ڪتاب جو نالو: ڪلهي پاتم ڪينرو
مصنف: شيخ اياز
ڇپائيندڙ: اداره آواز ادب حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 1963
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 27 آڪٽوبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 637 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 299 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”ڪلهي پاتم ڪينرو“ نامياري شاعر شيخ اياز جي لازوال شاعريءَ تي مبني آهي۔ جنهن ۾ بيت، دوها، گيت، وايون ۽ غزل شامل آهن۔
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • شيخ اياز پاران
  • ارپنا
  • بيت

  • بيت
  • دوها

  • دوها
  • گيت

  • تون جي ايندين رات
  • ٿر ۾ ڪھڙا ٿاڪ
  • ھَيا ھَيا ھَيا، او
  • بنگاليءَ گيت
  • جر جي ڄَر ڪنھن ڄاتي ڪانہ
  • من_ نگريءَ جي ڳلِي ڳلِي
  • سُڻ ھيءَ پيڙ پراڻي، ووءِ
  • غزل

  • پويون پھر، جُدائي جاڳَ
  • موتئي جون مالھائون، مُنڌ
  • ڪھڙي ڪاريھر جو ڏنگُ
  • نانگا، مينھوڳيءَ ۾ مچ
  • سچ، پَنڇي يا پنڇيءَ جو
  • او مڌ _ ماتا ميت ڪوي
  • پنھنجي سياست باد _ فرنگ
  • اَڄ ڪائي گجگوڙ نہ آھ
  • وڌوا جو مڙھ آھ ادب
  • او مڌ _ ماتا، ھوريان ھَلُ
  • آڌيءَ رات ڀُليءَ جي ڀاڻ
  • ڪوئي اَنتيءَ جو اِمڪان
  • اچڻو آھين جي تون، آءُ
  • او منھنجا محبوب وطن
  • او ڌرتيء َ جا ريت_ رتا
  • ھي ڳاٽ ڳاٽُ ناھي، آ ڏيل َ تي ڏياٽِي
  • وايون

  • ڀونءِ نہ آئي ڀانءِ، اَلا مان اُڏري ويندو سانءِ
  • تو ۾، مون ۾ ڀيدُ نہ ڪوئي،اَڙي نديءَ جا نِيرَ
  • ڪاريءَ رات، ڪَتيءَ جو پاڇو، ڪيئي نيڻ نياڻُ
  • پُٺتي موڙ مَھار، اَلو ميان، پُٺتي موڙ مھارَ
  • ڪيچ وڃين ڪنھن ڪاڻ، پُنھل تون موٽِي آءُ
  • روز وڪاڻِي، ھاءَ نماڻِي، وينگس وچ بازار
  • نانگو آھيان،نانگو يارَ
  • ھِيرَ مُئي، او ھِيرَ مُئي
  • ڪافر مومن ناھيان, وو
  • بادل ڙي، بادل ڙي،! منھنجا نيڻ نٿا بس ڪن
  • ڪوئي آھي، ڪوئي آھي ! جيڪو سچ چوي؟
  • سانگيئڙن جي سار نہ ڇڏ
  • نئون جمالو
  • نظم

  • جيسين مون اي ميت
  • ماڪَ لڳي جو موتي موتي
  • مان سپنو ھان، مان سپنو ھان
  • تون جو آئين سِج سنئين
  • ڇا ڇا چورُ ڇَڏي ويو آھي
  • ڪيرُ وراڻيندو،؟ ڳيرو
  • لڙي ٻہ _ پَھري، لانڍي، ٿانوَ
  • کنڀ کنڀي، واجھَ وجھي
  • ڪاري
  • ڪالھ ڪَويتا جي ڪَنٺي تِي
  • پُوڄاريءَ جو پُوڄاريءَ سان ويرُ ڏسي
  • بَنگلا
  • ڄڻ اُتر جي واء ُ تي
  • راجا_ڏاھر.! تنھنجون نياڻيون
  • چؤ تون ڇا ٿو چاھين؟

  • سنڌ سلامت پاران

    ڪلهي پاتم ڪينرو“ نامياري شاعر شيخ اياز جي لازوال شاعريءَ تي مبني آهي۔ جنهن ۾ بيت، دوها، گيت، وايون ۽ غزل شامل آهن۔ هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو ڊسمبر 1963ع ۾ ”اداره آواز ادب“حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. هن ڪتاب کي اِي بوڪ ايڊيشن ۾ پهريون دفعو محترم عبداللطيف انصاري صاحب آندو ۽ وائيس آف سنڌ پاران انٽر نيٽ تي متعارف ڪرايو ويو۔ محترم رزاق بجير جي ڪوششن سان هڪ دفعو وري هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ۾ پيش ڪيون ٿا.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    books.sindhsalamat.com
    sindhsalamat.com


    شيخ اياز پاران

    _ جي سماج کان فرار ممڪن آھي، تہ اُھو اُنھيءَ زمين کان فرار آھي، جنھن مان آرٽ جي پرورش ٿئي ٿي. گوگي (1) ۽ ماياڪوسڪيءَ (2) جو فرار آپ گھات جا ٻہ مختلف طريقا آھن.ٽيون طريقو اُھو آھي، جو مون چونڊيو آھي: پنھنجي ويساھ جي ڇنڊڇاڻ ڪري، بنيادي ڳالھيون ڳولي لھان، ھر عارضي ۽ مصلحت آميز ڳالھ کي ٿُڏي ڇڏيان ۽ پنھنجيءَ جاءِ تي اٽل ٿي بيھان ۽ اُن لاءِ مون کي جيڪي بہ سھڻو پوي، اھو سھان.
    __
    ھر عظيم فنڪار پنھنجي دور کان اڳ ۾ پيدا ٿيندو آھي.
    __
    تاريخ گواھ آھي تہ ڪڏھن بہ جبر و ستم ۽ رسم و رواج جي ماٺي پاڻيءَ زندگيءَ پيدا نہ ڪئي آھي. ھر دور ۾ اھڙي انسان جي ضرورت آھي، جو اُن ۾ پٿر اڇلائي، ولوڙا پيدا ڪري، زندگيءَ جو مدار ھميشہ انھيءَ تحرڪ تي آھي، جو ھڪ انوکو اڙٻنگ انسان پيدا ڪري ٿو.انھي زندگيءَ جي واسطي ھر قوم کي ڪي جوکا کڻڻا آھن ۽ اُن کي ڪفر ۽ بغاوت کي ڪجھ جاءِ ڏيڻي آھي، جي اُن کي زندھ رھڻو آھي تہ ان کي اِھو جوکو ضرور کڻڻو آھي.

    _ ھربرٽ ريڊ
    (”شاعري ۽ انارڪزم“)
    __

    _ اچ وڃ ختم ٿي. . . . .
    مان اڪيلو بيٺو آھيان. . . . .
    ھي جيون ڪھڙو نہ ڪٺن ۽ منھنجو پٿرائون رستو ڪيترو نہ لمبو آھي.!

    (روسي شاعر، پاسٽرنڪ)
    __

    _ مان اِنھيءَ ساراھ جو مستحق نہ آھيان:“
    سچ پچ، منھنجا دوست! منھنجو جيءُ جلڻ لڳي ٿو،
    جڏھن تون منھنجي سچائيءَ جي ساراھ ڪرين ٿو.
    مان انسان وانگر رھان ٿو نہ چيتي وانگر،
    منھنجيءَ ستم زدھ دل ۾ خوف جو آستان آھي.
    اعتبار ڪر تہ مان خوف زدھ آھيان! مان خوف زدھ آھيان!
    ھا، پر__
    مون کي موت کان وڌيڪ خودفريبيءَ ۽ ذلت جي زندگيءَ کان خوف ٿئي ٿو.

    ( ھنگريءَ جو شاعر، زولٽن زيلڪ)


    (1) پال گوگي: مغربي مصور، جنھن کي مغربي سرمائيدارنہ تھذيب سان بي انتھا نفرت، ڀونوچ سمنڊ تي ھڪ فرينچ ڪالونيءَ ٽھٽيءَ ۾ وٺي وئي، جتي ھن تھذيب کان پري باقي زندگيءَ ۽ زندھ جاويد نقشا تاليف ڪيا.

    (2) ماياڪو وسڪي: روس جي انقلاب جو عظيم شاعر، جنھن انقلاب کان پوءِ، سياسي ۽ سماجي فضا جي ناسازگاريءَ سبب خودڪشي ڪئي.
    __________________

    تون ٺڪر جي ٿانوَ ۾ پاڻيءَ پي رھيو آھين، مان توکي بلور جي صاف ڪوزي ۾ ميء آڇيان ٿو. تون منھنجيءَ ميء کان ڇرڪين ٿو، ڇو تہ تون اِنھيءَ بيٺل تلاءَ جي پاڻيءَ تي ھري ويو آھين. توکي اِھو ٻاڙو پاڻي گھر ويٺي ملي ٿو، تنھنڪري تون اِھا تڪليف بہ نہ ٿو وٺين تہ تون اُھو شفاف جھرڻو ڳولي لھين، جنھن جي ڀر تان تنھنجا وڏا ڪجھ صديون اڳ لڏي آيا ھئا. مون انھيءَ ساڳي جھرڻي جي پاڻيءَ تي انگور جون وليون پوکي، انھن جي ميوي جي رس مان ھيءَ ميء جوڙي آھي. تون انھيءَ مان چُڪي چکي ڏس! شايد اِھا توکي امر ڪري ڇڏي.

    _ شيخ اياز


    ارپنا

    سيد حسام الدين راشديءَجي نالي
    جنھن جي روح مان مون کي اَروڙ جي مِٽيءَ جي ڀني خوشبوءِ ايندي آھي.


    بيت

    بيت

    ڪنھن جي لاءِ ڪُماچ،صديون رھيو سانت ۾،؟
    سارو ڏيھ ڏياچ ، مڱڻو ڳوليو ماڻھوءَ.!
    ___________

    آڌيءَ رات اُداسُ، اُن تي آرتيون آڱريون،
    ماڻھوءَ ماڻھوءَ ماسُ، ڪوري آيو ڪِينَرو.
    ___________

    ساڳي ساڃھ آڱريون ، ساڳي ساڃهه سازُ،
    مان، منھنجو آواز، ڪنھن جون ٿو ڪارون ڪري.!
    ___________

    نِڪتا تنھنجيءَ تند مان، ٻهه ٻهه ڪري ٻاڻَ،
    ڄَر آ تنھنجيءَ ڄاڻ جي، سازن منجهه سُڄاڻَ،
    آڻي ٿو اُھڃاڻَ، ڪھڙا ڪھڙا ڪِينرو.!
    ___________

    چائنٺ چائنٺ چَنگ ُ، چوريم چوڏھينءَ رات جو،
    لوٺيون ڪيئي لوڪَ جون، نڪتيون اوڙھي ننگُ،
    چي : '' ھي ٿيندو ڪير آھ، اَڻ ڪوٺيو اَڙٻنگُ،
    ڏاھَپَ ڏاھَپَ ڏنگ ُ، پھتو جنھن جي ڏات مان.!“
    ___________

    ڳائيندي وچ دَڳ َ، جھُمريون ھيون جندڙيءَ،
    ھڪڙي ھٿَ ۾ ڪِينرو، ٻي ۾ تنھنجي چَڳ،
    ماڻھوءَ جا مارڳَ، ڪنھن ڪنھن ۾ ڪيئن ٿو لُڇين.!
    ___________

    تو جا سمجھي سِٽَ،سا آھي ڪاتيءَ ڪوٺَ،
    ڳائي ڳائي ڳوٺ َ، ڪُھندو ويو ڪِينرو.
    ___________
    تو جا سمجھي سِٽ، سا آھي وائيءَ وَڍُ،
    گھارا وِجھي گھاوَ سان، ڏاري، ڏاڍي، ڏَڍُ،
    ھيڻا ھانوَ نہ ڪَڍُ، اُن مان پنھنجو آسرو.
    ___________

    تو جا سمجھي سِٽ، سا آڳ اَٿئي انمول،
    جنھن جِي سوچَ سماج کي، ڪري رک رَتول،
    چارڻُ ٻاري ٻول ُ، جَرڪائي ٿو جندڙيون.
    ___________

    تو جا سمجھِي سِٽ، سا ڀَڙڪي تہ ڀُونچال،
    ڊاھي ھڻي ڍير ۾، سارو خام خيال،
    پَٽَ مٿان پامال، ڪري ڪِنگرا ڪوڙ جا.
    __________

    تو جا سمجِھي سِٽ، سا اڄ تائين اِتھاسُ،
    جنھن ۾ ڪر موڙي اُٿيو، ڪوري ڪاليداس،
    آيو جنھن جي اوٽَ سان، وِدياپَتيءَ واس،
    ڀٽائيءَ جي ڀِٽ تي، جنھن جو نينھُن نواس،
    جنھن ۾ منھنجو ماس ،ڪوري آيو ڪِينَرو.
    __________

    تو جا سمجھي سِٽ، سا سپنن جو سنسارُ،
    آڻي بُوء َ بسنت جي، ھِنئين وجھي ھارُ،
    جوڙي سو جنسار، جنھن ۾ موت مري وڃي.
    __________

    آءُ، ڀٽائيءَ آءُ،! تنھنجي کِهه منھنجيون اکيون،
    ڏِس،! مون تنھنجو ڪينرو، ڀوريو ناھي ڀاءُ،!
    ساڳيو جوڳَ جڙاءُ، ساڳيا سڏڙا ساز جا.
    __________

    توکي سارِي سنڌڙي، ساري ڀٽ ڌڻي،
    مُور نہ ٿيندي مارئي، ٻي ڪا ماءُ ڄَڻي،
    تنھنجي پير َ پَڻِي ، ڏات سموري ڏيھ جي.
    __________

    آھيان آءُٗ اُساٽ َ، تنھنجي مَڌُ جي ، او ميان،!
    تو سا ڪوءِ ڪَلال جي، جنھن مان منھنجي واٽ،
    تو کان ٻاھر ٻاٽ ، تو تائين آ سوجھرو.
    __________

    آندي مون سان اوتَ ، جيڪا تنھنجي جامَ ۾،
    ماري ناھي موتَ، جنھن جي ڄَرَ، جنھن جي ڄِڀي.
    __________

    اڳ ۾ ھُيس شاھ، شَل مون کي سمجھي سگھين،!
    سنڌڙي ، تنھنجو ساھ، جَرڪيو منھنجي جيءَ ۾.
    __________

    چئہ تون مون کان پوءِ، ڪنھن جو ٿيندين ڪينرا،؟
    واڪا ڪندي ووء ِ، صديون تو لئہ سنڌڙي.!
    __________

    چَنگُ کڻي چوڪٺ، رڱي ڪيرُ رتول جِي،
    سنڌڙي، او سورٺ ! ٻيجلَ ٻُجھي ويا.
    __________

    سگھ ڏي اھڙي سچَ، منھنجي جڪڙيل جيءَ کي،
    ڳِچي ٿئي ڳچ ، تہ بہ چوان جو چوڻو ھجي.
    __________
    ڇڪيءَ ساڻ ڇِني، ڪَڙيون تُنھنجي ڪوٽ جون،
    چڙھي پوري چوٽ تي، ڏٺم ڀيڄ ڀِنِي،
    مون کي ڏات ڏني، اھڙي سگھَ سرير ۾.
    __________
    مون وٽ ٻيو ڪجھ ڪينَ، آھي اڄ اِن کان سوا،
    ھان ھيءَ منھنجي بينَ، ڄرڪي ٿي جنھن مان ڄِڀي.!
    __________

    روئي پيئي رَتُ ، سڏڪا ڀري سنڌڙي،
    وِھُ ٿي لڳو واتَ ۾، ڀينر مون کي ڀَتُ،
    ھي پورُو پربت، آخر ڪيئن پِٿون ٿئي.!
    __________

    ڪَنڌيءَ مٿان ڪَنڌُ ، نائي رُنو ناکئو،
    سائين،!تو سوڳنڌ، ڪِشتيون سڀ ڪاڏي ويون.؟
    __________

    ڪنھن جي ڪشتيءَ ڪاڻ، واجھائين ٿو، ويسرا،!
    ڪو بہ نہ ايندو ھاڻ ، مانجھي سڀ مري ويا.
    __________

    ڪڏھن ڪِرندي ڪاڪ، ڪڏھن ملندو مينڌرو،؟
    پُڇان وڏي واڪ ِ، سَڏ بہ ڏئي ڪو سنڌ ۾.!
    __________

    آيل،! ھاريان آنءُٗ ، ھَنجون ڪنھن جي ھنج ۾،؟
    دُکي سارو ديس آھ، ھَر ڪنھن ھيڻون ھانءُٗ،
    جنھن کي ڏڍ نہ ڏانءُٗ، سا ڪيئن ڪاٽي ڏينھڙا.!
    __________

    ماڻھوءَ منجھ مِرون، اڳي کان اَڳرو ٿيو،
    ڇاتي ڇاتي ڇِپَ آھ، ٿيو پيار پِٿون،
    چارڻ َ، اڃا تون، چورين پيو چنگ کي.!
    _________

    ماڻھوءَ ماڻھوءَ ميرُ، ڇَڻي پيو ڇِتَ مان،
    ڀُڻڪي پيو ڀِتِ مان، واچوڙي جو ويرُ،
    ڪُٽيا تو ۾ ڪيرُ، جرڪائين ٿو جوت کي.!
    _________

    ڪوڙي ڪَچ تي سنڌڙي، ھِنيون نہ ھر کاءِ،!
    مڻئي موھي ماڻِڪي ، ! ھاڻي بہ پڇتاءِ،
    لِيلان ٿي ليلاءِ ، تہ سگھو پائين پيار کي.
    _________

    ووڙيندي وَتُ، ووءِ،! ھاڻي پير پنھونءَ جا،
    وھاڻيءَ ويا ويسري ،! پتو ڪو نہ پيوءِ،
    شال لڀيئي لوءِ، آريءَ کي اوڏي ٿئين.!
    _________

    اوري اچ تہ اُگھان،ڳوڙھا تنھنجي ڳل تان،
    ڪيڏا ويل وَھي ويا، تنھنجن ٻچڙن سان،
    ڌرتيء َ ماء ُ، ! متان، پِٽي پاراتو ڏئين.!
    _________

    ڏانڊِي ڪپيئہ ڏارَ مان، يا تو ڪپي ٻانھن،
    ڌرتيءَ ڌرتيءَ دانھن، جنھن جي پيڙا مان پُڳي.
    _________

    ھاءِ ، ڀوانيءَ ڀونءَ ۾، روڪي ڪو رَت ڇاڻ،
    ماڻھو ماڻھوءَ ساڻ، ڪيڏا ڪيس ڪري چڪو.!
    _________
    موٽِي ملندؤ شالَ، منھنجا سَرتا سانگيو،!
    ميڙو ڪَندؤ ماڳ تي، اوريندؤ احوالَ،
    جيء َ سوين جنجال َ، سِڪ اُھائي ساھ ۾.
    ________

    وڃو نہ ويراڳيو،!ھِت بہ ٿيندو سوجھرو،
    منھنجو جيءُ جڏو اَلا،!تنھن سان ساٿ ڏيو،
    اِجھو ڏينھن ٿيو،ڪيسين رھندي راتڙي.!
    ________
    ڪاڏي ھَليوَ ڪاپڙي، ھھڙي ڪاڪِ ڇڏي،!
    وھاڻيءَ جو ٿا وڃو، ڪھڙيءَ لوءِ لڏي،
    آڌيءَ رات اَڏي، اوڏا منھنجي پکڙا.!
    ________

    ڪڏھن ايندين ڪانگَ،کڻي ڪانگون قرب جون،
    سِٽبا ڪڏھن سانگ ، ماروئڙن جي ميڙ جا.!
    ________

    آء ُ، ! کنياتا آءُ، !ڏي ڪا سُڌ ساڻيھ جي،
    ڪوئي واءُ سئاءُ، سانگين جي سرچاوَ جو.
    ________

    آڌيءَ رات اَروڙ َ، ٿڌو ساھُ ڀري چيو،؛
    مورکَ ھاڻي موڙ، پُٺتي واڳ وجود جي.!
    _________

    شال وسين او سنڌڙي ! تنھنجا کيت وسن،
    واھوندي جي واء ُ ۾، مارو شال مِلن،!
    جن جي ڪوٽَ ڪَڙن، جھوريو منھنجي جيءَ کي.
    ___________

    شال وسن ھي کيت، جِت کِلڻيون کيڪارينِ،
    پانڌيئڙن کي پياسَ ۾، پاڻيءَ پيئارينِ،
    جيءَ کي جيئارين ِ، جِت اَربيليون اوتَ سان.
    ___________

    وڄَ ورڻيون، من موھڻيون،کِنوڻيون جن جا کيتَ،
    مون ٿي ڀانيون بيت َ، آھن پوريون آيتون.
    __________

    جھُوڙا، جھائِين، جھومَڪيون،کِلڻا ماڻھوءَکيت،
    ساري بَر ۾ بيتَ، چارڻ چونڊيندو رھيو.
    __________

    تون ٿو چونڊين ڪَکَ، مان اُڏران آڪاس ۾،
    تون ڇا ڄاڻين آھ جا، لونءَ لونءَ منھنجي لَکَ،
    پوياڙيء َ جا پَکَ، آکيري اوٽائتا . !
    __________

    مسجد مندر رَک، رکوالا اِن رَک جا،
    ڪيئي مُلان مولوي، پنڊت مارن جَک،
    اوري آءُ اَلک، ڏيئو ٿِي توکي ڏسان.
    __________

    تنھنجا پير ڇُھان، ڌرتي منھنجي مائڙِي،!
    ڀاڪُر پايان ڀاوَ مان، ماڻھوءَ ماڻھوءَ سان،
    آء ُٗ نہ ٻيو ڄاڻان، مذھب منھنجو ماڻھپو.
    __________

    مذھب منھنجو ماڻھپو، دين ڌرم سڀ ڌوڙ،
    پرکي ڳالھ پروڙ، او ڪاڻيارا ڪوڙ جا.!
    __________

    پرينءَ کي پھچاءِ، ڪانگا،! منھنجون ماڻڪيون،
    جنھن جي سونھن سواءِ، ڏسان تہ ڏوھي ٿيان.
    __________

    مالھا نہ مُرجھاءِ، آيو ڪِي آيو پرين،
    ھِنيون منھنجو ھاءِ، ڪنھن کي پائي ڪينڪي،!
    __________

    سپنن ساڻ سجاءِ، جھَروڪا تون جيءَ جا،
    سونيون ڪَڙيون ڪوٽ جون، پيرن منجھ نہ پاءِ،
    گھوري ، ! نہ گھٻراءِ، ويجھا آھن واھرو.
    __________

    ڪانئر ڳولي ڪالَھ، سُڀاڻو سَرويچَ جو،
    ماضيءَ ۾ مرڻينگ ئي، ڍونڍيندو آھ ڍال،
    وَڌُ،وَڌُ، جيئين شالَ، مُڙي ڏس نہ ماڳ کي.!
    __________

    ٻُوجھَ وڌايا ٻوجھَ، سرتيون منھنجي ساھَ جا،
    ڪڏھن راتيون روجھَ، ڪڏھن ھاٿي ھانوَ تي.
    _________

    ڌَنَ ساري جي آھ ِ جي، ڌرتيءَ ڌياڻِي،
    پوءِ بہ پنھنجي جندڙي، ڪنھن ڪنھن ڇو ماڻِي،؟
    ڪنھن ڪنھن جو سنسارَ ۾، سُک ڇو آ ساڻِي،؟
    آخر ڇا ڄاڻِي، جوڙيئہ جوڙَ جھان جي.!
    _________

    وڏو نانءُ اللہ جو، پر جي ڪَجي ڪَٿ،
    اُن کان وڏي وَٿ، ٻاجھارا، ھيءَ ٻاجھري.!
    ________

    ڍوڍي جھڙي ڍالَ، سرتيون ڪائي ساھ جي،!
    جوڙيا خام َ خيالَ، ماڻھوءَ مورک ڪيترا.!
    _________

    بُڇڙيءَ بُک بَلا، ديوانا دانا ڪيا،
    اڄ داتا جي دانَ جي، ڪنھن کي ڪاڻِ نہ ڪا،
    گوليءَ سان گھُربا ، ڪَڻا پنھنجي ڪيچ جا.
    _________

    اوڀَرُ سارو آ ڳَ، ڄَرُ وِچڙي، نڪتيون ڄڀيون،
    ڌرتي،! تنھنجيءَ دانھن سان، جرڪِي منھنجي جاڳَ،
    اَڄ رت و رنا راڳ َ، اَرپيان ٿو توکي ، اَمڙ.!
    _________

    ھيء َ رت - وَرني رات، سُڏڪا ڪيئي سانت ۾،
    ساري… رَينِ صليب تي، بيٺِي نہ برسات،
    ڏس،ڏس، مون کي ڏات، ڪوڪا ھنيا ڪارڻِي.!
    _________

    اڃا سچُ سماجُ، سمجھي ڏاڍيءَ دير سان،
    اڃا تو تي تاجُ ، ڪانئر رکي ڪَنڊِ جو.
    _________

    کاڏيءَ ھيٺان ھٿَ، ڀروون کُتيون ڀُونءِ تي،
    گھوڙا ويا گھائِجي، رڻ ۾ روڪي رَٿ،
    ھيٺان سارا سَٿ، مٿان ڪَڙڪَڙ ڪانَ جي.
    __________

    سرڻيون سِريءَ ڪاڻ ، لٿيون لامارا ڏئِي،
    ڪونڌر،!ھيءَ ڪٽار آھ، ڇو نہ ھڻين ٿو ھاڻ،؟
    رڻ ۾ رتوڇاڻ ، ڇا کان ٿئين ڇيڳڙا . !
    __________

    سج لٿو ٿي، لاش جا، نِوڙيل ھُيا نيڻ،
    ڪيئن وراڻي ويڻ، ڪھڙو مُنھن مٿي ڪري.!
    _________

    برسيا مٿان بم، دونھين سان دانھون اُٿيون،
    ڏاري ويا ڏيھ َ کي، چيري ويا چَمَ،
    اڙي او آدم، ھَيا ، ھي ڇا ٿو ڪرين.!
    __________

    ناگاساڪِي ناھ، آھي تُنھنجي آرسي،
    سانڀِي جس تو ساھَ ۾، ڀنڀٽ ٿي سا باھ،
    سياڻو ٿيءُ، ساڃاھِ، اَڃا ويلَ وئي نہ آھ.!
    __________

    اڙي ، ! سانگي سُک جا ، پتو ڪونہ پيوءِ،
    ڏونگر سارو ڏک جو، جيءَ منجھان جوڙيوءِ،
    پُرجھيئہ تنھن کان پوءِ، ڇا کان پير پٿون ٿيا.
    _________

    جھرِمر منجھ جھانُ،کينءَ پَسائي کوکلي،
    ڪڏھن ڪاڻيارو نہ ھو،اڄ جھڙو انسان،
    نہ ڄاڻان نادان، ڪڏھن سمھندو سک سان.!
    _________

    در در گُھري دانُ، پالھو آندو پاند مون،
    ڪجھ بہ نہ چاھيو مون ڏسي، سڀ ڪجھ جو شمشانُ،
    ھاڻي ھان حيرانُ، ڪھڙي مُنھن تو کان مڱان.!
    __________

    آندي مون اڌ رات، ڪَنٺو ٺاھي ڪيتڪِي،
    ھاري پنھنجو ھينئڙو، مَڃي پنھنجي مات،
    نِوڙي منھنجي ڏات، متان پير پري ڪرين.!
    _________

    مَڙھيون ٻوٽيون منَ، ٺاڪُرَ کاڌيون ٺوڪرون،
    کنياتا کيڏوڻا، پَسي ٿيا پَرسَنَ،
    دور ٿيا درسنَ، ڪاڪ ِ ڀُلايا ڪاپڙي.
    __________

    اُن جي گودِ سواءِ، آتٿ ناھ اُتامرا،!
    لوليون ڏئي تولاءِ، آيل آد جڳاد جي.
    _________

    ڇانئي آھي ڇانوَ، ڪائي ڪُوءِ ڪلال جي،
    گھاٽِي ماٽيءَ مَٽ ۾، ڀرسان ٿڌا ٿانوَ،
    کوري-کاڻا ھانوَ، آءُ تہ ٿانئيڪو ٿئين.!
    __________

    او، ڪنھن جي سُرھاڻ، ڪامھِ آندي ڪانڌيو،!
    ترسو، ترسو ھاڻ، آءُٗ نہ ھلندي ھوت ريءَ.!
    _________

    اوھيري ڪَئي اوڪَ، تُنھنجو جيءُ جھُري پيو،
    لَک نہ پيئي لوڪَ، تاڙا،!تنھنجيءَ تانگھ جي.
    _________

    اُڀري اُلري آءُ ، ! بڻجي واگھُ وجود تي،
    سارِي سُرت سَماءُ، جھونجھاڙي وڃُ جيءَ مان،
    _________

    پٿر ۾ پيھي، گھڙيُم تنھنجيءَ گھوُر کي،
    پرين پرڏيھي ، ! ويجھو آنھ وجود کان.
    _________

    مان ريکون، تون رنگُ، مايا ساريون مورتون،
    تنھنجو منھنجو سنگُ، آھي آد جڳاد کان.
    _________

    مان ڊونڊيءَ جي ڍارَ، سِڙَھ سان چنڊ چُري پيو،
    تِک سان وَھندي تارَ، ڪِٿِ آھي مُنھنجي ڪنڌي.!
    _________

    پورنما، پرڏيھُ، نَؤڪا ٿڌي نير تي،
    ساريو مون ساڻيھ، ڀِنيءَ ۾ ڀُڻ جھُڻ ڪري.
    ________

    آڌيءَ رات اُلير، ڏني چنڊ چڪور ڏي،
    پُرجھِي پُرجھي پيرَ، ڪيسين کڻندين، ڪارڻي.!
    ________

    مارڳُ دور، مھل، وِھامي ٿي وائڙا،!
    ڪيئہ ڇو نہ ڪھلَ، پانڌي پنھنجي پاڻ تي.؟
    _________

    سانجھيءَ وڳو سنکُ، پنڌ نہ پُنو ياتري،!
    پڃرو ڊاھي، پنکُ، اُڏري ويندو اوچتو.
    _________

    تون ڪانڌي، تون ڪَنڌُ، تون ئِي سانگُ صليب جو،
    تون ئي منھنجو پنڌُ، تون ئي ٿو مون ڏي اچين.!
    _________

    ڪنھن ھيءَ اَڻِي اَک مان، ھِنئين منجھ ھنئِين،!
    جنھن جي پويان موھجي، وائيء َ وِک کنئين،
    نڪِي واٽَ سنَئين، نڪِي ساٿي سچ جا.
    _________

    تون ئي منھنجي لوچَ آن، تون ئي منھنجي سوچَ،
    ٻانھيءَ لاءِ ٻروچَ، ڪاروُن ڪرين ڪيڇَ مان.
    _________

    ڪي ڪي اکيون اوپريون، توڙي ڄاڻ سُڃاڻَ،
    ڪي ڪي اکيون آرسيون، جن ۾ نينھنَ نياڻَ،
    ڇِڪجي پنھنجو پاڻ، جَڙجِي وڃن جيءَ ۾.
    __________

    ڪامَھ وانگر ڪيرُ، آيو آھي اوچتو،
    پَٽ تي جنھن جو پير، جھڙي باکَ بسنت جي.
    _________

    پرينءَ جي پھراڻ ۾،کٿوريءَ خوشبوءِ،
    جڏھن اچي، جُوءِ، واسي وڃي واس سان.
    _________

    ڪنھن جي ريجھ رھاڻ، ڪنھن جي ڳالھ ڳراٽڙي،
    گيت َ ڀري آ گودڙي، ڄڻ تہ ڪويتا ڪاڻ،
    سوچي ڳول سُڄاڻ، وانجھي ناھيان وٿ کان.
    ________

    اڃا اوري آءُ،! سُري منھنجي ساھ ۾،
    رَچي منھنجي راڳ ۾، سرتي،! تنھنجو ساءُ،
    مُئي پڄاڻاءُ، گيتن ۾ گڏجي رھون.
    ________


    دوها

    دوها

    پيرَ ڪَڙين ۾، چَنگُ چَپَن تي، مَڌ ُ ۾ آلو ويسُ،
    چاھين ڇا ٿو، چارڻ،؟ توکي چَريو چوي ٿو ديسُ.
    _________

    ھاء ِ اُڃايون، آسَرونديون، وِکَ وک تي وھلور،
    منھنجون اکڙيون، ھيڻيون ھرڻيون، ڏسن اُفق ۾ ڏور.
    _________

    اُڏرو منھنجا گيت_ پکيئڙو، وڃو وھائوءَ واٽ،!
    دور ڌُوڙ کان ھن ڌرتيءَ جِي، ڇُھو ڪَتيءَ جي ڇاٽ.
    __________

    او مَڌماتا وِر ڌاتا،! تو لکيو ھُيو ھي ليکُ،!
    منھنجي سپني جي اَمرت کي آھي وِھَ جو ڏيک.
    __________

    ھن ڇاتيءَ جي ڇِھَ ڇِھَ ۾ آ ڪو اڻکٽ اَمرت،
    گھايو، مون کي گھايو، پيئو پيئو منھنجو رتُ.
    _________

    گيانِي! تنھنجي گيان، چُڪيءَ مان لھندي منھنجي اُڃ،؟
    منھنجو من آ مانسرور، تانگھا تنھنجا پُڃ.!
    _________

    گھَڙي گھَڙي گلدان، انھيءَ ۾ رنگبرنگي پاپَ،
    ڀَونر ڀَونر ٿِي اُڏريا جن مان اَڄ منھنجا آلاپ.
    __________

    آھ پُراڻو پاپِي ھي من، چندرما جو چورُ،
    ھيءُ لُٽي جيون جي جڳ مڳ، جڳ کي ننڊ اگھور.
    __________

    ھيءَ چانڊوڪي، ھي پِيتل من، ھي سِيتل آڪاس،
    اَمرت رَس ٿي ويو آھي، ڄڻ تنھنجو منھنجو ماسُ.
    _________

    تنھنجو سُندر روپ، انھيءَ تي چوڏھينءَ چنڊ چِٽاءُ،
    منھنجي من ۾ کيپُ، نديءَ جو ھيج ھندورو، واءُ.
    ________

    آھ ڳچيءَ ۾ منھنجي، گوري،! تنھنجي گوري ٻانھن،
    ننڊ پئي آ چانڊوڪيءَ ۾، منھنجي من جي دانھن.
    _________

    جيئنداسين تہ اِئين ئي رھندو سندرتا جو سَنگُ،
    پنھنجي مُنھن تان مور نہ لھڻو، مڌُ جو ريٽو رنگُ.
    _________

    جيئنداسين تہ ائين ئي رھندو ھي مَن مست مَگَن،
    مَڌ جي جوت سدائين جَلندي، ٻَرندو پيو جيون.
    _________

    ساڳي پورنماسي آھي، ساڳيو آ آڪاسُ،
    ھاڻي ڇو نہ ٿئي ٿو پيدا ڪوئي ڪاليداس.!
    _________

    دکياريء َ کي دان نہ ڏيندين؟ سڻندو رھندين سَئن،!
    ڪيسين مون کان ڇُپندو رھندين، منھنجي چِت جا چئن.!
    _________

    پاڻيءَ ۾ پاريھرَ وھنجي، کِنڊري پنھنجي کينءَ،
    اُن کي ڏسندي منھنجي من جي مونجھ لھي وئي ڪيئن.!
    _________

    وڻ وڻ کي مون ڀاڪر پائي چيو تہ ؛ ''منھنجا ڀاءُ،!
    پھتو منھنجي من ۾ تنھنجي پَن پَن جو پڙلاءُ.“
    ________

    بَرکا رُت جي باک ڦٽيءَ ۾ ھيءَ اُکريءَ جي اوٽَ،
    ڪير سَٽي ٿي اَن ۾ مَن جي گَھري گَھري چوٽَ.؟
    ________

    اي ڏورانھان،! ڏُسڪي تو ڏي ڪيسين پنھنجا نيڻ کڻان،!
    ويجھو مون کي ڪو نہ وڻي ۽ مان ويجھي کي ڪو نہ وڻان.
    _________


    گيت

    تون جي ايندين رات

    تون جي ايندين رات، الا او رات،
    تہ منھنجي رات اَمر ٿي ويندي.!

    تون جي ايندين ميت، تہ ھي سنگيت اَمر ٿي ويندي،
    مون ٻاري جا جوت، انھيءَ جي جيت اَمر ٿي ويندي؛
    پر جي کاڌم مات،الا او مات،
    تہ منھنجي ماتِ اَمر ٿي ويندي.!

    تون جي ايندين ڍول، تہ ٻَھ ٻَھ ٻُرندا منھنجا ٻول،
    جھرَ جھرَ جَرڪي پوندا جن ۾ منھنجا روح رتول:
    وائي آئي وات، الا او وات،
    تہ منھنجي لاتِ اَمر ٿي ويندي.!

    تن من تنھنجي ڀيٽ، نڇاور توتي منھنجا راڳ،
    مان آھيان تنھنجي آھوتي، تون آن منھنجي آڳ؛
    توکي ڏسندي ڏات، الا او ڏات،
    تہ منھنجي ڏات اَمر ٿي ويندي.!

    تون جي ايندين رات، الا او رات،
    تہ منھنجي رات اَمر ٿي ويندي.!


    ٿر ۾ ڪھڙا ٿاڪ

    ٿر ۾ ڪھڙا ٿاڪ،
    ٿَڪنِ جا
    ٿر ۾ ڪھڙا ٿاڪ.!

    واري ساري واٽ،
    نہ ڪائي ڇانوَ، نہ ڪائي ڇاٽ،
    مٿان آ ٽاڪ.:
    ٿڪن جا
    ٿَر ۾ ڪھڙا ٿاڪ.!

    ڀِني نہ تِن لئہ ڀونءِ،
    تَتيءَ تي پيرَ پَچِي ٿيا پُونءِ،
    چِڪن ٿا چاڪ.:
    ٿڪن جا
    ٿَر ۾ ڪھڙا ٿاڪ.!

    لٿي تِن جي اُڃ،
    وراڻي ڪير،سموري سُڃ.!
    وڄن ٿا واڪ.:
    ٿڪن جا
    ٿَر ۾ ڪھڙا ٿاڪ.!

    مليو نہ تِن کي ماڳ،
    اُنھن جو ڀُلي ڀُلي پيو ڀاڳ،
    کِلي ٿي خاڪ.:
    ٿڪن جا
    ٿَر ۾ ڪھڙا ٿاڪ.!


    ھَيا ھَيا ھَيا، او

    ھَيا ھَيا ھَيا، او . . . .
    دور وڃي ٿي نَيا،
    ھَيا ھَيا ھَيا، او. . . . !

    ڪھڙي گھاٽ لڳي، ھيءَ نؤڪا، ڪٿي کُٽي جيون،
    ڇِڪي پيو اڄ من کي سپني جھڙو سندر بَن.:
    ھَيا ھَيا ھَيا، او. . . .
    دور وڃي ٿي نَيا. . . .!

    چانڊوڪيءَ ۾ چڙھندي پَدما، تِکَ سان وھندي تار،
    لُڙھندي لُڙھندي پنھنجي نؤڪا، پھچي ويندي پار.:
    ھَيا ھَيا ھَيا، او. . . .
    دور وڃي ٿي نَيا. . . .!

    بِن مانجھيءَ منجھنڌار مٿان ھيءَ نؤڪا ويندي دور،
    ڪنھن ڏورانھين ڏيھ اسان کي ڇِڪي پرينءَ جو پور.:
    ھَيا ھَيا ھَيا، او. . . .
    دور وڃي ٿي نَيا. . . .!

    ساڳي بَن ۾ مِرگھ بہ موھي، ساڳي ۾ سَوَ واگھَ،
    سُک جي سيج بہ ساڳيو جيون،ساڳيو ڏک جي ڏاگھ.:
    ھَيا ھَيا ھَيا، او. . . .
    دور وڃي ٿي نَيا. . . .!

    پنھنجو جيون آھي، پيارا، جل_ ڌارا تي جوت،
    مٺڙي مٺڙي ننڊ اسان لئہ بڻجي ايندو موت.:
    ھَيا ھَيا ھَيا، او. . . .
    دور وڃي ٿي نَيا. . . .!
    ھَيا ھَيا ھَيا، او. . . .!
    ھَيا ھَيا ھَيا، او. . . .!


    بنگاليءَ گيت

    چنڊ جڏھن جھرڻي ۾ وھنجي، ڪنول ڪنول شرمائي،!
    سانت، ڪنواري ڪنيا، منھنجي ھِردي کي ھِرکائي،
    مُنھنجي من مان ڪوئي مراري بَن بَن بين وڄائي،:
    نيلِ گگن جون ڪيئي گوپيون،
    جن سان راس رچائي.

    مَنڊُ جڏھن منھنجو من موھي، جڳ_ سندرتا گھائي،
    در نکٽ مان نِڪري ڪوئي نير َ مٿان لھرائي،
    مان پڪڙيان، ھو پرڙا کولي، اڏري پاڻ بچائي،:
    ڪوئي ڀيد نہ پائي ھن جو،
    ڪوئي ڀيد نہ پائي.!


    جر جي ڄَر ڪنھن ڄاتي ڪانہ

    جر جي ڄَر ڪنھن ڄاتي ڪانہ،
    لڙڪ اُگھياسي لِڪي لِڪي.

    چائنٺ تي چانڊوڪي آھي،
    ھا، پر من جي ڇَن ۾ ڇاھي.:
    ڪنھن بہ تہ پاتي جھاتي ڪانہ،!
    کِل آئي تہ بہ ڦِڪي ڦِڪي.

    ساڳيو انبر، ساڳي ڌرتي،
    ساڳي آھ سُڳنڌ انھيءَ جي،:
    آھي جا مڌ ماتي ڪانہ،
    جنھن کي ساريان سِڪي سِڪي.

    پريت بہ مايا، روپ بہ مايا،
    سارَ انھيءَ جي لھندي ڇايا؛
    جنھن ۾ آھ حياتي ڪانہ،
    جنھن جي جوتي جھڪي جھڪي.


    من_ نگريءَ جي ڳلِي ڳلِي

    من_ نگريءَ جي ڳلِي ڳلِي،
    تنھنجي گھر سان وڃِي مِلي.

    رمتي جوڳيءَ بين کنئي،
    در در ڀٽڪي سَئن ھنئي،
    مِليو نہ ھن کي دان دِلي.

    تو در موٽي وري وري،
    اڄ ھن جيون_جھول ڀري،:
    ڳوڙھا ڳاڙي، کِلي کِلي.!

    من_ نگريءَ جي ڳِلي ڳِلي،
    تنھنجي گھر سان وڃِي مِلي.


    سُڻ ھيءَ پيڙ پراڻي، ووءِ

    سُڻ ھيءَ پيڙ پراڻي، ووءِ،!
    ارتِي اوتَ اکين ۾ جنھن کي، جيءَ ۾ ڪيئي جل.

    ڪانھن ڪُماڻا، ڀينگ ٿيا سڀ پنھنجا ڀاڻا، ووءِ.!
    وستي سارِي ويڻ، اسان جنھن ۾ ويڳاڻا، ووءِ،!
    ڇاتِي پنھنجي ڇاڻي، ووءِ،!
    جنھن ۾ ڏکڙا رھجي ويندا، ڇڻندا رھندا پل.

    ھو رانجھوءَ سان رمتيون راتيون، ھو ساجن جو سنگ،
    ھِير سَٽي وئي جنھن جي ڪارڻ سُک جي سيج پلنگ،:
    آڌيءَ رات اُڏاڻي، ووءِ،!
    پھتي پھتي پار پرينءَ ڏي، ريٽي رنگ محل.

    ور سا ڄائي، جنھن جو ڏکڙو سمجھي پيءُ نہ ماءُ،
    جنھن جي من جي مام نہ ڄاڻي، ڀر ۾ بيھي ڀاءُ،:
    صورت حيرت ھاڻِي، ووءِ،!
    منھن تي ناھ مساڳ، نہ تنھن کي اک ۾ ريکَ ڪجل.

    روز پڪاري توکي پنھنجي من_موھن جو پيار،
    جيون،! توتي ڪھڙي سپني ڪيو آ ڪاري وار،:
    ڏيندا وَڍ وراڻي، ووءِ،!
    گھاو گھاوَ ۾ گونج انھيءَ جي، جنھن جي چوٽ اَجھل.

    سڻ ھيءَ پيڙ پراڻي، ووءِ،!
    ارتي اوت اکين ۾ جنھن کي،جيءَ ۾ ڪيئي جل.

    _________
    (فريد جي ملتانيءَ ڪافيءَ جو آزاد ترجمو.)
    _______


    غزل

    پويون پھر، جُدائي جاڳَ

    پويون پھر، جُدائي جاڳَ.
    اُڀ ۾ چندرما جي آڳ.!

    آس _ اَسونھان، رڻ ۾ رات،
    گھايل گھوڙا، بيوس واڳ.!

    جھاڳي آئي جيون _ ناوُ،
    ڪيئي ڪارونڀار اجھاڳ.

    پھتا نيٺ ڪلاڪن _ ڪُوءِ،
    ڀٽڪي ڀٽڪي منھنجا ڀاڳ.

    تنھنجي ماندي باندي آءُٗ،
    اَمرت اوت، مُئيءَ جا ماڳ.!

    ولھ ۾ وينا ڇيڙ، ´اياز،`!
    ڀنڀٽ بڻبا تنھنجا راڳ.


    موتئي جون مالھائون، مُنڌ

    موتئي جون مالھائون، مُنڌ،
    من _ مندر جي چائنٺ، شام.!

    سانوڻ جي مڌ _ ماتي رات،
    اُڀ ۾ ڪيئي جلندا جام.

    چنگ، چَڙا، چانڊوڪي، چيٽ،
    سھڻي، سِير، مرڻ جي مام.

    منُ راڌا جي روپ نہ آھ،
    تون تہ اُھوئي آھين شيام.!

    اُلري آءُ، وِرھ َ جا واگھ،!
    من جي بن تي ڇانئي شام.

    ٻاھر رنگارنگ شفق،
    پڃري ۾ پنڇيءَ جي شام.

    چوڌاري سج _ ورني ريتِ،
    پنھنجا واريء َ تي وِسرام.

    ساڳيو سامي ڪاپڙيو،
    جنھن جا گيڙو گيت سڻيام.

    جنھن جون وايون مينھن ڦڙيون،
    جنھن جا سُر سانوڻ جي شام.!

    شِو جو سِيسُ، نہ ٽھندڙ نانگ،
    تو ۾ آيا ڪيئن ڪلام.!

    جنم جنم جي جيت ´اياز`،
    شاھ، سچل، سامي ڪجھ نام.


    ڪھڙي ڪاريھر جو ڏنگُ

    ڪھڙي ڪاريھر جو ڏنگُ،
    چورائي آيو آ چنگ.!

    پي پي آيو سج_ سروپ،
    ڪوئي آڌوتي اَڙٻنگ.

    من جو ڪارونڀار، ڪنڌيون،
    سَرتِي،! تنھنجو منھنجو سنگ.

    اَڄ جو ڪائي بوند پئي،
    جيون ٿي ويو سُر سارنگ.

    ھاءِ،! ڪٿي ھوءَ سِير، مئي،
    جنھن جي لاءِ رڙي ٿو ڪنگ.!

    اُن جي لوئي لاک_ رتي،
    مرندي منڌ، شفق جو رنگ.

    سانجھي، مانجھي، ٻيٽ، ٻڳھا،
    ڀر تي آگ مٿان آونگ.

    سَري نہ پنھنجي سِير سواءِ،
    سامونڊيءَ جو ڪنھن سان سنگ.!

    ھاڻي ڄاڻي ڪير، ´اياز`،
    ڪھڙيءَ ڪوڪ ڪڪوريو چنگ.!


    نانگا، مينھوڳيءَ ۾ مچ

    نانگا، مينھوڳيءَ ۾ مچ،
    ڪاريءَ نانگڻ جھڙي رات.!

    مسجد، مندر سڀڪجھ رکَ،
    جرڪي ٿي ھيءَ ڪنھن جي ذات.!

    واھيري جي وير، ھُڳاءُ،
    آکيري کي اوڏِي لات.

    برکا رُت جي ڌنڌلي باکَ،
    نيڻ ندوريءَ جا، برسات.

    قيدي چيتي جھڙو ڏينھن،
    زخمي ھرڻيءَ جھڙي رات.

    سنڌي شاعر، باسي بيک،
    اُردوءَ جي اَڌ_جوٺي ڏات.

    مذھب جي مرڻينگ کنيا،
    ساڳيا ڪوڙ، ڪھاڙا ڪات.

    سنڌڙي ! تنھنجو ساھ ´اياز`،
    مري نہ ٿيڻو آھي مات.


    سچ، پَنڇي يا پنڇيءَ جو

    سچ، پَنڇي يا پنڇيءَ جو،
    وھندي پاڻيءَ تي پاڇو.

    آيو آھين ڏينھن لٿي،
    مَڌ پي ٿڙندو ٿاٻڙندو.

    ڪاري ڪڻڇيءَ جھڙي رات،
    پريت اسان جي آ پڃرو.

    وڻ وڻ تي ڪوماڻا ڪانوَ،
    پن پن ۾ پڙلاءُ نہ ڪو.

    ھھڙي سانت، سرءُ جو واءُ،
    ڇو نہ ڀري آ پيالي تو.؟

    تن جي تَونس سوا ڀي ميتَ،
    ڪوئي ماڻھو ماڻھوءَ جو.!

    ڪير تتيءَ جا تاو سھي،
    ڇنَ ۾ آھي ڇانورڙو.


    او مڌ _ ماتا ميت ڪوي

    او مڌ _ ماتا ميت ڪوي.!
    آئين اَمرت اوتيندو.

    پَلُ پَلُ وِھ جي آھِ وَٽي،
    مُکَ مُک ۾ آ زھر ڀريو.

    پھتو تو وٽ ڇو نہ اُلاءُ،
    جُوالا جيون جو ڦاٽو.!

    چنڊ تہ ملندو ڪو نہ، چڪورَ،
    آء ُ جھٽي ڪوئي ٽانڊو.!


    پنھنجي سياست باد _ فرنگ

    پنھنجي سياست باد _ فرنگ،
    ڪوڙھيءَ پوڙھيءَ رنڊيءَ جو.

    مذھب ويٺو پاڻ مَکي،
    چوراھي تي آ چَڪلو.

    ڪھڙي ڪاڪ، اَڙي ڪاڻا،!
    ھي آ مومل جو ڪوٺو.


    اَڄ ڪائي گجگوڙ نہ آھ

    اَڄ ڪائي گجگوڙ نہ آھ،
    سارو بن آ سانتيڪو.

    شينھن مري ويا، باقي ڇا،
    ھي پنھنجا پنجوڙ کڻو.
    _________

    شايد ويھي ڇَپ ماري،
    اڳتي ڪوئي آھيڙيو.!

    رھي نہ ڪائي ڇال ڇُپي،
    ساري بن کي باھ ڏيو.
    __________

    سنڌڙي،! تنھنجي سينڌ ڏسي،
    رات ڀٽائي گھوٽ رُنو.:

    منھنجي من جي مٽيءَ ۾،
    ڏاڙھونءَ جھڙو ڏنڀ ڦٽو.:

    ھينئون گھايل ھرڻيءَ جيئن،
    سامھون سارو وارياسو.


    وڌوا جو مڙھ آھ ادب

    وڌوا جو مڙھ آھ ادب،
    اڄڪلھ سنڌيءَ ٻوليءَ جو.

    ويندو نيٺ وِسامي، ھاءِ،
    ٽِمڪي ٽِمڪي ڪو ڏيئو.!

    ڪيسين جلندي رھندي جوت،
    ويري جنھن جو واچوڙو.!

    ڪِرندا آخر ڪوٽ ڪڏھن،
    ماروئڙو،! او ماروئڙو.!

    ٻولي گولي ناھ، ´اياز،`!
    اُن جو وسُ فقط واڪو.


    او مڌ _ ماتا، ھوريان ھَلُ

    او مڌ _ ماتا، ھوريان ھَلُ،
    منزل آھي ھر ھڪ پَلُ.

    منھنجي مُنھن تي تنھنجا ھَٿ،
    ٽِڙندو آ جئن نيل _ ڪَمل.

    تياڳَ ويا، ويراڳ ويا،
    ھئہ ھئہ ڇورِي تنھنجو ڇلُ،!

    جنھن جيونَ ۾ مومل ناھ،
    تنھن جو ڪھڙو ڪاڪ محل.!

    سانجھيءَ ٽاڻي پيءُ سَرو،
    تنھنجو ويرِي ٿئي وياڪَل.

    ڪنھن جي ناھي ھيءَ سراءِ،
    رات گذاريئہ، ھاڻي ھَل.!

    اُن تي مڌ جو مينھن وساءِ،
    ٽڙندو ٽانگڙ جئن پَل پَل.

    اڏري ڪائي لات ڪيان،
    ڪيسين روڪيندو اَن_ جَل.

    تاڙِي مار نہ، جي آيو،
    تنھنجي ماڙيءَ تي طوطَل.

    تنھن جيونَ کي آگ لڳاءِ،
    جنھن جو ناھ ڪرم جو ڦل.

    ڪيچ ھجي ڪيڏو بہ پري،
    آريءَ پُٺتان آءُ اَٽل.!

    ٿر ۾ ٿانئيڪو نہ ٿيو،
    ڪوئي ڪوئي ڪارايل.

    آخر ڪارونڀار ڪري،
    برسي ٿو بُٺ تي بادل.

    ھي واريءَ تي وڏ _ ڦڙو،
    ھي سانوڻ جو سُرمنڊل.

    اي ڪوئل،! ھي ننڊ _ ڦِٽو،
    تو جھڙو ڪو ڪوڪ ڪُٺل.

    ٻھڳڻ ٻولي تنھنجي لاءِ،
    منھنجي ڪوتا آھ ڪجل.

    سنڌڙيءَ کي سيباءِ، ´اياز،`!
    پنھنجو گيڙو ويس غزل.


    آڌيءَ رات ڀُليءَ جي ڀاڻ

    آڌيءَ رات ڀُليءَ جي ڀاڻ،
    ٿي اَچُ چوڏھينءَ جي چانڊاڻ.!

    اوھيري جي اوڪَ تہ ڏس،!
    سياڻو ٿيءُ، صُراحي آڻ.

    ڏي جنت سان جام ڀري،
    ٻيءَ دنيا جي ڪنھن کي ڪاڻ.!

    منھنجيء َ چانئٺ تي ´خيام`،
    ´روميءَ`سان ڪئي روحِ رھاڻ.

    ''اڳتي سڀ ڪافر جو ڪوڙ،
    جيڪي آھ ھِتي آ ھاڻ.“

    رات ملي وينجھر جي ڏيءَ،
    جنھن جون اکڙيون ھِيري کاڻ.

    جنھن جو مندر روپ سريرُ،
    ٺاھيو آ ڪنھن پوڄا ڪاڻ.

    ڪارو ساگر جنھن جو روحُ،
    جنھن جو جسم چٽي چانڊاڻ.

    اونھي جي بي اَنت صدا،
    توکي ڪوٺي، ترُھو تاڻ.

    ٽڙندِي ٽانگر آھي پيارُ،
    جنھن سان ساسيءَ ۾ سرھاڻ.

    ٻيو سڀ پاڇي جو پيڇو،
    جانِي،! آءُ، جواني ماڻ.!

    باغي شاعر، شيخ ´اياز،`
    آيو ڪيئن ڀٽائيءَ ڀاڻ.!


    ڪوئي اَنتيءَ جو اِمڪان

    ڪوئي اَنتيءَ جو اِمڪان،
    سَڏُ پڙاڏو ٻئي حيران.

    تڙڦي ٿي تھذيب اڃا،
    ڪيڏو وحشي آ انسان.!

    ساڳيا پاپيءَ جا پنجوڙ،
    ساڳيو زر جو آ زندان.

    ساڳيو ڏاڍي جو ڏھڪاءُ،
    ھيڻو اڳ جھڙو حيران.

    ساڳيءَ سوريءَ تي منصور،
    ساڳيو سَرمد تي بھتان.

    ساڳي گانڌيءَ لئہ گولي،
    ساڳيو لال لھوءَ سان گيان.

    ساڳي چارڻ جي چِکيا،
    ساڳيو شاعر جو شمشان.

    اڄ ڀي ڏات مصور جي،
    رت ۾ ٻوڙي کائي نان.

    جاري ساڳي جنگ جَدل،
    عاري ساڳيو امن امان.

    اَڄ ڀي ويڙھ نٿي سوچي،
    ڪنھن جو ويڙھو ٿيو ويران.

    ڪنھن ماتا جي ممتا مُئي،
    ڪنھن نينگر جو نڪتو پِرانُ.

    ناگاساڪِي ڪافي ناھ،!
    سڀڪجھ ناسُ ڪندو نادان.!

    مئخاني ۾ پيو نہ پتو،
    ٻاھر رات ھُيو طوفان.

    ھاريو ميء جو جام ´اياز`،
    ساڳيو نہ رھيو ھي اِنسان.


    اچڻو آھين جي تون، آءُ

    اچڻو آھين جي تون، آءُ،
    ڪيسين سانڍيان مان سوداءُ.!

    ڪنھن ٿي ڄاتو، اي انسان،
    توکي ڪھندو تنھنجو ڀاءُ.

    جيون پو بہ ڪري ٿو چونڊَ،
    توڙي ڏئي ٿو موت ُ چتاءُ.

    اندر سيخون، ڪوٽ_ڪڙا،
    ٻاھر ڪونجون، ھِير، ھُڳاءُ.

    اونھاري جي اوجَل باک،
    آءُ، اڱڻ ۾ منھنجي آءُ.!

    او زندان جي ڪاري وِلھ،!
    تو ۾ آھيان آءُ اُلاءُ.

    وڃ وڃ موٽي، وڃ وڃ، ويڄ،!
    گھايل ڄاڻي منھنجو گھاءُ.

    مون کي ڪوئي ڪو نہ پلي،
    پيار نہ ڄاڻي ٿو پڇتاءُ.


    او منھنجا محبوب وطن

    او منھنجا محبوب وطن!
    تو سان ساڳيو لونءَ لڳاءُ.

    ھي منھنجو مظلوم قلم،
    سوچيو ناھي جنھن سرچاءُ.

    رَت ۾ لَت پَت پنھنجو موت،
    ڄاڻان ٿو پر، منھنجي ماءُ.

    منھنجي مَن ۾ آ منصور،
    سورِي جنھن جو جِيءَ جڙاءُ.

    سوچي قاتل جو قاتل،
    آيو قاتل تي ڪھڪاءُ.

    پر جي ڪوئي نانگ ھجي،
    تنھن کان ڪھڙو آھ بچاءُ.!

    سُر جي بدلي ڏِين ٿو سونُ،
    پو ڀي تو وَٽ ناھ وِڪاءُ.!

    او وڻجارا وائيءَ جا،
    مَن جو موتي ڪھڙي ڀاءُ.!

    گھايل مَن جا گھايل گيت،
    جَن ۾ پيڙا جو پَڙلاءُ؛

    جِن ۾ ڌرتيءَ ڌرتيءَ دُک،
    جِن ۾ ماڻھوءَ ماڻھوءَ گھاءُ.

    ڀنڀٽ بڻبا نيٺ ´اياز`،
    جُڳ جُڳ جلندا منھنجا ڀاءُ.!


    او ڌرتيء َ جا ريت_ رتا

    او ڌرتيء َ جا ريت_ رتا،
    سپنا،! سِج_ ورنا سپنا.!

    تون اُڀ تي اَڀمان نہ ڪر،
    ڌرتي سُرڳ نہ آھي ڇا.؟

    دير و حَرم ۾ ھانءُ منجھي،
    اَچ، اَچ ٻاھر کاءُ ھوا.!

    آءُ ٽپي تون ٽيڙوءَ ڏانھن،
    ڇو ٿو ٺاھين ڪوٽ_ ڪڙا.!

    ڪنھن جو مندر ڪنھن جو سنک،؟
    آ سارو سنسار ُ صدا.!

    ڪنھن جي مسجد ڪنھن جي بانگ،؟
    ٺاھ ٺڳيءَ جا، ھا، ھا، ھا.!

    ڪنھن سُندرتا جي ساکي،
    ھيءَ ويساکي پورنما.!

    پھتا منھنجا پياسا چَپَ،
    توتي جِيون جا جھَرڻا.

    ھي مڌ _ ماتا آتا نيڻ،
    جھڙا رَس_لوڀِي ڀوَنرا.

    ڪير اڱڻ ۾ آئي آھ،
    پاڻي تنھنجا ويس وڳا.:

    ساڳي چوٽي ساڳي چڳَ،
    ساڳي مکڙي تي مايا.

    ڇا ڇا ٿي ٻھروپ ڪرين،
    منھنجي مڌ_ ماتي ڪوتا.

    چوڌاري ساماڻا سُورَ،
    پورَب پَڇّم آ پِيڙا.

    او ڌرتي، او گرڀَ_ وتي،!
    ڏسجي نيٺ تہ ڄمندو ڇا.

    شايد ڪوئي نئون انسان،
    شايد ڪوئي نئون خدا.!

    مون کي رات چيو سُقراط،:
    ''ھٻڪين ٿون تون ڪيئن ھَيا.!

    جڳ کي اَمرت اوتي پاڻ،
    وِھُ جِي پيءُ وَٽي بابا.!

    ڪنھن جي ھار بہ آھي جيت،
    ڪنھن جو موت بہ جيوَت آ.“

    _________
    سانجھيءَ ٽاڻي ماٽيءَ مَٽ،
    کولي پنھنجو کيپُ، ڀَريا.

    جھَرڻي جھڙي جھانجھ وَڳي،
    جنھن تي جھوميا جوڳيئڙا.

    مانڊي ۽ مانڊاڻ مِلي،
    ڇا ۾ مَلياميٽ ٿيا.!
    _________

    ڳوڙھي ڳوڙھي سان ڪجھ سار،
    من َ جي سورِ پيو مالھا.

    جنھن کي ڪوئي لُڙڪ اَملھ،
    مَرڪُ انھيءَ جو مُرڪَ مٺا.!

    ڪنھن جي پيڙا جي سرھاڻ،
    ٽانگر تي ھي ماڪ ڦڙا.!

    ڪاريون راتيون، پارو، پوھَ،
    سيءُ، سَوڙ جا اوسيڙا.

    تاڃي _ پيٽو جيون جو،
    جنھن ۾ سَپنا پَٽ _ ڌاڳا.

    ڳولا ڪن ٿا روز، 'اياز`،
    ڪنھن جي تنھنجا اوجاڳا.!


    ھي ڳاٽ ڳاٽُ ناھي، آ ڏيل َ تي ڏياٽِي

    ھي ڳاٽ ڳاٽُ ناھي، آ ڏيل َ تي ڏياٽِي،
    ٻَھ ٻَھ ڪري ٻَري مون، ھت رات رات ڪائِي.

    جا تونس آ طلب ۾، سا ناھ تنھنجي رب ۾،
    تون ڪيئن سمجھندين مون، ڇو آرزو اُساٽي.!

    ھي ڪفر کان ڪَڙي آ، اسلام کان بڙي آ،
    تون پيءُ، جيءُ، ڀَر ڀَر،! اي گھوٽ ھيءَ گھاٽي.

    تون پرجھندين نہ پانڌي، جا لوڏَ آ لَڪَن جي،
    جا راھَ راھَ ناھي، جا آ سِڌي سنواٽي.

    اي گھوڙيا گھڙيءَ جا، سک ڪجھ ´اياز` کان تون،
    مَٽِ مَٽِ جڏھن نئون مڌ، مرندو تڏھن نہ ماٽي.


    وايون

    ڀونءِ نہ آئي ڀانءِ، اَلا مان اُڏري ويندو سانءِ

    ڀونءِ نہ آئي ڀانءِ، اَلا مان اُڏري ويندو سانءِ،
    اَلا مان اُڏري ويندو سانءِ.!

    مون سان جاڙَ نہ ڪر، اي جيڏا،! سچ ٿو آءُٗ چوانءِ؛
    اَلا مان اُڏري ويندو سانءِ.!

    نيٺ تہ ڀانئيندين تون، ھاڻي ڀلي نہ مون کي ڀانءِ؛
    اَلا مان اُڏري ويندو سانءِ.!

    رھندي جيون جي جھرڻي ۾، ھن جندڙيءَ جي جھانءِ؛
    اَلا مان اُڏري ويندو سانءِ.!

    ڳائي منھنجا گيت، پيو پوءِ مون کي ياد ڪجانءِ؛!
    اَلا مان اُڏري ويندو سانءِ.!


    تو ۾، مون ۾ ڀيدُ نہ ڪوئي،اَڙي نديءَ جا نِيرَ

    تو ۾، مون ۾ ڀيدُ نہ ڪوئي، اَڙي نديءَ جا نِيرَ،
    اَڙي نديءَ جا نِيرَ.!

    مان پڻ آھيان ڪائي جَڳ جي سندرتا جِي سيرَ،
    اَڙي نديءَ جا نِيرَ.!

    منھنجي من ۾ چندرما جِي آڌيءَ رات اُڪيرَ،
    اَڙي ندي جا نِيرَ.!

    منھنجي من ۾ تات ائين، جئن گُھلي ڏکڻ جي ھيرَ،
    اَڙي نديءَ جا نِيرَ.!

    توکي مون کي راس ِ نہ آيا، ھن ڌرتيءَ جا ڌير،
    اَڙي نديءَ جا نِيرَ.!


    ڪاريءَ رات، ڪَتيءَ جو پاڇو، ڪيئي نيڻ نياڻُ

    ڪاريءَ رات، ڪَتيءَ جو پاڇو، ڪيئي نيڻ نياڻُ،
    ڪيئي نيڻ نياڻُ.!

    جَر ۾ جھرمر، گھَرو، ڪارو، پاڻيءَ جو پھراڻُ،!
    ڪيئي نيڻ نياڻُ.!

    منھنجي من کي موھي ويو، ھي مَنڊَ بنا مانڊاڻُ،
    ڪيئي نيڻ نياڻُ.!

    ڪوئي ناھ سجاڳ،سکي ڙِي،! ڪوئي ناھ سڄاڻُ،
    ڪيئي نيڻ نياڻُ.!


    پُٺتي موڙ مَھار، اَلو ميان، پُٺتي موڙ مھارَ

    پُٺتي موڙ مَھار،
    اَلو ميان، پُٺتي موڙ مھارَ،!

    ڇو تون اورانگھي آيو آن، سانگيئڙن جي سارَ،؟
    اَلو ميان، پُٺتي موڙ مَھارَ.!

    ڪھڙيءَسوچ سَٽيا ھيئن لاھي، چِت تان چندن-ھارَ،؟
    اَلو ميان، پُٺتي موڙ مَھارَ.!

    سُرھي سيج ڇڏي تون نِڪتين، ويڙھي ڪي ويچارَ؛
    اَلو ميان، پُٺتي موڙ مَھارَ.!

    ڪھڙيءَ اُڻتُڻ کي اَرپي تو، تن جي تات تنوارَ،؟
    اَلو ميان، پُٺتي موڙ مَھارَ.!

    ڪھڙي مارڳ موھِي آھي، تنھنجي نيڻ َ نھارَ،؟
    اَلو ميان، پُٺتي موڙ مَھارَ.!

    اڳتي لَڪ ُ لَڪ لڱ ڪانڊاري، وِک َ وِکَ ويريء َ وارَ،
    اَلو ميان،پُٺتي موڙ مَھارَ.!

    ڇو نہ ڇپر ۾ ٿو تون گھارين، ڪنھن ڍولئي جي ڍارَ،؟
    اَلو ميان، پُٺتي موڙ مَھارَ.!

    سَرچي جي سنسار نہ ٿو، تون جيءُ نہ وجھ جنجارَ؛
    اَلو ميان، پُٺتي موڙ مَھارَ.!


    ڪيچ وڃين ڪنھن ڪاڻ، پُنھل تون موٽِي آءُ

    ڪيچ وڃين ڪنھن ڪاڻ، پُنھل تون موٽِي آءُ،!

    متِي رات نہ رھندي، رانول،! جيون َ مايا ماڻ:
    پُنھل تون موٽِي آءُ.!

    ٻيھر ھي ڀنڀورُ نہ ملندءِ، آءُ ڀُليءَ جي ڀاڻِ؛
    پُنھل تون موٽِي آءُ.!

    ھيءَ ڇاتِي، جا آتِي آھي، تيرَ انھيء َ تي تاڻِ؛
    پُنھل تون موٽِي آءُ.!

    ھي جڳ ھُو جڳ مون سان جَرڪي، مان تنھنجي چانڊاڻِ؛
    پُنھل تون موٽِي آءُ.!


    روز وڪاڻِي، ھاءَ نماڻِي، وينگس وچ بازار

    روز وڪاڻِي، ھاءَ نماڻِي، وينگس وچ بازار،
    اَلو ميان، وينگس وچ بازار.!

    ڪَپڙا رنگبرنگي جنھن جا، چپڙا چاشني دار،
    اَلو ميان، وينگس وچ بازار.!

    مُنھن مُنھن آ مومل جي ماڙي، اُرھُ اُرھ اسرار،
    اَلو ميان، وينگس وچ بازار.!

    ھر ڪنھن ڪاڻي کي راڻي جو روپ ڏنو ڪلدار،
    اَلو ميان، وينگس وچ بازار.!

    ڪنھن جي واڇ کٿوري ورڇي، ھانوَ ڏني ھُٻڪار،
    اَلو ميان، وينگس وچ بازار.!

    پوپٽُ پوپٽ ُ اُڏري ڪنھن جِي، گانجو پي گفتار،
    اَلو ميان، وينگس وچ بازار.!

    ڪنھن جي کيسي مان کيڪاريو، ڪلجڳ جي ڪرتار،
    اَلو ميان، وينگس وچ بازار.!

    وھيء َ وھيءَ جي وَکري پرکي، ورھ ڪيا واپار،
    اَلو ميان، وينگس وچ بازار.!

    ممتا ماريءَ ماء ُ سِٽي ھئي، ڄائيءَ لاءِ ڄمار،
    اَلو ميان، وينگس وچ بازار.!

    ڪنھن ڄاتو ٿي وقت ڪندو ھيئن لوليءَ تي للڪار،
    اَلو ميان، وينگس وچ بازار.!

    جوڙيو آ جنسارُ بہ ڇا ڇا سڀ پالڻھار،!
    اَلو ميان، وينگس وچ بازار.!

    ´چِيت ڪري جي چکجي ڪانھي ڪابہ ڪَڙائي يار،!`
    اَلو ميان، وينگس وچ بازار.!

    چارڻَ چوري چَنگُ، انھيءَ تي ٻول ڪيا ٻلھار،!
    اَلو ميان، وينگس وچ بازار.!


    نانگو آھيان،نانگو يارَ

    نانگو آھيان،نانگو يارَ.!
    نانگو آھيان،نانگو يارَ.!

    پھتو آھيان ڪاڪ-ڪنڌيءَ تي، چوري پنھنجو چانگو، يارَ،!
    نانگو آھيان، نانگو يارَ.!

    نڪتو آھيان ھن نگريءَ ۾ لاھي سِر جو سانگو، يارَ،!
    نانگو آھيان، نانگو يارَ.!

    مَن جو ميتُ مَھانگو مون لئہ، سارو ديس سھانگو، يارَ،!
    نانگو آھيان، نانگو يارَ.!

    ھَلندين پار پرينءَ ڏي مون سان؟ آھي پنڌ اڙانگو، يارَ،!
    نانگو آھيان، نانگو يارَ.!


    ھِيرَ مُئي، او ھِيرَ مُئي

    ھِيرَ مُئي، او ھِيرَ مُئي !_
    ڪير چوي ٿو ھير مئي !

    رانجھوء َ وِنجھليءَ ڏانھن نھاريو.
    ڪير چوي ٿو ھير مئي !

    ونجھليءَ پنھنجو ھانءُ نہ ھاريو،
    ڪير چوي ٿو ھير مئي.!

    ڏات ڏکوئيءَ ڏونگر ڏاريو،
    ڪير چوي ٿو ھير مئي.!

    ڌرتيءَ ۽ آڪاشَ پُڪاريو،
    ڪير چوي ٿو ھير مئي.!

    پيارُ نہ مرندو، ڪيئن بہ ماريو،
    ڪير چوي ٿو ھير مئي.!

    ويري وِھ َ جا ٿانو َ پياريو،
    ڪير چوي ٿو ھير مئي.!

    ھِير مُئي،او ھِير مُئي،!_
    ڪير چوي ٿو ھير مئي.!


    ڪافر مومن ناھيان, وو

    ڪافر مومن ناھيان, وو, !
    ڪافر مومن ناھيان.!

    آء ُٗ ڀٽائي, آءُٗ درازي, ساڳيو نينھن نڀايان, وو.!
    ڪافر مومن ناھيان.!

    ساڳيو معنيٰ جو مَڌُ پيئان, سامي نانءُٗ سڏايان, وو.!
    ڪافر مومن ناھيان.!

    ساڳيا سڏ وارڻيان, يارو,! سوريءَ سيج سجايان, وو.!
    ڪافر مومن ناھيان.!

    رک ۾ چڻنگ چِتائي ڳوليان, باھ نئين ڀڙڪايان, وو.!
    ڪافر مومن ناھيان.!

    آءُٗ جواني, آءُٗ جوالا, جُڳ جُڳ کي جرڪايان, وو.!
    ڪافر مومن ناھيان.!

    جھوريان جھونا ڪوڙ,اَلو ميان,!ڪوٽ سوين ڪيرايان,وو.!
    ڪافر مومن ناھيان.!

    سَرتا,! تو لئہ سپنا آڻيان, ڪيئي عرش اَڏايان,ٖ وو.!
    ڪافر مومن ناھيان.!

    تو لئہ پيار ُ پِنا مان, ڌرتي,! سَئن ھڻي سِيڏايان, وو.!
    ڪافر مومن ناھيان.!

    نگريءَ نگريءَ جو سُک سُونجھان,پنھنجو پاڻ ڀلايان,وو.!
    ڪافر مومن ناھيان.!

    سڀ جو ھانءُ ھندوري لوڏيان, پنھنجي ننڊ ڦٽايان,وو.!
    ڪافر مومن ناھيان.!

    چيون ٖ! تنھنجو جوڳي آھيان,ڳالھيون تنھنجون ڳايان، وو.!
    ڪافر مومن ناھيان.!

    تنھنجيءَ پَل پَل جي پيڙا کي, وائيءَ ۾ وَرنايان، وو.!
    ڪافر مومن ناھيان.!

    ڌرتي منھنجو ديس, مگر مان سنڌڙيءَ جندڙيءَ لايان، وو.!
    ڪافر مومن ناھيان.!


    بادل ڙي، بادل ڙي،! منھنجا نيڻ نٿا بس ڪن

    بادل ڙي، بادل ڙي،! منھنجا نيڻ نٿا بس ڪن،!
    گَجِي گجِي گھنگھور گھٽائون آگم ۾ اڀرن.!
    منھنجا نيڻ نہ ٿا بس ڪن.!

    سانوڻ من ڀانوڻ ۾ سرتيون،کلندي کيج وجھن،:
    منھنجا نيڻ نہ ٿا بس ڪن.!

    رُت آئي، رُت ويئي، جُھولي ۾ ٿا ڏينھن جھُلن،
    منھنجا نيڻ نہ ٿا بس ڪن.!

    مون ڳھليءَ جئن ڳولي ٿي، ڪجھ پن پن منجھ پَون،
    منھنجا نيڻ نہ ٿا بس ڪن.!

    ڀيڄ ڀنيءَ ڀنڀور مٿان اڄ بوندون ٿيون برسن،
    منھنجا نيڻ نہ ٿا بس ڪن.!

    ڪھڙي يار پنھونءَ کي چايو آڌيءَ رات اُٺن،!
    منھنجا نيڻ نہ ٿا بس ڪن.!

    ھاءِ ولھيءَ کي ڪيئن وساريو سُڃ ۾ سانگيئڙن،!
    منھنجا نيڻ نہ ٿا بس ڪن.!

    بادل ڙي،بادل ڙي.!
    بادل ڙي………….!


    ڪوئي آھي، ڪوئي آھي ! جيڪو سچ چوي؟

    ڪوئي آھي، ڪوئي آھي،!
    جيڪو سچ چوي،؟

    ڏينھن ڏٺي جو ھن ڏائڻ تان جيڪو گھونگھٽ لاھي،؟
    جيڪو سچ چوي،؟

    سانگ سياست جا سمجھي،جو ٺاھ ٺڳيءَ جا ڊاھي،
    جيڪو سچ چوي،؟

    اونداھيءَ سان جيڪو اُلجھي، چانڊوڪيءَ کي چاھي،
    جيڪو سچ چوي،؟

    سنڌڙي، مون کي سڏ تہ ڏي،! تون چُپ ڇو آھين،ڇاھي.!
    جيڪو سچ چوي،؟

    ڪوئي آھي، ڪوئي آھي،!
    جيڪو سچ چوي.؟


    سانگيئڙن جي سار نہ ڇڏ

    سانگيئڙن جي سار نہ ڇڏ،
    رات تہ راھِي گذري ويندي.!

    ڇا جي دُوري، ! دل ئي دل ۾، پَکڙا تن جي اوڏا اڏ.!
    رات تہ راھِي گذري ويندي.!

    من ئي من ۾ ماروئڙن کي ڪنھن مارڳ تي آڻي گڏ.!
    رات تہ راھِي گذري ويندي.!

    ايندي، ايندي، ايندي ساڃھ،ايندي تنھنجي سَرلي سَڏ.!
    رات تہ راھِي گذري ويندي.!

    نيٺ تہ ڪِرندا ڪوٽ انھن جا،کيٽي وارا پوندا کڏ!
    رات تہ راھِي گذري ويندي.!


    نئون جمالو

    نئين موج ٿِي مھراڻ ۾،
    ھو جمالو.!

    نئين موج ٿِي مھراڻ ۾،
    ھو جمالو.!

    جنھن ۾ ليٽ ٻُڏا ٻيٽ ٿِي،
    ھو جمالو.!

    جنھن جي ڦاٽ ڀڳا گھاٽ ٿِي،
    ھو جمالو.!

    جنھن ۾ ٻيڙيون سائينءَ سيڙھيون ٿِي،
    ھو جمالو.!

    جنھن جا پَڳھ جَڳھ جڳھ ٿِي،
    ھو جمالو.!

    جنھن جا مانجھي ٿِي منجھڌار ۾،
    ھو جمالو.!

    اُھي تري وينديون تارَ ۾،
    ھو جمالو.!

    نئين موج ٿِي مھراڻ ۾،
    ھو جمالو.!

    نئين موج ٿِي مھراڻ ۾،
    ھو جمالو.!


    نظم

    جيسين مون اي ميت

    جيسين مون اي ميت، نہ پوري ڪئي آھي سنگيت،
    ٽُٽي بہ منھنجي وِينا تيسين جڙندي پئي ڪنھن ريت.

    ڪڏھن ڪڏھن مون سوچيو آھي مان آھيان سا لاٽَ،
    ٻُجھي ٻُجھي جا ٻَرندي رھندي، کُٽي نہ جيسين واٽ.

    وري اسان کي سِيرَ سَمي جي آڻيندي اوڏو،
    پرين،! پَکي ۾ وري اسان جو گڏ ھوندو گوڏو.

    جڏھن بہ ھوندي ھيج ھوا ۾، جڏھن بہ ڦٽندو ڦاڳُ،
    تڏھن ڪٿي ڪنھن من_ مُکڙيءَ ۾ ھوندو منھنجو ماڳُ.

    تون نہ سڃاڻين سپرين، پر مان اڳ ڀي آيو ھان،
    اڳ ڀي تنھنجي جاڳ جلي آ منھنجي سپني سان.

    وري ڪڏھن مڌ ماتيءَ رُت جي ريت نڀائڻ لاءِ،
    مان ايندس، مان ايندس، تنھنجي جَڳ ۾ ڳولي جاءِ.!

    مان ايندس، مان ايندس تو وٽ ڪنھن سپني سان ساڻ،
    آڳ اکين ۾، راڳ چپن تي، آھ منھنجو اُھڃاڻ.!


    ماڪَ لڳي جو موتي موتي

    ماڪَ لڳي جو موتي موتي،
    اُن کي چونڊي چونڊي مون،
    آندو سورج جي سامھون.
    ڳوڙھا ھا جيون جي جوتي.
    جن کي پوئي پوئي، مون،
    پاتيون ڪنھن کي مالھائون.
    ماڪ َ اڏاڻي، سج چمڪي ٿو،!
    پَل جا پِراڻِي، سج چمڪي ٿو.!
    ڀڙڪِي، ڀڙڪِي، ڪڙڪِي من تي ڪائي وڄ مٿان،
    لڙڪي لام، ڇڳو آکيرو، پنڇيءَ حيرت مان،
    ڏسي ڪري آڪاش،
    چيو، ''اي ڪاش.!
    وڃان مان اُڏري ڌرتيءَ تان.“


    مان سپنو ھان، مان سپنو ھان

    مان سپنو ھان، مان سپنو ھان،
    تنھنجو سپنو، تنھنجو سپنو،
    'تون` جو 'مون` ۾ آھين.
    تون جو مون ۾ ويٺو ڳائين،
    منھنجي مُک مان گيت چوائين؛
    منھنجي پڃري ۾ پَرَ ساھي،
    اُڏري ويندين پڃرو ڊاھي.
    ٻئي ڪنھن پڃري جي ڳولا ۾،
    ۽ سُر جي سمورڻتا ۾،
    مون کي سپني جئن ساريندين،
    ٻئي ڪنھن پڃري ۾ گھاريندين.
    جيسين ڳائي اُڏرين اُن مان.
    مان سپنو ھان، مان سپنو ھان،
    تنھنجو سپنو، تنھنجو سپنو.
    'تون` جو 'مون` ۾ آھين.


    تون جو آئين سِج سنئين

    تون جو آئين سِج سنئين،
    او سپرين،!
    رات لڙي تہ بہ ڪونہ وئين،
    او سپرين.!
    پڇُيون ھُيون مون سڀ پاڻياريون، ڏنو نٿي ڪنھن ڏَس،
    موٽِي آيس گھُمي گھُمي مان گھَڙي گھَڙي جو گَس.
    ڄَڻِيءَ ڄَڻِيءَ جي ڄاڻَ ڏٺي مون مليا نہ پر اُھڃاڻ،
    کِلي ھليون کنگھڪار ڪري سَڀ، ڏِسِي ڀُليءَ جا ڀاڻَ.
    سڀ ڪنھن چيو ٿي: ''توکي ڇا ٿيو، اوءِ اَياڻي اوءِ،!
    ڪنھن سان تنھنجي پريت، نہ جنھن جي لِڇ نہ جنھن جي لوءِ.!
    اھڙي ڪنھن جي سُونھن نہ ڪنھن جو اھڙو آھ سڀاءُ،
    تنھنجي سانگيءَ جو اي سرتي،! ڪنھن کي ناھ سماءُ.“
    مون چيو وَن وَن ٿي: ''ويڙھي ۾ وڃي ڏيان مان واس،
    اڃا ڪنڊيءَ تي ڪانگُ لنوي ٿو، اڃا بہ آھي آس.“
    پويان پير ڪَري جو آيس، گُھمي گھٽيون ۽ گھاٽ،
    ڏٺم تہ لانڍيءَ اوٽ کَڙو آن، جھَلي ولھيءَ جي واٽ.!
    تون ئي مون ڏي پنڌ پئين،
    او سپرين،!
    تون جو آئين سِج سَنئين،
    او سپرين،!
    رات لَڙي تہ ڪونہ وئين،
    او سپرين،!


    ڇا ڇا چورُ ڇَڏي ويو آھي

    ڇا ڇا چورُ ڇَڏي ويو آھي،!
    اڃا بہ آھي چنڊ اڱڻ ۾.!
    اڃا بہ آھن منھنجي ويڙھي،
    جي وَلِ وَلِ تي،
    ڪيئي ماڪَ ڦڙا.
    اَڃا بہ منھنجي ڇَتِ جي سامھون،
    چمڪين ٿو تون،
    لالَن روءِ لُڌا.!
    لُٽي وَيو پر پروا ناھي،
    اَڃا بہ آھي چَنڊُ اڱڻ ۾.!


    ڪيرُ وراڻيندو،؟ ڳيرو

    'ڇو،؟`
    ڪيرُ وراڻيندو،؟ ڳيرو،
    ''ھُو ئي ھُو ھُئي ھوُ،“
    ´ڇا،؟`
    ڪيرُ وراڻيندو،؟ مئنا،
    _ڳاھائيندڙ نا سمجھو.


    لڙي ٻہ _ پَھري، لانڍي، ٿانوَ

    لڙي ٻہ _ پَھري، لانڍي، ٿانوَ،
    پِنڊيءَ ۾ پاروٿو ڍوڍو.:
    اُڏريا ھيٺ ڪَنڊيءَ تان ڪانوَ،
    جن سان گڏجي ڪو نينگرڙو.
    کائي ويٺو،
    ڳِٽيءَ ڳِٽيءَ سان ڳائي ويٺو.


    کنڀ کنڀي، واجھَ وجھي

    کنڀ کنڀي، واجھَ وجھي،
    ڏور ڏسي، ھيٺ مَٿي،
    ڪُو. . . ڪا. . . ري، ڪوُ. . .ڪا. . . ري. . .
    سارِسُ ساٿيءَ کي ساري.
    ''آئي، آئِي ھن جي خُوشبو،
    واءُ ڏکڻ جو، آھ ڪِٿي ھو.؟
    دور وڃان، دور وڃان،
    دور اڃان، دور اڃان،
    او. . . ڀا. . . ري، او. . . ڀا. . . . ري. . .“
    سارِسُ ساٿيءَ کي ساري.


    ڪاري

    ڪاري ڪاري رات، اُنھيءَ ۾ ڪارو ڪُنوارو ھانءُ،
    ڪارو ڪُنوارو ھانءُ، کِڙيو آھ جنھن ۾ نينھن_نَکٽُ.
    ٻھراڙيءَ جي ٻاٽ، نہ جنھن ۾ ڏَڍُ نہ جنھن ۾ ڏانءُ،
    ھئي جھَرڻي جي جھانءِ، اُنھيءَ ۾ پيارُ ٿيو پَر گھَٽُ.
    جَرڪِي ڪاٽِي جاڳَ، اَڻاسي ڳوٺَ اکيون ٻُوٽيون،
    نِڪتي ڪائِي ڇاٽَ ڇَپَر مان، اُڏري واسي واءُ.
    جھاڳينديون جھَرُ جھَنگُ وڃَن ٿيون ٻَھڳَڻ جون ٻوٽيون،
    ورھَ چَوي؛ ''مان واگھُ، ھلي آ، مون ڏي اوري آءُ.!“


    ڪالھ ڪَويتا جي ڪَنٺي تِي

    ڪالھ ڪَويتا جي ڪَنٺي تِي،
    سَرسِوتيء َ ۽ ڪالِيءَ بيٺي،
    چانڊوڪيءَ ۾ امرت پيتو.!
    مُدت کان پوءِ ھِي ويرياڻيون،
    ساڳي تَڙَ تي گڏجي آيون،
    پيدا ٿيو آ مَھا ڪَوي ڪو.!


    پُوڄاريءَ جو پُوڄاريءَ سان ويرُ ڏسي

    پُوڄاريءَ جو پُوڄاريءَ سان ويرُ ڏسي،
    ڀَڃِي ڪئِي ڀورا مون تنھنجي مُورتي.
    مُنھنجي مُنھن تان ڌَرَم ڌَرَم جي ڌوڙ لٿي،
    سارو جَڳُ ٿو ڀاسي تنھنجي آرسي.
    ڳولي ڇا ٿِي پوءِ بہ ڪوتا جَنم_ جَلِي،؟
    تون بہ نہ آھين شايد منھنجي شانتي.!


    بَنگلا

    بَنگلا
    ديش جي
    وئشا
    سانورِي
    اَپسرا
    دام؟ چي:
    ٽي رپيا.
    نام؟چي:
    ''ڪام_ ڌينو“

    ____________________________________
    (بنگلا:بنگال.
    ڪام_ ڌنو: سُرڳ جي ھڪ گانءِ، جا ھر خواھش پوري ڪندي آھي.)


    ڄڻ اُتر جي واء ُ تي

    ڄڻ اُتر جي واء ُ تي
    ڪائي خوشبو ٿي اچي،
    ڄڻ تہ ڪوئي گلفروش،
    پنھنجي دامن کي جَھلي،
    ٿو پريان مون کي سڏي
    گل ٽڙيا آھن ڪٿي.
    ايترو مون کي ڪيو
    بوءِ گُل آ بيقرار،
    جو ڏسي ھر راھگير
    ٿو کلي بيگانہ وار،
    ۽ چوي ٿو: ''اي چريا
    دور آ فضلِ بھار.!“
    ناھ ھن ويراني ۾
    ڪنھن بہ خوشبو جو سوال،
    وقت کان آ تار تار
    دامنِ حسن و جمال،
    تا اَبد رھندا اِئين
    ھي فسردھ ماھ و سال.
    آءُٗ زنجيرِ صبا
    ۽ پيو ڇڪبو وڃان،
    ڪائي خوشبو ٿي اچي،
    فصلِ گل جي دور تان،
    ھاءِ، پر ھي راھگير_
    مان انھن کي ڇا چوان.!


    راجا_ڏاھر.! تنھنجون نياڻيون

    راجا_ڏاھر.!
    تنھنجون نياڻيون،
    سھڻيون، سياڻيون،
    ڪنھن ھئن آنديون،!
    مانديون،! بانديون.!
    چيلھ ۾ رَسا،
    ڇڪبا چوٽا،
    اڳتان گھوڙا،
    پُٺ ِ تان پياريون،
    راج_ ڪماريون،
    ننگيون ساريون.!
    ھا، پر آھي،
    پو بہ انھن جي،
    منھن تي نفرت،
    عظمت، جرئت.!
    آھن منھنجون،
    ڄڻ ڪوِتائون.!


    چؤ تون ڇا ٿو چاھين؟

    چؤ تون ڇا ٿو چاھين؟
    چؤ تون منھنجي پٺتان ايندي، سُک جي سيج ڇڏي،!
    منھنجيءَ چُلھ ۾ چڻنگ نہ آھي، تونري ناھ تڏي؛
    مون وٽ ڪنھن مڌ_ ماتيءَ اک جا ناھن ميگھ ملار،
    مون وٽ رِڻ جون ڪاريون راتيون جيسين نيڻ_ نھار.
    چؤ تون ڇا ٿو چاھين؟ پُٺِ تان سوچي سوچي آءُ،!
    تون ڇا ڄاڻين، ڇا آ سوري، ڇا آ اُن جو ساءُ.!
    تون ڏاھو آن، چئو تون سھندين ڏاھپ جا سئو ڏنڀ،!
    چئو تون اڏري سگھندين، کوھيان جي مان تنھنجا کنڀ.!
    چؤ منھنجيءَ چکيا تي چڙھندين، ڄَر آ منھنجي ڄاڻ،
    سڙندو رھندين رک نہ ٿيندين، سوچي آءُ سُڄاڻ.!
    گُڻ گُڻ کي مان اوگُڻ، سمجھان، گيان ڪيان اگيان،
    ڌرم ڌرم جي ڌوڙ اڏايان، ڦاڙيان پوٿيون، پُران؛
    وِک وک تي مون ڪَنڊ ڪٺي ڪئي، ڏس تون پنھنجا پير،!
    ڇو تون منھنجي ڪَڍ لڳو آن؟ پُٺِ تي موٽ سوير.!
    پر جي منھنجي پٺ تان ايندين، جيءُ وجھي جاکوڙ؛
    چونڊي ڪنڊا رکندس تنھنجي آءُٗ مٿي تي موڙ.
    مون وٽ ٻيو ڪجھ ناھي توکي ڏيندس اُھا پڪار
    جنھن سان جڳ جا ٿوڻيون ٿنڀا ڌوڏي رکندين ڌار.
    جنھن جو رھندو ايندو پيارا جُڳ جُڳ ۾ پڙلاءُ!
    آءُ پڪارڻ چاھين ٿو جي منھنجي پٺ تان آءُ!
    چؤ تون ڇا ٿو چاھين.؟


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 533
    ڪتابن جو مشاهدو: 550708
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 212765
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ