ڪتاب جو نالو: قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي؟
مصنف: مولانا شعيب الرحمٰن کهڙو
ڇپائيندڙ: حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ، ڪراچي
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 06 آڪٽوبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 760 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 189 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب قرآن حڪيم جي بنيادي تعليم ۽ پيغام کي سمجهائيندڙ سولي سنڌي ۾ بيحد اهم مواد تي آڌاريل آهي جيڪو اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ قرآني ڄاڻ ۽ حڪمت جو ڀنڊار ثابت ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته قرآن مجيد جي حوالي سان ٿيندڙ ههڙين موچارين ڪوششن کان عام ماڻهن توڻي طالب علمن کي بهره ور ڪرڻ هن دور جي بيحد اهم ضرورت آهي. ان ڪري هي ڪتاب تڏهن وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو جڏهن هن کي وڌ ۾ وڌ ڦهلايو وڃي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ هن مان استفادو ڪيو وڃي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق ، واسطا ۽ اسٽاڪسٽ
  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب
  • ٻه اکر
  • قرآن رب العالمين جو تعارف آهي

  • رب ڇا کي ٿو چئجي؟:
  • صلاحيتن جو فرق
  • انفاق جو فائدو:
  • انسانيت لاءِ رهنمائي جو بندوبست:
  • الله جي هدايت واضح آهي:
  • خليفة الله في الارض:
  • انسان جي امين واري حيثيت:
  • پاڻ کي مالڪ سمجھڻ جو نتيجو:
  • خلافت في الارض جي لاءِ شرط:
  • خدائي دستور:
  • انسانن جي عام نفسيات:
  • لوهه: طاقت جو محور آهي:
  • نفساني خواهشن جي پيروي نه ڪيو:
  • عالمگير نظام:
  • انسانيت لاءِ قرآن جا دائمي اصول

  • تعارف
  • قرآن مان مسئلن جي استنباط جو طريقو:
  • خدائي اٿارٽي:
  • بي مقصد باطل قوتون
  • باطل قوتن جا پوئلڳ به ظالم آهن:
  • ڪاميابيءَ جو خدائي وعدو:
  • صالح عمل جو قرآني مفھوم
  • رهبر انسانيت:
  • قرآن مجيد جا دعوتي اسلوب:
  • داعيءَ جون وصفون:
  • معلم انسانيت:
  • پاڻ سڳورن جي بعثت جو مقصد:
  • آيتن جي تلاوت:
  • قرآن مجيد جي هدايت جو طريقو

  • ترتيل:
  • غور ۽ فڪر سان پڙهڻ:
  • ڇا عام انسان قرآن نٿو سمجهي سگهي؟
  • تعليم الڪتاب:
  • تعليم الڪتاب جي فضيلت:
  • قرآن پڙهي ان تي عمل نه ڪندڙ جو حشر:
  • قرآن کي ڪمائيءَ جو ذريعو نه بڻائجي:
  • قرآن پڙهي وسارڻ جو ڏوهه:
  • قرآن پڙهڻ جو مقصد:
  • قرآن مجيد کان منهن موڙڻ جو نتيجو:
  • قرآن حڪمت جو ڪتاب آهي

  • تعليم الحڪمت:
  • حڪمت جي معنيٰ:
  • حڪمت مان مراد:
  • حڪمت جا ٻيا نالا:
  • حڪمت ڀريو ڪتاب:
  • حڪمت ڇا آهي:
  • حڪمت الله جي عطا آهي:
  • قرآن انساني شخصيت کي تعمير ڪري ٿو

  • تزڪيو ۽ نفس جي پاڪيزگي:
  • تزڪيو ڇو ضروري آهي:
  • معاشرتي تزڪيو:
  • معاشي تزڪيو:
  • تزڪيهءِ عمل:
  • قرآن روحاني بيمارين کان شفا آهي:
  • الله تعاليٰ جا پسنديده ماڻهو:
  • ڪاميابي ۽ نجات جو مدار:
  • اعجاز القرآن

  • تعارف
  • اعجاز قرآن جو دائرو
  • قرآن مجيد جو سڀ کان وڏو معجزو اسلام آهي
  • قرآن جو ٻيو معجزو ان جا علم ۽ معارف آهن
  • قديم مذهبي صحيفن ۾ انساني علم جي ملاوٽ:
  • علم ۽ جديد تحقيق جي تصديق
  • قرآن جو هڪ معجزو هدايت ۽ انقلاب آهي:
  • قرآن مان استفادي حاصل ڪرڻ جون رڪاوٽون
  • 1- تڪبر:
  • 2- مجادله
  • 3- آخرت جو انڪار ۽ دنيا پرستي
  • طلب:
  • ٻڌڻ ۽ تابعداري ڪرڻ:
  • خوف:
  • ايمان بالغيب:
  • تدبر:
  • مجاهده:
  • ادب ۽ عظمت:

  • ڪتاب جا حق ، واسطا ۽ اسٽاڪسٽ

    قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي؟
    ليکڪ: مولانا شعيب الرحمٰن کهڙو

    سال اشاعت: 2017ع
    ڪمپيوٽرلي آؤٽ: فھيم احمد سولنگي
    ڇپيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي
    ڇپائيندڙ: حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ
    قيمت: /=100 رپيا


    اسٽاڪسٽ
    سنڌيڪا اڪيڊمي B-24 ، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي74400. فون: 32737290-021
    سنڌيڪا بوڪ شاپ: شاپ نمبر5، ميزنائين فلور، حيدرآباد ٽريڊ سينٽر، حيدر چوڪ ، 03133692150
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: -03352233803 03013431537
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، مدني شاپنگ سينٽر، جي پي او روڊ، لاڙڪاڻو فون: 0331-3480039
    العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
    ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- افضل بوڪ اسٽال، ماروئڙا ڳوٺ ڪراچي 03333509236 ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر، بخاري ڪتاب گهر بئراج روڊ، قادري بوڪ اسٽور، مهراڻ بوڪ اسٽور، سنڌ ڪتاب گهر، نيم ڪي چاڙهي سکر- مدني ڪتاب گهر پنوعاقل - ڀٽائي بوڪ هائوس حيدرآباد03223011560 - سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي ماسٽر اينڊ ماسٽر ڪتاب گهر حيدرآباد- شير يزدان بوڪ شاپ،درگاهه ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، فون:0306-3665563، سارنگ بوڪ اسٽور، ڪنڊيارو- سچل ڪتاب گهر درازا درگاهه سچل سرمست - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- مدني اسلامي ڪتبخانو، نئون چوڪ دادو- حافظ بوڪ اسٽور، خيرپور بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - مشعل ڪتاب گهر پڊعيدن 03063291657 - المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو، سومرا بوڪ اسٽور ميهڙ، صديق حيدر ڪتاب گهر، شڪارپور
    ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ 8948535-0346 ، مڪتبه امام العصر گهوٽڪي، 03033695037

    خط و ڪتابت لاءِ

    حاجي الله بخش وليج احسن آباد اسڪيم 33،
    ڪراچي 75340
    فون: 36880625(021)
    موبائل: 03002707097
    ويب سائيٽ: www.hikmatequran.org


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ڪتاب جو ليکڪ مولانا شعيب الرحمٰن کهڙو صاحب آهي.
    هي ڪتاب قرآن حڪيم جي بنيادي تعليم ۽ پيغام کي سمجهائيندڙ سولي سنڌي ۾ بيحد اهم مواد تي آڌاريل آهي جيڪو اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ قرآني ڄاڻ ۽ حڪمت جو ڀنڊار ثابت ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته قرآن مجيد جي حوالي سان ٿيندڙ ههڙين موچارين ڪوششن کان عام ماڻهن توڻي طالب علمن کي بهره ور ڪرڻ هن دور جي بيحد اهم ضرورت آهي. ان ڪري هي ڪتاب تڏهن وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو جڏهن هن کي وڌ ۾ وڌ ڦهلايو وڃي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ هن مان استفادو ڪيو وڃي.
    هي ڪتاب حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ پاران سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ وٽان 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    انتساب

    قرآني علمن جي سمنڊ، سائين عمر جي نالي جنهن کي منافقاڻي ماحول ۾ سندس علمي ڪمال کي نسرڻ جو موقعو نه ملي سگهيو ۽ سوير ئي سعادتن جي سفر ڏانهن سنبري پيو.

    ـ شعيب الرحمٰن


    ٻه اکر

    2008ع ۾ حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ جو بنياد وجهي اسان سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن حڪيم جو پيغام ڦهلائڻ لاءِ وسيع بنيادن تي ڪوششون شروع ڪيون. هڪ طرف تحقيق ۽ تدريس جو سلسلو شروع ٿيو ۽ ٻئي طرف اشاعت ۽ ڦهلاءَ جا بندوبست ٿيا. سنڌ ۾ پهريون ڀيرو خط و ڪتابت جي ذريعي گهر ويٺي قرآن حڪيم جا چار ڪورس ڪرائڻ جو سنڌي ٻوليءَ ۾ بندوبست ٿيو، نه ته ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ ۾ الهامي ڪتابن جو صرف بائيبل وارا ڪورس ئي ڪيترن سالن کان حيدرآباد ۽ شڪارپور مان ماڻهن کي ڪرايا پئي ويا. قرآن شريف جا اهي چارئي ڪورس الحمد الله سڄي ملڪ جي ماڻهن کي مستفيض ڪرڻ لاءِ اردوءَ م به شروع ڪيا ويا. ان جي نتيجي ۾ قرآن حڪيم جي تعليم، حڪمت ۽ پيغام کي عالماڻي نموني سمجهڻ جا موقعا ميسر ٿيا ۽ انهن جو سلسلو هيستائين زور شور سان جاري آهي.
    تحقيقي مقصدن جي لاءِ اسان سنڌ جي چونڊ نوجوان عالمن کي حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ ۾ موقعا فراهم ڪيا ۽ انهن جي محنتن جي نتيجي ۾ اڻ ڳڻيا علمي شھ پارا جڙي تيار ٿيا. مولانا شعيب الرحمان کهڙو حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ جو لڳ ڀڳ ٻه سال رفيق رهيو ۽ هن ”قرآن تي عمل“ ”انساني شخصيت جي ترقي قرآن جي روشني“ ۾ ۽ سنتن تي مشتمل ڪتاب سنڌي ترجمو ڪيا ۽ زير مطالعه ڪتاب ”قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي؟“ مرتب ڪري ورتو. اهڙي طرح حڪمت قرآن جي پاران نڪرندڙ توحيد رسالي جي لاءِ پڻ مولانا شعيب الرحمان مضمون لکندو رهيو.
    هي ڪتاب قرآن حڪيم جي بنيادي تعليم ۽ پيغام کي سمجهائيندڙ سولي سنڌي ۾ بيحد اهم مواد تي آڌاريل آهي جيڪو اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ قرآني ڄاڻ ۽ حڪمت جو ڀنڊار ثابت ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته قرآن مجيد جي حوالي سان ٿيندڙ ههڙين موچارين ڪوششن کان عام ماڻهن توڻي طالب علمن کي بهره ور ڪرڻ هن دور جي بيحد اهم ضرورت آهي. ان ڪري هي ڪتاب تڏهن وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو جڏهن هن کي وڌ ۾ وڌ ڦهلايو وڃي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ هن مان استفادو ڪيو وڃي.

    نور احمد ميمڻ
    ڊائريڪٽر
    حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ


    قرآن رب العالمين جو تعارف آهي

    رب ڇا کي ٿو چئجي؟:

    پوري ڪائنات جو خالق ۽ حقيقي پالڻهار هڪ الله آهي. هو سڀني جھانن جو رب يعني پالڻھار آهي. رب ان ذات کي چيو ويندو آهي جيڪو ڪنھن شيءِ جي هڪ حيثيت کان ٻي حيثيت ۾ واڌارو آڻي ان کي پنھنجي ڪمال واري حد تائين پھچائي. (مفردات اصفھاني)
    اهو الله پنهنجي ربوبيت واري صفت جي ذريعي ڪائنات جي هر شيءِ جي هر لمحي اوسر ۽ پرورش ڪري رهيوآهي. اهو الله ئي آهي جيڪو ماءُ جي رحم ۾ انساني جيوڙن جي آهسته آهسته پرورش ڪري ٿو، جيڪا خالق ڪائنات جي شاهڪار تخليق ”احسن تقويم“ جي صورت ۾ نظر اچي ٿي. وري اهو ڪير آهي جيڪو ماءُ جي رحم ۾ ٻار جي غذا جو معقول ۽ سهڻو بندوبست ڪري ٿو؟ امڙ جي خوراڪ مان ٻار کي ڪيئن ٿي غذا ملي اهو قدرت جو عجيب ڪرشمو آهي.
    ٻار جڏهن ڄمندو آهي ته ان جو معدو انتهائي ڪمزور هوندو آهي. انوقت رب سائين پنهنجي ڪامل قدرت جا عجيب رنگ ڏيکاري ٿو. هو پنهنجي قدرت سان امڙ جي ڇاتيءَ۾ کير جا جزا گهٽ ۽ پاڻيءَ جا جزا وڌيڪ رکي ٿو. جيئن جيئن ٻار وڌندو وڃي ٿو ۽ ان جو معدو طاقت وٺندو وڃي ٿو ته قدرتي نظام تحت امڙ جي ڇاتيءَ ۾ کير جا جزا وڌندا وڃن ٿا ۽ پاڻيءَ جا جزا گهٽبا وڃن ٿا. تان جو ٻار جڏهن اڍائي سالن جو ٿئي ٿو ۽ هو ٻي غذا واپرائڻ جي قابل ٿي وڃي ٿو ته قدرت جو اهو چشمو پڻ سڪي وڃي ٿو، اهو سڄو ڪمال رب جي ربوبيت جو آهي. الله ان صفت جي ذريعي پنهنجي پوري ڪائنات جي پرورش جو بندوبست ڪري رهيو آهي ۽ رب کي اها صفت ايڏي پياري آهي جو الله تبارڪ و تعاليٰ پنهنجي آخري ۽ ابدي ڪلام قرآن مجيد جي شروعات ئي ان صفت سان فرمائي آهي. پڙهي ڏسو سورت فاتحه رب جو اعلان آهي.
    اَ لۡحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیۡنَ ﴿۱﴾ (سوره فاتحه:1)
    سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جيڪو ٻنهي جهانن جو پاليندڙ آهي.
    الله تبارڪ و تعاليٰ نه صرف پوري ڪائنات جو پالڻهار ۽ پروردگار آهي، بلڪه هو پنهنجي پوري مخلوق جي لاءِ رحمان، رحيم، مهربان ۽ ٻاجهارو به آهي. الهٰ العالمين پنهنجي رحمت وارو لطف محسوس ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجي رحمت جو هڪ حصو دنيا تي لاٿو آهي. جنهن تحت ماءُ پنهنجي ٻچي سان، محب پنهنجي محبوب سان، پرستار پنهنجي پياري سان پيار ۽ محبت ڪري ٿو، خدائي رحمت جا باقي نوانوي حصا رحمان ۽ رحيم لاءِ خاص آهن. جنهن تحت هو دنيا هلائي رهيو آهي. اها الهٰ العالمين جي ٻاجهه ۽ رحمت آهي جو هڪ پتڪڙو انسان، لاچار، لاغر، ڪمزور ۽ ڏٻرو انسان پنهنجي پالڻهار جو نا فرمان، ناقدرو ۽ ناشڪرو ٿئي ٿو، پر پوءِ به رب جي رحمت جي پالوٽ مان سيراب ٿيندو رهي ٿو. الله ايڏو مهربان ۽ رحيم آهي جو هو نه صرف انسانن کي پالي پوتي ٿو ۽انهن جي نشو و نما ڪري ٿو، پر هو انسانن کي اهڙي طريقي سان روزي عطا ڪري ٿو، جو انهن جي عزت نفس مجروح نه ٿئي، ڇو ته اهو الله تعاليٰ جي رحيميت جي صفت جي خلاف آهي.


    صلاحيتن جو فرق

    هتي بنيادي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن هر انسان کي روزي رب ٿو عطا ڪري ته پوءِ دنيا ۾ هڪڙا انسان ٻين جا ڳيجهو ۽ نوڪر ڇو آهن؟ ان جو سادو سودو جواب هي آهي ته الله تبارڪ و تعاليٰ بنيادي طور تي سمورن انسانن جي لاءِ رزق جا وسيلا هڪ جهڙا خلقيا آهن ۽ سمورا انسان انهن ۾ برابر جا شريڪ آهن. باقي رزق جي حصول لاءِ صلاحيتن ۾ الله تعاليٰ فرق رکيو آهي، جنهن ڪري ڪن کي ڪن تي فضيلت عطا ڪئي وئي ته جيئن پرک ڪري وٺجي ته ڪهڙا ماڻهو رب جي رحمت واري صفت اپنائي هيڻن جا ڀرجهلو ٿين ٿا ۽ قرآن جي حڪمن مطابق غريبن ۽ ڏتڙيلن تي خرچ ڪن ٿا. ڇو ته قرآن واضح ٻڌائي ٿو ته، ”اوهان جي مالن ۾ ڏتڙيلن جو حق آهي. ۽ اهي اوهان جي مالن ۾ برابر جا شريڪ آهن.“


    انفاق جو فائدو:

    الله ڏيڻ تي قادر آهي هر ماڻهوءَ کي زمين ۽ آسمان جا خزانا ڀري ڏئي سگهي ٿو، پر قرآن پڙهي ڏسو، قرآن هر جڳهه تي سرنديءَ وارن کي انفاق جو حڪم ڪري ٿو، غريبن ۽ مسڪينن کي کاڌو کارائڻ جي ترغيب ڏئي ٿو. ان جا فائدا ۽ نتيجا ٻڌائي ٿو ۽ الله تعاليٰ جي راهه ۾ انفاق نه ڪندڙن جي مذمت پڻ ڪري ٿو. اهوسڀ ڪجهه ان جي لاءِ آهي ته هڪڙن انسانن جي دلين ۾ ٻين جي لاءِ رحم پيدا ٿئي ۽ ان سان انهن جي شخصيت جي اوسر ٿئي ۽ مراتب بلند ٿين. اهڙي طرح خدا جا ٻانها دنيا ۾ ئي رب جي رحيميت واري صفت جو ڪجهه حظ حاصل ڪري وٺن.
    ايڏين وڏين ترغيبن ۽ تنبيهن جي باوجود جيڪي ماڻهو خدا جي ان پيغام کي نٿا سمجهن ۽ چون ٿا ته سڀ ڪجهه اسان جي دماغ ۽ صلاحيتن جو ڪمال آهي جو اسان دولتمند ٿيا آهيون. اهي مومن ۽ شاڪر ٿي نٿا سگهن. قرآن اهڙي ذهنيت کي ڪافرن ۽ بي قدرن جو طرز عمل قرار ڏئي ٿو:
    وَ اِذَا قِیۡلَ لَہُمْ اَنۡفِقُوۡا مِمَّا رَزَقَكُمُ اللہُ ۙ قَالَ الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا لِلَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اَنُطْعِمُ مَنۡ لَّوْ یَشَآءُ اللہُ اَطْعَمَہٗۤ اِنْ اَنۡتُمْ اِلَّا فِیۡ ضَلٰلٍ مُّبِیۡنٍ ﴿۴۷﴾ (يٰس: 47)
    ”۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته جيڪا الله اوهان کي روزي ڏني آهي تنهن مان (غريبن تي) خرچ ڪريو ته ڪافر ايمان وارن کي چون ٿا ته ڇا اسين انھن کي کارايون جو الله جيڪڏهن گهري ته انهن کي کارائي (پوءِ ان ۾) اوهين رڳو ظاهر گمراهيءَ ۾ آهيو.“
    مال جي عطا نج رب جي آزمائش آهي. مال الله تعاليٰ جي پرک ۽ امانت آهي. جيڪڏهن اوهان ان کي امانت بجاءِ پنھنجي ملڪيت مڃو ٿا ته اوهين خدا جي امانت ۾ خيانت جا مرتڪب ٿيو ٿا. رب اوهان جي پرڪارن کي ڏسي رهيو آهي ۽ هو ”مالک يوم الدين“ آهي سمورن انسانن کي اوڏانهن ئي اچڻو آهي. ۽ حساب ڪتاب ڏيڻو آهي. هتي رب اوهان جي فوري گرفت ان ڪري نٿو ڪري ته اوهان کي هدايت ۽ گمراهيءَ جا ٻه رستا ۽ انھن تي هلڻ جا نتيجا ٻڌائي آزمائي ٿو. اتي آخرت ۾ توهان جو پورو حساب ڪتاب ٿيڻو آهي.
    هتي ”مالڪ يوم الدين“ جي صفت آڻي اشارو ڪيو ويو ته انساني عملن جي پوري جزا ۽ سزا قيامت جي ڏينهن ملڻي آهي، البته دنيا ۾ انهن کي قرآني قانونن ۽ اصولن تحت ڪجهه جزا ۽ سزا ملندي ته جيئن هو دنيا ۾ خدا جي عدل ۽ انصاف واري صفت جو نتيجو حاصل ڪري وٺن. ان ۾ غريبن ۽ مسڪينن لاءِ هڪ قسم جي تسلي پڻ آهي ته غريب ۽ بي پهچ ماڻهو دل نه هارن ۽ اهو نه سمجهن ته اسان کي دنيا ۾ ظالمن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. بلڪه الله تبارڪ و تعاليٰ ظالمن کي هت به گرفت ۾ آڻي ٿو ۽ حساب ڪتاب جو ڏينهن به مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏينهن انهن کي پنھنجي ڪئي جي پوري سيکت ملندي. پر جي هو همٿ ڪن ته الله انهن کي قرآن جي صورت ۾ هڪ دستور عطا ڪري ٿو، هو ان تي عمل ڪري دنيا ۾ ئي ظالمن کان حساب ڪتاب وٺي سگهن ٿا ۽ مالڪ يوم الدين (عدل ۽ انصاف) جو نتيجو هت به پسي سگهن ٿا. الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ مؤمنن سان عدل ۽ انصاف تي مشتمل خلافت (حڪومت) جو وعدو فرمايو آهي.


    انسانيت لاءِ رهنمائي جو بندوبست:

    الله تبارڪ و تعاليٰ انسانن ۾ ٻه جزا رکيا آهن. هڪ جزي کي انساني جسم ۽ ٻي جزي کي انساني شخصيت يا انساني ذات چيو وڃي ٿو. عام اصطلاح ۾ ان کي انساني روح پڻ چيو ويندو آهي. جسم جيئن ته مٽيءَ مان بڻيو آهي. تنهن ڪري ان جي غذا به مٽيءَ(زمين) ۾ رکي وئي آهي. الله تبارڪ و تعاليٰ زمين مان طرحين طرحين شيون پيدا ڪري ٿو، جن مان انساني جسم جي غذا ٿئي ٿي ۽ هو پنهنجي جسم ۾ واڌارو حاصل ڪري ٿو، قرآن جو اعلان آهي.
    الَّذِیۡ جَعَلَ لَكُمُ الۡاَرْضَ فِرَاشًا وَّالسَّمَآءَ بِنَآءً ۪ وَّاَنۡزَلَ مِنَ السَّمَآءِ مَآءً فَاَخْرَجَ بِہٖ مِنَ الثَّمَرٰتِ رِزْقًا لَّكُمْ ۚ فَلَا تَجْعَلُوۡا لِلہِ اَنۡدَادًا وَّ اَنۡتُمْ تَعْلَمُوۡنَ ﴿۲۲﴾ (البقره: 22)
    (اهو الله) جنهن اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو ڪيو ۽ آسمان کي ڇت ۽ آسمان مان پاڻي وسايائين پوءِ ان سان ميوا ڪڍيائين اوهان جي کاڌي لاءِ. پوءِ اوهان ڄاڻي واڻي (ٻين کي) الله جي برابر نه ڪريو.
    جنهن ٻاجهاري ۽ مهربان رب انساني جسم جي غذا جي لاءِ ايڏو وڏو بندوبست ۽ انتظام ڪيو آهي، ڇا اهو رب انساني شخصيت يا انساني ذات کي ائين بيڪار ۽ نڌڻڪو ڇڏي ڏيندو ته هو گمراهيءَ جي واٽن تي ڀٽڪندو وتي؟ ائين ڪڏهن به ٿي نٿو سگهي. ڇو ته اهو رب جي ربوبيت جي خلاف آهي.
    تنهن ڪري هو انساني جسم جي نشو ونما ۽ واڌ ويجهه جي لاءِ زمين مان بندوبست ڪري ٿو ته انساني شخصيت جي نشو ونما جي لاءِ پنهنجي وحي جي ذريعي آسمانن کان هدايت جو بندوبست ڪري ٿو. هو بشر کي انسانن بڻائڻ لاءِ ۽ روحاني طور تي مرده انسانن کي جيئرو جاڳندو ۽ لاڀائتو انسان بنائڻ لاءِ پنهنجن پيغمبرن ۽ رسولن جي ذريعي هدايتون ۽پيغام موڪليندو رهي ٿو. هو جيئن انساني جسم جي نشو و نما جي لاءِ رب العالمين آهي. ائين ئي انساني شخصيت يا روح جي نشو ونما جي لاءِ پڻ رب العالمين آهي. قرآن فرمائي ٿو:
    وَ اِنَّہٗ لَتَنۡزِیۡلُ رَبِّ الْعٰلَمِیۡنَ ﴿۱۹۲﴾ؕ (الشعراء: 192)
    ۽ بيشڪ اهو (قرآن) جهان جي پاليندڙ جو لاٿل آهي.


    الله جي هدايت واضح آهي:

    الله تبارڪ و تعاليٰ انساني شخصيت جي نشو ونما جي لاءِ پنهنجي هدايت جا پيغام کولي کولي واضح ۽ چٽا ڪري بيان ڪري ٿو ته جيئن هدايت جي پانڌيئڙن کي انهن ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ ۽ شبهو نه رهي. قرآن جو اعلان آهي.
    وَتَفْصِیۡلَ الْکِتٰبِ لَا رَیۡبَ فِیۡہِ مِنۡ رَّبِّ الْعٰلَمِیۡنَ ﴿۟۳۷﴾ (يونس: 37)
    ۽ جهانن جي پاليندڙ جي طرفان لکيل حڪمن (مقرر ڪيل شريعت) کي جن ۾ ڪو شڪ نه آهي کولي بيان ڪندڙ آهي.
    قدرت جيئن آفاق يعني ڪائنات ۾ هڪ ڳوڙهي ۽ نرالي نظام جي ذريعي پنھنجون نشانيون رکيون آهن، ساڳي طرح انسان جي وجود ۾ اهڙيون آيتون ۽ نشانيون رکيون آهن. جيڪڏهن انسان انهن تي غور ڪري ته هن جي دل ٻوليندي ته ڪو نه ڪو نعمتون عطا ڪندڙ ڪارساز آهي جيڪو هن کي هلائي رهيو آهي ۽ هو پنهنجي بصيرت سان پنهنجي پالڻهار تائين پهچي ويندو. ان هوندي الله تبارڪ و تعاليٰ پنهنجا رسول ۽ پيغمبر موڪلي انهن جي ذريعي پنهنجي وحي موڪليندو رهي ٿو ته جيئن انسان انهن مان مدد حاصل ڪري پنهنجي رب کي سڃاڻن، ۽ انهن جي دل جي بصيرت وڌي. خدائي وحي ڪنهن تي جبر ڪا نه ٿي ڪري بلڪه صحيح دڳ وٺائي ٿي ۽ انسانيت جي رهنمائي ڪري ٿي.
    اِنَّا ھَدَیۡنٰہُ السَّبِیۡلَ اِمَّا شَاکِرًا وَّ اِمَّا کَفُوۡرًا ﴿۳﴾ (الدهر: 3)
    بيشڪ اسان انسان کي رستو ڏيکاريو آهي ته هو شڪرگذار (فرمانبردار) ٿو بڻجي يا نافرمان.
    آيت جي لفظن تي غور ڪيو! هتي ايمان ۽ هدايت واري واٽ کي شڪر سان تعبير ڪيو وڃي ٿو، شڪر ڇا آهي؟ پنهنجي محسن جي لاءِ احسان مند هجڻ جو نالو شڪر آهي. جيڪي ماڻهو ڪائنات ۽ خدائي آيتن تي غور ۽ فڪر ڪن ٿا اهي پنهنجي رب کي پسي وٺن ٿا ۽ پالڻهار جا شڪر گذار ٻانها ۽ مؤمن بڻجن ٿا. هو جيئن جيئن خدائي آيتن تي غور ۽ فڪر ڪن ٿا تيئن انهن جو ايمان ۽ شڪر وڌندو وڃي ٿو.
    وَ اِذَا تُلِیَتْ عَلَیۡہِمْ اٰیٰتُہٗ زَادَتْہُمْ اِیۡمَانًا وَّعَلٰی رَبِّہِمْ یَتَوَکَّلُوۡنَ ۚ﴿ۖ۲﴾ (الانفال: 2)
    ۽ جڏهن کين سندس آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته اهي (آيتون) انهن جي ايمان کي زياده ڪن ٿيون ۽ اهي پنهنجي پاليندڙ تي ڀروسو ڪن ٿا.
    قرآن انسان کي صاف ٻڌائي ٿو ته وحي جو ڪم صرف دڳ لائڻ ۽ رستو ٻڌائڻ آهي. هاڻي انسان جي مرضي آهي هو ڪهڙو ٿو دڳ وٺي.
    فَمَنۡ شَآءَ فَلْیُؤْمِنۡ وَّ مَنۡ شَآءَ فَلْیَكْفُرْ ۙ (الڪهف:29)
    پوءِ جنهن کي وڻي ته ايمان آڻي ۽ جنهن کي وڻي ته انڪار ڪري.
    الله جيڪڏهن چاهي ها ته سمورن انسانن کي زبردستي صحيح دڳ وٺائي سگهي پيو. پر هو چاهي ٿو ته انسان پنهنجي بصيرت ۽ سمجهه کان ڪم وٺي ته جيئن ان کي سمجهه ۽ بصيرت جو قدر ٿئي ۽ پنهنجي منزل جو تعين پاڻ ڪري. هو پنهنجي مرضي ۽ اختيار سان جيڪو رستو چونڊيندو ان کي ان جو ثمر ۽ نتيجو ملندو.
    وَ اَنۡ لَّیۡسَ لِلْاِنۡسَانِ اِلَّا مَا سَعٰی ﴿ۙ۳۹﴾ (النجم: 39)
    ۽ انسان جيڪو عمل ڪيو آهي ان کان سواءِ ان لاءِ ٻيو ڪجهه نه آهي.


    خليفة الله في الارض:

    الله تبارڪ و تعاليٰ انسان کي عقل، سمجهه، بصيرت ۽ علم عطا ڪري دنيا ۾ پنهنجي نيابت ۽ خلافت جو فريضو سرانجام ڏيڻ جي لاءِ موڪليو آهي. ته جيئن انسان پنھنجي شخصيت جي ارتقا ڪري پاڻ کي دائمي نعمتن واري جنت جو حقدار ثابت ڪري. ان لاءِ اهو به ضروري آهي ته هو هن دنيا ۾ عدل ۽ انصاف، شڪر ۽ احسان تي مشتمل الله تبارڪ و تعاليٰ کي گهربل معاشرو قائم ڪري سگهي ته جيئن الله جي ٻانھن جو وڏو تعداد سک ۽ سلامتي جي اهڙي قائم ڪيل ماحول ۾ پنهنجي مالڪ جي رضا حاصل ڪري. الله تعاليٰ جي رحمت ۽ ٻاجهه تي مشتمل سهڻو معاشرو قائم ڪري، الله تبارڪ و تعاليٰ جي منشا ۽ گهر کي پورو ڪري ته جيئن هي دنيا ”حسنة“ بڻجي جنت جو ڏيک ڏيڻ لڳي. تان ته ان کي الله جي رضا خاطر جنت نظير بڻائڻ جي ڪوشش عيوض انسان آخرت ۾ پنهنجي دائمي جنت جو حقدار بڻجي.
    انسان دنيا ۾ اصل ۽ مالڪ نه آهي بلڪه نائب ۽ خليفو آهي ۽ خليفي جي ذميواري آهي ته هو آقا جي هر حڪم تي لبيڪ چوي. ۽ آقا جي هر حڪم کي حرف آخر سمجهي ان حڪم جي اها گهر پوري ڪري جيڪا آقا کي مقصود ۽ مطلوب هجي. هڪ خليفي جو پنهنجي آقا ۽ مالڪ سان هر وقت پيار ۽ تعلق هوندو آهي. هو پنهنجي آقا جو تابعدار، فرمانبردار، شڪر گذار ۽ مطيع هوندو آهي. هو هر عطا کي پنهنجي مالڪ جي عطا سمجهندو آهي. ۽ پنهنجو پاڻ ان ذات کي ارپي ڇڏيندو آهي.
    جيڪي ماڻهو سھولت ۽ فائدي جي ڳالھين ۾ الله تعالى جي اطاعت اختيار ڪن پرجڏهن پنھنجي ذات ۽ مفادن جي خلاف الله جا احڪام آڏو اچي وڃن ته پوءِ هيلا بهانا ۽ تاويلون ڳولي پنهنجي نفس جي هوس پوري ڪن، اهي نيابت ۽ خلافت جا حقدار ٿي نٿا سگهن، خلافت جا حقدار اهي آهن، جيڪي خدائي منشائن کي دل ۽ جان سان پورو ڪن.


    انسان جي امين واري حيثيت:

    قرآن انسان کي سمجهائي ٿو ته تون مالڪ ناهين بلڪه خليفو ۽ نائب جي حثيت ۾ رڳو امين آهين. توکي الله تبارڪ و تعاليٰ جي امانت ۾ خيانت ڪرڻ جو حق نه آهي. توکي جيڪا به شئي ملي ٿي اها الله تبارڪ و تعاليٰ جي عطا آهي، ان ۾ تنهنجو ڪو به دخل نه آهي، تون صرف امين ۽ نائب آهين، توکي اها عطا الله جي ڀاتين ۾ ورهائڻي آهي. قرآن فرمائي ٿو:
    وَ اَنۡفِقُوۡا مِمَّا جَعَلَكُمۡ مُّسْتَخْلَفِیۡنَ فِیۡہِ ؕ (الحديد: 7)
    ۽ ان (مال) مان خرچ ڪريو جنهن ۾ اوهان کي پنهنجو نائب ڪيو اٿس.
    ڌرتيءَ تي اصل اختيار ۽ مالڪي الله جي آهي.زمين جا خزانا سڀ ان جا آهن، انسان صرف نائب ۽ خليفو آهي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو امانت ۾ خيانت ڪندو ته تباهي ان جو مقدر هوندي، دنيا ۽ آخرت ۾ ان کي ڪٿي به سڪون ۽ راحت نه ملندي. پر جي هو خدا جي امانت خدا جي ٻانهن تائين پهچائيندو ته دنيا ۽ آخرت جون سعادتون ان جا پير چمنديون. قرآن جو اعلان آهي.
    وَلَوْ اَنَّہُمْ اَقَامُوا التَّوْرٰىۃَ وَ الۡاِنۡجِیۡلَ وَمَاۤ اُنۡزِلَ اِلَیۡہِمۡ مِّنۡ رَّبِّہِمْ لَاَکَلُوۡا مِنۡ فَوْقِہِمْ وَمِنۡ تَحْتِ اَرْجُلِہِمۡ ؕ مِنْہُمْ اُمَّۃٌ مُّقْتَصِدَۃٌ ؕ وَکَثِیۡرٌ مِّنْہُمْ سَآءَ مَا یَعْمَلُوۡنَ ﴿٪۶۶﴾
    (المائده: 66)
    ۽ جيڪڏهن اهي تورات ۽ انجيل ۽ جيڪي انهن ڏي سندن پاليندڙ جي طرفان لاٿو ويو آهي. تن (جي حڪمن) کي قائم ڪن ها ته پنهنجي مٿان کان ۽ پنهنجي پيرن جي هيٺان کان ضرور (روزي) کائين ها. انهن مان هڪ جماعت سڌي رستي تي هلندڙ آهي. ۽ انهن مان گهڻا جيڪي ڪن ٿا، سو بڇڙو آهي.


    پاڻ کي مالڪ سمجھڻ جو نتيجو:

    الله تبارڪ و تعاليٰ جو اهو دستور ۽ قانون رهيو آهي ته جڏهن ڪا قوم يا ڪنهن قوم جو ڪو مخصوص طبقو، پاڻ کي الله تعاليٰ جو نائب ۽ امين سمجهڻ جي بدران پاڻ کي نسورو مالڪ ۽ خود مختيار سمجهڻ لڳندو آهي ۽ خدائي احڪامن جي نافرماني ڪرڻ لڳندو آهي ته الله تبارڪ و تعاليٰ اهڙن ماڻهن جو دنيا تان نانءُ نشان ئي ميٽي ڇڏيندو آهي. ۽ انهن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندو آهي ۽ الله تعالى پنهنجي پاڪ ڌرتي ”مستضعفين“ (ڪمزورن، ضعيفن ۽ ڏتڙيلن) جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي. پڙهي ڏسو قرآن:
    وَ اَوْرَثْنَا الْقَوْمَ الَّذِیۡنَ کَانُوۡا یُسْتَضْعَفُوۡنَ مَشَارِقَ الۡاَرْضِ وَ مَغَارِبَہَا الَّتِیۡ بٰرَكْنَا فِیۡہَا ؕ وَ تَمَّتْ کَلِمَتُ رَبِّکَ الْحُسْنٰی عَلٰی بَنِیۡۤ اِسْرَآءِیۡلَ ۬ۙ بِمَا صَبَرُوۡا ؕ وَ دَمَّرْنَا مَا کَانَ یَصْنَعُ فِرْعَوْنُ وَ قَوْمُہٗ وَمَا کَانُوۡا یَعْرِشُوۡنَ ﴿۱۳۷﴾ (الاعراف:137)
    ”۽ جنهن زمين ۾ اسان برڪت رکي آهي. تنهن جي اڀرندن ۽ الهندن جو ان قوم کي وارث ڪيو سون. جن کي ضعيف سمجهيو ويندو هو ۽ بني اسرائيلين جي حق ۾ تنهنجي پاليندڙ جو چڱو وعدو سندن صبر جي ڪري پورو ٿيو. ۽ فرعون ۽ سندس قوم جو ڪجهه بنائيندا هئا ۽ جيڪي (وڏيون عمارتون) ٺاهيندا هئا، سي اسان برباد ڪري ڇڏيون.“
    ڇو ته ڌرتي الله جي آهي. ۽ الله جنهن کي چاهيندو آهي، ان کي پنهنجي ڌرتيءَ جو وارث ڪندو آهي. قرآن جو اعلان آهي.
    قُلِ اللّٰہُمَّ مٰلِکَ الْمُلْکِ تُؤْتِی الْمُلْکَ مَنۡ تَشَآءُ وَتَنۡزِعُ الْمُلْکَ مِمَّنۡ تَشَآءُ ۫ وَتُعِزُّ مَنۡ تَشَآءُ وَتُذِلُّ مَنۡ تَشَآءُ ؕ بِیَدِکَ الْخَیۡرُ ؕ اِنَّکَ عَلٰی كُلِّ شَیۡءٍ قَدِیۡرٌ ﴿۲۶﴾ (آل عمران: 26)
    (اي رسول!) چئو ته اي الله ملڪ جا مالڪ! جنهن کي گهرين ٿو تنهن کي بادشاهي ڏين ٿو ۽ جنهن کان گهرين ٿو تنهن کان بادشاهي کسين ٿو ۽ جنهن کي گهرين ٿو تنهن کي عزت وارو ڪرين ٿو ۽ جنهن کي گهرين ٿو تنهن کي خوار ڪرين ٿو. تنهن جي هٿ ۾ چڱائي آهي. بيشڪ تون سڀ ڪنهن شئي تي قدرت رکندڙ آهين.
    الله تبارڪ و تعاليٰ جي ذات سراپا رحمت، شفقت، ٻاجهه، مهر ۽ مهربانيءَ جو مجسمو آهي. هو پنهنجي مهر ۽ مهربانيءَ سان جڳ جهان کي روزي رسائي رهيو آهي. ٻاجهارو ۽ مهربان الله پنهنجن چاهيندڙن ۽ مڃيندڙن کي به عزت ڀري روزيءَ سان نوازي رهيو آهي ته پنهنجن نافرمانن، سرڪشن، ظالمن ۽ نه مڃيندڙن کان به پنھنجي عطا کي روڪيو نٿائين. پر جيڪڏهن هو پنهنجو اقتدار اعليٰ انسانن جي حوالي ڪري ڇڏي ته هڪڙا انسان ٻين انسانن کي پاڻيءَ جي ڍڪ جي لاءِ به تڙپائي مارن. هو جڏهن نائب ۽ خليفو هوندي انسانيت جي رت چوسين ٿا ته پوءِ ڪلي اختيار ملڻ کان پوءِ اهي ٻين کي جيئرو جاڳندو ڪيئن ڇڏيندا؟
    انسان انتهائي حاسد ۽ لالچي آهي. هو ٻئي جو چڱو ناهي چاهيندو. قرآن انسان جي نفسيات کان آگاهه آهي. تنهن ڪري هو وڏي واڪي اعلان ڪري ٿو ته دنيا ۽ آخرت جا خزانا الله جا آهن، دنيا جي حڪومت ۽ بادشاهي الله تعاليٰ جي آهي، هو پنهنجي حڪمت سان جنهن کي چاهيندو آهي بادشاهي عطا ڪندو آهي. انسان ڪير ٿيندو آهي، ڇا ۽ ڇو ڪرڻ وارو . قرآن جو اعلان آهي.
    اَمْ لَہُمْ نَصِیۡبٌ مِّنَ الْمُلْکِ فَاِذًا لَّا یُؤْتُوۡنَ النَّاسَ نَقِیۡرًا ﴿ۙ۵۳﴾ اَمْ یَحْسُدُوۡنَ النَّاسَ عَلٰی مَاۤ اٰتٰہُمُ اللہُ مِنۡ فَضْلِہٖ ۚ فَقَدْ اٰتَیۡنَاۤ اٰلَ اِبْرٰهِیۡمَ الْکِتٰبَ وَالْحِكْمَۃَ وَاٰتَیۡنٰہُمۡ مُّلْكًا عَظِیۡمًا ﴿۵۴﴾ (النساء: 54)
    ڀلا انهن جو بادشاهيءَ ۾ ڪجهه حصو آهي ڇا؟ پوءِ اهي ان وقت ماڻهن کي تر برابر (ڪاشئي) نه ڏيندا يا ته الله جيڪي ماڻهن کي پنهنجي فضل مان ڏنو آهي تنهن تي انهن سان حسد ڪن ٿا. پوءِ بيشڪ اسان ابراهيم جي اولاد کي ڪتاب ۽ دانائي ڏني، ۽ کين وڏي بادشاهي ڏني سون.


    خلافت في الارض جي لاءِ شرط:

    الله تبارڪ و تعاليٰ جي نيابت ۽ خلافت جي حوالي سان انسان جون ٻه حيثيتون آهن. هڪ انفرادي حيثيت ۽ ٻيو اجتماعي حيثيت، انفرادي حوالي سان انسان وٽ جيڪو ڪجهه آهي. اهو ان وٽ الله تبارڪ و تعاليٰ جي امانت آهي ۽ هو ان ۾ الله تعاليٰ جو نائب، خليفو ۽ امين آهي. هن کي پنهنجو مال پنهنجي جان ۽ پنهنجيون صلاحيتون خدا جي منشا ۽ گهر مطابق خرچ ڪرڻيون آهن ۽ خدا جي آڏو ان کي جوابدهي ڏيڻي آهي.
    خلافت جي حوالي سان انسان جي ٻي حيثيت اجتماعي ۽ بين الاقوامي آهي، ان حوالي سان دنيا جي هر انسان جي مٿان لازم آهي ته هو پنهنجي قوم، معاشري ۽ سوسائٽي سان گڏجي انسانيت جي آجپي ۽ بهتريءَ جي لاءِ دنيا جي باطل نظام جي خلاف بغاوت ڪري ۽ خلافت وارو نظام قائم ڪري ڏيکاري.
    هتي هي ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته الله تبارڪ و تعاليٰ جي خلافت ۽ نيابت تريءَ تي بهشت، ڀڳڙن جي مٺ يا ڳڙ جي ڳنڍ نه آهي جو ائين گهر ويٺي بنا ڪنهن محنت، تڪليف ۽ قربانيءَ جي خيرات ۾ ملي وڃي.
    خلافت حاصل ڪرڻ جي لاءِ صدين تائين صبر آزما ۽ مشڪل مرحلا طئي ڪرڻا پون ٿا. صبر، استقامت ۽ جهد مسلسل سان ڪم ڪرڻو پوي ٿو، پنهنجو سڀ ڪجهه ان مشن تان گهوري ڇڏڻو پوي ٿو، پنهنجي پالڻهار سان نه ٽٽندڙ تعلق ۽ لونءَ لڳائڻي پوي ٿي، تڏهن وڃي انسان ان منزل تي پهچي ٿو. قرآن ان سلسلي ۾ بني اسرائيل جو مثال ڏيندي فرمائي ٿو:
    قَالَ مُوۡسٰی لِقَوْمِہِ اسْتَعِیۡنُوۡا بِاللہِ وَ اصْبِرُوۡا ۚ اِنَّ الۡاَرْضَ لِلّٰهِ ۟ۙ یُوۡرِثُہَا مَنۡ یَّشَآءُ مِنْ عِبَادِہٖ ؕ وَالْعَاقِبَۃُ لِلْمُتَّقِیۡنَ ﴿۱۲۸﴾ قَالُوۡۤا اُوۡذِیۡنَا مِنۡ قَبْلِ اَنۡ تَاۡتِیَنَا وَمِنۡۢ بَعْدِ مَا جِئْتَنَا ؕ قَالَ عَسٰی رَبُّكُمْ اَنۡ یُّہۡلِکَ عَدُوَّكُمْ وَ یَسْتَخْلِفَكُمْ فِی الۡاَرْضِ فَیَنۡظُرَ کَیۡفَ تَعْمَلُوۡنَ ﴿۱۲۹﴾٪ (الاعراف:128-129)
    موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو: ته الله کان مدد گهرو ۽ صبر ڪريو، بيشڪ زمين الله جي آهي. پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي گهري تنهن کي ان جو وارث ڪري ٿو ۽ (چڱي) پڇاڙي پرهيزگارن جي آهي. انهن چيو ته اسان کي تنهنجي اچڻ کان اڳ ۽ تنهنجي اچڻ کان پوءِ تڪليفون ڏنيون ويون آهن. موسيٰ چيو ته قريب آهي جو اوهان جو رب اوهان جي دشمن کي تباهه ڪري ڇڏي. ۽ اوهان کي ملڪ ۾ (پنهنجو) نائب ڪري پوءِ ڏسي ته اوهين ڪهڙا ڪم ڪريو ٿا.
    خلافت ڪا موروثي جائداد ۽ جاگير نه آهي جو ڪنهن جي مرڻ کان پوءِ ان جي وارثن کي پنهنجو پاڻ ملي وڃي ۽ اهي ان جا وارث ٿي وڃن، بلڪه اهو هڪ اهڙو بار آهي، جيڪو الله تبارڪ و تعاليٰ اهڙن ماڻهن يا اهڙين قومن تي رکندو آهي، جيڪي اهو بار کڻڻ جون اهل هجن. جڏهن انهن ۾ خدائي بار کڻڻ جي اهليت نه رهندي آهي، ته انهن کان خلافت ۽ حڪومت کسي ويندي آهي. ۽ انهن جي بد اعمالين جي ڪري انهن کي تباهه ۽ برباد ڪيو ويندو آهي. قرآن فرمائي ٿو:
    وَلَقَدْ اَهۡلَكْنَا الْقُرُوۡنَ مِنۡ قَبْلِكُمْ لَمَّا ظَلَمُوۡاۙ وَجَآءَتْہُمْ رُسُلُہُمۡ بِالْبَیِّنٰتِ وَ مَا کَانُوۡا لِیُؤْمِنُوۡاؕ کَذٰلِکَ نَجْزِی الْقَوْمَ الْمُجْرِمِیۡنَ ﴿۱۳﴾ ثُمَّ جَعَلْنٰكُمْ خَلٰٓئِفَ فِی الۡاَرْضِ مِنۡۢ بَعْدِهِمۡ لِنَنۡظُرَ کَیۡفَ تَعْمَلُوۡنَ ﴿۱۴﴾ (يونس:13-14)
    ۽ اسان اوهان کان اڳ ۾ ڪيتريون ئي جماعتون تباهه ڪري ڇڏيون. جڏهن اهي ظالم ٿي ويا ۽ انهن جا رسول وٽن کليل نشانيون کڻي آيا هئا ۽ هرگز ايمان آڻڻ وارا نه هئا. اسين گنهگار قوم کي اهڙي ريت سزا ڏيندا آهيون. پوءِ اسان اوهان کي انهن کان پوءِ زمين ۾ نائب ڪيو ته ڏسون ته اوهين ڇا ٿا ڪريو.


    خدائي دستور:

    الله تبارڪ و تعاليٰ پنهنجي خلافت ۽ نيابت جون واڳون اهڙن ماڻهن جي حوالي نه ڪندو آهي، جيڪي خدائي معرفت ۽ خدائي ڪائنات جي علم کان وانجها ۽ ڪورا هجن. انسانيت جي ابي حضرت آدم ؑ جي قصي تي غور ڪيو، جڏهن الله تبارڪ و تعاليٰ حضرت آدم ؑ جي لاءِ خلافت جو اعلان ڪيو ته ان کي ڪائنات جي هر شيءِ جو علم عطا ڪيائين ته جيئن هو انهن شين جون خاصيتون سڃاڻي انهن مان فائدو حاصل ڪري ۽ ”خليفة الله في الارض“ جي تقاضائن کي پورو ڪري. قرآن فرمائي ٿو:
    وَ اِذْ قَالَ رَبُّکَ لِلْمَلٰٓئِکَۃِ اِنِّیۡ جَاعِلٌ فِی الۡاَرْضِ خَلِیۡفَۃً ؕ قَالُوۡۤا اَتَجْعَلُ فِیۡہَا مَنۡ یُّفْسِدُ فِیۡہَا وَیَسْفِكُ الدِّمَآءَ ۚ وَنَحْنُ نُسَبِّحُ بِحَمْدِکَ وَنُقَدِّسُ لَکَ ؕ قَالَ اِنِّیۡۤ اَعْلَمُ مَا لَا تَعْلَمُوۡنَ ﴿۳۰﴾ وَعَلَّمَ اٰدَمَ الۡاَسْمَآءَ كُلَّہَا ثُمَّ عَرَضَہُمْ عَلَی الْمَلٰٓئِکَۃِ ۙ فَقَالَ اَنۡۢبِئُوۡنِیۡ بِاَسْمَآءِ هٰۤؤُلَآءِ اِنۡ كُنۡتُمْ صٰدِقِیۡنَ ﴿۳۱﴾ قَالُوۡا سُبْحٰنَکَ لَا عِلْمَ لَنَاۤ اِلَّا مَا عَلَّمْتَنَا ؕ اِنَّکَ اَنۡتَ الْعَلِیۡمُ الْحَکِیۡمُ ﴿۳۲﴾ قَالَ یٰۤاٰدَمُ اَنۡۢبِئْہُمۡ بِاَسْمَآئِہِمْ ۚ فَلَمَّاۤ اَنۡۢبَاَهُمْ بِاَسْمَآئِہِمْ ۙ قَالَ اَ لَمْ اَ قُلۡ لَّكُمْ اِنِّیۡۤ اَعْلَمُ غَیۡبَ السَّمٰوٰتِ وَالۡاَرْضِ ۙ وَاَعْلَمُ مَا تُبْدُوۡنَ وَمَا كُنۡتُمْ تَكْتُمُوۡنَ ﴿۳۳﴾ (البقره: 30-33)
    جڏهن تنهنجي رب ملائڪن کي چيو ته آءٌ زمين ۾ هڪ نائب پيدا ڪرڻ وارو آهيان. انهن چيو ته ڇا تون ان ۾ ان کي پيدا ڪندين جو ان ۾ فساد ڪندو ۽ رت وهائيندو، ۽ اسين تنهنجي تعريف سان تنهنجي پاڪائي بيان ڪريون ٿا ۽ تنهنجي پاڪائيءَ جو اقرار ڪريون ٿا. الله فرمايو ته جيڪي آءٌ ڄاڻان ٿو سو اوهين نٿا ڄاڻو ۽ آدم کي سڀ نالا سيکاريائين پوءِ انهن کي ملائڪن جي سامهون آندائين پوءِ فرمايائين ته انهن جا نالا مون کي ٻڌايو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. انهن چيو ته تون پاڪ آهين. جيڪي تو اسان کي سيکاريو تنهن کانسواءِ اسان کي ڪا خبر نه آهي، بيشڪ تون ئي (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهين. الله فرمايو ته اي آدم! انهن کي انهن جا نالا ٻڌاءِ. پوءِ جڏهن ان انهن کي انهن جا نالا ٻڌايا تڏهن فرمايائين ته ڇا مون اوهان کي نه چيو هو ته آءٌ آسمانن ۽ زمين جو ڳجهه ڄاڻان ٿو ۽ جيڪي اوهان ظاهر ڪريو ٿا ۽ جيڪي اوهين پيا لڪايو سو به ڄاڻان ٿو.
    هي آيتون واضح طور تي ٻڌائين ٿيون ته مظاهر فطرت تي غور ڪرڻ ۽ ڪائنات جي علم جي ڪري ئي حضرت آدم ؑ کي خلافت جي لاءِ چونڊيو ويو ته جيئن هو نظام ربوبيت کي سمجھي ۽ ان مطابق خدائي خلافت سرانجام ڏي. جڏهن هڪ نائب ۽ خليفو خدائي ڪائنات تي غور ۽ فڪر ڪندو ۽ الله تعاليٰ جي بنايل شين تي سوچ ويچار ڪندو ته ان کي ڪائنات جي هر شيءِ ۾ رب جي حڪمت نظر ايندي. هو پنهنجي غور ۽ فڪر ۽ بصيرت جي ذريعي پنهنجي پالڻهار جي بڻايل شين جي حڪمت پرکي وٺندو ۽ حڪيم جي هر ڪم جي حڪمت سمجهي دنيا جي شين مان ان مطابق فائدو وٺندو. هڪ ماڻهو جنهن کي دنيا جي شين جو علم ئي نه آهي ۽ هو انهن جي فائدن ۽ نقصانن کان بي خبر ۽ وانجهو آهي ته هو انهن مان فائدو ڪيئن وٺندو؟ اهو ئي سبب آهي جو قرآن انسانن کي باربار چوي ٿو ته اسين دنيا جي هر شيءِ اوهان لاءِ پيدا ڪئي آهي ۽ اسان ان کي اوهان لاءِ مسخر بڻايو آهي. الله تعاليٰ جو فرمان آهي.
    اَلَمْ تَرَوْا اَنَّ اللہَ سَخَّرَ لَكُمۡ مَّا فِی السَّمٰوٰتِ وَمَا فِی الْاَرْضِ وَ اَسْبَغَ عَلَیۡكُمْ نِعَمَہٗ ظَاهِرَۃً وَّ بَاطِنَۃً ؕ (لقمان:20)
    ڇا اوهان نه ڏٺو ته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، تنهن کي الله اوهان جي ڪم ۾ لڳايو آهي ۽ پنهنجيون ظاهر ۽ ڳجهيون نعمتون اوهان تي پوريون ڪيائين.


    انسانن جي عام نفسيات:

    انسان انتهائي بي قدرو ۽ ويسارو آهي، هو جلدي ئي هن دنيا ۾ پنهنجي اچڻ جامقصد ۽ رب جون نعمتون وساري ويهي رهي ٿو. هو دنيا جي نحوستن ۾ محو ٿي رب سان ڪيل اقرار ۽ پنهنجا مقصد وساري ويهي رهي ٿو. الٰه العالمين. انسانيت کي پنهنجا مقصد ياد ڏيارڻ جي لاءِ حضرت آدم ؑ کان پوءِ پڻ رسول ۽ پيغمبر موڪليندو رهيو، ۽ انهن سان گڏ انسانيت جي فلاح ۽ ڇوٽڪاري جي لاءِ پنهنجا دستور، قانون ۽ هدايتون پڻ موڪليندو رهيو. قرآن جو اعلان آهي.
    کَانَ النَّاسُ اُمَّۃً وَّاحِدَۃً ۟ فَبَعَثَ اللہُ النَّبِیّٖنَ مُبَشِّرِیۡنَ وَمُنۡذِرِیۡنَ ۪ وَ اَنۡزَلَ مَعَہُمُ الْکِتٰبَ بِالْحَقِّ لِیَحْكُمَ بَیۡنَ النَّاسِ فِیۡمَا اخْتَلَفُوۡا فِیۡہِ ؕ (البقره: 213)
    (سڀ) ماڻهو هڪ جماعت هئا. پوءِ الله نبين کي خوش خبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو ۽ انهن سان سچو ڪتاب لاٿائين ته جيئن (اهو ڪتاب)ماڻهن ۾ جنهن ڳالهه بابت انهن جهڳڙو ڪيو فيصلو ڪري.
    الله تبارڪ و تعاليٰ انسان ۾ خير ۽ شر ٻئي پهلو رکيا آهن. هو مطيع ۽ فرمانبردار به آهي ته سرڪش ۽ نافرمان به. هو جي اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ تي اچي ته پاڻ جهڙن انسانن ۽ ڪرڙ ۽ ڪنڊي جي آڏو سسي نوائڻ لاءِ تيار بيٺو هجي، پر جيڪڏهن هو سرڪشي ۽ نافرمانيءَ تي لهي پوي ته پنهنجي پالڻهار ۽ مهربان مولا جو به انڪار ڪري ڇڏي. هٺيلو ۽ نافرمان انسان دنيا ۾ فساد ڦھلائيندو رهيو ۽ الله تبارڪ و تعاليٰ ان فساد کي ختم ڪرڻ جي لاءِ هر دور ۾ حق ۽ انصاف تي مشتمل پنهنجا احڪام موڪليندو رهيو ته جيئن دنيا مان فتنو ۽ فساد ختم ٿئي ۽ عدل ۽ انصاف وارو معاشرو قائم ٿئي. الله تبارڪ و تعاليٰ جو فرمان آهي.
    لَقَدْ اَرْسَلْنَا رُسُلَنَا بِالْبَیِّنٰتِ وَ اَنۡزَلْنَا مَعَہُمُ الْکِتٰبَ وَ الْمِیۡزَانَ لِیَقُوۡمَ النَّاسُ بِالْقِسْطِ ۚ وَاَنۡزَلْنَا الْحَدِیۡدَ فِیۡہِ بَاۡسٌ شَدِیۡدٌ وَّ مَنَافِعُ لِلنَّاسِ وَ لِیَعْلَمَ اللہُ مَنۡ یَّنۡصُرُہٗ وَ رُسُلَہٗ بِالْغَیۡبِؕ اِنَّ اللہَ قَوِیٌّ عَزِیۡزٌ ﴿٪۲۵﴾ (الحديد:25)
    بيشڪ الله پنهنجي رسولن کي پڌريون نشانيون ڏئي موڪليو ۽ اسان انهن سان ڪتاب ۽ ترازي (نيڪي ۽ بديءَ جا ماپا) نازل ڪيا ته ماڻهو انصاف سان سڌا رهن. ۽ اسان لوهه لاٿو ان ۾ سخت طاقت آهي ۽ ماڻهن لاءِ (بيشمار) فائدا آهن ۽ هن لاءِ ته الله ڄاڻي ته ڪير سندس ۽ سندس رسولن جي پر پٺ مدد ڪري ٿو بيشڪ الله طاقت ور زبردست آهي.


    لوهه: طاقت جو محور آهي:

    مٿين آيت سڳوريءَ ۾ شرعي احڪامن کي تارازيءَ سان تعبير ڪيو ويو آهي، جيئن تارازيءَ ۾ پورو پنو حق ڏنو ۽ ورتو ويندو آهي، ائين انساني معاملن ۾ به حق ۽ انصاف ڪرڻو آهي. پويان لوهه جو ذڪر ڪري انسانن کي ٻڌايو وڃي ٿو ته حق ۽ انصاف طاقت سان ئي ممڪن آهي ۽ طاقت جي لاءِ الله تبارڪ و تعاليٰ اوهان جي لاءِ لوهه پيدا ڪيو آهي، ان مان هٿيار پنھوار ٺاهي پاڻ کي مستحڪم ۽ مضبوط ڪري سگهو ٿا ۽ ظلم جي نظام جو خاتمو آڻي سگهو ٿا. ظلم مزاحمت ۽ موچڙي کان سواءِ سڌو ٿي وڃي اها هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. جيڪڏهن ظلم جو نظام ميٽي حق ۽ انصاف وارو نظام قائم ڪرڻ گهرو ٿا ته پوءِ لوهه جو استعمال ضروري آهي. آخر ۾ الله تعاليٰ جي صفت قوي ۽ عزيز آڻي اشارو ڪيو ويو ته جيڪڏهن اوهين خدا جي گهر مطابق حق ۽ انصاف وارو نظام قائم ڪرڻ گهرندو ته الله تبارڪ و تعاليٰ غالب ۽ قدرت وارو آهي. اهو اوهان کي ضرور سوڀارو ڪندو.


    نفساني خواهشن جي پيروي نه ڪيو:

    انسان جڏهن ته الله تبارڪ و تعاليٰ جو نائب ۽ خليفو آهي. تنهن ڪري الله تبارڪ و تعاليٰ انسانن ۾ اهڙو معاشرو قائم ڪرڻ گهري ٿو، جيڪو حق ۽ انصاف تي مشتمل هجي. اهو ئي سبب آهي جو الله تبارڪ و تعاليٰ حضرت دائود ؑ کي خلافت جي منزل تي رسائڻ کان پوءِ ماڻهن جي درميان انصاف سان فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو:
    یٰدَاوٗدُ اِنَّا جَعَلْنٰکَ خَلِیۡفَۃً فِی الْاَرْضِ فَاحْكُمۡ بَیۡنَ النَّاسِ بِالْحَقِّ وَلَا تَتَّبِعِ الْہَوٰی فَیُضِلَّکَ عَنۡ سَبِیۡلِ اللہِ ؕ اِنَّ الَّذِیۡنَ یَضِلُّوۡنَ عَنۡ سَبِیۡلِ اللہِ لَہُمْ عَذَابٌ شَدِیۡدٌۢ بِمَا نَسُوۡا یَوْمَ الْحِسَابِ ﴿٪۲۶﴾ (ص:26)
    ( دائود کي به چيو سون ته) ”اي دائود! بيشڪ اسان توکي زمين ۾ نائب مقرر ڪيو پوءِ تون ماڻهن ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ نفساني خواهش جي پٺيان نه هل نه ته (خواهش) توکي الله جي رستي کان گمراهه ڪندي. بيشڪ جيڪي الله جي رستي کان گمراهه ٿين ٿا، تن لاءِ سخت عذاب آهي. هن ڪري ته انهن حساب جي ڏينهن کي وساريو آهي.“
    هن قرآني آيت جي لفظن تي غور ڪيو! حق ۽ انصاف واري واٽ کي ڇڏي خدائي خلق تي پنهنجا من پسند فيصلا مڙهڻ ۽ نفساني خواهشن جي پيروي ڪرڻ تي ڪيڏو وڏو وعيد ذڪر ڪيو وڃي ٿو. هي خطاب ڪنهن عام انسان کي نه آهي. بلڪه حضرت دائود ؑ کي آهي جيڪو الله جو پيغمبر ۽ ڌرتيءَ تي الله جو نائب ۽ خليفو آهي. جنهن ڏانهن نفساني خواهشن جي پيروي ڪرڻ جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. ڇو ته هڪ پيغمبر جو هر وقت پنهنجي رب سان تعلق هوندو آهي. هو ڪنهن به موقعي تي خدائي احڪامن کي وساري نٿو سگهي.
    هتي حضرت دائود ؑ کي خطاب ڪري صاحب اقتدار ماڻهن کي متنبھ ڪيو ويو آهي ته الله تعاليٰ جو عيال ڪو نڌڻڪو ۽ لاوارث نه آهي. جو اوهين انهن تي پنهنجا من پسند فيصلا مڙهيندا وتو ۽ خدا جي خلق کي آزاريندا وتو، ڇا اوهين ان ڏينهن کي وساري ويٺا آهيون جنهن ڏينهن پائي پائيءَ جو حساب ورتو ويندو.
    خدا کي پنهنجي خلقيل مخلوق ايڏي پياري آهي جو رب انهن جي مٿان ظلم جو نظام برداشت نٿو ڪري سگهي. حجة الاسلام حضرت امام شاهه ولي الله رحه لکيو آهي ته نبين جي بعثت جو سڀ کان وڏو مقصد ظلم جي نظام جو خاتمو هو. ڇو ته ظلم هڪ اهڙو نظام آهي، جنهن سان انسانن جو سڄو معاشرو بگڙجي ويندوآهي ۽ انسانيت جو جيئڻ جنجال ٿي ويندو آهي.
    اهو ئي سبب آهي جو قرآن مجيد باطل نظام ۽ فتني ۽ فساد کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جنگ ۽ لڙائي جو حڪم ڏئي ٿو:
    وَقٰتِلُوۡهُمْ حَتّٰی لَا تَكُوۡنَ فِتْنَۃٌ وَّیَكُوۡنَ الدِّیۡنُ لِلّٰه ؕ (البقره:193)
    ۽ انهن سان ايستائين جنگ ڪريو جو فتنو نه رهي ۽ الله جو ئي حڪم رهي.


    عالمگير نظام:

    پاڻ ڪريم ﷺ جن کان پهريان جيڪي پيغمبر ۽ رسول آيا. انهن جو نظام ۽ پيغام ڪنهن خاص خطي يا ڪنهن خاص قوم جي لاءِ مخصوص هو. اهي صرف پنهنجي قوم يا پنهنجي خطي جا سڌارڪ هئا. قرآن فرمائي ٿو:
    وَ اِنۡ مِّنْ اُمَّۃٍ اِلَّا خلَا فِیۡہَا نَذِیۡرٌ ﴿۲۴﴾ (فاطر:24)
    ۽ اهڙي ڪا امت نه آهي جنهن ۾ ڪو به ڊيڄاريندڙ نه گذريو آهي.
    وَّ لِكُلِّ قَوْمٍ ھَادٍ ٪﴿۷﴾ (الرعد:7)
    ۽ هر قوم کي (سڌي) واٽ ڏيکارڻ وارو ٿيو آهي.
    وَ لِكُلِّ اُمَّۃٍ رَّسُوۡلٌ ۚ (يونس:47)
    ۽ سڀ ڪنهن امت لاءِ هڪ رسول آهي.
    جڏهن ته ان جي ابتڙ قرآن جي دعوت ۽ قرآن جو منشور عالمگير ۽ ابدي آهي. اهو ڪنهن خاص خطي يا ڪنهن خاص قوم جي لاءِ مخصوص نه آهي، بلڪه اهو پوري انسانيت جي لاءِ الله تبارڪ و تعاليٰ جو منشور ۽ دستور آهي. قرآن جو اعلان آهي.
    وَ مَا هُوَ اِلَّا ذِكْرٌ لِّلْعٰلَمِیۡنَ ﴿٪۵۲﴾ (القلم: 52)
    هوڏانهن اهو (قرآن) جهانن لاءِ نصيحت آهي.
    تَبٰرَکَ الَّذِیۡ نَزَّلَ الْفُرْقَانَ عَلٰی عَبْدِہٖ لِیَكُوۡنَ لِلْعٰلَمِیۡنَ نَذِیۡرًا ۙ﴿۱﴾ (الفرقان:1)
    اهو وڏي برڪت وارو آهي جنهن پنهنجي ٻانهي(محمد مصطفيٰ ﷺ) تي (حق ۽ باطل ۾) فرق ڪندڙ ڪتاب نازل ڪيو. هن لاءِ ته جهان وارن کي ڊيڄاريندڙ ٿئي.
    قرآن مجيد قيامت تائين ايندڙ سمورن انسانن جي لاءِ الله تبارڪ و تعاليٰ جي طرفان رهنمائي، هدايت، ٻاجهه، فضل ۽ڪرم جو نه کٽندڙ سرچشمو ۽ آب حيات آهي، قيامت تائين ايندڙ انسان ان مان ئي هدايت ۽ فيض حاصل ڪندا رهندا ۽ قرآن مجيد قيامت تائين ايندڙ انسانن جي لاءِ زندگي گهارڻ جي سڀني گهرجن ۽ طريقن لاءِ مڪمل ضابطه حيات ۽ دستور العمل آهي.


    انسانيت لاءِ قرآن جا دائمي اصول

    تعارف

    ٻاجهارو الله عليم ۽ خبير آهي، هو قيامت تائين ايندڙ انسانن جون سڀ ضرورتون ۽ مسئلا ڄاڻي پيو. تنهن ڪري الله تبارڪ و تعاليٰ قرآن مجيد ۾ انسانيت کي پيش ايندڙ سمورن مسئلن جي لاءِ افرادن ۽ ادارن جا ڪم ۽ ڪردار متعين ڪري ٻڌائي ڇڏيا آهن. قرآن مجيد جو اعلان آهي.
    وَلَقَدْ صَرَّفْنَا لِلنَّاسِ فِیۡ هٰذَا الْقُرْاٰنِ مِنۡ كُلِّ مَثَلٍ ۫ فَاَبٰۤی اَكْثَرُ النَّاسِ اِلَّا كُفُوۡرًا ﴿۸۹﴾ (بني اسرائيل:89)
    ۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ هر طرح جا مثال ورائي ورائي ماڻهن لاءِ بيان ڪيا آهن (ته جيئن ماڻهو سمجهن) پوءِ به گهڻا ماڻهو انڪار ڪرڻ کان نه رهيا.
    هاڻي صرف ضرورت هي رهندي ته وقت ۽ زماني جي حالتن مطابق افراد ۽ ادارا پنھنجي دائري ۽ ارتقا جي مطابق ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هجن.
    هڪ ٻي جڳهه تي ان ساڳي مفهوم کي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي.
    وَ لَقَدْ ضَرَبْنَا لِلنَّاسِ فِیۡ هٰذَا الْقُرْاٰنِ مِنۡ كُلِّ مَثَلٍ لَّعَلَّہُمْ یَتَذَکَّرُوۡنَ﴿ۚ۲۷﴾ (الزمر:27)
    ۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ ماڻهن لاءِ هر قسم جا مثال بيان ڪيا آهن ته من اهي ڌيان ڪن.
    ان جي وڌيڪ وضاحت ڪندي قرآن فرمائي ٿو ته:
    وَ نَزَّلْنَا عَلَیۡکَ الْکِتٰبَ تِبْیَانًا لِّكُلِّ شَیۡءٍ وَّ هُدًی وَّ رَحْمَۃً وَّ بُشْرٰی لِلْمُسْلِمِیۡنَ ﴿٪۸۹﴾ (النحل:89)
    ۽ اسان توتي ڪتاب نازل ڪيو آهي. جيڪو سڀ ڪنهن شيءِ کي بيان ڪندڙ ۽ فرمانبردارن لاءِ رهنمائي ۽ رحمت ۽ خوشخبري آهي.
    اسين جڏهن چئون ٿا ته قرآن انسانيت جا سمورا مسئلا کولي ۽ واضع ڪري بيان ڪري ٿو ته ڪي ڪوتاهه نظر انسان چون ٿا ته روز نوان نوان مسئلا ۽ نيون نيون شيون پيدا ٿين ٿيون. قرآن شريف جي نزول جي وقت ڪن شين جو تصور به نه هو، پر اڄ اهي نکري نروار ٿيون آهن، ان لاءِ عرض آهي ته انسانيت جي مٿان اڄ جيڪي سائنسي حقيقتون کلي رهيون آهن يا انسانيت کي جيڪي مسئلا پيش اچن ٿا، عليم ۽ خبير خدا انھن جا بنيادي اصول ان وقت ئي پنهنجي آخري ۽ ابدي ڪتاب قرآن مجيد ۾ بيان ڪري ڇڏيا هئا ۽ اڄ دنيا انهن قرآني حقيقتن مان ئي بهره ور ٿي رهي آهي. ڇو ته الله تبارڪ و تعاليٰ قرآن مجيد ۾ ڪائنات جي هر شيءِ جو علم رکي ڇڏيو آهي.
    الله تبارڪ وتعاليٰ جو فرمان آهي:
    وَمَا مِنْ غَآئِبَۃٍ فِی السَّمَآءِ وَ الْاَرْضِ اِلَّا فِیۡ کِتٰبٍ مُّبِیۡنٍ ﴿۷۵﴾ (النمل:75)
    ۽ آسمان ۽ زمين ۾ اهڙي ڪا به شيءِ لڪل نه آهي جا پڌري ڪتاب ۾ (لکيل) نه هجي.
    ڇو ته قرآن مجيد ڪنهن انسان جو ڪلام نه آهي. بلڪه اهڙي عظيم هستيءَ جو ڪلام آهي. جيڪو ڪائنات جي هر رمز ۽ راز کي ڄاڻي ٿو، قرآن فرمائي ٿو :
    قُلْ اَنۡزَلَہُ الَّذِیۡ یَعْلَمُ السِّرَّ فِی السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ ؕ اِنَّہٗ کَانَ غَفُوۡرًا رَّحِیۡمًا ﴿۶﴾ (الفرقان:6)
    (اي پيغمبر ﷺ) کين چئو ته جو آسمانن ۽ زمين ۾ (لڪل) ڳجهه کي ڄاڻي ٿو تنهن ان کي نازل ڪيو آهي.


    قرآن مان مسئلن جي استنباط جو طريقو:

    قرآن وڏي وضاحت ۽ دعويٰ سان چوي ٿو ته قرآن مجيد ۾ ڪائنات جي هر شيءِ جو ذڪر آهي. ۽ انسانن جي سمورن مسئلن کي کولي بيان ڪيو ويو آهي. ايڏين وڏين وضاحتن جي باوجود جيڪڏهن ڪو ماڻهو لسٽ ٺاهي ۽ چوي ته فلاڻي شيءِ قرآن ۾ نه آهي. تنهن ڪري قرآن ڪامل نه آهي. ان لاءِ عرض آهي ته قرآن مجيد ۾ انسانيت جي فلاح ۽ ڇوٽڪاري جي لاءِ سمورا اصولي قاعدا ۽ ضابطا کولي کولي بيان ڪيا ويا آهن ۽ الله تبارڪ و تعاليٰ انسان کي علم، شعور ۽ سمجهه عطا ڪئي آهي ته جيئن هو خدائي وحي جي موافق، انهن ضابطن ۽ قاعدن جي روشنيءَ ۾ پنھنجي تمدني ترقيءَ مطابق مسئلا حل ڪري سگھي ۽ پنھنجا فروعي مسئلا استنباط ڪري سگھي.
    قرآن جڏهن ته اصولن ۽ ضابطن جو ڪتاب آهي. ۽ اصول ۽ ضابطا هميشه ٿورائي هوندا آهن، ان ڪري روزاني زندگيءَ جا تفصيلي مسئلا زماني ۽ حالتن پٽاندر انهن اصولن جي روشنيءَ ۾ جوڙيا ويندا. مثال طور تي ڪنهن به ٻوليءَ جا حروف تهجي ان ٻوليءَ جا اصول ۽ ضابطا آهن. انهن ضابطن تحت ئي ٻولي وجود ۾ ايندي آهي ۽ ٻولي جا حروف تهجي هميشه مختصر ۽ محدود هوندا آهن. پر ان مان لا محدود ڪروڙين لفظ ڳالهايا ويندا آهن. ائين قرآن مان هر دور جا لاتعداد مسئلا استنباط ڪري سگهجن ٿا ۽ هر دور جي نون نون مسئلن بابت رهنمائي وٺي سگهجي ٿي.
    اها قرآن سان ڪيڏي ناانصافي ۽ ستم ظريفي آهي جو چيو وڃي ٿو ته قرآن کي ائين ئي سمجهو جيئن پهرئين دور جي مسلمانن سمجهيو، ۽ ڪائنات مان اٿندڙ علمن، مشاهدن، تجربن ۽ سائنسي حقيقتن کان اکيون ٻوٽي ويهي رهو. رڳو اڳين جا لفظ رٽيندا رهو، توڙي جو ڪا نئين تحقيق ۽ حقيقت سج جيان روشن ۽ نروار ڇو نه ٿي پوي، اهڙي قسم جي ذهنيت تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو.
    ڇا قرآن صرف اهي حقيقتون بيان ڪري ٿو، جيڪي پهرين دور جي مسلمانن تي واضح ٿيون يا صرف اهي مسئلا بيان ڪري ٿو جيڪي پهرين دور جي مسلمانن سمجھيا ۽ لکيا. اها قرآن سان سراسر ناانصافي آهي. ماڻهن کي قرآن کان پري ڪرڻ جي هڪ منظم سازش ۽ رٿا آهي.
    اسان کي يقين آهي ته جيڪڏهن ڪو پندرهين صديءَ جو حق جو پانڌيئڙو! حق جي جستجو ۽ طلب جي لاءِ قرآن کڻي ويهندو ۽ قرآن مان پنهنجي ڪاميابيءَ جون راهون ڳولڻ شروع ڪندو ته قرآن ان کي سنئون سڌو پنهنجي رب واري واٽ ڏيکاريندو، ۽ ان جي پنهنجن مسئلن بابت رهنمائي ڪندو،
    اِنَّ هٰذَا الْقُرْاٰنَ یَہۡدِیۡ لِلَّتِیۡ هِیَ اَقْوَمُ (بني اسرائيل:9)
    بيشڪ هي قرآن اهو رستو ڏيکاري ٿو جو بالڪل سڌو آهي.
    جيڪو قرآن مان هدايت وٺڻ جي ڪوشش ڪندو، قرآن ان کي مايوس ڪو نه ڪندو قرآن ان سان حق ۽ سچ جون سرگوشيون ڪندو ۽ ان کي حق جو اهڙو پانڌيئڙو بڻائي ڇڏيندو جو هو ڪڏهن به حق جي پچر نه ڇڏيندو، قرآن فرمائي ٿو:
    ھٰذَا کِتٰبُنَا یَنۡطِقُ عَلَیۡكُمۡ بِالْحَقِّ ؕ (الجاثيھ:29)
    هي اسان جو ڪتاب آهي جو اوهان تي سچ ڳالهائي رهيو آهي.
    هي قرآن جي صرف دعويٰ نه آهي بلڪه سئو فيصد حقيقت آهي. اوهين يورپي ملڪن ۾ ٿيندڙ نون مسلمانن جا تاثرات پڙهو، اوهان کي قرآن جي اها دعويٰ سمجهه ۾ اچي ويندي. اوهان کي هزارين اهڙا ماڻهو ملندا جن وٽ قرآن کان سواءِ ڪو به داعي ۽ پرچارڪ ڪو نه پهتو هو، پر جڏهن انهن هدايت جي نيت سان قرآن کي کولي پڙهيو ته اهي خدائي رنگ سان رنڱجي ويا ۽ حقيقي مسلمان بڻجي ويا.
    قرآن الله تبارڪ و تعاليٰ جي طرفان روشن، واضح، چٽو ۽ ناقابل ترديد حق آهي، هاڻي جيڪو ان کي پنهنجو دستور بڻائي هلندو ته ان ۾ ان جو پنهنجو فائدو آهي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو حق سمجهڻ جي باوجود گوهيون هڻندو ۽ هيلا بهانا ۽ ڀڄڻ جا گس ڳوليندو ته اهو الله تبارڪ و تعاليٰ ۽ قرآن جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهندو، قرآن جو اعلان آهي.
    قَدْ جَآءَكُمۡ بَصَآئِرُ مِنۡ رَّبِّكُمْ ۚ فَمَنْ اَبْصَرَ فَلِنَفْسِہٖ ۚ وَ مَنْ عَمِیَ فَعَلَیۡہَا ؕ(الانعام: 104)
    بيشڪ اوهان وٽ اوهان جي پاليندڙ جي طرفان (سمجهه پيدا ڪرڻ واريون) نشانيون اچي ويون آهن پوءِ جيڪو ڏسندو ته پاڻ لاءِ ۽ جيڪو انڌو ٿيندو سو به پاڻ لاءِ.
    الله تبارڪ و تعاليٰ قرآن مجيد ۾ قيامت تائين ايندڙ پوري انسانيت جي لاءِ دين ۽ دنيا جون سموريون ڀلايون ۽ چڱايون رکي ڇڏيون آهن. پر انسان سوچي ڪو نه ٿو، قرآن انسان کي ان ڏانهن هن ريت متنبھه ڪري ٿو:
    لَقَدْ اَنۡزَلْنَاۤ اِلَیۡكُمْ کِتٰبًا فِیۡہِ ذِكْرُكُمْؕ اَفَلَا تَعْقِلُوۡنَ ﴿٪۱۰﴾ (الانبياءِ: 10)
    بيشڪ اسان اوهان ڏي هڪ ڪتاب نازل ڪيو جنهن ۾ اوهان لاءِ سمجهاڻي آهي ڇا پوءِ نٿا سمجهو.


    خدائي اٿارٽي:

    الله تبارڪ و تعاليٰ پنهنجا واضح احڪام، هدايتون ۽ دستور ڏيئي پنهنجا رسول ۽ پيغمبر موڪليندو رهيو آهي ته جيئن دنيا ۾ ماڻهن جي درميان عدل ۽ انصاف قائم ٿئي، قرآن فرمائي ٿو:
    لَقَدْ اَرْسَلْنَا رُسُلَنَا بِالْبَیِّنٰتِ وَ اَنۡزَلْنَا مَعَہُمُ الْکِتٰبَ وَ الْمِیۡزَانَ لِیَقُوۡمَ النَّاسُ بِالْقِسْطِ ۚ (الحديد:25)
    بيشڪ الله پنهنجن رسولن کي پڌريون نشانيون ڏئي موڪليو ۽ اسان انهن سان ڪتاب ۽ترازي (حڪومت) نازل ڪئي ته ماڻهو انصاف سان سڌا رهن.
    قرآن مجيد الله تبارڪ و تعاليٰ جو آخري الهامي ڪتاب آهي، تنهن ڪري هاڻي قيامت تائين دنيا جو نظام ان تحت ئي هلڻو آهي ۽ قرآني اصولن مطابق عدل ۽ انصاف تي مشتمل انساني معاشرو قائم ڪرڻو آهي. ڇو ته قرآن، الله تبارڪ و تعاليٰ جي طرفان حق ۽ باطل جي درميان سنڌو ۽ فيصلو ڪرڻ جي لاءِ آيل آهي. قرآن فرمائي ٿو:
    اِنَّہٗ لَقَوْلٌ فَصْلٌ ﴿ۙ۱۳﴾ وَّ مَا هُوَ بِالْہَزْلِ ﴿ؕ۱۴﴾ (الطارق: 13-12)
    بيشڪ قرآن هڪ فيصلو ڪندڙ ڳالهه آهي. ۽ اهو چرچو نه آهي.
    الله تبارڪ و تعاليٰ پوري انسانيت جا سمورا مسئلا ۽ انهن جو حل قران مجيد ۾ رکي ڇڏيو آهي، تنهن ڪري قرآن فرمائي ٿو ته اوهين جيڪڏهن ڪنهن به شيءِ ۾ اختلاف ڪري وجهو ته ڪنهن ٻئي ڏانهن وڃڻ جي ضرورت نه آهي، بلڪه سڌو قرآن ڏانهن هليا اچو. حق واضح ٿي ويندو ۽ قرآن اوهان جا اختلاف ختم ڪري ڇڏيندو. قرآن جو اعلان آهي.
    وَمَا اخْتَلَفْتُمْ فِیۡہِ مِنۡ شَیۡءٍ فَحُكْمُہٗۤ اِلَی اللہِ ؕ (الشوري:10)
    ۽ جنهن به ڳالهه ۾ اوهان اختلاف ڪيو آهي، ان جو فيصلو الله جي حوالي آهي.
    هڪ مؤمن ۽ مسلمان جو الله تبارڪ و تعاليٰ ۽ ان جي رسول * جن تي پڪو ۽ پختو ايمان ۽ اعتقاد هئڻ گهرجي ته الله ۽ ان جي رسول * جي حڪمن جي پوئواريءَ ۾ ئي دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي سمايل آهي. تنهن ڪري قرآن انسان کي سمجهائي ٿو ته جيڪڏهن اوهين پڪا مؤمن آهيو ته پوءِ پنهنجا فيصلا قرآن ۽ سنت جي مطابق ڪيو، قرآن جو اعلان آهي:
    فَاِنۡ تَنَازَعْتُمْ فِیۡ شَیۡءٍ فَرُدُّوۡہُ اِلَی اللہِ وَالرَّسُوۡلِ اِنۡ كُنۡتُمْ تُؤْمِنُوۡنَ بِاللہِ وَالْیَوْمِ الۡاٰخِرِ ؕ ذٰلِکَ خَیۡرٌ وَّ اَحْسَنُ تَاۡوِیۡلًا ﴿٪۵۹﴾ (النساء:50)
    پوءِ جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه م جهڳڙو ڪريو ته ان کي الله ۽ رسول ڏي رجوع ڪريو جيڪڏهن اوهين الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻيو ٿا. اها ڳالهه گهڻي چڱي آهي. ۽ ان جو نتيجو گهڻو سٺو آهي.
    جيڪي ماڻهو ايمان ۽ اسلام جي دعويٰ جي باوجود پنهنجا فيصلا قرآن ۽ رسول * جن جي فرمان مطابق نٿا ڪن، اهي شيطاني راهن جا راهي آهن. قرآن فرمائي ٿو:
    اَلَمْ تَرَ اِلَی الَّذِیۡنَ یَزْعُمُوۡنَ اَنَّہُمْ اٰمَنُوۡا بِمَاۤ اُنۡزِلَ اِلَیۡکَ وَمَاۤ اُنۡزِلَ مِنۡ قَبْلِکَ یُرِیۡدُوۡنَ اَنۡ یَّتَحَاکَمُوۡۤا اِلَی الطَّاغُوۡتِ وَقَدْ اُمِرُوۡۤا اَنۡ یَّكْفُرُوۡا بِہٖ ؕ وَیُرِیۡدُ الشَّیۡطٰنُ اَنۡ یُّضِلَّہُمْ ضَلٰلًۢا بَعِیۡدًا ﴿۶۰﴾ (النساء:60)
    ڇا تو انهن ڏي نه ڏٺو جيڪي دعويٰ ڪن ٿا ته جيڪو (قرآن) توڏي لاٿو ويو ۽ جيڪي توکان اڳ لاٿو ويو آهي تنهن تي انهن ايمان آندو آهي. هوڏانهن اهي گهرن ٿا ته شيطان (۽ ان جي ساٿارين) کان فيصلا ڪرائين، باوجود ان جي جو انهن کي حڪم ڪيو ويو آهي ته (شيطان ۽ ان جي ڇاڙتن) کي نه مڃين ۽ شيطان انهن کي برغلائي (حق واري واٽ کان) پري وٺي وڃڻ گهري ٿو.
    قرآن مجيد حق ۽ انصاف جو آخري الهامي ڪتاب آهي. تنهنڪري هاڻي قيامت تائين ان مطابق فيصلا ٿيڻا آهن. قرآن فرمائي ٿو:
    وَ اَنۡزَلْنَاۤ اِلَیۡکَ الْکِتٰبَ بِالْحَقِّ مُصَدِّقًا لِّمَا بَیۡنَ یَدَیۡہِ مِنَ الْکِتٰبِ وَمُہَیۡمِنًا عَلَیۡہِ فَاحْكُمۡ بَیۡنَہُمۡ بِمَاۤ اَنۡزَلَ اللہُ وَلَا تَتَّبِعْ اَهۡوَآءَهُمْ عَمَّا جَآءَکَ مِنَ الْحَقِّ ؕ (المائده: 48)
    ۽ اسان توڏي ڪتاب نازل ڪيو آهي جو سچو آهي ۽ جيڪو ڪتاب ان جي اڳيان آهي تنهن کي سچو چوندڙ آهي ۽ ان تي نگهبان آهي پوءِ جيڪي الله نازل ڪيو آهي، تنهن موجب سندن وچ ۾ فيصلو ڪر ۽ جيڪو حق تو وٽ آيوآهي، تنهن کي ڇڏي سندن خواهش تي نه هل.
    قرآن ڌرتيءَ تي آيو ئي ان جي لاءِ آهي ته جيئن ڌرتيءَ تي خدا جا احڪام نافذ ڪيا وڃن، ۽ عدل ۽ انصاف وارو معاشرو قائم ڪيو وڃي. پوءِ جيڪي ماڻهو دنيا ۾ خدائي احڪام نافذ ڪرڻ نٿا گهرن يا خدائي احڪامن جي نفاذ جي لاءِ ڪوشش ۽ جدوجهد نٿا ڪن، اهي ظالم، فاسق فاجر ۽ ڪافر آهن، قرآن فرمائي ٿو:
    وَمَنۡ لَّمْ یَحْكُمۡ بِمَاۤ اَنۡزَلَ اللہُ فَاُولٰٓئِکَ هُمُ الظّٰلِمُوۡنَ ﴿۴۵﴾ (المائده:45)
    ۽ جيڪي الله نازل ڪيو آهي تنهن موجب جيڪي فيصلو نه ڪندا سي ئي ظالم آهن.
    وَمَنۡ لَّمْ یَحْكُمۡ بِمَاۤ اَنۡزَلَ اللہُ فَاُولٰٓئِکَ هُمُ الْکٰفِرُوۡنَ ﴿۴۴﴾ (المائده: 44)
    ۽ جيڪي الله جي لاٿل(ڪتاب) مطابق فيصلو نه ڪن، اهي ئي ڪافر آهن.
    الله تبارڪ و تعاليٰ عليم، حڪيم ۽ خبير آهي، هو پنهنجن ٻانهن جي لاءِ مهربان ۽ ٻاجهارو آهي. تنهنڪري الله تبارڪ و تعاليٰ قرآن ڪريم جي صورت ۾ پنهنجن ٻانهن جي لاءِ اهڙا حڪم ۽ احڪام نازل فرمايا آهن. جنهن ۾ انسانن جي ٻنهي جهانن جون ڀلايون رکيون ويون آهن، انسانن جو معاشرو انهن خدائي قانونن کانسواءِ هلي نٿو سگهي.
    اوهان کي خبر آهي ته هڪ ڪاريگر جڏهن ڪا مشينري ايجاد ڪندو آهي ته ان کي هلائڻ جا قاعدا ۽ ضابطا به جوڙيندو آهي. جيڪڏهن اها مشينري ان صانع جي هدايتن تحت هلائبي ته اها هلندي ۽ فائدو به ڏيندي، پر جيڪڏهن ان مشينريءَ کي ان صانع جي هدايتن تحت نه هلائبو ته اها مشينري فائدي جي بجاءِ اٽلندو نقصان ڏيندي، ائين الله هن پوري ڪائنات جو خالق آهي. هاڻي جيڪڏهن ان ڪائنات کي خالق جي هدايتن مطابق هلائبو ته ڪائنات هلندي. نه ته ڪائنات جو نظام نه هلندو.


    بي مقصد باطل قوتون

    باقي هي دنيا جو نظام بي مقصد زندگي گذاريندڙ باطل طبـقن جي مرضي ۽ پوئواري سان هلڻ ۾ رڳو فساد ئي فساد آهي. قرآن جو فرمان آهي.
    وَلَوِ اتَّبَعَ الْحَقُّ اَهۡوَآءَهُمْ لَفَسَدَتِ السَّمٰوٰتُ وَ الْاَرْضُ وَ مَنۡ فِیۡہِنَّؕ بَلْ اَتَیۡنٰہُمۡ بِذِكْرِهِمْ فَہُمْ عَنۡ ذِكْرِهِمۡ مُّعْرِضُوۡنَ ﴿ؕ۷۱﴾ (المئومنون: 71)
    ۽ جيڪڏهن سچو رب انهن جي خواهشن تي هلي ته آسمان ۽ زمين ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي، سي تباهه ٿي وڃن ها، بلڪه اسان کين سندن نصيحت پهچائي ڇڏي سو اهي پنهنجي نصيحت تي ڌيان نٿاڪن.
    قرآن ڪريم جي صورت ۾ پوري انسانيت جي لاءِ قيامت تائين هڪ فيصلو ۽ خدائي منشور آيل آهي. هاڻي جيڪو ان کي ڇڏي باطل پرستن جي نفساني خواهشن جي ڪڍ لڳندو، ان کي الله تبارڪ و تعاليٰ جي عذاب کان ڪير به بچائي نه سگهندو، قرآن جو اعلان آهي.
    وَکَذٰلِکَ اَنۡزَلْنٰہُ حُكْمًا عَرَبِیًّا ؕ وَلَئِنِ اتَّبَعْتَ اَهۡوَآءَهُمۡ بَعْدَ مَا جَآءَکَ مِنَ الْعِلْمِ ۙ مَا لَکَ مِنَ اللہِ مِنۡ وَّلِیٍّ وَّلَا وَاقٍ ﴿٪۳۷﴾ (الرعد:37)
    ۽ اهڙيءَ طرح اسان ان (قرآن) کي عربي زبان ۾ حاڪم ڪري نازل ڪيو آهي. ۽ جيڪڏهن تون سندن خواهشن جي تابعداري ڪندين ان کان پوءِ جو توکي علم پهچي چڪو آهي ته توکي الله (جي عذاب) کان (بچائڻ لاءِ) تنهنجو نه ڪو دوست ۽ نه ڪو بچائڻ وارو ٿيندو.


    باطل قوتن جا پوئلڳ به ظالم آهن:

    جيڪي ماڻهو الله تبارڪ و تعاليٰ جي طرفان آيل حق کي ڇڏي، باطل پرستن جي نفساني خواهشن جي ڪڍ هلن ٿا، اهي ظالم آهن، قرآن جو اعلان آهي.
    وَلَئِنِ اتَّبَعْتَ اَهۡوَآءَهُمۡ مِّنۡۢ بَعْدِ مَا جَآءَکَ مِنَ الْعِلْمِ ۙ
    اِنَّکَ اِذًا لَّمِنَ الظّٰلِمِیۡنَ ﴿۱۴۵﴾ۘ (البقره:145)
    ۽ جيڪڏهن تون سندن خواهشن جي تابعداري ڪندين هن کان پوءِ به جو تو وٽ علم آيو ته بيشڪ تون ان وقت ظالمن مان ٿيندين.
    قرآن کي ڇڏي غيرالله جي دستور مطابق فيصلا ڪرڻ ۽ غير الله جي دستور مطابق زندگي گهارڻ اهو انسانيت جو پنهنجو پاڻ سان وڏو ظلم ۽ ڌوکو آهي، ڇو ته الله تبارڪ و تعاليٰ قرآن جي ذريعي انسانن کي انسانيت جي معراج تي پهچائڻ گهري ٿو، ۽ ان کي ٻنهي جهانن جي سعادتن مان بهره ور ڪرڻ گهري ٿو، اها انسان جي نالائقي ۽ بي سمجهي آهي جو هو قرآن کي ڇڏي. ٻين درن تي ڀٽڪندو وتي ٿو، قرآن انسان کي سمجهائي ٿو ته جڏهن اوهان وٽ الله تبارڪ و تعاليٰ جي طرفان هڪ مڪمل ۽ ڪامل نظام اچي چڪو آهي ته پوءِ ان مطابق زندگي ڇو نٿا گهاريو؟ ۽ ان مطابق ئي پنهنجا فيصلا ڇو نٿا ڪريو؟ قرآن تي عمل ۽ ايمان جي تقاضا آهي ته قرآن کي ڇڏي ٻين کي فيصلو ڪندڙ قبول نه ڪريو، بلڪه پنهنجي زندگيءَ جا فيصلا ان مطابق ئي ڪيو: ڇو ته الله کان وڌيڪ ٻيو ڪير به صحيح فيصلو ڪندڙ ٿي نه ٿو سگهي، قرآن فرمائي ٿو:
    اَفَغَیۡرَ اللہِ اَبْتَغِیۡ حَکَمًا وَّهُوَ الَّذِیۡۤ اَنۡزَلَ اِلَیۡكُمُ الۡکِتٰبَ مُفَصَّلًا ؕ (الانعام:114)
    ڇا پوءِ الله کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي فيصلو ڪندڙ بنايان؟ هوڏانهن هو اهو آهي جنهن اوهان ڏي ڪتاب کولي بيان ڪيل لاٿو:


    ڪاميابيءَ جو خدائي وعدو:

    الله تبارڪ و تعاليٰ اهڙن ماڻهن سان جيڪي الله تبارڪ و تعاليٰ جي مٿان ايمان آڻيندا ۽ ايمان جون گهرجون پوريون ڪندا، يعني صالح عمل ڪندا، وعدو فرمائي ٿو ته انهن کي زمين ۾ نيابت ۽ خلافت عطا ڪئي ويندي. قرآن جو اعلان آهي.
    وَعَدَ اللہُ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا مِنۡكُمْ وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَیَسْتَخْلِفَنَّہُمۡ فِی الْاَرْضِ کَمَا اسْتَخْلَفَ الَّذِیۡنَ مِنۡ قَبْلِہِمْ ۪ وَ لَیُمَکِّنَنَّ لَہُمْ دِیۡنَہُمُ الَّذِی ارْتَضٰی لَہُمْ وَ لَیُبَدِّلَنَّہُمۡ مِّنۡۢ بَعْدِ خَوْفِہِمْ اَمْنًا ؕ یَعْبُدُوۡنَنِیۡ لَا یُشْرِكُوۡنَ بِیۡ شَیۡئًا ؕ وَ مَنۡ کَفَرَ بَعْدَ ذٰلِکَ فَاُولٰٓئِکَ هُمُ الْفٰسِقُوۡنَ ﴿۵۵﴾ (النور:55)
    اوهان مان جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن سان الله وعدو ڪيو آهي ته کين زمين ۾ ضرور حاڪم ڪندو، جيئن انهن کان اڳين کي حاڪم ڪيائين ۽ سندن اهو دين جنهن کي انهن لاءِ پسند ڪيو اٿس، تنهن کي انهن لاءِ مضبوط ڪندو ۽ سندن ڊپ کان پوءِ کين بدلائي امن ڏيندو. اهي منهنجي عبادت ڪندا، مون سان ڪنهن شئي کي شريڪ نه ڪندا ۽ جيڪي ان کان پوءِ ناشڪري ڪندا سي ئي نافرمان آهن.
    هن آيت سڳوريءَ ۾ ايمان آڻڻ کان پوءِ صالح عمل ڪندڙ انسانن سان وعدو ڪيو وڃي ٿو ته ايمان ۽ صالح عملن جي صلي ۾ اوهان کي زمين ۾ نيابت ۽ خلافت عطا ڪئي ويندي، اوهان جي دين کي مضبوط ڪيو ويندو ۽ اوهان جي خوف ۽ ڀئو کي امن ۽ سلامتيءَ ۾ تبديل ڪيو ويندو.
    الله تبارڪ و تعاليٰ جو اهو وعدو ڪنهن خاص قوم يا ڪنهن خاص دور ۽ وقت سان مخصوص نه آهي. جو چئجي ته الله تعاليٰ جو اهو وعدو فلاڻي دور ۾ پورو ٿي ويو، تنهن ڪري هاڻي بسڙي ڪري ويهي دنيا جا موچڙا کائيندا رهو. قرآن مجيد جي آيت سڳوريءَ تي غور ڪيو قرآن صاف چوي ٿو ته جيڪي به (جڏهن به) ماڻهو ايمان آڻيندا ۽ صالح عمل ڪندا، الله تبارڪ و تعاليٰ انهن کي انهن صالح عملن جي عيوض دنيا ۾ پنهنجي نيابت ۽ خلافت عطا ڪندو. صالح عمل مان مراد آهي ته هو پنهنجي شخصيت کي پنهنجي نيڪ عملن ذريعي ٻين انسانن لاءِ ڪارائتو ۽ نفع بخش بڻائيندا ته پوءِ کين اهو مقام عطا ڪيو ويندو.
    الله تبارڪ و تعاليٰ جي ان وعدي کي ڪنهن خاص دور جي لاءِ مخصوص ڪري ڇڏڻ، خدائي دين جي سربلنديءَ جي لاءِ سنجيدگيءَ سان جدوجهد ڪرڻ کان فراريت اختيار ڪرڻ آهي. ۽ دنيا جي هلندڙ سسٽم ۽ نظام کي جيئن جو تيئن برقرار رکڻ جي ڪوشش آهي. حالانڪه قرآن آيو ئي ان جي لاءِ هو ته جيئن دنيا جي ظالم نظام کي بدلائي، خدا جي ڌرتيءَ تي خدا کي گهربل امن ۽ سلامتيءَ وارو معاشرو قائم ڪيو وڃي. ۽ صالح عملن جي عوض الله تبارڪ و تعاليٰ اهڙي معاشري جو وعدو فرمائي ٿو.


    صالح عمل جو قرآني مفھوم

    هتي هي ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ”صالح عمل“ قرآن جو هڪ وسيع مفهوم آهي. ان مان مراد ڪجهه رسمون ۽ محض ڪجهه عبادتون نه آهن، بلڪه ان مان مراد آهي عبادتن ۽ شرعي معاملن تي پابنديءَ سان گڏ هڪ اهڙو مڪمل ۽ مثالي معاشرو جنهن ۾ خدائي دين کي غلبو حاصل هجي ۽ انسانيت کي امن ۽ سلامتي حاصل هجي. اهو ئي سبب آهي جو اسلام هڪ طرف خدائي بندگي ۽ عبادتن تي زور ڏئي ٿو ته جيئن ٻانهي جو پنهنجي رب سان تعلق مضبوط ٿئي، ته جيئن هو معاشري جي اندر الله تعاليٰ جي ڀاتين سان خدا جي گهر ۽ منشا مطابق ورتاءُ رکي. ڇو ته اها ڳالهه چٽي ۽ ظاهر آهي ته جيڪو ماڻهو خدا جي بندگي نٿو ڪري ۽ الله تعاليٰ جا فرض ادا نٿو ڪري ته هو خدا جي رضا ۽ منشا مطابق عام انسانن جا فرض ڪيئن ادا ڪندو، تنهن ڪري جيڪو ماڻهو قرآني انقلاب جي ڳالهه ڪري ٿو، ان لاءِ ضروري آهي ته هو مڪمل طور تي خدائي فرضن جو به پابند هجي.
    ٻئي طرف عبادتن سان گڏ اسلام معاملات تي پڻ گهڻو زور ڏئي ٿو، بلڪه عبادت کان به وڌيڪ معاملات جي درستگيءَ تي سختي ڪري ٿو، مثال طور تي جيڪڏهن ڪو ماڻهو ايمان آڻڻ کان پوءِ عبادت نٿو ڪري ته ان کي فاسق فاجر چيو وڃي ٿو. عبادت نه ڪرڻ جي ڪري اسلام ان جي لاءِ ڪا سزا يا حد مقرر نٿو ڪري. ان جي ابتڙ جيڪڏهن ڪو ماڻهو انساني معاملن جي اندر دست اندازي ڪري ٿو ته اسلام ان جي لاءِ حدون ۽ سزائون مقرر ڪري ٿو. مثال طور تي چوري، زنا، ڌاڙو، قتل، تهمت ۽ ڪوڙي شاهدي ڏيڻ تي حد مقرر ٿيل آهي. ۽ انهن سمورين شين جو تعلق معاملات سان آهي. ۽ خلافت به ان جي لاءِ هوندي آهي ته جيئن معاشري جي اندر فتني ۽ فساد کي ٻنجو ڏجي ۽ ماڻهن جي درميان حق ۽ انصاف قائم ڪجي. قرآن صاف ٻڌائي ٿو ته نبين کي ان لاءِ موڪليو ويندو آهي ته جيئن هو معاشري ۾ انصاف قائم ڪري سگهن، قرآن فرمائي ٿو:
    لَقَدْ اَرْسَلْنَا رُسُلَنَا بِالْبَیِّنٰتِ وَ اَنۡزَلْنَا مَعَہُمُ الْکِتٰبَ وَ الْمِیۡزَانَ لِیَقُوۡمَ النَّاسُ بِالْقِسْطِ ۚ (الحديد:25)
    بيشڪ الله پنهنجي رسولن کي پڌريون نشانيون ڏئي موڪليو ۽ اسان انهن سان ڪتاب ۽ ترازي (حڪومت) نازل ڪئي ته ماڻهو انصاف سان سڌا رهن.
    رسول ۽ پيغمبر ڌرتيءَ تي الله تبارڪ و تعاليٰ جا نائب ۽ خليفا هوندا آهن. هو ڌرتيءَ تي حق ۽ انصاف قائم ڪرڻ ايندا آهن. هاڻي جيڪو ماڻهو نبين جي پوئواري ڪندي صالح عمل ڪندو ۽ حق ۽ انصاف قائم ڪرڻ گهرندو ته الله تبارڪ و تعاليٰ زمين جي خلافت ان جي حوالي ڪري ڇڏيندو، قرآن جو اعلان آهي.
    وَ لَقَدْ کَتَبْنَا فِی الزَّبُوۡرِ مِنۡۢ بَعْدِ الذِّكْرِ اَنَّ الْاَرْضَ یَرِثُہَا عِبَادِیَ الصّٰلِحُوۡنَ ﴿۱۰۵﴾ اِنَّ فِیۡ ھٰذَا لَبَلٰغًا لِّقَوْمٍ عٰبِدِیۡنَ ﴿۱۰۶﴾ؕ (الانبياء: 105-106)
    ۽ بيشڪ اسان تورات کان پوءِ زبور ۾ لکيو آهي ته منهنجا نيڪ بخت ٻانها زمين جا مالڪ ٿيندا بيشڪ ان (ڳالهه) ۾ عبادت ڪرڻ واري قوم لاءِ (مطلب جي) پورائي آهي.
    ڌرتي الله جي آهي. هو جنهن کي چاهيندو آهي ان کي ان جو وارث بڻائيندو آهي. قرآن فرمائي ٿو:
    اِنَّ الۡاَرْضَ لِلّٰہِ ۟ۙ یُوۡرِثُہَا مَنۡ یَّشَآءُ مِنْ عِبَادِہٖ ؕ (الاعراف:128)
    بيشڪ زمين الله جي آهي، پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي گهري، تنهن کي ان جو وارث ڪري ٿو.


    رهبر انسانيت:

    جهڙي طرح الله تبارڪ و تعاليٰ رب العالمين آهي، سندس موڪليل منشور ۽ دستور ذڪر للعالمين آهي، اهڙي طرح سندس موڪليل آخري رسول رحمت للعالمين آهي.
    قرآن جو فرمان آهي:
    وَمَاۤ اَرْسَلْنٰکَ اِلَّا رَحْمَۃً لِّلْعٰلَمِیۡنَ ﴿۱۰۷﴾ (الانبياء:107)
    ۽ (اي پيغمبر) اسان توکي رڳو جهان وارن لاءِ رحمت ڪري موڪليو.
    پاڻ ڪريم ﷺ جن الله تبارڪ و تعاليٰ جي طرفان اهو اعلان هنن لفظن ۾ فرمائين ٿا:
    قُلْ یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ اِنِّیۡ رَسُوۡلُ اللہِ اِلَیۡكُمْ جَمِیۡعَاۨ (الاعراف:158)
    چئو ته اي انسانو! بيشڪ آءٌ اوهان سڀني ڏي الله جو موڪليل آهيان.
    اسين مٿي عرض ڪري آياسون ته الله تبارڪ و تعاليٰ انسانن ۾ شر ۽ خير ٻئي مادا رکيا آهن. جنهن کي نفس اماره ۽ نفس مطمئنه به چئي سگهجي ٿو.
    نفس اماره جنھن کي سولن لفظن ۾ چئون ته ”اندر جو بگڙيل انسان.“ اهو نفس اماره انسان کي برائين ۽ خدائي بغاوتن ڏانهن آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ انسان کي مختلف قسم جون ترغيبون ڏئي، ان کي صحيح راه تان ٿيڙڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جڏهن ته ان جي ابتڙ نفس مطمئنه جنھن کي سولن لفظن ۾ چئون ته ”اندر جو سڌريل انسان.“ اهو نفس مطمئنه انسان کي نيڪين ۽ خدائي قربتن ڏانهن آڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ ان کي مختلف قسم جون ترغيبون ڏئي صحيح واٽ تي صالح عمل ڪرڻ جي رغبت ڏيندو آهي. ان کانسواءِ انسان ۾ هڪ ٽيون مادو پڻ رکيل آهي. جنهن کي نفس لوامه چيو وڃي ٿو، اهو انسان کي غلط ڪمن تي ملامت ڪندو آهي ۽ ان کي غلط ڪارين تي تنبيهه ڪندو رهندو آهي.
    دنيا ۾ ڪي انسان نفس مطمئنه جا پوئلڳ بڻجي خير ۽ ڀلائي جا مجسما بڻجي ويندا آهن ته ڪي انسان نفس اماره جي وڪڙ ۾ اچي شر ۽ برائيءَ جا مجسما بڻجي ويندا آهن. تنهن ڪري، الله تبارڪ و تعاليٰ قرآن جي صورت ۾ هڪ اهڙو نظام ۽ دستور ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي صورت ۾ اهڙو رسول ۽ معلم موڪليو، جيڪو ڀلائي جي واٽ تي هلندڙن کي اهي بشارتون عطا ڪري ته اوهان کي صالح عملن جي صلي ۾ خدائي خلافت عطا ڪئي ويندي ته جيئن اهي دنيا ۾ امن ۽ سلامتيءَ سان خدائي فرضن کي ادا ڪري سگهن ۽ دين جي مٿان ثابت قدم رهي سگهن. جيڪڏهن اهي دنيا ۾ دين تي ثابت قدم رهيا ته آخرت ۾ انهن کي ابدي آرام ۽ آخرت جون ابدي نعمتون ملنديون. اهڙي طرح اهو معلم نفس اماره جي پيروڪارن کي خدائي عذاب کان ڊيڄاري ۽ الله تبارڪ و تعاليٰ جي نافرماني ۽ زمين ۾ سرڪشيءَ جي نتيجن کان باخبر ڪري، انھن کي واضح ڪري ته اوهين دنيا ۾ سرداري ۽ چڱ مڙسيءَ جا اهل نه رهيا آهيو. عنقريب اوهان کي الاهي عذاب چکائي اوهان کان چڱ مڙسي کسي ويندي ۽ صالح عمل ڪندڙ مستضعفين (ڪمزور، غريب ۽ اڪثريت) اوهان کان پنهنجو پورو انتقام ۽ بدلو وٺندا ۽ اوهان کي خدائي قانون تحت جزا ۽ سزا ڏيندا، آخرت وارو ابدي عذاب الڳ آهي.
    الله تبارڪ و تعاليٰ پاڻ ڪريم ﷺ جن کي اهڙي قسم جون بشارتون ڏيئي دنيا ڏانهن موڪليو، قرآن جو اعلان آهي.
    وَمَاۤ اَرْسَلْنٰکَ اِلَّا کَآفَّۃً لِّلنَّاسِ بَشِیۡرًا وَّ نَذِیۡرًا (سبا:28)
    ۽ اسان توکي ته سڀني ماڻهن لاءِ خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي.
    خدائي دشمن، خدا جو پيغام مڃڻ ته پري جي ڳالهه پر خدائي پيغام آڻيندڙ انسانن کي مختلف قسم جون اذيتون ۽ تڪليفون ڏيندا آهن ۽ ان خدائي پيغام کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ڇو ته نبي دنيا ۾ ان جي لاءِ ايندا آهن ته جيئن خدا جي خلق کي دنيا جي سرڪشن جي چنبي مان آزادي ڏئي انهن کي هڪ خدا جو ٻانهو بڻائجي. اها ڳالهه سرڪشن کي وڻندي نه آهي، تنهن ڪري جيڪي ماڻهو ان نظام کي قبوليندا آهن يا ان نظام جا پرچارڪ هوندا آهن انهن کي هر قسم جون تڪليفون ۽ اذيتون ڏيندا آهن، تنهن ڪري، قرآن مجيد پاڻ ڪريم ﷺ جن کي اها تلقين ڪري ٿو ته جڏهن اهو نظام نه چاهيندڙ، قرآن دشمن ماڻهو، اوهان کي تڪليفون ۽ اذيتون ڏين ته ان جي پرواهه نه ڪجو. بلڪه رب تي ڀروسو رکي ثابت قدميءَ سان پنهنجو پيغام جاري رکجو.
    ان سلسلي ۾ ان پيغام جي مڃيندڙن کي پڻ تلقين ڪئي وڃي ٿي ته متان سرڪش ۽ سرمائيدار اوهان کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪن ته اسان کي دنيا ۽ دولت جهجي آهي. تنهن ڪري اسان ئي الله جا مقرب آهيون، جيڪڏهن اهو نظام چڱو هجي ها ته سڀ کان پهريان اسين ان کي مڃون ها. قرآن مومنن کي سمجهائي ٿو ته متان انهن جي اهڙين ڳالهين جي وڪڙ ۾ اچي، ان نظام تان هٿ کڻي وڃو، الله تبارڪ و تعاليٰ جي فضل جا حقدار اوهان ئي آهيو. اوهان جي رب اوهان کي پنهنجي نظام جي آبياريءَ جي لاءِ چونڊيو آهي. همت نه هاريو، پنهنجي رب تي ڀروسو ڪيو، اوهان لاءِ الله ڪافي آهي، قرآن فرمائي ٿو:
    یٰۤاَیُّہَا النَّبِیُّ اِنَّاۤ اَرْسَلْنٰکَ شَاہِدًا وَّ مُبَشِّرًا وَّ نَذِیۡرًا ﴿ۙ۵۴﴾ وَّ دَاعِیًا اِلَی اللہِ بِاِذْنِہٖ وَ سِرَاجًا مُّنِیۡرًا ﴿۴۶﴾ وَ بَشِّرِ الْمُؤْمِنِیۡنَ بِاَنَّ لَہُمۡ مِّنَ اللہِ فَضْلًا کَبِیۡرًا ﴿۴۷﴾ وَلَا تُطِعِ الْکٰفِرِیۡنَ وَ الْمُنٰفِقِیۡنَ وَدَعْ اَذٰىہُمْ وَ تَوَکَّلْ عَلَی اللہِ ؕ وَکَفٰی بِاللہِ وَکِیۡلًا ﴿۴۸﴾ (الاحزاب45-48)
    ”اي نبي! اسان توکي حالتن کان واقف ڪرڻ وارو ۽ خوشخبري ٻڌائڻ وارو ۽ (بڇڙن نتيجن کان)ڊيڄارڻ وارو ۽ الله ڏي سڏيندڙ ۽ روشن ڏيئو ڪري موڪليو آهي. ۽ ايمان وارن کي خوشخبري ٻڌاءِ ته انهن لاءِ الله جي طرفان وڏو فضل آهي ۽ ڪافرن ۽ منافقن جو چيو نه مڃ ۽ سندن ايذائن جو خيال نه ڪر ۽ الله تي ڀروسو ڪر! ۽ الله ڪارساز ڪافي آهي.“
    هن آيت سڳوريءَ ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي هڪ وصف شاهدي ڏيندڙ بيان ڪئي وئي آهي. ۽ شاهدي ڪن مفروضن ۽ ظن ۽ گمان تي نه ڏبي آهي. بلڪه شاهدي حقيقت تي مبني اکين ڏٺل يا ڪنن ٻڌل شيءِ جي ڏبي آهي. پاڻ ڪريم ﷺ جن جيڪو الله تبارڪ و تعاليٰ جي طرفان دين آندو آهي. ان تي شاهد آهن، ته اهو دين الله تبارڪ و تعاليٰ جي طرفان آهي ۽ ان جي هر ڳالهه سچي آهي. ۽ نجات جو مدار ان تي ئي آهي. ان جي پويان ”سراجاََ منيراََ“ آڻي اشارو ڪيو ويو ته جيئن سج جي اڀرڻ کان پوءِ ڪنهن ٻي روشنيءَ جي ضرورت نه هوندي آهي. ائين نبي اڪرم ﷺ جن جي اچڻ کان پوءِ ڪنهن ٻي نبيءَ جي ضرورت نه آهي. پاڻ ڪريم ﷺ جن قيامت تائين. ”سراجا منيراََ“ ۽ الاهي پيغام جا پرچارڪ آهن، قرآن فرمائي ٿو.
    وَ اَنۡزَلْنَاۤ اِلَیۡکَ الذِّكْرَ لِتُبَیِّنَ لِلنَّاسِ مَا نُزِّلَ اِلَیۡہِمْ وَلَعَلَّہُمْ یَتَفَکَّرُوۡنَ ﴿۴۴﴾ (النحل:24)
    ۽ اسان توڏي قرآن نازل ڪيو هن لاءِ ته جو انهن ڏي نازل ڪيو ويو آهي سو کين کولي ٻڌائين ۽ من اهي فڪر ڪن.


    قرآن مجيد جا دعوتي اسلوب:

    قرآن مجيد سموري انسانذات جي فلاح ۽ ڇوٽڪاري جي لاءِ آيو هو ۽ ان جو پيغام قيامت تائين ايندڙ پوري انسانيت جي لاءِ هو، ماڻهو شرڪ، ڪفر، گمراهي ۽ بدعقيدي ۾ گرفتار هئا، هو هٿ سان ٺاهيل بتن کي پنهنجو الٰھ (معبود) سمجهندا هئا ۽ انهن جي پوڄا پاٽ ڪندا هئا، ۽ پنهنجي نفعي نقصان جو مالڪ انهن کي ئي سمجهندا هئا، اهڙن ماڻهن کي هڪ الله ۽ توحيد جو پيغام سمجهائڻ ڪو آسان ڪم نه هيو، ظاهر آهي ته انسانن ۾ ايڏي وڏي تبديلي ڪنهن حڪمت عمليءَ کانسواءِ ممڪن نه هئي، تنهن ڪري پاڻ ڪريم * جن کي حڪم ڏنو ويو.
    اُدْعُ اِلٰی سَبِیۡلِ رَبِّکَ بِالْحِكْمَۃِ وَ الْمَوْعِظَۃِ الْحَسَنَۃِ وَجَادِلْہُمۡ بِالَّتِیۡ هِیَ اَحْسَنُ ؕ اِنَّ رَبَّکَ هُوَ اَعْلَمُ بِمَنۡ ضَلَّ عَنۡ سَبِیۡلِہٖ وَ هُوَ اَعْلَمُ بِالْمُہۡتَدِیۡنَ ﴿۱۲۵﴾ وَ اِنْ عَاقَبْتُمْ فَعَاقِبُوۡا بِمِثْلِ مَا عُوۡقِبْتُمۡ بِہٖ ؕ وَلَئِنۡ صَبَرْتُمْ لَہُوَ خَیۡرٌ لِّلصّٰبِرِیۡنَ ﴿۱۲۶﴾ وَ اصْبِرْ وَمَا صَبْرُکَ اِلَّا بِاللہِ وَلَا تَحْزَنْ عَلَیۡہِمْ وَلَا تَكُ فِیۡ ضَیۡقٍ مِّمَّا یَمْكُرُوۡنَ ﴿۱۲۷﴾ اِنَّ اللہَ مَعَ الَّذِیۡنَ اتَّقَوۡا وَّالَّذِیۡنَ هُمۡ مُّحْسِنُوۡنَ ﴿۱۲۸﴾٪ (النحل:125-128)
    ”تون پنهنجي پاليندڙ جي رستي ڏي حڪمت ۽ چڱي نصيحت سان سڏ. ۽ انهن سان اهڙي نموني سان بحث مباحثو ڪر جو سڀ کان چڱو هجي، جيڪو سندس رستي کان گمراهه ٿيو، ان کي تنهنجو پاليندڙ ئي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي ۽ اهو ئي رستي تي هلندڙن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي ۽ جيڪڏهن بدلو وٺو ته ايترو بدلو وٺو جيترو اوهان کي تڪليف پهچائي وئي آهي ۽ جيڪڏهن صبر ڪندئو ته اهو صبر ڪرڻ وارن لاءِ گهڻو چڱو آهي. ۽ (اي پيغمبر!) صبر ڪر تنهنجو صبر رڳو الله (جي مدد) سان ئي آهي ۽ مٿن غم نه ڪر ۽ جيڪو فريب ڪن ٿا تنهن کان تنگ دل (به) نه ٿيءُ بيشڪ الله انهن سان آهي جيڪي پرهيزگار ٿيا ۽ جيڪي چڱا ڪم ڪندڙ آهن.“
    هنن آيتن ۾ قرآن مجيد جي پهرين داعي حضور ﷺجن کي دعوت ۽ تبليغ ۽ قرآني پيغام انسانن تائين پهچائڻ جي سلسلي ۾ ٽن شين جو حڪم ڪيو وڃي ٿو، (1) حڪمت (2) سهڻي طريقي سان سمجهائڻ ۽ وعظ ۽ نصيحت (3) سهڻي طريقي سان مقابلو ڪرڻ،
    انسان به ٽن قسمن جا ٿين ٿا، تنهن ڪري دين جي تبليغ جي لاءِ پڻ ٽي طريقا منتخب ڪيا ويا.
    اهي ماڻهو جيڪي حقيقت پسند هجن، حق جي جستجو ۽ تلاش ۾ هجن ۽ اهي هر شئي کي دليلن سان سمجهڻ جا قائل هجن، سياڻا، ڏاها، سلجهيل، اوتيل پوتيل ۽ فڪرمند ماڻهو هجن. حق ۽ حقيقت کي سمجهڻ کان پوءِ ان جي قبول ڪرڻ تي چمي گويون نه ڪن. اهڙن ماڻهن سان مخاطب ٿيڻ جي لاءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن کي حڪمت ۽ ڏاهپ جي تلقين ڪئي وئي آهي ته اهڙن ماڻهن جي آڏو پنهنجو موقف بيان ڪن مفروضن ۽ رسمي ڳالهين جي آڌار تي نه پر حقيقتن جي آڌار تي دلائل سان پيش ڪر ” اُدْعُ اِلٰی سَبِیۡلِ رَبِّکَ بِالْحِكْمَۃِ“ (النحل- 125)
    ڪي ماڻهو سليم الفطرت هوندا آهن، هنن جي دل ۾ ڪنهن به قسم جو ضد ۽ عناد نه هوندو آهي. هو چڱي ڳالهه کي چڱو سمجهي، ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، انهن تائين حق جي دعوت پهتل نه هوندي آهي. جيڪڏهن انهن کي پيار ۽ پاٻوهه سان ۽ سهڻي طريقي سان وعظ ۽ نصيحت ڪجي ۽ انهن کي خدائي پيغام سمجهائجي ته هو سمجهي وٺندا، ۽ ڪنهن قسم جو انڪار نه ڪندا، اهڙن ماڻهن تائين خدا ئي پيغام پهچائڻ جي لاءِ حڪم ٿئي ٿو، ”وَ الْمَوْعِظَۃِ الْحَسَنَۃِ “(النحل- 125)
    ڪي ماڻهو ضدي، عنادي ۽ سرڪش هوندا آهن، هو حق ۽ حقيقت کي سمجهڻ جي باوجود پنهنجن نفساني غرضن جي لاءِ حق جي مخالفت ڪندا آهن ۽ حق جي آڏو رڪاوٽون کڙيون ڪندا آهن، اهڙن ماڻهن سان جيڪڏهن، بحث مباحثي يا جهڳڙي جي نوبت اچي ته انهن سان سهڻي طريقي سان نبري پئو، ۽ انهن کي مڃيل مڃايل دليلن سان خاموش ڪرايو، ” وَجَادِلْہُمۡ بِالَّتِیۡ ہِیَ اَحْسَنُ ؕ “(النحل- 125)
    ان جي پويان ” اِنَّ رَبَّکَ ہُوَ اَعْلَمُ بِمَنۡ ضَلَّ عَنۡ سَبِیۡلِہٖ وَ ہُوَ اَعْلَمُ بِالْمُہۡتَدِیۡنَ ﴿۱۲۵ “ (النحل-١٢٥) سان اشارو ڪيو ويو ۽ پيغمبر کي تسلي ڏني وئي ته تنهنجو ڪم آهي، انهن ٽن طريقن سان تبليغ ڪرڻ، ماڻهو مڃين ٿا يا نه ٿا مڃين اها تنهنجي ذميواري نه آهي. تنهنجو رب چڱي طرح ڄاڻي ٿو ته گمراهيءَ جو حقدار ڪير آهي ۽ هدايت جو حقدار ڪير آهي. تنهنجو ڪم صرف پهچائڻ آهي. ” وَمَا عَلَی الرَّسُوۡلِ اِلَّا الْبَلٰغُ ؕ “(المائده- 99)
    ظاهر آهي ته اهي ضدي، عنادي ۽ سرڪش ماڻهو، جڏهن حق جو انڪار ڪندا ته اهي حق کي دٻائڻ جي پوري ڪوشش ڪندا، هو حق کي روڪڻ جي لاءِ حق جي حمايتين کي تڪليفون ۽ اذيتون ڏيڻ ۽ قتل ڪرڻ تي آماده ٿي ويندا، تنهن ڪري هدايت ڪئي وڃي ٿي ته جيڪڏهن اهي اوهان کي تڪليفون ڏين ۽ اوهان بدلو وٺڻ چاهيو ٿا ته اوترو ئي بدلو وٺو، جيتري اوهان کي تڪليف ڏني اٿائون، پر جيڪڏهن درياءُ دلي جو مظاهرو ڪندي، صبر ڪندئو ته اهو اوهان جي لاءِ بهتر آهي، اهڙن موقعن تي جڏهن جاني دشمن اکين آڏو هجي ۽ انسان بدلو ۽ انتقام وٺڻ تي پوري طرح قادر هجي، صبر ڪرڻ ۽ انتقام نه وٺڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، تنهن ڪري قرآن فرمائي ٿو، اهڙي وقت جذبن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ صبر جي توفيق ڏيڻ الله تعاليٰ جو ڪم آهي ” وَ اصْبِرْ وَمَا صَبْرُکَ اِلَّا بِاللہِ “(النحل- 127)
    اوهين انهن جي ڏنل تڪليفن تي غمگين نه ٿيو، بلڪه الله تي رکي صبر ڪيو ۽ انهن جي دوکن ۽ فريبن کان پريشان ۽ تنگ نه ٿيو، پڪ ڄاڻو ته الله پرهيزگارن ۽ نيڪوڪارن سان گڏ آهي. ”وَلَا تَحْزَنْ عَلَیۡہِمْ وَلَا تَكُ فِیۡ ضَیۡقٍ مِّمَّا یَمْكُرُوۡنَ۔ اِنَّ اللہَ مَعَ الَّذِیۡنَ اتَّقَوۡا وَّالَّذِیۡنَ ھُمۡ مُّحْسِنُوۡنَ“ (النحل- 127)


    داعيءَ جون وصفون:

    قرآن مجيد جي دعوت ڏيندڙ ۽ انساني سوسائٽيءَ کي برائيءَ مان خير ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش رکندڙ جي لاءِ ضروري آهي ته هو انساني سوسائٽيءَ جي لاءِ هڪ مثال ۽ نمونو هجي ان جا ”اخلاق حسنھ“ ماڻهن کي موهي وجهندڙ هجن، پنهنجي پروگرام ۽ نصب العين سان ايترو سچو ۽ مخلص هجي جو اهو سڄو پروگرام عملي طور ان جي ذات ۾ نظر اچي ان جي ذاتي زندگي ان پروگرام جو عملي تفسير هجي، جيئن پاڻ ڪريم ﷺ جن بابت امان عائشه سائڻ رضي الله تعاليٰ عنها جو فرمان آهي. ”کان خلقھ القرآن“ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي زندگي قرآن جو عملي تفسير هئي، ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن جو فرمان آهي.
    ”انکم لن تسعوهم باموالکم ولکن تسعوهم باخلاقکم“
    توهان دنيا جي قومن تي مال ۽ دولت سان نه بلڪه اخلاق سان غالب اچي سگهو ٿا.
    ماڻهو ايترا بي شعور ۽ بي سمجهه نه آهن جو ائين هروڀرو بنا ڪنهن مقصد ۽ پروگرام جي ڪنهن جي ڪڍ هلي پون، تنهن ڪري داعيءَ جي لاءِ ضروري آهي ته هو ماڻهن جي مسئلن ۽ نفسيات کان واقف ۽ آگاهه هجي، پوري معاشري تي ان جي عقابي نظر هجي، سماجي برائين ۽ سماج دشمن عناصرن تي ان جي ڪرڙي نظر هجي، ماڻهن جو ان جي ذات تي پورو اعتماد ۽ يقين هجي، ڇو ته جيڪو ماڻهو پاڻ کي معاشري جو عام فرد نٿو سمجهي بلڪه پاڻ کي معاشري کان برتر يا الڳ سمجهي ٿو اهو ماڻهن تائين خدائي پيغام پهچائڻ جو اهل ٿي نٿو سگهي، الله انسانن ڏانهن هدايت جي لاءِ ملائڪ به موڪلي سگهي پيو، الله تبارڪ و تعاليٰ انسانن ڏانهن انسان رسول بڻائي موڪليا، ته جيئن اهي انسانن جي نفسيات ۽ مسئلن کي سمجهن، ۽ ان مطابق انهن جي رهنمائي ڪن، ڪافرن جي وڏن اعتراضن مان هڪ اعتراض هي به هو ته رسول انسانن مان الڳ ٿلڳ هئڻ گهرجي ۽ ان جي رهڻي ڪهڻي عام انسانن کان الڳ هجي ۽ ان ۾ عام انسانن کان امتياز هجي، تنهن ڪري اهي چوندا هئا.
    وَقَالُوۡا مَالِ هٰذَا الرَّسُوۡلِ یَاۡكُلُ الطَّعَامَ وَ یَمْشِیۡ فِی الْاَسْوَاقِ ؕ (الفرقان:7)
    ۽ چيائون ته هن رسول کي ڇا ٿيو آهي جو کاڌو کائي ٿو ۽ بازارين ۾ هلي ٿو.
    قرآن انهن کي جواب ڏنو،
    وَ مَاۤ اَرْسَلْنَا قَبْلَکَ مِنَ الْمُرْسَلِیۡنَ اِلَّا اِنَّہُمْ لَیَاۡكُلُوۡنَ الطَّعَامَ وَ یَمْشُوۡنَ فِی الْاَسْوَاقِ ؕ (الفرقان:20)
    ۽ (اي رسول) توکان اڳ جيترا به رسول موڪلياسون سي (تو وانگر) کاڌو کائيندا هئا ۽ بازارين ۾ هلندا هئا.
    ڪافرن جو هدايت کان منهن موڙڻ جي لاءِ هڪ اعتراض هي به هو ته اسان جهڙو انسان اسان تائين خدا جو پيغام ڪيئن ٿو پهچائي سگهي! تنهن ڪري رسول ملائڪن مان هئڻ گهرجي، الله تبارڪ و تعاليٰ انهن جي ان اعتراض کي رد ڪري ڇڏيو، قرآن فرمائي ٿو،
    وَمَا مَنَعَ النَّاسَ اَنۡ یُّؤْمِنُوۡۤا اِذْ جَآءَهُمُ الْہُدٰۤی اِلَّاۤ اَنۡ قَالُوۡۤا اَبَعَثَ اللہُ بَشَرًا رَّسُوۡلًا ﴿۹۴﴾ قُلۡ لَّوْ کَانَ فِی الۡاَرْضِ مَلٰٓئِکَۃٌ یَّمْشُوۡنَ مُطْمَئِنِّیۡنَ لَنَزَّلْنَا عَلَیۡہِمۡ مِّنَ السَّمَآءِ مَلَكًا رَّسُوۡلًا ﴿۹۵﴾ (بني اسرائيل: 94-95)
    ۽ جڏهن ماڻهن وٽ هدايت آئي، تڏهن انهن کي ايمان آڻن کان رڳو هن ڳالهه روڪيو جو چيائون ته ڇا الله پيغام پهچائيندڙ هڪ انسان موڪليو آهي؟ چئو ته جيڪڏهن زمين ۾ ملائڪ هجن ها. جي (ان تي) رهندڙ ٿي گهمن ڦرن ها ته اسين مٿن آسمان مان پيغام پهچائيندڙ هڪ ملائڪه موڪليون ها.
    هڪ انسان ئي عام انسانن جي مسئلن کي سمجهي سگهي ٿو، تنهن ڪري الله تبارڪ و تعاليٰ عام انسانن مان ئي پنهنجا رسول ۽ پيغمبر موڪليندو آهي. ته جيئن اهي انساني سوسائٽي کي سمجهي ان مطابق انسانيت جي رهنمائي ڪن. تنهن ڪري داعي لاءِ ضروري آهي ته هو انسانن جي مسئلن کان آگاهه هجي ۽ هو انهن جي لاءِ آئيڊيل شخصيت هجي.
    پاڻ ڪريم ﷺ جن جي سيرت تي نظر وجهو، ڄمڻ کان پهريان ئي ابو وفات ڪري وڃي ٿو، ولادت جي ڪجهه سالن کان پوءِ سندن امڙ به وڇڙي وڃي ٿي، پنهنجن کان پري ٻهراڙيءَ جي ”بني سعد“ قبيلي ۾ پرورش ٿئي ٿي، ننڍپڻ ۾ ئي ٻڪريون چارڻيون پون ٿيون، جوانيءَ ۾ بي بي خديجه رضي الله تعاليٰ عنه جي مال تي واپار ڪرڻو پوي ٿو، هو جيتوڻيڪ ڄمندي ڄام هئا، پر پاڻ ماڻهن ۽ معاشري کان الڳ ٿلڳ نٿا رهن، هو عرب جي ثقافتي ميلن ۾ به شريڪ ٿين ٿا ته عرب کان ٻاهر واپار سانگي سفر به ڪن ٿا، هو هر جڳهه تي پنهنجي سچائي صفائي ۽ ايمانداري ثابت ڪن ٿا ۽ امين جي لقب سان نوازيا وڃن ٿا. ان کان پوءِ جڏهن چاليهن سالن جي عمر ۾ انسانيت ڏانهن خدائي پيغام کڻي اچن ٿا ته سڀ کان پهريان ماڻهن جي آڏو پنهنجو پاڻ پيش ڪن ٿا، ۽ نبوت جي صداقت جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي وڏو دليل قرار ڏين ٿا، قرآن فرمائي ٿو:
    قُلۡ لَّوْ شَآءَ اللہُ مَا تَلَوْتُہٗ عَلَیۡكُمْ وَلَاۤ اَدْرٰىكُمۡ بِہٖ۫ۖ فَقَدْ لَبِثْتُ فِیۡكُمْ عُمُرًا مِّنۡ قَبْلِہٖؕ اَفَلَا تَعْقِلُوۡنَ ﴿۱۶﴾ (يونس:16)
    (اي پيغمبر ﷺ) چئو ته جيڪڏهن الله گهري ها ته نه آءٌ اوهان کي اهو پڙهي ٻڌايان ها ۽نه الله اوهان کي ان جي خبر ڏئي ها، پوءِ بيشڪ آءٌ اوهان وٽ ان کان اڳ عمر (جو وڏو حصو) رهيو آهيان. ڇا پوءِ (اڃا به) عقل کان ڪم نٿا وٺو؟
    ماڻهو سوچن ٿا ته جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ جن ڪنهن انسان تي ڪوڙ نٿا هڻي سگهن، ڪنهن انسان سان دوکو ۽ فراڊ نٿا ڪري سگهن، ته پوءِ هو الله تبارڪ و تعاليٰ تي ايڏو ڪوڙ ۽ بهتان ڪيئن هڻندو؟ اهو سوچي سليم الفطرت انسان الله تبارڪ و تعاليٰ جو پيغام مڃي وٺن ٿا ۽ محمد ﷺ جا پرستار بڻجي وڃن ٿا.
    هڪ داعيءَ جي لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي پيغام سان ايترو سچو ۽ مخلص هجي جو دعوت ئي ان جي لاءِ سڀ ڪجهه هجي. هو انسانيت جي فلاح ۽ ڇوٽڪاري جي لاءِ مضطرب ۽ پريشان هجي. هن جي اندر ۾ هوراکوري ۽ دعوت جي اڻ تڻ هجي. هو سماج جي سڌاري جي لاءِ سرگردان هجي. قرآن پاڻ سڳورن بابت فرمائي ٿو:
    وَ وَجَدَکَ ضَآلًّا فَہَدٰی ۪﴿۷﴾ (الضحى: 7)
    اسين توکي (هدايت جي طلب ۽ جستجو ۾) سرگردان ڏٺوسون پوءِ هدايت ڪئي سون.
    پاڻ ڪريم ﷺ جن انسانيت جي فلاح ۽ ڇوٽڪاري جي لاءِ هر وقت پريشان ۽ سرگردان رهندا هئا. الله تبارڪ و تعاليٰ قرآن ڪريم جي صورت ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن کي اهڙو دستور عطا ڪيو، جيڪو قيامت تائين انسانيت کي فلاح ۽ ڇوٽڪاري جون واٽون ڏيکاريندو رهندو ۽ انسانيت کي اجاريندو رهندو، ۽ انهن ۾ ايمان ۽ هدايت جون شمعون روشن ڪندو رهندو، قرآن فرمائي ٿو:
    مَا كُنۡتَ تَدْرِیۡ مَا الْکِتٰبُ وَ لَا الْاِیۡمَانُ وَ لٰکِنۡ جَعَلْنٰہُ نُوۡرًا نَّہۡدِیۡ بِہٖ مَنْ نَّشَآءُ (شوري:52)
    (اي پيغمبر!) توکي خبر نه هئي ته قرآن ڇا آهي ۽ ايمان (ڇا آهي)؟ پر اسان ان (قرآن) کي نور بڻايو جنهن سان جنهن کي گهرون هدايت ڏيون ٿا.
    پاڻ ڪريم * جن کي انسان ذات جي هدايت جي لاءِ جيڪا تمنا ۽ تڙپ هئي قرآن مجيد ۾ ان جو اظهار هن ريت ڪيو ويو آهي.
    فَلَعَلَّکَ بَاخِعٌ نَّفْسَکَ عَلٰۤی اٰثَارِِهمْ اِنۡ لَّمْ یُؤْمِنُوۡا بِہٰذَا الْحَدِیۡثِ اَسَفًا ﴿۶﴾ (الڪهف:6)
    پوءِ متان پنهنجي جان کي غم جي ڪري سندن پٺيان هلاڪ ڪرين، جيڪڏهن اهي ان ڳالهه کي نه مڃين.
    ان ساڳي حقيقت جو اظهار هڪ ٻي آيت ۾ هن ريت ڪيو ويو آهي.
    لَعَلَّکَ بَاخِعٌ نَّفْسَکَ اَلَّا یَكُوۡنُوۡا مُؤْمِنِیۡنَ ﴿۳﴾ (الشعراء:3)
    (اي پيغمبر *) متان تون پاڻ کي هن ڪري هلاڪت ۾ وجهين جو اهي ايمان نٿا آڻين.
    داعي جي لاءِ ضروري آهي ته ان جي دل ۾ ماڻهن جي لاءِ بي پناهه پنهنجائپ، دلي محبت ۽ شفقت هجي، انهن سان هر موڙ تي پنهنجائپ ۽ خير خواهيءَ واري هلت هجي، ته جيئن ماڻهو ان کي پنهنجو دلي دوست ۽ خير خواهه سمجهن. پنهنجا طور طريقا ڇڏڻ ۽ نفس جي چنبي مان نڪرڻ ڪو آسان ڪم نه آهي.تنهن ڪري جيستائين مخاطب جي دل مان سمورا شڪ شبها ختم نه ڪبا. ۽ ان کي اهو باور نه ڪرائبو ته قرآن ئي تنهنجي لاءِ دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابيءَ جو ضامن آهي، تيستائين هو قرآن جو پيغام ڪو نه قبوليندو. تنهنڪري ضروري آهي ته ماڻهن سان نرمي ڪجي ته جيئن هو خدائي پيغام جا پروانا بڻجي خدائي پيغام کي ئي سڀ ڪجهه سمجهن ۽ اهو نرمي ۽ شفقت سان ئي ممڪن آهي. قرآن فرمائي ٿو:
    فَبِمَا رَحْمَۃٍ مِّنَ اللہِ لِنۡتَ لَہُمْ ۚ وَلَوْ كُنۡتَ فَظًّا غَلِیۡظَ الْقَلْبِ لَانۡفَضُّوۡا مِنْ حَوْلِکَ ۪ فَاعْفُ عَنْہُمْ وَاسْتَغْفِرْ لَہُمْ وَشَاوِرْھُمْ فِی الۡاَمْرِ ۚ فَاِذَا عَزَمْتَ فَتَوَکَّلْ عَلَی اللہِ ؕ اِنَّ اللہَ یُحِبُّ الْمُتَوَکِّلِیۡنَ ﴿۱۵۹﴾ (آل عمران:150)
    سو الله جي مهربانيءَ سان ئي تون انهن جي لاءِ نرم ٿئين. ۽ جيڪڏهن تون سخت مزاج سخت دل هجين ها ته تنهنجي آس پاس کان ٽڙي پکڙي وڃن ها. پوءِ تون انهن کي معاف ڪر ۽ انهن لاءِ معافي گهر ۽ انهن کان ڪم ۾ صلاح وٺ پوءِ جڏهن تون پڪو ارادو ڪرين ته الله تي توڪل ڪر بيشڪ الله توڪل ڪندڙن کي دوست رکي ٿو.
    الله تبارڪ و تعاليٰ جڏهن حضرت موسيٰ  ۽ هارون  کي فرعون جهڙي سرڪش انسان ڏانهن پنهنجو پيغام کڻائي موڪليو ته انهن کي به نرميءَ سان ڳالهائڻ جو حڪم ڏنو.
    اِذْھَبَاۤ اِلٰی فِرْعَوْنَ اِنَّہٗ طَغٰی ﴿ۚۖ۴۳﴾ فَقُوۡلَا لَہٗ قَوْلًا لَّیِّنًا لَّعَلَّہٗ یَتَذَکَّرُ اَوْ یَخْشٰی ﴿۴۴﴾ (طٰھ:23-24)
    اوهين ٻئي فرعون ڏي وڃو ڇو ته هو حد کان لنگهي ويو آهي. پوءِ ان سان نرميءَ سان ڳالهايو ته من هو ڌيان ڪري يا ڊڄي.
    دعوتي ڪم جا رستا انتهائي مشڪل ۽ نتيجا ڏور رس ۽ ديرپا هوندا آهن، تنهن ڪري داعيءَ کي صبر ۽ استقامت جي دامن ناهي ڇڏڻي، بلڪه رب تي رکي صبر ڪرڻو آهي. ۽ جلد بازي ڪرڻي نه آھي. قرآن فرمائي ٿو:
    فَاصْبِرْ کَمَا صَبَرَ اُولُوا الْعَزْمِ مِنَ الرُّسُلِ وَ لَا تَسْتَعْجِل لَّہُمْ ؕ (الاحقاف:35)
    سو (اي پيغمبر) تون صبر ڪر، جيئن وڏي همت وارن رسولن صبر ڪيو ۽ انهن لاءِ تڪڙ نه ڪر.
    جيڪڏهن انقلاب دشمن ماڻهو، انقلاب جي آڏو رڪاوٽون وجهڻ گهرن ته انهن سان الجهڻ نه گهرجي. بلڪه پنهنجي منزل تي نظر رکي انهن کي درگذر ڪري ڇڏجي، جيڪڏهن ٿوري گهڻي ڳالهه تي الجهي پوندئو ته دعوتي ڪم رڪجي ويندو ۽ شرارتي پنهنجي شرارت ۾ ڪامياب ٿي ويندا، تنهن ڪري قرآن اهڙن ماڻهن کان درگذر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو:
    فَاصْفَحِ الصَّفْحَ الْجَمِیۡلَ ﴿۸۵﴾ (الحجر:86)
    پوءِ (انهن جي بي ادبيءَ کان) چڱي نموني درگذر ڪر.
    دعوتي ڪم ڪن مفروضن ۽ خيالن پلاون تي مشتمل نه هجي بلڪه ”ڪلمو الناس علي قدر عقولهم“ (ماڻهن سان انهن جي عقلن جي مطابق ڪلام ڪيو) جي نبوي فرمان مطابق هر هڪ انسان جي سوچ مطابق، خدائي پيغام جي افاديت سمجهائبي. ان کي غور ۽ فڪر جي دعوت ڏبي، ۽ خدائي پيغام جون حڪمتون سمجهائبيون. قرآن فرمائي ٿو:
    قُلْ اِنَّمَاۤ اَعِظُكُمۡ بِوَاحِدَۃٍ ۚ اَنۡ تَقُوۡمُوۡا لِلہِ مَثْنٰی وَفُرَادٰی ثُمَّ تَتَفَکَّرُوۡا ۟ (سبا:46)
    (اي پيغمبر کين) چئو ته آءٌ اوهان کي رڳو هڪ ڳالهه جي نصيحت ڪريان ٿو ته ٻه ٻه ۽ هڪ هڪ ٿي الله لاءِ کڙا ٿيو پوءِ فڪر ڪريو.


    معلم انسانيت:

    الله تبارڪ و تعاليٰ جڏهن انسانيت جي فلاح ۽ ڇوٽڪاري جي لاءِ پنهنجو آخري ۽ ابدي پيغام موڪليو ته ان سان گڏ هڪ اهڙو شارح، معلم، حڪيم ۽ مزڪي موڪليو، جيڪو خدائي گهر مطابق انسانيت کي خدائي ڪلام جي تعليم ڏي ۽ انهن کي خدائي ڪلام جون حڪمتون سمجهائي. انهن جو تزڪيو ڪري، انهن کي خدا جو مقرب ٻانهو بڻائي، پاڻ ڪريم * جن جي جدامجد حضرت ابراهيم ؑ جڏهن ”ڪعبت الله“ جو بنياد وڌو ته الله تبارڪ و تعاليٰ جي درٻار ۾ هيءَ دعا گهريائين:
    رَبَّنَا وَابْعَثْ فِیۡہِمْ رَسُوۡلًا مِّنْہُمْ یَتْلُوۡا عَلَیۡہِمْ اٰیٰتِکَ وَیُعَلِّمُہُمُ الْکِتٰبَ وَالْحِكْمَۃَ وَیُزَکِّیۡہِمْ ؕ اِنَّکَ اَنۡتَ الۡعَزِیۡزُ الۡحَکِیۡمُ ﴿۱۲۹﴾٪ (البقره:129)
    اي اسان جا پاليندڙ! ۽ انهن ۾ انهن مان هڪ رسول موڪل جو کين تنهنجيون آيتون پڙهي ٻڌائي ۽ انهن کي ڪتاب ۽ دانائي سيکاري ۽ کين پاڪ ڪري. بيشڪ تون ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهين.
    حضرت ابراهيم  جو اهو عرض اگهامي ويو، الله تبارڪ و تعاليٰ سندس اولاد مان اهڙو رسول ۽ پيغمبر موڪليو، جنهن جي تعليم قيامت تائين ايندڙ انسانن جي رهنمائي ڪندي رهندي. پاڻ ڪريم ﷺجن جو فرمان آهي ته ”آءٌ پنهنجي ابي ابراهيم  جي دعا، حضرت عيسيٰ  جي خوشخبري ۽ پنهنجي امڙ جي خواب جي تعبير آهيان. پاڻ ڪريم ﷺ جن جي بعثت، مؤمنن لاٰءِ الله تبارڪ و تعاليٰ جو سڀ کان وڏو احسان ۽ انعام آهي.
    قرآن فرمائي ٿو:
    لَقَدْ مَنَّ اللہُ عَلَی الْمُؤۡمِنِیۡنَ اِذْ بَعَثَ فِیۡہِمْ رَسُوۡلًا مِّنْ اَنۡفُسِہِمْ یَتْلُوۡا عَلَیۡہِمْ اٰیٰتِہٖ وَیُزَکِّیۡہِمْ وَیُعَلِّمُہُمُ الْکِتٰبَ وَالْحِكْمَۃَ ۚ وَ اِنۡ کَانُوۡا مِنۡ قَبْلُ لَفِیۡ ضَلٰلٍ مُّبِیۡنٍ ﴿۱۶۴﴾ (آل عمران:164)
    ”بيشڪ الله ايمان وارن تي احسان ڪيو آهي، جڏهن ته انهن مان (هڪ) رسول انهن ۾ موڪليائين جو انهن کي سندس آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو، ۽ انهن کي پاڪ ڪري ٿو ۽ انهن کي ڪتاب ۽ دانائي سيکاري ٿو ۽ بيشڪ اهي هن کان اڳ پڌري گمراهيءَ ۾ هئا.
    انسانيت جڏهن گمراهيءَ جي ڪُن ۾ ڪري چڪي هئي، ان وقت ضروري هو ته انسانيت ڏانهن اهڙو رسول ۽ پيغمبر موڪلجي، جيڪو انسانيت کي گمراهيءَ جي ڪن مان ڪڍي، هدايت، فلاح ۽ ڇوٽڪاري واري رستي ڏانهن گامزن ڪري، ۽ انسانيت کي پنهنجو ڀليل سبق ياد ڏياري، قرآن فرمائي ٿو:
    ھُوَ الَّذِیۡ بَعَثَ فِی الْاُمِّیّٖنَ رَسُوۡلًا مِّنْہُمْ یَتْلُوۡا عَلَیۡہِمْ اٰیٰتِہٖ وَ یُزَکِّیۡہِمْ وَ یُعَلِّمُہُمُ الْکِتٰبَ وَ الْحِكْمَۃَ ٭ وَ اِنۡ کَانُوۡا مِنۡ قَبْلُ لَفِیۡ ضَلٰلٍ مُّبِیۡنٍ (الجمعه:2)
    ”هو (الله) اهو آهي جنهن اڻ پڙهيلن ۾ انهن مان هڪ رسول موڪليو جو کين سندس آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ کين پاڪ ڪري ٿو. ۽ کين ڪتاب ۽ عقلمندي سيکاري ٿو ۽ بيشڪ اهي ته هن کان اڳ پڌري گمراهيءَ ۾ هئا.“
    ان ساڳي مفهوم کي هڪ ٻي جڳهه تي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي.
    کَمَاۤ اَرْسَلْنَا فِیۡكُمْ رَسُوۡلًا مِّنۡكُمْ یَتْلُوۡا عَلَیۡكُمْ اٰیٰتِنَا وَیُزَکِّیۡكُمْ وَیُعَلِّمُكُمُ الْکِتٰبَ وَالْحِكْمَۃَ وَیُعَلِّمُكُمۡ مَّا لَمْ تَكُوۡنُوۡا تَعْلَمُوۡنَ ﴿۱۵۱﴾ؕۛ (البقره:151)
    ”جيئن اسان اوهان ۾ اوهان مان هڪ رسول موڪليو جو اوهان کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ اوهان کي پاڪ ڪري ٿو ۽ اوهان کي ڪتاب ۽ حڪمت سيکاري ٿو ۽ اوهان کي اهو ڪجهه سيکاري ٿو جو اوهين نه ڄاڻندا هئا.“


    پاڻ سڳورن جي بعثت جو مقصد:

    هڪ ئي موضوع تي آيل قرآن مجيد جي انهن مختلف چئن آيتن ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي بعثت جا چار مقصد بيان فرمايا آهن،
    * آيتن جي تلاوت،
    * تعليم الکتاب، (قرآن جا مقصد واضح ڪرڻ ۽ انهن جي تشريح ڪرڻ)
    * تعليم الحکمت، شرعي احڪامن جي علتن ۽ سببن کان واقف ڪرڻ ۽ تمدني زندگيءَ جون ٻيون بنيادي حقيقتون سمجهائڻ)
    * تزڪيو، (خدائي هدايتن تحت انسانن کي پنهنجي طريقي سان، شرڪ، ڪفر ۽ نفساني خواهشن ۽ غلاظتن کان پاڪ ۽ صاف ڪرڻ)
    هتي هي ڳالهه به واضح هجي ته مٿين آيتن ۾ انهن چئن ڪمن جي ترتيب مختلف آهي. اسين هتي دعاءِ ابراهيم واري ترتيب رکي آهي، ۽ ان مطابق هيٺ تشريح ڪنداسون.


    آيتن جي تلاوت:

    تلاوت، جي معنيٰ آهي قرآن مجيد پڙهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ. ڇو ته قرآن مجيد جي تلاوت جي لاءِ ٻه لفظ استعمال ڪيا ويندا آهن: هڪ قرائت ۽ ٻيو تلاوت، اهي ٻئي لفظ تقريبن هم معنيٰ استعمال ٿيندا آهن. پر عام طور تي قراءت مان مراد صرف قرآن مجيد جي تلاوت هوندي آهي، جڏهن ته ”يتلو“ مان مراد هوندي آهي، سوچ، ويچار ۽ غور ۽ فڪر سان پڙهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ، ڇو ته ”يتلو“ جو ماخذ ”تلو“ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي تابعداري ڪرڻ ۽ مسلسل ڪنهن جي ڪڍ هلڻ، اهو ئي سبب آهي جو قرآن مجيد تلاوت ۽ صالح عملن کي هڪ ئي جڳهه تي ذڪر ڪري ٿو:
    اِنَّ الَّذِیۡنَ یَتْلُوۡنَ کِتٰبَ اللہِ وَ اَقَامُوا الصَّلٰوۃَ وَ اَنۡفَقُوۡا مِمَّا رَزَقْنٰہُمْ سِرًّا وَّ عَلَانِیَۃً یَّرْجُوۡنَ تِجَارَۃً لَّنۡ تَبُوۡرَ ﴿ۙ۲۹﴾ (فاطر:29)
    ”بيشڪ جيڪي الله جو ڪتاب پڙهن ٿا، ۽ نماز قائم ڪن ٿا، ۽ جيڪا روزي کين ڏني سون تنهن مان ڳجهو ۽ ظاهر خرچ ڪن ٿا، سي اهڙي واپار جي اميد رکن ٿا جو ڪڏهن به برباد نه ٿيندو.“
    پاڻ ڪريم ﷺ جن نه صرف قرآن مجيد جي تلاوت ڪندا هئا، پر قرآن جي هر حڪم جي تابعداري ڪندا هئا، تنهن ڪري حضرت امان عائشه سائڻ رضي الله تعاليٰ عنها کي چوڻو پيو، ”کان خلقھ القرآن“
    ”پاڻ ڪريم ﷺ جن جي زندگي قرآن جو عملي تفسير هئي“
    قرآن مجيد جي تلاوت جو مقصد آهي، خدائي آيتون پڙهي، ان مطابق عمل ڪرڻ ۽ قرآن جي هر حڪم جي تابعداري ڪرڻ، الله تبارڪ و تعاليٰ جو فرمان آهي.
    وَھٰذَا کِتٰبٌ اَنۡزَلْنٰہُ مُبٰرَكٌ فَاتَّبِعُوۡہُ وَاتَّقُوۡا لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُوۡنَ ﴿۱۵۵﴾ۙ (الانعام:155)
    ”۽ هي (قرآن) اهو ڪتاب آهي جنهن کي اسان نازل ڪيو جو خير ۽ برڪت وارو آهي، پوءِ ان تي هلو ۽ پرهيزگار ٿيو مَن اوهان تي رحم ڪيو وڃي.“
    آسماني ڪتاب دنيا تي انسانن جي لاءِ هدايت، رهنمائي، دستور ۽ منشور هوندا آهن، اهي صرف ان جي لاءِ نه هوندا آهن، جو انهن کي خير ۽ برڪت جي لاءِ صرف وردن ۽ وظيفن جي طور تي استعمال ڪيو وڃي، بلڪه انهن جو مقصد هوندو آهي ته انسان انهن خدائي احڪامن کي خدا جي ڌرتيءَ تي نافذ ڪري، خدائي خلافت جو فريضو سرانجام ڏين. جيئن پاڻ ڪريم * جن کان پهريان يهودين کي خدائي ڪتاب توريت مليل هو، يهودي پنهنجي ڪتاب توريت سان بي پناهه محبت رکندا هئا، ۽ اڄ به رکن ٿا، هو ان جي تلاوت به ڪندا هئا، ۽ ان کي خير ۽ برڪت جو سبب به سمجهندا هئا، پر ان مطابق عمل نه ڪندا هئا، تنهن ڪري قرآن انهن کي گڏهن سان تشبيهه ڏئي ٿو. جنهن جي پٺن تي ڪتابن جو بار سٿيل هجي، پر هو شعور ۽ سمجهه کان خالي هجي، ائين مسلمان جيڪڏهن قرآن پڙهن ٿا، پر سمجهه ۽ عمل کان عاري آهن ته پوءِ انهن لاءِ به قرآن جو فيصلو ساڳيوآهي، قرآن هڪ تارازي آهي جنهن م سڀ هڪ ئي طريقي سان ترندا آهن. قرآن فرمائي ٿو:
    مَثَلُ الَّذِیۡنَ حُمِّلُوا التَّوْرٰىۃَ ثُمَّ لَمْ یَحْمِلُوۡہَا کَمَثَلِ الْحِمَارِ یَحْمِلُ اَسْفَارًا ؕ بِئْسَ مَثَلُ الْقَوْمِ الَّذِیۡنَ کَذَّبُوۡا بِاٰیٰتِ اللہِ ؕ وَ اللہُ لَا یَہۡدِی الْقَوْمَ الظّٰلِمِیۡنَ ﴿۵﴾ (الجمعھ:5)
    ”جن تي توريت رکيو ويو پوءِ نه کنيائون (يعني عمل نه ڪيائون) انهن جو مثال گڏهه وانگر آهي، جو پٺيءَ تي ڪتاب کڻي ٿو. خراب مثال آهي انهن ماڻهن جو جن الله جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو! ۽ الله ظالمن کي سڌي راهه نٿو ڏئي.“
    امام ابن تيميه جو فرمان آهي ته، جيتوڻيڪ قرآن مجيد ۾ هي مثال يهودين جي لاءِ بيان ڪيو ويو آهي. پر مفهوم ۽ مطلب جي لحاظ سان هي عام آهي ۽ هران ماڻهوءَ تي سچو اچي ٿو، جيڪو قرآن مجيد جي تلاوت ڪري ٿو، ۽ ان کي سمجهي ٿو، پر ان مطابق عمل نٿو ڪري.
    (الامثال في القرآن الڪريم ص:27)
    پاڻ ڪريم ﷺ جن پنهنجي پوري زندگي صحابه ڪرام کي قرآن مجيد جي تلاوت، قرآن مجيد جي سمجهڻ،۽ ان تي عمل ڪرڻ جي دعوت ڏني ۽ پاڻ قرآن مجيد جي هر حڪم تي عمل ڪري، انسانيت جي لاءِ هڪ نمونو ڇڏي ويا، پاڻ ڪريم ﷺ جن نه پيا چاهين ته مسلمان به يهودين جيان صرف قرآن مجيد جي تلاوت تي اڪتفا ڪن، ۽ ان تي عمل نه ڪن، جيئن يهودي صرف توريت جي تلاوت ڪندا هئا. ۽ ان کي ئي سڀڪجهه سمجهندا هئا ۽ ان جي عمل کان عاري هوندا هئا. قرآن اهڙن يهودين جي مذمت ڪندي فرمائي ٿو:
    وَمِنْہُمْ اُمِّیُّوۡنَ لَا یَعْلَمُوۡنَ الْکِتٰبَ اِلَّاۤ اَمَانِیَّ وَ اِنْ ھُمْ اِلَّا یَظُنُّوۡنَ ﴿۷۸﴾ (البقره:78)
    ۽ انهن مان ڪي اڻ پڙهيل آهن، جي سواءِ خواهشن جي، ڪتاب نٿا ڄاڻن ۽ اهي رڳو گمان ڪن ٿا.
    هن آيت تحت امام قرطبي جو فرمان آهي ته (اَمَانِیَّ) مان مراد هي آهي ته هو صرف تلاوت ڄاڻن ٿا، ۽ ان جي احڪامن کان بي خبر آهن. (الجامع لاحڪام القرآن، 2/6)
    پاڻ ڪريم ﷺ جن پڻ پنهنجي امت کي اهڙن ماڻهن جي پرڪارن کان آگاهه ڪيو آهي جيڪي قرآن مجيد جي تلاوت ته ڪندا پر ان تي عمل نه ڪندا، پاڻ ڪريم ﷺ جن جو فرمان آهي.
    یخرج فی ہذه الامت قوم تحقرون صلاتکم مع صلاتہم یقروءن القرآن لایجاوز حلو قہم اوحنا جرہم یمرقون من الدين مروق السہم من الرمیۃ. (رواه بخاري)
    هن امت ۾ ماڻهن جو هڪ اهڙو گروهه پيدا ٿيندو، جن جي نمازن جي سامهون اوهين پنهنجين نمازن کي حقير ۽ گهٽ سمجهندئو، اهي قرآن مجيد جي تلاوت ڪندا، پر قرآن انهن جي نڙين کان هيٺ نه لهندو، اهي دين مان ائين نڪري ويندا، جيئن تير، ڪمان مان نڪري ويندو آهي.
    جيڪو ماڻهو الله تعالى جي ڪلام قرآن مجيد جي صحيح سمجهه سان تلاوت ڪندو، ان جي لاءِ ايمان ۽ هدايت جا دروازا کلي ويندا، قرآن جو اعلان آهي.
    اَلَّذِیۡنَ اٰتَیۡنٰہُمُ الْکِتٰبَ یَتْلُوۡنَہٗ حَقَّ تِلَاوَتِہٖ ؕ اُولٰٓئِکَ یُؤْمِنُوۡنَ بِہٖ ؕ وَمَنۡ یَّكْفُرْ بِہٖ فَاُولٰٓئِکَ هُمُ الْخٰسِرُوۡنَ ﴿۱۲۱﴾٪ (البقره:121)
    ” جن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي (۽) هي ان کي اهڙو پڙهن ٿا جهڙو ان جي پڙهڻ جو حق آهي، سي الله جي هدايت تي ايمان آڻين ٿا ۽ جيڪي ان جو انڪار ڪندا سي ئي نقصان پائڻ وارا آهن.


    قرآن مجيد جي هدايت جو طريقو

    ترتيل:

    قرآن مجيد الاهي علمن جو سرچشمو ۽ حڪمت جو ڀنڊار آهي، هو انسان کي تڏهن سمجھه ۾ ايندو، جڏهن ان کي آهستي آهستي ۽ ٺاهي ٺاهي پڙهندو، تنهنڪري قرآن مجيد انسانن کي دعوت ٿو ڏئي ته قرآن مجيد کي آهستي آهستي ۽ ٺاهي ٺاهي پڙهو ته جيئن اوهان تي قرآني حڪمت جون ڏياٽيون کلي سگهن، ۽ اوهين خدائي ڪلام مان بهراور ۽ فيضياب ٿي سگهو، قرآن جو اعلان آهي.
    وَ رَتِّلِ الْقُرْاٰنَ تَرْتِیۡلًا ؕ﴿۴﴾ (المزمل:4)
    ”۽ قرآن کي ٺاهي ٺاهي صاف پڙهه“
    ٺاهي ٺاهي پڙهڻ جو مطلب آهي ته قرآن مجيد کي اهڙي طرح پڙهڻ، جو انسان ان جو مطلب سمجهي سگهي ۽ ان تي غور ۽ فڪر ۽ تدبر ڪري سگهي، پاڻ ڪريم ﷺ جن پڻ قرآن مجيد جي تلاوت ائين ڪندا هئا، قرآن مجيد تي غور ۽ فڪر جي لاءِ ڪڏهن ڪڏهن هڪ ئي آيت کي ڪيترائي دفعا دهرائيندا هئا، روايتن ۾ اچي ٿو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن هڪ موقعي تي پوري رات تهجد جي نماز ۾ هيءَ هڪ ئي آيت دهرائيندا رهيا.
    اِنۡ تُعَذِّبْہُمْ فَاِنَّہُمْ عِبَادُکَ ۚ وَ اِنۡ تَغْفِرْ لَہُمْ فَاِنَّکَ اَنۡتَ الْعَزِیۡزُ الْحَکِیۡمُ ﴿۱۱۸﴾ (المائده: 118)
    ”جيڪڏهن تون کين عذاب ڪندين ته اهي تنهنجا ٻانها آهن ۽ جيڪڏهن تون انهن کي معاف ڪندين ته تون ئي زبردست حڪمت وارو آهين.“
    حضرت امان عائشه  فرمائي ٿي ته پاڻ ڪريمﷺ جن قرآن مجيد ائين ٺاهي ٺاهي پڙهندا هئا جو کين هڪ ننڍي سورة جي پڙهڻ ۾ ڊگهي کان ڊگهي سورة پڙهڻ کان به وڌيڪ دير لڳي ويندي هئي.
    قرآن مجيد پاڻ ڪريم ﷺ جن جي مٿان مڪي ۽ مديني ۾ ٽيويهن سالن جي عرصي ۾ نازل ٿيو آهي. قادر ۽ عليم خدا قرآن مجيد هڪ ئي وقت نازل ڪري پيو سگهي، پر آهستي آهستي ان جي ڪري نازل ڪيو ويو ته جيئن انسان آهستي آهستي پنهنجين ريتن، رسمن، رواجن ۽ ڪڌن ڪرتوتن کي ڇڏي انهي احڪامن ڏانهن وڌندو اچي، ته جيئن آهستي آهستي مڪمل طور تي خدائي احڪامن جو پابند ٿي وڃي، ۽ خدائي احڪامن جون حڪمتون سمجھي وٺي، قرآن جو اعلان آهي:
    وَقُرْاٰنًا فَرَقْنٰہُ لِتَقْرَاَہٗ عَلَی النَّاسِ عَلٰی مُكْثٍ وَّ نَزَّلْنٰہُ تَنۡزِیۡلًا ﴿۱۰۶﴾ (بني اسرائيل:106)
    ”۽ اسان (هن) قرآن کي جدا جدا ٽڪرن(سورتن) ۾ ورهايو آهي ته جيئن اهو ماڻهن کي تون آهستي آهستي پڙهي ٻڌائين ۽ اسان ان کي ٿورو ٿورو ڪري نازل ڪيو آهي.
    ڪافر، پاڻ ڪريم ﷺ جن تي اعتراض ڪندا هئا ته جڏهن قرآن مجيد آسماني ڪتاب آهي ته پوءِ اهو هڪ ئي ڀيري ڇو نه لٿو، جيئن ٻيا آسماني ڪتاب هڪ منو لٿا هئا، الله تبارڪ و تعاليٰ ڪافرن جي ان اعتراض کي رد ڪندي، قرآن مجيد کي آهستي آهستي لاهڻ جي حڪمت هن ريت ٻڌائي.
    وَ قَالَ الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا لَوْلَا نُزِّلَ عَلَیۡہِ الْقُرۡاٰنُ جُمْلَۃً وَّاحِدَۃً ۚۛ کَذٰلِکَ لِنُثَبِّتَ بِہٖ فُؤَادَکَ وَرَتَّلْنٰہُ تَرْتِیۡلًا ﴿۳۲﴾ وَلَا یَاۡتُوۡنَکَ بِمَثَلٍ اِلَّا جِئْنٰکَ بِالْحَقِّ وَ اَحْسَنَ تَفْسِیۡرًا ﴿ؕ۳۳﴾ (الفرقان:32-33)
    ”۽ ڪافرن چيو ته سڄو قرآن هڪ ڀيري ان تي ڇو نه نازل ڪيو ويو (اي پيغمبر *) اهڙي طرح (ٿورو ٿورو لاٿو سون) ته ان سان تنهنجي دل کي مضبوط ڪيون ۽ اسان ان کي جهلي جهلي ٻڌايو آهي. ۽ ڪافر ڪهڙو به مثال (يعني اعتراض) تنهنجي سامهون پيش ڪن پر اسين پورو ۽ تفصيل ۾ وڌيڪ سٺو (جواب) توکي عنايت ڪريون ٿا.


    غور ۽ فڪر سان پڙهڻ:

    قرآن مجيد دنيا جو اهو واحد ڪتاب آهي، جيڪو پنهنجن پڙهندڙن کي کلي دل سان دعوت ٿو ڏئي ته مون کي بنا سوچڻ ۽ سمجهڻ جي نه پڙهو ۽ بنا ڪنهن غور ۽ فڪر جي منهنجي صداقتن جا قائل نه ٿيو، بلڪه پهريان اوهين منهنجي آيتن تي غور ۽ فڪر ڪيو، ان کان پوءِ ئي حقيقتون مڃو، ۽ حقيقت هي آهي ته انسان قرآن مجيد مان تيستائين فيضياب ۽ بهراور ٿي نٿو سگهي، جيستائين خدائي آيتن تي غور ۽ فڪر نٿو ڪري، قرآن مجيد جون برڪتون انسان کي تڏهن حاصل ٿينديون، جڏهن هو ان کي سمجهي پڙهندو ۽ ان تي غور ۽ فڪر ڪندو، قرآن مجيد کي سمجهي پڙهڻ سان ان جي آڏو ڪائنات جون حقيقتون نکري نروار ٿينديون، جيڪي ان جي نصيحت ۽ سڌاري جو سبب بڻجنديون، قرآن فرمائي ٿو:
    کِتٰبٌ اَنۡزَلْنٰہُ اِلَیۡکَ مُبٰرَكٌ لِّیَدَّبَّرُوۡۤا اٰیٰتِہٖ وَ لِیَتَذَکَّرَ اُولُوا الْاَلْبَابِ ﴿۲۹﴾ (ص:29)
    ” هڪ برڪت وارو ڪتاب آهي. جنهن کي اسان توڏي نازل ڪيو ته ان جي آيتن ۾ ڌيان ڪن ۽ عقل وارا نصيحت وٺن.“
    جيڪي ماڻهو غور ۽ فڪر ۽ دل جي سمجهه ۽ بصيرت سان قرآن مجيد جي تلاوت ڪندا، انهن جي مٿان ڪائنات ۾ رکيل الاهي اسرار ظاهر ٿيندا، ۽ هو ايمان آڻڻ تي مجبور ٿيندا، قرآن فرمائي ٿو:
    حٰمٓ ۚ﴿۱﴾ تَنۡزِیۡلُ الْکِتٰبِ مِنَ اللہِ الْعَزِیۡزِ الْحَکِیۡمِ ﴿۲﴾ اِنَّ فِی السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ لَاٰیٰتٍ لِّلْمُؤْمِنِیۡنَ ؕ﴿۳﴾ وَفِیۡ خَلْقِكُمْ وَمَا یَبُثُّ مِنۡ دَآبَّۃٍ اٰیٰتٌ لِّقَوْمٍ یُّوۡقِنُوۡنَ ۙ﴿۴﴾ وَاخْتِلَافِ الَّیۡلِ وَ النَّہَارِ وَمَاۤ اَنۡزَلَ اللہُ مِنَ السَّمَآءِ مِنۡ رِّزْقٍ فَاَحْیَا بِہِ الْاَرْضَ بَعْدَ مَوْتِہَا وَ تَصْرِیۡفِ الرِّیٰحِ اٰیٰتٌ لِّقَوْمٍ یَّعْقِلُوۡنَ ﴿۵﴾ تِلْکَ اٰیٰتُ اللہِ نَتْلُوۡہَا عَلَیۡکَ بِالْحَقِّ ۚ فَبِاَیِّ حَدِیۡثٍۭ بَعْدَ اللہِ وَ اٰیٰتِہٖ یُؤْمِنُوۡنَ ﴿۶﴾ (الجاثيھ:1-6)
    ”حٰم، ڪتاب جو نازل ڪرڻ الله زبردست (۽) حڪمت واري جي طرفان آهي. بيشڪ آسمانن ۽ زمين ۾ ايمان وارن لاءِ نشانيون آهن. ۽ اوهان جي ۽ جيڪي جانور پکيڙي ٿو تن جي پيدا ڪرڻ ۾ انهن ماڻهن لاءِ نشانيون آهن، جيڪي يقين ڪن ٿا. ۽ رات ۽ ڏينهن جي بدلجڻ ۾ ۽ جو رزق الله آسمان مان لاٿو، پوءِ ان سان زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ جياريائين، تنهن ۾ ۽ هوائن جي ڦير ڦار ۾ انهن ماڻهن لاءِ نشانيون آهن، جيڪي عقل کان ڪم وٺن ٿا. (اي پيغمبر!) اهي الله جون آيتون آهن، جيڪي توکي صحيح نموني پڙهي ٻڌايون ٿا، پوءِ الله ۽ سندس آيتن کي ڇڏي ڪهڙي ڳالهه تي ايمان آڻيندا؟“
    قرآن جبري ايمان جوقائل نه آهي، بلڪه هو اهڙي ايمان جو قائل آهي جيڪو دل جي بصيرت ۽ پنهنجي سوچ ويچار ۽ پنهنجي اختيار سان آندل هجي. تنهن ڪري قرآن مجيد مئومنن جي هڪ صفت اها ٻڌائي آهي ته اهي الله تبارڪ و تعاليٰ جي آيتن تي بنا سوچڻ ۽ سمجهڻ جي ٻوڙا ۽ انڌا ٿي نٿا ڪرن، بلڪه هو انهي آيتن تي غور ۽ فڪر ڪن ٿا ۽ پنهنجي بصيرت ۽ سمجھه سان انهن کي صحيح نموني سمجهن ٿا، ۽ سمجهڻ کان پوءِ ان تي عمل ڪن ٿا.
    قرآن فرمائي ٿو:
    وَالَّذِیۡنَ اِذَا ذُکِّرُوۡا بِاٰیٰتِ رَبِّہِمْ لَمْ یَخِرُّوۡا عَلَیۡہَا صُمًّا وَّ عُمْیَانًا ﴿۷۳﴾ (الفرقان: 73)
    ”۽ اهي جن کي جڏهن سندن پاليندڙ جي آيتن سان نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته انهن تي ٻوڙا ۽ انڌا ٿي نٿا ڪرن.“
    ڇو ته الله تبارڪ و تعاليٰ انسان کي سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت سان نوازي ان کي ڀلائيءَ ۽ برائيءَ مان ڪنهن هڪ واٽ جي چونڊ جو اختيار ڏنو آهي. جيڪي ماڻهو، سوچڻ ۽ سمجهڻ جي اها صلاحيت استعمال نٿا ڪن. قرآن مجيد اهڙن ماڻهن کي جانورن سان تشبيهه ڏئي ٿو:
    وَلَقَدْ ذَرَاۡنَا لِجَہَنَّمَ کَثِیۡرًا مِّنَ الْجِنِّ وَالۡاِنۡسِ ۫ۖ لَہُمْ قُلُوۡبٌ لَّا یَفْقَہُوۡنَ بِہَا ۫ وَلَہُمْ اَعْیُنٌ لَّا یُبْصِرُوۡنَ بِہَا ۫ وَلَہُمْ اٰذَانٌ لَّا یَسْمَعُوۡنَ بِہَا ؕ اُولٰٓئِکَ کَالۡاَنْعَامِ بَلْ ھُمْ اَضَلُّ ؕ اُولٰٓئِکَ ھُمُ الْغٰفِلُوۡنَ ﴿۱۷۹﴾ (الاعراف:179)
    ”۽ بيشڪ اسان جهنم لاءِ گهڻائي جن ۽ انسان پيدا ڪيا آهن، انهن کي اهڙيون دليون آهن جن سان (حق کي) نه ٿا سمجهن ۽ انهن کي اهڙيون اکيون آهن جن سان (حق کي) نٿا ڏسن. ۽ انهن کي اهڙا ڪن آهن جن سان (حق کي) نه ٿا ٻڌن، اهي ڍورن وانگر آهن بلڪه اهي (انهن کان به) وڌيڪ (ڪريل ۽) گمراهه آهن، اهي ئي بي خبر آهن.“
    قرآن بار بار خدائي آيتن تي غور ۽ فڪر جي دعوت ڏئي ٿو، ۽ اهي ماڻهو جيڪي قرآن پڙهڻ ۽ اسلام جي دعويٰ رکڻ جي باوجود پنهنجي اڳين روش نٿا ڇڏن بلڪه قرآن جي ڳالهه يا حڪم ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏين ٿا، ۽ ان تي عمل نٿا ڪن، قرآن اهڙن ماڻهن کي لعنتي قرار ڏئي ٿو،
    اُولٰٓئِکَ الَّذِیۡنَ لَعَنَہُمُ اللہُ فَاَصَمَّہُمْ وَ اَعْمٰۤی اَبْصَارَھُمْ ﴿۲۳﴾ اَفَلَا یَتَدَبَّرُوۡنَ الْقُرْاٰنَ اَمْ عَلٰی قُلُوۡبٍ اَقْفَالُہَا ﴿۲۴﴾ (محمد:23-24)
    ”اهي ئي آهن جن تي الله لعنت ڪئي آهي پوءِ ان کين ٻوڙو ڪيو ۽ سندن اکين کي انڌو ڪيو، ڇا پوءِ اهي قرآن ۾ ڌيان نٿا ڪن يا ته (سندن) دلين تي (خودغرضين) جا تالا لڳل آهن.“


    ڇا عام انسان قرآن نٿو سمجهي سگهي؟

    اڄ ڪالهه عام انسانن کي قرآن کان پري رکڻ جي لاءِ باقاعدگيءَ سان هڪ منظم مهم هلائي پئي وڃي ته، جيستائين اوهين درزن کن ٻيا مددي علم نه پڙهندئو، تيستائين اوهان کي قرآن سمجهه ۾ نه ايندو، اوهان جو ڪم اهو آهي ته صرف قرآن مجيد جي تلاوت ڪريو، يا قرآن مجيد پڙهي پنهنجن مردن کي ثواب بخشيو، باقي قرآن تي غور نه ڪجو، متان گمراهه نه ٿي وڃو، ڇو ته قرآن اوهان جي سمجهه کان مٿي آهي. اها هڪ انسان دشمن مهم آهي، ۽ انسانيت کي پنهنجو غلام بڻائڻ جي سازش آهي. ڇو ته قرآن اهو واحد ڪتاب آهي جيڪو انسانيت کي انسانن جي غلاميءَ مان ڪڍي خدائي توحيد ڏانهن سڏي ٿو. انسانيت کي پنهنجو غلام بڻائڻ جي ذهنيت رکندڙ مذهبي طبقي وارا يا سرمائيدار يا خدائي خلق تي ڏاڍ ۽ ظلم سان حڪمراني ڪندڙ، اهي ڪيئن چاهيندا ته خدا جي اٻوجهه مخلوق خدا جو پيغام سمجهي! جيڪڏهن اهي خدا جو پيغام سمجهي ويا ته اسان جي چڱ مڙسي چٽ ٿي ويندي، رسول الله ﷺجن جي زندگيءَ تي نظر وجهو، انهن ٽن قسمن جا ماڻهو ئي هئا جيڪي قرآن جا سڀ کان وڏا دشمن ٿي بيٺا. مڪي ۾ سرمائيدارانه ذهنيت رکندڙ وڏيرا هئا، جيڪي قرآن ۽ توحيد جا صرف ان جي ڪري مخالف ٿي بيٺا ته متان عام ماڻهو اهو پيغام مڃي وٺن، ۽ اسان جي چنبي مان نڪري وڃن. نبي اڪرم ﷺ جن مديني ۾ آيا ته مديني ۾ ٻيو ڪو دشمن ڪو نه هو، اهي ئي ماڻهو سڀ کان وڏا دشمن ٿي بيٺا جيڪي مذهبي روپ ڌاري انسانيت کي پنهنجو غلام رکڻ چاهين پيا. انهن ڏٺو ته جيڪڏهن رسول ﷺ جن جو پيغام ماڻهو مڃي وٺن ٿا ته اهي اسان جي غلاميءَ مان نڪري ويندا، تنهن ڪري انهن ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي اسلام جي مخالفت ڪئي. اهي توريت جا ڄاڻو هئا، خدائي علمن جا وڏا عالم هئا. انهن کي سئو فيصد يقين هو ته محمد ﷺ الله جو سچو رسول آهي، بلڪه قرآن ته ايترو به چوي ٿو ته اهي نبي اڪرم ﷺ جن کي ائين سڃاڻن ۽ صحيح سمجهن پيا، جيئن اهي پنهنجن پٽن کي سڃاڻيندا آهن. بلڪه پٽن کان به وڌيڪ نبي اڪرم ﷺ جن جي صداقت کي سڃاڻن پيا. حقيقت سمجهڻ جي باوجود هو پنهنجن ذاتي غرضن جي لاءِ حق جا مخالف ٿي بيٺا ۽ حق سان ٽڪراءُ ۾ اچي ويا.
    قرآن جو پيغام مڪي ۽ مديني کان ٻاهر جڏهن بين الاقوامي طور تي ڦهلجڻ لڳو ته قيصر ۽ ڪسريٰ جيڪي انسانيت کي پنهنجو سياسي غلام بڻايون ويٺا هئا. اهي قرآن جا سڀ کان وڏا دشمن ٿي بيٺا.
    اڄ ڪلهه به صورتحال ساڳي ئي آهي، پر ان جو افسوسناڪ پهلو هي آهي ته اڄ اسان جو مذهبي طبقو ڪٿي شعوري ۽ ڪٿي لاشعوري طور تي سرمائيدارن ۽ عالمي قوتن جي ونگار وهي رهيو آهي ۽ سڄو زور اهڙي نظام تعليم تي ڏئي رهيو آهي. جنهن تحت صرف اهي ماڻهو پيدا ٿين ٿا جيڪي معاشي طور تي سرمائيدارن جا ڳيجھو ۽ غلام هجن ٿا، ۽ انهن جي ئي نوڪري ڏيندا وتن ٿا، جڏهن انسانيت جا رهبر ئي سرمائيدارن جا غلام بڻجي وڃن ته پوءِ خدا جي خلق جو ڇا ٿيندو؟ ۽ ان جو جوابدار ڪير هوندو؟ فَیا ویلتا یا حسرتا!!
    اهو نتيجو آهي قرآن کان دوريءَ جو، جو اڄ امت مسلمه ذلت جي پستين ۾ ڪاهي پئي آهي. قرآن جو محافظ ۽ شارح مذهبي طبقو، انساني غلاميءَ جي مختلف طريقن تي مزاحمت ڪرڻ بجاءِ چند رسمن کي مڪمل دين سمجھيون ويٺو آهي. انسانيت کي سرمائيدارن جي ظلم ۽ استحصال کان بچائڻ جي بجاءِ هو هر موقعي تي پنهنجن مالي مفادن خاطر سرمائيدار جو ساٿي بڻجي وڃي ٿو، ڇو ته هوسرمائيدار جي ساٿ کانسواءِ پنھنجو جهان جوڙي نٿو سگهي.
    قرآن سچ پچ هدايت، نجات ۽ هر قسم جي ظلمن۽ استحصال کان ڇوٽڪاري جو ذريعو آهي، جڏهن قرآن آيو ئي انسانن جي هدايت ۽ ڇوٽڪاري جي لاءِ آهي ته پوءِ اهو ڪيئن چئي سگهجي ٿو ته جيستائين اوهين درزن کن مددي علم نه سمجهندؤ تيستائين اوهان کي الله جو قرآن سمجهه ۾ نه ايندو؟ ڇا ان کان وڌيڪ به ٻيو ڪو خدا جي ڪلام سان ظلم ٿي سگهي ٿو؟ جڏهن ته قرآن صاف طور تي چئي ٿو ته الله جو ڪتاب صاف، سٿرو، سهنجو ۽ فصيح آهي. ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڏکيائي نه آهي. هو هر دور جي حالتن سان ٺهڪندڙ ۽ هر حال ۾ انسانيت جي رهنمائي ڪندڙ آهي. رب ذوالجلال جو فرمان آهي:
    اَلْحَمْدُ لِلہِ الَّذِیۡۤ اَنۡزَلَ عَلٰی عَبْدِہِ الْکِتٰبَ وَلَمْ یَجْعَلۡ لَّہٗ عِوَجًا ؕ﴿ٜ۱﴾ (الڪهف:1)
    ”سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن پنهنجي ٻانهي تي ڪتاب لاٿو ۽ ان ۾ ڪا ڏنگائي نه رکيائين.“
    ان ساڳي مفهوم کي سورة الزمر ۾ هن ريت بيان ڪيو ويو آهي.
    قُرۡاٰنًا عَرَبِیًّا غَیۡرَ ذِیۡ عِوَجٍ لَّعَلَّہُمْ یَتَّقُوۡنَ ﴿۲۸﴾ (الزمر:28)
    ”(اهو) عربي (زبان ۾) قرآن آهي جنهن ۾ ڪا ڏنگائي نه آهي ته من اهي پرهيزگار ٿين. “
    ان جا احڪام صاف سٿرا آهن، انهن ۾ ڪنهن به قسم جو مونجهارو نه آهي، غور ۽ فڪر رکندڙ ماڻهو انهن مان لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ خدائي آيتن مان فيضياب ٿي سگهن ٿا، قرآن فرمائي ٿو:
    کَذٰلِکَ یُبَیِّنُ اللہُ لَكُمُ الۡاٰیٰتِ لَعَلَّكُمْ تَتَفَکَّرُوۡنَ ﴿۲۱۹﴾ۙ (البقره:219)
    ”اهڙي طرح الله اوهان لاءِ آيتون بيان ڪري ٿو مَن اوهين سوچو.“
    الله تبارڪ و تعاليٰ انسانذات جي سڌاري ۽ اصلاح جي لاءِ مختلف طريقن سان پنهنجيون آيتون ۽ احڪام کولي کولي بيان فرمايا آهن ته جيئن انسان انهن آيتن کي سمجهي پنهنجيون من مستيون ۽ نفساني خواهشون ڇڏي خدائي واٽ وٺي، قرآن فرمائي ٿو:
    اُنۡظُرْ کَیۡفَ نُصَرِّفُ الۡاٰیٰتِ لَعَلَّہُمْ یَفْقَہُوۡنَ ﴿۶۵﴾ (الانعام:65)
    ”ڏس! ته ڪيئن اسين نموني نموني سان ڳالهيون بيان ڪريون ٿا من اهي سمجهن“.
    الله تبارڪ و تعاليٰ قرآن مجيد ۾ هڪ هڪ ڳالهه ڪيترن ئي طريقن سان بيان ڪئي آهي ته جيئن انسان کي سمجهڻ ۾آساني ٿي، پوءِ جيڪي ماڻهو الله تبارڪ و تعاليٰ جي ڪتاب کي سمجهن ٿا، ۽ خدائي حڪمتن تي آگاهه ٿين ٿا، اهي الله تبارڪ و تعاليٰ جي خوف کان ڏڪي وڃن ٿا، ۽ پنهنجي حال جو اصلاح ڪري وٺن ٿا. قرآن انسان کي واضح ٻڌائي ته اهي ئي هدايت يافته آهن، باقي جن تي قرآن اثر نٿو ڪري، اهي گمراهه آهن، انهن کي ڪٿان به هدايت ڪا نه ملندي، رب ذوالجلال جو فرمان آهي.
    اَللہُ نَزَّلَ اَحْسَنَ الْحَدِیۡثِ کِتٰبًا مُّتَشَابِہًا مَّثَانِیَ٭ۖ تَقْشَعِرُّ مِنْہُ جُلُوۡدُ الَّذِیۡنَ یَخْشَوْنَ رَبَّہُمْۚ ثُمَّ تَلِیۡنُ جُلُوۡدُهُمْ وَ قُلُوۡبُہُمْ اِلٰی ذِكْرِ اللہِؕ ذٰلِکَ ھُدَی اللہِ یَہۡدِیۡ بِہٖ مَنْ یَّشَآءُؕ وَ مَنۡ یُّضْلِلِ اللہُ فَمَا لَہٗ مِنْ ھَادٍ ﴿۲۳﴾ (الزمر:23)
    ” الله نهايت سٺو ڪلام ڪتاب نازل ڪيو جنهن جون ڳالهيون هڪ ٻئي جهڙيون (۽ هڪ ڳالهه جي سمجهائڻ لاءِ بار بار) دهرايل آهن، ان جي ٻڌڻ سان انهن(ماڻهن) جي کلن (جا وار) ڪانڊارجن ٿا جيڪي پنهنجي پاليندڙ کان ڊڄن ٿا وري سندن کلون ۽ سندن دليون الله جي ياد تي نرم ٿين ٿيون. هي (قرآن) الله جي هدايت آهي جنهن کي وڻيس تنهن کي ان سان هدايت ڪري ٿو ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري ٿو تنهن کي ڪو به هدايت ڪندڙ نه آهي.“
    قرآن کي واضح ۽ کولي بيان ڪرڻ الله تبارڪ و تعاليٰ جي ذميواري آهي، اهو ذمو الله تبارڪ و تعاليٰ پاڻ کنيو آهي، قرآن فرمائي ٿو:
    لَا تُحَرِّكْ بِہٖ لِسَانَکَ لِتَعْجَلَ بِہٖ ﴿ؕ۱۶﴾ اِنَّ عَلَیۡنَا جَمْعَہٗ وَ قُرْاٰنَہٗ ﴿ۚۖ۱۷﴾ فَاِذَا قَرَاۡنٰہُ فَاتَّبِعْ قُرْاٰنَہٗ ﴿ۚ۱۸﴾ ثُمَّ اِنَّ عَلَیۡنَا بَیَانَہٗ ﴿ؕ۱۹﴾ (القيامھ:16-19)
    ”(اي رسول) پنهنجي زبان کي ان سان هن لاءِ نه چور ته اهو جلد ياد ڪري وٺين ڇو ته ان جو گڏ ڪرڻ ۽ ان جو پڙهڻ اسان جي ذمي آهي. پوءِ جڏهن اسين قرآن پڙهون تڏهن تون قرآن جي پڙهڻ کي ٻڌندو رهه. وري ان جو مطلب سمجهائڻ(به) اسان جي ئي ذمي آهي.“
    قرآن مجيد نصيحت وٺندڙن جي لاءِ ۽ ان کي سمجهڻ جي جستجو ۽ طلب رکندڙن جي لاءِ بلڪل عام فهم ۽ آسان آهي. هو فصاحت ۽ بلاغت ۾ اونچي ۽ اعليٰ درجي تي هئڻ جي باوجود نصيحت ۽ هدايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ايترو آسان ۽ سولو آهي، جو جيڪڏهن ڪو قرآن جو طالب حق ۽ حقيقت جي تلاش ۾ عربي ادب ۽ گرامر جي ڪتابن جي پڙهڻ کانسواءِ به قرآن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو ته هو يقين سان قرآن مجيد سمجهي ويندو. قرآن جو اعلان آهي:
    وَ لَقَدْ یَسَّرْنَا الْقُرْاٰنَ لِلذِّكْرِ فَہَلْ مِنۡ مُّدَّکِرٍ ﴿۱۷﴾ (القمر:17)
    ”۽ اسان قرآن سمجهڻ لاءِ سولو ڪيو پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو.“
    انسان جي طبيعت آهي ته هو واقعن ۽ قصن مان جلدي عبرت حاصل ڪري وٺندو آهي ۽ پنهنجي حال جو سڌارو ڪندو آهي، قرآن انسانن جي لاءِ عبرت آموز ۽ نصيحت آموز قصا بيان ڪري ٿو ته جيئن هو انهن مان عبرت حاصل ڪري، پنهنجي حال جو اصلاح ۽ سڌارو ڪن، قرآن فرمائي ٿو:
    فَاقْصُصِ الْقَصَصَ لَعَلَّہُمْ یَتَفَکَّرُوۡنَ ﴿۱۷۶﴾ (الاعراف:176)
    ”پوءِ (انهن کي اهو) احوال ٻڌاءِ من اهي فڪر ڪن.“
    قرآن مجيد قيامت تائين ايندڙ انسانن جي لاءِ الله تبارڪ و تعاليٰ جي طرفان حجت ۽ دليل آهي. جيڪو ايمان وارن کي خدائي واٽ وٺائيندو رهندو، قرآن جو اعلان آهي.
    یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ قَدْ جَآءَكُمۡ بُرْہَانٌ مِّنۡ رَّبِّكُمْ وَاَنۡزَلْنَاۤ اِلَیۡكُمْ نُوۡرًا مُّبِیۡنًا ﴿۱۷۴﴾ فَاَمَّا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا بِاللہِ وَاعْتَصَمُوۡا بِہٖ فَسَیُدْخِلُہُمْ فِیۡ رَحْمَۃٍ مِّنْہُ وَفَضْلٍ ۙ وَّیَہۡدِیۡہِمْ اِلَیۡہِ صِرَاطًا مُّسْتَقِیۡمًا ﴿۱۷۵﴾ؕ (النساءِ:172-175)
    ”اي انسانو! اوهان وٽ اوهان جي پاليندڙ جي طرفان هڪ سند آئي آهي ۽ اسان اوهان ڏي ظاهر نور (قرآن) لاٿو آهي پوءِ جن الله تي ايمان آندو ۽ ان کي مضبوط جهليو تن کي پنهنجي طرفان رحمت ۽ فضل ۾ داخل ڪندو ۽ انهن کي پاڻ ڏي سڌو رستو ڏيکاريندو.


    تعليم الڪتاب:

    الله تبارڪ و تعاليٰ جو اهو دستور ۽ قانون رهيو آهي ته هو تيستائين ڪنهن به قوم کي عذاب ۾ تباهه نه ڪندو آهي، جيستائين انهن ڏانهن اتمام حجت جي لاءِ پنهنجو ڪو معلم ۽ رسول نه موڪلي. جڏهن قومون تهذيب ۽ شرافت جا ليڪا لتاڙي تباهيءَ جي ڪناري تي پهچنديون آهن ته الله تبارڪ و تعاليٰ انهن ڏانهن انهن جي اصلاح ۽ سڌاري جي لاءِ پنهنجو ڪو حاذق حڪيم ۽ پيغمبر موڪليندو آهي، جيڪو انهن کي الاهي حڪمتون ۽ خدائي تعليم سيکاريندو آهي ۽ انهن جو اصلاح ڪندو آهي.
    قرآن جو اعلان آهي:
    وَمَا کَانَ رَبُّکَ مُہۡلِکَ الْقُرٰی حَتّٰی یَبْعَثَ فِیۡۤ اُمِّہَا رَسُوۡلًا یَّتْلُوۡ عَلَیۡہِمْ اٰیٰتِنَا ۚ (القصص:59)
    ” ۽ تنهنجو پاليندڙ ڳوٺن کي (تيسين) برباد ڪرڻ وارو نه آهي
    جيسين انهن مان وڏي ڳوٺ ۾ ڪو رسول نه موڪلي جو انهن کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائي.
    اهو ئي سبب آهي جو پاڻ سڳورن کان پهريان جڏهن دنيا تباهيءَ جي ڪناري تي پهتي هئي ته الله تبارڪ و تعاليٰ انسانيت کي بچائڻ جي لاءِ پنهنجي آخري پيغمبر ۽ معلم ڪائنات حضرت محمد * جن کي موڪليو ته جيئن هو ماڻهن کي خدائي پيغام کان آگاهه ڪري. قرآن فرمائي ٿو:
    وَ اَنۡزَلْنَاۤ اِلَیۡکَ الذِّكْرَ لِتُبَیِّنَ لِلنَّاسِ مَا نُزِّلَ اِلَیۡہِمْ (النحل: 44)
    ”۽ اسان توڏي قرآن نازل ڪيو هن لاءِ ته جو انهن ڏي نازل ڪيو ويو آهي سو کين کولي ٻڌائين.“
    پاڻ سڳورن خدا جي ان پيغام کي خدا جي خلق تائين پهچائڻ جي لاءِ دعوت ۽ تبليغ سان گڏ تعليم ۽ تعلم جو ڪم پڻ شروع ڪيو ته جيئن ماڻهو قيامت تائين اهو دين ۽ قرآن سکندا رهن، ڇو ته پاڻ سڳورا خدا جي ڪتاب ۽ ڪلام جا معلم ۽ شارح آهن.
    ڪتاب الله، جي تعليم پاڻ سڳورن جي منصبي ذميوارين ۾ شامل هئي، ۽ هر رسول خدائي احڪامن جو معلم ۽ شارح هوندو آهي، پاڻ سڳورن جو فرمان آهي.
    مابعث نبی اللہ الامحلاََ ومحرما (رواه مسلم)
    الله تعاليٰ هر نبيءَ کي حلال ۽ حرام ڪندڙ ڪري موڪليو آهي.
    پاڻ سڳورا به الله تبارڪ و تعاليٰ جي آخري ڪتاب قرآن مجيد جا معلم ۽ شارح آهن، قرآن فرمائي ٿو:
    اَلَّذِیۡنَ یَتَّبِعُوۡنَ الرَّسُوۡلَ النَّبِیَّ الۡاُمِّیَّ الَّذِیۡ یَجِدُوۡنَہٗ مَكْتُوۡبًا عِنۡدَہُمْ فِی التَّوْرٰىۃِ وَالۡاِنْجِیۡلِ۫ یَاۡمُرُھُمۡ بِالْمَعْرُوۡفِ وَیَنْھٰہُمْ عَنِ الْمُنۡکَرِ وَیُحِلُّ لَہُمُ الطَّیِّبٰتِ وَیُحَرِّمُ عَلَیۡہِمُ الْخَبٰٓئِثَ وَیَضَعُ عَنْہُمْ اِصْرَھُمْ وَالۡاَغْلٰلَ الَّتِیۡ کَانَتْ عَلَیۡہِمْؕ فَالَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا بِہٖ وَعَزَّرُوۡہُ وَنَصَرُوۡہُ وَاتَّبَعُوا النُّوۡرَ الَّذِیۡۤ اُنۡزِلَ مَعَہٗۤ ۙ اُولٰٓئِکَ ھُمُ الْمُفْلِحُوۡنَ ﴿۱۵۷﴾٪ (الاعراف:157)
    ”جيڪي ان نبي امي رسول جي پيروي ڪن ٿا جنهن (جي وصفن) کي پاڻ وٽ تورات ۽ انجيل ۾ لکيل ڏسن ٿا جو انهن کي چڱي ڪم جو حڪم ڪري ٿو، ۽ بڇڙي ڪم کان روڪي ٿو ۽ انهن لاءِ پاڪ شيون حلال ڪري ٿو ۽ ناپاڪ شيون مٿن حرام ڪري ٿو ۽ سندن بار ۽ جيڪي طوق مٿن هئا سي انهن تان لاهي ٿو، پوءِ جن ان تي ايمان آندو ۽ ان جي عزت ڪئي ۽ ان جي مدد ڪئي ۽ ان نور (قرآن) جا تابع ٿيا جو ان سان لاٿو ويو آهي. سي ئي ڪامياب آهن.“
    اهو ئي سبب آهي جو قرآن مجيد پاڻ سڳورن جي هر حڪم جي اطاعت جو حڪم ڏئي ٿو.
    قرآن فرمائي ٿو:
    وَمَاۤ اٰتٰىكُمُ الرَّسُوۡلُ فَخُذُوۡہُ ٭ وَمَا نَہٰىكُمْ عَنْہُ فَانۡتَہُوۡاۚ (الحشر:7)
    ”۽ (اي مسلمانو!) جو ڪجهه اوهان کي رسول ڏئي ته ان کي وٺو ۽ جنهن کان اوهان کي روڪي ته ان کان رڪجي وڃو“.
    هي حقيقت آهي ته قرآن مجيد صرف اصول ۽ قاعدا ۽ قانون ٻڌائي ٿو، انهن جي تشريح ۽ وضاحت نٿو ٻڌائي، قرآن مجيد ۾ اڪثر احڪام اجمالي طور تي بيان ڪيا ويا آهن. مثال طور تي نماز جي لاءِ صرف ايترو چيو ويو آهي ته . ”اقيموا الصلواۃ“ (نماز قائم ڪريو) اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته نماز جو عملي طريقو ڪهڙو آهي، ان جا وقت ڪهڙا آهن؟ ان جون رڪعتون ۽ تعداد گهڻو آهي، اهو سڀ ڪجهه اسان کي پاڻ سڳورن جي سنت مان ملي ٿو، ۽ پاڻ سڳورن جي سنت قرآن جو شرح ۽ تفسير آهي.


    تعليم الڪتاب جي فضيلت:

    قرآن مجيد وحيءَ جو آخري ڀنڊار آهي، جيڪو پاڻ سڳورن پنهنجي پوري زندگي صحابه ڪرام کي سيکاريو ۽ انهن کي خدائي معرفت کان آگاهه ڪيو ۽ انهن جي دلين جو تزڪيو ڪري، انهن کي دين اسلام جي روشن ڏيئي سان منور ڪري ڇڏيو، قرآن مسلمانن کي حڪم ڏئي ڇڏيو ته هر قوم مان ڪن ماڻهن کي پاڻ سڳورن جي صحبت ۾ رهي، علم حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ اهو پنهنجي قوم تائين پهچائڻ گهرجي. قرآن فرمائي ٿو:
    فَلَوْلَا نَفَرَ مِنۡ كُلِّ فِرْقَۃٍ مِّنْہُمْ طَآئِفَۃٌ لِّیَتَفَقَّہُوۡا فِی الدِّیۡنِ وَلِیُنۡذِرُوۡا قَوْمَہُمْ اِذَا رَجَعُوۡۤا اِلَیۡہِمْ لَعَلَّہُمْ یَحْذَرُوۡنَ ﴿۱۲۲﴾٪ (التوبه:122)
    ”پوءِ انهن جي سڀ ڪنهن جماعت مان هڪ هڪ ٽولي ڇو نه نڪتي ته پاڻ ۾ دين جي سمجهه پيدا ڪن ۽ پنهنجي قوم کي ڊيڄارين جڏهن انهن ڏي موٽي اچن، من اهي ڊڄن“
    اتان معلوم ٿيو ته خدائي علمن جي سرچشمي مان بهره ور ٿيڻ کان پوءِ ان کي پاڻ تائين محدود ناهي رکڻو بلڪه ان کي پنهنجي قوم ۽ پوري انسانيت تائين پهچائڻو آهي.
    ۽ ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سڀ کان وڌيڪ رتبي ۽ مان وارو علم الله تعاليٰ جي ڪتاب قرآن جو علم آهي، اهو ئي سبب آهي جو قرآن مجيد جو علم سکندڙ ۽ سيکاريندڙ کي سڀ کان ڀلو انسان قرار ڏنو ويو آهي. پاڻ سڳورن جو فرمان آهي.
    “خیرکم من تعلم القرآن و علمھ” ( بخاري2/52)
    ”اوهان ۾ ڀلي ۾ ڀلو انسان اهو آهي جيڪو قرآن پاڻ سکي ۽ ٻين کي سيکاري.“
    قرآن شريف سکڻ يا سيکارڻ جو مطلب آهي ته اهو پڙهي، سمجهي ان تي عمل ڪيو وڃي، ڇو ته قرآن مان لاڀ تڏهن ئي حاصل ٿيندو. جڏهن ان تي عمل ڪيو وڃي پاڻ سڳورن جو فرمان آهي.
    “تعلموا القرآن وعلموه واقرئوا وقوموا بھ فان مثل القرآن لمن تعلمھ فقرءَ وقام بھ کمثل جراب محشو مسکا یفوح ریحھ فی کل مکان و مثل من تعلمھ ویر قد وہو فی جوفھ کمثل جراب اوکی علی مسک” (رواه ترمذي)
    ” قرآن سکو ۽ ٻين کي سيکاريو ۽ اهو پڙهو ۽ ان تي عمل ڪيو ڇو جو جنهن قرآن سکيو ۽ پڙهيو ۽ ان تي عمل ڪيو ان جو مثال مشڪ سان ڀريل ٿيلهي وانگر آهي. جنهن مان هٻڪار پئي نڪري ۽ جنهن قرآن سکيو ۽ ان تي عمل نه ڪيو ان جو مثال ان ٿيلهي وانگر آهي جنهن ۾ مشڪ پيل هجي پر ان جو منهن بند ڪري ڇڏجي.“
    هڪ ٻي حديث شريف ۾ ان مفهوم کي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي:
    “من قرءَ القرآن فاستظہرھ فاحل حلالھ وحرم حرامھ ادخلھ اللہ بھ الجنۃ وشفعھ فی عشرۃ من اہل بیتھ کلہم قد و جبت لہم النار” (جامع الترمذي 2/114)
    ”جنهن قرآن پڙهيو پوءِ ان جي حلال ڪيل شين کي حلال سمجهيائين ۽ حرام ڪيل شين کي حرام سمجهيائين ته الله کيس قرآن جي صدقي جنت ۾ داخل ڪندو ۽ سندس گهر جي ڏهن اهڙن ڀاتين جي باري ۾ سندس شفاعت قبول ڪندو. جن تي جهنم واجب ٿيل هوندو.“
    انسان جا ڪي عمل اهڙا هوندا آهن، جو ان جي مري وڃڻ کان پوءِ ان کي انهن عملن جو ثواب ملندو رهندو آهي، قرآن مجيد جي تعليم ۽ سکيا ڏيڻ پڻ اهڙي قسم جو عمل آهي. جنهن جو ثواب مرڻ کان پوءِ به ملندو رهندو، پاڻ سڳورن جو فرمان آهي.
    من علم آیت من کتاب اللہ عزوجل کان لھ ثوابہا ما تلیت
    ”جنهن الله جي ڪتاب مان هڪ آيت به سيکاري جيستائين ان جي تلاوت ڪئي ويندي ان کي ان جو ثواب ملندو رهندو.“
    هڪ ٻي حديث شريف ۾ ان مفهوم کي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي:
    ان مما یلحق المؤمن من عملھ وحسناتھ بعد موتھ علما علمھ ونشره (ابن ماجه)
    ”مؤمن جا اهي عمل ۽ نيڪيون جيڪي ان جي مرڻ کان پوءِ به ان کي ملنديون رهنديون آهن انهن مان هڪ، علم آهي جيڪو ان ماڻهن کي سيکاريو ۽ ڦهلايو.“
    قرآن مجيد جي تعليم ۽ سکيا ڏيندڙ الله تبارڪ و تعاليٰ جا مقرب آهن. الله تبارڪ و تعاليٰ اهڙن ٻانهن تي فخر فرمائي ٿو، پاڻ سڳورن جو فرمان آهي.
    ما اجتمع قوم فی بیت من بیوت اللہ تبارک و تعالیٰ یتلون کتاب اللہ عزوجل ویتدا رسونھ بینہما الانزلت علیہم السکینت وغشیتہم الرحمت وحفتہم الملائکت وذکرہم اللہ فیمن عنده. (سنن ابي دائود، 1/215)
    ” الله جي گهرن (مسجدن ) ۾ جيڪي به ماڻهو گڏ ٿين الله جي ڪتاب جي تلاوت ڪن ۽ هڪ ٻئي کي قرآن پڙهائن ته انهن تي سڪون نازل ٿيندو آهي ۽ الله جي رحمت کين ڍڪي وٺندي آهي ۽ ملائڪ انهن کي ڍڪي وٺندا آهن ۽ الله تعاليٰ (فخر مان) پاڻ وٽ موجود (ملائڪن) سان انهن جو تذڪرو ڪندو آهي.“
    قرآن مجيد جي تعليم جا اهي سڀ فائدا تڏهن حاصل ٿيندا، جڏهن ان تي عمل ڪيو وڃي، عمل سان ئي انسان کي دنياوي ۽ اخروي سعادتون ملنديون، پاڻ سڳورن جو فرمان آهي.
    من قرء القرآن و عمل بما فیھ البس والداھ تاجاََ یوم القیٰمت ضوءھ احسن من ضوءِ الشمس فی بیوت الدنیا لوکانت فیکم فما ظنکم بالذی عمل بہٰذا (سنن ابي دائود 1/214)
    ”جنهن قرآن پڙهيو ۽ ان تي عمل ڪيو ته قيامت جي ڏينھن سندس پيءُ ماءُ کي اهڙو تاج پارايو ويندو جنهن جي روشني دنيا جي گهرن ۾ (پوندڙ) سج جي روشنيءَ کان وڌيڪ هوندي، جيڪڏهن سج اوهان ۾ لهي اچي اوهان جو ان بابت ڇا گمان آهي، جنهن ان تي عمل ڪيو: (يعني ان جو درجو سندس والدين کان به وڌيڪ اوچو هوندو).


    قرآن پڙهي ان تي عمل نه ڪندڙ جو حشر:

    حضرت عمرو بن شعيب رضي الله تعاليٰ عنھ پنهنجي پيءُ کان اهو پنهنجي ڏاڏي کان روايت ڪري ٿو ته مون رسول الله * جن کان ٻڌو فرمائن پيا: قيامت جي ڏينهن قرآن مجيد کي هڪ مرد جي شڪل وٺرائي ويندي، ۽ هڪ ماڻهوءَ کي آندو ويندو، جيڪو قرآن جو پڙهندڙ بي عمل هوندو، قرآن مجيد ان جي خلاف فرياد ڪندو: اي منهنجا الله! هن مون کي کنيو (پڙهيو) هو پر ڏاڍو خراب کڻندڙ (پڙهندڙ) هو، منهنجي حدن جي لتاڙ ڪيائين. منهنجي فرمانبرداري نه ڪيائين، قرآن ان تي فريادون ڪندو رهندو تان جو الله تعاليٰ قرآن کي چوندو: اهو ماڻهو تنهنجي حوالي ڪجي ٿو: (جيئن وڻئي ائين ڪرينس تنهن تي) قرآن مجيد ان کي هٿ مان وٺندو، تيستائين ان کي نه ڇڏيندو جيستائين ان کي ناسن ڀر جهنم ۾ نه اڇليو وڃي! هڪ ٻي ڀلاري شخص کي آندو ويندو جنهن قرآن جي حڪمن تي عمل ڪيو هوندو، قرآن عرض ڪندو: منهنجا الله! هن مون کي کنيو (پڙهيو) ۽ ڏاڍو ڀلو کڻندڙ (پڙهندڙ) هو، منهنجي حدن جي حفاظت ڪيائين، منهنجن حڪمن تي عمل ڪيائين، منهنجي نافرماني نه ڪيائين ۽ منهنجي تابعداري ڪيائين، ان جي تعريف ڪندو رهندو تان جو الله تعاليٰ کيس چوندو: اهو ماڻهو تنهنجي حوالي ڪجي ٿو: قرآن مجيد ان کي تيستائين نه ڇڏيندو جيستائين کيس (جنت ۾) پٽ جو (ريشمي) وڳو، بادشاهي تاج ۽ شراباََ طهوراََ نه پياري. (المصنف لابن ابي شيبه 7/18.149)
    قرآن پڙهي ان تي عمل نه ڪندڙ کي منافق قرار ڏنو ويو آهي. حضرت ابو سعيد رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي، فرمائي ٿو ته: آءٌ رسول الله * جن کان ٻڌم، فرمائن پيا: مون کان پوءِ نااهل ماڻهو پيدا ٿيندا، جيڪي قرآن پڙهندا پر قرآن سندن نڙين کان هيٺ نه لهندو.“ ۽ قرآن مجيد ٽن (قسمن جا) ماڻهو پڙهندا آهن (1) مؤمن (2) منافق (3) فاجر، وليد بن قيس تابعي جو چوڻ آهي ته منافق قرآن پڙهندو ته سهي پر ان جو انڪار ڪندو (ان تي عمل نه ڪندو) فاسق فاجر قرآن پڙهي ان جي ڪمائي (عوض) کائيندو ۽ مؤمن قرآن تي ايمان آڻيندو ( ۽ عمل ڪندو) (صحيح ابن حبان 2/67)
    هڪ ٻي روايت ۾ ان جو مثال هن ريت بيان ڪيو ويو آهي، حضرت ابو موسيٰ اشعري  کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: اهو مئومن جيڪو قرآن پڙهي ٿو ان جو مثال ترنج وانگر آهي، جنهن جي خوشبو به سٺي آهي ته ذائقو به سٺو اٿس، اهو مئومن جيڪو قرآن نٿو پڙهي، ان جو مثال کارڪ جيان آهي، جنهن ۾ خوشبوءِ نه آهي پر ان جو ذائقو سٺو آهي. اهو منافق جيڪو قرآن پڙهي ٿو ان جو مثال عطر وانگيان آهي، جنهن جي خوشبوءِ سٺي آهي پر ذائقو ڪڙو آهي، ۽ اهو منافق جيڪو قرآن نٿو پڙهي ان جو مثال ٽوهه وانگر آهي، جو ان ۾ خوشبوءِ به نه آهي ۽ ذائقو به ڪڙو اٿس. (رواه بخاري: 2/751)


    قرآن کي ڪمائيءَ جو ذريعو نه بڻائجي:

    قرآن مجيد الله تبارڪ و تعاليٰ جو آخري ۽ ابدي ڪتاب آهي، ۽ ان جا احڪام قيامت تائين ايندڙ انسانن جي لاءِ هڪ جهڙا آهن، تنهن ڪري هر اهو ماڻهو جيڪو قرآن سمجهي ٿو، ان لاءِ ضروري آهي ته هو ٻين تائين خدا جو اهو پيغام پهچائي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي هيراڦيري نه ڪري ۽ نه ئي ان جو ملهه ۽ عوض وٺي ڇو ته قرآن ۽ دين ايترو قيمتي آهي جو دنيا جا سمورا خزانا ان جي مقابلي ۾ مڇرجي پر برابر به اهميت نٿا رکن، تنهن ڪري قرآن مجيد جي عوض ملندڙ پئسن کي ٿورو ملهه قرار ڏنو ويو آهي. قرآن فرمائي ٿو:
    وَلَا تَشْتَرُوۡا بِاٰیٰتِیۡ ثَمَنًا قَلِیۡلًا ۫ وَّ اِیَّایَ فَاتَّقُوۡنِ ﴿۴۱﴾ (البقره: 41)
    ” ۽ منهنجي آيتن تي ٿورڙو ملهه نه وٺو ۽ مون کان ئي ڊڄندا رهو.“
    پاڻ سڳورن پڻ پنهنجي امت کي اهڙي قسم جي تلقين فرمائي آهي، حضرت امير معاويه  کان روايت آهي فرمائي ٿو ته: آءٌ رسول الله ﷺ جن کان ٻڌو فرمائن پيا: اوهان قرآن سکو ۽ سکڻ کان پوءِ (هنن ڳالهين جو خيال رکجو)
    (1) ان ۾ ڪا به هيرا ڦيري نه ڪجو (2) ان کان پري نه ڀڄجو (3) قرآن کي ڪمائيءَ جو ذريعو نه بڻائجو (4) قرآن جي ذريعي ڌن دولت گڏ نه ڪجو. (السنن الکبريٰ للبيھقي 2/17)
    قرآن پڙهي پيسا گهرندڙ جي مذمت ڪئي وئي آهي. حضرت عمران بن حصين  ڪٿان لنگهي رهيو هو ته هڪ شخص کي ڏٺائين جيڪو قرآن پڙهي ماڻهن کان (پيسا) گهري پيو ته حضرت عمران  ( ڏک ۾) ”انا لله وانا اليھ راجعون“ پڙهي ۽ چيائين ته مون رسول الله  جن کان ٻڌو هو ته فرمائن پيا: جيڪو قرآن پڙهي، ته پوءِ الله کان گهري ڇو جو سگهو اهڙا ماڻهو ايندا جيڪي قرآن پڙهي ان جو عوض ماڻهن کان گهرندا. (جامع الترمذي 2/115)


    قرآن پڙهي وسارڻ جو ڏوهه:

    قرآن مجيد الله تبارڪ و تعاليٰ جو ڪلام ۽ سندس قرب جو ذريعو آهي، جنهن کي اهو عطا ٿيو ان کي ان تي پنهنجي پالڻهار جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي، ۽ ان کي چنبڙيو رهڻ گهرجي. قرآن پڙهي وساري ڇڏڻ ان کي اهميت نه ڏيڻ جي برابر آهي، تنهن ڪري اهو سخت ڏوهه آهي. حديث شريف ۾ آهي حضرت سعد بن عباده رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو: جنهن ماڻهوءَ قرآن پڙهيو ۽ ان کي وساري ڇڏيو ته قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ سان هن حال ۾ ملندو جو هٿ شل ٿيل هوندس. ٻي روايت ۾ آهي ته پاڻ سڳورن ان جي دليل ۾ هي آيت سڳوري تلاوت فرمائي:
    قَالَ رَبِّ لِمَ حَشَرْتَنِیۡۤ اَعْمٰی وَقَدْ كُنۡتُ بَصِیۡرًا ﴿۱۲۵﴾ قَالَ کَذٰلِکَ اَتَتْکَ اٰیٰتُنَا فَنَسِیۡتَہَاۚ وَکَذٰلِکَ الْیَوْمَ تُنۡسٰی ﴿۱۲۶﴾ (طٰھٰ:125، 126)
    ” ...چوندو اي منهنجا پالڻهار! مون کي انڌو ڪري ڇواٿاريئي ۽ بيشڪ (اڳي) سڄو هوس.) (الله) چوندو ته ائين آهي تو وٽ اسان جون آيتون آيون پوءِ کين وساريئي ۽ اهڙي طرح اڄ وساربين. (سنن ابي دائود ۽ مسند احمد بن حنبل)
    هڪ ٻي روايت ۾ آهي حضرت انس بن مالڪ رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته رسول الله * جن فرمايو: مون کي پنهنجي امت جا ثواب ڏيکاريا ويا. تان جو اهو ڪک (به ڏيکاريو ويو)، جيڪو ڪو ماڻهو مسجد مان ٻاهر ڪڍندو آهي. ۽ مون کي پنهنجي امت جا گناهه ڏيکاريا ويا. انهن ۾ مون ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو به وڏو گناهه نه ڏٺو جو ڪنهن شخص کي قرآن مجيد جي ڪا سورت يا آيت عطا ڪئي وئي ۽ ان ، ان کي وساري ڇڏيو! (سنن ابي دائود 1/78)


    قرآن پڙهڻ جو مقصد:

    قرآن پڙهڻ جو مقصد ان تي عمل ڪرڻ آهي ، ان جي هر حڪم کي هانَو سان هنڊائڻ ۽ ان مطابق پنهنجي زندگي گذارڻ. تنهن ڪري صحابه ڪرام جي دور ۾ عالم ان ماڻهوءَ کي چيو ويندو هو، جيڪو قرآن پڙهي ان تي عمل ڪري، باقي جيڪو قرآن پڙهي ٿو ۽ ان تي عمل نٿو ڪري اهو منافق آهي. جو منافق به قرآن پڙهندا هئا پر ان تي عمل نه ڪندا هئا، جيڪو قرآن کي عمل جي نيت سان پڙهندو ته ان ماڻهوءَ لاءِ صالح عمل ۽ انسان دوستيءَ جي جذبن جو عربي سمنڊ اٿلي پوندو ۽ هو رب جي معرفت پسي وٺندو. جنهن سان ان جي زندگيءَ ۾ نئون انقلاب اچي ويندو ۽ هو ڌرتيءَ تي رب جو آئيڊيل انسان بڻجي ويندو، صحابه ڪرام جيڪي پاڻ سڳورن جا سنوان سڌا شاگرد هئا انهن جو قرآن پڙهڻ جو طريقو ڪهڙو هو؟ اسين ان بابت مفسر قرآن حضرت عبدالله بن مسعود  جا ڪجهه قول نقل ڪيون ٿا:
    حضرت عبد الله بن مسعود  جو فرمان آهي ته، ”قرآن ٺاهي ٺاهي پڙهڻ، جنهن ۾ توڻيجو جو قرآن ٿوروئي پڙهجي تڪڙي گهڻي پڙهڻ کان بهتر آهي. ڇاڪاڻ ته پڙهڻ مان مقصد سمجهڻ ۽ سوچڻ آهي ته جيئن ان تي عمل ٿي سگهي، قرآن پڙهڻ ۽ ياد ڪرڻ معنائن تائين رسائيءَ جو ذريعو آهي. ان ڪري ته ڪن بزرگن جو چوڻ آهي ته قرآن نازل ئي عمل ڪرڻ جي لاءِ ٿيو آهي. پر ڪن ماڻهن ڇڙو تلاوت کي مستقل عمل بڻائي ڇڏيو آهي. اڳين زماني ۾ اهل قرآن اهڙن ماڻهن کي سمجهيو ويندو هو جيڪي قرآن جا ڄاڻو ۽ ان تي عمل ڪندڙ هئا، توڙي جو انهن کي زباني طور تي قرآن ياد نه هوندو هو، پر جنهن شخص قرآن ياد ڪيو ۽ نه ان جو مطلب سمجهيو ۽ نه ان تي عمل ڪيو ته ان کي اهل قرآن چئي نٿو سگهجي، قرآن جي اهڙي تلاوت جيڪا سوچ ويچار کان خالي هجي هر هڪ ڪري سگهي ٿو. پوءِ اهو مئومن هجي يا منافق هجي يا فاسق فاجر هجي، تنهن ڪري ته پاڻ سڳورن فرمايو آهي، ”منافق جو قرآن پڙهڻ ان عطر وانگر آهي جنهن جي خوشبوءِ ته سٺي آهي پر ذائقو ڪڙو اٿس.“
    هڪ ڀيري ڪنهن شخص حضرت عبدالله بن مسعود  کي چيو: ته آءٌ هڪ ئي رڪعت ۾ (ٻه ٽي) سورتون پڙهي ويندو آهيان، تنهن تي کيس دڙڪو ڏيندي فرمايائون: تون قرآن کي شعر وانگر ڏڏرين ٿو، ڪي ماڻهو قرآن ته پڙهندا آهن،پر قرآن سندن نڙين کان هيٺ نه لهندو آهي، قرآن فائدو تڏهن ڏيندو جڏهن دل ۾گهري وڃي ۽ رڳ رڳ م داخل ٿي وڃي.“ (الا تقان في علوم القرآن، 1/23)
    حضرت عبدالله بن مسعود  جو فرمان آهي. ”جڏهن اسان مان ڪو ماڻهو ڏهه آيتون سکندو هو ته تيستائين اڳتي نه وڌندو هو، جيستائين انهن جي معنيٰ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ نه سکي،“ حضرت ابو عبدالرحمٰن سلمي جو چوڻ آهي ته: اسان کي پنهنجن استادن (صحابه ڪرام) ٻڌايو، ته پاڻ سڳورا کين ڏهه آيتون پڙهائيندا هئا، تيستائين اڳتي نه وڌندا هئا جيستائين انهن تي عمل ڪن، تنهن ڪري اسان قرآن ۽ عمل ٻئي گڏ سکيا هئاسين. (قرآن ڪيئن پڙهجي ص 5-6)

    تعليم القرآن جو اصل طريقو:
    قرآن مجيد الله تبارڪ و تعاليٰ جو آخري الهامي ڪتاب آهي. جيڪو سنهنجو صاف سٿرو، عام فهم ۽ آسان آهي، ان کي هر هڪ آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو، پر افسوس آهي جو انسان ذات کي قرآن کان پري رکڻ جي لاءِ ايڏو مشڪل ۽ اهنجو بڻايو ويو آهي جو عام ماڻهو ته قرآن کي هٿ لائڻ جو سوچي به نٿو سگهي. چيو وڃي ٿو ته قرآن کي سمجهڻ جي لاءِ جيستائين اوهين ٻه درزن مددي فن جا ڪتاب نه سکندو جيستائين پنهنجي پوري زندگي قرآن سکڻ جي لاءِ وقف نه ڪندئو تيستائين اوهان کي قرآن سمجهه ۾ نه ايندو، اُن ڪري گهڻو زور فنن جي سکڻ تي ئي ڏنو ويندو آهي. ان بابت امام انقلاب مولانا عبيدالله  سنڌي لکن ٿا:
    ”قوم جو هڪ حصو ته قرآن پڙهي ڪو نه ٿو، اهو ان تعليم کان پري آهي تنهن ڪري اهڙن ماڻهن بابت بحث ئي بيڪار آهي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ٻيو طبقو، جيڪو پاڻ کي ان ڏانهن متوجهه سمجهي ٿو اهو به قرآن مان صحيح طريقي سان فائدو نه وٺڻ جي ڪري ان جي صحيح مطلبن جي سمجهڻ کان پري ٿي چڪو آهي ۽ ويتر پري ٿيندو پيو وڃي، ان طبقي مان به هڪڙا ته قرآن کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي نٿا ڪن، بلڪه لفظن جي دهرائڻ کي ئي سڀ ڪجهه سمجهن ٿا. ان طبقي جو ٻيو حصو توڙين جو قرآن سمجهڻ ڏانهن ڌيان ڏئي ٿو، پر افسوس آهي جو اهو به ان جي مقدمن ۾ ئي الجهي رهجي ويو آهي. ۽ قرآن مجيد تي غور فڪر ڪرڻ ڏانهن نه ڌيان ڏئي ٿو ۽ نه ان کي ان جو وقت ملي ٿو، امام شاهه ولي الله جيڪو هندستان جي عالمن جو امام آهي پنهنجي ڪتاب ”تفھيمات الاهيه“ ۾ ان طبقي ڏانهن اشارو ڪندي لکي ٿو:
    ”آءٌ طالب العلمن کي چوان ٿو پنهنجو پاڻ کي عالم ٿا سڏايو، اوهان يونانين جي علم (منطق) ۾ مشغول ٿي ويا آهيو، ۽ صرف ۽ نحو ۾ ڦاسي ويا آهيو ۽ اوهان جو خيال آهي ته اصل علم اهو ئي آهي.“
    ۽ هڪ ٻي هنڌ لکن ٿا ته: ”قرآن مجيد سمجهڻ جي لاءِ جن مقدمن جي ضرورت آهي سي اهي بقدر ضرورت سکيا وڃن. انهن کي مستقل درجو نه ڏنو وڃي، علوم آليه کي صرف آله هئڻ جي حيثيت ڏني وڃي، ان کي مقصود بالذات نه بڻائجي. اهو طبقو صرف، نحو، منطق ڪلام، معاني ۽ بديع وغيره ۾ تقريبا سڄو وقت صرف ڪري ڇڏي ٿو، تنهن ڪري انهن کي اصل قرآن ڏانهن توجهه ڪرڻ جو وقت ئي نٿو ملي ۽ جيڪو ٿورڙو وقت قرآن مجيد کي ڏنو وڃي ٿو، اهو به مفسرن جا مختلف خيال معلوم ڪرڻ ۾ خرچ ڪيو وڃي ٿو. اهو طريقو عربي مدرسن ۾ عام جام اختيار ڪيو وڃي ٿو. انتهائي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته خالص قرآن مجيد جي تعليم ڪٿي به نٿي ڏني وڃي، جيڪي ماڻهو چون ٿا ته قرآن مجيد جي تعليم ٿئي ٿي، حقيقت ۾ اها قرآن مجيد جي تعليم نه هوندي آهي، بلڪه تفسير قرآن جي تعليم هوندي آهي، دراصل قرآن جي تعليم ۽ قرآن جو تفسير ٻئي جدا جدا علم آهن، هڪ شيءِ نه آهن،“ قرآن هڪ مستقل ڪتاب آهي ۽ صاف سليس عربيءَ ۾ آهي. ان بابت خود الله تعاليٰ جو فرمان آهي:
    فَاِنَّمَا یَسَّرْنٰہُ بِلِسَانِکَ لَعَلَّہُمْ یَتَذَکَّرُوۡنَ ﴿۵۸﴾ (الدخان:58)
    ”سو (اي پيغمبر!) ان (قرآن) کي اسان تنهنجي ٻوليءَ ۾ ئي آسان ڪيو آهي ته من اهي ڌيان ڪن“ (قرآن ڪيئن پڙهجي تان ورتل)
    ساڳي ئي ڪتاب ۾ مولانا سنڌي لکن ٿا: ”جيڪي ماڻهو عربي ڄاڻن ٿا اهي ڪجهه سمجهي سگهن ٿا، ان سان گڏ جيڪڏهن پاڻ سڳورن جو نمونو آڏو رکيو وڃي جنهن جو حڪم خود قرآن ۾ به آهي ۽ اهو حديثن ۾ محفوظ به آهي ته ان کي ڪنهن ٻي شئي جي ضرورت نه آهي بلڪه صحيح طور تي قرآن مجيد سمجهي سگهن ٿا. ۽ ان جي مطابق عمل ڪري سگهن ٿا: ۽ جيڪي ماڻهو عربي نٿا ڄاڻن انهن جي لاءِ معياري ترجما موجود آهن. اهي انهن جي ذريعي سمجهي سگهن ٿا: پر ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي جو ماڻهن جو خيال آهي ته اسان قرآن سمجهي نٿا سگهون. ان جي سمجهڻ جي لاءِ ڪيترن ئي علمن ۽ فنن جي سکڻ جي ضرورت آهي، ۽ وڏو عالم هئڻ ضروري آهي، چنانچه شاهه اسماعيل شهيد ”تقويت الايمان“ ص:30 تي ان ڏانهن اشارو ڪيو آهي.
    هن دور ۾ ماڻهن دين جي حوالي سان ڪيترائي رستا اختيار ڪيا آهن، ڪي اڳين جي رسمن تي هلن ٿا، ڪي بزرگن جي قصن تي هلن ٿا ۽ ڪي مولوين جي ڳالهين تي هلن ٿا، جيڪي انهن پنهنجي ذهن سان ٺاهيون آهن،اهي ان کي ئي سند بڻائين ٿا ۽ عام ماڻهن ۾ مشهور آهي ته الله ۽ رسول جو پيغام سمجهڻ ڏاڍو مشڪل آهي، ان لاءِ وڏو علم ۽ ڄاڻ گهرجي، اسان ۾ اها سمجهه ڪٿي آهي جو الله جو ڪلام سمجهون، ۽ ان واٽ تي هلڻ وڏن وڏن بزرگن جو ڪم آهي، اسان کي ڪهڙي طاقت آهي جو ان مطابق هلون. اهو خيال انتهائي غلط آهي، ڇو ته الله تعاليٰ پاڻ فرمايو آهي ته قرآن انتهائي سليس، صاف ۽ صريح آهي، ان جو سمجهڻ ڏکيو نه آهي ۽ الله ۽ سندس رسول جو پيغام سمجهڻ جي لاءِ ڪنهن وڏي علم جي ضرورت نه آهي. ڇو ته پيغمبر آيو ئي جاهلن ۽ گهٽ سمجهه رکندڙن کي سمجهائڻ هو، ۽ بي علمن کي علم سيکارڻ آيو هو، جيئن الله تعاليٰ جو فرمان آهي:
    هُوَ الَّذِیۡ بَعَثَ فِی الْاُمِّیّٖنَ رَسُوۡلًا مِّنْہُمْ یَتْلُوۡا عَلَیۡہِمْ اٰیٰتِہٖ وَ یُزَکِّیۡہِمْ وَ یُعَلِّمُہُمُ الْکِتٰبَ وَ الْحِكْمَۃَ ٭ وَ اِنۡ کَانُوۡا مِنۡ قَبْلُ لَفِیۡ ضَلٰلٍ مُّبِیۡنٍ ۙ﴿۲﴾ (الجمعھ:2)
    ”هو اهو آهي جنهن اڻ پڙهيلن ۾ انهن مان هڪ رسول موڪليو جو کين سندس آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ کين پاڪ ڪري ٿو کين ڪتاب ۽ عقلمندي سيکاري ٿو ۽ بيشڪ اهي ته هن کان اڳ پڌري گمراهيءَ ۾ هئا.“
    جيڪو هن آيت جي ٻڌڻ کان پوءِ به چئي ته پيغمبر جي ڳالهه عالمن کان سواءِ ڪو به سمجهي نٿو سگهي ۽ ان جي واٽ تي بزرگن کان سواءِ ڪو ئي هلي نٿو سگهي ته ان ماڻهوءَ ڄڻ ان آيت جو انڪار ڪيو.
    ان جو مثال هن ريت آهي جو ڪو ماڻهو بيمار کي چوي ته فلاڻي حڪيم ڏانهن وڃ ۽ ان کان علاج ڪراءِ، بيمار چوي ته اهو ته تندرستن جو ڪم آهي، مون کان اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو، آءٌ ته سخت بيمار آهيان. اهو بيمار بيوقوف آهي ۽ ان حڪيم جي حڪمت جو انڪار ڪري رهيو آهي، ڇو ته حڪيم ته بيمارن جي علاج لاءِ ئي هوندو آهي ۽ جيڪو تندرستن جو علاج ڪري ۽ بيمارن جو علاج نه ڪري ته اهو ڪهڙو حڪيم چئبو؟
    افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جو خيال آهي ته قرآن ته اسان سمجهي نٿا سگهون، باقي مختلف بزرگن جيڪي پنهنجن خيالن تي قرآن مجيد جا شرح (تفسير) لکيا آهن، اسين اهي سمجهي سگهون ٿا ۽ انهن شرحن جي سمجهڻ جي ڪوشش کي ماڻهن قرآن جي تعليم سمجهي رکيو آهي. جيڪڏهن اهي شرح ۽ تفسير قرآن مجيد سمجهڻ جو حق ادا ڪن ها ته پوءِ به ان ۾ ڪو نقصان نه هو، پر وڏو افسوس ته هي آهي جو مختلف ماڻهن مختلف زمانن ۾ ماحول جي مختلف اثرن کان متاثر ٿي طرحين طرحين جون اهڙيون ڳالهيون پنهنجن شرحن ۾ لکي ڇڏيون آهن جن جو قرآن سان ڪو به واسطو نه آهي، ماڻهو اهڙين ڳالهين کي قرآن جي تعليم سمجهڻ لڳا آهن، حقيقت ۾ انهن جو قرآن جي تعليم سان ڪو به واسطو نه آهي .


    قرآن مجيد کان منهن موڙڻ جو نتيجو:

    پاڻ سڳورن قرآن مجيد جي انقلابي تعليم جي ذريعي ٽيويهن سالن جي مختصر عرصي ۾ پوري عرب ۾ هڪ صالح انقلاب آڻي ڇڏيو، ۽ عرب جي جاهل ۽ اٻوجهه انسانن ۾ اهڙو انقلاب برپا ڪري ڇڏيو جو هو دنيا جا رهبر ۽ رهنما بڻجي ويا.
    اس کے قربان، جس نے، ان پڑہ وحشیوں کو کردیا
    رشک بقراط و فلاطون، غیرت صد جبرئيل!
    قرآن سچ پچ انسان جي زندگيءَ ۾ نئون انقلاب برپا ڪري ڇڏي ٿو، انسان جهالت، گمراهي، بد عقيدي ۽ انڌيرائپ مان نڪري هدايت ۽ روشنيءَ ڏانهن گامزن ٿئي ٿو، جنهن سان هو رب جون رحمتون پسي ٿو ۽ هو اهڙو ڀلارو ٿي وڃي ٿو جو قرآن ان تي فخر ڪرڻ لڳي ٿو:
    اَوَ مَنۡ کَانَ مَیۡتًا فَاَحْیَیۡنٰہُ وَ جَعَلْنَا لَہٗ نُوۡرًا یَّمْشِیۡ بِہٖ فِی النَّاسِ کَمَنۡ مَّثَلُہٗ فِی الظُّلُمٰتِ لَیۡسَ بِخَارِجٍ مِّنْہَا ؕ (الا نعام: 122)
    ”ڀلا جيڪو مئل هو پوءِ اسان ان کي جيئرو ڪيو ۽ ان لاءِ روشني پيدا ڪئي سون جنهن سان هو ماڻهن ۾ هلي ٿو سو ان جهڙو آهي ڇا؟ جنهن جو حال هي آهي جو هو اونداهين ۾ (پيو) آهي. انهن مان نڪرڻ وارو نه آهي“
    قرآن تي عمل جي ڪري پهرين دور جا مسلمان پوري دنيا جي قيادت ڪرڻ لڳا، هو پاڻ سڳورن جا سنوان سڌا شاگرد هئا، قرآن جا مقصد ۽ حقيقتون سمجهن پيا ۽ انهن تي عمل پيرا ٿين پيا، نتيجي ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ انهن کي دنيا ۾ سرخرو ڪيو ۽ ڪاميابيون عطا ڪيون. پاڻ سڳورن جو فرمان آهي.
    ان اللہ یرفع بہٰذا الکتاب اقواماََ ویضع بھ آخرین (روام مسلم)
    ”بيشڪ الله تعاليٰ هن ڪتاب (قرآن مجيد) جي ذريعي هڪڙن (عمل ڪندڙن) جا درجا بلند ڪندو آهي ۽ هڪڙن (عمل نه ڪندڙن) کي قرآن جي (مخالفت جي ڪري) ذليل ۽ خوار ڪندو آهي.
    اڄ ڪالهه مسلمانن قرآن مجيد جي اصل تعليم کي ڇڏي ڏنو آهي، نتيجي ۾ پوري دنيا ۾ مسلمان ذلت واري زندگي گذاري رهيا آهن، ڇو ته قرآن ئي اهو واحد ڪتاب آهي جيڪو انسان کي ذلتن مان ڪڍي بلندين تائين پهچائي ٿو. مسلمانن جي اهڙي ابتر حالت تي امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي رت جا ڳوڙها ڳاڙيندي لکي ٿو:
    ”قرآن کي ڇڏڻ ۽ ان کي صحيح طريقي سان نه پڙهڻ جي ڪري، اسين قرآن جي صحيح تعليم کان محروم ٿي ويا آهيون ۽ جيڪو ڪجهه اسان جي سامهون آهي اهو ان جو ئي نتيجو آهي، قرآن سکڻ جا جيڪي طريقا خود قرآن ۾ لکيل آهن، انهن کي ڇڏي ڏيڻ جي ڪري اسان اعليٰ درجي جي تعليم کان محروم ٿي ويا آهيون، جڏهن کان اسين قرآن کان پري ٿيا آهيون، تڏهن کان زوال ۽ پستيءَ ڏانهن ڪاهيندا پيا وڃون، قانون آهي ته جهڙي قوم هوندي آهي ان جا اخلاق به اهڙائي هوندا آهن، جيڪڏهن ڪا قوم زنده هوندي آهي ته ان جي فردن ۾ جرئت، همٿ، ثابت قدمي، استقامت ترقيءَ جي آرزو، قرباني ۽ ٻيا اهڙي قسم جا عمدا اخلاق هوندا آهن، ۽ جيڪڏهن قوم مرده هوندي آهي ته ان جا فرد بي همٿ، سست، ڊڄڻا، هٿ تي هٿ رکي ويهي رهڻ وارا هوندا آهن، پوئتي پيل قومن تي قومي زوال جو اهڙو برو اثر پوندو آهي جو انهن وٽ اعليٰ ۽ اتم لفظن جو مفهوم به بگڙجي خراب ٿي ويندو آهي.
    (قرآن ڪيئن پڙهجي)
    قرآن کي پٺي ڏيڻ جي ڪري دنيا جي مار، موچڙا ۽ ذلت ته آهي ئي آهي. پر قيامت جي ڏينهن پڻ اهڙا ماڻهو خدا جي پڪڙ کان بچي نه سگهندا، جڏهن محبوب خدا، خدائي درٻار ۾ دانهيندو:
    وَ قَالَ الرَّسُوۡلُ یٰرَبِّ اِنَّ قَوْمِی اتَّخَذُوۡا ھٰذَا الْقُرْاٰنَ مَہۡجُوۡرًا ﴿۳۰﴾ (الفرقان: 30)
    ۽ رسول چوندو اي منهنجا رب! منهنجي قوم هن قرآن کي ڇڏي ڏنو.
    قرآن کي ڇڏي ڏيڻ جو مطلب آهي ان تي صحيح ۽ پڪو ايمان نه آڻڻ، ان جي حڪمن کي سچو نه سمجهڻ، ان تي غور فڪر نه ڪرڻ ۽ ان جي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ، ۽ ان جي روڪيل ڪمن کان نه رڪجڻ، اهڙي طرح ان کي ڇڏي ڪنهن ٻئي ڪتاب کي ترجيح ۽ اهميت ڏيڻ به ان کي ڇڏي ڏيڻ آهي.
    اڄ اسين مسلمان سوچيون ته اسين قرآن کي ڪيتري اهميت ڏئي رهيا آهيون، قرآن جي حڪمن تي ڪيترو عمل ڪيون ٿا ۽ ڪيترو انهن کي وزن ڏيون ٿا. صحابه ڪرام ته جنهن وقت به جهڙو به حڪم ايندو هو ته پنهنجو سڀ ڪجهه ڇڏي ان تي عمل پيرا ٿي ويندا هئا ۽ ان تي ڪنهن به قسم جي چون چرا نه ڪندا هئا، دنيا ۽ آخرت جي سعادت ماڻڻ جي لاءِ اسان کي پڻ اهو ئي رستو اختيار ڪرڻو پوندو.


    قرآن حڪمت جو ڪتاب آهي

    تعليم الحڪمت:

    پاڻ سڳورا ﷺ نه صرف پنهنجي امت کي الاهي احڪامن جي تعليم ڏين ٿا، پر انهن الاهي احڪامن جون حڪمتون ۽ راز پڻ ٻڌائين ٿا. هو هر حڪم جي مصلحت ۽ حڪمت کولي کولي بيان ڪن ٿا ته جيئن قرآن تي عمل ڪندڙ جو يقين ۽ ويساهه وڌي ۽ هو خدائي دين کي هڪ ٿاڦيل ۽ مڙهيل دين نه سمجهي، بلڪه اهو پنهنجي عقل ۽ بصيرت ۽ قرآني تعليم سان ان کي دين برحق ۽ انساني تقاضائن جي عين موافق سمجهي، دل ۽ جان سان ان تي عمل پيرا ٿي پنهنجا ٻئي جهان موچارا بڻائي، حڪمت ڇا آهي؟ نبوي علمن جو انقلابي پرچارڪ مولانا سنڌي فرمائي ٿو:
    ”انساني فطرت جون جيڪي طبعي تقاضائون آهن، انهن جي پوري سمجهه حاصل ڪرڻ حڪمت آهي، يعني انساني فردن جي طبعي تقاضائن کي سمجهڻ ۽ انهن کي نوعي تقاضائن جي ماتحت آڻڻ حڪمت آهي.“ (الھام الرحمان)
    مولانا سنڌيءَ وٽ حڪمت مان مراد اها آهي، باقي ڪن عالمن ان جي معنيٰ ۽ مطلب تي وڏا بحث ڪيا آهن ۽ ان تي مستقل ڪتاب پڻ جوڙيا آهن، پر ڳالهه وري به ڦري گهري اتي ئي اچي بيهندي، اسين نموني خاطر ڪن معنائن جو ذڪر ڪيون ٿا:


    حڪمت جي معنيٰ:

    حڪمت جو مادو، ح،ک، م آهي، لسان العرب واري ان جي معنيٰ ڪئي آهي ”معرفت افضل الاشياء بافضل العلوم“ يعني اعليٰ شين جي معرفت اعليٰ علمن جي ذريعي. ”تاج العروس“ واري ان جي معنيٰ ڪئي آهي ”العلم بحقائق الاشياء علی ماهيت عليہ والعمل بمقتضاها“ ”يعني شين جي حقيقت کي انهن جي اصليت جي مطابق ڄاڻڻ ۽ ان علم جي تقاضائن مطابق عمل ڪرڻ.“ علامه جرجانيءَ وٽ هر اها ڳالهه جيڪا حق جي موافق هجي حڪمت آهي. اهڙو علم جنهن تي عمل ڪيو وڃي ان کي پڻ حڪمت چيو ويندو آهي، راغب اصفهانيءَ، وٽ حق جي اهڙي مطابقت جيڪا علم ۽ عقل جي موافق هجي، حڪمت آهي.


    حڪمت مان مراد:

    باقي حڪمت مان مراد ڇا آهي؟ ان بابت پڻ عالمن جا ڪيترائي قول آهن، انهن مان اسين هتي ڪجهه ذڪر ڪيون ٿا:
    • خدائي معرفت ۽ احڪامن جو اهڙو علم جنهن سان انساني شخصيت ڪمال تي پهچي.
    • شين جي خاصيتن، محرڪن ۽ نتيجن جو علم.
    • اهڙا مضبوط ۽ محڪم علم جيڪي هڪ حڪيم(داناءَ) ٻئي حڪيم کان بنا ڪنهن ڪتاب ۽ بيان جي واسطي سان حاصل ڪري.
    • اهڙي محڪم شريعت جيڪا اڳين آسماني ڪتابن جي موافق هجي.
    • حڪمت مان مراد پاڻ سڳورن جي سنت، عملي زندگي ۽ سندن سيرت آهي.
    • ان مان مراد دين جي سمجهه ۽ بصيرت آهي.
    • حڪمت مان مراد قرآن مجيد جي سمجهه ۽ قرآن مجيد جي اصولن جي ڄاڻ آهي.
    • ڪن وٽ هر اهڙو ڪلام جيڪو انسانن کي پنهنجين غلطين تي متنبهه ڪري ۽ انهن ۾ انسانيت جا جوهر اجاگر ڪري ۽ انهن کي نيڪين جي طرف وٺي وڃي اها حڪمت آهي.
    • حڪمت اهڙي قوت آهي جنهن تحت انسان حق ۽ انصاف پرکي وٺندو آهي ۽ ان مطابق فيصلو ڪندو آهي، معاملات جي صحيح سمجهه پڻ حڪمت ۾ شامل آهي. مثال طور تي قرآن مجيد ۾ حضرت دائود ؑ جي لاءِ فرمايو ويو آهي:
    وَ اٰتَیۡنٰہُ الْحِكْمَۃَ وَ فَصْلَ الْخِطَابِ ﴿۲۰﴾ (ص:20)
    ۽ ان کي حڪمت ۽ فيصلي ڪندڙ ڳالهه ڏني سون.


    حڪمت جا ٻيا نالا:

    حقيقت هي آهي ته حڪمت جو لفظ قرآن مجيد ۾ ڪيترين ئي جڳهن تي آيل آهي ۽ ان کي مختلف نالن مثال طور تي ايمان، علم، حق، سڪينت، روح، بصيرت، نور هدايت، امانت ۽ خير ڪثير سان تعبير ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري حڪمت جي ڪا خاص معنيٰ متعين نٿي ڪري سگهجي، هر جڳهه تي حڪمت جي معنيٰ ۽ مراد پنهنجي هوندي، البته ان جو بنياد قرآن هوندو، ڇو ته خود قرآن ۾ قرآن مجيد کي حڪمت ڀريو ڪتاب قرار ڏنو ويو آهي.


    حڪمت ڀريو ڪتاب:

    الله تبارڪ و تعاليٰ جي هزارين صفتن مان هڪ صفت حڪيم به آهي، ان صفت تحت هو نه پيو چاهي ته ماڻهن ڏانهن اهڙو ڪتاب موڪلجي جنهن کي اهي مجبوراً طوعاً وکرهاً مڃين ۽ ان جون مصلحتون ۽ حڪمتون سمجهڻ کان سواءِ ان تي عمل پيرا ٿين. اهو الله تعاليٰ جي حڪمت جي خلاف هو. تنهن ڪري الله تبارڪ و تعاليٰ اهڙو ڪتاب موڪليو، جيڪو حڪمت ۽ دانائيءَ جو سرچشمو آهي. قرآن فرمائي ٿو:
    وَ اِنَّہٗ فِیۡۤ اُمِّ الْکِتٰبِ لَدَیۡنَا لَعَلِیٌّ حَکِیۡمٌ ؕ﴿۴﴾ (الزحزف:4)
    ”۽ بيشڪ اهو (ڪتاب) لوح محفوظ ۾ اسان وٽ (لکيل) آهي (۽) وڏي مرتبي وارو(۽) حڪمت وارو آهي.
    ۽ اهو حڪيم ۽ عليم پالڻهار جي طرفان نازل ٿيل آهي.
    وَ اِنَّکَ لَتُلَقَّی الْقُرْاٰنَ مِنۡ لَّدُنْ حَکِیۡمٍ عَلِیۡمٍ ﴿۶﴾ (النحل: 6)
    ۽ بيشڪ توکي حڪمت واري ڄاڻندڙ وٽان قرآن ڏنو وڃي ٿو.
    هڪ ٻئي جڳهه تي ان ساڳي مفهوم کي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي:
    تَنْزِیۡلُ الْکِتٰبِ مِنَ اللہِ الْعَزِیۡزِ الْحَکِیۡمِ﴿۱﴾ (الزمر:1)
    ”(هن) ڪتاب جو نازل ڪرڻ زبردست ۽ حڪمت واري الله جي طرفان آهي.“
    پنهنجين حجتن، دليلن ۽ برهانن ۾ ايڏو واضح ۽ چٽو ۽ غالب آهي جو باطل جا مفروضا ان جي حقيقتن جي آڏو بيهي نه سگهندا، جڏهن رب العالمين جي نظام ۾ ڪنهن قسم جو نقص ٿي نٿو سگهي ته ان جي ڪلام ۾ ڪيئن نقص هوندو، قرآن جي حقانيت بابت رب العالمين فرمائي ٿو:
    وَ اِنَّہٗ لَکِتٰبٌ عَزِیۡزٌ ﴿ۙ۴۱﴾ لَّا یَاۡتِیۡہِ الْبَاطِلُ مِنۡۢ بَیۡنِ یَدَیۡہِ وَ لَا مِنْ خَلْفِہٖؕ تَنۡزِیۡلٌ مِّنْ حَکِیۡمٍ حَمِیۡدٍ ﴿۴۲﴾ (حٰم سجده: 41-42)
    ”۽ هيءُ هڪ عظيم الشان ڪتاب آهي، نه ان جي اڳيان ۽ نه ان جي پويان ڪوڙ جي رسائي آهي، حڪمتن واري سڀني خوبين سان ساراهيل(الله) جو لاٿل آهي.


    حڪمت ڇا آهي:

    اسين مٿي عرض ڪري آياسون ته حڪمت جا ٻيا به ڪيترائي نالا آهن، قرآن مجيد ۾ پڻ مختلف شين کي حڪمت قرار ڏنو ويو آهي، مثال طور تي سوره بني اسرائيل ۾ انسانن کي مختلف اخلاقي تربيتون ڏنيون ويون آهن ۽ انهن کي حڪمت قرار ڏنو ويو آهي:
    ذٰلِکَ مِمَّاۤ اَوْحٰۤی اِلَیۡکَ رَبُّکَ مِنَ الْحِكْمَۃِ ؕ (بني اسرائيل: 39)
    ”اهي ڳالهيون ان حڪمت مان آهن، جيڪا تنهنجي پاليندڙ وحي ڪئي آهي.“
    قرآن مجيد ۾ مختلف جڳهن تي ڪتاب ۽ حڪمت جو گڏ ذڪر ٿيل آهي. اڪثر عالمن وٽ اتي حڪمت مان مراد ڪتاب الله جي سمجهه ۽ بصيرت آهي، علامه حميد الدين فراهيءَ پڻ ان قول کي ئي ترجيح ڏني آهي. مثال طور تي سورت النساء ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ جو فرمان آهي.
    وَاَنۡزَلَ اللہُ عَلَیۡکَ الْکِتٰبَ وَالْحِكْمَۃَ وَعَلَّمَکَ مَا لَمْ تَكُنْ تَعْلَمُ ؕ وَکَانَ فَضْلُ اللہِ عَلَیۡکَ عَظِیۡمًا ﴿۱۱۳﴾ (النساء: 113)
    ۽ الله توتي ڪتاب ۽ حڪمت لاٿي آهي ۽ توکي اهو ڪجهه سيکاريو اٿس جنهن کي تون نه ڄاڻندو هئين ۽ توتي الله جو وڏو فضل آهي. هڪ ٻي جڳهه تي الله تعاليٰ جو فرمان آهي.
    وَّ اذْكُرُوۡا نِعْمَتَ اللہِ عَلَیۡكُمْ وَمَاۤ اَنۡزَلَ عَلَیۡكُمْ مِّنَ الْکِتٰبِ وَالْحِكْمَۃِ یَعِظُكُمۡ بِہٖ ؕ (البقره: 231)
    ۽ پاڻ تي الله جي نعمت ياد ڪريو ۽ جيڪو ڪتاب ۽ علم حڪمت يا دانائي اوهان تي نازل ڪيو اٿس جنهن سان اوهان کي نصيحت ڪري ٿو. (تنهن کي به ياد ڪريو)
    ۽ هڪ ٻي جڳهه تي الله تبارڪ و تعاليٰ جو فرمان آهي.
    وَ اذْكُرْنَ مَا یُتْلٰی فِیۡ بُیُوۡتِكُنَّ مِنْ اٰیٰتِ اللہِ وَ الْحِكْمَۃِ ؕ اِنَّ اللہَ کَانَ لَطِیۡفًا خَبِیۡرًا ﴿٪۳۴﴾ (الاحزاب:34)
    ۽ اوهان جي گهرن ۾ جيڪي الله جون آيتون ۽ حڪمت پڙهي وڃي ٿي، تنهن کي ياد ڪريو، بيشڪ الله لطف ڪندڙ خبر رکندڙ آهي.
    ۽ حضرت عيسيٰ  بابت فرمايو ويو آهي.
    وَیُعَلِّمُہُ الْکِتٰبَ وَالْحِكْمَۃَ وَالتَّوْرٰىۃَ وَالۡاِنۡجِیۡلَ ﴿ۚ۴۸﴾ (آل عمران: 48)
    ۽ (الله)ان کي ڪتاب ۽ دانائيءَ جون ڳالهيون ۽ توريت ۽ انجيل سيکاريندو.
    اهڙي طرح جڏهن حضرت عيسيٰ عليھ السلام کي انجيل عطا ٿيو ته حضرت عيسيٰ عليھ السلام ان متعلق فرمايو:
    وَلَمَّا جَآءَ عِیۡسٰی بِالْبَیِّنٰتِ قَالَ قَدْ جِئْتُكُمۡ بِالْحِكْمَۃِ (الزخرف: 63)
    ۽ جڏهن عيسيٰ ظاهر نشانيون کڻي آيو، تڏهن (ماڻهن کي) چيائين ته آءٌ اوهان وٽ حڪمت کڻي آيو آهيان.
    حضرت لقمان، هڪ داناءُ ٿي گذريو آهي، ان جي دانائيءَ وارين ڳالهين کي حڪمت قرار ڏنو ويو آهي.
    لَقَدْ اٰتَیۡنَا لُقْمٰنَ الْحِكْمَۃَ اَنِ اشْكُرْ لِلہِ ؕ وَمَنۡ یَّشْكُرْ فَاِنَّمَا یَشْكُرُ لِنَفْسِہٖ ۚ وَمَنۡ کَفَرَ فَاِنَّ اللہَ غَنِیٌّ حَمِیۡدٌ ﴿۱۲﴾ (لقمان؛12)
    ۽ بيشڪ اسان لقمان کي حڪمت ڏني ( ۽ کيس چيو سون ته) الله جو شڪر ڪر ۽ جيڪو شڪر ڪري ٿو سو رڳو پاڻ لاءِ شڪري ڪري ٿو ۽ جيڪو ناشڪري ڪري ٿو ته بيشڪ الله بي پرواهه (۽) ساراهيل آهي.
    جڏهن حضرت دائود ؑ کي بادشاهي عطا ٿي ته الله تبارڪ و تعاليٰ ان کي اهڙي دانائي سان پڻ نوازيو، جنهن جي ذريعي هو حڪومت جا معاملا هلائي سگهي ۽ ان کي حڪمت سان تعبير ڪيو ويو آهي.
    وَاٰتٰىہُ اللہُ الْمُلْکَ وَالْحِكْمَۃَ وَعَلَّمَہٗ مِمَّا یَشَآءُ ؕ (البقره: 251)
    ۽ الله ان کي بادشاهي ۽ حڪمت ڏني ۽ جو ڪجهه گهريائين سو ان کي سيکاريائين. ۽ هڪ ٻي جڳهه تي حڪمت کي علم سان تعبير ڪيو ويو آهي.
    وَ اِذْ اَخَذَ اللہُ مِیۡثَاقَ النَّبِیّٖنَ لَمَاۤ اٰتَیۡتُكُمۡ مِّنۡ کِتٰبٍ وَّحِكْمَۃٍ ثُمَّ جَآءَكُمْ رَسُوۡلٌ مُّصَدِّقٌ لِّمَا مَعَكُمْ لَتُؤْمِنُنَّ بِہٖ وَلَتَنۡصُرُنَّہٗ ؕ (آل عمران:81)
    ۽ جڏهن الله نبين کان اقرار (وعدو) ورتو ته مون اوهان کي جيڪي ڪتاب۽ علم ڏنو، پوءِ اوهان وٽ ڪو رسول اچي جو اوهان سان گڏ واري (ڪتاب) کي سچ ٻڌائي ته ان تي ضرور ايمان آڻجو ۽ ان جي ضرور مدد ڪجو.
    ۽ هڪ ٻي جڳهه تي ان کي الله جو فضل قرار ڏيندي فرمايو ويو آهي:
    اَمْ یَحْسُدُوۡنَ النَّاسَ عَلٰی مَاۤ اٰتٰہُمُ اللہُ مِنۡ فَضْلِہٖ ۚ فَقَدْ اٰتَیۡنَاۤ اٰلَ اِبْرٰھِیۡمَ الْکِتٰبَ وَالْحِكْمَۃَ وَاٰتَیۡنٰہُمۡ مُّلْكًا عَظِیۡمًا ﴿۵۴﴾ (النساء: 54)
    يا ساڙ ڪن ٿا ماڻهن سان، ان تي جيڪي الله انهن کي پنهنجي فضل سان ڏنو، سو اسان ته ڏنو آهي، ابراهيم جي اولاد کي ڪتاب ۽ دانائي ۽ انهن کي اسان وڏي بادشاهي ڏني.


    حڪمت الله جي عطا آهي:

    حڪمت الله تبارڪ و تعاليٰ جي اها عطا ۽ بخشش آهي، جيڪا هر ماڻهوءَ کي ناهين ملندي بلڪه الله تبارڪ و تعاليٰ جي خاص ٻانهن کي ئي ملندي آهي، جيئن الله تبارڪ و تعاليٰ جو فرمان آهي.
    یُّؤۡتِی الْحِكْمَۃَ مَنۡ یَّشَآءُ ۚ وَمَنۡ یُّؤْتَ الْحِكْمَۃَ فَقَدْ اُوۡتِیَ خَیۡرًا کَثِیۡرًا ؕ وَمَا یَذَّکَّرُ اِلَّاۤ اُوْلُوا الۡاَلْبَابِ ﴿۲۶۹﴾ (البقره:269)
    جنهن کي گهري تنهن کي حڪمت ڏئي ٿو ۽ جنهن کي حڪمت ڏني ويئي تنهن کي بيشڪ گهڻي ڀلائي ڏني ويئي، ۽ عقل وارن کانسواءِ (ٻيا) ڌيان نٿا ڪن.
    جيئن هر شيءِ اصل ۾ الله جي عطا هوندي آهي، ائين حڪمت به اصل ۾ الله تعاليٰ جي عطا هوندي آهي، پر جيئن ٻين شين جي حصول جي لاءِ الله تبارڪ و تعاليٰ ڪي قاعدا ۽ قانون مقرر ڪري ڇڏيا آهن. ائين الله تعاليٰ حڪمت جي عطا جي لاءِ پڻ ڪي قاعدا ۽ قانون مقرر فرمايا آهن، انهن قاعدن ۽ قانونن جي پاسداري ڪندي جيڪو ماڻهو سچي دل سان الله تبارڪ و تعاليٰ کان حڪمت گهرندو. ۽ ان لاءِ ڪوشان رهندو ته الله تبارڪ و تعاليٰ اهڙي ماڻهوءَ کي حڪمت سان نوازي ڇڏيندو.
    جيئن مٿي عرض ڪيو ويو ته سوره بني اسرائيل ۾ مسلمانن کي ڪي اخلاقي نصيحتون ڪيون ويون آهن، ۽ انهن کان پوءِ انهن کي حڪمت قرار ڏنو ويو آهي. اهڙي طرح سوره ”البقره“ ۾ انفاق في سبيل الله جي ترغيب ڏيڻ کان پوءِ ان مٿين آيت ۾ حڪمت جو ذڪر ڪيو ويو آهي. اتان معلوم ٿئي ٿو ته انهن نصيحتن تي عمل ڪرڻ ۽ الله تعالى جي رستي ۾ خرچڻ حڪمت ۾ شامل آهي. انهن آيتن تي غور ۽ فڪر ۽ تدبر ڪرڻ کان پوءِ هر ماڻهو سمجهي سگهي ٿو ته حڪمت جا مستحق ڪهڙا ماڻهو آهن. سوره البقره جي مٿين آيت ۾ ”وما يذکر الا اولو الالباب“ چئي اشارو ڪيو ويو ته حڪمت اهڙن ماڻهن کي ئي ملندي جيڪي الاهي احڪامن ۽ ان جي آيتن تي غور ۽ فڪر ڪن ٿا ۽ عقل مان ڪم وٺن ٿا، ڇو ته الله تبارڪ و تعاليٰ قرآن مجيد جي هر آيت ۽ هر حڪم ۾ ڪا نه ڪا مصلحت ۽ حڪمت رکي آهي. اهو ئي سبب آهي جو قرآن انسان کان بار بار اهو مطالبو ڪري ٿو ته ”خدائي آيتن تي غور ۽ فڪر ڪيو ته جيئن اوهان تي خدائي حڪمتن جا راز کلن ۽ اوهين حق کي پرکي وٺو“ قرآن فرمائي ٿو:
    سَنُرِیۡہِمْ اٰیٰتِنَا فِی الْاٰفَاقِ وَ فِیۡۤ اَنۡفُسِہِمْ حَتّٰی یَتَبَیَّنَ لَہُمْ اَنَّہُ الْحَقُّ ؕ (حٰم سجده:53)
    اسين پنهنجي (قدرت جون) نشانيون (دنيا جي) پاسن ۾ ۽ سندن وجودن ۾ ڏيکارينداسون تان جو مٿن ظاهر ٿئي ته بيشڪ اهو (قرآن) حق آهي.
    هڪ حڪيم ۽ داناءَ جڏهن ڪائنات جي منظرن تي غور ۽ فڪر ڪندو آهي ته ان کي ڪائنات جا سڀ منظر هڪ منظم لڙيءَ ۾ پويل نظر ايندا آهن. ۽ هو اهو سمجهڻ لڳندو آهي ته هيءَ ڪائنات بنا ڪنهن مقصد جي اجائي پيدا نه ڪئي وئي آهي ۽ خدائي احڪام ائين هروڀرو بنا ڪنهن مصلحت ۽ حڪمت جي انسانن جي مٿان لاڳو نه ڪيا ويا آهن. جڏهن هو اهو سوچيندو آهي ته ان جي دل عمل جي لاءِ آتي ٿي ويندي آهي ۽ هو پنهنجي رب جي هر رضا تي راضي ٿي ويندو آهي، جو هو هر ڪم ۾ پنهنجي پالڻهار جي حڪمت پسي وٺندو آهي.
    ۽ هڪ حڪيم ۽ داناءَ جو علم ۽ ايمان ائين ٻڌ سڌ ۽ تقليد وارو نه هوندو آهي. بلڪه ان جو ايمان ذاتي تجربن، مشاهدن ۽ غور ۽ فڪر تي مبني هوندو آهي، هو ان کي پنهنجي عقل ۽ بصيرت سان صحيح ۽ حق سمجهندو آهي. هو ظن، گمان، تقليد ۽ اٽڪل بازيءَ تي نه هلندوآهي، بلڪه هو اونهي سمنڊ ۾ غوطا هڻي حڪمت ۽ دانائيءَ جا موتي ميڙي وٺندو آهي. ۽ ڳالهه جي تھه تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هو ڄڻ ته پنهنجين اکين سان غيب جو مشاهدو ڪندو آهي. هو جڏهن پنهنجي سوچ، سمجهه، بصيرت ۽ وڏي غور ۽ فڪر کان پوءِ ڪا شيءِ حاصل ڪندو آهي ته ان کي پنهنجي جان کان به وڌيڪ عزيز ۽ پيارو رکندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن هڪ مومن پنهنجي دل جي بصيرت سان ايمان آڻيندو آهي ته هو هر شئي الله تعاليٰ جي محبت ۾ قربان ڪري ڇڏيندو آهي. قرآن فرمائي ٿو:
    وَمِنَ النَّاسِ مَنۡ یَّتَّخِذُ مِنۡ دُوۡنِ اللہِ اَنۡدَادًا یُّحِبُّوۡنَہُمْ کَحُبِّ اللہِ ؕ وَالَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اَشَدُّ حُبًّا لِّلہِ ؕ (البقره:165)
    ۽ ماڻهن مان اهي به آهن جي الله کانسواءِ (ٻين کي) سندس برابر ڪري وٺن ٿا. انهن سان الله جي محبت جهڙي محبت رکن ٿا ۽ جن ايمان آندو سي الله جي محبت ۾ زياده سخت آهن.
    هڪ مئومن جيئن جيئن خدائي آيتن تي غور ۽ فڪر ڪندو ويندو آهي، تيئن ان جو ايمان ۽ خدا سان محبت وڌندي ويندي آهي، قرآن فرمائي ٿو:
    اِنَّمَا الْمُؤْمِنُوۡنَ الَّذِیۡنَ اِذَا ذُکِرَ اللہُ وَجِلَتْ قُلُوۡبُہُمْ وَ اِذَا تُلِیَتْ عَلَیۡہِمْ اٰیٰتُہٗ زَادَتْہُمْ اِیۡمَانًا وَّعَلٰی رَبِّہِمْ یَتَوَکَّلُوۡنَ ۚ﴿ۖ۲﴾ (الانفال:2)
    ايمان وارا فقط اهي آهن جو جڏهن الله کي ياد ڪيو وڃي ٿو ته سندن دليون ڊڄن ٿيون ۽ جڏهن کين سندس آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته اهي (آيتون) انهن جي ايمان کي زياده ڪن ٿيون ۽ اهي پنهنجي پاليندڙ تي ڀروسو ڪن ٿا.
    اتان معلوم ٿيو ته جيئن انسان بتدريج آهستي آهستي تعليم حاصل ڪندو آهي، حڪمت به ائين ئي بتدريج حاصل ٿيندي آهي.جيئن جيئن انسان الاهي آيتن تي غور ۽ فڪر ڪندو ويندو ۽ انهن کي پنهنجي عمل ۾ آڻيندو ويندو، تيئن ان جي حڪمت ۾ اضافو ٿيندو ويندو، هن جي دل ۾ برائين کان نفرت ايندي ويندي ۽ اخلاقي جوهر اجاگر ٿيندا ويندا. جڏهن اها ايماني بشاشت ان جي دل ۾ گهر ڪري ويندي ته هو پنهنجي رب جو پرستار، ديوانو ۽ پروانو بڻجي ويندو.
    هڪ حڪيم جڏهن خدائي حڪمتن کي پرکي وٺندو آهي ته هو ائين رواجي عبادت ناهين ڪندو جيئن هڪ ظاهري عابد عبادت ڪندو آهي. اوهان ڪڏهن سوچيو آهي ته آخر عالم جي عبادت کي عابد جي عبادت تي فضيلت ڇو ڏني وئي آهي؟ ان جو سبب اهو ئي آهي ته عالم عبادت جا راز ۽ حڪمتون ڄاڻي رب جي عبادت ڪندو آهي، جڏهن ته عابد صرف رب جي بندگيءَ جي لاءِ عبادت ڪندو آهي. هو ان جون حڪمتون ناهين ڄاڻيندو،
    ائين هڪ حڪيم جڏهن ايمان ۽ عبادت جا راز ڄاڻي وٺي ٿو ته هو پاڻ کي رب جي رنگ ۾ رڱي ڇڏي ٿو، ۽ هو پنهنجي جان، پنهنجو مال ۽ پنهنجي هر شيءِ رب جي راهه ۾ قربان ڪري ڇڏي ٿو، پنهنجو پاڻ پنهنجي پالڻهار جي حوالي ڪري ڇڏي ٿو ۽ ”رضي الله عنه ورضو عنھ“ جي درجي تي پهچي وڃي ٿو ۽ جڏهن هو پنهنجي پالڻهار ڏانهن موٽي ٿو ته رب جي رحمت ان کي پنهنجي آغوش ۾ آڻي، هنن حسين ۽ جميل لفظن ۾ ان جو آڌر ڀاءُ ڪري ٿي.
    یٰۤاَیَّتُہَا النَّفْسُ الْمُطْمَئِنَّۃُ ﴿٭ۖ۲۷﴾ ارْجِعِیۡۤ اِلٰی رَبِّکِ رَاضِیَۃً مَّرْضِیَّۃً ﴿ۚ۲۸﴾ فَادْخُلِیۡ فِیۡ عِبٰدِیۡ ﴿ۙ۲۹﴾ وَ ادْخُلِیۡ جَنَّتِیۡ ﴿٪۳۰﴾ (الفجر:27-30)
    (۽ ايمان واري ماڻهوءَ کي چيو ويندو ته) اي اطمينان وارا نفس! پنهنجي پاليندڙ ڏانهن موٽي هل جو تون ان کان راضي هجين ۽ هو توکان راضي هجي پوءِ منهنجن ٻانهن ۾ داخل ٿي وڃ ۽ منهنجي جنت ۾ داخل ٿي وڃ.


    قرآن انساني شخصيت کي تعمير ڪري ٿو

    تزڪيو ۽ نفس جي پاڪيزگي:

    جڏهن انسان حرص، لالچ، لونجهه، بخل ۽ خود غرضين جي ڪري انسانيت ۽ شرافت مان نڪري حيوانيت ۽ درندگيءَ جو روپ ڌاريندا آهن ته الله تبارڪ و تعاليٰ انهن ڏانهن پنهنجو ڪو نه ڪو هادي ۽ پيغمبر موڪليندو آهي، جيڪو انهن کي انهن گندگين مان ڪڍي انسانيت جي اعليٰ مقام ۽ مرتبي تي پهچائيندو آهي، نبين جي بعثت جو بنيادي مقصد انسانن جو تزڪيو هوندو آهي. جڏهن انسان سرڪش ۽ نافرمان بڻجي ويندا آهن ته الله تعاليٰ انهن جي هدايت جي لاءِ پيغمبر موڪليندو آهي. جيئن جڏهن فرعون دنيا ۾ سرڪش بڻجي ويٺو ته الله تبارڪ و تعاليٰ ان جي هدايت جي لاءِ حضرت موسيٰ عليھ السلام کي موڪليو، قرآن ان جي بعثت جو بنيادي مقصد ٻڌائيندي فرمائي ٿو:
    اِذْھَبْ اِلٰی فِرْعَوْنَ اِنَّہٗ طَغٰی ﴿۫ۖ۱۷﴾ فَقُلْ ھَلۡ لَّکَ اِلٰۤی اَنۡ تَزَکّٰی ۙ﴿۱۸﴾ (النازعات:17-18)
    ته تون فرعون ڏي وڃ ڇو ته هو حد کان لنگهي ويو آهي، پوءِ ان کي چئو ته ڇا توکي پاڪ ٿيڻ جي ڪا رغبت آهي؟
    اهڙي طرح پاڻ سڳورن جي بعثت جو مقصد ٻڌائيندي قرآن صاف طور تي چئي ٿو:
    ھُوَ الَّذِیۡ بَعَثَ فِی الْاُمِّیّٖنَ رَسُوۡلًا مِّنْہُمْ یَتْلُوۡا عَلَیۡہِمْ اٰیٰتِہٖ وَ یُزَکِّیۡہِمْ وَ یُعَلِّمُہُمُ الْکِتٰبَ وَ الْحِكْمَۃَ ٭ وَ اِنۡ کَانُوۡا مِنۡ قَبْلُ لَفِیۡ ضَلٰلٍ مُّبِیۡنٍ ۙ﴿۲﴾ (جمعھ:2)
    هو اهو آهي جنهن اڻ پڙهيلن ۾ انهن مان هڪ رسول موڪليو جو کين سندس آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ کين پاڪ ڪري ٿو ۽ کين ڪتاب ۽ عقلمندي سيکاري ٿو ۽ بيشڪ اهي ته هن کان اڳ پڌري گمراهيءَ ۾ هئا.
    قرآن مجيد ۾ اهڙي قسم جون چار آيتون آيل آهن، جيڪي اسين مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون. انهن چئني آيتن ۾ پاڻ سڳورن جي بعثت جا چار مقصد بيان ڪيا ويا آهن، انهن چئني ئي مقصدن جو تت ۽ خلاصو تزڪيو (تربيت) ئي آهي، ڇو ته آيتن جي تلاوت، ڪتاب الله جي تعليم ۽ حڪمت تزڪيي جي لاءِ وسيلو ۽ ذريعو آهن، آيتن جي تعليم ۽ تلاوت جو ٻڌائي اهو ٻڌايو ويو آهي ته پيغمبر جيڪو تزڪيو ۽ اصلاح ڪري ٿو، اهو خدائي تعليمات جي مطابق ئي ڪري ٿو. ۽ ان مطابق ئي انسانن کي سوڌي سنواري خدا جو مقرب ٻانهو بڻائي ٿو.
    هڪ رسول سنئون سڌو ڊائريڪٽ وحي جي ذريعي پنهنجي پالڻهار کان اخلاق ۽ تهذيب جا جوهر سکي ٿو ۽ اهي انسانيت تائين پهچائي ٿو، پاڻ سڳورن ﷺ جو فرمان آهي.
    “اد بنی ربی فا حسن تادیببی”
    منهنجي رب منهنجي تربيت فرمائي، پوءِ ڏاڍي سهڻي تربيت فرمايائين.
    پاڻ سڳورا پنهنجي پالڻهار کان تربيت ۽ هدايتون حاصل ڪري، اهي ٻين انسانن تائين پهچائيندا هئا ۽ انهن ۾ انسانيت جا جوهر اجاگر ڪندا هئا. پاڻ سڳورن جو فرمان آهي.
    انما بعثت لاتمم مکارم الا خلاق (موطا امام مالڪ)
    منهنجي بعثت ئي ان جي لاءِ ٿي آهي ته جيئن سهڻن اخلاقن کي تڪميل تي پهچايان.
    اهو پاڻ سڳورن جي تعليم ۽ صحبت جو ئي نتيجو هو جو عرب جا غير مهذب ۽ اٻوجهه انسان ٿورڙي ئي عرصي ۾ دنيا جا مهذب انسان بڻجي ويا ۽ ڪجهه سالن ۾ ئي دنيا جي قيادت جا اهل ٿي ويا ۽ دنيا جي رهنمائي ڪرڻ لڳا، پاڻ سڳورن اهو سڄو ڪم الله تعاليٰ جي ڏسيل تعليمات مطابق ئي ڪيو، ڇو ته الله ئي انسانيت جا مسئلا بهتر ڄاڻي ٿو ۽ انهن لاءِ بهتر شين جي چونڊ ڪري ٿو، قرآن فرمائي ٿو:
    وَ اعْلَمُوۡۤا اَنَّ فِیۡكُمْ رَسُوۡلَ اللہِ ؕ لَوْ یُطِیۡعُكُمْ فِیۡ کَثِیۡرٍ مِّنَ الْاَمْرِ لَعَنِتُّمْ وَ لٰکِنَّ اللہَ حَبَّبَ اِلَیۡكُمُ الْاِیۡمَانَ وَ زَیَّنَہٗ فِیۡ قُلُوۡبِكُمْ وَ کَرَّہَ اِلَیۡكُمُ الْكُفْرَ وَ الْفُسُوۡقَ وَ الْعِصْیَانَ ؕ اُولٰٓئِکَ ھُمُ الرّٰشِدُوۡنَ ۙ﴿۷﴾ فَضْلًا مِّنَ اللہِ وَ نِعْمَۃً ؕ وَ اللہُ عَلِیۡمٌ حَکِیۡمٌ ﴿۸﴾ (الحجرات:7-8)
    ۽ ڄاڻو ته اوهان ۾ الله جو رسول آهي، جيڪڏهن گهڻن ڪمن ۾ اوهان جي ڳالهه مڃي ته اوهان ڏکيا ٿيو پر الله اوهان وٽ ايمان کي پيارو ڪيو آهي ۽ ان کي اوهان جي دلين ۾ سينگاريو اٿس ۽ اوهان وٽ ڪفر ۽ گناهه ۽ نافرماني بڇڙي ڪئي اٿس. اهي ئي سڌي رستي وارا آهن. الله جي فضل ۽ احسان سان ۽ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.
    قرآن صاف طور تي ٻڌائي ٿو ته ماڻهن کي تزڪيي جي لاءِ پاڻ سڳورن ڏانهن رجوع ڪرڻ گهرجي ۽ نبيءَ جي اها ذميواري آهي ته جڏهن ان وٽ ڪو نفس جي تزڪيي جي لاءِ اچي ته هو ان کي مايوس نه ڪري، هڪ موقعي تي جڏهن پاڻ سڳورا دعوتي ڪم ۾ مصروف هئا ته هڪ شخص تزڪيي جي لاءِ آيو، دعوت جي پيش نظر پاڻ سڳورن ان ڏانهن التفات نه ڪيو ته پاڻ سڳورن کي هنن لفظن ۾ تنبيهه ڪئي وئي.
    عَبَسَ وَ تَوَلّٰۤی ۙ﴿۱﴾ اَنۡ جَآءَہُ الْاَعْمٰی ؕ﴿۲﴾ وَ مَا یُدْرِیۡکَ لَعَلَّہٗ یَزَّکّٰی ۙ﴿۳﴾ اَوْ یَذَّکَّرُ فَتَنۡفَعَہُ الذِّكْرٰی ؕ﴿۴﴾ اَمَّا مَنِ اسْتَغْنٰی ۙ﴿۵﴾ فَاَنۡتَ لَہٗ تَصَدّٰی ؕ﴿۶﴾ وَ مَا عَلَیۡکَ اَلَّا یَزَّکّٰی ؕ﴿۷﴾ (عبس:1-7)
    محمد ﷺمنهن ۾ گهنڊ وڌو ۽منهن موڙيائين، ان ڪري جو وٽس انڌو آيو ۽ توکي (اي محمد ﷺ) ڪهڙي خبر ته شايد هو پاڪ ٿئي يا ڌيان ڪري ته ان کي اها نصيحت فائدو ڏي. پر جو بي پرواهي ڪري ٿو تون ان جو خيال ڪرين ٿو. هوڏانهن ان جي پاڪ ٿيڻ جو توتي ڪو الزام نه آهي.
    هڪ ٻي جڳهه تي پاڻ سڳورن کي حڪم ٿئي ٿو ته انهن سان ئي رهه جيڪي الله جي رضا خاطر صبح شام الله کي سڏين ٿا:
    وَاصْبِرْ نَفْسَکَ مَعَ الَّذِیۡنَ یَدْعُوۡنَ رَبَّہُمۡ بِالْغَدٰۃِ وَالْعَشِیِّ یُرِیۡدُوۡنَ وَجْہَہٗ وَ لَا تَعْدُ عَیۡنٰکَ عَنْہُمْ ۚ تُرِیۡدُ زِیۡنَۃَ الْحَیٰوۃِ الدُّنْیَا ۚ وَ لَا تُطِعْ مَنْ اَغْفَلْنَا قَلْبَہٗ عَنۡ ذِكْرِنَا وَاتَّبَعَ هَوٰىہُ وَکَانَ اَمْرُہٗ فُرُطًا ﴿۲۸﴾ (الڪهف:28)
    ۽ پاڻ کي انهن سان گڏ روڪي رک جيڪي پنهنجي پاليندڙ کي صبح ۽ شام جو سڏين ٿا، سندس رضامندي گهرن ٿا ۽ دنيا جي حياتيءَ جي سينگار جو ارادو ڪري تنهنجيون اکيون انهن کان نه ڦرن. ۽ ان جو چيو نه مڃ جنهن جي دل کي اسان پنهنجي ياد کان غافل ڪيو ۽ اهو پنهنجي خواهش جي ڪڍ لڳو ۽ سندس ڪم حد کان لنگهيل آهي،


    تزڪيو ڇو ضروري آهي:

    جيستائين ڪنهن به فرد، جماعت يا معاشري جو تزڪيو نه ٿو ٿئي، تيستائين اهو فرد يا معاشرو اڳتي وڌي نٿو سگهي، جيڪي ماڻهو ذاتي اصلاح کان وانجها آهن اهي ڪنهن به قوم يا معاشري جي قيادت ڪري نه ٿا سگهن، ڪنهن به پروگرام يا معاشري کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته ان جماعت جي ڪارڪنن جي ذهني ۽ روحاني تربيت ڪجي، انهن جو ذاتي اصلاح ۽ تزڪيو ڪجي ته جيئن اهي فرد ذاتي غرضن کان مٿانهان ٿي معاشري ۽ سماج جي لاءِ ڪردار ادا ڪن.


    معاشرتي تزڪيو:

    انسان جو اهو اصلاح معاشري ۾ رهي ئي ٿي سگهي ٿو، ڇو ته اسلام رهبانيت ۽ انسانيت کان ڪٽيل زندگيءَ کان منع ڪري ٿو، تنهن ڪري هر انسان جي لاءِ ضروري آهي ته هو معاشري ۾ رهي ڪري پنهنجي نفس جو اصلاح ڪري ۽ ان کان پوءِ ٻين جو اصلاح ڪري. سماجي ۽ معاشرتي زندگيءَ جو پهريون ڏاڪو نڪاح آهي. ان نڪاح جي ذريعي انسان ڪيترن ئي گناهن کان بچي سگهي ٿو ائين اهو نڪاح تزڪيي جو سبب بڻجي ٿو.
    قرآن فرمائي ٿو:
    قُلۡ لِّلْمُؤْمِنِیۡنَ یَغُضُّوۡا مِنْ اَبْصَارِھِمْ وَ یَحْفَظُوۡا فُرُوۡجَہُمْ ؕ ذٰلِکَ اَزْکٰی لَہُمْؕ (النور:30)
    (اي پيغمبر!) ايمان وارن کي چئو ته پنهنجيون اکيون هيٺ ڪن ۽ پنهنجن اوگهڙن کي بچائين، اهو انهن لاءِ تمام چڱو آهي.
    پاڻ سڳورن نڪاح کي تزڪيي جو سبب قرار ڏيندي فرمايو:
    “یا معشر الشباب من استطاع منکم الباءۃ فلیتزوج فانھ اغض للبصر واحصن للفرج ومن لم یستطع فعلیھ بالصوم فانھ لھ وجاء” (رواه بخاري)
    نوجوانو! اوهان مان جيڪو گهر جو خرچ برداشت ڪري سگهي ٿو ته اهو نڪاح ڪري ڇو ته اهو نظر کي هيٺ ڪندڙ ۽ اوگهڙ جي حفاظت ڪندڙ آهي ۽ جيڪو گهر جا خرچ برداشت نٿو ڪري سگهي ته اهو روزا رکي ڇو ته اهي ان جي لاءِ ڪٽ آهن.
    قرآن پنهنجي مڃيندڙن کي معاشرتي احڪام سيکاريندي چوي ٿو ته جڏهن اوهين ڪنهن سان ان جي گهر ملڻ وڃو ته پهريان ان کي سلام ڪيو ۽ ان کان اندر اچڻ جي اجازت وٺو، جيڪڏهن اجازت ملي ته ان سان ملاقات ڪيو پر جيڪڏهن اهو اتي نه هجي يا اجازت نه ملي ته واپس موٽي وڃو، قرآن ان کي تزڪيي ۽ پاڪائيءَ جو سبب قرار ڏئي ٿو: قرآن فرمائي ٿو:
    وَ اِنۡ قِیۡلَ لَكُمُ ارْجِعُوۡا فَارْجِعُوۡا ھُوَ اَزْکٰی لَكُمْ ؕ وَاللہُ بِمَا تَعْمَلُوۡنَ عَلِیۡمٌ ﴿۲۸﴾ (النور: 28)
    ۽ جيڪڏهن اوهان کي چئجي ته موٽي وڃو ته موٽي وڃو ان ۾ اوهان لاءِ ڏاڍي پاڪائي آهي ۽ جيڪي ڪريو ٿا سو الله ڄاڻي ٿو.
    فرد جي معاشرتي تزڪيي ۽ تربيت ۾ ماءُ جي گود، استاد جي رهنمائي ۽ پيءُ جي هدايت وڏي اهميت رکن ٿا. اهي ٽئي ادارا پنهنجو ڪم خوبيءَ سان سرانجام ڏين ته بهتر نتيجا ملي سگهن ٿا.


    معاشي تزڪيو:

    اندر جي اصلاح ۽ تزڪيي لاءِ ضروري آهي ته انسان حلال کاڌو واپرائي، ايمانداري ۽ ديانتداريءَ سان ڪمائي پنهنجو پيٽ گذر ڪري، حرام خور پنهنجي اصلاح جي لاءِ ڪيڏيون به ڪوششون ڇو نه ڪري صرف وردن ۽ وظيفن سان تزڪيو ڪو نه ٿيندو، ڇو ته رب وٽ حرام خور جي ڪا به عبادت ايتري تائين جو ڪا به دعا قبول نه آهي. پاڻ سڳورن ﷺ جو فرمان آهي، هڪ ماڻهو ڊگهو سفر ڪري ٿو پراگنده ۽ پريشان حال آهي پنهنجا هٿ آسمان جي طرف ڦهلائي دعا گهري ٿو: يا رب! يا رب! جون پڪارون ڪري ٿو. حالت اها آهي جو ان جو کاڌو حرام، پيتو حرام، لباس حرام ۽ حرام غذا مان ان جي نشو و نما ٿي، اهڙي ماڻهوءَ جي دعا ڪيئن قبول پوندي! (رواه ترمذي)
    هيءَ حقيقت آهي ته الله تبارڪ و تعاليٰ پاڻ پاڪ آهي ۽ پاڪ ۽ صاف سٿرين شين کي ئي پسند ڪري ٿو، الله تعاليٰ پنهنجن رسولن کي حڪم ڏيندي فرمائي ٿو:
    یٰۤاَیُّہَا الرُّسُلُ كُلُوۡا مِنَ الطَّیِّبٰتِ وَ اعْمَلُوۡا صَالِحًا ؕ اِنِّیۡ بِمَا تَعْمَلُوۡنَ عَلِیۡمٌ ﴿ؕ۵۱﴾
    (المؤمنون:51)
    (سڀني رسولن کي اسان جو هي چوڻ هو ته) اي رسولؤ! سٺين شين مان کائو ۽ چڱو ڪم ڪريو. جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي بيشڪ آءٌ ڄاڻندڙ آهيان.
    مئومنن کي اهو ساڳو حڪم هن ريت ڪيو وڃي ٿو.
    یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا كُلُوۡا مِنۡ طَیِّبٰتِ مَا رَزَقْنٰكُمْ وَاشْكُرُوۡا لِلہِ
    اِنۡ كُنۡتُمْ اِیَّاہُ تَعْبُدُوۡنَ ﴿۱۷۲﴾ (البقره:172)
    اي ايمان وارؤ! جيڪي پاڪ شيون اسان اوهان کي روزي ڏنيون آهن سي کائو، ۽ الله جو شڪر ڪريو، جيڪڏهن اوهين سندس ئي عبادت ڪريو ٿا.
    هت شڪر مان مراد ورهائي کائڻ آهي. جيڪو به جيتري هوند وارو انسان آهي اهو اڻهوند وارن غريبن انسانن سان ورهائي کائڻ جو مڪلف آهي. معاشري ۾ جيتري ضرورت آهي ان پٽاندر پنهنجي فراخي سان رزق ورهائي کائڻ جو حڪم آهي. قرآن حڪيم صاف لفظن ۾ سائل ۽ محروم جو حق ڳڻايو آهي.
    حلال ۽ پاڪ شيون الله تبارڪ و تعاليٰ انسانن کي نعمت ڪري ڏنيون آهن، انهن جي واپرائڻ تي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي بنا ڪنهن سبب جي پنهنجي مٿان حرام قرار نه ڏجي. حديث شريف ۾ اچي ٿو ته پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ هڪ ماڻهو آيو، جنهن عرض ڪيو ته جڏهن آءٌ گوشت کائيندو آهيان ته مون کي عورتن ڏانهن رغبت ٿيندي آهي ۽ مون تي شهوت جو غلبو ٿي ويندو آهي. تنهن ڪري مون پاڻ تي گوشت حرام ڪيو آهي، تنهن تي هيٺين آيت نازل ٿي.
    یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لَا تُحَرِّمُوۡا طَیِّبٰتِ مَاۤ اَحَلَّ اللہُ لَكُمْ وَلَا تَعْتَدُوۡا ؕ اِنَّ اللہَ لَا یُحِبُّ الْمُعْتَدِیۡنَ ﴿۸۷﴾ وَكُلُوۡا مِمَّا رَزَقَكُمُ اللہُ حَلٰاً طَیِّبًا ۪ وَّاتَّقُوا اللہَ الَّذِیۡۤ اَنۡتُمۡ بِہٖ مُؤْمِنُوۡنَ ﴿۸۸﴾ (المائده: 87-88)
    اي ايمان وارؤ! اهي سٺيون شيون جيڪي الله اوهان لاءِ حلال ڪيون آهن سي حرام نه ڪريو ۽ نڪي حد کان لنگهو، بيشڪ الله حد کان لنگهندڙن کي پسند نٿو ڪري. ۽ الله اوهان کي جيڪو سٺو حلال رزق ڏنو آهي، تنهن مان کائو ۽ ان الله کان ڊڄو جنهن تي اوهان ايمان آندو آهي.
    الله تبارڪ و تعاليٰ پاڪ، سٺيون ۽ عمديون شيون انسانن جي لاءِ حلال ۽ پاڪيزه بڻايون آهن، جيڪي دنيا ۾ سمورن انسانن جي لاءِ ۽ آخرت ۾ مئومنن لاءِ خاص هونديون، انهن کي جيڪڏهن حلال طريقي سان حاصل ڪري واپرائجي ته ان ۾ ڪو به حرج نه آهي. ڪنهن به راهب يا عابد کي اجازت نه آهي ته هو انهن پاڪ شين کي حرام قرار ڏي، قرآن صاف طور تي چئي ٿو:
    قُلْ مَنْ حَرَّمَ زِیۡنَۃَ اللہِ الَّتِیۡۤ اَخْرَجَ لِعِبَادِہٖ وَالطَّیِّبٰتِ مِنَ الرِّزْقِ ؕ قُلْ ھِیَ لِلَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا فِی الْحَیٰوۃِ الدُّنْیَا خَالِصَۃً یَّوْمَ الْقِیٰمَۃِ ؕ (الاعراف:32)
    ”چئو ته الله جي (پيدا ڪيل) زينت (يعني ڪپڙن) کي جيڪا پنهنجن ٻانهن لاءِ ڪڍي اٿس ۽ کاڌي پيتي جي سٺين شين کي ڪنهن حرام ڪيو آهي؟ چئو ته اهي (اصل ۾) دنيا جي حياتيءَ ۾ ايمان وارن لاءِ آهن(۽) قيامت جي ڏينهن (انهن لاءِ) خالص آهن.“


    تزڪيهءِ عمل:

    نفس جي تزڪيي ۽ اصلاح لاءِ ضروري آهي ته هر عمل اخلاص ۽ دل جي سچائيءَ سان ڪيو وڃي. انسان جي عمل ۾ ڪنهن به قسم جو ڏيکاءُ ۽ رياءُ نه هجي ڇو ته رياءُ وارو عمل الله تعاليٰ جي دربار ۾ قبول نه آهي. اهڙو عمل فائدي ۽ اصلاح جي بجاءِ اٽلندو نقصان ۽ خساري وارو بڻجندو آهي. ڇو ته عمل جو صلو، نيت تي ئي ملندو آهي. جيڪڏهن نيت صحيح نه هوندي ته ان عمل جا فائدا مرتب نه ٿيندا، ۽ انسان اهڙي جو اهڙو ئي رهجي ويندو. بلڪه ڏيکاءُ جي ڪري سزا جو حقدار بڻجندو، تنهنڪري ضروري آهي ته هر عمل خالص الله جي رضا جي لاءِ ڪيو وڃي. ان سان ئي عملن جا فائدا مرتب ٿيندا، پاڻ سڳورن جو فرمان آهي.
    انما الاعمال بالنیات و انّما لامریءٍ مانویٰ (بخاري، مسلم)
    عملن (جي قبوليت ۽ عدم قبوليت جو مدار) نيت تي آهي ۽ ماڻهوءَ کي اهو ئي ڦٻندو جنهن جي نيت ڪيائين.
    انساني عملن جي قبوليت ۽ عدم قبوليت ۽ کري ۽ کوٽي جو مدار نيت تي آهي. جيڪڏهن نيت صاف آهي ته ٿورڙو عمل به تڳي سگهي ٿو، ۽ اهو نفس جي اصلاح جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن نيت ۾ کوٽ آهي ته پوءِ کڻي ڪيڏو به عمل ڇو نه هجي قبول نه آهي ۽ اهو اصلاح ۽ نفعي جي بجاءِ بگاڙ ۽ نقصان جو ذريعو آهي. هڪ حديث شريف ۾ عملن جي قبوليت ۽ عدم قبوليت جو معيار هن ريت ٻڌايو ويو آهي.
    ان اللہ لاینظر الی صورکم واموالکم ولاکن ینظر الی قلوبکم واعمالکم (رواه مسلم)
    الله اوهان جي صورتن ۽ مالن ڏانهن نٿو نهاري، (ته گهڻو آهي يا ٿورو) پر اوهان جي دلين ۽ عملن کي پرکي ٿو. (ته صاف نيت سان ڪيل آهن يا رياءِ ۽ ڏيکاءَ سان)


    قرآن روحاني بيمارين کان شفا آهي:

    جيئن انسان جي ظاهري جسم کي بيماريون لڳنديون آهن، ائين انسان جي دل کي به بيماريون ۽ مرض لڳندا آهن، ظاهري بيمارين جو علاج دوا درمل جي ذريعي ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته روحاني بيمارين جو علاج قرآن جي ذريعي ڪيو ويندو آهي.
    امام غزاليءَ جو چوڻ آهي ته اخلاق ۾ اعتدال صحت نفس جي علامت آهي ۽ عدم اعتدال مرض جي علامت آهي، جيئن مزاج ۾ اعتدال جسم جي صحت جي نشاني ۽ عدم اعتدال بيماريءَ جي علامت آهي، تنهن ڪري ان احياء العلوم جو ٽيون جلد قلبي بيمارين ۽ انهن جي علاج بابت لکيو آهي. ان اخلاقي بيمارين ۾ هيٺين شين کي شمار ڪيو آهي، شهوت، پيٽ، اوگهڙ، زبان جون آفتون ۽ مصيبتون، ساڙ، حسد، دنيا ۽ دولت جي محبت ۽ حوس، بخل، رياء تڪبر، خودپسندي ۽ غرور ۽ آڪڙ، هن انهن تي تفصيلي بحث ڪيو آهي ۽ انهن جا سبب ۽ علاج ٻڌايا آهن، ڪن حق کي حق نه سمجهڻ ۽ ان مطابق عمل نه ڪرڻ کي پڻ دل جي بيمارين ۾ شمار ڪيو آهي.
    هڪ حديث شريف ۾ روحاني بيمارين ڏانهن هن ريت اشارو ڪيو ويو آهي.
    پاڻ سڳورن جو فرمان آهي:
    الا ادلکم علی دائکم ودوائکم الا ان داء کم الذنوب ودواءَ کم الاستغفار
    ڇا آءٌ اوهان کي بيمارين ۽ انهن جي علاج بابت نه ٻڌايان؟ توهان جا گناهه اوهان جي بيماري آهن ۽ انهن جو علاج استغفار آهي.
    ان بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته قرآن مجيد کي جيڪو شفا چيو ويو آهي ان مان مراد روحاني بيمارين کان شفا آهي. الله تعاليٰ جو فرمان آهي.
    یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ قَدْ جَآءَتْكُمۡ مَّوْعِظَۃٌ مِّنۡ رَّبِّكُمْ وَشِفَآءٌ لِّمَا فِی الصُّدُوۡرِ ۬ۙ وَھُدًی وَّرَحْمَۃٌ لِّلْمُؤْمِنِیۡنَ ﴿۵۷﴾ (يونس:57)
    اي انسانو! اوهان جي پاليندڙ جي طرفان اوهان وٽ نصيحت ۽ دلين جي بيماري جي شفا ۽ ايمان وارن لاءِ هدايت ۽ رحمت آئي آهي،
    هڪ ٻي هنڌ ان ساڳي مفهوم کي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي.
    وَنُنَزِّلُ مِنَ الْقُرْاٰنِ مَا ھُوَ شِفَآءٌ وَّ رَحْمَۃُ لِّلْمُؤْمِنِیۡنَ ۙ (الاسراء: 82)
    ۽ اسين اهو قرآن نازل ڪريون ٿا جو ايمان وارن لاءِ شفا ۽ رحمت آهي.
    الله جو ذڪر ۽ ان جي ياد مئومنن جي دلين کي گرمائي وجهندي آهي ۽ الله جون آيتون ايمان وارن جي ايمان ۾ اضافو ڪنديون آهن،قرآن واضح طور تي چئي ٿو:
    اِنَّمَا الْمُؤْمِنُوۡنَ الَّذِیۡنَ اِذَا ذُکِرَ اللہُ وَجِلَتْ قُلُوۡبُہُمْ وَ اِذَا تُلِیَتْ عَلَیۡہِمْ اٰیٰتُہٗ زَادَتْہُمْ اِیۡمَانًا وَّعَلٰی رَبِّہِمْ یَتَوَکَّلُوۡنَ ۚ﴿ۖ۲﴾ (الانفال:2)
    ايمان وارا فقط اهي آهن جو جڏهن الله کي ياد ڪيو وڃي ٿو ته سندن دليون ڊڄن ٿيون ۽ جڏهن کين سندس آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته اهي (آيتون) انهن جي ايمان کي زياده ڪن ٿيون ۽ اهي پنهنجي پاليندڙ تي ڀروسو ڪن ٿا.
    هڪ ٻي جڳهه تي ان ساڳي مفهوم کي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي.
    اَللہُ نَزَّلَ اَحْسَنَ الْحَدِیۡثِ کِتٰبًا مُّتَشَابِہًا مَّثَانِیَ ٭ۖ تَقْشَعِرُّ مِنْہُ جُلُوۡدُ الَّذِیۡنَ یَخْشَوْنَ رَبَّہُمْ ۚ ثُمَّ تَلِیۡنُ جُلُوۡدُھُمْ وَ قُلُوۡبُہُمْ اِلٰی ذِكْرِ اللہِ ؕ ذٰلِکَ ھُدَی اللہِ یَہۡدِیۡ بِہٖ مَنْ یَّشَآءُ ؕ وَ مَنۡ یُّضْلِلِ اللہُ فَمَا لَہٗ مِنْ ھَادٍ ﴿۲۳﴾ (الزمر:23)
    الله نهايت سٺو ڪلام ڪتاب نازل ڪيو جنهن جون ڳالهيون هڪ ٻئي جهڙيون (۽ هڪ ڳالهه جي سمجهائڻ لاءِ بار بار) دهرايل آهن. ان جي ٻڌڻ سان انهن (ماڻهن) جي کلن (جا وار) ڪانڊارجن ٿا، جيڪي پنهنجي پاليندڙ کان ڊڄن ٿا وري سندن کلون ۽ سندن دليون الله جي ياد تي نرم ٿين ٿيون. هي (قرآن) الله جي هدايت آهي، جنهن کي وڻيس تنهن کي ان سان هدايت ڪري ٿو ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري ٿو تنهن کي ڪو به هدايت ڪندڙ نه آهي.


    الله تعاليٰ جا پسنديده ماڻهو:

    الله تبارڪ و تعاليٰ وٽ عزت، مرتبي ۽ مٿاهين هئڻ جو اعتبار تزڪيي، پرهيزگاري ۽ تقويٰ تي آهي، قرآن فرمائي ٿو:
    اِنَّ اَكْرَمَكُمْ عِنۡدَ اللہِ اَتْقٰكُمْ ؕ(الحجرات:13)
    بيشڪ الله وٽ ان جي وڏي عزت آهي، جنهن کي تقويٰ (پرهيزگاري) گهڻي (آهي).
    اهو ئي سبب آهي جو قرآن مجيد نيڪي ۽ تقويٰ جي معاملي ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ٿو:
    وَلَا تَعَاوَنُوۡا عَلَی الۡاِثْمِ وَالْعُدْوَانِ ۪ وَاتَّقُوا اللہَ ؕ اِنَّ اللہَ شَدِیۡدُالْعِقَابِ ﴿۲﴾
    (المائده:2)
    ۽ ڀلائيءَ ۽ پرهيزگاريءَ ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪريو ۽ گناهه ۽ ظلم ۾ هڪ ٻئي جي مدد نه ڪريو. ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله جو عذاب سخت آهي.
    آخرت جون ابدي نعمتون به انهن لاءِ ئي آهن، جيڪي الله کان ڊڄن ٿا ۽ دنيا ۾ فساد نه ٿا ڦيلائين، قرآن فرمائي ٿو:
    تِلْکَ الدَّارُ الْاٰخِرَۃُ نَجْعَلُہَا لِلَّذِیۡنَ لَا یُرِیۡدُوۡنَ عُلُوًّا فِی الْاَرْضِ وَلَا فَسَادًا ؕ وَالْعَاقِبَۃُ لِلْمُتَّقِیۡنَ ﴿۸۳﴾ (القصص:83)
    اهو آخرت جو گهر آهي، اسان اهو انهن کي ڏينداسين، جيڪي ملڪ ۾ نه وڏائي ڪرڻ ۽ نه فساد ڪرڻ گھرندا آهن ۽ (الله کان) ڊڄڻ وارن جي پڇاڙي ڀلي آهي.
    پاڻ سڳورن پڻ پنهنجي امت کي تزڪيي، اصلاح، تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ بابت ڪيتريون ئي هدايتون ڪيون آهن، اسين انهن مان هتي ڪجهه حديثون ذڪر ڪيون ٿا:
    پاڻ سڳورن جو فرمان آهي:
    لاتحاسدوا ولاتناجشوا ولا تباغضوا ولاتدابروا ولایبیع بعضکم علیٰ بیع بعض وکونوا عباداللہ اخوانا، المسلم اخوالمسلم لایظلمھ، ولایخذ لھ ولایحقره. التقویٰ ہہنا ویشیر الی صدرھ ثلات مرات. بحسب امری من الشر ان یحقراخاہ المسلم. کل المسلم علی المسلم حرام، دمھ، ومالھ وعرضھ (رواه مسلم)
    پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ساڙ نه ڪيو، واپار وڙي ۾ هڪٻئي کي ڌوکو نه ڏيو، هڪ ٻئي سان بغض نه ڪيو، هڪ ٻئي جي گلا نه ڪريو، هڪ ٻئي جي خريد ۽ فروخت تي چڙهت ڪري خريد ۽ فروخت نه ڪريو، الله جا ٻانها پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا ڀائر ٿي وڃو. مسلمان، مسلمان جو ڀاءُ آهي. نه ان تي ظلم ڪندو آهي. ۽ نه ان کي بي يارو مددگار ڇڏيندو آهي ۽ نه ان کي گهٽ نظر سان ڏسندو آهي. تقويٰ هتي آهي (سيني ڏانهن اشارو ڪندي ٽي ڀيرا ائين فرمايائون) ماڻهوءَ جي بري هئڻ لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي جو هو مسلمان ڀاءُ کي حقير سمجهي. هر مسلمان کي ٻي مسلمان جو خون جان ۽ آبرو حرام آهي.
    هڪ حديث ۾ پاڻ سڳورن جو فرمان آهي.
    امرنی ربی بتسع: خشیة اللہ فی السر والعلانیة، وکلمۃ العدل فی الرضا والغضب والقصد فی الفقر والغنیٰ وان اصل من قطعنی واعطی من حرمنی واعفوا عمن ظلمنی، وان یکون صمتی فکرًا ونطقی ذکرًا ونظری عبرةً، واٰمربالمعروف (رواه رزين)
    منهنجي رب مون کي نون ڳالهين جو حڪم ڏنو آهي، لڪ ۽ ظاهر ۾ الله کان ڊڄان، خوشي ۽ ڪاوڙ ۾ انصاف جي ڳالهه ڪريان، آسودگي ۽ سڃائپ ۾ وچٿرائپ اختيار ڪيان، جنهن مون سان ٽوڙيو آهي آءٌ ان سان ڳنڍيان، جنهن مون کي محروم رکيو آهي آءٌ ان تي بخشش ڪيان، جنهن ظلم ڪيو آهي ان کي درگذر ڪيان ۽ منهنجي خاموشي غور ۽ فڪر هجي، منهنجو ڳالهائڻ ذڪر هجي، منهنجي نظر نگاهه عبرت هجي ۽ آءٌ نيڪيءَ جو حڪم ڪيان.
    فتح مڪي جي موقعي تي پاڻ سڳورن خطبو ڏيندي فرمايو: اي انسانو! الله تعاليٰ جاهليت واري وڏائي ۽ تڪبر ۽ ابن ڏاڏن تي فخر ڪرڻ ختم ڪري ڇڏيو آهي. الله تعاليٰ فرمايو آهي: اي انسانو! بيشڪ اسان اوهان کي هڪ مڙس ۽ هڪ زال مان پيدا ڪيو آهي ۽ اوهان ۾ ذاتيون ۽ پاڙا ڪيا سون ته هڪ ٻئي کي سڃاڻو، بيشڪ اوهان مان عزت وارو الله وٽ اهو آهي جيڪو اوهان مان پرهيزگار آهي.
    (رواه ترمذي 2/159)


    ڪاميابي ۽ نجات جو مدار:

    اسلام ۾ تزڪيي ۽ اصلاح جي ايڏي وڏي اهميت آهي جو آخرت جي ڪاميابي ۽ نجات جو سڄو مدار ان تي ئي رکيل آهي، قرآن واضح طور تي چوي ٿو:
    قَدْ اَفْلَحَ مَنۡ زَکّٰىہَا ۪ۙ﴿۹﴾ وَ قَدْ خَابَ مَنۡ دَسّٰىہَا ﴿ؕ۱۰﴾ (الشمس:9-10)
    بيشڪ اهو مراد کي پهچي ويو جنهن نفس کي پاڪ ڪيو ۽ بي شڪ اهو بي مراد ٿيو جنهن ان کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو.
    هڪ ٻي جڳهه تي ان ساڳي مفهوم کي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي.
    قَدْ اَفْلَحَ مَنۡ تَزَکّٰی ﴿ۙ۱۴﴾ وَ ذَکَرَ اسْمَ رَبِّہٖ فَصَلّٰی ﴿ؕ۱۵﴾ (الاعليٰ: 14-15)
    بيشڪ اهو مراد کي پهتو جيڪو پاڪ ٿيو ۽ پنهنجي پاليندڙ جو نالو ياد ڪيائين پوءِ نماز پڙهيائين.
    اهڙو ماڻهو جيڪو پنهنجي نفس جو تزڪيو ڪري ٿو، ان لاءِ ابدي جنت آهي. قرآن فرمائي ٿو:
    وَ مَنْ یَّاۡتِہٖ مُؤْمِنًا قَدْ عَمِلَ الصّٰلِحٰتِ فَاُولٰٓئِکَ لَہُمُ الدَّرَجٰتُ الْعُلٰی ﴿ۙ۷۵﴾ جَنّٰتُ عَدْنٍ تَجْرِیۡ مِنۡ تَحْتِہَا الْاَنْہٰرُ خٰلِدِیۡنَ فِیۡہَا ؕ وَ ذٰلِکَ جَزٰٓؤُا مَنۡ تَزَکّٰی ﴿٪۷۶﴾ (طٰھ: 75-76)
    ۽ جيڪي ان وٽ ايمان وارا ٿي ايندا ۽ چڱا ڪم ڪيا هوندائون، تن لاءِ بلند درجا آهن. يعني رهڻ جا باغ آهن، جن جي هيٺان واهه وهن ٿا، انهن ۾ پيا رهندا ۽ اهو ان جو بدلو آهي، جيڪو پاڪ ٿيو.


    اعجاز القرآن

    تعارف

    قرآن مجيد پاڻ پنهنجي متعلق معجزي هئڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ جن ماڻهن کي ان جي ڪتاب الله هئڻ ۾ شڪ آهي، انهن کي مقابلي جي دعوت ڏني آهي. هتي اهڙي قسم جون آيتون ذڪر ڪجن ٿيون.
    وَ اِنۡ كُنۡتُمْ فِیۡ رَیۡبٍ مِّمَّا نَزَّلْنَا عَلٰی عَبْدِنَا فَاۡتُوۡا بِسُوۡرَۃٍ مِّنۡ مِّثْلِہٖ ۪ وَادْعُوۡا شُہَدَآءَكُمۡ مِّنۡ
    دُوۡنِ اللہِ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِیۡنَ ﴿۲۳﴾ (البقره آيت 23)
    ۽ جيڪڏهن اوهين شڪ ۾ آهيو ان (ڪلام) جي ڪري جيڪو اسان پنهنجي ٻانهي محمد ﷺ تي لاٿو آهي ته ان جهڙي ڪا سورة آڻيو ۽ الله کان سواءِ پنهنجا مددگار سڏيو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو.
    اَمْ یَقُوۡلُوۡنَ افْتَرٰىہُ ؕ قُلْ فَاۡتُوۡا بِسُوۡرَۃٍ مِّثْلِہٖ وَ ادْعُوۡا مَنِ اسْتَطَعْتُمۡ مِّنۡ دُوۡنِ اللہِ اِنۡ كُنۡتُمْ صٰدِقِیۡنَ ﴿۳۸﴾ (يونس آيت 38)
    (اي پيغمبر!) ڀلا اهو چون ٿا ڇا ته اهو پاڻ ٺاهيو اٿس؟ تون چؤ ته پوءِ ان جهڙي هڪ سورت ئي آڻيو ۽ (ان جي ٺاهڻ لاءِ) الله کان سواءِ جنهن کي سڏي سگهو تنهن کي سڏيو، جيڪڏهن اوهين سچا آهيو.
    اَمْ یَقُوۡلُوۡنَ افْتَرٰىہُ ؕ قُلْ فَاۡتُوۡا بِعَشْرِ سُوَرٍ مِّثْلِہٖ مُفْتَرَیٰتٍ وَّ ادْعُوۡا مَنِ اسْتَطَعْتُمۡ مِّنۡ
    دُوۡنِ اللہِ اِنۡ كُنۡتُمْ صٰدِقِیۡنَ ﴿۱۳﴾ (هود آيت 13)
    ڀلا اهي چون ٿا ڇا ته اهو پاڻ ٺاهيو اٿس (کين) چؤ ته پوءِ ان جهڙيون ڏهه سورتون بڻايل آڻيو ۽ الله کان سواءِ جنهن کي سڏي سگهو تنهن کي سڏيو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو.
    قُلۡ لَّئِنِ اجْتَمَعَتِ الۡاِنۡسُ وَالْجِنُّ عَلٰۤی اَنۡ یَّاۡتُوۡا بِمِثْلِ ہٰذَا الْقُرْاٰنِ لَا یَاۡتُوۡنَ بِمِثْلِہٖ
    وَلَوْ کَانَ بَعْضُہُمْ لِبَعْضٍ ظَہِیۡرًا ﴿۸۸﴾ (بني اسرائيل آيت 88)
    چؤ ته جيڪڏهن انسان ۽ جن هن جهڙي قرآن آڻڻ (ٺاهڻ) لاءِ گڏ ٿين ته ان جهڙو نه آڻي سگهندا جيتوڻيڪ انهن مان هڪڙا ٻين جا پڌرا مددگار ٿين.
    قُلْ فَاۡتُوۡا بِکِتٰبٍ مِّنْ عِنۡدِ اللہِ ہُوَ اَہۡدٰی مِنْہُمَاۤ اَتَّبِعْہُ اِنۡ كُنۡتُمْ صٰدِقِیۡنَ ﴿۴۹﴾
    فَاِنۡ لَّمْ یَسْتَجِیۡبُوۡا لَکَ فَاعْلَمْ اَنَّمَا یَتَّبِعُوۡنَ اَہۡوَآءَہُمْ ؕ وَمَنْ اَضَلُّ مِمَّنِ اتَّبَعَ ہَوٰىہُ بِغَیۡرِ ہُدًی مِّنَ اللہِ ؕ اِنَّ اللہَ لَا یَہۡدِی الْقَوْمَ الظّٰلِمِیۡنَ ﴿٪۵۰﴾ (قصص آيت 49-50)
    چؤ ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته الله وٽان ڪو ڪتاب آڻيو جو انهن ٻنهين کان وڌيڪ سڌو رستو ڏيکاريندڙ هجي ته ان تي هلان، پوءِ جيڪڏهن تنهنجي ڳالهه قبول نه ڪن ته ڄاڻ ته اهي رڳو پنهنجي خواهشن تي هلن ٿا ۽ جيڪو الله جي رستي ڏيکارڻ کان سواءِ پنهنجي خواهش تي هلي ٿو تنهن کان وڌيڪ گمراه ڪير آهي بيشڪ الله ظالم قوم کي رستو نٿو ڏيکاري.


    اعجاز قرآن جو دائرو

    مٿين آيتن ۾ شڪ ڪندڙ ۽ منڪرن کي قرآن مجيد جو مثل پيش ڪرڻ جي چئلنج ڏني وئي آهي ۽ ڪوبه ڪلام ۽ ڪتاب تيستائين قرآن مجيد جي مثل ٿي نٿو سگهي جيستائين ان جي اعجاز جي سمورن شعبن ۾، ۽ ان سمورين خصوصيتن ۾ ان جهڙو نه هجي ۽ قرآن صرف پنهنجن لفظن ۽ ترڪبي، فصاحت ۽ بلاغت جي اعتبار سان معجزو نه آهي بلڪ اهو پنهنجن لفظن ۽ ترڪيب ۾ به معجزو آهي ته پنهنجن معنائن ۽ مضمونن ۾ به معجزو آهي. پنهنجن اعليٰ علمن ۽ معارف ۾ به معجزو آهي ته غيبي معلومات ۽ ابدي حقيقتن جي بيان ۾ به معجزو آهي، پنهنجي پيش ڪيل مذهبي، اخلاقي، معاشرتي ۽ مدني تعليمات ۾ به معجزو آهي ته پنهنجي اثر ۽ انقلاب ۾ به معجزو آهي. پر جڏهن صرف لفظ جيڪي ان جي ڪامل اعجاز جو هڪ پهلو آهن جو ڪو مقابلو نه ڪري سگهيو ته ان جي ڪامل اعجاز ۾ ڪير مقابلو ڪري سگهندو؟
    سورة هود جي آيت مان معلوم ٿئي ٿو ته قرآن مجيد جو خصوصي امتياز ۽ ان جي معجزو هئڻ جو راز هي آهي ته، اهو الله تعاليٰ جي علم مان لاٿو ويو آهي ۽ حقيقت ۾ اهو ان جي خاص علم جو هڪ مظهر آهي ان ڪري ان ۾ انسان پنهنجي ظني، مشتبه، ناقص ۽ محدود ۽ خود خدا جي ڏنل علم سان ڪهڙو مقابلو ڪري سگهي ٿو. جيئن الله تعاليٰ جي ٻين صفتن ۾ انسان مماثلت ڪري نٿو سگهي ائين خدا جي علم ۾ به ڪو مقابلو نٿو ڪري سگهي.
    فَاِلَّمْ یَسْتَجِیۡبُوۡا لَكُمْ فَاعْلَمُوۡۤا اَنَّمَاۤ اُنۡزِلَ بِعِلْمِ اللہِ وَ اَنۡ لَّاۤ اِلٰہَ اِلَّا ہُوَ ۚ فَہَلْ اَنۡتُمۡ مُّسْلِمُوۡنَ ﴿۱۴﴾
    (هود آيت 14)
    پوءِ جيڪڏهن اوهان جي ڳالهه قبول نه ڪن ته ڄاڻو ته ان کي رڳو الله جي علم سان لاٿو ويو آهي ۽ (هن ڳالهه کي به) ته ان کان سواءِ ڪو حاڪم نه آهي. ڇا پوءِ اوهين حڪم تي هلڻ وارا آهيو؟
    ”اَنَّمَاۤ اُنۡزِلَ بِعِلْمِ اللہِ“ جو نڪتو ٻڌائي ٿو ته جيئن الله تعاليٰ الوهيت جي سمورين صفتن ۾ اڪيلو آهي ائين پنهنجي علم ۾ به اڪيلو ۽ يڪتا آهي ۽ جڏهن ان کان سواءِ ڪو معبود ۽ پالڻهار نه آهي ته پوءِ الهي ڪلام جهڙو ٻيو ڪنهن جو ڪلام ٿي سگهي ٿو.
    وَلَقَدْ جِئْنٰہُمۡ بِکِتٰبٍ فَصَّلْنٰہُ عَلٰی عِلْمٍ ہُدًی وَّ رَحْمَۃً لِّقَوْمٍ یُّؤْمِنُوۡنَ ﴿۵۲﴾ (الاعراف آيت 52)
    ۽ بيشڪ اسان انهن وٽ هڪ ڪتاب پهچايو آهي جنهن کي علم (يعني علمي قاعدي) سان کولي بيان ڪيو اٿئون (۽) جو ايمان واريءَ قوم لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي.
    الله تبارڪ وتعاليٰ جي علم جو تعلق صرف لفظن ۽ جملن سان نه آهي. بلڪ معنائن ۽ حقيقتن سان به آهي. لفظي فصاحت جي لاءِ قرآن مجيد ڪيترن ئي جڳهن تي پنهنجي متعلق ”قرناَ عربياَ“ ”کتاب مبين“ ۽ ”لسان عربي مبين“) چيو آهي جنهن ۾ ان جي لفظي خوبين ۽ لساني برتري ڏانهن اشارو آهي.
    الٓر ٰ ۟ تِلْکَ اٰیٰتُ الْکِتٰبِ الْمُبِیۡنِ ۟﴿۱﴾ اِنَّاۤ اَنۡزَلْنٰہُ قُرْءٰنًا عَرَبِیَّا لَّعَلَّكُمْ تَعْقِلُوۡنَ ﴿۲﴾
    (يوسف 1-2)
    الر- اهي ظاهر ڪتاب جون آيتون آهن، بيشڪ اسان عربي (زبان) ۾ قرآن لاٿو آهي مَن اوهين سمجهو.
    لِسَانُ الَّذِیۡ یُلْحِدُوۡنَ اِلَیۡہِ اَعْجَمِیٌّ وَّہٰذَا لِسَانٌ عَرَبِیٌّ مُّبِیۡنٌ ﴿۱۰۳﴾ (النحل 103)
    تنهنجي زبان عجمي آهي ۽ هي (قرآن) صاف عربي زبان ۾ آهي.
    سورة قصص جي هڪ آيت ۾ قرآن مجيد جي مقابلي ۾ اهڙو ڪلام پيش ڪرڻ جي چئلينج ڏني وئي آهي، جيڪو هدايت ۽ اصلاح ۾ ان کان وڌيڪ هجي.
    قُلْ فَاۡتُوۡا بِکِتٰبٍ مِّنْ عِنۡدِ اللہِ ہُوَ اَہۡدٰی مِنْہُمَاۤ اَتَّبِعْہُ اِنۡ كُنۡتُمْ صٰدِقِیۡنَ ﴿۴۹﴾ (قصص 49)
    چؤ ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيون ته الله وٽان ڪو ڪتاب آڻيو جو انهن ٻنهين کان وڌيڪ سڌو رستو ڏيکاريندڙ هجي ته ان تي هلان.
    قرآن مجيد جي فصاحت ۽ بلاغت ۽ ان جو لفظي اعجاز درحقيقت قرآن جي اعجاز جو هڪ ننڍڙو پهلو آهي، قرآن جو اعجاز ان ۾ بند نه آهي. اڳين عالمن جڏهن قرآن جي اعجاز تي غور ڪيو يا ان موضو ع تي قلم کنيو ته زماني جي عام رجحان ۽ عربن جي ادبي ذوق جي ڪري انهن جي سامهون گهڻو ڪري قرآن جي اعجاز جو اهوئي پهلو رهيو ۽ انهن ان تي ڪافي بهتر مواد فراهم ڪيو ۽ وڏي جاکوڙ ڪئي. هينئر ان تي وڌيڪ تحقيق جي گنجائش نه آهي، تنهن ڪري ان بابت انهن عالمن جي تصنيفن ڏانهن رجوع ڪرڻ گهرجي.


    قرآن مجيد جو سڀ کان وڏو معجزو اسلام آهي

    قرآن مجيد دنيا ۾ مذهب ۽ عقيدن جو آخري هدايت نامو پيش ڪيو آهي جنهن کان وڌيڪ محڪم ۽ مفصل مذهبي هدايت نامو هينئر تائين اچي ناهين سگهيو. ان کان پهريان مذهب به چونڪ مخصوص وقت ۽ حالتن جي لاءِ هئا تنهن ڪري اهي به ان جي مقابلي ۾ ناقص ۽ گهٽ آهن. هينئر آخري آسماني صحيفو دنيا تي اچي چڪو آهي تنهن ڪري اهو آخري هدايت نامو آهي. ان کان وڌيڪ انسان کي پنهنجي خالق سان ملائيندڙ ۽ ان جي زندگي ۾ للهيت ۽ روحانيت پيدا ڪندڙ ۽ سمورين گمراهين کان پري رکندڙ ڪوبه هدايت نامو انساني تصور ۾ اچي نٿو سگهي.
    الله تبارڪ وتعاليٰ انسانن کي ڪامياب زندگي گذارڻ جي لاءِ آسماني اخلاقي ۽ مدني دستور عطا ڪيو، جيڪو دنيا ۾ بهترين اخلاقي ۽ اجتماعي فلاح ۽ بهبود جا نتجا پيدا ڪرڻ جو ذميوار آهي ۽ ان سهڻا نتيجا پيدا ڪري ڏيکاريا آهن، جيڪي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن ٻي طريقي سان پيدا ٿي نه سگهيا آهن. قرآن مجيد انسانن جا اجتماعي مسئلا ۽ مشڪلاتون پنهنجي معجزانه اسلوب بيان ۾ ٿورڙي اشاري سان ئي حل ڪري ڇڏي ٿو. اهو اهڙا اصول ۽ ڪليا قانون عطا ڪري ٿو جن جي بنياد تي هر دؤر ۾ دنيا جو بهترين معاشرو قائم ڪري سگهجي ٿو ۽ هر جڳهه ته انساني سوسائٽيءَ کي منظم ۽ متحرڪ ڪري سگهي ٿو، اهو چونڪ خدائي ڪلام آهي تنهن ڪري سمورين انساني غلطين، قانون سازيءَ جي نقصن ۽ قياسن کان پاڪ آهي. اهو چونڪ آخري آهي تنهن ڪري هر قسم جي تڪميل ۽ اضافي کان بي پرواهه آهي، اهو چونڪ عالمگير آهي ان ڪري قومي ۽ مقامي خصوصيتن کان صاف آهي اهو چونڪ دائمي آهي تنهن ڪري هر قسم جي تغير ۽ نسخ کان آزاد آهي. اهو چونڪ ڪامل آهي تنهن ڪري ان کي ڪنهن ضميمي جي الحاق جي ضرورت نه آهي.
    اَلْیَوْمَ اَكْمَلْتُ لَكُمْ دِیۡنَكُمْ وَاَتْمَمْتُ عَلَیۡكُمْ نِعْمَتِیۡ وَرَضِیۡتُ لَكُمُ الۡاِسْلَامَ دِیۡنًا ؕ(المائده: 3)
    اڄ اوهان جو دين اوهان لاءِ ڪامل ڪيو اٿم ۽ اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪئي اٿم ۽ اوهان لاءِ دين اسلام کي پسند ڪيو اٿم.
    ان جي نفاذ جي صورت ۾ اهي مسئلا ۽ بحث پيش ئي نٿا اچي سگهن. جن هزارين سالن کان مفڪرن ۽ علم الاجتماع جي ماهرن کي مشغول رکيو آهي ۽ جن جو آخري حل هينئر تائين پيش ٿي نه سگهيو آهي ۽ ڪيترائي معاشي ۽ سياسي مسئلا آهن جيڪي قرآن تي عمل جي صورت ۾ پيدا ئي ٿي نٿا سگهن. هزارين سالن جي غلطين ۽ تجربن کان پوءِ دنيا جا مفڪر جنهن نتيجي تي پهتا قرآن مجيد چوڏهن سؤ سالن پهريان اهي مسئلا هڪ امي جي زبان مان پهريان ئي بيان ڪري ڇڏيا. اهو هدايت نامو ۽ اهو دستور جنهن جو نالو اسلام آهي. الله تعاليٰ جي ڪاريگري ۽ حڪمت جو اعليٰ نمونو آهي.
    صُنْعَ اللہِ الَّذِیۡۤ اَتْقَنَ كُلَّ شَیۡءٍ ؕ (النمل: 88)
    (اها) ان الله جي جوڙ آهي جنهن سڀ ڪنهن شيءِ کي درست بنايو آهي.
    ۽ ان اسلام جا اصول ۽ ڪليا قانون ان قرآن مان ورتل آهن ۽ قرآن ئي انهن کي دنيا جي سامهون پيش ڪيو آهي، تنهن ڪري اهو ان جو پيش ڪيل هڪ معجزو آهي.
    ہُوَ الَّذِیۡ بَعَثَ فِی الْاُمِّیّٖنَ رَسُوۡلًا مِّنْہُمْ یَتْلُوۡا عَلَیۡہِمْ اٰیٰتِہٖ وَ یُزَکِّیۡہِمْ وَ یُعَلِّمُہُمُ الْکِتٰبَ وَ الْحِكْمَۃَ ٭ وَ اِنۡ کَانُوۡا مِنۡ قَبْلُ لَفِیۡ ضَلٰلٍ مُّبِیۡنٍ ۙ﴿۲﴾ (الجمعة :2)
    هو اهو آهي جنهن اڻ پڙهيلن ۾ انهن مان هڪ رسول موڪليو جو کين سندس آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ کين پاڪ ڪري ٿو ۽ کين ڪتاب ۽ عقلمندي سيکاري ٿو ۽ بيشڪ اهي ته هن کان اڳ پڌري گمراهيءَ ۾ هئا.
    قرآن جي ان معجزي جي تشريح ۽ ان جي اعجاز کي بيان ڪرڻ درحقيقت اسلام جي تشريح آهي ۽ ان جا مختلف پهلو آهن، هر پهلوءَ تي روشني وجهڻ جي لاءِ دفتر درڪار آهن.
    عقيدن جي باب ۾ عقيدن جو معجزانه اسلوب بيان ۽ اخلاق ۽ معاشرت ۾ قرآن مجيد جي معجزانه جامعيت ۽ حڪمت تي خاص طور تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهن نڪتن ۽ رازن جو احاطو ڪرڻ ڪنهن انسان جي وس ۾ نه آهي.
    وَلَوْ اَنَّ مَا فِی الْاَرْضِ مِنۡ شَجَرَۃٍ اَقْلَامٌ وَّ الْبَحْرُ یَمُدُّہٗ مِنۡۢ بَعْدِہٖ سَبْعَۃُ اَبْحُرٍ مَّا نَفِدَتْ
    کَلِمٰتُ اللہِ ؕ اِنَّ اللہَ عَزِیۡزٌ حَکِیۡمٌ ﴿۲۷﴾ (لقمان :27)
    ۽ جيڪڏهن زمين ۾ جيڪي به وڻ آهن سي قلم ٿين ۽ سمنڊ (مس ٿي) ان (سمنڊ) کان پوءِ (ٻيا) ست سمنڊ ان ۾ وهي اچي پون ته الله جون ڳالهيون (لکڻ ۾) نه کٽنديون، بيشڪ الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.
    قُلۡ لَّوْ کَانَ الْبَحْرُ مِدَادًا لِّکَلِمٰتِ رَبِّیۡ لَنَفِدَ الْبَحْرُ قَبْلَ اَنۡ تَنۡفَدَ کَلِمٰتُ رَبِّیۡ
    وَلَوْ جِئْنَا بِمِثْلِہٖ مَدَدًا ﴿۱۰۹﴾ (الڪهف : 109)
    (کين) چؤ ته جيڪڏهن منهنجي پاليندڙ جي ڳالهين (لکڻ) لاءِ دريا مس ٿئي ته منهنجي پاليندڙ جي ڳالهين پوري ٿيڻ کان اڳ درياءَ کپي ويندو جيتوڻيڪ (ٻيو دريا) ان جهڙو ان ۾ وهائي آڻيون.


    قرآن جو ٻيو معجزو ان جا علم ۽ معارف آهن

    قرآن جو ٻيو معجزو ان جا اهي بي شمار علم ۽ معارف ۽ حقيقتون ۽ اسرار آهن جيڪي ان ڪتاب ۾ ڦهليل آهن ۽ جن مان هر هڪ جدا جدا مستقل معجزو آهي. انسان جو علم جيترو وڌيڪ ترقي ڪندو ۽ ان جي اکين مان جيترو وڌيڪ پردو کڄندو، قرآن جو جمال ان کي اوترو وڌيڪ نظر ايندو.
    انساني فهم ۽ فراصت جون حدون انتهائي تنگ ۽ محدود آهن، اهي قرآن جي وسعتن جو احاطو ڪري نٿيون سگهن، تنهن ڪري قرآني فهميءَ جو جيڪو حصو ملي اهو غنيمت آهي.
    اَنۡزَلَ مِنَ السَّمَآءِ مَآءً فَسَالَتْ اَوْدِیَۃٌۢ بِقَدَرِہَا (الرعد : 17)
    ان آسمان مان پاڻي وسايو پوءِ پنهنجي قدر آهر واهه وهيا.
    انهن معجزن ۾ اعجاز جا ڪيترائي پهلو آهن، انهن مان هڪ پهلو قرآني حقيقتن جي ابديت ۽ قطعيت آهي، حقيقت ۾ اها ابديت ۽ قطعيت الاهي علم ۽ الهي ڪلام جو خاصو آهي تغير ۽ اشتباهه انساني علم ۽ انساني معلومات جي لوازمات مان آهن. چونڪ قرآن مجيد پوري طرح محفوظ آهي تنهن ڪري ان جي حقيقتن جي ابديت ۽ قطعيت ۾ ڪو فرق ناهين پيو.


    قديم مذهبي صحيفن ۾ انساني علم جي ملاوٽ:

    جڏهن مذهب ۽ مذهبي ڪتابن ۾ انساني مداخلت ۽ دخل اندازي شروع ٿي ويندو آهي ته ان ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون شيون شامل ٿي وينديون آهن جن جي صحيح هئڻ جي ضمانت خدا جي طرفان ٿيل نه هوندي آهي. ان وقت ان ۾ انساني علم ۽ نظريا داخل ٿي ويندا آهن. چونڪ انساني علم غيرمعصوم ۽ غيرقطعي ۽ محدود آهي تنهن ڪري انهن صحيفن جي قطعيت ۽ انهن حقيقتن جي ابديت قائم ناهين رهندي.
    قرآن مجيد منڍ کان وٺي آخر تائين ابدي ۽ قطعي آهي، ان ۾ انسانن جا مٽجندڙ نظريا ۽ انهن جي تحقيق ۽ تجربا شامل نه آهن دنيا جا علم ۽ فن جيتري به ترقي ڪن، طبعيات ۽ فلڪيات ۾ انسانن جا نظريا جيڪا به شڪل اختيار ڪن، ڪائنات جو مرڪز زمين ثابت ٿي يا چنڊ، زمين سطحي ثابت ٿي يا گول، سيارن تي آبادي ۽ عوالم جو تعداد ثابت ٿي يا نه قرآن جي حقيقتن تي ڪوبه اثر نٿو پوي.
    ان جي ابتڙ بائبل انساني تحريف ۽ اجتهاد کان بچي نه سگهيو ۽ ان ۾ انسانن جا مشهور ۽ مقبول عقيدا ۽ نظريا شامل ٿي ويا ان مطابق دنيا جي ڪل عمر ڇهه هزار سال آهي، زمين سطحي آهي سج، چنڊ ۽ ستارا متحرڪ آهن. زمين ڪائنات جو مرڪز آهي. باقي سمورا جسم فلڪي ۽ غيرفلڪي ان جي تابع آهن. زمين جي ٻي طرف آباديءَ جو هئڻ محال آهي.
    اهي ڳالهيون ٿي سگهي ٿو ته ان دؤر جي ماڻهن وٽ مڃيل هجن پر انهن جو حقيقت جي مطابق هئڻ ضرور نه آهي. اها انساني علم جي هڪ خاص منزل آهي پر انسانن جو علم مسافر آهي، مقيم نه آهي اهو جيترو اڳتي وڌندو رهيو اڳين منزل کي پوئتي ڇڏيندو ويو، ايتري تائين جو هڪ اهڙو وقت آيو جو مذهب ۽ عقل جو گڏ هلڻ محال ٿي ويو. اهو مذهب ۽ سائنس جو تصادم ۽ يورپ ۾ مذهب جي زوال جو پهريون ڏينهن هيو، پر اسلام ۾ ڪڏهن به اهڙو ڏينهن پيش اچي نٿو سگهي. انساني علم پاڻ ۾ ٽڪرائيندا ۽ ٽڪرائي سگهن ٿا، انهن مان هڪ غلط هوندو ۽ هڪ صحيح ۽ اهو به ٿي سگهي ٿو ته ٻئي غلط هجن، پر الله تعاليٰ جي محفوظ ڪتاب جون حقيقتون ۽ بيان صحيح علم ۾ ڪوبه تصادم ممڪن نه آهي جيڪو علم ان سان ٽڪرائيندو اهو صحيح علم نه هوندو.


    علم ۽ جديد تحقيق جي تصديق

    قرآن مجيد ۾ جديد علمي (سائنٽيفڪ) حقيقتن کي تلاش ڪرڻ ۽ هڪ طرف ان جا ڪجهه اشارا ۽ اجمالي بيان ۽ ٻي طرف جديد تحقيق ۽ انڪشافات ۾ تطبيق (جنهن جي وڏي پئماني تي ڪوشش هن صديءَ ۾ علامه طنطاوي جوهري مصريءَ پنهنجي مشهور تصنيف ”جواهر القرآن“ ۾ ڪئي آهي) وڏو نازڪ ۽ ڪنهن حدتائين خطري وارو ڪم آهي. ڇو ته ان جو قوي امڪان آهي (علم ۽ تحقيق جي تاريخ ۾ ان جو ڪيترائي ڀيرا تجربو ٿي چڪو آهي.) ته علم ۽ تحقيق جا اهي نتيجا جيڪي ان وقت بلڪل بديهي ۽ ثابت ٿيل حقيقتون سمجهيا ويندا آهن، ڪنهن وقت اهي بلڪل بدلجي وڃن ٿا انهن جو ثبوت ۽ قطعيت مشڪوڪ ۽ مجروح بڻجي وڃي. ان علمي ڪاوش ۾ (جنهن جي افاديت ۾ ڪو شڪ نه آهي.) قرآن مجد جي اصل موضوع ۽ مقصد کان دوري ۽ جديد علم ۽ تحقيق ڏانهن رغبت ۽ ميلان جو شائبو به ٿي سگهي ٿو. فلسفهء قديم ۽ مشهور ۽ متعارف تاريخي روايتن جي سلسلي ۾ ڪجهه قديم مفسرن کان به لرزشون ٿيون آهن، پر چونڪ قرآن مجيد جي تفسيرن جي عظيم ذخيرن ۾ انهن جو حصو گهٽ رهيو آهي ۽ اهي مسلمانن جي علمي حلقن ۾ گهڻي شهرت حاصل ڪري نه سگهيا آهن تنهن ڪري انهن کان ايڏو خطرو نه رهيو آهي. جيڏو اڳين صحيفن بائيبل وغيره کي ان وقت جي رائج طبعياتي، فلڪي ۽ جغرافي تشريحن ۽ اضافن جي شموليت سان پيش آيو آهي ۽ جنهن جو نالو ئي قرون وسطي جي مسيحي دنيا ۾ (Christian to pography) ”مسيحي جغرافيه مقدس“ پئجي ويو هو.
    پر هڪ سليم الطبع ۽ منصف مزاج طالب علم (جيڪو جمود ۽ جديد علم جي مرعوبيت کان پاڪ آهي.) مطالعه قرآن جي وقت اها حقيقت معلوم ڪري ششدر ۽ حيران رهجي وڃي ٿو ته جيتوڻيڪ جو هي ڪتاب هڪ اميءَ تي اڄ کان چوڏهن سؤ سال پهريان عرب جي محدود ۽ علمي دنيا کان ڪٽيل ماحول ۾ نازل ٿيو هو ۽ ان ۾ وڏي تعداد ۾ انهن حقيقتن ۽ شين جو ذڪر آهي. جن جو تعلق تاريخ، جغرافيه طبعيات، فلڪيات، اجرام سماوي، علم الحياة، طب، انساني خلقت ۽ ٻين اهڙن سوين علمن جون حقيقتون واضح ڪيون آهن، جنهن سان حقيقتن ۽ علمن جو هڪ نئون جهان منڪشف ٿي ويو آهي ۽ علم جو ڀنڊار کلي ويو آهي. ان ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه نه ڪئي وئي آهي جنهن کي جديد تحقيق ڪوڙو يا خلاف واقعه قرار ڏنو هجي، بلڪ ان ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون حقيقتون آيل آهن جن جي جديد علم تصديق ڪري رهيو آهي ۽ اهي هينئر منڪشف ٿي رهيون آهن ۽ محققن کي هينئر ان تي رسائي حاصل ٿي رهي آهي. اسين ان تفصيل ۾ وڃڻ نٿا چاهيون ڇو ته ان جي لاءِ ڪيئي دفتر کپن اسين هتي صرف فرانسيسي فاضل ۽ محقق جي صرف هڪ شاهدي پيش ڪرڻ تي اڪتفا ڪريون ٿا، مشهور فرنج فاضل مورس يوڪائي جو ڪتاب ”بائيبل، قرآن ۽ سائنس“ (The Quran and Science the Bible) ۽ ان جو عربي ترجمو ”دراسة الکتب المقدسة في صنف المعارف الحديثة“ جي نالي سان شايع ٿيو آهي، موصوف ان ڪتاب ۾ لکي ٿو:
    ”انهن علمي پهلوئن جيڪي قرآن سان مخصوص آهن، مون کي شروعات ۾ ئي ششدر ۽ حيران بڻائي ڇڏيو، منهنجي ذهن ۾ به اها ڳالهه نه هئي ته هڪ اهڙو ڪتاب جنهن کي تيرنهن سؤ سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. ان ۾ ايڏي وڏي تعداد ۾ مختلف موضوعن سان تعلق رکندڙ دعوائون ۽ اعلان هوندا ۽ اهي جديد علمي تحقيق سان پوري طرح مطابق هوندا.“
    موصوف ان سلسلي ۾ آسمانن، زمين جي پيدائش ڪائنات جي وجود اجرام فلڪي، آسماني ماهيت، فلڪي دنيا جي ارتقا، آسماني فضا پاڻي ۽ سمنڊ جو انساني حياتيءَ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪرڻ، زميني سطح ۽ جبل نباتات ۽ حيوانات جي دنيا، زندگيءَ جي شروعات ۽ آغاز انساني واڌويجهه ۽ ان جو توالد ۽ تناسل، ڪچي ٻار جي نشوونما ۽ تاريخي واقعا (طوفان نوح ۽ مصر ۾ بني اسرائيل جو قيام وغيره) تي جدا جدا بحث ڪيو آهي ۽ طبعيات، فلڪيات، علم الحيات طب ۽ تاريخ جي جديد تحقيق جي روشني ۾ قرآن مجيد ۽ بائيبل جو تقابلي مطالعو ڪرڻ کان پوءِ هي فصيلو ڪيو آهي ته:
    ”تورات ۽ انجيل جي تصريح جي مقابلي ۾ قرآن مجيد جي تصريح علم ۽ تحقيق جي جديد نتيجن جي مطابقت ۾ بلڪل منفرد ۽ ممتاز آهي.“ (دراسة الکتب المقدسة في ضوء المعارف الحديثة ص 286) اهو پنهنجي فاضلانه ڪتاب کي هنن سٽن تي ختم ڪري ٿو.
    ”انسان ان جو تصور به نٿو ڪري سگهي ته اهي بيان ۽ دعوائون جيڪي خالص علمي انداز جون آهن ڪنهن انسان جي تصنيف ٿي سگهن ٿيون. علم ۽ معارفت جي ان سطح کي سامهون رکندي جيڪا محمد ﷺ جي زماني ۾ هوندي هئي اهو نتيجو ڪڍڻ هر طرح عقل ۽ انصاف جي مطابق هوندو ته هي قرآن خدائي وحي تي مبني آهي ۽ ان کي ان لحاظ سان خصوصي مقام ڏيڻ گهرجي ته ان جي صحت هر شڪ ۽ شبهي کان مٿاهين آهي ۽ ان حيثيت سان به ته اهو اهڙن علمي نتيجن ۽ مضمونن تي مشتمل آهي جن جي هن دور ۾ پوري طرح تحقيق ڪئي وئي آهي پوءِ به اهي صحيح ثابت ٿيا آهن.“
    تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته قرآن مجيد تي انسانن جي وقتي معاشي، اجتماعي ۽ سياسي رجحانن جو ڪوبه اثر نه آهي، ان جون اهڙن مسئلن ۾ به هدايتون ابدي ۽ دائم آهن.


    قرآن جو هڪ معجزو هدايت ۽ انقلاب آهي:

    پاڻ ڪريم ﷺ جن قرآن مجيد ۾ پنهنجي پيغمبري اخلاق ۽ سيرت (جيڪي درحقيقت قرآن مجيد جو علمي تفسير هئا، ”کان خلقه القرآن“) جي ذريعي اعتقادي، ذهني، روحاني، اخلاقي، نفسياتي، معاشرتي ۽ اجتماعي انقلاب برپا ڪري ڇڏيو، جنهن جو مثال پوري انساني تاريخ ۾ نٿو ملي. قرآن مجيد جو اهو اعجاز خود سوين معجزن تي مشتمل آهي. ان انقلاب جي اثر ۾ جيڪي فرد ۽ جماعتون آيون، انهن مان هر هڪ شخصي ۽ انفرادي طور تي هڪ مستقل ۽ منفرد معجزو آهي، انساني تاريخ ڪڏهن به اهڙي وسيع انقلاب جو مشاهدو نه ڪيو آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته اسلام ۽ جاهليت جي دؤر جو موازنو ڪيو وڃي. ان همه گير ۽ جامع انقلاب جي مختلف پهلوئن کي اجاگر ۽ روشن ڪيو وڃي ان لاءِ اسان کي انهن ٻنهي مختلف دؤرن جي عقلي، مذهبي، نفسياتي، اخلاقي ۽ اجتماعي تاريخ تفصيل سان پيش ڪرڻي پوندي، انهن لاءِ صرف هڪ ڪتاب نه بلڪ ڪيترن ئي دفترن جي ضرورت پوندي، خود قرآن ۾ ۽ سيرت ۽ تاريخ جي مستند ڪتابن ۾ جاهليت ۽ اسلام جا جيڪي متقابل واقعا ڦهليل آهن، انهن کي گڏائڻ سان ان انقلاب جو ڪجهه اندازو لڳائي سگهجي ٿو، جيڪو قرآن مجيد برپا ڪيو.
    ان معجزي ۾ اعجاز جو پهلو هي آهي ته اهو همه گير ۽ جامع انقلاب، انهن سمورن ذريعن ۽ وسيلن کان سواءِ رونما ٿيو، جن کان دنيا متعارف آهي ۽ جن جي ذريعي انساني معلم ۽ مصلح انقلاب جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن. مثال طور تي درس ۽ تدريس، تصنيف ۽ تاليف مدرسا ۽ خانقاهون ۽ اشاعت ۽ تبليغ جا عام ذريعا، خود قرآن مجيد اعجاز جي ان پهلو ۽ وسائل جي اڻهوند ڏانهن ڪجهه اشارا ڪيا آهن، اهي دشمن جيڪي هڪ ٻئي جي خون جا پياسي هئا. انهن ۾ جيڪا بي پناهه محبت ۽ پيار پيدا ٿيو هو. ان بابت قرآن چوي ٿو ته وڏي کان وڏي رقم خرچ ڪرڻ سان به اهڙي محبت پيدا ٿي نٿي سگهي.
    وَاَلَّفَ بَیۡنَ قُلُوۡبِہِمْ ؕ لَوْ اَنۡفَقْتَ مَا فِی الۡاَرْضِ جَمِیۡعًا مَّاۤ اَلَّفَتْ بَیۡنَ قُلُوۡبِہِمْ وَلٰکِنَّ اللہَ اَلَّفَ بَیۡنَہُمْ ؕ اِنَّہٗ عَزِیۡزٌ حَکِیۡمٌ ﴿۶۳﴾ (سورة الانفال : 63)
    هو اهو آهي جنهن توکي پنهنجي مدد سان ۽ ايمان وارن سان طاقت ڏني ۽ ايمان وارن جي دلين ۾ ميلاپ وڌائين. جيڪي زمين ۾ آهي سو سڀئي تون خرچ ڪرين ها ته انهن جي دلين ۾ ميلاپ وجهي نه سگهين پر الله سندن وچ ۾ ميلاپ وڌو. بيشڪ اهو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.
    قرآن مجيد جڳهه جڳهه تي ان انقلاب جي نسبت پاڻ ڏانهن ڪئي آهي ۽ ٻڌايو آهي ته اهو انقلاب قرآن مجيد جي ذريعي ئي برپا ٿيو . قرآن فرمائي ٿو:
    ہُوَ الَّذِیۡ بَعَثَ فِی الْاُمِّیّٖنَ رَسُوۡلًا مِّنْہُمْ یَتْلُوۡا عَلَیۡہِمْ اٰیٰتِہٖ وَ یُزَکِّیۡہِمْ وَ یُعَلِّمُہُمُ الْکِتٰبَ وَ الْحِكْمَۃَ ٭ وَ اِنۡ کَانُوۡا مِنۡ قَبْلُ لَفِیۡ ضَلٰلٍ مُّبِیۡنٍ ۙ﴿۲﴾ (الجمعة : 2)
    هو اهو آهي جنهن اڻ پڙهيلن ۾ انهن مان هڪ رسول موڪليو جو کين سندس آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ کين پاڪ ڪري ٿو ۽ کين ڪتاب ۽ عقلمندي سيکاري ٿو ۽ بيشڪ اهي ته هن کان اڳ پڌري گمراهيءَ ۾ هئا.
    ٻي جڳهه تي فرمائي ٿو:
    ہُوَ الَّذِیۡ یُنَزِّلُ عَلٰی عَبْدِہٖۤ اٰیٰتٍۭ بَیِّنٰتٍ لِّیُخْرِجَكُمۡ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَی النُّوۡرِ ؕ (الحديد : 9)
    هو اهو آهي جو پنهنجي ٻانهي تي پڌريون آيتون نازل ڪري ٿو ته اوهان کي اونداهين مان سوجهري ڏي آڻي.
    هڪ ٻي جڳهه تي ارشاد آهي:
    الٓرٰ ۟ کِتٰبٌ اَنۡزَلْنٰہُ اِلَیۡکَ لِتُخْرِجَ النَّاسَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَی النُّوۡرِ ۬ۙ(ابراهيم : 1)
    الرا هي هڪ ڪتاب آهي جنهن کي اسان توڏي هن لاءِ نازل ڪيو اهي ته تون ماڻهن کي اونداهين مان (ڪڍي) روشنيءَ ڏانهن آڻين.
    قرآن مجيد جاهليت ۽ اسلام جو ذڪر وڏي طمطراق سان پنهنجي فصيح ۽ بليغ انداز ۾ ڪيو آهي ۽ انهن ٻنهي دؤرن ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق ٻڌايو آهي. قرآن فرمائي ٿو:
    وَاذْكُرُوۡا نِعْمَتَ اللہِ عَلَیۡكُمْ اِذْ كُنۡتُمْ اَعْدَآءً فَاَلَّفَ بَیۡنَ قُلُوۡبِكُمْ فَاَصْبَحْتُمۡ بِنِعْمَتِہٖۤ اِخْوَانًا ۚ وَكُنۡتُمْ عَلٰی شَفَا حُفْرَۃٍ مِّنَ النَّارِ فَاَنۡقَذَكُمۡ مِّنْہَا ؕ کَذٰلِکَ یُبَیِّنُ اللہُ لَكُمْ اٰیٰتِہٖ
    لَعَلَّكُمْ تَہۡتَدُوۡنَ ﴿۱۰۳﴾ (سورة آل عمران : 103 )
    ۽ پاڻ تي الله جي نعمت کي ياد ڪريو جڏهن اوهين (هڪ ٻئي جا) دشمن هئا پوءِ اوهان جي دلين ۾ محبت وڌائين پوءِ اوهين سندس نعمت جي ڪري ڀائر ٿي پيا ۽ اوهين باهه جي هڪ کڏ جي ڪناري تي هئا پوءِ اوهان کي ان کان بچايائين اهڙيءَ طرح الله اوهان لاءِ پنهنجيون آيتون بيان ڪري ٿو (ته) من هدايت وارا ٿيو.
    هڪ ٻي جڳهه تي ان فرق کي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي.
    اَوَ مَنۡ کَانَ مَیۡتًا فَاَحْیَیۡنٰہُ وَ جَعَلْنَا لَہٗ نُوۡرًا یَّمْشِیۡ بِہٖ فِی النَّاسِ ﴿۱۲۲﴾ (الانعام :122)
    ڀلا جيڪو مئل هو پوءِ اسان ان کي جيئرو ڪيو ۽ ان لاءِ روشني پيدا ڪئي سون جنهن سان هو ماڻهن ۾ هلي ٿو.
    حقيقت ۾ جاهليت ۽ اسلام جي ان کان وڌيڪ تصوير پيش ڪري نه ٿي سگهجي ۽ انهن ٻنهي جي فرق ۽ خصوصيتن کي ان کان وڌيڪ وضاحت ۽ بلاغت سان بيان نٿو ڪري سگهجي، جاهليت ۽ اسلام جي پوري تاريخ انهن ٻنهي آيتن جو تفسير ۽ ان ان جمال جو تفصيل آهي، جاهليت ڇا آهي؟ ” كُنۡتُمْ اَعْدَآءً “ (آل عمران-103) ۽ ” وَكُنۡتُمْ عَلٰی شَفَا حُفْرَۃٍ مِّنَ النَّارِ “ جو مظهر ۽ اسلام ڇا آهي؟ ” فَاَلَّفَ بَیۡنَ قُلُوۡبِكُمْ “ جو تفسير ۽ ” فَاَنۡقَذَكُمۡ مِّنْہَا “ جي تصوير.
    جاهليت واري دؤر جي مهذب کان مهذب انسان جي صحيح تعريف ان کان وڌيڪ بهتر ۽ بليغ نٿي ڪري سگهجي، جيڪا قران ”اومن کان ميتا“ سان ڪئي آهي. اسلامي انقلاب ۽ انقلابي سلسلي جي تصوير ڪڍڻي هجي ته ان لاءِ ” فَاَحْیَیۡنٰہُ وَ جَعَلْنَا لَہٗ نُوۡرًا یَّمْشِیۡ بِہٖ فِی النَّاسِ “ کان وڌيڪ بليغ لفظ نٿا ملي سگهن.

    قرآن مجيد مان استفادي حاصل ڪرڻ جا شرط ۽ مؤيد ۽ موانع:
    قرآن مجيد جا مخاطب ته سمورا انسان آهن، پر جيئن زمين جا مختلف ٽڪرا پنهنجي صلاحيت ۽ مرتبي جي لحاظ سان الله تعاليٰ جي رحمت برسات مان فائدو وٺندا آهن، هر جڳهه تي برسات هڪ جهڙي پوڻ جي باوجود زمين جا ڪي ٽڪرا ان برسات مان گهڻو فائدو حاصل ڪندا آهن ۽ ڪي گهٽ فائدو حاصل ڪندا آهن ۽ جئين سٺي کان سٺي غذا مختلف انساني معدن ۾ وڃي مختلف اثر ڏيکاريندي آهي. ائين قرآن مجيد جو خطاب به سمورن انسانن جي لاءِ هڪ جهڙو آهي. پر ان مان استفادو حاصل ڪرڻ ۽ ان کي قبولڻ جي صلاحيت سمورن انسانن جي هڪ جهڙي نه آهي. شيءِ هڪ ئي آهي پر ان مان فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ انساني سمجهه ۽ بصيرت ۾ فرق آهي.
    الله تبارڪ وتعاليٰ قرآن مجيد ۾ پڻ قرآن مان استفادي حاصل ڪرڻ جو فرق ۽ ان مان اثر ۽ نتيجي حاصل ڪرڻ جو اختلاف بيان ڪيو آهي ۽ ان جي ٻن متضاد اثرن کي گڏ بيان ڪيو آهي.
    وَنُنَزِّلُ مِنَ الْقُرْاٰنِ مَا ہُوَ شِفَآءٌ وَّ رَحْمَۃُ لِّلْمُؤْمِنِیۡنَ ۙ وَ لَا یُزِیۡدُ الظّٰلِمِیۡنَ اِلَّا خَسَارًا ﴿۸۲﴾
    (بني اسرائيل : 82)
    ۽ اسين اهو قرآن نازل ڪريون ٿا جو ايمان وارن لاءِ شفا ۽ رحمت آهي ۽ ظالمن لاءِ رڳو نقصان وڌائي ٿو.
    قُلْ ہُوَ لِلَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا ہُدًی وَّ شِفَآءٌ ؕ وَ الَّذِیۡنَ لَا یُؤْمِنُوۡنَ فِیۡۤ اٰذَانِہِمْ وَقْرٌ وَّ ہُوَ عَلَیۡہِمْ عَمًی ؕ اُولٰٓئِکَ یُنَادَوْنَ مِنۡ مَّکَانٍۭ بَعِیۡدٍ ﴿٪۴۴﴾ (حم سجده : 44)
    چئو ته اهو (قرآن) ايمان وارن لاءِ هدايت ۽ (روحاني بيمارين لاءِ) شفا آهي ۽ جيڪي ايمان نٿا آڻين تن جي ڪنن ۾ ٻوڙائي آهي. ۽ اهو (قرآن) سندن حق ۾ اونڌاهي آهي (ڄڻ ته) کين ڏوراهين هنڌ کان سڏيو وڃي ٿو.
    وَ اِذَا مَاۤ اُنۡزِلَتْ سُوۡرَۃٌ فَمِنْہُمۡ مَّنۡ یَّقُوۡلُ اَیُّكُمْ زَادَتْہُ ہٰذِہٖۤ اِیۡمَانًا ۚ فَاَمَّا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا فَزَادَتْہُمْ اِیۡمَانًا وَّہُمْ یَسْتَبْشِرُوۡنَ ﴿۱۲۴﴾ وَ اَمَّا الَّذِیۡنَ فِیۡ قُلُوۡبِہِمۡ مَّرَضٌ فَزَادَتْہُمْ رِجْسًا اِلٰی رِجْسِہِمْ وَمَاتُوۡا وَہُمْ کٰفِرُوۡنَ ﴿۱۲۵﴾ (التوبه : 124-125)
    ۽ جڏهن ڪا سورة نازل ڪئي وڃي ٿو ته انهن (منافقن) مان ڪي اهڙا به آهن جو چون ٿا ته هن (سورت) اوهان مان ڪنهن جو پوءِ جن ايمان آندو تن جو ان (سورت) ايمان زياده ڪيو ۽ اهي خوش ٿين ٿا ۽ جن جي دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آهي تن لاءِ سندن پليتي وڌايائين ۽ اهي ڪافر ٿي مئا.
    اِنَّ اللہَ لَا یَسْتَحۡیٖۤ اَنۡ یَّضْرِبَ مَثَلًا مَّا بَعُوۡضَۃً فَمَا فَوْقَہَا ؕ فَاَمَّا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا فَیَعْلَمُوۡنَ اَنَّہُ الْحَقُّ مِنۡ رَّبِّہِمْ ۚ وَاَمَّا الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا فَیَقُوۡلُوۡنَ مَاذَاۤ اَرَادَ اللہُ بِہٰذَا مَثَلًا ۘ یُضِلُّ بِہٖ کَثِیۡرًا ۙ وَّیَہۡدِیۡ بِہٖ کَثِیۡرًا ؕ وَمَا یُضِلُّ بِہٖۤ اِلَّا الْفٰسِقِیۡنَ ﴿ۙ۲۶﴾ (البقره : 26)
    بيشڪ الله ڪنهن به مثال بيان ڪرڻ کان شرم نٿو ڪري مڇر جو هجي يا ان کان به مٿي پوءِ جن ايمان آندو سي ڄاڻن ٿا ته بيشڪ اهو (مثال) سچ آهي جو سندن پاليندڙ وٽان آيل آهي ۽ جن ڪفر ڪيو سي چون ٿا ته الله هن مثال سان ڇا ارادو ڪيو آهي؟ ان سان گهڻن کي گمراهه ڪري ٿو ۽ ان سان گهڻن کي سڌو رستو ڏيکاري ٿو ۽ ان سان بدڪارن کان سواءِ ٻي ڪنهن کي گمراهه نٿو ڪري.
    ڪن آيتن ۾ مؤمنن ۽ ڪن آيتن ۾ ڪافرن کي قرآن مجيد جي جدا جدا اثر کي بيان فرمايائين.
    مؤمنن بابت فرمايائين:
    ذٰلِکَ الْکِتٰبُ لَا رَیۡبَ ۚۖۛ فِیۡہِ ۚۛ ہُدًی لِّلْمُتَّقِیۡنَ ۙ﴿۲﴾ الَّذِیۡنَ یُؤْمِنُوۡنَ بِالْغَیۡبِ وَیُقِیۡمُوۡنَ الصَّلٰوۃَ وَمِمَّا رَزَقْنٰہُمۡ یُنۡفِقُوۡنَ ۙ﴿۳﴾ (البقره 2-3)
    (هيءَ) رهنمائي آهي پرهيزگارن لاءِ جيڪي اڻ ڏٺي ته ايمان آڻين ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا ۽ اسان کين جيڪو رزق ڏنو آهي تنهن مان خرچ ڪن ٿا.
    اِنَّمَا الْمُؤْمِنُوۡنَ الَّذِیۡنَ اِذَا ذُکِرَ اللہُ وَجِلَتْ قُلُوۡبُہُمْ وَ اِذَا تُلِیَتْ عَلَیۡہِمْ اٰیٰتُہٗ زَادَتْہُمْ اِیۡمَانًا وَّعَلٰی رَبِّہِمْ یَتَوَکَّلُوۡنَ ۚ﴿ۖ۲﴾ (الانفال : 2)
    ايمان وارا فقط اهي آهن جو جڏهن الله کي ياد ڪيو وڃي ٿو ته سندن دليون ڊڄن ٿيون ۽ جڏهن کين سندس آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته اهي (آيتون) انهن جي ايمان کي زياده ڪن ٿيون ۽ اهي پنهنجي پاليندڙ تي ڀروسو ڪن ٿا.
    اَللہُ نَزَّلَ اَحْسَنَ الْحَدِیۡثِ کِتٰبًا مُّتَشَابِہًا مَّثَانِیَ ٭ۖ تَقْشَعِرُّ مِنْہُ جُلُوۡدُ الَّذِیۡنَ یَخْشَوْنَ رَبَّہُمْ ۚ ثُمَّ تَلِیۡنُ جُلُوۡدُہُمْ وَ قُلُوۡبُہُمْ اِلٰی ذِكْرِ اللہِ ؕ ذٰلِکَ ہُدَی اللہِ یَہۡدِیۡ بِہٖ مَنْ یَّشَآءُ ؕ وَ مَنۡ یُّضْلِلِ اللہُ فَمَا لَہٗ مِنْ ہَادٍ ﴿۲۳﴾ (الزمر : 23)
    الله نهايت سٺو ڪلام ڪتاب نازل ڪيو جنهن جون ڳالهيون هڪ ٻئي جهڙيون (۽ هڪ ڳالهه جي سمجهائڻ لاءِ بار بار) دهرايل آهن. ان جي ٻڌڻ سان انهن (ماڻهن) جي کلن (جا وار) ڪانڊارجن ٿا جيڪي پنهنجي پاليندڙ کان ڊڄن ٿا وري سندن کلون ۽ سندن دليون الله جي ياد تي نرم ٿين ٿيون. هي (قرآن) الله جي هدايت آهي جنهن کي وڻيس تنهن کي ان سان هدايت ڪري ٿو ۽ جنهن کي الله گمراه ڪري ٿو تنهن کي ڪوبه هدايت ڪندڙ نه آهي.
    ڪافرن بابت فرمايائين:
    وَ اِذَا تُتْلٰی عَلَیۡہِمْ اٰیٰتُنَا بَیِّنٰتٍ تَعْرِفُ فِیۡ وُجُوۡہِ الَّذِیۡنَ کَفَرُوا الْمُنکَرَ ؕ یَکَادُوۡنَ یَسْطُوۡنَ بِالَّذِیۡنَ یَتْلُوۡنَ عَلَیۡہِمْ اٰیٰتِنَا ؕ قُلْ اَفَاُنَبِّئُكُمۡ بِشَرٍّ مِّنۡ ذٰلِكُمُ ؕ اَلنَّارُ ؕ وَعَدَہَا اللہُ الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا ؕ وَ بِئْسَ الْمَصِیۡرُ ﴿٪۷۲﴾ (الحج : 72)
    ۽ (اي پيغمبر) جڏهن انهن کي اسان جون آيتون جيڪي ظاهر آهن پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته ڪافرن جي منهن ۾ تون ناراضپو معلوم ڪرين ٿو (ايتري تائين جو) جيڪي کين اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائين ٿا تن تي حملو نه ڪري ويهن.
    وَ اِذَا ذُکِرَ اللہُ وَحْدَہُ اشْمَاَزَّتْ قُلُوۡبُ الَّذِیۡنَ لَا یُؤْمِنُوۡنَ بِالْاٰخِرَۃِ ۚ (الزمر آيت 45)
    ۽ جڏهن اڪيلي الله جو نالو ورتو وڃي ٿو ته جيڪي آخرت تي ايمان نٿا آڻين تن جي دلين کي بڇڙو لڳو ٿو.
    وَ اِذَا مَاۤ اُنۡزِلَتْ سُوۡرَۃٌ نَّظَرَ بَعْضُہُمْ اِلٰی بَعْضٍ ؕ ہَلْ یَرٰىكُمۡ مِّنْ اَحَدٍ ثُمَّ انۡصَرَفُوۡا ؕ صَرَفَ اللہُ قُلُوۡبَہُمۡ بِاَنَّہُمْ قَوْمٌ لَّا یَفْقَہُوۡنَ ﴿۱۲۷﴾ (التوبه آيت 127)
    ۽ جڏهن ڪا سورت نازل ڪئي وڃي ٿي ته انهن (منافقن) مان هڪڙا ٻين ڏي (شرم کان) ڏسن ٿا (۽چون ٿا) ڇا اوهان کي ڪو (مسلمان) ڏسي ٿو وري (گهرن ڏي) ڦرن ٿا. الله سندن دليون ڦيريون آهن هن ڪري جو اهي به سمجهه قوم آهن.
    قرآن مجيد صرف ان تي اڪتفا نه ڪئي بلڪ مؤمنن جي ان اثر قبولڻ ۽ نفعو حاصل ڪرڻ ۽ ڪافرن جي منهن موڙڻ ۽ گمراهيءَ ۾ وڌڻ جي زڪر جي موقعي تي مؤمنن ۽ ڪافرن جي انهن مختلف متضاد، اخلاقن، صفتن، عقيدن ۽ عملن جو به ذڪر ڪيو آهي. جن مان معلوم ٿئي ٿو ته انهن متقايل وصفن کي مختلف نتيجن ڏيڻ ۾ ڪونه ڪو دخل ضرور آهي. انهن وصفن جي روشنيءَ ۾ اسين قرآن مان استفادي جا شرط ۽ قرآن مان استفادي جا موانع مرتب ڪري سگهون ٿا. ۽ اهو معلوم ڪري سگهون ٿا ته ڪهڙي قسم جا اخلاق ۽ ڪهڙي قسم جي ذهنيت ۽ تربيت قرآن سان مناسبت رکي ٿي ۽ ان جي سمجهڻ ۽ فائدو وٺڻ جي لاءِ معاون آهي ۽ ڪهڙي قسم جي ذهنيت ۽ سيرت قرآن جي منافي آهي ۽ ان لاءِ حجاب ۽ پردو بڻجي ٿي ۽ ان جي متوقع اصلاحي ۽ انقلابي نتيجا پيدا ڪرڻ ۾ مزاحم آهي. انهن کي مختلف عنوانن جي ماتحت ذڪر ڪيو وڃي ٿو.


    قرآن مان استفادي حاصل ڪرڻ جون رڪاوٽون

    قرآن مان استفادي ۽ هدايت جي موانع کي قرآن ڪافرن جي محرومي جي تذڪري سان گڏ ذڪر ڪيو آهي. قران مان فائدو حاصل ڪرڻ ۽ ان جي روحاني، اعتقادي انقلاب ۽ اصلاح جي رستي ۾ اهي اخلاق ۽ اعتقاد سخت مزاحم آهن، ڪافرن کان سواءِ جيڪڏهن مسلمانن ۾ به اهي موانع لڌا ويندا ته قرآن مجيد مان فائدو وٺڻ کان محروميءَ جو سبب بڻجندا.


    1- تڪبر:

    انبياءَ ڪرام جي تعليم جي برڪتن ۽ نتيجن ۽ انهن جي پيروي جي سعادت کان محروميءَ جو سڀ کان وڏو سبب اڪثر تڪبر ڪوڙي عزت نفس ۽ خودداريءَ جو جاهلي جذبو هوندو آهي، ڪڏهن اهو انڪار ۽ وڏائي حق قبولڻ کان هوندي آهي. ڇو ته حق قبولڻ جي نتيجي ۾ پنهنجا ذاتي اغراض ۽ فائدا ڇڏڻا پوندا آهن. جاهلي عادتن ۽ رسمن کي ڇڏڻو پوندو آهي، آزادي ۽ ڇڙواڳيءَ جي زندگيءَ جي جڳهه تي پابندي ۽ قانون جي زندگي گذارڻي پوندي آهي، ڪيترن ماڻهن لاءِ اهڙو قسم جو انقلاب ۽ زندگيءَ جي تبديلي ڏکئي هوندي آهي. تنهن ڪري انهن جو تڪبر انهن کي قرآن جي انڪار تي اڀاريندو آهي. هيٺين آيتن ۾ اهڙن قسمن جي ماڻهن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
    سَاَصْرِفُ عَنْ اٰیٰتِیَ الَّذِیۡنَ یَتَکَبَّرُوۡنَ فِی الۡاَرْضِ بِغَیۡرِ الْحَقِّ ؕ وَ اِنۡ یَّرَوْا كُلَّ اٰیَۃٍ لَّا یُؤْمِنُوۡا بِہَا ۚ وَ اِنۡ یَّرَوْا سَبِیۡلَ الرُّشْدِ لَا یَتَّخِذُوۡہُ سَبِیۡلًا ۚ وَ اِنۡ یَّرَوْا سَبِیۡلَ الْغَیِّ یَتَّخِذُوۡہُ سَبِیۡلًا ؕ ذٰلِکَ بِاَنَّہُمْ کَذَّبُوۡا بِاٰیٰتِنَا وَکَانُوۡا عَنْہَا غٰفِلِیۡنَ ﴿۱۴۶﴾ (الاعراف : 146)
    ”جيڪي زمين ۾ ناحق وڏائي ڪن ٿا تن کي پنهنجين آيتن (۾ سوچڻ) کان ڦيري ڇڏيندس ۽ جيڪڏهن اهي سڀ ڪا نشاني ڏسندا ته به انهن تي ايمان نه آڻيندا ۽ جيڪڏهن هدايت جو رستو ڏسندا ته ان کي رستو ڪري نه وٺندا ۽ جيڪڏهن گمراهيءَ جو رستو ڏسندا ته ان کي رستو ڪري وٺندا. اهو هن ڪري جو انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ انهن کان بي خبر رهيا آهن.“
    وَیۡلٌ لِّكُلِّ اَفَّاكٍ اَثِیۡمٍ ۙ﴿۷﴾ یَّسْمَعُ اٰیٰتِ اللہِ تُتْلٰی عَلَیۡہِ ثُمَّ یُصِرُّ مُسْتَكْبِرًا کَاَنۡ لَّمْ یَسْمَعْہَا ۚ فَبَشِّرْہُ بِعَذَابٍ اَلِیۡمٍ ﴿۸﴾ (الجاثيه : 7-8)
    سڀ ڪنهن ڪوڙي گنهگار لاءِ وڏي خرابي آهي جو الله جي آيتن کي جنهن وقت ان کي پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته ٻڌي ٿو وري وڏائي ڪري (ڪفر تي) ضد ڪري بيهي ٿو ڄڻ ته انهن (آيتن) کي نه ٻڌائين. پوءِ (اي پيغمبر) ان کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌاءِ
    ثُمَّ اَدْبَرَ وَ اسْتَكْبَرَ ﴿ۙ۲۳﴾ (المدثر : 23)
    وري پٺ ڦيريائين ۽ وڏائي ڪيائين.
    فَقَالَ اِنْ ہٰذَاۤ اِلَّا سِحْرٌ یُّؤْثَرُ ﴿ۙ۲۴﴾ اِنْ ہٰذَاۤ اِلَّا قَوْلُ الْبَشَرِ ﴿ؕ۲۵﴾(المدثر : 24-25)
    پوءِ چوڻ لڳو ته هي (قرآن) رڳو جادو آهي جو (جادوگر کان) هليو اچي. هي (قرآن) رڳو ماڻهوءَ جي ڪلام آهي.
    ڪڏهن پيغمبر جي ظاهري حالت ۽ غربت ڏسي اهي ان پيغام ۽ تعليم کان انڪار ۽ وڏائي ڪندا آهن ۽ اهي ان جي پيروي ۾ پنهنجي اهانت ۽ بيعزتي محسوس ڪندا آهن، فرعون چيو هو.
    اَمْ اَنَا خَیۡرٌ مِّنْ ہٰذَا الَّذِیۡ ہُوَ مَہِیۡنٌ ۬ۙ وَّ لَا یَکَادُ یُبِیۡنُ ﴿۵۲﴾ فَلَوْ لَاۤ اُلْقِیَ عَلَیۡہِ اَسْوِرَۃٌ مِّنۡ ذَہۡبٍ اَوْ جَآءَ مَعَہُ الْمَلٰٓئِکَۃُ مُقْتَرِنِیۡنَ ﴿۵۳﴾ (الزخرف : 52-53)
    ڇا پوءِ اوهين نٿا ڏسو ته آءٌ هن کان چڱو آهيان جيڪو خوار آهي ۽ چٽو به ڳالهائي نٿو سگهي. (جيڪڏهن موسيٰ مون کان چڱو آهي ته) پوءِ مٿس سون جا ڪنگڻ ڇو نه لاٿا ويا يا ساڻس ملائڪ گڏ ٿي ڇو نه آيا.
    ۽ مڪي جي ڪافرن چيو هو
    وَقَالُوۡا لَوْلَا نُزِّلَ ہٰذَا الْقُرْاٰنُ عَلٰی رَجُلٍ مِّنَ الْقَرْیَتَیۡنِ عَظِیۡمٍ ﴿۳۱﴾ (الزخرف : 31)
    ۽ چيائون ته هنن ٻن ڳوٺن (مڪي ۽ طائف) مان ڪنهن وڏو ماڻهوءَ تي هي قرآن ڇو نه لاٿو ويو.؟
    ڪڏهن صرف انهن جي بشريت انهن لاءِ حق جي قبولڻ کان مانع بڻجي ويندي آهي.
    ذٰلِکَ بِاَنَّہٗ کَانَتۡ تَّاۡتِیۡہِمْ رُسُلُہُمۡ بِالْبَیِّنٰتِ فَقَالُوۡۤا اَبَشَرٌ یَّہۡدُوۡنَنَا ۫ فَکَفَرُوۡا وَ تَوَلَّوۡا وَّ اسْتَغْنَی اللہُ ؕ وَ اللہُ غَنِیٌّ حَمِیۡدٌ ﴿۶﴾ (التغابن : 6)
    اهو هن ڪري ته انهن وٽ سندن رسول ظاهر نشانيون کڻي ايندا آهن پوءِ تن چيو ته اسان کي (اسان جهڙا) ماڻهو رستو ڏيکاريندا ڇا؟ پوءِ انڪار ڪيائيون ۽ منهن ڦيريائون ۽ الله بي پرواهي ڪئي ۽ الله بي پرواهه ۽ ساراهيل آهي.
    وَقَالُوۡا مَالِ ہٰذَا الرَّسُوۡلِ یَاۡكُلُ الطَّعَامَ وَ یَمْشِیۡ فِی الْاَسْوَاقِ ؕ لَوْ لَاۤ اُنۡزِلَ اِلَیۡہِ مَلَكٌ فَیَكُوۡنَ مَعَہٗ نَذِیۡرًا ۙ﴿۷﴾ (الفرقان : 7)
    ۽ چيائون ته هن رسول کي ڇا ٿيو آهي جو کاڌو کائي ٿو ۽ بازارين ۾ هلي ٿو ان ڏي ڪو ملائڪ ڇو نه لاٿو ويو ته ان سان گڏ ڊيڄاريندڙ ٿئي.
    ڪڏهن رسول جي پيروڪارن جي معاشي بدحالي انهن جا حقير ڌنڌا ۽ انهن جي نسلن جو گهٽ هئڻ انهن لاءِ حق واري جماعت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ عذر بڻجندو هو ۽ هو ان کي عذر بڻائي ان جماعت ۾ شامل نه ٿيندا هئا، قرآن فرمائي ٿو:
    فَقَالَ الْمَلَاُ الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا مِنۡ قِوْمِہٖ مَا نَرٰىکَ اِلَّا بَشَرًا مِّثْلَنَا وَمَا نَرٰىکَ اتَّبَعَکَ اِلَّا الَّذِیۡنَ ہُمْ اَرَاذِلُنَا بَادِیَ الرَّاۡیِ ۚ وَ مَا نَرٰی لَكُمْ عَلَیۡنَا مِنۡ فَضْلٍۭ بَلْ نَظُنُّكُمْ کٰذِبِیۡنَ ﴿۲۷﴾ (هود : 27)
    پوءِ سندس قوم جي ڪافر سردارن چيو ته اسين توکي رڳو پاڻ جهڙو ماڻهو ڏسون ٿا ۽ اسين توکي نه ٿا ڏسون جو ڪنهن تنهنجي پيروي ڪئي هجي انهن کان سواءِ جيڪي اسان مان گهٽ درجي وارا ظاهربين آهن ۽ اسين پاڻ کان مٿي اوهان جي ڪا فضيلت نه ٿا ڏسون بلڪ اوهان کي ڪوڙو خيال ڪريون ٿا.
    ڪڏهن ڪڏهن انهن لاءِ اهو خيال رڪاوٽ بڻجندو هو جو انهن دنيا جي گهڻائيءَ جي ڪري اهو سمجهي ڇڏيو هو ته دنيا جي هر سٺي شيءِ جا مستحق اهي ئي آهن ۽ اها شيءِ ڪڏهن به سٺي نه ٿي سگهي جيڪا پهريان انهن کي نه ملي، قرآن فرمائي ٿو:
    وَ قَالَ الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا لِلَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لَوْ کَانَ خَیۡرًا مَّا سَبَقُوۡنَاۤ اِلَیۡہِ ؕ وَ اِذْ لَمْ یَہۡتَدُوۡا بِہٖ فَسَیَقُوۡلُوۡنَ ہٰذَاۤ اِفْكٌ قَدِیۡمٌ ﴿۱۱﴾ (الاحقاف : 11)
    ۽ ڪافرن مؤمنن جي باري ۾ چيو ته جيڪڏهن اهو (دين) چڱو هجي ها ته اهي ان ڏي اسان کان اڳي نه وڃن ها ۽ جڏهن ان سان سڌي رستي تي نه آيا تڏهن چوندا ته هي پراڻو ڪوڙ آهي.
    اهي ئي سبب آهن جن جي بنياد تي وڏيرا ۽ سرمائيدار ماڻهو پيغمبرن جي دعوت کي ڪوڙو قرار ڏيندا آهن ۽ انهن جي مخالفت ڪندا آهن، قرآن فرمائي ٿو:
    وَمَاۤ اَرْسَلْنَا فِیۡ قَرْیَۃٍ مِّنۡ نَّذِیۡرٍ اِلَّا قَالَ مُتْرَفُوۡہَاۤ ۙ اِنَّا بِمَاۤ اُرْسِلْتُمۡ بِہٖ کٰفِرُوۡنَ ﴿۳۴﴾ (سبا: 34)
    ۽ اسان ڪنهن به ڳوٺ ۾ ڪوبه ڊيڄاريندڙ نه موڪليو پر ان جي آسودن (ماڻهن) چيو ته جنهن سان اوهين موڪليا ويا آهيو تنهن جو اسين انڪار ڪندڙ آهيون.
    وَکَذٰلِکَ جَعَلْنَا فِیۡ كُلِّ قَرْیَۃٍ اَکٰبِرَ مُجَرِمِیۡہَا لِیَمْكُرُوۡا فِیۡہَا ؕ (الانعام : 123)
    ۽ اهڙيءَ طرح اسان سڀ ڪنهن ڳوٺ ۾ (اتي جي) سردارن کي اتي جا ڏوهاري ڪيو هن لاءِ ته اهي انهن (ڳوٺن) ۾ بڇڙيون تدبيرون ڪن.
    تنهن ڪري تڪبر پوءِ ان جو سبب ڪهڙو به ڇو نه هجي، قرآن مجيد مان فائدو حاصل ڪرڻ کان مانع هوندو آهي. قرآن مجيد جي تعليم قبولڻ لاءِ، ان کي پنهنجي نفس تي جاري ڪرڻ لاءِ، ۽ ان کي پنهنجي زندگيءَ جي معاملات ۾ حاڪم بنائڻ لاءِ ۽ انبياءِ جي رهنمائي قبولڻ لاءِ تواضع پنهنجو پاڻ حوالي ڪرڻ رضا ۽ ايثار شرط آهي. قرآن فرمائي ٿو:
    فَلَا وَرَبِّکَ لَا یُؤْمِنُوۡنَ حَتّٰی یُحَکِّمُوۡکَ فِیۡمَا شَجَرَ بَیۡنَہُمْ ثُمَّ لَا یَجِدُوۡا فِیۡۤ اَنفُسِہِمْ حَرَجًا مِّمَّا قَضَیۡتَ وَیُسَلِّمُوۡا تَسْلِیۡمًا ﴿۶۵﴾ (النساء : 65)
    پوءِ تنهنجي پاليندڙ جو قسم آهي ته اهي ايستائين ايمان وارا نه ٿيندا جيستائين ان جهڳڙي ۾ جو سندن وچ ۾ ٿيو آهي توکان فيصلو نه ڪرائين وري جيڪو فيصلو تون ڪرين تنهن کان پنهنجن دلين ۾ ڪابه تنگي نه ڏسن ۽ ان کي چڱيءَ طرح مڃين.


    2- مجادله

    بغير ڪنهن حجت ۽ دليل جي قرآن مجيد جي باري ۾ بحث مباحثو ڪرڻ، ان کي پنهنجي لساني چالاڪيءَ سان مغلوب ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ، ان جي باري ۾ قياس آرائيون ڪرڻ، اهي سڀ سبب قرآن مان هدايت ۽ لاڀ حاصل ڪرڻ کان محروم رکندا آهن ۽ اندر ۾ ڇپيل تڪبر، وڏائي ۽ ڪيني تي ڏس ڏيندا آهن. قرآن فرمائي ٿو:
    اِنَّ الَّذِیۡنَ یُجَادِلُوۡنَ فِیۡۤ اٰیٰتِ اللہِ بِغَیۡرِ سُلْطٰنٍ اَتٰہُمْ ۙ اِنۡ فِیۡ صُدُوۡرِہِمْ اِلَّا کِبْرٌ مَّا ہُمۡ بِبَالِغِیۡہِ ۚ فَاسْتَعِذْ بِاللہِ ؕ اِنَّہٗ ہُوَ السَّمِیۡعُ الْبَصِیۡرُ ﴿۵۶﴾ (المؤمن : 56)
    بيشڪ جيڪي الله جي آيتن ۾ ڪنهن به ثابتيءَ کان سواءِ جا وٽن آئي هجي جهڳڙو ڪن ٿا تن جي سينن ۾ رڳو وڏائي آهي جنهن کي اهي پهچڻ وارا نه آهن پر تون الله جي پناهه گهر! بيشڪ اهو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.
    وَالَّذِیۡنَ سَعَوْا فِیۡۤ اٰیٰتِنَا مُعٰجِزِیۡنَ اُولٰٓئِکَ لَہُمْ عَذَابٌ مِّنۡ رِّجْزٍ اَلِیۡـمٌ ﴿۵﴾ (السبا آيت 5)
    ۽ جن اسان جي آيتن (جي مقابلي) ۾ (اسان کي) عاجز ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي تن لاءِ ئي دردناڪ عذاب جي سزا آهي.
    الَّذِیۡنَ یُجَادِلُوۡنَ فِیۡۤ اٰیٰتِ اللہِ بِغَیۡرِ سُلْطٰنٍ اَتٰہُمْ ؕ کَبُرَ مَقْتًا عِنۡدَ اللہِ وَ عِنۡدَ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا ؕ کَذٰلِکَ یَطْبَعُ اللہُ عَلٰی كُلِّ قَلْبِ مُتَکَبِّرٍ جَبَّارٍ ﴿۳۵﴾ (المؤمن : 35)
    جيڪي الله جي آيتن ۾ جهڳڙو ڪن ٿا (ڪنهن به) ثابتيءَ کان سواءِ جا وٽن آئي هجي (اهو جهڳڙو ڪرڻ) الله وٽ ۽ ايمان وارن وٽ وڏي ڪاوڙ جي ڳالهه آهي. اهڙيءَ طرح الله (سڀ ڪنهن) وڏائي ڪندڙ سرڪش جي دل کي مهر هڻي ٿو.
    وَکَذٰلِکَ جَعَلْنَا لِكُلِّ نِبِیٍّ عَدُوًّا شَیٰطِیۡنَ الۡاِنۡسِ وَ الْجِنِّ یُوۡحِیۡ بَعْضُہُمْ اِلٰی بَعْضٍ زُخْرُفَ الْقَوْلِ غُرُوۡرًا ؕ وَلَوْ شَآءَ رَبُّکَ مَا فَعَلُوۡہُ فَذَرْہُمْ وَمَا یَفْتَرُوۡنَ ﴿۱۱۲﴾ (الانعام : 112)
    ۽ اهڙيءَ طرح اسان انسانن ۽ جنن مان شيطانن کي سڀ ڪنهن نبيءَ جو دشمن ڪيو جي هڪ ٻئي کي ڌوڪي ڏيڻ لاءِ سينگاريل ڳالهيون سيکارين ٿا.


    3- آخرت جو انڪار ۽ دنيا پرستي

    ڪفري عقيدن مان آخرت جو انڪار قرآن کان متاثر ٿيڻ ۽ ان مان فائدو حاصل ڪرڻ کان مانع هوندو آهي ڇو ته قرآن جي ترغيب ۽ ترهيب ۽ وعظ ۽ نصيحت جو هڪ اهم بنياد آخرت آهي. اهو آخرت کان ڊيڄاري ٿو، آخرت جي ثواب جي اميد ڏيکاري ٿو ۽ ان سفر جي تمام ضروري معلومات ۽ ان بابت پيش ايندڙ منزلن جو صحيح اطلاع ۽ ضروري هدايتون ڏئي ٿو، تنهن ڪري اهو ماڻهو جيڪي آخرت جي اميد رکن ٿا اهي قرآن مجيد کان ڪڏهن به به پرواهه ٿي نٿا سگهن. ان ڪري الله تعاليٰ فرمائي ٿو:
    وَالَّذِیۡنَ یُؤْمِنُوۡنَ بِالۡاٰخِرَۃِ یُؤْمِنُوۡنَ بِہٖ وَ ہُمْ عَلٰی صَلَاتِہِمْ یُحَافِظُوۡنَ ﴿۹۲﴾ (الانعام آيت 92)
    ۽ جيڪي آخرت تي ايمان آڻن ٿا، سي ان (قرآن) تي ايمان آڻين ٿا ۽ اهي پنهنجيءَ نماز جو (هميشه) خيال رکن ٿا.
    ۽ اهي ماڻهو جيڪي آخرت جا منڪر آهن يا اهڙا ماڻهو جيڪي دنيا پرستي جي ڪري آخرت کي وساري ويٺا آهن ۽ زندگيءَ جي سمورن مسئلن ۾ انهن جي نقطه نظر بلڪل مادي آهي انهن لاءِ قرآن بي اثر يا گهٽ اثر وارو آهي. قرآن فرمائي ٿو:
    وَ اِذَا قَرَاۡتَ الْقُرۡاٰنَ جَعَلْنَا بَیۡنَکَ وَ بَیۡنَ الَّذِیۡنَ لَا یُؤْمِنُوۡنَ بِالۡاٰخِرَۃِ حِجَابًا مَّسْتُوۡرًا ﴿ۙ۴۵﴾ وَّ جَعَلْنَا عَلٰی قُلُوۡبِہِمْ اَکِنَّۃً اَنۡ یَّفْقَہُوۡہُ وَ فِیۡۤ اٰذَانِہِمْ وَقْرًا ؕ وَ اِذَا ذَکَرْتَ رَبَّکَ فِی الْقُرْاٰنِ وَحْدَہٗ وَ لَّوْا عَلٰۤی اَدْبَارِہِمْ نُفُوۡرًا ﴿۴۶﴾ (بني اسرائيل : 45-46)
    ۽ جڏهن تون قرآن پڙهين ٿو ته اسين تنهنجي وچ ۾ ۽ جيڪي آخرت کي نه ٿا مڃين تن جي وچ ۾ لڪل پردو وجهون ٿا ۽ اسين سندن دلين تي پردا وجهون ٿا ته متان ان کي سمجهڻ ۽ سندن ڪنن ۾ ٻوڙائي (وجهون ٿا) ۽ جڏهن تون قرآن ۾ پنهنجي اڪيلي پاليندڙ جو بيان ڪرين ٿو ته ٽهي پنهنجي پٺين ڀر ڀڄن ٿا.
    اِنَّ الَّذِیۡنَ لَا یُؤْمِنُوۡنَ بِاٰیٰتِ اللہِ ۙ لَا یَہۡدِیۡہِمُ اللہُ وَلَہُمْ عَذَابٌ اَلِیۡمٌ ﴿۱۰۴﴾ (النحل : 104)
    بيشڪ جيڪي الله جي آيتن تي ايمان نٿا آڻين تن کي الله رستو نه ٿو ڏيکاري ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.
    اِلٰـہُكُمْ اِلٰہٌ وَّاحِدٌ ۚ فَالَّذِیۡنَ لَا یُؤْمِنُوۡنَ بِالۡاٰخِرَۃِ قُلُوۡبُہُمۡ مُّنۡکِرَۃٌ وَّہُمۡ مُّسْتَكْبِرُوۡنَ ﴿۲۲﴾ (النحل:22)
    پوءِ جيڪي آخرت تي ايمان نٿا آڻين تن جون دليون انڪار ڪندڙ آهن ۽ اهي مغرور آهن.
    فَاَعْرِضْ عَنۡ مَّنۡ تَوَلّٰی ۬ۙ عَنۡ ذِكْرِنَا وَ لَمْ یُرِدْ اِلَّا الْحَیٰوۃَ الدُّنْیَا ﴿ؕ۲۹﴾ ذٰلِکَ مَبْلَغُہُمۡ مِّنَ الْعِلْمِ ؕ اِنَّ رَبَّکَ ہُوَ اَعْلَمُ بِمَنۡ ضَلَّ عَنۡ سَبِیۡلِہٖ ۙ وَ ہُوَ اَعْلَمُ بِمَنِ اہۡتَدٰی ﴿۳۰﴾ (النجم 29-30)
    پوءِ (اي پيغمبر صه) تون ان کان منهن موڙ جنهن اسان جي ياد ڪرڻ کان منهن موڙيو ۽ دنيا جي حياتيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه گهريو. اها سندن علم جي انتها آهن. بيشڪ تنهنجو رب ئي ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو جو سندس رستي کان پري وڃي پوي ۽ اهوئي ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي جو رستي تي هليو.
    ماديت جو غلبو انهن ۾ اهڙي شقاوت ۽ بدبختي پيدا ڪري ڇڏيندو آهي جو غيرمادي شين جي باري ۾ انهن جو دماغ ڪم ئي نه ڪري سگهندو آهي ۽ اهو انهن شين جو انڪار ڪري ڇڏيندو آهي.
    اِنَّ الَّذِیۡنَ لَا یَرْجُوۡنَ لِقَآءَنَا وَ رَضُوۡا بِالْحَیٰوۃِ الدُّنْیَا وَ اطْمَاَنُّوۡا بِہَا وَالَّذِیۡنَ ہُمْ
    عَنْ اٰیٰتِنَا غٰفِلُوۡنَ ۙ﴿۷﴾ (يونس : 7)
    بيشڪ جيڪي اسان سان ملڻ جي اميد نٿا رکن ۽ دنيا جي حياتيءَ سان خوش ٿيا آهن ۽ ان سان دل لڳائي اٿن ۽ جيڪي اسان جي آيتن کان بي خبر آهن.
    بَلِ ادّٰرَکَ عِلْمُہُمْ فِی الْاٰخِرَۃِ ۟ بَلْ ہُمْ فِیۡ شَكٍّ مِّنْہَا ۫۟ بَلْ ہُمۡ مِّنْہَا عَمُوۡنَ ﴿٪۶۶﴾ (النمل : 66)
    پر سندن علم آخرت جي باري ۾ نه رهيو آهي، مگر انهن کي ان ۾ شڪ آهي بلڪ اهي ان کان انڌا آهن.
    هڪ شيءِ جيڪا ڪافرن لاءِ مخصوص نه آهي اها آهي متشابهه آيتن مان پنهنجن غرضن لاءِ استدلال ڪرڻ ۽ تحريف ۽ غلط تاويل جي ذريعي ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ ۽ پنهنجي بڇڙائي ۽ بدنيتي ظاهر ڪرڻ، اهڙن ماڻهن بابت قرآن فرمائي ٿو:
    ہُوَ الَّذِیۡۤ اَنۡزَلَ عَلَیۡکَ الْکِتٰبَ مِنْہُ اٰیٰتٌ مُّحْکَمٰتٌ ہُنَّ اُمُّ الْکِتٰبِ وَاُخَرُ مُتَشٰبِہٰتٌ ؕ فَاَمَّا الَّذِیۡنَ فیۡ قُلُوۡبِہِمْ زَیۡغٌ فَیَتَّبِعُوۡنَ مَا تَشَابَہَ مِنْہُ ابْتِغَآءَ الْفِتْنَۃِ وَابْتِغَآءَ تَاۡوِیۡلِہٖ ۚ؃ (ال عمران : 7)
    هو اهو آهي جنهن توتي ڪتاب نازل ڪيو. ڪي ان مان محڪم (ظاهر معنيٰ واريون) آيتون آهن اهي ڪتاب جو اصل آهن ۽ ٻيون متشابهات آهن (يعني انهن جي هڪ مقرر ڪيل معنيٰ نه آهي.) پوءِ جن جي دلين ۾ ڏنگائي آهي سي ڪتاب مان متشابهات جي پيروي ڪن ٿا. فتني پکيڙڻ جي غرض سان ۽ ان جي (دل گهرئي) مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ اهي صفتون جيڪي قرآن جي سمجهڻ ۽ استفادي لاءِ معاون آهن.


    طلب:

    قرآن مجيد مان فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ پهريون شرط هي آهي ته ان جي تڙپ پيدا ٿي، جنهن جي دل ۾ قرآن مجيد مان فائدو حاصل ڪرڻ جي تڙپ نه آهي ان لاءِ قرآن مجيد ڪڏهن به مؤثر ٿي نٿو سگهي. الله تعاليٰ جو قانون هي آهي ته اهو تڙپ ۽ طلب تي ڏيندو آهي. ان وٽ تڙپ ۽ طلب کان وڌيڪ ٻي ڪابه شيءِ نه آهي. موجوده حالت تي بي اطميناني ۽ عدم قناعت حال جي اصلاح جي ڪوشش ۽ رستي جي تلاش الله تعاليٰ وٽ سعادت جو پهريون قدم آهي. پهرين شيءِ آهي انابت ٻئي شيءِ آهي پنهنجي حالت پاڻ تبديل ڪرڻ جي جاکوڙ ۽ محنت ڪرڻ. قرآن فرمائي ٿو:
    وَیَہۡدِیۡۤ اِلَیۡہِ مَنْ اَنَابَ ﴿ۖۚ۲۷﴾ (الرعد : 27)
    ۽ جيڪو رجوع ٿيو تنهن کي پاڻ ڏي رستو ڏيکاري ٿو.
    وَ یَہۡدِیۡۤ اِلَیۡہِ مَنۡ یُّنِیۡبُ ﴿۱۳﴾ (الشوريٰ : 13)
    ۽ جيڪو رجوع ٿئي ٿو تنهن کي پاڻ ڏي رستو ڏيکاري ٿو.
    اِنَّ اللہَ لَا یُغَیِّرُ مَا بِقَوْمٍ حَتّٰی یُغَیِّرُوۡا مَابِاَنْفُسِہِمْ ؕ ﴿۱۱﴾ (الرعد : 11)
    بيشڪ الله ڪنهن قوم جي حالت نٿو بدلائي جيستائين جيڪي سندن دلين ۾ آهي تنهن کي اهي نه بدلائين.
    دين ۾ بي پرواهي. استغناء ۽ بي نيازي محرومي ۽ بدبختيءَ جي نشاني آهي. قرآن فرمائي ٿو:
    فَکَفَرُوۡا وَ تَوَلَّوۡا وَّ اسْتَغْنَی اللہُ ؕ وَ اللہُ غَنِیٌّ حَمِیۡدٌ ﴿۶﴾ (التغابن : 6)
    پوءِ انڪار ڪيائون ۽ منهن ڦيريائون ۽ الله بي پرواهي ڪئي ۽ الله بي پرواهه ساراهيل آهي.
    یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ اَنۡتُمُ الْفُقَرَآءُ اِلَی اللہِ ۚ وَاللہُ ہُوَ الْغَنِیُّ الْحَمِیۡدُ ﴿۱۵﴾ (فاطر : 15)
    اي انسانو! اوهين الله جا محتاج آهيو ۽ الله ئي بي پرواهه ساراهيل آهي.
    جن ماڻهن ۾ دين جي طلب نه آهي ۽ جيڪي ماڻهو دين جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي انهن لاءِ فرمائي ٿو:
    اَفَاَنۡتَ تُسْمِعُ الصُّمَّ وَ لَوْ کَانُوۡا لَا یَعْقِلُوۡنَ ﴿۴۲﴾ (يونس : 42)
    ڇا پوءِ به تون ٻوڙن کي ٻڌائيندين جيتوڻيڪ اهي عقل کان ڪم نه وٺندا هجن.
    اَفَاَنۡتَ تَہۡدِی الْعُمْیَ وَ لَوْ کَانُوۡا لَا یُبْصِرُوۡنَ ﴿۴۳﴾ (يونس : 43)
    ڇا پوءِ تون انڌن کي رستو ڏيکاريندين جيتوڻيڪ اهي نه ڏسندا هجن.
    اِنَّکَ لَا تُسْمِعُ الْمَوْتٰی وَلَا تُسْمِعُ الصُّمَّ الدُّعَآءَ اِذَا وَلَّوْا مُدْبِرِیۡنَ ﴿۸۰﴾ وَمَاۤ اَنۡتَ بِہٰدِی الْعُمْیِ عَنۡ ضَلٰلَتِہِمْ ؕ اِنۡ تُسْمِعُ اِلَّا مَنۡ یُّؤْمِنُ بِاٰیٰتِنَا فَہُمۡ مُّسْلِمُوۡنَ ﴿۸۱﴾ (النمل : 80-81)
    بيشڪ تون نڪي مئلن کي سڏ ٻڌائي سگهين ٿو ۽ نڪي ٻوڙن کي ٻڌائي سگهين ٿو جڏهن اهي پٺ ڏيئي ڦرن ٿا ۽ نڪي تون انڌن کي سندن گمراهيءَ کان (موٽڻ لاءِ) رستو ڏيکاريندڙ آهين. تون رڳو ان کي ٻڌائي سگهين ٿو جيڪو اسان جي ڳالهين کي مڃي ٿو پوءِ اهي فرمانبردار آهن.


    ٻڌڻ ۽ تابعداري ڪرڻ:

    قرآن مجيد هڪ صحيفو ۽ هڪ تعليم آهي، ان مان لاڀ حاصل ڪرڻ جو پهريون ذريعو اهوئي آهي ته ان کي غور سان ٻڌو وڃي جيڪو ماڻهو قرآن مجيد کي غور سان ٻڌي ئي نٿو اهو قرآن مان فيض ڪيئن حاصل ڪندو؟
    فَبَشِّرْ عِبَادِ ﴿ۙ۱۷﴾ الَّذِیۡنَ یَسْتَمِعُوۡنَ الْقَوْلَ فَیَتَّبِعُوۡنَ اَحْسَنَہٗ ؕ اُولٰٓئِکَ الَّذِیۡنَ ہَدٰىہُمُ اللہُ وَ اُولٰٓئِکَ ہُمْ اُولُوا الْاَلْبَابِ ﴿۱۸﴾ (الزمر آيت 17-18)
    پوءِ (اي پيغمبر ﷺ ) منهنجن انهن ٻانهن کي خوشخبري ٻڌاءِ جيڪي ڳالهه ٻڌن ٿا پوءِ ان مان تمام چڱيءَ تي هلن ٿا اهي آهن جن کي الله هدايت ڪئي ۽ اهي ئي عقل وارا آهن.
    هتي هي به ياد رکڻ گهرجي ته صرف غور سان ٻڌڻ ڪافي نه آهي. بلڪ قرآن مجيد جي هر حڪم تي عمل ڪرڻ به ضروري آهي، بنا عمل وارو علم دماغي عياشي آهي. تنهن ڪري مٿين آيت سڳوريءَ ۾ غور سان ٻڌڻ کان پوءِ اتباع ۽ تابعداريءَ جو ذڪر ڪيو ويو.


    خوف:

    قرآن جو بنياد خشيت ۽ خوف خدا تي آهي، جنهن جي دل الله تعاليٰ جو خوف ۽ خشيت کان خالي آهي ۽ جنهن جي دل ۾ الله تعاليٰ جي نالي جو ڪوئي اثر ۽ ڪشش نه آهي ان جي دل ۾ دين جو ذرو به اچي نٿو سگهي ۽ اهو ديني تعليمات مان ڪنهن به قسم جو فائدو حاصل ڪري نٿو سگهي. ان جي دل مرده ۽ بيڪار بڻجي وڃي ٿو، قرآن پنهنجو پاڻ کي اهڙن ماڻهن جي لاءِ مفيد بڻايو آهي جن جي دلين تي الله تعاليٰ جي نالي جو اثر پوندو آهي. ۽ جن جي دلين ۾ حق ۽ سچ جي چڻنگ چمڪندي آهي. باقي اهڙا ماڻهو جن جي دل جي روشني ۽ بصيرت ختم ٿي چڪي آهي. اهي قرآن ٻڌندا ته آهن پر انهن جي دلين ۾ ڪنهن به قسم جي حرارت پيدا نه ٿيندي آهي.
    فَذَکِّرْ بِالْقُرْاٰنِ مَنۡ یَّخَافُ وَعِیۡدِ ﴿٪۴۵﴾ (ق آيت 45)
    پوءِ جو منهنجي ڌمڪيءَ کان ڊڄي ان کي تون قرآن سان نصيحت ڪر
    اِنَّمَا تُنۡذِرُ مَنِ اتَّبَعَ الذِّكْرَ وَ خَشِیَ الرَّحْمٰن بِالْغَیۡبِ ۚ (يٰس آيت 11)
    تون رڳو ان کي ڊيڄاريندين جيڪو نصيحت تي هلندو ۽ وڏي مهربان (الله) کان اڻ ڏٺي ڊڄندو .
    سَیَذَّکَّرُ مَنۡ یَّخْشٰی ﴿ۙ۱۰﴾ (الاعليٰ آيت 10)
    جيڪو الله کان ڊڄي ٿو سو سگهوئي ڌيان ڪندو.
    فَوَیۡلٌ لِّلْقٰسِیَۃِ قُلُوۡبُہُمۡ مِّنۡ ذِكْرِ اللہِ ؕ (الزمر آيت 22)
    پوءِ انهن لاءِ خرابي آهي جن جون دليون الله جي ياد کان سخت آهن.


    ايمان بالغيب:

    دين جو هڪ وڏو ۽ اهم حصو اهو آهي جيڪو انساني حواس ۽ انساني عقل جي حدن کان ٻاهر آهي. دين جون اهي ڪيتريون ئي حقيقتون آهن جن جو ادراڪ ظاهري حواسن سان ڪري نٿو سگهجي، اهي شيون نه ڏسي سگهجن ٿيون نه ڇوهي سگهجن ٿيون، نه سنگهي سگهجن ٿيون ۽ نه چکي سگهجن ٿيون ۽ نه انهن ۾ عقل هلي سگهي ٿو. ڇو ته عقل جو ڪم صرف اهو آهي ته هو محسوسات، معلومات ۽ تجربات جي ذريعي غيرمحسوس ۽ غيرمعلوم شين جو علم حاصل ڪري جن شين جو علم حواس ۽ تجربات جي ذريعي ممڪن نه هجي، انهن جا مبادي ۽ اصول حاصل نه هجن ۽ جتي قياس جو بنياد ئي نه هجي اتي عقل ڪهڙو ڪم ڏئي سگهي ٿو.
    الله تعاليٰ جون صفتون وحي، فرشتا، آخرت، جنت ۽ دوزخ اهي سڀ اهي شيون آهن جيڪي عقل جي خلاف ته نه آهن پر ماوراءِ عقل ضرور آهن اهي سڀ غيب ۾ شامل آهن، جنهن لاءِ نبين تي اعتماد ڪرڻ ۽ جيڪي ڪجهه اهي ٻڌائين ان کي قبول ڪرڻ ايمان بالغيب آهي. جيڪي ماڻهو پنهنجي يقين ۽ اعتقاد جي لاءِ ماديات ۽ محسوسات جا پابند آهن ۽ جيڪا شيءِ انهن جي عقل ۽ قياس ۾ نه اچي ان جو انڪار ڪري ڇڏيندا آهن اهي حقيقت ۾ دين جي مقصد کان ناواقف آهن.
    انهن لاءِ دين جي سرحد ۾ داخل ٿيڻ ئي مشڪل آهي اهي قرآن مان فائدو حاصل ڪري نٿا سگهن ۽ انهن لاءِ قرآن مجيد ۾ قدم قدم تي مشڪلاتون آهن، باقي جيڪي ماڻهو حواس پرست نه آهن ۽ ممڪنات جي دائري کي وسيع سمجهندڙ آهن، ممڪنات کي موجوادت ۽ محسوسات ۾ محصور نٿا سمجهن ۽ دين جي حقيقت کان واقف آهن انهن لاءِ صحيح ۽ قطعي علم جو سرچشمو صرف وحي الاهي آهي ۽ انهن کي انبياء جي تعليم ۽ اطلاع تي ڪلي اعتماد آهي ته انهن لاءِ ڪابه ڏکيائي، ڏکي نه آهي، دين انهن لاءِ هڪ سچي حقيقت ۽ قرآن انهن لاءِ سراپا هدايت آهي.
    ذٰلِکَ الْکِتٰبُ لَا رَیۡبَ ۚۖۛ فِیۡہِ ۚۛ ہُدًی لِّلْمُتَّقِیۡنَ ۙ﴿۲﴾ الَّذِیۡنَ یُؤْمِنُوۡنَ بِالْغَیۡبِ (البقره : 2-3)
    (هيءَ) رهنمائي آهي پرهيزگارن لاءِ جيڪي اڻ ڏٺي تي ايمان آڻين ٿا.
    فَاَمَّا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا فَیَعْلَمُوۡنَ اَنَّہُ الْحَقُّ مِنۡ رَّبِّہِمْ ۚ وَاَمَّا الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا فَیَقُوۡلُوۡنَ مَاذَاۤ اَرَادَ اللہُ بِہٰذَا مَثَلًا ۘ یُضِلُّ بِہٖ کَثِیۡرًا ۙ وَّیَہۡدِیۡ بِہٖ کَثِیۡرًا ؕ وَمَا یُضِلُّ بِہٖۤ اِلَّا الْفٰسِقِیۡنَ ﴿ۙ۲۶﴾
    (البقره: 26 )
    پوءِ جن ايمان آندو سي ڄاڻن ٿا ته بيشڪ اهو (مثال) سچ آهي جو سندن پاليندڙ وٽان (آيل) آهي ۽ جن ڪفر ڪيو سي چون ٿا ته الله هن مثال سان ڇا ارادو ڪيو آهي؟ ان سان گهڻن کي گمراهه ڪري ٿو ۽ ان سان گهڻن کي سڌو رستو ڏيکاري ٿو ۽ ان سان بدڪارن کان سواءِ ٻي ڪنهن کي گمراهه نٿو ڪري.
    اهي ماڻهو جن تي ماديت ۽ حسيت جو غلبو هوندو آهي ۽ اهي ايمان بالغيب کان بغير دين جي ماوراءِ عقل حقيقتن تان پردو کڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، انهن جي ڪوشش ان ماڻهوءَ جيان آهي جيڪو بغير ڏاڪڻ جي مٿي چڙهڻ گهري يا بغير پرن ۽ ٻانهن جي اڏڻ گهري، اهو جيترو مٿي وڃڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ان جي ماديت ۽ ان جو ثقل ان کي اوترو هيٺ ڪيرائيندو آهي. ان جو حال ائين هوندو آهي جيئن قرآن مجيد پنهنجي فصاحت ۽ بلاغت سان بيان ڪيو آهي.
    فَمَنَ یُّرِدِ اللہُ اَنۡ یَّہۡدِیَہٗ یَشْرَحْ صَدْرَہٗ لِلۡاِسْلَامِ ۚ وَمَنۡ یُّرِدْ اَنۡ یُّضِلَّہٗ یَجْعَلْ صَدْرَہٗ ضَیِّقًا حَرَجًا کَاَنَّمَا یَصَّعَّدُ فِی السَّمَآءِ ؕ کَذٰلِکَ یَجْعَلُ اللہُ الرِّجْسَ عَلَی الَّذِیۡنَ لَا یُؤْمِنُوۡنَ ﴿۱۲۵﴾
    (الانعام آيت 125)
    ”پوءِ جنهن کي رستو ڏيکارڻ گهري ٿو تنهن جي سيني کي اسلام لاءِ ڪشادو ڪري ٿو. ۽ جنهن کي گمراهه ڪرڻ گهري ٿو تنهن جي سيني کي بلڪل تنگ ڪري ٿو، ڄڻ ته هو آسمان ٿي چڙهي جو (مشڪل) ڪم پيو ڪري. اهڙيءَ طرح الله انهن (ماڻهن) تي پليتي وجهي ٿو جيڪي ايمان نه ٿا آڻي.“


    تدبر:

    قرآن مجيد مان استفادو حاصل ڪرڻ جي لاءِ تدبر ضروري آهي. اهوئي سبب آهي جو قرآن مجيد ڪيترن ئي جڳهن تي ان جي ترغيب ڏني آهي ۽ اهڙن مؤمنن جي تعريف ڪئي آهي جيڪي سوچي سمجهي قرآن مجيد پڙهن ٿا ۽ ان تي انڌا ٻوڙا ٿي نٿا ڪرن.
    وَالَّذِیۡنَ اِذَا ذُکِّرُوۡا بِاٰیٰتِ رَبِّہِمْ لَمْ یَخِرُّوۡا عَلَیۡہَا صُمًّا وَّ عُمْیَانًا ﴿۷۳﴾ (الفرقان آيت 73)
    ۽ اهي جن کي جڏهن سندن پاليندڙ جي آيتن سان نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته انهن کي ٻوڙا ۽ انڌا ٿي نٿا ڪرن.
    اَفَلَا یَتَدَبَّرُوۡنَ الْقُرْاٰنَ اَمْ عَلٰی قُلُوۡبٍ اَقْفَالُہَا ﴿۲۴﴾ (محمد آيت 24)
    ڇا پوءِ قرآن ۾ ڌيان نه ٿا ڪن يا ته (سندن) دلين تي بڇڙاين جا تالا (لڳل) آهن.
    اَ فَلَا یَتَدَبَّرُوۡنَ الْقُرْاٰنَ ؕ وَلَوْ کَانَ مِنْ عِنۡدِ غَیۡرِ اللہِ لَوَجَدُوۡا فِیۡہِ اخْتِلَافًا کَثِیۡرًا ﴿۸۲﴾ (النساء 82)
    ڇا پوءِ قرآن ۾ فڪر نٿا ڪن؟ ۽ جيڪڏهن (قرآن) الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن وٽان هجي ها ته ان ۾ گهڻو اختلاف لهن ها.


    مجاهده:

    قرآن مجيد جي سمجهڻ ۽ تدبر ۾، ۽ ان تي عمل ڪرڻ ۾ مجاهدو ۽ مشقت به ضروري ۽ مفيد آهي. قرآن مجيد انهن انساني ڪتابن مان نه آهي جن جي مضمونن جو احاطو ۽ انهن جي مصنفن جو مقصد انسان پنهنجي ذهانت ۽ علم سان معلوم ڪري وٺندو آهي. الله تعاليٰ جي منشا ۽ گهر معلوم ڪرڻ جي لاءِ الله تعاليٰ جي رضا ۽ ان جي اعانت ۽ مدد ضروري آهي. جڏهن انسان ان جي لاءِ تڪليف برداشت ڪندو آهي، پاڪائي، اخلاق ۽ تزڪيهء نفس ڪندو آهي ته الله تعاليٰ جي رحمت به ان ڏانهن متوجه ٿيندي آهي ۽ الله تعاليٰ پنهنجي ڪتاب جي لاءِ ان جو سينو کولي ڇڏيندو آهي ۽ ان کي قرآن مجيد جي سمجهه عطا ڪندو آهي، قرآن چونڪه هڪ لطيف شيءِ آهي، تنهن ڪري جنهن انسان جي مادي کثافت جيتري گهٽ هوندي ان کي اوتري سمجهه وڌيڪ عطا ٿيندي ۽ ان لاءِ حق ۽ هدايت جا رستا کلندا ويندا. قرآن فرمائي ٿو:
    وَالَّذِیۡنَ جَاہَدُوۡا فِیۡنَا لَنَہۡدِیَنَّہُمْ سُبُلَنَا ؕ وَ اِنَّ اللہَ لَمَعَ الْمُحْسِنِیۡنَ ﴿٪۶۹﴾ (العنکبوت: 69)
    ۽ جن اسان جي رستي ۾ ڪوشش ڪئي تن کي ضرور اسين پنهنجا رستا ڏيکارينداسون ۽ بيشڪ الله نيڪي ڪندڙن سان گڏ آهي.
    ٻيو سبب هي آهي ته جڏهن ڪو انسان ڪنهن مقصد جي لاءِ تڪليفون برداشت ڪندو آهي ۽ قربانيون ڏيندو آهي ته ان تي ان جون پوري طرح سموريون ڪيفيتون طاري ٿينديون آهن ۽ ان کي ان مان پوري طرح لذت ۽ ميٺاج معلوم ٿيندو آهي.
    ٽيون سبب هي آهي ته قرآن مجيد جو وڏو حصو عملي آهي تنهن ڪري اهو صرف نظري طور تي سمجهه ۾ نٿو اچي سگهي، لفظن ۽ معنائن جو علم ته حاصل ٿي سگهي ٿو پر پوري تحقيق، مشاهدي، عمل ۽ تجربي کان سواءِ حاصل ٿي نٿي سگهي. صحابه ڪرام پڻ قرآن مجيد جو وڏو حصو پنهنجي عمل ۽ مشاهدي سان ئي سمجهيو هو.


    ادب ۽ عظمت:

    قرآن مجيد مان استفادو حاصل ڪرڻ ۽ ان مان هدايت ۽ فيض جون لاٽون ڳولڻ ۽ پنهنجي روح ۽ جسم کي غذا بخشڻ لاءِ ان حقيقت کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته قرآن مجيد صرف معلومات جو دفتر يا صرف قاعدن ۽ ظابطن جو مجموعو نه آهي، جنهن کي جيئن وڻي تيئن پڙهيو وڃي ۽ ان مان معلومات حاصل ڪئي وڃي. بلڪ قرآن مجيد هڪ متبرڪ ڪتاب آهي اهو احڪم الحاڪمين ۽ سلطان السلاطين جو ڪلام آهي جيڪو جمال ۽ ڪمال عطا ۽ بخشش جي سمورين صفتن سان موصوف آهي جن جي صفتن جو قرآن گواهه آهي.
    ہُوَ اللہُ الَّذِیۡ لَاۤ اِلٰہَ اِلَّا ہُوَ ۚ اَلْمَلِكُ الْقُدُّوۡسُ السَّلٰمُ الْمُؤْمِنُ الْمُہَیۡمِنُ الْعَزِیۡزُ الْجَبَّارُ الْمُتَکَبِّرُ ؕ سُبْحٰنَ اللہِ عَمَّا یُشْرِكُوۡنَ ﴿۲۳﴾ (الحشر آيت 23)
    الله اهو آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي جو بادشاهه پاڪ ذات سڀني عيبن کان سلامت امن ڏيڻ وارو نگهباني ڪرڻ وارو زبردست خودمختيار وڏائي جو سائين آهي.
    لَوْ اَنۡزَلْنَا ہٰذَا الْقُرْاٰنَ عَلٰی جَبَلٍ لَّرَاَیۡتَہٗ خَاشِعًا مُّتَصَدِّعًا مِّنْ خَشْیَۃِ اللہِ ؕ وَ تِلْکَ الْاَمْثَالُ نَضْرِبُہَا لِلنَّاسِ لَعَلَّہُمْ یَتَفَکَّرُوۡنَ ﴿۲۱﴾ (الحشر آيت 21)
    (اي پيغمبر) جيڪڏهن اسين هن قرآن کي ڪنهن کي جبل تي نازل ڪريون ها ته تون ان کي الله جي ڊپ کان عاجزي ڪندڙ ۽ ڦاٽي پوندڙ ڏسين ها. هي مثال اسين ماڻهن لاءِ بيان ڪريون ٿا ته من اهي ڌيان ڪن.
    هڪ ٻي جڳهه تي ان جي عظمت هن ريت بيان ڪئي وئي اهي.
    فِیۡ صُحُفٍ مُّکَرَّمَۃٍ ﴿ۙ۱۳﴾ مَّرْفُوۡعَۃٍ مُّطَہَّرَۃٍۭ ﴿ۙ۱۴﴾ بِاَیۡدِیۡ سَفَرَۃٍ ﴿ۙ۱۵﴾ ِرَامٍۭ بَرَرَۃٍ ﴿ؕ۱۶﴾ (عبس : 13-15)
    اهو اهڙن ورقن ۾ آهي جي عزت ڏنل بلند شان وارا (غلطين کان) پاڪ آهن. اهڙن لکڻ وارن جي هٿن ۾ آهن جي خوبين وارا (الله جا) تابعدار آهن.
    هڪ ٻئي جڳهه تي ارشاد آهي.
    اِنَّہٗ لَقُرْاٰنٌ کَرِیۡمٌ ﴿ۙ۷۷﴾ فِیۡ کِتٰبٍ مَّكْنُوۡنٍ ﴿ۙ۷۸﴾ لَّا یَمَسُّہٗۤ اِلَّا الْمُطَہَّرُوۡنَ ﴿ؕ۷۹﴾ (الواقعه 77-79)
    بيشڪ هي (ڪتاب) خوبين وارو قرآن آهي. حفاظت سان رکيل ڪتاب ۾ (لکيل) آهي ان کي رڳو پاڪ ئي هٿ لائين ٿا.
    اهوئي سبب آهي جو پاڪيزه صفت انسان جن جي دلين ۾ الله تعاليٰ جو خوف ۽ خشيت هوندي آهي انهن جي دلين تي قرآن مجيد نه مٽجندڙ اثر ڇڏيندو آهي ۽ انهن جي ايمان ۾ اضافو ڪندو آهي.
    وَ اِذَا تُلِیَتْ عَلَیۡہِمْ اٰیٰتُہٗ زَادَتْہُمْ اِیۡمَانًا وَّعَلٰی رَبِّہِمْ یَتَوَکَّلُوۡنَ ۚ﴿ۖ۲﴾ (الانفال آيت 2)
    ۽ جڏهن کين سندس آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته اهي (آيتون) انهن جي ايمان کي زياده ڪن ٿيون ۽ اهي پنهنجي پاليندڙ تي ڀروسو ڪن ٿا.
    هڪ ٻي جڳهه تي الله تبارڪ وتعاليٰ جو فرمان آهي.
    اَللہُ نَزَّلَ اَحْسَنَ الْحَدِیۡثِ کِتٰبًا مُّتَشَابِہًا مَّثَانِیَ ٭ۖ تَقْشَعِرُّ مِنْہُ جُلُوۡدُ الَّذِیۡنَ یَخْشَوْنَ رَبَّہُمْ ۚ ثُمَّ تَلِیۡنُ جُلُوۡدُہُمْ وَ قُلُوۡبُہُمْ اِلٰی ذِكْرِ اللہِ ؕ ذٰلِکَ ہُدَی اللہِ یَہۡدِیۡ بِہٖ مَنْ یَّشَآءُ ؕ وَ مَنۡ یُّضْلِلِ اللہُ فَمَا لَہٗ مِنْ ہَادٍ ﴿۲۳﴾ (الزمر آيت 23)
    الله نهايت سٺو ڪلام ڪتاب نازل ڪيو جنهن جون ڳالهيون هڪ ٻئي جهڙيون (۽ هڪ ڳالهه جي سمجهائڻ لاءِ بار بار) دهرايل آهن ان جي ٻڌڻ سان انهن (ماڻهن) جي کلن (جا وار) ڪانڊراجن ٿا. جيڪي پنهنجي پاليندڙ کان ڊڄن ٿا وي سندن کلون ۽ سندن دليون الله جي ياد تي نرم ٿين ٿيون هي (قرآن) الله جي هدايت آهي جنهن کي وڻيس تنهن کي ان مان هدايت ڪري ٿو ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري ٿو تنهن کي ڪوبه هدايت ڪندڙ نه آهي.
    يعني جنهن عزت ۽ احترام سان بادشاهه جو فرمان ۽ جنهن شوق ۽ چاهت سان محبوب جو پيغام پڙهيو ويندو آهي. ان چاهت ۽ شوق سان اهي الله جو پيغام پڙهن ٿا.
    قرآن مجيد کي ڪهڙي ادب ۽ شوق سان پڙهيو وڃي، ان لاءِ ٻن شين جو مطالعو ضروري آهي. هڪ انهن حديثن جو مطالعو ڪيو وڃي. جيڪي قرآن مجيد جي فضيلت ۾ آيل آهن. ٻيو سيرت ۽ تاريخ جي انهن ڪتابن جو مطالعو ڪيو وڃي، جنهن ۾ صحابه ڪرام ۽ اڳين عالمن جو عشق قرآن، انهن جو قرآن سان شغف ۽ پيار، انهن جو ادب ۽ تعظيم ۽ قرآن مجيد جي تلاوت جي وقت انهن جي ڪيفيت ۽ انهن جو اثر قبولڻ بيان ٿيل آهي. ان طرح قرآن مجيد جي تلاوت ڪرڻ سان اسان لاءِ حق ۽ هدايت جون شمعون روشن ٿينديون ۽ اسين قرآن مجيد مان پورو لاڀ حاصل ڪري سگهنداسون ۽ قرآن مجيد جي برڪتن مان بهراور ٿينداسون.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566308
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215654
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ