ڪتاب جو نالو: ري اسٽور ٿيل ماڻهپو
مصنف: ناشاد رحم علي
ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 05 آڪٽوبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 456 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 181 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ناشاد رحم علي جو لکيل ٻيو ناول آهي. علي آڪاش لکي ٿو:
”هن ناول جي ٻولي تشبيهن ۽ استعارن جي تازگيءَ سان ٽمٽار تخليقي ٻولي آهي، جيڪا پڙهندڙ تي وڻندڙ تاثر قائم ڪري ٿي. تنهن کان سواءِ ڪردار نگاري، مڪالمي، ماحول جي عڪاسي، احساسن ۽ لقائن جي جزئيات جو بيان ۽ ڪهاڻيءَ جي مرحليوار تعمير اهڙا عنصر آهن، جيڪي پڙهندڙ تي پنهنجي جڪڙ برقرار رکن ٿا. مجموعي طرح هيءُ ناول سچاين جي پاسداريءَ جو پيغام ڏئي ٿو ۽ اُهو سماجي سطح تي، بدعنوانيءَ، فردن وچ ۾ عدم سهڪار ۽ مفادن تي ڪُلي طرح ڀاڙيندڙ سماجي بين العمل جهڙن اوگڻن ڪارڻ ڀور جهور جي ور چڙهي ڪمزور ٿيندڙ سنڌ ۾ ڪن آدرشي ۽ مثالي ڪردارن کي تخليقڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اهڙا ڪردار جيڪي اصولن ۽ قدرن سان سلهاڙجي جيئن ٿا.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • علي آڪاش پاران
  • شوڪت حسين شورو پاران
  • پنهنجي پاران : ناشاد رحم علي
  • ناول

  • باب پهريون
  • باب ٻيو
  • باب ٽيون
  • باب چوٿون
  • باب پنجون
  • باب ڇهون
  • باب ستون
  • باب اٺون
  • باب نائون
  • باب ڏهون
  • باب يارهون
  • باب ٻارهون
  • باب تيرهون

  • ارپنا

    ارپيان ٿو



    * ٿري صحافت جي لازوال ڪردار کاٽائو جاني ،

    * ڏکن سکن ۾ کٽو مٺو گڏ کائيندڙ دلبر دوست فقير منور ساگر،

    * محسن دوست ۽ مٺڙي ماڻهو مصطفا هنڱورجي ،

    * خلوص جي خوشبوءُ سان وجود واسيندڙ دوست پرڪاش ڪرماڻي ،
    ۽
    * هيڪلن لمحن ۾ بلائن جا مٿا گڏگڏ لتاڙيندڙ يارڙي وفا جاني موسيپوٽي کي.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ري اسٽور ٿيل ماڻهپو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ناشاد رحم علي جو لکيل ٻيو ناول آهي. علي آڪاش لکي ٿو:
    ”هن ناول جي ٻولي تشبيهن ۽ استعارن جي تازگيءَ سان ٽمٽار تخليقي ٻولي آهي، جيڪا پڙهندڙ تي وڻندڙ تاثر قائم ڪري ٿي. تنهن کان سواءِ ڪردار نگاري، مڪالمي، ماحول جي عڪاسي، احساسن ۽ لقائن جي جزئيات جو بيان ۽ ڪهاڻيءَ جي مرحليوار تعمير اهڙا عنصر آهن، جيڪي پڙهندڙ تي پنهنجي جڪڙ برقرار رکن ٿا. مجموعي طرح هيءُ ناول سچاين جي پاسداريءَ جو پيغام ڏئي ٿو ۽ اُهو سماجي سطح تي، بدعنوانيءَ، فردن وچ ۾ عدم سهڪار ۽ مفادن تي ڪُلي طرح ڀاڙيندڙ سماجي بين العمل جهڙن اوگڻن ڪارڻ ڀور جهور جي ور چڙهي ڪمزور ٿيندڙ سنڌ ۾ ڪن آدرشي ۽ مثالي ڪردارن کي تخليقڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اهڙا ڪردار جيڪي اصولن ۽ قدرن سان سلهاڙجي جيئن ٿا.“
    هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري ناشاد رحم عليءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    علي آڪاش پاران

    سنڌي ادب ۾ ناول جي کوٽ ۽ ان کوٽ جي پورائي جي خواهش جو اظهار ٿيندو پئي رهيو هو. پر گذريل ٻن ٽن ورهين ۾ سنڌ ۾ ايترا ناول لکيا ويا آهن جو اُنهن علم دوست حلقي جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ شروع ڪيو آهي. سنڌي ناول جي اها هاڻوڪي ترقي سٺو سنئوڻ آهي، ان جو مطلب اهو آهي ته سنڌي سماج جو تخليقي روح هاڻي پاڻ کي اڳي کان وڌيڪ پيرائتي ۽ ڪشادي نموني اظهارڻ گهري ٿو. توڻي جو انهن ناولن جي معيار پرکڻ جي ڪٿ اڃا ڪئي وڃڻي اهي. بهرحال شاعري ۽ ڪهاڻيءَ جي تخليقي کيترن ۾ ڪامياب اڳڀراين کان پوءِ سنڌي ناول لکجڻ جي هيءَ تازي لهر، سنڌي ادب کي سمپورن صورت ڏئي رهي آهي.
    ناول جي ترقيءَ جو ڪم نثر نويسن جي ذمي آهي. سنڌ ۾ سهيوڳي ادبي دنيا ۾ حسين ۽ تخليقي نثر لکڻ وارن ۾ ناشاد رحم عليءَ جي به ڳڻپ ڪئي وڃي ٿي. "ري اسٽور ٿيل ماڻهپو" سندس ٻيو ناول آهي. سندس پويون ناول "هينئڙو ٻه اڌ" پڙهندڙن وٽان سهڻي موٽ ماڻي چڪو آهي. هن ناول جو بنيادي موضوع سماجي جبر آهي، جيڪو مخصوص حالتون پيدا ڪري، فرد کي پنهنجي گهرج يا پُورت جو ٻارڻ بڻائي ٿو ۽ فرد رائج سماجي ۽ ثقافتي قدرن کان ڇڄي، داخلي ڀڄڊاهه مان گذري ويڳاڻو ٿي وڃي ٿو. هن ناول ۾ فرد جي اهڙي ڀٽڪڻ يا گمراهه ٿيڻ جو غالب معروضي ڪارڻ اين جي اوز جو رنگين ۽ آسائشن ڀريو ڪلچر ڄاڻايو ويو آهي، جيڪو سنڌ ۾ گذريل ٻن ورهين ۾ نسري نروار ٿيو آهي. ناول جو مک ڪردار هڪ سادي ۽ سک ڀري سماجي حالت ۽ حيثيت ڇڏي اين جي او ڪلچر ۾ گهڙي ٿو، ناجائز دولت ڪمائي امير بڻجي وڃي ٿو ۽ ويجهن رشتن کان پرڀرو ٿي وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح هڪ سهولتن ڀري پر مصنوعي زندگي گذارڻ لڳي ٿو. ان اڻ وڻندڙ حالت مان کيس ويجها رشتا ئي ڪڍي اچن ٿا ۽ هو هڪ ڀيرو ٻيهر انهن ويليوز ڏانهن واپس وري ٿو، جن م ڪنهن وقت جيئندو هو. ناول ۾ روايتي محبت جو ٽڪندو موجود آهي پر ناول نگار ان تي گهڻو نه ڀاڙيو آهي. اين جي اوز جي سماجي خدمت جي دعوا جي آڙ ۾ سماجي دُڪانداري ڪرڻ جهڙي سنڌي سماج ۾ موجود معروضي حقيقت سان گڏ، ناول نگار ٿر ڪول رٿا جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ دربدري ۽ انساني المين کي هن تخليق ۾ اثرائتي انداز ۾ جائتو ڪيو آهي. اهو مامرو پڻ هلندڙ دؤر ۾ ٿرواسين لاءِ هڪ وڏو چئلنج آهي، جنهن جي ڪري سندن لائيولي هُڊس ۽ ثقافتي اسيٽس داءَ تي آيل آهن. ان حساب سان جاچبو ته هيءُ ناول ڪو ماورائي قصو ناهي پر زمين تي ۽ خاص طور سنڌ جي ٿر واري ڀاڱي ۾ موجود سماجي اٿل پٿل، بيچينيءَ توڻي ويجهڙ ۾ پيدا ٿيل ناڪاري معاشرتي لاڙن جو هڪ دستاويزي مظهر آهي.
    هن ناول جي ٻولي تشبيهن ۽ استعارن جي تازگيءَ سان ٽمٽار تخليقي ٻولي آهي، جيڪا پڙهندڙ تي وڻندڙ تاثر قائم ڪري ٿي. تنهن کان سواءِ ڪردار نگاري، مڪالمي، ماحول جي عڪاسي، احساسن ۽ لقائن جي جزئيات جو بيان ۽ ڪهاڻيءَ جي مرحليوار تعمير اهڙا عنصر آهن، جيڪي پڙهندڙ تي پنهنجي جڪڙ برقرار رکن ٿا. مجموعي طرح هيءُ ناول سچاين جي پاسداريءَ جو پيغام ڏئي ٿو ۽ اُهو سماجي سطح تي، بدعنوانيءَ، فردن وچ ۾ عدم سهڪار ۽ مفادن تي ڪُلي طرح ڀاڙيندڙ سماجي بين العمل جهڙن اوگڻن ڪارڻ ڀور جهور جي ور چڙهي ڪمزور ٿيندڙ سنڌ ۾ ڪن آدرشي ۽ مثالي ڪردارن کي تخليقڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اهڙا ڪردار جيڪي اصولن ۽ قدرن سان سلهاڙجي جيئن ٿا. ناول نگار اهڙن ڪردارن جي تخليق ۾ صنفي توازن کي برقرار رکيو آهي يعني سنڌي سماج جي حقيقي ۽ مثالي اوسر لاءِ مرد توڻي عورت کي هڪ جيتري اهميت سان پيش ڪيو آهي. ان حساب سان ناول نگار اهڙي سماجي صورتحال کي اظهاري ٿو، جيڪا سنڌ ۾ ايندڙ ڪنهن زماني ۾ پيدا ٿيڻي آهي.

    ـــــ علي آڪاش


    شوڪت حسين شورو پاران

    جڏھن اها ڄاڻ پئي هئي ته ٿر جي پيٽ ۾ اڻ ميو ڪارو سون آھي، تڏھن خوشيءَ وچان ڀانيو ائين پئي ويو ته ھاڻ ٿر ۽ ٿرين جا ڀاڳ اجهو ٿا جاڳن . سندن ڏکيا ڏينهن ختم ٿيڻ وارا آھن - ڪاري ڏڪار مان هميشه لاء جان ڇٽي ويندي، ماروئڙن جي زندگي مان صدين جا ڏنجھ ڏولاوا ڏور ٿي ويندا… ٿر جي مسڪين ماروئڙن کي اها پروڙ پوء پئي ته سندن آسائتين اکين ۾ ڪاري ڪوئلي جي دز ڀرڻ جا سانباها پيا ٿين! ثقافتي رنگن سان ڀريل خوبصورت ٿر جي فضا ڪوئلي جي ڪاراڻ ۾ ڪاراٽجي ويندي. ڀٽون ته سندن ڀينرون بلڊوزرن جي ور چڙھي وينديون . سندن ڳوٺن، اباڻن اجهن کي ڍاهي پٽ ڪري کين دربدر ڪيو ويندو . مڪاني ماروئڙن کي روزگار سان لڳائڻ بدران ٻاهران ڌارين جي لوڌ اچي ٿر ۾ والار ڪندي. هڪ طرف ڪارو ڏڪار ، ان ۾ اين جي اوز وارن جي ڦرلٽ ٻئي طرف ڪوئلي جي ڪري ٿرين جي دلين ۾ پيدا ٿيل اونڌاهي آئيندي جا ڊپ …!
    ناشاد رحم علي پنهنجي نئين ناول ”ري اسٽور ٿيل ماڻهپو“ ۾ ٿر جي موجوده توڙي آئينده پسجندڙ صورتحال جون سموريون ڳنڍيون کولي ڇڏيون آھن. ٿر جي سهڻي ثقافتي زندگي جي تشبيهن استعارن جي جڙاءُ سان تجنيس حرفي واري خوبصورت ٻولي سميت ڪردار نگاري جي ڪاريگري واري اڻت جو هي ناول سنڌي ادب ۾ هڪ اهم واڌارو آھي. ناول جي صنف جيڪا بانبڙا پائي رهي هئي سا لڳي ٿو هاڻي پيرين سيرين ٿي وئي آھي. ناشاد رحم علي جو هي ناول ان ڳالهه جي ساک ڏئي ٿو.

    ---- شوڪت حسين شورو


    پنهنجي پاران : ناشاد رحم علي

    ڪي سوال سامهون رکي لکيل ناول؟!
    هونئن ته هن ناول ۾، هڪ دؤر جي
    ڳوٺاڻي زندگي ڏيکاريل آهي، جنهن ۾ ماڻھن کي داڻي پاڻيءَ جي اڻهوند سان گڏ بدليل ترجيحن ۽ اوليتن جي تپش به ماري ٿي. ان ڪري ئي هن ناول ۾ شروع کان آخر تائين، قلم کي اُماڙي بڻائي جلاوطن بڻجي پيل انسانيت جي خوشبوءُ ۽ سچ دوست چانڊوڪين جا پيرا کڻڻ جي ڪوشش جاري رهي ٿي. انهي دوران ئي هن ناول جو اهم ڪردار دلبر، زماني جي اوڀارين لهوارين ۾، پنهنجو اصل فطري روپ بدلائي مروج ڪميڻي ڪلچر جو حصو ٿي پوي ٿو! مگر بيهوش ضمير جي جاڳ ۽ سلڇڻي زال سهيند جي مدد سان، کوکلي موبائيل فون جھِڙي وجود ۾ ماڻهپي کي وري بحال ڪري وٺي ٿو. انڪري ئي هن ناول جو نالو ”ري اسٽور ٿيل ماڻهپو“ ٿي پيو آهي. ناول جا ڪردار مجموعي طور، سنڌ ۾ ٻن مختلف دؤرن ۽ سوچن جي ٽڪراءُ ۽ رؤين جي تصادم سبب زخمي ٿيندڙ پاريهر پکين جهڙن قدرن جي ويڳاڻپ به ظاهر ڪن ٿا، جن لاءِ پڇ ڍائي ذهنيت، محبتن جو ڏڪار ۽ قول عمل جو تفاوت گُليل بڻجي ٿو!
    ڇا انسان لاءِ سازگار معاشرتي رؤيا به ايترو ئي ضروري آھن، جيترو کاڌو ۽ ننڊ ؟!
    ڇا اسان جي ملڪ ۾ قول۽ عمل جو فرق ماڳهين سڀني مسئلن جي پاڙ ته ناهي؟!
    سول سوسائٽيءَ جا دعويدار ۽ ڌرتيءَ جون زباني توڻي قلمي پچارون ڪرڻ وارا مورڳو خطرناڪ جراثيم ته ناهن، جن کي عام اک سان ڏسڻ مشڪل آھي!؟
    ڇا جيئري به انسان جُوڻ مٽائڻ جي پريڪٽس ڪري سگهي ٿو؟!
    ڇا انسان جي سُٺائيءَ لاءِ عالم ۽ جاهل جي روايتي تصورن تي نظرثانيءَ جي ضرورت ته ناهي؟!
    ارتقا جو قانون چوي ٿو ته رهڻي ڪهڻي تبديل ڪرڻ لاءِ جاندارنکي پنهنجي جسامت به تبديل ڪرڻي پوندي ، جيئن نوريئڙي کي ڪوئي جي ٻر ۾ رهڻ لاءِ ٽنگون، پُڇ ۽ طوطي کي عمارتن ۾ آکيرا ٺاهڻ لاءِ رنگ جي تبديلي ضروري آھي، پر انسان لاءِ ايئن ڪرڻ ڪيترو مشڪل آھي؟!
    شھري ۽ ٻھراڙيءَ جي سوچ ۾ بنيادي فرق ڪهڙو آھي؟!
    ڇا محبت ۾ اهو ڪرشمو ناهي ته اها ڪنهن کي ڊگريءَ بنا به عالم ٺاهي ڇڏي؟!
    انساني عملن تي عقيدي کان وڌيڪ فطري خود غرضي ڇو اثرانداز ٿيندي آھي؟!
    اهي ئي بنيادي سوال هئا، جن کي سامهون رکي مون هي ناول لکڻ شروع ڪيو هو. پر اسٽوري لائين ڪجهه اهڙي هئي جو، ٿر ۾ ڪوئلي سبب امڪاني لڏپلاڻ، ڏڪار ۾ مرندڙ ٻارن ۽ يرغمال بڻايلڇوڪريءَ جهڙي مظلوم تاريخ، رڻ ۾ رهجي ويل گونگن ٻارڙن جيان بار بار مونکي اشارا ڪري، پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏياريو!
    ڪهاڻيءَ جي لوڪيشن، ڪردارن جي گُهرج، قلمي ڪوتاهي يا ڪنهن ٻي سبب ڪري، ٿي سگهي ٿو مونکان مٿين سوالن سان مڪمل انصاف ڪرڻ رهجي ويو هجي!
    هن ڪتاب جي ڇپائي وارن مرحلن دوران جن پيارن ماڻهن جو سهڪار شامل رهيو تن ۾ شامل آهن، ارباب خدا بخش، ولي محمد موسيپوٽو ، سڪندرعلي اوٺو، خان محمد آٿلو ، جاويد موسيپوٽو، عبدالحڪيم پلي، هاشم گل مڱريو ، شاهد ميراڻي ، الله ڏنو هالاڻي، ارباب علي نهڙيو، سندن ٿورا.

    -ناشاد رحم علي
    ملهي جو تڙ ، ٿر
    7/11/2016


    ناول

    باب پهريون

    صبح جي ٿڌڙي هير گهلي رهي هئي. دلبر ڀٽ جي چوٽيءَ تي، ٿڌي ريٽ تي ويهي، فون سگنلز جي اچڻ جو منتظر هو. راتوڪي رات جي ڪنهن پهر ۾، سندس بستري تي رکيل موبائل سيٽ ۾، ڪنهن سازگار هوا جي جهونڪي تي آيل سگنلز وسيلي ايڊوڪيٽ ملوڪ جو ميسيج مليو هئس:
    ”رينج ۾ اچي مونسان ڳالهايو“
    هن جي ڳوٺ ۾ عام جام ڪنهن نيٽ ورڪ جا سگنلز نه هئا. گهرن ڀرسان ڀٽ مٿي هڪ مخصوص جاءِ تي سگنلز ايندا هئا. پر اڄ ته هتي به ڪونه هئا، شايد لاڳاپيل ٿنڀي مان ئي ويل هئا. بي آسرا انتظار جي تلخي کان بچڻ لاءِ هن ويل وقت ۾ جهاتي پاتي:
    هن ئي ڳوٺ جي رستن تي، هن جون معصوم شرارتون واريءَ جي وڇاڻن ۾ سُتل هيون. هنن ئي پٽن تي هن جي ٻالڪپڻ جي ٽھڪن جا پوپٽ، اڪن جي نيرين ڦُلڙين تي ڦِري رهيا هئا. اڌ ۾ رهجي ويل هن جي ڪيترين ئي راندين جا پاڇولا، اڃان تائين پاريهر پکين جيان لامن تي لُڏي رهيا هئا. ڳوٺ ۾ ڪُٽل ڪتن جا ڪوڪاٽ، ڄڻ ڪالهُوڻي ڪالهه جي ڳالهه ھُئي. ڳوٺاڻي کوھ جي ڀوڻ جي ڦِرڻ جو آواز، اڃان به ڪڏھن ڪڏھن جمالياتي ڪيفيتن ۾ ساروڻين جي هٿن سان، دل جي ٻير ڌُوڻي جذبن جا ڳاڙھا ٻير ڇاڻي وجهندو هو. وٿاڻن ۾ ڏُڀندڙ کٽر ڀٽارين جي لتن، اواڙن تي آيل مورن جي جٿن، ڌنارن جي کٿن، پاڻيارين جي هٿن، گُڏين کي پارايل ڳٽن ۽ جهرڪيون جهلڻ لاءِ ڏنل جَهٽن تائين، ھن جون سمورو ننڍپڻ، هن بستيءَ جي بدن تي سارون-سارون وکريل هو! جڏھن به هن جو جوڳيئڙو-من، ساروڻين جي پلر پاڻيءَ مان وهنجي ٻاهر نڪرندو هو، ته ڪي يادون دير تائين ڦُڙو ڦُڙو ٿي ڦُڙڦُڙ ٽِمنديون هُيون!
    هن سکي ستابي گهر ۾ جنم ورتو هو. پاڻ والدين جو اڪيلو اولاد هو، تنهنڪري چاڳ، واڳ ۽ پاڳ جا سمورا شان ۽ مان سندس حصي ۾ آيا هئا. انهن جا رنگ روپ جيترا هوشرُبا هئا، انهن جون زميواريون به اوتريون ئي آلي بُنڊ جيان ڳريون هُيون. سندس والد جي چڱي چوکي زمين هئي. چوپائي مال جا ولر، ڌنار چاريندا هئا ۽ ٻيا ماڻھن کي ڀائيواريءَ تي ڏنل هئا. دلبر پوڙھپڻ جو پٽ هو. جڏھن شعور سنڀاليائين ته سندس والد جو آخري وقت اچي چڪو هو.
    وفات کان اڳ ھن جي والد سوين ماڻھن اڳيان کيس راڄن ڀاڳن جي پارت ڪئي هئي. اهوئي ڪارڻ هو جو، هن نه چاهيندي به سياست جي ٻھروپي ڪاڪ محل جا پنڌ ڪيا هئا، جتي ناتر جهڙن ٺڳ ماڻهن سان اٽڪي هن ڪيترا نقصان کاڌا هئا، ڪيترا دوکا کاڌا هئا، ان ليکي چوکي واري چوپڻي ته هن گهڻو اڳ ڦاڙي ڇڏي هئي.
    ماڻھن جي ننڍن وڏن مسئلن جو سڌي يا اڻسڌي طرح سياست سان تعلق هو، ان ڪري هن هڪ پارٽيءَ سان لھ وچڙ رکي هئي. پر اتي مقامي سطح جا وڏيرا، ان ڪري مٿس ڏمرجي پيا هئا، جو هن دل جي آڱر جهلي سياست ڪرڻ چاهي هئي. هن جو پهريون تصادم انهن ماڻھن سان ٿيو هو، جيڪي ڀورڙن ماڻھن کي هڪٻئي سان ويڙھائي، سندن خيرخواھيءَ جو ڊرامو ڪري، ڪامورن کي سرچائڻ، گاڏين جا تيل ڀرائڻ ۽ کائڻ پيئڻ جي خرچن تائين کانئن گهڻو ڪجهه وصول ڪندا هئا. دلبر ته ذاتي خرچن تي ٻين جي مدد ڪندڙ ماڻھو هو. هن کي ڏسي لڳندو هو ته سياست جي سيني ۾ نه رڳو دل هئي، پر اها ڌڙڪي به ٿي!
    آسپاس جي ماڻھن جڏھن ٻُڌو ۽ اکين سان ڏٺو ته دلبر نه رڳو ذاتي خرچن تي ماڻھن جي سياسي، سماجي ۽ قانوني مدد ڪري ٿو، پر هيڻن سان حرڪتون ڪندڙ سگهن ماڻھن سان ھٿيار کڻي وڙھڻ کان به نٿو هٽي، تڏھن ٻين به ڪيترن ئي بيسهارا ماڻھن هن جي اوطاق جو رُخ رکيو هو. ۽ اهوئي وڏيرن لاءِ ڳاڙهو سگنل هو!
    وڏيرا شاهيءَ جي ٿري مزاج ۾ ھٿيار کڻي وڙھڻ بدران سازش ۽ اٽڪلبازيءَ جو عنصر نمايان آھي. ان ڪري سندس گروپ جي وڏيرن پهريان ته هن خلاف مٿڀري قيادت وٽ پروپيگنڊه جو هٿيار استعمال ڪيو. عوام جي روپ ۾ پنهنجن ڇاڙتن کي دلبر جي شڪايتن جا سبق پڙھائي مٿڀرن وٽ موڪليو. انهن وٽ ٿيندڙ جرڳن ۾ دلبر جي ساٿين سان ناانصافي ڪرائڻ خاطر پري پري جي سندن پيالي ڀائي وڏيرن کي به ساڳي تاريخ تي ڪنهن بهاني اتي موڪليندا هئا. جيڪي بظاهر غير جانبدار ٿي ڪمينٽ ڪندا هئا، پر اصل ايجنڊا سندن سنگتين جي هوندي هئي، وڏا ماڻھو هوندا ئي پرايا ڪن آھن! پر دلبر پڙھيل لکيل قسم جو ماڻھو هو. پنهنجي ڳالهه دليل ۽ باريڪين سان ڪچهريءَ ۾ کولڻ جو آرٽ کيس ايندو هو. جلد ئي هن مٿئين قيادت وٽ وڏيرن جي ڪرتوتن جا بکيا اُڊيڙڻ شروع ڪري ڇڏيا. سندس گروپ جا وڏيرا ڪجهه ڪجهه محتاط مس ٿيا ته اقتداري پارٽيءَ جي مقامي وڏيرن لاءِ پڻ دلبر جو وجود خطري جي گهنٽي بڻجي پيو.
    ٿر ۾ اقتدار کان ٻاهر ووٽ بينڪ بچائڻ بنھ ڏکيو آھي! جنهن جي اثر ۾ ڪجهه ووٽ ھجن، تپيدار جي چالبازيءَ سان سندس زميني ريڪارڊ ۾ هير ڦير ڪجي، ٻه ٽي اين سيون ڪٽائجن. چند ٻيا هلڪا ڦُلڪا نسخا آزمائجن. آفيسن جا چڪر، آفيسرن جا اوسيئڙا ۽ ڪلارڪن جا مطالبا! پاڻھين کيس اقتداري وڏيري وٽ وڃڻ لاءِ مجبور ڪندا، پر جيڪڏھن وڌيڪ مٿي ڦريو هوندو، ته به هڪ اڌ ايف آر سان الهو تلهو چٽ ڪري پاڻھي سڌو ٿي ويندو. سندس حالت ڏسي ۽ ٻُڌي ٻيا غريب پاڻھين اقتداري پارٽيءَ ۾ اچڻ جو اعلان ڪندا، جيئن چڙھيل پارٽيءَ جا مزا نه ملن، تڏھن به انتقامي ڪارواين کان ته بچي سگهجي. اهوئي آزمايل نسخو، دلبر ۽ سندس ساٿين خلاف استعمال ٿيڻ لڳو. پر دلبر نه رڳو پاڻ مڙس ماڻھو ٿي مقابلو ڪيو ۽ ساٿين سان ڏک سک ۾ ھمقدم ٿي هليو پر سندن ڪيسن جا خرچ به پاڻ ڀرڻ شروع ڪيا. جيئن کين ڪو ڪوسو واءُ نه لڳي. هونئن به هن محسوس ڪيو ته ظالم دؤر ۾، جيڪي ماڻھُو سموريون اقتداري مراعاتون ٺڪرائي، ساڻس گڏ بيٺل هئا، تن جي وفا جي قيمت پئسي کان گهڻي مٿاهين هئي. دلبر ته هونئن به فطري طور قربانين جو قدردان ۽ سون جون ڪاتيون بيٺ بدران پيٽ ۾ ھڻندڙ ماڻھُو هو!
    سندس ئي پارٽيءَ جي وڏيرن وري نئون فارمولا استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. پنهنجن ڪن همراهن کي اقتداري پارٽيءَ ۾ موڪلي دلبر ۽ سندس ساٿين خلاف نوان محاظ کولرايا ويا، پر دلبر اتي ئي اٽل بيٺو رهيو، جتي سندس ضمير کيس بيهاريوهو. ڪيس ڪرڻ وارا ٿڪجي پيا، پر هُو ڪون ٿڪو! جٿن ۽ ھجومن کان وڌيڪ فرد جي ثابت قدمي پائيدار هوندي آھي، دلبر ان جو مثالي نمونو هو!
    اقتداريءَ پارٽيءَ طرفان هن لاءِ ھاڻ خاص پيڪيج اچڻ لڳا، ڇوته هن حيرت انگيز طور نه رڳو سڀ سور سر تي سهي، حمايتين ۽ ساٿين جو ويساھ سلامت رکيو هو، پر ان تعداد ۾ واڌارو به ٿيو هو. جڏھن ته سندس گروپ جا مخالف وڏيرا هاڻ ڇُٽل ڪارتُوس ٿي رهجي پيا هئا.
    ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪجهه وڃائڻو به پوندو آھي. پر دلبر ته گهڻو ڪجهه وڃائي ڇڏيو هو. ڪيسن جي خرچن ۾ هن جو اسي سيڪڙو چوپايو مال کاڄي کپي ويو هو. ويتر ڪجهه سالن کان آيل ڏڪارن هن جي زمين واري آمدني بند ڪري ڇڏي هئي ۽ بچيل مال جي پيداوار تي پڻ منفي اثر پيو هو. ان معاشي ڏيوالپڻي جو هڪڙو ئي حل موجود هو ته هُو اقتداري پارٽيءَ ۾ شموليت جو اعلان ڪري. ٺيڪا کڻي، حصي ۾ مليل نوڪريون وڪڻي ۽ پاڻ کي مارڪيٽ سان اپ ڊيٽ رکي! پر ايئن ڪرڻ ھن کي ڪُڌو ڪم لڳو. هن سدائين جائز ذريعن سان روزي حاصل ڪئي هئي. لالچ ۽ ھٻڇ کي هڪلي پاڻ کان پري ڪيو هو. گهڻو ڏسي سَرهو ٿيڻ ۽ ٿورو ڏسي ارهو ٿيڻ هن جي سرشت جو حصو ڪون هو.
    هن کي شدت سان محسوس ٿيو ته هو مروجه سياست لاءِ موزون ماڻھُو نه هو. ان ڪري هن سياست کي الوداع چوڻ جو فيصلو ڪيو. هن چاهيو ته هُو وڏو پروگرامرکي ”ننڍن وڏن” ۽ سنگتين ساٿين کي ڪوٺائي سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري. پر ايئن ڪرڻ سان ته گهڻگُھرا مايوس ۽ مٺگُهرا خوش ٿي نيون سازشون سٽي سگهيا ٿي، ان ڪري هن سياسي ۽ سماجي معاملن کان ڪناره ڪ
    شي ڪري اين جي اوز ۾ نوڪري ڪرڻ جو ارادو ڪيو. هن وٽ ماسٽر ڊگري موجود هئي. پر هو ڪنهن به اين جي او ۾ اگهامي ڪون سگهيو. ڇوته هن جي هڪ سڃاڻپ بيباڪ قلمڪار واري به هئي. سماج سڌارڪن ۽ قلمڪارن کان کيس وڏي شڪايت اها هئي ته انهن وٽ قول ۽ عمل جو تضاد موجود هو ۽ اهي ادب، صحافت، سياست ۽ سماجي خدمت وغيره جي نالي ۾ عوام سان ويساھ گهاتيون ڪري رهيا هئا. دلبر ان حوالي سان غير مصلحتي انداز ۾ اُگهاڙي تلوار ٿي لکيو هو ۽ گهڻا مخالف پيدا ڪري وڌا هئا. هن جا وڌيڪ مخالف اهي هئا، جن خاصڪري ٿر ۾، ادب، صحافت، سماجي خدمت ۽ سول سوسائٽيءَ وغيره جي نالي ۾ لابيون ٺاهي رکيون هيون. اهي ٽولا اسٽيجن، ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ انتظاميہ تائين هرهنڌ اثرانداز هوندا هئا. گهڻو ڪري وطن پرستيءَ جو وِرد ڪندا هئا، پر پنهنجي عمل سان وطن جا وڏا ويري پاڻ ھئا. بظاهر وٽن عوامي مفادن جون ڳالهيو هيون، پر ان آڙ ۾ ذاتي مفادن جا سڀئي ليڪا لتاڙي ويندا هئا. سندن خيال ۾ انسانيت جا سڀئي واعظ ٻين تي لاڳو هئا ۽ پاڻ ان جنجهٽ کان آجو هئا! شاھ لطيف جا بيت زيرزبر سميت اکراکر صحيح اُچارڻ جي اشتهار بازي ڪندا هئا، پر ڀٽائيءَ وارو انسان ڪامل ٿيڻ کان انهن کي الرجي هئي! گوتم جو گيان ۽ ساميءَ جا سلوڪ به سندن ڏيکارڻ واري ٻٽيءَ جا ڏند هئا! سمورين سڻڀين جڳهين تي قبضو ڪرڻ بعد انهن ٿري تاريخ سان هٿ چراند به شروع ڪري ڇڏي هئي. ڪن پنهنجا قلمي مفتي تيار ڪيا هئا، جيڪي سندن سالگراه اچڻ يا ساڻن ملهايل شامن ۾ کين زيرو مان هيرو ٺاهي رهيا هئا. ته ڪي وري پنهنجن مرحوم رشتيدارن کي ٿر جا معمار ۽ عظيم انسان قرار ڏيارڻ لاءِ ورسيون ملهائي رهيا هئا. ٻاهر جي قلمڪارن کي ٿر گهمائي، مهمانيون ڪري، ڪوڙا قصا ٻُڌائي، من پسند ليک لکائڻ به سندن باسليقہ ذوق جو زيور هو!
    دلبر ٻُڌو هو ته پئسي سان سمورا سک ملي پوندا آھن. عزت ۽ شھرت جو حصول ممڪن ٿي پوندو آھي. حج حاصل ڪري گناھ ڌوئي سگهبا آھن. پر سچو پيار ۽ تاريخ پئسن سان تيار نٿا ٿين. پر هاڻ هن ڏٺو ته دولت ۽ دماغ سان تاريخ تي ليبل لڳائڻ به ممڪن هو. موجودھ پيڙھيءَ جا مفروضات ايندڙ نسلن وٽ مسلمات مڃجڻ مسئلو نه هو!
    دلبر ريڊيو پاڪستان مٺيءَ تي هڪ هفتيوار پروگرام ڪمپيئر ڪندو هو. هن جي پروگرام جي بيتحاشہ مقبوليت کان جلندڙ سندس مخالفن اتي به سندس خلاف سازشون سٽيون پر هڪ ته اهو وفاقي ادارو هو، جنهنڪري سندن سازشن رنگ ڪون لاتو ٻيو وري ريڊيو، همراهن لاءِ نسبتن نئين شيءُ ھو، جنهنڪري اڃان اتي ڪوبه مقامي پروڊيوسر يا اسٽيشن ڊاريڪٽر نه آيو هو. ان ڪري سندن جانٺو نٿي لڳو. البته ڪمپيئرن ۽ ٻي هيٺئين عملي ۾ ھنن پنهنجا ماڻھو مقرر ڪرايا هئا. جن جهڏي ۽ ٻين بئراجي علائقن مان ڪمپيئرنگ لاءِ ايندڙ ماڻھن کي غير مقامي چئي رستا روڪ ڪرڻ لاءِ، انتظاميہ تي دٻاؤ وڌو هو. جيئن اُنهن جي اهليت سان مقابلابازيءَ ۾ سندن نااهل سنگت جو پوتاميل پڌرو نه ٿي پوي! سنڌ جي اندر نئين سنڌ ٺاهڻ ۽ فن جي وچان علائقائي حدون اڏڻ وارن ۾ نالي چاڙھيل شاعر، اديب ۽ صحافي شامل هئا، پر دلبر مٺ جيترن دوستن سان گڏ ان عمل جي مخالفت ڪئي هئي.
    ھن کي ريڊيو ڇڏائڻ لاءِ سازشن جا ڪيئي ڪنڊا وڇايا ويا، پر هن کي ريڊيو ٻُڌندڙن جون محبتون هر هفتي ريڊيو تي ڇڪي اينديون هيون. سمورا مسئلا، سموريون مصروفيتون سمهاري، هُو هر هفتي پروگرام ڪرڻ ڳوٺان مٺيءَ ايندو هو. جڏهن سياسي ڪيسن ۽ ڦڏن ۾ گهڻو ڦاٿل هو، تڏھن ڪجهه وقت لاءِ ريڊيو ڇڏيو هئائين. پر ٻُڌندڙ جون هُجتي فرمائشون کيس وري ريڊيو تي وٺي آيون هيون. مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل ڪيترن ئي خطن ۾، هن سان پُرستاراڻي پيار جي اظهار طور ريڊيو تي وري سندس واپسيءَ جو مطالبو ٿيل هو. هڪ خط کيس گهڻو هرکايو هو. اهو خط اداس نازبوءُ نالي ڪنهن لسنر جو هو. جيڪو يا ته ڇوڪرو هو ۽ نسواني طبيعت کان مجبور ٿي، هن خط لکيو هو يا وري حقيقت ۾ ڇوڪري هئي، جيڪا دلبر جي مداح ھئي. ان خط ۾ دلبر کي مداح واري محبت کان به ڪجهه اڳتي نظر آيو هو، جنهن ۾ محبتن، ميارن، هجتن، ۽ التجائن جي آميزش ۾ اٽڪيل مينهن-ماماڻن جهڙن نفيس جذبن جي جرڪنا هئي، جنهن کي اظھار جي مڌ ۾ ملائڻ کان وڌيڪ احساس جي آئيني ۾ سمجهڻ آسان هو!
    دلبر ان خط جو جواب ساڳي رسالي ۾ لکيو هو. پر هن کي اهو پتو پئجي نه سگهيو هو ته اداس نازبوءُ ڪير هئي؟ڪٿان جي هئي ۽ ساڻس سندس سٻنڌ پويان ڪهڙو جذبو ڪار فرما هو!
    دلبر جي ماءُ ننڍي هوندي ئي گذري ويئي هئي. سندس پيءُ مرڻ کان مهينو اڳ، پنهنجي منشا موجب هن جي شادي ڀرواري ڳوٺ مان ڪرائي هئي. جنهن مان کيس ٻن پٽن جو اولاد هو. هن جي زال سُھيند سڄو ڏينهن ٻار سنڀالڻ ۽ گهر جي ڪم ڪار ۾ رُڌل هونديهئي. نه ڪڏھن دلبر هن سان ڳل ڳراٽي پائي ڳالهيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ نه ڪڏھن هُن اهڙي خواهش جو اظھار ڪيو هو. دلبر جون جبلي گُھرجون ڪڏھن ڪڏھن ڪجهه وقت کيس سُهيند سان گڏ سمهڻ تي مجبور ڪنديون هيون. هڪ طرفيون حرڪتون پڄاڻيءَ تي پڄنديون هيون، تڏھن دلبر ٻه ٽي ڊگها ساھ کڻي پنهنجي بستري تي اچي ليٽندو هو. ڪتابن ۾ پڙھيل ڀرپور جنسي تجربا، هن ٻاهر جي ٻنين ۾ ڪيا ها، پر سُهيند لاءِ هن وٽ رتيءَ برابر پتي نه هئي!
    ڪامياب ازدواجي زندگيءَ متعلق هن انيڪ ڪتاب پڙھيا هئا، پر ان مان ڪي به اصول هن پنهنجو پاڻ تي لاڳو نه ڪيا هئا. شايد ان جو هڪ سبب ٻنهي ۾ خيالي ھم آھنگيءَ جي اڻھُوند هو. جڏھن ته ٻيو سبب ٿري عورت ۾ سَتيءَ کان سُھاڳ تائين، ورن سان وفائن وارو موروثي تصور هو، جنهن تحت مڙس سان گڏ مرڻ جيئڻ لاءِ ٿري عورت مارئيءَ جيان ايتري سادي، ثابت قدم ۽ لالچن کان لاتعلق هئي، جو سيڻن ۽ ساڻيھ سان سندس سٻنڌ ڪنهن به تُراڙي ۾ تورڻ کان مٿاهون هو! جنهن ڪري شادي ناڪام ٿيڻ جو نشتري انديشو، هن اڳيان اچي نه سگهيو هو. ۽ هن سُھيند کي گهرداريءَ جي مشين کان مٿاهين حيثيت نه ڏني هئي. جيئن به هو، سُهيند حالتن کي ايئن جو ايئن قبول ڪيو هو. هن سان ڪابه شڪايت نه ڪئي هئي. پر هڪ ڀيري ضمير، دلبر سان شڪايت ضرور ڪئي هئي!
    ”تون سدائين قول ۽ فعل جي فرق جو پٽڻُو پٽيندو آھين. حقن ۽ فرضن جا پارٽ پڙھائيندو آھين، پر ڇا پنهنجي وني سُھيند سان ڪڏھن انصاف ڪري سگهيو آھين؟!“
    ”مون هن کي ڪڏھن به شڪايت جو موقعو نه ڏنو آھي“
    ”موقعو نه ڏنو اٿئي يا هن کي شڪايت ڪرڻ جي عادت ڪونهين؟!
    ”جيئن به آھي، هوءَ جتي آھي، اتي مطئمن آهي“
    ”پر تون مطمئن آھين ته تو پنهنجا سڀ فرض پورا ڪيا آھن؟“
    ڪپڙي لٽي کان کاڌي پيتي تائين، مون سندس سموريون خواهشون پوريون ڪيون آھن. “
    ”هن وٽ خواهشون ئي ڪيتريون آھن؟! چوٿين پنجين مهيني هڪ وڳو وٺي ڏيئين ته به وهنسي ويٺي! کاٽيو کائيو به خوش آھي. ڀلا ڪڏھن ڪجهه پل هن سان گوڏو گڏي ڪچهري ڪئي اٿئي؟“
    ”نه …نه پر ڪن شين تي ماڻھوءَ جو اختيار ڪون هوندو آھي. پيار، روئڻ ۽ کلڻ ٽئي هينئڙي هيٺ ھُوندا آھن، اُليل بنا ڪيئن اچن؟!“
    ”اداڪار ڪيئن ڪندا آھن؟“
    ”پر مون زندگيءَ ۾ ڪڏھن به اداڪاري نه ڪئي آھي!“
    ”مقصد نيڪ هجي ته؟!“
    دلبر رد-قد جي قيد ۾ قابو ٿي پيو هو. ضمير جي سانُ ڍڳي کيس سنڱن تي اچي کنيو هو، پر هو ميسڙو ۽ ڌُوتيليو بل فائٽر نه هو، جيڪو جان ڇڏائي سگهي!
    ٻئي رات هن سُھيند کي سڏي گڏ سمهاريو هو. دير تائين ڪچهري ڪئي هئي. بظاهر ننڍڙيون ۽ غيراهم ڳالهيون، پر سُھيند جي پسند جون ڳالهيون!
    دلبر جڏھن کيس چيو هو ته:
    ” تون ڳاڙھي وڳي ۾ مونکي ڏاڍو وڻين ٿي!“
    ته هوءَ ٻئي ڏينهن ڳاڙھو جوڙو پائي، سراپا سينگارجي هن وٽ آئي هئي. دلبر کي ڀاڪر پائي، چمي ڏيندي، چيائين:
    ”پاڙي واريون رنون چنڊيون مونکي چونديون هيون، تنهنجو مڙس توکي ڀانئي ڪون ٿو، پر ھاڻ پاڻ پچن پيون“
    دلبر وري ريڊيو تي موٽيو هو. هن نئين اُڪير ۽ اتساھ سان پروگرام ڪرڻ شروع ڪيا هئا.
    اڳ جڏھن دلبر پروگرام ڪري موٽندو هو ته سندس ريڊيو سيٽ اتي ئي پيو هوندو هو، جتي هن ڇڏيو هوندو هو، پر هاڻ ان جي ايريئل اُڀي ٿيل هوندي هئي ۽ اهو سُھيند جي چونئري ۾ لڀندو هو!
    شايد هاڻ سُهيند ريڊيو ٻُڌڻ لڳي هئي. دلبر اهو به محسوس ڪيو ته هر ڏينهن هن جي اُٿڻي ويهڻي، ڳالهائڻ ٻولائڻ، اوڍڻ پائڻ، سفائي سُٿرائي ۽ رنگ روپ ۾ پڻ زبردست تبديلي اچي رهي هئي. ھُوءَ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ نيلوفر جيان نکري رهي هئي. ٻنهي وچان حائل تڪلف جي تار ٽُٽي پيئي هئي. اڳي بستري تي وڇايل جنسي چوپڻ راند جون سموريون ساريون، دلبر کي هڪ طرفيون هلائڻيون پونديون هيون، پر هاڻ سُهيند جون سڪاڄ آڱريون انوکا کُڻ کيڏي رهيون هيون! جن کان دلبر پڻ اڳي کان اڳرو لطف اندوز ٿي رهيو هو. هُن پنهنجن ڳُجهن تجربن ۽ شغلن ۾، سهيند کي جيترو گهرائيءَ سان شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي، هوءَ اوتري ئي محويت ۽ باريڪيءَ سان وکري ۽ نکري رهي هئي! ۽ گڏجي ميڙيل ميون جي لذيذ ذائقن جيهڪٻئي سان ورهاست، ٻنهي کي عجيب سُرُور ارپي رهي هئي!
    اڳي ٿري رهڻي ڪهڻيءَ جي ريت موجب دلبر اڳيان سُھيند جا چپ سبيل هوندا هئا، پر هاڻ هوءَ اڪيلائيءَ ۾، دلبر سان هجتي لهجي ۾ ضرورت جون شيون خريدي آڻڻ جون معصوم فرمائشون پڻ ڪرڻ لڳي هئي.
    هڪ صبح دلبر مٺيءَ وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳو هو ته چيائين:
    ”مون لاءِ ريڊيو واري زُليءَ جهڙو وڳو وٺيو اچجان“
    تڏھن دلبر کي ياد آيو هو ته ٻه سال اڳ جڏھن ريڊيو تي ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ ٻه خاتون ڪمپيئر ٿري ٻھراڙي گهمڻ خاطر سندن گهر آيون هيون، ته سُھيند سندن سئو سئو مرضيون رکيون هيون. خاص ٿري کاڌا رڌي، خدمت چاڪري سان مهمانداري ڪرڻ لڳي هئي. وڃڻ ويل ٻنهي کي سٺيون رليون ۽ هٿ سان ڀرت ڀريل چادرون ڀيٽا ڪيون هيائين. پر ميڪ اپ ۽ويس وڳن جي ڇنڊ ڦُوڪ ۾ اٽڪيل سوچ اڳيان، سُهيند جو سمورو خلوص ڳوٺاڻي بيوقوفي بڻجي رائيگان رهجي ويو هو.
    جيپ ۾واپس مٺيءَ ويندي هڪ اردو ڪمپيئر زُليخان دلبر کان پڇيو هو:
    ”توهان هڪ جاهل ڳوٺاڻي عورت سان ڪيئن زندگي گذاري رهيا آھيو؟!“
    دلبر جي جواب کان اڳ ڀرسان ويٺل حُميره چيو هو:
    ”هوءَ ٻڪريون چارڻ لاءِ سازگار آھي. هونئن به دلبر صاحب هن کان باورچيءَ وارو ڪم وٺي رهيو آھي!“
    هڪئي وقت ٽھڪن جا ڪيئي پوپٽ اڏاڻا هئا. دلبر شرمندگيءَ جي شاور هيٺيان اچي بيٺو هو!
    سوچيو هئائين:
    ”جيتوڻيڪ منهنجي سُھيند سان انڊر اسٽينڊنگ ڪونهي. هوءَ اڻپڙھيل به آھي. پر هن جي ڪردار جي ڪٿ ڪبي ته هُوءَ ھنن وات ڳاڙھين شھري عورتن کان گهڻي مٿاهين بيٺل نظر ايندي. سُھيند جي ڳوٺاڻي سادگي ۽ اڻ پڙھيل هجڻ جي عيبن تي نظر اٽڪائڻ وارين، هنن اصليت کان عاري عورتن کي، سهيند جي زنده دلي، غير ملاوتي مهماننوازي ۽ بيساخته رؤين جي خوشبوءُآخر ڇو ڪون محسُوس ٿي؟! شايد اها هنن جي شهر جي تهذيب ڪونهي ڪو!“
    دلبر جون سوچون چهري جو تاثر بڻجي ڪون سگهيون هيون، نه ته زليخان ۽ حُميره ڪر جلد موضوع بدلائي وٺن ها، جيئن اهي ڪپڙا بدلائي وٺنديون هُيون!
    مٺيءَ تائين سندن طنزيہ ٽھڪن جا ڏينڀُو دلبر کي ڏگيندا رهيا. جن جي سموري قباحت کل ڀوڳ جي بارش ۾ ڌوپجندي رهي.
    دلبر وري ريڊيو تي پروگرام ڪرڻ لڳو هو، پر اداس نازبوءُ جي خط کي سندس اکيون ڳولڻ باوجود ڏسي ڪون سگهيون هيون!
    هڪ ڀيري هن ڪتابن جي ڪمري ۾ هڪ پيتيءَ ۾ رکيل ريڊيو لسنرز جي پُراڻن خطن کي ان اميد سان ڦُلوريو هوته ”ڪاش اداس نازبُوءُ جي پراڻين ردڪيل تحريرن مان ڪو پنو ملي پوي، جيئن هو سندس هينڊ رائيٽنگ ڏسي سگهي ته ان جي لکت ۾ نسوانيت ڪيتري هُئي؟! ان وقت غيراهم سمجهي ڌيان جوڳا نه سمجهيل لفظن ۽ هاڻ تازو رسالي ۾ ڇپيل اداس نازبُوءُ جي خط ۾ ڪيتري مطابقت ۽ هڪجههڙائي هئي؟! پر ڪٿي به کيس ڪو اهڙو ڪاڳر ملي ڪون سگهيو هو. البته هڪ تبديليءَ هن جو ڌيان ضرور ڇڪايو هو. سمورا ڪتاب ۽ رسالا هڪ ترتيب سان رکيا هئا، حالانڪہ هُن پاڻ ڪڏھن اهڙي ڪوشش ڪون ڪئي هئي. ترتيب ۽ نفاست سندس ساٿياڻيون ٿي نه سگهيون هيون. هُو نوان ڪتاب ۽ رسالا پڙھي جتي پُورا ڪندو هو، اتي ئي ڇڏي ڏيندو هو. پر ھن کي حيرت اها ٿي ته اهي نه رڳو ڇنڊي ڦُوڪي فضيلت سان رکيا هئا، پر انهن ۾ مبهم ئي سهي، پر موضوع وغيره واري عالمانه ترتيب به موجود هئي. هن جي دل ۾ شڪ جو ڪنڊو ڀڄي پيو هو.
    ”ڇا منهنجي اڻموجودگيءَ ۾ ڪوئي لڪي لڪي منهنجا ڪتاب پڙهي ٿو؟!“
    هن ڀر پاسي جي ڪيترن ئي پڙھيل لکيل ۽ ادبي ذوق رکندڙن متعلق مختلف زاوين سان وري وري ويچاريو هو. جيئن جيئن هُو سوچ جي پاڻيءَ ۾ پرتي ويو ٿي، کيس وهمن جا وهڪرا ويتر ورائي رهيا هئا!
    ”عورت ۽ اُٺڻ تي اعتبار ڪير ڪري؟!“
    بي اعتباريءَ جي بازار ۾ سُهيند جي هر ڳالهه هن لاءِ انومانن جو آئينو ٿي پئي هئي. جنهن ۾ معنائن ۽ مفهومن جا مبهم عڪس ڳوليندي، هُو الاءِ ڪٿي پهچي ويندو هو.
    ”گذريل ڪجهه مهينن کان منجهس عجيب تبديلي آئي آهي. هوءَ تيل ڦُليل ۽ سهسين سينگار ڪرڻ لڳي آھي. سياڻا واقعي سچ چوندا آھن، عشق ۽ مشق لڪيا ڪون لڪن!“
    وهمن ۽ وهلُورن جي واچوڙي ۾ سندس وجود ڏور ٽُٽل لغڙ جيان بي وزن بڻجي پيو هو.
    ڪاوڙ ۽ ڪيني جي پاڇن پويان سُهيند هن لاءِ نفرت جو نمونو بڻجي پيئي هئي، بس ڪنهن بهاني جي تيلي، ڀنڀٽ بڻجي سگهي ٿي!
    سُهيند به دلبر جي رؤيي جي اها تبديليمحسُوس ڪئي هئي. کيس انهيءَ وهم ورايو هو ته دلبر ريڊيو تي وڃي بدلجي پيو هو. اتي ڪا عورت ھئي، جيڪا کيس چوري رهي هئي.
    سهيند بي سبب دلبر جي آس پاس اچي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي، جيئن ڪنهن ڳٺڙيءَ مان من دلبر جوسهڻو سلوڪ نئين سر نڪري اچي! پر دلبر جو سرد مهريءَ تي مشتمل سلوڪ، کيس مايوسين جي عميق اونهاين ۾ اڇلي ڇڏيندو هو. هوءَ پاڻ وڻائڻ لئه ويتر سينگاربي هئي، پر دلبر لاءِ ته سندس سينگار ۾ پڻ وهمن جا ولر ويٺل هوندا هئا.
    هڪ شام سهيند، ماٺ جي اڻسُهائيندڙ اونده ۾، موضوع لاءِ هٿوراڙيون هنيون، پر تڪڙو کيس ڪو گهريلو موضوع ملي نه سگهيو. هن بس ايئن ئي دلبر کان پڇيو:
    ”وري سرڪاري امداد واري ڪڻڪ ملي ٿي ڇا؟“
    دلبر الٽو سوال پڇيو:
    ”توکي ڪنهن ٻڌايو؟“
    سورٺ مجھندي وراڻيو
    ”اخبار ۾ لکيل هو ۽ اهو به لکيل هو ته سرڪار ڏوراهنڳوٺن ۾ اسپتالون کولي، علاج جون سهولتون پيدا ڪندي، جيئن ٻارن جي موت جو انگ گهٽائي سگهجي“
    دلبر ڇرڪي پيو. هن جي اندر ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان اسرندڙ انديشن جي تصديق ٿي پيئي. مطلب ڪو ته هو، جيڪو سهيند کي دلبر جي پرپُٺ اخبارون پڙھي ٻُڌائيندو هو. ڪتابن ۽ رسالن جي ترتيب کان سُهيند جي سينگارن تائين، سموريونڪڙيون ازخود هڪٻئي سان ملي پيون هيون!
    دلبر جي اندر جو آتشفشان ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جا لاوا اوڳاڇڻ لڳو.


    باب ٻيو

    اولهه جي تيز سامونڊي هوا گهلي رهي هئي. جانمحمد عرف جانُو ۽ صابُو، کوه جي اواڙي کي ڏنل واڙ جي اوٽ ۾ ڪانڀُون ڪڍي ويٺا هئا. آسمان تي ايڪڙ ٻيڪڙ سامونڊي ڪڪر تيزيءَ سان اوڀر طرف وڃي رهيا هئا. جانُوءَ آسمان تي اکيون کُپائي، ٿڌو شوڪارو ڀريو. صابوءَ چيس:
    ”ڪاڪا لڳي ٿو هيل به ٿر ڪون وسندو!؟”
    جانو وراڻيو:
    ”آسمان جا پار به ته اهوئي پيا ٻُڌائين!“
    صابُوءَ جي مُنهن تي هَئِيڊ هارجي پيئي. بيوسيءَ مان چيائين:” پاڻ ته بک جا ڏاڍا آھيون، ڳالهين جا ڳُڙ کائي، ڪارا ڏڪار به ڪٽي آيا آھيون، پر اڄ ڪلھ جي ٻارن کان ته صفا صبر نٿو ٿئي!“
    جانوءَ به ڳالهه جي سر جهلي:
    ”ڏڪار اڳ به ايندا هئا. پر ههڙي ڪاري-واري ڪڏھن ڪون ٿي. ماڻھن ۾ صبر ۽ شڪر هو، پر هاڻ ته ويڙھو ويڙھي کي پيو کائي. اسين رٻ جي وٽي ۽ اڇ جي ڪٽوري تي سڄو ڏينهن سَرها سُنرا هوندا هئاسين. وڏڙن ته ان کان به اڙانگا ڏينهن ڏٺا. چون ٿا بک ۾ ڍڳين رنڀُون ڪري، واري کاڌي ۽ ڪن ماڻھن چم مان ٺھيل ورت جا سيٽ ڪرٽيا، پر ننڌڪ ايترا جو ڏڪار جا ڏينهن آڱرين تي ڳڻي پار پوندا هئا“
    صابوءَ چپ تي آڱر رکي جانوءَ ڏانهن اچرج مان ڏٺو ۽ پڇيو:
    “ماڻھو به ساڳيا، ڏڪار به ساڳيا، اڄڪلھہ آسانيون به گهڻيون آھن، پوءِ به ماڻھو بک بک پيا ڪن، بيماريون مارين ٿيون، آخر ڪارڻ ڪهڙو آھي؟“
    جانُوءَ ڪجهه سوچيو ۽ پوءِ وراڻيو:
    ”هڪڙو ته ماڻھن ۾ جسماني جهلو ڪونهين، ان جو هڪ ڪارڻ کير مکڻ جي کوٽ آھي، وڪري ۽ مهانگائيءَ ٻنهي کي غريبن کان پري ڪري ڇڏيو آھي، گڏوگڏ زمينن تي قبضن ۽ گئوچر جي کيڙيءَ به مال کي گهٽايو آھي ۽ جهنگلي جيوت کي نقصان رسيو آھي. برساتون گهٽيون آھن ٻيو وري ماڻھن جو جسم به گهٽ محنت ۽ نقلي خوراڪ تي هِري پيو آھي، بيمارين جي دٻ نٿو جهلي. پر صابوڙا ماڻھن کي قدرت جي ڏڪارن کان به وڌيڪ ماڻھن جي آفعالن جي ڏڪارن ماريو آھي. “
    صابو سوچ ۾ پئجي ويو:
    ”ڪاڪا افعالن جو ڏڪار وري ڪيئن؟!“
    ”اڙي صابُوڙا بُڇڙا افعال! مطلب ته رشتن مان رس ۽ واسطن مان واس وڃائجي ويو. سمورا سنڱ سياپا مفادن مروڙي ڇڏيا آھن. لُچائي، لالچ ۽ لليچائي ايتري وڌي آھي جو ماڻھو، ماڻھُوءَ جو ويري ٿي پيو آھي. محبتن جي ڪاري ڏڪار، ماڻھن کان انيڪ خوشيون کسي ورتيون آھن!. ڏڪار ته گهڻو ڏِيل ڏُکائيندا آھن پر آسپاس جا بُڇڙا آفال روح روڙيندا آھن!“
    صابو سوچ جي لهرن تي لُڏندو رهيو.
    جانوءَ ڳالههہ جاري رکي:
    ”اڳي گهڻوتڻو سڀ هڪجههڙا هوندا هئا، وڏ-ننڍائيءَ جو ويڇو عمر ۽ عقل تي هوندو هو. پر هاڻ ته هر پاسي هُوند تي هُونگار وارا هوڪا آھن. تون جي غريب آھين ۽ تنهنجو ڀاءُ جي تونگر آھي ته ان جي گهر ڀاتين جا ٺٺ ٺانگر ۽ کائڻ پيئڻ تنهنجي گهر وارن کي پنهنجي هيڻي حال جو روز مهڻُو ڏيندا رهندا، جيڪي انهن کي اندران ٻاهران اڏوهي بڻجي کائيندا رهندا“
    اوچتو صابُوءَ جي اندر ۾ وهلُورن جو واچوڙو ٺھي پيو. هن کي پنهنجي مفلسي، فاقن ۽ زال صدوريتوڻي ٻارن طرفان پنهنجي بدحاليءَ متعلق وري وري پڇيل سوالن جا تير، پنهنجي وجود مان آرپار اُڪرندي محسوس ٿيا.
    گذريل ڪجهه مهينن کان صابو سخت ذهني مونجهارن جو شڪار هو. سندس عمر پنجاه جي لڳڀڳ هئي. هن جي جواني، آوارگين، رولاڪين، چاهتن، شوقن ۽ شُغلن ۾ گذري هئي. من-موجي قسم جي هن مٿير مڙس، ڪڏھن به پئسي کي اهميت ڪون ڏني هئي. جمع ۽ طمع جي هوا، هن جي پاسي مان به ڪڏھن ڪون گذري هئي. جڏھن وڻيئس، جيڪو مليئس، پورهيو ڪري پيٽ ڀري وٺندو هو. پر اهو سڀ ڪجهه تيسين هو، جيسين ڇڙو هو.
    هن جي ڀيڻ نه هئي، ان ڪري بدو ڏيئي جوانيءَ ۾ پرڻجي نه سگهيو هو. چاليهن سالن جي ڄمار ۾، هن ڏوڪڙ ڏيئي صدوريءَ جو سنڱ ورتو هو. ان وقت هن جي مٺيءَ واري هوٽل سُٺو ڪمائي رهي هئي ۽ ھن وٽ پنهنجي نيمي به هئي. ماڻھن کي ڀائيواريءَ تي ڏنل مال به هو. شاديءَ کانپوءِ چند ئي سالن اندر هن مٺيءَ واري هوٽل مان هٿ ڪڍيا هئا، ڇوته هوٽل جي آسپاس گهڻيون ۽ بهتر هوٽلون کليون هيون، جنهن ڪري هن واري هوٽل بند ٿيڻ تي آئي هئي. صدوريءَ مان ٻن پُٽن ۽ ٻن ڌيئرن جو اولاد هئس.
    گذريل چند سالن ۾ اڪثر آيل ڏڪارن سبب، هن جو سمورو مال کاڄي کپي چُڪو هو. ۽ گذريل ڪجهه مهينن کان هن جي گهر ۾ گهڻو ڪري لانگهن جي لالٽين ٻري رهي هئي! ڳوٺاڻن دڪاندارن جون اوڌرون هن تي وڻ ويڙھيءَ ول جيان چڙھي ويون هيون. ڪٿي به سندس ڪار نه رهي هئي.
    هڪ ڏينهن جڏھن سندس گهر ڀاتين وٽ ٻن ڏينهن جو لانگهو ترسيل هو ۽ هن جي ٻارن جهنگلي ٻير کائي کانئس پڇيو هو:
    ”ابا ڏڪار ۾ به ٻيرين ۾ ٻير ٿين ٿا ۽ ڄارين ۾ پيرون پچن ٿا پر ٻنين ۾ ٻاجهر ڇو نٿي ٿئي!؟ابا اٽو وٺي اچ بک ماري ٿي!“
    تڏھن هن پنهنجي زندگيءَ جو گهٽيا ترين فيصلو ڪيو هو. صدوريءَ کي قادوءَ جي دڪان تي اوڌر سامان آڻڻ لاء اهو چئي موڪليو هئائين ته
    ” مون ڏانهن اڳي اوڌر گهُري پيو وڌيڪ ڪون ڏيندو. تون وڃين گهُر، من نياڻيءَ جون اکيون آڏيون اچنس. بختاور کي به ڪوٺيو وڃ!“
    پر ڪجهه دير بعد صدوريءَ هٿين خالي واپس آئي هئي. سندس اکين ۾ لڙڪ هئا. چيائين
    “مُئو بيلڇڻو آھي. چئي ٿو چمي ڏيڻ ڏي پوءَ ڀلي اوڌر کڻي وڃ. “
    صابوءَ مٿي تي هٿ رکي دير تائين پنهنجو پاڻ کي بروڀلو چيو هو. ڪيتريون راتيون ان ضمير جي ڦوڙائي ۾ ڦٽجي گذاريون هيون. پر هن وٽ ھڪ رپيو به نه هو جو ننڊ جي گورين سان اوجاڳن جو سودو ڪري سگهي!
    هن بئراج ڏانهن وڃي محنت مزدوري ڪرڻ جو به سوچيو هو، پر هڪ ته سندس پوڙھو جسم سخت ڪم ڪار لاءِ ساٿ نه ڏيئي رهيو هو. ٻيو وري پويان جواڻ جماڻ صدوريءَ کي اڪيلو ڇڏي وڃڻ جو الڪو به کيس ايئن ڪرڻ کان روڪي رهيو هو. هن جي قبيلي ۾ ستن پيڙھين کان ڪڏھن به ٻارن ٻچن محنت مزدوري لاءِ بئراج لڏڻ جو رواج ڪون هو، بلڪہ لڏڻ وارن کي سماج ۾ هيٺائين حيثيت ملندي هئي. جنهن ڪري صابوءَ جڏھن به ان حوالي سان سوچيو ٿي ته هن جي اڳيان اهي سمورا تصور اڀري آيا ٿي، جن کان هو پاڻ جوانيءَ ۾ متاثر رهيو هو! هن سوچيو:
    ”جيڪڏھن جوان زال وٺي بئراج ويئس ته ماڻھو ڇا چوندا؟ اجايو اولاد کي مهڻياب ڪندس، برادريءَ ۾ ساڻن ڪوبه رشتيداري نه ڪندو. اتي بئراج ۾ وري ڪهڙيون کير جون نديون پيون هلن. آئون ۽ صدوري اتي وري ڪهڙا ڦاڙها مارينداسين؟!“
    صابو ذھن جي ڇتي ڇڪتاڻ ۾ ڦيريون کائڻ لڳو هو. سامهون ويٺل جانو ڳالهائي رهيو هو، پر صابوءَ کي ڪجهه به سمجهه ۾ ڪون پي آيو. هن جانوءَ جي جملن مان ڪجهه جهٽڻ چاهيو، جهٽي نه سگهيو. هن وري ساڳي ڪوشش ڪئي، هن ڀيري هڪ جملو هن جي هٿ چڙھيو:
    ”انسان جناور ٿي پيا آھن“
    ”انسان. . . . جانور. . . . . !!“
    هن جو ڌيان جانوءَ جي ڳالهين تان هٽي وري وجود جي وراڪن ۾ وچڙي پيو:
    ”جانورن تي زندگيءَ جو ڪوبه بار نه هوندو آھي، آڻڻ چاڙھڻجا اُلڪا، لوڪا چاريءَ جي پت پاڙڻ ، ننگ ۽ ناتا نڀائڻ جا بار ته انسان تي هوندا آھن. ڇونه جانور ٿي وڃجي، ڪمن ۽ غمن کان آجو“
    هن سچ پچ جانور ٿيڻ چاهيو. “پر ڪهڙو؟!”وارو سوال سندس سامهون اچي بيٺو. ھن جي تصور ۾ مختلف جانورن جي شبيهن جا عڪس ٺھڻ ۽ ڊھڻ لڳا. ڪتي کي هن ڌڪ سان رد ڪري ڇڏيو، ڇوته هن جي شعور توڙي لاشعور ۾ ان جو موچارو سماجي ۽ مذھبي تصور موجود نه هو. هن مور ٿيڻ جي سڌ ڪئي پر ظالم شڪارين جو تصور ايندي ئي هُو ان تان هٿ کڻي ويو. هن ڍڳو ٿيڻ چاهيو پر ڌرتي سنڱن تي کڻي بيهڻ واري خيال، هن کي ڪنبائي وڌو! هن گابي تي به سوچيو، پر کير وڪڻڻ وارن ڀاڳين جو خيال هن کي ڀڄائڻ لاءِ ڪافي هو!
    اوچتو جانُوءَ رڙ ڪئي:
    ”گهوڙا صابوڙا توکي ڇا ٿيو آھي، آئون ڳالهايان پيو پر تولاءِ جهڙو ڏٻي ۾ ٺڪريون. خيالن جا ڪهڙا پوھ ويٺو پچائين؟!“
    صابوءَ پاڻ سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي:
    ”نه ڪاڪا توکي ٻُڌان پيو، پر مڙئي مٿي تي بار آھي، ان ڪري اکيون ٻُوٽيو ويٺو هئس“.
    ”مٿي تي بار . . . ايئن چئو. ڪجهه نه ڪجهه ته آھي، تڏھن منهنجون ڳالهيون تنهنجي مٿان لنگهي رهيون آھن“
    صابُوءَ وري پاڻ کي ميڙڻ جي ڪوشش ڪئي. منتشر ڪيفيت لڪائڻ لاءِ هن جانُوءَ جي ڳالهين ۾ مصنوعي دلچسپيءَ جو اظھار ڪندي چيو:
    ”ڪاڪا اڄ تنهنجي جوڀن ۽ ڪڇ گجرات واريون ڳالهيون وري ٻُڌائي ته ڪي ٿڪ لهن“
    جانو سادو سودو ڳوٺاڻو ٿريو هو. صابُوءَ کان ويھ-پنجويھ سال وڏو هو. لٺ تي هلندو هو، پر اڃان جڙد مڙد لڳو پيو هو. ملاوت هن جي پاسي مان به ڪون گذري هئي. بنا ڪنهن ڇڪ ڇڪان ۽ نخريبازيءَ جي، کنگهي گلو صاف ڪري ڳالهه شروع ڪيائين:
    ”ٻيلي! ابو هتان ڍڳا وٺي، ڪڇ گجرات ڏانهن وڪڻڻ ويندو هو. چوٿين پنجين مهيني موٽندو هو، چڱو چوکو نفعو ٿيندو هئس. امان سندس اوسيئڙي ۾ ٿر جا ڪانگ اڏاريندي هئي. پر ورهاڱي سبب ابا جو اهو وڻج واپار بند ٿي ويو. سگهوئي کيس سلھ جهڙي موذي مرض اچي وڪوڙيو، جنهنجو ان زماني ۾ ڪوبه علاج ڪون هو. ابا بيماري وچڙڻ جي ڊپ سبب مونکي پري کان پيار ڪندو هو. مونکي مس مس ڏينهن ياد پون ٿا، جڏھن هي جهان ڇڏيو هئائين ته عزيز قريب رُنا هئا، ۽ امان اُلهي-ڪُلهي پهريل عاج جا اڇا چُوڙا لاهي ٻانهُون ٻُسيون ڪيون هيون. سڀوٽ گج لاهي، ڪاري پيٽي پاتي هئي. ڳوٺ جي عورتن هن سان همردي ڪئي هئي. ماسي مونکي راند ڪرائڻ پنهنجي گهر وٺي هلي هئي. مونکي ان وقت اها سُرت نه هئي ته ماڻھو، اسان کي آٿت ڇو ڏيئي رهيا هئا. مون ان ڳالهه تي اعتبار ڪيو هو ته ابا ولايت وڃي رهيو هو.
    جڏھن ڪجهه سُرت سنڀاليم ته امان به هي جهان ڇڏي هلي ويئي. ايئن آئون يتيم ٿي ماسي وارن وٽ ڌڪا کائيندو رهيس. چوندا آھن ته لتاڙيل سلو هميش سُٺو ٿيندو آھي، سو آئون به ڏُکن سان ڏورڻا ڏيئي، مچي مڙس ٿي ويئس. جڏھن موسر ڦُٽي، تڏھن خبر پيئي ته ويٺي ته شينهن به بک مرن، سو ڪجهه ڪرڻ لاءِ سينو ساهڻ لڳس. الئي ڇو؟ ابا جي رِيس ھئي يا جهڙا ڪانگ تهڙا ٻچا واري ڪار هئي، جو دل ڪڇ گجرات وڃڻ لئه واجهائڻ لڳي. ان زماني ۾باڊر(بارڊر) تي ڪنڊيدار تار ڪون لڳي هئي. لِڪ ڇِپ ۾ سملنگ(سمگلنگ) ٿيندي هئي. مون به ابا جي هڪ واسطيدار کان موچارو ڍاٽي اٺ، اوڌر تي ورتو. اٺ ڇا هو، جهڙو مور جو ٻچو. چڙھي ويھہ ته جهڙي ورت هٿن مان نڪتي! سوکو به اهڙو جو ڀلي هٿ جي تَريءَ تي لوٽو گيھ جو رکي ڇڏ، مجالآھي جو ڦُڙو به هارجي! هڪ دوست سان گڏ لڪ چوري هُن پار پهچڻ جو سَٽل ٺاهيوسين. اهو همراه ته اڳي ئي رڻ جو سُونهيون هو پر مون پهرين پهرين جڏهن ڪڇ ۽ ٿر وچان رڻ جي پيٽ ۾، رات ٽاڻي پير پاتو ته دل ڌڙڪو کاڌو هو. مون واري سنگتيءَ مونکي رستن جي پُرپيچ پاسن کان بچڻ ۽ ڏِسائن جي ڏس پتي لاءِ، آسماني نکٽن جي سنوت جو سهارو وٺڻ سيکاريو. آھستي آھستي سڀ گُر سکياسين.
    سستيون شيون جن جا اگھ اتي ٻيڻ تي هوندا هئا، سي هتان کڻيو ويندا هئاسين. جڏھن ته ٻيڙين ٻڌڻ وارا پن، سون، ڪپڙو، شراب ۽ ٻيو سامان وري اتان آڻيندا هئاسين، جيڪو هتي اٺوڻو ڏھُوڻو وڌيڪ مُلھ ۾ وِڪبو ھو. هن پاسي جي چوڪين وارا، جن وٽ ان زماني ۾ اٺ هوندا ها، سي ڪڏھن ڪڏھن ڦري ايندا هئا، پر اسين به هُئاسين ٽھاڙ ڀٽارين جي کُرن جي کيھ، اک نه ڏسي گوڏي کي! گهڻو ڪري اهڙن گسن تان گذرندا هئاسين، جتي پکي پکڻ جو به پير نه هجي. ان زماني ۾ رڻ ۽ ڪنڌيءَ وٽ جهنگلي جانورن جو به ڀئو هوندو هو، ان ڪري ڪن ڪن پاسن اچ-وڃ گهٽ هوندي هئي. پر اسين ته هونئن به هئاسين ڪوڏڙ ڪَرهن جا سُورا سوار، سو چونڪين تي لانگن ۾ لغام وجهڻ وارا ۽ روز روز بدلي ٿي ايندڙ ويندڙ ڪٿي ٿا اسان کي رسي سگهن، جيڪي هڪ-ٿُھيَن ڀٽارن تي سولا لانگ واري به ڪون سگهندا هئا. اسان جهڙا آڙيڪاپ ته کين گهوئيون ڏيئي تاڙيون هڻي ڀڄي ويندا هئا. پر ڪي سيکڙاٽ پڪڙجي به پوندا هئا. “
    جانوءَ ڀُونگريءَ ۾ تماڪ وجهي، کيسي مان ماچيس ڪڍي ڀونگري دکائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هوا جي تيز جهونڪي ۾ ماچس جي تيلي وسامي پيئي. هن هوا کان بچڻ لاءِ ڪانڀ کولي ٽوال جي جهُنڊ ٺاهي. جهٽپٽ تيلي دُکائي ھڪ هٿ جي آڱرين کي تيليءَ واري هٿ سان اھڙو پيچ پاتو جو، ڀونگريءَ جي ڏُنڊ کانسواءُ ان مان هوا جو گذر مشڪل هو. ڀونگري دکائي، ٻه وڏا سُوٽا هڻي، هن صابوءَ ڏانهن ڏسڻ بنا پڇيو:
    ”ٻُڌين پيو نه صابوڙا؟“
    صابُوءَ جي جواب جو انتظار ڪرڻ بنا ڳالههہ جو ڇيڙو اُتان ڇڪيائين، جتان ڇڏيو هُئائين.
    ”ابا صابوڙا ايئن اسانجي اچ-وڃ به ھلندي رهي. رڻ اسانجو دوست هو ۽ رڻ جون راتيون وري اسانجون جهڙيون جيڏلون. سومهڻيءَ مهل اٺن کي رڻ ۾ لاهيندا هئاسين ۽ ڪوشش هوندي هئي ته ڍڪيءَ ۾ ئي هُن پاسي پهچي وڃون.
    هُن پاسي گهڻوتڻو لڪيل هوندا هئاسين، ته متان ڪٿي چُغلي نه لڳي. رات جي وقت، سو به ڀَروسي وارن وٽ لڪي ڇپي ايندا-ويندا هئاسين. هڪ ڀيري بابا جي ڄاڻ سڃاڻ وارن وٽ ترسيل هئس. ڏينهن جو وقت هو، جنهن گهر ۾ لڪيل هئس، اتي اوچتو ڪا شيءُ اڌارڻ لاءِ ڀاڳڀري اچي پهتي. گهر جا ڀاتي ڪيڏانهن نڪري ويل هئا. گهر ڌڃاڻيءَ کي سڏي، در تي پهرين آهستي پوءِ زور سان ٺُڙٺُڙ ڪرڻ لڳي. نٿو کوليان ته سڄي پاڙي ۾ ٿو تماشو ٿئي.
    نيٺ در کوليم، هوءَ اندر هلي آئي. مون تي نظر پيئس ته ٽھي پري بيهي رهي. ڀلڪو مُنهن ڪري، پٽڪو لاهي پيرن تي رکندي، منت ڪيم:
    ”پرديسي آھيان. واءُ جو لوڏيو قسمت سان توسان مليو آھيان، ڳالهه کُلي ته جهلجي پوندس. راز رکندئين ته بچي پوندس، پرديسي ڇورو ڇنو آھيان“.
    هن کي پهرين ته ڪنن تي اعتبار ڪون آيو هو، پر پوءِ جڏھن سربستي ڳالهه ڪري ٻُڌائي هئم ته هن کي مون تي رحم آيو هو. هن ٿر جي باري ۾ پڇيو هو. رڻ جي اڙانگي سفر جا پار پڇيا هئا. مون جڏھن کيس پنهنجي جوکن ۾ جڪڙيل جيون جو ٻُڌايو هو، ته هن کي وڌيڪ هُرکُر ٿي پيئي هئي. مون سنڌ جي سچي اجرڪ کيس سوکڙي ڪري ڏني هئي ته هن موٽ ۾ مونکي ڪجهه ڏيڻ لاءِ سوچيو هو. مون سندس ريشمي آڱر ۾ پاتل ڇلي ڏانهن اشارو ڪيو هو ته چيائين:
    ”ڇلو ته زندگيءَ جو سودو هوندو آھي، سودو ڪندين!؟“
    بياختيار ”ها” ڪئي هئم.
    بس پوءِ ته پير ئي پٽ تي نه لڳو. هوءَ هئي به اهڙي. ڪڻڪائون رنگ، هانٺي جهڙي ڪامونءَ جي ڪاٺي. هرڻين جهڙيون اکيون، کُڙين سان لڳندڙ ڪارا وار، جن ۾ جيڪر ماڻھُو لڪي ته لڪي وڃي. ٻانهُون جهڙيون ٻه جاڙيون انڊلٺون، چپ جهڙا گُلاليي ڇانهئين جون ڦاريون، نڪ جهڙو طوطي جي چُھنب، هلڻين ۾ وري مور جي ٽور، ڳالهائي ته جهڙا واهوندي واءُ ۾ روهيڙي جا گل پيا ڇڻن! بس قدرت واري کيس خاص مٽي مان واندڪائيءَ ۾ ويهي گهڙيو هو.
    هن سان جو اک لڳي، ته سمورا ڪم ڪار وسري ويا. هرھر سندس ڳوٺ وڃيو پهچان. جنهن گهر ترسان ان جي ڌڃاڻي، منهنجي دين جي ڀيڻ ڪيل هئي، مجبوريءَ ۾ وچوئيي وارو ڪم ان کان ئي وٺندو هئس. پر جڏهن ڏٺم ته اها لڪ لڪوٽي گهڻو هلي نه سگهندي، تڏھن کيس چيم:
    ”ياد ڪر، ڇلو ڏيئي، زندگيءَ جو سودو ڪيو هيئي، هاڻ تيار ٿي ته پاڪستان ڀڄي هلون!“
    مرڪي پيئي. پڇيائين:
    “زندگيءَ جي سودي جو نالو شادي ته ڪون آھي؟! شاديءَ کانسواءِ به زندگيءَ جو سودو ڪري، ان کي پيراڻي ڍڳي جيئن ڪنهنجي نالي ڪري ڇڏبي آھي!“
    ڳالهه دل سان لڳي هئم. چيل ڳالهه تي پڇتايم. مونکي ماٺڪو ڏسي، چيائين:
    ” توکان سواءِ زندگي مونکي به زهر ٿي لڳي. ڀانيان ته هينئر ئي توسان گڏ نڪري هلي سنڌ جا وڻ وسايان، پر هڪ مهڻي جي خوف ماري وڌي آھي. “
    منجهي پيو هئس.
    ”ڪهڙو مهڻو؟!“
    وراڻيائين:
    ”منهنجي امان ڪاٺياواڙ جي رجپوتياڻي هئي. هن به ابا سان زندگيءَ جو سودو ڪيو هو. پر ساهُرن ۾ مايون کيس ڀاڄوڪڙ چونديون هيون. اهو ويڻ ٿورو ڊگهو ٿي، اڃان منهنجي پويان لڳو اچي، چون:
    ”ڀاڄوڪڙ جي ڌيءَ!”
    هن چنيءَ جي پلئو سان ڳوڙها اگهندي پڇيو:
    ”هڪ واعدو ڪندين؟“
    چيم:“ها“
    چيائين :
    ”تون يا تنهنجي ڪا مائٽياڻي مونکي ڀاڄوڪڙ نه چوندي“
    وراڻيم
    “آئون ته نه چوندس پر مائٽياڻيءَ کي به منهنجي اڳيان اهو لفظ مهانگو پوندو. باقي پرپُٺ چوي ته تون پاڻ پُڄجانس“
    چيائين:
    ” مُڇ تي هٿ رک“
    جهٽپٽ مُڇ تي هٿ رکي ويٺو هئس. هُن سينڌ تي هٿ رکي ڳالهايو:
    ”جيئن منهنجي ماءُ ابا سان وچن ڪري زندگي کيس ڀيٽا ڏني هئي، ايئن ئي آئون به توسان وچن ٿي ڪريان ته توسان گڏ جيئنديس ۽ گڏ مرنديس. توکانسواءِ اکيون ڪنهن ڏانهن ميري نظر ڏسن ته ڪڍي ڪُتن کي ڏيان. چپ تو آڏو چُرن ته سُوئن سان سبي ڇڏيان. ڪن تنهنجي گلا ٻُڌن ته منجهن ٽانڊا وجهي ٽھڪايان ۽ توسان کارو ڳالهايان ته ٻُڏي مران!“
    ان کانپوءِ ستين رات هن ساڳي جاءِ تي اچڻ جو انجام ڪيو هو. ڇھي راتيون آڱرين تي ڳڻيندي ڪٽيون هئم.
    ستين رات ڍاٽيڙي تي جُھل وجهي، پاکڙو رکي پهتو هئس ته هوءَ گَوَن جو پڙو، حُرمچ گج ۽ ٻانڌڻي چُني پهري مون کان اڳ اُتي موجود هئي. آسمان تي چوڏھينءَ جو چنڊ چمڪي رهيو هو. ٻارڙو هئس ته آسمان جو چنڊ چورائڻ جي سڌ ٿيندي هئي، پر ان رات هوءَ به چنڊ کان ڪو گهٽ سُھڻي ڪون هئي! ۽ آئون کيس انڊيا مان چورائي پاڪستان اچي رهيو هئس، اها به ڪا عام ڳالهه ڪون هئي!
    مون اٺ جهيڪيو ته هن مون کي ننڍڙي هڙ ڏيندي چيو هو
    “کرتائي گيھ ۽ ڳُڙ ۾ ماھٽيل ٻاجهر جي ماني آھي، متان سمجهين ملڪيت کڻيو پيئي هلان. ايئن ڪريان ته جيڪر چون:
    ” رن ڀاڄوڪڙ پاڻ ويئي گهر به ٻُھاري ويئي“
    مون هن جي ڏنل هڙوٽي پاکڙي جي ڀِرڻي ۾ ٽنگيل پاڻيءَ جي سانداريءَ جي ڀر ۾ ٻڌي ڇڏي. اٺ تي چڙھڻ کان اڳ هن پنهنجن اباڻن گهرن ڏانهن ايئن نهاريو، ڄڻ ھُوءَ اتي گُذاريل حياتيءَ جون سموريون ساروڻيون اکين سان ميڙي، دل جي هڙوٽيءَ ۾ هميش لئه ھٿيڪيون ڪرڻ خاطر ويڙھي رهي هئي. مون ڏانهن مُڙي ته ڏٺم سندس اکين مان ٻٽا ٻِٽا لڙڪ ڇڻي رهيا هئا. چُنيءَ جي پلئو سان ڳوڙها اُگهي چيائين:
    ”پنهنجين پيارين شين کي آخري ڀيرو ڏسڻ به ڪاوا ڳڙڪائڻ جيئن ڏاڍو ڏُکيو هوندو آھي، سو به تڏُهن جڏھن اها پڪ هجي ته اسين کين وري ڏسي نه سگهنداسين!“
    هوءَ واقعي هڪ پدمڻي عورت هئي. اٺ تي چڙھي ويٺاسين، ته ڀٽارو تترن وارا ڀڙڪا کائڻ لڳو. ڀاڳڀريءَ سبب کيس تکو ڪاهي نٿي سگهيس، متان ٿڪجي پوي.
    رڻ ۾ چؤڦير اڇ ئي اڇ ڏسي پڇيائين:
    ”آسپاس پاڻي آهي؟“
    وراڻيم:
    ”انهن کي چئبو آھي اک-ڌُوتارا. ماڻھو ڀائيندو پاڻي آھي، پر هوندو ڪون. جيئن ويجهو وڃ تيئن پري!“
    هوءَ کلي پيئي هئي. کلندي کلندي چيائين:
    ”۽ ڪي ماڻهو وري دل-ڌُوتارا هوندا آھن. جيئن چاهبو، تيئن پري!“
    هوءَ ڳالهين ۾ ڪويسر هوندي هئي. آئون ساڻس پُڄي نه سگهندو هئس.
    اسانکي خبر هئي ته پويان جي جلد ڪنهن ساري ورتو ته واهراڙو ضرور ٿيندو. ان ڳوٺ ۾ ٻه ٽي ھمراه رڻ جا سُونهان مونکي سُجهيا ٿي. اهو به خيال رکڻو هو ته متان چونڪين وارا ڪٿي اچي گڏجن، اڳي جيئن اتاڪو اٺ ڪاهڻ سبب متان ڀاڳڀري چونڪ مان نڪري وڃي!؟اهو جتن به ڪرڻو هو ته متان ڊگهي مسافريءَ ۾ هوءَ ٿڪجي پوي؟سو اٺ اڳي کان گهڻو آھستي ڪاھڻو پئجي رهيو هو. سمورا جوکا هڪڙي جائي تي اچي گڏيا هئا.
    سج جي روشنيءَ ۾ جڏھن نکٽ وڃائجڻ لڳا ته اڃان گهڻو رڻ باقي هو. مونکي به ڀئو ٿيڻ لڳو ته متان واٽ ڀلجي وڃان. اڳي نکٽن جي سهاري راتورات نڪري ويندا هئاسين. پر اڄ وچ ۾ ئي سج اُڀري رهيو هو. رات شينهن جو وات آھي، سمورا خطرا کايو ڇڏي. پر ڏينهن چور جو دشمن ۽ ساڌ جو ساٿاري آھي.
    سج اڀري ٻه پُرھ مٿي اچي چُڪو هو. ڀاڳڀري به اٺ تي ويهي ويهي ٿڪجي پيئي هئي. هرهر پڇي رهي هئي:
    ” اڃان ڪيترو رڻ جوپنڌ باقي بچيو آھي؟“
    آٿتون ڏيندو رهيس:
    ” بس ٿورو صبر ڪر“
    ڪجهه اڳتي هلياسين ته هن ايلاز ڪندي چيو:
    “مهرباني ڪري اٺ جهيڪ، منهنجي چيل سور مان ڦاٽي ٿي“
    اٺ جهيڪيم. سانداريءَ جو منهن کولي پاڻي پيتوسين. ناڙا ڇوڙ ڪري، ماهٽل ماني کاڌيسين. ڀاڳڀريءَ ٻه گره هڻي بس ڪئي ۽ اٺ جي ڇانھ ۾ ليٽي پيئي. آسپاس ڪو به وڻ يا ڇانھُ ڪون هئي. بيٺل اٺ جي ڪجهه ڇانھ ۽ ڪجهه ڪاڙھي ۾ پير ٻيڪڙڻ جيترو ڦُوڪارو کائي، ڀاڳڀريءَ کي چيم:
    ”اٿ هلون، متان ڪو جهنگلي جناور اچي نڪري. گهٽ ۾ گهٽ اٺ تي ته چڙھيل هجون!“
    ڀاڳڀري شوڪارو ڀري اٿي بيٺي. چيائين:
    ”اٺ جي سواري ڪڏھن ڪيل ڪونهين. ايئن ٿي ڀايان جهڙو هڏ ڀڄي پيا آھن، جوڙ-جوڙ مان ٽُٽي پيئي آھيان. “
    دلداري ڏنيمانس:
    ”بس هاڻ ٿورو ڏندن تي ڏي، سگهوئي رڻ اُڪري وينداسين“
    ڳپل پنڌ جهاڳي، ڪس کي ڪجهه اوڏڙوآياسين ته اوچتو پويان ڀاڳڀريءَ رڙ ڪئي. پوئتي جو لوڻو ڦيريم ته مار!! ٻن اٺن ۽ هڪ گهوڙي تي لٺين ڪهاڙين سان پنج همراھ اچي ويجها پهتا. ڀاڳڀريءَ کي چيم:
    ”پاڻ سنڀالي ويھ، ڀاڳيا اجهو رسيا“
    اٺ جي مُهار جو کنئيم ته ڀٽارو جهڙو پڃري مان پکي اُڏاڻو. پويان همراه به پراين مائرن جا پٽ ھئا، واءُ-مينهن ٿيندا ڳنڍيا آيا. پر آفرين هجي ڍاٽيڙي کي، جنهن وچ واري ڇيٽي ڀڃڻ ڪون ڏني. لک آفرينون ته ڀاڳڀريءَ کي به هجن، جيڪا ٿڪ ۽ تڪليف باوجود اهڙي قابُو ٿي ويٺي، جهڙي اٺ جي پوئيين چونڪ تي کُنڀي اُڳي آئي هئي. رڻ ٽپياسين ته پويان همراه بيهي رهيا. اٺ ڍرو ڪري لوڻو ڦيري جو ڏٺوسين پويان بيٺل همراهن مان ڪن بجا گهروڙي اسان ڏانهن اُڀا ڪيا. ڀايان ٿو هنن ڀانت ڀانت جون گاريون به اسان ڏانهن اڇليون هيون، پر وچئين وڇوٽيءَ سبب اسان تائين پهچي ڪون سگهيون. مون به ڀُونڊو ڏيڻ چاهيو، پر ڀاڳڀريءَ هٿ جهلي ورتو. کلي چيائين:
    ”ساهرن جو ته خيال ڪر“
    مون چيس:
    ”هنن کي به ناٺي ڪون گڏيا هئا، مون جهڙي ناٺيءَ کي به ست پيڙھيون ياد ڪندا“
    ڀاڳڀريءَ وراڻيو:
    ”آئون به چونڪ مان نڪرڻ تي هُيس. ٿورو اڳتي اچن ها ته شايد پويان ڪري پيئي هجان ها. مون وارا مائٽ پيا مونتي هٿ ٺارين ۽ تون وڃي پاڪستان پهچين ها!“
    مون ٽھڪ ڏنو.
    هن چيو:
    ”خدا جي واسطي هاڻ اٺ جهيڪ، منهنجو ساھ ٿو نڪري“
    هن جملو ئي پورو مس ڪيو ته سامهون نئين مصيبت نازل ٿي پيئي. ٻن اٺن تان لٿل چار چوڪين وارا سامهان ڄار جي ٻوٿار جي اوٽ مان پرگهٽ ٿي پيا. هنن اسان کي بيهڻ جو اشارو ڪيو. سمجهي ويئس ٻه ٽنگو ڦاٿو آھيان. سڄي عمر جا ساڙا هاڻ ڪڍندا“
    جانُوءَ ڳالهه روڪي صابوءَ ڏانهن ڏٺو. الاءِ ڪهڙو خيال آيس، وري ڌيان سان صابوءَ ڏانهن ڏسڻ لڳو، جيڪو پنهنجن خيالن ۾ گم سم لڳو پيو هو.
    ”ڀانيان ٿو اڄ تنهنجو مڻڪو، ٺڪاڻي ڪون آھي، منهنجون ڳالهيون تولاءِ جهڙيون دٻي ۾ ٺِڪريون. !“
    صابوءَ خيالن جا وچڙ ڪڍندئي، حواس جانئتا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”نه ڪاڪا ٻُڌم پيئي“
    ”نه ٻيلي! مون به ماڻھو چاريا آھن، اڄ تون ڪجهه ٻيو پيو لڳين!“
    جانُوءَ الاءِ ڪيئن چيو پر صابوءَ کي لڳو ڄڻ هو ماڻهو نه پر سچ پچ جانور ٿي پيو هو. ڪجهه دير اڳ جڏھن جانو ڳالهه ڪري رهيو هو، تڏهن به صابو پنهنجن خيالن جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل هو. عجيب عجيب خيالن جون مکيون، هن جي من ماناري تي اچي ويٺيون ٿي، جن کي هن حواسن جي هٿن سان هڪلڻ جي ناڪام ڪوشش پئي ڪئي.
    ”هاڻ آئون جانور ٿي ويندس. ٻين کان گرھ ڦُري پاڻ کائي وٺندس، سڀ ڳڻتيون ختم، جوڳين ڪهڙي جوءِ، سامين ڪهڙا سنڱ. !”
    صابو دل ئي دل ۾ سوچيو هو. سندس چهري تي به ڪي اهڙا تاثر آيا هئا، جيڪي جانوءَ کي عجيب لڳا هئا.
    جانو پنهنجي جاءِ تان اٿي، صابوءَ جي ڀرسان اچي بيٺو، سندس ڪلهي تي هٿ رکي، چيائين:
    ”هاڻ اُٿ ته اُٿون. تون گهر وڃي آرام ڪر. مونکي خبر آھي بک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري. پر مڙس ماڻهو ٿي. ڏڪار به مڙسن لاءِ ايندا آھن“
    جانوءَ کان موڪلائي صابو گهر ڏانهن هلڻ لڳو، هن ڏٺو ته جانو، کيس گهر ڏانهن ويندئي اڃان ڏسي رهيو هو. هن کي جانوءَ جي لفظن۾ ”داناءُ ديوانا” ٿيڻ وارو اشارو پاڻ ڏانهن منسوب ٿيل محسوس ٿيو. گهر ڏانهن ويندئي هن سوچيو:
    ”ڪنهن ڪنهن ويل مونکي عجيب خيالن جا ولر ڪوھ ٿا ورائين؟آڻڻ چاڙھڻ جي ڳڻتين ۽ گهر وارن جي معصوم آسن ۽ پُڇاڻن جي گهرن گهاوَن کان نٽائي ڀڄڻ جو نتيجو اهو آھي، جو آئون ڪنهن ڪنهن ويل ھوش ۽ حواس وڃائي رهيو آھيان“
    گهر جي گهٽيءَ وٽ پهتو ته سامهون سندس ننڍڙي ڌيءَ بختاور ڊوڙندي سامهون اچي رهي هئي.
    ”ابا اتو، ابا ابا اتو“
    تڏھن کيس ياد آيو ته هو زال ۽ ٻارن کي اها آٿت ڏيئي گهران نڪتو هو ته اڄ ڀر واري ڳوٺ جي هڪ واسطيدار دڪان واري کان اوڌر تي اٽو وٺي ايندو. پر ان دڪانواري تهاوڌر ڏيڻ کان کُتو جواب ڏيئي ڇڏيو. مورڳو سُڃاڻو ئي نه ٿئي! چانھ جو ڪوپ پيارڻ کان به ويو. واپسيءَ ۾ هن کوھ وٽ بيٺل جانوءَ سان ڪچهري ڪئي هئي. اصل ۾ هن کي جانوءَ کان اهو پڇڻو هوته ”ڏڪار ۾ ڄاتل سڃاتل اڻ سُڃاڻو ڇو ٿيندا آھن؟!“
    پر هن کان ته سُورن ۽ پُورن ۾ پنهنجو پاڻ به وسري رهيو هو. بختاور جو آواز ٻُڌي ٻيا ٻار به چونئرن کان ٻاهر نڪري آيا.
    ”ابا اٽو، ابا اٽو، اتو اتو. . . . !!”


    باب ٽيون

    واهوندي واءُ ۾ ننڊاکڙو ٿي پيل ڳوٺ جي ڪنهن اڱڻ تي سورٺ کٽ تي ستل هئي. هن جي اکين مان ڪڏھوڪو ڏيس وٽو ڏنل سپنا، اڄ وري سلھ جي مريض جيان آسپاس کنگهڻ لڳا هئا. ٿوري دير اڳ هن ريڊيو جو بٽڻ آف ڪري، ڪوري دلي مان ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس ڀري پيتو هو ۽ چنڊ تي اداس نهار وجهي اچي سُتي هئي. اڄ وري هن کي دلبر جي ياد آئي هئي. دلبر جنهن، هن جي دل-دفيني مان احساسن ۽ جذبن جا اهي موتي ميڙيا هئا، جن جو پتو نه هن پاڻ کي هو ۽ نه ئي ڪو ٻيو هٿ انهن کي ڦُلوري سگهيو هو!
    دلبر ريڊيو جو ڪمپيئر هو ۽ ريڊيو پاڪستان مٺيءَ تي هڪ هفتيوار پروگرام جي ميزباني ڪندو هو. جن ڏينهن ۾ سورٺ جي پيءُ سلطان لوڪ جي مهڻن ۽ ويجهو هاءِ اسڪول نه هجڻ جي سببن ڪري سورٺ کي تعليم ڇڏائي گهر ۾ ويهاريو هو، انهن ئي ڏينهن۾ سورٺ انگل ڪري پڻس کان ريڊيو وٺرايو هو.
    ڳوٺ ۾ بجلي نه هئي. ريڊيو ئي وندر ورونهن جو اڪيلو ذريعو هوندو هو. تڏھن ايف ايم مٺي نئون نئون شروع ٿيو هو ۽ تڏھن ئي هن دلبر جو پروگرام ٻُڌو هو. پروگرام جي هر لفظ هن جي هانءُ ۾ ڪتڪايون ڪيون هيون ۽ هر جملي سندس دل جي آمڻ ٻير کي جنجهُوڙي جذبن جا ٻير ڇاڻيا هئا، جن کي سندس محسُوسات جو ٻالاڀولو ٻارڙو، ميڙيندو ئي رهجي ويو هو!
    هوءَ سڄو هفتو محظوظات جي مينهن ۾ ڀِڄندي ئي رهي هئي. ۽ پوءِ اهو پروگرام هن لاءِ ٻاڙ بڻجي پيو هو. پروگرام ختم ٿيڻ بعد هوءَ ڀرت ڀرڻ وارين ٽڪن يا مڻين مان ست عدد ڳڻي چونئري جي جالي تي رکي ڇڏيندي هئي ۽ صبح سويل اُٿي هڪڙو داڻو ڪڍي واپس برڻيءَ ۾ رکندي هئي. هر داڻو ڪڍڻ وقت کيس دلبر جي ويجهڙائيءَ جو البيلو احساس اک ڀڃندو هو، ايئن جيئن ڍاٽڪي پوشاڪ پاتل مخمور ڇوڪري، شاديءَ جي مقرر تاريخن جي ڏوري مان ڳنڍين جا آخري وراڪا کلڻ ويل محسوس ڪندي آھي!
    سورٺ به ان پروگرام ۾شامل ٿيڻ چاهيو هو. هر ڀيري لکڻ وقت هن جي هٿن ۾ رڦڻي ٿي هئي، پر نيٺ ھن ڪجهه لکيو هو. لکي وري لکيل پنو ڦاڙيو هو ۽ وري ٻيو پنو ڀريو هو. لکيو ڇا هو؟ بس هن جا لُئارن ڇيلڙن جهڙا بيترتيب احساس هئا، جن کي هن قلم جي چهبڪ سان هڪلڻ ۽ ڇانگ ٺاهڻ چاهيو هو. ڌڻيءَ جي اک کي عيب نظر نه ايندا آھن، ايئن هن کي به پنهنجا لفظ سٺا لڳا هئا. ڀاڻس سارنگ هٿان لفافا گهرايا هئائين. اداس نازبوءُ جي فرضي نالي سان مواد لکي لفافي ۾ ويڙھي، پوسٽ جي دٻي ۾ وجهڻ لاءِ سارنگ کي ڏنو هئائين. پر هن جا سمورا سپنا، گهوڙن جي سُنبن هيٺان اچي ويل واريءَ گهرڙن جيان تڏھن ڀڄي ڀُري پيا هئا، جڏھن دلبر پروگرام ۾ اهو چيو هو:
    ”محترمه توهانجو موڪليل مواد پروگرام جي معيار ۽ مزاج تي پورو لهي نه سگهيو. سٺا ڪتاب پڙھو ۽ لکڻ جي مشق جاري رکو“
    سلطان رسالا ۽ اخبارون اڳي ئي آڻيندو هو پر هاڻ سورٺ ھن کي ڪتاب آڻڻ لاءِ چيو هو ته هن طوطو مينا جهڙا عام دستياب ٻاراڻي پسند وارا ڪتاب کيس آڻي ڏنا هئا پر سورٺ اهي واپس موٽائي ڏنا هئس. اخبارن رسالن ۾ تبصري هيٺ آيل ڪن ڪتابن جا نالا لکي پڻس کي ڏيندي چيائين:
    ”بابا هي ڪتاب وٺي اچجان“
    ”هاڻوڪو مٺيءَ ويندس ته وڏن دڪانن تان پڇا ڪري ضرور وٺيو ايندس“
    ڪتاب به آيا هئا، هن پڙھيا به هئا. هن لکيو به هو، پر جذبن جي جيتري اٿل پُٿل سان هن مواد موڪليو هو، اوتري ئي بيدرديءَ سان دلبر وٽان اهو رد ٿيندو رهيو هو. هن دلبر وٽ پاڻ کي نظرانداز ٿي ويل وجود محسوس ڪيو هو.
    هاڻوڪي ڀيري هن پروگرام لاءِ لکيل مواد سان گڏ، دلبر کي مواد شامل نه ڪرڻ جي ڏوراپن تي مشتمل جذباتي خط به لکيو هو. ٻئي هفتي سندس تحرير شامل ته ٿي هئي پر ان ۾ دلبر ايتري ته اصلاح ڪئي هئي، جو اها لکڻي سورٺ به مشڪل سان سڃاتي هئي. اها لکڻي ريڪارڊ ڪري هن وري وري ڌيان سان ٻُڌي هئي. هرهڪ جملي جي جُڙاءُ ۾ هوءَ ڄڻ ته پوئجي پيئي هئي. لفظن جي لهرن تي لڏي، هن الاءِ ڪيترا دفعا تخيل جي تيراڪي ڪئي هئي. سوچن جي سمونڊ ۾ ٽُٻيون هڻي، هن الاءِ ته ڪيترا مفهوم جا موتي ميڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هن پنهنجي موڪليل تحرير کي، دلبر جي اصلاح ڪيل تحرير سان وري وري ڀيٽيو هو. تضادن ۽ باريڪين جي تفاوتن تي سنجيدگيءَ سان سوچيو هئائين. تڏھن کيس محسوس ٿيو هو ته دلبر هن جون لکڻيون ڇو رد ڪندو رهيو هو؟ ان ڏينهن هن ڄڻ پاڻ سان واعدو ڪيو هو ته هوءَ ھاڻ اهڙيون لکڻيون لکندي، جنهن ۾ دلبر جي اصلاح جي گنجائش ڪون هوندي. اها سوچ به ڄڻ دلبر سان سندس بيعنوان انسيت مان اُڀرندڙ هجتي انا جو بيساخته ردعمل هئي!
    خيالن جي بن ۾ ڀٽڪندي، قلم جي تاڙين سان لفظن جا ڪيئي مور اُڏائيندي، ڪافي ڏينهن لنگهيا هئا. پر هن ڪابه تحرير ريڊيو ڏانهن ڪون اُڏاري هئي! پوءِ به هن جو روح سدائين ريڊيو اسٽيشن ۽ دلبر جي اڻڏٺل وجود لاءِ واجهائيندو رهيو-تاگهائيندو رهيو.
    ”دلبر ڪيئن هوندو؟ ڪهڙو هوندو؟ جتان پروگرام ڪندو آھي، اهو هنڌ ڪهڙو هوندو؟ سندس آسپاس ڇاڇا هوندو؟ “
    هوءَ پنهنجي ساءِ سوچيندي هئي ۽ تجسُس جي ٿوهرن ۾ وچڙندي هئي.
    هڪ ڀيري سندس والد سلطان جڏھن بيمار ماڻسُ سڀاڳيءَ کي علاج لاءِ مٺيءَ سنبرايو هو، ته هن به گڏ ھلڻ لاءِ ضد ڪيو هو. ماڻس ڀڻڪي هئي:
    ”ڇوري جواڻ جماڻ ڌيءَ ڪيڏانهن ٿي هلين؟“
    پر پڻس کيس گڏ وٺي هليو هو. مٺيءَ جي رستن تي هن جون نهارون ٽوليءَ مان ٽاريل ٽھاڙ وڇيرن جيان بيچين بڻجي پيونهيون. هن دلبر جي خيالي تصوير سان ملندڙ جلندڙ مُهانڊن جي ڳولا ۾، آسپاس پاڇولن جي مٽي ڇاڻي هئي. پر ڪٿي به دلبر جو درشن نصيب ڪون ٿيئس يا هوءَ کيس سُڃاڻي ڪون سگهي هئي؟!ڪجهه به هو، هوءَ مطئمن هئي ته هن ان شهر کي ڏٺو هو، جتان هن جو محبوب پروگرام نشر ٿيندو هو. هوءَ به اتي آئي هئي، جتي دلبر جي موجودگيءَ جو احساس، هن سان لاڳيتو اکيون ڀڃي رهيو هو.
    ڊاڪٽر سندس ماءُ کي تپاسيندي، ٻه ٽي ڀيرا هن ڏانهن اک ٽيٽ انداز سان ڏٺو هو. ڊاڪٽر واپس آفيس ڏانهن ويندي به هن کي، شڪار جي تاڙ ۾ ويٺل جهنگلي ٻلي جيان چتائي ڏٺو هو. زندگيءَ جا اڪيچار گهٽ گهيڙ ڏسندڙ سڀاڳيءَ سورٺ جي ڪن ۾ ڀڻڪو ڪيو هو:
    ”ڌيئم! پاڻ کي ڍڪي ويھ، ڊاڪڊر لوفر ماڻھو لڳي ٿو. “
    ”نه امان ڊاڪٽر ته گهڻا پڙھيل ۽ سٺا انسان هوندا آھن“
    ”ڌوڙ جا سٺا! سڀ مرد سهڻين عورتن اڳيان بُکيا ڪتا ٿي پوندا آھن“
    ڊاڪٽر وري موٽي آيو هو. پر هن ڀيري سورٺ نه رڳو چُنيءَ سان پاڻ کي ڍڪيو هو، پر سندس نظرون به جهڪيل هيون. ھر ڀيري ڊاڪٽر طرفان غير ضروري طور سورٺ ڏانهن اڇلايل ڳالهين جي ڏڙن کي سڀاڳيءَ جهٽي ورتو هو.
    شام 4 وڳي جڏھن سورٺ جي ڊرپ لٿي هئي ته ڊاڪٽر ڪمري ۾ ڪرسي رکائي اچي ويٺو هو. سلطان به دوائون وٺي موٽي آيو هو. ڊاڪٽر چيس:
    ”اوهان کي ٻه ڏينهن ترسڻو پوندو، اڃان چار سيون لڳنديون“
    سڀاڳيءَ سلطان کان اڳ ڳالهايو هو:
    ”سيون لکي ڏيو. ڳوٺ ۾ ڪمپائونڊر آھي لڳرائي وٺنداسين. ترسڻ ڏُکيو آھي، پويان ڪم ڪار آھن“
    ڊاڪٽر سوچ ۾ پئجي ويو هو. هن دوائن جي پرچي لکي سلطان کي ڏيندي چيو هو:
    ”سامهين واري اسٽور تي ملنديون، ستن ڏينهن بعد اچجو“
    سلطان ڪنڌ ڌُوڻيو. ڊاڪٽر کي وري ڪجهه ياد آيو، چيائين:
    “ليبارٽريءَ واري کي بل ڏنو؟“
    سلطان وري ڪنڌ ڌُوڻيو.
    ڊاڪٽر پنهنجو بل گهريو، تڏھن سلطان چيس:
    ”سائين غريب ماڻھُو آھيون. پئسه کٽي پيا آھن، اڌ بل وٺو، بقيہ ستين ڏينهن ايندس، تڏھن وٺجو!“
    ڊاڪٽر مُٺيماري ”ٺيڪ” چئي سوچ ۾ پئجي ويو هو. نيٺ ڳالهاڻو:
    ”سورٺ ڪيترو پڙھيل آھي؟“
    ”اٺ درجا پڙھي. ويجهو هاءِ اسڪول نه هو، اڳتي پڙھائي نه سگهياسين. “
    ڊاڪٽر مرڪي پيو.
    ”ڪا ڳالهه ناهي، ستين ڏينهن سرٽيفڪيٽ کڻي اچجو داخلائون هلن پيون. في آئون پاڻ ئي ڏيندس، صبح جو اسڪول ۽ شام جو هتي ليڊي ڊاڪٽر کان ڪم سکندي. رهائش ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست به ٿي پوندو، ٻه ٽي هزار کن، مهيني ۾ اوهان کي به ملي پوندا“
    ڊاڪٽر جملو پورو ڪري ڳيت ڏني ۽ جواب جو انتظار ڪرڻ لڳو. سلطان جي وراڻيءَ کان اڳ ئي، سڀاڳيءَ وراڻيو:
    ”اسان ۾ ڌيئرن جي ڪمائيءَ تي گُذارو ڪرڻ جي هير ڪونهين“
    ڊاڪٽر کي ڄڻ ڪاوڙ چٽي ويئي.
    ”باقي بک مرڻ جي عادت آھي“
    هن ڀيري سورٺ ورندي ڏنس:
    ”ڀلي بک ڀرم جي شال مَ وڃي شان“
    ڊاڪٽر ڪرسيءَ تان اٿي ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو. پيادل ٽرمينل ڏانهن ويندي سورٺ پڻس کان پڇيو:
    ”ريڊيو تي روز ٻُڌائين ٿا ته سرڪار، اسپتالن ۾ سهولتون وڌائي رهي آھي، مفت علاج ٿئي ٿو. امان کي اتي وٺي ڇو ڪون هلئين؟“
    سلطان سڀاڳيءَ ڏانهن ڏسي وراڻيو:
    ”اڳي چار دفعا اتي ويا هئاسين. مٿو ٽوپيءَ ۾، ٽوپي مٿي تي! ڳالهه مڙوئي ڳُڙ لڳي پيئي آھي. گهڻيون دوائون اسٽور تان پئسن سان وٺڻيون پونديون آھن. سيول ۾ ڊاڪٽر مريضن تي ڌيان مورڳو نٿا ڏين. هن ڊاڪٽر جي به سيول ۾ ڊيوٽي آھي. پوئيين دفعي مونکي چيائين:
    ”ميان جا فقير هتي رُلي ويندين. فائدو کپئي ته منهنجي اسپتال تي اچج. تڏھن ئي ته اڄ وٽس آياسين“
    سورٺ ڪنڌ جهڪائي خاموش ٿي ويئي.
    مٺيءَ مان واپس ايندئي، ڪجهه نه ڪجهه پويان رهجي وڃڻ جو نماڻو احساس ڄڻ ته هن جي ڀرسان ئي بس جي سيٽ تي ويهي رهيو هو. بس رواني ٿيڻ کان ٿورو اڳ هن اخباري هاڪر جي هٿ ۾ رسالو ڏسي پڻس کي چيو هو:
    ”ابا رسالو ته وٺ“
    پر ٻئي لمحي هوءَ پڇتاءُ جي پاڻيءَ ۾ تڏھن پُسي پيئي هئي. جڏھن سلطان بيوسيءَ مان کيسو ڦُلوري، ريزگارين جي سهاري رسالوورتو هو، تڏھن کيس والد جي غربت ۽ لاچاريءَ جو احساس وڌيڪ شدت سان محسوس ٿيو هو!
    هوءَ واندڪائيءَ جي وقت مطالعي جي مينهن-ڪڻين ۾ ڀڄندي رهندي هئي. پر دلبر جو پروگرام ته سندس سمورين مصروفيتن کي مات ڏيئي ڇڏيندوهو. پروگرام شروع ٿيڻ کان ڪجهه دير اڳ فريڪوئنسي سيٽنگ لاءِ بٽڻ گُهمائڻ جو لمس کيس عجيب سرور ارپيندو هو. آڱرين ۾ مزيدار ڪتڪائي ٿيندي هئس ۽ هوءَ پروگرام شروع ٿيڻ تائين باربار ايئن ڪندي هئي!
    پروگرام هلندئي، هوءَ دل جا ڪن کولي رکندي هئي. پروگرام جو دورانيو هن لاءِ ڪنهن سهڻي خواب وانگر هوندو هو. جنهن ۾ ڪيترين ئي رنگبرنگي ڪيفيتين سان سندس آشنائي ٿيندي هئي. ڀانت ڀانت جا جذبا، وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ وانگر احساس! سماعتن ۾ سرهاڻ اوتجي ايندي هئي.
    لفظن جي جوانين کي دلبر جڏھن صداڪاريءَ جي ڌُن تي رقص ڪرائيندو هو، ته هوءَ محظوظات جي ماڪ ۾ ٻاجهر جي ڪچڙن آڀُوئن جيان هرسُو ھڳاءُ ٿي پوندي هئي.
    انهن ئي ڏينهن ۾ دلبر جو پروگرام به اوچتو بند ٿي پيو هو. دلبر ريڊيو ڇا ڇڏيو، سورٺ کان گهڻو ڪجهه ڇڏائجي ويو. گهر جي ڪم ڪار ۾ به سندس دل ڪون کُپندي هئي. بجلي جي سهوليت کان محروم ڳوٺ ۾ ريڊيو ئي سندس اڪيلي وندر هئي پر اهو به هن لاءِ دلبر بنا وڌواه جي وجود جيان بيرونق بڻجي پيو.
    انهن ئي ڏينهن ۾ هن هڪ مئگزين جي صفحن تي دلبر ۽ سندس ريڊيو پروگرام متعلق نازڪ جذبن تي مشتمل ڪنهن لسنر جو پوپٽ جهڙو رنگين خط ڏٺو هو. جنهن ۾ ريڊيو تي دلبر جي وري واپسيءَ جو مطالبو به ٿيل هو. هونئن ته هوءَ دلبر جي مداح ھُئي، پر ڪنهن ٻئي طرفان دلبر کي ڏنل لفظن جي ڀيٽا، هن جي وجود ۾ رقابت جي چُھنڊڙي هنئي هئي، جيڪا پُرستار واري محبت کان به اڳتي ڪنهن جذبي جو عڪس هو، جنهن جو رقص هن جي وجود ۾ جاري هو، پر هوءَ ان کي ڪو نالو ڏيئي ڪون سگهي هئي. عزت ۽ احترام جي پاڇن ۾ پروان چڙھيل پيار جون پاڙون، دل-پاتال ۾ اُونهيون پيوند هونديون آھن. دلبر سان سندس والهاڻي وابستگي به ڄڻ ته ڊڀ جي پاڙ ھئي، جنهنکي دُورين جا ڏڪار سڪائي نه سگهيا هئا! هڪ خيال هن جي من ۾ ليئو پاتو هو:
    ”آئون به اهڙو ئي خط لکان“
    هن خط لکيو هو، ڦاڙيو هو ۽ وري لکي روانو ڪيو هو. جنهن ۾ ريڊيو ڇڏڻ جي ميارن، سببن ۽ موٽياچڻ جي مطالبن تائين گهڻو ڪجهه سمايل هو. ساڳي رسالي جي ٻئي پرچي ۾ اهو ´ادبي خط` جي عنوان سان ڇپيو هو. هوءَ گدگد ٿي هئي. سندس دل جي دريءَ مان ڪي خيال ٽپي اندر آيا هئا:
    ”منهنجو هي خط دلبر پڙھيو هوندو الاءِ نه؟! پڙھيو هوندائين ته هن ڇا سوچيو هوندو؟ ٻُڌندڙ طور منهنجو پراڻو نالو به کيس ياد هوندو الاءِ نه؟!“
    بي اولاد سوالن جي ھجوم ۾ ھُوءَ سڄو مهينو ڀٽڪي هئي. ٻئي مهيني جي پرچي ۾ سندس خط جي جواب تي مشتمل دلبر جو خط ڇپيل هو:
    ”محترمه اداس نازبوءُ!
    تنهنجون کٽيون مٺيون ميارون به اکين تي!
    پوئين پرچي ۾ ڇپيل تنهنجو نوازش نامو، مون لاءِ ٿري ڀٽن ۾ مائٽن کان وڃائجي ويل ٻار جيان ٿي پيو، جنهن جي روئڻھارڪين اکين ۾ ڪيئي بيجواب سوال سمايل هوندا آھن، جن جا جواب پپون ۽ ڳاڱيان ڳولڻ جيئن، جيتوڻيڪ دلچسپ آھن، پر توکي ته خبر آھي محترمه ته “ڏُڪار جي ڏينهن” ۾ اهو مشغلو به بي لاڀ ٿي پوندو آھي!
    تو سميت هزارين ريڊيو ٻُڌندڙ منهنجن مهربان سامعين جي سماعتن جا روهيڙا، منهنجي ڪمپيئرنگ جي يادن سان اڃان ساوا آھن، مون لاءِ اهوئي اتساه ڪافي آھي. مون لاءِ ته اهو به گهڻو آھي ته منهنجي آواز جيڪي لفظن جا پکي اُڏاريا هئا، انهن عام سماعتن ۾ جيڪي آکيرا اڏيا آھن، انهن کي اڻائي وقت جو واءُ ، اڃان اُجاڙي نه سگهيو آھي. مون طرفان اوچتو هليو وڃڻ وارو هاڃو، اڃان توکان وسري نه سگهيو آھي، پر آئون ڇا سمجهان؟ تنهنجون محبتون گونگن رشتن جو سڏڪو آھن، دادلي دل جي ، اجڙيل رشتن تي معصوم هُجت آھي يا وري آرٽ جي اڪيلائيءَ ، وڇڙيل رفاقتن کي فلائنگ ڪِس اُماڻي آھي!؟
    محترمه! تنهنجو لفظ لفظ پرديس ويندڙ پرينءَ جي الوداعي ڀاڪر جيان، مون لاءِ ڊگهو سوال ٿي پيو آھي. اڄ ڪلھ جي دؤر ۾، جتي ماڻهو کن پل۾ احسان وساري ويهن ٿا. جتي سالن جا ساٿ، وقت وسارايو ڇڏي. جتي يادگيريون، گندي ۽ گره تان گهورجي، ويسر جي واريءَ ۾، نابين ٻار جي هٿ مان ڪري پيل سڪن جيان وڃائجيو وڃن. جتي حالتن جون هيراڦيريون، رشتن جا تقدص رولي ڇڏينديون آھن. ۽ جتي خلوص جي خوشبو ۽ سڪ جي سڳن کي، رهزنيون ريلي ۽ بيوفايون ڀيلي ڇڏينديون آھن، اتي تنهنجن ماکي لار جهڙن لفظن ۽ ڪبوتر جي نيڻن جهڙن جذبن تي مشتمل خلوص ڀريو خط پڙهي، سوچيو هئم چارڻ جو چنگ ٻُڌي راءِ ڏياچ جو روح وجد جي ڪهڙين واٽن تان گذريو هو؟ پنهونءَ جي پچارن، سسئيءَ کي ڪيئن روھ جيرولاڪ بڻائي، ڀنڀور ۾ ڀٽڪايو هو؟! نوريءَ جي نوڙت، ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي ڪيئن نه تماچيءَ کي تڙپايو هو؟ ڪيئن نه ميهار جي محبت، ڪچي گهڙي سان گڏ، سهڻيءَ کي لهرن تي لوڏيو هو!؟۽ ڪيئن نه راڻي جي روسامي، مومل کي اوڙاه تي اٽڪائي، وفا جي وارتا لکرائي هئي!؟
    اداس نازبوءُ! مسافر آواز سان تنهنجي سماعتن جو پاتل ، اهو پرُڪيف ڊگهوپيچ، ڄار جي ٽار کي وسڪاري ۾ وروڪيل دالي گولاڙي جو دادلو ڀاڪر آھي يا وري ڊگهي جدائيءَ پڄاڻا ، ولايت مان موٽي ايندڙ وڃايل گونگي ڇوڪريءَ جو، پنهنجي جيجل کي پاتل ڏکارو ڀاڪر آھي؟!
    نازبوءُ! تو منهنجي ريڊيو تان ڊگهي غير حاضريءَ متعلق پڇيو آھي؟ خبر اٿئي دل جي ٻولين ۽ سمنڊ جي ڇولين جون ڪي به وضاحتون نه هونديون آھن. ممنوع چاهتن ۽ وڇوڙي جي ساعتن کي دليلن جي بلورن سان چِٽي ناهي سگهبو! احساسن جي گڏن کي تشريح جي گُڏين سان پرڻائي به نٿو سگهجي؟! ۽ نه ئي ڪن بينام وڇوڙن جو ڪوبه نالو هوندو آھي! بس تونايئن سمجهه ته جڏهن ڍنڍون سڪي وينديون آھن ته سفيد ٻگهلن کي ڪوبه روڪي ناهي سگهندو! ڏڪار جي ڏينهن ۾، ٿر مان لڏيندڙ ۽ اباڻا اجها ڇڏيندڙ خانه بدوش قبيلن کي به ڪو ناهي ترسائيندو؟! ۽ نه ئي ڪير ضديلن بادلن ۽ مسافر هوڏي مهمانن کي ڪجهه دير بيهاري سگهندو آھي!
    نازبوءُ! تو آس نراس جون چوٽيون چڙھي، ريڊيو تي منهنجي وري موٽڻ جون هجتون هلايون آھن. تو سميت هزارين محبوب ٻُڌندڙن جي هجت جون اجرڪون هانءُ تي اوڍي، وري اوهان سان ريڊيو واري رتيءَ جي رهاڻ رچائڻ لاءِ دل آرس ڀڳو آھي! سالن تائين سلامت رهجي پيل سڪ جي سُرڪن، وڇوڙن ۾ ھارجي ويل لڙڪن، ۽ مٺگهرن جي مرڪن جا، ڪهڙا ويهي ليکا چوکا ڪجن. بس وصل جي واٽن تي وڇايل وڇوڙن جا ڪنڊا لتاڙي، وري جي قسمت سان ملياسين، ته آواز جا ڪي رنگرتا پوپٽ، هوائن ۾ اُڏاري، سداملوڪ لفظن جي سوداگري ۽ ڪومل جذبن جو ڪاروبار به ڪنداسين، بس حالتن رعايت ڪئي ۽ وقت مهلت ڏني جيڪڏھن! تيستائين وصل جون واٽون ڀلجي ويل رفاقتن جي رکوالن اوهان پارن مٺن ماڻهن کي، موٽي ملڻ جي آسرن جا رنگبرنگي ويس وڳا مبارڪ هجن!”
    سورٺ خط پڙهي، بسنتي هوائن ۾ ٽڙي پيل باغ جيان وجود جي واس ۾ ئي واسجي پيئي هئي.
    ”دلبر منهنجو خط نه رڳو دل سان پڙھيو آھي، پر ان کي جواب جي قابل به سمجهيو آھي. جواب لکڻ وقت هن ڇا سوچيو هوندو؟ هن وٽ منهنجو غائبانه تصور ڪهڙو هوندو؟! هن منهنجي خط جي جواب ۾ ھزارين ٻُڌندڙن کيريڊيو تي موٽي اچڻ جو مبهم سُبهم آسرو به ارپيو آھي. “
    سوالن جا ولر واريندي، الاءِ ڪيڏي محل هن جي اک لڳي ويئي هئي.
    صبح سويل اٿي هئي ته راتوڪن خيالن جي گذري ويل برسات جون چند ڦُڙيون سندس من جي ڪکائين جهوپڙيءَ مان اڃان ٽمي رهيون هيون. ويل وقت جي ساروڻين ۽ حال جي تلخ حقيتن ۾ ڪيترو نه فرق اچي چڪو هو. سندس سويچار ماءُ سڀاڳي به ھاڻ هن دنيا ۾ نه رهي هئي. پيءُ سلطان جا پڇاڙڪا ڏينهن به ڏاڍا ڏُکيا گذريا هئا. چوپائي مال جو ولر سڀاڳيءَ جي بيماري ۽ ڏڪارن ڳڙڪائي ڇڏيو هو. سندس پٽ کي قالين جي ڪم تي لڳايو هئائين. اتي سيٺ چوپڻين تي اُبتا سُبتا بل لکي کيس قرضي ڪري وڌو هو. سيٺ جڏھن قرض وصوليءَ لاءِ کيس گهڻو تنگ ڪيو هو ته هن ڪجهه نه هجڻ جي مجبوري ڏيکاريندي سال جي مهلت لاءِ منت ڪئي هئي، پر سيٺ رُکو جواب ڏنو هئس. ڪجهه دير جي ناگوار خاموشيءَ بعد سيٺ ڳالهاڻو هو:
    ”توکي هڪڙي صلاح ڏيان؟“
    سيٺ کي ڪجهه ٿڌو ڏسي، سلطان جي ساه ۾ ساه پيو هو:
    ”ٻُڌائي؟“
    ”وڏيري لائق وارا سکيا ستابا آھن. لائق وٽ نينگري نه آهي جو بدو ڏيئي پٽ پرڻائي. ڪالهه مون وٽ آيو هو، چيائين سلطي کي جهل ته پٽ لاءِ سنڱ ڏي. قرض به ڀريان ٿو ۽ ڪجهه ڏوڪڙ به ڏيندوسانس!“
    سلطان جي چهري تي ڄڻ هئيڊ ھارجي پيئي هئي. بيضبط لهجي ۾ وراڻيائين:
    ”بس ٻيلي جن جي گُندئين ۾ داڻا تن جا چريا به سياڻا. لائق جو اڌ چريو ۽ اڌ کريو پٽ منهنجي ڌيءَ جو لائق آھي جو هن ۽ توکي، اهو چوڻ جي جرئت ٿي آھي! پر منهنجي نصيب مونکي اهي ڏينهن ڏيکاريا آھن!“
    سيٺ کي ڪاوڙ چٽي ويئي هئي، هونئن به ڏاڍي کي هيڻي تي ڪاوڙ چڙھندي دير نه ڪندي آھي! ڪامورو، پٽيل، وڏيرو ۽ اقتدار ڌڻين جي ڪاوڙ ته هوندي ئي ٺيس وهيڻي آھي، شال نه ڪٿان بهانو ملي! وراڻيائين:
    ”اهڙو غيرتي ۽ وڏو مڙس آھين ته منهنجا پئسه هتي رک. پوءِ توکي چوان ته چئجان!”
    سيٺ تپي باھ ٿي ويو هو. سلطان ماحول جي جبر کي محسوس ڪندئي، سندس پيرن تي ڪري پيو. ايلاز ڪندي چيائين:
    ”تون وڏو آئون تنهنجي گئو آھيان، مونکي معاف ڪر“
    سلطان جتي چڪ ۾ کڻي ورتي. سيٺ ڌڪار ۽ ڪاوڙ مان چيو:
    ”وڃي ڌُوڙ پائي-پر آخري واعدو ڪر، قرض ڪڏھن موٽائيندين؟“
    سلطان چيو :“6 مهينا“
    سيٺ چيس:
    ”نه نه ڇھ مهينا گهڻا آھن. قالينن جا اگھ ڪونهين. هونئن به آئون اهو ڪاروبار ختم ڪري ٻاهرئين ملڪ وڃان پيو. تڏھن ته قرضن جون وصوليون ڪري رهيو آھيان“
    ”ته پوءِ ٽي مهينا“
    چلو ٺيڪ آھي، پر تيستائين تنهنجو ڇوڪرو اڌ رقم ۾ مونکي هڪڙو غاليچو ٺاهي ڏيندو“
    ”قبول سائين قبول“
    سيٺ هليو ويو هو، سلطان وقتي ئي سهي سک جو ساھ کنيو هو. پر پريان بيٺل سورٺ محسوس ڪيو ته سندس والد ڏٻري ٻڪر جيان لالچي واپاريءَ هٿان هڪ ڀيرو ته ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ ڪڍائي ويو هو، پر اها ڪاتي دير سوير سندس سِر تي اچڻي ئي هئي!
    سلطان جو سڪيلڌو پٽ سيٺ جو غاليچو ٺاهڻ ۾ رُڌل هو. سلطان هتان هُتان سيٺ جو قرض لاهڻ لاءِ ھٿ پير هڻي رهيو هو. پر هن جو ڪٿي به هٿ نٿي پڳو ۽ نه ئي پير ٿي لڳو. آس پاس ڏڪاري حالتن سبب بک ۽ بدحاليءَ جي ڏانئڻ چڱن چوکن کي کائڻ لڳي هئي. سلطان ڪنڊين جا پن لاهي شهر ۾ وڪڻي گهر جو سيڌو سامان آڻڻ جي ڪوشش ڪندو هو، پر پن لاهڻ وارن جي لوڌ، پنن جا به اگھ ڪيرائي ڇڏيا هئا. تڏھن هن ۽ گهر ڀاتين هڪ ويل رٻ ۽ ٻئي ويل مرچ مانيءَ تي گذارو ڪرڻ شروع ڪيو هو. ٻن مهلن واري چانھ به هڪ ويل تي اچي بيٺي هئي. ان بچت کي سلطان “سِيس-وِيس” چوندو هو. ٻه سال اڳ تائين ته هن وٽ رڍن ۽ ٻڪرين جو وڏو ولر موجود هو. پر ڏڪارن ۾ چاري پاڻيءَ جي کوٽ، سڀاڳيءَ جي بيماري ۽ ڏڪار جو بهانو بڻائيواپارين طرفان اگھ ڪيرائڻ جي سببن ڪري، هو ڪنگال ٿي پيو هو. غاليچي واري سيٺ جي بدديانتيءَ ويتر کيس قرضي ڪري وڌو هو. ڪجهه ڏينهن کان سندس سپوٽ پٽ کي به کنگھ رهڻ لڳي هئي. هو وڌيڪ ڪمزور ۽ ڏُٻرو ٿي رهيو هو. جنهنکي هڪ ڀيري ڊاڪٽر وٽ وٺي ويو هو، جنهن ايڪسري ۽ ڪن ٽيسٽن لاءِ ليبارٽريءَ ريفر ڪيو هو. پر هن پئسه نه هجڻ جي مجبوري ڄاڻائي هئي ته ڊاڪٽر اندازي تي دوائون لکي ڏيندي چيو هئس:
    ”ڇوڪري کي غاليچي جي ڪم تان اُٿار. ڌاڳن جي سنهڙي دز ساھ جي نالين منجهان ڦڦڙن تي نقصانڪار اثر ڇڏي رهي آھي. “
    پر هو ڇوڪري کي کڏيءَ جي ڪم تان اٿاري نه سگهيو هو، ڇوته کيس سيٺ جو غاليچو مقرر تاريخ کان اڳ لاهڻو هو!
    سيٺ سان قرض ڀرڻ جي ڏنل تاريخ جو واعدو جيئن جيئن ويجهو اچي رهيو هو، سلطان جي درديلي دل کي وهلُورن ۽ وسوسن وروڪي وڌو هو.
    ”قرض واپس نه ٿيو ته سيٺ ڇتو ٿي پوندو. چار چڱا به مونکي ڏوهي ڪندا! صوبيدار به سيٺ سان گڏ کائيندڙ پيئندڙ ماڻھو آهي، منهنجي مرمت ڪندي دير نه ڪندو. ڳوٺاڻو وڏيرو به سيٺ جو کاٻو هٿ آھي. ٻني ٻارو يا ٻي ڪا ملڪيت به ناهي جو کپائي قرض ڀريان!؟آخر وڃان ته ڪيڏانهن وڃان؟ کوه ۾ ٽپو ٿو ڏيان ته به اولاد رُلندو! سيٺ واري صلاح تي هلي، سورٺ کي وڪڻان ته به ٻُڏي مرڻ آهي، نيٺ ڪجي ته ڇا ڪجي؟”


    باب چوٿون

    ڀٽ جي چوٽيءَ تي ايڊوڪيٽ ملوڪ کي ڪال ڪرڻ لاءِ سگنل اچڻ جو انتظار ڪندي، دلبر سوچيو:
    “شڪ ۽ تصديق کان سواءِ تحقيق انڌي هوندي آھي، جڏھن ته ڏٺي مان به وري ڏسڻ بنا رڳو شڪ اتاڪي ڪتيءَ کي انڌا گُلر ڄڻائيندو آھي. رشتن جي بقا لاءِ اعتبار ضروري آھي. جڏھن ته دليل ۽ ناقدانه نظر رشتن کي روڳ بڻائي ڇڏيندا آھن. ڇوته ناقداڻي نظر ۾ رشتا ايئن نه لڳندا آھن، جيئن اسين کين ڏسڻ چاهيندا آھيون، مون پنهنجا ڪيئي رشتا ايئن وڃائي ڇڏيا، جو جيئن هو هئا، ايئن کين آئون قبولي ڪون سگهيس ۽ جيئن مون کين ڏسڻ چاهيو ٿي، تيئن هو ٿي نه سگهيا!”
    هُو پنهنجي ساءِ کلي پيو هو.
    ”تشڪيڪ پسندي عقل جي سُريت آھي، پر غير متوازن شڪ عقل جي اکين تي چيچڙي ۾ وهندڙ اٺ جيان پٽيون ٻڌي ڇڏيندو آھي!”
    ان ڏينهن ڪيئن نه سهيند تي شڪ ڪري ويٺو هئس؟! سٺو ٿيو جو ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جي طوفان ۾ ڪو انتهائي قدم کڻڻ کان اڳ، جوش جي انڌي گهوڙي تان لهي، هوش سان هٿ ملايو هئم“
    هن کي سهيند جو هيسيل چهرو ياد اچڻ لڳو. ڪاري ڪري ماريل عورتن جي مرڻ کان اڳ سندن محسوسات متعلق سوچيندي، اها شام کيس هانءُ تي هُٽڪڻ لڳي هئي، جڏھن ھن سُهيند کان رعب مان پڇيو هو:
    ”آخر اخبار جي خبر توکي ڪنهن ٻُڌائي؟“
    هوءَ لڄاري لوئيءَ ۾ ويڙھجي ويئي هئي. ڪاوڙ جي انڌي گهوڙي وري هڻڪو ڪيو هو.
    ”مڙس آھين ته ڀڃينس مڻڪو، نه ته طلاق. . !؟“
    پر تُرت ئي سهيد هٻڪندي هٻڪندي چپ چوريا هئا:
    ”مون پاڻ تنهنجي ڪالههوڪي آندل اخبار ۾ پڙھيو هو ته جلد سرڪار ٿرين کي امدادي ڪڻڪ جي ٽئين قسط ڏيندي“
    دلبر ڇرڪي پيو هو. سوچيو هئائين:

    ”ڀئو بڇڙي بلا آھي، خوف ۽ تڪڙ ۾ انسان اهڙو ڪوڙ به ڪري گذرندو آھي، جيڪو بظاهر اڻ ٿيڻو هوندو آھي. “
    اها اخبار سامهون جالي تي سنڀالي رکي هئي. دلبر سُھيند جي چهري تي نظرون کُپائي ڇڏيون. هوءَ شڪار جي گهيري ۾ آيل سهي جيان ڦٿڪڻ لڳي هئي. دلبر چيس:
    ”ڏيکار! هن اخبار ۾ اها خبر ڪٿي آھي؟“
    ”هن هراسيل ڊيل جهڙين نظرن سان اخبار جا صفحا ڳوليا هئا. دلبر سوچيو:
    ”نه ڪو نو مڻ تيل گڏ ٿيندو ۽ نه ڪو راڌا نچندي!“
    پر ٻئي لمحي تڏھن حيران ٿيو هو، جڏھن سهيند پنهنجي نازڪ آڱر ان ئي ساڳي خبر تي رکي، اخبار هن اڳيان آندي هئي. پر وري به بي اعتباريءَ جي باه ڀڙڪو کاڌو هو:
    ”خبر سڃاڻڻ ۽ پڙھڻ ۾ فرق آھي!”
    سهيند کان اخبار کڻي، ساڳي خبر تي آڱر رکي چيائين:
    ”پڙھي ٻُڌائي“
    هوءَ ويهين صدي جي سخت مزاج سنڌي استاد اڳيان سبق وساري ويٺل حساس شاگرد جيان مُنجهي پيئي ھئي. حراسجي پيل هرڻيءَ جيان ڇِپي دلبر ڏانهن ڏٺو هئائين.
    دلبر چيس:
    ”شاباس! پڙھي ٻُڌائي“
    هن کنگهي گلو صاف ڪيو، ڄڻ مٿي تي آيل اڻ مَيو بار کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، پر بار نٿي کڻاڻُو!”
    ٻئي لمحي دلبر جي حيرت جي حد نه رهي هئي، جڏھن هن حرف بحرف سڄي خبر کيس پڙھيٻُڌائي هئي.
    هڪدم دلبر جي چهري جا بدلجي پيل تاثر ڏسي، سهيند جي ساھ ۾ ساھ پيو هو. بيساخته چئي ويٺي:
    ”گهوڙا منهنجو ته ھيئون ٿي ڦاٽو! سمجهيم منهنجو اخبار پڙھڻ توکي بُرو لڳو آھي. اهوئي ڊپ هئم جنهن ڪري تنهنجا ڪتاب لڪي لڪي پڙھڻ واري ڳالهه توکان لڪايم، متان تون مون لاءِ بدلجي پوين!”
    دلبر اچرج مان پڇيو هو:
    ”سهيند تون ته اڻ پڙھيل هُئيين نه؟“
    ”اڻپڙھيل ئي سمجهه . ننڍي هوندي وڏي ڀاءُ وٽان صرف سنڌي ٻاراڻو ڪتاب پڙھي هُيس. پر جڏھن کان تون ڀانئڻ لڳو آھين، تنهنجي هر شيءُ پنهنجي پنهنجي ۽ سٺي لڳندي آھي. تو وٽ پاڻ وڻائڻ لاءِ ضروري سمجهيم ته پڙھان. اسڪول وڃڻ وس ۾ نه هو، جنهنڪري اخبارون ۽ رسالا کُنڊي کنڊي پڙھندي هيس. پهرين ته ڪجهه به سمجهه ۾ ڪون ايندو هو، پر پوءِ به خبطي شوق اهڙو جو پڙهڻ جي ڪوشش ڪون ڇڏيم. نيٺ ڪجهه نه ڪجهه پلئي پوڻ لڳو. آھستي آھستي اخبارن ۽ رسالن کان اڳتي وڌي، ڪهاڻين جي ڪتابن تائين پُڳي آھيان، تنهنجي پيار، پاٻُوھ ۽ ٻاٻيس منهنجا حوصلا هيڪاندا وڌائي ڇڏيا جو هاڻ ڪهاڻيون، سفرنامہ ۽ آتم ڪٿائون شوق سان پڙھندي آھيان، جتي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ اٽڪ ٿيندي آھي، اتي لُغاتون کڻي وٺندي آھيان. هڪ نئين دنيا منهنجي اکين اڳيان کُلي آھي. “
    هوءَ دلبر جي ويجهڙو سُري آئي هئي. دلبر کيس داد ۽ جس ڏيئي، پيار مان ڳلن تي ٿپڪي ڏني ته هُوءَ اُري پيل گدريءَ جيان هيڪاندي هٻُڪار ٿي پيئي هئي!”
    سگنل موٽي آيا هئا ته دلبر جو به ڌيان ڇڪاڻو هو ۽ ويل وقت جي ساروڻين جا پکي به ڀڙڪو کائي اُڏاڻا هئا.
    هن ملوڪ جو نمبر ملائي رنگ وڄڻ ۽ دلبر جي ڪال کڻڻ جو انتظار ڪيو.
    “هيلو دلبر پيارا، خيريت آهي؟“
    ”توهانجو ميسيج مليو، تڏھن ڪال ڪيم“
    ”تون سڀاڻي مٺيءَ اچ. ريڊيو جي هڪ نئين آيل پروڊيوسر مٿو کائي ڇڏيو آھي. تنهنجو انٽريو ڪرڻ چاهي ٿو. ۽ ھا- ٻي ڳالهه ته مون تولاءِ ھڪ اين جي او ۾ نوڪريءَ جو بندوبست ڪري ڇڏيو آھي. سٺو ٿيو جو ان جو هيڊ خيبر پختون خواه جو پٺاڻ آھي، نئون ماڻھو آھي، هتي وارا همراه سندس آءُ ڀڳت ۾ لڳا پيا آھن، پر اڃان وٽن ڦاٿو ڪونهي. منهنجي هڪ لاهوري دوست جو مائٽ آھي، مون کيس تو متعلق ٻُڌايو آھي، جنهن توکي پنهنجي اداري ۾ مقرر ڪرڻ جي حامي ڀري آھي. جلدي ڪر، متان تو وارا مخالف اتي به پهچي نه وڃن!۽ها- هڪ ٻئي ڳالهه جو خيال رکجان. هاڻ اڳوڻيون تيريون-ميريون ڇڏي ڏي. ڪتابن واريون سچايون ڳوٺ ڇڏي اچجان، قول ۽ عمل جي هڪجههڙائي ڪرڻي اٿئي ته درويش ٿي دنيا تياڳي ڇڏ. باقي دنيا داريءَ ۾ ڪاميابيءَ لاءِ دل جي دوکي بدران دماغ سان سوچڻو پوندو. ضمير کي به ملو ڇلو معاف ڪرڻو پوندو. هينئر موقعو اٿئي زندگي ٺاهڻ جو. ڏڪار سبب ٿر ۾ ڌڙاڌڙ اين جي اوز جي نالي ۾ پراجيڪٽ اچي رهيا آھن. بس ڪٿي پير کُپائي وئين ته پئسو ئي پئسو اٿئي، ڏوڪڙن سان رانديون ويٺو ڪجان!…”
    سگنل وري هيٺ مٿي ٿيڻ لڳا، ايڊوڪيٽ ملوڪ جو آواز ڪٽجڻ لڳو. دلبرچيو :
    “ توهانجو آواز ڪٽجي رهيو آھي. چڱو سڀاڻي مٺيءَ ۾ روبرو ملبو. “
    ملوڪ جو آواز ڪٽجي رهيو هو. دلبر وکريل اکرن کي ملائي اندازو لڳايو ته ملوڪ او ڪي بائي چوڻ کان اڳ “اچجان ضرور“ به چيو هو.
    ڀٽ جي چوٽي تان لهواري لهندي دلبر سوچيو:
    ”لاڳيتن ڪيسن ۽ ڏڪارن منهنجا معاشي حالات ساڳي رهڻ ڪون ڏنا آھن. تڏھن ئي ته ايڊوڪيٽ ملوڪ جي ڪنهن ڳالهه کان اختلاف نه پيو ڪري سگهان. شايد ناسازگار حالتون، انسان جا سنڱ ڀڃي موڏو ڪري وجهنديون آھن! جن ڳالهين کان منهنجا ايڊوڪيٽ ملوڪ سان زبردست نظرياتي اختلاف رهيا آھن، اڄ ھُن جي ڳالهين سان متفق ٿيڻ بنا مون وٽ ٻيو ڪو چارو ڪونهي. مونکي هن وقت هرحال نوڪريءَ جي گهرج آھي ۽ اها ملوڪ جي ڳالهين سان سهمت ٿيڻ بنا ممڪن ناهي، جيڪو هميشہ موقعن، مصلحتن، حالتن ۽ تعلقدارين مان ڀرپور فائدا وٺڻ جي تلقينڪندو آھي“
    ملوڪ ئي کيس اقتداري پارٽيءَ ۾ شموليت جو مشورو ڏنو هو. پر دلبر جي دل کيس ايئن ڪرڻ ڪون ڏنو. سمورا انتقام ڀوڳي ڪنگال ٿي وڃڻ باوجود، هن ڪڏھن اقتداري ڇٽيءَ ھيٺان لڪڻ جي ڪوشش ڪون ڪئي. ھن ڪڏھن ڪو اهڙو ڪم ڪون ڪيو، جنهن کي هن جي دل نه مڃيو هجي.
    ايڊوڪيٽ ملوڪ چوندوهئس:
    ”دلبر تو سول سوسائٽيءَ جا چڱا چوکا ماڻھو رڳو ان ڪري ناراض ڪري ڇڏيا، جو تنهنجي بقول اهي قول عمل جو تضاد رکندڙ ھئا. اهي اڄ ڪروڙن ۾ مٿو ڌوئي رهيا آھن ۽ تون. . . . . !؟“
    ملوڪ هن جو پيارو دوست هو. ٻنهي جي خيالن ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق هجڻ باوجود ملوڪ کيس ان ڪري سٺو لڳندو هو، جو سندس نيت ۾ دلبر متعلق ڪو خلل ڪون هو. دلبر سان هن کي همدردي هئي ۽ ھُن جي بقول دلبر کي ڪتابي ڳالهيون ڇڏي حقيقتن ۽ حالتن موجب پاڻ کي بدلائجڻ گهربو هو، پر دلبر هيستائين بدلجي نه سگهيو هو!
    ڀٽ جي چوٽيءَ تان واپس گهر ايندي، دلبر کي ملوڪ سان ماضيءَ ۾ رچيل رهاڻين مان ڪيئي عڪس اکين اڳيان اچڻ لڳا. ڪي جملا ڪنن ۾ سُس پس ڪرڻ لڳس. ملوڪ چيو هئس:
    ”دلبر توکي ٿر جي سول سوسائٽيءَ جي ماڻھن سان تعلقات بهتر بڻائڻ گهرجن. پر تون ته مورڳو انهن تي ڇتيون تنقيدون ڪندو رهيو آھين“
    دلبر سوچ ۾ پئجي ويو هو. مختصر ماٺ بعد وراڻيائين:
    ”منهنجو انهن سان ڪو ذاتي اختلاف نه آھي، بس انهن جي بڇڙن افعالن سان اختلاف آھي. اهي صحافيءَ جي روپ ۾ ڪامورن ۽ بااثرن جا چمچا ٿيندي به دير نه ڪندا آھن، ڇوته کين اشتهارن ۽ مراعاتن لاءِ وٽن وڃڻو پوندو آھي. ڳالهيون ڪندا آھن قلمي جهاد جون، پر جهاد ڀلا لالچ ۽ بدديانتيءَ سان گڏ ڪيئن ٿو هلي سگهي؟!
    اهي سماج سڌارڪ جي روپ ۾ ٿري عوام لاءِ آيل ڪروڙن جي فنڊن تي هٿ صاف ڪندا آھن، پر پاڻ کي سڏائيندا عوام جا سچا خيرخواه آھن، ڀلا گهوڙو گاھ جو خير خواھ ڪيئن ٿو ٿي سگهي!؟
    هيٺين يا مٿئين سطح تي سياست ۾ هوندا آھن ته وٽن ڪرپشن به جمهوريت جو حسن ٿي پوندي آھي. ڀلا ڪرپشن ۽ عوام جا مفاد، شينهن ٻڪريءَ جيان ساڳي گهاٽ تان پاڻي ڪيئن ٿا پيءُ سگهن؟!
    اديب يا شاعر جي روپ ۾ ڏينهن کي رات چوندي دير نه ڪندا آھن. اهو ڪجهه ڪندا آھن، جنهن جا وڏا نقاد پاڻ هوندا آھن. لابين جي ڪلهن تي چڙھي قلمي قد وڌائڻ جي چڪر ۾ ٻاراڻيون حرڪتون ڪندا آھن. پاڻ يا سنگتين ساٿين کان پاڻ سان شامون ملهائڻ جو اهتمام ڪرائي وٺندا آھن. ڪي ته سنگت ساٿ کان خود کي عظيم اديب قرار ڏياري وجهندا آھن. ڀلا ماءُ واکاڻيو پٽ ۽ ڌڻيءَ واکاڻيو گهوڙو ڀلو ڪيئن چئبو؟!
    سرڪاري ملازم هونداآھن ته سندن فرض رڳو ڪاغذن جي زينت بڻبا آھن. رشوت سندن سهيلي هوندي آھي، پر پاڻ کي قانون جا پاسدار ظاهر ڪندا آھن. ڀلا رشوت قانون سان لانئون ڪيئن ٿي لهي سگهي!؟
    بس اها هڪ ذهنيت آھي، جيڪا ادارن کان فيس بڪ تائين، هرهند کائڻ جا ڏند لڪائي، ڏيکارڻ وارن ڏندن جي نمائش ۾ پوري آھي!
    ايڊوڪيٽ ملوڪ دلبر جون ڳالهيون ماٺ ميٺ ۾ ڌيرج سان ٻُڌيون هيون. ۽ پوءِ پڇيائين:
    “انهن ڳالهين جو تو وٽ ڪو ڪاغذي ثبوت آهي؟”
    دلبر وراڻيو:
    “مٿائين منصف ۽ اندر جي قاضيءَ کي ڪو به ڪاغذي ثبوت گھربل نه هوندو آهي!”
    “ڇا اهي ماڻهو ڪي علم کان خالي آهن، جن کي تون صحيح ۽ غلط سمجههائيندين؟!”
    “آئون ڇا سمجههائيندس! بس علم به تيستائين سُنڍ عورت جي هنج ورتل ٻار جيان آهي، جيستائين پاڻ تي لاڳو ڪري تخليقي باريڪين سان نٿو پرکجي!”
    ”اهو سڀ ڪجهه غلط ئي سهي، پر ان تي ايترو سخت ڳالهائي، سول سوسائٽيءَ ۾ اڪيلو ٿيڻ ۽ ذاتي نقصان کائڻ جو ٺيڪو صرف تو ئي کنيو آھي؟!”
    دلبر وراڻيو هو:
    ”غلط کي غلط ۽ درست کي درست چوڻ علمي فرض آھي“
    ملوڪ کلي پيو هو. چيائين:
    ”ڪيترا فرض آھن، جيڪي اسان وٽ پورا ٿي رهيا آھن؟!“
    دلبر به کلي پيو هو، وراڻيائين:
    ”ڀينگ ٿي پيئي آھي، بس ماٺ ڀلي آھي!“
    خيالن ۾ شديد تفاوت هوندي به هُو ٻئي ڄڻ ھڪٻئي سان متفق هئا! اختلاف رائي باوجود هڪٻئي لاءِ وٽن هجت ۽ احترام هوندا هئا. سنجيده بحثن مباحثن جي ممڙين، ڪڏھن به سندن روسامن جي ٻارڙن کي ٻک ڪون وڌا. اهوئي سبب آھي جو هُو هڪٻئي سان اسهمت هوندي به سهمت هئا! رٺل هوندي به پرتل هئا! گڏ هوندي به ڌار ۽ ڌار هوندي به گڏگڏ ھئا. ستارن جهڙي سنگت ۽ درياءُ جيڏي دوستيءَ کين ساڻ ساڻ سلهاڙي رکيو هو.
    ڪڏھن ڪڏھن ته سندن گفتگو جي انداز مان ايئن لڳندو هو، ڄڻ هُو ٻئي اختلافي موضوعن تي به متفق هوندا هئا، فرق رڳو اهو هو جو، ملوڪ هڪ دوست جي حيثيت ۾ دلبر طرفاندنياداري اپنائڻ جو آرزومند هو!
    ”هُن ڪهاڻيڪار همراه پنهنجي چاچا کي ٿر جو ايڌي قرار ڏيارڻ لئه وري ورسي تقريب رکي آھي، جنهن ۾ مٿس مقالا ۽ لکندڙن کي ايوارڊ به ڏنا ويندا. جڏھن ته چاچل مرحوم ته ڪالهوڻي ڪالهه پاڻ به ڏٺو هو، سندس 'ٰڪارنامن' کان ته سڀ واقف آھيون!“
    ملوڪ ٽوڪيلي مرڪ مُرڪي چيو هو. دلبر وراڻيو:
    ”اهائي گهوڙا گهوڙا ڪندي، مون کي سال ٿي ويا آھن ته اقرباپروري ۽ مفروضات مڃائڻ لاءِ ٿري تاريخ سان هٿ چُراند ڪري، ايندڙ نئين نسل جي اکين ۾ ڌُوڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پيئي وڃي. هونئن ته هرهنڌ تاريخ ۾ وڏو ترڪتال ٿيل آھي، پر اهو سڀ ڪجهه ھينئر ايڪويهين صديءَ ۾ عجيب لڳي ٿو!“
    ”پئسو واقعي پئسو آھي. دماغ سان ان جو استعمال ڪجي ته هُوند گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهجي ٿو! غير ٿري علائقن جي قلمڪارن کي ٿر گهمائي، خدمت چاڪري ڪري، ايوارڊ ڏيئي، مفروضن تي مبني ڪهاڻيون ٻُڌائي، چاچن مامن کي ٿري هيروز قرار ڏيارڻ اڄڪلھ مسئلو ئي ناهي. ڪير ڇا هو؟ ماضيءَ ۾ ڪير ٿو جهاتي پائي؟ ڪو دستاويزي ثُبوت ته کپي ڪون ٿو!”
    ”پئسو برابر گهڻو ڪجهه آھي، پر سڀ ڪجهه ناهي. اصل خرابي اها آھي جو سمجهڻ وارن چپ سبي ڇڏيا آھن. وقتي خواهشن آدرشن کي لتاڙي ڇڏيو آھي. هرڪو چوي ڪير ڇا هو، ان سان منهنجو ڇا وڃي؟ مونکي ته منهنجو مفاد ڏسڻو آھي. “
    ”فطرت جو قانون ئي طاقت ۽ مفادن جي مٽيءَ ۾ ڳوهيل آھي. هيڻن جي حقن جي ڪابه ضمانت ڪونهي. ۽ اڄڪلھ طاقت جو سرچشمو پئسو آھي!“
    ”ڇا پئسن سان هُن جهان ۾ به ماڙيون اڏائي سگهبيون!؟“
    ”اهڙيون ڪوششون اڳ به ٿيون آھن، هينئر به ٿين پيون. متارو ۽ موليڏنو جڏھن مئٽرڪ ۾ ناپاس ٿيڻ بعد مٺيءَ ۾ اچي رهيا هئا، تڏهن شروع ۾ ٻي ٽي ٽڪ ماني لاءِ اوطاقون ڳوليندا هئا. پوءِ هڪ همراه صحافت ۾ ڦاڙھا مارڻ لڳو. خبرون به ٻين کان لکائيندو هو. پوءِ به رهيل سهيل درستگيون اداري وارا پاڻ ڪندا هئا. موليڏنو هڪ اين جي اوز واري وٽ بورچي ھُوندو هو. هن وقت اهو همراه هڪ اين جي او جو هيڊ آھي. جڏھن ته موليڏنو جديد ٿري صحافت جو باني ليکجي ٿو. ٻنهين پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ ايترا هٿ صاف ڪيا آھن، جو چڱو چوکو پئسو ٺاهڻ بعد همراهن ڳوٺ وارين ارينج ميريجن مان نامطئمن ٿي، شهري عورتن سان ٻيون شاديون رچايون آھن“ملوڪ کلي پيو. دلبر اتان ئي ڳالهه جو سنڌو ملايو، جتي ملوڪ ڇڏيو هو.
    ”۽ جڏھن ٻنهين کي محسوس ٿيو ته اهي شيون مئي کانپوءِ ڪنهن ڪم جون ناهن، ته هنن تاريخ ۾ ٽنگجڻ خاطر گهر جا پئسه ڏيئي، ڊونيشنون ڪرائي، پاڻ سان شامون ملهائڻ جا اهتمام به ڪرايا۽ ذاتي ۽ قلمي واسطا استعمال ڪري پاڻ کي عالي ۽ عظيم به قرار ڏياريوپر وري کين محسوس ٿيو ته هي جهان هٿيڪو ٿيو، پر هُن جهان جو به ڪو بلو ڪرڻ گهرجي، ته ٻئي حج تي به گڏ روانا ٿيا. واپس جو موٽيا آھن ته ٻنهين ۾ بس هڪڙي تبديلي آئي آھي، چهري تي سونهاري، هٿ ۾ تسبيح، ۽ چپن تي نيڪ ڪمن جي تبليغ! باقي ڪو خاص فرق ڏسڻ ۾ نٿو اچي. !انهي ساڳي رستيجي پنڌ ۾ ٻيا به ڪيترائي همراه آھن!“ملوڪ وري به کلي پيو هو. حيرت مان پڇيائين:
    ”تون ته اڪثر ڳوٺ ھُوندو آھين، ڀلا توکي اهي خبرون ڪير ٿو ٻُڌائي؟“
    دلبر مرڪي ڏانهس ڏٺو هو. وراڻيائين:
    ”مونکي اها به خبر آھي ته جيڪي ڏات ڌڻي اين جي او ۾، مسڪين ٿرين لاءِ آيل پئسن مان ڪروڙين رپيا هڙپ ڪري، آڊٽ کان بچڻ خاطر پرڏيھ ويا هئا، اهي آهورن جا هيراڪ اتي پاهُرن تي بيهي ڪون سگهيا. هتي ماحول ٿڌو ڏسي پاڻ سان شام ملهائڻ جو بندوبست ڪيائون. سنڌ جي ناليوارين هستين کي مدعو ڪري، خاص يارن کي سمجهايائون ته اهڙو ماحول ٺاهيو جو پنڊال وارا سڀ اٿي بيهيمطالبوڪن ته اسين واپس اچون. ايئن ئي ٿيو، بس گهر جا ڀوڀا، گهر جا پاوڙيا! چند ماڻھو هزارين پڙھيل لکيل ماڻھن جي اکين ۾ سرمو پارائي، بدترين ڊرامه ڪري رهيا آھن!“
    ملوڪ وري وڏو ٽھڪ ڏيئي کلي پيو هو. چيائين:
    ”لڳي ٿو فرشتا تنهنجن ڪنن ۾ ڦُوڪون ڏيندا آھن“
    دلبر مرڪندي وراڻيو”تون منهنجين ڳالهين کي درست به سمجهين ٿو ۽ وري وڙھين به ٿو ته آئون اهي ڳالهيون نه ڪريان!“
    ملوڪ سنجيده ٿيندي، پيار مان وراڻيو:
    ”دلبر ڏس! پاڻ ننڍپڻ کان گڏ گڏ پڙھيا آھيون. آئون تنهنجو خيرخواه آھيان. تو پهرين سياست جي ٻُڏندڙ ٻيڙيءَ ۾ سرگرميون شروع ڪيون، جڏھن ٻيا سڀ ڇپيا ويٺا هئا. ڪيترا نقصان کاڌئي، پر منهنجي صلاح باوجود اقتداري پارٽيءَ ۾ شموليت نه ڪيئي. شموليت ڪرين ها ته اڄ نه رڳو پاڻ پر عزيزن قريبن لاءِ به نوڪريون وٺيو ويٺو هجين ها. ٺيڪا به ملنئي ها. تو وٽ ذاتي ووٽ بينڪ به هو، ان ڪري پاڻ يا خاندان جي ڪنهن ٻئي لئه بلدياتي چونڊن ۾ پارٽي طرفان سيٽ به ملنئي ها!
    ٿر جي سول سوسائٽي ۽ قلمڪارن جي سڀني لابين سان به ڦٽايو ويٺو آھين. انهن جا همراه ٿر جي گهڻن ادارن تي قابض ٿيل آھن. مون جتي جتي به تنهنجي نوڪريءَ لاءِ ڳالهايو آھي، تنهنجو نالو ٻُڌي هرڪو ڇرڪي پيو آھي!
    آئون توکي صرف اهو ٿو چوان ته تون پاڻ کي بدلائي ڇڏ. ڦٽايل تعلقات وري سنوارڻ جي ڪوشش ڪر. ڪجهه ماٺ، ڪجهه مصلحت ۽ ڪجهه دنياداري به سک!“
    ”دنياداريءَ مان مراد جيڪڏھن رات کي ڏينهن ۽ ڪانڊيري کي درخت مڃڻ آھي، ته شايد آئون اهو سبق سکڻ لئه اهل شاگرد نه آھيان!“
    پر اڄ ڀٽ جي چوٽيءَ تي دلبر سان مٺيءَ اچڻ جو واعدو ڪري موٽڻ ۽ سندس هدايتن تي خاموش رهي، هن ڄڻ ته سندس مؤقف مڃي ورتو هو. حالتن جي جبر هيٺ، هن جي دل چُپ چاپ واري چادر اوڍي، سامين واري ننڊ سمهي پيئي هئي. ۽ ڊگهي عرصي کان جبري جلاوطن ڪيل سندس دماغ وري موٽي آيو هو، جيڪو هرهر هن کي ايڊوائيز ڪرڻ لئه آتو هو!گهر پهتو هو ته سهيند چانھ جو ڪوپ سندس اڳيان رکندي چيو هئس:
    ”ڪجهه دير اڳ ريڊيو پاڪستان مٺيءَتي ڪمپيئر ٻُڌايو پئي ته سڀاڻي شام ست کان اٺ وڳي تائين واري پروگرام ۾، تنهنجو انٽرويو نشر ٿيندو، ٻُڌندڙن کي سوال پڇڻ لئه نمبر به نوٽ ڪرايو ويو“
    دلبر مرڪي چيس، ”توکي جيڪو پڇڻو آھي، هينئر ئي پڇي وٺ“
    هوءَ به مرڪي پيئي هئي. مرڪڻ بعد هوءَ ماگھ جي مهيني ۾، لامن تي لڙڪي سج کان اُس اُڌاري وٺندڙ پکين جهڙي چلولي ٿي پوندي هئي. پڇيائين:
    ”ڪجهه وقت ريڊيو ڇڏي وري ريڊيو تي ويو هئين. ڪجهه مهينن بعد جنهن اداس نازبوءَ جون تحريرون هلائيندو هئين، ان جي ڪا خبر اٿئي، اڄڪلھ ڪهڙي حال ۾ آھي؟“
    سورٺ پهريون ڀيرو هن کان ان قسم جو سوال پڇيو هو. ۽ دلبر کي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو دماغ جي صلاح تي هلي، ڳالهه کي گول مول ڪرڻو پئجي ويو هو.
    ”هوءَ سندم پروگرام جي سڄاڻ ليکڪه ۽ ٻُڌندڙ ھُئي. منهنجو ساڻس بس ايترو ئي تعلق هو. ڪي سال اڳ ريڊيو ڇڏيم ته پوءِ ڪا خبر ڪون رهي ته ڪير ڪٿي آھي!؟“
    سهيند شرارتي نگاهن سان دلبر ڏانهن ڏٺو هو. اهڙيون نگاهون جيڪي ڄڻ اهو چئي رهيون هيونته :
    ”ڏس توکي سڄي عمر سليقي سان ڪوڙ ڳالهائڻ ڪون آيو. هاڻ اهڙي ڪوشش نه ڪر، پڪن گهڙن کي ڪنا ڪون چڙھندا!“
    سهيند ته شرارتي نگاهون هن تي اُڇلي، گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ کي لڳي ويئي هئي. پر هُن ڄڻ دلبر جي ڏکندڙ رڳ تي هٿ رکيو هو. کيس ڪي سال اڳ جو زمانو اکين اڳيان تري آيو هو.
    مختصر وقت ريڊيو کان دُور رهڻ بعد وري جڏھن ريڊيو تي آيو هو ته هن جي دل اداس نازبوءُ نالي لسنر جي تحرير لئه، وڳ کان وڇڙيل گونئري جيان تڙپ مان تانگهايو هو!اها اداس نازبوءُ، جنهن هڪ رسالي ۾ سندس ريڊيو تي وري واپسيءَ جي مطالبيتي مشتل خط لکيو هو، جنهن جو کيس جواب به ڏيڻو پيو هو. ان خط ئي هن کي وري ريڊيو تي آندو هو. اداس نازبوءُ جي غائبانه تصور جي گولاڙي، تجسُس بنجي سندس سوچ کي ڀاڪر ۾ ڀريو هو. پرڪجهه ھفتا هُن جي ڪابه لکڻي دلبر جي هٿن تائين ڪون پهتي هئي. آسرا پلجڻ جي پيچرن تي پهتا هئا ته هڪ شام ريڊيو خطن واري ٽپال مان، نامعلوم ماڳ کان موڪليل اداس نازبوءُ جي تحرير نڪري آئي هئي. اهو مور جي صدائن ۽ پرينءَ جي ادائن جهڙو خوبصورت خط ھو ۽ ان خط جي لفظ لفظ ۽ جملي جملي کي، دلبر پروگرام ۾ پنهنجي مخصوص انداز جي اُتار چڙها سان، پس منظر ۾ جهيڻي جهيڻي بانسريءَ جو سگنيچر ٽيُون هلائي، صداڪاريءَ جي ڌُن تي رقص ڪرايو هو!”ڊگهو عرصو لنگهيو آھي، هينئڙي مٿان به ڪيئي هر هلي ويا آهن. يادگيرين جا قافلا ، دل ڳوٺ جي گهٽين ۾، الاءِ ڪيترو ڀٽڪي ڀٽڪي ٿڪا آهن. ڪي ڏينهن دادلي ڄمار جا ٻير ڇاڻي لنگهيا آھن. ڪي راتڙيون اڻپورن خوابن سان ڳراٽڙيون پائي، پويان رهجي پيل حسرتن جيٻارڙن کي دلاسن جي کٽمٽڙن تي ڌُتلائي، بس ايئن ئي گذري ويون آھي، جيئن ناري جي رستن تان لاڏائُو قبيلا گذري ويندا آھن. جيئن آسمان تان پرديسي پکي گذري ويندا آھن. ۽ جيئن دل جي گسن تان اويلا درد گذري ويندا آھن.
    ياد اٿم گهڻو اڳ ڪنهن سرمئي شام ۾ هڪ پاڙيسرڻ سهيلي جي گهر ويئي هيس. اتي ئي تنهنجو پروگرام ٻُڌو هئم. پروگرام ڇا ٻُڌو هئم، ڄڻ پنهنجو پاڻ کي نئين سر دريافت ڪيو هئم. تنهنجو ساڳي کينچلو انداز، تنهنجون ساڳي دل کي مهٽي وجهندڙ ڳالهيون، ۽ تنهنجي آواز جي ساڳي رمجهم وسڪار!
    ۽ پوءِ لاڳيتو تنهنجا پروگرام ٻُڌا هئم. انهن ڏينهن ۾ مون اٺون پاس ڪري ڪن مجبورين سبب پڙھائيءَ کي خدا حافظ چيو هو. واندڪائي ۽ بوريت ۾ تنهنجا پروگرام ئي هئا، جن لکڻ جهڙي محبوب وندر ۾ لڳائي جيون ۾ دلچسپي وري آڻي ڏني هئي. انهن ڏينهن ۾ مون جڏو ڦڏو لکڻ شروع ڪيو هو، پر تنهنجي سخت معيار واري ڪاتيءَ ته مرڳو منهنجي دل ئي ڪپي ڇڏي! تو وٽان تحريرون رد ٿيڻ پڄاڻا سوچيو هئم، ڪڏھن به سٺو لکي ڪون سگهنديس. انهن ڏينهن ۾ لکندي هيس ۽ وري ڪنهن چلولي ٻار جيئن پاڻ ئي پاڻ ڊاهي به ڇڏيندي هيس. ان دؤر جون منهنجون لکڻيون ڪنهن پورالي پرينءَ طرفان ساحل جي ريٽ تي پاتل ليڪن جهڙيون هيون. يا وري اهڙيون جهڙيون سيکڙاٽ ڇوڪريءَ جو هلواڻ جي ڪپڙي تي ڀريل هُرمچ ڀرت!!
    تون منهنجون موڪليل لکڻيون بيرحميءَ سان رد ڪندو رهين، پر مون اوترو ئي ثابت قدميءَ سان لکڻ جاري رکيو. هڪ اڌ لکڻي تو اصلاح ڪري هلائي به هئي، پر اها منهنجي لڳي ئي ڪون ٿي، بس رڳو نالو منهنجو بچيو هو. مون کي اهڙيون شيون ناهن وڻنديون دلبر، جيڪي رڳو نالي جون منهنجون هجن. آئون وري توکي تحريرون موڪلڻ بدران رڳو لکڻ ۾ سُڌارو آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳيس. جذبن جا ڪڪر دل جي ڌرتي مٿان جڏهن به مانڌاڻ مچائيندا هئا ، ته بس ٻن ٽن ڪوسن لڙڪن سان گڏ، ڪي چار چڱا لفظ به ڪاغذ جي چولي تي، کارڪ جهڙو ڀرت ٿي پوندا هئا. ان وقت تنهنجي پروگرام ۾ اداس ڇوڪريءَ جا اداس ڪري وجهندڙ خط نشر ٿيندا هئا، سچ پڇين دلبر ته مونکي به ڏاڍو رُئاريندا هئا، ڇا ته غضب جا خط هئا.
    جڏھن پاڻ کي ڪجهه لکڻ جهڙي ڀانئڻ لڳيس، تڏھن توئي ريڊيو ڇڏيو هو. تنهنجو پروگرام مون لاءِ ٻاڙ بڻجي پيو هو. تنهنجا پروگرام بند ٿيا ته ڪيفيت ان ماڻهو جهڙي ٿي پيئي، جيڪو سگريٽ ڇڏڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو آھي.
    مون پنهنجو پاڻ کي ڌُتلائڻ لاءِ ڪن ٻين ريڊيو چينلن تي به لکيو آھي. ڪن رسالن ۽ ڪن اخبارن لاءِ به قلم سان کيٽا ڪيا اٿم. پر سچ پڇين دلبر ته تنهنجن پروگرامن لاءِ لکندي سدائين ڪنهن اڻڄاتل خوف ۽ خدشن ۾ وروڪيل رهي آھيان، ته الاءِ تنهنجي نظر ۾ ، منهنجو هي ناچيز مواد پروگرام ۾ شامل ٿيڻ جي لائق هوندو به يا الاءِ نه!؟پر اها پڪ اٿم ته تون ڪڏھن به ناانصافي ۽ ميرٽ جي لتاڙ نه ڪندين. مواد شامل نه ٿيو ته پنهنجو پاڻ کي ڏَڏ سمجهي، وري سٺو لکڻ جي ڪوشش ڪنديس ۽ بس!تون مواد شامل ڪرين نه ڪرين پر تنهنجو پروگرام منهنجي لاءِ سدائين جذباتيڪمزوري جيان رهيو آھي ۽ رهندو! ايئن جيئن ٻارن لاءِ رانديڪا، عاشق نيڻن لاءِ دلبر جو درشن ۽ ڏڪار جي ماريل ماروئڙن لاءِ مندائتي مينهن جي کنوڻين جا کيل!جڏهن به چيٽي چانڊوڪين ۾ ، واهوندي واءُ سان گڏ ڪٿان ريڊيو جو رولاڪ آواز ڪنايو اٿم، سچ پڇين ته ان ويل تنهنجن پروگرامن جي کوٽ اندر اڌ ڪيو آھي. پورالي پرينءَ جهڙن بادلن جڏھن به ٿر تي ڪي چلولايون ڪيون آھن، تڏھن تنهنجي پروگرام مان ڇڻي سماعتن ۾ سانڍجي پيل لفظن جي رنگين جهرڪين، ڪي ساروڻين جا سفر به ڪيا آھن. تون مڃين، مڃين، نه مڃين، زندگي جي هيڪلن رستن تي، ڪن سرمئي سانجهين ۾، ڪن ڀنل آڌين ۾، ڪن سُنهري صُبحن ۾، ۽ ڪن شرميلين شامن ۾، تنهنجو پروگرام ۽ ان ۾ لکندڙ مهربان ساٿين جا نالا اڃان به ڪڏھن ڪڏھن ياد ايندا آھن. اڃان به ساروڻين جي ديس ۾ لفظن ۽ نغمن جي سڳنڌ سان سينگاريل، تنهنجا ڪي پروگرام دل جي سليٽ تي پيچي اکرن ۾ اڄ به لکيل آھن.
    اڄ وري ڊگهي عرصي کانپوءِ تنهنجي پروگرام ۾ لکڻ جي جرئت ڪري رهي آھيان. هي لفظن جا ٻالاڀولا پکي تنهنجي پاراُڏاريندي سوچيان ٿي، تون انهن کي الاءِ ڪهڙي موٽ ڏيندين؟! تنهنجي پروگرام جي کيتن منجھ لهڻ جي لائق به آھن يا الاءِ نه؟پر تنهنجي پروگرام جي معيار ۽ نشرياتي گهُرجن تي پورو لهي نه به سگهن، تڏھن به بيرُخين جي تاڙين سان اڏارين متان! ڇوته حساس جذبن جا پُرڪيف پکي ھڪ دفعو، جن وڻن تان اڏري ويندا آھن، انهن لامن تي وري لڏڻ پسند ناهن ڪندا. اهو به مڃيان ٿي ته تون ڪنهنجي به ڊڪٽيشن قبولناهين ڪندو، پر منهنجي ستن سالن جي محنت، منهنجي قلمڪاريءَ کي ڪيترو نکاريو آھي؟اهو سرٽيفڪيٽ تنهنجي پروگرام کان وڌيڪ ٻيو ڪو ٿي نٿو سگهي. منهنجا هي ناچيز لفظ تنهنجي آواز سان همسفر ٿي پيا ته اهو ئي مون لاءِ ڀلو ڀاڳ چئبو.
    دلبر! ست سال اڳ، تنهجي پروگرامن ۾، جنهن اداس نازبوءِ نالي ماڻھوءَ جون تحريرون، تون بيدرديءَ سان رد ڪندو هئين، آئون اها ئي ويراڳڻ، اڄ وري تنهنجي پروگرام ۾، پذيرائيءَ جي پنجڪڻيءَ لاءِ جهول جهلي، بيک گهُري رهي آھيان. ڪانگن جي ڪانءِ ڪانءِ ، هڏڪين جي هلچل ۽ گره ڪرڻ جي گواهي، جيڪڏھن اڄوڪي دنيا ۾ سچي نه به رهي آھي، تڏھن به ساروڻين جي سنسارمنجھ، ڪن هڏڪين ۾ حصوپتي اسانجي به آھي. “
    تحرير جي لفظ ۾ ڪو سوز هو، جيڪو کٽو هوندي به مٺو لڳي رهيو هو. جملو جملو درد هو، جيڪو دل ۾ ٿڌڙا ڪڍي رهيو هو


    باب پنجون

    “ابا اتو. . . ابا اٽو. ابا ا…!!؟؟”
    اهي آواز ڄڻ ماڪوڙا هئا، جن وات جي ٻِرن مان نڪري کيس ورايو هو. جن جي بيشمار چڪن ۾، هن جا حواس منتشر ٿي رهيا هئا. پنهنجي ٻارن جي بيجواب سوالن جا پٿر ڳڙڪائي، ڄڻ ته هُو مستانو فقير ٿي پيو هو، جنهن کي ٻارن تماشو بڻائي وڌو هو!
    صابوءَ محسوس ڪيو ڄڻ هو گُلر هو، جنهن کي عذيت پسند ٻارڙا ڇيڙي رهيا هئا. اوچتو هن جي خيالن ۾ واچوڙو ٺھي پيو. هن ڀتر کڻي، بختاور کي واهي ڪڍيو. هوءَ دانهُون ڪري پوئتي ڀڳي. ٻيا ٻارڙا هيسجي حراسجي ڇڊا ٿي بيهي رهيا. بختاور جي لوڻي تي لڳل ڀتر جي زخم مان وهندڙ رت ڏسي، هو کلڻ لڳو. هن جي دل چاهيو، هُو ڪتو ٿي وڃي ۽ بختاور جي وهندڙ رت تي زبان ڦيري.
    هن رت هاڻي واريءَ جي مُٺ ڀري، ڪجهه داڻا زبان تي رکي، ان جو ذائقو چکڻ جي ڪوشش ڪئي. هن ڀانيو ڄڻ ڪو بکايل ڪتو، هن جي وجود ۾ پڇ لوڏي رهيو هو. سامهون صدوري ڪجهه چئي رهي هئي، جيڪو هُو منتشر حواسن سان سمجهي نه پئي سگهيو. الاءِ ڪيئن هڪ جملو، سندس سوچن جي اُلجهيل سُٽ ۾ اٽڪي پيو. ڪو چئي رهيو هو:
    “گُرڙ پکي به بک ۾ پنهنجا ٻچا کائيندو آھي!”
    صابوءَ گُرڙ پکيءَ تي سوچڻ چاهيو، ڪجهه به سوچي نه سگهيو. آسپاس اوڙي پاڙي وارن جو هُجوم گڏ ٿي پيو. هو ڇا چئي رهيا هئا؟ هن جي سمجهه ۾ ڪجهه ڪون پئي آيو. هن بس اهوئي پئي سمجهيو ته هو جانور هو ۽ ھاڻي هن کي جانور ٿي ئي رهڻو هو! هن زور زور سان کلڻ چاهيو ته وڏا وڏا ٽهڪ پاڻمرادو هن جي زبان واري پينگھ تي لُڏڻ لڳا. ماڻھن هن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ۾ کيس ڇاڇا چيو هو؟ هن موٽ ۾ ڇاڇا وراڻيو هو؟ کيس ڪابه سُڌ ٻُڌ نه هئي. بس ٿورڙي دير لاءِ هن کي محسوس ٿيو ته هو ڪتو آھي ۽ کيس اڱڻ جي نم سان ٻڌو ويو آھي. هن زور زور سان ڀونڪڻ جي ڪوشش ڪئي. آسپاس گهيرو ڪري بيٺل ڳوٺاڻي هجوم مان ڪي ٻارڙا کلڻ به لڳا. هن به کلڻ چاهيو ۽ کليو ته بس کلندو ئي رهيو.
    


    ورهانڊڙيءَ ويل، جانُو گهر جي اڱڻ تي، نم جي ڇانءُ ۾، کپ جي واڻ سان واڻيل کٽ تي ليٽيل هو. هن ڏُور آسمان جي نظر ايندڙ ڇيڙن تي نظر وڌي، ڪوبه ڪڪر موجود نه هو. هيڪر ته سندس دل چاهيو ته وڏي آواز سان استاد محمد جمن واري انداز ۾ ملهاري جُهونگاري، پر موسم جي مناسبت نه ڏسي، ماٺ ٿي ويو. کن پل رکي هن ڪنائڻ جي ڪوشش ڪئي. گهر ۾ سورٺ سان ڪا عورت ڳالهائي رهي هئي.
    سورٺ پڇيو:
    ”ڪاڪو صابُو ته ٽيون ڏينهن صبح جو ته تڙ وٽان چڱو ڀلو وڃي رهيو هو، آخر ٿيو ڇا؟“
    صدوريءَ وراڻيو:
    ”ٻنهرن جو، جيئن ئي گهر آيو بتال ٿي پيو. بختاور کي کڙو هڻي مٿو ڦاڙي وڌائين. پاڙيوارا مڙي آيا. ڪنهن ويل ڀونڪي پيو، ڪنهن ويل کلي پيو. بس هلندي ڪل ٿِڙي ويئي. ادي ڙِي مُٺيس آئون. . . چار ڪچا ٻار، ٻي اڻھُوند آخر ڪيڏانهن وڃان؟“
    ”ڪاڪي جو علاج ڪرائي نه ادي؟“
    ”ادي وري به ساڳي ڳن، ساڳي ڪهاڙي! اسانجي گهر ۾ ٽن ڏينهن کان اٽو ڪونهي، تڏھن ته تو وٽ آيس ته من ڏٻي اٽي جي ملي پوي ۽ تون چوين ٿي علاج ڪرائي؟!”
    سورٺ ڄڻ پنهنجي ڪيل ڳالهه تي پاڻ شرمنده ٿي پيئي. صدوريءَ ڳالهايو ڪاڪو خُدن ڪمپائونڊر وٺي آيو هو، جنهن هن کي سُيون هنيون ۽ ٽڪيون کارايون آھن. ڪالهه راتکان رُڳي ننڊ ٿي پيو آھي. ادي ڏکيو ته گهڻوئي لڳي ٿو، پر ڪوه ڪريون. رات ۽ ڪالهه رات ڪاڪي خُدن ھٿ ۾ سنگهر هڻي کٽ سان ٻڌي ڇڏيو هوس، جيئن پروَس ماڙهو ڪيڏانهن نڪري نه وڃي!”
    صدوريءَ جون ڳالهيون ڪنائيندڙ جانو، لٺ جي سهاري کٽ تان اٿي بيٺو. ماين جي ڀر ۾ اچي صدوريءَ جي مٿي تي هٿ رکيائين.
    ”آئون ڪنن سان ٿورو پوهروآھيان وريٻُڌائي صابُوءَ کي ڇا ٿيو آھي؟“
    صدوريءَ سربستي ڳالهه ڪري ٻُڌائي هيس ته شوڪارو هڻي وراڻيائين:
    ”صابُو ٽيون ڏينهن مون وٽ تڙ تي ويٺو هو، مون تڏھن ئي لَکي ورتو هو. بس اڻھُوند بڇڙي بلا آھي. “
    سورٺ صدوريءَ کي چيو:
    ”ادي صدوري اسان وٽ به اٽو گهٽ آھي، اڌ ڏٻي کڻي وڃ“
    جانوءَچيو :
    ”نه امان سورٺ نه! بک ويرا آھي، ٻارن جي گَل، اڌ ڏٻيءَ مان ڇا ٿيندو؟! ٻه ڏٻيون ڀري ڏي، مون وري اڪ جو آنڪارو ڪَتي ٽيھ ڍيرا ٺاهي ڇڏيا آھن، سڀاڻي وڪڻي مڻ اٽو وٺي ايندس، باقي ڳُونڌڻ ته آھي ڪون، جو اڇو ڏند ڪريون. پاڻيءَ ۾ مرچ پُسائي گره کائي وٺبا. بس گُوندر گهٽجي ۽ لُڙ لهي ويندا، رڳو هينئون نه هاريو، ڪڻ ۽ ڏند جو وير سدائين سريکو ڪون هلندو؟!“
    جانُوءَ جي ڳالهين ۾، تنگدلي، مايوسي، ڪلفت ۽ بيوڙائيءَ بدران درياءُ دلي هئي، ويساه هو، اميد ھئي، محبتون ۽ ميٺاڄ هئا، جن سورٺ جي دل وڏي ڪري وڌي. هن صدوريءَ کي ٻن بدران ٽي ڏٻيون اٽي جون ڀري ڏنيون.
    صدوري وڃڻ لڳي ته جانوءَ چيس:
    ”ڀانيان صابُوءَ کي پڇڻ هينئر ئي هلان، پر سجبه وڃي گوڏا کوڙيا، واپسيءَ ۾ انڌاري ٿي ويندي، ٻيو اوهانجو پاڙو به پراهون ۽ ٽيون وري وچان ڀٽ به وڏي. هاڻ صبح جو اچبو، ڏينهن شينهن آھي. “
    صدوري هلي ويئي ته هُوبه ڍيري ڪتيندو گهران ٻاهر نڪتو. گهر جي گهٽيءَ مان لنگهندي کيس محسوس ٿيو ته صابُوءَ جي عيادت کي سڀاڻيءَ تي ڇڏي، هو ڪجهه غلط ڪري رهيو هو. جنهنجون هن سان ٻٽيھ دليون لڳنديون هيون ۽ جنهن تي سندس هزارين هُجتون هلنديون هيون. تنهن جي بيماريءَ جو ٻُڌي بروقت وٽس نه وڃڻ بنھ ڪميڻي ڪار لڳيئس. هن اکين مٿان هٿ جي ڇٽي ٺاهي، سج ڏانهن ڏسي سوچيو:
    ”اهڙا سج ڪيئي لٿا اُڀريا، پر دوستن جون ميارون چڙھيون، سي ڪون لٿيون. ناڻو هٿ ايندو پر ٽاڻو هٿ ڪون ايندو“
    هن جا پير بيساخته صابُوءَ جي گهر ڏانهن وڌڻ لڳا. وچئين ڀٽ چڙھي هن مختصر ساهي پٽي، ۽ وري اڳتي وڌڻ لڳو. صابوءَ جي گهر جي گهٽيءَ مان لنگهندي، صابُو کيس سامهون اڱڻ تي بيٺل نم جي هيٺيان رکيل کٽولي تي ويٺل نظر آيو. هن کي اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته هاڻ صابُو گهٽ ۾ گهٽ رسن ۾ ٻڌل ڪون هو.
    ”صابُوڙا تو ته ماڳهين ڊيڄاڙيو هو“
    جانوءَ جي جملي جو آواز ٻُڌي، صابُوءَ ٿڪل نيڻ کڻي جانو ڏانهن نهاريو.
    ڀرسان بيٺل صدوري ڀڻڪي:
    ”ڪالهه کان يڪو سُتل هو، هينئر اٿيو آھي، ته ڪجهه بود ۾ آھي. “
    جانو صابوءَ جي ڀرسان کٽ تي ويهي رهيو. پڇيائين:
    ”ڪيئن آھين، صابو؟“
    ”هاڻ ڪجهه ڪجهه ٺيڪ آھيان“
    جانوءَ چيس:
    ”ٽيون ڏينهن، مون وٽان روانو ٿئين، تڏھن به ٺيڪ ڪون ٿي لڳين“
    ”هائو تڏھن برابر ديماغ تي بار هو“
    ”مون ڳالهايو پئي پر تنهنجو من ٺامچي ۾ ڪون ٿي لڳو“
    ”ڪاڪا تو ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي هئي، هاڻ ٻڌائي!“
    ”ڇڏ ٻيلي! چڱو ڀلو ٿي پوءِ ٻُڌائيندس. “
    صدوري وچان ڳالهاڻي:
    ”اڳاڻُو آيس ته چئي وڃان ٿو ڳوٺ گهمڻ!ڪاڪاجانُو سٺو ٿيو تون آئين، ڳالهيون ڪري وندرائينس!“
    جانوءَ پُڇيس:
    ”ڀلا ٻُڌائي مون ڳالهه ڪٿي ڇڏي هئي، جيڪڏھن صحيح ٻڌائي وئين ته مڃينداسين، تون برابر ٺيڪ آھين، پوءِ توکي ڳالهه اتائين ٻُڌائيندس، جتي ڇڏي هئم!“
    صابو سوچ ۾ پئجي ويو. ڪالهه کان ننڊ جي ڊگهي ٽُٻيءَ مان اٿڻ بعد سندس حواسن تان گهڻو تڻو بار گهٽجي چڪو هو. پر اڃان ڪنهن ڪنهن ويل جڏھن سندس سوچ، پنهنجو پاڻ، گهر وارن ۽ آڻڻ چاڙھڻ ڏانهن ورڻ لڳي ٿي ته سندس ذهن ۾ زلزلي جا هلڪا لوڏا شروع ٿي ويا ٿي. جن کان بچڻ لاءِ ئي هن گهران نڪري ڪٿي وندر ورونهن ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ھاڻ جانو آيو هو ته پنهنجن خيالن کي جانوءَ جي ڳالهين ۾ اٽڪائي رکڻ چاهيو ٿي!
    ڪالهوڪي ذھني طوفان سندس ياداشت جي وڻ کي ايترو ته ڌنڌُوڙيو هو، جو ٽيون ڏينهن جانوءَ واري ٻُڌايل ڳالهه به هن کي ياد ڪرڻ لئه ذھن تي تمام گهڻو زور ڏيڻو پئجي رهيو هو.
    صابو ڳالهاڻو ”چوڪين وارن اٺ جهيڪڻ جو اشارو ڪيو“
    جانو مينهن ڪڻين ۾ مهڪي پوندڙ مريڙي جيان ٽڙي پيو، پڇيائين:
    ” ڪير ٿو چئي ته صابوءَ جي ڪل ٿڙي هئي!؟هن کي ته ٽيون ڏينهن منهنجي ٻُڌايل ڳالهين جي اِچي-پِچي ياد آھي!“
    جانوءَ کنگهي گلو صاف ڪيو ۽ اتان ئي ڳالهه وري شروع ڪيائين، جتي ڇڏي هئائين.
    ”ٻيلي! رڻ جي ڊگهي سفر ۾، اٺ جي سواري ڪري، ڀاڳڀري به ٿڪجي پيئي هئي. رڻ پار مس ڪيوسين ته سامهون سرحدي چوڪين وارن اٺ جهيڪڻ جو اشارو ڪيو. مون اٺ جي رفتار ڍري ڪري کانئن ڪجهه اڳتي گُذرندي، انداز ڪجهه اهڙو ڪيو جو ڀانيائون ته اٺ جهيڪي ٿو، سو بيڌيانا ۽ ڍِرا ٿي بيھ رهيا. مون ڀڻڪي ۾ ڀاڳڀريءَ کي پاڻ سنڀالڻ جي تاڪيد ڪري، جيئن ئي ڍاٽي اٺ کي اَڙي هڻي مُھار کنئيم ته ڀٽارو جهڙو آسمان مان تارو کڙيو. پوئين همراهن واهراڙو به ڪيو پر آئون کين ٿر جي ڀٽن مان گهُتون ۽ گهوئيون ڏيئي، ناري جي پَٽن تي وڃي پهتس. هڪ دوست اسان کي سندس گهر ڀرسان رهڻ لاءِ ديوين جي گهاٽي جُهڳٽي ۾ کٽ رکي ڏني. ڀاڳڀري ٿڪل هئي، سو لولو کائي لسي پيءُ جيئن ئي ليٽي ته ٻئي ڏينهن اُٿي! باقي مون لاءِ اهو پنڌ جهڙو سانَ لاءِ ٻگائي، سو اک ڀيڙي ڪري جو اُٿس ته جهڙو گهوڙو، ڪيڏانهن ويا ٿڪ، ڪيڏانهن ويا لڪ؟! ان زماني جا کاڌا نج ۽ صحتمند هوندا هئا. هڏ به محنت تي هريل هوندا هئا. منهنجا ته اڳي به رڻ سان ڏورڻا ڏنل هئا، پر ڀلاڀلي ته ڀاڳڀريءَ ڪري ڇڏي!
    ڪي ٿورا ڏينهن ئي بي اونا مس گذريا ته ڀاڳڀريءَ هڪ ڏينهن منهنجا ڪن کنيا:
    ” تو واري ميزبان يار جي نيت ۾ خلل آھي، هل ته هتان نڪري هلون“
    پر مون ڪون مڃيو. چيم”توکي اجايو وهم آھي، همراه اھڙو ڪونهين“
    هوءَ ماٺ ٿي ويئي هئي.
    هفتي بعد هڪ رات ستل هئس ته اوچتو ڌُڪي لڳڻ جي آواز جاڳائي وڌم. اٿي جو ڏسان ته مون وارو ميزبان سنگتي ڍيري ٿيو ڪريو پيو آھي ۽ سندس مٿي مان رت وهي رهيو آھي. سندس مٿان ڀاڳ ڀري بيٺل هئي ۽ سندس هٿ ۾ مون واري ڪهاڙي هئي. ڏند ڪرٽيندي چيائين:
    ”ڪهاڙي کڻي تو سُتل کي مارڻ آيو هو، پر مون جهٽ پٽ اٿي کيس ڪهاڙي واهي ڪڍي. هٿن مان ڪهاڙي ڇڏائي ويئس، اهو ڳونڇڙي ٿيو پيو آھي!“
    ان اوچتي واقعي مونکي ماڳهين وائڙو ڪري ڇڏيو. اٺ ميزباب همراه جي گهر ٻڌل هو. سندس لوڙهو ٽپي چورن جيان اهو کولي گهٽيءَ مان نڪتس ته پويان مائيءَ هڪل ڪئي:
    ”چور. . . چور!“
    مون تڪڙو تڪڙو ڀاڳڀريءَ اڳيان وڃي اٺ جهيڪيو. هوءَ صورتحال کي سمجهي ويئي. پاکڙا ٻيا اتي رهيا، اپلاڻي تي ئي چڙھي ويٺي. مون لانگ وارِي، تيسين سڄو ڳوٺ اٿي پيو. پر مُھار کڻندي ئي ڀٽاري ايئن ڇال ڏنو جهڙو سهي ڀڙڪو کاڌو. رات سُهائي هئي، جهڙو ڌونئرو ڏينهن! بس پوئتي مُڙي ڪون ڏٺوسين. سج اُڀرڻ کان اڳ ڀٽن ڀيڙا اچي ٿياسين. بس پوءِ توڪل تُرهي اچي ڳوٺ ڀيڙا ٿياسين.
    ڀاڳڀري واقعي ڀاڳن واري هئي. اٺ وڪڻي ڍڳي ورتي سين. ان مان 32 ڍڳين جو ولر ٿي ويو. آئون ڀٽارين جو ولر واريندوهئس ته جهڙي ڪونجين جي قطار! ڀٽارين جو مونسان آسابند اهڙو جو جتي وانجهيل لٺ رکندو هئس، اتان وک به پاسي نه ٿينديون هيون.
    هڪ ڀيري بئراج ۾ هڪ ڏنگي مڙس جي زمين جي ڀيل ڪرائي ويٺس، ته ڪمدار ۽ سندس ڇاڙتا گهوڙن تي چڙھي ڦيري آيا. مون ڀٽارين کي آڪراڙو جو ڪيو ته مونکي چوڦير ورائي ويون. هڪ گهوڙيسوار اڳتي اچي مونکي لٺ ھڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته مون رانڀاٽ جو ڪيو ته هاراهڙيون ڍڳيون، ايئن بتال ٿي پيون، ڄڻ تازيون وياميون هيون، آئون سندن ڦر هئس ۽ گهوڙن وارا همراه خونخوار جانور، جيڪي مونکي نقصان پهچائي رهيا هئا. پوءِ ته ڀٽارين سنڱ ڀرائي گهوڙن تي چڙھيل همراهن کي به ڪيرائي وڌو. ڪي ڦٽاڻا، ڪي گهوڙا ڪاهي ڀڳا. بس دز ٿي ويئي. مون بهنالون ڪري سندن اڳ ورتي جلدي واڙي تي پهچي گابا کوليا ۽ ولر جي اڳ جهلي لٺ ڪلهي تي رکي روانو ٿيئس، جيسين زميندار ۽ ڪمدار ٻي ملھ لاءِ تيار ٿين، تيسين سندن تَر ڇڏي وڃان!
    جڏھن اسان وٽ ڍڳين جو ڌڻ هوندو هو، تڏھن گابن کي اڌ کير ڇڏيندا هئاسين، پوءِ به ڀاڳڀري ٻه ٽي ماٽيون ولوڙيندي هئي. سڄي ڳوٺ جون مايون اسان وٽان اڇ وٺڻ اينديون هيون. مجال آھي جو ڀاڳڀري ڪنهن کي ڇڙٻ ڏي يا مُنهن ۾ گهُنڊ وجهي. عورتون اهي هيون. مونکي ڪڏھن به کيس سندس واعدا ياد ڏيارڻا ڪون پيا!
    اسان کي ٻه پٽ ڄايا پر ننڍي هوندي گذاري ويا. سڀاڳي پيٽ گهروڙي ڌيءَ هئي، جڏھن سڀاڳيءَ ڀڄي سلطان سان شادي ڪئي، تڏھن ڀاڳڀريءَ مونکي چيو هو:
    ”پنهنجي ڪڙم قبيلي جي عزت ڪون سُڃاتئين. مئي سمجهي وساري ڇڏ. باقي منهنجي ڌيءَ آھي، جيئري واپس ڪون ايندي، پڪ سان ڪنهن کي سينڌ تي هٿ رکي واعدو ڏيئي چُڪي آھي“
    هوءَ جيسين جيئري هئي، سڀاڳيءَ جي ڳالهه ڪنين ٻُڌڻ پسند ڪون ڪيائين. ذائفائن جا اُصول اهي آھن. “
    جانو ڊگهي ڳالهه جي ڳنڍ کولي، ٿڌو شوڪارو ڀري، صابوءَ جي مُنهن ۾ چتائي ڏٺو. کيس محسوس ٿيو ته صابُو بظاهر ته سندس ڳالهه ٻُڌي رهيو هو پر هن جي خيالن ۾ ڪا هلر هلي رهي هئي.
    ڳالهه جي نشي مان نڪرڻ بعد هن کي واپس وڃڻ ۾ دير ٿي وڃڻ جو احساس ٿيو. اٿندي چيائين:
    ”صابو هاڻ هلان ٿو، رات پئجي ويئي آھي، هوندي حياتي ته سڀاڻي يا پَرئينءَ توکي ڏسڻ وري ايندس“
    صابو خاموش ويٺو رهيو. صدوريءَچيو :
    ”ڪاڪا جانُو رات ته چانڊوڪي آھي پر پوءِ به بلائن جو خيال ڪجان“
    ”بس امان جيڪو نصيبن ۾ لکيو هوندو“
    جانُو لٺ جي سهاري واپس پنهنجي گهر وڃڻ لڳو.
    صابُوءَ ھڪ نهار اڱڻ تي ويٺل بختاور جي نراڙ تي وڌي، جتي زخم جو نشان موجود هو. هن جي من ۾ پڇتاءُ جي چڻنگ دُکي، وري اجهامي ويئي. پر هن سگهو ڌيان هٽائڻ لئه صدوريءَ تي نظر وڌي، جنهن جي چئوڦير ٻارڙا ويٺا هئا. ھُوءَ کين مانيون ورهائي ڏيئي رهي هئي. پر ٻارڙا وڌيڪ هُڙڇُڙ ڪري رهيا هئا. هن کين ڇڙٻيندي چيو:
    ”جانُوءَ جي گهران اٽو پِني کڻي آئي آھيان. سڀني لاءِ هڪ هڪ ماني آھي، وڌيڪ نه! سُڀاڻي ڪيڏانهن ويندا ؟“
    صدوريءَ جو پويون جملو“سُڀاڻي ڪيڏانهن ويندا؟!!” ھٿوڙو بڻجي صابُوءَ جي سوچن سان ٽڪرايو. هن جي ذھن ۾ وري اُٿل پُٿل ٿيڻ لڳي. پر هن ڀيري صابُوءَ سمورن خيالن جي نڙيءَ تي نُنهن ڏيئي ڇڏيو. هن صرف ايترو سوچيو ته جانور سوچي نه سگهندا آھن، هُو به جانور هو، سمورين ذميوارين ۽ جهنجٽن کان آجو!
    هن وڏو ٽھڪ ڏنو. سندس سمورا غم ڄڻ ته ٽھڪ سان گڏ ئي مورن جيئن اُڏاڻا هئا. پر ساڳيو ٽهڪ سندس ٻارن لاءِ حيرت انگيز، جڏھن ته صدوريءَ لاءِ اذيت جو سائرن ٿي پيو هو!


    باب ڇهون

    سورٺ چونئري جي ڊگهي ٿيندڙ پاڇي ۾ کٽ رکي ليٽي پيئي هئي. هن نيري امبر هيٺيان پکين جا ولر اڏندي ڏٺا. ڪٿي به ڪو ڪڪر جو ٽُڪرو کيس ترندي نظر ڪونه آيو. هن سوچيو:
    ”هيل به ڪارو ڏڪار ڪڙڪيو ته ڪيڏانهن وينداسين؟!”
    گهڻوتڻو مال ته پوئين ڏڪارن ۾ کاڄي کپي ويو. نانا جانوءَ جي ڪڍيل آنڪاري ۽ بچيل چئن ڍُڪين ٻڪرين جي سهاري ڪيئن گذارو ٿيندو؟ڪنڊين تي چڙھڻ نانا ۾ به ناهي، ڏانٽيءَ سان ٽل سل ڪري پن لاهي پيو، پر ساه مان ٻُڏيو وڃي. ٻنيون ته ٻه آھن، پر نه وٺو ته جهڙي ڌُوڙ!
    نانا به الاءِ ڪيترو وقت هوندو؟ منهنجو پٽڙو به اڃان روئي رٻ گهُري. منهنجو ڇا ٿيندو؟“
    هن جي اکين مان آئيندي جي اُڳرن انديشن جا ڪنڊا، لڙڪن جو روپ ڌاري نڪري آيا. چنيءَ جي پلئه سان ڳوڙھا اُگهي، هن خاردار خيالن کانفرار ٿيڻ خاطر، من جي ڪرهي کي ويل وقت جي وڻن ۾ وڙڪائڻ چاهيو. هونئن به هن وٽ حال بيحال هو ۽ آئيندو اذيتناڪ انديشن جو آئينو!
    ماضيءَ ۾ به هن لاءِ ڪجهه خاص ڪون هو. بس ماڻس سڀاڳيءَ جي هنج جون ڪي ڳهريل ڳالهيون هيون. پڻس سلطان جا اڇلايل ڪي شفقت جا ڏڙا هئا، جيڪي هن ننڍپڻ ۾ جهپيا هئا. ماڻس جي موت تي، هوءَ روئڻ باوجود روئي نه سگهي هئي! لڙڪ ڄڻ ڏڪار ۽ ڏُرت جي ماريل ٿرياڻيءَ جي ٿڃ ھئا، سُڪي ويا هئا. هن درد جو درياءُ اندر ۾ اوتي ڇڏيو هو. جنهن جي سُرڪ سُرڪ رت جي گُرڙي هئي، اهو رت ڪڏھن ڪڏھن ٽيپو ٽيپو ٿي، هن جي قلم مان نڪرڻ چاهيندو هو!
    هن لاءِ اهي ڏينهن به ڊيڄاريندڙ خواب جيئن هئا، جڏھن پڻس سلطان سيٺ جو قرضي ٿي پيو هو. سيٺ کيس آخري مهلت ڏني هئي، ان بعد قرض نه ڀرڻ جي صورت ۾ سورٺ کي وڏيري لائق جي لُولي لنگڙي ڇوڪري سان لانئُون لهڻيون هيون، جتان سندس مليل مُلھ مان سيٺ جو قرض ڀرجڻو هو! انهن ڏينهن ۾ هن محسُوس ڪيو هو ته هوءَ ڍور هئي، جنهن کي اڳ پوءِ وڪامڻو هو. پر ڍور جي قيمت جي ڪٿ ۽ وڪڻڻ، نه وڪڻڻ جي مُکياري ته مالڪ وٽمحفوظ هوندي آھي، پر سورٺ جو معاملو مختلف هو. مقرر ڪيل تاريخ تي قرض نه چُڪائڻ جي صورت ۾، سمورا حق واسطا سيٺ وٽ محفوظ هئا. پنهنجو قرض وصول ڪرڻ لاءِ جيئن ۽ جتي وڪڻيس، هوءَ ڄڻ وڪري جو جانور هئي!
    انهن ئي ڏينهن ۾، دلبر جي ريڊيو تي تازيواپسي ٿي هئي. هن به هڪ تحرير لکي اماڻي هئي، جنهنجي جملي جملي کي، دلبر ايئن جو ايئن، مڌر آواز جي مُرليءَ سان ڪلاداري واسينگ جيان جهيڻو جهيڻو جھُولايو هو!
    گهڻو اڳ دلبر طرفان سندس تحريرون رد ٿيڻ بعد هُن به پاڻ کي رد ٿيل وجود ڀانيو هو. عام طور ناڪامي ۽ ذلت جو احساس جستجو جو جذبو ماري ڇڏيندو آھي، پر هن وٽ اهو احساس انا ۽ ضد جو مثبت ردعمل ٿي پيو هو. جنهن کيس قلمي طور ساڳي سلسلي جي معيار ۽ مزاج جي بلندين تي پهچايو هو ۽ هن کي پنهنجي ڪامراني ۽ سرفرازيءَ جي سُڳنڌ محسوس ٿي هئي. خوشي۽ ڪاميابيءَ جي ڪڪرن تي ليٽندئي، کيس اهو به وسري ويو هو ته سندس پيٽ ۾ بک جا ڪُوئا ڪُڏي رهيا هئا. ۽ سُرور جي سائي وڻ ۾، ور هڻي ويٺل اهو وسيهر به هن کان وسريل هو ته هن جي زندگي سيٺ جي قرض ۽ مقروض پيءُ جي پهچ سان مشروط هئي!
    ٻئي هفتي هوءَ وري آسمان تي اُڏرڻ لڳي هئي، جڏھن دلبر پوئيين هفتي نشر ٿيل سندس تحرير جو جواب ڏنو هو:
    ” ڀٽن جي ڀر ۾ رهندڙ نازبوءُ جهڙا خوشبودار ۽ ماکيءَ جهڙا مٺا ماڻھو-اداس نازبوءُ !
    شال تنهنجين اداسين جا ڪارا ڪڪر، هٺيليون هوائون ڏُور اُڏاري وڃن!
    ڊگهي عرصي کانپوءِ پهتل تنهنجو سڀوٽ ڪنجري جهڙو خوبصورت خطڙو، اسان تائين پهتو. لفظن جا ٽانڪيل ٽؤنر، خيالن جي سندر سڳن ۽ انمول احساسن سان اُڻيل جذبن جون جرڪندڙ ٽڪون، ڏاڍيون سهڻيون لڳيون. اسان ايئن جو ايئن سونهن جي اها سداملوڪ سوکڙي، هوائن جي حوالي ڪري، سوچيندڙ سماعتن جي پار آڙيءَ جيان اُڏاري ڇڏي. اميد ته اسان جي ڪا ڪوتاهي، اوهان نازڪ ماڻھن کي گهڻي ناگوار نه گذري هوندي!
    نازبوءُ! احساس ۽ تصور جي انوکي آميزش تي مشتمل، تنهنجو ٻھڳڻي ٻاٽيبڙ جهڙو کينچلو خطڙو، جيئن ئي هٿن ۾ آيو، منهنجي من-اڱڻ تي گهڻو اڳ وارو زمانو، ڪنهن ٻالاڀولي ٻارڙي جيان کيڏڻ لڳو. ويل وقت جي ان چلهر راند ۾، خيالن جا ڍارا هڻندي، ساروڻين جون ڪيئي ساريون مرنديون ۽ رچنديون رهيون. گهڻو اڳ تنهنجون لکيل تحريرون، مون طرفان رد ڪرڻ واريون تنهنجون ميارون به سورهن آنا سچيون. پر جي ڦُڙي نه سهبي ته وسون ڪيئن چربيون! گرمين کان ڀڄبو ته انب ڪيئن پچندا!؟۽ جي جبل نه جهاڳبا، ته پنهونءَ جا پيرا ملي ڪون سگهندا. بس ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه سهبو به آھي، ته وڃائبو به آھي. سوڀون سر گهُرنديون آھن. ڪاميابين لاءِ جستجو جي جوت جلائي رکڻي پوندي آھي. ناڪامين ۽ شڪستن کان گهٻرائي، منزلن جا عشق اڌ ۾ ڇڏبا ناهن!
    محترمه اداس نازبوءِ! حوصلا شڪن حالتن جي هوندي به قلمڪاريءَ سان تنهنجي محبت، توکي اڄ سون سريکي ليکڪه ٺاهي ڇڏيو آھي، ڇا اهو ڪافي ناهي!؟ڇا اهو به ڪافي ناهي ته تنهنجو قلم باه مان گذري سچو سون بڻيو آھي؟! ڇا اهو به ڪافي ناهي ته سرهن لفظن جي سوداگريءَ ۾ تو هزارين تمنائن جا هيرا موتي هارائڻ باوجود، ڏات جي ڏيھہ ۾ تخليق جا تاج محل اڏيا آھن!؟ڇا اهو ڪافي ناهي ته نصيبن جي نگريءَ ۾، سالن پڄاڻا هي علمي ادبي رهاڻ وري شروع ٿي آھي ۽ تنهنجا خط به وري نئين سر انگوريا آھن. لفظ لفظ گلاب، جملو جملو سُرهاڻ! ڇا ته معصوم نغمگي ۽ شيرين جذبن جي دلبري آھي. ڇا ته خيالن جي خوشبوءُ آھي. بس رڳو زمانو بدليو آھي. جن آڱرين لکيا آھن، انهن جي ڪوملتا ۽ نفاست ۾ ذرو به فرق نه آيو آھي. جن اکين انهن کي وري وري پڙھيو آھي، انهن جي لڙڪن جو رنگ به ساڳيو هوندو. ۽ جن چپن انهن خطن کي وري وري ڏٺو آھي، انهن چپن تي وري وري تري آيل ڪي اظھار، ڪي سنيها، بس قيمتي قلمي لباسن ۾ ملبُوس ٿي پيا آھن!
    محترمه اداس نازبوءُ! اسانجو هي حقير فقير علمي ادبي پروگرام، توکي پنهنجي وجود جي نئين سر دريافت جيان محسوس ٿيو، اسان لاءِ ته اهوئي اعزاز ڪافي آھي. تنهنجي نوڙت ۽ معصوميت تي مشتمل لفظن، اسانجو اندر به ايئن ئي اڌ ڪيو آھي، جيئن هن پروگرام جي کوٽ، تنهنجو اندر اڌ ڪندي هئي. تون رشتن ۾ اشتراڪيت کي پسند ناهين ڪندي-توکي اهي شيون به ناهن وڻنديون، جيڪي رڳو نالي جون تنهنجون هجن. تنهنجي اها مالڪانه پسند سوچ توکي مبارڪ هجي. پر ڪڏھن انهن شين تي به سوچجان، جن جا مالڪاڻا حق کڻي ڪنهن وٽ به هجن، پر هونديون ڪنهن ٻئي جون آھن. چيٽ جي چٽي چانڊاڻ ۾ چنڊ سان کينچل ڪري ويندڙ بادل به ته ڪنهنجو نه ڪنهنجو ته هوندو آھي!
    محترمه اداس نازبوءُ! وقت سان گڏ تنهنجي تخليقي هنر به واه جي ترقي ڪئي آھي، پر رومال ۾ ويڙھيل ميارن سچ ته جهوري وڌو. تون پذيرائيءَ جي پنج ڪڻيءَ لاءِ جهول ڇو ٿي جهلين؟تنهنجا انمول لفظ ۽ خوبصورت خيال ئي تنهنجي اهليت جو سرٽيفڪيٽ آھن.
    محترمه! جيئن تنهنجي دل سليٽ تي گهڻو اڳ نشر ٿيل اسانجا پروگرام اڄ به پيچي اکرن ۾ لکيل آھن. ايئن ڀلا اسين اوهان پارن پيارن ٻُڌندڙن کي ڪيئن ٿا وساري سگهون؟!ڪيئن ٿا وساري سگهون انهن چاهتن کي جيڪي، اسانجي رولاڪ آواز سان پيچ پائي، سماعتن جي صحرا ۾ اُڃارين هرڻين جيان ڀٽڪيون آھن. ايڪويهين صديءَ جي آڳنڌ تي پهتل هن دنيا ۾، ڪانگن جي ڪان ڪان ۽ ھڏڪين جي هلچل تي ڀلي ڪير اعتبار ڪري، نه ڪري، پر دل تي لکيل دستاويز ڪوڙا ناهن هوندا. روح جا ريلا ۽ دل جون چُغليون ته سچيون هونديون آھن. ڀلي ته ڪي زمانا گذري وڃن، ڪي نالا وسري وڃن، ۽ ڪي ساٿ وڇڙي وڃن، پر ڪن بينام رشتن ۽ وڍجي پيل واسطن کي وسارڻ لاءِ ته زمانا گهربل هوندا آھن!“
    دلبر، آواز جي مخصُوص اُتار-چڙھاؤ، مُترنم تلفظ ۽ انداز بيان جي بازگشت کي، اداس ڪري وجهندڙ بانسريءَ جي سُريلي سگنيچر ٽيون سان، ايئن هم آهنگ ڪري لفظ لفظ اُچاريو جو سڄي تحرير دل ۾ سينگاري رکڻ جهڙن موتين جي مالها ٿي پيئي. ايتري وڻندڙ نغمگي جو ماڻھُو گُم سُم ٿي وجود جي وراڪن ۾ ئي وڃائجيو وڃي. ايترو مٺو مٺو درد، جيڪو ڳوڙھو اکين کان ٻاهر آڻڻ بنا به رُئاڙيو وجهي! جذبن کي جنجهوڙيندڙ صداڪاريءَ جي اها سُرهاڻ، جيڪا محسُوسات جي نڪ تي نقاب ويڙھي به سُنگهي سگهجي! بس خيالن جي اهڙي انوکي کينچل، جيڪا دل ۾ ڪتڪائي ڪري درد جاڳائڻ باوجود وڻندڙ وڻندڙ لڳي!
    دلبر سان سورٺ کي هميشہ انوکي اُنسيت رهي هئي. جسماني دُوريءَ باوجود، دلبر سندس سوچن تي سدائين ڇانئيل رهيو هو. پوريل اکين ۾ به پرپُٺ جي پرينءَ جو پرتوو پوندو هئس، ته ننڊ جي نکيٽي ٿي پوندي هئي ۽ جاڳ ويراڳ جي واٽن تي، هوءَ دلبر جي خيالي تصور جي ترائيءَ مان، جيئن جيئن پاڻي پيئندي هئي، تيئن تيئن تن جي تؤنس وڌندي هُيس! پر پوئيين هفتي سندس تحرير کانپوءِ ساڻس مخاطب ٿي ڏنل جواب نشر ٿيڻ بعد سندس ڪيفيت جي ڪميت گهوڙي انهن رستن تي گهُنڊ ھڻي گُهمڻ لڳي هئي، جن رستن جي ڌُوڙ اڳ ڪنهن به ڪون اُڏائي هئي!
    ڪجهه ڏينهن اڳ سندس ڀاءُ پنهنجو کٽارو فون کيس ڏنو هو. جنهن جا بٽڻ گسي ڦِٽي ويا هئا. نمبر به اندازي تي لڳائبوهو. کيس دلبر سان ڳالهائڻ جي خواهش خوشبودار بڻائي وڌو هو. هن گٺل ڦٽل موبائيل ڏانهن حسرت سان ڏٺو هئائين. دلبر واتان پروگرامن ۾ اڪثر ٻُڌايل ڊيوٽي روم جو نمبر کيس برزبان ياد هو، پر جڏھن پيٽ ۾ ڪجهه نه هجي ته پوءِ سم ۾ بيلنس ڪٿان ايندو؟! هن ٻن پُراڻين سمن کي چيڪ ڪيو. هڪ بند ٿي چڪي هئي، جڏھن ته ٻيءَ ۾ هڪ رپيو موجود هو. هن لون کڻڻ لاءِ رڪيوسٽ موڪليو. ٻي لمحي ٻن هٿن جي آڱرين جيترو بيلنس پهچي آيو. هن جهٽ پٽ ڊيوٽي روم جو نمبر ملايو، ان اميد سان ته من دلبر سان ڳالهه ٻولهه ٿئي. پر ٽيليفون تي موجود ڊيوٽي آفيسر، عورت سان مخاطب ٿيڻ ڪري مورڳو نمونيبازيون ڪرڻ لڳو. سورٺ التجا ڪيس:
    ”ادا منهنجي دلبر صاحب سان ڳالهه ڪرايو“
    ”منهنجي ڪابه ڀيڻ ناهي، آئون تنهنجو ادا ڪيئن ٿيئس؟“
    ”ادا چرچا نه ڪر، مون وٽ بيلنس ناهي!“
    ”بيلنس مون وٽ آھي، توهان پنهنجو نمبر لکايو، آئون پاڻھي توسان ڳالهائيندس. “
    ”پر مونکي ته دلبر صاحب سان ڳالهائڻو آھي“
    ”ايترا سنگدل نه ٿيو پيارا، آئون به انسان آھيان“
    ”ڌُوڙ جو انسان، تون ته گڏھ آھين!“
    هن ڏند ڪرٽي، ڪاوڙ مان فون بند ڪري ڇڏيو ۽ سوچيو:
    ”هي پڙھيل لکيل هوندي به جاهل ماڻھُو، هنن کي انسانيت ۽ اخلاق ڪير سيکاريندو؟!”
    هوءَ سوچ ۾ پئجي ويئي:
    ”دلبر به ايئن ئي هوندو ته ڪهڙي خبر!؟ مٺيءَ واري ڊاڪٽر جهڙو؟! ريڊيو واري ڊيوٽي آفيسر جهڙو!؟نه نه. . …!؟ عورت کي مرد جو پاڻي ڪَڇڻُو هجي ته اڪيلائيءَ ۾ ساڻس هُجتي گفتگو ڪري ڏسي!“
    هن جي چپن تي مرڪ تري آئي. وري پاڻ کي ڄڻ دلاسو ڏنائين:
    ”نه نه…دلبر ايئن ڪون هوندو. جنهن دل مان ههڙا سهڻا لفظ نڪرن ٿا، اها ايتري ڪاري ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟! جيڪي چپ روز سندر لفظن سان رانديون ڪن ٿا، تن مان اڍنگا جملا ڪيئن نڪرندا؟! ۽ جن سوچن جي سُرهاڻ، سماعتن جون سڄيون ساريون واٽون واسي ڇڏيندي آھي، تن سوچن جي سلن ۾ ڪميڻن ڪاريهرن لاءِ گنجائش گهٽ ھجڻ گهرجي!“
    هن ڄڻ پاڻ کي آٿت ڏني
    ٻي هفتي هن دلبر جو پروگرام شروع ٿيڻ کان اڌ ڪلاڪ اڳ، ڊيوٽي روم جو نمبر ملايو، انهي دعا سانته ”شال ساڳيو منحوس ڊيوٽي آفيسر فون نه کڻي!“
    ٽيليفون جي رنگ وڄي وڄي بند ٿي ويئي. هن وري نمبر ملايو. هن ڀيري ٽي رنگ تي سامهون پوئيين هفتي واري ساڳي همراه فون کنيو ”هيلو“
    سورٺ جي دل جي ڪنارن سان، مايوسيءَ جي ڇولي ٽڪرائي موٽي ويئي. پر ٻي لمحي هن کي ڊيوٽي آفيسر جي ”هيلو“ جي پس منظر ۾ دلبر جو ڄاتل سُڃاتل آواز آواز ٻُڌڻ ۾ آيو.
    هن ڊيوٽي آفيسر کي چيو ”دلبر سان ڳالهه ڪرايو“
    ”اڌ ڪلاڪ بعد ڪال ڪجو“
    هن ڀيري سورٺ جي صبر جو گهڙو ٽُٽي پيو“ڪميڻا دلبر تنهنجي ڀر ۾ موجود آھي، سندس موبائيل بند آھي، تڏھن هي نمبر ملايو اٿم. ڀڙوت ڇڏ، آئون دلبر جي مائٽياڻي آھيان. فون دلبر کي ڏي!“
    ”ج …جي…ها اجهو دلبر سان ڳالهايو“
    دلبر جو آواز آيو: ”هيلو“
    ”دلبر اداس نازبُوءُ ڳالهايان پيئي. مون وٽ بيلنس ناهي. جلد نمبر نوٽ ڪريو، متان ڪال ڪٽجي وڃي!“
    ”جي محترمه نوٽ ڪرايو“
    “0345……”
    ڪال ڪٽاڻي ته سورٺ هٿ مليندي رهجي ويئي.
    ”دلبر نمبر نوٽ ڪري ورتو، الاءِ نه!؟“
    هوءَ غيريقنيءَ جي ڏينڀُوئن ۾ ڏنگجڻ لڳي.
    ”مون ته آخري انگ به ڪون ٻُڌايو هو. هاڻ ته مون وٽ بيلنس به ناهي، جو وري ڪال ڪريان. نه ئي ويجهڙ ۾ بيلنس وجهائڻ جو آسرو!؟“
    اذيتناڪ ماٺ جو مختصر وقفو
    هوءَ نااميديءَ جي اوڙاه ۾ اٽڪي پيئي! عين ان وقت هن جي کٽاره موبائيل جي گهنٽي وڄڻ لڳي. گڏوگڏ سندس دل جي ڌڙڪن به تيز ٿي پيئي. هن تڙتڪڙ ۾ ڪال رسيو وارو بٽڻ دٻائي ڇڏيو.
    ”هيلو ڪير؟“
    ”دلبر اداس نازبُوءُ پيئي ڳالهايان“
    ”چڱو ٿيو توهان ئي آھيو. توهانجي ڪال ڪٽاڻي ته آخري انگ نوٽ ٿيڻ کان رهجي ويو. آخري انگ ڌُڪي تي ملايم، پهرين “هڪ”، اهو نمبر بند آيو، وري “ٻه” اهو ڪنهن مرد کنيو، وري “ٽي”، اهو رينج کان ٻاهر هو ۽ ھاڻ “چار” ڀاڳن وارو نڪتو، جو توسان ملائي ڇڏيائين. “
    ”دلبر! آئون توهانجي مداح آھيان. مونکي تنهنجو پروگرام، تنهنجي ڪمپيئرنگ جو انداز ۽ تنهنجون لکڻيون ڏاڍيون وڻنديون آھن! مون تنهنجي واتان نڪرندڙ لفظنکي ڳيرن جيان اڪثر دل ۾ آکيرا اڏيندي ڏٺو آھي!“
    ”ان ۾ منهنجن لفظن جو ڪمال گهٽ پر توهانجي ذوق ۽ شوق جو معجزو وڌيڪ آھي، جو سندءِ محسُوسات جو پارس پٿر، منهنجن لفظن کي سچو سون بنايو ڇڏي، جيڪي سندءِ دل جي اُجري آئيني ۾ سهڻا ۽ من موهڻا ٿي پون ٿا!“
    “دلبر آئون توهانجي ٿورائتي آھيان جو توهان هاڻ منهنجون تحريرون شامل ڪريو ٿا“
    “ڪو ٿورو ناهي، توهان محنت ۽ مطالعي سان پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ ۾ زبردست نکار آندو آھي جو آئون پاڻ به حيران آھيان. “
    ”مهرباني دلبر“
    ”مهرباني ته توهان جي جو منهنجي حوالي سان رسالي ۾ خط لکي، وري واپسيءَ جو مطالبو ڪيئي، اداس نازبوءُ! سچ پڇين ته تنهنجي ڪري ئي ته مختصر وڇوٽي بعد ريڊيو تي وري موٽي آيو آھيان!“
    هُوءَ بيساخته چئي ويٺي هئي“دلبر منهنجو نالو سورٺ آھي!“
    ”چڱو ڀلا هاڻ توکي سورٺ سڏبو“
    ”مهرباني دلبر“
    ”پروگرام جو وقت ڪنڌ تي چڙھي آيو، هتان موڪلايون ٿا، باقي ڳالهيون اُتي ڪنداسين. او ڪي بائي“
    دلبر سان غيرمتوقع طور ٿيل ملاقات جي لاريءَ مان لهڻ بعد هن جي ڪيفيت ان ڪولهي ٻارڙي جهڙي ٿي پيئي هئي، جنهن کي ڪارونجهر جي پٿرن ۾ وسريل اميراڻو ٿيلهو هٿ اچي ويندو آھي!
    انهن ئي ڏينهن ۾ ٽيليفون تي، دلبر سان هن جون ڊگهيون رهاڻيون رچڻ لڳيون هيون. هوءَ ڄڻ لوهي وجود هئي، جنهن کي دلبر جون چقمقي ڳالهيون پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيون هيون. هن ڪڏھن به دلبر کي پنهنجي غربت متعلق ڪون ٻُڌايو، ڇوته هوءَ انهن عورتن مان ڪون هئي، جيڪي اٺئي پهر پنهنجو پٽڻُو پِٽينديون آھن ۽ پرائي پٿر تي به پنهنجا سُور آلاپي وجهنديون آھن. هن ته بس دلبر جي ڱڱاٽيل ڳالهين ۾ پاڻ کي خوشبُوءُ جيان تحليل ٿيندي محسُوس ڪيو هو. ھُوءَ ته ڄڻ دلبر جي لفظن ۾، پاڻ کي اتي ڪٿي وساري آئي هئي، جتي عقل جا پکي به پهچي نٿي سگهيا! جتي کيس ڪنهن ڏند ڪٿائي پريءَ جا پک به ميڙي نه پئي سگهيا!
    اُها به هڪ رات هئي. چانڊوڪيءَ جو پيلو وڳو پاتل حسين بخملي رات!
    ھُوءَ دلبر سان ملڻ لاءِ ڳوٺ جي ڀرسان وڏي ڀٽ تي وڃي رهي هئي، جتي دلبر اچڻ جو انجام ڪيو هو. هوءَ بس ڳالهين ڳالهين۾ ”ها” ڪري ويٺي هئي. شايد ڀورائيءَ جي ڀِت تان تِرڪي پيئي هئي. هڪ ڌارئين مرد سان اڪيلي ويرانيءَ ۾ ملڻ باوجود ست سيل سلامت رکڻ جي اجائي خوش فهمي رکي رهي هئي. دلبر چيو هئس:
    ”بس رڳو هڪٻئي کي ڀرپور نگاهن سان ڏسنداسين. واعدو ٿو ڪريان ته تو طرفان مقرر ڪيل حدون ڪون اورانگيندس!“
    هوءَ بس هڪ مرد جي ان ڌُوتاليئي درياءُ جهڙي واعدي تي، ترڻ وڃي رهي هئي، پر ان خودفريب ڪچي گهڙي جهڙي آس آڌار ته جوڀن جي پروَس پاڻيءَ ۾ پلئو پُسائڻ بنا ئي موٽي ايندي!
    هن ڀٽ جي چوٽي چڙھي آسپاس نهاريو، ڪوبه موجود نه هو. دير تائين انتظار جي ٿوهر کي ڀاڪر ۾ ڀري ويهڻ باوجود جڏھن دلبر ڪون پهتو هو ته محروميءَ جي واريءَ جون مُٺيون ڀري هوءَ واپس وڃڻ لڳي ھئي. پر جلدي ڀرسان گذرندڙ روڊ تي اويلي موٽر سائيڪل جون بتيون ڏسي، هوءَ بيهي رهي هئي. موٽر سائيڪل روڊ تان لٿو ۽ ھڪ کٻڙ ڀرسان ان جون بتيون وساڻيون هيون ۽ انجڻ جو آواز بند ٿي ويو. ڪجهه دير بعد هڪ قداور شخص جو ڌنڌلو وجود، سورٺ کي پاڻ ڏانهن ايندي محسوس ٿيو هو. هوءَ روح جي لامن تائين لُڏڻ لڳي هئي. هڪ اوپري شخص سان ويرانين ۾ ملڻ آئي هئي. هن جي اناڙي جوڀن ۽ اڻجهل پيار کيس ڪنهن ڄار ۾ ته نه ڦاسايو هو؟! اهوئي سوچي، هُوءَ وجود جي سمورن ورن وڪڙن سميت ڪنبي ويئي هئي!
    اوپري شخص سندس ڀرسان اچي چيو:
    ” سورٺ موٽريي جو ٽائر پنڪچر نه ٿئي ها ته توکي انتظار جي اڪ جو کارو کير ايترو پيئڻو نه پوي ها!“
    هوءَ ٻُوھ جي ٻُوڙي ۾ ھراسجي لڪيل تتريءَ جيان دلبر کي ڏانهن ڏسڻ لڳي هئي. کيس دلبر سندس ڪمپيئرنگ جيان وڻندڙ لڳو هو، پر سورٺ جي خيالي خاڪي کان ٿورڙو ٿورڙو مختلف هو. دلبر کيس ڳراٽي پائي، ٿڌي واريءَ تي ويهاريو هو ته هوءَ ڄڻ لٽڪيل لام تي پچي پيل ڳاڙھي پيرُون جيان ڇڻي پيئي ھئي. دلبر جي بدن جي هڳاءُ ۾ کيس پنهنجو وجود وسرندي محسوس ٿيو هو. دلبر چيس:
    ”سورٺ تون تنهنجن لفظن کان به وڌيڪ سهڻي آھين”
    ته ڄڻ هوءَ دلبر جي واتان نڪتل ان هڪڙي لفظ تان سئو جنم قربان ڪرڻ لئه تيار ٿي پيئي هئي! هن جي دل چاهيو هو ته هُوءَ دلبر کي ڀاڪر جي ڍاڪُونءَ ۾ ڍڪي، لوڪ کان لڪائي ڇڏي، پر هوءَ چاهڻ باوجود ڪجهه به ڪري ڪون سگهي هئي. دلبر چيو هئس:
    ”سورٺ! سندم چپن جا چاڳلا پوپٽ، تنهنجين گلابي ڳلن جو واس وٺڻ لئه آتا آھن، پر تو ته مون کي ان واعدي جي ڏور ۾ ٻڌي ڇڏيو آھي، جنهن ۾ تو مونکي حدون اورانگهڻ جي منع ڪئي هئي! تنهنجن ذوالفن کي هوائن سان همقدم ٿي رقص ڪندي ڏسان پيو، پر ڇا ڪريان؟! آڱرين کي اها اجازت ناهي ته انهن سان گڏ رانديون رئن!“
    لمحن لئه سورٺ کي محسوس ٿيو هو ته هن دلبر کان اهو واعدو وٺي ٻن جوانين سان وڏو ظلم ڪيو هو! هن جي دل ۾ ان چور احساس پڻ جهاتي پاتي هئي:
    ”دلبر پنهنجو واعدو ٽوڙي ته مونکي ڪو اعتراض ڪونهين!“
    پر دلبر پنهنجو واعدو ڪون ٽوڙيو هو. واريءَ جي وڇاڻي تي، دلبر جي ڳڱاٽيل ڳالهين ۾ کيس ننڊ اچڻ لڳي هئي، پر اوڀر جي آسمان تي پري کان پرگهٽ ٿيندڙ پره جي پس منظر ۾، لوڌي تارو اُڀري آيو هو۽ ڏُور اولهه ۾ ڪتين ڪر موڙيا هئا! ته هوءَ به واپس وري هئي. دلبر به موبائل جي بتي ٻاري ڪجهه قدم ساڻس گڏ هليو هو. پر اوچتو اڳيان نانگ ڦُڻ کڻي ڦوڪ ڏني هئي. دلبر جهٽ پٽ پهرين هڪ پير مان ۽ پوءِ ٻي پير مان سينڊل لاهي واسينگ کي وڄايا هئا!ٻئي ڌڪ نانگ کي ڦُڻ ۾ لڳا ، جنهنڪريجلدي موت جي مُنهن ۾ ھليو ويو هو. دلبر سورٺ کي سندس گهر ويجهو ڇڏي واپس وريو هو، پر نانگ مارڻ متعلق هن ڪجهه به ڪون ڳالهايو! بس هن سورٺ کان موڪلائڻ محل رڳو اهو چيو هوته ”سورٺ! نانگن جا مٿا ڪيسين لتاڙينداسين! ھاڻ ته گڏجي جيون گهارڻ متعلق سگهوئي سوچڻو پوندو.


    باب ستون

    وڻ ڦُٽڻ واري کينچلي موسم جي شرارتي شام ٽاڻي، هن جي اندر ۾ ڪا اداس سانجھ اٽڪي پيئي هئي. مٺيءَ شھر جي پُرهجوم رستن تي، هن جي ھينئڙي جي هيڪلائيءَ ھن کان پُڇيو:
    ” اڄ ايترن سالن کانپوءِ هتي آيو آھين، ملوڪ کانسواءُ ٻيو اٿئي ڪو دل گهُريو دوست، جنهن سان اندر جا احوال اوري هانوُ هلڪو ڪري سگهين؟ ڪٿي آھن تنهنجا اھي دوست، جيڪي ڪنهن وقت توکي پنهنجي شهرت ۽ مفاد لاءِ استعمال ڪندا هئا ۽ ھاڻ اقتدار ۽ دولت جي هندنيا ۾، پنهنجو پاڻ جا ڄاڻو سُڃاڻو به نه رهيا آھن!
    ريڊيو ڪمپيئرنگ واري عرصي ۾، تنهنجي واتان دوستي، خلوص ۽ قربانين متعلق آواز جا سنيها، ڇا رڳو ڪتابي ڳالهيون هيون؟ يا وري شاعراڻن خيالن جي خود فريبي؟! تنهنجي ڪمپيئرنگ ۽ ادبي لکڻين تنهنجا هزارين مداح ته پيدا ڪيا، پر زندگيءَ جي خاردار رستن تي، اها تلخ سچائي به سامهون آئي ته رشتن ۽ واسطن جا رنگين لغڙ، ڪيترا به پيارا ڇونه لڳن، پر انهن جي ڏور جو ٻيو ڇيڙو مفادي آڱرين ۾ اٽڪيل هوندو آھي! تنهنجو اڄ ريڊيو تي انٽريو آھي، ٻُڌندڙن جا تفريح خاطر پڇيل پاروٿا سوال ۽ جوابن ۾ تنهنجون ساڳي رنگين بلوري ڳالهيون، دل جا درد لڪائي ٻين جي سستي وندر خاطر ادب ۽ صداڪاريءَ جو تماشو-بس نه!؟
    ڪي ورھ اڳ هفتي ۾ ٻه ادبي ۽ رومانٽڪ مزاج وارا پروگرام ڪرڻ لاءِ تون جڏھن به ايندو هئين، رڳو هن شھر ۾ رهندڙ تنهنجا ڪيئي چاڳلا لسنر، مهمانيءَ جون دعوتون ڪري توکي ڇڪيندا هئا، جيئن تنهنجي پاپيولر پروگرام مان قلمي ۽ شخصي شهرت حاصل ڪري سگهن. پر تنهنجي مغز ۾ ساڳي سچائي ۽ ميرٽ واري جهڻ ڄميل هئي. جن وٽ ڏيڻ لاء گهڻو ڪجهه ھو ، سي تو واري ميرٽ تي پورو لهي نه سگهيا ۽ جن وٽ لکڻ جو ڪجهه نه ڪجهه ڍنگ هو، تن کي تو پالش ڪري ايترو “اهم” ٺاهي ڇڏيو جو خوش فهمين، هنن جو پير پٽ تي لڳڻ ئي ڪون ڏنو. ريڊئي توکي ڇا ڏنو؟وقتي واه واه-بس نه!؟ پروگرام لاءِ پنج سيڪڙو محنت به نه ڪندڙ پروڊيوسر، اسي هزار ماهوار پگهار کڻندو هو، جڏھن ته توکي ته ڀاڙي وارا پئسه به نه ملندا هئا. جڏھن ته تون هڪ پروگرام جي اسڪرپٽ لاءِ، قلم کي ايترو ئيهلائيندو هئين، جيترو موچي هفتي ۾ آر کي به ناهي هلائيندو! ڇا مليو؟ عارضي خوشي، وقتي واه واه-پر اها ته سرڪس جي مداريءَ کي به ملي ويندي آھي، ويتر انعام ۽ تحفن سميت!“
    دلبر جي دل تي، دماغ جون ٽوڪيليون ۽ نوڪيليون نصيحتون بمباري ڪنديون رهيون. آسپاس لنگهندڙ سوارين جا هارن، هن کي لاڙي مڇرن جي ڀُونءُ ڀُونءُ جيان لڳي رهيا هئا. اڻوڻندڙ روڊ جي گهماگيهمي مان جان ڇڏائڻ لاءِ ھن موڙ ڪٽيو. ڀرسان هڪ ڇپرا هوٽل اڳيان، کجيءَ جي واڻيل کٽن وٽ رٻڙ جي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. بيري سندس اڳيان جڳ گلاس آڻي رکيا. يڪ ساهي پاڻيءَ جا ٻه گلاس پي ويو. چانھ جو آرڊر ڏيئي، هو وري ٽُٻيءَ ۾ پئجي ويو. هن جو دماغ وري واڍي جيان سندس سوچن تي هٿوڙو هلائڻ لڳو:
    ” ڪي سال اڳ، جڏھن هوءَ توکان ناراض ٿي هئي، بس ڳالهه ئي ڪيتري هئي؟! تون هروڀرو ان کلڻي ميزبان زُليءَ کي پروگرام ۾ وٺي آيو هئين. توکي ڪهڙي لاچاري لڳي هئي، اهو ايڊونچر ڪرڻ جي؟! زُليءَ جو هر ٽهڪ، سورٺ جي لاءِ ائٽم بم بڻجي پيو ھو. ٿر جي ٻھراڙيءَ ۾ رهندڙ ۽ اٺون پاس سورٺ کي ڪهڙي خبر ته، لائيو پروگرام ۾، بي تڪلف شعرن، ۽ هُجتي لهجي ۾، زُليءَ جو توسان ايئن فري ٿي ڳالهائڻ، بس شھري ڪلچر جو عام رِينگٽ ھو، جنهن ۾ ڪجهه به دل جي ترجماني ڪندڙ نه هو، جيئن مارڪيٽ ۾ موجود پاروٿن ايس ايم ايس جا لفظ، لکيل هڪڙن لاءِ ۽ موڪليل ٻين کي هوندا آهن!
    سورٺ ته توکي ٻن انتهائن وچان چاهيو هو، هڪ طرف تنهنجي پروگرام جو افسانوي انداز ۽ ٻيو توتي پنهنجي مالڪيءَ وارو عاشقانه تصور-پر تو پروگرام ۾ کلڻي ميزبان کي ويهاري، هن جي حساس دل ۾ شڪ جو خنجر کُپائي ڇڏيو هو، جنهن آھستي آھستي سورٺ جي وجود ۾ واردات بڻجي پيل، تنهنجي محبت جي ڦوڳ کي ڪپڻ شروع ڪري ڇڏيو. پر تون به ته خوش فهمين جي ماڙين مٿي چڙھيو ويٺو هئين! سمجهيو هيئي، هڪ ٻه درديلا پروگرام ٻُڌي، هوءَ وري پرچي پوندي، ان ڪري سورٺ جو شڪ مٽائڻ ضروري نه سمجهيو هيئي. ۽ ايئن هڪ سچي محبت کان محروم رهجي وئين! اڄ ڪٿي آھي اها زلي، جنهن سان کلي خوار ٿيو هئين؟ مٺي ريڊيو ڇڏي پرائيويٽ ايف ايم تي وڃڻ پڄاڻا، هن ڪڏهن ڀُلجي بهياد نه ڪيو اٿنئي!“
    بيري پريان رڙ ڪئي:
    ”سر چانھ ٿڌي ٿي ويئي!“
    دلبر ڇرڪي نهاريو، چانھ واقعي ٿڌي ٿي چُڪي هئي ۽ ان ۾ مک به ڪريل هئي. آسپاس موجود گراهڪن ۽ هوٽل عملي جون نظرون، کيس شرمسار ڪرڻ لڳيون. چانھ جو ڪپ اتي ئي رکي، بل ادا ڪري ناڪي واري روڊ تي هلڻ لڳو. ريڊيو ۽ آسپاس ڏانهن ويندڙ رڪشہ وارا هوڪا ڏيئي، مسافرن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي رهيا هئا، پر هن ريڊيو اسٽيشن تائين پيادل وڃڻ جو فيصلو ڪيو. بلڪل ايئن جيئن گهڻو اڳ اداس ڪيفيتن ۾، هو ڪشمير چوڪ کان ريڊيو اسٽيشن تائين، پيادل هلندو هو ۽ سورٺ جو تصور به اڪثر هن سان گڏ، هن جي دل جي چيچ جهلي، ڳراٽيون پائيندو گڏيو هلندو هو.
    اڄ به هو ايئن ئي هلي رهيو هو، پر هن سان گڏ سورٺ جون ساروڻيون، ڪونجين جي قطار جيان ڪون هيون. بس ڪنهن ڪنهن ويل، وڳر کان وڇڙيل ٻگھ پکيءَ جهڙي ڪا ريشمي ياد، هن جي من-آڪاش مٿان مختصر اڏام ڪري ڪري موٽي رهي هئي. هنن ئي رستن تان گذرندي، ٻڌندڙن طرفان پروگرام ۾ سندن نالو شامل ڪرائڻ لاءِ ، سندس پرسنل نمبر تي ڪيل لاتعداد ڪالز دوران، هنڪيئي رنگين ڦوڪڻن جهڙيون ڪالون سورٺ جون به جهٽيون هُيون. سورٺ جي ڍاٽڪي گاڏڙ لهجي مان ڇڻندڙ اُڏندڙ چمين جون اڻڳڻيون ڀنڀوريون، هن دل جي شيشيءَ ۾ به بند ڪري رکيون هيون. پر اڄ انهن جي ڇهائن ۾، اها نفيس آلاڻ ۽ رنگين ڪوملتا ڪون هئي، جنهن ڊگهي عرصي تائين سندس جيءَ کي جڪڙي رکيو هو. هن وات جي پڃري مان لفظن جا ڪيئي رنگبرنگي پکي، فون سگنلز ۽ ريڊيو فريڪئينسي جي سهاري، سورٺ جي پار ڏانهن اماڻيا هئا، پر اڄ انهن جا پر ڪٽيل لڳي رهيا هئا. وقت جو طوفان، سورٺ جي دل ۾ اڏيل محبتن جا سمورا آکيرا اُجاڙي ويو هو شايد! تڏھن ئي ته هُن ايترن ڏينهن کان رابطن جي گهوڙن تان سنج لاهي رکيا هئا. ڪير ڪٿي هو ؟ ڪا خبر نه هئي. بس دلبر ٻُڌو هو ته هُن شادي ڪري ڇڏي ھئي. دلبر به ريڊيو ڇڏيو هو، اصل ۾ هن کان گهڻو ڪجهه ڇڏائي ويو هو. زندگيءَ مان عشق هليو ويندو آھي، ته گهڻو ڪجهه هليو ويندو آھي. هوءَ به هلي ويئي هئي، هن جي زندگيءَ مان. هو به سورٺ جي زندگي مان هليو ويو هو، پر سورٺ جون ساروڻيون، هن جي دل جي دري ٽپي، ٻاهر نڪري نه سگهيون هيون، بس ڪنهن ڪُنڊ ۾ ڪاريهر جي زهر جيان ڇُپي ويون هيون! جن کي ڪڏھن ڪڏھن جمالياتي لمحن جو جوڳي جهاڙي، جاڳائي وجهندو هو!
    راضي خوشي هن، ٻٻر جهڙن وڇوڙن کي ڀاڪر ۾ ٿوري ڀريو هو، بس مجبورن کيس سڀڪجهه سويڪار ڪرڻو پيو هو. ايئن جيئن سماجي مجبورين ۾ لائون لهندڙ سنڌي عورت کي، ڪُڌي ڪانڌ سين به راتيون گذارڻيون پونديون آهن، جن کان هوءَ چاهيندي به نٽائي نه سگهندي آھي!
    پئٽرول پمپ وٽان موڙ ڪاٽي ناظم هائوس جي اڳيان گذري رهيو هو ته، ڀرسان جهوپڙا هوٽل ڏانهنمُڙڻ کان، پنهنجا قدم روڪي ڪون سگهيو. ريڊيو ڪمپيئرنگ واري عرصي ۾، پروگرام کان اڳ بچيل وقت، پروڊيوسرن جي آفيسن ۾ نُوس نُوس ڪرڻ بدران، هن ئي هوٽل جي مالڪ چاچي صابوُءَ سان سندس رهاڻ رچندي هئي، جيڪو اڪثر هن کي ڳوٺڙن جي ڳالهڙين جا جوُس پياريندو هو. ڪڏھن ڪڏھن هجت مان هن کي ترسائي تاش کيڏائيندو هو! عمر ۾ هن کان گهڻووڏو هجڻ باوجود، هُن ڪڏھن به سينيئر ۽ جونيئر واري ديوار کي آڏو اچڻ ڪون ڏنو. هُن جي سادگيءَ مان ڇڻندڙ هُن جون ڳالهيون، اڪ ڦُلڻين جيئن محبوب مالهائون ٿي پونديون هُيون.
    ”دلبر ڀايا! وٺي جون خبرون پانڌيڙُو ڏيندا آھن، پر عشق جي چُغلي اکيون هڻنديون آھن. ڀايان ٿو تنهنجي به ڪٿ نه ڪٿ، لنئون لڳي آھي، ٻه ٽنگو ڦاسي پيو آھين!“
    ”چاچا مونسان چرچا ٿو ڪرين!؟“
    ”نه بابلا نه! ڪڏھن ساسوُڙي به بهُوڙي هئي. تو واري وهيءَ ۾ اسانجو به پير پٽ تي نه لڳندو هو. اکين ۾ پاءُ سرمو، مٿي تي اڇو پٽڪو، ھرک جي صدري، سچي اجرڪ هيٺ، چاندي رنگ جي ڀرت ڀريل چاملي جتي، هٿ ۾ ڪڙيءَ واري وانجهيل لٺ، مُڇ جا شھپر، جهڙا ٻه واسينگ ڪارا نانگ، هاءِ ، هاءِ. . . . خبر نه ڪو چار، هوا تي پيا هلندا هئاسين. بلي ڪو زمانو هو!“
    چاچا پنهنجي زندگيءَ جو ڪو، نه وسري سگهندڙ واقعو ٻُڌائي ؟“
    ”ڇڏ ٻيلي، اچ ته تاش کيڏون، پوءِ وري تون ڪندين اڙِي، چوندين هاڻ پروگرام جو ٽيئم ٿي ويو. “
    ”اڄ ھرگذ نه ڇڏيندس. هر ڀيري لنوائي ويندو آھين چاچا! نٿو ٻُڌائين ته، اڄ منهنجي به هن هوٽل تي آخري شام آھي، ڌاريون ٿو سمجهين نه مونکي!؟“.
    چاچو صابو ميڻ جيئن وِگهرجي پيو هو. دلبر کي ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو هئائين:
    ”اڙي دلبر مونکي به ڌاريون ٿو سمجهين!؟ يارن سان ڪهڙيون لِڪون. ٻُڌايان ٿو، پر تون به واعدو ڪر ته، پروگرام ڪري اُتان آڏو ڀڄي نه ويندين؟ هتي اچي تاش کيڏنداسين، جنهن تي 104 لِنڊا ٿيا، اهو ٿيندو ميمبر، ان خوشي ۾ ڏيڍ پاءُ مرغي، اڌ ڪلو ڌونئرو ۽ مانين جو بل ڀريندو، قبول!؟“
    ”قبول چاچا قبول، پر واقعو سچو ۽ دلچسپ هجي، نه ته معاهدي کي نه قبوُلڻ جواختيار مون وٽ هوندو!“
    “وڏو ڪو تِرڪتاليو آهين. ڳالهه کي وٽيين ڪوه ٿو، چِٽو نٿو چئين ته مونکي ڦِرڻو آھي. پر آئون پنهنجي ڳالهه کي پاڻي ضرور ڏيندس“
    ٻه گراهڪ هليا آيا هئا ته هنن جي گفتگو جي گاڏيءَ کي به بريڪ لڳي ويو هو. مزدور ڇوڪرو سيڌو سامان وٺڻ لاءِ بازار ويل هو، ان ڪري چاچي صابوءَ پاڻ چانھ ٺاهي گراهڪن کي آڻي ڏني. هڪ آڌيو پاڻ ۽ هڪ دلبر کي ڏنائين. گراهڪ چانھ پيءُ، بل ڏيئي روانا ٿيا ته هُن واعدي موجب، دلبر اڳيان ويل وقت جي چوپڻ پکيڙي ڇڏي.
    ”ٻيلي مون ورتو ڪنواٽ، نڌڻڪو صفا ڪو ماٺو هو. ٻاوريءَ جي لٺ ٽُٽيو وڃي پر ڪنواٽ ڪُونهانس وک نه کڻي هڪڙي. آئون ڀلن اٺ تي چڙھيل هوس، سو ڪنواٽ ران کي مزو ئي نه ڏي. جيسين وڪجي وڪجي، تيسين ته ساڻس ڏورڻا ڏيڻا پئجي ويا. ان زماني ۾ ڀلن اٺن ۽ گهوڙن جي سواري ماين لاءِ ھرکائيندڙ ھوندي هُئي، اهوئي ڀوت منهنجي من تي به سوار هو، سو هڪ ڀيري ، ڀرواري ڳوٺ وٽان لانگهائُو ٿيئس ته ڏُوراهين ڳوٺ مان پرڻجي، اُتي آيل ڇوري پاڻي ڀرڻ لاءِ وڃي رهي هئي. ان زماني ۾ کوه ڳوٺ کان پرڀرو هوندا هئا. ڇوري صفا بوسڪي لڳي پيئي هئي. ڳاڙهو ڪپڙو جو ڏٺم، سو وٺيڪنواٽ جون واڳون کنئيم. اڙيون هنئيم، ڄار جي ڪچڙي ڪام ٽوڙيئم، پر ڪنواٽ ٺُٺِيئو ڏيئي ڇڏيو. ڳوٺ ويجهو ڏسي، مورڳو گهوئي ڪرڻ لڳو. بوسڪي به ماڳهين ڪا استادن جي گهمايل هئي، تنهن منهنجي نيت سمجهندي، وڏي واڪ چيو:
    ” صابوڙا مرين! ڪنواٽڙي کي ڪوھ ٿو مارئين، آئون ته انهن مست اٺن تي چڙھيل آھيان، جن گسن تي گوگھ ڇڏيا! هن ليلاهرڙي ڪنواٽ تي ڪيئن موهجي پونديئس!؟“
    هوءَ وڏا وڏا ٽھڪ ڏيئي هلي ويئي هئي. پر سندس ٻولڪي طبيعت، سونهن ، ۽ تلوار جي نوڪ جهڙي ٽوڪ، منهنجي زندگي ئي بدلائي ڇڏي. “
    هوُ خاموش ٿي ويو هو. ڄڻ ويل وقت جي ٿالھ مان، ساروڻين جا داڻا چُڳندي چُڳندي، سندس سوچ جو جهرڪو، آسپاس جي کُڙڪي تي ڇرڪي پيو هو.
    ”پوءِ ڇا ٿيو چاچا صابو؟“
    ”ٿيندو وري ڇا؟ مون بوسڪيءَ سان عشق ۾ زندگيءَ جو ڪون سوچيو. جوانيءَ ۾ پير ڪون سنڀاليم، نه گهر ٺاهڻ جو سوچيم. هاڻ پيري اچي پهتي آھي، تڏھن لانئون لڌم. هاڻ ڪچا ٻچا پارڻ ۾ پورو آھيان!“
    دلبر ساروڻين جون ڀٽون چڙهندو ۽ لهندو رهيو. هن جا پير ڏانوڻ ڏنل اٺ جيئن ڳورا ڳورا ٿي پيا هئا. ناظم هائوس اڳيان، هُو ساڄي پاسي مُڙيو هو. صابوءَ واري جهوپڙا هوٽل تي ايڪڙ ٻيڪڙ گراهڪ موجود هئا. هوٽل ۾ گهڙندي ئي هن جون نظرون ، آسپاس ڪجهه ڳولڻ لڳيون هيون، ايئن جيئن ڪا سويچار لاڙي عورت، ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ سڪيلڌي ڌيءَ جي لڙھي ويل ڏاج کي ڳوليندي آھي! اندر ويٺلن مان هڪ نوجوان چيس:
    ”ادا ويھُ، حُڪم”
    پر هُو ويهي نه سگهيو هو، رڳو ايترو پڇيائين:
    ”ڀاءُ ڏي خبر ، صابو ڪٿي آھي؟“
    ”ڪي سال اڳ هيءَ ھوٽل ڇڏي ويو، ڪا خبر نه آھي ته ڪٿي آھي“
    دلبر پنهنجي ساءِ ڀُڻڪندو ٻاهر نڪري آيو.
    ” سڀ هليا ويا آھن، ڪا خبر نه آھي ته ڪير ڪٿي آھن؟!
    ريڊيو اسٽيشن تائين پهچندي، پهچندي کيس محسوس ٿيو ته گهڻو ڪجهه بدليل بدليل هو، ڪجهه به ساڳيو نه هو. بس ڏينهن لنگهيا هئا، گونگو زمانو گذريو هو.
    هڪ ڪمرو خالي هو، اهوئي ڪمرو جنهن ۾ گهڻو اڳ کلڻي ڪمپيئر ويهندي هئي.
    دلبر ڪرسيءَ تي ويهي، سائلنٽ رکيل موبائيل کي چڪاسيو. اڻڳڻين رسيوڊ ڪالز ۽ ميسيجز جو ريڪارڊ موجود هو. ريڊيو تي ڪمپيئرنگ واري عرصي ۾ ، هن کي ايئن ئي علاءُ الدين جي فوج جهڙا ڊگھا ميسيجز ملندا هئا، سڀن ۾ پروگرام منجھ نالو يا مواد شامل ٿيڻ جي فرمائش هوندي هئي. اڄ به هن جي اڳيان ڪجهه اهڙو ئي اڻسمهويل سُٽ موجود هو. فرق رڳو اهو هو ته هن ڀيري هن کي ريڊيو تي اچڻ تي ڀليڪار چيل هئي يا ڪو سوال پڇيل هو، پر مقصد ساڳيو هو، نالي جينمائش ! هن کي حيرت اها ٿي ته ريڊيو ڇڏڻ پڄاڻا هن ڪيئي موبائل نمبر مٽايا هئا، پر ٻڌندڙن کي الاءِ ڪيئن اهي هٿ چڙھي ويا هئا. هن سوچيو:
    ”ڪيترا سارا ماڻهو مون۽ منهنجي آرٽ ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن. انهن محبتن جو ته ڪو ملھ ئي ڪونهين. . . ! “
    پر سگهوئي هاف فرائي ڪيل ملزم تي پهرو ڏيندڙ پوليس واري جيان، سندس دماغ کيس دڙڪو ڏيئي، سندس دل جي ترجمان خيالن جي ٽاري ٽوڙي وڌي.
    ”هُون هُون. . . نه نه…! اصل ۾ اها محبت نه پر خود غرضي آھي. ڪو نالو ٻڌڻ لاءِ بيقرار آھي، ڪو پنهنجي شوق هٿان مجبور آھي. بس تون ۽ تنهنجو آرٽ تفريح جو ذريعو آھيو! تنهنجي آرٽ ۾ دلچسپي وٺڻ وارا، تنهنجي دردن جي ڪاروبار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڇو نٿا ٿين!؟“
    پروگرام شروع ٿيڻ کان چند منٽ اڳ ميزبان پهتو هو، دلبر کي ڀاڪر ۾ ڀريندي چيائين:
    ” سر لڳي ٿو اڄ ٻُڌندڙن جو درياءُ مٺي ريڊيو تي اٿلي پيو آھي. رڳو سندن نالا پروگرام ۾ پڙھون، تڏھن به ڪلاڪ جو پروگرام ناڪافي آھي. “
    مختصر ڳالهه ٻولهه بعد اسٽوڊيو ۾ گهڙيا هئا ته دماغ، دلبر جي ڪن ۾ ڀُڻڪو ڪيو هو. “هاڻ آئون هتي ئي بيهان ٿو، تون وڃ، تنهنجي دل توسان گڏ آھي. خوب لٻاڙ ھڻجان. پر خبردار انهن تقريري ۽ تحريري ڳالهين کي ڪڏھن به پاڻ تي لاڳو متان ڪرين. تنهنجو قول، تنهنجي عمل کي ڊسٽرب نه ڪري، جيئن اسان وٽ عامطور ڪامياب قلمڪار ۽ سياستڪار ڪندا رهيا آھن. “
    اسٽوڊيو ۾ گهڙندي ئي ڄاتل سُڃاتل خوشبوءُ سندس سواڳت ڪيو هو، هڪ اهڙي خوشبو، جنهن جي مهڪ ۾ هن وٽ لفظ ايئن ايندا هئا، جيئن جهرڪيون ٻاجهر جي سنگن تي ورنديون آھن!
    انٽريو شروع ٿيو. ميزبان ڪمپيئر طرفان هن کي ڀليڪار چئي ويئي ۽ پوءِ سوال پڇيو ويو:
    “اڄ ڊگهي عرصي پڄاڻا، ريڊيو پاڪستان مٺيءَ جي اسٽوڊيو ۾ موجود آھيو، ڇـا پيا محسوس ڪريو ؟!“
    ”محسوسات جو هڪ پورو سمونڊ آھي. جنهن ۾ خيالن جون ڇوليون، جذبن جون ٻوليون، ۽ سوچن جون لوليون آھن. ڪي سال، ڪي مهينا ۽ ڪن ڏينهن جو وڇوڙو ڪو ننڍو ۽ معمولي ته ناھي نه!؟پنهنجن پيارن ٻُڌندڙن کان پري، ريڊيو پاڪستان مٺيءَ کان پري، انهي عرصي دوران مون ڏينهن آڱرين تي ڳڻيا آھن ۽ امرتا پريتم چواڻي: آڱريون سُٺيون لڳيون آھن. هينئر آئون هونئن ته ريڊيو پاڪستان مٺيءَ جي بيشمار ٻُڌندڙن سان مخاطب آھيان، پر رکي رکي مونکي پنهنجا اهي ڇيڳرا لسنر ڏاڍو ياد اچي رهيا آھن، جيڪي دل جي ڪنن سان ريڊيو ٻُڌندا هئا. نالو نشر ٿيڻ کان وڌيڪ کين رڳو سدا بهار لفظن جي سوداگري ۽ خيالن جي خوشبوءُ سان دلچسپي هوندي هئي. اهي رڳو منهنجي پروگرام ۾ لکندا هئا. اهي انهن پکين جهڙا هئا، جيڪي هڪ آکيرو اجڙڻ پڄاڻا تڪڙو ڪو ٻيو اجهو اڏي نه سگهندا آھن. ۽ وري وري انهن لامن تي لُڏڻ چاهيندا آھن، جتي انهن ڪي پهر ۽ ڪي لمحا گڏ گذاريا هوندا آھن. ڪي لاتيون، ڪي باتيون ڪيون هونديون آھن. اڄ ٿڌي چنڊ ھيٺيان، ملير جي هن ڀنل رات ۾ ، اهي الاءِ ڪيئن هوندا؟! انهن جا ڳوٺ الاءِ ڪيئن هوندا ؟! جن ڀٽن تي ويهي انهن منهنجا پروگرام ٻُڌا هئا، اهي ڀٽون الاءِ ڪيئن هونديون؟! اهي شھر ڪيئن هوندا، جن جي گلين ۾ رمتي جوڳيءَ جيان منهنجي مسافر آواز، ڪي سرگوشيون ۽ ڪي سنيها ڇڏيا هئا. پٽڪو ٻڌل اهو جهونو به الاءِ ڪيئن هوندو ؟ جنهن ٻڪريون چاريندي منهنجو پروگرام ٻُڌي، پهريون ڀيرو ريڊيو تي خط لکيو هو. جنهن جو لفظ لفظ روهيڙي جو گل ۽ جملو جملو بانسريءَ جي صدا هو! اهي اکيون به هاڻ الاءِ ڪيئن آھن؟ جيڪيريڊيو جو هڪ هفتيوار پروگرام ٻڌي اڪثر روئي پونديون هيون! اهي آڱريون به الاءِ ڪيئن آھن، جيڪي تکا تکا ميسيج لکنديون هيون. ۽ اهو خوبرو ۽ جذباتي نوجوان به الاءِ ڪيئن آھي؟ جنهن پروگرام ۾ سندس موڪليل شعر شامل نه ٿيڻ جي روسامي ۾، جذباتي ٿي ريڊيو لاءِ آخري خط لکيو هو، جنهن ۾ لکيل هو:
    هن کان پوئيِ هاڻ زمانا
    ڪنهنجي ناهي ڪاڻ زمانا
    وري هڪ ٻيو سوال هن جي اڳ ڦري آيو.
    ”توهان ڪافي وقت کانپوءِ ھتي آيا آھيو، ڪا تبديلي، ڪو فرق ڏسو ٿا يا سڀڪجهه ساڳيو آھي؟”
    ”پهريون فرق ته اهو آھي جو آئون هتي سدائين ميزبان رهيو آھيان، پر اڄ پهريون ڀيرو هتي بطور مهمان تنهنجي پروگرام ۾ شريڪ آھيان، ڇا اهو ڪافي ناهي؟ (ٽھڪ)
    ڊگهي وڇوٽيءَ پڄاڻا اڄ ريڊيو مٺيءَ تي آيو آهيان ته سوچيان ٿو ڪير ڪيترو بدليو آھي، ڪا خبر نٿي پوي. ريڊيو جي عمارت جي ٻاهران ساڳيو چونئرو موجود آھي. اتي هو ساڳيو سيڪيورٽي گارڊ موجود آهي، ساڳي رنگ جي وردي، ساڳي نموني جي ڪيپ! پر ريڊيو جي عمارت ٻاهران ان زماني ۾ هڪ ننڍڙو ڏيڍ فوٽ جو نم هوندو هو، جيڪو هاڻ وڌي وڏو وڻ ٿي چڪو آھي. ۽ ان ۾ پکين آکيرا اڏڻ به شروع ڪيا آھن. ان زماني ۾ آئون جڏھن صبح وارو پروگرام ڪرڻ ريڊيو تي ايندو هئس ته، ريڊيائي ٽاور جي ڪنهن تار تي اڪثر هڪ ڪبوتر کي ويٺل ڏسندو هئس، جيڪو هاڻ صبح ويل اُتي ويهندو به آهي يا الاءِ نه ؟! بهرحال منهنجون نظرون هتي ايندي ئي ڪجهه لمحن لاءِ ان خالي سيڙھيءَ تي اٽڪيون هيون. ۽ ھا- شام جي ويل ريڊيو جي عمارت ڀرسان گذرندڙ پڪي روڊ تي هڪ مستانو ڇوڪرو ڇنڇر جي شام منهنجو منتظر هوندو هو. اڪثر هُجت واري ڍاٽڪيءَ ۾ چوندو هو:
    ”دليا اج تاهجي پروگرام ۾ مانهنجو نالو جرور ڏيئي، ڏيکين متان وسري جائي!“
    اهو البيلو ۽ مستانو ڇوڪرو به هاڻ الاءِ ڪٿي آھي؟!
    سچ پڇو ته وقت بدليو آھي ته ڪجهه به ساڳيو ناهي رهيو. اسان جا ساٿي، اسانجا سهارا، اسانجا پيارا، سڀ هڪ هڪ ٿي اسان کان پري ٿيندا رهيا آھن. ڪنهن اسانکي وساريو آھي، ڪو اسان کان وسري ويوآھي ! ڪير ڪيترو گڏ رهيو؟ ڪنهن ڪيترا زخم ڏنا؟
    اهو ليکو چوکو ته هاڻ رڳو دل جي چوپڻيءَ تي ئي لکيل آھي. مثالطور گهڻو اڳ ريڊيو جي لائيو پروگرام دوران، نغمو هلڻ واري وڇوٽيءَ ۾، سائيلنٽ رکيل موبائل تي، ڪن ڪن دوستن جي ڪال رسيو ڪرڻ مجبوري هئي، هاڻ ته انهن جا نمبر به اجنبي آھن. بس وقت بدليو آھي ته ڪجهه به ساڳيو ناهي رهيو. “
    انٽريو جولانٽُوئڙو ڦَِرندو رهيو.
    ”توهان ريڊيو ڇو ڇڏيو؟“
    ”نه مون ريڊيو ڇڏيو آھي ۽ نه ئي ريڊيي مونکي ڇڏيو آھي، بس ڪجهه نه ڪجهه آھي، جيڪو ڇڏائجي ويو آھي! اهو وڇوڙو ايئن آھي، جيئن ڪا ٻالاڀولي ڪونج ولر کان وڇڙي ويندي آھي. جيئن اوچتي آيل برسات ۾، ڪو پکي پنهنجي آکيري کان پري ٿي پوندو آھي. ۽ جيئن پيرُون ڇڻڻ واري رُت ۾، ڪو ٿري ڇيلڙو ڀُلجي ڇانگ مان ڇڄي پوندو آھي، نه ڇانگ جو ڏوه، نه ڇيلڙي جو ڏوھ! هونئن به هر واٽ جو ڪو نه ڪو ڇيڙو هوندو آھي. ان ڪري اهو ياد رکڻ گهرجي ته ملبو ئي نيٺ وڇڙڻ خاطر آھي! پر ملڻ ۽ وڇڙڻ وچان، ڪجهه نه ڪجهه يادگار بنائڻ ئي اهم هوندو آھي! تنهنڪري ميلا متل ۽ رهاڻيون رتل ڇڏڻ گهرجن!“
    سوالن ۽ جوابن جو لانٽوئڙو ڦرندو رهيو. سوالن مان ڪي سوال ميزبان طرفان ته ڪي وري ٻُڌندڙن طرفان به اماڻيل هئا. پروگرام ختم ٿيڻ کان چند منٽ اڳ، هڪ سوال “ڀٽن جي ڀر” مان پڇيو ويو هو. سوال پڇڻ واري پنهنجو نالو عروج لکيو هو، جيڪو پڪ سان فرضي هو. پر دلبر کي سندس ماڳ ڇرڪايو. ڇوته گهڻو اڳ سورٺ به هر هفتي ڀٽن جي ڀر مان جهڙي فرضي ماڳ تان پروگرام جي ادبي ۽ تفريحي سلسلي لاءِ، لفظن جي پٽوري لکي اماڻيندي هئي. دلبر، جڏهن ان تحرير کي، پنهنجي مخصوص انداز سان صداڪاريءَ جي ڌُن تي رقص ڪرائيندو هو ته سماعتن جا شھر واسجي پوندا هئا.
    اداس ساز، دلنشين آواز، دل کي مهٽي وجهندڙ لفظن ۽ خوشبودار خيالن جو سنگم، ڪيفيتن کي انڊلٺ بڻائي وجهندو هو! پر اڄ ڀٽن جي ڀر مان پڇيل سوال بائونسر قسم جو هو.
    ”ريڊيو کان دُوريءَ واري عرصي ۾، مجموعي طور توهان ڇا ڪندا رهيا آهيو ؟“
    لمحن لاءِ ھن کي خيال آيو ته هن سوال جو ڪوبه جواب نه ڏجي، پر وري ڪجهه سوچي هن وراڻيو:
    ”آئون جيئڻ لاءِ جنگ ڪندو رهيو آھيان. ڪجهه نه ڪري سگهڻ واري پلصراط تان خواب چورائيندو رهيو آھيان. ڪنهن اجگر جهڙي وڇوڙي جو زهر پيئندو رهيو آھيان. پنهنجو پاڻ کي وساري ڪنهن کي ياد ڪندو رهيو آھيان. چانڊوڪين جا چهڪ ۽ اڪيلين شامن جا ٽھڪ هانءُ تي سمهاري، مون ويري وقت کي کلي کيڪاريو به آھي!
    محترمه انهي عرصي دوران سماج جي ڪميڻن ڪردارن سان جهيڙيندو رهيو آھيان. ضمير جو آواز اٿارڻ جي سزا ڀوڳيندو رهيو آھيان. بااثر هٿن هٿان پاڻ ته پيڙجندو رهيو آھيان، پر سنگتين ساٿين کي به هاهيءَ ۾ ھڻائيندو رهيو آھيان. ٺڳ ۽ رهزن قسم جي ماڻھن جون هيراڦيريون ۽ ھيڻن کي دٻائي سندن راءِ جو حق کسڻ جون حرڪتون به ڏسندو رهيو آھيان. ڏسڻن وائسڻن ماڻھن جي منافقانه خاموشي ۽ وقتي طور بااثر ٿيل ماڻھن جي گهٽيا هلڪڙائيءَ کي به مون باريڪيءَ سان ڏٺو آھي. مون حق جي آواز کي گم ٿيندي ۽ ڪوڙ کي شبده بازيءَ جو ڍنڍورو پٽيندي به ڏٺو آھي. مون اهو اچرج ۾ وجهندڙ لڪاءُ به ڏٺو آھي ته ڪاٽن ڪپڙن ۾ لڪيل ننڍڙا ماڻھو ڪيئن نه پنهنجي زيرو شخصيت جو ڪوڙو مينار تعمير ڪندا آھن! سچ اهو آھي ته پويون عرصو منهنجي زندگيءَ ۾ زلزلو کڻي آيو آھي. ڪڏھن پنهنجن جي بيوفائيءَ تڙپايو آھي. ڪڏھن سنگت جي سازشن هانءُ ۾ ھٿ وڌا آھن. ڪڏھن انبن جهڙا مٺا ماڻھو ٽوھ ڪڙا به ٿي پيا. ويساه گهاتين ۽ دولابن جي هن بيقدر دنيا ۾، مٽن مائٽن ۽ يارڙن پيارڙنکي، مٺگُهرن سان ملي کڏون کوٽيندي به ڏٺم. جن تي هجتون هلنديون هيون، انهن طرفان زندگيءَ جي خاردار لمحن ۾، هٿن مان هٿڙو ڇڏائي، لاتعلق بڻجي تماشو ڏسڻ جي اٽڪلبازيءَ به سچ ته ڏاڍو متاثر ڪيو!“
    هڪ ڪلاڪ جو انٽريو پڄاڻيءَ تي پهتو هو. انٽريو جي هلر هلندي، هن سوالن جا ڪيئي سنگھ ڳاهيا هئا. هر سوال جو جواب هن دل سان ڏنو هو. ڪٿي به دماغ مداخلت ڪون ڪئي هئي. در وٽ جتي هن جتي لاٿيهئي، دماغ اتي ئي بيهي رهيو هو.
    اسٽوڊيو مان نڪرندي ئي، دماغ وري اچي هن جي آڱر جهلي
    ”واه تو بهترين لٻاڙ بازي ڪئي، ڪامياب شخص ٿيڻ لاءِ تو وٽ سمورا لوازمات موجود آھن، بس ڏيکارڻ ۽ کائڻ جي ڏندن ۾ فرق هجڻ گهرجي. ڪاش تون اڳ ۾ ئي منهنجي مڃين ها ته جيڪر هيستائين گهڻو ڪجهه بدليل هجي ها. پر هاڻي خبردار جيڪو ڪجهه ڳالهائيو اٿئي، جيڪو ڪجهه لکيو اٿئي، اهو ڪرين متان ۽ جيڪو ڪجهه ڪرين ٿو، سو صرف تو ۽ مون وٽ راز رهندو! ضمير کي بيهوشيءَ جي انجيڪشن هڻي ڇڏ. اڄڪھ اهو ئي ڪامياب زندگيءَ جو نسخو آھي. اسان وٽ سياستڪار، اديب ۽ صحافي، جيڪو ڪجهه ڪن ٿا، اهو ميڊيا تي چون ڪٿي ٿا!؟۽ جيڪو ڪجهه چون ٿا، اهو ڪن ڪٿي ٿا!؟اهو ته ٺھيو پر سماج جا مجرم ڪردار به ٻين سان مخاطب ٿيڻ وقت توکي سماج سڌارڪ نظر ايندا. بس تون رڳو واعظ ۽ عمل جو فرق محسوس ڪر!“
    روشن جي دل ڪٿان به پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڪون ڏياريو. شايد دماغ آھستي آھستي هن تي حاوي ٿي رهيو هو. هن ميزبان ڪمپيئر جي بائيڪ تي ملوڪ ڏانهن ويندي سوچيو:
    “ڇا ذھني ۽ عملي طور سندم ٻيو جنم شروع ٿي چڪو آھي!؟“


    باب اٺون

    صبح جي روشني آسمان جي وُسعتن مان ڇڻي هئي ته صابُو به بسترو ڇڏي اٿيو هو. پوين پنجن ڏينهن کان رُٺل ننڊ هن سان پرچي پيئي هئي. ۽ هو اُن ڪيفيت مان ڄڻ جاڳيو هو جنهن ۾ رات ڏينهن ڳهريلي ڪيفيت ۾ ڳڱاٽيل هو. جانوءَ طرفان شهر مان ڊاڪٽر کان پُڇي آندل دوائن جو اثر هو يا وري صابوءَ جي ڪيفيت جي قدرتي تبديلي هئي جو ننڊ کيس وڪوڙي ويئي هئي.
    ٻه ٽي ڏينهن اڳ اميري اکريءَ مٿس پڙھائي ڪئي هئي، تڏھن به کيس ڪا سُڌ ٻُڌ ڪون هئي. پر هاڻ جڏھن اُٿيو هو ته کيس ڪجهه ڪجهه ياد اچي رهيو هو. هن کي اهو به ياد هو ته کيس دڪان تان اوڌر ڪون ملي هئي. تڙ تي جانو سان ڪچهري ڪئي هئائين. بختاور کي کڙو لڳو هو. ۽ هن پاڻ کي جانور محسوس ڪري سڀني جنجهٽن ۽ ذميوارين کان فرار ٿيڻ چاهيو هو.
    گذريل ڪجهه ڏينهن کان وزني سوچ ۽ ذميوارين کان آجو ۽ بي ميارو ٿي جيئڻ کيس مزيدار لڳو هو. شايد انسان کان جانور جي کول ۾ وڃڻ آسان آھي، پر جانور مان انسانيت ۾ اچڻ ڏاڍو ڏکيو آھي، تڏھن ئي ته هر دؤر ۾ انسانن تي جانورن جو غلبو رهندو اچي! صابوءَ به نٿي چاهيو ته هو انساني زندگيءَ جا اهي بار کڻي، جيڪي کڻڻ سندس وس کان ٻاهر هئا.
    صدوري بختاور کي چئي رهي هئي:
    ”چانھ جو ٻيو ڪوپ ڪون ملندئي. پڻھين کٽ تي پيو آھي، آئون ڪٿان وکر آڻيان؟ ٻچا بچن ……جا، جنهن سامان اڌار ڏنو آھي!“
    صابو سهي ٻُڌي نه سگهيو ته صدوري ڪنهن جا ٻچا بچڻ جي دعا ڪئي هئي، جانو يا قادُو؟!
    صدوريءَ جو گهڻو اڳ ڳالهايل جملو بُڙڇي بڻجي صابوءَ ڏانهن وريو هو:
    ”مُئو بيلڇڻو آھي، چئي ٿو چمي. . . !“
    پر صابوءَ جهٽ پٽ پاڻ سنڀالي ورتو. رڳو ايترو سوچيائين:
    ”آئون جانورجي جُوڻ ۾ آھيان ۽ جانور گهڻو گهرو سوچي نه سگهندا آھن!“
    صدوري چانھ کڻي آئي. صابوءَ سُرڪ سُرڪ چانھ پيئڻ لڳو. صدوري واپس بورچي خاني ڏانهن وڃڻ لڳي. وڏي وڇوٽيءَ بعد نه رڳو بورچي خاني جون رونقون بحال ٿي پيون هيون، پر صدوريءَ جي هلڻين ۾ به نئين حرارت موٽي آئي هئي!
    صابو اٿي ڳوٺاڻي بس اسٽاپ ڏانهن وڃڻ لڳو. صدوريءَ وڏي پٽ کي وڏي واڪ چيو:
    ”پڻھين سان گڏيو وڃ، متان ڪيڏانهن نڪري نه وڃي!“
    صابوءَ جي دل چيو، چوي:
    ”نه نه آئون ٺيڪ آھيان“
    پر هن کي وري الاءِ ڪهڙي الوٽ آئي جو خاموش ئي رهيو. بس اسٽاپ تي ڪيئي ڳوٺاڻا موجود هئا. سڀني جون نگاهون صابوءَ تي اٽڪي پيون، ڄڻ هو ڪا ٻي مخلوق هو! ڪن پڇيو:
    ”صابو ڪيئن آھين؟“
    هن هڪ ئي رٽيل جواب وري وري ڏنو:
    ”هاڻ ڪجهه ٺيڪ آھيان“
    صابو ٿڌي ريٽ تي ويهي رهيو. سندس وڏو پٽ ڪجهه پرڀرو ڄار جي ٻيڙانگيءَ تي چڙھي پڻس کي اکورايو ويٺو هو. اسٽاپ تي موجود ماڻهو، هڪٻئي سان سڙٻاٽ ڪري رهيا هئا:
    ”صابوءَ جيڪل اڃان ٺڪاڻي ڪون آھي!“
    ”ڪجهه ٺامچي ۾ لڳي ٿو!“
    ”اميري اکريءَ جو پڙھائي ڪئي آھي؟”
    ”اڃان تائين گم سُم لڳو پيو آھي“
    ماڻھن ڪجهه دير صابوءَ متعلق ڳالهين جا ڏڙا اُڇلائڻ کانپوءِ هن تان ڌيان هٽائي ڇڏيو. سندن ڳالهين جو موضوع، ڪوئلي سبب سندن امڪاني لڏپلاڻ ڏانهن سِرڪي آيو.
    هڪ پوڙھي پڇيو:
    ”پنهنجي ڏھر ۾ ڪوئلي ڪمپنيءَ وارن ڪئمپ هنئي آھي. چون ٿا ته جلدي پاڻ کي هتان لڏڻو پوندو!؟“
    هڪڙي نوجوان وراڻيو:
    ”نه نه ايئن ڪيئن اباڻا ڪک ڇڏينداسين؟ جيڪو لڏائڻ آيو مٿو جهرڻا هوندس!“
    پوڙھي چيس:
    ”بابلا سرڪار ڏاڍي آھي، ان کي ڪُڄاڙو ڪبو؟“
    هڪ ٻيو نوجوان ڳالهاڻو:
    ”احتجاج ڪبا، اخبارن ۾ گهوڙا گهوڙا ڪبي“
    هڪ ٻي همراه چپ چوريا:
    ”ماندرِي انصاف ڪٿي آھي؟ ڪجهه ھمراهن ڪمپنيءَ خلاف ڌرڻو هنيو، ماڳهين ايف آءِ آر ڪٽاڻي. “
    هڪ پڙھيل لکيل همراه چيو:
    ”هونئن حقي فرياد کڻي وڃ ته پوليس ايف آر ڪٽڻ کان لهرائي ٿي، جيئن مٿين وٽ ريڪارڊ ۾ ڏوهن جو گراف مٿي نه چڙھي. ۽ ڪورٽن جي چڪرن کان به جان ڇُٽي. پر ڪوئلي ڪمپني وارا مورڳو گهڻا پئسه ٿا ڏين يا مٿان دٻدٻو آھي، ايف آءِ آر ڪٽيندي دير ئي نٿا ڪن. تازو شاعر اظھر به پائيپ لائين ۾ خراب ٿيندڙ زمين جو معاوضو گهريو ته ٺڪ جيل ۾!“
    نوجوان وراڻيو:
    ”ايف آءِ آرون ڪيتريون ڪٽيندا؟ پاڻ ڊڄي رلي اوڍينداسين ته پنهنجي جُوءِ جي وارثي ڪير ڪندو؟ پنهنجي زمين به پنهنجن پيرن هيٺيان کسڪي ويندي!“
    هڪ جذباتي نوجوان چيو:
    ”اديب ۽ صحافي ويچارا جام گهوڙا گهوڙا ٿا ڪن!“
    هڪ همراه اچي ٽھڪن ۾ ڇُٽو ، کلندي چيائين:
    ”بتال ٿيا آھيو ڇا؟ اديبن ۽ صحافين سان جيڪي شامون پيون ملهائجن، سندن وڏڙن جون ورسيءَ جون تقريبون پيون ٿين، تن جا خرچ به هاڻ ڪمپنين وارا پيا ڀرين. اهي ته هاڻ سندن شادين ۾ به شريڪ پيا ٿين. انهن مان اميد رکو ٿا ته اوهان لئه لکندا، صفا ڪي ڀورڙا آھيو؟! ڪجهه ڪندا ته اهي همراه اُلٽو اوهان کي ڏوهي ڪندا، چوندا ترقيءَ جا مخالف آھيو!“
    چوطرف ڪچهريءَ کي حيرتن جي پيئڻ پيءُ ويئي هئي!
    هڪ سنجيدهچهري واري همراه مختصر خاموشيءَ جي پاڻي ۾ کڙو اڇلايو:
    ”ڏسو ڪوئلي جو نڪرڻ، ھن زمين ۽ پاڻ سڀني جو ڀاڳ ۽ ترقي آھي. پاڻ ترقيءَ جا مخالف نه آھيون، پر پاڻ کي جيترو ٿي سگهي مقامي ماڻھن جي بهترين مفاد لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن. ڪوئلي سان لاڳاپيل نوڪرين ۾ مقامي ماڻھن جي جوڳي حصي پتي، لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻھن جي مناسب آبادڪاري، ۽ زمينن جي ٺيڪ ٺاڪ معاوضي لاءِ جاکوڙڻ گهرجي!“
    هڪ همراه چيو:
    ”زمينن جا معاوضا مليا به سهي ته ڪٿي هلي رهنداسين. ٿر جي ڳوٺن ۾ غير مڪاندارن کي زمين وڪڻڻ جو رواج ڪونهين. سڀني ڳوٺاڻن کي هڪ مڪان ۾ زمين ملي به ڪون سگهندي؟ سڀئي وڻ وڻ جي ڪاٺي ٿي وينداسين!؟”
    نوجوان چيو:
    ”حڪومت روزگار جو بندوبست ڪري، شھرن ۾ يا ڳوٺن ۾ خالي سرڪاريزمينن تي آباد ڪندي!“
    همراه وراڻيو:
    ”ٻين ڳوٺن ۾ ھلياسين ته اهي به ٿيندا پاڻ جهڙا! سندن چراگاه ۽ ٻيا قدرتي وسيلا پنهنجي آباديءَ جي جهٽ جهلي ڪون سگهندا. باقي شھرن ۾ هلياسين ته چوپائي مال جي پالنا ۽ کيڙي پوکي ڪري ڪون سگهبي. بس جنهن وٽواپاري ھنر ۽ محنت مزدوريءَ جي سگھہ هوندي، اهو خوش هوندو. باقي چاچي جانُو، جعفر ۽ سالار جهڙا ماڻهو، جن سدائين ڳوٺاڻي زندگي گذاري، سي اُتي ڇا ڪندا ؟! اهو ته ايئن ٿيو ڄڻ مورن، تترن ۽ سهن کي شھرن ۾ ڇڏي اچجي!“
    کن پل لاءِ خاموشي ڇانئجي ويئي.
    مورن جو لفظ ڪن تي پيو ته هڪ همراه چيو:
    ”اڄ ته مون ڊاڀيءَ واري ڀٽ تي ڪنڊي هيٺان ٻه مور مئل ڏٺا“
    ”وري به پروڪي بيماري پيئي آھي“
    ”ابا ڪارو ڏڪار آھي، ڏڪارن ۾ جيت جڻا، پکي پکڻ، ماڻهو ۽ جناور سڀ بک مرندا آھن ۽ بکن ۾ ئي بيماري پکڙندي آھي!“
    ”اڳي ٿر ۾ ديويءَ جو وڻ ڪون هو، هاڻ جيڏانهن ڏس تيڏانهن ديوي. ديويءَ ۾ گهِم گهڻي آھي. جيڪا مڇرن کي وڌائي ويجهائي ٿي. اڳي ڍورن جي پُٺن تي ويهندڙ ڪُت هوندي هئي، پر هاڻ هرهند مڇرن جو آزار وڌي ويو آھي. ان ڪري به بيماري وڌي آھي!“
    هڪ پوڙھو ڳالهاڻو:
    ”ڇورا! هڪ ڳالهه ڏٺي اٿوَ؟ پاڻ وارا مڇر ڏينهن جو به پيا کائيندا آھن، جڏھن ته لاڙ ۽ ناري وارا مڇر رات جو ئي مار ڪندا آھن“
    گهڻن چپن پوڙھي جي “ها” ۾ “ها” ملائي.
    “امدادي ڪڻڪ به ڊيپو وارا کائيو وڃن. غريبن لاءِ ڪجهه ڪونهين!“
    هڪ شاگرد نوجوان کان پُڇيو:
    ”ڀلا امداد لاءِ نادرا جي انگن اکرن کي سامهون ڇو نٿو رکيو وڃي. ڊيپو ڪيپر جو ريڪارڊ به ڪمپيوٽرائيز ڪجي. بلڪہ امداد جي ورهاست جو سمورو نظام ڪمپيوٽرائيز هجي ته جعلي نالن ۽ ڪارڊ نمبرن تي جيڪر امداد ڦٻائجي نه سگهجي!“
    نوجوان وراڻيو:
    ”بابا خيال نيڪ آھي پر پاڻ وارن همراهن کي به خدا ڏسي. اين جي اوز وارا اڳواٽ ڳوٺن مان امداد جو آسرو ڏيئي سڃاڻپ ڪارڊ جون ڪاپيون کڻي ويا آھن، جيئن ريڪارڊ جي پورائي ڪري سگهن. ڊيپو ڪيپرن وري ٻين ڳوٺن جي ڪارڊ ڪاپين تي ڦوٽو اسٽيٽ وقت اٽڪل سان ائڊرسون بدلائي، لاڳاپيل عملدارن جو کيسو گرم ڪري ٻوريون وڌايون آھن. هرڪو ڀانئي قصو گڏوِچڙ ھجي، جيئن کائڻ جي گنجائش موجود رهي!”
    هڪ همراه ڪچهريءَ ۾ ڳالههہ جو وري نئون گولو اڇليو:
    ”ٻيلي چون ٿا ته سڀاڻي ننگر ۾امداد ورهائبي. گاڏيون ڀر واري روڊ تان لنگهنديون. سڀئي گڏجي هلجو ته هلي روڊ ڪناري بيهُون، من ڪا ٿيلهي امداد جي ملي پوي! ماندرِي! ٻچا بک ٿا مرن“
    هڪ پوڙھي چيو:
    ” ڪنهنجي ڦِٽي آھي جو بيعزتي ڪرائيندو. روز ٻُڌون پيا ته ڦلاڻي هند ڦلاڻو امداد وٺندي ڪُٽاڻو. ورديءَ وارن ڪُڪڙ ٺاهيو. ٻيلي ڀلي بُک ڀرم جي شال مَ وڃي شان!“
    وڏي ڏاڙھيءَ واري همراه پوڙھي جي سر جهلي:
    ”نه ڙي ٻيلي نه! ماڳهين پيريءَ ۾ چوٽي چَپڙائيون. ست پيڙھيون اولاد تي پيو مهڻو وسي. چون ڏاڏھين امداد پِنندي موچڙا کاڌا هئا!“
    نوجوان ڳالهاڻو:
    ”چاچا پيڙھين تائين پچارون تڏھن آھن، جڏھن اباڻن ڳوٺن ۾ آھيون. ڪوئلي وارن لڏايا ته ڪا سڃاڻپ، ڪا شناخت ڪون رهندي. ڪير ڪٿان جو هو؟ ڪيڏانهن ويو؟ سڀ ڪجهه جهڻ مکڻ ٿي ويندو! رشتا ناتا، واسطا ۽ رابطا، پاڻيءَ ۾ ڇُڙي پيل ڳنڍ جيان ڪڻو ڪڻو ٿي وکري ويندا!؟“
    بس ويجهو ايندي ئي انجڻ جي شور ۾ ڳوٺاڻي ڪچهريءَ کي به بس سان گڏ بريڪ لڳوهو. بس مان ڪي مسافر لٿا هئا، ته ڪي وري چڙھيا هئا. بس شهر ڏانهن رواني ٿي هئي ته هرڪو پنهنجن گهرن ڏانهن روانو ٿيو هو.
    صابو به اٿي گهر ڏانهن روانو ٿيو. سندس پُٽ به سندس ڪڍ هلڻ لڳو.
    ٿوري دير اڳ بس اسٽاپ تي جڏھن ڳوٺاڻا ڳالهين جا لغڙ اُڏائي رهيا هئا، ته صابو ڀِت بڻيو ويٺو هو. لفظن ۽ جملن کي هن ايئن پاڻ ۾ پيوند نه پئي ڪيو، جيئن اڳي ڪندو هو. ان ڪري انهن جو ردعمل به هن تي اتاڇرو اُتاڇرو ٿيو هو. ڪنهن ڪنهن جملي سندس ذھن تي چوٽ ھنئي ٿي ته هن جهٽ پٽ غير سنجيدگيءَ جي چادر تاڻي حساس سوچ کان پاڻ ڇڏائي ورتو ٿي. اصل ۾ سوچ ۽ ويچارن ئي هن کي ايبنارمل بڻايو هو. سوچ ويچار ئي هئا، جيڪي غمن کي دعوت ڏيندا هئا. بار بار نه کڄي سگهندڙ ذميوارين کي ٻکيندا هئا. پر هاڻ جڏھن کان صابو بي ميارو ٿيو هو، تڏھن کان هن بيساخته ۽ غير ملاوٽي زندگيءَ جو ٿورڙو ئي سهي، مزو چکيو هو. هن نٿي چاهيو، ته ڀورائيءَ جي ڀاڪر مان نڪري، وري ڏاهين وارا ڏک، ڏاکڙا ۽ ڏنگ سهجن!
    هن جڏھن نئين نئين شادي ڪئي هئي ته صبح سويل صدوريءَ جي چهري جي تازگي، سندس سمورا آرس ڀڃي وجهندي هئي. صدوريءَ جي اکين جي چمڪ به ڪيتري نه زندگيءَ سان ڀرپور هوندي هئي. هرهر سندس مرڪن جا وڄ-وراڪا، صابُوءَ جي اندر جو آسمان روشن روشن رکندا هئا. ۽ وري وري سندس ٽهڪن جي بارات سان صابوءَ جي زندگيءَ ۾ رونق لڳي پيئي هوندي هئي! پر جڏھن کان غربت جو گُهگھ پکي، سندن گهر تي ويٺو هو، تڏھن کان سندن جيون جي ٻُڪ مان سمورو احساساتي، جذباتي ۽ جمالياتي حسن به هارجي ويو هو!
    ڪيترن ئي ڏينهن کان صابوءَ صدوريءَ جي ٽهڪن جو آواز ڪون ٻُڌو هو. الاءِ ڪيترا ڏينهن لنگهيا هئا، مخمور مرڪون سندس لبن تان لڏي ويون هيون. الاءِ ڪيتري وقت کان سندس اکين مان به، اها چمڪ موڪلائي ويئي هئي، جيڪا ڀرپور زندگيءَ جي چغلي هڻندي آھي. غربت جو گُرڙ پکي، زندگيءَ جي آکيري مان خوشين جي ڳيرن جا سڀ ٻچا ڳڙڪائي ويو هو! تڏھن ئي ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان، صدوري اُجهاميل اُجهاميل هئي. هن جي وارن ڪنگيءَ کان ڪناره ڪشي ڪئي هئي. سندس اکين، ڪجل کان مُنهن موڙيو هو. سندس ٻانُهن ۾ پُراڻين چوڙين جي ڇڻڪن، مفلسيءَ جا نوحا الاپيا هئا! ڦاٽل ڪپڙن جي ٽانڪن، طبقاتي وڇوٽين کي ڀُونڊا ڏنا هئا.
    صدوريءَ جي رونقن کان رهجيويل زندگي، هڪ طرف سرڪاري بدانتظامين ۽ سرمائيداري نظام جي اڻبرابرين جي ڪنڊن ۾ وچڙيل هئي ته ٻئي طرف بي اعتبار سُڪارن وٽ گروي رکيل هئي، جيڪي سالن کان فطرت طرفان ٿر مان ڏيس وٽو ڏنل هئا!
    ٿر جي تهذيبيزندگيءَ جي مُرجهايل رنگن ۾، هونئن ته هر پاسو ڏڪار جي ٽانڊن تي ٽھڪي بيرنگ بڻيو هو، پر ويجها رشتا به بيمزه بڻيا هئا. خلوص جي خوشبوءِ تي مشتمل محبتن جون مالهائون، اڻھوند جي آڱرين سبب تنگدليءَ جي تڙن ۾ اونڌي-مُنهن ڪِريون هيون!
    گهر ويندڙ صابوءَ جا قدم پنهنجي گهر جي گهٽيءَ تي پهچي خود بخود بيهجي ويا هئا.
    اندران صدوريءَ جي ٽهڪن جون شرنايون وڄي رهيون هيون. گهڻن ڏينهن بعد صدوريءَ جي ٽهڪن جون مرليون صابوءَ جي ستل جذبن کي جنجهوڙڻ لڳيون. سندس وجود جي واٽن تي احساسن جا ڪيئي سُتل ڪاريهرڦُڻ کڻي اڀا ٿيڻ لڳا هئا. هن چاهيو، صدوري ايئن ئي کلندي رهي ۽ ھُو اتي ئي بيٺي بيٺي سماعتن جي چپٽين سان صدوريءَ جي ٽھڪن جا پوپٽ پڪڙيندو رهي!
    ٽھڪڙن جي لهرن تي لُڏندي، وجودي وجد جي پُرپيچ پيچرن مٿي، لمحن لئه منجهس وري نئين سر جيئڻ جي تمنا جاڳي پيئي.
    عين ان وقت صدوريءَ چونئري مان ٻاهر نڪتي. کيس نئون ڳاڙھو جوڙو پاتل هو. اکين ۾ ڪجل ۽ ھٿن ۾ نيون چوڙيون پاتل هيون. ٽچ اسڪرين بڻجي پيل، صدوريءَ جي نئين روپ، صابوءَ کي حيرتن جو مُجسمو ٺاهي ڇڏيو. هن جي سوچ ۾، ڪيئي ڀٽون چُھٽڻ لڳا. ڇا قادو دڪاندار ئيصدوريءَ جي ٽھڪن جو سبب بڻيو هو؟ ڇا سونهري چوڙيون ۽ نئون وڳو صابوءَ جي نظر جو فريب هو؟ وارن جي بڪل کان اکين جي ڪجل تائين، صدوريءَ جي سينگار پويان آخر ڪير بيٺل هو؟!
    سندس وجود اذيتناڪ سوالن جي اُگهاڙين تلوارن هيٺيان اچي ويو. چونئري مان مبهم مرداڻي آواز جو ڀُڻڪو، صابوءَ جي ڪنن جا تاڪ کڙڪائڻ لاءِ ڪافي هو. سندس ذھن جي سائي نم مٿان قادوءَ جو نالو ٽي دفعا کنوڻ بڻجي ڪريو.
    ”قادو…قادو…قادو!“
    پر ھن سمورن مونجهارن کي ٽھڪن جي آواز ۾ تحليل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان ئي ويل گهڻي وقت کان محنت مزدوريءَ لاءِ ڪراچي ويل صدوريءَ جو ڀاءُ عزيز چونئري کان ٻاهر نڪري آيو. هن صابوءَ کي هٿ ڏيئي خيرعافيت پڇي. صدوريءَ صابوءَ سان گڏ ايندڙ موڀي پٽ کي چيو:
    ”عزيز تولاءِ به ڪپڙا آندا آھن. ماني کائي وٺ، پوءِ پائج“


    باب نائون

    سڀني ايئن سمجهيو هو ته صابُو هاڻ چڱو ڀلو ٿي پيو هو. بس هو ڪجهه ڪجهه موڳو ۽ خاموش خاموش رهڻ لڳو هو. ڳوٺ ۾ اها ڳالههہ هُلي هئي ته اميري اکريءَ تعويذن ۽ پڙھائيءَ سان صابُوءَ کي لڳيل جنڙي ڀڄائي هئي. ڳوٺ جي عورتن هڪٻئي سان ڌوڏا ڦاڙي اميري اکريءَ جي عجيب و غريب ڳالهين سان، ٻارن کي حيرت ۾ وڌو هو.
    ”اميرو ڪارو نانگ آھي، نانگ! شال نه ڪنهن سان کيڌ پوي. قاسُوڙي ويچاري کي ويرمُٺ هڻي ڪنڌ مان جهوري وڌائين. ڊاڪٽر چون گڙدن ٽوڙ بخار آھي، پر ڏنل هئي اميري جي جهڙپ!جينُوءَ سان وير وڌائين ته جنڙا راتُودي کٽ سُوڌي کڻي ويئس اميري وٽ!“
    ”هان ماسي! چون ٿا اميريڀانيءَ کي ڇڪي هئي، انڪار ڪيائين تڏھن ئي اميري جن بڇيو هو، جنهن نانگ ٿي ڀانيءَ جي مڙس کي کاڌو هو؟“
    ”ائي امان هائو. مُئي جو پرتي مُنهن هجي شال!“
    هڪ جواڻ عورت کي رڦڻي ٿي پيئي هئي، جنهن جي ٻني اميري جي ٻنيءَ جي پاسي ۾ ھئي! پر هن اندر جو خوف لڪائڻ خاطر موضوع بدلائيندي پڇيو:
    ”هان. . . ادي چون ٿا ته ڪوئلي وارا زمين مان ڪوئلو ڪڍن ٿا، ان ڪري پاڻ کي هتان لڏڻو پوندو؟!“
    هائوڙي امان! اها ڳالهه ڇوڪرن صبح جو ڪئي پيئي. “
    ”لڏي ڪيڏانهن وينداسين؟!“
    ”چون ٿا شهر ۾ گهر ٺاهي ڏيندا“
    هڪ ڪُراڙيءَ کي ڳڻتي ورائيويئي
    ”آئون بيمار ڌيءَ سان گڏ شھر ويئي هُيس ته باڪس جهڙين کُڏين ۾ پنج ڏينهن پيٽا ئي نه اچي“
    ٻارڙا ۽ ننڍي عمر واريون عورتون کلي پيون هيون. هڪ ڇوڪريءَ کيٽو ڪندي چيو:
    ”اهي ته چار ڏينهن هئا، ڪٽي ويئيين، پر هاڻ سڄي حياتي اُتي ڪٽڻي پوندي. “
    وري ڪي ٽھڪ هوائن ۾ اڏاڻا هئا. هڪ اڌڙوٽ عمر عورت، سڀني جو ڌيان پريانايندڙ سورٺ ڏانهن ڇڪائيندي چيو هو:
    ” ماٺ ڪريو سورٺ کان پُڇون. پڙھيل آهي، ريڊيو به سُڻي ٿي“
    سورٺ آئي هئي ته هڪ جهونڙيءَ کانئس پڇيو:
    ”سورٺ ڌيءَ ڀلا ڏي خبر؟ چون ٿا ته ڪوئلو نڪري ٿو، ان ڪري پاڻ کي هتان لڏڻو پوندو؟“
    ”چاچي! نه رڳو لڏڻو پوندو پر ڀونگا ڀيڻيون، گس پنڌ، ٻنيون ٻارا، وڻ وٿاڻ، ڀٽون پاساڙا، تڙ اواڙا، ڇانگُون ڇيڪارا ۽ سنڱ سياپا به ڇڏڻاپوندا ! مطلب ته رهڻي ڪهڻي، اٿڻي ويهڻي ۽ سارن پچارن تائينگهڻو ڪجهه هتي رهجي ويندو!”
    هڪ پوڙھيءَ پڇيو:
    ”ڌيئم! آئون سمجهيس ڪون؟!“
    ”ماسي مطلب ته تون محرم تي رڙھي پنهنجي والد جي قبر تي مٽي وجهڻ ويندي آھين. هتان لڏڻ بعد شايد ايئن ڪري نه سگهين!؟
    يا وري ايئن سمجهه ته توکي ڇيلا پالڻ جو شوق آھي، پر شهري ماحول ۾ تون ڇيلن پالڻ جا خرچ ڀري نه سگهندئين! يا وري ايئن سمجهه ته جيڪڏھن تون ڀاڳياڻي آھين، کير ولوڙڻ ۽ گهڻي لسي مکڻ تي هريل آھين، ته اهو شُغل به اتي پورو ٿيڻ ڪجهه ڏکيو آھي!“
    هڪ اڌڙوٽ عمر عورت ڀڻڪي:
    ”گهوڙا مُٺيس! هينئر ته ڏڪار آھي، مال به کُسرٽجي ويو آھي پر ٻه ٻڪريون سُئائون آھن. انهن مان اڇو ڏند ڪريو ويٺا آھيون. آئون ته جيسين مانيءَ مٿان لسي نه پيئان تيسين، سوڌراڻ ئي نٿو ٿئي“
    هڪ ٻي مائيءَ چيو:
    ”ادي ڙي! آئون ته صبح سويل اٿي، وٿاڻ ۾ بيٺل مال نه ڏسان، تيسين ڪجهه وڻئي ڪون. ڏڪار ۾ وٿاڻ خالي پيا آھن، پوءِ بهاٿندي انهن کي ڏسي، گهراڙ ٻڪريون ڏھي، پوءِ اچي گهر جي ڪم ڪار کي لڳان!“
    هڪ جهونڙي چيو:
    ”آئون سامهلي پاڙي پرڻايل ڌيءَ جي گهران جيسين رات وارو ڦيرو نه ڪڍان، تيسين ننڊ ئي نه اچي!“
    سورٺ چيو:
    ”اهوئي ته آئون به چوان پيئي ته شوق، شغل ۽ عادتن تائين گهڻو ڪجهه هتي رهجي ويندو!“
    ڪراڙيءَ چيو:
    ”گهوڙا مُٺيس! آئون ته مري وينديس“
    هڪ ڇوڪريءَ چيس:
    ”ڏاڏي مرندئين ڪون، باقي سورن جي ٿيندئين!“
    وري ڪي ٽھڪ هوائن ۾ اڏاڻا هئا.
    سورٺ سنجيده ٿيندي چيو:
    ”گهڻو ڪري هر ٿري ٻھراڙيءَ جي عورت جي روح ۾ مارئيءَ جو واسو آھي. کيس بنگلن ۾ به ڪيترا طعام ۽ آرائشون مهيا ڪري ڏجن پر پوءِ به هوءَ خوش ۽ مطئمن رهي ڪونه سگهندي!“
    ڪراڙيءَ پڇيس:
    ” ڌيئم! پڙھيل آھين، ڀلا ٻُڌائي ڪا امدادي ٻي ملي ٿي؟!“
    سورٺ وراڻيو:
    ”چون ٿا مٺي، سلام ڪوٽ ۽ ٻين شھرن ۾ روز ڪيئي ٽرڪون امداد ورهائجي رهي آھي. ٿُڪ بُجي ۽ ڌَڪ ٺيلهي جا ڏاڍا ماڻھو ڪپڙا بدلائي، ڏھاڙي ڏھ ڏھ ڀيرا امداد وٺي رهيا آھن، جڏھن ته ٻھراڙين ۾ جتي روزگار به گهٽ آھي ۽ ڏُڪار جا اثر به سوايا آھن، اتي امداد به نٿي پهچي. ڪي ماڻهو عزت نفس مجروح ٿيڻ جي خوف کان ڏنڊن ۽ ٺيلهن ۾ امداد وٺڻ کان ماڳهين بک مرڻ کي ترجيح ڏيئي رهيا آھن!“
    هڪ ٻي مائي ڳالهاڻي:
    ”ڀر واري ڳوٺ ۾ ڪالهه تيرهين گاڏي ورهاڻي آھي، سڀاڻي چوڏھين اچڻي آھي. امداد جام پيئي ورهائجي“
    سورٺ چيو:
    ”ان ڳوٺ جو هڪ همراه اين جي او ۾ آھي، پنهنجي اداري جي سڀ امداد پنهنجي ڳوٺ ۾ لهرائيندو آھي“
    مائيءَ چيو:
    ” ڳوٺ جي جهرڪي ڳوٺ ڏانهن اڏامندي آھي، پر اهو ته صفا ناحق آھي، جو رڳو ڳوٺ ۽ برادريءَ کي نوازجي“
    سورٺ چيو:
    ”ماسي ناحق ته آھي پر حق رسائي ڪير ڪري؟ حڪومت ۾ انڌ ڌنڌ لڳي پيئي آھي. پاڻ واري مائٽ تپيدار پنهنجو گهر امداد سان ڀري ڇڏيو آھي، پر ڀرسان سندس پاڙيسري وهنيل کي هڪ بسڪيٽن جي پُڙي به نه ملي آھي، ڪٿي آھي انصاف؟!“
    ڪُراڙيءَ چيو:
    ”بس امان جنهن کي وارو ملي ٿو، اهو پنهنجي پُوري ڪري ٿو. منهنجي ناناڻي ڳوٺ ۾ ويچاري متاري جي انڱ تي سڄو ڪپڙو به ڪون هو. ان جو پٽ، چون ٿا شهر ۾ اخبار جو نمائندو ٿيو آھي. گاڏيءَ مان پير ڪون ٿو ڪڍي. چون ٿا اهو به مختيارڪار کان چار گاڏيون امداد کڻائي آيو. ٻه گاڏيون ڳوٺ ۾ ورهائي، ٻه گاڏيون گهر رکي ويو. “
    سورٺ چيو:
    ” لڳي ٿو ڏڪار، ڪامورن، صحافين، اين جي اوز وارن، ۽ وڏيرن پٽيلن لاءِ سڻڀو گرھ ٿي پيو آھي. “
    ”ڌيئم! صفا سچي آھين، پنهنجي به ڳوٺ جي وڏيري سرڪاري ڪڻڪ جو ڊيپو کنيو آھي. پنهنجي مال کي به ڪڻڪ پيو چاري، اها ڏاڏھنس جي ٿوروئي آھي، پاڻ غريبن جي نالن تي کنئيل هوندي. “
    ”ٻيو نه ته!؟“
    هڪ ڪراڙيءَ پڇيو هو:
    ”سورٺ! نانهين جانو، اڃان جڙد مڙد لڳو پيو آھي، ٻڪرين جي ٽھل ٽڪور به ڪري ۽ آنڪارو به ڪڍي وڪڻي ٿو. اوهان جي گهر ته هيلوڪي ڏُڪار ۾ هروڀرو لانگهو ڪون آيو هوندو؟“
    سورٺ وراڻيو:
    ”هائو ڏاڏِي! رب جو شُڪر آھي“
    هن سوچي سمجهي اها ڳالهه لڪائي ڇڏي ته ڪڏھن ڪڏھن سندس گهر ڀاتين کي پڻ بُکيو سمهڻو پوندو هو.
    هڪ ٻي عورت ڳالهاڻي:
    ”اديون ماٺ ڀلي آھي! هيلوڪي ڏُڪار ته منجهائي ماريو آھي. بيماري ڇڏي ڪون ٿي. سرڪاري اسپتال ۾ علاج ڪونهين. ٻين اسپتالن ۾ وڃ ته ماڳهين ڊاڪڊرن جو ٻاڪو نٿو ڀرجي. مال مري پيو، ٻار مرن پيا“
    ڪراڙي ڳالهاڻي:
    ”هائو امان!رڳو خدن جي پاڙي ۾ ٻه ٻارڙيون گذريون آھن“
    ٻارن جي ڳالهه نڪتي ته سورٺ کي پنهنجو چئن سالن جو پٽڙو سڄڻ ياد آيو، جنهنکي هوءَ راند ڪرائڻ لاءِ جانُوءَ وٽ ڇڏي آئي هئي، جنهن کي رات کان هلڪو زڪام لڳلهو.
    هوءَ ماين کان موڪلائي گهر رواني ٿي. گهر پهچي سورٺ کي محسوس ٿيو ته سڄڻ جي طبيعت ۾ ڪجهه وڌيڪ گڙٻڙ ھئي. هن جي سهڪي جو آواز ڪجهه وڌيڪ ڳرو ھو ۽ هُو ڪجهه کائڻ بنا ئي ننڊ پئجي ويو هو. سورٺ پريشان ٿي جانوءَ کي چيو هو:
    ”نانا! سڄڻ ٺيڪ ڪون ٿو لڳي“
    ”ها امان! اڄ مونکي به موج ۾ ڪون ٿو لڳي. گهر ۾ روڪڙو پئسو به ڪونهين، نه ته هينئر ئي مٺيءَ وٺي هلونس. هينئر سواري به ڪون ملندي. خُدن واري لانگ گاڏي وٺندي 2000 روپيہ ڀاڙو. همراه به بي لحاظو اهڙو جو ذرو به اوڌر ڪون ڪندو. آخر ڇا ڪريون“
    سورٺ لوڻي تي هٿ ڦيريندي وراڻيو هو:
    ”بس رب وڏو آھي، صبح تائين ڏسون ٿا. “
    جانوءَ پنهنجي کٽ ڏانهن ويندي چيو:
    ”صبح ٿئي، پوءِ ڏينهن شينهن آھي. جمعي واپاري کي مموڙي ٻڪري اوڻي پوڻي ڏنيسين ته به ڏھاڪو هزار کن ملي پوندا“
    سڄڻ سان گڏ ستل سورٺ، پنهنجي پٽ جي مٿي تي هٿ رکيو، جيڪو ٿورو ٿورو ڪوسو لڳي رهيو هو. ھن کي انيڪ وسوسن ورائي وڌو.
    ”سڄڻ کي ڪجهه ٿيو ته آئون ڪيڏانهن وينديس؟! نانا جانو به الاءِ ڪيترا ڏينهن حياتي هوندو؟“
    هوءَ بيجواب سوالن جي ٽياس تي ٽنگجي پيئي. کٽ تان اٿي دلي مان پاڻيءَ جو گلاس پيءُ وري اچي سڄڻ ڀيڙي ليٽي. سوچن جي ڇوليءَ سندس ذھن جي ٻيڙيءَ کي، ماضيءَ جي ساحل ڏانهن ڌڪي ڇڏيو.
    ”سندس والد سلطان سيٺ جو قرض مقرر تاريخ تي ڀري ڪون سگهيو هو ته سيٺ، سورٺ جو سنڱ وڏيري لائق جي لولي لنگڙي پٽ کي ڏيئي پنهنجو قرض وصول ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون هيون. تڏھن سورٺ پاڻ کي وڪري جو ڍور محسوس ڪندي، زندگيءَ اڳيان ڪوبه احتاج ڪرڻ مناسب ڪون سمجهيو هو. هن ته اها ايڏي وڏي خبر دلبر کي ٻُڌائڻ به ضروري نه سمجهي هئي. بس هن لوڪ کان لڪي ڀٽ جي ڀاڪر ۾ دلبر سان ڪيل ٽئين ملاقات ۾ رڳو اهو چيو هو:
    ”دلبر منهنجي شادي ٿيڻ واري آھي. مون توسان جيون گهارڻ جا سپنا سجايا آھن. آئون گهر ڇڏڻ لئه تيار آھيان، مونکي کڻي هل“
    ”مٺي آئون اڳي ئي شادي شُده آھيان، آئون اڄڪلھ هرپاسي کان وسندڙ تيرن کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھيان. ايئن ڪيم ته منهنجا مخالف ان کي پيچيده اشو ٺاهي، مون لاءِ مسئلا پيدا ڪندا. آئون ڪٿي به ڪنڌ کڻڻ جهڙو ڪون رهندس!“.
    دلبر جي جواب هن کي مايوس ڪيو هو. هوءَ محرومين جي اڻکُٽ بليڪ هول ۾ ھلي ويئي هئي. موڪلائڻ مهل هن دلبر کي چيوهو:
    ”پاڻ شايد هاڻ هيئن ملي ڪون سگهنداسين. شاديءَ کانپوءِ آئون پرائي ملڪيت ٿي وينديس!“
    دلبر وراڻيو هو:
    ”مون هيستائين جي ملاقاتن ۾ تو طرفان مقرر ڪيل حدن کي ڪراس نه ڪيو آھي. گڏ ويٺا آھيون، پوءِ به وچان تڪلف جي تلوار رکي پيئي آھي. اڌورين چمين جي حسرتن جي تربتن تي، مون ڪي به ڪُتبا نه لکيا آھن. مون ته بس ٿڌي ريٽ تي، چانڊوڪين ۾ تنهنجي اکين سان اکيون ٻکي، ديدار جا انوکا ڪش ھنيا آھن. مون لاءِ ته تنهنجي حُسن جو اهوئي انعام ڪافي آھي. “
    ”مهرباني“
    ”پر اڄ پنهنجي وچانليٽيل ”فاصلن” جا لغڙ ڪاٽا ڪرڻ لاءِ دل هُرکُر ڪري رهي آھي، هڪ بيساخته چمي باربار چپن تي چُرپر ڪري پيئي! ڇا تون منهنجي اها پهرين ۽ آخري هُجت پوري ڪندئين!“
    ”نه …جيڪي چپ هميش لئه منهنجا ٿي نٿا سگهن، انهن جون هجتون مون تي هلي نٿيون سگهن!“
    ”چڱو، محبت پاڪ ۽ لاحاصل ھجڻ جو به پنهنجو حُسن آھي. مونکي فخر آھي ته مون سندم انساني خواهشن جو گلو گُھٽي به، محبت کي لُڙ ٿيڻ کان بچايو آھي. پر ياد رکجان زندگيءَ ۾ ڪڏھن ڪنهن ٻي مان اهڙي اميد متان رکين!“
    ”منهنجي زندگيءَ جي وارثي ڪري نٿو سگهين، پوءِ پنهنجون صلاحون به پاڻ وٽ رکي ڇڏ!“
    هوءَ اٿي هلي آئي هئي. ٻئي ڏينهن هن دلبر جي پروگرام ۾ زليخان کي ساٿي ڪمپيئر طور ڪمپيئرنگ ڪندي ٻُڌو هو. هوءَ دلبر سان بنھہ بيحجاب ڳالهائيندي، کلندي ۽ کيٽا ڪندي رهي هئي، سندس ٽهڪن جا ٽانڊا هن جي هانءُ تي هارجندا رهياهئا. زلي ۽ دلبر جي ڳالهين جو هر لفظ سندس محبت جي شيش مهل لاءِ هٿوڙو هو! هن سندس ريشمي سماعتن سان پهريون ڀيرو رقيب جذبن جا ڪاوا چُنڊي روح کي رتو رت بڻائي وڌو هو!
    سورٺ کي ايئن محسوس ٿيو هو، ڄڻ دنيا ختم ٿي پيئي هئي. هن جي زندگيءَ مان دلبر جي روپ ۾ آيل خوشيءَ جي عارضي ۽ آخري ڪرن به هلي ويئي هئي. هن کي لڳو هو، هن دنيا جي ڪابه چڱي شيءُ غريبن جي مقدر کان رُٺل هئي ۽ ان تي فقط زُليءَ جهڙن مخصوص بااثر هستينجو حق هو! جيون ۾ مليل محرومين کيس جڳ جهان کان بدظن بڻائي وڌو. دلبر کي مياري ميسيج موڪلڻ بعد هن موبائل مان سم ڪڍي اُڇلي ڇڏي. بچيل سڀ نمبر ڊليٽ ڪري موبائيل ڀاڻس کي ڏيئي ڇڏيو. ريڊيو مان سيل ڪڍي، ريڊيو چونئري جي ڀت تي رکي ڇڏيو.
    هوءَ لائق جي لولي لنگڙي ڇوڪري سان پنهنجي وڪامڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي هئي. تڏھن ئي سندس ماءُ طرفان پيار پرڻو ڪرڻ تان رُسي سڀ سنڱ ختم ڪندڙ سندس ناني جانُوءَ هن کي لائق وٽ وڪامڻ کان بچائي ورتو هو. ھن سندس ناٺي سلطان سان نه رڳو ٺاھ ڪري کيس معاف ڪيو هو بلڪہ سيٺ جو قرض به ڀري ڏنو هو.
    چئن مهينن بعد جانوءَ برادري طريقي سان سورٺ جو سنڱ پاڻ وٽ پُٽيلو ڪيل ڇوڪري شيرل لاءِ گهُريو هو، سلطان انڪار ڪري نه سگهيو هو. ۽ ايئن سورٺ شيرل سانلانئون لڌيون هيون. لانئون لهڻ جي رسم ويل جڏھن عورتن طرفان سنوڻ ساٽ ٿي رهيا هئا. تڏھن هڪ ڪوئو، گهوٽ ڪنوار اڳيان ڪُڏي بد شُگوني ڪري رهيو هو. شيرل پير جي جتيءَ سان ڪوئي کي ماري وڌو هو. ڪوئو مارڻ بعد هن گدگد ٿي موڙ پوئتي هٽايا هئا. نه رڳو داد طلب نگاهن سان آسپاس موجود عورتن ڏانهن ڏٺو هو، بلڪہ گوڏي سان سورٺ کي لوڏو ڏيئي اهو احساس به ڏياريو هو ته ڪيئن نه هن وڏو ڪارناموڪيو هو. ان پهرين هلڪڙائيءَ سورٺ جي دل ۾ شيرل لاءِ نفرت جو ٻج ڇٽي ڇڏيو هو.
    کيس شدت سان دلبر ياد آيو هو، جنهن راتين ۽ جهنگ جي اڪيلائين باوجود، نه رڳو سورٺ طرفان مقرر ڪيل حدن سان ڪڏھن هٿ کونئس ڪئي هئي، پر هُن ته خطرناڪ ڪارو نانگ مارڻ وقت به مُڙي سورٺ ڏانهن ڪون نهاريو هو!
    شيرل جي هلڪڙائي ويل سورٺ جي دل شدت سان دلبر کي ياد ڪيو هو. هن دل ئي دل ۾ سوچيو:
    ”هي چوڙين وارا نازڪڙا ٽَرُو ڇورا به پاڻ کي مُڙس ماڻھُو ٿا سمجهن پر حقيقي مرد ته دلبر هو! بس منهنجي قسمت ايئن هئي، نه ته شيرُو تون منهنجي موچڙي جهڙو به ناهين!!“
    هوءَ نکڙي ته شيرل سان گڏ هلي ويئي هئي، پر شيرل هن جي تصوراتي مرد جي جاءِ والاري نه سگهيو هو. ويتر سندس هلڪڙائين سورٺ جي دل ۾ ھن لاءِ نفرت ڪٺو ڪري ڇڏي هئي. پر هڪ ٿري عورت جيان هن ٻاڦ ٻاهر ڪڍڻ کي مهڻو مڃيو هو. تڏھن ئي ته سندس وجود بند بازيگر نيهائين ٿي پيو هو!
    ٻه سال اڳ شيرل کي بلا کاڌو هو. ويجهي سرڪاري اسپتال ۾ زهر جون سُيون موجود ڪون هيون. کيس حيدرآباد ريفر ڪيو ويو ۽ هن رستي ۾ ئي دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو.
    سورٺ ٿري رسمن موجب لوڪا چاريءَ پار ڪڍي رُني هئي. هن چوڙيون به لاٿيون هيون ۽ وڌواهن جهڙا ڪپڙا به پاتا هئا، پر حقيقت اها هئي ته هوءَ ور جي وڇوڙي جو گهرو گهاوُ محسوس ڪري نه سگهي هئي. بس هن کي سُھاڳ وڃايل عورت جي مهڻي ضرور ماريو هو“!
    سڄڻ جي ڀرسان ليٽيل سورٺ پاسو ورائيو ته سندس ڌيان سڄڻ جي ساھ جي گُهگهي آواز ڏانهن کڄي ويو. هن پريشان ٿي سندس مٿي تي هٿ رکيو، جيڪو ڪجهه وڌيڪ گرم لڳي رهيو هو. هوءَ اٿي جانوءَ جي کٽ جي ڀرسان وڃي بيٺي. جانو اڳ ئي جاڳي رهيو هو.
    ”نانا سڄڻ جو بخار وڌي رهيو آھي. ساھ ۾ پڻ سوڙھ اٿس“
    جانوءَ اٿندي چيو:
    ”خدا خير ڪري، اڃان اڌ رات به ڪون ٿي آھي. ڀٽون به ڪون لڙيو آھي! صبح تائين الاءِ ڇا ٿئي؟ پر آئون لائٽر ٻاري جمعي واپاريءَ وٽ وڃان ٿو. مموڙي ٻڪري وڪڻي خدن واري گاڏي وٺي ٿو اچان. هينئر ئي هلون ٿا مٺيءَ!“
    سورٺ واپس وڃي ليٽي هئي. هن سوچيو:
    ”آئون به ڪيڏي نه بدنصيب آھيان. پرڻجي آيس ٻي سال مڙس مئو. نانا جو ڏيڍ سئو ٻڪرين جو ڊَٽ هوندو هو، سو به کُٽي ويو. نانا جي اکين جو ٺار، مموڙي ٻڪري به اڄ وڪجي پيئي، جنهن کي ايندڙ پِڙيءَ تي جمعو واپاري ڪاهي ويندو. منهنجي ٻچڙي جو به الاءِ ڇا ٿيندو؟!“
    هن جو ذھن پٿر وسڻ وارو پراسرار جزيرو ٿي پيو. غم سان سڙٻاٽ ڪندي، الاءِ ڪيترو وقت گذريو هئس. هن گهٽيءَ تي گاڏي بيهڻ جو آواز ٻڌو. ڪجهه دير بعد جانوءَ اچي چيس:
    ”امان سورٺ! ماڻھُو مِرون ٿي پيا آھن. جمعون ڇهن هزارن کان مٿي رپيو به نه چڙھي. ڏٺئين مجبوري آھي، پاڻھين اڌ رقميءَ ۾ ٻڪري ڏيندا. امان نيٺ ڇا ڪريان پيٽ تي پٿر رکي به ڏھن هزارن جي ٻڪري ڇهن هزارن ۾ ڏيڻي پيئي!”
    سورٺ جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. جانوءَ دلداري ڏنس:
    ”بس سڄڻ حياتي هجي، ٻڪري ويئي ته قربان ٿي! تون سڄڻ کي گاڏيءَ تائين کڻي اچ“
    لانگ گاڏيءَ جي سيٽ تي سڄڻ کي هنج ۾ جهلي، سورٺ اکيون بند ڪري ڇڏيون. سڄڻ جي ساھ جي ڇڪتاڻ جو آواز، گاڏيءَ جي انجڻ جي آواز ۾ وڃائجي رهيو هو. ۽ سورٺ جي دل جي هر ڌڙڪن بي اختيار چئي رهي هئي:
    ”شال سڄڻ جي زندگيءَ جو خير هجي!“


    باب ڏهون

    “مونکي ڪراچيءَ واري آفيس سنڀالڻي آھي، ان ڪري صبح سويل هتان هليو ويندس. توکي پريم چند جي انڊر ۾ ڪم ڪرڻو آھي. اڳي اين جي اوز جو سٺو تجربو اٿس. “
    ”حاضر سائين!“
    ”ٺيڪ آھي، دل و جان سان سماجي خدمت کي لڳي وڃو. ٿري ڏڪار وڏو انساني الميو ٿي سامهون آيو آھي، آھستي آھستي عالمي برادريءَ جو ڌيان ڇڪجي رهيو آھي! حڪومتي توڙي اين جي اوز ۾ تمام گهڻي امداد اچي رهي آھي. پنهنجي اين جي او جي ساک ٺھڻ ۽ ڊونرس وٽ ڀروسي جوڳو بنجڻ جو دارومدار ان ڳالههہ تي آھي ته اوهان امدادي ورهاست ۽ مستحقن جي حالت کي ڪيترو سليقي سان ڪيمرا ۾ قيد ڪريو ٿا! ڪاغذن کي ڪيترو ابهام کان آجو ۽ صاف سٿري آڊٽ جوڳو رکو ٿا ۽ وڏي ڳالههہ تهآيل ”وڏن” کي مطئمن ڪرڻ جو فن ڪيترو ڄاڻو ٿا؟! وڌيڪ مون پريم چند کي سمجهائي ڇڏيو آھي. “
    دلبر يوسف کان موڪلائي وڃڻ لڳو ته يوسف چيس:
    ”منهنجو ڀيڻيو ملوڪ جو دوست آھي. نئون نئون ٿر آيس ته ملوڪ جو ئي مهمان ٿيو هئس. ملوڪ جي چوڻ تي ئي مون توکي اهم ذميواري ڏني آھي، ورنه تو وٽ اين جي او جو ڪو تجربو نه آھي“
    ”ٿينڪس باس“
    ”۽ ها- تنهنجي باري ۾ مقامي اين جي اوز جي دوستن کان سٺو فيڊ بيڪ ناهي مليو، پر توهان ته هيستائين مونکي ٺيڪ پيا لڳو. انشاءُ الاه توهان ترقي ڪندا“
    ”مهربانيون سر“
    دلبر پيشيوراڻي ڪم ڪار کي لڳي ويو هو، پر پريم چند جو مُنهن اڪثر سُڄيل هوندو هو. جيڪو هن جي ڪم ۾ نه رڳو اجايو رنڊڪ وجهندو هو، پر اڪثر مک وانگر غلطين جو گند ڳوليندو رهندو هو، جيئن دلبر کي تنگ ڪري پنهنجي برتريءَ جي احساس ۾، خسيس انا جي تسڪين ڪري سگهي! ڪڏھن ڪڏھن دلبر کي دُودڪي چڙھندي هئي، پر هرهر دماغ ياد ڏياريندو هئس:
    ”خبردار! موجوده وقت ۾ ترقيءَ لاءِ خودداريءَ جو گلو گُھٽڻو پوندو آھي“
    دلبر ايئن ئي ڪيو. هن پنهنجي وجود کي وساري ڇڏيو. ڄڻ روبوٽ هو، پريم چند جي حڪمن جي اکيون ٻُوٽي بجا آوري ڪري رهيو هو!
    پريم چند کي جڏھن پڪ ٿي پيئي ته دلبر هاڻ پنهنجي پُراڻي کَل لاهي چڪو آھي ته هن کيس همراز بڻائڻ شروع ڪيو:
    ٿرين کي صاف سُٿرو بنائڻ لاءِ 50 لک رپيہ آيا آھن. مٿيان به ڪي صفا چريا آھن. ماڻھو بک ٿا مرن، هنن کي صفائي ياد آئي آھي!
    پر مون سيٺ سان ڳالهائي ڇڏيو آھي، سستو سامان جنهن ۾ بالٽيون، صابڻ ، ٽُٿ پيسٽ ۽ توليا وغيره شامل آھن، ٻن ٽن ڳوٺن ۾ ورهائينداسين، جيئن مٿان ڪو اچي ته کين اهي وزٽ ڪرايون. باقي ڀٽن ۾ روڊ نه هجڻ جو بهانو گهڙي وٺبو. “
    ”جي بهتر سائين“
    “شناختي ڪارڊن جون ڪاپيون ڳوٺاڻن کي دلاسو ڏيئي، اڳواٽ کڻي وٺو. باقي ڪاغذي ڪاروائيءَ جو تون ڀَڙ لڳو پيو آھين. آئون پاڻ ئي سيٺ کان بل تي صحيحون ڪرائي وٺندس، ٺپي سميت!“
    دلبر ايئن ئي ڪيو هو. هن کي به جڏھن حصو پتي ملڻ شروع ٿيو ته دماغ ڀُڻڪيو:
    ”ڏس اڳ ۾ منهنجي مڃين ها ته هينئر ڪروڙن سان رانديون ڪون ڪرين ها!“
    دلبر ڪروڙن سان رانديون ته ڪون ڪيون پر لکن جي لوڏ ضرور ڪئي. هن مٺيءَ ۾ بنگلوخريد ڪيو. ڳوٺان گهر وارن کي مٺيءَ شفٽ ڪيو. ڪار خريد ڪري ڀاڻيجو ڊرائيور رکيو، جيڪو روز ٻارن کي مهانگن پرائيويٽ اسڪولن ۾ ڇڏڻ ۽ کڻڻ ويندو هو.
    دلبر جي اٿي ويٺي ان ڪلاس سان ٿيڻ لڳي هئي، جيڪو ٿر جي سول سوسائٽيءَ جو دعويدار هو. ٿري ماڻھن جي مسئلن جي حل لاءِ سرڪاري توڻي غير سرڪاري سيمينارن، ورڪ شاپن، گڏجاڻين ۽ ٻين تقريبن ۾ پڻ اهو طبقو اڳتي اڳتي هو، جنهن ۾ هاڻ دلبر جو اضافو پڻ ٿيو هو!
    پريم چند کي سماجي خدمت جي مڃتا ۾ وڏو سرڪاري ايوارڊ مليو هو. جنهن کان پوءِ هن پنهنجي نئين اين جي او قائم ڪئي هئي ۽ پريم چند جي جاءِ وري دلبر والاري هئي.
    پريم چند پراڻن يارن کي وساريو ڪون! ٿر ڇڏڻ ۽ بلي بلي ٿيڻ باوجود پريمچند، دلبر سان رابطو ڪون ٽوڙيو. ڪڏھن ڪڏھن هيلو هاءِ ڪري ٿر جا حال احوال وٺي وٺندو هو. هڪ ڏينهن ڪال ڪري پڇيائين:
    ”دلبر تون علم ادب سان وابسته رهيو آھين. آئون چاهيان ٿو ته مونکي ٿر جو عبدالستار ايڌي سڏيو وڃي، ڀلا اهو ممڪن آھي؟!“
    ”پنهنجي سنگت ۾ هينئر ڪجهه به ناممڪن نه رهيو آھي. پنهنجي صحافي يار صالح کي شوق جاڳيو ته سندس مرحوم والد جانڻ کي جديد ٿر جو ابو قرار ڏيارجي. سو هن حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ مان نالي چڙھيا عالم، اديب ۽ صحافي گهرائي، کين پنهنجي والد جي نيڪ ڪمن جي لسٽ لکي ڏني. ڪو دستاويزي ثبوت ته کپيو ڪون ٿي. بس جيئن ڪنهن زماني ۾پاڻ ”وڏن” جا ميٽر گهمائيندا هئاسين، ايئن صالح به ڪيو. “
    پريم چند ٽھڪ ڏئي چيو:
    ”اڃان به گهٽ ڪون ٿا ڪريون؟!“
    دلبر به کلي پيو. چيائين:
    ”بس صالح پاڻ کان هڪ ڳالهه ۾ اڳتي نڪري ويو. هن دسترخوان تي پاڻ وانگر ٿري ۽ غير ٿري کاڌا تهڊگهي قطار ۾ سجايا ويتر مهمانن کي ٿر جون ثقافتي شيون سوکڙي ڪري ڏنيون. پوءِ ته اسٽيج تي انهن ڄاتل سڃاتل شخصيتن، صالح جي مرحوم والد جا اهڙا ڳُڻ ڳايا جو خود آئون به حيران رهجي ويئس. مار ههڙا ماڻھُو هيستائين ڪٿي لڪيل هئا؟“
    پريم چند پڇيو:
    ”صالح جو والد ڇا ڪندو هو؟“
    دلبر وراڻيو:
    ”اخباري نمائندو هو. ٿرين جا مسئلا اعليٰ ايوانن ۾ پهچائيندو هو“
    ”پوءِ ته آفيسر ۽ سياستدانن کان مراعتون وٺي صالح لاءِ گهڻو ڪجهه ڇڏي ويو هوندو؟!“
    ”هائو هائو! صالح اڳي ئي ڀريءَ تي ويٺل آھي. اجايو اڃان لالچ نٿو ڇڏي. مختارڪار کان چار گاڏيون امداد ڪڍائي ڳوٺ کڻي ويو. هفتو اڳ وري مونکي چئي ته تنهنجي تنظيم جي سامان جون ٻه گاڏيون ڏي!“
    ”پوءِ ڇا ڪيئي“
    ”بس مُنهن تي ڌُوڙ وڌم“
    ”سٺو ڪيئي، ڪُتي سان رهائي سُٺي! پر مونکي صلاح ڏي ڇا ڪجي؟“
    ”چيم نه سنگت کي تيار ڪر، توسان شام ملهائين. نالي چڙهيل عالمن ۽ اديبن کانپاڻ تي مقالا لکرائي. سنگت نيٺ ڪڏھن ڪم ايندي؟“
    ”اهو ته سڀ ڪجهه ٿي ويندو پر صالح واري ڳالههہ ٻڌي سوچيان ٿو، پهريان بابا لاءِ ڪجهه ڪجي. هن اسٽامپ وينڊريءَ سان غريبن جي مسئلن کي وس وارن تائين پهچايو هو. “
    ”ڀلا موجوده سياسي بااثرن سان هجت اٿئي؟“
    ”ها تمام گهڻي! غير اقتداري ڏينهن ۾ منهنجا مٿن ٿورا آھن. پر بابا وارو ڪم، قلمڪارن جو آھي“
    ”قلمڪارن کي ورسي تقريب ۾ گُهرائي سرڳواسيءَ کي مسڪين جهان خان جو هم رقاب قرار ڏيارينداسين، هونئن به سنڌي دانشوريءَ جي خبط ۾ مبتلا همراه اڄڪلهه اقليتن ، عورتن ۽ مرحومن تي وڌيڪ مهربان آھن. خللي ڏات ڌڻين جو مُنهن بند ڪرڻ لاءِ سرڳواسيءَ جي نالي سان کين ايوارڊ به ڏينداسين. پر آئون چاهيان ٿو ته ان پروگرام ۾ بااثر سياستدان به هجن، جن کان گڍي ڀٽ جو نالو سرڳواسيءَ جي نالي سان منسوب ڪرائجي!“
    ”واه جي صلاح آھي. هونئن به بابا گڍيءَ جي تعميراتي ڪم جو ٺيڪيدار به رهيو هو“
    ”پوءِ ته گڍي ڀٽ تي اوهانجي والد صاحب جي نالي جي تختي سجڻ سندس حق آھي!“
    ”بس اوهان جهڙن دوستن جا ساٿ رهيا ته اهو ڏينهن به پري نه آھي!“
    نيٺ اهو ڏينهن به آيو هو. پريم چند جي والد جي ورسي تقريب ۾ عالمن ۽ اديبن ماڻھنکي سمجهايو هو ته :
    ”پريم چند جي والد، ان دؤر ۾ غريبن جي خدمت ڪئي، جڏھن مسڪين ماڻھو پوليس واري سان ملڻ کان به ڪيٻائيندا هئا. پريم چند جو والد نه رڳو کين درخواستون لکي ڏيندو هو، پر ساڻن گڏ وڃي ڪامورن سان اٽڪي به سندن مسئلا حل ڪرائيندو هو. “
    ان ڳالهه تي پنڊال ۾ جام تاڙيون وڳيون. ان کان به سرس تاڙيون تڏھن وڳيون، جڏھن هڪ نوجوان شاعر، جنهن کي پريم چند اين جي جي نوڪريءَ سان لڳايو هو، تنهن تقرير ڪندي انڪشاف ڪيو:
    ”سرڳواسي نه رڳو عظيم سماجي خدمتگار هو پر پاڻ ٿر جي تاريخ جو عالم، شاه سائينءَ جو پارکُو ۽ تمام وڏو سگهڙ پڻ هو. هن ڪيترائي ناياب بيت، دوها ۽ لوڪ ادب جا وڃايل ورق گڏ ڪيا. نه رڳو ايترو پر پاڻ ھڪ سياسي پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ماڻھن جي خدمت پڻ ڪئي ۽ وڏيرن پٽيلن کي للڪاريو“
    پنڊال تڏھن به تاڙين سان گُونجي اُٿيو، جڏھن بااثر سياسي شخصيت اسٽيج تي اچي اعلان ڪيو ته
    “سرڳواسي طرفان ٿري عوام لئه ڪيل خدمت جي اعتراف ۾ گڍي ڀٽ جو نالو سندس نالي سان منسوب ڪجي ٿو!“
    ****



    دلبر نه رڳو دنياداري سکيو هو، پر هن پنهنجي دل کي به موبائل سم وانگر ڪڍي هڪ پاسي رکي ڇڏيو هو. ڏڪار هن لاءِ قدرتي سوکڙي بڻيو هو. هن پنهنجي اين جي او طرفان ٿرين جي مدد جي نالي ۾، نه رڳو پنهنجو گهر ڀريو هو، پر رشتيدارن ۽ سنگتين ساٿين کي به خوب نوازيو هو. البته رشتن ۽ سنگت ساٿ جي حوالي سان وٽس، اڳوڻيون اوليتون ۽ ترجيحون نه رهيون هيون. هن جي رشتيدارن ۾ غريب ۽ پسمانده فرد مائنس ٿي پيا هئا، جڏھن ته دوستن ۾ وري مختلف شعبن جي بااثر ماڻھن جي کيپ موجود هئي، جن جي اڪثريت ماضي ۾ هن جي بدترين مخالفن تي مشتمل هئي!
    جڏھن کان هن دماغ جي صلاحن تي هلي، دل کي جبري موڪل تي موڪليو هو، تڏھن کان سندس پنجئي آڱريون گيھہ ۾ ٻُڏيون هيون. دل جي ضرورت کيس عملي طور صرف تڏھن محسوس ٿيندي هئي، جڏھن اولاد يا صفا ويجهن رشتيدارن جو معاملو اڳيان ايندو هو. ڳالهين جي حد تائين، ڪنهن عورت کي جملن سان جهٽڻ ويل، کيس دل کان لفظ اُڌارا آڻڻا پوندا هئا. ھن کي اسٽيجن وغيره تي ڳالهائڻ ويل به دل سان ڳالهائڻو پوندو هو! اهوئي سبب آھي جو هن تقريرن، بيانن، شعرن، ليڪچرن، ليکن ۽ ڳالهين سان هڪ دانشور واري سڃاڻپ ٺاهي ورتي هئي. جنهن کي ٿر جي سول سوسائٽيءَ ۾ عزت جي نگاه سان ڏٺو ويو ٿي.
    ٿر جا مسئلا ۽ انهن جي حل متعلق فورمن، سيمينارن، ڪميٽين ۽ باڊين تائين، مطلب ته هرهند دلبر موجود هوندو هو! ڪي دوست ته کيس ٿر جو انا هزاري به چوندا هئا. ٻاهريان آيل مهمان کيس ٿر تي اٿارٽي سمجهندا هئا. ڪجهه ڏينهن کان دلبر جي دماغ کيس املھہ صلاح ڏني هئي. هن پينٽ شرٽ ۽ ڪاٽن ڪپڙا پائڻ ڇڏي ڏنا. پهرين ته هن چاهيو ته ڏاڙھي ڇڏائي، اڇي ٽوپي پائي، ۽ ھٿ ۾ تسبيح رکي، پر هن ڏٺو ته ڪن آڙيڪاپن ان شيپ تان به عام ماڻھن جو اعتماد کڻائي ڇڏيو هو. ان ڪري هن سادا ڳوٺاڻي نموني جا اڇا ڪپڙا، پيرن ۾ چپل ۽ ڪلهن تي پراڻو مفلر رکڻ شروع ڪيو. ڪافي ڏينهن کان کاڌل مال جي چرٻي گهٽائڻ لئه اڪثر پنڌ ھلڻ لڳو. ڀروسي جوڳن يارن کان پاڻ کي فقير سڏايائين. هاڻ جڏھن به ٿري عوام متعلق هن جي ڪيل سونهري خدمتن جو ذڪر ٿيندو هو ته سندس سادگي ۽ فقير منش طبيعت تي به روشني وڌل اوس هوندي هئي! ان قسم جي ذڪر تي ڪٿان به ڪنهن خاص حيرت جو اظهار ڪون ٿيو، سواءِ ان جي ته اين جي او ۾ سندس ماتحت رهندڙ عورتون سندس فقيريءَ جو ٻُڌي لمحن لئه ڇرڪيون هيون، جن کي هن ماضيءَ ۾ مختلف وقتن تي باس واري ڪرسيءَ جا گُر هلائي، جنسي طور حراسان ڪيو هو!
    


    دلبر پنهنجي ماتحت کي چئي رهيو هو:
    ”چار ڇڪڙا سامان جا ڀرائي ننگر وڃ. صرف ننگرپارڪر ئي رهيل آھي، جتي اسانجي تنظيم طرفان امداد نه پهتي آھي. پر خيال رکجان تصويرن ۾ وڌيڪ ڏُٻرا ۽ هيڻي حال وارا ماڻھُو نظر اچڻ گهرجن. تنظيم وارو بينر به پويان نمايان هجي. ۽ ها مولوءَ کي چئجان ته اخبار ۾ خبر لڳي ته ڪٽنگ رکي. “
    ”سائين مولو ڪالهه کان فون پيو ڪري. چوي ٿو ته ٻه گاڏيون مون لاءِ ؟“
    ”ان چچڙ مان لڳي ويا آھيون. خير تون ٿوري تي راضي ڪجانس. “
    ”بهتر سر“
    ”آئون سول اسپتال وڃان ٿو. وري اچي اخبار وارن ٻارن جي موت جو اشو اٿاريو آھي، خير ڪم فائدي وارو آھي! اڄ منسٽر سول اسپتال وزٽ ڪندو. آئون ايم پي اي سان گڏ منسٽر صاحب جي ساڄي کاٻي هوندس. “
    ”بهتر سر“
    جيڪڏھن سويل واندو ٿيئس ته اوهان کي ننگرپارڪر کان اورتي جوائن ڪري وٺندس. پر هڪ ڳالهه جو خيال رکجان. ماڻھن کي بک ڇتا ڪري ڇڏيا آھن. متان ڇڪڙن تي چڙھي، امداد کنڀي کڻي نه وڃن، ان ڪري تنهنجي گاڏي ڇڪڙن سان گڏ ھجڻ ضروري آھي. اهڙي صورتحال ۾ مونکي يا ويجهي پوليس کي ڪال ڪري وٺجان. اسلام ڪوٽ ۽ ننگر جا ايس ايڇ اوز منهنجي چُچڪاري تي ٺھيل آھن. آئون کين چوان ٿو“
    ماتحت کي هدايتون ڏيڻ بعد دلبر جلدي جلدي تيار ٿي ايم پي اي جي بنگلي تي پهتو هو. ڏيڊ ڪلاڪ بعد هو منسٽر ۽ ايم پي اي سان گڏ سول اسپتال ۾ موجود هو.
    منسٽر هڪ روئندڙ عورت جي مٿي تي هٿ رکي ڪيمرا ڏانهن ڏسي رهيو هو، جنهنجو ٻارڙو ڪجهه دير اڳ فوت ٿيو هو. سندس سڏُڪن ۾ ورهن جا درد ليٽي رهيا هئا. عورت جي ڀرسان هڪ ڪُراڙو روئي چئي رهيو هو:
    ”سائين کيسي وارا پئسه، اسٽور جي دوائن، هوٽلن جي خرچن ۽ ڀاڙن ۾ پورا ٿي ويا. صبح جو ڊاڪٽرن چيو هاڻ حيدرآباد کڻي وڃو. غريب ماڻھو پئسه ھٿ ڪرڻ لاءِ ھٿ پير هنياسين، تيسين ننڍڙو خدا کي پيارو ٿي ويو. “
    دلبر چتائي عورت ڏانهن ڏٺو. کيس پنهنجين اکين تي اعتبار ڪون آيو. هوءَ سورٺ ھئي. اهائي سورٺ، جنهن لاءِ ھن ڪڏھن لُنڊين جا مٿا لتاڙيا هئا. راتين جون ننڊون ڦِٽايون هيون ۽ سندس تحريرن جو انتظار ڪندي، لفظن جي لالي پاپ سان پنهنجو پاڻ کي وندرايو هو. اهائي سورٺ جنهن جي ويساه جو ڪچو گهڙو، هن نفس جي ڪوڏڙ ڪنواٽ جي پٺن تي به سلامت رکيو هو، اهائي سورٺ ساڳي هئي پر دلبر ساڳيو نه هو. سندس دل ساڳي نه هئي. بس هڪ مشيني ماڻھو منسٽر سان گڏ ڪيمرا جي فليش لاءِ سِڪي رهيو هو!
    سورٺ جي ڀرپور جوڀن جي اُس ۾، برف جهڙا اصول به پگهرجڻ کان بچائڻ واري شخص کي، اڄ ڪيئن نه دولت جي دنيا بدلائي ڇڏيو هو. حالتن جي حرامپائين کيس ڪيئن نه پٿر جو ماڻھو ٺاهي ڇڏيو هو!سورٺ اکين جي پلئو سان ڳوڙھا اُگهي ورتا. اوچتو سندس نگاه دلبر تي اٽڪي پيئي. سندس نيڻن مان هڪ تاثر جهاتي پائي پوئتي هٽي ويو. دلبر جي اکين آڏو موجود ڪاري چشمي جي شيشي سورٺ جي نگاهن جا گس روڪيا هئا، پر هُن اياڻيءَ کي اها خبر ڪون هئي ته ڪڏھن ڪڏھن ڪي جيئرا جاڳندا ماڻھو به شيشو ٿي پوندا آھن!!
    هن وري دلبر ڏانهن رحم طلب نظرن سان ڏٺو هو. دلبر کي اهو سوچي بيچيني محسوس ٿي هئي ته
    “متان سورٺ ساڻس سڃاڻپ ظاهر نه ڪري وجهي“
    اهوئي سوچي هن منسٽر پويان ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. منسٽر 5 هزار جو نوٽ سورٺ ڏانهن وڌائيندي ڪيمرائن ڏانهن ڏٺو پر سورٺ جي جملي کيس شرمندو ڪري وڌو.
    ”پُٽ جي لاش مٿان هٿ ٽنگي اُجرو ضمير ميرو نه ڪنديس سائين!“
    منسٽر ڀر واري بيڊ تي داخل ٻارڙيءَ جي ماءُ کي 500 جو نوٽ ڏيئي، ڦوٽو ڪڍرائي هليو ويو پر سورٺ جو ڳالهايل جملو، مٺيءَ کان ننگر ويندڙ دلبر جي مرده ضمير کي بار بار جنجهوڙيندو رهيو:
    ” پٽ جي لاش مٿان هٿ ٽنگي، اُجري ضمير کي ميرو نه ڪنديس سائين!“
    مٺيءَ ۽ اسلام ڪوٽ وچان ئي دلبر ماتحت جي ڪال وصول ڪئي.
    ”سر ڇڪڙن کي ڳوٺاڻا گهيري بيٺا آھن. چون ٿا بک ٿا مرون امداد اڳتي ڪيڏانهن کڻي ٿا وڃو!؟“
    دلبر لوڪيشن پڇي وراڻيو:
    ”کين ڳالهين ۾ ٿورڙو انگيج رک. آئون پوليس کي ڪال ڪري موڪليان ٿو. ۽ پاڻ به جلد پهچڻ وارو آھيان“
    


    هاءِ ليڪس گاڏيءَ کي ڊرائيور بريڪ هنيو. دلبر سيٽ کولي هيٺ لٿو ته سامهون ڳوٺاڻا ڇڪڙن کي گهيري بيٺا هئا. هڪ ڇڪڙي تان سامان جا ڪي ڪٽا به ڪريا پيا هئا، جن کي ماڻھو کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
    ان ئي لمحي پوليس موبائيل مان لٿل پوليس وارن ڳوٺاڻن تي لاٺي چارج شروع ڪيو. سڀئي ماڻھو ٽڙ پکڙ ٿي ويا. هڪ موٽيل عمر شخص جنهن جي مٿي مان رت لارون ڪري وهي رهيو هو، هڪ ڪٽي مٿان جُھڪيل هو ۽ چئي رهيو هو:
    ”ھي ڪٽو ڪون ڏيندس، منهنجا ٻچا بک مري ويندا. خدا جي واسطي ڇڏيو“
    هڪ ڪاري رنگ جي سپاهيءَ کيس ڌڪو ڏيندي چيو:
    ”ڇڙڪ مڙس لڳو پيو آهين، مزدوري نٿو ڪرين؟“
    سپاهيءَ جي ڌِڪي سان روڊ جي ڪناري ڪري پيل شخص کي دلبر سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو ڪو ٻيو نه پر اهوئي ساڳي صابو هو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ کيس تاش جي پتن سان وندرائيندو هو. هِتان هُتان جون ڳالهيون ٻُڌائي ريجهائيندو هو. اڄ به ڪاڪو صابو سندسلاءِ تفريح جو سامان هو، پر پاڻ قابل رحم حالت ۾ تماشو بڻجي!
    هڪ سپاهيءَ جيڪو سٺو شاعر به هو، پنهنجي معلومات جي نمائش ڪندي، چيو:
    ”ڀر واري ڳوٺ جو همراه آھي، تازو چريو ٿيو آھي“
    سڀئي گاڏيون اڳتي روانيون ٿي ويون. هڪ زخمي ڪرڙانٺ شخص روڊ جي ڪناري ڪنجهي ۽ چنگهي رهيو هو ، ٻوهن ۽ کپن جا پاڇا ننڍا ٿي رهيا هئا.


    باب يارهون

    مٺي سول اسپتال ۾ فوت تي ويل ٻارڙي جو لاش ڳوٺ پهتو هو ته پوري پاڙي ۾ ڪهرام مچي ويو هو. هرڪو جانو ۽ سورٺ سان همدردي ڪري رهيو هو. همدردي ۽ سوڳ جو ماحول جاري هو. هرروز رات جو سڀ ڳوٺاڻا سورٺ ۽ جانوءَ جي اڱڻ تي اچي گڏ ٿيندا هئا، جيئن سندن ڏک ۾ شريڪ ٿي صدمو سهڻ ۾ سندن مدد ڪري سگهجي. هڪ رات جانوءَ پڇيو:
    ”ٻيلي ڏيو خبر صابوءَ جي، ڪيئن آھي؟“
    هڪ همراه ٻئي کي چيو:
    ”ڏس ويچارا اصلي ماڻھو! ڏھٽي مرڻ جي ڏُک ۾ به سنگتي صابو ياد اٿس!“
    جانو ڳالهاڻو:
    ”بس هن دنيا ۾ ڏھٽي جو داڻو پاڻي ئي ايترو هو. پر وڏي ڳالهه اها ڪونهي ته ڪو پرائي پٿر تي پنهنجا سور سنڀارجن، پر وڏي ڳالهه اها آھي ته ماڻھو پنهنجي غم ۾ ٻين جا ڏُک ياد رکي“
    هڪ همراه ڳالهاڻو:
    ”چاچا ڇورن رونشو ڪري روڊ تي وڃي، امدادي ڇڪڙن کي روڪيو ۽ ڪٽا لاهڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس پهچي لٺيون وسايون. ٻيا ڀڄي ويا صابو ڦاسي پيو. لٺيون لڳڻ ڪري، مٿو ڦاٽي پيئس. روڊ جي ڪناري زخمي صابوءَ کي ڳوٺاڻا گهر کڻي آيا. سندس مٿي جي زخم مان وهندڙ رت ته بند ٿي ويو آھي، پر پوليس جي لٺبازي ۽ اڍنگي رؤيي، سندس بگڙيل ذھني حالت کي وڌيڪ ڊاوان ڊول ڪري وڌو آھي. اڳي وقت تي کاڌو کائيندو هو، ننڊ به ايندي هئس ، بس رڳو گُم سُم ۽ خاموش خاموش هوندو هو، پر هاڻ هن نه رڳو کاڌو کائڻ ڇڏي ڏنو آھي، ننڊ نيڻن کان رٺل اٿس پر ڪنهن اڻڄاتي خوف ۾ زور زور سان رڙيون به ڪرڻ لڳو آھي. اڪثر دانهون ڪري چوندو آھي: “گهوڙا پوليس!“
    جانوءَ مٿي تي هٿ ڏيئي رڙ ڪري چيو:
    ”اڙي گهوڙا ويچاري درويش کي ماري وڌائون!“
    




    ڪمپنيءَ وارن ڳوٺاڻن کان سندن سڀ زمينون خريد ڪري ورتيون هيون. ڪاري ڏڪار جي بک ۾ ڪمپنيءَ طرفان آڇيل رقم، مسڪين ماڻھن کي بنھہگهڻي محسوس ٿي هئي. ۽ انهن پنهنجون زمينون کپائي ڇڏيون هيون. پر زرعي مزاج جي هيراڪي ۽ ويهي کائڻ سبب سرمائي ڪاري ڪري نه سگهيا هئا. ڪاروباري ذھنيت کان اڻواقفيت سندن سرشت جو حصو هئي، جنهن ڪري روڪ رقم سنڀالڻ ۽ ان کي وڌائڻ ويجهائڻ سندن وس ۾ ڪون هو. ويتر آيل ڏڪارن سندن سموري مُوڙي ختم ڪري ڇڏي.
    ۽ هاڻ جڏھن کين ڳوٺ خالي ڪرڻ جو حڪم مليو هو ته ڪن نوجوانن چيو:
    ”ڳوٺ نه ڇڏيو، زوري ته ڪير ڪون اٿاريندو؟“
    ڪن وڏڙن چيو:
    ”ابا اَتاڪا نه ٿيو. ٿورو سوچيو:زمينون آڳاٽيون وڪڻي ڇڏيوسين. هاڻ ڪوئلي جو ڪم هلندو، مال به سيم ۾ چري ڪون سگهندو. مشينن جي ڌُوڌاٽ ۾ پکي به ڀڄي ويندا. پاڻ هتي رهي ڇا ڪنداسين؟!“
    سڀئي خاموش ٿي پيا هئا. ڪنهن پڇيو:
    ”پوءِ ڪٿي هلنداسين؟“
    ”بس جنهن جي جيڏانهن قسمت هوندي“
    ”ايئن ته ڪڻو ڪڻو ٿي وينداسين، رشتا ناتا، ڀت برادريون، شناختون سُڃاڻپون، سڀ هليون وينديون“
    هڪ نوجوان ڪجهه سوچيندي وراڻيو:
    ” ڏاڍن جي ڏنل ڏيس وٽن ۽ مجبورين ۾ ڪيل لڏپلاڻن ۾ ايئن ئي ٿيندو آھي. لاشن کي ڪفن ۽ ڄمندڙ ٻارن کي دايون ملي نه سگهنديون آهن!“
    هڪ همراه وراڻيو:
    ”چون ٿا ته حڪومت لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻھن کي آباد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي. دلبر ۽ ٻين ٿر جي ڏاهن کان تجويزون گهريون آھن“
    هڪ همراه چيو:
    ”خدا جا بندا! ان آسري رهندا. حڪومت ۽ حڪومت جي ڏاهن، ڪڏھن ڪو سُر وارو ڪم ڪيو آھي؟! جو هاڻ پاڻ کي عزت آبرو سان آباد ڪندا ؟!“
    هڪ پوڙھي چيس:
    ”آھين صفا سچو. ٻار پئي مئا ته وڏو وزير چئي رهيو هو: داين ڇڪي ماريا آھن. بيماري پکڙي ته چون: ماڻھو صفائي نٿا رکن، پاڻيءَ جو مسئلو حل ڪندي تپ ٿو چڙھين!“
    هڪ ٻي شخص چيو:
    ”ٻيلي حڪومت جي ڳالهه ڇڏيو. پنهنجون زمينون وڪيوسين، تپيدارن لک لک رپيہ ورتا، جهڙو سندن حصو هو!
    حڪومت جي ڪهڙي ڳالهه ٿا ڪريو؟ ٻيڙي ٻُڏي پيئي آھي!“

    

    ڳوٺاڻن لڏيو هو ۽ اباڻن اجهن کي ڇڏيو هو. هر دل جوڳڻ جو ڪستو ٿي پيئي هئي، جنهن ۾ درد جي پنج ڪڻي پيئل هئي! هر اک جو ڇنو، لڙڪن جي مينهن ۾ ٽمي رهيو هو. سڀئي ڳوٺاڻا ڄڻ هڪئي مالها جا مڻڪا هئا، مالها ٽُٽي هئي ته هرڪو داڻُو داڻُو ٿي وکري پيو هو. جنهنجي جيڏانهن ڄاڻ سُڃاڻ ھُئي، جتي سهوليت هئي، ان اوڏانهن لڏيو هو.
    هر ڏينهن ڪو نه ڪو ضرور لڏيندو هو. ڇڪڙو ڪنهن نه ڪنهن جي گهر اڳيان هارن هڻندو هو. سامان ڇت ۽ ڊالي تي سٿي، وڃڻ وارا پوئتيڇڏيل پيارن کان روئي موڪلائيندا هئا. پويان وڇڙي ويل اکيون، الوپ ٿيڻ تائين ڇڪڙي جي پويان ڀنڀوريون بڻجي اُڏرڻ چاهينديون هيون. وڃڻ وارا ڳوٺ جي منظرن کي اکين ۾ اوتي، پويان رهجي ويل وجود لاءِ، نيڻ نهار تائين حسرتن کي واٽن تي وِڇائي هليا ويندا هئا. ۽ پويان سوڳوار وستيءَ جون مڙھيون، مُٺلن کي مارينديون هيون!
    هر اُجڙيل گهر جي درد-ڪهاڻي، ڪڏھن پوڙھن وڻن جي ٽارين تي ويٺل پکين جي ٻولين ۾ ٻُڌبي هئي! ڪڏھن اجهاميل چُلهن ڀرسان ويٺل ٻلين جي اکين مان جهاتي پائيندي هئي! ۽ ڪڏھن وري اکين مٿان هٿ جو ڇٽ ٺاهي، اُٿي ويل آديسين جا اجها ڏسي روئي پوندڙ جهُونڙن جي لُڙڪن مان وهي ايندي هئي!
    جانو جڏھن به ڳوٺ ۾ ڇڪڙي جو هارن ٻُڌندو هو ته چوندو هو:
    ”اڄ وري ڏائڻ آئي آھي، ڪو نه ڪو گهر خالي ڪندي!“
    گهر خالي ٿيندا رهيا، ڳوٺ ويران ٿيندو رهيو. حڪومت طرفان ڳوٺاڻن جي آباد ڪاريءَ جا منصوبا عمل ۾ اچڻ بنا رڳو ڪاغذن ۽ ڪاميٽين ۾ رُلندا رهيا. جنهن ڳوٺ ۾ پرسال تائين بس اچڻ کان اڳ اسٽاف تي ماڻھن جو هجوم هوندو هو. رهاڻ جو رس ۽ قرب-ڪڻين جو چس هوندو هو. مصري تڙن جهڙيون مٺيون ڳالهون روحن جا ٿڪ لاهينديون هيون. لڪڙ تار ۽ واءُ-سواءُ جو واس، خبرچار جي ٻاڙ پوري ڪندو هو! ڪانڀون ڪڍي ويٺل وڏڙن جا مشاهدن مان ماڻيل نصيحت آميز نڪتا، نوجوانن جي رهنمائي ڪندا هئا. سگهڙپڻي جي سرهاڻ ذھنن کي گهڻو ڪجهه سوچڻ تي مجبور ڪندي هئي، هاڻ اهو اسٽاپ ويران ٿي ويو هو. اتي بس وارن به بيهڻ ڇڏي ڏنو هو.
    هوڏانهن وري هو وٿاڻ، جتي سڪار جي سالن ۾، رايُون رنڀنديون هيون. پتل جي لوٽين ۾ ڏُھائي ڪندڙ چوڙيلين جي ڪنجري ڪاون سان، سانوڻ جو سج اکيون ڀڃندو هو، اتي هاڻ واري اڏامي رهي هئي! ۽ هوڏانهن وري ڳوٺ جا هُو کوهہ جتي پاڻياريون ٻيلهڙا ڀرينديون هيون، گوسِي ڪوس جهلي هوڪارا ڪندا هئا، اواڙن تي مورن جا ٽھُوڪڙا، وٺي جي واڌائي ڏيندا هئا، اتي هاڻ ويرانيءَ جو واسو هو.
    هِتي هُتي ڪمپنين جي گاڏين ۽ مشينن جو گوڙ گهمسان، روز بروز وڌي رهيو هو. تترن ۽ سهن سيم کي ڇڏيو هو. مور به آسپاس مان اڏامي ويا هئا. بس ڪڏھن ڪڏھن ڪُراڙو جانُو وڃائجي ويل واٽن تي ويهي، ٻه ٽي ڪوسا لڙڪ هاري گهر هليو ويندو هو. هڪ شام هُو جيئن ئي گهر پهتو هو ته سورٺ کيس ڇرڪائيندڙ خبر ٻُڌائي هئي.
    ”نانا چون ٿا ته صدوريءَ قادو دڪانواري سان نڪاح ڪري ڇڏيو“
    ”هان. . . سچائين؟ ڄاڻين؟“
    ”ٻه ٽي مهينا اڳ صدوري، سندس ڀاءُ ۽ قادوءَ وارا هتان لڏيا هئا“
    ”هائو هائو! مون به ڀاڪر وجهي روئي کانئن موڪلايو هو“
    ”اهي بئراج علائقي جي ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي رهيا. چون ٿا ته قادوءَ پنهنجي زال ڪڍي ڇڏي. سندس جواڻ ڌيءَ اتي جي ڪنهن ٻروچ سان ڀڄي ويئي!“
    ”مار! اهڙو ڪم هتي ٿئي ها ته قادو جيئرو نڪ کڻي هلي ڪون سگهي ها. تڏھن ئي ته چوندا آھن ڳوٺ ڍَڪَ هوندا آھن!“
    ”قادوءَ وري صدوريءَ سان نڪاح ڪري ڇڏيو“
    ”خُدن مڙس ماڻھو آھي، اهو ڪم ڪرڻ ڪيئن ڏنئين“
    ”خُدن هتي ئي ٿر ۾ پنهنجي ناناڻن جي ڳوٺ ۾ رهي پيو آھي، باقي عزيز قادو سان مليل هو“
    ”بس سڀئي وقت جي واءُ ۾ ڪک پن ٿي وکري ويا“
    ”تاجوءَ کي سندس سالو وٺڻ آيو آھي. ان ئي قادوءَ واريون خبرون ٻڌايون. “
    ”هاڻ تاجوءَ وارا به لڏين پيا ڇا؟“
    نه رڳو قادو پر سندس سڄو پاڙو. سڀني گڏجي نئين ڪوٽ ڀرسان ٻني ورتي آھي. سندن مال اڳي ئي اتي آھي، پاڻ سڀاڻي لڏيندا“
    ”بس اڪيلو گهر پاڻ ئي رهيا آھيون، جيڪي هن گوڙ گهمسان ۾ ويٺا آھيون. ڇا ڪجي ڀَوا ڪونهي ڪيڏانهن هلون. ماڻھن جا عزيز قريب هئا، پنهنجو ڪير به ڪونهي“
    جانو سوچ ۾ پئجي ويو. سورٺ چنيءَ جي پلئو سان ڳوڙھا اُگهي ورتا. مختصر ماٺ بعد جانوءَ پڇيو:
    ”ڀلا صابوءَ جي ڪا خبرچار؟“
    سورٺ پهريان ته ڪجهه لڪائڻ چاهيو، پر نيٺ وراڻيائين:
    ”چون ٿا صدوريءَ جي نڪاح کان مهينو اڳ صابو واه ۾ ڪري پيو“
    صابوءَ وڏي اوڇنگار ڏني. سڏڪن ۾ وچڙيل آواز ۾ چيائين:
    ”ويچاري منهنجي درويش يار کي واه ۾ ڪرايو ويو هوندو!؟“
    سورٺ کيس مس مس ماٺ ڪرايو ته چيائين:
    ”رن صدوري عدت ته پوري ڪري ها پر خير…جتي سڃاڻپ نه هوندي آھي، پڇاڻُو نه هوندو آھي، ۽ جوابداري نه هوندي آھي، اتي ئي ڪارا ڪرتوت ٿيندا آھن ۽ اکيون ٻُوٽجي وينديون آھن!“
    سورٺ خاموش ويٺي رهي. جانوءَ لڪڻ جي سهاري اٿندي چيو:
    ”آئون تاجوءَ وارن کان موڪلائي اچان، متان صبح جو ڍڪيءَ ۾ ئي ڏائڻ اچي، هارن هڻي. پر منهنجي ماني اڄ متان گهڙيئين. صابوءَ جي موت جو ٻُڌو اٿم، گره ڪٿي ٿو ڳڙڪي!!”
    


    جانُو ڳوٺ ۾ رهجي ويل سورٺ کانسواءِ ٻيو فرد هو. اسر ويل ولوڙن جي آواز سان اکيون اُپٽيندڙ جانوءَ کي هاڻ سڄي رات مشينن جون هينگون، سمهڻ نه ڏينديون هيون. جنهن ماڳ جي هوائن جي هڳائن ۾، هن سڄي عمر سُرها ساه کنيا هئا، اتي جي آلوده هوا، هاڻ هن لئه ساه مُنجهڻ جو سبب ٿي پيئي هئي. هن سيم جا اهي وڻ به وڍجندي ڏٺا، جن جي ڇانءُ ۾ ويهي، هن ڪڏھن بورينڊا وڄايا هئا. هن انهن پکين جي آکيرن جا ڪک به ٽڙيل پکڙيل ڏٺا، جن آکيرن ۾ ويٺل پکين جي سندس سماعتن سان دوستي هوندي هئي.
    ڪڏھن اسر ويل ولوڙن جي آواز ۽ چنگن جي چُڻ ڀُڻ سان اک کولي نکٽ نهاريندڙ جانُوءَ لاءِ ھاڻ ھرپاسي مصنوعي روشنين جا چمڪا ۽ ڪَن پچائي وجهندڙ شور جا شُوشاٽ ھئا. جن چڙھاين تي چڙھي، ڪڏھن هن هن کٽر ڀٽارين کي به ونگ وجهي ميڙيو هو ۽ جن ڀٽن تي سندس ٽھاڙ گهوڙيون ۽ وڇيرا يڪ ساهي سِراڙي ۾ چڙھندا هئا، انهن ڀٽن کي هاڻ ڪرينون ۽ بلڊوزر ڳيهي رهيا هئا، جن کي جانو“آجُوج ماجُوج” سڏيندو هو!
    اوپرائپ ۽ اجنبيت جي ملول ماحول ۾، جانو ڄڻ ڪنهن ٻي سياري جي مخلوق هو. جن گسن تي کيس هرڪو “ڪاڪا جانو” چئي مخاطب ٿيندو هو، انهن پَٽن تي هاڻ هُو پينٽ شرٽ ۽ ڪارن چشمن وارا مشيني ماڻھُو ڏسي رهيو هو، جيڪي سامهون ايندي به سندس سلام جو جواب نه ڏيندا هئا. جن دڙن تي هن کان ڪڏھن تماڪ جو ڪوٿريو ۽ سلفي وسري ويندا هئا ته ٻئي ڏينهن ڪو نه ڪو ڌنار پهنوار کيس موٽائي آڻي ڏيندو هو. جن ڏھرن مان ھن مهينن کان وڃايل اٺن جا پيرا کڻي، وڙولون وجهي وڳن جا وڳ واپس آندا هئا، اتي هاڻ سندس ڇيلڙو ڇڄيو ٿي ته واپس نه ٿي وريو! ٽوال ڪريوٿي ته زمين ڳڙڪائي ٿي ويئي يا آسمان جهٽي ٿي ويو! ڳوٺ جي باسين سان گڏ شايد امن، ايمانداري ۽ محبتن به لڏيو هو!
    هڪ ڏينهن سورٺ کيس چيو:
    ”نانا هاڻ پُراڻن پڊن جو حال ڏسي دل روئي ٿي. هونئن به هاڻ هتي ڪجهه به پنهنجو ڪونهين. اڪيلو ويڙھو، سٺا نٿا لڳون!“
    ” ڌيءَ هلون پر آخر ڪٿي؟! ڪير آھي پنهنجو؟!“
    ”بس ڪنهننه ڪنهن شهر ۾ هلي رهون“
    ”پر ڌيئم! منهنجو ته شھرن ۾ ساه منجهندو آھي. باقي عمر جا ڏينهن ڪيئن ڪٽبا؟“
    ”ته ڪنهن ٻي ڳوٺ ۾ هلي رهون“
    ”اتي وري ڪهڙيون کير جون نديون پيون وهن. ۽ ڪير آھي پنهنجو جيڪو ڍِلايون ڍَڪيندو؟! ويتر ڳوٺاڻي ماحول ۾ وڌيڪ لوڪ جي نظرن ۾ پنهنجي هيڻي حال کي تماشو بڻائينداسين. روز انيڪ سوال ڏگيندا: بيواه ڏھٽيءَ جو بار ڇو ڪون لاٿئي؟ تنهنجي ناٺيءَ کي ڇا ٿيو هو؟“ انهنکي ڪير ويهي سمجهائيندو؟!“
    سورٺ وراڻيو:
    ”تڏھن ئي ته چوان ٿي نه ته ڪنهن شهر هلون، جتي ڪو به سڃاڻُو نه هجي. بس ديس چوري، پرديس بِکيا!!“
    ”ڌيئم جيڪا تنهنجي مرضي. آخري ڇيلڙي به سڀاڻي کپايون ٿا، ڀاڙو ٿي پوندو“
    سورٺ خاموش رهي. جانو ڳالهاڻو:
    ”ڌيئم منهنجو به هاڻ آخري وقت آھي، ڪڏھن کان توکي چيو اٿم ته ”حق” ڪر، پر تنهنجي ناڪار کي به نوڪوٽ آڏا آھن! مون کانپوءِ تنهنجو ڪير آھي!؟“
    سورٺ خاموش رهي. سندس اکين ۾ دلبر جي ٻن مختلف تصويرن جون ڏياٽيون ٻري اجهامي ويون. هڪ اها تصوير جنهن ۾ ھُن نانگ ماري به پوئتي لوڻو نه ڦيريو هو ۽ وڃڻ وقت چيو هو:
    ”سورٺ! نانگن جا مٿا ڪيسين لتاڙينداسين؟ هاڻ ته گڏجي جيون گهارڻ متعلق سگهوئي سوچڻو پوندو!“
    ۽ ٻي اها تصوير هئي، جنهن ۾ هوسول اسپتال مٺيءَ ۾ منسٽر آڏو لڪي رهيو هو. دلبر جي ان روپ، سورٺ کي سندس پُٽ جي موت جيترو ئي رئاريو هو. هن جو دنيا جي هر مرد تان اعتبار هليو ويو هو. تڏھن ئي هن ٻي شاديءَ کان انڪار ڪيو هو. ۽ جانوءَ ڏھٽيءَ جي مرضيءَ موجب هلڻ ڪري، سورٺ کي ٻي شادي ڪرڻ تي مجبور ڪون ڪيو، ۽ ايئن رشتيدارن جي اک جو ڪٽر بڻجي پيو هو، جن کانئس سورٺ جو رشتو نه ملڻ ڪري سڀئي لڳ لاڳاپا ٽوڙيا هئا ۽ هو پنهنجي ڳوٺ ۾ به اجنبي ۽ اڪيلو هو.
    پنهنجي ڳوٺ مان هميش لئه هليو وڃڻ کان اڳ جانوءَ انهن جاين تي وري وري نظرون وڇايون هيون، جن جاين تي سندس خيال موجب کٽين-مٺينساروڻين جا حوالا هاريل هئا. انهن پٽن تان، جتان هن پنهنجن پيارن ڳوٺاڻن کان موڪلائيندي رُنو هو، اتي اڄ ڪو به کيس الوداعي ڀاڪر ۾ ڀرڻ وارو موجود ڪون هو. ڪو ڄاڻو سڃاڻُو ته ٺھيو، پر مورڳو پراڻو ڳوٺ به سڃاڻڻ جهڙو نه رهيو هو. آسپاس ڪمپنين ۾ ڪم ڪرڻ وارا روبوٽ موجود هئا، جن سان گڏ ڀلي صديون گذري وڃن، پوءِ به وچان ويڇا ليٽيل رهندا آھن- مٿن ڪابه هُجت هلي نه سگهندي آھي!
    سامان جي هڙ، لڪڻ تي هلندڙ جانوءَ جي ڪلهنتي ڏسي، سورٺ سوچيو:
    ”ڪاش هن شخص کي زندگيءَ ۾ مليل درد، هن ھڙ ۾ ھجن ها ته جيڪر آئون کانئس هڙ کڻي وٺان ها!“
    جن پٽن تي سورٺ جي ٻالڪپڻ جا چاڳ ۽ چهچٽا وکريا هئا. جن پٽن تي هن هڪجيڏين سان گڏ چلهر راند ڪئي هئي ۽ بي زبان گُڏيون پرڻايون هيون، اتان اڄ هميش لاءِ وڃي رهي رهي. ڪيئي نياڻيون اباڻا ڳوٺ ڇڏينديون آھن، پر وري اچڻ جي آس ته هوندي آھي. کين موڪلائڻ مهل سهيليون ساٽ ڪنديون آھن. بابل جو گهر ڇڏڻ وقت ڪو ڳيت به ڳائبو آھي. مٿي تي چني ڍڪائڻ وارا هٿ به هوندا آھن ۽ ويندڙ وجود، ڪنهن سهاري کي به سونپيل هوندو آھي!
    پر اڄ جڏھن سورٺ وڃي رهي هئي ته نه سندس هٿن تي مهندي هئي ۽ نه کيسڪو پويان نهاريندڙ ھو ۽ نه ئي ڪو سگهاگر سهارو هو، جنهن سان گڏ وڃي رهي هئي!
    هن ننڌڻڪي نياڻيءَ پويان رهجي ويل اباڻي ماڳ کي نگاهن سان کيڪاريو ۽ اڳتي رواني ٿي ته جانوءَ چيس:
    ”ڌيئم! ايئن سمجهہ ته آئون اڄ ٻاٻاڻن ڪکن مان نڪري مري ويو آھيان. مئل پوڙهو ماڻھو توسان گڏ آھي، ان جو ڪو آسرو نه ڪجان!“
    جانوءَ جي سڏڪي جي آواز سان گڏ سندس ڪي لڙڪ به اکين مان وهي نڪتا، جن کي اڃاريءَ واريءَ، ڊيل جيان جهٽي پيءُ ڇڏيو!!


    باب ٻارهون

    سورٺ سان اڻسُڃاڻُو ٿيڻ ۽ زخمي صابُوء کي روڊ ڪناري ڇڏي وڃڻ واري دلبر جي زخمي ضمير ۾ مزاحمت پيدا ٿي پيئي هئي. هن کي نه رڳو پنهنجي ماضيءَ جي داغدار عرصي سان نفرت ٿي پيئي هئي پر کيس سندس ٻھروپي ۽ قول عمل جو تضاد رکندڙ يارن کان به بُڇان ٿيڻ لڳي هئي. جڏھن به ڪنهن ڄاڻُو سڃاڻُو ساٿيءَ جو ڪٿي لکيل ليک پڙھندو هو ته ليکڪ جي شخصيت جون سڀ بيسُرايون سندس اکين اڳيان اچي وينديون هيون. اسٽيج تي آڙيڪاپ سنگتين جون لٻاڙون ٻُڌندو هو ته اکيون بند ڪري شيطان کان پناه جي دعا گُھرندو هو. هن ان چوياريءَ سان به ميل جول گهٽائي ڇڏيو هو، جيڪي هر وقت موقعي جي تاڙ ۾ هوندا هئا. ظاهري طور غريبن سان همردي ظاهر ڪندا هئا، پر ساڳي وقت سندن طرزعمل اميراڻو ۽ ذھنيت سرمائي جي شيدائي هوندي هئي. سندن آئيڊيئل طاقتور، دولتمند ۽ مقتدر ماڻھو هوندا هئا. پر ڳالهيون فقيرن واريون ڪندا هئا. هن محسوس ڪيو ته جيئن اڪثر مذھبي مُبلغ واعذن ۾ عبادتن تي وڌيڪ زور ڏيئي، شعوري لاشعوري عملي انسانيت کي نظرانداز ڪندا آھن ۽ پاڻ کي منتخب ماڻھو سمجهي عمل کان آجو ۽ سڀئي هدايتون ٻين تي لاڳو سمجهندا آھن. ايئن سنڌ جو قلمڪار طبقو به پنهنجي ذميواري رڳو لکتن، تقريرن ۽ ٽاڪ تائين محدود سمجهي ٿو. جڏھن ته عملي طور موقعو ملندي ئي اها ساڳي روش رکي ٿو، جنهن کي هو پاڻ لکتن ۽ ڳالهين ۾ لوئي ٿو! انقلاب جون ڳالهيون ڪرڻ وارا انقلاب جي شروعات پنهنجي ذات کان شروع ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. اڪيچار مسئلن جي پاڙ ان ئي سماجي سوچ ۾ پيوند ٿي پيئي آھي.
    ان نوعيت جا ئي خيال هئا، جن کيس سول سوسائٽيءَ کان باغي بڻايو هو. ان ئي طبقي سان کيس نفرت ٿيڻ لڳي هئي، جنهن طبقي ۾ وڏيمشڪل سان هن پاڻ پير کُپايا هئا ۽ ملڪيت ٺاهي هئي!
    هن پروگرامن ۾ شريڪ ٿيڻ ڇڏي ڏنو. هڪ ڀيري ڪنهن هجتي دوست کيس زوري پاڻ سان رچايل رهاڻ ۾ آندو هو ته هن اڳي جيان آسماني خوبيون ساڻس سلهاڙڻ بدران رڳو شام ملهائجڻ جون مبارڪون ڏنيون هيون ۽ پوءِ چيو:
    ”اسان کي ناهي ضرورت وڏن ڏاهن جي، اسان کي ناهي ضرورت سٺن قلمڪارن جي، اسان کي ناهي ضرورت ذھين سياستڪارن جي، اسانکي ناهي ضرورت چالاڪ ڪامورن جي، اسان کي ناهي ضرورت سٺن سماج سڌارڪن جي، پر اسان کي ضرورت آھي سٺن انسانن جي! پوءِ اهو عالم، اديب، سياستڪار، ڪامورو يا ڪو ٻيو هجي!
    سچ ته اسان کي انسانيت سکڻ جي ضرورت جيتري هينئر آھي، اڳي تاريخ جي ڪنهن به دؤر ۾ نه رهي آھي!!“
    سندس لانگوٽين يارن مان گهڻن کي تعجب جي تار جو ڪرنٽ لڳو هو. سندس هڪڙو دوست ٽوڪ مان ڀُڻڪيو هو:
    ”ٻلي ست ڪوئا کائي، هاڻ حج سنبري آھي!“
    تقرير ختم ڪري جلدي هليو ويو هو. سندس ساٿين ۾ مختلف ڪمينٽس جا ڪُتا ڪُٽجڻ لڳا هئا:
    ”دلبر نفسياتي مريض ٿي پيو آھي“
    ”سندس ڪو گهريلو مسئلو آھي“
    ”مرڻ جو ڊپ ٿيو آھي، روحانيت ڏانهن موٽڻ وارا پار اٿس“
    ”نه ڙي نه! ايترا مال کاڌا اٿس جو مري ويندو، مادي لالچ ڪون ڏيندو“
    ”نه نه اين جي اوز جي ڪنهن حُور پريءَ کي سچ پچ دل ڏيئي ويٺو آھي. هاڻ پُراڻُو ڀاڻ دُونهن پيو ڪري“
    ”نه نه اهڙو چريو ڪونهي جو عشق جو خفو کڻي، ھاڻ ته سئوسيڪڙو ”شھري“ ٿي پيو آھي، ڪم ڪڍي ڇڏي ڏيندو“
    ”پر ٿي سگهي تو اڳيون ڀوڪ پڻو وري منجهس جاڳي پيو هجي!“
    بس هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي رايي جي رٻ رڌي هئي!
    دلبر گهر جي اي سي ڪمري ۾ بيڊ تي ليٽيل هو. هن جي دل ۽ دماغ وچان سانُ پاڏن جهڙي ويڙھ هلي رهي هئي. جنهن ۾ وڏي عرصي کانپوءِ دل کي سوڀ ۽ سرسي ملي هئي.
    دلبر سوچيو:
    ”توبهن مدي خارج نه بڻبي آھي. معافي جا دروازا سئنيمائن وانگر حال ڀرجڻ تي بند نه ٿيندا آھن. ۽ سُڌرڻ جي سفر کي سدائينلاءِ بريڪ لڳڻ به ضروري ناهي. انساني ارتقا جو قانون به سدائين جي جمود کي نٿو مڃي. آئون به غلط ڪاريون ڇڏي ماضيءَ واري زندگيءَ ڏانهن موٽ کائي سگهان ٿو!“
    دلبر پاسو ورائي وري سوچيو:
    ”جيڪي گناه ڪيم انهن جو ڇا ٿيندو؟“
    دماغ ڀڻڪيو:
    ”حج ڪري وٺ گناه ڌوپي ويندا. خيراتون ڪر ۽ نماز پڙھ“
    دل چيو:
    ”روزا نمازون اي پڻ چڱو ڪم! پر جن پئسن سان حج ڪندين، تنهنجي حق حلال جي ڪمائي آھي؟! هتي به ٺڳي نٿو ڇڏين! ڄڻ اين جي اوز جي باس کي پيو ڀورائين! تو ڪيترن مسڪين ماڻھن جي جيون ۾ بهتري آڻڻ لاءِ آيل ناڻو ڦٻايو آھي؟ انهن پئسن سان هتي عيش ڪيئي، هاڻ ھُن جهان جون آرائشون خريدڻ چاهين ٿو؟ فيصلو جسٽس مشتاق وٽ ته ناهي، جو اثررسوخ، رقم يا وري چاپلوسي ۽ هٿ ٻڌڻ سان راضي ٿي، تنهنجي مرضيءَ موجب انصاف ڪندو!؟پر اصل حساب ڪتاب ته ان عظيم منصف وٽ آهي، جنهن جو حقيقي تصور ڪرڻ ته حواسن جي به وس ۾ به ناهي!“
    دلبر جي اکين مان ڳوڙھا وهڻ لڳا. کيس ڳوٺ ڇڏي مٺي اچڻ ۽ ان بعد ڊگهي عرصي تائين دل کي بيهوشيءَ جي انجيڪشن هڻڻ واري فيصلي تي شديد پشيماني محسوس ٿيڻ لڳي. هن سوچيو:
    ”توبهن ۽ سُڌرڻ جا در بند نه ٿيندا آھن، بشرطيڪ سڀ ڪجهه دل سان ڪجي!“
    هن دماغ جا چپ سبي ڇڏيا ۽ دل سان رجوع ڪيو:
    ”نيٺ ڇا ڪجي؟“
    ”سڀ کان اڳ توکي پنهنجي ملڪيت مان جان ڇڏائڻي پوندي، جنهن اي سي ڪمري ۾ ويٺو آھين، اهو وري ڪهڙو تنهنجو حق حلال جي روزيءَ جو آھي؟“
    دلبر پڇيو:
    ”ڳوٺان هتي اچڻ بعد ٺاهيل ملڪيت غريبن ۾ ورهايان ته؟“
    ”تون ڇا ورهائيندين؟ تنهنجي ته هئي ڪون. هئي ئي مسڪينن جي؟ پرائي شيءُ تي به پنهنجي لئي نٿو ڇڏئين؟“
    دلبر بيوسيءَ مان پڇيو:
    ”پوءِ ڇا ڪجي؟!“
    ”سموري ملڪيت کپائي، ڪنهن قابل اعتبار خيراتي اداري کي ڊونيٽ ڪر. ۽ تون ڳوٺ ۾ موروثي زمين سنڀال يا وري اها کپائي پئسن مان روزي روٽيءَ خاطر ڪو ڪاروبار ڪر“
    ”سهيند کي فرج کان سواءِ پاڻي ناهي وڻندو. ٻار گاڏي بنا اسڪول نه ويندا آھن. گهر جو ڪم ڪار نوڪرن بنا ناهي نبرندو! نئون لائيف اسٽائل اپنائڻ بنھہ مشڪل هوندو؟“
    ”باقي عبادتون ۽ واعظ ڪرڻ سولو آھي؟! لکڻ ۽ تقريرون ڪرڻ تي به آيو ٿو پُڄين!“
    ”هونئن ڪريان به سهي ته پوءِ ؟“
    ”بس ناجائز ملڪيت جو نانگ ڪنڌ مان ڪڍڻ بعد حق حلال جي ڪمائيءَ مان جيڪو چڱو ڪم ڪري سگهين، ڪر. جن ماڻھن کي تنهنجي ڪري تڪليف پهتي، انهن کاب به ڀلين بخشارائي. رب سائين بخشڻهار آھي!“
    دلبر جي اکين اڳيان صابوءَ سميت انيڪ مهانڊا اڀرڻ لڳا، جن کي هن طرفان تڪليف پهتي هئي.
    دلبر رازداريءَ مان دل کي چيو:
    ”ڪن عورتن کي مون برابر بليڪ ميل ڪيو هو پر ڪن عورتن ته مونسان راضي خوشي تعلقات رکيا هئا“
    ”ان ۾ به تنهنجي باس واري دٻدٻي ۽ اثرانگيزيءَ جو پهلو شامل هو!“
    دلبر سوچ جي لهرن تي گوتا کائڻ لڳو. هن سوچيو:
    ”مون ڪيترن ئي ماتحتن کي اجايو تنگ ڪيو هو. پراڊو ۾ چڙھڻ بعد ڪيترن ئي ڄاڻُو سُڃاڻو مسڪين ماڻھن سان بيرُخي ۽ حقارت وارو رؤيو رکيو هو. مفلسي ۽ لاچاريءَ جي برپٽ ۾ قسمت طرفان تنها ڇڏيل عزيزن، قريبن ۽ دوستن جي، مونسان منسوب ڪيل معصوم اميدن جو گلو گهٽي دل ڏکائي هئي!“
    هن بيچينيءَ مان پاسو ڦيريو.
    ”مون لفظن جي ڪاريگريءَ سان ڪيترا ڏٽا هنيا؟ زيروز کي هيرو ۽ لابين کان ٻاهر بيٺل مستحقن جو ڪردار مارڻ لاءِ ڇاڇا نه ڪيو؟ سازشي سنگت ۾، مون جيڪو ڪجهه ڪيو، ان جي اثرن کي ڏسجي ته بخشجڻ جي گهٽي ئي ڪونهين!“
    دل ڀڻڪو ڪيو:
    ”او هاڻ لائين تي آھين!!“
    دلبر سوچيو:
    ”مون ڪيترن جي ڪارڊ ڪاپين تي امدادون ڦٻايون. تپيدارن سان ملي ننڍن کاتيدارن جي نقلن تي سرڪاري ٽريڪٽر ڪڍائي ڪمپنين کي وڪرو ڪيا. صحت ۽ تعليم وغيره جي سلسلي ۾ آيل فنڊن تي ٻُھارو ڏنو؟ مون عشرزڪوات جي اختيارڌڻين کان واسطن ۾ ڪيترن ڪوڙن چيڪن تي صحيحون ڪرايون؟ مون ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز کان غريبن جي گهرن ۽ ڪميونٽي هالن لاءِ آيل اسڪيمون وٺي، ذاتي گهر ۽ اوطاقون ٺھرايون. مون ذاتي اثرورسوخ سان نااهل اميدوارن کي نوڪريون وٺي ڏنيون، جن غريبن جي اهل اولاد جي جاءِ روڪي، کين بک ۽ بدحاليءَ جي باه ۾ ساڙي ڇڏيو!
    مون هڪ غريب رشتيدار جي پٽ کي اين جي اوز ۾ مليل نوڪري رڳو ان تعصب سبب ڦُرائي هئي جو، اهو خوف هئم ته متان مائٽ مون جيان خوشحال بڻجي نه پوي! مون هڪ بي سفارشي ڪمپيئر کي ريڊيو تان رڳو ان ڪري ڪڍايو هو، جو سندس ڏات مان خطرو هئم ته متان سڀاڻي پنهنجن پيرن تي بيهي، منهنجي ادبي شهرت جي ڪلهي ۾ ڪلهو نه ملائي! مون ڪيترن ئي غريب اميدوارن کي سازشي سنگت سان ملي، رڳو ان ڪري ناپاس ڪرائي ڇڏيو، جو انهن جيمنصف مزاجي اسان جي مزاج سان اڻٺھڪندڙ ھُئي!
    سوچيندڙ، ٻولڙيا ۽ اسان واري ذھنيت کان باغي اهل نوجوان، اسان کي نه وڻندا هئا. ٿري ادارن تي قابض اسان واري ”مافيا“ سندن ترقيءَ جي رستا روڪ ڪري، کين هوٽلن جا بيرا يا فيڪٽرين جا مزدور ٺاهي ڇڏيو! مون ڇاڇا نه ڪيو؟ مون ففٽي ففٽيءَ تي ٺڳ ٺيڪيدارن کي ٺيڪا وٺي ڏنا، جن غريبن جي پگهر تي لڳل ٽئڪس جو پئسو ساڙي ڇڏيو؟“
    دلبر جي سوچن ۾ سندس ڪميڻي ڪردار جي ڪنڊن جي ڊگهي ٽاري اٽڪي پيئي! بدن ۾ رڦڻي ٿيڻ لڳس. هن سوچي سمجهي مڪروه ماضيءَ تان ڌيان هٽائي ڇڏيو ۽ چپن ۾ چيو:
    ”رب بخشيندو-برابر بخشڻھار آھي!“
    هن سهيند کي سڏي پاڻ سان گڏ وهاريو ۽ چيو:
    ”سهيند مون مائٽاڻي زمين کانسواءُ سموري ملڪيت وڪڻي، رقم ايڌي وارن کي ڏيئي، ڳوٺ هلي غريباڻي زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪيو آھي“
    هن ڄڻ پاڻ کي ري اسٽور ڪرڻ جي ٿڪل ڪوشش ڪندي سوچيو.
    سهيند وراڻيو:
    “مون اڳي ڪڏھن توسان اختلاف ڪيو آھي؟!“
    ”نه……! پر اتي نه فرج هوندو، نه چڙھڻ لاءِ گاڏي هوندي. ۽ نه وري ڪم ڪار لاءِ نوڪر چاڪر؟! ٿي سگهي ٿو سادو کائڻو ۽ پائڻو پوي؟“
    ”پوءِ ڇا ٿي پيو؟ سادگيءَ ۾ ئي زندگيءَ جو حسن آھي“
    اوچتو دلبر جي چپ سبيل دماغ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. لفظ اچاري نه سگهيو، پر اشارن سان مقصد اظھارجي پيو:
    ”ٻارن جي تعليم جو ڇا ٿيندو؟“
    دل وڏي واڪ چيو:
    ” غريبن جا ٻار پڙھي نه سگهندا آھن ڇا؟ علامہ دائود پوٽو ڪهڙي تونگر جو پٽ ھو؟!“
    دلبر سهيند سان مخاطب ٿي چيو:
    ”تون مايوس نه ٿي. ڪوئلي سبب ڳوٺ جي زمينن جا اگهہ چوٽ چڙھي ويا آھن. سٺو ريٽ مليو ته وڪڻي، اسلام ڪوٽ يا ڪنهن ٻي شھر ۾ هلي سيٽل ٿينداسين. ڪو موچارو ڪاروبار کولي حق حلال جي روزيءَ لاءِ ھٿ پير هڻبا!“
    سورٺ وراڻيو:
    ”آئون مايوس نه پر خوشي گاڏڙ حيرت ۾ وچڙي پيئي آھيان. تون ڳوٺ ڇڏي شھر اچڻ بعد اڳوڻو دلبر نه رهيو هئين. عيدن تي جانور قربان ڪرڻ لڳو هئين، پر پاڻ قربان ٿيڻ جو جذبو، تو مان وڃائجي ويو هو! روزا به رکندو هُئين، ٻين کي به کولائيندو هئين، پر بک جو حقيقي ادراڪ توکي ٿي نه سگهندو هو. اعتڪاف ۾ به وهندو هئين، جسماني پاڪائي به رکندو هئين، پر توکان اندر اُجارڻ جي وِڄا وسري ويئي هئي! ثواب حاصل ڪرڻ جي لالچ ۾، خيراتون ڪري غريب به کارائيندو هئين، پر تو وٽان مسڪينن جي مسئلن کي پروڙڻ جو حس هليو ويو هو! اڇي ٽوپي پائي ڪڏھن ڪڏھن تسبيح به سوريندو هُئين، پر تومان تن تسبيح ۽ من مڻيون ڪرڻ واري ڪرامت هلي ويئي هئي. مون کي هر شيءُ وٺي ڏنئي، پر جيڪي غير ملاوتي رؤين ۾ پوئل پنهنجائپ ۽ پيار هوندا آھن، سي تو مان اڏامي ويا هئا. تون انسان هوندي به مشين لڳندو هُئين. ڪڏھن ڪڏھن ته مونکي توتي جانور ٿي وڃڻ جو گمان به ٿيندو هو! تو ۾ ڪو ازدواجي زندگيءَ جو چارم به باقي نه رهيو هو، پر مون ٿري عورت جيان چپ سبيا هئا. توسان ڪڏھن ڪا شڪايت ڪون ڪئي!
    دلبر سوچيو:
    ”جنهن عورت کي آئون ڪنهن وقت ۾ اڻپڙھيل ۽ جاهل سمجهندو هئس، ان کي منهنجن خريد ڪيل ڪتابن ۽ گهريلو ماحول ۾ رهڻ باوجود زندگيءَ ڪيترو ڪجهه سيکاريو آھي؟! جڏھن ته مون واري سنگت مون کي ٻھروپ، دوکا، گلا غيبت، سازشون، بيقدريون، احسان فراموشيون، ناشائستگيون، غير سنجيدگيون، بيوفايون، ڪوڙ، ٺڳيون، ، ويساه گهاتيون، واعده خلافيون، ڇنڊون ڦُوڪون، بدديانتيون، بدسلوڪيون، رهزنيون، مُنڪرايون، مڪربازيون، ناحقيون، لالچون، ٽرڙايون، رشوت خوريون، ناانصافيون، شبده بازيون ۽ ملڪيت ميڙڻ توڻي معتبر ٿيڻ جي ديسي طريقنکانسواءِ ڇا سيکاريو آھي؟! منهنجي لائبريري به منهنجو استاد بڻجي ڪون سگهي، ڇوته آئون پڙھيس ته سهي، پر سُهيند جيان قلوب سان ڪون ڪڙھيس! مونکي ته ڳوٺان فڪر ڦرهيءَ تي پڙھيل، قول ۽ عمل وارو بنيادي سبق به وسري ويو هو. آئون شايد موڳو مٽر شاگرد هئس!“
    دلبر زمين کانسواءِ سموري ملڪيت کپائي، هڪ ڀروسي جوڳي خيراتي اداري کي ڏيئي ڇڏي. ان عمل جي ڪنهن کي به کُڙڪ پئجي نه سگهي. ڳوٺ واري زمين وڪڻي اسلام ڪوٽ ۾ پلاٽ وٺي، سادگيءَ سان رهڻ لڳو. پهريان کيس اسٽامپ وينڊري ڪرڻ جو خيال آيو، پر دل چيس:
    ”بدماشيءَ وارن ڏينهن ۾ ڪمايل نالي ۽ ناموس جي اثر سبب جيڪي ڪلائنٽ ايندا، اها حقي روزي نه هوندي!“
    دلبر منجهي پيو. هن ڪي پيسا بينڪ ۾ رکيا. پنهنجي نگرانيءَ ۾، ڀائٽي کي ريزڪي دڪان کولي ڏنائين. ٻن ڀاڻيجن کي ڀائيواريءَ تي، ڪرائي جون ڪارون ۽ هڪ پاڙيسري ڇوڪري کي رڪشو وٺي ڏنائين. هن هڪ پرائيويٽ اسڪول به کوليو، جتي غريبن جي ٻارن کي مناسب في سان معياري تعليم ملنديهئي. پاڻ به اتي هفتي ۾ ٻه ڏينهن ليڪچر ڏيڻ ويندو هو. هاڻ سندس ليڪچرن جا لفظ هوائي نه هوندا هئا، پر انهن ۾ عمل جي آميزش ۽ دل جي ترجماني هوندي هئي!


    باب تيرهون

    دلبر اسڪول ۾ ليڪچر ڏيئي گهر ڏانهن موٽي رهيو هو. اڄ سندس ليڪچر اسلامي تاريخ متعلق هو. هڪ شاگرد هن کان انوکو سوال پڇيو:
    ”سائين! اسلام ۾ هڪئي وقت هڪ کان وڌيڪ زالون رکڻ جي اجازت آھي، پر اڄڪلهه جون بظاهر مذھبي ۽ صوم وصلوات جون پابند عورتون به مڙس جي ان مذهبي حق کي تسليم ڪرڻ لاءِ ڇو تيار ناهن؟“
    دلبر چتائي ڏٺو. ڇوڪرو ساڳي هو، جنهن گذريل هفتي ادب تي ليڪچر ڏيڻ وقت کانئس پڇيو هو:
    ”سائين! شاه لطيف جي شاعريءَ کي پسند ڪرڻ وارا، پنهنجي ڌيءَ جو سهڻي ٿيڻ ڇو پسند نٿا ڪن؟ جن کي مارئيءَ وارو ست سيل پسند آھي، سي وري محلن جي ماليا خوليا ۾ مبتلا ڇو هوندا آھن؟ ڌيئن لاءِ ڦوڳ جهڙا ور ڇو نٿا منتخب ڪن؟ ڊرائنگ رومن ۾ شاه سائينءَ جو رسالو پڙھڻ وارا جوڳين سان گڏ جبروت جا پيادل پنڌ ڇو نٿا ڪن؟!
    ٻيو ته دراوڙن يا مسڪينن جي محبت ۾ شاعري ڪرڻ وارن شاعرن مان اڄ تائين ڪنهن به ڪنهن ڪوجهي، ڪاري ۽ غريب دراوڙياڻي يا پينو فقيرياڻي سان همدرديءَ ۾ شادي ڇونه ڪئي آھي؟!
    نه وري سنڌ جي اصلوڪن رهواسين سان عشق ڪندڙ ڪنهن دانشور، ڪنهن مسڪين اصلوڪي سنڌي کي ناٺي منتخب ڪري ڪو مثال قائم ڪيو آھي؟!ايئن ته ناهي صنفي، نسلي ۽ مذهبي بنيادن تي مشتمل نفرتون ۽ ويڇا هاڻ طبقاتي سوچ جي سنگتي خود پرست انائن ۾ وچڙي پيا آهن!“
    ڇوڪري هن کي پوئيين هفتي به منجهايو هو ۽ اڄ به منجهائي رهيو هو. لمحن لئه هن ۾ سينيئر ۽ دليل ۾ کُٽي پيل ڪمزور شخص واري انا جاڳي پيئي، پر وري کيس ياد آيو ته هن ته ڪڏھوڪو انا کي اڇلائڻ جو پاڻ سان واعدو ڪيو هو. ان ڪري هن ڇوڪري کي جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”ان وقت جنگين سبب بيواه عورتن…“
    موڪل جي گهنٽي وڳي هئي. دلبر ”باقي ايندڙ ھفتي. . . ” چئي ڪلاس مان نڪري آيو هو.
    پرنسيپال جي آفيس ڏانهن وڃڻ بدران دلبر شاگردن سان گڏ اسڪول کان ٻاهر نڪتو هو.
    گهر ڏانهن ويندي، کيس چوڪ تي ماڻھن جو هجوم نظر آيو. هجوم مان گس ٺاهي اڳتي ڏٺو هئائين ته کيس حيرت جو جهٽڪو لڳو هو.
    پيرسن شخص جي لاش مٿان هڪ عورت روئي رهي هئي. کيس پراڻا ڪپڙا ۽ ٽٽل چپل پاتل هئا.
    هجوم مان ڪنهن چيو:
    ”پوڙھي جو موت، دل جي دوري سبب ٿيو آھي“
    ٻي چيو:
    ”لڳي ٿو سالن کان بيمار هو“
    لاش مٿي روئندڙ عورت جي جملي سڀني کي ڇرڪائي وڌو:
    ”اصل ۾ نانا ڳوٺ مان لڏڻ وقت ئي مري ويو هو. هتي ته بس سندس جسم حرڪت ڇڏي ڏني آھي!“
    دلبر چتائي عورت جي اکين ۾ نهاريو. سندس اکين کان ڇنڀجڻ وسري ويو، دل جي ڌڙڪن وڌڻ لڳيس.
    ٻه قدم اڳتي وڌي عورت جي سامهون وڃي بيٺو. عورت ڇرڪ ڀري ڏانهنس ڏٺو ۽ پوءِ ڪنڌ جُھڪائي ڇڏيو. دلبر عورت سان مخاطب ٿي چيو:
    ”سورٺ پنهنجي رشتي کان قسمت هر ڀيري امتحان ورتو آھي، پر اڄ نصيبن جي کيل ۽ منهنجي آزمائش وچان آخري معرڪو ٿيندو!“
    هجوم مان هڪ ڀڻڪو گهڻن ڪنن ٻُڌو:
    ”ڏسڻا وائسڻا ماڻھو ڳاڙھو ڪپڙو ٿا ڏسن ته ميت جو به حيا نٿا ڪن؟!
    دلبر ماڻھن کي مخاطب ٿي چيو:
    ”ڪنهن بدگمانيءَ جي گند ۾ نه تِرڪو! سورٺ منهنجي رشتيدار آھي. فوت ٿيل همراه به منهنجو عزيز آھي“
    هڪ نوجوان کلندو، ڀڻڪندو پري هليو ويو:
    ”هائو! تڏھن ئي ته سُکيا آھن!“
    


    سهيند هڪ جواڻ جماڻ عورت کي دلبر سان گڏ گهر ايندي ڏٺو هو. جنهن کي ڪوئلي جي ڪم سبب ڳوٺ مان لڏڻو پيو هو. سندس نانو اسلام ڪوٽ جي هڪ چوڪ تي فوت ٿيو هو. جنهن جي ڪفن دفن دفن جا خرچ ۽ انتظام به دلبر ڪيا هئا.
    دلبر سهيند کي ٻڌايو هو ته سورٺ ڏُکن جي ماريل غريب ڳوٺاڻي عورت هئي، جنهنجو هاڻ هن دنيا ۾ ڪو به ڪون هو! سهيند حسن سلوڪ واري سرشت ۽ انساني همدرديءَ جي بنياد تي، سورٺ کي سڳي ڀيڻ جيتري ئي عزت ڏني هئي ۽ سندس غم گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي! کيس سٺا سٺا وڳا وٺي ڏنا هئا ۽ جديد سينگار پڻ ڪرايا هئا. جنهن ڪري سورٺ جي رنگ، روپ ۽ شخصيت ۾ زبردست نکار آيو هو.
    گذريل ڪجهه ڏينهن کان، سهيند ۽ سورٺ گڏجي نماز پڙھنديون هيون ۽ گهر جا ڪم ڪار ڪنديون هيون. پر ٻن ڳالهين سهيند کي پريشان ڪري وڌو هو. هڪ ته هوءَ ليڊيز دڪان تي ويندي هئي ته مايونکانئس پڇنديون هيون:
    ”سهيند! چون ٿا تنهنجي مڙس ڪا سُريت آڻي گهر ۾ ويهاري آھي، جيڪا توکان وڌيڪ سهڻي آھي؟“
    ۽ ٻيو اهو ته دلبر سهيند جي سامهون، سورٺ سان مخاطب ٿيڻ يا اک ملائڻ کان لنوائيندو هو.
    الاءِ ڇو ڪجهه وقت کان سهيندجو عورتاڻو حس چُغلي هڻي رهيو هو ته سورٺ ۽ دلبر وارو معاملو ڪٿي نه ڪٿي گڙٻڙ جو شڪار هو!
    سهيند هڪ ڀيري دلبر کان دٻيل لفظن ۾ پڇيو به هوته :
    ”ڇا تون هتي اچڻ کان اڳ، سورٺ کي سڃاڻندو هئين؟“
    ته دلبر وات چٻي ڪوڙ ھنيو هو:
    ” نه …ن بلڪل نه“
    تڏھن سهيند کي محسوس ٿيو هو ته گهڻي وقت کان پريڪٽس ڇڏڻ سبب، هُو هاڻ ڪوڙ ڳالهائيندي ٿِڙي رهيو هو! لمحن لئه کيس خيال آيو هو ته هوءَ سورٺ جي گڏ رهڻ تي اعتراض ڪري. پر وري هن ڪجهه سوچي :”مِٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ“ ڪئي هئي.
    

    اها ڦڳڻ جي اداس شام هئي. سهيند ٻار وٺي، ليڊيز دڪانن تي، خريداريءَ لاءِ ويل هئي. دلبر ريزڪي دڪان تان چڪر لڳائي جلد موٽيو هو. دروازو کڙڪايو هئائين ته سورٺ کوليو هو. گهر ۾ سهيند کي نه ڏسي، دلبر سورٺ سان گڏ هلندو، سندس ڪمري ۾ بيڊ تي ساڻس گڏ اچي ويٺو هو.
    ڳپل پل خاموشيءَ جا گذري ويا. اهڙي خاموشي جنهن ۾ زبانن کان ڳالهائڻ وسريو وڃي. سيڪنڊن ۾ ڪروڙين ڪٿائون لڪيو وڃن. ۽ اکين جي اڃ ٿر جي واري ٿي پوي!
    نيٺ دلبر سورٺ جي اکين ۾ اکيون ملائيندي چيو:
    ”سورٺ! سڪندي سال ٿي ويا آھن. دل چوي ٿي، توکان ڌار گذاريل سوڳوار شامن ۾ مليل درد، وري ايئن قلم سان ڦُلوريون، جيئن ريڊيو وارن ڏينهن ۾ ڦلوريندا هئاسين! توکي حاصل نه ڪري، مون زندگيءَ ۾ گهڻو ڪجهه وڃائي ڇڏيو. تِر جي گُٿل سئو چوٽون کائيندي آھي، پر مون ته هزارين زخم کاڌا آھن. وري ملي به آھين ته اھڙي موڙ تي، جو گڏ ھُوندي به ڌار آھيون. سامهون هوندي به ڳالهائي نٿا سگهون! هن کان ته نانگن جا مٿا چپلڻ وارا ڏينهن به سٺا هئا!”
    سورٺ جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا.
    دلبر سندس هٿ کي پنهنجي هٿن ۾ جهلي چپن تائين آندو. سورٺ ڪجهه چوڻ چاهيو، پر چئي نه سگهي. ماٺ جو لمحو ڄڻ زهر جو ڍُڪ هو، جيڪو سورٺ ڳڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس وات مان الاءِ ڪيئن صرف هڪ لفظ نڪتو:
    ”ادي سُھيند!!“
    تڏھن دلبر کي ياد آيو ته هن کان ٻاهرئين در جو ڪُنڊو ڏيڻ وسري ويو هو. هن جهٽ پٽ ڪمري جي در ڏانهن نهاريو. سامهون سهيند بيٺي هئي.
    دلبر ۽ سورٺ مجرمن جيان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. سهيند سندن ڀر ۾ اچي پڇيو:
    ”ڪهڙي ضرورت هئي، ڪوڙ ڪرڻ جي ۽ چورن جيان ملڻ جي!؟“
    دلبر ۽ سورٺ جي چپن کان چُرڻ وسري ويو. حالت اهڙي جو، سندن ڪنڌ تي ڪاتي رکجي ته هُوند هڪ ڦُڙو به رت نه نڪري!
    سُهيند دلبر کي ڌنڌُوڙيندي پڇيو:
    ”جواب ڏي، وات ۾ منڱ اٿئي ڇا؟ ڪهڙي ضرورت هئي؟!“
    دلبر جتي هو، اتي ئي بت بڻيل رهيو.
    سهيند پنهنجي ساءِ چيو:
    ”مونکي هيءَ خبر هجي ها ته جيڪر. . . . . . . !!“
    ان ئي لمحي سورٺ اٿي، هٿ ٻڌندي چيو:
    ”ادي سُهيند، آئون تنهنجي ڏوھارڻ آھيان. معافي گهرڻ جي لائق نه آھيان پر ٿي سگهي ته تنهنجي گهر جو داڻُو پاڻي معاف ڪجان. آئون هلان ٿي“
    سورٺ ٻاهر وڃڻ لڳي. ان ئي لمحي سُھيند کيس روڪيندي، چيو:
    ”هي گهر رڳو منهنجو نه پر تنهنجو به آھي!“
    سورٺ ۽ دلبر حيرت مان سهيند ڏانهن ڏٺو، جيڪا هاڻ دلبر سان مخاطب ٿي چئي رهي هئي:
    ”مئا! مس مس گناهن مان آجو ٿيو هئين، وري ميڙڻ شروع ٿي وئين! ڪهڙي ضرورت هئي، لڪي لڪي گناه ڪرڻ جي؟ مولوي وٺي نڪاح ڪري وٺ. اسلامي تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پيئي آھي. “
    سورٺ ۽ دلبر جي اکين کان حيرت ۾ ڇنڀجڻ وسري ويو.
    سهيند چئي رهي هئي:
    ”مرد هڪ ئي وقت هڪ کان وڌيڪ زالون رکي سگهي ٿو. ھونئن به مظلوم ۽ لاوارث عورتن کي اجهو ۽ سهاڳ ڏيڻ وڏو ثواب آھي!“
    سهيند دلبر کي ٻانهن مان جهلي، اُٿاريندي چيو:
    ”مُئا! جلدي نڪاح جو بندوبست ڪر. سهيند منهنجي ڀيڻ آھي ۽ ڀيڻن کي ڀلا هڪ گهر ۾ رهندي ڪهڙي تڪليف ٿيندي!؟“
    گهر کان ٻاهر ويندي، دلبر سوچيو:
    ” بي سهاره عورت جو سهارو بڻجي، آئون ثواب کٽي رهيو آھيان يا سُهيند؟!!“


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566297
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215654
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ