ڪتاب جو نالو: شاعريءَ جو آڪاش
مصنف: احسان آڪاش
ڇپائيندڙ: آڪاش پبليڪيشن
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 24 سيپٽمبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 630 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 144 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب سنڌ جي 28 تخليقڪارن آرزو عبدلرۇف نهڙيو، آدم اوڍيجو، احسان آڪاش، اخلاق بلوچ، اشرف سولنگي، اشرف مهر، اشفاق چانڊيو، افضل شر، الفت امداد، الله بخش آريسر، الله ڏنو هالاڻي، انجم قاضي، ايڇ ڪي پرڀات، ثمينه جاويد / گل بلوچ، خيرل سيلرو، سانگي صحرائي، ساقي منصور، سپنا سنڌي، سڪندر اوٺو، شميم مري، عبدالغفار عبد جوڻيجو، علي عاجز شر، علي محمد لنجو، غلام قادر منتظر، مجيب ڪنڌر، مختيار مگسي ۽ نذير حسين نورياڻي چانڊيو جي چونڊ شاعريءَ جو گڏيل مجموعو آهي، جنهن جو مرتب احسان آڪاش آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌسلامت پاران
  • ارپنا
  • شاعريءَ جو چهرو....!
  • مرتب پاران: سوئي راھ رد ڪري، سوئي رهنماءُ
  • آرزو عبدالرؤف : وڻن ٿا راڳ چوڙين جا

  • تعارف
  • غزل : ڪراين چاڳُ چوڙين جا،
  • غزل : وئي رُلي راهه ۾ ڇوڪرe
  • غزل : نمي انهي جي اکين ۾ هوندي،
  • غزل : ڀري جهولي ڏنئي جي پيار جا پيرون
  • اسانجي ڀاڳ جي ميندي ڏيکاريو رنگ ڪونهي ڪو،
  • حُسن جو آهن گهٽائون اوهان جي ڳوٺ ۾،
  • ڪيون جي غيرن جي غلامي ته چئجو،
  • نظم
  • نظم
  • آدم اوڍيجو : رسڻ لاءِ توکي بهانو ملي ويو

  • تعارف
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • نظم
  • احسان آڪاش : ڪوئي اڌورو عڪس آهيان

  • تعارف
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • اخلاق بلوچ : مونکي چون ٿا شاعر ماڻهو

  • تعارف
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • اشرف سولنگي : فانوس انتظارن ۾ زد ٿي ويو

  • تعارف
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • اشرف علي مهر : رسڻ جا سلسلا وڌندا ويا

  • تعارف
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • وائي
  • وائي
  • اشفاق چانڊيو : خوشيءَ جي خالي کلي ڏسون ٿا

  • تعارف
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • نظم
  • افضل شر : توبن مون وٽ ڇاهي سانئڻ

  • تعارف
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • نظم
  • نظم
  • نظم
  • نظم
  • نظم
  • قطعا
  • نظم
  • الفت امداد : روز نوان آزار ڏسان پيو

  • تعارف
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • نظم
  • نظم
  • نظم
  • نظم
  • نظم
  • الله بخش آريسر : عشق کولي ڇڏيا راز پنهنجي اندر

  • تعارف
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • نظم
  • نظم
  • الله ڏنو هالاڻي : اسان راز دل جا پنن تي اتاريا

  • تعارف
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • نظم
  • انجم قاضي : هزار سال پراڻي اسانجي تنهائي

  • تعارف
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • ايڇ ڪيو پرڀات : اکين مان شام گذري پئي

  • تعارف
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • گل بلوچ : اي سائين! توکي اجازت آهي

  • تعارف
  • ںظم
  • ںظم
  • ںظم
  • ںظم
  • ںظم
  • ںظم
  • ںظم
  • خيرل سيلرو : جنهن ۾ نه يار آ سا ڪائنات ڇا ڪبي

  • تعارف
  • غزل
  • غزل : هُجومن ۾ هوندي اڪيلو رهان ٿو،
  • غزل : اڃان درد ڏي هي نه دلڙي ٽُٽي آ،
  • غزل : تنهنجي منهن تي مُرڪ جو ايندي آهي،
  • غزل : گهمڻ تنهنجي سان گونجن ٿا هزارين سُر فضائن ۾،
  • غزل : وڃي ڪانگ دلبر کي خطڙا ڏئي آ،
  • غزل : محبوب کان بنا ڪا محلات ڇا ڪبي،
  • غزل :
  • گيت
  • ساقي منصور : فرصت اڃا سي فرصتون ڳولهي پئي

  • تعارف
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • نظم
  • سانگي صحرائي ڌرماڻي : نيڻ تنهنجا ڀنا هوندا

  • تعارف
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • بيت
  • گيت
  • سپنا سنڌي : تنهنجي ملڻ سان حياتي وڌي ٿي

  • تعارف
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • نثري نظم
  • سڪندر اوٺو : نيڻ تنهنجا ڀِنا ته هوندا

  • تعارف
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • نظم
  • نظم
  • شڪسته مزاري : سو وقت ثوابن جهڙو هو

  • تعارف
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • شميم اختر : چنڊ سان جاڳ ۾ آهيان

  • تعارف
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • عبدالغفار “عبد” جوڻيجو ؛ حادثا، حسرتون رهي زندگي

  • تعارف
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • وائي
  • وائي
  • بيت
  • نظم
  • علي عاجز شر : بارش آئي ڌرتي تي

  • تعارف
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • علي محمد لنجو : نيٺ ته ملنداسين ٿورو حوصلو رک

  • تعارف
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • نظم
  • غلام قادر منتظر : ڪڏهن رات، ڪاري ڪڏهن چنڊ چمڪي

  • تعارف
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • ڪافي
  • غزل
  • نظم
  • نظم
  • مجيب ڪنڌر : نيڻ تنهنجا ڀِنا ته هوندا

  • تعارف
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • مختيار : روح توبن اداس آ جانان

  • تعارف
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • وائي
  • نذير نورياڻي : زماني خُوب ڪيا ڦيرا

  • تعارف
  • نظم
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • نظم
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • سنڌسلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”شاعريءَ جو آڪاش“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سنڌ جي 28 تخليقڪارن آرزو عبدلرۇف نهڙيو، آدم اوڍيجو، احسان آڪاش، اخلاق بلوچ، اشرف سولنگي، اشرف مهر، اشفاق چانڊيو، افضل شر، الفت امداد، الله بخش آريسر، الله ڏنو هالاڻي، انجم قاضي، ايڇ ڪي پرڀات، ثمينه جاويد / گل بلوچ، خيرل سيلرو، سانگي صحرائي، ساقي منصور، سپنا سنڌي، سڪندر اوٺو، شميم مري، عبدالغفار عبد جوڻيجو، علي عاجز شر، علي محمد لنجو، غلام قادر منتظر، مجيب ڪنڌر، مختيار مگسي ۽ نذير حسين نورياڻي چانڊيو جي چونڊ شاعريءَ جو گڏيل مجموعو آهي، جنهن جو مرتب احسان آڪاش آهي.
    هي ڪتاب آڪاش پبليڪيشن پاران آگسٽ 2017ع ۾ ڪنول پبليڪيشن قنبر وٽان ڇپريو آهي. لک ٿورا پياري احسان آڪاش جا جنهن هن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    امان ۽ مرحوم بابا جي نانءُ
    جنهن مون کي جئيڻ جو ڏانءُ سيکاريو.
    پنهنجي جيون ساٿي جي نانءُ
    جنهن مون سان زندگي جي هر موڙ تي مهنجو ساٿ ڏنو .
    پنهنجي ٻارن حسنين رضا ۽ ايلسا جي نانءُ
    انهن جي معصوم محبتون ۽ مرڪون مون کي زندگي ۾ ڪڏهن ٿڪڻ نه ڏنو .


    شاعريءَ جو چهرو....!

    چيو وڃي ٿو ته پهريون شعر آدم جي پهرين پُٽ جي قتل تي چيو ويو. اهو ته ٿيو دنيا ۾ سرجيل پهريون شعر پر سنڌي ٻولي جو پهريون شعر ڪنهن ۽ ڪڏهن چيو ان لاءِ جواب اڄ تائين نه مليو آهي ۽ شايد نه ملي...! سنڌي شاعري جي عُمر کي رگ ويد جي ڄمار سان ڀيٽيو ويندو آهي پر ان لاءِ به ڪو خاص دليل نه آهي، صرف ڳالهه آهي. موهن جي دڙي جي تهذيب ساکي آهي ته سنڌي مهذب هئا پر منجهن ڪيترو علم ادب هو، اهو ادب ڪيئن ۽ ڪهڙو هو! اهو مُعمو به اڃا تائين سُلجهي نه آهي سگهيو.
    وڌ ۾ وڌ اسان ائين چئون ته رائي گهراڻي ضرور علم ادب کي هٿي ڏياري هوندي اها ڳالهه به “هوندي” ۾ محدود آهي، ڇو ته ان وقت جي ادب جو ڪو نشان ئي نه مليو آهي، رائي جي دؤر جي ادب، علم ۽ تهذيب کي شايد برهمڻ ڳڙڪائي ويا يا مليا ميٽ ڪري ڇڏيائون!
    ٻيو ته ٺهيو برهمڻن جي دؤر ۾ به شاعري جو چهرو نظر نٿو اچي ان جو سبب اهو هو ته برهمڻن کي علم ادب ۽ ترقي سان ڪو چاهه نه هو يا راءِ ۽ برهمڻن جي دؤر جي شاعري کي عربن ميساري ڇڏيو؟ عربن جي دؤر ۾ به شاعري جو مُک چٽو نٿو پسجي حالانڪه شاعري ته عربن جي نَسن مان ڦٽي نڪرندي هئي/ آهي، عرب دؤر ۾ ٽن صدين اندر ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر به نٿا ملن!
    سومرن جي دؤر ۾ شاعري جي صورت ڏسڻ ۾ اچڻ لڳي ٿي جنهن ۾ سُمنگ ڄارڻ ۽ ڀاڳو ڀان نمايان رهيا ٽن صدين تائين ڪجهه شاعر منظر تي آيا پوءِ سمن جي ٻن صدين جي دؤر ۾ ماموئي فقيرن جي بيتن جو چرچو هليو ۽ قاضي قادن کي باقائده شاعر طور ليکيو ويو، قاضي قادن ٻن دؤرن (سمن ۽ ارغونن) جو شاعر هو. ترخانن جي دؤر ۾ سنڌي شاعري جو چهرو شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي نالي سان روشن ٿئي ٿو ۽ اتان کان اسان جي ڪلاسيڪل شاعري پنهنجو سفر باقائده شروع ڪري ٿي.
    پاڻهياري سر ٻهڙو، جر تي پکي جيئن
    اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾ (شاهه ڪريم)
    انهي دؤر ۾ ٻيا به ڪيترائي شاعر هئا پر نالو شاهه ڪريم جو پيدا ٿيو ، مُغل دؤر ۾ سنڌي شاعري کي سٺا نالا مليا جن ۾ شاهه لطف الله قادري، ابوالحسن ٺٽوي، شاهه عنايت رضوي، شهيد عنايت صوفي، خليفو گل محمد نمايان آهن.
    ڪلهوڙن جي دؤر ۾ سنڌي شاعري زمين تان اُڏري آڪاش تي پهچي ٿي اهڙي طرح سنڌي شاعري کي هڪ مڪمل چهرو نصيب ٿئي ٿو ۽ اهڙي مُک جو تخليقڪار آهي شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه، شاهه سائين جي شاعري سنڌي ٻولي لاءِ وڏي نعمت آهي ۽ اهڙي نعمت کي روشناس ڪرائڻ وارا به وديشي هئا.
    تشبيهن، استعارن، ترڪيبن ۽ تمثيلن جي دنيا به شاهه سائين جي رسالي مان ملي ٿي، شاهه صاحب تي تنقيد جو هڪ اکر به نه لکيو ويو، سائين جن جي شاعري جي شرح به ڌُڪن تي ڪئي وئي، تحقيق به هڪ پاسائين ڪئي وئي، ڪلياڻ آڏواڻي، مرزا قليچ بيگ ۽ نبي بخش بلوچ صاحب عبداللطيف تي سُٺو ڪم ڪيو، انهي دؤر ۾ گهڻائي شاعر ٿيا پر ڀٽائي جي پائي جهڙو ڪو به نه هو، خواجه زمان، روحل فقير، عبدالرحيم گرهوڙي، جلال کٽي پوءِ به پنهنجو نالو ٺاهي ويا، نور محمد خسته کي غزل جو مڃيل شاعر چيو وڃي ٿو ٽالپرن جي دؤر ۾ شاعري جا ڇڄ ڇَڻي پيا ۽ هر گهٽي ڪويتا جي خوشبو سان واسجي وئي، اهڙي خوشبو سچل، سامي، ثابت علي شاهه، خليفو نبي بخش قاسم، حمل فقير کان ملي، خليفو گل محمد هالائي پهريون صاحب ديوان هئڻ ڪري شاعري جي تاريخ ۾ عيان نظر ايندو رهندو.
    انگريز جي دؤر ۾ سنڌي شاعري جو چهرو جرڪندي نظر اچي ٿو، هن دور ۾ بيدل، بيڪس، مصري شاهه، حافظ حامد ٽکڙائي، پير رُشد الله، غلام محمد خانزئي، غلام محمد شاهه “گدا”، سانگي، ڪشنچند عزيز، غلام احمد نظامي، دادن فقير، محمد صديق مسافر، سانوڻ فقير، مولوي احمد ملاح ۽ ٻين اڻ ڳڻين شاعرن پنهنجي ڏات جا ڏيئا جلائي ڪويتا جو چهرو روشن رکيو.
    مرزا قليچ بيگ جي ڏات جا جلوا ٻنهي دؤرن ڏٺا، ورهاڱي، وڇوڙي، وَڍ ٽُڪ کانپوءِ ڪجهه وقت تائين سنڌي شاعري غم جي چادر ۾ ويڙهيل رهي، انهي پيڙاءَ، درد ۽ اڌ جي ڳولا ۾ اياز قادري، هري دلگير، موهن ڪلپنا، موتي پرڪاش، واسديو موهي، ڊاڪٽر ابراهيم خليل، مرزا اسد بيگ، ڪشنچند بيوس، نياز همايوني، عبدالڪريم گدائي، تنوير عباسي، امداد حسيني، شمشير الحيدري، سرويچ سجاولي، قمر شهباز، لڇمڻ ڪومل، وفا ناٿن شاهي، آثم ناٿن شاهي، استاد بخاري، تاج بلوچ، نارائڻ شيام، تاجل بيوس، عبدالڪريم پلي، طالب الموليٰ، ابراهيم منشي، راشد مورائي، محمد خان مجيدي، مُبين پنائي، محمد خان ٽالپر، ڏات جي ديوي سان محو گفتگو رهيا ۽ شاعري کي هڪ نئون چهرو نئون آئينو نئون رستو مليو. انهي رستي جا ڪيترائي مسافر هئا پر ان رستي جي سالاري شيخ اياز ڪئي، شيخ اياز جي ڏاهپ، ان جو علم، ان جي بصيرت، ان جو عقل ايترو پروان چڙهيو جو مهانتا جي مقام تي وڃي پُهتو.
    شيخ اياز جي اچڻ سان ئي فارسيت جي محاورن، تشبيهن ۽ جام و مينا مان جند ڇُٽي، شيخ اياز شاعري جي ڪَلا جو ديوتا هو، جنهن اسان کي دان ۾ ڏانءُ جا ڏيئا ڏنا جيڪي اڃا تائين ٻرن پيا ۽ ايترا ڏيئا هِن دؤر ۾ ٻري رهيا آهن ڄڻ ته سنڌ سڄي ڪويتائن جو گهر آهي، سنڌ ۾ هن دؤر ۾ ايترا ته شاعر آهن ۽ سُٺا لکندڙ آهن جن جا نالا ڳڻڻ مشڪل آهي، هڪ جو نالو وٺبو ته هزارين رهجي ويندا، اڄ جي سنڌي شاعري جو چهرو چوڏهين جي چنڊ وانگي آهي جنهن ۾ هر ڪو داغ ڳولي سگهي ٿو ۽ اڄ جي دؤر ۾ خاص ڪري فيسبڪ جي دنيا ۾ شاعري به ٿئي پئي ۽ تنقيد به پنهنجو ڪم ڪري پئي.
    هن دؤر ۾ هڪ نه پر هزارين اهڙا نالا سنڌي شاعري ۾ موجود آهن جن جي ڏات جي روشني سج وانگي چمڪي رهي آهي، انهن چمڪندڙ روشني ڏيندڙ نالن وٽان وري جيڪي نوجوان تيار ٿيا آهن اهي به ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهن مطلب ته سنڌ هن وقت شاعرن جي سرزمين آهي ۽ اهڙي ڌرتي وري احسان آڪاش مختلف رنگن روپن وارا شاعر ميڙي، ڪوٺي هڪ گلدستو تيار ڪيو آهي جنهن کي “شاعريءَ جو آڪاش” چئجي ته برحق آهي، انهي شاعري جي آڪاش تي ڪُل 28 ڪَوي پنهنجا ڪويتا جي ٻَل تي ظاهر ٿيا آهن.
    هن ڪتاب ۾ شاعرن جي ترتيب سنڌي لپي مطابق رکي وئي آهي جنهن ۾ اول ۾ آهي.
    آرزو عبدالرؤف نهڙيو
    ورياسي پٽ جي هن نوجوان جي شاعري جي عمر صفا معصوم آهي ۽ ان معصوميت ۾ هن جيڪو پيار ڀريو آهي جيڪي چاهه جا چنڊ اُڀاريا آهن ائين لڳي ٿو هي ڪو جُڳن جو شاعر آهي.
    مورن جي سينگار ۾ چوڙي جو وڏو ڪردار آهي هر شاعر چوڙين جي ذڪر سان ملندو، چوڙيون ٽٽنديون آهن، کڙڪنديون آهن، سُڏڪنديون آهن، روڪينديون آهن چوڙيون ڳالهائينديون به آهن پر آرزو چوڙين جي قسمت تي رشڪ پيو ڪري ۽ چوڙين جي حرڪتن، محبتن کي ڏسي پيو جيڪي هر پرين جي ٻانهن سان ڪن پيون.
    ڪرائين چاڳ چوڙين جا
    ڏٺا هن ڀاڳ چوڙين جا

    ان کان به اڳتي رؤف کي اُهي چميون ۽ اُهي چڪ به نظر ۾ آهن جيڪي چوڙين پرين کي پاتا.
    چُمن ٿيون آرزو ٻانهون،
    عيان ٿيان داڳ چوڙين جا.

    مرداڻي سماج جي مرداڻي سوچ عورت جي مٿان پٿر وانگي ڪرندي رهي آهي ۽ عورت کي چيڀاٽيندي رهي آهي، ڇوڪري بالغ ٿيندي ئي عورت بڻجي ويندي آهي ۽ ان عورت نماءَ ڇوڪري سان رسمن، رواجن جي روپ ۾ جيڪا هلت هلي ويندي آهي ان ۾ ڇوڪري جي جذبن سان کُليو زنا ڪيو ويندو آهي ۽ اها ڇوڪري ان اذيت ۾ ئي پنهنجي زندگي پوري ڪري ويندي آهي اُها زندگي به هڪ باهه جو مچ هوندي آهي جنهن لئه آرزو چوي ٿو.
    ويا جلي خواب هن جا سڀئي،
    وئي وڌي باهه ۾ ڇوڪري.

    انهي غزل جو مقطعو دل وٽان لکيل آهي ۽ صفانئون اڻ ڇُهيل خيال
    آرزو ساهه جيئن آ ٽِڪي،
    دل جي درگاهه ۾ ڇوڪري.

    پيار جا پيرون، سار جا پيرون، نبهه نرالي انداز ۾ قافيي ۽ رديف جي ميلاپ عبدالرؤف ڪيو آهي، انهي غزل جي هن شعر ۾ قافيي سان رديف جو ميلاپ سُر ۽ تال جي ميلاپ جيئن لڳي رهيو آهي ۽ نواڻ جا پيرون ڇڻي رهيا آهن.
    اوهان سان آرزو ملبو پيو هر هر،
    چپن مان پيا ڪرن اقرار جا پيرون.

    ڳوٺاڻي زندگي شاعر لاءِ اتساهه هڪ بڻجي ويندي آهي ڳوٺ جو صبح اُجرو ۽ شام ڌنڌلي شاعر کي لکڻ تي انتساهيندي آهي ٻهراڙي جي سونهن نمايان هوندي آهي ۽ ان سونهن ۾ جيڪا روشني هوندي آهي اُها شاعرن کي زندگي جا دڳ ڏسيندي آهي، اهڙي ئي حُسن جي جهلڪ هن شعر م ڏسو.
    ها اوهان جي سونهن جا هِن اُجالا هر طرف،
    سڀ ٿيون روشن به راهون اوهان جي ڳوٺ ۾.

    محبت سان گڏ مزاحمت جو جذبو به آرزو ۾ موجود آهي، اهڙي جذبي جي گواهي هن مطلع ۾ ڏسو.
    ڪيون جي غيرن جي غلامي ته چئجو،
    وڃون لالچن تي وڪامي ته چئجو.

    ڪتاب ۾ ٻه نظم آهن آرزو جا ٻئي خيال ۽ فن ۾ ڀرپور آهن منجهن تسلسل سان گڏ رواني به موجود آهي، آرزو عبدالرؤف نهڙيو جو غزل رڌم، رواني ۽ موسيقيت سان ڀرپور آهي، روايت پڻي جو هلڪو عڪس به نظر اچي ٿو، ڪٿي ڪٿي وزن جي پورائي لاءِ سڄا حرف به حذف ٿيل، ڪي شاهه بند اهڙا جو وري وري پڙهڻ تي دل گهري، ڪجهه خامين جي ڪري خوبيون نظرانداز نه ٿينديون، آرزو جي شاعراڻي ڄمار ڏسندي اُميد ڪري سگهجي ٿي ته هي مکڙي گُل ٿي ٽڙندي، شاعري جو باغ معطر ڪندي.
    آدم اُڍيجو:
    آدم اُڍيجو ماتلي جي نامور شخصيت، سياسي سماجي اڳواڻ شهيد ڊاڪٽر اسماعيل اڍيجو جو رشتيدار ۽ ان جي راهه جو راهي آهي، آدم سنڌي ادبي سنگت ماتلي جي نرسري مان تيار ٿي شاعر بڻيو، سندس شاعري ڪيترن ئي ڪلاڪارن ڳائي جن مان ڪيترن ئي گيتن مڃتا ماڻي، آدم جي شاعري ۾ اُهي جدت جا گُل اُهي نواڻ جا ٻوٽا جهجهي تعداد ۾ ته نه آهن جن جي هن دؤر ۾ سخت ضرورت آهي پر سندس ڪَلا ۾ هڪ ڪوي جي دل جي دانهن ۽ صدا ضرور آهي، اهڙي ئي هڪڙي صدا جنهن ۾ شڪايت سان گڏ محبوب تي هلڪي طنز به آهي.
    لڳي ٿو ته توکي ٺڪاڻو نه هو،
    رهڻ لئه سندم من ويرانو ملي ويو.
    زندگي محبوب سان آهي، محبوب جي ڪري آهي، محبوب کانسواءِ ڪجهه به نه آهي، جنهن سان چاهه هوندو ان جي سڪ به لڳندي ۽ ان سڪ جي رَدعمل ۾ ائين لڳندو ڄڻ ته سڄو جهان اڌورو آهي، آدم ته گهر جي ڀاتين کي به اڻپورو پيو سمجهي.
    بس هڪ تون ئي ناهين گهر ۾،
    سڀ لڳن احباب اڌورا.

    ڌڻي سائين انسان کي سڀئي مخلوقن کان مٿانهون ڪيو آهي ۽ اهڙي مَان کي اڄ تائين ماڻهو سمجهي نه سگهيو ته هن جي سامهون هي سڀ نعمتون، رحمتون گهٽ ڇو آهن؟
    تنهنجي حُسن اڳيان او آدم،
    پريون، حُور، گلاب اڌورا.

    زندگي جا سوين رنگ، روپ آهن انهن رنگن مان هڪ رنگ درد به آهي جيڪو انساني زندگي تي ايترو اثرانداز ٿئي ٿو جيترو سج وڻن ۽ ٻوٽن تي، حياتي جي هڪ تصوير.
    هـر غمي بي نقاب ٿي وئي آ،
    هي حياتي عـذاب ٿي وئي آ.
    غم جو بي نقاب ٿيڻ، اتي آدم جدت طرف وک وڌائي آهي انهي غم جي حالت ۾ به شاعر خود ڪيئن ٿو رهي، ڪيئن گذارڻ ٿو چاهي ۽ ڪيئن ٿو مقابلو ڪري غم جو، پڙهو هي شعر:
    درد جدائي ته رُئاري ٿو،
    آدم کي مرڪڻ جي عادت.

    آدم جو ايمان آهي ته سونهن سرهاڻ، جيئن هُٻڪار آهي محبوب معطر آهي اهڙي بوءِ جي حاصلات لاءِ دليل پيو ڏئي.
    اوهانجي ويهي ڀر ۾ خوشبو وٺان مان،
    ته هُٻڪار ۾ ڪا ڪمي ڪا نه ايندي.

    روپ، ٻهروپ آدم جو آزاد نظم، اڄوڪي مذهبي ناٽڪ تي ٺٺولي سان گڏ مذهبي لباس ۾ بگهڙ جو ڏيک به آهي، منهن ۾ موسيٰ اندر ابليس، اهڙا بدڪردار اڄ به معاشري جي سونهن کي بگاڙي رهيا آهن.
    آدم اُڍيجو کي ٻيهر ادبي سنگت جي گڏجاڻين جو حصو بڻجي اڳتي وڌڻ گهرجي، سندس ڏات کي ڪجهه ڏانءُ جي گلن جي ضرورت باقي آهي.
    احسان آڪاش:
    احسان آڪاش جنهن هي محبت جو آڪاش جوڙيو جنهن ۾ سندس سرواڻي جو ڪردار محبت ماڻي مَن، جي مصداق آهي سپنا احسان جي زندگي وانگي آهن، سَپنا لَهبا آهن، سپنا ڏِسبا آهن پر احسان، حقيقتن، تعبيرن جي اُميدن ۾ سپنن کي به جاڳندي انتظار ڪرائيندي ڏيکاريو آهي.
    ساڀيائن جي آسن ۾،
    سپنا سڀئي جاڳن ٿا.
    شاعري ۾ تارن جو ذڪر نه هُجي ته ڏسجي ڪيئن؟ هن شعر ۾ تارن جو تذڪرو ڪجهه نئين رُخ ۾ ملي ٿو.
    تنهنجي راهن تي اڄ ڀي،
    تارا سڀئي جاڳن ٿا.

    هڪڙو لفظ تارا، تمثيل طور ايترو ته ڪمال سان ڪري بيهاريو آهي جو ان کي سوين معنائن جا ويس پارائي سگهجن پيا، مثال:- اُميدن جا تارا، اکين جا تارا، آس جا تارا، انتظار جا تالا، آسمان جا تارا ۽ خود احسان جا تارا.
    غم، خوشي، اُميد جي جهلڪ مُک تي پڌري ٿي بيهندي آهي جڏهن درد سان گڏ آئت بيهي ٿي ته چهري جو ڏيک عجيب ڀاسندو آهي، اندر جي ڀاونائون منهن تي رقص ڪرڻ لڳنديون آهن ته ڪا ڪهاڻي نُمايان ٿيندي آهي ۽ اهڙي هڪ ڪهاڻي جنهن ۾ هٿن جي کڄڻ، چپن جي چُرڻ سان گڏوگڏ خدا جي اڌوري ڪهاڻي، جهڙي دل کي ڇُهندڙ ترڪيب احسان جي شعر ۾:
    دُعا جا هئا ورد هُن جي لبن تي،
    خُدا جي اڌوري ڪهاڻي ڳلن تي.
    احسان جي غزل ۾ اُردو جي غزلن جهڙو رچاءَ ملي ٿو، هن جو اسلوب مختلف، هن جا خيال عام ۽ لتاڙيل نه آهن، اڪثر شعر پڙهندڙ سان گفتگو ڪندي محسوس ٿين ٿا. ٻه شعر جن جون ٻه سٽون استماري ۽ ترڪيب ۾ ته خوبصورت آهن پر حقيقي معنا جي ابتڙ آهن.
    سُڪل وڻ جيان آ جياپو اسان جو،
    اُڀ جي ڀاڪر ۾ چنڊ سُتل آ.

    وزن بحر جون سَهو غلطيون، ڪجهه شعرن جي ترتيب کي ڇڏي ڪري هي سٽون به پڙهجن جنهن ۾ احساس آڪاش جو تخيل ڪر کنيو بيٺو آهي.
    چنڊ اڪيلو آڪاش جي ٻُڪ ۾،
    دل جي درد بادل
    متان هو اچي ها اسان جي ڪناري.
    اخلاق بلوچ:
    اخلاق بلوچ کي ادبي کيتر ۾ پير رکندي سال کن مَس ٿيو آهي، شاعري ۾ سال جو سفر ائين آهي جيئن ٻار جي پهرين وک جنهن ۾ ڪيترائي ٿاٻا.
    اسان جي رياست پنهنجي ذميواري بخوبي نڀائي پئي، اسان جي ماڻهن کي سڀ سهولتون مُيسر آهن انهي سان گڏ عياشي جو سامان پڻ!! اسان جي رياستي بي حسي جو ڏيک هن شعر ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
    مجبوري ۾ پئي پيتو هُن،
    پاڻي ته تلاءُ جو کارو هو.
    انهي پاڻي جي کوٽ کان پوءِ اخلاق وري جيڪا اُميد ٿو جاڳائي اُن اميد ۾ وري مينهن جي ڪڻين کي ان جي آواز کي لات جو نالو ڏئي برسات کي بي مثال بڻائي ڇڏيو اٿس.
    ڪيڏي اڄ برسات وڻي ٿي،
    بوندن جي ها لات وڻي ٿي.

    ٻئي پاسي وري اسان جي لوڪ ڏاهپ کي شاعر پنهنجي قلم ۾ پرولو آهي، اها ڏاهپ جيڪا اسان جي اکين اڳيان اسان کان موڪلائي پئي.
    مچ ڪچهري پئي هلي اڄ،
    پوڙهن جي هر بات وڻي ٿي.

    اسان جا ماڻهو هر ان ماڻهو ان شاعر، ان رهبر، ان اڪابر، ان عالم سان محبت ڪندا آهن جيڪو قوم جو خالي ورد ڪندو آهي پوءِ ڀلي قوم پرست نه پر خود پرست هجي.
    ڇا ٿيندو هن قوم جو هاڻي،
    تنهنجي هي فڪرات وڻي ٿي.

    مُحب ۾ محبوب جو حلول ٿي وڃڻ انتها عشق جو درجو هوندو آهي اهڙي عشق هن شعر ۾ پَڌرو آهي اهو شعر اخلاق جي آئيندي جي ضمانت آهي.
    سهڻي ساهن ۾ آ سمايل،
    سهندي ڪنهن کي منهنجي ڀر ۾؟
    ڪن جاين تي واحد، جمع جو گڏيل استعمال، ڪٿي شعرن ۾ ابهام ڪٿي شعرن جي اڻ چٽائي، اخلاق جي نئين سفر جي شاهدي آهي پوءِ به اخلاق عمر سارو تمام سُٺو لکي رهيو آهي.

    اشفاق چانڊيو:
    اشفاق چانڊيو خانداني شاعر آهي، سندس ضمير تخيل سان ڀريل آهي، ڏات مَٿس مهربان آهي.
    شاعر آئيني وانگي آهي، آرسي جي اڳيان جيڪو ايندو درسني اهو ئي ڏيکاريندي ائين ئي شاعر اهو ڪجهه سماج کي موٽائي ڏي ٿو جيڪو ڪجهه معاشرو هن کي ڏي ٿو، معاشرو بُک بدحالي جي وَر چڙهيل آهي، غريبي ختم نه ٿئي غريب ختم ٿي رهيا آهن اهڙي ئي بک، بدحالي جي هڪ تصوير اشفاق جي قلم مان.
    اڌ اگهاڙو ٻارڙو ڪچري اندر،
    شام کان کاڌو ٿو ڳولي ڍير ۾.
    بُک کانپوءِ وڏو مسئلو سنڌ ۾ جنسي مت ڀيد جو آهي عورت لاءِ قانون آهن مرد لاءِ نه عورت لئه سزا مرد لاءِ جزا ننڍڙي وهي ۾ نياڻين جون شاديون سي به بي جوڙ شاديون اصل ۾ ڇوڪرين سان تعدي کانسواءِ ڪجهه به نه آهن، اشفاق حُسن جو استعارو کڻي ڇوڪري جي جاءِ تي رکيو آهي.
    سارين جي سنگ جان نسريو مَسين،
    حسن سو اڌڙوٽ ۾ ڦاسي پيو.

    وڇوڙو عاشقن جي ميراث ۽ شاعرن جي قوت آهي، جلائي جون ولڻيون هر شاعر ڳائي ٿو ڇو ته شاعر عاشق جو ترجمان هوندو آهي، بي گهر ماڻهو لاءِ رات ايئن آهي جيئن انڌي کان لٺ ڪري پئي، دل لاءِ وڇوڙو ائين ئي آهي جيئن ڪاٺ لاءِ سُرو.
    دل کي وڇوڙو دل جو کائي ٿو ائين جانان،
    بي گهر کي جيئن کائي ڪنهن رات جو تصور.
    “سنڌ گُهري پيو” سنڌ کي الڳ ڪرڻ جا خواب ڏسندڙن جي سوچ کي وائکو ڪندڙ، سنڌين کي آگاهي ڏيندڙ وقت جي ضرورت جهڙو نظم.
    ڪجهه شعر اهڙا به آهن جيڪي پنهنجي اظهار ۾ اڻ چٽا آهن، ڪٿي خيالن ۾ ڀراءُ ناهي، ڪجهه شعر روايتي به آهن، باقي اشفاق جي غزل ۾ موضوع جي اڻاٺ نه آهي، وزن بحر سان سهڻو نڀاءُ ۽ ٻولي جي ترتيب وڻندڙ آهي، اڃان ٻيا به ڪيترا شعر آهن جيڪي منتخب ڪري سگهجن ٿا.

    اشرف سولنگي:
    اشرف سولنگي جو غزل هن وقت لکيو ويندڙ غزل ۾ پهرين قطار ۾ بيهي ٿو ۽ ان جي بيهڪ بنهه نرالي آهي.
    مٽي سان محبت وفادار ڪندا آهن، مٽي کي ڳوهيندڙ هن جو قسم مٽي جو مان فرشن، عرشن، نورين ۽ نارين ۾ مٿانهون آهي ۽ ان مَان کي اشرف چمي ڏئي آدم جي رُتبي کي سلامي ڏئي کلڻ ٿو چاهي.
    مِٽي چُمي ڇڏيون ٿا ٻيهر چُمون، چُمون نه،
    اڄ ئي کلي ڇڏيون ٿا ٻيهر کلون، کلون نه.

    هڪ ته عورت سان ظلم هر رُخ کان ٿئي ٿو ٻيو وري اجتماعي گهريلو زندگي به پنهنجا پَساهه پورا ڪري چڪي آهي، ڀائرن، ڀينرن، ڀاڄائين، سئوٽن، ماساتن، چاچن، مامن ۽ رت جي ٻين رشتن جا روح مري چُڪا آهن.
    روئي پوتي سان اگهي ڇڏجان اکيون،
    گهر جا ڀاتي ڀي تماشائي اٿئي.

    ڪيڏو نه درد آهي ۽ ڪيتري نه نفاست آهي شعر ۾، زندگي صفا نازڪ آهي، پيار ڪرڻ ڏوهه آهي، ريتون ۽ رواج پٿرن وانگي محبت مٿان برسي پون ٿا ۽ پيار جو شيشو جُهري پئي ٿو.
    هي حياتي آهه شيشن وانگي،
    پٿرن سان ڇالا ٽڪرائي اٿئي؟
    نازڪ خيالي غزل جي سونهن آهي ۽ اها سونهن اشرف جي حصي ۾ آئي آهي، هٿن جو جُنبش ۾ اچي قلم کڻي ثناءَ جا ٻول لکڻ ۽ انهن لفظن جا عقيدي ۾ سجدا ڏيڻ اهي سڀ عشق جي انتها جو اهڃاڻ آهن.
    هٿ قلم ٿا کڻي لکن توتي،
    لفظ سَجدا جُهڪي ڏين توتي.

    هر آس بنا چولي هر ماز اگهاڙو آ،
    هر خواب ڏڪي سيءَ ۾ چادر جو نه پاڙو آ.

    اشرف وٽ استعارن جا ڀنڊار ته آهن پر ترڪيب به نج پنهنجي ۽ پُر اثر اٿس. سماج جي ستم جي ستايل ماڻهن جون آسون ڪهڙيون آسون اُهي نه پوريون ٿين نه اگهامجن بي لباس ئي رهن انهن جا راز غربت جي ڪري کُليو وڃن ۽ خواب تڙپن پيا، رڦن پيا پر ڪو به انهن تي حقيقت جي چادر نٿو وجهي.
    ياد سان هُو در ورائي سُتي،
    ٻانهن پنهنجي سان ور ورائي ستي.

    هي آهي آرٽ، تصوير ڪشي، عڪس بندي، مطلع پڙهندي ائين ٿو لڳي سار جي سڪايل ناري سڪ سان گڏ سمهي پئي آهي ۽ پنهنجي ئي ٻانهن سان ور ڏئي پرين سمهي ڀاڪر پائي ستي آهي.
    وفا سان ناتو عشق نڀائيندو پيو شاعر- اشرف به اهڙي ئي هام هڻي پيو، انا ۽ هٺ ڀلي ڪيترا به مَدِ مُقابل اچن پر آئون وفا جو ڪنڌ جُهڪڻ نه ڏيندس.
    مان وفا جو رکان ٿو ڳاٽ مٿي،
    ڀل انا جي تکي ترار رهي.

    اشرف سولنگي سنڌي غزل کي پنهنجي تخيل جي تجلي بخشي آهي هن جي درد ۾ به نفاست ڀري پئي هن جو پيار پکين وانگي هميشه اڏار ۾ آهي، هن جي شاعري فلسفيانه به آهي ته سادي به آهي، ڪجهه شعر فلسفي جي پردي ۾ لڪي پنهنجي معنائي وڃائي ويهن ٿا ۽ اشرف جي شعرن تي ابهام جي چُغلي به اچي ٿي ته گونگن شعرن جو به گُمان ٿئي ٿو.

    اشرف مهر:
    اشرف مهر کي صفا ٿورو عرصو ٿيو آهي شاعري جا کيت پوکيندي پوءِ به سندس فصل مان خوشبو اچي رهي آهي اشرف قسمت وارو آهي جو ٿوري وقت ۾ هن شاعري جي نَس سڃاڻي ورتي آهي، روح آسماني، فضائن ۾ رُلندو رهي ٿو ڇو ته هيءُ آيو ئي مٿان کان آهي اهو روح ئي آهي جنهن قالو بَليٰ جو قول ڪبير هو ۽ ان قول ۾ ئي قرار پاتو هئس اهو آرام عرش تي هو پر اشرف جي روح جيڪو ڌرتي تي سڪون حاصل ڪيو آهي سو به پَسڻ جهڙو آهي.
    نينهن جي مون ادا نماز ڪئي،
    روح پاتو قرار ڌرتي تي.

    روح جي اهڙي قرار کان ٻه وکون اڳتي، پرين جي پيار ان پيار جي مهڪار ۽ چپن جي ڇُهاءُ جو احساس رڳ رڳ کي جاڳائي عمر ڀر لاءِ تڙپائي ڇڏي ٿو، عشق جي رنگ کانسواءِ ٻيو رنگ چڙهي ئي ڪو نه ٿو.
    تو ڏني منهنجي هٿن تي هئي چُمي،
    رنگ اشرف بعد ۾ لاتو نه هو.

    منظرڪشي شاعري جو اهم جُز آهي، منظر ۾ وري بادلن جو فڪر هُجي، بادلن سان گڏ دادلو چنڊ به ڏيکائي ڏئي وري لڪي وڃي ۽ انهي سڄي لڪ ڇپ جو دارومدار هڪ مٽي جي ماڻهو تي هُجي ته اهڙي سونهن تان صدقي وڃجي.
    چنڊ ڪڪرن جي پُٺيان بيٺو وڃي،
    زلف چهري تان هٽيا سرڪار جا!

    هڪ پاسي جهڙ، جهڙالا ته ٻي پاسي ڳل آلا، ڏڪار جا ڏينهن بک جا ڦيرا ۽ موت جا لامارا پر اهڙي حالت ۾ حاڪم گونگا ٻوڙا انڌا ٿي پون ته شاعر شڪايت کانسواءِ ڪري به ڇا ڪري!
    موت جي ول وئي وڪوڙي ٿر،
    ۽ لڌي ڪنهن نه سار ڌرتي تي.
    اهڙا شعر لکڻ، سچ چوڻ، قوم جي ڳالهه ڳائڻ، سجاڳي جا سڏ ڏيڻ، سڏ ڀرڻ تي غدار جا لقب ملڻ رياست پنهنجي اک ۾ ڪنڊا محسوس ڪري ۽ رياستي دهشتگردي ڪري، وردي ۾ گنڊا گردي ڪري، ڏينهن ڏٺي بنا ڏوهه بنا جواز جي جهرڪي وانگي کنڀجڻ لڳو تڏهن پَڪ ڄاڻجو ته انقلاب سڏي پيو ۽ اسان سُتل آهيون.
    ڪيون ٿا گهُر اگر حق جي کڻائي سر ئي ڪُن ٿا گُم،
    گهرن ۾ روڄ راڙا هِن ڏسيو پو شاد ڪاٿي هون؟

    اشرف جي ڪي شعرن ۾ سٽن جو هڪٻئي سان ربط ناهي، ڪٿي خيالن ۾ پختگي ناهي، ڪي شعر اجايا بي معنا آهن، ڪٿي تشبيهن جو درست استعمال ناهي، پوءِ به اشرف ۾ گهڻائي سٺائي جي ئي آهي.

    الله بخش آريسر:
    وارياسي ڀوٽ جو الله بخش 95ع کان ڏات جا ڏيئا جلائيندو اچي ۽ انهن ديپڪن جي روشني شاعري جي آڪاش تائين پهتي آهي جنهن کي اوهان ضرور پڙهندا ۽ پڙهڻ کانپوءِ روشناس به ٿيندا سج گرهڻ، چنڊ گرهڻ به شاعري جا موضوع رهيا آهن پر ٿوري تعداد ۾ پر هتي جنهن چنڊ گرهڻ جو قصو آهي سو نيري چنري جي ڪري آهي نيري چنري سان نيرو آسمان ۽ چمڪندڙ چهري سان ٻرندڙ چنڊ جو جيڪو جوڙ ٺهيو آهي سو به ڏسڻ وٽان آهي.
    لڪايو تو اڌ مُک ۽ گهونگهٽ هو نيرو،
    وري چنڊ گرهڻ چٽو ياد آيو.

    عشق اک کان شروع ٿي ذهن کي لوڏيندي دل تي حَملو ڪندو آهي حملو به اهڙو جو ان جو مقابلو ڪا فوج نه ڪري سگهي ڪو طوفان نه روڪي سگهي ڪا آفت نه ٽاري سگهي. عشق ئي ته آهي جنهن جي هئڻ سان ئي ڌرتي ۽ آڪاش جا سمورا ڳجهه پڌرا ٿيا آهن ۽ هي جيڪو ماڻهو نچي جهومي، ٽپي ۽ ڪڏي پيو اهو عشق ئي ته آهي جيڪو انسان کي دهل وانگي وڄائي پيو.
    عشق کولي ڇڏيا راز پنهنجي اندر،
    سڀ وڃائي ڇڏيا ساز پنهنجي اندر.
    هن مطلع تي هڪ جهمري هئڻ تي دل گهري پئي ۽ جسم حرڪت ۾ اچڻ پيو چاهي، سارن جا پنڇي، پکيئڙا، مَن جي مَٿان هر وقت پل پل پروازون پيا ڪَن انهن يادن جي اُٿار جهڪي ڪا نه ٿي ٿئي هڪ يادگيري پويان ٻي يادگيري اُڏرندي اچي، اهو ئي پيار پکي پيو دل ۾ ڪو به دوکو نه آهي ڪا به دغا ناهي، ڪو به باز اندر ۾ ناهي جيڪو اُميدن جُون جهرڪيون کائي وڃي. ڇا ته ترتيب آهي آريسر تنهنجي شعر جي!
    پيا ڪبوتر اُڏن ياد جا پر هَڻي،
    ڪي نه آهن رهيا باز پنهنجي اندر.

    اهڙي يادگيري، ايڏي شدت، ايڏي سڪ ۽ تاس ۾ رهڻ کانپوءِ الائي ته ڪهڙا اڌمان پيا اُٿن خيالن جا طوفان پيا اچن، اندر ۾ اُڻ تڻ آهي، ايندين الائي نه جي نٿو اچين ته اڄ هڪ ساهه جو سڳو ٽوڙي من کي ماٺو ڪرائي وڃ.
    ساهه جي وڻ وڍي وڃ الله بخش تون،
    پيا اُٿن پُور بي نياز پنهنجي اندر.

    ساهه جا وڻ، الله بخش جي سهڻي نڪور ترڪيب اهڙين ترڪيبن ۽ تمثيلن سان آريسر جي شاعري سرشار آهي، پر سندس غزلن جا ڪجهه شعر لفاظي جي گهيري ۾ آيل ۽ ڪجهه شعر مُبهم ۽ منجهائيندڙ به آهن ۽ ڪن شعرن ۾ نثر جو اثر نظر آيو آهي، آريسر جا نظم تمام سٺا آهن خاص ڪري رات کان سحر ڦري، هڪ دردناڪ ڪٿا آهي رات جي. الله بخش آريسر هڪ سُلجهيل شاعر آهي ۽ سندس شاعري مان به اهڙي ئي اُميد رکجي ٿي.
    الله ڏنو هالاڻي:
    پٽن تي ڊوڙندي، ڏڪارن جا ڏينهن ڏسندي برسات جا سپنا ڏسندي الله ڏنو وڌي وڏو ٿئي ٿو ۽ 2012ع ۾ شاعر طور سندس نالو سنڌي شاعري ۾ شمارجڻ لڳي ٿو. الله ڏنو وزن بحر سان گڏوگڏ موسيقيت مان ڄاڻي ٿو، سندس شاعري ۾ موسيقيت وڏي پئماني تي موجود آهي.
    سندس شاعري عام فهم واري، نج ڳوٺاڻي ويس ۾ آهي، سادين تشبيهن سان ٽمٽار ڪويتائون آهن، دردن کي ولر سان تشبيهه ڪهڙي نه سهڻي انداز ۾ ڏني اٿس ۽ هوڙي لاءِ به اصلوڪو لفظ هوڙي استعمال ڪيو اٿس.
    ويٺا درد دل ۾ وڏي ڪنهن ولر جيئن،
    هالائي سي هر گز نه هوڙي سگهياسين.

    مُرڪ ڪيترائي ڪمال ڪري ٿي، مُرڪ ڪيترن جي جيءَ ۾ جذبا جاڳائي ٿي ۽ ڪيترن کي ته مُرڪ مايوسي جي ڪُن ۾ اڇليو به ڇڏي.
    هُن جو مُرڪي نهاريو مون ڏي،
    محفل ۾ ماٺار اچي وئي.

    سڄڻ جو ساٿ، سهارو ماهو لاءِ وڏي وٿ هوندو آهي انهي سهڪار ۾ انسان خود کي الئه ته ڇاڇا سمجهڻ لڳندو آهي، اهڙي ئي ساٿ کي هالائي سورج سان وڃي ڀيٽيو آهي، سج جيڪو هڪ ئي وقت پوري عالم جي اک مان گذري ٿو.
    جيسين تنهنجو ساٿ هُليو سانول،
    سورج جان نروار ٿياسين.

    چمي محبت جي نشاني، چمي اظهار جي علامت، چمي شاعرن جي دل جو استعارو اهڙي ئي چُمي کي ڀيٽيو ويو آهي ماکي جي ميٺاج سان.
    چُمي جو ڪو چس مليو آ،
    ماکي جو ڄڻ رس مليو آ.

    پرين جو پَڌر تي اچڻ رحمت جي مينهن وانگي هوندو آهي، اهڙي آمد تي خوشيون رقص ڪرڻ لڳنديون آهن، اهڙين خوشين ۾ محبوب جي هٿ جو ڇهاءُ دل جون تارون ڇيڙيو ڇڏي.
    هُن جو ملايو هٿ هالائي،
    دل ۾ ڌڙڪن ڌار اچي وئي

    لَنجي لاءِ کڻي جانان!
    خوشين جا ڍير ايندي هئي.

    نظم سدا باغي، اڄ جي معاشري کان بغاوت جو اعلان آهي، نظم ۾ ڪٿي ڪٿي جمع واحد جو مسئلو آهي، عام رواجي خيالن، وزن بحرن جي سهو غلطين جي باوجود الله ڏنو جي شاعري پاڻ موکيندڙ آهي.

    الفت امداد:
    ماتلي جي شهر جي گهٽين ۾ رولاڪي ۽ دوستي جا پنڌ الفت کي شاعري طرف ڇڪي آيا، الفت حسين ڇلگري مان، هڪ شاعر الفت امداد جنم ورتو، ان جنم تي سندس ڳوٺائي به حيران ٿيا هوندا، سادي پيرائي ۾ سليس ٻولي ۾ شاعري ڪندڙ الفت پيار سان گڏ سماج کي به موضوع بڻايو آهي پر پهرين پيار، انتظار عاشقن جي ميراث آهي، اهو ئي عاشق کي عشق جا گس ڏسي ٿو، عاشق حقيقت ۾ پاڻ اوسيئڙو ڪري ٿو پر هو ايئن ٿو محسوس ڪري ته مونسان گڏ ٻيا به اوسيئڙي ۾ آهن.
    تنهنجي درشن خاطر بيٺل،
    خوشبو، چنڊ فضائون آهن.
    مذهب، نظريا هر ماڻهو سان گڏ جنم وٺندا آهن ۽ گڏ دفن ٿيندا آهن مذهبن، نظرين جتي فائدا ڏنا آهن ته اُتي ماڻهن انهن جي فائدن مان فائدا وٺندي وڏا قومي نقصان به ڪيا آهن.
    اڄ جي مسلمان جي اڳواڻ جو ڪم اهو نه رهيو آهي جيڪو هئڻ کپي پر ان رڳو پنهنجي نالي، پنهنجي عهدي ۽ دولت کي ئي نظر ۾ رکي قدم وڌايا آهن ۽ اهڙن قدمن جي هيٺيان انسانيت جون سِسُيون تڙپنديون رهيون آهن، اهڙن ڪوڙن علمائن لاءِ انهن جا ٻه شعر:
    مذهب آڙ وٺي انسان ڪُهن،
    مسلم جو ڪردار وڃي پيو.
    دولت، شهرت پويان ڊڪندي،
    مذهب جا سالار ڏسان پيو،

    مذهب کانپوءِ الفت اسان جي قومي سياست طرف اچي ٿي،ان قوم پرستي تي تنقيدي شعر لکي ٿو ۽ وفا جا لفظ پوکي سچائي جون سٽون لکي ٿو.

    جنهن جي دعويٰ قوم پرستي،
    اُن جو مان ڪردار ڏسان پيو.
    الفت ٻج وفا جو ڇٽيان،
    ڌرتي تان وفادار وڃي پيو.

    نظم- اڃان به انڌاري، منهنجي ٻُڌ ڀڳوان، اسان جي سماج جو آئينو آهن ۽ معاشرتي بي حسي، ظلم جا باب آهن.
    صفا دل چري ۽ چري تون ڪجهه سوچين ها، وارا نظم پيار، محبت، سونهن سڪ ۽ عشق جا نظم آهن، الفت جي غزل کان سندس نظم جو پاسو وڌيڪ سگهارو آهي، غزلن ۾ نواڻ ۽ فڪر جي ڪجهه اڻاٺ محسوس ٿئي ٿي.
    افضل شر:
    افضل شاعراڻي وهي جي پُور جوڀن ۾ آهي، اها وهي ڏات جي ڏيهه ڏانءُ جا گل ڇٽيندي وتي، انهن گلن جي خوشبو سنڌ جي ڪويتا کيتر ۾ پهتي آهي ۽ کيس چڱي مڃتا به ملي آهي مڙس مٿير، ڏاڍا جوان ۽ ارڏا ماڻهو ڪٿي به رُڪندا نه آهن ڪنهن وٽ به جهڪندا نه آهن، دريائن کي عُبور ڪري ويندا آهن پر پُٺ تي هڻندا ناهن پر انهن کي جڏهن اکين مان عشق جا ڏانوڻ پوندا آهن ته اهڙا ته جهڪي ويندا آهن جو دنيا ۾ سندن سِر اُڀو ٿي ويندو آهي.
    تريا جي تار ۾ تارو درياهه ُڪري ويا،
    نگاهه يار جي آڏو اڙيا ڏٺا اسان ڪيئي.
    انهن جي اهڙي جهڪاءُ کين پرين جو ساٿ نصيب ڪيو ۽ اهڙي ساٿ سان انهن جون زندگيون بدلجي ويون اُهي تاريخ ۾ روشن ٿي ويا.
    ٻُڏل جي سوڳ جي ڪُنن ۾ صدين تائين هئا،
    پرين جي پل کي ماڻي چڙهيا ڏٺا اسان ڪيئي.
    عاشق، چاهيندڙ وٽ عشق اچڻ کانپوءِ خود وٽ باقي ڪجهه به نه بچندو آهي ان جي سڄي ملڪيت دل به اُن وٽ نه رهندي آهي.
    تو بن مون وٽ ڇاهي سانئڻ،
    دل به جسم ۾ ناهي سانئڻ!

    افضل جا غزل ته سٺا آهن پر نظم غزلن کان به وڌيڪ جاندار آهن نظم وقت جي هٿن مان ..... داخليت جي درد جي اهڙي مالها آهي جنهن جي هر مَڻيي مان محبت جي تصوير پسجي پئي ۽ ان ۾ لڪل اذيت هانءُ کي چُڀيو وڃي.
    وفا جو مجاور نظم، داخليت ۾ آهي پر ان ۾ جيڪا سڀني جي اڏار آهي سا محبوبه سان گڏ مي رقصم پئي ڪري. ٻُڌو ٿا حياتي آ ٿوري .... زندگي جي مختلف روپن جي اهڙي گڏيل شڪل آهي جنهن تي وقت پنهنجي گهاڻن جا نشان ڇڏي ويو آهي، ٽي قطعا، نه پر ٽي چئوسٽا، ٽئي هر لحاظ کان خوبصورت، افضل ڏات ۽ ڏانءَ جي ميلاپ جو اهڙو شاعر آهي جنهن جي وک کي ڪڏهن ٿاٻو نه ايندو.
    انجم قاضي:
    90 واري ڏهاڪي کانپوءِ شاعرن جي کيپ شاعري جي آڪاش تي لٿي ڪيترائي چمڪندي مڌهم ٿي ويا ڪيترا ته اتي ئي کڙي ختم ٿي ويا ڪيترن پنهنجي روشني سان شاعري جي آڪاش کي روشن ڪيو اهڙو ئي ڪوي جنهن جي ڪويتا جا تجلا اڄ به شاعري جي آڪاش تي پسجن پيا اهو آهي انجم قاضي
    چوڏس کان پکيڙي پيو روشني ،
    پيار جيون کان پکيڙي پيو روشني.
    اهو پيار ئي هو جنهن انجم جي دل تي دستڪ ڏني ۽ انجم جي من مان روشني ڦٽي نڪتي ، اهڙي روشني اهڙي سڄاڳي انجم سماج لاءِ معاشري لاءِ به چاهي پيو ۽ سنگت کي صلاح پيو ڏي ته هلو اجالي جي گسن کي ڳوليون
    ڇو نٿو سورج اڃان اڀري اچي ،
    آءَ کڙڪايون ڪڙو آڪاس جو .
    حسينا هر ڪنهن لاءِ خوشبو ۽ واسنا آڻي ٿي، ۽ ان واسنا سان وري اوسو پاسو به واسجو وڃي
    هو جڏهن گهر مان نڪري ٿي اوچتو ،
    ٿو گلابن جا ٽڙي پاڙو سڄو .

    اسان جي ماحول کي ڌپ ۽ گندگي پکيڙڻ وارو انسانيت جو ماس کائيندڙ ڪو به حيوان ناهي اهو اشرف آهي اهڙي مخلوق لاءِ ڪتي جي تشبيهه لڱ ڪانڊاري پئي
    جنهن کي مڃيو اسان ماڻهو ڪري،
    کائي ڪتي جيان ويو ماس ڳوٺ جو .
    انجم جي شاعري محبت ۽ انسانيت مزاحمت جو حسين سنگم آهي .

    ايڇ ڪي پرڀات:
    لاڙ سان تعلق رکندڙ، استادي جهڙي مقدس پيشي سان تعلق رکندي پڙهائيندي، ايڇ ڪي کي لکڻ جو شوق جيءَ ۾ جاڳيو ته شاعري لکڻ لڳو، شاعري جي ڪائنات ۾ هي بنهه نئون نالو پر فيس بُڪ جي متحرڪ شاعرن مان هڪ شاعر اڪثر غزلن ۾ ڪٿي وزن بحر جا جهول ته ڪٿي خيالن جي ڪچائي ڪَر کنيو بيٺي آهي پوءِ سندس تخليق سان سچائي کيس لکائيندي اچي ۽ اها ئي سچائي پرڀات کي صبح ضرور ڏيکاريندي ماڻهو به مالها آهي، ڪڏهن ڪڻو ڪڻو ٿي وکري ٿو، ڪڏهن ذرڙو ٿي ٽٽي ٿو، مِٽي جو جوتو ڪڏهن ته ڀريو ڀور ٿئي ٿو، اُميد وري به ڳنڍجڻ، جڙڻ، مڙڻ جي رکيو اچي.
    ٿي ويو ڪڻو ڪڻو هان،
    ٻيهر سهيڙ مون کي.

    انهن ٽڪرن ۾ ورهائجڻ کانپوءِ هر ٽڪر ۾ هڪ غم، هڪ پيڙاءُ هڪ سور نسري ٿو، جيڪو اندر ئي اندر کاٽ هڻي ٿو ۽ شاعر اها تمنا ڪري ٿو ته مون کي هَر ڏئي منهنجي من اندران ڪنهن کي پاڙن کان پٽيو وڃي.
    پيا سورُ سڀ ڦُٽن، آءُ،
    پرڀات کيڙ مون کي.

    اهڙي دردن، ڏکن، مالي، معاشي مسئلن ۾ جڪڙيل ماڻهو کي جڏهن محبوبه پنهنجي پيار ڀرين نظرن سان نهاريندي آهي ته دنيا جا سڀ درد وسريو وڃن.
    کلين تُون تڪين ٿي يڪو جا اسان کي،
    اسان ئي اسان کان به وسري وڃون ٿا.

    مُرڪن جي مٽا سٽا کانپوءِ ايڇ ڪي فرمائش ڪري ٿو، حُجت طرف وک وڌائي ٿو ۽ خواهش ظاهر ٿو ڪري ته سڄي جهان کي ڇڏي جانان بس مون کي پنهنجي زندگي جي ڄار ۾ ويڙهي ڇڏي.
    هي لوڪ سڀ هٽائي
    اڄ پاڻ ويڙهه مون کي
    پرڀات جون شروعاتي وکون آهن ٿيڙ ضرور کائيندو کيس حوصلي سان اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ گهِري نظر سان زندگي جو مطالعو ڪرڻ گهرجي.

    ثمينه جاويد:
    مهمان شاعره اردو ادب سان وابستگي اٿس پاڻ ادب جي استاد آهي، وٽس لفظن جا خزانه ۽ لفظن جي ادائگي جو ڏانءُ اٿس، سندس نظم جيئرو جاڳنديون تصويرون آهن ۽ انهن تصويرن ۾ جنهن سنڌي جو رنگ ڀريو ان رنگ ساز گل بلوچ جي محنت ۾ جَس لهڻي.
    نظم تون ياد ايندو آهين. ساروڻين جي سنگهر آهي جنهن جي هر ڪرڻي سَڪ سان ڀريل ۽ هر جوڙ ۾ يادن جا پيچ پيل آهن، بوندن کان ويندي ماڪ ڦُڙن، برف باري ۽ خزان جي نُوحا خاني تائين اهڙي ڪٿا آهي جنهن ۾ داخليت جو درد خون ڳاڙي رهيو آهي تنهائي جي رات به هي نظم به تڙپ، جاڳ ۽ سپنن جي سورن کي سَموئي داخليت جا اُهي راز کولي پيو جنهن تي وقت پردا وجهي ڇڏيا هئا.
    محبت جو ڪڪر- هي نظم محبت جي وسيع معنا، محبت جي گهرائي محبت جي طاقت ۾ محبت جي ڪرشمي کي اهڙي نموني پاڻ ۾ سمايو بيٺو آهي ڄڻ ته چنڊ ۽ ستارا آڪاش تي چمڪي رهيا هُجن.
    اي سائين توکي اجازت آهي هي نظم مڪمل قرباني، سهپ ۽ برداشت کي بيان پيو ڪري، هن نظم ۾ ايثار جو جذبو عيان آهي، هي نظم فردي مفاد کان وڌيڪ اجتماعي سوچ ۽ ٻين کي پاڻ تي ترجيح ڏيڻ جي ترجماني پيو ڪري، ثمينه جاويد جا نظم سندس ڏات جي ڏاهپ ۽ ڏانءُ جي ادائگي جا گواهه آهن، نظم پنهنجي اندر ۾ هڪ ڪهاڻي کي مالها جي پروئي رهيا آهن ۽ اُهي مالهائون شاعره جي تخيل جي خوشبو کي پکيڙي رهيون آهن.
    خيرل سيلرو:
    خيرل سيلرو شاعري جي سفر ۾ 27 سالن جو سفر ڄڻ ته مڪمل ڪري ورتو آهي، ان سفر ۾ سندس پير پٿون به ٿيا هُجن پر سندس قلم ضرور بار بار وقت جي اڏي تي قتل ٿيو هوندو خيرل جي اڪثر شاعري ۾ قدامت جا رنگ آهن ڪٿي ڪٿي ڪو هلڪو جدت جو رنگ رڻ ۾ تاري وانگي خيرل کي سينگاريو بيٺو آهي جنهن سان جيءُ جُڙجي ٿو اُن ۾ خوبيون ئي نظر اينديون آهن ۽ ان جي گڏ هجڻ سان ائين لڳندو آهي، جيڪو ڪجهه آهي اهو محبوب جي بدولت آهي اهڙو ئي خيال خيرل جو.
    زندگي کي زندگي آ تو ڏني
    هِن خوشي کي ڀي خوشي آ تو ڏني.

    حُسن، سونهن ۽ سوڀيا جو اثر نظر کان شروع ٿي ذهن کان ٿيندو دل ۾ سمائجي ويندو آهي ۽ دل ان حُسن کي پنهنجي اندر ئي هٿيڪو ڪري ڇڏيندي آهي ۽ ڪڏهن ته جوڀن جي جَلون سان دل جون تارون به ڇڙي پونديون آهن.
    تنهنجي جيون جو به تجلي دلرُبا،
    دل جي تارن کي اچي ڇُهندي آهي.

    خيرل جتي سونهن، پيار، جدائي، جانان کي پنهنجي شاعري جو حصو بڻايو آهي اتي هِن پنهنجي ڌرتي ۽ ديس جو حق به ادا ڪيو آهي، پنهنجي وطن جي محبت ۾ هن محسوس ڪيو آهي ته سنڌ ۾ جيڪي ڌاريا لوڌن جي صورت ۾ آيا، انهن کي ڌرتي پناهه ڏني، ڇپر ڇانءُ ٿي پر بهاري ڌرتي لاءِ ڪا به بهار نه بڻيا پر خزانءُ جو سبب ضرور بڻيا.
    خزائون ٿي آيا وطن منهنجي تي سڀ،
    مگر ديس تي ڪو بهارون نه ٿيو آ.

    ساقي منصور:

    وفا ناٿن شاهي، آثم ناٿن شاهي جي هن ڳوٺاڻي ساقي منصور مزدوري ۽ محنت جي اذيتن ۾ رهندي پڇتاءُ مايوسي ۽ نااُميدي کي ترڪ ڪري شاعري جو سهارو ورتو ۽ ان سهاري سان هن سونهن، سنڌ، عشق ۽ عبادت کي سمجهيو ۽ سُڃاتو، معجزا نبين کي ورثي ۾ ملندا آهن ۽ اُهي معجزا زندگي جا رُخ بدلائي نئين تاريخ رقم ڪندا آهن پر جنهن معجزي کي ساقي ڏٺو آهي ٻي اک اهڙي معجزي کي ڏسي نٿي سگهي ان لاءِ شاعراڻي اک عاشقيائي دل کپي.
    تو ٻُڌو آ معجزو پر مُون ڏٺو،
    رات کي ڇاتي نرم کائي وئي.
    ڇا ته جماليات آهي منصور جي هن شعر ۾ هن شعر ۾ جيڪا پنهنجو پاڻ لاءِ تشبيهه منتخب ڪئي اٿس حقيقت ۾ اها تشبيهه معاشري جي ماريل ۽ رياست جي لتاڙيل هر ان فرد لاءِ آهي جيڪو غربت جي گهاڻي۾ پيسجي پيو.
    پاڻ پُراڻي ڪوٽ جيان هُون،
    دور نئين ۾ ڪير ٿو پائي؟

    تُخيل شاعرن کي ورثي ۾ ته ملندو آهي پر هر شاعر وٽ تخيل جي اُڏام سگهاري به هُجي ايئن به نه آهي.
    ساقي خوش نصيب آهي جو سندس ڏات تخيل جي پَرن تي آسمان کان به اڳتي اڏار رکي ٿي، اهڙي اڏار وارو هڪ مطالعو جنهن مان هر پڙهندڙ پنهنجي شعور ۽ ادراڪ مطابق معنا ۽ مفهوم ڪڍندو، هي شعر دُنياوي دوستي، محبت لڳ لاڳاپي سان به ڳنڍجي ٿو پر ٻي ڇرڪائيندڙ معنا به هن شعر ۾ موجود آهي، جنهن جو واسطو رب سان آهي.
    جيڪو ايڏي دير ڪري رب،
    اُن کي پنهنجو ڪير ڪري رب.

    دل روايت پڻي جو شڪار رهي ٿي اُها احساس، جذبن، دوستين، رشتن، ناتن، سماجي تعلقن ۾ جَڪڙيل رهي ٿي، اهڙي نه ڏسي سگهون جهڙي خول ۾ رهندڙ دل واري ماڻهو جي سوچ پوءِ به پرواز ڪندي رهي ٿي، سوچ جي پرواز تي نواڻ جا لڳ ڏيکاري ٿي ساقي منصور دل ۽ سوچ جي اهڙي تضاد تي خوب چيو آهي.
    هڪ دل روايت کان هٽي ئي جا نٿي،
    هڪ سوچ اڃان جدتون ڳولي پئي.
    ڇڇ
    ساقي منصور هڪ سچو فقير شاعر آهي جنهن لاءِ آئون بس سندس ئي شعر ۾ ائين چوندس.
    هڻي الفاظ جي نٿي سُرخي،
    اسان جي ڏات ۾ فقيري آ.


    سانگي صحرائي:- صحرائي مان ئي ظاهر ٿو ٿئي ته هن شاعر صحرا جا ڪيترائي سور سٺا آهن ۽ هِن کي پنهنجي صحرا سان يعني ٿر سان پوءِ به ڪيترو پيار آهي جو هن شخص ان کي پنهنجي نالي سان ڳنڍي ڇڏيو آهي، سانگي وٽ نج اصلوڪو اسلوب آهي، شاعري ۾ تجنيس جون تجليون به آهن ته ٻهراڙي جا ٻول به.
    ڪو نه چيو مون ڏينهن کي رات،
    ڏوهي ٿي پئي منهنجي ڏات.

    شاعري شروعاتي ۽ وچ واري ۽ ڪجهه هاڻوڪي درٻاري رهي آهي ۽ درٻارڪي درجي شاعر کي مان ۽ مرتبو ڏنو ۽ شاعري کي الهام چيو، سانگي جي ڏات ڏوهه باسي ٿي، پر اُڀرندي سج جي پوڄاري ٿيڻ نٿي چاهي.
    اهڙن حالتن ۾ جڏهن سچ چوڻ تي ڏات کي ڏوهه چيو وڃي ۽ وقت جا حاڪم روز سَرها ۽ سپرا ٿيندا وڃن قوم جيئن پوءِ غربت جون لڪيرون ٽپندي وڃي ته شاعر قوم کي هنن لفظن سان حوصلو ڏيندو آهي.
    سانگي سورن سينو ساهي،
    ڏيندا پاڻ ڏکن کي مات.

    اهڙي دولت جي دنيا ۾ جتي هر شيءِ وڪامي، هر ماڻهو جو مُلهه لهجي جتي نظريا ڀڳڙن جي مُٺ تي وڪرو ٿين ته اتي اها سوچ اُڀرندي آهي ته هاڻي چاهتون، محبت به وڪامي پئي اهڙي سوچ کي مٽائڻ لاءِ سانگي سٽون سرجي ٿو.
    ناڻي ملندا ڪهڙا نينهن،
    ٺاهه ٺڳي جا ٿورا ڏينهن.
    اسان وٽ ايترو ناڻو آهي جو ٽِن ڀائرن جو بار پنهنجي ڪُلهي تي کنيو بيٺا آهيون انهي بار اسان سان جيڪو حشر ڪيو آهي، ايثار جو جيڪو بدلو مليو آهي، ان کي اسان لڪائڻ چاهيون پر لڪائي نٿا سگهون، سُڪل ڇاتيون، بکايل پيٽ ڪٿي لڪندا؟
    سُڪل ڇاتيون جيجل جون بکايل پيٽ ٻارن جا،
    درد اهڙا ڪٿي لڪائجن دلين جي دنگن تي.

    سانگي جي شاعري ۾ وزن جا جهول ته آهن ئي پر سندس ڏات پاڻ وڻائڻ جو هنر به رکي ٿي، بيت اصلوڪي انداز ۾ آهن ڪو نئون رخ نه اٿن نه ئي ڪو نئون موضوع، سانگي جي هي خواهش انسانيت جو درس ڏئي رهي آهي.
    عيدون هليون گڏ گذاريون،
    سئوڻ شادين جا ساٺ ٿيا.

    سپنا سنڌي:
    نوري جي نُک سان تعلق رکندڙ هي ناري اُتر جي هوائن ۾ پلي نپني پر سندس هاڻوڪا ڏينهن وچولي جي وچٿرين هوائن ۾ گذرن پيا، هي سپنا عوامي خدمت ۾ سماج جي پيڙهيل طبقن لاءِ ڪيئن سپنا سجائي ٿي ۽ اهي اٻوجهه ماڻهو انهن جون تعبيرون پنهنجي حياتي ۾ ئي ڏسن پيا.
    سَپنا سنڌي ننڍي بَحر سان ڪماليت سان نڀاءُ ڪيو آهي ٿورن لفظن ۾ وڏي ڳالهه ڪَرڻ هر ڪَوي جي وس ۾ ناهي مَن جي تڙپ ملڻ سان ماٺي ٿيندي آهي. تڏهن شاهه سائين چيو “شال م ملان هوت” پر شاعره هن شعر ۾ اهو تاثر ڏنو آهي ته محبوب جي ملاقات ته لوڇ پوڇ کي يوريا ڀاڻ ڏيندي آهي.
    لُڇي ٿو مَن
    مِلِي توسان
    درد شاعرن کي ڏاج ۾ ملي ٿو ڇو ته شاعر به سماج جو ئي حصو هوندو آهي ۽ حصي ٿيڻ کانپوءِ اهو ئي ملندو جيڪو پيش ايندو، اهي درد وڇوڙا اسان جي سماج مان ئي ته ڦٽي نڪرن ٿا، غم ۾ مئي نوشي ڪرڻ وقتي طور سورن کي پوئتي سَٽڻ وقت سان مقابلو ڪرڻ چئي وڃي ٿي، پر هتي جنهن مئڪشي جو ذڪر آهي اها خوشي آهي جيڪا لمحي لاءِ اچي ٿي درد دور نٿو ٿئي.
    درد گهٽجي نـٿو
    مئڪشي مختصر
    زندگي اڄ آهي سڀاڻي نه هوندي، جهان ته هلندو پيو پر جيڪو جهان ڇڏيو وڃي ان لاءِ زندگي به ختم ٿيو وڃي ۽ پويان به ڪيستائين ياد ڪندا؟ ڪجهه عرصي کانپوءِ سڀني کي جهان ڇڏي ويندڙ وسري ويندو، اهو وسارڻ جو عمل ئي ٻڌائي پيو ته هي حياتي هڪ ڇل آهي.
    جيون ڀــي
    ڌوڪو هڪ
    ۽ اهڙي حياتي اهڙو جيون محبوب کانسواءِ ڪهڙي ڪم جو ۽ ڇا ڪجي اهڙي زندگي جو هڪ ته جيڪا صفا مختصر ٻيو سواءِ سونهن جي.
    توسوا ڇا ڪجي
    زندگي مختصر
    انهن سڀني مسئلن معاملن جي هوندي، ڏکيائين جي تڪليفن جي باوجود عشق پنهنجي سفر تي اڄ به گامزن آهي.
    راهه تي رهيو
    عشق جو سفر
    دعا ۾ ياد ۽ پيار، رب ۽ ڪفر نهايت جاندار ۽ دردناڪ نثري نظم آهن، پر سوال ٿو پيدا ٿئي جيڪو نظم آهي اهو نثري به ٿي سگهي ٿو ڇا؟ ٻه متضاد گڏ نه هلندا آهن پر اسان جي ڏاهن جي هي ڪهڙي ڏاهپ هئي جن نثر ۽ نظم کي گڏ رائج ڪيو هو؟

    سڪندر اوٺو:
    سڪندر اوٺي کي ڪجهه ئي سال ٿيا آهن جو شاعري جي دنيا ۾ پير پاتا اٿس، سڪندر جي سڄي شاعري عوامي رنگ لهجي ۽ لباس ۾ آهن، وٽس استعارن، ترڪيبن ۽ تمثيلن جي رسد تمام گهٽ آهي، منظرنگاري به سادي نموني ۾، تشبيهن ۾ ڪا نواڻ نه اٿس.
    هڪ شعر سندس شاعري ۾ نئين دڳ جي پيشنگوئي آهي ان شعر ۾ سندس ڏات اُميد ڏيکاري پئي ته سڪندر وقت گذرڻ سان مطالعي ۽ مشاهدي سان گهڻو اڳتي نڪرندو.
    ٻانهن جو ڏئي وراڪو جيئن قابو ڪئي،
    سُور اُن دم سلڻ سان وُٺو مينهن هو.

    سڪندر جو نظم، سنڌ منهنجو قسم، ٻن دؤرن ٻن رُخن کي ظاهر ڪري ٿو هڪ خوشحال تاريخي ۽ تهذيبي سنڌ جنهن ۾ پيار، محبت ۽ امن جا درياءَ پئي وهيا، جنهن ۾ عداوت ڦرلٽ جو ڪو نشان نه هو ۽ ٻي آهي هاڻوڪي سنڌ جيڪا ڦرن، دوکن، نفرتن جي وَر چڙهي وئي آهي، جنهن جا پُٽ بي ڏوهه رياست جي دلالت هٿان کنيا وڃن ٿا ظاهر نٿا ڪيا وڃن پر سڀ ڪجهه عارضي آهي سنڌ پنهنجي مالڪ پاڻ ٿيندي، حق ضرور ناحق کي هارائيندو ان لاءِ رڳو اسان کي اُٿڻو پوندو.

    شِڪسته مزاري:
    شِڪسته سنڌ ۾ ڄاتل سُڃاتل شاعر آهي استاد جهڙي مُعتبر پيشي سان تعلق ۽ ڪشمور مان پهريان قدم کڻندڙ هن شاعر جو اسلوب پنهنجو آهي لفظ پنهنجا آهن ۽ رڌم، بحر به پنهنجا آهن، غزلن جا اڪثر بند وزن بَحر ۾ کُٽن ٿا يا وڌن ٿا اُن جو سبب شڪسته جي بي ڌياني آهي يا اڃان ڪو ٻيو سبب؟ سماجيات تي شڪسته جي نظر گهٽ پئي هن گهڻو داخليت ۽ محبت، محبوب کي موضوع بڻايو آهي ۽ ان موضوع سان نڀاءُ به سٺو ڪيو اٿس.
    سو وقت ثوابن جهڙو هو
    گڏ يار گـلابن جهڙو هو
    محبوب جي واسنا عاشق لاءِ ثواب وانگي هوندي آهي جنهن جي حاصلات زندگي جو پُر لطف بڻائي جيئندي آهي انهي پيار ڏيندڙ پرين جي درشن نه ٿيڻ انهي جي رُخ بدلائڻ تي شڪسته جيڪا تعريف ڪئي آهي اُها تعريف به شڪايت جي انداز ۾ واهه جي آهي.
    جو ڪهي ايندو هُئين هر آهه تي،
    هر قدم اڳڀرا ڪاڏي وئين.

    حياتي بنهه ٿوري آهي ڪو به ساڻ جٽاءَ نه آهي ان مختصر وقت کي عداوتن ۽ دشمنين ۾ ڇالاءِ وڃائي پنهنجي عمر داءُ تي لڳايون ۽ محبت زندگي کي زندگي ڏي ٿي هي پل پيار لاءِ وقف ڪجن نفرت لاءِ نه،
    نفـرت نه پيار ورڇـيون
    ڪجهه پل جي زندگي آ
    محبت ڪرڻ کانپوءِ عشق جي اچڻ سان چهرن کي پڙهڻ جو هنر اچيو وڃي ۽ اکين ۾ لڪل ڪهاڻيون به پڙهجيو وڃن هي شعر به اهڙي هنر جي علامت.
    اکڙين ۾ هُيون ڪجهه آکاڻيون،
    چهرو ته ڪتابن جهڙو هو.

    اسان جي سماج مان پنهنجائپ پيار، نياز نوڙت ختم ٿيندا پيا وڃن انهن جي جاءِ تي اچي ويو آهي، ساڙ، بُغض، ڪيني، دوکي منافعي ۽ انا جو زهر جيڪو انسانيت کي موت ڏانهن ڌڪي پيو.
    هر طرف زهر ڦهليو
    ڪهڙي هوا گُهلي آهي
    شميم مري:
    شميم ڏات جي ڏيهه ۾ هڪ ڏهاڪي تي اڃان پير مَس رکيو آهي پر ائين پيو محسوس ٿي ته هي شاعره صدين جي صدا وانگي، صديون اڳ موجود هئي. وٽس ڏات ۽ ڏانءُ جو حسين ميلاپ موجود آهي.
    نازڪ خيالي ۾ سادگي جو جيڪو ڳانڍاپو شميم وٽ ملي ٿو اهو ورلي ڪنهن شاعره ۾ هُجي ان جو سهڻو مثال:
    تنهنجي لاءِ هو وڏي بي چيـن هئي
    اڄ گنجائش ۾ هئي پر تون نه هئين
    عشق انسان جو حصو آهي اهو ئي عشق جڏهن ڪاميابين جي ڏاڪن تي پير رکندو آهي ته مست الست ٿي پوندو آهي پنهنجي دنيا ۾ مگن ٿي ويندو آهي، باقي لوڪ ۽ جڳ جهان تي نظر ئي نه ٻُڏندي آهي، اها پيار جي حاصلات جي منزل جنهن کي شاعره سرور، خوشي جي رَدِعمل ۾ مغروريت چيو آهي پر اهو مقام پاڻ ارپڻ جو هوندو آهي.
    پيار ۾ ســرور ٿي وئي آهيان
    ڪيتري مغرور ٿي وئي آهيان
    انهي وڏائي ۽ هٺ کي وري اصليت ڏانهن به شميم کڻي وئي آهي ته هڪ نظر جي نظر پوڻ سان سڀ وڏائيون سڀ اُڏامون هوا ٿيون وڃن ۽ انهي نگاهه جي قيد ۾ قيدي ٿيڻو پوندو آهي ۽ نگاهه تي نينهن جو پهريون رستو آهي.
    تون نهاريو اُڏار وسري وئي مونکان
    ڄـڻ ته مـسحـور ٿــي وئــي آهيـان
    شميم مري جي غزلن ۾ ڪٿي ڪٿي وزن ٽٽل ملي ٿو نه ته اڪثر شعر پورا آهن، ڪٿي ته هڪ ئي قافيو ٻه ٻه، ٽي ٽي ڀيرا ڪم آندو اٿس، انهن معمولي ڪوتاهين کي نظرانداز ڪري اڳتي وڌجي ته شميم مري سنڌ جي بي باڪ شاعره طور ضرور پاڻ ملهائيندي سندس خيالن جي اُڇل اڻ جهل آهي ۽ سندس ڏات بيباڪ آهي اهڙا بي باڪي جا ڪجهه گوهر حاضرِ خدمت.
    بدن خوشبوءِ ۾ پيو مهڪي
    هُو وري خواب ۾ آيو، مون
    اُڃ اُجهائڻ آيس آئون
    تو ته وڏائي اسان وٽ
    موملون مون ۾ رهن
    تون مُڙي راڻا ته ڏِس

    تنهنجي اک جو سُرور پنهنجو هو
    مئي ڪو نه ٻيو واپرايو مون
    ڀاڪرين هن ڀريو ۽ ڳڻي ڳلي لاتو
    انگين چاڙهيو، نپوڙيو ۽ ملي لاتو.

    عبدالغفار عبد جوڻيجو:
    عبد جوڻيجو سينيئر شاعر هئڻ سان گڏ مسيحائي پيشي سان تعلق رکن ٿا، سندس مٽي به ڀُر ڀُري ۽ وارياسي آهي، پيار، سندس نَس نَس ۾ پوتيل آهي ۽ معاشري تي به سندن اک رهي ئي رهي آهي، عبدالغفار جا بيت جاندار ۽ ادائگي ۾ وڻندڙ آهن حالانڪه منجهن ڪو نئون موضوع ناهي.
    عبد جي وائين ۾ رس ۽ چَس آهي، وائين تي سُٺي گرفت اٿس.
    گڊي جي گود ۾
    تون نه ساڻ ٿر اڪيلو ٿو لڳي
    هي سڄي وائي درد جي صدا ۽ منظرنگاري جو سنگم محسوس پئي ٿي.
    پروڪي هولي ۾
    رنگ نه هاريو مون
    تاثراتي پر پُراثر سحر انگيز وائي آهي
    غزل جي اڪثر شعرن ۾ پاڻ وزن بحر کان پر ڀرا ٿي بيهه رهن ٿا ڪجهه شعرن ۾ ته خيال جي اُڏام سان گڏ فن تي دست رس به نظر اچي ٿي.
    حادثا، حسرتــون رهي زندگي،
    گهر ڪچي جيان ڊهي زندگي.
    علي محمد لنجو:
    هڪ ڏهاڪي جي ادبي سفر جو هي مسافر علي محمد لنجو به ڀٽن جي ڀَر جو، سندس ڪويتا اڃان پَنڌ سوري پئي اڃان وکن ۾ اها روانگي اُها تيزي ناهي آئي جيڪا کيس ابلاغ ۽ ادراڪ جي منزل تي پهچائي پوءِ به سندس ڪوششون ۽ همتون ضرور رنگ لائينديون.
    نيٺ ته ملنداسين ٿورو حوصلو ته رک،
    ٽهڪ ڏئي کلنداسين ٿورو حوصلو ته رک.
    ٿر محبت، وفاداري ۽ پيار جو علائقو هن علائقي مان لڄ لوئي ۽ پيار جو جيڪو پيغام نڪتو اُن سنڌ سڄي کي واسي ڇڏيو آهي اهڙي ئي پيار واري طبيعت رکندڙ، چاهه سان چاهه رکندڙ محبتون ورهائيندڙ ۽ مُرڪون ڇَٽيندڙ علي محمد نفرت ڪندڙ شخص سان مخاطب ٿي چوي پيو ته نفرتن جي ڪمائي ۽ ان جو آئوٽ پٽ ته ٻُڌا.
    وڏو نانــگ نفرت جو نـپــايو ٿئي،
    ٻُڌا مون کي ڀلا ڇا ته ڪمايو ٿئي؟
    علي محمد لنجي جي شاعري ڪئين آهي هُو اها ذات ڪيئن ٿو استعمال ڪري، هُن ڇا لکيو آهي ڇا ڏٺو آهي ان لاءِ سندس ئي شعر:
    نه ڪڏهن ڪوڙ لکيوسين نه ڪائي ٺٺولي
    سدائين سچ لکيوسين جو ڏٺو هو اسان.

    علي عاجز شر:
    علي عاجز شر پنهنجي جيون جون 20 بهارون شاعري کي ڏئي چڪو آهي، انهن بهارن ڏيڻ جي بدلي عاجز ڏات مان ڇا حاصل ڪيو اهو سمجهڻ لاءِ اسان کي سندس شاعري جو مطالعو ڪرڻو پوندو ،
    جيئي پنهنجو نينهن،
    هڻندا نعرا نيڻ.

    نيڻن جو نينهن جي جئيندان لاءِ نعرا هڻڻ بنهه اڻ ڇيل نڪور خيال انهي نينهن جي نعرن هڻندي وري ڇهاءَ لطف ۽ ميٺاج جي گهر جنهن انداز ۾ علي ڪئي آهي سابه خطرناڪ
    سيني سنگڙا ڏي ته چمڻ
    ڇڏ هٿـڙن جي اڙ جانان.
    عاجز جي شاعري انجا خيال ۽ پيشڪش دلچسپ ۽ دل کي موهيندڙ آهي ڪٿي ڪٿي وزن ۽ خيال جون خاميون اٽڪن پيون.
    غلام قادر منتظر:
    غلام قادر منتظر چانگ شاعري جي آڪاش جي سينيئر ترين شاعرن ۾ شمارجن پيا، جيتري سندن شاعري جي قدامت آهي سندن ڏات به ائين قدامت جي پيچري تي گامزن نظر آئي آهي، پاڻ ماتلي ادبي سنگت جي متحرڪ ميمبرن مان آهن ۽ هن وقت ماتلي شاخ جي سيڪريٽري پڻ آهن.
    ڪري تون ماٺ ويهه اي منتظر سڪ ۾ مزو آهي،
    سُڀان يا اڄ سڄڻ ايندو لڇُڻ پوءِ روا ناهي.

    ناصحانه شعر پر خود کي ئي آٿت سمجهاڻي ته، همت، حوصلو ڪر اجايو ٻاڪاٽ نه ڪر، رڙ نه دانهن ڪر، اها سار به لطف ڏي پئي، پرين سُڀاڻ پرين اجهو پهتو اجايو دل نه لاهه جنهن جي سڪ هُجي اهو سامهون اچي وڃي ته واهه واهه ٿي وڃي ۽ ان جي آمد يادن جي درشن جا اثر وري آسمانن تائين به رسن ته اهائي شاعرائي خوبي:
    ڇڏيو هئين وار ٺاهي چنڊ کي واڙي،
    وري ڦيريئين ڦڻي اهڙي جو ڇا چئجي.
    منتظر، ڪافيون ڪافي لکيون آهن، اڄ ڪلهه اسان جي نج پنهنجي صنف اسان نه پيا لکون پر منتظر جي ڪافي ان کوٽ جي پورائي طرف هڪڙي وک ضرور آهي، توسان اٽڪيل دل...... ڪافي رڌم رواني ۽ موسيقيت سان ڀرپور.
    نظم مرسون مرسون........ مزاحمت ۽ انقلاب جو سڏ جرئت ۽ همت جو پڙاڏو آهي، نظم اسان جي ٻولي، سنڌي ٻولي سان بي انتها پيار ۽ عقيدت جي پرچار سان گڏ ٻولي جي اهميت ڏانهن ڌيان ڇڪائيندڙ، غلام قادر منتظر جي شاعري مولوي احمد ملاح ۽ مُبين پنائي جي ياد تازي پئي ڪري.
    مُجيب ڪنڌر:
    مُجيب ڪنڌر شاعري جي قدرت جي طور ڏسجي ٿو ته اڃان پهرين ڏهاڪي کي مَس عُبور ڪيو اٿس پر سندس تخليقي سگهه لفظن جي چونڊ شعرن جي ترتيب ۾ بلڪل ئي نٿو لڳي ته هي اُهو ئي مجيب آهي جنهن شاعري جي شروعاتي 2008ع کان ڪئي، مجيب وٽ کوڙ موضوع آهن خاص موضوع هن جا ٻه آهن، هڪ محبت ۽ ٻي انسانيت آهي، جيڪڏهن انسانيت ۽ محبت جو ميلاپ هڪ جاءِ ٿيندو آهي ته اُتي تاريخون جُڙنديون آهن افسانه نه، شاعر احساس کي سڀ ڪجهه ٿو سمجهي ۽ حقيقت ۾ آهي به ائين بي احساس بُت هوندا آهن ماڻهو نه.
    احساس بنا ماڻهو رهيو ايئن،
    جيئن راهه ۾ پٿر ٻيو ڪجهه به ڪو نه.
    احساسن جي جذبن سان سرشار ماڻهو هِن دنيا ۾ محبت ۽ مُرڪ کي ڳوليندو آهي، اڄ ڪلهه جي دؤر ۾ انسان مشيني ماڻهو بڻجي ويو آهي، جنهن وٽ هڪڙي مُرڪ ڏيڻ لاءِ به وقت ناهي.
    مُرڪ هڪڙي ڏسڻ ٿي دل چاهي،
    اهڙو چهرو ڏسان ڪٿان ملندو؟

    مُرڪن ۽ محبتن جي ورڇ ڪندڙ ئي احساسمند هوندا آهن ۽ حساس ماڻهو ئي ٻين جي تڪليفن ۽ ڏکن کي ڄاڻيندا آهن ۽ انهن تان اهي پريشانيون پري ڌڪڻ لاءِ وَس آهر ڪوششون وٺندا آهن اهڙن شخصن کي انسان چئبو آهي ۽ اهڙن انسانن کي الله سائين پنهنجا ولي بڻائيندو آهي.
    آدمي جي درد کي سمجهڻ بنان،
    ڪيئن ٿي سگهندي خدا سان دوستي؟

    خارجيت مجيب جي مَن جو موضوع آهي ۽ داخليت هن جي دل ۾ دُکندي رهي ٿي جيڪا شعرن جي روپ ۾ منظر تي اچي ٿي ان داخليت ۾ به اهڙي خارجيت شامل آهي جنهن ۾ برداشت جرئت ۽ احساس جو عنصر عيان آهي.
    درد کي سـهي آ مون،
    پيار سان مُرڪي ڏٺو.
    مجيب کي محبت، پيار، سڪ ۽ احساس جي بدلي ۾ جيڪا حاصلات ٿي آهي سا ته ظاهري طور معمولي بنهه مختصر آهي پر ان لمحي اُن پل مجيب کي جيڪي رنگ ارپيا جيڪا بوءُ ارپي ان رنگ ۽ بوءِ مان سندس دل مان ڪويتا پوپٽ وانگي پر سهيڙي اُڏري شاعري جي آڪاش تي پُهتي.
    پنهنجي هُن سان جا هُئي گذري مُجيب،
    ڪيترا هڪڙي گهڙي جا رنگ ها!

    مختيار مگسي:
    مختيار تمام ٿورڙي عرصي ۾ فيس بُڪ تان جيڪا پذيرائي حاصل ڪئي آهي اها سندس ڀاڳوند هئڻ جي نشاني آهي ۽ اهڙي نصيب تي رشڪ ئي ڪري سگهجي ٿو، مختيار وٽ موضوعن جا ڀنڊار آهن، عشق، محبت، جدائي، اُداسي، حوصلو، جرئت، ادب ۽ ٻيا ڪيترائي موضوع مختيار جي شاعري مان بکي رهيا آهن.عشق اهڙا ڪم اهڙا عمل ڪرائي ٿو جيڪي مشڪل ته هوندا ئي آهن پر ظاهري اک لاءِ ناممڪن به هوندا آهن، درياءَ دلي تي پار ڪرڻي ڪا سولي يا ڀوڳ جي ڳالهه ناهي پر انهي مَٽ تي محبت جو سفر سو به درياءَ جي لهرن تي عشق ٿو ڪرائي.
    عشق هو جو سُهڻي دريا کي به ڪندي پار هئي،
    ڪير لهندو هونءُ درياءَ ۾ ٺڪر جي آسري؟

    اهڙي ئي جديد سهڻي جنهن جي هڪ قدم چانئٺ کان ٻاهر ڪڍڻ تي جديد مختيار مگسي کي اها گهر جي چانئٺ به پاڻ ڏانهن ڪشش پئي ڪري ڇو ته پرين جا پير جا اُن چانئٺ تي آهن.
    پير پائي تون ٻاهر اچين ٿي جڏهن،
    دل ڇڪي ٿو وٺي تنهنجو در تو جيان.

    پيار، محبت کان اڳتي نڪري مختيار حوصلي همت جو درس به ڏي ٿو ۽ اهو ٻڌائي ٿو يا ياد ڏياري ٿو ته ڏس جاچ تو ڪيتري حياتي وڃائي ڇڏي؟ انهي درد ۾ رهي، ڇا اڃان به اداس رهي زندگي جا قيمتي پل وڃائڻ ٿو چاهين؟
    اَڃـان اُداسي رکي ڪندين ڇا
    هي زندگي آ وڃي بچي ڇا؟
    انهي اداسي ۾ گهاريندڙ، دوست، محبوب ساٿي سان مخاطب ٿيندي شاعر وڌيڪ جاڳائڻ لاءِ وڌيڪ حوصلي جو روح منجهنس ڦوڪڻ لاءِ کانئس ئي سوال ڪري کيس ئي جواب ڏيڻ لاءِ اتساهي ٿو.
    اُداس تنهنجي ڀلا رهڻ سان،
    سو وقت ايندو ويل وري ڇا؟
    اسان جي شاعري قومي مان ڦِري ڪيٺي ٿي پئي آهي ۽ اسان جي گائگي رياضت ۽ بندگي مان نڪري ناچ گانو ٿي پئي آهي، گووَين کي ڪو ٻُڌڻ وارو ناهي ڪلاسيڪي موسيقي منجي جي حوالي، اهڙي حالت ۾ جيڪا موسيقي جي حالت ٿي آهي ان کي مختيار شعر جي صورت ۾ بيان ڪيو آهي.
    اڄ سنڌ ۾ اياڻيون ڳائن پيون ته ائين،
    ڳائڻ کان وڌ هر ڪا جسم ۾ نظر هئي.
    هي شعر خالي نواڻ سان ڀلو آهي پر گرامر جي لحاظ کان ٻه زمان هڪ ئي شعر ۾ اهڙيون ڪوتاهيون مختيار ۽ ٻين دوستن جي ڪلام ۾ موجود آهن.
    نذير نورياڻي: نذير نورياڻي هن ڪتاب جي ترتيب جي لحاظ کان آخري شاعري آهن ۽ پاڻ هن جهان ۾ به نه آهن، سندن لاءِ دعا آهي ته ڌڻي سائين کين پنهنجي امان ۾ رکي. آمين - نظير سائين فائنل پاس اصلوڪي زماني جا استاد هئا اهڙا شفيق ۽ بزرگ استاد ڀاڳن وارن کي ئي نصيب ٿيا، نظير نورياڻي جي اڪثر شاعري خارجي آهي، سماج، ماحول ۽ ان ۾ ٿيندڙ اُٿل پُٿل بابت ئي آهي، پاڻ جيڪو ڪجهه لکيو اٿن نهايت ئي ايمانداري ۽ سچائي سان لکيو اٿن، آزادي ملي اسان جشن ملهايا، ڀاءُ لڏي ويا، نوان ڀائي آيا، انگريزن کان آزادي کانپوءِ تبديلي آئي اها نظير سائين کان ملاحضه:
    اسان وٽ بعد آزادي برابر ايترو ٿيو آ،
    غريبن لاءِ بربادي برابر ايترو ٿيو آ.

    جنهن ديس جا غريب برباد ٿي وڃن اهو وطن ڪهڙو آباد هوندو اهل علم ئي ڄاڻن. سائين جن جو انداز بيان پراڻو آهي پر سندن لفظن ۽ خيالن مان ائين ٿو لڳي اهو اڄ لکيو ويو آهي اڄ جي حالات تي لکيو ويو آهي، اهڙي ئي دل ئي رهڙيندڙ عڪاسي هن شعر ۾ به موجود آهي.
    جتي مجلس هئي مورن جي، هنجن جو جت هيون هونگون،
    اُتي ڪانون جا ڪانگيرا، ڏسو گڏهن به گج پاتا.

    هي شعر سائين جي تخيل جي اُڌار جي ثابتي آهي، مجلس، مورن، هنجن، ڪانون ۽ گڏهن کي پڙهندڙ نقاد ڪهڙي پاسي ٿو ڇڪي اُن مان مفهوم ڪهڙو ٿو ڪڍي؟ اهو پڙهندڙ ۽ نقاد جي علم ۽ ادراڪ تي، هي شعر اهڙي تنقيد آهي جيڪا آهي ته تيرن ۽ نيزن سان پر لڪل آهي نهايت سُهڻي ڪپڙي ۾ اهو ڪپڙو تخيل آهي، هي شعر هن دؤر جي تصوير آهي، اسان اُن کي، شاعرن اديبن ڏانهن ڇڪي سگهون ٿا اهو شعر وقت جي حاڪمن ۽ سردارن ڏانهن به آڱر کڻي ٿو انهي شعر اسان جي قومي سياست تي به ٺهڪي اچي ٿو، جهان ۾ ڏکيو آهي ته ٻن گهر وارين وارو طويل نظم في البڊيع نظم جو نمونو، گهريلو زندگي جي ڪهاڻي جنهن جو طنزيه عنصر ڏاڍو دلچسپ ۽ سبق آموز آهي، نظم خبر ناهي دل مجروح جو مرهم ڪڏهن ٿيندو، هي نظم اسان جي حڪومتي، مذهبي، سياسي نظام تي اهڙي جرح آهي جنهن ۾ پوليس، وڏيرو، حاڪم، رئيس، عدالت، لوفر، ملان ۽ ڪاموري کي اگهاڙو ڪري ان جي حقيقي تصوير ڪشي ڪئي وئي آهي ۽ اهڙي تصوير سدائين سچن ليکارين ئي ڪڍي عام آڏو آندي آهي،
    سائين نظير جي اهڙي سچائي قابل رشڪ آهي.
    شاعري جو آڪاش جي شاعرن مان ڪو به شاعر اهڙو نه آهي جنهن کي شاعري جي جهان مان نيڪالي ڏئي ڇڏجي يا ان بابت اهو دليل گهڙجي ته اهو شاعر ئي نه آهي ۽ نه ئي ڪنهن هڪ شاعر بابت اهڙي سکڻي دعويٰ ڪجي ٿي ته هنن مان فلاڻو شاعر سڀني شاعرن کان وڏو شاعر آهي ۽ اهو شاعر ئي هن وقت سنڌي شاعري جو ديوتا آهي. اهڙيون فتوائون مُفتي ڏيندا، انهن وٽ وڃو، هي ڏات جو جهان آهي هتي سڀئي هڪ قطار ۾ ڏات ۽ ڏانءُ لاءِ جهولي جهلي بيهن ٿا، جيڪو جنهن کي دان ملي ٿو اهو اوترو ۽ اُهڙو لکي ٿو. هن ڪتاب ۾ قديم، وچولي ۽ جديد دؤر جو اهڙو ته سهڻو سنگم آهي جو ائين ٿو لڳي اهڙي مالها ٺاهي وئي آهي جنهن ۾ دنيا جا سڀئي حَسين موتي پوئيا ويا آهن، انهن وڻندڙ موتين مان هر موتي جو رنگ پنهنجو آهي هر مَڻِيي جي چمڪ پنهنجي آهي ۽ هر مَڻيو پنهنجي خوبي ۽ خاصيت ڪري ڄاتو، سڃاتو ۽ سمجهيو ويندو، اهڙي 28 ڄڻين جي مالها پروئڻ ۾ جنهن ڪاريگر جو ڪمال آهي جنهن جي محنت ۽ محبت آهي انهي ڪاريگر کي ڀلي تڪڙي شهرت نه ملي، ڀل ڪا مڃتا نه به ملي، ڀَلي ته ان تي آڱريون به کڄن پر وقت گذرڻ کانپوءِ تاريخ ضرور هن ڪم، هن محنت ۽ محبت کي ورجائيندي ۽ تاريخ ۾ اهڙا بي لوث ماڻهو سدائين لاءِ محفوظ ٿي وڃن ٿا، جيڪي مطلب کي ترڪ ڪري محبت کي پاڻ سان کٽن ٿا ۽ مون احسان آڪاش جي اها محبت سندس عمل ۾ اکين ۾ ڏٺي آهي اهڙي محبت ڪڏهن به مرندي ناهي امر ٿيندي آهي.
    شاعري جي آڪاش ۾ به ضرور شاعرن جي ڪلام ۾ ڪي غلطيون، ڪوتاهيون ۽ کوٽون موجود هونديون، اهڙين کوٽن ۽ غلطين جي نشاندهي وقت جي نقاد کي ڪرڻ گهرجي ۽ ان نقاد کي شاعرن جي مثبت پاسي کي به پَڌرو ڪَرڻ گهرجي، نه صرف ڄاتل سڃاتل نقاد پر هر تخليق جي ڄاڻو، شاعري تي اهڙا مضمون لکڻ کپن جن مان ايندڙ نسل ڪو سبق پرائي، آئون هتي ڪجهه ڳالهيون اهڙيون به آڻڻ چاهيان ٿو جن جو تعلق هن ڪتاب ۾ موجود شاعري، ٻين ڪتابن جي شاعري، رسالن ۾ ڇپندڙ شاعري ۽ فيس بڪ تي ايندڙ شاعري بابت آهن ۽ انهن جو تعلق شاعرن سان آهي.
    * شاعري لاءِ اهم ڳالهه آهي شاعر جو ڄاڻو هجڻ، اها ڄاڻ جيڪا هُن کي شاعري جي علم سان گڏ زندگي جي رازن کي پَڌرو ڪَرڻ ۾ مدد ڏي.
    * شاعر کي وقت جي نبض شناس هَجُڻ گهرُجي.
    * شاعر جي اندر هڪ نقاد جو هُجڻ بيحد ضروري آهي.
    * شاعر کي خالي سٺو شاعر ٿيڻ جو شوق نه هجي پر اُن جي اها به آرزو هُجي ته هُو سُٺي ماڻهو طور به سُڃاتو وڃي.
    * شاعر ۾ سهپ، برداشت ۽ تحمل مزاجي هُجي.
    * شاعر جو پنهنجي قوم سان سچو هئڻ ايئن ضروري آهي جيئن نماز لاءِ وضو.
    * شاعر ۾ خودي جو هُجڻ خوبي انا جو هُجڻ خامي.
    * شاعر کي ڪڏهن به تقليد جو پَٽو ڳچي ۾ نه وجهڻ گهرجي.
    * شاعر معاشري جو سڌاريندڙ هُجي بگاڙيندڙ نه.
    * جيڪڏهن شاعر کي تعليم سان لڳاءُ نه آهي ته ان کي واڍڪو ڪم ڪرڻ گهرجي.
    * شاعري ۾ قافيو پيڙهه وانگي آهي قافيو درست آهي ته ڪلام موزون جي قافيو غلط ته ڪلام ناموزون قافيي جي حوالي سان ڪافي مونجهارا موجود آهن، قافيي جي پابندي کي شاعر سهنجائي ۾ بدلايو ۽ اُها سَوَلائي هاڻ ڇڙواڳي بڻجي وئي آهي، پهرين ڳالهه ته الف وارن قافين سان حمزه وارا قافيا ملائڻ نامناسب آهي، ان کان بچجي.
    مثال:- دعا - طرا – سان نڀاءُ، پيڙاءُ وغيره
    ري- قافين سان ڙي ڳنڍڻ.
    مثال:- پيار- ٻار سان آکاڙ، واڙ قافيا آڻڻ اڻ وڻندڙ آهي.
    ان کانپوءِ قافيي جي آخري حرف جي علامتن زبرن، زيرن ۽ پيشن جا فرق، اهي قافيي جون غلطيون مون سميت اڄ جا وڏا شاعر به ڪري رهيا آهن پر درست نه آهن، ان تي ڌيان ڏجي.
    مثال: سُور، نُور سان حُور قافيو آڻڻ-
    ساٽَ، واٽَ سان گهاٽُ، ڪڙڪاٽُ قافيو آڻڻ مؤنث قافين سان ڪڏهن به واحد مذڪر قافيو استعمال نه ڪجي. اڪثر مؤنث لفظن جي پڇاڙي حرف تي زبر، هوندي آهي ڪِن تي زير به ٿئي ڇِتِ، ته اهڙي مؤنث قافيي سان واحد نه ئي جمع مذڪر قافيو آڻجي، مذڪر جي پڇاڙي واحد پيش ۽ جمع زبر هوندي آهي.
    * رديف قافيي کي پاڻ سان گڏ کڻي هلندو آهي، جيڪو رديف قافيي کي ساڻ نه کڻي سگهي اهڙي رديف کي ڪڏهن به استعمال نه ڪجي، رديف جو ميلاپ قافيي سان نهايت ضروري آهي، قافيي ۽ رديف جو مفهوم جي لحاظ کان هڪٻئي کان ٽٽڻ شعر جي خيال کي ڇيهو رسڻ آهي.
    * هڪ غزل ۾ ڪوشش ڪجي ته ساڳيو قافيو ٻيهر استعمال نه ٿئي (سواءِ قافيي جي کوٽ جي)
    جيڪڏهن قافيو لفظي طور ساڳيو آهي پر معنوي طور مختلف آهي ته اهڙو قافيا ڀل ته چار، پنج ڀيرا اچي وڃي ته به ڪراهت نه آهي.
    * غزل جي هر بند هڪ مُڪمل شعر هُجي ان کي غزل ۾ پڙهجي يا غزل کان ٻاهر ته به هُو پنهنجي جوهر ۾ مڪمل هُجي.
    * غزل ۾ ڪو به شعر ٻي شعر جو متضاد نه هُجي.
    * هڪ ئي شعر ۾ واحد ۽ جمع جو گڏ اچڻ گرامر جي لحاظ کان درست نه آهي.
    * هڪ ئي شعر ۾ ٻن زمانن جو اچڻ درست نه آهي سواءِ ان جي جو شاعر حال ۽ مستقبل جو ڪو ڳانڍاپو ڏسي ۽ ڪو ضد ڏيکاري يا حال ۾ مستقبل جي اُميد جاڳائي.
    * اهڙن شعرن کان بچڻ گهرجي جيڪي لفظي طور پُرڪشش هُجن پر منجهن ڪو خيال ڪو پيغام نه هُجي.
    * شعوري ڪوشش وٺي شعرن کي تشبيهن، ڪناين، استعمارن، تمثيلن ۽ ترڪيبن سان سينگارجي.
    * نواڻ جي ڳولا ڪجي جو مقصد اهو نه آهي ته هاڻ ڪي نوان لفظ ايجاد ٿيندا نه پر انهن ئي پراڻن لفظن کي اهڙي رُخ کان، اهڙي نموني اهڙي انداز سان پيش ڪجي جو پڙهندڙ کي ائين لڳي اها ڳالهه اهو شعر، اهو خيال زندگي ۾ پهريون ڀيرو پيو پڙهان.
    * شاعر ۾ ڏات، ڏانءُ جو ڳانڍاپو ضروري آهي فڪر ڀلوڙ هجي پر فن کان عاري يا فن تي پورو هُجي پر خيال ۾ منڊو، ٽُنڊو ته اهڙو شعر اجايو آهي.
    * شاعري ۾ رڳو رئڻ، پٽڻ ۽ هاءِ گهوڙا شاعر جي عمر کي گهٽائي ڇڏي ٿو ۽ ان جي قد کي ماريو ڇڏي.
    * شاعري ۾ حوصلو، جوش، جذبو ۽ ولولو شاعر جي عمر کي وڌائي ٿو ۽ شاعر جي قد کي اوچو ڪري ٿو.
    * شاعري کي هڪ ٻن موضوئن جي پڃري ۾ قيد نه ڪجي، پر ان کي آزاد پکي جي آزاد اُڏار وانگي رکجي.
    * شاعري کي رڳو وقت گذارڻ لاءِ نه لکجي پر وقت گذارجي کڻي لکڻ لاءِ، اهڙو لکڻ ئي ڪارگر ثابت ٿيندو آهي.
    تخليقڪار جڏهن انهن ڳالهين تي عمل ڪندو پنهنجي ڪويتا جو پاڻ نقاد بڻبو تڏهن ئي شاعري جو چهرو چمڪندو ۽ جڳ روش ڪندو تڏهن ئي شاعر کي اها موٽ، مڃتا ملي سگهندي، جنهن جو گُهرجائو آهي، جنهن جو حقدار آهي.

    سنڌ، سنڌي ٻولي جو خادم،
    سنگت جو ادنيٰ ڪارڪُن

    “خاڪي جاني”
    20 آگسٽ 2017ع


    مرتب پاران: سوئي راھ رد ڪري، سوئي رهنماءُ

    هر شاعر جيان مون کي به ادبي کيتر ۾ پنهنجو ڪتاب آڻڻ جو خيال من ۾ پلجڻ لڳو ته پنهنجي شاعري جو ڪو ڪتاب آڻجي پر سُتت ئي پنهنجي ڪتاب آڻڻ واري خيال کي ٿڏي ڇڏيم-
    پوءِ سوچيم ڪافي دوست اهڙا آهن جيڪي سنڌي ادب ۾ ڪافي معياري شاعري ڪن پيا پر انهن جي پذيرائي نه ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي انهن جو ڪو ڪتاب هيل تائين اچي سگهيو آهي- ڇو نه اهڙن معياري دوستن کي ڪنهن هڪ ئي گلدستي ۾ سهيڙي وٺجي ۽ ائين پوءِ من گهري دوستن ڀائرن سان ڪچهريون شروع ٿيون ۽ انهن ڪچهرين جو ڦل اهو مليو جو سڀ پرين پيارا دوست اڄ منهنجي هن محبتن ڀري گلدستي ۾ سجايل آهن-
    جڏهن هن ڪتاب کي مرتب ڪرڻ جو سوچيو ته گهڻن دوستن مون کي روڪيو ته هِن ڪم ۾ هٿ نه وجھو- پر منهنجي لاءِ هي هڪ اعزاز آهي ته مون کي حقيقي، نِج ادبي پورهيو ڪرڻ جو موقعو مليو-
    سنڌي ادب ۾ گڏيل مجموعا ڪافي دوستن جا مرتب ڪيل آهن هر ڪو پنهنجي پنهنجي سوچ ۽ سمجهه آڌار ادبي پورهيو ڪري ويا آهن، سو مان به اهڙن دوستن جي آخري صف ۾ ئي سهي پر شامل ضرور ٿيو آهيان. ان اميد سان ته ڪتاب ۽ اسان جو پورهيو ضرور دوستن کي پسند ايندو-
    منهنجي استاد چواڻي ته ‘‘علم امانت آهي’’ ان کي ورهائڻ گهرجي نه ڪي پاڻ وٽ رکي خيانت جو مظاهرو ڪجي- سو مون هي سڀني جي گڏيل امانت ورهائڻ جي هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي انشاءَالله سنڌي ادب ۾ ٻين ڪتابن سان گڏ هي ڪتاب به پنهنجي هڪ مخصوص جڳهه ضرور ولاريندو-
    هن ڪتاب ۾ مون ڪجهه شيون جيڪي ٻين گڏيل ڪتابن کان هٽي ڪري ايڊ ڪيون آهن ته هن ۾ مون شاعرائن کي پڻ موقعو ڏنو آهي ته جئين اهي مردن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهن- ان ڪري هن ڪتاب ۾ ڪجهه شاعر عورتون پڻ اسان جي سٿ ۾ گڏ آهن، جيڪا يقيناً مون لاءِ اعزاز آهي-
    ۽ هڪ ٻيو تجربو به ڪيو ويو آهي هن ڪتاب ۾ ته سنڌي اديبن سان گڏ مون هڪ مهمان شاعره کي پڻ ايڊ ڪيو آهي جيڪا اردو ادب جي هڪ سٺي ساک واري شاعره آهي ان جي ڪجهه اسمن جا ترجما ۽ ڪجهه اسم اصل ۾ رکيا آهن- اهيا روايت پڻ پهريون قدم آهي سنڌي ادب ۾ ان سان ٻين ٻولين وارن اديبن سان اسانجي اديبن سان واسطا بهتر ٿيندا ۽ ائين جڏهن هي ڪتاب انهن وٽ پهچندو ته اُهي به اسان جو ادب پڙهندا-
    ان سان گڏوگڏ هڪ بنهه مختلف تجربو ٻيو ڪيو ويو آهي ته ڪتاب ۾ سڀني دوستن، ڀائرن جي شاعري کي ترتيبوار شايع ڪرڻ جي جاءِ تي اسان سڀني کي سنڌي الفابيٽ جي الف- ب واري ترتيب سان انهن جو مواد شايع ڪيو آهي مطلب جنهن جو به جنهن الفابيٽ سان نالو اچي ٿو ان کي ان سيريز ۾ جڳهه ڏني آهي هي پڻ هڪ الڳ نواڻ آهي هن ڪتاب ۾-
    ۽ ٻيو ته اسان ڪتاب جي هر شاعر جي تعارف واري پيج ۾ ان جي اسمن مان هڪ مخصوص سِٽ ٽاپڪ طور پڻ ايڊ ڪيو آهي جئين انهن کي ائين لڳي ته هن ڪتاب ۾ انهن جو پڻ هڪ ننڍو ڪتاب فلان نالي سان آهي- اهيا پڻ هڪ نئين روايت ڏني آهي-
    تاڙي بيشڪ هڪ هٿ سان نه وڄندي آهي پر مان چوندس ته تاڙي ته پري جي ڳالهه آهي چپٽي به ٻن آڱرين جي مدد کانسواءِ نه ٿي وڄي- سو هن ڪتاب ۾ سڀني دوستن، احبابن جو ۽ محبتن ڀريو هڪ بهترين انسان ‘‘خاڪي جاني’’ جو سهڪاري هٿ ۽ توهان سڀني جون محبتون هيون، جو مون جهڙي ناچيز کي ربِ ڪائنات اڄ ههڙي دوستن جي خدمت سان نوازيو آهي- هن سلسلي کي اڳتي به دل سان هلائڻ جو خيال آهي. هي پهريون ڀاڱو آهي، اوهان دوستن جي دلي تعاون سان ٻي ڪڙي به جلد اوهان جي هٿن ۾ هوندي.
    اوهان جي راءِ جو منتظر رهندس-
    سوئي راه رد ڪري، سوئي رهنماءُ - وتعز من تشآء، وتذل من تشآء
    احسان آڪاش
    ڪوٽڙي- ڄامشورو
    Cell: 0315-5577538
    balochahsan110@gmail.com


    آرزو عبدالرؤف : وڻن ٿا راڳ چوڙين جا

    تعارف

    ادبي نالو: آرزو عبدالرؤف
    اصل نالو: عبدالرؤف
    ولد: محمد عارب
    ذات: نهڙيو
    جنم جي تاريخ: 1 جنوري 1990
    جنم ڀومي : ڳوٺ لياکڙو تعلقه ڏيپلو ضلع ٿرپارڪر
    تعليم : ايم.اي
    ڪِرت : پرائيوٽ ملازم
    لکڻ جي شروعات :2013
    رهائش : ڳوٺ لياکڙو
    واٽس ائپ نمبر : 03452734538
    فون نمبر : 03452734538
    Email:arzoraufnohrio@yahoo.com


    غزل : ڪراين چاڳُ چوڙين جا،

    ڪراين چاڳُ چوڙين جا،
    ڏٺا هُن ڀاڳُ چوڙين جا.

    ڇُهڻ سان ڪن ٿيون ڇن ڇن،
    وڻن ٿا راڳُ چورين جا.

    سنگِ مرمر مِثل ٻانهون،
    نه مٽجن ماڳُ چوڙين جا.

    ڏنم تحفو کلي ورتئين،
    وڻيا هن لاڳُ چوڙين جا.

    چُمن ٿيون آرزو ٻانهون،
    عيان ٿيا داڳُ چوڙين جا.


    غزل : وئي رُلي راهه ۾ ڇوڪرe

    وئي رُلي راهه ۾ ڇوڪري،
    هُئي چري چاهه ۾ ڇوڪري.

    ويا جَلي خواب هن جا سڀئي،
    وئي وِڌي باهه ۾ ڇوڪري.

    ڀل وڃي لوڪ مون کان ڇني،
    مون رکي ساهه ۾ ڇوڪري.

    واسجي سڀ نظارا ويا،
    جئين گهڙي واهه ۾ ڇوڪري.

    آرزو ساهه جئين آ ٽِڪي،
    دل جي درگاهه ۾ ڇوڪري.


    غزل : نمي انهي جي اکين ۾ هوندي،

    نمي انهي جي اکين ۾ هوندي،
    اڪيلي هُوءَ ڀي سکين ۾ هوندي.

    اداس ٿيندي هو شام ويلي،
    تڪيندي خالي گهٽين ۾ هوندي.

    اسان جي چاهت پرين ڪٻٽ ۾،
    لڪل پراڻين چِٺين ۾ هوندي.

    سکي چپن جي غضب آ رنگت،
    اها نه گُل جي پتين ۾ هوندي.

    سڳو محبت وجهي سُئي ۾،
    سبيندي سِڪ کي رلين ۾ هوندي.

    هٿن مان هُو آرزو وڃائي،
    ٽڪر به هڻندي ڀتين ۾ هوندي.


    غزل : ڀري جهولي ڏنئي جي پيار جا پيرون

    ڀري جهولي ڏنئي جي پيار جا پيرون،
    اسانجي دل هندوري ۾ لڏن پيا سار جا پيرون.

    پچي تنهنجي جواني راس ٿي مس هئي،
    هيا ويساڪ ۾ ڄڻ وسڪار جا پيرون.

    اڪيلو آس وند ناهيان مان ڀٽن تي ڏس،
    واجهائين پيا انهي ئي ڄار جا پيرون.

    وڏي جانان وڇوٽي جي پڄاڻان تو،
    اماڻيا مون ڏي بس ته ميار جا پيرون.

    الائي تو ڇو وسائي ٻي وڃي وستي،
    ڏنئي تحفي رڳو ئي هار جا پيرون.

    اوهان سان آرزو ملبو پيو هر هر،
    چپن مان پيا ڪرن اقرار جا پيرون.


    اسانجي ڀاڳ جي ميندي ڏيکاريو رنگ ڪونهي ڪو،

    اسانجي ڀاڳ جي ميندي ڏيکاريو رنگ ڪونهي ڪو،
    اڪيلائي ۽ جواني ساڻ ساٿي سنگ ڪونهي ڪو.

    وڳر بڻجي اچن هر هر اسانجي ئي حياتيءَ ۾،
    ٻڌايان ڇا پرين توکي غمن جو دنگ ڪونهي ڪو.

    ٻين وانگي اسان ڀي چمڪي وڃون ها يار دنيا ۾،
    خوشامند جو سِکيو سهڻا اسان هي ڍنگ ڪونهي ڪو.

    عداوت پکڙجي وئي آ رڳو ڇو سنڌ نگريءَ ۾؟
    هتي هاڻ رهيو ڀي چاهتن جو چنگ ڪونهي ڪو.

    مِٺا تنهنجون اسان سان گڏ پڇائون واٽ پئي ڪندي،
    اڃان تائين اسانجي پيار کي ڀي زنگ ڪونهي ڪو.

    اوهانجي ڳوٺ مان واپس ورون مايوس ٿي هر هر،
    اسانجي ڀاڳ ۾ ڇو ڪاڪلن جو ونگ ڪونهي ڪو.

    اسان بس آرزو سان مرڪ ورهايون پيا پنهنجي،
    وڻي تئين هو ڪري پيارو اسان ڪيو دنگ ڪونهي ڪو.


    حُسن جو آهن گهٽائون اوهان جي ڳوٺ ۾،

    حُسن جو آهن گهٽائون اوهان جي ڳوٺ ۾،
    ۽ هُڳاءُ ڀريل هوائون اوهان جي ڳوٺ ۾.

    شام ٽاڻي هي نظارا سُندر پسجن پيا،
    دادليون دلڪش ادائون اوهان جي ڳوٺ ۾.

    پيار پنهنجو آ سچو لوڪ ساڙولو سڙي،
    پيون هلن پنهنجون گلائون اوهان جي ڳوٺ ۾.

    ها اوهان جي سُونهن جا هن اُجالا هر طرف،
    سڀ ٿيون روشن به راهون اوهان جي ڳوٺ ۾.

    پيا گهُمن جوڙا جوڙا رول بڻجي پيو رُلان،
    آرزو هيڪل ته آئون اوهان جي ڳوٺ ۾.


    ڪيون جي غيرن جي غلامي ته چئجو،

    ڪيون جي غيرن جي غلامي ته چئجو،
    وڃون لالچن تي وڪامي ته چئجو،

    ڪيو جن ته سودو امڙ سنڌ جو آ،
    اسان تن جي ڀريون سلامي ته چئجو.

    ڏيون ساٿ سرواڻ سنڌ جو،
    ٿيون جي حرامين جا حامي ته چئجو.

    ڪري تيل رت ديپ ٻارينداسين پيا،
    ڏئيو هي جي وڃي وسامي ته چئجو.

    عبدالرۇف نه ڪبا اصولن جا سودا،
    ٿيون پاڻ نهڙيا نيلامي ته چئجو.


    نظم

    بڊي جي بادلن وانگي
    اُڏاري ئي اوهان آنچل
    اچو ها ير اڱڻ منهنجي
    ستارا سانجهه جا سڀئي
    اوهانجي آجيان ٿين ها
    اسانجا خواب اڻپورا
    ته سڀئي ساڀيان ٿين ها
    رقيبن سازشون سڀئي
    ته چڪنا چُور ٿين ها
    گهٽي هر گيت ٿي پئي ها
    ۽ پنهنجي جيت ٿي پئي ها
    حياتي هار ٿي پئي ها
    سڄي مهڪار ٿي پئي ها
    سجائي سيج اکڙين ۾
    ڇڏي تڪرار جون ڳالهيون
    ڪيون ها پيار جون ڳالهيون
    سنواري سينڌ پنهنجي کي
    ڪيان ها هٺ نصيبن تي
    ٿئي ها آرزو پوري
    ملين ها يار مونکي جي
    چُمان ها چاشني چپڙا
    ڀلو سنسار ٿي پئي ها
    سڄي مهڪار ٿي پئي ها...!!


    نظم

    چُني جي پاند ۾ ويڙهي
    رکيئي جي پيار جا تحفا
    رهن ٿا دل اسانجي ۾
    توهان جي سار جا تحفا
    اهي شام جا منظر
    اهي سرتين سنديون ٽوليون
    جنين سان واٽ ويندي
    اکين سان ئي اکين کي تو
    پياريو پيار جو پاڻي
    اُڏاري تو جڏهن آنچل
    اشارن ئي اشارن ۾
    ڪيا ها مست ڪئين ڳڀرو
    اچن ٿيون ياد سي ڳالهيون
    ٿين ٿيون پوءِ اکيون آليون
    پڪي جي ڀرت جو چولو
    جڏهن به پرين تو پايو
    ۽ پنهنجي پاڻ کي ٺاهي
    اڱڻ منهنجو اجاريو تو
    سڄو جڳ ڄڻ سنواريو تو
    قسم ان پيار پهرين جو
    اسان جي من اڱڻ تان تون
    لٿي هڪ پل پرين ناهين
    نه ئي ڪو سار تنهنجي ۾
    اکين کي پوريو آهي
    اڄ ڀي آرزوئن جا
    ڏئيا ٻاري رکيا آهن
    جڏهن واپس جو ايندئين تون
    انهي جي روشني ۾ تون
    اسانجي پيار جا سڀ رنگ
    چٽا ڏسندئين ۽ پوءِ چوندئين
    اڙي هي ماجرا ڪهڙي
    ڪري ويو وقت جوڀن سان
    تڏهن تون ڀاڪرين ايندين
    سموراٿڪ لهي ويندا
    پراڻي پيار سان ٻکجي
    اکين جا بند ڀڄي پوندا
    اکين جا بند ڀڄي پوندا....!!!


    آدم اوڍيجو : رسڻ لاءِ توکي بهانو ملي ويو

    تعارف

    ادبي نالو: آدم اوڍيجو
    اصل نالو: آدم
    ولد: محمد
    ذات: اوڍيجو
    جنم جي تاريخ: 2 مارچ 1979
    جنم ڀومي : ڳوٺ محمد اوڍيجو
    تعليم : ايم.اي فائنل
    ڪِرت : زميندار
    لکڻ جي شروعات : 1995
    رهائش : ڳوٺ محمد اوڍيجو
    واٽس ائپ نمبر : 03013525808
    فون نمبر : 03133183583
    Email:adamodhejo@gmail.com


    غزل

    رُسڻ لاءِ توکي بهانو ملي ويو
    ۽ توسان سڄو ئي زمانو ملي ويو

    رُسامي پنهنجي جي وتا ڳالهه ڳائن
    چريئي لوڪ ئي ڄڻ ترانو ملي ويو

    ڏٺئي ڇاته ڪنهن سان رڳو يارکلندي
    توکي بس ڇڏڻ جو نشانو ملي ويو

    لڳي ٿوته توکي ٺِڪاڻو نه هو ڪو
    رهڻ لئه سندم من ويرانو ملي ويو

    ڏئي دم ويندو هي آدم اوڍيجو
    حُسن تنهنجي جو ئي ديوانو ملي ويو.


    غزل

    منهنجا ٿي ويا سوال اڌوُرا
    توکان مليا جواب اڌوُرا

    بس هڪ تون ئي ناهين گهر۾
    سڀّ لڳن احباب اڌوُرا

    تولئه اڄ به نگاهون آتيون
    اکڙين ۾ ڏس خواب اڌوُرا

    توبن آئون اڌورو آھيان
    جيون جا سڀ باب اڌوُرا

    تنهنجي حُسن اڳيان او آدم
    پريون، حور، گلاب اڌوُرا


    غزل

    هر غمي بي نقاب ٿي وئي آ
    ھي حياتي عذاب ٿي وئي آ

    جو به چاهي کڻي، کڻي اُڇلي
    ڏات منهنجي ڪتاب ٿي وئي آ

    پاڻ مليا هئاسين ياد نه آ
    ھر حقيقت به خواب ٿي وئي آ

    تنهنجي وڇڙڻ بعد تنهنجي خوشبو
    تو جيان ئي ناياب ٿي وئي آ

    جو ملي روپ آ نئون ان جو
    هي محبت سراب ٿي وئي آ

    تو سوا ڪهڙي زندگي آدم
    ڄڻ ڪماڻل گلاب ٿي وئي آ


    غزل

    اکڙين کي اٽڪڻ جي عادت
    دل کي تڙپڻ جي عادت

    تو وانگي پٿر دل ناهيان
    تنهنجي سِڪ ۾ رهڻ جي عادت

    دل جو حال ٻڌايان ڪنهن کي
    جذبن کي ڀڙڪڻ جي عادت

    تنهنجي چوري ظاهر ٿيون ڪن
    چوڙين کي ڇمڪڻ جي عادت

    درشن لئه تنهنجي واٽ تڪيان
    پر توکي آ لڪڻ جي عادت

    درد جدائي ته رئاري ٿو
    آدم کي مُرڪڻ جي عادت


    غزل

    پيو آزمائين ڀلي آزمائي
    پرين پيار ۾ ڪا ڪمي ڪانه ايندي

    سڄي رات جاني جلان ٿو ڏيئي جيئن
    سندءِ سار ۾ ڪا ڪمي ڪانه ايندي

    اوهانجي ويهي ڀر ۾ خوشبو وٺان مان
    ته هُٻڪار ۾ ڪا ڪمي ڪانه ايندي

    گهران پيار ٿو ۽ ڪرين نه نه پرين پيو
    ڇا انڪار ۾ ڪا ڪمي ڪانه ايندي

    مري مان به آدم ڇڏي دنيا ويندس
    ته سنسار ۾ ڪا ڪمي ڪانه ايندي


    غزل

    وڏا گهاءَ سيني مٿان ويا رسائي
    اسان سي ته لوڪان ڇڏيا هن لڪائي

    هيا يارجيڪي ته گڏ مثِل پاڇي
    ويا هٿ آھن اهي ئي ڇڏائي

    ڪري يادتوکي کڻي قلم ڪاغذ
    اتاري غمن کي ڇڏيون ٿا گهٽائي

    ڏسي ڏوھ ڪوئي سزا مونکي ڏيئي
    ڀلي پو وڃو ها مِٺا موڪلائي

    پتنگن جيان پئي جَلي جان منهنجي
    ويا آڳ ڪهڙي پرين هي ڌڳائي

    حيراني پريشاني ۾ آھيون آدم
    اسانکي ته مسئلن ڇڏيو آ منجهائي.


    نظم

    رُوپ ٻھروپ....


    ڪالهه تائين هو ۽ مان
    ڪندا هئاسين چوريون
    هڻندا هئاسين ڌاڙا
    رت وهائڻ راند هئي
    ۽ رڳو هٿ چراند هئي
    جيل ۾ مونکي سزا ۽
    هو پئسن تي ويو پاڻ ڇڏائي
    هن جي اڄ سپ جيڏي
    سونهاري
    هٿ ۾ تسبيح
    فون مونکي ڪري ٿو چوي
    تون ڪڏھن ٿو اچين
    پاڻ واري گينگ ۾؟


    احسان آڪاش : ڪوئي اڌورو عڪس آهيان

    تعارف

    ادبي نالو: احسان آڪاش
    اصل نالو: احسان رضا
    ولد: مرحوم غلام رضا
    ذات: گاڏهي بلوچ
    جنم جي تاريخ: 27 جنوري 1982
    جنم ڀومي : ڳوٺ چوٻار تعلقه خيرپورناٿن شاه ه ضلع دادو سنڌ
    تعليم : ماسٽرس
    ڪِرت : استاد
    لکڻ جي شروعات : 2000
    رهائش : ڪوٽڙي ضلع ڄامشورو سنڌ
    واٽس ائپ نمبر : 03155577538
    فون نمبر : 03413687110
    Email: balochahsan110@gmail.com


    غزل

    چنڊ اڪيلو آڪاش جي ٻُڪُ ۾،
    من ڪيڏو اُداس آهي سِڪ ۾.

    ننڊ ڀي مونکان آهي ڄڻڪ رُٺل،
    خواب سڀئي اوجاڳن جي ڇِڪ ۾.

    عمر به اجائي ائين ئي گُذري،
    ڪڏهن پڪ ۾، ۽ ڪڏهن شڪ ۾.

    ساوڻ رُت جيان تنهنجو جوڀن،
    ڇوري ڇُلڪي ٿي اڄ ته عشق ۾.

    ڏينهن توڙي جو رات هجي پر،
    وسري نه ٿو اچڻ هُن جو لِڪ ۾.


    غزل

    غزل


    ساڀيان جي آسن ۾،
    سپنا سڀئي جاڳن ٿا.

    دل تي دردن جا بادل،
    اُڌما سڀئي جاڳن ٿا.

    مونکي سِڪ سُپرين جي آ،
    جذبا سڀئي جاڳن ٿا.

    سارا رنگ خوشيءَ جا ۽،
    لمحا سڀئي جاڳن ٿا.

    تنهنجي راهن تي اڄ ڀي،
    تارا سڀئي جاڳن ٿا.


    غزل

    غزل



    آڪاش هتي تنهنجو دوست نه ٻيو ساٿي،
    هٿ ڏي ته هلون اُڀ تي ڪو جام ڀري ساقي.

    تنهنجو ته رُسڻ ڀي ٿيو هو غير شعوري ڄڻ،
    جيون به اڌورو ڪوئي گيت رهيو باقي.

    ٿي شام، لٿو سج ڀي ۽ عمر وئي ائين،
    هي رات اڃان آهي ٿي سانجهه سکي ڇا جي؟

    ڀُلجي دڳ آيو ڪو هت ڪير مسافر ڙي،
    ٿو چنگ وڄي چاهت جو من به ٿيو عادي.

    ڏِس هوءَ چري ڇوري ڪئين نه ڀڄي مونکان،
    احسان ڇِڪي سيني لاتم به سندس ڇاتي.


    غزل

    غزل


    دُعا جا هئا ورِد هن جي لبن تي،
    خدا جي اڌوري ڪهاڻي ڳلن تي.

    متان هوءَ اچي ها اسانجي ڪناري،
    اسان ڀي سدائين هئاسين ڪنارن تي.

    نه ڪو غم ويو هو اسانجي جهان مان،
    نه ئي دل وري ڪا چري ٿي سُکن تي،

    وري ياد آيو ڪيئن هوُ سڄڻ مون،
    اڃان ڀي وهن ٿا ڳوڙها ڳلن تي.

    نه ساڳي رهي سِڪ به هاڻي اسان وٽ،
    نه ئي ڪا شڪايت به رهي ٿي چپن تي.


    غزل

    غزل


    تو وڻان،
    مان وڻان.

    ڇو ڀلا،
    وِک کڻان.

    غم اَبر،
    آ مٿان.

    دردِ دل،
    ڇا لکان.

    غم رهي،
    مان رهان.


    غزل

    غزل



    دل تي نقشا،
    تنهنجا چٽيل.

    ماه لقا تو ۾!
    آ ساهه سمايل.

    چاهت تنهنجي،
    ڇانورو بڻيل.

    توڏي اچڻ جي،
    هر وِک کنيل.

    مون ۾ تون هاڻ،
    هر دم وسيل.


    غزل

    غزل


    ڪٿي ئي نه مليو،
    پتو ڪو به هُن جو.

    سُڪل وڻ جيان آ،
    جياپو اسان جو.

    رُٺل ئي رهيا سڀ،
    هتي ڪير ڪنهنجو ؟

    لِڪي لوڪ کان هُن،
    ڏنو ڀڪُر پنهنجو.

    اڃان سِڪ وڌي ٿي،
    ڏسي جوڀ تنهنجو.


    غزل

    غزل


    اُڀ جي ڀاڪر ۾،
    چنڊ سُتل آ.

    پنڌ ۾ مان ۽،
    دڳ رُٺل آ.

    خواب اڌورا،
    ننڊ به ٽُٽل آ.

    من اُداس پکيءَ،
    پڃرو دل آ.

    ساهه کي سِڪ ۽،
    چاهه به متل آ.


    غزل

    غزل


    خالي ڪمرو،
    مان ۽ تنهائي.

    ميز تي ڪاغذ،
    پين ۽ سياهي.

    ٻرندڙ سگريٽ،
    تصور ۾ ڪائي.

    من ۾ ڇانيل،
    ڄڻ نِراسائي.

    ڪونه آيو اڄ،
    رات به هرجائي.


    غزل

    غزل


    ڪوئي اڌورو عڪس آهيان،
    تنهنجو ڀلايل شخص آهيان.

    پايل ڇڄي ڇا پير تنهنجي،
    توسان پرين مان رقص آهيان.

    ڪيڏي حياتي وِهه لڳي ٿي،
    ڀانيان ته ڄڻ مان بيوس آهيان.

    جاڳي اڃان ڀي رند ڇو ٿو،
    تنهنجي ته در جو مئڪش آهيان.

    آڪاش ڇا مان گيت ڳايان،
    مان درد جو ڪو نقش آهيان.


    اخلاق بلوچ : مونکي چون ٿا شاعر ماڻهو

    تعارف

    ادبي نالو: اخلاق بلوچ
    اصل نالو: اخلاق احمد
    ولد: حاجي محمد اسحاق
    ذات: عارباڻي
    جنم جي تاريخ: 1 جون 1998
    جنم ڀومي : ڳوٺ ڪنبير خان عارباڻي
    تعليم : انٽر
    ڪِرت : پنهنجو ڪاروبار (شاگرد)
    لکڻ جي شروعات :2016
    رهائش : گهوٽڪي
    واٽس ائپ نمبر : 03153461561
    فون نمبر : 03022386963


    غزل

    غزل

    سهڻو روشن ڪو تارو هو،
    رات ۾ هيڪل مون پارو هو.

    بي ڏوه ويا گس تي ماري،
    ڇا انهن جو هو ڪارو هو.

    مجبوري ۾ پئي پيتو هن،
    پاڻي ته تلاءُ جو کارو هو.

    ويو سمورا گهر هو ٻوڙي،
    درياهه لڳل جو گهارو هو.

    ڏُور ويو جيڪو مون کان سو،
    جاني چمڪندڙ ستارو هو.

    هن کي نفرت هر دم مونسان،
    مون کي اخلاق پيارو هو.


    غزل

    غزل





    گُل ڏنو اڄ مون گلابي،
    چال هُيس صفا نوابي.

    قتل ڪري هوندا نظر سان،
    شڪر آ نگاهه هيس نقابي.

    ڌرتي تي نه پير هوس،
    اڏام هيس ڪا آفتابي.

    ماري وڌءِ مرڪي مون کي،
    لبڙا هيس ڪي شرابي.

    قرب ۾ قابو اخلاق ٿيو،
    دل هيس ڄڻ انقلابي.


    غزل

    غزل

    قهري اکيون، قاتل اکيون،
    ٿيون مون کي ڪن گهايل اکيون.

    رستي تي عاشق پيا مرن،
    ڏسندي ئي خماريل اکيون.

    تنهنجي اکين تائين پڳيون،
    ماڻي ويون منزل اکيون.

    ترشون ڪري مون ڏي نه کڻ،
    هي شوخ ۽ چنچل اکيون.

    اخلاق کي گهائي ويون،
    محبت ۾ هي مائل اکيون.


    غزل

    غزل

    ساري خوشي ميڙي هليو،
    مون کي ساجن سهيڙي هليو.

    وڃڻو ڏُور گهڻو هو مون کي،
    گس تان مون کي ٿيڙي هليو.

    چاهي ويٺس مان ئي هن کي،
    منهن هو مون کان موڙي هليو.

    زلفن ۾ ڦاسائي مون کي،
    پوءِ وارن کي ڇوڙي هليو.

    چوندو رهيس نغما هن جا،
    هو جي رشتو ٽوڙي هليو.

    اخلاق ڇڏي مون کي هاڻي،
    هٿ ادب منجهان جوڙي هليو.


    غزل

    غزل


    مون کي چون ٿا سائر ماڻهو،
    مون کي چون ٿا ڪائر ماڻهو.

    لفظن بابت ڄاڻ نه ڪائي،
    مون کي چون ٿا ماهر ماڻهو.

    محبت کي پوڄيو مون آهي،
    مون کي چون ٿا ڪافر ماڻهو.

    هن جي حسن بدنام ڪيو تڏ،
    مون کي چون ٿا ظاهر ماڻهو.

    اخلاق لڳي دل لفظن سان،
    مون کي چون ٿا شاعر ماڻهو.


    غزل

    غزل


    تنهائي ۾ گهاريو هوندئي،
    مون کي ڏاڍو ساريو هوندئي.

    ياد ڪري تون ڏينهن پراڻا،
    اندر پنهنجو ڳاريو هوندئي.

    وقت ڏکئي ۾ روئي روئي،
    ڏاڍو يار پُڪاريو هوندئي.

    ڄاڻان ٿو مان ڪمري اندر،
    ديپ کڻي ڪو ٻاريو هوندئي.

    اڄ ڀي مان اخلاق چوان ٿو،
    مون کي ڪين وساريو هوندئي.


    غزل

    غزل


    ڪيڏي اڄ برسات وڻي ٿي،
    بوندن جي ها لات وڻي ٿي.

    سيءُ پارو تن کي ڪندو ڇا،
    لاهوتين جي لات وڻي ٿي.

    مچ ڪچهري پئي هلي اڄ،
    پوڙهن جي هر بات وڻي ٿي.

    هر هڪ سٽ ۾ سون سجائي،
    شاعر جي هر ڏات وڻي ٿي.

    ڇا ٿيندو هن قوم جو هاڻي،
    تنهنجي هي فڪرات وڻي ٿي.

    هڪ مون ۾ اخلاق هن خاميون،
    باقي بلوچ هر ذات وڻي ٿي.


    غزل

    غزل
    هر ڪنهن جي ها نبري ويندي،
    زندگي منهنجي گذري ويندي.

    ڏيندو رهه تون تڪليف سدا،
    سائي مون کان وسري ويندي.

    جڏهن ويندس تو کي ڇڏي،
    خوشي تنهنجي اجڙي ويندي.

    روئاريندي جي دلبر پوءِ،
    سيني مان دل نڪري ويندي.

    هرڪو چوندو ڇا ته ماڻهو هو،
    ڳالهه هي پوءِ اڏري ويندي.

    اخلاق نيٺ گهر ڀر تنهنجي،
    ميت به منهنجي پوري ويندي.


    غزل

    غزل

    ساجن ويٺو منهنجي ڀر ۾،
    ڪونه ويهڻ ڏي ڪنهنجي ڀر ۾.

    سهڻي ساهن ۾ آ سانڍيل،
    سهندي ڪنهن کي پنهنجي ڀر ۾.

    ناتو هن سان رهندو هر دم،
    ويهڻ طلبيان هن جي ڀر ۾.

    ڇڏجي توکي ڪيئن هو چئي ٿي،
    ويهي رهه تون ويجهي ڀر ۾.

    ٿڪڻو ناهي هلبو هاڻي
    اخلاق اٿي سانجهي ڀر ۾.


    اشرف سولنگي : فانوس انتظارن ۾ زد ٿي ويو

    تعارف

    ادبي نالو: اشرف سولنگي
    اصل نالو: اشرف علي
    ولد: علي اڪبر
    ذات: سولنگي
    جنم جي تاريخ: 10 اپريل 1985
    جنم ڀومي : ڳوٺ رحيم ڏنو سولنگي تعلقو مورو ضلع نوشهرو فيروز
    تعليم : مئٽرڪ
    ڪِرت : درزي
    لکڻ جي شروعات :2000
    رهائش : ڳوٺ رحيم ڏنو سولنگي
    واٽس ائپ نمبر : 03038163006
    فون نمبر : 03448316140


    غزل

    غزل


    مٽي چُمي ڇڏيان ٿو ٻيهر چُمون، چُمون نه،
    اڄ ئي کلي ڇڏيان ٿو ٻيهر کلون، کلون نه.

    چاڪي حيات پنهنجي ڌرتي آ گهاڻي وانگي،
    هن ڏاند جي ڦرڻ جيان ٻيهر ڦرون، ڦرون نه.

    مونکي صليب گهوڙي ڏسندو رهيو سدائين،
    مان خون ۾ هان لٿڙيل ٻيهر جئون، جئون نه،

    هو جنگ جو نغارو آ تال تال تي ۽،
    هي موت جو نظارو ٻيهر ڏسون، ڏسون نه.

    چيڪي ڪنڀار مٽي چڪ تي ڇڏي آ چاڙهي،
    آوي پچائي جلدي ٻيهر پَچون، پچون نه.

    هاڻي قدم قدم تي ويساهه ٿو رهي پر،
    توسان وري ائين ئي ٻيهر هلون، هلون نه.


    غزل

    غزل
    لڙڪ ٽولا خوب تنهائي اٿئي،
    ميڙ ماڻهو پر اڪيلائي اٿئي.

    روئي پوتي سان اُگهي ڇڏجان اکيون،
    گهر جا ڀاتي ڀي تماشائي اٿئي.

    جسم جوڳي ٿي رُلي رِڻ ۾ پيو،
    روح جو ڍارو ته سودائي اٿئي.

    هي حياتي آهه شيشن وانگيان،
    پٿرن سان ڇالا ٽڪرائي اٿئي.

    دوست شايد آ وساري دشمني،
    نيٺ ورسي اڄ ملهائي اٿئي.

    وار وکريل خوف نيڻن ۾ چِٽو،
    خواب ۾ ڪنهن ننڊ ڇرڪائي اٿئي.

    ماٺ تنهنجي ٿي ٻڌائي اشرف،
    ڪيتري غم سان شناسائي اٿئي.


    غزل

    غزل
    فانوس انتظارن ۾ زرد ٿي ويو،
    ذري ذري کي چمڪائي گرد ٿي ويو.

    چُپ چاپ نڻان وانگي هڪ غم رهيو اچي،
    مون لاءِ ڀاتين جيان ڄڻ فرد ٿي ويو.

    منهنجو بدن اگهاڙو جنهن کي وڻيو کڻي،
    سو جسم لاش جهڙو ڇو سرد ٿي ويو.

    هُن سنگتراش گهوري هُن کي ڏٺو جڏهن،
    پٿر منجهان ڳري سو ئي درد ٿي ويو.

    لهجو زبان جو ئي ساڳيو نرم هيو،
    ڀاڪر ڀري پُٺي لاءِ سو ڪرد ٿي ويو.

    نيڻن جون ماڻڪيون ٿيون جو رقص ۾ محو،
    هر گُونج ڀوئنر لاءِ ڄڻ وِرد ٿي ويو.


    غزل

    غزل
    محسوس زندگي جو مزو ڇو نٿو ٿئي،
    ڪئي جام پي ويو هان نشو ڇو نٿو ٿئي.

    تنها حيات ۾ ٿي ولر درد جا پُڳا،
    خوشين جي فاصلن جو پتو ڇو نٿو ٿئي.

    مينڌي جا منهنجي گهر ۾ ته ٻوٽا به خُوب هن،
    منهنجي هٿن تي رنگ رتو ڇو نٿو ٿئي.

    هر درد مڇر ٿي ٿو پٽي، جسم آ ننگو،
    هي حُسن جسم جو به لٽو ڇو نٿو ٿئي.

    احساس ٿي رهيو آ اهو زندگي بنا،
    هي روح ڦاهيءَ جو به ڦندو ڇو نٿو ٿئي.

    تاعمر خواهشن جا ڦٽيل جسم ئي رهيا،
    سو تير موت جا ڪو گُٿو ڇو نٿو ٿئي.


    غزل

    غزل
    هر آس بنا چولي هر راز اُگهاڙو آ،
    هر خواب ڏڪي سيءَ ۾ چادر جو نه پاڙو آ.

    دنيا ته خدا جوڙي پر پاڻ اڪيلا هون،
    ماحول سڄو فن جو سُرتال کان ٻاڙو آ.

    احساس جي پن پن تي گُنيات مڌل آهي،
    ٽالهيءَ جي ورن تي هو ڳڻ چور ڪهاڙو آ.

    هڪ دم ۾ وڇولي جيان کل بُت تان لهي ويندي،
    سنسار سڄو وحشي دشمن به ته گهاڙو آ.

    هر ڪُونج تمنا جي ياقوت چُڳي مرجان،
    هر شوق شڪاريءَ جو ان لاءِ ٻلهاڙو آ.

    مون ساڻ ته ٿي تنها مون ساڻ دفن ٿيندو،
    ڀڄي ڀور ٿيندو شايد سُڏڪو به ڪراڙو آ.


    غزل

    غزل
    نيڻن کي جاڳ جي لپاٽ آ،
    ۽ ننڊ جو اداس ڳاٽ آ.

    هر هُر اميد جو سڌو ڏجان.
    هر چيٽ چاهه جي ڪا جاٽ آ.

    خوابن جو ديس آ لٽي جيان،
    دنيا ته ڌوٻين جو گهاٽ آ.

    توريت کي ڇڏيون يا زبور کي ؟
    انجيل جي ذهن کي ڇاٽ آ.

    هن وقت جي سفيد پوش تي،
    هر حرف پاڻ سُرٻاٽ آ.

    دل ٻار درد جو گهري ڳڀو،
    پر آس وٽ اٽو نه پاٽ آ.

    تنقيد جا انا ٽٽي پئي،
    هر لفظ شخص جي ڪا لاٽ آ.


    غزل

    غزل
    هٿ قلم ٿا کڻي لکن توتي،
    لفظ سجدا جهڪي ڏين توتي.

    روح شاعر اوهان جي سُونهن لکي،
    نيڻ قافيا ٺهي بيهن توتي.

    منهنجي ساهن جا ير هڙئي پنڇي،
    سمنڊ سمجهي بدن لهن توتي.

    پاتا گيتن ته گهنگهرو رنگين،
    مست ٿي ڪن ڇَن ڇَن توتي.

    منهنجي خيال جا ٿئي چريا پوپٽ،
    ڀرت چُمين سان ٿا ڀرن توتي.


    غزل

    غزل
    ياد سان هوءَ در وارئي سُتي،
    ٻانهن پنهنجي سان ور ورائي سُتي.

    چاهه جا پنڇي تار تان لاهي،
    جيءُ جي کُڏ اندر ورائي سُتي.

    رات ساري اٿل ڦٿل تنها،
    اڃ جو سارو ٿر ورائي سُتي.

    لڙڪ اُگهندي خيال جي ڳال تان،
    ديد جو نيٺ جر ورائي سُتي.

    چنڊ توکانسواءِ به جيئڻو آ.
    رات اونداهه تــــرُ ورائي سُتي.

    مونکي مندر خدا ملي نه ملي،
    پارسائي جو ور ورائي سُتي.


    غزل

    غزل

    انتظارن جي ٿي قطار رهي،
    ڇو حياتي ڊگهي ڄمار رهي.

    هر لهر جا سوين سوال اٿيا،
    ڇو؟ ڪنارو جواب دار رهي.

    مان وفا جو رکان ٿو ڳاٽ مٿي،
    ڀل انا جي تکي ترار رهي.

    آس پويان ڊُڪي ڊُڪي ٿڪجان،
    منتظر پوءِ به ٿي نهار رهي.

    منهنجي نيڻن جي ڇپر ڇانو هيٺان،
    لڙڪ ڪنهنجي جي ٿي مزار رهي.

    هڪ ڳڀي لاءِ امير جي در تي،
    ڪنهن نه معصوم جي پُڪار رهي.


    غزل

    غزل
    منهنجو جيون پرين هڪڙو دوهو هيو،
    تون نه سمجهي سگهئين اک جو ڳوڙهو هيو.

    منهنجي در تي ائين ڳاءِ ويراڳ ٿو،
    ڄڻ ڪو شام غريبان جو نوحو هيو.

    خواب پهتا نڪي واهيري ويل جو،
    پاڻ رولاڪ ها ڪو نه دوکو هيو،

    آس هابيل وانگي ٿي ڊڪندي وتي،
    تنهن جي پويان ڪو قابيل ڇوهو هيو.

    روح ويراڳ ٿي شهر تنهنجو رُلي،
    تنهنجي گهٽين تي منهنجو نه ٿورو هيو.

    سنڌ تي جنهن کنئي اک ميري ڪري،
    وقت تنهن جي مٿان يار ڀُونڊو رهيو.


    اشرف علي مهر : رسڻ جا سلسلا وڌندا ويا

    تعارف

    ادبي نالو: اشرف علي مهر
    اصل نالو: ڪريم بخش
    ولد: الله وسايو
    ذات: مهر
    جنم جي تاريخ: 6 جولاءِ 1993
    جنم ڀومي : لکي غلام شاه ضلع شڪارپور
    تعليم : مئٽرڪ
    ڪِرت : سرڪاري ملازم
    لکڻ جي شروعات : 2016
    رهائش : وزير آباد مهر تعلقه لکي غلام شاه ضلع شڪارپور
    واٽس ائپ نمبر : 03457258144
    فون نمبر : 03457258144
    Email: premi.mahar@gmail.com


    غزل

    غزل
    عشق ۾ مون پير جڏ پاتو نه هو،
    درد سان منهنجو ته ڪو ناتو نه هو.

    جو لڪي خنجر ويو آ هڻي،
    تنهن کي دشمن مون ڪڏهن ڄاتو نه هو.

    جسم منهنجي جا لٽا ليڙون ٿيا،
    ڪوٽ کان ٻاهر ڏٺو ها تو نه هو.

    برپٽن ۾ ٿي فنا مجنون ويو،
    هي قصو اڳ ۾ ٻڌو ڇا تو نه هو.

    تنهنجي زلفن جي ڪشش آئي ڇڪي،
    من اسان جو هيڪلو آتو نه هو.

    تو ڏني منهنجي هٿن تي هئي چمي،
    رنگ اشرف بعد ۾ لاتو نه هو.


    غزل

    غزل


    ڪيترو آ ڏُڪار ڌرتي تي،
    ربّ ڪڪرن کي هار ڌرتي تي.

    نيرڳيون ڏس ڪٿان اُڏي آيون،
    سي شڪاري نه مار ڌرتي تي.

    نينهن جي مون ادا نماز ڪئي،
    روح پاتو قرار ڌرتي تي.

    ٿي هوا ۾ ويو هُڳاءُ مٺي،
    تو سڪايا جي وار ڌرتي تي.

    ڇو ڀلا جڳ گناهه ٿو سمجهي،
    عرش وارا هي پيار ڌرتي تي.

    موت جي ول وئي وڪوڙي ٿر،
    ۽ لڌي ڪنهن نه سار ڌرتي تي.


    غزل

    غزل


    جئن رسڻ جا سلسلا وڌندا ويا،
    پيار ۾ پو فاصلا وڌندا ويا.

    سڀ خوشيون مونکان ويو دلبر کسي،
    ۽ ڏکن جا قافلا وڌندا ويا.

    مون سهڻ جي او مٺي ڪوشش به ڪئي،
    سُور تنهنجا هئه الا وڌندا ويا.

    بس اسان وڙهندا رهياسين پاڻ ۾،
    دشمنن جا حوصلا وڌندا ويا.

    سچ اڪيلو ويو چڙهي اڄ دار تي،
    ڪوڙ تنهنجا ڀرجهلا وڌندا ويا.

    ڳوٺ تنهنجي مان ويو اشرف لڏي،
    ڇا ڪجي بس معاملا وڌندا ويا.


    غزل

    غزل


    ياد آهن ڏينهن پنهنجي پيار جا،
    تو ڀري رومال آندا آر جا.

    چنڊ ڪڪرن جي پٺيان بيٺو وڃي،
    زُلف چهري تان هٽيا سرڪار جا،

    پل نه ٿيندي هئي پري مونکان ڪڏهن.
    اڄ گذاري ٿي حياتي ڌار جا.

    پنهنجي در تان تو اُڏاري هن ڇڏيا،
    مون اماڻيا ها جي پنڇي سار جا.

    ٽيڪ ڏئي ڀت کي اڪيلو پئي رُنو،
    ڪونه سمجهيا ڪنهن به سُڏڪا ٻار جا.

    سج لٿي اشرف پکين به موٽ ڪئي،
    پر اسان کي ها ته اُلڪا يار جا.


    غزل

    غزل

    غلامي ڇڏي ڪر وطن جي حفاظت،
    کسن ٿا ڪُتا ڪر ڳڀن جي حفاظت.

    وڏيرن جون فاسڪ نگاهون تڪين پيون،
    سگهو ڪر او هاري ننگن جي حفاظت.

    پيا ٿر ۾ معصوم بک ۾ مرن ۽،
    اميرن کي پياري ڪُتن جي حفاظت.

    لڳا ڄور کائڻ چمن جون بهارون،
    ڪري ڪو ته هاڻي گلن جي حفاظت.

    متان چنڊ تنهنجي چمي سونهن سرتي،
    ڪيان تنهنجي مخمل بدن جي حفاظت.

    مڃو ديس واسي هي اشرف جي عرضي،
    ڪيو پاڻ پنهنجي اجهن جي حفاظت.


    غزل

    غزل



    هُو ويو مون کي ڇڏي اڌ راهه ۾،
    ڪٿ ڏني تنهن کي ڪمي مون چاهه ۾.

    سون وارا ڀي ڇلا هن ڏي مُڪم،
    تن کي اڇلائي ڇڏيو واهه ۾.

    وار هن جا مون وساري هن ڇڏيا،
    ياد ڪا ڇوليون ڇُلي ٿي ساهه ۾.

    سڀ وسيلا ويا کڻي ڌاريا هتان،
    ديد هاڻي ٿن وڌي درياهه ۾.

    جي اکر نفرت ڪري ڪو سنڌ کان،
    ساڙ ان کي چوڪ تي پوءِ باهه ۾.

    ڇو نه گهوري مان ڇڏيان اڄ سنڌ تان،
    ڀروسو ڪهڙو ڀلا آ ساهه ۾.

    واٽ حق جي تي پيو هلندو هلان،
    تير ڀل اشرف لڳن پيا ماهه ۾.


    غزل

    غزل
    هي عشق ٿو مٽائي هر ذات جو تصور،
    بس دل ۾ پيو رهي ٿو هڪ تات جو تصور.

    تنهنجي مٿان ڦرن ٿا ميڙو ڪري ڀونئرا،
    چهرو لڳي ٿو تنهنجو باغات جو تصور.

    هي زُلف يار تنهنجا ڪارا ڪڪر لڳن ٿا،
    پنهنجي اکين ۾ آهي پرڀات جو تصور.

    موسم به سرد آهي بارش مٿان وسي ٿي،
    منهنجي ڪچي جُهڳي اڌ رات جو تصور.

    مس مس ملڻ ٿيو آ گڏجي گذار جهٽ پل،
    وايون وڃڻ جون ڇڏ آ برسات جو تصور.

    آباد هو گلن سان منهنجي اندر جو گلشن،
    توبن سڄڻ لڳي ٿو کنڊرات جو تصور.

    ڪجهه پاڻ کي جُهڪاءِ پروردگار آڏو،
    ڏاڍو ڏکيو اٿي ڪر سڪرات جو تصور.

    ايڏو به موهه هوندي اشرف وڇوڙو ايندو،
    ڪاٿي ڪيو ٿي مون ان حالات جو تصور .


    غزل

    غزل


    ها تنهنجي يادگيرن کان اسان آزاد ڪاٿي هون،
    مٺي تنهنجي پڪي من ۾ اسان آباد ڪاٿي هون.

    پوي ٿي ماڪ ٿڌڙي ۽ ملڻ جي مند آئي آ،
    مگر او بي وفا سجني اوهان کي ياد ڪاٿي هون.

    ڪڏهن برسات راتين ۾ ڪڏهن ته ٽاڪ منجهند جو،
    ملڻ جون موسمون ساڳيون وڇوڙي بعد ڪاٿي هون.

    ڪيون ٿا گهُر اگر حق جي کڻائي سر ئي ڪن ٿا گُم،
    گهرن ۾ روڄ راڙا هن ڏسيو پو شاد ڪاٿي هون.

    اسان جي شاعريءَ تي ڪر ڀلي تنقيد دل سان تون،
    لکون ٿا ٿورڙو اشرف *استاد ڪاٿي هون.

    * سنڌ جو بهترين شاعر استاد بخاري


    وائي

    وائي
    ڏيئا يادن جا
    هاڻي وسائي ڇڏ
    ورندئي ڪونه هو.

    ويس انتظار جا
    سُهڻي مٽائي ڇڏ
    ورندئي ڪونه هو.

    پيار جا سڀ لمحا
    دل تان ڀُلائي ڇڏ
    ورندئي ڪونه هو.

    تحفا هار سينگار
    لوڪان لڪائي ڇڏ
    ورندئي ڪونه هو،

    محبت جي محلن جا
    گُنبذ گهائي ڇڏ
    ورندئي ڪونه هو.

    گلڙا دردن جا اڄ
    اشرف پائي ڇڏ
    ورندئي ڪونه هو .


    وائي

    وائي

    شام جي هن وقت ۾
    روح تو لئه ٿو رڙي،

    هِجر جون هي راتيون
    ٻاٽ اونده سخت ۾
    روح تو لئه ٿو رڙي،

    تنهنجي وڇڙڻ جو لڳو
    تير دل جي لخت ۾
    روح تو لئه ٿو رڙي،

    مون هلايا وس وڏا
    ڪٿ هئين تون بخت ۾
    روح تو لئه ٿو رڙي،

    ها اچي ڪو موت پر
    زندگي جي رفت ۾
    روح تو لئه ٿو رڙي،

    وٺ ڀري آغوش ۾
    رات اهڙي مست ۾
    روح تو لئه ٿو رڙي .


    اشفاق چانڊيو : خوشيءَ جي خالي کلي ڏسون ٿا

    تعارف

    ادبي نالو: اشفاق چانڊيو
    اصل نالو: اشفاق احمد
    ولد: اظهر حسين
    ذات: چانڊيو
    جنم جي تاريخ: 1 آگسٽ 1988
    جنم ڀومي : ڳوٺ حاجي ڄام خان چانڊيو ضلع قمبر
    تعليم: ايم – اي سنڌي
    ڪرت: استاد
    رهائش: ڳوٺ حاجي ڄام خان چانڊيو ضلع قمبر
    لکڻ جي شروعات: 2005
    فون نمبر: 03312016307
    واٽس ائپ نمبر: 03312016407
    .comyahoo@307ashfaquechandio : Email


    غزل

    غزل

    خمار سان ڀي کلي ڏسون ٿا،
    سوا هوا جي هلي ڏسون ٿا،

    ڏٺو نه ساري ڄمار ۾ جنهن،
    اڃان به ان جي ڳلي ڏسون ٿا.

    ملان صدين کان پيو ڊيڄاري،
    هلو جهنم هلي ڏسون ٿا.

    خبر پوي من حشر ڇا ٿي ٿو،
    وڍي سسيءَ جي نلي ڏسون ٿا.

    رهي سدا ٿو ڪهڙي اکين ۾،
    حياءُ سان اڄ ملي ڏسون ٿا.

    هو سيٺ ڪڙمين جي سيلرن تي،
    کڻن ٿا زوري ڇلي ڏسون ٿا.

    نه بوند هڪڙي پيا وڌي ڪا،
    خوشيءَ جي خالي کلي ڏسون ٿا.

    ڪٿان ٿو اڀري ڪٿي لهي سج،
    تنهنجي اکين ۾ ڍلي ڏسون ٿا.


    غزل

    غزل


    جڏهن واڪ دل جا پڙيءَ تي لڳا،
    جبر جا لکين ننهن نڙيءَ تي لڳا.

    ڏٺي ڏينهن تي ڪنهن نه آڳر کنئين،
    هي الزام سڀ راتڙيءَ تي لڳا.

    هي مذھب جا مانگر منهنجي سوچ تي،
    ڏنگا ڏير ٿي ڏاتڙيءَ تي لڳا.

    ڪهڻ ڪوڙ جيڪا وئي ڪالهه ان،
    ڪروڙين ڪڪر ڪاتڙيءَ تي لڳا.

    ڪيا قوس جيڪي تپش سج تنهنجي،
    ڇنڊا ڇانونءَ جي ڇاتڙيءَ تي لڳا.

    ڪڍي ساھ چنبي ويا چُهنب سان،
    بکيا باز ٿي ٻاتڙيءَ تي لڳا.

    سکي سوچ لئه ڀي سڪي سڀ مئا،
    ڀالا بک جا ڀاتڙيءَ تي لڳا.

    پائي ڄڻ ته ڦاٿي دريء مان هو دل،
    جهانن جا منهن جهاتڙيءَ تي لڳا.


    غزل

    غزل

    پيار جي پازيب ٻڌجي پير ۾،
    وير کي ڇڏ ڇا رکيو آ وير ۾.

    غير هن کي غير ڪاٿي هو لڳو،
    ھن الائي ڇا ڏٺو هو غير ۾.

    دوزخي ڪنهن باھ ۾ دٻبو ويس،
    جو ڪڇائين ڪين مونسان سير ۾.

    جانيون آڱر چرڻ تي ٿيون ختم،
    ڇار ڳڀرو هڪ مئا ها ڦير ۾.

    جا به آئي جان ساڙي وئي صبا،
    ڪوبه گذريو ڪين جُهوٽو خير ۾ .

    اڌ اگهاڙو ٻارڙو ڪچري اندر،
    شام کان کاڌو ٿو ڳولي ڍير ۾.

    پرک لئه ڀي ڪين پرکيو شيءَ بري،
    زندگيون ضايع ٿين ٿيون هير ۾.

    سر سلامت ڪين آ تنهن جو بچو،
    جو به آيو عشق اوکي گهير ۾.

    سُن کائيندي چيو سسئي اهو،
    ڪي اميدون ڪين رکجو ڏير ۾.

    وار ڪانڊاري ڇڏي اشفاق ٿو،
    ڪوته جذبو آھ تنهنجي شعر ۾.


    غزل

    غزل




    هت ڌت لڳا پيا آهن سڀ رنڊين جي ڇن ڇن ڇيرن تي،
    ڇو يار ڪرو ٿا اڄ تائين تن پيرن جي ئي پيرن تي.

    هو مور ٿو ڪانوَ ڏسو ۽ هرڻيءَ جهڙو هيانوَ ڏسو،
    شھباز ويا شِڪار ٿئي ڇا پٽڪا پايون ڳيرن تي.

    هن کان ته پڇو ڇو ٿا ڙي پٽيو او دونمبري دولت وارو،
    ڪيئن خون ولوڙي کيتيءَ ۾ ۽ ٻار ٿو پالي سيرن تي.

    هرروز بکايل ڳجهن جان ٿا ماس پٽن هو مفلس جو،
    اميد انهن کان ڪهڙي ڪيون جو پلجن ڍونڍن ڍيرن تي .

    هي ظلم ڏسو فتوى ته ڏيو ڪاڏي ڙي ڀڳئو ملئو گڏجي،
    هڪ ڇا هو هزارن ماڻهن جون ٿو منڍيون لاهي نيرن تي .

    او يار جهڪو ڪر ڪين قلم جيڪو به اٿئي تن کي ڏي علم،
    بزدل به بهادر ٿي ٿا پون اشفاق اوهان جي شعرن تي .


    غزل

    غزل



    ڪاٿي مليو قرار آ دل بي قرار کي،
    صديون ويون گذر ٿي دک انتظار کي.

    منزل جي مور جنهن کي ڪائي خبر نه ھئي،
    سورن وڌو ٿڪائي سڪ جي سوار کي.

    مون وٽ عزت آ ان جي جو ڀونءَ لئه وڙهي،
    ڇاڪيان حقن کان هٽندڙ تحجد گذار کي .

    عملن ۾ جي نه تنهنجي شاعر آ شاعري،
    اٿ کڻ رديف قافعي خيالي اڏار کي.

    ڪيئن اعتبار ڪريان بي اعتبار تي،
    رهيو اعتبار ناهي خود اعتبار کي.

    سچ سونهن ۽ چڱي لئه ڪم ڪين جي اچي،
    پو ڇا ڪيان خدايا خضري ڄمار کي.

    پل پل پئي رنس مان چپ بند ٻئي ڪري،
    ڪاٿي سڻين سگهينء تون دل جي پڪار کي .

    گڊ ۽ تلور هرڻيون ٿا لک تتر مرن،
    ڪوئي ختم ڪرائي شينهن جي شڪار کي.


    غزل

    غزل

    چمبڙي پئي آچم سان چمڙي چچڙ جيئان،
    ڪاٿي وڃي مان لاهيان بک جي بخار کي.

    اڄ دور يار اهڙو آهي اچي ويو،
    ماڻهو چڱو ٿا سمجهن من جي مڪار کي.

    وڌ ڪين آهي مونکان ماڻھو مٽيءَ جو،
    ابليس ايئن چيو هو پروردگار کي.

    من جي منهن ۾ مٺڙي ڪاٿي اچي سگهي،
    ڇهيو جڏهن نه هن هو دل جي دئار کي.

    جيڪي بدن منهنجي ۾ آهن منهنجا پرين،
    ڏي پيار يار پنهنجو تون وار وار کي.

    ڳالهيون صرف ڪيون ٿا ڪوشش جي ڪجهه ڪيون،
    ٽاري اسين سگهون ٿا ٿر جي ڏڪار کي.

    دنيا جي سونهن ساري اڳيان تو آ ٻسي،
    ساراهي چنڊ ڀي ٿو تنهنجي نکار کي.

    پئسي جو مان ڪاٿي اشفاق آ رهيو،
    ڪلهه جو رپيو ٿا سمجهون اڄ جي هزار کي .


    غزل

    غزل

    رات ايندي موٽ ۾ ڦاسي پيو،
    چنڊ تنهنجي چوٽ ۾ ڦاسي پيو.

    کاٽ آھي ڪنوار جي دل ۾ لڳل،
    گهاء گهرو گهوٽ ۾ ڦاسي پيو.

    پيار جا پنڇي ٽھي ويا ٽار تان،
    نينهن نفرت نوٽ ۾ ڦاسي پيو.

    عشق آزادي گهري ٿو اڄ وري،
    ڪوته ڪارنهن ڪوٽ ۾ ڦاسي پيو.

    روح رڪيو ڪين هوندو روڪ تي،
    ڦير جي ڦڙڦوٽ ۾ ڦاسي پيو.

    چاهه ان جنهن کي چمڻ چاهيم پرين،
    رخ رئيجي اوٽ ۾ ڦاسي پيو.

    جونه ڦاٿو ڪين ڪنهنجي ڄار ۾،
    چاھ جي سو چوٽ ۾ ڦاسي پيو.

    سارين جي سنگ جان نسري مسين،
    حسن سو اڌڙوٽ ۾ ڦاسي پيو.

    عشق جا ڪاٿي پيا اشفاق اٺ،
    چاھ چيلي ڳوٽ ۾ ڦاسي پيو.


    غزل

    غزل


    توبن حيات منهنجي سڪرات جو تصور،
    ڦارون ڪري ٿو تنهنجي فقرات جو تصور.

    پوري ٿئي ضرورت خواهش جي ناھ خواهش،
    ڇالئه ڪيون پٽن تي محلات جو تصور.

    اميد ايتري مون تو ۾ پرين رکي آ،
    ٿر جي مٽيءَ لئه جيئن برسات جو تصور.

    پيٽن ۾ باھ بک جي جن جي لڳي ازل کان،
    ڇا ذھن ان ۾ هوندو ڪلمات جو تصور.

    دل کي وڇوڙو دل جو کائي ٿو ائين جانان،
    بي گهر کي جيئن کائي ڪنهن رات جو تصور .

    سائين سڃاڻپن لئه قومون ٺهيون قبيلا،
    هت ٻيو وتو وڃي ٿو ڇو ذات جو تصور.

    ڀل ٽياس تي ئي چاڙهن يا ڏين زهر هو زوري،
    سانڍيو مون ساھ ۾ آ سقراط جو تصور.

    دعوى ڪندڙ هي ديني سڀ علم جا اڪابر،
    واضح ڪري نه سگهيا صلوات جو تصور.

    دوزخ لڳي ٿو تڏهين فِردوس کان به بهتر،
    جڏھين ڪيان ٿو اشفاق تو بات جو تصور.


    غزل

    غزل

    فقير غم جا ختم ڪٿي ٿيا خوشي جي خيرات ڏيندي ڏيندي،
    ختم اجهو ٿيا ساهن جا سڪا خوشي جي خيرات ڏيندي ڏيندي.

    هجن ڪي نانگن جا ڏنگ جيئن سڄي بدن تي نشان اهڙا
    لڳا ڏکن جا ائين ڏند تکا خوشيءَ جي خيرات ڏيندي ڏيندي.

    گلاب جهڙو نه پل مليو ڪو نه ئي ڪا خوشبو نصيب ٿي من،
    گذاريم هڙ هي لمحا ڦڪا خوشي جي خيرات ڏيندي ڏيندي.

    ثواب جهڙا خيال ڪاٿي گناهه جي گهر ٿيس جو پيدا،
    لهن مقدر تان ڪيئن ٽڪا خوشي جي خيرات ڏيندي ڏيندي.

    ڏسن لئه ڀي ڏٺائون ڪاٿي هيس هڙن جي اکين جو ڏوهي،
    مدد ڏيڻ لئه مليا هي ڌڪا خوشي جي خيرات ڏيندي ڏيندي.


    نظم

    نظم

    هي ڌار ڏيو هي ڌار ڏيو هو سنڌ ٿو گهري پيو،
    مٿان اڃان ٻري پيو هو سنڌ ٿو گهري پيو.

    بدن پٽي مٽي کڻو نه روليو سنڌ کي گهڻو،
    رڙي آهي صدين کان هي سڙي آهي صدين کان هي،
    مفاد لئه مڙو پيا رپئن جو لئه وڙهو پيا،
    نه گند ساڻ گند ٿيو هو سنڌ ٿو گهري پيو،
    مٿان اڃان ٻري پيو هو سنڌ ٿو گهري پيو.

    ڪليون ڌيون هٿن ۾ ٿن ٻليون وڌيون لٽن ۾ ٿن،
    لٻون وڌيون وٽن ۾ ٿن ڳچيون وڌيون ڳٽن ۾،
    ظلم ظلم ظلم ظلم ڏسو هي سنڌ سان ظلم،
    هو ديس جا ڌڻي ڏسو هو سنڌ ٿو گهري پيو،
    مٿان اڃان ٻري پيوهو سنڌٿو گهري پيو.

    جتي جتي ڏسو وڃي ننڍو وڏو ڪهو وڃي،
    وڍيو وڃي چڪيو وڃي سنڌي بچي نه ڪو وڃي،
    عزم ڪيو اهو اٿن قسم کنيون اهو اٿن.
    مون سچ سڀن کان آ چيو هو سنڌ ٿو گهري پيو،
    مٿان اڃان ٻري پيو هو سنڌ ٿو گهري پيو.

    اٿو اٿو اٿو اٿو اگهور ننڊ مان اٿو،
    چٽو ڪيونس دنگ کي ڦڪو ڪيونس رنگ کي،
    گرھ ڦريونس وات جو ڪيونس کاڄ ڪات جو،
    وٺي نه نانءُ سنڌ جو هو سنڌ ٿو گهري پيو.
    مٿان اڃان ٻري پيو هو سنڌ ٿو گهري پيو.


    افضل شر : توبن مون وٽ ڇاهي سانئڻ

    تعارف

    ادبي نالو: افضل شر
    اصل نالو: محمد افضل
    ولد: غوث بخش شر
    ذات: شر
    جنم جي تاريخ: 21 مارچ 1985
    جنم ڀومي : خيرپور ميرس
    تعليم : مئٽرڪ
    ڪِرت : هارپو
    لکڻ جي شروعات : 1998
    رهائش : خيرپور ميرس
    واٽس ائپ نمبر : 03003425602
    فون نمبر : 03003425602
    Email: afzalbaloch12@gmail.com


    غزل

    غزل

    جڏهن ياد ايندو اوهانجو شهر،
    وري ڏنڀ ڏيندو اوهانجو شهر.

    ڏئي يادِ ماضي ڏسڻ ساڻ هاڻي،
    اُجڙ سان گڏيندو اوهانجو شهر.

    سُتل لوڪ راتين جو پوين پهر،
    اوجاڳا اَڏيندو اوهانجو شهر.

    ٽنگي ٽياس تي باک ويلو پرين،
    سنجها ٿي سڏيندو اوهانجو شهر.

    جفا جو نگر هي ڳنڍڻ دل جا ناتا،
    ڀلا ڪيئن ڇڏيندو اوهانجو شهر.

    وڇوڙو جفائون کڻي ڪو اڪيلي،
    تياڳي ته ويندو اوهانجو شهر.


    غزل

    غزل






    دلين تي روڳ جا پاڇا لڙيا ڏٺا اسان ڪيئي،
    چمن چِتا جيان سڙيا ڏٺا اسان ڪيئي.

    عروج عشق جو آڌيءَ ۾ جنهن سڏيو ويٺي
    زوال صبح جا پنڇي تڙيا ڏٺا اسان ڪيئي.

    تريا جي تار ۾ تارو درياهه اُڪري ويا
    نگاهِه يار جي آڏو اڙيا ڏٺا اسان ڪيئي.

    پرين جي زُلفن جي ڇانئن ۾ ستا ڪي عاشق
    فراق ڌرتتيءَ ۾ قلب ڪڙهيا ڏٺا اسان ڪيئي.

    ٻُڏا جي سوڳ جي ڪُنن ۾ صدين تائين هئا
    پرينءَ جي پل کي پرکي چڙهيا ڏٺا اسان ڪيئي .


    غزل

    غزل



    توبن مون وٽ ڇاهي سانئڻ،
    دل به جسم ۾ ناهي سانئڻ.

    شهر جا سارا رستا پرکيم
    ڳوٺ به مونکي ڳاهي سانئڻ.

    ڪيئن مان من جو ماڳ مٽايان
    نينهن نگر نئون ٺاهي سانئڻ.

    پنڌ پرانهون واٽ اڻانگهي
    روح ڪٿي ڏس ساهي سانئڻ.

    سمنڊ اُڃارو پاڻي هوندي
    بر جيئن جَر تي باهي سانئڻ.

    ٻارن وانگر جهيڙيون پرچون
    ڪاوڙ ريءَ ڏِس چاهي سانئڻ.


    نظم

    نظم

    بنا تنهنجي .......

    خدائي اوجهراڪين مان
    اکيون کولي اٿي پوندي
    سوين سورج سوا نيزي
    اچي ڄڻ مون مٿان بيهندا
    نشانيون دردناڪيءَ جون
    رڳن ۾ ريٽجي وينديون
    ڇڻي پونديون ڇپون ڪيئي
    وڇوڙي جي عذابن جون
    دلين مان دلبريءَ واريون
    اميدون سڀ فنا ٿينديون
    ڏهر کي چوطرف واري
    ڀڪوڙي پياس جيئن پيئندي
    سمورا نوحن جيئن
    مهينو ماتمي بڻبا
    نه هوندس مان زمانن ۾
    زمانا مون ۾ ڪيئي هوندا
    ڪلالڻ ! مون بنا منهنجا
    فسانا تو ۾ ڪيئي هوندا...


    نظم

    نظم

    عمر جون اڌ ندي اڪري پڇن ٿيون
    پاڻ کان سهڻيون اسانجي انتظاري ۾
    گهڻا ميهر مئا هوندا ؟
    اميدن جون گهڻيون ڇوليون
    اسان آڏو لنگهيون هونديون
    گهڻن جا لڙڪ موتين جيئن
    اسان لوڙهي ڇڏيا هوندا
    جوانيءَ جو جهلي موجون
    ڪنارن ٻک وڌا هوندا
    ٻُڏي اک ڪا ٽيڏ ڪا هوندي
    اشارا ڪي تريا هوندا
    اکيون ڪنهن جون سپين وانگر
    ٿڪي آخر ٿڪيون هونديون
    بدن ڪي باهه ۾ سڙندي
    ٿي ڪوڏيون ڪجهه ٺريا هوندا
    مگر افسوس هي پنهنجي جوانيءَ موٽ ئي کائي
    الهڙ ڪي کيڏ کيڏي ۽ مٺي ڪا چوٽ ئي کائي
    وري ڪي کيپ نيڻن ۾
    نچن ڪنهن ناچڻيءَ وانگر
    وري ڪو نينهن جي ڪُن ۾
    اچي غوطا ڏئي دل کي
    اڙي هئه هئه.....
    وري ميهر اچي نڪري
    وجهي ڏانوڻ ڪو پل پل کي.


    نظم

    نظم

    مان وقت جي هٿن مان
    واريءَ جيان وهان ٿو
    تنهنجي ملڻ مهابي
    ڊهندي وري ٺهان ٿو
    واهڻ جي واڳ تون آن
    ۽ مان گهٽي ننڍي ڪا
    در در لتاڙجان ۽
    وک وک مٿان سهان ٿو
    نازڪ هي نينهن پنهنجو
    هڪ ڏينهن واءُ وانگر
    شايد وڃي جي وکري
    منهنجو نصيب جيڪر
    آڏو اچئي جي اڏري
    ٻڏتر ڇڏي ڏجان تون
    هر ياد کي ڌڪاري
    تصور ۾ سوچجان تون
    سالن جو ساٿ سانڍي
    سورج جيان مان سر تان
    اڀريس ٻه چار ڏينهڙا
    بس هاڻي مان لهان ٿو
    مان وقت جي هٿن مان
    واريءَ جيان وهان ٿو....


    نظم

    نظم

    وفا جو مجاور.....

    جفا جي قبر تي وفا جو مجاور
    عجب التجائن سندا پڙ سهيڙي
    زماني جي ڌڌڪار کان ڏُور ڪوهين
    ۽ خاموش واڪن جو جوڙي قُبو
    جتي روز يادن جو ڏيئو ٻري ۽
    نما شام لرزي ٿو آڳنڌ اٿي
    نراسا منجهان ڌڙ کي ڌوڻي ڌڪي
    اجهل ڪا جواني رڙيون ٿي ڪري
    ۽ مستي مان پنهنجي ڇاتي پٽي
    وڻن کي وجهي ٻک طوفان لوڏي
    ڳهيليءَ جو هر انگ تيئن ٿو ڪنبي
    پِيا کي سنڀاري سندس دل جا اُڌما
    کٻڙ، ڪرڙ بڻجي هُڙهي ٿي پون ٿا
    جتان لڙڪ پيرن جيان ٿي ڇڻن ٿا
    ڪٻر، ڪانگ، ڳيرا جنين کي چُڳن ٿا
    سُڪل ٺوٺ نادين جيان نيڻ ڪيئي
    اميدن جي مڌ سان ٿين ٺِيهه ٿا پر
    اڌم نيچ ڪيئي زماني جون رسمون
    زهر ڪو ڪسارو ملائي ڇڏين ٿيون
    پيئڻ سان مري ويو اڪيلو ٿي آخر
    جفا جي قبر تي وفا جو مجاور....!!!


    نظم

    نظم

    ٻڌون ٿا حياتي آ ٿوري مِلي
    ڪئي ڀِيڙ ڀاڪر الئي ڇو ڍِلي
    ڪڍي ڪنڌ مان هيٺ واري ڪِلي
    ملون مرڪندي مور وانگر ٽِلي
    ٻڌون ٿا حياتي آ ٿوري مِلي،

    بڻيو باغ دل ۾ ٻه ٽي ڏينهن هو
    ويو چاهه جو ٻج ڇٽي نينهن هو
    ڦُٽل گونچ لوڙهڻ وريو مينهن هو
    ٽڙڻ کان اڳي ئي ڇڻياسين کِلي
    ٻڌون ٿا حياتي آ ٿوري مِلي،

    ڪڏهن ڊوڙ پائي ٻکياسين جٿي
    ڪري پير ميرا رکياسين جٿي
    اگهاڙپ جا اوڇڻ ڍڪياسين جٿي
    پيو وقت ويڙهي اها ير رلِي
    ٻڌون ٿا حياتي آ ٿوري مِلي،

    دڳن تي وکيري اسان پنهنجا پنڌ
    هوائن جي سازن تي ڌوڻيندي ڪنڌ
    وڻن جي پنن جيئن ڪيا ڇيڪ ڇند
    سُڪيون ٽاريون سڀ وڃائي سُڳنڌ
    اجل پاڙ ٻيلن جي ويٺي ڇلِي
    ٻڌون ٿا حياتي آ ٿوري مِلي،

    سموري خدائي بڻي پنهنجو گهر
    ڇڙيو ڇڄ ۾ عشق منهنجو اندر
    مليا سُونهن داڻا ڀريو دل پڌر
    ڇڄڻ وقت ڀانيم ڦٽي منڊلِي
    ٻڌون ٿا حياتي آ ٿوري مِلي ....


    قطعا

    قطعا

    1-
    ڳڻي آڱــرين تي عُمر جون سَــڌُون
    حياتيءَ ۾ ئي ڇو مرڻ لئي ڳَرُون،
    قضا جي سهاري مٽيءَ سان ملي
    فنا ٿي فضا مان پوءِ ٻيـــهر وَرُون.!
    2-
    ملياسين مختصر ايڏو وڇوڙو ڄڻ کُٽو ناهي
    فراقن ۾ مليو جيڪو زخم اُڊڙيل ڇُٽو ناهي،
    اوهان لئي باغ چاهت ۽ زمانو ٿيو سڄو مالهي
    وفا خوشبو جيان ارپي اسان لئي گُل ڦُٽو ناهي.
    3-
    مچايون عشق جا شعلا ھڏن جو تيل هاريندي
    اُميدن جا ڇِلي ڇوڏا ٻَرون ٿا پاڻ ٻاريندي
    بدن جو ماس ڪوريندي ڀڀڙڪن کي ڏيون ڀيٽا
    تپائي طلب ساجن جي ڳَرون ٿا پاڻ ڳاريندي.


    نظم

    نظم

    دل جو ڌوٻي گهاٽ ....

    رڳن کي روح تان روڙي
    وڳي وانگر ڇڏيون لاهي
    ڍڪڻ لئي عڪسن اوگهڙ جا
    وٺون فطرت جي اوڇڻ کي
    خدائي جي ٿلهي ويهي
    سٽيون من کي ڇڪي تاڻي
    نهوڙي روح پنهنجي کي
    سمورو مير لوڙهيندي
    ڪيون اجرو اگن وانگر
    لڱن جو هر سنڌو ڇوڙي
    ڏجي ڪنهن ڪامڻي هٿ ۾
    مروڙي عشق جي بُت کي
    ڇڏي جيئن هوءَ ڇنڊي ڇاڻي
    زوالن جي تپش آڏو
    سڪايون پاڻ کي سيڪي
    نئون تهدر عروجن جو
    لباس اوڍيون زماني ۾
    بدن بي سود ڄڻ آهي
    رڳن کي روح تان روڙي
    وڳي وانگر ڇڏيون لاهي.


    الفت امداد : روز نوان آزار ڏسان پيو

    تعارف

    ادبي نالو: الفت امداد
    اصل نالو: الفت حسين
    ولد: امداد علي
    ذات: ڇلگري
    جنم جي تاريخ: 4 اپريل 1981
    جنم ڀومي : ڳوٺ مراد ڇلگري
    تعليم : انٽر
    ڪِرت : سرڪاري ملازم
    لکڻ جي شروعات : 2009
    رهائش : ماتلي ضلع بدين
    واٽس ائپ نمبر : 03410088966
    فون نمبر :03410088966
    Email: ulfat:hussain898@yahoo.com


    غزل

    غزل

    هي جي تنهنجون ادائون آهن،
    مون لئه ڄڻ ته سزائون آهن،

    تنهنجون ڪاريون اکڙيون ڪاجل
    جن ۾ کوڙ خطائون آهن،

    تنهنجي درشن خاطر بيٺل
    خوشبو، چنڊ، فضائون آهن،

    تنهنجا ٽهڪ ۽ ٻول به مٺڙا
    ڄڻ ته سُرن مالائون آهن،

    تون الفت سينگار حوالي
    منهنجون تو ۾ نِگاهون آهن.


    غزل

    غزل

    روز نوان آزار ڏسان پيو،
    پنهنجن ۾ غدار ڏسان پيو،

    مونسان گڏ گڏ هر محفل ۾
    غيرن سان ڀي يار ڏسان پيو،

    دولت، شهرت پويان ڊُڪندي
    مذهب جا سالار ڏسان پيو،

    بي معنى ٿيا رشتا ناتا
    مطلب ڪاروبار ڏسان پيو،

    جنهن جي دعوى قوم پرستي
    ان جو مان ڪردار ڏسان پيو،

    الفت ڪيڏانهن محبت وئي
    نفرت جا انبار ڏسان پيو.


    غزل

    غزل

    گهٽبو هاڻي پيار وڃي پيو،
    چاهت جو معيار وڃي پيو،

    مذهب آڙ وٺي انسان ڪنهن
    مسلم جو ڪردار وڃي پيو،

    بي مطلب مخلص نه دوست ملي
    سنگت سان سهڪار وڃي پيو،

    هڪ ويلي جي پريشاني آ
    پيٽ بکئي سان ٻار وڃي پيو،

    الفت ٻج وفا جو ڇٽيان
    ڌرتي تان وفادار وڃي پيو.


    نظم

    نظم
    اڃان به انڌاري آ، ڪٿي نه لاٽ ٿي ٻري ...

    بغاوتن جو سلسلو ٿو سرحدن مٿان اٿي
    سهي سهي ٿو جو ڪڇي اڏي تي ڪنڌ ٿو اچي

    هي رهزنيون رواج جون منافقيون محاذ جون
    مرن مرن مرن پيون ته رهبريون لحاظ جون

    رنو گهڻو ضمير آ رفاقتن جي نانءُ تي
    ثمر نه ڪو صلو مليو آ رياضتن جي نانءُ تي

    لڇي لڇي لڇن پيون هي منزلون اڃان به ڏس
    مگر نه ڪو سفير آ محبتن سندو اٿيو
    اڃان به ڪوٽ قيد ۾ ته مارئيون گهڻيون رهن
    اڃان سهڻيون ٿيون سهن ڏمن سندي عذاب کي
    جديد دور ۾ اچي هي قربتن کي ڇا ٿيو


    نظم

    نظم






    عداوتون ۽ ڪفلتون سماج جو حصو ٿيون
    امير پٽ ماءُ کي گهران تڙي ڪڍي پيو
    اجاڙ روح رات جو ٿو رهزنن مٿان رڙي
    منافقي جي واٽ تي ڪروڌ ۾ شخص سڙي
    قريب کان قريب تر جو دلبريون نظر اچن
    اندر وٽان خراب سي دغا منجهان ڀريو وتن
    هي سونهن ۽ ثواب سڀ محبتون، عبادتون
    انهن جي ڏس مزاج ۾ ڦير ڦار ٿي وئي
    منافقيون مفاد جون ته عشق ۾ گهڙي پيون
    پريت جون پاڪيزگيون ڇو تار تار ٿي ويون
    نظام نفرتن جو پيار جو به خال ڪو ڀري
    اڃان به انڌاري آ، ڪٿي نه لاٽ ٿي ٻري ....


    نظم

    نظم


    صفا دل ٿي چري آهي ....

    لڇن پيون خواهشون ساريون
    ۽ خوابن سان ٺڳي آهي
    گذارين دُور پيون مونکان
    اها ڪا دل لڳي آهي ؟
    ڊسمبر ڀي روانو ٿيو
    وري هو جنوري آهي
    زخم تازا ڪرڻ جي لئه مٿان ڏس فيبروري آهي
    نظارا ويا رسي سارا
    سهارا ويا رسي سارا
    ضرورت سخت تنهنجي آ
    اڪيلائي وري آهي
    اچي خاموش اکڙين سان
    ڪري وڃ پيار جون ڳالهيون
    اشارن سان ادائن سان
    صفا دل ٿي چري آهي
    رڳو يادن جي موسم ۾
    وڇوڙو درد ۽ آئون
    سوا تنهنجي لڳي جانان
    هتي ڄڻ ڪوهه مري آهي
    اڪيلو روح ڏڪي ٿو پيو
    ذرو احساس ڀي ڪر تون
    ويو الفت ٺري آهي ...


    نظم

    نظم



    چري تون ڪجهه ته سوچين ها...

    رڳو امڪان ڏيکاري
    ائين ڪئين دُور ٿي وئين تون
    چري تون ڪجهه ته ترسين ها
    بهارون هن حياتي جون
    مون سان گڏجي گذارين ها
    مٺي مرڪي نهارين ها
    اڌوريون خواهشون سڀئي
    رکين ها سامهون منهنجي
    جي تنهنجي ميار تي پورو
    برابر نه اچان ها پوءِ
    ته توکي حق رسڻ جو هو
    ته توکي حق وڃڻ جو هو
    ائين بي موت سهڻل تون
    صفا الفت نه مارين ها
    چري تون ڪجهه ته سوچين ها
    منهنجي تون زندگي آهين
    منهنجي تون بندگي آهين
    سوا تو منهنجو ڇا ٿيندو ؟


    نظم

    نظم


    منهنجي ٻڌ منهنجا ڀڳوان ....

    هن کان ٿيندي ڌار او سائين منهنجا
    سارا خواب روئن پيا
    ڪيڏا ٿي بي تاب روئن پيا
    تعبيرن کان پهرين پهرين
    ارمانن جا لاب روئن پيا
    لفظ روئن پيا، ٻول ٻڏن پيا
    منهنجي گهر جي منهنجي جان
    منهنجي ٻڌ منهنجا ڀڳوان
    من منهنجو واري ٿي پيو
    سوچڻ کان آري ٿي پيو
    جيون آ ڀاري ٿي پيو
    دنيا مطلب جو ميدان
    منهنجي ٻڌ منهنجي ڀڳوان
    مطلب کي تون ماري ڇڏ
    پيار پريت جياري ڇڏ
    ڏاڍن جا هان ڏاري ڇڏ
    عشق جي ٻيڙي تاري ڇڏ
    تون دردن جو ٿي درمان
    منهنجي ٻڌ منهنجا ڀڳوان
    الفت جو جهان اڏي ڏي
    رشتا ته مهان گڏي ڏي
    سڪ جا سڀ ساز سڏي ڏي
    سڀ گڏي عشق تڏي ڏي
    ماڻهو به ڪري ڏي انسان
    منهنجي ٻڌ منهنجا ڀڳوان ....!!!


    الله بخش آريسر : عشق کولي ڇڏيا راز پنهنجي اندر

    تعارف

    ادبي نالو: الله بخش آريسر
    اصل نالو: الله بخش
    ولد: غلام رسول
    ذات: آريسر
    جنم جي تاريخ: 1 جنوري 1977
    جنم ڀومي : ڳوٺ ساڍر
    تعليم : گريجوئيٽ
    ڪِرت : صحافت، شاعري
    لکڻ جي شروعات : 1995
    رهائش : عمر ڪوٽ
    واٽس ائپ نمبر : 03453883777
    فون نمبر : 03453883777
    Email: ab.arisar@gmail.com


    غزل

    غزل

    اُڏيا مور بَن ۾ اِهو ياد آيو،
    ڪو چُنري جو سائو قصو ياد آيو،

    لڪايو تو اڌ مُک ۽ گهونگهٽ هو نيرو
    وري چنڊ گرهڻ چِٽو ياد آيو،

    ڇڏي پار سرحد هو وڇڙي جي ويئڙا
    وُٺو ڳوٺ تن کي مِٺو ياد آيو،

    کڻي خواب ڪچڙا چڳن جي ورن ۾
    رُسي تن کي ويندي ڏٺو ياد آيو.


    غزل

    غزل



    عشق کولي ڇڏيا راز پنهنجي اندر،
    سڀ وڄائي ويو ساز پنهنجي اندر.

    پيا ڪبوتر اُڏن ياد جا پر هڻي،
    ڪي نه آهن رهيا باز پنهنجي اندر.

    عمر جي ڏار ۾ جيئن لُڏي ڇوڪري،
    رنگ جوڀن ڀريس ناز پنهنجي اندر.

    پيا وڃون ڪيچ ڏي او سسئي اڄ کڻي،
    پيچ پارڻ جا آغاز پنهنجي اندر.

    ساهه جا وڻ وڍي وڃ الله بخش تون،
    پيا اٿن پُور بي نياز پنهنجي اندر.


    غزل

    غزل

    ڏسي وحشت سڀن ماڳن کڻي اُلڪو کڙيا آهيون،
    اسان تقوى گذارن کان ٻڌي خطبو کليا آهيون،

    عبادت عشق جي آهي خدا جي بندگي وانگي،
    وڃائي پاڻ سڀ پنهنجو هتي رُتبو رُليا آهيون.

    اُڏن جوڀن مٿي ڪي پيا پکين کي آ مڳي اهڙي،
    ارادو جن کان جانجڻ جو پڪو پختو پنيا آهيون.

    وڃائي سمنڊ پنهنجي کي ڇڪي اوڍيان سڀئي لهرون،
    تڏهن جُز مان ٺهي ڪُل ٿو ڇڏي کٽڪو مليا آهيون.

    هو اونداهو فصل دل جي نگر تان هاڻ لڻجي پيو،
    پسيو جنهن وقت پنهنجي دل چٽو نُقطو چڪيا آهيون.

    پنو دل جو رکي هتڙي ڪجل نيڻن منجهان اوتي،
    پڇي ڪاتب لکيو سارو سڄو ڪُتبو سکيا آهيون.

    سمهي پئي ڀاڪرن ۾ آ اسان سان تار تنهائي،
    اسان استاد روحل کان اهو سُڏڪو سکيا آهيون.


    غزل

    غزل



    نظارو نينهن تنهنجي جو صفا ٿو سر کڻي منهنجو،
    گهڙي اهڙي ڏکي آهي سڄو بت ٿو ڏڪي منهنجو.

    ڏسو هي ساهه سوگهو پيو ٿئي منهنجو اجهو هاڻي،
    ڪريو اهڙو بلو ٻيلي وڃي هي دم بچي منهنجو.

    ڪڏهن هي جستجو قائل ملي مطلوب ٿيندي آ،
    تماع طالب رکي من هي سڄي سڪ ٿو سلي منهنجو.

    اويلي ياد اوهيرا ڪري برسي آ تن من تي،
    ٽمن ٿا نيڻ جهوپا گڏ وڃي غم شل گهٽي منهنجو.

    ڏنم ڇا عشق تنهنجي ۾ ڪريان پوڄا بخش ويٺو،
    وجهي گيڙُو لٽا تن تي ملنگي من نچي منهنجو.


    غزل

    غزل


    اوجاڳن جي کٽ تي سمهن ٿيون اکيون،
    هڻي ڏنگ مونکي ڏنگن ٿيون اکيون.

    سجائي گگن جيڪو بيٺو هو آ،
    ستارا سي ناهن ٻرن ٿيون اکيون.

    ڪڏهن ٿي هي ڪوڙيون نه ويٺيون وڃي،
    نڀائن ڪو پنهنجو وچن ٿيون اکيون.

    رقيبن اجاڙيو اچي پيار ۾،
    وري هن کي هاري کٽڻ ٿيون اکيون.

    ڪري بخش محبت اسانکي سدا،
    ڇڏيو جن وساري وسن ٿيون اکيون.


    نظم

    نظم
    رات کان سحر ڦري تون وئين سج پائي ليئو،
    ها مڃون ٿا کڻي ڏينهن ڪو شينهن آ ڀل هجي
    رات ڪيڏا رکيا راز پنهنجي اندر
    هو نظر سان پريان چنڊ ڪيئن ٿو چڪورا سڏي
    هو جڏهن....
    ڪا تبسم وکيري ڄڻي پيار ٿو
    نظم کي ٿي ملي رات موضوع ٺهي
    رات جو ڪو ستارو کڙي
    ڇا ته منظر تڪيندو ويو
    رات ڄڻ ڪا رلي ۽ ستارا ٽڪون
    چنڊ هڪ نيڻ ان انار جو
    جنهن پئي ڌاڳو وڌو
    اک ٻوٽي سئي ۾ سبڻ لئي رلي
    پير ٿي هو وڳا رقص ۾ ڇير ٿي
    عشق پڻ رات آ رات هڪ راز آ
    پار ميهار هو پيو ستو رات سان
    رات سهڻي سهيليءَ جان گڏ کنئين
    ٻئي ڪٿي ٿيون ڏڪن ڏم کان
    نيٺ ڏم ٿي گهڙو ڄڻ ڪچو ٿو پوي
    رات کي لهر جي ٿو حوالي ڪري
    رات کان سحر ڦري تون وئين سج پائي ليئو،

    رات ڄڻ روح جو ڪوئي ڪرهو ڪڏائي پئي
    رات هر روز ٿي روڳ پنهنجو رڱي
    رات هر روپ جي رمز ڄاڻي پئي
    ڪاڪ جون ٻئي ڪنڌيون
    روز لوڏي لڏاڻي جي پئي لوڏ ۾
    عشق جو جيئن ٽري هي به ٽاڻو پوي ٿي
    وهاڻي جيان امراڻو پوي
    رات لڙڪن کي ڇاڻي بڻي ڇاڻي
    رات درمان آ دل جي دوري سندو
    رات کان سحر سارو ڦري تون وئين سج پائي ليئو
    ها پرين جي ڳلي رات پهچائي ٿي
    روح جي چاندني
    پيار جي رات راڻيءَ کي مهڪائي ٿي
    پل سمورا پکيڙي ٿي پاڇن جيان
    وار پنهنجا وڇائي ڇڏي ٿي ڳجها
    رات خوابن جو هڪ بسترو ٿي بڻي
    يار قيدي سماجي ستم جا اچن
    سيج خوابن جي آڻي ٿي اوندهه وٽن
    ٿا ملن رات جي ڪاري چادر ڍڪي وقت تنهن
    دل جي ڌڪ ڌڪ وڄي پير جي ڇير جان
    رقص ڪن ٿيون سڀئي
    روح جي سمنڊ جون
    ساريون لهرون لڇي ۽ رچي رات ۾
    رات کان سحر ڦري تون وئين سج پائي ليئو ..


    نظم

    نظم


    نئون شڪاگو....

    سُک لئه سدا سڪي ٿو
    آنو ٽڪو ملي ٿو
    ڪو پيٽ ڪيئن ڀري ٿو
    مزدور ائين به ٿي ٿو،

    منهنجو پگهر سُڪڻ ڏي
    گرڙي سان رت ٿڪڻ ڏي
    منهنجي سڪل پگهر سان
    مزدور جي جگر سان
    رت روز هي سڪي ٿو
    آنو ٽڪي ملي ٿو
    ڪو پيٽ ڪيئن ڀري ٿو
    مزدور ائين به ٿي ٿو،

    جاگيردار ظلمي
    پنهنجا تڪي ٿو ڪُڙمي
    مچندي به ٿيو مرو آ
    ڳنڍ ڇوڙ جو گرو آ
    ان کي نه خوف ٿي ٿو
    آنو ٽڪو ملي ٿو
    ڪو پيٽ ڪيئن ڀري ٿو
    مزدور ائين به ٿي ٿو،

    فنڪار حال ههڙا
    سُر ساز تال ڪهڙا
    الاپ سوز ٿي پيا
    سو سُور روز ٿي پيا
    آواز ڇو ڏڪي ٿو
    آنو ٽڪو ملي ٿو
    ڪو پيٽ ڪيئن ڀري ٿو
    مزدور ائين به ٿي ٿو،

    مزدور جيئن ڪمائي
    شاعر ٿو پو سڏائي
    ٻارڻ رڳن جو ٺاهي
    مس رت سندي ملائي
    تڙپيو لڇيو لکي ٿو
    آنو ٽڪو ملي ٿو
    ڪو پيٽ ڪيئن ڀري ٿو
    مزدور ائين به ٿي ٿو،

    للڪار آ قلم جي
    آ ڳالهه ڪا ڀرم جي
    راتين جو سُک ڦٽائي
    سر داءُ تي لڳائي
    سچ جو علم کڻي ٿو
    آنو ٽڪو ملي ٿو
    ڪو پيٽ ڪيئن ڀري ٿو
    مزدور ائين به ٿي ٿو،

    عورت جي آ ڪهاڻي
    نالي جي گهر ڌڃياڻي
    آ مفت جي ملازم
    تنهن لاءِ وفا ٿي لازم
    ڏک جنهن کي ڏاج ڏي ٿو
    آنو ٽڪو ملي ٿو
    ڪو پيٽ ڪيئن ڀري ٿو
    مزدور ائين به ٿي ٿو،

    هڪ هڪ شهيد پنهجو
    پنهنجو به آ شڪاگو
    ڀيٽا ٿا پاڻ چاهيون
    جنهن ڪرت ۾ به آهيون
    ان ۾ به رت ڳري ٿو آنو ٽڪو ملي ٿو
    ڪو پيٽ ڪيئن ڀري ٿو
    مزدور ائين به ٿي ٿو .


    الله ڏنو هالاڻي : اسان راز دل جا پنن تي اتاريا

    تعارف

    ادبي نالو: الله ڏنو هالاڻي
    اصل نالو:الله ڏنو
    ولد: محمد جمن
    ذات: لنجو
    جنم جي تاريخ: 1 آگسٽ 1987
    جنم ڀومي : ڳوٺ ڏينڻيون لنجا تعلقه اسلام ڪوٽ
    تعليم : پرائمري
    ڪِرت : سرڪاري ملازم
    لکڻ جي شروعات :2012
    رهائش : ڳوٺ ڏينڻيون لنجا
    واٽس ائپ نمبر : 03473224531
    فون نمبر : 03473224531
    Email: allahdinolanjo35@gmail.com


    غزل

    غزل
    آ منهنجو توسان چاهه پرين،
    مون صدقي ڪيو سر ساهه پرين،

    مان اڄ به تنهنجو آهيان من
    ڪري مون تي تون ويساهه پرين،

    روز روساما ٺهندا ناهن
    هاڻ ته ڪر ڪو ٺاهه پرين،

    منهنجي گسن تي تو جي رکيا
    تن ڪنڊڙن کي ڏي باهه پرين،

    دورين جي ديوار اڏي تو
    سا هاڻ هٿن سان ڊاهه پرين،

    تنهنجي سورن سارو ساڙيو
    آ منهنجي من جو ماهه پرين،

    پنهنجي هٿن سان هاڻ
    نه ڪڍ لنجي جا تون لاهه پرين.


    غزل

    غزل



    اسان راز دل جا پنن تي اُتاريا،
    زماني اسان تي تڏهن هٿ اُلاريا.

    سڙيا ۽ جليا ڪي اسانجي لکڻ تي،
    پرين خط هزارين هوا ۾ اُڏايا.

    جڏهن ڪجهه لکيوسين ته پنهنجو لکيوسين،
    نڪين لفظ ڪنهن کان اسان ڪي اُڌاريا.

    دنيا جون چالاڪيون پڳيون چنڊ تائين،
    اسان حال پنهنجا نه آهن سُڌاريا.

    ڏنا کوڙ صدما هالاڻي زماني،
    اسان سُور سيني اندر سڀ سنواريا.
    ..


    غزل

    غزل

    غضب آ تنهنجو جمال جانان،
    ڪجل اکين ۾ ڪمال جانان.

    رومال ۾ تو رکيا جو گُلڙا،
    بنهه لڳا بي مثال جانان.

    متان هٿن ۾ ڇڀي نه توکي،
    سُئي سڳو تون سنڀال جانان.

    ڏسڻ عجب آ هلڻ غضب آ،
    نڪوئي تنهنجو مثال جانان.

    چمي اکين تي رکيو هالاڻي،
    اوهان جي هٿ جو رومال جانان.


    غزل

    غزل
    چُمي جو ڪو چَس مليو آ،
    ماکيءَ جو ڄڻ رس مليو آ.

    سالن جو ڪو وڇڙيل ماڻهو،
    مونکي اڄ هو مس مليو آ.

    وڌي ويو آ پيار به ويتر،
    محبت جو نئون گس مليو آ،

    شفا مٺي ۾ آهي سمايل،
    مونکي اهڙو ڏس مليو آ.

    گيت، غزل ڀي کوڙ لکياسون،
    خيال چڱي تي جس مليو آ.

    هيون هالاڻي اکيون اوجاڳيل،
    ننڊ جو نيڻن ڪس مليو آ.


    غزل

    غزل


    ڪڏهن هو دير ايندي هُئي،
    ڪڏهن هو سوير ايندي هُئي.

    لڪائي ڳوٺ جي گس تان،
    پنهنجا هو پير ايندي هُئي.

    ڪڏهن سانجهي ڪڏهن آڌي،
    جلائي غير ايندي هُئي.

    کلي مرڪي مٺي مون ڏي،
    وڄائي ڇير ايندي هُئي.

    لنجي لاءِ کڻي جانان،
    خوشين جا ڍير ايندي هُئي.


    غزل

    غزل

    دلبر توکان ڌار ٿياسين،
    پن ڇڻ جا آثار ٿياسين.

    هرڪوئي پيو هاڻ وڍي
    ڄڻ ڇانوءَ بنا وڻ ڏار ٿياسين.

    جيسين تنهنجو ساٿ هيو سانول،
    سُورج جان نروار ٿياسين.

    تنهنجي صدمن ساهه نپوڙيو،
    ڇڻيل گُل جان يار ٿياسين،

    عشق تنين جي ۾ هوش وڃائي،
    رسوا هر بازار ٿياسين،

    هٿ سان دلڙي هن کي ڏيئي،
    لنجا پوءِ لاچار ٿياسين.


    غزل

    غزل

    هوا کڻي مهڪار اچي وئي،
    موسم ڄڻ ته بهار اچي وئي.

    هن جو مرڪي نهاريو مون ڏي،
    محفل ۾ ماٺار اچي وئي.

    سالن کان پوءِ هن جو مونکي،
    ڏاڍو هو انتظار اچي وئي.

    رات انڌاري ڪيڏي هئي پر،
    چوڏهين جي چمڪار اچي وئي.

    هن جي پهچڻ کان پوءِ ڪيڏي،
    زندگي ۾ سڌار اچي وئي.

    هن جو ملايو هٿ هالاڻي،
    دل ۾ ڌڙڪن ڌار اچي وئي.


    غزل

    غزل


    اوهان کان به منهنڙو نه موڙي سگهياسين،
    زماني جو رسمون نه ٽوڙي سگهياسين.

    جڏهن کان اوهان سان ٿيو پيار آهي،
    وري ناتو ٻي سان نه جوڙي سگهياسين،

    ڇڏي ڳنڍ ڏيئي تو دل کي دل سان،
    اڃان به ٻڌل آ نه ڇوڙي سگهياسين،

    ڌڪاريو پرين تو جڏهن در پنهنجي تان،
    ڪٿي پير پنهنجا نه کوڙي سگهياسين،

    ويٺا درد دل ۾ وڏي ڪنهن ولر جيئن،
    هالاڻي سي هرگز نه هوڙي سگهياسين.


    نظم

    نظم



    سدا باغي....

    پٽيلي جو ٻڌي پٽڪو
    وٽي پنهنجا وڏا شهپر
    سڏائي راڄ جو رهبر
    ڦٻائي حق حقيرن جا
    پري اهڙن لٽيرن کان
    وڏيرن بي ضميرن کان
    جهموريت جي وزيرن کان
    اسان اهڙن اميرن کان
    سدا باغي....سدا باغي،
    زماني جي رواجن کان
    خبيثن جي خوابن کان
    ڏيڻ تن جي جوابن کان
    اسين اهڙن ثوابن کان
    سدا باغي....سدا باغي،
    ملان جي ئي مڪارن کان
    سڳورن جي شڪارن کان
    سياست جي ستارن کان
    وڏيرن بي وقارن کان
    ڀتاخورن ڀوتارن کان
    اسان اهڙن سگهارن کان
    بنا پورهئي پگهارن کان
    سدا باغي....سدا باغي،
    ڪري دعوى خدائي جي
    پري اهڙن ته پيرن کان
    سندن جُڙتو خليفن کان
    صفا انڌن عقيدن کان
    پلي مولا پليتن کان
    هجن گروي غلامي ۾
    اسان اهڙن اديبن کان
    سندن ڪوڙن قصيدن کان
    سدا باغي....سدا باغي ...!!!


    انجم قاضي : هزار سال پراڻي اسانجي تنهائي

    تعارف

    ادبي نالو: انجم قاضي
    اصل نالو: دين محمد
    ولد: گل حسن
    ذات: قاضي
    جنم جي تاريخ: 5 مئي 1974
    جنم ڀومي : نئون ديرو ضلع لاڙڪاڻو
    تعليم : مئٽرڪ
    ڪِرت : ذاتي ڪاروبار
    لکڻ جي شروعات :1994
    رهائش : نئون ديرو
    واٽس ائپ نمبر : 03342778935
    فون نمبر : 03342778935


    غزل

    غزل
    نڪور خواب اسانجي اڳيان اچي بيٺا،
    وري سراب اسان جي اڳيان اچي بيٺا.

    جتان جتان به گُذر ٿيو ته درد سو سامهون،
    کڻي گلاب اسانجي اڳيان اچي بيٺا.

    جڏهن به ديس جي تاريخ کي پڙهيو کولي،
    ڏکن جا باب اسانجي اڳيان اچي بيٺا.

    اڳيان پڙهي نه سگهياسين وري مٿان ڪيئي،
    نوان نصاب اسانجي اڳيان اچي بيٺا.

    ڪئي سين پاڻ کلڻ جي جڏهن به ڪوشش ڪا،
    اکين جا آب اسانجي اڳيان اچي بيٺا.

    اوهان سواءِ ڏٺو سين نه اک کڻي توڙي،
    سوين نواب اسانجي اڳيان اچي بيٺا.

    سڄي حيات ئي انجم کڻي کڻي پيرو،
    سدا عذاب اسانجي اڳيان اچي بيٺا.


    غزل

    غزل

    هزار سال پراڻي اسانجي تنهائي،
    سگهي نه ماڻي پُڄاڻي اسان جي تنهائي.

    سڄو جهان مڙي ٿي هُجوم ويو ليڪن،
    رهي اها ئي نماڻي اسانجي تنهائي.

    ويو وجود فنا ٿي نشان ئي ڪونهي،
    بڻي جڳن کان ڪهاڻي اسانجي تنهائي.

    جڏهن نه نانءُ مليو ذات کي هيو ڪوئي،
    تڏهن هي آهي پراڻي اسانجي تنهائي.

    سدائين قيد اندر ۾ ڪري ڇڏي انجم!
    ڪڏهن به ڪين اُڏاڻي اسانجي تنهائي.


    غزل

    غزل


    رات مون منظر ڏٺو آڪاس تي،
    چنڊ ڪو چهرو ٿيو آڪاس تي.

    ڇو نه ٿو سورج اڃان اڀري اچي،
    آءَ کڙڪايون ڪڙو آڪاس تي.

    ٿي اڪيلو ۽ اويلو اڻ ڏٺي،
    هڪ پکي اڏندو ويو آڪاس تي.

    اڄ به مون کي ياد آهي اوچتو،
    جو ٿيو کڙڪو هيو آڪاس تي.

    چوڏسا ٿي ٻاٽ آ گهري وئي،
    چنڊ نه ڪو تارو کڙيو آڪاس تي.

    مون رکيا ڌرتي تي پنهنجا پير مس،
    هُو وڃي انجم پُڳو آڪاس تي.


    غزل

    غزل



    زندگي کي نڪورو حوالو ڏئي،
    عشق ويو ڏانءُ آهي نرالو ڏئي.

    اڄ به تاريخ زنده رکيو ٿو اچي،
    سنڌ کي جان پنهنجي جيالو ڏئي.

    پاڻ پنهنجا لفظ رکون قيدي ڪري،
    ڪيسيتائين زبانن تي تالو ڏئي.

    چوڏسا کان پکيڙي پيو روشني،
    پيار جيون کي ويو آ اُجالو ڏئي.

    هونئن به مرڻو آ انجم، مرڻ کان اڳي،
    آ هلون پاڻ جيون کي نالو ڏئي.



    ،


    غزل

    غزل


    آءُ هلون سڀ پاڻ ٻئي رستا ڇڏي،
    خيال، سوچون ۽ سڀئي سپنا ڇڏي.

    بند نيڻن ۾ الئي ڪيترا،
    رات ويئي خواب آوارا ڇڏي.

    ڪيئن سمجهان ڀاءُ وانگي جو وڃي،
    لوڀ خاطر خون جا رشتا ڇڏي.

    شل نه ڪنهن تي وقت اهڙو ڀي اچي،
    جو وڃن ماڻهو کي پنهنجا ڇڏي.

    سوجهري تائين هليا گڏجي هئا،
    ٻاٽ ۾ پنهنجا ئي ويا پاڇا ڇڏي.

    خبر آهي ڪونه ساريندي ڪڏهن،
    دل نه ٿي پنهنجي مگر اُلڪا ڇڏي.


    غزل

    غزل



    ساڙ کائي ٿو سڙي پاڙو سڄو،
    روز ٿو ڳالهيون گهڙي پاڙو سڄو.

    عشق جي الزام ۾ پنهنجي خلاف،
    شام ٿيندي ئي مِڙي پاڙو سڄو.

    ذات جي ننڍڙين انائن جي ڪري،
    پاڻ ۾ پيو ٿو وڙهي پاڙو سڄو.

    هو جڏهن نڪري ٿي گهر مان اوچتو،
    ٿو گلابن جان ٽڙي پاڙو سڄو.

    ڪيئن اچي توڏي هلي انجم مٺي؟
    تهمتن سان ٿو تڙي پاڙو سڄو.


    غزل

    غزل


    آهي رنگين سارو خاص ڳوٺ جو،
    دلڪش حسين لڳي آڪاس ڳوٺ جو.

    جنهن وقت جوش مان ڳڀرو اٿيو هيو،
    سرجي پيو نئون اتهاس ڳوٺ جو.

    برسات جئن پئي وڻ ۽ ڀتين مٿان،
    آئي هوا کڻي هئي واس ڳوٺ جو.

    مصروف شهر ۾ اڀري پيو سدا،
    اُجري صبح جيان احساس ڳوٺ جو.

    جنهن کي مڃيو اسان ماڻهو ڪري اهو،
    کائي ڪُتي جيان ويو ماس ڳوٺ جو .


    غزل

    غزل

    ڪنهن جي ڳولا ۾ پيو لُڇندو رهي،
    رات ٿيندي چنڊ ٿو رُلندو رهي.

    اڄ به منهنجي ڄڻ اکين ۾ رات جو،
    باهه ٿي هڪ خواب ٿو ٻرندو رهي.

    ڪير آهي هيءُ گيڙو ويس ۾؟
    جو مسافر پيار ٿو پُڇندو رهي.

    ڪنهن مٽي جي ڄڻ ته رانديڪي جيان،
    روز هڪڙو شخص ٿو ڀُرندو رهي.

    ٿي پٿر ماڻهو ويو آهي هتي،
    پيو ستم سهندي به ٿو کِلندو رهي.

    ٿا لڳن منظر سڀئي هاڻي اداس،
    فرقتن ۾ جيءُ ٿو جُهرندو رهي.


    غزل

    غزل

    در، دريون ۽ گهر سڄو خاموش هو،
    درد ۾ آڳُر سڄو خاموش هو.

    رات ٿيندي سڀ پکي پيا ها سُمهي،
    ڳوٺ جو منظر سڄو خاموش هو.

    ٿي هوا اغوا وئيشايد هُئي،
    ڏکڻ سان اوڀر سڄو خاموش هو.

    ڪنهن نه کڙڪايو اچي هو گهنڊ کي،
    سوڳ ۾ مندر سڄو خاموش هو.

    ويو ڪري ڪو ساهه مُٺ ۾ بند ڄڻ،
    جسم سان اندر سڄو خاموش هو.


    غزل

    غزل




    وار ڇوڙي چنڊ سامهون اچي بيهي رهي،
    مورتي ٿي خواب ۾ ڪامڻي بيهي رهي.

    حالتن سان جنگ ۾ نيٺ وڙهندي اوچتو،
    زخمي ٿي هڪ جاءِ تي زندگي بيهي رهي.

    رات جي پوئين پهر هِن خماريل سانت ۾،
    خالي گهر جي آ مٿان چاندي بيهي رهي.

    شام ڌاري اوچتو در منجهان پائي ليئو،
    ڪنهن الئي سوچ ۾ نينگري بيهي رهي.

    جون جي هِن سخت گرمي ۾ هڪڙي ڇوڪري،
    معجزن منهنجي مٿان واءُٿي بيهي رهي.

    سمنڊ جيڏي پياس هئي پاڻ کي انجم مگر،
    هوءَ کڻي پنهنجي اڳيان هِڪ چُڪي بيهي رهي.


    ايڇ ڪيو پرڀات : اکين مان شام گذري پئي

    تعارف

    تعارف
    ادبي نالو: ايڇ ڪي پرڀات
    اصل نالو: حاجي خان
    ولد: علي محمد
    ذات: ڪلوئي
    جنم جي تاريخ: 4 فيبروري 1982
    جنم ڀومي : ڳوٺ حاجي خان تعلقه ۽ ضلع ٽنڊوالهيار
    تعليم : ايم . ايس.سي ( بي. ايڊ)
    ڪِرت : ايڇ .ايس.ٽي
    لکڻ جي شروعات :2016
    رهائش : ٽنڊوالهيار
    واٽس ائپ نمبر : 03004323711
    فون نمبر : 03004323711
    Email: akash:khan38@ymail.com


    غزل

    غزل


    اڃان پنڌ تو ڏي سجايو نه ٿيو آ،
    اڃان تڪ به پورو ڪنايو نه ٿيو آ،

    ڏسي مان ڏسيان ڇا ڀلا تو ڇا هي
    اڙي هي به تعلق اجايو نه ٿيو آ،

    چوان جي ته سچ مان به سمجهان پيو پر
    اڃان ڀي ته سچ هي وتايو نه ٿيو آ،

    اوهان جي ائين ئي گذري وڃڻ سان
    اڃان سُور شايد سوايو نه ٿيو آ،

    اهو ئي پرڀات پنهنجو نه ٿيو آ
    اهو سُور پنهنجو پرايو نه ٿيو آ .


    غزل

    غزل


    اُهي ڪير هئا جن پڇائون ڪيون پي،
    اوهان جي گلي ۾ گلائون ڪيون پي،

    اسان جي گلائن ۾ شامل نه ٿين ها
    ڪرين ياد ها سي وفائون ڪيون پي،

    ٻڌائي کڻي تون مليو ڀي ته ڇاهي
    رڳي ڳوٺ وارن جفائون ڪيون پي،

    مڃين نه مڃين تون اوهان کان پري دل
    الائي ته ڪيڏيون صدائون ڪيون پي،

    اهي ياد رهندا، اهي ياد رهندا،
    ته ڪنهن ڪنهن اسان مدايون ڪيون پي .


    غزل

    غزل



    اکين مان شام گذري پئي،
    اوهان جي ياد وکري پئي،

    کٽياسين پئي توهان کانپوءِ
    ها سا ڀي ڄاڻ تڪڙي پئي،

    ويهي اڄ ڪو ته والاريان
    پر ڪنهن ي ڪاڻ وڇڙي پئي،

    ڪنهن جو ڀي ڏوهه ناهي دل
    پنهنجو ئي پاڻ پڄري پئي،

    توکان پو هرگهڙي پنهنجي
    آواراپن ۾ گذري پئي.


    غزل

    غزل



    هر پهر ۾ لهر تنهنجو ئي ٿو هجي،
    هر نظر ۾ قهر تنهنجو ئي ٿو هجي،

    ڇاڪجي ڇا ڪجي روز اڻ تڻ ٿئي
    هر ذڪر ۾ فڪر تنهنجو ئي ٿو هجي،

    گوڙ ڇا جو ته آ شور ڇا جو ته آ
    دل ٻڌايو چڪر تنهنجو ئي ٿو هجي،

    مون ڇڏي آ ڏنو ڀي ڪُڇڻ سڀ اڳيان
    ها سحر ئي سحر تنهنجو ئي ٿو هجي،

    ساڙ ڇو ٿا ڀلا ماڻهو هي به ڪن
    ان ڪري جو ذڪر تنهنجو ئي ٿو هجي.


    غزل

    غزل

    ٻڌائي ته ڪنهنجي سهاري ويا،
    ڇڏي رهگُذر تي روئاري ويا،

    وڃايل انهي هنڌ پيو مان به هان
    اسان کي اوهان جت وساري ويا،

    وري واٽ ٿو ڳولهيان مان اها
    اسان کي اوهان جت نهاري ويا،

    ٻڌو آ اچي پئي سڀاڻي ڪهي
    سڀاڻ تڪ اسان کي جياري ويا،

    گلابي چپن کي وساريان ڪيئن؟
    امر آب امرت پياري ويا.


    غزل

    غزل

    اسان ڀاڳ تنهنجي مان نڪري وڃون ٿا،
    ڇڏي ماڳ تنهنجو به اُجڙي وڃون ٿا،

    کلين تون تڪين ٿي يڪو جا اسانکي
    اسان ئي اسان کان به وسري وڃون ٿا،

    اجائي نه ضد ڪر ملڻ لاءِ به تون ئي
    ملڻ کان به اڳ ئي ته وڇڙي وڃون ٿا،

    سڄو ئي سڀيتا لڳي ٿي حسن جي
    ڏسڻ لاءِ اسان ڀي ته سنبري وڃون ٿا،

    ڳلن تي رکي هٿ غزل جان اچي ٿي
    اچڻ سان اندر ۾ به وِکري وڃون ٿا.


    غزل

    غزل
    اي وقت ميڙ مون کي،
    هاڻ نه اُڊيڙ مون کي،

    هي لوڪ سڀ هٽائي
    اڄ پاڻ ويڙه مون کي،

    سچ آ پرين ڀڄي مان
    ٿس ڀور ميڙ مون کي،

    ٿي ويو ڪڻو ڪڻو هان
    ٻيهر سهيڙ مون کي،

    تون ناز سان اچي او
    ڇوري نه ڇيڙ مون کي،

    پيا سُور سڀ ڦٽن آءُ
    پرڀات کيڙ مون کي.


    غزل

    غزل

    تنهنجي سُونهن جي رنگن جي مرڪ تي،
    ڇا لکان تنهنجي سُرن جي مرڪ تي،

    ڪهڪشان جيان تون به چمڪين ۽ وري
    ٿي ٽڙين سا ڀي گلن جي مرڪ تي،

    تون شعر جي ٻن سٽن جان ڪو اچي
    ڪاش مرڪين گڏ سخن جي مرڪ تي،

    ها اسان هر جاءِ تي ئي پاڻ کي
    پي وڃايوسين سجن جي مرڪ تي،

    نينهن اوڀر طرف کان مون کي چيو
    مان لکان تنهنجي چپن جي مرڪ تي .


    گل بلوچ : اي سائين! توکي اجازت آهي

    تعارف

    تعارف



    ترجمو ڪندڙ: گُل بلوچ
    ادبي نالو: ثمينه جاويد ملڪ
    اصل نالو: ثمينه جاويد
    مڙس جو نالو: جاويد اقبال ملڪ
    ذات: اعواڻ
    جنم جي تاريخ: 6آڪٽوبر 1982
    جنم ڀومي : راولپنڊي
    تعليم : ماسٽرس ان اردو ادب
    ڪِرت : ليڪچرار
    لکڻ جي شروعات :2000
    رهائش : راولپنڊي
    Email: saminajaved2015@gmail.com


    ںظم

    ںظم


    تون ياد ايندو آهين ...

    جڏهن ڪٿي برسات جون
    بوندون آڪاش جو پيغمبر بڻجي
    ڌرتي جي ڪُک ۾ لهنديون آهن،

    مون کي تون ياد ايندو آهين
    ماڪ جا ڦڙا آهستي سان
    گلاب جي هٿ تي
    بسترو وڇائيندا آهن،

    مون کي تون ياد ايندو آهين
    جڏهن برف پهاڙن کي
    سُفيد چادر اوڍائيندي آهي
    ڌرتي ڪنهن سُفيد پوش
    اپسرا جئين سنورجي ويندي آهي
    هوا روح کي ڄمائي ڇڏيندي آهي
    مون کي تنهنجي پيار جي حدت ياد ايندي آهي.


    ںظم

    ںظم

    مون کي تون ياد ايندو آهين
    جڏهن بهار جوڀن ڏيکاريندو آهي
    منهنجي قدمن تي گل نڇاور ڪندو آهي
    زمين وري سرسبز ٿي ويندي آهي،

    مون کي تون ياد ايندو آهين
    خزان جڏهن نوحا ڳائيندو آهي
    قدمن هيٺيان زرد
    پن جڏهن ويڻ ڪندا آهن
    وڻ وڇڙڻ وارن جو ن ڪهاڻيون
    پيا ٻڌائيندا آهن

    مون کي تون ياد ايندو آهين
    فطرت جي هر منظر ۾
    هر پل ساعت ۾
    مون کي تون ياد ايندو آهين
    مون کي تون اڄ به ڏاڍو ياد ايندو آهين...


    ںظم

    ںظم
    شبِ تنهائي ...

    ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته
    مان روح جي وجود کي
    تنهائي اوڍائيندي آهيان
    جئين چانڊاڻ تن تي
    بادل اوڍيندي آهي
    چانڊاڻ ته نکرجي ويندي آهي پر
    تنهائين جي قُرب ۾
    منهنجو روح بکرجي ويندو آهي،
    ڪڏهن ڪڏهن شبِ تنهائي ۾
    ڳوڙها منهنجي رُخسارن سان
    ائين ڳڙندا آهن
    جئين آخري رات ڪنهن
    گُل تان ماڪ جا ڦڙا ڳڙندا آهن،
    شبِ تنهائي ڪجهه سپنا اکين ۾
    ائين لهي ايندا آهن
    جئين برسات جي راتين ۾
    جگنو پنهنجا دامن پسائيندا آهن
    شب تنهائي ۾ اڪثر پاڻ سان
    مان اچي ائين ملندي آهيان
    جئين ڪنهن ڀٽڪيل
    مسافر کي منزل جو رستو ملي وڃي.


    ںظم

    ںظم

    ابرِ محبت ....

    جانان !
    مون توسان محبت ڪئي آهي
    ۽ مون کي توسان ئي محبت آهي
    محبت جيڪا هوا جو جُهوٽو ناهي
    جو ڇُهي گذري وڃي
    ۽ واپس موٽي نه اچي

    نه ئي ڪا چِڻگي آهي
    جيڪا جلي ۽ وسامي وڃي
    نه صبح جو ڪو تارو آهي
    جو آفتاب جي وسعت مان
    ٿيندو مجبور ٿي معدوم ٿي وڃي،

    محبت ڪنهن مرڻ واري جي
    آخري هِڏڪي به ناهي
    جو نه پهچڻ جو ڪرب سميٽي اڀري
    ۽ فضا ۾ گم ٿي وڃي
    نه ئي گذرندڙ جواني جو واپس وري نه سگهي
    نه ئي ڪو پاڇو
    جو رخ مٽائيندو رهي
    ۽ محبت پاڻي جو ڪو ڦُڙو به ناهي،

    جانان !
    محبت ته امر بيل (وڻ ويڙهي) آهي
    جيڪا وجود سان ويڙهجي ٿي
    ۽ آخر دم تائين ساٿ رهي ٿي
    جنهن جي گِرفت مان آزاد ٿيڻ ناممڪن آهي

    هي اهو بحر آهي
    جيڪو تا ابد سيراب رهي ٿو
    هي ڪهڪشان آهي
    جيڪا آڪاش جو نُور بڻجي ٿي،

    جانان !
    مون توسان اهڙي ئي محبت ڪئي هئي
    ۽ اهڙي ئي محبت ڪريان ٿي
    پر فرقت جي لمحن منهنجي وجود کي
    چولستان بڻائي ڇڏيو آهي
    مان اها پياسي ڌرتي آهيان
    جيڪا ابرِ محبت جي منتظر آهي...


    ںظم

    ںظم

    اي سائين ! توکي اجازت آهي ....
    وقت جي وهڪري ۾
    جيسيتائين چاهين وهندو وڃ
    واريءَ جي ڪنارن کي جيڪو
    چوڻ چاهين چئي اچجانءَ
    پر جڏهن تنهنجو جسم
    پگهر سان شل ٿيڻ لڳي
    ته تون مون وٽ واپس اچجانءَ،

    اي سائين ! توکي اهيا به اجازت آهي
    خود فريبي جي ڄار ۾
    احساسن جي ذات جي ڍال ۾
    ڪنهن حسين خيال ۾
    جيڪڏهن گم رهڻ چاهين ته رهجانءَ
    پر جڏهن...
    ڪنهن سان حال دل چوڻ چاهين
    ڪڏهن من جو بار هلڪو ڪرڻ چاهين
    مون کي تون پنهنجو منتظر ڏسندي
    منهنجي ٻانهن ۾ واپس هليو اچجانءَ
    محبت جي ڇانو ۾ واپس موٽي اچجانءَ،

    مان توکي اهيا به اجازت ڏيان ٿي
    تون جنهن تي چاهين
    پنهنجي چاهت جا سڀ رنگ لٽائجانءَ
    تون جنهن جي خوابن جي زينت
    بڻجڻ چاهين ته بڻجانءَ
    پر جڏهن...
    ڪنهن جي اک جو تر نه بڻجي سگهين
    ڪنهن به رنگ ۾ رنگي نه سگهين
    مون کي تون منتظر ڏسندي
    محبت جي ڇانو ۾ واپس موٽي اچجانءَ،

    اي سائين ! توکي اجازت آهي
    بلندين تي سدائين محو پرواز هجين
    اُفق پار جي سڀني رنگن کي ڇُهي اچين
    پر جڏهن...
    بي انت سفر توکي ٿڪائي ڇڏي
    ۽ پيرن هيٺيان زمين کسندي
    محسوس ڪرين ته
    واپس موٽي اچجانءَ
    منهنجي ٻانهن ۾ ...


    ںظم

    ںظم

    لامڪان ....



    مون ڪيتري اوندهه پار ڪئي آهي
    اهو جيڪڏهن ٻڌائي سگهون ته
    شايد تنهنجي زندگي جي
    اچڻ وارن سڀني لمحن کي
    اوندهه ڳِهي وڃي،

    پر اَلميو ته اهيو ئي رهيو
    جيڪي عذاب اسان تي گذريا
    اهي سڀ گونگا هئا
    جيڪي حقيقتون
    مان سهي وئي آهيان
    اهي سڀ مفلوج هيون
    سو اڄ جي رات اهي قِصا
    ناتمام ئي رهڻ ڏي سائين
    منهنجي ويجهو لامڪان رهڻ ڏي ..!!!


    ںظم

    ںظم



    میں دنیا کو بے حجاب دیکھوں
    حقیقتیں بے نقاب دیکھوں

    اس آگہی نے جلا دیا ہے
    میں چاہتی ہوں، سراب دیکھوں

    جنوں میں ہستی تمام کردی
    میں زیست کا اب حساب دیکھوں

    کتاب تقدیر میں ہے کیا کیا
    میں اس کا ہر ایک باب دیکھوں


    خيرل سيلرو : جنهن ۾ نه يار آ سا ڪائنات ڇا ڪبي

    تعارف

    ادبي نالو: خيرل سيلرو
    اصل نالو: خير محمد
    ولد: احمد علي
    ذات: سيلرو
    جنم جي تاريخ: 14 آگسٽ 1972
    جنم ڀومي : رتو ديرو ضلع شهداد ڪوٽ
    تعليم : ايم .اي
    ڪِرت : پرائيوٽ ملازم
    لکڻ جي شروعات :1990
    رهائش : رتو ديرو ضلع شهداد ڪوٽ
    واٽس ائپ نمبر : 033375051187
    فون نمبر : 033375051187
    Email: khairmuhammad447@gmail.com


    غزل

    غزل







    زندگي کي زندگي آ تو ڏني،
    هن خوشي کي ڀي خوشي آ تو ڏني،

    جنهن جي رڳ رڳ پيار سان رسيل هجي
    تنهن محبت کي مڳي آ تو ڏني،

    عشق کان جنهن جي به دل واندي هئي
    اُنجي دل کي دل لڳي آ تو ڏني،

    روح جي رنجش خلش ٿي وئي ختم
    اهڙي ان کي تازگي آ تو ڏني،

    پيار پرور آهي خيرل سيلرا
    جنهن جي مون کي تِشنگي آ تو ڏني .


    غزل : هُجومن ۾ هوندي اڪيلو رهان ٿو،

    غزل : هُجومن ۾ هوندي اڪيلو رهان ٿو،
    رڳو سُور صدما پيو مان سهان ٿو،

    ڪيان حال ڪنهن سان ته دلبر رٺو آ
    اندر ئي اندر ۾ اُجهامي ٻران ٿو،

    زماني جي سامهون ٿو خوش ٿي کلان پر
    پنهنجي منهن سان ڪنڊ ۾ ئي روئان رڙان ٿو،

    وڃان پاڻ هن ڏي يا ايندو هو مون ڏي
    انهي سوچ ۾ بس ٻڏان ۽ تران ٿو،

    مري ويندو هر ڪو مگر سيلرا هت
    نه خيرل ڪو مرندو جيئن مان مران ٿو .


    غزل : اڃان درد ڏي هي نه دلڙي ٽُٽي آ،

    غزل : اڃان درد ڏي هي نه دلڙي ٽُٽي آ،
    جيان ٿو پيو جو نه زندگي کُٽي آ،

    سدا سُور ڏي تون نه تر ڪوئي گهٽ ڪر
    سهان شل سڀئي سهپ ڏاڍي ڏکي آ،

    جڏهن کان ڇڏي وئين غمن جو آ گهيرو
    نه ڪو پل گهڙي ڪا نه ساعت سکي آ،

    حياتي سڄي ۾ نه سُک ڪو سماڻو
    ڏني ڀاڳ قسمت به مونکي پُٺي آ،

    سڙي دل وئي جگر جيرا بڪيون سڀ
    خوشي هر دنيا جي تو مونکان کسي آ،

    ڇني ڌار ڪيو ٿي جڏهن کان او جاني
    منهنجي دل به مون سان وئي ڄڻ رُسي آ،

    او خيرل پو روئيندي سيلرا خطا تي
    وفا تي وهوا وفا ڪئي سٺي آ.


    غزل : تنهنجي منهن تي مُرڪ جو ايندي آهي،

    غزل : تنهنجي منهن تي مُرڪ جو ايندي آهي،
    سُونهن ڀي سينگارجي ويندي آهي،

    سُونهن کي سينگار جي ناهي خبر
    خوب صورت خوب ئي هوندي آهي،

    حُسن جي خوشيون ڪري ڳالهائي ٿو
    خوشبو لفظن کي چُميون ڏيندي آهي،

    موج مستين ۾ جواني ٿئي مگن
    تنهنجي اک ڪنهن تي نه ٻُڏندي آهي،

    آ هوا ڀي ناز خوشيون پئي ڪندي
    کليل وارن جو هوءَ کڻندي آهي،

    تنهنجي جلون جي به تجلي دلربا
    دل جي تارن کي اچي ڇُهندي آهي،

    صبح سانجهي سار تنهنجي ساڻ آ
    ۽ نظر هي راهه پئي ڏسندي آهي،

    سيلرا جي ننڊ ڀي پئجي وڃان مان
    ياد خيرل ڪو نه هي سُمهندي آهي .


    غزل : گهمڻ تنهنجي سان گونجن ٿا هزارين سُر فضائن ۾،

    غزل : گهمڻ تنهنجي سان گونجن ٿا هزارين سُر فضائن ۾،
    ڏسڻ تنهنجي سان اڀرن ٿا ستارا چنڊ راهن ۾،

    سڄي ڪائنات آ سهڻي مگر تنهنجو مٽ نه ڪوئي
    تنهنجي هر هڪ ادا سُر آ نه اهڙو سُر آ سازن ۾،

    جهٽي دلڙي کڻي ويون هن دنالين سان دسي ڪجليون
    شڪاري ناهي ڪو اهڙو نه ڪو آ باز بازن ۾،

    لڳي تو سان وئي دلڙي ڏسڻ سان ئي ڏنگي ڏاڍي
    ورائڻ سان نٿي واپس وري موٽي وٿاڻن ۾،

    وڃي رنگين ٿي ماحول ٿو جاٿي اچين خيرل
    سچي آ سيلرا دل جي ته ملبو ڪهڪشائن ۾ .


    غزل : وڃي ڪانگ دلبر کي خطڙا ڏئي آ،

    غزل : وڃي ڪانگ دلبر کي خطڙا ڏئي آ،
    لکيل منهنجا ٻٽڙي هي پنڙا ڏئي آ،

    منهنجي درد چڪنا ڪئي چُور دلڙي
    ٽٽل دل جا سارا سي ٽڪڙا ڏئي آ،

    جنهن جي پيار شاعر ديوانو ڪيو آ
    ڀريل شاعري وار بڪڙا ڏئي آ،

    دعا جي ٻڪن ۾ رنس نير رت جا
    رڱيل رت سان ريٽا ٿي ٻڪڙا ڏئي آ،

    ڏئي هٿ هٿن ۾ جدا جي ڪيا مون
    اهي هٿ وڍي ڏيان سي هٿڙا ڏئي آ،

    لڳي سيلري کي نڪي واءُ ڪوسو
    ڀريان ساهه خيرل ٿو ٿڌڙا ڏئي آ .


    غزل : محبوب کان بنا ڪا محلات ڇا ڪبي،

    غزل : محبوب کان بنا ڪا محلات ڇا ڪبي،
    جنهن ۾ نه يار آ سا ڪائنات ڇا ڪبي،

    دلبر سوا هي دنيا اوندهه مثل آ
    تاريڪين ۾ روشن پرڀات ڇا ڪبي،

    جيئڻ مرڻ جو پاڻ ۾ اقرار هو ڪيل
    ايندي اڪيلي جو هيءَ سڪرات ڇا ڪبي،

    سج کان لٿي لڳي ٿي رڳو تات بس پرين
    جنهن رات ۾ نه راڻل سان رات ڇا ڪبي،

    چوويهه ڪلاڪ جاني کپندو آ ساڻ بس
    هي جهٽ پلڪ يا گهنٽو اڌ رات ڇا ڪبي،

    خيرل هو ساهه سُر آ سنسار سيلرا
    هن کانسواءِ حياتي افزات ڇا ڪبي .


    غزل :

    غزل :
    اڃان ديس منهنجي جو دارون نه ٿيو آ،
    سکيو هاري مزدور مارون نه ٿيو آ،

    اڃان دشمني سنڌ جشندو وتي ٿي
    ڳپل ڦاڪون ٻيرا ۽ ڦارون نه ٿيو آ،

    خزائون ٿي آيا وطن منهنجي تي سڀ
    مگر ديس تي ڪو بهارون نه ٿيو آ،

    نڌڻڪن جيان سنڌ پئي ٿي جيئي بس
    سڀئي اُٺُ ٿي ويا ڪو مهارون نه ٿيو آ،

    چني چاڪ جنهن جي ۽ چولو به چيهون
    سريگن تي ڪوئي ستارون نه ٿيو آ،

    خيرل سيلرا ٿا وڙهئون پاڻ ۾ بس
    مگر ڌرتي جون ڪو نهارون نه ٿيو آ .


    گيت

    گيت

    تو سوا نه يار آ سکي،
    زندگي اڃان به آ ڏکي،

    ڏک سواءِ سک نٿو ملي
    سک جو آهي نانءَ ٿو رُلي
    سک ۾ زندگي آ ڪنهن ڪٽي،

    درد سان آ دم ڳنڍيو پيو
    غم سان يار پيار آ سڄو
    سک سان دوستي نه آ سُٺي،

    آ حياتي بي وفا صنم
    موت کي ئي محبوبا چيم
    قبر ۾ به هوندي سا ڪئي،

    سيلرا خوشيون ورهائي ڇڏ
    سور سيني ۾ سمائي ڇڏ
    پئه نه خيرل سک جي تون پٺي .


    ساقي منصور : فرصت اڃا سي فرصتون ڳولهي پئي

    تعارف

    ادبي نالو: ساقي منصور
    اصل نالو: منصور علي
    ولد: منظور علي
    ذات: کوسو
    جنم جي تاريخ: 1 آڪٽوبر 1991
    جنم ڀومي : ڳوٺ شاهه محمد کوسو لڳ سيتا خيرپورناٿن شاهه
    تعليم : بي.اي
    ڪِرت : ٽيلر ماسٽر
    لکڻ جي شروعات : 2005
    رهائش : شهباز ڪالوني خيرپور ناٿن شاه ضلع دادو
    واٽس ائپ نمبر : 03023044914
    فون نمبر : 03023044914
    Email: saqi:mansoor@ymail.com


    غزل

    غزل

    زندگي ساري اڪيلائي وئي،
    اک ڏٺو ئي ڪون بينائي وئي.

    حاصلاتون جام جان ناهن پرين،
    هڪ ڪشش ڪافي ڪُشا کائي وئي.

    تو ٻڌو آ معجزو پر مون ڏٺو،
    رات کي ڇاتي نرم کائي وئي.

    شاه وارث کان پڇون دل هير جو،
    يا پڇون ڀٽ جت سسئي ڳائي وئي.

    سُونهن کان جيتڻ هيو آسان پر،
    ٻار ٿي هر راند هارائي وئي،

    دل دريءَ يا در ڀڳل ساقي هيو،
    ياد ٺڪ ٺڪ جي سواءِ آئي وئي.


    غزل

    غزل
    دُٻن تي پنهنجو نه کول دامن،
    وڃي سمندر ڇڇول دامن.

    نياز الفت ڪٿي به ناهي،
    هِتي، هُتي تون نه رول دامن.

    اسان به موتي رکون ٿا سائين،
    ڏسي اڊيڙي ڪو ڍول دامن.

    اوهان کي آ جين اسان کي اڄ ڀي،
    ڪني تي آ ٻانهن گول دامن.

    هجي جو منصور پاڪ توکان،
    ڪري ڀلي سو ٺٺول دامن.


    غزل

    غزل

    ڪسبي آ ڇا لاپو چاهي،
    من کي سڪ ئي ڪافي آهي.

    وحشي يا شاعر ڪوئي،
    گيت چوي ڄڻ نوحو ڳائي.

    پاڻ پراڻي ڪوٽ جيان هون،
    دور نئي ۾ ڪير ٿو پائي.

    او ڇوري پابند سجدن جي،
    نفرت توتي واجب ناهي.

    وِهه جهڙي هي ڪير جواني،
    تنها اوتي تنها کائي.

    عادت آ يا عشق آ توسان،
    پاڻ نه ڄاڻون ڇو آ ڇاهي.

    رات لڙي سان تون سمهين ٿو،
    منصور ٻڌو ٿا ڀاڪر پائي.


    غزل

    غزل




    جيڪو ايڏي دير ڪري ربّ،
    ان کي پنهنجو ڪير ڪري ربّ،

    مون کي چمڻو طُور آ تنهنجو
    مون کي ڇو من ڇير ڪري ربّ،

    حور، طهورا جنهن وٽ سائين
    ڪير ٿو تنهن سان وير ڪري ربّ،

    اسمائيل جي ربّ کي چئجان،
    ڪاڇي ۾ به ڍير ڪري ربّ،

    سُهڻي ٿي اچ تار تري يا،
    سسئي ٿي ڏس ڏير ڪري ربّ،

    دل جهڙي هن آفت بخشي،
    منصور سان ڇا وير ڪري ربّ .


    غزل

    غزل
    اسان جي راز کي ڇيڙي،
    وڃين ٿي ساز کي ڇيڙي.

    رکون اک ٿا اسين اهڙي،
    وجهون پرواز کي ڇيڙي.

    ڀڃون ٿا ماٺ جا شيشا،
    ڪڍون آواز کي ڇيڙي.

    اسان جي عاجزي سائين،
    وڌي اعجاز کي ڇيڙي.

    حقيقت ڏي ڀڄو ڇو ٿا،
    پرين مجاز کي ڇيڙي.

    عشق شهباز آ پنهنجو
    پيو ٿو باز کي ڇيڙي،

    اهو منصور هوندو جو،
    نظر ٿي ناز کي ڇيڙي.


    غزل

    غزل


    نه ڇِت منهنجي نه در منهنجو،
    عجب ناهي ته گهر منهنجو.

    شهر ڇا حال مان ڄاڻي،
    جي ڪو ڄاڻي ته بر منهنجو.

    اڏارون ڇا بنا هن جي،
    جنون هو جو ۽ پر منهنجو.

    چوين ٿي تون اڪيلو ڇو،
    ڪچو، ڪاڇو ۽ ٿر منهنجو.

    سسئي، سهڻي چري موکيءَ
    عمر ماريءَ مهر منهنجو.

    ڏٺو منصور تو ڪاٿي،
    ٿيو جو در بدر منهنجو.


    غزل

    غزل

    فرصت اڃان سي فرصتون ڳولي پئي،
    مڌ، شام، تون ۽ تُهمتون ڳولي پئي.

    مان عادتن تو ڏي اڪيلائي ڀڄان،
    پر فطرتن دل قُربتون ڳولي پئي.

    وک وک تي ٿرهر اک لڳي ٿي بر جيان،
    خلفت اڃان ڀي عِبرتون ڳولي پئي.

    عرفان اڏري اُڀ لتاڙي آ لٿو،
    تنهنجي جهالت تُربتون ڳولي پئي.

    هو ڪک کي ٻوڙي ۽ پهڻ تاري پيو،
    وڃ سير سهڻي رحمتون ڳولي پئي.

    هڪ دل روايت کان هٽي ئي جا نٿي،
    هڪ لوچ آ جا جِدتون ڳولي پئي.

    سالار جهڙي ڇوڪري وسري نه ٿي،
    جا دل اتر ۾ محبتون ڳولي پئي.

    مون وحشتن مرڪي ڏنو هو پاڻ تي،
    منصور تو ۾ محبتون ڳولي پئي.


    غزل

    غزل



    اسان جي ذات ۾ فقيري آ،
    سڄي فُڪرات ۾ فقيري آ.

    کپائي شوق ماضي جا سڀئي،
    رکي حالات ۾ فقيري آ.

    هڻي الفاظ جي نه ٿي سُرخي،
    اسان جي ڏات ۾ فقيري آ.

    ڪڙا هون وِهه وٽا هون موکيءَ جا،
    مگر من لات ۾ فقيري آ.

    مٽي ٿي ڌوڙ کان ڪري پاسو،
    فقط سا بات ۾ فقيري آ.

    سڃاڻي ٿا وٺن اسان جو سِر،
    اڏي ۽ ڪات ۾ فقيري آ.

    بظاهر باطني رکون هڪڙو،
    فقيري تات ۾ فقيري آ.

    وڻي منصور ٿو پيا توکي،
    اها هن ذات ۾ فقيري آ.


    غزل

    غزل

    پڇون ڇو تر ۾ جاءِ خالي آ،
    هلون ٿا بر ۾ جاءِ خالي آ.

    چوين ٿي جنهن کي تون سکي بنجر،
    مگر دل، ٿر ۾ جاءِ خالي آ.

    بظاهر ڇوليون هزار آهن،
    لهي ڏس جر ۾ جاءِ خالي آ.

    اسان ٿا چاهيون اوهان ويهو،
    خدا جي ڀر ۾ جاءِ خالي آ.

    زهر منصور آ هٿن ۾ پر،
    اڃان ساغر ۾ جاءِ خالي آ.


    نظم

    نظم



    منصور حب نانءُ ...

    يار منصور سچ اهو آ
    عشق هاڻي ٿڪي پيو آ
    ململي ڪنهن گرم جسم تي
    سر جهڪائي يڪي پيو آ،

    شوق ڊيڊي ممي ويا ٿي
    سج لٿي گهر اچي ڪري ٿو
    ڏينهن رات بيڊ روم ۾
    فون ڪن پيو ڦري ٿو،

    فلسفا سڀ مئا پراڻا
    عاشقي جا نوان ترانا
    شاهه جا هي بيت وساري
    گنگنائي ٿو هي راڪ گانا،

    جام ڀي شوقيا کڻي ٿو
    هن نئي هڪ چُمي سکي آ
    جا فرينچ ڪِسي چون ٿا
    ان سان سُرخي چٽي چکي ٿو،


    سانگي صحرائي ڌرماڻي : نيڻ تنهنجا ڀنا هوندا

    تعارف

    ادبي نالو: سانگي صحرائي ڌرماڻي
    اصل نالو: روي شنڪر ڌرماڻي
    ولد: جيو راج ڌرماڻي
    ذات: ميگهواڙ
    جنم جي تاريخ: 21 آگسٽ 1966
    جنم ڀومي : ڳوٺ لوڻهيار تعلقه مٺي ضلع ٿر پارڪر
    تعليم : بي اي
    ڪِرت : ملازمت
    لکڻ جي شروعات :1980
    رهائش : ڌرماڻي ڪالوني مٺي
    واٽس ائپ نمبر : 03332513405
    فون نمبر : 03332513405
    Email: rkdhrmani@gmail.com


    غزل

    غزل


    ڪونه چيو مون ڏينهن کي رات،
    ڏوهي ٿي پئي منهنجي ڏات،

    سگهه ناهي سچ ٻڌڻ جي هتڙي
    ڪوڙن هٿ ۾ ڪهاڙا ڪات،

    ڪير چوي ٿو وقت مٽيو آ
    اڄ به ڪوڪي ٿي ڪوئل لات،

    مند اچڻ تي مينهن وسندا
    تاڙي وٽ آ اهائي تات،

    عيد به آئي ڪپڙا ڪونهن
    پيرن ناهي جتي ڪا جات،

    سانگي سورن سينو ساهي
    ڏيندا پاڻ ڏکن کي مات.


    غزل

    غزل


    حُسن سمورو ٻهاري آئي،
    جوت نسورو ٻاري آئي،

    شهر جو سک ۽ چين ڇڏي
    لانڍي چونئرو ساري آئي،

    ٻاروتڻ جا گس ڀلائي
    لالڻ تنهنجي لاري آئي،

    اوسئيڙي جي اوجاڳا ٿيا
    ننڊ سموري واري آئي،

    رات ٻُڏا جي نيهن نشي ۾
    تن کي اڄ هو تاري آئي،

    چاندني گم ٿي چائونٺ تان
    زلف جڏهن هو ڍاري آئي،

    سانگي سي جي قول ڪيئي
    من تان ڇو ميساري آئي .

    .


    غزل

    غزل
    پلر پٽيا، پوٺي اچ تون،
    ساوڻ رُت ۾ اوٽي اچ تون،

    مينهن وٺو آ ماروئڙن تي
    جاني جوڙا جوٽي اچ تون،

    مٽي مهڪي منظر مرڪيا
    اکڙيون ڀل ٻوٽي اچ تون،

    چاهت جا چنگ چئني پاسي
    گيتن ۾ گل گهوٽي اچ تون،

    سانگي سرها ٿيندا سونهن پسي
    خوشيون اهڙيون کوٽي اچ تون.


    غزل

    غزل

    ناڻي ملندا ڪهڙا نينهن،
    ٺاهه ٺڳي جا ٿورا ڏينهن،

    کنڀي ءَ جواني چار پهر جي
    بڊو بادل مڙيئي مينهن،

    ڪاري ڏڌي پيو اڇو نڪري
    اسان ٻڌو آ اڳي کان ائين،

    هاڻي اهڙو واءُ واريو آ
    ڀاڳيا واڙيل چورن جئين،

    ڏاڍو گابو وئي ٿي ڳالهه پراڻي
    سهن کي سلام ڪن پيا شينهن .


    غزل

    غزل




    اکيون اڃان آليون ڏڪارن جي ڏنگن تي،
    ڪيسين روليان اميدن کي بهارن جي رنگن تي،

    بادل جي بيوفائي سان ٿيا ننگا سڀ نظارا
    رهيو پن نه سائو وڻن جي اگن تي،

    ماڻهو مور مال ويا پي سڀ اُڃارا
    اُڏي ڌوڙ ڌڌڙ پي اگهاڙن جهنگن تي،

    سُڪل ڇاتيون جيجل جون بکايل پيٽ ٻارن جا
    درد اهڙا ڪٿي لڪائجن دلين جي دنگن تي،

    سانگي سونهن وڃائي بيمار ٿيو بدن آ
    ننڌڻڪي نار نماڻي ننگي تنهنجي ننگن تي .


    غزل

    غزل



    ڀڙ ڀانگ ڀٽن ۾ بک فري پئي،
    دڙا مڙها سڀ ڀينگ ڪري پئي،

    فطرت جا ڪيڏا روُپ نرالا
    واءُ لڳو ڄڻ باهه ٻري پئي،

    هرڻ هيٺيلا ۽ ڌاڙا به تڙپن
    اُڃ وِگهي هو ڊيل مري پئي،

    پاڻي ناهي پنڌ گهڻيرو
    کوهه جي ڀر ۾ نڪ ٺري پئي،

    هاري ناري اکڙيون اُڀ ۾
    گوڙن سان گڏ وِڄ وري پئي،

    ربّ ٿي راضي مينهن وسائي
    سانگي هاڻي ڪونه سري پئي .


    غزل

    غزل

    ياد منهنجي ايندئي نيڻ تنهنجا ڀنا هوندا،
    جدائي ۾ جاني لکيا تو پنا هوندا،

    صحيح ڏنڀ جسم جا پڪ تون ڪجان
    لوڪ جي ماڻهن مهڻا پڪ سان ڏنا هوندا،

    سر سونهن ۽ سرهاڻ قيدي بڻيل اٿئي
    ريتن رسمن وارا ماڻهو لڳا تو ڪنا هوندا،

    عمر جون ڏاڍايون اڃان پيون هرن
    کوهه تان کڄندي ڏسي مارو منهنجا رُنا هوندا .


    غزل

    غزل

    ويساهه جي ڪا واٽ ٿيان،
    کيڙيءَ جي ڪا جاٽ ٿيان،

    ڏوٿين جي هن ڏيهه مٿان
    کنوڻين جو چمڪاٽ ٿيان،

    لانڍيون لوڙها منهه چونئرا
    ڪايا ڪڙ جو ڪاٺ ٿيان،

    عيدون هوليون گڏ گذاريون
    سئوڻ شادين جو ساٺ ٿيان،

    سايون رايون ڏهان سنڀالي
    مکڻ لسي ڪا ماٺ ٿيان،

    سانگي سورميون پسان پکين ۾
    مارئي جو ڪو ڳاٽ ٿيان.


    بيت

    بيت


    هئا هرڻ هيڪاندا، ٿر ۾ عام جام،
    شڪارين سوگها ڪيا، تتر تلور تمام ،
    مورن تي مارو آهي اڄ به عام ،
    اچي نٿو آرام، ڪسندو ڏسي ڪونج کي.

    مون من ناهي مدي ته به هو اولايون ڪن،
    سدا سهان سڀ ڪنهن جو ڪاوڙ نه ڪريان ڪن،
    پوءِ به انين اکين ڪٽر ٿيو کٽڪان.،

    آئون سڀ ڪنهن سرهو مون هر ڪنهن ڇو ڏمر،
    نه وڙهان نه ورچان نه وڃان ڪنهن در،
    پوءِ به مون پچر ڪڙي ڪن ٿا ڪڙهيان.

    ٻريا لڱ لڪن ۾ آيو ويساک وري،
    پاڻهياري پاڻي لئه ويري تي وري،
    سيمو سُڪي ويو ڏسي هو ڏري،
    ويئي منڌ مري خالي ڏسي کوهه کي .


    گيت

    گيت

    سيني ڪيڏو ساڙ رکين ٿو،
    وهه ڀريل ڄڻ واڙ رکين ٿو،

    پنهنجو تن من ڀسم ڪري،
    ستي سندي ڪو رسم ڪري،
    ٻيائي کي ائين ٻکين ٿو،

    حياءُ حجاب ۽ ڀرم ڇڏي،
    پنهنجو پرايو مرم ڇڏي،
    ڪيڏي ڇائي منهن مکين ٿو،

    هر ڪنهن جي تون گلا ڪري،
    بڇڙي جئين ڪا بلا ڪري،
    روز ڪوڙن سان تئين ڪکين ٿو،

    سانگي ڪيڏو هي سُندر سنسار،
    سج چنڊ ڌرتي امبر ڌار،
    پويتر جل پڻ جئين چکين ٿو،
    سيني ڪيڏو ساڙ رکين ٿو .


    سپنا سنڌي : تنهنجي ملڻ سان حياتي وڌي ٿي

    تعارف

    ادبي نالو: سپنا سنڌي
    اصل نالو: گل بانو
    مڙس جو نالو: احسان علي
    ذات: بلوچ
    جنم جي تاريخ: 6 مارچ
    جنم ڀومي: ڳوٺ پيڄاهو تعلقه خيرپور ناٿن شاه ضلع دادو
    تعليم: گريجوئيٽ
    ڪرت: استاد
    رهائش: ڪوٽڙي ضلع ڄامشورو
    لکڻ جي شروعات: 2010
    Email: sapnaakaxh@gmail.com


    غزل

    غزل




    هوا ڇا ۾،
    ڍڪي ڍڪيان؟

    رڳو چؤڏس،
    پيار پَسان،

    اڙي او دل،
    نه ڪر کِچلان،

    نه وڃ تون ڙي!
    پري مون کان،

    لڇي ٿو من،
    ملي توسان.


    غزل

    غزل




    سار به سِڪ،
    سِڪ ۾ ڇِڪ،

    مون آخر
    ڪهڙي لِڪ،

    تو ڏانهن
    آ هر وِک،

    جيون ڀي
    ڌوڪو هِڪ،

    من ڪيڏو
    توبن ڦِڪ.


    غزل

    غزل



    عاشقي مختصر،
    شاعري مختصر،

    توسواء ڇا ڪجي
    زندگي مختصر،

    سُک نه ئي چين آ
    بندگي مختصر،

    راه ۾ هُو مِلي
    دل لڳي مختصر،

    درد گهٽجي نه ٿو
    مئڪشي مختصر.


    غزل

    غزل




    رات ۽ ابر،
    ياد ۽ صبر،

    من به هيڪلو
    تو سوا قهر،

    جهڙ به جاڳ ۾
    آه ڪي پهر،

    راه تي رهيو
    عشق جو سفر،

    درد عرب ڪو
    دل به ڄڻ ڏهر.


    غزل

    غزل


    نيڻن سان نيڻ ملائي ته ڏس،
    ناتو نينهن جو لائي ته ڏس،

    توبن منهنجو من آ هيڪلو
    منهنجي من ۾ واجهائي ته ڏس،

    توسان ڪين رسڻ ڄاڻون مِٺا
    تنهنجي آهيان ازمائي ته ڏس،

    سائين ڪئين مان توبن رهان،
    ڪا محفل تون به مچائي ته ڏس،

    سپنا جي چاهت ۾ ڪي به پل
    تون مون سان به سجائي ته ڏس.


    غزل

    غزل



    تنهنجي ملڻ سان، حياتي وڌي ٿي،
    تنهنجي رسڻ سان، حياتي کٽي ٿي،

    تون جي ڀري مون ڏسڻ ڏي اڙي دل !
    توکي ڏسڻ سان، ته چاهت مچي ٿي،

    تنهنجي پرين ياد هرپل، اڱڻ من
    تو ياد سان دل ته منهنجي ٺري ٿي،

    چاهت نرالي به تنهنجي ته سائين
    توکي پسڻ سان پرين مون سري ٿي،

    رُسبو به آهي ته مڃبو به آهي
    مونکان مِٺا تون نه ڪڏهن پري ٿي.


    نثري نظم

    نثري نظم
    *سپنا*

    منهنجا سپنا سمنڊ ڪناري پيل انهن سپين جيان آهن
    جن ۾ ڪي به
    مو تي ناهن هوندا -





    2-
    *دعا*

    آئون تنهنجي آھيان
    گهٻراءِ نه
    مون ربّ کان صرف توکي ئي گهريو آهي-


    3-
    *اختيار*

    مان پنهنجي ساهن ۾ تنهنجي الفت جي خوشبو محسوس ڪئي آهي،
    انتهائي ويجهن رشتن جي پناهن ۾ هوندي به
    پاڻ کي هميشه تنها پاتو آهي
    اي ساه جهڙا سپرين
    توکي سارڻ ۾ جيون آھي ۽ وسارڻ منهنجي وس ۾ ناهي-






    4-
    *ڪچي تحرير*

    ڇا…؟؟؟
    منهنجو پيار تنهنجي
    ڪلاس روم جي بليڪ بورڊ تي لکيل ڪا ڪچي
    تحرير هئي؟
    جنهن کي تو پنهنجي هٿن سان ميساري ڇڏيو ...؟؟؟

    5-
    *ياد ۽ پيار*

    پيارمنهنجو ايترو
    ڪمزور ناهي پرين
    جو توکان ائين وسري وڃي
    منهنجي سار جو پکي
    تنهنجي دل جي اڱڻ تي
    ڪڏهن لهندو ته هوندو…!




    6-
    *درد ۽ ڌپ*

    تنهنجو ڏنل درد *لشمينياسز*
    ڏينهون ڏينهن وڌنڌو پيو وڃي
    تون مون کي ائين ڇڏي هليو ويو آهين
    ڄڻ…
    منهنجي وجود ۾ ڪا ڌپ هجي-

    *لشميناسز چمڙي جي هڪ بيماري *




    7-
    *صدا*

    اي پرين !
    منهنجي ڪمري ۾ اڄ به
    تنهنجا ٽهڪ پڙاڏو بڻجي
    گونجندا آهن
    مان صدين کان تنهنجي راھ پئي ڏسان ۽ تون::::::::؟؟؟




    8-
    *رب ۽ ڪُفر*

    پڇيائين: ”مون سان ايڏي محبت ڇو ڪندي آهين؟“
    چيم: ”توسان پيار ڪري ربّ کي پسيو اٿم،
    چيائين..
    چري! ائين چئي.. ڪفر ٿي ڪرين
    چيم.. ”ڪفر توکي پسڻ ۾ نه پر توکان منهن موڙڻ ۾ آهي“


    سڪندر اوٺو : نيڻ تنهنجا ڀِنا ته هوندا

    تعارف

    ادبي نالو: سڪندر اوٺو
    اصل نالو: سڪندر
    ولد: ابراهيم
    ذات: اوٺو
    جنم جي تاريخ: 5 فيبروري 1985
    جنم ڀومي : ڳوٺ اسماعيل اوٺو ٿر پارڪر
    تعليم : انٽر
    ڪِرت : پرائيوٽ ملازم
    لکڻ جي شروعات :2013
    رهائش : ڪراچي
    واٽس ائپ نمبر : 03458767010
    فون نمبر : 03458767010
    Email: sikandarali927@gmail.com


    غزل

    غزل



    انتظاري جو مزو مون کان نه پڇ،
    بيقراري جو مزو مون کان نه پڇ،

    ڪالهه سنڌوءَ تي سنواريا وار جنهن
    ناز واري جو مزو مون کان نه پڇ،

    ديد جنهن جي سان منهنجي آ عيد ٿي
    تنهن تون پياري جو مزو مون کان نه پڇ،

    ٿر ڀٽن تي کيل ٿي کنوڻن ڪيا
    خوش گواري جو جو مزو مون کان نه پڇ،

    روهيڙي جي گل جو جنهن تي ٽڙڻ
    ان تون ٽاري جو مزو مون کان نه پڇ،

    ساهه ۾ جنهن پل سميٽيو تو کڻي
    ڪيف طاري جو جو مزو مون کان نه پڇ،

    ساڻ جيڪو آ ڏنو سڪندر سدا
    ان جي ياري جو مزو مون کان نه پڇ .


    غزل

    غزل



    تنهنجي مُرڪي ملڻ سان وٺو مينهن هو،
    ها خوش ٿي کلڻ سان وٺو مينهن هو،

    مور وانگي ٽلي پئي هلئين گهر مٿان
    وار ڇوڙي ڇڏڻ سان وٺو مينهن هو،

    ٻانهن جو ڏئي وراڪو جئين قابو ڪئي
    سُور ان دم سلڻ سان وٺو مينهن هو،

    ڪارا، نيرا ڪي بادل هئا آسمان تي
    گاج سان کنوڻ سان وٺو مينهن هو،

    ڀٽ ڀلاري مٿي مون ڏٺو اتر ڏانهن
    واءُ گهلندي ڏکڻ سان وٺو مينهن هو،

    سڄي ٿر ۾ سُرهائي ٿي آهي سڪندر
    مند موٽي اچڻ سان وٺو مينهن هو .


    غزل

    غزل

    مِٺا محب مُرڪي ۽ گڏجي گهمڻ لاءِ،
    چاهي دل ٿي ڏاڍو توسان ملڻ لاءِ،

    ستم سور جيڪي ڏنا هن زماني
    رکيا اٿم سانڍي تو کي ڏسڻ لاءِ،

    مٺي سنڌ واري جا ٻولي آ سنڌي
    آهن ڪن هي آتا تنهن کي ٻڌڻ لاءِ،

    ازل کان جنهن تي سٿيا سور آهن
    ڇا مزدور هاري هوندو آ ڪڙهڻ الاءِ،

    جا ستي سنڌ نياڻي گهر ۾ نماڻي
    اٿيو ڀاءُ ڪاري ڪري آ ڪهڻ لاءِ،

    محبت جو هوندو سفر آ اڙانگو
    آهن تيار عاشق تنهن تي هلڻ لاءِ،

    ڪرايو درشن مون اچي دلربا ڪو
    سڪندر سِڪي ٿو صورت پسڻ لاءِ .


    غزل

    غزل


    وري اڄ ياد جا بادل وريا آهن منهنجي دل تي،
    گذريا تو سان هئا جي پل تريا آهن منهنجي دل تي،

    وساري ڪين تن کي مان سگهيو آهيان اڃان تائين
    محبت مان ڏنل سي گل ٽڙيا آهن منهنجي دل تي،

    لڙي ان شام جي ٽاڻي ايندو هئين سج لهڻ کان اڳ
    سڀئي سي ماڳ موچارا هريا آهن منهنجي دل تي،

    اميدن جا محل من ۾ جوڙيا هئاسين جيڪي گڏجي
    لڳو ڪو واءُ اهڙو جو ڀريا آهن منهنجي دل تي،

    ڪريان مان خودڪشي جيڪر ڇٽي پئي جان دردن مان
    اهڙا ئي خيال ڏيئي ڦيرا ڦريا آهن منهنجي دل تي،

    سنڌو جي پيٽ ۾ پاڻي بدران پئي اُڏي واري
    ڏکايل ڏيهه جا منظر رڙيا آهن منهنجي دل تي،

    مچائي چنڊ سان محفل ڪٽيندو رات کي آهيان
    چانڊوڪي ۾ به ڪي تارا کڙيا آهن منهنجي دل تي،

    وفا جا واعدا سڪندر جڏهن رهجي اڌرورا ويا
    تڏهن هي خواب اکڙين جا مڙيا آهن منهنجي دل تي .


    غزل

    غزل

    ڌڪاري ڇڏڻ جو سبب ڪو ڏسيو ها،
    پِيا ! دل پلڻ جو سبب ڪو ڏسيو ها،

    چئي ٿي ته چاهت نه گهٽبي ڪڏهن ڀي
    پري پوءِ رهڻ جو سبب ڪو ڏسيو ها،

    اکين تي رکي هٿ جي اقرار ڪيا هئا
    انهن جي ٽٽڻ جو سبب ڪو ڏسيو ها،

    محبت عبادت تون چوندو هئين پيارا
    پوءِ ناتو ڇنڻ جو سبب ڪو ڏسيو ها،

    اوهان جي مُرڪڻ هو گهايو دل کي
    انهي ئي کلڻ جو سبب ڪو ڏسيو ها،

    هوندو راڄ دل تي تنهنجو آهي سپرين
    سو ايڏو وڻڻ جو سبب ڪو ڏسيو ها،

    سمنڊ جي ڪناري تي سڪندر سڏائي
    اتي نه اچڻ جو سبب ڪو ڏسيو ها .


    نظم

    نظم


    سنڌ تنهنجو قسم....!!!

    مان واري مٽي، شان تنهنجو مٿي
    جا گهرون ٿا جنت، سا ته آهي هتي،

    اي امان سنڌ تنهنجي ته ماڳن مٿي
    ڪيئي باغن سنديون ئي بهارون هيون
    تنهنجي دڳ دڳ تي هئا ڪي ميلا متل
    دهل وڄندا هئا ۽ شرنايون هيون
    گهوٽ گهوڙا گهمائي هئا سرگس ڪندا
    گيت لاڏا خوشيون ڀي سوايون هيون
    محفلون هيون متل ۽ ڪچهريون هيون
    مال مارون ورهائيندا محبت هئا
    سڀ وليون ۽ ونيون به سهاڳڻ هيون

    تون ته صوفين درويشن جي هيئين ڌرتي
    جنهن ۾ تهذيب مذهب سڀئي پئي پليا
    نانءُ ئي ڪو نشان هو نه نفرت سندو
    تو ۾ دلبريون ورهائي پئي دراوڙ هليا
    واءُ اهڙو اچانڪ ڪيئن هت هلي
    او امان سنڌ امان هي آ ڪهڙو حشر
    روز ڌارين جي للڪار آ هت لڳل
    ڪيئن ڪري سينگار هاني پايون ڪجل
    اک نم ئي رهي ٿي ڪونهي ڳوڙهو سڪل
    ڪيترائي ڪونڌر روز ٿين ٿا قتل
    ڪيترن کي کنڀي آهي گم ڪيو ويو
    ڪيترن کي ملي حق گهرڻ جي سزا
    ڪيترن کي ته جيلن ۾ واڙيو ويو
    ڪونه تن جو هتي داد ٿي آ سگهيو
    ڏاڍ هي ڏس جبر آهي هلندو رهيو

    وحشتون دهشتون پيون وڌنديون وڃن
    دانهن ڪنهن کي ۽ ڪنهن جي در تي ڏيون
    پوءِ جيجل مٺي منهنجي سنڌڙي سٺي
    ڪين مايوس ٿياسون ۽ نه آ دل هٽي
    ڪري ارادا اٽل ۽ عزم کي پڪو
    جنگ آزادي سندي آهي جوٽي ڇڏي
    شاهه جي بيت وائين کي ساکي ڪندي
    فڪر سيد جو دل ۾ سمائي وري
    سر اڏي تي رکڻ لاءِ ٺهي سنڀري
    هڪ نئي صبح جي سج جيان اڀري
    جي ضرورت پئي ٻيو وٺندي جنم
    حاصل هر حال ۾ ڪنداسين وطن
    سڪندر پوءِ هوندو هت سک ۽ امن
    سنڌ تنهنجو قسم، سنڌ تنهنجو قسم...!!!


    نظم

    نظم

    اچڻ اتفاق هو تنهنجو
    اتي ٿي پيو ملڻ منهنجو،

    نهارئي گهور ڏيئي جڏهن
    سوگهو ٿي ساهه ويو تڏهن
    عجب انداز هو اهڙو
    سجايل گل هجي جهڙو

    نرم نازڪ ڪلين جيان ٿي
    فٽل موهيڙا لڳا مون کي
    ڀرون جاڙا هئا ٻئي
    مٿان رخسار سرمئي

    گلابي ٽهڪ جيئن ٽڙيا
    ڳلن تي جڳ ٿي مڙيا
    بخملي پوش هو پاتل
    لڳو ٿي روح کي ڄاتل

    بدن ڀورو اکيون ناسي
    سنهي جا چيل سڳداسي
    مٺا پوءِ مور جيان ٽلندي
    هلي آئي هيئن مون ڏي
    ملائي هٿ جڏهن مون سان
    وهاريو تو هئو ڀرسان

    مچي محبت جي منڊلي پئي
    ڪچهري خوب سرجي پئي
    جڏهن لفظن جي اوڳر ۾
    ورائي حال هو اوريو
    اداسي جا سڀئي جملا
    رکيا پئي تو تڪيو توريو
    ڏکايل داستان تنهنجو
    بنجي ماضي ويو جيڪو
    ٻڌايو تو هو پيرائتو

    رهي پوءِ ڪين سي سگهيا
    ڪري لارون وهي اٿيا
    انهن لڙڪن جي نهرن ۾
    لڙهيو هوس جيئن پوءِ جاني
    لڳو ٿي ڪين پوءِ مونکي
    تنهنجو مٽ ۽ ٻيو ثاني

    انهيءَ پل پاڻ پنهنجو ڀي
    اڙپيو هو پرين توکي
    قبوليو تو به هو تنهن کي
    ڏنئي سڪرون جيڪي سهڻا
    ورائي ڀاڪرن ۾ ٿي
    انهن نازڪ چپن جا عڪس
    دل تي ٿي ويا هن نقش
    انهن جو قرض اڄ ڀي ڄڻ
    ڪلهن منهنجي تي آ ڪڙڪيل
    رهيو آ روح ۾ ترسيل
    سمجهي سو فرض او پيارا
    نپايان پيو تنهن کي هر پل
    تڏهن ته راهه تنهنجي کي
    سنڀاريان پيو مٺا سڪندر
    هلي آ تون وري هيڪر
    هلي آ تون وري هيڪر ....!!!


    شڪسته مزاري : سو وقت ثوابن جهڙو هو

    تعارف

    اصل نالو: اڪبر علي
    ادبي نالو: شڪسته مزاري ( ش م )
    ولد: پيارو خان
    ذات: مزاري
    جنم جي تاريخ: 23 جون 1980
    جنم ڀومي : ڳوٺ رئيس خان مزاري تعلقو ڪشمور ضلع ڪشمور
    تعليم : پوسٽ گريجوئيٽ
    ڪِرت : استاد
    لکڻ جي شروعات :2002
    رهائش : گهر نمبر ڊي 78 واپڊا ڪالوني گُڊو
    واٽس ائپ نمبر : 03337418939
    فون نمبر : 03023685644
    Email: kabiirhussain88@gmail.com


    غزل

    غزل


    سو وقت ثوابن جهڙو هو،
    گڏ يار گُلابن جهڙو هو،

    ٻيو ان جهڙو جڳ ۾ نه ڏٺم
    ماڻهو ته رُبابن جهڙو هو،

    جيڪو تو ڌاران مون گهاريو آ
    سو وقت عذابن جهڙو هو،

    اکڙين ۾ هيو ڪجهه آکاڻيون
    چهرو ته ڪتابن جهڙو هو،

    تنهنجي مُرڪ مٺا ڪاتي ڦيري
    ۽ قرب قَصابن جهڙو هو،

    مون ياد ڪيو جو حرف هڪڙو
    سو نانءُ نصابن جهڙو هو،

    سپنو نه حقيقت ۾ بدليو
    هر عڪس خوابن جهڙو هو .


    غزل

    غزل



    چاهت سوا ٺڳي آ،
    بيڪار زندگي آ،

    نفرت نه پيار ورڇيون
    ڪجهه پل جي زنگي آ،

    اڄڪلهه جيئڻ ڏکيو ۽
    آسان خودڪشي آ،

    هر طرف زهر ڦهليو
    ڪهڙي هوا گُهلي آ،

    ماڻهن کي هوش ناهي
    شايد ڪا چڳ کُلي آ،

    اي عشق تنهنجي دم سان
    عظمت مونکي ملي آ،

    ڪيئن سا ڇڏي شڪسته
    قسمت سان جا ملي آ .


    غزل

    غزل

    زمين ناهي، زمان ناهي،
    غريب جو ڪو جهان ناهي،

    هتي به دوزخ ۾ آهي سڙندو
    هُتي به جنت مڪان ناهي،

    ڌڪا جهليندو وتي ٿو مُفلس
    ڪٿي به سُک جو گمان ناهي،

    رُپئي جو مُلهه آ مهانگو اڄڪلهه
    اديب اڄ جو مهان ناهي،

    ڪري وچن جي ڦري وڃن ٿا
    انهن جي هوندي زبان ناهي،

    آ جاني چاهت وٽان ئي چاهت
    وفا وکر جو دُڪان ناهي،

    حسين کان وڌ حسين آهي
    تون اهڙو جنهن جو بيان ناهي،

    زماني ۾ جن ٿڙي محبت
    انهن جو نام و نشان ناهي،

    قصو شڪسته جو مختصر آ
    طويل تر داستان ناهي.


    غزل

    غزل


    تنهنجي ئي ڪنهن عمل ۾ نه جيڪر اثر هجي،
    پوءِ دُعا طويل ٿئي يا مختصر هجي،

    جنهن جي لهس لهس ۾ هجي موت طئي ٿيل
    پروانو اهڙي اڳ کان ڇو بي خبر هجي،

    گلڙن جا پرستار مٺا رکجان خيال هي
    دامن ۾ لِڪل تنهنجي متان ڪو شر هجي،

    ان شوخ جي بزم ۾ هلي دل وري ڏسون
    محفل ان جي پنهنجي متان ڪو پچر هجي،

    ٿڪجان نه تنهنجي سونهن تي دفتر لکي لکي
    مون تي مهر جي سهڻا بس هڪڙي نظر هجي،

    اهڙي عجيب شخص کي سمجهڻ وڏو ڏکيو
    جيڪو آ ميڻ پل ۾ ۽ پل ۾ پٿر هجي،

    ان ديس جي حدود کان نڪري پري هلون
    جت نفرتون ڪثير ۽ سڪ جو ڏڪر هجي،

    ات باغ ٿين بهشت ٿين تنهنجا قدم جت
    صحرا ٿين سمنڊ ڀلي ڪارو ڪلر هجي،

    احسان ڪو ڪري جي شڪسته جي گهر اچين
    هڪ پاسي مسلمان ۽ ٻي هنڌ ڪفر هجي.


    غزل

    غزل



    اکين ۾ جنهن جي عڪس جو منظر رهيو سدا،
    هڪڙو ئي شخص سوچ جو محور رهيو سدا،

    هر دم جنهن جي نصيب ۾ ٺوڪر ڳلڻ هيو
    پٿر هميشه راهه ۾ پٿر رهيو سدا،

    سياڻو هيو جنهن عشق کان ڄاڻي ڪني ڪئي
    سو جڳ سنئون به جڳ کان بهتر رهيو سدا،

    تنهنجي ئي رُخ ۾ جنهن کي سڀ راحتون مليون
    روزي، نماز کان هو ڪافر رهيو سدا،

    اندر ته ڪڏهن ته ٺار ان جو هڪ نهار سان
    جڳ ۾ جو تنهنجي نانءُ جو نوڪر رهيو سدا،

    ان تي وهي ڪو وزني اهڙو قلم ويو
    رُلندو منهنجي نصيب جو ڪاڳر رهيو سدا،

    جنهن ويل هن شڪسته کان ڪجهه مٺا گهريئي
    سرڙو رکي تريءَ تي حاضر رهيو سدا .


    غزل

    غزل

    هانو جا سوجهرا ڪاڏي وئين،
    ويا وڪوڙي ڏوجهرا ڪاڏي وئين،

    ٿي انڌيرو گهُپ ويو چوڌار آ
    روشني جا تِرورا ڪاڏي وئين،

    آءُ ته گڏجي شادمانيون ماڻيون
    بر ڪري او بانورا ڪاڏي وئين،

    ماڪ واري مُند وئي برباد ٿي
    او ڏکي جا آسرا ڪاڏي وئين،

    اڄ بدن تندوُر ٿي منهنجو جليو
    ڌر تتيءَ ۾ ڇانورا ڪاڏي وئين،

    جو ڪهِي ايندو هُئين هڪ آهه تي
    هر قدم اڳڀرا ڪاڏي وئين.


    غزل

    غزل

    اپسرا تي غزل لکي ورتم،
    مه لقا تي غزل لکي ورتم،

    سُونهن جي هر هڪ نزاڪت ۽
    هر ادا تي غزل لکي ورتم،

    وار ٺاهي ان ڏٺو ڇا هو
    ان حيا تي غزل لکي ورتم،

    ابتدا ۾ جشن خوشيون هون
    انتها تي غزل لکي ورتم،

    رند مئخاني ۾ سرها ها
    پارسا تي غزل لکي ورتم،

    سا ته برداش کان به ٻاهر هئي
    جنهن قضا تي غزل لکي ورتم،

    ڪنهن دعا ۾ اثر نه باقي هو
    بد دعا تي غزل لکي ورتم،

    سو ته تنهنجي اکين تي ويٺو هو
    ڪو خدا تي غزل لکي ورتم،

    عشق جي هو مرض ۾ ڪوئي
    مبتلا تي غزل لکي ورتم،

    سُور انجا سڀ گڏي آخر
    بي وفا تي غزل لکي ورتم.


    غزل

    غزل



    اچ ته توکي آڇيان پل پيار جا،
    ڪر ختم قِصا سڀئي تڪرا جا،

    ڪيترا صدما اڪيلي سِر هتي
    مون کنيا آهن بِرهه جي بار جا،

    سانت ، انڌيارو ۽ بند بازار هُئي
    ٽِمڪيا پئي نيڻ پهريدار جا،

    سنڌ تنهنجي ڪُڙمين جو آ قسم
    ڏينهن پُورا ڄاڻ ٿيا ڀوتار جا،

    سيٺ وٽ مُوڙي کڻي پهتو هو
    ميرڙا ڪپڙا ها کاتيدار جا،

    روح انجو هو ٽنگيل ڪنهن ٽياس تي
    خواب ڀٽڪيا پئي ڪٿي بيمار جا .


    غزل

    غزل



    غم جي مشڪل حصار ۾ آهيان،
    بي وجهه ڪنهنجي سار ۾ آهيان،

    مونکا منهنجا رقيب ڇرڪن ٿا
    هڪ تنهنجي درٻار ۾ آهيان،

    توکي ٻي جي صدا لڳل آهي
    آئون تنهنجي پچار ۾ آهيان،

    تنهنجا جيڪي اُميدوار آهن
    مان به تن جي قطار ۾ آهيان،

    سُونهن وارا سلام ڪن ٿا پيا
    عشق جي اِقتدار ۾ آهيان،

    اي “شڪسته” رِهائي مشڪل آ
    قيد زُلفن جي ڄار ۾ آهيان.


    غزل

    غزل




    ڪاش تنهنجون چاهتون ماڻيان مِٺا، وِصل جون سڀ راحتون ماڻيان مِٺا.

    قُرب ۾ هر پل جي قُربانيون ڏنم ،
    تن پلن جون قيمتون ماڻيان مِٺا،

    ساٿ تنهنجو ذُهد کان ڀايان مٿي
    سون ورنيون صحبتون ماڻيان مِٺا،

    ائين سفر توسان اگر هلندو رهي
    زندگي جون سڀ رُتون ماڻيان مِٺا،

    نت خدا شل ڏينهن ڏيکاري نه سي
    ڪڏهن تنهنجو نفرتون ماڻيان مِٺا،

    اي شڪسته موت کان اڳ ۾ توسان
    ڪي سُهانيون ساعتون ماڻيان مِٺا.


    شميم اختر : چنڊ سان جاڳ ۾ آهيان

    تعارف

    ادبي نالو: شميم مري
    اصل نالو: شميم اختر
    ولد: محمد منير
    ذات: مري
    جنم جي تاريخ: 29 آگسٽ
    جنم ڀومي: ڳوٺ مولوي عبدالله مري
    تعليم: پي ايڇ ڊي
    ڪرت: استاد
    رهائش: ميرپورخاص
    لکڻ جي شروعات: 2006
    Email: marimuneer82@gmail.com


    غزل

    غزل




    دل خواهش ۾ هُئي پر تون نه هئين
    هوء آزمائش ۾ هُئي پر تون نه هئين

    تنهنجي لاءِ هوءَ وڏي بي چين هئي
    اڄ نمائش ۾ هُئي پر تون نه هئين

    هر جھلڪ ۾ قهر هئي، قاتل هئي
    اک اک ستائش ۾ هُئي پر تون نه هئين

    هوء پاڻ ارپي ها سڄي توکي شميم
    اڄ گنجائش ۾ هُئي پر تون نه هئين


    غزل

    غزل




    پيار ۾ مسرور ٿي وئي آھيان
    ڪيتري مغرور ٿي وئي آھيان

    تنھنجي پيرن جي خاڪ پر خوش
    ڪنھن چيو مجبور ٿي وئي آھيان

    نانءُ تنھنجي سان ٿي سڃاپجان آئون
    شھر ۾ مشھور ٿي وئي آھيان

    تو نھاريو اُڏار وسري وئي مون کان
    ڄڻ ته محسور ٿي وئي آھيان


    غزل

    غزل




    حُسن جا ماڻا ته ڏس!
    عشق جا ٽاڻا ته ڏس!

    ڪيترا ويا پيڙجي،
    گھُور جا گھاڻا ته ڏس.

    موملون مون ۾ رھن،
    تون مُڙي راڻا ته ڏس.

    موھ ۾ منڊجي به وڃ،
    سُونھن جا داڻا ته ڏس.

    ڇوڪري ڇا شھر وئي،
    ڳوٺ، ڳاراڻا ته ڏس.

    مڌ-ڀريا جو نيڻ ھا،
    رِند سڀ ساڻا ته ڏس.


    غزل

    غزل



    ديوانا ھون اسان تنھنجا اسان کي تون وڻين ٿو پيو
    توکي ڪائي خبر ناھي اسان ۾ تون ڇڻين ٿو پيو

    محبت تو ملي ناھي محبت تو ڪئي ناھي
    تڏھن ھلڪو محبت کي ائين ئي تون کڻين ٿو پيو

    اسان ڪمزور دل جا ھون اسان ۾ سھپ آ ڪاٿي؟
    ڪري نظرون ترارون تون اسان کي ڇو ھڻين ٿو پيو؟

    ورھين تائين به جيءَ وٺبو اگر پڪ ٿي پئي سائين ملڻ لاءِ اسان وانگي گھڙين کي تون ڳڻين ٿو پيو


    غزل

    غزل

    ڀاڪرين ھُن ڀريو ۽ کڻي ڳلي لاتو
    انگين چاڙھيو نپوڙيو ۽ ملي لاٿو

    پيار کان مون ڀلا روڪيو ڪٿي؟
    تنھنجي ھان، توکي مون پلي پاتو

    سُر نه موھيندا ته ڇا ڪندا سائين!
    درد دل جي کي هيو ڳلي لاتو.

    ساڙ وارن کان ڪيئين ٽارو ٽري،
    درد وارن کي ته ھُن ڳلي لاتو.

    دل خدا توکي مڃي ورتو شميم،
    جنھن گھڙي تو مون اچي پلي پاتو.


    غزل

    غزل

    چنڊ سان گڏ جاڳُ ۾ آھيان،
    مان مسلسل آڳ ۾ آھيان.

    توکان پو دل ته آھي دربدر،
    ڪنھن به منزل نه ماڳُ ۾ آھيان.

    نانء تنھنجو پڪو لڳو مونکي،
    نانء تنھنجي جي داڳُ ۾ آھيان.

    اکيون ننڊ لئه سِشڪي ويون آھن،
    آئون ڪھڙي نڀاڳُ ۾ آھيان؟

    درد سان دوستي ٿي وئي آھي،
    مان به ڪنھنجي ته ڀاڳُ ۾ آھيان.


    غزل

    غزل



    ڪاش! فرصت ھُجي جان سان جھيڙيان،
    ڪيتريون تُهمتون تو ڪري ميڙيان؟

    تون ته خوشبوء جيان ٿو اُڏامي وڃين،
    آنءُ پردن اندر ڪيترو ويڙھيان.

    اچ ته گڏجي سندس ھل ته محفل ھلون،
    ڪجهه شرارت ڪيان، دشمنن ڇيڙيان.

    مون نه للڪار ڪر، جيڪڏھن چاھيان،
    عاقلن کي لُٽيان، زاھدن ٿيڙيان.

    توسان ملندي مِٺا، مون نه ڄاتو ھُيو،
    خلق ۾ کوڙ پئي دشمني کيڙيان.


    غزل

    غزل

    محبت ڪٿي ٿي عمر کي پڇي،
    محبت اچي ٿي جڏھن ڀي اچي.

    اڇا وار پنھنجي مٿي جا ڏسي،
    وري سوچيائين ته ڇا پيو ٿئي.

    ائين ڀي ڀلا ڪير ھارائيو؟
    صبح جو ڏٺائين پئي پاڻ کي.

    ڪڏھن جُون ٿو آسري ۾ وڃي،
    ڪڏھن ٿي ڊسمبر به بارش وسي.

    جذبا چون ٿا ته اظھار ٿئي،
    عمر جي تقاضا ته ڪجهه نا ڪُڇي.

    جواني ته سِڪندي سُڪائي وئي!
    ڪٿي، ھاڻ ڪافر ڪٿي ٿي ڪُسي.

    اسين خوش اوھان جي خوشي۾ پرين،
    اوھان جي حياتي وڏي شل ھُجي.


    غزل

    غزل

    جيءَ ھو ڪيترو جلايو مون،
    تو بنا، پر جئڻ نه آيو مون.

    تنھنجي اک جو سرور پنھنجو ھو،
    مئي ٻيو ڪو نه واپرايو مون.

    چوطرف سنگ بازي ائين آھي،
    ڪين ڪنھن سان به ڄڻ رھايو مون.

    بدن خوشبوءَ ۾ پيو مھڪي،
    ھو وري خواب ۾ جو آيو، مون.

    بد دعائون ڪٿان ڀلا سمھڻ ڏينديون؟
    ھو الائي ڪيترن کي گھايو مون.


    غزل

    غزل


    اوکي ٿي پئي آهي واٽ،
    ڪو به ڇِمر نه ڪائي ڇاٽ.

    اڃ اُجھائڻ آيس آنءُ
    تو ته وڌائي آھ اُساٽ.

    مھر ڪري تون موٽي آءُ
    جھيڻي ٿي وئي جيون لاٽ.

    ھيکل ننڊ نه ايندي ھاڻ،
    ڇوري پٽ تي، اونڌي کاٽ.

    ڪاوڙ ڪاڙھي جھڙي آھ،
    قرب اوھانجو سردي ساٽ.

    تنھنجي ساھن جي خوشبوء،
    موتيي مالھا منھنجي ڳاٽ.

    ڇوري اڄ ڇلڪي ڇا لاء،
    ساڳي گھاگھر ساڳيو گھاٽ.


    عبدالغفار “عبد” جوڻيجو ؛ حادثا، حسرتون رهي زندگي

    تعارف

    ادبي نالو: عبدالغفار “عبد” جوڻيجو
    اصل نالو: ڊاڪٽر عبدالغفار
    ولد: عبدالرزاق
    ذات: جوڻيجو
    جنم جي تاريخ: 20 مئي 1967
    جنم ڀومي :شهر ڏيپلو ضلع ٿرپارڪر
    تعليم : بيچلر آف ڊينٽل سرجري لمس ڄامشورو ( ڊپلوما ان ڪميونٽي هيلٿ مينجمنٽ اسلام آباد
    ڪِرت : ڊاڪٽر
    لکڻ جي شروعات :1993
    رهائش : سول اسپتال ڪالوني مٺي ٿرپارڪر
    واٽس ائپ نمبر : 03332644798
    فون نمبر : 03332644798
    Email: drabdulghaffar148@gmail.com


    غزل

    غزل






    حادثا، حسرتون رهي زندگي،
    گهر ڪچي جيان ڊهي زندگي،

    خواب خيالن جيان ڪيڏا ڏٺا،
    تصور ۾ تنهنجي وهي زندگي.

    وهي گذري وئي هن ويچار ۾،
    شڪستون رولڙا ڪا هي زندگي،

    هي اوکا اڙانگا پرين پيچرا،
    پٽڙي تان ويئي ڄڻ لهي زندگي،

    ستارن جي راهن جو ڄڻ رولاڪ هو،
    عبد پنهنجي ڪئي ڏهي زندگي.


    غزل

    غزل



    بزم ۾ هي بيقراري ڇو ڀلا،
    چشم نم آه زاري ڇو ڀلا،

    اکين ۾ ننڊ جو نالو ڪٿي
    هي رات ايڏي ڀاري ڇو ڀلا،

    ول ويڙهيل ڄڻ هجي ڪنهن وڻ سان
    دل دردن آهي واري ڇو ڀلا،

    ساهه کي ڇڪتاڻ اکين اوهيرا
    جنهن ارپيا اها پياري ڇو ڀلا،

    سار ۾ ۽ ٺار ۾ ٺرندو رهيو
    عبد اڪيلو رات ساري ڇو ڀلا .


    غزل

    غزل


    اوسيئڙي ۾ اشڪ هاري هاڻ ٿي،
    ويو هليو سو وقت ساري هاڻ ٿي،

    زور تي تڙ تان تماچي کي تڙي
    واه اتي ورت واري هاڻ ٿي،

    جرڪندڙ جوڀن وڃائي واٽ تي
    سُونهن ساڳي سا سنڀاري هاڻ ٿي،

    هاڻ ڀل ڪو چنڊ ڀي اُڀري پوي
    تانگهه ۾ تارا نِهاري هاڻ ٿي،

    چاندي ۾ تون ٻڌاءِ ڇو ڀلا
    رات جاڳي ڏيئا ٻاري هاڻ ٿي،

    ڏيپلي ۾ هو اچي ٿي اجنبي
    عبد ماضي هوءَ وساري هاڻ ٿي .


    غزل

    غزل




    وحشتن جي دور ۾ پيار ڪِٿ آ پيارا،
    شُهرتن جي شور ۾ پيار ڪِٿ آ پيارا،

    جاڳ توسان جهيڙيان رات ڀر مان جنهن لاءِ
    آ ستو ننڊ اگهور ۾ پيار ڪِٿ آ پيارا،

    دل چريءَ جي پير ٿيا هن پٿون پوءِ ڇا ٿيو
    رهزنن پنجوڙ ۾ پيار ڪِٿ آ پيارا،

    ڊيل جي ڪنهن آه جا ڪير ورلاپ واريندو
    ڪارونجهر جي ڪور ۾ پيار ڪِٿ آ پيارا،

    عبد آليون اکڙيون هاڻ ڇڏ تون سڪائي
    هن گهٽا گهنگهور ۾ پيار ڪِٿ آ پيارا .


    وائي

    وائي

    واري تي رهاڻ
    تو ريءَ ڪاڻ
    ٿر اڪيلو ٿو لڳي،

    گڊيءَ جي گود
    تون نه ساڻ
    ٿر اڪيلو ٿو لڳي،

    روح روڳي ڪو
    تو ڇا ڄاڻ
    ٿر اڪيلو ٿو لڳي،

    رستا ۽ رولاڪي
    مٺي ۽ سراڻ
    ٿر اڪيلو ٿو لڳي،

    ڳوڙها ڪريا ڪيترا
    اگهيم سي پاڻ
    ٿر اڪيلو ٿو لڳي،

    چاهه چريو ڪو
    ڪڍي نه ڪاڻ
    ٿر اڪيلو ٿو لڳي،

    اُماوس هي اندر
    چنڊ ڇا چانڊاڻ
    ٿر اڪيلو ٿو لڳي .


    وائي

    وائي


    پروڪي هوليءَ ۾
    رنگ نه هاريو مون،

    ٻيجل بنا ٻيلي
    رنگ رنگولي ۾
    رنگ نه هاريو مون،

    سمهيو هو صادق
    امڙ جهولي ۾
    رنگ نه هاريو مون،

    گلن سندا گس
    سُڏڪن ٽولي ۾
    رنگ نه هاريو مون،

    سنڌ اٿلي جا
    تعزيت وصولي ۾
    رنگ نه هاريو مون،

    ساجن رهيو سُمهي
    لالڻ لوليءَ ۾
    رنگ نه هاريو مون


    بيت

    بيت



    پرين پڄاڻان هاڻ، سُرت نه سينگار.
    پئي پڄران پاڻ ڏهاڳڻ ڏک ۾.

    ڏکن ڪهڙو ڏوهه، سُک ساعت هڪڙي
    ڪريان آئون ڪوهه ندوري نصيب جو .

    نصيبن ۾ نينهن، ناهي ڪو سرتيون
    ڪوجهي آئون ڪيئين وڻان ته ور کي .

    سُور کنيم ساڻ وکر ٻيو ڪهڙو
    سُپرين تو ڪاڻ سُڌ نه ڪا سُور جي .

    نه وڻ نه وڻڪار پير هن پٿون ٿيا
    پنهونءَ جي پچار اکر ٻيو نه اڪيلي.

    سُور سلهاڙي ساڻ ڏونگر مون ڏوريو
    پُرزا ٿيندس پاڻ هلندي آئون هوت ڏي .


    نظم

    نظم
    پتڻ جي پار تي پهچي
    جڏهن سوچن ۾ ساري ڪو
    واري ڪنڌ نهاري ٿو
    اهو لمحو ته ماري ٿو،

    اُتر جا هن اوهيرا ڪي
    لڳي ٿو سار جا پنڇي
    اونهي آڪاش ۾ اُڏري
    دڳن کان دُور هن ڪيڏا
    ٿڪل ڪي چُور هن ڪيڏا،

    وڻن کي واءُ ٿو ويڙهي
    پنن تي پهچ ئي پٽ تي
    ڇڻن جو ڇا ڪجي آخر
    ذهن کي سوچ ٿي رهڙي
    اسان جي آس آکيرا
    هئا لٽڪيل ته لامن ۾
    زخمي زرد شامن ۾،


    وڏا ڪي وڻ هئا واقعي
    ٿر جا ٿاڪ جا منظر
    دلڙي درد بس هاڻي
    دڙن تي ديد نه دلبر
    ملندو ڪير ربّ ڄاڻي

    سِڪايل جو صدائون هن
    تماچي تو بنا تڙ تي
    نوريءَ جون نگاهون هن
    وڇڙي هن وڃڻ واريون
    وکيري جذبا جيون جا
    چري دلڙي ڇا دهرايون
    مڙئي پيا پاڻ پرچايون
    ڪٿي ڪونجون، ڪٿي آڙيون
    ولر کان جا وئي وڇڙي
    اڀاڳڻ سا ڪيئن ساريون
    پکين جي پريت پيا ساريون
    شفق ۽ شام جو ايندا
    مٺا مهراڻ ڇولين ۾
    کڻي پيار جهولين ۾
    کڻي پيار جهولين ۾...!!!


    علي عاجز شر : بارش آئي ڌرتي تي

    تعارف

    ادبي نالو:علي عاجز شر
    علي حسين
    ولد:رحيم بخش
    ذات: شر
    جنم جي تاريخ:1983-10-1
    جنم ڀومي: ڳوٺ کنڊو خان شر
    تعليم: انٽر.
    ڪرت. گورنمينٽ ملازم
    رهائش: پڪاچانگ، ضلعو خيرپور ميرس.
    لکڻ جي شروعات: 1996ع
    فون نمبر: 03075130527


    غزل

    غزل




    پيڙجي ھان ويو،
    وقت جي ڀيڙ ۾.

    سون سمجھي وري؛
    ھن ٻڌو ليڙ ۾ .

    ھوءَ واٽر مٿان؛
    وار ٿس چيڙ ۾.

    عشق ۾ درد آ؛
    آ جسم پيڙ ۾ .

    خط لکي کين ٿي،
    ڪم سندي سيڙ ۾.


    غزل

    غزل

    ڪجلي ڪارا نيڻ.
    تنھنجا پيارا نيڻ.

    جگ ۾ اھڙا ڪونه؛
    يار ڀلارا نيڻ.

    جن تان ھلندي ھوءَ؛
    چمندا چارا نيڻ.

    جيئي پنھنجو نينھن؛
    ھڻندا نعرا نيڻ.

    مونکي آھن ياد؛
    لڙڪن ڌا را نيڻ.


    غزل

    غزل




    ڇڏ ھاڻي ڪاوڙ جانان!
    تون منھنجي آن ھڙ جانان!

    تون منھنجي سھڻي آھين
    مان تنھنجو ساھڙ جانان!

    سيني سنگڙا ڏي ته چمڻ
    ڇڏ ھٿڙن جي اڙ جانان!

    عاجز اڄ کان ته تنھنجي ؛
    پيرن باسي پڙ جانان !

    جيڏا وار مٿي جا ھن؛
    تنھنجا ايڏا وڙ جانان!


    غزل

    غزل

    جيءُ پنھنجو جلايو اسان،
    تن به آھي تپايو اسان.

    گھوٽ ڏس گھور ٿيندا ويا،
    ساز اھڙو وڄايو اسان.

    ايئن منصور ناھي پرين،
    ھاءِ ھتڙي سڏايو اسان.

    غير سان گڏ ڪري ديس ھي،
    ڪات ڪنڌ تي وھايو اسان.

    تو گھٽايو وسان ڪين آ،
    ڪيترو ڏس نڀايو اسان.

    ڪالهه زوري چئي غير جي،
    ڪٽنب پنھنجو لڏايو اسان.


    غزل

    غزل


    پنھنجي ھولي سھڻي آھي،
    پنھنجي ٻولي سھڻي آھي.

    چين کسي ھوءَ وئي منھنجو،
    ھاءِ پٽولي سھڻي آھي.

    مٺڙي مٺڙي پنھنجي ٻولي،
    ڪيڏي سولي سھڻي آھي.

    تنھنجون سکيون ڊيلن جھڙيون،
    ساري ٽولي سھڻي آھي.

    ھا شاھ رسالي جي عاجز،
    پوتر ٻولي سھڻي آھي.


    غزل

    غزل

    روڊن تي انسان رلي ويا،
    نوٽن تي ايمان رلي ويا.

    ھاڻي ڏس ھو درد ڏئي ٿو،
    منھنجا سڀ ارمان رلي ويا.

    ساجن منھنجو چاھ سچو ھو،
    تنھنجا سڀ بھتان رلي ويا.

    ڪوڙا ڏس الزام لڳا ھن،
    پنھنجا سارا مان رلي ويا.

    ھو ڀاشا ڌرتي به کسي ٿو،
    ڪيئي ھت ديوان رلي ويا.

    ڌرتي پٽ ڪسجي ته ويا ھن،
    سنڌڙي جا ڀڳوان رلي ويا.


    غزل

    غزل


    ڳلي ڳلي انقلاب نڪتا،
    اجھو اٿي اڄ جناب نڪتا.

    سوال منھنجو جھڪي نه سگھيو،
    اداس تنھنجا جواب نڪتا.

    ملن ڪٺا لوڪ جا ٻچا اڄ،
    بمن منجھان ھت ثواب نڪتا.

    ڳلي ڳلي ڳوٺ جي چوي ٿي،
    حياءُ ميڙي حجاب نڪتا.

    کڻي ڪهاڙي ھلن پيا ڏس،
    گسن مٿان ڄڻ گلاب نڪتا.

    وڏيرڪو آ سماج سارو،
    ڪتن وٽان ھت ڪباب نڪتا.


    غزل

    غزل


    بارش آئي ڌرتي تي،
    ساوڪ ڇائي ڌرتي تي.

    شاھ ڀٽائي جي وائي،
    سرمد ڳائي ڌرتي تي.

    ڌرتي سان ئي دوکو ڏس،
    سڀ ڪجهه کائي ڌرتي تي.

    عرشن تي ھوڪا آھن،
    ھوءَ سمائي ڌرتي تي.

    روز ڪُسي ٿي عاجز ڏس،
    ھاءِ خدائي ڌرتي تي.


    غزل

    غزل


    تنھنجي ديد رٺي آ،
    مونکان عيد رٺي آ.

    توبن جيئڻ جي ير،
    آس اميد رٺي آ.

    ساٿي قيد ڪڙن ۾،
    عيد خريد رٺي آ.

    مقصود - وڏو وڇڙيا،
    ھاءِ نويد رٺي آ.

    توکان ڪاوڙ جي ڏس،
    ڇو ترديد رٺي آ.


    غزل

    غزل


    پاڻ اجاڙي پھتس تو وٽ،
    درد لتاڙي پھتس تو وٽ.

    ھڏڪي آئي ھيڪر مونکي،
    ڏينهن ڏهاڙي پھتس تو وٽ.

    حال ڪيان من توسان دل جو،
    ھيڪل تاڙي پھتس تو وٽ.

    ذھنن ۾ ڏس آزادي جون،
    سوچون واڙي پھتس تو وٽ.

    موت ملاقاتي منھنجو آ،
    ڏينهن ڏهاڙي پھتس تو وٽ.

    سور سھي ڪيڏا اڄ عاجز،
    ھاءِ الاڙي پھتس تو وٽ.


    علي محمد لنجو : نيٺ ته ملنداسين ٿورو حوصلو رک

    تعارف

    ادبي نالو: علي محمد
    اصل نالو: علي محمد لنجو
    والد جو نالو: عباس
    ذات: لنجو
    جنم جي تاريخ: 10 مئي 1973
    جنم ڀومي: ڳوٺ لنجا ٿرپارڪر
    تعليم: مئٽرڪ
    ڪرت: سرڪاري ملازمت
    رهائش: ڳوٺ لنجا ٿرپارڪر
    لکڻ جي شروعات: 2007
    فون نمبر: 03402733177


    غزل

    غزل


    کڻي درد در در ھلون ٿا اسان
    وھي جيڪو واپري لکون ٿا اسان

    نه ڪڏھن ڪوڙ لکيوسين نه ڪائي ٺٺولي
    سدا سچ لکيوسين جو ڏسون ٿا اسان

    ڀلي ڪري ڪو ڪاوڙ اسان تي مگر
    ڪونه ڪنھن کان ڀي ڊڄون ٿا اسان

    دنيا جي دستور جي کولي خبر ساري
    چٽو سچ چئون ٿا نه لڪون ٿا اسان

    اسين نفرت اصل کان ڪري ڪونه ڄاڻون
    نڪين ساڙ ڪنھن سان رکون ٿا اسان

    چوڻ سچ منھن تي نه جُرم ڪوبه آھي
    اھو حق علي محمد سمجھون ٿا اسان.


    غزل

    غزل


    اسانجو ھي جيئڙو جلائي ھليو وئين
    پرين لوڪ مون تان کلائي ھليو وئين

    ڪڏھن مون ڄاتو ڪندين تون ته دوکو
    خوشيون خاڪ ۾ سڀ ملائي ھليو وئين

    ڇڏي ھت اڪيلو رُسي ٿين روانو
    پرين پيار پنھنجو ڀلائي ھليو وئين

    اھڙو شل نه دوکو ٿئي يار ڪنھن سان
    اھا آھي منھنجي دعائي ھليو وئين

    ڪري دربدر تو علي محمد ڇڏيو آ
    لنجو راھ گناھ جو رلائي ھليو وئين.


    غزل

    غزل


    ھوءَ جو مون ڏي آئي کڻي
    ايندي ڳرانٺي پائي کڻي

    سِڪ ھئي تنھنجي ڏاڍي لڳي
    ائين چئي شرمائي کڻي

    سوچيائين ڪو غير ڏسي نه وٺي
    نظر ھيڏي ھوڏي فيرائي کڻي

    رات گذري وئي پيار ڪندي
    پوء به دل نه ھُئي ڍائي کڻي

    پيار ۾ ايڏا گُم ھُياسين
    خبر نه رھي ٿي ڪائي کڻي

    ظلم جون زنجيرون ٽوڙي سڀئي
    پيار جي وِک آ وڌائي کڻي.


    غزل

    غزل

    حجابن جي دنيا ٽٽي وئي
    نقابن جي دنيا ٽٽي وئي

    گناھن غرق ٿي ويا ماڻھو
    ثوابن جي دنيا ٽٽي وئي

    سوال سماج کان ڪريون ڪھڙو
    جوابن جي دنيا ٽٽي وئي

    مال ميڙي کائي ويا خبيث
    احتسابن جي دنيا ٽٽي وئي

    دستور دنيا جو ٿي ويو اھڙو
    عذابن جي دنيا ٽٽي وئي

    ھاڻي علي محمد ڀلا ڇا ڪجي
    خوابن جي دنيا ٽٽي وئي.


    غزل

    غزل


    صبر ۽ شڪر وارا آھن ٿر جا ماڻھو
    غربت ۾ غرق ويچارا آھن ٿر جا ماڻھو

    ھلي ڪو اچي ٿو وڏو مان رکن ٿا
    ڏيندا پيار پيارا آھن ٿر جا ماڻھو

    مسڪينن سان محبت ڪئي ڪنھن به ناھي
    بي وس بي سھارا آھن ٿر جا ماڻھو

    نزاڪت ۽ نوڙت انھن جو آ پيشو
    ٿيندا ڪونه آوارا آھن ٿر جا ماڻھو

    ڏسي حال اھڙو علي محمد رنو آ
    لنجو چئي ڏکارا آھن ٿر جا ماڻھو.


    غزل

    غزل



    ٿڪل ۽ ٽٽل آھي جسم ڪنھن جو
    بي سھارا بڻيل آھي جسم ڪنھن جو

    نظر ڪنھن جي ۾ ڪريل آھي
    اندر جو اندر ۾ قتل آ جسم ڪنھن جو

    اکيون کولي ھو ڏسي ڪيئن اسان ڏي
    ننڊ گھري ۾ سُتل آھي جسم ڪنھن جو

    لوڪ لتاڙيندو روز وڃي ٿو پيو
    منظر اھڙو متل آھي جسم ڪنھن جو

    کڻي ڪنھن جا ڏک سُور علي محمد
    يڪو ھاڻ رٺل آھي جسم ڪنھن جو.


    غزل

    غزل

    نيٺ ته ملنداسين ٿورو حوصلو رک
    ٽھڪ ڏيئي کلنداسين ٿورو حوصلو رک

    محبت مُئي ناھي ۽ نه ڪڏھن مرندي
    سدا زنده رکنداسين ٿورو حوصلو رک

    پيار جو ھرڪو دشمن ٿي پيو آ پر
    گڏ جيئنداسين مرنداسين ٿورو حوصلو رک

    تنھنجي سِڪ سيني ۾ سانڍي مون رکي آ
    ٻاھر ٻاف نه ڪڍنداسين ٿورو حوصلو رک

    بس منزل منھنجي تون آھين لنجا
    سا ته ماڻي وٺنداسين ٿورو حوصلو رک.


    غزل

    غزل
    وڏو نانگ نفرت جو نپايو ٿئي
    ٻڌا مونکي ڀلا ڇا ته ڪمايو ٿئي

    ڌوڙ ٿي ويا سپنا سارا منھنجا
    پوء ڀي ترس نه ڪو آيو ٿئي

    ھڻي ھٿوراڙيون ٿڪجي پيو ھان
    نڪين پل ساھ سک جو کڻايو ٿئي

    صرف توکان شڪايت ايتري آھي
    راھ گناھ روح منھنجو رلايو ٿئي.


    غزل

    غزل



    غضب جي گُھور اھڙي آ
    انبن جي ٻُور جھڙي آ

    ڪجل ڪاني پائي نڪتي
    لڳي پئي حُور جھڙي آ

    منھنجي من ۾ ڦري ائين ٿي
    لاٽونءَ جي ڏُور جھڙي آ

    ماکيءَ کان وڌ مٺي آ ھوء
    اکين جي نُور جھڙي آ

    جوانيءَ جي چڙھي چوٽي
    ڪڻڪ جي ڀور جھڙي آ.


    نظم

    نظم


    ڪري سائين ٿڪا دانهون
    چڪي ويون سڀئي واهون
    مگر ٻوٽو نه ٻريو ڪوئي
    نڪين وڙڪي وريو ڪوئي
    وڃن ڪيڏانھن ھاڻي ھو
    منهنجو رب پاڪ ڄاڻي ھو
    گھٽيون ۽ گھيڙ بند ٿي ويا
    پڌر پوٺي ئي ننگ ٿي ويا
    فڪر تن کي اهيو آهي
    ڇپر ڪو ڇانوء رهيو ناهي
    اهڙا صدما ڏيئي ساڙيو ٿا
    ڪيو ڇا ٿا ڪيو ڇا ٿا
    ڌارين تي ڇو ڀاڙيو ٿا
    پنھجن کي ئي ڏاڙھيو ٿا
    ڪيو ڇا ٿا ڪيو ڇا ٿا
    ٻچا پنھنجا ھي ڪاڙھي ۾
    راڄن جا راڄ راڙي ۾
    ڪن پيا روز ھي ماتم
    پنھنجي ئي ته پاڙي ۾
    چُلھا تن جا اُجھامي ويا
    سنڌا سيڙھا وڪامي ويا
    اچي ڌاريان ويٺا ويڙھي
    پراڻا پڊ ڇڏيئون کيڙي
    انھن کي ڇو اوھان آخر
    وجھي ڀاڪر وڏا ھيڪر
    ڪلھن تي ئي چاڙھيو ٿا
    ڪيو ڇا ٿا ڪيو ڇا ٿا…


    غلام قادر منتظر : ڪڏهن رات، ڪاري ڪڏهن چنڊ چمڪي

    تعارف

    اصل نالو: غلام قادر
    ادبي نالو: غلام قادر منتظر
    ولد: حاجي محمد عالم چانگ ذات: چانگ
    جنم جي تاريخ: 8 مارچ 1941
    جنم ڀومي: ڳوٺ مولوي تاج محمد چانگ، تعلقو تلھار ضلعو بدين
    ڪرت: آبادگر
    رھائش: چانگ ھائوس سامھون ڪاسائي محله وارڊ نمبر 3
    ماتلي ضلعو بدين سنڌ
    لکڻ جي شروعات: 1962
    فون نمبر: 03045835532
    واٽس ائپ نمبر: 03003463728
    Email: ghulamqadirchang@gmail.com


    غزل

    غزل



    لڳائي نينهن جو ناتو ڇِنڻ پوءِ روا ناهي،
    ڪري ڪو قرب ۾ قابو ڪُهڻ پوءِ روا ناهي،

    ڏهاڙي پيو ڏسان توڏي ڏسڻ مهنڙو ڪڏهن ايندين
    پسي صورت سُڪون لاهيان سِڪڻ پوءِ روا ناهي،

    ٻڌل هئا ٻول ڏس ڪهڙا ٻڌايان ڇا وري ٻيهر
    ويا جي يار تو وسري چوڻ پوءِ روا ناهي،

    گهرائي پاڻ گڏ ويٺين گهڙين تن تان وڃان گهوري
    رهاڻين ۾ رهيون راتيون رُسڻ پوءِ روا ناهي،

    ڪري تو ماٺ ويهه اي منتظر سِڪ ۾ مزو آهي
    سڀان يا اڄ سڄڻ ايندو لڇڻ پوءِ روا ناهي .


    غزل

    غزل

    ويهاري دل ۾ صُورت ڪا وساري ڪانه ويندي آ،
    بنان محبوب هي حياتي گذاري ڪانه ويندي آ،

    محبت ئي دلين جي باغ پلجي وڌي ويجهي
    محبت هٽ بازار ۾ نهاري ڪانه ويندي آ،

    وفائي سان وفا ملندي محبت جي تقاضا آ
    داسن تي نه ڪنهن جي دل ڌتاري ڪانه ويندي آ،

    عمل سان ئي اثر ٿيندو بنان ڪم جي ڪهڙا واعظ
    بنا عمل جي قوم جي حالت سڌاري ڪانه ويندي آ،

    اسان جي راڄ ريتن جي عمر توکي خبر ڪهڙي
    نياڻي ۽ ننگ ائين ڏاڍ تي ويهاري ڪانه ويندي آ .


    غزل

    غزل

    ادا سُهڻي وڻي اهڙي جو ڇا چئجي،
    ڏس صُورت ڌڻي اهڙي جو ڇا چئجي،

    نظر پهرين مٿي وئي پار سيني مان
    ڏٺائين اک کڻي اهڙي جو ڇا چئجي،

    گلابي ويس ۾ گلبدن هو اڄ گذريو
    آيو خوشبو هڻي اهڙي جو ڇا چئجي،

    ڇڏيو هئين وار ٺاهي چنڊ کي واڙي
    وري ڦيرئين ڦڻي اهڙي جو ڇا چئجي،

    وري ميلو خدا ڄاڻي ڪڏهين ٿيندو
    لڳائين لئون کڻي اهڙي جو ڇا چئجي،

    ٽڪن جوڙو هوس پاتل مٿان اجرڪ
    صفا هوس اوڍڻي اهڙي جو ڇا چئجي .


    غزل

    غزل

    ڪڏهن رات ڪاري ڪڏهن چنڊ چمڪي،
    ڪڏهن مينهن بادل ڪڏهن ماڪ ٽپڪي،

    وڏي آهي قدرت خدا جي خدائي
    پچي هيٺ ڇانهين مٿي انب لٽڪي،

    ڪري روزي ميسر ٿو هر ڪنهن کي سائين
    ڪو ويٺو ٿو کائي ڪو ماني لاءِ ڀٽڪي،

    هي زندگي جا سوين رنگ آهن
    ڪڏهن ناچ گانا ڪڏهن موت کٽڪي،

    جواني جا جاني عجب شوق آهن
    پڙيون، چاءِ، ٻيڙي ڪيو زور گٽڪي،

    ڪيو ياد منتظر ڀانيان تو آهي،
    ڪڏهن آهي هِڏڪي ڪڏهن اک ڦڙڪي .


    ڪافي

    ڪافي
    توسان اٽڪيل آهي دل
    جلدي سُهڻا مون سان مل
    تو لاءِ يار مران ٿو،

    تنهنجا چپڙا يار عُنابي
    تنهنجون اکڙيون يار شرابي
    تنهنجا ڳاڙها آهن ڳل
    تو لاءِ يار مران ٿو،

    توکان ڌار رهان مان ڪئين
    تون ۽ مان ٻئي آهيون هئين
    مان ڀوئنر ۽ تون آن گُل
    تو لاءِ يار مران ٿو،

    جي قادر ڪجهه ٿا ڏينهن لڳلن
    نيڻ مان ٿا جاري مينهن ٿين
    دل ۾ چانگ ٿئي هل چل
    تو لاءِ يار مران ٿو .


    غزل

    غزل


    لهي وڃ چنڊ چوڏهين جا اهو چمڪڻ چڪي ويندءِ،
    ڏسي صورت سڄڻ سامهون اها صورت سڪي ويندءِ،

    ڏسي تون پاڻ کي روشن نه ڪر ڪا ريس راڻل سان
    آڱر جي هڪ اشاري سان اها صُورت اڪي ويندءِ،

    ڪتيون تارا منهنجا توسان ڀلي بيشڪ ٿين ٻيڙا
    مگر نُوري نظر هڪ سان اهو لشڪر لڪي ويندءِ،

    ستارا سج سڀئي گڏجي سهائي ڀل ڪريو زياده
    مگر جانب جمال آڏو سڀن جلوا جُهڪي ويندءِ،

    جڙيو جنهن لاءِ جهان سارو سوئي واهر وسيلو آ
    ادا هي منتظر محشر ۾ ان وٽ ڊُڪي ويندءِ.


    نظم

    نظم

    مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون
    هوشو جئين للڪار ڪري،
    آزاد ڪنداسين سنڌ امڙ کي
    ويرين تي هڪ وار ڪري،

    هوشو جي پيرن تي هلڻو آ
    ماٺ ڪري مور نه ويهڻو آ
    اٿو ببر جئين بڀڪار ڪري،

    گڏجي ته اچو مچ مچايون
    سنڌ امڙ جي سينڌ سجايون
    ڪو ڏاڍن تي ڏهڪار ڪري،

    سنڌ وطن جي سهڻي ڌرتي
    تنهنجي وڏڙن وڙهي هئي ورتي
    سا دودن جئين دڌڪار ڪري،

    جيسين سنڌ آزاد نه ٿيندي
    منتظر کي تيسين ماٺ نه ايندي
    هلو ڪوٽن تي ڪڙڪار ڪري.


    نظم

    نظم

    پيو ٻولين جيڪا ٻولي، اسان جي نه آ اها ٻولي،
    اسين ٻوليون اها ٻولي، امڙ جنهن ۾ ڏني لولي،
    سنڌي آهي صفا سولي، اسان جي آ اها ٻولي،

    اسين لوليون نڀايون ٿا، ٽوپي اجرڪ شان پايون ٿا،
    ثقافت کي سجايون ٿا، اها ٻولي ڳالهايون ٿا،
    جنهن ۾ اک اٿئون کولي، اسان جي آ اها ٻولي،

    ڀٽائي جو رسالو آ، اسان ڳايو جمالو آ،
    سسئي جو ڪشالو آ، نوري جو نياز نرالو آ،
    اسان ڀي واٽ هي ڳولي، اسان جي آ اها ٻولي،

    سنڌي ڳايون وڄايون ٿا، غزل ۽ گيت ٺاهيون ٿا،
    اسان ميلا مچايون ٿا، اسان محبوب مڃايون ٿا،
    ڪڏهن عيدون ڪڏهن هولي، اسان جي آ اها ٻولي،

    سهڻي ڌرتي ڏني مولا، اصل آهيون، ناهيون تولا،
    ڌڻي آهيون ناهيون گولا، غدارن جا ڪڍون ٽولا،
    کڻي ڪا لٺ ڪڙولي، اسان جي آ اها ٻولي،

    اڏي لانڍيون ڏيون لوڙها، کڻي انجا رکون کوڙا،
    ويهون گڏجي پڪا پوڙها، وجهون ٽهڪن ۾ ٽاڪوڙا،
    ثقافت ۾ عيان ٽولي، اسان جي آ اها ٻولي،

    ڀٽائي به هتي آهي، عنايت شاه به هتي آهي،
    قلندر شاه هتي آهي، مؤجن ڀريو درياه هتي آهي،
    سدا قائم هجي ڇولي، اسان جي آ اها ٻولي،

    اسان جوئي ته ڌن آهي، ڌڙن ۾ جو دفن آهي،
    سڄو ويڙهيچن وطن آهي، وطن لاءِ سر ڪفن آهي،
    ڊڄون ڇا لاءِ ڏسي گولي، اسان جي آ اها ٻولي،
    امڙ جنهن ۾ ڏني لولي، سنڌي آهي صفا سولي،
    اسان جي آ اها ٻولي، اسان جي آ اها ٻولي ...!!


    مجيب ڪنڌر : نيڻ تنهنجا ڀِنا ته هوندا

    تعارف

    اصل نالو: مجيب الرحمن
    ادبي نالو: مجيب ڪنڌر
    ولد: عبدالحميد
    ذات: ڪنڌر
    جنم جي تاريخ: 0 1 جنوري 1989
    جنم ڀومي : نئون ديرو
    تعليم : بي . اي
    ڪِرت : پنهنجو ڪاروبار
    لکڻ جي شروعات :2008
    رهائش : فقير محمد عيسى مسجد ڪنڌر محله نئون ديرو
    واٽس ائپ نمبر : 03453850605
    فون نمبر :03453850605


    غزل

    غزل




    هڪ پيار جو سفر، ٻيو ڪجهه ته ڪونه هو،
    مون وٽ رهيو ثمر، ٻيو ڪجهه ته ڪونه هو،

    هڪ سُونهن جو سدا پنهنجي مزاج تي
    ٿيندو رهيو اثر، ٻيو ڪجهه ته ڪونه هو،

    توسان ئي زندگي جي خواب جو پرين
    پيارو لڳو پهر، ٻيو ڪجهه ته ڪونه هو،

    احساس کان بنا ماڻهو رهيو ائين
    جيئن راهه ۾ پٿر، ٻيو ڪجهه ته ڪونه هو،

    پنهنجون اکيون کڻي جاڏي ڏٺم مُجيب
    هُن جو اڳيان هو گهر، ٻيو ڪجهه ته ڪونه هو .


    غزل

    غزل
    مُرڪي ڏٺئه پٺيان ۽ خواب ها جُڙيا،
    رهجي ويا نشان ۽ خواب ها جُڙيا،

    هن دل ۾ ڪيتري جنمن کان آڳ هئي،
    بارش اٺي مٿان ۽ خواب ها جُڙيا،

    ساڳيا رهيا نه ها منظر اتي ڏٺم،
    گذريو هئم جتان ۽ خواب ها جُڙيا،

    اڄ جي گلاب ٿي آهن ٽڙي پيا،
    اڀريا مٽيءَ منجهان ۽ خواب ها جُڙيا،

    ڪا رات هيڪلي ڪاٿي ڪٽي مُجيب،
    آيو هو ڪو ڪٿان ۽ خواب ها جُڙيا .


    غزل

    غزل
    رستو سڄو ڏٺم سنسان آ رهيو،
    شايد اچي به ڪو اِمڪان آ رهيو،

    سمجهان نه ٿو دوا ڪا درد جي مگر،
    هڪ لفظ پيار جو درمان آ رهيو،

    معصوم مُرڪندڙ جانيون پيو کسي،
    پوءِ به چوي ٿو هو انسان آ رهيو،

    ڪهڙيون به تهمتون پنهنجي مٿان اچن،
    پنهنجو ته پيار تي ايمان آ رهيو،

    ڪنهنجو مليو اشارو پنڌ ۾ مُجيب،
    مشڪل سفر به ٿي آسان آ رهيو .


    غزل

    غزل
    پيار جون موسمون، تون ڪٿي مان ڪٿي،
    ڪٿ رهيون خواهشون، تون ڪٿي مان ڪٿي،

    ساڳيا منظر اهي ساڳيا رستا اهي
    ڪيئن ڏسن هي اکيون، تون ڪٿي مان ڪٿي،

    سي ڪٿان آڻجن ٽهڪ پنهنجا وري
    ماڻجن چاهتون، تون ڪٿي مان ڪٿي،

    زندگي جون اهي توسان گذريل حسين
    ياد آهن گهڙيون، تون ڪٿي مان ڪٿي،

    ڪيئن چوان مان ته ساڳيون رهيون هي مُجيب
    وقت جون حالتون، تون ڪٿي مان ڪٿي .


    غزل

    غزل
    ڪالهه جيڪي دلڪشيءَ جا رنگ ها،
    خاڪ ٿي ويا سڀ مٽيءَ جا رنگ ها،

    ڪيترا اڏريا پکي پاڻي مٿان
    خوبصورت ڪي نديءَ جا رنگ ها،

    تنهنجي اکڙين ۾ نهاري مون ڏٺا
    منهنجي ساري زندگيءَ جا رنگ ها،

    وار ها جنهن دشمنن وانگر ڪيا
    سي به ڪنهن جي دوستيءَ جا رنگ ها،

    پنهنجي هن سان جا هئي گذري مُجيب
    ڪيترا هڪڙي گهڙيءَ جا رنگ ها .


    غزل

    غزل
    منزل کان بي خبر رستا کڻي هليو،
    هڪ شخص ڪيترا سپنا کڻي هليو،

    آجو رهي به ڪيئن ٻڏتر کان مان سگهان
    هر وقت گڏ سوين اُلڪا کڻي هليو،

    هن جي اندر ۾ هُئي نفرت مگر ائين
    ظاهر ۾ پيار جا جذبا کڻي هليو،

    ارمان، بي وسيون گڏ پاڻ سان کنيئين
    ماڻهو مرڻ کانپو ٻيو ڇا کڻي هليو،

    ڪنهن جي ته سار جا احساس ها مُجيب
    وک وک تي چنڊ ڪي پاڇا کڻي هليو .


    غزل

    غزل

    ڪيسيتائين هلان ڪٿان ملندو،
    دل کي رستو اڃان ڪٿان ملندو،

    درد جي راهُه تي هلي آخر
    سُک جو پاڇو اڳيان ڪٿان ملندو،

    مُرڪ هڪڙي ڏسڻ ٿي دل چاهي
    اهڙو چهرو ڏسان ڪٿان ملندو،

    شخص ڪو پاڻ جهڙو ٿو ڳوليان
    پاڻ سان ئي ملان ڪٿان ملندو،

    آءُ سپنو مُجيب مٽيءَ جو
    چاهيان ٿو آسمان ڪٿان ملندو .


    غزل

    غزل
    دل ڪٿان ڏٺو مُرڪي،
    آسمان ڏٺو مُرڪي،

    مان اڃان اتي آهيان،
    تو جتان ڏٺو مُرڪي،

    درد کي سهي آ مون،
    پيار سان ڏٺو مُرڪي،

    رات هڪ ٻريو چهرو،
    چنڊ مان ڏٺو مُرڪي،

    گُل ٽڙيا ها رستي ۾،
    هن اڳيان ڏٺو مُرڪي .


    غزل

    غزل

    بي وفا جي ڇا وفا سان دوستي،
    ديپ جي ڪهڙي هوا سان دوستي،

    آدميءَ جي درد کي سمجهڻ بنا،
    ڪيئن ٿي سگهندي خدا سان دوستي،

    دوستيءَ جو ڇا اُهو ڄاڻي خلوص
    جو ڇڏي وڪڻي بها سان دوستي،

    ڪيترو اڻڄاڻ آهين پاڻ کان،
    ٿو رکين پيارا انا سان دوستي،

    زندگي گذري وئي ساري مُجيب،
    ٿي نه ڪنهن هڪ آشنا سان دوستي .


    غزل

    غزل

    هن کي وسارجي، ڪهڙي طرح مگر،
    دل کي ڌتارجي، ڪهڙي طرح مگر،

    دل جا سڀئي زخم اکلي اگر پون
    مُرڪي نِهارجي، ڪهڙي طرح مگر،

    آ زور ڪيترو طوفان ۾ رهيو
    ڪو ديپ ٻارجي، ڪهڙي طرح مگر،

    هر لمحو جو به هن مون ساڻ هو ڪٽيو
    دل تان اُتارجي، ڪهڙي طرح مگر،

    صدين جي پياس کي پورو ڪجي مجيب
    رڻ ۾ گذارجي، ڪهڙي طرح مگر.


    مختيار : روح توبن اداس آ جانان

    تعارف

    اصل نالو: مختيار مگسي
    ادبي نالو: مختيار
    ولد: ولي محمد
    ذات: مگسي
    جنم جي تاريخ: 1986
    جنم ڀومي : شهداد ڪوٽ
    تعليم : مئٽرڪ
    ڪِرت : ٽيلر ماسٽر
    لکڻ جي شروعات :2000
    رهائش : سعودي عرب (مدينه)
    واٽس ائپ نمبر : 03452734538
    فون نمبر : 03452734538
    Email: arzoraufnohrio@yahoo.com


    غزل

    غزل





    جنهن روح ۾ پرين جي آ تات جو تصور،
    تنهن کي ڪٿي رهي ٿو سُڪرات جو تصور،

    دل ۾ سدا رهين تون موجود دلرُبا ٿو
    مون ۾ رهي پو ڪئين ڪنهن حالات جو تصور۔

    مٽجي شهر کنڊر ۾ ويا جهٽ گهڙي پهر ۾
    تنهنجو اچي پيو ائين جذبات جو تصور،

    بس ڪنهن ٻئي جي آڏو محتاج ڪر نه خالق
    تو مان سدا رهي ٿو خيرات جو تصور،

    تنهنجي هجي رضا جنهن ۾ سا قبول آهي
    سجي ۾ رهيو نه ڪڏهين جنت جو تصور،

    محبوب کي جي منهنجو ٿو گهر وڻي ڪکن جو
    مختيار ڇو ڪيان پو محلات جو تصور .


    غزل

    غزل
    خوشي دل کي هُئي آيس صديقن جي ته محفل ۾،
    گهڙي گذر لڳو ائين هان خبيثن جي ته محفل ۾،

    هڻن ٿا تُهمتون ٻين تي پڏائي پاڻ کي يارو
    نه وڏڙن جو ڀرم آ اڄ اديبن جي ته محفل ۾،

    ٻڌائي ڪونه لفظن ۾ اوهان کي مان سگهان ٿو پر
    ملي ٿي سِڪ محبت جا غريبن جي ته محفل ۾،

    سدائين سنڌ جو کائي غداري سنڌ سان ٿا ڪن
    سنڌي چون ٿا وڃون اهڙن پليتن جي ته محفل ۾،

    قبولن سِڪ نٿا منهنجي ڪڍن ٿا عيب هر ڀيري
    هٿئين خالي وڃان ٿو جو عزيزن جي ته محفل ۾ .


    غزل

    غزل

    اڃان اُداسي رکي ڪندين ڇا،
    هي زندگي آ وڃي بچي ڇا،

    ملي طبعيت نه پاڻ ۾ ٿي
    مگر انهي کي چئون وڃي ڇا،

    اُداس تنهنجي ڀلا رهڻ سان
    سو وقت ايندو ويل وري ڇا،

    وئي غلامي ۾ عمر ساري
    ڪيون پڇاڙي ۾ دل وٿي ڇا،

    ڏياج ٻيجل کي جئين ڏنو سر
    ڄمن ٿا هر هر اهڙا سخي ڇا،

    هي لوڪ ٻوڙو اديب آهي
    ڪندين اڳيان شعر ڪي پڙهي ڇا.


    غزل

    غزل
    روح توبن اُداس آ جانان،
    موت جو ڄڻ هراس آ جانان،

    مونکي تنهنجي ڇڏي وڃڻ کان پو
    ڪا به دل ۾ نه آس آ جانان،

    ڪجهه نظر ۾ نٿو اچي تو بن
    عشق اهڙو اُماس آ جانان،

    هي لڳي ٿو نصيب منهنجي جئين
    موت ڀي بي شناس آ جانان،

    زندگي جو زهر ڪئين پيئان
    ٽڪرا ٽڪرا گلاس آ جانان.


    غزل

    غزل

    ها ءِ پيارو لڳي ٿو هي تر تو جيان،
    يار تنهنجو سڄو هي شهر تو جيان،

    تو مٿان جنهن ڪيو عمر ڀر ڇانورو
    سو ٿو پيارو لڳي تنهنجو گهر تو جيان،

    پير پائين تون ٻاهر اچين ٿي جڏهن
    دل ڇڪي ٿو وٺي تنهنجو در تو جيان،

    راهه ويندي چمن پير تنهنجا ٿا جي
    سي پيار ا لڳن ٿا پٿر تو جيان،

    پيار سڀ سان ڪيان جئين پيارو لڳا
    جئين تنهنجو شهر چاهي ير تو جيان .


    غزل

    غزل
    هُن جي شاعري جي ته خبر هئي،
    پر گيت تي نچڻ جي عادت مگر هئي،

    اڄ سنڌ ۾ اياڻيون ڳائن پيون ته ائين
    ڳائڻ کان وڌ جسم ۾ هر ڪا نظر هئي،

    تاريخ پڙهي منهنجو ٿو روح پيو رڙي
    ڇا سنڌ اڄ رهي آ جا سنڌ امر هئي،

    هو ڇوڪري نه پر ڪا ڄڻ حُور پري
    حس بي حيائي تن تي رهيل نه ڪثر هئي،

    مختيار مڙئي سڀ کي وه واه ڪر پيو
    يارن چيو طبعيت اهڙي نه پر هئي .


    غزل

    غزل

    ٿي گناهن ڏي هر وِک اڃان،
    پنهنجي عيبن تي رکان ٿو ڪُک اڃان،

    آ ڪرم رب جو نه پنهنجو ڪو ٿيو
    ۽ نه ٿياسين پاڻ ڪنهنجا مُک اڃان،

    بادشاهي ڀي خدا جي ڏئي ڇڏي
    پو به دولت جي وڌي ٿي بُک اڃان،

    حوصلو رب ڏي نه هن کي جئين چوان
    ڇو ڀلا پنهنجي حصي هي ڏُک اڃان،

    سنڌ ڌرتي جي آ عظمت ٿا رهن
    گڏ هندو، مسلم، عيسائي، سِک اڃان،

    حال منهنجا هن ڏسي روئي چيو
    توکي غربت جا لڳل هن ٻک اڃان،


    غزل

    غزل
    بي قدر وٽ ائين رهيس يارو قدر جي آسري،
    جئين خدا کان بي خبر هن ڪي مندر جي آسري،

    هي حياتي يار جي ڳولا وئي بڻجي سڄي
    سڀ ڇڏيان آرام مون آهن قبر جي آسري،

    هي غلامي منهنجي ڪنهن تي ڪونه ٿورو هو مگر
    روح کي راحت ملي پئي يار جي تر جي آسري،

    مونکي حاتم جي وٺي در کان مگر پو راهه ۾
    هُو ڇڏي چنگيز واري ويو شهر جي آسري،

    عشق هو جو سُهڻي دريا کي به ڪندي پار هئي
    ڪير لهندو هونءَ دريا ۾ ٺِڪر جي آسري .


    غزل

    غزل
    ٿي نه تون مغرور حاڪم وقت جا،
    ڪي مٽي کوڙا نظر ايندا رهيا،

    روح جو ماتم نه سمجهي لوڪ ٿو
    نچڻي جا جلوه نظر ايندا رهيا،

    سوچ ساڳي نظر ڀي ربّ جو قسم
    پوءِ ڇو پردا نظر ايندا رهيا،

    هن دنيا ۾ ايندي ويندي جي ڏٺم
    اکين مان ڳوڙها نظر ايندا رهيا،

    سنڌ جي حالت ڏسي روئي ڏنم
    چوطرف سُڏڪا نظر ايندا رهيا،

    دم ٽٽڻ کان پو ڏٺم سلطان ڀي
    خالي هٿ تن جا نظر ايندا رهيا .


    وائي

    وائي

    توسان ئي اُلفت
    آهي اڳ جهڙي اڃان،

    هر شي مٽجي وئي آ
    پر تنهنجي صُورت
    آهي اڳ جهڙي اڃان،

    تون جو ناهين ساٿ ۾
    منهنجي ڇا قسمت
    آهي اڳ جهڙي اڃان،

    منهنجي غربت کان مٺي
    توکي ڇو نفرت
    آهي اڳ جهڙي اڃان،

    ساٿ ڏين يا ڏين نه تون
    پر توسان سنگت
    آهي اڳ جهڙي اڃان .


    نذير نورياڻي : زماني خُوب ڪيا ڦيرا

    تعارف

    ادبي نالو: نذير نورياڻي
    اصل نالو: نذير حسين
    ولد: محمد صالح چانڊيو
    جنم : 15 فيبروري 1926
    تعليم: سنڌي فائينل
    ڪرت: پرائمري استاد
    وفات : 16 مئي 2005
    شاعري جي شروعات : 1946
    سهيڙيندڙ: اشفاق چانڊيو


    نظم

    نظم
    ڪٿي ڌاڙا ڪٿي ڦريون وڏيرن جي عنايت آ،
    ڍڳا ڀونگن تي ٿا موٽن نه وسيلو ڪو سلامت آ،
    ملي رن مڙس واري يار کي اڄ هي عدالت آ،
    غريبن ۽ شريفن واسطي جنسي قيامت آ،
    الاهي ظلم وارن جو ڀلا چهلم ڪڏهن ٿيندو،
    خبرناهي دلي مجروح جو مرهم ڪڏهن ٿيندو .

    وڏيرن کي سدا آهي شڪارن جي جي رڳو اڻتڻ،
    رڇن ڪڪڙن ڀلن ڏاندن ڀٽارن جي رڳو اڻتڻ،
    رنڊين هي راڳ ڇڪلي جي نظارن جي رڳو اڻتڻ،
    ٻني ۾ لاب وارن جي اشارن جي رڳو اڻتڻ،
    انهيَ بي دين جي گهر ۾ بپا ماتم ڪڏهن ٿيندو .

    لئيء مان لٺ ڀڃڻ ڄاڻن نه سي ڀي اڄ بهادر ٿيا،
    ڪجا ڪوري ڪجا زوري ٻڌون تن جا پيا پيا دڙڪا،
    ٽڪي جي مان وارا ڀي ٿيا قاتل اميرن جا،
    شرع انگريز واريَ تي اڃان رلندا گهڻا لاشا،
    الاهي قوس کان قاتب بني آدم ڪڏهن ٿيندو .



    ملان ناهي سڄڻ ڪنهنجو سندس آهي دلي منشا،
    خدا ماري وڏيري کي ڪيا ان جا نوان جوتا،
    وڇو ٻڪرو ڍڳي ڍانڍي ملي اسڪات ۾ من ڪا،
    وٽو ٿالهي سٺا ڪپڙا وڏيري جي نيعت ملندا،
    مسرت بي بجا ان کي مئي جو غم ڪڏهن ٿيندو .


    اڳي رشوت هئي جڳ ۾ مگر اڄ کل کلائي آ،
    سوا سو ڏينهن ۾ ڇا ڪو ڪلارڪ جي ڪمائي آ
    سپاهي اورسيئر ڀي انهيَ کان وک وڌائي آ،
    نظيرڻ شعر هر هڪ سندء تن سان لڙائي آ،
    ته رشوت کان سڄو آزاد هي عالم ڪڏهن ٿيندو .
    خبر ناهي دلي مجروح جو مرهم ڪڏهن ٿيندو .


    غزل

    غزل
    اسان وٽ بعد آزادي برابر ايترو ٿيو آ،
    غريبن لاء بربادي برابر ايترو ٿيو آ.

    ميسر ڪونه مسڪينن کي آهي ان مڪان ڪپڙو،
    انگوشي سان گنجي سادي برابر ايترو ٿيو آ.

    ٿيو آ منٿلين جي زور تي هت داد چورن جو،
    پوي ٿو جيل فريادي برابر ايترو ٿيو آ.

    اچو انصاف ڪان پٽيون اچو اقوام ڪان روئون،
    مسلم ڇا،ڇا بيدادي برابر ايترو ٿيو آ.

    اسان جي ڪارنامن کان شڪست شيطان کاڌي آ،
    مڃي ابليس استادي برابر ايترو ٿيو آ.

    ڪڪيون ڪاليج جون ڪودڪ سان آهن ڪرڙوڍ ڪم ۾،
    اڊيهڙ ساڻ هر مادي برابر ايترو ٿيو آ.

    هتي پيسو هتي پيسو مٿي پيسو رڳو پيسو،
    بنا پيسي وڃڻ تعدي برابر ايترو ٿيو آ.

    پڄي وس اسٽوڊنٽن جو ته ڪن هي جنس تي مٽ سٽ،
    شغو مان ٿي ٿو شهزادي برابر ايترو ٿيو آ.

    چئون ٿا سچ وٺي ٿو ڊپ نظيرا ڪيئن ڪجي هاڻي
    لکڻ جو ڏس ڏنو هادي برابر ايترو ٿيو آ.


    غزل

    غزل


    هزارن تي بري ٻڪري نه آهي مان پيسي جو،
    وٺڻ کان شئي وئي نڪري نه آهي مان پيسي جو.

    منو لک ڪنوار جي قيمت هجي جنهن جي اڇي چمڙي،
    هجي ڀل عادتين ڪڃري نه آهي مان پيسي جو.

    وڇو وهڙو گهٽو ڇيلو جي وٺبو عيدالاضحئ تي،
    ٿي سورهن سو ڦنڊر ڏٻري نه آهي مان پيسي جو.

    ٿيو آ سرس سرس۔ست سو کان ٻٻر گاڏي جي ڳن وارو
    پنجين سئين نار جي ڊڊري نه آهي مان پيسي جو.

    مٽي واري مٽن جو ڀي ته اڄ سو سيٽ ٿو کائي
    لڳو سٺ تي وٽو تسري نه آهي مان پيسي جو.

    پلو پندرنهن ڪڪڙ پنجويھ آ ويهين گوشت بازر ۾،
    لڳي آهي ڏهين بسري نه آهي مان پيسي جو.

    ٽڪي کوپو هو ڏونگي جو هئا پيسي سير سڳداسي،
    اها وئي سلطنت گذري نه آهي مان پيسي جو.

    اٺين آني ها مڻ چانور روپين ٻن تي ٻه ٽي ٻڪريون،
    ٻڌائي وقت جو ٿو ٺمري نه آهي مان پيسي جو.

    نذيرا نڪتچيني ڪر نه تون اشياء سڀ ڪنهن تي،
    وٺڻ ڏيئي نه سڀ گهمري نه آهي مان پيسي جو.


    غزل

    غزل


    عمل ري آدمي اڻٽر اقابر ٿين ته ڇا ٿي پيو،
    نشي ۽ نار ناڻي لاءِ نادر ٿين ته ڇا ٿي پيو.

    ڏسي لانچر لٽيرن وٽ لڏي ويا لاڙ ڪاڻي ڪي،
    تپائي تعلقا سارا هي تونگر ٿين ته ڇا ي پيو.

    انهيَ ڦر جي ڦلوسن کان فقيري منجهه فرحت آ،
    ڦري دڳ ڏاج جا ڏوڪڙ ڏهيسر ٿين ته ڇا ٿي پيو.

    ڪرين روپوش روڪڙ سان ٿو صوبيدار کي ساٿي،
    ڀڃي ڀئو نيٺ بگهڙن جي برادر ٿين ته ڇا ي پيو.

    ڪئي تو شاعري هي سٺن ڪافين رديفن تي،
    ٺھائي ڏوهڙا ڪافيون نشانبر ٿين ته ڇا ٿي پيو.

    ولايت مان وٺي آئين اگر ڪئمبرج جي ڊگري،
    اچڻ سان ايس پي ڊي سي ڪمشنر ٿين ته ڇا ٿي پيو.

    ولايت مان وٺي آئين اگر ڪئمبرج جي ڊگري،
    اچڻ سان ايس پي، ڊي سي،ڪمشنر ٿين ته ڇا ٿي پيو.

    انڌن بردا عملدارن اميرن عشر آ کاڌو،
    گداگر کي گڏھ سمجهي گورنر ٿين ته ڇا پيو.

    ڇڏي هت جوء جوفي ڪان جدي ڏھ سال ٿو جالين،
    ڇڏي ننگ گهر اتي ڪاڍڙ ڪويسر ٿين ته ڇا ٿي پيو.

    ڏسي درياھ کي ڌاڙو دريا خان ٿي يا دودو ٿي،
    دلاهن ديس جو دشمن چنيسر ٿين ته ڇا ٿي پيو.

    نديء ۾ نار جهڙو ڀي نه پيرو آهي پاڻي جو،
    نذيرڻ ملڪيت ميڙي منسٽر ٿين ته ڇا ٿي پيو.


    غزل

    غزل


    زماني خوب ڪيا ڦيرا ڏسو گڏھن به گج پاتا،
    نه ٿا ڏين وٺ ٻلا ڇيرا ڏسو گڏهن به گج پاتا.

    عجب ان ڳالھ جو آهي گدڙ ٿا شينهن کان مارن،
    ٿا لوپن باز کي ڳيرا ڏسو گڏهن به گج پاتا.

    زياده دم هڻي ٿيا معتبر مفعول ميرن کان،
    ڪٽائي پاڻ سو ڀيرا ڏسو گڏهن به گج پاتا.

    نه اهڙو وڻ سجهي ٿو ڪونه لوڏيو واء جو هوندو،
    ڇڙا سگهرن سان آڌيرا ڏسو گڏهن به گج پاتا.

    ڀريا چٻرن ۽ چمڙن سان ڊٺل محلات ميرن جا،
    ٿيا افسوس دڦ ديرا ڏسو گڏهن به گج پاتا.

    جتي مجلس هئي مورن جي هنجن جون جت هيون هونگون
    اتاتي ڪانون جا ڪانگيرا ڏسو گڏهن به گج پاتا.

    غريبن ۽ اميرن وٽ سدا آ چانهه جو چرچو،
    پسند ناهن مکڻ ڦيرا ڏسو گڏهن به گج پاتا.

    ٽڪيون پن جون ٿي جن کاڌيون اهي ڪرسيَ نشين بڻيا،
    هيس گهر ڏاس جا ڍيرا ڏسو گڏهن به گج پاتا.

    ڪلر ڪاري مٿان ڳالهيون ڪري ٿو قصد ڪڪرن سان،
    اتي چٻرن جا آکيرا ڏسو گڏهن به گج پاتا.

    ڏسي رئيسي رنگيلن جي ۽ چورن واري چڱ مڙسي،
    نذيرا ٿا جلن جيرا ڏسو گڏهن به گج پاتا.


    غزل

    غزل


    مونجهه ۾ مهراڻ آ رائيس ڀي روئي ڏنو،
    ظلم هي ڇاڪاڻ آ رائيس ڀي روئي ڏنو.

    حق غضب ٻين جو ڪري پاڻي ويا ڏوڪي پنجاب،
    سنڌ ڇا اڻ ڄاڻ آ رائيس ڀي روئي ڏنو.

    سنڌ جي سڏڪي ڀرڻ تي ڪنهن نه صوبي ڪيو سماء،
    درد ۾ هڪ پاڻ آ رائيس ڀي روئي ڏنو.

    گوڏي تي پاڻي گڊو ۾ سرڪ هڪ ڪانهي سکر،
    سڀ جي ڪڍڻي ڪاڻ آ رائيس ڀي روئي ڏنو.

    روهڙي ڪئنال رڃ ۾ آ ڦليلي فقر ۾،
    واء ويلا هاڻ آ رائيس ڀي روئي ڏنو.

    کير ٿر بيگاري بر ويران ٿي وارھ برانچ،
    ملڪ ۾ مانڌاڻ آ رائيس ڀي روئي ڏنو.

    گهاڙ، ارٿر، ڌامراهو، ڪور، نورنگ، نورواھ،
    نيست هر هڪ نياڻ آ رائيس ڀي روئي ڏنو.

    سومري منڇر مکي ڪينجهر به ٿي آ قربلا،
    ڪون ڪا آلاڻ آ رائيس ڀي روئي روئي ڏنو.

    وونئڻ جوئر ڪڻڪ ڪيلا مڱ مٽر لوسڻ ڇڻا،
    پوک سڀ خس ساڻ آ رائيس ڀي روئي ڏنو.

    ٿي ڪمند سان قيس ويو ايري به ٿي ويو آ اداس،
    ڪٿ نه ڪا آلاڻ آ رائيس ڀي روئي ڏنو.

    ڪيترو لکندين نذيرا مڱ نه ڏر ڪنهن تي ميان،
    حشر جو اهڃاڻ آ رائيس ڀي روئي ڏنو.


    نظم

    نظم




    جهان ۾ ڏکيو آهي ته آهي ٻن گهرن وارو،
    حياتي جو گذاري وقت ٿو ٻڙڌاڪ ۾ سارو،
    پيل جنسي جهان ۾ آھ،زنده گور ويچارو،
    سندس پاهي ۾ پيل آهي به ٻڙچٽ وارو ٻاجهارو،
    انهيَ شوقين جي گهر ۾ ڏھاڙي نئين مصيبت آ،
    فقط ان مرد جي کٽ پٽ لڙائي گار دولت آ.

    سندس گهر ۾ لڳو پيو آ سدائين ڌار تي جهيڙو،
    دلي چونري دکي سانجڻ ڪتر ڪمڪار تي جهيڙو
    مکڻ ڏڌ کير ڀاڄي ڀت لٽن جي کار تي جهيڙو،
    وٽي ٿالهي لٽي کٽ ڳهه سمهڻ جي وار تي جهيڙو،
    اثر جهيڙي جي کان ڪيئي ڏھاڙا چلهه چڙھي ناهي،
    ڪئي اونڌي منجي هڪڙي ته ٻي پيڪين وئي آهي.

    گذارڻ جهنگ هڪڙي ۾ جيئن شينهن ٻن جو مشڪل آ،
    انهن وانگر رنن سان گڏ گذارڻ کان ڀڳل دل آ،
    صلاحن ۾ انهن سان روز شب شيطان شامل آ،
    بکيڙي ريس ۽ لڙ ۾ ٿي ڏسجي هر ڪا قابل آ،
    ڪسر رتيون ٻه هن کان هوء ۽ هوء هن کان زياده آ،
    ڪنهين ۾ لاھ ڪا ڪانهي ٻچا ڏسجن ٿيون نانگن جا.



    وڙهن ٿيون پاڻ ۾ ڏاڍو لا ڄڻ چانڊيا مگسي،
    پلوء هڪ جو ٻڌو ڀيڻن اٿي ٻي ڏانهن پڦي ماسي،
    سندن مائن به جهيڙي ڪان هئي ڄڻ باس ڪا باسي،
    سموري ڳوٺ جون مايون ٿين ٿيون پاڻ ۾ عقسين
    ٿئي ٿو هوبهو نقشو مهاڀاري لڙائي جو،
    پتو پئي ٿو توجه سان ڪنهن جي آڳرائي جو.
    اٿن ڳر ياد جهيڙي جو ۽ استعمال جهيڙي جو،
    اضافو ٿو وڃي ٿيندو گهڻو هئي سال جهيڙي جو،
    پئي ٿو جسم مان ٽپيو هنيل هر نال جهيڙي جو،
    قلم ڏيئي نه ٿو پورو سگهي احوال جهيڙي جو،
    تري ٿي تعلقاتن ريء تڪرارن جي تارازي،
    انهن جي صلح ڪان آهي سدائين مرض ايلاضي..

    وڪيلن جي انهن سان وات ۾ حاجتبه ڪانهي ڪا،
    لڙائي کي ڪڏهن اڌرات جو رخصت به ڪانهي ڪا،
    انهن جي سونڍ کي مينهن ۾ مهلت به ڪانهي ڪا،
    سندس ور کي ڪڇڻ ڪنهن ٻڙڪ جي همٿ به ڪانهي ڪا،
    اکيون ٺاڦي ٻڌي ويٺو اهو ڪمزور جهيڙي کي،
    ڪرائي ڪونه ڪو سگهندو جهڪو شهه روز جهيڙي کي.

    وٺي پيڪن آيون ڄڻ ٻئي پرمنٽ ٽاڄي جي،
    ملي وين ڏاج ۾ ڪا ڄڻ چئي پرمينٽ ٽاڄي جي،
    سهانگي تن کي آهي پڙ پئي پرمينٽ ٽاڄي جي،
    ڪتب هر وقت آڻن ڀي سڀئي پرمينٽ ٽاڄي جي،
    نه ٿيندو ڪينسل ڪڏهن به دستاويز جهيڙي جو،
    نه منصف ٿي ڪڏھن سگهندو ملڪ انگريز جهيڙي جو.

    نه ٿيندو حشر تائين ڪو تدارڪ هن ٻٽيڪي جو،
    وڄي ٿو پکڙندو پاڙي سڄي ۾ ڪن ٻٽيڪي جو،
    نه سرندي صبر واري سان ڪو ريڌو جن ٻٽيڪي جو،
    نبيري فيصلي وارو نه ٿيندو دن ٻٽيڪي جو،
    مشيري مڙس واري ڀي نٿن منظور جهيڙي ۾،
    حصو ٿيون پارٽيء سوڌو وٺن ڀرپور جهيڙي ۾.

    وڌو ٿو هي وڃي بيشڪ سدا ناٽڪ بنا پئسي،
    نه اهڙو ڪنهن ڏٺو هوندو صفا ناٽڪ بنا پئسي
    بنايو واھ جو آهي خدا ناٽڪ بنا پئسي،
    ٿو ڏيکاري ڪيئن عمدا مزا ناٽڪ بنا پئسي
    رچائڻ رنگ ايندو ڪين اهڙو ڪنهن مداري کي،
    ٿئي حيرت تعجب ٿو ٻڌندڙ خلق ساريء کي.

    نئون ڪپڙو ضرورت تي کڻي جي آڻبو هڪ ڪان،
    ته جهٽ پٽ اٿي چوندي اجهو ڦاهو ٻڌان ٿي مان،
    ستم بغدادجو برتاء رڳو آ مون ڏهاڳڻ سان،
    وڳي پوشاڪ اهڙي جو نه آيو آ انڊو ڇاڪان،
    نٿو ٻارنهن مهينا تنهن لٽي وارو ڇڄي ڇينو،
    مدامي جنگ جهيڙي ۽۽ ڪروڌن کان نه ٿن .

    چوي ٿي حڪم سان هر ڪا ته منهنجي ڪر اٿي ويٺي،
    رڳو تون ٻار کڻ منهنجا نه ٻي جا ٻار کڻ اصلي،
    توجه طرف ڪر منهنجي نه ڪر اولاد نڌڻڪي،
    ڏين ٿيون هنجهه ۾ اڇلائي به ريڌل ٻار بي
    کڻي اولاد ٿو هڪ جي ته ٻي ٿي ڦوڪجي ڏاڍو
    اها ڦوڪي مٽن کي ٿي پٽي روئي کجي ڏاڍو.

    گهرن ٻن ڌڻي آهي نه مئلن ۾ نه جيئرن ۾،
    ڏسي روزانو تاڙاڪو وڃي پئجي ٿو ڍڪرن ۾،
    ڪڏهن ايلاز آزين ۾ ڪڏهن ککرين جي فقرن ۾،
    ڪڏهن پورو پوي ٿو ڪونه ڍونگن تال مڪرن ۾،
    ٿيو جوڙو جي زالن جو اگر ڪنهن جي مقدر ۾،
    انهيَ ڄڻ آدميء کي رات پئي خوفائتي بر ۾.

    گهرن ٻن سان ڪرڻ شادي مصيبت جي به ٻي سگهه آ،
    سندن جهڙو لڙائي ريس زلت جي به ٻي سگهه آ
    گهڻي ٿوري تي گهپي گيھ آفت جي به ٻي سگهه آ،
    سندن اڻبڻ رقيبن جي خصو عت جي به ٻي سگهه آ،
    غرت ان آدمي جي گهي سدا صغرا قيامت آ،
    گذاري ٿو ڏهاڙا ڄڻ جهنم ۾ حياتي جا.

    جڏهن شادي ٿي ٻي منهنجي ٿيس خوش مان پنهنجي پر ۾،
    هينئر سمجهان سراسر ٿو لڳو سر آھ پٿر ۾،
    دماغ پنچر ٿو مان سمجهان تخيل آھ چڪر ۾،
    نذيرا ويو ٻٽيڪو آ ٻچا آنا ڪري گهر ۾،
    ٻي پرڻي جو ڏک ايذاء ڏکيو موت کان آهي،
    اوهان مان ڀي مٺا اهڙو متان مانڌاڻ ڪو چاهي.


    بئڪ ٽائيٽل پيج






    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 468297
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 187781
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ