ڪتاب جو نالو: آزاديءَ جي اُپٽار
مصنف: ڪليم ٻُٽ
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 07 آڪٽوبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 434 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 159 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”آزاديءَ جي اُپٽار“ ڪليم ٻُٽ جو لکيل ناول آهي. رکيل مورائي لکي ٿو:
”ڪليم ٻٽ پنهنجي ناولن لاءِ جيڪي موضوع چونڊ ڪري ٿو، اهي تاريخ سان جڙيل آهن ۽ انهن کي جڏهن هو ناول جو روپ ڏئي ٿو ته سچ پچ اهي فقط تاريخي ناول نٿا ٿين،پر اهي تاريخ جي ڏند ڪٿائن کي تخليقي روپ ۾ ظاهر ڪن ٿا، تاريخ ۽ ان جي ڏند ڪٿائن کي ناول جو روپ ڏيڻ لاءِ جيڪي تخليقي قوتون گهرجن اهي پڪ سان ڪليم ٻٽ ۾ موجود آهن، اسان پڙهندڙن جو نيڪ خواهشيون ساڻس سدائين رهڻون آهن.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ڀاڱو پهريون

  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • ڀاڱو ٻيو

  • 5
  • 6
  • 7
  • ڀاڱو ٽيون

  • 8
  • 9
  • 10
  • 11
  • 12
  • 13
  • 14
  • 15
  • آخري ڀاڱو

  • 16

  • ارپنا

    پنهنجي والد ڊاڪٽر الهه رکيو ٻُٽ،
    وڏي ڀاءُ محمد عثمان ٻُٽ
    ۽ سنڌ جي شهيدن جي نانءُ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”آزاديءَ جي اُپٽار“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ڪليم ٻُٽ جو لکيل ناول آهي.
    رکيل مورائي لکي ٿو:
    ”ڪليم ٻٽ پنهنجي ناولن لاءِ جيڪي موضوع چونڊ ڪري ٿو، اهي تاريخ سان جڙيل آهن ۽ انهن کي جڏهن هو ناول جو روپ ڏئي ٿو ته سچ پچ اهي فقط تاريخي ناول نٿا ٿين،پر اهي تاريخ جي ڏند ڪٿائن کي تخليقي روپ ۾ ظاهر ڪن ٿا، تاريخ ۽ ان جي ڏند ڪٿائن کي ناول جو روپ ڏيڻ لاءِ جيڪي تخليقي قوتون گهرجن اهي پڪ سان ڪليم ٻٽ ۾ موجود آهن، اسان پڙهندڙن جو نيڪ خواهشيون ساڻس سدائين رهڻون آهن.“
    هي ڪتاب نيون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري ڪليم ٻُٽ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڀاڱو پهريون

    1

    مون سنڌ آرٽس ڪائونسل جي ڪشادي اسٽيج تي بيهي اداڪارن کي پٺيان کان هيدايتون ٿي ڏنيون ، هٿن ۾ مخدوم بلاول تي لکيل منهنجو ئي ناٽڪ هو، جو نظر هيٺ ڪرسين ڏانهن وئي، سمورو هال خالي، پر اڳئين قطار جي ڳاڙهي فوم واري ڪرسيءَ تي هڪ گهاٽي ڪاري ڏاڙهيءَ وارو نوجوان نظر آيو؛ اکيون ڪجهه پلن لاءِ هن تي ڄمي ويون. هن مونکي ڏسي مرڪيو، سندس مرڪ ۾ عجيب بيچيني هئي. مون ڀانيو هو ڪو شوقيا اداڪار آهي ۽ مونکان هن ناٽڪ ۾ ڪو ڪردار گهرندو، جئين ئي گذريل هفتي کان اسان ناٽڪ جي ريهسل شروع ڪئي ته هن به اچڻ شروع ڪيو هو. غور سان سڄو ناٽڪ ڏسي، پوءِ ڪجهه پل اُتي ئي ويٺو رهي ڄڻ ڪنهنجو انتظار هجيس ۽ پوءِ اٿي ڪلهي تي ڪارو بيگ لڙڪائي اوجهل قدمن سان هليو وڃي. مونکي سمجهه ۾ نٿي آيو ته هو ڪير آهي ۽ هتي اسان جي ناٽڪ ۾ اچڻ جو ڪهڙو مقصد اٿس.....!!! گذريل ٻن ڏينهن کان ته هو منهنجي پٺيان پٺيان گاڏيءَ تائين آيو، ڪجهه چوڻ ٿي چاهيائين پر چئي نه سگهيو.
    20 سالن کانپوءِ سنڌ آرٽس ڪائونسل ڪراچيءِ ۾ اسان سنڌين کي ناٽڪ ڪرڻ جو موقعو مليو هو. ڊاڪٽر مهيش ڪمار جيڪو هڪ بيڪري جي مالڪ هجڻ سان گڏ ”جنگ وطن ڪاڻ“ ناٽڪ ڪمپني جو مالڪ پڻ آهي. هي ناٽڪ منڊالي 150 سال پوراڻي آهي جنهن جو بنياد مهيش جي ابن ڏاڏن حيدرآباد ۾ وڌو، شروع شروع ۾ هو هندومت جا مذهبي ناٽڪ پيش ڪندا هئا، پر مهيش جو ڏاڏو رميش ڪمار گانڌيءِ جي انگريزن خلاف مهم کان ڏاڍو متاثر هو ۽ هن منڊلي ۾ انگريز خلاف جدوجهد تي ناٽڪ ڪرڻ لڳو، کيس انگريزن اهڙي نافرماني تي 6 مهينا جيل ۾ پڻ رکيو، پر هو پنهنجي مقصد تان تر جيترو به نه هٺيو ۽ منڊلي جو نالو جنگ وطن ڪاڻ رکيائين، هن کانپوءِ رميش جي پٽ سنتوش ناٽڪ منڊلي سنڀالي، هو صوفي مت کان متاثر هو ۽ هر هفتي ڀڳت ڪنوار رام يا ماسٽر چندر جهڙا فنڪار گهرائي راڳ رنگ ڪرائڻ لڳو، پوءِ 1947 جو ورهاڱو ٿيو، جنهن کانپوءِ مسلمان اهڙا آيا جو ادب، فن، فنڪار، رقص ۽ موسيقي سڀ سنڌ کان رُسي ويا ۽ هنڌ وڃي وساڻ وسايائون. ڊاڪٽر مهيش هڪ شام منهنجي گهر آيو، اها منهنجي هن سان پهرين ملاقات هئي. چانهه پيئندي چيائين:
    ”ٻُٽ صاحب؛“ مون کيس چيتائي ڏٺو: ”اوهان اڄ ڪلهه سڀ کان مقبول ڪهاڻيڪار ۽ ناولنگار آهيو....“ اهو ٻڌي مونکي حيرت ٿي ۽ منهن تي هيڊي مرڪ اچي وئي.
    ”سائين معاف ڪجو؛“ ڊاڪٽر مهيش جي گول ڳاڙهي منهن ۾ ڏسندي چيم؛ ”آئون زمين تي ئي رهڻ چاهيان ٿو، هوا ۾ ايترو به نه اڏاريو جو ڪرڻ کانپوءِ پرزا پرزا ٿي وڃا.“ اهو ٻڌي مهيش پٿر جو اڇو ڪپ ساسر تي رکندي چيو:
    ”سائين آئون سچ ٿو چوان. ٻيو ته وڏين ڪوششن بعد 20 سالن کانپوءِ اسان سنڌين کي سنڌ آرٽس ڪائونسل ۾ ناٽڪ ڪرڻ جو موقعو ملي رهيو آهي، مهرباني ڪري اوهان اسان لاءِ ناٽڪ لکو.“ آئون ڪجهه لمحن لاءِ سوچ ۾ ٻڏي وئس ته مهيش اڻتڻ منجهان مونکي ڏٺو، سندس گول منهن ويتر ڳاڙهو ٿي ويو.
    ”ٺيڪ آهي؛“ چيم ته هن جي منهن تي مرڪ اچي وئي هئي: ”آئون مخدوم بلاول جي شهادت تي ناٽڪ لکندس، ان جون به ٻه شرطون آهن.“ اهو ٻڌي مهيش جون اکيون ٻاهر نڪري آيون هيون.
    ”هڪ؛“ نرم لهجي ۾ چيم: ”ته ڪنهن کي به ناٽڪ منجهان هڪ سٽ ڪٽڻ يا مٽائڻ جي اجازت نه هوندي، ٻيو هن ناٽڪ جي هيدايت آئون پاڻ ئي ڏيندس.“
    ”جي، جي سر بلڪل جئين اوهان چاهيندا ائين ئي ٿيندو،“ هن بنا سوچي مرڪي چيو هو ۽ پوءِ ڪاري ويس ڪوٽي جي کيسي منجهان 25000 جو چيڪ ڪڍي مونکي ڏيندي چيائين:
    ”ٻُٽ صاحب هي ايڊوانس چيڪ اٿئو، اسان سڀاڻي هال ۾ اداڪارن سان گڏ اوهان جو انتظار ڪنداسين.“
    ”جي ٺيڪ آهي،“ مون جواب ڏنو. ڊاڪٽر مهيش مونکان موڪلائي هليو ويو هو. ٻئي ڏينهن آئون سنڌ آرٽس ڪائونسل آيو هئس، سڀني اداڪارن سان ملاقات ڪئي. انهيءِ رات مون مخدوم بلاول جي شهادت تي ”آزاديءِ جي اپٽار“ نالي ناٽڪ لکڻ شروع ڪيو، جنهن کي پورو ڪرڻ ۾ ڏهه ڏينهن لڳي ويا ۽ پوءِ ريهسل شروع ٿي وئي ته هن نوجوان به اچڻ شروع ڪيو. اهو ريهسل جو آخري ڏينهن هو، وچ ۾ آچر ۽ پوءِ سومر ڏينهن ناٽڪ اسٽيج ٿيڻو هو. ڊاڪٽر مهيش مونکي ٻڌايو هو ته ناٽڪ جون سوموريون ٽيڪٽون هٿو هٿ وڪرو ٿي ويون آهن جڏهن ته ڊرامي جي ريڪاڊنگ سي ڊين تي پڻ آندي ويندي. ٻيو سنڌ آرٽس ڪائونسل اهو فيصلو ڪيو آهي ته جيڪڏهن پهرئين ناٽڪ ۾ سڀ ڪرسيون ڀرجي ويون ته منهنجي لکيل باقي ناٽڪن لاءِ هال اڌ قيمت ۾ ڏنو ويندو. مونکي سمجهه ۾ نٿي آيو قدرت مون تي ڪئين ۽ ڇو مهربان ٿي پئي آهي. مون ان نوجوان کي نظر انداز ڪندي اسڪرپٽ ۽ اداڪارن ڏانهن ڌيان ڏنو.
    اسٽيج جي وچ ۾ ڪڻڪائي رنگ جو نوجوان بيٺل، هو عياش ڄام فيروز جو ڪردار نباهي رهيو هو، هن کي سائي رنگ جو شاهي لباس پهريل، منهن تي هلڪيون مڇيون، مٿي تي شاهي تاج ۽ کاٻي پاسي لڙڪندڙ خنجر، سندس هٿ ۾ چاندي جو ڪٽورو جنهن منجهان هو علامتي شراب پي رهيو هو، هن سان گڏ بيٺل سندس ٿلهو صلاحڪار ڄام بينو بيٺل، سندس ڪڻڪائي منهن تي پڻ هلڪيون مُڇيون.
    ڄام فيروز چانديءِ جي ڪٽوري منجهان شراب جو ڍڪ ڀريندي ڪاوڙ ۾ ڳالهائي ٿو.
    ڄام فيروز: هي ٺٽو اسان سمن جي جاگير آهي.... ته پوءِ هي مخدوم بلاول ۽ دلها درياهه خان ڪٿان اچي ويا.....؟؟ اسان جي بابا ڄام نندي به ڪيتريون ئي غلطيون ڪيون، انهن منجهان هڪ دلها درياهه خان جي پرورش به آهي......
    ڄام فيروز ٻئي هٿ هوا ۾ ڪندي (ڪاوڙ سان): اسان دلها درياهه خان کي ٽلٽي جو گورنر ته بڻايو آهي، اڃا ڇا کيس سمن جو تخت به ڏيون ڇا.....؟؟
    (اسپاٽ لائيٽ جي هيڊي روشني ڄام فيروز جي جوشيلي منهن تي ڪري ٿي).
    ڄام فيروز: ڄام بينا خان.....
    (اسپاٽ لائيٽ پاسي ۾ بيٺل ڄام بيني ڏانهن وڃي ٿي، هو مڇيون وٽي رهيو آهي).
    ڄام بينو (احترام ۾ هٿ ٻڌي، ڪنڌ جهڪائيندي): جي سرڪار....
    ڄام فيروز: ڇا اسان هيڪلا حڪمران آهيون، جيڪو عياشي ڪندو هجي.....!! آخر سنڌ واسين کي اسانجي حڪمراني منجهان ڪهڙي تڪليف آهي؟؟
    ڄام بينو: ڪا به نه سرڪار، مخدوم بلاول ۽ نواب دلها درياهه خان اوهان جي عوام کي اوهان خلاف ڀڙڪائي رهيا آهن.
    ڄام فيروز(ويتر ڪاوڙ ۾ سندس سمورو بدن ٿڙڪي ٿو): ته پوءِ ڄام بينا سڀني سنڌين جا ڪن ڪٽرائي ڇڏ ته جئين هو مخدوم بلاول ۽ دلها درياهه خان جي ڳالهه ٻڌي ئي نه سگهن.
    ڄام بينو خاموشي ۾ ڪنڌ جهڪائي ڇڏي ٿو، ڄام فيروز شراب جي جام منجهان سرڪي ڀري ٿو. پٺيان کان ساز وڄن ٿا. سُريليءِ جي اينٽري...... هوءَ ڄام فيروز جي حرم آيل نئين ٻانهي آهي. عمر 19 سال، وڏا ڪارا ريشمي وار، وڏا ڪارا نيڻ، اڀ ڏانهن اشارو ڪندڙ گول ڀريل سينو، لسو بت، ڪجهه ڏينهن اڳ ٺٽي جي بازار ۾ ڄام فيروز جي هن جي جواني سان ڀريل تن تي نظر پئي ته جوان ڄام ترڪي پيو...... سُريلي جي تن تي اڇو ريشمي لباس، ڳيچيءِ ۾ هار، نچندي لمندي ڄام فيروز وٽ اچي ٿي.... (اسپاٽ لائيٽ سُريلي تي) هوءَ ڄام فيروز جي چوطرف ٽي ڀيرا نچي ٿي ۽ مرڪي سندس هٿ پڪڙي کيس پاڻ سان وٺي وڃي ٿي.
    سين پورو..... هڪ منٽ لاءِ ڳاڙهو ريشمي پردو ڪري ٿو.....
    ٻيو سين:
    ٺٽي جو هڪ مدرسو، ان ۾ ڪيترائي شاگرد علم حاصل ڪري رهيا آهن، هڪ ضئيف شخص جنهن جي تن تي صاف سٿرو اڇو لباس، مٿي تي نيرو پٽڪو، هلڪڙي اڇي ڏاڙهي، هيٺ وڇايل فارسيءَ تي ويٺل، سندس اڳيان ڪاٺ جي وڏي صندلي، جنهن تي قلم، مس ڪُپڙي ۽ ڪاغذ پيل. اهو شخص لکڻ بس ڪري، ناسي پنو ويڙهي ٿو، سندس 20 سالن جو جوان شاگرد نومڙيو احترام هن جي پاسي کان بيٺل. اهو شخص اٿي ٿو ۽ نرم لهجي ۾ ڳالهائي ٿو.
    ضئيف؛ نومڙيا، منهنجو هي خط نواب دلها درياهه خان تائين پهچائي ۽ کيس چئو ته مخدوم بلاول سنڌ وطن جي تقدس خاطر عياش ڄام فيروز خلاف جنگ جوٽڻ جو اعلان ڪيو آهي. درياهه خان آڏو اهو به رکجان ته کيس مخدوم بلاول پوري موڪل آهي ته هو ٻنهي طرفن منجهان ڪنهن به پاسي وڃي سگهي ٿو.
    نومڙيو (جهڪي ڪري): جي مُرشد سائين.......
    هو خط کڻي وڃي ٿو......
    سين پورو..... هڪ منٽ لاءِ ڳاڙهو ريشمي پردو ڪري ٿو.....
    سين ٽيون:
    ڄام فيروز درٻار م ويٺل آهي، ٻه ٻانهيون سندس چانديءِ جو جام مڌ سان ڀرڻ ۾ لڳل..... پٺيان بيٺل غلام مور جي پرن سان ڄام کي هوا پيا هڻن...... ڪجهه سپاهين سان هڪ نوجوان جنهن جي بدن تي زخمن جا نشان، وات ۽ ناسن منجهان رت پڻ وهي رهيو اٿس، اندر اچي ٿو. سپاهي نومڙيو کي ڄام فيروز ڏانهن ڌڪو ڏين ٿا. هو ڄام جي پيرن ۾ اچي ڪري ٿو.. ڄام حيرت منجهان هڪ نظر هيٺ ڪريل نوجوان تي وجهي سپاهين کي ڏسي ٿو. سپاهي احترام ۾ ڪنڌ جهڪائين ٿا.
    ڄام فيروز (تخت تان اٿندي، سڀ درٻاري احترام ۾ اٿي بيهن ٿا، هيٺ ڪريل نوجوان ڏانهن اشارو ڪندي): هي ڪير آهي ۽ ڇا ڪيو اٿس؟؟
    هڪ سانورو سپاهي (جهڪي نرم لهجي ۾): حضور اڄ صبح هن کي باغي مخدوم بلاول جي خط سان پڪتو ويو، جيڪو مخدوم بلاول ٽلٽي جي گورنر نواب دلها درياهه خان ڏانهن لکيو آهي، خط ۾ اوهان جي عيش عشرت جو ذڪر ڪيل آهي، سوال ڪرڻ تي هن ور منجهان خنجر ڪڍي زبان ڪٽي ڇڏي.....
    ڄام فيروز (ڪاوڙ ۾): ڇا....!!
    مڙي ڪري نومڙيو کي پاسراٽيءِ ۾ لت وهائي ڪڍي ٿو.
    ڄام فيروز (شاڳي جوش سان): مخدوم بلاول...... دلها درياهه خان...... هن گهڙيءِ کانپوءِ جيڪو به هنن جو نالو وٺي ته ان جي ڄڀ ڪٽي اسان جي آڏو اڇلائي وڃي.
    سڀ درٻاري (هڪ آواز ۾): جي حضور......
    ڄام فيروز ور منجهان خنجر ڪڍي نومڙيو کي وارن کان وٺي سندس گلو ڪٽي ڇڏي ٿو.
    ڄام فيروز (ڪاوڙ ۾): هن کي بازار ۾ وچ چوڪ تي لٽڪايو وڃي ته جئين ٺٽي سميت سموري سنڌ واسين کي هوش اچي.
    ساڳيو سپاهي (احترام ۾ جهڪي): جي حضور......
    چار سپاهي اڳيان وڌي لاش کڻن ٿا.
    سين پورو..... هڪ منٽ لاءِ ڳاڙهو ريشمي پردو ڪري ٿو.....
    سين چار:
    نواب دلها درياهه خان، 30 سالن جو جوان، طاقتور، قداور مڙس، تن تي اڇو لباس ۽ مٿي تي اڇو پٽڪو پهريل، مخدوم بلاول جي مدرسي ۾ آهي.
    نواب دلها درياهه خان: مخدوم صاحب ڄام فيروز سان آئون ننڍپڻ کان گڏ رهيو آهيان، هڪ ڀيرو مونکي سندس درٻار ۾ وڃي هن سان ملڻ ڏيو، پڪ اٿم هو منهنجي ڳالهه ضرور ڪن ڌريندو.......
    مخدوم بلاول (مٿي ڏسي آهه ڀريندي): درياهه خان ڄام فيروز طاقت جي نشي ۾ انڌو ٿي چڪو آهي، هاڻي سنڌ جي نجات جنگ کانسواءِ ممڪن نه رهي آهي.
    نواب درياهه خان (اڻتڻ منجهان ٻئي هٿ اڳيان ڪندي): پر مخدوم صاحب ڪئين هي هٿ ڄام نندي جهڙي محسن ۽ سنڌ دوست جي اولاد خلاف کڄن....!!
    مخدوم بلاول (وري آه ڀريندي): ها درياهه خان، پر جڏهن سنڌي حڪمران سنڌ شُناس نه رهي ته ان کي تخت تان هٽائڻ بنا ٻئي ڪا به راهه نه رهندي آهي. اسان کي خواب وسيلي بشارت ملي آهي ته ڄام فيروز سنڌ مٿان شاهه بيگ ارغون جي ڪاهه ڪرائڻ وارو آهي، جيڪڏهن اهو ٿيو ته سنڌ جي ڌرتي توکي ۽ مونکي ڪڏهن به معاف نه ڪندي، ياد نه اٿئي ته اسان سنڌ جي چپي چپي جي حفاظت جو قسم کنيو آهي. قيامت ڏينهن ڌڻيءِ اڳيان ڪهڙو منهن ڏيکارنداسين. ڇا هو اسان کان اهو سوال نه ڪندو ته جنهن ڌرتيءِ جي حفاظت جي ذميواري اسان جي ڪلهن تي هئي، ان سنڌ ڌرتي جي رکوالي اسان ڪئي يا نه.....!!
    نواب دلها درياهه خان خاموشي ۾ ڪنڌ جهڪائي ٿو.
    مخدوم بلاول (نرم لهجي ۾): ارغون رهزن آهن، سندن تلوارون رت جون بکيون آهن، هو آيا ته ناحق سنڌين جو رت وهندو....
    هڪ لمحي جي خاموشي.......
    مخدوم بلاول: ۽ هي شاهه بيگ ارغون اهڙو ناپاڪ آهي جو قومِ لوط جيان جوان ڇوڪرن ۽ کدڙن منجهان جنسي لذت حاصل ڪندو آهي، اهڙو بداخلاق ڦورو سنڌ جي مقدس ڌرتي تي قبضو ڪري، ڇا تون اهو برداشت ڪندين.....!!
    وري هڪ پل جي خاموشي........
    مخدوم بلاول (ٻئي هٿ پٺيان چيلهه تي ٻڌي ٻه چار قدم کڻي ٻئي پاسي ويندي): پر پوءِ به درياهه خان جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته ڀلي ڄام فيروز سان ملي ڏس.
    نواب درياهه خان جي منهن تي پرسڪون مرڪ اچي وڃي ٿي ۽ گوڏن ڀر ويهي مخدوم بلاول جو هٿ چمي ٿو.
    نواب دلها درياهه خان (اڃا گوڏن تي ويٺل، مخدوم بلاول جو هٿ هٿن ۾): مخدوم بلاول صاحب مهرباني، جيڪڏهن ڄام فيروز اسان جي صلاح نه مڃي ته پوءِ اهو هن دلها درياهه خان جو مخدوم بلاول سان هن هنڌ وچن رهيو؛ سنڌ ڌرتي جي تقدس لاءِ شاهه بيگ ارغون ته ڇا پر جيڪڏهن خدا به لهي آيا ته هي دلها دريا خان انهن جي خلاف به جنگ ڪري ويندو.
    مخدوم بلاول مرڪي درياهه خان جي مٿي تي هٿ ڦيري ٿو.

    سين پورو..... هڪ منٽ لاءِ ڳاڙهو ريشمي پردو ڪري ٿو.....
    سين پنجون:
    نواب دلها درياهه خان ڄام جي درٻار ۾ آهي، هو ڄام فيروز جي تخت جي ساڄي پاسي کان ويٺل آ، سڀ درٻاري احترام ۾ ڪنڌ جهڪايو ويٺا آهن.
    ڄام فيروز (منهن تي هلڪڙي ڪاوڙ جا تاثر): نواب دلها درياهه خان ڇا اوهان اسان جي بابا سائين ڄام نندي جي احسانن کي وساري چڪا آهيو، بابا سائين اوهان کي هڪ شهزادي جيان پاليو، ڇا اوهان اسان جو اهو احسان ته اسان اوهان کي ٽلٽي کان کيرٿر تائين جي جاگير ڏئي ڇڏي پڻ وساري ويٺا آهيو، يا اسان جي امان سان ڪيل ننڍپڻ وارو واعدو ته اوهان هر ڏکي سکي وقت اسان جو ساٿ ڏيندا به وساري چڪا آهيو......؟؟؟
    نواب دلها درياهه خان (آهه ڀري مُڇين تي آڱر ڦيرندي): ڄام فيروز هنن سڀني ڳالهئين ئي ته اسان کي مجبور ڪيو آهي جو اڄ اسان اوهان سان ملڻ ۽ سمجهائڻ آيا آهيون، سنڌ اسان جو ايمان هجڻ گهرجي..... سنڌ لاءِ دلين ۾ ايتري محبت هجڻ گهرجي جيترو اسان جو ايمان آهي. پر ڄام فيروز افسوس سان چئڻو پئي ٿو ته سنڌ جو عوام اوهان جي حڪمرانيءِ منجهان خوش نه آهي.
    ڄام فيروز (جوش ۾ تخت تان اٿي بيهي ٿو، سموري درٻار احترام ۾ اٿي ٿي، نواب دلها درياهه خان به): نواب دلها..... اهو سنڌ جي عوام جو نه پر اوهان ۽ اوهان جي باغي اڳواڻ مخدوم بلاول جو وهم آهي.
    نواب دلها درياهه خان (جلال ۾ ايندي): ڄام فيروز پنهنجي ڄڀ کي لغام ڏيو، ڪٿي اها چم جي زبان ادب ۽ احترام جي سرحدن کي چڪنا چور نه ڪري ڇڏي.
    ڄام فيروز (ساڳي جوش ۾): اچي ويو نه اوهان جو اصل روپ سامهون، نواب دلها منهنجي درٻار منجهان هليا وڃو، ان کان اڳ جو آئون اوهان خلاف ڪو سخت حڪم جاري ڪري ڇڏيان.
    نواب دلها درياهه خان ڪاوڙ ۾ ٻاهر هليو وڃي ٿو.
    سين پورو..... هڪ منٽ لاءِ ڳاڙهو ريشمي پردو ڪري ٿو.....
    سين ڇهون:
    شاهه بيگ ارغون جو محل، گول ڳاڙهي منهن واري ارغون جي ٻنهي پاسن کان ٻه کدڙا بيٺل، جڏهن ته هڪ سهڻو جوان ڇوڪرو کيس انگور کارائي پيو. شاهه بيگ ان نوجوان جون اکيون چمي ٿو. سندس منحوس منهن تي مڪاريءَ واري مرڪ آهي.
    شاهه بيگ: ميرزا پروان قسم تنهنجي سونهن ۽ ڳاڙهن چپن جو، اڄ تنهنجو هي عاشق ڏاڍو خوش آهي.
    سهڻو نوجوان ميرزا پروان ڇڳي منجهان ٻه انگور پٽي ڳاڙهن لبن ۾ ڦاسائي شاهه بيگ کي کارائي ٿو.
    شاهه بيگ (انگور کائيندي): اڄ اسان کي سنڌ جي سمي حاڪم ڄام فيروز جو خط مليو آهي، جنهن ۾ هن اسان کي عرض ڪيو آهي ته خلاف هلندڙ بغاوت خلاف سندس مدد ڪريون.... اهي حاڪم به ڪيترا نه بيوقوف هوندا آهن جيڪي سامراجي قوتن کان حڪومتون بچائڻ جي مدد گهرندا آهن.
    محفل ۾ وڏو ٽهڪ، ميرزا پروان جي منهن تي دلفريب مرڪ اچي وڃي ٿي.
    شاهه بيگ: خير منهنجا محبوب ميرزا پروان توکي ڇا ٻڌايان ته سنڌ ڇا آهي.....!! ان ڌرتيءِ تي اسان جي ڪيتري ئي عرصي کان اک آهي. ڇا توکي خبر آهي ته هي سنڌ اها ئي ڌرتي آهي جنهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ عربن 17 حملا ڪيا ۽ جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيائون ته اُتان جي دولت ڦريائون، ان ڌرتيءِ تان ايتري ته دولت لٽيائون جو جانورن جي کلن منجهان ڇنا ٺاهي رهندڙ ۽ اُٺن جو کلون پائيندڙ بدوي عرب محل ٺاهي رهڻ لڳا. اسان به سنڌ جا سمورا خزانا لٽينداسين.
    ميرزا پروان وري ڳاڙهن چپن ۾ انگور ڦاسائي شاهه بيگ کي کارائي ٿو.
    شاهه بيگ: اهو به سچ آهي ته قدرت سنڌ کي اهڙو نوازيو آهي جو ترت هي ڌرتي ٻئي قبضاخور جي ڪاهه ڪرڻ تائين مالا مال ٿي ويندي آهي.
    سين پورو..... هڪ منٽ لاءِ ڳاڙهو ريشمي پردو ڪري ٿو.....
    اهو نوجوان اسٽيج تي اداڪارن بدران مونکي مرڪي ڏسڻ لڳو، سمجهه ۾ نٿي آيو ته هو ڪير آهي يا سندس مقصد ڇا آهي، مون هن ڀيري به کيس نظر انداز ڪري ريهسل تي ڌيان ڌريو.
    سين ستون:
    ارغون جو درٻار، شاهه بيگ وڏي شان ۽ شوڪت سان تخت تي ويٺل، کيس چمڪيلو لباس پهريل، ماس سان ڀريل ڳيچيءَ ۾ اڇن هيرن جو هار ۽ هٿن جي آڱرين ۾ چانديءَ جون مُنڊيون. سندس خاص صلاحڪار 50 سالن جو ٿلهو بيڊولو ٽماٽي جيان ڳاڙهو ميرزا باقي، شاهه بيگ جي ڪن ۾ سرٻاٽي ڪري ٿو. شاهه بيگ جي منهن تي مڪاريءَ واري مرڪ اچي وڃي ٿي ۽ پوءِ اٿي ٻئي هٿ هوا ۾ ڦهلائي ٿو.
    شاهه بيگ: اسان کي خبر ڏني وئي آهي ته اسان جي جانباز سپاهين جا جٿا سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
    سڀ درٻاري (هڪ آواز ۾): مبارکون........ مبارکون..........
    شاهه بيگ (هٿ هوا ۾ لوڏي درٻارين کي چُپ ڪرائيندي): سنڌ تي قبضي سان دليءَ ۾ ويٺل حڪمرانن کي اسان جي طاقت جو اندازو ٿي ويندو ۽ اسان اُتان آساني سان دليءَ جي حڪومت خلاف سازش ڪري سگهون ٿا.
    سڀ درٻاري (هڪ آواز ۾): جي بلڪل..... جي بلڪل........
    شاهه بيگ (منهن تي ڪاوڙ جا آثار): ڀلي دنيا کي خبر پئي شاهه بيگ ارغون جهڙا حاڪم روز روز پيدا نه ٿيندا آهن.
    سڀ درٻاري (هڪ آواز ۾): ماشاالله.....ماشاالله......
    شاهه بيگ: اسان جي درٻار جا نجومي ڪٿي آهن؟؟
    در تي بيٺل سپاهي: شاهي نجومي حاضر ٿئين......
    ٻه اڇين ڏاڙهين وارا پوڙها، جن کي ناسي جُبا ۽ ناسي پٽڪا پهريل، درٻار ۾ اچن ٿا ۽ شاهه بيگ اڳيان جهڪي سلامي پيش ڪن ٿا.
    شاهه بيگ (نرم لهجي ۾): اسان کي ٻڌايو وڃي ته سنڌ تي حملي بابت اوهان جو علم ڇا ٿو چئي؟
    هڪ نجومي (خوشامت ڪندي): فتح اوهان جي ئي ٿيندي حضور. سنڌي ڪيترن ئي ٽولين ۾ ورهايل آهن، هو ايترا ته سدا آهن جو مذهب جو نالو وٺڻ تي ئي سر تسليم خم ڪري ڇڏيندا، تان جو انهن منجهان هر هڪ وطن تي مري مٽڻ جو جذبو رکي ٿو، پر هو نه ته ايڪتا ۾ آهن نه وري ڪو کين آزاد وطن جي اهميت بابت ٻڌائي ٿو.
    ٻيو نجومي (ساڳي خوشامتي انداز ۾): سنڌ ۾ هڪ بزرگ نالي مخدوم بلاول ۽ سندس شاگرد نواب دلها درياهه خان سنڌ جي حاڪم ڄام فيروز خلاف بلاولي تحريڪ جي شروعات ڪري چڪا آهن. هنن سان گڏ ڌرتيءَ جا نوجوان اٿي بيٺا آهن. ستارن جو چالون ٻڌائين ٿيون ته مخدوم بلاول ڪنهن ڏوراهين هنڌ لڪي ويو آهي. جڏهن ته نواب دلها درياهه خان جوانن جي جٿن سان جنگ لاءِ تيار آهي.
    پهريون نجومي: مخدوم بلاول ۽ نواب دلها درياهه خان کي مارڻ بنا سنڌ تي قبضو نٿو ڪري سگهجي.
    شاهه بيگ (هاڪاري ۾ مٿو لوڏي، ڪي پل سوچڻ کانپوءِ): اسان فيصلو ڪيو آهي ته اول ڄام فيروز ڏانهن ڪجهه سپاهي موڪلي جاسوسي ڪجي.
    درٻاري (هڪ آواز ۾): جي حضور.... جي حضور.....
    سين پورو..... هڪ منٽ لاءِ ڳاڙهو ريشمي پردو ڪري ٿو.....
    سين اٺون:
    نواب دلها درياهه خان ساٿين سميت سنڌ جي سرحدن جي نگرانيءَ تي، چار اوپرا شخص سنڌ جي سرحدن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت گهرن ٿا.
    نواب دلها درياهه خان (جلال ۾): ڪير آهيو ۽ ڪٿان پيا اچو؟
    هڪ نوجوان (هن تي نواب دلها جي شخصيت جو خوف طاري ٿي ويو آهي): شاهه بيگ ارغون جي درٻار منجهان آيا آهيون، سنڌ جي حاڪم ڄام فيروز اسان جي ميزباني ڪندو.
    اهو ٻڌي نواب دلها درياهه خان ۽ سندس ساٿي تلوارون ڪڍن ٿا. ارغون ڏڪي وڃن ٿا، کين گرفتار ڪري قيد ڪيو وڃي ٿو.
    ڪجهه ڏينهن م اهو راز کلي ٿو ته هو شاهه بيگ ارغون جا جاسوس آهن. نواب دلها درياهه خان سندن لاشا ارغون ڏانهن اُماڻي ٿو.
    سين پورو..... هڪ منٽ لاءِ ڳاڙهو ريشمي پردو ڪري ٿو.....
    سين نائون:
    شاهه بيگ ارغون جو درٻار........
    شاهه بيگ (ڪاوڙ ۾): چئبو ته سنڌين اسان سان جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو..... ميرزا باقي.......
    ميرزا باقي (احترام ۾ هٿ سيني تي رکندي): جي حضور........
    شاهه بيگ (ڪاوڙ ۾): سنڌ تي حملي لاءِ لشڪر تيار ڪيو وڃي.
    ميرزا باقي: جي حضور......
    سين پورو..... هڪ منٽ لاءِ ڳاڙهو ريشمي پردو ڪري ٿو.....
    سين ڏهون:
    ارغون فوج سنڌ تي حملو ڪري ٿي. نواب دلها درياهه خان لشڪر سان مقابلو ڪري ٿو، تلوارن جي ٽڪرائجڻ جا آواز دشمن جون رڙيون، سنڌي سپوتن جي للڪار، نواب دلها درياهه خان جا طاقتور وار، دشمن پٽ تي ڪرن ٿا، ڪجهه سنڌي جوڌا پڻ شهيد ٿين ٿا. ارغونن جي پهرئين لشڪر کي شڪست اچي ٿي، سندن ڪيترا ئي سپاهي دوزخ جو رخ ڪن ٿا، باقي ميدان تان ڀڄي جان بچائن ٿا.
    ترت ارغونن جو ٻيو لشڪر اچي ٿو، انگ ۾ پهرئين کان ٻيڻو.... هن ڀيري نواب دلها درياهه خان کي زخم اچن ٿا ۽ پوءِ هڪ بيرحم تير نواب جي سيني جي آرپار ٿي وڃي ٿو، سنڌي جوڌن جو قتل ٿي ٿو، ارغونن جا گهوڙا ٺٽي شهر ڏانهن وڌن ٿا.
    سين پورو..... هڪ منٽ لاءِ ڳاڙهو ريشمي پردو ڪري ٿو.....
    سين يارهون:
    ٺٽو سڙي رهيو آهي. 150 عالمن، جن کان مخدوم بلاول جو پڇيو ويو، نه ٻڌائڻ تي کين چوراهن تي لڙڪايو ويو، ماڻهن جون ڪيهون ۽ رڙيون، عورتون بيواهه ٿي ويون، ٻار يتيم ٿي ويا. ڪنهن جي به ننگ ۽ ناموس محفوظ نه رهي، رات جو ارغون سپاهي گهرن ۾ گهري سنڌي عورتن کي اغوا ڪري هنن سان ڏاڍائي ڪن. رات جو به ٺٽو باهه ۾ سڙڻ ڪارڻ روشني جو ڏيک ڏئي. مدرسن ۽ ڪتب خانن کي باهيون، مال دولت جي ڦرلٽ.....
    سين پورو..... هڪ منٽ لاءِ ڳاڙهو ريشمي پردو ڪري ٿو.....
    سين ٻارهون:
    ڄام فيروز دهلن جي تاپ تي شاهه بيگ جو ڀليڪار ڪري ٿو. کيس پنهنجي ڳيچيءَ منجهان هيرن جو هار لاهي تحفي ۾ ڏئي ٿو. ارغون سمي جي محل ۾ ترسي ٿو، ۽ پوءِ سنڌ جي تخت تي ويهي ٿو.
    سين پورو..... هڪ منٽ لاءِ ڳاڙهو ريشمي پردو ڪري ٿو.....
    سين تيرهون:
    محل ۾ شاهه بيگ جي اڳيان سهڻن نوجوان ڇوڪرن ۽ کدڙن جو رقص پيو هلي، ڄام فيروز شراب جي نشي ۾ ڌتت، ارغون سهڻن ڇوڪرن کي ڏسي ايون پيو ٺاري. بلاولي تحريڪ جا ڪجهه نوجوان شاهي محل تي حملو ڪري چار سپاهي ماري، ڀڄي وڃن ٿا. محفل ۾ شاهه بيگ کي اطلاع ڏنو وڃي ٿو، ناچ گانو بند.
    شاهه بيگ (ڪاوڙ ۾): مونکي هر حال ۾ مخدوم بلاول گهرجي.
    سين پورو..... هڪ منٽ لاءِ ڳاڙهو ريشمي پردو ڪري ٿو.....
    سين چوڏهون:
    سپاهي مخدوم بلاول جي ڳولاءِ ۾، نيٺ هڪ سنڌي سپاهي مخبري ڪري مخدوم جو پتو هٿ ڪري وٺي ٿو، ارغون سپاهي ان هنڌ ڇاپو هڻي مخدوم بلاول کي باندي بڻائي شاهه بيگ اڳيان پيش ڪن ٿا، مخدوم بلاول زنجيرن ۾ جڪڙيل.
    شاهه بيگ (مخدوم بلاول کي مرڪي ڏسندي، طنزيا انداز ۾): ته هي آهي مخدوم بلاول، هڪ باغي تحريڪ جو سرواڻ، اسان هن کي اهڙي سزا ڏينداسين جو وري ڪڏهن به سنڌي جنگ ۽ بغاوت جو نه سوچيندا. سين پورو..... هڪ منٽ لاءِ ڳاڙهو ريشمي پردو ڪري ٿو.....
    سين پنڌرهون:
    سپاهي مخدوم بلاول کي مُک بازار ۾ وٺي اچن ٿا، عوام به بازار ۾ گڏ ٿي ويو آهي، شاهه بيگ ۽ ڄام فيروز پڻ شاهي سواري تي بازار پهچن ٿا.
    شاهه بيگ (سخت لهجي ۾ مخدوم بلاول ڏانهن اشارو ڪندي): مخدوم بلاول جي بغاوت ڪارڻ اسان کيس گهاڻي ۾ پيڙهڻ جو حڪم ڏيون ٿا.
    مخدوم بلاول جي منهن تي پرسڪون مرڪ، سپاهي کيس گهاڻي وٽ وٺي اچن ٿا.
    مخدوم بلاول (آسمان ڏانهن ڏسندي): مونکي گهاڻي ۾ پيڙهڻ وقت پيرن کان شروع ڪيو وڃي ته جئين آئون هڏن منجهان نڪرندڙ ٽڪاءُ ۽ بدن منجهان وهندڙ رت ڏسي سگهان، جيڪي ان ڳالهه جي شاهدي هوندا ته هي مخدوم بلاول وطن ڪاڻ وڙهي شهيد ٿيو.
    جڏهن مخدوم بلاول جو بُت پيڙهجي پورو ٿئي ٿو ته هجوم منجهان آواز اچي ٿو: مون جنگ وطن ڪاڻ جوٽي آ،
    مخدوم بلاول موٽي آ.....
    شاهه بيگ (ڪاوڙ ۾) ڪير آهي اهو غدار، هن کي اسان جي سامهون پيش ڪيو وڃي.
    ايتري ۾ هڪ تير ڄام فيروز جو سينو چاڪ ڪري وڃي ٿو. هو هيٺ ڪري ٿو ۽ هجوم سان گڏ سپاهين ۾ به ڀڄ ڊڪ مچي وڃي ٿي.
    پردو ڪري ٿو..... ڊرامو پورو.........
    سموري هال ۾ خاموشي ڇائنجي وئي. ڪنهن به نه ڳالهايو، مون سميت اداڪار به ناٽڪ جي سحر ۾ هليا ويا. منهنجو من اٻاڻڪو ٿيڻ لڳو، اکيون پاڻمرادو ڪرسين ڏانهن کڄي ويون. اهو نوجوان اُتي ئي ويٺل نظر آيو، سندس منهن تي ڪو به تاثر نه هو. ريهسل پوري ٿي وئي، لائيٽون بند ٿيڻ لڳيون، سپورٽنگ اداڪار سامان کڻڻ لڳا. آئون هال منجهان ٻاهر نڪري وڏي ميدان ۾ بيٺل گاڏيءَ ڏانهن وڌڻ لڳس. ڪنهن جي پٺيان اچڻ جو احساس ٿيو، مڙي ڏٺم، اهو ساڳيو ڇوڪرو ڪلهي ۾ ٿيلهو لڙڪايو منهنجي پٺيان ٿي آيو. منهنجي ڏسڻ تي ڏڪي ويو ۽ بيهي رهيو، هڪ ڀيرو خيال آيم ته هن سان ڳالهائي پڇيانس ته هو ڪير آهي.... کيس ڇا گهرجي.....؟؟ پر دل نه مڃيو، هن ڀيري هو اُتي ئي بيٺو رهيو. ذهن جي چمن تي هزارئين وهم کوڻ جيان ڪڙڪيا. منهنجي ٿري ڊرئيور آڪاش مونکي ايندو ڏسي ڳاڙهي ڪرولا جو پٺيون در کوليو، آئون گاڏي ۾ ويهي رهئس، شيشي منجهان ڏٺم اهو نوجوان اُتي ئي بيٺو هو.
    ڪراچي ڏاڍو ظالم شهر آهي، يا وري هاڻي ڪراچي ظالمن جو شهر بڻجي چڪو آهي، مون هتي رهندي زندهه بچڻ جا ڪجهه اصول سکي ورتا آهن. ڪڏهن به ڪنهن سان نه اُلجهو، هن شهر ۾ هر ڪو ڦني خان آهي. فقيرن، کدڙن ۽ روڊ جي پاسي کان بيٺل سهڻين ڇوڪرين کان پاسو ڪريو، اهي ڳجهون آهن، اوهان جي ٻوٽي ٻوٽي پٽي کائي وينديون. نه ڪنهن جي هڪ ۾ اچو، نه ئي وري ٻه ۾..... جيترو ٿي سگهي پنهنجي ڪم سان ڪم رکو. پبلڪ تارنسپورٽ جو استعمال گهٽ کان گهٽ ڪريو ۽ جيڪڏهن ڪو اوهان جي مسلسل پٺيان اچي رهيو آهي ته بيهي رهو، جيستائين هو اڳيان نٿو نڪري. اهو دنيا جو مڃيل اصول آهي ته هر انسان اڳيان وڌڻ جو خواهشمند هوندو آهي، ۽ ان لاءِ هر سرحد پار ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندو آهي. پر ڪراچي ۾ ان جي ابتڙ ماڻهو پٺيان ئي رهڻ چاهيندا آهن، جيڪڏهن اوهان هنن اصولن تي عمل ڪندا ته ڪراچي ۾ زندهه بچي ويندا. مون اڳ ئي چيو آهي ته ڪراچي ظالمن جو شهر بڻجي چڪو آهي.......


    2

    آچر ڏينهن ناشتي وغيره کانپوءِ مشهور انگريزي اخبار ۾ پنهنجي لکيل ڪالم تي تنقيدي مضمون تي هڪ نظر وڏم، فيرئر هال وڃڻ جو ارادو ٿي ڪيم. گذريل ٽن هفتن کان سنڌي اديبن منهنجي پٺيان باهه ٻاري ڏني. مون انگريزي اخبار ۾ انگريزن سان جنگ ڪندڙ سورمي هوش محمد شيدي تي مضمون لکيو ”هوش محمد شيدي: حقيقي يا افسانوي ڪردار“. هن مضمون لکڻ جي ضرورت ان وقت محسوس ڪيم جڏهن سنڌ جي هڪ تمام وڏي ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ هڪ هنڌ چيو ته: هوشو ۽ سندس نعرو: مرويسون مرويسون، سنڌ نه ڏيسون... حقيقي نه آهن، انهن کي هن سنڌ سان رومانس ۾ اچي هن پاڻ تخليق ڪيو هو.
    ان جي جواب ۾ مون لکيو:
    1843ع ۾ جڏهن چارلس نيپئر جي سربراهي ۾ انگريزن سنڌ تي قبضي ڪرڻ لاءِ وک وڌائي ته سنڌي وڙهيا، وطن خاطر هميشه جيان وڙهيا. جنهن جو ذڪر 06 اپريل 1843ع جي ٽائيمز اخبار جي صفحي نمبر 04 تي ملي ٿو. فيبروري جي مهيني ۾ مياڻيءِ جي ميدان تي، جڏهن ته مارچ جي مهيني ۾ دٻي وٽ. ان دوران مير شير محمد ۽ هوش محمد ميرپور واري پاسي کان آيا، ته وري ڄام چاڪر خان جوکيو ملير جا ميمڻ، نومڙيا، جوکيا وغيره گڏ ڪري انگريزن جي ڪراچي واري ڪيمپ تي حملي ڪرڻ لاءِ نڪتو. ان حملي جي نتيجي ۾ پرنس آغا خان خوف ۾ وڪوڙيل بچي نڪتل سپاهين کي سندس جهرڪ واري محل ۾ پناهه ڏني، جنهن تي ڄام چاڪر جوکيو پرنس آغا خان جي سنڌ سان اهڙي غداري خلاف هن سان جنگ جو اعلان ڪيو. ڄام چاڪر خان جوکيو کي ان عمل ڪري انگريزن ڦاهي چاڙهي شهيد ڪيو، ڄام چاڪر هوش محمد جي ويجهن دوستن منجهان هو.
    هوش محمد جو تعلق سنڌ جي قمبراڻي ذات سان هو، سندس خاندان اڄ به حيدرآباد جي ٽنڊي مير محمد ۽ ڪوٽڙي ۾ ويٺل آهي، جن وٽ انگريز دور جون يادگيريون آهن، جن جي حفاظت هو نسل در نسل ڪندا پيا اچن. هوش محمد پنهنجي ماروٽ زرينا سان شادي ڪئي، جنهن منجهان کيس جانڻ نالي پٽ ڄائو.
    وليم نيپئر، چارلس نيپئر جو ڀاءُ، جنهن وڏي ڀاءُ جي سنڌ جي قبضي ڪرڻ جو دستاويز ”سر چارلس نيپئرس ڪانڪسٽ آف سنڌ“ لکي، هن ڪتاب ۾ هو هوش محمد شهيد جي جنگي صلاحيتن، دليري ۽ تلوار هلائڻ جي نرالي فن جو ذڪر ڪري ٿو. هن موجب جئين ته هوش محمد نسلن شيدي هو، انڪري آفريڪي غلام ٿي سنڌ ۾ آيو هوندو. ٻئي برف منصور قادر جوڻيجو شهيد هوش محمد تي لکيل سمورا تحقيقي مقالا ترتيب ڏئي هڪ ڪتاب ۾ ڇپرايا آهن، جڏهن ته جنگِ مياڻي نالي ڪتاب ۾ پڻ هوش محمد جي بهادري جو ذڪر ملي ٿو.
    ان ليکڪ هوش محمد کي هڪ خيالي ڪردار ان ڪري قرار ڏنو آهي جو کيس اها خبر نٿي پئي ته هوش محمد ميرن جي فوج ۾ ڪئين ڀرتي ٿيو، وغيره. هوش محمد جو پيءَ جان محمد قمبراڻي مير فتح علي خان ٽالپر جو خاص ماڻهو هو، هو جنگي فن ۽ گهوڙسواريءَ جو ماهر هو. هن هوش محمد کي مير جي درٻار ۾ آندو هو. مير سهراب خان ۽ هوش محمد هم عمر هئا، ان ڪري جان محمد ٻنهي کي گڏ ويڙهه جو فن سيکاريو، جنهن کانپوءِ مير سهراب خان حڪمران ۽ هوش محمد سندس فوج ۾ آيو. جان محمد ج وفات کانپوءِ هوش محمد ماءُ سان گڏ مٽياري ڏانهن آيو ۽ مامي سان رهڻ لڳو، جنهن کانپوءِ مير شير محمد جي ٽولي جو سپهسالر ٿيو.
    جڏهن 23 مارچ 1843ع تي هوش محمد سنڌ وطن خاطر وڙهندي شهيد ٿيو ته چارلس نيپئر سندس بهادري تي کيس 21 توبن جي سلامي ڏني، هوش محمد جي دفنائجڻ کانپوءِ ئي حيدرآباد جي پڪي قلعي تي يونين جيڪ ڦڙڪايو ويو ۽ انگريزن سنڌ تي مڪمل قبضي جو اعلان ڪيو.
    مضمون جي آخري حصي ۾ مون ان ليکڪ بابت لکيو ته هي اسان جي ٻوليءَ ۾ وڏي پائي جو ڪهاڻيڪار آهي، هن کانپوءِ ايندڙ هر سنڌي ڪهاڻيڪار، جن ۾ آئون پڻ شامل آهيان، سندس لکڻين جي طلسماتي اثر هيٺ رهيو آهي، کيس سنڌي ڪهاڻي جو ديوتا ڪوٺجي ته به واڌ نه هوندي. پر سنڌ ڌرتيءَ جي تاريخ ۽ سندس سورمن سان هٿ چيراند جي پوءِ اجازت نه آهي. سائين جي ايم سيد هڪ هنڌ لکيو آهي ته:
    ”اسان جي دوستي ۽ دشمني جو محور سنڌ آهي.“
    ان کان اڳ سنڌي جي جديد انقلابي شاعر شيخ اياز، سنڌ جي سورمي مخدوم بلاول تي جمليبازي ڪئي هئي، جنهن جو جواب عبدالواحد آريسر هن نموني ڏنو هو:
    ”اياز تي تنقيد ڪرڻ بلڪل ائين آهي، جئين پنهنجي پيءَ جي نڙي تي ڪاتي ڦيرڻ، پر جڏهن ڳالهه سنڌ جي اچي وڃي ته پوءِ ادب ۽ احترام جو رشتو پٺيان رهجي ويندو آهي.“
    اسان جي هن ليکڪ اڳ به سنڌي سورمي سورهيه بادشاهه، جنهن کي انگريز جي سنڌ تي قبضي کي 100 سال پورا ٿيا ته مارچ 1943ع ۾ وطن جي آزاديءَ خاطر وڙهڻ جي ڏوهه ۾ انگريزن ڦاهي چاڙهي شهيد ڪيو، بابت ٽي وي تي غلط جملا ڳالهايا، ان ٽي وي چينل جي مالڪ جي اصليت خير سڄي دنيا کي خبر آهي........... جنهن تي حرن سان گڏ باقي سنڌين پڻ احتجاجي آواز اٿاريو. هت مونکي هڪ يورپي انقلابي شاعر ياد ٿو اچي، جنهن پنهنجي قوم خلاف رڳو هڪ جملو ڳالهايو هو ته ان قوم سندس شاعري جا ڇپيل سمورا ڪتاب هن جي در ٻاهران اڇلائي وئي هئي ۽ اهو يورپي شاعر ان صدمي ۾ چريو ٿي مري ويو. مونکي اهو ڊپ آهي ته ڪٿي سنڌي قوم اسان جي هن ليکڪ جي در ٻاهران سندس ڪتاب نه اڇلائي وڃي........
    هن مضمون کانپوءِ خطن، مضمونن ۽ سوال جوابن جي ڏي وٺ شروع ٿي وئي، ڪجهه اديب مون خلاف لکڻ لڳا ته ڪن وري منهنجي حق ۾ دليل ڏنا، آئون خاموشي سان تماشو ڏسندو رهئس.
    آئون پورچ ۾ اچي گاڏي ۾ ويٺس ته آڪاش گهر جو مک در کولي، گاڏي ڏانهن آيو، گاڏي ٻاهر ڪري، لهي ڪارو لوهو در بند ڪري، ٻيهر موٽي آيو. آئون ڪورنگي جي مخدوم بلاول سوسائٽي ۾ 120 گزن جي گهر ۾ ڪتابن ۽ آڪاش سان رهندو آهيان. آڪاش گاڏي چالو ڪري هلائڻ لڳو.
    ”سائين؛“ هن شيشي منجهان مونکي ڏسندي چيو: ”ٿر کي ٻيهر ڏڪار سٽي وڌو آهي، ڍور ڍڳا ۽ مور پڻ مري ويا آهن.“ مون خاموشي کيس ٻڌو، هن جي لهجي ۾ درد جو احساس ٿيم.
    ”اسان جو وڏو وزير؛“ هن وري ساڳي نوع ۾ ڳالهايو:”وري چئي ٿو تهٿري بک جي ڪري نه پر غربت جي ڪري مري رهيا آهن.“
    ”هنن جو؛“ مون لاپرواهي منجهان چيو:”شروع کان ئي اهو ڪم رهيو آهي، هو اسان سنڌين جي زخمن تي مرهم رکڻ بدران انهن تي لوڻ ٻرڪيندا آهن، پنهنجي بدبودار سياست بچائڻ لاءِ اسان جو بليدان ڏيندا رهيا آهن. هاڻي ته سنڌ ورهائڻ جي سازش به ڪن پيا، گلو ڦاڙي سنڌ جون رڙيون ان ڪري پيا ڪن ته جلد کان جلد سنڌ ورهائجي وڃي ۽ سندن آقا خوش ٿي کين وري ڪا ڪرسي ڏين.“
    ”پر سائين؛“ آڪاش چيو: ”اسان جا معصوم ٻار پيا مرن، انهن جو ته ڪير به والي وارث نٿو ٿئي.“
    ”۽ ٿيندو به نه؛“ مون دريءَ کان ٻاهر ڏسندي چيو: ”اسان قومي جدوجهد ڪرڻ بدران انفرادي مفادن پٺيان ڀڄڻ وارا ماڻهو آهيون.“ آڪاش خاموشي سان گاڏي هلائڻ لڳو.
    ”پر آڪاش؛“ منهن تي هيڊي مرڪ آڻيدي هوريان چيم: ”تون پنهنجي حق لاءِ وڙهجان نه، اڃا سنڌ ۾ ويڙهه لاءِ سهي وقت نه آيو آهي، ۽ ٻڌ اهو وقت قيامت تائين ايندو به نه.....“
    مختلف چورنگين کي پار ڪندا اسان فئرير هال پهتاسين. هي هال سنڌ جي نرالي ڪمشنر بارٽل فئرير جي نالي تي اڏيل آهي. هي هال انگريز دور جي ڪيترين ئي عمارتن منجهان رهجي ويل هڪ آهي،جنهن ڪمشنر فئرير جي ياد ۾ ٺاهيو ويو، جنهن سنڌ جي معاشي ترقي سان گڏ سنڌي ٻولي جي جوڙ جڪ ڪري ان کي سنڌ جي هيڪلي سرڪاري ٻولي قرار ڏنو. هي هال عبدالله هارون روڊ (وڪٽوريا روڊ) ۽ فاطما جناح روڊ (بونس روڊ) تي ٻن باغن جي وچ سيول لائينز ۾ بيٺل آهي. هال جي آس پاس ميريوٽ هوٽل، آمريڪي ڪانسليٽ جرنل جو گهر، جاپاني ڪانسليٽ ۽ سنڌ ڪلب جهڙيون مشهور عمارتون آهن.
    هال لاءِ 12 نقشا ٺاهيا ويا، جن منجهان لفٽينٽ ڪونل ڪلئير ولسن جو تجويز ڪيل نقشو پاس ڪيو ويو، هال جي تعمير 1863ع ۾ شروع ڪئي وئي، 1865ع ان وقت جي ڪمشنر سيميول مينسفيلڊ ان جو افتطاح ڪيو. هال تي 180،000 جو خرچو آيو، جنهن منجهان 10000 جو خرچ حڪومت ڀريو، باقي منيوسپلٽي ڪيو. هي عمارت جرمن انداز گوٿڪ ۾ اڏيل آهي، جنهن ۾ رنگن جا پٿر استعمال ڪيا ويا، پيلي رنگ وارو چُن جو پٿر ڪراچي منجهان، جڏهن ته ڳاڙهو ۽ سليٽي پٿر جنگشاهي کان آندو ويو. هي انگريز راڄ دوران ٽائون هال طور استعمال ٿيندو رهيو، هتي ايڊورڊ بادشاهه ستين جي مورتي، جيڪا سيٺ عدلجي ڊنشا تحفي طور ڏني، جڏهن ته سنڌ جي ڪمشنرن چارلس پرٽچارڊ ۽ ايون جميس جون آئل پينٽنگون پڻ رکيون ويون. 1877ع ۾ بيڊميٽن راند کيڏڻ جا اصول به هن هال ۾ ئي جوڙيا ويا. جڏهن ته ٻين عالمي جنگ ۾ حصو وٺندڙ چار انگريزن جي ياد ۾ هال ٻاهران پلر به اڏيا ويا.
    وجهڙ ۾ دهشگردن جڏهن آمريڪي ڪانسليٽ تي حملا ڪيا ته فئرير هال کي عوام لاءِ بند ڪيو ويو، پر سال 2011ع ۾ ٻيهر هال کي عوام لاءِ کوليو ويو. هر آچر ڏينهن صبح کان شام تائين هتي ڪتابي ميلو لڳل هوندو آهي. جتي ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪتاب سستي اگهن ۾ ملي ويندا آهن، هن ڀيري اسٽالن تي ٻارن ۽ عورتن جي رش مڙئي سرس هئي، آئون ڄاڻي واڻي جوان ڇوڪرين جي پاسي کان ڪتاب ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، ان منجهان اها خبر پئجي ويندي آهي ته جوان ۽ خوبصورت ڇوڪرين کي ڪهڙي قسم جو ادب پسند آهي، آئون هڪ اسٽال تي بيهي انگريزي ۾ نوان آيل ناول ڏسڻ لڳس. هڪ جاسوسي ناول کڻي ورتم، اڃا هڪ پنو مس اٿلايو هوندو جو پنهنجي پاسي ۾ ڪنهنجي هجڻ جو احساس ٿيو، هڪ ڀيرو ان ڏانهن ڏٺم، ڪو ڏاڙهي وارو نوجوان شخص هو، جنهنجي ڪلهي تي ڪارو بيگ، کيس اڇي ٽي شرٽ ۽ نيري جينز پهريل هئي، مون وري ڪتاب ۾ ڏٺو، اوچتو دماغ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ خطري جي ڳاڙهي بتي ٻرڻ لڳي، اڄ ڪلهه ڪراچيءَ جون حالتون اهڙيون ٿي چڪيون آهن جو پنهنجي پاڇي کان به خوف ٿيو پئي. انسانن جي وچ ۾ رهندي، انسانن تان اعتبار کڄي ويو آهي. هاڻي ته وحشي کان وحشي جانور جي پاسي کان لنگهندي ايترو خوف نٿو ٿئي، جيترو خوف انسانن جي پاسي کان گذرندي ٿيڻ لڳو آهي. مٿان وري هي اسان جا هي جاهل ۽ نااهل سياستدان، هو ٻرندڙ باهه ۾ تيل ڇڙڪڻ جو ڪم پيا ڪن، ورلي ڪو اهڙو ڏينهن هوندو جنهن ڏينهن هي سياستدان هڪ ٻئي خلاف ڪو نفرت ڀريو بيان نه ڏئين. پاڻ ته باٿ روم به 36 موبائلن جي پهري ۾ وڃن، ۽ پسبو وري عوام ئي آهي. سياست اڳ ڪڏهن به ايتري خراب نه هئي، جيتري گذريل ستن سالن ۾ ٿي چڪي آهي، سنڌ تي ته باقائيدا ٻه چار ڀيرا وار به ٿي چڪو آهي. اهڙي ماحول ۾ ڪنهن تي به ڀروسو ڪرڻ مطلب موت کي دعوت ڏيڻ، قاتل کي گهر وٺي اچي ماني کارائي چوڻ: خدارا منهنجي سيسي نه ڪٽجان، اُتي وڌيڪ سور ٿيندو.
    هن ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته هتي ڪير ڪنهن کي برداشت نٿو ڪري. عمران خان نواز شريف کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، نواز شريف طاهر القادري کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، جڏهن ته آصف زرداري ڪنهن کي به برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هتان جي ماڻهن ۾ برداشت بلڪل به نه رهي آهي. هو هر ان شخص کي مارڻ لاءِ تيار آهي جيڪو سندس مذهب، عقيدي، فرقي ۽ سوچ جي خلاف آهي. هتان جا ماڻهو ايترا ته سخت دل ٿي چڪا آهن جو ڪتاب ساڙي ڇڏئين، ليکڪن، قلمڪارن کي جلاوطن ڪن، آرٽسٽن جي فنپارن کي تباهه ڪري ڇڏئين، هنن کي تاريخ سان هٿ چيراند ڪرڻ ۾ ڪڏهن به شرم نه ايندي آهي، ۽ اسڪولن ۾ هٿٺوڪي تاريخ پڙهائي فخر محسوس ڪندا آهن. هو موسيقي ۽ فلمن تي پابندي هڻائي پنهنجي مذهب جي رکوالي ڪندا آهن. سندن هٿ رنڪل ڪماري ۽ انجيلي جي عزت لٽيندي ڪڏهن به نه ڪيٻائيندا آهن، ڇو جو اهي سندن مذهب ۽ عقيدي جون نه آهن، اهي ته ناپاڪ سنڌي رنون آهن جن کي هو پاڪ ڪري چڪلن ۾ وڪڻي، بهشت ۾ محل اڏرائيندا آهن، جتي کين اهڙيون حورون ملنديون جن کي اڳ ڪڏهن نه ڪنهن مرد، نه وري ڪنهن جن هٿ لاٿو هوندو......
    مون ڪتاب جو هڪ ٻيو پنو ورايو ۽ پاسي ۾ بيٺل نوجوان کي ڏٺم، هن مونکي ڏسي مرڪيو ۽ هٿ ۾ جهليل ڪتاب ٻين ڪتابن سان ڪاٺ جي ٽيبل تي رکي ڇڏيائين. هو اهو ئي شخص هو جيڪو گذريل هفتي کان سنڌ آرٽس ڪائونسل ۾ منهنجي ڊرامي جي ريهسل ڏسڻ ايندو هو. جنهن ڪالهه ڪجهه گهڙين لاءِ منهنجو پيڇو پڻ ڪيو. ڀانيم هو فرشتو آهي ۽ هاڻي هتان منهنجو داڻو پاڻي ختم ڪرائيندو. پر هو ڪجهه گهڙيون بيهي ٻئي اسٽال ڏانهن ويو. مون آس پاس جو ماحول ڏسي سندس ساٿين کي جاچڻ جي ڪوشش ڪئي، هر ڪو ڪتاب ڏسڻ مصروف هو. هڪ آهه ڀري، تڪڙا قدم کڻندو گاڏي ڏانهن آئس، جئين اندر ويٺم ته آڪاش چاٻي ڦيري.
    ”گهر هل،“ پنهنجو خوف لڪائندي چيم.
    ”جي صاحب،“ هن جواب ڏنو.


    3

    سومر ڏينهن شام جو 4:00 لڳي کان سنڌ آرٽس ڪائونسل ماڻهن سان ڀرجندي ٿي ويو، ڪلاڪ ۾ ڊرامو ”آزاديءِ جي اُپٽار“ اسٽيج ٿيڻو هو. ڊاڪٽر مهيش ناٽڪ جي تياري ڏسي اطمينان سان ٻاهر هليو ويو. هال مڪمل ڀرجي ويو، جڏهن ڪيترن ماڻهن کي هال ۾ ويهڻ جي جاءِ نه ملي. ناٽڪ شروع ٿيو ۽ سوا ڪلاڪ ۾ ختم به ٿي ويو، هال ۾ تاڙيون ئي تاڙيون هيون. جڏهن ڪنهن به شيءَ کي اوهان سالن تائين پابندي ۾ رکندا آهيو ته ان جا چاهيندڙ هڪ حد تي پهچي لاوي جيان ڦاٽي ٻاهر نڪري پوندا آهن ۽ اوهان جي سوچ، قائدي قانون کي لوڙهي ويندا آهن، هن ڀيري به اهو ئي ٿيو، هن اسٽيج تي 20 سالن کانپوءِ سنڌي جملا گونجيا ته ماڻهو اهي ٻڌڻ لاءِ نڪري پيا. اسان اسٽيج تي آياسين ۽ هٿ جوڙي سڀني جا ٿورا مڃيا. ڊاڪٽر مهيش مونکي وي آءِ پي شخصيتن سان ملايو. پريس وارن ناٽڪ کان وڌيڪ منهنجي لکيل مضمون تي سوال ڪيا. هڪڙي وڏين مُڇين واري صحافي سوال ڪيو:
    ”ڇا اهڙي شخص جنهن کي اوهان پنهنجي ادبي مرشد مڃيو ٿا، ان جي خلاف اهڙو تنقيد مضمون لکڻ درست عمل آهي؟“
    ”جڏهن؛“ صحافي کي ڏسندي نرم لهجي ۾ چيم: ”هو سنڌ لاءِ لکندو هو ته آئون کيس سجدو ڪندو هئس، جڏهن هن سنڌ جي خلاف لکيو ته من جي ڪابعي منجهان سندس بُت پنهنجي هٿن سان ڀڳو. آئون سائين جي ايم سيد جي ان جملي ته اسان جي دوستي ۽ دشمني جو محور سنڌ اهي، جو قائل آهيان.“ اهو چئي هال کان نڪرڻ لڳس، ڊاڪٽر مهيش بيهاري ٻڌايو ته آئون ٻئين ناٽڪ جي تياري ڪريان. آئون گاڌي ڏانهن وڌڻ لڳس.
    ”ٻُٽ صاحب،“ پٺيان ڪنهن منهنجو نالو کنيو، مڙي ڏٺم، اهو ساڳيو ڏاڙهي وارو شخص مون هلوندو ٿي آيو، اکيون ڳاڙهيون ۽ ڏرا ڏنل، ڪلهي تي لڙڪندڙ ٿيلهو، کيس ڏسي منهنجو روح ڏڪي ويو، هن گذريل هفتي مونسان هڪ لفظ به نه ڳالهايو هو، منهنجو روح ڏڪي ويو ۽ تڪڙن وکن سان، گاڏيءِ ڏانهن وڌڻ لڳس، بس اهو ئي هو ته ترت هتان نڪري گهر پهچان.
    ”سر مونکي؛“ وري پٺيان کان آواز آيو: ”ٻه منٽ ڏيندا.“ آئون بيهي رهئس ته هو مون وٽ آيو، منهن تي مرڪ سجائي هٿ وڌائيندي چيائين:
    ”سر آئون ريحان آهيان، اوهان سان ڪجهه ڳالهائڻو اٿم.“
    ”جي ها چئو....“ کيس ڏسندي چيم.
    ”ڇا؛“ هن مونکي ڏسندي چيو: ”اوهان منهنجي ڪهاڻي لکندا؟“ مون وائڙن جيان هن کي ڏٺو.
    ”سچ؛“ هن نرم لهجي ۾ چيو: ”پڇيو ته مون اڄ تائين اوهان جي هڪ به ڪهاڻي نه پڙهي آهي، بس ڪجهه ماڻهن واتان ٻڌو آهي ته اوهان ڏاڍو رومانوي انداز ۾ لکندا آهيو.“
    ”معاف ڪجو،“ ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو ته وري به وائڙن جيان چيم.
    ”سر پليز؛“ هن التجا ڪندي چيو: ”آئون واعدو ڪريان ٿو ته اوهان کي هڪ دلچسپ ۽ نئين ڪهاڻي ڏيندس.“
    ”ڏسو مسٽر ريحان؛“ خفي ٿيندي چيم: ”اول ته آئون ڪهاڻيون لکندو نه پر تخليق ڪندو آهيان، ٻيو ڪنهنجي زندگي تي بايوگرافي نه لکندو آهيان.“
    ”سر پليز“ هن وري التجا ڪئي: ”منهنجي ڪهاڻي به الڳ آهي.“
    ”ڏسو؛“ مون وري نرم لهجي ۾ چيو: ”مسٽر ريحان اوهان منهنجو ۽ پنهنجو وقت وڃايو پيا، جيڪڏهن اوهان عشق ۾ ناڪام ٿي چڪا آهيو ته هاڻي ڪجهه ٻيو ڪريو.“ مونکي چڱي نموني خبر آهي ته ڪراچي ۾ ڪنهن اوپري شخص سان ڳالهائيندي جذباتي نه ٿئجي، ان سان رڳو پنهنجو ئي نقصان ٿيندو آهي، سو لهجو نرم رکيم. آڪاش پٺيون در کوليو، آئون جهڪي اندر ويهڻ لڳس ته ريحان وري التجا ڪندي چيو:
    ”سر مون عشق جي ناڪامي منجهان وطن پرستي ۽ قوم پرستي جو درس حاصل ڪيو آهي.“ مون هن ڏانهن چيتائي ڏٺو. ڇا هو منهنجي دماغ سان پيو کيڏي رهيو آهي.....!! سوچيم: ڇا مونکي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش پيو ڪري........؟؟ مونکي ڇا ڪرڻ گهرجي......؟؟ هتان جلدي نڪرڻ گهرجي.....
    ”سر پليز،“ هن وري التجا ڪئي.
    ”ٺيڪ آهي؛“ چيم، نه نه آئون هي ڇا پيو ڪريان، مونکي هي بيوقوفي نه ڪرڻ گهرجي..... کن پل لاءِ سوچي، پوءِ چيم: ”سڀاڻي صبح جو پاڻ هن هال جي اسٽيج تي ملنداسين.“ اهو ٻڌي ريحان جي منهن تي هيڊي مرڪ اچي وئي ۽ چيائين:
    ”مهرباني سر.“ آئون ها ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ در بند ڪيو، آڪاش گاڏي هلائڻ شروع ڪئي.


    4

    مون رات اڻتڻ ۾ گذاري ڇڏي، هر هر ان ڳالهه ٿي پئي سوچيم ته ريحان ڪير آهي، سندس مقصد ڇا آهي....؟؟ ڇا هو منهنجي واتان ڪو راز اڪلائڻ گهري ٿو، هڪ اهڙو راز جنهنجي مونکي به خبر نه آهي..... مون ها ڇو ڪئي؟ ان رات آئون نه ته ڪجهه پڙهي سگهيس ۽ نه ئي وري ڪجهه لکي سگهيس، تخليقي عمل لاءِ ذهني سڪون جو هجڻ لازمي آهي، ڪمرن ۾ لڳل ڪتابن جي شلفن ڏانهن ڏٺم، ڪتاب ائين لڳا ڄڻ هزارئين لاشا جن کي زندهه ساڙيو ويو هجي..... اهڙو احساس اڳ ڪڏهن به نٿيو اٿم، رات دير سان موبائيل وڳو، ڪو نئون نمبر هو، کڻي ”هيلو“ ڪيم ته ٻئي پاسي کان مرد جو آواز آيو:
    ”ٻُٽ صاحب ڇو اوهان اسان جو سياسي دڪان بند ڪرائڻ گهرو ٿا؟“ آئون حيراني ۾ ٻڏي وئيس، ته ٻيهر آواز آيو:
    ”جيڪڏهن اوهان کي ڪو عهدو گهرجي ته حڪم ڪيو.“
    ”تون؛“ ڪاوڙ منجهان چيم: ”۽ تنهنجا عهدا کڏ ۾ وڃي پئو.“ ان کانپوءِ موبائيل آف ڪري آرام ڪرسي تي ويهي اکيون بند ڪري سوچڻ لڳس، ڀت تي گول گڙيال جون سويون ٽِڪ ٽِڪ ڪري ڦيريون کائينديون رهيون. سج جي روشني ريشمي پردن کي چيري ڪمري ۾ آئي ته اکيون کوليم، ڪرسيءَ تان اٿي باٿ روم وئيس ۽ پاڻ کي شاور هيٺان ڇڏي ڏنم.
    2010ع ۾ جڏهن آئون سنڌ شناس ۽ وطن پرست ٿئيس ته پنهنجي قلم سان وچن ڪري ڇڏيم ته هاڻي رڳو سنڌ تي ۽ سنڌ لاءِ لکندس. ان کان اڳ آئون ڪيتريون ئي رومانوي ڪهاڻيون لکي چڪو آهيان. اهو به سچ آهي ته هر ڪهاڻيڪار ڪڏهن نه ڪڏهن ڪو نه ڪو رومانوي افسانو گهڙيندو آهي، پر اهڙن افسانن جي زندگي مختصر ٿيندي آهي. آئون اهڙو ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو جيڪو ادب ۾ امر ٿي وڃي، جنهن منجهان هر دور جو سنڌي فائدو وٺي سگهي. ريحان....... مون سوچيو: هي شخص ڪير آهي...... مون سان ڇو مليو..... ۽ ڇو اهو واعدو ڪيائين ته مونکي وطن پرستي ۽ قوم پرستي جي هڪ نرالي داستان ڏيندو...... آئون لکڻ ۾ ڪڏهن به لالچي نه رهيو آهيان، مونکي اخبارن ۽ رسالن ۾ پنهنجي نالي ڇپائڻ جو ڪڏهن به شوق نه رهيو آهي. ان ڪري هروڀرو نه لکندو آهيان، پوءِ ڪئين هن ڄار ۾ اچي ڦاٿو آهيان.....!! سوچون ڪراچيءِ جي بيقرار آباديءِ جيان ذهن جي پردن سان ٽڪرائينجنديون رهيون.
    نيٺ فيصلو ڪري ورتم ۽ تيار ٿي آرٽس ڪانوسل ڏانهن ٿي وئيس. منهنجي گاڏيءَ اڃا گيٽ منجهان مس داخل ٿي جو ريحان مون ڏانهن هلندو آيو، سندس منهن تي مرڪ هئي، کيس ساڳي شرٽ، جينز جي پينٽ ۽ ڪلهي تي لڙڪندڙ ٿيهلو هو. آئون گاڏيءَ منجهان لٿس ته هن هٿ ملائي مرڪندي چيو:
    ”سر معاف ڪجو، پر آخر سنڌ جو عشق اوهان کي مون ڏانهن ڇڪي آيو.“ مون بنا ڪجهه چئي کيس چيتائي ڏٺو ته هن ٻيهر مرڪندي چيو:
    ”عشق جڏهن جنون جي حد تائين هليو ويندو ته انسان ديوانو ٿي ويندو آهي.“ منهنجا سُتل وهم ۽ وسوسا ٻيهر جاڳي پيا، ڀانيم مون هتي اچي غلطي ڪئي آهي.
    ”سر؛“ ريحان نرم لهجي ۾ چيو ته کيس ڏٺم: ”هلو ته ساڳي هال ۾ هلي ويهون.“
    اسان ٻئي آرٽس ڪانوسل جي انهيءِ هال ۾ آياسين جتي هڪ ڏينهن اڳ منهنجو ناٽڪ پيش ڪيو ويو. آئون هن سان هيٺ ڪنڊ وارين ڪرسين تي ويٺس ۽ چيو:
    ”ڏسو مسٽر ريحان، اوهان کي جيڪڏهن ڪا ڪم جي ڳالهه ڪرڻي آهي ته پليز ڪريو.“ مون نه چاهيندي به ايم پي ٿري پلير ڪڍي ريڪارڊنگ وارو بٽڻ دٻايو ته جئين سندس ڪٿا منجهان ڪا ڪهاڻي ٺاهي سگهان.
    ”جي سر،“ هن مرڪندي چيو ۽ پوءِ پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪيائين:_


    ڀاڱو ٻيو

    5

    منهنجو جنم سال 1988ع ۾ حيدرآباد جي ليڊي ڊفرن هسپتال ۾ ٿيو، هي هسپتال انگريز دور ۾ قائم ڪئي وئي جيڪا هاڻي ضلعي حڪومت هيٺ آهي، بابا منهنجو نالو ريحان رکيو. آئون بابا جو پهريون ۽ امان جو ٻيو پٽ هوس. مونکان اڳ امان عدنان کي جنم ڏنو، هو مونکان سال وڏو آهي، پر عدنان منهنجي بابا منجهان نه هو، تان جو امان ۽ بابا ٻنهيءَ هڪ ئي شادي ڪئي. جوانيءَ جي ڏينهن ۾ امان جو افئير سندن ڪرائيدار سان ٿي ويو. جنهن کيس عدنان جو تحفو ڏنو، مونکي پڦي ٻڌايو هو ته جڏهن رات امان ۽ بابا جي شادي ٿي ان رات عدنان سندس ڪکُ ۾ لتون هڻي رهيو هو. امان خودڪشي ڪرڻ ٿي چاهي، پر بابا سندس غلطي کي نظر انداز ڪري شادي ڪئي. جنهن کانپوءِ وري ڪڏهن به بابا پنهنجي مٽن مائٽن سان نظرون نه ملائي سگهيو.
    عدنان ۽ آئون گڏ ئي پلجڻ لڳاسين، هن جي رڳن ۾ رت بدران منهنجي لاءِ ساڙ ئي هلندو رهيو. تان جو آئون حلالي پٽ، اصل وارث هئس، پر تنهن هوندي به عدنان هر شيءَ تي حق جتائيندو هو ۽ امان به وري سدائين هن جو ئي ساٿ ڏيندي هئي، هميشه مونکي ئي گهٽ ٿيڻو پوندو هو. شايد اهو ان ڪري جو هو حرامي هوندي به امان جي عشق ۽ جنون جو نتيجو هو ۽ آئون حلالي هوندي به امان جي مجبوري ۽ بيوسي جو نتيجو هئيس. اهڙي ورتاءُ منهنجي زندگيءَ تي گهرا اثر ڇڏيا ۽ آئون اڪيلو رهڻ لڳس. اسان وڏا ٿيندا رهياسين. امان عدنان کي ڪيڊٽ ڪاليج ۾ داخل ڪرايو، جتان کان هو فوج ۾ ڀرتي ٿيو، جڏهن ته مون انٽر پاس ڪرڻ کانپوءِ آءِ بي اي ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتي.
    ڪراچي به ڏاڍو عجيب شهر آهي، عجيب سان گڏ ظالم پڻ آهي، هتي هڪ هنڌ پهچڻ لاءِ سوئين رستا ملي ويندا. مثال طور اوهان کي ڪنهن سياسي تنظيم جي هڙتال واري ڏينهن صدر وڃڻو آهي ۽ اهو رستو جيڪو اوهان هر ڀيري وٺندا آهيو بند آهي ته، اوهان ڪٽ هڻي ٻئي رستي ڏانهن مڙڻ ۾ ججڪ محسوس نه ڪندا آهيو. ڪير به ڪراچي کي ڪڏهن مڪمل بند نٿو ڪري سگهي، جيڪڏهن هڪ رستو بند ٿيو ته نوانوي رستا کلي پوندا آهن، وري ڪو نوانوي رستا بند ڪرائي وجهي، تڏهن به هڪ رستو کليل ئي هوندو ۽ ان هڪ رستي تان صحيح سلامت منزل تي رسائي کي اوهان پنهنجي خوشقسمتي نه پر چالاڪي چوڻ پسند ڪندا آهيو. جيڪڏهن اوهان کي ڪراچيءَ جو حقيقي روپ ڏسڻو آهي، ته پوءِ هتان جي ڪنهن ڪال گرل سان نيهن لايو، هن جي اڀريل سيني هيٺان اهڙا راز لڪل هوندا، جن کي ٻڌي اوهان جي بدن جو هر وار اڀو ٿي ويندو.
    مونکي ڪڏهن ڪنهن به مولوي اهو نه ٻڌايو ته ڪلام پاڪ جي هڪ آيت اها به آهي ته:
    ”اي انسانو، اسان (الله) اوهان کي هڪ جوڙي منجهان خلق ڪيو ۽ ورهائي ڇڏيو قومن ۽ قبيلن ۾ ته جئين اوهان هڪ ٻئي کي سڃاڻي سگهو.“
    نه ئي وري اها حديث ته؛ ”وطن جي محبت اوهان جي ايمان جو حصو آهي.“ ڪڏهن ڪنهن ربائي (يهودين جا مذهبي عالم) اهو نه ٻڌايو ته پورڻي عهدنامي جي پهرئين ڪتاب پيدائش ۾ اهو ذڪر آهي ته جڏهن نبي يوسف کي مصر جي تخت تي ويهاريو ٿي ويو ته هن آسمان ۾ ڏسندي آه ڀري چيو: تحقيق مصر جي تخت تي ويهڻ کان وڌيڪ بهتر اهو آهي ته ڪعنان جي بازارن ۾ پنجي....
    هي سمورا فلسفا مون ڪراچي ۾ اچي سکيا، مونکي هتي اهو احساس ٿيو ته سڄي دنيا جي مسلمانن جو پاڻ ۾ ڀاءُ هجڻ نيسرو ڪوڙ آهي، اهو اهڙو سامراجي هٿيار آهي جنهن سان قومن جي مال دولت ڦٻائي سگهجي، مون ڄاڻي ورتو ته وطن ۽ قوم کانسواءِ ٻيو هر فلسفو کوکلو ۽ هٿ ٺوڪيو آهي. ڪراچي مونکي ڪلام پاڪ ۾ ڏنل الله سائين ۽ فرشتن جي ڪيل مقالمي جي سمجهه آئي.
    الله سائين فرشتن کي چئي ٿو: آئون هڪ اهڙي مخلوق خلقڻ وارو آهيان، جيڪا زمين تي منهنجو خليفو هوندي.
    فرشتا: ڇا تنهنجي عبادت لاءِ اسان ڪافي نه آهيون جو، تون هڪ اهڙي مخلوق پيدا ڪندئين جيڪا زمين ۾ فساد ڪندي.
    الله سائين: جيڪو آئون ڄاڻيان ٿو، اهو اوهان نٿا ڄاڻيو.
    سچ به فرشتن کي ڪهڙي خبر هئي ته ڪي اهڙا به سرويچ ڄمندا جيڪي پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ مرڪي موت قبوليندا، اردو زبان جو هڪ شعر آهي:
    ”گر حقيقتِ الفت سي باخبر هوتي،
    تو فرشتي بهي تمنا ڪرتي هم بشر هوتي.“
    ڪراچي ۾ منهنجا شروعاتي ڏينهن عجيب نموني گذريا، صبح جو سوير اٿڻ، روز شوءُ ڪرڻ، ويجھڻ، روز نئين شرٽ پينٽ پائيڻ، ان تي ٽاءِ هڻڻ ۽ پوءِ پاسي واري پٺاڻ جي هوٽل تي اچي پراٺن ۽ چانهن جو انتظار ڪرڻ، هي سلسلو هڪ مهيني تائين هليو جنهن کانپوءِ مونکي هاسٽل تي ڪمرو ملي ويو.
    آءِ بي اي هن ملڪ جو هڪ شاندار ادارو آهي، جنهن ۾ ملڪ جي اڌ آبادي داخلا وٺڻ جو خواب به نه ڏسي سگهندي آهي، پر آئون ان ۾ داخل ٿي چڪو هئس. آءِ بي اي جي شاندار عمارت ڏسي وات ڦاٽي پوندو هو. 1994ع تائين ڪراچي يونيورسٽي هن شعبي ۾ ڊگري ڏيندي هئي، انهيءِ سال سنڌ اسيمبلي هڪ بل پاس ڪري هن اداري کي بزنس اسٽيڊز ۾ ڊگري ڏيڻ لاءِ خودمختيار ڪيو، جنهن کانپوءِ هي بزنس اسٽيڊز منجهان بزنس ايڊمنسٽرشن ۾ تبديل ٿيو. شروع شروع هتي ايم بي اي ڪندڙ کي رڳو ڏينهن جي شفٽ ۾ ڪلاس ملندا هئا پر 1997ع کان شام ۾ پڻ ڪلاس هلڻ لڳا. پر هاڻي هن اداري ۾ ڪيترا ئي ڪورس ٿيندا آهن، ويندي جو هتي پي ايڇ ڊي پڻ ڪرائي ويندي آهي.
    باغ ۾ سينئر ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي مستي مذاق ڏسي احساس ٿيندو هو ڄڻ آئون ڀولڙن جي دنيا کان نڪري انسانن جي دنيا ۾ اچي ويو آهيان. پهرئين ڏينهن تي تعارف ٿيو هو، وڏي سهڻي آڊيوٽوريم ۾ ڊارئيڪٽر احمد علي صاحب اورينٽيشن ڏيندي اسان کي اهڙا ته خواب ڏيکاريا هئا جو ائين لڳو ڄڻ اسان سونا آنا ڏيندڙ ڪڪڙيون هجون ۽ اجهو هن ملڪ جي چڱائي اسان ڪو سونو آنو ڏنو. هال هر قسم جي شاگردن سان ڀريل هو، اڳئين قطارن ۾ فيڪلٽي ميمبر ويٺل هئا.
    ”اوهان سڀ؛“ هن سائي رنگ جي ٽاءِ کي هٿ سان سڌو ڪندي ڪاري مائيڪ ۾ چيو: ”مستقبل جا اڳواڻ آهيو.“
    ”اهڙو مستقبل جيڪو ڪڏهن به ڪونه ايندو......“ هال جي وچ ۾ ويٺل ڪنهن شاگرد ٽوڻو هنيو ته نئين آيل شاگردن جا ٽهڪ هال جي آئل پينٽ ٿيل ڇت سان وڃي لڳا هئا. ڊارئيڪٽر صاحب جو منهن هيڊو ٿي ويو هو، پر تنهن هوندي به نڪ جي پڪائي ڪري ڪلاڪ کن اسان جو مٿو چٽي ويو.
    آءِ بي اي جو ٻيو ڏينهن منهنجي حياتي کي هميشه لاءِ بدلائي ويو. ان ڏينهن آئون ڪلاس ۾ اهڙن ماڻهن سان مليس جن منهنجي شخصيت تي گهرا اثر وڌا، ان ڏينهن ئي مونکي خبر پئي ته هن ملڪ ۾ سنڌي ٿيڻ ايڏو وڏو گناهه آهي، جنهنجي ڪابه معافي ڪونهي. پهريون ڀيرو احساس ٿيو ته مذهب ۽ ملت جي نالي ۾ اسان سنڌين سان نسل پرستي پئي ٿئي. ان ڏينهن تي پهريون ڪلاس اسٽيٽسٽڪس جو هو، جنهن جي استاد ميڊم روبينا هئي، شيرين اکين واري ڪوهستاني هرڻي جهڙي خوبضورت جوان عورت، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ شڪاري ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏئين. هوءَ اسٽينڊرڊ ڊريويشن ۾ پي ايڇ ڊ ڪري چڪي هئي ۽ آءِ بي اي جي استادن جو نڪ سمجهي ويندي هئي. ميڊم روبينا اسان کان انٽرو ٿي ورتو ۽ پنهنجي ڪاميابي جون داستانون ٿي ٻڌايون، جو سندس نظر وچ م ويٺل هڪ خوبصورت ڪلين شوءَ ڇوڪري، جنهن تي اڇي شرٽ، ڪاري پينٽ ۽ ٽاءِ خوب ٿي ٺهي، ڏانهن وئي.
    ”يس يو جينٽلمين اسٽينڊ اپ،“ ميڊم آڱر جو اشارو ڪندي چئيس. جئين ته آءِ بي اي جي عمارت اندر انگريزي کانسواءِ ٻي هر ٻولي مقامي ٻولي هئي انڪري مقامي ٻولين جو آفيشلي استعمال نه ڪيو ويندو هو. اهو سهڻو نوجوان پاسي ۾ ويٺل وڏن وارن واري برگر سان سس ڦس ڪندي پڪڙجي پيو هو.
    ”تنهنجو؛“ ميڊم انگريز ۾ پڇيو: ”نالو ڇا آهي؟“
    ”عبدالمجيب،“ هن نرم لهجي ۾ جواب ڏنو، آئون ڪلاس جي آخري ڪرسيءَ تي ويٺل هئس، هن نوجان ڏانهن ڏٺو، هن ٻڌايو ته هو لاڙڪاڻي جو ابڙو آهي.
    ”تون سنڌي آهين؟“ ميڊم روبينا منهن ٺاهيندي چيو هو.
    ”جي ميڊم،“ مجيب جواب ڏنو.
    ”پوءِ تنهنجو ڏوهه ناهي؛“ ميڊم طنز ڪندي چيو: ”اوهان سڀ سنڌي هوندا ئي جاهل آهيو.“ ڪلاس جا اڪثر مرڪيا هئا، مون سنڌين جي پٽڪي ڌوڙ ٿيڻ تي ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو، پر وچ واري صف ۾ بيٺل عبدالمجيب ابڙو جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ چيائين:
    ”معاف ڪجو ميڊم، پر اسان سنڌين ئي دنيا کي تهذيب کان روشناس ڪرايو، جنهنجو اکين ڏٺو ثبوت موهن جو دڙو آهي،“ اهو ٻڌي مون جهڪيل ڪنڌ مٿي کڻي ڇڏيو. مجيب ڳالهائيندو رهيو:
    ”جڏهن اوهان جا ابا ڏاڏا آريا وحشيپڻي واري زندگي گذاريندا هئا ته اسان سنڌي دنيا کي سک، شانتي ۽ امن ڏيڻ تي غور ويچار ڪندا هئاسين. اوهان 1947 کانپوءِ ئي ڏسو، ان کان اڳ ڪراچي ننڍي کنڊ جي ڪجهه سهڻن شهرن منجهان هڪ هو، پر جئين ئي شهر جون واڳون اوهان جي هٿن ۾ آيون ته اوهان هن شهر جي سونهن جو قتل ڪري ڇڏيو، هاڻي ته ڪراچي وارن ۾ ايترو به عقل نه بچيو آهي ته هو پئيڻ جي پاڻي کي گٽر جي پاڻي کان ڪئين الڳ ڪن، ٻئي لائينون گڏ ئي هونديون آهن، کين اها به خبر نه هوندي آهي ته هو صاف پاڻي پيا پيئن يا اهو جيڪو سندن جسمن منجهان نڪال ٿيو آهي.“ ميڊم روبينا هن جواب لاءِ ذهني طور تيار نه هئي ۽ پنهنجو پرس وغيره ڪاوڙ ۾ کڻي ڪلاس ڇڏي هلي وئي. ان وقت 120 شاگرد ٿيلها ڪلهن ۾ وجهندا اٿڻ لڳا. آئون به اٿي رهيو هئيس جو نظر هڪ کليل وارن واري اپسرا ڏانهن ڇڪجي وئي، وڏيون اکيون، تکي چهنڀ جهڙو سنهڙو نڪ، نارنگيءَ جي ڦارن جهڙا چپ، گول ڀريل سينو، کيس ان وقت آسماني رنگ جي ٽي شرٽ ۽ جينز پهريل هئي، ائين محسوس ٿيو ڄڻ اکين کي صدين کان سندس ئي انتظار هو. هوءَ ٻن ڇوڪرين سان ڪلاس کان ٻاهر وڃڻ لڳي هئي. آئون به تڪڙو اڳيان وڏڻ لڳس، جو مجيب سان ٽڪر ٿيو هو.
    ”مسٽر ڏسي هلو،“ هن انگريزي ۾ چيو، سندس منهن تي مرڪ هئي.
    ”اسان؛“ ٻاهر در ڏانهن ڏسندي سنڌيءِ چيو هئم: ”سنڌين جي عزت بچائڻ لاءِ مهرباني.“
    ”واهه؛“ هن خوشي جو اظهار ڪري هٿ وڌائيندي چيو هو: ”اوهان به سنڌي آهيو.“ کيس هٿ ڏئي ٻاهر ڏٺو، اها اپسرا وڃي چڪي هئي.
    ”ڪنهن کي ڳوليو پيا ڇا؟“ مجيب مرڪندي پڇيو.
    ”نه نه،“ وائڙن جيان کيس جواب ڏنو.
    ”ٻئي ڪلاس ۾ اڃا 45 منٽ آهن؛“ هن ساڳي مرڪ سان چيو: ”ڇو نه ڪينٽين هلجي؟“
    ”ها، ها ڇو نه،“ مون هڪدم جواب ڏنو. اسان ڪلاس کان نڪري ماربل جي فرش تي هلندا، ٻه ونگون پار ڪري ڪينٽين آياسين. ڪينٽين به سهڻي نموني ٺهيل هئي، پلاسٽڪ جون ڪرسيون ۽ ٽيبلون جن تي هر بيچ جو شاگرد اهڙي نموني ويٺل هو ڄڻ ڪينٽين ۾ ويهڻ دنيا جي هر شاگرد جو بنيادي حق هجي، ترجندڙ پٽاٽن جو دونهون ۽ ڪيچپ جي مهڪ هر طرف ڦهليل هئي، مون هڪ نظر وجهي چوڦير ڏٺو ۽ ان اپسرا کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هوءَ نظر نه آئي ته من اُٻاڻڪو ٿي ويو، ٻن منٽن کانپوءِ هوءَ انهن ئي ٻن سهيلين سان کلندي ڪينٽين ۾ داخل ٿي ته منهنجي منهن تي پاڻمرادو مرڪ اچي، جنهن تي مجيب سيٽي وڄائي، مون مجيب کي ڏسي ڪياڙي کنهي. هوءَ ڪيلن جي شيڪ جو مزو وٺڻ لڳي، مون سندس ڳيچيءَ ڏانهن ڏٺو، ائين لڳو جيڪڏهن هوءَ انگور به کائيندي ته اهو ان اڇي ڳيچي کان هيٺ لهندي ظاهر ٿيندو.
    ”اوهان؛“ مجيب گول چڪن برگر ۽ پٽاٽن جي پليٽ مون ڏانهن وڌائيندي پڇيو: ”نالو ڇا آهي؟“
    ”ريحان،“ مون جواب ڏنو.
    ”ڪٿان جا آهيو؟“ هن وري سوال ڪيو.
    ”حيدرآباد،“ مختصر جواب ڏنم، نظرون ان سهڻي ءَ تي هيون.
    ”ڀائنجي ٿو؛“ مجيب مرڪندي چيو: ”ان ڇوڪريءَ تي دل اچي ويو اٿئو؟“
    ”نه نه اهڙي ڳالهه ناهي،“ شرمساري لڪائيندي چيو هو.
    45 منٽن کانپوءِ تيز ايلڪٽرانڪ بيل وڳي هئي، جنهن جو مطلب هو ته اسان جي مائيڪرو اڪنامڪس جو ڪلاس شروع ٿي چڪو آهي. هي سبجيڪٽ سر زاهد هاشمي وٽ هو. سر زاهد قد جو بندرو، رنگ جو اهڙو جو ڏامر به کيس ڏسي شرمائجي وڃي، کاڏيءِ تي فرينچ ڪٽ ڏاڙهي. هن به ڪلاس ۾ اول انٽرو شروع ڪيو ۽ چيو هئائين:
    ”اوهان جا سينئر پيار منجهان مونکي عمران هاشمي به سڏيندا آهن، پر افسوس جو عمران هاشمي جهڙي خاصيت مون ۾ ڪونهي.“ سڄو ڪلاس کلڻ لڳو هو. هن هٿ جي اشاري سان چپ ڪرائيندي چيو:
    ”هتان جي انتظاميا جو خيال آهي ته مائيڪرو اڪنامڪس هتي مونکان وڌيڪ بهتر نموني پڙهائي نٿو سگهي، ان ڪري گذريل چار سالن کان فرسٽ ائير جو هي ڪلاس منهنجي ئي مٿو لڳندو پيو اچي،“ هن ڀيري شاگرد مرڪڻ لڳا.
    ”اوهان؛“ سر زاهد چيو: ”وٽ وڃائڻ لاءِ وقت بلڪل نه آهي، ٻه سرپرائيز ٽيسٽ، ٻه ڪوئيز ۽ مڊ ٽرم ڏيندي ڏيندي اوهان جا امتحان اچي ويندا، ان ڪري هاڻي کان ئي تيار رهو.“ ۽ پوءِ پروجيڪٽر تي ليڪچر ڏيڻ شروع ڪيائين. ليڪچر پوري ٿيڻ تائين سر زاهد اسان کي اهڙا ته خواب ڏيکاري ويو جو بس آءِ بي اي منجهان نڪرڻ جي دير هئي، ڪمپنيون نوڪرين سميت اسان جي پٺيان هونديون.
    ميڊم شازيا جو فنڊامنٽلس آف بزنس، جنهن کي هر ڪو ايف او بي سڏيندو هو، ڏينهن جو آخري ڪلاس هو، جنهن کان فراغ ٿيندي ٿيندي 4:30 لڳي چڪا هئا. آئون ان اپسرا جنهن جو نالو ندا هو جي پٺيان پٺيان هلڻ لڳس، ان ڏانهن کانپوءِ هن کي به شڪ ٿي ويو ته آئون سندس پيڇو ڪريان پيو، پر هوءَ بيپرواهه گهندي رهي. شام جو 5:00 لڳي آئون ۽ مجيب آءِ بي اي جي گيٽ کان ٻاهر ٿي نڪتاسين جو ڪجهه ڇوڪرن هلندي مجيب کي ٽڪر هنيو. مجيب هنن ڏانهن ڏٺو ته وڏن وارن واري هڪ ڄڻي چيو:
    ”ڏسي نٿو هلئين، انڌو آهين ڇا؟“
    ”غلطي تنهنجي هئي،“ مجيب نرم لهجي ۾ چئيس ته ان ڇوڪري کيس ماءُ ڀيڻ تي گار ڏني، مجيب کيس ڳٿڙ کان پڪتو ته جهيڙو شروع ٿي ويو، نه چاهيندي به مونکي مجيب سان بيهڻو پيو، هو ڇهه ڄڻا هئا ۽ اسان کي دل تي ڪُٽين، هيٺ ڪرايائون، لتون ۽ مُڪون هنيائون، منهنجي نظر اسٽاف پارڪنگ ۾ بيٺل ڪاري ڪرولا ڏانهن وئي، پٺئين سيٽ جو شيشو لٿو ۽ ميڊم روبينا مرڪي اسان کي ڏٺو، گاڏي ٻاهر هلي وئي.
    ”اها فنڪاري وڃي سنڌ ۾ ڪجان،“ وڏن وارن واري مجيب کي پاسراٽي ۾ لت هڻندي چيو.
    ”ڪراچي به سنڌ آهي،“ مجيب وڏا ساهه کڻندي چئين، هو اسان سنڌين کي گاريون ڏيندا هليا ويا، مونکي پڪ ٿي وئي ته هي سڀ ميڊم روبينا صبح واري بيعزتي جو بدلووٺڻ لاءِ ڪرايو آهي.
    هاسٽل تي مجيب ۽ آئون بلڪل آمهون سامهون واري ونگ ۾ رهندا هئاسين، ان ڪري روز رات جو ماني گڏ کائڻ نڪرون، جنهن کانپوءِ سندس ڪمري تي هڪ فلم ڏسڻ به معمول جو حصو هو. سندس پيءَ اينٽي ڪرپشن ۾ ڪنهن وڏي عهدي تي هو ۽ مجيب جو خيال هو ته هو ڪميشن جو امتحان ڏئي ڪنهن يورپي ملڪ جي سفارتڪاري وٺي سڪون جي زندگي گذاريندو، سندس مزاج منجهان ڪڏهن به نه لڳو ته ڪو هو ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ويندو. ها پر هن جهڙو يار ويس انسان مونکي وري ڪونه مليو.
    آءِ بي اي ۾ شروع وارو ڏيڍ مهينو ته سڪون سان گذريو، هڪ رات اسان مجيب جي ڪمري ۾ سائينس فڪشن تي ٺهيل فلم ”لوسي“ ڏسي رهيا هئاسين، ڇا ته ڪمال جي فلم هئي، هڪ اهڙي ڇوڪري جي ڪهاڻي جيڪا عام انسانن کان سو سيڪڙو وڌيڪ دماغ استعمال ڪندي آهي. ان فلم منجهان خبر پئي ته دنيا جي ٺهڻ کان هن وقت تائين انسان سندس دماغ جو رڳو 10 سيڪڙي تائين جو استعمال ڪيو آهي، ڪائنات ۾ رڳو ڊالفن مڇي ئي اهڙي جاندار آهي جيڪا 20 سيڪڙو دماغ استعمال ڪندي آهي. جيڪڏهن انسان سندس دماغ 20 سيڪڙو تائين استعمال ڪري ته هو پنهنجي بدن تي قابو ڪري وٺندو، 40 سيڪڙو تي هو مادي کي قابو ڪري وٺندو، 60 سيڪڙو تي ٻين انسانن ۽ شين کي، جڏهن ته 100 سيڪڙو تي......
    اوچتو ونگن ۾ ڀڄ ڊڪ ۽ رڙيون شروع ٿي ويون؛
    ”خبر ملي آهي سڀاڻي مائيڪرو اڪنامڪس جي سرپرائيز ٽيسٽ آهي.“ هي خبر هاسٽل وارن لاءِ زلزلي مثل هئي، ونگن ۾ وٺ پڪڙ شروع ٿي وئي، نوٽس کلي ويا، ان وقت تائين اسان اڪنامڪس جا 4 باب ڪيا هئا، سو چئني کي ورجائڻ لڳاسين. مجيب فلم پوري ڪري سمهي پيو ۽ آئون سڄي رات چٻري جيان نوسن ۾ اکيون وجهيو جاڳندو رهئيس. 4:30 لڳي جھوٽا اچڻ لڳا ته ڪرسيءَ تي ئي مٿو رکي اکيون بند ڪيون. ٻيهر اکيون کليون ته 7:15 لڳي چڪا هئا، پرهه ڦٽي چڪي هئي، هاسٽل تي گوڙ ئي گوڙ هو. هڪڙا ڪلهن تي بالٽيون رکي ڪمرن ڏانهن ٿي ويا، ته ٻيا صابڻ، پيسٽ، ٽُٿ برش کنيو باٿ رومن ڏانهن ٿي ويا، آئون ڪمري کان نڪري باٿ رومن ڏانهن وئيس، سڀ باٿ روم ڀريل هئا ۽ اندران مائيڪرو اڪنامڪس جي ڊفينيشن ورجائڻ جا آواز ٿي آيا. باٿ روم کان وريس ته مجيب اٿي چڪو هو، هن نوٽس ٿي پڙهيا، سندس پاسي کان چانهن جو ڪپ رکيل هو. هن مونکي ڏسي مرڪيو ۽ وري پڙهڻ ۾ لڳي ويو. اسان ڪينٽين آياسين ۽ ناشتو ڪري آءِ بي اي پهتاسين. وري به پهريون ڪلاس اسٽيٽسٽڪس جو هو، ميڊم روبينا سپملنگ جا پرابلم حل ڪرائڻ لڳي، پر ڪنهن جو به ڌيان ان ۾ نه هو، شاگردن تي مائيڪرو اڪنامڪس حاوي هئي. ميڊم ڪنهن ڇوڪريءَ کان سوال ڪيو ته هوءَ انڄاڻائي ۾ بارٽر سسٽم جا نقصان ۽ ڪرنسي نوٽ جا فائدا ٻڌائي وئي، ميڊم کيس موتمار نظرن سان ڏٺو هو. ويچاري رخسار ڏاڍي شڪي ٿي هئي. رخسار جي ٺٺ ٺانگرن کي ڏسي لڳندو هو ته هوءَ شهر جي ايليٽ ڪلاس سان تعلق رکندڙ آهي، سدائين گارڊن سان گڏ پيراڊو ۾ ايندي هئي، ڀاڙي ڀتي جو ساهه ته سندس پيرن ۾ پهريل وڏي هيل واري سنڊل کي ڏسي ئي نڪري وڃي. هوءَ ايترا ته سنهڙا ڪپڙا پائيندي هئي، جو سندس سڀ ڪجهه ظاهر ٿيندو هو، ۽ نه چاهيندي به نظرون سندس چاندي جهڙي بدن ڏانهن کڄي وينديون هيون، کيس ڪنهن جي به پرواهه نه هوندي هئي. ٽيسٽ واري ڏينهن کيس آسماني رنگ جي بنا ٻانهن واري ٽي شرٽ پهريل هئي، جنهن منجهان سندس ڳاڙهو بريزئير صاف ظاهر ٿي رهيو هو. اسٽيٽسٽڪس جو ڪلاس پورو ٿيو ته اسپيڪرن تي انائونسمنٽ ٿي:
    ”فرسٽ ائير پنج منٽن اندر امتحاني هال نمبر 2 ۾ گڏ ٿئي.“ سڀ شاگرد ڪلاسن جي ونگ کان نڪرندا، باغ کان ٿيندا هال نمبر 2 ۾ آيا، ان جي شيشي جي در منجهان اندر داخل ٿياسين، هال وڏو ۽ ڪشادو هو، جنهن ۾ هڪ اسٽيج پڻ ٺهيل هو ۽ ڀتين تي ڪارا اسپيڪر لڳل.
    ”هر ڪو؛“ اسپيڪرن منجهان سر زاهد جو آواز آيو: ”سندس رول نمبر واري ڪرسي تي ويهي.“ منهنجو ۽ رخسار جو نمبر هڪ ٻئي جي آمهون سامهون لڳو. ڏهن منٽن ۾ اسان کي هڪ شيٽ ڏني وئي جنهن تي صحيحيون ورتيون ويون، پوءِ هڪ ٻي شيٽ آئي، جنهن تي هڪ کان سٺ تائين انگ لکيل، ۽ انگن اڳيان اي کان ڊي تائين اکر لکيل.
    ”او آر ايم شيٽ؛“ آواز آيو: ”تي رول نمبر لکو.“ شاگردن ائين ئي ڪيو ۽ پوءِ هيدايتون ڏنيون ويون ته سوال ڪهڙي نموني حل ڪرڻا آهن. منهنجي نظر پاڻمرادو رخسار ڏانهن وئي، هوءَ جهڪي شيٽ تي ڪجهه لکي رهي هئي،نظرون سندس گول ڀريل اڇين ڇاتين جي وچ ۾ ڪرندڙ پگهر جي بوندن تي پئي، اندر جا سڀ ارمان اڇل کائڻ لڳا. هن شيٽ منجهان نظرون ڪڍي مونکي ڏٺو، مون شرمساري لڪائيندي هيڊي مرڪ مرڪي، جنهن جو هن تي ڪو به اثر نه ٿيو. ايتري ۾ سر زاهد هال ۾ آيو، سندس بغل ۾ رنگ برنگي لفافا هئا. هن نمبر وار لفافا ورهائڻ شروع ڪيا. اسان کي 30 منٽن ۾ 60 سوال حل ڪرڻا هئا. منهنجو سڄو ڌيان رخسار جي لسي بدن ڏانهن هو. ان ڪري سوال سمجهه ۾ ئي نٿي آيا. مجيب 20 منٽن ۾ اٿيو ۽ پيپر ڏئي ٻاهر هليو ويو، اسان سڀني حيرت منجهان کيس ڏٺو. ان جي پنجن منٽن کانپوءِ رخسار اٿي ته مون کيس ويران نظرن سان ڏٺو.
    ”ايسڪيوزمي سر،“ هن سُريلي انداز ۾ ڳالهايو ته سر زاهد هن کي ڏسي چيو:
    ”يس مس رخسار.....!!“
    ”سر؛“ هن بنا ڪنهن خوف جي انگريزي ۾ چيو: ”ريحان مونکي جنسي هراسان ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪري.“ اهو ٻڌي منهنجا طوطا اڏامي ويا ۽ اکيون حيرت ۾ ٻاهر نڪري آيون. هڪدم اٿي بيهي پنهنجي دفاع ۾ ڳالهايو:
    ”معاف ڪجو سر، رخسار مونکي ڊسٽريڪٽ پئي ڪري، کيس ايترا ته سنها ڪپڙا پهريل آهن جو آئون پيپر ۾ توجو نه پيو ڏئي سگهان.“ هال جي ڪنهن ڪنڊ منجهان سيٽين جا آواز آيا.
    ”پليز..... پليز......،“ سر زاهد هٿ هوا ۾ لوڏيندي چيو: ”اوهان ٻئي فلحال ويهي رهو، ڪنهن ڪنهن کي ڇا ڪيو انجو فيصلو پوءِ ڪنداسين.“ اسان ٻئي ويهي رهياسين. آخري منٽ ۾ مون ۽ رخسار گڏ پيپر واپس ڪيو ۽ ٻاهر نڪرڻ لڳاسين، من ۾ اهو ئي هو ته هاڻي رخسار بيعزتو ڪندي به ۽ انتظاميا کان ڪرائيندي به.
    ”ريحان،“ هن نرم لهجي ۾ سڏيو، سمجهي وئيس هوءَ وڙهڻ جي موڊ ۾ آهي ۽ منهنجي عزت جو فالودو نڪرڻ وارو آهي، هاڻي ندا ڪنهن به منهنجي محبت تي اعتبار نه ڪندي، سدائين مونکي هڪ جنسي مريض سمجهندي.
    ”جي،“ رخسار کي ڏسندي چيم.
    ”ڇا سچ؛“ هن مرڪندي چيو: ”مون توکي ڊسٽريڪٽ ٿي ڪيو؟“ اهو ٻڌي حيرت ٿي ۽ هاڪاريءَ ۾ ڪنڌ لوڏيم.
    ”معاف ڪجان يار؛“ هن ٻيهر مرڪندي چيو: ”مونکي بلڪل به اندازو نه هو.“ مون کيس ڪو به جواب نه ڏنو ته هن هٿ وڌائيندي چيو:
    ”ته پوءِ دوست!“ سندس نرم نازڪ اڇو هٿ هٿ ۾ پڪڙي ها ڪئي. يتري ۾ سر زاهد به ٻاهر نڪري آيو هو، مرڪندي چيائين:
    اوهان جو مسئلو حل ٿي ويو نه؟“
    ”جي ها سر،“ رخسار مرڪي جواب ڏنس، آئون ڪنڌ جهڪائي بيٺو هوس. اسان ٻئي گڏ ڪينٽين ڏانهن وڃڻ لڳاسين جو سموري فرسٽ ائير کي نوٽس بورڊ وٽ گڏ ٿيل ڏٺو. اسان به شيشي جي نوٽس بورڊ وٽ آياسين جو خبر پئي هئي، ٻئي ڏينهن ايف او بي جو ڪوئيز آهي. ڪينٽين بدران هر ڪو لائبرري ڏانهن ويو.
    ”ٻڌ ريحان،“ لائبرري جي شيشي واري در ٻاهران رخسار چيو.
    ”جي...“ کيس اکين ۾ ڏسندي چيم.
    ”سڀاڻي؛“ هن ڳاڙهن چپن تي زبان ڦيرندي چيو: ”واري ٽيسٽ جي تياري مونسان گڏ ڪندين؟“ اهو ٻڌي ڏاڍي حيرت ٿي هئي هڪ پل لاءِ ته ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو، فيصلو نه ڪري سگهيس ته ها ڪجي يا نه.....!! رخسار منهنجي خاموشي منجهان پريشاني جو تت لهي ورتو ۽ مرڪي نرم لهجي ۾ چيائين:
    ”فڪر نه ڪر آئون توکان بدلو نه وٺنديس.“ اهو ٻڌي منهنجي منهن تي به هيڊي مرڪ اچي وئي ۽ ڪنڌ نفي ۾ لوڏيندي چيم:
    ”تنهنجي گهر وارن کي ڪو اعتراض نه هوندو؟“ هن کان ذري گهٽ ٽهڪ نڪري ويو هو ۽ چيائين:
    ”سمجهه ته آئون اڪيلي رهندي آهيان.“ مون کيس ويران نظرن سان ڏٺو هو.
    ”ايندين....!!“ هن پنهنجائپ منجهان چيو: ”سچ پڇئين ته اڪيلي گهر ۾ من ئي نه لڳندو آهي، تون ايندين ته مونکي خوشي ٿيندي.“
    ”جيڪڏهن؛“ سندس گول مک ۾ ڏسندي چيو: ”توکي خوشي ملندي ته پوءِ ضرور ايندس.“ اسان لائبرري ۾ داخل ٿيڻ لڳاسين.
    ”۽ ها؛“ هن اندر وڌندي چيو: ”ندا کي اهڙين نظرن سان نه ڏسندو ڪر.“ سندس اهو جملو ٻڌي ويتر شرمساري ٿي، ائين لڳو ڪنهن چوري پڪڙي وڌي هجي.
    ”هاڻي ته پوري ڪلاس کي خبر پئجي وئي آهي ته تون ندا کي چاهين ٿو.“ ان تي مير تقي مير جو هڪ شعر ياد اچي ويو هو ۽ آءِ بي اي جي سائي ڇٻر ڏانهن ڏسندي چپن ۾ ڀڻڪيو هئم:
    ”پتا پتا بوٽا بوٽا، حال همرا جاني هي،
    جاني نا جاني ايڪ گل هي نا جاني باغ تو سارا جاني هي.“ هوءَ مرڪي هلي وئي. رخسار جو اهڙي طرح ويجهو اچڻ هزارئين سوالن کي جنم ڏئي ويو. باقي ڪلاسن ۾ رڳو اهو ٿي سوچيم ته رخسار ڏانهن وڃجي يا نه.....!! پر هن سان واعدو ڪري ويٺو هئس، اسان سنڌي به ڏاڍا عجيب ٿيندا آهيون هڪ ڀيرو ڪنهن سان واعدو ڪري ويهون ته قيامت تائين ان سان توڙ نباهيون، پوءِ اسان کي نتيجن جي پرواهه نه رهندي آهي. شايد اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڌاريا اسان سنڌينکي آساني سان سندن مفادن لاءِ استعمال ڪري ويندا آهن، نه ته ڪير ٿو ٻين لاءِ ڦاهي چڙهي ۽ گولي کائي.....!!
    آئون ۽ مجيب هاسٽل تي آياسين هئاسين، ٻئي خاموش ڄڻ هڪ ٻئي سان هجون ئي نه، آئون رخسار ۽ ندا بابت سوچي رهيو هئيس، خبر نه هئي مجيب ڇا جي باري ۾ پئي سوچيو، پر ايتري پڪ هئي ته هو ڪنهن ڳالهه کان ناخوش هو.
    ”ڇا؛“ هن نيٺ ڳالهايو، مون سندس اداس چهري ۾ ڏٺو، اسان هاسٽل جو ڪارو گيٽ ٽپي فرسٽ ائير جي ونگن ڏانهن وڌياسين: ”سنڌي هجڻ گناهه آهي؟“ هن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو. سمجهي وئيس ته وري ڪنهن سنڌيت تي آڱر اٿاري آهي. 1980ع واري ڏهائي کانپوءِ سنڌين ۾ قومي بيداري ۽ شعور اچڻ لڳو ته اسان سنڌين کي ڏاهر جي اولاد سڏڻ شروع ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌ ۾ رهندڙ ڌارين کي محمد بن قاسم جو وارث، پر ان ۾ چڙڻ جي ڪهڙي ڳالهه هئي، ها اسان راجا ڏاهر جا پيروڪار آهيون، راجا ڏاهر ته سنڌ تان جان گهوري شهادت جو عظيم رطبو ماڻيو ۽ اهو محمد بن قاسم ڪير هو ۽ ڪير آهي....؟ هڪ چور، ڦورو، قابض، جنهن کي پاڻ عربن ئي ماري جانورن جي کل ۾ خليفي ڏانهن اماڻيو ۽ خليفو به ڪو ان منجهان ايڏو بيزار جو سندس قبر به نه اڏرايائين، ان محمد بن قاسم ظلم ڪيو ۽ دنيا ۾ رسوا ٿي ويو، جيڪڏهن هو عربن ۽ مسلمان جو سورمو هجي ها ته ضرور اڄ هن جي ڪا نه ڪا يادگار هجي ها، ۽ هي ڌاريا ان ڦورو جا ئي وارث آهن، هو به بن قاسم جيان سنڌ کي لٽي رهيا آهن.
    ”اسان؛“ مجيب ڪاوڙ جو اظها ڪندي چيو: ”کين پنهنجي وطن ۾ رهڻ ڏنو، جڏهن هنن وٽ ڪجهه نه هو ته کين سڀ ڪجهه ڏنو ۽ هاڻي اسان جي ئي پيرن هيٺان ڌرتي ڪڍڻ ۾ لڳا پيا آهن.“ مجيب پنهنجي ڪمري ڏانهن هليو ويو.
    آئون روم تي پهتس ته منهنجو روم ميٽ عابد، جيڪو اصل ڪشميري هو ليپ تاپ تان ايف او بي جي سلائيڊن کي پڙهڻ ۾ گم هو، در کلڻ تي به اکيون کڻي مٿي نه ڏٺائين. آئون ڀت تي لڳل ڪاٺ جي ناسي ڪٻٽ ڏانهن آيايس، نيري رنگ جي جينز ۽ ٽي شرٽ ڪڍي باٿ رومن ڏانهن وڃڻ لڳس، هن ڀيري به عابد ليپ ٽاپ منجهان نظرون نه ڪڍيون.


    6

    آئون رخسار جي ٻڌايل ايڊريس موجب 70 ڪلفٽن تي پهتس، سندس گهر بلاول چورنگي کان ٿورو اڳيان هو. هي سمورو علائقو ريڊ زون هو، آئون رخسار جي ٻه ماڙ بنگلي جي ناسي گيٽ وٽ رڪشا منجهان لٿس. مٿئين ماڙ تي لڳل ڪارن شيشن ۽ اڇي بالڪوني ڏانهن نظر وئي. گهر جي ٻاهران ننڍڙي باغيچي ڏانهن نظر وئي، جنهن جي لوهي ڄاري جي ٻئي پاسي سائي ڇٻر ۽ وڻ ٻوٽا لڳل هئا. در ٻاهران پلاسٽڪ جي ڪرسي رکيو هڪ پٺاڻ چوڪيدار ، جنهن کي نيري وردي پهريل ۽ هٿ ۾ رپيٽر هو. مونکي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي اٿي بيٺو.
    ”خان صاحب؛“ مون نرم لهجي ۾ چيو: ”رخسار سان ملڻو آهي.“ هن مونکي هيٺ کان مٿي تائين چيتائي ڏٺو ڄڻ کيس ماءُ ڀيڻ تي ڪا ننگي گار ڏئي ويو هجان. سندس اهڙي نموني تڪڻ تي خوف جو احساس ٿيو، بلڪل اهڙو خوف جيڪو ڪنهن 80 سالن جي عياش پير جي حويلي منجهان 16 سالن جي ڇوڪري ڀڄائڻ مهل ٿيندو آهي. هن بادامي رنگ جي ڀت تي لڳل اڇي انٽرڪام جو ريسور کڻي هڪ انگ ملائي پٺاڻڪي اردو ۾ ڳالهايو:
    ”رخسار بيبي اوهان سان ڪو ملڻ آيو آهي.“ پوءِ ريسور ڪن کان پري ڪندي مونکان پڇيائين:
    ”تون ريحان آهين؟“
    ”جي ها،“ ترت جواب ڏنم ڄڻ مردي ۾ ساهه پئجي ويو هجي. هن در کولي مونکي اندر ڇڏيو، آئون رخسار جو خوبصورت گهر وائڙن جيان ڏسڻ لڳس، پورچ ۾ اها پراڊو جنهن تي هوءَ آءِ بي اي ايندي هئي 7 ان جي پاسي کان نيري رنگ جي الٽو به بيٺل هئي. ڪاٺ جو ناسي در کليو ۽ رخسار ٻاهر آئي، ان وقت کيس ڪارو ٽيرڪ سوٽ ۽ ٽي شرٽ پهريل هئي.
    ”ريحان؛“ مونکي ڏسي مرڪي چيائين: ”اچ..... اچ.......“ اسان ٻئي اندر آياسين، سمورو گهر ڪارپيٽڊ، هر ڪنڊ منجهان گلابن جي خوشبو ٿي آئي، ٽي ڪمرا هيٽ جن جا اڇا در بند، وچ ۾ وڏو هال جنهن هڪ پاسي ڀت تي وڏي پلازما ٽي وي لڳل، ڇت ۾ شيشي جو فانوس، گول نرم ڪارا صوفا سيٽ، انهن جي پاسي ۾ شيشي جون ٽيبلون جن تي قيمتي ۽ نفيس شو پيس رکيل. اسان ماربل جون ڏاڪڻون چڙهي گهر جي مٿئين حصي ۾ آياسين. ڪمري ۾ سندس ڪشادي بيڊ ٿي ويهي ڪلاڪ کن هتان هوتان جون ڳالهيون ڪيون، رخسار پيپسي ۽ نمڪو کڻي آئي.
    ”هاڻي پڙهڻ شروع ڪريون؟“ مون سندس اکين ۾ ڏسندي چيو.
    ”توکي؛“ هن کلندي چيو: ”ڇا ٿو لڳي ته مون توکي هتي پڙهڻ لاءِ گهرايو آهي!!“
    ”ته باقي......!!“ حيرانيءَ منجهان کيس ڏسندي پڇيم.
    هوءَ اٿي ڪمري کان نڪتي ۽ ڪارا شيشا کولي بالڪوني ۾ پيل پلاسٽڪ جي سليٽي ڪرسي تي ويهي رهي، ٻاهر سج مڪمل طور لهي چڪو هو ۽ هر طرف ڪاري رات ڪاراڻ ڦهلائي وئي هئي، مونکي ٻئي ڏينهن واري ڪوئيز جو فڪر ستائڻ لڳو، سوچيو: ايف او بي پڻ هٿان نڪري ويو. آئون به بالڪوني ۾ هن جي پاسي واري ڪرسي تي ويٺس. هن لاپرواهي منجهان سگريٽ دکايو. ٻاهر گهٽيءَ ۾ ڏسڻ لڳس.
    ”لڳي ٿو؛“ مون آهه ڀري چيو: ”تنهنجو پيءَ يا ته وڏو بزنس مين آهي يا وري وڏي قد ڪاٺ وارو سياستدان..!!“
    ”هن دنيا ۾؛“ هن لاپرواهي ۾ ڪش هڻي ڪاري آسمان کي ڏسندي چيو: ”اهڙو ڪوبه مرد نه آهي جنهن کي آئون پنهنجو پيءَ چئي سگهان، يا وري ڪلفٽن جو هر ٻيو مرد منهنجو پيءَ هوندو.“ سندس لهجي ۾ ڏک جي هڪ لهر هئي، اهو ٻڌي تعجب ٿيو ۽ هن کي ويران نظرن سان ڏٺو.
    ”ائين؛“ هن ڪش هڻندي چيو: ”ڇا پيو ڏسين؟“
    ”ڪجهه.......“ هٻڪندي چيم: ”ڪجهه به نه....“
    ”اهو ئي سچ آهي،“ هن ڪش هڻي لاپرواهي منجهان چيو، اسان جي وچ ۾ خاموشي اچي وئي.
    9:30 لڳي اسان ميڪڊونلڊ تي برگر وغيره کائڻ وياسين، اٿڻ مهل رخسار ڪنهن کي فون تي بوتل ڏئي وڃڻ جو چيو هو. کيس ايترو اداس اڳ ڪڏهن نه ڏٺو هو. اسان سندس گهر موٽياسين، ساڳي بالڪوني ۾ ويٺاسين. هن ٻڌايو ته ورهاڱي کان اڳ سندس ناني وارن جو ڪوٺو هو، جتي سندس وڏيون ماسيون ناچ ڪنديون هيون، ۽ سندس وڏا ماما هنن جا دلال هئا. جڏهن ورهاڱو ٿيو ته سندس نانيءَ جو خيال هو ته کين ڪير ڪجهه نه چوندو، هندو، سک، مسلمان ۽ انگريز، سڀ سندس گرهاڪ هئا، پر سندس اندازو غلط هو، هندو ۽ سک رخسار جي ٽن ماسين کي اغوا ڪري ويا، جڏهن ته سندس وڏن مامن کي ماري ڇڏيو. سندس ناني لاهور جي هيرا منڊي ۾ اچي رهڻ لڳي، جتي کيس ٻه ٻار ٿيا پٽ اڪرم ۽ پوءِ شبنم، رخسار جي ماءُ، پر هيرا منڊي جي عورتن زخسار جي ناني کي برداشت نه ڪيو ۽ هن کان ڪوٺو خالي ڪرائي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ هوءَ ٻن ٻارن سميت ڪراچي اچي وئي. هن لالو کيت جي ڪچي آبادي ۾ ٻيهر ڪمائڻ شروع ڪيو. جڏهن شبنم جواني جي پهرئين بهار ۾ پير پاتو ته هن هڪ سيٺ سان اڍائي لکن ۾ شبنم جي ڪنوارپ جو سودو ڪيو. اڳيان هلي اڪرم ڀيڻ لاءِ گرهاڪ ڳولڻ لڳو، اڪرم چالاڪ قسم جو دلال ثابت ٿيو، هن ڪراچي جي پوش علائيَن تي نظر وڌي ۽ پوءِ شبنم وارن سان ڪلفٽن اچي ويو، شروع شروع ۾ شبنم زمزما جي گهٽين ۾ رات جي پهر بيهي گراهڪن جو انتظار ڪندي هئي، پوءِ ڪڏهن ڪو گاڏي ۾ سندس بدن جي گرمي جو مزو وٺي ته ڪڏهن وري ڪو گهر وٺي وڃيس، اڪرم پوليس وارن، سياستدانن ۽ ڪاروباري طبقي سان تعلق ٺاهيا ۽ پوءِ ڪلفٽن جو سڀ کان مشهور دلال ٿيو، سندس ڇوڪريون دبئي ۽ شارجه لاءِ به بڪ ٿيڻ لڳيون، هن وٽ مشهور اداڪارئون ۽ ماڊل آهن، جن سندس ڪمائي کي آسمان تائين رسائي ڇڏيو آهي.
    ڪجهه دير کانپوءِ هڪ بندرو شخص آيو ۽ رخسار کي خاقي لفافو ڏئي بنا ڪجهه چئي يا ٻڌي هليو ويو.
    ”تون پئيندو آهين؟“ رخسار پڇيو.
    ”اڄ تائين ته؛“ سندس اداس اکين ۾ ڏسندي چيم:”نه پيتي آهي.“
    ”پوءِ؛“ اک هڻي لفافي منجهان شراب جي بوتل ڪڍندي چيائين: ”اڄ ڇا ارادو اٿئي؟“ آئون خاموش رهئس. هوءَ اٿي اندر وئي ۽ ٻه گلاس، پيپسي بوتل ۽ برف کڻي آئي.
    ”توکي؛“ جام ٺاهيندي چيائين: ”خبر آهي ته سنڌ جي سياست جا اهم فيصلا، رات جي پهر اسان جي ئي گهر ۾ ٿيندا آهن.“ مون حيرانيءِ منجهان کيس ڏٺو، ته هن مرڪي اڌ ڀريل گلاس مون ڏانهن وڌايو، مون جام ورتو ته آڱريون سندس آڱرين سان ٽڪرايون.
    ”پٺئين؛“ هن شراب جي سرڪي ڀريندي چيو: ”دورِ حڪومت ۾ ڪجهه وزيرن ماما اڪرم کي خاص صلاحڪار طور رکيو، هن جڏهن ڏٺو ته سياسي ميدان ۾ ڪابه هلچل نه ٿئي رهي آهي ۽ هاڻي هر ڪو لغڙبازي يا تيربازي کي ڇڏي بيٽ کڻي رهيو آهي ته سنڌ جي ٻن اهم پارٽين جي ميمبرن جي داعوت ڪري صلاح ڏنائين ته سندن پارٽين جو ووٽ تيزي سان ڪري رهيو آهي، سنڌ ۾ قومپرست سياست اوج تي اچي وئي آهي، جڏهن ته باقي ملڪ ۾ بيٽ جو دور هلي پيو آهي، ڪو هُل هنگامو ٿيڻ گهرجي.
    ”ڪهڙو هُل هنگامو؟“ اسيمبلي ۾ وات ڦاڙي رڙيون ڪندڙ سنڌي وزير جنهن اربين روپيا لوٽي ملڪيت ٺاهي آهي شراب جي چسڪي ڀريندي پڇئيس.
    ”ڇو نه سنڌ ورهائڻ جو شوشو ڇڏجي؟“ ماما شيطاني کل کلندي چيو. ٻنهي حيراني منجهان کيس ڏٺو.
    ”اوهان منجهان؛“ ماما چيو: ”هڪڙو رڙيون ڪري ته هڪ خاص طبقي کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، ان ڪري سنڌ ۾ الڳ صوبو هجڻ گهرجي، ٻيو وري سنڌ جي باقيات جا نعرا هڻڻ، هي سنڌي ڌرتي جي معاملي ۾ ڏاڍا جذباتي ٿيندا آهن، هو هڪڙي ڌر جي خلاف ٿي بهندا ۽ ٻي ڌر ڪراچي جي آبادي کي پاڻ سان ڪري.“
    ٻئي ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ انهي ميمبر اڳ سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪئي، ته هن سان رات گڏ آيل وڏي واکي ان ميمبر ۽ سندس پارٽي کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ شروع ڪيو. ان ڏينهن ڪراچي ۾ 18 لاشا ڪريا هئا. نيٺ ڳالهه بلدياتي نظام تي وڃي پهتي، راتو رات هڪ آرڊيننس آندو ويو. سنڌي قومپرست هاءِ گهوڙا ڪري روڊن تي نڪري پيا، جڏهن ته هي ٻئي ڌريون پنهنجي سياست چمڪائينديون رهيون.“ اهو ٻڌي منهنجو مٿو ڦرڻ لڳو، يا اهو پهريون ڀيرو پئيڻ جو اثر هو.
    ”خير؛“ رخسار جام خالي ڪندي چيو: ”ڇڏ انهن ڳالهئين کي.“ مون شراب جي سرڪي ڀري هئي.
    ”هڪ ڳالهه چوائين؟“ هن گلاس ۾ شراب ۽ پيپسي بوتل ملائيندي پڇيو.
    ”ها؛“ کيس ڏسندي چيو.
    ”ندا جي چڪرن ۾ نه پئو، هوءَ تنهنجي پيار ۾ نه ايندي.“ هن بنا ڪنهن تاثر جي چيو. ان وقت سندس جملو عجيب لڳو ۽ هن جي ڳالهه تي اعتبار نه ڪيم. مونکي پورو ڀروسو هو ته آئون ندا کي پنهنجي چري چاهت جو اعتبار ڏياريندس.
    پئيندي پئيندي رات جو هڪ ٿي ويو، اسان تي خمار ٿيڻ لڳا، اٿي اندر آياسين، رخسار بلڪل منهنجي سامهون هئي ۽ ٻئي ٻانهون ڳيچيءَ ۾ وڌائين، وڏا ساهه کڻڻ سبب سندس گول ڇاتيون اندر ٻاهر ٿيڻ لڳيون، هوءَ اڃا به ويجهي آئي ۽ پوءِ اسان جا گرم لب ٽڪرايا. ڪمري اچي هن مونکي بيڊ تي اڇل ڏني، مٿان اچي منهنجي ڪلين شوءَ منهن تي ڳاڙهي زبان سان حملو ڪيائين، آئون سندس گول ڇاتين کي مهٽا ڏيڻ لڳس، وري چپ ٽڪرايا، نيٺ اسان جا گرم بُت هڪ ٿي ويا.
    ٻئي ڏينهن ٽيسٽ دوران ٻئي ڄڻا اُٻاسيون ڏيندا رهياسين، آئون هڪ به سوال حل نه ڪري سگهيس، رخسار ڏانهن ڏٺو، هن مرڪيو هو، ذهن تي سندس چيل جملي:
    ”سنڌ جي سياست جا اهم فيصلا رات جو هن جي گهر ۾ ٿيندا آهن.“ ٽڪرائجڻ لڳو. جئين ته ان وقت تائين سياست ۾ ڪا خاص دلچسپي نه هئي ان ڪري ان جملي تي وڌيڪ سوچڻ وقت جو ذيان سمجهيو. هال ۾ نظر ڦيري ندا ڏانهن ڏٺو، هن مونکي ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري ڇڏيو ته دل تي بجلي ڪرندي محسوس ڪئي.


    7

    سڀني ٽيسٽن جو ريزلٽ آيو ته اسٽيٽسٽڪس کانسواءِ مجيب هر سبجيڪٽ ۾ ٽاپ ڪيو، جنهنجي ڪري ندا اسان جي گروپ ۾ اچي وئي. ندا کي ملڪي سياست تي بحث ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو، جڏهن ته پيار، محبت ۽ عشق هن لاءِ اهڙا لفظ هئا جن جي ڪا به اهميت نه هوندي آهي. هوءَ اسان کي اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ته پاڪستان جي بهتري رڳو ننڍن انتظامي يونٽن ۾ ئي آهي، جڏهن ته مجيب کيس اهڙا دليل ڏيندو هو جنهن سان هوءَ خاموش ٿي ويندي هئي. آئون دل ۾ دعائون گهرندو هئيس ته مجيب ڪو اهڙو جملو نه چئي وجهي جنهن سان ندا اسان کان موڪلائي هلي وڃي ۽ ٻيهر ڪڏهن اسان سان گڏ نه ويهي. ندا لاءِ به اسان سنڌي ڄٽ، وڏيرا، ڌاڙيل، رهزن، ملڪ دشمن، هندوستاني ايجنٽ، اسلام دشمن هئاسين.
    هڪ ڀيرو ڪينٽين ۾ مجيب ۽ ندا جو گرما گرم بحث ڇڙي پيو هو. آئون ۽ رخسار سندن ڳالهئين کي نظر انداز ڪري گرما گرم سموسا ٿي کاڌا جو ندا چيو:
    ”جيڪڏهن اسان هجرت ڪري ڪراچي نه اچون ها ته اوهان سنڌي اڄ به گڏهن جي ميل تي شرطون هڻندا هجو ها، اسان ئي اچي اوهان کي تهذيب ڏني، اوهان کي گڏهن منجهان انسان ڪيو.“ اهو ٻڌي مجيب جو منهن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو، مون کيس اک جي اشاري سان اهو چوڻ جي ڪوشش ڪئي ته خدا جي واسطي منهنجي عشق خاطر هي زهر جو ڍڪ پي وڃ، پر مجيب آڏو جڏهن سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالهه اچي ويندي هئي ته هو ٻئي هر ڳالهه کان بي پرواهه ٿي ويندو هو.
    ”اها؛“ هن چيو ته منهنجو دل ڪاڪڙي تائين اچي ويو: ”اوهان جي غلط فهمي آهي، اسان سنڌي اوهان جي محمد بن قاسم کان گهڻو اڳ تهذيب وارا هئاسين، سچ ته اهو آهي ورهاڱي مهل هتان جو پڙهيل لکيل مڊل ڪلاس لڏ پلاڻ ڪري ويو ۽ هن پار کان ڪسائي، پاڪٽ مار، بشني ۽ فقير، جن وٽ اُتي ڪجهه به نه هو سنڌ هليا آيا. ندا تون مونکي ڪو هڪ اهڙو مسلمان خاندان ٻڌاءِ جيڪو ويل سٽيلڊ هجي ۽ ان هندوستان ڇڏيو....!! اڄ به ويل سٽيلڊ مسلمان هندوستان ۾ ئي رهندڙ آهن ۽ سندن زندگي معيار هتان جي مسلمانن کان وڌيڪ بهتر آهن. اُتان جا مسلمان سموسن ۾ ڪوئي جو قيمو وجهي وڪرو نه ڪندا آهن،“ اهو ٻڌي رخسار هٿ ۾ جهليل سموسو پليٽ ۾ رکي ڇڏيو، جنهن تي اسان سڀ کلڻ لڳاسين. ندا کان اهو برداشت نه ٿيو ۽ ڪاوڙ ۾ اٿي هلي وئي. مونکي پنهنجي عشق جي ٻيڙي ٻندي نظر آئي، ان جو ذميوار منهنجو گهيرو دوست هو، جنهن کي آئون ڪجهه به نٿي چئي سگهيس.
    بهرحال پهرئين سال جي آخري پيپر تائين ندا سان اکين ئي اکين ۾ محبت جو اظهار ڪندو رهئيس، جنهن کي هوءَ نظر انداز ڪندي رهي. اهو خمس جو ڏينهن هو، اسان سمسٽر بريڪ تي وڃڻ وارا هئاسين، جو آءِ بي اي جي باغ ۾ ندا ڏانهن آيو هئيس، هوءَ ان وقت ناريل جي وڻ کي ٽيڪ ڏيو اڪيلي ويٺي هئي، سياري جي شام سج هوريان هوريان آسمان کان ترڪڻ لڳو هو. آئون به ناريل جي وڻ کي ٽيڪ ڏئي سندس پاسي کان ويٺس ۽ اکين ۾ اکيون وجهندي چيو:
    ”آئون توسان عشق ڪريان ٿو ۽ تو بنا رهي نه سگهندس.“ هوءَ خاموش رهي، من اندر جي بيچيني وڌڻ لڳي.
    ”آئون؛“ ڏڪندڙ چپن سان چيو: ”سڄي عمر توسان گڏ گذارن گهران ٿو.“
    ”ڏس ريحان،“ هن هوريان ڳالهايو، منهنجو نالو کنيائين ته ائين لڳو ڪائنات حرڪت ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي. مون سندس چاندي جهڙي چمڪندڙ چهري ڏانهن ڏٺو.
    ”تون؛“ هن ٻيهر هوريان چيو: ”سٺو ڇوڪرو آهين، پر.......“ ڪجهه چوڻ چاهيائين، چئي نه سگهي ۽ چپ ٿي وئي، مون سيني تي وڇون هلندي محسوس ڪيا، جڏهن ڳچ پلن لاءِ نه ڳالهايائين ته مون چيو:
    ”پر ڇا ندا،“ منهنجا چپ ٿڙڪڻ لڳا.
    ”ڇڏ بس،“ هن بيزاري جو اظهار ڪندي چيو.
    ”چئو ندا، خدا جي واسطي چئي ڏئي؛“ التجا ڪندي چيم: ”هي منهنجي لاءِ زندگي موت جو سوال آهي.“
    ”تون نه سمجهندين،“ هن نارنگي ٿيندڙ آسمان کي ڏسندي چيو. هوءَ اٿي بيٺي ته آئون به اٿي بيٺس ۽ هوريان چيم:
    ”ڇا نه سمجهندس؟“
    ”اهو ئي ته.....“ هن تلخ لهجي ۾ چوڻ جي ڪوشش ڪئي پر وري جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنائين. آئون وائڙن جيان هن کي ڏسڻ لڳس. هڪ پل جي خامشي من اندر کي چيرڻ لڳي، ائين لڳو ڄڻ من صدين کان موهن جو دڙو جيان ماتم ۾ ڀُرجندو هجي، اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون......
    ”ڏس ريحان،“ هن مونکي ڏٺو، اکين ۾ ڀرجي آيل نير ڏسي وري هڪ پل لاءِ خاموش ٿي وئي، مون پوري طرح ڄاتو ٿي ته ندا من جي خوشحال موهن جي دڙي تي بجلي ڪرائي ان کي مردن جي وسندي بڻائي ڇڏيندي، دل جي چمن تي ارغونن جي گهڙن کي بڄندي ۽ ٺٽي کي ساڙيندي ڄاتم.
    ”تون سنڌي آهين ۽ آئون غير سنڌي آهيان،“ ندا چيو هو.
    ”ندا؛“ هوريان سندس نالو کڻي چيم: ”ان سان ڪهڙو فرق پئي ٿو؟“
    ”فرق پئي ٿو ريحان؛“ هن هلڪڙو احتجاج ڪندي چيو: ”آئون اوهان جي ڄٽڪي سنڌي ماحول ۾ نٿي ڦاسڻ چاهيان.“
    ”پر؛“ ڳيت ڏئي هوريان کيس سمجهائيندي چيم: ”پاڻ ٻئي مسلمان آهيون، ڇا اهو ڪافي نه آهي؟“
    ”نه اهو ڪافي نه آهي؛“ هن ساڳي طرح احتجاج ڪندي چيو: ” اهي ڪتابي ڳالهايون آهن؛ اوهان سنڌي اسان جي آزادي، ٻولي ۽ ڪراچي جا دشمن آهيو.“ اهو ٻڌي منهنجو مٿو ڦرڻ لڳو هو.
    ”ڪراچي اسان سنڌين جو آهي،“ هن واري مون احتجاج ڪندي چيو.
    ”اچي وئين نه؛“ هن طنز ڀري مرڪ اڇلائيندي چيو: ”پنهنجي اصليت تي.“
    ”تون؛“ روئڻهارڪي لهجي ۾ چيم: ”اسان جي محبت کي سياسي رنگ ڇو پئي ڏئين؟“
    ”اسان جي محبت.....!!“ هن حيرت جو اظهار ڪندي چيو: ”مون ڪڏهن به توسان محبت نه ڪئي آهي، نه ئي وري ڪنهن سنڌي سان محبت ڪنديس.“
    هوءَ هلڻ لڳي، آئون به هن جي پٺيان هليس.
    ”ندا،“ سندس نالو کنيم، اکين سان گڏ من پڻ ڀرجي ويو. ندا مڙي مونکي ڏسي نفي ۾ ڪنڌ هلايو ۽ تڪڙيون وکون کڻندي هلي وئي. هوءَ مونکي رڳو ان ڪري ڇڏي وئي جو آئون سنڌي هئيس. اسان کي هن ملڪ جي درسي ڪتابن جيڪو ڪجهه پڙهايو ويو سو ڪوڙ هو، سچ اهو هو ته مون جنهن سان محبت ڪئي هئي، ان مونکي منهنجي سنڌي هجڻ ڪري سزا ڏني.
    ٽٽل دل کڻي حيدرآباد لاءِ نڪتس، ڪنهن به ڳالهه ۾ دل نٿي لڳو، ائين ٿي لڳو ڄڻ منهنجي دنيا ئي اُجڙي چڪي آهي، هر وقت ندا جي ياد ستائڻ لڳي، سندس حسين کل ڏنگهڻ لڳي، سندس ڏنل ڏنڀ کي وسارڻ لاءِ سنڌ جي تاريخ پڙهڻ شروع ڪيم، ته احساس ٿيو سنڌ جو درد منهنجي درد کان هزارئين ڀيرا وڌيڪ آهي، پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيم، نه ڪنهن سان ڳالهايان، نه وري ڪنهن سان ملان.
    هڪ رات بيڊ تي سڌو ستو پيو هئيس جو ڪنن ۾ رڙيون ٿيڻ لڳيون:
    ”مون جنگ وطڻ ڪاڻ جوٽي آ،
    مخدوم بلاول موٽي آ.......“ ڇرڪ ڀري اٿي پئس، هيڏانهن هوڏانهن ڏٺم، ڪمري مونکان ۽ منهنجي اڪلائي کانسواءِ ٻيو ڪير به نه هو.
    هڪ ڏينهن شام جو موٽر سائيڪل ڪڍي حيدرآباد کان ڄامشورو ويندڙ پُل ڏانهن نڪري وئيس. انسان به ڪيڏي نه عجيب مخلوق آهي جو ٻن شهرن کي ملائڻ لاءِ روڊ ۽ پُلپن اڏي چڪو آهي پر اڄ تائين ٻن دلين کي ملائڻ لاءِ ڪا پُل يا روڊ نه ٺاهي سگهيو آهي. موٽر سائيڪل پاسي کان بيهاري، هيٺ سنڌوءَ جي وهندڙ پاڻي کي ڏسڻ لڳس. ان وقت به سج لهي رهيو هو.


    ڀاڱو ٽيون

    8

    مون هڪدم ڇرڪ ڀري اکيون کوليون، ڪنن ۾ وري ساڳيون ئي رڙيون اچي رهيون هيون:
    ”مون جنگ وطن ڪاڻ جوٽي آ،
    مخدوم بلاول موٽي آ......“ سموري بدن ۾ سور جو احساس ٿيڻ لڳو، مٿو پڻ ڳرو لڳو، آس پاس ڏٺو. آئون هڪ ننڍڙي جهوپڙي ۾ کٽ تي ليٽل هئيس، جھوپڙي ڪکائين هئي، سمجهه ۾ نٿي آيو ته آئون هن جھوپڙي ۾ ڪئين پهتس، ذهن تي زور ڏئي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ڪجهه به ياد نه آيو، مٿي ۾ سور جي سٽ اڀري ته اکيون بند ڪيون. ذهن ۾ ڄامشورو پُل تان ٽپو ڏيڻ جا عڪس اچڻ لڳا. ڪيتري ئي عرصي کان آئون رڙيون ٻڌندو ٿي آئيس، رڳو هڪ جملو:
    ”مون جنگ وطن ڪاڻ جوٽي آ،
    مخدوم بلاول موٽي آ......“ جئين ئي اکيون بند ڪريان ته اهو آواز ڪنن سان ٽڪرائجي. جنهن کانپوءِ من وياکل ۽ روح بيچين ٿي پوندو هو. ان جملي مونکي نفسياتي مريض ڪري ڇڏيو، جڏهن کانپوءِ آئون سڀ کان پهرئين پاڙي جي مسيت جي مولوي سان صلاح مشورو ڪيو. اسان مسيت جي ڪوشادي پڌر ۾ ويٺا هئاسين جو هن ڪاري ڏاڙهيءَ ۾ آڱريون ڦيرندي چيو:
    ”تو تي ڪنهن تعويذ ڪرايو آهي، يا ڪارو جادو، جيڪڏهن تون چئين ته آئون تنهنجي لاءِ ٽن ڏينهن جو چلو ڪاٽيان.“ جنهن کي مون نظر انداز ڪري ڇڏيو، مسيت جي ڪشادي پڌر منجهان اٿي، ماربل جي ناسي فرش تي هلندي سوچيم: هي انسان کي ڇا ٿي ويو آهي، جو الله سائين لاءِ ته شاندار ۽ عاليشان گهر ٿو اڏرائي، جن ۾ الله سائين پاڻ ته نٿو رهي، پر سندس نمائندو مولوي عيش ڪري ٿو، ٻئي طرف روڊ رستن تي دربدر ٿيندڙ انسانن لاءِ هڪ ڪمرو به ڪونهي. ڪي انسان ته وري اهڙا رهزن به آهن جو غريبن جي ڪکائن گهر کي به باهه ڏيندي دير نه ڪندا آهن. جڏهن مذهب منهنجي سوال جو جواب نه ڏئي سگهيو ته آئون حيدرآباد جي هڪ مشهور نفسياتي ماهر سان مليس، سندس ڪلينڪ صدر ۾ هئي، اڌ ڪلاڪ جي مٿي ماري ۽ سوالن جوابن کانپوءِ ان نتيجي تي پهتس ته ڊاڪٽر زرين وٽ به منهنجي مسئلي جو حل ڪونهي. آئون عجيب ڪيفيت منجهان گذرڻ لڳس، اهو آواز ڪنن جي پردن سان گجگوڙ ڪري ٽڪاءُ ڪرڻ لڳو. نيٺ ان نتيجي تي پهتس ته ان آواز کان فرار جو هڪڙو ئي رستو آهي ته پنهنجو انت آڻيان، پر ان جو پڪو پيهه نه ڪري سگهيس.
    ان ڏينهن گهران نڪتس ته خبر نه آهي ڇا ٿيو، هڪدم موٽر سائيڪل ڪنڊائتي بيهاري هيٺ لٿس ۽ پُل تان وهندڙ پاڻي ۾ ٽپو ڏنو، جئين ئي پاڻي اکين ۾ ويو ته اکيون ٻوٽيون، وري اهو ئي آواز آيو:
    ”مون جنگ وطن ڪاڻ جوٽي آ،
    مخدوم بلاول موٽي آ........“ ساهه مونجهڻ لڳو، ڦڦڙ ڦڙڪڻ لڳا، هڪ وڏي ڇولي جو احساس ٿيو ۽ پوءِ ڪا خبر نه آهي ڪيڏانهن ڌڪجي وئيس. جڏهن ٻيهر بُت ۾ زندگي جو احساس ٿيو ۽ اکيون کوليون ته پاڻ کي جھوپڙي ۾ کٽ تي ليٽيل ڄاتو. کٽ تان اٿڻ جي ڪوشش ڪئي پر اٿي نه سگهيس، بدن ۾ ڪمزوري هئي. ٻاهران کان ڪنهن جي پيرن جو آواز ڪنن تي پيو ته جهوپڙي جي چوڪاٺ ڏانهن نيهاريو. پيرن جو آواز ويجهو ٿيندو ويو ۽ پوءِ ڪمانڊو ٽرائوز، ڪاري ٽي شرٽ، منهن تي ڪارو نقاب ويڙهيل شخص جنهن جي ڪلهي تي جديد بندوق لڙڪي ٿي اندر آيو.


    9

    ”ٽن ڏينهن؛“ هن مونکي پٺي ڏئي ڪلهي تان بندوق لاهي هيٺ رکندي چيو: ”کانپوءِ هوش ۾ آيو آهين.“ آواز ٻڌي حيرت ٿي، منهنجو خيال هو ته جھوپڙي ۾ آيل شخص مرد آهي، پر آواز عورتاڻو هو، من ۾ عجيب خيال آيو ۽ وڏا ساهه کڻندي پڇيو:
    ”هي ڪهڙي جڳهه آهي ۽ آئون هتي ڪئين پهتو آهيان؟“ هن ور منجهان پستول ڪڍي بندوق جي پاسي کان رکيو، ڪاٺي جي پلر کي ٽيڪ ڏئي هيٺ وٺي، سندس ڪارين ڪجلين اکين ۾ عجيب چمڪ نظر آئي.
    ”ضلعو ڄامشورو،“ هن ڪارو نقاب هٽائيندي چيو، جئين ئي منهن تان نقاب پري ٿئيس ته منهنجون نظرون سندس چهري تي اٽڪي پيون، هوءَ گول منهن واري جوان ڇوڪري هئي، عمر ۾ لڳ ڀڳ 28 سالن جي هوندي، بُت جو انگ انگ جنسي ڪشش سان ڀريل.
    ”تو سنڌو ۾ خودڪشي؛“ هن مرڪندي چيو: ”ڪرڻ لاءِ ٽپو ڏنو هو، پر نادان ڇا توکي خبر نه آهي ته سنڌو موت بدران زندگي ڏيڻ وارو درياهه آهي.“ مون غور سان سندس مک ڏانهن ڏٺو، هن پستول کڻي لوڏڻ شروع ڪيو، مون وڏا وڏا ساهه کڻندي هن کي ڏسي پڇيو:
    ”تون ڪير آهين؟“
    ”آزادي؛“ مرڪي مونکي ڏسندي چيائين: ”جي راهه تي هلندڙ پانڌياڻي.“ جواب ٻڌي وري کيس غور سان ڏٺو ته وري مرڪندي چيائين:
    ”توکي خبر آهي، تنهنجون اکيون قاتل آهن، ائين ڄڻ سالن کان خمار ۾ هجئين.“ هڪ جوان خوبصورت ڇوڪري واتان پنهنجي تعريف ٻڌي بيجان هيڊي منهن تي مرڪ تري آئي.
    ”سنڌو ۾ ٽپو ڇو ڏنائي؟“ هن ٽگن جي وچان زمين کي ڏسندي پڇيو.
    ”اها سنڌي هجڻ جي سزا هئي،“ هڪ ساهي ۾ جواب ڏنو.
    ”اها ئي؛“ هن مونکي ڏسندي چيو: ”تنهنجي طاقت ٿي سگهي ٿي.“ ان کان پهرين جو آئون ڪجهه چوان ها ٻاهران ڪُتن جي ڀوڪڻ جو آواز آيو، هوءَ هڪدم اٿي بيٺي، ڀوڪڻ جو آواز ويتر وڌي ويو، هن ڦڙتي سان ڏنڊي تي لڙڪندڙ لالٽين وسائي بندوق کنئين ۽ ٻاهر ويندي چيو:
    ”جيڪڏهن زندهه رهڻ چاهين ته ڪو به آواز نه ڪجان.“ هن ڀيري سندس لهجو ڪڙڪ ۽ حڪم ڏيڻ وارو هو. هوءَ جھوپڙي کان ٻاهر وئي. ڪتڻ جي ڀوڪڻ جو آواز ويتر تيز ٿي ويو، ڀائيم ڪن شڪاري ڪتن ڪنهن تي حملو ڪري ڏنو آهي، من کي وهم وڪوڙڻ لڳا. اهو به خيال آيو ته هوءَ آخر ڪير آهي..... ڇا هاڻي سنڌي عورتن به هٿيار کڻي ورتا آهن.....!! هن پاڻ کي آزادي جي راهه تي هلندڙ سڏيو، ڪهڙي آزادي... ڇا جي آزادي..... آخر اها آزادي ڇا آهي....!! جنهن جي ڳولاءَ ۾ انسان صدين کان ڀٽڪندو رهيو آهي، آزادي جي بقا لاءِ جنگ ڪندو رهيو آهي. آزادي جي فلسفي تي مون برٽينڊ رسل کي پڙهيو هو. هن شخصي ۽ قومي آزادي کي بيان ڪيو آهي. هن ڇهن قسمن جي آزادي جو ذڪر ڪيو آهي، قومي آزادي، شخصي آزادي، گروهن جي آزادي، سياسي آزادي، معاشي آزادي ۽ سوچ جي آزادي. مونکي سمجهه ۾ نه آيو ته هن عورت ڪهڙي آزادي جي ڳالهه ٿي ڪئي. ٻاهران گولي هلڻ جو تيز آيو، آئون ڇرڪجي وئيس، ان کانپوءِ لڳاتار گوليون هليون ڄڻ ڪنهن برسٽ هلايو هجي ۽ پوءِ هڪدم موت جهڙي خاموشي ڇائنجي وئي، انڌيري ۾ ليٽي اهو احساس ٿيو ڄڻ آئون ڪنهن قبر ۾ سُتل هجان، ڄاڻ فرشتا آيا ۽ حساب ڪتاب شروع ڪيائون، پر مون زندگي ۾ ڪيو ئي ڇا آهي جو حساب ڪتاب ڏيان، نه دين جو نه ئي وري دنيا جو...... پوءِ ڇا جو حساب ڪتاب....
    ٻاهران وري ڪنهن جي پيرن جو آواز آيو، آئون چوڪس ٿي وئيس، ساهه کڻڻ به ڇڏي ڏنو، ڪٿي ساهن جو آواز به نه موت کي مون ڏانهن ڇڪي اچي.
    ”اٿي، اٿي...“ اڻتڻ سان ڀريل عورتاڻو آواز ڪنن تي پيو ته اوندهه ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. هن وڏا ساهه کڻندي تڪڙ ۾ ڳالهايو:
    ”جلدي ڪري فرشتا اچي ويا آهن، هي علائقو ڇڏڻو آهي.“ مونکي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو، هن ڪاري نقاب سان منهن ڍڪيو، کٽ ڏانهن آئي، مونکي سٽ ڏئي مٿي اٿاريائين. مونکي ائين محسوس ٿيو ڄڻ آئون هڏن جو پڃرو هجان. پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪئي، مٿو ڦرڻ لڳو.
    ”هل، هل،“ هن چيو: ”اڳيان ٿي.“ آئون ڪمزور قدمن سان هلندو چوڪاٺ تائين آئيس، اڃا پير مس ٻاهر ڪڍيو جو هوا ۾ هڪ گولي هلي، گولي جي آواز تي ڇرڪي وئيس ۽ اچي زمين تي ڦهڪو ڪيو.
    ”اٿي، اٿي خير آهي،“ هن ٻانهن هٿ وجهي مونکي اٿاريندي چيو. آئون سندس نرم هٿ پڪڙي اڀو ٿئيس ۽ هن سان گڏ ٻاهر نڪري آئيس، هر طرف اوندهه ئي اوندهه ڇانيل هئي، ڪتن جو ڀوڪڻ ڇرڪائي ٿي ويو، ائين ٿي محسوس ٿيو ڄڻ ڪتا اسان جي ويجهو هجن، اجهو حملو ڪري اسان جي ٻوٽي ٻوٽي پٽي کائي ويندا. اسان ڀڄڻ شروع ڪيو، منهنجي بدن ۾ جان نه هئي، تنهن هوندي به زندگي بچائڻ لاءِ ڀڄڻ لڳس، ويتر مونجهارو ان ڳالهه تي ٿيو ته آئون ڇو ڀڄي رهيو آهيان، ڪجهه وقت اڳ هن ئي زندگيءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ موت کي ٿي ڳوليو، هاڻي جڏهن موت مٿان آيو آهي ته زندگيءَ لاءِ ڀڄي رهيو آهيان........ سموري بُت منجهان پگهر وهڻ لڳو.
    ”کاٻي هٿ ڏانهن مڙ،“ پٺيان عورت جو آواز آيو، آئون کاٻي هٿ ڏانهن مڙي وئيس، وڻن جون قطارون شروع ٿي ويون، اسان ڪنهن گهاٽي ٻيلي ۾ هئاسين، پيرن ۾ آلي زمين لڳي. اسان ٻئي خاموشيءَ سان ڀڄندا رهياسين. هڪ گهاٽي وڻ وٽ پهچي هن ڪنهن ڪبوتر جيان آواز ڪڍيو، مون حيرت منجهان کيس ڏٺو، ٻئي لمحي وڻ منجهان ساڳيو آواز آيو.
    ”سنڌو ماتا پهرئين چوڪي،“ هن وڏي واکي رڙ ڪئي. وڻ تان هڪ نوجوان سانورو ڇوڪرو هيٺ لهي آيو، هن کي به هٿ ۾ جديد هٿيار ۽ ڪمانڊو ڊريس پهريل.
    ”فرشتن کي خبر پئجي وئي آهي، چوڪي تي حملو ٿيو آهي.“ ڇوڪريءَ هڪ ساهي ۾ چيو. ان همراهه پاسي منجهان ٽارچ ڪڍي منهنجي منهن ۾ هنئين، روشني اکين ۾ لڳي ته مون ٻانهن سان اکيون ڍڪيون.
    ”هن؛“ عورت سمجهاڻي ڏيندي چيو: ”ڄامشورو پُل تان ٽپو ڏئي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، مون کيس بچائي ورتو.“ ان همراهه عورت جي منهن ۾ ٽارچ هڻندي کري لهجي ۾ ڳالهايو:
    ”اوهان کي پڪ آهي ته هي فرشتن جو ڪو ڄار نه آهي؟“
    ”گذريل ٽن ڏينهن ۾ هن بابت سموري ڄاڻ حاصل ڪئي آهي، هي آءِ بي ڪراچي جو شاگرد آهي.“ ان همراهه اسان کي اڳيان وڌڻ جو چيو، اسان گاري جي ٺهيل جھوپڙي ڏانهن وڌي وياسين، جنهن ۾ لالٽين جي مرجهاڻي روشني هئي. هن هڪدم نقاب لاٿو ۽ کٽ کي اڀو ڪري بيهاريو، ان جي ٻئي پاسي ٿي بيٺي ۽ ڪپڙا لاهڻ لڳي.
    ”اوهان؛“ مون وائڙن جيان پڇيو:”ڪير آهيو؟“
    ”هن وقت؛“ هن نيري چولي ۾ ٻانهون وجهندي چيو: ”ڄاڻڻ ضروري نه آهي.“ مونکي بيزاري ٿيڻ لڳي ۽ ٻيهر پڇيو:
    ”هي سڀ ڇا آهي؟“
    ؟آزادي؛“ هن شلوار مٿي ڪندي چيو: ”لاءِ جدوجهد.“ آئون خاموش ٿي وئيس، هن کٽ کي هيٺ ڪيو، هٿيار ڪنڊ ۾ رکي مونسان گڏ ٻاهر نڪري آئي. آئون خوف ۽ هراس ۾ هن سان هلندو رهئيس.
    ”تنهنجو؛“ سندس ڪارن وارن کي ڏسندي پڇيو: ”نالو ڇا آهي؟“
    ”جميلا،“ بنا مونکي ڏٺي جواب ڏنائين، آئون خاموش ٿي وئيس. اسان ٻيلي جي ٻئي پاسي کان نڪري ڪچو گس وٺي هلندا رهياسين، رات ڪاري ۽ خوفناڪ هئي، آسمان تي تارا ٽم ٽم ڪري رهيا هئا، پڪي رستي تي چڙهياسين ته روشنيءَ جي هجڻ جو احساس ٿيو. ائين لڳو ڄڻ موت جي طويل رستي تي هلڻ کانپوءِ ٻيهر زندگي جي راهه تي هلڻ لڳو هجان.
    ”تو؛“ جميلا مونکي ڏسندي پڇيو: ”خودڪشي ڇو ٿي ڪرڻ چاهي، جڏهن ته تون پڙهيل لکيل آهين؟“
    ”جيڪو؛“ مون سندس گول ۽ خوبصورت چهري ڏانهن ڏسندي چيو: ”معاشرو سوالن جا جواب نه ڏئي سگهي، اهڙي واهيات معاشري ۾ مون جهڙن ماڻهن جو ساهه منجهڻ لڳندو آهي ۽ پوءِ خودڪشي کانسواءِ ٻي ڪا به راهه نه بچندي آهي.“ هن مونکي چيتائي ڏٺو، ڪجهه گهڙيون اسان خاموشي ۾ هلندا رهياسين، پوءِ چيائين:
    ”سنڌ لاءِ ڪم ڪندئين؟“
    ”ڪهڙو ڪم؟“ مون حيراني ۾ کيس ڏسندي پڇيو.
    ”مون جنگ وطن ڪاڻ جوٽي آ،
    مخدوم بلاول موٽي آ.....“ هن چپن ۾ ڀڻڪيو. اهو ٻڌي منهنجا ڪن کڙا ٿي ويا ۽ پير زمين ۾ ڄمي ويا. هوءَ ٻه چار قدم اڳيان هلي وئي. مڙي مونکي ڏٺائين ۽ حيرانيءَ منجهان پڇيائين:
    ”ڇا ٿيو؟“
    ”اهو جملو؛“ مون هٻڪندي چيو:”ڪيتري ئي عرصي کان منهنجي ڪنن ۾ واڄٽ ڪندو رهيو آهي.“
    ”اهو ته،“ جميلا منهنجي پاسي کان ايندي چيو: ”اسان جي تحريڪ جو نعرو آهي.“
    ”ڪهڙي تحريڪ؟“ مون ويتر حيرانيءَ منجهان هن کي ڏسندي پڇيو.
    ”آزادي جي تحريڪ،“ هن هلندي جواب ڏنو، مون ڳيت ڏئي خشڪ ٿيل چپن تي زبان ڦيري هن سان گڏ هلڻ لڳس.
    ”تون ڪير آهين؟“ مون سوال ڪيو.
    ”آئوم؛“ هن هلندي جواب ڏنو: ”صوفي آهيان.“
    ”صوفي.....“ ويتر حيراني ۾ ورجايو: ”صوفين جو هٿيارن سان ڪهڙو ڪم، اهي ته پيار، محبت ۽ امن جون ڳالهيون ڪندا آهن!!“
    ”اها؛“ هن اعتراض ڪندي چيو: ”صوفين جي هلايل تحريڪن خلاف سامراجي ٽولن جي سازش رهي آهي، هر دور جي صوفي هٿياربند جدوجهد ڪئي آهي، سامراجي ٽولا جڏهن صوفين سان مقابلو نه ڪري سگهندا آهن ته هنن خلاف غلط افواهون ڦهلائيندا آهن.“ مون وائڙن جيان جميلا کي ڏٺو، اسان ڏامر جي ڪاري روڊ جي ڪنڊ تي بيهي رهياسين. هن جي انداز منجهان ڪنهن به قسم جو خوف ظاهر نٿي ٿيو. شايد اها ئي انسان جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي ته هو پنهنجي مقصد لاءِ هر قسم جي خوف کي شڪست ڏئي ڇڏيندو آهي. اهڙو انسان ڪڏهن به پنهنجي لاءِ نه جئيندو آهي، هو سندس مقصد جي بقا لاءِ جئيندو آهي.
    ”هر دور جو صوفي؛“ هن ڳالهايو: ”صوفي پنهنجي وطن لاءِ تحريڪ هلائيندو آهي.“ مون خاموشي ۾ کيس ڏٺو. مونکي لڳو ته جميلا جنوني آهي ۽ جنونين سان بحث ڪرڻ نقصانڪار هوندو آهي، آئون سندس شخصيت جي سحر ۾ ٻڏڻ لڳس، جڏهن ڪجهه گهڙين لاءِ مون نه ڳالهايو ته هن سوال ڪيو:
    ”ڇا تون ٻڌائي سگهئين ٿو ته شاهه سائين جي شاعري جو نچوڙ ڇا آهي؟“ آئون هن ڀيري به خاموش رهئيس ته هن پاڻ ئي جواب ڏنو:
    ”حيف تنهين تي هو، وطن جنهين وساريو.“ مون جميلا ڏانهن ڏٺو، سندس اکيون چمڪڻ لڳيون.
    ”جميلا؛“ مون سندس نالو کنيو، هن مون ڏانهن ڏٺو.
    ”تو ڪڏهن ڪنهن سان عشق ڪيو آهي؟“ مون پڇيو، سندس منهن تي مرڪ اچي وئي ۽ چيائين:
    ”هڪ ڀيرو وطن سان عشق ڪري ڏس، ٻيو هر عشق وساري وهندي، پر شط اهو آ ته وطن سان فنا جي حد تائين عشق ڪر.“ ان کان پهريون جو آئون ڪجهه چوان ها، هڪ رڪشو آيو ته جميلا ان کي هٿ ڏنو، رڪشو اسان وٽ بيهي رهيو، جميلا اڳيان وڌي ڳالهائيس:
    ”لطيف آباد نمبر 2.“ رڪشي واري ها ۾ ڪنڌ لوڏي چيو:
    ”250 روپيا.“ جميلا بنا ڪجهه چئي رڪشي ۾ ويٺي، آئون به هن سان گڏ ويٺس.


    10

    لطيف آباد نمبر 2 جي روڊ سان لڳو لڳ فليٽن جي اوچي عمارت هئي، اسان ان ۾ داخل ٿي ڏاڪڻون چڙهي هلڻ لڳاسين. ٽئين فلور تي آمهون سامهون ٻه فليٽ هئا. جميلا ساڄي هٿ واري فليٽ جي ڄاريءَ واري فليٽ مٿان لڳل گهنٽي جو بٽڻ دٻايو. ڪجهه گهڙين کانپوءِ هڪ پوڙهي شخص در کوليو، هو عمر ۾ 65 سالن جو لڳو ٿي، بدن ۾ ڀريل، منهن تي اڇي گهاٽي ڏاڙهي، مٿي جا اڇا وار اڻڀا، ڪنن تي پڻ اڇا وار، کيس اڇي شلوار قميص پهريل هئي، اکين تي ٿلهن شيشن واري نظر جي عينڪ.
    ”بابا؛“ جميلا مرڪي چئيس ته هن اسان ٻنهي کي ڏٺو ۽ در کان پري ٿي ويو، جميلا اندر داخل ٿي، هن پٺيان آئون به اندر وئيس. جميلا جي پيءَ در بند ڪيو. فليٽ ۾ ٻه ڪمرا ۽ ٽي وي لائونج هئا، لائونج سان لڳو لڳ ننڍڙو رڌڻو. سندس پيءَ ڪمري ڏانهن ويو، جئين ئي در کوليائين ته منهنجي نظر ڪمري ڏانهن وئي، انهي ۾ هر طرف ڪتاب ئي ڪتاب پيل هئا، فرش تي ايراني ڪالين وڇايل، ان مٿان ٽڪ جي رلي ۽ گول وهاڻا رکيل، ان کانسواءِ ڪمري ۾ ٻيو ڪجهه به نه هو. جميلا جي پيءَ اندر وڃي در بند ڪري ڇڏيو، مون حيرانيءَ منجهان جميلا کي ڏٺو، هن هيڊي مرڪ مرڪي. منهنجي نظر هال جي شوڪيس ڏانهن وئي جنهن ۾ ڪيترا ئي ايورڊ ۽ شيلڊون رکيل هيون، جڏهن ته هڪ وڏي فريم ۾ اڇي ڏاڙهي واري ملي سان ڪاري ڏاڙهيءَ وارو جوان ملو هٿ ملائندي نظر آيو.
    ”ان فوٽو؛“ جميلا منهنجي پاسي کان اچي هوريان چيو: ”۾ بابا مولانا معدودي سان هٿ ملائي رهيو آهي.“ مون ويران نظرن سان هن کي ڏٺو.
    ”بابا سندس جماعت جو اڳواڻ رهي چڪو آهي.“ هن وري هوريان چيو.
    ”قاسم علي؛“ هن نالو کنيو، وري کيس ويران نظرن سان ڏٺو: ”منهنجي بابا جو نالو.“ هوءَ ناسي رنگ جي صوفا تي ويهي رهي، آئون سامهون واري صوفا تي ويهي رهئس.
    ”بابا؛“ جميلا اڳيان پيل شيشي جي ٽيبل ۾ پنهنجو عڪس ڏسندي چيو: ”جڏهن سائين جي ايم سيد جي ڪتاب جئين ڏٺو آهي مون، تي تنقيدي مضمون لکيو هو ته سائين جي ايم سيد سندس لکيل ٻيا ڪتاب ان پيغام سان موڪلرائي ڏنا ته مولانا صاحب جئين ڏٺو آهي مون تي نظر ثاني ڪرڻ جي مهرباني، هنن ڪتابن تي به تنقيد ڪندا ته احسانمند رهندس.“ جميلا هڪ پل لاءِ خاموش ٿي وئي.
    ”هر دور؛“ هن مونکي ڏسندي چيو: ”۾ مذهبي جنونين انسانن کي پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪيو آهي، بابا پڻ مذهبي جنونين هٿان استعمال ٿي ويو، هو مذهبي عقيدت ۾ ايترو ته خمارجي ويو جو کانس سندس مادرِوطن سنڌ وسري وئي. جڏهن هن مذهبي چڪرن ۾ اچي پٺيان ورڻ جا سڀ در بند ڪري ڇڏيا تڏهن کيس هڪ حديث جو مفهوم سمجهه ۾ آيو: وطن جي محبت اوهان جي ايمان جو حصو آهي. مطلب وطن سان ايمان جي حد تائين محبت ڪريو، ان کانپوءِ بابا اکين تان مذهبي جنونيت جي ڪاري پٽي لاهي وطن جي محبت ۾ پاڻ کي فنا ڪري ڇڏيو.“ جميلا جون ڳالهيون مونکي حيرت ۾ وجهڻ لڳيون، هڪ لمحي جي خاموشي کانپوءِ هن اٿندي چيو:
    ”اچ بابا سان ڪچهري ڪريون.“
    ”ڇا هو؛“ حيرت ۾ اٿندي چيم: ”اسان سان ڪچهري ڪندو؟“
    ”ها، ڇو نه،“ هن جواب ڏنو. اسان ڪمري جي در وٽ آياسين.


    11

    ڪجهه هٿياربند ڇوڪرا چوڪس نموني ٻيلي کان اڳيان وڌڻ لڳا، هر طرف بارود جي ڌپ هئي، ٽڪائن جي آوازن تي آس پاس جي آبادي خوف ۽ هراس ۾ جاڳي پئي.
    ”جميلا جي ننڍڙي غلطي جي ڪري اسان ڏچي ۾ پئجي ويا آهيون، مونکي پڪ آهي ته هن سان گڏ آيل شخص فرشتن جو مخبر هو.“ هڪ نوجوان سرٻاٽي ۾ چيو.
    ”اجايو شڪ نه ڪر اخلاق،“ سندس ساٿي کيس چپ ڪرائندي چيو.
    ”يار وزير؛“ اخلاق خفا ٿيندي چيو: ”مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي اوهان ان مائي تي ڇو ٿا اعتبار ڪريو، جڏهن سڀني کي خبر آهي ته سندس پيءَ هڪ مُلو هو، جنهن سائين جي ايم سيد جهڙي عظيم رهبر تي تنقيد ڪئي.“ اخلاق جي لفظن ۾ ڪاوڙ جو اظهار هو. هوا ۾ هڪ گولي هلي، اخلاق ڪلهي تان بندوق لاهي چينبر چاڙهيو.
    ”نه اخلاق نه؛“ وزير سندس بندوق هيٺ ڪندي چيو: ”اسان کي هتان زندهه نڪرڻو آهي، تنهنجي بيوقوفي سڀني کي مارائي وجهندي.“ اخلاق جي جذباتي طبعيت کي اها ڳالهه نه وڻي پر ان وقت وزير جي ڳالهه ٻڌي ورتائين.
    ”اسان؛“ وزير بند تي چڙهندي ڳالهايو: ”ان غدار کي ضرور ڳولي لهنداسين، جنهن فرشتن کي اسان جو پتو ڏنو آهي.“
    ”منهنجي مڃيو؛“ اخلاق به بند تي چڙهندي چيو: ”جميلا ئي اها غدار اٿئو، ڀلا گوريلن جي اڳواڻ عورت به ٿي سگهي ٿي ڇا؟“ اخلاق جا اعتراض وڌندا ٿي ويا. هاڻي باقي ساٿين جي من ۾ به شڪ جي چڻنگ ٻرڻ لڳي، اخلاق گرم لوهه تي هٿوڙو هڻندي چيو:
    ”اوهان هن سان گڏ اهو اوپرو همراهه نه ڏٺو، ڇا اسان منجهان ڪنهن به هن کي اڳ ڪڏهن ڏٺو آهي، ۽ هوءَ اسان کي اڪيلو مرڻ لاءِ ڇڏي هلي وئي.“ پنج نوجوان ڪچي بند تي چڙهي هلڻ لڳا. رات ويتر ڪاري ٿيندي ٿي وئي.
    اخلاق چار مهينا اڳ ئي هن تحريڪ ۾ شامل ٿيو هو، ڪڻڪائي رنگ جو سنهڙو سپڪڙو نوجوان، منهن تي هلڪڙي ڏاڙهي، طبعيت جو جذباتي ۽ چيڙاڪ، پهريون ڀيرو بندوق جو ٽڪاءُ ڪيو هئائين ته ڀانيو هئائين اجھو آزادي ڪنهن ٻانهيءَ جيان اچي سندس پير چمندي، کيس اندازو ئي نه هو ته آزادي وڏي جفاڪشي کانپوءِ ملندي آهي، ان لاءِ ته، من ڌن جي بازي هڻي پوندي آهي. سڀ ڪجهه لٽائڻو پوندو آهي. هو حادثاتي طور هن تحريڪ جو حصو بڻيو، هن راهه تي هلڻ کان اڳ هو ڪراچيءَ جي مڊل ڪلاس فيملي جو اڪيلو ڪمائو پٽ هو، جوهر ڪامپليڪس ۾ ٻن ڀيڻن ۽ ماءُ سان رهندو هو. سندس ڀيڻون نيلو ۽ افشان جوان ۽ خوبصورت هيون، اخلاق هڪ فيڪٽري ۾ سليز انچارج هو، مهيني جا 30 هزار ڪمائي وٺندو هو. سندس ماءُ ٽي بي جي مريضا هئي، هڪ ڏينهن کنگهي کنگهي مري وئي. سندن سامهون فليٽ تي چار پٺاڻ رهيل هئا، جن جو تعلق پٺاڻن جي سياسي تنظيم سان هو. انهن منجهان هڪ شيرين اڳين واري پٺاڻ تي نيلو عاشق ٿي پئي ۽ ان سان تعلق وڌائڻ لڳي. هڪ ڏينهن ان همراهه نيلو کي اهو چيو ته سندس فليٽ اڪيلو آهي ۽ هوءَ هن ڏانهن اچي.
    نيلو امجد تي انڌو اعتبار ڪري سندس فليٽ تي وئي، امجد هن کي هال ۾ صوفا تي وهاريو ۽ پاڻ به سندس پاسي کان ويٺو، هو ٻئي پيار، محبت جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا، جو امجد نيلو جي ران تي هٿ ڦيريو، نيلو جو منهن شرم وچان ڳاڙهو ٿي ويو ۽ امجد جي هٿ کي سٽ ڏئي اڇلايائين.
    ”جان؛“ امجد هوريان ايلاز ڪندي چئيس: ”ڇا توکي مونسان پيار ڪونهي؟“
    ”ها،“ نيلو وڏا ساهه کڻندي چئيس، جنهن سبب سندس گول ڇاتيون اندر ٻاهر ٿيڻ لڳيون.
    ”ڇا توکي مون تي اعتبار ڪونهي،“ امجد سندس ڳيچيءَ تي چپ گسائندي پڇئيس.
    ”ها،“ نيلو ٿڙڪندڙ چپن سان جواب ڏنس.
    ”ته پوءِ،“ امجد هن جا ڳل چمندي چيو، نيلو وڏا ساهه کڻڻ لڳي، امجد هن کي ڀاڪر ۾ ڀري چمڻ لڳو، سندس گلابي چپن جو رس پئيڻ شروع ڪيائين ته نيلو اکيون بند ڪيون، نيلو جي پٺيان ڪمري جي در کي وٿي آئي ۽ هڪ پٺاڻ منڊي ڪڍي ڏٺو، امجد نيلو جا چپ چمندي ان کي آڱوٺو ڏيکاريو، هن ٻيهر هوريان در بند ڪيو. امجد نيلو جي ڇاتين کي مهٽا ڏيڻ لڳو، نيلو جي واتان هلڪڙيون رڙيون نڪرنديون رهيون، هو ٻئي ڪپڙن کا عاري ٿي ويا، پٺاڻ نيلو جي لسي بدن جو انگ انگ چميون، نيلو جي کاٻي ڇاتي وات ۾ وجهي چڪ هنيائينس ته نيلو هلڪڙي رڙ ڪئي، امجد هن مٿان آيو ۽ سندس ڪنوارئپ جو بند ڀڃي وڌائين. هو پورو ٿيو ته سندس دوست ڪمري کان ٻاهر نڪري آيا، نيلو حيا ۾ ٻڏي وئي ۽ هٿن سان سينو لڪائڻ لڳي، امجد کين پشتو ۾ ڪجهه چيو، جنهن تي هو مرڪيا ۽ پوءِ نيلو اندر ڪمري ڏانهن کڻي ويا، ٽنهي ڄڻن سور جيان سندس جوان جسم کي پتيو، جڏهن نيلو گهر پهتي ته سندس بدن تي رهڙن جا انيڪ نشان هئا. ان رات نيلو فليٽن جي ڇت تان ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي. اخلاق هن بي عزتي جي پلاند جو پڪو پيهه ڪري ورتو. هو امجد ۽ سندس دوستن کي مارڻ جون تدبيرون ڪندو هو.
    ان کان اڳ جو پٺاڻن کان پلاند ڪري ها، سندس ٻئي ڀيڻ افشان هڪ ڪاري ٿلهي متاري پنجابي پوليس واري سان ڀڄي شادي ڪري ڇڏي. هن ٻن مهينن کانپوءِ ڀاءُ سان رابطو ڪيو ته اخلاق ڀيڻ کي مڙس سميت قبولي ورتو. هن نيلو جو بدلو وٺڻ لاءِ افشان جي مڙس کي استعمال ڪيو، ۽ پوليس مقابلي امجد سميت سندس ساٿين کي مارائي وڌائين. جڏهن پٺاڻن گوڙ شروع ڪيو ته اخلاق حيدر جي چوڻ تي ڪراچي ڇڏي حيدرآباد ۾ اچي رهيو.


    12

    جئين ئي جميلا در کوليو ته سندس پيءَ اسان ڏانهن نيهاريو ان وقت سندس هٿن ۾ عمر خيام جون روبيون هيون. هو هيٺ سڌو ليٽيل هو. اسان ٻئي اندر آياسين، مون مرڪي قاسم صاحب کي سلام ڪيو، هن ها ۾ ڪنڌ لوڏي جواب ڏنو.
    ”بابا؛“ جميلا مرڪي مون ڏانهن اشارو ڪندي ڳالهايو: ”هي منهنجو دوست ريحان آهي، اوهان کان صوفين جي تاريخ ڄاڻڻ گهري ٿو.“ قاسم صاحب وڏن شيشن واري عينڪ سان مونکي چيتائي ڏٺو ته مون وري مرڪي ها ۾ ڪنڌ لوڏيو.
    ”آئون چانهن ٺاهي اچان ٿي.“ جميلا ٻاهر ويندي چيو. منهنجي من ۾ عجيب خوف جنم ورتو، ڀانيم مونسان ڪونه ڪو حادثو ضرور ٿيندو. اهو قاسم صاحب جي شخصيت جو اثر هو، مٿان وري ڪنهن دور ۾ جنوني مُلو رهي چڪو هو، رات جي هن مهل پنهنجي ڌيءَ سان هڪ جوان اوپري شخص کي ڪئين ٿي برداشت ڪري سگهيو.
    ”ويهه،“ هن ٽنگون پيٽ ڏانهن ڪندي چيو، آئون هن جي سامهون ويهي رهئيس، هن عمر خيام جي روبين وارو ٿلهو ڪتاب، ابن خلدون مٿان رکندي سوال ڪيو:
    ”صوفين بابت ڪهڙي ڄاڻ گهرجي؟“
    ”اسان؛“ مون هن کي ڏسندي چيو: ”هتي اچي رهيا هئاسين ته جميلا ٻڌايو هر دور جي صوفي هٿياربند جدوجهد ڪئي آهي، پر مون ته ٻڌو آ صوفي پيار، محبت ۽ امن جي ڳالهه ڪندا آهن، اهو ئي سندن تعليم جو مرڪزي نقطو آهي؟“ اهو ٻڌي قاسم صاحب جي منهن تي مرڪ اچي وئي ۽ چيائين:
    ”آئون جميلا جي ڳالهه سان اتفاق ڪريان ٿو،“ مون حيرانيءَ منجهان هن کي ڏٺو ته هن مرڪندي چيو:
    ”پيار ۽ محبت جي ڳالهه موالي ڪندا آهن صوفي نه.“ اهو ٻڌي منهنجا ڪن کڙا ٿي ويا.
    ”اسان؛“ هن نرم لهجي ۾ چيو: ”جنهن ملڪ ۾ رهون ٿا اُتي کير ئي سچو نٿو ملي ته صوفي وري ڪٿان سچا ملندا، تون صوفين جي نالي ۾ جنهن سان مليو آهين يا پڙهيو اٿئي، انهن جو ڪم چرس پئيڻ ۽ ڀنگ گهوٽڻ آهي، صوفي ته سندس دور جو انقلابي ٿيندو آهي، سندس ڪم ظلم، ڏاڍ، جبر ۽ ناانصافي خلاف بغاوت جو نعرو بلند ڪرڻ هوندو آهي.“ منهنجو وات ڦاٽي پيو ۽ غور سان هن کي ٻڌڻ لڳس.
    ”جيڪڏهن؛“ هن نرم لهجي ۾ چيو: ”صوفين جي تاريخ ڏسجي ته هنن امن ائم ڪرڻ لاءِ هميشه هٿيار کنيو آهي.“
    ”پهريون صوفي ڪير هو؟“ مون سوال ڪيو.
    ”هر دور جو نبي؛“ قاسم صاحب ساڳي نوع ۾ جواب ڏنو: ”پر حضرت عيسيٰ کانپوءِ ڪيترن ئي ماڻهن صوفي هجڻ جي دعوا ڪئي. اهڙي ريت مسلمان تاريخدانن موجب صوفي هڪ اهڙو ٽولو هو جنهن بنو اُميه جي دور ۾ حڪمرانن جي عياشي، ڏاڍ ۽ جبر خلاف احتجاج ڪيو.“ ايتري ۾ در کليو ۽ جميلا ٽري تي چانهن ۽ بسڪٽ کڻي آئي، هوءَ منهنجي پاسي کان ويٺي ۽ ٽري وچ ۾ رکيائين.
    ”منهنجي نظر ۾؛“ قاسم صاحب چيو: ”پهريان صوفي اهي غار وارا هئا جن حضرت عيسيٰ جي دور کانپوءِ بادشاهه دقيانوس خلاف بغاوت ڪئي. ڇا ٿو غار وارن جو واقعو ٻڌو آهي؟“
    ”جي؛“ مون کيس ڏسندي جواب ڏنو: ”پر اها خبر نه آهي ته هو صوفي هئا.“
    ”جئين ته؛“ قاسم صاحب آهه ڀري چيو: ”مذهبي جنونين سدائين پنهنجي بقا لاءِ ٻين سڀني کي ڪافر ۽ ڀٽڪيل هجڻ جون فتوائون ڏنيون آهن ان ڪري صوفين جو به غلط تصور دنيا ۾ پکڙجي ويو آهي. هر مذهب ۾ ٻه ٽولا هوندا آهن هڪ طريقت وارا، ٻيا معرفت وارا.“ مون ويران نظرن سان جميلا کي ڏٺو، هن مرڪي ها ۾ ڪنڌ لوڏيو، مون قاسم صاحب ڏانهن ڏٺو. اسان چانهن جا ڪپ کڻي ورتا.
    ”طريقت وارو؛“ هن ڳالهه تي زور ڏيندي چيو: ”سدائين جنوني، لالچي، دوکيباز ۽ قدامت پسند هوندو آهي، هو بنا سوچي سمجهي اکيون ٻوٽي ٻڌايل طريقي تي پيو هلندو آهي، هن لاءِ طريقت تي سوال ڪرڻ ڪفر مثل آهي. هو هر شيءَ ۾ تڪڙ ڪندو آهي، ايتري تائين جو سندس ڪوشش هوندي آهي ته سڄي جو سڄو قرآن هڪ ڏينهن ۾ پڙهي لکئين نڪيون ڪمائي وٺي، ان لاءِ ئي کيس سڄو سال تراوحين ۽ ختمن جو انتظار رهندو آهي. ائين ڪرڻ سان سندس سوچ سمجهه جا سمورا در بند ٿي ويندا آهن. دنيا ۾ ڏڦير اُتان شروع ٿيندو آهي جڏهن جاهل طريقت وارو اهو دعوا ڪندو آهي ته سچ ۽ حق رڳو هن وٽ آهي، ٻئي سڄي دنيا ڪوڙي آهي. سچ اهو آهي ته دنيا ۾ سچ نالي ڪابه شيءَ ڪونهي، هر ماڻهو شين کي پنهنجي سوچ ۽ نظريئي موجب ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
    ٻئي طرف معرفت وارو صبر کان ڪم وٺي، غور ۽ فڪر ڪرڻ لڳندو آهي، ان ڪري ئي ته هڪ هڪ لفظ جو علم حاصل ڪرڻ ۾ زندگي گذري ويندي اٿس. هن کي آزمائڻ لاءِ سندس اُستاد، جنهن کي اسان هادي، مرشد يا رهبر جو نالو ڏئي سگهون ٿا، هڪ لفظ ڏيندو آهي، جيڪو ٻئي ڪنهن شاگرد يا مريد کي نه ملندو آهي، ان لفظ جي کوج ۾ هڪ هنڌ ايندو آهي جنهن کي اسان فنا سڏيندا آهيون. گهڻا ماڻهو فنا کي انت سمجهندا آهن، پر فنا علم جو پهريون ڏاڪو آهي، فنا ٿيڻ سان من پاڪ صاف ٿيندو آهي ۽ علم رڳو ان کي ملندو جنهنجو من پاڪ هوندو. اهو شاگرد يا مريد مليل ان هڪ لفظ جي گهرائي ۾ گم ٿي ويندو آهي.“ قاسم صاحب ڳالهائڻ بس ڪيو، مون چانهن جي سرڪي ڀري.


    13

    ”مون جنگ وطن ڪاڻ جوٽي آ،
    مخدوم بلاول موٽي آ.........“ اخلاق پاڻمرادو جھونگاريو، وزير اوندهه ۾ هن ڏانهن نيهاريو. اهو وزير ئي هو جيڪو کيس هن ٽولي ۾ وٺي آيو. ڪنهن کي به خبر نه هئي ته وزير هن راهه تي ڇو هلڻ لڳو، بس هڪ رات اوچتو گهر ڇڏي حيدرآباد جو رخ ڪيائين، ان وقت هن تازو سنڌ يونورسٽيءَ جي آءِ ٽي منجهان ڊگري ورتي هئي، ڪجهه مهينا گهر ۾ ويهي نوڪري ملڻ جو انتظار ڪندو رهيو، جڏهن نوڪري جو ڪوبه آسرو نه ڏٺائين ته گهر ڇڏي شهر جو رخ ڪيائين. سندس پيءُ عبدالله سرڪاري ماستر هو، اٺ ڀاتي ٻن ڪمرن جي گهر ۾ رهندا هئا. سندس تحريڪ وارن جو خيال هو ته وطن پرستي کيس خانداني ورثي ۾ مليل هئي. جڏهن هو حيدرآباد اچي بلاولي تحريڪ سان جڙيو، ان وقت تحريڪ هٿياربند جدوجهد جي تربيت وٺي رهي هئي. کيس سڀ کان پهريان اهو سکاريو ويندو هو ته پنهنجين ڳالهئين کي راز ۾ ڪئين رکجي، پڪڙجڻ جي صورت ۾ ڪهڙو ورتاءُ رکجي، ٻئي ساٿي تائين ڳجهي نموني پيغام ڪئين رسائي جي ۽ دوست ۽ دشمن کي ڪئين سڃاڻجي....... ان وقت به هن ٽولي جي اڳواڻي جميلا ئي ڪري رهي هئي، سندس حساس طبعيت جي ڪري هو جميلا جي وجهن ساٿين منجهان ٿي ويو، جميلا جي شخصيت هن تي اهڙو اثر ڇڏيو وزير هٿيار کڻڻ کان اڳ ئي هن جي عشق ۾ وڃي ڦاٿو. سڀني ساٿين کي اهو چڱي نموني ڄاڻ هئي ته هن تحريڪ جو روح روان ڪو ٻيو آهي، جيڪو جميلا کانسواءِ ٻيو ڪنهن سان به نه ملندو آهي، ساٿين کي ته ان شخص جي نالي جي به خبر ڪونه هئي، ڪنهن به ان شخص سان ملڻ جي خواهش ظاهر نه ڪئي، نه وري اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته جميلا هن تائين ڪئين پيغام رسائيندي آهي. هنن رڳو ٽيپ ريڪارڊر ذريعي ڪنهن مرد جو پڪو ۽ کرو آواز ٻڌو هو. هر پيغام جي شروعات ان روائتي نعري سان ٿيندي هئي:
    ”مون جنگ وطن ڪاڻ جوٽي آ،
    مخدوم بلاول موٽي آ........“ مخدوم بلاول سمن جي دور ۾ سنڌ جو سورمو ٿي گذريو آهي، جنهن ارغونن ۽ ترخانن خلاف بلاولي تحريڪ هلائي، نواب دلها درياهه خان مخدوم بلاول جو ئي سپهسالار هو.
    ”اسان؛“ وزير جڏهن پهرئين رات ڪمپ ۾ ويٺو ته کيس ٻڌايو ويو: ”ان تحريڪ جو ئي تسلسل آهيون، جيڪا مخدوم بلاول ارغونن خلاف هلائي، اڄوڪي سنڌ جو حڪمران طبقو به ڄام فيروز جيان سنڌ دشمن ٿي پيو آهي، هي حڪمران اسان سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ گهرن ٿا، ان ڪري اسان جي تحريڪ جا ٻه اهم مقصد آهن، هڪ ته غدار سنڌي حڪمرانن کان سنڌ کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ، ٻيو سنڌ ۾ تيزي سان وڌندڙ ڌاري آبادڪاري کي روڪڻ. اهي ٻئي ڪم رڳو هڪ منظم هٿياربند جدوجهد سان ئي ممڪن آهن.“ ان کانپوءِ ريڪارڊر پاڻمرادو بند ٿي ويو. جميلا وزير کي جديد هٿيار ڏنو، هن مرڪي هٿيار وٺي ان کي چمي ڏني.
    وزير ڪيترو ئي عرصو احساسِ محرومي جو شڪار رهيو، سندس خاندان ڪيترن ئي مسئلن جي ور رهيو، هڪ پاسي بک ۽ بيروزگاري ته ٻئي پاسي عورتن جو ڌڻ. سندس ابا ڏاڏا ورهين کان دادو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندا ٿي آيا، گهر جي عورتون ٿانءُ ۽ ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ شاخ تي وينديون هيون، سندس وڏي ڀيڻ عرفانا، جيڪا ان وقت 19 سالن جي بُت ۾ ڀريل، اڀريل سيني واري سانوري ڇوڪري هئي، کي دورا پوڻ لڳا، ان وقت وزير جي عمر 10 سال مس هئي. عرفانا ڪپڙا ڌوئيندي ڌوئيندي شاخ ۾ هلي وڃي ۽ وڏيون رڙيون ڪرڻ لڳي:
    ”آئون ست سورمين ۽ ڏهن ڏاتارن کي جنم ڏينديس، منهنجي ڪک سدائين سائي رهندي...... آئون سنڌ آهيان.......“ اُتي موجود گهر جون عورتون ڊڄي وينديون هيون، سندس 50 ورهين جي ماءُ بانو پاڻي ۾ لهي کيس ڀاڪر ۾ ڀري ٻاهر وٺي ايندي هئي. عرفانا جي ماءُ ۽ پيءَ کيس پاڙي جي مسيت ۾ وٺي آيا هئا، ان مسيت جي ڳاڙهي ڏاڙهيءَ واري مولوي صاحب کي هر ڪو حاجي صاحب..... حاجي صاحب سڏيندو هو، ان ڳالهه جي ڪنهن کي به پڪ نه هئي ته هن ڪڏهن مڪي وڃي حج تي ويو هو. حاجي صاحب جي خيال ۾ هو جنهن گهر ۾ هو رهن پيا، اهو ڪنهن دور ۾ هندون جو شمشان گهاٽ هو ۽ ڪو هندو جن عرفانا جي جواني تي مست ٿي پيو آهي. ڏينهن هجي يا رات عرفانا جون رڙيون وڌنديون ويون.
    بانو ڳوڙها ڳاڙيندي رهندي هئي. اوڙي پاڙي وارا عارفنا کي جنڻي جنڻي ڪوٽڻ لڳا. جڏهن ته پرئيمري اسڪول ۾ وزير جا دوست يار کيس جنڻي جو ڀاءُ هجڻ جو طعنو ڏيندا هئا. ان طعني جو وزير جي ذات تي ايترو ته اثر پيو جو هن عرفانا کي قتل ڪرڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو. هر روز رات جو دير سان اٿي پڌر ۾ پيل عرفانا جي کٽ ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪندو هو پر وچ ۾ سندس پير خوف ڪارڻ ڄمي ويندا هئا. عرفانا پنهنجي جواني جو خيال رکڻ ڇڏي ڏنو ته سندس بدن ۾ عجيب بدبو پيدا ٿي وئي. ڳوٺ ۾ اهو هُل هلي پيو ته ڪو هندو جن روز رات جو عرفانا سان اچي سمهندو آهي.
    اهڙين ڳالهائين سبب ماستر جو ڪنڌ شرم ۾ جهڪي ويو. حيدرآباد ۾ رُلندي رُلندي سندس ملاقات اديبن ۽ ليکن سان ٿي، پر وزير کي سندن تخليقي عمل منجهان بيزاري ٿيندي هئي. اها ڊسمبر جي هڪ سرد ۽ڪاري شام هئي، وزير سندس اديب دوستن سان قاسمآباد ۾ رهندڙ هڪ ڇڙي شاعر جي فليٽ تي شراب جون چسڪيون ڀري واهيات شعرن تي واهه واهه ڪري رهيو هو، جو ڳالهئين جو رخ سنڌ جي بقا جي جنگ ڏانهن هليو ويو، پهريون ڀيرو سندس ڪنن تي ڪنهن قومي جدوجهد جو ذڪر پيو، اديبن موجوده بلاولي تحريڪ جي طريقن تي گرما گرم بحث ٿي ڪيو، جڏهن سنڌ جي حڪومت پٺاڻن کي سنڌ ۾ اچي رهڻ جي دعوت ڏني ته ڪجهه غيرتمند سنڌي نوجوانن پٺاڻن جي آيل قافلن تي گوليون هلايون ۽ پرچا اڇلايا ته بلاولي تحريڪ ارغونن ۽ ترخانن جي باقيات کي سنڌ ۾ داخل نه ٿيڻ ڏيندي. تڏهن کان سنڌ جي بازارن، گهٽين ۽ ادبي هلڪن ۾ هڪ نئين تحريڪ جو ذڪر ٿيڻ لڳو.
    ان جي ٻئي ڏينهن وزير رضوان نالي هڪ شاعر دوست سان مليو، نسيم نگر وٽ چانهن جي هوٽل تي ويٺا هئا، شام جو وقت، سرد موسم، سامهون روڊ تي هلندڙ گاڏين جو آواز ۽ دونهون ماحول کي ويتر بيزار ڪيو ٿي ويو.
    ”رضوان؛“ وزير سانوري ڪلين شوءَ شخص جنهن جي کاٻي هٿ جي وچئين آڱر ۾ ٿلهي مُنڊي هئي کي ڏسندي چيو:
    ”مونکي تازي هلندڙ بلاولي تحريڪ تي هڪ مضمون ته لکي ڏي.“ اهو ٻڌي شاعر جا ڪن کڙا ٿي ويا، ترت آس پاس ڏسي اهو جاچيائين ته ڪٿي ڪو فرشتو ته نه پيو گهمي. هو هوٽل تان اٿي رضوان جي گهر واري گهٽي ۾ هلڻ لڳا هئا.
    رضوان کيس مضمون لکي ڏنو، جيڪو وزير پنهنجي نالي سان ڇپرائي ورتو، هڪ رات ڪو اڻڄاتل شخص هن سان اچي مليو، جنهن کانپوءِ هن بلاولي تحريڪ وارن کي ڳولي لڌو.


    14

    اسان قاسم صاحب سان ويٺا هئاسين، اوچتو فليٽن جي هيٺان ڪا گاڏي اچي بيٺي هئي، جنهن ۾ تيز آواز ۾ ڪو گانو ٿي هليو. جئين ئي گاني جو آواز قاسم صاحب جي ڪنن تي پيو ته هو اٿي جهمريون هڻڻ لڳو، هن گولائي ۾ ڦرندي اکيون بند ڪري ڇڏيون. مون حيرانيءَ منجهان جميلا کي ڏٺو، هن جهڪي منهنجي ڪن ۾ سرٻاٽي ڪندي چيو:
    ”بابا هاڻي اهڙي ڪيفيت ۾ اچي ويو آهي، جو ڪنهن به ساز جو آواز ڪنن تي ڪريس ٿو ته پاڻمرادو نچڻ شروع ڪري ڏئي ٿو. مون وري حيرانيءَ منجهان قاسم صاحب کي ڏٺو، جئين ئي گانو پورو ٿيو ته هو گول ڦري ڦري هيٺ اچي ڪريو.


    15

    آئون ۽ جميلا ٻيهر لڪندا ڀڄندا ساڳي ڪيمپ تي پهتاسين، هيٺ پٽ تي ڪجهه لاشا ڪريا پيا هئا، هر طرف رت ئي رت هو، جڏهن ته کٽ تي وزير ويٺو هو. هن اسان کي ڏٺو ته اٿي بيهي رهيو، جميلا حسرت سان لاشن کي ڏٺو.
    ”سڀ؛“ وزير ڳالهايو: ”ختم ٿي ويو جميلا.“ جميلا لاشن منجهان اکيون ڪڍي هن کي ويران نظرن سان ڏٺو.
    ”هي شاهه بيگ ارغون؛“ هن مخصوص ڳجهي ٻوليءَ ۾ ڳالهايو: ”جا مخبر نڪتا، ڄام فيروز کي ختم ڪرڻ وارو راز هنن فرشتن کي ڏئي ڇڏيو، بلاولي تحريڪ ختم ٿي وئي.“
    ”ته پوءِ؛“ جميلا سندس منهن ۾ غور سان ڏسندي چيو: ”تون ڪئين بچي وئين؟“ ان تي وزير وفلڻ لڳو.
    ”وزير؛“ جميلا ڪاوڙ ۾ رڙ ڪندي چيو: ”تون ڪئين بچي وئين؟“
    ”مون؛“ هن به رڙ ڪندي چيو: ”مشڪلن سان جان بچائي، هنن اسان جي سموري رٿا جو راز کولي ڇڏيو.“ جميلا ڪوٺي ۾ وئي ته وزير کٽ تي ويهي رهيو، مون پٽ تي پيل لاشن کي ڏٺو. جميلا ٻاهر آئي، مونکي ٻانهن کان پڪڙي پاسيرو وٺي آئي. جڏهن اسان ڪجهه پرڀرو ٿياسين ته چيائين:
    ”ريحان منهنجو هڪ ڪم ڪندئين؟“
    ”ها،“ بنا سوچي جواب ڏنم.
    ”هن ۾؛“ هن ڪاري ٿيلهي مونکي ڏيندي چيو: ”هڪ سي ڊي آهي جنهن منجهان توکي خبر پئجي ويندي ته هن تحريڪ جو روح روان ڪير آهي، ان سان ملي کيس چئجان جميلا سميت سڀ ساٿي مري چڪا آهن، اسان کي غدار جي خبر پئجي وئي، پر تحريڪ اڃا به زندهه آهي، نوان دوست ايندا رهندا ۽ وطن تان قربان ٿيندا رهندا.“ مون ويران نظرن سان هن ڏانهن ڏٺو ته ٿڌو ساهه ڀريندي چيائين:
    ”بس هاڻي هتان جلدي نڪر ۽ ان شخص تائين پهچ، هاڻي هن تحريڪ جي بقا جي ذميواري تنهنجن ڪلهن تي آهي.“
    ”۽ تون جميلا،“ حيرت منجهان چيم.
    ”منهنجي فڪر نه ڪر؛“ هن پرسڪون انداز ۾ چيو: ”تحريڪن جي بقا لاءِ رت جو نظرانو ڏيڻو پوندو آهي.“
    ”نه جميلا نه؛“ مون سندس ڪلائي پڪڙيندي چيو: ”آئون توکان سواءِ هتان ڪونه ويندس.“ هن مونکي پنهنجي سيني سان لاٿو، ته مون سندس خشڪ چپ چميا، ڪجهه پلن کانپوءِ هوءَ مونکان جدا ٿي ۽ چيائين:
    ”ريحان هتان نڪري وڃ، تنهنجي حياتي ۾ ئي هن تحريڪ جي بقا آهي.“ دل کيس ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو، هن جي اکين ۾ ڏٺم، انهن ۾ هڪ التجا هئي، منهنجون اکيون ڀرجي ويون، هوءَ مونکي پٺي ڏئي ڪيمپ ڏانهن وئي، آئون ٻيلي ۾ ڀڄڻ لڳس.
    ”وزير؛“ جميلا اندر اچي چئيس: ”اسان جي تحريڪ ۾ مشن ۽ پلان جي خبر رڳو ان ساٿي کي هوندي آهي جنهن اهو ڪم ڪرڻو هوندو آهي يا مونکي، سڀاڻي ڄام فيروز کي مارڻ واري مشن جي خبر رڳو توکي يا مونکي هئي، تو هي سموري تحريڪ تباهه ڪري ڇڏي، تون اسان جي وچ ۾ اهو غدار آهين جنهن سنڌ ڌرتي جو سوڌو ڪيو آهي.“
    آئون ڪچي کان نڪري پڪي روڊ تي پهتس ته ٻيلي ۾ هڪ وڏو ڌماڪو ٿيو، جنهن جي ڪري ڪارو آسمان ڪجهه پلن لاءِ ڳاڙهو ٿي ويو، هر طرف باهه جا اُلا هئا. جميلا پاڻ سان گڏ ان غدار کي به اڏائي ڇڏيو. ان رات دير سان آئون پنهنجي گهر آئيس، جئين بابا جي نظر مون تي پئي ته مونکي ڀاڪر ۾ ڀريائين. رات جو پنهنجي ڪمري ۾ ويهي جميلا جي ڏنل سي ڊي ڪمپيوٽر ۾ هلائي، ان ۾ قاسم صاحب ۽ منهنجو ريڪارڊ ڪيل صوفين تي بحث هو. سمجهي وئيس ته هي تحريڪ قاسم صاحب هلائي رهيو آهي ۽ هو اڃا جئيرو آهي، جنهن جو مطلب هي تحريڪ به جئيري آهي.
    ٻئي ڏينهن صبح جو اسٽيڊي روم ۾ بابا سان طويل ڪچهري ڪئي، جڏهن هن کان موڪلائڻ لڳس ته:
    ”بابا جڏهن هتان نڪتو هئس ته اوهان جو پٽ هئيس، وريو آهيان سنڌ جي پٽ جي حثيت ۾، بابا وري ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيو. آئون قاسم صاحب سان مليس ۽ کيس يقين ڏياريو ته سندس تحريڪ زندهه آهي ۽ زندهه رهندي.


    آخري ڀاڱو

    16

    جيڏي مهل ريحان پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائڻ بس ڪئي ته مون ڀانيو ڪنهن سٽ ڏئي منهنجو روح ڪڍي ورتو آهي، هڪ ڀيرو ويران نظرن سان ريحان ڏانهن ڏٺم، هن جي منهن تي هيڊي مرڪ هئي. اسان اٿي هال کان نڪري ڪينٽين ۾ آياسين ۽ چانهن پيتي. ڪينٽين ۾ ڪافي رش هئي، اديب ۽ اداڪار هتان هوتان جو ڳالهيون ڪرڻ ۾ مصروف هئا.
    ”ٺيڪ آهي؛“ چانهن جي سرڪي ڀريندي چيم: ”پاڻ هن ڪهاڻي تي اسٽيج ناٽڪ ڪريون ٿا.“ هن مرڪي ها ۾ ڪنڌ لوڏيو. اسان خاموشي ۾ چانهن پيتي، شام سرمائي ٿي رهي هئي جو آئون آرٽس ڪائونسل کان نڪري گهر پهتس.
    ٻن هفتن ۾ مون ريحان جي ڪهاڻي جو اسڪرپٽ لکيو ۽ ڊاڪٽر مهيش سان ڳالهه ڪئي، ڪهاڻي ٻڌي کيس پگهر اچي ويا، پر مونسان انڪار نه ڪري سگهيو. اسان ريهسل شروع ڪئي. ٽئين ڏينهن شام جو ريهسل ڪري گهر پهتس، اڃا ويٺو ئي مس هئيس جو آڪاش اچي ٻڌايو ته ”عدنان“ نالي ڪو شخص مونسان ملڻ آيو آهي. مونکي حيرت ٿي، عدنان ريحان جي فوجي ڀاءُ جو نالو هو. پر هن کي ڪهڙي خبر ته آئون ڪير آهيان ۽ سندس ڀاءُ مونسان آرٽس ڪائونسل ۾ ڇو ملندو آهي.....؟؟؟ ذهن ۾ عجيب سوال اڀريا.
    ”ٺيڪ آهي؛“ مون آڪاش کي چيو: ”هن کي ڊرائنگ روم ۾ ويهار.“
    ”جي،“ آڪاش چئي هليو ويو. آئون 15 منٽن ۾ ڊرائنگ روم آئيس، اُتي هڪ صاف سٿرو 35 سالن جو جوان شخص ويٺل هو، ويڪرو سينو، قداور، منهن تي ڪاريون مُڇيون ۽ وار فوجي اسٽائيل ۾ ڪٽيل، پولو جي آسماني رنگ واري شرٽ جي کيسي ۾ ڪارو چشمو. مونکي ڏسي اٿي بيٺو ۽ مرڪي هٿ ملائيندي چيائين:
    ”ٻُٽ صاحب، ميجر عدنان.“
    ”جي؛“ حيرت ۾ هٿ ملائيندي چيم: ”پليز ويهو.“ هو صوفا تي ويٺو ۽ جينز جي کيسي منجهان بينسن اينڊ هيجز جو ناسي پڪٽ ڪڍي سگريٽ دکايائين.
    ”ٻُٽ صاحب؛“ هن ناسن منجهان دونهون ڪڍندي چيو: ”مونکي خبر پئي آهي ته اوهان هڪ پابندي مڙهيل ٽولي تي ڪو ناٽڪ ڪرڻ وارا آهيو.“
    ”نه سر؛“ مون پريشاني لڪائيندي چيو: ”آ.ون ته ريحان نالي هڪ نوجوان جي ڪهاڻي تي ناٽڪ ڪرڻ وارو آهيان.“
    ”ٻُٽ صاحب؛“ هن لاپرواهي منجهان چيو: ”اهو ريحان منهنجو ڀاءَ هو، ويڳو ئي صحيح پر ڀاءَ هو.“
    ”هو....... مطلب.....“ مون هٻڪندي پڇيو.
    ”اوهان ٽي وي ڪونه ڏسندا آهيو ڇا؟“ هن ساڳي لاپرواهي منجهان چيو ته ويتر کيس حيرانيءَ منجهان ڏٺم. هن جينز جي کيسي منجهان سيمسنگ گيلڪسي ڪڍي هڪ ڪلپ هلائي مونکي ڏيکاري چيو:
    ”هو هن ملڪ جي سلامتي لاءِ هڪ خطرو بڻجي چڪو هو.“ مون ڪلپ ڏٺي، هڪ وين منجهان ريحان جو چچريل لاش ڪڍي چيل چوڪ وٽ گند جي ڍير تي اڇلايو ويو. مون ڏک ۾ اکيون بند ڪري ڇڏيون، ڳوڙها ڳلن تي اچي ڪريا.
    ”ٻُٽ صاحب؛“ عدنان اٿندي چيو: ”جيڪڏهن اوهان ڪراچي ۾ زندهه رهڻ چاهيو ٿا ته پوءِ خاموشيءَ سان رهو.“ اهو چئي عدنان هليو ويو.
    آئون بالڪوني ۾ آئيس ۽ ڪاري آسمان ڏانهن ڏٺو، سنڌ تي اڃا به غلاميءَ جا ڪاري ڪڪر ڇانيل نظر آيا.... وين منجهان اڇلايل ريحان جو چچريل لاش اکين آڏو ڦرڻ لڳو. ائين لڳو ڄڻ ڪنهن رخسار جي گهر ۾ موجوده سنڌ جو ڪو ڄام فيروز، شاهه بيگ ارغون سان گڏ ويهي ڪنهن مخدوم بلاول ۽ نواب دلها درياهه خان جي لاش ڪرڻ جي خوشي ۾ چاندي جي ڪٽوري منجهان مڌ پي رهيو هجي. منهنجو ساهه منجهڻ لڳو ته ڪمري ڏانهن هليو وئيس.

    _پورو ٿيو_


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566284
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215652
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ