ڪتاب جو نالو: جل پريءَ جي اڳڪٿي
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: ٻاراڻو ادب
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 04 آڪٽوبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 735 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 117 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ٻارڙن ۽ وڏڙن لاءِ جاپاني ڪهاڻين جي سنڌي ترجمي تي مشتمل آهي جنهن جو سنڌيڪار ناميارو سفرناما نگار الطاف شيخ صاحب آهي.
”جل پريءَ جي اڳ ڪٿي“ ٻارن جي انهن ڪهاڻين جو مجموعو آهي جيڪي هيڪدو کان اوڪيناوا ٻيٽن تائين ۽ فڪو شيما کان ناگاساڪي تائين جپاني مائرون پنهنجن ٻارن کي ٻڌائين ٿيون.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڇپائيندڙ
  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب عبدالرزاق ٻگهيو نالي : الطاف شيخ
  • دنيا جي سفرنامن جي سفر کان پوءِ ڪهاڻين جي سفر جو سفير : ايس نسيم ميمڻ
  • الطاف جون چونڊيل ڪهاڻيون :
  • ڪهاڻيون

  • (1) جيلي فش پنهنجا هڏا ڪيئن وڃايا
  • (2) جل پريءَ جي اڳڪٿي
  • (3) ڪکاڻان ٽوپلا
  • (4) سامونڊي شهزادي ۽ لالچي زال
  • (5) گينگورو ۽ جادوءَ جي ڊٻڊٻي
  • (6) خوبصورت ڇوڪري بلبل ئي رهي
  • (7) احسانمند مڇي
  • (8) ٽي ڪرامت وارا تعويذ
  • (9) جادو جون چاکڙيون
  • (10) پيچ تائلو جي آکاڻي
  • (11) سونهري ٻلي
  • (12) باندر ۽ کيکڙو
  • (13) بانس ڪپڻ واري جي ڪهاڻي
  • (14) يُوشِيواڪا مَارُو
  • (15) ننڊن جو شوقين ڇوڪرو
  • (16) جادوءَ جو چوغو
  • (17) ڪِر ڪِر جبل
  • (18) ڄڀ ڪپيل جهرڪ
  • (19) يورا شيما تارَو
  • (20) برفاڻي عورت
  • (21) احسانمند ڪونج
  • (22) چيري بلاسم گلن وارو پوڙهو
  • (23) اهوئي ته دانگو آهي
  • (24) ميڻ بتي کائڻ
  • (25) پوڙهي مان جوان
  • (26) هڪ بي عقل ڇوڪرو
  • (27) هن به ٻلي ٿي ڏيکاريس
  • (28) ڪوتا تسو- جپاني ٽيبل
  • (29) وِيسُو ڪاٺير ۽ پوڙهو ٻائو
  • (30) ٻن ڏيڏرن جو ڀر وارو شهر گهمڻ
  • (31) ڪيوٽو کان آندل آرسي
  • (32) جپاني عورت ۽ مي آئيديرا جو گهنڊ
  • (33) پٿر ڪٽيندڙ
  • (34) حيرت انگيز رومال
  • (35) نون پڇن واري حسينا_تمامو

  • ڇپائيندڙ

    جل پريءَ جي اڳڪٿي

    (ٻارڙن ۽ وڏڙن جي لاءِ جاپاني ڪٿائون)

    الطاف شيخ

    نئون نياپو اڪيڊمي
    سچل ڳوٺ, ڪراچي، سنڌ

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2017ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ڇپائيندڙ :

    جل پريءَ جي اڳڪٿي
    ٻاڙرن ۽ وڏڙن جي لاءِ جاپاني ڪهاڻيون
    الطاف شيخ
    انگ: هڪ هزار
    ڇاپو پهريون: فيبروري 2017
    پاران: نئون نياپو اڪيڊمي،
    سي-4، سچل ڳوٺ گلشن اقبال ڪراچي
    Ph: 021-332624153, 34690389
    Cell # 0333-2311582, 0346-2103811
    مُلهه: 300 رپيا


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”جل پريءَ جي اڳڪٿي“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب ٻارڙن ۽ وڏڙن لاءِ جاپاني ڪهاڻين جي سنڌي ترجمي تي مشتمل آهي جنهن جو سنڌيڪار ناميارو سفرناما نگار الطاف شيخ صاحب آهي.
    ”جل پريءَ جي اڳ ڪٿي“ ٻارن جي انهن ڪهاڻين جو مجموعو آهي جيڪي هيڪدو کان اوڪيناوا ٻيٽن تائين ۽ فڪو شيما کان ناگاساڪي تائين جپاني مائرون پنهنجن ٻارن کي ٻڌائين ٿيون.
    هونءَ ٻارن جون ڪهاڻيون ٻار ته وڏي شوق سان پڙهن ٿا پر وڏن لاءِ اهي دلچسپ نٿيون ٿين. خاص ڪري ڪنهن ڌارئين ملڪ جون. پر پڪ آهي ته الطاف جون هي گڏ ڪيل جپاني ڪهاڻيون وڏي عمر جا پڙهندڙ به ضرور پسند ڪندا. اهو ان ڪري جو الطاف جتي جتي ضرورت محسوس ڪئي آهي اتي جپاني ڪلچر ۽ ٻين ڳالهين جي ڄاڻ ڏني آهي جيئن اسان جي ملڪ جا ماڻهو جيڪي جپاني ادب، ڪلچر، ثقافت، مِٿ، ڏند ڪٿائن کان اڻ واقف آهن اهي هنن ڪهاڻين کي سمجهي سگهن. جپاني سوچ مطابق هنن ڪهاڻين ۾ به جنن ڀوتن کي ڏيکاريو ويو آهي جن تي فتح هميشه مندر جي ٻائي جي ٿئي ٿي. عورت کي هٻڇي، بيوقوف ۽ ڏنگو ڏيکاريو ويو آهي.
    هي ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون سائين الطاف شيخ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    انتساب عبدالرزاق ٻگهيو نالي : الطاف شيخ

    ٻارن جي ڪهاڻين جو هي ڪتاب پنهنجي پيٽارو جي معصوم طبيعت دوست عبدالرزاق ٻگهيو نالي منسوب ڪيان ٿو جنهن کي اڄ به هڪ سلڇڻو ۽ ذهين ٻار سمجهان ٿو جهڙو هو 1962 ۾ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ اٺين ڪلاس ۾ آيو هو ۽ آئون ان وقت مئٽرڪ پاس ڪري فرسٽ ييئر ۾پ هتو هوس. عبدالرزاق جو ڪٽ نمبر 3636 هو ۽ هو لطيف هائوس م رهيو ٿي آئون لياقت هئوس ۾ هوس منهنجي هن سان ملاقات اڪثر باسڪيٽ بال گرائونڊ تي ٿيندي هئي. پيٽارو ۾ رانديون ته سڀ کيڏڻيون پيون ٿي پر باسڪيٽ بال منهنجي دلپسند راند هئي ۽ ڪاليج جي ٽيم جو ڪئپٽن هوس. مون سگهو ئي عبدالرزاق کي باسڪيٽ بال ٽيم ۾ شامل ڪيو جو هن جو نه فقط قد ڊگهو هو پر Stamina پڻ هئس ۽ جلدي راند جون حرفتون به سکيو ويو. ڪرڪيٽ، والي بال، فٽ بال وغيره ۾ ايتري ڀڄ دڪ نٿي ڪرڻيپ وي جيتري باسڪيٽ بال ۾ لڳاتار ڪرڻي پوي ٿي. عبدالرزاق جي ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته هو ننڍپڻ کان ماشاءَالله نيڪ نمازي رهيو آهي. اسان جي ڏينهن ۾ ڪاليج طرفان نماز تي سختي نه هئي. جمعي نماز جيڪا اسيمبيل هال ۾ ٿيندي هئي ان تي اڪثر سڀ ڪئڊٽ ۽ ٽيچر اچي گڏ ٿيندا هئا. بعد ۾ اسان جي لياقت هئاوس جي سامهون مسجد ٺهي ته آئون ڏسندو هوس ته جيڪي چند ڪئڊٽ مسجد ڏي ويندا هئا انهن مان عبدالرزاق ٻگهيو هڪ هو ساڻس گڏ اڪثر سندس ڪلاس ميٽ ايس پي شاهد به هوندو هو جنهن سان هن جي دوستي اڄ ڏينهن تائين هلندي اچي. ايس پي شاهد (سيد پرويز شاهد) جنهن جي نالي منهنجو اڙدو جو ڪتاب ”يورپ کي دن“ منسوب ٿيل آهي انٽر بعد آرمي ۾ چونڊيو ۽ ليفٽيننٽ جنرل جي پوسٽ تان رٽائرڊ ٿيو. ايس پي ۽ عبدالرزاق پنهنجي ڪلاس ۾ ٽاپ جا شاگرد هئا ۽ ٻنهي جو پڙهائيءَ ۾ هر وقت مقابلو رهيو ٿي ۽ آخر تائين ڪلاس ۾ ڪڏهن ايس پي پهريون نمبر آيو ٿي ته ڪڏهن عبدالرزاق.
    1960 واري ڏهاڪي جو ٿو سوچيان ته سنڌ ۾ والدين جو پنهنجن ٻارن کي ڪئڊٽ ڪاليج ۾ موڪلڻ ايترو رجحان نه هو. هڪ گهر کان ٻاهر موڪلڻ ۽ ٻيو ڪيڊٽ ڪاليج جي پي ٽي پريڊ ۽ ڊسيپلينڊ زندگيءَ ڪري سنڌ مان ايترا ٻار نٿي آيا جيترا ٻين صوبن مان ياد رهي ته انهن ڏينهن ۾ سڄي پاڪستان ۾ ٽي ڪئڊٽ ڪاليج هئا: پنجاب ۾ حسن ابدال، ايسٽ پاڪستان (هاڻ بنگلاديش) ۾ فوجدار هٽ ڪئڊٽ ڪاليج ۽ سنڌ ۾ پيٽارو. اهي ٽئي سڄي پاڪستان جي شاگردن لاءِ هئا. ڪجهه ڏينهن اڳ عبدالرزاق ٻگهئي کي چيم ته تنهنجي والدين کي تولي پيٽارو موڪلڻ جو ڪيئن خيال ٿيو؟
    ”منهنجي والد جو هڪ ڪرنل دوست هو ان کين ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي اهميت ٻڌائي ۽ مون کي ان ۾ داخل ڪرائڻ جي صلاح ڏني“.
    بهرحال عبدالرزاق جي والدين کي ڪريڊٽ هجي جو هنن پنهنجي اڪيلي ٻار کي لاڏلو ڪرڻ بدران ننڍي هوندي ئي هن ملٽري ٽائيپ ڪاليج ۾ موڪلي ڇڏيو. (عبدالرزاق کي ته ڀا5 آهي ۽ نه ڀيڻ).
    هتي منهنجو مطلب اهو هرگز نه آهي ته سٺي تعليم فقط ڪئڊٽ ڪاليج ۾ ملي ٿي. ان سلسلي ۾ وڏو مدار شاگرد جي محنت ۽ والدين جي نظر رکڻ تي آهي. مختلف ڪاليج مختلف دورن ۾ خراب سٺا ٿيندا رهن ٿا جنهن جو مدار انهن جي پرنسپال تي آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان جيڏينهن ۾ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جو پرنسپال ڪرنل ڪومبس جيڪي ڇهه سال رهيو هن سخت ڊسيپلين هڪ طرف قائم رکيو ته ٻارن جي بهتريءَ جو خيال ٻي طرف ڪيو ٿي. ان ۾ ڪيپٽن عالم جان محسود کي به ڪريڊٽ ڏئي سگهجي ٿو جيڪو ان وقت ڪاليج جو ائڊجيوٽنٽ هو، عالم جان بعد ۾ ليفٽيننٽ جنرل جي پوسٽ تان رٽائرڊ ٿيو. پاڻ اڄڪلهه اسلام آباد ۾ رهي ٿو ۽ پنهنجي ”محسود قبيلي جو سردار آهي.
    عبدالرزاق ٻگهيو جيتوڻيڪ دادو کان آيو هو پر سندس اصل ڳوٺ تعلقي خيرپورناٿن سان جو ٻورڙي آهي (جنهن جي ڀران ڏاڍو شگرمل آهي) پاڻ هن ڳوٺ ۾ 3 آڪٽوبر 1949 تي محمد اسماعيل ٻگهيو صاحب جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم خيرپورناٿن شاهه مان حاصل ڪرڻ بعد عبدالرزاق دادو جي گورنمينٽ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول ۾ داخلا ورتي جتان پوءِ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ آيو. عبدالرزاق جو والد صاحب جناب محمد اسماعيل روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪئي جتان ڊپٽي ڪمشنر جي پوسٽ تان رٽائرڊ ٿيو. سندن مختلف شهرن ۾ بدلي ٿيڻ ڪري عبدالرزاق جي شروعاتي سالن وارو عرصو پڻ مختلف شهرن ۾ گذريو.
    عبدالرزاق کان اهو به ويجهڙائيءَ ۾ پڇيم ته سندس ”ننڍي هوندي کان مذهب ڏي ايڏو لاڙو ڪيئن ٿيو؟“ ان جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته سندن گهر جو ماحول مذهبي هو. سندس ماءُ پيءُ به روزي نماز جا پابند هئا. سندس ڏاڏو حافظ گل محمد ٻگهيو ۽ نانو حافظ قادر بخش هنڱورو. ٻئي ڄڻا قرآن جا ياد حافظ ۽ مولوي هئا.
    عبدالرزاق ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو بعد مهراڻ انجنيرنگ ڪاليج ڄامشورو ۾ داخلا ورتي ۽ سول انجنيئرنگ ۾ B.E ڪئي. گرئجوئيشن بعد هن ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ نوڪري شروع ڪئي. هي اهي سال هئا جڏهن اسان جي تمام گهڻي ملاقات ٿيندي هئي. اسان جو جهاز جڏهن به ڪراچي پهچندو هو ته عبدالرزاق ۽ ڪمانڊر علي مراد ڳوراهو مون وٽ ضرور ايندا هئا.
    KPT (ڪراچي پورٽ ٽرسٽ) ۾ ٽي سال نوڪري ڪرڻ بعد عبدالرزاق ٽي سال آئل ائنڊ گئس ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن (OGDC) ۾ نوڪري ڪئي ۽ اسلام آباد ۾ رهيو. ان بعد هن وري بندرگاهه جي نوڪريءَ کي ترجيح ڏني ۽ هن ڀيري هو KPT ۾ نه پر PQA (پورٽ قاسم اٿارٽي) ۾ آيو جتي هن ٽيهه سال نوڪري ڪري جنرل مئنيجر جي پوسٽ تي رٽائرمينٽ ورتي.
    عبدالرزاق اڃان مهراڻ ڪاليج ۾ انجنيئرنگ پڙهي رهيو هو ته سندس شادي ڀيڻ شمشاد سان 1968ع ۾ ٿي جيڪا رشتي ۾ سندس سوٽ به ٿئي ته ماسات به، عبدالرزاق پنهنجن ڪلاس ميٽن ۾ جيتوڻيڪ شادي سڀ کان اڳ ڪئي پر اولاد تمام دير سان ٿيس. کيس پهريون ٻار سڪندر ٻارهن سالن بعد 1980ع ۾ ٿيو ۽ ٻيو ٻار فرحان 1986ع ۾ ٿيو. ٻنهي MBA ڪئي آهي. سڪندر آسٽريليا ۾ رهي ٿو ۽ سندس شادي سندس ماسات ارم سان ٿي. کيس ٻه ٻار آهن فاطمان ۽ زارا فرحان جي شادي ٻه مهينا اڳ اسان جي هڪ PIA جي دوست شوڪت شيخ جي گهران ٿي. فرحان ڪراچيءَ ۾ هڪ انٽرنيشنل فرم ۾ ڪم ڪري ٿو.
    عبدالرزاق جو پيٽارو ۾ سٺو دوست هڪ ته ايس پي شاهد (ڪٽ نمبر 332) هو ۽ ٻيو سيف الله سومرو (ڪٽ نمبر 364) جيڪو ساڻس گڏ دادو کان آيو هو ۽ دادوءَ ۾ به سندس ڪلاس ميٽ رهيو. ان کان علاوه سندس پيٽارو ۾ گهڻو اٿڻ ويهڻ جن سان هوندو هو اهي هئا. نول راءِ اوڏ (368)، الهه ڏنو هاليپوٽو (369)، اسان جي ڳوٺ هالا جو رشيد ابڙو (370)، ڪنڊياري جو رام چند اوڏ (374)، عبدالجبار عباسي (250) جنهن کي منهنجو ڪتاب ”ممباسا! شيدي باڇا“ منسوب ٿيل آهي، مرحوم DIG محسن پنهور وغيره. انهن کان علاوه کانئس سال کن جونيئر يا سينيئر دوست هئا ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي، لياقت جتوئي (سابق وزيراعليٰ سنڌ)، ٻڍاپور جو ظفر شورو، تسنيم کرل وغيره. انڪم ٽئڪس ڪمشنر اقبال جماڻي ۽ شيرمحمد لاڙڪ سئي گئس جو جنرل مئنيجر سندس روم ميٽ به رهيا. دادو جي ڪلاس ميٽن مان سندس ڌڻي بخش عباسي سان اڄ تائين سلام دعا هلندو اچي. ڌڻي بخش دادوءَ مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد دادوءَ جي اسڪول ۾ ئي سائنس ٽيچر ٿي رهيو ۽ اتان رٽائرڊ ٿيو. دادو جي استادن مان عبدالرزاق اڪثر سائين ڌڻي بخش ميمڻ جو ذڪر ڪندو آهي جيڪو والي بال جو رانديگر به هو ۽ جنهن جي ٽيم جو مقابلو اڪثر ٽڳو صاحب جي ٽيم سان ٿيندو هو.
    مهراڻ يونيورسٽي جي استادن مان عبدالرزاق ڊاڪٽر اسد قاضيءَ کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جنهن کي Soil- Mechanics پڙهائي. هن صاحب بعد ۾ بئنڪاڪ جي يونيورسٽي ۾ پڙهايو ان کان علاوه عبدالرزاق بروهي صاحب کي به ياد ڪري ٿو جيڪو پوءِ آرمي ۾ هليو ويو. مهراڻ ڪاليج (يونيورسٽي) جي ڪلاس ميٽن ۾ عبدالرزاق مهراڻ ٽي وي جي مالڪ غلام نبي مورائي ۽ ڪرنل دوست محمد چانڊيو کي گهڻو ياد ڪري ٿو. ڪرنل صاحب جون ٻه ڌيئون ۽ پٽ پڻ سڊني آسٽريليا ۾ آهن جتي اڄڪلهه عبدالرزاق پنهنجي وڏي پٽ سڪندر وٽ رهي ٿو، پاڻ فون تي ٻڌائين ته ڪجهه ڏينهن اڳ سندس ڪلاس ميٽ ڪرنل دوستمحمد چانڊيو پنهنجي ٻارن وٽ آيو هو ته ٻگهيو وارن هنن جي دعوت ڪئي هئي.
    عبدالرزاق کي ڪلاسيڪل ميوزڪ ٻڌڻ جو شوق ننڍپڻ کان آهي. اسد امانت، حامد علي خان ۽ رئيس خان ستار وارو سندس دلپسند فنڪار مان آهن. منهنجي پڇڻ تي عبدالرزاق ٻڌايو ته هو آسٽريليا ۾ به وندر وقت يوٽيوب تي ڪلاسيڪل راڳ ٻڌندو رهي ٿو. اڄ ڪلهه سندس فئوريٽ ڳائڻي ”ڪوشڪي“ Kaushiki Chakrbarty آهي. ڪو شڪي هڪ بنگالي نوجوان ڪلاسيڪل ڳائڻي آهي جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي وئي آهي. سندس طبلي تي ڳايل ”شيم ڀائي، گهنشام نهين آئي موري دواري“ ۽ ”ڪاهي مان ڪرو سکي ري اڀ“ تين تال ۾ ۽ ٺهري ”موري سيان بي دردي“ تمام گهڻو ٻڌي وڃي ٿي. اخر ۾ اهو به لکندو هلان ته اسان جو دوست ۽ پيارو انسان عبدالرزاق، پڙهائي، باسڪيٽ بال، نماز روزي، ڪلاسيڪل موسيقي ۽ ٻين ڳالهين کان علاوه اسڪرئبل راندجو به وڏو شوقين هو ۽ آهي. هونءَ ته ”انڊور گيمس“ ۾ عبدالرزاق ٽيبل ٽينس، ڪيرم ۽ شطرنج به سٺي ٿي کيڏي، Quiz ۽ اسپيلنگ بي (Spelling Bee) ۾ به هوشيار هو پر Scrabble ۾ هن نه فقط مقامي ليول تي پر بين الاقوامي ليول تي به هميشه پاڻ مڃرايو آهي. پيٽارو ۾ ڪجهه سال رهڻ بعد اسان مان ڪيترائي راندين، ڳائڻ، اداڪاري ويندي رائيفل شوٽنگ ۾ ڀڙ ٿي ويا جيئن عبدالرزاق جو هڪ ڪلاس ميٽ ڪموڊر ارشد ڪرڪيٽ ۾ ٿيو، اورنزيب لغاري ڊرامن جي اداڪاريءَ ۾ وغيره پر مون کي هميشه اها حيرت ٿيندي رهي ٿي ته هي ٻهراڙي جي هڪ ڳوٺ ”ٻورڙي“ جو نينگر پيٽارو ۾ اچڻ سان اسڪرئبل راند جو چئمپين ڪيئن ٿيو! ڇو جو اسڪرئبل انگريزن جي راند آهي ۽ عبدالرزاق جيتري راند ته ڪراچي جي گرامر اسڪول کان آيل ڪئڊٽن کي به نٿي آئي! اڄ پورن پنجاهه سالن بعد کائنس اهو راز به پڇيم منهنجي پڇڻ تي عبدالرزاق ڪا دير ته کلندو رهيو پوءِ ٻڌائين ته ”پاڻ ڳوٺن کان آيل شاگردن کي ڪهڙي خبر Scrabble جي ”پيٽارو ۾ اچڻ سان هفتي بعد مون کي بخار ۽ ممس نڪري پيا ۽ مون کي ڪاليج جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. ظاهر آهي نئين آيل شاگرد لاءِ ڪجهه عرصي لاءِ پيٽارو جوم احول هونءَ ئي اوپرو رهي ٿو ويتر جو آئون بيمار ٿي پيس ته آئون سخت اڪيلائي محسوس ڪرڻ لڳس ۽ ماءُ پيءُ کي به ياد ڪرڻ لڳس“.
    عبدالرزاق ٻڌايو ته ”پيارو جي سخت مشغول روٽين هجڻ ڪري ڪنهن به شاگرد کي واندڪائي نٿي ملي جو کڻي مون وٽ وهي. صبح جو وقت اسان جي هائوس جو JUO (ليڊر) ڀائي جان نجم انصاري (ڪٽ نمبر 46) ۽ منهنجو ڳوٺاڻي سيف الله سومرو ايندا هئا سي به رسيس ٽائيم ۾ 15 منٽن لاءِ. پر آئون پنهنجي انگريز پرنسپال ڪرنل ڪو مس کي عظيم انسان ٿو سمجهان جيڪو روزانو صبح جي وقت مون لاءِ لائبريري مان ٻارن جي ڪهاڻين جا ننڍا ننڍا رنگين انگريزي ڪتاب کڻي اچي مون کي ڏيندو هو ته پڙهه ۽ پاڻ آفيس جا فائيل کولي ڪلاڪ کن منهنجي اڳيان ويٺو ڪم ڪندو هو ۽ رکي رکي مون کي ڪتاب ۾ آيل ڏکيا لفظ سمجهائيندو هو جن تي هو اڳهين پينسل سان نشان هڻي ايندو هو. اهڙي طرح هو شام جو به ڪلاڪ کن مون وٽ اچي وهندو هو. شام جو پاڻ سان Scrabble راند ۽ ٽڪيون چاڪليٽ کڻي ايندو هو. ظاهر آهي مون کي ايتري انگريزي نٿي آئي پر جهڙو به انڌو منڊو لفظ ٺاهيندو هوس ته ڪرنل صاحب ڏاڍو خوش ٿيندو هو ۽ منهنجي همٿ افزائي ڪندو هو. پاڻ جيڪو به لفظ ٺاهيندو هو ان جي معنا سمجهائيندو هو. آخر ۾ وڃڻ وقت پاڻ سان آندل ٽافيون ۽ بسڪيٽ ڏئي ويندو هو“.
    اهڙي طرح اسان جي عبدالرزاق ۾ اسڪرئبل راند کيڏڻ جو شوق پيدا ٿيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين هلندو اچي. هيءَ ڳالهه اهڙي ڪا ضروري نه هئي پر مون ڄاڻي واڻي لکي آهي جيئن اڄ جو ٽيچر اهو محسوس ڪري ته شفيق استاد هميشه ياد رهي ٿو.... ڪرنل ڪومبس هڪ ڌاريون ماڻهو هو ته به اسان اڄ ڏينهن تائين هن کي ياد ڪريون ٿا جيتوڻيڪ هو ڊسيپلين جي معاملي ۾ به سخت هو. ڏنگائين تي سخت سزا ڏيندو هو ويندي Caning به ڪندو هو يعني ڏنڊا هڻندو هو پر هر هڪ شاگرد توڙي والدين اهو سمجهيو ٿي ته هو اسان جي ملڪ جي مستقبل جي معمارن جي ڀلائي ۽ بهتري چاهي ٿو، نه فقط ڪرنل ڪومبس پر دادو جو ماستر ڌڻي بخش ميمڻ هجي يا مهراڻ يونيورسٽي جو پروفيسر ڊاڪٽر اسد قاضي- سٺي، محنتي، ايمانداري استاد جو هر شاگرد قدر ڪري ٿو ۽ هن کي هميشه ياد رکي ٿو.

    الطاف شيخ
    ڪراچي
    5 فيبروري 2017


    دنيا جي سفرنامن جي سفر کان پوءِ ڪهاڻين جي سفر جو سفير : ايس نسيم ميمڻ

    سنڌي ادب جي کيتر ۾ سفرنامن جي حوالي سان، الطاف شيخ جو نالو نمايان رهيو آهي. هن جي سفرنامن ۾ نه رڳو ملڪن جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جي ڄاڻ موجود آهي، پر پاڻ اُن ملڪن جي مشهور جاين جي تعارف سان گڏ، پوري تاريخ کان پڻ واقف ڪرايو آهي. اهڙي قسم جا سفرناما تمام گهٽ لکيا ويا آهن، جن جي شروعات الطاف شيخ ئي ڪئي آهي. اُن کان پوءِ عبدالحئي پليجو، رمضان راهي، مهرالنساءِ لاڙڪ، پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ۽ ٻين کوڙ سارن جا نالا پڻ مشهور آهن، پر اُنهن سڀني ليکڪن مان الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ تاريخ ۽ تهذيب سان گڏ، اُتان جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، شعوري سوچ ۽ نسيات (Psychalag) جو پڻ ذڪر ملي ٿو.
    سفرنامو ڇا آهي، سفرنامي جي اهميت ڪهڙي هُجي ٿي، سفرنامي جو سماجي ڪارج ڪهڙو آهي، هِي اهڙا سوال آهن، جن کان الطاف شيخ پوريءَ طرح واقف رهيو آهي. انهيءَ ڪري سندس سفرنامن ۾ هر اُها ڄاڻ ملي ٿي، جيڪا سماج سان جُڙيل آهي. هِن جا سفرناما سگنيفڪنٽ (Significant) هُجڻ ڪري، سنڌي ادب سان گڏ پوري دنيا ۾ وڏي چاهه سان پڙهيا ويا آهن. سندس سگنيفائيد پرسنلٽي نه رڳو سنڌي ادب م مشهور آهي پر دنيا جي ٻين کوڙ سارن ملڪن ۾ پڻ سُڃاتي وڃي ٿي. سفرنامڪن جا ڪافي فائدا رهيا آهن، خاص ڪري اُنهن ماڻهن لاءِ، جيڪي سياح طور تي دنيا جي مُلن کي ڏسڻ ۽ گُهمڻ جا شوقين رهيا آهن. انهيءَ ڪري سفرنامن کي اگر گائيڊ جو نالو ڏنو وڃي ته، غلط نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته، سفرنامن ۾ جيڪي تاريخي، تهذيبي، ثقافتي، تمندني ۽ سماجي ڳالهين ۾ اُپٽار ٿيل هوندي آهي يا حقيقي ۽ مشاهداتي واقفيت ملندي آهي، اُها يقينن ڪارائتي هوندي آهي. جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ جيڪا شعوري سچ سان گڏ معلومات فراهم ٿيندي آهي، اُها پڙهندڙن لاءِ روشنيءَ جو ڪم ڏيندي آهي، ڇو ته روشني پنهنجي جوهر ۾ صاف ۽ شفافيت جي علامت رهي آهي. جنهن سان سماج ۾ ٿيندڙ وارتائن ۽ شين کي چٽائيءَ سان ڏسي ۽ پرکي سگهجي ٿو.
    جيتري قدر ڪهاڻيءَ جي ڳالهه آهي ته، ڪهاڻيءَ جاکوڙ سارا پاسا رهيا آهن. جن ۾ تاريخي ڪهاڻي، عشقيه ڪهاڻي، حقيقي ڪهاڻي، تصوري ڪهاڻي ۽ مذهبي ڪهاڻي شامل هُجي ٿي. هن ڪائنات جي گولي تي گهرائيءَ سان نظر وجهبي ته، کوڙ ساريون ڪهاڻيون اهڙيون ملنديون، جيڪي هڪٻئي جي ملڪن سان مماثلت رکندڙ آهن. سفرنامن جي ڪاميابيءَ کان پوءِ الطاف شيخ جاپاني ٻارڙن جون جيڪي ڪهاڻيون لکيون آهن، اُهي ٻين ملڪن جيئان اسان جي مُلڪ جي ٻارڙن جي پڻ عڪاسي ڪن ٿيون...... فطري حوالي سان ڏسجي ته، تبديلي فطري عمل نالو هُجي ٿي، تنهن ڪري الطاف شيخ، سفرنامن کي ڇڏي يا عارضي طور تي پاسيرو رهي، جيڪي هي ڪهاڻيون لکيون آهن، اُهي اهڙي فطري عمل جي نشاندهي ڪن ٿيون.
    سنڌي ادب جي ڪَلاکيتر ۾ سفرنامن جيئان هنن ڪهاڻين کي ڪيتري موٽ ملندي، اُن جو فيصلو پڙهندڙ يا نقاد ئي ڪري سگهن ٿا.
    آئون محترم الطاف شيخ جي تمام گهڻي ٿورائتي آهيان، جو پاڻ جنهن پاٻوهه سان موبائيل فون ڪري، ادبي پنهنجائپ محسوس ڪرائي، پنهنجي ناڻيءَ جيئان ادبي حُجت ڪري، پنهنجي هِن ڪهاڻين جي ڪتاب تي، ٻه اکر لکڻ لاءِ چيو ته، مون پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهيو. سندس ادبي حُجت جي لفظن ۾ جيڪا نِرملتا ۽ والد جهڙي شفقت شامل هُئي، اُنهيءَ لکڻ لاءِ اُتساهه پيدا ڪيو.
    اُميد آهي ته، جپاني ٻارڙن جي لکيل ڪهاڻين جو هيءُ ڪتاب ادبي ماحول ۾ پنهنجي مهانتا ۽ مڃتا ضروري ماڻيندو.

    ايس نسيم ميمڻ
    مورو سنڌ
    09 جنوري 2017


    الطاف جون چونڊيل ڪهاڻيون :

    ولايت گهمن جو شوق مون کي تڏهن کان ٿيو جڏهن ڪاليج جي ڏينهن ۾ مون الطاف شيخ جا سفرناما پڙهيا. CSS ۾ مون فارين سروس کي ترجيح ڏني ۽ منهنجي پهرين پوسٽنگ ٽوڪيو جپان ۾ ٿي. انهن ڏينهن ۾ الطاف شيخ جي بدلي فار ايسٽ (ڏور اوڀر) جي ملڪن ڏي ٿي. ان کان اڳ هو يورپ ۽ آمريڪا جي روٽ تي جهاز هلائيندو رهيو ٿي. منهنجو جپان ۾ ڇهه ست سال رهڻ ٿيو ان ۾ منهنجي الطاف شيخ سان هر دفعي ملاقات ٿيندي رهي جڏهن هن جو جهاز ٽوڪيو يا ڀر وارن بندرگاهن: يوڪوهاما ۽ چيبا ۾ آيو ٿي. جهازن تي ايندڙ ٻين به ڪيترن هم وطنين سان ملاقات ٿيندي رهي پر جتي ٻين کي شوق فقط شاپنگ جو هو اتي الطاف کي جپاني ٻولي سکڻ، جپاني ماڻهن سان ملڻ ۽ تاريخي ماڳ گهمڻ جو هو. منهنجي جپاني سکڻ تي الطاف کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ هن مون سان هميشه جپاني ادب، ڪلچر ۽ ثقافت تي خالن جي ڏي وٺ ڪئي ٿي. اڄ به جپان بابت ڪا ڳالهه معلوم ڪرڻي هوندي آهي ته مون کي فون ڪندو آهي.
    الطاف جا جپان بابت ڪيترائي سفرناما ڇپجي چڪا آهن جهڙوڪ ”جپان جن جي جيءَ سان“ ”جپان 25 ورهين بعد“، ”ڪراچي کان ڪوڪورا“ وغيره ۽ ڪجهه جپان جي ادب بابت جهڙوڪ ”جپان رس“ ”ڳالهيونت نهن جپان جون“ ۽ ”ٽوڪيو جي گيشا“ (مس سدا بهار چنبيلي).... اهڙي طرح جپاني ڪهاڻين جو هڪ مجموعو ”ٻارن جون آکاڻيون“ هن کان اڳ به ڇپجي چڪو آهي. تازو ڪتاب ”جل پريءَ جي اڳ ڪٿي“ ٻارن جي انهن ڪهاڻين جو مجموعو آهي جيڪي هيڪدو کان اوڪيناوا ٻيٽن تائين ۽ فڪو شيما کان ناگاساڪي تائين جپاني مائرون پنهنجن ٻارن کي ٻڌائين ٿيون.
    هونءَ ٻارن جون ڪهاڻيون ٻار ته وڏي شوق سان پڙهن ٿا پر وڏن لاءِ اهي دلچسپ نٿيون ٿين. خاص ڪري ڪنهن ڌارئين ملڪ جون. پر مون کي پڪ آهي ته الطاف جون هي گڏ ڪيل جپاني ڪهاڻيون مون وانگر وڏي عمر جا پڙهندڙ به ضرور پسند ڪندا. اهو ان ڪري جو الطاف جتي جتي ضرورت محسوس ڪئي آهي اتي جپاني ڪلچر ۽ ٻين ڳالهين جي ڄاڻ ڏني آهي جيئن اسان جي ملڪ جا ماڻهو جيڪي جپاني ادب، ڪلچر، ثقافت، مِٿ، ڏند ڪٿائن کان اڻ واقف آهن اهي هنن ڪهاڻين کي سمجهي سگهن. جپاني سوچ مطابق هنن ڪهاڻين ۾ به جنن ڀوتن کي ڏيکاريو ويو آهي جن تي فتح هميشه مندر جي ٻائي جي ٿئي ٿي. عورت کي هٻڇي، بيوقوف ۽ ڏنگو ڏيکاريو ويو آهي. بقول الطاف جي جپاني عورتون اعليٰ تعليم يافته ۽ اعليٰ سرڪاري عهدن تي پهچي ويون آهن ته به هنن ۾ عرفانا ملاح ۽ امر سنڌوءَ جهڙيون به ٻه عورتون پيدا نه ٿي سگهيون جيڪي کڻي جپاني مرد اديبن خلاف آواز اٿارڻ جي همٿ ڪن.
    ڪيتريون ئي جپاني ڪهاڻيون اسان جي ننڍي کنڊ جي ٻارن جي اڙدو، سنڌي، بنگالي، تامل ڪهاڻين سان ملن ٿيون ۽ مغرب جي ماڻهن لاءِ کڻي اوپريون هجن پر اسان انهن کي وڌيڪ سمجهي سگهون ٿا. جپانيڪ هاڻين جي شروعات به ان ئي مشهور جملي سان ٿئي ٿي ته... گهڻو گهڻو اڳ ڪنهن هنڌ هڪ پوڙهو مرد ۽ سندس پوڙهي زال رهيا ٿي. ڪهاڻين ۾ ٻارن کي صبر ۽ غريب جي مدد ڪرڻ سان گڏ هنن کي جنن ڀوتن (بد روحن) کان ڊيڄاريو به وڃي ٿو ته مندر جي ٻائي جي اهميت به اجاگر ڪئي وڃي ٿي.
    مومو تارو (پيچ وارو ڇوڪرو..... يعني بادام وارو ڇوڪرو) ڪهاڻي جپان جي ٻارن جي هڪ دلچسپ ڪهاڻي آهي. جپاني لفظ Memo جي معنيٰ بادام جنهن کي انگريزيءَ ۾ Peach سڏجي ٿو ۽ ……. معنيٰ وڏو ڀاءُ آهي. مومو تارو ڇوڪرو هن دنيا ۾ هڪ وڏي بادام ۾ آيو. درياهه جي ڪناري تي ٻه پوڙها بي اولاد زال مڙس ويٺا هئا ته هنن جي نظر هڪ وڏي بادام تي پئي جيڪو هنن ڏي ترندو اچي رهيو هو. هنن ان بادام کي کائڻ لاءِ ٻه اڌ ڪيو ته منجهانئس هڪ سهڻو ٻار نڪري آيو جنهن جو هنن ”مومو تارو“ يعني پيچ تارو نالو رکيو. هي نينگر وڏو ٿي پهلوان، دلير ۽ ڳوٺ جي ماڻهن جو همدرد ثابت ٿيو. ڀر واري ٻيٽ تان جيڪي جن، ڀوت ۽ شيطان اچي هن ڳوٺ جي ماڻهن کي تنگ ڪندا هئا تن سان مقابلو ڪري هنن کي مات ڪيو ۽ ڳوٺاڻن کي سک جو ساهه پٽڻ ڏنو.
    اهڙي طرح اراشيما تارو نالي هڪ مهاڻي جي ڪهاڻي آهي. جيڪو هڪ ڪميءَ جي زندگي بچائي ٿو جنهن جي بدلي ۾ ڪُمي هن کي سمنڊ اندر پنهنجي ”ازدها ديوتا“ جي سلطنت ۾ وٺي وڃي ٿي ۽ شهزادي ڪميءَ جي جان بچائڻ جي بدلي ۾ اراشيما کي انعام اڪرام ڏئي ٿي.
    اهڙي طرح .ڪونج نينگريءَ“ جي ڪهاڻي آهي جيڪا پڻ جپان ۾ بيحد مشهور آهي. ڪونج جي زندگي بچائن جي بدلي ۾ اها ڪونج عورت جو روپ اختيار ڪري پوڙهي زال مڙس وٽ اچي رهي ٿي ۽ هنن کي ڌاڳي ۽ پنهنجن کنڀن مان ڪپڙو اُڻي ڏئي ٿي جيئن هو اهو وڪڻي پئسو ڪمائين ۽ خوشحال زندگي گذارين.
    ”ڄڀ ڪپيل جهرڪ“ جي ڪهاڻيءَ ۾ زال ظالم ڏيکاري وئي آهي ۽ هوءَ جهرڪ کي بکيو رکي ٿي ۽ سندس زبان ڪپي ٿي ۽ مڙس رحمدل آهي جيڪو جهرڪ جو خيال ڪري ٿو ۽ جهرڪ ۽ سندس فئملي پير مرد جي مهماني ڪن ٿا ۽ سونن ڳهن سان ڀريل پيتي تحفي ۾ ڏين ٿا.
    الطاف جيڪي ٽيهارو کن ڪهاڻيون چونڊيون آهن اهي بيحد دلچسپ چونڊيون آهن ۽ ٻار توڙي وڏا انهن کي ضرور پسند ڪندا. الطاف لومڙيءَ بابت به تفصيل سان لکيو آهي ته اها ڪيئن پنهنجو روپ مٽائي سهڻي ڇوڪري ٿي انسانن سان شادي ڪري ٿي يا هنن کي بيوقوف بڻائي ٿي. لومڙي چنڙين وانگر انسانن ۾ داخل به ٿئي ٿي. اهڙن جنن ڀوتن ۽ غيباتن کي ڀڄائڻ لاءِ ٻائي جي ئي مدد جي ضرورت پوي ٿي. ٻين لفظن ۾ جپاني سوسائٽيءَ ۾ ٻائي جي وڏي اهميت ۽ مان شان مڃايو ويو آهي. ڪٿي ڪو ٻائو هڪ غريب ۽ ڪوجهي نوڪرياڻيءَ کي رومال ٿو ڏئي جنهن سان منهن اگهڻ سان هوءَ تر جي حسين ترين نوجوان عورت ٿيو وڃي جنهن سان شادي ڪرڻ لاءِ شهزادا به پيا خوار ٿين. سو اهڙيون ڪهاڻيون پڙهي هر ڇوڪريءَ جي ذهن تي اهڙي قسم جو تحفو حاصل ڪرڻ جي تمنا ۽ جستجو پئدا ٿئي ٿي جيئن هوءَ آسانيءَ سان سهڻي ٿي سگهي... امتحانن ۾ پاس ٿي سگهي.... سٺو مڙس يا سڍي نوڪري حاصل ڪري سگهي.ا هو ئي سبب آهي جو جپاني مندرن ۾ مردن کان وڌيڪ عورتون ٻاون کي پئسا ڏئي انهن کان تعويذ (او ماموري) خريد ڪنديون رهن ٿيون جيڪو هو پنهنجي حفاظت، امتحانن ۾ پاس ٿيڻ، جلد ۽ سٺو گهوٽ نصيب ٿيڻ يا ٻين ڳالهين لاءِ پاڻ سان گڏ رکن ٿيون. ان کان علاوه هو مندر ۾ ٻائي کي پئسا ڏئي پنهنجي قسمت جو حال معلوم ڪرڻ جو فال (Omokuji) ڪڍرائين ٿيون..... انهن فالن ۽ تعويذن بابت به الطاف گهڻو ئي ڪي ڪجهه پنهنجي سفرنامن ۾ لکي چڪو آهي. هتي هن ڪتاب ”جل پريءَ جي اڳ ڪٿي“ ۾ توهان هن جي ڪهاڻين جي چونڊ مان ڄاڻ ۽ لطف حاصل ڪريو.

    ظفر شيخ
    سابق سفير


    ڪهاڻيون

    (1) جيلي فش پنهنجا هڏا ڪيئن وڃايا

    گهڻو گهڻو اڳ جي ڳالهه آهي ته جپان ۽ ڪوريا جي وچ ۾ ۽ موجي بندرگاهه جي ڀر واري سمنڊ ۾ ڪنهن سامونڊي ديوتا جو محل هو. هڪ ڏينهن هن جي شهزادي سخت بيمار ٿي پئي. اوسي پاسي جي ڪيترن ئي ڊاڪٽرن ۽ حڪيمن هن جو چڪاس ڪري اهو فيصلو ڪيو ته شهزادي ان بيماريءَ مان تيسين صحتياب نه ٿيندي جيسين هوءَ ڪنهن ڀولڙي جو تازو جيرو نه کائيندي.
    سامونڊي سڄي مخلوق هڪ هنڌ اچي گڏ ٿي ته ان ڳالهه جو فيصلو ڪيو وڃي ته ڪير اهو ڪم ڪندو يعني ڀولڙي جو جيرو ڪير آڻيندو. هنن ان ڪم لاءِ ڪُڻا ڪڍيا جنهن ۾ جيلي فش مڇيءَ جو نالو نڪتو، ان وقت تائين جيلي مڇيءَ جي جسم ۾ هڏا هئا.
    جيلي فش جو نالو اچڻ تي هوءَ ڏاڍو خوش ٿي ته اهو ڪم ڪرڻ تي سامونڊي ديوتا بيحد خوش ٿيندو ۽ هن جا ٿورا مڃيندو. هوءَ ڀولڙي جي ڳولا ۾ هيڏانهن هوڏانهن ترندي رهي. هڪ ٻيٽ کان ٻي ٻيٽ تائين هوءَ ڀولڙن کي ڳوليندي رهي ته جيئن ڪنهن هڪ کي ڦاسائي ان جو جيرو ڪڍيو وڃي. ان ڳولا ۾ هن کي ڪيترائي ڏينهن گذري ويا. آخر هڪ ڏينهن هن جي خوشيءَ جي حد نه رهي جڏهن هن هڪ ننڍڙي ٻيٽ تي هڪ ڀولڙي کي ٽپا ۽ بازوليون پائيندو ڏٺو.
    ”ڇا تون اسان جي سامونڊي ديوتا جو خوبصورت محل ڏسڻ چاهيندين؟“ جيلي فِش هن ڀولڙي کان پڇيو.
    ”اهو ڪيترو سهڻو آهي؟“ ڀولڙي سوال ڪيو جنهن جي جواب ۾ جيلي فش ٻڌايس ”هن محل جهڙي دنيا ۾ ٻي ڪا سهڻي جاءِ ناهي. اهو سونن ۽ چانديءَ جي ورقن جو ٺهيل آهي. اتي توکي جيڪي وڻي اهو کائي پي سگهين ٿو.... ميوا، مٺايون، شراب، شربت ماکيون.... جيترو وڻي اوترو کائي پي سگهين ٿو“.
    ”اوه! اها ته واهه جي ڳالهه ٿي ڪرين. چڱو، آئون توسان ضرور هلندس“. ڀولڙي چيو.
    ڀولڙي جي راضي ٿيڻ تي جيلي فش ڀولڙي کي پنهنجي مٿان وهاريو ۽ محل ڏي رواني ٿي. هوءَ دل ئي دل ۾ ڏاڍي خوش ٿي. اڌ کن رستو ٽپڻ بعد جيلي فش خوشيءَ مان ڀولڙي کي چيو: ”سچ جي پڇين ته آئون توکي پنهنجي شهزاديءَ جي علاج لاءِ وٺي پئي وڃان. هوءَ سخت بيمار آهي ۽ ڊاڪٽرن جو چوڻ اهو آهي ته هن جي مرض جو علاج فقط ڀولڙي جو جيرو آهي. ڀولڙي جو تازو جيرو کائڻ سان هوءَ بلڪل چاق چڱي ڀلي ٿي پوندي“.
    ”تازو جيرو؟“ ڀولڙو اهو ٻڌي بيهوش ٿيڻ تي هو پر هن وڏي مشڪل سان پاڻ سنڀالي ورتو ۽ پر سڪون هجڻ جو نمونو پيش ڪندي جيلي فش کي چيو: ”اها ته مون لاءِ عزت جي ڳالهه آهي پر منهنجي پياري جيلي فش! تو مون کي پهرين ڇو نه ٻڌايو. آئون ته ان کي وڻ تي ٽنگي آيو آهيان“.
    ”اهو تو ڇا ڪيو؟“ جيلي فش حيرت مان چيو.
    ”دراصل اڄ آئون ايڏو ڊوڙيس ڊڪيس جو منهنجو جيرو پگهر ۾ شل ٿي ويو سو ان کي پنهنجي جسم مان ڪڍي کار صابڻ ۾ ڌوئي وڻ جي ٽاريءَ تي سڪائڻ لاءِ رکي آيو آهيان. هاڻ هينئن ڪر جو موٽ ته موٽون ۽ منٽن ۾ اهو کڻي پوءِ تنهنجي ديوتا جو محل به هلي ڏسون“.
    بيوقوف جيلي فش ڀولڙي جي ڳالهه تي وسهجي وئي ۽ دل ۾ سوچڻ لڳي ته ”ڀولڙو ڳالهه ته صحيح ٿو ڪري جو جنهن شيءِ لاءِ آئون ڀولڙي کي وٺيو پئي وڃان اها نه هوندي ته مون کي انعام بدران موچڙائي پوندا“. اهو سوچي جيلي فش پٺيان مڙي ۽ ڀولڙي جي ٻيٽ جو رخ ڪيو.
    ڪناري تي پهچڻ تي ڀولڙي جيلي فِش کي چيو ته ”تون هاڻ ٿوري دير ترس ته آئون پنهنجو جيرو کڻي اچان“.
    ڪجهه منٽن بعد ڀولڙو جيلي فش وٽ موٽي آيو ۽ اچي ٻانهن کان جهليائينس ته متان ڀڄي نه وڃي. سامهون ڀولڙن جا ميڙ ڊوڙندا آيا ۽ جيلي فِش کي ڇڪي زمين تي آندو ۽ کيس موچڙن سان ورائي ويا. جيلي فِش کي ماري ماري هن جا هڏ گڏ ڀڃي رکيائونس. جيلي فِش سور کان رڙيون ڪندي سمنڊ ڏي رخ ڪيو ۽ اچي سامونڊي ديوتا جي محل کان نڪتي. محل ۾ موجود سامونڊي جانورن جيلي فش جي ڳالهه ٻڌي هن سان همدردي ڪرڻ بدران هن جي بيوقوفيءَ تي ناراض ٿي ويا ۽ سندس باقي هڏا به ڀڃي رکيا. سامونڊي ديوتا جيلي فِش مان خوش ٿيڻ بدران هن تي سخت ناراض ٿي هن کي حڪم ڏنو ته اڄ ڏينهن کان پوءِ خبردار جو اسان جي محل ۾ آئي آهين. تون هاڻ هميشه سمنڊ جي تري تي لڙهندي رهه“. اهو ڏينهن ۽ اڄ جو ڏينهن جيلي فِش سمنڊ جي مٿان ۽ ڪناري وٽ ترندي رهي ٿي ۽ هوءَ هڏن بنا آهي.
    ***


    (2) جل پريءَ جي اڳڪٿي

    جپان ملڪ چئن وڏن ٻيٽن کان علاوه سوين ننڍن ننڍن ٻيٽن جو هڪ گلدستو آهي. ٽوڪيو جي هيٺان هڪ ٻيٽن جو جهڳٽو ريوڪيو سڏجي ٿو. هنن ٻيٽن ۾ هڪ اشي گاڪي نالي ٻيٽ آهي. هن ٻيٽ جي اوڀر پاسي نوبارو نالي ڳوٺ آهي جنهن جي رهاڪن جو سفر گذر کيتي ٻاري ۽ مڇيون مارڻ آهي.
    هڪ رات دير سان جڏهن ڳوٺ جا سڀ ماڻهو ننڊ ۾ بيهوش هئا ته هڪ بيحد سريلي راڳ جو آواز هنن جي ڪنن تي پيو ۽ هو اٿي کڙا ٿيا. اهڙي طرح ڪجهه راتيون ته هنن کي سوچڻ ۾ لڳي ويون. ان دوران ڪجهه نوجوان سمنڊ جي ڪناري تي هن آواز جي ڳولا ۾ نڪتا پر هو ڪامياب نه ٿي سگھيا.
    ”ٿي سگهي ٿو ته ڪي جن ڀوت ڳائي رهيا هجن“. ڪنهن چيو. پر ٻين چيو: ”جن ڀوت ڪڏهن به سڄو راڳ نه ڳائيندا آهن. هو اڌ گابرو ڳائي ماٺ ٿي ويندا آهن“.
    بهرحال ڳوٺاڻن کي ان بابت تمام گهڻو تجسس هو ته اهو ڪير آهي جو رات جو دير سان اهڙي سريلي ۽ ڏکويل آواز ۾ ڳائي ٿو.
    اونهاري جي هڪ ڏينهن، هڪ پوڙهو مهاڻو پنهنجي ڄاريءَ ذريعي مڇيون ڦاسائي رهيو هو ته هن کي محسوس ٿيو ته هن جي ڄار بيحد ڳري ٿي پئي آهي ۽ هن اڪيلي کان اها ڇڪي نٿي ٿئي. ”آهي ڪو اوسي پاسي ۾ جيڪو مون کي ڄار ڇڪڻ ۾ مدد ڪري“. پوڙهو مهاڻو رڙيون ڪرڻ لڳو جنهن تي ڪجهه ڳوٺاڻا ڊوڙي آيا ۽ اچي هن پوڙهي کي ڄار ڇڪڻ ۾ مدد ڪئي.
    سڀني کي حيرت ٿي جڏهن هنن ڏٺو ته ڄاريءَ ۾ ڪجهه عام مڇين سان گڏ هڪ عورت به آهي.
    ”هيءَ عجيب مخلوق آهي جنهن جو منهن ۽ ڇاتيون ته عورت جون آهن پر هيٺيون ڌڙ مڇيءَ جهڙو سڄو ڇلرن سان ڀريو پيو آهي“.
    ”ٿي سگهي ٿو هي ڪنهن مڇيءَ جو قسم هجي“. ڪنهن چيو. ان تي ٻين راءِ ڏني ته ٿي سگهي ٿو هيءَ ڪنهن مندر جي ديوي هجي! ان تي هڪ اهو به چيو ته هيءَ مڇي کڻي عورت سان ملي ٿي پر هن جو گوشت کائڻ ۾ پڪ مزيدار هوندو. اچو ته هن کي ماري هن جو گوشت کائون“.
    اهو ٻڌي هيءَ عجيب قسم جي مڇي روئڻ لڳي.
    ”اڙي ڏسو ته سهي! هيءَ مڇي ته بلڪل انسانن وانگر روئي رهي آهي“. هڪ چيو. ان تي ٻي مڇيءَ کيس مخاطب ٿي پڇيو: ”تون آخر ڪهڙي شيءِ آهين جو روئي به سگهين ٿي ته ڳالهائي به سگهين ٿين؟“.
    ”آئون جل پري آهيان. مهرباني ڪري مون کي وڃڻ ڏيو. ان جي بدلي ۾ آئون توهان کي هڪ خوفناڪ سامونڊي راز ٻڌائيندس“. جل پريءَ چيو.
    ”اها حيرت جي ڳالهه آهي جو تون ان ئي ٻوليءَ ۾ ڳالهائي رهي آهين جنهن ۾ اسان ڳالهايون ٿا، ”پوڙهي مهاڻي جل پريءَ کي چيو، ”چڱو اسان توکي آزاد ڇڏي ڏيون ٿا ته تون ڀلي سمنڊ ڏي موٽي وڃ پر هاڻ اسان کي ان خوفناڪ راز بابت ٻڌاءِ جيئن اسان پنهنجو بچاءُ ڪري سگهون“.
    ”جي توهان ان راز بابت معلوم ڪرڻ ٿا چاهيو“، جل پريءَ چيو، ”ته سچ ڳالهه اها آهي ته عنقريب هڪ طاقتور سونامي هن ٻيٽ سان ٽڪرائڻ واري آهي جيڪا زمين تي موجود هر شيءِ کي لوڙهي ويندي. سمنڊ کان ايندڙ طوفاني ڇوليون هر ساهه واري کي ٻوڙي ڇڏينديون ۽ سڀ موت جي منهن ۾ هليا ويندا. دراصل ان جو اطلاع ڏيڻ لاءِ آئون ڳوٺاڻن وٽ اچي رهي هيس ته رستي تي آئون ڄاريءَ ۾ ڦاسي پيس. مون کي هن ڳوٺ جي ماڻهن سان همدردي آهي جو اهي تمام مهربان آهن. آئون توهان کي اها ئي صلاح ڏينديس ته توهان مٿي جابلو علائقن ڏي هليا وڃو جيئن طوفاني ڇوليون توهان کي نه ٻوڙين“.
    ڳوٺاڻن جل پري کان موڪلايو ۽ هوءَ خوش ٿي، راڳ ڳائيندي اونهي سمنڊ ڏي رواني ٿي وئي.
    ”چئبو ته اهي مِٺا مٺا راڳ هن جل پريءَ آلاپيا ٿي ۽ حيرت جي ڳالهه آهي ته هڪ جل پري ايندڙ وقتن جي اڳ ڪٿي به ڪري سگهي ٿي. اچو ته هاڻ پنهنجو بچاءُ ڪريون ۽ ڪناري وارا هيٺيان پٽ ڇڏي مٿاهين جابلو علائقن تي ڪجهه ڏينهن لاءِ هلي رهون“. ڳوٺاڻن هڪ ٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
    هن نوبارو ڳوٺ جي ماڻهن ڀر وارن ڪناري جي ڳوٺن جي ماڻهن سان به هن جل پريءَ جي اڳڪٿيءَ جي ڳالهه ڪئي پر انهن کي يقين نه آيو ۽ هو اتي رهي پيا جتي سندن گهر گهاٽ هئا. ۽ پوءِ واقعي ٿيو به ائين جو ٻئي ڏينهن دستور موجب جيڪا وير چڙهندي هئي اها اوتري ئي پئماني جي چڙهي ۽ ٻين ڳوٺن جا سمنڊ جي ڪناري تي سپون ۽ ڪوڏ گڏ ڪرڻ ويا. هوڏانهن نوبارو ڳوٺ جا ماڻهو لڏو پٽي جبلن ڏي هليا ويا. ان بعد ٽئي ڏينهن صبح کان سمنڊ جون ويرون هڪ طرف چڙهڻ لڳيون ته ٻئي طرف هوائن جي رفتار وڌي شام تائين طوفان جي شڪل اختيار ڪري ويون ۽ آڌي رات جو اهو طوفان ”سونامي“ بڻجي ويو يعني هو ا سان گڏ سمنڊ جي لهرن به ڪناري کي ٻوڙي رکيو. نوبارو ڳوٺ جا ماڻهو چئيو ان هجڻ ڪري اڳواٽ لڏي ويا ۽ بچي ويا باقي ڀر وارا ڳوٺ ماڻهن ۽ مال سان گڏ ٻڏي ويا. چون ٿا ته جپان ۾ ههڙو سامونڊي زلزلو ۽ سونامي اڄ کان پورا ٻه سئو سال اڳ آيو هو.
    ***


    (3) ڪکاڻان ٽوپلا

    هيءَ ڪهاڻي لکڻ کان اڳ ٻارن کي اهو ٻڌائيندو هلان ته جپان جي ماڻهن جو مذهبي طرح واسطو ٻڌ ڌرم سان آهي. سنڌ ۾ به اسلام اچڻ کان اڳ ۽ راجا ڏاهر ۽ سندس پيءُ چچ جي حڪومت کان اڳ تائين ماڻهن جو ٻڌ ڌرم سان واسطو هو. ٻڌ ڌرم جو باني گوتم ٻڌ هندوستان ۾ ڄائو پر اڄ هن ڌرم جا گهڻا پوئلڳ هندوستان ۽ پاڪستان ۾ هجڻ بدران سريلنڪا، برما، چين، ٿائلينڊ ۽ جپان ڪوريا پاسي آهن.
    ٻڌ ڌرم جي پوئلڳن کي ”ٻوڌي“ سڏجي ٿو ۽ ٻڌ ڌرم جي مندر جي سنڀال لهندڙ ۽ عقيدتمندن کي ڌاڳو تعويذ ڏيڻ وارو ٻائو ”بکشو“ سڏجي ٿو. جپان جي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ ٻڌ ڌرم جو مندر نظر اچي ٿو جنهن ۾ گوتم ٻڌ جو پٿر يا لوهه جو ٺهيل وڏو (Statue) رکيل هوندو آهي. جپان ۾ گوتم ٻڌ جي مجسمي کان علاوه ٻيا بت جيڪي جيزو (Jizo) سڏجن ٿا اهي مندر جي ٻاهران يا رستن تي نظر اچن ٿيون جن کي جپاني زبان ۾ ”جيزو“ سڏين ٿا يعني ٻائو يا بکشو. سنسڪرت زبان ۾ هي مجسما (Statues) ”ڪستيگرڀ“ سڏجن ٿا يعني ٻوڌي ٻاوا. ٻوڌي ٻائي يعني جيزوءَ (Jizo) جي هڪ هٿ ۾ گهڻو ڪري ڏنڊو هوندو آهي ته ٻئي ۾ تسبي. هي مورتيون گهڻو ڪري پٿر جون ٺهيل هونديون آهن.
    هاڻ آکاڻي..... ڳالهه ٿا ڪن ته سوين سال اڳ جپان ۾، ڪاگو شيما جي جبلن تي ڪنهن جهوپڙيءَ ۾ هڪ پوڙهو مرد ۽ پوڙهي عورت رهيا ٿي. هو ٻاهر وڃي ڪا محنت مزوري ڪري روزگار ڪمائڻ جهڙا نه هئا. مڙيئي گهر ۾ ويٺي سارو ڪا هٿ جي شيءِ ٺاهي ان کي ڀر واري ڳوٺ جي دڪان تي وڪڻي ڪا کاڌي پيتي جي شيءِ وٺي آيا ٿي.
    هڪ دفعي ڇا ٿيو جو لڳاتار مينهن وسندو رهيو ۽ هو ٽي چار ڏينهن گھر کان ٻاهر نڪري نه سگھيا. هنن وٽ هاڻ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه بچيو هو.
    ”سمجهه ۾ نٿو اچي ته اڄ رات کائڻ جو ڇا ٿيندو!“ پوڙهي ماڻهوءَ پنهنجي زال کي چيو.
    ”ڇا ڪجي پاڻ وٽ پئسا به نه بچيا آهن جنهن جي کڻي ڪا شيءِ گهرائجي“. پوڙهي زال وراڻيو.
    ”گذريل پنج ڇهه ڏينهن کان آئون ڪکن جا ٽوپلا ٺاهي رهيو آهيان. ۽ هاڻ اهي سورنهن ٿي ويا آهن“، پوڙهي مڙس چيو، ”آئون اهي کڻي ڀر واري شهر ۾ وڃي ٿو وڪڻان ۽ جيڪي چار پئسا مليا انهن جا چانور وٺي ايندس“.
    اهو چئي پير مرد پنهنجا ٽوپلا کنيا ۽ وڪڻڻ لاءِ مينهن ۾ پُسندو شهر ڏي روانو ٿيو. رستي تي هن هڪ باغيچي وٽ پٿر جا ٺهيل جيزو (ٻوڌي ٻاون) جا مجسما (بُتَ) ڏٺا. اهي مينهن جي ٿڌي پاڻيءَ ۾ پُسي رهيا هئا. پير مرد کي جيزوئن (ٻاون) کي ائين پُسندو ڏسي هن لاءِ دل ۾ همدردي پئدا ٿي.
    ”توهان جيتوڻيڪ پٿر جا ٺهيل آهيو پر مون کي پڪ آهي ته ههڙي مينهن ۾ توهان کي ٿڌ لڳي رهي هوندي“. پوڙهي مڙس چيو ۽ هڪ هڪ ڪري هن وٽ جيڪي به ڪکن جا ٽوپلا هئا سي هنن ٻوڌي ٻاون (جيزوئن) جي مٿي تي رکي ڇڏيا ۽ پاڻ هٿين خالي گهر موٽي آيو.
    گهر پهچڻ تي هن جي پوڙهي زال هن کان چانورن جو پڇيو. ”ڪر خبر! ايترن ٽوپلن جي بدلي ۾ تون ڪيترا چانور وٺي سگهئين؟ ڏي ته رات جي کائڻ لاءِ پچايان“.
    ”ڪجهه به نه،“ پير مرد وراڻيو، ”آئون هڪ ڪڻو به آڻي نه سگهيو آهيان ڇو جو مون اهي سمورا ٽوپلا ٻوڌي ٻاون (جيزوئن) کي پارائي ڇڏيا. شهر ويندي رستي تي ههڙي ٿڌي موسم ۾ هنن کي پُسندو مون کان ڏٺو نه ٿيو“.
    ”اهو ته تو تمام نيڪ ڪم ڪيو“. هن جي زال هن کي نرم لهجي ۾ چيو، ”ڪجهه دير اڳ مون چانورن جي گنديءَ ۾ هٿ وجهي ڏٺو ته تري ۾ چانورن جا ڪجھه ڪڻا پيا هئا. آئون انهن کي ميڙي چونڊي پٽڙي رٻ جهڙو ڀت رڌي ٿي وٺان“.
    ڪجهه دير بعد جيئن ئي هو ٻئي ڄڻا اها رٻ پي رهيا هئا ۽ ڪچهري به ڪري رهيا هئا ته هنن جي ڪنن تي ڪنهن جي پيرن جو آواز پيو. هي آواز وڌندو ويو. هنن کي لڳو جهڙو ڪر ڪي ماڻهو هنن جي گهر ڏي اچي رهيا آهن. ۽ پوءِ هن جي در تي ٺڙڪو ٿيو. پوڙهي عورت اٿي در کوليو ته هنن ڏٺو ته ٻاون جو هڪ ٽولو جن جي مٿي تي اهي ڪکاڻان ٽوپلا هئا جيڪي هن جي مڙس گهر ۾ ويهي ٺاهيا هئا، اهي بيٺا هئا.
    ”ڪوني چِيوا (شام جو سلام)! مهربان زال مڙس توهان اسانَ کي اڄ ٽوپلن سان نوازيو..... ان جي موٽ ۾ اسان توهان لاءِ ڪجهه تحفا کڻي آيا آهيون ۽ ان سان گڏ توهانجا ٿورا مڃڻ آيا آهيون“.
    پوءِ هنن مان هڪ اڳيان وڌيو ۽ پوڙهيءَ کي هڪ سونو سڪو ڏئي چيو ”هيءَ قيمت تنهنجي مڙس جي ڏنل ٽوپلي جي فقط مسواڙ آهي“.
    ان بعد ٻيو وڌيو ان به ساڳيو تحفو ڏنو ۽ ساڳي ڳالهه ڪئي. ان بعد ٽيون چوٿون ۽ آخر ۾ سورهين ٻائي پوڙهيءَ جي هٿ تي سونو سڪو رکيو. پوڙهو زال مڙس هنن جا ٿورا مڃيندي گوتم ٻڌ کي ياد ڪيو. ان بعد اهي سڀ ٻاوا سخت مينهن ۾ قطار ٺاهي واپس روانا ٿي ويا.
    ڳوٺ جا ماڻهو ڳالهه ٿا ڪن ته ان بعد هن پوڙهي جوڙي زندگيءَ جا باقي ڏينهن خوشيءَ ۾ گذاريا. هنن کي جڏهن به واندڪائي ملي ٿي ته هنن ڪکن جا ٽوپلا ٺاهي پري پري تائين ٻوڌي ٻاون جي بُتن (Statues) کي ڳولي انهن جي مٿي تي رکيا ٿي. اهو ئي سبب آهي جو بُنگو صوبي ۾ جتي هي پوڙها رهيا ٿي، هر پٿر جي ٻوڌي ٻائي جي مٿي تي توهان کي ڪکن جو ٽوپلو نظر اچي ٿو.
    ***


    (4) سامونڊي شهزادي ۽ لالچي زال

    هتي پنهنجي ملڪ جي ٻارن کي هن ڪهاڻيءَ کان اڳ جپان بابت اهو ٻڌائيندو هلان ته جپان ڪيترن ئي ٻيٽن جو مجموعو آهي جن مان چار ٻيٽ تمام وڏا آهن جيڪي هڪ ٻئي سان پلين ۽ سرنگهن ذريعي ڳنڍيل آهن ڇو جو سڄي جپان جي چوڌاري سمنڊ آهي. جپان جا هزارين ڳوٺ توڙي شهر سمنڊ جي ڪناري تي آهن ۽ ڳوٺاڻن جو پيٽ گذر لاءِ ڪاروبار مڇيون ڦاسائڻ آهي. ڪجهه ڳوٺاڻا هارپو به ڪن ٿا پر تمام گهٽ جو جپان جي زمين پٿرائين آهي. چوڌاري جبل آهن جن تي پوک ڪرڻ ناممڪن آهي جيتوڻيڪ مينهن تمام گهڻو پوي ٿو. گهڻي مينهن جي ڪري جپان ۾ جيڪو ٿورو گهڻو اناج پوکيو وڃي ٿو اهو چانور آهي. ان ڪري جپان جا ماڻهو صبح شام چانور کائين ٿا.... ويندي ڪيڪ ۽ سِوَيون به چانورن جي اٽي مان ٺاهيون وڃن ٿيون. هاڻ مڙيئي ڪٿي ڪٿي ڪڻڪ جو اٽو ملي ٿو جيڪو انڊيا ۽ اسان جي ملڪ پاڪستان مان امپورٽ ڪيو وڃي ٿو. اهي ئي سبب آهن جو جپان جي لوڪ ڪهاڻين ۾ گهڻو ذڪر ڀت (چانور)، مڇين، مهاڻن ۽ سمنڊ جي ڪناري وارن ڳوٺن جو آهي. ڪجهه ڪجهه ديوين ۽ ديوتائن جو به آهي جو جپان جا ماڻهو وهمي، جنن ڀوتن ۽ شيطانن کي مڃڻ وارا ۽ تعويذ ۽ ٽوڻن ڦيڻن ۾ يقين رکڻ وارا آهن. جپانين جو جيئن ته روزگار جي سلسلي ۾ سمنڊ سان گهڻو واهپو رهي ٿو ان ڪري هنن جي خيالن ۽ اعتقادن ۾ سمنڊ جا ديوتا، ديويون، جن، محلات، وغيره گهڻا آهن. ان جو اولڙو هن ڪهاڻيءَ مان به محسوس ٿي سگهي ٿو ۽ ٻين ڪهاڻين ۾ به ان ئي قسم جون ڳالهيون ۽ عقيدا نظر ايندا.
    هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته جپان جي ڪنهن سامونڊي ڪناري واري ”مهاڻن جي ڳوٺ“ ۾ هڪ غريب زال مڙس رهيا ٿي. هڪ ڏينهن مڇيون مارڻ لاءِ مڙس ويو ته هن جي ڄاريءَ ۾ هڪ تمام خوبصورت مڇي اچي وئي جنهن جهڙي هن پهرين ڪڏهن به نه ڏٺي هئي. هن جڏهن هن مڇيءَ کي ڄاريءَ مان ڪڍي پنهنجي کاريءَ ۾ وڌو ته هن کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته اها مڇي انسانن وانگر ڳالهائي رهي هئي.
    ”مهرباني ڪري مون کي واپس سمنڊ ۾ وڃڻ ڏي“، مڇيءَ مهاڻي کي منٿ ڪئي، ”آئون هن سمنڊ جي راجا جي ڌيءَ شهزادي آهيان ۽ مون کي ڇڏي ڏيڻ جي عيوض ۾ توهان جيڪي گهرندائو اهو ڏينديسانوَ“.
    مهاڻي اهو سوچي ته هيءَ سمنڊ جي ديوتا جي ڌيءَ آهي هن کي واپس سمنڊ ۾ ڇڏي ڏنو. گهر اچي مهاڻي پنهنجي زال کي سڄو احوال ٻڌايو. زال اها ڪهاڻي ٻڌي ڏاڍي ناراض ٿي. ”ڪمال ٿو ڪرين! هڪ گهر ۾ غربت لڳي پئي آهي ٻيو مس مس ڪا وڏي مڇي ڦاٿي ته اها وڪڻڻ بدران تو آزاد ڪري ڇڏي ۽ نه ان جي فرمائش تي ڪجهه هن کان گهريو. مون کي پڪ آهي ته اها ڪا خاص قسم جي مڇي هوندي جنهن کي وڪڻڻ سان اسان کي تمام گهڻو پئسو ملي ها. هاڻ وري وڃ ۽ ان ساڳي مڇيءَ کي جهلي اچ“.
    ويچارو مڙس انهي پيرين وري سمنڊ تي پهتو ۽ سمنڊ ڏي منهن ڪري زور زور سان چيو: ”سامونڊي شهزادي منهنجي ڳالهه ٻڌ. منهنجي زال مون کي مجبور ڪري رهي آهي ته توکي وري ڦاسائي اچان“. اهو ٻڌي شهزادي مڇي پاڻ هن وٽ هلي آئي پر مهاڻي هن کي کڻي اچڻ بدران هن کي وري ڇڏي ڏنو ۽ هٿين خالي گهر موٽي آيو.
    ”مون ان مڇيءَ کي تنهنجي چوڻ تي وري ڦاسايو“. هن پنهنجي زال کي ٻڌايو.
    ”ته پوءِ اها آهي ڪٿي؟“ زال ڪاوڙ مان پڇيس.
    ”سمنڊ ۾“. مڙس جواب ڏنس.
    ”عجيب چريو ماڻهو آهين هن جڏهن توکان پڇيو به ته توکي ڪجهه کپي ته ٻڌاءِ ته تو ڇو نه ڪجهه گهُريس. تون هن کي چوين ها ته توکي هڪ سهڻو گَهرُ کپي“. هن چيو.
    ٻئي ڏينهن صبح جو سوير ئي زال پنهنجي مڙس کي سمنڊ ڏي وڃڻ لاءِ اٿاريو ته وڃ ۽ ڪجهه ڪر. مڙس ڄاري کڻي سمنڊ جي ڪناري تي آيو ۽ سمنڊ ڏي منهن ڪري سامونڊي شهزاديءَ کي وري سڏ ڪيو: ”سامونڊي شهزادي منهنجو سڏ سُڻ! منهنجي زال مون کي ڇتو ڪري رکيو آهي ته توکي چوان ته اسان کي ڪو سهڻو گهر ڏيار“.
    سامونڊي شهزادي سمنڊ جي تري مان ٻاهر ظاهر ٿي ۽ چيو: ”بلڪل ٺيڪ آهي. تنهنجي زال جي خواهش بلڪل پوري ڪئي ويندي. تون سڌو پنهنجي گهر ڏي وڃ ۽ توکي اتي پهچي خوشي ۽ حيرت ٿيندي“.
    مهاڻو واپس گهر پهتو ته سندس پراڻي جهوپڙي بدران هڪ اعليٰ قسم جو گهر هو. هن کي حيرت ۽ خوشي ٿي پر سندس لالچي زال ايترو ڪجهه ملندي به منهن سڄايو ويٺي هئي. هوءَ شهزادي مڇيءَ تي سخت ناراض هئي ته هنن کي جهڙو سٺو گهر ڏيڻ کپي اهڙو هن نه ڏنو آهي. هن پنهنجي مڙس تي زور آندو ته هو هن شهزاديءَ کي اڃان سٺو گهر ڏيڻ لاءِ زور ڀري.
    ٻئي ڏينهن صبح جو مهاڻو سمنڊ مان مڇيون ڦاسائڻ بدران ڪناري تي بيهي هڪ دفعو وري هن شهزادي مڇيءَ کي سڏڻ لڳو ۽ هن جي ٻاهر نڪرڻ تي مهاڻي کيس عرض ڪيو ته مون کي ان کان به بهتر گهر ڏيارجو منهنجي لالچي زال هن مان خوش ناهي. شهزادي مڇيءَ هن جي ڳالهه مڃي ۽ جيئن ئي هو گهر پهتو ته پري کان ئي هن کي پنهنجي گهر جي جاءِ تي هڪ محل نظر آيو. اندر اچي پنهنجي زال کان حال احوال ورتو ته هن کي خبر پيئي ته سندس لالچي زال هن محل جهڙي گهر مان ته خوش آهي پر هوءَ چاهي ٿي ته هر ڪمرو ڳهه ڳٺن ۽ ريشم جي ڪپڙن سان ڀرجي وڃي. غريب مڙس ٻئي ڏينهن وري سمنڊ جي ڪناري تي پهتو ۽ شهزادي مڇيءَ کي پنهنجي پريشانيءَ کان آگاهه ڪيو ته سندس زال هن جو جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو آهي. هاڻ هوءَ چاهي ٿي ته هر ڪمري ۾ زيور، سلڪ جو ڪپڙو ۽ ٻيو قيمتي سامان اچي وڃي. شهزادي مڇيءَ کيس چيو ته ”تون هاڻ فڪر نه ڪر. تون ته جهوپڙي ۾ به سڪون جي ننڊ ڪري رهيو هئين ان ڪري تون ان جهوپڙيءَ ۾ وڃي رهه ۽ تنهنجي زال لاءِ به اها جهوپڙي صحيح آهي جو هن کي ڪيترو به کڻي ملي پر هن جي لالچ ختم نه ٿيندي“. مهاڻو موٽي گهر آيو. رات ٿي رهي هئي. سمهڻ بعد صبح جو زال مڙس اٿي ڏسن ته کين سندن محل بدران اها ئي ساڳي جهوپڙي نظر آين.
    ***


    (5) گينگورو ۽ جادوءَ جي ڊٻڊٻي

    جپاني ٻارن جي هيءَ ڪهاڻي لکڻ کان اڳ پنهنجي ملڪ جي ٻارن جي معلومات لاءِ اهو لکڻ ضروري ٿو سمجهان ته جپان ۾ گينگورو مڇيءَ جو نالو آهي ته ماڻهن جو به. اهڙي طرح ٻين به ڪيترين مڇين، جانورن، وڻن جا نالا ماڻهن تي به آهن. جيئن ڪيترن انگريزن جا نالا ۽ ذاتيون مختلف شين تان آهن جيئن ته چارلس لئمب، ڊئوڊ فاڪس، جان وُڊ وغيره. اسان وٽ سنڌ ۾ به ڪيترين زالن توڙي مردن جا نالا شهرن، جانورن ۽ وڻن جي نالن پٺيان آهن جيئن ته: مدينا، انب، ٻٻر (اهو نالو به آهي ته ذات به آهي)، رمضان وغيره.
    جپان ۾ مينهن، هوائون ۽ طوفان ايڏا ته لڳن ٿا ۽ اهي ايڏي ته تباهي مچائين ٿا جو جپاني ماڻهو خاص ڪري ڳوٺن جا غريب ۽ گهٽ پڙهيل جن جي ڪِرت مڇيون ڦاسائڻ آهي ۽ جن جو واسطو سمنڊ سان آهي اهي هر آفت کي ڪو ديوتا سمجهن ۽ هنن جي عقيدي يا وهم وسوسي موجب اهو ديوتا (ڪامي) ناراض ٿيڻ تي مصيبت آڻي ٿو. هنن جي هو هر وقت ڳالهه ڪندا رهن ٿا ۽ سُکائون پڻ باسين ٿا جيئن اسان وٽ ايمان جا ڪمزور ماڻهو وڻن ٽڻن، درياهه يا قبرن تي سکائون باسيندا رهن ٿا ۽ سمجهن ٿا ته ائين ڪرڻ سان هنن جي دل جون مرادون پوريون ٿين ٿيون. بهرحال هاڻ هن جپاني ڪهاڻيءَ تي اچون جيڪا جپان جي ڳوٺن ۾ مشهور آهي ۽ ٻارن کي ٻڌائي ويندي آهي ته ٻئي سان ظلم ڪرڻ وارو پاڻ ان مصيبت جو شڪار ٿي سگهي ٿو.
    ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن زماني ۾ جپان جي صوبي تڪاڪي ۾ گينگورو نالي هڪ ماڻهو رهندو هو. هڪ ڏينهن هو درياهه جي ڪناري تي پَسار ڪري رهيو هو ته هن کي هڪڙي پراڻي ڊِٻڊٻي ملي وئي جنهن جي پاسي کان ٻڌل ٻن ڌاڳن ۾ ننڍڙي پٿري هوندي آهي جيڪا گول پاسن تي لڳي دهل جهڙو آواز ڪڍندي آهي. هن اها ڊِٻڊٻي کڻي وڄائڻ شروع ڪئي ۽ چرچي ۾ چوڻ لڳو ته ”منهنجو نڪ ڊگهو ۽ چهنبائتو ٿي وڃي“.
    حيرت جي اها ڳالهه ته جيئن جيئن هو ڊِٻڊٻي وڄائي پنهنجي نڪ لاءِ چوندو ويو تيئن تيئن هن جو نڪ ويو ڊگهو ۽ چهنبائتو ٿيندو. ۽ پوءِ جڏهن هن چيو ته هن جو نڪ ننڍو ۽ پڪوڙي جهڙو ٿي وڃي ته اهو واقعي ائين ساڳي شڪل ۽ سائيز ۾ اچي ويو جيئن ڪنهن نارمل جپاني ماڻهوءَ جو نڪ ٿئي ٿو.
    ”واهه واهه! مون کي ته هيءَ واهه جي ڊِٻڊٻي ملي وئي آهي. ۽ هاڻ آئون هن کي پاڻ سان رکي ڳوٺ ڳوٺ جو سير ڪندس“. هن پنهنجي دل ۾ چيو ۽ پنهنجي ڳوٺ کان ٻاهر نڪري پيو.
    هڪ ڏينهن هن جو ڪنهن ڳوٺ جي هڪ محل نما گهر اڳيان لنگهڻ ٿيو. هي گهر ڳوٺ جي امير ترين ماڻهوءَ جو هو جنهن جي سهڻي ڌيءَ جي ڪجهه ڏينهن بعد شادي ٿيڻي هئي. هي آهستي آهستي ٿي هن جي گهر جي باغيچي ۾ گهڙي آيو ۽ ڏٺائين ته ڪنوار ٿيڻ واري ڇوڪري ستار (جنهن کي جپاني زبان ۾ ”ڪوٽو“ سڏجي ٿو) وڄائي رهي هئي. هن وڻن ۽ ٻوڙهن پويان لڪي ڊِٻڊٻي وڄائي آهستي آهستي چيو ته ”هن سهڻي ڇوڪريءَ جو ڀينڊيءَ جهڙو نڪ پڪوڙي جهڙو ٿي وڃي“. بس هن جو چوڻ ڇوڪريءَ جو نڪ ائين ٿي وڃڻ! رات جو مانيءَ وقت ڇوڪريءَ جو پيءُ اهو ڏسي بيهوش ٿيڻ تي هو. ڇوڪري ان غم ۾ بستر داخل ٿي وئي. ٻئي ڏينهن اوسي پاسي جي ڳوٺن جا ويد حڪيم گهرايا ويا پر ڪنهن جي به دعا يا جادو ڦيڻي اثر نه ڪيو.
    ان بعد گينگورو پنهنجو پاڻ جابلو مندرن جي ٻاون جي ڊريس ۾ هن محل نما گهر ۾ پهتو ۽ وڏي واڪي اعلان ڪيو: ”آئون نڪ جي هر بيماري جو علاج ڪريان ٿو“.
    اهو اعلان ٻڌي ڇوڪريءَ جي پيءُ هن کي گهر جي ان ڪمري ۾ گهرايو جنهن ۾ سندس ڌيءَ غمگين حالت ۾ بستري تي ليٽي پئي هئي. گينگورو پاڻ لاءِ هنن کي ٻڌايو ته هو وڏو عالم ۽ نڪ جي بيمارين جو ڄاڻو ٻائو آهي. پوءِ هن ڊٻڊٻي ۽ منترن ذريعي ڇوڪريءَ جي نڪ کي نارمل بڻائي ڇڏيو. ان بعد هو ٽي ڏينهن هن محل ۾ آرام ڪندو رهيو ۽ کائيندو پيئندو رهيو. گهر ڇڏڻ وقت ڇوڪريءَ جي دولتمند پيءُ هن کي ڪيترائي تحفا ۽ انعام اڪرام ڏنا. اهي سڀ سوگها ڪري هو پنهنجي ڳوٺ ڏي روانو ٿيو. هڪ هنڌ نديءَ جي ڪناري تي ٿڌڪار ۾ هو فرحت وٺڻ لاءِ ليٽي پيو. هو پٺيءَ ڀر سڌو ٿي ليٽي ليٽي ائين چرچي خاطر پنهنجي ڊِٻڊٻي وڄائي ان کي پنهنجي نڪ جي ڊگهو ٿيڻ جو حڪم ڏنو.
    گينگورو جيئن جيئن ڊِٻڊٻي وڄائيندو ويو هن جو نڪ آسمان ڏي ويو وڌندو. هن به اهو ئي ڏٺو ٿي ته اهو ڪيترو ڊگهو ٿي سگهي ٿو. آخر اهو ڪارن ڪڪرن مان به لنگهي مٿي آسمان ڏي هليو ويو. اتي جن ڀوتن هڪ پل پئي ٺاهي. هن جي نڪ کي ڪاٺ جو ٽڪرو سمجهي ان کي به ڪوڪن ڪِلين سان ٺوڪي پُل سان ڳنڍي ڇڏيو. گينگورو جي نڪ کي ڪلين لڳڻ ڪري سخت سور ٿيو ۽ هن جلدي جلدي ابتو منتر پڙهڻ شروع ڪيو ته نڪ ننڍو ٿي وڃي.
    منتر پڙهڻ سان نڪ ته ننڍو ٿيڻ لڳو پر جيئن ته اهو ڪڪرن کان مٿي ڪِلين سان ٺوڪيل هو ان ڪري نڪ جي هيٺ اچڻ بدران گينگورو مٿي کڄندو ويو ۽ وڃي مٿي پل سان لڳو.
    ڪڪرن جو ديوتا جيڪو ان وقت اتان لنگهي رهيو هو گينگورو کي ڏسي کڻي هن کي سوگهو ڪيو ته هيءَ زمين جي مخلوق مٿي ڪٿان اچي وئي. هن گينگورو جي نڪ ۾ لڳل ڪوڪا ڪليون ڪڍي آزاد ته ڪيو پر هن تي اهو ڪم رکيو ته روز ڪڪرن کي ويڙهي کولي ۽ ڪڏهن پاڻي سان ڦوهارو ڪري جيئن زمين تي ان هنڌ مينهن پوي. هڪ ڏينهن هو پنهنجا روزمره جا ڪم ڪري رهيو هو ۽ هو سخت ٿڪل هو جنهن ڪري هن جو دماغ ڦري رهيو هو ۽ جلدي ۾ هجڻ ڪري هو اهڙو ٿاٻڙجي پيو جو سڌو هيٺ بيوا ڍنڍ ۾ اچي ڦهڪو ڪيائين. ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ ڪرڻ سان هو ماڻهوءَ مان مڇي ٿي پيو. اهو ئي سبب آهي جو بِيوا ڍنڍ ۾ جيڪي جپان جون خاص چانديءَ جهڙيون چمڪندڙ مڇيون آهن انهن جو نالو ”گينگورو مڇي“ پئجي ويو.


    (6) خوبصورت ڇوڪري بلبل ئي رهي

    پنهنجي ملڪ جي ٻارن کي هتي اهو ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته جپان ۾ (خاص ڪري ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن ۾) بيحد گهڻا وهم ۽ وسوسا آهن. تعويذ ۽ ٽوڻو ڦيڻو به ڏاڍو هلي ٿو. هو ڏند ڪٿائن ۾ به يقين رکن ٿا ۽ ڪيترين ئي ٻاراڻين ڪهاڻين ۾ پکي ڏيڏر ۽ ٻيون شيون شهزادا ٿي ويندا ۽ ڪيتريون سهڻيون ڇوڪريون مڇيون يا جلپريون ٿي ويون هونديون. يورپ ۾ به ان قسم جون ڪهاڻيون آهن پر تمام گهٽ. پر جپان ۾ تمام گهڻيون آهن. هيءَ ڪهاڻي به ان نموني جي آهي.
    هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته جپان جي ياڪُوشيما نالي ٻيٽ جي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ نوجوان ڇوڪرو رهيو ٿي.
    ”اڄ ڏاڍو سيءُ آهي پر رات جي مانيءَ لاءِ مونکي پوري ڪوشش ڪري ڪو پکي ضرور شڪار ڪرڻ کپي“. هن دل ئي دل ۾ سوچيو ۽ بندوق کڻي جبل ڏي روانو ٿيو. هو پکين جي ڳولا ۾ جبل جي هيٺ مٿاهين ۾، ماٿريءَ ۾ ان بعد هيٺ وهندڙ چشمي ۽ پاڻيءَ جي شاخن جي چوڌاري ڦرندو رهيو پر اڄ هن جو نصيب اهڙو خراب هو جو هن کي ڪٿي به ڪو پکي سڻائو ويٺل نظر نه آيو جنهن کي هو پنهنجي بندوق سان ڦان ڪري.
    پکيءَ جي ڳولا ۾ هو هلندي هلندي هڪ اهڙي جهنگل ۾ ڦاسي پيو جيڪو هن لاءِ نئون هو ۽ هو واپس موٽڻ جو رستو ڳولي نه سگهيو. هي گهر موٽڻ جي پريشانيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن واجهائي رهيو هو ته هن کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته هڪ ڇوڪري ٻنيءَ جي سڌي ٽڪري تي ڏانٽي سان گاهه ڪٽي رهي آهي.
    ”ان جو مطلب آهي ته هتي ڀر پاسي ۾ آبادي آهي ۽ ماڻهو رهن ٿا“. هن نوجوان دل ۾ سوچيو ۽ شڪار جو خيال لاهي هڪ وڻ هيٺان ليٽي آرام ڪرڻ لڳو ۽ ان سان گڏ هن سهڻي ڇوڪريءَ کي به ڏسندو رهيو ته هوءَ ڪيئن نه پنهنجي ڪم ۾ مشغول آهي. ڪم پورو ڪرڻ تي ڇوڪريءَ پنهنجا ڪپڙا ڇنڊيا ۽ گاهه جي ڀري ۽ ڏانٽو کڻي گهر ڏي رواني ٿي.
    ”ڏسان ته هن جو گهر ڪهڙي قسم جو آهي“. اهو سوچي هي نوجوان سهڻي ڇوڪريءَ جي پويان آهستي آهستي لڪي لڪي هلڻ لڳو. اڳيان هلي هڪ پَٽَ جو ٽڪرو هو جنهن تي هن جي جهوپڙي هئي. ڇوڪري ان جهوپڙيءَ ۾ هلي وئي. هن نوجوان چوڌاري نظرون گهمائي ڏٺو ته هن ڇوڪريءَ کان علاوه ڪو ٻيو بني بشر هن جھوپڙيءَ ۾ نظر نه آيو. اونداهه ٿي رهي هئي ۽ هي گهٻرائڻ لڳو ته هاڻ ڇا ڪرڻ کپي. آخر دل ٻڌي هو جهوپڙي وٽ آيو ۽ کنگهڪار ڪرڻ تي ڇوڪري ٻاهر نڪري آئي ۽ هن کان پڇيو ته هي ڪير آهي ۽ هتي ڇا پيو ڪري.
    ”معاف ڪجو محترما! آئون هن ٻيلي ۾ گهر ڏي موٽڻ جو رستو وڃائي ويٺو آهيان ۽ هاڻ ته اونداهه ٿي رهي آهي ۽ مون کي ڊپ آهي ته ڪو جهنگلي جانور مون کي کائي نه وڃي. ان ڪري رات جا چار پهر گذارڻ لاءِ تون مون کي پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ رهڻ ڏيندينءَ؟“.
    ”بلڪل. ڇو نه“. ڇوڪريءَ بيحد مٺي آواز ۾ چيو ۽ خوشيءَ سان هن جو آڌر ڀاءُ ڪندي اندرين ڪمري ۾ وٺي آئي. نوجوان کي آرام سان وهاري پاڻ جلدي جلدي هن لاءِ گرم گرم چانهه ٺاهي آئي. چانهه ته ٺاهي آئي پر نوجوان کي اهو ڏسي ڪجهه ڪجهه حيرت ۽ خوف ٿيو ته چانهه جو ڪوپ پاڻ چرپر ڪري رهيو هو. جنهن وقت به هن پيئڻ لاءِ ڪوپ ڏي هٿ وڌايو ٿي ته اهو پاڻهي هن جي چپن تائين اچي ويو ٿي. هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڪهڙي دنيا ۾ اچي ويو آهي. هن جي دل چيو ته چپ ڪري هتان ڀڄي وڃجي پر هو ڇا ٿي ڪري سگهيو.... پاڙي اوڙي ۾ ته ڪو هڪ گهر به نه هو. رات جي وقت هو وڃي ته وڃي ڪيڏانهن. ان ڪري هن اها رات ان جهوپڙيءَ ۾ ئي گذارڻ بهتر سمجهي.
    ٻئي ڏينهن صبح جو اک کلڻ تي هو جهوپڙي مان ٻاهر نڪري جهوپڙي جي اڳيان ٺهيل باغيچي ۾ پسار ڪري رهيو هو ته هن کي سامهون گهاٽن وڻن اندر هڪ ٻي ننڍڙي جهوپڙي نظر آئي. ايتري ۾ ڇوڪري به ننڊ مان اٿي ٻاهر آئي ۽ هن سان کيڪار کڙي ڪري چيو: ”ڏس نوجوان! آئون ان سامهون واري جهوپڙي ۾ ڪجهه دير لاءِ وڃان ٿي. مهرباني ڪري منهنجي وڃڻ بعد نه ليئو پائي ڏسجان نه در کولجانءِ“.
    اهو چئي اها سهڻي ڇوڪري ان جهوپڙيءَ ۾ هلي ويئي. نوجوان ڪجهه دير اڪيلو اڪيلو بيٺو رهيو پر پوءِ هن کي اها اڪيلائي منجهائڻ لڳي. هن کي ڪجهه ڪجهه دل ۾ خوف به محسوس ٿي رهيو هو ته آخرڪار اها ڇوڪري ڪير آهي ۽ ڇا ٿي ڪرڻ چاهي..... ۽ ان جهوپڙيءَ ۾ غائب ڇو ٿي ويئي آهي!...... اهو سوچي سوچي هو ان ننڍڙي جهوپڙيءَ ڏي وڌيو ۽ ان جي در وٽ بيهي پنهنجي منهن چوڻ لڳو: ”آخرڪار اها ڇوڪري جهوپڙيءَ جي اندر ڪري ڇا رهي آهي! مون کي جيتوڻيڪ هوءَ منع ڪري وئي آهي ته ليئو نه پائجانءِ پر ٿورو ڏسڻ سان ڇا ٿيندو!“.
    هن در جي سير تي اک رکي اندر ڏٺو ته جهوپڙي اندر زردالن جي وڻ تي هڪ بلبل مٺي آواز ۾ ڳائي رهي هئي.
    ”تون ڪهڙو پٿر دل انسان آهين جو تو پنهنجو وعدو نه پاريو!“. بلبل هن کي ڏسڻ سان پنهنجي لات بند ڪري انسانن وانگر ڳالهائڻ لڳي. ”آئون هڪ پکي آهيان ۽ عورت بنجڻ جي سکيا وٺي رهي هيس ۽ هاڻ آئون عنقريب عورت ٿيڻ واري هئس. توکي ڏسڻ سان منهنجي دل توتي اچي وئي ۽ مون سوچيو ته هاڻ جلد عورت بڻجي توسان شادي ڪنديس ۽ توسان گڏ هڪ سٺي زال ٿي رهنديس. هاڻ افسوس جو مون کي توکان موڪلائڻو پوندو“. اهو چئي اها سهڻي ڇوڪري بلبل جي روپ ۾ ئي اڏامي ويئي. ان سان گڏ هي ٻئي جهوپڙيون هڪ هڪ ٿي غائب ٿي ويون ۽ هي نوجوان جنگل ۾ اڪيلو ئي اڪيلو رهجي ويو.


    (7) احسانمند مڇي

    جپان ۾ سُميدا نديءَ جي ڪناري تي هڪ ڳوٺ هو جتي هڪ پوڙهي عورت پنهنجي نوجوان ۽ خوبصورت پُٽَ سان گڏ رهي ٿي جنهن جو نالو اڪيڪو هو. پوڙهي مائيءَ کي ڳوٺ جا سڀ ماڻهو پيار مان ”ماما سان“ سڏيندا هئا يعني هن کي ماءُ برابر سمجهندا هئا. پنهنجي ملڪ جي ٻارن جي معلومات لاءِ هتي لکندو هلان ته جپان ۾ مرد توڙي عورت کي عزت ڏيڻ لاءِ هڪ ئي لفظ ”سان“ استعمال ٿئي ٿو جيئن اسان وٽ محترم يا محترما چئون ٿا.... والد محترم، والده محترما يا جناب ماستر صاحب اهڙي طرح جپان ۾ ماما سان، اڪا سان (محترم والد) سڏجي ٿو. سو هن پوڙهيءَ کي به سڀني ”ماما سان“ سڏيو ٿي. اهو ان ڪري جو هيءَ عورت سڀني سان سٺو هلي ٿي ۽ هر هڪ جو خيال ڪيو ٿي. پاڙي جي ٻين ماڻهن وانگر اڪيڪو ۽ سندس ماءُ به ڪکن کي وٽي رسيون ٺاهيون ٿي. پوءِ اهي ڀر واري شهر ۾ وڪڻي پنهنجو پيٽ گذر ڪيو ٿي. شهر ڏي ويندي يا واپسي تي هن کي ڪيترن ئي ڳوٺن مان گذرڻو پيو ٿي.
    هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي ته اڪيڪو شهر مان موٽي رهيو هو ته درياهه جي ڪناري وٽ هن کي هڪ مڇي نظر آئي جيڪا لوهه جي تارن ۾ وچڙي پئي هئي. هوءَ پاڻ ڇڏائڻ لاءِ گهڻو ئي ڦٿڪي رهي هئي پر ڪنهن ريت انهن لوهي تارن مان پنهنجي جان بچائي نه سگهي. هن جون اکيون اخروٽن جهڙيون خاڪي رنگ جون هيون. اڪيڪو اڳيان وڌي آرام سان انهن تارن کي ڌار ڌار ڪيو ۽ مڇي تارن مان جان ڇڏائي آزاد ٿي پاڻيءَ ۾ ٽٻي ڏني ۽ پوءِ ٿورو اڳيان هلي هن پنهنجو منهن پاڻيءَ مان ٻاهر ڪڍي اڪيڪو کي ڏٺو ڄڻ هوءَ اڪيڪو جا ٿورا مڃي رهي هجي. اڪيڪو هن ڏي ڏسي مرڪيو. ۾ گهر پهچي هِن مڇيءَ جو ذڪر هُن پنهنجي ماءُ سان ڪيو. ”امان توکي ڇا ٻڌايان ته اها مڇي ڪيڏي خوبصورت هئي. هن جهڙي سهڻي مڇي مون ڪڏهن به نه ڏٺي هوندي“.
    ان رات جڏهن اڪيڪو پنهنجي ماءُ کي رڌڻي ۾ ڪم ڪرائي رهيو هو ته هنن جي ڪنن تي دروازي جو ٺڙڪو پيو. ڪو سندن گهر جي ٻاهران آهستي آهستي در کڙڪائي رهيو هو. ”رات جو هن وقت اسان جي گهر ڪير اچي سگهي ٿو؟“ اڪيڪو حيرت مان ماءُ کان پڇيو. ۽ پوءِ ماما سان جڏهن دروازو کوليو ته هن کي هڪ سهڻي ڇوڪري نظر آئي جنهن جون وڏيون ۽ سهڻيون اکيون اخروٽن جهڙيون خاڪي رنگ جون هيون. ڇوڪريءَ پنهنجو تعارف ڪرايو ته هن جو نالو مِچيڪو آهي ۽ هن ٻڌايو ته هوءَ نوڪريءَ جي ڳولا ۾ ڀر واري ڳوٺ وڃي رهي هئي ته ڪو چور سندس سڀ ڪجهه کسي ويو. ”هاڻ مون وٽ نه ماني کائڻ جا پئسا آهن ۽ نه ڪنهن مسافر خاني ۾ رهڻ جي مسواڙ“.
    ”اوهه! معصوم نينگري“، ماما سان چيو،“ جيتوڻيڪ اسان وٽ ڪو ايترو ناهي پر تون هن گهر کي پنهنجو سمجهه ۽ جيڪي ڪجهه کاڌو موجود آهي اهو گڏجي کائينداسين ۽ تون مون واري ڪمري ۾ ساڳي تڏي تي سمهي سگهين ٿي ۽ توکي جيترا ڏينهن وڻي اسان جي گهر ۾ رهي سگهين ٿي“.
    ”ماما سان! تون ڪيڏو ته مهربان آهين“، مِچيڪو وراڻيو، ”آئون تنهنجي بيحد ٿورائتي آهيان“.
    ٻئي ڏينهن مِچيڪو اڪيڪو کان يڪدم رسيون ٺاهڻ سکي ورتيون ۽ هن کي رسيون ٺاهڻ ۾ ۽ ماما سان کي گهر جي ڪم ڪار ۾ تمام گهڻي مدد ڪرائڻ لڳي. وقت گذرندو ويو.... ڏينهن هفتن ۾ ۽ هفتا مهينن ۾ بدلبا ويا ۽ هي ٽئي ڄڻا هڪ ٻئي جي ويجهو رهي سٺا دوست ٿي ويا. اڪيڪو مچيڪو کي باغ جي صفائي ڪرڻ وقت مدد ڪئي ٿي. ان دوران هنن هڪ ٻئي کي سڄي ڏينهن جون خبرون چارون ٻڌايون ٿي ۽ چرچا ڀوڳ ڪري خوب ٽهڪِ ڏنا ٿي.
    هڪ ڏينهن جڏهن اڪيڪو پنهنجي ماءُ سان گڏ اڪيلو ويٺو هو ته هن پنهنجي ماءُ کي چيو ”ماما سان! مون کي لڳي ٿو ته آئون پنهنجي دل مچيڪو کي ڏئي ويٺو آهيان. هوءَ بيحد سٺي طبيعت جي ۽ فضيلت واري ڇوڪري آهي. ڇا تون سمجهي سگهين ٿي ته مِچيڪو مون جهڙي ڇوڪري سان شادي ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويندي؟“.
    ماما سان اڃان ڪو جواب ڏيڻ واري هئي ته اتي مچيڪو ان هال ۾ لنگهي آئي جنهن ۾ هي ماءُ پٽ ويٺا هئا. ”مَچيڪو منهنجا ٻچا!“ ماما سان مچيڪو کان پڇيو، ”تون ڇا جواب ڏيندينءَ جيڪڏهن آئون توکي اهو ٻڌايان ته منهنجو پٽ اَڪيڪو توکي پنهنجي زال ٿو بنائڻ چاهي ۽ آئون تنهنجي سس ٿيڻ ٿي چاهيان“. مِچڪيو مرڪندي چيو، ”جي ماما سان! مون طرفان بلڪل ها سمجهجانءِ“.
    اهو جواب ٻڌي اَڪيڪو ته ڏاڍو خوش ٿيو. ٻئي ڏينهن اَڪيڪو جڏهن رسيون وڪڻڻ لاءِ شهر ڏي روانو ٿيو ته مَچيڪو به هن سان گڏ نڪري پئي. شهر جا ماڻهو ههڙي سهڻي ڇوڪريءَ کي ڏسي حيران ٿي ويا ۽ هر هڪ جي وات تي مچيڪو جي سونهن جي ڳالهه هئي. اهي چوٻول جڏهن ڀرواري علائقي جي شهزادي نَگاسي جي ڪن تي پهتا ته مِچيڪو نه فقط سونهن ۽ سوڀيا ۾ اتم آهي پر سندس آواز به بلبل وانگر مٺو آهي ته هن کي به مِچيڪو کي ڏسڻ جو شوق ٿيو. شهزادي نگاسيءَ مِچيڪو کي ساڻس ملڻ لاءِ دعوتنامو موڪليو پر مچيڪو سٺن لفظن ۾ معذرت ڪري ڇڏي.
    ”ڇا هوءَ نٿي سمجهي ته آئون ڪير آهيان“، شهزادي نگاسيءَ ڪاوڙ مان چيو، ”مون وٽ ان مغروريءَ جو جواب موجود آهي ته ڇا ڪرڻ کپي. آئون هن ڇوڪريءَ لاءِ هڪ شرط ٿو رکان. جيڪڏهن هوءَ پورو ڪري نه سگهي ته هن کي هر حال ۾ مون سان ملڻو پوندو. پر جي هوءَ ان شرط پوري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي ته پوءِ آئون هن کي دل وٽان انعام ڏيندس“.
    ٻئي ڏينهن شهزادي اهو شرط پنهنجي ايلچي ذريعي مِچيڪو ڏي موڪليو. شرط ۾ هي هو ته مِچيڪو کي گاهه ۽ ڪکن مان رسو ٺاهڻ بدران هڪ رسو ڦلهير مان ٺاهڻو آهي.
    ”اهو شرط پورو ڪرڻ ته ناممڪن ڳالهه آهي“، اَڪيڪو پريشان ٿيندي چيو، ”هي اسان مان اهڙي ڪم جي ڪيئن ٿو اميد رکي! ڀلا ڪڏهن ڦلهير مان به ڪنهن رسو ٺاهيو آهي!“.
    ”تون فڪر نه ڪر“، مِچيڪو چيو، ”منهنجي پيءُ مون کي هڪ خاص قسم جي رسي ٺاهڻ سيکاري آهي جيڪا مون کي پڪ آهي ته شهزادي نگاسيءَ کي پسند ايندي. پر اهو آهي ته ان ڪم ۾ توکي منهنجي مدد ڪرڻي پوندي“.
    مِچيڪو رسي ٺاهڻ تي ڪم شروع ڪيو ۽ جيڪي هن چيو ٿي اڪيڪو اهو غور سان ٻڌي ان تي عمل ڪيو ٿي. ڪيترن ڪلاڪن جي محنت بعد هنن هڪ رسي ٺاهي ورتي جيڪا عام رسين کان ڊيگهه توڙي ٿولهه ۾ ٻيڻي هئي. اڪيڪو ان رسيءَ جو گول ويڙهو ٺاهي هڪ وڏي لوهي چادر تي رکي ان کي ساڙيو ۽ پوءِ هن کي ڪلاڪ ٻه کن ٿڌو ڪيو ويو ۽ ٻئي ڏينهن اها سڙيل رسي لوهي چادر سميت شهزادي ڏي ڏياري موڪلي.
    شهزادو ناگاسي ڦلهير جي رسي ڏسي وائڙو ٿي ويو. ”اها توهان ڪيئن ٺاهي؟ ڦلهير مان رسي ٺاهڻ جي طريقي کان فقط منهنجا وڏا واقف هئا. ان جي طريقي جو راز اسان جي خاندان ۾ پشت به پشت هلندو اچي“.
    بهرحال شهزادي جيڪو شرط رکيو اهو اَڪيڪو ۽ مَچيڪو پورو ڪري ڏيکاريو ۽ هاڻ شهزادي کي پنهنجو واعدو پورو ڪرڻ ضروري هو. سو هن اڪيڪو ۽ مچيڪو ڏي هڪ وڏو خومچو سونن ڳهن، هيرن جواهرن ۽ ريشم جي ڪپڙن سان ڀري موڪليو.
    شهزادي طرفان ايڏا قيمتي تحفا، سون ۽ هيرا ملڻ تي ماما سان هڪدم اڪيڪو جي شاديءَ جي تاريخ مقرر ڪئي ۽ ڳوٺ جي ماڻهن کي نينڊ ڏني. شاديءَ تي اڪيڪو ۽ مچيڪو اوچا وڳا پائي آيا ۽ هو بيحد سهڻا لڳي رهيا هئا. ڳوٺ جو هر هڪ ماڻهو اڪيڪو کي مبارڪ ڏئي رهيو هو ته هن کي مِچيڪو جهڙي سهڻي زال ملي آهي. هنن مان ڪجهه ماڻهن جڏهن مچيڪو کان پڇيو ته هن اڪيڪو سان شادي ڪرڻ جو ڇو سوچيو ته هن مرڪندي ۽ شرمائيندي جواب ڏنو ته ”اڪيڪو هڪ خوبصورت دل وارو انسان آهي جنهن کي هر هڪ سان ايڏي همدردي آهي جو هڪ مڇي به هن تي عاشق ٿيو پوي“.
    (دراصل اڪيڪو جنهن مڇيءَ کي بچايو هو اها مچيڪو هئي جيڪا مڇي جي روپ ۾ سير ڪري رهي هئي ته درياهه جي ڪناري وٽ لوهي تارن ۾ اٽڪي پئي ۽ مرڻ واري هئي ته اڪيڪو اچي هن جي جان بچائي).
    ***


    (8) ٽي ڪرامت وارا تعويذ

    جپان جي شهر هيروشيما واري ”اڀرندڙ سج“ نالي مندر ۾ ڪيترائي ٻُڌ بکشو رهيا ٿي جن ۾ سڀ کان گهڻو مشهور ”ڪوبو” نالي بکشو هو. ڪوبو اڃان ٻار هو ته هن جي مائٽن هنکي هن مندر جي هڪ جهوني بکشو هَروڪِي حوالي اچي ڪيو هو جيئن هو هن کي ٻوڌي تعليم ۽ تربيت ڏئي.
    هڪ ڏينهن ڀر واري زمين تي ڪم ڪندڙ هڪ هاريءَ جنهن کي ڪم ۾ ڪوبو اڪثر مدد ڪرائيندو هو، ڪوبو کي ڪجهه اخروٽ آڻي ڏنا. ڪوبو کي اهي ڏاڍا وڻيا. هن هڪ هڪ ڪري هنن کي مزي سان کاڌو ۽ ختم ٿيڻ تي هن جي دل چيو ته جيڪر ڪجهه ٻيا به هجن ها. ان بعد هو سڌو پنهنجي استاد بکشو هَروڪِي وٽ آيو.
    ”سائين اڄ مون کي ڪجهه اخروٽ کائڻ لاءِ مليا هئا. مون کي اهي ايترو ته پسند آيا آهن جو آئون اهڙا ٻيا به کائڻ چاهيان ٿو، ”ڪوبو چيو“، ”مون کي پڪ آهي ته پنهنجي مندر جا ٻيا بکشو به انهن کي پسند ڪندا. مهرباني ڪري مون کي ٻيلي ۾ وڃڻ جي موڪل ڏيو ته آئون اتان پاڻ سڀني لاءِ ڪجهه اخروٽ کڻي اچان“.
    هارُوڪيءَ ڪجهه دير لاءِ سوچيو ۽ پوءِ ڪنڌ جي ڌوڻ سان هائوڪار ڪئي. ”چڱو ڀلا ڪوبو وڃ ڀلي پر توکي آئون ٽي تعويذ ڏيان ٿو جيڪي مشڪل وقت تي تنهنجي زندگي بچائيندا..... خاص ڪري ان وقت جڏهن تون جابلو شيطان جي ور چڙهي ويندين. هن جي توسان ضرور ملاقات ٿيندي جو جنهن ٻيلي ۾ تنهنجو وڃڻ ٿي رهيو آهي ان ئي ۾ جابلو شيطان رهي ٿو“.
    اهو چوڻ بعد هاروڪيءَ پنهنجي ٽيبل جو خانو کولي ان مان ٽي سائي رنگ جا تعويذ ڪڍي ڪوبوءَ حوالي ڪيا.
    ڪوبو جڏهن ٻيلي ۾ پهتو ته هن کي اتي هڪ ڪراڙي عورت ملي. ”سو تون به هتي اخروٽ پٽڻ لاءِ آيو آهين“، هن چيو، ”ڀلي ڀلي پَٽِ. هتي هر هڪ لاءِ ڍير اخروٽن جا آهن“. ۽ پوءِ جڏهن ڪوبو اخروٽ پٽي رهيو هو ته ڏسندي ئي ڏسندي موسم تبديل ٿي وئي ۽ وڏ ڦڙو مينهن وسڻ لڳو.
    ”بهتر ٿيندو منهنجي گهر هليو آءُ جتي تون مينهن ۾ پسڻ کان بچي پوندين“ پوڙهي مائيءَ هن کي چيو ۽ ان سان گڏ اهو به چيو ته ”آئون توکي ڪجهه سڪل اخروٽ به پئڪ ڪري ڏيندس جيڪي تون پنهنجي مندر جي ٻين بکشوئن کي به ڏئي سگهين ٿو“.
    ڪوبو آسمان ڏي نهاريو جيڪو سڄو ڪارن ڪڪرن سان ڀريو پيو هو. اهو حال ڏسي هن ڪجهه دير لاءِ پوڙهيءَ جي گهر ۾ ترسڻ جو فيصلو ڪيو.
    پوڙهيءَ جي جهوپڙي تمام آرمده ۽ گرم هئي جنهن ۾ گهڙڻ سان ڪوبوءَ کي فرحت اچي وئي. ڪوبو آرام سان هڪ ڪنڊ ۾ ويهي جيئن ئي سڪل اخروٽن کي کائڻ جو مزو وٺڻ شروع ڪيو ته هن کي مينهن جي ڦڙن جو دريءَ تي ڪرڻ ڪري هڪ عجيب آواز ٻڌڻ ۾ آيو... ڄڻ ڪو راڳ ڳائي رهيو هجي.
    ٽِڪ ڊڪ، ٽِڪ ڊِڪ
    ننڍڙا بکشو، توسان چالاڪي پئي ٿئي
    ذرا غور سان پوڙهيءَ جي منهن ۾ ڏس
    ننڍڙا بکشو ڏس توکي ڇا پيو نظر اچي.....
    ڪوبوءَ جيئن ئي غور سان پوڙهي عورت جي منهن کي ڏٺو ته اهو عورت جو نه پر جابلو شيطان جو چهرو هو. اهو ڏسي ڪوبو جيتوڻيڪ ڊڄي ويو پر پوءِ همت کان ڪم وٺي هن هتان ڀڄڻ جو سوچيو.
    ”ڊيئر مئڊم!“ هن چيو، ”مون کي ڪا جاءِ ٻڌائيندينءَ جتي آئون پنهنجا هٿ ڌوئي وٺان؟“.
    جابلو شيطان ڪوبو ڏي ڏٺو ۽ چيو، ”ڇو نه. ضرور منهنجا ٻچا! پر مهرباني ڪري هن رسيءَ جي هڪ ڪنڊ پنهنجن ڪپڙن سان ٻڌي ڇڏ. مون پوڙهيءَ جي رات جي وقت نظر گهٽ ٿي رهي ۽ آئون خاطري ڪرڻ ٿي چاهيان ته تون صحيح سلامت آهين“.
    ڪوبو پوڙهيءَ جو چيو مڃيو ۽ رسيءَ سان پنهنجي قميص جي ڪنڊ ٻڌي پڙدي پويان رکيل بارديءَ مان هٿ منهن ڌوئڻ ويو. اتي پهچي هن رسيءَ جي ڳنڍ کولي ان کي پوڙهي بکشو هاروڪي طرفان مليل ٽن ساون تعويذن مان هڪ کي ٻڌو. ڳنڍ ڏيڻ سان اهو تعويذ هوبهو هن جهڙو بکشو ٿي پيو. ۽ هو پاڻ پٺين پاسي کان آهستي آهستي ٿي نڪري ويو.
    ڪجهه دير بعد جڏهن جابلو شيطان کي خبر پيئي ته ڪوبو هن کي دوکو ڏئي ڀڄي ويو آهي ته پهرين ته هن هينئون ڦاڙ رڙ ڪئي ان بعد هو ڪوبو جي ڳولا ۾ نڪري پيو. ڪي سيڪنڊ به نه لڳس ته هو ڪوبو تائين پهچي ويو. ننڍڙي بکشوءَ پٺيان مڙي يڪدم هڪ ٻيو تعويذ جابلو شيطان ڏي اڇليو ته ان ئي وقت شيطان اڳيان هڪ ريتيءَ جو وڏو جبل ٺهي ويو. پر جابلو شيطان هن جبل ۾ سوراخ ڪري ٻاهر نڪري آيو. ان تي ڪوبوءَ ٽيون تعويذ هن ڏي اڇليو ته اهو هن ۽ شيطان جي وچ ۾ هڪ اونهو ۽ وڏو درياهه ٿي پيو.
    ڪوبو پوري زور سان پنهنجي مندر ڏي ڊوڙيو ۽ اچي پوڙهي بکشو هاروڪيءَ وٽ پهتو. ”سائين مون کي بچايو! جابلو شيطان منهنجي پٺيان آهي“، هن رڙيون ڪندي چيو.
    هاروڪيءَ ڪوبو کي خاموش رهڻ لاءِ اشارو ڪري هن کي ڀاڄين واري گدام ۾ لڪائي ڇڏيو. پوءِ هو چانورن جي اٽي جا ڪيڪ ٺاهڻ لڳو جن لاءِ جابلو شيطانن کي تمام گهڻي ڇڪ ٿئي ٿي.
    ”بکشو سائين!“ جابلو شيطان هاروڪي وٽ پهچي چيو، ”تنهنجي ڪيڪن جي ڇا ته خوشبوءِ آهي. هڪ ٻه مون کي به کارائيندين؟“.
    ”ڇو نه.... پر هڪ شرط تي“، هاروڪيءَ چيو، ”مون تنهنجي جادوءَ جي تمام گهڻي تعريف ٻڌي آهي ته تون پنهنجي شڪل بدلائي تمام وڏو به ٿي سگهين ٿو ته بيحد ننڍڙو آڱر جيڏو به. جيڪڏهن تون مون کي اهو ڪرتب ڪري ڏيکاريندين ته اڄ آئون جيڪي ڪيڪ ٺاهي رهيو آهيان اهي سڀ ڏئي ڇڏيندوسانءِ“.
    جابلو شيطان ٽهڪ ڏيندي چيو: ”اها به ڪا ڳالهه آهي. اهو ڪرتب جنهن لاءِ تون چئي رهيو آهين اهو ته مون لاءِ ڪجهه به نه آهي. جيئن ته مون کي سخت بک لڳي آهي ان ڪري آئون تنهنجا سڀ ڪيڪ اڄ کائي ويندس“. ان بعد جابلو شيطان ٽي دفعا تاڙيون وڄائي هيئن چوڻ لڳو:
    آه آه هو هو، آه آه، هو هو.
    ڊگهو ٿي وڃ، ڊگهو ٿي وڃ....
    جابلو شيطان ويو ڊگهو ٿيندو.... ايتريقدر جو سندس مٿو مندر جي ڇت سان وڃي لڳو.
    ”هاڻ آئون چاهيندس ته تون ڳائي مون کي ننڍو ڪر. ساڳيو راڳ ڳاءِ ۽ ”ڊگهو“ چوڻ بدران ”ننڍو ٿي وڃ“ چئه.....“ جابلو شيطان پوڙهي بکشو هاروڪيءَ کي چيو.
    هاروڪي ٽي دفعا تاڙيون وڄائي زور سان ڳائڻ شروع ڪيو.
    آهه آهه هو هو، آه آه، هو هو
    ننڍو ٿي وڃ، ننڍو ٿي وڃ.....
    جابلو شيطان ويو ننڍي کان ننڍو ٿيندو ۽ هاروڪي بکشو منتر بند ڪرڻ بدران لڳاتار آلاپيندو رهيو ۽ شيطان ويو اڃان ننڍي کان ننڍو ٿيندو.... تان جو اهو جڏهن دال جي داڻي جيڏو ٿيو ته هاروڪيءَ ٻه گرم گرم ڪيڪ کڻي انهن جي وچ ۾ هي دال جي داڻي جيڏو جابلو شيطان رکي، وڏا وڏا چڪ هڻي کيس ڳرڪائي ويو.
    ڪوبو جيڪو گدام مان لڪي هي سمورو لقاءُ ڏسي رهيو هو اهو پنهنجي پوڙهي هاروڪي کي شيطان هڙپ ڪرڻ ۽ اوگرائي ڏيڻ بعد ٻاهر نڪتو ۽ ٻنهي گڏجي خوشي ملهائي جو هنن جي هن جابلو شيطان مان جان ڇٽي وئي. ٻئي ڏينهن کان پوءِ ڪوبو ۽ سندس ٻيا بکشو دوست ٻيلي ۾ ويندا رهيا ۽ سڄو سيارو هو اخروٽ کائيندا رهيا.
    ***


    (9) جادو جون چاکڙيون

    جپان جي شهر يوڪوهاما جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ شِنجي نالي هڪ جپاني ڇوڪري پنهنجي ماءُ سان گڏ ڪَتارو نالي هڪ امير زميندار وٽ ٻني ٻاري جو ڪم ڪيو ٿي. هي هڪ ظالم زميندار هو جنهن پنهنجن پورهيتن کي تمام گهٽ پگهار ڏنو ٿي ۽ ڪم جي معاملي ۾ هنن کان تمام گهڻو ڪم ورتو ٿي. هڪ ڏينهن صبح ساڻ شِنجي پنهنجي زميندار ڪَتارو وٽ آيو ۽ قرض گهرڻ لڳو.
    ”هي ڇا! تون مون کان اوڌر وٺڻ آيو آهين“، ڪتارو چيو، ”ڇا تنهنجو دماغ صحيح آهي! تو مون وٽ اڃان فقط پنج سال ڪم ڪيو آهي ۽ تنهنجي اها همٿ جو مون کان اوڌر ٿو وٺين؟“.
    ”منهنجا سائين، مون غريب تي مهرباني ڪر..... مون کي پئسن جي سخت ضرورت آهي جو منهنجي ماءُ بيمار آهي، جنهن لاءِ مون کي دوائون وٺڻيون آهن“.
    شِنجيءَ جي گهُر گهُر تي ڪتارو کي سخت ڪاوڙ آئي ۽ هن کي دڙڪو ڏيندي چيو: ”توکي اها همت ڪيئن ٿي جو منهنجي گهر اچي منهنجو سڪون چَٽ ڪيو اٿئي. جي جان جي سلامتي چاهين ٿو ته هينئر جو هينئر منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ“.
    ڪتارو جو جواب ٻڌي شِنجيءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هو گهر ڏي واپس روانو ٿيو. ڪجهه فاصلو هلڻ بعد هو هڪ بڙ جي گهاٽي وڻ هيٺان ڪجهه دير آرام خاطر ليٽي پيو ۽ هن کي ننڊ اچي وئي. جيئن ئي هن کي گهاٽي ننڊ آئي ته هڪ پير مرد کيس ننڊ مان اٿاريو.
    ”منهنجا ٻچا، تون هتي اڪيلو ئي اڪيلو ڇا ڪري رهيو آهين؟“ پير مرد پڇيو، ”ڇا تون رستو ڀلجي ويو آهين“؟
    ”نه، سائين“، شنجيءَ جواب ڏنو، ”بس هلي هلي آئون ٿڪجي پيو هوس، سو ڪجهه دير آرام ڪرڻ جو سوچي هتي ليٽي پيس. آئون پنهنجي گهر ڏي وڃي رهيو آهيان ۽ مونکي پنهجي ماءُ جي بيماريءَ جي علاج جو فڪر آهي“.
    ”آئون تو بابت ڪافي ٻڌي چڪو آهيان“، پير مرد چيو، ”تون شِنجي آهين نه؟ مون تنهنجي تعريف ٻڌي آهي ته تون پنهنجي ماءُ جو تمام گهڻو خيال ڪرين ٿو ۽ توکي هن سان پيار آهي. تون هڪ لائق فرزند آهين“.
    پير مرد شِنجيءَ کي پيار ڀريل نظرن سان ڏٺو ۽ پنهنجي ٿيلهي مان ڪاٺ جون چاکڙيون ڪڍي هن کي ڏنيون. (اسان جي ملڪ جي ٻارن کي هتي ٻڌائيندو هلان ته جپان ۾ ڪاٺ جا چئمپل پائڻ جو رواج پراڻو آهي خاص ڪري گهر ۾ يا ڪنهن ٻئي شهر جي مسافر خاني ۾ رهڻ دوران مسافر خاني طرفان جيڪا مهمان کي يوڪاتا جپاني ڊريس پائڻ لاءِ ملي ٿي ان سان گڏ عام طرح ڪاٺ جا چئمپل هوندا آهن جن کي گَيتا سڏجي ٿو. اسان وٽ 1957 کان اڳ تائين جڏهن اڃان هوائي چمپل (اسپنج وارا ٻن پٽين سان) ايجاد نه ٿيا هئا ته گهرن ۾ وضو ڪرڻ وقت اهي ڪاٺ جا چئمپل پائبا هئا جيڪي اسان وٽ چاکڙيون سڏجن ٿيون. يورپ ۾ به، خاص ڪري هالينڊ پاسي ته، تمام گهڻو ڪاٺ جي چئمپلن ۽ بوٽن جو رواج آهي جن کي انگريزي ۾ Clogs يا فلپ فلاپس سڏجي ٿو).
    جپاني ڇوڪري شِنجي کي پير مرد چيو: ”هي خاص قسم جون چاکڙيون آهن جن کي ڪير به پائيندو ته هن کي فٽ اينديون ۽ پائڻ واري کي حيرت انگيز تحفو ملندو. هي چاکڙيون پائڻ بعد توکي پهرين هڪ قدم اڳتي کڻڻو پوندو ۽ پوءِ ٻه قدم پٺتي کڻي پوءِ کاٻي پير جي چاکڙيءَ کي مٿي کڻڻو پوندو“.
    ”ان کان پوءِ ڇا ٿيندو؟“ شنجيءَ پڇيو.
    ”ان کان پوءِ توکي اهڙي شيءِ ملندي جنهن کي ڏسي توکي خوشي ٿيندي ۽ تنهنجي مَن جون مرادون پوريون ٿينديون، پير مرد چيو، ”هي چاکڙيون آئون پاڻ سان ڪافي عرصي کان کڻي پيو هلان. منهنجي خيال ۾ تون صحيح ماڻهو آهين جنهن جي حوالي هي چاکڙيون هجڻ کپن. هنن چاکڙين کي شنجي صحيح طرح استعمال ڪجانءِ. پر هڪ ڳالهه ياد رکجانءِ ته دل ۾ نه ٻيائي رکجانءِ ۽ نه لالچ...... نه ته هي جادو ئي چاکڙيون توکي فائدو نه رسائينديون...... ڇو جو لالچي ماڻهوءَ کي هي چاکڙيون انسان مان ڪينئون بڻائي ڇڏينديون آهن“.
    شنجيءَ هن پير مرد جا ٿورا مڃيا ۽ موڪلائي گهر ڏي روانو ٿيو. ڪجهه وکون کڻڻ بعد شنجيءَ سوچيو ته ڇو نه پير مرد جي سمجهاڻي مطابق هي چاکڙيون پائي ڏٺو وڃي ته ڇا ٿو ٿئي. شنجيءَ جيئن ئي چاکڙيون پيرن جي ويجهو ڪيون ته اهي بلڪل هن جي پيرن جي ماپ جون ٿي پيون ۽ هن پير مرد جي چوڻ موجب هڪ قدم اڳيان کڻي ٻه پٺيان کنيا. ان بعد کاٻي پير جي چاکڙي مٿي کنئي ته چاکڙيءَ جي هيٺان ڪيترائي سونا سڪا هيٺ ڪرڻ لڳا.
    ”چئبو ته هي آهي زبردست تحفو جنهن جي پير مرد ڳالهه ڪئي“. شنجيءَ آسمان ڏي ٿورائتين نظرن سان ڏسي چيو. هن جلدي جلدي پٽ تان سونا سڪا ميڙيا ۽ پنهنجي ماءُ لاءِ دوا ۽ کائڻ جون شيون خريد ڪرڻ لاءِ ڳوٺ جو رخ ڪيو.
    ٻئي ڏينهن ڳوٺ جو زميندار ڪتارو، شنجيءَ جي گهر آيو ته هن کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته شنجيءَ جي ماءُ ته چاق چڱي ڀلي گهر ۾ هلي رهي هئي پر کائڻ لاءِ به چوڌاري ڪيتريون ئي شيون موجود هيون.
    ”هي ڇا!“ ڪتارو حيرت مان شنجيءَ جي ماءُ کي پڇيو، ”مون ته سمجهيو ته تون سخت بيمار آهين ۽ تو وٽ دوا جا ته ڇا پر کائڻ پيئڻ جون شيون وٺڻ لاءِ به پئسا نه آهن“.
    ”جي ها منهنجا مهربان مالڪ“، شنجيءَ جي ماءُ چيو، ”آئون سخت بيمار هيس پر منهنجي پياري پٽ ڪنهن طرح پئسن جو بندوبست ڪري مون لاءِ دوائون ۽ کائڻ جون شيون وٺي آيو. هاڻ آئون بلڪل صحيح آهيان“.
    ”شنجي ڇا تو ڪجهه پئسا ڪنهن ٻئي کان اڌارا ورتا؟“ ڪتارو پڇيو. ماءُ جي چوڻ تي شنجيءَ سڄو قصو ڪتارو کي ٻڌايو ته ڪيئن هن کي هي جادوءَ جون چاکڙيون مليون جن ذريعي هن سونا سڪا حاصل ڪيا“.
    ”جادوءَ جون چاکڙيون!“ ڪتارو کان رڙ نڪري وئي، ”شنجي مهرباني ڪري مون کي به ته اهي ڏيکار“.
    شنجيءَ چاکڙيون کڻي اچي ڪتارو کي ڏيکاريون جنهن وڏي غور سان انهن کي جانچي ڏٺو. اهي ڪاٺ جون جپاني چاکڙيون ته ضرور هيون پر اهي ڪي خاص قسم جون نه هيون جن ۾ ڪا اهڙي خاص ڳالهه هجي. ڪتارو جي دماغ ۾ يڪدم ڪا ڳالهه آئي ۽ شنجيءَ کي چيو:
    ”هيئن ڪر جو اهي چاکڙيون مون کي کڻي هڪ ڏينهن لاءِ ڏي. تون مون سان سڀاڻي اچي ملجانءِ تيسين آئون به ڏسي وٺان ته اهي واقعي جادوءَ جون آهن يا نه“. اهو چئي هو چاکڙيون پاڻ سان کڻي پنهنجي محل ڏي روانو ٿي ويو.
    شام جو ڪتارو ڇا ڪيو جو پنهنجي ڪمري کي اندران بند ڪري چاکڙين کي پٽ تي رکيو. ”هاڻ ڏسان ته هي چاکڙيون واقعي جادو جون آهن ۽ ڪم ڪن ٿيون يا نه“. ڪتارو دل ئي دل ۾ سوچيو ۽ پوءِ چاکڙين کي پيرن ۾ پائي اڳيان پويان هلڻ لڳو. هن کي پيرن ۾ سخت سور محسوس ٿيو پر سونا سڪا ڪرندا ڏسي هن ان سور جي به پرواهه نه ڪئي.
    ”اوهه! واهه واهه“ ڪتارو سونا سڪا ڏسي خوش ٿيو، ”زبردست! منهنجيون جادو ئي چاکڙيون! منهنجي لاءِ هن ڪمري ۾ سونن سڪن جو جبل ٺاهي ڇڏيو“.
    سڄي رات ڪتارو چاکڙيون پائي اڳيان پويان ٿيندو رهيو ۽ کاٻي پير جي چاکڙيءَ مان سونا سڪا ڪرندا رهيا. ”بس هاڻ ته اجهو ته آئون هن شهر جو امير ترين ماڻهو ٿيس“. هن لالچ ۾ اچي اهو سوچيو.
    ٻئي ڏينهن صبح جو شنجي پنهنجيون چاکڙيون وٺڻ لاءِ ڪتارو جي گهر پهتو. هن جيئن ئي ڪتارو جي ڪمري جو دروازو کڙڪايو ته اهو ڦاٽي ڪري پيو ۽ سونين اشرفين جا ڍير ٻاهر تائين نڪري آيا. سندس جادوئي چاکڙيون هنن سونين اشرفين جي ڍير جي وچ تي رکيون هيون پر ڪتاري جو نه هي ڏس نه هو پتو!.
    شنجيءَ جيئن ئي اڳيان جهڪي پنهنجيون چاکڙيون ٿي کنيون ته هُن کي پٽ تي ڪا هٿ جيڏي شيءِ چرندي نظر آئي جيڪا هن غور سان ڏٺي ته اهو هن ڳوٺ جو وڏو زميندار ڪتارو هو جيڪو سُسي سُسي ننڍڙو ٿي پيو هو.
    ”منهنجا سونا سڪا، منهنجا سونا سڪا!“ ڪَتارو ننڍڙي جيتامڙي جي آواز ۾ رڙيون ڪيون. سندس آواز ايترو گهٽ هو جو جهڪي ڪن ڏيڻ تي ٻڌڻ ۾ آيو ٿي. هو اڳتي چُري کاٻي چاکڙي کي چهٽي هن کي وڌيڪ اشرفيون ڏيڻ لاءِ منٿون ڪرڻ لڳو. چاکڙيءَ مان وڌيڪ سڪا ڪرڻ لڳا ان سان گڏ ڪتارو ويو اڃان به ننڍو ٿيندو ۽ آخرڪار هو انسان بدران هڪ ننڍڙو، ٿلهو ۽ گدلو ڪينئون ٿي پيو.
    شنجي اهو سوچي ته متان ڪتارو ڪنهن جي پير هيٺان اچي وڃي هُن هِن کي هٿن تي کنيو پر هو شنجيءَ جي هٿن تان تِرڪي پٽ تي ڪري پيو. ان بعد شنجيءَ هن کي گھڻو ئي ڳوليو پر بلڪل نظر نه آيو. هو سونن سڪن جي هيٺان گم ٿي ويو هو.
    شنجي ۽ هن جي ماءُ باقي زندگي ٿورا ٿورا ڪري چاکڙين کان پئسا حاصل ڪندا رهيا جيڪي هو پاڻ تي ۽ ڳوٺ جي غريب ماڻهن تي خرچ ڪرڻ لڳا ۽ ضرورتمندن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لڳا. هو جيتوڻيڪ هاڻ ڳوٺ جا امير ٿي ويا هئا پر ان هوندي به هر هڪ سان نياز ۽ نئڙت سان هلڻ لڳا ۽ پاڙي اوڙي جا توڙي ڳوٺ جا سمورا ماڻهو شنجي ۽ سندس ماءُ جي عزت ڪرڻ لڳا.
    شنجيءَ جادوءَ جي چاکڙين کي هڪ شيشي جي باڪس ٺهرائي ان ۾ رکيو. ڪيترا دفعا ائين به ٿيو ته هو هن پيتيءَ جا شيشا صاف ڪري رهيو هو ته هن کي اهو ٿلهو ۽ گدلو ڪينئون نظر آيو جيڪو باڪس جي ٻاهرين پاسي جي شيشي تي سُري اندر چاکڙين وٽ وڃڻ جي جستجو ۾ رهيو ٿي. شنجيءَ اُن کي هر دفعي آرام سان کڻي ٻاهر باغ ۾ ڦِٽو ڪيو ٿي.
    ***


    (10) پيچ تائلو جي آکاڻي

    جپان جي هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ يوڪيو نالي هڪ پوڙهي مرد ۽ سندس ڪراڙي زال ميئڪو، شادي واري رات کان وٺي اها ئي دعا گهري ته شل هنن کي به ڪو ٻار ٿئي ته هو به پنهنجي واندڪائي جون گهڙيون هُن سان دل وندرائي سگهن. بهرحال هاڻ ته هو اها ٻار ڄڻڻ واري وهي به ٽپي ويا هئا تڏهن به هو اميدون رکندا آيا ته شايد ڪنهن ڏينهن کين به ٻار ٿي پوي.
    هڪ ڏينهن ميئڪو درياهه جي ڪناري تي ڪپڙا ڌوئي رهي هئي ته هڪ وڏو بادام (جنهن کي اڙدو ۾ آڙو ۽ انگريزي ۾ Peach سڏجي ٿو ۽ ان ئي نالي ”پِيچ“ سان جپان ۾ به مشهور آهي) آهستي آهستي ترندو هن جي ڀرسان اچي بيٺو. ميئڪو کي اهو ڏسي ڏاڍي حيرت ۽ خوشي ٿي جو بادام هن کي بيحد پسند هئا. ۽ هن کي ان ڳالهه تي به حيرت ٿي ته هن ڪڏهن به ايڏو وڏو بادام پنهنجي زندگيءَ ۾ نه ڏٺو هو. هن پنهنجي منهن مرڪندي هن بادام کي کڻي پنهنجي ڇٻڙيءَ ۾ وڌو. اهو ڪافي ڳرو هو پر هوءَ هن کي آهستي آهستي ڍوئي گهر تائين پهتي.
    ميئڪو جڏهن اهو فروٽ پنهنجي مڙس يوڪيو کي ڏيکاريو ته هن به اِهوئي فيصلو ڪيو ته هن ميوي جون ڦارون ڦارون ڪري پاڻ به کائجي ته پاڙي وارن کي به ڏجي. ۽ پوءِ جڏهن هو هن کي ڇريءَ سان ڪٽڻ وارا هئا ته هي بادام پاڻهي ٽڙڪي ٻه اڌ ٿي پيو ۽ منجهائس هڪ گول مٽول، ڳاڙهو ڳٽول ٻار نڪري آيو.
    ”ڇا ته سهڻو ۽ سدورو لڳي رهيو آهي!“ ميئڪو ٻار کي اغون اغون ڪندي ۽ مرڪندي ڏٺو ته پنهنجي مڙس يوڪيو کي چيو. ”لڳي ٿو ته هي ٻار اسان کي ديوتائن طرف تحفي ۾ مليو آهي“. جواب ۾ يوڪيو خوشيءَ مان ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪئي ۽ هنن ٻنهي گڏجي هن ٻار تي ”پيچ تائلو“ نالو رکيو.
    پِيچ تائلو وقت سان گڏ وڏو ٿي هڪ خوبصورت ۽ مضبوط جسم جو نوجوان ٿي پيو. هن کي ان ڳالهه سخت پريشان ڪري رکيو هو ته ڀر واري ڳوٺ ۾ رهندڙ شيطانن هن ڳوٺ جي ماڻهو کي اچي تنگ ٿي ڪيو جنهن ڪري ڪيترا ماڻهو گهر ڇڏي رهيا هئا. ڪيترن جي فصلن کي هنن ساڙي ڇڏيو هو ان ڪري هن جي ڳوٺ جا رهواسي خوف جي زندگي گذاري رهيا هئا.
    ”منهنجي ڳوٺ جي ماڻهن ڪافي تڪليفون سَٺيون آهن. مون کي هنن شيطانن کي هيڏانهن اچڻ کان روڪڻ کپي جيڪي منهنجي ڳوٺ جي ماڻهن کي مصيبتن ۾ مبتلا ڪن ٿا“. پيچ تائلو پنهنجي ماءُ پيءُ کي چيو. يوڪيو ۽ ميئڪو پنهنجي پٽ جي ڳالهه غور سان ٻڌڻ بعد هن کي هن جي سوچيل مهم تي روانو ڪيو. والدين جي دعائن سان پيچ تائلو شيطانن جي ٻيٽ ڏي روانو ٿيو. هن پاڻ سان پنهنجي پيءُ طرفان مليل تکو خنجر ۽ ماءُ جا ٺهيل خوشبوءِ وارا چانورن جا ڪيڪ پڻ کنيا. ٿورو ئي اڳتي هليو ته هن کي هڪ ڪتو ۽ پوڙهي مور جهڙو فِيزنٽ پکي مليو. اهي ٻئي ٿڪل ۽ بکايل نظر اچي رهيا هئا. پيچ تائلو پنهنجي ٿيلهي مان ٻه ڪيڪ ڪڍي هنن کي کارايا. هنن جيئن ئي کاڌا ته هنن جي جسم ۾ ازخود غيبي طاقت اچي وئي ۽ هو به پيچ تائلو سان گڏ سفر تي روانا ٿيا. اڳتي هلي هنن کي هڪ باندر نظر آيو. اهو به بک ۾ پاهه ٿي رهيو هو. پيچ تائلو هڪ ٻيو ڪيڪ ڪڍي هن باندر حوالي ڪيو جنهن کي کائڻ سان هن جي ڪمزور جسم ۾ به طاقت اچي وئي.
    ”لڳي ٿو ته تنهنجي قسمت ۾ به مون سان گڏ هلڻ آهي“. پيچ تائلو باندر کي چيو ۽ هي سڀ اڳتي جي سفر لاءِ وڌيا. جيئن ئي چار نوان دوست شيطانن جي ٻيٽ ويجهو پهتا ته شيطان هنن جي چوڌاري ڦري آيا.
    ”نوجوان تون پنهنجو پاڻ کي سمجهين ڇا ٿو ۽ تون ڪيڏانهن وڃڻ جو سوچي رهيو آهين“، شيطانن جي ليڊر هن کان پڇيو، ”اسان توتي پنهنجو ڳوٺ ڇڏڻ کان وٺي نظر رکيو ويٺا آهيون. ائين ٿو لڳي ته تون اسان جي ٻيٽ تي اچڻ جو ارادو رکين ٿو. تنهنجو وقت بچائڻ خاطر اسان پاڻ توسان اڌ رستي تي ملڻ جو فيصلو ڪيو آهي“.
    پِيچ تائلو شيطانن جي ليڊر کي ٽيڏي اک سان ڏسندي چيو ”آئون توسان مقابلو ڪرڻ لاءِ توکي للڪارڻ آيو آهيان. جيڪڏهن تو کٽيو ته آئون تنهنجو سڄي عمر غلام ٿي رهندس. پر جيڪڏهن تو هارايو ته پوءِ توکي وعدو ڪرڻو پوندو ته تون ڪڏهن به اسان جي ڳوٺ جي ماڻهن کي تنگ ڪرڻ لاءِ پنهنجن شيطانن کي نه موڪليندين“.
    ”منهنجي خيال ۾ مون لاءِ هيءَ لڙائي سڀ کان آسان ثابت ٿيندي“. شيطانن جي ليڊر سخت نفرت ۽ چڙ مان چيو ۽ ان سان گڏ هن بنا اطلاع جي پيچ تائلو تي حملو ڪيو جنهن جي جواب ۾ پيچ تائلو اهڙو ته جانٽو هنيس جو شيطانن جو ليڊر منهن ڀر زمين تي وڃي ڦهڪو ڪيو. چوڌاري بيٺل شيطانن کان ڇَرڪ نڪري ويو. پيچ تائلو جي حڪم تي فيزئنٽ پکي هن کي ٺونگا هڻڻ لڳو ته باندر ڪن پٽڻ لڳس ۽ ڪتو زور زور سان ڀونڪڻ لڳو. جانورن ايڏي ته افراتفري مچائي جو شيطان منجهي پيا ته هي ڇا ٿي رهيو آهي! پيچ تائلو يڪدم شيطانن جي ليڊر کان هٿيار کسي کيس آڻ مڃڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو.
    ”او نوجوان! ڪجهه رحم ڪر“ شيطانن جي ليڊر هٿ ٻڌي چيو، ”آئون توبهن ٿو ڪريان ۽ تنهنجي هر ڳالهه مڃڻ کان علاوه توکي ڪجهه ڳهه ڳٺا به ڏيان ٿو. اهي تون پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن کي وڃي ڏي ۽ اسان شيطان وعدو ٿا ڪريون ته توهان کي هاڻ اسان ڪڏهن به نه ستائينداسين“.
    ”پر جي توهان ان وعدي کي نه پاريو ته آئون وري موٽي ايندس ۽ هڪ هڪ شيطان جي اچي خبر وٺندس“ پيچ تائلو شيطانن ڏي چوڌاري نظر ڦيريندي ڪاوڙ مان چيو. ان بعد هو ڳهه ڳٺا کڻي پنهنجي ڳوٺ ڏي روانو ٿيو.
    ڳوٺ پهچڻ تي سندس ماءُ پيءُ ميئڪو ۽ يوڪيو هن کي زندهه ڏسي بي حد خوش ٿيا. پنهنجي پُٽ جي سوڀ جي خوشي ملهائڻ لاءِ هنن هڪ وڏي جشن جو اعلان ڪيو ۽ پنهنجي ڳوٺ ۽ ڀروارن ڳوٺن جي ماڻهن کي دعوت ڏئي ماني ٽڪي کارائڻ بعد هنن ۾ ڳهه ورهايا.
    ان ڏينهن کان پوءِ شيطان پنهنجي وعدي تي قائم رهيا ۽ وري هنن جي ڳوٺ جو ڀُلجي به رخ نه ڪيائون.
    ***


    (11) سونهري ٻلي

    گهڻو گهڻو اڳ جڏهن جپان جي گاديءَ جو شهر ڪيوٽو هو ته ان شهر جي ڀر واري ڳوٺ ۾ سَبورو نالي هڪ لالچي ڪڙمي رهيو ٿي. هو هر وقت ان سوچ ويچار ۾ هوندو هو ته ڪيئن گهڻي کان گهڻو پئسي وارو ٿجي. سَبورو کي ٽي ڌيئون هيون جن مان ٻه ننڍيون ”سَيئڪو“ ۽ ”سُڪِيڪو“ جن جي امير گهرن ۾ شادي ٿي هئي. اهي هر سال هن سان ملڻ اينديون هيون ته پاڻ سان قيمتي سوکڙيون کڻي اينديون هيون. پر هن جي وڏي ڌيءَ ”سُڪِي ياڪي“ جنهن جي شادي هڪ غريب هاريءَ جي پٽ يوڪيو سان ٿي هئي اها ويچاري پنهنجي پيءُ لاءِ تحفي ۾ فقط ڪاٺين جي ڀَري کڻي ايندي هئي جيڪي ڪاٺِيون هڪ ڏينهن اڳ سندس مڙس يوڪيو جهنگ مان ڪٽي ايندو هو. جنهن ٻنيءَ تي سَبورو هارپو ڪيو ٿي ان جي ڀرواري ٻنيءَ تي يوڪيو ۽ سندس پيءُ مزوري ڪئي ٿي.
    هن دفعي به جڏهن سَبورو جو جنم ڏينهن آيو ته سبورو هميشه وانگر ورانڊي ۾ ڪرسي تي ويهي مهمانن جي آڌر ڀاءُ ڪرڻ لڳو.
    پنهنجي ٻن ننڍين ڌيئن ۽ هنن جي مڙسن کي ايندو ڏسي سَبورو جي منهن تي مرڪ اچي وئي. اهي هن لاءِ سوني منڊيءَ کان علاوه، تازي ۽ سڪل ميوي جو خومچو، انڊونيشيا جي ٻيٽن کان امپورٽ ٿيل لونگ، ڦوٽا ۽ بهترين قسم جي چيني سلڪ جو وڳو کڻي آيون هيون. پر پوءِ هن جي چهري تان خوشيءَ جون ليڪون غائب ٿي ويون جڏهن هن پنهنجي وڏي ڌيءَ سُڪي ياڪي ۽ هن جي مڙس يوڪيو کي ايندو ڏٺو. هُو هميشه وانگر هن دفعي به هِن لاءِ ڪاٺين جي ڀَري کڻي آيا هئا.
    جنم ڏينهن جي جشن پوري ٿيڻ بعد سَبوروءَ هميشه ڪاٺين جي ڀريءَ کي اڇلي ڇڏيو ٿي باقي ٻيا سڀ تحفا سنڀالي رکيا ٿي. ان بعد هن ننڍين ڌيئن جي مڙسن سان ملي جلي ڪچهري ڪئي ٿي جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي هن پنهنجي وڏي ڌيءَ جي مڙس يوڪيو جي گلا ڪئي ٿي.
    ان جشن کان ڪجهه ڏينهن پوءِ، يوڪيو سمنڊ جو ڪنارو ڏئي پئي ويو ته هن جي ڪنن تي ڪنهن جي ڪنجهڻ جو آواز پيو. هن پنهنجي مٿي تان ڪاٺين جي ڀري لاهي پٽ تي رکي ۽ سمنڊ ڏي منهن ڪري هٿ ٻڌي چيو: ”اوه سامونڊي شهنشاهه! ههڙي سرد موسم ۾ توکي ضرور ٿڌ لڳي رهي هوندي. منهنجي طرفان ٻارڻ لاءِ هي سڳنڌ ڀري وڻن جي ڪاٺين جي لڏ قبول ڪر ۽ انهن کي ٻاري پنهنجو پاڻ کي ڪجهه گرم رک“.
    اهو چئي يُوڪيو ڪاٺين جي ڀري سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏي. سمنڊ ۾ ڪاٺين جي وڃڻ سان گجگوڙ سان گڏ سخت قسم جا ڪُن پئدا ٿيا ۽ سمنڊ ۾ پئدا ٿيندڙ گجيءَ مان هڪ جل پري قسم جي ناري ٻاهر نڪري آئي ۽ يوڪيو کي مخاطب ٿي چيو:
    ”مهربان دوست! ڪاٺين لاءِ وڏي مهرباني. جي ڪڏهن توکي اعتراض نه هجي ته مهرباني ڪري مون سان گڏ اچ ته آئون توکي ڪجهه دير لاءِ اسان جو محلات ڏيکاريان“.
    يُوڪِيو جيئن ئي هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ته اک ڇنڀ ۾ هو سامونڊي شهنشاهه جي محل اندر پهچي ويو. بادشاه سلامت گرمجوشيءَ سان هن جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ هن جي شان ۾ وڏي دعوت جو بندوست ڪيو جنهن ۾ هر قسم جا کاڌا رکيا ويا. ڪي ته اهڙا ڊش هئا جيڪي يُوڪيو ڪڏهن پهرين نه ڏٺا هئا.
    ”پنهنجي دنيا ۾ موٽڻ کان اڳ مهرباني ڪري منهنجي طرفان هي تحفا قبول ڪر“، سامونڊي شهنشاهه يُوڪيو کي چيو، ”پنهنجي چوڌاري جيڪي ڳهه ڳٺا ۽ قيمتي پٿر ڏسين ٿو، انهن مان جيڪي توکي وڻن پاڻ سان کڻي وڃ“.
    ”پر منهنجا سامونڊي سائين! مون کي انهن مان ڪنهن به شيءِ جي ضرورت ناهي“. يُوڪيو عرض ڪيو.
    ”نه. نه. هرگز نه. آئون هنن مان ڪا به شيءِ واپس نه رکندس“، سامونڊي شهنشاهه چيو ۽ پيار سان هن کي سمجهايو، ”منهنجا زميني انسان دوست، ويجهو اچ ۽ مون کي ٻڌاءِ ته توکي ڇا ڇا کپي“.
    يوڪيو محلات جي چوڌاري نظر ڦيرائي ته هڪ ڪنڊ ۾، قيمتي پٿرن مٿان هڪ سونن وارن واري خوبصورت ٻلي ويٺي هئي. هن کي اها ٻلي ڏاڍي پسند آئي.
    ”سرڪار! جيڪڏهن توهان جي دل کي ڳالهه وڻي ته مهرباني ڪري مون کي اها ٻلي کڻي ڏيو. منهنجي زال سُڪي ياڪيءَ کي به ڏاڍي وڻندي“.
    ”منهنجا انساني دوست تو تمام اعليٰ قسم جي شيءِ پسند ڪئي آهي“، بادشاهه سلامت يوڪيو کي چيو، ”هيءَ هڪ خاص قسم جي ٻلي آهي جيڪا سڄي ڏينهن ۾ دال جا فقط ٽي داڻا کائي ٿي. تون ان تي جيڪڏهن عمل ڪندين ۽ ٻليءَ جي سٺي طرح پرگھور لهندين ته هوءَ پورن ڏهن مهينن بعد ٽي سهڻا ٻچا ڄڻيندين. اهي ٽي ٻچا مون وٽ موٽي ايندا ۽ پوءِ تنهنجي قسمت ۽ ڀاڳ کلندو“.
    يوڪيو ٻليءَ سان گڏ گهر موٽيو ۽ پنهنجي زال سُوڪي ياڪيءَ کي سمنڊ جي شهنشاهه سان ملاقات جو احوال ٻڌايو. اها هڪ عجيب ڳالهه هئي پر سوڪي ياڪيءَ کي ٻلي ڏسي ان ڳالهه تي اعتبار اچي ويو جو هن ان قسم جي ٻلي زمين تي ڪنهن وٽ به نه ڏٺي هئي. هو ٻئي ڄڻا ٻليءَ جو خيال رکڻ لڳا ۽ کيس مقرر مقدار ۾ روز کاڌو ڏيڻ لڳا. پورن ڏهن مهينن بعد هن ٽن ٻچن کي جنم ڏنو جيڪي جلد سامونڊي شهنشاهه جي محل ڏي روانا ٿي ويا، باقي ٻلي (ماءُ) هنن وٽ ئي ترسي پئي.
    هڪ ڏينهن يوڪيو ٻليءَ کي پيار مان هٿڙا گهمائي رهيو هو ته هن جي گهاٽن وارن مان هڪ هيرو ڪري پيو. هو سمجهي ويو ته سامونڊي شهنشاهه جي چوڻ مطابق هاڻ هن جو بخت بهتر ٿيڻ لڳو آهي. هن دل ئي دل ۾ شهنشاهه ۽ ٻليءَ جا ٿورا مڃيا.
    ان ڳالهه کي ڪو گهڻو وقت نه گذريو ته سندس سهري سبورو جو جنم ڏينهن اچي ويو. يوڪيو اهو هيرو بازار ۾ هڪ سوناري وٽ وڪڻي پنهنجي گهر لاءِ به ڪيتريون ئي اوچيون اوچيون شيون خريد ڪيون ۽ پنهنجي سهري کي ڄم جي جشن تي ڏيڻ لاءِ پڻ ڪافي ڪجهه ورتو. سبورو کي پنهنجي اکين تي اعتبار نه پئي آيو جڏهن هن ڏٺو ته سندس هن غريب ناٺيءَ هن ڀيري ڪاٺين جي لڏ آڻڻ سان گڏ مختلف شين سان ڀريل خومچو پڻ هن کي پيش ڪيو.
    ڪجهه ڏينهن بعد سَبورو پنهنجي ڌيءَ سُڪي ياڪي ۽ ناٺي يوڪيو جي گهر ويو ۽ هن کان سندس ڀاڳ کلڻ بابت پڇيو. يوڪيوپنهنجي سهري کي الف کان ي تائين سمورو احوال سربستو ٻڌايو جيڪو ٻڌڻ سان سبورو جون حيرت مان اکيون ڦاٽي ويون. هن ٻلي تان اکيون نه هٽائيندي يوڪيو کي چيو:
    ”منهنجا دلبر ناٺي، مهرباني ڪري اها ٻلي مون کي ڏي ته آئون به ڪجهه ڏينهن لاءِ گهر کڻي وڃان. آئون وعدو ٿو ڪريان ته هن کي وقت تي کارائيندس ۽ دل سان سندس خذمت چاڪري ڪندس“.
    يوڪيو ۽ سندس زال سُڪي ياڪيءَ ڪجهه گهڙين لاءِ سوچيو ۽ پوءِ اها سونهري وارن واري ٻلي پنهنجي سهري سَبورو حوالي ڪري ڇڏي. ان ئي رات سبورو ٻليءَ جي خوراڪ لاءِ دال جو وڏو ٿيلهو وٺي آيو.
    ”هاڻ آئون ڪيترن ئي سونهري ٻچن جو مالڪ ٿي ويندس ۽ آئون ڳوٺ جو امير ترين ماڻهو سڏبس“ لالچي سبورو دل ئي دل ۾ سوچيو. هن ٽن بدران گهڻن ٻارن کي ڄڻڻ خاطر ٻليءَ کي ٽن کان وڌيڪ دال جا ڪڻا ڏيڻ لڳو، ۽ ڏينهن ۾ هڪ دفعو ڏيڻ بدران هن کي هر هر کارائڻ لڳو. ايتريقدر جو ٻلي بيزار ٿي ٻئي طرف کڻي ٿي منهن موڙيو. سبورو پنهنجي لالچ ڪري ٻليءَ کي روز مقرر داڻن کان وڌيڪ کارائيندو رهيو. آخر هڪ رات هيءَ ٻلي اهڙي ته گهاٽي ننڊ ۾ هلي وئي جو ٻئي ڏينهن صبح جو اٿي نه سگهي.
    سبورو کي جڏهن خبر پئي ته ٻلي مري وئي آهي ته هن کي سخت صدمو رسيو. هن انهن پيرن سان پنهنجي ڌيءَ سُڪي ياڪي ۽ ناٺي يوڪيو جي گهر پهچي هنن کي اها ڏک جي خبر ٻڌائي.
    ”مون کي سخت افسوس آهي“، سبورو چيو، ”۽ حيرت پڻ ته ٻليءَ کي ڇا ٿيو. ٿي سگهي ٿو هن غريب ٻليءَ کي منهنجو گهر پسند نه آيو“.
    يوڪيو ۽ سندس زال سُڪي يوڪيءَ هن سونهري وارن واري ٻليءَ کي، پنهنجي اڱڻ ۾ ئي کڏ کوٽي دفن ڪري ڇڏيو. هنن کي سخت ڏک هو ته هنن کان سندن پياري شيءِ جدا ٿي وئي جنهن جي ڪري هنن جي هاڻ خوشحالي ٿي رهي هئي.
    رات گذري صبح ٿيڻ تي يوڪيو ۽ سُڪي يوڪيءَ کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته جنهن جاءِ تي هنن ٻليءَ کي دفن ڪيو هو اتي هڪ سهڻو ۽ وڏو وڻ ڦٽي ويو آهي. يوڪيو جيئن ئي هن وڻ جي ٽارين تي هٿ لاٿو ته هن مان زمرد، ربيون ۽ ٻيا هيرا جواهر ڇڻڻ لڳا.
    سُڪي ياڪي ۽ هن جي مڙس يوڪيو جو وات ڦاٽي ويو. هنن کي پنهنجي اکين تي اعتبار نه پئي آيو. هنن جي دلين جي گهراين مان سامونڊي شهنشاهه جي لاءِ دعائون نڪرڻ لڳيون جنهن هنن کي هيڏي قيمتي ٻلي ڏني. ۽ اها ٻلي هن غريب زال مڙس تي ايڏي ته مهربان رهي جو مرڻ کان پوءِ به هنن جي سک لاءِ ههڙن قيمتي تحفن جو بندوبست ڪري رهي آهي.
    ان ڏينهن کان پوءِ هي زال مڙس سک جي زندگي ضرور گذارڻ لڳا پر عياشيءَ جي هرگز نه ڇو جو هيرن موتين جي وڪري مان هنن کي جيڪا دولت ملي ٿي ان جي وڏي حصي مان هنن کاڌو خوراڪ ۽ ڪپڙا وٺي سڄي ڳوٺ جي ماڻهن جي مدد ڪئي ٿي ۽ سياري جي موسم ۾ جڏهن اتر کان لڳندڙ ٿڌيون هوائون سڀني کي ڏڪائي رکنديون هيون ته هي ٻئي زال مڙس يوڪيو ۽ سُڪي ياڪي هڪ ڪاٺين جي ڀري سامونڊي شهنشاهه جي خذمت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ سمنڊ ۾ اڇلي ايندا هئا ۽ پنهنجي سهري سبورو جي جنم ڏينهن تي به هو ساڳيو پراڻو تحفو ڪاٺين جي ڀَري ڏئي آيا ٿي.
    ***


    (12) باندر ۽ کيکڙو

    هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته جپان جي ڪنهن ڏورانهين ڳوٺ ۾ هڪ کيکڙو ماءُ رهي ٿي هن کي ڏاڍي اچي بک لڳي.
    ”جيڪڏهن آئون نه کائينديس ته منهنجي پيٽ ۾ جيڪي ٻچا آهن اهي وڏا نه ٿيندا. منهنجي لاءِ ضروري آهي ته آئون کاڌي جي ڳولا لاءِ نڪري پوان“.
    هوءَ هيڏانهن هوڏانهن کاڌي لاءِ واجهائي رهي هئي ته هن کي هڪ نالائق قسم جو ڀولڙو نظر آيو جيڪو ٻن نارنگين سان کيڏي رهيو هو. ڀريل ۽ تازين نارنگين کي ڏسي کيکڙي جو وات پاڻي ٿيو ۽ هن سڪڻين اکين سان نارنگين کي ڏٺو.
    ”توکي کپن؟ واهه جون اٿئي“. ڀولڙي کيکڙي کان پڇيو.
    اهو ٻڌي کيکڙي کي ڏاڍي خوشي ٿي. هن کي اها ئي پڪ ٿي ته هي باندر هن کي ٻه نه ته هڪ نارنگي ته ضرور ڏيندو. پر ڀولڙي اهي ٻئي نارنگيون کائي هن ڏي فقط کلون اڇلايون.
    ”اچي وٺ. تون هي کلون کائي خوش ٿي“. ڀولڙي چيو.
    ”هي باندر ڪيڏو ذليل چئبو.“ کيکڙي سوچيو.
    ”هاهاها! کاءُ کاءُ. تمام گهڻو مزو ايندءِ!“ ڀولڙو کيکڙي کي سڪائي خوش ٿيڻ لڳو.
    کيکڙو مجبور ٿي کاڌي جي ڳولا لاءِ اڳتي وڌيو.
    ۽ پوءِ، اوچتو هن جي نظر ڀت مان ٺهيل هڪ وڏي بال تي پيئي جيڪو سامهون رستي تي پيو هو.
    پر پريان ويٺل ڀولڙي جي به ان تي نظر پئجي وئي.
    ”پهرين هن کي مون ڏٺو!“ کيکڙي ڀت کي چهٽندي چيو، ”هي ڀت منهنجو ئي ٿيندو“.
    ڀولڙي کيکڙي جي ويجهو پهچي کيکڙي تي چٿر ڪرڻ خاطر ٽهڪ ڏنو. ”هاهاها! اهو ڀت مون کي ڏيندين يا نه؟“
    ”نه! اهو منهنجو ٿيو. ان تي منهنجو حق آهي“. کيکڙي چيو.
    ”ان حالت ۾ مسز کيکڙو اچو ته هڪ سودو ڪيون. اهو ڀت منهنجي حوالي ڪر ته ان جي بدلي ۾ آئون توکي نارنگيءَ جو ٻج ڏيان“.
    ”آئون ان قسم جي شيءِ ڪيئن ٿو کائي سگهان!“ کيکڙي ڪاوڙ مان چيو.
    ”پر جيڪڏهن تون انهيءَ کي زمين ۾ پوکيندين“، چالباز ڀولڙي چيو، ”ته نارنگين جو وڻ ڦٽي پوندو جنهن ۾ ڪيتريون ئي نارنگيون نڪري اينديون... تمام مٺيون مٺيون ڳاڙهيون ڳاڙهيون! ۽ ايتريون نڪرنديون جو تون سڄو سال ويٺو کائجانءِ. پر جي تون هي ڀت جو بال کائيندين ته اهو هڪ دفعو کائڻ سان ئي ختم ٿي ويندو. آئي ڳالهه سمجهه ۾؟“
    اهو چئي ڀولڙي نارنگيءَ جو ٻج کيکڙي اڳيان اڇليو ۽ هن کان ڀت جو بال ڦرائي کائڻ لڳو.
    ”اون! ڇا ته مزو آهي. ڪيڏو ته سٺو ڀت رڌل آهي!“
    کيکڙي ڪاوڙ مان ڀولڙي کي گهوري ڏٺو. نارنگيون نه ملڻ ۽ ڀت کسجي وڃڻ جو هن کي ايڏو ته ڏک ٿيو جو هن جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.
    هاڻ هو ڇا ڪري. کڻي هي ٻج ئي پَوکجن. کيکڙي سوچيو. ڪيترن ڏينهن کان ڪجهه کائڻ لاءِ نه ملڻ ڪري کيکڙو تمام گهڻو ڪمزور ٿي پيو هو پر هن مڙيئي جيڪا ڪجهه همت هيس تنهن کان ڪم وٺي زمين ۾ کڏ کوٽي ان ۾ نارنگيءَ جو ٻج وجهي مٿان مٽي ورائي ڇڏي. ۽ پوءِ زمين ڏي ڏسي هن دعا ڪئي.
    ”ڦٽي وڃ ٻج..... ڦٽي وڃ هينئر جو هينئر!
    ۽ جيڪڏهن نه ڦٽندين ته آئون توکي ننهن سان ٻه اڌ ڪري ڇڏيندس“.
    اعتبار ڪريو هن جو ائين چوڻ ۽ زمين مان سلو ٻاهر نڪرڻ.
    ”جلدي وڻ ٿي وڃ، نارنگيءَ جا سلا
    جي نه ٿيندين ته آئون چهنڊڙي هڻي ٻه اڌ ڪري ڇڏيندوسانءِ“.
    کيکڙو پنهنجين ڪپڻ وارين ٽنگن سان پاڻيءَ جي بالٽي ڀري ان سلي کي ڏيندو ويو.
    ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي سندس اکين اڳيان اهو سلو وڌي وڻ ٿي ويو.
    ”نارنگين جا وڻ هاڻ جو هاڻ ميوو ڏي
    نه ته آئون توکي ٻه ٽڪر ڪري ڇڏيندس“. کيکڙي چيو.
    ائين لڳو ڄڻ وڻ کي ڪن هجن ۽ هو کيکڙي جي سڄي ڳالهه ٻڌي رهيو هجي. ڇو جو جيئن ئي کيکڙي ڳالهه ڪري بس ڪئي ته وڻ جون سڀ ٽاريون نارنگين سان ڀرجي ويون پهرين اهي سائي رنگ جون نظر آيون پر پوءِ هڪ ٻئي پويان ويون سڀ ڳاڙهيون ٿينديون. ۽ منجهائن اهڙي ته سٺي خوشبوءِ اچڻ لڳي جو کيکڙي جهڙو بکايل ته ڇا هڪ پيٽ ڀريل به کائڻ کان صبر ڪري نه سگهي.
    بهرحال کيکڙي جي محنت رنگ لاٿو. ”هي هاڻ کائڻ لاءِ بلڪل تيار آهن“ کيکڙي چيو ۽ هو وڻ تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
    پر افسوس جو نارنگيون ته وڻ ۾ موجود هيون پر هن جو اتي پهچڻ محال هو. هڪ کيکڙو سمنڊ ۽ خشڪيءَ تي ته هلي سگهي ٿو پر وڻ تي چڙهي نٿو سگهي.
    ۽ پوءِ ان وقت ڪير اچي اتان نڪتو؟ اهو ئي ساڳيو ڪمينو ڀولڙو!
    کيکڙو ڊپ ۽ ڪاوڙ مان ڳاڙهو ٿي ويو ۽ ڀولڙي کي چيو:
    ”تو منهنجو ڀت کائي ڇڏيو هاڻ نارنگين جو هي وڻ منهنجو آهي. هن کي پوکڻ تي محنت مون ڪئي آهي“.
    ”پر ان مان نارنگيون تون ڪيئن پٽي سگهندين؟“ ڀولڙي چيو ۽ وڻ تي چڙهڻ لڳو.
    ”بس هاڻ اهو ڪم مون تي ڇڏي ڏي. آئون تولاءِ به ٿو پٽي اچان“. ڀولڙي چيو ۽ پوءِ پڪل نارنگيون پٽي کائڻ لڳو. هن کيکڙي کي ڏيڻ بدران رڳو وات سان چوندو رهيو:
    ”موڪليان ٿو. موڪليان ٿو. ٿورو ترس. ٿورو صبر ڪر“.
    ۽ وري ٻي نارنگي به پٽي پاڻ کائڻ لڳو. کائڻ بعد کيکڙي ڏي منهن ڪري چيو: ”واهه جون مزيدار نارنگيون آهن. دل خوش ٿي وئي“.
    ڪيڏي ته ڏک جهڙي ڳالهه هئي جو ڀولڙو اڪيلي سر کائي رهيو هو ۽ ويچاري کيکڙي کان وڻ تي نٿي چڙهيو ٿيو.
    ”مهرباني ڪري منهنجي لاءِ به ته هڪ نارنگي پٽ. آئون ڪيترن ڏينهن کان بکايل آهيان.....“ کيکڙي ڀولڙي کي چيو.
    ڀولڙي هن ڏي نفرت مان نهاري چيو: ”چڱو چڱو. هاڻ گهڻو ئي ٿيو. بکايل آهين ته آئون ڇا ڪريان. توکان ته وڻ تي به نٿو چڙهيو ٿئي“.
    ”تڏهن ته آئون توکي منٿون ڪري رهيو آهيان ته گهڻيون نه ته ڀلا ڪجهه نارنگيون ته موڪل“ کيکڙي چيو.
    ”چڱو ڀلا تولاءِ هڪ پٽيان ٿو“.
    ۽ پوءِ ڀولڙي چونڊي چونڊي اها نارنگي پٽي جيڪا اڃان ڪچي هئي يعني جيڪا سائي ۽ سخت هئي، ۽ پوءِ کيکڙي ڏي زور سان اڇلائي. پٿر جهڙي سخت نارنگي کيکڙي کي لڳڻ سان هن کي زخم ٿي پيو ۽ سندس پيٽ جي کل ٽڙڪي پئي. ڇا ته ڪميني قسم جو ڀولڙو هو!.
    کيکڙي جي کل ڀڄڻ ڪري هن جي پيٽ ۾ موجود ٽي ننڍڙا کيکڙا ٻاهر نڪري آيا.
    ڀولڙو جڏهن کائي کائي ٿڪو ته پوءِ وڻ تان هيٺ لهي ٻيو پاسو وٺي ائين هليو ويو ڄڻ سندس وڻ هجي ۽ ڄڻ ته هن کي کيکڙي کي زخمي ڪرڻ جي خبر ئي نه هجي.
    ڪجهه ڏينهن بعد هي کيکڙو ماءُ زخمن جو تاب نه جهلي مري ويو ۽ سندس ننڍڙا ٽي کيکڙا ٻچا ڪڏهن بک ۾ ته ڪڏهن ڍءَ ۾ وقت گذاري وڏا ٿيندا رهيا.
    ”جيڪا ڪجهه هن ذليل باندر اسان جي ماءُ سان جٺ ڪئي اها اسان هرگز نه وسارينداسين“. هنن هڪ ٻئي سان وعدو ڪيو. هو پنهنجي جياپي ۽ بچاءَ خاطر هر وقت هڪ ٻئي سان گڏ رهيا ٿي.
    هڪ ڏينهن جڏهن کيکڙي جا ٻچا چڱا وڏا ٿيا ته هنن ذليل ڀولڙي کان بدلو وٺڻ لاءِ تيار ٿي هن جي گهر ڏي نڪتا. رستي تي هنن کي اخروٽ مليو.
    ”ننڍڙا کيکڙو خير ته آهي؟ اڄ صبح ساڻ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟“ هن پڇيو.
    ”اسان پنهنجي کيکڙو ماءُ جو بدلو ڪميني باندر کان وٺڻ لاءِ وڃي رهيا آهيون“. هنن ٻڌايو.
    ”توهان ته واهه جي ڳالهه ڪئي. ان ڪميني ته مون کي به ڏاڍو تپايو آهي. آئون به توهان سان گڏ هلان ٿو“.
    ”اهو ته پاڻ سٺو“.
    اڳتي هليا ته هنن کي ماکيءَ جي مک ملي. هن کي به جڏهن خبر پيئي ته هوءَ به هنن سان شامل ٿي وئي جو هن کي به ڀولڙي سان سخت شڪايت هئي.
    اهڙي طرح جهنگ جون ٻيون به ڪيتريون ئي شيون ڀولڙي کان بدلو وٺڻ لاءِ هنن سان شامل ٿي ويون ۽ ڀولڙي جي گهر اچي پهتا.
    هنن کي خبر هئي ته ڀولڙو سخت اٽڪل باز ۽ بدمعاش آهي بنا سوچ جي سندس گهر ۾ نه گهڙجي. خبر ناهي هو ڪنهن وقت ۽ ڪنهن پاسي کان نڪري اچي. ان ڪري پهرين ماکيءَ جي مک کي موڪليو ويو ته هن جي گهر مٿان ۽ چوڌاري اڏامي اهو معلوم ڪري اچي ته ڀولڙو ڪٿي آهي.
    ماکيءَ جي مک جاسوسي ڪري اچي کين ٻڌايو ته گهر ۾ ڪير ڪونهي لڳي ٿو ڀولڙو اڃان دير سان موٽي.
    ڀولڙي جي غير موجودگيءَ جو فائدو وٺي هو سڀ سندس گهر ۾ گهڙي پيا ۽ ڀولڙي تي حملو ڪرڻ جي رٿ سوچڻ لڳا.
    اخروٽ چيو ته آئون ٻرندڙ باهه وٽ وڃي ٿو وهان. ڀولڙو سيءَ مان جيئن گهر ۾ ايندو ته پهرين هو پڪ باهه تي اچي هٿ سيڪيندو. ۽ جيئن ئي هٿ سيڪيندو ته آئون ٺڪاءُ ڏئي بم گولي وانگر ڦاٽي پوندس ۽ سندس منهن ۾ وڃي لڳندس.
    ماکيءَ جي مک چيو ته آئون پاڻيءَ جي ڊم وٽ ٿي لڪي وهان جيئن ئي اخروٽ ڦاٽندو ۽ ڀولڙي کي منهن ۾ لڳندو ته هو پاڻيءَ لاءِ هيڏانهن ڊم ڏي ڀڄندو ۽ پوءِ آئون کيس ٺڪاءِ ڏنگ ڪرائينديس. ۽ پوءِ تيسين هي حال افعال وڃائي اڌ مئو ٿي ويندو ۽ توهان هن کي موچڙا هڻن شروع ڪري ڏجو.
    ”اسين ته پنهنجين ڪئنچين جهڙين ٽنگن سان هن جا ڪن ڪپينداسين“. ٽنهي کيکڙن چيو.
    اهڙي طرح هو ڀولڙي جو انتظار ڪرڻ لڳا پر ٺڳ ڀولڙي جو نه هي پتو نه هو پتو. آڌي رات ٿي وئي پر ڀولڙي جي خبر نه پيئي. پر هي به انتظار ڪندا رهيا.
    آخر صبح ٿيڻ کان ڪجهه دير اڳ سيٽيون وڄائيندو ڀولڙو گهر ۾ داخل ٿيو ۽ سڌو اچي باهه اڳيان ويٺو.
    ۽ پوءِ اڃان ويٺو ئي مس ته باهه وٽ سخت گرم ٿيل اخروٽ ڦاٽي پيو ۽ هن جا گرم پڙ ڀولڙي جي منهن کي وڃي لڳا. ڀولڙي جو منهن جيئن ئي سڙيو ته هو پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻڻ لاءِ ڊم ڏي ڀڳو. پر پاڻي هڻي سڙيل منهن کي ٿڌو ڪري ان کان اڳ ماکيءَ جي مک اک ۾ کڻي ڏنگ هنيس.
    ڏنگ لڳڻ سان ڀولڙي جون وايون بتال ٿي ويون ۽ ڊپ ۾ هن ايڏو وٺي مٿي ٽپ ڏنو جو هيٺ ڪرڻ سان سندس ٻه ٽنگون ڀڄي پيون ۽ هو هلڻ کان هلاڪ ٿي پيو ۽ پوءِ ته سڀني کي کيس موچڙا هڻڻ جو وارو ملي ويو. ڪنهن ڪا جٺ ڪيس ته ڪنهن ڪا جٺ.
    ان واقعي کان پوءِ اهو ڀولڙو وري ان جهنگل ۾ ڪڏهن به نظر نه آيو. ڪنهن جانور اهو ئي چيو ته شايد مري ويو هجي ۽ سندس لاش کي ڳجهين کائي ڇڏيو هجي. پر ٻي جهنگل کان آيل هڪ سهي ٻڌايو ته ڪجهه عرصي کان سندن جهنگل ۾ هڪ ڪنن ڪتريل ۽ ڀڳل ٽنگن وارو ڀولڙو اچي رهيو آهي جيڪو ڪنهن کي تنگ ڪرڻ بدران جيترو پڄيس ٿو ته ٻئي جي مدد ڪري ٿو.
    ***


    (13) بانس ڪپڻ واري جي ڪهاڻي

    جپان ۾ بانس ڏاڍو ٿئي ٿو. اُهي سنهين تيلين وانگر ڦٽن ۽ وڃن ڊگها لڪڻ ٿيندا. وچ ۾ پَورو هجڻ ڪري به بانس هلڪو ٿئي ٿو ۽ مضبوط هجڻ ڪري گهر ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿو. ان کان علاوه بانس کي چيري سنهين تيلين مان رانديڪا پڻ ٺاهيا وڃن ٿا ته گهر جو فرنيچر پڻ جو بانس لچڪدار هجڻ ڪري موڙي پڻ سگهجي ٿو. پاڻ وٽ لغڙ ۾ جيڪي سنهيون ڪمانيون لڳايون وڃن ٿيون اهي پڻ بانس جون آهن. پاڪستان ۾ بانس ڏور اوڀر جي ويجهن ملڪن: ٿائلينڊ، ڪمبوڊيا، برما ۽ بنگلاديش مان گهرايو وڃي ٿو. بانس جپان مان به گهرائي سگهجي ٿو پر جپان پاڪستان کان گهڻو پري هجڻ ڪري پاڻي واري جهاز توڙي هوائي جهاز ۾ ان جي کڻائيءَ جو ڀاڙو گهڻو ٿيندو ۽ اسان کي بانس جو هر هڪ ڏنڊو مهانگو پوندو. بانس کي انگريزيءَ ۾ بئمبو (Bamboo) چون ۽ جپانيءَ ۾ تاڪي TAKE چون. هيءَ هڪ جپاني ”بانس ڪپڻ واري“ (تاڪي توري) جي ڪهاڻي (مونو گاتاري) آهي.
    ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي ته ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ بانس ڪپڻ وارو پنهنجي زال سان گڏ رهيو ٿي.
    هي پوڙهو ماڻهو بانس ڪپڻ وارو ان ڪري مشهور ٿي ويو هو جو هن بانس کي چيري تيليون ڪري ان مان خوبصورت ٽوڪريون ٺاهيون ٿي. ۽ ان ڪم لاءِ هو پاڻ جبل تي وڃي بانس ڪپي آيو ٿي.
    هڪ ڏينهن هو روزمره جي عادت موجب جهنگل مان گذري رهيو هو ته هن کي هڪ تيز روشني نظر آئي. اها چمڪندڙ سون جهڙي روشني هڪ بانس جي گُريءَ مان اچي رهي هئي. پوڙهو اهو ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو. هن کان اڳ هن ڪڏهن به بانس مان ائين روشني ايندي نه ڏٺي هئي. آخر هن ان باس کي ڪپڻ لاءِ چونڊيو. ۽ مار! هو اهو ڏسي وائڙو ٿي ويو ته بانس جي اها گُري جنهن مان روشني اچي رهي هئي ان جي وچ ۾ هڪ بيحد سهڻي ۽ تمام ننڍڙي ڇوڪري ويٺي هئي.
    هن خوشي ۽ حيرت مان ان ڇوڪريءَ کي اتان کڻي پنهنجي هٿ جي تريءَ تي رکيو ۽ وڏي خيال ۽ خبرداريءَ سان هن کي گهر کڻي آيو.
    ”ديوتائن هن کي اسان ڏي شايد ان ڪري موڪليو آهي جو هنن کي خبر آهي ته پاڻ کي ڪو ٻار ٻچو نه آهي“. پوڙهي پنهنجي زال کي ڇوڪري ڏيکاريندي ٻڌايو.
    ”اوه! ڇا ته سهڻي من موهڻي ڇوڪري آهي“. هن جي زال خوشيءَ وچان چيو.
    پوڙهي مڙس ۽ سندس زال سوچي سوچي آخر هن ڇوڪريءَ جو نالو ”ڪاگُويا هِيمي“ رکيو جنهن جي جپانيءَ ۾ معنيٰ چمڪندڙ شهزادي آهي. هنن ٻنهي گڏجي سندن گهر آيل هن نئين مهمان کي وڏي لاڏ ڪوڏ سان پالڻ شروع ڪيو.
    ان ڏينهن کان پوءِ بانس ڪپڻ وارو هي پوڙهو جڏهن به جهنگل مان بانس ڪپڻ ويو ٿي ته هر دفعي هن کي ڪنهن هڪ بانس ۾ روشني نظر آئي ٿي. ۽ جڏهن هن ان بانس کي ڪپيو ٿي ته ڇڻ ڇڻ ڪري منجهانئس سونيون گنيون نڪري آيون ٿي. هر دفعي ايترو ڌن دولت ملڻ ڪري هو جلد ئي شهر جو امير ترين ماڻهو ٿي ويو.
    ٽن مهينن اندر هيءَ گڏيءَ جيڏي وڌي هڪ خوبصورت ڇوڪري ٿي وئي جنهن کي جنهن ڏٺو ٿي ته هن جي سونهن جي واکاڻ ڪرڻ کان نٿي رهي سگهيو.
    هن جي حسن جي هاڪ اڄ هڪ هنڌ سڀان ٻي هنڌ ٿيندي ٿيندي سڄي جپان ۾ پکڙجي وئي ۽ وڏي ڌن دولت ۽ شان شوڪت جا مالڪ پري پري کان پڇائيندا پڇائيندا اچي ان پٽ کان نڪتا ٿي جتي هيءَ حسن جي شهزادي پوڙهي بانس ڪپڻ واري ۽ ان جي زال سان گڏ رهي ٿي. هر هڪ هن خوبصورت ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري ٿي ۽ موٽ ۾ هنن پنهنجي مال ملڪيت جو حصو ڏيڻ جي آڇ ڪئي ٿي.
    پر ڪاگويا جواب ۾ ڪنڌ ڌوڻي هر هڪ کي انڪار ڪندي رهي.
    ”آئون ڪنهن به ماڻهوءَ جي زال ٿي نٿي رهڻ چاهيان“، هن چيو.
    ”آئون توهان وٽ ئي هميشه رهڻ چاهيان ٿي“. هن پوڙهي مڙس ۽ سندس زال کي پنهنجي پڪي پهه کان آگاهه ڪيو.
    پوڙهي بانس ڪپڻ واري شادي لاءِ سڱ گهرڻ وارن کي دل شڪستو ڪرڻ لاءِ هر هڪ کي ڪا اهڙي شيءِ آڻڻ لاءِ چيو ٿي جيڪا هو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهن.
    ”ڪاگُويا جو هٿ آئون ان جي حوالي ڪندس“، هن ڪاگويا جو سڱ گهرڻ وارن کي چيو، ”جيڪو منهنجي مرضيءَ جو تحفو آڻيندو. توهان فلاڻي ڳوٺ جا سردار! توهان سوني وڻ جي ٽاري آڻيو جنهن ۾ چمڪندڙ ميوو هجي. نوجوان! تون اهو جانور آڻي ڏي جنهن جي کل سون جي هجي. ۽ تون ڊگهي قد وارا- تون جي گهوٽ ٿيڻ جا خواب ڏسي رهيو آهين ته هڪ اهڙو وڃڻو هٿ ڪري اچ جو پاڻهي لڳي ۽ رات جي وقت روشن پڻ ٿئي. ۽ تون ازدها نانگ جي اکين جو هار آڻي ڏي.....“
    هن جي ٻڌايل تحفن مان ڪنهن هڪ جو بندوبست ٿيڻ به ناممڪن ڳالهه هو. پوڙهي کي پڪ هئي ته ڇوڪريءَ جو سڱ گهرڻ وارا هڪ هڪ ٿي ڀڄي ويندا.
    پر پوڙهو اچرج ۾ پئجي ويو جڏهن هن ڏٺو ته هڪ نه ٻه پر سڀ جا سڀ تحفن تحافن سان گڏ موٽن پيا.
    هر هڪ اميدوار جو تحفو املهه ماڻڪ ٿي لڳو جيڪو هن دنيا جو ته لڳو ئي ڪو نه ٿي. پوڙهي ماڻهوءَ کي اهو ڏسي چپ لڳي وئي.
    پر پوءِ جڏهن اهي تحفا ڪاگُويا اڳيان رکيا ويا ته هن جي سونهن اڳيان اهي سڀ نقلي ثابت ٿيا.
    وقت گذرندو ويو تان جو اٺين مهيني جي چوڏهين تاريخ اچي مٿان پهتي. جيئن جيئن چنڊ جي روشني وڌندي وئي ڇوڪري وئي ٿي غمگين ٿيندي جيڪا ڳالهه سندس اکين مان بلڪل نمايان لڳي رهي هئي.
    بانس ڪپڻ وارو پوڙهو مڙس ۽ سندس زال ڪاگويا جي اکين ۾ ڳوڙها ڏسي ڏاڍو پريشان ٿي ويا آخر هنن ڇوڪريءَ کان پڇيو ته ٻچا ڇا ڳالهه آهي جو تون اڄڪلهه اداس رهين ٿي؟.
    ”ڪاگويا، تون چنڊ ڏي ڏسي ڇو هنجون هاريندي رهين ٿي؟“.
    ڪاگويا پنهنجو منهن پوڙهي عورت جي جهوليءَ ۾ وجهي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي.
    ”آئون توهان کي ڇڏڻ نٿي چاهيان. توهان سان سڄي عمر گڏ گذارڻ چاهيان ٿي پر توهان کي ڪيئن سمجهايان ته آئون مجبور آهيان. آئون چنڊ جي مخلوق آهيان. اتي جي هڪ شهر جي رهواسي آهيان. مون کي هر حال ۾ چنڊ ڏي موٽڻو پوندو“.
    اهو ٻڌي پوڙهي مڙس ۽ سندس زال جا طاق لڳي ويا.
    ”چنڊ جي هڪ شهر جي-؟“
    ”هائو. اسان چنڊ جي ٻارن لاءِ جوان ٿيڻ تي چنڊ تي واپس وڃڻ ضروري آهي“.
    ”پر ڪڏهن؟“
    ”هن اٺين مهيني جي پنڌرهين تاريخ.....“
    ”پنڌرهين تاريخ!“ پوڙهي مڙس روئندي چيو، ”پر اها تاريخ ته سڀاڻي آهي. تون اسان جي ننڍڙي ڇوڪري آهين آئون ڪيئن چاهيندس ته ڪو توکي اسان کان جدا ڪري“. پوڙهو مڙس ۽ سندس زال ڪا دير ڪاگويا کي ڀاڪر پائي روئندا رهيا“.
    پنڌرهين تاريخ آخر اچي وئي. بانس ڪپڻ واري پوڙهي پنهنجي پَر ۾ ڪاگويا کي بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي. هن ”سمورائي“ پهلوانن جي فوج کي پنهنجي گهر جي چوڌاري ۽ مٿان پهري تي بيهاري ڇڏيو. هو تير ڪمانون جهلي هوشيار ۽ خبردار ٿي ويا ته ڪاگويا کي کڻڻ لاءِ چنڊ جا ماڻهو جيئن ئي اچن ته انهن کي ڀڄائي ڪڍجي.
    چنڊ اوڀر کان مٿي ٿيندو ٿيندو آسمان جي وچ تائين اچي پهتو. سمورائي پهلوان پنهنجا تير ڪشي ڇوڙڻ لاءِ تيار ٿي بيٺا. هنن جي تيرن جو منهن چنڊ ڏي هو. پوڙهو مڙس ۽ سندس زال ڪاگويا کي پاڻ سان وٺي سڀ کان آخر واري ڪوٺيءَ ۾ وڃي لڪيا.
    هاڻ پنڌرهين تاريخ جو پورو چنڊ پنهنجي زور شور سان چمڪي رهيو هو. هن جي روشني سڄي ڌرتيءَ تي نور پکيڙي رهي هئي. ايتري ۾ بيحد تک روشنيءَ جو گول ڇلو سمورائي پهلوانن جي فوج تي پيو. هڪ فوجيءَ تڙ تڪڙ ۾ پنهنجو تير ڇوڙي ورتو.
    تير چنڊ ڏي وڌي ڪنهن لانگهائو ڪڪر ۾ گم ٿي ويو. چنڊ مان نڪرندڙ هن تکي روشنيءَ جي ڇلي کي جيڪو جيڪو پهلوان ڏسندو ويو هن کي گهيرٽ ايندو ويو. هڪ هڪ بيهوش ٿي اتي ئي ڪرندو ويو. ڏسندي ئي ڏسندي سڀ سمورائي پهلوان پنهنجين پنهنجين جاين تي ڍيري ٿيندا ويا.
    هاڻ ان روشنيءَ جي ڇلي ذريعي چنڊ مان ٻه خذمتگار عورتون ظاهر ٿيون ۽ هو پرن واري گهوڙي ذريعي ڌرتيءَ تي لهڻ لڳيون.
    اندرين ڪوٺيءَ ۾ پوڙهي مڙس ۽ ان جي زال سان گڏ ويٺل ڪاگو يا پيرن ڀر اٿي بيٺي ڄڻ کيس بيهارڻ لاءِ ڪنهن چقمق کڻي ڇڪيو هجي.
    پوڙهو مڙس ۽ عورت هن کي ترسائڻ لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيا.
    ”مون کي پالي وڏو ڪرڻ وارائو منهنجي طرفان هي تحفو قبول ڪريو،“ هن هڪ ٿيلهي پوڙهي مڙس جي اڳيان رکندي چيو. ”هن ۾ اها شيءِ آهي جنهن جي کائڻ سان توهان سدائين جيئرا رهندائو“.
    پوڙهي مڙس ۽ زال ڪاگويا ڏي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٻئي ٿاٻڙجي ڪري پيا.
    ”اسانجا ٻچا ڪاگُويا ڇا تنهنجي لاءِ وڃڻ ضروري آهي. ڪاگويا! ڪاگويا! ۽ جيڪڏهن تو وڃڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي ته اسان کي به پاڻ سان وٺي هل“.
    در جي ٻاهران اچي بيٺل گهوڙي گاڏيءَ ۾ ڪاگويا چڙهي ويٺي هي سڀ ڪجهه سندن اکين اڳيان ٿيندو رهيو پر هنن پاڻ ۾ ايتري همت نه ساري جو کڻي ڪاگويا کي جهلي بيهارين. پرن وارو گهوڙو آهستي آهستي ٿي مٿي اڏامڻ لڳو ۽ پوءِ هن پنهنجي رفتار تمام تکي ڪري ڇڏي. هو سڌو ئي سڌو چنڊ ڏي ڄڻ ترندو ويو ۽ ويو ننڍو ٿيندو، ويو ننڍو ٿيندو ۽ پوءِ ائين لڳو ڄڻ اهو چنڊ ۾ گهڙي ويو.
    هاڻ پريءَ جهڙي سهڻي ڇوڪري ڪاگويا هنن وٽان وڃي چڪي هئي. ڪاگويا هنن لاءِ وڏي وندر ۽ پيريءَ جو سهارو هئي هن جي وڃڻ ڪري هنن جو ڄڻ سڀ ڪجهه هليو ويو هجي. ڪاگويا جي وڃڻ بعد پوڙهي کي وڌيڪ زندگي ماڻڻ جي دوا کائڻ جي ڪهڙي ضرورت. هن اها ٿيلهي سامهون ٻرندڙ باهه ۾ اڇلي ڇڏي.
    ***


    (14) يُوشِيواڪا مَارُو

    هيءَ ڪهاڻي نو سئو کن سال اڳ جي آهي.
    سخت طوفاني برفباريءَ ۾ ڪيوٽو شهر جي پسگردائي وارن جبلن وٽان پري کان ڪجهه چرندڙ ماڻهن جي شڪل نظر آئي. انهن ۾ ٻه وڏا ٻار هئا ۽ ٽيون ٿڃ تي معصوم هو جيڪو پنهنجي ماءُ جي ڇاتيءَ سان چهٽيل هو. سخت سيءَ ۽ برفباريءَ ڪري هو گرم ڪپڙن ۾ ويڙهيل هئا.
    اهي ڪي عام ماڻهو نه هئا پر هڪ مشهور سمورائي (جپاني جنگجو) خاندان جا ٻار هئا. ان سمورائي سردار جي ٻئي سردار سان ويڙهاند ٿي جنهن ۾ پاڻ مارجي ويو ۽ ٻيا سندس ڪيترا مائٽ ۽ سپاهي ساٿي قيد ٿي ويا پر سندس زال کي موقعو ملي ويو ۽ هوءَ پنهنجن ٻن وڏن ۽ تازي ڄاول ٻار کي پاڻ سان کڻي عام ماڻهن وانگر پيرين پيادي برفباري ۽ طوفان ۾ نڪري پيئي.
    دشمن سمورائي سردار جي سپاهين هنن جي محلات ۽ ڪيوٽو شهر جي گهٽين ۾ ڏاڍي ڳولا ڪئي پر کين نه ملي سگهيا.
    هي پنڌ ئي پنڌ جبلن مان ٿيندا ڀر واري شهر ”نارا“ ڏي وڃي رهيا هئا ته دشمن قبيلي جي هڪ سپاهيءَ کين ڏسي ورتو ۽ کين جهلي پنهنجي سمورائي سردار وٽ وٺي آيو. هن کي جڏهن خبر پئي ته هي مخالف قبيلي جا ٻار آهن ته هن بنا رحم کائڻ جي پنهنجي ماڻهن کي حڪم ڏنو ته سندس مڙس وانگر هن عورت ۽ سندس ٻارن جو سر قلم ڪيو وڃي.
    اهو ٻڌي زال ڏاڍو رني ۽ پنهنجن ٻچن جي حياتي بخشرائڻ لاءِ پنهنجي دشمن قبيلي جي سمورائي سردار کي منٿ ميڙ ڪئي.
    ”تون مون کي ڀلي ماري ڇڏ. مون کي پنهنجي زندگيءَ جي ڪا پرواهه ناهي پر مهرباني ڪري هنن معصوم ٻارن جي جان بخش ته آئون ٿورائتي رهنديس“.
    ٻارن جي ماءُ جي آزين نيازين سمورائي سردار جي دل تي اثر ڪيو ۽ هن ٻارن کي جيئرو رکڻ جو فيصلو ڪيو. پر هنن جي جان بخشڻ لاءِ هڪ شرط رکيو ته ٻه وڏا ٻار جن مان هڪ ستن سالن جو هو ۽ ٻيو پنجن جو انهن کي مندر جي خذمت ڪرڻ لاءِ مندر ۾ ئي رهڻو پوندو ۽ ننڍو پٽ يوشيواڪا ستن سالن تائين ماءُ وٽ رهندو ان بعد هن کي پڻ مندر جي خذمت چاڪريءَ لاءِ موڪليو ويندو.
    وقت گذرندو رهيو ۽ ماءُ جي لاءِ ته ست سال ڄڻ اک ڇنڀ ۾ گذري ويا ۽ هاڻ هن کي پنهنجو واعدو پورو ڪرڻو هو يعني پنهنجي جگر جي ٽڪري يوشيواڪا کي پاڻ کان هميشه لاءِ جدا ڪري مندر ۾ موڪلڻو هو.
    ”يوشيواڪا! تون هاڻ ستن سالن جو ٿيو آهين“، ماءُ پنهنجي پٽ کي چيو. ”ست سال وڏي عمر آهي ۽ تون هن دنيا ۾ پنهنجي ماءُ جي مدد بنا گذاري سگهين ٿو. توکي هاڻ مندر ۾ وڃي رهڻو پوندو ۽ آئون چاهيان ٿي ته هڪ ڏينهن تون سٺو ٻائو ٿي وڃين.....
    ”۽ ها يوشيواڪا! جڏهن به توکي اڪيلائي محسوس ٿئي ته هيءَ بانسري ڪڍي وڄائيندو ڪر. تنهنجي پيءُ جي هيءَ خاص نشاني آهي جنهن کي هو هر وقت پاڻ سان گڏ رکندو هو“.
    ”منهنجي امڙ.....“
    ”بس پٽ! ڪو ڏک نه ڪر. پنهنجي دل وڏي ڪر. تون هڪ بهادر انسان جو بهادر پٽ آهين“.
    اهڙي طرح ستن سالن جي ننڍي عمر ۾ هن معصوم ٻار کي زوريءَ ماءُ جو ساٿ ڇڏرائي مندر ۾ موڪليو ويو.
    جنهن مندر ۾ يوشِيواڪا کي موڪليو ويو اهو ڪُوروما جبل تي گهاٽي جهنگل ۾ ڪُوروما مندر هو.
    ننڍڙي يوشيواڪا جي مندر ۾ پهچڻ سان هڪ ٻائي بنجڻ لاءِ سخت تعليم ۽ تربيت شروع ٿي وئي. جنهن ۾ هنن کي آڌي رات جو اٿي پڙهڻو ۽ عبادت ڪرڻي پوي ٿي ۽ اڌ بک ۽ اڌ ڍو تي رهڻو پوي ٿو.
    هڪ ڏينهن هو آڌي رات جو اٿي اڪيلي سر سبق ياد ڪري رهيو هو ته هن کي ڪنهن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو جيڪو هن کي سڏي رهيو هو.
    ”ننڍڙا مالڪ! ننڍڙا مالڪ يوشيواڪا!“.
    ”مون کي سڏڻ وارا تون ڪير آهين؟“ هن حيرت مان پڇيو ۽ پوءِ هن هيڏانهن هوڏانهن نهاري پٺيان مڙي ڏٺو ته هڪ عجيب ٻائو ويٺو هو.
    ”منهنجا مالڪ! توکي هٿ ڪري مون کي خوشي ٿي آهي. آءٌ هڪ ئي مندر ۾ رهڻ بدران هلندڙ چلندڙ ٻائو آهيان. منهنجي ڳالهه ڌيان ڏيئي ٻڌ. تون ڪنهن عام ماڻهوُءَ جو پٽ نه آهين. تنهنجو پيءُ هڪ وڏي قبيلي جو سامورائي سردار ۽ پهلوان مڙس هو جنهن کي هن قبيلي جي سردار دوکو ڪري ماريو“.
    ”آئون.... ڇا آئون واقعي؟“
    ”ها. بلڪل صحيح ٿو چوان. تون ڪنهن نوڪرياڻيءَ جو پٽ نه آهين. تنهنجي جان بخشي لاءِ توکي تنهنجي ماءُ هر ڳالهه ٻڌائي نه سگهي. توکي پنهنجي پيءُ جي موت جو بدلو وٺڻو آهي ۽ مخالف قبيلي جي هن سردار کي سبق ڏيڻو آهي....!“
    يوشيواڪا اهو ٻڌي ڏک مان ٻاهر جبلن ڏي ڊوڙي ويو. اڃان صبح نه ٿيو هو. چوڌاري اونداهه ڪانڀار هئي. هو ڪا دير سڏڪا ڀري روئندو رهيو.
    هي پهريون دفعو هو جو هن کي حقيقت جي خبر پيئي هئي.
    ان قسم جو بخت هڪ اهڙو بار هو جيڪو ڪو به ٻار نه چاهيندو ته هن جي ڀاڳ ۾ اچي. هن کي سمجهه ۾ نه آيو ته هن کي ڇا ڪرڻ کپي يا هن مان ڪهڙي اميد رکي پئي وڃي.
    هن کي اها خبر نه هئي ته تينگو نالي هڪ پرن وارو جن ڀوت هن کي ڏسي رهيو آهي. تينگو آهستي آهستي ٿي هيٺ لٿو ۽ اچي ننڍڙي يوشيواڪا وٽ ويٺو.
    ”اٿي بيهه منهنجا ٻچا! ڇوڪرين وانگر روءِ نه! منهنجي پٺيان پٺيان اچ“.
    اهي لفظ چوڻ بعد تينگو هڪدم غائب ٿي ويو.
    ”هون! ڪيڏانهن گم ٿي وئين؟“ يوشيواڪا رڙ ڪري پڇيو ۽ پوءِ پٺيان مڙي ڏٺو ته هن کي هڪ تلوار نظر آئي.
    هو تلوار کڻي اڳتي وڌيو ته ڪنهن طوطي جهڙي وڏي پکيءَ کڻي ٺونگو هنيس ۽ کانئس تلوار ڇڏائجي وئي. ان بعد ٻيو ٺونگو لڳيس. مٿي نهاريائين ته هڪ ٻيو طوطو هو ۽ ان پويان ٻيا به چار پنج اچي رهيا هئا. هو وائڙو ٿي هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو ته آواز آيس ته ٺونگا پيو کانئين. تلوار ڪڏهن ڪم ايندءِ؟ اهو ٻڌي هن تلوار کنئي ۽ الرون ڪري هنن آفت جيڏن پکين کي مارڻ شروع ڪيو. ان بعد يوشيواڪا تلوار پاڻ سان سنڀالي رکڻ لڳو ۽ جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويو تيئن تيئن تلوار بازيءَ جي پرئڪٽس ڪندو رهيو.
    يوشيواڪا جڏهن پنڌرهن سالن جو ٿيو ۽ تلوار بازيءَ ۾ ڀڙ ٿي ويو ته هڪ ڏينهن ڪُوراما مندر مان غائب ٿي ويو. مندر جا باقي ٻاوا ڪجهه ڏينهن کيس ڳولڻ بعد ماٺ ڪري ويهي رهيا. ان بعد هي جهنگ ۽ جبل ڇڏي ڪيوٽو شهر ڏي نڪري پيو. تلوار بازي ته هن کي آئي ٿي ان ڪري هو پنهنجو بچاءُ ڪري سگهيو ٿي ۽ هن کي ڪنهن جي به پرواهه نه هئي.
    يوشيواڪا ڪيوٽو ويجهو پهتو ته هن کي خبر پيئي ته ڪيوٽو ۾ هڪ چريو ٻائو آهي جنهن شهرين لاءِ رڻ ٻاري ڏنو آهي. وتي هر واٽهڙو کان سندس تلوار ڦريندو. چي مون کي هڪ هزار تلوارون گڏ ڪرڻيون آهن.
    ۽ اڄ رات هن کي هزار ۾ باقي کٽل هڪ تلوار حاصل ڪرڻي هئي.
    هي چريو ٻائو گوجو نالي پل تي بيٺو هو ته هن کي ڪنهن جي بانسريءَ جو آواز ڪنن تي پيو.
    ۽ اهو بانسري وڄائڻ وارو ڪير ٿي سگهي ٿو؟ اسان وارو نوجوان نينگر يوشيواڪا ئي هو.
    ”هي ڪير آهي؟“ چرئي ٻائي چيو، ”اهو هڪ ٻار آهي. ٻارن سان منهنجو ڪو واسطو ناهي. آئون وڏن جي پٺيان آهيان جن وٽ تلوار هجي“.
    ۽ پوءِ جڏهن هن جي نظر يوشيواڪا جي تلوار تي پيئي ته هن جي وات مان بي اختيار نڪري ويو: ”او! ڇا ته سهڻي تلوار آهي! ۽ اها تلوار ته مون کي هر حالت ۾ کسڻي پوندي ۽ منهنجي کسيل تلوارن جو انگ هڪ هزار تائين پهچائڻ جي لائق واقعي هيءَ تلوار آهي!“.
    هن پنهنجو ڊگهو ڏنڊو مٿي ڪري يوشيواڪا جو رستو روڪيو.
    ”اها تلوار منهنجي حوالي ڪر“.
    پر يوشيواڪا هن جي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري لٺ هيٺان نڪري ويو.
    ”تنهنجي اها مجال! تون مون کان بچي ڪيڏانهن وڃي سگهين ٿو؟“ پر يوشيواڪا هن کي لفٽ ئي نه ڪرائي جنهن تي ڪاوڙ ۾ اچي هن چرئي ٻائي لٺ مٿي کنئي.
    ”لڳي ٿو ڇوڪر توکي لٺين کائڻ جو شوق آهي. پر يوشيواڪا هيٺ مٿي ٿي هن جي ڏنڊي جا وار گسائي ورتا.
    جڏهن هن سمجهيو ٿي ته ڇوڪر هِتي آهي ته هو هُتان ٿي وڃي نڪتو ۽ جڏهن هن سوچيو ٿي ته هو هُتي آهي ته هو هِتان ٿي اچي نڪتو. ۽ پوءِ جلدي ئي چريو ٻائو پگهرجي ويو. ۽ آخرڪار يوشيواڪا هڪ مٿي هوا ۾ ٽپ ڏئي هن چرئي ٻائي کي ڪاغذ جو وڃڻو نراڙ ۾ هنيو ته هو يڪدم بيهوش ٿي ويو.
    هوش ۾ آيو ته گوڏن تي جهڪي يوشيواڪا کي چيائين:
    ”تو کٽيو. بس هاڻ رڳو مون کي بخش ڪر. مون تلوارون ڦرڻ کان توبهه ڪئي تون مون کي وڌيڪ پادر نه هڻ“.
    يوشيواڪا ان وقت فقط سورهن سالن جو هو. هن چرئي ٻائي يوشيواڪا جو گارڊ ٿي رهڻ جو وعدو ڪيو ۽ هن آهستي آهستي ڪري ٻين به ڪيترن جوڌن پهلوانن کي پنهنجي ٽولي ۾ شامل ڪيو.
    يوشيواڪا کي پوءِ سڀ پنهنجي قوم جو سردار مڃڻ لڳا. هن پنهنجي ٻنهي ڀائرن کي به گهرائي تلوار بازي ۽ جنگي اٽڪلن کان واقف ڪرايو ۽ پوءِ اڳتي هلي هي ايڏو مضبوط ٿي ويا جو آخر هڪ ڏينهن مخالف قبيلي جي سردار تي حملو ڪري ان تي ڪاميابي حاصل ڪيائون ۽ اهڙي طرح پنهنجي پيءُ جي دشمن کان بدلو ورتو.
    ***


    (15) ننڊن جو شوقين ڇوڪرو

    ڳالهه ٿا ڪن ته جپان ۾ ناگارا نديءَ جي ڪناري واري هڪ ڳوٺ ۾ جتي رات جو ڊگهي ڳچيءَ وارا ٻگهه پکي مڇيون ڦاسائڻ ۾ مشغول هوندا هئا اتي هڪ بيواهه زال پنهنجي پٽ سان گڏ رهي ٿي.
    گهر جو خرچ هلائڻ لاءِ هيءَ ويچاري غريب عورت سڄو ڏينهن هٿ سان شهر جي امير عورتن جا ڪمونو (وڳا) سبڻ ۾ رُڌل رهي ٿي. ڪپڙي تي سئي سڳي سان ٽوپا ڏيڻ يا ڀرت جو ڪم ڪرڻ وقت هن جو ڪنڌ هيٺ مٿي، هيٺ مٿي ائين ٿيو ٿي جيئن پکين جو مٿو پاڻيءَ مان مڇيون ڦاسائڻ وقت ٿئي ٿو.
    ”۽ هن کان پوءِ؟ ۽ هن کان پوءِ؟“ هوءَ اهو چوندي ٻڌبي هئي ڄڻ هن جو ڪم ڪڏهن کٽڻ وارو نه آهي. هن جو اڪيلو پٽ، تارو، اهڙو ته هوشيار ۽ ٿلهو ٿنڀرو هو جهڙو هن جي ماءُ چاهيو ٿي. پر، افسوس! هي اهڙو سست هو جهڙو ڪاسائيءَ جو ٻلو. هن کان فقط کائڻ ۽ سمهڻ ۽ سمهڻ ۽ کائڻ پڳو ٿي باقي گهر جي ڪم يا ٻاهر جي پورهئي جي معاملي ۾ هن کان ڪک ڀڃي ٻه به نٿي ٿيو. ماڻس فقط ڪم جو نالو کڻندي هئي ته اٻاسي ڏئي چوندو هوس ”امان ٿوري ننڊ ته ڪرڻ ڏي، ان بعد ڪم چئجانءِ“.
    اوڙي پاڙي جا اهو ئي چوندا هئا ته تارو کي جيڪڏهن ڪو نه اٿاري ته هو ٽن سالن تائين پيو کونگهارا هڻي. اهڙو ننڊ جو شوقين هو هن غريب جپانڻ جو پٽ تارو!. ۽ هن جي ايڏي لڳاتار سمهڻ ڪري هن جو نالو ئي پئجي ويو. ”ٽي سال سمهڻ وارو ڇوڪرو“.
    جڏهن تارو ننڍي ڇوڪري مان وڌي جوان مڙس ٿيو ته چانورن جي هڪ واپاريءَ اچي تارو جي جهوپڙيءَ سامهون هڪ محل نما گهر ٺاهي رهڻ لڳو. هن گهر ۾ ويهارو کن ڪمرا هئا جن جا گِهرڪڻ وارا دروازا خوبصورت باغيچي ڏي کليا ٿي. ان جي وچ ۾ هڪ وڏو تالاب هو جنهن ۾ سونهري مڇيون ترنديون رهيون ٿي. باغيچي جي هڪ ڪنڊ ۾ چانهه پاڻيءَ جو بندوبست هو جتي شام جي ٿڌڪار ۾ چانهه پيئڻ جو مزو وٺڻ سان گڏ چنڊ جو نظارو به ڪري سگهيو ٿي.
    چانورن جي سوداگر جي زال ۽ ڌيءَ هر وقت سهڻا ڪمونا (وڳا) پهريا ٿي. چيلهه تي سوني بروڪيڊ جي اوبي (دوپٽي جهڙو پٽو) ٻڌو ٿي. پوڙهي سوداگر هٿ ۾ عاج جو لڪڻ جهلي جيڪو چروٽ ڇڪيو ٿي ان جي تماڪ وجهڻ واري پيالي نج سُون جي هئي.
    تارو پنهنجي هنن نون امير پاڙيسرين مان ڏاڍو متاثر هو ۽ سمهڻ مان ڪجهه وقت ڪڍي هنن جي باغ ۾ وڃي نوس نوس ڪندو هو. هنن جي هر ڳالهه هن کي وائڙو ڪري ڇڏيو ٿي. محل جهڙو وڏو گهر، مان شان سان هلندڙ هنن جي ڌيءَ، هنن جا ويس وڳا ۽ رهڻ جو اسٽائيل، سهڻو باغيچو، باغيچي ۾ صاف پاڻيءَ جو تالاب ۽ تالاب ۾ ٿلهيون ٿلهيون ترندڙ مڇيون....
    جنهن وقت سوداگر گدام جي در اڳيان لٿل چانورن جي ڳوڻين کي وڏي شان سان لڪڻ جي ٺڪ ٺڪ ڪري ڳڻيو ٿي ته تارو کان ٿڌو ساهه نڪري ويو ٿي.
    ”مار ته سهي! ڇا ته مزي جي زندگي آهي“. هو دل ئي دل ۾ چوندو هو.
    وقت گذرڻ سان تارو ويو وڌيڪ سست ۽ ڪاهل ٿيندو. هن جي ماءُ هن کي پورهيو ڪري پئسو ڪمائڻ لاءِ ڪڏهن هڪ ڪن ۾ ته ڪڏهن ٻئي ۾ نصيحتون ڪندي رهي ٿي. ”پٽ تارو! ڪجهه ته هوش ڪر! هيڏو سارو اچي ٿيو آهين. ٻڌان پئي ته سوداگر ڪو ڇوڪرو پيو ڳولي“. هن تارو کي چيو.
    ”هن کي ڇوڪري جي ڇو ضرورت پئي آهي؟“ تارو پڇيو.
    ”چانورن جا ڪٽا ۽ ڳوڻيون کڻائڻ لاءِ ٻيو ڇا لاءِ؟“ ماڻس چڙ مان چيس.
    ”مزوري ڪرڻ لاءِ!“ تارو کلڻ لڳو“. مون کي ته ان تي رحم ٿو اچي جيڪو هن ڪنجوس سيٺ وٽ ڪم ڪندو. سڄو ڏينهن مزوري ڪري هن جي پوڙهن وانگر چيلهه چٻي ٿي ويندي“.
    ”۽ تون ڪهڙو ماڻهو آهين جو ڪمائڻ بدران رڳو گهر ۾ ويٺو آهين“، هن جي ماءُ ڪاوڙ مان چيو. ”ڪجهه گهر جو به خيال اٿئي. ڇت آهي جيڪا مينهن ۾ ڇٻيءَ وانگر پئي ٽمي، ڀتين تان چاپوڙا پيا لهن، کائڻ لاءِ گنديءَ ۾ ان ڪڻا نه بچيا آهن. مون کي ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته هن گهر جو گذارو ڪيئن ٿيندو! ڪيئن جياپو ٿيندو!“.
    ”امان تون فڪر نه ڪر. منهنجي دماغ ۾ هڪ زبردست رٿ آهي“.
    ”اجايون لٻاڙون نه هڻ. توکي نوڪريءَ جي ضرورت آهي ۽ نه انهن خيالي رٿائن جي“. تارو جي ماءُ هن کي محنت مزوريءَ لاءِ چٽ ٻڌي.
    ”تون اهي فڪر ڇڏي خوش ٿيءُ. بس منهنجي امڙ تون رڳو هڪ ڪم ڪر جو مون کي هڪ ڪارو وڳو ۽ ڪکاڻو ٽوپ ٺاهي ڏي جيڪو ٻاوا پائين ٿا“.
    ”انهن سان تون ڇا ڪندين؟“ ماءُ پڇيو
    ”انهن ڳالهين کي ڇڏي ڏي امڙ، اهي منهنجي رٿابنديءَ جو حصو آهن“. جواب ۾ هن فقط ايترو ماڻس کي ٻڌايو.
    ”شايد هو ٻائو بنجڻ جو سوچي رهيو هجي“، تارو جي ماءُ دل ئي دل ۾ سوچيو. پر جن ٻاون کان هوءَ واقف هئي اهي ته سج اڀرڻ کان گهڻو اڳ اٿن ٿا، سڄي ڏينهن ۾ هڪ ويلو کائين ٿا ۽ ڏينهن جو ته هرگز نٿا سمهن.
    تارو جي ماءُ ان بابت گهڻو ئي سوچيو پر سندس دل ته نه مڃيو پر تنهن هوندي به هن پٽ لاءِ ٻائي جي ڊريس ۽ ٽوپ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. ان کان علاوه هوءَ ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگهي. ڪهڙي خبر قدرت کي ڇا منظور هجي ۽ هو ٻائو به ٿي وڃي.
    ٻئي ڏينهن شام جو هن ٻاون وارو ڪارو جبو پهريو. ۽ پوءِ ڪاري ڪوئلي سان پنهنجا ڀرون وڌيڪ ڪارا ڪيا ۽ اکين جي چوڌاري ۽ نڪ جي ٻنهي پاسن کان هن ڪارا ڪانگ پير ٺاهيا. ان ميڪ اپ بعد هو اهڙي خوفناڪ شڪل جو ٿي پيو جهڙو سمورائي جنگي پهلوان! ماڻس کيس ههڙي روپ ۾ ڏسي ڇرڪجي وئي. ”تارو، اهو واقعي تون آهين يا ڪو ٻيو؟“
    ”ڊڄ نه منهنجي ماءُ“، تارو چيو، ”اهو سڀ ڪجهه منهنجي رٿ جو حصو آهي. هاڻ هن بابت تون ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪجانءِ“.
    ماءُ ڪجهه وڌيڪ چوي، ان کان اڳ تارو ڊوڙ پائي گهر کان ٻاهر نڪري ويو.
    سج لٿي مهل، سوداگر روزمره جي چڪر لاءِ گهر کان ٻاهر نڪتو ته سامهون تارو جي ماءُ ملي ويس.
    ”مائي خوش چاق چڱي ڀلي“، سوداگر هن جي ماءُ کان پڇيو، ”منهنجي خيال ۾ تنهنجو ٽوٽي پٽ ته بستر ۾ هوندو“.
    ”سائين، هو اڄ ڏاڍو ٿڪل هو ان ڪري سوير ئي سمهي رهيو“. تارو جي ماءُ سيٺ کي ٻڌايو.
    ”بلي! ڳالهه اها آهي جو تون هيڪاندي نرم دل آهين. هن کي ٻيو ڪجهه نه کپي پر موچڙي جو زيپٽ کپي. شام جي وقت به ستو پيو آهي بيشرم!“.
    سوداگر اهو چئي پنهنجي روزمره جي پسار لاءِ روانو ٿي ويو تان جو رستي جي پڄاڻي تي ٺهيل درگاهه وٽ اچي پهتو. اها درگاهه اوجي گامي ديوتا جي هئي جنهن لاءِ اتي جي ماڻهن جو اهو عقيدو هو ته هن سڄي شهر جي رکوالي اهو ديوتا ڪري ٿو. جيئن ئي هن اتي ترسي ان ديوتا جي درگاهه وٽ نذرانو ٿي پيش ڪيو ته هڪ ڪارن ڪپڙن ۾ همراهه بازوليون پائيندو اچي هن جي اڳيان بيٺو. هن جي خوفائتي شڪل ڏسي چانورن جو سوداگر ڊڄي ويو.
    ”ت....... ت..... تون ڪير آهين؟“ سوداگر ڏڪندي پڇيس.
    ”آئون اوجي گامي ديوتا آهيان“. هن اکيون ڦاڙي ڪڙڪ آواز ۾ چيو.
    ”مون لاءِ ڇا حڪم آهي، مون کان ڪا غلطي ته نه ٿي وئي آهي اوجي گامي ديوتا؟“ سوداگر جهڪندي پڇيو.
    ”هاڻ تنهنجي ڌيءَ لاءِ وقت اچي ويو آهي ته شادي ڪري“، اوجي گاميءَ چيو، ”تون هن جي شادي تنهنجي پاڙي ۾ رهندڙ ان بهترين ڇوڪر سان هڪدم ڪري ڇڏ“.
    ”ڪهڙي بهترين ڇوڪر سان منهنجا ديوتا؟“
    ”ان عاليشان ڇوڪر سان جنهن جو نالو تارو آهي“.
    ”تارو!“ سوداگر ڪنن جون پاپڙيون مهٽڻ لڳو، ”تنهنجو مطلب آهي ٽي سال سمهڻ وارو تارو؟“
    ”ها اهوئي!“
    ”اهو ٿي نٿو سگهي. شايد توهان کان ڪا غلطي ٿي وئي آهي!“.
    ”ديوتا ڪڏهن به غلطيون نه ڪندا آهن!“ اوجي گاميءَ رڙ ڪري چيو.
    سوداگر خوف مان ڏڪڻ لڳو. ”سائين ٿي سگهي ٿو منهنجي ڌيءَ لاءِ ڪو ٻيو گهوٽ هجي. ٻيو ڪو به پر تارو.....“
    ”ٻيو ڪو به نه،“ اوجي گامي ديوتا ڪڙڪو ڪيو. ”تنهنجي ڌيءَ جي قسمت ۾ تاري جو نالو چونڊجي، لکجي ۽ قبول ٿي چڪو آهي!“
    ”منهنجا ديوتا ان ڳالهه کي سوچڻ لاءِ مون کي ڪجهه مهلت ڏي. ڇا سال ٻه نٿو ترسي سگهجي؟“
    ”بيوقوف فاني جانور“، ديوتا زور سان چيو. ”توکي اها همت ڪيئن ٿي جو مون سان سوديبازي ٿو ڪرين! منهنجي حڪم جي پوئواريءَ ۾ دير ڪندين ته آئون تنهنجي ڌيءَ کي ماڻهوءَ مان ٺڪر جي ڪُني (ديڳڙي) ٺاهي ڇڏيندس پوءِ ڏسان ته هُوءَ پنهنجي لاءِ ڪهڙو مڙس ٿي ڳولي!“.
    ”نه سائين نه. ائين هرگز نه ڪجو“، سوداگر ديوتا اڳيان ٻاڏايو. ”منهنجي ٻچي کي ديڳڙي نه بنائجو. مون تي رحم ڪجو!“ سوداگر گوڏن ڀر پٽ تي ويهي پٽ تي مڪون هڻڻ لڳو ۽ ڪا دير سڏڪا ڀريندي ڀريندي ساڻو ٿي پيو. تيستائين ڪاري جبي وارو ديوتا، غائب ٿي چڪو هو.
    ٻئي ڏينهن صبح ساڻ چانورن جي سوداگر، بيواهه زال جي گهر جو در اچي کڙڪايو. هن جون اکيون ڳاڙهيون ۽ منهن لٿل هوس ڄڻ سڄي رات رنو هجيس.
    ”خاتون آئون هڪ تمام اهم ڪم لاءِ تو وٽ آيو آهيان“، هن غم ۽ پريشانيءَ مان چيو، ”منهنجي ڌيءَ لاءِ ضروري ٿي پيو آهي ته هو شادي ڪري- تنهنجي... ها تنهنجي، پٽ تارو سان“.
    غريب عورت جو حيرت مان وات ڦاٽي ويو.
    ”ها تنهنجي پٽ سان منهنجي ڌيءَ جي شادي ڪرڻ ضروري ٿي پيو آهي“، سوداگر ورجايو. ”اوجي گامي ديوتا سان منهنجي رات ملاقات ٿي هئي. اهو هن طرفان حڪم آهي جنهن جي پيروي ضرور ٿيڻ کپي“.
    ”پر اڄ ڏينهن تائين اوجيگامي ديوتا ته ڪنهن کي به ڏيکائي نه ڏني آهي“. پوڙهيءَ حيرت ظاهر ڪئي.
    ”ها بلڪل صحيح ٿي چوين پر رات هن پنهنجو ديدار مون کي ڪرايو. بس آئون ته تباهه ۽ برباد ٿي ويس“.
    ”عزت ماب سيٺ اهو ٻڌاءِ ته اُجِيگامي ديوتا ڪيئن ٿي لڳو؟“ بيواهه عورت پڇيو.
    سوداگر ڏڪندي چيو: ”ڪپڙي پوشاڪ مان هو ٻائو ٿي لڳو. پر شڪل شبيهه مان ڪو جن ڀوت ٿي لڳو. هن جو منهن ڪوئلي وانگر ڪارو ۽ جنگي جوڌي وانگر ڊيڄاريندڙ لڳو ٿي“.
    پوڙهي يڪدم سمجهي وئي ته سندس پٽ جي نيت ڇا آهي ۽ هن ڪهڙا سٽل سٽيا آهن. هن گنڀير شڪل ٺاهي ڪنڌ جي ڌوڻ ڪئي پر هن ان ڳالهه جو اظهار نه ڪيو ته هوءَ ڪا ان شاديءَ لاءِ آتي ۽ خوش آهي. سو منهن ٺاهي سوداگر کي چيو: ”اسان ته هن پاڙي جا غريب ماڻهو آهيون منهنجا مهربان سائين منهنجي بيڪار پٽ تارو جو تنهنجي خانداني ڌيءَ سان ڪهڙو جوڙ ........؟“
    ”اهو آئون به مڃيان ٿو“، سوداگر چيو، ”پر بدقسمتي سان هتي اسان جي سوچ جو سوال ناهي. اسان کي اهو ئي ڪرڻ کپي جنهن لاءِ ديوتا حڪم ٿو ڏئي نه ته هو منهنجي ڌيءَ کي ٺڪر جي ديگڙي بنائي ڇڏيندو“.
    ”ڪيڏي ته افسوس جي ڳالهه آهي“. تارو جي ماءُ غمگين شڪل ٺاهي چيو. ”پر سائين اها شادي کڻي ٿي به وڃي پر توهان جي آرام ۾ پاليل ڌيءَ اسان جي هن ڀڳل ۽ بيڪار گهر ۾ ڪيئن رهي سگهندي جنهن جي ڇت ويهن هنڌن تان ٽمي ٿي، جنهن جي سوراخيل ڀتين مان هوا شوشٽ ڪري اندر اچي ٿي.....“
    سوداگر کي ڏاڍي چڙ لڳي. هن ان بابت ته سوچيو نه هو پر هو مجبور هو ان ڪري هن چيو:
    ”چڱو ڀلا آئون سڀاڻي ئي رازي کي ٿو موڪليان ته اچي تنهنجي گهر جي مرمت ڪري“.
    ٻئي ڏينهن صبح ساڻ رازي اچي گهر جي ڀتين ۽ ڇت کي پلاسٽر ڪيو.
    ”تمام سٺو ڪم، تمام سٺو ڪم“. تارو جي ماءُ رازي جي ڪم جي تعريف ڪندي رهي.
    شام جو سوداگر تارو جي ماءُ وٽ معلوم ڪرڻ آيو ته ڪم ڪيئن ٿيو ۽ پڇيو هاڻ ته شاديءَ لاءِ تيار آهين؟“
    ”سيٺ صاحب، اڃان به ڪيئن هائوڪار ڪريان؟“ تارو جي ماءُ سيٺ اڳيان جهڪندي چيو، ”تون پاڻ ڏسي رهيو آهين ته اسان جي گهر ۾ هڪ ئي ڪمرو آهي. تنهنجي ڌيءَ کي ته هن ننڍڙي گهر ۾ شرم ايندو ۽ سندس مائٽ مٽ ڇا چوندا“.
    ”اها ڳالهه به تنهنجي صحيح آهي“، سوداگر چپن ۾ ڀٽڪندي چيو.
    ”چڱو ڀلا هاڻ واڍن ۽ رازن کي موڪليان ٿو ته هو اچي وڌيڪ ڪمرا ٺاهين“.
    سوداگر جي وڃڻ بعد، تارو کڳيون هڻي خوش ٿيڻ لڳو. ”واهه واهه! منهنجيون اٽڪلون ڪامياب پيون وڃن“.
    جڏهن تارو جو سڄو گهر ٺهي راس ٿيو ته سوداگر هن رن زال کان پڇڻ لاءِ آيو: ”ڀلا هاڻ ته شاديءَ جي تاريخ مقرر ڪجي“.
    ”سيٺ صاحب مون کي اڃان به ڊپ آهي ته تنهنجي ڌيءَ کي مهنجي پٽ سان شادي ڪري شايد خوشي نه ٿئي“.
    ”هاڻ وري ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ سوداگر رڙ ڪئي، ”جلدي جلدي پنهنجي اندر جي ڳالهه ڪر. دير ٿيڻ سان ڪٿي منهنجي ڌيءَ ديڳڙي نه ٿي پوي“.
    ”منهنجو پٽ بيروزگار آهي هن کي ڪا نوڪري يا ڌنڌو ڌاڙي نه آهي“، پوڙهيءَ چيو، ”هو اهڙي حالت ۾ تنهنجي ڌيءَ کي ڪيئن ٿو خوش رکي سگهي“.
    ”رن تو ته مون کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي“، سوداگر چڙندي چيو، ”چڱو ڀلا ان جو بندوبست به آئون ٿو ڪريان. تنهنجي پٽ کي پنهنجي اسٽور تي مئنيجر ڪري ٿو رکان. پر پوڙهي توکي اهو ٻڌائي ڇڏيان ته پوءِ هن کي ننڊن ڪرڻ جو وقت نه ملندءِ. هاڻ ته ڀلا شاديءَ جي پڪ ڏي“.
    تارو جي ماءُ ڪنڌ ڌوڻيندي چيو: ”هاڻ مون کي ان شادي ۾ ڪو اعتراض ناهي“.
    سوداگر جيئن ئي شادي جي پڪ وٺي گهر کا ن ٻاهر نڪتو ته بيواهه عورت پنهنجي پٽ تارو کي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ ڊوڙي.
    ”سوداگر ته پاڻ کي عيش ڪرائي ڇڏيو آهي“. هن خوسيءَ مان ٻهڪندي پٽ کي چيو.
    تارو بستري مان نڪري ڪَر موڙڻ ۽ اٻاسيون ڏيڻ لڳو. هو ڪاسائيءَ جي ٻلي وانگر مطمئن نظر اچي رهيو هو.
    ”اها سڄي اٽڪل منهنجي هئي ۽ سٺو ٿيو جو تو سڀني ڳالهين جو سيٺ سان بندوبست ڪري ورتو“.
    ”ٻيو نه ته وري“ تارو جي ماءُ خوش ٿيندي چيو. ”هاڻ سڀاڻي کان تون ڪم کي لڳي وڃ“.
    ”ڪم کي!“ تارو ٽپ ڏئي هنڌ تان اٿيو. ”ڇا مطلب آهي تنهنجو امان؟ تو ته مارائي رکيو. منهنجي پلان جو اهو حصو ته هرگز نه هو“.
    ”تون ڇا ٿو سمجهين ته دنيا ۾ تون ئي هڪ آهين جيڪو رٿائون ٿو رٿين؟“ هن جي ماءُ مرڪندي وراڻيس. ”هاڻ توکي پورهيو به ڪرڻو پوندو“.
    آخرڪار تارو جي سوداگر جي ڌيءَ سان شادي ٿي. سڄي شهر ۾ شاديءَ جو هي ڪاڄ وڏي ڌام ڌوم سان ٿيو. اهڙي سهڻي شادي ڏٺي ماڻهن کي ورهه ٿي ويا هئا.
    اوجيگامي ديوتا به هن شاديءَ مان ضرور ٺري پيو هوندو جو هن سوداگر کي وري ڪڏهن ديدار نه ڪرايو ۽ سوداگر جي ڌيءَ ۾ ديڳڙي ٿيڻ جي ڪا به علامت نه ٿي. باقي جيسين تارو جي سستيءَ جو سوال هو، هو شاديءَ بعد پنهنجي سهري جي ڪم ۾ جنبي ويو. هاڻ جيڪڏهن هو شهر جو مشغول ترين ماڻهو نه آهي ته سست ترين به نه آهي، ۽ هاڻ ان کي زمانو ٿي ويو آهي جو ڪنهن تارو کي ٽي سال سمهڻ وارو چيو هجي. هر هڪ کان تارو جي ان سستيءَ جون اهي ڳالهيون وسري چڪيون آهن.
    ***


    (16) جادوءَ جو چوغو

    هيءَ جپان جي تمام مشهور ڪهاڻي آهي. ڪاگو شيما جي جبلن تي هڪ نڪ ڊگهي وارو ماڻهو رهيو ٿي جنهن وٽ هڪ اهڙي جادوءَ جي کل جو چوغو هو جنهن کي پائڻ سان ماڻهو نظر کان غائب ٿي ويو ٿي.
    تينگ نالي هڪ همراهه هن جابلو ماڻهوءَ وٽ پنهنجي بانس جي ڏنڊي مان ٺهيل دوربين سان گڏ پهتو ۽ پنهنجي دوربين جي تعريف ڪرڻ لڳو.
    ”هن دوربين مان پري جون شيون ويجهيون نظر اچن ٿيون“. هن جابلو ماڻهوءَ کي هر کائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”مون کي ڀلا ٿوري دير ڏسڻ لاءِ ته ڏي“. جابلو ماڻهوءَ تينگ کي چيو.
    ”ههڙي دوربين جهڙي قيمتي شيءِ آئون توکي فقط تڏهن ڏيندس جڏهن تون مون کي پنهنجو اهو جادوءَ جو چوغو ڏيندين“. تينگ چيو.
    نڪ ڊگهي جابلو ماڻهوءَ کي خبر ناهي ڇو ان دوربين اهڙو ته موهي رکيو جو پنهنجو چوغو تينگ جي حوالي ڪري دوربين حاصل ڪئي ۽ حيرت منجهان ان دوربين مان ڏسڻ لڳو. تينگ ته اهڙو خوش ٿيو جو ان ئي وقت ان چوغي کي پهري ٽپ ڏيندو گهر ڏي روانو ٿيو.
    رستي تي هڪ هوٽل وٽان لنگهندي هن کي بک محسوس ٿي.
    ”هاڻ جڏهن مون سان هي جادوءَ جو چوغو آهي ته مون کي ڪنهن جو به فڪر نه ڪرڻ کپي“. تينگ سوچيو. واقعي هن کي هاڻ ڪهڙي پرواهه. هن کي جيئن وڻي تيئن ڪري سگهي ٿو. ڇو جو هن کي ڪير به ڏسي نٿي سگهيو. هو ڪنهن به دڪان يا هوٽل تي ڪا به شيءِ پئسا ڏيڻ بنا کڻي سگهيو ٿي جنهن لاءِ هن کي ڪو به ڪجهه چئي نٿي سگهيو جو هن ته سڀني کي ڏٺو پئي پر هي جادو جو چوغو پهرڻ ڪري کيس ڪير به ڏسي نٿي سگهيو. هوٽل جي ٻاهران ڪجهه ماڻهو چانورن جا گول بال کائي رهيا هئا. هي جپان جا خاص ڪيڪ ٿين جيڪي وڻ جي وڏن پنن تي رکي کاڌا وڃن ٿا. تينگ ان کاڌي جي ٽيبل اڳيان بيهي هڪ هڪ ڪري اهي بال ڳرڪائڻ لڳو. جادوءَ جي چوغي ڪري کيس ڪير به ڏسي نٿي سگهيو. هوٽل ۾ ويٺل همراهه جنهن جا هي چانورن جا ڪيڪ کائڻ لڳو وائڙو ٿي ويو ته هي ڇا ٿي رهيو آهي. ڪيڪ هڪ هڪ ٿي سندس پليٽ مان کڄي رهيا آهن ۽ جيسين هو اٿي تيسين تينگ ڪيڪ کائي گهر ڀڄي ويو.
    جادوءَ جو چوغو هٿ ڪري تينگ هاڻ خوش هو. گهر پهچي هن زال کان مانيءَ جو به نه پڇيو ڇو ته رستي تان هو ڪيترن ئي هنڌن تان چوريءَ جا مال کائي چڪو هو ۽ هن کي ذري جي به بک نه هئي. هو سڌو پنهنجي ڪمري ۾ آيو ۽ چوغو پاسي تي رکي تڏي تي سمهي رهيو.
    ٿوري دير بعد تينگ جي زال مانيءَ لاءِ تينگ کي سڏڻ آئي ته ڏسي ته هو گهاٽي ننڊ ۾ کونگهرا هڻي رهيو آهي.
    ”۽ هي وري ڇا؟“ سندس ڀر ۾ هڪ ميري کل جو چوغو ڏسي سندس زال کي حيرت ٿي. ڪنهن گدلي جانور جي کل هن صاف سٿري گهر ۾ خبر ناهي ڪير اڇلي ويو آهي. هن اهو سوچي نڪا ڪئي هم نڪا تم. کل کي کڻي گهر ۾ ٻرندڙ باهه ۾ ڦٽو ڪيو ته اها اتي ئي سڙي کپي وئي.
    ننڊ مان اٿڻ بعد تينگ کي جڏهن کل نظر نه آئي ته هن گهڻيئي هاءِ گهوڙا ۽ منهن مٿو پٽيو پر سندس زال ٻڌايس ته هاڻ ڇا ٿو ٿي سگهي اها ته باهه ۾ سڙي ڦلهير ٿي وئي.
    تينگ جلدي جلدي ڪري باهه وسائي پر جانور جي کل جو سندس چوغو ڪڏهوڪو سڙي راک ٿي ويو هو. هو افسوس مان ان ڦلهير کي کڻي هٿن سان مهٽڻ لڳو.
    ”هي وري ڇا؟“ هٿن کي مهٽيندي تينگ کان رڙ نڪري وئي. هن ڏٺو ته اهو ڦلهير هٿن کي لڳڻ سان هٿ نظرن کان غائب ٿي رهيا هئا.
    ”ڇا ته جادوءَ جي کل جو چوغو آهي. سڙي وڃڻ بعد به جادوءَ جا ڪمال ڏيکاري رهيو آهي“. تينگ سوچيو ۽ هاڻ هن ڪپڙا لاهي پنهنجي سڄي جسم کي ان ڦلهير سان مهٽيو ته هڪ دفعو هو وري ماڻهن جي نظرن کان غائب ٿي ويو. يعني هڪ دفعو هو وري جيڪي وڻي اهو ڪري سگهيو ٿي. تينگ چپ چاپ گهر مان نڪري بازار پهتو. هن کائڻ کان اڳ ڪجهه پيئڻ چاهيو. اهو سوچي هو شراب جي هڪ وڏي دڪان تي پهتو ۽ شراب جي رکيل اوچن پيپن مان هڪ جو ٻوچ کولي پيئڻ لڳو.
    هونءَ ته بدن مٿان چوغو چڙهڻ ڪري هو لڪيل ئي رهيو ٿي پر هاڻ جسم تي ڦلهير لڳل هو ان ڪري جتان جتان ڦلهير لٿو ٿي ته اهو هنڌ ظاهر ٿي پيو ٿي. شراب پيئڻ مهل جيئن ئي تينگ جا چپ آلا ٿيا ۽ انهن مٿان ڦلهير لٿو ته اهي چپ ظاهر ٿي پيا ۽ دڪاندار سمجهي ويو ته سندس شراب ڪو لڪل ماڻهو پي رهيو آهي. دڪاندار وٺي دانهون ڪيون ۽ ٻين ماڻهن کي سڏيو. تينگ گهڻو ئي ڀڄڻ جي ڪئي پر چپن جي نظر اچڻ ڪري هر هڪ هن جي چوڌاري ڦري ويو. بلڪه ان ڀڄ ڀڄان ۽ پاڻ بچائڻ جي چڪر ۾ اهڙو ته ساڻو ٿي پيو جو سڄي بدن تان پگهر ٽمڻ لڳس. ۽ جيئن ئي پگهر ٽمڻ شروع ٿيو ته سندس بدن تي لڳل ڦلهير ڌوپجڻ لڳو ۽ هي اگهاڙو ئي اگهاڙو ظاهر ٿي پيو. پوءِ ته سڀ دڪاندار سمجهي ويا ته ڪالهه کان سندن دڪانن تان جيڪي شيون غائب ٿي رهيون هيون انهن کي کڻڻ وارو ٺڳ هي تينگ آهي. ۽ پوءِ ته سڀ هن کي مڪن ۽ ٺونئشن سان ورائي ويا ۽ جيترو مفت جو مال کاڌو هئائين ان کان وڌيڪ مار کاڌائين ۽ آئندي اهڙين لچاين جا ڪم ڪرڻ کان توبنهه ڪري ٻين ماڻهن وانگر محنت ۽ پورهيو ڪرڻ لڳو.
    ***


    (17) ڪِر ڪِر جبل

    ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي ته جپان جي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ بيحد نرم دل پوڙهو مڙس ۽ ان جي زال رهيا ٿي. سامهون جبلن جي قدمن ۾ هڪ سهو رهيو ٿي جنهن کي هي پوڙها ڏاڍو وڻيا ٿي ۽ هو تقريبن روزانو هنن وٽ گهمڻ لاءِ آيو ٿي.
    هن پوڙهي مڙس ۽ زال کي به هي سهو وڻيو ٿي ۽ هن کي ايڏو ته پيار ڏيندا هئا جو ڄڻ ته هو سهو نه هجي پر هنن جو پنهنجو ٻار هجي.
    پر جبل جي پويان هڪ ڄاهي مهانڊو بئجر به رهيو ٿي جيڪو هن پوڙهي جوڙي جي کيت ۾ پهچي ويو ٿي. هي بئجر ٻين لاءِ مصيبتون پئدا ڪرڻ لاءِ مشهور هو. سِڪڻو ۽ پيٽو هجڻ ڪري هي پوڙهي مرد ۽ عورت لاءِ اڻ کٽندڙ مسئلا پئدا ڪندو رهيو ٿي.
    هڪ ڏينهن ڪنهن طرح سان بئجر کي گهر جي اسٽور روم ۾ گهڙڻ جو موقعو ملي ويو. پوڙهي جوڙي کي ستل ڏسي هنن جي لڪائي رکيل آچار جي سڄي برني اونڌي ڪري سڀ آچار کائي ويو. نه فقط ايترو پر گهر مان نڪرڻ وقت پوڙهي مڙس جو ڪکن وارو ٽوپلو چٻو ڪري ٻاهر اڇلي ڇڏيو.
    پوڙهي جي ان وقت ٺڪائن تي اک کلي.
    ”اڙي وٺو ان کي. منهنجو ٽوپلو اڇليندو وڃي“.
    ۽ توهان سوچي سگهو ٿا ته پوڙهي کي ڪيڏي ڪاوڙ لڳي هوندي جڏهن ٽوپلو ڇڏي ڀڄڻ بدران بئجر اهو ٽوپلو کڻي کڏ تي چڙهي ويو ۽ اتي اڇلائي جبلن ڏي ڀڄي ويو.
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هڪ ڏينهن پوڙهو مڱ پوکڻ لاءِ پنهنجي ڪوڏر سان زمين کيڙي رهيو هو ته هي لُچو بئجر اچي مٿان نڪتو. هو پري هڪ وڻ هيٺان ٻج لاءِ رکيل مڱن جي ڇٻي کڻي مزي سان ڳرڪائڻ لڳو. ۽ پوءِ پوڙهي کي چيڙائڻ لاءِ اوٽ پٽانگ جا راڳ ڳائڻ لڳو.
    ”او چريا پوڙها
    رڳو کوٽ کوٽان ڪرين پيو
    مڱ ته منهنجي پيٽ ۾ هليا ويا“.
    هر ڳالهه جي هڪ حد ٿيندي آهي. پوڙهو هونءَ ته گهڻو ئي نرم دل هو پر بئجر جي اڄ جي حرڪتن هن کي سخت ڪاوڙائي رکيو.
    ”ترس ڪن به تنهنجا. تو به گهڻا ئي ڏينهن عيش ڪيو آهي“. پوڙهي دل ئي دل ۾ چيو ۽ اٽڪل سان بئجر کي جهلي ورتو ۽ پوءِ سندس ٽنگن جي چوڌاري ٿلهو رسو ٻڌي پنهنجي گهر جي ڇت ۾ ٽنگي ڇڏيو. ”هاڻ ڏسان ته تون ڪيئن ٿو ماڻهن کي تنگ ڪرين“.
    اهو چئي پوڙهو پنهنجي ٻنيءَ ڏي هليو ويو.
    بئجر گهڻيون ئي رڙيون دانهون ڪيون پر پوڙهي هڪ به نه ٻڌس. هاڻ گهر ۾ فقط پوڙهي جي زال هئي. چالاڪ بئجر سوچيو ته اڄ هتي ڇت تي ئي ٽنگيل مري ويندس ان ڪري ڪا اٽڪل سٽڪل ڪري پنهنجي جان بچايان. ”بس هڪ ئي طريقو مون کي بچائي سگهي ٿو“، بئجر دل ئي دل ۾ سوچيو، ”آئون ايترو روئان جو پوڙهيءَ کي مون تي قياس اچي وڃي“.
    اهو سوچي بئجر ڪوڙ مان روئڻ لڳو جيئن پوڙهي هن جي اٽڪلن ۾ اچي وڃي.
    ”او منهنجي ڏاڏي! مون کي تون ئي کڻي معاف ڪر....“ سڏڪ سڏڪ.... هو اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو. ”آئون هونءَ به مري ته رهيو آهيان ڇو نه آئون ڪو نيڪ ڪم ڪري پوءِ مران جيئن منهنجي ماضي جي زندگيءَ جا گناهه ڌوپي وڃن“.
    ”پوڙهي ڏاڏي او ڏاڏي“..... سڏڪ سڏڪ.... هاڻ بئجر ڳوڙها به ڳاڙڻ لڳو. ” نيڪ عورت تون رسا کولي منهنجا هٿ پير آجا ڪر. آئون توکي تنهنجي ڪم ۾ به مدد ڪرائيندس“. بئجر اهو چئي وري سڏڪا ڀرڻ لڳو.
    ”پوڙهي ڏاڏي تون ڪا هاڻ اهڙي جوان ته نه رهي آهين جو ويٺي چانور ڪٽين. مون کي آزاد ڪر ته آئون توکي ڪم ۾ مدد ڪرايان ۽ توکي اها عزت ڏيان جنهن جي تون لائق آهين“.
    پوڙهي مائي ڪا دير ڪن لاٽار ڪندي رهي. پر پوءِ هن جي دل کي شايد جهٻي اچي وئي ۽ ڪنڌ ورائي بئجر ڏي ڏٺو جنهن جي ڳلن تان ڳوڙهن جون قطارون وهي رهيون هيون.
    ”سمجهه ۾ نٿو اچيم ته ڇا ڪريان“، پوڙهيءَ پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو. ”لڳي ٿو ته هي ويچارو سڌري ويو آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ مون سان ڇو ڪوڙ ڳالهائيندو“.
    ”ڏاڏي امڙ تون شايد سمجهندي هوندينءَ ته آئون توسان چالبازي ڪري رهيو آهيان. پر آئون ڇو ڪوڙ ڳالهائيندس جڏهن ته اڄ رات منهنجي زندگي هونءَ ئي پوري ٿي رهي آهي. هڪ دفعو تنهنجي ڪم ۾ مدد ڪرڻ ڏي ۽ پوءِ تنهنجين دعائن سان گڏ آئون تنهنجي اڳيان ليٽي پوندس ۽ تون منهنجا هٿ پير وري ٻڌي ڇت تي ٽنگي ڇڏجانءِ. مرڻ کان اڳ بس منهنجو اهو ئي عرضڙو آهي، ڏاڏي“.
    بهرحال بيجر جي ڳالهين پوڙهيءَ جي دل تي وڏو اثر ڪيو. نرم دل ته هوءَ اڳهين هئي. هن بيجر کي ڇت تان هيٺ گِهرڪائي سندس ٻڌل هٿ پير کوليا.
    ”اچي هاڻ هيءَ وٺ مهري“، پوڙهيءَ اکڙي بيجر حوالي ڪندي چيو، ”۽ اکڙيءَ ۾ چانور ڪٽي منهنجي ڪم کي پورو ڪر“.
    ”چڱو چڱو گهڻو ئي ٿيو“، بيجر مهريءَ کي جهلي ٽوڪ مان چيو، ”چانور ويهي ڪٽيان. تنهنجو مٿو نه ڪٽيان ۽ تنهنجو ڪم پورو ڪرڻ بدران توکي نه پورو ڪريان“.
    اهو چئي هن چانور ڪٽڻ واري ڳري مهري پوڙهيءَ جي مٿي ۾ هڻي هن کي ماري وڌو ۽ ڊوڙ پائي ڀڄي ويو.
    پوڙهيءَ کي پٽ تي مئل ۽ بئجر کي غائب ڏسي پوڙهو سمجهي ويو ته هي بدمعاش بئجر جا ڪم آهن. ”ڪيڏو ڪمينو بئجر چئبو. منهنجي هيءَ ئي ته حال ڀائياڻي هئي. هاڻ مون کي ڪير رڌي پچي کارائيندو“. پوڙهو روئڻ لڳو ۽ ان کان پوءِ هو هر روز پنهنجي زال جي قبر تي وڃي روئندو رهيو.
    پوڙهي جا هي حال ڏسي سهي کي ڏاڍو افسوس ٿيو هو پوڙهي کي خوشي ڏسڻ لاءِ هن کي ريجهائيندو رهيو. ”آئون وعدو ٿو ڪريان ته هڪ ڏينهن بيجر کان ان جو بدلو ضرور وٺندس“. سهي پوڙهي مڙس کي چيو.
    ڪجهه ڏينهن بعد هڪ دفعي سهو بيجر سان ملڻ لاءِ هن جو انتظار ڪندو رهيو.
    ۽ ايتري ۾ هو اوچتو ظاهر ٿيو.....
    ”ڇا پيو ڪرين چريا سها؟“ هن سهي کي ڏسندي پڇيو. سهي ظاهري طرح پنهنجي منهن تي مرڪ آڻيندي چيو: ”آئون ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون گڏ ڪرڻ چاهيان ٿو پر منهنجو پير ڦٽجي پيو آهي....“.
    ”هي بندو ڪهڙي ڪم لاءِ آهي“، بيجر جهڪي وڏي شرافت سان چيو، ”اهي آئون تو لاءِ گڏ ڪري کڻي ٿو هلا“. بئجر ڪاٺين جي ڳري ڀري پٺيءَ سان ٻڌي جبل ڏي روانو ٿيو. ان جي پٺيان پٺيان سهو ماچيس ڪڍي ڪاٺين کي باهه ڏيڻ لاءِ تيليون دکائيندو هليو.
    ”اي سها. اهو ڪِر ڪِر جو آواز ڇاجو آهي؟“
    ”اهو آواز؟ اهو ته ڪاٺين تي پٺيان ويٺل ڪِر ڪِر جيت جو آهي جيڪو ڪِر ڪِر جبل تي رهي ٿو. تون ان جو فڪر ئي نه ڪر ۽ بي فڪر ٿي هلندو ره“.
    ”چئبو ته اها ڳالهه آهي“. بئجر چيو
    ٿوري دير کان پوءِ ڪاٺين کي اچي باهه لڳي.
    ”اڙي سهڻا سها! اهو ٽڙ ٽڙ ٽڙ جو آواز ڇاجو آهي؟“
    ”اڙي کوٻلا چپ ڪري هلندو هل اهو ٽڙ ٽڙ پکي آهي ٽڙ ٽڙ جبل جو“.
    ”ته اها ڳالهه آهي“.
    بيجر پنڌ کي ڇڪيندو هليو بنا ڪنهن شڪ شبهي جي ته سندس پٺيان باهه شروع ٿي وئي آهي جيتوڻيڪ باهه جي سيڪ کان پگهر وڃي کڙيون کنيون هيس پر هن اهو پئي سمجهيو ته اس ڪري کيس گرمي ٿي رهي آهي.
    ”سها اڄ ڏاڍي گرمي آهي يا فقط مون کي پئي لڳي؟..... اڙي او سها.... اڙي بچايو.... هي ڇا ٿي ويو! مون کي باهه لڳي وئي آهي.... آئون سڙان پيو.... بچايو“.
    جيئن تيئن ڪري هن ڪاٺين جي ڀريءَ جا رسا ڇوڙيا پر سندس سڄي پٺي سڙي وئي. ڏکئي وقت مهل سهو به الائي ڪيڏانهن غائب ٿي ويو.
    ”بس هاڻ رڳو سهو ملي ته خبرون وٺانس“. هن پنهنجو پاڻ کي چيو.
    هڪ ڏينهن هن کي سهو نظر اچي ويو. هو ڏاڍي مزي سان ڳاڙهن مرچن جي چٽڻي ٺاهي رهيو هو.
    ”توکي آئون ڏسي رهندس“، بئجر سهي کي چيو، ”تنهنجو دماغ ته صحيح آهي“.
    ”توهان کي شايد غلط فهمي ٿي آهي ۽ مون کي اهو سهو سمجهي رهيا آهيو“. سهي چيو، ”آئون وچ وارن جبلن جو رهاڪو آهيان“.
    ”تون پڪ سان ٿو چوين؟“
    سهي منهن تي ڪا پريشاني نه آڻي بيجر کي آرام سان چيو: ”لڳي ٿو توهان سڙي پيا آهيو. منهنجي خيال ۾ سڙيل جسم جي فرحت لاءِ هن کان وڌيڪ ٻي شيءِ ٿي نٿي سگهي“.
    ”اوه! مهرباني“. بيجر چيو، ”منهنجا ڀاڳ ڀلا جو صحيح وقت تي تو وٽان اچي لنگهيس“.
    بيجر سهي کي پٺ ڏئي ويٺو ۽ سهي دل وٽان ڳاڙهن مرچن جي چٽڻي کڻي سڙيل پٺيءَ تي مَليس.
    ۽ پوءِ ته بيجر جون رڙيون ٻڌڻ وٽان هيون. زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيائين. ڊوڙندي ڊوڙندي کڻي پاڻ کي درياهه ۾ ڇڏيائين. ۽ درياهه ۾ ٽپ ڏيڻ مهل اهو به نه سوچيائين ته کيس ترڻ نٿو اچي. مرچن جي باهه کان ته هن کي ٿوري فرحت نصيب ٿي پر هاڻ غوطا کائڻ لڳو.
    ”بچايو، بچايو. آئون ٻڏان پيو“. هن سهي کي سڏيو، ”هي تو مون کي ڇا ڪري رکيو“.
    ”اهو منهنجي طرفان نه اٿئي پر پوڙهي مڙس جي زال طرفان اٿئي جنهن رحمدل زال کي تو ماريو هو“.
    بيجر گهڻئي ڪوشش ڪئي ته هو تري سگهي پر آهستي آهستي ٿي هو وڃي درياهه جي تري کان نڪتو ۽ مري ويو.
    ***


    (18) ڄڀ ڪپيل جهرڪ

    ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي ته جپان جي ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ رحمدل پوڙهو ماڻهو رهيو ٿي پر هن جي زال ڏاڍي ڏنگي هئي.
    پوڙهي ماڻهوءَ هڪ جهرڪ پاليو هو.
    ”چڱي طرح کائيندو رهندين ته جلدي وڏو به ٿي ويندين ته طاقتور به“.
    پوڙهو ماڻهو پنهنجي پاليل جهرڪ جو ڏاڍو خيال رکيو ٿي. هڪ ڏينهن صبح ساڻ پوڙهي ماڻهوءَ جبل تي وڃي ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون گڏ ڪرڻ جو ارادو ڪيو.
    ”پياري، جڏهن تون منجهند جي ماني کائين ته کاڌي جو ذرڙو جهرڪ کي به ڏجانءِ ويچارو صبح کان بکايل آهي“.
    وري به ويندي ويندي، در وٽ بيهي، هن پنهنجي ڏنگيءَ زال کي جهرڪ جي پارت ڪئي. ”پياري هن ويچاري ننڍڙي پکيءَ جو خيال رکجانءِ“.
    پوڙهي جي وڃڻ بعد سندس پوڙهي زال ڪپڙا ڌوئي انهن کي ڪلف ڪرڻ لاءِ هڪ پيالي ۾ ويهي ڪَلف ٺاهيو.
    ڪلف ٺاهي ان کي اتي گهر ۾ ئي رکي پاڻ ڪپڙن جي ڀري کڻي درياهه جي ڪناري تي ڌوئڻ لاءِ ويئي. ۽ اتي وڃي ڪپڙا ڌوئي ٻين آيل عورتن سان ڪچهريءَ ۾ ويهي رهي ۽ منجهند جي ماني ٺاهڻ لاءِ موٽڻ جو نالو نه ورتو.
    ويچارو بکايل جهرڪ کائڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن واجهائڻ لڳو پر هن کي جڏهن ڪجهه به نظر نه آيو ته اڱڻ ۾ رکيل ڪلف جي پيالي مٿان ويهي سڀ ڪلف کائي ويو.
    پوڙهي عورت جڏهن درياهه تان ڪپڙا ڌوئي گهر موٽي ۽ خبر پيس ته هن جو ٺهيل سڀ ڪلف جهرڪ کائي ويو آهي ته هن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي.
    ”توکي ان غلط ڪم ڪرڻ جي سزا ضرور ملڻ کپي. ڇا اهو ڪَلف تنهنجي کائڻ لاءِ ٺاهيو هوم جو چٽ ڪري ڇڏئي؟“ ۽ پوءِ هن پوڙهي عورت جهرڪ کي جهلي ڪئنچيءَ سان هن جي ڄڀ وڍي گهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
    رحمدل پوڙهو ماڻهو جبل تان ڪاٺيون ميڙي جڏهن گهر موٽيو ته هن کي جهرڪ نظر نه آيو. هن پنهنجي پوڙهي زال کان پڇيو: ”پياري، جهرڪ ڪيڏانهن ويو؟“
    ”تنهنجي جهرڪ ڪپڙن کي لڳائڻ وارو ڪلف کائي ڇڏيو ان ڪري سزا طور مون هن جي ڄڀ ڪپي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو“.
    ”او ويچارو غريب جهرڪ..... ويچارو ڪيڏي ته تڪليف ۾ هوندو“.
    پوڙهو ماڻهو ڪاٺين جي ڀري اتي ئي لاهي جهرڪ کي ڏسڻ لاءِ ٻاهر نڪتو.
    ”جهرڪ ري جهرڪ! ڪٿي هوندين تون ۽ ڪٿي آهي تنهنجو گهر؟“
    پوڙهو ماڻهو جهرڪ جي ڳولا لاءِ هيڏانهن هوڏانهن جانچيندو هليو.
    جهرڪ جو گهر ڳوليندي ڳوليندي آخر هن کي هڪ هنڌ اهو جهرڪ نظر اچي ويو.
    ”مهرباني توهان اچڻ جي تڪليف ڪئي. اسان جو گهر هن پاسي آهي. ”جهرڪ پوڙهي جو آڌر ڀاءُ ڪندي چيو ۽ پوءِ هن کي اوڏانهن وٺي هليو جيڏانهن هنن پکين جا گهر هئا.
    پوڙهي هن جهرڪ کان معافي ورتي جنهن جي زبان هن جي ظالم زال ڪپي رکي هئي.
    ”منهنجا غريب ننڍڙا جهرڪ، توکي ڪيڏي ته تڪليف رسي هوندي. منهنجي زال توسان جيڪي ڪجهه ڪيو ان لاءِ هن کي به معاف ڪري ڇڏ“.
    ان بعد هن جهرڪ جي سڀني مائٽن پوڙهي جي کائڻ لاءِ ڪيتريون ئي شيون آڻي رکيون.
    ”منهنجا جهرڪ ۽ جهرڪيون! ههڙي عاليشان ماني کارائڻ لاءِ توهان جي وڏي مهرباني. هاڻ توهان کان موڪلايان ٿو جو اڄ سڄو ڏينهن آئون ڪاٺيون ڪرڻ پويان هليو آهيان ۽ ڏاڍو ٿڪل آهيان.
    سڀني جهرڪن ۽ جهرڪين گڏجي هن پوڙهي لاءِ ٻه لوهه جون پيتيون آنديون. هڪ ننڍي هئي ۽ ٻي تمام وڏي.
    ”اسان جا مهربان سائين، اسان طرفان تحفو قبول ڪريو. مهرباني ڪري هنن ٻن پيتين مان ڪنهن به هڪ کي کڻو“.
    ”آئون تمام پوڙهو آهيان ان ڪري مون ۾ ڪا گهڻي سگهه نه آهي. ان ڪري آئون ننڍي پيتي کڻڻ پسند ڪندس“.
    اهڙي طرح پوڙهي ماڻهوءَ ننڍي پيتيءَ کي پٺن تي رکيو ۽ گهر ڏي روانو ٿيو.
    پوڙهي ماڻهوءَ گهر پهچي پيتيءَ کي کوليو. ان منجهه ڪيتريون ئي قيمتي شيون هيون. پوڙهو ماڻهو ۽ سندس زال ههڙين اوچين شين کي ڏسي دنگ رهجي ويا.
    ”پوڙها، هيءَ پيتي توکي ڪٿان هٿ آئي؟“ هن جي جهيڙاڪ زال پڇيو.
    هن سڄو احوال سربستو ڪري ٻڌايو. سڄي ڳالهه ٻڌڻ بعد سندس زال ڪاوڙ مان چيو: ”تو وڏي بيوقوفي ڪئي. توکي ان ننڍڙي پيتيءَ بدران وڏي کڻڻ کتي ٿي.
    ٻئي ڏينهن صبح ساڻ پوڙهي زال جهرڪ جو گهر ڳولڻ لاءِ نڪري پيئي.
    ”جهرڪ ري جهرڪ! ڪٿي آهين تون ۽ ڪٿي آهي تنهنجو گهر؟“ جهرڪ جو گهر ڳوليندي ڳوليندي آخر هن کي رستي تي اهو جهرڪ نظر اچي ويو.
    ”اسان وٽ اچڻ جي تڪليف وٺڻ جي مهرباني. اسان جو گهر هن طرف آهي“. جهرڪ پوڙهيءَ سان کيڪار کڙي ڪري پنهنجي گهر جو رستو ٻڌايو.
    ”واقعي؟ سچ ٿو چوين. چڱو اها ڳالهه آهي ته جلدي ڪر ۽ مون کي پنهنجي گهر ڏي وٺي هل“.
    جهرڪ پوڙهيءَ کي رستو ڏيکاريندو گهر وٺي آيو جتي سندس مائٽ جهرڪن ۽ جهرڪين گڏجي هن جي اڳيان ماني پيش ڪئي. مانيءَ ۾ هن لاءِ پڻ ڪيتريون ئي شيون رکيل هيون.
    ”چڱو هاڻ جهٽ ڪريو منهنجي لاءِ تحفو آڻيو آئون جلدي ۾ آهيان“. پوڙهيءَ چيو. سڀئي جهرڪ ۽ جهرڪيون گڏجي هن لاءِ به ٻه لوهي پيتيون کڻي آيا. هڪ تمام وڏي هئي ۽ ٻي ننڍڙي.
    ”هنن پيتين مان ڪا هڪ پنهنجي لاءِ چونڊي گهر کڻي وڃي سگهي ٿين“. هنن پوڙهيءَ کي چيو. ”پوڙهي ته آئون به آهيان“، هن چيو، ”پر آئون پهلوان آهيان. آئون وڏي پيتي ئي کڻنديس“.
    اهو چئي هن وڏي پيتيءَ ۾ هٿ وڌا ۽ پٺيءَ سان ٻڌي گهر ڏي رواني ٿي.
    هوءَ گهر ڏي هلندي رهي، هلندي رهي آخر هڪ اهڙي منزل آئي جتي هوءَ ٿڪجي پئي. هن جون ٽنگون اڳتي هلڻ کان پڙ ڪڍي بيهي رهيون. گهر اڃان چڱو پري هو. هن پيتي کولي ان ۾ ڀريل مال کي ڏسڻ ٿي چاهيو.
    ۽ پوءِ جيئن ئي هن پوڙهي عورت پيتيءَ جو پڙ کوليو ته منجهانئس قيمتي شيون نڪرڻ بدران عجيب ڪِن سِن ۽ پٿر ٺڪر نڪري آيا. پوڙهي مائيءَ کان ڇرڪ نڪري ويو. هوءَ سمجهي وئي ته هن سان اها جٺ ان ڪري ٿي جو هوءَ لالچي ۽ ظالم هئي. هن کي ان ڳالهه جو بيحد گهڻو ڏک ٿيو ۽ آئندي سٺي عورت ٿي رهڻ جو پڪو پهه ڪيو.
    ۽ پوءِ ان ڏينهن کان وٺي سندس مرڻ گهڙيءَ تائين هن سان ڪنهن کي به شڪايت نه رهي.
    ***


    (19) يورا شيما تارَو

    پراڻي زماني جي ڳالهه آهي ته جپان جي سامونڊي ڪناري واري هڪ شهر ۾ ”يورا شيما تارو“ نالي هڪ مهاڻو رهندو هو. تارو جو پيءُ ننڍي هوندي ئي گذاري ويو هو ان ڪري هو پنهنجي پوڙهي ماءُ سان گڏ رهيو ٿي ۽ روزانو پنهنجي ننڍڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي سمنڊ مان مڇيون ڦاسائڻ لاءِ ويو ٿي.
    هن جي زندگي ڪا عيش جي زندگي نه هئي. بلڪ هن کي ته اها به خبر نه هئي ته سکي ستابي زندگي ڇا ٿيندي آهي. ٻه ويلا ماني حاصل ڪرڻ لاءِ هن کي سڄو ڏينهن سمنڊ تي واجهائڻو پيو ٿي. سخت گرمي جي موسم هجي يا برف باري هن کي سمنڊ جي لهرن ۾ لوڏا کائي مڇي مارڻ جي ڪوشش ڪرڻي پيئي ٿي. ان هوندي به ڀاڳ جي ڳالهه رهي ٿي. ڪڏهن ته ڪجهه مڇيون ڦاسي وينديون هيون ڪڏهن ته هن کي هٿين خالي موٽڻو پوندو هو.
    تارو هڪ رحمدل ۽ جوان مڙس هو. سڄي ڏينهن جي جدوجهد ۽ ڏکي زندگيءَ جي باوجود هو خوابن جي دنيا ۾ رهيو ٿي.
    ”ڪاش آئون مڇي هجان ها ۽ سمنڊ جي اونهائين ۾ تري ڏسان ها ته اتي جي زندگي ڪيئن آهي!“ هن کي جنهن وقت به وهڻ جي فرحت ملندي هئي يا مڇين ڦاسائڻ جي سمنڊ ۾ ڪنڍي اڇلي مڇين جي اچڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو هو ته هن لاءِ سڀ ۾ سٺي وندر خوابن ۽ خيالن جي دنيا ۾ گم ٿي وڃڻ هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته مڇين مارڻ بدران ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ويهي سڄو ڏينهن سوچن ۾ گذاري ڇڏيندو هو.
    اڄ به هن سان ائين ئي ٿيو هو. ٻيا مهاڻا مڇين جا ڍير ماري ڪناري ڏي موٽيا پر تارو جنهن جو سڄو ڏينهن خواب ڏسندي گذريو اهو هٿين خالي هو. هو هڪ مڇي به ڦاسائي نه سگهيو هو. پر انهن ڳالهين جو هن کي ڪو فڪر نه هوندو هو. ڪا مڇي ڦاسي وئي ته به ٺيڪ آهي ۽ جي نه ڦاٿي ته به مڙيئي خير آهي. هو آهستي آهستي پسار ڪندو گهر ڏي موٽي رهيو هو.
    هو اڃان ڪجهه فاصلو مس هليو ته هن کي هڪ ڏنگن ٻارن جو ٽولو نظر آيو جيڪي ڪنهن شيءِ پٺيان رڙيون ڪري رهيا هئا. تارو ويجهو اچي ڏٺو ته هنن جي اڳيان هڪ ڪميءَ جو ٻچو هو جنهن کي هو ڀتر ۽ ڪاٺيون هڻي تنگ ڪري رهيا هئا.
    تارو کي غريب ڪميءَ کي ڏسي ڏک ٿيو ۽ ٻارن جي وچ ۾ اچي کين دڙڪا ڏنا. ”توهان کي شرم اچڻ کپي. هڪ ننڍڙي جانور کي ستائيندي توهان کي ڪهڙو مزو ٿو اچي....“
    تارو جي دڙڪن تي ٻار نئين ڄاول ڪوريئڙي وانگر ڀڄي ويا. تارو وڏي خبرداريءَ سان ڪميءَ جي هن ننڍڙي ٻچي کي کڻي سمنڊ جي ڪناري تي اچي ڇڏيو. هوءَ آهستي آهستي ٿي سمنڊ ڏي وڌڻ لڳي.
    ”گهر تائين ويندي پنهنجو خيال رکجانءِ ننڍڙي ڪمي“.
    رحمدل تارو ڪا دير نيري سمنڊ ڏي نهاريندو رهيو تان جو ننڍڙي ڪمي سمنڊ ۾ ترندي ترندي ايڏو پري هلي وئي جو پوءِ هن کي بلڪل نظر نه آئي.
    ان ڳالهه کي هاڻ ڪيترائي سال گذري ويا.
    هميشه وانگر تارو پنهنجي مرضي ۽ من مستيءَ سان مڇيون ڦاسائڻ ۾ لڳو رهيو. هن کي گهڻي جي لالچ نه هئي. ڪڏهن ڪا مڇي ملي وئي ٿي ته به هو خوش هو ۽ ڪڏهن هڪ به نٿي ملي ته به هن ڪو فڪر نٿي ڪيو. هو پنهنجين ئي سوچن ۽ خيالن ۾ گم رهيو ٿي.
    اڄ هو ”سِي گل“ پکين کي آسمان ۾ اڏامندو ۽ بازوليون پائيندو ڏسي انهن بابت سوچڻ ۽ اڏامڻ جا خواب لهڻ لڳو.
    ”ڪاش آئون جيڪر انهن سفيد ”سِي گل“ پکين وانگر اڏامي سگهان ته جيڪر ڏسان ته آسمان ۾ هنن وانگر بازوليون پائڻ ۾ ڪيڏو مزو اچي ٿو“. هو اهو سوچي رهيو هو ته مڇي مارڻ واري رسيءَ ۾ هن کي ڇڪ محسوس ٿي. يعني هن ۾ ڪا مڇي ڦاٿي هئي ۽ هاڻ پنهنجو پاڻ ڇڏائڻ لاءِ هوءَ سَٽون ڏئي رهي هئي..
    ”ڏسان ته ڪنڍي ۾ ڇا ڦاٿو آهي!“
    تارو هيٺ ڏٺو ته هن کي هڪ وڏي ڪمي پاڻ ڏي مرڪندي نظر آئي. اها ساڳي ڪمي هئي جنهن کي هن ڪجهه سال اڳ ڏنگن ٻارن کان بچايو هو.
    ”تارو- سَان! ان ڏينهن توهان منهنجي مدد ڪئي هئي ان جي ٿورائتي آهيان. توهان جو اهو ٿورو لاهڻ لاءِ آئون توهان کي سمنڊ جي بلڪل تري ۾ ٺهيل محلات ۾ وٺي هلنديس. اهو ازدها جو محل سڏجي ٿو جيڪو هڪ عجيب محل آهي. هن جي چوڌاري سامونڊي گلن جا باغ آهن. اچو ته هلون“.
    تارو هن ڪميءَ جي پٺيءَ تي چڙهي ويٺو ۽ ڪميءَ سمنڊ اندر ٽٻي هنئي ۽ پوءِ ويئي وڌيڪ هيٺ ٿيندي.
    سمنڊ جي تري جي ڇا ته دنيا هئي. اها اهڙي ئي خوبصورت هئي جنهن بابت تارو خواب ڏٺا ٿي. هو چوڌاري جا سهڻا نظارا ڏسي مدهوش ٿي ويو ٿي.
    جيترو سمنڊ جي هيٺ هو ويا ٿي اوترو ئي گل ۽ مڇيون هُن کي سهڻيون نظر آيون ٿي. هن جهڙي سونهن ۽ سوڀيا جو هو خواب ۾ به ڪڏهن سوچي نٿي سگهيو.
    آخر هو هڪ اهڙي هنڌ پهتا جتي سپن جو ٺهيل ڪورال جبل هو. هن جي ويجهو پهچڻ سان اهو جبل ٻه اڌ ٿي پيو ۽ وچ ۾ هيرن موتين سان مڙهيل هڪ ڏاڪڻ نظر آئي. ان ڏاڪڻ جي هيٺان هتي جي خوبصورت شهزادي چڙهي مٿي هن وٽ پهتي.
    هيءَ ”اوتو هيمي“ شهزادي هئي. ازدها محل جي مالڪ شهزادي جنهن جي سونهن جو ڪو مقابلو ڪري نٿي سگهيو. ائين لڳو ٿي ڄڻ هيءَ ڪنهن ٻي دنيا جي هجي. ”ڌوڙ ۽ مٽيءَ واري ڌرتيءَ تي ڪٿان آيون اهڙيون سهڻيون شڪليون!“ تارو دل ۾ چيو.
    تارو هن اوتو هيمي شهزاديءَ جي سونهن ۾ اهڙو ته غرق ٿي ويو جو هن کي پنهنجو هوش نه رهيو. هو وائڙن وانگر شهزاديءَ کي گهوري ڏسندو ئي رهيو. آخر هن جي کيڪار تي هن کي هوش آيو.
    ”ڪوني چيوا!“
    شهزاديءَ جي جهڙي سونهن هئي تهڙو ئي هن جو مٺو آواز- ڄڻ سچا موتي ڀريل گلاس مان اٿليا ٿي.
    ”ڀلي ڪري آئين اراشيما تارو. تنهنجي وڏي مهرباني جو تو اسان جي دنيا جي ڪميءَ کي بچايو آهي. ۽ هاڻ تون هتي جيڪو وقت رهڻ چاهين پنهنجو گهر سمجهي گذار“.
    شهزاديءَ اهو چئي پنهنجي گول وڃڻي کي کوليو ته سوين هزارين رنگين مڇيون تارو جي چوڌاري گول چڪر ٺاهي شهزاديءَ جي ان وڃڻي جي چرپر موجب نچڻ لڳيون. تارو اهو سڀ ڪجهه ڏسي اهڙو ته خوش ٿيو جو ان جو ڪو حساب ئي نٿو لڳائي سگهي.
    ازدها محل ۾ رهيل تارو لاءِ هڪ هڪ ڏينهن عيش ۽ آرام جي زندگي هئي. روزانو مڇين جا ناچ، قسمين قسمين کاڌا پيتا ۽ دعوتون، گهمڻ ڦرڻ ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ اوتو هيمي شهزاديءَ سان اڪيلائيءَ ۾ ڪچهريون. وقت گذرڻ جو ته ڪو احساس ئي نٿي ٿيو. تارو لاءِ هر ڏينهن هڪ خوبصورت خواب هو.
    پر خوابن ڀري هن زندگيءَ جا ڏينهن هميشه لاءِ نه هلي سگهيا. هڪ اهڙو به وقت آيو جو هر عياشي هجڻ جي باوجود تارو کي مزو نه اچڻ لڳو. هن کي پنهنجي ماءُ ۽ ڳوٺاڻي ڪکائين گهر جي ياد ستائڻ لڳي. هو رکي رکي اداس ٿي ويو ٿي.
    تارو کي هر روز ائين اداس ٿيندو ڏسي آخرڪار شهزاديءَ چيس:
    ”مون کي لڳي ٿو ته توکي پنهنجي گهر وڃڻ جي تانگهه ٿي رهي آهي. ائين آهي نه؟ منهنجي ته دل جي خواهش اها ئي آهي ته تون مون وٽ هميشه لاءِ رهيو پيو هج. پر مون کي لڳي ٿو ته اهو ممڪن ٿي نه سگهندو“.
    شهزاديءَ عاج جي ڪم جي هڪ ننڍڙي ڪاٺ جي پيتي ڪڍي تارو کي ڏني ۽ وڌيڪ چيس:
    ”مهرباني ڪري تون هيءَ پيتي پاڻ وٽ رک. جڏهن تون پنهنجي وطن پهچين ۽ اتي پهچي جيڪڏهن تون ڪنهن وڏي مونجهاري ۾ اچي وڃين ته ان وقت هن پيتيءَ کي کولجانءِ“.
    تارو جي وڃڻ کان اڳ هڪ وڏي دعوت ڪئي وئي ۽ هر هڪ کانئس ڏک ڀرين اکين سان موڪلايو. تارو هڪ دفعو وري ساڳي ڪميءَ جي پٺيءَ تي ٽپ ڏيئي چڙهي ويٺو ۽ ڪمي هن کي پنهنجي گهر پهچائڻ لاءِ سندس ڳوٺ جو رخ ڪيو. تارو کي پنهنجي انتظار ۾ ويٺل ماءُ اکين اڳيان ڦرڻ لڳي ان سان گڏ گڏ سندس ڳوٺ جا ماڻهو ۽ گهٽي گهٽي پڻ جن کي ڪجهه ڏينهن اڳ هو ڇڏي هن نئين دنيا کان وڃي نڪتو هو.
    جڏهن هو سڄو سمنڊ جهاڳي ڪناري وٽ پهتا ته تارو ڪميءَ جي پٺيءَ تان لهي خشڪيءَ تي پير رکيا. ڪميءَ ادب مان پنهنجو ڪنڌ هيٺ مٿي ڪري تارو کي سايو نارا (باءِ باءِ) ڪيو ۽ موٽي سمنڊ ڏي هلي وئي.
    ”مهرباني، تنهنجي ڪمي! تو مون کي ڪجهه ڏينهن لاءِ هڪ نئين دنيا ڏيکاري جنهن جا خواب آئون ننڍي هوندي کان ڏسي رهيو هوس“. هن پنهنجي منهن ڪميءَ جا ٿورا مڃيا.
    ڪناري تي پهچي چوڌاري نظر ڊوڙيائين ته سياري بدران بهار جي مند جو عالم هو. چوڌاري چيري بلاسم ۽ ساڪورا گل کڙيا پيا هئا. تارو گلن جي جهرمٽ مان ٿيندو پنهنجي گهر پهتو.
    ”آئون واپس اچي ويو آهيان، آئون واپس اچي ويو آهيان“. پر هن جي آڌرڀاءَ لاءِ ڪو به گهر کان ٻاهر نه نڪتو ۽ نه وري ڪنهن اندران ئي کيس ڪا ورندي ڏني.
    گهر اندر گهڙي ڏٺائين ته اهو سڄو بدليل هو. سندس پراڻي گهر واري جاءِ تي ڪنهن ٻئي جو گهر ٺهيل هو ۽ نه وري سندس ماءُ نظر آئي. غور سان هن چوڌاري نهار ڪئي ته سڄي شهر جو ئي نقشو ڦريل هو. هن کي ڪو به اهڙو گهر يا ماڻهو سڃاڻپ ۾ نه پئي آيو جيڪو پهرين کان هن جو ڏٺل وائٺل هجي.
    هن کي پنهنجي وطن ورڻ جي جيڪا خوشي ڪجهه گهڙيون اڳ ۾ هئي اها رفو چڪر ٿي وئي. تارو جي حالت ڏسڻ وٽان هئي. هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هي ڇا ٿي ويو آهي ۽ کيس ڇا ڪرڻ کپي.
    ”جڏهن تون ڪنهن وڏي مونجهاري ۾ اچي وڃين ته ان وقت هن پيتيءَ کي کولجانءِ.....“ سامونڊي شهزاديءَ جا موڪلائڻ وقت هي لفظ تارو جي دماغ ۾ گونجڻ لڳا.....
    ”صحيح آهي!“ تارو سوچيو. ”هي رهي اها پيتي. مونکي هاڻ اها کولڻ کپي. ٿي سگهي ٿو هن جي کولڻ سان مون کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي.....“.
    تارو ڊڄي ڊڄي پيتيءَ جو ڍڪ مٿي کنيو.
    ۽ جيئن ئي پيتيءَ جو ڍڪ کليو ته ان مان اڇي رنگ جو دونهون گڙ گڙ ڪري نڪرڻ لڳو.
    ۽ پوءِ ٻي گهڙيءَ ۾ نوجوان تارو هڪ ڊگهي اڇي ڏاڙهيءَ سان سٺ سالن جو پوڙهو ٿي پيو.
    تارو کي هاڻ حقيقت جي خبر پيئي ته ڪجهه ڏينهن جيڪي هن سمنڊ جي تري ۾ ازدها محل ۾ گذاريا ان دوران زمين تي سوين سال گذري ويا ۽ تارو جي ماءُ ته ڇا پر هن جيڪي گهٽيءَ جا ننڍا ٻار ڏٺا هئا اهي به پوڙها ٿي مري ويا هاڻ سندن اولاد هلي رهيو هو. شايد ئي ڪو گهر پراڻي حالت ۾ بچيو هجي نه ته سڀ گهر جيڪي هن ڇڏيا اهي ڊهي ويا ۽ انهن جي جاءِ تي نوان ٺهي ويا هئا.
    خلا ۾ گهوريندي تارو اهو ئي سوچيندو رهيو ته سمنڊ جي تري جي خوبصورت دنيا جيڪا هو ڏسي آيو واقعي حقيقت هئي يا هن جو خوبصورت خواب يا هو هينئر خواب ڏسي رهيو آهي.....؟
    جيترو ئي هن ان ڳالهه تي سوچيو ٿي اوترو ئي هن کي اها ڳالهه سمجهه کان پري لڳي ٿي.
    ***


    (20) برفاڻي عورت

    جپان جي هڪ ڳوٺ ۾ ٻه ڪاٺير موساڪو ۽ مِنوڪِچي رهيا ٿي. موساڪو پوڙهو مڙس هو ۽ مِنوڪِچي ارڙهن سالن جو نوجوان ڇوڪرو هو.
    هڪ ڏينهن پوڙهو موساڪو ۽ جوان ڇوڪرو مِنوڪِچي گهر ڏي موٽي رهيا هئا ته رستي تي طوفاني برفباريءَ اچي وراين. لڪڻ لاءِ ڪو اَجهو ڳوليندي هنن کي پري کان ڪنهن هاريءَ جي جهوپڙي نظر آئي جنهن ۾ هنن اچي پنهنجو مٿو لڪايو.
    موساڪو جيڪو پوڙهو مڙس هو ان کي سمهڻ سان ننڊ کڻي وئي پر مِنوڪِچي ڪا دير جاڳندو ۽ ٻاهر لڳندڙ هوا جا سوساٽ ٻڌندو رهيو. آخرڪار، سخت سرديءَ هوندي به هن جي اک لڳي وئي.
    سخت برفباري ۽ طوفان سڄي رات هلندو رهيو.
    ڪجهه رات گذرڻ بعد مِنو ڪِچي جي منهن تي پاڻيءَ جا ڇنڊا لڳڻ ڪري هن جي اک کلي پئي. برف جي سفيد چمڪ ۾ هن کي ڪا عورت سفيد ڊريس ۾ نظر آئي. هوءَ پيرسن موساڪو جي مٿان نئڙي بيٺي هئي. هن جو ساهه چمڪندڙ سفيد دونهين وانگر هو. ان بعد هوءَ مِنو ڪچيءَ مٿان جهڪي ۽ وئي هيٺ جهڪندي- تان جو هن جو منهن منو ڪچيءَ جي منهن سان وڃي لڳو.
    هن ڏٺو ته هيءَ عورت بيحد خوبصورت هئي پر هن جون اکيون ڏسي کيس خوف ٿي ٿيو.
    عورت ڪجهه گهڙين لاءِ هن کي چتائي ڏٺو، پوءِ مرڪيو ۽ هن جي ڪن ۾ ڀڻڪيو.
    ”مون تنهنجو حال به پوڙهي جهڙو ڪيو ٿي پر خبر ناهي ڇو منهنجي دل ۾ تو لاءِ همدردي ٿي پئي آهي. تون ننڍو نيٽو ۽ ڳڀرو جوان آهين، مِنو ڪِچي! آئون هن وقت توکي ڪو نقصان نه رسائينديس. پر تو جيڪڏهن زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي اڄ جي رات جي هيءَ ڳالهه ڪنهن سان ڪئي آهي ته پوءِ تنهنجو خير نه آهي. آئون توکي به پوڙهي وانگر ماري ڇڏينديس!“.
    ان بعد هوءَ سڌي ٿي بيٺي ۽ پٺ ورائي گهر کان ٻاهر نڪري سخت طوفاني برفباريءَ ۾ گم ٿي وئي“.
    صبح تائين طوفان جهڪو ٿي ويو. هاريءَ هنن جي ڪمري ۾ اچي ڏٺو ته پوڙهي موساڪُو جي لاش ڀرسان مِنو ڪچي بيهوش پيو آهي. مِنو ڪچيءَ کي گرم گرم ٽاڪوڙون ۽ ڪوسي ڪوسي رٻ پياري هوش ۾ آندو ويو پر پوءِ به هو هڪ ڊگهي عرصي تائين بيمار رهيو.
    آخرڪار مِنو ڪچي چاق ٿيو ۽ پنهنجي پورهئي کي لڳي ويو پر هن ڪنهن به بني بشر سان ان خوفناڪ طوفاني برفباري واري رات واري ڳالهه نه ڪئي ته هن کي هڪ سفيد عورت جي صورت ۾ غيبات ڏيکائي ڏني. پوڙهي کي ماري ڇڏيائين ۽ کيس ماريندي ماريندي ڇڏي ڏنائين.
    ٻئي سال سياري ۾ گهر موٽڻ مهل مِنو ڪِچيءَ جي هڪ ننڍي نيٽي عورت سان رستي تي ملاقات ٿي. هوءَ ڊگهي، سنهي ۽ شڪل جي سهڻي هئي. مِنو ڪِچي هن جي ڀرسان گڏ گڏ هلي رهيو هو ۽ هلندي هلندي هن جي هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولهه شروع ٿي وئي. هُن مِنوڪِچيءَ کي ٻڌايو ته هن جو نالو يُوڪِي آهي ۽ هوءَ ڀر واري شهر ۾ روزگار ڳولڻ لاءِ وڃي رهي آهي. منو ڪچيءَ هن کي سندس گهر هلي ٿورو ٿڪ ڀڃڻ لاءِ چيو. هوءَ بيحد شرميلي ۽ خبرداريءَ کان ڪم وٺڻ واري لڳي ٿي. پر پوءِ ڪجهه دير نه نه ڪرڻ بعد يوُڪِيءَ هائوڪار ڪئي ۽ منوڪِچيءَ سان گڏ سندس ماءُ جي گهر هلڻ لاءِ تيار ٿي وئي.
    مِنوڪِچيءَ جي ماءُ هن نوجوان ۽ خوبصورت عورت سان ملي ڏاڍو خوش ٿي ۽ هن لاءِ گرم گرم ماني تيار ڪرڻ لڳي. مِنوڪچي ۽ سندس ماءُ هن کي ٻئي ڳوٺ وڃي نوڪري ڳولڻ جي ارادي تان هٿ کڻڻ لاءِ چيو جنهن کي يُوڪيءَ قبول ڪيو.
    وقت گذرندو رهيو يوڪِي نه وري ڀر واري ڳوٺ ۾ نوڪريءَ جي ڳولا لاءِ وئي ۽ نه پنهنجي ماءُ پيءُ جي گهر. هوءَ هنن وٽ ئي مِنو ڪِچي جي زال ٿي رهي پيئي.
    يوڪِيءَ سٺي زال ثابت ٿي ڏيکاريو ۽ کيس ڏهه ٻار ٿيا. اهي سڀ ٺاهوڪا ۽ سهڻا هئا. ڳوٺ جي ماڻهن جو اهو ئي خيال هو ته يوڪي هڪ عجيب ۽ نرالي عورت آهي. ڳوٺ جون هارپو ڪندڙ زالون وقت کان اڳ پوڙهيون ٿيو وڃن پر يوڪي ڏهه ٻار ڄڻ بعد به ڏسڻ ۾ اهڙي ئي سهڻي ۽ جوان لڳي ٿي جهڙي پهرين ڏينهن تي جڏهن هوءَ مِنوڪِچيءَ سان گڏ سندن گهر آئي هئي.
    هڪ رات، جڏهن ٻار وڃي ستا ته يوڪي پني جي فانوس وٽ سبڻ جي هَڙ کڻي ڪپڙا سبڻ لڳي.
    مِنو ڪِچي ڪا دير هن ڏي غور سان گهوريندي چيو:
    ”توکي سبندو ڏسي مون کي هڪ عجيب ڳالهه ياد ٿي اچي جڏهن آئون ارڙهن سالن جو ڇوڪرو هوس. مون توجهڙي هڪ خوبصورت ۽ ڏٻري جسم جي هڪ ننڍي عمر جي جوان عورت ڏٺي هئي. يقين ڪر هوءَ هوبهو توجهڙي هئي“.
    يوڪيءَ پنهنجي ڪم مان اکيون کڻي مڙس ڏي ڏسڻ بنا جواب ڏنو: ”هن بابت مون کي وڌيڪ ته ٻڌاءِ. تو هن کي ڪٿي ڏٺو هو؟“
    ۽ پوءِ مِنو ڪِچي ان خوفناڪ رات جي هن کي ويهي سڄي ڪهاڻي ٻڌائي. ”منهنجي زندگيءَ ۾ اهو هڪڙو ئي موقعو هو جو مون اهڙي سهڻي عورت ڏٺي جنهن جي سونهن جو مقابلو تنهجي حسن سان ڪري سگهجي“. هن چيو. ”يوڪِي تون ئي ٻڌاءِ ته منهنجو اهو خواب هو يا اها برفاڻي عورت هئي؟“.
    يوڪيءَ پنهنجي سبڻ واري هڙ کڻي اڇلي ۽ اٿي بيٺي. ”ڇو ڇا ٿيو؟ خير ته آهي؟“ مِنوڪچيءَ حيرت مان پڇيو. يوڪي سندس ويجهو اچي رڙيون ڪري چيو: ”مون کان ٿو پڇين ته خير ته آهي. اها آئون.... آئون.... آئون هيس! ۽ مون توکي تڏهن به چيو هو ته جيڪڏهن تو هن ڳالهه جو ڪنهن سان ذڪر ڪيو ته ماري رکنديسانءِ! توکي هينئر جو هينئر اڦٽ مارڻ تي دل چوي ٿي پر تون هيترن ستل ٻارن جو پيءُ ٿي چڪو آهين. اڄ کان پوءِ توکي ئي انهن ٻارن جو چڱيءَ طرح خيال رکڻو آهي“.
    هن جو رڙيون ڪرڻ دوران آهستي آهستي ٿي آواز هلڪو ٿيندو ويو. ڄڻ طوفاني شوشٽ واري هوا مان نيراني هير ٿي پوي. مِنو ڪچي غور سان ڏٺو ته هوءَ برف وانگر ڳرڻ لڳي ۽ پوءِ هوءَ چمڪندڙ ۽ سفيد ٻاڦ جهڙو دونهون ٿي وئي جيڪو ڀتين جي روشندانن مان نڪري غائب ٿي ويو. ان بعد هوءَ ڪڏهن به نظر نه آئي.
    ***


    (21) احسانمند ڪونج

    هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ڪنهن ڏورانهين ڳوٺ ۾ هڪ رحمدل پوڙهو مڙس ۽ سندس پوڙهي زال رهي ٿي.
    هڪ ڏينهن هي پوڙهو مڙس گهر ۾ ٻارڻ لاءِ جنگل مان ڪاٺين جي ڀري ٻڌي گهر ڏي پئي موٽيو ته هڪ هنڌ گپ واري علائقي ۾ هن کي ڪنهن ڪونج جي ڪوڪن جو آواز ڪن تي پيو.
    هن هيڏانهن هوڏانهن ٿورڙي ئي ڳولا ڪئي ته هن کي هڪ ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل ڪونج نظر آئي جيڪا سخت سور کان رڙيون ڪري رهي هئي. پوڙهي مڙس پکيءَ کي يڪدم ڪوڙڪي مان آزاد ڪيو ۽ هوءَ خوشيءَ مان پرڙا هڻي برفاني جبلن ڏي اڏامي وئي.
    ان رات باهه اڳيان هٿ سيڪيندي پوڙهي مڙس پنهنجي زال سان ڪونج واري ڳالهه ڪئي جيڪا ساڻس گهر موٽندي درپيش آئي هئي.
    ”ڪونج کي جڏهن ڪوڙڪي مان ڪڍي آزاد ڪيم ته هوءَ ڪيڏو ته خوش ٿي رهي هئي!“ هن چيو.
    رحمدل پوڙهي زال ڳالهه ٻڌي چپن تي مرڪ آڻي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ ان نيڪيءَ جي ڪم ڪرڻ ڪري ٻنهي هڪ قسم جو سڪون محسوس ڪيو. پر ان کي اڃا ڪجهه دير به نه ٿي ته دروازي تي ڪنهن جو ڪڙو لڳو.
    ”ٽڪ ٽڪ، ٽڪ“.
    ڪو در تي ضرور آهي. رات جي وقت هيڏو دير سان ۽ ههڙي برفباريءَ ۾ ڪير ٿي سگهي ٿو؟.
    ”ٺڪ ٺڪ، ٺڪ“. هڪ دفعو وري ڪڙو لڳو.
    ايڏو دير سان اسان وٽ ڪو مهمان آيو ته نه آهي. پوڙهي مڙس اهو سوچي دروازو وڏي خيال سان کوليو. ۽ هن کي اهو ڏسي تعجب لڳو ته ٻاهر وسندڙ سخت برفباريءَ ۾ هڪ سهڻي جوان ڇوڪري بيٺي آهي.
    هن پوڙهي مڙس کي ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي ڪنهن ساهيڙيءَ سان ملڻ لاءِ ڀر واري ڳوٺ ڏي وڃي رهي هئي ته واٽ تي سخت سردي، اونداهه ۽ برفباري ڪري هن کان رستو گم ٿي ويو آهي ۽ هوءَ ڀٽڪي ڀٽڪي هتان اچي نڪتي آهي.
    رحمدل پوڙهي مڙس ۽ سندس زال هن ڇوڪريءَ کي اندر اچڻ لاءِ چيو ۽ کيس ٻڌايو ته هوءَ ڀلي رات هنن وٽ گذاري ۽ هنن کي مهمان رهائڻ ۾ خوشي ٿيندي. پوڙهي مڙس يڪدم اٿي چانورن جي گرم گرم رٻ ٺاهي.
    ”توهان جي وڏي وڏي مهرباني“. ڇوڪريءَ چيو.
    ڇوڪريءَ سان خبر چار ڪندي هنن کي معلوم ٿيو ته هن ڇوڪريءَ جو هن جهان ۾ ڪو مٽ مائٽ ناهي ۽ هن کي ڪيڏانهن وڃڻ لاءِ ڪو ٺام ٺڪاڻو به ناهي.
    ”نوجوان خاتون جيڪڏهن اها ڳالهه آهي“، رحمدل پوڙهي هن کي چيو، ”ته تون اسان وٽ هميشه لاءِ رهي سگهين ٿي“. ان تي پوڙهي زال به هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
    ”ان کان وڌيڪ مون لاءِ ٻي ڪهڙي خوشيءَ جي ڳالهه ٿي سگهي ٿي آئون پاڻ به چاهيان ٿي ته توهان جهڙن سٺن ماڻهن سان گڏ رهي پوان“. هن جهڪندي چيو.
    ”ڏاڍو سٺو، ڏاڍو سٺو“، پوڙهي مڙس ۽ زال جواب ۾ جهڪندي هن کي چيو.
    ڇوڪريءَ جي هائوڪار تي هي ٻئي پوڙها پڻ ڏاڍا خوش ٿيا جو هنن جو پنهنجو ڪو اولاد نه هو.
    ان رات ٽئي ڄڻا آرام سان سمهي رهيا. صبح جو سوير سج اڀرڻ کان اڳ، اڃان منهن اونداهي هئي ته ڇوڪري بستر تان اٿي.
    هوءَ آهستي آهستي ڪري ڪمري مان نڪتي جيئن پوڙهي زال مڙس جي ننڊ نه ڦٽي. ڪمري مان ٻاهر نڪري هوءَ رڌڻي ۾ آئي. هن پوڙهي زال مڙس جي اٿڻ کان اڳ سڀني لاءِ نيرن ٺاهڻ ٿي چاهي. هن رکيل دٻا ۽ ڇٻڙيون کولي ڏٺيون پر هن کي ڪنهن ۾ به ان ڪڻا نظر نه آيا. سڀ شيون خالي هيون. هن کي ڪٿي به چانور يا ڳڙ نظر نه آيو جيڪي شيون جپاني صبح جو نيرن تي کائين ٿا. رڌڻي مان ٻاهر نڪتي ته هڪ ڪنڊ ۾ هن کي سُٽ جا ڦورا نظر آيا. اهي ڏسي هن کي دماغ ۾ هڪ سوچ آئي. هن اهي سٽ جا ڦورا کڻي ڪم واري ڪمري ۾ هلي وئي. ۽ پوءِ ڪجهه دير بعد ان ڪمري اندران ڪنهن جي اڻڻ جو آواز آيو.
    ڪِرڪ ڪِرڪ..... ڪِرڪ ڪرڪ ڪرڪ......
    صبح جي سج جا ڪرڻا هاڻ دريءَ تي ٽنگيل نُک مان اندر گهڙي رهيا هئا. پوڙهو مڙس ۽ زال ڪَر موڙي اٿيا ۽ ڀر واري هنڌ تي نظر وڌائون ته سندن مهمان ڇوڪري غائب هئي.
    هو اڃان ڇوڪريءَ جو سوچي رهيا هئا ته هوءَ ان وقت ڪمري اندر گهڙي. هن جي هٿ ۾ بروڪيڊ ڪپڙي جو تازو اڻيل تاڪيو هو.
    ”ڇا ته سهڻو ڪپڙو آهي!“ پوڙهي ڪپڙي کي هٿ لاهيندي چيو.
    ”بلڪل“، هن جي زال چيو، ”واقعي اهو بيحد سهڻو آهي“. هنن ٻنهي هڪ دفعو وري ڪپڙي کي هٿ لاهي ان جي تاچي پيٽي ۽ ان تي اڀريل پکين گلن کي ڏٺو.
    ”مهرباني ڪري هي ڪپڙي جو تاڪيو شهر ۾ وڪڻي انهن پئسن مان چانور ۽ ڳڙ وٺي اچو، ۽ ان کان علاوه ڪنهن ٻي شيءِ جي ضرورت هجي ته وٺي اچجو. ڇوڪريءَ تاڪيو پوڙهي حوالي ڪندي چيو.
    پوڙهو خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو. هو ان ئي وقت تاڪيو ڪڇ ۾ رکي وڪڻڻ لاءِ شهر ڏي روانو ٿيو.
    هن کي ههڙي سٺي ۽ نئين نموني جي ڪپڙي وڪڻڻ ۾ ڪا دير نه لڳي. مليل پئسن مان پوڙهي چانور ۽ ڳڙ خريد ڪيو ۽ ڇوڪريءَ لاءِ هڪ سهڻي، ڪاٺ جي ڦڻي پڻ.
    ان لاءِ هي سڀ خوش هئا. پوڙهي مڙس ۽ سندس زال ڪيترن ڏينهن بعد اڄ پيٽ ڀري کاڌو.
    ”چڱو هاڻ سمهڻ کپي“، پوڙهي مڙس چيو. ”شل سڀني کي سٺا خواب نصيب ٿين.“
    ”مهرباني! پر توهان ڀلي هلي سمهو.“ڇوڪريءَ چيو، ”مون کي ننڊ نه پئي اچي سو ٿورو ڪم ڪري ٿي وٺان“.
    پوڙهي هن ڏي نهاري تعجب کاڌو. ”ائين ته نه ڪر“ هن چيو. ”توکي هن وقت آرام جي ضرورت آهي“.
    ”نه ائين نه چئو. مون کي توهان لاءِ ڪجهه وڌيڪ ڪپڙو اڻڻو آهي. توهان ناراض ته نه ٿيندائو نه؟ بس مون تي فقط هڪ مهرباني ڪندائو ته آئون ٿورائتي رهنديس. اها هيءَ ته جنهن وقت آئون ڪپڙو اڻان ٿي ته مون کي ڪير به ڏسڻ جي ڪوشش نه ڪري“.
    ”ڇا؟ تنهنجو مطلب آهي ته اسان توکي نه ڏسن. ائين نه؟“
    ”جي ها. بلڪل ايئن. مون کي هرگز نه ڏسجو ۽ ان لاءِ مون سان مهرباني ڪري وعدو ڪريو“. هن چيو. هن جي چهري مان صاف لڳي رهيو هو ته هوءَ ٿڪل ٿڪل ۽ بيحد ڏکويل آهي.
    پوڙهي مڙس ۽ زال کي سمجهه ۾ نه آيو ته ههڙي حالت ۾ ڇا ڪرڻ کپي پر بهرحال ڇوڪريءَ جي اها مرضي ڏسي هنن راضپو ڏيکارڻ لاءِ ڪنڌ ڌوڻيو.
    ان کان پوءِ روز رات جو هيءَ ڇوڪري جاڳي سهڻي ڪپڙي جو هڪ تاڪيو اڻندي هئي ۽ روز پوڙهو اهو تاڪيو وڪڻڻ لاءِ شهر ڏي کڻي ويندو هو جتي ڪيترائي ماڻهو ان خاص قسم جي ڪپڙي کي خريد ڪرڻ لاءِ هميشه آتا هوندا هئا.
    پر پوءِ چئن پنجن تاڪين اڻڻ بعد هيءَ ڇوڪري وئي ڪمزور ۽ سنهي ٿيندي. هو هر وقت در وٽ بيهي سج کي غور سان لهندو ڏسندي هئي. ائين لڳندو هو ڄڻ هن کي ڦيري ٿي رهي آهي ۽ ان گهوماٽ ۾ ڪٿي پٽ تي نه وڃي ڦهڪو ڪري.
    ”مون کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ٻيو تاڪيو هن پيرسن جوڙي لاءِ اُڻڻ کپي“. هن دل ئي دل ۾ سوچيو.
    رات جي مانيءَ جو وقت ٿيو. پوڙهو شهر مان ڪيتريون ئي کائڻ جون شيون وٺي آيو هو پر ڇوڪريءَ انهن مان ڪنهن کي هٿ به نه لاٿو“.
    ”ٻچا ڪجهه ته کاءُ“.
    ”مهرباني- منهنجو پيٽ ڀريو پيو آهي. بک لڳي ته آئون پاڻهي کڻي کائينديس. هن وقت مون کي ڪم ڪرڻ کپي“.
    ”ڏس ائين نه ڪر. تون ڪيترين ئي راتين کان لڳاتار ڪم ڪري رهي آهين. اڄ رات ته مهرباني ڪري آرام ڪر“. پوڙهي زال چيس پر ڇوڪريءَ ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. هوءَ پيرن تي اٿي بيٺي پر سندس ٽنگون ڏڪي رهيون هيون.
    ”پنهنجو پاڻ کي ته ڏس. ڪيترو ته ڪمزور ٿي وئي آهين“.
    پوڙهو مڙس هن کي اڻڻ کان جهلڻ لاءِ اٿيو پر ڇوڪريءَ پڪي ارادي سان چيس ته مون کي فقط هڪ ٻيو تاڪيو اڻڻ ڏيو.
    ڇوڪريءَ جي ضد اڳيان هي پوڙهو جوڙو بيوس ٿي پيو. هو اتي جو اتي چپ چاپ بيٺا رهيا. ڇوڪري ڪم واري ڪمري ڏي ڊوڙي وئي ۽ اندران دروازو بند ڪري ڇڏيو.
    پوڙهو مڙس ۽ زال هنڌ تي ته وڃي ستا پر ڇوڪريءَ جي پريشانيءَ کان کين ننڊ ئي نه پئي آئي. ٿوري دير اک لڳي وري کلي وئي ٿي.
    ”ٿورو ٻڌ ته صحيح“، پوڙهي مڙس پنهنجي زال کي چيو، ”هن جي اڻڻ جو آواز ڪيترو ته هلڪو ۽ رکي رکي اچي رهيو آهي“.
    ”لڳي ٿو ته هوءَ لڳاتار اوجاڳن ۽ ڪم ڪري بيمار ٿي پئي آهي“. پوڙهي زال چيو.
    ”مون کي ليئو پائي هن جي حالت ڏسڻ کپي. ڪٿي بيهوش نه ٿي وڃي“. پوڙهي مرد چيو.
    ”پاڻ کي ائين هرگز ڪرڻ نه کپي جو پاڻ هن سان وعدو ڪيو آهي....“.
    جيتوڻيڪ پوڙهي زال پنهنجي مڙس کي ڇوڪريءَ کي ڏسڻ لاءِ ڏاڍو جهليو پر هو هن کي ڏسڻ لاءِ اٿي کڙو ٿيو.
    هن آهستي ڪري دروازي کي ٿورو کولي ليئو پاتو.
    ليئو پائڻ سان پوڙهو مڙس وائڙو ٿي ويو جو اندر ڪمري ۾ ڇوڪري نه پر هڪ ڪونج ڪپڙو اڻي رهي هئي!.
    ڪونج پنهنجي جسم تان ننڍا ننڍا کنڀ پٽي ڪپڙي ۾ وجهي رهي هئي ۽ اهو ئي سبب هو جو هن جي جسم جي طاقت ختم ٿي رهي هئي ۽ هوءَ وئي ٿي ڏينهون ڏينهن نستي ۽ نٻل ٿيندي.
    پوڙهي مڙس در جا ٻئي طاق کولي ڇڏيا.
    در کلڻ تي ڪونج کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ هوءَ پوڙهي مڙس ڏي ڏسڻ لڳي ۽ ان سان گڏ هوءَ آهستي آهستي ٿي وري ڇوڪري ٿي وئي.
    ”تون..... تون ڪٿي اها....“ پوڙهي هٻڪندي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ڇوڪريءَ حيرت مان ڏسندڙ پوڙهي مڙس جي اڳيان ادب سان ڪنڌ جهڪائي چيو: ”جي ها. اها آئون ئي هيس جنهن کي تو ڪوڙڪي مان ڪڍي آزادي بخشي هئي“.
    ”پوءِ تون هتي ڪيئن آئينءَ؟“ پوڙهي مڙس پڇيو.
    ”تو منهنجي زندگي بچائي ان ڪري مون سوچيو ته ڪنهن طرح سان توکي ان نيڪ ڪم جو اجورو ڏيان. مون کي زندگيءَ ۾ هڪ موقعي جي عنايت ڪئي وئي هئي ته جيسين ڪنهن کي خبر نه پوي آئون ڪونج مان ڇوڪري ٿي سگهيس ٿي. اهڙي طرح آئون هڪ سهڻي ڇوڪريءَ جي روپ ۾ تو وٽ هلي آيس.....“
    اهو چئي ڇوڪري ٽپ ڏئي اٿي ۽ پوڙهي وٽان اڳيان کسڪي در وٽ اچي بيٺي.
    ”آئون هاڻ هتي وڌيڪ رهي نٿي سگهان“. ڇوڪريءَ چيو، ”مون توهان ٻنهي سان گڏ سڄي عمر ڌيءَ وانگر گذارڻ چاهيو ٿي، پر.....“.
    اهو چوڻ بعد ڇوڪريءَ در کان ٻاهر قدم رکيو ۽ هڪ دفعو هوءَ وري ڪونج ٿي وئي ۽ آهستي آهستي پٽ تان اڏامڻ لڳي. ”اسان کي ياد رکجانءِ، ٻچا! وسارجانءِ نه.“ اهو چئي پوڙهي مڙس ڪونج ڏي سندس ڪاٺ جي ڦڻي هوا ۾ اڇلائي.
    ڪونج لامارو ڏئي پنهنجي چهنب ۾ ڦڻي جهٽي ۽ موڪلائڻ خاطر ٻه ڏک ڀريون ڪيڪون ڪيون ۽ پري جبلن ڏي غائب ٿي وئي.
    ***


    (22) چيري بلاسم گلن وارو پوڙهو

    هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ ننڍڙي جابلو ڳوٺ ۾ هڪ رحمدل پوڙهو ماڻهو ۽ ان جي زال رهي ٿي.
    هڪ ڏينهن هي پوڙهو ماڻهو ٻج ڇٽڻ لاءِ پنهنجو گهر اڳيان زمين ٽڪري کي ٺاهي رهيو هو ته هن کي ڪنهن جي رڙين جو آواز ڪن تي پيو. اهو ڀر واري گهر ۾ رهندڙ چيڙاڪ ۽ هٻڇي پوڙهي جو هو. هو هڪ ڪتي جي پونگڙي کي دڙڪا ڏئي رهيو هو.
    ”هل! نڪري وڃ منهنجي پلاٽ مان!“
    ۽ ڪتي جو ننڍڙو پونگڙو رحمدل پوڙهي جي گهر ڊوڙي آيو. رحمدل پوڙهي هن کي کڻي جيئن ئي ڀاڪر ۾ وڌو ته پاڙي وارو هٻڇي هن جي ڪڍ ڪڍ اچي رحمدل پوڙهي جي ٻنيءَ ۾ نڪتو.
    ”هي شيطان منهنجي زمين خراب ڪري رهيو هو. هيڏانهن مون کي ڏي ته کلا هڻانس!“.
    ڪتي جو ٻچو ڊپ ۽ هراس مان رحمدل پوڙهي جي ڀاڪر ۾ ڏڪي رهيو هو.
    ”مهرباني ڪري هن کي مون خاطر معاف ڪر“، هن جهڪندي نئڙت مان چيو.
    ”ٻئي دفعي جي منهنجي ٻنيءَ ۾ آيو آهي ته پاڻ ٿو سمجهي. موچڙا هڻي اڌ مئو ڪندوسانس“. هٻڇي پوڙهي ڪتي کي دڙڪا ڏيندي چيو ۽ طوفان وانگر پنهنجي زمين ڏي هليو ويو.
    رحمدل پوڙهي ۽ سندس زال فيصلو ڪيو ته هن پونگڙي کي پالي وڏو ڪيو وڃي ۽ هن کي گهر جي ڀاتي وانگر پاڻ سان گڏ رکجي. هنن هن ڪتي جو نالو اڇڙو رکيو جو سندس رنگ به اڇو کير جهڙو هو.
    اڇڙو صبح کان وٺي شام تائين هنن کي ڪم ۾ مدد ڪرائيندو هو ۽ هن جيترو گهڻو کاڌو ٿي اوترو ئي جلدي وڏو ٿيو ٿي.
    هن پيالو ڀريل کاڌو ٿي ته پيالي جيترو وڏو ٿيو ٿي ۽ ديڳڙو ڀريل کاڌو ٿي ته ديڳڙي جيڏو وڏو ٿيو ٿي ۽ جي ڀريل بالٽي ڀت جي کاڌي ٿي ته بالٽيءَ جيڏو وڏو ٿي ويو ٿي.
    هڪ ڏينهن اڇڙي پوڙهي ماڻهوءَ وٽ اچي هن جي قميص کي ڇڪون ڏنيون. لڳو ٿي ته هو هن کي ڪيڏانهن وٺي هلڻ لاءِ چئي رهيو هجي.
    آخر پوڙهو اڇڙي مٿان چڙهي ويٺو ۽ اڇڙو هن کي گهرجي پويان واري جبل ڏي کڻي هليو.
    جڏهن هو جبل جي چوٽيءَ تي پهتا ته پوڙهو اڇڙي تان هيٺ لٿو ۽ اڇڙي ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ ڀونڪڻ شروع ڪيو.
    ”هِتي کوٽ..... هو هو.... هُتي ڪوڏر هڻ..... ڀون ڀون.....“ پوڙهي کي هي سڀ ڪجهه عجيب لڳو پر ڪتي جي ٻڌائڻ موجب هن کوٽڻ شروع ڪيو.
    ٿورو کوٽڻ بعد هڪ هنڌ هن جي ڪوڏر ڪنهن لوهي شيءِ سان لڳي آواز ڪيو.
    ”ڇا ٿي سگهي ٿو....؟ ڏسان ته صحيح ته ڇا آهي.... مار! هي ته سون آهي! سونا سڪا!“.
    پوڙهو سڀ سونا سڪا گهر کڻي آيو ۽ زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هن رحمدل پوڙهي ۽ سندس زال ان رات ايڏي ملڪيت ڏٺي. هو ڪا دير انهن سونن سڪن کي ڳڻيندا ۽ لڪائيندا رهيا.
    ۽ پوءِ......
    ان وقت پاڙي جو هٻڇي پوڙهو ماڻهو ۽ سندس زال هنن جي گهر ۾ گهڙي آيا. هو ڪاغذ جي سلائيڊنگ واري دروازي جي هڪ ٽنگ مان هنن کي سونا سڪا ڳڻيندو ڏسي رهيا هئا.
    جڏهن هنن کي رحمدل پوڙهي ماڻهوءَ جي واتان معلوم ٿيو ته هنن کي ان اڇڙي ڪتي کان سون جو معلوم ٿيو ۽ کوٽي کڻي آيا آهن ته هنن به چاهيو ته جيڪر هنن کي به اڇڙو اهو هنڌ هلي ڏيکاري جيئن هو به سڪا کوٽي ڪڍن.
    موڪلائڻ مهل ڪجهه چٽ سان ڪجهه لٺ سان هو اڇڙي کي پاڻ سان وٺي هليا. ڪتي هن هٻڇي پوڙهي جي گهر هلڻ نٿي چاهيو پر هو کيس ڇڪي ڇڪي وٺي ويا.
    ٻئي ڏينهن صبح ساڻ هٻڇي پوڙهو هن ڪتي جي پٺ تي چڙهي ويٺو جنهن کي گهڻو اڳ دڙڪا ڏيئي گهر کان ٻاهر ڪڍيو هئائين. هو ڪتي کي ڏنڊا هڻندو ساڳي جبل جي چوٽيءَ تي پهتو پر مٿي پهچي ڪتو بيهوش ٿي ڪري پيو. هٻڇي پوڙهو سمجهي ويو ته هي اهو ئي هنڌ آهي جتي کوٽڻ سان هن کي به سڪا ملي ويندا. هن ڪوڏر سان کوٽڻ شروع ڪري ڏٺو.
    ”ٽڙڪ ٽڙڪ!“ آخر هن جي ڪوڏر ڪنهن لوهي شيءِ کي لڳي.
    ”او اهي آهن سونا سڪا. اها آهي منهنجي حصي جي ملڪيت. ها ها ها....“ هٻڇي پوڙهو ٽهڪ ڏيئي خوش ٿيڻ لڳو.
    آخر هيٺ کڏ ۾ لهي هن لوهي پيتي ڪڍي ۽ سونن سڪن کي ڏسڻ لاءِ جهڙو ئي هن ٻڪ ڀري ٻاهر ڪڍيو ته ڊپ ۾ هو هراسجي ويو.
    سونن سڪن بدران نانگ بلائن جا ڍير هئا.
    ”ذليل ڪتا! مون کي غلط رستو ڏيکارڻ جي توکي همت ئي ڪيئن ٿي؟“.
    هٻڇي پوڙهي کي ايڏي ڪاوڙ وٺي وئي جو هن ان ئي وقت غريب اڇڙي کي ڪوڏر جا ڳن هڻي ماري رکيو.
    اڇڙي جي مرڻ جو رحمدل پوڙهي ۽ سندس زال کي تمام گهڻو صدمو رسيو. هنن قبر ٺاهي اڇڙي کي ان ۾ دفن ڪيو ۽ ان جي ڀرسان هنن هڪ وڻ جي چڪي پڻ هنئي ته جيئن اها وڌي وڻ ٿيڻ تي قبر مٿان ڇانوءَ ڪري.
    ان بعد حيرت جي اها ڳالهه ٿي ته هنن جي لڳايل چڪي ڏسندي ئي ڏسندي وڌي وڻ ٿي وئي ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ اهو وڻ ايڏو ته وڏو ٿيو جو هن جو ٿڙ ڀاڪر ۾ نه پئي اچي سگهيو.
    هڪ ڏينهن رحمدل جوڙو اڇڙي جي قبر تي گل رکڻ لاءِ آيا ۽ وڻ ڏي ڏٺائون ته هنن کي لڳو ته وڻ ڪجهه ڳالهائي رهيو آهي. هنن ڪجهه غور سان ڪن ڏنو ته کين هي لفظ ٻڌڻ ۾ آيا:
    ”مون مان هڪ وڏي اکري مهري ٺاهيو.... مون مان هڪ اکڙي مهري ٺاهيو.....“.
    رحمدل پوڙهو اهو ٻڌي سوچ ۾ پئجي ويو ۽ پوءِ آخر اهو فيصلو ڪيو ته اڇڙي لاءِ لڳايل هي وڻ جيئن چوي ٿو تيئن ڪرڻ کپي. سو ٻئي ڏينهن هو ڪهاڙي کڻي آيو ۽ وڻ کي وڍي هڪ واڍي جي مدد سان هن چانور ڪٽڻ جي اکري مهري ٺاهي.
    ”هڪ ڳالهه سوچي اٿئي؟“ پوڙهي مڙس پنهنجي زال کي چيو.
    ”اڇڙي کي هميشه چانورن جا ڪيڪ وڻندا هئا. اچو ته چانور ڪٽي ان مان ڪيڪ ٺاهيون ۽ اڇڙي جي قبر تي رکي اچون“.
    ۽ پوءِ ٻنهي ڄڻن گڏجي هن نئين ٺهيل اکڙيءَ ۾ چانور وجهي مهريءَ سان ڪٽڻ شروع ڪيو جيئن ان جي ڏاري مان ڪيڪ ٺاهي سگهن.
    ”هِو اِي شو!“
    ”اَ ئِي يو!“
    ”هو اِي شو!“
    ”اَ ئِي يو!“
    ڌم. ڌم. ڌم..... هنن ٻنهي ڄڻن چانورن کي ڪٽي ان اٽي کي ڪيڪ ٺاهڻ لاءِ ڳوهيو“.
    ٿوري دير بعد اٽو نه فقط اڀامڻ لڳو پر چلڪڻ پڻ لڳو.
    ”پوڙهي ڪجهه ڏسين پئي؟ اٽو چمڪي رهيو آهي!“ پوڙهي مڙس حيرت مان پنهنجي زال کان پڇيو.
    ”واقعي! خبر ناهي هي اٽي جو ڪمال آهي يا اکڙي مهريءَ جو“.
    پوڙهي مڙس ۽ زال گڏجي اکريءَ مان اٽو ڪڍيو ۽ ڪيڪن لاءِ ننڍا گولا ٺاهي ميز تي رکيا جيئن هڪ هڪ ڪري باهه تي پچائي سگهن. ۽ هنن جي حيرت جي حد نه رهي جڏهن ڏسندي ئي ڏسندي اهي بسڪيٽن جيڏا اٽي جا گولا چمڪڻ ۽ سون جهڙا ڳاڙها ٿيڻ لڳا. ۽ مار! هي ته ماڳهين سون جا سِڪا ٿي پيا!
    ”سون! سون! سونا سڪا!“ پوڙهيءَ کان رڙ نڪري وئي. ۽ ان ئي مهل ڀر واري گهر ۾ رهندڙ هٻڇي پوڙهو ۽ ڏندن ڀڳي سندس زال گهر ۾ داخل ٿيا.
    ”اسان کي به ته اها اکري مهري ڏيو ته اسان به چانور ڪٽي ڪجهه ڪيڪ بسڪيٽ ٺاهيون“.
    ”اسان هي ڪيئن ڏيون. هيءَ ئي ته اسان جي اڇڙي جي آخري نشاني اسان وٽ وڃي بچي آهي.....“.
    پر هٻڇي پوڙهي نه هيڏانهن جي ٻڌي نه هوڏانهن جي اکريءَ ۾ هٿ وجهي روانا ٿي ويا.
    گهر پهچي زال مڙس چانور ڪٽڻ شروع ڪري ڏنا ۽ بي صبريءَ مان هر هر اکريءَ ۾ ڏسڻ لڳا ته چانورن جو اٽو چمڪڻ لڳو آهي يا نه.
    ”اڃان ته اٽي ٿورو به رنگ نه بدلايو آهي“، هٻڇي پوڙهي جي زال هن کي افسوس مان ٻڌايو، ”هاڻي مون سمجهيو ته اهو رنگ ڇو نه ٿو بدلائي. پاڻ کي ان اٽي جا گول بسڪيٽ ٺاهڻ کپن.“
    ٻنهي پوڙهن گڏجي ان اٽي جا گولا ٺاهي انهن کي بسڪيٽن جي شڪل ڏئي ٽيبل تي قطار ۾ رکيا.
    پر اڇي رنگ جو اٽو سون جهڙو ٿيڻ بدران ڪارو ڪوئلو ٿيندو ويو ۽ هر هڪ بسڪيٽ ٺڪاءَ ڏئي ڦاٽڻ لڳو. منجهائس نڪتل ڪارٺ ۽ ڦلهير هنن جي منهن کي ڪارو ڪرڻ لڳو.
    هٻڇي پوڙهو ۽ سندس زال ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويا. هنن ڪهاڙي کڻي اکري مهريءَ جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري باهه ۾ ساڙي ڇڏيا.
    رحمدل پوڙهي کي اهو ٻڌي تمام گهڻو صدمو رسيو. هن هٻڇي پوڙهي جي گهر وڃي سندس چلهه مان سڙيل اکري مهريءَ جو ڦلهير هٿن سان ميڙيو ۽ پيالي ۾ وجهي گهر کڻي آيو.
    ”اچو ته هن ڦلهير کي ڀاڻ طور پنهنجي ٻنيءَ ڀور ۾ ڇٽيون ۽ پوءِ گجر پوکيون. پنهنجي اڇڙي کي گجر ڏاڍو وڻندا هئا. ”رحمدل پوڙهي پنهنجي زال کي چيو.
    پوڙهي جي زال کي به اها صلاح وڻي ۽ ٻئي ڪم ۾ جنبي ويا. ڪجهه ڦلهير تکي هوا ۾ اڏامي پري پري تائين هليو ويو جتي ڪيترائي چيري بلاسم جا اهڙا وڻ پڻ هئا جيڪي سالن کان سڪل هئا ۽ ڪيترين ڪوششن جي باوجود ساوا نه ٿي سگهيا هئا. انهن تي جيئن ئي ڦلهير لڳو ته نه فقط اهي ساوا ٿي ويا پر سڄا گلن سان جهنججي ويا.
    ”هو سامهون ته ڏس!“ پوڙهي زال پنهنجي رحمدل مڙس کي چوڌاري ٽڙيل گلن ڏي اشارو ڪري ڏيکاريو.
    اهو ڏسي پوڙهي کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ هن ڦلهير جو ٻڪ ڀري مٿي اڇلايو جيئن هوا ۾ چوطرف پکڙجي وڃي.
    ۽ مار! ڏس ته سهي چئني طرف سڪل وڻ ساوا ٿيندا ويا منجهن گل ۽ ميوو ايندو ويو. ٿوري ئي وقت ۾ چيري بلاسم گلن جو چوڌاري سمنڊ لڳي ويو.
    ”چيري بلاسم گل ۽ بهار جي موسم به نه آهي!“ ڳوٺ جا ماڻهو جيڪي اچي گڏ ٿيا هئا انهن هي نظارو ڏسي حيرت کاڌي.
    هن ڪرشمي جي خبر ڳوٺ ڳوٺ مان ٿيندي، جبلن کان سامونڊي ٻيٽن کان ٿيندي آخر شاهي محل تائين پهتي.
    محل جو سردار پنهنجن خليفن سان گڏ هن رحمدل پوڙهي سان ملڻ لاءِ آيو.
    ”اسان کي به هي ڪرشمو ڏيکار“. هن پوڙهي کي چيو.
    رحمدل پوڙهي ڪجهه ڦلهير کڻي هڪ سڪل وڻ ڏي اڇلايو.
    ”آئون هن سڪل وڻ ۾ ڦوٽهڙو پئدا ڪري ڏيکاريندس“. هن چيو.
    ۽ ڦلهير لڳڻ سان اک ڇنڀ ۾ ان وڻ جي سڀني ٽارين تي چيريءَ جا گل ڦٽي ويا.
    ”چيري بلاسم وارا پوڙها، جپان جي اهم شخصيت! توکي انعام اڪرامن سان نوازيو ويندو“ محل جي سردار خوش ٿيندي چيو.
    ”هن کي انعام نه ڏنو وڃي“، پاڙي وارو هٻڇي پوڙهو ڊوڙندو آيو. ”حقيقت ۾ اها اهم شخصيت آئون آهيان ۽ صحيح معنيٰ ۾ چيري بلاسم وارو پوڙهو آئون آهيان ۽ نه هي. مون کي ڏيو اهو ڦلهير ته سڪل وڻ ساوا ڪري ڏيکاريانوَ“.
    هٻڇي پوڙهي سڪل وڻ تي چڙهي ڦلهير جو پيالو ان مٿان ڇڻڪيو.
    ”هاڻ ڏسو ته هي پوڙهو ڪيئن ٿو گل اڀاري“.
    پر ڦلهير وڻ جي ٽارين تي ڪرڻ بدران سڌو سردار جي ٻوٿ ۾ وڃي لڳو.
    ”آ..... ڇون! آ..... ڇون!“
    سردار کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ پنهنجن سپاهين کي حڪم ڏنو ته هن ٺڳ پوڙهي کي هڪدم جيل حوالي ڪيو وڃي.
    ***


    (23) اهوئي ته دانگو آهي

    ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي ته جپان جي هڪ جابلو ڳوٺ جو هڪ رهاڪو پنهنجي شهري دوست سان ملڻ ويو.
    شهري دوست هن کي دانگو کارايو.
    (دانگو ڀت جي گول بالن مان ٺاهبو آهي. ٽن رنگن جا ڀت جا بال ٺاهي ڪواب وانگر ڪاٺ جي سنهي تيلي ۾ وجهي ٽانڊن تي گرم ڪري مهمانن کي کارائبو آهي)
    هن ڳوٺاڻي دوست کي هي ڏاڍا وڻيا ۽ هڪ ٻئي پويان ڪيترائي کائِي ويو.
    پنهنجي شهري دوست سان ڪچهري ڪري اٿڻ مهل هن کان پڇيو ته هن کي ڇا چئبو آهي.
    ”هن جو نالو دانگو آهي“. شهري دوست ٻڌايو.
    ”دانگو! بس گهر پهچڻ سان زال کان پڇندس ته هن کي دانگو ٺاهڻ اچي ٿو ۽ هن کي ضرور ايندو ۽ چوندوسانس ته مون کي روز اهو ٺاهي کاراءِ“.
    شهر جي ميزبان جي گهر مان نڪرڻ مهل هڪ دفعو هن موڳي ڳوٺاڻي ان شيءِ جو نالو وري پڇيو.
    ”دانگو“. شهري دوست ٻڌايس.
    ”بس هاڻ نه وسرندو. دانگو! دانگو!“ ڳوٺاڻي همراهه هڪ دفعو وري ورجايو ۽ پوءِ هر وک کڻڻ تي زور سان چوندو هليو.
    ”دانگو“.
    ”دانگو“.
    ”دانگو“.
    ايتري ۾ هڪ هنڌ پاڻيءَ جو نالو آيو جنهن مٿان جهڙو ئي ٽپ ڏنائين ته ”دانگو“ چوڻ وسري ويس ۽ وات مان نڪرڻ لڳس ”دوڪو ئي شو“ ۽ هاڻ وک وک تي هو
    دوڪو ئي شو
    دوڪو ئي شو
    دوڪو ئي شو چوڻ لڳو.
    جڏهن گهر پهتو زال سان سڄي ڳالهه ڪري چيائينس ته مون کي دوڪو ئِي شو ٺاهي ڏي.
    ”اهڙي ته ڪا کاڌي جي شيءِ ناهي“ سندس زال چيو، ”مون کي ڪيئن خبر پوي ته تون ڪهڙي شيءِ کائي آيو آهين“.
    ”نالو ته اهڙو ئي ڪجهه هو مڙس چيس ۽ پوءِ صحيح نالو ياد ڪرڻ لاءِ هو ڌڪا هڻڻ لڳو:
    يا تو ڪوسا.....
    يا تو ڪوسي.....
    اونتو ڪوسي....
    پوئي تو ڪوشو.....
    ائن ڪوراشو.....
    زن تو ڪوسان.....
    هن ڪيترائي لفظ ورجايا پر ڪو صحيح لفظ هجي ته هن جي زال کي به سمجهه ۾ اچي ته هي دانگو کائي آيو آهي ۽ سندس زال ڀت جا ٽي ڳوڙها ٺاهي کيس ڪاٺيءَ تي چاڙهي کڻي ڏئي.
    زال کي ڳالهه سمجهه ۾ نه اچڻ تي همراهه کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ زال کي ڀري کڻي مٿي ۾ لٺ هنئي. زال کي ڏينهن جا تارا نظر اچي ويا ۽ دماغ چڪرائجي ويس. ههڙي لٺ لڳڻ سان هن جي مٿي ۾ ڳوڙهو نڪري آيو ۽ هي ڇا! اهي ڳوڙهو بلڪل دانگو جهڙو لڳي رهيو هئو جنهن کي ڏسي همراهه جو وات پاڻي ٿي ويو ۽ زال کي رڙ ڪري چيائين.
    ”رن اهڙو ئي ته دانگو هو جيڪو دوست جي گهر کائي آيو آهيان“.
    ***


    (24) ميڻ بتي کائڻ

    هڪ جابلو ڳوٺ جي غريب ماڻهوءَ شهر مان گهمي موٽڻ بعد پنهنجي ڳوٺائي دوست سان شهر جون خبرون ڪندي ٻڌايو ته هن شهر ۾ هڪ واهه جي مزيدار شيءِ کاڌي.
    ”ڪهڙي قسم جي هئي؟“ سندس دوست پڇيو، ”مٺي هئي کاري هئي، چانورن جي ٺهيل هئي يا ڪنهن ٻي شيءِ جي؟“
    ”هئي ته خبر ناهي ڇا جي ٺهيل پر واهه جي مزيدار هئي ان جي وچ ۾ سوراخ به هو ۽ اڇي رنگ جي هئي. ڪڏهن شهر وڃين ته ضرور کائجانءِ“.
    ”ضرور ضرور“. دوست چيو.
    ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد هن کي به ڪم سانگي شهر وڃڻو پيو. هن کي اها شيءِ ياد هئي جيڪا سندس دوست کائي آيو هو ۽ تمام گهڻيون تعريفون پئي ڪيائين. ان ڪري شهر جا ڪم لاهي هو ان اڇي رنگ جي شيءِ جي ڳولا ۾ نڪري پيو جيڪا ڪلفيءَ جيڏي ڊگهي هئي.
    دراصل هن جو دوست ”چيڪووا“ کائي آيو هو. جپان ۾ شهر جا ماڻهو مڇيءَ جون ڪيتريون ئي شيون ٺاهي کائين ٿا. هي مڇيءَ جو هڪ قسم جو رول هو جيڪو وڏي مڇيءَ مان رومال جيڏا ٽڪر ڪپي گول رول ٺاهبو آهي. ان جو وچ خالي ڇڏيندا آهن ۽ ان کي چيڪووا سڏين. پر هن کي اهو نالو ياد نه رهيو ان ڪري هو رڳو پارپتا ڏيندو رهيو ته ههڙي رنگ جي ۽ هيڏي ٿئي ٿي. ان چڪر ۾ سندس دوست کي ڳولي ڳولي جيڪا شيءِ ملي سا ميڻ بتي هئي. ظاهر آهي ميڻ بتي (شمع) اڇي هئي ۽ اوتري ئي ڊگهي هئي جيتري هن کي پهرين کائي آيل دوست ٻڌائي هئي.
    هن يڪدم دڪاندار کان ٽي چار ميڻ بتيون ورتيون ۽ هڪڙي ڪنڊ پاسي ۾ ويهي هڪ ٻئي پويان کائڻ لڳو پر مزو نه آيس.
    ”هيءَ اهڙي ته مزيدار شيءِ ناهي جهڙي منهنجي دوست تعريف ٿي ڪئي“. هن سوچيو.
    بهرحال پئسا خرچ ڪيا هئائين سو آت ڏئي ڏئي زوريءَ سڀ کائي پيٽ حوالي ڪيائين جيتوڻيڪ مزو صفا نه آيس.
    واپس ڳوٺ موٽڻ تي پنهنجي دوست سان شهر جون ٻيون خبرون ڪري آخر ۾ ان شيءِ جو ٻڌايائينس.
    ”يار مون کي ته اها بلڪل پسند نه آئي. بنهه بيڪار هئي خبر ناهي تو ڪيئن کاڌي“.
    ”نه يار بيڪار ته نه آهي تمام لذيذ ٿئي ٿو. ڀلا اڇي رنگ جي ڊگهي هئي؟“ دوست پڇيس.
    ”ها بلڪل اهڙي جهڙي تو ٻڌائي هئي. آئون ڪو بيوقوف آهيان ڇا جو پارپتا وساري وڃان. ها بس رڳو هڪ ڳالهه هئي ته هن جي وچ ۾ سوراخ هجڻ بدران اڇي رنگ جو ڌاڳو هو“. هن ٻڌايو.
    ”پوءِ ته يار لڳي ٿو تون ڪا ٻي شيءِ کائي آيو آهين“.
    ۽ پوءِ هن کان وڌيڪ پڇڻ لڳو ته اها ڪهڙي قسم جي شيءِ هو کائي آيو آهي.
    ان شيءِ جا ڪجهه اهڃاڻ ڏيڻ بعد سندس دوست کان رڙ نڪري وئي.
    ”اڙي نڀاڳا اها ته تون ”رو سوڪو“ کائين آيو آهين“.
    (جپانيءَ ۾ ميڻ بتيءَ کي روسوڪو (Rousoku) سڏين).
    اهو ٻڌي هن کان ڇرڪ نڪري ويو.
    ”پوءِ ڀلا هاڻ ڇا ٿيندو؟“ هن ڊڄندي پڇيو.
    ”هاڻ اجهو ته تنهنجي پيٽ ۾ باهه لڳي“. دوست چيس.
    ”بس پوءِ ته آئون هينئر ئي پاڻ کي ٿو وڃي پاڻيءَ ۾ ڇڏيان“
    ۽ اهو چئي هن کڻي گهر اڳيان ٺهيل حوض ۾ ٽپ ڏنو ۽ پاڻي پيئڻ سان گڏ وڏيون وڏيون گرڙيون ڪرڻ لڳو ته جيئن باهه لڳي وڃي ته چوڌاري پاڻي ئي پاڻي ته هجي.
    ***


    (25) پوڙهي مان جوان

    ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي ته جپان جي هڪ ڏورانهين ڳوٺ ۾ هڪ پوڙهو مڙس ۽ سندس پوڙهي زال رهندا هئا.
    هڪ ڏينهن پوڙهو ڪاٺين لاءِ جبل تي ويو ۽ ڪاٺين جي ڀري ٺاهي جڏهن گهر آيو ته سندس زال هن کي سڃاڻي نه سگهي بلڪه هن کان رڙ نڪري وئي ته هي ڪير اوپرو مرد سندس گهر ۾ گهڙي آيو آهي.
    هوءَ پنهنجي مڙس کي ان ڪري سڃاڻي نه سگهي جو هو ويندي وقت ته هن جهڙو ستر اسي سالن جو پوڙهو هو ۽ هينئر هو ساڳين ڪپڙن ۾ جن ۾ هو گهر کان نڪتو هو ٽيهن سالن جو جوان پئي لڳو.
    زال تعجب مان پنهنجي مڙس کان پڇيو ته هو اهڙو جوان ڪيئن ٿيو ڇا ڪنهن هن جي مٿان جادو ڪيو يا ڪا دوا پياري جنهن سان هو ههڙو جوان ٿي ويو.
    ”مون کي ته ڪا خبر ناهي. آئون ته روز وانگر ڪاٺيون ڪٽي ڀري ٻڌي موٽيو آهيان“. پوڙهي (يعني هاڻ جوان ٿي ويل) ٻڌايو. ”ها البت اڄ مون کي اڃ لڳي سو رستي تي وهندڙ هڪ آبشار تان ٻه چار پاڻيءَ جا ڍڪ ضرور پيتم“.
    ”بس آئون سمجهي ويس“، هن جي پوڙهي زال چيو، ”اهو سڄو ڪمال ان آب حيات جو آهي جنهن جي پيئڻ سان ماڻهو جوان ٿيو وڃي. مون کي به ان جو ڏس ٻڌاءِ ته آئون به اهو پي ڪجهه جوان ٿي اچان“.
    هن جي مڙس هن کي ان وهندڙ آبشار جا ڏس پتا ڏنا جيڪو جبل جي پهرين ئي چاڙهيءَ تي هڪ غار جي منهن وٽ هو.
    هن جي زال هن کان موڪلائي پاڻي پيئڻ لاءِ نڪتي ۽ کيس چيو ته تون پگهر سڪاءِ ته آئون اجهو ٿي جوان ۽ سهڻي ٿي اچان پوءِ گڏجي ٿا ماني کائون.
    ۽ پوءِ هن جي مڙس کي زال جو انتظار ڪندي ڪندي ڪا دير ٿي وئي. هن کي سمجهه ۾ نه آيو ته آبشار هيڏو ويجهو آهي جو اڌ ڪلاڪ ۾ ماڻهو پهچيو وڃي ۽ هن جو نه هي پتو نه هو پتو.
    آخرڪار انتظار ڪري ڪري جڏهن هو ٿڪجي پيو ته پنهنجي زال کي ڳولڻ لاءِ گهر کان نڪتو. آبشار وٽ پهچي هن چوڌاري زال کي ڳولڻ جي ڪئي پر هن کي ڪو بني بشر نظر نه آيو. پوءِ زور زور سان سندس نالو وٺي سڏ ڪيا پر کيس ان جو به جواب نه مليو. نيٺ هو مايوس ٿي موٽڻ وارو هو ته اتي سندس ڪنن تي ڪنهن ننڍڙي ٻار جو آواز پيو.
    ”اوئان! اوئان!“
    ”هي ڇا!“ هن چيو ۽ جيئن ئي آبشار هيٺ ٺهيل ڍنڍ جي ڪناري ڏي ڏٺو ته هن کي هڪ ننڍڙو ٻار نظر آيو. هو هن جي ويجهو آيو ۽ جڏهن ڏٺائين ته اها سال کن جي ڇوڪري ڪنهن ٻي جو ٻار نه هو پر سندس زال هئي.
    دراصل هوءَ لالچ ۾ اچي گهڻو پاڻي پي وئي هئي هن سمجهيو ته هوءَ سورهن سترهن سالن جي ننڍي ڇوڪري ٿي پوندي پر ماڳهين ننڍڙو ٻار ٿي پيئي. مڙس کي ڏاڍو افسوس ٿيو ته هاڻ کيس ڪير رڌي پچائي کارائيندو؟ هاڻ ته ماڳهين هن کي کارائڻو پئجي ويو. ۽ پوءِ هو ٻار کي ڪڇ ۾ کڻي اچي گهران نڪتو.
    ***


    (26) هڪ بي عقل ڇوڪرو

    مڪاشي مڪاشي
    آلو تو ڪورو ني.....
    جپاني ڪهاڻيون به ائين ئي اسان جي ڪهاڻين وانگر شروع ٿين ٿيون. مڪاشي مڪاشي.... معنيٰ شروع شروع زماني ۾..... آلو تو ڪوروني.... هڪڙي جاءِ تي.....
    بهرحال شروع زماني ۾ هڪڙي ڳوٺ ۾ هڪ اهڙو ڇوڪرو رهندو هو. جنهن کي گهڻين ڳالهين جي خبر نه هئي.
    هڪ ڏينهن هو وڻ تي چڙهيو ويٺو هو ته هيٺان جنازو کڻي ماڻهو اچي لنگهيا. هن گهر اچي ماڻس کي ٻڌايو ته هو وڻ تي چڙهيو ويٺو هو ته هيٺان ماڻهن جو ميڙ اچي لنگهيو.
    ماڻس کيس سمجهايو ته انهن ماڻهن جو ڪو مائٽ مري ويو هوندو ۽ هو ان کي دفن ڪرڻ لاءِ قبرستان کڻي ويندا هئا.
    ”پٽ ڪڏهن ائين ماڻهن جو ميڙ ڏسين ته مٿي وڻ تي ويٺو نه رهجانءِ هيٺ لهي هنن اڳيان اچي هٿ ٻڌي مري ويل لاءِ دعا گهرندو ڪجانءِ“. هن جي ماءُ هن کي سمجهايو.
    ڪجهه ڏينهن بعد هو بازار جا چڪر هڻي رهيو هو ته هن کي پري کان ماڻهن جو ميڙ نظر آيو. اها هڪ شاديءَ جي سرگس هئي جنهن ۾ گهوٽ کي ڪنوار جي گهر وٺي پئي ويا. هن بي عقل ڇوڪري کي يڪدم ياد اچي ويو ۽ ڊوڙ پائي هن لنگهندڙ ميڙ اڳيان اچي بيٺو ۽ هٿ ٻڌي زور زور سان دعا گهرڻ لڳو ”نامو آمي دا بتسو“. (گوتم ٻڌ تنهنجا اسان وفادار آهيون). جپاني ماڻهو جن جو مذهب ٻڌ ڌرم آهي اهي مري ويل لاءِ اها دعا گهرندا آهن.
    هن بيوقوف ڇوڪري جي ان دعا تي گهوٽ جي ماءُ پيءُ کي ڏاڍي چڙ لڳي ۽ هن کي ٿڦڙون هڻي گهر موڪليائون.
    هن جي ماءُ سڄي ڳالهه ٻڌي کيس سمجهايو ته پٽ اهو هڪ خوشيءَ جو موقعو هو ان تي ائين چوڻ بدران خوشيءَ جو راڳ ڳائڻ کپي ۽ تاڙيون وڄائڻ کپن.
    هاڻ ڇا ٿيو جو هڪ ڏينهن هو ڪنهن گهٽيءَ مان لنگهي رهيو هو ته ڪنهن گهر کي اچي باهه لڳي ۽ ماڻهن جا ميڙ ان کي وسائڻ لاءِ دانهون ڪري رهيا هئا.
    هن بيوقوف ڇوڪر سمجهيو ته اهو به ڪو خوشيءَ جو موقعو آهي. اهو سوچي هو ماڻس جي چوڻ مطابق ڳائڻ ۽ تاڙيون وڄائڻ لڳو.
    جن جي گهر کي باهه لڳي هئي انهن کي ڏاڍي چڙ لڳي ته هنن جو هيڏو نقصان ٿي ويو آهي ۽ هي ڇوڪرو خوش ٿي تاڙيون پيو وڄائي سو گهر جي مالڪ ٺڪاءَ کڻي هن جي مٿي ۾ ڏنڊو هنيو.
    ڏنڊو کائي روئندو گهر پهتو ته ماڻس سمجهايس ته پٽ باهه لڳڻ ڪري مالڪن جو نقصان ٿي رهيو هو توکي ڳائڻ ۽ تاڙيون وڄائڻ نٿي جڳايو. آئندي ڪٿي باهه لڳندو ڏسين ته سٺن ڇوڪرن وانگر پاڻيءَ سان باردي ڀري وسائڻ ۾ مدد ڪندين ته توکي هر ڪو شاباس ڏيندو ۽ پسند ڪندو.
    ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد هي ڇوڪرو هڪ هنڌان لنگهي رهيو هو ته هن کي باهه ٻرندي نظر آئي. دراصل اها باهه ڪنهن گهر يا دڪان کي نه لڳي هئي. اها باهه ته هڪ لوهار پنهنجي دڪان ۾ هڪ ڪنڊ ۾ ٻاري ان ۾ لوهه کي تپائي سڌو ڪري رهيو هو. پر هن نادان نينگر کي باهه نظر اچڻ سان پنهنجي ماءُ جي نصيحت ياد اچي وئي ته باهه ڏسين ته بارديءَ ۾ پاڻي ڀري هن کي وسائجانءِ ته هر هڪ توکي شاباس ڏيندو. سو هن هِتان هُتان دٻو ڳولي ان کي پاڻيءَ سان ڀري اچي باهه مٿان اڇلايو.
    لوهار کان ته رڙ نڪري وئي جو هن جي هلندڙ ڪم ۾ هن ڇوڪر اجايو اچي رخنو وڌو. هو پنهنجو چمٽو ۽ مترڪو ڇڏي ڇوڪري کي ٿڦڙن سان ورائي ويو. مار کائڻ بعد ڇوڪرو روئندو پنهنجي ماءُ وٽ پهتو. ماءُ سڄي ڳالهه ٻڌي سمجهايس ته ڏس ائين نه ڪبو آهي. ڪجهه عقل کان به ڪم وٺبو آهي. اهڙي موقعي تي توکي کپندو هو ته تون هن لوهار جي مدد ڪرين ها. هن مترڪا پئي هنيا ته تون به هن کان مترڪا وٺي لوهه کي هڻين ها ته هو ڏاڍو خوش ٿئي ها. سمجهئي؟.
    بيوقوف ڇوڪري وعدو ڪيو ته هن سڄي ڳالهه سمجهي هاڻ آئندي ائين ئي ڪندو.
    ۽ پوءِ هڪ ڏينهن هو شهر مان لنگهي رهيو هو ته هن کي رستي تي ٻه ماڻهو وڙهندي نظر آيا. هڪ جي هٿ ۾ ڏنڊو هو جنهن سان هو ٻئي تي الرون ڪري رهيو هو جيڪو پنهنجو بچاءُ هٿ تي چڙهيل ٿلهي دستاني (باڪسنگ گلوز) سان ڪري رهيو هو. هن بيوقوف ڇوڪر جو هنن کي ان حالت ۾ ڏٺو ته هن کي يڪدم ياد اچي ويو ته هن جي ماءُ چيو هوس ته ٻئي جي ڪم ۾ مدد ڪجي. اهو سوچي هن هتان هتان هڪ ڏنڊو کنيو ۽ جيڪو اڳهين ڏنڊا کائي رهيو هو تنهن کي وهائي ڪڍيو.
    هن جي ان اجائي دخل اندازيءَ تي ٻنهي ماڻهن کي حيرت ٿي ۽ پنهنجو پاڻ ۾ وڙهڻ ڇڏي هن نينگر کي اهڙو ته ڪٽيو جو مٿي ۾ ڳوڙها ٿي پيس.
    ظاهر آهي هيڏي مار کائڻ تي هو روئندو پنهنجي ماءُ وٽ پهتو تنهن سڄي ڳالهه ٻڌي چيس ته ”پٽ تون ڪڏهن سڌرندين؟ تون هيڏو وڏو اچي ٿيو آهين پر توکي عقل ذرو به نه آهي. اهڙي موقعي تي جڏهن ٻه ڄڻا پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا ته هڪ سٺي ڇوڪر جو اهو ڪم آهي ته ٻنهي کي هڪ ٻئي کان هٿن سان هٽائجي. اجهو هيئن“.
    هن جي ماءُ پنهنجن هٿن سان پري ڪرڻ جو اشارو ڪري ڏيکاريس.
    ان ڳالهه کي ڪي اڃان ٿورا ڏينهن به نِه گذريا ته شهر کان پنهنجي ڳوٺ ايندي هن ڏٺو ته ٻه سَانَ مٿو مٿي سان ملائي پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا.
    ”مون کي انهن کي پنهنجو پاڻ ۾ وڙهڻ کان بچائڻ کپي“. هن ڇوڪر اهو سوچيو. ”امان چيو هو ته ٻن کي وڙهندو ڏسين ته هنن کي هٿن سان هينئن ڇڪي پري ڪجي ته هر هڪ شاباس ڏيندو ۽ چوندو ته هي سٺو ڇوڪرو آهي“.
    اهو سوچي ڏمريل سانن ڏي وڌيو. ۽ پوءِ جيئن هنن جي وچ ۾ بيهي کين هٿ سان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو هڪ ٻئي کي ڇڏي هن کي ٿونن تي کڻي اهڙو کڻي اڇل ڏنائونس جو هو پري پري وڃي ڪريو. جن ماڻهن ڏٺو اهي هن کي گهر کڻي آيا ۽ سندس ماءُ کيس ڪيترا ڏينهن هئڊ گرم ڪري هڻندي رهي ته جيئن هڏن جو سور لهي وڃيس ۽ پوءِ جڏهن چاق چڱو ڀلو ٿي ويو ته به کيس گهر کان ٻاهر نڪرڻ نه ڏنو. ڇو جو هي بيوقوف ڇوڪرو ماڻهن جي ڪم اچڻ ۽ شاباس حاصل ڪرڻ بدران هر وقت موچڙا کائي ٿي آيو.
    ***


    (27) هن به ٻلي ٿي ڏيکاريس

    توميڪو نالي هڪ تمام ڏنگي ڇوڪري هوندي هئي جنهن جي ڏنگائين کان ماڻس تنگ ٿي هر وقت نصيحتون ڪندي رهندي هيس ته گهر ۾ ماٺ ڪري وهندي ڪر. دانهون نه ڪر. پر هن تي ڪو اثر نٿي ٿيو.
    آخر هڪ ڏينهن سندس ماءُ کيس سمجهائيندي چيو ته ڏس ته ٻلي ڪيڏي ڏاهي آهي. هوءَ ڪيئن ماٺ ڪري وهي ٿي ۽ ڪجهه پڇڻ تي به فقط ميائو ڪري ٿي. تون به هر ڪم رڳو ٻليءَ وانگر ڪرين ته منهنجي دل خوش ٿي وڃي.
    ڇوڪري غور سان ٻڌندي رهي.
    رات ٿي ته هوءَ به ٻليءَ وانگر سمهي رهي.
    ۽ پوءِ صبح جا اڃان چار ٿيا هئا ته توميڪو جي ماءُ جي اک ٺڙڪن تي کلي جيڪي رڌڻي مان اچي رهيا هئا.
    صبح جو سوير اک کلڻ تي ماءُ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ته اهي ٺڙڪا ڪير ڪري رهيو آهي. هوءَ ننڍ ڦٽائي پنهنجو بسترو ڇڏي رڌڻي ۾ اچي ڏسي ته چلهه وٽ توميڪو بيٺي آهي. هن رڙ ڪري توميڪو کان پڇيو ته ڇا پئي ڪرين؟
    ۽ خبر اٿانوَ توميڪو ڪهڙو جواب ڏنس.
    ”ميائو! ميائو!“
    ظاهر آهي هن جي ماءُ جڏهن چيس ته تون ٻلي وانگر ٿي هل ته هن به ٻليءَ وانگر سوير سمهي، سوير اٿي ۽ ڳالهائڻ به ٻليءَ وانگر ميائو ميائو ڪري ڏيکاريس. ظاهر آهي ٻلي ٿي ته ميائو ميائو ڪندي.
    ***


    (28) ڪوتا تسو- جپاني ٽيبل

    جپان ۾ سيارو ڏاڍو سخت ٿئي ٿو. اڳوڻي زماني ۾ ته جپان ۾ بجلي به نه هئي. هينئر لائيٽ آهي ته به اها تمام مهانگي آهي. اسان وٽ رڌ پچاءَ لاءِ سئي گئس ته تمام سستي آهي. يعني دنيا جي ٻين ملڪن کان تمام سستي آهي جو اها گئس اسان جي ملڪ مان نڪري ٿي پر جپان ۾ ته اڄ به مهانگي آهي ۽ جپان جا رهاڪو هر وقت ان ڪوشش ۾ رهن ٿا ته ٿوري کان ٿوري بجلي يا گئس استعمال ٿئي. سياري جي سخت سرديءَ کان پاڻ کي گرم رکڻ لاءِ هنن جي گهر ۾ ننڍين ٽنگن وارو ٽيبل ٿئي جنهن جي چوڌاري هو پٽ تي گاديون رکي وهن. ماني به ان ٽيبل تي رکي کائين.
    سياري ۾ ان ٽيبل مٿان وڏو بلاڪيٽ وڇائين ۽ ان جي چوڌاري ويٺل پنهنجون ٽنگون ٽيبل جي اندر وجهي مٿان بلاڪيٽ ورايو ڇڏين. جڏهن گهڻو سيءُ ٿئي ته ان ٽيبل جي وچ ۾ سوراخ ٿئي جنهن هيٺ گئس جو يا اليڪٽرڪ جو هيٽر ٻارين جيئن ان جي گرمائش ٻاهر ضايع ٿيڻ بدران اتي ئي ٽيبل هيٺان رهي ۽ ٿوري کان ٿوري گئس يا لائيٽ مان گهڻي کان گهڻي گرمائش حاصل ڪري سگهجي ۽ گڏ وهڻ ۽ مٿان بلاڪيٽ هجڻ ڪري سڀ گرمائش اتي ئي استعمال ٿي سگهي. نه ته جيئن اسان جي ملڪ ۾ جتي سخت سردي ٿئي ٿي اتي گئس يا اليڪٽرڪ جو هيٽر ٽيبل جي مٿان يا ڀت ۾ لڳل هجڻ ڪري سڄو ڪمرو گرم ٿيندو رهي ٿو چاهي ماڻهو هڪڙو هجي ۽ ان لاءِ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪيتري بجلي يا گئس ضايع ٿئي ٿي. دراصل جپانين بجلي ۽ گئس جي بچاءَ لاءِ هي ٽيبل ايجاد ڪيو آهي جنهن کي جپاني ”ڪوتاتسو“ چون. ۽ هي ٽيبل هنن گهڻو اڳ سوچي ٺاهيو هو جڏهن اڃان بجلي يا گئس نه هئي پر ڪوئلا يا ڇوڏا ٻاريا ويا ٿي. جيئن پاڻ وٽ ڪنهن زماني ۾ سِگري ٻاري ويندي هئي.
    هيءَ ڪهاڻي ان زماني جي آهي جڏهن هي ٽيبل (ڪوتاتسو) اڃان سڄي جپان ۾ عام نه ٿيو هو. اڃان رڳو وڏن شهرن ۾ ڪٿي ڪٿي نظر آيو ٿي. جابلو ڳوٺن ۾ رهندڙن کي اڃان ان جي خبر نه پيئي هئي جو انهن ڏينهن ۾ ٽي وي يا ريڊيو ته نه هو جو هر شيءِ جي سڀني کي يڪدم خبر پوندي رهي. نه وري ڪي پڪا رستا ۽ سرنگهون هيون جو جابلو ڳوٺن جا ماڻهو سولائيءَ سان شهرن ۾ اچي وڃي سگهن. ڪڏهن ڪڏهن ڪو غريب ڳوٺاڻو ڪنهن ڪم سانگي شهر ۾ ايندو هو ۽ موٽي وڃڻ تي سندس ڪيترائي ڳوٺ جا مائٽ ۽ دوست هن جي چوڌاري ويهي شهر جون خبرون پڇندا هئس.
    سو بهرحال انهن ڏينهن ۾ ڪجهه ڳوٺ جا سادڙا ماڻهو ڪنهن ڪم سانگي شهر ۾ آيا ۽ چانهه پيئڻ لاءِ هڪ مسافر خاني ۾ گهڙيا. انهن ڏينهن ۾ بلڪه اڃان تائين جپان ۾ مسافر خانن جو رواج عام آهي جتي گهر جا سڀ ڀاتي زال مڙس ۽ ٻار آيل مهمان مسافرن جي خذمت چاڪري ڪن ٿا.
    هي همراهه جيئن ئي مسافرخاني ۾ چانهه لاءِ آيا ته مسافرخاني جي مالڪ جي ڌيءَ هنن کي چيو ته توهان هلي ڪوتاتسو (ٽيبل) اندر وهو ته آئون چانهه ٺاهي ٿي اچان.
    هن جو مطلب اهو هو ته توهان ٻاهران سخت سيءَ مان پيو اچو ۽ وقت وڃائڻ بدران يڪدم ڪوتاتسو (گرم ٽيبل) اندر ٿي وهو. يعني ٽيبل جي چوڌاري ويهي ٽنگون اندر ڪري وهو جيئن هيٽر جي گرمائش ۾ توهان گرم ٿي وڃو.
    پر هنن ڳوٺاڻن جن کي هن ٽيبل (ڪوتاتسو) جي اڃان خبر نه پيئي هئي تن کي سمجهه ۾ نه آيو ته ڇوڪريءَ جو مطلب ڇا آهي. شايد هن مسافر خاني جو اهو رواج هجي ته هر هڪ کي ٽيبل اندران ٿي اچڻ کپي جنهن ۾ وهنجڻ جو بندوست هجي.
    هاڻ هو هڪ ٻئي کي ٽيبل جي اندر گهڙڻ لاءِ چوڻ لڳا. هر هڪ ٻئي کي چوڻ لڳو ته پهرين تون گهڙ، پهرين تون گهڙ.
    آخر اهو فيصلو ٿيو ته جيڪو سڀني ۾ وڏو هجي پهرين اهو گهڙي.
    ۽ پوءِ جيڪو سڀ ۾ وڏو هو ڪپڙا لاهي بلاڪيٽ مٿي کڻي ڪوتاتسو (ٽيبل) اندر گهڙيو. ٽيبل هيٺان واهه جي گرمي لڳي پئي هئي. واهه جو مزو آيس. سڄو پگهرجي ٻاهر نڪتو ۽ ٻين کي اچي چيو ته جلدي جلدي ڪريو ۽ اندران ٿي اچون. پوءِ سڀ ڪپڙا لاهي پنهنجي واري لاءِ قطار ۾ ٿي بيٺا ته اتي مسافر خاني جي مالڪ جي ڌيءَ ٽري تي چانهه جا پنج ڪوپ رکي اندر گهڙي.
    هن ته سمجهيو ته هي پنجئي ڄڻا ٽيبل جي چوڌاري فضيلت سان ويٺا هوندا پر پوءِ هن جو کين ائين اگهاڙو ڏٺو ته کانئس ڇرڪ نڪري ويو ته هي چريا ڇا پيا ڪن! ٽري سندس هٿن مان ڇڏائجڻ ڪري سڀ چانهه جا ڪوپ پٽ تي ڪري پيا.
    ***


    (29) وِيسُو ڪاٺير ۽ پوڙهو ٻائو

    جپان جي هن مشهور ڪهاڻي کان اڳ اسان جي ملڪ جي پڙهندڙن جي معلومات لاءِ هتي ٻه ٽي ڳالهيون سمجهائڻ چاهيندس جن جو ذڪر هن ڪهاڻيءَ ۾ اچي ٿو. هڪ ته جپان جا ماڻهو ٻڌ ڌرم ۽ شنتو ڌرم جا پوئلڳ آهن ۽ هنن جو گهڻي ڀاڱي اهو ئي عقيدو آهي ته انسان سٺا ڪم ڪرڻ سان نرواڻ حاصل ڪري ٿو. خراب ڪم ڪرڻ سان يا عبادت گذار نه ٿيڻ تي هو مرڻ بعد وري ڪنهن نيچ جانور يا جيت جڻي جي شڪل اختيار ڪري اچي ٿو ۽ هن دنيا ۾ ڌڪاربو رهي ٿو.
    هن ڪهاڻيءَ ۾ ”گو“ نالي راند جو به ذڪر آهي جيڪا جپان، چين ۽ ڪوريا پاسي نهايت مشهور آهي ۽ ليوڊو ۽ شطرنج وانگر چونڪڙين واري تختي يا دفتري جي چورس بورڊ تي ”نَوَ ٽِڻ“ وانگر کيڏي وڃي ٿي. هن راند (گو) جي بورڊ تي 19 اُڀيون ۽ 19 ليٽيل لِيڪون هونديون آهن جن جي ملڻ وارن نقطن (Cross Sections) تي ٻه ڄڻا اڇي ۽ ڪاري رنگ جون ساريون رکي کيڏندا آهن. سيکڙاٽن لاءِ 13 ۽ اڃان به ننڍو بورڊ 9 ليڪن وارو به ٿئي ٿو. هيءَ راند ڪڏهن ڪڏهن سڄو ڏينهن به پئي هلندي آهي.
    هن ڪهاڻيءَ ۾ (۽ جپان جي ڪيترين ئي ٻارن جي ڪهاڻين ۾) لومڙ جو ذڪر اچي ٿو. لومڙ کي جپاني زبان ۾ ڪِتسوني (ڪِي تِسونِي) سڏين ٿا ۽ عقيدي ۽ وسوسن موجب وڏي اهميت رکي ٿو. ڪهاڻين ۾ ڪِي تِسوني کي هڪ ذهين، قابل، اهميت وارو ۽ جادوءَ جا ڪَم ڪرڻ وارو ڏيکاريو وڃي. هو انساني روپ به ڌاري سگهي ٿو. ڪيترين ڪهاڻين ۾ هو وفادار گارجين (سنڀال ڪرڻ وارو)، دوست، عاشق ۽ چئيوان زال جي روپ ۾ به رهيو آهي. جيئن هندو ڌرم ۾ ڪنهن ديوتا سان هاٿي ته ڪنهن سان ڀولڙو لاڳاپيل رهيو آهي تيئن جپانين جو شنتو ڌرم جي اِناري ديوتا جا نياپا پهچائڻ جو ڪم ڪِي تِسوني (لومڙ) جي حوالي چيا وڃن ٿا..... بلڪه هاٿي (گنيش)، باندر يا نانگ جيئن هندو ڌرم ۾ اهم ٿي ويا آهن تيئن جپان جي شنتو ڌرم ۾ لومڙ پاڻ اِناري ديوتا ٿي پيو آهي. جپان ۾ جيڪي هڪ لک شنتو مندر آهن انهن مان چون ٿا ته 36 هزار مندرن ۾ ڪِي تِسونِي، (لومڙ) جي مورتي رکيل آهي. هي فقط اهي مندر آهن جن ۾ هر وقت ٻائو موجود رهي ٿو باقي ٻيا ننڍا ننڍا آفيسن، گهرن، رستن تي لکين ”اناري جنجا“ (لومڙ جا مندر) آهن.
    ڪهاڻين ۾ لومڙ کي جيترا گهڻا پُڇ اوترو هو وڌيڪ قابل، اٽڪل باز ۽ جادوئي طاقت رکڻ وارو مڃيو وڃي ٿو ۽ جپاني ڏند ڪٿائن موجب اهي پُڇ عمر سان وڌن ٿا. هر سئو سالن بعد هڪ پُڇ وڌي ٿو ۽ انهن جو وڌ ۾ وڌ تعداد نو ٿي سگهي ٿو.
    لومڙ تي جپاني نالو ڪِي تِسوني. ڪيئن پيو......؟ ان لاءِ ڏيڍ هزار سال کن اڳ (اٽڪل سن 545ع) جي ڪهاڻي آهي ته اونو نالي هڪ جپاني نوجوان مِينو نالي ٻيٽ تي ڪنهن اهڙي ڇوڪريءَ جي ڳولا ۾ ڀٽڪندو رهيو جيڪا تمام سهڻي هجي. سمجهه ته سونهن ۽ سوڀيا جي معاملي ۾ هوءَ آئيڊيل هجي. آخر هڪ شام جو هن جو اهڙي ڇوڪريءَ سان آمنو سامنو ٿي ويو ۽ هڪ ئي نظر ۾ هي ٻئي هڪ ٻي کي دل ڏئي ويٺا ۽ يڪدم شادي رچايائون. هڪ سال بعد هنن کي پٽ ڄائو. اتفاق جي اهڙي ڳالهه جو هن جپاني نوجوان اونو جي گهر ۾ جيڪا پاليل ڪُتي هئي ان کي به هڪ پلونگڙو ڄائو جيڪو جيئن جيئن وڏو ٿيڻ لڳو تيئن تيئن اونوءَ جي زال تي ڀونڪڻ ۽ جلهيون ڪرڻ لڳو. هن پنهنجي مڙس کي هٿ ٻڌي منٿون ڪيون ته مهرباني ڪري هن ننڍڙي ڪتي کي ماري ڇڏ..... پر هن جو مڙس هر دفعي انڪار ڪندو رهيو. آخرڪار هڪ ڏينهن هن ڪتي هن جي زال کي چڪڻ لاءِ اهڙو ته حملو ڪيو جو هوءَ ڊڄي وئي ۽ پنهنجي همت هاري ويٺي. ان وقت يڪدم پنهنجي اصل شڪل لومڙيءَ واري اختيارڪري بُل ڏئي، گهر جو لوڙهو ٽپي ٻاهر هلي وئي.
    ”تون ڀلي کڻي لومڙي هجين“ اونوُءَ هن کي سڏيندي چيو، ”پر تون منهنجي پٽ جي ماءُ آهين ۽ منهنجو توسان عشق آهي. آئون توکان سواءِ رهي نه سگهندس. مهرباني ڪري مون وٽ موٽي اچ.... تو لاءِ منهنجي دل ۽ گهر ۾ هر وقت جاءِ آهي“. لومڙيءَ جي دل کي جهٻو آيو ۽ پوءِ هوءَ هر روز شام جو لِڪي لِڪي هن وٽ اچي هن جي ٻانهن تي ستي ٿي. جيئن ته لومڙي روز رات جو زال ٿي هن وٽ ستي ٿي ۽ صبح جو لومڙي ٿي ڀڄي وئي ٿي ان ڪري ان جو نالو ”ڪِي تسونِي“ پئجي ويو. ڪلاسيڪل جپانيءَ ۾ ڪِيتِسو- ني“ جي معنيٰ آهي ”اچ ۽ سُمهه“ پر جي اهو ساڳيو نالو ”ڪي- تِسوني“ ڪري لکجي ته به ان جو مطلب ”هميشه اچڻ واري“ ساڳي ڳالهه ٿئي ٿو. جيئن اسان وٽ هڻ کڻ نالو مشهور ٿيو.
    هتي اهو به لکندو هلان ته هي لومڙيون جيڪي جادو جي زور تي عورتون ٿيو وڃن انهن کي سڃاڻپ جو اهو پڻ طريقو آهي ته هو ڪتي کان هميشه ڊڄن ٿيون ۽ ماڻهو سمجهيو وڃن ته هِيءَ خوبصورت عورت انسان نه پر لومڙي آهي. ڪي ڪي ته ڪتي کي ڏسي ايترو ڊڄيو وڃن جو هو ڇال هڻي پنهنجي اصلي شڪل لومڙيءَ ۾ اچيو وڃن جيئن هو تکو ڊوڙي ڪتي کان بچي سگهن. مٿين ڳالهين ۾ پڻ اهو ئي ٿيو.
    لومڙ پنهنجي پُڇ کان به سڃاتو وڃي ٿو. هو ماڻهوءَ جي شڪل ته اختيار ڪريو وڃي پر پنهنجي جسم جي بَج (Fur) ۽ پُڇ لڪائي نٿو سگهي. ان بابت ”ڪوآن“ نالي هڪ همراهه جي لوڪ ڪهاڻي مشهور آهي. هن پاڻ کي وڏو ساڌ پات ٿي سڏايو. يعني هو پير ٿي پئي هليو ۽ ماڻهو هن جي مريدن وانگر خذمت چاڪري ڪرڻ لڳا. هڪ ڏينهن هو ڪنهن مريد جي گهر رهي پيو هو ته اتي هن جو پير ٽهڪندڙ پاڻي ۾ سڙي پيو. هو وهنجڻ لاءِ باٿ روم ۾ گهڙيو هو ته گرم پاڻيءَ جي باردي هٿ مان ڇڏائي ويس. سخت سور ۾ هن کي اهو به هوش نه رهيو ته هن جي جسم تان ڪپڙا لٿل آهن. رڙيون ڪندو ٻاهر نڪتو ته گهر جا ڀاتي هن جو پُڇ ۽ جسم جي کل لومڙ جهڙي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا. هن يڪدم کڻي پنهنجو پاڻ کي لومڙ ۾ بدلايو ۽ گهر جون ڀتيون ٽپي ڀڄي ويو.
    هونءَ جپاني ديومالائي قصن ۽ ڏند ڪٿائن موجب جپان ۾ لومڙن جا ڪيترائي قسم آهن. پر انهن کي اسان ٻن اهم خانن ۾ ورهائي سگهون ٿا. هڪڙا ”زين ڪو“ سڏجن ٿا جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ”سٺا لومڙ“...... اهي هميشه سٺو ڪم ڪن ٿا، انسانن جي مدد ڪن ٿا ۽ انهن جو واسطو اِناري ديوتا سان لاڳو سمجهيو وڃي ٿو. ٻيا ”ياڪو“ سڏيا وڃن ٿا جن جي لفظي معنيٰ ”ميداني لومڙ“ آهي..... اُهي مڪار ۽ ماڻهن کي نقصان پهچائڻ وارا به ٿين ٿا.
    لومڙ ۽ لومڙيون ڪيتريون ئي شڪليون اختيار ڪري سگهن ٿيون. هو خاص ڪري سهڻي عورت ٿي هلن. جپان ۾ اهو اعتقاد عام آهي ته ڪا به سهڻي ڇوڪري اڪيلي نظر اچي وڃي، خاص ڪري سج لٿي مهل يا صبح ساجهر ته اها پڪ لومڙ سمجهڻ کپي.
    هونءَ لومڙي جپان ۾ هڪ باعزت ۽ ڀلارو جانور سمجهيو وڃي ٿو. ڪنهن کي گهمندي ڦرندي جنگل ۾ لومڙ يا لومڙي نظر اچي وڃڻ هن لاءِ ڀاڳ جي نشاني سمجهيو وڃي ٿو. ۽ اهو شخص وڏو عبادت گذار ۽ پهتل سمجهيو وڃي ٿو جنهن کي ڪا لومڙي بار بار ڏيکاءُ ڏئي. ساڳي وقت لومڙي جي شڪل جهڙيون جپاني ڇوڪريون جن جون لومڙيءَ وانگر هڪ اک ٻيءَ جي ويجهو آهي ۽ گول منهن بدران سوڙهو آهي، ڳلن جا هڏا اڀريل آهن ۽ سنها ڀرون آهن اهي سهڻيون سمجهيون وڃن ٿيون ۽ انهن کي ”ڪيتسوني گائو“ يعني”لومڙي مهانڊيون“ سڏيو وڃي ٿو. جيئن اسان وٽ ڪونج سونهن جي نشاني آهي ۽ ڪونج وانگر ڊگهي ۽ سنهي ڳچيءَ واريون ڇوڪريون سهڻيون سمجهيون وڃن ٿيون.
    هو ڇا سنڌي ڳيچ آهي ته:
    ڪونج پکيءَ جا پار اٿئي
    سنهڙي ڳچيءَ ۾ هار اٿئي
    امداد حسينيءَ جو به هڪ گيت آهي جيڪو شادين جي موقعي تي ڳايو وڃي ٿو:
    هٿن پيرن تي ميندي لائي
    ڪونج ڳچيءَ ۾ دهري پائي.
    بهرحال ڪونج، .........يا مور ۽ جانورن ۾ ٻڪري يا ٻليءَ کي پسند ضرور ڪيو وڃي ٿو پر اهي جنن ڀوتن وانگر انسانن تي واسو نٿا ڪن جيئن جپانين جي اعتقاد وسوسي مطابق لومڙي انسان تي اثرانداز ٿئي ٿي. گهڻو ڪري لومڙ عورتن جي ننهن هيٺان يا ڇاتين مان هن ۾ داخل ٿئي ٿو. ڪن حالتن ۾ ان اثر هيٺ آيل ڇوڪريءَ ۾ لومڙ جي داخل ٿيڻ بعد هن جو چهرو لومڙ سان ملندڙ جلندڙ ٿيو پوي. جپاني روايتن موجب لومڙ جي داخل ٿيڻ بعد هڪ ٻهراڙي جي اڻ پڙهيل ڇوڪريءَ ۾ يڪدم ڪتاب پڙهڻ جي قابليت اچيو وڃي. جنهن ۾ لومڙ پوندو آهي ان لاءِ جپان ۾ چوندا آهن ته هي ”ڪيتسوني تسوڪي“ واري حالت ۾ آهي.
    لومڙ ڪڍڻ لاءِ ان عورت کي اِناري مندر ۾ وٺي اچبو آهي جيئن هو پنهنجي اِناري ديوتا جي ڊپ کان ڀڄي وڃي. جپاني ٻڌائين ٿا ته ماضيءَ ۾ جڏهن ان آسان طريقي سان بيمار صحيح نه ٿيندو هو يا مندر ۾ ٻائو موجود نه هوندو هو ته پوءِ ان مريض کي مار به ڏني وئي ٿي ۽ ٻرندڙ ڪاٺيءَ سان ڏنڀ به ڏنا ويا ٿي جيئن ڇوڪريءَ سان گڏ لومڙ کي به تڪليف پهچي ۽ ڇوڪريءَ جي جان ڇڏي وڃي.
    بهرحال اِناري مندرن ۾ جپاني مرد توڙي عورتون لومڙن جي مورتين ۽ مجسمن اڳيان مختلف نذر نياز پيش ڪندا آهن ۽ سکائون باسيندا آهن. هنن جو اهو عقيدو آهي ته جيئن ته لومڙ اِناري ديوتا جو ٽپالي آهي سو ان کي خوش ڪرڻ سان هو اِناري ديوتا کي سائل جون مرادون پوريون ٿيڻ لاءِ سفارش ڪندو.
    جپاني ڪهاڻين ۽ ڏند ڪٿائن ۾ لومڙيءَ کي سڀ کان گهڻو زال يا محبوبا ڏيکاريو ويو آهي جيڪا پوءِ نوجوان انسان مرد سان شادي ٿي ڪري. ڪن حالتن ۾ انهن کي ٻار به ٿين ٿا. گهڻو ڪري پامسٽن، علم نجوم جي ڄاڻن يا جادوگرن کي اهڙين لومڙين جو اولاد تصور ڪيو وڃي ٿو.
    هاڻ پاڻ ٻارن جي ڪهاڻي شروع ڪنداسين جيڪا مٿين معلومات نه لکڻ ڪري بي سواد، منجهيل ۽ بور لڳي ها.
    گهڻا گهڻا سال اڳ جي ڳالهه آهي ته سُوروگا جابلو علائقي ۾ ويسوءَ نالي هڪ جانٺو جوان رهيو ٿي. هي هڪ ڪاٺير هو جيڪو پنهنجي زال ۽ ٻارن سان گڏ هڪ ڪکائين جهوپڙيءَ ۾ رهيو ٿي. روزانو صبح ساجهر هو ڪهاڙي کڻي گهر کان نڪتو ٿي ۽ شام ڌاري هِتان هُتان ڪاٺين جي لڏ تيار ڪري ورتائين ٿي جيڪا وڪڻي ٻارن لاءِ چانور ۽ مڇيءَ ذرو خريد ڪري گهر پهتو ٿي.
    هڪ ڏينهن مندر جو پوڙهو ٻائو هن جي گهر آيو جنهن هن کي چيو: ”ڪاٺير صاحب! مون کي لڳي ٿو تو پوڄا پاٺ کي ڇڏي ڏنو آهي“.
    وِيسو ڪاٺير وراڻيس: ”ڳالهه ٻڌ ٻاوا صاحب! جيڪڏهن توکي به زال ۽ ٻارن جي لوڌ هجي ته تون به مندر جو منهن نه ڏسي سگهين ۽ نه وري گهر ۾ ويهي عبادت ڪرين“.
    ڪاٺير جو اهو ڪسارو جواب ٻڌي ٻائي جو اندر سڙي ويو. اکيون ڦونڊاري ڪاٺير کي چيو: ”ياد رک ويسو. پوڄا پاٺ نه ڪندين ته مرڻ کان پوءِ ٻئي جنم ۾ تون ڏيڏر، ڪوئو يا ٽنڊڻ ٿي هن دنيا ۾ ايندين ۽ 500 سال توکي لوڙهڻو پوندو“.
    ويسو اهو ٻڌي ڏڪي ويو ۽ ٻائي سان وعدو ڪيو ته هو اڄ ڏينهن کان پوءِ سڀني ديوتائن کي ياد ڪندو رهندو.
    ”نه رڳو عبادت پر ڪم ڪرڻ به ضروري آهي. پورهيو ۽ عبادت ٻئي گڏ گڏ هجڻ کپن“. موڪلائڻ وقت مندر جي پوڙهي ٻائي هن کي ذهن نشين ڪرايو.
    بدقسمتيءَ سان ويسوءَ کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ۽ هو سڀ ڪجهه ڇڏي فقط عبادت ۾ لڳي ويو. هو سڄو ڏينهن تسبي کڻي ان جا ڪڻ سوريندو رهيو ٿي باقي ڪم کان بنهه پڙ ڪڍي ويهي رهيو. نه ڪهاڙي کڻي ڪاٺيون ڪرڻ ٿي نڪتو نه رنبو کڻي جريب اڌ ۾ پوکيل چانور جي سنڀال لاءِ ٿي ويو. نتيجي ۾ هن جو پوکيل اهو فصل به جهنگ ٿي ويو ۽ گهر ۾ کائڻ لاءِ نه هجڻ ڪري زال ۽ ٻچا ٻار فاقا ڪڍڻ لڳا. وِيسوءَ جي زال جنهن اڄ تائين هن سان تکو نه ڳالهايو هو اها به هاڻ سخت ڪاوڙجي پئي ۽ ٻارن جي ڏٻرن جسمن ڏي اشارو ڪري مڙس کي چيو: ”ميان اهي تسبيون ۽ چِلا ڪڍڻ ڇڏي ڪهاڙي ۽ رنبو کڻ ۽ چَپن ۾ ڀُڻ ڀُڻ ڪرڻ بدران ڪو ڪارائتو ڪم ڪري اچ جيئن اسان کي کائڻ لاءِ ڪجهه ملي“.
    وِيسو پنهنجي زال کي ان انداز ۾ ساڻس ڳالهائيندو ڏسي تپرس ۾ پئجي ويو. ڪجهه دير سوچي پوءِ چڙ مان زال کي چيو ”اوه! گستاخ ۽ بي ادب رن! ديوتا پهرين اچن ٿا پوءِ تون ۽ ٻار ٻچا! تو مون سان اڄ اهڙو وات ڪيو آهي جو آئون تنهنجي شڪل به ڏسڻ نٿو چاهيان“.
    اهو چئي ويسوءَ ڪهاڙيءَ جي ڳن ۾ هٿ وڌو ۽ پنهنجي زال ڏي ڏسڻ ۽ موڪلائڻ بنا پنهنجي جهوپڙيءَ مان نڪري ۽ جهنگل پار ڪري فُوجي جبل وٽ پهتو ۽ پوءِ آهستي آهتي ڪري جبل جي چوٽيءَ ڏي مٿي چڙهڻ لڳو..... چڙهندو ويو، چڙهندو ويو ۽ پوءِ ڏسندئي ڏسندي مٿي موجود ڪوهيڙي ۽ ڌنڌ ۾ غائب ٿي ويو.
    وِيسو ڪافي مٿي جبل تي پهچي هڪ وڻراهه ۾ پٿر تي ٿي ويٺو ئي مس ته هن کي پهرين ٽارين ۽ پنن جي سرسر ٻڌڻ ۾ آئي ان بعد هڪ لومڙي هن جي اڳيان لنگهي گهاٽن ٻوڙهن ۾ هلي وئي. لومڙيءَ کي ڏسڻ هڪ ڀلاري ڳالهه آهي ۽ ويسو تسبي پڙهڻ ڇڏي هن لومڙيءَ پويان لڳي ويو. لومڙيءَ جي ڳولا ۾ هي ڪا دير هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندو رهيو پر هن کي لومڙي وري نظر نه آئي. هاڻ هي لومڙي جي ڳولا جي پچر ڇڏڻ وارو هو ته جبل جي هڪ سنوت واري حصي تي جتان هڪ چشمو وهي رهيو هو ان جي ڪناري تي ٻه سهڻيون عورتون ”گو“ راند کيڏي رهيون هيون. ڪاٺير هنن کي کيڏندو ڏسي پاڻ به ان راند ۾ محو ٿي ويو ۽ اتي ئي ويهي رهيو. هو هر هڪ جي ساريءَ جي چرپر کي غور سان ڏسڻ لڳو. چوڌاري مڪمل سانت ڇانيل هئي. بس چشمي جي وهندر پاڻيءَ جو سنهو ۽ مڌر آواز هو يا وري هنن سهڻين عورتن جي هٿ جي کسر کسر جو آواز جڏهن هنن مان هر هڪ پنهنجي ڪاري يا اڇي ساريءَ کي دفتريءَ جي بورڊ تي ٺهيل چونڪڙين تي ٿي چوريو.
    عورتن، ڀر ۾ اچي ويٺل وِيسوءَ ڏي ڪو ڌيان نه ڌريو. هو لڳيون ٿي ته هن عجيب راند ۾ بيحد رُڌل هيون. وِيسو بنا اکيون ڇنڀڻ جي هَنن سهڻين عورتن کي غور سان ڏسندو رهيو. هو ڪڏهن هنن جي ڊگهن لسن وارن کي ٿي ڏٺو ته ڪڏهن هِنن جي نازڪ ۽ نرم هٿن کي جن سان هو ساريون رکي رهيون هيون.
    هي اتي ويٺو رهيو، ويٺو رهيو ۽ هنن عورتن کي راند کيڏندو ڏسندو رهيو. ان کي ٽي سئو سال گذري ويا پر هن کي وقت جو ڪو احساس نه پئي ٿيو. هو ته اهو ئي سمجهندو رهيو ته اهو ساڳي اونهاري جي ڏينهن جي منجهند وارو ٽاڻو هلي رهيو آهي. هن ان وقت ڏٺو ته هڪ عورت غلط چال هلي رهي هئي. هن کان اهو برداشت نه ٿي سگهيو ته هوءَ ساري غلط هنڌ تي رکڻ سان راند هارائي وڃي سو جوش مان رڙ ڪري هن کي خبردار ڪيو ”محترم حسينا! اهو توهان غلط ڪري رهيون آهيو“.
    هن جو اهو چوڻ ۽ هي ٻئي عورتون پنهنجو روپ بدلائي لومڙيون ٿي ڀڄي ويون.
    ويسوءَ هنن لومڙين جو پيڇو ڪرڻ چاهيو ٿي پر ڏٺائين ته هن جون ٽنگون ٻانهون سڪي سَوٽ ٿي ويون آهن. ڏاڙهي وڌي وڃي پٽ سان لڳي آهي. مٿي جا وارا پٺيان چيلهه تائين ڊگها نظر آيا. ان کان علاوه هن ڏٺو ته سندس ڪهاڙيءَ جو ڳن جيڪو هن مضبوط ڪاٺ مان ٺاهيو هو اهو ٻوري وانگر ڀُرڪٽ ٿي ويو هو. وڏي جاکوڙ کان پوءِ ويسو مس مس پنهنجن پيرن تي اٿي بيٺو ۽ آهستي آهستي وکون کڻي هو پنهنجي گهر ڏي موٽڻ لڳو. جڏهن هو ان هنڌ تي پهتو ته هن کي حيرت ٿي ته اتي هن جي جهوپڙي نه هئي! هڪ پوڙهي عورت جيڪا اتان لنگهي رهي هئي ان کان وِيسوءَ پڇيو ته ”محترما! مون کي حيرت آهي ته هتي موجود منهنجي جهوپڙي غائب آهي! آئون اڄ صبح جو ڪجهه ڪلاڪن لاءِ چڪر تي ويو هوس ۽ هاڻ شام جو موٽيو آهيان ته منهنجو گهر ٻار غائب آهي!“.
    پوڙهي عورت جي دماغ ۾ اها ئي ڳالهه آئي ته هي همراهه ڪو پاڳل ديوانو آهي پر هلندي هلندي هن کان نالو پڇي ويٺي ۽ جڏهن هن کي نالو ٻڌايو ويو ته هن رڙ ڪر چيس: ”تون واقعي ڪو پاڳل آهين. ويسوءَ کي مري ته ٽي سئو کن سال ٿي ويا! هن نالي واري لاءِ مشهور آهي ته هو گهران زال سان ڪاوڙجي نڪتو ته وري نه موٽيو“.
    ”ٽي سئو سال اڳ!“ ويسوءَ حيرت مان ڀڻڪيو، ”اهو ناممڪن آهي. ڪٿي آهي منهنجي پياري زال ۽ ٻار؟“
    ”ڪڏهوڪو قبرن حوالي ٿي ويا“ پوڙهي عورت وِيسوءَ کي ٻڌايو، ”۽ جيڪي ڪجهه تون چئي رهيو آهين اهو سچ آهي ته پوءِ آئون اهو چونديس ته تنهنجي ٻارن جا ٻار به ڪڏهوڪو وفات ڪري ويا. لڳي ٿو ته قدرت تنهنجي ڊگهي عمر ڪري توکي پنهنجي زال ۽ ٻارن کي ڇڏي وڃڻ جي سزا ڏني آهي“.
    ويسوءَ جي اکين مان وڏا ڳوڙها ٽمي سندس هڏائن ڳلن تان ٿيندا هيٺ ڪرڻ لڳا. هن گهٽيل آواز ۾ چيو ته ”منهنجي سڄي جواني پل کن ۾ گذري وئي.... آئون پوڄا ۾ مدهوش هوس ۽ پٺيان منهنجا پيارا فاقا ڪڍندا رهيا. هنن کي منهنجي مضبوط هٿن جي پورهئي جي ضرورت هئي ته آئون کين بي سهارو ڇڏي ويس. ڪراڙي خاتون! منهنجا آخري لفظ ياد رکجانءِ:
    ”جيڪڏهن تون پوڄا کي وقت ٿي ڏين ته ڪم کي به ڏي. پوڄا سان گڏ پورهيو به ضروري آهي“.
    اسان کي اها ته خبر ناهي ته پنهنجي غلطي تي توبهه زاريون ڪندڙ ويسو وڌيڪ ڪيترا سال جيئرو رهيو. هن جو روح اڄ به چانڊوڪي راتين ۾ فيوجي جبل جي چوڌاري گردش ڪندو رهي ٿو.
    ***


    (30) ٻن ڏيڏرن جو ڀر وارو شهر گهمڻ

    هيءَ ڪهاڻي ٻن ڏيڏرن جي آهي جن مان هڪ جپان جي شهر ڪيوٽو جو هو ۽ ٻيو اوساڪا جو. ڪيوٽو ۽ اوساڪا جپان جي وڏن ۽ ماڊرن شهرن مان آهن. جيئن اسان وٽ ڪراچي، لاهور، سکر، حيدرآباد وغيره. پر جپان جا هي ٻئي شهر ڪيوٽو ۽ اوساڪا هڪ ئي علائقي ۾ آهن ۽ ائين سمجهڻ کپن جيئن سکر ۽ خيرپور آهن. ٻي ڳالهه ته جپان سڄو جابلو علائقو آهي. هڪ شهر کان ٻي شهر تائين وڃڻ دوران رستي تي هڪ ٻه جبل ضرور اچن ٿا. هتي اهو به لکندو هلان ته ڪن جانورن کي منهن ۾ اڳيان اکيون ٿين ٿيون جيئن انسانن کي ٿين ٿيون ۽ اهي جانور بيهڻ سان هر شيءِ نڪ سامهون ڏسي سگهن ٿا يعني هو اهو پاسو ڏسي سگهن ٿا جنهن طرف نڪ آهي. جيئن ڪتو يا ٻلو چئن پيرن بدران ٻن پيرن تي بيهي ڏسندو ته نڪ سامهون واريون شيون ڏسي سگهندو پر ڪي ڪي جانور وڇونءَ جهڙا، ويندي ڏيڏر به جي پڇ تي يا ٻن پيرن تي اڀو بيهندو ته هو نڪ سامهون وارين شين بدران پٺ واريون ڏسندو جو انهن جون اکيون مٿي ۾ پٺيان آهن..... هاڻ ٻن ڏيڏرن جي آکاڻي:
    ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن زماني ۾ جپان ملڪ ۾ ٻه ڏيڏر رهيا ٿا. انهن مان هڪ اوساڪا شهر جي ڀرسان هڪ کڏ ۾ گهر ٺاهيو هو ته ٻئي ڪيوٽو شهر جي وچ مان لنگهندڙ هڪ نهرجي ڪناري تي آستانو بنايو هو.
    ايڏي وڏي مفاصلي تي رهڻ ڪري هنن کي هڪ ٻي جي ڪا به خبر نه هئي ته هن جهڙو هڪ ڏيڏر ٻيو به رهي ٿو ۽ نه هنن ڪنهن کان ان بابت ٻڌو هو. ۽ پوءِ حيرت جي ڳالهه اها ته هڪ ئي وقت ٻنهي جي دلين ۾ خيال آيو ته هڪ ئي شهر ۾ رهي رهي ٿڪجي پيا آهيون ڇو نه ڀر واري شهر کي ڏسجي ته اهو ڪيئن آهي ۽ دنيا ۾ ڇا پيو وهي واپري. ڪيوٽو جي ڏيڏر پڪو پهه ڪري اوساڪا شهر گهمڻ لاءِ نڪتو جتي بندرگاهه آهي جتي شاهي محل آهي ۽ ٻيو گهڻو ڪي ڪجهه. ۽ اوساڪا وارو پنهنجي دل ۾ ڪيوٽو شهر گهمڻ جو شوق رکي پنهنجي کَڏ مان ٻاهر نڪتو. هو سالن کان ٻڌي رهيو هو ته ڪيوٽو شهر جپان جو آڳاٽو شهر آهي جتي سونو مندر آهي جتي جپان جا سڀ کان گهڻا باغ آهن.
    هي ٻئي ڏيڏر هڪ ئي وقت پنهنجي گهرن کان نڪتا، هڪ اوساڪا ڏي ته ٻيو ڪيوٽو ڏي. ٻنهي شهرن جي وچ ۾ سڌو رستو هو. هيٺ مٿاهون ته قدم قدم تي هيون پر ٻنهي شهرن جي وچ ۾ هڪ اتاهون جبل به آيو ٿي. هنن جيڪو سوچيو هو ته سفر ۾ مزو ايندو ۽ گهمبو ڦربو وڃبو سو هي سفر اهڙو سولو ۽ آسان نه هو. آخر اڌ رستي تي جبل اچڻ ڪري هنن کي اهو پار ڪرڻ لاءِ جبل تي چڙهڻو پيو. جبل جي چوٽيءَ تي پهچڻ ۾ هنن کي ڪافي ٿڪاوٽ ۽ تڪليف ٿي جو سڄي واٽ هنن کي ٽپ ڏيئي مٿي تائين پهچڻو پيو.
    جبل جي چوٽيءَ تي پهچي هنن جي حيرت جي ڪا حد نه رهي جڏهن هنن هڪ ٻئي کي آمهون سامهون ڏٺو. هو پهرين ته هڪ ٻئي کي غور سان ڏسندا رهيا پر پوءِ کيڪار کڙيءَ بعد خبرن ۾ شروع ٿي ويا. هنن هڪ ٻئي کي ڪيوٽو ۽ اوساڪا شهر ڏي چڪر هڻڻ جو احوال ٻڌايو جنهن لاءِ هو هيڏي محنت ڪري هتي پهتا هئا. هنن کي اهو معلوم ڪري خوشي ٿي ته هنن مان هر هڪ ٻئي جو ڳوٺ ڏسڻ جي خواهش رکي ٿو. ان وقت ٻئي ڪافي ٿڪل هئا سو هڪ وڻ هيٺان آلي گپ واري جاءِ ڏسي ٻنهي ڄڻن اهو ارادو ڪيو ته ڪجهه دير ننڊ ڪري ٿڪ ڀڃجي ۽ پوءِ هڪ ٻئي کان موڪلائي اڳتي جو سفر جاري رکجي.
    ڪجهه دير ننڊ ڪرڻ بعد ٻئي ڏيڏر اٿيا.
    ”ڪيڏي ته افسوس جي ڳالهه آهي جو اسين قدبت ۾ وڏا نه آهيون“، اوساڪا کان آيل ڏيڏر چيو، ”نه ته هتان ٻئي شهر ڏسي هڪ ٻئي کي ٻڌائي سگهون ته انهن مان ڪو شهر ڏسڻ لائق به آهي يا نه“.
    ”اهو ڪم ته تمام سولو آهي“، ڪيوٽو کان آيل ڏيڏر چيو، ”اسان کي فقط هڪ ڪم ڪرڻو پوندو. پنهنجين پٺين ٽنگن تي اڀو بيهي سهاري لاءِ هڪ ٻئي کي مضبوطيءَ سان جهلي ان شهر کي ڏسڻو پوندو جيڏانهن اسان وڃڻ چاهيون ٿا.... يعني مون کي اوساڪا ڏسڻو پوندو ۽ توکي ڪيوٽو“.
    ڪيوٽو شهر جي ڏيڏر جي اها صلاح اوساڪا واري ڏيڏر کي اهڙي ته وڻي جو هو يڪدم ٽپ ڏيئي پنهنجين پوين ٽنگن تي اڀو ٿي بيٺو ۽ پنهنجا هٿ ٻئي ڏيڏر جي ڪلهن تي رکيا جيڪو پڻ هن سان گڏ اڀو ٿي بيٺو هو. ٻئي هڪ ٻئي کي سوگهو جهلي پاڻ کي جيترو ٿي سگهيو مٿي ڇڪڻ لڳا جيئن هو گهڻي کان گهڻو نظارو ڪري سگهن. ڪيوٽو واري ڏيڏر پنهنجو نڪ اوساڪا شهر ڏي ڪيو ۽ اوساڪا واري ڏيڏر پنهنجو نڪ ڪيوٽو ڏي ڪيو. هنن بيوقوفن کي اها ڳالهه ڌيان ۾ نه آئي ته هنن جون اکيون مٿي جي پوئين حصي ۾ آهن ۽ بيهڻ وقت اهي فقط پٺ جو نظارو ڏسي سگهن ٿيون. هنن جا نڪ ته برابر ان پاسي هئا جيڏانهن هنن وڃڻ ٿي چاهيو. نتيجي ۾ هنن جون اکيون ٻيو شهر ڏسڻ بدران اهو ئي ڏسي رهيون هيون جتان کان هو آيا هئا.
    ”او يار دلبر ڪيوٽو وارا“، اوساڪا جي رهاڪو ڏيڏر ٻئي کي چيو، ”تنهنجو شهر ڪيوٽو ته بلڪل منهنجي شهر اوساڪا جهڙو نظر اچي رهيو آهي. اهڙي حالت ۾ نئون شهر ڏسڻ مان ڇا هڙ حاصل! اڳتي جي مسافريءَ جي تڪليف سهڻ بدران ڇو نه پنهنجي شهر هليو وڃان“.
    ”۽ مون کي به جي خبر هجي ها ته اوساڪا بلڪل مون واري شهر ڪيوٽو جي ڪاپي آهي ته آئون ته گهران ئي نه نڪران ها“. ڪيوٽو کان آيل ڏيڏر چيو ۽ پنهنجا هٿ هڪ ٻئي جي ڪلهن تان لاٿا ۽ گاهه تي ڪري پيا. ان بعد هڪ ٻئي کان نياز ۽ نئڙت سان ملي موڪلايو ۽ پنهنجي پنهنجي شهر کان اچي نڪتا ۽ پوءِ مرڻ گهڙيءَ تائين هو ٻئي اهو ئي سوچيندا رهيا ته اوساڪا ۽ ڪيوٽو هڪ جهڙا شهر آهن.
    ***


    (31) ڪيوٽو کان آندل آرسي

    هيءَ ڪهاڻي شروع ڪرڻ کان اڳ پڙهندڙن لاءِ اهو لکڻ ضروري ٿو سمجهان ته جپان جيڪو اڄڪلهه سڀني کي دنيا جو ماڊرن شهر نظر اچي ٿو اهو ان ترقيءَ جي باوجود رسمن رواجن، وهمن وسوسن، ڦيڻن ٽوڻن جي معاملي ۾ ايشيائي ملڪ لڳي ٿو ۽ آهي به ته ايشيا کنڊ جو ملڪ! پڙهندڙن کي اهو پڙهي حيرت ٿيندي ته جپان ۾ اڄ جي ڪمپيوٽر ۽ آءِ ٽي جي دور ۾ يونيورسٽين جون پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪريون به مندر مان ٻاون کان يا ٻين جادوگر ۽ ڀوپن کان تعويذ ۽ ٽوڻا ڦيڻا ڪرائينديون رهن ٿيون. هٿ ڏيکاري قسمت جو حال معلوم ڪرڻ ته عام ڳالهه آهي. آڳاٽي زماني ۾ ته ٻئي تي جادو ڪرڻ لاءِ مٽي جا بت يا اڳڙين جون گڏيون ٺاهي ان ۾ سيون چڀڻ ته ائين عام هو جيئن اسان وٽ ڳوٺن ۾ رهيو آهي. ان جي جهلڪ هن ڪهاڻيءَ مان به نظر اچي ٿي. هيءَ ڪهاڻي ايتري ته آڳاٽي زماني جي آهي جو جپان جي ڪيترن ڳوٺن جا ماڻهو آرسيءَ کان به اڻ واقف هئا.... جيئن هن ڪهاڻيءَ مان لڳي ٿو.
    ڳالهه ٿا ڪن ته تمام پراڻي زماني ۾ جپان جي هڪ ڏورانهين ڳوٺ ۾ هڪ ماڻهو پنهنجي زال سان گڏ رهيو ٿي. هنن کي قدرت طرفان هڪ ڌيءَ ٻار جو به اولاد هو جيڪا گڏيءَ جهڙي ڇوڪري هنن لاءِ بيحد پياري ۽ لاڏلي هئي. هڪ دفعي هن همراهه کي ڪاروبار جي سلسلي ۾ پنهنجي ڳوٺ کان تمام پري ٻئي شهر ڪيوٽو وڃڻو پيو. وڃڻ وقت هن پنهنجي ڌيءَ کي چيو:
    ”منهنجي غير حاضريءَ ۾ تون ڏاهي ٿي رهجانءِ ۽ ماءُ کي ڪم ڪار ۾ مدد ڪندينءَ ۽ هن جو خيال رکندينءَ ته توکي اهڙو تحفو آڻي ڏيندس جو دل خوش ٿي ويندءِ ۽ اهو سڄي زندگي پاڻ وٽ سنڀالي رکندينءَ“.
    ان بعد هن گهر کان ٻاهر قدم ڪڍيو ۽ ماءُ ۽ ڌيءَ در وٽ بيهي هن کي ويندو ڏسنديون رهيون.
    ڪجهه ڏينهن جي ڪم ڪارين بعد آخرڪار هو ڪيوٽو شهر کان واپس پنهنجي ڳوٺ پهتو. گهر ۾ گهڙڻ تي هن جي زال ۽ ڌيءَ سندس آڌرڀاءُ ڪيو ۽ سندس ٽوپلو ۽ بوٽ لاهي پاسي تي رکيا ۽ پاڻ پٽ تي وڇايل تڏي تي ويهي پنهنجي هڙ کولي. سندس ڌيءَ حيرت ۽ خوشيءَ مان اکيون ڦاڙي ڦاڙي ڏسڻ لڳي ته هن جي پيءُ هن لاءِ ڇا آندو آهي.
    پيءُ پنهنجي هڙ مان هڪ خوبصورت گڏي ۽ وارنش ٿيل هڪ چمڪندڙ ڪاٺ جي دٻي ڪڍي جنهن ۾ چانورن جا ٺهيل ننڍا ننڍا ڪيڪ هئا. هن اهي ٻئي شيون پنهنجي ڌيءَ جي هٿن تي رکيون. ان بعد هن وري پنهنجي هڙ ۾ ٽٻي هنئي ۽ ان مان آرسي ڪڍي پنهنجي زال کي تحفي ۾ ڏني. ان آرسيءَ جي هڪ پاسي ته شيشو هو ٻئي طرف ٻگهه پکين ۽ ناريل جي وڻن جي چٽسالي ٿيل هئي.
    هن نيڪ مرد جي زال هن کان اڳ آرسي نه ڪڏهن ڏٺي هئي ۽ نه ٻڌي هئي ته اها ڪهڙي شيءِ آهي. هن کي ڏسڻ سان هن کي جيتوڻيڪ پنهنجي شڪل نظر اچي رهي هئي پر جيئن ته هن کان اڳ ڪڏهن هن پنهنجي شڪل ڏٺي نه هئي ان ڪري هن کي اها هڪ اوپري عورت لڳي جيڪا هن کي گهوري ڏسي رهي هئي. هن کي ڏسڻ سان مزو به آيو ته حيرت به ٿي ته اها عورت هن شيءِ ۾ ڪيئن اچي وئي. آخرڪار هن جي مڙس هن کي سمجهايو ته اها ڪا ٻي ڌارئين عورت ناهي پر تون ئي آهين. کيس اهو به چيو ته هن شيءِ کي وڏي خيال سان رکجانءِ جو هو تمام گهڻا ڏوڪڙ ڏئي هن لاءِ وٺي آيو آهي ۽ اها شيءِ ڪنهن ڳوٺ جي ماڻهوءَ وٽ ته نه هوندي پر شهر جي به ڪنهن ورلي ماڻهوءَ وٽ هجي.
    مڙس جي هن ڪاروباري دوري ۽ تحفن جي ورهاست بعد جلدئي هن جي زال بيمار ٿي پئي. مرڻ کان اڳ زال پنهنجي ڌيءَ کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ جهيڻي آواز ۾ چيو: ”منهنجي ڌيءَ، جڏهن آئون هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وڃان ته پنهنجي پيءُ جو هر طرح سان خيال رکجانءِ. منهنجي وڃڻ بعد تون منهنجي ضرور کوٽ محسوس ڪندينءَ. ان وقت جڏهن تون مون کي تمام گهڻو ياد ڪرين ته هيءَ آرسي کڻي ڏسجانءِ ته هن ۾ توکي آئون نظر اچي وينديس“. اهي گفتا ڳالهائڻ بعد هوءَ هميشه لاءِ هن دنيا مان هلي وئي.
    ڪجهه عرصو گذرڻ بعد هن مرد وري شادي ڪئي ۽ هن جي نئين زال پنهنجي ماٽيلي ڌيءَ تي ايڏي مهربان نه هئي. پر هيءَ ڇوڪري سڄو ڏينهن گهر جا ڪم ڪار پورا ڪرڻ بعد ٿڪجي هڪ ڪنڊ ۾ اچي فرحت وٺندي هئي ۽ پنهنجي ماءُ جي چوڻ مطابق پنهنجي ڪمونو (جاپاني وڳي) مان آرسي ڪڍي ان ۾ ڏسندي هئي جنهن ۾ هوءَ پنهنجي تصوير کي ڏسي خوش ٿيندي هئي ته سندس ماءُ جيڪا مرڻ وقت سخت بيمار ۽ ڪومايل لڳي رهي هئي سا هاڻ هن وٽ جوان ۽ سهڻي ٿي آئي آهي.
    هڪ ڏينهن هن جي ماٽيلي ماءُ هن کي ڪنڊ ۾ ويٺل ڏسي ورتو ته هوءَ هٿ ۾ ڪا شيءِ جهلي چپن چپن ۾ پنهنجي منهن ڳالهائي رهي هئي. هن جاهل عورت جنهن کي هن ٻار سان سخت نفرت هئي ۽ هن اهو ئي سوچيو ٿي ته هن جي ماٽيلي ڌيءَ به هن سان نفرت ڪري ٿي، اهو ئي سمجهيو ته هيءَ ڇوڪري پڪ هن تي جادو ڪري رهي آهي.... هوءَ پڪ هن جي مورتي ٺاهي ان ۾ سيون چڀي رهي آهي. اهي ڳالهيون ڌيان ۾ ڌري هوءَ پنهنجي مڙس وٽ آئي ته تنهنجي لاڏلي ڌيءَ مون تي ڪامڻ ڪري رهي آهي ته جيئن آئون مري وڃان يا منڊي ٽنڊي ٿي وڃان.
    گهر جي مڙس جڏهن پنهنجي زال کان حيرتناڪ خبر ٻڌي ته هو سڌو پنهنجي ڌيءَ جي ڪمري ۾ گهڙيو. اوچتو گهڙڻ ڪري هن جي ڌيءَ هڪي ٻڪي ٿي وئي. هن آرسيءَ کي يڪدم کڻي قميص هيٺان لڪايو پر پيءُ اهو ڏسي ورتو ته هن ڪا شيءِ لڪائي ورتي آهي. هو يڪدم سمجهي ويو ته پڪ اها سندس زال تي جادو ڪرڻ جي مورتي آهي يا ڪو ٻيو جنتر منتر.
    پنهنجي ڌيءَ جي هن عمل تي هن کي ڏاڍي ڪاوڙ وئي. پيءُ کي پنهنجي هن لاڏلي ۽ پياري ڌيءَ تي زندگي ۾ پهريون دفعو ڪاوڙ آئي هئي جو هو سمجهي ويو ته ضرور ڪجهه ته آهي جو سندس ڌيءَ کانئس ائين لڪائي رهي آهي. تنهن جي معنيٰ ته سندس زال جي ڳالهه سچي آهي جيڪا هن سربستي پنهنجي ڌيءَ سان ڪئي.
    ڌيءَ پاڻ بابت اهو بهتان ٻڌي بيحد ڏکياري ٿي ۽ قسم کڻي پيءُ کي چيو ته هي ڪهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي توهان مون بابت سوچي رهيا آهيو. منهنجو توهان سان هيڏو پيار آهي ۽ آئون ڇو چاهينديس ته توهان جي زال مري وڃي ۽ توهان کي تڪليف رسي.
    ”ته پوءِ تو مون تي نظر پوڻ تي پنهنجي چولي هيٺان ڇا لڪايو؟“ هن جي پيءُ پڇيو جيڪو سندس ڌيءَ جي ڳالهه ٻڌي مطمئن ته ٿيو پر رڳو اڌ گابرو جو هن جي ذهن ۾ اهو نظارو ڦري رهيو هو جڏهن هو ڌيءَ جي ڪمري ۾ داخل ٿيو. هن کي اها ڳجهارت سمجهه ۾ نه پئي آئي ته هن جي ڌيءَ ڪهڙي شيءِ لڪائي ۽ ڇو!.
    هن جي ڌيءَ پنهنجي چولي هيٺان اها آرسي ڪڍي پيءُ کي ڏيکاري. ”اها شيءِ هيءَ آرسي آهي جيڪا مون کي امڙ مرڻ وقت ڏني هئي ۽ تاڪيد ڪئي هئي ته جڏهن توکي منهنجي ياد ستائي ته اڪيلي ۾ ويهي هن کي ڏسجانءِ. جنهن وقت به آئون هن کي ڏسان ٿي ته ان ۾ مون کي پنهنجي پياري ماءُ جو چهرو نظر اچي ٿو جيڪو هاڻ سهڻو ۽ جوان ٿي پيو آهي. ان کي ڏسڻ سان مون کي سڪون ملي ٿو ۽ مون ۾ پنهنجي ماٽيلي ماءُ جي دڙڪن ۽ مون سان ڪيل جٺين کي برداشت ڪرڻ جي سگهه ملي ٿي“.
    ڌيءَ جي اها ڳالهه ٻڌي هن جو پيءُ سڀ ڪجهه سمجهي ويو ته ماجرا ڇا آهي.... هوءَ معصوم ۽ صابرين آهي ۽ سندس زال اجايو شڪ ڪري پاڻ کي به پريشان ڪري رهي آهي ته گهر جو به ماحول خراب ڪري رهي آهي. هن پنهنجي ڌيءَ کي پيار ڪيو ۽ هن جو پهرين کان به گهڻو خيال ڪرڻ لڳو ساڳي وقت پنهنجي زال کي به سمجهايو ته هوءَ روايتي ماٽيلي ماءُ وارو ساڙ اندر ۾ نه رکي ۽ هن کي به جڏهن خبر پئي ته ڇوڪري هن تي تعويذ ۽ ٽوڻا ڦيڻا نه پر پنهنجي ماءُ جي سڪ لاهڻ لاءِ لڪي لڪي هن جي طرفان ڏنل نشانيءَ کي ٿي ڏسي، ته ڏاڍو شرمندي ٿي ۽ معافي ورتي. هن ڇوڪريءَ جنهن آرسيءَ ۾ پنهنجو منهن ڏسي سمجهيو ٿي ته اهو سندس ماءُ جو آهي، ان به پنهنجي ماٽيلي ماءُ کي معاف ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح هن گهر ۾ شڪ، ڪاوڙ ۽ الزام تراشيءَ جي فضا هميشه لاءِ ختم ٿي وئي ۽ سڄي ڳوٺ ۾ سڀ کان گهڻي خوشي ۽ کِل جو آواز هن گهر مان اچڻ لڳو.
    ***


    (32) جپاني عورت ۽ مي آئيديرا جو گهنڊ

    هيءَ ڪهاڻي جيڪا بيحد مختصر آهي اسان جي ماڻهن کي ائين سمجهه ۾ نه ايندي. هي ائين آهي جيئن ڪو ناروي، سئيڊن يا يورپ جي ڪنهن ملڪ جو ٻار ته ڇا وڏو به اها خبر پڙهي حيران ٿي وڃي ته سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ نوجوان ۽ سندس زال کي ان ڪري ڪاروڪاري ڪري قتل ڪيو ويو جو هنن پيار جو پرڻو ڪيو. ڌاريون ماڻهو (۽ اڄ اسان جو تعليم يافته سنڌي به) اهو ئي سوچي ٿو ته شادي ته انهن جي ئي ٿيڻ کپي جن جو پاڻ ۾ پيار هجي ۽ جي ٻن پريمين پاڻ ۾ شادي ڪئي ته هنن ڪهڙو ڏوهه ڪيو. هنن کي ملڪ جو قاعدو ۽ مذهب ته اجازت ڏئي ٿو. پر ڇا آهي جو اسان وٽ هونءَ کڻي اها دعويٰ ڪئي وڃي ٿي ته نياڻي ست قرآن آهي پر حقيقت ۾ اسان وٽ عورت کي نيچ سمجهيو وڃي ٿو ۽ جاهليت ان حد تائين آهي جو عورت کي بي عقل ۽ موڳو ڏڏ سمجهيو وڃي ٿو تڏهن ته اسان جي مردن اهو محاورو ٺاهيو آهي ته عقل عورت جي ڏائي کڙي ۾ ٿئي ٿو.... پر دنيا ڏسي پئي ته اسان جي ڪاليجن توڙي يونيورسٽين ۾ ڇوڪرن کان گهڻو اڳتي ڇوڪريون آهن. جتي اسان جا مرد ڪامورا ڪرپٽ آهن ۽ ڪم ۾ ناڪارا آهن اتي عورتون آفيسر پنهنجي نوڪري گهڻي ڀاڱي بهتر ۽ ايمانداريءَ سان ڪن ٿيون. پر ڇا آهي جو اسان جي سوسائٽيءَ ۾ چند فئملين کان علاوه ٻيون ڌيئن جي مقابلي ۾ پٽن کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿيون.
    جپاني سوسائٽيءَ ۾ به ڪجهه اهو حال آهي. هاڻ مڙيئي ماڊرن دور ۾ ٽي وي ۽ انٽرنيٽ ڪري، عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪندڙ ادارن جي فعال هجڻ ڪري، عورت خلاف ٿيندڙ ظلم لاءِ بين الاقوامي قانون ٺهڻ ڪري ڪجهه ٺاپر آئي آهي نه ته صدين تائين جپاني عورت هڪ نيچ، جاهل ۽ مذهب طرفان ناپاڪ سمجهي وئي ٿي. ان جون ڪيتريون جهلڪيون اسان ستر وارن شروع جي سالن تائين ڏٺيون يا محسوس ڪيون. هينئر ويجهڙائي تائين به جپاني گهرن ۾ اهو عام نظر ايندو آهي ته جپان ۾ پاڻي جي کوٽ ڪري پاڻي جي ساڳي ٽب ۾ پهرين گهر جو مرد باٿ وٺندو، ان بعد پٽ ٻار ۽ پوءِ آخر ۾ زال.
    ٽيهارو کن سال اڳ تائين ته جپاني عورت کي ايڏو نيچ سمجهيو ويو ٿي. جو هن کي گرم پاڻيءَ جي چشمي ۾ وهنجڻ جي اجازت نه هوندي هئي رڳو مرد حضرات ڪچهريون ڪندا، ڪوڙ ڪٽيندا چشمن تي پهچي ويندا هئا. فيوجي جبل جنهن کي جپاني پاڪ جبل سمجهن ٿا ان تي صديون فقط مردن کي چڙهڻ جي اجازت هوندي هئي. عورت کي هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ ٿي آهي. پر اڄ به ڪيترين ڳالهين لاءِ جپانين جو عقيدو آهي ته عورت جي ڏسڻ يا هٿ لاهڻ سان اها شيءِ خراب ٿيو ٿي وڃي. جيئن بنگال ۾ اهو چوندا آهن (ٿي سگهي ٿو اسان وٽ سنڌ ۾ به ائين هجي) ته آچار جي برنيءَ ۾ عورت جي آڱر لڳڻ سان آچار خراب ٿيو پوي.... وغيره. بهرحال جپاني عورت کي اڄ به ڪيترن مندرن، خانقاهن ۽ ٻين جاين تي وڃڻ جي اجازت ناهي جو جپانين جو اهو عقيدو يا کڻي چئجي ته وهم آهي ته انهن جي داخل ٿيڻ سان طوفان، سونامي يا زلزلن جهڙيون مصيبتون نازل ٿين ٿيون. مزي جي ڳالهه اها ته هڪ دفعي جپاني شپ يارڊ ۾ اسان جو جهاز ٺهي رهيو هو ته جهاز ٺهڻ دوران شپ يارڊ وارا انهن جي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ڪلارڪ ڇوڪرين کي به جهاز تي چڙهڻ جي اجازت نه ڏيندا هئا. نه پنهنجي زال کي جهاز تي وٺي ايندا هئا نه منهنجي زال کي جهاز جي ڏاڪڻ چڙهڻ ڏيندا هئا. ”چيف انجنيئر صاحب! جهاز جي ٺهڻ دوران عورت جي قدم رکڻ تي ان جهاز تي مصيبتون اچن ٿيون.... طوفان، انجڻ بريڪ ڊائون....... اسپيڊ لاس...... وغيره“. هو مون کي سمجهائيندا هئا.
    پر پوءِ آخري ڏينهن ۾ ڪم ڪار هوندو هو ته منهنجي زال ٻنهي ڌيئن سان مون وٽ سڌو جهاز تي هلي ايندي هئي. حيرت ۾ ڏسندڙ جپاني ساٿين کي چوندو هوس ته ”توهان فڪر ئي نه ڪريو. سمنڊ تي جهاز مون کي ئي ته هلائڻو آهي.... آئون پاڻهي انهن طوفانن، مشينن جي خرابين ۽ ٻين مصيبتن کي منهن ڏيندس“. دل ۾ چوندو هوس ٻين جهازن ۽ سامونڊي سفرن تي ڪهڙي هر وقت (Smooth Sailing) ملي آهي. جنهن جهاز کي دنيا جا ڏهه سمنڊ پار ڪرڻا آهن، انکي ٿي نٿو سگهي ته ڪو سمنڊ خراب نه ملي، ڪنهن سمنڊ تي طوفان نه لڳي. ۽ جهازن تي حادثا نه ٿين ته پوءِ جهازن جا مالڪ اسان کي جهازن تي ڇو رکن.
    بهرحال هتي ڳالهه جو مطلب اهو ئي ته جيئن اسان وٽ سنڌ جو سيد پير پاڻ عيش ڪندو وتندو پر عورت جي مٿان پهرو ۽ ڏنڊو هوندو اٿس تيئن ڪجهه ڪجهه هنن جپانين جا پرڪار آهن. پاڻ هر ڳالهه ۾ پاڪ پوتر باقي عورت (پوءِ اها چاهي سندن ڌيءَ هجي، زال هجي، ماءُ هجي، ڀيڻ هجي) ناپاڪ ۽ پليد. ۽ پوءِ جيئن اسان عورت بابت، هُنن کي گهٽ ڏيکارڻ لاءِ، هُنن لاءِ پهاڪا ۽ غيرت جون ڪهاڻيون ٺاهيون اٿئون تيئن جپانين به ڪيو آهي..... ويندي ٻارن لاءِ به ان قسم جون ڪهاڻيون ٺاهيون اٿن جيئن ٻارن جي ڪچي ذهن ۾ ننڍي هوندي کان اها ڳالهه رهي ته عورت هڪ نيچ شيءِ آهي.... دنيا جا ڪم خراب ڪرڻ ۾ عورت جو وڏو هٿ آهي..... هن ڪهاڻيءَ ۾ به ٻيو ڪجهه ناهي فقط مٿين ڳالهه جي جهلڪ آهي.
    جپان جي مي آئيديرا نالي هڪ آڳاٽي خانقاهه ۾ هڪ اعليٰ قسم جو گهنڊ رکيل هو جيڪو روزانو صبح ساجهر ۽ شام جو جڏهن وڳو ٿي ته ان جو صاف ۽ مڌر آواز پري پري تائين چٽو ٻڌڻ ۾ آيو ٿي. هن گهنڊ جو ٻاهريون پاسو ماڪ جي ڦڙي وانگر چلڪيو ٿي. هي گهنڊ صبح جي وقت يا شام جو ڪنهن نه ڪنهن مرد پوڄاريءَ وڄايو ٿي. مندر جي ٻائي طرفان سخت تاڪيد ٿيل هئي ته هن پوتر گهنڊ کي ڪا به عورت هٿ نه لائيندي. ان جو سبب ٻائو بار بار ٻڌائيندو رهيو ٿي ته عورت جي هٿ لائڻ تي هي گهنڊ پليد ٿي ويندو ۽ سندس آرسي جهڙي چمڪ اونڌاري ٿي ويندي ۽ ممڪن آهي ته ان ڏوهه ڪري هن سڄي ڳوٺ تي قدرت طرفان ڪا مصيبت نازل ٿئي.
    ڪيوٽو شهر جي هڪ حسينا جڏهن اها ڳالهه ٻڌي ته هوءَ سوچ ۾ پئجي وئي ته آخر اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي جيڪا عورت جي هٿ لائڻ سان عمل ۾ اچي سگهي ٿي. هن جي دل ۾ هيڪاندو تجسس پيدا ٿيو ته ٻائو جي عورت لاءِ ائين چئي رهيو آهي ته آئون به هن کي ڪري ڏيکارينديس. آئون ضرور ”مي آئيديرا“ جي خانقاهه لاءِ جبل تي وينديس ۽ اتي هن حيرت انگيز گهنڊ کي وڄائينديس ۽ هي گهنڊ جنهن جي چمڪ سوين هزارين آرسين برابر چون ٿا ان ۾ پنهنجي سهڻي چهري کي ڏسي سينڌ سرمون ڪنديس ۽ لالي سرخي هڻندس.“
    آخرڪار هيءَ عورت جبل تي چڙهي ٻڌن جي ان خانقاهه وٽ پهتي ۽ جنهن وقت ٻاوا ۽ پوڄاري عبادت ۾ مشغول هئا ته هوءَ لڪي لڪي ان ڪمري ۾ پهتي جتي پتل جو اهو گهنڊ رکيل هو. هُن هن چمڪندڙ گهنڊ ۾ پنهنجو چهرو ڏٺو.... ڇا ته سندس اکيون سهڻيون لڳي رهيون هيون، ڇا ته سندس اڀريل ۽ گلابي ڳٽا هئا جن ۾ مرڪڻ سان عاشقن جي دلين تي تير هڻڻ وارا گِهٻَ ٿي پيا. هن پنهنجيون سفيد ۽ سنهڙين آڱرين کي ڊگهو ڪري هن گهنڊ کي ڇهيو ۽ دل ۽ دل ۾ دعا گهري ته ڪاش هن کي ههڙي آرسي ملي وڃي جنهن ۾ هوءَ پنهنجو چهرو هر وقت ڏسندي رهي.
    پر هن عورت جي دعا قبول ٿيڻ ته پنهنجي جاءِ تي جيئن ئي هن جي آڱرين گهنڊ کي ڇهيو ته اهو آهستي آهستي ٿي سُسُڻ لڳو ۽ ان سان گڏ هن جي چمڪ ۽ پالش به ختم ٿي وئي. ۽ ڪجهه گهڙين اندر اهو ڪاري ڪوئلي جو ڀور ٿي ويو.......
    ***


    (33) پٿر ڪٽيندڙ

    هن جپاني ڪهاڻيءَ جهڙيون اسان وٽ توڙي يورپ جي ملڪن ۾ به ڪيتريون ئي ڪهاڻيون آهن جن ۾ هڪ غريب کي ڪنهن جن يا پريءَ يا ڪنهن ديوتا طرفان ٽي يا چار خواهشون پوريون ڪرڻ جي طاقت عطا ڪئي وڃي ٿي پر هو مونجهاري ۾ يا بيوقوفيءَ ۾ اهي اهڙي طرح استعمال ڪري ٿو جو آخر ۾ هو ان هنڌ تي پهچيو وڃي جتان هن شروعات ڪئي هوندي آهي. بهرحال جپاني هيءَ ڪهاڻي بلڪل اهڙي ته نه آهي پر ان سان ملندڙ جلندڙ ضرور آهي.....
    تمام آڳاٽي زماني جي ڳالهه آهي ته ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ پٿر ڪٽڻ وارو رهيو ٿي جيڪو روز تيشي ۽ هٿوڙو کڻي ڀر واري جبل وٽ پهتو ٿي جتي وڏن پٿرن کي ڪٽي گهرن ۽ قبرن لاءِ تختن جهڙا سلئب ٺاهيا ٿي. هن کي ڄاڻ هئي ته ڪهڙي ڪم لاءِ ڪهڙي پٿر جي ضرورت آهي ۽ جيئن ته هي هڪ سٺو ڪاريگر هو ان ڪري هن جا تمام گهڻا گراهڪ هئا. هو وڏي عرصي کان پرسڪون زندگي گذاري رهيو هو. هن کي جيڪي محنت مزوريءَ مان مليو ٿي ان مان هو خوش هو ۽ هن کي ڪنهن وڌيڪ هجڻ يا ملڻ جي ڪا خواهش نه هئي.
    جنهن جبل تي هي پٿر ڪٽڻ ويو ٿي اتي هڪ غيبات به رهي ٿي جنهن ڪڏهن ڪڏهن اتي موجود ماڻهن کي ڏيکائي ڏيڻ سان گڏ هنن کي امير ۽ خوش حال ٿيڻ ۾ مدد ڪئي ٿي. هن پٿر ڪٽڻ واري کي اڃان ڪو اهڙو جن ڀوت نظر نه آيو هو پر ماڻهن جي ڳالهه ڪرڻ تي هن ڪنڌ کڻي ڌوڻيو ٿي جيتوڻيڪ هن کي ان قسم جو ڪو به يقين نٿي آيو ته ڪو ائين به ٿي سگهي ٿو.... يعني ڪو جن ڀوت بنا ڪنهن محنت ۽ پورهئي جي ٻئي کي شاهوڪار بنائي ڇڏي. پر پوءِ اهڙو وقت به آيو جو هن پٿر ڪُٽڻ واري همراهه کي پنهنجي راءِ ۽ سوچ بدلائڻي پئي.
    هڪ ڏينهن هي پٿر ڪٽڻ وارو ڪنهن امير ماڻهوءَ جي گهرج موجب هن جي گهر لاءِ هڪ وڏو پٿر ڪٽي کڻي ٿي ويو ته هن جي اکين اڳيان گهر سان واسطو رکندڙ ڪجهه عجيب ۽ سهڻيون شيون نظرآيون جن کي هن ڪڏهن خواب ۾ به نه ڏٺو هو. ”ڪاش جيڪڏهن شاهوڪار هجان ها ته آئون به اهڙي سهڻي بستر تي سمهان ها. در ۽ درين تي ريشم جا پڙدا هجن ها.... آئون ڪيڏو ته موج مزي ۾ هجان ها.....“ هن پنهنجي دل ئي دل ۾ چيو..... ۽ اتي هن جي ڪنن تي ڪنهن جو آواز پيو:
    ”تنهنجي دل جي مراد ضرور پوري ٿيندي. تون سمجهه ته شاهوڪار ٿي وئين!“.
    هي آواز ٻڌڻ تي پٿر ڪٽڻ واري هيڏانهن هوڏانهن نهاريو پر هن کي ڪو نظر نه آيو. هن اهو ئي سوچيو ته اهو سڀ ڪجهه هن کي خيال ۾ آيو جنهن سان حقيقت جو ڪو واسطو ناهي. هن پنهنجا اوزار کنيا ۽ گهر ڏي روانو ٿيو. ان ڏينهن هن جي دل وڌيڪ ڪم ڪرڻ کان بلڪل انڪار ڪري ويٺي هئي. پر هو جڏهن پنهنجي ننڍڙي گهر وٽ پهتو ته هن کي اهو ڏسي تمام گهڻي حيرت ٿي ته هن جي اڳيان ڪاٺاڻي جهوپڙيءَ بدران هڪ شاهي محل هو! هن اندر گهڙي ڏٺو ته ان ۾ رکيل سهڻو ۽ قيمتي فرنيچر هن جو دماغ چڪرائڻ لڳو..... خاص ڪري ان جو بيڊ ۽ بسترو ڏسي! هي اهڙو ئي نرم ۽ نازڪ بسترو هو جنهن جو هن ڪجهه گهڙيون اڳ تصور ڪيو هو ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جي حسرت هيس. هي هاڻ خوشحال ۽ آرام جي زندگي گذارڻ لڳو ۽ هن کان پنهنجا غربت جا پراڻا ڏينهن ڪڏهوڪو وسري ويا.
    ۽ هاڻ اونهاري جي شروعات ٿي چڪي هئي ۽ ڏينهون ڏينهن سج ۾ تپش وڌي رهي هئي. هڪ ڏينهن ايڏي ته گرمي ٿي جو هن پٿر ڪٽڻ واري کي ساهه کڻڻ ۾ به تڪليف ٿي رهي هئي ۽ ٻاهر گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪرڻ بدران گهر ۾ ئي ويهي رهڻ جو پهه ڪيائين پر جيئن ته هن ڪڏهن به پاڻ وندرائڻ لاءِ ڪجهه نه سکيو هو سو چپ چاپ هڪ هنڌ ويهي بور ٿي پيو. رکي رکي ڪڏهن در کولي ٻاهرٿي ڏٺائين ته ڪڏهن درين تان پڙدا ريڙهي گهٽي ڏي ليئا ٿي پاتائين ته ڪير پيو اچي وڃي. ايتري ۾ هن هڪ ننڍي ڏولي لنگهندي ڏٺي جنهن کي بلو ۽ چاندي رنگ جي ڪپڙن ۾ ملبوس نوڪر ڇڪي رهيا هئا. ڏوليءَ اندر هڪ شهزادو ويٺل هو جنهن جي مٿان هڪ خاص نوڪر سونهري رنگ جي ڇٽي جهلي پئي ويو جيئن سج جا ڪرڻا شهزادي تي نه پون.
    ”ڪاش! آئون جيڪر اهڙو شهزادو هجان!“ پٿر ڪٽڻ واري حسرت مان دل ئي دل ۾ اهو چيو تيستائين اها ڏولي ڀر واري گهٽي ڏي مڙي وئي..... ”اوهه! ڪاش جيڪر آئون اهڙو شهزادو هجان.... جنهن کي نوڪر ڏوليءَ ۾ کڻي هلن ۽ جنهن کي سج جي تپش کان بچائڻ لاءِ ٻيا ڌوپ ڇٽي جهلي بيهن...... ڇا ته مزي جي زندگي ٿي پوي..... جنهن ۾ رڳو سک ئي سک هجي. اهڙي حالت ۾ آئون ڪيڏو ته خوش گذاري سگهان ٿو“.
    منهنجي خيال ۾ ته پٿر ڪٽڻ واري جي رڳو سوچڻ جي دير هئي جو هو ڏسندي ئي ڏسندي شهزادو ٿي پيو جنهن جي بگيءَ اڳيان نوڪرن جو هڪ ٽولو هو ته پٺيان ٻيو.... سڀني کي چتونءَ جي چهنب جهڙا ڳاڙها ۽ سونهري وڳا هئا. ڇٽ جهڙي وڏي ڌوپ ڇٽي هن جي مٿان هئي.... جيڪي ڪجهه هن جي دل چاهيو ٿي اهو ٿي پيو. پر خبر ناهي ڇو هن کي ائين لڳو ته هن جي زندگيءَ ۾ اڃان به ڪو خال آهي..... ۽ هيترو ملڻ جي باوجود ڪنهن شيءِ جي کوٽ آهي. هن چوڌاري نظر ڦيرائي جيئن هو اڃان به ڪنهن بهتر، ضروري ۽ طاقتور شيءِ جي خواهش ڪري سگهي.... هن ڏٺو ته جيتوڻيڪ هو پنهنجن ٻوٽن کي پاڻي ٿو ڏياري تڏهن به سج ۾ ايڏي تپش آهي جو اهي سڙيو وڃن. جيتوڻيڪ نوڪر هن جي مٿان ڇٽي کڻي هلن ٿا پر تڏهن به سج جي گرميءَ ۾ روزانو هن جو منهن سڙندو رهي ٿو.... هن ڪاوڙ مان رڙ ڪري چيو: ”مون کان وڌيڪ طاقتور ته سج آهي. ڪاش جيڪڏهن آئون سج هجان!“ هن جي اهو سوچڻ ۽ خواهش ڪرڻ تي جابلو غيبات طرفان آواز آيو: ”اي پٿر ڪٽڻ وارا انسان.... تنهنجي اها خواهش سمجهه ته هينئر ئي پوري ٿي وئي ۽ تون هڪ انسان بدران آسمان جو چمڪندڙ ستارو ”سج“ ٿي وئين“.
    ۽ هي غريب پٿر ڪٽڻ وارو سج ڇا ٿي ويو اصل ٽيڙي ۽ ٽانءَ ۾ اچي ويو. هو پنهنجو پاڻ کي دنيا جي طاقتور شيءِ سمجهڻ لڳو. هن چوڌاري هيٺ ڌرتيءَ ڏي توڙي آسمان طرف پنهنجن گرم ڪرڻن جو وسڪارو لاهي ڏنو. هن ڌرتيءَ تي موجود سموري گاهه ۽ شهزادن توڙي غريبن جو منهن لوساٽي رکيو.... پر هن جي اها موج مستي گهڻا ڏينهن نه هلي سگهي. ٿورن ڏينهن بعد هو پنهنجي ان رعب تاب ۽ طاقت مان بور ٿيڻ لڳو.... ظاهر آهي هن کي چوڌاري پنهنجا ڪرڻا اڇلائڻ کان علاوه ٻيو ڪم ئي ڇا رهيو.... هڪ دفعو وري بي چيني هن کي وڪوڙي وئي جڏهن هڪ ڪڪر هن جي اڳيان آڏ ٿي هن جي ڪرڻن کي ڌرتيءَ تي پوڻ کان روڪيو ته هن سج کي ڪاوڙ وٺي وئي. ”ڇا هڪ ڪڪر جي اها همت جو منهنجن ڪرڻن کي روڪي.... ڇا هو مون کان وڌيڪ پهلوان آهي. جي اها ڳالهه آهي ته مون لاءِ بهتر اهو هو ته سج بدران ڪڪر ٿيان ها“.
    هن جي اهو چوڻ تي جابلو غيبات اعلان ڪيو: ”پٿر ڪٽڻ وارا تون جيڪڏهن ڪڪر ٿيڻ ٿو چاهين ته اجهو هينئر ئي ٿي وڃ“.
    ان آواز بعد پٿر ڪٽڻ وارو ڪڪر ٿي سج ۽ ڌرتيءَ جي وچ ۾ ترڻ لڳو. هن هر وقت سج جي اڳيان آڏ بڻجي ڪرڻن کي ڌرتيءَ تي ڪرڻ ۽ گرمي پيدا ڪرڻ کان بچايو ٿي. نتيجي ۾ ڏسندي ئي ڏسندي زمين سرسبز ۽ گل گلڪارين واري ٿي وئي. پر ڳالهه اتي ختم نه ٿي. هي ڏينهن رات مينهن جو وسڪارو ڪندو رهيو ايتريقدر جو نديون نالا سڀ پاڻيءَ سان ڀرجي اٿلڻ لڳا ۽ چانورن جو فصل پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ لڳو. شهر ۽ ڳوٺ ٻوڏ جي اثر ڪري تباهه ٿيڻ لڳا.... رڳو اهو جبل پنهنجي جاءِ تي صحيح سلامت نظر اچي رهيو هو جنهن جا پٿر هي ڪٽيندو هو. چوڌاري ٻوڏ ۾ هڪ جبل کي اڏول ڏسي ڪڪر حيرت ۾ پئجي ويو..... ”ڇا ته سهڻو نظارو آهي.... لڳي ٿو هڪ جبل مون ڪڪر کان به وڌيڪ طاقتور آهي! او ڪاش! ان کان ته آئون جيڪر جبل هجان ها جيڪو سينو تاڻيو بي خوف خطر ڌرتي تي بيٺو آهي“.
    چوڌاري گجگوڙ ٿي ۽ غيبات هن کي خوشخبري ڏني ته هينئر ۽ هن وقت کان تون جبل ٿي ويندين!.
    ۽ واقعي انهيءَ کن پل ۾ هو ڪڪر مان جبل ٿي ويو ۽ پنهنجي نئين طاقتور روپ تي خوش ٿيڻ لڳو. هو وڏي شان ۽ شوڪت سان ڌرتيءَ مٿان قائم رهيو. ڇا جا سج جا ڪرڻا ڇاجو مينهن واچوڙو..... ڪنهن شيءِ جو هن مٿان اثر نٿي ٿيو. ”منهنجي خيال ۾ جبل ٿي رهڻ سڀ کان بهتر ۽ طاقتور شيءِ آهي“. هن دل ۾ سوچيو.... پر پوءِ ڇا ٿيو جو هن کي پنهنجي پيرن وٽ هڪ عجيب آواز ٻڌڻ ۾ آيو..... ۽ جڏهن هن غور سان هيٺ ڏٺو ته هڪ پٿر ڪٽڻ وارو سندس جسم تي زور زور سان هٿوڙا ۽ ڇيڻيون هڻي رهيو هو. ايتري ۾ هن ڏٺو ته پٿر جو هڪ وڏو بلاڪ سندس جسم مان ڌار ٿي هيٺ وڃي ڦهڪو ڪيو. جبل جي سڄي جسم ۾ ڄڻ ته ڏڪاڻي وٺي وئي. هن رڙ ڪئي ته ”هڪ ڌرتي جو انسان هڪ جبل کان وڌيڪ طاقتور آهي ڇا؟ ڪاش آئون هڪ انسان ئي هجان ته بهتر آهي“.
    غيبات طرفان يڪدم آواز آيو ته تنهنجي اها آخري خواهش به هينئر جو هينئر پوري ٿي رهندي..... ۽ هو ڏسندي ئي ڏسندي ساڳيو انسان ٿي ويو جيڪو پهرين هو.
    هڪ دفعو وري هن تيشي ۽ مترڪو کنيو ۽ جبل ڪٽڻ وارو پراڻو ڪم شروع ڪيو. پگهر ۾ شل، هو پورهيو ڪندو رهيو. هڪ دفعو هن لاءِ وري ٻه ويلا ماني مس هئي، سمهڻ لاءِ بسترو سخت ۽ سادو هو پر هن کي ان حالت ۾ مطمئن ٿي رهڻ جو سبق ملي ويو هو ۽ ڪا ٻي شيءِ ٿيڻ جو سوچڻ هن ڇڏي ڏنو. هو هڪ دفعو وري خوش گذارڻ لڳو ۽ سڪون جون ننڊون ڪرڻ لڳو.
    ***


    (34) حيرت انگيز رومال

    هڪ جپاني جنگجو پهلوان جي گھر ۾ سُميڪو نالي هڪ ننڍي نيٽي نوڪرياڻي ڪم ڪيو ٿي. هڪ ڏينهن هوءَ پليٽ تي ڊبل روٽي وارا بن رکي هيٽر تي گرم ڪرڻ واري هئي ته هن کي پوئين در تي هلڪو ڪڙو لڳڻ جو آواز ڪن تي پيو. هن جيئن ئي ڪاٺ جو در کوليو ته سامهون هڪ ٻوڌي ٻائو بيٺل نظر آيس. کيڪار بعد هُن سُميڪو کان ڀرواري ڳوٺ جو ڏس پتو پڇيو.
    ”اهو ڳوٺ هتان کان ڪافي پري آهي ۽ توهان کي رستي تي ڪجھه کائڻ لاءِ به نه ملي سگھندو،“ سميڪو هن ٻائي کي ان بابت آگاهه ڪيو ۽ وڌيڪ چيو ته ”سائين هنن تازن تيار ٿيل بنن مان ڪجھه کڻي وڃو جيئن ٻن پهرن تي ڪجھه کائي سگھو“. ٻوڌي ٻائي سميڪو جا هن خيرات تي ٿورا مڃيا ۽ پنهنجي سفر کي اڳتي وڌايو. سميڪو کي ان ڳالهه جي سمڪ ئي نه پئي ته مالڪ جنگجوءَ جي ڌيءُ ”جُنڪو“ هن کي ڏسي رهي هئي، تنهن سميڪو کي چڙ مان چيو:
    ”توکي همٿ ڪيئن ٿي جو هڪ ڌارئين ماڻهوءَ کي گھر ۾ اندر اچڻ ڏنو؟ تون هينئر جو هينئر گھران نڪر ۽ ان ٻائي کان بن واپس وٺي اچ. آئون توکي جيئن چوان پئي ائين ڪر نه ته آئون پنهنجي پيءُ کي ٻڌائي توکي مار ڏيارينديس“.
    غريب سُميڪو مار جي ڳالهه کان ڊڄي وئي ۽ نه چاهيندي به هوءَ ٻائي کي ڏنل خيرات واپس وٺڻ لاءِ ٻاهر نڪتي. ٿورو ئي اڳتي وئي ته هن کي پوڙهو ٻائو نظر اچي ويو، جيڪو ڏڪندڙ ٽنگن سان اڳتي وڃي رهيو هو.
    پوڙهي ٻائي سُميڪو جي سڄي ڳالهه ٻڌي ڪنڌ ڌوڻيو ۽ پنهنجي گودڙيءَ مان بن ڪڍي سُميڪو جي هٿ تي رکيا. ”آئون سمجھي سگهان ٿو ته تنهنجي مالڪ جي ڌيءُ ڪيتري ڏنگي آهي“ هن چيو”پنهنجي مالڪڻ کي چئجانءِ ته آئيندي آئون هن جي علائقي ۾ ئي نه ايندس“.
    سُميڪو کي ڳوڙها ڳاڙيندو ڏسي ٻائي چيس ته ”منهنجي ڌيءُ، تون ڏک نه ڪر. اچي هن منهنجي رومال سان پنهنجا ڳوڙها اگھه“.
    سميڪو ٻائي جو چيو مڃي پنهنجون اکيون ۽ مُنهن هن جي ڏنل رومال سان اگھيو. ان بعد ان کي ويڙهي ٻائي کي موٽايو.
    ”نه اهو تون پاڻ وٽ رک“ ٻائي چيو ”هن رومال لاءِ چيو وڃي ٿو ته جيڪو به هن سان پنهنجو منهن اگھندو ان جي چوڌاري گڏ ٿيل ماڻهن کي هن جي اصل سونهن جي خبر پوندي. جيڪڏهن هن جي دل نرم ۽ خلوص واري آهي ته هن جو چهرو ٻين کي سهڻو ۽ چمڪندڙ نظر ايندو. هن رومال سان منهن اگھڻ واري جي اندر ۾ جي ڪينو ۽ بغض هوندو ته هن جو چهرو بدنما نظر ايندو“.
    سُميڪو رومال ملڻ تي پوڙهي ٻائي جا ٿورا مڃيا... ۽ هوءَ اڃا ڪجھه وڌيڪ چوڻ واري هئي ته ٻائو هن جي نظرن اڳيا هڪدم گم ٿي ويو. هن سمجھيو ته ڪو خواب ڏسي رهي آهي پر هٿن ۾ رومال محسوس ڪري پاڻ کي حقيقت جي دنيا ۾ موجود سمجھيائين.
    ايندڙ ڪجھه هفتا سُميڪو پنهنجي منهن جو پگھر ۽ اکين جا ڳوڙها اُن رومال سان اگھندي رهي. هن کي پنهنجي چهري ۾ ڪا به تبديلي نظر نه آئي پر جُنڪو ۽ گھر جي نوڪرن چاڪرن... سڀني اهو محسوس ڪيو ته سميڪو جي سونهن ۾ نمايان تبديلي ۽ ڪشش پيدا ٿي رهي آهي. هوءَ ڏسندي ئي ڏسندي هڪ ڳوٺاڻي نوڪرياڻيءَ بدران هڪ سهڻي نوجوان عورت لڳي رهي هئي.
    گھر جي مالڪ جي ڌيءُ جُنڪو کي اها ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي ته هڪ عام نوڪرياڻي ڇوڪري هڪدم شهزادي لڳي رهي آهي! هڪ رات جنڪو دريءَ جي پويان لڪي سُميڪو جي جاسوسي ڪئي ته هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ ڇا ٿي ڪري. هن کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته گهر جو ڪم پورو ڪري سُميڪو جيئن ئي رومال سان پنهنجي چهري تان پگھر اگھيو ته هوءَ پهرين کان به وڌيڪ سهڻي نظر اچڻ لڳي ۽ هاڻ جيئن ئي سميڪو پنهنجي ڪمري مان ٻاهر نڪتي ته جنڪو هڪدم اندر گھڙي سميڪو کان اهو رومال کسيو.
    ”چئبو ته سميڪو جي سونهن جو راز هي رومال آهي. هاڻي آئون به ڏسنديس ته هن جي استعمال سان آئون ڪيئن ٿي لڳان“ هن دل ئي دل ۾ خوشيءَ وچان ٻهڪندي سوچيو.
    جُنڪو آهستي آهستي پنهنجو منهن رومال سان چڱيءَ طرح اگھيو ۽ هن کي اگھڻ دوران ئي پنهنجي منهن جي چمڙي جرڪندي محسوس ٿي، پر پوءِ جڏهن هن پنهنجي شڪل آرسيءَ ۾ ڏٺي ته خوف کان رڙ نڪري ويس. سهڻي ٿيڻ بدران هوءَ ماڳهين ڀوائتي ٿي پئي هئي.
    هوڏانهن سُميڪو جي سونهن نه فقط عام نوجوانن کي پر هڪ شهزادي کي به هن مٿان اڪن ڇَڪن ڪري ڇڏيو. شهزادو پهرين ملاقات ۾ ئي هن جي حسن تي عاشق ٿي پيو. هنن جي شادي وڌي ڌام ڌوم سان ڪرائي وئي. شاديءَ بعد هو سُميڪو جي سٺي طبعيت ۽ سهڻي اخلاق جي ڪري هن سان پيار ڪرڻ لڳو. شاديءَ کانپوءِ سُميڪو مندر جي ٻائي کان دعائون وٺڻ وئي ۽ سندس ڏنل رومال کيس موٽائي ڏنو ته جيئن هو ڪنهن ٻي غريب ۽ ضرورتمند ڇوڪريءَ کي ڏئي سگھي.
    ***


    (35) نون پڇن واري حسينا_تمامو

    ڪِيتسوني (لومڙيءَ) جي هڪ ٻي ڪهاڻي به ياد اچي رهي آهي. دراصل لومڙيءَ جو جپانين وٽ تمام وڏو درجو آهي. جيئن انڊيا م مختلف ديوتائن جو. اناري (لومڙي وارا) مندر سڄي جپان ۾ هزارين آهن. انهن جي ٻاهران گھڻو ڪري ننڍو يا وڏو لومڙيءَ جو مجسمو ٺهيل نظر اچي ٿو. شروع واري ڪهاڻي ۾ لومڙي (Kitsune) بابت اهو به لکي چڪو آهيان ته لومڙي پنهنجو روپ تبديل ڪري ڪجھه به ٿي سگھڻ جي طاقت رکي ٿي ۽ اها جن يا جنڙيءَ وانگر ڪا به شڪل اختيار ڪري ڪنهن مرد (انسان) سان شادي به ڪري ٿي. هن غيبات جي لومڙيءَ کي عمر ۽ ذهانت موجب هڪ کان وڌيڪ پڇ ٿين ٿا. گھڻي ۾ گھڻا نَوَ پڇ ٿين. جيڪا ”ڪيو بي“ سڏجي. (جپاني ٻوليءَ ۾ Kue معنيٰ نَوَ Nine). ايترن پڇن واري لومڙي بلا جي چالاڪ ۽ ذهين ٿئي ٿي.
    هاڻ هن لومڙيءَ جي ڪهاڻيءَ تي اچون ٿا جنهن جو جپانيءَ ۾ عنوان ”تمامو_نو_مائي“ (Tamamo no Mae) آهي. هڪ دفعي شهنشاهه جي درٻار ۾ هڪ حسين دوشيزه حاضر ٿي، ۽ پنهنجو نالو”تمامو نو مائي“ ٻڌايو. هوءَ اهڙي ته سهڻي، ذهين ۽ فضيلت واري لڳي رهي هئي جو پهرين نظر ۾ ئي ملڪ جو شهنشاهه هن تي اڪن ڇڪن ٿي پيو. بادشاهه سلامت جڏهن هن کان پڇيو ته ”تو جهڙي مهمان لاءِ آءٌ ڇا ڪري سگھان ٿو؟“ ته هن من موهڻي صورت واري نوجوان عورت وراڻيو ته هوءَ هن جي محل ۾ رهڻ جي آس ٿي رکي. بادشاهه سلامت هن جي حسن جو اهڙو ته شيدائي ٿي ويو جو هو انڪار ڪري نه سگھيو ۽ هڪدم رضامندي ڏيکاري.
    تمامو جيئن جيئن محل ۾ رهڻ لڳي تيئن تيئن هن جي آس پاس جا نوڪر چاڪر، درٻاري، ڪامورا سڀ هن کي پسند ڪرڻ لڳا. هنن هن جهڙي سهڻي ڇوڪري هن کان اڳ ڪڏهن نه ڏٺي! سونهن کان علاوه هوءَ بيحد رحمدل، فضيلت واري ۽ تمام گھڻي ذهين هئي. محل سان واسطو رکندڙ ڪيترا عالم اڪابر هن جي ذهانت جو امتحان وٺڻ لاءِ ڪئين سوال پڇڻ لڳا ۽ هن هر سوال جو صحيح جواب ڏئي هنن کي وائڙو ڪري ڇڏيو ٿي. هوءَ هر امتحان ۾ پاس ٿي وئي ٿي بلڪه ڪيترن سوالن جا جواب هنن جي اميد کان به بهتر ۽ تفصيلي ڏنا ٿي.
    بادشاهه سلامت جيڪو پڻ هن ڪچهريءَ ۾ ويٺو ٿي تمامو جي ڳالهين مان نه فقط متاثر ٿيو ٿي پر ڏينهون ڏينهن هن تي ويو ٿي فدا ٿيندو. هڪ ڏينهن هن تمامو کان پڇيو ته آيا هوءَ ساڻس گڏ محل اندر رهڻ پسند ڪندي. جواب ۾ تمامو خوشيءَ سان هائوڪار ڪئي.
    ۽ هاڻ وقت گذرڻ تي هو هر وقت هن جي ايڏو ته ويجھو رهڻ لڳو جو سندن جدائي ناممڪن سمجهي وئي ٿي. هو هفتي جا ست ئي ڏينهن تمامو سان گڏ رهڻ لڳو.... ايتري قدر جو هن درٻار جي ڪمن ڪارين ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏني. وقت گذرڻ تي درٻارين ۽ عوام محسوس ڪيو ته بادشاهه سلامت ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو ڏٻرو ٿيندو! ايتري قدر جو هڪ ڏينهن هن جي اهڙي حالت ٿي وئي جو هو بستر تان به اٿي نه پئي سگھيو.
    محل جي نوڪرن چاڪرن کي اهو عجيب لڳو ته بادشاهه سلامت وڃي پيو ڪمزور ٿيندو، پر تمامو کي ڪو احساس نٿو ٿئي. هن جي چهري تي بادشاهه جي بيماريءَ جو نه فڪر آهي ۽ نه ڏک! پر پوءِ جڏهن بادشاهه کي جھٽڪا اچڻ لڳا... هن تي غنودگي طاري ٿيڻ لڳي ۽ سڀني کي اهو محسوس ٿيڻ لڳو ته هو اجھو ٿو مري ۽ قبر جي حوالي ٿئي ته پوءِ تمامو پريشان ٿيڻ لڳي. هن جي چهري مان هاڻ مونجھارو ۽ بي آرامي بکڻ لڳي. محل سان واسطو رکندڙ هڪ ڏاهي کي هن عجيب قسم جي مهمان عورت تي تمام گھڻو شڪ ٿيڻ لڳو ته هن جي اچڻ سان محل جو پورو وايو منڊل اونڌو ٿي ويو آهي. هن اُتاهن جبلن ۾ رهندڙ ٻاون کان رهنمائي ۽ مدد گھري. هن کين ٻڌايوته ڪيئن ”تمامو نو مائي“ نالي هڪ نوجوان عورت محل ۾ داخل ٿي ۽ پنهنجي سحرانگيز ڳالهين ۽ سونهن سان بادشاهه سلامت سميت شهر جي هر ماڻهوءَ کي منڍي رکيو آهي... ۽ هن کي اهو ٿو لڳي ته هيءَ عورت جيڪي ڪجھه ظاهري طور اسان کي لڳي ٿي اصل ۾ ائين نه آهي.
    جابلو ٻاون هن ڏاهي جي ڳالهه غور سان ٻڌي ۽ هن کي هڪ ڏنڊي ڏني ته هو ڪنهن اٽڪل سٽڪل سان اها ڏنڊي تمامو کي هٿن ۾ ڏئي. هوءَ جيئن ئي ان ڏنڊي کي ڇهندي ته سندس اصل روپ هڪدم ظاهر ٿي پوندو.
    محلات جو ڏاهو ٻاون کان موڪلائي واپس محل ۾ آيو ۽ تمامو سان اچي مليو. تمامو پنهنجي ڪمري ۾ اڪيلي ويٺي هئي ۽ ڪنهن سوچ ۾ غرق ٿي لڳي. ڏاهي لاءِ موقعو سٺو هو. هن تمامو کان ڪجھه سوالن جا جواب پڇڻ لاءِ هن کي سڏيو، جيئن اهو معلوم ڪري سگھجي ته هن کي ان بابت ڪيتري ڄاڻ آهي. هن کيڪارڻ لاءِ پنهنجو هٿ تمامو ڏانهن وڌايو ۽ جيئن ئي تمامو پنهنجو هٿ ڏاهي جي هٿ سان ملائڻ جي ڪئي ته ڏاهي سندس هٿ ۾ کڻي ڏنڊي ڏني.
    جيئن ئي ڏنڊيءَ تمامو جي هٿ کي ڇُهيو ته چِڻنگن سان گڏ دونهون نڪري آيو! تمامو ايذاءَ مان رڙ ڪري پنهنجو هٿ کڻي پاڻ ڏي ڇڪيو. هن گھڻو ئي پاڻ بچائڻ جي ڪئي پر جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو. اکين کي انڌو ڪرڻ جهڙو کنوڻ جو هڪ چلڪاٽ ٿيو ۽ ان روشنيءَ ۽ دونهين جي وچ ۾ ڏاهي کي اهو ڏسي دماغ گھمي ويو ته تمامو جي پٺيان ڪيترائي پڇ لڙڪي رهيا هئا.
    هن ڏاهي عالم يڪدم رڙيون ڪري محل جي چوڪيدارن کي سڏ ڪيو ۽ جيئن ئي چوڪيدار ڪمري ۾ داخل ٿيا ته تمامو جون وايون بتال ٿي ويون ۽ هوءَ مُنجهي پئي ته ڇا ڪجي! هن لاءِ در مان ٻاهر نڪرڻ مشڪل ٿي پيو. ان افراتفريءَ جي عالم ۾ هن پنهنجو پاڻ کي عورت جي روپ مان ڪڍي اصلي ڏيک ۾ آندو ته هوءَ نَون پُڇن واري لومڙي ٿي پئي! لومڙي ٿيڻ سان هن ڇال ڀري دريءَ مان ٻاهر نڪري فل رفتار سان شهر وچ مان گذرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن ماڻهن جن هن کي پهرين چاهيو ٿي، سندس اصلي روپ ڏسي پٺيان پئجي ويس ۽ پٿرن، ٺڪرن سان مطلب ته جنهن کي جيڪا شيءِ ٿي هٿ چڙهي ان سان هن تي وسڪارو ڪيو. هوءَ زخمي حالت ۾ شهر لتاڙي وٺي جبلن ڏي ڀڳي.
    هوڏانهن پٺيان محلات ۾ بادشاهه سلامت کي ”تمامو نو مائي“ جي اصليت کان آگاهه ڪيو ويو ته اها حقيقت ۾ ”ڪستوني“ (لومڙي) هئي، سا به ”ڪيو او بي“ (نون پڇن واري خطرناڪ مڪار قسم جي). هن قسم جو جانور جادوءَ جي زور تي انسان جي طاقت چوسيو وٺي. خاص ڪري ان ماڻهوءَ جي جيڪو هن جي ويجھو آهي.
    اها ڳالهه ٻڌي بادشاهه جي دل ٽٽي پئي. هن محلات جي منتظمن کي اجازت ڏني ته ان سلسلي ۾ هنن کي جيڪي بهتر لڳي اهو ڪن. محلات وارن ٻه تجربيڪار شڪاري هٿ ڪيا ته هو جھنگل ۾ وڃي هن لومڙي جي ڳولا ڪري هن کي اُڦَٽ ماري ڇڏين.
    وڏي ڳولها بعد هنن ٻن شڪارين کي اها لومڙي ملي وئي، جنهن جي هنن کي ضرورت هئي. تمامو، لومڙي هڪ جبل جي چُر وٽ لڪي ويٺي هئي ۽ هن آئي وئي مسافر کي منجھائي هن کان کاڌو پئي کسيو. هن جي جڏهن محلات جي شڪارين تي نظر پئي ته هن انهن کي هڪدم سڃاڻي مٿن حملو ڪيو پر هي بيحد قابل ۽ اٽڪل باز شڪاري هئا ۽ هو لومڙيءَ جو وار گُسائي ويا. اتي هڪ شڪاريءَ زور سان اعلان ڪيو ته ”سج ديوتا جي اولاد_ اسان جي شهنشاهه جي حڪم سان تو جهڙو دوکي باز غدار شل عذاب جو موت مري!!!“
    شڪاريءَ جي ائين چوڻ سان لومڙي ڄڻ پنڊ پهڻ ٿي وئي. هن جا قدم ڄڻ هڪ هنڌ ڄمي ويا. هوءَ اتي ئي بيهي رهي... هڪ زوردار کنوڻ جو تجلو ٿيو ۽ محلات جي هنن ٻنهي شڪارين ان جي روشني ۾ هن لومڙي تمامو کي هڪ خوبصورت عورت جي شڪل ۾ ڏٺو. جنهن جي پٺيان نَوَ پڇ لڏي رهيا هئا. هن جون اکيون ڳوڙهن سان ٽمٽار هيون. هن جي چهري تي ڪجھه ڪاوڙ ته ڪجھه غم جا جذبا نمايا هئا. سندس سڄو جسم ڏڪي رهيو هو.
    ”جيڪي توهان کي ڪرڻو آهي اهو ڀلي ڪريو“. هن شڪارين کي چيو ”پر آئون بنا مقابلو ڪرڻ جي مرڻ واري هرگز نه آهيان“. اهو چئي هن شڪارين تي حملو ڪيو ۽ پنهنجي تکن چنبن ۽ ڏندن سان هنن کي چيرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ٽنهي ڄڻن جي ڪا دير هڪٻئي سان مارڪٽ جاري رهي، جنهن ۾ ٽئي ڄڻا ڪافي زخمي ٿي پيا ۽ پوءِ هڪ دفعو وري تمامو پنهنجو روپ بدلائي لومڙي ٿي وٺي جبلن ڏي ڀڳي. ميداني علائقي مان ته هوءَ تمام تکي رفتار ۾ ڀڄڻ لڳي. محلات جا شڪاري هن جي پويان لڳا پر هن جي رفتار جو مقابلو نه ڪري سگھيا. ان ڪري هنن مان هڪ پنهنجي تير ڪمان سان لومڙيءَ تي تيرن جو وسڪارو ڪيو. ڪيترائي تير هڻڻ کانپوءِ آخر هڪ تير لومڙيءَ جي سيني مان پار ٿي ويو ۽ هوءَ ڍير ٿي پئي.
    هي ٻئي شڪاري هن جي ويجھو پهتا ته ڏٺائون ته لومڙي آخري پساهن ۾ هئي. پر ان هوندي به هوءَ هڪ دفعو وري پنهنجو روپ بدلائي ”تمامو“ ٿي پئي. ڏک، مايوسي ۽ ڪاوڙ جا ڪوسا ڳوڙها هن جي سهڻي چهري جي گلابي ڳلن تان ٽمڻ لڳا ۽ پوءَ هڏڪيءَ سان گڏ هن جو ساهه نڪري ويو.
    ساهه نڪرڻ سان تمامو هڪ دفعو وري لومڙيءَ جي شڪل اختيار ڪئي ۽ پوءِ ٻي گھڙي ۾ اها ”شيشو سيڪي“ (Sessho Seki) ٿي پئي، يعني پٿر ٿي پئي. اهو پٿر زهريلي گيس ڇڏڻ لڳو ۽ جيڪو هن جي ويجھو ويو ٿي سو اڦٽ مري ٿي ويو. (هتي پڙهندڙن جي معلومات لاءِ لکندو هلان ته جپاني ڏند ڪٿائن موجب ”شيسو سيڪي“ ڪارو پٿر ٿئي ٿو جنهن کي ڇهڻ وارو هڪدم مريو وڃي... ٻين لفظن ۾ هن پٿر کي خوني پٿر يا انگريزيءَ ۾ Killing Stone به سڏجي ٿو. جپان جي مشهور (۽ منهنجي دلپسند) جپاني شاعر ماتسوئو باشو (1694-1644) پنهنجي هڪ ڪتاب ”اوڪُو نو هو سومِچي“ (انگريزي ترجمي (The Narrow Road to Deep North ۾ لکيو آهي ته هن اهو پٿر ناسو (Nasu) شهر ۾ ڏٺو هو جيڪو شهر جپان جي ”ٽوچيگي“ علائقي ۾ آهي.
    بهرحال ڪهاڻي موجب اهو پٿر ڪيترائي سال اتي رهيو ۽ زهريلي گيس خارج ڪري ڪيترن ئي راهگيرن کي ماريندو رهيو. آخرڪار هڪ رات هڪ ٻائي جو اتان گذر ٿيو. هن پٿر جي چوڌاري ڪجھه منتر پڙهيا ۽ سڄي رات ان اڳيان ڏِيا ۽ اگر بتّيون ٻاريون. صبح ٿيڻ سان ٻائو اٿيو ۽ پٿر جي ڀرسان اچي بيٺو... هن کي ڪو به نقصان نه ٿيو. ان بعد ٻائي پٿر مٿان هٿ گھمايو ته به ڪجهه نه ٿيو.
    ان بعد ٻائي هن پٿر مٿان جادوءَ جي ڏنڊي گھمائي پٿر کي چيو ته ”تمامو مون تنهنجي سڄي ڪهاڻي ٻڌي آهي ته تو ڪيئن هڪ نَوَ پڇن واري لومڙي ٿي ڪري هڪ حسين عورت جو روپ ڌاريو ۽ ملڪ جي شهنشاهه کي پنهنجي جادوئي اثر ۾ آندو ۽ توکي ان جي بدلي ۾ پنهنجو موت نصيب ٿيو- جيڪو انجام تنهنجو ٿيڻ کَتو ٿي. پر مونکي پڪ آهي ته ان ڪهاڻي پويان ڪجھه وڌيڪ به آهي جيڪو آئون ٻڌڻ چاهيان ٿو. مهرباني ڪري مونکي اصل ڪهاڻي ٻڌاءِ“
    هو ڪجھه گھڙيون انتظار ڪندو رهيو ۽ پوءِ هن پٿر (Sessho-Seki) مان آواز آيو:
    ”آئون تمامو نو مائي ضرور آهيان، پر آئو هميشه ڪا تمامو نه رهي آهيان. منهنجو اصل نالو ميزوڪومي (Mizukume) آهي. منهنجو نيپاج ڪندڙ پيءُ مونکي جھنگل ۾ ڏٺو جڏهن آئون اڃا پونگڙو هيس... هن کي اها خبر نه هئي ته آئون وڏي ٿي ڪا بدنصيب ۽ مڪار ترين نَون پڇن واري لومڙي ٿينديس... جنهن ڪري مون کي لڳي ٿو ته منهنجي اصلي ماءُ پيءُ مونکي ڦٽو ڪري ڇڏيو هو. آئون جڏهن سترهن سالن جي ٿيس ته منهنجي نپائڻ واري پيءُ تي غداريءَ جو الزام هڻي محلات طرفان هن کي ڏيهه نيڪالي ڏني وئي، ۽ پرديس ۾ هو دربدر ٿي آخرڪار مري ويو. مونکي ان ڳالهه جو تمام گھڻو غم ۽ غصو ٿيو ۽ پاڻ مرادو اهو پڪو پهه ڪيو ته محلات وارن کان هر صورت ۾ ان جو بدلو وٺنديس. ۽ پوءِ آهستي آهستي ڪري مون نوجوان شهنشاهه جو پيار ۽ اعتماد حاصل ڪري ورتو. هُو منهنجو سچو عاشق ٿي پيو. ايتري قدر جو هن کي مون کانسواءِ هڪ پل جي جدائي به برداشت نٿي ٿي سگھي... ۽ پوءِ آهستي آهستي ڪري مون جيئن هن جي جسم مان هن جي جواني ۽ زندگي چوسڻ شروع ڪئي ته هڪ اهڙي ڳالهه سامهون اچي وئي جنهن جي مون ڪا توقع نٿي رکي. ڇا ٿيو جو مونکي شدت سان اهو محسوس ٿيڻ لڳو ته هن سان گڏ آئون به هن جي پيار ۽ محبت ۾ قابو ٿي پئي آهيان. منهنجي دل ۾ به هن لاءِ عشق جي باهه ڀڙڪي چڪي آهي... جيتوڻيڪ ٺهيل رِٿَ موجب ائين هرگز نه هو پر هاڻ منهنجي اندر جي هڪ حصي شهنشاهه کي نقصان رسائڻ يا مارڻ کان انڪار ٿي ڪيو. آئون آخري گھڙين ۾ سخت مونجھاري ۽ بي چينيءَ ۾ اچي ويس ته ڇا ڪرڻ کپي. مونکي جنهن تير ماريو ان کان اڳ منهنجي دل ٽٽي چڪي هئي... آئون محلات مان ڀڄڻ کان اڳ ختم ٿي چڪي هيس...
    ”منهنجا مهربان ٻاوا! وڌيڪ ڪهاڻي ٻڌائڻ جي هاڻ مون ۾ همٿ نه رهي آهي. ڄمڻ کان وٺي مون تي ڦِٽ لَعنَتُون وسنديون رهيون ۽ مري وڃڻ بعد به اهي جاري آهن. حياتي دوران توڙي مرڻ بعد مون خبر ناهي ڪيتريون ئي معصوم جانيون ماري ڇڏيون آهن. منهنجي سڄي زندگي پاپن ۽ گناهن ۾ گذري آهي، جنهن جو مونکي بيحد ڏک آهي. محترم ٻاوا! آئون توکي عرض ٿي ڪريان ته مونکي هن عذاب مان آجو ڪراءِ...
    ٻائي پنهنجون اکيون کڻي بند ڪيون ۽ پنهنجو هٿ پٿر تي رکي ڪجھه دعائون ۽ منتر پڙهڻ شروع ڪيا.... ۽ پوءِ آخر ۾ چيو: ”مهرباني! ميزوڪومي، اڄ کانپوءِ تون آزاد آهين، آزاد آهين“. هڪ چمڪندڙ تجلو پٿر مان نڪري آسمان ڏي هليو ويو. پٿر ٽڙڪاٽ ڏئي ڀور ڀور ٿي پيو ان بعد سَنهي ٻُوري جي شڪل ۾ سڄي جپان مٿان ڇٽڪار ٿي ويو.
    ڪهاڻيءَ ۾ ته ان پٿر جو وجود ختم ٿي ويو پر جپان جي ناسو شهر ۾ اڄ به هڪ پٿر موجود آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو تمامو_نو_مائي وارو سيسشڪو سيڪي (قاتل پٿر) آهي. جپان جا ماڻهو ۽ اسان جهڙا ٽوئرسٽ ۽ سفرناما لکندڙ هن کي ڏسڻ لاءِ ايندا رهن ٿا. ٿي سگھي ٿو ته مٿين ڪهاڻي جنهن اخبار، رسالي يا ڪتاب ۾ ڇپجي اهو منهنجي فوٽن مان ڪو فوٽو پڻ شايع ڪري.
    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 468307
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 187792
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ