ڪتاب جو نالو: هئنگ اووَر
مصنف: فياض ڏاهري
ڇپائيندڙ: ڪويتا پبليڪيشن
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 03 آڪٽوبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 673 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 206 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”هئنگ اووَر“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب نامياري شاعر ”فياض ڏاهري“ جي نظمن جو مجموعو آهي. مبارڪ لاشاري لکي ٿو:
”فياض ڏاهري جو ”هينگ اوور“ نظمن جو اهو گلدستو آهي جيڪو پاڻ ۾ سنڌي نظم جي حوالي سان هڪ ارتقائي ڪائنات رکي ٿو. جنهن ۾ انساني احساس ته ٽمٽار آهن ئي پر جديد حسيت، جديديت، جديديت پڄاڻان (ماڊرنزم، پوسٽ ماڊرنزم) ڪلاسيڪيت، رومانويت، روايتن ۾ غير روايت پسندي، بغاوت، انقلاب، قوم پرستي، انسان پرستي کان ويندي ذاتي پيڙا جي پڻ جديد تاريخ رکي ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪويتا پبليڪيشن جو ڪتاب نمبر-119
  • ارپيان ٿو
  • سنڌ سلامت پاران :
  • مهاڳ
  • پنهنجي پاران
  • ڊجيٽل گيم
  • ڊجيٽل جنريشن
  • زيوس ديوتا
  • رُم راتيون
  • ابارشن
  • ڪرفيو
  • ضبط جا زنجير
  • تمنا جو بر
  • ننگي فطرت
  • رقص
  • شيشا بند شهر
  • هئنگ اوور
  • ڊرنڪن برال (Drunken brawl)
  • باغي تخم
  • بلڊ شيڊ
  • چنڊ اڀريو آ ٽٽل
  • سمبارا-1
  • سمبارا-2
  • ساحل
  • رَوَيا
  • نظم هڪڙو جهول ۾
  • ٽٽيون چوڙيون
  • تون ڪٿي آن
  • خوف-1
  • خوف- 2
  • خوف- 3
  • انتظار
  • اڌ اکري نقاد
  • شهر جانان-1
  • شهر جانان-2
  • شهر جانان-3
  • دائرن جو گهيرو
  • ڏڪار
  • روح روپوش
  • رڻ ڪڇ ۾ رات
  • خانه بدوش
  • اهڃاڻ
  • اقبال جرم
  • ٽلٽيءَ مٿان چنڊ
  • پهاڙن مان پڙلاوَ
  • گولي
  • وقت
  • مان به ته ننڊ ڪيان ٿو
  • موت- 1
  • موت- 2
  • رائيگان
  • ڪتو
  • گھر جا ڪتا
  • وصيت
  • نواڻ
  • شاعري- 1
  • شاعري- 2
  • اوجاڳو
  • کجين جي شهر جي ڇوڪري
  • ڊجيٽل دور جا ٻار
  • بي چيو چاهه
  • ورهاڱو
  • هرڻ _اکي
  • وڇوڙو
  • خودڪلامي
  • روئڻ جي ريت
  • هنگر اسٽرائيڪس
  • نئين پُڪار
  • سفاڪ عهد
  • طويل ساعتون
  • لهوءَ جي سرخ لالائي
  • ڪارنهن جي تلوار
  • هڪ ٻيو اولهه
  • اڏامندڙ چمي
  • آزاد انسان
  • وقت کان اڳ ۾
  • تارو
  • گدڙ
  • پر ڪٽيو پنڇي
  • هولي
  • منتشر ردعمل
  • ڪويتا
  • رات مهل
  • هارٽ پيشنٽ
  • تنهنجو حسين جسم
  • حاصلات
  • (سنگيت ناٽڪ) ڪبوتري

  • ڪردارَ:
  • منظر:
  • ايڪٽ ٻيو
  • ايڪٽ ٽيون
  • ايڪٽ فور
  • فياض ڏاھري جا نظم سنڌ جي انٽليڪچوئل شعور کي ڇھڻ جو ست سارين ٿا
  • ڪتابن جي فهرست

  • ڪويتا پبليڪيشن جو ڪتاب نمبر-119

    ڪويتا پبليڪيشن جو ڪتاب نمبر-119
    ڪتاب جو نالو: هئنگ اووَر
    شاعر: فياض ڏاهري
    موضوع: شاعري
    ڇاپو: پهريون
    سال: © 2016ع
    ٽائٽل: ڪپتان ابڙو
    ڪمپوزنگ: روهن مڪواڻو
    ڇپائيندڙ: ڪويتا پبليڪيشن، 9-ربي چيمبر،
    حيدرچوڪ، حيدرآباد، سنڌ. فون: 2728541
    ڇپيندڙ: انٽيل ڪميونيڪيشنز، حيدرآباد، سنڌ
    قيمت: 200 روپيا


    اسٽاڪسٽ:
    حيدرآباد: ڪويتا بُڪ شاپ، ذوالفقار بُڪ ڊپو، سنڌيڪا بُڪ هائوس، فڪشن هائوس، سنڌي ادبي بورڊ بُڪ اسٽال،
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽي بُڪ اسٽال، فرينڊس بُڪ پوائنٽ، ڊفينس پلازه، ڪاشف بُڪ ڊپو حيدرچوڪ، ڪنگ پِن بُڪ شاپ- پريس ڪلب
    ڪراچي: ايس. اي بُوڪ ڪارنر (اردو بازار)، رائل بُڪ هائوس، توڪل اڪيڊمي اردو بازار، ثقافت کاتو بُڪ شاپ، ڪاٺياواڙ بُڪ اسٽور
    ڀٽ شاهه: شاهه لطيف بوڪ اسٽال، درگاهه ڀٽ شاهه، ميهڙ: ساحر ڪتاب گهر (کوندي) 03468948535
    سٽي پريس بُڪ شاپ، ثقافت کاتو بُڪ اسٽال، توڪل بُڪ ڊپو سکر: عزيز ڪتاب گهر، الفتح نيوز ايجنسي
    اسلام آباد: سعيد بُڪ بئنڪ، خيرپورميرس: تهذيب نيوز ايجنسي، نيشنل بُڪ اسٽال، ميرپور ماٿيلو: هائوس آف ناولٽي،
    لاڙڪاڻو: رابيل ڪتاب گهر، مهراڻ ڪتاب گهر سامهون سپنا لان، شڪارپور: گل ڪتاب گهر، وسيم ڪتاب گهر
    دادو: ممتاز بُڪ ڊيپو مٺي: ٿر ڪتاب گهر، عمرڪوٽ: العزيز بُڪ ڊيپو، ٿر ڪتاب گهر،
    سانگهڙ: المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، بدين: مرچو مل بُڪ ڊيپو، محمد هاشم بُڪ اسٽال- پريس ڪلب
    سجاول: سنڌ ڪتاب گهر، ڊگهڙي: اڪرام بُڪ ڊپو (03442930628)





    ISBN: 978-969-9329-65-4



    HANG OVER
    [Poetry]
    By Fayaz Dahri
    First Edition: © 2016
    Title: Kaptan Abro
    Composing & Printed by: Intel Communications,
    Hyderchowk, Hyderabad. Tel: +92 22-2728541
    Published by: Kavita Publication, 9-Rabi Chamber,
    court road, Hyderchowk, Hyderabad-Sindh.
    www.kavitapublications.com
    email: mlmintel@yahoo.com
    Price: Rs. 200-00


    ارپيان ٿو

    ارپيان ٿو
    پنهنجي امڙ پياريءَ
    جي نانءِ،
    جنهن کان مون پنهنجي ٻولي
    جا پهريان لفظ ٻُڌا، سکيا ۽ سمجهيا
    ۽
    منهنجي ٻولي کي جديد بڻائيندڙ ڪردارن
    سائين ماجد ڀرڳڙي،
    امر فياض ٻرڙو،
    علي حسن ملاح،
    شبير ڪنڀر ۽
    صائمه اصغر
    کي.
    ــ فياض ڏاهري


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت پاران :


    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”هئنگ اووَر“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب نامياري شاعر ”فياض ڏاهري“ جي نظمن جو مجموعو آهي. مبارڪ لاشاري لکي ٿو:
    ”فياض ڏاهري جو ”هينگ اوور“ نظمن جو اهو گلدستو آهي جيڪو پاڻ ۾ سنڌي نظم جي حوالي سان هڪ ارتقائي ڪائنات رکي ٿو. جنهن ۾ انساني احساس ته ٽمٽار آهن ئي پر جديد حسيت، جديديت، جديديت پڄاڻان (ماڊرنزم، پوسٽ ماڊرنزم) ڪلاسيڪيت، رومانويت، روايتن ۾ غير روايت پسندي، بغاوت، انقلاب، قوم پرستي، انسان پرستي کان ويندي ذاتي پيڙا جي پڻ جديد تاريخ رکي ٿو. متن جي حوالي سان اهڙي ڪهڪشان سان ٽٻ هوندي به وٽس فني اڻت ۽ ٻولي جو سڀاءُ پڻ بنهه شاندار آهي جنهن ۾ وزن و بحر کان ويندي ٻولي جي خوبين ۾ تجنيس حرفي، ترنم، رواني، اڻ ڇهيل محاورا، عڪس ۽ ناپيد ٿيل لفظن جو استعمال پڻ جهجهي تعداد ۾ سندس خوبصورت ترين تخليقن جو ساکي آهي.“
    هي ڪتاب ڪويتا پبليڪيشن پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. لک ٿورا پياري فياض ڏاهريءَ جا جنهن هن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مهاڳ

    مهاڳ

    1982ع ۾ زاڪ ڊيريڊا کان هڪڙي انٽرويو ڪندڙ پڇيو ته ”اوهان جي فلسفي ۾ ماءُ ڪير آهي؟“ ڇوته زاڪ ڊيريڊا رد تشڪيل يا جديديت پڄاڻان واري فلسفي واري لاڙي جو سڀ کان منفرد ۽ انوکو فلسفي رهيو آهي، جنهن پنهنجي ساختيات پڄاڻان واري لاڙي ۾ رد تشڪيل جي ٽيڪنيڪ تحت ڳالهين، ڊسڪورس ۽ شين جو رد تشڪيل يعني خيال جا ٻيا ڪيترائي لڪل رخ پيش ڪري، سوچڻ ۽ فڪر جا انتهائي نوان ۽ اڻ ڇهيل زاويا ڏنا آهن. انهن زاوين سبب سموري دنيا جي ڊسڪورس جو محور ئي تبديل ٿي ويو آهي. ڄڻ ته روايتي طرح جيڪڏهن سج اوڀر کان اڀري رهيو هو ته بنهه گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته اهو سج اولهه، ڏکڻ يا اتر کان به اڀري سگهي ٿو. هي اُهو زاويو هو جيڪو ماڻهو صرف روايتي طرح رهي رهي ٻيو رخ ڀلجي ويا هئا ڄڻ ته انهن کي (ردتشڪيل ذريعي) نئين انداز ۾ سوچڻ جو رينائسان يعني نئين جاڳرتا ملي هجي. بيشڪ ته رد تشڪيل، پوسٽ ماڊرنزم ۽ ساختيات پڄاڻان سوچ ۽ فڪر جا هڪڙا نوان رينائيسان Renaissance يعني نئين جاڳرتا جا پنڌ آهن.
    زاڪ ڊيريڊا تمام گهري سوچ ۾ هليو ويو، ڇوته اهو هڪڙو غير معمولي سوال هو ۽ غير معمولي سوال ان ڪري به هو ان جو جواب ڏيندڙ غير معمولي انداز ۽ زاويي جو ماڻهو هو، جنهن سوال تي ڊيريڊا پڇندڙ کي ايپريشئيٽ به ڪيو ته جواب ڏيڻ لاءِ وقت به گهريائين. گهري سوچ مان ڪجهه ساهي پٽي چوڻ لڳو ته ”فلسفي ڪڏهن به ماءُ نه هوندا آهن پر پيءَ هوندا آهن ڇوته منهنجي لاءِ فلسفي هڪ مذڪر جنس آهي“. سندس جواب ڏيڻ جو انداز پڻ سوال جي رد تشڪيل ڪرڻ جو نمونو هو. سندس جواب ۾ انتهائي وڏا فڪر ۽ فلسفا لڪل آهن، ڇوته فلسفي تي حاوي فگر (خاڪو يا شڪل) هميشه جنس مذڪر يعني مغرب ۽ طاقت آهي، جنهن کي جيڪڏهنlogocentrism يا يورپ مرڪزيتEurocentrism جي پسمنظر ۾ ڏسجي ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي. شايد انهي پيرايي ۾ ڪير به نه سوچي ۽ اهو به ٿي سگهي ٿو ته سمورا سوچيندڙ فيمينزم يعني عورتازاد بابت سوچين ته ڊيريڊا جو اشارو فيمنزم واري نقطي کي اڀارڻ هجي، پر سندس جواب بيٺڪي مطالعو جيڪا ايڊورڊ ڊبليو سعيد جي زاويي ۾ آهي سو به جهلڪي رهيو هو ته حڪمرانن جي تاريخ جي ڊسڪورس جو غلبو جيڪو مشل فوڪو جي زاويي ۾ آهي سو به موجود هو ته پوسٽ ماڊرنزم جيڪو ٽيري ايگلٽن، هسرل، ليوي اسٽراس ۽ خود ڊيريڊا جي زاويي ۾ آهي ۽ فيمينزم جيڪا سائمن ڊي بووا ۽ ڪيٽ چوپن جي زاويي ۾ آهي سي سمورا فڪر سندس جواب ۾ سمايل آهن. سندس رد تشڪيل چوي ٿو ته هر شيءِ متن جي اندر آهي ۽ متن کان ٻاهر ڪجهه به نه آهي(Of grammatology) Everything is in a text and there is nothing outside it اتي ئي سمورو ڪجهه بيان ڪيل آهي ۽ اتي ئي سمورو ڪجهه لڪايل آهي. سندس انهي طريقي تحت ڪابه ڳالهه متن کان ٻاهر نه آهي. تنهنڪري ئي سوال ڪندڙ سدائين ذاتي زندگي جي انوکن اسرارن بابت سوال ڪري کائنس اهم ڳالهين جو رد تشڪيل سمجهڻ پئي چاهيو. سندس رد تشڪيل موجب ٻولي هڪ لغت وانگر آهي جتي هڪ لفظ جي معنيٰ ڏسڻ لاءِ ٻئي لفظ جو سهارو وٺڻو پوندو آهي ۽ انهي لفظ لاءِ وري ڪو ٻيو لفظ......ايستائين جو اها سرڪل ڦري وري ساڳئي لفظ تي اچي بيهندي آهي.
    انهي سرڪل يا ٻولي کي سميٽڻ لاءِ آف گرامٽالوجي ۾ ڊيريڊا هڪ اصطلاح Differance يعني افتراق يعني نظريه افتراقيت (پڙهو گوپي چند نارنگ جو ساختيات ۽ پس ساختيات) جو استعمال ڪيو جيڪو Difference يعني ”مختلف“ وارو اصطلاح نه پر ان کان بلڪل الڳ اصطلاح آهي. ٻنهي لفظن جي انگريزي هِجي ڏسجي ته خبر پوندي ته R کانپوءِ افتراق ۾ a آيل آهي جڏهن ته هيٺين اصطلاح يعني فرق واري لفظ ۾ e حرف استعمال ٿيل آهي، سڄو فرق انهي هڪڙي اکر سبب آهي جيڪو رد تشڪيل کي منفرد بڻائي ٿو. اهو ڊفرانس ظاهر ڪري ٿو ته ٻولي هڪڙي لڙهي ۾ پوئيل مالها وانگر آهي، پر ان ۾ مڻڪا لامحدود معنائون يا شڪيلون رکن ٿا. جيئن موناليزا جي مرڪ الڳ الڳ زاين کان الڳ ڪيفيتون ظاهر ڪري ٿي، تيئن ٻولي ٻين زاوين کان ٻيون صورتون ظاهر ڪري ٿي. دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته پڙهڻ ۽ تجزيي جي انهي حڪمت عملي کي پوسٽ ماڊرنزم يا ساختيات پڄاڻان ٻولي جي کيڏ Language Play ۽ ٻولي جي پئروڊي Parody جو نالو ڏيئي ڪيترائي پيراڊاڪس Paradox پيدا ڪري ٿي. انهي پيراڊاڪس کي سمجهڻ لاءِ اسان کي وري ڊيريڊا جهڙن مفڪرن ڏانهن رجوع ڪرڻو ٿو پوي. انهي ڳالهه جي مثالن کي ادب يا شاعري ۾ سمجهڻ لاءِ اسان کي فياض ڏاهري جهڙن يگانن شاعرن کي پڙهڻو ۽ پرکڻو پوندو، جيڪي ٻولي جي انهي کيڏ ۾ ڪيترائي پيراڊاڪس کڻي ڊفرانس جو مظاهرو ڪن ٿا. جيڪو هن لکڻي جو موضوع آهي.
    آخر ڊيريڊا کي اهو چوڻو پيو ته ”ماءُ فلسفي جي لاءِ رد تشڪيل پڄاڻان Post-Deconstruction جو انتظار ڪرڻو پوندو جنهن ۾ منهنجون پوٽيون ۽ ڏهٽيون ٿي سگهن ٿيون جيڪي رد تشڪيل کي توثيق ڏينديون. اهي عورتون جيڪي ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ سوچينديون، تڏهن ڪا فلسفي منهنجي ماءُ ٿيندي. جيڪا هن وقت تائين نه آهي. ڇوته مون وٽ فلسفي جو فگر پيءَ وارو آهي“. هتي ڪابه ڳالهه اڻ ٿيڻي يا مافوق الفطرت نه آهي پر سوچڻ جو هڪڙو زايو آهي. ٻي طرف ساڳيا سوال ڪيترن ئي مفڪرن کان پهرين به ڪيترائي دفعا پڇيا ويا هوندا ۽ ڪيترائي منفرد جواب آيا هوندا. پر هر دور جي فڪر جو پنهنجو رستو ۽ دور جون پنهنجون هڪڙيون گهرجون ٿينديون آهن جن کي ڪونه ڪو ماڻهو پنهنجي ورسٽائيل فن ۽ تخيل جي ذريعي پوريون ڪندو آهي.
    ارتقاءَ جو ڏاڪو ترقي به تڏهن ڪندو آهي جڏهن دور جي نزاڪتن پٽاندڙ مفڪر ۽ قوي اچي گهرجن کي پورائو جو پاڻي ڏيندا آهن، پنهنجو رت ست کپائيندا آهن، سوچ لاءِ مِک ولوڙيندا آهن ته تڏهن وڃي هي بيحرم ڏاڪو چُرندو ۽ اڳتي وڌندو آهي ان سڀ لاءِ چارلس ڊارون جي ارتقاءَ واري نظريي Survival of fittest جي توقعات سان سلهاڙجڻ به ضروري هوندو آهي. دور ۽ وقت جي انهن ڏنگڙاين ۽ انگڙاين جي پورائو لاءِ هر دور ۾ انوکا سوچيندڙ ذهن ۽ قوي پيدا ٿيندا آهن، جيڪي پنهنجي ماضي جي ڪلاسيڪيت، روايتن، تهذيبي ۽ تمدني ويليوز کي ساڻ کڻي دور سان مهاڏو اٽڪائي پنهنجي Being کي Becoming ڪري ڏيکاريندا آهن ته هن ڌرتي ۽ ٻولي ۾ هي سوچ، فڪر ۽ فلسفو پڻ هيئن موجود آهي ۽ پنهنجي حيثيت توڻي شناخت بچائي سگهجي ٿو. اهڙو اظهار فياض ڏاهري جي نظم ”زيوس ديوتا“ ۾ شدت سان ياد اچي ويو ۽ وڏي هڪجهڙائي محسوس ٿي. جيستائين سندس ڪتاب ”هينگ اوور“ جي مهاڳ لاءِ ٻي ترتيب يا متن ڏي هلجي، ايستائين سندس نظم مان حظ وٺجي ته هلندڙ وچور کي سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي؛
    عڪس هر هڪ جي الڳ تاريخ آهي
    ۽ سندن پيڙا به پنهنجي، درد پنهنجو،
    غم خوشيءَ جا گيت ڳائيندڙ فهم ۽ فڪر پنهنجو،
    فرد پنهنجو
    هر تصور جي اڳيان تصوير آهه
    ۽ پٺيان آهي مصور ڪائناتي گئلري ۾......

    عڪس جي تجزيي جي علم لاءِ اسان کي نشانين جي علم يعني Semiotics ڏانهن واجهائڻو پوندو جيڪو انوکو علم ۽ تجزياتي فن هجڻ سان گڏ ساختياتي فلسفي جي بنيادي ڏاڪڻ آهي. في الحال انهي بحث کان هٽي مٿين ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪبي ته هر دور ۾ پنهنجا پيراميٽر يا فياض ڏاهري چواڻي عڪس آهن، انهن عڪسن جي پنهنجي تاريخ آهي ۽ ڪا به تاريخ پيڙا، درد، غم، خوشي، فهم ۽ فڪر کانسواءِ نه جڙندي آهي. وري اهي سمورا لقاءُ انساني وجود کانسواءِ بي معنيٰ آهن يعني پيڙا، درد، غم، خوشي، فهم ۽ فڪر صرف انسانن سان ئي سلهاڙيل آهن نه ته پٿرن، يا ميدانن ۾ اهي بي معنيٰ آهن. اڃا اڳين تهه خاني ۾ وڃي ڏسجي ته اهي ڀوڳنائون سهڻ کانپوءِ ئي قومون زندهه رهي پنهنجي وجود ۽ شناخت بچائي سگهن ٿيون. مثال طور ڪا اهڙي قوم آهي دنيا جي تاريخ ۾، جيڪا قوم انهن ڀوڳنائن کانسواءِ زندهه رهي هجي؟ يا اهڙي ڪا قوم جيڪا اڄ زنده آهي سا انهن ڀوڳنائن کان بچي هتي پهتي هجي؟ دنيا جي تاريخ ۾ اهڙا مثال ورلي هوندا. هي صرف اکرن جو ڊسڪورس يا لفظن جي جنگ بجاءِ انساني تجربو آهي، جيڪو ادبي ۽ ثقافتي پهراڻ ۾ اسان آڏو پيو جهلڪندو آهي. ٻي صورت ۾ جيڪڏهن ان جي تصوير ڪڍي سامهون رکجي ته شايد هيانءُ ڏري پوي ۽ ڀيانڪ تاريخ کي وري ڏسڻ به گوارا نه ڪجي. پر جي ادب ۽ ثقافت ۾ اهي ڀوڳنائون بيان نه ٿيل هجن ته انساني تجربي جي تاريخ ڪڏهن به واضح نه ٿئي، نڪي انسان ذات پنهنجي گذريل ڏاڪي جي نسبت موجوده ڏاڪي ۾ ڪا ترقي ڪري سگهي. فياض ڏاهري جي هن نظم جي پسمنظر ۾ اسان سيميوٽڪس جي حوالي سان عڪسن مان تاريخ، تاريخ ۾ ڀوڳنائن، ڀوڳنائن ۾ انساني ارتقاءَ تي جنهن آساني سان پهتا آهيون، اها ڳالهه يعني ارتقاءَ توڻي انساني سفر ايترو آسان نه آهي، نڪي اهو سمورو تجزيو ايترو آساني سان اڄوڪي دور تائين پهتو آهي پر ان لاءِ هڪڙن عملن ۽ انهن جي رد عملن مان به گذرڻو پيو آهي. انهن جي مثالن لاءِ به اسان کي هروڀرو فياض جي ساڳئي نظم کان ٻاهر وڃڻ جي ضرورت نه پوندي جو هو ان سموري پيڙا جي عڪاسي پڻ ڪري ٿو:
    ساريون تصويرون کڻن ٿيون آڱريون،
    ڀيڙ ۾ چهرا سڃاڻن پنهنجي سرجڻهار جا،
    ڪائناتي گئلري ۾ ڪيئي تصويرون،
    تصور ۽ مصور ڪيترا،
    آڱريون پنهنجي ڏندن ۾ ڏئي چٻاڙڻ ٿا لڳن...

    انساني ارتقاءَ خود حيران آهي ته ڪٿان کان ڪيئن هن جُڳ تائين پهتي آهي، جتي ڇا ڇا ممڪن نه آهي؟ جتي جو انسان، صرف انسان نه آهي پر سڀ ڪجهه آهي. سموري مشينري سندن اندر سمايل آهي جنهن تي خود مصور حيران آهي ته هي سڀ ڪيئن خلقجي ويو آهي؟ نتيجي ۾ تصور ۽ مصور ٻيئي ڏندن ۾ آڱريون ڏيئي چٻاڙڻ ٿا لڳن. اهو تاريخ ۾ الفريڊ نوبل جي ڊائنامائيٽ جي ايجاد کان ويندي روس جي ڪلاشنڪوف جي ايجاد تائين ۽ سيموئيل بيڪيٽ جي ويٽنگ فار گوڊو تائين جا تخليقڪار خود حيران رهيا آهن ته اهو سمورو ڪيئن ٿيو آهي. پر انهن جي اندر ۾ منفي زيوس ديوتا نه هو نه منجهن ”انا“ جو اهو اناڙي وجود Philistine ويٺو هو جيڪو فياض چواڻي:
    رنگ سڀ بي رنگ ڪوٺي
    سوچ کي تالا هڻي
    عقل تي چٿرون ڪري
    برش سڀ ساڙي ڇڏي...
    ............
    پنهنجي ئي پاڳل پڻي ۾
    پل اجهي ٿو پل جلي ٿو
    روز پنهنجي ٻوٿ تي دانگي ملي ٿو.

    هي انا جي اها هوڏي فطرت آهي جنهن ارتقاءَ کي زنجيرون پئي وڌيون آهن ۽ فطرتي توازن واري ڦيٿي کي پئي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر فياض انهي منفي انا جي لاڙي ۽ سوچ کي انتهائي تز ائنٽي ڪلائميڪس ۾ آڻي ٿو ته ايئن ڪرڻ سان هو (انا جو ديوتا) پنهنجي ٻوٿ تي دانگي ملي ٿو. فياض جي نظم زيوس ديوتا جي روشني ۾ اسين سميوٽيڪس جو اطلاق ته پروڙيوسين پر دنيا جي هر دور جي پنهنجي پنهنجي عڪس به ڏٺي سين ته ساڳئي وقت نظم ذريعي ڪائنات ۾ موجود ڪوجهاين جي رد تشڪيل جا بنهه طاقتور اولڙا پڻ ڏٺا سين، جيڪي زاڪ ڊيريڊا پنهنجي ساختيات پڄاڻان واري مطالعي ۾ پيش ڪري سوچ جا نوان زاويا ڏنا. ساڳئي پسمنظر ۾ فياض جي ڪتاب ۾ هڪ خوبصورت نظم ”اوجاڳو“ آهي جيڪو ڄڻ ته صدين جو اوجاڳو بطور هڪ ارتقاءَ آهي، بطور هڪ وقت آهي، پيڙا آهي. اهو اوجاڳو ديس واسي دراوڙ آهي جيڪو هر دور ۾ پنهنجي وقت ۽ ظالم سان وڙهيو آهي. سندس نظم جي شروعات ڏسو؛
    ندي ڪناري ڇانو ڄمونءَ جي
    ٽڪريءَ جي دامن ۾ دريا
    ساري وادي سونهن_نگر آ

    هي اهو ديس واسي دراوڙ آهي جيڪو پنهنجي جاڳ جي آدرش ۾ ديس جو نقشو چٽي ٿو پر هو ان ديس ۾ ڇا آهي؟ سندس حيثيت ڪهڙي آهي؟ اهو اهم سوال آهي. ڇوته سنڌ واسي سدائين ديس جي دنگن جي حفاظت جي ويڙهاند ۾ وقت گذاريو آهي. سندن شناخت سپاهي واري آهي هو وردي نه هوندي به سدائين ثقافتي، ٻولي، تهذيب، رواداري ۽ امن جي وردي ۾ رهندڙ سپاهي آهي. سندن ويڙهه جو نقشو هيئن چٽيل آهي؛
    پار نديءَ جي هل هلاچو
    ويري لشڪر ڪاهي آيو
    ماڻهن ڇرڪي دانهن ڪئي آ
    گهوڙا گهوڙا راجا راجا
    مان به اٿان ٿو
    پنهنجن ساٿين ساڻ ڊڪان ٿو
    تلوارن جي جنگ لتاڙي
    وار ڪيان ٿو
    وار سهان ٿو
    عضوو عضوو رت رتوڙيو
    ننڊ وڪوڙيو
    ڌرتي ڪيڏا سڏ ڪري ٿي
    ننڊ ڦٽي ٿي
    .......

    ڌرتي ڪيڏي مٽجي وئي آ
    ليڪن سڏ ته ساڳيو آهي
    ڪيڏا جڳ ستو آهيان پر
    اکڙين کي اوجاڳو آهي.

    سندس سمهڻ باوجود به اوجاڳي جو پيراڊاڪس انتهائي معنيٰ خيز آهي ته سمهڻ اصل ۾ ننڊ نه آهي پر جدوجهد آهي. جنهن جو تت اوجاڳو آهي. يعني سمهڻ ايترو جو زنده رهي سگهجي ۽ جاڳڻ معنيٰ وجود جي جنگ وڙهڻ. جيئن ته سنڌ واسي يا تمدني انسانيت سدائين انهي اوجاڳي مان گذري هت پهتي آهي، جيتوڻيڪ سموري ڌرتي يا دنيا جو گولو مٽجي ويو آهي پر بيٺڪيت، يلغار، استحصال ۽ حاڪميت وارو چيلينج ته ساڳيو آهي ته انسان ڪيئن نه اوجاڳو ڪندو؟ تنهنڪري سندن نظم ”اوجاڳو“ صرف ننڊ ڦٽل هجڻ وارو اوجاڳو نه آهي پر ارتقاءَ انسانيت ۽ حق سچ آهي. هي ته سمورو وقت آهي، پيڙا آهي ۽ ”سروم دکم دکم“ آهي.
    فياض ڏاهري جو هي ڪتاب ”هينگ اوور“ نظمن جو اهو گلدستو جيڪو پاڻ ۾ سنڌي نظم جي حوالي سان هڪ ارتقائي ڪائنات رکي ٿو. جنهن ۾ انساني احساس ته ٽمٽار آهن ئي پر جديد حسيت، جديديت، جديديت پڄاڻان (ماڊرنزم، پوسٽ ماڊرنزم) ڪلاسيڪيت، رومانويت، روايتن ۾ غير روايت پسندي، بغاوت، انقلاب، قوم پرستي، انسان پرستي کان ويندي ذاتي پيڙا جي پڻ جديد تاريخ رکي ٿو. متن جي حوالي سان اهڙي ڪهڪشان سان ٽٻ هوندي به وٽس فني اڻت ۽ ٻولي جو سڀاءُ پڻ بنهه شاندار آهي جنهن ۾ وزن و بحر کان ويندي ٻولي جي خوبين ۾ تجنيس حرفي، ترنم، رواني، اڻ ڇهيل محاورا، عڪس ۽ ناپيد ٿيل لفظن جو استعمال پڻ جهجهي تعداد ۾ سندس خوبصورت ترين تخليقن جو ساکي آهي. انهن سمورن نه سهي پر ڪجهه اهم ڳالهين جو تفصيلي ذڪر ڪرڻ جو پوري ڪوشش ڪبي خاص ڪري متن جي حوالي سان جيڪا فڪر منجهن سمايل آهي تن ۾ شاعري مُکي طرح هنن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿي. جهڙوڪ سندس نظمن ۾ جديد حسيت ۽ پوسٽ ماڊرن مظهريا لقاءُ Modern Sensibility and Postmodern Phenomena and Conditions، ان بعد ڪلاسيڪي روايتون، جديد ۽ انوکا مشاهداتي نظم، مزاحمت، داخلي پيڙا، سهيوڳي دور جي درد جي عڪاسي ۽ رومانويت پسندي جا عنصر ڪافي آهن. انهن نظمن جي تجزين جي اندر ئي ٻولي جي خوبصورتين، تشبيهن ۽ اصطلاحن جي سموئڻ جي ڪوشش ڪبي پر وري به مک محور سندن فڪر ۽ متن ئي هوندو ڇوته فياض جي شاعري گهڻ رخي هئڻ ڪري ڪيترن ئي حوالن سان تجزيي ۽ تشريح ۾ اچي سگهي ٿي ۽ ڪيترائي زاويه ڪپڙي جي ٿان جي تاڪين جيان کلندا ويندا جيڪو فطري عمل آهي.
    ”هينگ اوور“ انگريزي جو محاورو Phrasal verb آهي پر هن ڪتاب ۾ اهو نالو بطور اسم يا صفت جي صيغي ۾ رکيل آهي پر هيٺين تشريح کي فعل جي صيغي ۾ پڻ پڙهي سگهجي ٿو. جنهن جي پهرين معنيٰ ته ”ڪنهن اڻ وڻندڙ صورتحال\ ياد يا خوف ۾ رهڻ“ آهي ته ڪو ماڻهو پنهنجي ماضي جي يادن ۾ گم يا کويل رهيو آهي، ڄڻ ته:
    ياد ماضي عذاب هي يا رب،
    ڇين لي مجهه سـي حافظه ميرا!
    يعني اهڙي صورتحال ۾ رهڻ ئي هينگ اوور آهي پر فياض وٽ هروڀرو اهو پڇتاءُ هجڻ بجاءِ ويتر ان سان مزاحمت آهي هڪ هٿيار آهي ۽ آپٽيمزم آهي. پر ان جي ٻي معنيٰ جيڪا آڪسفورڊ ڊڪشنري ٻڌائي ٿي ته ”unpleasant physical symptoms experienced after drinking too much alcohol “ يعني تمام گهڻي الڪوحل پيئڻ ڪري اڻ وڻندڙ جسماني علامتن جي ظاهر ٿيڻ واري تجربي مان گذرڻ هينگ اوور آهي. هينگ اوور جي ٽين ۽ گهڻو ڪري هن ڪتاب جي نالي سان مشابهت رکندڙ معنيٰ هن ريت آهي ته “a practice, tradition etc. that remains after everything associated with it has been changed or lost” يعني ڪنهن شيءِ سان لاڳاپيل هر ٻي شيءِ جي تبديل ٿي وڃڻ يا وڃائجڻ کانپوءِ جي عمل يا روايت کي هينگ اوور چئبو آهي. مطلب ته ڪنهن ماڻهو سان تعلق رکندڙ هر شيءِ مڪمل طور تي تبديل ٿي وڃي يا وڃائجي وڃي، ان کانپوءِ سندن جيڪو عمل يا عادت ظاهر ٿئي ان کي هينگ اوور چئبو آهي. الئه ڇو مون کي ان ڏس ۾ ”جيئي ڀٽو“ جي نعري جي روايت يا ڪلچر ياد اچي رهيو آهي ته نه اهو ڀٽو رهيو آهي نه اهو ”جيئي“ رهيو آهي ته هي سموري ماجرا جو ڇا مطلب جو سموري سنڌ پيئي لوڙي ۽ امير سنڌ جو عوام گند جي ڍير تي اڇلايل ڪچري واري ماني پئي کائي؟ يا جيئن اسان جي انتهائي سهڻي شاعر وفا ناٿن شاهي جڏهن محترمه بينظير ڀٽو 88ع ۾ پاڪستان واپس آئي هئي ته شعر لکيو هئائين ته ”فيصلو ضمير جو، ووٽ بينظير جو“. اڄ انهي ضمير جي فيصلي جي سنڌ واسين کي ڪيتري قيمت چڪائڻي پئي آهي جو، نه اها بينظير رهي آهي نه شهيد ڀٽي ۽ شهيد راڻي واري پ پ پ رهي آهي، ته ڇا اڃا به ووٽ ساڳيو؟ اهوئي ته هينگ اوور آهي جو ان سان سلهاڙيل هر شيءِ ختم ٿي وئي آهي پر هي جسماني (يعني سياسي، سماجي، تعليمي، معاشي) اپاهج بڻايل سنڌ جي عوام ان ”نعري“ يعني هينگ اوور تي لٽڪيل آهي، جو کيس بنا ڪنهن الڪوحل پيئڻ جي ايئن بڻجي وئي آهي. فياض ڏاهري جو هينگ اوور وارو نظم به هيئن آهي ته:
    حواسن تي پلاڻي بار ڪيڏو ٿي حياتي،
    تصور ٿا بنا ترتيب جي ڊوڙن،
    عجب هي انتشار آهي
    ڪٻاڙيءِ جي ڪٻاڙي جيئن نظر ۾ نظريا آهن.
    ظاهر آهي ته اهڙي حالت ۾ حواسن تي ڀاڙي زندگي بار ئي ٿيندي آهي، جو حواس به ڪيترو ڪنهن کي سهيڙيندا. هي ته تحت الشعور يا لاشعور آهي جيڪو خودڪار مشينن جيان کائڻ، پيئڻ، جيئڻ، ڄمڻ، ٻار ڄڻڻ، سمهڻ، اٿڻ جو ڪم پيا ڪن، نه ته اهي شيون حواسن سان سر انجام ڏئي ڏئي انسان ٿڪجي پوندو آهي. جيڪڏهن انسان شعوري طور يعني حواسن تي ڀاڙي هلي ته شايد چند قدم کان وڌيڪ هلي نه سگهي. حواسن تي ڀاڙي ڳالهائي ته چند جملا، چند ڏينهن يا چند سال به درست نه ڳالهائي سگهي، ڇاڪاڻ ته شعوري ترتيب ڏاڍو مشڪل مرحلو آهي. ڇو ته انسان جا گهڻا عمل تحت الشعور يا لاشعور جي خزاني جو نتيجو آهي. تنهنڪري سمورا نظريا ڪٻاڙيءَ جي ڪٻاڙ جيان پيا هوندا آهن. نظم جي ابتدائي سٽن ۾ شعور جو وهڪرو يعني Stream of Consciousness ته آهي ئي پر اهو به هينگ اوور جو نتيجو آهي. اوهان ڪنهن کي دارُو ڏوڪايو پوءِ ويهي سندن بي ترتيبي ڏسو. جيتوڻيڪ حواسن تي پلاڻي زندگي جي بار ٿيڻ جو تصور تجربيت پسندن Empiricist فلسفين لاءِ ناقابل قبول آهي، ڇوته انهن مطابق ته علم جو مکيه ذريعو Source of Knowledge سندن علم العلم Epistemology موجب انساني حواس ئي آهن، جنهن سان انسان ٻيو علم حاصل ڪري سگهي ٿو يعني پنهنجي حواسن جي تجربي مان ڪنهن علم کي ثابت ڪري ٿو. ٻي صورت ۾ اهو علم مافوق الفطرت آهي، جيڪو انساني حواسن ذريعي ثابت نه ڪري سگهجي. اهو بحث پنهنجي جاءِ تي پر شاعراڻو تخيل ٻڌائي ٿو ته انساني حواس تي ڀاڙي انسان ڪيڏو ڀوڳيو آهي يا ڀوڳي ٿو يعني ”الا! ڏاهي م ٿيان“ واري صورتحال آهي جيڪا اڳتي هلي هي صورت وٺي ٿي ته:
    سجايل هن مفڪر ذهن سارا فڪر کان آجا
    عقيدن جي نمائش ۾
    ڳنڍي پنهنجي ئي پر ۾ جن رکيا پنهنجا تصور
    علم جي هر کير ڌارا سان
    ڏڪر آ ڄاڻ جو ڪيڏو
    سموري سوچ ٿي جهولي حوالن جي هندوري ۾
    زبانن لئه نه ڪو مڪتب نه ڪو ممبر ضروري آ
    صدين جي باشعوريءَ تي مڙهي وئي بي شعوري آ
    .........
    عجب هي انتشار آهي
    نه پٿر آهي
    نه ئي ڪو روڄ راڙي ۾ ٻڏل گهر آ
    لڳي ٿو هينگ اوور آ
    اهوئي هينگ اوور آ.
    يعني انهن حواسن تي رڳو علم جو ڌاڪو ته آهي پر ڄاڻ جو ڏڪر آهي (اها درجا بندي امريڪي تعليمدان ۽ نفسياتدان بينجمن بلوم بجاءِ پائلو فريري واري آهي) ۽ بي شعوري مڙهيل آهي جنهن سبب سمورا ويليوز وڃايل آهن. تنهن هوندي به کين ڪو احساس نه آهي تنهنڪري اها سموري صورتحال هينگ اوور آهي. جيڪا ”جيئي ڀٽو“ به آهي ته ”فيصلو ضمير جو به آهي“. پر اڄ نه اهو ضمير آهي نه ئي ان ضمير جي فيصلي جو ڪو احساس آهي. اها صورتحال صرف سنڌ نه پر سموري دنيا جي صورتحال آهي جيڪا پوسٽ ماڊرن صورتحال چئي ٿي ته لاس يعني نقصان تي پڇتائڻ بجاءِ ان کي سيليبريٽ ڪريو ۽ ان مان لطف حاصل ڪريو. فياض جو هي نظمن جو ڪتاب ”هينگ اوور“ ئي ان ڪري آهي جو اها پوسٽ ماڊرن سيليبريشن Celebration آهي ۽ انهي صورتحال کي بهترين نموني سان اظهاري ٿو.
    ”هينگ اوور“ ۾ جديد دور جي جديد تقاضائن تحت عالمي وايو منڊل ۽ ٽيڪنالوجي واري عڪس بندي جي پيرايي ۾ سندس نظمن ۾ ”ڊيجيٽل گيم Digital Game“، ڊيجيٽل جنريشن Digital Generation “، ”شيشا بند شهر“، ”ڊرنڪن برال Drunken Brawl “، ”ڊيجيٽل دور جا ٻار“، ”هڪ ٻيو اولهه“، ”رات مهل“ وغيره ڳڻائي سگهجن ٿا، جيڪي پنهنجي بلند تخيل ۽ تيز مشاهدي سان استوار ٿيل نظم آهن ئي پر منجهن جديد حسيت Modern Sensibility پڻ موجود آهي. مثال طور سندس نظم ”شيشا بند شهر“ ۾ جديد حسيت جي حوالي سان بلبن جو ڀونڊا ڏيڻ ۽ ٽي وي جي اوناڙ ڪرڻ، جهڙوڪ:
    بلب ڀونڊا ٿا ڏين
    پل اپل اوناڙ ٿي ٽي وي ڪري
    ..........
    سوچ جي ساون وڻن ۾
    روز واهيرا جلن ٿا
    خواب سارا ايش ٽري ۾ ڇار هيٺان ٿيا دفن
    ڪيئن پهرايان دليلن کي چريائيءَ جو ڪفن......
    .........
    جسم شيشي جي شهر ۾ قيد آ
    واءُ سان اڏري ويو وجدان آ.
    بلبن جو ڀونڊا ڏيڻ هڪ پوسٽ ماڊرن Satire آهي ته ساڳئي وقت ٽي وي جي اوناڙ پٺتي پيل ماڻهن ۽ قومن لاءِ هڪڙي اوناڙ آهي جيڪا هڪ طنز يعني سٽاير پڻ آهي ته ٽين دنيا وارا رڳو ڪنزيومر آهن هن گلوبل مارڪيٽ جا جتي جون عادتون اشتهارن جون غلام آهن. جن وٽ پنهنجا خواب ردي يعني ايش ٽري جي هيٺان دفنايل آهن ۽ اهي مغربي ايجادن جا عادي قيدي آهن. تنهنڪري سندن جسم شيشي جي شهر يعني LCD, LED, Smart Screen ۾ قيد آهي جتي وجدان جي اچڻ جو سوال ئي نه آهي. ڇا هي ايڏو سارو وجداني ڪيفيت جو نقصان گهٽ آهي؟
    ساڳئي طرح سان ”ڊجيٽل دور جا ٻار“ ۾ پوسٽ ماڊرن حالتن سان گڏوگڏ جديد حسيت ڀرپور طرح سان پئي جهلڪي، جنهن ۾ هر ٻار جي اوليت پنهنجي ۽ منفرد آهي. جتي انسان پنهنجي ارتقائي سڃاڻپ ۽ اصلي گهرجائن بجاءِ ايجادن جي ضرورتن جي ور چڙهي مارڪيٽ جي شين جي واپرائڻ واري ڪِل بڻجي ويو آهي جهڙوڪ:
    ”سرمد“ کي کپي ٿي، ٻي ڀيڻ پشم جِي
    ”ليزا“ ٿي چوي؛
    ٻيو ڀاءُ هجي ها، اڀ_نير اکين سان،
    هر وقت لڳي جئن آڪاش جيان گهر
    ليزا جي مما ٿِي، حيرت جو سمندر؛
    معصوم سڌُن جي پرواز ڪٿي آ!
    ٿا چنڊ نه چاهن نئين ”ايج“ جا ٻچڙا...

    سندس نظم پڙهي لاشعوري طور تي ڪلوننگ Cloning واري سائنس ڏانهن ڌيان ڇڪجي وڃي ٿو ته ڪلوننگ ڪيئن نه جديد جنريشن يعني ڊجيٽل دور جي ٻارن ۾ ڊجيٽل گهرجون پيدا ڪيون آهن، جيڪي پنهنجي پسند جي چمڙي Skin ۽ پنهنجي خواهش جا اڀ_نير اکين وارا رشتا پيا ڳولين. جيڪي صرف ڪلوننگ واري سائنس ۾ ئي ممڪن آهي. پر في الحال ته ڪلوننگ واري سائنس تي عالمي پابندي آهي. جيتوڻيڪ اهي خواهشون اسڪينڊنيوين ملڪن Scandinavian Countries جي مائرن ۾ هونديون آهن، جنهن ۾ سوئيڊن، ناروي، ڊينمارڪ، فنلئنڊ، آئس لئنڊ وغيره شامل آهن پر ٿئنڪس ٽو انٽرنيٽ رابطن جي، اسان جي ڊجيٽل جنريشن وٽ پڻ ”ٽيبليٽ“ آهن، جنهن ۾ اهي ٻار ڪارون پيا ڊڪائن، ڊرائنگ واري پنن تي صوف يا نارنگين ۾ رنگ ڀرڻ بجاءِ ”پيزا“ ۾ رنگ پيا ڀرين. نيرن ۾ مکڻ جي جاءِ تي ”ميگي“ پيا کائين. ٻارڙن جي گيت يا ڪهاڻين جي جاءِ تي ”هيڊ فون“ جا کوپا لڳائي ”پيٽي شڪلا“ جا سانگ پيا ٻڌن. تنهنڪري جديد حسيت ۽ پوسٽ ماڊرن قدرن ٻارن کي جلدي بلوغت تائين پهچايو آهي ۽ اهي هاڻي ٻار ڪٿي رهيا آهن؟ اها حسيت ۽ پوسٽ ماڊرن صورتحال جي تصوير ڪشي فياض ڏاهري جي شاعري جو انوکو مثال آهي. نه صرف اها حسيت پر جديد مارڪيٽ به اتي موجود آهي جتي عالمي منڊي پاران ايجادن کي ضرورت جي ماءٌ بڻائي پيش ڪيو ويو آهي
    نه صرف ٻار، ٻار نه رهيا آهن پر اسان جي ڊجيٽل دور جو ميچوئر ماڻهو پڻ هاڻي مين روڊن تي مرڪيوري لائٽنگ جي ٿنڀي تي پنهنجون اکيون چنبڙائي ويهي رهيو آهي. سندس نظم ”رات مهل“ پڙهي ڏسجي ته محسوس ٿيندو ته انهي اکٻوٽ جو شڪار هر عمر جو ماڻهو آهي. يعني گلوبلائيزيشن جي جادوءَ کان ڪير به پاڻ بچائي نه سگهيو آهي. شاهه صاحب چواڻي:
    مون کـي مون پريـن، ٻـڌي وڌو ٻار ۾،
    اڀا ايئن چون، ته متان پاند پسائين!
    اهڙي طرح جڏهن اسين سڀ ڪنهن به سرحدن جي بائونڊريز کانسواءِ ڪنهن به عمر جي فرق بنا ۽ ڪنهن به مسلڪ کانسواءِ انهي عالمي ٽيڪنالوجي کان بچي نه سگهيا آهيون ڇاڪاڻ ته اسان جا ڪيترائي وهنوار ڄڻ ته ليپ ٽاپ، ايل سي ڊي، ڪمپيوٽر، واءِ فاءِ، انٽرنيٽ وغيره کانسواءِ اڌورا آهن ۽ انهن کان پري رهندڙ ڄڻ ته پٺتي پيل انسان سڏجي ٿو. انهي حوالي سان فياض جي نظم جي هي منظرڪشيءَ ڏسو:
    رات مهل
    آسمان ۾
    ستارا ڏسي نه سگهندو آهيان
    مون پنهنجي اکين جو اسٽيڪر
    مين روڊ تي
    مرڪيوري لائٽنگ جي
    ٿنڀي تي چنبڙائي ڇڏيو آهي.

    اهو صرف رات جو ئي سمورو وقت ئي اسان جون اکيون مرڪيوري اسڪرين تي اسٽيڪر جيان چنبڙايل نه آهن پر اهو بيشڪ فيس بوڪ يا ٻيو ڪو سوشل ميڊيا هجي يا نيوز چينلس هجن سمورو وقت ئي ته اسان جو آسمان کان هٽيل غير فطري گهرجن جي سرگرداني ۾ گذري ٿو. ڄڻ ته سمورو دور هڪ گيم هجي يعني ”ڊجيٽل گيم“ وارو پوسٽ ماڊرن لقاءُ هجي. جنهن ۾ صرف اکيون نه پر اسان جا ذهن به هڪ انارڪي جي ور چڙهيل آهن. فياض ڏاهري پنهنجي شاهڪار نظم ”ڊجيٽل گيم“ ۾ اهو نقشو هيئن چٽي ٿو:
    ذهن ۾ گهوڙا ڊڪن ٿا
    پنهنجي پنهنجي فڪر جي راهن مٿان
    سوچ جا سڀ سوار گهوڙن کي تڙن ٿا
    حافظي جي ريس ڪورس ۾ وڏي ڇڪتاڻ آهي...
    ريس ڪورس وارو ميدان جديد دور ۾ هڪ علامت آهي جيڪو معاشي ۽ ٽيڪنالوجيڪل ريس ڪورس آهي جتي پوري دنيا جا سامراجي حڪمران ۽ سندن طاقتون انهي ڇڪتاڻ ۾ مصروف آهن. اهو ريس ڪورس صرف پاڪستاني ڪرڪيٽر ۽ مذهبي بڻيل انضمام الحق جو ڪراچي ۾ ملير وارو ريس ڪورس نه آهي پر ملڪ جي حڪمران ٻن وڏين پارٽين جي حڪمراني به ريس ڪورس آهي ته بيوروڪريسي به هڪ ريس ڪورس آهي. دنيا جي انهي ڇڪتاڻ پٺيان ته هاڻي وڪي ليڪس ۽ پاناما ليڪس واري ڇڪتاڻ به شروع ٿي وئي آهي، جيڪا ڄڻ ته هڪ ٻي سرد جنگ آهي. سمورو نظم ويندي نظم جي ڪلائميڪس ۽ ائنٽي ڪلائميڪس تائين هڪ اجهل اظهار جي قوت آهي، جيڪا انسان جي اندر مائڪروڪوزم کان ويندي عالمي منڊي واري ڇڪتاڻ ۽ حاڪم ۽ محڪوم جي گيم کان ويندي سپر پاور واري طاقت يا گلوبلائيزيشن واري ريس ڪورس واري ڊجيٽل گيم پئي کيڏي وڃي. انهي ئي ڏس ۾ سندس نظم ”ڊجيٽل جنريشن“ به آهي جيڪا ڄڻ ته ”ڊجيٽل دور جا ٻار“ جي تسلسل آهي. جنهن ۾ جديد دور جي ٻارن جي اوليتن کان اڳتي وڌي انٽرنيٽ جي ٽيڪنالوجي سان زندگي جي حقيقي ڪاروهنوار کي ماپيو ويو آهي ته هي جنريشن جيڪا پوسٽ ماڊرن جدت واري آهي سا ڪيتري اسان کي پٺتي ڌڪي وئي آهي. سندس نظم جون سٽون پڙهو:

    ڊجيٽل جنريشن
    ايڪيهين صديءَ جي
    ڊجيٽل جنريشن
    انساني تاريخ جي
    پوسٽ ماڊرنسٽ جدت آهي
    فور جي 4G) (لائيف اسٽائيل واري ڪلچر جو حصو
    اسان جا ٻار
    اسان جي سمجهه کان
    سندن آءِ فون وانگيان
    اوکا ٿي ويا آهن
    ۽ اسان سندن لاءِ
    پينٽيم سيريز جي
    پراڻن ڪمپيوٽرن جهڙا..
    آءِ فون جي ايڊوانس ٽيڪنالوجي جيڪا پينٽيم جو ڪمپيوٽرن کي پوئتي ڇڏي وئي آهي، اهو لقاءُ صرف ڪمپيوٽر جو نه پر انساني ارتقاءَ ۽ سوچ جو پڻ آهي. ساڳئي وقت مارڪيٽ ۽ ڊپلوميسي به انهي رفتارسان اڳتي وڌيل آهي. هاڻي ته آءِ فون ۾ به ڪيتري ئي ايڊوانسمنٽ اچي وئي آهي.
    جديد حسيت ۽ بين الاقوامي صورتحال جي پسمنظر ۾ فياض ڏاهري جو نظم ”هڪ ٻيو اولهه“ پڻ شاندار نظم آهي جيڪو پنهنجي تاريخي محسوسات جو شديد رد عمل محسوس ٿيندو آهي ته هڪ اولهه جيڪو مسلمانن جي سجدن جو مرڪز يعني مذهبي ماڳن وارو اولهه آهي پر هڪ ٻيو اولهه آهي جيڪو استحصالي اولهه آهي جنهن گذريل لڳ ڀڳ 500 سالن کان اوڀر ۽ ٻين علائقن کي ڦرڻ شروع ڪيو هو سو اڃا جاري آهي ۽ اڄ به روپ بدلائي استحصال پيو ڪري. فياض جي نظم ۾ هي سٽون انهي احساس کي ڪيڏي شدت سان پيون اڀارين:
    جتي گهرن ۾
    اوڀر جي اونداهين ڪوئلي جي کاڻن
    جي جوت جلي ٿي
    ۽ رڳن ۾ وچ اوڀر جو پيٽرول گردش ڪندو آهي
    جينز جي پينٽن ۾
    ڏکڻ ايشيا جي ڪپهه ۽ پگهر شامل آهي...
    اولهه جي طاقتن وٽ سندن گهرن ۾ اوڀر جي ڪوئلي جو جلڻ، وچ اوڀر جو پيٽرول مشين ۽ گاڏين جي انجڻ ۾ گردش ڪرڻ ۽ جينز جي پينٽن ۾ ڏکڻ ايشيا جو پگهر ۽ ڪپهه جو هجڻ وارا اصطلاح سندس شاعري جا عالمي اصطلاح آهن جيڪي بيٺڪي ادب جون انتهائي سگهاريون علامتون آهن ته ساڳئي وقت مزاحمتي اهڃاڻ پڻ آهن. اسان وٽ به ٿر جو بي بها ڪوئلو موجود آهي جيڪو حڪمران قوتن جي اک ۾ آهي پر ان جي کوٽائي کانپوءِ ٿر جي اصل رهواسين کي ڪيترو فائدو ٿيندو ان جو اندازو بدين جي معدنيات مان ملندڙ مقامي ماڻهن کي فائدن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ساڳئي وقت گهوٽڪي ضلعي ۾ قادرپور گيس فيلڊ، ماڙي گيس فيلڊ، ايف ايف سي ڀاڻ فيڪٽري، اينگرو يوريا، تلو گيس فيلڊ، لبرٽي پاور پلانٽ، اينگرو پاور پلانٽ وغيره مان جيترو فائدو گهوٽڪي جي مقامي ماڻهن کي مليو سو ٿر جي ڪوئلي مان ٿر آباد ٿيندو نا؟ جيترو گوادر مان اصل بلوچن کي فائدو ٿيندو هوندو. هي سموري تاريخ استحصال سان ڀريل آهي نه صرف هڪڙو ٻيو اولهه اسان جي سجدن کان اڳتي آهي پر ان کان به خطرناڪ اولهه اسان جي ڳچي تي ويٺا آهن جيڪي اسان جي ريسورسز سان گڏ اسان کان اسان جي سجدن جا به پڇاڻا ڪري رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ هڪڙو شاعر ان کي علامتن ۾ ئي اظهاري جديد مزاحمت جو سڏ ڏئي سجاڳ ڪري سگهي ٿو. مٿي ذڪر ڪيل ڪجهه نظمن کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي نظمن ۾ جديد مزاحمت، استحصال، جديد حسيت، پوسٽ ماڊرنزم ۽ جديد اظهار جا نمونه ملن ٿا جيڪي ٻولي جي خوبين سان گڏوگڏ فني جڙاوت ۾ به نمايان آهن.
    فياض ڏاهري جي شاعري ۾ صرف جديد دور جي تقاضائن جو اظهار نه آهي پر هن پنهنجي شاعري يعني نظمن ۾ احساس توڻي موضوعن سان ورتاءُ ۾ ڪلاسيڪي روايتن کي به نه وساريو آهي ۽ انهن کي اڃا سگهاري انداز ۾ پيش ڪيو آهي جن مان ڪجهه نظم جهڙوڪ ”ٽلٽي مٿان چنڊ“، ”نواڻ“، ”کجين جي شهر جي ڇوڪري“، روئڻ جي ريت“، ”شاعري-1 ۽ شاعري 2“ڪجهه اهڙا نظم آهن جن جا يا ته موضوع ڪلاسيڪي آهن يا انهن کي پيش ڪلاسيڪل انداز ۾ ڪيو ويو آهي. ڪلاسيڪل جو هتي مطلب رڳو راڳ رنگ وارو جهڙوڪ سندس نظم ”هرڻ اکي“ يا ”سمبارا“ آهن اهڙا نه پر انهن نظمن جا موضوع ته جديد آهن پر انهن کي ڊيل ڪلاسيڪل ويليوز جي انداز ۾ ڪيو ويو آهي جهڙوڪ ”روئڻ جي ريت“ نظم ۾ روئڻ جي ريت کي ڊجيٽل دور جي قدرن به متاثر نه ڪيو آهي ته روئڻ جي ريت يا ڪاوڙ کي جديد دور جي ڊالرز، روپين، يورو يا ريالن تي به تبديل نٿو ڪري سگهجي يعني سچا جذبا ڊجيٽل دور جي ايجادن آڏو به مٽي نه سگهيا. روئڻ ۽ روئي محبوب کي پرچائڻ هڪڙو ڪلاسيڪي قدر آهي پر ان جي متبادل طور جديد حربا به ذڪر هيٺ آهن تنهنڪري روئڻ جي ريت ۽ نهٺائي جو متبادل نه آهي. تنهنڪري اهو ڳانڍاپو ڪلاسيڪي آهي.
    روئان رهن نه سپرين، آيل ڪريان ڪيئن؟
    مونکي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري!
    (شاهه صاحب)
    شاهه صاحب وٽ وڻجاري کي روڪڻ لئه روئڻ کان وڏو ڪو وکر نه هو. تنهنڪري آخري حربي طور روئي به ڏنائين. پر ان کانپوءِ وڻجاري جي وني سرينڊر ڪري ويهي رهي. اهو ويليو يعني قدر ڪلاسيڪي ويليو آهي. اسان جي شاعري ۾ ان ڪري اهڙي ٽريٽمنٽ کي ڪلاسيڪي انداز لکجي ٿو.
    ان ڪلاسيڪي وارتاءُ يعني ٽريٽمنٽ کي فياض ڏاهري جي نظم ”نواڻ“ ۾ پڻ ڏسي سگهجي ٿو جتي رشتن ۽ شجري جي پيرايي ۾ سمورا لڳ لاڳاپا ڳڻي ٻڌايل آهن ته نواڻ ڪٿي آهي؟ سندس ابتدا ڏسو نظم جي؛
    روز چوي دل ڳول نئون ڪجهه
    ڇا ڇا روز نئون مان ڳولهيان
    منهنجي نالو قبيلي سان گڏ
    منهنجي پيءَ جو نالو ساڳيو....

    ايئن اهو ساڳيو انداز هلي ٿو جيڪو تسلسل ڪيترن ئي منفرد ڳالهين کي آشڪار ڪري ٿو، جهڙوڪ:
    ممتا پنهنجو جسم مٽائي
    منهنجي زال ۾ ظاهر ٿي آ
    پنهنجي ٻارن جي صورت ۾
    ساڳي ممتا ساڻ ملان ٿو
    امڙ بدران ڌيءُ ننڍي کي،
    امڙ ڪوٺي سڏ ڪيان ٿو...
    .....
    جيون هڪڙو گول چڪر آ.

    جيون جي انهي گول چڪر ۾ ڪيتريون ئي رشتن جون ڳنڍيون سلجهايل آهن جنهن ڪري هن نظم جي پيشڪشpresentation جي ڪري ڪلاسيڪي نڀاءُ وارو نظم چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. اهڙي طرح سندس نظم ”ٽلٽيءَ مٿان چنڊ“ پڻ تاريخي شعور ۽ روايتن جي ساکي قدرن ڪري پڙهڻ سان هڪڙو اتساهه ملي ٿو. هي نظم تاريخي شعور، ڪلاسيڪي ورتاءُ سان گڏوگڏ هڪ اميد پيدا ڪندڙ نظم آهي جنهن طرح جا فيض احمد فيض جا نظم آهن. پر فياض وٽ انهن نظمن جي وابستگي لاءِ پنهنجي ڌرتي جا تاريخي ڪردار موجود آهن جن جي تاريخي تسلسل تي پنهنجو پيغام استوار ڪري نظم کي پيش ڪري ٿو.
    اهڙي ئي طرح ”کجين جي شهر جي ڇوڪري“ نظم جي پيشڪش ۽ ٽريٽمنٽ ڪلاسيڪي آهي جنهن ۾ خاص طور تي جيڪو رومانوي ماحول پيدا ڪري وري ان کي کجين جي شهر جي آسپاس واري ماحول سان سينگاريو ويو آهي اهو ڏاڍو لڀائيندڙ آهي جنهن جو مثال پڙهو:
    ڊڪي ٿي ريل گاڏي جئن
    زمانن کان
    ايامن کان
    انهيءَ جي ڪوڪ ننڊاکي ڀنيءَ واري ڀنل ويلي
    سماعت ۾ ٻُري هوندءِ
    پرهه جي ماڪ ۾ وهنجي
    نشيلي هير سا هلڪي رلي هوندءِ
    غزل تنوير جو جنهن ۾
    ٽڙيو هوندو ٿِي ڳاڙهو گل، خوشبو سا
    تعارف تر سندو هوندي
    اڙي جانان انوکي اپسرا آهين....
    سمورو ماحول ئي نشيلو، رومانوي ۽ ڪلاسيڪي روايتن سان مهڪيل آهي ڄڻ ته نظم پڙهڻ سان سوين سال پٺتي هليو وڃي مير علي نواز ناز ۽ باليءَ جي دور ۾ پهچي رومانس مان حظ پيو وٺجي. نظم کي اهڙو ماحول ڏيڻ لاءِ نه صرف شاعري جي متن ۾ گهڙي وڃڻو ٿو پوي پر تاريخي شعور کي به سلهاڙڻو ٿو پوي. ان سان گڏ جنهن موضوع تي نطم لکجي ٿو ته ان موضوع جا لوازمات به ڪتب آڻڻا ٿا پون. انهي پسمنظر ۾ مٿي ذڪرڪيل فياض جا نطم پنهنجي منفرد ٽريٽمنٽ سبب ڪلاسيڪي مزاج جانظم چئي سگهجن ٿا. انهي ڪلاسيڪي مزاج ۾ رومانوي نظمن ۾ هڪڙو نظم ”وصيعت“ پڻ تخيل جا اهي اولڙا ٿو پسائي جيڪي اسان جي من کي لڀائڻ لاءِ سڦل ٿيندا آهن. ان ۾ هڪڙي ٽريجڊي ته آهي ئي پر نظم جي استعارن ۽ تشبيهن سان ٽريٽمنٽ بلڪل لاجواب آهي. سندس نظم پڙهي حظ وٺجي:
    وصيت
    بهار جي پوياڙيءَ ۾
    جڏهن سج
    چرڀيليءَ جي رسم نڀائيندي
    ٽانڊن تي پير ڏئي هلڻ لڳي
    ٻاڦ پاڻيءَ جا موتي ڇٽڻ جي جنون ۾
    پنهنجو وجود وڃائڻ واري هجي
    ۽ برف پنهنجي هڏ ۽ ماس کي
    بي رنگ رت ۾ تبديل ڪري ڳرڻ شروع ڪري
    ته پڪ سان اها وڇوڙي جي مند هوندي
    مان اهڙي مند ۾ مرڻ پسند ڪندس
    اها وصيت ڪندي ته
    منهنجي مرڻ کان پوءِ
    منهنجي ميت کي
    نديءَ جي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان پهريان واري
    آخري پل تان
    درياهه ۾ اڇلايو وڃي
    ڇو ته مان زندگيءَ سان پيار ڪندڙ
    هڪ بزدل شخص آهيان
    ان ڪري
    مان پنهنجي محبوبه سان
    مئي جيئري گڏ رهڻ جو واعدو
    نڀائي ڪونه سگهيس
    وڇوڙي ۾ ئي وصال هوندو آهي
    منهنجي مرڻ ويل
    برف رجڻ جي مند ۾
    متان منهنجي محبوبه
    نديءَ جي آخري پل وٽان گذرندي هجي
    جيڪا
    چار ڏهاڪا اڳ
    پنهنجو هٿ منهنجي هٿ ۾ ڏئي
    برفاني چوٽي پار ڪرڻ جي خواهش دل ۾ سانڍي
    ڪروڙين ٽن برف جي تهن هيٺان دٻجي ويئي هئي
    ۽ مان
    پنهنجو واعدو نڀائڻ بدران
    سندس بدن مٿان ٿانيڪي ٿيل برف تان ترڪندو
    زندگي جي پيرن ۾ اچي ڪريو هوس.

    بهار جي پوياڙي جو سج پاران چر ڀيلي جي رسم نڀائڻ، ٻاڦ جو پاڻي جا موتي ڇٽي پنهنجو وجود وڃائڻ، برف ۽ ڳرڻ کي وڇوڙي جي موسم سان تشبيهه ڏيڻ ۽ انهن کي استعارو بڻائي رومانوي طرز اپنائي اظهار ڪرڻ فياض ڏاهريءَ جي نظم جو بهترين مثال آهي. اهو نظم پنهنجي سموري سٽاءُ ۾ اجهل آبشارن وانگر آهي. جنهن جي پڙهڻ سان جسم سان گڏ روح ۾ بيچيني پيدا ٿي پوي ٿي ته وصيعت هيئن به ٿيندي آهي. نظم جو ڪلائيميڪس ته مونکي دريا جي آخري پل وٽ اڇلي ڇڏجو ۽ اينٽي ڪلائيميڪس ته آئون برف تان ترڪندي زندگي جي پيرن ۾ اچي ڪريو هوس جڏهن ته منهنجي محبوبه جي جسم تي برفن جا تهه ڄمي ويا هئا نظم جون اهڙيون حسناڪيون آهن جنهن وٽان اسان کي رومانويت جي پيچيدگي جو احساس ٿئي ٿو. انهي نظم ۾ اهڙا ڪيترائي تصور بحث هيٺ آڻي سگهجن ٿا. سموري نظم ۾ جمالياتي حس انتهائي دل پذير آهن ته سج، بهار جي پوياڙي، برف، برف جو رجڻ، بي رنگ رت، ٻاڦ، پاڻي جا موتي، دريا جي آخري پل ۽ ٻيا اهڙا تصور جيڪي انساني حِسن کي متاثر ڪري جماليات پيدا ڪن ٿا ۽ نظم پنهنجو ڀرپور تاثر ڇڏي ٿو.
    جديد حسيت ۽ پوسٽ ماڊرن مظهر، ڪلاسيڪي ٽريٽمنٽ سان گڏ فياض جي شاعري ۾ جديد ۽ انوکا مشاهداتي نظم آهن جيڪي فطرت کان ويندي انساني پهلوئن تي آڌاريل آهن جن کي پڙهي ڪري احساس ٿيندو آهي ته مختلف منظرن کي هيئن به مشاهدي ۾ آڻي سگهجي ٿو. انهن نظمن ۾ ”ڪرفيو“ جهڙي نظم کي ڪير وساري سگهي ٿو. جيڪو خوبصورت مشاهدن جهڙوڪ ستارن جو چور ٿيڻ، چنڊ جو چوڪيدار ٿيڻ، خلا جو جهنگل ٿيڻ کان ويندي سج جو جرنيل ٿي ڏينهن جو ڪرفيو هڻڻ جو مشاهداتي اظهار بنهه وڻندڙ آهي. نظم جي باري ۾ وڌيڪ لکي پڙهندڙن جون راهون نٿو روڪي سگهجن ته پڙهندڙ پاڻ ئي پڙهي لطف حاصل ڪن. جيتوڻيڪ سائنسي حوالي سان اهو سوال اٿاري سگهجي ٿو ته سج جيڪو گئليڪسي (Galaxy) جو ننڍو ستارو آهي سو جرنيل ٿي ٻين وڏن ستارن کي چورن جيان ڪيئن ڊوڙائي سگهي ٿو؟ پر ڇاڪاڻ ته سج ڌرتي کي سڀ کان ويجهوستارو آهي جڏهن ته ٻيا ستارا ڪيئي نوري سال پري آهن ۽ ٻيو وري انساني ۽ شاعراڻي مشاهدي ۾ اهو ممڪن آهي ۽ ان لقاءُ کي ايئن پروڙي ۽ خيال ۽ انداز جي ندرت سان اظهاري سگهجي ٿو.
    ڪرفيو جيان سندن نظم ”ننگي فطرت“ جو مشاهدو پڻ پنهنجي انفراديت سبب نمايان بيٺو آهي. ”ڪرفيو“ نظم جي ڀيٽ ۾ هي نظم ڪافي رومانوي ۽ محبت وارن لقائن تي آڌاريل آهي جنهن ۾ انسان جي جبلتي نظر حاوي آهي جيڪو ڪراچي جي ساحل جي منظر ڪشي آهي. سندن خوبصورت سٽون آهن ته:

    اچي ڏس ته اڀ جي ڪشادي پڌر ۾
    اڇي مرمرين چاندني ٻاڦ جي
    نرم نازڪ بدن ۾ اجالو آڻي ٿي
    ٿو محسوس ائين ٿئي
    ٿڌيءَ ماٿريءَ جي مٿان برف باريءَ ۾
    موتين جو اڻکٽ خزانو ٿو برسي
    هي رنگين ڪپڙن ۾ ملبوس نو عمر
    نوخيز ڳڀرو جوانيون
    سڄي رات فطرت جي عريان تخليق
    جو سچ ته ننگو نظارو پسن ٿيون
    اچي ڏس او شاعر...

    ڄڻ ته سمورو ماحول ئي نوخيز جواني جي مرمرين جسمن ۽ رنگن سان ٽمٽمائي پيو ۽ نظم پڙهندڙ ڄڻ ته شخصي طور اتي موجود آهي ۽ سمورو لقاءُ ۽ سمورا منظر نه صرف ڏسي پيو پر مختلف حواسن جي مدد سان محسوس به ڪري پيو. جي زندگي اهڙي ٿي پوي جهڙو شاعر جو تخيل ۽ خيال آهي ته ٻيو ڇا گهرجي. اهڙي طرح ”نظم هڪڙو جهول ۾“ هڪ خوبصورت مشاهداتي نظم آهي جنهن جو ماحول پڻ اسان جي ڪلچر ۽ تاريخي ماڳن جي گواهي آهي جنهن جون خوبصورت سٽون آهن ته:
    تون به تنها، مان به تنها، شاعري
    ذهن جي ڪينجهر مٿان ڄڻ
    نيرڳين وانگي لٿي
    ۽ پڙاڏن سانت کي چيري وڌو
    جرُ لُڏيو، لهرون اُٿيون ، گم ٿي ويون
    سانت موٽي رات کي ڀاڪر وِڌا
    پئي اڃان سرندو سفيدي تان لٿو
    چنڊُ ويڙهي چيلهه پنهنجيءَ کي چَمندُ
    مون جهپيو آ نظم هڪڙو جهول ۾

    پڙاڏن جو سانت کي چيري اچڻ، جر جو لڏڻ، لهرن جو اٿڻ ۽ وري گم ٿي وڃڻ، وري سانت جو موٽي اچي رات کي ڀاڪر ڀرڻ، وري چنڊ جو چيلهه ۾ چمند ويڙهي سُرندي سِرڪندي گسڪندي سفيدي تان لهڻ ۽ ان کانپوءِ هڪڙو نظم جهول ۾ جهپڻ انتهائي شاندار پروسيس آهي شاعري سرجڻ جو. هي لقاءُ ته بنهه مسحور ڪن آهي ڄڻ ته نوري جا ناز آهن جنهن تي ڪيترائي ڄام موهجي شاعر ٿي سگهن ٿا. شاعري ٿيڻ کانپوءِ به اهڙي لطف ۾ هجڻ بهرحال وڻندڙ ڪيف آهي.
    فياض جي نظمن جي هن مجموعي ۾ ڪيترائي اهڙا پهلو آهن جيڪي جديد نظم جي گهراجن کي پورو ڪن ٿا جنهن ۾ ڪيترائي اولڙا مٿي ذڪر هيٺ اچي چڪا آهن جڏهن ته ڪيترائي نظم جا پاسا جهڙوڪ سندس شاعري ۾ مزاحمت سان ٽمٽار نظم جيڪي مزاحمت کي پڻ نئون رخ ڏين ٿا مثال طور ڀاڙيائپ ۽ داخلي ڪمزورين کي وائکو ڪري بيان ڪرڻ جيئن سندس نظم ”باغي تخم“ ۾ آهي ته اهو باغي تخل يا بغاوت ڪندڙ روح ڪٿي آهي؟ ”بلڊ شيڊ“ ۽ ”خوف 1، 2، 3“، ”موت 1 ۽ 2“، ۽ انهن کان به اڳتي ”منتشر رد عمل“، ”اهڃاڻ“، ”رڻ ڪڇ ۾ رات“، ”پهاڙن مان پڙاءُ“، ”رائيگان“ اهڙا مذاهمتي نظم آهن جيڪي مزاحمت کي داخلي طور ۽ پڻ خارجي طور تي اڀارين ٿا ۽ مزاحمت کي رڳو وڙهڻ سان منسوب نٿا ڪن پر ان سان گڏوگڏ پنهنجي ڪردار ۾ استقامت، همت، بلندي ۽ برداشت کي به ظاهر ڪن ٿا. شهر جانان جي سيريز وارا نظم ته ڄڻ ڪراچي جي ڦرجڻ تي هڪڙا نوحا آهن.
    ساڳئي نموني سان فياض جي شاعري جو اهم حوالو نظمن ۾ داخلي پيڙا جو درد آهي جيڪو ايئن لڳي ٿو ته ڄڻ هر انسان جو داخلي درد آهي. انهي موضوع تي آڌاريل ڪيترن ئي نظمن مان ڪجهه هي آهن ”ضبط جا زنجير“، ”رم راتيون“، ”ٽٽيون چوڙيون“، ”تمنا جو بر“، ”تون ڪٿي آن“، ”روح روپوش“، ”مان به ته ننڊ ڪيان ٿو“، ”وڇوڙو“ ۽ ڪجهه ٻيا اهڙا نظم جيڪي شخصي وابستگي سان سلهاڙجي شاعري پرسپيڪٽو کان نظارو پسائين ٿا. سندس شاعري جي وڏي خوبي به آهي ته هڪ نظم ۾ ڪيترائي انساني پهلو اجاگر ٿيل نظر ايندا آهن جتي هو One for all ۽ All for one جو مجسمو هوندو آهي. اهڙي گهڻ رخي شاعري ئي پنهنجو مفهوم ايندڙ دورن ۾ زنده رکي سگهي ٿي.
    سهيوڳي دور جي درد جي عڪاسي هن ڪتاب جي ڪيترن ئي نظمن ۾ نمايان پيو جهلڪندو آهي جنهن جي پسمنظر ۾ اسين ماضي، حال ۽ مستقبل کي ڏسي سگهندا آهيون. ايڊورڊ سعيد پنهنجي ڪتاب ”سامراج ۽ ثقافت Culture and Imperialism “ ۾ لکي ٿو ته ماضي ڪڏهن به هڪ جاءِ تي اچي ليڪو ڪڍي بيهي نه رهندي آهي پر اها مخصوص انداز ۾ حال سان گڏ مستقبل لاءِ سفر ۾ هوندي آهي. هن اها ڳالهه عراق جي ڪويت تي حملي ۽ امريڪا طرفان عراق تي پهرين حملي جا مثال ڏئي ٿو ته ماضي گواهه آهي ته عربن هميشه نان عرب ماڻهن کي هيسائڻ لاءِ وسان نه گهٽايو آهي ۽ انهن سدائين سامراج کي خوش ڪرڻ لاءِ ايئن ڪيو آهي اهو سوچي عراق ڪويت تي قبضو ڪيو هو جڏهن ته امريڪا جو ماضي پاڻ کي آزادي پسند ۽ قومن کي آزاد ڪرائڻ واري هجڻ ڪري عراق سان ٽڪر ۾ آيو ۽ پهرين خليج واري جنگ ٿي، جيتوڻيڪ ان جا ٻيا به ڪيترائي سبب هئا پر ثقافتي طرح اهي ڳالهيون ڪارفرما هيون. فياض جي شاعري پڻ ماضي سان گڏ حال جو حالتون پڻ سلهاڙي هلي رهي آهي سندس نظمن ۾ ”شهر جانان 1، 2 ۽ 3“، ”رويا“، ”اقبال جرم“، ”ابارشن“، ”وقت کان اڳ ۾“ ۽ ٻيا ڪجهه نظم سندس سهيوڳي دور جي شعور ۽ احساسن جا ساکي نظم آهن جيڪي دور جي مختلف تقاضائن ۽ انهن سان ٽريٽمنٽ جي ڪري پڙهندڙ تي ڀرپور اثر ٿا ڇڏين. انهن نظمن ۾ ابارشن واري نظم ۾ هڪڙي عجيب ٻه واٽي آهي ته چاهيندڙ هڪ طرف گليمر ۽ دنيا ته ٻي حشر ۽ ان کان وڌيڪ حساس قتل جو احساس آهي ته ڪهڙي پاسي وڃجي.
    سهيوڳي دور ۾ نه صرف عام انساني حالتن جو اولڙو سندس شاعري ۾ واسيل آهي پر فياض جي نظمن جي تخيل ۾ 50ع کان پوءِ واري عرصي ۾ هڪڙي تمام وڏي سياسي خاندان يعني ڀٽو خاندان جي درد ۽ پيڙا کي نوحي ۽ اليجي جي شڪل ۾ اظهاريو ويو آهي جنهن ۾ شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي قتل جي نسبت سان ”دائرن جو گهيرو“ اونداه انڌوڪار تي لکيل دل رئاريندڙ نظم آهي جنهن ۾ ڄڻ ته درد آبشارن وانگر پيو وهي. اهو نظم پڙهندي هڪڙي عجيب ڪيفيت طاري ٿئي ٿو ته هيڏو هاڃو ٿيو آهي. جڏهن ته ”سفاڪ عهد“ ۽ ”طويل ساعتون“ نظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي حوالي سان Elegy آهن جن کي پڙهڻ سان سموري وارتا ۽ سمورو هاڃو سامهون اڀري اچي ٿو ته اسان سان ڪيڏو نه ڪلور ٿيو آهي. ته ساڳئي نموني سان ”لهو جي سرخ لالائي“ قومي احساسن لاءِ لکيل نظم آهي ته کيس ورثي ۾ ڪيترن شهيدن جا لاش مليا آهن ۽ هو درد جي ڪهڙي ڀِٽ تي اچي پکا کوڙي بيٺو آهي ۽ درد جو درياءَ ڪيترو جهاڳڻو آهي.
    نظمن جي انهي لڙهي ۾ جنهن ۾ هي جديد دور جي نظمن جو خوبصورت ڪتاب ”هينگ اوور“ پوئيل آهي تنهن ۾ ”نئين پڪار“ ۽ ”اڏامندڙ چمي“ به بهترين نظم آهن جيڪي پنهنجي موضوع سان گڏ ٽريٽمنٽ ۾ به منفرد آهن ۽ فنڪاراڻي انداز سان پيغام کي نظم جي لفظن ۾ پويو ويو آهي. ”نئين پڪار“ نظم ڄڻ ته سنڌ ڌرتي جي ڪر موڙي اٿندڙ جذبن جي ساکي آهي جنهن ۾ ڪنهن به تهذيب جي قومي تراني هجڻ واريون خوبيون موجود آهن جيڪي پنهنجي قدرن سان گڏوگڏ منفي قدرن جي انجام جا عڪس به بلڪل چٽا آهن ته دنيا جي آمرن امن ۽ اهنسا کي ڇڏي جيڪي ڪڌا ڪم ڪيا تن جي ڪري اهي انجام تي رسيا آهن. انهي تاريخي تسلسل ۽ شعور مان سکندي پنهنجي ضميرن کي جاڳائڻ جو هي لمحو سازگار آهي جنهن مان فائدو وٺندي شاهه لطيف جي پيغام ؛
    سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار!
    دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
    جي نسبت ۽ فڪر تي آڌاريل سائين جي ايم سيد جي مول متي امن عالم، ترقي بني نوع انسان، بقائ باهمي ۽ اتحادِ انسانيءَ جو رستو ڳولجي ۽ پنهنجي مستقبل جون راهون ڪڍجن ته جيون سڦل ٿي سگهي. سمورو نظم ڄڻ ته انسانيت ۽ امن جو قومي ترانو آهي جيڪو هڪ فڪر رکندڙ شاعر ئي تخليق ڪري سگهي ٿو. ساڳئي طرح ”اڏامندڙ چميءَ“ نظم پڻ هڪڙو تاريخي درد جو داستان رکي ٿو. نظم جو پسمنظر ته ڏاڍو رومانوي آهي جڏهن ته نالو پڙهڻ سان فلائينگ ڪس يعني اڏامندڙ چمي جو رومانوي احساس جاڳي پوي ٿو ۽ نظم جي شروعات ۾ پڻ ايئن لڳي ٿو جهڙوڪ:
    تنهنجو جنم
    باک ڦٽيءَ ويل گلشن جي رنگين نفاستن وچ ۾ ٿيو هو
    تو مٺي پاڻيءَ جي نديءَ ڪناري عمر گذاري آهي
    تڏهن ته
    توکي هڪ اڏامندڙ چمي به ڀڄائي آلو ڪري سگهي ٿي
    ايڏي نفاست ۽ نزاڪت جو اڏامندڙ چميءَ سان سندس بدن آلو ٿي سگهي ٿو ڇوته سندن جنم باک ڦٽيءَ ويل رنگن جي نفاستن اچ ۾ ٿيو هو.
    اهو اهڙو خوبصورت اميجينيشن ۽ تخيل آهي جيڪو پڙهندڙ جي روح ۾ گلن جي هڳائن جيان رچي ويندو آهي. پر اهو اڳتي هلي ايترو المياتي Tragic ٿئي ٿو جو دنيا ۾ غربتن بابت ڄاڻيندڙ مواصلاتي رابطن سان لاڳاپيل ماڻهو به حيران ٿي ويندا ته هيڏي الميي واري به ڪا سرزمين ۽ اهڙي مخلوق ڪا ٿر ۾ رهي ٿي! سندس المياتي سٽون پڙهو:
    منهنجا چپ ڪنهن نرم ڳل تي
    آلي چمي نه ٿا ڏئي سگهن
    اهي خشڪ آهن
    صدين جي اڃ کان اجهاڻل
    ڇو ته آءُ واريءَ ۾َ وسرام ڪندڙ
    صحراءِ ٿر جو ڄائو
    هڪ ٿوهر آهيان.
    اهو صرف ٿوهر نه آهي پر سمورو ٿر آهي ۽ ٿر ۾ اڃ ۽ بک جي داستان جي پيڪ آهي ته انسان يا ٿوهر ايترا اڃايل آهن جو سندن چپن تي چمي جي آلاڻ جيترو پاڻي به نه آهي. هي ته ڄڻ نه رڻ گجيو نه راڙو ٿيو پر ڪنهن بينام زندگي جي وجود جو وسرام آهي. ”هينگ اوور “ ۾ فڪري طرح سمورا نظم ڏاڍا سگهارا ۽ پنهنجي پسمنظر ۾ جانداز نظم آهن جيڪي جديد دور جي تقاضائن ۽ شاعري جا امٽ مثال ٿي سگهن ٿا. پر جي هي شاعري اردو، انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿين ته نه صرف پنهنجو جاندار پيغام دنيا تائين پهچائي سڀني کي حيران ڪندي پر پنهنجي تاثر پڻ زنده رکندي آهي ڇوته هن شاعري ۾ ايتري سگهاري جان آهي. نه صرف موضوعن پر ترنم ۽ نغمگي جي حوالي سان پڻ نظم ڪڏهن ڪڏهن گيت لڳندا آهن جهڙوڪ ”هرڻ_اکي“، ”سمبارا “، ”آزاد انسان“ وغيره اهڙا نظم آهن جيڪي ترنم، رواني ۽ تجنيس حرفي سان ڀريل آهي جيڪو نه ڳائيندي به پڙهڻ سان ايئن لڳندو آهي ڄڻ نظم خود بخود ڳائجي رهيا هجن. هن ڪتاب جا سمورا نظم جن مان هر هڪ جو انفرادي طرح ذڪر ڪرڻ ضروري نه آهي پنهنجي پر ۾ ڀرپور نظم آهن. مونکي يقين آهي ته سنڌي ۾ نظماڻي شاعري تي جديد دور ۾ دور رس اثر ڇڏيندو ۽ نظماڻي شاعري کي هڪ نئين قوت عطا ڪندو ڇوته هن نظمن ۾ فڪر جا انتهائي وڏا ۽ گهرا سرچشما آهن. نظمن کان هٽي ڪري جڏهن سندس سنگيت ناٽڪ تي نظر ڊوڙائبي ته سندس ناٽڪ ۾ بلا جي تخيل سان گڏ تخليقي فڪر پيو جهلڪندو نظر ايندو. ناٽڪ نه صرف انساني معاشي ۽ سماجي صورتحال جو آئينو آهي پر انساني جذبات سان پُر اهڙو مي جو پيالو آهي جنهن جي پيئڻ جي تڙپ انساني معاش جي قيمت کان ڪيترا ڀيرا وڌيڪ آهي. جواني تڙپندي نظر ايندي، فطري خواهشون جلندي نظر اينديون ۽ انساني صورتحال جنهن ۾ غربت، هيڻائي، بيوسي ۽ اهڙيون ٻيون حالتو وري قرباني جي جذبي جون طلبگار نظر اينديون. ناٽڪ جي صنف جيڪا ڄڻ ته ننڍي کنڊ جي پنهنجي ڪُک مان ڄميل آهي تنهن ۾ اهي رنگ ڀاٽا لليتا کان ويندي شيخ اياز جي نظميه ناٽڪن تائين اچي پنهنجو جلوو خوب پسايو آهي. انهي ۾ اها نکار نه اچي سگهي آهي يا اياز کان پوءِ جديد سنڌي شاعري ۾ ناٽڪ تمام ٿورڙي تعداد ۾ لکي وئي آهي جنهن جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. انهن مان هڪ سبب هي به آهي ته انهن ناٽڪن جي اصل منزل اسٽيج تي پيش ڪرڻ آهي جڏهن ته اسان کي ملڪ ۾ گذريل ٽيهارو کن سالن کان سينيما يا اسٽيج ناٽڪن جي دور کي انگريزي ادب جي پيورٽن دور Puritan Age جيان ڪچليو پئي ويو آهي. تنهنڪري انهن ناٽڪن ۾ مقداري يا معياري تبديلي نکار جي اميد نٿي ڪري سگهجي. پر وري فياض صاحب جو ناٽڪ ”ڪبوتري“ پڙهڻ کانپوءِ اهو احساس ضرور ٿئي ٿو ته سنڌي ناٽڪ اسان جي تخليقڪارن جي خمير ۾ موجود آهي رڳو انهن تخليقڪارن کي نکاري اڳيان آڻڻ جي ضرورت آهي. آئون انتهائي پر اميد آهيان ته پڙهندڙ هن سنگيت ناٽڪ کي پڙهي داد ڏيڻ تي ضرور مائل ٿيندا. ۽ جيڪڏهن ههڙي خوبصورت ناٽڪ کي ڪنهن مناسب اسٽيج تي پيشڪش جو موقعو ملي ٿو ته ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ نه صرف ناٽڪ جي متن پر منجهن موجود موسيقي تي به جهومڻ تي مجبور ٿيندا.
    آئون هن مهاڳ کي طوالت سبب اوهان پڙهندڙن ۽ فياض ڏاهري جي خوبصورت مجموعي ”هينگ اوور“ جي وچ ۾ وڌيڪ بيهڻ نٿو چاهيان جو اوهان پاڻ سندس نظمن ۽ نظماڻي ناٽڪ، سنگيت ناٽڪ ”ڪبوتري“ مان لطف وٺو.


    مبارڪ علي لاشاري


    پنهنجي پاران

    پنهنجي پاران

    هئنگ اوور مان اُڀامي نڪتل نظم ”هئنگ اووَر“ انگريزي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنائن ۾ پهرين معنيٰ ان حالت کي ظاهر ڪري ٿي جيڪا الڪوحل جي سرس واپرائڻ بعد مٿي جي سور ۾ بدلجندي آهي. ٻي معنيٰ ان احساس جي موجودگي ظاهر ڪندي آهي، جنهن جو جنم ڪنهن گذريل يا گذاريل پل ۾ ٿيو هجي. ڪو تجربو، ڪو مشاهدو يا مراقبو احساس بڻجي اڀرندو هجي ۽ پنهنجي اثر ۾ هڪ قرض جيان ڀاري محسوس ٿئي. شاعراڻي ڪيفيت کي ڪلاسيڪيت آمد جهڙي الهامي معنيٰ ۾ به استعمال ڪندي رهي آهي. اها ڪيفيت معروض پيدا ڪري يا موضوع آڻي يا خارج ۽ اندر هاڙهوٻٽ ٿي جنمن، ان جي پڄاڻي شاعر لاءِ شاعريءَ جو اظهار ٿئي ٿي. اظهار جي اڻ تڻ ئي شاعر جو هئنگ اووَر آهي منهنجي سمجهه ۾ زندگيءَ جو! رومانس، معروض ۽ حالتن جو زهر ۽ فطرت جي جماليات جا جوهر ئي منهنجي هن هئنگ اووَر جا بنيادي محرڪ رهيا آهن. زندگيءَ جي رومانس جو ڪو انت ئي نه آهي نڪي ان کي ڪنهن مخصوص پيراميٽر تي محدود ڪري سگهجي ٿو. زندگي جو اهو رومانس اڙٻنگ جوڀن جون مستيون هجن يا محبتن جون مسافتون يا ڪيترائي ڌوڪا يا وفاداريون ۽ رسڪ هجن پر جواني ۾ رومانس کي پنهنجي هڪڙي معنويت آهي. زندگي جي رومانس ۾ وري ميچوئر سوچ، ڌرتي جو اونو، انسانيت جو فڪر يا تخيلاتي جولاني به شامل ڪري سگهجن ٿا. رومانس صرف جيئڻ نه پر مرڻ به هوندو آهي! جيئندي به بار بار موت جو منهن ڏسڻ ۽ مرندي مرندي به اچانڪ زندگيءَ جي ڀاڪر ۾ ڀيچجي ڀڪوڙجي وڃڻ پڻ هڪ عجيب رومانس آهي. رومانس جا اڻ ڳڻيا روپ ۽ تصور منهنجي هن مهل تائين گذري آيل زندگي جو سڌي يا اڻ سڌي واسطي ۾ رهيا آهن ۽ اهڙيون کوڙ لقائون به اکين آڏو ڪيترن ئي روپن ۾ گذريون آهن. زندگي جي رومانس جيان معروض ۽ حالتن جو زهر پڻ منهنجي زندگي جو اهو عرق آهي جنهن منهنجي هئنگ اوور جي سفر کي شعوري سُرور بخشيو آهي. فلسفي ته ايترو به چون ٿا ته معروضيت ئي انسان جي داخليت ٺاهي ٿي ۽ ان تي زندگي جو تقريبن سمورو ڪاروهنوار آڌاريل هوندو آهي. اهو تصور لي ويگوسڪي Lev Vegostky واري خارجيت آهي، جنهن چيو هو ته ڪاگنيشن جون ٺاهيندڙ بيروني حالتون آهن تنهن جي بنياد تي انسان جي داخليت پرورش پائي ٿي يا ايوان پاولوف Ivan Pavlov واري Stimulus هجي جنهن جو ريسپانس ۽ ري انفورسمينٽ هجي پر اهي سموريون لقائون معروضي تربيت تي آڌاريل هونديون آهن. اهڙي طرح منهنجي زندگي ۽ شاعري ۾ معروضيت جو وڏو عمل دخل آهي. نظمن جي سرجڻ ۾ معروضيت ۽ حالتن جو درد ڄڻ ته منهنجي رت جا اڇا جزا White Blood Cells جيان آهن جيڪي انسان جو اميونٽي سسٽم يعني دفاعي نظام آهن تيئن منهنجي حالتن ۽ معروض جو وجود آهي. آئون نٿو ڄاڻان ته اها معروضيت ۽ حالتن جو عمل دخل منهنجي زندگيءَ جي ڪهڙن پاسن کان ڦٽي نڪتل آهي؟ اهو منهنجي روزگار جي نوعيت ۽ حالتن مان ڦٽي نڪتل آهي يا مشاهدي جي حساسيت واري قوت آهي يا مطالعي جي اها ڪيفيت آهي جنھن تي ڀٽائي سرڪار جي ”جيڪي پڙهيم، جيءَ لاءِ، سي ئي سيلهه ٿيام“ واري سٽ جو مفهوم ڇانيل آهي؟ ان جو فيصلو ڪرڻ مون لاءِ ايترو آسان نه آهي. جڏهن ته فطرت جي جماليات ڪيترن ئي انساني لقائن جو بنيادي جز آهي. منهنجي ”هئنگ اووَر“ جو ڏھاڪو کن سالن کان وڌيڪ جو ڊگهو سفر به فطرت جي انهي جماليات جو اولڙو آهي جنهن مون ۾ پاولوف جو رِي -انفورسمنٽ Reinforcement وارو نقطو اوتيو آهي. دنيا بيشڪ پوسٽ ماڊرنزم کان الٽرا ماڊرنزم يا پوسٽ پوسٽ ماڊرنزم جو سفر طئي ڪري ڪٿي به وڃي پهچي پر انسان جماليات جي فطرت کان اڳتي نٿو وڌي سگهي. زندگي جي ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي انسان کي فطرت جي اسپيڊ بريڪر کي منهن ضرور ڏيڻو آهي. سماج بيشڪ شيشن جي بازارن ۽ عمارتن جو لطف وٺي، پر اهي شيون آبشارن جي تازگي جي متبادل نٿيون ٿي سگهن، جنهن سان زندگي هڪ ڪامل جيوت بڻجندي آهي. ڪائنات جون حسناڪيون جنهن ۾ چنڊ جو چمڪڻ، چاندني جو سرور، ڪهڪشان جون رونقون، وڻڪاري جي اڻت ۾ تحليل ٿيل ٿڌڙي ڇانءُ جنهن سان جيڪا راحت ملي ٿي اها ايئرڪنڊيشن مان ناممڪن آهي. اربنائيزيشن Urbanization جي ور چڙهيل سماج ۽ ڌرتي تي صحرائن ۽ ريگستانن جو رومانس بنهه اوچو بيٺل نظر ايندو آهي. زمانو محبت کي کڻي ڪيترو بازاري بڻائي ۽ جبلت جي باهه ۽ اڃ اجهائڻ لاءِ ڪيترائي ماڊل ڇو نه گليمر ۽ ميڊيا جي دنيا ۾ آسمان تي پهچائي پر اصلي محبت ۽ وفاداري جنهن ۾ سوين رسڪ، خطرا ۽ پهرا هجن ان جو لطف نٿو ڏيئي سگهي. زندگي ۾ هزار آسائشون هوندي به جيڪا راحت محبوب جي مسڪراهٽ ۾ ملندي آهي اها پائڻ ڪنهن سائنسي ايجاد جي وس جي ڳالهه نه آهي. فطرت جي اها جماليات اوهان زندگي مان ڪڍي ڇڏيو ته شاعري کي ڪهڙي معنيٰ ملي سگهي ٿي؟ ان جو جواب اسان جو هر ماڻهو ڏيئي سگهي ٿو. اهو پڻ منهنجي ”هئنگ اووَر“ جو محرڪ آهي.
    هي ئي اهي قوتون هيون، جن مون کي وقت بوقت موٽِيويشن ۽ اتساهه پئي ڏنو آهي ته زندگي جا اولڙا ۽ حالتن جي انٽرپريٽيشن کي اظهار جو روپ ڏئي جيوت بخشجي. مون ڪوشش ڪئي آهي ته شعوري يا لاشعوري منهنجو ”هئنگ اووَر“ سنڌي نظم ۾ ماضي ۽ مستقبل جي پيچرن جي اها پُل هجي جيڪا جدت ۽ ڪلاسيڪيت جي روايتن جي انضمام هجي. جدت مان منهنجي مراد خيال جي ندرت، فڪر جا ورسٽائيل اولڙا، موضوعن جي وسعت ۽ ٽريٽمنٽ جي ترتيب آهي. جڏهن ته ڪلاسيڪيت مان مراد شاعري جي فني گهرج ڏانهن اشارو آهي جيڪا شاعري جي بنيادي گهرج آهي ته شاعري ۾ فڪر سان گڏ فني لوازمات جنهن ۾ وزن و بحر، قافيا رديف يا تمثيلون، تشبيهون ۽ استعارا هجن ۽ ڪلاسيڪيت ۾ موضوع پڻ ڌرتي جي تاريخي ورثي ۽ قوم سان سلهاڙيل هجڻ سان گڏ عالم انسان مان به الڳ نه هجي. فني حوالي سان عروض جي اصولن کي مون عربي فارسي ۽ اردو جي تلفظ ۽ آوازن جي ڀيٽ ۾ سنڌي زبان جي تلفظ ۽ آوازن جي فارم ۾ موزون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪهنه مشق عروضين وٽ منهنجي اها بغاوت قابل قبول نه هجي پر مون کان اها گستاخي سرزد ٿي وئي آهي، جن لئه اڳواٽ معافي جو طلبگار آهيان. جيتوڻيڪ انهي بغاوت پٺيان سنڌي ٻوليءَ جي انجيئرنگ جي اسرندڙ سگهه ئي وڏو محرڪ آهي جنهن ڏانهن مون ارپنا ۾ اشارو ڪيو آهي ته سائين ماجد ڀرڳڙي، امر فياض ٻرڙو، شبير ڪنڀار، محترمه صائمه ۽ علي حسن ملاح جي ٽيم سنڌي ٻوليءَ کي سائنسي طرح پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۽ ان کي پنهنجو الڳ عالمي معيار ڏيڻ جو ڪم شامل آهي جيڪو اسان کي سڏ ٿو ڏئي ته اسان کي شاعريءَ جي عروض ۽ ٻين فني قاعدن کي ٻيهر ٺاهڻ ۽ لکڻ جي ضرورت آهي، جيڪو معيار اسان جي ٻولي تي مدار رکندڙ هجي. تنهن مانِ اهو واضح ٿئي ٿو ته اسين هڪ آزاد ۽ خودمختيار ٻوليءَ جا وارث آهيون. تنهنڪري اسان ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي معيارن جي بيساکي تي ڇو هلون؟ انهي ڪوشش ۾ آئون ڪيترو ڪامياب آهيان ۽ اڃا ڪهڙيون تقاضائون آهن اهو ته وقت ۽ اوهان پڙهندڙ ئي ٻڌائي سگهو ٿا.

    فياض ڏاهري


    ڊجيٽل گيم

    ڊجيٽل گيم

    ذهن ۾ گهوڙا ڊڪن ٿا،
    پنهنجي پنهنجي فڪر جي راهن مٿان
    سوچ جا سڀ سوار گهوڙن کي تڙن ٿا
    حافظي جي ريس ڪورس ۾ وڏي ڇڪتاڻ آهي
    علم، دانش، ماڻهپي جي روبرو
    لوڀ، لالچ ۽ انائن مان جڙيل ڪو گيمبلر
    ٿو سمورن شهسوارن جي ضميرن کي خريدي
    ۽ سڀن گهوڙن جي پيرن کي ڊڪڻ جي
    دائرن ۾ ٿو ڪري قابو ائين
    جو لڳي ٿو
    ريس ڪورس ڪا ڊجيٽل گيم آهي
    جنهن ۾ جئاري کيڏندڙ
    سوار سارا ورغلائي
    ۽ انهن کي ٿو اشارن تي نچائي
    ڊوڙندڙ گهوڙا سڀيئي
    پنهنجي پنهنجي سوار جي
    ذهن جي رفتار سان گڏ گڏ هلن ٿا.


    علم، دانش، ماڻهپي کي ڪا وڏي طاقت
    کپي ٿي
    ها، اجهل آٿت کپي ٿي
    حافظي جي ريس ڪورس جو به ڪو مهندار آهي؟
    يا علمبردار آهي ؟
    پنهنجي ڏاهپ ۽ پويتر سيبتائيءَ کي هلائي
    ۽ بچائي
    شهسوارن کي جئاريءَ جي نظر کان
    ۽ رسائي
    ماڻهپي جي دنگ تي
    جت افق تي فتح جي لالاڻ آهي
    ڪوهسارن تي جتي بادل جهڪن ٿا
    ذهن ۾ گهوڙا ڊڪن ٿا
    حافظي جي ريس ڪورس ۾ وڏي ڇڪتاڻ آهي.
    


    ڊجيٽل جنريشن

    ڊجيٽل جنريشن
    ڄاڻ جي تيز رفتار طوفانن ۾
    ٿاٻڙي ۽ ٻاتاڙجي پيل
    ايڪيهين صديءَ جي
    ڊجيٽل جنريشن
    انساني تاريخ جي
    سڀ کان وڏي
    مزاجن جي جهنگ ۾ ڀٽڪندڙ
    پوسٽ ماڊرنسٽ جدت آهي
    فور جي لائيف اسٽائيل واري ڪلچر جو حصو
    اسان جا ٻار
    اسان جي سمجهه کان
    سندن آءِ فون وانگيان
    اوکا ٿي ويا آهن
    ۽ اسان سندن لاءِ
    پينٽيم سيريز جي
    پراڻن ڪمپيوٽرن جهڙا.
    


    زيوس ديوتا

    زيوس ديوتا

    ڪيترا آهن مصور
    کوڙ تصويرون ڪيون تخليق جن جي آڱرين
    هر تصور جا انوکا ۽ اڇوتا عڪس آهن
    عڪس هرهڪ جي الڳ تاريخ آهي
    ۽ سندن پيڙا به پنهنجي ، درد پنهنجو
    غم- خوشيءَ جا گيت ڳائيندڙ؛ فهم ۽ فڪر پنهنجو ،
    فرد پنهنجو
    هر تصور جي اڳيان تصوير آھ
    ۽ پٺيان آهي مصور
    ڪائناتي گئلري ۾
    هر مصور جا سجايل شاهڪار
    ۽ تصور جا نرالا رنگ ڪيئي روپ يا ٻهروپ ۽ جهٽڪا
    شعوري لاشعوري برش جا
    سڀ سرجڻهار پنهنجن سرجيل
    شاهڪارن جا خدا بڻجي هلن ٿا
    ساريون تصويرون کڻن ٿيون آڱريون
    ڀيڙ ۾ چهرا سڃاڻن پنهنجي سرجڻهار جا
    ڪائناتي گئلري ۾ ڪيئي تصويرون،
    تصور ۽ مصور ڪيترا
    آڱريون پنهنجي ڏندن ۾ ڏئي چٻاڙڻ ٿا لڳن
    ڪير آهي ؟
    جو سڏائي علم آرٽ جو، ادب جو سنگتراشيءَ،
    ۽ چترڪاريءَ جو زيوس ديوتا
    ٿو هلائي هوڏ پنهنجي
    رنگ سڀ بي رنگ ڪوٺي
    سوچ کي تالا هڻي
    عقل تي چٿرون ڪري
    برش سڀ ساڙي ڇڏي
    هر تصورجي نرڙ ۾ نَيلَ ٺوڪي
    هر مصور جي اکين ۾ گرم سيهو ٿو ڀري
    ڪائناتي گئلريءَ تي نيٺ دعويٰ ٿو ڪري
    قابض هجڻ جي .
    ۽ سمورن چترڪارن لئه سندن مڪتبِ فڪر مان
    ڪيئي فتوائون خريدي قتل جون
    سڀني تصويرن جي بيهڪ هر تخيل جي اڏام ۽ ڏنل ترتيب
    رنگن کي رَلائي هل ڪندڙ وجدان تي ڦيري منڌيئڙا
    ۽ ڀري ٿو رنگ شرمندا، ڪڌي ترتيب ۽ ڇائي عقل جي
    علم جي چهري تي ڪارنهن
    ۽ انائن جي ڪٻاڙيءَ مان ڪڍي وجدان داغيل
    هر تصور جو ڪري تبديل چهرو
    ڪائناتي گئلريءَ تي ليڪ ڦيريندڙ هي زيوس ديوتا
    پنهنجي ئي پاڳل پڻي ۾
    پل اجهي ٿو پل جلي ٿو
    روز پنهنجي ٻوٿ تي دانگي ملي ٿو.
    


    رُم راتيون

    رُم راتيون

    آڳ اوڳاڇي رهيون آهن هوائون
    داڳ سوچن جو پچي ٿو کوپڙيءَ ۾
    مرچ ساوا عهد جي احساس جا
    بک ڀري جن ۾ بغاوت جي ڪڙاڻ
    اڄ سنهينءَ ڪاتر ۾ ڪٽجي
    تيل ڪڻڇيءَ حالتن جيءَ ۾ ائين ٽچڪن پيا
    ڇو ته هتڙي
    باغيانه سوچ ئي ممنوع آ
    فرد جي فطري اڪيلائيءَ اندر
    رم راتين جو ازل کان دٻدٻو آ
    روشنيءَ جا سڀ ڪبوتر
    کير رنگا نرم پر
    ڦڙ ڦڙائيندا وڃن
    اونداه جي بي انت پيچيده انڌيرن ۾ ائين ڀلجي
    جو ڪڏهن احساس ڪر موڙي انهن جو
    روشنيءَ جي آس ئي پالي نه ٿو
    آڳ اوڳاڇي رهيون آهن هوائون
    داڳ سوچن جو پچي ٿو کوپڙيءَ ۾
    آدمي ڪهڙيءَ جڳه جالي نه ٿو.
    


    ابارشن

    ابارشن

    هي معصوم ابهم هي انمول جيون
    ستارو نئون آسمان جو
    پٺيون پل پنهنجي زمين جو، زمان جو
    هي تنهنجي ۽ منهنجي وجودن جو حصو
    انوکن سرورن جي محبوب پل مان
    ڇڻي گرڀ تنهنجيءَ سمايو جڏهن
    تخيل ۽ تخليق فطرت جي مڌمست
    پرجوش راهن مٿان گامزن ها
    وفا ۽ محبت جو اهڃاڻ بڻجي
    ازل کان هو تنهنجي انگن ۾ لٿو هو
    اڄاتل سڳنڌن جو احساس ايندي
    سڄو جسم تنهنجو ويو واسجي هو
    مگر مون ته تو سان
    محبت جا تنها
    ڪئي سال تنهنجي
    شبابن ۾ گم ٿي
    گذارڻ ٿي چاهيا
    سمندر تي، هوٽل ۾ يا پارڪن ۾
    جوانيءَ جي مستي ۽ الهڙ شرارت جا لمحا
    حجابن کان آزاد بڻجي
    ورهائڻ ٿي چاهيا
    مگر هاڻ مون کي لڳي پيو ته تنهنجي
    شبابن جا دلڪش حسين دلربا ڊول بي ڊول ٿيندا
    اچانڪ بدن ۾ هي چرپر نويلي
    ۽ ڦهلاءَ عضون جو توکي به پنهنجي
    فگر جي فڪر ۾ پريشان ڪري ويو
    سنهين چيلهه ڇاتين جي سيڊول بيهڪ
    گليمر جي اولين گهرجن منجهان آ
    سکين جو ن صلاحون ۽ طنزيه ٺٺوليون
    مٿان فيمليءَ جي پلاننگ جا هوڪا
    ۽ گمراهڪُن اشتهارن جي بارش
    اڃا توکي زياده ڪري ڪانشس ويا
    چيو تو به هو ۽ پرين مون به سمجھو
    جوانيءَ جي بي ربط پرجوش پل ۾
    ’ڀري گرڀ‘ جو بار، بهتر نه ٿيندو
    گليمر حوس ۽ پروپيگنڊا
    قتل لاءِ سوچڻ تي قائل ڪري ويا
    قتل سو به پنهنجي وجودن جي معصوم تخليق جو
    مگر تنهنجي من ۾
    حشر جو ڀيانڪ تصور اٿيو
    اندر منجهه منهنجي ڪو حساس شاعر به جاڳي پيو
    حواسن تي ڇانيل ڪميڻي حوس جا
    نوان نحس زنجير ٽوڙي ڇني
    اسان جي وجودن جي انمول حصي
    جي ساهن جي ڏوري ٽٽڻ کان بچائڻ ۾ فاتح ٿيا پر
    حشر جو مگر خوف گهر گهر ته ناهي
    سڄو ڏيهه حساس شاعر ته ناهي.
    


    ڪرفيو

    ڪرفيو

    ڪجهه ستارا چور آهن
    چنڊ چوڪيدار آهي
    ۽ خلا ڄڻ ڪو جهنگل آ .
    جنهن تي واسو رات جو آ
    ڪي وري ڀاڳيا ستارا
    جي ازل کان پنهنجي پنهنجي
    جوءِ تي مضبوط بيهي


    اڀ تي ڌاڪو ڄمايون ٿا وتن
    ڪجهه ستارا چور آهن
    روز راهون ٿا مٽائن
    روز چوريءَ تي وڃن ٿا
    گهر ڌڻي جاڳيا ته چور
    بوٽ سڀ لاهي ڀڄن ٿا
    ڊوڙ ڊوڙان جي پٺيان
    ڪئين باھ جا ڀالا ڊڪن ٿا
    ۽ جڏهن ڪنهن رات ڪاوڙ مان اٿي
    چنڊ چوڪيدار وانگي
    ورَ کُنجي نيزو کڻي نڪري پوي ٿو
    ڪَئين ستارا ريت چوراڻي نڀائي
    منهن لڪائي ڪهڪشائن جي پٺيان
    گم ٿي وڃن ٿا
    هر گهڙي ڄڻ کيل آهي
    سج ڪو جرنيل آهي
    جنهن ازل کان پي هنيو آ
    ڏينهن جو ڪرفيو سموري اڀ تي.
    


    ضبط جا زنجير

    ضبط جا زنجير

    دردَ باهيو هر زخم چهڪار ڪئي
    ضبط جا زنجير ٽٽندا ٿا وڃن
    ڪيترا اڌما سهيڙي حوصلو
    ڪيترا واڪا لنوائيندو شعور
    آئينا ٽوڙي ڇڏيا منهنجي سماج
    ماڻهپي سارا لٽا لاهي ڇڏيا
    ۽ سڀئي دستور ننگا ٿا گهمن
    وارثي عريان ڏانئڻ ٿي پئي


    ڏند منهنجي ماس ۾ کوڙي ڪري ٿي
    منهنجي سڀني اعتمادن سان زنا
    ساڙ تعصب جي ڄڻيل ڪوڙي انا
    ڍير بارودن مٿان بيهي نچي ٿي ناچ وحشي
    اختيارن جا سڀئي ايوان انڌن جو هجوم
    بدحواسي ۾ لتاڙي جو سڄي تهذيب ۽ اتهاس کي
    گهاوَ منهنجا حال جو ڪاتب لکڻ لئه تيار ناهي
    پاڻ تي هر هر رکيو مون ضابطو
    ۽ ٻڌو هو درد کي ڪنڌَ ۾ پٽو
    وات زخمن جا سبيم ٽاڪا هڻي
    ضبط منهنجي تي ٿيا، بي ضبط اڄ احساس منهنجا
    پنهنجي پنهنجي قيد کان بيزار ٿي
    درد ڀؤنڪيو هر زخم چهڪار ڪئي
    ضبط جا زنجير ٽٽندا ٿا وڃن.
    


    تمنا جو بر

    تمنا جو بر

    روح جو آسمان خالي آ
    ڪو به ڊوڙيو ڪڪر جتي ناهي
    سار ساري سراب جهڙي آ
    منهنجا محبوب تنهنجي نالي جا
    ڪي به يادن ۾ گل ٽڙيا ناهن
    زندگي دور جي پهاڙن تي
    ڪيتري هيکلي اداس آهي
    خواب پنهنجا مگر مئا ناهن
    آس راهون اڃا ڦٿولي ٿي


    ڪهڙي واديءَ ۾ آجپو ڳوليون
    ڪيترا جڳ رڳو تمنا جي
    بر ندوري ۾ پاڻ کي روليون
    منهنجا محبوب تنهنجي نيڻن جي
    نيري نيري اٿاهه ساگر ۾
    ڪيستائين شعور کي ٻوڙيون
    زندگي جهنگ ناهي يادن جو
    زندگي ڀيڙ آ ايامن جي
    جڳ سارو اداس گلشن جيئن
    ۽ اسان جو شعور مالهي آ
    منهنجا محبوب ڪيئن اکيون ٻوٽيان
    وقت جو وهڪرو سوالي آ
    ڇانورو ڪنهن طرف رهيو ناهي
    روح جو آسمان خالي آ.
    


    ننگي فطرت

    ننگي فطرت

    ڪراچيءَ جي ساحل تي
    آرهڙ جي ڪنهن چاندني رات
    ساگر جون مڌ مست لهرون
    ۽ مرڪيوري لائيٽنگ جا لهرون تڪيندڙ اُٻهرا اجالا
    سنجها ويل ڪيئن بيڪران سمنڊ مان
    اُٿي ٻاڦ شفاف آنچل جان اُڏرِي
    ۽ خوابن جي اُجرن جزيرن سندا عڪس ٺاهي اٿن ٿا

    ڪڪر ڄڻ ته آڪاس جي ڀاڪرن ۾
    جُڳن جي ڪراڙي سمندر جي آهُن ۾
    ڪيڏا ايامن جا آڙاهه آهن
    صدين جون لڪل خواهشون ڄڻ جلن ٿيون
    هوا جي پرن مان نَمي ڪيئن ٽمي ٿي
    اچي ڏس ته اڀ جي ڪشادي پڌر ۾
    اڇي مرمرين چاندني ٻاڦ جي
    نرم نازڪ بدن ۾ اجالو اُڻي ٿي
    ٿڌيءَ ماٿريءَ جي مٿان برف باريءَ ۾
    موتين جو اڻکٽ خزانو ٿو برسي
    هي رنگين ڪپڙن ۾ ملبوس نو عمر
    نوخيز ڳڀرو جوانيون
    سڄي رات فطرت جي عريان تخليق
    جو سچ ته ننگو نظارو پسن ٿيون
    اچي ڏس او شاعر...
    


    رقص

    رقص

    رقص ۾ آ جڳ سارو
    هيءَ حياتي ناچ ڌن آ
    هر تصور جي سهاڻي ناچ گهر ۾
    ٿي ٻڌي گهنگهرو تمنا
    ڀاڪرن جي دائري ۾
    هر ادا نچڻي لڳي ٿي
    چپ لرزن ٿا، اندر جي
    اڃ ناچو ٿي نچي ٿي
    وقت ڀي ڄڻ پل اپل جو
    ڌاڌري تي ناچ آ
    هر گهڙيءَ هڻندا هنبوڇيون
    ٿا اچن تنهنجا خيال
    درد جن ۾ ڌا ڌنا ۽
    تاتنا جي تال تي ٿو
    ڇير ڇمڪايون اچي
    ياد ميڙا ٿي ڪري
    من جو مگرمان ٿو وڄي
    هر تصور ۾ رقاصه جو سهاڻو رقص آ
    ناچ جو چوڏس نظارو
    رقص ۾ آ جڳ سارو
    


    شيشا بند شهر

    شيشا بند شهر

    بلب ڀونڊا ٿا ڏين
    پل اپل اوناڙ ٿي ٽي وي ڪري
    ننڊ آکيرا جلن ٿا
    سوچ جي ساون وڻن ۾
    روز واهيرا جلن ٿا
    خواب سارا ايش ٽري ۾ ڇار هيٺان ٿيا دفن
    ڪيئن پهرايان دليلن کي چريائيءَ جو ڪفن
    ڪيترا ڪاٽي وڪڙ ور ور هوائون ٿيون اچن
    ۽ ڪمهلو ٿو ڪڙو کڙڪي مگر

    در، دريون ۽ بالڪونيون راھَ ۾ روڪن پيون
    هر نئين آواز کي
    واءُ کي ناهي اجازت
    منهنجي سوچن ۾ سمائي
    زندگيءَ جي قيد مان احساس جي پرواز کي
    واءُ ٿو منهنجو تڪي روڳي وجود
    مان تڪيان هن جي پرن ڏي
    جي ڇهن ٿا سرحدون اڏري فضا جون آخري
    جسم شيشي جي شهر ۾ قيد آ
    واءُ سان اڏري ويو وجدان منهنجو
    هر فضا تي پير کوڙي
    ڪهڪشائن کان پري
    ويتر پري اڏري پڳو
    زندگانيءَ جي انوکي راز کي
    ڀل کڻي ناهي اجازت واءُ کي
    منهنجي سوچن ۾ سمائي
    زندگيءَ جي قيد مان احساس جي پرواز کي.
    


    هئنگ اوور

    هئنگ اوور

    حواسن تي پلاڻي بار ڪيڏو ٿي حياتي
    تصور ٿا بنا ترتيب جي ڊوڙن
    عجب هي انتشار آهي
    ڪٻاڙيءَ جي ڪٻاڙي جيئن نظر ۾ نظريا آهن
    عمل جي پير ۾ ڪڪرا، ٽنگون ضربيل
    مٿن تان مسئلن جي ٿي هوائي ۽ توائي سوچ ترڪي
    کڻي گهمندو وتي هر آدمي پنهنجي هٿن ۾
    حل مصيبت جو
    سجيل آهن مفڪر ذهن سارا فڪر کان آجا
    عقيدن جي نمائش ۾
    ڳنڍي پنهنجي ئي پر ۾ جن رکيا پنهنجا تصور
    علم جي هر کير ڌارا سان

    ڏڪر آ ڄاڻ جو ڪيڏو
    سموري سوچ ٿي جهولي حوالن جي هندوري ۾
    زبانن لئه نه ڪو مڪتب نه ڪو ممبر ضروري آ
    صدين جي باشعوريءَ تي مڙهي وئي بي شعوري آ
    ڪرپشن جي ڄمي ڪک مان
    نچي ننگيءَ وئشيا جان پئي دولت
    بگاڙي روپ_ ريکا ٿي برابر ڀائيبنديءَ جي
    مفادن جي گڏيل جنگ ۾ هميشه هار کاڌي سين
    بغاوت ٿي وڃي بي درد دهشت ساڻ چيڀاٽي
    شعوري پختگيءَ سان ڪي صفون جوڙي سگهيا ناهيون
    لڳل سر سان رهي ڳڻتي فقط شخصي مفادن جي
    ٻڏيءَ ٻيڙيءَ منجهان هٿ ٿيل هريڙون ئي چڱيون آهن
    مفادي خود پسنديءَ جو، انا ۽ خود فريبيءَ جو
    شعوري بي شعوريءَ جو
    اڙي اتهاس هي ڪهڙو نشو آ جي حضوريءَ جو
    اسان جي اجتمائي درد جو، لاشو ويو لٽجي
    عجب هي انتشار آهي
    نه پٿر آ
    نه ئي ڪو روڄ راڙي ۾ ٻڏل گهر آ
    اهو لڳي ٿو هينگ اوور آ
    اهو ئي هينگ اوور آ.
    


    ڊرنڪن برال (Drunken brawl)

    ڊرنڪن برال (Drunken brawl)

    واه ٺيڪيدار صاحب تنهنجون شاهي دعوتون
    هي ڪريٽن تي ڪريٽ سڀ ولايت جو شراب
    هر طرف ڊائمنڊ، گلاسن سان سجايل ٽيبلون
    دوستيءَ جا دائرا سڀ معتبر
    يار، يارانا سمورا تنهنجي لئه ڇانئون ڇپرَ
    تون به يارن يار آهين
    معتبر مئخوار آهين
    جام تي ٿو جام سڀني سان ملائين

    تو ته ڳالهايو حواري هاڻ ڪجهه مون کي به ٻڌ
    مان الورا، مان اجنتا جي سموريءَ سنگتراشيءَ جو اڪيلو سنگتراش
    منهنجي عظمت جي اڳيان آ،
    تنهنجي حيثيت پاش پاش
    مان ڇهان ڪوري پٿر کي روح ٿو ڀرجي منجھس
    تخليق جي تهه تي پڄڻ واري نظر ڪاٿئون اچي


    ماٺ ڪر ڙي سنگتراش
    مان سياست کي دٻائي ٿو کڙيءَ هيٺان رکان
    آنءُ سياستدان پيڙهين کان وٺي
    تون ڌِڪن جي ڌوڙ آهين، آءُ طاقتور سدائين
    تون سڪي جي لئي سڪين ٿو، آءُ نوٽن تي نچان ٿو
    مون مٿان اڀري پيو الهي پيو
    منهنجي سياست جو سڪو چمڪي پيو

    بس سياست جا خدا
    مان رقاصا
    تون رهين پيئندو سدائين منهنجي گهنگهرن جون هي جهنڪارون گلاسن ۾ ڀري
    تو چٽيا سينگار جا سڀ رنگ منهنجي جسم تان
    هٺ تنهنجو ناچ گھر جي فرش تي ڪرندو رهي
    منهنجي ٽوليءَ جون سموريون ناچڻيون
    بزم جو هر فرد جن جي سونهن تي
    ڀونئري جيان ڀرندو وتي

    او ٽڪي جي ناچڻي
    آنءُ موسيقار راڳي
    ساز منهنجا
    سر منڊل سرتال منهنجا
    ۽ مڌر آلاپ منهنجا
    آڱريون منهنجون نچائن تنهنجي هر انگ انگ کي
    منهنجي سازن کان سواءِ
    ڪيئن وَسائيندينءَ ادائن سان سندءِ سارنگ کي

    تون ٻڌاءِ ڪهڙي بلا آن
    وات ڦاڙي ڳالهه ڪهڙي ٿو ڪرين او مڱڻهار
    تون وڃي طبلا وڄاءِ
    مان هتان جو رئيس آهيان
    منهنجي آڏو ڪير ايندو
    ڪير آ جو منهنجي طاقت کي ڪٿيندو
    مان ڪيان جي هڪ اشارو راڄ سارو
    مون مٿان سر گهور ٿيندو.

    او وڏيرا !
    تنهجي طاقت هڪڙي موسم جيتري آ
    آپيشاهي منهنجي پيشي ۾ پلي آ
    مان سمورين موسمن جو ڦول آهيان
    مان سمورن حاڪمن وٽ هر دفعي مقبول آهيان
    هر سماجي ڪار ۽ وهنوار جو اختيار مون وٽ
    اختيارن تي عمل جي لاء صوبيدار مون وٽ
    تنهنجي پٽڪي جو تُرو منهنجي ڪري
    تنهنجي دل جو خوف ۽ هر حوصلو منهنجي ڪري

    تون به ڪامورا ڀلا ڪهڙو ڀلو آن
    آمرن جو پڇَ لٽڪائو رهيو آن
    مون ڏٺا آهن سڀئي ڪرتوت تنهنجا
    مان ازل کان انقلابي
    تون ڌنڌوڙي ۽ شرابي
    مان دليلن جي دنيا جو بادشاه
    ڪرتا ڌرتا ڪورٽن جو، مان وڪيل
    مان رکان قانون کي نوڪر جيان
    تنهنجي اختيارن مٿان ٺوڪر جيان

    تون وڪالت ڪر ڀلي او ڪامريڊ
    مان صحافي ،
    مان صحافت ۾ رکان پنهنجا ٿريٽ
    وقت جو مون کي چوڻ آ
    تر سموري تي وڃين تون راڄ ڪر
    تون قلم جي نوڪ سان،
    سرڪار جا نوڪر سڀيئي تاراج ڪر
    هر ڪمائيءَ ۾ حصيداري رکينِ
    سڀ جوا خانا اڏا هفتا سڀئي
    جي کلن تنهنجي اجازت سان کلن
    اک صحافت جي مٽايو آ سماج
    ۽ سڀئي ڪردار تنهنجي ڪئمرا ۾
    ڪيترا ننڍڙا لڳن ٿا
    نَئن زماني جو وڏيرو آنهه تون
    پنهنجي حلقي جي صوبيداري به ڪر
    پاءِ ڪردارن سمورن جي مٿان پيلي نظر

    ڪير ٿيندو آن پٽيوالي جا پٽ
    تون صحافت جي نه واقف صاد کان

    چؤطرف آواز الريا
    گوڙ ٿيو
    هر نڙيءَ مان رنڀ نڪتي
    ۽ سمورن مئه پياڪن جوش مان ٻانهون کنجيون
    ٽيبلون اڇلائجن ٿيون ۽ گلاسن جي ٽٽڻ جا هر طرف آواز آهن
    ڪجهه گهڙين جي ڪشمڪش ۽ وات ويڙهائڻ کان پوءِ
    موت جي ماٺار آهي
    ڌوڙ هر ڪردار آهي.
    


    باغي تخم

    باغي تخم

    وسي اڃان به پئي مقتلن ۾ ويراني
    سڪي اڏيءَ تان ويو خون نوجوانيءَ جو
    لٽائي وقت سڄو چنڊ سان محبت ۾
    حريف رات جا ڪارا ڪلور ڪاٽياسين
    سوين سويرا ڀُري بيحسيءَ ۾ گذري ويا
    صدا نه مور ڪا گونجي پرھ ڦٽيءَ ويرا
    ٻڌو نه ڪنهن به صبح ، ڪو زنجير جو کڙڪو
    ڪڙين کي ڪٽ لڳي ۽ ٻسيون ٿيون ٻيڙيون
    ٻريو نه گيت بغاوت جو ڪنهن به کوليءَ مان
    طويل دور ستم جو اڃان کٽي ئي نه ٿو
    مهاڏو ظلم سان اٽڪائجي نه ٿو اڄڪلهه
    اڃان ڇو عشق_ڪڪوريل گڙيا نه گاروڙي
    ڪٿي آ درد_محبت جنون جي موڙي
    بغاوتن جي صدا ساڻ مقتلن ۾ جا
    جواني رقص ڪندي هئي سا گم ڪٿي آهي
    سجائينديون هيون زندان جيڪي ارڏايون
    ڏنگو مزاج ۽ باغي تخم ڪٿي آهي.
    


    بلڊ شيڊ

    بلڊ شيڊ

    ڪهڙيءَ جنگ مان امن ڦٽو آ
    ڪهڙي بم سان باهه وساڻي
    ڪهڙيءَ گوليءَ گل پوکڻ جي موسم آندي
    ڪهڙي آ، سنگين ٻڌايو
    جنهن جا گهاوَ بدن ۾ گم ٿي
    ڌرتيءَ منجهه دفن ٿيا آهن
    هي جي ڦول مروڙين ويٺو،
    مس مکڙين مان مرڪيا آهن
    تو گل گل کي گهاءُ رسايو
    تن جي خوشبوءَ کي ڌرتيءَ سان
    باک ڦٽيءَ جي هير ملايو
    سوچين ٿو تو خون ڦٻايو ؟
    هيءَ جا ڌرتي سڪتي ۾ آ


    ان جي غيض و غضب سان
    گهور ملائي سگهندين؟
    سارو عقل شعور لهوءَ ۾ لٿ پٿ آهي
    رت جا ذهنن تان نيشان مٽائي سگهندين؟
    جهر جهنگ جهوپن باهه لڳائي
    ڪهڙا محل بچائي سگهندين؟
    اڻ واقف اتهاس کان آهين
    تنهنجو ذهن لٽيري جهڙو
    ڦر لٽ جي لئه گڏجڻ تنهنجو
    ڪانون جي ڪانگيري جهڙو
    بدبودار هڏن تي جيڪي گڏ ٿيا آهن
    ۽ هي روح شهيدن جا ڄڻ سڏ ٿيا آهن
    سڪتي مان ساڻيهه ڪڍي جي ساري ڌرتي جاڳائيندا
    سڏ ورنائي هڪڙن جي پويان ٻيا ايندا
    تون والار پسند ۽ قبضه گير لٽيرو
    جاڳي نيٺ بغاوت ليڪيو تنهنجو پيرو
    تون جو گوليون پوکين ويٺو
    تن مان تو لئه گوليون ڦٽنديون
    منهنجي ڌرتي ماءُ پٽن لئه پار ڪڍيا تب
    مون لئه تن مان لوليون ڦٽنديون
    مون لئه تن مان لوليون ڦٽنديون.
    


    چنڊ اڀريو آ ٽٽل

    چنڊ اڀريو آ ٽٽل

    ها مهيني جا اڃان پويان پساھ
    رات ڪاري ڪنهن قلندر شخص جو ڪارو لباس
    ۽ ستارا ڄڻ چتيون ان ۾ سفيد
    چنڊ آهي ڄڻ ته چاڏيءَ جو ٽٽل ڪوئي ڪَنو
    ڌنڌ جو آهي بسيرو ڪيترو
    روشني مڌَم لڳي ٿي
    هر طرف انڌڪار آ
    سوچ جو هر مورچو
    ڪاراڻ کان بيزار آ

    پر سمورا سياه پل
    ٿا اچن ڪاراڻ جا ڪي
    قافلا ڪاهيون اڃا
    ڀل انڌيرن کي هجي حاصل عروج
    چنڊ اڀريو آ ٽٽل
    عڪس ان جو پر اسان جي
    روح تي ڄڻ نقش آ
    آءُ اوڀر ڏي ڊڪان ٿو
    نيڻ ڳولن ٿا سويري جو سمو
    چنڊ جي پويان صبح جي روشني آ
    زندگيءَ جو رقص آ.
    


    سمبارا-1

    سمبارا-1

    او موهن جي نچڻي نينگر
    ڇم ڇم ڇم ڇم تنهنجي جهانجهر
    جنهن ۾ ڪو اتهاس رڙي ٿو
    يا منهنجو احساس رڙي ٿو
    تنهنجي ناچ ايامن تائين
    ڇم ڇم ڇا ته پڙاڏا آندا
    منهنجي تانگهه ترانا آندا
    ڇيريون آنديون لاڏا آندا
    تو ۾ تنهنجو دور نچي ٿو
    منهنجي من ۾ مور نچي ٿو
    ڇمڪي ڇير هوا ۾ هر هر
    ڇلڪي نيڻ گهٽا جي گهاگهر
    او موهن جي نچڻي نينگر
    ڇم ڇم ڇم ڇم تنهنجي جهانجهر.
    


    سمبارا-2

    سمبارا-2

    دل چوي ٿي صديون
    توتان واري ڇڏيان
    او حسين ناچڻي!
    چيلهه جي لوڏ تي
    ٿيون لڏن لشڪرن جون صفون
    وقت گهنگهرن جي جهنڪار سان ٿو ڊڪي
    تنهنجي پيرن جي آهٽ سندي تال تي
    صبح ساجهر ٿو سورج اٿي ننڊ مان
    ٽهڪ گونجن پهاڙن ۾ گونجار ٿئي
    هوش پنهنجا وڃائي ٿا جهرڻا وِهن
    تار تارئون ندي ٿيو پوي
    تنهنجي وارن جي ور ور وڪڙ ۾ پرين!
    آ پريشان منهنجو مقدر اڃان
    تنهنجو سارو بدن شاعري ٿو لڳي
    استعارن سندا ويس اوڍيا انگن
    کن کنن کن آ ڪنگڻن جي اتهاس ٿي
    ۽ نگاهن جو رڪجڻ به تاريخ آ
    دلربا عڪس تنهنجي ادا جا چٽي
    رنگ سوچن جا سارا سنواري ڇڏيان
    دل چوي ٿي صديون تو تان واري ڇڏيان
    او حسين ناچڻي!
    او حسين ناچڻي!
    


    ساحل

    ساحل

    سمنڊ سندي بيچيني ڏسندي
    کارو ڇاڻ ڏڪي ويندو آ...
    لوڻيي پاڻيءَ سان ساگر جي
    ساري اڃ اجهاڻي ناهي
    ۽ سنڌوءَ ۾ پاڻي ناهي
    جو لهرن جا لب پسائي
    طوفانن جي تؤنس گهٽائي
    لهرون! جن کي پير به آهن
    تنهن کي ٻوڙن جنهن کي چاهن
    جي ڌرتيءَ ڏي ڊوڙ ڀرن ٿيون
    ساهه وندن جو ساهه ڪڍن ٿيون
    ۽ سنڌوءَ جا نير اجهاڻل
    ساگر لئه چند بوندون آهن
    پر جيوت جو جيون آهن
    جهينگي جي سا جوت نه ساڳي
    پلا جن جا پار نه ساڳيا
    سو نه تمر جو جوڀن جڳ مڳ
    هيرُن جا ويچار نه ساڳيا
    ساحل تي سرهاڻ نه ساڳي
    ساوڪ جا آثار نه ساڳيا
    ناوَ مٿان ويچارا ماڻهو
    پاڻيءَ وانگر کارا ٿي پيا
    ڪيڏا نيڻ اڃارا ٿي پيا
    جل لئه دريا واريءَ وانگي
    بادل يار مياريءَ وانگي
    روز مٿي کان گسندو آهي
    ليڪن ظالم وسندو ناهي
    ۽ سنڌوءَ جو ميرو پاڻي
    جيون جي هن ڦلواڙيءَ مان
    ڇا سڀ رنگ اجهائي ويندو
    يا هيءَ فطرت گهائي ويندو
    سمنڊ سندي بيچيني ڏسندي
    کاروڇاڻ ڏڪي ويندو آ.
    


    رَوَيا

    رَوَيا

    تلخ رويا ساڻ سمهاري
    بستر تي مان ليٽيو آهيان
    احساسن جي سورج مان اڄ
    ڪيڏي نٽهڻ اُسَ وسي ٿي
    دل جو گرم سمندر ٿيو آ
    لهرن مان جا ٻاڦ اُڏي سا
    سانت_نگر جي سرد جبل تي
    ڪوهيڙي جان برف ڪِري آ
    مند ڦري ٿي، برف ڳري ٿي
    نيڻ ندين جو ڏيک ڏين ٿا
    ڪنڌيءَ ڪنڌيءَ تي ڦول ٽڙن ٿا
    لال گلابي رنگ رچن ٿا
    گرم گهڙيون، برفاني لمحا
    خوشبو، رنگ، ڪنارا، گلڙا
    پوپٽ، نيڻ_ندين جا ڳوڙها
    سندر لمحن جهڙا سپنا
    سارا سانگ کڻي بستر ۾
    تنهنجي رَوين جي ڀاڪر ۾
    روز سمهاري ننڊ ڪيان ٿو
    روز سمهاري ننڊ ڪيان ٿو.
    


    نظم هڪڙو جهول ۾

    نظم هڪڙو جهول ۾

    رات جو پويون پهر ۽ چاندني
    چنڊُ ٿو چوٽيون سُفيدن جون چمي
    لوڌِ تارن جي لڪي ڪيڏانهن وئي
    تون به تنها، مان به تنها، شاعري
    ذهن جي ڪينجهر مٿان ڄڻ
    نيرڳين وانگي لٿي
    ۽ پڙاڏن سانت کي چيري وڌو
    جرُ لُڏيو، لهرون اُٿيون ، گم ٿي ويون
    سانت موٽي رات کي ڀاڪر وِڌا
    پئي اڃان سرندو سفيدي تان لٿو
    چنڊُ ويڙهي چيلهه پنهنجيءَ کي چَمندُ
    مون جهپيو آ نظم هڪڙو جهول ۾
    چنڊَ اڇليو يا سفيدي مان ڇڻيو
    يا اُڏايا ياد جيڪي واءَ ۾
    رنگ سي تنهنجا سِٽون بڻجي ڪريا.
    


    ٽٽيون چوڙيون

    ٽٽيون چوڙيون

    ٽٽيون چوڙيون
    ڦڻي ۾ وار ڦاسي پيا
    ٽِشوءَ سان ڊسٽ بن ٿي ويو اڌيڪو آ
    اڃا ڪمري اندر خوشبو ڦري ٿي
    ٿڪل ناهي رُڳو بستر
    بدن جي انگ انگ مان سور جا سيانٽا اٿن ٿا
    چپن جا نقش ٿا ڪي راز کولن
    نگاهن جا سڀئي منظر جهڙالا
    ڀنل ڪا رات وارن ۾ لٿي هئي
    ڳلن تي باک جا آثار آهن
    وصل جي رات ويڙهيا وار پنهنجا
    هوا مان پيار جا نغما ڇڻن ٿا
    صبح جي روشني ٿي پير ڳولهي
    وري ٿو وقت واٽن کي تڪڻ جو
    وري ٿي ياد پنهنجا پاند کولي.
    


    تون ڪٿي آن

    تون ڪٿي آن

    روح تي رم جهم وسي ٿي
    يادگيريون رقص ڪن برسات جان
    ڇن ڇنن ڇن جي سريلي تال تي
    سار جي پايل وڄي ٿي
    وار کولي دل نچي ٿي
    ۽ پڇي ٿي
    تون ڪٿي آن!؟
    رات پنهنجا نيڻ مهٽيا
    ۽ هوا اڌ رات ويلي
    تنهنجي ساڙهي جي پلوَ سان کيڏندي
    باک جو مون وٽ پڄي ٿي
    خواب ۾ خوشبو ڀري ٿي
    دل ٺري ٿي
    تون ڪٿي آن !؟
    چنڊ مرڪي ٿو جلي ٿو
    توکي ڳولي ٿو ڦٿولي ٿو ڪٿائون درد جون
    ۽ گهٽائون نيڻ ٻوڙينديون اچن ٿيون
    بند اکڙين جا ڀڄن ٿا
    لڙڪ اوهيرا وسن ٿا
    ۽ پڇن ٿا
    تون ڪٿي آن!؟
    روح تي رم جهم وسي ٿي
    تون ڪٿي آن!؟
    


    خوف-1

    خوف-1

    جوش نديءَ جي خاموشيءَ کي
    ارپيو نيٺ بڊي جي موسم
    لانگها سڀ ٻڏا واهڙ جا
    ڍنڍون ڍورا خوب وهن ٿا
    واهڙ ڄڻ درياھ لڳن ٿا
    ٻوڏ ڀريا جو ٻيٽ کي ڀاڪر
    ڪچيءَ کي سيرابي وئي ڇرَ

    پاڻيءَ سارو جهنگ لتاڙيو
    ليٿڙجي لس ليٽ ڪري ويو
    پيرن هيٺان ٻيٽ ڪري ويو
    ٻوڏ بچايا چند ٽٻا
    جن ۾ لانڍيون ۽ جهوپا
    ڄڻ ٻيڙيءَ تي گهرڙا آهن
    هاءِ پريشانيءَ پنهنجيءَ ۾
    ماڻهو ڪيڏا تنها آهن!
    ڇانيل خوف سڄي ٻيلي تي
    چور ۽ ڀاڳيو گڏ ٻيڙي تي
    ڪڪڙ ، ٻلو هڪ ڇني تي
    بگهڙ، ڦاڙهو گڏ ٽٻي تي
    خوف وڃايو سارو چرپڻ
    وحشين مان نڪتو وحشيپڻ
    او ڇرَ؛ تون هر چيز کڻي وڃ
    پر ڏاڍن کي خوف ڏئي وڃ
    پر ڏاڍن کي خوف ڏئي وڃ.
    


    خوف- 2

    خوف- 2

    تنهنجا سڀ هٿيار
    تنهنجي هٿ جا يار ٿيڻ کان پهريان
    منهنجي دل جو خوف بڻيا ها
    تنهنجو وحشي چهرو
    وحشت جون ريکائون پنهنجي
    پيشانيءَ تي آڻڻ کان ڪجهه پهريان
    منهنجي سهميل ساهه مٿان
    اڻڄاتل ڪو خوف کڻي نروار ٿيو هو
    تنهنجا آدمخورن جهڙا ڏند
    منهنجي رت ۾ ڀرجڻ کان ڪجهه پهريان
    مون کي چيرڻ ۽ ڦاڙڻ جو خوف کڻي
    من آڳنڌ تي پهچي ويا ها
    تنهنجا سڀ دستور
    منهنجا هٿ ۽ پير ڪڙين سان جڪڙي
    ڦاسيءَ جي ڦندي تي مون کي پهچائڻ کان پهريان
    ڊپ واري آکاڻي بڻجي
    منهنجي عقل شعور کي پنهنجي مٺ ۾ پڪڙي
    مهٽي ۽ چيڀاٽي ويا ها
    تنهنجا سارا لشڪر، فوجون، گاڏيون، ورديون
    توپون، ٽنئڪون، بم ۽ ميزائيل جهاز
    منهنجي ڇاتي ۽ ڌرتيءَ جو سينو چيرڻ کان ڪجهه پهريان
    منهنجي اندر جي هالار جبل کي چيري
    پٿر پٿر سان ٺهڪائي
    سرنگھون ٺاهي
    ان ۾ پنهنجي خوف جا ڊائنامائٽ ڀري ۽ ڦاڙي ويا ها
    تون سمجھين ٿو
    تنهنجي جنگي چالن کان مون هارايو آ
    ها مون هارايو آهي پر
    ڇا تنهنجن هٿيارن آڏو
    يا تنهنجي وحشي چهري کان
    يا تنهنجي دستورن سامهون
    يا تنهنجي فوجي طاقت کان
    تون سوچين ٿو پر ايئن ناهي
    ها مون پنهنجي گيدي پڻي کان هارايو آ
    پنهنجي اندر ۾ جو پالي خوف رکيو مون
    ان کان نيٺ شڪست آ کاڌي
    تون هر دور جيان ڀل اڄ ڀي
    پنهنجي طاقت کي ترقي ڏي
    مونکي ڪو هٿيار نه گھرجي
    مون بس پنهنجي خوف جو هڻکڻ
    پنهنجي اندر پالڻ بدران
    ان کي پنهنجي مٺ ۾ پڪڙي زور ڏنو آ
    ها مون پنهنجي خوف کي چيڀاٽي ماريو آ
    منهنجي باغي گھورن کي تون
    پنهنجي وحشي نظرن ساڻ اکيڙي ڏس
    ڪانئر جنگ کي ڇيڙي ڏس.
    


    خوف- 3

    خوف- 3

    سٺ سال پراڻي
    ڪچي مٽي جي ديوارن مٿان
    ڪرڙ جي پٽين واري جھرندڙ ڇت مان
    جڏهن برسات
    نيسارا ڪري اندر وهڻ لڳندي هئي
    منهنجي امڙ
    ڇت ڪرڻ جي خوف مان
    سڀني ٻارن کي
    سڄي رات
    رڌڻي واري منهه ۾
    سمهاريندي هئي
    اڄ مان
    توسان تنهنجي پسند جي موسم
    گڏجي انجواءِ نه ٿو ڪري سگھان
    مينهوڳي مان اڃا به مون کي خوف ٿيندو آهي.
    


    انتظار

    انتظار

    ساهه آلا
    بالڪوني
    سرد جهوٽا واءَ جا
    ننڊَ ڳـَليون
    بلب جاڳيل
    دور اوندهه جو بسيرو
    نيڻ پٿر ۽ اڀاڳو روڳ
    رستن تي نه ڪو پاڇو نه ڪو کڙڪو
    آرزو سنگسار آهي

    ماٿري ڪومل اکين جي
    ماڪ ۾ ٽمٽار آهي
    دائرا سوچن جا سوڙها ٿي ويا
    گهاوَ جيون جي سفر جي ڊيگهه ماپيندا رهيا
    ڪير ڪيڏو آ پراڻو؟
    خواب جو ڪهڙو گهراڻو؟
    ڌوڙ جو ڪنهن کان پڇاڻو؟
    سرد وادين کان اڏي ايندڙ هوا کي ڇا پتو
    بالڪونيءَ ۾ بدن جيڪو ڏڪي پيو
    ڇا ته ان جي روح ۾ سگريون ٻرن ٿيون
    ۽ خيالن ۾ ايامن کان دٻيل احساس جا آڙاهه آهن
    سرد وادين کان اُڏي ايندڙ هوا کي ڇا پتو!!
    انتظارن ۾ جواني ڪيئن جلي ٿي؟
    


    اڌ اکري نقاد

    اڌ اکري نقاد

    وقت جا ٿا نقاد سمجهائن
    شاعري ڪر حسين ڳلڙن تي
    پَگهَرَ ۾ شل ڳلن جي ڳالهه نه ڪر
    ماڪ وهنتل گلن جا رنگ نکار
    ڦولَ چيڀاٽجڻ جي ڳالهه نه ڪر
    آڪَ وڄُ جي ستارون بوندن جون
    ٽاڪِ ڪنهن چلوليءَ جي چولي تي
    بيوفا بادلن جي ڳالهه نه ڪر
    ماڻ موسم مڌر جوانيءَ جي
    ڇيڙ جذبن جي مست تارن کي
    ڪنهن به اڌمي، ڪسڻ جي ڳالهه نه ڪر
    دور اڀ جي وشال ڀاڪر ۾
    ڏس قطارن ۾ ڪرڪندڙ ڪونجون
    ٿي مصور ، وسار ماريءَ کي!
    ڪونجڙي گهائجڻ جي ڳالهه نه ڪر
    مور جي ناچ ۾ ٽهوڪن ۾
    ڪامنا ڊيل جي لڪل آهي
    ڪامَ جا رنگ ڀرِ ڪويتا ۾
    مورُ رِڻ ۾ مرڻ جي ڳالهه نه ڪر
    ڍنڍ ۾ رنگ ڏس، اڏارون ڏس
    خواب جون خوابناڪ سارون ڏس
    پر دُناليون ڇٽڻ جي ڳالهه نه ڪر
    حسن جوڀن سڊول جسمن جا
    نقش چٽ تون حسين لفظن ۾
    لڄَ، لوئيءَ ، لڇڻَ جي ڳالهه نه ڪر
    دل چيو ننڊ جي وٺي گوري
    رات ساري سمهي سڪون ڪيان
    ۽ ڏسان خواب شاعريءَ جهڙا
    ڪجهه ته وجدان کي سڪون ملي
    شاعري خوابناڪ سرجي پَوي
    جنهن کي سارا نقاد ساراهن
    مون کي ننڊ مان متان ڪو جاڳائي
    جاڳ سان درد ڊوڙندا پهچن
    مان وري درد جو ڪوي سڏجان
    ڪيترائي نقاد درٻاري
    ڪنهن وظيفي جي بکَ ۾ ويڙهيل
    لفظ پنهنجا سراڻ تي چاڙهي
    ٿي سگهي ٿو اُڀيون ترارون ڪن
    مون کي معروض ٿو ڏنگي هر هر
    ڪيئن حسن ۽ جمال تي سوچان
    روز کائي ٿو غم جياپي جو
    ڇو نقادن جي خيال تي سوچان
    ڪيئن وڃايان شعور ٻڙڌڪ ۾
    پنهنجي وجدان کي ڪيان ڪاڏي
    ڏات رومانس ۾ کڻي ٻوڙيان ؟
    پوءِ انسان کي ڪيان ڪاڏي؟
    


    شهر جانان-1

    شهر جانان-1

    ڀنڀرڪي بعد جاڳڻ سان الائي ڪهڙي الڪي ۾
    اکيون مهٽي نهاريو هيٺ جو سورج
    امنگن جي ڪنواري ڄر
    دکي ٿي ڀونءِ جي بر ۾
    خوشي ۽ تازگي چهرن جي ساحل تي هئي رقصان
    ۽ لهرن جو ترنم ٿي ٻـُريو آڪاش جي بر ۾
    ابابيلن سان گڏجي پئي اڏاڻيون ڀورڙيون ڪڪريون
    ۽ ڪڪرن جي مهانڊن مان
    ننڊاکا نيڻ راتوڪن نشن ۾ مست ٿي نظريا
    وٺي پئي ماڪ مرڪن جي بلوري شهر جانان تي
    ڪشادن صاف رستن تي ڇڻيو ٿي ٻـُور جوڀن جو
    اچانڪ موت جي چهڪار روحن ۾ لهي ويئي
    ڪٿان کان اوچتو جلاد ڪيئي سهڪندي نڪتا
    مٿن تي ٽوپلا جنگي هٿين هٿيار هاڃيڪا
    گهٽين جي اوٽ مان بارود جون ڀؤنڪون ٿيون ظاهر
    وَسائي باهه جي بارش ڪيائون تن بدن زخمي
    ڪلاشنڪوف جي چهڪار ۽ چنگهاڙ گوليءَ جي
    جهروڪن، در، درين ۽ بالڪونين کي اجاڙي وئي
    گهرن جي آڳرن ۾ روح جي شاداب ڏسبا ها
    ۽ چهرا شبنمي پُرخواب ڏسبا ها
    اهي سورج نما چهرا
    ڇڏيا بارود لهسائي
    ڪري جلوَن جي جرڪڻ کي فنا ڀيڙو
    تعصب جي ڪراڙي باهه ڀڙڪي پئي
    مئل احساس کي مهميز حاصل ٿي
    ابابيلن جي بدران ٿيون ڳجهيون اڏرن
    ڦٽي خوشبو بدن جي ۽ اجهاڻا سرمئي ڪاڪل
    نه آهن اڀ ۾ سي ڀورڙيون ڪڪريون
    نه ڪا ساحل ساڻ ٽڪرائي پئي لهرن جي موسيقي
    اکيون کولي وري سورج نهاري ٿو
    ۽ سوچي ٿو ويا ڪيڏانهن!؟
    اهي شاداب سڀ چهرا
    اهي پُر خواب سڀ چهرا
    وڌي حيرت ۽ عبرت مان نهاري ٿو اڃا سورج
    امنگن جي ڪنواري ڄر ۽ جلون جي امنگن کي.
    


    شهر جانان-2

    شهر جانان-2

    ساهه مٺ ۾ شهر جانان جو ٿيو
    خوف جا بادل اٿيا هر ذهن جي آڪاش تي
    لمحا لمحا فائرن جي گوڙ گونجي چؤطرف
    وات آٽو گن مشينن جا کلي پيا اوچتو
    کنوڻ چوماسيءَ ڪئي کجڪار ڄڻ
    ٽپ ٽپڪ ٽپ بوندا باندي ڄڻ شروع ٿي خون جي
    بوندا باندي... تيز بارش... ۽ ڳڙو
    ڍير لاشن جا ڪري پيا برف بڻجي روڊ تي


    گس بازاريون سموريون
    در دريون ۽ بالڪونيون
    خون ۾ وهنجي ويون
    ٿيو ائين محسوس ڄڻ برسات گولين جي وُٺي
    دم به دم منظر ويو تبديل ٿي
    سرگرم ٿي ويو اچانڪ ”محڪمه موسميات“
    شهر جانان جي مندن تي جو رکي ٿو ضابطو
    جلد ڪو اجلاس ٿيو
    قتل جي مند تي وري ڪجهه بحث ٿيا
    نيٺ دفتر جي صحن تان
    قاتلن جي هڙ گروهن جي امامن
    ڪو پڌرنامو گڏيل جاري ڪيو
    هاڻ ”موسم“ ماڳ ڏي موٽڻ لڳي آ
    خوف جا بادل ٽريا
    خون جي بارش رڪي
    گوڙ بند بارود جي آ ٿي چڪي
    ڪنهن ڀيانڪ خواب مان کولي اکيون
    شهر جانان هڪ دفعو ٻيهر ’فياض‘
    پنهنجي جوڀن جي ادائن سان وري جرڪڻ لڳو آ.
    


    شهر جانان-3

    شهر جانان-3

    روز گهٽين مان ٻورين ۾ بند لاش لڀن ٿا
    گردن ڪوريل، پير ڪٽيل ۽ گهرا گهرا گهاوَ بدن تي
    ڪچرا، ڪونڊين ۽ گند نالن ۾ جي عضوا پکڙيل آهن
    انسانن جا عضوا آهن
    قوميت، ٻولي ڪيئن ظاهر ٿئي، خون سڀن جو ڳاڙهو آهي
    ۽ مزدور پسينو جن جو
    ڪهڙيءَ ٻوليءَ ۽ مذهب جي
    ماڻهن جي ميراث نه آهي؟
    بت پرست، خدا جي بندن يا دهرين لئه
    ڇا ڪنهن مِل مان انگ ڍڪڻ جو ڪپڙو ساڳيو ٺهندو ناهي!
    ۽ ساڳين ئي بارازن مان ڪير خريداري نه ڪندو آ؟
    ڪهڙيءَ ٻوليءَ ۽ مذهب کي ساگر جي نيراڻ نه موهيو؟
    ريگستان جي رات نه راسي؟
    شام پهاڙن جي نه وڻي ٿي؟
    ڪهڙيءَ اک لئه ماڪ صبح جي، سرد کڻي تاثير نه آئي!
    ليڪن رنگ نسل جا جهيڙا،
    ٻوليءَ ۽ مذهب جون جنگيون،
    بي معنيٰ سرحد جا ليڪا،
    ڌرتي والارڻ جي خواهش
    اختيارن جي انڌي مستي
    قاتل توکي اونهيءَ کڏ ۾
    نيٺ ڪڏهن ڪيرائي وجهندا.
    


    دائرن جو گهيرو

    دائرن جو گهيرو

    درد ويتر جنون ۾ آهي
    ڪيڏي گهري سڪون ۾ آهي
    جاڳ جيڪا جلي جڳن کان پئي
    ننڊ ان جي اجاڙ وادين تي
    پر انڌيرن جي روءِ ڦهلايا
    بيقراري قرار ۾ آهي
    گهاءُ هر هڪ وسار ۾ آهي
    ڪوئي تختو نه ياد ڦاهيءَ جي
    قيد جي جرح جي گواهيءَ جي
    زهر جيڪو وڃي فرانس پڳو
    زهر جي ڪِيسَ جي تباهيءَ جي
    ڪا انوکي ڪُريت رشتن جي
    اجنبي رسم، ريت جذبن جي
    گهر جي آڏو چنگهاڙ جوڀن جي
    جسم کان آر پار گولين جي
    خون آلود سرد جسمن جي
    دست قاتل تي رت جي ڦهنگن جي
    ياد ڪا درد جي گهڙي ناهي
    ڪا به ساعت هينئر ڪڙي ناهي
    ذهن تي هر طرف انڌيرو آ
    رات جي دائرن جو گهيرو آ.
    
    _______________________________________________________
    بيگم نصرت ڀٽو جي ڪوما ۾ هجڻ واري خبر تي بينظير ڀٽو شهيد جي حياتيءَ ۾ لکيل نظم


    ڏڪار

    ڏڪار

    شعر اڌ گابرا اڌو راڻا
    مختلف ڊائرين جي ورقن تان
    ميڙي ميڙي ٿڪي پيو آهيان
    ڏات جي ڏيهه ۾ ڏڪر آهي
    لفظ منڇر جي پوپرين وانگر
    هٿ لڳائڻ سان ترڪندا ٿا وڃن
    سوچ هر دائري کي ٽوڙي ٿي
    وير وجدان جي ڪناري کان
    دوري واريءَ ۾ پيٽجيو ٿي وڃي
    سرد ماٺار منهنجي جذبن تي
    برف جي تهه جيان ڄميل آهي
    هاڻ سورج سندي تپش گهرجي
    جيڪا گليشئير اچي پگهرائي
    يا ته قاتل نگاهه دلبر جي
    گهور جا گهاو دل تي ورجائي
    يا وري ضرب ذهن تي ڪاري
    جا حواسن جا هوش ڇرڪائي
    ڏات کي ڏنگ جي ضرورت آ
    نينهن جا نانگ تون ڪٿي آهين؟
    وار وجدان تي ڪرڻ واري
    برهه جي بانگ تون ڪٿي آهين؟
    


    روح روپوش

    روح روپوش

    رلي ٿو روح ڪنهن روپوش وانگر
    پناهون تنهنجي پهلوءَ جون ڪٿي آهن!؟
    نه ٿي ڏسجي اها آوارگي مدهوش جوڀن جي
    رهي محروم جيڪا مهربانيءَ کان
    لڳي ٿو عمر شوخيءَ کي
    ڦري وٺندي جوانيءَ کان
    ڪٿي آهن؟
    اٺي جي واءَ ۾ ويڙهيل
    اهي سرٻاٽ ساهن جا
    ڳلن تي مند سارنگ جي
    ڪلهن پويان وکيريل وار سونهري
    جهڙالي شام ويلي جيئن
    ڪڪر سورج اڳيان بيهي
    سمورو سون مائل ٿئي
    ڪٿي آهي اها منزل؟
    بسيرو يار تنهنجي مهربانين جو
    جتان جي آس ۾ ڀٽڪي
    سڃي ڀَڙڀانگ ۽ تاريڪ
    صحرا جي سحر ۾ گم
    ندوري ٻاٽ اوندهه جي
    غفائن ۾ اڃا تائين
    رلي ٿو روح ڪنهن روپوش وانگر
    پناهون تنهنجي پهلوءَ جون ڪٿي آهن؟
    


    رڻ ڪڇ ۾ رات

    رڻ ڪڇ ۾ رات

    اوندهه اداس صحرا، سرسر ڪندڙ هوائون
    پٿرائجي ويا ها ٻئي نيڻ رهگذر ۾
    بي انت ۽ ڀيانڪ ويران وسعتن جا
    ڪيڏا نه رنگ اڀريا ميرانجهڙي نظر ۾
    چانديءَ جي ورق جهڙو آنچل هو آسمان جو
    هيرن جيان ستارا چمڪيا پئي چنيءَ ۾
    نيرانجهڙو اجالو تارن جي روشنيءَ ۾
    بدبخت تيرڳين تي ڪنهن وار جان لڳو ٿي
    اجڙيل وسيع فطرت جي ڀاڪرن ۾ تنهن پل
    منهنجو شعور مون کي ڪنهن ٻار جان لڳو ٿي
    سوچن مان عڪس ٻيا سڀ وکري ويا گهڙيءَ ۾
    ڪي رات رنگ آندا سنسان سرڪشيءَ ۾
    هي ٺوٺ سمنڊ مون لئه ڪو اوپرو ته ناهي!
    اتهاس جي گهٽيءَ جو ڪوئي سرو ته ناهي!
    تاريخ جي دريءَ مان بي نانءُ ٿا نهارن
    ’تغلق‘ هجي ’دلاور‘ يا ’بيگڙي‘ جو لشڪر
    ڌرتا، ڌراڙ ڌرتي تو تان نثار آهن
    ڪاري پهاڙ پويان ڪا روشني ڦٽي آ
    خنجر کپائي اوندهه جي اوجهه کي ڪپي
    ڪولهيءَ جي آڱرين جون ڏياٽيون ٻريون فضا ۾.
    


    خانه بدوش

    خانه بدوش

    بهار جن جي اکين کان ڪڏهن الوپ نه هو
    انيڪ رنگ ڦريا ٿي وشال نيڻن ۾
    جتي جتي به ڦٽا گؤنچ ماڪ ۾ وهنجي
    هنن جا پير انهيءَ سر زمين تي پهتا
    نه جيءَ جاءِ تي جن جو ۽ پير پل پل تي
    بـِديس ديس جي سيما کان بي خبر ماڻهو
    خزان جي درد کان بي سڌ بهار جا گهوريا
    ازل، عبد کان هئا هم سفر بهارن جا
    نه ڄاڻ ڪهڙي سمئه سرحدن جا قيد ٺهيا
    ٿيا جو سوچ جا بي انت دائرا سوڙها
    زنجيرپا ٿي ويون رات وچ ۾ رولاڪيون
    جنم جنم سندا رولاڪ روح ڪڙجي پيا
    بهار پنهنجي ادا ساڻ پنڌ ۾ ئي رهيو
    پٽي نه کنڀ سگهيو ڪو به مرد موسم جا
    بهار ساڻ مسافر بهار جا نه رهيا
    خزان جي نانوَ کان پهريان جي آشنا نه رهيا
    سي هاڻ زرد خزائن جي وار ۾ آهن
    حقير، نحس ورهاڱن جي ڄار ۾ آهن
    بهار جن جي اکين کان ڪڏهن الوپ نه هو.
    


    اهڃاڻ

    اهڃاڻ

    ڇا هي مُنهنجي ڌرتي آهي.
    جنهن تان آءُ ڌڪاڻل آهيان.
    سٺ ڪروڙ ڪلاڪ پُراڻو
    اُجرو آ اتهاس اسانجو
    جيڪو احد جديد ۾ هاڻي
    ڌارين جي يلغارن آڏو
    پُوياڙي جي پاڇن وانگي
    ڌنڌلو بڻجي مٽجڻ تي آ.

    ڪير اچي اهڃاڻ بچائي؟
    تون ۽ مان ته سُتا پيا آهيون
    اُوندھ جو اتهاس ڏسي ٿو
    تهذيبن جي سندرتا جو
    ڄڻ ڪو ڇيڙو ٿيندو آهي.
    جنهن کي ڪو به ‘‘اناڙي’’ آريو
    پنهنجي پيرن ساڻ لتاڙي
    اڳتي گذري ويندو آهي
    سج وهائي رات جا پاڇا
    ڪيڏو ڪارونڀار سجائي
    اُوندھ کي اوڳاڇڻ ويٺا
    ها پر تنهنجا جُگنو ڏيئا
    ڌرتي تولاءِ هاڻ به ٻرندا
    ڪوجهي ڪاريءَ ڏائڻ جهڙيءَ
    رات جي ڪکُ ۾ ڪان کپائي
    گهپ انڌيرو ڦاڙي وجهندا
    جنهن مان اُجري باک اکين کي
    هوريان هوريان ٽمڪائيندي.
    


    اقبال جرم

    اقبال جرم

    جلن ٿا چرچ شعلن ۾
    اسان جي تنگ دلي جي آڙ ۾ پلجي
    گناهن جي ڄري ڀڙڪي پئي آهي
    مندر، مسجد، ڪليسا، گردوارا سڀ
    عبادتگاهه منهنجا آڳ جي نيشان تي آهن
    سموري خلق جي احساس ۾ آڙاهه پلجن ٿا
    اڀامن ٿيون ڀيانڪ خواهشون بدلي وٺڻ جون
    جلن ٿيون مسجدون شدت پسندن جي دماغن ۾
    مندر کي خوف جا شعلا جلائن ٿا
    اسان جي ماڻهپي جي رک تي بيهي
    کلي ٿو ڏند ٽيڙي ڏوهه جو راوڻ
    اهو گهر ئي جلي ويو آ
    جتي ڪنهن جرم جو اقبال ٿيندو هو.
    


    ٽلٽيءَ مٿان چنڊ

    ٽلٽيءَ مٿان چنڊ

    چنڊ ٽلٽيءَ جي مٿان آهه اُڀو
    رات جا وار لڳن ٿا ڀورا
    چشم بينا مان ٽميا جي ڳوڙها
    ڪوئي اهڃاڻ بڻي ٿا ٽمڪن
    اڀ تي دور ستارن وانگي
    ماٽ جي ڇاٽ ۾ مستي ٿي ڇُلي
    پنڊ پاهڻ ٿي لڳي ڀونءِ سڄي
    ڪوئي آواز يا آواز جو ڀڻڪو ڪوئي
    رات جي سانت کي چيري ٿو وجهي
    ڄڻ ته مخدوم بلاول جي هڏن جا ٽڙڪا
    مئل احساس جيئارڻ خاطر
    جاڳ جو مينهن بڻي ڀونءِ تي برسيا آهن
    درد هيڪاندو اجهو ٿيڻو آ
    ننڊ تي وار وڏو ٿيڻو آ
    رات کي مات اوس ملڻي آ
    چنڊ ٽلٽيءَ جي مٿان آهه اُڀو.
    


    پهاڙن مان پڙلاوَ

    پهاڙن مان پڙلاوَ

    رت ڪافي وهيل هو مگر خشڪ هو
    کوڙ سارا ها پر، زخمَ تازا نه ها
    جسم جي جهنگ مان زندگيءَ جو پکي
    ويو اُڏامي مگر جسم سرخاڪ هو
    لاش ڪنهن جو هيو
    ڪو سپاهي يا دهشت پسند ٿو لڳي
    وقت جي جبر ۾
    ويو ڇڏي روح ڀي ساٿ هن جو مگر
    آڱرين جي وڪڙ ۾ اڃا ڀي سندس
    ساڳي بندوق هئي
    جنهن جي ناليءَ جو ناهي پتو
    ڪنهن جي ڪنهن جي لهوءَ ساڻ لبريز هئي
    جهنگ پاسي مليل لاش جي آسپاس
    لانگ بوٽن جا آواره نيشان ها
    ڪئميرا جي اکين منجهه فلمائجي
    ڪنهن مُدلل ڪهاڻيءَ کي پاسي رکي
    ڏند ڪرٽيندي-سوچي صحافيءَ لکيو
    روز ڌارين سان ڌرتيءَ ڌڻي ٿا وڙهن
    ۽ پهاڙن مان پڙلاوَ پيا ٿا اچن.
    


    گولي

    گولي

    گوليءَ کي ڪي اکيون ناهن
    منزل ناهي
    ديس به ناهي، ويس به ناهي
    گوليءَ کي ڪا ٻولي ناهي
    عيد به ناهي، هولي ناهي
    هن جي ڪائي ذات به ناهي
    شام به ناهي، رات به ناهي
    گوليءَ جي ڪا ساعت، ڪو به سويرو ناهي


    ديد به ناهي، ديرو ناهي
    گوليءَ جو ڪو پيءُ به ناهي، ڏاڏو ناهي
    پنهنجو کيس پڙاڏو ناهي
    گوليءَ جي تاريخ به ناهي
    چهڪ ڀري چنگھاڙ به ناهي، چيخ به ناهي
    گولي آ اوناڙ بگھڙ جي
    گولي آ چهڪار ڪتي جي
    گولي رت جي هولي آهي
    آدم خور قهاري نظرون
    ۽ نظرن ۾ خون لهي پيل
    رت جي پياسي ڏائڻ وانگي
    گولي ڪنهن کي ڪونه سڃاڻي
    هر چهري ۾ خون تڪي ٿي
    گولي ڪنهن کان ڪونه مڙي ٿي
    ناليءَ مان جا نڪتي گولي
    ٻيهر ان ۾ ورڻي ناهي
    گولي ڪنهن کان ٽرڻي ناهي
    گولي ڪنهن کان ٽرڻي ناهي.
    


    وقت

    وقت

    وقت ڄڻ بي لغام گھوڙو آ
    ڊوڙندو ٿو رهي بنا وقفي
    ڪيترا ڪوهه منزلون ڪيڏيون
    دور راهن ۾ ئي ڇڏي آيو
    ڪنڌ موڙي نه ٿو ڏسي پٺتي
    منهن لکين ۽ ڪروڙين پير سندس
    گل، ميوا ۽ فصل ساه وندا
    سمنڊ، صحرا، پهاڙ، پـَٽ، جھنگل
    پنهنجي ڌن ۾ وڃي لتاڙيندو
    ڪوئي هن جي لتاڙ کان نه بچيو
    ڪير آهي وجھي لغام ڪڻس؟
    هن سڄيءَ ڪائنات ۾ ڪڏهين
    ڪوبه پيدا نه شهسوار ٿيو
    پاند جيڪو ڇڪي دهاني جا
    وقت جي وهٽ تي ڪري سواري
    ڄم ۽ موت جو وچون عرصو
    وقت سان ڊوڙندي گذاري ڪو
    آدمي ڪيترو به ڊوڙي پر
    وقت جو پل اپل وڇوڙو آ
    ڊوڙندو ٿو رهي بنان وقفي
    وقت ڄڻ بي لغام گھوڙو آ.
    


    مان به ته ننڊ ڪيان ٿو

    مان به ته ننڊ ڪيان ٿو

    مان به ته ننڊ ڪيان ٿو پنهنجي
    سرخ اکين جي صحرائن ۾
    ڪو به ڪڪر جت وسڻو ناهي
    ڦاٽل اکيون
    ڄڻ ڪي جاڙيون ڀٽون آهن
    پياسي رڻ جون
    ٿوهر جهڙا سپنا جن ۾ روز ڦٽن ٿا روز سڪن ٿا
    نٽهڻ اس ۾ ٻرندڙ واريءَ وانگر منهنجي جاڳ جلي پئي
    واري وک جي واڳ جهلي پئي
    وَرهَ وهاميا
    منهنجي سوچن جو هي ساگر
    گد گد گجندڙ ٿاڪ ڇڏي ويو
    جن ۾ هاڻي رڻ گجي ٿو
    مان ڪنهن واٽهڙوءَ جي اڃ کي ارپيل هڏ جو پڃرو آهيان
    رڻ جي رويا ۾ ڄڻ ڪوئي ٻيڙو آهيان
    ۽ هيءَ واري ڄڻ ڪو گهرو ساگر آهي
    چئني طرفن ڦهليل رڻ ۾
    هر حسرت ڄڻ پٿر آهي
    رڻ جهاڳڻ لئه واءُ نه واچوڙو ڪو ساٿي
    واريءَ جو سنسار سمايو آشائن ۾
    هاڻي هر پل ننڊ ڪيان ٿو
    سرخ اکين جي صحرائن ۾.
    


    موت- 1

    موت- 1

    موت مهمان اوچتي وانگي
    ڪير ڄاڻي ته ڪنهن جي در پهچي
    ۽ ڪمهلو ڪڙي کي کڙڪائي
    ڪير ڄاڻي ته انت کان اڳ ۾
    موت کان بي خبر ستل ماڻهو
    ننڊ- ديوي جي ساهه سان جڪڙيل
    نرم آغوش جي اجالن ۾
    خواب ڏسندو هجي جياپي جا


    يا سر شام دور ساحل تي
    ڪنهن پريوش جي پيار ۾ پاڳل
    عمر ڀر جا عذاب ڪاٽيندي
    شام جي رنگ ۾ خزان کي ڏسي
    ۽ بهارن ڏي سار ڦيرائي
    ٺوٺ جيون جا ريگزار ڏسي
    ٽهڪ يادن جي پاند ۾ ويڙهي
    اوڇنگارون لڪائي ڇاتيءَ ۾
    ڪير ڄاڻي ته ڪير ڇا سوچي؟
    درد جا پل وصال جا لمحا
    پيار جا گيت يا ڪي پوجا جا
    يا ڪيل اڻ ڪيل گناهه ڏسي
    ڪير ڄاڻي ته ڪير ان لمحي
    عڪس ڪهڙا ۽ ڪهڙيون تصويرون
    ذهن جي آرسين ۾ سينگاري
    موت مهمان اوچتي وانگي
    ڪير ڄاڻي ته ڪنهن جي در پهچي!؟
    


    موت- 2

    موت- 2

    موت ڪهڙي نئين قيامت آ
    روز ماري ڪروڙ جيوَ پيو
    کيس ازلئون اسان سڃاڻون ٿا
    مونکي مارڻ جي لاءِ بي پيرو
    جن به قاتل هٿن ۾ کيڏي ٿو
    ڪل ڪهڙي غدار گيديءَ جي
    سي ئي ان جو اڳيون شڪار هجن
    موت کي موت ڏئي تڏهن سگهبو
    موت جي خوف کي جڏهن ماريون
    موت جن جو هٿيار آهي اڄ
    تن ڏي تن جو هٿيار موٽايون
    موت ڪهڙي نئين قيامت آ.
    


    رائيگان

    رائيگان

    اونده جون يلغارون هرسو حاوي آهن
    گھپ انڌيرن جو پاليل هو ڪارو ڪتو
    منهنجو لاش لڪڻ ويٺو آ
    مان ڄڻ کير ڦٽل ڪنهن ڪنيءَ يا ڪينگر ۾
    پنهنجي لئه پاراتو بڻجي
    واه ڪپر تي هاريو ويو هان
    کير پويتر آهي ازل کان
    پر سياست جي ڪاري ڪني
    ڪهٽا ڪينگر
    تنهنجو پيٽ پويتر ناهي
    اونده جي گند ڪچري وارن ڍيرن تي
    عمر گذاريندڙ هر ڪارو ڪتو توکي نوسيندو آ
    مان ته دراوڙ کان به اڳي جو ڌرتيءَ واسي


    جنهنجي رڳ رڳ ۾ آريائي
    رت جي هڪڙي بوند نه ڪائي
    روح اڇو ۽ روشن سپنا
    سوچن منجهه سفيديون ڪيئي
    پنهنجي نظرن ۾ پنهنجو ئي پاليل سورج
    ڪهڙي ساگر ۾ ٻوڙيان مان
    تاريڪين جا ٻار حرامي
    آخر تنهنجي انڌ جي گھوڙن جون يلغارون
    ڪهڙيءَ صفبنديءَ پنهنجيءَ سان
    ڪهڙي پل ۾ ٽوڙيان مان ؟
    ڪارمنهين اونداهي دنيا
    تو لئه روشن سوچ رکي مون
    ڇا ته لڱن ۾ لوچ رکي مون
    مون ويساه جا کوڙ ڪبوتر
    ڪرڻي ڪرڻي کي ڳولهڻ جي لاءِ اڏايا
    ۽ تو منهنجا ساهه اڏايا
    ڪارمنهين اونداهي دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾
    گھپ انڌيرن جو پاليل هو ڪارو ڪتو
    منهنجو لاش لڪڻ ويٺو آ
    ڄڻ مان کير کريل جيئن آهيان.
    


    ڪتو

    ڪتو

    ڪتي جون خوبيون ڪيئي
    نهايت قيمتي ڪنهن ٿانو جي بدران
    ڪتو چٺ ۾ لَڪيندو آ
    چٽيندو آ ٿڪون اُلٽيون
    ڀڳل سيڪيل يا اوٻاريل
    يا مورئون ٻاڦ تي ڳاريل
    ٻڪر جي گوشت جي بدران
    هڏا ڪرٽي سدائين راضي رهندو آ
    ڪِري هٿ مان ٽڪر يا ڪو سڙيل ٽڪرو
    ڪنو ڪوري ڪجي ٻاهر
    چٻاڙيل ڪو گرهُه، جي قئي ڪري ڪڍجي
    ڪتي جي عيد ٿي ويندي
    وڄاءِ چپٽي يا ٻچڪر ڏي
    ڪتو پڇ جي جھنڊي لوڏي
    اکيون ۽ نڪ گسائيدي
    زبان چپ سان چٽي جوتا
    وڃي مالڪ جي پيرن تي هو ڪرندو آ
    انهيءَ فطري مزوريءَ جو
    ڪتي لئه معاوضو ڇاهي
    فقط ٻچڪر ٻه ٽي ڀونڊا
    هڏا الٽيون سڪل ٽڪرا ڪي مانيءَ جا
    مگر مالڪ جي مرضيءَ سان
    ڪتي جي لنئون لڳل آهي
    سندس بڇ تي وڙهي ڀونڪي ۽ باهي ٿو
    ڳلي جي چور يا هاري مزورن کي
    پڙهيل ۽ اڻپڙهيل پينو فقيرن، پير، مرشد، مولويءَ ڪنهن
    مانَ واري کي
    سڃاڻي ڪونه ٿو ڪتو
    سڀن تي هڪ ڪرو ڀونڪي
    رهي ٿو منتظر هر وقت مالڪ جي اشاري جو
    بڇڻ تي ڏند کڙڪائي
    اکين ۾ رت ٿو آڻي،
    وهائي گگ واڇن مان
    تکيون ڏاٺون گسائي پنهنجي ڏاٺن سان
    وٺي جو ڊوڙ پائي سامهون ايندڙ يا ويندڙ
    ڪو نه ڪو مزدور يا هاري
    پڙهيل ڪو ماستر مرشد صحافي يا ڪو گھورارو
    ڪتي جي وحشتن ۽ دهشتن جي ور چڙهي آخر
    گھٽيون ۽ ڳوٺ جا چارا
    شهر جا روڊ، رجواڙا
    ڪتي جي جوءِ ساريءَ جا
    سڀئي ميدان ۽ پارڪ
    ڪڏهن ڀلجي مٽڻ جي لئه نه سوچيندا
    ڪتو پهتو ته ڏاڙهيندو
    ڀڄڻ سان بوٽ ۽ پٽڪا لهي پوندا
    ڪتي جون کوڙ خوبيون هن
    مگر مالڪ جي مرضيء لئه
    ٿئي ڪيڏو ڪميڻو ٿو.
    


    گھر جا ڪتا

    گھر جا ڪتا

    گھر جا پاليل ڪتا پنهنجا وحشي ڏند ڪڍي باهن ٿا
    ڏاٺ لڳو ٿن رت پنهنجن جو
    ڪهڙيون نيٺ ستيون ۽ ڦڪيون
    روڳ گھٽائن پاڳلپن جو
    هو خنزير پرائو آ پر
    هي سڀ ڪتا پنهنجا آهن
    سوئر هيبتناڪ ڏسي جي
    پڇ ٽنگن جي وچ ۾ موڙي موٽن ٿا
    وحشي سڀ خنزير ڪتن تي گٽڪن ٿا
    ۽ هي لوسي
    پنهنجي گھر ۾
    پنهنجيءَ ئي ڏر منجهه لڪن ٿا
    وقت ڳري ٿو، خوف ٽري ٿو
    گھر جا پاليل ڪتا پنهنجا
    وحشي ڏند ڪڍي باهن ٿا
    ڏاٺ لڳو ٿن رت ٻچن جو
    ڪهڙيون نيٺ ستيون ءُ ڦڪيون
    روڳ گھٽائن پاڳلپن جو.
    


    وصيت

    وصيت

    بهار جي پوياڙيءَ ۾
    جڏهن سج
    چرڀيليءَ جي رسم نڀائيندي
    ٽانڊن تي پير ڏئي هلڻ لڳي
    ٻاڦ پاڻيءَ جا موتي ڇٽڻ جي جنون ۾
    پنهنجو وجود وڃائڻ واري هجي
    ۽ برف پنهنجي هڏ ۽ ماس کي
    بيرنگ رت ۾ تبديل ڪري ڳرڻ شروع ڪري
    ته پڪ سان اها وڇوڙي جي مند هوندي
    مان اهڙي مند ۾ مرڻ پسند ڪندس
    اها وصيت ڪندي ته
    منهنجي مرڻ کان پوءِ
    منهنجي ميت کي
    نديءَ جي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان پهريان واري
    آخري پل تان
    درياهه ۾ اڇلايو وڃي
    ڇو ته مان زندگيءَ سان پيار ڪندڙ
    هڪ بزدل شخص آهيان
    ان ڪري
    مان پنهنجي محبوبه سان
    مئي، جيئري گڏ رهڻ جو واعدو
    نڀائي ڪونه سگهيس
    وڇوڙي ۾ ئي وصال هوندو آهي
    منهنجي مرڻ ويل
    برف رجڻ جي مند ۾
    متان منهنجي محبوبه
    نديءَ جي آخري پل وٽان گذرندي هجي
    جيڪا
    چار ڏهاڪا اڳ
    پنهنجو هٿ منهنجي هٿ ۾ ڏئي
    برفاني چوٽي پار ڪرڻ جي خواهش دل ۾ سانڍي
    ڪروڙين ٽن برف جي تهن هيٺان دٻجي ويئي هئي
    ۽ مان
    پنهنجو واعدو نڀائڻ بدران
    سندس بدن مٿان ٿانيڪي ٿيل برف تان ترڪندو
    زندگي جي پيرن ۾ اچي ڪريو هوس.
    


    نواڻ

    نواڻ

    روز چوي دل ڳول نئون ڪجهه
    ڇا ڇا روز نئون مان ڳولهيان
    منهنجي نانوَ قبيلي سان گڏ
    منهنجي پيءُ جو نالو ساڳيو
    ڄمڻ جي تاريخ به ساڳي
    ممتا، پيار حوالو ساڳيو
    ساڳي ڌرتي، ٻولي، رسمون
    موسم، اس، جھڙالو ساڳيو
    ساڳيو نڪ ۽ پيٽ به ساڳيو
    ساڳيون ڪتيون، چيٽ به ساڳيو
    ساڳيو منهنجو چهرو صورت
    نقشو سالئون سال به ساڳيو
    پر چهري ۾ گھنج پون ٿا
    نقشي ۾ ڪا ڊاٽ به ٿئي ٿي
    موسم پنهنجو ڦيرو پائي
    هڪ گذري ٿي ٻي پهچي ٿي
    ممتا پنهنجو جسم مٽائي
    منهنجي زال ۾ ظاهر ٿي آ
    پنهنجي ٻارن جي صورت ۾
    ساڳي ممتا ساڻ ملان ٿو
    امڙ بدران ڌيءُ ننڍي کي
    امڙ ڪوٺي سڏ ڪيان ٿو
    منهنجي پيءُ جي نالي بدران
    در تي منهنجو نالو آهي
    تختي مان ته قبيلو گم آ
    عهدو هاڻ حوالو آهي
    جيون هڪڙو گول چڪر آ
    جنهن ۾ ڇا نه پراڻو آهي
    عمر گول چڪر ۾ ڦرندي
    جيون نئون ڪجهه ڳولهيندو آ
    مان به نئون ڪجهه ڳوليان ويٺو
    سڀ پراڻ ڦٿوليان ويٺو
    مان جيون جو پوڙهو ساگر
    پنهنجي اندر ۾ جھاڳيان ٿو
    ۽ ڌرتي کان اڀ جا رستا
    روز تخيل سان ماپيان ٿو
    پنهنجو پاڻ دريافت ڪريان ٿو
    سڀ مانڊاڻ دريافت ڪريان ٿو
    هونءٌ ته سڀ پراڻو آهي
    پر مان ان مان ڳجهه چونڊيان ٿو
    ڳولا_پنڌ قديمي آ پر
    ڳولا جو احساس نئون آ
    آءُ به ساڳيو ماڻهو آهيان
    پر منهنجو وشواس نئون آ
    روز چوي دل ڳول نئون ڪجهه.
    


    شاعري- 1

    شاعري- 1

    ڪهڙي ڪم جي شاعري آ
    روحَ جا احساس الٽا ٿي ڪري
    نانگ جا ڪنڊا نگاهن ۾ چُڀن
    لوڻ لڙڪن جو لڳڻ سان
    گھاوَ نيڻن جا ڪرن ٿا
    درد اوتيان ٿو پني تي
    ۽ سٽون ڪي سال صديون ڏنڀ ڏينديون ٿيون رهن
    ياد ڀل ميسارجي پر شاعريءَ جو لفظ لفظ
    پنهنجي حصي جي سموريءَ پيڙ جو تاثير منهنجي
    ذهن ۾ هاري رهيو آ
    هر خوشيءَ تي آ خزان جي مند ڇانيل
    درد ڌڌڪاري ر هيو آ
    لفظ ناهن زخم آهن
    ڪاغذن جي ترڪشن مان تير ٿي مون تي وسن ٿا
    ذهن مان جيڪي اڀاميون
    درد کي هلڪو ڪرڻ جي لئه سٽون
    تن جي هرهڪ ماترا ۾
    هانءُ چيريندڙ ڇري آ
    ڪهڙي ڪم جي شاعري آ.
    


    شاعري- 2

    شاعري- 2

    ڪير آهي نظم تنهنجو
    ۽ سٽن جي قوم ڪهڙي
    لفظ ڪهڙي رنگ جا
    نسل جملن جو به ڏَس
    ذات ڇا ويچار جي آ؟
    سوچ تنهنجي
    ڪهڙي پاڙي سان ملي ٿي؟
    مادري ٻولي خيالن جي ڀلا ڪهڙي اٿئي؟
    تو لکڻ جو ڍنگ آ ڪهڙي سڀيتا مان کنيو
    نظم جي ڇا ڇا سڃاڻپ ٿو رکين؟
    قوم ۽ تهذيب پاڙو
    ذات ۽ رسمون رواج
    ڇو ملئي ڪنهن سان نه ٿو؟
    پڪ سان تون ڪو وڏو باغي لڳين ٿو
    وٺ سزا ۾ هي اڪيلائي جو طوق
    ڪر ڀلي پورو بغاوت جو جنون.
    


    اوجاڳو

    اوجاڳو

    نديءَ ڪناري ڇانو ڄمونءَ جي
    ٽڪريءَ جي دامن ۾ دريا
    ساري وادي سونهن- نـَگرُ آ
    سونَ سنواري پرجا آهي
    راجا آهي
    راجا وٽ جو لشڪر آهي
    ڏيهان ڏيهه سندس ڏر آهي
    آن ءُ سپاهي
    ڌرتيءَ جي دنگن جو واهي
    ساري پرجا سک ستل آ
    پر لشڪر جي ننڊ ڦٽل آ
    پار نديءَ جي هل هلاچو
    ويري لشڪر ڪاهي آيو
    ماڻهن ڇرڪي دانهن ڪئي آ
    گهوڙا گهوڙا راجا راجا!!
    مان به اٿان ٿو
    پنهنجن ساٿين ساڻ ڊڪان ٿو
    تلوارن جو جهنگ لتاڙي
    وار ڪيان ٿو
    وار سهان ٿو
    عضوو عضوو رت رتوِڙيو
    ننڊ وڪوڙيو
    ڌرتي ڪيڏا سڏ ڪري ٿي
    ننڊ ڦٽي ٿي
    ٽڪريءَ جي دامن ۾ دريا
    نديءَ ڪناري ڇانو ڄمونءَ جي
    نم تي ڪانويلي جي ڪان ڪان
    ڪن وڄن ٿا
    راجا راجا!!
    ڪان ڪان ڪان ڪان
    راجا راجا!!
    ڌرتي ڪيڏي مٽجي وئي آ
    ليڪن سڏ ته ساڳيو آهي
    ڪيڏا جڳ ستو آهيان پر
    اکڙين کي اوجاڳو آهي.
    


    کجين جي شهر جي ڇوڪري

    کجين جي شهر جي ڇوڪري

    ٻڌو آ شهر تنهنجي ۾
    کجين پويان
    لهي ٿو سج راسون ٿي
    سڀئي واٽون اڃا ساکي
    محبت جون
    محبت مير نازڻ جي
    ڪَٿا آهي
    رهيا جنهن ۾ سمورا باب باليءَ جا
    محبت تند جهڙي آ
    رهيا تنهن تند تي مضراب باليءَ جا
    محبت جا رڪي ناهي
    ڊڪي ٿي ريل گاڏي جئن
    زمانن کان
    ايامن کان
    انهيءَ جي ڪوڪ ننڊاکي ڀنيءَ واري ڀِنل ويلي
    سماعت ۾ ٻُري هوندءِ!
    پرهه جي ماڪ ۾ وهنجي
    نشيلي هير سا هلڪي رَلي هوندءِ
    غزل تنوير جو جنهن ۾
    ٽڙيو هوندو ٿِي ڳاڙهو گل، خوشبو سا
    تعارف تَر سندو هوندي
    اڙي جانان! انوکي اپسرا آهين
    اٿي تون ڪوٽ ڏيجيءَ کان
    سچل جي ديس جي ٿِي سونهن
    تنهن جو تون عجب سينگار ٿِي آهين
    صدين کان سوچ ۾ ساري
    ٻڏل هن ڏيهه لئه سهڻي
    نئون اسرار ٿِي آهين
    نئون چوٻول ٿِي آهين
    ڀلا روڪيون ته پنهنجو پاڻ کي
    ڪيڏو اڃا روڪيون
    ادائون تنهنجي جوڀن جي
    سراپا مست شوخيءَ جون
    اسان جي آتما جي انت ۾
    پيهي ويون آهن
    هلي آ چلولي موسم
    وڃي ٿي بي چئي ٿيندي
    هلي آ ناوَ جوڀن جي
    وڃي ٿي پار ڌوڪيندي
    هلي آ تون هلي جانان!
    وهي آ هيکلي جانان!
    


    ڊجيٽل دور جا ٻار

    ڊجيٽل دور جا ٻار

    ”سرمد“ کي کپي ٿي، ٻي ڀيڻُ پَشم جِي
    ”ليزا“ ٿِي چوي:
    ”ٻيو ڀاءُ هجي ها، اڀ_ نير اکين سان،
    هر وقت لڳي جئن آڪاش جيان گھر“
    ليزا جي مما ٿِي، حيرت جو سمندر:
    ”معصوم سَڌُن جي پرواز ڪٿي آ!
    ٿا چنڊ نه چاهن نئين ”ايج“ جا ٻچڙا
    پوپٽ جي پٺيان هُو، ڪا ڊوڙ نه ڊوڙن
    ”ٽِبليٽ“ هٿن ۾، ٿا ڪار ڊُڪائن


    رانديون نه مٽيءَ سان، ڪنهن ريت رهن ٿا،
    رنگين قلم هُو ٿا فرشِ پکيڙن
    پيزا ۾ پني تي، بس رنگ ڀرن ٿا
    نيرن تي مکڻ جو، آهي نه تصور
    کائن ٿا مگر هو ”ميگي“ کي مزي سان
    جي گيت ڪهاڻيون، ٻارن لئه سرجيا
    ويسر جي تَري ۾، ڪيڏا نه هليا ويا
    کوپا هو ڪَنن تي، بس چاڙهي نچن ٿا
    ”پيٽي شڪلا“ جا، هُو ”سانگ“ ٻُڌن ٿا
    ايجاد جي آنڌي
    فطرت جو توازن برباد ڪري وئي
    ٻارن ۾ بلوغت عمرين کان اڳي آ
    ٿِي مهڪَ نه مَوهِن، معصوم ادائون
    هِي دور ڊجيٽل قدرن تي هلي ٿو
    معصوم رهيا ڪٿ هي ٻار اڄوڪا!؟
    


    بي چيو چاهه

    بي چيو چاهه

    ڪي زمانا ٿيا چري دل جي
    بي چئي چاهه کي سنڀاليندي
    آس جا رڻ ڪَئي رليو آهيان
    تنهنجي هٺ ۽ غرور جي آڏو
    لال ماڻڪ سندم وفائن جا
    مون هٿن ۾ کڻي رلايا ها
    ڪاش تون ڪنهن گھڙيءُ وٺين هان جي
    آس بس آس ئي رهي منهنجي
    تنهنجي مرجان مک جي چاهت ۾
    عڪس نيڻن نه ڪو به چورايو
    پيار منهنجي جو هر ملوڪ پهر
    سوچ تنهنجيءُ سدائين ساڙيو آ
    وقت ڪيڏو تپي رهيو آهي
    برف نيڻن جي روز پگھري ٿي
    پيار تنهنجي جو بي رخو ئي سهي
    ڪوبه لمحو نهار جي بارش
    ڪا ڦڪي مرڪ شام جي ويلي
    ڪو ٿڌو ساهه رات جي رڻ ۾
    منهنجي وس ۾ نه آ وٺڻ ممڪن
    دلربا پو به آس جي اس ۾
    دل اڃا ڀي سڙي رهي آهي
    بي چئي چاهه کي سنڀالڻ لئه
    عمر ڪيڏي نه ٿورڙي آهي.
    


    ورهاڱو

    ورهاڱو

    ننڊَ آڪاش کي ڀَريو ڀاڪر
    سڀ ستارا به کيپ ۾ کيرا
    رولُ مڌمست واءَ جو جھوٽو
    چلولايون سڀئي ڇڏي به چڪو
    زلف تنهنجا اڏي پيا ٿڪجي
    پيار جي ڳالهه پر کُٽي ناهي

    زندگي وقت جي ڪَجاون تي
    درد جا قافلا کڻي آئي
    غم رڳو پيار ڪين ارپيا ها
    ٻي به دل کي سزا گھڻي آئي

    دردِ دوران ۽ دردِ جانان کي
    مون سدائين شعور ۾ پاليو
    پنهنجي محروم آرزوئن جو
    گھاءُ پنهنجي ئي گُھور ۾ پاليو

    بک، اوگھڙ، نڀاڳ، ناداري
    سخت محنت سَجيهُه بيماري
    جنگ جنتا جِي پيٽ ساڻ رڳو
    ڏيهه ئي ڏَوجھرا ڏُکڻهارِي
    ديس ۽ پيٽ پئي نهوڙي ننڊ
    عشق تنهنجو به خواب جهڙو هو
    مقتلن سان هيون سجيل راهون
    پيار خوشبو شراب جهڙو هو

    اڌ تنهنجو ۽ اڌ زماني جو
    تون حصيدار جئن رهي نه سگھينءَ!
    مان ته ونڊبو رهيس وفائن ۾
    تون ورهاڱو اهو سهي نه سگھينءَ!

    ڪئن هلي وئينءَ ٻئي حصا اڇلي
    پاڻ کان مان سميٽجي نه سگھيس
    آس تنهنجي نه دل منجھان نڪتي
    مان سڄو ٿي زماني جو نه سگھيس

    منهنجو آدرش ساڀيا نه ٿيو
    جيڪو منهنجي شعور چاهيو پي
    عشق ناسور جئن اڃا تائين
    منهنجو ڀرندڙ وجود ڊاهيو پي

    جاڳ تي ننڊ جي ٿي ماڪ وسي
    پيار تي ڌنڌ جو وسيرو آ
    درد جو آسمان جاڳي ٿو
    هاڻ هر عڪس تي انڌيرو آ.
    


    هرڻ _اکي

    هرڻ _اکي

    اي عشقَ_ ڏنگِي اچُ، اي نانگَ _ ڪکي آ
    اي هرڻَ _ اکي آ !
    اي هرڻَ _ اَکِي آ !
    هو انبُ ته ٻُوريو،
    جوڀن به انگُوريو،
    ڪا لڄ کڻي اچ ڪجھه لِيهَه رکي آ
    اي هرڻَ _ اکي !
    اي هرڻَ _ اَکِي آ!
    اڀ تان نه ملي ٿِي،
    هيءَ ڏات مٽيءَ جِي


    ڪجهه چپَ چَکِي وڃُ، ڪي چاهَه چَکِي آ
    اي هرڻَ _ اکي!
    اي هرڻَ _ اَکِي آ!
    سنسار گھمي دل!
    چئه ڇا ڪبو حاصل؟
    هڪُ پيارُ امرُ ٻِي، هر ڳالهه يَخِي آ
    اي هرڻَ _ اکي !
    اي هرڻَ _ اَکِي آ!
    ادراڪ قلندر،
    پِي تلخ سمندر
    ڏي موٽَ مٺَي جِي، ڪيڏو نه سَخِي آ!
    اي هرڻَ _ اکي!
    اي هرڻَ _ اَکِي آ!
    جا ساهَه سمائِي
    ڪيڏي نه سجائي!
    سپنن اُها خوشبو سارن کي! مَکِي آ
    اي هرڻَ _ اکي!
    اي هرڻَ _ اَکِي آ!
    


    وڇوڙو

    وڇوڙو

    وڃو ٿا درد ڏيو الوداع کلي ته ڪيو
    ڊگهي آ رات وڇوڙي جي عمر جي بن ۾
    اڏايو پاند عطا جا رڳن ۾ روح وڄي
    کلو ته درد جي رخ تي گلاب ــــ ريک سَجي
    اوهان جي مرڪ اسان جي اداس جيون ۾
    نفيس آس جا موتيا گلاب پوکيندي
    اکيون کڻو ته اسان جا گناهه معاف ٿين
    خدا حضورِ بندي جا حساب صاف ٿين
    جلي نه روح ڏيئو ٿي پراڻي مندر جو
    ڪيو کڻي به ڪيو خيال پنهنجي شاعر جو
    وڃو ٿا درد ڏيو الوداع کلي ته ڪيو
    پتو نه آهه وڇوڙو طويل ٿي به وڃي
    ڏيئو اميد جو آخر ٻري اجهي به وڃي
    پهاڄ رات جو گهيرو اڃا وڌي به وڃي
    حيات موت جو جهڳڙو ڇِڙي نڀي به وڃي.
    


    خودڪلامي

    خودڪلامي

    ڪير آهين؟
    هن ڪمهلي وقت آخر ڪير هي کڙکڙ ڪري ٿو
    جو انڌيرن ۾ ستل همزاد منهنجو
    سانت ۾ ڀڙڀڙ ڪري ٿو
    ڪير آهين
    تون ته منهنجي زال آهين
    منهنجي ٻارن کي سنڀالڻ لاءِ هڪ آيا به آهين
    صاف سٿرو گھر رکڻ جي لاءِ هڪڙي نوڪرياڻي


    پئنٽ، شرٽون، چادرون ڌئندڙ فريءَ جي ڌوٻياڻي
    منهنجي گھر لئه مفت جي ڪا بورچياڻي
    تو ڪڏهن سوچيو ته توکي ڀي زماني سان ملائي وک
    هلڻ گھرجي
    يا ڪيئي ڪوشش پکين سان گڏ اڏڻ جي
    ماسٽر ڊگري رکين ٿي پوءِ به ڇو؟
    تو پڙهيل هوندي به پنهنجي لئه خريديو قيد خانو
    سچ ڇڏي تو ڄڻ سڀيتا مان کنيو آهي فسانو
    تون ڀلي منهنجي اڪيلائيءَ جي ساٿياڻي نه ٿيءُ
    مون جڏهن پئي رات جي اونداه ۾
    ڪا ايامن جي اڪيلائي سٺي
    درد _ڏاهپ جا پئي پيتم چڪايل وه وٽا
    تو ڪئي پئي ننڊ پنهنجي ڏينهن جا سارا خفا ٻيهار
    ورجائڻ جي لئه
    آءُ ڄاڻان
    تون ته منهنجي ٻول جي ڌاڳي ٻڌل آن
    ڀل نه پنڇين سان اڏڻ چاهين مگر
    ڪيئن پڃري ۾ رواجن جي رهين ٿي؟
    زندگانيءَ جا ستم سانده سهين ٿي؟
    


    روئڻ جي ريت

    روئڻ جي ريت

    سمورو علم، دانش، فلسفا ۽ ذهن جي موڙي
    رٺل محبوب سان سرچاءَ ۾ ناڪام ٿيا آهن
    بنهه بدنام ٿيا آهن
    رپئي تي، ڊالرن تي يا نه يورو تي ريالن تي ؟
    رسڻ واري ڇڏي ڪاوڙ
    ڊجيٽل دور جي سيڙپ سندو ڪهڙو سڪو آهي؟
    خريديان مان خوشي جنهن سان
    سندءِ پرچاءَ لئه پنهنجو ڪيان قربان انگ ڪهڙو
    لڳي ٿو لڙڪ ئي تنهنجي
    غصي جي باه ۾ پنهنجو بدن ساڙي
    وسائيندا
    لڳي ٿو ريت روئڻ جي ملي جيڪا ڀٽائيءَ کان
    اهائي ڪارگر آهي
    سمورو علم دانش فلسفا ۽ ذهن جي موڙي
    به ڪنهن پل بي اثر آهي.
    


    هنگر اسٽرائيڪس

    هنگر اسٽرائيڪس

    ميڙي چونڊي ڦري وتئي ساري
    آنءُ راضي رهيس رضائن تي
    منهنجي ادراڪ کي ڏنئي لوڙهو
    مون مزوري ڪئي جيئڻ خاطر
    منهنجي اتهاس کي تو ميساريو
    مون گرا ۽ گنجا قبول ڪيا
    منهنجي تهذيب تي مليئي ڪارنهن
    مون سا ڌوتي اکين جي ڳوڙهن سان
    نيٺ فتحن جي هوڏ کان ٻاهر
    زور، زر جي نشي منجهان نڪري
    منهنجي غيض و غضب جي سامهون ٿي
    مون کان مانيءَ ڳڀو ڦرڻ وارا
    خوف ڪر هاڻ مان بکيو آهيان
    تنهنجي سفاڪ سوچ جي آڏو
    مان ازل کان ٻريو، دکيو آهيان.
    


    نئين پُڪار

    نئين پُڪار

    ضميرن جي سجاڳيءَ لئه سمو هي سازگار آهي
    عجب ٿيو انت ساري سرشٽيءَ ۾ آمرن جو آ
    ايوب ۽ اسڪندر مرزا ۽ يحيا، ضيا، مشرف
    پنوشي، پالپوٽ، هٽلر يا موغابي ۽ موبوٽو
    مسوليني، قذافي، لوممبا، صدام يا ايدي
    سڀن جو انت ساڳيو آ
    ”اڪيلائي سڃائي فائرنگ اسڪواڊ يا ڦاسي“
    ڀيانڪ قيد جي اونده وطن کان ڀاڄ مفروري
    سڀن جي انت جا محدود ساڳيا دائرا آهن
    اٿو ناياب ٿي ويل نظريو ڳوليون
    اهنسا ۽ امن عالم
    سموري ڏيهه جي هر آدميءَ جي ذات جي ترقي
    بقا باهم ۽ اتحاد انساني
    نڪا قوميت نڪا ٻولي
    نه ئي ڪي سرحدون ڪنهن جاگرافيءَ جي لڪيرن جون
    نسل ۽ رنگ يا مذهب
    سڀئي ويڇا وڌائڻ جو سبب آهن
    ڳنڍي ٿو درد جو رشتو
    سموري ڏيهه جي مظلوم ۽ محڪوم طبقي کي
    اٿو ناياب ٿي ويل نظريو ڳوليون
    دجالن جي دلين ۾ ٿا ڏسون اڄ انتشار آهي
    ضميرن جي سجاڳي لئه سمو هي سازگار آهي.
    


    سفاڪ عهد

    سفاڪ عهد
    شهيد محترما بينظير ڀٽو
    جي شهادت جي نسبت سان

    سفاڪ عهد ۾ هڪڙو نڀاڳ جو لمحو
    انيڪ ”ڀاڳ جي سالن“ تي ٿي پيو حاوي
    غريب ديس جي پُرخواب آس جو تارو
    ڪري پيو جو اُمالڪ بليڪ هول مٿان
    اٿيو شعاع ڪو لحظو ۽ پوءِ تاريڪي
    ڳهي ڳهي به وئي دل جي هر سويري کي
    ڇڻي پيو وقت سندم آڱرين جي سيرن مان
    اڏاڻو ڀاڳ هٿن جي اِئين لڪيرن مان
    نه پنهنجو نانءُ رهيو ۽ نه ڪا سڃاڻ رهي
    غريب ديس کي قسمت سندي نه ڄاڻ رهي
    حسين خواب هو ساڀيا کان ڄڻ ٿيو ڪاٽا
    سفاڪ عهد وڏو امتحان ورتو آ
    اسان کان ڀونءِ کسي آسمان ورتو آ
    اجاڙ خواب هزارين دماغ ۾ سانڍي
    لکي ٿو درد شهيدن جي خون سان راوي
    سفاڪ عهد ۾ هڪڙو نڀاڳ جو لمحو
    انيڪ ”ڀاڳ جي سالن“ تي ٿي پيو حاوي.
    


    طويل ساعتون

    طويل ساعتون
    شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت وقت لکيل

    طويل ساعتون ويتر وڌي طويل ٿيون
    کُٽو نه پنڌ صدين جو صدين پڄاڻان ڀي
    ڏکن جي راهه اڀاڳي وڃي ڊگھي ٿيندي
    جُڳن کان پل به اسان کي قرار ڪونه مليو
    الائي دور ڪَٽيا ڪيترا عذابن ۾
    پهاڙ جُهد جا ۽ سمنڊُ رت جا اورانگھي
    وهائي خون جا ڳوڙها انيڪ پيڙهين کان
    هزار سال اگھاڙي عذاب جا ڪاٽي
    رسيو آ درد اچي عهد نو جي چانئٺ تي
    اڃا به پنڌ لڳي ٿو وڏي ڪا شامت آ
    اڃا به دور نئون درد جي علامت آ
    مگر اميد جو ڪرڻو اڃا سلامت آ
    وراءِ واڳ متان خواب ڪٿ رُلي نه پون
    طويل ساعتون ويتر طويل ٿي نه پون.
    


    لهوءَ جي سرخ لالائي

    لهوءَ جي سرخ لالائي

    ڇڇوري، چلولي، چالاڪ، چنچل ٻار جيئن جهوٽو
    صبح جي هير جو ويڙهي ڀني خوشبو
    اجالو باک جو پنهنجي پلاندن ۾
    پُڳو آهي نئين ديري جي ڀرسان آجپي جي راهه ۾
    قربان ٿيل چئني شهيدن جي مزارن تي
    سراپا خون ۾ لت پت مگر
    تاريخ ۾ هڪ ڏينهن ايندو جو
    هنن جو رت ڌرتي جي اڃارن برپٽن تي
    مينهن جان برسي اپائيندو
    اڇا سک ساهه جا موتيا
    مٽيءَ جي سرخ سيني تي
    شهيدن جي وهايل رت ۾ ڳاڙهو
    ڀلي اڀريو نه آ سورج
    مگر بدڪار ۽ باسي ڀيانڪ رات پوري ٿي
    ڦٽن ٿا باک جا ڪيئي ٿڌا ڪرڻا
    ڀڳو آرس، دلين ۾ دفن ٿي ويل آجپي جي آسوند نغمن
    سندوري زرد موسم جي پڄاڻان گونج نڪرن ٿا
    بهارون شال پنهنجي ڀاڳ جي آڳنڌ ۾ پلجن
    ندوري رات مان بي داغ روشن صبح مرڪي پئي
    ايامن کان ڏٺل بي انت پنهنجا خواب
    تعبيرون کڻي مرڪن
    اسان جي ڀينگ ٿي ويل ڀاڳ جي بيرنگ چهرون مان
    پوي اڀري شهيدن جي لهوءَ جي سرخ لالائي.
    


    ڪارنهن جي تلوار

    ڪارنهن جي تلوار

    ڪارنهن جي تلوار ٽنگيل آ
    سارو شهر جنوني آهي
    نظرن تي پهرا ڀي آهن
    نظر نظر ڪا خوني آهي

    ورجي پاسي ويٺل وينگس
    نَوَ نَوَ ڀيرا نيڻ کڻي ٿي
    پهرا برج بندوقون چوڏس
    هيءَ پهرن تي وار ڪري ٿي

    وحشي رسمن جو ڏر دل جي
    رقص مٿان زنجير نه وجهندو
    قاتل ڪنڌ تي ڪاتي ڦيري
    پر جذبن کي سير نه وجهندو

    گوري پنهنجا نيڻ نه کڻجانءِ
    نيڻن جي مسڪار اجل آ
    سارو شهر جنوني آهي
    ڪارنهن جي تلوار ٽنگيل آ.
    


    هڪ ٻيو اولهه

    هڪ ٻيو اولهه

    اولهه
    جنهن کي اسان سجدا ڪندا آهيون
    ان کان اڳتي به ٻيو اولهه آهي
    لڳ ڀڳ سموري دنيا جي سياست جو مرڪز
    جتي ٻارن کي
    بنياد پرستي جي مم کان
    ڊيڄاريو ويندو آهي
    سندن ئي پاليل نپايل مم
    جتي گھرن ۾
    اوڀر جي اونداهين ڪوئلي جي کاڻن
    جي جوت جلي ٿي
    ۽ رڳن ۾ وچ اوڀر جو پيٽرول گردش ڪندو آهي
    جينز جي پينٽن ۾
    ڏکڻ ايشيا جي ڪپهه ۽ پگھر شامل آهي
    جتي ٻين کي جنگ ۾ مصروف رکي
    پاڻ سڪون جي ننڊ سمهڻ جي تصور کان وڌيڪ
    پرائي باه ۾ جلڻ جو خوف اڏامي رهيو آهي
    جتان جي ريسرچ ادارن مان
    دنيا جي اوائلي تاريخ تي لڳندڙ ٺپو
    نئين دور ۾ پراڻي داداگيري ڪندو آهي
    اسان جي اولهه کان به اڳتي
    هڪ ٻيو اولهه.
    


    اڏامندڙ چمي

    اڏامندڙ چمي

    تون ڏاڍو نفيس آهين
    ۽ رنگ تنهنجي ذات جا ٻڌا ٻانهان
    تنهنجو جنم
    باک ڦٽيءَ ويل گلشن جي رنگين نفاستن وچ ۾ ٿيو هو
    تو مٺي پاڻيءَ جي نديءَ ڪناري عمر گذاري آهي
    تڏهن ته
    توکي هڪ اڏامندڙ چمي به ڀڄائي آلو ڪري سگهي ٿي
    پر مان رنگن سان دور جي اڻلکي رفاقت رکان ٿو
    ۽ منهنجي اکين ۾ فقط
    بي رنگ خشڪ سالي ئي پلبي ۽ وڏي ٿيندي رهي آهي
    منهنجا چپ ڪنهن نرم ڳل تي
    آلي چمي نه ٿا ڏئي سگهن
    اهي خشڪ آهن
    صدين جي اڃ کان اجهاڻل
    ڇو ته آءٌ واريءَ ۾ وسرام ڪندڙ
    صحراءِ ٿر جو ڄائو
    هڪ ٿوهر آهيان.
    
    _________________________________
    سائين امر فياض جي پوسٽ تي ڪمينٽ ۾ لکيل چند اندر مان اڀامي نڪتل سٽون


    آزاد انسان

    آزاد انسان

    هي گونگن ۽ ٻوڙن جي وستي ٿي سڏجي
    انڌن جيئن ٿا آدمي جت گذارن
    ڪنن ۾ ڪٽارون-چپن منجهه چپرون
    زبانن تي زنجير پائي گهمن ٿا
    اُچا ڪوٽَ اظهار کي قيد ڪن ٿا
    ۽ سنگهرون، صدائن کي روڪي سگهن ٿيون
    ڪڙين ڪلفڙن قيد جي رڃ راتين
    بغاوت جي ڀورن سَلن کي به ساڙيو
    صدا عرش تائين نه پهتي
    نه ئي گهنڊ وڄائي سگهي آسمان جا
    مگر ڪيستائين هي ڍورن جيان جيئڻ
    حياتي گذارڻ جو مفهوم رهندو
    ازل کان هي آزاد انسان ڪيسين
    زمين جي خُدائن جو محڪوم رهندو!
    هي گونگن ۽ ٻوڙن جي ڌرتي نه آهي...
    


    وقت کان اڳ ۾

    وقت کان اڳ ۾

    مان جڏهن ٻاراڻي چوليءَ ۾ هوس
    ته منهنجي آسپاس جي ڳوٺن ۾
    سول ڪپڙن واري پوليس جا ريڊ ٿيندا هئا
    گرفتاريون ٿينديون هيون پر ظاهر نه
    عدالتن ۾ جمع ٿيندا هئا قسم نامه
    ڪابه گرفتاري نه ٿيڻ جا
    پوليس جي طرفان
    ماڻهن کي ملائڪ کڻي ويا هوندا
    پوليس پنهنجي نجي ڪچهرين ۾


    انڪشاف ڪندي هئي
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ
    نامعلوم چچريل لاشن جي سڃاڻپ
    گرفتار ٿيندڙن جا مائٽ پنهنجن پيارن طور ڪندا هئا
    جلوس، احتجاج هڙتالون، شهيدن سان وچن
    وطن يا ڪفن! پلئه ڪندس! پلئه ڪندس!
    شهيد توسان آ وچن!
    ظالمو جواب ڏيو! خون جو حساب ڏيو!
    ڌرتي پنهنجي غلام آ
    انقلاب! انقلاب!
    ڪنڌ گھرن ٿا قوم کان
    ماءُ ۽ مرشد جا واسطه
    نيون گرفتاريون، نوان روڄ راڙا
    ائين غربت، مظلوميت، ڪاوڙ، بدلي جي باه ۽ روڄ راڙن
    جي ماحول
    منهنجي معصوم ٻالڪپڻي کي مونکان کسي
    مونکي وقت کان اڳ ۾ بالغ ڪري ڇڏيو.
    


    تارو

    تارو

    تون جڏهن ندي ٿي پئينءَ
    مان ٻرندڙ لائوو ٿي تو ۾ وسامي ويس
    تون جڏهن صبح بڻجي پئينءَ
    مان ڪوهيڙو بڻجي تو ۾ پاڻ سڪائڻ لڳس
    تون جڏهن رات ٿي پئينءَ
    ته مان ننڊ بڻجي تنهنجي وجود ۾ وڃائجي ويس
    تون جڏهن پهاڙ ٿي پئي هئينءَ
    ته مان شام جو سورج بڻجي تنهنجي پاڇي ۾ ٻڏي ويو هوس
    تون جڏهن صحرا ٿي پئي هئينءَ
    مان ساوڻ جو وسڪارو ٿي تو ۾ جذب ٿي ويو هوس
    تون جڏهن خواب بڻجي پئينءَ
    ته مان تعبير بڻجي خود پاڻ کي ئي ڳوليندو رهيس
    اڄ جڏهن تون آسمان ٿي پئي آهين ته
    مان ستارو ٿي پنهنجي ئي تمنا ۾ ٽٽي پيو آهيان.
    


    گدڙ

    گدڙ

    پيئڻ کان پوءِ اسان کي
    ڏاڏن، پڙڏاڏن جون ڏاڍ مڙسيون
    ۽ نانن، پڙ نانن جون مهمان نوازيون
    ڳڻائڻ جو جنون چڙهندو آهي
    خمار ئي اسان کي
    ڀائرن جون شهادتون ياد ڏياريندا آهن
    کيپن ۾ ئي اسان جون نوجوانيون انقلاب آڻينديون آهن
    اندر ۾ جاگيرداريون پاليندڙ اسان جا
    ڪالهوڪا انقلابي ۽ اڄ جا جھونا روح
    طوطن وانگر رٽيل
    سموري ترقي پسندي کي
    خواهشن جي بوٽن هيٺان لتاڙي
    عقيدن جي پير تي چميون ڏيئي
    مئخانن جي دونهين ۾ پلجندڙ
    صوفي ازم جي عقيدتمندي ۾ پناه وٺندا آهن
    ها سرور ئي اسان کي اندر کان ننگو ڪندا آهن
    ڇو ته
    حالتن جي زهر سان
    اسان پنهنجي اندر ۾ ويٺل
    مزاحمت جي شينهن کي ماري
    رڳو گدڙ ئي پاليا آهن.
    


    پر ڪٽيو پنڇي

    پر ڪٽيو پنڇي

    کيرٿر تان اڏار جو سوچي
    ڦڙ ڦڙائي ٿو پر ڪٽيو پنڇي
    وسعتون انت کان به اڳتي ۽
    جستجو لا مڪان جيڏي آ
    زرد آڪاش جي خلائن مان
    روز اڀري ٿي درد جي موسم
    نيڻ اڀ ۾ ڀنل بهارن جي
    ياد جا چٽ چٽي رهيا آهن
    ماٺ مقتل جي ماڪ وانگي ۽
    شور برپا رهي ٿو برپٽ ۾
    نوڪ خنجر تي ناچ جوڀن جو
    رت جي راند جي نزاڪت آ
    رنگ هر گهاءَ ۾ گلابن جا
    سور تي ساحري سرورن جي
    ڪنڌ جي ڪير ٿو ڪري ڳڻتي
    ظلم جي رات سان نه ٺاهه ڪبو
    موت کي مات جي مهار وجهي
    قافلو باک ڏي وٺي هلبو
    ظلم دهـشت جا ديوتا ٻڌجانءِ
    زندگي واءَ جو نه جهوٽو آهه
    عمر اڌڪي اڏار ڪانهي ڪا
    زندگي جستجو جو نالو آ
    کير ٿر تان اڏار جو سوچي
    ڦڙ ڦڙائي ٿو پر ڪٽيو پنڇي.
    


    هولي

    هولي

    جلوا گلرنگ آهن
    جذبا هر رنگ آهن
    سپنا رنگ رنگ آهن
    آس رنگدار آهي
    حاصلاتون سڄيون رنگن ۾ ٽمٽار آهن
    معروض ۾ رنگ وکريا پيا آهن
    اڄ هولي آهي
    اهو سوچي منهنجو هيانءُ ٿو ڦاٽي
    ته مان ڪلر بلائينڊ آهيان
    دنيا مونکي
    بليڪ اينڊ وائيٽ ڏسڻ ۾ ايندي آهي.
    


    منتشر ردعمل

    منتشر ردعمل

    رت رڳو وردي وارن جو ڳاڙهو ٿيندو آهي
    ٻيا سڀ درياهه ۾ وهائي ڇڏيو
    تعليم ۽ شعور فقط
    حڪومت جي ڪارندن ۽ ٻولڙين جو
    سرٽيفائيڊ ليکبو
    باقي سمورا ٽڪي جا عام ماڻهو آهن
    اختلاف رکڻ ئي وڏو جرم آهي
    اهڙو جرم فقط غدار يا ڪافر ئي ڪري سگھي ٿو
    سوچ جو دائرو
    مخصوص مدار ۾ ئي قابل قبول هوندو
    دائرو ڪراس ڪندڙ سوچ جو
    مين سوئچ آف ڪيو ويندو
    هن ديس ۾ ذهنن جي نه
    پر جسمن جي آدم شماري ڪئي ويندي آهي
    ۽ عقيدي پرست ئي سٺا ڪارڪن ٿي سگھن ٿا
    دليل لفظن کان وڌيڪ ڪارتوسن سان ڏئي
    بحث کٽي سگھجي ٿو
    مونکي هاڻي ننڊ پئي اچي
    وڏيري جي نوڪرن لئه آيل تانهري ڀت مان
    مون به ٻه ٽي گرهه ڀريا آهن.
    


    ڪويتا

    ڪويتا

    ڪويتا جا سڀ ڀائر، ڀينرون
    نيٺ پنهنجي انجام تي پهچي ويا
    کين وقت اڳيان هلڻ ڪونه آيو
    غزل مري ويو
    غالب کان گلزار تائين
    مرڻ کان اڳ
    پنهنجي عروضي ڇندي قبيلي واري
    نظم کي به
    اياز جي ڪتابن مان ٻاهر ڪڍي


    خيراتي اسپتال جي ميري بيڊ تي
    موت جي انتظار ۾ هچڪيون ڀريندي ڏسندو ويو
    موسيقي سان مائٽي هجڻ جي الزام ۾
    بيت ۽ وائي کي چونڪ تي ڦاهي ڏني وئي
    ڀٽائيءَ سان دوستي به کين بچائي ڪانه سگھي
    روح جي ردم سان ٺهڪي هلڻ واري
    وچڙندر بيماري جي خوف ۾
    لوڪ گيت ۽ گيت مٿان راتاهو هڻي
    انهن کي هڪ جھڙپ ۾ قتل ڪيو ويو
    ۽ هاڻي
    ڪويتا جيڪا پنهنجا سڀ
    هار سينگار
    ويس فيشن
    ناچ ۽ ناز ڏيکاري چڪي آهي
    اڃا نئون ڳولهيندڙن
    نواڻ جي جنون ۾
    مختصر ۽ سڌو سنئون حسن ڏسڻ لاءِ
    سندس سارا ڪپڙا لاهي
    کيس ننگو ڪيو آهي.
    


    رات مهل

    رات مهل

    رات مهل
    آسمان ۾
    ستارا ڏسي نه سگهندو آهيان
    مون پنهنجي اکين جو اسٽيڪر
    مين روڊ تي
    مرڪيوري لائيٽنگ جي
    ٿنڀي ۾ چنبڙائي ڇڏيو آهي.
    


    هارٽ پيشنٽ

    هارٽ پيشنٽ

    مان هارٽ پيشنٽ آهيان
    دل جي مرض تي ڪم ڪندڙ
    ميڊيڪل سائنس جي
    ڪارڊيولاجي شعبي مان
    مونکي رڳو
    ذاڪر حسين جي
    طبلي جي ٿاپ جهڙي
    دل جي ڌڙڪن گھرجي.
    


    تنهنجو حسين جسم

    تنهنجو حسين جسم

    تنهنجي حسين جسم چمڻ مهل
    جبلي گهرج جي گرمي محسوس ٿي
    پر اخلاقي قدرن جي برف ان تي ڇانيل رهي
    تنهن کان پوءِ تون
    ٻڌائڻ کان سواءِ نون ڀاڪرن ۾ هلي وئينءَ
    ۽ آئون ورهين تائين
    ڪامنا ۽ محروميءَ گاڏڙ احساس ۾ جلندو رهيس
    نه انسان ٿي سگھيس، نه فرشتو
    ڪالهه
    عيد گفٽ ۾ تو پنهنجي نئين پينٽنگ اماڻي آهي
    جنهن ۾
    خماريل اکين ۽ ويڪري پيشانيءَ وارو
    قدآور نوجوان ڊريسنگ ٽيبل آڏو بيهي
    کٻي ٻانهن ۾ پاتل گھڙي مان ٽائيم ڏسي رهيو آهي
    آئيني ۾ ٺهندڙ عڪس ۾
    مون کي سندس مرداڻي ٻانهن ۾
    گھڙيءَ بدران چوڙيون پاتل پيون ڏسجن.
    


    حاصلات

    حاصلات

    الهڙ وهي ۾
    تنهنجي لاءُ اٿندڙ جنسي ڇڪ کي
    وڏي حاصلات سمجھي
    خواهشن جو سمنڊ پار ڪري ويس
    ۽ هاڻي
    ڀورائيء جي ڀل سمجھي
    مصلحت جو رڻ جھاڳي رهيو آهيان.
    


    (سنگيت ناٽڪ) ڪبوتري

    ڪردارَ:

    1– ڪجلو: ڪبوترا قبيلي جو هڪ فرد جنهن جي گهر ۾ هڪ خوبصورت ڌيءُ پارو سامائي آهي.
    2– رتني: ڪجلي جي زال
    3– پارو: ڪجلي ۽ رتنيءَ جي نئين سامايل ڌيءَ جنهن جي عمر اٽڪل سورنهن سال آهي.
    4– شانتا: پارو جي سنجيده سهيلي
    5– مير وڏل: ڳوٺ جو وڏ گهراڻو وڏيرو ، رئيس
    6– گورو: پارو جو نون سالن جو ڀاءَ
    7– پري: پارو جي ستن سالن جي ڀيڻ


    منظر:

    پڪيءَ سڙڪ جي ڀر ۾ پينو قبيلي جو پکن تي مشتمل پڙاءُ سڙڪ جي ٻئي پاسي مير وڏل جو پراڻي طرزِ تعمير جو شاهڪار محل جهڙو بنگلو جنهن جي ڏڍ تي گهڻي وقت کان خانه بدوشن جي هن قبيلي اچي پکا اڏيا آهن. مير وڏل جي بنگلي پويان ٿوري پنڌ تي سندس ڀائٽيي مير سوڍل جو نئين طرزِتعمير وارو خوبصورت بنگلو ، پکن تي ڇانيل اونداهيءَ ۾ بنگلي جي بلبن جي روشنيءَ جا پوندڙ اولڙا ، سياري جي رات ۾ هڪ پکي جي آڏو نم جي هيٺان ٻرندڙ باه جي مچ تي ڪجلو ۽ سندس زال رتني ڳالهائي رهيا آهن ، پکي جي اندر سندن ڌيءُ پارو ويٺي آهي جنهن جي پيرانديءَ کان 9 سالن جو گورو ۽ 7 سالن جي پري ننڊ پيا آهن. رتني پنهنجي مڙس کي مخاطب ٿيندي چوي ٿي. .
    رتني:
    او پارو جا پيءُ ٻڌين ٿو
    ساري گهر ۾ سڃ وسي ٿي
    ڀانڊاريءَ ۾ ڏوڪڙ ناهي
    ڪانهي ڪائي لپ اٽي جي
    سيارو ڪيڏو ڊوڙ اچي ٿو
    مينهن به ٻوڙان ٻوڙ اچي ٿو
    جيڪو جوڙو پاتل آهي
    سو ڀي ڪيڏو ڦاٽل آهي
    گوري کي ڪو جوتو ناهي
    پارو وٽ ڪا پوتي ناهي
    گهر ۾ آ ڀڳوان اڪيلو
    ان جي آڏو جوتي ناهي
    دنيا پنهنجي ڇا جي آهي
    مانيءَ لئه محتاجي آهي
    ڪڙم اندر ڪاڻيارا آهيون
    ويلي تي ويچارا آهيون
    بک وڏي بيماري آهي
    جيون کان بيزاري آهي
    جي هاڻي به نه تون سوچيندين
    ڏس ته اڙي پوءِ ڪاڏي ويندين.

    پل لئه خاموش ٿي ٿورو سوچي ٿي ۽ پوءِ هڪ نظر پارو تي وجهي وري ڳالهائڻ لڳي ٿي:

    هٿ جي ريکا سائي آهي
    پارو جو سامائي آهي
    جوڀن هن سان جوٽ ڪئي آ
    ڀاڳ اسان ڏي موٽ ڪئي آ
    گهر مان جا سرهاڻ اٿي آ
    پنهنجي ڀاڳن ڪاڻ اٿي آ
    جنهن جي پويان پاسي ويندي
    تنهن جا ويڙها واسي ويندي
    جوڀن جو گل رنگ بو ٿي پيو
    باغ سمورو خوشبو ٿي پيو
    پارو پنهنجا ناز نکاريا
    نخريلا انداز نکاريا
    ڳاله ڳليءَ کان ٻاهر آئي
    مير وڏي وٽ هير پڄائي
    اوڙي پاڙي سس پس آهي
    واتن تي ڪنهن جو وس آهي
    سوڍل مير سنڀاريو آهي
    پارو لاءِ پچاريو آهي
    سوڍل ڳڀرو ۽ ڳڻ وارو
    سونهن سريتو ۽ سوڀارو
    وات گهريا هو ڏوڪڙ ڏئي ٿو
    پونم پارو لاءِ ڇڏي ٿو
    پارو جنهن جي هڪ ادا سان
    نيرا نوٽ اڏامي ايندا
    ڳڀرو کوڙ اميدن ڀريا
    پنهنجي در سلامي ٿيندا
    ليڪن سوڍل پنهنجي گهر تي
    نائي نيڻ نڇاور ٿيندو
    ڪجلا تون نه ٿئين جي ارهو
    ڪڙم اسان جو بک نه مرندو.


    ڪجلو:
    بک آهي اسان جي ڪڙم مٿان
    ڪنهن اگهاڙيءَ غليظ گار جيان
    حسن ڀڳوان جو ڏنل آهي
    ننگ پنهنجا تڪن ننگيون نظرون
    پدمڻي جا به آ پکن ڄائي
    سا سدائين ڪبوتري سڏجي
    پنهنجي وڏڙن جون پچارون ساري
    جي ڏسان ٿو ڪڙم قبيلي کي
    راڄ ( نٽ راڄ ) ٿي سڏيو منهنجو
    ناچ ۽ نرتڪيون ڪلا ديويون
    هر گهڙيءَ گهرج هون نوابن جي
    ڪرتبن ۾ نه ڪو سندن ثاني
    ناچ گانو اسان جي ڪڙم اندر
    پنهنجي پرکن جي آهه نيشاني
    ڪو پتو ناھ ، ڇا گناهه ٿيو؟
    بک تهذيب کي تباهه ڪيو
    ناچ گاني منجهان نکار ويو
    پيٽ هاڻي پکن تي بار ٿيو
    پنهنجي هر منڌ جو مقدر آ
    ڪنهن نه ڪنهن مير جي سريت ٿئي
    عمر مجبور ٿي گذاريون ٿا
    هر گهڙيءَ ٿي نئين ڪريت ٿئي
    پيڙ ۾ جيئن جوان ٿي پارو
    مير سوڍل اسان جي بک ڪڇي
    پيٽ جو اگهه لڳو ڪٿڻ آهي
    مير شهزور آهي ، ڏاڍو آ
    پاڻ ڪيڏا غريب تر آهيون
    ڇو ته پورهئي ڪنان لنوايون ٿا
    ان ڪري ئي ته دربدر آهيون.

    ڪجهه گهڙين لئه چپ ٿي وڃي ٿو نظرن ۾ ڪاوڙ ۽ ڏک جا احساس سمائي پارو ڏانهن نهاري سانت ۾ ٻڏي وڃي ٿو ۽ ٿڌو ساھ ڀري آڱر کڻي چوي ٿو:

    ڀاڳ ۾ تون رکيل ئي آهين
    مير سوڍل رکي يا مير وڏو
    ٿي پتنگو اهاءُ تي ايندو
    گهاءُ تنهنجي حياءَ تي ايندو
    ڪڙم تنهنجو ڪبوتري آهي
    جيڪا آخر شڪار ٿي ويندي
    ڪوئي پالي يا ڪوئي قيد ڪري
    عمر هر پهر بار ٿي ويندي.


    ٿورو خاموش ٿي رتنيءَ ڏي نهاري چوي ٿو:

    مير سوڍل جوان ڳڀرو آ
    ۽ وڏل مير ان جو چاچو آ
    پارو سوڍل سان سونهندي ليڪن
    پنهنجي سر تي وڏي جو پاڇو آ
    توڙي پارو اڃان جوان نه هئي
    پر وڏو مير پيو تڪيندو هو
    ڪيتري دير آهي ڇوڪر ۾
    وقت وهندي پيو ڪٿيندو هو
    پاڻ جيڪو به کاڌو پيتو سين
    سو وڏي مير جي عنايت هو
    جنهن جو پاڇو پکن اسان جن تي
    هن سخي مير جي سخاوت هو
    مير سرڪش سماج ساري لئه
    پاڻ تي آھ مهربان رهيو
    ڀل جواني هئي نه پارو تي
    پر اميدن سندو جهان هيو
    هٿ ان جو نه ٿو ڇڏي سگهجي
    جو رهيو مهربان سالن کان
    هو به رتني هزار آڇي ٿو
    آڇ زياده سڀن جي آڇن کان
    ڪير (ڪيجو ) سڏائي پارو جو
    پنهنجا پکڙا حياءُ سارن ٿا
    ملهه ڇا ٿا ڪٿن جوانيءَ جو
    پيٽ پنهنجا بکيا نهارن ٿا.


    ايڪٽ ٻيو

    منظر:
    پکن جي ڀر ۾ بيٺل انبن جي باغ ۾ سياري جي سج جي دل لڀائيندڙ ڪرڻن هيٺان پارو پنهنجي سهيليءَ شانتا سان ڳنڀيرتا ۽ سنجيندگيءَ سان گفتگو ڪري رهي آهي .

    پارو:
    شانتا ڪجهه غور ڪر هن ڳالهه تي
    رات بابا سان امان پئي جا سلي
    مير سوڍل منهنجو هٿ آهي گهريو
    هٿ ( پونم ) کان پيو جيڪو ڪڍي
    شانتا پونم اڃان آهي جوان
    مٽ جنهن جي سونهن جو ڪا نار ناهه
    سٺ مهينن کان ڏهاڙا ڪجهه مٿي
    جا وڏيري جي رهي پيرن پڻي
    جنهن جي جوڀن کي ڦري کائي لٽي
    هاڻ سوڍل مير ٿو ان کي ڇڏي
    ايئن جيون کي اڏيءَ آڏو رکي
    مان سريتن جان جيئڻ چاهيان نه ٿي
    پريت جن جي پل جوانيءَ جا ٻه ٽي
    مان سندن لاري لڳڻ چاهيان نه ٿي
    عمر بي حس خواهشن پويان لٽي
    وات مان ٿوڪارجڻ چاهيان نه ٿي.

    شانتا:
    چري ته آهين، چري ؛ پر چري نه ٿي ايڏي
    اجايا پُور هي ڪهڙا پئي پچائين ٿي؟
    ڏني آ، ڪيتري دولت امير پونم کي
    سموري عمر جي چاهي ته پيئي عيش ڪري
    پکن تي پنج ورهيه ڄڻ ته هن جو راڄ هيو
    ۽ تون به گهر جي ڌياڻي بڻي بڻي هلندينءَ
    ۽ راڄ ڀاڳ جي راڻي بڻي بڻي هلندينءَ
    وهيءَ جي گهرج به هر روز پئي ستائيندي
    جواني هونئن به ڀلا ڪيترو نڀائيندي
    ڀلا ٿي ڀاڳ پيو مير اڄ مري توتي
    ڀلايون ڀال جواني پئي ڪري توتي




    پارو:
    ٿا امان بابا چون قربان ٿي
    شانتا ڪيسين ڀلا قربان ٿيون
    مير پوڙهو ۽ اسان جون ٽي ٽهيون
    سونهن جوڀن کي لٽائينديون رهيون
    مير سوڍل ۽ سندس چاچو وڏل
    ڪي زمينن جا خدا ناهن مگر
    وس ايڏو ڏوڪڙن جو ٿو هلي
    پل ا پل سوچي اسان جي دل جلي
    ڪا وِهارن ڪا ڌڪارن بي پڇي
    بي حيائي هر ادا مان پئي بکي
    مير سوڍل جي ابي وٽ ڪيترا
    سال ويهاريل هئي منهنجي امان
    آنءُ ڪنهن جي خون جي تخليق هان
    پنهنجي بابا جي يا سوڍل پيءُ جي
    شڪل ۾ ماڻهو ڪتن جهڙي حوس
    لڄ ناهي ڀيڻ جي يا ڌيءُ جي
    آ ننگي ڪيڏي نظر هر هڪ بڻي
    ڪو به پردو ڄڻ هتي پردو نه آ
    هر پکي جي سير مان دوڏا ڪڍي


    جو به گهوري تنهن اڳيان لوڙهو نه آ
    شانتا هيءَ بک آهي بي وسي
    ۽ پکن ۾ بي وسيءَ جو راڄ آ
    پيٽ پنهنجي لاءِ ڪيڏو اهم آ
    هر انا ان جي اڳيان تاراج آ
    ڏاڍ وارن جي ندوري ڏاڍ سان
    ڇو اڃان مظلوم ڪو اٽڪي نه ٿو
    گهاوَ هيڻن جا نوان هر روز پر
    ڀاڳ ڀوتارن سندو ڀٽڪي نه ٿو
    دود سڀني جي دلين مان ٿو دکي
    ڪا ڄري نڪتي اگر جي ڄڀ مان
    بکَ اڏو برف ٿي بڻجي وڃي
    ڪيئن لٽايان پيٽ لئه پاڪيزگي
    ڪيئن مٽايان پيار پهرين جو سرور
    مون سجايا خواب جي پلڪن اندر
    پر حقيقت آهي تن کان دور دور
    پيار سپنو آ، سکي سرهاڻ آ
    ساڀيان کان پر وهي اڻڄاڻ آ
    سونهن کي ڀڳوان ڇو مون ڏي مڪو
    سونهن جي ڇو دشمني مون ساڻ آ.


    ايڪٽ ٽيون

    منظر:
    ڪجلي جي پکي ۾ رتني، پارو، گورو، پري ۽ شانتا پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا آهن. ڪجلو ٻاهران اچي ٿو وٽس ڪلهي جي رومال ۾ هڪ ڳنڍ ٻڌل آهي جيڪا کولي پارو جي جهول ۾ وجهي ٿو، رنگ رنگ جا نوٽ پارو جي جهول ۾ ڦهلجي وڃن ٿا، ۽ ڦهليل نوٽن کي ڏسي ڪجلو چوي ٿو.

    ڪجلو:
    ڌيءُ پارو انبار نوٽن جا
    هار سينگار لاءِ مير ڏنا
    تون جي سينگارجي اڳيان ايندينءَ
    ڄڻ بيابان ۾ بهارن جا
    گيت سرها ٻري ٻري پوندا
    پوڙهو تو وٽ مٿو جهڪائيندو
    تنهنجي آڏو دنيا لٽائيندو
    ٻيا به ڏيندو انبار نوٽن جا
    ڀاڳ کلندا اڃان به لوٽن جا
    ڌيءُ هاڻي جهان تهنهنجو آ
    هر پکي منجهه مان تنهنجو آ
    ڌن ماڙيءَ ۾ تون لٽاءِ وڃي
    جيترو زر کپئي کپاءِ وڃي
    رنگ خوشبو سان پنهنجا پاند ڀري
    بخملي ويس جسم تي اوڍي
    پنهنجي مرضي هلائجانءِ پارو
    ڀاڳ پنهنجا سنوارجانءِ پارو.

    هڪ وير نظر ڦيرائي زال ڏي نهاري ڳالهائڻ لڳي ٿو:

    مير مون کي سڏايو بنگلي تي
    بخملي ڪوچ تي وڃي ويٺس
    حال احوال سڀ وتئين گهر جا
    ڪجهه ڪيائين سوال ٻاهر جا
    مون کي هٿ سان ڏنئين گلاس ڀري
    جام اهڙو اڳي نه پيتو مون
    ڳالهه آندئين چپن تي پارو جي
    ڳڻ ڳڻايئين سڀئي ڏکارو ٿي
    مون ته ويجهو رکيو توهان کي پر
    ڇو توهان ڏور پيا وڃو ٿيندا
    قول ڪجلا ڪيا ها تو مون سان
    مڙس آهن وچن کي پاڙيندا
    وٺ اچي ٻيو گلاس انگريزي
    روز ڏوڪين پيو ٺرو ديسي
    بيگ کولي مٺيون ڀري پنهنجون
    جهول منهنجو ڀريائين نوٽن سان
    مير جهڙا کپن قدر وارا
    ڪهڙو ناتو کرن ۽ کوٽن سان
    مير ڪيڏو نه ڌن ڏن آهي
    مون به ان کي وچن ڏنو آهي
    هاڻي مون کي ائين ڏٺو نه ڪجانءِ
    ۽ ننڍي مير کي ڏٽو نه ڏجانءِ
    ڳالهه ٻي ڪا ڪرڻ خيانت آ
    هي ءَ وڏل مير جي امانت آ.

    ايئن چئي ڪجلو بوڇڻ ڇنڊي ڪلهي تي رکي ٻاهر هليو ٿو وڃي. پارو شانتا ۽ رتني هڪ ٻئي ڏي عجب مان تڪينديون رهجي وڃن ٿيون، ڪجهه ساعتون خاموشيءَ جو نانگ پکي جي ماحول کي سراپي وڃي ٿو خاموشي ٽوڙيندي گورو ڳالهائي ٿو.
    .
    گورو:
    نوٽ ايڏا ادي مون نه آهن ڏٺا
    تنهنجي آڏو اچي جيڪي بابا رکيا
    مون کي ڪپڙا کپن، بوٽ، ٽوپي کپي
    منهنجي دل ٿي چوي مون کي سئنڪل کپي
    گرم لوئي به گهرجي ۽ بوڇڻ کپي
    رات جو سيءَ ۾ ڪو ته اوڇڻ کپي
    ۽ دسهڙيءَ جي ڏڻ لاءِ خرچي ڏجانءِ
    ڪجهه ته ڀانڊارڙيءَ لاءِ ڏوڪڙ ڏجانءِ

    ايئن چئي گورو خوشيءَ مان گيت ڳائڻ لڳي ٿو:

    جهول ۾ نوٽ تنهنجي نرالا الا!
    هو جمالا جمالا جمالا الا!
    هاڻ بازار ۾ ڇڙٻ ڏيندو نه ڪو
    ٽول جيڪو وڻيو سو ڦريندو نه ڪو
    ڏوڪڙن جا هي ميلا ملهالا الا!
    هو جمالا جمالا جمالا الا!
    ويس وٺبا وڃي شهر مان ڪي نوان
    واچ رومال ۽ بوٽ جوراب سان
    منهنجي ٽوپي ، پريءَ لاءِ جهالا الا!
    هو جمالا جمالا جمالا الا!
    سهڻيءَ سئنڪل چڙهي سڀ خوشيون ماڻبيون
    ڪجهه جهنڊيون گل بتيون ان ۾ لڳرائبيون
    يار ڇرڪائبا بي خيالا الا!
    هو جمالا جمالا جمالا الا!
    پري:
    مون کي گڏا وٺي ڏي
    مون کي وڳا وٺي ڏي
    ڪجريءَ کي مليون ڪوڏيون
    واسي به وتا ڪاوا
    مٽڪي کي ڏنا ماڻس
    اٺڙا ، مٿن ڪجاوا
    ان جا گڏا اٺن تي
    منهنجون گڏيون ڇو پٽ تي
    مون کي گڏيون وٺي ڏي
    سونيون سڳيون وٺي ڏي
    گهر ڀي گڏي ، گڏيءَ جو
    گاڏي به هڪ گڏيءَ جي
    هڪ سيج ڀي گڏي لئه
    هڪ ڇير هڪڙي لوٽي
    هڪ هار هڪڙي پوتي
    گڏ آڻجان گڏيءَ سان
    بندوق گڏ گڏي سان
    مٽڪي جو گڏو اٺ تي
    گاڏيءَ تي گڏي منهنجي
    شاديءَ ۾ گڏيون اينديون
    ڪو ڀت به چاڙهڻو آ
    ديڳيون ۽ ٿاله گهرجن
    سڀ آل جال گهرجن
    چمچا ڇريون وٺي ڏي
    گڏڙا گڏيون وٺي ڏي
    مان راند وڃان کيڏڻ
    سڀ کان گهڻيون وٺي ڏي
    مون کي گڏا وٺي ڏي
    مون کي لٽا وٺي ڏي

    پارو:
    ڪو هوائن ۾ نشو ناهي رهيو
    ۽ نظارن ۾ مزو ناهي رهيو
    هاءِ جوڀن قيد وانگر ٿو لڳي
    خواب هر هڪ رڻ پٽن جهڙو لڳي
    ڪنهن طرح ٿو منهنجي بابل کي کپي
    ڪو سکيو گذران پنهنجي گهر سندو
    ٿو چوي گورو ادي سئنڪل کپي
    پير ۾ جوتو نئون جهلمل کپي
    ۽ پريءَ کي ٿا گڏا گڏڙيون کپن
    ماءُ منهنجيءَ کي الئه ڇاڇا کپن
    حوس کي ڪنوارو ننگو جوڀن کپي
    ۽ پکن کي پيٽ جو ضامن کپي
    مان به ڪو انسان هان مون کان پڇو:
    خواهشن جو آ هتي ڀي سلسلو
    پيٽ پنهنجي لئي ڪنواريون حرمتون
    جي لٽائڻ کان سوا چارو نه آ
    پيٽ سان گڏ خواهشون منهنجون ڏسو
    مان جواني ڪيئن گذاريان لاش سان
    عصمتن جو جي ٿئي سودو ته پوءِ
    مير پوڙهي جو بدن بانسي نه ڏيو
    عزتون آهن وڏيرن لئه اگر
    خواهشن کي هينئن گهٽي ڦاسي نه ڏيو
    بک کي آهي ضرورت نان جي
    نوجوانيءَ کي جوان جذبو کپي
    پيٽ جي لئه نوٽ آهن مير جا
    پر بدن جي بک کي ڪاڏي ڪجي
    نئين جوانيءَ جي ٻريل آڙاهه تي
    ڪيترو پوڙهو ڪڪر برسي ڀلا
    ماڪ سان ڪا آڳ اجهندي ڪو نه آ
    بوند برسئي قافلو رڪبو نه آ
    جي لکو ٿا ناخدا منهنجو نصيب
    منهنجي ٻيڙيءَ کي گهڙي کن تارجو
    ڏئي جوانيءَ کي جواني جهول ۾
    پوءِ ڪوئي نوجوان ( ڪيجو ) ڪجو
    ڀل غريبت ئي ڏيو پر مان ڏيو
    ڪو ته منهنجي درد جو درمان ڏيو
    پيٽ جي ٿا بک کي سمجهو مگر
    بک جذبن جي اڃان ڪجه ٻيو گهري
    مير سوڍل ڀي لٽائي ٿو دنيا
    ساٿ جوڀن ٿو جوانيءَ جو گهري
    جيڪڏهن رشتو هتي رشتو نه آ
    مان وڇايان ٿي بدن سوڍل اڳيان
    ۽ نه آهي جي هتي ڪو ماڻهپو
    پوءِ ڇڏيو هن لاش تي پوڙهو ڪتو.

    رتني:
    پارو تهنهجي ڳالهه سچي آ
    ليڪن ويو جنجال مچي آ
    ڪيجو بڻجڻ تان بگڙي پيا
    ڪتن وانگر مير وڙهي پيا
    راڄن آڏو خوار ٿيا هن
    جڳ جي لئه آزار ٿيا هن
    چپ چٻي ٿو پوڙهو باسي
    سوڍل ان جي رت جو پياسي
    پوڙهو توکي ڪونه ڇڏيندو
    سوڍل سان ڀي هٿ ڳنڍيندو
    مرشد تن کي ٺاهڻ آيو
    جنهن پنهنجو انصاف ٻڌايو
    سوڍل تو وٽ پونم آهي ـ
    مير وڏل وٽ ڪابه نه آهي
    پارو مير وڏي کي ملندي
    اٽڪي ٻٽڪي ڪابه نه هلندي
    جيڪر پاڻ جواب ڏيون ٿا
    وير وڏيري ساڻ رکون ٿا
    پاڻ ۾ ايڏي طاقت ناهي
    تنها ڪو به سلامت ناهي
    پيءُ جو پٽڪو منهنجي پوتي
    منهنجي گهر جي ٻرندڙ جوتي
    توکي سڀڪجهه ميڙ ڪيان ٿي
    پنهنجي گهر جي چلهه ٻرڻ جو
    توکان پارو خير گهران ٿي.

    شانتا:
    اجايا خواب ڏسڻ مان نڪي وريو ورندو
    اڄوڪو سج گهڙي کن کان پوءِ لهي ويندو
    سڀاڻي سج جي نڪتو ته روشني ڦٽندي
    انهيءَ فساني ۾ جهلمل ڪا زندگي هوندي ـ
    فسانو جنهن ۾ رڳو رنگ رنگ پيا اڏندا
    هزار آس جا سارنگ مرڪندا ايندا
    هٿن تي هٿ هجن ڀل ته پوڙهي عاشق جا
    پراڻي ياد ڦٿولي ڪجانءِ دل آجي
    اکين کي بند ڪري يار جي تصور کي
    خيال خواب جي ڀاڪر ۾ تون ڀري ڇڏجان
    سري جي سار سڀئي خواب بخملي ٿيندا
    جوان جسم جا جلوا کڙي کڙي پوندا
    حقيقتن جي توازن سان خواب ساڻ رهي
    اندر جو عشق ڀلي پوءِ ڀي سڄاڻ رهي
    ڀلي نه چاھِ مگر چاهتون سجاءِ کڻي
    ٻه چار سال انهيءَ درد سان نڀاءِ کڻي.


    ايڪٽ فور

    منظر:
    ڪجلي جي پراڻي پکي جي ڀر ۾ نئون ڪشادو ۽ خوبصورت پکو اڏيل آهي، پکي جي ٻاهرين بيهڪ هڪ ننڍڙي گهر جو ڏيک پئي ڏئي ۽ اندروني جوڙجڪ ڊرائينگ/ بيڊ ڪارٽيج جهڙي آهي. خوبصورت جهالرن سان سونهري ڀوري رنگ وارا پردا بيڊ روم ۽ ڊرائينگ روم کي هڪٻئي کان الڳ ڪري رهيا آهن. ٻنهي ڪمرن ۾ خوبصورت ايراني قالين وڇايل آهن . جن تي ڪابلي تڪيه ۽ پشاوري طول وهاڻا پيل آهن ..
    پکن تي رات ڇانيل آهي ۽ ڪجلي جي نئين پکي ۾ رنگبرنگي روشني پئي جرڪي ، پکي جي وچ وارا پردا ويڙهيل آهن . بيڊ روم واري حصي ۾ قالين تي هڪ پاسي ڪابلي تڪيه ۽ پشاوري طول وهاڻا رکيا آهن ۽ ٻئي پاسي خوبصورت وڪٽورين ڊزائين واري خوبصورت پلنگ تي نرم ايراني ڪمبل ۽ ڳاڙهي بخملي چادر جو بسترو وڇايل آهي ، جنهن تي پارو گهري ناسي چوڙيدار پاجامي مٿان ڳاڙهي رنگ جو پڙو ۽ راجستاني ڀرت ڀريل چولي پاتل ۽ کنڀي جي چنري اوڍي ويٺل آهي .
    پکي جي ڊرائينگ روم واري حصي ۾ مير وڏل شهپرن ۽ وارن کي رنگ هنيل نوابشاهي ڪٽ تي پيلي رنگ جي ڪاغذي سنڌي ٽوپي پاتل، بوسڪيءَ جي سلوار قميص سان ، لاک جي گلن ۽ ڪائي جي گول ڪاون سان سجايل موڙي تي ويٺل آهي.
    ڪجلو، رتني، شانتا هيٺ قالين تي ويٺل آهن. شانتا طول وهاڻو هنج ۾ رکي ڪڏهن مير وڏل ته ڪڏهن پارو کي تڪي رهي آهي ، گورو ۽ پري عجيب نظرن سان ماحول ۾ آيل نواڻ ڏسي حيران آهن ۽ پري ڪنهن ڪنهن مهل کيچل نما حرڪت ڪري رهي آهي، ڪجلو ۽ رتني مير وڏل تان اور گهور پيا وڃن. نيٺ ڪجلو مير وڏل ڏانهن تڪي عاجزيءَ ۽ لالچي اکين سان چوڻ لڳي ٿو .

    ڪجلو:
    مير توکان نه منهن مٽايو سين
    لوڪ توڙي سڄو رنجايو سين
    تون پکن ۽ ٻچن جو وارث آن
    تنهنجي پيرن جي ڌوڙ جهڙو مان
    تو ڪيو سڱ آ فقيرن سان
    دک هاڻي پکن کان دور ٿيا
    پارو سڏبي وڏي حوالي سان
    ۽ پکا مير تنهنجي نالي سان
    تون سخي مرد ميرَ حاتم آن
    آنءُ تنهنجو اهو ئي خادم هان
    تو وڏا وڙ ڪيا غريبن سان
    تنهنجي آئي پکن جو مان وڌيو
    منهنجي ڀاڳن تي جڳ جهان جليو.

    مير مسڪرائي مٺ نوٽن جي ڀري ڪجلي کي ڏئي ٿو، ڪجلو هڪ هڪ ڳاڙهو نوٽ پريءَ ۽ گوري کي ڏئي پنهنجي پکي پراڻي پکي ڏانهن موڪلي باقي نوٽ پاسي واري کيسي ۾ وجهي پاڻ قالين تي ويهي رهي ٿو. کن پل جي سانت کانپوءِ خاموشي ٽوڙيندي رتني ڳالهائي ٿي.

    رتني:
    سارو جڳ جهان وساري
    ڪجلو تنهنجي ڪڍ لڳو آ
    پٺ جي توکي پارت سائين!
    جهولي منهنجي خالي آهي
    شال هجين رکوال سدائين!
    مان آيل هان تون ڄايل آن
    ڌرتي سائين تنهنجي آهي
    پارو توکي پرتي سائين!
    سرتي سائين تنهنجي آهي
    پوڙهي عمر وساري تنهنجي
    مکڙي مهڻنهاب ڏني سين
    پارو پنهنجي موڙي آهي
    توکي سائين سا به ڏني سين
    مرڪي مرڪي ماڻ جواني
    جوڀن تو لئه آتو آهي
    تو جي پاتا پير پکن ۾
    مون کي ڀاڳ سڃاتو آهي
    پارو تنهنجي راه نهاري
    گوريءَ جو هر خواب اڃارو
    ٻهڳڻَ تنهنجو ساٿ سنڀاري.

    ايئن چئي پکي جي وچ وارن ويڙهيل پردن جي ڪهين کي ڇڪ ڏئي کولي ٿي ٻئي پردا کلي ٻنهي ڪمرن جي وچ واري ديوار ٿي پون ٿا . رتني مير کي ادب ، عاجزيءَ ۽ لالچ ڀريل نظرن سان پارو ڏانهن وڃڻ جو عرض ڪري ٿي. ميرُ پردي کي فاتحانه انداز ۾ هٽائيندي ٻئي پاسي وڃي پارو سان گڏ پلنگ تي ويهي ٿو. شانتا اٿي پردو ڪراس ڪري ميرَ ۽ پارو جي سامهون بيهي چوڻ لڳي ٿي.

    شانتا:
    ڳنڍيو آ نينهن اوهان ساڻ سرمئي جوڀن
    اوهان به آهي گذاري عمر شڪار ڪندي
    حسين ايترو اڳ ۾ شڪار تو نه ڪيو
    جوان روح جي گرمي ۽ رنگ برفيلو
    گلاب جسم ۽ جوڀن نفيس شرميلو
    پلئه هٽيو جي بدن تان ته روشني ڦٽندي
    اجاڙ جسم اوهان جي ۾ زندگي ايندي
    اسان جو پيار ٿو پويان نوان مثال ڇڏي
    وفا اسان جي نشانبر سڄي زماني ۾
    کلي ڏسو ته رچي رنگ ٿو فساني ۾
    اوهان جي نانوَ جي پويان وهي لٽايون ٿا
    ڪبوتريءَ جي وفا ڪوڙ ڪير ڪوٺيندو
    اوهان جي توڙ نڀايو ته معجزو ٿيندو
    اجاڙ خواب بکايل وهيون قبيلي جون
    ڳڀي جي آڙ ۾ تنهنجي حوس لٽيون آهن
    ڪروڌ، لوڀ ۽ ڊپ جون ڪهاڻيون آخر
    بغاوتن جي سلن وانگيان ڦٽيون آهن
    ڪٿي عياشي اوهان جي ڪٿي نڪور وهيون
    پکن کي ڀاڳ اڃان ڪيترو رلائيندو
    ضمير قيد جي آڙاه مان نه ٿو نڪري
    اسان کي درد گهڻا دورَ ٻيا جلائيندو
    اوهان جي جيت سدائين اسان جي هارَ رهي
    اسان جي هارَ جا ڪئين هارَ تو ڳلي پاتا
    سفر ڊگهو آ اڃان دور آهيون منزل کان
    سفر ۾ درد ڇلن وانگ فاصلي پاتا.


    ائين چئي شانتا پردو ٽپي ٻاهر نڪري وڃي ٿي مير وڏل ۽ پارو پلنگ تي اڪيلا رهجي وڃن ٿا .پارو جي انگور جهڙي رسيلي جوڀن جي مهڪار ۾ مست ٿي ميرَ وڏل جو ڏڪندڙ هٿ پارو جي کاڏيءَ تي پهچي ٿو ۽ سندس ماڪ ڀنل گلاب جهڙي مکَ کي مٿي کڻي ڳالهائي ٿو.

    مير وڏل:
    ڇا ڪامڻي وهيءَ کي وڄ جي ورن مان آندئي
    ايڏو حسين جوڀن ڪهڙي چمن مان آندُئي
    ڪارا هي وار تنهنجا ڪنهن غار جو انڌيرو
    منزل تي ڪيئن رسندا ، اونداھ جا مسافر
    رخسار ڄڻ ته ڇلڪن ٿا کير جا ڪٽورا
    مون وٽ به اڃ آهي، ڪنهن ٻار جي چپن جي
    هي نيڻ پياس آهن مئنوش عاشقن جي
    ڳارين ۾ ڄڻ ته آهي جوڙي ڪبوترن جي
    مرڪين ته تنهنجي مک جي آڪاش تي او جانان
    اڀري پوي ٿي انڊلٺ جاڙي سندءِ چپن جي
    ڪنهن بت تراش ٺاهي تنهنجي سڊول هاٺي
    جوڀن ڪراڙپڻ مان بڻجي سرور اڀريو
    اوتي نشو اکين ۾ آهي غرور اڀريو
    ۽ پوڙهپڻ ۾ تنهنجو چاندي بدن سهارو
    آيو بهار آهي ويندو رهيو سيارو
    ڇانيل هئي وهيءَ تي ڪا سرد رات ليڪن
    تنهنجي لڱن جي گرميءَ ارپي ڇڏيو اونهارو
    پُرِجنسَ ٿي چميئي جي منهنجي ڀتي بدن کي
    هر انگ سون هوندئي ۽ پير ڏوڪڙن تي.

    پارو:
    ڏاڍ سان يا پيار سان قيدي ڪري
    تو مهارت سان ڇڏيون منهنجي سڄيءَ ،
    عمر جي آنچل مٿان آڪون ڀري
    جسم جو مالڪ ٿئين جنهن موٽ ۾
    مان ته ان جي ڪين گهرجائو هيس
    جي هتي روزي نه هئي تب خير هو
    مان لڏيان هان ، ڇو ته لاڏائو هيس
    مهربانين جا اڏيا تو ڄار جي
    نيٺ منهنجا پَر منجهن ڦاسي پيا
    قيد جا لمحا مقدر ۾ مليا
    بخت جا ڪاڳر منجهن ڦاسي پيا
    هاڻي منهنجيءَ دل اڏامڻ کي ڇڏيو
    درد جا پچرا ڇلانگڻ کي ڇڏيو
    بادشاهي تن مٿان تنهنجي قبول
    من مٿان تنهنجي اميري ڌوڙ آ
    روح سڀني رهگزارن تي رڙيو
    مهڪ مرڪن جي نسورو ڪوڙ آ
    مير صاحب! ڇا اهو ممڪن نه آ؟
    منهنجي راهن کي گلابن سان ڀرين
    مئي جوانيءَ جي اگر تو وٽ نه آ
    پيگَ نوٽن جي شرابن سان ڀرين
    مئي ڀنل محفل سجي هر رات جو
    مٺ ڀري مدهوشيون ٽڪرائجن
    سڀ وساري گهاوَ پوئينءَ عمر جا
    هارَ ڪوري پيارَ کي پارائجن.
    









    ___________________________________
    1- ڪيجو ؛ آشنا
    2- پيڙ ؛ ويڙهو
    3- پيڙڪي ؛ سريت
    4- نٽ راج ؛ ڪبوترا قبيلي جو اصلوڪي قبيلو


    فياض ڏاھري جا نظم سنڌ جي انٽليڪچوئل شعور کي ڇھڻ جو ست سارين ٿا

    فياض ڏاھري جا نظم ڪنھن نه ڪنھن طرح سنڌ جي انٽليڪچوئل شعور کي ڇھڻ جو ست سارين ٿا ھن پنھنجي نظمن وسيلي نه صرف سنڌي ادب جي مزاحمتي شعور کي نئين جدت سان اڳتي وڌايو آھي پر عقل ۽ شعور جي قوت سان جديدت جي سرد خاني ۾ پيل پراجيڪٽ کي به اڳتي وڌائڻ جا سعيا پئي ڪيا آھن موجوده پوسٽ ماڊرن صورتحال جا عڪس به سندس نظمن ۾ موضوعاتي گھرائيون جنمين ٿا فياض جي نظمن ۾ ڪنھن ھڪ ادبي تحريڪ لاڙي رجحان کي فوڪس ڪرڻ جي برعڪس مختلف تحريڪن لاڙن رجحانن کي يڪجاءِ ڪري موضوعاتي ڊائيورسٽي ڏني وئي آھي ھو سنڌ جي جديد شاعريء ۾ ھڪ اھڙو مطالعاتي شاعر بنجي اڀريو آھي جنھن وٽ جدت جي تڙپ سان گڏ روايت جي پاسداري آھي ڇو ته روايت جي جوھر ۾ موجود اتھاس قومن جي انفراديت ۽ ساڃهه جو ساکي ھوندو آھي نواڻ جي سلوگن واري سطحي پڻي جي ساک پت ھو پنھنجي نظم بعنوان ”نواڻ“ ۾ وائکي ڪري ٿو سندس ھي نظم نواڻ بابت ڪئين فڪري سوال اڀاري ٿو ۽ نظم ۾ ارتقا جي سائنس کي شاعراڻي ويزن سان ڏسڻ جي بھترين ڪوشش ڪئي وئي آھي ۽ ڪلائيمڪس ۾ راحساس جي نئين ھجڻ واري ڳالهه لکان دي مٽ آھي فياض جو نظم ”شاعري“ ھڪ اھڙو بھترين نظم آھي جنھن ۾ ”دانشورانه اڪيلائي“ کي فوڪس ڪيو ويو آھي. نظم ۾ تخليقڪار جي منفرد راھن وارن لقائن کي پڌاريو ويو آھي نظم تخليقڪار جي ڄڻ ته ھڪ اھڙي خود ڪلامي آھي جنھن ۾ نه صرف سطحيت پڻي کان بيزاري آھي پر تخليقي انفراديت ڏانھن وڌڻ جو سعيو پڻ آھي ڪرفيو سندس ھڪ اھڙو نظم آھي جيڪو علامتي نظم آھي ھي نظم استعارتي ٻوليء جي ھنرمندي سان سنواريل آھي ھن نظم ۾ ڪنھن وقت شعور جي روءِ نظر اچي تي پر ڪنھن سمي ائين ٿو ڀائنجي ته زميني حقيقتن کي سمبلزم ڏئي وري لاشعوري وھڪري کي لاٿو ويو آھي فياض جو نظم ”پوڙھو انقلابي“ ماڻھو کي جديد دور ۾ عدم حاصلات ڏانھن وٺي اچي ٿو جديد پوسٽ ماڊرن سرواڻن چيو آھي ته ھاڻي ھارائڻ لاء ڪجهه ڪونھي رڳو کٽڻو ئي آھي پر ھي نظم حاصلات جي مد مقابل لاحاصل جي ٽريجڊيز کي وائکو ڪري ٿو ۽ وري ان وجودي سوال کي دھرائي ٿو ته ماڻھوء کي زندگيءَ ۾ چونڊ ڪيئن ڪرڻ گھرجي؟ ھي نظم ٻڌائي ٿو ته ماڻھو پنھنجي اندر ۾ ڇا آھي؟ ۽ حالتن جو وھڪرو کيس ڪيئن لوڙھي ڇڏي ٿو؟ فياض ليجنڊ پرسنلٽيز تي جيڪي نظم لکي ٿو سي بايو ڊيٽا ڏيڻ جي برعڪس ليجنڊ پرسنلٽيز جي فلاسافي کي کڻي نئين دور سان فڪري ھم آواز بنائين ٿا جيئن سندس نظم ”ٽلٽيءَ مٿان چنڊ“ آھي نظم ۾ محاڪات ۽ تلميحون اتھاس کي خوبصورتيءَ سان ڇھن ٿيون نظم پڙھڻ سان مخدوم بلال جو درد ريفرش ٿي پئي ٿو فياض ڪلاسڪ ڪردارن کي ماضي کان حال تائين کڻي اچڻ جو ھنر ڄاڻي ٿو ھي نظم ان ڳالهه جي گواھي ڏيندڙ آھي ائين سندس نظم ڊجيٽل دور جا ٻار جدت ۽ جديت کان پوءِ جي دور وارن ٻارن جي بھترين عڪاسي ڪندڙ نظم آھي جنھن ۾ ڪالھ۽اڄ جي ٻارن جو فرق زبر دست نموني واضع ڪيو ويو آھي اوپيرا کان وٺي ڊگھن نظمن تائين فياض ڏاھريءَ جي شاعري بک بدحالي بيروزگاري ڪرپشن ۽ ناخواندگيءَ جي خلاف سراپا احتجاج ڪندڙ شاعري آھي، بيباڪي سندس شاعريءَ جو جوھر آھي ۽ بين الاقوامي موضوعاتي ويرائٽي کيس ھن دور جو اھم جديد شاعر ثابت ڪري ٿي.
    خليق ٻگھيو
    مورو


    ڪتابن جي فهرست

    (1) ميرا درد (اردو شاعري) لال چند لال (ختم ٿيل)
    (2) ٻپهريءَ جا ٻه پل (آتم ڪٿا) ريٽا شهاڻي (ختم ٿيل)
    (3) بارش سوچي ٿي (نثري ٽُڪرا) ايوب کوسو (ختم ٿيل)
    (4) جمال ابڙو ۽ جديد.... (مونوگراف) ادريس جتوئي -/100 روپيا
    (5) آنسو (اردو شاعري) لال چند لال -/120 روپيا
    (6) رشتن جو رقص (ڪهاڻيون) ريٽا شهاڻي (ختم ٿيل)
    (7) زندگي هڪ وار وري (شاعري) شريڪانت صدف -/150 روپيا
    (8) ميگهه ونس اتهاس (تاريخ) تيرٿداس اُميداڻي -/300 روپيا
    (9) ڪلجُڳ جو ڪاپڙي(شخصيت) ليکراج ڪي.راماڻي (ختم ٿيل)
    (10) ويد اُپديش (اردو) (مذهب) تيرٿداس اُميداڻي -/50 روپيا
    (11) ڪوتا ــ ڦـُلواڙي (شاعري) ولي رام ولڀ -/200 روپيا
    (12) ٽانڊن مٿي ٽهڪ (شاعري) منصور ملڪ -/120 روپيا
    (13) آلا نيڻ بهارن جا (شاعري) فياض ڏاهري (ختم ٿيل)
    (14) در کُليو ئي رهيو (ريڊيائي افسانا) امين ارباب 150/- روپيا
    (15) صاحبو! (اردو شاعري) دانش مهدي (ختم ٿيل)
    (16) سڄاڻ جون سمرتيون (يادگيريون) ريٽا شهاڻي -/120 روپيا
    (17) سنڌو لکت جي ڀاڃ (تاريخ) عطا محمد ڀنڀرو (ختم ٿيل)
    (18) ووڙيم سڀ وٿاڻ (مهم جوئي) اشتياق انصاري (ختم ٿيل)
    (19) پاڻ هُرتڙيون مايون (ناول) گوبند خوشحالاڻي -/120 روپيا
    (20) ٻارن جون بيماريون (ميڊيڪل سائنس) ڊاڪٽر بشير احمد -/50 روپيا
    (21) ڊسمبر جي اڪيلائي (شاعري) بخشل باغي -/130 روپيا
    (22) جيجي (فن ۽ شخصيت) مرتب: نصير مرزا (ختم ٿيل)
    (23) فاتح ڪربلا (تاريخ) ترجمو: حسين بخش لغاري (ختم ٿيل)
    (24) اور گُنگنائون اُسي (اردو شاعري) شاهد قريشي -/160 روپيا
    (25) سمي صحرا، سمي دريا (نثري مضمون) مرتب: آزاد انور ڪانڌڙو -/ 200 روپيا
    (26) مٺڙا ڀاءُ (ڪهاڻيون) ولي رام ولڀ -/180 روپيا
    (27) چلي گئي وه آڪر بهي (اردو شاعري) شاهد قريشي -/160 روپيا
    (28) Globalization viz a viz Pakistan Prof. Fakhrunisa Talpur -/80 روپيا
    (29) The Glorious Past (Reviews) Dr. Kazi Khadim -/400 روپيا
    (30) ڇا لاڙ سڄي ۾ آهي امن!؟ (شاعري) ابراهيم کوسو -/100 روپيا
    (31) آئرويدڪ آسان علاج (صحت) ترجمو: کيمپال شرما (ختم ٿيل)
    (32) گيتا ٻوڌ (ڌرمي پُستڪ) مهاتما گانڌي -/60 روپيا
    (33) بوتيڪ کان بيڊ روم تائين (ڪهاڻيون) اڪبر سومرو -/150 روپيا
    (34) ٿي نه سگهيس شاعر (شاعري) نصير مرزا -/150 روپيا
    (35) ڀٽڪي ويل سپنا (ناول) عزيز ڀنڀرو -/175 روپيا
    (36) ميري شاعري ميري صليب ( اردو ۾) شيخ اياز -/75 روپيا
    (37) شهيدن جي علمدار (بينظير ڀٽو تي شاعري)قاضي اياز مهيسر (ختم ٿيل)
    (38) انيس انصاري: فن ۽ شخصيت (شخصيت)اشتياق انصاري -/200 روپيا
    (39) گهاريل گهڙيون (آتم ڪٿا) عبدالحميد ميمڻ -/250 روپيا
    (40) شاهه جو گنج شاهه لطيف جا بيت)سهيڙيندڙ: سگهڙ الهداد جنجهي-/1000 روپيا
    (41) ڪويءَ جي ڪٿا (آتم ڪٿا) سوز هالائي -/250 روپيا
    (42) مٽيءَ ۾ ملاوٽ (ڪهاڻيون) قاضي خادم -/200 روپيا
    (43) وِکريل ماڻهو (ناول) فاروق سولنگي -/250 روپيا
    (44) اکڙيون ڏيل ڏيئا (شاعري) عامر سيال -/150 روپيا
    (45) اڪٿ ڪهاڻي-ڪبير (ناول) ريٽا شهاڻي -/140 روپيا
    (46) سفر در سفر (سفرنامو) ريٽا شهاڻي -/250 روپيا
    (47) اؤکا پنڌ پيار جا (ناول) ڪلا پرڪاش -/150 روپيا
    (48) سامي سِڄ وڙاءُ (ناول) مراد علي مرزا -/300 روپيا
    (49) اُجهاميو ٻرن (ڪهاڻيون) ماڪن شاهه رضوي -/250 روپيا
    (50) سنڌو تهذيب ۽ سنڌو ڌرم جا....(تاريخ) عطا محمد ڀنڀرو -/250 روپيا
    (51) منهنجي ڪهاڻي، ڪجهه نئين (آتم ڪٿا) گڻيش ٻالاڻي -/130 روپيا
    (52) شهر جي ڳالهه (ناول) اڪبر سومرو -/250 روپيا
    (53) گورک: فطري حُسن جو تفريحي ماڳ (سياحت ۽ تاريخ)اشتياق انصاري -/240 روپيا
    (54) دل جي دفتر مان(ساروڻيون) قاضي خادم -/450 روپيا
    (55) سائل ڪوش (سنڌي ــ سنڌي لغت) پروفيسر سترامداس سائل-/850 روپيا
    (56) چنڊ، سمنڊ ۽ پٿر اکيون(شاعري) سليمان سولنگي (ختم ٿيل)
    (57) وڇڙي ويل زندگي(شاعري) گلشن لغاري -/150 روپيا
    (58) ائين ڀلا ڪيئن هوندو؟(مضمون) عبدالقادر جوڻيجو -/140 روپيا
    (59) ساروڻيون (يادگيريون) قاضي خادم -/350 روپيا
    (60) چنڊ چهرا (خاڪا) ماهتاب محبوب -/250 روپيا
    (61) سچ جي ڳولا(تصوف ۽ انسانيت) ٽيڪم مٽائي -/150 روپيا
    (62) هلي ڏسجي هندوستان(سفرنامو) الطاف شيخ -/450 روپيا
    (63) ويجها ٿيا وصال کي(شاعري) غلام محمد جنجهي -/275 روپيا
    (64) ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي :امر جليل ترتيب: مختيار احمد ملاح -/300 روپيا
    (65) پيار جي هڪ ٻي صدي(ناويلا، ڪهاڻيون ۽تاثر) رفيق سومرو -/250 روپيا
    (66) Gorakh: Beautiful Resort of Sind (Trourism) Ishtiaq Ansari 300/- روپيا
    (67) اندر روحَ رهيام (يادگيريون) قاضي خادم -/ 350 روپيا
    (68) سنڌ جون ڍنڍون(تاريخ، سياحت ۽ ماحوليات) عزيز رانجهاڻي (ختم ٿيل)
    (69) اندر اُڃ اُڪير(شاعري) اسير ڏاهري -/150 روپيا
    (70) فاني جڳ لافاني ماڻهو (سوانحي خاڪا) حميد سبزوئي -/250 روپيا
    (71) جو ئي آهيان سو ئي آهيان-امر جليل ترتيب: مختيار احمد ملاح-/300 روپيا
    (72) رُوبرو (جيون سنٻنڌي مضمون) ريٽا شهاڻي -/150 روپيا
    (73) سنت تريڪم صاحب (ڌرمي ڄاڻ) سهيڙيندڙ: راڻا رام چوهاڻ-/100 روپيا
    (74) پتڻ جون پُڪارون (شاعري) ع.غ. تبسم -/200 روپيا
    (75) رابيل مُکڙي (نثري ٽڪرا) محمد انور بلوچ -/180 روپيا
    (76) رِڻ تي چانڊوڪي (شاعري) ايوب کوسو -/200 روپيا
    (77) خوبصورت ادبی چہرے(ادبی شخصیات) محمد تقی راجپوت -/200 روپيا
    (78) پير اڃا مون پنڌ ۾ (يادگيريون) قاضي خادم -/500 روپيا
    (79) لڙيو پئي لاڙ تان سورج(اسٽوريز) امين ارباب -/150 روپيا
    (80) اُوچا پنڌ پهاڙ جا (آتم ڪٿا) عبدالستار ڪورائي -/200 روپيا
    (81) عُمر اوٺي اباڻن جا (خاڪا) عزيز گوپانگ -/300 روپيا
    (82) جهڙو ساٿ سُڳنڌ جو (شخصيت) مرتب: موهن مدهوش -/750 روپيا
    (83) خواب اکين ۾ پلجن (شاعري) اسير ملاح -/200 روپيا
    (84) ڳالهڙيون کُٽيون ناهن (يادگيريون) قاضي خام -/500 روپيا
    (85) ديس نماڻو ارڏا ماڻهو (ڪالم) محمد انور بلوچ -/180 روپيا
    (86) زيرِ عِشق پيشِ حُسن (خاڪا ۽ تاثر) عزيز گوپانگ -/250 روپيا
    (87) ريٽا شهاڻي ــ سنڌ هند جي ڪهاڻي (شخصيت) مرتب: موهن مدهوش -/300 روپيا
    (88) هٺ يوگي (ناول) تارا ميرچنداڻي -/300 روپيا
    (89) ادب جا معيار ۽ سنڌي ادب (تنقيدي مضمون) هيرو شيوڪاڻي -/250 روپيا
    (90) علمِ عروض (شاعري فن جو گيان) سترامداس ’سائل -/80 روپيا
    (91) سنڌ هيرن کاڻ (خاڪا) رسول بخش درس -/250 روپيا
    (92) سنڌ جون سون ورنيون دليون (هندو ليکڪ) پروفيسر عبدالستار بلوچ -/350 روپيا
    (93) سنڌ ۽ پاڪستان جو رياستي نظام (تحقيق) قاضي فضل سليمان -/350 روپيا
    (94) حياتِ ڪوثر (آتم ڪٿا) مرزا علي بخش ڪوثر -/100 روپيا
    (95) آجپي جي اُجري باک: محمد ابراهيم جويو تاج جويو -/150 روپيا
    (96) رقص منهنجي روح جو (شاعري) سجاد مهر -/200 روپيا
    (97) شاهه جو رسالو (بمبئي وارو ڇاپو) ڪلياڻ آڏواڻي -/600 روپيا
    (98) سعودي سعادت (حج جو سفرنامو) محمد خان جروار -/200 روپيا
    (99) ايلشبا (ناول) محمد انور بلوچ -/200 روپيا
    (100) پونا ايڪسپريس (سفرنامو) موهن مدهوش -/350 روپيا
    (101) پکا ۽ پنهوار، ڏٺي مون ڏينهن ٿيا (سنڌ جو سفرنامو) وينا شرنگي -/250 روپيا
    (102) اُساٽ (ناول) هري همٿاڻي -/150 روپيا
    (103) پوءِ به چنڊ اڪيلو (شاعري) زبير سومرو -/300 روپيا
    (104) ٽي ننڍا ناول (ناول) موتيلال جوتواڻي -/200 روپيا
    (105) ياد ياد هڪ زندگي (يادگيريون) قاضي خادم -/300 روپيا
    (106) ڪڏهن بهار ته ڪڏهن خزان (ڪهاڻيون) تارا ميرچنداڻي -/400 روپيا
    (107) ادبي سفر (مضمون، مقالا، افسانا ۽ شاعري) قاضي خادم -/400 روپيا
    (108) وڃايل وارث (ناول) ايوب کوسو -/250 روپيا
    (109) پهرين جنوري (ڪهاڻيون) انور ابڙو -/250 روپيا
    (110) اُجهاميو ٻَران (ناول) ظفر جوڻيجو -/300 روپيا
    (111) هاءِ وي (شاعري) موهن همٿاڻي -/300 روپيا
    (112) حشو ڪيولراماڻي: ..شخصيت (ساروڻيون) مدد علي سنڌي -/100 روپيا
    (113) ادبي سفر-ڀاڱو ٻيو (پيش لفظ، مهاڳ، تنقيد) قاضي خادم -/400 روپيا
    (114) گِنان شناسي (تحقيق: اساسي سنڌي ادب) ڊاڪٽر غلام علي الانا -/500 روپيا
    (115) درد جو سفر (ڪهاڻيون) عزيز ڪينجهرائي -250 روپيا
    (116)برف سی لڑکی (شاعری) جاوید سوز ہالائی -/150 روپيا
    (117) سنڌي لکت جا اصول (تعليم) پروفيسر رستم خاصخيلي -/130 روپيا
    (118) لڇمڻ ڪومل جا خط (خط) مرتب: رکيل مورائي -/150 روپيا
    (119) هئنگ اووَر (شاعري) فياض ڏاهري -/200 روپيا


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566292
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215653
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ