ڪتاب جو نالو: جت جر وهي ٿو جال
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: روشنائي پبليڪيشن حيدر آباد
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال: 1998
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 16 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 654 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 335 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
الطاف شيخ جو سفرنامو جت جر وهي ٿو جال ملائيشيا ۾ نوڪري دوران رهندي ڪوالالمپور، پينانگ ۽ ٻين شهرن جو احوال آهي جيڪو هن ايڊيشن ۾ سنواريل ۽ وڌايل پڻ آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي ناليواري ڏاهي اديب عبدالقادر جوڻيجو لکيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب
  • هن نئين ڇاپي لاءِ
  • مهاڳ
  • هڪ ڏينهنَ جي ڳالهه آ...
  • ڪوالالمپور اندر
  • ڪوالالمپور کان ٻاهر
  • ڪشو ـــ سگريٽ ۽ شراب نه پيئڻ وارو سيٺ
  • ڪوالالمپور شهر ۽ سلينگور رياست جا ڪجهه تواريخي سن ۽ دلچسپ ڳالهيون
  • پينانگ ٻيٽ
  • پينانگ واري پل
  • پينانگ کان ڪئالا ڪنگسار
  • ڪئلا ڪنگسار ۽ لموت (KUALA KANGSAR DAN LUMUT)
  • پلاءُ پينانگ
  • هوٽل اورينٽل
  • بنگالي مسجد ـــ پينانگ
  • چيپ جان ۽ ڪئٿي
  • انگريزن پينانگ تي قبضو ڪيئن ڪيو؟

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ جا سڄڻو سلام ..........

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر ٽيونجاهه (53) سفرنامو جر وهي ٿو جال اوهان اڳيان پيش آهي. ملائيشيا جي ڪوالالمپور، پينانگ ۽ ٻين شهرن بابت هي سفرنامو ناليواري سفرناما نگار ۽ سنڌ سلامت جي محسن سائين الطاف شيخ جو لکيل آهي.

    هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ خيرپور سان تعلق رکندڙ پياري دوست آصف رضا نظاماڻي ڪئي آهي. لک ٿورا سائين الطاف شيخ صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏيڻ سان گڏ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    انتساب

    انتساب

    ٽيهن سالن کان لڳاتار ڪتابَ ڇپيندڙ،
    سنڌ جي مشهور پبلشر “فيروز ميمڻ” نالي

    منهنجي خيالَ ۾ سنڌ ۾ لکندڙن ـــ شاعرن، اديبن، جرنسلٽن، ڪالم نويسن وغيره جي کوٽَ ناهي پر ڪِتاب ڇپيندڙن (پبلشرن) جي آهي، جنهن ڪري گهڻا لکندڙ پيدا ٿي نه سگهيا آهن. اڄ به ڪيترائي اڻ ڄاتل لکندڙ هوندا جن وٽ شاعري يا ادب جا اڻ ڇپيل مجموعا موجود هوندا، پر نه ڇپجڻ ڪري اسان کي انهن جي خبر نه پئجي سگهي آهي. لکندڙ جي اها ئي خواهش ٿئي ٿي ته جيڪي ڪجهه هو لکي اهو پرنٽ ۾ اچي ۽ پڙهندڙن تائين هن جو نياپو پهچي. ڪِتابَ نه ڇپجڻ ڪري اسان جي ڪيترن ليکڪن جي دل کٽي ٿي پئي هوندي ۽ لکڻ ڇڏي ڏنو هوندائون. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته جيڪر انهن جي همت افزائي ٿئي ها، سندن محنت جي پورهئي جو داد ٿئي ها، ٻين لفظن ۾ سندن ڪِتاب ڇپجندا رهن ته اڄ اسان وٽ ٻيا به ڪيترائي امر جليل، نسيم کرل، تاجل ۽ شيخ اياز هجن ها.
    ساڳي وقت ڪِتاب ڇپائڻ ۽ کپائڻ به ڪو سولو ڪم ناهي. بهرحال اهڙو به ڏکيو ڪم ناهي جهڙو اسان جا ڪي قومي ادارا ــ خاص ڪري سنڌي ڪِتاب ڇپائڻ وارا سرڪاري ادارا نخرو ڪن ٿا. بنگلاديش، سريلنڪا ۽ ملائيشيا ۾ اسان کان گهٽ بجيٽ ۽ اسٽافَ تي هلندڙ اهڙا قومي ادارا ٿا ڏسجن ته تعجب ٿو لڳي ته هنن ڇا مان ڇا ڪري وڌو آهي. بهرحال اسان جي ان ڏتڙيل سيناريو ۾ فيروز ميمڻ جهڙن غريب ۽ اڪيلن کي شاباس هجي. اڪيلي سر ڪِتاب ڇپڻ ۽ پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچائڻ ڪو آسان ڪم ناهي. مون به شروع ۾ ٻه کن ڪِتاب پاڻ ڇپرايا ۽ اڄ تائين توبهه ڪري ويٺو آهيان. پئسي کان علاوه به اهم مسئلا آهن. هڪ ڇپائي جو ۽ ٻيو ڪِتاب نيڪال ڪرڻ جو. ڇپائيءَ وارن يعني پريس وارن کي پئسو اڳواٽ نه ڏي ته ڪم شروع نه ڪندا. ۽ جي اڳواٽ ڏي ته ڪم جو ڪجهه حصو ڪري پوءِ نئون گراهڪ ڳوليندا وتندا جيئن هن کان ائڊوانس وٺي پنهنجو خرچ هلائين. توهان جا ڏنل پئسا ته ڪڏهوڪا ختم ٿي ويا ۽ هاڻ وڌيڪَ، توهان کان نه ملندا سو توهان ۾ ڇپائي وارن جي ڪهڙي دلچسپي! پوءِ روز توهان هنن جي در تي ۽ اديب ٿي ڪري پريس وارن سان ويٺا گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ سڄي جهان ۾ خوار ٿيو.
    اسان وٽ ڪميٽمينٽ به ته ناهي. وعدو فقط ٻئي کي ٽارڻ لاءِ ڪيو وڃي ٿو. پريس وارو توهان کي ڪو ڏينهن ڏيندو ته ان تي پروفن لاءِ ڪجهه فارم کڻي وڃڻو. ۽ پوءِ توهان سڀ ڪم ڪاريون ڇڏي پريس تي پهچندائو ته جواب ملندو ڪمپوزنگ وارو بيمار هو، بجلي نه هئي يا ڪو ٻيو سبب ــ جنهن ڪري ڇپائي نه ٿي سگهي. ۽ پوءِ توهان پيا چڪر هڻو.
    ڪِتاب ڇپجڻ بعد ڪتاب جي وڪري (مارڪيٽنگ) جو وڏو مسئلو آهي. حيدرآباد جهڙي شهر ۾ پنجاهه کن ڪِتابن جا ننڍا وڏا دڪان ۽ فٽ پاٿن تي اسٽالَ آهن. کانئن ڪِتابن جو پڇندائو ته وڏي هائوڪار ڪري توهان جا ڪِتابَ وڪري لاءِ توهان کان وٺندا. ڄڻ توهان جو ڪتاب وڪامي به ويندو هجي. هو توهان کان 33 کان 50 سيڪڙو ڪميشن اوڌر تي کڻندا ۽ جڏهن توهان مهيني ٻن بعد پئسا وٺڻ لاءِ هنن وٽ پهچندائو ته جواب ملندو:
    “سائين بس ٻن ڏينهن بعد اچي حِساب ڪجو.”
    ٻن ڏينهن بعد:
    “سائين معاف ڪجو. ڪجهه مشغول هوس. فلاڻي فلاڻي ڊائجيسٽ جي بلٽي ڇڏائڻي هئي. هفتو کن رکي اچجو. توهان سان ان ئي وقت حساب ڪري وٺبو.”
    هفتي ڏيڍ کان پوءِ توهان پهچندائو ته توهان کي پري کان ئي ڏسي دڪاندار (يا اسٽال وارو) اهڙو منهن ٺاهيندو جو توهان سمجهي ويندائو ته توهان کي اچڻ نه کپندو هو. بهرحال سامهون پهچڻ تي هو پنهنجي منهن تي مجبوراً مرڪ آڻي چوندو:
    “سائين ڏاڍو افسوس اٿم. ماڻهن کي ڏنل پئسا ملي نه سگهيا آهن. پهرين تاريخ ۾ باقي نَوَ ڏينهن آهن جيئن ئي ملندا ته وٺي وڃجو.”
    پهرين يا ٻي تي پهچڻ تي:
    “سائين توهان جا سڀ ڪتاب وڪرو نه ٿيا آهن. سنڌي ڪتاب ته صفا هلي نٿو. ڪم واري ڇوري گدام ۾ کڻي ڦٽا ڪيا آهن. اڄ آيو ڪونهي ٻن ڏينهن جي موڪل تي آهي. توهان هينئن ڪريو جو هفتو کن رکي اچو. آئون توهان جا ڪِتابَ ڪڍائي رکندس. جيڪڏهن ڪو هڪ اڌ وڪرو ٿيو آهي ته ان جو حساب ڪري وٺنداسين.”
    هاڻي توهان به سمجي ويا هوندائو ته دڪاندار طرفان “نياپو” ڇا پيو ملي! يعني پئسن کان آڱوٺو. دڪاندار توهان کي رڳو پنڌ پيو ڪرائي. دڪاندار عقلمند آهي. هو سمجهي ٿو ته اڄ جي دنيا ۾ هر ڪو مشغول آهي. ٻه چڪر هڻڻ بعد پبلشر پاڻهي اچڻ ڇڏي ڏيندو ۽ جي اهو پبلشر پاڻ ئي اديب يا شاعر آهي ان کي ته بيوقوف بڻائڻ اڃا به سولو ڪم آهي. هو ڪهڙو وڏو جھيڙو يا گار گند ڪندو.
    هڪ ٻن اسٽالن وارن ڪتاب وڪرو ڪرڻ بعد قسطن ۾ ڪجهه پئسا ڏنا، جيڪي ڪراچيءَ کان حيدرآباد اچڻ تائين ڀاڙي ڀتي ۾ ئي خرچ ٿي ويا. هڪ اسان جي سنڌي دڪاندار جنهن سڀ کان گهڻا ڪتاب وڪرو ڪيا ۽ مس مس سال بعد payment ڪئي پر چيڪ ذريعي جنهن تي مهينو ڏيڍ پوءِ جي تاريخ هئي ـــ جنهن جي اچڻ تي چيڪ واپس موٽي آيو، جو بئنڪ ۾ سندس پئسا نه برابر هئا. پاڻ وري هڪ ٻيو چيڪ مهينو کن پوءِ جو ڏنو جيڪو پڻ بائونس ٿي ويو. پوءِ خبر پئي ته هو صاحب اها اٽڪل سڀني سان ڪندو رهي ٿو ۽ ان ٺڳيءَ کي هو واپاري عقلمندي سمجھي ٿو.
    بهرحال اڄ به ڪيترائي اديب پاڻ ئي همت ڪري پنهنجو ڪِتاب ڇپائيندا هوندا، جيئن اڄ کان ٽيهارو سال کن اڳ مون ڪيو هو ـــ ان ارادي سان ته ڪتاب جو مُور ئي نڪرندو رهي ته هڪ ٻئي پويان پنهنجا ڪتاب ڇپائيندو رهان. پر اهي خيال گيهه جي دلي وارا ثابت ٿين ٿا ۽ مور ته ڇا وقت به برباد ٿيو وڃي ۽ هڪ وقت منهنجي زندگيءَ ۾ به اهڙو آيو جو دل شڪستو ٿي مون لکڻ گهٽائي ڇڏيو. لکي به ڇا ڪجي. جڏهن جلدي جلدي نه پيو ڇپجي. ۽ پوءِ اها لکڻ جي عادت بلڪل ختم ٿي وڃي ها، شايد، پر ٻن ماڻهن کي ڪريڊٽ ڏيڻ ضرروري ٿو سمجھان جن جي ڪري لکڻ بلڪل بند ڪرڻ جي نوبت نه آئي. هڪ قاضي عبدالمجيد عابد صاحب ـــ جنهن جو پٽ مرحوم اظهر (گل) عباسي مون سان گڏ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙهندو هو ۽ منهنجو تڏهن کان سندن گهر اچڻ وڃڻ هو جتي سندس والد صاحب مون کي تڏهن کان لکڻ لاءِ چوندو رهندو هو ۽ عبرت اخبار ۾ منهنجي هر شيءِ ڇپي ويندي هئي. (اڄ به اظهر جو ننڍو ڀاءُ اسد ۽ سندس گهر واري شهلا ساڳي خلوصَ سان مونکي لکڻ ۽ منهنجي هر لکڻيءَ کي “عبرت” ۾ ڇپڻ جي همت افزائي ڪندا اچن) ۽ ٻيو ڪريدٽ فيروز ميمڻ کي آهي جيڪو جڏهن مونکي پهريون دفعو مليو ته مون کي اها به خبر نه هئي ته هو ڪير آهي (بعد ۾ سالن پڄاڻان، آهستي آهستي خبر پيئي ته اسان جا ڪيترائي دوست سڃاڻا ۽ مائٽ عزيز ڪامن آهن) ۽ ڪٿان آيو ـــ پر مون لاءِ نيڪ فرشتو ثابت ٿيو. هن منهنجا ڪِتابَ ڇپڻ لاءِ چيو ۽ خرچ به هن پنهنجو ئي ڪرڻ چاهيو ٿي. انڌو گهري هڪ اک هتي ٻئي ٿي مليون. هن پهريون ڪِتاب، تنهن وقت جي مطابق، گذريل ڪِتابن کان هر لحاظ کان سٺو ڇپيو. مونکي ڳالهه وڻي. مون لکڻ تي وڌيڪَ ڌيان ڏنو ۽ مون ڏٺو ته فيروز سان ڪم ڪندي مونکي بوريت نٿي ٿي. مونکي هن ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون بهتر لڳيون جن جو آئون دل سان قدر ڪيان ٿو ۽ جيڪي اسان جي ملڪ جي ماڻهن ۾ گهٽ آهن.
    فيروز ڪم سان ڪم رکي ٿو. اجايو سجايو وقت ضايع نٿو ڪري. جيتوڻيڪ پيشي جي لحاظ سان هو سڄي زندگي ماستر ٿي رهيو. ڇپائيءَ جو ڪم هن هابي ۽ وندر طور کنيو، جنهن ۾ ڄاڻ ۽ تجربو حاصل ڪرڻ ڪري هن ان هابيءَ کي سائيڊ بزنس ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هڪ اهو سبب به آهي جو آئون کيس انگريزن سان تشبيهه ڏيندو آهيان.
    “ڇو ڀلا؟؛” پاڻ پڇندو آهي.
    “ان ڪري جو تو ۾ ڪيتريون ئي انگريزن واريون خاصيتون آهن. هو اجايو سجايو وقت وڃائڻ ۽ ڪچهرين کان گريز ڪن ٿا. وندر جون گهڙيون هنن جون عورتون توڙي مرد ڪجهه نه ڪجهه ڪندا رهن ٿا. پنهنجن ٻارن کي به ڪنهن نه ڪنهن وندر ۾ لڳائي رکن ٿا، جيئن هنن کي ڪڏهن به اڪيلو رهڻو پوي ته پنهنجو پاڻ کي مشغول (Self Occupy) رکڻ جي عادت هجين. پوءِ ڪيترا انهن هابين ذريعي پئسو به ڪمايو وڃن.”
    فيروز سان هڪ ٻه دفعو جڏهن به سندس اسڪول ۾ ملڻ ويس ته واندي پيرڊ ۾ هيڏانهن هوڏانهن وقت برباد ڪرڻ بدران هو ڪِتاب جا پروف ڏسندي نظر آيو. اسڪول بعد پريسن جا چڪر. ڪتاب ڇپجي اچڻ تي مختلف دڪانن تي وڪري لاءِ ڪتاب ڏيڻ يا ٻين شهرن ڏي پوسٽ ڪرڻ لاءِ پاڻ ئي ڪتابن جا بنڊل ٻڌي، ائڊريسون لکي، ڪلهي تي رکي پوسٽ آفيس پهچي ويندو هو.
    “شاباس هجنئي!” هڪ دفعي مون چيومانس.
    “بس ادا.” پاڻ وراڻيائين، “آرام ڪرڻ يا ٽي وي ڏسڻ تي منهنجي به دل ڏاڍو چوي ٿي پر پوءِ هڪ ئي ڪم ڪري سگهجي ٿو ـــ ڪتابن جي ڇپائي يا آرام.”
    فيروز ڪيترا سال هر مهيني نئون ڪتاب ڪڍندو رهيو ۽ سو به پوري وقت تي. ڪو رسالو مقرر تاريخ تي نڪري يا نه پر نيو فيلڊس پبليڪيشن جو ڪتاب هر مهيني جي مقرر تاريخ تي ڇپجي راس ٿيندو هو ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هر بڪ اسٽال تي وقت اندر پهچي ويندو هو. ان جو داد دڪاندارن کان وٺي هاڪرن تائين ڏيندا. ان ڳالهه ڏي منهنجو ڌيان به ڳوٺ جي بڪ اسٽال وارن ڇڪرايو.
    نه فقط ڪتاب وقت تي شايع ڪرڻ پر ٻين ڳالهين ۾ به فيروز وعدي جو پڪو ثابت ٿيو آهي. منجھس تنقيد ٻڌڻ، سهڻ، Convince ٿيڻ يا ٻين کي ثابتين ثبوتن سان Logically مڃائڻ جو گڻ آهي. ٽيهارو سالن کان منهنجو ساڻس واسطو هلندو اچي، جڏهن هن منهنجو پهريون ڪِتاب ڇپيو هو. هو جيڪا commitment ڪري ٿو اها پوري ڪري ٿو. هاڻ ڪمپيوٽرن جي دنيا هجڻ ڪري ڪتابن جي ڇپائي ۽ رنگ روپ جو نئون شان ٿي ويو آهي، ان ۾ جيتوڻيڪ فيروز ٿورو پٺتي ضرور رهجي ويو آهي ۽ “سنڌيڪا” يا “روشني” پبليڪيشن جهڙن نون ادارن جي ڇپائيءَ جو معيار وڌي ويو آهي نه ته ستر ۽ اسيءَ جو سڄو ڏهاڪو “نيو فيلڊس” جا ڪِتاب مٿاهين درجي جا مڃيا ويندا هئا. بهرحال هينئر به هو اهو مقام ٿوري ئي ڪوشش سان وري ماڻي سگهي ٿو جو هن کي ڇپائيءَ جي بنيادي معاملن جي ڪافي ڄاڻ به آهي ته Will Power به. سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جي ڪامياب سنڌي هندو واپاري وانگر هن کي اقتصاديات جي خبر آهي ته پنو ڪٿان ۽ ڪيئن وٺجي ۽ ڇپائي مارڪيٽنگ جي اصولن کان به واقف آهي. نه ته اڄڪلهه اسان جا ڪيترائي نوان بزنيس مين ان ۾ مار کايو وڃن. اوڌر اوڳاڙڻ ۾ ئي کٽجيو وڃن ۽ دڪان بند ٿيو وڃين.
    هڪ دفعي منهنجو جهاز ڪراچي آيو ته ڪراچيءَ جي هڪ دڪاندار جنهن کان آئون ڪتاب خريد ڪندو آهيان، فيروز جي شڪايت ڪئي ته هو کيس فقط پنج ڪِتاب موڪلي ٿو، جيتوڻيڪ هن کيويهه کپن. ٻئي ڏينهن حيدرآباد وڃڻ تي مون فيروز کي خوشخبري طور اها ڳالهه ٻڌائي ته سندس ڇپيل ڪِتابن جي ڪراچيءَ ۾ ڊمانڊ آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ فلاڻي دڪاندار کي ته پنجن بدران ويهه ڪاپيون موڪلي.
    “ادا هن کي ڪتابن جي ضرورت گهرج هوندي پر کيس موڪليندس اوترائي جيترن جا هو اڳواٽ پئسا ڏيندو.” فيروز چيو ۽ پوءِ هن ٻڌايو ته ڪيترا دڪادندار پبلشرن کان اوڌر تي ڪتاب کڻي ڪميشن ته کائين ئي کائين ٿا، ڪِتاب جو مُور به ڳرڪايو وڃن، پوءِ پبلشر ٻئي ڪتاب لاءِ پئسو ڪٿان آڻي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ ڪيترائي شريف ماڻهو نيڪ نيتيءَ سان ڪتاب ڇپائڻ جو ڪم شروع ڪن ٿا پر پوءِ دڪادندار کين پئسا نه ڏيڻ ڪري يا وقت تي ادائگي نه ڪرڻ ڪري هنن جي ڇپائيءَ جو ادارو يا پريس يا ماهوار رسالو ڪجهه عرصي بعد بند ٿيو وڃي.
    فيروز جي رهائش ڪي سال ٽنڊو ولي محمد ۾ هڪ فليٽ ۾ هئي، جنهن جو هڪ ڪمرو ۽ ڇت تي ٺهيل اسٽور روم ويو انهن ڪتابن سان ڀربو جيڪي نٿي وڪاميا. چوندو هو:
    “ڪنهن کي اڌار ڏئي پئسو رڪجي وڃي ان کان بهتر آهي ڪتاب رکيا هجن. آهستي آهستي ٿي آخر کپي ويندا.”
    فيروز پاڻ به ڪنهن جو پئسو ڪڏهن نه روڪيو. ڪمپازيٽر، پريس مين، بائينڊر وغيره سڀ آهستي آهستي سمجهي ويا ته هن شخص سان ٺڳي نٿي ڪري سگهجي. پئسا اڳواٽ وٺي کائي کپائي نٿا سگهجن، ڪم پوري ڪري ڏيڻ تي هو اتي جو اتي اجورو ڏئي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪڏهن ڪڏهن (شايد پئسو بچائڻ لاءِ)، گهٽ پئسن واري ڪنهن سيکڙاٽ کان ڪتاب ڪمپوز ڪرائي پروف ڏسڻ واري جي لاءِ مٿي جو سور پيدا ڪري ٿو. (جيتوڻيڪ بقول سندس سٺا ڪم وارا ڪڏهن ڪڏهن نٿا ملن ۽ وقت جي پابنديءَ کي ڏسي مجبوراً اهڙي تهڙي کي ڪم ڏيڻو پوي ٿو.)
    سٺا ڪتاب ڇپائڻ ڪري فيروز جي اداري جي ڪتابن جا پڙهندڙ وڌندا ويا ۽ دڪاندار به سمجهي ويا ته “نيوفيلڊس” جا ڪتاب حاصل ڪرڻ لاءِ روڪ پئسو ڏيڻو پوندو ۽ ڇو نه ڏ ئي وٺجي جو ڪتاب جلد وڪرو ٿيو وڃي ۽ کين به فائدو ٿئي ٿو. بهرحال ان حد تي پهچڻ لاءِ ـــ ٻين لفظن ۾ مارڪيٽ ٺاهڻ لاءِ، مون ڏٺو ته فيروز کي ڏهن سالن کان به مٿي سال لڳي ويا. ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان لاءِ هن کي تمام گهڻي محنت ڪرڻي پئي ۽ اڃا تائين ڪندو اچي. ڪتابن جا خريدار ڳولڻ، انهن کي ڪتاب VPP ڪرڻ، اڃا به ڪتاب بچي پوڻ تي پنهنجو دڪان ڪڍي هلائڻ وغيره وغيره. ان کان علاوه ڇپائيءَ کي منهن ڏيڻ.
    فيروز يڪو لاٽ جي حساب سان پنو وٺندو ۽ اتي به ادائگي ڪيش ۾ ڪندو، جيئن جيتريقدر ٿي سگهي پنو سستو پوي. ٽئڪسين ۾ ٻين کان کڻائڻ بدران پاڻ ئي بسن ۾ ڍوئي حيدرآباد ايندو. هينئر به جڏهن هن جي مالي حالت ڪجهه بهتر ٿي آهي ته به سوزوڪي پاڻ هلائي، سامان ڍوئيندو وتي، جيئن شيءِ (Finished product) جو اگهه گهٽ کان گهٽ قيمت ۾ پوي ۽ فائدو رکڻ بعد به مقابلي جي مارڪيٽ ۾ خريدار کي مناسب اگهه تي پوي. ڪتاب جو ٽائيٽل به هڪ هڪ ڪري ڇپائڻ بدران ٻن يا چئن ڪِتابن جا ٽائيٽل گور گڏ ڇپجڻ بعد هڪ هڪ ڪتاب وڏي پڪائيءَ سان پنهنجين نظرن اڳيان نيڪان ڪندو ۽ ان جي ڄاڻَ رکندو ته ڪيترا ڪتاب ڪيڏانهن ويا. منهنجي ليکڪ جي حيثيت ۾ ساڻس شروع کان پئسن جي ڏيتي ليتي ناهي. فيروز طرفان مونکي کلي موڪل آهي ته جيترا وڻيم ڪِتاب کڻان. پر ساڳي وقت فيروز کي منهنجي اها عادت هرگز نٿي وڻي جو جنهن تنهن دوست يا سڃاڻي کي تحفي طور ڪتاب ڏيندو وتان. فيروز لاءِ ٻين کي به اها شڪايت آهي ته هو ڪتاب تحفي طور ڏيڻ ۾ پڪائيءَ کان ڪم وٺي ٿو. ڪجهه سال اڳ مون فيروز کي چيو: “ٻين ليکڪن کي ته پبلشر پئسا ڏين پر تون مونکي ڪتاب به ڪڏهن ڏين ٿو ڪڏهن نه.”
    يڪدم بلئنڪ چيڪ ڪڍي چيائين: “پئسا جيڪي وڻنئي اهي وٺي سگهين ٿو. ڪتاب به جيڪي وڻنئي اهي کڻي سگهين ٿو پنهنجو دڪان اٿئي. پر مفت ۾ ائين ڪتاب ورهائڻ سان هڪ ته گراهڪ خراب ٿين ٿا ۽ ٻيو پڙهندڙن تي اثر پوي ٿو.”
    فيروز جي اها ڳالهه مونکي تڏهن سمجهه ۾ نه آئي پر پوءِ سگهوئي اندازو لڳايم ته سواءِ ڪنهن هڪ يا ٻن جي ٻين کي ائين ڪتاب ڏيڻ تي هو پڙهڻ بدران ٻين جي حوالي ڪريو ڇڏين ۽ ويترا چوندا: “يار هڪ ٻه ٻيو ڪتاب به ته ڏجانءِ. هو ڪتاب فلاڻو کڻي ويو.”
    يا چوندا: “پنهنجي ڪتاب جو سيٽ ته ڏجو منهنجي فلاڻي مائٽ دڪان تان ٿي ورتو. تنهن کي جھليم ته اجايو ٿو وٺين پنهنجي دوست الطاف کان سڄو سيٽ مفت ۾ وٺي ٿو ڏيانءِ.”
    سچي ڳالهه ته اها آهي ته جڏهن کان تاجل بيوس ۽ شيخ اياز سان دوستي ٿي ۽ هنن مونکي مفت ۾ پنهنجا ڪتاب موڪلڻ شروع ڪيا ته مون پڙهڻ ڇڏي ڏنو. هونءَ پئسا خرچ ڪري وٺي ايندو هوس ته هڪ بدران ٻه ٻه دفعا پڙهندو هوس. خبر ناهي ڇو! شايد فيروز جي ٿيوري صحيح هجي ۽ هونءَ به فيروز جي پڪائيءَ ۾ سندس، بلڪه سندس اداري جو survival آهي. منهنجي خيالَ ۾ “پبلـشر” اهو سٺو آهي جيڪو ڪتاب نه فقط سٺي طرح ڇپائي پر ان جي مارڪيٽنگ به ڪري وڃي ـــ يعني مور سان گڏ ڪجهه فائدو به حاصل ڪري سگهي. ان ۾ ليکڪ جي به سلامتي آهي. ڇو جو پبلشر جي کُٽجڻ تي ان جي ڇپائيءَ جو ادارو بند ٿي ويندو ۽ پراڻن سان گڏ مستقبل ۾ نون ليکڪن جا ڪتاب ڇپجي نه سگهندا. اهوئي سبب آهي جو پنهنجي هر ڪتاب ڇپجڻ کان اڳ فيروز سان سختي ۽ کُلي دل سان بحث ڪندو آهيان ته هو منهنجو ڪتاب ڇپائڻ کان اڳ چڱيءَ طرح Feed Back (جائزو) وٺي ته آيا پڙهندڙ مون کي اڃا پڙهڻ چاهين ٿا يا نه ۽ خاص ڪري موجوده ڪِتاب پڙهندڙن لاءِ واقعي دلچسپ ثابت ٿيندو يا اداري تي بار بنبو؟
    ۽ جيتوڻيڪ فيروز وڏي دل سان هر وقت اهوئي چوندو آهي: “ادا ڪهڙيون ڳالهيون ٿا ڪريو. ڪتاب هلي يا نه هلي اهو منهنجو Risk آهي.” پر آئون اهوئي چوندو آهيانس ته ڪتاب سٺو نه هجڻ جي صورت ۾ پبلشر کي اجايو ڇپي مارڪيٽنگ جو مسئلو پيدا نه ڪرڻ کپي. ليکڪ جو موت ڀلي آڻجي ـــ يعني پڙهندڙن کي پسند نه اچڻ تي ان ليکڪ جا ڪتاب ڇپڻ ڀلي بند ڪري ڇڏجن. ڇو جو هر آرٽسٽ وانگر ليکڪ جو به زوال اچي سگهي ٿو. پر ڪنهن به صورت ۾ پبلشنگ اداري جو موت نه اچڻ کپي. پبلشنگ ادارو زندهه هوندو ته ٻيا به ڪيترائي ليکڪ پيدا ٿيندا ۽ انهن جون لکڻيون ماڻهن تائين پهچي سگهنديون.
    فيروز منهنجي پنجاهه کن ڪتابن مان ٽيهارو کن ته گهٽ ۾ گهٽ ڇپيا هوندا، جن مان ڪيترن جا ٻه يا ٽي ڇاپا به ڪڍيا هوندا ۽ اڃا تائين ڇپي رهيو آهي. ڇپائيءَ کان وڌيڪَ سندس مارڪيٽنگ جو اسٽائيل پسند اٿم. هن جي ڪتابن جا خريدار ڪراچيءَ کان اسلام آباد تائين ذهين شاگرد ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو آهن ـــ ان جو اندازو مونکي مون وٽ ايندڙ خطن مان به ٿئي ٿو. ائين ته هڪ پبلشر (ڪافي عرصو اڳ ـــ 1987ع ۾ ملائيشيا کان ٽن مهينن جي موڪل تي آيو هوس ته) اهڙو مليو. جنهن منهنجي ڪتابن کي وڏي تعداد ۾ ڇپرائڻ چاهيو ٿي.
    “ايترا ڪتاب ڪيئن وڪڻي سگهندائو؟” مون تعجب مان پڇيومانس.
    “اهو ڪم آسان آهي.” هن ٻڌايو، “تعلقي جي مختيارڪار تي ڪم رکيو آهي، اهو تپيدارن کي زوريءَ ڏئي پئسا اوڳاڙيندو.”
    “۽ پوءِ تپيدار انهن ڪتابن جو ڇا ڪندا؟” مون پڇيومانس.
    “اهي زوريءَ زميندارن کي وڪڻندا.” هن ٻڌايو.
    “۽ پوءِ زميندار اهي ڪتاب پڙهندا ته ڪونه.” مون چيو.
    “پـڙهن يا نه پڙهن اسان جو ڪتاب ته نيڪال ٿي ويندو!” هن وراڻيو.
    منهنجي خيالَ ۾ ڪنهن ليکڪ جو ڪتاب نه پڙهيو وڃي، ان کان وڏو صدمو هن لاءِ ڇا ٿي سگهي ٿو. فيروز کي ڪتاب ڇپائڻ مان ڪو فائدو ٿئي يا نه پر ليکڪ کي خاطري هجڻ کپي ته هن جو ڪتاب ڪنهن جاهل وٽ نه پر سلجھيل شخصيت وٽ پهچي وڃي ٿو.
    بهرحال فيروز کي وڏي حياتي نصيب ٿئي، جيئن منهنجا ۽ ٻين جا ڪِتابَ ڇپيندو رهي. اسان سندس محنتي ۽ خاموش طبيعت جو فقط داد ئي ڏئي سگهون ٿا.
    فيروز ٻي جنوري 1947ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. پاڻ ٽن سبجيڪٽن: ايڪانامڪس، پوليٽيڪل سائنس ۽ سنڌيءَ ۾ ايم اي ۽ M.Ed به ڪيل اٿس. 1965ع کان مختلف اسڪولن ۾ تدريسي ڪم شروع ڪيائين ۽ 1996ع ۾ ارڙهين گريڊ ۾، وقت کان اڳ رٽائرمينـٽ ورتائين. فيروز کان هڪ دفعو پڇيم ته پاڻ ڇپائيءَ جو ڪم ڪيئن شروع ڪيائين.
    “ماستري ملڻ کان اڳ.” فيروز ٻڌايو، “مون سال ڏيڍ حيدرآباد جي ميونسپالٽي ۾ ڪلارڪ ٿي ڪم ڪيو، جتي طارق اشرف تپيدار هو ۽ ساڻس دوستي ٿي وئي. اتان کان اسان سهڻي رسالي ۽ سهڻي پبليڪيشن جي ڪتابن جو ڪم گڏ گڏ شروع ڪيو. ڪجهه وقت کانپوءِ مون پنهنجو ادارو (نيو فيلڊس نالي) شروع ڪيو.”
    فيروز جي فئملي سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل فئملين ما ن هڪ آهي، جنهن جو تدريس جهڙي نيڪ ڪم سان گهڻو واسطو رهيو آهي. هي پاڻ ۾ ڇهه ڀائر ۽ چار ڀيڻون آهن. وڏو ڀاءُ نثار احمد وڪيل آهي، ٻيو نمبر ممتاز احمد گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ پروفيسر آهي. سڀ ۾ ننڍو ڀاءُ منور پڻ مهراڻ يونيورسٽي ۾ پڙهائي ٿو. فيروز جي والد صاحب ـــ جناب محمد صالح کي هڪ ئي ڀاءُ “چاچو الله بخش” هو، جنهن جا فرزند: بشير احمد ۽ نظير ميمڻ پڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر رهي چڪا آهن. اڄڪلهه هو آمريڪا ۾ آهن.
    فيروز جو هڪ ڀاءُ اقبال انشورنس ڪمپنيءَ ۾ آهي ۽ کانئس ٻه سال کن وڏو ۽ اسان جو همعمر انور ميمڻ مرچنٽ نيوي ۾ آهي. جڏهن اسان مئرين انجنيئرنگ جي تعليم چٽگانگ بنگلاديش (تن ڏينهن ۾ مشرقي پاڪستان) مان وٺي رهيا هئاسين ته هي (انور اهائي تعليم يوگوسلاويا جي هڪ اهڙي اڪيڊميءَ مان وٺي رهيو هو. ڪجهه سالن پڄاڻان اسان جو جهاز يوگوسلاويا جي شهر رائيڪا پهتو ته اتي ساڻس ملاقات ٿي، جنهن شهر مان هن شادي پڻ ڪئي آهي. اڄڪلهه جرمنيءَ ۾ Shore Job ڪري ٿو. مون کي ان وقت اها خبر نه هئي ته هو فيروز جو ڀاءُ آهي. ڪيترائي سال گذرڻ بعد هڪ ڏينهن فيروز ٻڌايو ته جنهن انور جو ذڪر مون هڪ سفرنامي ۾ ڪيو آهي، اهو هن جو وڏو ڀاءُ آهي. هڪ ٻيو انور ميمڻ چاچي فقير محمد (بسوءَ) جو پٽ، جيڪو منهنجو ستين ڪلاس کان انٽر تائين ڪئڊٽ ڪاليج ۾ ڪلاس ميٽ رهيو ۽ هاڻ ڪافي عرصي کان ڪئناڊا ۾ settled آهي، پاڻ فيروز جو مائٽ ۽ پاڙيسري آهي. هڪ دفعي جناح اسپتال جي مشهور ڊينٽل سرجن پروفيسر مشتاق ميمڻ منهنجي ڏندن جي چيڪ اپ ڪندي چيو ته تنهنجا ڪتاب جيڪو ڇپي ٿو اهو منهنجو مامو آهي. فيروز کي چيم ته هو مونکان به وڏو آهي ان جو تون ڪيئن مامو ٿئين؟
    “ان ڪري جو آئون سڀ ۾ ننڍو آهيان ۽ منهنجيون ڀيڻيون سڀ ۾ وڏيون آهن.”
    فيروز جي هڪ ٻي ڀيڻ ـــ حسن علي ميمڻ صاحب جي گهر واري آهي، جنهن جو هيرآباد حيدرآباد ۾ پراڻو ڊئري فارم (کير مکڻ) جو بزنس آهي. سندس وڏي ڌيءَ حاجاڻيءَ جو گهوٽ اسان جو دوست ۽ ڳوٺائي ڊاڪٽر احمد علي قريشي آهي. سندس شادي ٽيهه سال کن اڳ ٿي، جنهن ۾ فيروز منهنجي ڀرسان ويٺو هو پر نه مون پڇيومانس ۽ نه پاڻ ٻڌائين ته ڪنوار سندس ڀاڻيجي آهي. ٻه سال کن اڳ ڊاڪٽر احمد علي حاجاڻيءَ جي وڏي ڌيءَ انجنيئر خديجا (رومانا) جي شاديءَ تي فيروز پنهنجي مائٽي ٻڌائي ته مونکي تعجب لڳو ته واقعي دنيا ننڍڙي آهي. فيروز جو هڪ ٻيو ڀيڻويو نجم ميمڻ آهي، جيڪو سئي گئس ۾ چيف انجنيئر آهي.
    انتساب لکندي هي فيروز جي ويجھن مائٽن جو ذڪر آئون پاڻ کڻي ويٺو آهيان نه ته فيروز ڪڏهن به پنهنجن مائٽن يا دوستن ذريعي ٻين کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي هوندي. سٺو يا خراب جيڪي ڪجهه هو پاڻ آهي ان جي بنياد تي هو پنهنجي سڃاڻپ قائم رکڻ چاهي ٿو ۽ ان ۾ ئي هن جي greatness (عظمت) آهي. پاڻ هر قسم جي شو (Show) شا کان پري رهندو اچي. هو سادگي واري زندگي ۽ حقيقت جي دنيا ۾ ئي رهڻ چاهي ٿو.
    فيروز جي 20 مئي 1979ع تي رضوانا سان شادي ٿي. کيس چار ڌيئون: شاداب، انيڪا، سمبلا ۽ رمشا ۽ هڪ پٽ مستفيض آهي.
    فيروز کي سگا طرفان بهترين ڇپائيءَ جا ٻه دفعا انعام ملي چڪا آهن. هڪ دفعو شيلڊ ۽ ٻيو دفعو گولڊ ميڊل.

    الطاف شيخ
    نومبر 1998ع


    هن نئين ڇاپي لاءِ

    هن سفرنامي (جت جر وهي ٿو جال) کي وڌيڪَ سمجھڻ خاطر پڙهندڙن لاءِ ڪجهه ڳالهيون هتي شروعات ۾ لکڻ ضروري سمجھان ٿو.
    پاڻيءَ جي جهاز کي هلائڻ لاءِ ٻه ڌريون اهم آهن: نيويگيٽر ۽ مئرين انجنيئر. (جهاز جي مشين کي سمجھڻ، هلائڻ ۽ ضرورت وقت صحيح ڪرڻ واري انجنيئر کي “مئرين انجنيئر” سڏجي ٿو.) جيئن ته پاڻيءَ جو جهاز لڳاتار هلائڻو پوي ٿو ـــ ڏينهن رات چوويهه ئي ڪلاڪَ ۽ هفتي جا ست ڏينهن. (۽ ڪڏهن منزل پري آهي، جيئن ڪوالالمپور کان ڪئناڊا جي ڏورانهين بندرگاهه تائين پهچڻ ۾ مهيني کان به مٿي لڳيو وڃي). ان ڪري پاڻيءَ جي جهاز کي هلائڻ لاءِ هڪ بدران ڇهه ست مئرين انجنيئر اوترائي نيويگيٽر ٿين ٿا، جيئن وار وٽيءَ تي هڪڙا جهاز کي هلائن ته ٻيا سامان ۽ مشينري جي نگهباني ۽ مرمت ڪن ته ٽيا آرام ڪري وٺن. (ٻين لفظن ۾ سمنڊ تي هلندڙ ڪنهن به جهاز تي ڏينهن رات ٿئي ئي ڪونه. چاهي صبح هجي. شامَ هجي، يا آڌي رات! ڪي ڊيوٽي ڪندي نظر ايندا ته ڪي آرامي هوندا). اڄڪلهه جي ماڊرن ۽ آٽوميٽڪ جهازن کي هلائڻ لاءِ ڪجهه گهٽ ماڻهن جي ضرورت آهي.
    انهن نيويگيٽرن (جن کي ڊيڪ آفيسر به سڏجي ٿو) ۽ مئرين انجنيئرن جي تعليمَ لاءِ جيڪو ادارو آهي، ان کي “مئرين اڪيڊمي” سڏجي ٿو. اڄڪلهه دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾. ان قسم جون اڪيڊميون آهن. سريلنڪا، ايران، سنگاپور ۽ مصر ۾ ته آهن پر ويندي فجي ۽ پاپانيوگني جهڙن ٻيٽن تي به آهن جن ملڪن کي نه پنهنجي جهازران ڪمپني آهي ۽ نه وري جهاز. هو ٻين ملڪن جي جهازن لاءِ پنهنجا نوجوان تيار ڪن ٿا ۽ غير ملڪي ناڻو ڪمائين ٿا.
    1960ع تائين ايشيا کنڊ ۾ هن قسم جي مئرين اڪيڊمي فقط روس ۾ هئي ۽ ٻي بمبئي (هندستان) ۾. جپان ۾ به نه هئي. ان بعد 1962ع ۾ چٽگانگ (بنگلاديش) جي ڀرسان هڪ ٻيٽ “جُلديا” تي کلي ۽ هر سال مشرقي ۽ مغربي پاڪستان مان انٽر سائنس (مئٿس) پاس ڪيل اميدوارن مان پنجاهه کن هن اڪيڊميءَ لاءِ چونڊيا ويا ٿي، جن مان اڌ شاگرد مئرين انجيئرنگ برانچ لاءِ ۽ اڌ ناٽيڪل (Navigation) برانچ لاءِ. انٽر ڪرڻ بعد 1963ع جي شروعات ۾ آئون به هن اڪيڊمي ۾ مئرين انجنيئرنگ ڪئڊٽ جي حيثيت سان چونڊيو ويو هوس. 1971ع کانپوءِ پاڪستان لاءِ نئين اڪيڊمي ڪراچيءَ ۾ هاڪس بي ڏي ويندڙ رستي تي هڪ ڳوٺ “ماريپور” ۾ ٺهي. 1975ع ڌاري ملائيشيا، سنگاپور، سريلنڪا ۽ ايران جهڙن ملڪن پاڻيءَ جا جهاز ورتا، جن کي شروع ۾ اسان پاڪستاني هلائيندا هئاسين ۽ پنهنجن ملڪن جا ماڻهو تيار ڪرڻ لاءِ هنن پنهنجا نوجوان هندستان، بنگلاديش ۽ پاڪستان جي مئرين اڪيڊمين ۾ موڪليا. پر پوءِ جيئن جيئن کين وڌيڪَ آفيسرن جي ضرورت پوندي ويئي، تيئن تيئن هر ملڪ پنهنجي مئرين (يا مئريٽائيم) نالي اڪيڊمي کولڻ شروع ڪئي. ايران پنهنجي اڪيڊمي “ڇابهار” نالي بندرگاهه ۾ کولي ۽ اها اڪيدمي اتي جي بلوچستان يونيورسٽي سان لاڳاپيل آهي. عربن شارجا ۾ کولي ته مصرين السڪندريا ۾. ملائيشيا جي هڪ پراڻي شهر ۽ بندرگاهه ملاڪا ۾ جهاز جي خلاصين لاءِ هڪ اسڪول اڳهين هو، اتي هنن 1982ع ڌاري مئرين اڪيڊمي کولي جنهن لاءِ هنن کي پڙهائڻ وارن جي ضرورت هئي. ان لاءِ ملائيشيا حڪومت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اشتهار ڏنا ته جهازن جا ڪئپٽن يا چيف انجنيئر جيڪڏهن پڙهائڻ چاهين ته هن اڪيڊمي ۾ نوڪريءَ لاءِ درخواست موڪلين. آئون جهاز جو چيف انجنيئر ٿي چڪو هوس ۽ مونکي ماستريءَ جو شوق هو ۽ ڪجهه عرصي کان ڪراچيءَ جي PNSC مئرين ڪاليج ۾ “Post Sea” وارن کي پڙهائي رهيو هوس.
    جهاز جي آفيسرن کي ڪناري جي نوڪري جهاز جو ڪئپٽن يا چيف انجنيئر ٿيڻ بعد ملي ٿي. ملائيشيا جي هن مئرين اڪيڊمي ۾ “مئرين انجنيئرنگ” جا سبجيڪٽ پڙهائڻ لاءِ مون کي پڻ چونڊيو ويو. مون کان علاوه پاڪستان مان هڪ ٻيو چيف انجنيئر مرحوم آصف غيور هو ۽ ناٽيڪل برانچ لاءِ درٻيلي جو ڪئپٽن احمد حسين مخدوم ۽ لاهور جو ڪئپٽن ذوالفقار عباسي چونڊيو ويو هو. ڪئپٽن ذوالفقار سان منهنجي ملائيشيا ۾ واقفيت ٿي، باقي چيف انجنيئر آصف ۽ ڪئپٽن مخدوم سان پهرين ڪاليج ۾ ۽ پوءِ اڪيڊمي جي ڏينهن کان ڄاڻَ سڃاڻ هئي. سندن تفصيلي احوال ملائيشيا ۽ سنگاپور بابت سفرنامن: “مڪلي کان ملاڪا”، “سنگاپور ويندي ويندي” ۾ اچي چڪو آهي. سال سوا بعد ٽي ٻيا ڪئپٽن پاڪستان کان آيا. ڪئپٽن سيد محمد سليم، ڪئپٽن عرفان فاروقي (جنهن جي زالَ ڊاڪٽر نرگس قاضي پاٽ/دادو جي قاضي فئملي مان آهي) ۽ ڪئپٽن عثمان. اسان پاڪستانين کان علاوه ٻيا انڊيا، برما، انڊونيشيا، سنگاپور ، انگلينڊ وغيره جا هئا. هڪ سک ڪئپٽن سردار تيجپال سنگهه سوڍي پڻ هو.
    ملائيشيا جي هيءَ اڪيڊمي ملاڪا شهر کان چاليهه ڪلوميٽر کن اتر ۾ ۽ سؤ ڪلوميٽر کن ڪوالالمپور کان ڏکڻ ۾ سمنڊ جي ڪناري تي آهي. اسان Expatriates (نوڪريءَ لاءِ آيل ڌارين ملڪن جي ماڻهن) لاءِ رهائش اڪيڊمي ڪئمپس ۾ ئي هئي. موڪل جي ڏينهن تي خريداري يا چڪر لاءِ ملاڪا شهر ويندا هئاسين. گهڻا ڏينهن موڪل تي ڪوالالمپور ۽ ملائيشيا جي ٻين شهرن: جوهوربارو، اپوح، پينانگ، شاهه عالم وغيره گهمڻ لاءِ هليا ويندا هئاسين يا وري ڀر وارن ملڪن: سنگاپور، ٿائيلنڊ يا انڊونيشيا ويندا هئاسين. انڊونيشيا سمنڊ رستي باقي ٿائلنڊ ۽ سنگاپور باءِ روڊ يا ريل گاڏيءَ ۾ وڃڻ ٿيندو هو.
    آئون ملاڪا ۾ 1990ع جي آخر تائين اٽڪل اٺ سال کن يڪا رهيس. ان وچ ۾ فقط هڪ دفعو 1987ع ۾ ڳوٺ (پاڪستان) اچڻ جي ڪجهه هفتا موڪل ملي هئي. باقي ويجھڙائيءَ وارن شهرن ۽ ملڪن ۾ هر وقت چڪر لڳندا رهيا ٿي. هن ڪتاب ۾ گهڻو تڻو احوال ملائيشيا جي ٻن اهم شهرن: ڪوالالمپور ۽ پينانگ جو آهي.
    ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي ملڪن ۾ کڻي گرم مسالو ٿئي ٿو، جنهن ڪارڻ ڌارين ملڪن جا ـــ خاص ڪري چين، عرب، ننڍي کنڊ ۽ يورپ جا ماڻهو آيا ۽ هي ملڪ مشهور ٿيا پر حقيقت ۾ هنن ملڪن جي مشهوري ۽ اهميت کين سندن جاگرافيائي حالتن ڪري ملي. اهي ساڳيا ملڪ هڪ ٻئي جي ويجھو هجڻ بدران جيڪڏهن پري ڌار ڌار ڪٿي وچ سمنڊ ۾ هجن ها ته سندن ڄاڻَ ۽ مانُ پاپانيوگني جهڙو يا وڌ ۾ وڌ فلپين جيترو هجي ها. ڪو ڪم سانگي ئي اچي نڪري ها باقي هلي ملي نه اچي ها.
    ملائيشيا ۽ انڊونيشيا کان پهرين هندي وڏو سمنڊ آهي، جنهن جو به خوفناڪ حصو خليج بنگال آهي ۽ ٻئي پاسي ڏکڻ چيني سمنڊ آهي. اهو سمنڊ به سال جو وڏو حصو بگڙيل ئي ملي ٿو. اهي سمنڊ اُڪرندي غريب جهازين ۽ جهاز جو سر رليو ٿو وڃي. طوفان ۽ سامونڊي ڇوليون اڄ جي ماڊرن جهاز ۽ ان جي هلائيندڙ کي به بيزار ڪريو رکن، پراڻي زماني ۾ ته اهي سمنڊ ٽپڻ نئين حياتي ماڻڻ هوندو هو. اهڙيءَ حالت ۾ ملاڪا نار ۾ پهچڻ سان فرحت اچيو وڃي. “ملاڪا نار” انڊونيشيا ۽ ملائيشيا جي وچ واري سامونڊي گهٽي آهي. ملائيشيا سان انڊونيشيا جا ٻيٽ (جاوا، سماترا، بالي وغيره) نه مليل آهن ۽ نه گهڻو پري آهن. ٻن وڏن سمنڊن جي وچ ۾ ملاڪا نار (Malacca Strait) ڄڻ هڪ گهٽي ٿي، جنهن ۾ پهچڻ سان ڇولين ۽ طوفانن جو اثر ختم ٿيو وڃي ۽ سنگاپور تائين ڏينهن ٻن جو سفر آرام سان گذري ٿو. ملاڪا نار ۾ جهاز جهڙو تالاب ۾ پيو هلي. اڄ به ملاڪا نار جو هي سفر هندي وڏي سمنڊ جي هفتي جي سفر جو ٿڪ ڀڃيو ڇڏي ۽ اڳتي چيني سمنڊ لتاڙڻ جو حوصلو ۽ همت ڏئي ٿو. سو هيءَ ملاڪا نار نه فقط اڄ جي جهازين لاءِ اهم آهي پر اڳئين زماني جي جهازين لاءِ اڄ کان به وڌيڪَ اهم هئي. هو چين کان هندستان ۽ عرب ملڪن ڏي ويندي يا يورپ جا جهازي چين ڏي ايندي هن نار مان لنگهيا ٿي. پوءِ ڪي ساڄي پاسي انڊونيشيا جي ڪنهن بندرگاهه ۾ ته ڪي کاٻي پاسي ملائيشيا جي ڪنهن بندرگاهه ۾ لنگر ڪيرائي ڏينهن جا ڏينهن بلڪه مهينا ترسيا ٿي، جيسين موسم بدلجي ۽ هوا جي رُخَ ڦرڻ مان فائدو وٺي سڙهن وارا ٻيڙا هلي سگهن. انهيءَ ترسڻ واري پيرڊ ۾ هنن پنهنجي جهازن کي رسيل نقصان جي مرمت ڪئي ٿي. ٿڪ ڀڳو ٿي. ڪيترن ته اڳتي وڃڻ بدران اتي ئي ٻي ڌر کي سامان وڪڻي ڏنو ٿي، جيڪا Transshipment اڄ به هن پاسي عام آهي. ڪيترن عربن، بنگالين، گجراتين، ملبارين ۽ چينين ته هتي گهر وٺي رهائش شروع ڪئي، پوءِ هِتي ئي شاديون مراديون ڪيائون يا پنهنجي وطن مان پرڻجي وري موٽي آيا. انهن جا ٺهرايل مندر، مسجدون، پگوڊا ۽ ٽڪاڻا اڃا تائين قائم رکيا ويا آهن.
    اڳتي هلي جڏهن ڪَلَ جا جهاز نڪتا ته ڊچن، پورچوگالين، انگريزن، فرينچن پنهنجي طاقت وڌائڻ لاءِ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا تي قبضو ڪيو. هنن کي مسالن هڪ طرف موهيو ته ٻئي طرف ملاڪا نار جي ماٺي سمنڊ ڪري سندن هتي پهچڻ سولو هو ۽ هنن ملڪن کي قبضي ۾ ڪرڻ کانپوءِ هتان لنگهندڙ هر ملڪ جي جهاز کي اک ۾ رکڻ ۽ پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ سولو ڪم ٿي پيو.
    ڪوالالمپور شهر سمنڊ جي ڪناري تي نه آهي. ان ڪري پراڻن ڏينهن ۾ ڪوالالمپور ڪجهه به نه هو. پينانگ، ڪلانگ اهم شهر ۽ بندرگاهه هئا. اڄ کان ڏيڍ سؤ کن سال اڳ (1850ع ڌاري) هن هنڌ تي جتي هاڻ ڪوالالمپور آهي، ٽين جون کاڻيون مليون ۽ راجا عبدالله ۽ راجا جمعت جهڙن ملئي سردارن چينين کي گهرائي کوٽائي شروع ڪئي ۽ ماڻهو جهوپڙيون ٺاهي رهڻ لڳا. هي اهو هنڌ هو جِتي هتي جي ڪلانگ ۽ گومباڪ نديون اچيو ملن ٿيون. ٽين جي کوٽائي ۽ وڪري ڪري اوسي پاسي جي ملڪن جا غريب پورهئي لاءِ هتي اچڻ لڳا ـــ خاص ڪري چين ملڪ کان. نالي ماتر سلطان راجا هتي جا ملئي مسلمان هئا پر مٿانهون هٿ انگريزن جو هو، جن سڄي ملائيشيا مان ڊچن ۽ پورچوگالين کي موڪل ڪرائي ڇڏي هئي. پورچوگالي مٿي مڪائو کان وڃي نڪتا، باقي انڊونيشيا کي ڊچ چهٽيا رهيا، تان جو سوڪارنوءَ انڊونيشيا کي آزادي ڏياري ۽ هيڏانهن تنڪو عبدالرحمان ملائيشيا کي انگريزن کان جان ڇڏرائي.
    انگريزن جي هڪ ڳالهه تعريف جوڳي آهي ته جنهن به ملڪ تي قبضو ڪيائون ٿي ان تي ٻين يورپي ملڪن جي حڪومتن وانگر ڦرلٽ ضرور ڪيائون ٿي پر ساڳي وقت ان ملڪ کي ٺاهڻ جي به ڪوشش ڪيائون ٿي. ملائيشيا ۾ انگريزن رستا ۽ اسڪول ٺاهيا، اسپتالون ۽ ريلوي اسٽيشنون ٺاهيائون. تار ٽپال ۽ پوليس کان وٺي عدالتن جو نظام ڏنائون. ملائيشيا ۾ جيئن ئي ٽين ايجاد ٿيو ته ان ڪم لاءِ چين مان چيني ماڻهو گهرايا ويا. ربڙ جي پوک لاءِ ڏکڻ هندستان کان ماڻهو آندا ويا، جيڪي سخت گرمي ۽ مينهوڳيءَ ۾ گهاٽن بيلن ۾ ڪم ڪري سگهن ٿا. واپار وڙي ۽ دڪاندارن لاءِ انگريزن سنڌي هندن ۽ گجراتين جي همت افزائي ڪئي. پوليس، چوڪيداري ۽ فوج لاءِ پٺاڻ، پنجابي ۽ گوکا آيا. اڄ به ملائيشيا ۾ اصلي ملئي مسلمانن کان وڌيڪَ نه ته اوترائي چين ۽ ننڍي کنڊ جا ماڻهو رهن ٿا، جن مان ڪجهه ته صدين کان ٿورا ٿورا ٿي آيا پر گهڻا تڻا گاڏن جي حساب سان انگريزن جي دور ۾ آيا. ملائيشيا ۾ ٽي چٽيون چپاٽيون قومون رهن ٿيون: هڪ “ملئي” (جيڪي سڀ مسلمان آهن) ۽ بوميپترا ـــ يعني ڌرتيءَ جا پٽ سڏجن ٿا. ٻي قوم “چيني” سڏجي ٿي، جيڪي گهڻي ڀاڱي ٻڌ آهن. ڪجهه عيسائي ۽ لامذهب آهن. هنن جون کوڙ زبانون آهن. ڇو ته هو چين جي هڪ صوبي بدران مختلف صوبن مان ملائيشيا ۾ آيا. چينين جون خاص زبانون ڪئنٽونيز، منڊارن، هڪا، ٽيوچو وغيره آهن. اهوئي سبب آهي جو چيني پاڻ ۾ ملڻ وقت ملئي يا انگريزي ڳالهائين ٿا جو هڪڙن چينين کي ٻين چينين جي چيني زبان سمجهه ۾ نٿي اچي. ٽين قوم “انڊين” سڏجي ٿي، جنهن ۾ تامل، مدراسي، گجراتي، ملباري، سک، هندو سنڌي، ويندي اهي پنجابي ۽ پٺاڻ اچي وڃن ٿا، جن جا ورهاڱي بعد مٽ مائٽ هاڻ پاڪستان ۾ آهن، ۽ گورکا ۽ بنگالي پڻ اچي وڃن ٿا.
    انگريزن 1947ع ۾ ننڍي کنڊ کي ڇڏيو ۽ 31 آگسٽ 1963ع تي ملائيشيا کي آزادي ڏني. سندس پهريون وزير اعظم تنڪو عبدالرحمان ٿيو، جيڪو ملائيشيا جي وڏي سياسي پارٽي “يونائيٽيڊ ملئيز نئشنل آرگنائيزيشن” (UMNO) جو ليڊر هو. ان بعد تن عبدالرزاق پرائيم منسٽر ٿيو. ٻنهي وڏي تدبر ۽ عقلمنديءَ کان ڪم وٺي علائقائي جھيڙا ختم ڪرايا. ڪميونسٽ عناصر کي قابوءَ ۾ رکيو. چيني آباديءَ جي ٻي چيني دور ڪئي. سنگاپورر جي علحدگي ۽ انڊونيشيا سان اختلافات ختم ڪرايا ۽ ان سان گڏوگڏ ملئي قوميت جي تصور کي حقيقت جي شڪل ڏني. ان تاريخي پس منظر ۾ 1981ع ۾ مهاتيرمحمد جوان ۽ جوش واري قائد جي صورت ۾ ملائيشيا جي سياسي افق تي نموندار ٿيو ۽ سترهن سال گذرڻ بعد به حڪومت جون واڳون هن جي هٿن ۾ آهن. مهاتير جي ان ڊگهي حڪومت ۾ ملائيشيا تمام گهڻي ترقي ڪئي. کليل مارڪيٽ هجڻ ڪري ماڻهو هتي گهڻي پئماني تي پئسو سيڙائڻ لڳا. چوڌاري ڪارخانا کلي ويا. امن امان ۽ قاعدي قانون جو معيار سخت ڪيو ويو. نتيجي ۾ ٿوري ئي عرصي ۾ ملائيشيا جو سڪو رِنگٽ (ڊالر) دنيا جي مضبوط ترين ڪرنسين ۾ شمار ٿيڻ لڳو. رٻڙ، تيل ۽ پام آئل مان به خوب پئسو اچڻ لڳو. ڏسندي ئي ڏسندي هي ملڪ يورپ جي سراواڪ ملڪن جهڙو ٿيڻ لڳو. صاف سٿرو. ماڊرن ۽ سهولتن وارو. دنيا جي وڏي ۾ وڏي عمارت جاڙا ٽاور (Petronas Twin Towers) ملائيشيا جي ترقيءَ جو ڏيکُ ڏئي ٿي. گذريل سال کان نه فقط ملائيشيا پر ڀر وارا ملڪ انڊونيشيا، ٿائلنڊ وغيره اقتصادي بهران ۾ اچي ويا. آهن _ ڏسندي ئي ڏسندي سياسي مسئلا به وڌي ويا آهن، جن هڻي انڊونيشيا جي سهارتو جهڙي کي ڊاهي رکيو، جيڪو گذريل پنجٽيهه سالن کان لٺ سردار بنيو ويٺو هو. ملائيشيا ۾ مهاتير جي جانشين نائب صدر انور ابراهيم جي گهوٽالي سڄي ملڪ کي لوڏي رکيو آهي ۽ هڪ ملڪ کي ترقيءَ جي اوچائين کي ڇهي ائين ڪرندو ڏسي ڏک ٿئي ٿو.
    آزاديءَ کان اڳ ملائيشيا “ملايا” سڏي ويندي هئي. اڄ جي ملائِشيا ۾ تيرهن رياستون آهن، جن مان يارهن: جوهور، ملاڪا، پهانگ، سلينگور، پيراڪ، پينانگ، پرلس، ترنگانو، ڪيداح، نينگري سيمبيلان ۽ ڪئانتان “ويسٽ ملائيشيا” سڏجي ٿو ۽ ٿائلنڊ ۽ سنگاپور جي وچ ۾ آهي. باقي ٻه رياستون: صباح ۽ سرواڪ بورنيو ٻيٽ تي برونائي ڀرسان آهن. اهي ٻه رياستون “ايسٽ ملائيشيا” سڏجي ٿي.
    ملائيشيا جي تيرهن رياستن مان نون جو والي وارث اتي جو سلطان آهي. انهن نون سلطانن مان واري وٽيءَ تي هڪ هڪ پنجن سالن لاءِ سڄي ملائيشيا جو بادشاهه ٿي رهي ٿو. باقي چئن رياستن: ملاڪا، پينانگ، صباح ۽ سراواڪ جو حاڪم گورنر ٿئي، جنهن کي ملڪ جو بادشاهه مقرر ڪري ٿو. بهرحال سلطان ۽ گورنر فقط نالي جا “هيڊ” ٿين. ملڪ ۾ باقاعدي اليڪشنون ٿين ۽ ملڪ جو انتظامي ڪاروبار وزير اعظم هلائي (جيڪو ملئي زبان ۾ پرڌان منتري سڏجي ٿو.) ۽ رياستن جو چيف منسٽر ـــ جيئن پاڻ وٽ صوبن ۾ آهي. (چيف منسٽر کي ملئي زبان ۾ “مينتري بيسار” سڏين.)
    مختلف رياستن جي سلطانن جي ٻارن جي پاڻ ۾ شادي ٿيڻ ڪري پاڻ ۾ مٽي مائٽي به آهي ته ڪڏهن ڪڏهن سندن هڪ ٻئي سان تلخيون به لڳيون رهن ٿيون. گهڻي پئسي ۽ پاور ڪري سندن ڪجهه ڪجهه ٻارن جو رجحان عياشي ڏي به آهي پر گهڻي ڀاڱي سڀني سلطانن جا مٽ مائٽ ۽ ٻار اعليٰ تعليم يافته آهن. واپار ۽ ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ ماهر آهن ـــ بقول هڪ يورپين جي ته ملائيشيا جي هنن سلطانن جي سلطاني هلي وڃي ته به هنن کي پرواهه نه رهندي، جو هو پڙهيل ڳڙهيل هجڻ کان علاوه عام ماڻهوءَ وانگر روزگار ڪمائي ڄاڻن ٿا. سندن ملائيشيا ۾ توڙي ملائيشيا کان ٻاهر وڏيون نوڪريون، واپار ۽ فئڪٽريون آهن، جيڪي هنن ڦرمار ڪري نه پر محنت مزدوري ڪري، پئسي کي صحيح طرح Invest ڪري، ان فيلڊ جي چڱيءَ طرح ڄاڻ ۽ سکيا وٺي حاصل ڪيون آهن.
    ملائيشيا جي هنن سلطانن (جن مان هر هِڪُ واري تي سڄي ملڪ جو بادشاهه ٿئي ٿو). جي شان شوڪت، مال دولت کي ٿو ڏسجي ته اسان جا پير، مير، وڏيرا، چوڌري ڪجهه به نه آهن. هي جي چاهين ته سندن ست پيڙهيون بنا محنت جي گهر ويٺي ويهي کائين پر مون ڪيترن جي گهرو زندگيءَ جو جائزو ورتو آهي ته تعجب ٿو لڳي ته هو پنهنجن ٻارن کي عيش ۽ آرام جي زندگي گذارڻ جي ترغيب ڏيڻ بدران هنن کي عام ٻارن کان به وڌيڪَ تعليم ۽ تربيت ڏين ٿا. کين مشڪل زندگي گذارڻ جي سکيا ڏين ٿا ۽ نه فقط پٽ ٻارن کي پر ڌيئرن کي پڻ. نماز روزي (مذهبي ڪمن) سان گڏ مغربي تعليم، رانديون رونديون، ڪسرت ڪرڻ لاءِ ترجيح ڏين ٿا. هنن جو ڏينهن فجر نماز کان شروع ٿئي ٿو ته رات وڃيو ٿئي. هڪ مولوي پـڙهايو وڃي ته انگريزيءَ جو ٽيچر يا راندين جو ڪوچ ڪجهه نه ڪجهه سيکارڻ لاءِ اچي ٿو. اهڙيءَ طرح هنن جا ٻار سڄو ڏينهن پڙهائي، علم ۽ هنر سکڻ ۽ ٻين اهڙن ڪمن ۾ مشغول رهن ٿا جن سان سندن ذهني توڙي جسماني صحت صحيح رهي ٿي. ملڪ جي قاعدي قانون جي نه فقط عام ماڻهو پر حاڪم ۽ سلطان به عزت ڪن ٿا ـــ جنهن جا مثال اسان جهڙن ماڻهن لاءِ حيرت ۾ وجھندڙ آهن. بلڪه اسان کي هتي جي ماڻهن ۽ حاڪمن جون ڳالهيون ٻڌي غيرت ۽ شرم اچڻ کپي ۽ هنن جون هي سٺيون ڳالهيون سکي پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ کپي.
    هڪ رياست جي سلطان جي پٽ شهر ۾ گاڏي تيز رفتاريءَ سان هلائي. پوليس سندس چالان هڪ طرف ڪيو ۽ پيءُ کي خبر پيئي ته هن ماڻهن اڳيان پٽ کي ٿڦڙ وهائي ڪڍي ته اهڙي ٽرڙپائي ڇو ڪئي! ۽ اسان وٽ ـــ؟ اسان وٽ وڏ ماڻهپي ئي اهڙي ٽرڙپائي ڪرڻ ۾ سمجھي وڃي ٿي.
    ملائيشيا ۾ غلط ڪم ڪرڻ تي هڪ ڇوڪراٽ پوليس وارو به توهان کي نه ڇڏيندو. باقي هونءَ ڪجهه پڇڻ لاءِ يا ڪنهن مدد لاءِ پوليس جي اعليٰ عملدار سان ڳالهائيندائو ته هو توهان کي انگريزيءَ ۾ sir يا ملئي ۾ انچڪ (جناب) ۽ تئان (عزت ماب) چئي مخاطب ٿيندو. هڪ پوليس جي ڊي ايس پي رئنڪ جي آفيسر کان ان جو سبب پڇيم ته وراڻيائين: “عوام ئي ته اسان جي باس آهي. ان جي ئي ته ڏنل ٽئڪس مان اسان کي پگهارون ملن ٿيون. ڏوهاريءَ کي ڇڏي باقي ماڻهو اسان لاءِ باعزت آهن ۽ انهن جي خدمت ڪرڻ اسان جو فرض آهي.”
    هڪ دفعي آئون پنهنجي آفيس جي اعليٰ عملدار داتڪ ڪئپٽن حمزه بن نور سان گڏ ملاڪا کان ڪوالالمپور ڪنهن سرڪاري ڪم سان سندس سرڪاري نشان واري مرسيڊيز ڪار ۾ وڃي رهيو هوس. سندس ٽرڙو ڊرائيور ڪن ڪن هنڌن تان اجائي سجائي اوورٽيڪ ڪندو رهيو. هڪ هنڌ پوليس جي نظر کان بچي نه سگهيو ۽ پوليس واري موٽر سائيڪل تي کانئس اڳ نڪري اچي گاڏي جھلي. اسان وٽ ڪهڙو پوليس وارو ڪنهن سرڪاري گاڏي کي جھلي سگهندو سو به تڏهن جڏهن ڪو سرڪاري ڪامورو يا فوجي ان ۾ ويٺو هجي!
    پوليس واري ڊرائيور کي گاڏيءَ مان لهڻ جو حڪم ڏيئي پاڻ ڏي سڏيو ۽ تيسين پاڻ چالان جي پرچي لکڻ لڳو. پوئين سيٽ تي منهنجي ڀر ۾ ويٺل ڪئپٽن حمزي ساڳي لهجي ۽ سڪون سان مون سان ڪندڙ ڳالهه جاري رکي، جيڪا هن پوليس واري جي پيڇو ڪرڻ کان اڳ شروع ڪئي هئي. ڊرائيور گاڏي بيهاري پنهنجو لائسنس کڻي هيٺ لٿو ۽ پوليس واري ڏي ويو ته به اسانجو هي وڏو عملدار (ڪئپٽن حمزو) جيڪو نه فقط هڪ وڏي درجي جو آفيسر آهي پر ملڪ جي بادشاهه جو پڻ خاص ماڻهو آهي، سو ساڳي Composed نموني سان ڳالهائيندو رهيو، ڄڻ ڪا ڳالهه ئي نه ٿي هجي. آئون جنهن ملڪ جو ۽ جنهن ماحول کان واقف هن قسم جي هيءَ واردات ڏسي وائڙو ٿي ويس ۽ سندس ڳالهه ٻڌڻ بدران لوڻا ڦيرائي ڪڏهن ڊرائيور کي پيو ڏسان ته ڪڏهن پوليس واري کي. ساڳي وقت پنهنجي باس جي چهري کي پيو ڏسان ته هو ڪيئن ٿو React ڪري. اسان جي حساب سان ته هن کي ان ڳالهه کي پنهنجي بي عزتي سمجهي هڪ “خصيص” پوليس واري کي دٻ ڪڍڻ کتي ٿي يا پنهنجي ڊرائيور کي ڪار بيهارڻ يا هيٺ لهڻ کان منع ڪرڻ کتو ٿي. پر هن اهڙي سڪون سان ڳالهه قائم رکي، ڄڻ اسان ڪنهن ٻي دنيا ۾ ته کڻي نه پر ٻي ڪار ۾ هجون ۽ هيءَ واردات ڪنهن ٻئي ڪار جي ڊرائيور سان ٿي رهي هجي، جنهن سان اسان جو واسطو نه هجي.
    ٿوري دير بعد ڊرائيور پنهنجو “منهن” ۽ هٿ “ ۾ چالان جي پرچي” لڙڪائي اچي ڪار ۾ ويٺو ته به اسان جي باس کانئس نه پڇيو ته ڇا ٿيو. ڊرائيور ڪار هلائڻ کان اڳ پنهنجو بيلٽ ٻڌندي هيڻي آواز ۾ چيو:
    “داتڪ! پوليس چالان ڪيو آهي”
    “پوءِ؟” ڪئپٽن حمزي مون کي ٻڌائيندڙ ڳالهه کي جھلي ڊرائيور کي مخاطب ٿيو، “ڪار تيز هلائيندين ته چالان ته ضرور ٿيندو.”
    “سائين ڪجهه ڪريو، هڪ اڳ به ٿي چڪو آهي ۽ هاڻ باقي هڪ موقعو ٿو بچي.”
    (پڙهندڙ جي معلومات لاءِ: هتي ٽي دفعا ان قسم جا ڏوهه ڪرڻ تي ڊرائيونگ لائسنس ڪئنسل ٿيو وڃي.)
    اسان جي صاحب پنهنجي صاحبي ۽ آڪڙ جو مظاهرو ڪري وچ ۾ ٽپڻ ۽ پوليس جي ڊيوٽيءَ ۾ رُخنو پيدا ڪرڻ بدران پنهنجي ڊرائيور کي چيو:
    “ڏوهه ڪيو اٿئي ته ان جي سزا ته ضرور ڀوڳڻي پوندي.”
    هي اهو جملو آهي جيڪو ملائيشيا، سئيڊن، سعودي عرب ۽ جپان جهڙن ملڪن ۾ ـــ جتي ماڻهو قانون جو خيال ۽ احترام ڪن ٿا، توهان کي پنهنجي دوست آفيسرن کان به ٻڌڻ ۾ ايندو. اهوئي سبب آهي جو ههڙن ملڪن ۾ ننڍو توڙي وڏو ڪنهن به قسم جو ڏوهه ڪندي ڊڄي ٿو، جوهن کي خبر آهي ته ڏوهه بعد بچاءُ مشڪل آهي. ڏوهه ڪرڻ تي سزا ضرور ٿيندي ۽ ڪو به دوست يا مائٽ بچائي نٿو سگهي.
    پوليس واري ڪتابڙي ۽ پين کيسي ۾ وجھي پنهنجي موٽر سائيڪل اسٽارٽ ڪئي ۽ اسان جي ڪار وٽ گهڙي کن ترسي اسان کي نئڙت سان چيو: “سائين مون کي افسوس آهي توهان جو وقت ضايع ٿيو پر آئون مجبور آهيان. ڊيوٽيءَ جو معاملوآهي.” جواب ۾ اسان جي صاحب مرڪي سندس همٿ افزائي ڪئي. مون محسوس ڪيو ته اسان جي ملڪ ۾ ڏوهه ڇو وڌي رهيا آهن؟ ڏوهاريءَ کي بچائي فخر محسوس ڪريون ٿا ۽ ههڙن ملڪن ۾ “ڏوهاري” کي نه پر “ڏوهاريءَ کي جھلڻ واري” جي همت افزائي ڪري فخر محسوس ڪن ٿا.
    ٿورو اڳتي هلي ڪئپٽن حمزي مون کي انگريزيءَ ۾ چيو:
    “هي اسٽوپڊ ڊرائيور سمجي ٿو ته صاحب گاڏيءَ ۾ ويٺو آهي ته کيس هر ڳالهه جو لائسنس ملي ويو ڇا؟ آئون پاڻ هيڏو آفيسر هوندي به ٽرئفڪ جي ڪنهن قانونَ جي ڀڃڪڙي نٿو ڪريان.”
    اها حقيقت آهي ته اسان جو باس ڪئپٽن حمزو واقعي جڏهن پاڻ گاڏي هلائيندو آهي ته آڌي رات بعد جڏهن رستن تي ٽرئفڪ نه هوندي آهي ته به ڳاڙهي سگنل تي بيهي رهندو آهي ۽ تيسين نه هلندو آهي جيسين اهو سائو نه ٿئي. هڪ دفعي اهڙي موقعي تي مون کلندي چيومانس:
    “داتڪ! تيادا ڪيريٽا ڪيريٽا. بوليح جالان.”
    (رستا سنسان لڳا پيا آهن، سگنل کي هڻ کڏ ۾!)
    “نه يار!” هن وراڻيو ۽ انگريزيءَ جو هڪ قول ورجايو:
    “law breaker is an accident maker.”
    سو انهن مثالن مان پڙهندڙ هنن ملڪن ۽ ماڻهن جي نفسيات، ڪلچر ۽ ترقيءَ جو اصل راز معلوم ڪري سگهي ٿو ـــ يعني قاعدي قانون جي عزت ڪرڻ، ۽ قاعدو قانون نه فقط غريب لاءِ پر امير ۽ حاڪم لاءِ پڻ آهي. ۽ سڀ کان وڌيڪَ ان کان ٻيو ڪهڙو مثال ٿي سگهي ٿو ته هڪ سلطان (سندس پٽ يا مائٽ به نه پر پاڻ خود) راند سيکاريندڙ ڪوچ کي ٿڦڙ هنئي ته ان تي به ڪورٽ ڪيس هليو!
    ملائيشيا جي هيءَ مئرين اڪيڊمي جنهن ۾ مون اٺ سال کن ڪم ڪيو، مغربي (ويسٽ) ملائيشيا ۾ آهي. ٿوري گهڻي چوري چڪاري يا ٻيا ڏوهه ته ملائيشيا ۾ ضرور آهن پر گهڻي ڀاڱي امن آهي. ان ڪري ڏينهن جو توڙي رات جو ننڍا وڏا، ويندي نوجوان ڇوڪريون ۽ ڌاريان ٽوئرسٽ نه فقط ملائيشيا جي هڪ شهر يا هڪ رياست کان ٻي رياست ۾ بس، ٽئڪسي ۽ ريل رستي ايندا ويندا رهن ٿا پر ملائيشيا جو ملڪ ٽپي هڪ پاسي ٿائلنڊ ته ٻئي پاسي سنگاپور کان وڃيو نڪرن.
    ملاڪا ۾ رهندڙ اسين پاڪستاني ۽ ٻين ملڪن جا نوڪريون ڪندڙ پڻ موڪل مطابق ويجھن يا ڏورانهن شهرن جو سير ڪندا رهياسين ٿي. گهڻو ڪري سڀ جهازي هئاسين، ان ڪري ڪيترا دفعا اڳهين هتي پنهنجن جهازن ذريعي اچي چڪا هئاسين. ان ڪري هتي جي شهرن، بندرگاهن ۽ سامونڊي گهٽ گهيڙن کان اڳ جا واقف هئاسين. آئون به ڪيترائي ڀيرا جهاز ذريعي ملائيشيا جي مختلف بندرگاهن ۾ اچي چڪو هوس۔ چين، جپان‏، هانگ ڪانگ، ڪوريا ويندي وقت به اهاني بهاني ڪارگو کڻڻ لاءِ، جهاز جي مرمت لاءِ يا جهاز جي انجڻ لاءِ تيل پاڻي کڻڻ لاءِ ملائيشيا جا بندرگاهه ۽ هتي جي ماحول، ماڻهن، موسم ۽ ويندي زبان کان ٿورو گهڻو اڳهين واقف هوس، ان ڪري جڏهن به موقعو مليو ٿي ته اڪيلي يا سنگت سان گهمڻ لاءِ نڪري پيس ٿي. ڌارئين ملڪ ۾ گهمڻ ڦرڻ جو مزو اڃان به وڌيڪَ رهي ٿو، جيڪڏهن توهان کي ان ملڪ جي زبان اچي وڃي، ان جو کاڌو پيتو پسند اچي وڃي ۽ مڪاني ماڻهن جي رسم رواج ۽ ڪلچر جي ڄاڻَ ٿي وڃي. هونءَ به چوندا آهن ته جنهن ملڪ ۾وڃجي اتي جي ماڻهن جي زبان، مذهب ۽ ڪلچر جي عزت ڪجي.
    جيسيتائين منهنجو ملائيشيا رهڻ ٿيو، تيسيتائين سنگاپور ۽ ٿائلنڊ وڃڻ لاءِ اسان پاڪستانين کي ويزا وٺڻ جي ضرورت نه پوندي هئي ۽ پوءِ آخري ڏينهن ۾ آهستي آهستي ٿي اسان ڌارين جي اچڻ وڃڻ تي ٿوريون گهڻيون سختيون شروع ٿي ويون ۽ هاڻ نه فقط سنگاپور ۽ ٿائلنڊ پر ملائيشيا وڃڻ لاءِ به ويزا اڳواٽ پنهنجي ملڪ مان وٺڻي پوي ٿي.
    ملائيشيا، انڊونيشيا، سنگاپور، ٿائلنڊ وغيره هن صديءَ جي اڌ تائين ڪي امير ملڪ نه هئا. پئسي دولت ۾ به غريب هئا ته ٽيڪنالاجيءَ ۾ به. انڊيا، پاڪستان جهڙا ملڪ هنن کان گهڻو اڳڀرا هئا. پر پوءِ قدرت جي مٿن ڪجهه مهرباني ٿي. ٽين ۽ تيل جهڙيون شيون کين ڌرتيءَ هيٺان ته رٻڙ ۽ پام جون پوکون ڌرتيءَ مٿان ملي ويون. پر انهن سڀني ڳالهين کان وڌيڪَ هنن ملڪن جي ترقيءَ ۾ هتي جي ماڻهن جو هٿ ۽ محنت آهي. وقتي کين ٿاٻا ايندا رهن ٿا پر هو وڃن پيا اڳتي نڪرندا ـــ هر فيلڊ، هر ڪم ۽ هر ڳالهه ۾.

    الطاف شيخ
    14 نومبر 1998ع
    ڪراچي


    مهاڳ

    سنڌيءَ ۾ چوندا آهن “جيترا منهن اوتريون ڳالهيون” سو ادب جي دنيا ۾ به ائين ٿيو آهي ۽ ٿيندو رهندو. ۽ ٿيڻ به کپي. ادب جي مختلف پهلوئن جي باري ۾ مختلف ڳالهيون چيون ۽ ڇپيون ويون آهن، پر انهيءَ حقيقت جي باوجود سڀني کنڊن جا ليکڪ هڪڙيءَ ڳالهه تي متفق آهن ـــ اها اِها آهي ته لکڻ واري جي پير ۾ جيسيتائين چڪر ناهي، جُتيءَ مٿان جُتي چڙهيل نه اٿس ۽ پنهنجي وت آهر رولڙا ڪري ڌڪا کائي دنيا جا رنگ نٿو ڏسي تيسيتائين سندس لکڻيءَ ۾ اُهو رس ۽ وس نٿو اچي، جنهن جي تخليق ۾ ضرورت آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته تخليقي توڙي تحقيقي ادبَ جون پاڙون پيرن جي نشانن ۽ ڦيٿن جي ليڪن مان ڦٽي ٿيون نڪرن. تخليقي ادب جون سڀ صنفون اڻ سڌيءَ طرح سفرناما آهن. سفر پير به ڪندا آهن ۽ دل به ڪندي آهي.
    انهن اڻ سڌيءَ طرح جي سفرنامن سان گڏوگڏ اڄڪلهه ٻين صنفن جي ڀيٽَ ۾ سڌيءَ طرح لکيل “سفرنامي” جي پاپيولرٽي وڌيڪَ ڏسڻ ۾ ٿي اچي ۽ بين الاقوامي سطح تي نظر ٿي اچي. دنيا جون وڏيون وڏيون اشاعتي ڪمپنيون اڄڪلهه جيترو سفرنامن، ڊائرين ۽ آتم ڪٿائن جي حاصل ڪرڻ پويان پيل آهن. اوترو ٻين صنفن پويان نه آهن. اها حقيقت ڪئٽلاگن مان پڌري پٽ نظر ٿي اچي.
    انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌيءَ ۾ الطاف شيخ جي سفرنامن کان اڳ به ۽ پوءِ به سٺا سٺا سفرناما لکيا ويا آهن پر سفرنامي جي صنف کي عوامي سطح تي مقبول بنائڻ ۾ الطاف جو وڏو هٿ رهيو آهي. ۽ امر جليل جي افسانن وانگيان انگريزي چوڻيءَ موجب تازن ۽ گرم ڪيڪن وانگر وڪاڻا آهن. يا ائين کڻي چئجي ته هٿو هٿ کڄاڻان آهن. ۽ عام ماڻهوءَ اڳيان پرديس جا ڪيئي معاملا ۽ مامرا سامهون آيا آهن. هوم سڪنيس جي مريض سنڌين کي ملڪ مان ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ ۾ الطاف جي اکرن جو به وڏو هٿ رهيو آهي.
    الطاف جي اڳين سفرنامن ۽ تازن سفرنامن ۾ فرق رڳو اهو رهجي ويو آهي ته اڳي الطاف جي جُتي جُتيءَ مٿان چڙهيل هُئي ۽ هو پاڻ سان گڏ پڙهندڙن کي به آواره گرديءَ ۾ وجھيو ويٺو هو ۽ هاڻي ملائيشيا ۾ کپ کوڙي ويهي رهيو آهي ۽ اتان جون ئي ڳالهيون پيو ٻُڌائي. هڪڙي ڪري مشاهدي جي لحاظ کان بهتر آهي ته هڪڙي ئي ملڪ کي ويهي غور سان ڏسي، پوءِ لکجي. اها بهتري سندس هن ڪتاب “جت جر وهي ٿو جال” ۾ به نظر ٿي اچي.
    مون الطاف جا سڀ سفرناما پڙهيا آهن ۽ پڙهندو اچان. انهيءَ ڪري کيس دعا ٿو ڪريان يا پِٽ ٿو هڻان ته کيس هاڻي ملائيشيا مان بدلي ڪري ڪنهن ٻئي ڏورانهين ملڪ ڏانهن موڪليو وڃي ته جيئن ٻين ملڪن جون ڳالهيون پڙهي سگهون.

    عبدالقادر جوڻيجو
    7 ــ آگسٽ 1988ع


    هڪ ڏينهنَ جي ڳالهه آ...

    سومر ڏينهن صبح جو چانهه پي گهران نڪتس. اڃا ملاڪا رياست ۾ ئي هوس ته وڏ ڦڙو شروع ٿي ويو. ملائيشيا جا رستا گهڻو ئي سٺا ۽ ڪشادا آهن،. پر ور وڪڙن ۽ مينهوڳيءَ ڪري گاڏيءَ جي رفتار گهٽائڻي پوي ٿي. سامهون ايندڙ گاڏين جو ايترو خوف نٿو رهي جو هتي هرڪو پنهنجي پاسي وارو اڌ رستو وٺي هلي ٿو پر بي پرواهه مينهن ڍڳين کي ڪهڙي خبر ته Right of the way ڪنهنجو آهي. جنهن وقت خيال اچين ٿو ٻيلي يا پوک مان نڪري رستو ٽپن ٿيون يا ماڳهين رستي تي هڪ هنڌ بيهيو رهن. ڪي ڪي علائقا ته مينهن جي آزار کان مشهور آهن. جيئن ملاڪا رياست ۾ لنگي ۽ رنتائو ڳوٺن جي وچ ۾ ـــ جتان لنگهي سريمبان پهچڻو هوم، ايتريون ته مينهيون نظر اچن ٿيون جو ڊرائيور کي خبردار ڪرڻ لاءِ ٽرئفڪ کاتي ڪيترن ئي هنڌن تي ٽڪنڊا بورڊ جنهن تي مينهن ٺهيل آهي، هڻي ڇڏيا آهن. جيئن پاڻ وٽ اسڪولن اڳيان ڪتابن واري ٿيلهي سان گڏ ٻار ڏيکاريل هوندو آهي ـــ معنيٰ ان هنڌ تان گاڏي خيال سان هلايو متان ڪو ٻار بي خياليءَ ۾ رستو ٽپي. بهرحال اسڪولن اڳيان ان قسم جي ٽرئفڪ نشاني ته سڄي دنيا ۾ عام آهي ۽ هتي ملائيشيا ۾ پڻ اها آهي. پر هيءَ مينهن يا ڍڳيءَ واري نشاني ڌارين ملڪن جي ماڻهن لاءِ ايتري ئي نرالي آهي، جيتري سعودي عرب ۽ بحرين پاسي رستي تي اٺ جي شڪل جي نشاني.
    هونءَ مينهن ته وري به سست جانور آهي. رستي جو هڪ حصو ولاريو بيٺي هوندي آهي ۽ توهان خيالَ سان گاڏي آهستي هلائي ٻيو پاسو وٺي هليا وڃو. يا ٿوري دير صبر ڪريو جيسين هوءَ رستو ٽپي وڃي. پر اٺ اهڙو جانور آهي جو ڪڏهن ته تمام سلڇڻو ثابت ٿئي ٿو ۽ پري کان ئي هارن ڏيڻ سان رستو ڇڏيو ڏئي يا ڪچي ۾ (واريءَ ۾) لهيو پوي پر ڪڏهن ڪڏهن همراهه هيڏانهن هوڏانهن لهڻ بدران وٺيو سڌو رُخ رکي. مجال آهي جو پڪو ڇڏي. هارن ڏيڻ سان ويتر نڪ سڌو رستي جو وچ ڏيئي ڀڄندو. (پنهنجي پر ۾ ته هو ضرور سياڻپ ڪندو هوندو.)
    پر انهن مڙني کان خطرناڪ هاٿي آهي، جنهن جو آزار وري سريلنڪا ۾ گهڻو آهي ـــ خاص ڪري ڪولمبو کان ڪئنڊي واري رستي تي . هاٿي ته ماڳهين وڙهڻ لاءِ آتو رهي ٿو ـــ چاهي توهان ڪار ۾ ئي ويٺا هجو. هڪ سلوني همراهه ٻڌايو ته سامهون هاٿي رستو روڪي بيهي ته نه ڪار جي انجڻ بند ڪجي نه دروازو کولي ٻاهر نڪرجي. گاڏي نيوٽرل گيئر ۾ وجھي هڪ ته ائڪسليٽر کي دٻائي رکجي جيئن انجڻ جي گڙ گڙ گهڻي ٿئي. ٻيو هارن مٿان هارن ڏجي. اهوئي هڪ طريقو آهي هاٿيءَ مان جان ڇڏائڻ جو. انجڻ جي ڌڌڪي ۽ هارن جي آواز کان هاٿي شايد ڊڄيو وڃي. ريل گاڏيءَ سان سندس اڪثر مهاڏو ٿيندو رهي ٿو. سريلنڪا ۾ ريل جي رات واري سفر ۾ ريل جو اوچتو بيهي رهڻ هڪ تمام عام ڳالهه آهي. ان جو سبب گهڻو ڪري سامهون ايندڙ هاٿيءَ سان ٽڪر هوندو آهي.
    رستي تي ٽرئفڪ نشاني ۾ مينهن، اُٺ يا هاٿي ڏيکاريل معنيٰ اُهي جانور رستو ٽپي رهيا آهن. پر جي ڏيڏر مٿان ڏيڏر ڏيکاريل هجي ته پوءِ؟”
    نيدر لئنڊ (هالينڊ) ۾ گائونزئينرين (Geo-Xuenren) نالي علائقي مان لنگهندي اها مٿين نشاني نظر اچي ٿي. جيڪا ڏيڏرن جي بچاءَ لاءِ لڳائي ويئي آهي، جيئن انَ هنڌ تان ڪار وغيره خيال سان هلائي وڃي. ان هنڌ تي رستي جي هڪ پاسي، دلدلي علائقي مان هر سال هزارين ڏيڏر پنهنجن جوڙيوالن سان ملڻ ۽ ٻچا ڏيڻ لاءِ رستو ٽپي ٻئي پاسي ويندا آهن. ڏيڏر جون ٽنگون يورپ پاسي جا ماڻهو شوقَ سان کائين ٿا ۽ ان پاسي جي هر ملڪ جي حڪومت ڏيڏرن جي بچاءَ ۽ وڌڻ ويجهڻ لاءِ ايتري ئي ڪوشش ڪري ٿي، جيتري اسان وٽ تتر ڦاڙهي لاءِ ٿئي ٿي.
    نه مينهن بند ٿيو ٿي ۽ نه وري جھڪو ٿيو ٿي. سوچيو هوم ته ڪوالالمپور پهچي نيرن ۽ منجھند جي هڪ ئي ماني کائيندس. پر مينهن جي ڪري ٿيل ٿڌڪار به هيڪاندي بک وڌائي. منهنجي پاڙي ۾ رهندڙ سريلنڪا جي ڪئپٽن مانيڪ تازو سنگاپور کان نئين خريد ڪيل ڪئميرا ـــ بقول سندس بلڪل آٽوميٽڪ، ٽراءِ ڪرڻ لاءِ مونکي ڏني هئي. ٽي ڏينهن موڪل هئي سو ڪوالالمپور جو چڪر هڻڻ ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارن سان ملي يادگار تصويرون ڪڍڻ چاهيم ٿي. جيتوڻيڪ ڪوالالمپور سوير پهچڻ جي ارادي سان گهران جلدي نڪتو هوس، پر هاڻ مينهن اها جلدي واري ڪسر ڪڍي ڇڏي. لبوق چينا (Lubok - Cina) ڳوٺ مان لنگهڻ وقت رستي تي هڪ انڊين هوٽل وٽ ڪار بيهاري نيرن لاءِ اندر گهڙيس. هوٽل جي ٻمڀ وٽ ئي هڪ تامل همراهه تيل هاڻي اڇي گوڏ ۽ گنجيءَ ۾ وڏي تئي تي مئدي جا اڦراٽا پچائي رهيو هو. ملائيشيا دنيا جي انهن چند ملڪن مان آهي جتي پرديسيءَ کي مانيءَ جو مسئلو درپيش نٿو اچي. ڳوٺن توڙي شهرن ۾ چيني، ملئي توڙي انڊين نيرن تي هي ٽيهن سينٽن جو اڦراٽو Roti - Cinai وٺي کائين، جنهن سان دال جو ڇڍڙو ٻوڙ مفت ملي يا ساڳين پئسن ۾ Nasi – Lemak (ناريل جي کير ۾ رڌل چانور ۽ پاسي کان رکيل ننڍن مڇين جو ٻوڙ (Sambal وٺي کائين.
    هيءَ هڪ ڏکڻ هندستانيءَ جي “فئملي هوٽل” هئي. مادري زبان مليالم هئس پر هوٽل تي ٻين انڊين گراهڪن سان تامل ڳالهائي رهيو هو. فئملي هوٽل معنيٰ هوٽل سان ئي لاڳو گهر جو هجڻ. پوءِ ڪي گهر پٺيان ٿين ته ڪي مٿي ماڙيءَ تي. اهڙين هوٽلن يا دڪانن ۾ گهر جا مڙيئي ڀاتي ـــ ڀائر ڀينرون ماءُ پيءُ سميت ڪم ڪن. پوءِ پنهنجي ڏانءَ، هنر، همت ۽ عمر آهر ڪو ڪهڙو ڪم ڪري ته ڪو ڪهڙو. هن هوٽل تي به ڪو اڦراٽا پچائي رهيو هو ته ڪو ٿانوَ ڌوئي رهيو هو. ڪو منجھند جي ٻوڙ لاءِ بصر وڍي رهيو هو ته ڪو هتي جي مشهور چانهه (Teh – Tarik) ٺاهي رهيو هو.
    ٽيهه سينٽن جي اڦراٽي ۽ چانهه جي ڪوپَ سان نيرن ڪري موسم جو جائزو ورتم. مينهن اڃا جھڪو نه ٿيو هو. سڄو اُڀ لس ئي لس ٿيو پيو هو. رکي رکي کنوڻ جي چمڪاٽ سان گڏ گوڙ جو به ٺڪاءُ ٿيو ٿي. مون چوڌاري ويٺلن جو جائزو ورتو. هڪ ٻه ڄڻو مون وانگر نيرن ڪري مينهن جي بند ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو هو. ميز تي رکيل تامل ۽ انگريزي اخبارن مان هتي جي مشهور انگريزي اخبار New Strait Times کڻي مون صفحا اٿلائڻ شروع ڪيا. ورلڊ نيوز واري صفحي تي پاڪستان جي خبر منهنجو ڌيان ڇڪايو.
    “Taking Stock of Death and Destruction”
    جرمن خبر رسان ايجنسي رائيٽر جي حوالي سان ٻه ڪالمي خبر ڏنل هئي. ڪراچيءَ جي اورنگي ۽ ٻين هنڌن تي پيش آيل شهري خونريز هنگامن جي چار ڪالمي خبر Karachi Toll Rises عنوان سان هڪ ڏينهن اڳ به اچي چڪي هئي. انهن خبرن جي ڀر ۾، هندستان جي پنجاب صوبي ۾ سکن جي فسادن ۽ دهليءَ ۾ هندن ۽ مسلمانن جي جھڳڙن جون خبرون هيون. تازو گذريل رات RTM (ٽي وي ملائيشيا) تان پڻ انهن مڙني هنگامن جون خبرن سان گڏ تازيون ڪڍيل فلمون پڻ ڏيکاريون ويون هيون. منهنجي ڀر ۾ ويٺل وڏي عمر جي تامل مونکي ڪا دير ان ساڳي صفحي کي چتائي نهاريندو ڏسي چيو:
    “ڪيترا هنگاما پنهنجي وطن ۾ ٿيندا رهن ٿا. هر وقت هنگاما.”
    هن مونکي انڊين سمجھيو ۽ اهو پڻ ته آئون انڊيا جي ئي هنگامن جون خبرون پڙهي رهيو آهيان. مون ڪنڌ مٿي کڻڻ بنائي کيس سندس انگريزيءَ ۾ ڪيل سوال جي جواب ۾ مرڻينگ آوازَ سان “Yes” چيو.
    “ڏسو هتي ملائيشيا ۾ ڪيتريون قومون رهن ٿيون. چيني، ملئي ۽ پاڻ انڊين. ۽ انهن ۾ به پنهنجا پنهنجا مذهب ۽ زبانون آهن. پر سڀ سک شانت ۾ رهيا پيا آهن. هڪ پنهنجو ملڪ هندستان آهي جنهن ۾ هندو مسلمان گڏ نٿا رهيو سگهن. سک هندو صلح نٿا ڪريو سگهن. هر وقت هنگامو! ڪيڏي افسوسَ جي ڳالهه آهي. هتي جا ماڻهو اهو ئي پڇندا رهن ٿا. شرم کان پاڻ کين ڇا جواب ڏيون.....”
    هو ڳالهائيندو رهيو..... پرديس ۾ پنهنجي ملڪَ جي بدنامي پنهنجي گهر جي گهٽتائي برابر لڳي ٿي. سندس ڏاڏي اڄ کان سٺ سال کن اڳ مدراس (هندستان) کي خيرآباد چئي هي نئون ملڪ اچي وسايو هو. پنهنجي ديس جي ڏکين ڏينهن ۽ بيروزگاريءَ سندس ۽ سندس گهر جي ڀاتين جو جيئڻ جنجال ڪري رکيو هو. پنهنجي ملڪ جڏهن کيس پنهنجو رکڻ نه چاهيو ته ملائيشيا جي مڇرن وارن گهاٽن جهنگلن ۾ هن اچي سخت پورهيو ڪيو. اڄ هي منهنجي ڀر ۾ ويٺل سندس پوٽو جيڪو قوميت، پاسپورٽ يا شهريت جي لحاظَ کان جيتوڻيڪ ملائيشين آهي پر پنهنجن وڏن جي ملڪ هندستان جي بدناميءَ کي پنهنجو سمجھي شرمندگي محسوس ڪري ٿو ـــ ان ملڪَ لاءِ جنهن سان هن جو هاڻ ڪو به واسطو ناهي. ان ملڪ لاءِ جيڪو هن ڪڏهن ڏٺو به ناهي رڳو وڏن کان ان بابت ٻڌو آهي. ان ملڪ جي ٿوڙي گهٽتائي به کيس ڏکوئي ٿي جو هو ان ملڪ جي نالي سان هتي ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. اتي مون جهڙن جو جنهن جي نه فقط وڏن جو پر ايندڙ ٽهي جو پڻ ان ملڪ (پاڪستان) سان واسطو آهي، پنهنجي ان وطن بابت پرديس ۾ هن قسم جون خبرون پڙهي ڪيترو ڏک، صدمو، شرم ۽ ندامت محسوس ٿيندي هوندي. شايد اهوئي سبب هو جو آئون ڀر ۾ ويٺل تامل هندوءَ کي اهو به ٻڌائي نه سگهيس ته آئون انڊين نه پر پاڪستاني آهيان ۽ مون هندستان جي نه پر پاڪستان جي خبر پئي پڙهي. جيڪا ان کان به وڌيڪَ اسان جي وحشي پڻي جو ثبوت ڏئي ٿي. مون هڪ دفعو وري خبر ڏي نهار ڪئي. شهر ۾ رهندڙ ٻن گروپن گهرن ۽ دڪانن کي ڏنل باهه ۾ هڪ ٻئي جا ماڻهو اڇلي کين جيئري ساڙيو. ان خبر جي هڪ پئراگراف کي مون هڪ دفعو وري پڙهيو:
    ” The death toll climbed as charred bodies were brought on polythene bags from burnt - our buildings in the ravaged Orangi town area, scene or worst violence“
    وڌيڪ پڙهڻ بند ڪري ڀر ۾ ويٺل تامل همراهه ڏي وري نهاريم. هو هاڻ تامل اخبار جا صفحا اٿلائي رهيو هو. مونکي لڳو ته هو انڊيا ۾ ٿيندڙ هنگامن ۾ ئي منجھيل آهي. ڪنهن ريت هن کي پاڪستان جي تازن هنگامن جي خبر نه پئي پيئي يا ٿي سگهي ٿو هجيس به. ۽ جي کيس لڳي ها ته آئون پاڪستاني آهيان ته ضرور پڇي ها. بهرحال مون پنهنجي طرفان کيس ٻڌائڻ نٿي چاهيو جو ڊنس ٿي ته ڪٿي هو هن قسم جو سوال نه ڪري وجھي: “توهان جي ملڪ ۾ ته مڙيئي مسلمان آهن، پوءِ اهي ڇو وڙهي رهيا آهن؟ اسلام ته امن ۽ سلامتيءَ لاءِ چوي ٿو.” مون ان قسم جي بحث يا ڳالهه ٻولهه کان هن وقت پري ڀڄڻ چاهيو ٿي جو ان قسم جي تجربي مان گذرندي مون کي اڃا چوويهه ڪلاڪ به نه ٿيا هئا. ٿئي هينئن ٿو جو ملڪ ۾ ڪا سٺي ڳالهه ٿئي ٿي ته پرديس ۾ رهندڙ ان ملڪ جا ماڻهو فخر ۽ خوشي محسوس ڪن ٿا. ساڳي وقت خراب ڳالهه انهن لاءِ شرم ۽ ندامت جو سبب بڻجي ٿي. ڪراچيءَ ۾ پيش آيل تازو هن قسم جي انساني ڪوس ۽ ٻارن عوررتن سميت شهرين جي قتل عام جو مثال اڄ جي تواريخ ۾ ڪو ورلي ملندو. اڄ جي ماڊرن دنيا ۾ جڏهن انسان جانورن تي ٿيندڙ ظلمن تي رڙ ڪري ٿو اتي هي ڪراچيءَ جو قبضو پنهنجي نوعيت جو پهريون مثال آهي. اورنگي علائقي جا وحشي نظارا هتي جي ٽي ويءَ تي ڏسي هر هڪ ڏندين آڱرين ڏنيون ٿي ۽ اسان کان زبان يا اکين اکين ۾ سوال پڇيو ٿي ته ڇا هينئن به ٿي سگهي ٿو. گذريل ٻن ٽن ڏينهن کان جڏهن ڪراچيءَ جا هي هنگاما شروع ٿيا آهن ۽ سندن خبرون ٽي وي ۽ ريڊيو تان جھنگ جي باهه وانگر سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويون آهن، ڪنهن جي آڏو ايندي شرم ٿئي ٿو.
    گذريل ڏينهن ملاڪا ۾ ڪا ائڊريس معلوم ڪري رهيو هوس. ڪئٿي سئنيما جي ڀر ۾ هڪ چانهه جي اسٽالَ وٽ پنهنجي ملڪ جي مهانڊي واري همراهه کي ڏٺم جيڪو چانهه به پي رهيو هو ته ٽن چئن ٻين انڊين ۽ ملئي همراهن سان خبرچار به ڪري رهيو هو. عمر ۾ پنجاهه کان مٿي مٿي ۽ مڇن جا وارَ چانديءَ جهڙا اڇا ۽ گهاٽا. سنهو ۽ چست جسم. آواز کڙو تڙو. سندس ويجھو پهچي انگريزيءَ ۾ گهربل ائڊريس جو ڏس پڇيومانس. هو جواب ڏيڻ بدران مونکي گهوري ڏسڻ لڳو. جڏهن ڪا گهڙي جواب نه ڏنائين ۽ مونکي چتائي ڏسندو رهيو ته اهو محسوس ڪري ته شايد هو مون کي پاڪستاني سمجھڻ بابت سوچي رهيو آهي ــــ جيڪو واقعي هو سوچي رهيو هو ۽ سڃاڻي پڻ ويو ــــ مون هجائتو ٿي پڇيومانس:
    “Are you Pakistani?”
    پر جواب ۾ هو ورري ڪجهه نه ڪڇيو. ان تي وري ٻيو دفعو جڏهن مون کانئس پڇيو ته ڪاوڙ مان وراڻيائين:
    “No Sir! I am not a Pakistani.”
    ڏاڍو شڪي ٿيس ۽ دل ئي دل ۾ پشيمان پڻ ته اهڙو سوال ڇو ڪيومانس. هو مونکي پنهنجو سمجھي ئي نٿو، وتان آئون هجائتو ٿيندو. پر شرم کي پرچائڻ لاءِ وري چيومانس:
    “منهنجو مطلب آهي ته هينئر کڻي توهان ملائيشيا جا شهري آهيو پر شايد توهان جا وڏا پاڪستان کان آيل هجن جو توهان جي منهن جا نقشا پاڪستانين جهڙا لڳي رهيا آهن.”
    “نو سر!” هن وري ٽوڪ ۽ ڪاوڙ مان چيو، “آئون نه پاڪستاني آهيان ۽ نه وري پاڪستان سان ڪو واسطو ئي اٿم.”
    آئون چپ ٿي ويس. ڦڪي مرڪ آڻڻ لاءِ ٿورا ڏند ضرور ڪڍيم جو جهيڙي بدران پنهنجي جان آزاد ڪرائڻ چاهيم ٿي. پر اهو ضرور آهي ته سندس ڪاوڙ واري لهجي ۾ ڏک پڻ صاف ظاهر ٿي رهيو هو. ٿي سگهي ٿو پاڪستان جي حالتن هن کي ڏکويو هجي ۽ سندس ڀرم ۽ فخر کي ڇيهو رسيو هجي. ۽ پوءِ خبر پيئي ته ڳالهه به ائين هئي. اڳتي هلي سندس ڀائيٽي ان بابت ٻڌايو. پر پاڻ ان وقت ڪاوڙ ڪڍڻ بعد ڪجهه ٿڌائيءَ مان پڇيو:
    “توهان پاڪستان کان اچو پيا؟”
    “هائو. پر هن وقت ملائيشيا جي مئرين اڪيڊميءَ ۾ ٽن سالن کان انجنيئرنگ جا سبجيڪيٽَ پڙهائي رهيو آهيان. ماستر آهيان.”
    منهنجي ان چوڻ تي هن ۾ وڌيڪ ٿڌاڻ آئي. نه ته پهرين ائين پئي لڳو ڄڻ آئون کيسو ڪترڻ جو بهانو ڪري ڳوٺ پهچڻ لاءِ ڀاڙي جي گهر ڪرڻ وارو هجانس ۽ هو منهنجي ڳالهه ٻڌڻ بنا چوڻ چاهيندو هجي: هل هل. هرڪو اهو بهانو ڪندو ڀڳو اچي.
    ان احساسَ جي اڳتي هلي پڪ به ٿيم جڏهن گهربل ائڊريس جو ڏس ٻڌائڻ لاءِ سندس چوڻ تي سندس ڀائيٽيو مون سان گڏ ڪار ۾ هليو. ويهه ايڪيهه ورهين جي نوجوان ڇوڪري ڪار ۾ ويهڻ سان چيو:
    “سائين چاچي جي ڪاوڙ جو دل ۾ نه ڪجو. هو واقعي ان ملڪ جو آهي جنهن جو توهان ذڪر ڪيو. يعني پاڪستان جو. اسان جو پڙ ڏاڏو پاڪسان کان هتي آيو هو. مونکي ته ته پاڪستاني ٻولي نٿي اچي پر اسان جو چاچو اڙدو ۽ پنجابي سٺي ڳالهائي ٿو.”
    “ها مونکي به لڳو. ڇو جو سندس نڪ نقشا ملئي ماڻهن جا نه آهن.” مون جھيڻي آواز ۾ ڳالهايو، “ڇا ڪندو آهي، تنهنجو چاچو؟”
    “اليڪٽرڪ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪندو آهي. ان ڪري سڄي شهر کي سڃاڻي. هينئر رٽائرڊ ٿي چڪو آهي. تمام سوشل ماڻهو آهي. هر هڪ جي مدد ڪندو رهي ٿو.”
    “پر پاڪستانين تي ڏاڍي چڙ اٿس.” مون چيومانس.
    “نه سائين اها ڳالهه ناهي. پاڪستان ۽ اتان جي ماڻهن لاءِ ته پيار ئي پيار اٿس. پاڻ پاڪستان ڏٺو به نه اٿس. ڄائو نپنو به هتي آهي پر پنهنجن ملئي ۽ چيني دوستن سان پاڪستان جون ساراهون ڪندي ڍاپندو ناهي. ڪو به پاڪستاني ايندو آهي ته پهچ سارو ان جي مدد ڪندو آهي. پر تازو ڪجهه آيل همراهن ــــ جن جي پاڻ مدد ڪيائين ۽ پاڻ وٽ گهر ۾ به ٽڪائين، آخري وقت سندس ئي چوري ڪري هليا ويا. ويتر وري اڄڪلهه هي هنگامن جون خبرون ٻڌيون اٿس ته موڊ آف ٿي رهيس. جن سان هن پاڪستان جون تعريفون ڪيون هيون، اهي اچي منهن ۾ اهائي ڳالهه ڏينس ٿا ته هي آهي تنهنجي وڏن جو ملڪ جتي چرس ۽ هيروئن جو ڪاروبار هلي ٿو. هيءَ آهي اها مثالي مسلمان رياست جتي چئن خليفن جي ڏينهن واري حڪومت ڏسڻ جا فقط سپنا ڏيکاريا پيا وڃن ۽ حقيقت ۾ مسلمان مسلمان کي عام رستي تي ويٺو ڪهي، جنهن جي وهندڙ رت ۾ ناليون ڳاڙهيون ٿي ويون آهن.
    “گذريل ٻن تن ڏينهن کان پاڪستان جون خبرون پڙهي نه فقط چاچو پر اسان جو سڄو گهر پريشان آهي. جيتوڻيڪ اسان جو نه ڪو مٽ مائٽ پاڪستان ۾ آهي ۽ نه وري اسان ڪا پاڪستاني قوميت رکون ٿا پر ڇا ڪريون اسان جون پاڙون ته ان ملڪ ۾ کتل آهن. سڃاڻپ ته ان ملڪ جي نالي سان ٿئي ٿي. ان ڪري پاڪستان ۾ ٿيندڙ هنن ڳالهين جو ٻڌي ٻڏيو وڃون. هتي جا ماڻهو دل ئي دل ۾ اسان کي ٿُڪ بُجو ڪن ٿا ته اجھي توهان اهڙا آهيو. توهان جو بڻ بنياد ههڙو ويل آهي.”
    مون دل ۾ سوچيو ته هي ته وري به هتي جا ٿي ويا. ڪنڊ پاسي ۾ رهن ٿا. وڏن عهدن تي آهن. کين ٽوڪڻ لڄائڻ وارا ايترا نه آهن. پر ملڪ ۾ ٿيندڙ ههڙين بدنامين بعد انهن هزارين غريب مزورن ۽ پورهتين جو ڇا حال ٿيندو هوندو، جيڪي عرب ۽ يورپ جي ملڪن ۾ ننڍين نوڪرين ۾ آهن، کين ايندي ويندي سندن صاحب آفيسر ۽ ٻين ملڪن جا ساٿي مزور ڇا ڇا ته ٽوڪيندا هوندا. پرديسَ ۾ ملڪ جي بدناميءَ جون چٿرون ۽ ٽوڪون هڪ حساس ماڻهوءَ لاءِ، عربستان جي تپندڙ واري ۽ يورپ جي ڏڪائيندڙ سرديءَ کان يقينن وڌيڪَ عذاب رسائيندڙ آهن.
    بارش اڃا بند ٿيڻ جو نالو نه پئي ورتو. مينهن شروع ٿيڻ مهل جيڪا ٿڌڪار ٿي هئي سا وري گُهٽَ ۾ بدلجڻ لڳي. مانيءَ جا پئسا دخل تي ويٺل عورت کي ڏيئي، پراڻي اخبار مٿي تي رکي مينهن ۾ گاڏيءَ ڏي ڊوڙيس. هوٽل جي ڪامَ ۾ ويٺل ڪبوترن جو جوڙو، منهنجي اوچتي ڊوڙڻ تي ڊڄي، ڦڙڪو کائي ٻاهر نڪتو. رستي مٿان ئي ڦيرو کائي هو وري اندر وڃي ويٺا. مون گاڏي اسٽارٽ ڪئي، لبوق چينا جي ٿاڻي وٽان کاٻي مڙي، نديءَ تي ٺهيل ڪاٺَ جي پل ٽپي اڳتي وڌيس. مينهن جي شپڪي ۽ کنوڻ جي ٺڪاءَ کان ڌيان هٽائڻ لاءِ ريڊيو کوليو آواز سندس مٿاهون ڪيم. ڪا انڊونيشي ڇوڪري ملئي گانو ڳائي رهي هئي:
    Engkau berjanji
    Hanya aku ang kau nanti
    Tapi kini semunaya
    Hanya mimpi
    Sedih hatiku kerana
    Sijantung hati
    Ho ho sijantung hati!
    تو مونسان اهو ئي اقرار ڪيو هو
    ته آئون ئي اها آهيان جنهن جو تون منتظر آهين
    پر هاڻ سڀوئي ڪجهه
    فقط خواب لڳي ٿو
    منهنجي دل جي ڏک جو ڪارڻ
    توسان منهنجي دل هئي. او منهنجا مٺا! منهنجي توسان دل هئي!
    مون ريڊيو جي سئي گهمائي ريڊيو ملائيشيا جي FM اسٽيشن تي رکي. ڪا نئين ملئي ڳائڻي ملئي زبان (بهاسا ملائيشيا) ۾ ڳائي رهي هئي:
    Apakah rindu ini
    Masih Lagi di hati
    Tidak kah kau merasa Simpati
    Daku terbiar sendiri
    Apakah di hatimu
    Ada pengganti ku…..
    ملئي زبانَ ۾ سڪ، يار يا ياد کي رندو Rindu چئجي ٿو. آپا معنيٰ ڇا پر وڌيڪ سوالي بنائڻ لاءِ Kah ڳنڍيو وڃي ٿو. ۽ Ini معنيٰ هيءَ. Di معنيٰ ۾ ۽ هاتي معنيٰ دل Masih lagi معنيٰ اڃا آهي.
    هيءَ ڪهڙي سِڪَ اهي
    جيڪا اڃا تائين منهنجي دل ۾ موجود آهي.
    ڇا توکي ذرو برابر به مونسان همدردي نٿي ٿئي.
    آئون پنهنجو پاڻَ کي نڌڻڪو (ڌڪاريل) سمجھي رهي آهيان.
    لڳي ٿو ته تنهنجو ڪنهن ٻيءَ سان پيار ٿي ويو آهي....
    وغيره وغيره

    مون ريڊيو جو آواز اڃان به مٿي ڪيو. پر منهنجو من گانو ٻڌڻ بدران مون تي ٺٺولي ڪري رهيو هو ته مون ريڊيو کنوڻ جي ٺڪائن کان ڌيان هٽائڻ لاءِ نه وڄايو آهي پر ٿوري دير اڳ اخبار ۾ پنهنجي ملڪ ۾ ٿيندڙ ڏکوئيندڙ حالتن جي خبر پڙهي ۽ تامل هندوءَ جي ڳالهه ٻڌڻ بعد پيدا ٿيل مونجھ مٽائڻ لاءِ وڄايو آهي،. جيڪو مونجهه انڊونيشي ۽ ملئي ڳائڻين جي غم ۽ جدائي جي گانن ٻڌڻ بعد به لهي نه سگهي. رستي تي لنگي ڳوٺ آيو. ان بعد Rantau (رنتائو) ڳوٺ.
    نگري سمبيلان رياست جي پهرين منتري بسار ـــــ وڏي وزير ـــــ تان سري ڊاڪٽر محمد سعيد جو ڳوٺ Linggi آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ سندس ڪتاب Memoirs of Mentri Besar پڙهي ساڻس ملڻ لاءِ هتي لنگي ڳوٺ ۾ آيو هوس. پر پوءِ خبر پيئي ته پاڻ ٿورو اڳيان سريمبان شهر ۾ رهي ٿو. شهر جي محل محلاتن کان پري هڪ ڪاٺاڻين گهر ۾ هيڏو وڏو ماڻهو پينشن جي پئسن تي سادگيءَ جي زندگي گذاريندڙ دنيا جي ماڻهن لاءِ مثالي شخصيت آهي.
    تان سري ڊاڪٽر محمد سعيد 1907ع ۾ لنگي ڳوٺ ۾ ڄائو. پاڻ هن رياست ـــــ نيگري سمبيلان جو پهريون ملئي مسلمان هو. جنهن سنگاپور جي ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس ڪئي ۽ پوءِ وڌيڪَ تعليم لنڊن يونيورسـٽي جي اسڪول آف ٽراپيڪل ميڊيسن ۽ چائلنـڊ هيلٿ مان ورتي ۽ چوٿو صدي کن سرڪاري ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ ملائيشيا جي پيڪان ۽ سريمبان شهرن ۾ نوڪري ڪئي. 1955ع ۾ رٽائرڊ ٿي سياست ۾ حصو ورتو. ۽ 1959ع ۽ 1964ع جي اليڪشن ۾ بنا مقابلي ڪامياب ٿيو ۽ نگري سمبيلان رياست جو پهريون منتري بسار (وڏو وزير) ٿي رهيو.
    تان سري ڊاڪٽر محمد سعيد انهن نيڪ ماڻهن مان آهي جن وڏي عهدي مان فائدو نه ورتو. مذهب کي Exploit نه ڪيو ۽ ملڪ کي لٽڻ بدران ملڪ، قوم ۽ مذهب جي نيڪ نيتيءَ سان خدمت ڪئي ۽ غريبن، ضرورتمندن کي پنهنجي گهرون ۽ هڙون گهڻي کان گهڻو ڏنو. سندس سادي رهڻي ڪهڻي ۽ زندگي بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون سندس ڪتابَ مان ۽ ماڻهن جي واتان ٻڌم. سندس گهر جڏهن پهتس ته پاڻ پنهنجي ڳوٺاڻي گهر ـــــ جيڪو ڪاٺ جي پاين تي ٺهيل ٿئي، هيٺ لهي مونکي وٺڻ آيو. ساڄي پاسي ڪڪڙين ۽ سهن جو ڄاريءَ وارو ننڍڙو گهر هو. “وندر جي گهڙين ۾ پنهنجيون يادگيرون لکان يا ڪڪڙين جي نگهباني ڪريان.” پاڻ کلي ٻڌائين. پاڻ مونکي پنهنجي ٻئي ڪتابَ جو مواد ۽ ان ۾ لکيل ڪجهه اهم ڳالهين بابت ٻڌايو، جيڪي يقيناً اڄ جي نه فقط ملئي نوجوان لاءِ پر دنيا جي هر هڪ ملڪ جي نوجوان لاءِ نيڪ راهه ثابت ٿي سگهن ٿيون. ههڙن ماڻهن سان ملي هر وقت اهو ڌيان ۾ اچي ٿو ته ڪيڏا وڏا وڏا ماڻهو پر ڪيڏي سندن سادي رهائش ۽ اٿڻي ويهڻي آهي. نه ٺٺ نه ٺانگر. نه ٽيڙي نه وڏائي. شوق ۽ سڌ فقط اها ته ملڪ ترقي ڪري. سندن ڌرتي ۽ ان جا رهواسي خوشحال رهن. ۽ ان پٺيان جند جان هر وقت نڇاور ڪرڻ لاءِ تيار. ڪردار ايڏو بي داغ جو دشمن به واکاڻ ڪن. ۽ هيءَ ڪهاڻي نه فقط هن ملڪ جي تان سري ڊاڪٽر محمد سعيد جي آهي پر تنڪو عبدالرحمان ۽ تن رزاق کان وٺي اڄ جي ڪيترن ئي سياستدانن، سرڪاري عملدارن ۽ هتي جي عام ماڻهن جي آهي. ملائيشيا ان ڳالهه ۾ خوشنصيب رهيو آهي جو شروع کان هن کي سٺا حاڪم، سٺا سياستدان ۽ سٺا ڪامورا مليا آهن. نه ته مال ملڪيت، تيل کاڻيون، ٻنيون ٻيلا ته انڊونيشيا، ڪمپوچيا، ٿائلنڊ کان ارجنٽائين، چلي، بوليويا تائين ٽين دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آهن. فقط مالي ملڪيت ۽ شين سان ملڪ ترقي نٿا ڪن. انهن پٺيان حاڪم توڙي عوام جي نيڪ نيتي ۽ سچائي هجڻ به ضروري آهي.
    لنگي، رنتائو ڳوٺن بعد سريمبان شهر آيو، جتان پوءِ سڌو ڪوالالمپور جو رُخ رکيم. صبح کان وسندڙ مينهن ۾ هاڻ ٺاپر اچي رهي هئي. لڳو ٿي اڳيان ڪوالالمپور ڏي مينهن ناهي. سريمبان کان ڪوالالمپور تائين فيڊرل هاءِ وي ستر ڪلوميٽر کن آهي. رستي تي ٻه دفعا Toll Tax ڏيڻو پوي ٿو. پهرين دفعو هڪ ڊالر ۽ ٻيو دفعو اڌ ڊالر. هي نئون رستو آهي جيئن حيدرآباد کان ڪراچي. هن کان علاوه ٻيا پراڻا رستا پڻ آهن، جيڪي مختلف ڳوٺن منتن، ڪجانگ وغيره مان ڦرندا ڪوالالمپور پهچن ٿا، جيئن پاڻ وٽ ٻيو رستو جهرڪن، ٺٽي گهاري کان ڦرندو وڃي ٿو. ملائيشيا جابلو ملڪ آهي. گذريل پنجن ڇهن سالن کان هتي جي حڪومت رستن تي چڱو خرچ ڪيو آهي. جبلن کي ٽڪي يا سرنگون ٺاهي مختلف ڳوٺن ۽ رياستن کي نه فقط ملائڻ لاءِ نوان رستا ٺاهيا ويا آهن پر هن قسم جا ويڪرا هاءِ وي ٺاهي گاڏيون هلائيندڙن جي وقت ۽ پيٽرول جو پڻ بچاءُ ڪيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هتي پڻ آمريڪا وانگر اهڙن نون ۽ سهوليت وارن رستن تان هلڻ لاءِ جتي ڪٿي رستي جو ٽال ٽئڪس ڊالر اڌ ڏيڻو پوي ٿو ـــــ جيئن ان رستي جو خرچ نڪري ۽ ٻيا رستا پڻ ٺاهيا وڃن. هن قسم جو جتي ڪٿي ٽئڪس اوڳاڙڻ تي، هتي جي عوام اخبار ذريعي سوال بازي پڻ ڪئي هئي، جنهن جي جواب ۾ هتي جي ڪمن جي وزير داتڪ سئمي ويلوءَ سمجهايو ته اسان جهڙن ملڪن جي ترقيءَ لاءِ ائين ڪرڻ ضروري آهي. ۽ اهو ٽئڪس سندس پاران نه پر حڪومت پاران آهي. يعني پرائيم منسٽر جي موڪل سان آهي. ان تي ٻئي ڏينهن هتي جي اخبار ۾ لات نالي هڪ ڪارٽونسٽ هڪ دلچسپ ڪارٽون ڏنو هو ته مٿيون وزير Datuk Samy Velu گهر پهچڻ تي ڏسي ٿو ته سندس گهر اڳيان، گهر ۾ اندر گهڙڻ لاءِ رستي جو ٽئڪس اوڳاڙڻ وارا ڪاٺ جي آفيس ٺاهيو ويٺا آهن. ڪاوڙ مان کانئن پڇي ٿو: “منهنجي گهر ۾ وڃڻ لاءِ مونکان ٽئڪس اوڳاڙڻ لاءِ توهان کي ڪنهن چيو آهي؟”
    “پرائيم منسٽر.” هنن ٺهه پهه جواب ڏنس.
    پوري ڏهين بجي ڌارين ڪوالالمپور شهر ۾ گهڙيس. اڌ شهر کي گهيرو ڪندڙ رستو جالان تن رزاق (جيڪو انگريزن جي ڏينهن ۾ Pekliling Road سڏبو هو.) وٺي کاٻي پاسي ائمپنگ روڊ تي مڙيس. ائنپنگ روڊ تي نه فقط پاڪستان ايمبسي آهي پر پي آءِ اي جي آفيس پڻ آهي. هڪ ٻئي جي ايترو ويجھيون آهن جو پنڌ اچي وڃي سگهجي ٿو. مونکي ٻنهي هنڌ وڃڻو هو. ايمبسيءَ ۾ پاڪستان جي سفير سيد عظمت حسن ۽ قانصلر مس فوزيه نسرين سان ۽ پي آءِ اي جي آفيس ۾ اڏيري لعل جي اسرار شاهه سان ملڻو هو.
    ائمپنگ روڊ جي کاٻي پاسي پهرين انگڪا سارايا بلڊنگ ۾ پي آءِ اي جي آفيس اچي ٿي. هيٺ بهري Basement ۾ ڪار پارڪ ڪري گرائونڊ فلور تي پي آءِ اي جي آفيس ۾ آيس. رسيپشن هال ۾ ملئي ڇوڪري ازبان ۽ هڪ چيني ڇوڪري آيل مسافرن لاءِ هوائي جهاز جون ٽڪيٽون ٺاهڻ ۾ مشغول هئي. سندس پويان ڀت تي ملئي (Jawi) زبان ۾ وڏو ساون اکرن ۾ فيڪستن انٽرنيشنل ايئرليئنزز لکيل هو. (ملئي زبان ۾ پ نه هجڻ ڪري ملائيشيا ۾ پاڪستان فيڪستن ٿيو وڃي.) ڪنڊ ۾ ٻه نوجوان سک ڪَلف لڳل پڳڙين ۽ ڄاري ٻڌل ڏاڙهين ۾ ويٺا هئا. هو نانڪانا ۽ حسن ابدل ۾ پنهنجين پاڪ جاين جي زيارت لاءِ ٽڪيٽ وٺڻ آيا هئا. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ رهندڙ سک هر سال پاڪستان اچن ٿا جتي هنن جا مذهبي مڪان ۽ گردوارا آهن.
    سک مذهب جو اڳواڻ ۽ پهريون گرو بابا گرونانڪ 1469ع ۾ پاڪستان جي شهر لاهور جي ويجھو نانڪا صاحب ۾ ڄائو هو. سو ظاهر آهي اها جاءِ سک عقيدتمندن لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي. اتي گرونانڪ جي ياد ۾ هڪ سک گوردوارو، جنم اسٿان نالي مهاراجا رنجيت سنگهه ٺهرايو هو. ان کان علاوه سکن جون ٻيون به ڪيتريون ئي پاڪ شيون ۽ ننڍا ننڍا عبادت گهر آهن. هر سال نومبر ڌاري گرونانڪ جي ورسي ملهائي ويندي آهي ۽ هينئر ڪوالالمپور جي پي آءِ اي جي آفيس ۾ هي ٻه سک همراهه گرونانڪ جي اٺ سؤ ڏهين ورسيءَ لاءِ پاڪستاني هوائي جهاز ذريعي اوڏانهن وڃڻ لاءِ ٽڪيٽ وٺڻ آيا هئا. پاسي واري ڀت ۾ لڳل رئڪ ۾ پي آءِ اي وارن طرفان اشتهار بازي ۽ معلومات لاءِ مفت ڏيڻ لاءِ ٽن قسمن جا ڇپايل ڪتابڙا رکيا هئا. هڪ ۾ پاڪستان جي مشهور رانديگرن جون تصويرون ۽ انهن بابت احوال هو. ٻيو، حج بابت ڏيڍ سؤ کن صفحن جومفصل ڪتاب هو. منجھس حج جي سلسلي ۾ مختلف معلومات رنگين فوٽن سميت هئي ـــــ رهائش ۽ سفر کان وٺي دعائن تائين. ٽيون ڪتاب سکن جي ان پاڪ مڪان نانڪانا صاحب ۾ پهچڻ ۽ اتي جي گوردوارن بابت هو. ڪتابڙي جي ٻاهرين صفحي تي ان وڻ جي تصوير ڏنل آهي جنهن هيٺان گرونانڪ، پنهنجي پيءُ جي نافرماني ڪرڻ بعد پشيمان ٿي اچي ويٺو هو. آخري صفحي تي گرونانڪ جي وڏي اڇي ڏاڙهي ۽ پٽڪي سان تصوير آهي ۽ ان هيٺان ڀڳت ڪبير جو پنجابي شعر رومن انگريزيءَ ۾ هن ريت لکيل آهي:
    “Awal Allah noor upaia
    Kudrat ke sab bande
    Ek noor te sabh jag
    Upjea kaun bhale kon mande.”
    آئون اهي ڪتاب ڏسي رهيو هوس، تيسين سنهي جسم ۽ سنهي منهن واري ملئي ڇوڪري مس ازيان واندي ٿي. مون کانئس سندس مئنيجر اسرار شاهه جو پڇيو ته ڪيڏي مهل ايندو. هڪ ڏينهن اڳ ملاڪا مان فون ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته هو ميٽنگ ڪري آفيس ۾ دير سان ايندو. پر هاڻ هن ٻڌايو ته اها ميٽنگ ڪئنسل ٿي وڃڻ ڪري نائين کان هتي آهي. آئون ساڻس ملڻ لاءِ، اڪائونٽ ڊپارٽمينٽ جو ڪمرو لتاڙي سندس آفيس ۾ گهڙيس.
    پرديس ۾ رهندڙ هر ماڻهوءَ جو پنهنجي سفارتخاني ۽ هوائي ڪمپنيءَ وارن سان رابطو رهي ٿو. ٽي چار سال کن اڳ هتي جو مئنيجر شير خان هو، جنهن سان مسٽر ظفر زبيريءَ ملايو هو. ظفر زبيري صاحب مون وانگر مئرين انجنيئر آهي. پاڻ ڪافي عرصو پاڪستان جي جهازران ڪمپني P.N.S.C ۾ ٽيڪنيڪل ڊائريڪٽر رهيو. ان بعد ملائشيا جي شپنگ ڪارپوريشن MISC ۾ ساڳي پوسٽ تي ٽي سال کن رهي، هاڻ پنهنجو نئون عهدو سنڀالڻ لاءِ ڪراچيءَ جي شپ يارڊ لاءِ وڃي رهيو هو. آئون انهن ڏينهن ۾ملائيشيا ۾ نئون آيو هوس. ڏکئي وقتَ ۾ مدد حاصل ڪرڻ لاءِ هن مونکي پنهنجي دوست شير خان سان ملايو هو. شير خان ـــ قداور ۽ ڪسرتي جسم وارو هو. جهڙو شڪل ۽ ڪپڙي گنديءَ ۾ صاف سٿرو هو، اهڙو سندس اندر اجرو ۽ صاف سٿرو هو. ملڻ ملائڻ ۽ ڪم ڪار جو مڙس ماڻهو هو. پاڻ ان بعد سال ڏيڍ کن ڪوالالمپور (ملائيشيا) ۾ هو ۽ ساڻس ملاقات ٿيندي رهي. نئون مئنيجر جميل آيو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ ڍاڪا ۾ به رهيو هو. جميل هتي جي ايئرٽريول ڪمپنين سان ملي هتي جي ماڻهن کي پي آءِ اي ۾ سفر ڪرڻ ۽ پاڪستان گهمڻ جي ڪوشش ڪئي، جيئن ٻين ملڪن جو ايئر لائينون ڪري رهيون آهن. جنهن سان نه فقط هوائي جهازن جي ڪمائي ٿي رهي آهي پر پنهنجي ملڪ جي ٽوئرزم پڻ وڌائي رهيون آهن. پر افسوس جو ان ڏس کي کيس ايتري ڪاميابي نصيب نه ٿي جيتري هن جفاڪشي ڪئي.
    جميل ڪوالالمپور ۾ گهڻو نه رهيو. سندس جاءِ تي اڏيري لعل جو سيد اسرار شاهه مئنيجر ٿي آيو، جيڪو اڃا تائين آهي. اسرار شاهه جي اچڻ جو مونکي پاڪستان ايمبسيءَ جي پريس اٽيچي مسٽر وڪيل ملڪ ٻڌايو. “تون پي آءِ اي جي سائينءَ سان نه مليو آهين؟ ڏاڍو سٺو ماڻهو آهي. ڪراچي مان بدلي ٿي آيو آهي. خالد صاحب سان ته سنڌيءَ ۾ خوب ڪچهري ڪندو آهي. خالد صاحب چڱو عرصو سنڌ ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٿي رهيو آهي سو سٺي سنڌي ڳالهائي ٿو.”
    اسان جي ملڪي سفارتخانن، بئنڪن، هوائي ڪمپنين ۽ ٻين سرڪاري آفيسن ۾ سنڌي بنهه ۽ نه برابر آهي. سو اتي هڪ هم زبان ۽ وري ساڳي علائقي جي همراهه جو ٻڌي خوشي ٿيڻ هڪ قدرتي ڳالهه آهي. ويتر جو خبر پيئي ته اسان جا ڪيترائي مائٽ ۽ دوست هڪ ٻئي جا سڃاڻا آهن ته پوءِ هر دفعي ملاقات ۾ پنهنجين خبرن سان گڏ انهن يارن: ڊاڪٽر اسلم گهلو، ڊاڪٽر سليمان شيخ، رفيع ڪاڇيلو، بجاراڻي، ٺٽي جي حميد ميمڻ ۽ فيض ميمڻ، ظفر جمالي، جبار جمالي ۽ ٻين جون ڳالهيون ڪري کين ياد ڪندا هئاسين. شاهه صاحب اڙدو، سنڌي، انگريزيءَ کان علاوه جرمن زبان جو پڻ ڄاڻو آهي. ڪنهن زماني ۾ ٿوري گهڻي يوناني ۽ ڊچ پڻ ايندي هيس پاڻ تعليم ۽ نوڪرين جي سلسلي ۾ مختلف هنڌن تي رهيو. بنيادي تعليم اڏيرو لعل مان حاصل ڪري، پوءِ ڏهه سالَ ڪوئٽا جي گرامر اسڪول ۾ سينيئر ڪئمبرج تائين پڙهيو.
    “شاهه صاحب! گستاخي معاف.” هڪ دفعي مون کانئس پڇيو، “توهان سيد وڏيرا ٿي ڪري، هڪ ڳوٺڙي مان ننڍي عمر ۾، مائٽن کان پري، ڪوئيٽا جي گرامر اسڪول جهڙي اداري ۾ تعليم لاءِ ڪيئن ويائو ـــ جتي جي پڙهائي تمام سخت چئي وڃي ٿي ۽ جڏهن ته انهن ڏينهن ۾ڪيترن سيدن، پيرن، وڏيرن کي تعليم جهڙي ڳالهه ڏي ايترو ڌيان نه هو؟”
    “هائو. اها ڳالهه صحيح ٿا ڪريو. ان لاءِ ڪريڊٽ منهنجي والد مرحوم حاجي محمد صالح شاهه کي ملڻ کپي، جنهن ٻهراڙيءَ واري ماحول ۾ رهڻ جي باوجود به تعليم حاصل ڪرڻ کي اهم سمجھيو ٿي. رفيع ڪاڇيلو کي به اوڏانهن موڪلڻ لاءِ بابي مرحوم جو هٿ هو. پاڻ رفيع جي پيءُ مرحوم عبدالصمد ڪاڇيلو کي ان بابت نه فقط صلاح ڏنائين پر زور پڻ ڀريائين. الله جي فضل سان تن ڏينهن ۾ سنڌ جي زميندار، وڏيري، پير وٽ پئسي جي کوٽ نه هئي. پر پڙهائيءَ لاءِ سواءِ چند ماڻهن جي ٻين کي نه پنهنجو شوق هو ۽ نه ڪنهن سندن رهنمائي ڪئي ٿي. نه ته اڄ ڪيترن ئي سيدن پيرن وڏيرن جو اولاد ڊاڪٽر عبدالغفار جتوئي، حميده کهڙو، غوث عليشاهه جيان سرجن، پروفيسر، جج، انجنيئر وڪيل هجن ها.”
    اسرار شاهه ۾ هڪ ڳالهه محسوس ڪيم ته هن کي هڪ ته بي علم يار پسند ناهي. هو اهوئي چاهي ٿو ته هر هڪ تعليم ضرور وٺي علم حاصل ڪري ۽ محنت مزدوري ڪري ڪمائي. هن پنهنجي ڀائيٽي مشتاق شاهه جومثال ڏيندي هڪ دفعي ٻڌايو ته ڪيئن پاڻ کيس سول سروس جي امتحان لاءِ سختيءَ سان محنت ڪرائي امتحان پاس ڪرايو. “ان بعد هن ڪسٽم جو کاتو کڻڻ چاهيو ٿي. پر مون کيس سمجھايو: “توکي رب پاڪ پئسي جي ڪا کوٽ نه ڏني آهي. ڪسٽم آفيسر ٿيندين ته غريبن کي ڪهڙو سنئون سڌو فائدو ٿيندو. وڌ ۾ وڌائون ٽي بئگون کڻي ايئرپورٽ تي لهندس ته کڻي ٻه چار سؤ رپيا ڊيوٽيءَ جا ڇڏيندين. ان کان ته پوليس جهڙو ادارو کڻ جنهن ۾ نيڪ نيتيءَ سان ڪم ڪري غريبن جي پڻ مدد ڪري سگهين ٿو.” هن منهنجو چوڻ مڃي ائين ئي ڪيو. اڄڪلهه هو ٺٽي بدلي ٿي آيو آهي. ان کان اڳ 1986ع ۾ ڪجهه عرصو ميرپور خاص ۾ ڊي ايس پي هو.”
    “ڀلا ملائيشيا جي پوليس توهان کي ڪيئن لڳي ٿي؟” مون پڇيومانس.
    “انگريز جتي به رهيا آهن اتي هنن پوليس، ريل، ٽپال، ڪورٽون، انتظاميه جهڙا ادارا نه فقط ٺاهيا پر انهن کي انصاف، سختي ۽ ايمانداريءَ سان هلايو. تڏهن ته چيو وڃي ٿو ته انگريزن جي راڄ ۾ شينهن ۽ ٻڪري هڪ ئي گهاٽ تي پاڻي پيئن ٿا. انگريزن جي وڃڻ بعد، ڪي ملڪ انهن ادارن کي اهڙِ ئي ايمانداري ۽ سختيءَ سان هلائيندا اچن ته ڪن ۾ بي ايماني رشوت ۽ فرض پورو نه ڪرڻ ۽ طرفداريءَ جهڙيون تباهي آڻيندڙ ڳالهيون ڪاهي پيون آهن. ملائيشيا ۽ سنگاپور اهڙا ملڪ آهن جن ۾ اڄ تائين نه فقط انگريزن وارو ساڳيو طريقو هلندو اچي پر پاڻ ان ۾ سختي ۽ وڌيڪَ سٺائي آئي آهي. ٽين دنيا جي ملڪن ۾ ملائيشيا هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن جو جوڊيشري، انتظاميه ۽ خاص ڪري پوليس هڪ مثالي کاتو آهي، جنهن جي ڏورانهن ملڪن کي پڻ سبق حاصل ڪرڻ کپي. هتي جي پوليس بي ڏوهيءَ ۾ هٿ نٿي وجھي. غريب ۽ منجھيل شهريءَ جي مدد ڪري ٿي پر بدمعاش ۽ ڏوهاريءَ کي بنهه نٿي ڇڏي. قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ چاهي غريب هجي يا وڏو ماڻهو، هو پوليس کان ڀڄي نٿو سگهي. ملائيشيا جي پوليس ۾ جيتوڻيڪ ننڍا ننڍا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون آهن پر خوشي ٿي ٿئي ته هو ڪيڏو چست، سمارٽ ۽ فرض شناس آهن. هنن کي ملڪ لاءِ ڪيڏو درد آهي. رشوت يا اثر رسوخ واري ماڻهوءَ جو پاسو کڻڻ جهڙي شيءِ مور نه اٿن. خير اها ٻي ڳالهه آهي ته ان جو سبب اسان اهو چئي سگهون ٿا ته هتي جي پوليس جو پگهار گهڻو آهي. کين اوچيون گاڏيون موٽرون مليل آهن. طبي ۽ ٻارن جي تعليم جون وڏيون سهوليتون مليل اٿن، ان ڪري کين لالچ ناهي. ڪنهن وڏي ماڻهوءَ کي ڏسي کين احساس ڪمتري نٿو ٿئي. پر منهنجي خيالَ ۾ سندن ايماندار هجڻ جو اهو سبب ناهي. پگهار وڏا اٿن پر اهڙا وڏا به نه اٿن. منهنجي نظر ۾ ملائيشيا جي پوليس جي ايماندار ۽ هڏ ڏوکي هجڻ جو وڏو سبب اهو آهي ته کين پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ درد آهي. هو پنهنجي ملڪ کي بيحد گهڻو چاهين ٿا. اهي اهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي ايشيا ۽ آفريڪا جي ڪيترن ملڪن کي ملائيشيا کان سکڻ کپن.”
    اسرار شاهه کي سنڌ جي وڏيرن، سيدن ۽ ميرن پيرن جي ٻي اها ڳالهه پسند نه آهي ته هو ٿوري گهڻي ڳالهه تي پنهنجيون زمينون وڪڻي، گهرجون پوريون ڪن ٿا.
    “زمين هرگز وڪڻڻ نه کپي.” هڪ دفعي ڳالهين دوران هن پنهنجو خيال ٻڌايو، “آئون ته پنهنجن مائٽن ۽ دوستن کي هر وقت اها ئي صلاح ڏيندو آهيان ته جنهن جي پيرن هيٺان زمين ناهي ان جي ڪا حيثيت ناهي. پاڻ وٽ ته سنڌيءَ ۾ به ان لاءِ چوڻي آهي ته ٻنيون ۽ ونيون مئي مارائي بنا نه ڏجن. هينئر آئون ڪراچيءَ هوس، زمينون پري ٿيون، تڏهن به مهيني ۾ هڪ يا ٻه دفعا اڏيرو لعل وڃي نظر ڪري آيس. ماڻهو کڻي ڪهڙي به ولايت ۾ رهي پر آخر ۾ وري به هن کي پنهنجي پَٽَ جي ڇڪ ٿئي ٿي. آئون ته اهو پيو سوچيان ته ڪو اهڙو قانوني طريقو ڳوليان جنهن موجب منهنجو پٽ جيڪو اڃا ته ٻن سالن جو صغير آهي، وڏو ٿي به پنهنجي زمينَ وڪڻي نه سگهي.”
    ڪوالالمپور جي پي آءِ اي آفيس جو مئنيجر اسرار شاهه لڳ ڀڳ چاليهه سالَ ڄمار جو هوندو. پاڻ سينيئر ڪئمبرج ڪوئيٽا ۾ ڪرڻ بعد انٽر سائنس ڊي جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪيائين ۽ گريجوئيشن بلوچستان يونيورسٽيءَ مان. پي آءِ اي ۾ نوڪري ڪرڻ کان اڳ پاڻ اڍائي سالَ کن ائمسٽراڊم ۾ ۽ ٻه سالَ کن يونان ۾ پڻ نوڪري ڪئي. ائمسٽرڊام ۾ هن جڳ مشهور “ٽائيم ــــ لائيف ڪارپوريشن” ۾ ڪم ڪيو، جتي جرمن ۽ ڊچ زبانون پڻ سکيون. يونان ۾ هن پورس (Poros) نالي ٻيٽ تي پان هيلانڪ هوٽلن جي ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪيو. هي ٻيٽ يونان جي مشهور شهر اٿينس کان پاڻي واري جهاز رستي ٽن ڪلاڪن جي پنڌَ تي آهي. ان بعد اسرار شاهه پاڪستان اچي ڪجهه عرصو سنڌ روڊ ٽرانسپورٽّ SRTC ۾ نوڪري ڪئي. جنهن بعد 1975ع ۾ هو نه فقط پي آءِ اي جي ٿيندڙ چونڊ ۾ کنيو ويو پر نوڪري ملڻ تي جنهن محنت ۽ سچائيءَ سان ڪم ڪري ٿوري عرصي ۾ جيڪي پروموشن حاصل ڪيا، سي قابلِ تعريف آهن.
    مون جھٽ پٽ سندس گهرايل چانهه پي چيومانس: “شاهه صاحب اڄ گهڻو وقت نه ويهندس. هڪ دوست کان ڪئميرا وٺي آيو آهيان. توسان ۽ ٻين سان گڏ فوٽو ڪڍائڻ جو شوق ٿيو اٿم. ڪنهن کي گهراءِ ته پنهنجو فوٽو ڪڍي.”
    هن پنهنجي سيڪريٽري ڇوڪريءَ کي فوٽو ڪڍڻ لاءِ سڏايو ۽ اسان گڏ ٿي بيٺاسين.
    “فوٽو سٺو ڪري ڪڍجانءِ نه ته تنهنجو خير ناهي.” شاهه صاحب ان چيني ڇوڪريءَ سان چرچو ڪندي چيو. هن غريب ته جواب نه ڏنو پر مون دل ئي دل ۾ چيو: “جهڙي شڪل هونديسين اهڙو ئي فوٽو ايندو، هوءَ ڇا ٿي ڪري سگهي.”
    “ڀلا بيهي ڪڍايون يا ويهي؟” شاهه صاحب مون کان پڇيو.
    “منهنجي خيالَ ۾ هڪ بيهي، هڪ ويهي.” مون وراڻيومانس.
    ڇوڪري فوٽو ڪڍڻ واري هئي ته ڪو اوچتو خيال آيس ۽ صلاح ڏنائين ته ڪرسي ۽ ميز جي پسِ منظر ۾ ٿي بيهون. سو ٽيبل اڳيان ٿي بيٺاسين. سامهون ڀت تي سڄي دنيا جو رنگين وڏو نقشو لڳل هو. مون ڇوڪريءَ کي ٿوري دير ترسڻ لاءِ چئي شاهه صاحب کي صلاح ڏني: “يار شاهه صاحب هن نقشي جي اڳيان ڇو نه ٿي بيهون”
    “واهه واهه!” شاهه صاحب هائوڪار ڪندي نقشي جي اڳيان ٿي بيٺو ۽ پوءِ جڏهن ڇوڪريءَ فوٽو ڪڍڻ لاءِ ڪئميرا جو بٽڻ دٻايو ته بٽڻ دٻجي ئي نه.
    “ڪئميرا لاڪ ته نه ٿيل آهي؟”
    “نه لاڪ به نه آهي.”
    “فلم رول ختم ته نه ٿي ويو آهي “
    “اهو به نئون پيل آهي.”
    ڪئميرا کي گهڻو ئي اٿلايو پٿلايوسين پر ڪجهه نه ٿيو. ڇوڪريءَ ٻڌايو ته سامهون ائمپنگ پلازا ۾ فوٽو گرافر جو دڪان آهي. اهو شايد ڪئميرا ٺاهي سگهي ٿو.
    ٿوري دير بعد نوڪر ڪئميرا کڻي آيو ته دڪاندار ٿو چوي ته ڪئميرا منجهه رول گهمائڻ واري موٽر جئم ٿي ويئي آهي۽ مرمت لاءِ ڪئميرا کي ورڪشاپ موڪلڻو پوندو.
    شاهه صاحب کي چيم ڪئميرا ڏاڍي ٻڌائي. استعمال ٿيڻ کان اڳ مرمت ۽ سروس جي ضرورت اٿس. افسوس به ٿيو ته جنهن ڪم لاءِ آيس ۽ اڌ ڪلاڪ پوز ٺاهڻ ۾ لڳو اهو ڪم نه ٿيو، پر پوءِ کلي شاهه صاحب کي چيم ته يار چڱو جو هيءَ جٺ هتي ئي ٿي ۽ پهرين تو وٽ آيس نه ته پهرين پنهنجي سفير عظمت حسن صاحب وٽ پئي ويس. اجايو ان جو وقت خراب ٿئي ها.
    ڪئميرا کي سندس چمڙي جي پوٽڙيءَ ۾ بند ڪري، شاهه صاحب کان کلي موڪلايم: “شاهه صاحب هاڻ هيئن ڪجانءِ جو پاسپورٽ يا ڊرائيونگ لائسنس لاءِ تنهنجي ڪڍايل ڪاري اڇي فوٽوءَ جي ڪاپي بچيل هجي ته اها مون ڏي ملاڪا موڪلي ڏجانءِ ته يادگار طور البم ۾ هڻي ڇڏيان.”
    “پوءِ ڪئميرا جو ڇا ٿو ڪرين؟”
    “ڪندس وري ڇا. مالڪن کي مبارڪ وڃي ٿو ڏيان ته سٺي ڪئميرا آٽوميٽڪ ورتي اٿوَ.”
    “فوٽو ڪڍڻ واري ڇوڪريءَ جي نظر لڳي ويس.” شاهه صاحب چيو.
    “نظر نه پر دعا اُگھامي ويس جو فوٽو جي اچن ها ته کيس سور سجھيا ٿي ته اهي ڪهڙا اچن ها. اجايا دڙڪا کائي ها. بهرحال شاهه صاحب هن ملاقات جو احوال لکڻ کان اڳ تنهنجي فوٽوءَ لاءِ وري ايندس ـــ ٻي ڪنهن کان ڪئميرا وٺي.”
    ڪار ۽ ڪئميرا کي اتي انگڪاساريا بلڊنگ جي پارڪنگ لاٽ ۾ ئي ڇڏي ٻاهر ائمپنگ روڊ تي آيس، جنهن جي هڪ پاسي منگ ڪورٽ هوٽل ۽ BMF پلازا جهڙيون عمارتون آهن ۽ ٻئي پاسي ٻارن جي اسڪول بعد پاڪستان ايمبسيءَ جي عمارت آهي. وڏي ڪشادي لان جي پويان پراڻي زماني جي آرڪيٽيڪٽ واري هيءَ عمارت پري کان نمايان لڳي ٿي. لڳي ٿو ته ملايا کي آزادي ملڻ سان جن ملڪن هتي اچي يڪدم سفارتخانا کوليا، پاڪستان پڻ انهن مان هڪ آهي. تڏهن ته پاڪستان ايمبسيءَ جي شهر جي وچ ۾، ههڙي اهم رستي تي، ههڙي پراڻي ۽ وڏي عمارت آهي. نه ته ٻيون ايمبسيون پري پري ڪنڊ پاسن ۾ آهن.
    پاڪستان ايمبسيءَ جي رسيپشن تي ويٺل ملائيشين عورت کي Selamat Pagi (خير هجي صبح جو) چئي مٿي قانصلر صاحب ـــ بلڪه صاحبا ـــ مس فوزيه نسرين جي آفيس ۾ آيس. اڄڪلهه مردن سان گڏ پاڪستاني عورتون پڻ سول سروس، پوليس، جوڊيشنري ۽ فوج جهڙن کاتن ۾ نظر اچن ٿيون. فارين سروسز ۾ مس فوزيا نسرين پهرين عورت آهي، جنهن سان منهنجي هتي ڪوالالمپور ۾ ملاقات ٿي. پاڻ گذريل سال ملائيشيا ۾ فرسٽ سيڪريٽري ٿي آئي هئي ۽ سگهوئي قانصلر جي عهدي تي پروموشن ٿيس. پاڻ اسان جي دوست ظفر شيخ جي ڪلاس ميٽ آهي، جيڪو پڻ ويجھڙائيءَ ۾ بنگلاديشَ مان بدلي ٿي سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفارتخاني جو قانصلر مقرر ٿيو آهي.
    ٿوري دير فوزيا نسرين جي آفيس ۾ ساڻس ۽ نئين آيل پريس اٽيچي مسٽر وڪيل ملڪ سان خبر چار ڪري پوءِ ڪجهه دير سفير کي کيڪارڻ ۽ پنهنجو نئون ڪتاب ڏيڻ لاءِ ويس. وڪيل صاحب کان خبرن دوران هتي جي نيوز ميڊيا جي ڳالهه نڪتي ته ملائيشيا اهو ملڪ آهي، جتي اخبارن، ٽي وي، ريڊيو جا اڌ کان وڌيڪَ نيوز رپورٽر، جرنلسٽ ۽ ليکڪ انڊين آهن. جيڪي هونءَ کڻي هاڻ ملائيشن سڏجن ٿا پر ظاهر آهي قدرتي طرح هنن جو اڄ به لاڙو انڊيا ڏي وڌيڪَ آهي. پاڪستان جو مان مٿانهون ڪرڻ ۽ حقيقت ڏي ڌيان ڏيارڻ لاءِ اسانکي ڪافي مقابلو ۽ محنت ڪرڻي پوي ٿي.
    فوزيا نسرين کي چيم: “هڪ سوال پڇانءِ؟”
    “منهنجي خيالَ ۾ نه ئي پڇ.” هن پنهنجي سٺي ۽ کلمک طبيعت جو هميشه وانگر اظهار ڪندي جواب ڏنو.
    “نه سوال ضرور پڇڻ چاهيان ٿو. هر دفعي ملاڪا پهچڻ تي ياد اچيم ٿو. اڄ اهو پڇي پوءِ هتان روانو ٿيندس.”
    “چڱو پڇ”
    .پنهنجي ملڪ ۾ جتي گهڻو ڪري ڇوڪريون ليڪچرار، ڊاڪٽر، بئنڪر يا وڌ ۾ وڌ وڪيل ٿيڻ چاهين ٿيون اتي توهان کي فارين سروسز جو شوق ڪيئن ٿيو؟”
    “خبر اٿوَ. مون به ليڪچرار ٿيڻ چاهيو ٿي.” فوزيا کلندي وراڻيو.
    “ڇو ڀلا؟”
    “ڇو ڀلا! ها. مون جڏهن انگلش ۾ ايم. اي ڪئي پئي ته اسان جي ڪاليج ــــ “لاهور ڪاليج فار وومين” ۾ مسز سراج نالي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ هوندي هئي. بيحد قابل هئي. سندس پڙهائڻ جي اسٽائيل مان ڏاڍو متاثر هيس. هميشه چاهيندي هيس ته ايم. اي ڪرڻ بعد آئون به آپا مسز سراج وانگر ليڪچر ڏيان، پڙهايان.”
    “پوءِ هن پاسي ڪيئن رُخ رکيانوَ؟”
    “1972ع ۾ مون ايم. اي ڪئي. ان بعد سپيرئر سروس لاءِ ويٺس، جنهن ۾ سٺو نمبر کنيم. ۽ پوءِ مائٽن جي صلاح موجب ـــ خاص ڪري منهنجي مامي جي رهنمائيءَ هيٺ هيءَ برانچ اختيار ڪيم. منهنجو مامو قاسم رضوي پڻ سول سروس ۾ رهي چڪو آهي.”
    “هن کان اڳ توهان جو ڪٿي ڪٿي رهڻ ٿيو؟”
    “آئون گهڻو وقت ايران ۾ رهي آهيان. 1976ع کان وٺي 1981ع تائين. ان کان اڳ ۽ پوءِ اسلام آباد ۾ رهڻ ٿيو اٿم ۽ هاڻ 1986ع کان هتي ملائيشيا ۾ آهيان.”
    ڪو زمانو هو ولايت ۾ رهندڙ پاڪستانين کي پنهنجي سفارتخاني ساڻ هميشه شڪايت رهندي هئي. ان سلسلي جا ڪيترائي خَطَ اخبارن ۾ پڻ ايندا هئا ته فلاڻي ملڪ ۾ پنهنجي ايمبسيءَ ۾ وياسين پر پاسپورٽ نئون ڪري نه ڏنائون. يا گم ٿيل پاسپورٽ وري ٺاهي نه ڏنائون. يا منجھيل ڳالهه لاءِ صحيح طرح رهنمائي نه ڪيائون. تڪليف ۾ هئاسون. پنهنجي ايمبسيءَ وارن کنگهيو به ڪونه. ڀر ۾ انڊين ايمبسيءَ وارن پنهنجن انڊين سان گڏ اسان جي به مدد ڪئي. يا چين جي سفارتخاني مدد ڪئي.
    اهو 1970ع کان اڳ وارو دور هو. نه فقط اخبارن ۾ پر ماڻهن جي واتان پڻ ٻڌبو رهبو هو. ڀٽي صاحب هڪ ڳالهه ڪئي جو پاسپورٽ حاصل ڪرڻ آسان ڪيائين. ان سان عوام کي به فائدو ٿيو ته حڪومت کي به. ان کان علاوه ٻاهر رهندڙن جو خيال رکڻ لاءِ ڪيتريون ئي ايجنسيون ــــ ولايت ۾ نوڪري ڏيارڻ جو کاتو (Overseas Employment)، نوڪريءَ جو بچاءُ کاتو ۽ ٻيا ڪيترائي ادارا ان دور ۾ ۽ ان کان پوءِ ئي کليا. ساڳي وقت سفارتخانن ۾ هڏ ڏوکي، قابل ۽ ڪم جو اڇت اڪلاءُ ڪرڻ وارا آفيسر چونڊبا رهيا. ملڪ ۽ ماڻهن جي مدد ڪرڻ وارا نيڪ نوجوان فارين سروسز ۾ اچڻ لڳا. هاڻ اسان جي سفارتخانن جو اميج ڪجهه ٻيو آهي. گذريل ڏهاڪو سالن ۾، مختلف ملڪن ۾ مٿاڇري طرح ۽ ملائيشيا ۾ چڱيءَ طرح جائزو وٺڻ بعد هن کاتي جي اعليٰ ڪارڪردگي جي اهميت ۽ قدر جي وڌيڪَ ڄاڻَ پوي ٿي ته پرديس ۾ رهندڙ اسان پاڪستانين جو گهر کان ڏور سفارتخانا، ملڪ جي حال سارو رکيل گهٽ اسٽاف ۽ گهٽ بجيٽ هوندي به جنهن نموني سان هڪ طرف پرديسَ ۾ رهندڙ پاڪستانين جي رهنمائي ۽ مدد ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف ڌارين ملڪن کي پنهنجي ملڪ جي تهذيب ۽ ڪلچر کان واقف ڪري رهيا آهن. اها ڳالهه قابلِ داد آهي ۽ هن سڄي تر ۾ ملائيشيا ۾ موجود اسان جو سفارتخانو ته سڀ کان اڳيان اڳيان آهي.
    1982ع ملائيشيا آيو هوس ته ان وقت بلگرامي صاحب ڪوالالمپور ۾ پاڪستان جو سفير هو. پاڻ پراڻو سفير ۽ نيڪ انسان هو. سندس اسٽاف چوڌري صلاح الدين کان وٺي گل خطاب عباسيءَ تائين ـــ پرديسَ ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مدد ڪندي خوشي محسوس ڪئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن بلگرامي صاحب جو هارٽ اٽيڪ ڪري اوچتو موت ٿيو ته نه فقط پاڪستانين کي ڏک ٿيو پر انهن ملائيشين کي پڻ جن جا ڏاڏا پڙڏاڏا ڪنهن زماني ۾ پاڪستان کان لڏي هتي ملائيشيا ۾ هميشه لاءِ اچي رهيا ۽ هينئر هنن عيد برات ۽ ٻين غمي خوشين جي ڪاڄن ۾ پنهنجو پاڻ کي پاڪستانين سان منسوب ڪيو ٿي.
    بلگرامي صاحب کان پوءِ ملائيشيا ۾ پاڪستان جي سفارتخاني جا پهريان ماڻهو جيتوڻيڪ بدلي ٿي ويا ـــ چوڌري صلاح الدين کان وٺي عباسي صاحب تائين، پر جيڪو نئون اسٽاف آيو: سفير سيد عظمت حسين کان وٺي قونصلر فوزيا نسرين ۽ پريس اٽيچي وڪيل مَلڪ تائين، انهن پڻ ساڳيو وهنوار رکيو ۽ پهرين جي ياد ضرور رهي پر کوٽَ جو احساس نه ڏياريو. ڪيترا دفعا لنچ ٽائيم ۾ وڃڻ ٿيو آهي ته به هتي جو اسٽاف ڪم ۾ رڌل نظر آيو آهي. بقول قونصلر فويزيا نسرين جي “جيسين ڪم پورو نه ڪندي آهيان چين نه ايندو اٿم.” سفير صاحب پاڻ ذاتي دلچسپي وٺي، ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ ۽ پنهنجن ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ نه فقط ننڍا وڏا مسئلا حل ڪيا هوندا پر نوڪريون پڻ وٺرائي ڏنيون هونديون جيئن اسان جا ڊاڪٽر، اسان جا انجنيئر، اڪائونٽنٽ، پورهيت هڪ طرف غير ملڪي ناڻو ڪمائي سگهن ته ٻئي طرف محنت ۽ لڳاءَ سان نوڪري ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪن. البت عظمت صاحب کي اها شڪايت ضرور رهي آهي ته اسان جي نوجوان کي هر نوڪري پئسي جي ساهميءَ ۾ تورڻ نه کپي. ان سلسلي ۾ هڪ دفعي پاڻ پاڪستان کان آيل، نوجوان ڊاڪٽرن بابت ٻڌايو ـــ جن کي ويجھڙائيءَ ۾ ملائيشيا حڪومت نوڪري لاءِ گهرايو. پر انهن مان ڪجهه خوش نه آهن جو هڪ ته کين شهرن بدران ڳوٺن ۾ نوڪري ڪرڻ واري ڳالهه ناپسند آهي ٻيو ته پگهار گهٽ لڳين ٿو.
    “توهان جو پگهار ڪيترو آهي؟” سفير صاحب مون کان پڇيو.
    “تمام گهٽ پاڪستان جيترو ئي آهي.” مون وراڻيو، “آئون سمجھان ٿو ته هن پاسي جي ملڪن جا پگهار عرب ملڪن يا انگلينڊ آمريڪا جيترا نه آهن. انهن جي اڌ جيترا به نه آهن.” “پر اهو آهي ته هنن ملڪن جي موسم ۽ ماحول سٺو آهي. چرپر جي آزادي ۽ عزت آهي.” سفير ٻڌايو. “عرب ملڪن ۾ پگهار کڻي گهڻو آهي پر اهو ته سوچجي ته اتي جي موسم ڪيڏي سخت آهي. ماحول ڪيڏو اوپرو آهي. کاڌي پيتي جي ڪيڏي مهانگائي آهي ۽ اتي (عرب ملڪن ۾) نوڪريءَ جي ڪيڏي غيريقيني صورتحال ٿيندي وڃي. هڪ نوجوان ۽ تازي گريجوئيٽ کي شروعات ڪرڻ ۽ ڪم سکڻ لاءِ ڪٿي به نوڪري ملي ته بسم الله ڪرڻ کپي ۽ ٻئي سان پاڻ کي ڀيٽي ارهو ۽ اهنجو نه ٿيڻ کپي. ساڳي طرح هتي ملائيشيا ۾ موڪل ٽن سالن بعد ٿئي ٿي ۽ اسان جا پاڪستاني عرب ملڪن ۾ پنهنجن پاڪستاني دوستن سان ڀيٽي ـــ جيڪي هر سال وطن اچن ٿا، رنج ٿين ٿا. هن پاسي: ملائيشيا، برونائي، سنگاپور ڏي ٽي سالَ لڳاتار ڪم ڪرڻو پوي ٿو. پر اهو آهي ته هتي جو ماحول سٺو آهي. آزادي وڌيڪَ آهي. گهمڻ ڦرڻ ۽ تفريح جا انيڪ ذريعا آهن. پر عرب ملڪن ۾ ائين ناهي. پوءِ اتي مهينو مهينو گذرڻ به جيل ٿيو پوي. بهرحال هر ملڪ جا پنهنجا پنهنجا قاعدا قانونَ آهن. ملائيشيا ۾ نوڪري ڪندڙن کي ملائيشيا جي قاعده قانونن سان نباهڻ گهرجي. آخر انهن حالتن ۾ ٻين ملڪن جا ماڻهو به ته نوڪري ڪري رهيا آهن ۽ خوش آهن.”
    سفير صاحب اهو پڻ ٻڌايو ته گذريل مهيني PNSC جو چيئرمين ڀومڀل صاحب هتي ڪوالالمپور ۾ آيو هو. هتي جي جهازران ڪمپني MISC (ملائيشيا انٽرنيشنل شپنگ ڪارپوريشن) ۽ ٽرانسپورٽ کاتي وارن سان ان سلسلي ۾ ميٽنگ هيس ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ هڪ ٻئي ملڪن جي جهازن کي ئي ڪارگو ڏنو وڃي. ملائيشيا وارن کي اڃا ڌارئين ۽ ٽيڪنيڪل اسٽاف جي ضرورت آهي ۽ هو ان ڏس ۾ پاڪستاني جهاز سازيءَ جي ماڻهن کي پاڻ وٽ رکڻ چاهين ٿا.
    عظمت صاحب جي اها ئي دلي خواهش هئي ته جيسين ملائيشيا وارن کي اسان جي ضرورت آهي تيسين اسان هتي ئي نوڪري ڪندا رهون. پاڻ ملاڪا اچي اسان جي سامونڊي اڪيڊمي (Akedmi Laut) گهمڻ جو پڻ خيال ڏيکاريائين.
    سيد عظمت حسن صاحب 1944ع ۾ ڄائو. پنجاب يونيورسٽي ۽ انگلينڊ مان بي. اي ڪيائين. 1966ع ۾ فارين سروسز ۾ آيو ڪيترن ئي هنڌن تي ڊپلوميٽ جي ڊيوٽي (Diplomatic Assignment) سرانجام ڏنائين. جهڙوڪ: ٽي سال روم (اٽليءَ) ۾، چار سال کن نيويارڪ (آمريڪا) ۾، ٽي سال کن ابوظبيءَ ۾. شروع وارا ٻه سال او ايس ڊي جي حيثيت ۾ اسلام آباد ۾ رهيو. ان بعد 1971ع کان 1974ع تائين سيڪشن آفيسر هو ۽ چار سال کن ڊائريڪٽر هو. 1983ع ۾ کين ڊائريڪٽر جنرل جي ترقي ملي. پاڻ مارچ 1985ع کان وٺي هتي ملائيشيا ۾ سفير آهي.
    پاڪستان ايمبسيءَ مان نڪرڻ بعد واپس پي آءِ اي جي آفيس واري عمارت مان ڪار کڻڻ آيس. پارڪنگ وارن ٽن چئن ڪلاڪن جا چار کن ڊالر پارڪنگ في وٺي رسيد ڏني. ڪار ۾ ٻاهر نڪري، وري ائمپنگ روڊ تي آيس، جتان جالان (شاهراهه) تُن رزاق وٺي کاٻي پاسي جالان يوٿانت تي آيس، جتي لبيا جي ايمبسي ۽ سعودي عرب وارن جو اسلامڪ قونصل خانو آهي. لبيا جي ايمبسي ـــ جنهن کي هو پيپلز بيوريو سڏين ٿا ـــ جي سيڪريٽري سعيد محمد الغرجانيءَ سان ٽي سالَ اڳ، هڪ ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ ملاقات ٿي هئي. ڪڻڪ رنگو قداور جوان، پهراڻ نموني جي چوغي ۾ خريداري ڪري رهيو هو. مٿي تي بوهرين جهڙي ٽوپي ڏسي سوچڻ لڳس ته ڪٿي جو ٿي سگهي ٿو. ڪائونٽر وٽ پئسا پيارڻ مهل قطار ۾ هڪ ٻئي جي پويان بيهڻ وقت سلام ڪري پڇيو مانس ته آيا هو بوهري فرقي جو ته نه آهي. چپن تي مرڪ آڻي چيائين:
    “نه. آئون لبيا جو عرب آهيان.”
    ان بعد پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ ڪرائيسين. پاڻ انجنيئرنگ ۾ ڊگري وٺي فارين سروس ۾ آيو هو. ۽ سندس ڪارڊ تي نالي اڳيان مسٽر بدران “انجنيئر” لکيل هو. ان بعد سندس گهر ۽ آفيس جي ائڊريس لکيل هئي. ساڻس وري ملڻ لاءِ پاڻ زور ڀريائين. ان بعد ٻئي دفعي ڪوالالمپور اچڻ تي انجنيئر الغر جانيءَ سان سندس آفيس ۾ ملڻ ويس. موڪلائڻ مهل ڪجهه مذهبي ڪتاب ۽ قرآن جو تفسير ڏنائين. معمار قذافيءَ جو گرين بڪ (سائو ـــ ڪتاب) پڻ انهن ۾ شامل هو. اهو ڪتاب ائين مشهور آهي ـــ بلڪ گهٽ ۾ گهٽ قذافي صاحب ان کي ائين مشهور ٿيندو ڏسڻ چاهي ٿو، جيئن چين جي مائوزي تنگ جو ڳاڙهو ڪتاب (Red-Book) آهي.
    هڪ ٻئي کان پري هجڻ ڪري الغرجانيءَ سان منهنجي تڪڙي تڪڙي ملاقات نه ٿي سگهي پر ٻه چار دفعا جيڪو ملياسين ان ۾ سندس ٻڌايل ديني ڳالهيون، دعائون ۽ هر ڳالهه کي ڪتاب و سنت جي روشنيءَ ۾ پرکڻ جو طريقو ۽ مذهب تي پابند رهڻ قابلِ ذڪر آهي. آفيس جي ڀتين تي، فائيلن تي، ٽيبل جي شيشن هيٺان ۽ سندس زبان تي هر وقت قرآن جون آيتون ۽ دعائون هونديون هيون. هڪ دعا جيڪا شعر جي صورت ۾ پاڻ ٺاهي هئائين يا شايد ڪنهن ٻئي بزرگ کيس پڙهڻ لاءِ ڏني هئي، ان جي فوٽو ڪاپي مونکي به ڏنائين. ڇهويهه کن سٽن مان مٿيون ٽي چار سٽون هن وقت به مونکي ياد آهن؛


    • رَبَنا آتنا في الدُنِيا حَسنَة و فِي الاخِرَة حَسنَة وَ قِنا عَذابُ الـنّار
    • رَبَنا آمنا فاَغفَرلَنا ذُنوبِنا وقِنا عَذابُ الـنّار
    • رَبَنا ما خَلقَت هٰذا باطِلا سُبحانَکَ فَقَنا عَذابُ الـنّار
    • رَبَنا وَسِعَتَ کُلِ شيءِ رحَمَة وّ عِلما فَاغفَرللَذِينَ تابُو وَاتبَعوا سبليکَ وَ قَهُم عَذابُ الجَيم.
    هِڪَ دفعي کيس چيم ته مون تنهنجي مرشد/امام/صاحب قذافيءَ بابت ٻڌو آهي ته هو دين اسلام جو سچو شيدائي آهي. عمل ۾ به ته گفتار جو به. مان هن سان مليو ته نه آهيان جو ان بابت گواهي ڏيئي سگهان. پر اهو ضرور آهي ته آئون تولاءِ چئي سگهان ٿو ته تون بيحد نيڪ ۽ متقي آهين.
    “ادا! ڀائو! ائين ته نه چئه. مان گنهگار ٻانهو آهيان دعا ڪجانءِ مون مسڪين کي.” سعيد محمد الغرجانيءَ جا اهڙي موقعي تي هميشه اهي جملا هوندا هئا.
    هڪ دفعي هڪ ڪتاب ڏيندي چيائين: “هي ضرور پڙهجان ڏاڍو سٺو اٿئي. ڪتاب ابو علي مودوديءَ جو لکيل هو ۽ نالو هوس: “Towards Understanding Islam”.
    آئون پڙهي چڪو آهيان.” مون کيس ٻڌايو. “خبر اٿوَ هي ڪتاب مون اسڪول جي ڏينهن ۾ پڙهيو هو. منهنجي خيالَ ۾ هي پهريون ڪتاب آهي، جنهن منهنجي دماغَ ۾ دين اسلام بابت اڀرندڙ انيڪ سوالن جا سائنٽيفڪ نموني ۾ جواب مهيا ڪيا هئا. آئون هن ڪتاب کي تمام اهم سمجھان ٿو ۽ مودوديءَ جي لکڻ جي طرز ۽ معلومات کان بيحد متاثر آهيان.”
    “اسان پڻ. اهو ئي سبب آهي جو لبيا حڪومت هن ڪتاب جون انيڪ ڪاپيون ڇپرائي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مفت ورهايون آهن، جيئن نوجوانن کي اسلام جي صحيح ڄاڻ ۽ قدر پوي.” هن ٻڌايو.
    هتي اها ڳالهه بي محل نه ٿيندي ته مولانا مودوديءَ سان سياسي نظرئي تي کڻي ڪيترا متفق راءِ نه هجن پر سندس مذهبي خدمتن ۽ معلومات کان شايد ئي ڪو انڪار ڪري. مسلمان ملڪن ۾ جيترو مودودي صاحب سڃاتو وڃي ٿو، اوترو شايد ئي ڪو ٻيو پاڪستاني سڃاتو ويندو هجي. سعودي عرب، مصر، لبيا، موراڪو، ماريطانيا جهڙا ملڪ جنهن ۾ سندن به ڪيئي عالم موجود آهن، اتي مودودي صاحب کي پڻ اهم مذهبي شخصيت ۽ علم جو ڀنڍار سمجھيو وڃي ٿو.
    ملائيشيا ۾ ڪيترن، اهو معلوم ٿيڻ تي ته آئون پاڪستاني آهيان، يڪدم مولانا مودوديءَ جو پڇيو هوندو. هتي جي ٻين لئبريرين ۾ ته ڇا پر اسان جي مئرين اڪيڊميءَ جي ٽيڪنيڪل لئبرري، جنهن ۾ نوي سيڪڙو جهازرانيءَ بابت لکيل ڪتابَ آهن، اتي به مولانا مودوديءَ جا انگريزي ۽ ملئي زبانَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب رکيا آهن ۽ هتي جا ماڻهو شوق سان پڙهن ٿا. هتي جي ڳوٺن ۾ هفتي ۾ هڪ ڏينهن جي بازار لڳندي آهي، جنهن کي پاسار مالم سڏجي ٿو. ان ۾ دڪاندار رستن تي شيون رکي سستي اگهه تي وڪڻندا آهن. هڪ همراهه مذهبي ڪتاب، تسبيحون ۽ مُصلا پڻ وڪڻندو آهي. اسان جي ڀر واري ڳوٺڙي ڪئالا سنگائي بارو جي هڪ اهـڙي بازار ۾ ڏسندو آهيان ته مولانا مودوديءَ جا ملئي زبانَ ۾ ترجمو ڪيل ڪتابَ پڻ هوندا آهن. مون وانگر جيڪي پرديسَ ۾ پاڪستاني رهن ٿا ۽ انهن کي ڌارئين ماحول ۾ کاڌي پيتي کان وٺي نماز، روزي، پوشاڪَ ۽ اُٿڻ ويهڻ جا جيڪي مسئلا درپيش اچن ٿا، انهن جا صحيح سمجھاڻين سان جواب مولانا مودوديءَ جي ڪتاب “مسائل و رسائل” ۾ ملندا ـــ جنهن جا ست کن جلدَ ڪيترن ئي پاڪستانين جي بيڊروم ۾ نظر ايندا.
    بهرحال اڄ ڪيترن ئي مهينن بعد ڪوالالمپور اچڻ تي لبيا جي الغرجانيءَ سان ملڻ لاءِ ويس. وچ ۾ عيد تي به نه مليو هئوسانس. گيٽ تي جَگا (چوڪيدار) کان پڇيم. نئون هو سڃاڻي نه پيو. نه مونکي نه الغرجانيءَ کي. نيٺ اتان ئي اندر ويٺل اندرا نالي تامل هندو سيڪريٽريءَ کي فون ڪيم. تنهن ٻڌايو ته هن کي ته ٽي چار مهينا ٿيندا ته بدلي ٿي طرابلس هليو ويو.
    اهو ٻڌي ڏاڍو افسوس ٿيو. لبيا جا ماڻهو ڪهڙا ٿيندا آهن. ملڪ ڪيئن آهي، اهو نٿو چئي سگهان، پر لبيا جي هن همراهه سان ملي ڏاڍو سڪون ۽ مزو ايندو هو. بقول ملئي ماڻهن جي: سندس منهن ۾ چهايا (نور) هو جنهن جي روشنيءَ ۾ مون جهڙي گنهگار جو اونداهو اندر به شايد روشن ٿي ٿي ويو. آئون چپ چاپ فون رکي گاڏيءَ ۾ اچي ويٺس. جالان يو ـــ ٿانت تي ٿورو اڳيان، برونائي واري پراڻي ايمبسيءَ ۾ سعودي عرب جي قونصل خاني ۾ آيس جتي ديني ڪتابن جي لئبرري آهي. ٻاهرين دروازي کان وٺي اندر ڪمرن تائين، ڏاڪڻ کان مٿي ماڙ ۽ هڪ هڪ آفيس ۽ هالَ جو ذرو پرزو غاليچن سان ڍڪيل هو. ڪٻٽن ۾ عربي، انگريزيـءَ ۾ اڄ جي ليکڪن کان وٺي امام غزالي رحه تائين جا ڪتابَ رکيل هئا ـــ ڪي اُڌارا وٺي پڙهڻ لاءِ ته ڪي هميشه لاءِ کڻي وڃڻ لاءِ. سندس انچارج محمد مسعود ۽ اسسٽنٽ احمد سان، مٿي آفيس ۾ اچي مليس، پاڻ منهنجن دوستن ۽ مون لاءِ انگريزي ڪتابن جون ڪجهه ڪاپيون ڏينون.
    انهن ۾ هڪ ته “Islam Our Choice” هو، جنهن جي پهرين صفحي تي لکيل هو ته هي ڪتاب پاڪستان ۾ “عائشه بواني وقف” وارن ڇپرائي طرابلس جي جمعية الدعوة الاسلامية وارن کي مفت ورهائڻ لاءِ ڏنو آهي. ٻيو ڪتاب عراقي ليکڪ شيخ محمد محمود جو هو جيڪو شڪاگو آمريڪا ۾ ڇپيو آهي. ٽيون ڪتاب “Workshop in Islam” هو، جيڪو پڻ مولانا مودوديءَ جو لکيل آهي. هي ڪتاب سعودي عرب حڪومت جي اسلامڪ ريسرچ کاتي رياض مان ڇپرايو آهي.
    آئون پنهنجي لاءِ ۽ ڀر واري ڳوٺ جي هڪ ٻن ملئي دوستن لاءِ قرآن شريف وٺڻ آيو هوس. هلڻ وقت انچارج ڇوڪري ڪٻٽ ۾ رکيل جلدن مان ٻه عدد قرآن شريف جا کڻي ڏنا، جيڪي سعودي عربَ مان تازو ڇپجي آيا هئا. مون وڏن اکرن ۾ لکيل قرآن جو پڇيومانس ته اهي ملي سگهندا!؟
    “Ada, Tapi Buruk” (آهن، پر پراڻا ٿيل آهن) انچارج ملئيءَ ۾ جواب ڏنو.
    “ڇا مطلب؟”
    هو اندرين ڪمري ۾ وٺي آيو جتي ڏهه ٻارهن تمام وڏي سائيز جا ٻه فٽ باءِ ڏيڍ فٽ کن جا وڏا قُرآن شريف رکيل هئا.
    هن ٻڌايو ته هي مڪي کان آيا آهن. اتي جي مسجد م جڏهن ماڻهو پڙهي پڙهي پراڻا ڪندا آهن ته اتي نوان رکي پراڻا هيڏانهن موڪليندا آهن. مون انهن مان ٻه کنيا ۽ اچي گاڏيءَ ۾ رکيا. هيڏي وڏي سائيز جي پني تي هٿ اکرن ۾ لکيل هي قرآن مون پهريون دفعو ڏٺو. پڙهڻ مهل سندس شهيد ٿيل صفحا خيال سان اٿلائيندي دل ۾ اهو احساس ٿيندو آهي ته مون کان اڳ خبر ناهي خدا جي ڪيترن بندن هي قرآن شريف مڪي جي مسجد ۾ ويهي پڙهيو هوندو.
    اسلامي قونصل خاني مان نڪرڻ بعد جالان يوٿانت رستو وٺي ڪوالالمپور جي اهم رستي جالان تن رزاق تي آيس، جيڪو هڪ پاسي سرئمبان، ملاڪا ۽ جوهور بارو شهرن ڏي وڃي ٿو ۽ ٻئي پاسي ڪوالالمپور جو سڄو شهر هن رستي ـــ جالان تن رزاق جي ڀاڪر ۾ اچيو وڃي. رستو Se-Hala (هڪ طرفو) هجڻ ڪري اڳيان اتر ڏي سرئمبان طرف وڃي ، پوءِ ڪار کي يو ٽرن جي نشان وٽان موڙي شهر ڏي واپس ٿيس. رستي تي جپان جي ايمبسيءَ وٽ گاڏي بيهاريم، جتان لئبرري مان مونکي ڪجهه ڪتابَ کڻڻا هئا. گذريل ستن اٺن سالن کان هن پاسي جي ٽن اهم ملڪن: جپان، چين ۽ ملائيشيا ـــ جن ۾ مونکي لڳاتار رهڻ جو ڪافي موقعو مليو آهي ـــ انهن جا پهاڪا گڏ ڪندو اچان، جيڪي هاڻ آخري مرحلي ـــ يعني ڇپائڻ واري منزل تائين اچي پهچايا اٿم.
    پرائمري اسڪول جي ڏينهن ۾ هڪ “گل شڪر” نالي پهاڪن جو ڪتاب پڙهيو هوم. تڏهن کان وٺي پهاڪن ۽ چوڻين ۾ منهنجي دلچسپي رهي آهي. وس پڄندي ڪو پهاڪو يا چوڻي ٻڌندو يا ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهندو آهيان ته نوٽ ڪري ڇڏيندو آهيان. جهاز جي نوڪريءَ بعد مختلف ملڪن ۾ ڪناري جي نوڪري دوران اتي جي ماڻهن سان ملڻ بعد انهن ملڪن ۽ زبانن جا پهاڪا ٻڌي گڏ ڪندو اچان. سنڌي، اڙدو ۽ انگريزي بعد ٻئي نمبر تي مٿين ملڪن جي پهاڪن جو ذخيرو گڏ ڪري سگهيو آهيان، جن جو انگريزي ترجمو ملائيشيا ۾ ڇپائڻ جو ارادو رکان ٿو. جپاني پهاڪن جي سلسلي ۾ جتي جپان جي شهرن: اوساڪا، يوڪوهاما، ڪوبي، ٽوڪيو، ڪيوٽو، ساسيبو وغيره جي ماڻهن مدد ڪئي آهي، اتي ڪوالالمپور ۽ ڪراچيءَ جي جپاني ايمبسي ۽ قونصل خاني جو پڻ ٿورائتو آهيان. جن مونکي سندن لائبررين جي ڪتابن پڙهڻ جي کلي دل سان اجازت ڏني آهي. خاص ڪري هتي ڪوالالمپور جي جپاني سفارتخاني ـــ جنهن جي لائبرري جيڪا فقط سفارتخاني ۾ ڪم ڪندڙ اسٽافَ لاءِ آهي ۽ جتي جي قاعدي موجب هو فقط ٻه ڪتابَ کڻي سگهن ٿا ـــ اتي مونکي بنا ڪنهن پابنديءَ جي ڪتاب کڻڻ جي موڪل ڏني ويئي آهي.
    جپاني سفارتخاني جي مين گيٽ وٽ خاڪي وردي پهريل ديدار سنگهه نالي سک چوڪيدار سئچ دٻائي لوهي دروازي جو اليڪٽريڪل تالو کوليو، جتان لنگهي اندر آيس. رسيپشن وٽان ٿيندو لائبرريءَ ۾ پهتس. لائبرري جي ملئي انچارج زين العابدين مونکي وقت وڃائڻ کان بچائڻ خاطر، جپاني ادب جا چار کن ڪتاب مون لاءِ اڳواٽ چونڊي ڪڍي رکيا هئا. کانئس اهي وٺي چيني ڪلارڪياڻي مسز چئان وٽ آيس، جنهن ڪتاب جا نمبر ۽ نالا نوٽ ڪري ان ئي فارم تي منهنجو نالو ۽ ائڊريس لکي مونکان صحيح ورتي.
    “ڪتابن تي پندرهن ڏينهن جي تاريخ هڻي ڇڏيان ٿي. وڌيڪَ ڏينهن لاءِ جي رکين ته ملاڪا کان فون ڪري ڇڏجانءِ.” مسز چئان چيو.
    “فڪر ئي نه ڪر. هي ڪتاب توکي هڪ ڏينهن ۾ ئي موٽائيندس.” مون وراڻيومانس.
    “ڇو اهو ڀلا ڪيئن؟” هن وائڙن وانگر پڇيو.
    “بس سٺو امپريشن پيدا ڪرڻ لاءِ. هونءَ جو هميشه دير سان موٽائيندو آهيان سو هن ڀيري سڀاڻ ئي موٽائي رڪارڊ قائم ڪندس.”
    “تڏهن به؟”
    “مسز چئان ڳالهه هيءَ آهي جو هن دفعي هينئر جو هينئر ملاڪا موٽڻ بدران اڄ رات هتي ڪوالالمپور ۾ ئي ٽڪي ٿو پوان ۽ ڪتابن جا اهم چئپٽر فوٽو ڪاپي ڪرائي هي ڪتاب توکي سڀاڻي ئي واپس ڏيئي وري ٻيا چار پنج ٻن ٽن هفتن لاءِ کڻي ويندس.”
    ڪتاب وٺي ٻاهر نڪتس ته گيٽ تي سک ٻڌايو ته سامهون واري اسڪول جي ٻارن موڪل مهل منهنجي گاڏيءَ وٽ راند پئي ڪئي. “مون کين ڀڄايو ته صحيح پر مُڙيا ڪونه. آئيندي مهرباني ڪري اسڪول اڳيان در کليل گاڏي نه ڇڏجو.”
    مونکي چار پنج سالَ اڳ جو هڪ واقعو ياد آيو. لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي روڊ وٽ ڪار بيهاري دوستَ سان ملڻ ويس ته واپسيءَ تائين ٻارن چئني ڦيٿن جي هوا ڪڍي ڇڏي هئي ۽ پوءِ ٽئڪسي ۾ سکر هليو ويو هوس. هينئر به ٽئڪسيءَ جو سوچي ڪار جي ويجھو پهتس ته ڏٺم ته بچاءُ ٿيل هو. نه هوا نڪتل هئي نه وائيپر. ڪار جي اندر سيٽ تي به پاڻيءَ جو ٿرماس، بريف ڪيس ۽ ٽشو پيپرن جو دٻو موجود هو. سردار جيءَ جي اڳيان لنگهندي کيس خوشخبري ٻڌايم. وڏو ٽهڪ ڏيندي وراڻيائين:
    “امرتسر هجي ها ته انچر پنچر به ڍرا ڪري ڇڏين ها. هتي جا ڇورا بنهه ڊڄڻا آهن.”
    “اوڪي ديدار سنگهه “Selamat Tinggal هٿ لوڏي سردارجيءَ کان موڪلايم. ۽ جالان تن رزاق ۽ جالان ائمپنگ لتاڙڻ بعد Pusat Bandar (معنيٰ وچ شهر) جي بورڊ وٽان مڙي Jalan Raja Muda تي آيس، جيڪو جالان تنڪو عبدالرحمان سان وڃي ملي ٿو. هن هنڌ تي رهائش جون ڪيتريون ئي هوٽلون آهن. ڪي. ايل. انٽرنيشنل، سائوٿ ايسٽ ايشيا ۽ سٽي هوٽل کان وٺي گرانڊ سينٽرل، پلازا، شيراز، دشرن هوٽل تائين ۽ خبر ناهي ٻيون به ڪهڙن نالن ۽ نمونن واريون ننڍيون وڏيون هوٽلون ـــ جن جو ذڪر ڪنهن به ٽوئرسٽ گائيڊ بڪ يا نقشي ۾ ته نٿو اچي ـــ جو هنن جي مسواڙ ئي ايتري گهٽ آهي جو کين بچندو ئي ڇا هوندو جو اشتهار ڏين.
    پاڪستان جي مسجد جي قطار ۾ هڪ سستي قسم جي هوٽل ۾ اچي رسيپشن (بقول جپانين جي فرنٽ ڊيسڪ) تي رجسٽر تي پنهنجو نالو، ائڊريس، ڪٿان آيو آهيان، پاسپورٽ نمبر لکائي صحيح ڪري ٽي ماڙ تي پنهنجي ڪمري ۾ پهتس. ڪمرو ائيرڪنڊيشنڊ نه هو (ويهه ٻاويهه ملئي ڊالرن ـــ يعني سوا سؤ رپين ۾، هن مهنگائي واري دور ۾، شهر جي لڳل وچ ۾ ٻن پلنگن وارو ڪمرو، هنڌ، ٽوال، صابڻ، فون، بلاڪيٽ، اٽيچڊ باٿ روم، پکو، ٽيبل لئمپ، چمپل ـــ اڃا ٻيو ڇا ڇا ڏيندا) ڪمري جو بالڪني وارو در ۽ دريون کوليم. سامهون تعليم کاتي جي آفيس Jabatan Pelajaran Wilayah Persekutuan هئي. ٻين شهرن کان آيل ماستر، ماسترياڻيون ۽ ٻيو عملو هيڏانهن هوڏانهن ڦري رهيو هو، جيئن اسان وٽ تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر، سيڪريٽري وغيره جي آفيس اڳيان هوندو آهي ـــ ڪو موڪل جي چڪر ۾، ڪو پروموشن جي سلسلي ۾، ڪو هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ جي بدلي لاءِ ـــ يا هتي شايد ٻين ڪمن ۽ مسئلن لاءِ هي ڦري رهيا هجن.باٿ روم جو در کولي ڏٺم. سنڌ يونيورسٽي ٽيچر هاسٽل جي باٿ رومن وانگر پاڻي فل پريشر سان اچي رهيو هو. وهنجي پوءِ ٿوري دير لاءِ ليٽي، جپان ايمبسيءَ مان آندل ڪتابن جو جائزو وٺڻ لڳس ته آيا فوٽو اسٽيٽ ڪرائڻ جهڙا آهن يا نه. سائوٿ ايسٽ ايشيا هوٽل ڀرسان هڪ فوٽو گرافر جو دڪان آهي جنهن کان گهڻو اڳ هڪ دفعو پهرين به ڪئميرا ٺهرائي هيم. ان تي وڃڻ جو ارادو ڪري پنجين بجي ڌاري هوٽل کان نڪتس.
    فوٽوءَ جي دڪان جو مالڪ ماسٽر تان موجود نه هو. سندس زال مسز تان، هڪ سالي ۽ هڪ ڪم واري چيني ڇوڪري فوٽو ڌار ڌار ڪرڻ ۽ دڪان جي صفائي ڪرڻ ۾ رڌل هيون.
    مسز تان مون کان ڪئميرا وٺي ڀيڻس کي ڊارڪ روم (اونداهي ڪمري) ۾ جانچڻ لاءِ ڏني. تيسين وقت پاس ڪرڻ لاءِ مسز تان سان خبرون ڪرڻ لڳس. گراهڪ نه هجڻ ڪري پاڻ به ڪا بنهه واندي هئي.
    “مڙس ڪيڏانهن ويو اٿئي؟”
    “گهر، ٻارن جي سنڀال لاءِ.”
    “ڇو ڀلا؟ اهو ڌنڌو هن ڪڏهن کان شروع ڪيو آهي؟” مون پڇيومانس.
    “دڪان رات جو نائين بند ڪريون. پوءِ هڪ ڏينهن آئون ته هڪ ڏينهن مڙس شامَ جو پنجين بجي ئي موڪل ڪري ٻارن جي نگهباني ڪرڻ وڃون. اڄ مڙس جو وارو آهي.”
    “گهڻا ٻار اٿئي؟” مون پڇيومانس.
    “چار.” هن فوٽو اسٽيٽ مشين کي صاف ڪندي چيو.
    “ڀائرن ڀينرن ۾ تون ننڍي آهين يا ڀيڻين؟”
    “آئون ننڍي آهيان. پر ڏس هونءَ ننڍي لڳي ٿي ۽ آئون پوڙهي.”
    جواب ۾ مون رڳو مرڪيو.
    “هرڪو اهو چوندو آهي ته هوءَ ننڍي ڀيڻَ آهي. اڃا شادي نه ڪئي اٿس ان ڪري پاڻ کي مينٽينڊ رکيو ويٺي آهي.”
    “شادي ڇو نه ڪئي اٿس؟” مون پڇيومانس.
    “خبر ناهي ڇو. ڊراڪ روم مان نڪري ته پڇجانس.”
    “هن کي انگريزي ڪٿي ٿي اچي. ۽ ٻيو ته هوءَ مونسان ايڏو فري ناهي. هونءَ ڪو خاص سبب، ڪا خاص ڪهاڻي ان پٺيان هجي ته تون ئي کڻي ٻڌاءِ.”
    “اچي ته پڇينس.” هن کلندي وري چيو.
    “ٻڌائڻو هجئي ته ٻڌاءِ نه ته ٺهيو. فوٽو اسٽيٽ جو گهڻو وٺندينءَ؟”
    “جپان ڪڏهن ٿو وڃين؟”
    “جپان ڇو ويندس؟” مون پڇيو.
    “هونءَ جو ايندو ويندو هئين.”
    “ان کي سالَ ٿي وي. توکي خبر ناهي ڇا ته مون جهاز هلائڻ ڇڏي ڏنا آهن. اڄڪلهه ملاڪا جي اڪيڊميءَ ۾ تنهنجي ملڪ (ملائيشيا) جي انجنيئرن کي مئرين انجنيئرنگ پڙهائيندو آهيان. يعني هاڻ ماستر ٿيو آهيان.”
    “وسري ويم. ڀلا مونکي جپان ۾ ڪا نوڪري ملي ويندي “ هن پڇيو.
    “جپان وارا پهرين ڏين ئي ڪنهن کي ٿا نوڪري جو توکي ملندي. آئون جيڪو جپان ۾ رهيل هوس سو به پنهنجي ملڪ جا جهاز وٺي ويندو هوس. سامان لهرائڻ ۽ چاڙهڻ بعد چوندا هئا ته نڪرو اسان جي ملڪَ مان ـــ يا وري نوان جهاز ٺهرائڻ ۽ مرمت ڪرائڻ لاءِ اتي ٽڪيل هوس. جن ۾ جپانين جو فائدو هو ان ڪري رهڻ ڏنو هئائون.” مون ٻڌايومانس.
    “تڏهن به ڇا هو ڪجهه سالن لاءِ موڪل نه ڏيندا ته آئون فوٽو گرافيءَ جو دڪان کولي ڪجهه پئسو ڪمائي اچان؟”
    “سائين جپاني توهان چينين کان به وڏا سياڻا آهن. هو ڪڏهن به اهو نٿا چاهين ته ڪو ڌاريون سندن ملڪ مان پئسو ڪمائي وڃي. باقي جپاني ان لاءِ اجازت ڏين ٿا ته ڌارين ملڪن جا ماڻهو سندن ملڪ ۾ گهمڻ يا اهڙي ڪم لاءِ اچن جن مان جپان جي ماڻهن کي فائدو رسي، بس ائين سمجھ جيئن توهان هاڻ ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ ڪري رهيا آهيو. توهان به هاڻ ڪنهن ڌارئين کي ملائيشيا ۾ رهڻ يا نوڪري ڪرڻ جي موڪل ڏيو ٿا؟”
    “ڇو نه؟ هي جو تون نوڪري ڪرين پيو؟”
    “ها اها ڏني اٿو سو به جڏهن مجبور آهيو. جهاز جو ڪو انجنيئر يا ڪئپٽن پنهنجو نه اٿو جو پڙهائي. هاڻ پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي ولايت موڪلي تعليم تي وڏو خرچ ڪرڻ بدران مون جهڙي ايڪڙ ٻيڪر کي گهرايو اٿو، جيئن خرچ بچي. پگهار ڪيترو توري تڪيو ٿا ڏيو ۽ ان تي به هر وقت اهو ياداشتنامو ته جيئن ئي توهان جو پنهنجو ماڻهو تيار ٿيندو ته اسان جي موڪل. بهرحال توهان جي اها ڳالهه سٺي به آهي جو ڪنهن به ڌارئين ملڪ جي ماڻهوءَ کي رهڻ نٿا ڏيو. اهي ملڪ جيڪي ڌارين ماڻهن کي بنهه رهڻ نٿا ڏين اهي سکيا آهن، ڦڏو فساد اتي گهٽ آهي. جتي ڌارين ملڪن جا ماڻهو اچيو نڪرن اتي پوءِ هنگاما فساد شروع ٿيو وڃن.......”
    “جيئن توهان جي ملڪ پاڪستان ۾.” هن منهنجو جملو اڌ ۾ ڪپيندي چيو.
    “مون سمجھيو تنهنجو سڄو وقت اونداهي ڪمري ۾ فوٽو گرافي ڪندي گذري ٿو. پر لڳي ٿو ته اخبار به پڙهين ٿي.”
    “توهان کي پاڻ اسان جي ملڪ جي ڄاڻ گهٽ آهي. باقي اسان ملائيشين توهان جي ملڪ بابت اخبارن ۾ به پڙهون ٿا ته اسڪول جي ڪتابن ۾ به.” هن ٻڌايو.
    “ان مان سبق به حاصل ڪريو ٿا.” مون چيو.
    “تڏهن ٻيو ڇا. ان ڪري ته اسان پاڙي جي ملڪ انـڊونيشيا جي ماڻهن کي به پاڻ وٽ رهڻ نٿا ڏيون. جيتوڻيڪ سندن مذهب ساڳيو آهي، زبان ساڳي آهي، ڪلچر ساڳيو آهي ۽ ان حسابَ سان ته هو ته ڄڻ اسان جا سوٽ ماسات ٿيا.”
    “تنهنجي معنيٰ ته اسين بيوقوف آهيون.”
    “اهو آئون ڇو چوان. پنهنجو پاڻَ کان پڇو ته بهارين کي پاڻ وٽ گهرائي، افغانين کي پاڻ وٽ گهرائي، آفريڪا کان نڪتل ايشين کي گهرائي ڇا هڙ حاصل ٿيو اٿوَ؟ بنگالي به لڪيو توهان وٽ اچيو نڪرن. هندستان ته کين هڪ ڏينهن به نٿو رهائين. ڦريو گريو اهي به پاڪستان ۾. برما کان ماڻهن ڀڄن ته اهي به پاڪستان ۾. ايران کان ڀڄن ته اهي به پاڪستان ۾. هاڻ ته انڊونيشيا جا به ڪيترائي بيروزگار پاڪستان وڃڻ جو سوچي رهيا آهن.”
    اهو ٻڌي منهنجي دل ڄڻ ٻڏي ويئي. پاڪستان ۾ اهي ماڻهو ٽڙي پکڙي رهن ته سڀني کي سيڪ اچي ۽ خبر پوي. پر انهن مڙني لاءِ پاڪستان معنيٰ ڪراچي، حيدرآباد سکر ـــ يعني صوبو سنڌ آهي. جنهن ۾ اصل رهاڪو وڃن مذهب ۽ ملڪ جي نالي ۾ بيروزگار، قرضي ۽ ڏکيا ٿيندا. سنڌ جيڪو صدين کان امن جو ديس سڏبو هو، اتي جا رهاڪو ٿورڙائيءَ ۾ تبديل ٿيندا وڃن. اتي جي غريب ماڻهن سان وڃي جيلَ ڀربا. اتي جي ماڻهن کي ايڏو ڪٽيو ماريو ويو آهي جو هو جانورن جي حد تي وڃي پهتا آهن. سنڌ جي هڪ پروفيسر ٻڌايو ته 1983ع ۾ جيترا سنڌي شاگرد ۽ شاگردياڻيون جيلن، لاڪپن ۽ نظربندين ۾ رکيا ويا، اوترا ڪنهن به ٻئي ملڪَ جا نه ٿيا هوندا. حالت اها وڃي ٿي آهي جو اسان مان دنيا جي ٻين ملڪن جا ماڻهو سبق وٺي رهيا آهن پر اسان وٽ ملڪ ٺهي چاليهه سالَ ٿيا آهن ته به لڏ پلاڻ جو سلسلو بند نٿو ٿئي.
    مونکي ڪا دير گم سي ڏسي مسز تان پڇيو:
    “ڇا پيو سوچين؟ منهنجي ڳالهه دل ۾ ته نه ڪئي.”
    “نه. نه.” مون في الحال سڀ ڪجهه دماغَ مان ڪڍي هڪ دفعو وري هلڪي ڦلڪي موڊ ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪئي. چپن تي زوريءَ مرڪ آڻي پاڻ کي دنيا جو خوش ۽ پرسڪون انسان هجڻ جو ڪوڙو مظاهرو ڪيو.
    “چڱو اهو ٻڌاءِ ته فوٽو اسٽيٽ جو ڇا اگهه آهي؟” مون مسز تان کان پڇيو.
    دروازي وٽ لکيل اگهه ڏي اشارو ڪندي چيائين:
    “ڇهه سينٽ.”
    “ڇهه سينٽ ته تمام گهڻا آهن.” مون هلڻ جي ڪئي ٿي ته ٻانهن ۾ هٿ وجھي راز واري اندازَ ۾ چيائين: “ائين نه وڃ. اگهه تي ٺهي وينداسين.” ۽ پوءِ پنهنجي ئي چيل جملي بابت سوچي ۽ مونکي پنهنجي جسم ڏي گهوريندو ڏسي مرڪڻ لڳي. “منهنجو مطلب آهي فوٽو اسٽيٽ جي آگهه تي ٺهي وينداسين ـــ پنج سينٽ آخري سمجھه.” هن چيو.
    “ڳالهه ٻڌ. ملاڪا شهر ۾ عام طرح ئي چار سينٽ وٺن ٿا. گهڻا پنا ڪراءِ ته فقط ٽي سينٽ. ۽ تون خاص رعايت بعد مون جهڙي پراڻي گراهڪَ کان به پنج سينٽ وٺڻ چاهين ٿي.” مون چيومانس.
    “ان ڪري جو ملاڪا ننڍو شهر آهي. ڪوالالمپور وڏو.”
    “اها ته ڪا اهڙي ڳالهه ئي ناهي. تون مشين ۾ مس ڪهڙي ٿي وجھين. پائوڊر واري يا پاڻيٺ واري.”
    “پاڻيٺ واري. Liquid.” هن وراڻيو.
    “ته پوءِ چار سينٽ به گهڻا آهن. مونکان جي ٽي سينٽ وٺين ته هينئر جو هينئر هوٽل تان وڃي ڪتاب کڻي اچان.”
    “ڪتاب جو ورق ڀلا ڪيڏو وڏو آهي؟” هن پڇيو.
    “وڏو ناهي. A-4 ماپ واري پني تي ڪتاب جا ٻئي صفحا اچي ويندا. ٽي سينٽ في صفحو گنج اٿئي.”
    “چڱو کڻي اچ. چار سينٽ ڏجانءِ.”
    “پوءِ ٺهيو ڪونه ٿو وڃان. مالڪياڻي ٿي ڪري اگهه تي ايڏو گهوپي ٿي ڪرين.”
    “مڙس وڙهي ٿو. چوي ٿو پئسو گهٽ ٿي آڻين.”
    “لڳي ٿو ڪا اڄ ئي وڏي لڙائي ٿي آهي.”
    “نه وڏي لڙائي (Fight) ته ڪڏهن به نه ٿي آهي. بس ننڍا ننڍا جھيڙا (Quarrels) ٿيندا رهندا آهن.”
    “اهي سڀني جا ٿين ٿا. آئون ڪتاب کڻيو ٿو اچان.”
    ڪتاب کڻي آيس ته ڀيڻس ڊارڪ روم مان نڪتي، هٿ ۾ مون واري ڪئميرا هيس، منهن تي هميشه وارو دٻو چڙهيل. فلم رول ڪو ڦاسي پيو، ان ڪري ان کي ويڙهڻ واري pulley نه پئي هلي. جپان ايمبسيءَ وارا ڪتاب فوٽو اسٽيٽ لاءِ ڏيئي، نائين بجي کڻڻ جو وعدو وٺي ٻاهر نڪتس.
    هوٽل کان فوٽو گرافر جي دڪان ڏي ايندي وقت رستي تي پاڪستاني مسجد پڻ اچي ٿي. هاڻ جيئن ته ڪئميرا ٺهي ويئي هئي سو هن مسجد وٽ اچي ٻاهرين گيٽ جو فوٽو ڪڍيم جنهن تي انگريزي ۽ ملئي زبانَ ۾ “پاڪستاني مسجد” لکيل آهي. هيءَ مسجد بنگلاديش (تڏهن مشرقي پاڪستان) ۽ هاڻوڪي پاڪستان جي مسلمانن گڏجي ٺهرائي هئي.
    مسجد جي ٻاهران ڪجهه پٺاڻ بيٺا هئا، جن کان امام صاحب جو پڇيم ته آيا پهريون وارو حافظ مولوي عبدالغفور عيدگاهه جامع مسجد بندر روڊ ڪراچيءَ وارو آهي يا ڪو نئون آيل آهي. همراهن ٻڌايو ته هي نئون آهي. مون سندس فوٽو ڪڍڻ جو خيال ڏيکاريو ۽ هو امام کي نه فقط ٻڌائڻ ويا پر هن کي ٻاهر سڏي آيا. کيڪار ۽ ڄاڻ سڃاڻ بعد گڏجي فوٽو ڪڍرايوسين. ان بعد اندر پنهنجي آفيس ۾ وٺي آيو. جتي سندس زندگيءَ جو احوال مختصر طور نوٽ ڪيم.
    اڳ ۾ ڳوٺ جو ملون بنا علم جي به مولوي سڏيو ويندو هو ۽ مرڻي پرڻي تي پهچي ختما، درود، فاتحائون ۽ نڪاح وغيره پڙهڻ ۽ جملي مذهبي رسمون پوريون ڪرائڻ کان علاوه پنهنجي عقل ۽ علم سارو غلط سلط فتوائون ڏيڻ جو ڪم پڻ سرانجام ڏيندو هو. ۽ اهڙن مُلن اڄ جي نئين ٽهيءَ جي رهنمائي ۽ اسلام جي سچي معنيٰ سمجهائڻ بدران الٽو ڪنهن حد تائين هن کي ڪنفيوز ڪري رکيو هو. پر اڄڪلهه پاڪستان ۾ جتي ڪٿي ديني مدرسن کلڻ ڪري تمام سٺا ۽ پڙهيل ڳڙهيل مولوي مفتي پيدا ٿي پيا آهن جي نه فقط ملڪ اندر پر ڌارين ملڪن ۾ پڻ تبليغي جماعتن جي صورتن ۾ يا مسجدن جا امام ٿي ديني علم جي روشني پکيڙي رهيا آهن.
    ڪوالالمپور جي هن مسجد ــــ پاڪستان مسجد جو پاڪستان کان آيل امام حافظ خليل الرحمان انهن مان هڪ آهي. باقاعدي علم حاصل ڪيل. قول ۽ فعل جو سچو. جنهن جون نه فقط ڳالهيون ٻڌي پر سندس ڀلا ڪرتوت به ڏسي ماڻهو متاثر ٿي وڃن.
    حافظ خليل الرحمان جي عمر ٽيههَ سالَ کن ٿيندي. قداور ۽ گوري رنگ جو هي سهڻو ۽ سمارٽ نوجوان ڪيمبل پور جو آهي. سندس سونهن ۽ سڊول جسم ڏسي چيومانس ته مولوي صاحب توهان ته فلم انڊسٽريءَ ۾ وڃو ها ته اتي به ڪاميابي حاصل ڪريو ها. اهو ٻڌايو ته توهان کي هيءَ راهه اختيار ڪرڻ جو شوق ڪنهن ڏياريو ۽ ڪٿان ڪٿان تعليمَ حاصل ڪيوَ.
    “منهنجا والدين زميندار آهن. کين مذهب سان تمام گهڻو لڳاءُ آهي ۽ هنن جي دلي خواهش هئي ته آئون اسلامي تعليم حاصل ڪريان. ان لاءِ مونکي مختلف هنڌن تان علم حاصل ڪرڻو پيو. آخر ۾ دارالعلوم حقانيه اڪوڙه کٽڪ (ضلع پشاور) مان پڻ حاصل ڪيم. ٽي سال اسلام آباد مان به ديني تعليم حاصل ڪيم. اتي جي نمبر 05 ۾ مدرسو عربيه اسلام مان پڙهيس. هن مدرسي جو باني محمد يوسف بنوري رحمة الله آهي. ان کان علاوه مدرسه خدام الدين مان اوائلي تعليمَ حاصل ڪيم، جنهن جو باني حافظ محمد زمرد خان آهي، جيڪو ڳوٺ سليم خان جو رهاڪو آهي.
    “قرعت ڪٿي سکيائو؟”
    “اها ۽ قرآن کي حفظ ڪرڻ ۽ مولوي عالم جي سند ملتان جي مدرسي سند الفراغت وففاق المدارس مان حاصل ڪيم. ڪراچيءَ مان به قرعت پڙهيس. ٻڪرا پڙيءَ ۾ مدرسو انوار اسلام آهي. ان مان سکيس. اتي منهنجو استاد قادري مولانا احسان احمد دانش هو.”
    “توهان جا ڪجهه ٻيا استاد جن کان توهان ديني تعليمَ حاصل ڪئي هجي؟”
    “مولانا سميع الحق صاحب، مولانا عبدالحليم صاحب، مولانا محمد علي صاحب، عبدالحق صاحب، شيخ محمد حسن جان صاحب ـــ اهي منهنجي استادن مان ڪجهه آهن، جيڪي هميشه ياد رهندا ۽ سندن ٿورائتو آهيان، جن علم جهڙي روشنيءَ سان منهنجو اونداهو اندر روشن ڪيو. ان کان علاوه قرآن جو تفسير مولانا غلام الله خان صاحب راجا بازار واري وٽ پڙهيس”
    “حافظ خليل الرحمان صاحب! ڪي اهڙا نيڪ ماڻهو ٻڌايو جيڪي هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهندا هجن. جن کان ڪو چاهي ته دين ايمان جون ڳالهيون ٻڌي پنهنجو پاڻَ کي صحيح راهه تي آڻي سگهي؟”
    “ڪراچيءَ ۾ هن وقت ڪيترائي وڏا مولوي رهن ٿا، جن مان ڪجهه هي آهن: مولانا محمد تقي عثماني، مولانا سليم الله خان صاحب، مولانا اسوند يار خان، مفتي ولي حسن صاحب ۽ مفتي احمد رحمان، وغيره.”
    پاڪستان مسجد جو هي نئون حافظ خليل الرحمان صاحب ٻن سالن جي لاءِ هتي جي حڪومت سڏائڻ تي اپريل 1986ع ۾ آيو آهي. کانئس ٿوري دير هن ملڪ بابت سندس تاثر معلوم ڪندو رهيس. تيسين هتي جو هڪ جماعتي ٻاهران چانهه وٺي آيو، جيڪا پيئڻ بعد کانئس موڪلائي تنڪو عبدالرحمان روڊ تي Hankyu ڊپارٽمينٽ ۾ آيس. جتان ڪجهه دير گهربل سامان وٺندو رهيس. ساڍا اٺ ٿيڻ وارا هئا سو فوٽوگرافر ڏي موٽيس، جيئن متان دڪان بند نه ٿي وڃي.
    دڪان ۾ ڪو به گراهڪ نه هو. ڪنڊ ۾ رکيل فوٽو اسٽيٽ مشين مٿان هيءَ “مسز تان” جھڪيو بيٺي هئي. پگهر ۾ سڄو شل هئي ۽ آخري صفحن تائين اچي پهتي هئي. منهنجي بيٺي اهي پورا ڪري، ڪاٺ جي گولن واري بورڊ Abascus کي کڻي چئن سينٽن جي اگهه سان حساب ڪرڻ لڳي، پر پوءِ نيٺ ٽن سينٽن تي راضي ٿي ويئي.
    “ويري گڊ! تو مان اها ئي اميد هئي.” مون چيومانس.
    “خبر اٿئي هڪ منٽ به فرحت نه ورتي اٿم.”
    “انهيءَ محنت ڪري ته توهان چيني جنهن ملڪ ۾ رهو ٿا ان جي ايڪاناميءَ تي وڃو قبضو ڪندا. بهرحال مهرباني. رستي تي جيڪي هي چانهه وارا ويٺا آهن، چئين ته انهن مان هڪ گاڏي واري کي تولاءِ چانهه جو آرڊر ڏيندو وڃان.”
    “نه. هاڻ گهر وڃي ماني کائيندس. Sudah Makan تو ماني کاڌي آهي يا نه؟”
    “Belum-Lah اڃا نه.” مون به ملئي زبان ۾ ئي جواب ڏنو مانس.
    Mana Makan? Dikedai Mamak ــ ڪٿي کائيندين؟ ماما جي هوٽل ۾؟” هن پڇيو.
    “Tak Tentu. Mangkin Sana” (پڪ نه اٿم. ممڪن آهي اتي ئي.)
    ملئي زبان ۾ ملڪن کي منگڪن ۽ کائڻ کي مڪن چون ۽ ڏکڻ هندستان کان آيل مسلمان انڊين کي ماماڪ (Mamak) ـــ يعني ماما چون. هن ۾ نه فقط تامل مدراسي پر ملباري، گجراتي، مليالم ـــ سڀ مسلمان اچي وڃن ٿا. انڊين مسلمانن جي هوٽل ۾ وڃبو ته گراهڪن جي رڙ پئي پوندي Mamak! Saya Mahu Roti Canai ماما! مونکي دال روٽي گهرجي. ماما! هڪ ڪوپ چانهه هڪ ڪوپ ڪافي Mamak! Satu cawan teh dan satu cawan kopi.
    ملئي زبانَ ۾ ڪجهه اهڙا به لفظ آهن، جن جي آخر ۾ يا وچ ۾ K اچي. ٿو پر اچاربو ناهي. جيئن Mamak کي لکبو ماماڪ پڙهبو ماما ڪري. اهڙي طرح Macik کي فقط ماچي اچاربو ـــ معنيٰ ماسي. اهڙيءَ طرح Rakyat رعيت، Makjun معجون، Maklum معلوم، Maksyuk معشوق، Makzul معزول وغيره.
    انڊين مسلمان کي ملائيشيا ۾ Kling پڻ سڏجي ٿو. پر اهو لفظ ايترو عام ناهي جيترو ماما. هونءَ ڪيتريون جايون انڊين مسلمانن سان پڻ وابسته آهن، جن مان ڪيترا ته انگريزن، ڊچن ۽ پورچوگيزن جي ڏينهن ۾ آيا. ڪي ان کان به اڳ واپار وڙي لاءِ هتان اچي نڪتا ۽ هميشه لاءِ رهي پيا. پينانگ جي هڪ پراڻي ۽ مشهور مسجد ڪئپٽن ڪلنگ ۽ ملاڪا جي سامونڊي جيٽي تجنگ ڪلنگ اهڙن انڊين مسلمانن جي ياد ڏيارين ٿيون.
    مون واچ ۾ ٽائيم ڏٺو. ساڍا نو ٿي رهيا هئا. فوٽوگرافر جي دڪان جي ٻاهران قطار ۾ ڪيترائي ملئي ۽ انڊونيشين گاڏن وارا هئا، جيڪي مختلف شيون ۽ شربت وڪڻي رهيا هئا. تريل ڪيلا، مي گورينگ (چهريون سويون)، مختلف ميون جي ڪاتر (هڪ قسم جي فروٽ چاٽ)، مرتباڪ (قيمي ۽ بصر وارا اڦراٽا)، چانهه، ڪافي، شربت روس (گلاب)، شربت بارلي، مڇي، اڊانگ چوچو (گانگٽ جا پڪوڙا)، ڪري پاپ (سمبوسا) وغيره Air Tebu (ڳني جي رس) وارو موٽر ۾ ڪمند پيڙي تازي رس ڪڍي رهيو هو. کانئس هڪ گلاس وٺي پيتم. هتي بنا برف وارو رس جو گلاس سٺ سينٽ ۾ ۽ برف وارو ــ جيڪو چمپور (Campor) سڏجي چاليهه سينٽن ۾ ملي. چمپور معنيٰ مليل. ان لفظ جو واهپو هتي تمام گهڻو ٿئي ٿو. نه فقط شيون پر ماڻهو به چمپور ٻڌڻ ۾ ايندا. ڪنهن جي ماءُ ملئي پيءُ انڊونيشي يا انڊين ته اهو ٿيو چمپور. بقول هڪ همراهه جي ملائيشيا سڄو “چمپور چمپور” آهي. منجھس ڪيترن ئي ملڪن، قومن، زبانن ۽ مذهبن جا ماڻهو مليل جليل آهن ـــ يعني هڪ قسم جي Melting Pot آهي.
    هونءَ هتي ڳني جي رس کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ان ۾ برف ملائي چمپور ضرور ڪيو وڃي ٿو. يا هڪ ئي پليٽ ۾ ڀت، ٻوڙ ۽ چٽڻيءَ جون چمپور (مڪسچر) ضرور ملي ٿو. يا برف جي ڪاتر، شربت، سويون ۽ مختلف مٽر ملائي هڪ قسم جو ملئي پيالو ـــ جيڪو اي بي سي (Air Batu Campor) سڏجي ٿو، ضرور نظر اچي ٿو، پر جيڪو چمپور، مڪسچر يا ملاوٽ نظر نٿي اچي، اها آهي ڳاڙهن مرچن ۾ سرن جو ٻورو، ڪارين مرين ۾ پپيتي جو ٻج، اٽي ۾ ڪاٺ جو چورو، گيهه ۾ گريز وغيره ـــ جيڪي ملاوتون اسان جهڙن ملڪن لاءِ عذاب بڻبيون وڃن ـــ ۽ جن جي واپرائڻ سان نت نيون بيماريون پيدا ٿين ٿيون، اهي هتي ملائيشيا ۾ نه برابر آهن. هن ملڪ جي اڌ آدمشماري ملئي آهي، جيڪي مسلمان آهن ۽ هتي جا اصل رهاڪو آهن. هلو سائين انهن لاءِ ته کڻي اهو چئجي ته کين خدا جو خوف آهي ۽ ملڪ جي قانون جو احترام اٿن پر باقي اڌ آدمشماري ــ جن ۾ چيني، هندو، ٻڌ، سک ۽ دهريا اچيو وڃن ٿا اهي به اهڙي حرام جي ڪمائيءَ تي لعنت وجھن ٿا. ڪڏهن ڪو ٻار ڪنهن اسڪول جي ڪئنٽين مان پاروٿي شيءِ کائي رڳو اٻڙاڪ ڏيندو آهي يڪدم اخبارن ۽ ريڊيو تي اچي ويندو آهي ته ۽ ان ڪنٽين واري کي منهن لڪائڻ لاءِ جاءِ نه ملندي آهي. هو ظالم، قوم جو دشمن، بيماري پيدا ڪندڙ ۽ عوام جي صحت سان کيڏڻ وارو ليکيو ويندو آهي، ٻئي پاسي انڊيا، پاڪستان، سريلنڪا، بندگلاديش جهڙن ملڪن ڏي ڏسو جيڪي وڌيڪَ پڙهيل ڳڙهيل، سڌريل سمجھيا وڃن ٿا ـــ انهن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. اتي هر شيءِ ۾ ملاوٽ ڇو اچي ويئي آهي. نج ۽ خالص شيءِ جو تصور ۽ موجودگي ايڏي محال ڇو ٿي ويئي آهي جو زهر به نج نٿو ملي.
    مڃيون ٿا ته اسان جي ملڪن پٺيان پراڻي تهذيب آهي. پنج هزار ڇهه هزار سالَ پراڻي. اسان جي وڏن جي سڌريل هجڻ جون نشانيون موهن جي دڙي، ٽيڪسيلا ۽ الورا اجنتا جي غارن مان صاف ظاهر آهن. سڄي دنيا مڃي ٿي. موهن جي دڙي جون سڌيون گهٽيون، گٽر سسٽم، صفائي سٺائي بلڪل اهو ڏيکاري ٿي ته صفائي سٺائي جا اهي معيار جيڪي يورپ، آمريڪا ۽ جپان هاڻ وڃي حاصل ڪيا آهن، اسان وٽ پنج هزار سالَ اڳ هئا ـــ بلڪل صحيح آهي. پر هاڻ اهو سوچي افسوس ٿئي ٿو ۽ ڌارين ملڪن جا ماڻهو به اسان تي چٿرون ڪن ٿا ۽ خبردار رهن ٿا. هڪ ملئي شاگرد کي ماءُ نصيحت ڪري ٿي ته ابا لندن ويندي ڪراچي ايئرپورٽ تي جيڪي ٽي چار ڪلاڪ ترسڻو پوندئي ان ۾ اتي جي هوٽل يا دڪان تان ڪا شيءِ وٺي نه کائجانءِ. اتي بند ٿيل بوتلن مان به مکيون نڪتيون آهن. دهلي ۽ مدراس جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ پڙهندڙ ملئي شاگردن جون مائرون نصيحتن ۽ چتائن جي ڊگهي لسٽ ۾ جتي ڪٿي کائڻ کان ته منع ڪنديون آهن پر پيئڻ جي پاڻيءَ کان به جھلينديون آهن. ڪولمبو ۽ ڊاڪا ۾ اڪيلو ڦرڻ کان وٺي ڌارئين ماڻهوءَ سان ڳالهائڻ کان جھليو ويندو اهي. ملاوت، گندگي، بدبوءِ، چوري، دوکو، مرزيل ڪتا ۽ بيماريون ٻليون، ڪاڪروچ ۽ ڪانگ، منگهڻ ۽ مڇر، سواريءَ جو اڍنگو بندوبست ۽ هوٽلن ۾ رهائش جي سلامتي ناپيد، تعليم جو ڪريل معيار ۽ آفيس ۾ قدم قدم تي رشوت جو آزار، خالي بوتلن ۽ ڪٽ لڳيل اوزارن واريون اسپتالون ۽ باد فرنگ جهڙيون بيماريون (جيڪي ڪنهن زماني ۾ فقط فرنگين (انگريزن ۽ يورپين) سان وابسته ڪيون وينديون هيون) ۽ پاروٿو پاڻي ۽ دونهاٽيل هوا ـــ اڄ اسان جهڙن ملڪن جي علامت ٿي ويئي آهي. دهلي وڃو يا ڊاڪا، ڪراچي وڃو يا ڪلڪتو، ڪوه مري وڃو يا لاڙڪاڻي ــ مٿيون شيون توهان جو آڌر ڀاءُ ڪنديون ۽ سرڪاري ٽوئرسٽ کاتو ۽ گائيڊ توهان کي فقط پراڻي ۽ سڌريل تهذيب جي لولي ٻڌائي ننڊاکڙو ڪندا.
    بهرحال ڳالهه ملائيشيا جي پئي هلي جتي ان قسم جي ملاوت ناهي، جيڪا اسان وٽ هلي ٿي. ڪئالا ترنگانو کان ڪئالا ڪنگسار تائين، پاسار پاڊانگ کان جوهور بارو تائين هتي هر شيءِ ــــ اٽي، اناج ۽ رڌ پچاءَ جي تيل کان وٺي مرچ مصالحي تائين نج ملي ٿي. پوءِ ان کي توهان خدا جو خوف سمجھو، ملڪ جي قانونَ جو احترام سمجهو، يا پنهنجي قومَ ۽ ماڻهن لاءِ پيار سمجهو يا لالچ ۽ حرام کائڻ کان نفرت سمجهو ـــ بهرحال ڪجهه به سمجهو. هتي جو سيٺ، هتي جو واپاري، هتي جو هوٽل وارو راتو رات پنهنجي قسمت ٺاهڻ ۽ غريب عوام جي ڊاهڻ لاءِ کير ۾ پاڻي نٿو ملائي. مدي خارج دوائون نٿو وڪڻي. ٽن ڏينهن جي پاروٿي ٻوڙ ۾ وڌيڪَ مصالا وجھي گرم ڪري گراهڪن کي نٿو کارائي.
    ملائيشيا ۾ ڪمند تمام گهڻو ٿو ٿئي ۽ تمام صاف ۽ مٺي جنس جو ۽ پيتو به ايترو وڃي ٿو جو ڳوٺ ڳوٺ . شهر شهر جي گهٽيءَ گهٽيءَ ڪمند جي رس وڪڻڻ وارو ضرور ملندو. ۽ هِڪَ خيالَ کان ڪوڪا ڪولا، سيون اپ، سارسي جهڙن هٿرادو ٺهيل شربتن کان هي قدرتي شربت ڇو نه واپرايو وڃي، جڏهن ته هي سستو به آهي ۽ تازو به. هتي جي ماڻهن جي سواد ۽ شوق کي نظر ۾ رکي ملڪ جي وڏين هوٽلن ۾ به ڏينهون ڏينهن ڪمند جو رس هڪ فئشن ايبل ڊرنڪ ٿيندي وڃي ۽ هاڻي ته مئڪڊنالڊ آمريڪن ڪمپنيءَ به پنهنجي مڙني دڪانن تي Air Tebu (ڪمندَ جي رس) شروع ڪري ڏني آهي.
    ڪمند جي رس پيئڻ بعد پنهنجي رهائش واري هوٽل تي آيس. ورتل سامان ۽ فوٽو اسٽيٽ پنا ٺاهي رکيم. اتي هوٽل واري جو فون آيو.
    “صبح جو توهان ڪيڏيءَ مهل ڪار ڪڍندائو؟”
    “چئي نٿو سگهان. اٺين نائين بجي ڌاري.” مون وراڻيومانس.
    “ته پوءِـ هينئر ئي گاڏي پاسي تي ڪري بيهارجو جيئن صبح جو سوير اڳيان بيٺل ڪار وارو همراهه نڪري وڃي.”
    آئون چاٻي کڻي هيٺ لٿس. هِڪَ خيالَ کان اهو ڪم هينئر ڪرڻ صحيح هو نه ته صبح جو خبر ناهي ڪنهن وقت هو ننڊ مان اچي اٿاري. جنهن جي گاڏي اڳيان بيٺل هئي، ان جو تعليم کاتي سان واسطو هو. پاڻ ۽ سندس ٻيا ساٿي جوهوربارو کان ميٽنگ اٽينڊ ڪرڻ لاءِ آيا هئا. پاڻ هوٽل ۾ ترسيو هو، باقي ٻين جا ڪوالالمپور ۾ مائٽ هئا، انهن وٽ وڃي ٽڪيا هئا. کيس صبح جو سوير انهن کي کڻي ميٽنگ لاءِ پهچڻو هو.
    پنهنجي ڪار پاسي تي پارڪ ڪري ماني کائڻ لاءِ ٻاهر نڪتس. پاڪستاني مسجد اڳيان ڪيترائي کاڌي جا اسٽالَ لڳل هئا ــ خاص ڪري ٿائي، انڊين ۽ پاڪستانين جا. دير ٿيڻ ڪري ڪيترا خالي ٿي چڪا هئا پر تڏهن به ٻه ٽي کليل هئا. هڪ اسٽال مٿان بسم الله ۽ چنڊ تاري جو فريم ٽنگيل ڏسي سمجھي ويس ته هيءَ ڪنهن مسلمان جي ئي هوٽل آهي. ڪاٺ جي ٽيبلن مان هڪ جي چوڌاري هڪ ملئي ڇوڪرو ۽ ڇوڪري ٻوڙ ماني کائي رهيا هئا. هڪ ٻئي ٽيبل تي چيني فئملي ويٺل هئي، جن ڀت سان مڇيءَ جو ٻوڙ کائي بس ڪيو هو، جنهن جا ڇلر ۽ ڪنڊا پليٽ جي ڪنڊَ تي رکيل هئا ۽ هاڻ ڪافي پي رهيا هئا.
    آئون جيئن ئي ڀر ۾ هڪ ٻي خالي ٽيبل تي ويٺس ته باجو ڪورنگ (ملئي ڊريس) ۾ ملئي عورت پڇڻ آئي ته ڇا کائيندين. “تُنگو سيڪاجپ” (ٿورو ترسجانءِ) مون هٿ جي اشاري سان ٿوري دير ترسڻ لاءِ چيومانس. هوءَ مونکي ڇڏي چيني همراهن جون خالي پليٽون کڻي اسٽال ڀرسان رکيل پاڻيءَ جي ٽب وٽ ويهي ٿانوَ ڌوئڻ لڳي. اسٽال ۾ رکيل ديڳڙن جي قطار پٺيان سنهي منهن وارو ڊگهو ڇوڪرو ڪاغذ جا نئپڪن ويڙهي رهيو هو ۽ هڪ وڏي عمر وارو تئي تي ماني پچائي رهيو هو. ٻنهي جي منهن جا نقش نقشا ملئي ماڻهن جهڙا نٿي لڳا. قد ڊگهو ۽ جنهن هوٽل ۾ چپاتي، ڊگڙ، نان يا اڦراٽا پچي رهيا هجن، سا پڪ ڪنهن پاڪستانيءَ جي ٿي سگهي ٿي يا اتر هندستاني سک، ڪشميريءَ جي.
    آئون پنهنجي ڪرسيءَ تان اُٿي ماني پچائڻ واري همراهه جي ويجھو آيس، جيڪو باقي بچيل اٽي جي آخري ماني تئي تي وجھي رهيو هو. مون، هتي جي دستور موجب هڪ هڪ ديڳڙي جو ڍڪ لاهي اندر رڌل ٻوڙ ڏٺو. اڌ کان وڌيڪَ ديڳڙا خالي هئا جو ڪافي دير ٿي چڪي هئي. ملائيشيا ۾ هن قسم جا اسٽالَ شامَ جو پنجهين کان وٺي نائين ڏهين تائين هلن ٿا. ان بعد مالڪ ٽيبل ڪرسيون ويڙهي اندر اسٽال ۾ رکن ۽ ديڳڙا وئن يا پڪ اپ ۾ وجھي گهر روانا ٿي وڃن. جتان ٻئي ڏينهن لاءِ رڌي کڻي اچن. اسٽال واري آخر ماني تئي مان ڪڍي باهه وسائي منهنجي ڀرسان اچي بيٺو. مون کيس ڦرهين ۽ پٽاٽن جي ڀاڄي لاءِ چيو، جيڪا هن ڪاٺ جي ڏوئيءَ سان پليٽَ ۾ وڌي. ان دوران مون کانئس سندس ۽ مالڪ جو نالو پڇيو:
    “پاڪستان جو آهيان پر هاڻي ته هتي جو ئي ٿيس، نالو حاجي يونس اٿم. توهان ڪٿي جا آهيو؟”
    “آئون به پاڪستان جو آهيان.” مون کيس ٻڌايو.
    “اڃا پاڪستاني آهيو يا هن ملڪَ جي قوميت اٿوَ؟”
    “اڃا تائين ته پاڪستاني آهيان.” مون مرڪندي وراڻيومانس. جيڪا ڳالهه کيس شايد ٿوري ٽوڪ طور لڳي يا هن پنهنجي ئي خيالن ۾، پليٽ ۾ ٻوڙ وجھندي وراڻيو:
    “بس سائين اسان ته هتي جا ئي ٿي وياسين. 1930ع ۾ آئون هتي ئي ڄايس ۽ هاڻ ته ان کي پنجاهه سالن کان به مٿي عرصو ٿي ويو آهي. منهنجو پيءُ 1916ع ۾ هتي آيو هو ۽ پوليس کاتي ۾ ڀرتي اچي ٿيو هو. رڳو ڀاڄي کائيندائو. مڇي نه کائيندائو؟”
    “نه. مڇي گانگٽ کان الرجي ٿيم ٿي. جيتوڻيڪ وڻيم ڏاڍي ٿي.”
    “ڏاڍي ٻڌايوَ. هتي ملائيشيا ۾ ته سامونڊي کاڌو کائڻ لاءِ خبر ناهي ڪٿان ڪٿان ٿا ماڻهو اچن. توهان ان نعمت کان محروم آهيو. ڀلا ٻيو ڇا ڏيانوَ؟”
    “ٻيو ته ڪجهه تو وٽ بچيو ئي ناهي. ڪڪڙ جو ٻوڙ به ناهي، ڀلا ڳائو گوشت اٿئي؟”
    “بس سائين دير ٿي ويئي آهي سڀ کپي ويو آهي. ڪڪڙ جو ٻوڙ به هوم ته بيضن جو ٻوڙ به. پر سڀ هلي ويو. باقي ڳائو مون رڌڻ ڇڏي ڏنو آهي”“
    “ڇو؟” مون تعجب مان پڇيو.
    “هونءَ هتي ٻن قسمن جو بيف (ڳائو گوشت) هلندو هو. هڪ ملائيشيا جي ڍڳين جو تازو ڪٺل گوشت جيڪو ڏهن ڊالرن (سٺ رپئي) ڪلو ۽ آسٽريليا کان آيل فروزن (ٿڌو ٿيل) گوشت ـــ جيڪو اٺين ڊالرن هلي ٿو. پر اهو به سٺو آهي ۽ ڀلين ڍڳين جو آهي. پر هاڻ ڪجهه مهينن کان انڊيا وارن ڳائو گوشت اسان جي ملڪ ملائيشيا ۾ امپورٽ ڪرڻ شروع ڪيو آهي. هو پنهنجي ملڪ ۾ ته ڳئون کي ڪهي رڌي نٿا سگهن سو غير ملڪي ناڻو ڪمائڻ لاءِ هيڏانهن موڪلڻ شروع ڪيو اٿن. پر افسوس جو سندن ڍڳيون پوڙهيون آهن يا بيمار ۽ ڏٻريون جو گوشت ۾ بنهه مزو ناهي. ۽ شايد ان ڪري اهو گوشت فقط پنج ڊالرن ۾ ڪلو ملي ٿو. سستو هجڻ ڪري اڄڪلهه هتي جي هوٽل وارن جو زور ان گوشت تي آهي. پر منهنجي دل اهڙو گوشت پچائي گراهڪن کي کارائڻ تي نٿي چوي. مانيون گهڻيون ڏيانوَ؟”
    “ٻه. منهنجي خيالَ ۾ هتي اوسي پاسي ۾ توهان ئي آهيو جيڪو ماني پچائي ٿو. مونکي به پاڪستاني مسجد جي پيش امام ٻڌايو.”
    “ها. اڦراٽا ۽ نان ٻيا به پچائين ٿا. پر هي سنهڙيون مانيون ــ جنهن کي ملئي ماڻهو به چپاتي سڏين ٿا سي رڳو آئون پچايان ٿو.”
    ٻوڙ جي پليٽ مون کنئي، چپاتيون ۽ هلڪي رنگ جو گلاب جو شربت پاڻ کڻي مون واري ٽيبل تي رکي منهنجي سامهون ٿي ويٺو.
    “مونکي پيئڻ لاءِ ٿڌو پاڻي ملي سگهندو؟”
    “ها. ها. ضرور “kasi dia gelas air sejuk. ملئي ڊريس ۾ جيڪا عورت ٿانوَ ڌوئي رهي هئي، ان کي حاجي يونس ٿڌي پاڻيَ جا ٻه گلاسَ آڻڻ لاءِ چيو.
    “دراصل هتي اهو فئشن چئجي يا رسم ته هرڪو مانيءَ تي به پاڻيءَ بدران شربت يا چانهه ڪافي پيئي ٿو. ايترو مٺاڻ کائڻ به سٺو ناهي ۽ ٻيو ته شربت اڃ مارڻ بدران ويتر تانگهه وڌائي ٿو.” حاجي يونس ٻڌايو.
    ملئي عورت پاڻي رکيو ته حاجي يونس کيس مون بابت ٻڌايو: “Dia Dari Pakistan” ــ هي پاڪستان کان آيل آهي ۽ مونکي ان عورت جي واقفيت ڪرائيندي ٻڌائين ته هوءَ سندس زالَ آهي ۽ هن جا ماءُ پيءُ هتي جا ملئي آهي.
    “توهان کي مون ٻڌايو پئي ته بابو ملائيشيا آيو ته وري واپس نه ويو. اسين هتي ئي ڄاواسين ۽ اسين به تڏهن واپس پنجاب وڃي نه سگهياسين. ٻي وڏي لڙائي شروع ٿي ويئي. جپاني ڌوڪيندا اچي هتان نڪتا. انگريزن جون وايون بتال ٿي ويون. اسان نوڪر ماڻهو سمجھ ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪجي. تن ڏينهن ۾ سفر ڪو ائين سولو نه هو. جيسين ڪو جهاز اچي. ان لاءِ پئسو ٿي کتو. اسان غريب ماڻهن کي وارو به ڪو ائين سولو نٿي مليو، پهرين اهم ماڻهن ڀڄڻ جي پئي ڪئي. ملائيشيا مسلمانن جو ملڪ آهي. اسين ڇڙا هئاسين. اڳيان پويان ڪير ڪونه هو. سمجھه ۾ نه پئي آيو ته وطن وڃي به ڇا ڪجي، جتي پڻ جنگ جو اولڙو لڏي رهيو هو. هتي ئي ترسي پياسين. پوءِ شادي به هتي ڪئيسين. ٻار ٿيا ۽ وڏا به ٿي ويا. اهو ڇوڪر جيڪو بيٺو آهي اهو منهنجو ننڍڙو پٽ آهي، ٽي ڌيئون ٻه پٽ اٿم.”
    “ماني سٺي اٿانوَ.” مون ٻه چار گرهه کائيندي چيو، “ڀلا هي رڌ پچاءُ ـــ هوٽل جو ڪم ڪيترن سالن کان ڪندا اچو؟”
    حاجي صاحب کلندي چيو: “هي ڪم هاڻ شروع ڪيو اٿم. اڃا سال به نه ٿيو آهي. هن کان اڳ بئنڪ ۾ چوڪيدار هوس.”
    “پوءِ اها نوڪري؟” مون پڇيومانس.
    “ڇڏي ڏنم. سائين ٿيو هيئن. توهانکي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايان ٿو. بئنڪ ۾ آئون ٽيهن سالن کان نوڪر هوس. پگهار سٺو هو پر مسئلو هر وقت موڪل جو رهيو ٿي. ٻن سالن کان مون کي ٻن ٽن مهينن جي موڪل کتي ٿي جو ٻارن کي پاڪستان وٺي وڃڻ چاهيم ٿي.
    .چئبو ته مائٽن کي وساريو نه اٿانوَ.”
    “بلڪل نه. ٻه ڀيڻون ۽ ڀاءُ اٿم. انهن جو اولاد آهي. لاهور ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ رهن ٿا ۽ ٻني ٻاري جو ڪم ڪن ٿا. گهڻن ڏينهن کان ڀاءُ جي صحت صحيح نٿي رهي ۽ پنهنجي زال ۽ ٻارن کي به پنهنجو ملڪ ڏيکارڻ چاهيم ٿي. سو نيٺ بئنڪ جي نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏنم. رهيل پگهار ۽ هيترن سالن جو فنڊ ملائي مونکي مليا ڪل ٽيهه هزار کن ڊالر ـــ يعني پنهنجا ٿيا ٻه لک رپيا کن. انهن مان ڪجهه هتي رکي ٻيا کڻي ٻارن کي پاڻ سان وٺي پاڪستان پهتس. هڪ وڏي ڇوڪريءَ جي ڀاءَ جي پٽ سان شادي ڪرايم. باقي ٻن ننڍن ڌيئن کي قرآن حفظ ڪرڻ تي ويهاريو اٿم. پٽن کي واپس ملائيشيا هلڻ لاءِ چيم ۽ آئون ۽ زال ماشاءَ الله حج ڪري هتي پهتاسين. نوڪري ته ويئي هلي. پيٽ گذر لاءِ ڪجهه ته ڪرڻو پوندو. پوءِ جيڪي پئسا هتي ڇڏي ويو هوس تنهن مان هي اسٽال، ديڳڙا ۽ ٿانوَ ورتا اٿم. هاڻ آئون ۽ زال صبح جو ڀاڄي ڀتي وٺي گهر ۾ رڌ پچاءُ ڪريون ۽ شامَ جو گاڏيءَ ۾ سامان رکي هتي وڪڻڻ لاءِ اچون. اٽو گهران ڳوهي ايندا آهيون ۽ پوءِ گرم گرم ماني هتي اچي پچايان. ملئي توڙي چينين کي هونءَ ئي گهر کان ٻاهر کائڻ جي گهڻي عادت آهي سو ٻين سان گڏ منهنجو هي هٽڙو پڻ سٺو پيو هلي.”
    اتي پاسي واري گهٽيءَ کان ڪرامت سپر مارڪيٽ جي ڪنڊ وٽان ڇهه ست ملئي ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا عجيب فئنسي اڌ اوگهڙ وارن ڪپڙن ۾، نچندا ٽپندا، هڪ ٻئي سان چرچا ڪندا، اسان جي ڀرسان لنگهي ويا. ڇوڪرين جي منهن تي گهاٽي ميڪ اپ جو تهه چڙهيل هو ۽ ٻنهي ڌرين جي وارن جون ڪجهه چڳون، اڄڪلهه جي فئشن مطابق رنڱيل هيون. هتي جي مشهور ٽينس رانديگر مصبون صديق ۽ ڳائڻي داتو شيخ کي ڏسي ٻين به هي فئشن شروع ڪيو آهي. ۽ اهي وري انگلينڊ ۽ فرانس ۾ رهي موٽڻ وقت اها نواڻ هتي کڻي آيا آهن. اسان کين گهوري ڏٺو ته هڪ ٻن پنهنجي چيلهه کي لوڏو ڏيئي Disni aku menanti ملئي گاني جو ٿلهه ڳائي سيٽي وڄائي.
    جڏهن پري، ڪوالالمپور انٽرنيشنل هوٽل ڏي هليا ويا ته حاجي يونس ڳالهايو:
    “ٽي وي ڏسي ڏسي هاڻ هن ملڪ جي نوجوانن جو به خانو خراب ٿي ويو آهي. نه ته هي ملئي اهڙا اڍنگا ڪپڙا ۽ حرڪتون هرگز نه ڪندا آهن.”
    “اهو ئي آئون سوچي رهيو آهيان. هي سڀ ڪجهه سال ٻن کان معاملو بدلجڻ شروع ٿيو آهي.” مون کيس کلندي چيو، “خبر اٿانوَ حاجي صاحب! آئون ڪتابن ۽ اخبارن لاءِ سفرناما پڻ لکندو آهيان. پنج ڇهه سالَ اڳ جيڪي ڪجهه هتي جي ماڻهن ۽ هن ملڪَ لاءِ لکيو آهي ان جا پڙهندڙ اڄ جيڪڏهن هي لَقاءُ اچي ڏسن ته مونکي موچڙا هڻن ته مون ڪوڙ لکيو آهي. هتي ته ڪجهه ٻيو ئي نمونو هلي پيو ــ خاص ڪري ڪوالالمپور ۾.”
    “ها سائين! هي سڀ ڪم هاڻ وڌندا وڃن. سنگاپور وارن کي ڏسي ملائيشيا جا چيني ماڊرن ٿين ٿا ۽ انهن کي ڏسي هي اسان جا ملئي پڻ.”
    “پر حاجي صاحب اها ڳالهه آهي ته هي چند مثال آهن نه ته هتي جي گهڻائي اڃا به باادب، بافضيلت ۽ پراڻن قدرن ۽ ڳالهين کي مڃڻ واري آهي. ۽ هي چند مثال به شهرن ۾ نظر اچن ٿا نه ته ڳوٺن ۾ ــ خاص ڪري جنهن پاسي آئون رهان ٿو، هن ملڪ جا نوجوان سڀ ڪجهه هوندي به شوبازي ۽ ٽرڙپائي کان پاسو ڪن ٿا. هو تعليم ۽ ملڪ جي نالي روشن ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا.”
    ٿوري دير ماني کائڻ بعد حاجي صاحب کان مون پڇيو: “سائين ڀلا توهان وٽ ڪهڙا گراهڪ اچن ٿا؟”
    “هر قسم جا. ملئي اچن ٿا. چيني اچن ٿا. ويندي يورپين ٽوئرسٽ اچيو نڪرن. پاڪستاني هن پاسي اچي ٿو ته اهو به پهرين هتي اچي ٿو. خبر اٿانوَ پهرين هتي جا ماڻهو اسان جي ماني نه کائيندا هئا پر هاڻ هنن کي ڏاڍي وڻي ٿي. اهو ان ڪري جو پاڻ جيڪو ٻوڙ رڌيون ٿا ان جو مرچ مصالو چڱيءَ طرح ڀُڃي پوءِ لاهيون ٿا. ٻين وانگر نه جيڪي اڌ ڪچو اڌ پڪو لاهيو وٺن، پوءِ ان مان گرم مصالي جي ڌپ پيئي اچي ۽ اهو کاڌو پيٽ ۾ به سور ڪري ٿو.”
    ڀر وارن ٽيبلن تان ملئي ۽ چيني همراهه ڪڏهن ڪو وڃي چڪا هئا. حاجي يونس جي زال ۽ پٽ هاڻ خالي ديڳڙا پنهنجي گاڏيءَ ۾ رکي گهر موٽڻ جي تياريءَ ۾ هئا. مون به هٿ ڌوئي مانيءَ جو بل ٻه ڊالر ٽيهه سينٽ ڏيئي حاجي صاحب کان موڪلايو.


    ڪوالالمپور اندر

    هن مهانگائيءَ واري دور ۾ دنيا جي جن چند شهرن وڏي ترقي ڪئي آهي، ڪوالالمپور پڻ انهن مان هڪ آهي.
    شهرن جي تواريخ ۾ جتي هزارها سالَ پراڻا شهر پيا آهن اتي ڪوالالمپور ڪو گهڻو پراڻو شهر ناهي. سؤ سوا سؤ سال کن اڳ ته هن شهر جي نالي کان هن تر جا ماڻهو به گهڻو واقف نه هئا. ڪوالالمپور کان وڌيڪَ جھونو شهر ته ڪلانگ (Kalang) آهي، جيڪو ٽيهارو کن ڪلوميٽرن اتر ۾ سمنڊ جي ڪناري تي آهي ۽ اڄ به بندرگاهه جا ڪم سرانجام ڏئي ٿو. ڪوالالمپور سمنڊ جي ڪناري تي هجڻ بدران ڪلانگ ۽ گومباڪ (Gombak) ندين جي سنگم تي آهي.
    هونءَ ته دنيا جا پراڻا شهر ۽ تهذيبون ندين جي ڪناري تي ئي موجود آهن ڇو جو جيءَ جي جياپي لاءِ انسان لاءِ پاڻي ضروري آهي. پر ملائيشيا جون هي نديون اها اهميت نٿيون رکن، جيڪا گنگا جمنا، سنڌوندي، ڪرناڦلي ۽ اروادي رکن ٿيون ڇو جو ملائيشيا جي ماڻهن کي الله جي فضل سان پاڻيءَ جي ڪا به کوٽ ناهي. ٻارهوئي جتي ڪٿي مينهن پيو وسي ۽ ملائيشيا ۾ نه ماڻهو وهٽ ۽ نه ٻني ٻارو اڃ مري ٿو. بقول ملاڪا جي هوٽل واري جي ته پاڻي اسڪاءِ جيوس (آسماني رس) آهي، جنهن تي سندن ڪو خرچ ناهي. قدرت طرفان اها کين گهر ويٺي ملي ٿي. ۽ ڪوالالمپور جو شهر پاڻيءَ جي موجودگي ڪري نه پر ٽين جي کاڻين ڪري هتي ٻڌو ويو. جنهن هنڌ تي ڪوالالمپور جو پراڻو شهر ـــ ائمپنگ وارو علائقو آهي اتي ڪنهن زماني ۾ ٽين جا وڏا ذخيرا هئا. جن کي کوٽي ڪڍڻ لاءِ پري پري کان ماڻهو اچڻ لڳا. کوٽائي لاءِ مزورن جي کوٽ ٿي پيئي ته چين جهڙي ڏورانهين ملڪ کان سٿن جا سٿا چيني مزدورن جا ڪم لاءِ ملايا ۾ اچڻ لڳا. مٿيون نديون جيڪڏهن ٿورو گهڻو ڪم آيون ٿي ته آمدورفت لاءِ ـــ سو به فقط تن ڏينهن ۾. باقي پيئڻ لاءِ اڄ به سندن پاڻي صاف ناهي. ڪلانگ ندي، جنهن سان ڇوڙ ڪرڻ کان اڳ گومباڪ ندي به ملي ٿي، سڄي گپ سان ڀريل آهي. ان گپ جي ئي ڪري هن شهر تي “ڪوالالمپور” نالو پيو. ملئي زبان ۾ گپ کي Lumpur سڏجي ٿو. ۽ Kuala (ڪئلا يا ڪوالا) معنيٰ “نديءَ جو منهن”. بهرحال ٽين ۾ ايڏي وڏي ڪشش هئي جو هڪ ٻئي پويان ماڻهن جا قافلا هتي گڏ ٿيندا ويا. مالڪ سيٺ، ڪمدار ڪامورا، مزدور مددگار، ڪمي ڪاسبي ـــ ڏينهون ڏينهن سندن تعداد وڌندو ئي ويو. ۽ اُٿندي ئي هن شهر ۾ وڌڻ ويجھڻ لاءِ اهڙا ته پڪا اهڃاڻ ڏنا جو تن ڏينهن جو انگريز حاڪم ــــ جنهن هن رياست سلنگور جي گادي ڪلانگ شهر ۾ ٺاهي رکي هئي، تنهن کي اتان پٽرائي ڪوالالمپور ۾ آڻڻ جو سوچڻو پيو.
    نيٺ 1880ع ۾ برٽش ريزيڊنٽ (بلوم فيلڊ ڊگلس) ڪلانگ شهر مان مڙيئي آفيسون پٽرائي ڪوالالمپور ۾ ان جاءِ تي اچي پختيون ڪيون، جتي هينئر پڊانگ (Padang) آهي. پوليس بئرڪون ۽ ڪجهه گهر “بڪت امان” تي ٻڌايا ويا، جنهن جي پٺيان سلنگور ڪلب آهي. جتي هينئر پرائيم منسٽر جو ڊپارٽمينٽ آهي اتي ريزيڊنسي آفيس آندي ويئي. خرچ بچائڻ لاءِ ڪلانگ واري آفيس جو هڪ هڪ تختو ۽دري دروازو پٽرائي ڪوالالمپور آندو ويو. هاڻ جيتوڻيڪ ان آفيس کي وڏو ڪيو ويو آهي پر تڏهن چڱي ننڍڌي هئي ۽ جنهن ۾ هڪڙو ئي انگريز بهادر ڪامورو رهندو هو، جيڪو سڄي رياست جو والي سمجھيو ويو ٿي.
    برٽش ريزيڊنٽ ڊگلس لاءِ چيو وڃي ٿو ته ايترو همت ۽ ڦڙتائيءَ وارو نه هو. 1882ع ۾ سويٽنهام نالي هڪ جوان ۽ همت وارو انگريز آيو، تنهن پنجن سالن اندر هن شهر ڪوالالمپور کي ايڏو صاف سٿرو ڪرايو ۽ وڌيڪَ ٺاهيو جوڙيو جو انهن ڏينهن ۾ هن شهر لاءِ چيو ويندو هو ته:
    “Kuala Lumpur is the Neatest and Prettiest Chinese and Malays Town.”
    تن ڏينهن ۾ يپ ـــ آه ــ لوئا (Yap - Ah - Loy) نالي هڪ چيني همراهه ڪئپٽن چينا هوندو هو. يعني هڪ قسم جو ميئر هو. چيو وڃي ٿو ته هن، شهر جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ، ڪافي ڪم ڪيو. هو مارڪيٽ اسٽريٽ تي هڪ وڏي گهر ۾ رهندو هو جتي هينئر هانگ ڪانگ شنگهائي بئنڪ آهي.
    مارڪيٽ اسٽريٽ اڄڪلهه “پاسار بسار اسٽريٽ” سڏجي ٿي. هن هڪ وڏو چيني مندر پڻ ٺهرايو جنهن جو نالو “زي ـــ يا” (Sze-Ya) ٽيمپل آهي، جنهن جي چوڌاري اڄڪلهه جالان بندر ۽ لبوح پودو وارا دڪان آهن. (ملئي زبان ۾ جالان معنيٰ رستو يا شاهراهه ۽ لبوح معنيٰ گهٽي.)
    ڪئپٽن چينا جي گهر جي سامهون جيڪا مارڪيٽ هئي اتي رات جو کاڻين جا مالڪ ۽ انهن ۾ ڪم ڪندڙ چيني همراهه کوٽائيءَ مان ڪمايل ناڻي تي جوا اچي کيڏندا هئا. سهڻن گهرن کان علاوه سادا ۽ غريباڻا گهر پڻ جام هئا. کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کان علاوه گاڏا ۽ بار گهلڻ وارا چيني مزور، لوهار، واڍا، گاڏن ۽ خومچن وارا، ڏيا ٻارڻ وارا ـــ جيڪي رات جو ڏيئي ۾ تيل وجھي ٻاريندا هئا، ان کان علاوه رنڊين جو گهڻو ڳاڻيٽو هو. ٽي سؤ کن رنڊين جي رهائش جو بندوبست ته ڪئپٽن چينا يپ ـــ آه طرفان ٿيل هو. اڌ شهر جو ته مالڪ ئي پاڻ هوندو هو.
    انهن ڏينهن جون شهر واريون گهٽيون اڄ به ساڳيون ئي ور وڪڙن واريون آهن. فقط دڪان نوان ۽ سهڻا ٿيندا رهن ٿا. 1886ع ۾ اٽڪل ٻٽيهه ڪلوميٽر ڪلانگ کان ڪوالالمپور جي جالان چينگ لاڪ تائين ريلوي لائين وڇائي ويئي ۽ اتي ئي پهرين اسيٽيشن ٺاهي ويئي. ان کان پهرين هڪ سال اڳ (1885ع) ۾ تيرهن کن ڪلوميٽرن جي ريلوي لائين تائيپنگ کان پورٽ ويلڊ تائين وڇائي ويئي هئي. اڄ جهاز، فيرين، بس موٽر ڪارن هوندي به ملائيشيا جي ريلوي Keretapi Tanah Melayu (ڪي. ٽي. ايم) سواريءَ جو اهم ۽ آرامده ذريعو آهي.
    اڄ جو مـشهور سلينگور ڪلب 1884ع ۾ هڪ ڪاٺ جي ٻه ماڙ بنگلي ۾ کوليو ويو هو. پوءِ چوڌاري پکڙيل دلدل واري زمين کي مٽيءَ سان ڀري ڪرڪيٽ جو گرائونڊ ٺاهيو ويو، جيڪو پوليس پريڊ گرائونڊ طور پڻ استعمال ٿيندو هو.
    1887ع ۾ پڊانگ (Padang) واري پسگردائيءَ ۾ ڪوالالمپور جي پهرين پوسٽ آفيس کولي ويئي ۽ اتي ئي سينٽ ميري وارو چرچ ٺاهيو ويو. (رومن ڪئٿولڪ عيسائين جو “سينٽ جان گرجا گهر” 1882 ۾ بڪت ناناس تي ٺهي چڪو هو.)
    پاڊانگ (ملئي لفظ. معنيٰ ميدان) جالان راجا تي آهي، جتي هر سال ملائيشيا جي آزاديءَ واري ڏينهن ــ 31 آگسٽ تي پريڊ، رانديون ۽ ٻيون خوشيون ملهايون وڃن ٿيون. پاڊانگ ۽ سلينگور ڪلب جي سامهون ڳاڙهين ۽ اڇين پٽين واري مغل نموني جي سلطان عبدالصمد بلڊنگ آهي، جيڪا آرڪيٽيڪٽ ۽ مغرب ۽ مشرق جو ڄڻ ميلاپ آهي. ٿورو ئي اڳتي سٽي هال جي عمارت اهي، جيڪا 1896ع ڌاري ٺاهي ويئي هئي. اها پڻ جيتوڻيڪ مشرقي نموني جي آهي پر ساڳي وقت ان مان لنڊن جي ايڊورڊين عمارتن جو پڻ هڳاءُ اچي ٿو.
    ڪوالالمپور ــــ يا K.L (جيئن عام طرح سان هي شهر سڏجي ٿو)، ان ۾ هڪ ٽوئرسٽ کي وقت هجي ته اهي مٿيون تواريخي شيون ضرور ڏسي، جيڪي شهر جي وچ ۾ ئي آهن.
    پاڊانگ کان ٿورو اڳيان جالان تن پيراق اچي ٿو، جتي انفارميشن بلڊنگ جي عمارت لتاڙڻ بعد مسجد جامي آهي. ٻئي شيون عمارت سازيءَ جي لحاظ کان ڏسڻ وٽان آهن. هيءَ پراڻي مسجد ان هنڌ تي آهي، جتي گومباڪ ۽ ڪلانگ نديون هڪ ٻئي سان مليو هڪ ٿيو وڃن ۽ جتان ڪي. ايل جو شهر وڌڻ شروع ٿيو هو. هن ٽڪري ۾ اڃا تائين ڪيتريون ئي پراڻيون عمارتون ـــ گهر ۽ دڪان نظر ايندا جن مان چيني ملئي ۽ انگريزي آرٽ جا نمونا صاف ظاهر ٿين ٿا.
    مسجد جامي کان پوءِ جالان ملايو ويجھو ئي آهي جيڪو نالي مان ته لڳي ٿو ته ان تي ملئي گهڻا هوندا پر حقيقت ۾ اتي انڊين آهن ـــ گهڻو تعداد ڏکڻ هندستانين جو آهي. ان بعد گجراتي، سک، سنڌين جا دڪان پڻ آهن. جيئن سنگاپور جي سرنگون روڊ کي ننڍڙو انڊيا سڏيو وڃي ٿو، تيئن ڪوالالمپور جو هي علائقو ننڍڙو انڊيا سڏي سگهجي ٿو. ڪارا ڪارا مدراسي کير جهڙين اڇين گوڏين ۽ پهراڻن ۾ پان چٻاڙيندا، ڳاڙهيون پڪيون اڇليندا نظر ايندا. دڪانن تي مٺايون، چوڙيون، مرچ مصالا، هندستاني رسالا ڪتابَ ۽ هندو ڌرم جي ديوتائن وارا ڪئلينڊر، اسٽيل ۽ پتل جا ٿانوَ، چمڪ واريون ساڙهيون ۽ گوڏيون ۽ گلن جا هار نظر ايندا. مٺائيءَ ۾ لڏون، برفي ۽ جليبي، ۽ چهر ۾ سنها گانٺيا (مُرڪو) ۽ بجيا (واڊي) شيشي جي ڪٻٽن ۾ گول ٿالهن ۾ رکيل هوندا.
    ٿورو پٺيان ڪوالالمپور جي هڪ ٻي مشهور مسجد ـــ مسجد انڊيا پڻ آهي، جيڪا هندستان جي مسلمانن ٺهرائي ۽ انڊيا جي ايمبسي به اتي ئي آهي. سو ٻئي ڪنهن ملڪ جو هن پاسي اچي يا نه پر هندستان جو ضرور ايندو. مٺائي وٺڻ، ايمبسيءَ جي ڪم، جمعي نماز پڙهڻ يا ڪنهن مائٽ جو هندستان کان کڻي آيل خط مالڪن کي پهچائڻ لاءِ.
    اڄ جي جالان پيتالنگ، جالان سلطان ۽ جالان بندر تي ڪوالالمپور جو چائنا ٽائون ڏسڻ وٽان آهي ـــ جيڪو ڪافي پراڻو، سوڙهو ۽ پيچيدو علائقو آهي. ان جالان بندر تي ئي Sze-Ya مندر آهي جنهن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي. ان مندر جي ٻاهرين خوبي ۽ اندر چيني تائو ڌرم (Taoist) جي پوئلڳن کي اگربتيون ۽ ڪوڙا نوٽ ساڙي عبادت ڪندو ڏسي سگهجي ٿو. ساڳي روڊ تي ٻي ڪنڊ تي “سري ماريا مان” هندو مندر آهي، جتي هندو پوڄاري نظر ايندا. هي مندر 1873ع ۾ ٺهيو. مندر جو گوپر (دروازي مٿان وڌيل ڀت جنهن تي ڪيترائي رنگين بت رکيل ٿين ٿا). ايندڙ ويندڙ جو ڌيان ڇڪائي ٿو ۽ ولايت کان آيل ماڻهو ان اڳيان ڪئميرائون جھلي فوٽو ڪڍڻ ۾ مشغول نظر اچن ٿا.
    ڪي. ايل ۾ جالان مئدان تئانڪو (Medan-Tuanku) تي هڪ پراڻي عمارت وسما لوڪ آهي. (ملئي زبان ۾ جاءِ کي بنگونان چئجي ٿو ۽ تمام وڏي جاءِ، عمارت يا ڪامپليڪس کي Wisma چئجي ٿو) وسما لوڪ 1884ع ۾ هڪ چيني همراهه چيئو ـــ آه ـــ ييوڪ (Cheow-Ah-Yeok) ٺهرايو، جيڪو پراڻي ڪي. ايل کي ٺاهڻ واري ڪئپٽن چينا يپ جو ويجھو دوست هو. (1892ع ۾ سندس مرڻ بعد ڪوالالمپور جي هڪ ارب پتيءَ چينيءَ ــ مسٽر لوڪ ييئوءَ (Loke-Yew) ان کي خريد ڪري ان ۾ وڌيڪ تبديليون ۽ مرمت ڪرائي، جيڪا يارهن سال هلندي رهي). هيءَ بلڊنگ ــ وسما لوڪ يا لوڪ ــ هائوس، ڪوالالمپور شهر جي پهرين عمارت آهي، جيڪا سيمنٽ ۽ سرن مان ٺهي. مسٽر لوڪ جي فئملي هن عمارت ۾ 1930ع تائين رهي. ان بعد هي گهر خالي رهيو. وچ ۾ جپانين جي قبضي ۾ رهيو ۽ وري انگريزن جي اچڻ تي هن گهر ۾ چيني اسڪول کليو ۽ ان بعد پوليس جي اسپيشل برانچ جو اسڪول. 1982ع کان هيءَ عمارت وري خالي پيئي آهي.
    ٻيون عمارتون جيڪي پراڻن ڏينهن جي ياد ڏيارين ٿيون. انهن مان هڪ باڪ ـــ هائوس (Bok-House) پڻ آهي، جيڪو ائمپنگ روڊ تي آهي ۽ ويجھڙائيءَ ۾ هن عمارت ۾ ٿوري تبديلي ڪري Le coq dor نالي ريسٽورينٽ ٺاهي ويئي آهي.
    ڪجهه ڏينهن اڳ ڪوالالمپور ۾ باتو روڊ جا سٺ سال ملهايا ويا. باتو روڊ انگريزن جي دور جو ٺهيل رستو آهعي ۽ چيو وڃي ٿو ته ڪوالالمپور جو هي پهريون رستو آهي، جيڪو پٿرن سان پڪو ڪيو ويو هو ۽ شايد ان ڪري هن رستي جو نالو باتو روڊ پئجي ويو. ملئي زبان ۾ باتو (Batu) معنيٰ پٿر. ۽ هي رستو پڪو ٿيڻ تي ظهار آهي هن رستي کي ماڻهو پٿرن وارو رستو يعني Jalan Batu سڏڻ لڳا. ملايا جي آزاديءَ بعد هن رستي جو نالو بدلائي هن ملڪ جي پهرين پرائيم منسٽر تنڪو عبدالرحمان نالي رکيو ويو. ۽ هن روڊ کي ڪجهه وڌايو پڻ ويو آهي نه ته اصلي باتو روڊ جالان مائونٽ بئٽن (جيڪو هاڻ جالان تن پيراق سڏجي ٿو) کان وٺي جالان ڪئمپ بيل (جيڪو هاڻ جالان ڊانگ وانگي Dang Wangi سڏجي ٿو) تائين هو.
    پراڻي باتو روڊ وارين عمارتن ۾ ڪيتري ئي ردوبدل اچي ويئي آهي، پر پراڻي دور جون ٻه عمارتون اڃا به ساڳي روپ ۾ آهن. هڪ ڪئٿي آرگنائيزيشن جي اوڊين سئنيما ۽ ٻي ڪوليسيم (Colisum) سئنيما ۽ ڪيفي جيڪا 1921ع ۾ ٺهي. تن ڏينهن ۾ پڻ اهي عمارتون هن روڊ جون اهم نشانيون هيون ڇو جو ٻيا سڀ دڪان ۽ گهر هنن جي مقابلي ۾ ننڍا هئا.
    تن ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ رابن سن ۽ وائيٽ ويز(White ways) اعليٰ شين جا دڪان سمجھيا ويندا هئا پر تڏهن به عوام ۾ باتو روڊ ۽ مسجد انڊيا روڊ وارا دڪان گهڻو مشهور هئا. رابن سن دڪان پوءِ بند ٿي ويو، ان جي جاءِ تي اڄڪلهه يونائيٽيڊ ايشين بئنڪ جا هيڊ ڪوارٽر آهن. وائيٽ ويز جي ڀر ۾ هڪ سک جو دڪان گيان سنگهه نالي پڻ هتي جو اهم شاپنگ سينٽر رهيو آهي. سماجي گڏجاڻين ۽ اعليٰ درجي جي فنڪشن لاءِ هتي جي لي وانگ ڪي (Lee Wong Kee) هوٽل پڻ خاص سمجھي وڃي ٿي، جيڪا فقط ٽيهارو سالَ کن اڳ کلي آهي.
    باتو روڊ (هاڻوڪي تنڪو عبدالرحمان روڊ) تي ڪجهه ٻيا به اهم ۽ تواريخي دڪان آهن. هڪ ته “P.H Hendry” نالي زيورات جو دڪان آهي. هي دڪان باتو روڊ تي 1920ع ۾ کليو. ان کان اڳ پاسي واري رستي جالان ملايو تي “سلوني بيڪري” نالي هو جتي زيورات کان علاوه ڊبل روٽي ۽ سلوني چانهه پڻ وڪامي ويندي هئي.
    هينڊري جي دڪان کان علاوه گلوب سلڪ اسٽور نالي هڪ سنڌيءَ جو دڪان پڻ هن رستي تي مشهور آهي. گلوب سلڪ اسٽور مسٽر تيرٿ داس ڄيٺانند اڄ کان پنجاهه سالَ کن اڳ پهرين سيگامت شهر ۾ کوليو. ان بعد اتي بند ڪري ڪوالالمپور جي هن رستي ـــ جالان تنڪو عبدالرحمان تي آندو. پاڻ 1972ع ۾ سٺ سالن جي ڄمار ۾ اسنتا اسپتال ۾ گذاري ويو. اڄڪلهه سندس اڪيلو پٽ تان سري ڪشو سڄو ڪاروبار هلائي ٿو.
    انهن پراڻين شين سان گڏ جيڪڏهن اڄ جو ماڊرن ڪوالالمپور ڏسڻو آهي ته پوءِ ان لاءِ جالان بڪت ـــ بنتانگ ۽ جالان سلطان اسماعيل ڏي رُخ رکڻ ضروري آهي. جتي اڄ جي دنيا جون ماڊرن هوٽلون ۽ فئشنبل دڪان ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽور آهن. ڊسڪوٿي ۽ ڪلب آهن. وڏيون ۽ سهڻيون آفيسون ۽ انهن اڳيان بيٺل نون ماڊلن جون مهانگيون ڪارون ۽ فئشنبل پوشاڪن ۾ ماڻهو آهن.


    ڪوالالمپور کان ٻاهر

    ڪوالالمپور ۾ جيڪڏهن توهان هڪ يا ٻن ڏينهن لاءِ آيل آهيو ته پوءِ شهر ۽ ان جون مختلف گهٽيون، دڪان ۽ عمارتون ڏسڻ ۾ ئي توهان جو چڱو وقت گذري ويندو. پر جي گهڻن ڏينهن لاءِ آيل آهيو يا شهر اڳهين ڏٺل اٿوَ ته پوءِ شهر کان ٻاهر ويهه پنجويهه ميلن جي دائري ۾ ڪيتريون ئي شيون توهان جي لاءِ نواڻ ۽ تفريح پيدا ڪري سگهن ٿيون. پوءِ جي ٻارن سان آهيو ته Negra-Zoo جهڙي چڙيا گهر ۾ ئي سڄو ڏينهن گذارري سگهو ٿا. هني مون تي آيل آهيو ته گئنتن هاءِ لئنڊ جهڙي سهڻي ۽ جابلو جاءِ هتي ٻي نه ملندي. جوئا جا شوقين پڻ هتي نظر اچن ٿا جو هن ريجن جو وڏو Casino (جوئا خانو) هتي آهي. دوستن سان پڪنڪ ملهائڻ جي موڊَ ۾ آهيو ته ٿورو پري سمنڊ ۾ پکڙيل مختلف ٻيٽن: ڪئري آئيلينڊ، پلاءُ ڪيتام (Ketam) وغيره مان ڪنهن تي فيري يا ٻيڙيءَ ذريعي وڃڻ بهتر ٿيندو جي تنهائي پسند، شاعر طبيعت يا قدرتي شين ۾ دلچسپي رکو ٿا ته پوءِ ٽيمپلر پارڪ ڏي ئي رُخ رکڻ ۾ عافيت آهي. اهي مڙيئي شيون شهر کان پرڀرو آهن. جن کي ڏسڻ کان عام ٽوئرسٽ ته محروم رهي ٿو پر مشغول زندگي ڪري ڪوالالمپور جا شهري پڻ. جيئن ڪراچيءَ جي مشغول ماڻهن، ويجھو هوندي به ڀنڀور، مڪلي يا منگهو پير جهڙا اهم ۽ تواريخي هنڌ نه ڏٺا هوندا.
    ڪوالالمپور سامونڊي ڪناري وارو شهر ناهي. ان ڪري بندرگاهه جا فرض سامونڊي ڪناري وارو ڀر وارو شهر ڪلانگ ادا ڪري ٿو. انگريزن جي ڏينهن ۾ پورٽ ڪلانگ جو نالو بدلائي انگريز آفيسر جي نالي “پورٽ سويٽنهام” رکيو ويو هو. جيڪو هاڻ وري ساڳي پراڻي نالي ــــ پورٽ ڪلانگ سان سڏيو وڃي ٿو. ڪوالالمپور ۽ ڪلانگ ساڳي رياست سلينگور (Selangor) ۾ آهن. هن پاسي واري سامونڊي ڪناري (ويسٽ ڪوسٽ) جا سامونڊي تانگها ڪنارا ايڏا صاف ۽ سٺا نه آهن جيڏا ايسٽ ڪوسٽ پاسي ــــ يعني پهانگ، ترنگانو ۽ ڪيلنتان رياستن ڏي.
    بهرحال توهان سمنڊ جي ڪناري تي وقت گذارڻ بدران پورٽ ڪلانگ کان ٻيڙيءَ ذريعي پڪنڪ ۽ گهمڻ خاطر ڪنهن ويجھي ٻيٽَ تي وڃي سگهو ٿا. جيڪڏهن توهان ڪڏهن ڪنهن ننڍي ٻيٽ تي نه ويا آهيو ته هي سٺو تجربو رهندو. آخرڪار انڊونيشيا، فلپين جهڙا ملڪ به ههڙن هزارين ٻيٽن جا مجموعا آهن. ڪوالالمپور کان ويجھي ۾ ويجھو ٻيٽ ڪئري يا پلائو ڪيتام آهي. کائڻ پيئڻ لاءِ چاهي توهان ڪجهه پاڻ سان کڻي وڃو يا هتي جو لوڪل کاڌو ڪنهن هٽڙي يا ڪاٺائين هوٽل تان وٺي کائي سگهو ٿا.
    پلائوڪيتام کي ته هڪ ننڍڙو شهر به چئي سگهجي ٿو. هڪ صدي کن اڳ، چين جي صوبي هائين جي رهاڪن ملائيشيا ۾ پهچي هن ٻيٽ تي رهائش شروع ڪئي هئي. پر اڄڪلهه گهڻائي ٽيوچو ڳالهائڻ وارن چينين جي آهي. هتي جي رهاڪن جي زندگي جيتوڻيڪ ڏکي ۽ سخت آهي ــ جيئن سنڌ ۾ ڪچي جي رهاڪن يا ڪناري تي رهندڙ مهاڻن جي. پر اهو آهي ته بيحد ڌيرج، سانت ۽ سڪون واري زندگي آهي. نه گوڙ شور نه ٽرئفڪ جئم ۽ نه گاڏين فئڪٽرين جو دونهون.
    ڪئري ٻيٽ تي چيني ۽ ملئي ماڻهن کان علاوه ڪيترائي پاڪستاني ۽ انڊين رهن ٿا، جيڪي پوک ۽ کيتي ٻاڙيءَ جو ڪم ڪن ٿا. هن ٻيٽ يا ٻين اوسي پاسي وارن ٻيٽن تي پورٽ ڪلانگ کان لانچ ۽ فيرين ذريعي اچي وڃي سگهجي ٿو، جن ۾ سمنڊ جو سير به سٺو ٿيو وڃي. هي ٻيٽَ ڌارين ٽوئرسٽ لاءِ ايترو سٺائي سان سينگاريا نه ويا آهن. پر، ملائيشيا حڪومت، انهن تي جي ڌيان ڏئي سٺو ٺاهي ته انهن جو قدر به ايترو ٿي سگهي ٿو، جيترو سنگاپور جي سنتوسا ٻيٽ جو آهي.
    ڪئري ٻيٽ جي سامهون هڪل جڳهه آهي، جيڪا تلوڪ (Teluk) سڏجي ٿي. اها پڻ ڪلانگ کان ڪلاڪ جي پنڌ تي آهي. ڪلانگ ۽ ڪوالالمپور کان شوقين ماڻهو، کيکڙا کائڻ لاءِ هتي ايندا آهن. کيکڙو گانگٽ وانگر سامونڊي کاڌو (Sea-Food) آهي. پاڪستان ۽ عرب ملڪن ڏي کيکڙو جيتوڻيڪ تمام گهٽ ـــ نه برابر کاڌو وڃي ٿو پر هن پاسي ــ ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ ڏکڻ فلپين جا مسلمان تمام گهڻي شوق سان کائين ٿا ۽ سندس گوشت گانگٽ وانگر بيحد لذيذ چيو وڃي ٿو. ڳاڙهن مرچن ۽ ٻين مصالن تي تريل يا ٻوڙ وانگر رڌل تازا ڦاسايل کيکڙا، آيل گراهڪن کي تختن جي ميزن ۽ بئنچن تي پيش ڪيا وڃن ٿا. ڏينهن جو هتي رونق نه هوندي آهي پر رات جي وقت ڪيترائي چيني ۽ ملئي ماڻهو پهچي ويندا آهن. ڪن سان گڏ يورپي مهمان پڻ هوندا آهن.
    شامَ گذارڻ لاءِ بڪت بلاچان به سٺي جاءِ آهي، جيڪا ائمپنگ واري رستي تي آهي. ۽ جيڪڏهن صبح جي وقت اوڏانهن وڃو ٿا ته پوءِ ان بعد ملائيشيا جو قومي چڙيا گهرــ زو نگارا پڻ واٽ تي ڏسي سگهو ٿا، جيڪو اتان ڪو گهڻو پري ناهي ۽ هر روز صبح جو نائين کان شامَ جو پنجين تائين کليل رهي ٿو. چڙيا گهر جي ٽڪيٽ وڏن لاءِ اڍائي ڊالر ۽ ننڍن لاءِ هڪ ڊالر آهي. (شاگردن لاءِ فقط ٽيهه سينٽ) جانورن ۽ پکين جا پڃرا پري پري هجڻ ڪري پنڌ ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو. منجھس اورانگ اتان (باندر جو قسم جيڪو ماڻهوءَ سان گهڻو ملي ٿو) ۽ هٿرادو ٺهيل ڍنڍون ڏسڻ وٽان آهن.
    ڪوالالمپور کان پرڀرو وڃڻ لاءِ هڪ ٻيو هنڌ آهي، جتي صاف پاڻيءَ جي نهر هر وقت وهي ٿي، اهو آهي ڪئلا ڪوبو بارو (Kubu-Baru) گولفر اڪثر هتي گولف کيڏڻ لاءِ اچي نڪرن ٿا.
    ڪوالالمپور کان ٻاهر هڪ ٻي مزيدار جاءِ ٽيمپلر پارڪ آهي. اپوح پينانگ ڏي ويندڙ هاءِ وي تي ڪوالالمپور کان ايڪيهه ميل کن پري هي ٽيمپلر پارڪ دنيا جي پراڻن پارڪن مان هڪ آهي. سوا هزار هيڪٽرن تي هي پارڪ قدرتي نظارن جي شوقينن ۽ پڪنڪ ملهائڻ وارن لاءِ دلپسند جاءِ چئي سگهجي ٿي، جيڪا سرڪاري طرح 1954ع کان پبلڪ لاءِ کولي ويئي.
    سڄو ملائيشيا وڻ ٽڻ ۽ ساوڪ سان ڀريل آهي. ملائيشيا جا ڪيترائي جهنگل سؤ ملين ــ ڏهه ڪروڙ سالن کان به پراڻا آهن. ٽيمپلر پارڪ جا پراڻا وڻ ۽ گهاٽو جهنگ ڏسي تعجب لڳي ٿو ته هن ايامن جي پراڻي دنيا کان فقط ويهه ميل پري ماڊرن تهذيب ۽ سوسائٽيءَ جو شهر ڪوالالمپور آهي.
    هالي ووڊ جي هڪ مشهور انگريزي فلم “The Seventh Day” جا ڪيترائي نظارا هن پارڪ ۾ فلمايا ويا آهن. اداڪار وليم هولڊين، سوسوناه يارڪ ۽ ڪاپسين ان فلم ۾ ڪم ڪيو آهي.
    قدرت جا نظارا ڏسڻ واري لاءِ باتو غارون (Batu – Caves) به اهم شيءِ آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ ڌارين ملڪن جا ماڻهو پري پري کان ڪهيو اچن ٿا. هي پڻ ڪوالالمپور شهر کان ٻاهر اتر طرف، يارهن ميل کن پري آهي.
    گنتنگ هاءِ لئنڊ، فريزر هل ۽ ڪئمرون هل ملائيشيا جا مشهور پهاڙي علائقا آهن، جيڪي جيتوڻيڪ سلينگور رياست جي ڀر واري رياست پهانگ ۾ آهن پر ڪوالالمپور کان ڪي گهڻو پري ناهن ـــ خاص ڪري ان لاءِ جيڪو ڪوالالمپور ۾ هفتي ٻن لاءِ ٽڪيل آهي ۽ وقت پاس ڪرڻ لاءِ گهمڻ ڦرڻ چاهي ٿو. ۽ جيڪڏهن ڪو ايترو پري نٿو وڃڻ چاهي ته انسانذات جي هٿرادو ٺهيل سهڻي ڍنڍ، پارڪ ۽ ٻارن جي راندين ۽ وندر جو باغيچو Mimaland ڏسي سگهي ٿو. ميمالئنڊ ڪوالالمپور شهر کان سڏ پنڌ تي آهي. منجھس ٺهيل جھوپڙين جهڙا گهر Chalets، هوٽل وانگر مسواڙ تي ڏنا وڃن ٿا ۽ گهڻو ڪري يورپ جهڙن ٿڌن ملڪن جا ماڻهو شهر ۾ هوٽل جي ڪمري ۾ رهڻ بدران هتي رهڻ پسند ڪن ٿا. رات جو اونداهه ٿيڻ بعد جيتن جڻن جي چرپر ۽ صبح ساجھر پکين جو مٺيون لاتيون جھنگل جو ڏيک ڏين ٿيون ۽ انسان کي اهو احساس ڏيارين ٿيون ته هو شهر جي گوڙ گهمسانَ ۽ وڏين عمارتن جي قيد کان آزاد ٿي ٻاهر کليل فضا ۾ ساهه کڻي رهيو آهي.
    ميمالئنڊ ۾ ٻن ٽن قسمن جي رهائش آهي. ڪي جھوپڙين (موٽل نما) اندران ايئرڪنڊيشنڊ ۽ غاليچن واريون آهن جن جي اڪيلي ڪمري جا نوي ملئي ڊالر ورتا وڃن ٿا ۽ ڊبل جا سؤ کن آهن. ڪي شئلي (Chalets) تختا ڊگها ڪري، پاڻيءَ مٿان ٺاهيون ويون آهن. جتان اندران ئي ويٺي ويٺي توهان مڇيءَ جو شڪار ڪري سگهو ٿا ۽ ٻاهر نڪرڻ جي به ضرورت ناهي. انهن جي مسواڙ هڪ رات جا ڏيڍ سؤ کن ڊالر آهي. ان کان علاوه سستي رهائش لاءِ وڏا ڪمرا (ماڊرن لانگ هائوس) ٺهيل آهن، جنهن ۾ هڪ بستي جا ٻارهن تيرهن ڊالر ورتا وڃن ٿا. پول ۾ ترڻ جي في ڏيڍ ڊالر آهي، ٽينس کيڏڻ جي پنج ڊالر، ميمالئنڊ جي گهاٽي جنگل ۾ ڪنهن گائيڊ سان گڏ سير ڪرڻ جي في ويهه ڊالر آهي. سڄو ڏينهن مڇيون ڦاسائڻ جي في پنج َڊالر آهي. ميمالئنڊ ۾ اندر گهڙڻ لاءِ به في رکيل آهي. وڏي لاءِ ٻه ڊالر ننڍي لاءِ ڊالر کن.
    هونءَ وقت پاس ڪرڻ لاءِ سبانگ وليج ڏي به رُخ رکي سگهجي ٿو ــ جتي سستا چيني کاڌا مشهرو آهن. ڪوالالمپور جي هوائي اڏي جو نالو پڻ سبانگ آهي. (ملئي زبان ۾ ڪن جي ايرنگ کي Subang سڏجي ٿو) ڪراچيءَ جي بندو خان جي چڪن تڪي ۽ ٽنڊي آدم جي پڪل ران وانگر هتي جي تريل، پڪل ۽ رڌل بدڪ مشهور آهي جنهن کي کائڻ لاءِ هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ تائيوان کان آيل چينين ۽ جپانين جو ڪافي مارو رهي ٿو.
    جيڪڏهن ملائيشيا جي ڳوٺن جو نظارو ڪرڻو آهي ته ڪيپانگ وارو رستو اختيار ڪجي. اُلو لنگت (Ulu-Langat) واري ضلعي کان مغربي ڪنارو (West -Coast) وٺي هلڻ ۾ رستي تي ڪيترائي مهاڻن جا ڳوٺ ۽ سارين جا فصل نظر ايندا. ملائيشيا ملڪ بيحد وڏو آهي پر ماڻهو ٿورا اٿس ـــ ان جو احساس ڳوٺن ۾ پهچي هيڪاندو گهڻو ٿئي ٿو، جتي موڪل واري ڏينهن تي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو نظر اچن ٿا. نه ته انڊونيشيا، بنگلاديش، انڊيا ۽ پاڪستان جي ڳوٺن جا نظارا هن کان نرالا آهن.
    ملئي ماڻهو تمام سٻاجھڙا آهن ۽ ڳوٺن جا ته وري هيڪاندا. پر ان جو مطلب اهو ناهي ته هو ڪي بيوقوف آهن. يا هو ٻين کي سمجھي نٿا سگهن. ٿورو ئي عرصو رهڻ بعد سمجھ ۾ اچيو وڃي ته هو هوشيار ۽ ڏاها آهن پر طبيعت ۾ هو ماٺيڻا ۽ صابرين آهن. ڪنهن به ڳوٺ ۾ لهي، زبان نه اچڻ جي باوجود به هنن سان ملي سگهو ٿا. پنهنجي زبان ۾ کيڪار ڪري سندن اکين مان سندن دلين جي خوشي ۽ آڌرڀاءُ محسوس ڪري سگهو ٿا ـــ کانئن ناريل وٺي انهن جو پاڻي پي سگهو ٿا. سندن گهر اڳيان لڳل پپيئي، چڪون، رمبوتان وڻن جي ميوي جي گهر ڪري، کائي سگهو ٿا. ۽ مون کي پڪ آهي ته گهڻو ڪري هو توهان کان ان جي قيمت پئسن ۾ وٺندي آر محسوس ڪندا. جيئن سنڌ جا ڳوٺاڻا کير ۽ ڏڌ لاءِ ۽ عربستان جا کجي ڇوهاري جا پئسا وٺندي عيب محسوس ڪن ٿا.
    وير لهڻ وقت توهان کي سامونڊي ڪنارن جا ڳوٺاڻا ريتيءَ واري ڪناري مان Kepah (سپون) کوٽيندي نظر ايندا. توهان به چاهيو ته انهن سان گڏ چونڊي سگهو ٿا يا کائڻ لاءِ هنن کان وٺي سگهو ٿا. هن پاسي جا ماڻهو ـــ چيني توڙي ملئي مسلمان کيکڙن وانگر سپون به شوقَ سان کائين. گهڻو ڪري سپ کي ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ ڪجهه دير رکن. ائين ڪرڻ سان سپ ۾ رهندڙ ڪينئون مريو وڃي ۽ پوءِ سپ جا پڙ آسانيءَ سان کولي، ان ڪينئين کي مرچ مصالن سان رڌي کائي سگهجي ٿو. باقي جيسين ڪيئنون جيئرو آهي. هو سپ جا پڙ ــ جيڪي هن لاءِ بچاءُ آهن، مضبوطيءَ سان بند رکي ٿو.
    ڪئالا لنگات ضلعي ۾، ڪلانگ ۽ مورب (morib) شهرن واري رستي تي هڪ جاءِ آهي بندا (Banda) نالي. هتي، ڪنهن زماني ۾، هن رياست جا سلطان رهندا هئا. سندن پراڻو محل (Istana) پڻ آهي، جتي سلطان سليمان رهندو هو. ان شهر جو نالو بندرتماشا (Bandar-Temasya) هو. ملئي زبان ۾ شهر کي بندر سڏجي ٿو. ۽ تماشا معنيٰ : ڪاڄ، فنڪشن، رانديون رونديون. يا کڻي چئجي تماشو. (ملئي زبان ۾ Sy گڏ لکڻ سان ش جو اچار ٿئي ٿو، جيئن انگريزيءَ ۾ Sh گڏ لکڻ سان ش جو اچار ٿئي ٿو) هيءَ اها جڳهه آهي جتي D.Day تي، هي علائقو واپس وٺڻ لاءِ، لارڊ مائونٽ بئٽن جي رٿ موجب انگريز فوج جي جهاز لنگر اچي ڪيرايو هو ۽ ٻارهن هزار سپاهي ۽ فوجي لاريون لاٿيون ويون هيون.
    ٿورو اڳتي ڪئالا سلينگور شهر آهي، جيڪو پڻ ملائيشيا جو تواريخي شهر آهي. ڪئالا سلينگور بعد اڳيان تجنگ ڪرانگ شهر آهي، جيڪو هن رياست جي چانورن جو وٽو (Rice-Bowl) سڏيو وڃي ٿو. چوڌاري سارين جو ئي فصل نظر اچي ٿو ۽ سڄي رياست کي چانور هتان مهيا ٿين ٿا.
    انهن شهرن ۽ جاين کان علاوه هن رياست سلينگور جا ٻيا به ٻه ٽي شهر مشهور آهن. جيڪي ڪوالالمپور جي ئي ويجھڙائيءَ ۾ آهن. هڪ ته سڀ ۾ گهڻو ڪجانگ (Kajang) آهي، جتي جا ساتي تمام مشهور آهن. ساتي ٻوٽي ڪواب کي سڏجي ٿو، جيڪو گهڻو ڪري ڪڪڙ يا ڍڳي جي گوشت مان ٺاهين. گوشت جون ننڍڙيون ننڍڙيون ٻُوٽيون ڪري، سنهي تيليءَ ۾ پوئي، مٿان ٿوري کنڊ ٻرڪي ٽانڊن تي پچايو ويندو آهي.
    ڪجانگ کان علاوه بانگيءَ (Bangi) جو شهر آهي، جيڪو يونيورسٽيءَ جي ٽائون شپ آهي. ۽ باتو ارانگ (Batu Arang) شهر ڍنڍَ کان مشهور آهي.
    چون ته ته سفر هوش وڌائي ٿو:
    “Travel Broadens the Mind.”
    ۽ اهو واقعي جي درست آهي ته پوءِ ان لاءِ ڪوالالمپور پهچي هڪ مسافر کي هي اوسي پاسي واريون جايون ڏسڻ ۾ ڪو گهڻو خرچ يا وقت نٿو لڳي.


    ڪشو ـــ سگريٽ ۽ شراب نه پيئڻ وارو سيٺ

    ڪوالالمپور جي مشهور ترين رستي ـــ جالان تنڪو عبدالرحمان تي “گلوب سلڪ اسٽور” نالي هڪ ڇهه ماڙ دڪان آهي. ڪوالالمپور ۾ جيتوڻيڪ ان کان ڪيترائي وڏا دڪان آهن پر گلوب سلڪ اسٽور سڀني ۾ مشهور آهي. نه فقط ڪوالالمپور شهر يا ان جي سڄي رياستن سيلينگور ۾ پر اوسي پاسي جي ٻين به ڪيترين ئي رياست کان ماڻهو هتي شاپنگ لاءِ اچن ٿا. ملاڪا رياست ۾ رهندڙ اسين ڪجهه پاڪستاني، انڊين، برمي، سلوني ۽ ٻيا غير ملڪي پڻ مهيني ٻئي ڪوالالمپور وڃي، گلوب سلڪ اسٽور تان خريداري ڪري ايندا آهيون. خاص ڪري قميص، ٽاءِ، پينٽ، ڪڇا، گنجيون، چڍيون، ڪچو ڪپڙو، ٻارن جا اسڪول يونيفارم، چادرون، پڙدا، ريڊيو، ڪئسيٽ وغيره جهڙين شين لاءِ ڪوالالمپور ۾ گلوب جهڙو سستو ۽ بهتر دڪان ٻيو ناهي جتي ٻارهوئي ڄڻ Sale لڳي پيئي آهي. عيد، ڏياري، ڪرسمس، نئين سالَ جو ڏينهن، گوتم ٻڌ جو جنم ڏينهن يا ويندي چينين جي نئين سال ۽ هر ڇنڇر تي هن دڪان ۾ پيهه پيهان هوندي آهي. گراهڪن جي مدد لاءِ، ٻن شفٽن مان هر هڪ ۾ سؤ کن ڇوڪريون Sales-Girls ڪم ڪن ٿيون، اهڙيون ويهارو کن ڪئشير ڇوڪريون پئسا وصول ڪرڻ تي آهن ۽ انهن مٿان سنڌي سپروائيزر ـــ ڪشوءَ جا مائٽ ۽ وفادار دوست نظرداريءَ لاءِ هر ماڙ تي پسار ڪن ٿا. هڪ ڪئشير ڇوڪريءَ کان پڇيم: “توکي هن دڪان ۾ ڪم ڪندي ڪيترا سال ٿيا آهن؟”
    “ويهه سال.” وراڻيائين. پاڻ مدراسڻ هئي. شڪل مان به لڳي رهي هئي. ساڳيو سوال هڪ ٻي پنجابي سک عورت کان ڪيم. کيس گلوب سلڪ اسٽور ۾ نوڪري ڪندي پنجويهه سالَ ٿي چڪا هئا. تنهن جي معنٰي مالڪ نوڪرن مان خوش آهن ۽ نوڪر مالڪن مان. جپانين وانگر نوڪر پڻ دڪان، ڪمپني يا آفيس سان هميشه جو ساٿ رکن ٿا،. نڪاح ۽ نوڪري عمر ڀر جي نڀائڻ لاءِ ڪن ٿا. گلوب ۾ هڪ ٻي ڳالهه به ڌيان تي چڙهي ٿي. ملائيشيا جي هوٽلن، وڏن دڪانن يا سپر مارڪيٽن ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪريون گهڻو ڪري چينياڻيون آهن. ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ ملئي يا انڊين (تامل، گجراتڻ يا سکڻي) هوندي. اهو ان ڪري آهي جو چيني مردن وانگر چيني عورتون توڙي ڇوڪريون تمام گهڻو پورهيت ۽ جفاڪش آهن. ٻيو ته هتي پئسي وارا چيني آهن. دڪان يا مارڪيٽون به انهن جون آهن. ظاهر آهي هو ڌارئين قوم جي ماڻهن کي رکڻ بدران پنهنجي جيون چينياڻيون ئي رکن ٿا. پر گلوب سلڪ اسٽور ۾ ڪم ڪندڙ سيلز گرلس ۽ ڪئشير ڇوڪريون ڀانت ڀانت جون نظر اچن ٿيون. جيتريون چيني آهن اوتريون ئي ملئي تامل، سک وغيره پڻ.
    ملاڪا جي هڪ همراهه مونکي ٻڌايو هو ته اهو دڪان ـــ گلوب سلڪ اسٽور ڪشو ڄيٺانند نالي هڪ هندو سنڌيءَ جو آهي. ان بعد هڪ ڏينهن اخبار ۾ ملائيشيا جي ڏهن اهم واپارين جا نالا آيا هئا، جن ۾ ڪشو ڄيٺانند پڻ هڪ هو، جنهن هن ملڪ جي ايڪانامي کي مٿڀرو ڪرڻ ۾ نمايان خدمت سرانجام ڏني آهي. پاڻ تان سري ڪشو سڏجي ٿو. خانبهادر، راءِ بهادر ۽ سر جي خطابن وانگر تان سري (Tan-Seri) هتي جي سلطانن ۽ بادشاهه طرفان ملندڙ خطابن مان هڪ آهي. سنڌ کان اچي ڪنهن همراهه جو هتي جي چيني واپارين سان مقابلو ڪرڻ ۽ ملئي حاڪمن کان خطاب حاصل ڪرڻ اهڙي تهڙي ڳالهه ناهي. ساڻس ملڻ ۽ انٽرويوءَ وٺڻ لاءِ دل چيو پر اسان جهڙن نوڪر پيشه ماڻهن کي نوڪريءَ تان موڪل ڪٿي ۽ جي موڪل کڻي وٺ ته ڪوالالمپور پهچي ٻين ڪم ڪارين کان فرصت ڪٿي ۽ ساڳي وقت ڪنهن وڏي واپاريءَ کي ـــ جنهن جا ڏهه ڌنڌا ٽڙيل پکڙيل هجن، ان کي ڳولڻ ڏکيو ۽ ملڻ تي ان کان واندڪائيءَ جو وقت وٺڻ ان کان به وڌيڪَ ڏکيو سو جيتوڻيڪ گلوب ۾ هر مهيني ڏيڍ خريداريءَ لاءِ وڃڻ ٿيندو هو پر ان جي مالڪن سان ملڻ جو ڪڏهن به سوچي نه سگهيس.
    گذريل دفعي گلوب سلڪ اسٽور جي ٽين يا چوٿين ماڙ تي ٻن همراهن کي سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندو ڏسي پڇيومان ته هو ڪٿي جا آهن؟
    “اسين ته هتي جا ئي آهيون. توهان پاڻ؟”
    “آئون به هتي جو ئي آهيان. ملاڪا کان آيو آهيان.”
    “اڇا.” چئي هو به پنهنجي ۾ لڳي ويا.
    موٽڻ مهل انهن مان هڪ جنهن جو نالو پمو هو وري ملي ويو، بلڪه مونکي ويندو ڏسي سڏ ڪيائين.
    “توهان هتي جا ئي آهيو يا ڪنهن ٻئي ملڪَ کان آيل آهيو؟” هن قربائتي نموني سان پڇيو.
    “سائين، پاڪستان کان آيو آهيان. ڪجهه سالن کان هتي نوڪري ڪري رهيو آهيان.”
    “اها ڳالهه ڪريو.” پموءَ چيو، “هتي جيڪي به سنڌي رهن ٿا، انهن کي اسان چڱيءَ طرح سڃاڻون ٿا. توهان کيڪار ڪري لنگهي ته ويائو پر آئون اهوئي سوچيندو رهيس ته من تي جو نه پيا اچو سو پڪ ٻاهران آيل آهيو.” پموءَ پنهنجي واقفيت ڪرائي ته هو هن دڪان ۾ ريٽلر مئنيجر آهي.
    “مون هن دڪان جي مالڪ ــ تان سري ڪشوءَ جي ڪاميابيءَ جو اخبار ۾ پڙهيو هو.” مون ٻڌايومانس. ايتري ۾ هڪ عورت پموءَ کان ڪجهه اچي پڇيو. ۽ پوءِ اهو محسوس ڪندي ته اسان اڳهين ڳالهايو پئي، ملئي زبان ۾ Maafkan Saya (مون کي معاف ڪجو) چيو ۽ پموءَ ان جي ڄاڻ ڪرائڻ لاءِ ٻڌايو: “هيءَ مسز ڪشو ڄيٺانند آهي.”
    “توهان جي مڙس بابت ملاڪا ۾ “مونا انڊسٽريز” جي مئنيجر مسٽر ويرمانيءَ ٻڌايو هو.” مون کيس چيو.
    “هن جو ئي نالو مونا آهي.” پموءَ ٻڌايو، جنهن جي نالي سان اسان جي اها فئڪٽري آهي ۽ هاڻ پيوٽر (Pewter) جو سامان پڻ مارڪيٽ ۾ آڻي رهيا آهيون.”
    پيوٽر ٻن ڌاتن جو مڪسچر ٿئي ٿو، جنهن ۾ ٽين (Tin) اهم ڌاتو هوندو آهي. هن مان ٺهيل چانديءَ جهڙيون اڇي رنگَ جون شيون ۽ سووينئر هتي ايترو ئي مشهور آهن، جيترو اونيڪس (سائي رنگ جو پٿر) جون شيون پاڪستان ۾ يا ٽامي ۽ پتل جون هندستان ۾. پموءَ ۽ مونا سانتيڪو ويهي خبرون چارون ڪرڻ چاهيون ٿي. هنن مونکان منهنجو پروگرام پڇيو.
    “بس هتان پوءِ واپس ملاڪا موٽڻ چاهيان ٿو.” مون کيس ٻڌايو.
    “لنچ ڪٿي ڪندين؟” پموءَ مون کان پڇيو.
    “لنچ هتي ئي تنڪو عبدالرحمان روڊ تي پاڪستاني هوٽل شيراز ۾ يا ائين هلندي چلندي ڪجهه کائي ملاڪا هليو ويندس.”
    “پوءِ اسان جي ئي هوٽل تي ڇو نٿا کائو.” مونا چيو، “مون ٻن ٽن ٻين کي به لنچ تي گهاريو آهي.”
    آئون سوچڻ لڳس.
    “هيءَ هوٽل مٿي ڇهين فلور تي آهي. توهان ڪڏهن اتي نه آيا آهيو ڇا؟” پموءَ پڇيو.
    “ آيو آهيان ۽ هينئر به ڪافي پيئڻ لاءِ اوڏانهن ئي ويس پئي.”
    “دير نه لڳندي. بس توهان هلو ته آئون به پيئي اچان.” مونا چيو.
    “خير ايترو جلديءَ ۾ آئون به نه آهيان. مونکي پاڻ توهان سان ملي خوشي ٿي آهي. پر جيڪر توهان جي مڙس سان به ملاقات ٿي وڃي ته ڏاڍو سُٺو.”
    “ڪشو به اتي اچي ويندو يا آفيس ۾ ئي ملونس ٿا.”
    ان ماڙ تان نڪري، جھنڊين جي جھالر هيٺان لنگهي هڪ ماڙ ٻي مٿي آيس. ڪاغذن جو ڦڙڪندڙ جھنڊيون، ڪرسمس ڊي ويجھو اچڻ جي خوشيءَ ۾ لڳايون ويون هيون. ملائيشيا ۾ ڪيترائي چيني ۽ انڊين تامل عيسائي آهن. ڪن جهنڊين تي “سلامت هري ڪرسمس” (يوم ڪرسمس مبارڪ) لکيل هو ته ڪن تي ملائيشيا جو جھنڊو ٺهيل هو ۽ ان هيٺان اڄڪلهه عام هلندڙ نعرو ملائيشيا جون ٺهيل شيون خريد ڪريو ـــ “Belilah Barang Buatan Malaysia”
    رهيل سامان ان ماڙ تان خريد ڪري، لفٽ ذريعي ڇهين فلور تي پهتس جتي گلوب سلڪ اسٽور وارن جي سيلف سروس ريسٽورنٽ آهي ــ جتي پڻ گلوب دڪان وانگر هر وقت ماڻهن جا ميڙ رهن ٿا. جهڙي نموني سان ڪشوءَ “ٿورو فائدو گهڻو وڪرو” جو اصول دڪان سان لاڳو رکيو آهي. اهڙيءَ طرح سندس زال مونا ساڳيو اصول هن هوٽل سان پڻ وابسته رکيو آهي، جنهن جو سڄو بندوبست سندس هٿ ۾ آهي. هتي هر هڪ پنهنجي پسند جي شيءِ چونڊي آخر ۾ ڪائونٽر تي ويٺل همراهه کي ان جو بل پياري پوءِ بيهي يا ٽيبل تي ويهي کائي ٿو. کاڌي جون شيون ڪجهه اهڙي چونڊ جون رکيل آهن جو کائڻ وارو چاهي هتي جو ملئي، چيني، انڊين هجي يا ڪو فارينر ڌارئين ملڪ جو ـــ هن کي ڪجهه نه ڪجهه پنهنجي پسند جو ملي ويندو. مثال طور ڌارين جي پسند سيون اپ، ڪوڪا ڪولا سان گڏ ملئي ماڻهن جي پسند گلاب جو شربت پڻ رکيل آهي. يورپين ۽ ٿڌن ملڪن کان آيل همراهن جي پسند چانهه، ۽ ڪافي پڻ آهي. ساڳي طرح جتي سئنڊوچ ۽ هئمبرگر نموني جون شيون آهن اتي مي هون ۽ نوڊل پڻ آهن، جيڪي چيني پسند ڪن ٿا ۽ ساڳي وقت ناريل ۽ ڀت جون مٺايون ۽ ناسي لما پڻ رکيل آهن جيڪي ملئي ماڻهو پسند ڪن ٿا. ٻوڙن سان گڏ فراءِ ٿيل شيون پڻ آهن.
    آءٌ ڪافيءَ جو ڪوپ، هڪ ڪيڪ جو چوٿو ۽ پلاءُ نموني جو ڀت کڻي جيسين پئسن واري ڪائونٽر وٽ پهتس تيسين مونا پهچي ويئي ۽ بل پيارڻ بنا قطار مان نڪري اچي ٽيبل تي ويٺاسين. پاڻ به ڪجهه کائڻ لاءِ کڻي آئي هئي ــ شايد سوپ ۽ ڀاڄي هئي، جنهن مان لڳو ته شايد هوءَ ويجيٽرينن هجي. کيس چيم: “لڳي ٿو ته توهان انهن واپاري ماڻهن مان آهيو، جيڪي هر وقت پئسو ڳڻڻ ۽ ليکي چوکي ۾ غرق ٿيڻ بدران ڪجهه وقت ماڻهن سان به ڳالهائين ٻولهائين ٿا.”
    دراصل مونا جهڙو ساڳيو حال سندس مڙس ڪشو ڄيٺانند جو آهي ـــ جنهن سان ٿوري دير بعد اتي ئي ملاقات ٿي. هونءَ ڪشوءَ جهڙي هيڏي وڏي واپاري ۽ فرمن جي مالڪ کي خلائن ۾ گم هجڻ کپي پر لڳي ٿو ته هنن جي نس نس ۾ سادگي سمايل آهي ۽ اهو جيڪو چوندا اهن ته پئسي کي ماڻهوءَ پٺيان ڊوڙڻ کپي ۽ نه ماڻهوءَ کي پئسي پٺيان، ان جو جيئرو جاڳندو مثال چوئيتاليهه ورهين جو ڪشو ڄيٺانند آهي، جنهن جو واسطو فقط هيڏي وڏي گلوب سلڪ اسٽور سان نه پر ٻين به ڪيترين ئي شين سان آهي.
    اڄڪلهه جي واپاري لاهين چاڙهين کي ڌيان ۾ رکي ڪشوءَ هڪ ئي واپار ــ فقط دڪانداريءَ ۾ رهڻ بدران ٻين به ڪيترين ڳالهين ۾ هٿ پير پکيڙيا آهن ـــ جهڙوڪ جهازراني، بئنڪنگ، زمينداري، ڪارخانيداري ۽ ويندي ٿوري ٿوري سياست ۽ سماجي خدمتن ڏي پڻ ڌيان ڏنو آهي. پاڻ يونائيٽيڊ ايشين بئنڪ جو وائيس چيئرمين آهي ته M.I.C يونٽ ٽرسٽ جو ڊائريڪٽر پڻ. سئمپورنا هولڊنگس جو چيئرمين آهي ته يونائيٽيڊ اورينٽل انشورنس جو وائيس چيئرمين ۽ ملائيشين انڊسٽريل ڊيوولپمينٽ فائننس جو ڊائريڪٽر پڻ. مائيڪا هولڊنگس جو ڊائريڪٽر آهي ته سلينگور انڊين چيمبرس آف ڪامرس ۽ انڊسٽريءَ جو صدر پڻ آهي.
    ڪوالالمپور جي هن گلوب سلڪ اسٽور جي نالي سان سندس هڪ دڪان سنگاپور جي هاءِ اسٽريٽ سينٽر ۾ پڻ آهي. ملاڪا ۾ مونا انڊسٽري نالي ڪپڙي جي فئڪٽري آهي ـــ جيڪا هن جڏهن ورتي ته سخت نقصان ۾ هئي.
    “مون ان کي ان ڪري وٺي هلائڻ چاهيو ٿي.” ڪشوءَ ٻڌايو، “ته جيئن آئون پنهنجو اندازو لڳائي سگهان ته آيا مون ۾ ايتري همت ۽ واپاري قابليت به آهي جو هڪ ڀڙڀانگ ۽ ڏيوالي ۾ ٻڏل فئڪٽريءَ کي تاري فائدو ماڻي سگهان ٿو يا رڳو هلندڙ شيون هلائي سگهان ٿو.”
    مونا انڊسٽري ۾ اڄڪلهه ايڪسپورٽ لاءِ روزانو اٺن کان ڏهه هزار قميصون ٺهن ٿيون، جيڪي آمريڪا يورپ ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ وڪرو ٿين ٿيون. اهي قميصون دنيا جي مشهور برانڊن لاءِ ٺهن ٿيون. جهڙوڪ: ليوي، Yves، سينٽ لورينس، پائي، بالا مائين، Guy Laroche، ۽ آمريڪا جي ائرو Arrow ڪمپنيءَ لاءِ.
    مثال طور آمريڪا وارا آمريڪا ۾ “ائرو” قميصون ٺاهي هن پاسي جي ملڪن: سنگاپور، ملائيشيا، ٿائلنڊ ۽ انڊونيشيا ڏي موڪلڻ بدران ڪشوءَ جي هن فئڪٽري مونا انڊسٽريءَ مان ساڳي معيار ۽ مقابلي جون ٺهرائي، پنهنجي ٺپي ۽ نالن سان ڀر وارن ملڪن ۾ سپلاءِ ڪن ٿا. ائين ڪرڻ سان آمريڪا وارن کي به ڪيترائي فائدا رسن ٿا. جهڙوڪ: آمريڪا ۾ مزور گهڻو پگهار وٺن ٿا، ان بعد آمريڪا کان قميصون کڻائي هيڏانهن آڻڻ ۾ جهازن جو ڳرو ڀاڙو پوي ٿو ۽ ان کان علاوه وقت به لڳي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ڪيتريون آمريڪا ۽ يورپ جون شيون اتي مهانگيون آهن پر هن پاسي سنگاپور، هانگ ڪانگ، ملائيشيا ۾ سستيون آهن.
    “واپار لاءِ انسان ۾ گٽس جو هجڻ ضروري آهن.” ڪشوءَ ڳالهه ڪئي، “ٻي صورت ۾ هن لاءِ واپار مسئلو بڻجيو پوي. مونا انڊسٽريءَ کي مون کان اڳ چئن ماڻهن واريءَ واريءَ هلايو پر هو نا ڪامياب رهيا. مون اها فئڪٽريءَ خريد ڪري پهرين يڪدم مارڪيٽ جو جائزو ورتو ته ڪهڙي شيءِ جي گهڻي گهرج (Demand) آهي ۽ پوءِ ان موجب مال پيدا ڪري سڄي فئڪٽري جو نه فقط نقصان پر سيڙيل پئسو پڻ، ٻن سالن ۾ ڪڍي ورتو.”
    منهنجو پيءُ چوندو هو ته:
    “Don’t Take People for a Ride.” ڪشو ٻڌايو، “بابي جو ان ڳالهه ۾ وشواس هو ۽ هميشه ان جي ئي پرچار ڪندو هو، ته جيڪڏهن توهان واپار ڪرڻ چاهيو ٿسا ۽ هميشه ان ۾ ئي رهڻ گهرو ٿا ته ايمانداريءَ کان ڪم وٺو. ايمانداريءَ جهڙي ڪا ٻي ڳالهه ئي ناهي Be Honest Nothing Else Pays in the Long Run ڇو جو هڪ دفعو ساک ٽٽي ته ماڻهوءَ جو هميشه لاءِ منهن ويو.”
    تان سري ڪشوءَ پڙهائي ختم ڪري 1972ع ۾ پيءُ کان مليل دڪان ۽ مٿين فلاسافيءَ کي هلائڻ شروع ڪيو. اڄ ان جو وڪرو ۽ نفعو ڇهوڻو ٿي ويو آهي ۽ شيئر پنجاهوڻا ٿي ويا آهن.
    لنچ بعد ڪشو پنهنجي آفيس ۾ وٺي هليو. جتي سندس ڪرسيءَ پٺيان سندس سرڳواسي پتا جي وڏي تصوير ٽنگيل آهي. جنهن جي نقش قدم تي ڪشو اڄ به پنهنجو واپار هلائي ٿو:
    “I Made him my case study of how to do Business”
    ڪشوءَ فخر سان ٻڌايو، “منهنجو پيءُ ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾ سنڌ کان هتي آيو هو. اهو 1928ع جو سن هو. ان وقت سنڌ بمبئي صوبي سان مليل هئي ۽ گڏيل هندستان جو حصو هئي. تنهن زماني ۾ بابي وٽ فقط پنج سؤ رپيا هئا پر ٻن سالن اندر هن (Segamat) شهر ۾ گلوب سلڪ اسٽور نالي هڪ ننڍڙو دڪان کوليو. سيگامت شهر ۾ تن ڏينهن ۾ رٻڙ جي پوک جا ڪيترائي جاگيردار رهيا ٿي. منهنجي پيءُ دڪان ۾ اعليٰ قسم جو ڪپڙو رکيو ۽ ڪجهه سلڪ جو سامان ـــ جهڙوڪ رومال، ڪمونو وغيره. انهيءَ سلڪ جي سامان تان هن دڪان جي نالي ۾ “سلڪ” جو لفظ آيو.”
    تان سري ڪشوڄيٺانند هتي سيگامت (ملائيشيا) ۾ ڄائو ۽ پنهنجي ننڍپڻ جا شروعاتي سالَ دڪان مٿان اڏيل مسواڙي گهر ۾ ئي گذاريا، جنهن جي سندس پيءُ ماهوار مسواڙ چاليهه ڊالر ڏيندو هو. ويجھڙائيءَ ۾ ئي اسڪول هوندو هو، جنهن ۾ ننڍپڻ جا گذريل سٺا ڏينهن کيس اڃا تائين ياد آهن.
    سندن واپار ڏينهون ڏينهن وڌندو رهيو. پاڻ پنجن سالن جو هو ته سندس پيءُ ساڳي شهر سيگامت ۾ هن دڪان جي هڪ ٻي به شاخَ کولي. ۽ پوءِ هي جڏهن ٻارهن ورهين جو ٿيو ته سندس والد سيگامت مان لڏي ڪوالالمپور هليو آيو پر ڪشو ۽ سندس ٽن ڀيڻن کي تعليم پوري ڪرڻ لاءِ پٺيان سيگامت ۾ ڇڏيائون.
    “منهنجي پيءُ کي تعليم جو تمام گهڻو اونو هوندو هو.” ڪشوءَ ٻڌايو، “هو چوندو هو ته واپار وڙو سڀ ضروري آهي پر ان کان اڳ علم پرائڻ تمام اهم آهي. ڪير کڻي ڪيڏو به وڏو امير، واپاري، جاگيردار هجي پر اولاد کي تعليم نه ڏيڻ وڏي غلطي آهي. منهنجي پيءُ عيب ٿي سمجھيو ته اسين اڻ پڙهيل رهون، ايتريقدر جون هن پنهنجن نوڪرن ۽ پورهيتن کي شامَ جي وقت انگريزي پڙهائڻ لاءِ هڪ رٽائرڊ ماستر رکي ڏنو هو.”
    تان سري ڪشوءَ کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سندس پيءُ انگلينڊ موڪلڻ جو ارادو ڪيو. ڪاليج ختم ڪري يونيورسٽي وڃڻ لاءِ وچ ۾ جيڪي مهينا واندڪائيءَ جا مليا، تنهن ۾ هو کيس هانگ ڪانگ، جپان، آمريڪا ۽ انگلينڊ وٺي هليو.
    “اهو پهريون دفعو هو، جڏهن مون پنهنجي پيءُ کي واپار ڪندي ڏٺو.” هن ٻڌايو، “آئون تڏهن اوڻهين سالن جو هوس، ۽ ان کان اڳ دڪانداري يا واپار کي مون ڇهيو به ڪونه هو.”
    انهن ڏينهن ۾ لنڊن ۾ ڪشوءَ جي پيءُ کي دل جو دؤرو پيو. “ڊاڪٽرن مون کي چيو.” ڪشوءَ ٻڌايو، “تنهنجي پيءُ جي نازڪ حالت آهي. بهتر ٿيندو واپس ملائيشيا هليا وڃو.”
    “ان ريت اڪيلو پٽ هجڻ ڪري مونکي ٻيا سڀ ڪم ڇڏي پيءُ جي خدمت چاڪريءَ لاءِ گڏ گڏ رهڻو پيو ۽ سندن نصيحتن ۽ صلاح سوليءَ موجب واپاري وڙي جو هر ڪم سکڻو پيو. نصيحتن ۽ صلاح سوليءَ موجب واپار وڙي جو هر ڪم سکڻو پيو. 1969ع ۾ بابي جي لاڏاڻي وقت منهنجي عمر اٺاويهه سالَ هئي.”
    ان بعد ڪشوءَ نه فقط پيءُ جي طرفان ڇڏيل سموري واپار کي اڪيلي سر هلايو، پر ان ۾ ڪيترو ئي واڌارو آڻي هن منزل تي پهچايو.
    “سڄي ڏينهن جي پورهئي بعد شامَ جو ساڍي ستين وڳي ڌاري گهر پهچندو آهيان.” ڪشوءَ پنهنجي ذاتي زندگيءَ بابت ٻڌايو، “روزانو گهر ۾ کائڻ پيئڻ جي دعوت يا دوستن سان گڏجاڻي رهندي آهي پر آئون سگريٽ نه پيئندو آهيان ۽ نه شراب. نه گهوڙن جي ڊوڙ کيڏان نه ڪا ڪا ٻي جوا جي راند. رسالا ۽ ڪتاب پڙهڻ ۽ ٽي ويءَ تان ڪجهه پروگرامَ ڏسڻ منهنجي خاص وندر آهي.


    ڪوالالمپور شهر ۽ سلينگور رياست جا ڪجهه تواريخي سن ۽ دلچسپ ڳالهيون

    ويسٽ ملائيشيا يا Peninsular ملائيشيا واري ڌرتيءَ جو حصو جيڪو برما ۽ ٿائلنڊ کان پوءِ هيٺ سنگاپور تائين وڃي ٿو، ان کي انگريزيءَ ۾ مشهور شاعر جان ملٽن پنهنجي ڪتاب Paradise Lost ۾ رومانوي انداز ۾ Golden Chersonese پڻ سڏيو آهي.
    سؤ سالَ اڳ هن ملڪ جي آدمشماري فقط اٺ لک به ڪا مس هئي ۽ بقول ڪنهن مسافر جي ملايا جي نه تواريخ پراڻي آهي، نه تهذيب ۽ نه وري ڪو ادبي خزانو. هن ملڪ ۾ نه ڪي وڏيون لڙايون لڳيون ۽ نه وري ڪي منجھس پراڻين عمارتن جا متاثر ڪندڙ کنڊر آهن ـــ جيڪي دنيا جي ماڻهن جو پاڻ ڏي ڌيان ڇڪائين. پر هن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ اهڙي آهي جو چين ۽ ننڍي کنڊ جهڙن ٻن پراڻين تهذيبن وارن ملڪ ڏي ايندڙ ويندڙ سامونڊي رستن جي وچ ۾ پوي ٿو. گڏيل هندستان کان ملئي ماڻهن دل کولي مذهب، آرٽ، ادب ۽ رسم رواج جهڙيون شيون هٿ ڪيون. بعد ۾ جيتوڻيڪ ملئي مسلمان ٿي ويا پر اڄ به هنن جون ڪيتريون ئي ريتون رسمون، سوڻ ساٺ هندڪا آهن. جهڙو هٿ ٻڌي ملڻ، جادو منتر ۽ وسوسن ۾ وسواش ڪرڻ وغيره. شاديءَ جي ڪيترين ئي ريتن کان علاوه ننڍي کنڊ جي زبانن: هندي، سرائڪي، تامل، بنگاليءَ جا ڪيترائي لفظ اڃا تائين ملئي زبان ۾ هلندا اچن، جهڙوڪ: پرڌان منتري، پرتاما، پرٿوي، ڪيدائي، راجا، ورتا، وغيره. انڊين کان علاوه چيني تهذيب جو پڻ هتي اونهو اثر آهي ـــ کاڌي پيتي کان وٺي عمارت سازي ۽ ويس وڳي تائين.
    هڪ پاسي کان ننڍي کنڊ ۽ عرب ملڪن جا واپاري چوماسي (Monsoon) هوائن جي آڌار تي پنهنجين ٻيڙين ۽ بتيلن ۾ چڙهي هندي عربي سمنڊ لتاڙي هتي آيا ٿي ته ٻئي پاسي کان چيني پنهنجن ٻيڙن (Junks) ۽ بتيلن ۾ اتر اوڀر وارين چوماسي هوائن جي آڌار تي، ڏکڻ چيني سمنـڊ لتاڙي هتي اچي نڪتا ٿي. هيءَ پندرهين صديءَ جي ڳالهه آهي جڏهن مرچ مصالن، سلڪ ۽ چيني مٽيءَ جي ٿانون جو واپار اوج تي هو.
    ۽ پوءِ چار سؤ سالن بعد ڌارين ملڪن جي ماڻهن کي هيڏانهن ايندي هيڪاندي گهڻي ڪشش ٿي. دور دراز کان ماڻهو، هتي جي ڀلي زمين جي اپت حاصل ڪرڻ لاءِ اچي نڪتا ۽ ڪيترا هميشه جي لاءِ هتي جا ٿي ويا. دنيا جو سڀ کان گهڻو رٻڙ، پام آئل، ٽين (قلعي) ۽ ناريل هتان نڪرڻ لڳو.
    • ملايا ـــ جنهن کي هاڻ ملائيشيا سڏجي ٿو، ان جي وچ واري رياست سلينگور ۾، ڪوالالمپور (گپ واري نديءَ جو منهن) نالي غيررومانوي نالي وارو شهر آهي. جيڪو ڏسندي ئي ڏسندي هڪ سهڻو ۽ رومانٽڪ شهر بڻجندو وڃي. ڪوالالمپور هڪ سُست ۽ بيٺل ڳوٺ مان تمام تيز رفتار سان دنيا جو وڏو شهر ٿيندو وڃي. هڪ پاسي ڪڪرن سان ڳالهيون ڪندڙ وڏيون وڏيون عمارتون، ڇهن قطارن وارا رستا ۽ انهن مٿان هلندڙ B.M.W، وولو ۽ مرسيڊيز ڪارون آهن ته ٻئي پاسي دنيا جون ماڊرن هوٽلون شيرٽن، حايات، هلٽن ۽ ڪانٽينينٽل وغيره، اسپتالون، ڪلب ٿيٽر، مندر، مسجدون، هوائي اڏا ۽ ماڻهن سان سٿيل اسٽيڊيم ـــ لڳي ٿو ته رات اندر ڌرتيءَ جو پيٽ چيري هيڏو وڏو شهر ٻاهر نڪري آيو آهي.
    • 1766ع ـــ هن سن ۾ بوگي (Bugi) قوم جي سردار راجا لوموءَ (Raja Lumu) کي سلينگور رياست جو سلطان ٺاهيو ويو. جنهن جي حڪم جي پيروي رعيت خوشيءَ سان ڪئي جو ملئي رسم موجب کيس پيراق جي شاهي خاندان ان ڪم لاءِ مقرر ڪيو هو. پيراق خاندان جو شجرو پندرهين صدي جي ملاڪا سلطنت جي حاڪم سان ملي ٿو.
    • 1857ع ـــ راجا عبدالله ٽين جي کاڻين جي کوٽائي ۽ ڳولا لاءِ پنهنجي خرچ تي ستاسي چيني مزور گهرايا، جيڪي گومباڪ ۽ ڪلانگ ندين جي سنگم وٽ پهچي (جتي هينئر مسجد جامي آهي)، ائمپنگ ڏي روانا ٿيا، جتي هنن کي کوٽائي لاءِ ٽين (Tin) ملي ويو. انهن ئي ڏينهن ۾ يورپ ۾ ٽين جو کپ هيڪاندو وڌي ويو، جنهن لاءِ هنن کي ملايا ڏي ڏسڻو پيو ٿي. ملايا جي ڌرتيءَ اندر ٽين ته گهڻو ئي موجود هو پر ان کي کوٽي ڪڍڻ لاءِ ماڻهن جي کوٽ هئي. کاڻين ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ گهڻي کان گهڻن مزورن جي ضرورت پيئي ٿي، جيڪا ضرورت ڀر واري ملڪ چين پوري ڪئي ٿي. انهن ڏينهن ۾ چين ۾ھ سخت غربت هئي. پورهئي ۽ پئسي جو ٻڌي چين کان ٻيڙين پٺيان ٻيڙيون چيني ماڻهن سان ڀرجي ملايا ۾ پهچڻ لڳيون. جن چينين وٽ هن سامونڊي سفر لاءِ ڀاڙو نه هو، اهي سنگاپور، ملاڪا ۽ پينانگ جي بندرگاهن تي ضرورتمند واپارين کي چند ڊالرن ۾ وڪيا ويا ٿي. کاڻين جي مالڪن، ڪم ڪندڙ مزورن لاءِ شراب، ڀنگ، ڏوڏي ۽ جوا جهڙيون شيون عام ڪري ڇڏيون هيون ۽ پورهئي لاءِ آيل هي مزور انهن علتن ۾ اهڙو ڦاسي ويندا هئا جو هميـشه قرضي رهندا هئا. هو جيتوڻيڪ اها اميد رکي ايندا هئا ته ڪجهه سال پورهيو ڪري، پئسو ڪمائي واپس چين کڻي وڃبو. پر چين کان آيل هزارين ماڻهن لاءِ ملايا ئي “هميـشه جي رهڻ لاءِ ملڪ” ثابت ٿي ويو ۽ اڄ ڏينهن تائين سندن اولاد رهندو اچي.
    مزورن جي نشي پتي لاءِ شراب جي گهتن کان علاوه چڪلا پڻ هئا، جن جو کپ هيڪاندو گهڻو محسوس ڪيو ويو ٿي جو چين کان مزوريءَ لاءِ جيڪي ايندا هئا سي سڀ زالن کي پٺيان ڇڏي ايندا هئا. نتيجي ۾ شهر ۾ رهندڙ رنڊين جي وڏي ڪمائي هئي ۽ هي ڌنڌو ايترو ته وڌي ويو جو 1880ع ۾ جڏهن انگريزن پنهنجي سلينگور رياست جي گادي ڪلانگ کان ڪوالالمپور بدلائي ته ان وقت ڪوالالمپور ۾ موجود 220 گهرن مان اڌ کان وڌيڪ رنڊين جا اڏا هُئا.
    • 1868ع ـــ چين جي حڪا (Hakka) قوم جو هڪ چيني يپ ـــ آه ـــ لو آءِ (Yap-Ah-Loy) ڪولالمپور جو ٽيون ڪئپٽن چينا ـــ يعني هڪ قسم جو ميئر يا وڏيرو مقرر ٿيو. هن چيني همراهه جو ڪوالالمپور کي وڌائڻ ۾ وڏو هٿ رهيو. کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ مزورن کان وٺي شراب ۽ جوا جي اڏن تي ڪنٽرول رکڻ ۽ شهر جو چڱيءَ طرح انتظام هلائڻ ۾ هن وڏو ڪردار ادا ڪيو. چوريءَ لاءِ ڳريون سزائون مقرر ڪيائين. پهرين دفعي تي چور کي رسي سان ٻڌي شهر ۾ گهليو ويو ٿي. ٻئي دفعي تي هن جو ڪن ڪپيو ويو ٿي ۽ ٽئين دفعي تي هن جوگلو ڪپيو ويو ٿي. نتيجي ۾ چوريءَ جون وارڌاتون بنهه گهٽجي ويون.
    يپ 1868ع کان وٺي 1885ع ۾ مرڻ تائين ڪوالالمپور جو ڪئپٽن چينا ٿي رهيو. هو سترهن ورهين جي ڄمار ۾، چين جي گئانگ ڊانگ (Guangdong) صوبي جي حڪا قبيلي کان، پورهئي ۽ مزوريءَ لاءِ ملايا پهتو. سخت محنتي ۽ پورهيت مڙس هو. ڪيترائي پورهيا ڪيائين. سور چارڻ ۽ وڪڻڻ کان وٺي باڊي گارڊ ٿي رهيو. پٽيواليءَ کان وٺي ويندي آخر ۾ کاڻ جي مئنيجر تائين نوڪريون ڪيائين. هو سٺو ويڙهاڪ پڻ هو. پهرين کاڻين جي علائقي جو ڪئپٽن چينا مقرر ٿيو. ان بعد، ايڪٽيهه سالن جي ڄمار ۾ سڄي ڪوالالمپور جو طاقتور ترين ڪئپٽن چينا ٿي رهيو.
    سلينگور جي شهري لڙائي بعد يپ، ڪوالالمپور کي هڪ دفعو وري ٺاهيو. انهن ڏينهن ۾ ٽين جو واپار گهٽجي ويو هو، ان کي وري وڌايائين ۽ ان ۾ پاڻ به سڀ ۾ وڏو امير ۽ واپاري ٿي ويو. ڪوالالمپور جو اڌ شهر ته ڄڻ سندس هو. هن شهر ۾ امن امان رکيو. اسپتالون ۽ رستا ٺهرايا. ٽئڪس وصول ڪيا ۽ کاڻين جي جھيڙن جھٽن ۾ مئجسٽريٽ ٿي ڪم ڪيو. ڪوالالمپور کي ٺاهڻ ۾ عام طرح هن جو ئي نالو کنيو وڃي ٿو.
    • 1866ع کان 1873ع تائين هي اٺ سال سلينگور شهري لڙائي (Selengor Civil War) کان مشهور آهن، جيڪا ٽين جي کاڻين تي قبضو حاصل ڪرڻ لاءِ ملئي شاهي خاندان جي وچ ۾ هلي هئي. هن ۾ شهرين به حصو ورتو. چين جي حڪا قوم ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي ۽ هڪ ٻئي جي مارڪٽ ڪندا رهيا. ڪئپٽن چينا يپ آه راجا عبدالله جو پاسو کنيو. يپ دشمن جي هر ماڻهوءَ جو سر ڪپي، مارڪيٽ اسڪائر ۾ سندس گهر اڳيان آڻڻ تي پنجاهه ڊالرن جي آڇَ ڪئي ۽ سڄو ڪوالالمپور شهر ماڻهن ۽ گهوڙن جي لاشن جو ڍير ٿي ويو. ڌپ کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪو جتي لاش مليو ٿي ان کي اتي ساڙيو ويو ٿي يا زمين اندر دفن ڪيو ويو ٿي. ايتريقدر خون خرابو ٿيو جو گهڻو پوءِ هڪ انگريز ريزيڊنٽ پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته هن هڪ گهر ۾ ڦوهاري هيٺان انساني جانين جا سورهن هڏائان پڃرا ڏٺا. بهرحال هن لڙائيءَ ۾ ڪوالالمپور جو سڄو شهر ڀڙڀانگ ٿي ويو هو.
    • 1874ع ـــ ملايا ۾ موجود انگريزن سلينگور رياست تي پنهنجو هٿ رکڻ لاءِ هڪ کيڏ کيڏي. انهن ڏينهن جي گورنر سر ائنڊريو ڪلارڪ (Andrew Clarke) سلينگور جي سلطان عبدالصمد کي سندس رياست ۾ انگريز ريزيڊنٽ رکڻ لاءِ زور ڀريو. نه مڃڻ تي هن انگريز گورنر هڪ هٿ ٺڪيو ڌاڙي جو واقعو ٺاهي ان ۾ سلطان جي ماڻهن کي ڦاسائي نيٺ پنهنجو مقصد حاصل ڪيو.
    • 1875ع ـــ جيمس گٿري ڊئوڊسن (Guthrie Davidson) سلينگور رياست جو پهريون برٽش ريزيڊنٽ مقرر ڪيو ويو.
    • 1880ع ـــ نئون انگريز ريزيڊنٽ ڪئپٽن بلوم فيلڊ ڊگلس (Bloomfield Douglas) رياست جي گاديءَ جو هنڌ ڪلانگ شهر مان کڻائي ڪوالالمپور ۾ آندو.
    • 1881ع ـــ هن سالَ جي شروعات ۾ ڪوالالمپور شهر جي چڱي حصي کي باهه ساڙي ڇڏيو ۽ سالَ جي آخري حصي ۾ وري اهڙيون ٻوڏون آيون جون هتي جا غريب پورهيت ترپٽ ٿي ويا.
    • 1882ع ـــ فرئنڪ سويٽنهام نئون ريزيڊنٽ مقرر ٿيو. ملايا جي تواريخ ۾ هيءُ تمام گهڻو مشهور آهي. هن اچڻ سان گذريل سال لڳل باهه کان ٿيل نقصان صحيح ڪرايو. بچيل گهر نئينءَ سنئينءَ پڪا ڪرايل. هنن جي ڏينهن ۾ ڪوالالمپور جا رستا ويڪرا ٿيا ۽ پنجن سالن اندر ڪوالالمپور ۾ 518 سرن ۽ ٽائيلن وارا گهر ٿي ويا. حڪومت طرفان پتالنگ اسٽريٽ چڪلن لاءِ مقرر ڪئي ويئي. اهو فيصلو ڪيو ويو ته اخلاقي طرح جيتوڻيڪ چڪلن جو هجڻ غلط آهي پر ڪوالالمپور جهڙي شهر ۾ جتي مردن جو تعداد عورتن کان ڏهوڻو وڌيڪ َ آهي، چڪلن جو هجڻ تمام ضروري ڳالهه آهي ۽ پوءِ نه فقط چيني مزدور ۽ ٻي عام رعيت پر 1900ع جي شروعاتي ڏينهن کان يورپي ۽ انگريز پڻ پتالنگ اسٽريٽ جي جپاني چڪلن ۾ نظر اچڻ لڳا. انهن ڏينهن ۾ عام قسم جي چڪلن ۾ چيني، انڊين ۽ ٻيون لوڪل هونديون هيون. انهن کان علاوه وڏن ماڻهن لاءِ جپاني چڪل هئا، جيڪي ڪجهه وڌيڪَ ٺٺ ٺانگڙ، ناز نخري ۽ ادائن سان هلندا هئا. اهڙي ئي قسم جو هڪ جپاني چڪلو انهن ڏينهن ۾ ملاڪا ۾ به هوندو هو. جنهن بابت انعام يافته ڊائريڪٽر امامورا (Shohei Imamura) اڄڪلهه ملاڪا ۾ انگريز فلم “The Diary of Iheiji Muraoka” نالي ٺاهي رهيو آهي. بهرحال چڪلن جي عام ٿيڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو پوءِ ويهه پنجويهه سالن بعد شهر جا عام ماڻهو ته هڪ طرف پر اڌ کان وڌيڪَ يورپي به باد فرنگ جهڙن موذي مرضن جو شڪار ٿي ويا. ۽ پوءِ آخرڪار پنجاهه سالن جي وڇوٽيءَ بعد سن 1931ع ۾ ڪوالالمپور شهر جا مڙيئي چڪلا غير قانوني ڪيا ويا.
    • 1883ع ـــ ملايا مان ايترو ته گهڻو ٽين نڪرڻ لڳو جو ٽين کان هي ملڪ دنيا جو پهريون نمبر مڃڻ ۾ آيو. نه ته ان کان اڳ ڇهه سؤ سالن تائين اها حيثيت فقط انگلينڊ کي حاصل هئي.
    • 1886ع ـــ ڪلانگ ۽ ڪوالالمپور جي وچ ۾ ريلوي لائين وڇائي ويئي ۽ هڪ پراڻي انجڻ ليڊي ڪلارڪ جي نالي سان 50 ڪلوميٽرن جي رفتار سان هلائي افتتاح ڪيو ويو. 81 ورهين جي ملئي سلطان عبدالصمد ان ۾ چڙهي بعد ۾ هي مشهور جملو چيو: “ههڙي بهترين ڍڳي گاڏيءَ ۾ هن کان اڳ مون ڪڏهن به سفر نه ڪيو.”
    هن ريلوي لائين کي بعد ۾ هڪ پاسي سنگاپور تائين ۽ ٻئي پاسي پينانگ تائين وڌايو ويو. ڪوالالمپور جي محل نما خوبصورت ريلوي اسٽيشن جيڪا بعد ۾ (1991ع) ۾ ٺاهي ويئي، پراڻي زماني جي عمارت سازيءَ جو هڪ مجسمو سمجھيو وڃي ٿو. سندس تازي مرمت ۽ وڌائڻ جو ڪم هن سال (1986ع) ۾ پڻ ڪيو ويو آهي.
    • 1888ع ـــ الفرڊويننگ نالي هڪ سلوني پلانٽر ڪوالالمپور شهر جي ٻاهر واري دلدلي علائقي کي هڪ خوبصورت باغ ۾ بدلڻ جي رٿ ڏني. ۽ پوءِ ستر هيڪٽرن جي هن باغَ کي ٺاهڻ ۾ هن کي ڏهه سالَ لڳي ويا. اڄ اهو باغيچو Lake Gardens جي نالي سان سڏجي ٿو ۽ جالان پارليمان ۽ جالان دمناسرا جي وچ ۾ آهي.
    • 1890ع ـــ شهر جي سارَ سنڀال لهڻ ۽ شهرين کي صلاح سولي ڏيڻ لاءِ ٽائون ڪائونسل ٺاهي ويئي، جهنهن کي ڪي ماڻهو سئنيٽري بورڊ به سڏيندا هئا. ٽائون ڪائونسل ۾، شهر ۾ رهندڙ هر قوم جي ماڻهوءَ کي رکيو ويو ۽ ڪجهه قانونَ ٺاهيا ويا. جن مان هڪ ته ڪوئي مٿان گاسليٽ هاري ساڙڻ تي بندش وڌي ويئي. انهن ڏينهن ۾ اها هڪ عام ڳالهه هوندي هئي جنهن کي “ڪوئي تي ظلم” عنوان هيٺ ڏوهه قرار ڏنو ويو.
    • 1896ع ـــ ملئي رياستن جي فيڊريشن (Federated Malay States) ٺاهي ويئي، جنهن ۾ پيراق، پهانگ، نگري سمبيلان ۽ چوٿين سلينگور گڏجي هڪڙو ئي گاديءَ جو هنڌ “ڪوالالمپور” مقرر ڪيو. جيڪو انهن جي وچ ۾ آهي.
    • 1897ع ـــ ڪافيءَ جي واپار کي ڌڪ لڳڻ ڪري زميندارن جاگيردارن ڪافيءَ کي ڇڏي رٻڙ جي پوکَ تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو. انهن ئي ڏينهن ۾ آٽوموبائيل انڊسٽري زور وٺي رهي هئي جنهن کي رٻڙ جي ٽائرن جي ضرورت هئي ۽ 1920 ع تائين دنيا ۾ استعمال ٿيندڙ رٻڙ جو اڌ ملايا کان وڃڻ لڳو.
    • 1900ع ـــ ڪوالالمپور ۾ نشي لاءِ آفيم (Opium) جو واهپو تمام گهڻو ٿيندو هو ۽ 1920ع تائين انگريزن جي ڪمائيءَ جو وڏو ذريعو ڏوڏيءَ تي ٽئڪس اوڳاڙڻ مان هو. امير ۽ نالي وارا کاڻين جا مالڪ، ڏوڏي جو امپورٽ، ۽ منجھانئنس نشي واريون شيون ٺاهڻ جو واپار ڪندا هئا. سندن چوڻ هو ته کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ مزورن کي جي آفيم نه ڏبو ته هو ڇتا ٿي پوندا ۽ هنگاما پيدا ڪندا. بهرحال ٻي جنگ عظيم بعد ان تي بندش وڌي ويئي.
    • نئين صديءَ جي شروعات ۾ ڪوالالمپور ۾ رهندڙ مختصر يورپي ۽ انگريز ڪميونٽيءَ لاءِ هڪ ڪلب، ڪرڪيٽ راند ۽ پرتڪلف ويس وڳا شروع ٿيا. وڏن ماڻهن جي گڏجڻ ۽ گپ شپ هڻڻ لاءِ انگريزن پهريون ڪلب سلينگور رياست نالي “Selangor Club” شروع ڪيو. جيئن ڪراچيءَ ۾ سنڌ ڪلب سنڌ صوبي جي نالي سان آهي. سلينگور ڪلب کي ڪي ماڻهو نفرت منجھان (Spotted Dog) چٽڪمرو ڪتو پڻ سڏيندا هئا. جنهن پٺيان ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن. هڪ ڪهاڻي ته اها آهي ته پوليس ڪمشنر جي زال شراب پيئڻ لاءِ هن ڪلب ۾ جڏهن ويندي هئي ته پنهنجا ٻه چٽڪمرا ڪتا ٻاهر بيهاري ويندي هئي. پر ٻيا تواريخ نويس چون ٿا ته هن ڪلب تي اهو نالو نفرت ۽ حقارت جو اظهار ڪرڻ لاءِ لوڪل ماڻهن رکيو هو، جو انگريزن جي هن ڪلب ۾ فقط چونڊ ايشين کي اچڻ ڏنو ويو ٿي ـــ جيڪي گهڻو ڪري سندن چمچاگيري ڪندا هئا يا ته وطن سان غداري ڪري انگريزن جا پڇ لٽڪائو ٿي هلندا هئا. انگريزن اهو ساڳيو وهنوار پنهنجين ٻين بيٺڪي راڄن ۾ پڻ رکيو.
    سلينگور ڪلب اڄ به پنهنجي جاءِ تي جالان راجا لائوت ۽ جالان حشام الدين جي وچ ۾ قائم آهي. ڀرسان پارليامان روڊ پڻ وهي ٿو، جيڪو تن ڏينهن ۾ ڪلب روڊ سڏبو هو.
    • ڪيترن انگريزن کي انهن ڏينهن ۾ اها ڳالهه ڌيان ۾ ويٺل هئي ته هن پاسي (Tropics) جي گرمي ۽ گهم انسان کي جسماني توڙي ذهني طرح پست ڪري ڇڏي ۽ چئن سالن کانپوءِ هو سست، سودائي، ويسارو ۽ خودڪشيءَ لاءِ آماده ٿيو پوي. هنن کي پنهنجي ٿڌي ملڪ انگلينڊ وڃڻ لاءِ ته ڇهن سالن بعد موڪل ملندي هئي، ان ڪري في الحال ٿڌي موسم جو سواد ۽ سڳنڌ ماڻڻ لاءِ هو ڪنهن ڀرپاسي واري اتاهين ٽڪري (Hill-Station) تي هليا ويندا هئا. جيئن ننڍي کنڊ ۾ انگريزن ڪيتريون ئي هل اسٽيشنون شملا کان ڪوهه مريءَ تائين پنهنجي سهوليت، سُک ۽ عياشيءَ لاءِ ٺاهيون هيون. اهڙيءَ طرح هيڏانهن ڪوالالمپور جي ڀرپاسي ۾ فريزر (Fraser) هل ۽ ڪئمرون هاـءِ لئنڊس ٿڌي موسم ۽ تفريح لاءِ تيار ڪيون ويون، جيڪي اڄ به ساڳين نالن سان مشهور آهن ۽ هاڻ اهي جايون شهر جي رهاڪن ۽ ڌارين ملڪن کان آيل ٽوئررسٽن جي وندر ۽ گهمڻ لاءِ آهن.
    • 1909ع ـــ شهرين ۽ سلطانن جي هڪ فيڊريل ڪائونسل ٺاهي ويئي. جنهن مان اڳتي هلي ليجسليٽو ڪائونسل ۽ هاڻوڪي پارليامينٽ پيدا ٿي.
    • 1920ع ـــ مليريا جي آزار تي ڪجهه ڪنٽرول ڪيو ويو. هن پاسي مليريا جو آزار ايڏو وڌي ويو هو جو هر سال ڪيترائي ماڻهو مليريا وگهي مري رهيا هئا. 1900ع ۾ جيئن ان کوجنا جي خبر گڏيل هندستان ۾ پيئي ته مليريا مڇرن مان ٿئي ٿي ته هتي ڪوالالمپور جي واسطيدار عملدارن يڪدم ان معلومات مان فائدو وٺي شهر ۾ پکڙيل پاڻيءَ جا دُٻا بند ڪرائڻ شروع ڪيا. گٽرن جا کليل منهن بند ڪيا ۽ ڪلانگ شهر جي چوڌاري جيڪي دلدلي علائقا هئا، انهن جو گڏ ٿيل پاڻي سمنڊ ڏي نيڪال ڪري ڇڏيو يا مٿان مٽي وجھرائي سڪائي ڇڏيو. نتيجي ۾ مليريا طرفان ٿيندڙ موت جو تعداد گهٽجي اڌ ٿي ويو.
    • 1926ع ـــ ڪوالالمپور ۾ گهڻي مينهن ڪري ڪلانگ نديءَ ۾ ايڏي ته اُٿل آئي جو ڪوالالمپور ۾ گوڏن تائين پاڻي گڏ ٿي ويو. ڪيترين اهم آفيسن وارا سمپانن (بتيلن) ۾ چڙهي درين رستي آفيسن ۾ پهتا ۽ ضروري ڪاغذ پٽ ۽ رڪارڊ بچايو. چارٽرڊ بئنڪ ۾ به ٻوڌ جو پاڻي اچي ويو ۽ ڊالرن جا لکين نوٽ آلا ٿي ويا، جيڪي پوءِ پاڊانگ (ميدان) تي فوجي سپاهين جي پهري هيٺ سڪايا ويا.
    • ان واقعي کان پوءِ ڪلانگ نديءَ جي وهڪري لاءِ سڌو چئنل کوٽيو ويو ۽ پاسي کان ڀتيون (بند) اڏيون ويون، جنهن کان پوءِ ٻوڏ ۾ ٺاپر اچي ويئي.
    • 8 ڊسمبر 1941ع تي جپانين هڪ ئي وقت پرل هاربر، فلپين، هانگ ڪانگ ۽ ملايا تي ڪاهون ڪيون. 11 ڊسمبر تي ڪوالالمپور سندن هٿن ۾ چڙهيو ۽ ستر ڏينهن اندر سڄو ملئي اپٻيٽ ـــ سنگاپور سميت هنن جي قبضي ۾ اچي ويو. انگريزن ـــ جن ملايا تي حڪومت پئي ڪئي، جپانين جي قبضي بعد في الحال راڄڌانيءَ کان موڪل ڪري پنهنجو سر بچائڻ ۾ لڳي ويا. جپانين ملئي سلطانن جي طاقت ۽ مالڪپڻو تسليم ڪيو ۽ کين سندن مذهب ۾ ڪنهن به قسم جي دخل اندازي نه ڪرڻ جي گئرنٽي ڏني. جپانين چاهيو ٿي ته سرڪاري آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ عملدار پنهنجو ڪم ساڳي نموني سان جاري رکن پر انگريز حاڪم بدران هاڻي جپاني شهنشاهه کي وڏو سمجھن.
    جپاني دور ۾، جنگ جي خرچ ۽ پئسي جي کوٽ ڪري پگهار گهٽ رکيا ويا، جنهن ڪري پبلڪ مارڪيٽنگ جهڙين شين ۾ سرڪاري ڪامورا توڙي جپاني فوجي ڦاسي ويا. ان کان علاوه هڪ طرف گهرو پالتو جانور کائي کپايا ويا ته ٻئي طرف شهر جا ٻوٽا ۽ وڻ ڪپي ناس ڪيا ويا. نتيجي ۾ چوڌاري مڇرن ۽ مکين جو راڄ ٿي ويو ۽ مليريا وڌي ويئي. شهر جي عمارتن کي ان دوران ڪو نقصان نه رسيو ـــ سواءِ ريلوي ورڪشاپ ۽ ميوزيم واري عمارت جي ـــ جن تي انگريزن، ڪوالالمپور کي واپس وٺڻ جي ڪوشش ۾ حملي وقت بمباري ڪئي هئي.
    • 1945ع ـــ جپانين آڻ مڃي ۽ انگريز وري موٽي ماڳ آيا. پر انگريزن جي پهچڻ کان اڳ ملئي ڪميونسٽ Mpaja ـــ جن جپان جي فوج خلاف پارٽي ٺاهي هئي، اهي جنگلن مان ٻاهر نڪري آيا ۽ جپانين کان هٿيار ڦري سوڀ جو شان پنهنجي مٿي کڻڻ لڳا. جيسين انگريز موٽيا تيسين هي پبلڪ ڏڪائيندا رهيا.
    • 1946ع ـــ انگريزن سڄي ملڪ ۾ رهندڙ چيني انڊين ۽ ملئي ماڻهن کي هڪ برابر حق ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر ملئي ماڻهو جيڪي هتي جا اصل رهاڪو آهن، تن کي اها ڳالهه ڏکي لڳي ۽ هنن کي اهو احساس ٿيڻ لڳو ته ڌاريان ماڻهو، هن ملڪ ۾ پوءِ اچي، سندن حقن تي ڌاڙا هڻي رهيا آهن. هنن پهريون دفعو ان جي خلاف وڏي آواز ۾ اعتراض ورتو. يونائيٽيڊ ملئي نيشنل آرگنائيزيشن (UMNO) جي جھنڊي هيٺ هو گڏ ٿيا.
    • 1948ع ـــ عمنو (Umno) پارٽيءَ جي همت سان ملايا فيڊريشن ٺاهي ويئي، جنهن “ملئي سلطان” کي حڪومت جا اختيار ڏنا. ملئي ماڻهن کي خاص شهري حيثيت ۽ باقي پوءِ جي آيل غير ملئي ماڻهن کي محدود شهريت جا حق ڏنا.
    • 1948ع کان 1960ع تائين ـــ ملئي ڪميونسٽ پارٽي سڄي ملڪ ۾ هنگاما برپا ڪندي رهي. هڙتالون، گوڙ گمسان، خونريزيون، ۽ جيسين ڪميونسٽ جهل ۾ اچن تيسين ڏهه هزار کن شهري مارجي ويا. ملڪ ۾ ايمرجنسيءَ جو اعلان ڪيو ويو.
    • 1957ع ـــ ملايا کي مرديڪا (آزادي) ملي. تنڪو عبدالرحمان ملڪ جو پهريون پرائيم منسٽر بڻيو.
    • 1963ع ـــ ملائيشيا نالي نئين ملڪ جنم ورتو. جنهن ۾ ملايا، سنگاپور، سرواڪ ۽ صباح اچي ويو ٿي. گاديءَ جو هنڌ ڪوالالمپور ئي رهيو.
    • 1965ع ـــ سنگاپور کي ملائيشيا کان ڌار ڪيو و يو.
    • 1969ع ـــ اليڪشن دوران چيني ۽ ملئي ماڻهن جا جھڳڙا ايڏا ته وڌي ويا، جو هڪ دفعو وري ايمرجنسيءَ جو اعلان ڪرڻو پيو. تن عبدالرزاق کي نئون پرائيم منسٽر بڻايو ويو.
    • 1971ع ـــ نئين ايڪانامڪ پالسي ٺاهي ويئي، جنهن موجب ڀومي پترن Bumiputra (ملئي لفظ پر اصل سنسڪرت مان ورتل. معنيٰ ڌرتيءَ جا پٽ (Sons of Soil) کي 1990ع تائين نوڪري، واپار ۽ ٻي ملڪيت ۾ وڌيڪ حق ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
    • 1974ع ـــ ڪوالالمپور شهر کي باقي سلينگور رياست کان ڌار رکي کيس فيڊريل علائقو قرار ڏنو ويو.
    • انگريزن جي ڏينهن ۾ رستن تي رکيل نالن مان اڃا تائين ڪجهه ڪجهه ساڳيا آهن. جهڙوڪ: جالان واٽسن، جالان برڪفيلڊ، اسٽريچن وغيره. پر ڪيترا بدلايا ويا آهن. خاص ڪري انهن ڏينهن جي انگريز حاڪمن جا نالا مٽائي ملئي سلطانن ۽ شاهي خاندانن جي ماڻهن جا نالا رکيا ويا،. مثال طور برچ (Birch) روڊ جو نالو، جيڪو انگريز ريزيڊنٽ نالي هو، جنهن کي پيراق ۾ 1875ع ۾ قتل ڪيو ويو هو، هاڻ هن جي نالي بدران مهاراجا ليلا (Lela) نالي ڪيو ويو آهي ـــ اهو ماڻهو جنهن انگريز ريڊيڊنٽ برچ کي مارڻ جو حڪم ڏنو.
    • ڪوالالمپور ۾ پراڻي زماني جي عمارتن مان Le Coq dor پڻ هڪ آهي، جيڪا ائمپنگ روڊ تي آهي. انگريزن جي ڏينهن ۾ ٺهيل هڪ امير چينيءَ جو هي محل نما گهر اڄڪلهه ريسٽورنٽ طور ڪم اچي ٿي. سندس بيهڪ ۽ نقشو ساڳيو ئي اهو آهي جيڪو ٺهڻ وقت هو. عمارت جو مالڪ مسٽر چئا ـــ چينگ ـــ باڪ (Chua-Cheng-Bok) پنهنجي وصيت نامي ۾ لکي ويو ته سندس ٺهيل هيءَ عمارت نه وڪي وڃي ۽ نه وري ان ۾ ڪا ڦير ڦار آندي وڃي.
    ڪوالالمپور ۾ ايندڙ هر ٽوئرسٽ کي هيءَ عمارت نمايان لڳي ٿي ۽ هن عمارت سان وابسته پيار جو قصو ٻڌي ٿو. “مسٽر چئا جڏهن نوجوان هو” قصو ڪجهه ان ريت بيان ڪيو وڃي ٿو ته: سندس ڪنهن ڇوڪريءَ سان عشق ٿي ويو پر جيئن پاڻ غريب هو، ان ڪري سندس محبوبا جي پيءُ کيس سندس ڌيءَ سان شادي ڪرڻ نه ڏني. غيرت ۽ جوش ۾ اچي هن سخت محنت ڪئي ۽ شهر جو امير ترين رئيس بڻجي ويو. پوءِ پنهنجي محبوبا جي پيءُ کي ڏيکارڻ لاءِ سندس گهر جي ڀرسان هيءَ عمارت ٺهرائي جيئن محبوبا جي گهر مٿان آڏ ڪري بيهي ۽ چيني عقيدي موجب بخت جي ديوتا کي محبوبا جي گهر اچڻ کان روڪي. (ياد رهي ته چيني گهر يا قبر ڪوشش ڪري کلئي ۽ مٿاهين ميدان تي ٺهررائيندا آهن، جيئن بخت جا ديوتا سندس گهر ۾ ۽ رحم جي ديوي قبر تي ايندي رهي).
    مٿيون قصو جيڪو ڪوالالمپور جي هوٽلن جي بئرن ۽ ٽئڪسي ڊرائيور جي وات تي هوندو آهي، ان جي حقيقت بابت جڏهن هن عمارت جي انچارج کان پڇيم ته هن مرڪندي چيو: “اهڙي ڪا ڳالهه يا ڪهاڻي ناهي. سڀ هٿ جا گهڙيل قصا آهن.”
    انهي ئي روڊ تي يعني جالان ائمپنگ تي اڄڪلهه جون ڪجهه ماڊرن عمارتون پڻ آهن. هوٽل منگ ڪورٽ، Wisma mpa بي ايم ايف پلازا، انگڪاسا رايا بلڊنگ وغيره. (Angkasa – Raya) عمارت ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي هوائي ڪمپنين جون آفيسون پڻ آهن. ٿورو اڳتي پاڪستان ايمبسيءَ جي عمارت آهي، جيڪا پراڻي آرڪيٽڪٽ کان مشهور آهي ۽ ايندر ويندڙ جي نگاهن جو مرڪز رهي ٿي. چيو وڃي ٿو ته اها عمارت 1958ع ۾ تنهن وقت جي پاڪستاني سفير جناب شير علي خان جي ذاتي ڪوششن ۽ ذاتي مالي مدد جو نتيجو آهي جو اها هميشه لاءِ خريد ڪئي ويئي. پاڪستان ايمبسيءَ جي سامهون ديوان تنڪو عبدالرحمان جي عمارت آهي، جيڪا پڻ پراڻين عمارتن مان هڪ آهي.
    • ڪوالالمپور شهر مان لنگهندي پهريون ڏينهن ئي هڪ اهڙي عمارت نظر آئي، جنهن جي ٻاهرين بائونڊري واري ڊگهي ڀت تي آرٽ جو ڪم نظر آيو “ڇا ٿي سگهي ٿو؟” ڪوالالمپور ۾ ايندڙ هر نئون ماڻهو هن عمارت بابت سوچي ٿو جنهن جي ٻاهرين ڀت ايڏي ڊگهي ۽ اتاهين آهي ۽ اها آرٽ جو خوبصورت ڪنواس آهي. ڪو آرٽس ڪاليج، يونيورسٽي، کليل ٿيٽر، ريلوي اسٽيسن يا ڪا آرٽس ڪائونسل جهڙي شيءِ؟ نه.
    • شهر جي وچ ۾، پودو روڊ تي، آرٽ جي شاهڪار ڀتين واري هيءَ عمارت هتي جو جيل خانو آهي. ڪوالالمپور جي هن Pudu Prison جو نالو 1986ع ۾ دنيا جي رڪارڊن واري ڪتاب Guinness Book of Record ۾ پڻ اچي چڪو آهي. هنن سجايل ڀتين ڪري، پودو جيل جي اڍائي سؤ ميٽر (يعني چوٿو ڪلوميٽر کن) ويڪرين ڀتين تي آئل ڪلر سان چٽ گل نڪتل آهن. هن کان سال کن اڳ هنن ڀتين تي هڪ يڪي تصوير (Mural) هئي ۽ ان وقت، ان ڪري، هي جيل دنيا جي ڊگهي تصوير کان پڻ مشهور هو. اها تصوير هڪ ٽراپيڪل نظارو هو. سمنڊ جو ڪنارو، ڪناري وٽ ٻيڙيون ۽ ناريل جا ڊگها وڻ، آسماني رنگ جي اُڀ ۾ مينهن سان ڀريل چانديءَ جي ڪنار وارا گهاٽا ڪڪر، ڪاٺاڻا گهر ۽ ڪکائون جهوپڙيون وغيره هيون. اها تصوير چئن قيدين گڏجي ٺاهي هئي. چيو وڃي ٿو ته اها تصوير ٺاهيندي ٺاهيندي اهي قيدي ڀڄي ويا هئا.
    • دنيا جي رڪارڊن وارو مٿيون ڪتاب جيڪو هينئر تازو ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي، تنهن جي ٻاهرين ڪور تي پاڪستان جي عالم چنا جي تصوير پڻ آهي، جيڪو اڄڪلهه دنيا ۾ قداور ترين انسان مڃيو وڃي ٿو. وڏي لئه عالم چنا جي. جنهن شهر جي جنهن وڏي بڪ شاپ ۾ وڃ ته سامهون گنيس بڪ آف رڪارڊ جي نئين اشاعت ٽنگي پيئي آهي جنهن جي ٽائيٽل ڪور تي عالم چنا جي تصوير آهي. ڪوالالمپور، ملاڪا، اپوح ۽ پينانگ کان سنگاپور، منيلا، بئنڪاڪ جڪارتا جي جنهن به وڏي يا ننڍي دڪان ۾ گهڙ ته عالم چنا سامهون. اسان به جنهن تنهن کي اهو ٻڌائي ته اسان جي ڀر واري ڳوٺ جو آهي، پنهنجي لئه رکندا آهيون. يعني “گهوٽ جي ماءُ نه سهي گهوٽ جي پڦي ته ٿياسين” وارو مثال ٿيو. بقول سنگاپور جي هڪ چيني ليکڪ مسٽر اين . آءِ . لو (Low) جي: “پاڻ اهم ٿيڻ بدران ڪنهن اهم انسان جو چاچو مامو يا ڳوٺائي ٿيڻ ۾ وڌيڪَ مزو آهي. ٻئي جي بهاني سان پنهنجو پاڻ کي پڏائي سگهجي ٿو.” ۽ جيئن هتي جا چيني ڳالهه ڳالهه ۾ چوندا ته فلاڻو مشهور چيني همراهه (آرٽسٽ، سياستدان، فلم ائڪٽر) چين جي ان صوبي سنڪيانگ، هونان، ڪينگسي يا فوڪين جو آهي، جنهن مان اسين آهيون. تيئن گهٽ ۾ گهٽ هي سال اسان به عالم چنا جي تصوير ڏي اشارو ڪري فخر سان چئي سگهون ٿا ته هي دنيا جو ڊگهو ماڻهو پاڪستان جي ان صوبي مان آهي جنهن سان اسان جو تعلق آهي. هونءَ باءِ دي وي قدرت اسان کي تيل سان اڃا کڻي چڱيءَ طرح نه نوازيو آهي پر اهو به چڱو جو عالم چنا، عمران، جهانگير خان، مولانا مودودي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جهڙن ماڻهن ڪري اسان جي ملڪ جي سڃاڻپ سڄي دنيا ۾ ٿي رهي آهي. ذاتي نظريو ڪنهن جو ڪنهن لاءِ کڻي ڪهـڙو به هجي. اهڙي طرح ٻئي نمبر تي مائي نور جهان، جهازن واري سيٺ سپيرا جي مڱيندي سلما آغا، ڊاڪٽر عبدالسلام جهڙا آهن ــ جن کي سڄي دنيا کڻي نه پر دنيا جا مختلف علائقا: سنگاپور، ملائيشيا، ٿائلينڊ، برما ۽ بنگلاديش، يا عرب رياستون ۽ عربستان، يا يورپ جا ملڪ سڃاڻن ٿا.
    • ملائيشيا جي مرديڪا (آزادي) واري ڏينهن تي ڪوالالمپور ۾ وڏي پريڊ ٿيندي آهي، جنهن ۾ فوج، پوليس، اسڪول، ڪاليج کان وٺي فئڪٽرين، ڪارخانن، هوائي اڏن ۽ بندرگاهن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو حصو وٺندا آهن. مٿئين ڪتابَ ۾ گذريل سال جي ان پريڊ جو پڻ رڪارڊ آهي، جنهن ۾ فقط بئنڊ اڍائي هزار ماڻهن وڄائي.
    • مسٽر، مسز، جناب، محترم، محترمه، الرئيس، اخي، سان ــــ اهي مختلف لقبن مان ڪجهه آهن، جيڪي مختلف ملڪن ۾ عورتن يا مردن جي نالن سان گڏ استعمال ڪيا وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح ملائيشيا ۾ مرد جي نالي اڳيان انچڪ Encik لکيو وڃي ٿو. يا رڳو En. (جيئن انگريزيءَ ۾ مسٽر بدران رڳو Mr).
    • ملائيشيا پهچڻ تي پنهنجي نالي اڳيان EN ڏسي تعجب لڳم ته هنن کي ڪيئن خبر پيئي ته آئون انجنيئر آهيان، جنهن جو شارٽ فارم ڪيترن ئي ملڪن ۾ EN لکيو وڃي ٿو. پر پوءِ جلد ئي ڄاڻ پئجي ويئي ته اها EN ملئي لفظ انچڪ جي آهي، جنهن جي معنيٰ جناب يا مسٽر سمجھڻ کپي. شادي شده عورت لاءِ هتي (Puan) پئان ۽ ڪنواري ڇوڪريءَ لاءِ (Cik) چڪ لفظ استعمال ٿئي ٿو. ملئي زبان ۾ “C” چ لاءِ استعمال ٿئي ٿي.
    • هڪ دفعي هتي جي ملئي اخبار ۾ بينظير ڀٽي جي آيل تصوير ڏي هڪ دوست ڌيان ڇڪايو. فوٽي هيٺان ملئي زبان ۾ لکيل هو: “بينظير بنت الله يا رحم ڀٽو” مون پنهنجي دوست کي چيو ته هن ملئي اخبار وارن غلط لکيو آهي. بينظير الله يا رحم ڀٽو جي نه پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڌيءَ آهي.
    “پر هو جيئرو ڪٿي آهي؟”
    “ڇا مطلب؟” مون پڇيو مانس.
    “توهان گذاري ويل ماڻهوءَ جي نالي اڳيان ڇا لکندا آهيو؟ هن پڇيو.
    “مرحوم، جيڪو توهان پڻ لکو ٿا.” مون وراڻيومانس. “ها. پر اسان وٽ مرحوم بدران الله يا رحم گهڻو استعمال ٿئي ٿو، خاص ڪري شهيد لاءِ.” هن ٻڌايو.
    بهرحال مونکي ان لفظ جي ان وقت خبر پيئي نه ته پهرين ان کي نالو سمجھندو هوس، جيئن اسان وٽ سنڌ ۽ پنجاب ۾ ان سان ملندڙ جلندڙ نالا عام آهن: جيئن ته: الهه ورايو، الهه وڌايو، الهه بچايو، الهه ڏنو وغيره وغيره .
    • ڪوالالمپور شهر کان ٿورو ٻاهر تي، شاهه عالم شهر وٽ تازو هن سال هڪ وڏي مسجد ــــ مسجد سلطان صلاح الدين نالي ٺهي راس ٿي آهي. هيءَ مسجد هن پاسي سڀ کان وڏي گنبذ واري مسجد آهي، جيڪو ٻيانوي ميٽر اتاهون آهي ۽ سندس ڊاياميٽر ايڪونجاهه ميٽر آهي ــــ يعني لنڊن ۾ جيڪو سينٽ پال ڪئٿيڊرل آهي ان کان به وڏو گنبذ ٿيو. منهنجي خيال ۾ دنيا جي ڪنهن به مسجد، مندر، درگاهه، مقبري، گرجا گهر، ٽڪاڻي جو ايڏو وڏو ۽ مهانگو گنبذ نه هوندو.
    • جپانين جي قبضي دوران جپاني، ملائيشيا جي ريلوي جا پٽا، ڪيترن هنڌن تان پٽرائي برما کڻائي ويا، جتي بدنام “سيام ـــ برما” ريلوي لائين ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيائون. جنهن بابت The Bridge on the River Kawai ڪتاب آهي ۽ ساڳي نالي تي مشهور فلم پڻ ٺاهي ويئي، جنهن ۾ اليڪ گينس Alec-Guinness ڪم ڪيو آهي.
    • ملائيشيا ۾ “توڪئي” (Tokawy) ۽ “چيتيز” (Chetties) لفظ ٻڌڻ ۾ ايندا. توڪئي چيني وڏي واپاري يا سيٺ کي سڏجي ٿو. پر اهو نالو اصل چينين لاءِ آهي. باقي Chetties ڏکڻ هندستان کان آيل انڊين جي هڪ ذات آهي، جيڪي وياج تي پئسا ڏيڻ جو ڪم ڪن ٿا. انگريزن جي حڪومت جيئن ئي هن پاسي (ملائيشيا ۽ سنگاپور) ڏي وڌي ته هو هنن سان گڏ هيڏانهن آيا ۽ هن ڌنڌي تي تڏهن کان وٺي سندن ئي قبضو ۽ هڪ هٽي هلندي اچي. ڪيترن سالن تائين ماڻهن کي ڇٽيهه سيڪڙو وياج تي اوڌر ڏيندا رهيا. ۽ هو ان ڌنڌي کي ايڏو وڌائيندا ويا جو 1930ع تائين مشهور ٿي ويو ته انهن چيتين ڏهه ڪروڙ ڊالر وياج تي هلايا آهن جيڪا انهن ڏينهن ۾ وڏي دولت هئي. ڳري وياج ڪري ماڻهن جون زمينون ۽ ٻيون ملڪيتون گروي ٿينديون ويون. حڪومت جڏهن ڏٺو ته هتي جا اصلوڪا رهاڪو ملئي ۽ ٻيا وڃن ڏينهون ڏينهن غريب ٿيندا ۽ زمينون کسائيندا ته هنن کي ان ڏس ۾ ڪجهه ڪرڻو پيو. پوءِ سرڪاري طرح قاعدا قانون ٺاهي ان ڌنڌي کي گهٽايو ويو. ڪوالالمپور توڙي سنگاپور ۾ اڄ به هي چيني وياج تي قرض ڏيڻ ۽ ڪميشن تي غير ملڪي ناڻو مٽي ڏيڻ ۾ مشغول نظر ايندا.
    • سمرسٽ ماهم جي پڙهندڙن سندس مشهور افسانو The Letter ضرور پڙهيو هوندو. هيءَ ڪهاڻي ان مشهور اسڪئنڊل بابت لکيل آهي جيڪو هتي ڪوالالمپور ۾ ٿيو. 1911ع ۾” ڪوالالمپور جي هڪ بهترين اسڪول وڪٽوريا انسٽيٽوشن جي ائڪٽنگ هيڊ ماسٽر جي گوري زال مسز ايٿل پرائوڊلاڪ (Ethel Proud Lock) هڪ يورپي همراهه کي گولي هڻي ماري رکيو. جنهن لاءِ پوءِ هن جو چوڻ هو ته هو ساڻس زوريءَ زنا ڪرڻ لاءِ سندس گهر ۾ گهڙي آيو هو.
    • قانوني تحقيقات موجب اهو ماڻهو ــــ جيڪو ڪنسلٽنٽ انجنيئر هو، مسز پرائوڊ لاڪ جو ٺهيل يار نڪتو. حقيقت جي ته پوءِ آخر تائين خبر پئجي نه سگهي پر ڪورٽ مسز پرائوڊ لاڪ کي ڏوهاري ٺهرائي ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي. ان بعد ڪوالالمپور ۾ رهندڙ يورپي ماڻهن ــــ جن کي اها ڳالهه نه وڻي، چڱو ٻائيتال مچايو ته مائي بيگناهه آهي. بهرحال سلينگور رياست جي سلطان رحم جي درخواست منظور ڪري ڦاهيءَ جي سزا رد ڪري عمر قيد جي سزا قائم ڪئي، جنهن لاءِ مسز پرائوڊ لاڪ کي في الحال انگلينڊ روانو ڪيو ويو.
    سمرسٽ ماهم جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪورٽ طرفان زال کي ٻي ڏوهي ثابت ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو خط جيڪو هن کي ڏوهاري قرار ڏئي ها ان کي ضايع ڪيو وڃي ٿو. سمرسٽ جي هن افساني تي هالي ووڊ وارن فلم به ٺاهي هئي، جنهن ۾ بيٽي ڊئوس (Bette Davis) ڪم ڪيو آهي.
    • گذريل اڌ صدي کان وٺي، رکي رکي هتي جي زالن کي هڪ تيل هاڻو ماڻهو (Orang Minyak) نظر اچي ٿو. (ملئي زبان ۾ Orang معنيٰ: ماڻهو ۽ Minyak معنيٰ: تيل) ۽ پوءِ ان بابت ڪجهه ڏينهن لاءِ اخبارن ۾ سُرخيون هونديون آهن. هي تيل هاڻ ماڻهو ڪوالالمپور ۾ گهڻو ڪري جالان امبي (Imbi) تي نظر اچي ٿو. نه فقط ڪوالالمپور ۾ پر سڄي ملائيشيا ۽ سنگاپور جي عورتن جي بيڊ رومن تي هو ڇانيل آهي. همراهه کي فقط چڍي هوندي آهي. هن جو سڄو جسم تيلَ سان ڀريل هوندو آهي. هو سوڙهو ٿي ڪنهن چير يا سوراخ ۾ به هليو وڃي ٿو ته پنهنجي شڪل بدلائي ڏيڏر ڪوئو، ڇڇوندر به ٿيو وڃي. ڪن جو اهو خيال آهي ته هن جي مٿان ٿائلنڊ جي جادوءَ جو اثر آهي، جنهن ڪري هو مردن کي نظر نٿو اچي. هن کي فقط عورتون ئي ڏسي سگهن ٿيون. هو ڇوڪرين سان هٿ چراند ڪري ٿو، چوريون ڪري ٿو ۽ سڄي علائقي ۾ ڏهڪاءُ مچائيندو رهي ٿو. اسان کي به هتي ٽي چار سال ٿي ويا آهن. پيا اخبارن ۾ پڙهون، پر همراهه اڃا نٿو جھلجي. شايد تيل هاڻو هجڻ ڪري جھلڻ وارن جي هٿن مان ترڪيو وڃي.
    • مٿيون قصو ڪجهه ڪجهه ائين آهي، جيئن ڪراچيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڊرگ روڊ تي آڌي رات کان پوءِ هڪ ڇوڪري فقط مردن کي نظر ايندي آهي.
    • ملائيشيا ۾ گوري همراهه کي گهڻو ڪري مت ــــ صالح (Mat-Salleh) سڏيو وڃي ٿو، جيڪو انگريزي لفظ Mad Sailor (پاڳل جهازي) مان نڪتل آهي. اهو نالو پهرين انگريز جهازين تي رکيو ويو هو، جيڪي بندرگاهه ۾ پهچي هٿن مان نڪري ويندا هئا. مغرب جي ماڻهن کي جن نالن سان سڏيو وڃي ٿو، انهن مان سڀ کان گهڻو مشهور Orang-Putih آهي. (ورانگ معنيٰ ماڻهو ۽ پوتيح معنيٰ سفيد، اڇو ـــ يعني ڀورو ماڻهو.)
    • آفريڪا يا آمريڪا جي شيدين کي هتي Gagak معنيٰ ڪانگ سڏيو وڃي ٿو ــــ جيئن پاڻ وٽ ڏاڏو حبشي يا بلال سڏيو وڃي ٿو. ملائيشيا ۾ ٻيو نالو جيڪو ٻڌڻ ۾ ايندو، اهو آهي Kawai-Lo اهو چيني لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڌاريون شيطان. اهو انهن چينين تي رکيو ويو آهي، جيڪي ڌارين ملڪن (چين، تائيوان، هانگ ڪانگ) جا چيني هتي رهيل آهن. پر اهو نالو هميشه خراب رنگ ۾ استعمال نٿو ڪيو وڃي. جيئن ننڍي کنڊ ۾ ڪانگ هميشه گدلي ماڻهوءَ لاءِ استعمال نٿو ٿئي. ڏاهي کي پڻ ان نالي سان سڏيو وڃي ٿو. يا جيئن چٻ، چٻرو يا “اُلو ڪا پٺا” لفظ ننڍي کنڊ ۾ خراب مفهوم ۾ استعمال ٿين ٿا پر يورپ ۾ چٻرو عقلمند ماڻهوءَ کي چئي سگهجي ٿو.
    • ملائيشيا ۾ “ٽاڊي ــــ بار” اهي ننڍڙا دڪان آهن جتي اوچي يا ولايتي شراب بدران ناريل جي وڻ جي رس (Sap) ــــ جيئن کجيءَ جي وڻ جي “تاڙي” ٿئي ــــ پنجاهه سٺ سينٽ ۾ گلاس وڪامي ٿو. ان سستي شراب کي “ملائيشين شئمپين” پڻ سڏيو وڃي ٿو ته “غريب ماڻهوءَ جي ڊرنڪ” پڻ. اهي بار ملائيشيا جي مختلف شهرن ۾ انگريزن جي ڏينهن ۾ کوليا ويا هئا، جيئن گهاٽن ٻيلن ۽ جھنگلن ۾ ڪم ڪندڙ غريب تامل هارين کي پيئڻ لاءِ سستو شراب ملي سگهي. سڄي ملائيشيا ۾ ههڙا ٻه سؤ کن بار آهن، جن مان اٺ ڪوالالمپور ۾ آهن.
    • ناريل جو وڻ جيئن ئي گل ڏيڻ وارو هوندو آهي، ته ميوي واري شاخ کي چيهڪ ڏيئي ان مان ٽمندڙ رس ٽڀي ۾ گڏ ڪئي ويندي آهي. جيئن ته هيءَ رس اُس جي ٽڙڪي تي يڪدم کٽي (Fermented) ٿيو وڃي، ان ڪري مٺي سواد لاءِ جيترو جلد ٿي سگهي (ڏهين يارهين کان اڳ) پي ڇڏجي.
    • منهنجي خيال ۾ ملائيشيا دنيا جو اهڙو ملڪ آهي، جنهن جا سڀ کان گهڻا شاگرد ٻاهرين ملڪن ۾ تعليم وٺن ٿا. کين پئسو به آهي ته تعليم لاءِ تانگهه به. جيتوڻيڪ حڪومت هاڻ هر قسم جا ڪاليج يونيورسٽيون ملائيشيا ۾ ٺاهيندي وتي ۽ ساڳي وقت ٻاهر تعليم وٺڻ کان دلشڪستو به ڪري پئي ته به ڪافي ڇوڪرا آسٽريليا، نيوزيلينڊ، انگلينڊ ۽ آمريڪا پڙهڻ لاءِ ويندا رهن ٿا. جن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا اشتهار هتي جي اخبارن ۾ اڪثر نظر اچن ٿا. ان کان علاوه هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ انڊيا جي ڪاليجن جا پڻ اشتهار هوندا آهن. انڊيا جي هڪ ميڊيڪل ڪاليج جو تمام گهڻو اچي ٿو جنهن جي سالياني ٽيوشن في لک رپيا کن آهي. آمريڪا ۽ آسٽريليا پاسي ته اڃا به ڳرا خرچ آهن.
    اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ڪيترائي ملائيشيا جا شاگرد انگلينڊ ۽ آمريڪا جي اهڙن ٺڙڪو قسم جي ڪاليجن ۾ به هليا وڃن ٿا جيڪي اتي جي يا هتي جي تعليم کاتي طرفان تسليم شده نه آهن. پاڻ ۽ مائٽ خوش ته اجهي ٿا ڊگريون وٺي هو ڊاڪٽر انجنيئر ٿين. پر پوءِ چئن پنجن سالن بعد پئسو ۽ وقت برباد ڪري جڏهن هو پنهنجي وطن ملائشيا پهچندا آهن ته خبر پوندي اٿن ته ان ڪاليج جي بيڪار تعليم ڪري ان جي ڊگريءَ کي ڪو پڇي ئي ڪونه ٿو. نوڪري ته نوڪريءَ جي ماڳ ماڳهين مغربي ماحول ۾ رهي ڪيترا هن پاسي جا مشرقي تهذيب ۽ ڪلچر ۾ پيدا ٿيل نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هٿن مان نڪري ويندا آهن. ان ڏس ۾ ڏينهون ڏينهن حڪومت خبردار ڪندي رهي ٿي ۽ انهن ملڪن جي تعليمي ماهرن سان ملي شاگردن جي رهنمائي ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪري ٿي، جيئن شاگردن کي خبر پوي ته ڪهڙي ملڪ جي ڪهڙي ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ هو پڙهن، جن جي ڊگري هتي ملائيشيا ۾ قابل قبول سمجھي وڃي ٿي. ان ساهميءَ ۾ جيڪڏهن اسان پنهنجي ملڪ پاڪستان جي تعليمي معيار کي پرکينداسين ته خبر پوندي ته اڄڪلهه اسان جو ملڪ انڊيا کان به پٺتي پيل آهي ۽ فقط آغا خان ميڊيڪل ڪاليج کي هتي مان ڏنو وڃي ٿو.
    • جپان وانگر هتي ملائيشيا ۾ به ٻليون پڇ بنا آهن. يا تمام ذرڙو پڇ جو اٿن. ائين لڳندو ڄڻ ڪنهن ڪپي ڇڏيو هجين. ڪن جو اهو خيال آهي ته ماڻهن ٻلين جا پڇ وڍي ڇڏيا آهن، جيئن چيني عقيدي موجب هو بهشت کان ٻاهر ئي رهن. ڇو جو ٻلي چيني ڪئلينڊر جو حصو ناهي ــــ جنهن ۾ ڪتو، شينهن، ڪوئو، ڀولڙو، ڍڳو ۽ سوئر وغيره اچي وڃن ٿا. ڪن جو اهو چوڻ آهي ته پڇ ڪپڻ سان ٻلي مالڪ وٽان ڀڄي نٿي. هونءَ حقيقت اها آهي ته هنن ٻلين جي جنس ئي اهڙي آهي جنهن جو پڇ ائين آهي.
    هتي ٻليون ملئي ۽ چيني ــــ ٻنهي جي گهرن ۾ نظر اينديون پر ڪتا فقط چينين جي گهرن ۾ ڏسڻ ۾ ايندا. اسلام ۾ ڪتو هڪ پليت جانور سمجھيو وڃي ٿو، جنهن جي زبان نقصانڪار چئي وڃي ٿي. ان ڪري هن جانور کي ــــ سواءِ چند ضرور حالتن جي ــــ پالڻ جي منع ٿيل آهي. ملئي جيئن ته مسلمان آهن، ان ڪري انهن جو سڄو سڄو ڳوٺ پاليل يا رول ڪتي بنا نظر ايندو. بي ڊپا ٿي پيا وڃو. ساڳيو عالم عرب ملڪن جو آهي. سعودي عرب، يمن، عدن کان وٺي اتر آفريڪا جي ٻي ڪنڊ لبيا موراڪو تائين هليا وڃو. هروڀرو رول ڪتو نظر نه ايندو. وچ ۾ خبر ناهي ڇو اسان ئي پاڪستان، هندستان، بنگلاديش جا مسلمان آهيون جن جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ڪتا نظر اچن ٿا ــــ سي به پاليل، صاف سٿرا ۽ سيکاريل نه پر رول، بيمار ۽ ڇتا ــــ پنهنجي گهٽيءَ مان ئي لنگهندي گھٻراهٽ ٿيندي ته ڪٿي سندن پڇ تي پير نه اچي وڃي. ڪٿي اجايو پيار ۽ پنهنجائپ جو اظهار ڪرڻ لاءِ هو ناليءَ مان ٻوڙيل پڇ نه لوڏي، متان ڪنهن معصوم ٻار کي چڪ هڻي لولو لنگڙو نه ڪري يا وڏي کي هائڊرو فوبيا نه ڏيئي ڇڏي. مزي جي ڳالهه اها ته ميونسپالٽي يا واسطيدار کاتي جا ماڻهو جڏهن اهڙن رول ۽ بيمار ڪتن کي مارڻ نڪرندا آهن ته پاڙي جون پوڙهيون ٻڪ کڻي کين پٽي واپس ڪنديون آهن ته گگدامن تي ڪهل ڪريو ۽ کين نه ماريو. اهو اهو عالم نه فقط سنڌ، پنجاب، هريانا ۽ هماچل صوبن جو آهي پر بنگال، بهار، يوپي، مهاراشٽر ــــ ويندي ڪيرالا ۽ تامل نادو تائين جو آهي. (بلوچستان ۽ صوبو سرحد البت ان ڳالهه ۾ پاڪ صاف آهي) ڪاش انهن رول ڪتن جو پچاء ڪندڙ انهن هزارين انساني جانين کي ڪتي جي چڪ وگهي تڙڦندو مرندي ڏسن، جيڪي هر سال پاڪستان، هندستان ۽ بنگلاديش ۾ موت جو شڪار ٿين ٿا.
    • ملائيشيا دنيا ۾ هڪ واحد ملڪ آهي، جنهن جو بادشاهه هر پنجن سالن بعد بدلجندو رهي ٿو. ملائيشيا جي تيرهن رياستن مان جن ۾ سلطاني راڄ_ آهي. 1957ع کان پوءِ انهن نون رياستن جا سلطان پنهنجو پاڻ ۾ ويهي واري وٽيءَ تي هڪ کي چونڊيندا آهن، جيڪو سڄي ملڪ جو پنجن سالن لاءِ بادشاهه ٿيندو آهي. ان کي ملئي زبان ۾ Yang Di – Pertuan Agong سڏبو آهي. هونءَ کيس خطاب ڪرڻ لاءِ سڄو لقب هن ريت آهي:
    Duli yang maha mulia, siri paduka
    Badginda yang Di – Pertuan agong.
    ان سڄي جي معنيٰ ـــ بلڪه مفهوم ڪجهه هنريت چئي سگهجي ٿو: “اسين جيڪي هن (بادشاهه سلامت) جي پيرن جي تري هيٺان ڌوڙ کان به هيٺاهان آهيون، جيڪو طاقت، شان، دٻدٻي ۾ نهايت اتاهون آهي ۽ هن ملڪ جو مٿانهون حاڪم آهي.”
    ٽائيم مخزن وارن هڪ دفعي ان ملئي خطاب جو انگريزيءَ ۾ سٺو ترجمو ڪيو هو:
    “We who are below the dust under the sole of the foot of the most exalted, radian majesty, he who is made highest in the land”.

    هيڏن لقبن القابن واري، هيڏي ملڪ جي هيڏي طاقتور هستي ـــ پر فقط پنجن سالن لاءِ! پنج سال پورا ٿيڻ تي جنهن آرام، سڪون ۽ بنا ڪنهن ردوبدل جي ملائيشيا ۾ هڪ لهي ٻيو بادشاهه ٿيو وڃي.، قابلِ تعريف ڳالهه آهي. نه ته چوندا آهن ته هڪ دفعو جنهن ماڻهوءَ کي طاقت جو چشڪو لڳي وڃي ته پوءِ اهو تخت تاج جي جان هرگز ڇڏي نٿو سگهي. يا ته اها چوڻي (يا بدقسمتي) فقط ڏکڻ آمريڪا ۽ اتر آفريڪا جي ملڪن سان آهي. اسان جو ملڪ ۾ ڪجهه اهڙي ئي خاني ۾ اچي ٿو.
    • دنيا ۾ سڀ کان گهڻو “پام آئل” ملائيشيا ۾ ٿئي ٿو. پام آئل جا وڻ کجيءَ جهڙا ٿين ٿا ۽ سندن ميوو به جارکن جهڙو ٿئي ٿو پر جارکن جي ڇڳي کان هن جو ڇڳو ڳرو ۽ وڏو ٿئي ٿو. ان کي نپوڙي منجھانئس تيل ڪڍيو وڃي ٿو. اهو تيل رڌ پچاءَ لاءِ گهڻو ڪم اچي ٿو. ٻين ملڪن کان علاوه اسان جو ملڪ پڻ اهو تيل ملائيشيا ۽ انڊونيشيا کان وٺي، نج حالت ۾ يا ان ۾ ٻيا تيل ملائي رڌ پچاءَ جي ڪم لاءِ مهيا ڪري ٿو.
    هي تيل ملائيشيا جو سونو فصل (Golden Crop) سڏيو وڃي ٿو. جيئن ڪپهه پاڪستان جو روپو فصل (Silver Crop) سڏجي ٿو. هي تيل نه فقط رڌ پچاءَ لاءِ ڪم اچي ٿو پر صابڻ، ميڪ اپ، چوپائي مال جي ڏاري، مٺي کير، آئيس ڪريم ۽ چاڪليٽن ٺاهڻ ۾ ڪتب اچي ٿو. هاڻ هتي وڌيڪ تجربا هلي رهيا اهن ته ان تيل کي ڪنهن نموني سان ڊيزل آئل ۾ تبديل ڪجي، جيئن موٽر ڪار هلائڻ لاءِ ڪم اچي.
    • هتي جي ماڻهن ۾ ڪيترائي وهم وسوسا، سوداءَ آهن. چيني ۽ انڊين ۾ ته تمام گهڻا آهن پر مسلمانن ۾ پڻ، جيتوڻيڪ اسلام ۾ انهن ڳالهين جي ڪا حيثيت يا اهميت نه آهي پر رسم ۽ روايت طور هلندا اچن. اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻ ٽيڪنالاجي ۽ سائنس جي ترقي ۽ تعليم جي واڌاري ڪري اهي سڀ ڳالهيون گهٽجي رهيون آهن ته به ڪي ڪي ٽوڻا سوڻا اڃ تائين مشهور آهن.
    دوا درمل ۽ هر قسم جي جسماني توڙي نفسياتي بيماريءَ لاءِ بومو (Bomoh) وٽ وڃڻ جو رواج پڻ عام آهي. بومو مسلمان ملئي ٿئي ۽ کيس درويش، فقير، جادوگر، ڊاڪٽر ــــ سڀ ڪجهه چئي سگهو ٿا. هر قسم جي علاج لاءِ هن وٽ نه فقط ملئي اچن ٿا پر چيني ۽ انڊين پڻ ــــ پنهنجي عشق جي آزار کان وٺي نوڪري ۽ واپار جي واڌاري جهڙن مسئلن لاءِ. ڪجهه مهينا اڳ ڪوالالمپور جي جيل اندر چئن قيدين جيل جي ڊاڪٽر ۽ ڪمپائونڊر کي کڻي يرغمالي بڻايو ۽ ڏينهن پٺيان ڏينهن ــــ هفتو کن معاملو هلندو رهيو. جيسين پوليس قيدين کي ڌتاري سندن چنبي مان ڊاڪٽر ۽ ڪمپائونڊر کي آزاد ڪرائي، تيسين ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ڪيترائي بوماح، بنا سڏ جي اچي پهتا. ڪو جيل جي ٻاهران (Kuning Beras) ــــ زردن چانورن جي ڇٽ پيو ڪري ته ڪو گلاب جو پاڻي کڻي جيل جي ڀتين تي پيو هڻي. بهرحلا جڏهن ڪمانڊو پوليس حملو ڪري يرغمالين کي آزاد ڪيو ته هرڪو بومو اها ڪاميابي پنهنجي ڪرامت سان وابسته پيو ڪري.
    • ملئي ماڻهن ۾ ٽن جو انگ به خراب سمجھيو وڃي ٿو. ٽي شيون ڪنهن کي ڏبيون ته چوندو هڪ وجھي چار ڪري ڏي يا هڪ ڪڍ ٻه ڪري ڏي. ٻيو ته ٺهيو پر فوٽوءَ لاءِ ٽن ڄڻن جو بيهڻ به سٺي ڳالهه نه سمجي ويندي آهي. هڪ ڄڻو ماٺ ڪري پري ٿي ويندو. يا چوٿين کي سڏي وٺندو.
    • ٽين جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪنهن کي به جتيءَ سميت اتي اچڻ نه ڏيندا آهن، جو متان سندن ديوتا ناراض ٿي وڃي. هاڻ ته اهو ڪم گهٽجي ويو آهي نه ته اڳ ۾ مجال آهي جو ڪو يورپي به ڌوپ ڇٽي ۽ بوٽ سان ٽين جي کاڻ واري علائقي ۾ پهچي.


    پينانگ ٻيٽ

    پينانگ ٻيٽ تي ڏسڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ سمنڊ جا ڪنارا آهن، پراڻا مندر مسجدون آهن، قلعا ۽ پارڪ آهن، جبل (Penang Hill) تي چڙهندڙ ريل آهي، مڇي گهر ۽ خريداريءَ لاءِ ننڍا وڏا دڪان آهن. ڪي شيون مغرب کان آيل ٽوئرسٽن کي وڻن ٿيون ته ڪي اسان جهڙن ايشيائي ملڪن کان ايندڙ همراهن کي.
    پينانگ چڱو خاصو وڏو ٻيٽ آهي. وچ شهر وارو علائقو جارج ٽائون (George-Town) سڏجي ٿو. فيري اسٽيسن تي لهڻ بعد ڪارن والس قلعو (Fort-Cornwallis) ويجھو آهي، جتي اڄ کان ڏيڍ سؤ سال اڳ هن ٻيٽ کي وسائيندڙ انگريز ڪئپٽن فرانسز لائيٽ (Francis-light) پهتو هو. قلعي وٽ رکيل پراڻي توب اڳيان چيني عورتون گل رکندي ۽ اگربتيون ٻاريندي نظر اينديون. هنن جو اهو عقيدو آهي ته ائين ڪرڻ سان سنڍ عورت کي به ٻار ٿيو وڃي.
    ميل اڌ پنڌ ڪرڻ جي موڊ ۾ آهيو ته قلعو گهمڻ بعد کڙين تي زور ڏيئي فورٽ روڊ ۽ لائيٽ اسٽريٽ (جيڪا اڃا تائين ڪئپٽن فرانسز لائيٽ جي نالي آهي) ڏيئي فرقهار (Farquhar) اسٽريٽ تي هليا اچو، جنهن تي پينانگ جون پراڻيون ۽ تواريخي جڳهيون آهن. رستي تي جارج ٽائون سٽي ڪائونسل، اميگريشن آفيس، ديوان سري پينانگ جي عمارت، سپريم ڪورٽ، مئرينرس ڪلب، پينانگ جي پراڻي لئبرري ۽ سينٽ زئيويئر (St-Xavier) اسڪول نظر اچي ٿو.
    ڀر ۾ (Pitt) پِٽ اسٽريٽ آهي، جنهن تي پينانگ جو 160 سال پراڻو چيني مندر Kuan-yin-teng نالي آهي. هي مندر “رحم جي ديويءَ” جي شان ۾ جوڙايل آهي. ٽڪ جي ڪم جا ڪاٺ جا ٿنڀا، جيتوڻيڪ وقت ۽ اگربتين جي دونهين ڪري ڪارا ٿي ويا آهن پر تڏهن به اهي ۽ ڇت تي ٺهيل باهه اوڳاڇيندر اجگر (Dragons) ڏسڻ وٽان آهن.
    هن مندر مان نڪري، پِٽ اسٽريٽ تي اڳيان هلندا وڃو. ٽرئفڪ لائيٽ کان پوءِ مسجد ڪئپٽن ڪلنگ اچي ٿي. هيءَ مسجد پينانگ ۾ تمام پراڻي ۽ اهم سمجھي وڃي ٿي. ڏکڻ هندستان کان هڪ مدراسي امير مسلمان قادر محي الدين 1800 ۾ ٺهرائي هئي. مسجد جي سامهون پِٽ اسٽريٽ پوسٽ آفيس آهي. ان جي ڀر واري گهٽي Queen Street وٽ هندن جو ماريامان (Mariamman) ديويءَ نالي مندر آهي. جنهن ۾ ڪيتريون ئي شيون هيرن جواهرن ۽ سون چانديءَ سان مڙهيل آهن.
    وڪٽوريا اسٽريٽ، ملئي اسٽريٽ ۽ ڪارناروان اسٽريٽ بعد مئڪسويل روڊ جو بس اسٽاپ اچي ٿو. جتان سائي، بلو ۽ زردي رنگ جون بسون پينانگ ٻيٽ جي مختلف هنڌن تي وٺي هلن ٿيون.
    پينانگ ۾ پهچڻ کان اڳ ئي يا اچڻ سان توهان هيٺين شين جي گهڻي هاڪ ٻڌندائو.
    1. نانگن وارو چيني مندر (Snake-Temple)
    2. پينانگ هِل ۽ ان جي چوٽيءَ تي پهچڻ لاءِ اُڀو چڙهندڙ ريل ــــ جيڪا Furnicular پڻ سڏجي ٿي.
    3. بوٽنيڪل باغ.
    4. ٻڌن جو مندر.
    5. سامونڊي تانگها ڪنارا (Sea-Beaches)
    شهر کان پري، ايئرپورٽ واري رستي تي Snake-Temple آهي. ڏور اوڀر جو ڪو ملڪ ۽ ان جا منظر اڃا نه ڏٺا هجنوَ ته پوءِ ڀلي ٽئڪسي يا بس جو ڀاڙو ڀري ۽ پنهنجو وقت ضايع ڪري هي مندر ڏسي اچو نه ته هانگ ڪانگ، ٿائلينڊ، تائيوان يا سنگاپور جا مندر ڏسڻ بعد هي مندر انهن فلمن جو فقط هڪ مختصر ٽريلر آهي. رهيو سوال نانگن جو سو نصرپور، تاج پور واري همراهه جي شاگرد وٽ به ان کان گهڻا هوندا. ٻه يا ٽي سائي رنگ جا سنها نانگ، ان مندر جي ورانڊي ۾ رکيل ڪونڊين ۾ ويٺل نظر ايندا. جن کي ڪجهه اهڙيءَ طرح پاليو ويو آهي جو نڪو ڀڄن ٿا نڪو ڏنگين ٿا. اتي ئي ڍيري ٿيا پيا آهن. انڊيا، پاڪستان، سريلنڪا، بنگلاديش ۽ انڊونيشيا ٿائلنڊ پاسي کان آيل اسان جهڙا ڳوٺاڻا همراهه جيڪي ننڍي هوندي ئي رستن تي هلندڙ نانگن بلائن کان بچي بچي وڏا ٿين ٿا يا شهرن جي چوراهن تي بازيگرن ۽ جوڳين کي مرلين تي نانگ نچائيندا ڏسن ٿا، انهن لاءِ هي نانگ ڪهڙي اهميت رکن ٿا. باقي يورپين، آسٽريلين ۽ آمريڪن کي انهن نانگن سان گڏ تجسس مان فوٽو ڪڍائي خوش ٿيندو ڏسي اسين به ضرور خوش ٿيون ٿا ۽ تعجب کائون ٿا ته اهڙا چريا به هن دنيا ۾ رهن ٿا. يعني اهي يورپ ۽ آمريڪا جا ماڻهو. (نانگ نه.)
    هونءَ ڪتابن رسالن ذّريعي هن مندر جي اشتهاربازي ائين ڪئي ويئي آهي، ڄڻ هي مندر نانگن سان ڀريل هجي ۽ منجھس نانگن جو راڄ هجي، پر ائين ناهي. اندر گهڙڻ سان هڪ ٻه چيني همراهه توهان کان مندر لاءِ چندو وٺڻ لاءِ لڙي ايندو. شينهن ۽ اجگر بلائن جا ڪاٺ ۽ ٺڪر جا بوتا نظر ايندا، جن جي چوڌاري ٿلهين ۽ سنهين اگربتين جي دونهين ۽ واس جي ڌپ سان مندر ۽ ماحول ڀريل ملندو ــــ اهو سڀ ڪجهه ٻين چيني مندرن ۾ به عام ٿئي ٿو. ٻائي کي چندو ڏيئي جان ڇڏائيندائو ته سندس سوٽ ماسات فوٽو گرافر توهان کي نانگ سان گڏ فوٽو ڪڍائڻ لاءِ راضي ڪرڻ ۾ لڳي ويندو. دونهين، گرمي ۽ پنهنجو پاڻ تي چڙ ڪري (ته اجايو ٽئڪسيءَ جو ڀاڙو ۽ وقت وڃائي پهتاسين)، ٻاهر هوٽل تان ڪجهه پيئڻ لاءِ وٺندائو ته خبر پوندوَ ته سڄي پينانگ ۽ ملائيشيا ۾ ڪوڪا ڪولا پنجاهه سينٽن جي پر هتي هڪ ڊالر ۾ ملي رهي آهي.
    پينانگ ۾ ٻيو نمبر هاڪ پينانگ ٽڪريءَ جي آهي. هانگ ڪانگ جي ٽاور پيڪ توڙي ڏٺي اٿانوَ ــــ يا نه ڏٺي اٿانوَ، پر هيءَ ضرور ڏسجو جو سڀ ۾ هيءَ ڪم جي شيءِ (جيڪڏهن ڪا آهي ته) وري به ڪجهه آهي. جنهن مان ننڍو وڏو لطف اندوز ٿئي ٿو. ريل گاڏيءَ مان به ته مٿي پهچي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تان به ــــ جيڪا اٺ سؤ ميٽر (اڍائي هزار فوٽ کن) اتاهين آهي. ۽ فنيڪيولر ٽرين ٽڪريءَ جي قدمن کان مٿاهينءَ تائين ڪلاڪ ۾ پهچائي ٿي. ٽرين رسن ذريعي اُڀي مٿي ڇڪجي ٿي ان ڪري ماڻهن کي سيسراٽ ۽ سيوڪاري پئجيو وڃي. ٻنهي پاسي جبل ساون گهاٽن وڻن ۽ گل ٻوٽن (Ferns) ۽ ولڙن سان ڀريو پيو آهي. جيئن ئي مٿي پهچجي ٿو ته هوا هڪدم سنهي ۽ ٿڌي ٿيو وڃي. وچ تي، انهن جابلو جهنگلن ۾ انگريزن جي زماني کان ريل جي عملي جا گهر آهن، جيڪي پنڌ يا ان رستي پنهنجن گهرن وٽ لهندا چڙهندا نظر اچن ٿا. جبل جي چوٽيءَ تي هڪ هوٽل، مسجد، هندن جو مندر، ننڍڙو چڙيا گهر ۽ ٻيا ننڍڙا ننڍڙا دڪان آهن، جن تي هتي جون سوکڙيون (Souveniors) وڪامن ٿا.
    پينانگ ٻيٽ تي جيئن ئي 1786ع ڌاري انگريز آيو ته هُن هِنَ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي پهچڻ جو رستو ٺهرايو، جيڪو اڄ پڻ سٺي حالت ۾ رکيو ويو آهي ۽ مضبوط قسم جا خچر ۽ گهوڙا لهي چڙهي سگهن ٿا.
    ريل ٺاهڻ جي پهرين ڪوشش 1899ع ۾ ڪئي ويئي پر غلط ڊيزائين ۽ فنڊن جي کوٽ ڪري مڪمل ٿي نه سگهي. پهرين وڏي لڙائيءَ بعد انگريز حڪومت ان ريل ٺاهڻ جو ڪم سئٽزرلئنڊ جي هڪ انجنيئر کي سونپيو، جنهن 1923ع ۾ هيءَ ريل ٺاهي راس ڪئي. هڪ ئي وقت هڪ گاڏي مٿي ڇڪجي ٿي ته ٻي هيٺ لهي ٿي. هر هڪ سؤ کن مسافر کڻي سگهي ٿي. اوٽ موٽ جو ڀاڙو ٽي ڊالر آهي. توهان کي قدرتي شين ۽ نظارن جو شوق آهي ته اوٽ موٽ جي سفر ۾ جبل تي مختلف قسم جا قديم وڻ ۽ گلڪاريون ڏسي دل وندرائي سگهو ٿا. انجنيئرنگ ڏي لاڙو آهي ته ريل جي ڪارڪردگي جو غورَ سان جائزو وٺي سگهو ٿا. پر جي ڪجهه به شوق نه هجي ته پوءِ مون وانگر وقت گذارڻ لاءِ ڀولڙا ڳڻيندي مٿي پهچي سگهو ٿا ۽ پوءِ واپسيءَ تي کين هڪلون ۽ اشارا ڪندا هيٺ لهي اچو.
    ٽيون نمبر شيءِ بوٽنيڪل گارڊن آهي. جيڪو تمام وڏو باغيچو آهي ۽ انگريزن جي ڏينهن کان وٺي ان کي سٺي حالت ۾ رکيو ويو آهي . اهڙا صاف سٿرا پارڪ ايشيا ۾ فقط جپان ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا يا وري پينانگ جو هي پارڪ آهي. پينانگ هِل کان شهر ڏي واپس موٽڻ مهل کاٻي پاسي رستي تي ئي اچي ٿو. ان ڪري هن پارڪ جي بخمل جهڙي ڇٻر، قسمين قسمين وڻ ۽ آبشار ڏسڻ ڪو وقت جو ضايع نه ٿيندو. توهان جي معلومات وڌي يا نه وڌي، گهٽ ۾ گهٽ ڳوٺ پهچي چئن چڱن تي لئه رکڻ ۽ ٻٽاڪ سٽاڪ هڻڻ لاءِ ڪي ٻه چار شيون ڳڻائي سگهو ٿا ته پينانگ ۾ ٻين شين سان گڏ بوٽنيڪل باغ پڻ ڏٺو. جيتوڻيڪ هن کان وڌيڪ مونکي انڙ صاحب جو قاضي احمد وارو باغ تمام گهڻو سٺو لڳي ٿو.
    چوٿون نمبر تي هاڪ برما روڊ تي Wat-Chyamangkalaram نالي ٻڌن جي مندر جي آهي. منجھس سؤ فوٽ ڊگهو گوتم ٻڌ جو بت آهي، جيڪو دنيا ۾ گوتم جو ٻيو نمبر وڏو بت ليکيو وڃي ٿو. وقت يا پئسي جي کوٽَ ڪري پينانگ جلدي ڇڏيو پيا ته پوءِ هلي ملي مندر ۾ وڃي گوتم صاحب جو بت ڏسڻ بدران ڪنهن ٽوئر کاتي جي ڪتاب يا پڪچر ڪارڊ ۾ ئي ڏسي سگهو ٿا. جنهن ۾ پڻ اوترو ئي چٽو ۽ صاف نظر اچي ٿو جيترو روبرو ڏسڻ سان.
    انهن مٿين شين کان علاوه پينانگ جا سامونڊي ڪنارا پڻ مشهور آهن ۽ خاص ڪري سرد ملڪن جا ماڻهو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪناري جي ريتيءَ تي اچي ليٽي پوندا آهن. ان بعد اخبار لاءِ هڪ عدد خط به لکي ويندا آهن. ڪي تعريفي خط ته هتي جا ڪنارا بيحد تانگها ۽ صاف سٿرا آهن. ڪي وري لکندا آهن ته هتي جا ڪنارا گدلا آهن. ڪٿي ڪٿي تيل ۽ گند ڪچرو نظر اچي ٿو. گذريل ٽن سالن کان ان قسم جا ڪيترائي خط اخبار نيو اسٽريٽ ٽائيمس ۾ پڙهي چڪو آهيان. لڳي ٿو ته ڪڏهن اخبار وارا اخبار جي رهيل ڪنڊ پاسو ڀرڻ لاءِ ان قسم جا خَطَ، پاڻ ئي لکيو، ڇپيو ڇڏين.


    پينانگ واري پل

    ڪنهن چيو ته اليڪشن ويجھي آهي ته ان ڪري ملائيشين حڪومت ڏيکاءَ لاءِ وڏا وڏا ڪم ڪري عوام کي خوش ڪري رهي آهي. ڪنهن چيو ملڪ ۾ تيل، رٻڙ ۽ ٽين (قلعي) جو پئسو جام اچي ويو آهي.
    بهرحال ڏيکاءَ لاءِ يا پئسي جي گهڻي آمد ڪري ملائيشيا جي حڪومت ڏينهون ڏينهن ملڪ ۽ عوام جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪندي رهي ٿي. ۽ ايشيا جون جيڪر ٻيون حڪومتون به ائين ڪن ته انهن ملڪن جي قسمت پڻ سڌري سگهي ٿي. گذريل ڪجهه سالن ۾ جيڪي هتي جي حڪومت وڏا وڏا ڪم ڪيا آهن، تن ۾ هڪ ته سڄي ملڪ ۾ پڪن رستن ۽ سپر هاءِ ويز جي ڄار شامل آهي. جنهن مان نه رڳو امير ڪارن وارا فائدو وٺن ٿا پر غريب دور دراز جهنگلن ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙ عوام پڻ.
    هتي جي حڪومت ٽوئرزم تي پڻ گهڻو زور ڏنو آهي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ نيوزيلينڊ، آسٽريليا وانگر هتي پڻ دور دراز ملڪن جا ماڻهو موڪلون گذارڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ اچن ٿا. جنهن ڪري نه فقط وڏين هوٽلن ۽ هوائي جهاز ڪمپنين وارا ڪمائين ٿا، پر شهر جا ٽئڪسي وارا، بس وارا، دڪاندار پيڍيءَ وارا، مزور بئرا وغيره پڻ.
    ٽي ويءَ جي ٻن سرڪاري چئنلن RTM 1 ۽ RTM 2 کان علاوه ٽيون پرائيويٽ چئنل TV3 “ٽي وي تيگا” شروع ڪيو آهي، جيڪو پنهنجي سلوگن T.V Tiga-untok موجب ڏسندڙن جي مرضيءَ موجب هلي ٿو. ساڳي وقت سرڪاري ۽ خانگي چئنلن جو مقابلو هجڻ ڪري ڏسڻ وارن کي سرڪاري خبرون ۽ موجوده حڪومت جي ناموس جون ڳالهيون گهٽ ٻڌڻيون پون ٿيون ـــ جيڪو آزار ڪيترن ئي عرب، آفريڪي ۽ ايشيائي ملڪن جي عوام سان آهي.
    ان کان علاوه ڪيترائي اسڪول، ڪاليج، لئبرريون، هوٽلون، هائوسنگ پروجيڪٽ ۽ اسپتالون کوليون ويون آهن. جيڪي مڙيئي شيون عوام لاءِ سک پيدا ڪن ٿيون. انهن مڙنيءَ کان علاوه ٻه وڏا ڪم: پروٽون ساگا (Proton Saga) ۽ پينانگ واري پل آهي.
    پروٽون ساگا ملائيشيا جي پهريون ۽ پنهنجي ڪار آهي، جيڪا شڪل، شيپ ۽ انجڻ ۾ ڪجهه ڪجهه متسوبشي، ٽويوٽا ۽ ڊاٽسن ڪارن سان ملي ٿي. مضبوط، سهڻي ۽ سستي هجڻ ڪري نه فقط هتي ملائيشيا ۾ پر ڏسندي ئي ڏسندي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ پڻ مشهور ٿي ويئي آهي. ڪيترائي يورپي، ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪ اها خريد ڪري رهيا آهن.
    ملائيشيا جي هن ڪار تان ياد آيو ته اها ڪار شروع ٿيڻ کان اڳ سندس شڪل بابت ماڻهن کي ڪيترائي خيال ۽ رٿائون هيون ته اها ڪهڙي هئڻ کپي. هتي جي مشهور ڪارٽونسٽ لات صلاح ڏني ته پروٽون ساگا جي شڪل کڻي ڪهڙي به هجي پر ڇت ڪنڊائتي هئڻ کپي، جيئن ملائيشيا جي گهرن جون ڇتيون آهن.
    ملائيشيا ۾ نديون نالا گهڻا هجڻ ڪري ننڍيون وڏيون پلون ته جتي ڪٿي نظر اچن ٿيون پر پينانگ واري ساڍا تيرهن ڪلوميٽر ڊگهي پل ايشيا ۾ سڀ کان وڏي ۾ وڏي پل آهي. ۽ هيءَ پل دنيا جي ٽيون نمبر وڏي پل آهي. اها پل ناڙي وانگر ننڍي ٻار ـــ پينانگ ٻيٽ کي سندس ماءُ ـــ مين لئنڊ (بٽرورٿ) سان ملائي ٿي. هيءَ پل 850 ملين ملئي ڊالرن جي خرچ تي ڪورين ٺاهي.
    پينانگ ٻيٽ 1786ع ۾ انگريز همراهه فرانسز لائيٽ اچي ورسايو هو ۽ اها انگريزن جي ملائيشيا ۾ پهرين بيٺڪ هئي. ان وقت کان پينانگ باقي ملائيشيا کان واپار وڙي ۽ سڌاري ۾ هميشه اڳتي رهيو آهي. پينانگ ٻيٽ ايڏو وڏو ناهي جو ان ۾ رهندڙن جون سڀ گهرجون اتي ئي پوريون ٿي سگهن ـــ خاص ڪري کاڌي پيتي لاءِ پينانگ ٻيٽ وارن کي انگريزن جي ڏينهن کان باقي ملڪ (Main Land) تي ڀاڙڻو پوي ٿو.
    پينانگ ٻيٽ کان سمنڊ پار ڪري ملائيشيا جي سرزمين (بٽرورٿ) تي پهچڻ جو بندوبست ويهين صديءَ جي شروعات کان ئي بتيلن ذريعي ڪيو ويو. ان بعد 1940ع ۾ ٻنهي پاسن جا پتڻ وڏا ڪري ڪل تي فيري هلائي ويئي هئي، جيڪا پل ٺهڻ بعد اڃا به جاري آهي. اهو ضرور آهي ته پل جي ڪري هاڻ فيرين تي ايتري پيهه پيهان ڪانه ٿي ٿئي.
    هن وقت دنيا ۾ پينانگ جي پل کان فقط ٻه پلون وڏيون آهن. هڪ نيو اورلينس (آمريڪا جو Pontchartrain ڪاز وي آهي. جنهن جي پل 38 ڪلوميٽر کن ٿيندي) ۽ ٻئي نمبر تي Chesapeake-Bay ٽنل برج آهي، جيڪا پڻ آمريڪا ۾ ئي آهي ۽ 28 ڪلوميٽر وڏي آهي. ۽ بنا شڪ جي هيءَ پينانگ واري پل اڃا تائين ٽئين نمبر تي آهي. پر سعودي عرب ۽ بحرين جي وچ ۾ ٺهندڙ 24 ڪلوميٽرڊگهي پل ٺهي راس ٿيڻ تي اها ٽيون نمبر ٿيندي ۽ هيءَ پينانگ واري پل چوٿون نمبر.


    پينانگ کان ڪئالا ڪنگسار

    دير ٿي رهي هئي سو هوٽل مان فقط چانهه جو ڪوپ پي پينانگ ڇڏيم. ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ئي ملاڪا پهچڻ چاهيم ٿي جو منهنجي گاڏيءَ جي جيتوڻيڪ انجڻ سٺي حالت ۾ هئي پر تڏهن به پراڻي هجڻ ڪري رات جي سفر کان پاسو ٿي ڪيم. ملاڪا ۽ پينانگ جي وچ ۾ 509 ڪلوميٽر فاصلو آهي. وچ ۾ بٽرورٿ، بڪت مرتجام، سمپانگ امپت، سنگائي باڪپ، پارت بنتار، باگان سرائي، ڪئالا ڪنگسار تنجنگ رمبوتان، اپوح، گوپانگ، مالم ناوار، سلم رور، ڪمپار، تاپاح، بدور، تجنگ مالم، ڪمپنگ ڪُبو، راوانگ، ڪوالالمپور، سريمبان، لبق چينا ۽ مسجد تاناح جهڙا ننڍا وڏا ڪيترائي شهر اچن ٿا.
    پينانگ جي فيري اسٽيسن تي پهتس ته فيري تيار بيٺي هئي. مٿئين در کان پيادا ۽ هيٺين در کان ڪارون، وئگنون وڃي رهيون هيون. ان رستي کان پنهنجي ڪار کي ڦيرائي فيريءَ جي ڊيڪ تي اچي بيهاريم. ويهارو کن ڪارون اڳهين بيٺيون هيون. اهڙيون ڏهه پندرهن ٻيون اچڻ تي فيري ڀرجي ويئي. جيٽيءَ تي بيٺل تامل خلاصين رسا کوليا ۽ فيري بٽرورٿ ڏي رڙهڻ لڳي. پينانگ ٻيٽ کان بٽرورٿ تائين ڪار ڍوئڻ جو ڀاڙو ٽي ڊالر آهي، جيڪي فقط موٽندي وقت وٺن.
    مسافر ۽ موٽر گاڏيون کڻندڙ جهاز (فيري)، جيسين سمنڊ لتاڙي تيسين ڪار مان ٻاهر نڪري سندس ڊيڪ تي چڪر هڻڻ لڳس. فيريءَ جي ڪنڊ تي چانهه بسڪٽن جي پيڍي هئي. دڪاندار تامل عورت کان هڪ ڊالر جا ٻه بن ۽ چونئرن جي ٿيلهي وٺي پنهنجي پر ۾ نيرن ڪيم. هڪ چيني همراهه پلاسٽڪ جي ڇٻڙيءَ ۾ ڪافي ۽ شربت وڪڻڻ لاءِ کڻي اچي لنگهيو. پنجاهه سينٽ ان کي ڏيئي ڪوڪا ڪولا ورتم. ڪوٽ جي کيسي جيڏي اڇي پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ برف جا ٽي چار ڳوڙها ۽ اڌ بوتل ڪوڪاڪولا جي وجھي منجھس ڪاني (Straw) ٽنبي مٿان گلابي رنگ جي پلاسٽڪ جي تند سان منهن ٻڌي ڏنائين. جيئن هارجي نه ۽ ساڳي وقت ڪانيءَ ذريعي پي به سگهجي.
    بٽرورٿ پهچي پنهنجي ٽي سال اڳ ورتل سيڪنڊ هئنڊ ڪار کي فيريءَ مان ڪڍي هلائڻ شروع ڪيم. ڪيتريون ئي لاريون، ٽرڪون ڪارون، بسون ۽ رستن مان ڦٽندڙ ٻيا گهڻا رستا ايندا ويا ۽ گذرندا ويا. ڪجهه دير بعد شهر جون حدون ختم ٿيڻ تي لارين ڪارين جي ٻوڏ ۽ رستن جي ڦنڊ ڦوٽ گهٽ ٿي. هاڻ رکي رکي رستن جي پاسي تي پيٽرول پمپ، ناريل، پامل آئل ۽ رٻڙ جي پوک نظر آئي ٿي. يا زيتون، پوميلا (گريپ فروٽ جهڙو ميوو) يا جمبو (زيتون) وڪڻندڙ ملئي ۽ چيني رستن جي ٻنهي پاسن تي هئا. پڪي رستي تي رات جو گاڏيءَ هيٺان اچي مئل سانڍن، اگوانن ۽ ڀولڙن جون کلون لتل هيون. سندن آنڊا گجيون ڪڏهوڪو ڪانگ کڻي ويا هئا.
    شروع وارن ڳوٺن ۾ رستي تي ٺهيل مسجدن، مندرن، گرجا گهرن ۽ چيني عبادت گهرن مان ماڻهو آيا ويا پئي. ان بعد اٺين تائين اسڪولن جا آسماني ۽ فيروزي رنگ جي يونيفارم ۾ ٻار پنڌ، سائيڪلن تي سوار يا بسن جي انتظار ۾ مليا. ان بعد ڀاڄي ڀتي وٺڻ وارا ماڻهو ـــ خاص ڪري عورتون ٻانهن ۾ ڇٻيون لڙڪائينديون مارڪيٽ ڏي وينديون نـظر آيون.
    بڪت مرتجام، سمپانگ امپت، سنگائي بڪاپ، ڪمپونگ فلاڻو ۽ ڪمپونگ فلاڻو ـــ هڪ ٻئي پٺيان ڳوٺ ۽ شهر لنگهندا ويا. مون به چاهيو ٿي ته بنا ترسڻ جي يڪ ساهيءَ جيترو سفر پورو ڪري سگهان اوترو سٺو. چانهه يا منجھند جي ماني اڳتي هلي اپوح ۾ کائڻ جو ارادو هوم. پر ان کان اڳ ايندڙ هڪ شهر ڪئالا ڪنگسار وٽ پهچڻ مهل ٿڪجي پيس. ڪئالا ڪنگسار شهر اپوح کان جيتوڻيڪ گهڻو ننڍو آهي پر تواريخي شهر آهي. منجھس ريلوي اسٽيشن پڻ آهي. جيڪا بلڪل هاءِ وي جي ڪپر تي آهي. جيئن پاڻ وٽ ڪن ڪن ڳوٺن جون ريلوي اسٽيشنون آهن. اسٽيشن وٽ هاءِ وي کي ڪافي موڙ اچڻ ڪري ڪار جي رفتار بنهه گهٽ ڪري هلائڻ لڳس. ايتريقدر جو ريلوي اسٽيشن جي سامهون واري ڀت تي لڳل نوٽيس بورڊ به صاف نظر اچي رهيو هو. ٻه ٽي پوڙهيون ملئي عورتون باجو ڪرونگ (Baju-Kurung) ۾ ڊزن کن ٻارن ۽ اوترن ئي هڙن سان ريل گاڏيءَ جي انتظار ۾ بيٺيون هيون. پاسي کان پڪي رستي وارين هوٽلن تان هڪ ئي وقت “علي ڪئٽ” ۽ “جليزا” جا ملئي گانا پئي هليا ته چيني ۽ انگريزي گانا پڻ.
    Jika Begini terbiar mennati, tanpa kata kata…….

    گاني جي تال سان گڏ چانهه ٺاهڻ واري چمچي جو آواز پڻ. ڪجهه ڪجهه پاڪستان، هندستان، سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي ريلوي اسٽيشن وارو ماحول لڳي رهيو هو. مذهب، زبان، ڪلچر وغيره کڻي انهن ملڪن جو ٻيو رهيو هجي پر حاڪم ته ساڳيو انگريز هو! سو ڇو نه ماحول ۾ هڪ جهڙائي هجي.
    ڪار جي رفتار اڃا به گهٽ ڪري پڪي تان لهي ڪچي تي ٿيس جيئن پوين گاڏين کي اڳيان نڪري وڃڻ جو وجهه ملي. پوءِ ڪار کي پاسي تي پارڪ ڪري اسٽيشن جي در وٽ آيس. باٿ روم ۾ وڃڻ جو ارادو هوم. جنهن کي تاڙيم پئي ته ساڄي پاسي پليٽ فارم تي رکيل ڪاٺ جي پٽين واري ڊگهي بئنچ تي ڏاڍي سڪون سان ويٺل چار ڊگهين ڏاڙهين وارا پوڙها سک نظر آيا.
    اسٽيشن جو مين گيٽ لتاڙي اندر ٿيس ته اهي سک جيڪي ريل گاڏيءَ جي پٽي ڏي منهن ۽ پڪي رستي ڏي پٺ ڪيو ويٺا هئا، تن منهنجي پيرن جي آواز تي مون ڏي مڙي ڏٺو.
    “ست سري اڪال.” مون کيڪاريو مان.
    “ست سري اڪال.” هنن وراڻيو ۽ عجب مان اٿي بيٺا. هن ننڍڙي شهر ڪئالا ڪنگسار ۾ ـــ جنهن جي ريلوي اسٽيشن ۾ سواريءَ لاءِ رڳو هڪ ملئي فئملي انتظار ۾ هئي، پاڪستاني سٿڻ قميص ۾ آئون ائين نئون هوس، جيئن جنگشاهيءَ جي ريلوي اسٽيشن تي ڪو ڏاڙهي ۽ پٽڪي سان سک اچي بيهي. جنگشاهي ته وري به آدمشماري جي لحاظ کان ڪئلا ڪنگسار کان پنجوڻ ڇهوڻ وڏي آهي.
    اورنگزيب جيڪو سکن کي رنجايو هو، ان لاءِ مون پاڪستاني کي هاڻ احساس جرم نه هئڻ کپي جو سکن خاطر گذريل ڏهاڪو سالن ۾ خبر ناهي ڪيترن پاڪستانين قربانيون ڏنيون هونديون، ڪيترا ڪوڙا الزام مڙهي کين مختلف حڪومتن پاڪستانين کي تنگ ڪيو هوندو. جنهن مهمان نوازي ۽ کلئي دل سان پاڪستان حڪومت ۽ عوام سکن کي پاڪستان ۾ سندن پاڪ جاين تي اچڻ لاءِ آڌر ڀاءُ ڪري ٿي، اوتري ته اسان مسلمانن جي سعودي عرب جي حڪومت به نٿي ڪري. اڄ جي سکن جو ڏهون گرو گوبند جيئرو هجي ها ته اهو به کلي کيڪاري ها. اهي سوچي مون بنا تڪلف جي ڪئالا ڪنگسار جي هنن سکن سان ملڻ چاهيو ٿي. ٿوري دير ساڻن گڏ ان ڪاٺ جي بئنچ تي ويهي خبرچار وٺڻ چاهي ٿي.
    انهن چئن مان هڪ جو نالو پرتاب سنگهه هو. عمر پنجاسي سالَ. باقي ٽي ڄڻا ننڍين عمرن جا ـــ هر هڪ سٺ ستر سالن جو، شهر سنگهه، پال سنگهه ۽ نرينا سنگهه هو. مون ساڻن هٿ ملائي پهرين ته باٿ روم جو معلوم ڪيو. منهنجو اڇل مان پڇڻ ڪري يا ڪجهه ڪجهه ٻوڙا هجڻ ڪري هنن ڪجهه به نه سمجھيو.
    “Mana Tandas” هن دفعي ملئي زبان ۾ پڇيم. هاڻ سڀني سمجھيو. وڏي عمر واري پرتاب سنگهه ننڍي عمر واري نرينا سنگهه کي اشارو ڪيو ته اٿي ڏيکارينس. هن پهرين ته چشمو نڪ تي درست ڪري رکيو. پوءِ پاسي کان لٺ کنئي ۽ بوٽ مٿان پير کڻي اندر وڌا. پوءِ گوڏن تي هٿ رکي اٿي بيٺو ۽ اڳيان وڌيون.
    چند وکن بعد، اسٽيشن جي نالي واري بورڊ وٽ (جنهن تي اسٽيشن جو نالو Kuala –Kangsar لکيل هو.) بنا درن جي ٽي مردانا ٽئاليٽ هئا، جن جي ٻاهران Lelaki لکيل هو ۽ اهڙائي ٽي، درن سان عورتن لاءِ، جن جي ٻاهران Prempuan لکيل هو معنيٰ خواتين لاءِ .
    “سردار جي صحيح جڳهه تي وٺي آيو.” مون دل ئي دل ۾ شڪر ڪيو. هڪ دفعي پنهنجي ملائيشين دوست ميجر هريش داس وٽ پهريون دفعو ملٽري اسپتال ۾ ملڻ لاءِ ويس. جتي هو ڏندن جو ڊاڪٽر آهي. رسيپشن تي ويٺل ملئي نرس کان ڊاڪٽر داس جو پڇيم ته ڪٿي آهي: “Mana Das?”
    هوءَ غريب فائيل بند ڪري اُٿي ۽ مون کي ورانڊي مان ڦيرائي اسپتال جي پويان هڪ هن جهڙي چؤديواري اڳيان بيهاري معصوميت سان چيو: “Inilah Tandas” اهو ٻڌي پهرين ته آئون وائڙو ٿي ويس ته هيءَ مون کي هتي ڇو وٺي آئي آهي پر پوءِ جڏهن چڱي طرح چيومانس Saya mahu Jumpa Dr. Das تڏهن سمجھه ۾ آيس. هوءَ داس بدران ٽنڊاس سمجھي ڪاڪوس ۾ وٺي آئي. ملئي زبان ۾ ڪاڪوس کي ٽنڊاس چون. هونءَ سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪيترن هنڌن تي ڪاڪوس لاءِ ٽنڊاس سان ملندڙ جلندڙ لفظ “سنداس” پڻ استعمال ٿئي ٿو.
    ٻاهر نڪري سکن سان ڪجهه دير ڪچهري ڪرڻ تي دل چاهيو. سڀني چانهه پاڻي ۽ کاڌي لاءِ ڏاڍو زور ڀريو.
    “وڏي مهرباني. هن وقت ڪنهن به شيءِ جي ضرورت ناهي. بس توهان سان خوش خيريت ٿي اهو ئي ڪافي آهي.”
    “نه . نه ائين ڪيئن ٿيندو.” سردار پال سنگهه زور ڀريو، “هيڏو پري ــ پاڪستان کان آيو آهين. ڪجهه ته اسان طرفان کائڻو پوندوءِ.”
    “پر هينئر ته پينانگ کان اچان پيو ۽ هتي ملائيشيا ۾ ئي رهيل آهيان.”
    “تڏهن به پاڻيءَ چڪو ٿي وڃي.” شهر سنگهه چيو.
    نيٺ مون اهوئي سوچي هائوڪار ڪئي ته جيسين ڪو شربت پيارين تيسين کانئن خبر چار لهي وٺان. پر منهنجي ها ڪرڻ تي پرتاب سنگهه اٿيو ۽ گيٽ جي ٻاهر وارين هوٽلن مان هڪ تي مون کي وٺي آيو. ٻيا همراهه اتي ئي ترسي پيا.
    “هي ڪونه ٿا اچن؟” مون پڇيومانس.
    “اسين سڀ هاڻ چانهه پي ويٺا آهيون. سڀ پوڙها آهيون. منڊڪ منڊڪ ڪري جيسين سڀ پليٽ فارم جون ڏاڪڻيون، اسٽيشن جو دروازو ۽ رستو ٽپون تيسين تنهنجو اڌ ڏينهن ته اتي ئي ويندو هليو.”
    ملئي هوٽل ۾ در وٽ هڪ همراهه وڏي تئيءَ تي اڦراٽا (Roti Kosong) پچائي رهيو هو. سندس زال باتڪ جي گوڏ گراهڪن کان آرڊر وٺي رهي هئي ته ڀُڳل مِي (Mee-Goreng) به ٺاهي رهي هئي. مي سنهين سوين جو ٻوڙ ٿئي ۽ اٽلي جي اسپا گهيٽيءَ سان ڪافي ملي ٿو. ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ ستربيني جهڙي ڪچي مي کي منٽ کن اُٻاري پوءِ ڇاڻيءَ سان ڪڍي منجھس ڪنهن به ٻوڙ جو ٿورو رس وجھي کائبي آهي. سردارجيءَ ڪجهه کائڻ لاءِ چيو پر مون ڪوڪا ڪولا لاءِ ها ڪري، سندس احوال لکڻ لاءِ کيسي مان ڊائري ڪڍي.
    اسي ـــ پنجاسي کن سالن جو پرتاب سنگهه اڄ کان سٺ سال کن اڳ پنهنجي چاچي جي سڏائڻ تي پنهنجي ڳوٺ کان لڏي هيڏانهن ملائيشيا آيو هو. سندس اصل ڳوٺ پنجاب جي ضلعي بٺندا کان ٽيهه ميل پري ڳوٺ بري آهي. سندس چاچو ڀارا سنگهه ملائيشيا ۾ 1910ع ۾ آيو ۽ انگريز پوليس ۾ تڏهن سارجنٽ ميجر ٿيو هو.
    پرتاب سنگهه ڪجهه عرصو پوليس ۾ ننڍيون نوڪريون ڪرڻ بعد واپار شروع ڪيو.
    “ماڻهو تمام گهٽ هئا ان زماني ۾.” پرتاب سنگهه اهو زمانو ساري ٻڌايو، “هينئر وانگر عوام وڌيل نه هو (لڳي ٿو سردار جي گذريل ويهن ٽيهن سالن ۾ نه پنهنجي ڳوٺ ويو آهي ۽ نه وري انڊيا جي ڪنهن ٻئي شهر ۾، جو کيس صحيح معنيٰ ۾ گهڻي آدمشماري وارن شهرن جي خبر پوي)
    “پر سڪون جي زندگي ۽ سک ئي سک هو.” هن وڌيڪ ٻڌايو “مون سڄي عمر ڪپڙي جو واپار ڪيو. هڪ ڪولي (مزور) رکيو هوم، جنهن کان ڪپڙو کڻائي ڏورانهن ڳوٺن (Kampongs) ۽ ٻنين جاگيرن (Ladang) تي رهندڙ هارين نارين کي وڪڻندو هوس.” (يعني جيئن پاڪستان هندستان ۾ ڳوٺن ۾ مڪراني عورتون يا پٺاڻ سامان جون هڙون کڻي وڪڻندا آهن)
    “ڪپڙو ڪٿان وٺي ايندا هئائو؟” مون پڇيومانس.
    “تن ڏينهن ۾ ڪوالالمپور ايڏو وڏو واپاري شهر نه ٿيو هو. ڏکڻ ۾ سنگاپور اتر ۾ پينانگ خريداريءَ کان سٺا هنڌ هئا، جتان ڪپڙو وڍي ايندو هوس مون پڇيومانس. چين، جپان، هندستان، جرمل (جرمن)، عروس (روس) کان سڀ جهاز مال کڻي اتي ايندا هئا.”
    “گراهڪن ۾ گهڻا ڪير هوندا هئا؟ چيني، ملئي يا تامل؟”
    “سڀ . سڀ پر گهڻي ڀاڱي ملئي هئا. اوڌر جام هلندي هئي. بلڪه عام جام هلندي هئي. پوءِ آهستي آهستي ڪري پيا ڏيندا هئا. لکت پڙهت ڪانه ٿيندي هئي. ڪو هڪ اڌ اوڌر ڏيڻ ۾ ڏکيائي به ڪندو هو پر اسان گهڻي گُهر گُهر نه ڪندا هئاسين جو گهڻي ضد تي ڪي ته ماڳهين چوندا هئا:
    Mahu wang Atau Parang معنيٰ پئسا گهرندين ته جھيڙو نصيب پوندءِ. پر ان قسم جا ڦڏي باز ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هوندا هئا. نه ته ملئي طبيعت جا نهٺا ۽ سادا ماڻهو آهن.”
    “روزانو ڪيترا ميل سفر ڪندا هئائو”“ مون پڇيومانس.
    “ڪڏهن پنڌ ڪڏهن سائيڪل تي ڏهه ڏهه پندرهن پندرهن ميل به پنڌ ڪندو هوس. پوءِ ويجھڙائيءَ ۾ هڪ پڪ اپ به ورتم، ان تي ڪپڙو کڻي هلندو هوس.”
    “اڃا تائين اهو واپار ڪريو يا نه”
    “نه هاڻ ڪٿي سگهه رهي آهي. ٻار به وڏا ٿي ويا آهن. اسان تي هاڻ ڪائي جوابداري نه رهي آهي. روز صبح جو نائين ڏهين بجي اهي سڀئي پوڙها جيڪي ڏسين ٿو گهرن کان نڪرندا آهيون، پو ءِ شهر جو چڪر هڻي هن وقت ان بئنچ تي اچي ويهندا آهيون. سڄي ڏينهن جون خبرون به ڪريون ته گاڏيءَ جي اچڻ جو انتظار پڻ. هڪ بجي ڌاري “گڊي” ايندي آهي. جيڪي چار چڱا چهرا لهندا چڙهندا آهن انهن جا ديدار پسي، ملڪ جو واءُ سواءُ لهي گهر اچي روٽي سوٽي کائيندا آهيون. اولاد وڏو ٿي ويو آهي. اهو ڪمائي. اسان کي به کارائي.”
    “ٻار گهڻا اٿو؟”
    “بس ڀڳوان جي ديا آهي، ڇهه ڌيئون ۽ ٻه پٽ اهن. هڪ پٽ سرجيل سنگهه ريل هلائي. اپوح ۾ رهي ٿو. هن کي ڇهه ٻار آهن. ٻيو پٽ نروان سنگهه پوليس ۾ ميجر آهي. پينانگ ۾ رهي ٿو.”
    هوٽل جي ملئي مالڪڻ ڪوڪاڪولا جي خالي ٿيل بوتل ۽ پنجاهه سينٽ وٺڻ آئي. ان سان گڏ مون به موڪليو. سردار پرتاب سنگهه وري اچڻ لاءِ وري وري چيو.
    “حياتي رهي ته انشاءَ الله وري ملبو.”
    Kalau ada umar panjang
    Boleh kita berjumpa lagi

    ريلَ پوري وقت تي ريلوي اسٽيشن تي پهچي ڦيٿن تي بريڪ هنئي. مون ڪار جو پاڻي ۽ تيل چيڪ ڪيو. پرتاب سنگهه پنهنجي ٽولي سان وڃي مليو. ڪار جي انجڻ ۾ پاڻيءَ جي ضرورت هئي پر في الحال ان کي ڇڏي ڪار ۾ اچي ويٺس، جلدي جلدي ڪار اسٽارٽ ڪري مون اسٽيشن جي حد مان ٻاهر نڪرڻ چاهيو ٿي جو خدشو هوم ته متان ريلَ مان لهندڙ مسافرن ڪري رش ٿئي. پر ڪئالا ڪنگسار جا ڪل ٽي مسافر لٿا. گاڏي اڌ منٽ کن ڪو مس ترسي رواني ٿي ويئي. لٿلن ۾ هڪ انڊين تامل هو ۽ ٻه ملئي اڌروٽ عمر جا پتلون بشرٽ ۾ هئا. جن مان هڪ شايد سکن جو سڃاڻو هو جو سڀني هن سان ويٺي ويٺي کيڪار ڪئي/ يا ڪو چرچو ڪيو. تيسين آئون آهستي آهستي ڪار کي واپس پڪي رستي تي آڻي اڳتي وڌيس.
    اڄ به منجهند ڌاري ڪئالا ڪنگسار ياد ايندو آهي ته يڪدم چارئي قربائتا پوڙها سک ياد اچي ويندا آهن جيڪي شهر جو چڪر هڻي چار چڱا چهرا ڏسڻ لاءِ روزانو ريلوي اسٽيشن جي بئنچ تي اچي ويهندا آهن ـــ جھڙ هجي چاهي اُسَ هجي. مينهن هجي چاهي گهم ۽ گرمي هجي.


    ڪئلا ڪنگسار ۽ لموت (KUALA KANGSAR DAN LUMUT)

    پيراق رياست جو وڏو شهر جيتوڻيڪ اپوح آهي پر پيراق جي سلطان جو محلات اپوح بدران ڪئالا ڪنگسار ۾ آهي. جيڪو اپوح کان ٻٽيهه ميل پري ڏکڻ پينانگ ڏي آهي. جتي چار پوڙها سک ريلوي اسٽيشن تي ملن. هي محلات Istana -Iskandariah پيراق نديءَ جي ڪناري تي هڪ ٽڪريءَ تي آهي. جنهن جي ڀر ۾ پهريون پراڻي زماني جو محلات Istana-Kenagan پڻ اڃا ان حالت ۾ موجود آهي ۽ ملئي عمارت سازيءَ جو نمونو پيش ڪري ٿو. سندس ڀر ۾ چندن ٽڪريءَ تي سوني قبي وار ابودايا مسجد ڏسڻ جهڙي شيءِ آهي، جنهن لاءِ ٽوئرسٽ ڪئالا ڪنگسار هلي ايندا آهن. هونءَ پاڪستان، ايران، افغانستان يا عرب ملڪن جي رهاڪن کي عمارت سازيءَ جي لحاظ کان هتي جي هر مسجد نرالي لڳندي جو هڪ ته هتي جي عمارت سازيءَ تي انڊين ۽ چيني آرڪيٽيڪٽ جو اثر آهي ۽ ٻيو ته هتي جي موسم هر وقت مينهوڳيءَ واري هجڻ ڪري، هتي جي هر هڪ عمارت جون ڇتيون ڪنڊائتيون آهن. گهڻو عمارتي ڪاٺ هجڻ ڪري لوهه پٿر بدران ڪاٺ استعمال ٿئي ٿو ۽ ڇت ۾ ناريل جا پن وڌا وڃن ٿا جيڪي عمارت کي ٿڌو رکن ٿا.
    اپوح ۽ ڪئالا ڪنگسار کان علاوه پيراق ۾ ڏسڻ جو ٽيون شهر لموت (Lumut) آهي. جيڪو اپوح کان اٺاسي ڪلوميٽر پري سمنڊ جي ڪناري تي آهي. لموت نيول بيس هجڻ کان به مشهور آهي. ملائيشيا جي نيول اڪيڊمي ۽ نيويءَ جا ٻيا ادارا هتي ئي آهن ـــ جيڪي انگريزن جي ڏينهن ۾ سنگاپور يا پينانگ ۾ هوندا هئا.
    لموت کان چار ميل پري سمنڊ ۾ پنگڪر (Pangkor) نالي هڪ خوبصورت ٻيٽ آهي. جتي فيريءَ ذريعي اڌ ڪلاڪَ ۾ پهچي سگهجي ٿو. هن ٻيٽ تي ڌارين ملڪن کان آيل ٽوئرسٽن جي رهائش لاءِ ڪيتريون ئي هوٽلون ۽ ريسٽ هائوس ۽ ڪئمپون آهن. آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ يورپ کان آيل واندا سڄو ڏينهن سمنڊ جي ڪناري تي آرام ڪندي نظر ايندا يا وري سئمنگ ۽ اسڪنگ ڪندي. اسان جهڙن لاءِ جن جو اڳهين سمنڊ سان واسطو آهي يا ملاڪا ۾ رهڻ وارو گهر به سمنڊ جي ڪناري تي آهي، اتي پهچڻ ائين آهي جيئن نيو ڪئسل شهر ڏي ڪوئلو کڻي وڃڻ يا جبل هماليا تي برف جي ڳوڙهي کڻي وڃڻ. شهرل حياليءَ (Sharul-Hayali) نالي هڪ ملئي ڪسٽم پوليس جو انجنيئر ملاڪا مان مون وٽان انجنيئرنگ جو ننڍو ڪورس ڪري ويو هو. شهرل آخري هفتو روز لموت اچڻ لاءِ دعوتون ڏيندو هو.
    “سائين اپوح پاسي اچو ته لموت مون وٽ ضرور اچجو. توهان کي لانچن ۾ سمنڊ جو سير ڪرائيندس.”
    آئون کلي نٽائيندو هوس. “شهرل اتي ڪٿي توکي ڳوليندس.”
    “لموت ننڍڙي ته جڳهه آهي. آئون ئي هڪڙو ڪسـٽم جو انجنيئر آهيان.”
    “چڱو ائڊريس تنهنجي قابو رکان ٿو.” آئون چوندو هوسانس.
    “ان جي به ضرورت ناهي. مون جهڙو گنجو ٻيو توهان کي نظر نه ايندو. لموت پهچي ڪنهن کي به چوندائو ته مون جهڙو گنجو ڪسـٽم آفيسر ڪٿي آهي ته مون کي اچي اطلاع ڪندا.”
    لموت جي ته پري جي ڳالهه آهي پر ڪئالا ڪنگسار يا اپوح وڃڻ ٿيندو آهي ته اتي به جاچيندو هلندو آهيان ته ڪٿي مون جيڏو، مون جهڙو گنجو ۽ مڇن وارو شهرل حيالي ماڻهن جي ميڙ مان نڪري متان مونکي لموت وٺي هلي لانچ ۾ سمنڊ جو سير ڪرائي ۽ سمنڊ جو سهڻو ڪنارو ڏيکاري جيڪو منهنجي لاءِ ايترو ئي “تفريح مند” ٿيندو جيترو ڪنهن باغائيءَ لاءِ سڄو ڏينهن باغ ۾ جھار هڪلڻ بعد شامَ جو موڪل مهل کيس شهر جو چڪر هڻائڻ بدران وري ساڳي باغ ۾ گهلي اچجيس.


    پلاءُ پينانگ

    پينانگ (Penang) ملاڪا نار ۾ ملائيشيا جو هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي. هن تر ڏي انگريزن جو سڀ کان گهڻو قبضو پينانگ، سنگاپور ۽ ملاڪا تي رهيو. ۽ هي شهر يا ٻيٽ اهڙا آهن جن تي اڄ به انگريزي تهذيب ۽ ڪلچر جو ٿورو يا گهڻو اثر ضرور آهي. جيتوڻيڪ سنگاپور ۾ ته تمام گهڻو لڳي ٿو جو سنگاپور جي حڪومت انگريزن جي دور جي هر شيءِ ـــ ان کان اڳ ۽ پوءِ جي پڻ ـــ جنهن جو واسطو تواريخ سان آهي، اها هوبهو اصلي حالت ۾ سانڍيندي اچي. ۽ جيتوڻيڪ لڳي ائين ٿو ته هن پاسي سڀ کان اڳ انگريز سنگاپور ۾ آيا هوندا پر حقيقت اها آهي ته انگريزن جو پهرين پينانگ تي قبضو ٿيو، پوءِ ملاڪا تي ۽ گهڻو پوءِ آخر ۾ سنگاپور تي.
    سنگاپور وانگر پينانگ ۾ به انگريزن جون ڪيتريون ئي يادون ڇڏيل آهن. جارج ٽائون، پرنس آف ويلس، لائيٽ اسٽريٽ، سويٽنهام پيئر، جالان ويلڊ (جالان ملئي لفظ آهي، معنيٰ رستو، شاهراهه)، جالان مئڪلسٽر، جالان گلئڊ اسٽون، جالان ڪئمپ بيل، وڪٽوريا اسٽريٽ ـــ ٻيا ڪيترا اهڙا نالا آهن جيڪي انگريزن سان ئي واسطو رکن ٿا، جيڪي اڄ به هن ٻيٽ پينانگ تي پهچڻ سان ٻڌڻ ۾ اچن ٿا.
    پينانگ ٻيٽ تي اهو نالو پينانگ نالي هڪ وڻ Pokok Pinang تان پيو، جيڪو هن ٻيٽ تي تمام گهڻو هو. پينانگ ٻيٽ کي ڳولي، انهن جي اصلي مالڪن (ملئي حاڪمن) کان لکت پڙهت ۾ هٿ ڪري پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ وارو انگريز ڪئپٽن فرانسز لائيٽ (Francis-Light) هو ـــ جنهن جي نالي پينانگ ٻيٽ تي اڃا به ڪيتريون ئي شيون آهن: رستا، گهٽيون، بندرگاهه جا ڌڪا ۽ عمارتون وغيره. ڪئپٽن لائيٽ هن ٻيٽ جو اصلي نالو پينانگ بدلائي پرنس آف ويلس ٻيٽ رکيو پر اهو ايترو مـشهور نه ٿي سگهيو. باقي ٻيٽ جو مشغول علائقو ـــ جيڪو اڄ به هڪ بارونق علائقو آهي ۽ جتان مسافرن کي فيري کڻي ملائيشيا جي سرزمين بٽرورٿ پهچائي ٿي، جارج ٽائون جي نالي گڏجي ٿو، جيڪو انگلينڊ جي بادشاهه جارج ٽئي جي نالي پٺيان رکيل آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ملايا گهمڻ لاءِ نه اهو جارج آيو ۽ نه ان کان پوءِ وارا ٻه بادشاهه ۽ راڻي وڪٽوريل صاحبا. ملايا جي خود مختيار ٿيڻ کان پوءِ ٻارهن سال رکي (سن 1969ع ڌاري) انگلينڊ جي هاڻوڪي راڻي ايلزيبيٿ، شهزادو فلپ ۽ شهزادي ائن پهريون دفعو ملايا (ملائيشيا) گهمڻ آيا.
    پينانگ ٻيٽ کي انگريز حڪومت لاءِ ڳولي هٿ ڪندڙ ڪئپٽن لائيٽ فرانسز 1740ع ۾ انگلينڊ ۾ ڄائو هو. پاڻ پهرين نيويءَ ۾ هو. ان بعد هڪ مسافر جي حيثيت ۾ جهاز تي ڏورانهن ملڪن جا سير ڪندو رهيو. ان بعد 1765ع ۾ جڏهن هو ڪلڪتي آيو ته کيس هڪ ننڍڙي جهاز جي ڪمانڊ ڏني ويئي، جيڪو جهاز ڪلڪتي کان سيام (ٿائلنڊ) ۽ اتر ملايا تائين ويو ٿي.
    ڪئپٽن لائيٽ ٿائلنڊ جي سيامي ۽ ملايا جي ملئي زبان سکي ورتي ۽ ٿورن ڏينهن ۾ پاڻ هڪ معزز ماڻهو سمجھيو وڃڻ لڳو. سيامي توڙي ملئي قبيلن جا وڏيرا، اڳواڻ ۽ لٺ سردار هن جي وڏي رهائي ۽ رسائي ڪرڻ لڳا. هنن جي نظرن ۾ هي هڪ اهم شخصيت بڻجي ويو.
    بمبئيءَ جو ٻيٽ جيئن ڏيج ۾ انگريز حاڪم کي مليو هو، تيئن ڪن ڪن هنڌن تي اهو بيان ڪيو ويو آهي ته ڪئپٽن لائيٽ ڪيداح رياست جي حاڪم جي ڌيءَ سان شاديءَ ڪئي. ان ۾ هي ٻيٽ ـــ پينانگ کيس ڏيج ۾ مليو هو. پر اها ڳالهه بنهه غلط آهي. جنهن جو ڪو به پڪو ثبوت نٿو ملي. مارٽينا نالي جنهن عورت سان هو گڏ رهندو هو، ان جي اصل جي ته چڱي طرح ڄاڻ ڪٿي به ڏنل ناهي پر هوءَ يورشين (Eurosian) ضرور هئي. يعني ماءُ پيءُ مان هڪ يورپي هوس ته ٻيو ايشين. پوءِ ڪي چون ٿا ته هوءَ سيامي پورچوگيز هئي ته ڪي چون ٿا ته ملئي ـــ پورچوگيز هئي.
    پينانگ ٻيٽ تن ڏينهن ۾ ڪيداح رياست ۾ هو، جنهن جي مسلمان ملئي حاڪم کان انگريزن هٿ ڪيو ۽ پوءِ آهستي آهستي ملايا جي مڙني رياستن تي انگريزَ ائين قبضو ڪري ويا، جيئن ننڍي کنڊ ۾ڪيائون. اها هڪ دلچسپ ڳالهه ضرور آهي ته انگريزن کان ملايا واپس به ڪيداح جي شهزادي ئي ورتو. اهو آهي تنڪو عبدالرحمان ـــ جيڪو ملايا جو پهريون پرائيم منسٽر ٿيو.
    1771ع جي ڳالهه آهي. سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت هئي. باقي هندستان انگريزن جي هٿ ۾ اچي چڪو هو. لارڊ ڪلائيو کانپوءِ وارين هئسٽنگس (Warren Hastings) بنگال جو گورنر جنرل ٿيو هو. انگريزن جا واپاري جهاز هندستان کان چين ايندا ويندا رهيا ٿي ـــ جيڪو مفاصلو اڄ جي تکن جهازن کي به اٺ ڏهه ڏينهن ۾ پورو ڪرڻو پوي ٿو. تن ڏينهن ۾ انهن سڙهه جي جهازن کي ته مهينا لڳندا هئا. ۽ انڊيا کان چين تائين رستي تي کين کاڌي پيتي، مرمت ۽ فرحت وٺڻ جي تمام گهڻي ضرورت پوندي هئي. پر واٽ تي ڪا به انگريزن جي ٻي ڪا بيٺڪ نه هئي. (سماترا ٻيٽ تي پنچولين جو بندرگاهه ضرور هو پر اهو نه سڻائو هو ۽ نه رستي تي پيو ٿي) ڪئپٽن لائيٽ انڊيا جي گورنر جنرل کي ان ڳالهه لاءِ پينانگ ٻيٽ هٿ ڪرڻ لاءِ چيو پر انگريز گورنر رضامندي نه ڏيکاري. ڪئپٽن لائيٽ به نه ڇڏيو، وقت بوقت کيس مطمئن ۽ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. آخرڪار جون 1776ع ۾ هن جي من جي مراد پوري ٿي ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ لاءِ، ڪيداح جي راجا کان هي پينانگ جو ٻيٽ حاصل ڪيو ويو.
    هڪ ڳالهه آهي ته اڳ جي سوچ ۾ انگريز بيحد ڏاها هئا. هنن پينانگ کي ان ڪري حاصل نه ڪيو ته اهو ڪو وڏو ۽ شاهوڪار شهر هو پر ان ڪري جو هن جي جاگرافيائي طور اهميت هئي. جڏهن انگريزن جو پينانگ ٻيٽ تي قبضو ٿيو ته ان وقت پينانگ ٻيٽ هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو، جنهن ۾ غريب هارين ۽ مهاڻن جا ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ گهر هئا، ٻيو چوڌاري جهنگل ئي جهنگل هو. پوءِ ان جهنگل کي ڪئپٽن فرانسز لائيٽ ٺاهيو جوڙيو. جيڪو هينئر پينانگ ٻيٽ جو اهم حصو جارج ٽائون جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. اتي ماڻهن کان پهريائين جهنگل ڪٽريائين. گاهه، ٿلها وڻ، جانور جيت مڇر اهڙين حالتن ۾ ڪم ڪرڻ ڪو چرچونه هو. ان بابت، تن ڏينهن ۾ ڪئپٽن فرانسز جا لکيل خط ۽ ڊائريون انگلينڊ ۾ اڃا تائين محفوظ آهن. انهن ڏينهن جي ڊائريءَ ۾ لکي ٿو ته........
    “وڻ ڪٽڻ ۾ اسان جون ڪيتريون ئي ڪهاڙيون ۽ ڪوڏرون ڀڄيو پون. وڻ ايڏا ٿلها ۽ سخت آهن جو اهي لوهه جون شيون ائين چٻيون ٿيون وڃن، ڄڻ شيهي جهڙي نرم ڌاتوءَ جون هجن.”
    انهن ڏينهن جي اها ڳالهه مشهور آهي ته ڊگهو ۽ گهاٽو گاهه صاف ڪرائڻ لاءِ ڪئپٽن فرانسز توب ۾ سڪا وجھي فائر ڪندو هو. پوءِ لوڪل ماڻهو انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گاهه صاف ڪندا اڳتي وڌندا هئا، ڪجهه حصو صاف ٿيڻ بعد ڪيداح رياست کان لڏي آيل ماڻهن کي اتي هڪ ننڍڙي بازار ۽ گهر ٺاهڻ جي موڪل ڏني ويئي. نئين شهر لاءِ نقشو پڻ ٺاهيو ويو. اڄ جي لائيٽ اسٽريٽ، پِٽ (Pit) اسٽريٽ ۽ مارڪيٽ اسٽريٽ شروعاتي رستا هئا ۽ پينانگ ٻيٽ جي جارج ٽائون شهر جي شروعات اتان ٿي. مختلف قومن جي ماڻهن کي شهر جي مختلف علائقن ۾ رکيو ويو. اهي گهٽيون ۽ پاڙا اڄ به انهن جي نالن سان مشهور آهن. جهڙوڪ: چوليا (تامل) اسٽريٽ، ملئي اسٽريٽ، چائنا اسٽريٽ وغيره.
    11 آگسٽ 1776ع تي ڪئپٽن لائيٽ انگريزن جي آيل چند جهازن جي عملي، سؤ سوا سؤ فوجين ۽ سپاهين جي موجودگيءَ ۾ پينانگ ٻيٽ جو نالو بدلائي پرنس آف ويلس رکيو ـــ جيڪو هن جو جنم ڏينهن هو. پر پوءِ جيئن مٿي ٻڌائي آيو آهيان ته اهو نالو مشهور نه ٿيو. ويندي سرڪاري ڪاغذ پٽن ۾ به اهو نالو استعمال نه ٿيو. ۽ اڄ تائين پراڻو نالو پينانگ سڏجڻ ۾ اچي ٿو. (پلاءُ Pulau ملئي زبان ۾ ٻيٽ کي چون). ۽ ٻيٽ جو اهو حصو جنهن ۾ مٿيون گهٽيون ۽ شهر ٻڌو ويو، ان جو نالو جارج ٽائون پڻ ان ڏينهن تي رکيو ويو، جيڪو البت اڃا تائين مشهور آهي.
    پينانگ ٻيٽ ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو هِتان هُتان جي جڳهين ۽ جهازن جا ماڻهو انگريزن کان موڪل وٺي هتي رهڻ لڳا. ڪجهه ته ڪم ڪارين لاءِ، انگريزن پنهنجي ٻين بيٺڪي ملڪن کان، جهازن ۾ ماڻهو آندا. ۽ ڪجهه ته ملائيشيا جا اصل باشندا به نوڪري ۽ پورهئي لاءِ رهڻ لڳا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ٻن سالن اندر هن ٻيٽ جي آدمشماري ڏهه هزار ٿي ويئي. سڀ کان گهڻا ملئي ۽ تامل هئا، جيڪي ڪيداح رياست ۾ گهڻو اڳ کان رهيل هئا. تن ڏينهن ۾ ملاڪا ۾ ڊچن جو راڄ هو انهن ملاڪا ۾ رهندڙ چينين کي هن ٻيٽ تي اچڻ کان جھليو ٿي نه ته اڃا به تعداد وڌيڪ هجي ها. (بهرحال پوءِ سگهوئي ـــ نَون ڏهن سالن اندر ـــ 1795ع ۾ انگريزن ملاڪا پڻ فتح ڪيو ۽ پينانگ ۾ سڀ کان گهڻا چيني ئي رهڻ لڳا).
    ڪئپٽن فرانسز ڪارن والس قلعي (Fort Cornwallis) ۾ رهندو هو.، جيڪو اڃا تائين موجود آهي.
    باقي ملايا وانگر هن ٻيٽ تي به گهاٽن جهنگلن ۽ پوسل ڪري مڇر ۽ مليريا تمام گهڻي هئي. مليريا جو علاج اڃا شايد ايجاد نه ٿيو هو ــــ يا اڃا عام نه ٿيو هو، جو ڪئپٽن لائيٽ فرانسز مليريا جي ڪجهه حملن بعد جيئرو رهي نه سگهيو ۽ 1794ع ۾ گذاري ويو. سندس قبر نارٿام (Northam) روڊ تي عيسائين جي قبرستان ۾ آهي. وقت جي هوائن ۽ بارشن سندس قبر تي لڳل ڪتبي کي جيتوڻيڪ ڳاري ڇڏيو آهي پر تڏهن به غور سان ڏسبو ته انگريزيءَ ۾ اُڪريل هيٺيون سِٽون صاف نظر اينديون.
    Beneath this Stone
    Lieth the Remains of
    Francis Light
    Who First Established
    This Island as a British Settlement
    Died 21st October, 1794.

    ڪئپٽن فرانسز لائيٽ جي مرڻ بعد، ايسٽ انڊيا ڪمپني هن ٻيٽ جي حڪومت مختلف ماڻهن ذريعي هلائيندي رهي. ميجر فوريس مئڪڊونالڊ فقط ٻه چار سال رهيو ۽ انهن ڏينهن ۾ انتظاميه جي خيال کان پينانگ کي بنگال صوبي سان ملايو ويو هو. ان بعد 1800ع ڌاري ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ حڪومت جو نظام بدلائي ڪئپٽن سر جارج لئيٿ (George Leith) جي حوالي ڪيو. سر جارج اچڻ سان ڪيداح جي راجا کان مين لئنڊ جو ڪجهه حصو (بٽرورٿ) وارو ٽڪرو پڻ ورتو ۽ ان جو نالو ويلسلي صوبو (Wellesley Province) رکيو ـــ جيڪو ارڙهن ميل ڊگهو ۽ ٽي ميل ويڪرو هو. ان جي بدلي ۾ انگريزن ڪيداح جي راجا کي سالياني ڍل (Stipend) ڇهن هزارن مان وڌائي ڏهه هزار ڊالر ڏيڻا ڪيا. اهو علائقو هٿ ڪرڻ سان پينانگ ٻيٽ ۽ بندرگاهه ۾ جيڪي چوريون ۽ ڦرون ٿينديون هيون سي بند ٿي ويون. واپار وڙي ۽ جهازرانيءَ ۾ سهوليت ٿي ويئي ۽ ڏينهون ڏينهن واڌارو اچڻ لڳو. نه ته مين لئنڊ (ڪناري) کان چور ٺڳ وجهه ملڻ تي بندرگاهه يا ٻيٽ تي ڦر لاءِ هليا ويندا هئا.
    پينانگ ۾ هڪ ڊڪنس اسٽريٽ (Dickens) آهي. اها مسٽر جان ڊڪنس جي نالي آهي، جيڪو مشهور ناول نويس چارلس ڊڪنس جو چاچو هو. هو پينانگ ۾ 1801 ۾ جج ٿي آيو هو۔ ان کان اڳ بنگال ۾ مشهور بئريسٽر ٿي رهيو هو.
    سر جاج ليٿ کان پوءِ 1804ع ۾ مسٽر فارقهار (Farquhar) پينانگ ٻيٽ جون واڳون سنڀاليون. سندس نالي جو رستو سمنـڊ جي ڪناري تي اڃا تائين آهي، جنهن تي اڄڪلهه هوٽل اِي ائنڊ او (E & O) آهي ۽ ڀر ۾ هوٽل مرلين آهي.
    ٻيٽ تي آهستي آهستي واڌارو ۽ سڌارو ايندو رهيو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جا انڊيا کان چين ويندڙ ۽ موٽندڙ جهاز نه فقط پينانگ ۾ ترسي ساهي پٽيندا هئا پر منجھن ڪاريون مريون، لونگ ۽ ٻيو گرم مصالو پڻ هتان روانو ٿيندو هو.
    13 سيپٽمبر 1805ع تي پينانگ ۾ Ganges نالي هڪ جهاز انگلينڊ کان پهتو. ان ۾ نئون گورنر مسٽر فلپ ڊانڊاس پنهنجن ٽن ڄڻن جي مددگاري عملي سان گڏ لٿو. انهن ۾ هڪ ڊپٽي سيڪريٽري ٿامس اسٽئمفورڊ رئفلس نالي پڻ هو ـــ جنهن اڳتي هلي سنگاپور جو ٻيٽ هٿ ڪيو ۽ ان کي ٺاهيو جوڙيون. نوجوان رئفلس جو مشرق پاسي هي پهريون سفر هو.
    1807ع ۾ نئون آيل گورنر فلپ مري ويو. رئفلس ڊپٽي سيڪريٽريءَ مان سيڪريٽري ٿيو. ان کان علاوه رجسٽرار آف ڪورٽس جو عهدو به سنڀالڻ لڳو. رئفلس جي اچڻ وارن ڏينهن ۾ پينانگ جو ٻيٽ، انگريز سرڪار، درجو وڌائي کيس مدراس ۽ بنگال وانگر الڳ فرسٽ ڪلاس پريزيڊنسي جي درجي تي رکيو.
    پينانگ ۾ پهرين ڪورٽ 1809ع ۾ ٺاهي ويئي، جيڪا عمارت مڙيئي سؤ سال کن رهي. ان بعد 1904ع ۾ اها ڊهرائي ان جي جاءِ تي اڄ واري سپريم ڪورٽ جي عمارت ٺهرائي ويئي.
    1795ع ۾ ڊچن، جن جي ملاڪا تي حڪومت هئ، آڻ مڃي ۽ ملاڪا تي پڻ انگريزن جو قبضو ٿيو. 1808ع ۾ ٿامس اسٽئمفورڊ رئفلس کي ملاڪا ۾ رکيو ويو. انهن ڏينهن ۾ گڏيل هندستان جو گورنر جنرل لارڊ منٽو هو، جنهن کان انتظام سنڀالڻ جي سلسلي ۾ مختلف حڪم ملندا هئا. 1811ع ۾ جاوا سان لڙائيءَ جي سلسلي ۾ لارڊ منٽو پينانگ پڻ آيو هو. بهرحال هي سڀ ڳالهيون هن وقت عجيب لڳي رهيون آهن جو ننڍي هوندي اسڪولي ڏينهن ۾ انڊو پاڪ جي تواريخ ۾ جڏهن لارڊ هئسٽنگس يا لارڊ منٽو جهڙا نالا پڙهندا هئاسين ته اهوئي سمجھندا هئاسين ته انهن جو واسطو فقط هندستان تائين محدود آهي. پر هاڻ خبر پوي ٿي ته پينانگ ۽ سنگاپور جهڙا ٻيٽ جيڪي هندستان کان فاصلي جي لحاظ کان جيتوڻيڪ تمام ڏورانهان هئا پر انتظاميه جي لحاظ سان تمام گهڻو ڳنڍيل هُئا.
    مسٽر فلپ بعد پينانگ جو مئڪ السٽر (Mcalister) ۽ پوءِ بروس (Bruce) گورنر ٿيو. انهيءَ دوران انگريزن رئفلس ذريعي سنگاپور پڻ حاصل ڪيو. سنگاپور جي آزاد بندرگاهه هجڻ ڪري پينانگ تي وڏو اثر ٿيو ۽ ڪيترا واپاري پينانگ کان لڏي سنگاپور وڃي رهيا. 1926ع کان پوءِ انگريز سرڪار پينانگ، ملاڪا ۽ سنگاپور جو ڪاروبار هلائڻ لاءِ هڪ ئي حاڪم، انڊيا جي چوٿين پريزيڊنسي هيٺ مقرر ڪيو. ۽ جيئن ئي سنگاپور وڌيڪَ وڌڻ لڳو ته گورنر پنهنجا هيڊ ڪوارٽر اوڏانهن قائم رکيا ۽ باقي ٻن بيٺڪن: ملاڪا ۽ پينانگ جو انتظام هلائڻ لاءِ ريزيڊنٽ قونصلر مقرر ڪيا ويا.


    هوٽل اورينٽل

    گذريل دفعي پينانگ ۾ پينانگ روڊ تي اورينٽل هوٽل ۾ رهيس. ڀر ۾ هوٽل ملائيشيا، انٽر ڪانٽيننٽل، فيڊرل ۽ ائمبسڊر پڻ آهن. سڀئي هوٽلون، انهن ڏينهن ۾ ٽوئرسٽن جي همٿ افزائيءَ لاءِ پنجاهه کن سيڪڙو ڇوٽ ڇڏي رهيون هيون. ان حساب سان هوٽل جي ڪمري جي مسواڙ چاليهن کان سٺ ڊالر تائين ٿي ٿي. مون مٿئين ماڙ تي رهڻ چاهيو ٿي. اورينٽل هوٽل ۾ نائين ماڙ تي ڪمرو ملي ويو ــــ پنجيتتاليهه ڊالرن ۾ ــــ يعني اڍائي سؤ رپين ۾. مون ماستر ۽ ليکڪ ماڻهوءَ لاءِ پنهنجي خرچَ تي رهڻ لاءِ اهو به مهانگو هو. جيتوڻيڪ ڪوشش ۾ هوندو آهيان ته اڃا به ڪا سستي رهائش ملي. پر پوءِ اهو سوچي خوش ٿي ويس ته اڄ کان ڇهه سالَ کن اڳ حيدرآباد جي هڪ هوٽل ۾ رات ٽڪيو هوس ته ان جي ئي مسواڙ، تڏهن، ٽي سؤ رپيا هئي. واڌو سروس ٽئڪس، گورنمينٽ ٽئڪس ۽ الائي ڪهڙا ڪهڙا ٽئڪس جيڪي پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ عام هجڻ ڪري ملڪي توڙي ڌاريون ٽوئرسٽ هوٽل ۾ رهڻ کان ٽهي ٿو۔ ان کان علاوه بئري کي ٽپ، ڀنگياڻيءَ کي ٽپ ۽ هوٽل جي گيٽ تي بيٺل نوڪر کي ٽِپ ــــ ڇو جو اسانجي ملڪ ۾ ڪيترين ئي هوٽلن جا مالڪ پنهنجن ملازمن کي بنا پگهار جي رکن ٿا. انهن جو گذارو هوٽل ۾ رهندڙ مهمانن جي خرچيءَ تي ئي رهي ٿو.
    اورينٽل هوٽل جو ڪمرو اميد کان وڌيڪ سٺو هو. لڳي ٿو ته هوٽل هن سال نئين ٺهي هجي جو سندس ايئرڪنڊيشنر توڙي باٿ روم جا نلڪا ۽ فرش بهترين حالت ۾ هئا. پٽ تي ڀت کان ڀت تائين وڇايل غاليچو پڻ صاف سٿرو هو، جنهن تي ڪٿي به هاريل ڪوڪا ڪولا يا شرابَ جا داغَ نه هئا ۽ نه دکيل سگريٽ ڪِرڻ جا ٽنگ ٽنگ ــــ جيڪي هن پاسي جي هوٽلن ۾ھ عام هوندا آهن، ڪنڊ ۾ رکيل ٽي وي ۽ ٽيليفون ــــ ٻيو ڇا کپي.
    دريءَ جو پڙدو ريڙهي ڏٺم. مون وارو ڪمرو هوٽل جي پٺ وارو هو. هيٺ هڪ وڏي مسجد هئي، جنهن جي هڪ حصي جي مرمت هلي رهي هئي يا عيد ويجهي هجڻ ڪري رنگ روغن ٿي رهيو هو. مسجد جي در مٿان مسجد جو نالو ملئي زبان (رومي ۽ جوي لکڻي) ۾ “مسجد بنگالي” پينٽ ٿيل هو. ڀر ۾ پارڪنگ جي جاءِ هئي، جتي هوٽل ۾ اچڻ وقت ڪار پارڪ ڪري آيو هوس. پارڪنگ جو Jaga (ملئي لفظ. . معنيٰ: اوجاگو ڪندڙ يعني چوڪيدار) عثمان نالي هڪ ملباري هو ــــ جنهن جا ابا ڏاڏا ضرور ڪنهن دور ۾ انڊيا جي ملبار ڪناري کان هتي آيا هوندا. امام واري ڪمري ۾ جيڪو اڇي وڏي چاپئين ڏاڙهيءَ سان همراهه اچي وڃي رهيو هو سو ملئي نٿي لڳو. “پڪ بنگالي يا ننڍي کنڊ جي ڪنهن ٻئي صوبي جو هوندو.” مون سوچيو ۽ پني تي نوٽ ڪيو ته ٻئي ڏينهن ڪار ڪڍڻ کان اڳ پهرين ان مسجد ۽ امام بابت ڪجهه احوال معلوم ڪندس.
    دريءَ کي پردو ڏيئي هڪ دفعو وري ڪمري جو جائزو ورتم. لکڻ جي ٽيبل مٿان، هوٽل جي انتظاميه طرفان ايندڙ مهمان لاءِ انگريزي، ملئي ۽ چيني زبانن ۾ سرڪيولر (اطلاع) لڳل هو: “ڪمري مان ٽوال، چادر، فريم ٿيل تصوير يا ٽيبل ليمپ کڻڻ جي منع آهي.” سو مون فقط ائش ٽري ماچيس، هوٽل جي نالي واري پين ۽ لفافا کڻي بئگ ۾ وڌا. ۽ پوءِ ٽي وي آن ڪري سامهون ڪوچ تي ويٺس. RTM 2 تي ڪا هندي (انڊين) فلم هلي رهي هئي، وڌاتا، چڱي دلچسپ لڳي ٿي. پر ڪافي هلي چڪي هئي. فلم جو هيرو نرگس جو پٽ سنجي دت هو ۽ هيروئن پدمني ڪولها پوري هئي ــــ جيڪا انگلينـڊ جي راڻي ايلزبيٿ جي پٽ چارلس کي، پبلڪ ۾ چمي ڏيڻ کان مشهور آهي، جڏهن هو سرڪاري دوري تي هندستان گهمڻ آيو هو. فلم ۾ هيرو جو ڏاڏو دليپ ڪمار ٿيو هو، جيڪو نه فقط گذريل دور ۾ ننڍي کنـڊ جي ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندو رهيو پر اڄ به سندس بهترين ائڪٽنگ جي تعريف ڪئي وڃي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته وڏي عمر ڪري هاڻ هو هيرو بدران پيءُ يا پوڙهي جو پارٽ ادا ڪري ٿو، جيئن هن فلم وڌاتا ۾ ڏاڏي جو رول ڪيو آهي. هن فلم (وڌاتا) ۾ هڪ ٻي اهم شخصيت شمي ڪپور به نظر اچي رهيو هو.
    ڪنهن زماني ۾ 1968ع، 1969ع ۽ 1970ع ڌاري، هي بم گولي جهڙو شمي ڪپور اسان جهازين جو من پسند هيرو هوندو هو ۽ دلين تي رراڄ ڪندو هو. ۽ هيروئنن مان آشا پاريک، وحيده رحمان ۽ نواب پٽوديءَ جي زال شرميلا ٽئگور ۽ سنڌي ائڪٽريسن: ساڌنا ۽ ڪمود ڇڳاڻيءَ جا ڪئلينڊر ۽ فريم ٿيل فوٽو براڊ فورڊ، بمبئي، ڪراچي، ممباسا، دبئي ۽ ڪيپ ٽائون جهڙن شهرن جي فٽ پاٿن تي وڪامندي نظر ايندا هئا ۽ اهي انڊين پڙدي جون پريون جويون يا قابل قبول هيروئنون سمجهيون وينديون هيون. شمي ڪپور جي فلم “ايوننگ ان پئرس” لبنان جي شهر طرابلس (هڪ طرابلس لبيا ۾ به آهي) ۾ لڳي ته ان کي ڏسڻ لاءِ اسان بيروت کان بس ۾ چڙهي، هلي ملي فلم ڏسڻ لاءِ طرابلس ويا هئاسين. (تن ڏينهن ۾ وي سي آر اڃا نه نڪتو هو جو فلم جهاز تي گهرائي ڏسجي) اڄ ڪنهن کي ٻڌائجي ته پندرهن سورهن سال اڳ ششي ڪپور جو هي ٿلهو ڀاءُ شمي ڪپور اسان جهازين جو دلپسند هيرو هو ته ڪو يقين ئي نه ڪندو. بهرحال اها ٻي ڳالهه آهي ته شمي ڪمپور فلمي دنيا ۾ ڪو گهڻو نه چمڪيو. سال ڏاڍي بعد راجيش کنا سڀني کان اڳڀرو نڪري ويو. ۽ پوءِ جڏهن جو جهاز ڪولمبو، سنگاپور ۽ ڪوالالمپور جهڙن بندرگاهن ۾ لنگر انداز ٿيندو هو ته ان جي فلمن لاءِ سئنيما هالن ۾ چڱا چڪر هڻندا هئاسين. ٽڪيٽ گهرن اڳيان چڱين ڊگهين قطارن ۾ چڱو وقت وڃايوسين. انهن ڏينهن جي هڪ فلم: “هاٿي ميري ساٿي” اڄ به ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ مشهور آهي ۽ ماڻهن جي “پر زور اسرار” تي ملائيشيا جي ٽي ويءَ تان گذريل مهيني ڏيکاري ويئي هئي.
    راجيش کنا سان گڏ اميتاڀ بچن تمام گهڻي پئماني ۽ تمام گهڻي عرصي لاءِ مشهور ٿيو ۽ اڃا تائين ڪو ٻيو ان کان اڳڀرو نه نڪتو آهي.
    ٽي وي تي شمي ڪمپور هن وقت ڪجهه ڊائلاگ ڳالهائي رهيو آهي. ٽي ويءَ جي اڌ اسڪرين سندس پيٽ ولاري ڇڏيو آهي ۽ اڌ سندس ڳري منهن ۽ ملئي زبان جي ترجمي. اسان جي ڪنهن زماني جي دلپسند هيرو کي خبر ناهي ڪهڙين مٺاين، پٽاٽن ۽ گهريچي گيهه مکڻن يڪدم ههڙو بڻائي ڇڏيو. اٿي ٽي وي بند ڪريان ٿو ۽ ڪرسيءَ تان وڏو ٽوال کڻي وهنجڻ لاءِ باٿ روم ۾ گهڙان ٿو.
    ڪجهه ڏينهن اڳ عنايت بلوچ جو سفرنامو “پرين جي پرديس” پڙهيو هوم. هو به هن شهر پينانگ ۾ رهي ويو آهي. بلڪه هن ئي هوٽل اورينٽل ۾. ڪمرو خبر ناهي هي هجي يا ڪو ٻيو. ڪجهه مهينا اڳ ڪراچيءَ کان منير چانڊيو پڻ هتي پينانگ ۾ آيو هو. هو به هن ئي هوٽل ۾ رهي ويو. ٿي سگهي ٿي هن ئي ڪمري ۾ رهيو هجي پر زمان ٻيو هو. پنهنجي وطن کان دور اهو سوچي ڪيڏو عجيب لڳي رهيو آهي.
    پينانگ اچڻ کان اڳ، پينانگ جي هڪ اديب وڪيل دوست سيشل راجيندرا (Cecil Rajendra) کان رهائش جو پڇيو هوم ته هن پڻ هن هوٽل جو نالو ورتو. “منهنجا اديب دوست اڪثر اورينٽل هوٽل ۾ ئي اچي رهندا اهن.”
    آئون جيتوڻيڪ بي خياليءَ ۾ هن هوٽل ۾ اچي نڪتس پر هاڻ سوچڻ لڳس ته هن هوٽل ۾ عنايت بلوچ، منير چانڊئي کان علاوه خبر ناهي ٻيا ڪيترا ۽ ڪهڙا اديب، شاعر، پاڪستان، ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن کان هتي رهي ويا هوندا.
    وهنجڻ بعد، سيشل راجيندرا کي فون ڪري پنهنجي اچڻ جو ٻڌائي کانئس خبرچار ورتم. ملائيشيا جو هي شاعر راجيندرا پينانگ ۾ ئي ڄائو. شروعاتي تعليم سينٽ زئويئر (St-Xavier) انسٽيٽيوٽ مان وٺڻ بعد يونيورسٽي آف سنگاپور مان تعليم حاصل ڪيائين ۽ ان بعد لنڊن جي مشهور ڪاليج “لنڪن ــــ ان” مان بئسريٽر آف لا 1968ع ۾ پاس ڪيائين. لنڊن ۾ تعليم دوران پاڻ مختلف پورهيا ڪيائين. هو بورچي ٿي رهيو، نوڪر، مزور، مارڪيٽ ريسرچر، ۽ پوءِ قانوني صلاحڪار پڻ. اڄڪلهه هو پينانگ شهر ۾ ئي وڪالت ڪري ٿو. ان سان گڏ فٽ بال کيڏي ٿو ۽ انگريزيءَ ۾ شاعري پڻ ڪري ٿو. سندس شاعريءَ جا ڪجهه مجموعا پڻ ڇپجي چڪا آهن جن مانBones & Feathers ۽ Hour of Assassins بيحد مشهور آهي. بلڪه منهنجي ساڻس واقفيت به سندس ڪتابن معرفت ٿي هئي. سندس ٻه مشهور آزاد نظم جيڪي هن وقت مون وٽ لکيل آهن:


    HUSTLERS

    Baggers
    Cockroach our city
    Politicians
    In their Mercedes
    Whizz by in luxury
    As long
    As one man
    Has no shirt
    And his M.P.
    Has Two…..
    Count me out
    Of any party!





    COST OF LIVING

    Ever since I was born
    Everyone’s been complaining
    How the cost of living
    Just keeps soaring:
    Tea from Ceylon
    Rice from Burma
    Coffee from Brazil
    Sugar from Jamaica
    Butter from New Zealand
    Meat from Argentine
    Yes, there’s no denying
    The cost of living
    Has been rising
    Ever since I was born
    Yet, U haven’t heard
    A single complaint
    Since the day I arrived
    How the price of human lives
    Has been taking a nose – dive.
    In Hiroshima
    Nips never went cheaper
    So did the Jews in Auschwitz
    Black – as you know
    Are pretty cut – price everywhere
    Harlem or South Africa
    Makes no difference where you pick your nigger.
    The cost of a Cong keeps dropping in Saigon.
    Babies from Biafra were offered as free gifts.
    Not to mention the latest nominal sum
    We paid for 3 million Bengalis.
    Ever since I was born
    The cost of living
    Has been getting rather steep
    The cost of a life
    Has never been so cheap!


    بنگالي مسجد ـــ پينانگ

    پينانگ ٻيٽ تي جنهن هوٽل ۾ رهيل هوس، ان جي سامهون بنگالي مسجد هئي. ڀر ۾ هوٽل ۾ رهندڙن جي گاڏين لاءِ پارڪنگ ٺهيل هئي.
    ڪار پارڪنگ جي انچارج ـــ عثمان ملباريءَ ٻڌايو ته بنگالي مسجد جو امام بنگالي آهي جيڪو مسجد جي در وٽ ئي نظر آيو. مون هن ڏانهن نهاري سلام ڪيو. پاڻ به مرڪندي وڏي واڪي سان جواب ڏنائين، “وعليڪم سلام.”
    آئون ڪجهه پڇانس، ان کان اڳ پاڻ اڙدوءَ ۾ کيڪاريائين:
    “ڪيسا هي؟”
    “ٺيڪ هي.” مون به ساڳي نموني واري اڙدوءَ ۾ جواب ڏنومانس جيڪا پاڪستان هندستان کان ٻاهر ٻين ديسن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. مولوي صاحب جي هٿ ۾ چاٻي ڏسي پڇيومانس: “توهان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟”
    “نه. هتي ئي ٻاهر تاج محل ريسٽورنٽ ۾ ماني کائڻ پيو وڃان.” هن ٻڌايو.
    “توهان سان ملي خبر چار وٺڻ ٿي چاهيم. پر هاڻ ڀلي توهان ماني کائي اچو. پوءِ ڪنهن ٻئي دفعي.” مون چيومانس.
    “نه۔ نه مڙيئي خير آهي. اچو اچو.” پاڻ وڏي قرب سان مسجد اندر امام واري ڪمري ۾ وٺي آيو. “منهنجو هي گهر آهي.”
    سندس ڪمري جي ڀر ۾ ٻيا به ٻه کن ڪمرا هئا. ڳپل اڱڻ بعد مٿاهين ڇت واري مسجد هئي، جنهن ۾ هزار کن ماڻهو نماز لاءِ بيهي سگهن. امام جو ڪمرو به چڱو وڏو هو. پٽ تي فراسيءَ جهڙي گلم مٿان ڪکن جي سنهي تونئري وڇايل هئي. چوڌاري ڪيترائي مذهبي ڪتاب رکيل هُئا. هڪ پاسي کان سندس لوهي پيتي ۽ سامان جون ٻيون هڙون هيون. مون کانئس ڪجهه سوالَ پڇيا. جهڙوڪ:
    نالو؟
    “موالانا الحاج ذوالفقار علي چوڌري”
    عمر؟
    “پنجاسي سالَ.”
    اصل ڪٿي جا آهيو؟
    “اصل بنگلاديش جي نوا کلي ضلعي جي شهر صوباپور جو آهيان.”
    هتي ملائيشيا ۾ ڪڏهن آيائو؟
    “چڱو وقت ٿيندو. اڃا بنگلاديش مشرقي پاڪستان هو. شايد 1970ع ڌاري.”
    هتي توهان پاڻ آيائو ۽ پوءِ رهي پيائو يا ڪو مٽ مائٽ توهان کي هتي وٺي آيو؟
    “مون کي دراصل هتي جي حڪومت گهرايو. هن مسجد جو اڳوڻو امام گذاري ويو هو . سو کين ٻي امام جي ضرورت هئي. هتي رهندڙ ڪيترن ئي بنگالين ۽ پاڪستان جي پنجابي مسلمانن مونکي سڃاتو ٿي. انهن مون لاءِ سفارش ڪئي.”
    ڇا هي توهان لاءِ پهريون دفعو ملڪ کان ٻاهر نڪرڻ جو موقعو هو يا ان کان اڳ به نڪري چڪا هئائو؟
    “هونءَ حج ڪرڻ لاءِ ته ڪيترائي دفعا سعودي عرب وڃڻ جو شرف مليو آهي. باقي هتي اچڻ کان گهڻو اڳ آئون برما جي شهر شوجين جي هڪ مسجد ۾ چار سال امام ٿي رهيو آهيان.”
    پوءِ اها مسجد ڇو ڇڏيانوَ؟
    “ڇو ڇڏيم؟ نه ڇڏيان ها. پر ٻي وڏي لڙائي جا لڳي ته جپاني فتح مٿان فتح ڪندا اچي برما کان نڪتا. تن ڏينهن جي سرڪار ـــ انگريز بادشاهه جڏهن ڏٺو ته هو هاڻ جپانين جو مقابلو نٿا ڪري سگهن ته پاڻ به ڀڄي نڪتا ۽ اسان (ننڍي کنڊ جي ماڻهن) کي به خبردار ڪيائون ته بابا هاڻ هرڪو پنهنجو بچاءُ پاڻ ڪري. هرڪو ڀڄي پاسو ڪري. شوجين شهر ۾ ٻيا به ڪيترائي اسان جي تر جا بنگالي رهيل هُئا. سڀ پيرين پنڌ نڪري پياسين. ڀٽڪندا ڀٽڪندا بکون ڪاٽيندا، جبل، جهنگل ۽ درياهه لتاڙي اچي پنهنجي ڳوٺان نڪتاسين. ڄڻ نئين حياتي ملي۔”
    چاچا گهڻا ڏينهن لڳا پنڌ ۾؟ مون پڇيومانس.
    “هڪ مهينو تيرهن ڏينهن ـــ يعني پورا ٽيتاليهه ڏينهن.”
    اها ڪهڙي سن جي ڳالهه آهي؟
    “1941ع جي.”
    ان وقت توهان جي عمر ڇا هُئي؟
    “ايڪيتاليهه سالَ. آئون پوري 1900ع ۾ ڄائو آهيان.”
    توهان بنگالي ٿي ڪري تمام سٺي اڙدو ڳالهايو ٿا. تعليم دوران آئون به ٻه سال کن بنگال ۾ رهيو آهيان پر مون اهڙي سٺي اڙدو ڪنهن بنگاليءَ کان نه ٻڌي.
    “آئون ته لکي به ڄاڻان ٿو.” اهو چئي، بنگالي مسجد جي امام مولانا ذوالفقار وهاڻي هيٺان خط کڻي ڏيکاريو، جيڪو هن ڪجهه گهڙيون اڳ پنهنجي پٽ کي لکيو هو. تمام سهڻي رائيٽنگ هئي.
    لڳي ٿو ته توهان تعليم دهلي، لکنو يا ڪراچي، لاهور ۾ ورتي هُجي؟ مون پڇيومانس.
    “نه. اسان جڏهن ننڍا هُئا سين ته اسان کي مذهبي تعليم عربي، فارسي ۽ اڙدوءَ ۾ ڏني ويندي هئي. چٽگانگ ۾ “مدرسه لطيفيه مير سراءِ” تمام مشهور هو، جنهن جا استاد وڏي هاڪ وارا ٿي گذريا آهن، جهڙوڪ: استاد مولانا نور الحق صاحب ۽ مولانا محمد احمد صاحب وغيره. جيڪي منهنجا پڻ استاد رهي چڪا آهن ۽ آئون ان ۾ تيرهن سال عربي، فارسي ۽ اڙدو پڙهيس. منهنجو هڪ استاد پاڪستان جو مفتي زين العابدين پڻ هو.”
    اهو مدرسو اڃا آهي يا نه؟
    “اڃا آهي. پر هاڻ منجھس رڳو عربي ۽ بنگاليءَ ۾ پڙهايو وڃي ٿو.”
    ان وقت ۾ جيڪي ڪتاب توهان کي پڙهايا ويندا هئا، انهن مان ڪن جا نالا ياد آهن؟ مون پڇيو.
    “گلستان، بوستان، پڌناما ۽ محمد فيوض ۽ ظاهر آهي سڀ کان گهڻو زور قران شريف، حديث ۽ فقي تي هوندو هو.”
    زندگيءَ ۾ ٻي به ڪا نوڪري، توهان ڪئي؟
    “نه. منهنجي سڄي ڄمار پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ گذري آهي.”
    اڪيلا آهيو يا شادي شده؟
    “زال اٿم۔ ٻارَ اٿم.”
    ڪٿان شادي ڪئي اٿوَ؟ برما مان، بنگلاديش مان يا هتان ملائيشيا مان؟
    “پنهنجي وطن نواکليءَ مان”
    اولاد ڪهڙو اٿوَ؟
    “ماشاءَ الله گهڻو ئي اٿم. اٺ ڌيئون هڪ پٽ. سڀني ڇوڪرين جي شادي ٿي ويئي آهي. ڏهٽا ۽ ڏهٽيون به اٿم. پٽ سڀ ۾ ننڍو آهي. نالو عزيز باري چوڌري اٿس ۽ چٽگانگ ۾ مير سراءِ ڪاليج ۾ پڙهي ٿو.”
    منهنجو ڪڏهن چٽگانگ وڃڻ ٿيو ته ساڻس ضرور ملندس. مون چيومانس.
    “ضرور. پٽ کان علاوه منهنجو وڏو ناٺي به چٽگانگ ۾ آهي. سندس نالو امير حسن چوڌري آهي ۽ اتي ڪامرس جو پروفيسر آهي. سڀ ۾ ننڍو نالي عليم اختر ڀنيا پڻ اتي آهي. هو ڊاڪٽر آهي.
    هيءَ مسجد ڪيترو پراڻي آهي؟
    “چيو وڃي ٿو ته ڏيڍ سؤ سالَ کان به پراڻي آهي.” مولانا ٻڌايو.
    تنهن جي معنيٰ ته هيءَ “بنگالي مسجد” پينانگ ٻيٽ تي سڀ ۾ پراڻي آهي؟ مون پڇيو.
    “ها تمام پراڻي مسجد آهي پر ان کان وڌيڪَ پراڻي مسجد ڪپتان ڪلنگ مسجد آهي. اها 163 سال پراڻي آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته پينانگ ٻيٽ تي اها پهرين مسجد آهي، جيڪا هڪ مدراسي واپاريءَ ٺهرائي هئي. هو ڏکڻ هندستان کان هتي آيو هو هونءَ ته چوليا اسٽريٽ تي درگاهه ناگوري شاهه ٻه سؤ سالَ پراڻي آهي پر ان کي جامع مسجد نٿو چئي سگهجي. پينانگ جي مئڪلسٽر روڊ (Mcalister Road) تي هڪ پاڪستاني مسجد نالي به آهي، جيڪا اڄ کان 25 سال اڳ بنگالين ئي ٺهرائي پر تن ڏينهن ۾ مشرقي بنگال پاڪستان ۾ هجڻ ڪري اها مسجد پاڪستاني سڏجڻ لڳي. آئون ان مسجد جو سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهيان.”
    “پينانگ ٻيٽ تي ڪنهن زماني ۾ تمام گهڻا بنگالي رهندا هئا. نواکلي، ڪوميلا، سلهٽ، چٽگانگ، کلنا ـــ ويندي ڪلڪتي ضلعي جا ڪيترائي بنگالي هتي رهندا هئا. اهو ان ڪري جو ملايا کان بنگال ويجھو آهي ۽ تنهن زماني ۾ ته عربن توڙي يورپين جا جهاز به ڪنارو ڪنارو ڏيئي ملايا ۽ سيام جي ملڪن ۾ اچڻ لاءِ بنگال کان ٿيندا ايندا هئا ۽ ساڻن گڏ ڪيترائي بنگالي پورهئي، واپار ۽ رهبريءَ لاءِ چڙهي پوندا هئا. ان بعد جيتوڻيڪ گڏيل هندستان جي ٻين صوبن مان به ماڻهو هتي ايندا رهيا جهڙوڪ: سک پنجاب کان، تامل تامل نادو کان ، گجراتي ۽ مرهٽا مهاراشٽر کان، سنڌي سنڌ کان پر هتي جا لوڪل ماڻهو سڀني کي بنگالي سڏيندا هئا. اڄ به ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ ڌارين کي بنگالي چون. ويندي سکن کي به ڪيترا بنگالي چون. سو هيءَ مسجد اڄ کان ڏيڍ سؤ سال اڳ بنگال جي مسلمانن ٺهرائي يا هندستان جي ڪنهن ٻئي صوبي جي مسلمانن پر اهو ضرور آهي ته پينانگ ۾ ان زماني ۾ بنگالي گهڻا هئا. ۽ هن علائقي ۾ جتي هيءَ مسجد آهي اتي ته اوڻهين سؤ پنجاهه يا سٺ تائين به ڏاڍا هئا. انگريزن جي جهازن تي گهڻي ڀاڱي ڪم بنگالي خلاصي ڪندا هئا. ۽ جيئن انگريزن پوک جي ڪم لاءِ ننڍي کنڊ مان تامل آندا، سک پوليس، ريلوي ۽ چوڪيداريءَ جي ڪم لاءِ، گجراتي ۽ سنڌي واپار ۽ هٽڙا هلائڻ لاءِ تيئن بنگالين کي خلاصيءَ طور آندو. پينانگ ويجھڙائيءَ تائين بنگالي خلاصين جو وڏو اڏو هو، جتان نه فقط انگريزن جي ٻيڙن تي پر پوءِ دنيا جي ٻين جهازن تي به بنگالي خلاصي سپلاءِ ٿيندا هئا. هن پاڙي لاءِ ته مشهور آهي سڄو بنگالين جو هوندو هو ۽ خود پينانگ جا ملئي ۽ چيني هن محلي مان لنگهندي گھٻرائيندا هئا.”
    ڇا هن پاڙي ۾ اڃا به بنگالي آهن؟ مون پڇيومانس.
    “هن پاڙي ۾ ته هاڻ ڪو به نظر نٿو اچي سڀ هليا ويا. باقي پينانگ ۾ هونءَ ايڪڙ ٻيڪڙ اڃا آهن.”
    مون رات ڏٺو ته هن مسجد ۾ جماعتي، رپئي مان ٻارهن آنا مدراسي تامل هئا ۽ چار آنا ڪي ملئي. يعني اهي ما ڻهو توهان جو خطبو نه اڙدو ۾ نه بنگاليءَ ۾ سمجھي سگهندا هوندا نه وري عربيءَ پارسيءَ ۾. ڇو جو ملئي ته اڙدو نٿا سمجھن پر مدراسي ۽ ٻيا ڏکڻ هندستان جا ماڻهو به اڙدو يا هنديءَ جو لفظ به نٿا سمجھن. اڃا به تامل، مليالم، ڪنهڙ يا تيلگو ملباري زبانون سمجھن ٿا. پوءِ توهان ڇا ڪريو؟
    “نيت هميشه اڙدوءَ ۾ پڙهان. ۽ پوءِ خطبو ملئي زبان ۾ پڙهان جيڪو هرڪو سمجي ٿو. مونکي ملئي زبان پهرين سمجھه ۾ نه ايندي هئي. پر پوءِ جھٽ سکي ورتم. ائين مونکي برمي به اچي ٿي.”
    ٻن ڏينهن بعد عيد هئي ۽ عيد نماز تي ڏٺم ته مولانا صاحب عيد نماز جو طريقو ۽ نيت اڙدوءَ ۾ ٻڌائي. جيڪا پاڻ ۽ مون کان علاوه شايد ئي ڪنهن ٻئي سمجھي هجي. ڇو جو نماز بعد ڪا دير جماعتين کي ڏسندو رهيس ته انهن ۾ ڪو اتر هندستان يا پاڪستان جو هجي ته ساڻس ڳالهايان پر سڀ تامل ڳالهائڻ وارا هئا. پر اها واقعي عجيب ڳالهه آهي ته ڪو سمجھي يا نه پر مولانا صاحب سالن کان نيت اڙدوءَ ۾ پڙهڻ جي روايت قائم رکندو اچي.
    مولانا کان پڇيم: ڏکڻ هندستان جي تاملن ۾ هندو به آهن ته مسلمان ۽ عيسائي به. هتي پينانگ ٻيٽ تي انهن تاملن جو تعداد ڇا هوندو؟
    “مسلمان اٽڪل ٽي هزار کن، هندو تامل چار هزار کن ۽ عيسائي تامل هزار کن ٿيندا”.
    توهان کي ڀلا هتي جو پاسپورٽ آهي يا بنگلاديش جو؟
    “مون وٽ انگريزن جي زماني کان برٽش پاسپورٽ هو پوءِ پاڪستان جو به ٺهرائي هتي آيس. بنگلاديش ته اڃا ٿيو نه هو. پوءِ هتي اچي ملائيشيا جو پاسپورٽ ٺهرايم. باقي زال ۽ ٻارن ٻچن کي بنگلاديش جو ئي آهي. هر سال هو هيڏانهن اچن مون سان ملي ويندا آهن.”
    ڀلا سائين اهو پڇي سگهان ٿو ته توهان کي سرڪار طرفان يا هن مسجد جي ڪميٽيءَ طرفان ڪيترو پگهار ملي ٿو؟
    “بس اهو پڇو ئي نه. بس الله جي فضل سان گنج ملن ٿا ۽ شڪر آهي. دال روٽي ٿيو وڃي. Cukup Untuk Makan (مطلب پيٽ لاءِ پورو آهي). ڪجهه ٻارن کي به موڪليندو آهيان.
    پر تڏهن به.......
    “بس. ان کي ڇڏي ڏيو،. جو مون ڪڏهن به پنهنجي خذمت جو اجورو پئسي ۾ نه ماپيو آهي. خبر اٿئي جڏهن آيو هوس ته ڪيترائي سالَ ته مونکي مهيني ۾ فقط پنجاهه ڊالر ملندا هئا. تڏهن به شڪر ۽ صبر ۾ گذاريندو هوس.”
    اسان جي ڳالهين دوران هڪ ويهن پنجويهن سالن جو نوجوان، گلاس ۾، اسان لاءِ چانهه کڻي آيو. مولانا صاحب ٻڌايو ته هي تبليغ جماعت وارا آهن. پاڪستان ۾ به ٿي آيا آهن. ٽن راتين لاءِ هتي واعظ لاءِ آيا آهن. ساڻن گڏ ٻيا به ڇهه ست ڄڻا آهن.
    چانهه ملئي نموني بدران ملباري قسم جي ميٽ جهڙي هئي جيڪا گهڻن ڏينهن بعد ـــ بلڪه سالن بعد پيئڻ لاءِ ملي. ان کان اڳ اهڙي چانهه پاڪستان ۾، اسٽاپن تي، پٺاڻن جي هوٽلن ۾ ئي پيتي هيم.
    ان چانهه کان پوءِ مون يڪدم مولانا کان موڪلايو، جنهن کا تاج محل ريسٽورينٽ ۾ مانيءَ لاءِ وڃڻو هو.


    چيپ جان ۽ ڪئٿي

    پينانگ ۾، شامَ جي وقت، جنهن هوٽل ۾ رهيل هوس ان جي اڳيان ٺهيل هڪ ٽڪنڊي ٿلهي تي روزانو ڪلاڪ ڏيڍ اچي ويهندو هوس ۽ پينانگ روڊ ۽ چوليا روڊ تي ماڻهن ۽ گاڏين جي آمدرفت کي ڏسڻ ۾ سٺو وقت گذرندو هو. ٻيا به ڪجهه فارينر ــــ جيڪي ڀرپاسي وارين هوٽلن ۾ رهيل هئا، اتي اچي ويٺا ٿي، ۽ ٻه چار چيني ــــ جيڪي يا ته چرسي ٿي لڳا يا جواري سي پڻ اتي موجود هوندا هئا ۽ سگريٽن جا سوٽا هڻندا رهندا هئا. رکي رکي سگنل ڳاڙهي ٿيڻ مهل ڪا سائيڪل رڪشا منهنجي اڳيان اچي بيٺي ٿي ته منجھس ويٺل فارينرس کان ساڳيا ساڳيا سوال ڪيم ٿي:
    “What Country ـــ ڪهڙي ملڪ جا آهيو؟”
    ۽ ويٺلن کلي ٻڌايو ٿي ته هو آسٽريليا جا آهن، يا نيوزيلينڊ، يونائيٽيڊ اسٽيٽس، انگلينڊ وغيره جا آهن ــــ جو انهن ملڪن جي ماڻهن کي رلڻ پنڻ جو گهڻو مَرڪُ آهي ۽ جتي ڪٿي ڌڪا ٿاٻا کائيندا رهندا آهن. پئسا نه هوندن ته به ڦاٽل ۽ ميرا ڪپڙا پائي، ڪاڪروچن ۽ منگهڻن وارين سستين هوٽلن ۾ رهي زندگيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ چڪر ولايت جو هڻي وٺندا آهن. بهرحال ان بعد ٻيو سوال ڪيو مان ٿي ته:
    How do you like Penang? ـــ پينانگ ٻيٽ ڪيئن ٿو لڳانوَ؟ (ڄڻ پينانگ منهنجو شهر هجي.”
    “او ويري گڊ!” خدا جي مڙني نيڪ بندن پسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو ٿي. ڪن ته واقعي مونکي هتي جو سمجھي چيو ٿي: “تنهنجو شهر تمام سٺو آهي.” ۽ جڏهن ٻڌايومان ٿي ته آئون به توهان وانگر ٽوئرسٽ آهيان ته پوءِ ورائي مون کان پڇيائون ٿي ته آئون ڪهڙي ملڪ جو آهيان ۽ آيا پينانگ ۾ پهريون دفعو اٿم يا پهرين به اچي چڪو آهيان.
    ڪي ته اهڙن ملڪن جا هئا جن کي انگريزي صفا نٿي آئي. “واٽ ڪنٽري” ۽ “واٽ نئشنلٽي” چوندي چوندي ٽرئفڪ جو سگنل سائو ٿي ٿي ويو، پر هنن کي سمجھه ۾ نٿي آيو ته آئون کانئن پڇان ڇا پيو.
    پاسي وارو رستو ــــ چوليا اسٽريٽ، ڪافي پراڻو ۽ اهم رستو آهي، جيڪو فيري اسٽيشن جي ويجھو وڃيو نڪري. سندس شروعات ۾ هڪ دڪان Cheap John نالي آهي. اهو دڪان ڏسي مونکي ڪراچيءَ جو چيپ جان نالي دڪان ياد ايندو هو، جيڪو صدر جي علائقي ۾ آهي. هڪ ڏينهن نيٺ ان دڪان ۾ گهڙي ويس. منجھس مختلف قسمن جون شيون ۽ سووينئر رکيل هئا. دڪان ۾ بيٺل ماءُ ۽ ڌيءَ ٻڌايو ته هو سنڌي هندو آهن ۽ هندستان جي ورهاڱي وقت سنڌ کان لڏي هتي ملائيشيا آيا هئا. پهرين ڪوالالمپور يا شايد جوهورباروءَ ۾ رهيا. هاڻ هتي پينانگ ۾ دڪان ڪڍيو اٿن.
    “ڪراچيءَ ساڳي نالي جو دڪان هجڻ ڪري آئون توهان جي دڪان ۾ گهڙي آيس.” مون کين سندن دڪان ۾ اچڻ جو سبب ٻڌايو.
    “ها اسان کي خبر آهي.” ماءُ وراڻيو، “ٻه چار سالَ اڳ منهنجو مڙس ڪراچيءَ ۾ ويو هو،. هن کي اهو نالو ڏاڍو وڻيو. ان بعد هن دڪان جو، اسان پڻ ساڳيو نالو رکيو.”
    “اڄڪلهه ڪيئن آهي ڌنڌو؟” مون پڇيومان.
    “نقصان ئي نقصان آهي. مارڪيٽ صفا ٿڌي ٿيل آهي. ٽوئرسٽ به اڄڪلهه ايترا نٿا اچن.”
    “پرآئون ته گذريل ٻن ٽن ڏينهن کان ڏسان پيو ته توهان جي دڪان ۾ وري به ڪجهه نه ڪجهه گراهڪ ايندا رهن ٿا.”
    انهن مان، مهيني ۾، ٻه يا ٽي هزار ڊالر به ڪي مس ٿا نڪرن.”
    “ٻه يا ٽي هزار ڊالر (يعني ويهه هزار رپيا کن) گهٽ ته ناهن؟” مون تعجب مان پڇيو.
    “ٽن چئن لک ڊالرن جي سيڙپ تي ته اهو نقصان ئي ٿيو. ان کان وڌيڪَ ته ڪنهن بئنڪ ۾ فڪسڊ ڊپازٽ رکڻ سان ملي سگهي ٿو.” ماءُ ٻڌايو. ان بعد هن دڪانداريءَ جو حساب سمجهايو ته، ڪنهن جو مثال طور دڪان (سامان سميت) پنج لک ڊالرن جو آهي ته يارهن ٻارهن سيڪڙو بئنڪ جي وياج جي حساب سان مهيني ۾ اٽڪل پنج هزار ڊالر وياج جا ٿيا، واڌو ٻن ڄڻن جو ماهوار پگهار ڏيڍ هزار ڊالر کن ۽ اڌ هزار ڊالر فون، بجلي، ٽئڪس ۽ آيل گراهڪن کي ڪوڪا ڪولا يا چانهه پيارڻ تي خرچ. سي ٿيا ست هزار ڊالر. هاڻ هر مهيني جيڪڏهن ان دڪان مان ڪمائي ست هزار ڊالرن کان مٿي ٿي ته اهو ٿيو فائدو. جي گهٽ ته معنيٰ نقصان. مثال طور اٺ هزار ڊالر ڪمائي ٿي ته معنيٰ فقط هڪ هزار ڊالر فائدو ٿيو ۽ جي ڇهه هزار ٿي ته معنيٰ هڪ هزار نقصان ٿيو.
    منهنجي هوٽل جي هيٺان ڪشمير ريسٽورنٽ نالي جيڪا انگلينڊ آمريڪا اسٽائيل جي نارٿ انڊين ريسٽورنٽ هئي ان جو مالڪ پڻ سنڌي هو. بلڪه اها سندن فئملي ريسٽورنٽ هئي جنهن ۾ سڄي فئمليءَ ڪم ڪيو ٿي ــــ جيئن اپوح شهر ۾ پاڪيزه هوٽل ۾ پاڪستان جي هڪ مسلمان پنجابي فئملي ڪم ڪري ٿي.
    ڪڏهن ڪڏهن ڪشمير ريسٽورينـٽ تان دال ۽ نان گهرائي کائيندو هوس. هونـءَ رهائش واري هوٽل ۾ ڌارين هوٽل يا دڪان تان ماني گهرائي نٿي سگهجي. پر جيئن ته اورينٽ هوٽل کي رڌ پچاءَ جو پنهنجو بندوبست نه هو، ان ڪري اسان کي ٻاهران ماني گهرائڻ تي جھل پل نه هئي. ڪڏهن ڪڏهن شامَ جي وقت هوٽل اڳيان هڪ نوجوان ملئي همراهه هئمبرگر اچي وڪڻندو هو. تمام سستا ۽ لذيذ هوندا هئس. يورپي، آمريڪي ۽ ٻيا فارينرس ڏاڍو وٺندا هئا. ڪچهريءَ جو به ڪوڏيو هو. هر هڪ سان کوٽي کوٽي ڳالهيون ڪندو هو. پوءِ جڏهن ڪو گراهڪ نه هوندو هوس ته مون سان ڪچهري ڪندو هو. جيئن جيئن رات ٿيندي هئي ته فارينرن جو ڳاڻيٽو به وڌندو هو. اوسي پاسي کان چيني سائيڪل رڪشائن سميت پڻ اچي اتي گڏ ٿيندا هئا ــــ جيڪي شهر جي مختلف مالش گهرن لاءِ گراهڪ تاڻيندا هئا. ملئي هئمبرگر ٺاهڻ واري کي سائيڪل رڪشا وارن، مساج گهرن ۽ جوا جي اڏن جي به وڏي معلومات هئي. هڪ ڏينهن کلي چيومانس:” انچڪ! توکي پوليس ۾ هجڻ کپي ها” .
    ان تي پاڻ به وڏو ٽهڪ ڏنائين. آخري رات جڏهن هئمبرگر وٺي موڪلايومانس ته ٻڌائين ته هو واقعي سي آءِ ڊي پوليس ۾ هڪ اهم آفيسر آهي. هو انهن ماڻهن جي تاڙ رکي ٿو، جيڪي داداح (چرس) ۽ گانجي جو واپار يا ٻيا غير قانوني ڏوهه ڪن ٿا.
    ٿوري دير پنهنجي هوٽل اڳيان ويهي، فارينر کي “هيلو ـــ هيلو” ۽ ملئي هئمبرگر واري سان ڪچهري ڪري پوءِ ان پينانگ روڊ تي سڌو ئي سڌو هليو ويندو هوس. رستي تي May-Fair ڪپڙن جو دڪان، جايا ڪوڊي سگار ڪمپني، Sam’s Batek هائوس، تاج محل ريسٽورانٽ، جان ڪانگ ــــ چان عينڪ واري جو دڪان، اسلامڪ ريسٽوران، ربي فوٽوشاپ، ربي بيوٽي شاپ، اليڪٽرانڪ شاپ ۽ ٻيا دڪان آيا ٿي. ان بعد کاٻي پاسي هڪ گهٽي ڪئمپيل (Lebuh-Camp-Bell) پئي ٿي. ۽ ساڄي پاسي ڪئٿي سئنيما آهي جنهن ۾ انهن ڏينهن ۾ ڪا مار ڌاڙ جي رنگين چيني فلم هلي رهي هئي. ان بعد مشهور انگريزي فلم Out of Africa اچڻ واري هئي، جنهن جا پڻ ٻاهرين ڀت تي پوسٽر لڳل هئا. سئنيما هال اڳيان مڪئي جي سنگن ۽ چونئرن واري همراهه تي ماڻهن جو ميلو متل هوندو هو. فلم ڏسڻ لاءِ آيل ڪيترن ئي قسمن جا ماڻهو، اتي نظر ايندا هئا.
    اڄ جي دور ۾ جڏهن ڏينهون ڏينهن سئنيما هال ختم ٿيندا وڃن، اتي ملائيشيا جي مختلف شهرن ۾ هي نظارو ڏسي پراڻا ڏينهن ياد ايندا هئا، جڏهن اڃا وي سي آر ايجاد نه ٿيو هو. ۽ عام ماڻهوءَ لاءِ وڏي تفريح سئنيما هال ۾ وڃي فلم ڏسڻ هوندي هئي. فلم لاءِ ٽڪيٽ ڏينهن ٻه اڳ ۾ وٺڻي پوندي هئي يا ڪجهه دير ڊگهي قطار ۾ بيهي دريءَ پويان ويٺل ٽڪيٽ ڪلارڪ کان ان وقت وٺڻي پوندي هئي. جيڪو سگريٽ جو ڪش هڻي سئنيما هال ۾ رکيل ڪرسين جي سٽاءَ واري چارٽ تي منڌيئڙو هڻندو هو. مرد هڪ پاسي، اڪيلون آيل زالون ۽ ڇوڪريون ٻئي طرف. شهر جا لوفر ڇوڪرا ۽ اسان جهڙا جهازي ماڳهين ٽي طرف. تنهن زماني ۾ ٽين دنيا جي ملڪن ۾ ٽڪيٽ وڪڻڻ وارا، پاڻ کي ڪلارڪ گهٽ سماج سڌارڪ وڌيڪَ سمجھندا هُئا. (اڃا به سمجھن ٿا، اها سڌ نه اٿم). اهو ان ڪري ياد آيو جو اسان به ننڍي هوندي هن شهر پينانگ ۾ يورشين ۽ ٻين اهڙين ڇوڪرين تي جن جا بقول هڪ بنگالي انجنيئر جي، حقوق غير محفوظ لڳندا هئا، سيٽيون وڄائيندا سئنيما هال تائين اچي پهچندا هئاسين ۽ ڪوشش ۾ هوندا هئاسين ته ڪنهن ڇوڪريءَ جي ڀر ۾ ويهڻ جي جاءِ ملي پر اڳيان ٽڪيٽ وڪڻڻ وارا سک ملباري ٽڪيٽ ڪلارڪ اهڙي سيٽ ڏيندا هئا جو انٽرويل جي بتي ٻرڻ تي خبر پوندي هئي ته سڀ جهازي پنهنجو پاڻ ۾ ئي ويٺا آهيون.
    ها، پينانگ ۾ جڏهن به اسانجو جهاز ايندو هو ته فلمن تي مارو هوندو هو. خاص ڪري ان ڪئٿي سئينما ۾. مزي جي ڳالهه اها ته هيءَ سئنيما اڄ به اهڙي ئي شيپ، شڪل رنگ ڍنگ ۾ هن پينانگ روڊ تي دائم قائم آهي. گذريل ڏهه پندرهن سالن ۾ هن پاسي ۾ وڏي تبديلي آئي آهي. سڄو نقشو ئي ڦري ويو آهي پر اڃا به رکيو رکيو اهو پراڻو زمانو، اهو پراڻو دور، جايون بلڊنگون، ماڻهو ۽ سندن ساديون پوشاڪون ۽ منهن تي ٿڦيل سستين ڪمپنين جو سرخيون لاليون ياد ٿيون اچن. ان زماني ۾ عام ماڻهوءَ جي سوشل زندگي ۽ شهر جي رونق سئنيما هال اڳيان هوندي هئي. ۽ هن تر ۾ ــــ يعني سائوٿ ايسٽ ايشيا ۾ ڪئٿي سئنيما هال جو نالو ائين آهي جيئن ڪتابي دنيا ۾ پينگئن جو، ٽي وي ريڊيو ۽ روشنيءَ ۾ نئشنل، فلپ، سوني سانيو جو. ملائيشيا، سنگاپور، ٿائلنڊ پاسي جي هر وڏي شهر ۾ جتي سئنيما هال هجي ڪئٿي سئنيما ضرور نظر اچي.
    جهاز پورٽ ڪلانگ ۾ ايندو هو ته ڪوالالمپور جي خوبصورت روڊ جالان بڪت بنتانگ تي چڪر هڻي، اتي جي ڪئٿي سئنيما ۾ فلم ضرور ڏسبي هئي. سنگاپور ۾ سرنگون روڊ وارو علائقو تن ڏينهن ۾ گپا گيهه وارو علائقو هوندو هو ۽ ڪئٿي سئنيما اتي به آهي. ان ۾ گهڻو ڪري هِندي فلمون هلنديون هيون. يا جوهوربارو ايندا هئاسين ته اتي پڻ ڪئٿي سئنيما تي مارو هوندو هو.
    اهي ته ٿيا بندرگاهن وارا شهر جن ۾ تن ڏينهن ۾ جهازن ۾ اچبو هو. پر هاڻ ملائيشيا ۾ يڪو رهڻ سان خبر پيئي ته ڪئٿي (Cathy) سئنيما نه فقط ملاڪا، ڪوالالمپور، اپوح، پينانگ، جوهوربارو جهڙن وڏن شهرن بندرگاهن ۾ آهي پر الور اسٽار، سريمبان، باتوپهات ۽ ويندي اُڀرندي ڪناري وارن شهرن ڪئانتان، ڪوالا ترنگانو ۽ بورنيو وارن ڏورانهن ملئي شهرن: ڪوٽا ڪنابالو ۽ ڪچنگ ۾ پڻ آهي.
    هن سال، ڪئٿي آرگنائيزيشن وارن تازو پنهنجي پنجاهين سالگرهه وڏي شانَ مان سان ملهائي. ڪئٿي آرگنائيزيسن جي ڪهاڻي دراصل ان جي چيني مالڪ داتڪ لوڪ ــــ وان ــــ ٿو ـــ(Datuk Loke-Wan-Tho) جي ڪهاڻي اهي، جنهن 1935ع ۾ ٽي سئنيمائون خريد ڪري فلمي سلطنت جو پايو وڌو. شروع وارا ويهه سال داتڪ لوڪ فقط سئنيمائون خريد ڪندو ويو. جيئن مختلف شهرن ۾ سئنيمائن جو پنهنجو دائرو هجي. ويهارو کن سالن اندر هن جون هي ٽن مان وڌي چاليهه کن سئنيمائون ٿي ويون ۽ ايڏي مشهوري ٿي جو ماڻهو جتي ڪٿي ڪئٿي سئنيما ۽ مسٽر لوڪ جو نالو گڏ گڏ وٺڻ لڳا.
    هيتريون سئنيمائون هٿ ۾ هجڻ ڪري دنيا جا وڏا وڏا پروڊيوسر مسٽر لوڪ سان راهي رکي هلندا هئا. پاڻ جڳ مشهور ڪمپنين: پئرامائونٽ، ڪولمبيا، ميٽرو گولڊن ميئر (MGM) ۽ ٽوئنٽي سينچري فاڪس سان ڊگها ڊگها معاهدا ڪيا جن جون فلمون فقط سندس سئنيمائن ۾ هلڻ لڳيون.
    داتڪ لوڪ فقط سئنيمائون خريد ڪري ان جي ڪمائيءَ تي ماٺ ڪري ويهڻ نه چاهيو. هن هانگ ڪانگ ۾ ڪئنٽونيز ۽ منڊارين فلمون ٺاهيون. ۽ پاڻ ئي فلم جو ڏيکاريندڙ، ورهائيندڙ ۽ پروڊيسر ٿي رهيو. سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ فلم اسٽوڊيوز پڻ ٺهرايائين. ۽ هن سڄي علائقي ۾ ماڻهن لاءِ سئنيما جهڙي هڪ سستي تفريح مهيا ڪئي. هو 1964ع ۾ تائيوان ۾ يارهن ايشين فلم فيسٽيول ۾ حصو وٺي ملائيشيا موٽيو پئي ته رستي تي سندس هوائي جهاز حادثي جو شڪار ٿي ويو. ان حادثي ۾ پاڻ سندس زال ۽ ڪئٿي آرگنائيزيسن جا ڪيترائي اهم ڪم وارا مري ويا.
    ڪئٿي سئنيما جو نشان (Logo) گذريل پنجاهه سالن ۾ ٻه دفعا بدليو آهي. اڄڪلهه ڪئٿي سئنيمائن جو نشان تمام سادو آهي، جنهن ۾ فقط ٽي C آهن. سي جي منهن ۾ ننڍڙو او آهي. سي ڪئٿي لاءِ ۽ او آرگنائيزيشن لاءِ. اهو نـشان، ڏور اوڀر جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪئٿي سئنيمائن جي ٻاهران ٺهيل نظر اچي ٿو.


    انگريزن پينانگ تي قبضو ڪيئن ڪيو؟

    ملائيشيا ۾ انگريز پوڻا ٻه سؤ سال کن رهيا. پهرين پينانگ ٻيٽ کي قبضي ۾ ڪيائون، جيڪو تن ڏينهن ۾ ڪيداح رياست ۾ هو ۽ سلطان عبدالله جي ملڪيت هو. پينانگ تي قبضي بعد آهستي آهستي سڄي ملائيشيا تي انگريزن جو راڄ شروع ٿي ويو.
    پينانگ ميوزيم جي ٻاهران ڪئپٽن فرانسز جو بت (Statue) ۽ ان هيٺان لکيل: “Founder of Penang 1786” (پينانگ جو ڳوليندڙ) اڃا تائين موجود آهي ۽ ياد ڏياري ٿو ته انگريز ڪئپٽن فرانسز کي هتي آئي هن سال پورا ٻه سؤ سالَ (Bicentenary) ٿيا ـــ يعني انگريزن جو ملايا تي راڄ پينانگ کان ۽ ان سن کان شروع ٿيو هو.
    ڪجهه ڏينهن اڳ ٻڌڻ ۾ آيو پئي ته پينانگ وارا ڪئپٽن فرانسز لائيٽ (Captain Francis Light) جو ٻه سؤهون سال ڌام ڌوم سان ملهائيندا. جيتوڻيڪ جشن ملهائڻ وارن اهو صاف طرح ڄاڻايو ته ان جشن ملهائڻ جو مطلب ڪو ان انگريز ڪئپٽن کي عزت ڏيڻ يا سندس شان وڌائڻ نه آهي پر ان ڏينهن کي شرف ڏيڻ آهي، جنهن کان پينانگ ٻيٽ جي ترقي شروع ٿي.
    پر جيئن ته ملڪ جا نوجوان ان ڳالهه کي پسند نٿا ڪن انڪري معاملو في الحال ٿڌو ٿي ويو آهي. هنن جو اهوئي چوڻ آهي ته ائين ڪرڻ سان نه فقط پينانگ جي ماڻهن جي پر سڄي ملڪ جي ماڻهن جي بيعزتي آهي ٿيندي. جو انگريزن نه فقط پينانگ تي پر ان بعد سڄي ملڪ کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو هو ۽ ان ڏينهن کي شان بخشڻ سان سچي قومپرست کي خوشي نه پر شرم محسوس ٿيڻ کپي.
    سڀ کان اهم ڳالهه جيڪا هتي جا ماڻهو محسوس ڪن ٿا، ۽ سوال اٿارين ٿا ته ڇا ڪئپٽن فرانسز لاءِ ائين چوڻ ته هن هي ٻيٽ ڳولي لڌو، اسان کي جڳائي يا نه؟ ڇا ڪئپٽن فرانسز واقعي پينانگ ڳولي لڌو؟ ڇا پينانگ هڪ لڪل يا گم ٿيل شيءِ هئي جيڪا ٻي ڪنهن کي هٿ نٿي آئي ۽ هن انگريز هزارن ميلن کان هلي اچي، ڳولي، وڏي کيپ کٽي؟
    ان لاءِ هنن وٽ جواب به آهي ته اها حقيقت به آهي ته پينانگ ته اتي ئي موجود هو. ماڻهو به رهيا ٿي. ڀر وارن ڳوٺن ۽ حڪومت کي به ان جي ڄاڻ هئي. پوءِ اها کڻي ٻي ڳالهه هئي ته پينانگ ۾ ٿورا ماڻهو رهيا ٿي. سو انهن ڏينهن ۾ ته جتي ڪٿي ٿورا ماڻهو رهيا ٿي. ويندي انگلينڊ ۽ يورپ جي به ڪيترن ڳوٺن ۽ ٻيٽن تي ايڪڙو ٻيڪڙ ماڻهو رهيا ٿي. ها البت اهو چئي سگهجي ٿو ته 1786ع ۾ ڪئپٽن لائيٽ انگريزن لاءِ پينانگ ڳولي هٿ ڪيو.
    يونيورسٽي سائنس ملائيشيا جي تواريخ نويس ڊاڪٽر چيئاح بو خينگ (Dr. Chea Boo Kheng) پڻ اها ئي ڳالهه ڪئي ته فرانسز لائيٽ پينانگ ڪو ڳوليو نه هو، جيئن ڪيترائي ماڻهو غلط سمجھن ٿا پر هن انگريزن جي برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ لاءِ حاصل ڪيو هو. 1786ع ۾، پينانگ ۾ انگريزن جي اچڻ کان اڳ به پينانگ مشهور بندرگاهه هو، جتي انڊين، عربن، ملئي ۽ چيني ماڻهن جا جهاز ايندا رهيا ٿي. اهو چوڻ ته پينانگ انگريز ڪئپٽن فرانسز ڳوليو، مان لڳي ٿو ته ڄڻ ان کان اڳ هن ٻيٽ جي ڪنهن کي خبر نه هئي. هتي ڪا آبادي نه هئي ۽ جيڪي ڪجهه ماڻهو رهيا ٿي سي ڀولڙن وانگر بنا ڪپڙي لٽي جي وڻن تي ٽپ ڏيئي پن کائيندا رهيا ٿي. پوءِ انگريزن انهن کي اچي سڌاريو.
    ڪيترا تواريخ نويس ۽ پراڻا ڪاغذ پٽ ان ڳالهه جي به پڪي ثابتي ڏين ٿا ته تن ڏينهن جي ڪيداح رياست جي سلطان عبدالله هن ٻيٽ تي انگريزن کي فقط عارضي رهڻ لاءِ اجازت ڏني پر پوءِ انگريزن ٺڳي ۽ ڊوهه ڪري هن ٻيٽ تي زوريءَ زبردستي قبضو ڪيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسڪولن ۽ ڪاليجن جي تواريخ ۾ ـــ جيڪي گهڻو ڪري انگريزن جي اشاري تي لکيل آهن، ماڻهن کي حقيقتون مروڙي سروڙي ٻڌايون ويون آهن. نه ته حقيقت اها آهي ته انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپني دوکي بازيءَ سان، هڪ جهازي آفيسر فرانسز لائيٽ ذريعي، پينانگ تي غير قانوني طرح قبضو ڪيو ۽ اهو واقعو ملايا جي تواريخ ۾ انگريزن جو هڪ شرمناڪ ڪارنامو سڏي سگهجي ٿو.
    ان بابت، يونيورسٽي آف ملايا جي هڪ ليڪچرار بونيءَ (R. Bonney) سڀ کان پهرين پڙدو کنيو. سندس گهڻو اڳ لکيل ايم. اي لاءِ علمي ٿيسز “1821 ـــ 1771 Kedah” ـــ نالي پندرهن سال کن اڳ (1971ع) ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ڇپرائي. پر ان کان به گهڻو اڳ انگريزن جي هڪ مشهوري ڪاموري سرفئنڪ سويٽنهام 1909ع ۾ پنهنجي لکيل ڪتاب ۾ ان بابت ڪجهه راز فاش ڪيا آهن.
    انگريزن جي پينانگ ( ۽ ان بعد سڄي ملايا) تي قبضي جي ڪهاڻي هن ريت شروع ٿي ته فرانسز لائيٽ نالي هڪ جهازيءَ 1765ع ۾ نوڪريءَ لاءِ جڏهن انڊيا آيو ته سندس انگريز مالڪن (جن جو مدراس ۾ ڪاروبار هو.) کيس واپار جي ايجنسي کولڻ لاءِ سماترا ٻيٽ تي هڪ بندرگاهه آچيح (Acheh) ڏي موڪليو. هو هڪ لوڪل جهاز تي ڪئپٽن هو. تن ڏينهن ۾ جهاز سڙهن ۽ چپن تي هلندا هئا. ۽ هن پاسي هلندڙ، انگريزن جي هنن جهازن جو “هوم پورٽ” انڊيا هوندو هو. اوسي پاسي جي بندرگاهن ۾ وڃي وري انڊيا موٽي ايندا هئا ۽ اهي Country-Ships سڏبا هئا.
    ڪئپٽن لائيٽ هندستان کان ملايا جي رياست ڪيداح ۾ پهتو ۽ اتان 1771ع ۾ اها رپورٽ موڪليائين ته اتي جي سلطان کي انگريزن جي فوجي مدد گهرجي ٿي ۽ ان جي عيوضي ۾ هو “ڪوالا ڪيداح” نالي، ڪيداح رياست جو بندرگاهه اسان انگريزن جي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيئي سگهندو. ان بندرگاهه جي ڀر ۾ قلعو پڻ آهي. انهن ڏينهن ۾ ملايا جي اتر وارو ملڪ ٿائلنڊ (سيام) جي هڪ طاقتور حڪومت هئي ۽ ملايا جي ڪيداح جهڙين اتراهين رياستن کي ان کان خبردار رهڻو پيو ٿي ته متان سيام ۾ڪنهن وقت به حملو نه ڪري. لائيٽ پنهنجن مالڪن کي اهو به لکيو ته ڪيداح جي سلطان جي هيءَ آڇ جيڪڏهن پاڻ انگريزن قبول نه ڪئي ته ٿي سگهي ٿو ته ڊچ ٽپي پون ۽ اسان انگريز رهجي وڃون.
    ڪئپٽن لائيٽ 1772ع ۾ هڪ دفعو وري ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي هن پاسي جهازن جي ترسڻ لاءِ پينانگ جهڙي بندرگاهه کي ڪنهن ريت به هٿ ڪرڻ جي صلاح ڏني.
    انهن ڳالهين مان لڳي ٿو ته ڪئپٽن لائيٽ اڳهين هن بندرگاهه پينانگ جي اهميت ٻڌي چڪو هو. (سو ڪير ڪيئن ٿو چئي سگهي ته هن ٻيٽ کي پاڻ ڳولي لڌائين؟)
    ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ان سلسلي لاءِ پنهنجو ايجنٽ ايڊورڊ مانڪٽن (Edward Monekton) ملايا موڪليو. پر ڪيداح رياست وارن ٿائلنڊ وارن جي حملي کان بچاءَ واري ڳالهه جڏهن انگريزن سان ڪري وعدو وٺڻ چاهيو ته هو نٽائي ويا. نتيجي ۾ في الحال ڪا ڳالهه نه ٺهي.
    پوءِ 1775ع ۽ 1783ع جي وچ ۾، انگلينڊ جي نه رڳو هڪ پاسي آمريڪي ڪالونين سان جنگ شروع ٿي ويئي پر ساڳي وقت هالينڊ ۽ فرانس سان پڻ. سو اهڙي حال ۾ انگريز چؤ طرف کنڀجي ويا ۽ هنن لاءِ هن پاسي ڪو اڏو ٺاهڻ تمام ضروري ٿي پيو. ڪيتريون ئي جايون ڌيان ۾ رکيون ويون. جهڙوڪ: ريائو (Riau)، سنڊا (Sunda)، نار، بورينيو ۽ آچيح. پر هڪ نه ٻئي سبب ڪري ڳالهه ٺهي ڪانه.
    جولاءِ 1786ع ۾، لائيٽ ڪيداح موٽيو. هو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ طرفان ڪيداح جي سلطان جي خط جو جواب کڻي آيو ــــ جنهن ۾ سلطان انگريزن کي لکيو هو ته هو ڪجهه عرصي لاءِ ليز تي پينانگ ٻيٽ کين ان شرط تي ڏيندو ته ڏکئي وقت ۾ انگريز پڻ هن جي فوجي مدد ڪندا.
    جواب ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ لکيو: “هيءَ حڪومت پينانگ ۾ پنهنجا جنگي ٻيڙا رکي فقط پينانگ ٻيٽ ۽ ڪيداح رياست جي ڪناري واري ان حصي جي نگهباني ڪري سگهندي جيڪو پينانگ ٻيٽ جي سامهون آهي.”
    ڪيداح جي حڪومت انگريزن کان اهـڙو وعدو وٺڻ چاهيو ٿي ته ڪيداح رياست تي جيڪڏهن سيامين (ٿائي حڪومت) حملو ڪيو ته انگريز هن جي بچاءَ لاءِ ايندا. پر نه اها ڳالهه هئي ۽ نه وري پينانگ ٻيٽ کي موٽائي ڏيڻ جي ان ۾ ڳالهه هئي ته پش پيش سڀاڻي ملئي حڪومت جيڪڏهن چاهي ته انگريزن کان ٻيٽ خالي ڪرائي سگهندي يا نه.
    سلطان سان ڳالهه ٻولهه دوران، لائيٽ فقط زباني طور اها خاطري ڏيندو رهيو ته ان بابت اجھو ته لنڊن کان اجازت نامو آيو، تيسين في الحال پينانگ ٻيٽ جو قبضو اسان انگريز کي ڏيو. ڪئپٽن لائيٽ هن ٻيٽ تي رهڻ لاءِ آتو هو. هن فقط وقت سان کيڏڻ چاهيو ٿي. لائيٽ ۽ ايسـٽ انڊيا ڪمپنيءَ طرفان اها دغا بازي سندس ان خط مان به ظاهر آهي جيڪو اڄ به ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي رڪارڊ ۾ موجود آهي. اهو لائيٽ جي پنهنجن لفظن ۾ آهي، ته ڪيداح جي سلطان خط پڙهي مونکي (يعني ڪئپٽن لائيٽ کي) چيو ته جيئن ته اسان جو گورنر جنرل ساڻس (يعني سلطان سان) اڃا معاهدو نٿو ڪرڻ چاهي ۽ هو (گورنر جنرل) انگلينڊ مان اجازت نامو اچڻ جو انتظار پيو ڪري، ان ڪري اسان کي پينانگ ۾ اڃا گهڙڻ نه ڏنو ويندو. باقي ڪيداح ۾ مهمان ٿي رهي سگهو ٿا.
    “ان تي مون (لائيٽ فرانسز) جواب ڏنومانس ته هيڏو خرچ ڪري اسان هتي پهتا آهيون هاڻ جهڙو ڪيداح ۾ رهڻ ٿيندو تهڙو پينانگ ۾۔
    “ان تي لڪسامان (ملايا جي اعليٰ فوجي عملدار) ان خواهش جو اظهار ڪيو ته آيا پنهنجو واپار هتان هلائڻ لاءِ ڪمپني هر سال ڪيداح جي سلطان کي ٽيهه هزار اسپيني ڊالر ڏيئي سگهندي يا نه. ۽ جي ايترو نه ڏيئي سگهندي ته ڪيترو ڏيندي؟
    “ ان تي مون (لائيٽ فرانسز) وراڻيومانس ته آئون ڪمپنيءَ پاران ڪجهه چئي نٿو سگهان ته هوءَ ڪيترا پئسا ڏيئي سگهندي. پر ايترو ضرور آهي ته هوءَ ڪڏهن به اهو نه چاهيندي ته سلطان کي اسان سان ڏيتي ليتيءَ ۾ ڪا مالي مشڪلات پيش اچي. ان تي سلطان پڇيو ته مثال طور جيڪڏهن انگلينڊ جو بادشاهه ڪمپنيءَ جي خط تي راضي نٿو ٿئي ۽ (سلطان جا) شرط قبول نٿو ڪري ته پوءِ آيا آئون (لائيٽ فرانسز) بنا ڪنهن دشمني رکڻ جي، ماٺ مٺوڙي ۾ پينانگ ڇڏي واپس بنگال موٽي ويندس يا نه. اتي مون کيس ڪو جواب نه ڏنو.”
    ان ريت، بنا ڪنهن معاهدي جي، لائيٽ پينانگ ٻيٽ تي پنجن سالن تائين قبضو ڪري ويهي رهيو. انگلينڊ کان ڪو به خط يا قول اقرار نه آيو. ان دوران انگريز سلطان سان فقط اهي ئي واعدا ڪندا رهيا ته اجهو ته انگلينڊ کان اجازت نامو آيو ۽ اجھو ته ڪمپنيءَ فيصلو ڪيو ــــ جنهن موجب سيام کان ٿيندڙ حملي کان هو (انگريز) سلطان ۽ سندس رياست ڪيداح جي حفاظت ڪندا.
    نيٺ 1788ع ۾ ڪمپنيءَ کان ورندي آئي ته ڪمپني ان ڏس ڪنهن به قسم جي مدد ڪرڻ لاءِ مجبور آهي ڇو جو سيام سان جنگ جوٽڻ لاءِ هنن (انگريز) وٽ ڪو به جوڳو بهانو نه آهي. هڪ قسم جي مالي مدد، مسواڙ يا معاوضو (Compensation) ڏيڻ لاءِ ڪئپٽن لائيٽ آڇ ڪئي ته اٺن سالن لاءِ هو ڏهه هزار ڊالر ساليانو ڏيندا رهندا. يا ٻي صورت ۾ جيسين هو پينانگ ٻيٽ تي رهندا، تيسين هر سال چار هزار ڊالر ڏيندا رهندا. پر سلطان عبدالله ساليانو ٽيهه هزار ڊالرن جي گهر ڪئي.
    لائيٽ ڄاڻي ٻجھي معاملو سلجھائڻ ۾ دير ڪندو رهيو. نه پئسي ڏيڻ جي آڇ ٿي ڪيائين ۽ نه جنگي مدد جو معاهدو ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو ٿي. ۽ نه وري ٻيٽ ڇڏڻ جي ڳالهه ڪيائين ٿي ــــ ماڳهين ويو پنهنجا پير پختا ڪندو ۽ پنهنجي ملڪ جا ماڻهو ۽ جهاز گهرائيندو. ڪيداح جو سلطان الور اسٽار شهر ۾ رهندو هو (جيڪو اڄ به ڪيداح جي گاديءَ جو هنڌ آهي.) ۽ پوءِ ڪئپٽن لائيٽ سلطان وٽ، الور اسٽار وڃي حاضري ڀرڻ ئي ڇڏي ڏني. آخر 8 اپريل 1791ع تي ڪيداح حڪومت ڪئپٽن لائيٽ لاءِ هڪ الٽيميٽم جاري ڪيو جنهن جو لب و لباب هن ريت هو:
    “............ ۽ جيڪڏهن اسان جو دوست اسان وٽ اچي اسان جي بادشاهه (ڪيداح جي سلطان) جي سلامتي نه ڀريندو ته اسان جو بادشاهه منجھانس ناخوش ٿي پوندو. ان صورت ۾ اسان جي دوست کي پينانگ ٻيٽ تي وڌيڪَ رهڻ جو ڪو حق نه رهندو. پوءِ اهڙي ماحول ۾ هن کي پنهنجو واپار وڙو ختم ڪري هي ٻيٽ (پينانگ) خالي ڪري وڃڻو پوندو، جيڪو اسان جي سلطان جي ايامن کان ذاتي ملڪيت آهي.”
    هتي جي مشهور تواريخ نويس بونيءَ پنهنجي ڪتاب “ڪيداح” ۾ لکيو آهي ته ان بعد ڪيداح جي حڪومت اهو ئي سوچيندي رهي ته لائيٽ سندن شرط قبول ڪندو يا ماٺڙي ڪري سندن ملڪ ڇڏي هليو ويندو. پر انهن ٻنهي ڳالهين بدران، انگريزن بنا ڪنهن اطلاع جي، رات جي پوئين پهر ۾ ڪيداح جي قلعي تي حملو ڪري ڏنو. بي خبريءَ جي عالم ۾ ملئي فوج کي ڪافي نقصان رسيو ۽ ڇڙوڇڙ ٿي ويا. ان بعد انگريزن سڀني قلعن کي باهه ڏيئي ساڙي رکيو. انگريزن جي جنگي جهازن اڳيان هنن جون ٻيڙيون تر بتر ٿي ويون. چئن ڏينهن بعد انگريزن پنهنجي فوجي طاقت مان فائدو وٺي ڪيداح وارن تي وري حملو ڪيو.
    گهر ۾ آيل بي دعوتي مهمان کي هاڻ پينانگ کان ٻاهر ڪڍي پينانگ کي واپس حاصل ڪرڻ جون مڙيئي اميدون ختم ٿي ويون. سلطان عبدالله هاڻ وڌيڪ مهاڏو ڪرڻ بدران امن جو ئي رستو اختيار ڪيو ۽ 1791ع ۾، ٻيو ڪو چارو نه ڏسي ڪئپٽن لائيٽ سان صلح ۽ دوستيءَ جو معاهدو ڪيو. لائيٽ پنهنجي طاقت جي زور تي اهي شرط رکرايا جيڪي هن چاهيا ٿي. جيڪي انگريزن جي فائدي ۾ هئا. ڏکي وقت ۾ ڪيداح وارن جي مدد ڪرڻ جي ڳالهه اتي ئي رهجي ويئي ۽ لائيٽ طرفان فقط ڇهه هزار ّڊالرن جي سالياني ملت سلطان عبدالله کي قبول ڪرڻي پيئي.
    انهن مڙني ڳالهين مان اهوئي ظاهر ٿئي ٿو ته ڏورانهين ڏيهه ــــ انگلينڊ، کان آيل انگريزن، طاقت جي زور تي پينانگ ٻيٽ تي ڪيئن ٺڳي ڪري زوريءَ قبضو ڪيو. پينانگ، ڪيداح رياست جو هڪ حصو هو ۽ ڪئپٽن لائيٽ، انگلينڊ جي شهنشاهه جارج جي نالي تي پينانگ حاصل ڪري نه فقط هڪ بين الاقوامي ڏوهه ڪيو پر سلطان عبدالله سان به دوکي بازي ڪئي. ٻيٽ جي مالڪن ــــ سلطان عبدالله سان شرط شروط موجب معاهدو ڪرڻ بدران هو بنا ڪنهن لکت پڙهت يا ڪاغذ پٽ جي پينانگ ٻيٽ تي قبضو ڪري ويهي رهيو. يعني پري کان اچي ٻين جي ملڪيت ڦٻائڻ جو هن هيڏو وڏو مثال ڏنو.
    ان ڪري انگريزن جو اهو چوڻ ته هنن پينانگ ٻيٽ لڌو ۽ اهو برطانيه جي ملڪيت ٿيو، بلڪل غلط آهي. قدرت جي ستم ظريفي اها ته پينانگ ٻيٽ جو نالو انگريز بدلائي پرنس آف ويلس رکڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهو نالو سندن دور ۾ به قائم ٿي نه سگهيو ۽ اڄ به ساڳي پراڻي نالي پينانگ سان سڏيو وڃي ٿو.
    ٻيٽ نه بابت انگريزن جي انهن ويساهه گهاتين جا تفصيل وڏي عرصي تائين ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ وارا لڪائيندا رهيا. پر پوءِ 1824ع ۾ ان سلسلي جا اهم ڪاغذ ۽ ٻيون ڳالهيون هٿ ڪري ڇپرايون ويون. اهي تن ڏينهن ۾ پينانگ حڪومت جي اجازت سان حڪومت جي سيڪريٽريءَ مسٽر جان ائنڊريسن گڏ ڪري ڇپرايا، ان بعد اهي سڀ ڇپيل ڪاپيون ضبط ڪيون ويون. انهن اهم ڪاغذن جي هڪ اڌ ڪاپي ڪا هيڏانهن هوڏانهن ٿي ويئي جيڪا Strait Settlement اخبار ۾ 1835ع ۾ شايع ڪئي ويئي. ان بعد “Journal of Easter Archipelago 1854” ۾ هوبهو ڇپي ويئي. جنهن جون ڪجهه ڪاپيون اڃا تائين موجود آهن.
    انگريزن جي مٿئين ٺڳي ۽ بي شرمائي بابت سرفرئنڪ سويٽنهام پڻ پنهنجي ڪتاب British Malaya ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو آهي، جيڪو پهريون دفعو 1906ع ۾ ڇپيو هو.
    فريئر وانگر ــــ جيڪو سنڌ ۾ گهڻو وقت رهيو. سويٽنهام پڻ انگريزن جي بيٺڪي راڄ ۾ هڪ اهم انگريز حاڪم ٿي گذريو آهي. هن کي ملئي زبان تمام سٺي طرح آئي ٿي ۽ جوي (عربي رسم الخط ۾ به لکي سگهندو هو. هن ڪيترائي سرڪاري ڪاغذ ملئي مان انگريزيءَ ۾ ۽ انگريزيءَ مان ملئي ۾ ترجمو ڪيا. ان ترجمي ۾ 1874ع وارو پنگڪر معاهدو (Pangkor - Treaty) به شامل آهن.
    سويٽنهام ڪيترن ئي عهدن تي رهيو. هو پيراق ۽ سلينگور رياستن جو ريزيڊنٽ ٿي رهيو. ملايا جو گورنر ۽ هاءِ ڪمشنر پڻ 1901ع کان 1904ع تائين ٿي رهيو. سويٽنهام جي چواڻي، پينانگ کي اهڙي ريت حاصل ڪرڻ ۾ لائيٽ کي فخر هرگز محسوس نه ڪرڻ کپي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259639
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386666
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ