ڪتاب جو نالو: جيءَ ۾ ٽانڊا
مصنف: کيمن يوُ، موُلاڻي
ڇپائيندڙ: لڪشمي پبليڪيشن
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 12 آڪٽوبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 283 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 43 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”جيءَ ۾ ٽانڊا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ڀوپال هند جي نامياري شاعر ”کيمن يو. مولاڻي“ جي شاعريءَ جو پنجون مجموعو آهي، جنهن ۾ غزل، ٽيڙو، دوها ۽ وايون شامل آهن
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڇپائيندڙ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • شاعر آهي سڃو جبل
  • غزل

  • پل جو ڪوئي ڀلي پَتو ڪونهي
  • چنڊ کي ڪَڪريءَ چميو هو
  • ڏينهنُ سارو گِهِٽي رهي سَڻڀي
  • حَرف جيڪو چوان ٻڌي سگهندين
  • جو چيائون ٿي سج جو پاڇو هو
  • ٽار جا زَرد ڪي پَتا آهيون
  • سونهن کي ٿي ڏسڻ لءِ دل هرکي
  • زندگيءَ جا به ڪيترا چهرا
  • ڪا پرولي ٿو غزل منهنجو لڳي
  • آسمان تان گهُمي ڦِري آيو
  • ڳالهه ۾ ڪجهه نه هو، پر وَڳي ڪيتري
  • جي اچڻ چاهين ٿو ڀلي اچجنءِ
  • جي ڪوُڙَ جي مڃان نه، ته چَئهُ جڳ ۾ ڪئن رهان
  • دنيا آهي ڪاڪ مَحَلُ
  • جي ويس ڳالهه ڪا ٻُڌي ايندس
  • هِن وقت جي وهنوارَ جي بس ڳالهه ڇڏي ڏي
  • پُٽَ وڏا ٿي ويا، گَهرَ جُدا ٿي ويا
  • اچي جبل کي ڀاڪر پائي
  • هيرَ بُت ڇُهندي رهي، اک شفق ڏِسندي رهي
  • ڪڏهن ته هئا ايمانَ اکين ۾
  • لفظ ته بيشڪ پيارا آهن
  • ماٺ کي ماٺ ۾ تڪي پيو ٿو
  • شهر جون هي نعمتوُن پنهنجي جڳهه
  • ها ۾ ها چوندين وڻندو
  • هاڻ نه ڪنهن کي ڪجهه چئبو آ
  • گل پَن جا ٽاريءَ تي بارَ
  • روشنيءَ خوبُ لُڀايو نه مگر بيٺاسين
  • اڄ کي جي توريندو آهيان
  • ڊڄي ڊڄي پاڇا سرڪن ٿا
  • ڏاڍ جي سامهون ڪئن ٿي ٻاڏايو
  • جڏهن انڌيري کي ڏسنداسين
  • جڳ ته چاهي رڳو ٿو وٺڻ ئي وٺڻ
  • مون اکر هو چيو الائي ڇو؟
  • ڪم ٿي هرڪو ڊَٺو الائي ڇو؟
  • ڳالهه سندس اَڻ پوُري هوندي
  • وٺڻ ته آئي چلهه کان ٽانڊو
  • شينهن چيتا گجن ٿا ٻيلي ۾
  • ڪڏهن ڪونه ڪِرڻو غُفا وٽ ڪو آيو
  • آدميءَ کي بي-وسيءَ ماري ڇڏيو
  • ٿو ڏُکائي، ڪڏهن ڏُکيِ به وڃي
  • نياز نوڙت قربداري ٿو رکي
  • ڏِسون ڪونه ٿا ڏينهن جو اڀ ۾ تارا
  • ماڻهو سڀ ته سِياڻا آهن
  • سمجهه اٿس ڏاڍي اَرڏي
  • هر گل پنهنجا رنگ ڪڍي ٿو
  • زندگيءَ ڪيترا نه ٺاهه ڪيا
  • سج سان اکيون ملائن ويٺا
  • منٿون ميڙون ۽ ايلاز
  • گل ڪريو راهه تي ته چِٿِجي ويو
  • ڀَلِ ته آندَمِ پِني
  • ڪونه ڪنهن جي چَوَڻَ تي ڪَڏهن ٿو هَلين
  • مُند موٽي وري بهاريِ آ
  • ٻه جاڙا غزل : مُرڪندي گهوُري ڏسين ٿو ڇو ڀلا
  • ملڪ جون ڳالهيون ڪرين ٿو ڇو ڀلا
  • کڻي امّيدون هوُ ڪيڏيون اچي ٿو
  • تاري تاري ڳالهايو پئي
  • خود سان ئي ٺاههُ ڊاههُ هو ٻيو ڪجهه به ڪونه هو
  • تنهنجا منهنجا جَهانَ پنهنجا هئا
  • ڀاونا کي ٿو ڪو ڪٿي سمجهي
  • لُڏن ڪُڏن ۽ ڳائن ڇوليون
  • تو ته مون کي جهليو هو وڃڻ لئه اُتي
  • چنڊ سج جي پٺ وٺان
  • ٽيڙو

  • چاهين ڪيئن سريرَ
  • چؤنڪ تي گپاگيهه َ
  • ڪلهه هو جو مجبورُ
  • چيو رام کي ماءُ
  • اهو ته ڪر ويچارُ
  • ڏس هيءُ عجب لقاءُ
  • چانڊوڪي ۽ چنڊُ
  • ڏسي پکين جو جُهنڊُ
  • بدليو مند مزاجُ
  • پکين ڪيو پروازُ
  • ڪوُئو ٻليءَ جو گراسُ
  • هر ڪوئي انسانُ
  • مَنَ موهيندڙَ مرڪَ
  • من ڄڻ ڪو درياههُ
  • رهيو نه ڪو احساسُ
  • ڳالهيون هُيون ته کوڙَ
  • هڻنِ مکڻ ڀوتارَ
  • ايڏا ٺاههَ نه ٺاههِ
  • ڪهڙو ڪندين حسابُ
  • جاڳي جئن پرڀاتِ
  • ڪڪر ڪيو ڇڻڪارُ
  • چوي هَنس کي ڪانءُ
  • مئا نه آهن مورَ
  • پي ڏس جمنا نيرُ
  • چندن جو هو ٽارُ
  • هن گلشن جا خارَ
  • چؤڌر ڪاري ٻاٽَ
  • ٿيءُ پاڻ سان سخت
  • هرڪو مَنش مهانُ
  • هرڪو بک ۾ پاههُ
  • آهن اجگر نانگَ
  • وقت وقت جا ڍنگَ
  • کائي گهري چوٽَ
  • ائين نه ٽمندا نيڻَ
  • ڇاهي پُڃُ ۽ پاپُ
  • تُنهنجو ٻُڌندي ٽهڪُ
  • ڊوڙ ڊڪون گهمسانُ
  • لوڪ مڙيل هئا کوڙَ
  • جيڪي بکيا پاڻَ
  • بستي ڏسي نه جهنگُ
  • تارازي وَٽَ والَ
  • اَٿن قبر ۾ پيرَ
  • ماڻهو ڄَڻُ ته دڪانَ
  • خبر نه توکي رامَ
  • ڌرمي پڙهي ڪتابَ
  • سک پٽڙا ڪجهه ڏانءُ
  • اُس پاڇا ڄڻ يارَ
  • سوچ اَنوکي لاٽَ
  • من ۾ جي وڻڪارَ
  • ڪڪر ته آيا جامَ
  • ڇا ٿي ڳولهين لهرَ
  • اڄ پڻ آ امڪانُ،
  • تِڏ جي تِکي تنوارَ
  • تِڏ جي تِکي تنوارَ،
  • شهر مڙيوئي شهرَ
  • گُنبذُ ڪيڏا ڪانگَ
  • پائي نٿو نقابُ
  • دنيا ڄڻ ڪو جهنگُ
  • سانت سُمرڻي سورِ
  • هيءُ اُڀ ناهي ترسُ
  • ڪاري ڪاري راتِ
  • دريءَ منجهان چانڊاڻِ
  • ڪڪر ڪيا ڪڙڪاٽَ
  • جڳ سمجهڻ جو چاههُ
  • جَلي مَسَڻَ ۾ لاشُ
  • ماءُ ڏنو وشواسُ
  • ڏسُ ته ورائي ورقُ
  • ماٺِ ڪري تون ويههُ
  • اَٿس نه پنهنجي ڄاڻَ
  • ڏس ڏينڀوءَ جو ڍنگُ
  • من ٿي پيو دلگيرُ
  • ڪَڪرن ڪئي اُچاٽَ
  • اُس، لُڪ، نِمُ جي ڇانوَ
  • ڏُکڻي دل جي تارَ
  • هر انسانُ سڄاڻُ
  • ڏسندي ڪنهن جا لُڙڪَ
  • لُڙِڪَنِ کي نه شناسَ
  • هير ڪيا اڄ کيلَ
  • محل سڄوئي ڀينگَ
  • روزُ مَٽايان راههَ
  • پٽ تي وڻ جو عڪسُ
  • ڪَڪرن ڪيو ڪمالُ
  • جڳت وڏو فنڪارُ
  • اِئين ڏنائين هيِنگَ
  • گرمي نِمُ جي ڇانوَ
  • هاڻي پيئي ڄاڻَ
  • چيو ماڪَ جي بوندَ
  • چَکِ سُڳنڌِ کي پاڻَ
  • ڀَريل پکين سان ڍنڍَ
  • سازُ وڄائن ساههَ
  • سهڻو سانت تلاءُ
  • نيتا جو اعلانُ
  • دوها

  • تنهنجي لءِ سانڍي رکيو، ڌرتيءَ جيڪو آبُ،
  • پاڻي آ پرماتما، ورڻ ديو ڀڳوانُ،
  • پاڻي آهي زندگي، هڏ چم رت ۽ ماسُ،
  • ڪَڻَ ڪَڻَ ۾ سائين وسي، پنهنجو جهوليلالُ،
  • پير ته مون سان گڏ هلن، من آ ڪنهن ٻئي هنڌِ،
  • مَنڊي هلين ٿو پاڻ تي، ڪوڙَ ڪُپت جو مَنڊُ،
  • کنوڻ کنوي بادل گجيا، رِڻ تي ساري راتِ،
  • وير چڙهي ڀل سمنڊ ۾، ڪيڏي ڀي د مد ا رُ،
  • هر مؤسم آئي وئي، سيءَ ا ونهارا مينهنَ
  • ورتا هئا تو ڀل کڻي، ڪَوي وڏا اعزا زَ،
  • سکو نه ڪا سيسا ملي، ڏڻ هو چيٽي چنڊُ
  • زهريلي اِئن ٿي هوا، جيئڻ ٿيو دشوا رُ
  • هر ڪونڊيءَ ۾ گل ٽڙيل، مُرڪي ٿي سرهاڻِ
  • ڪجي وڃي ڪنهن وٽ ڀلا، کِنَ کِنَ جو فريادِ
  • ڪري ڏسو گل کي ڇِني، ڀَلِ ٽاريءَ کان ڌارَ
  • پنهنجون پنهنجون جدولون،ضَربَ، وَنڊَ ڪٽ جوڙَ
  • ڪيڏو سرهو سبز هو، ڪڏهن ته دل جو باغُ
  • مرک شاهه پائي هلي، ٿو جهولڻ جو ويسُ
  • ديا پاپ جو مول ڄڻ، ڌرم مول اڀمانُ
  • اڳ هئا سنڌي سنڌ ۾، هاڻ رهن هرهنڌِ
  • ڪري ڪرائي پاڻ ٿو، پوءِ ڪهڙو پڃ پاپ
  • پئسي سان ئي ٿو ڳنهي، پيار عزت ۽ مانُ
  • تنهائي آئي کڻي، کِنَ کِنَ جا انبارَ
  • هيٺاهين وٺندي وڌي، جئن پاڻيءَ جي ڌارَ
  • ساگر جهرڻا ۽ نديون، کوُهن تي پڻ نارَ
  • جنهن جي هڪ هڪ لفظ ۾، حق جو هوڪو آههِ
  • سنڌي ٻوليءَ کي ڇڏي، ٿي نه سگهيا انگريزَ.
  • جن جا وڏڙا سنڌ جا، جن جي سنڌي ماءُ
  • پنڊتَ جي ٿو قيد ۾، بند رهي ڀڳوانُ
  • اُن کي ڳولهيندو وتي، جنهن جو ڪونه مڪانُ
  • هر ڌرمي اسٿان تي، رڳو گوڙُ گهمسانُ
  • ورندو دانهن نه ڪوُڪ مان، رکڻو پوندو ڌيانُ
  • ڪندا رهن ٿا ڪيترا، روز نوان اعلانَ
  • “مين مين” ڏوهاريِ بڻيِ، ڪاتيءَ مليو نه ڏوههُ
  • ٻارن جو جهيڙو چئي، ڏوههُ ڪيائون معافُ
  • ڏوهاري آزاد ٿيا، ڦاسي ويا مظلومَ
  • وايون

  • جهولي ڦهلائي،
  • پنهنجا آهن، چُڀندا ناهن،
  • حال آئين پڇڻ ، لک ٿورا مڃون.
  • سهڪيِ ساڻو ساههُ،
  • تو لئه ڀوُنءِ آڪاسُ،

  • ڇپائيندڙ

    ڇپائيندڙ

    لڪشمي پبليڪيشن
    اي نِيوُ 14/134، بئراڳڙهه،
    ڀوپال -462030 (انڊيا)

    JIA MEIN TAANDA
    (Poetry)
    by KHIMAN U. MULANI

    Published by:
    Laxmi Publication
    A-New 14/134, Bairagarh
    BHOPAL- 462030. ( M.P. )
    Mobile : 094250 51715 & 09827343735.

    First Edition : 2016

    Price : Rs. 240/-

    Copyrights Reserved with Poet

    Cover design : Bhanwar Singh Panwar


    ارپنا

    ارپنا

    پنهنجي عظيم اُستاد
    سائين اَرجن حاسد کي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت پاران :


    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”جيءَ ۾ ٽانڊا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ڀوپال هند جي نامياري شاعر ”کيمن يو. مولاڻي“ جي شاعريءَ جو پنجون مجموعو آهي، جنهن ۾ غزل، ٽيڙو، دوها ۽ وايون شامل آهن
    هي ڪتاب لڪشمي پبليڪيشن ڀوپال، هندستان پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. لک ٿورا سائين کيمن يو مولاڻيءَ جا جنهن هن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com 


    شاعر آهي سڃو جبل

    شاعر آهي سڃو جبل

    شاعر کي وقت جي پرلاءَ کي جهٽڻو آهي، آهٽن کي به وندرائڻو آهي، منهنجي آڱر پڪڙ ته مان توکي هلڻ سيکاريان، ڪري نه پئه، اکيون جاءِ رک.
    سڀ اُفق عَرش تارا ڏسڻ ۾ اَچن
    پتڪڙو ٽُنگ، اَکِ جي دَري ڪيتريِ

    اُس ساڳي کڻي، اڄ به پهتس وري
    مُرڪ تنهنجي ڏسي، دل ڀِني ڪيتريِ

    ڳالهه ۾ ڪجهه نه هو، پر وَڳي ڪيتريِ
    هر گهٽي خوف کان ٿي ڏڪي ڪيتريِ

    غزل کي سڀ رنگ آهن، ٽي شعر، ٽي ڀاو-چتر، سڀ اسان جي آس پاس پکڙيا پيا آهن. گل ڦل ڪيترا آهن، سوُنهن سڏ ٿي ڪري، سُرهاڻ ته آهي چِلولي نينگر. شاعري ماڻڻ ۽ سوچڻ جو درشن آهي. پاٺڪ به پاڻ کي ڪڏهن ڇُهي ڏسي.
    هاڻ گوُنگو به بڙبڙيو ٿي پيو
    زخم شايد سندس ڇُٽو ڪونهي

    کِلَ ڏڪايو وجود ساري کي
    ايترو لطف اوتبو ڪونهي

    لطف جي ڳالهه ڪيون يا اوتڻ جي، گونگو شاعر جهڙو، بڙبڙيو مون جهڙو، زخم توهان جو ڇُٽو هجي ته ٻڌائجو، نه ڪنهن کي به ٻڌائجو نه، وري ڪنهن اک جي نوڪ آر پار هوُندَوَ، نه ڀائي اک جو زمانو ويو، خنجر هجي سو به تيز تکو چمڪڻو هجي.
    لفظ اهڙو چُڀيو
    فاصلا ٿي وَيا

    مون چيو سچ جڏهن
    سڀ خفا ٿي وَيا
    لفظ جون ڪُنڊون پاسا چُڀندا هلندا، ٽهڪڙا به ڏيندا، رُسندا پَرچندا به، تڏهن ته پنڌ سؤلو ٿيندو. سچ ڪڏهن به نه چئجي، ٻيا به ڪيترا ئي سر آلاپ آهن، جن ۾ گهڻي سمجهه آهي. سچ جي وياکيا ڪڏهن ڪنهن به ڪئي ڪانهي. سچ ٺڳ آهي، فريب آهي، ٻهروپ به آهي، چهرا بدلائيندو هلندو، سڃاڻپ ۾ ڪڏهن به نه ايندو، پنهنجو فائدو ڳولهيندو.
    ٿوُهرن جا هتي سلا اُڀريا
    مون هُئي پوکَ پيار جي پوکي

    لهر کي جي وڃان ٿو پڪڙڻ مان
    هٿ ۾ رهجي وڃي رڳو ريتي
    لهر ۽ ريتي، ڇهاو آهن ريشمي. شاعر جو مشاهدو، اورڻ جو سليقو لذيذ آهي، سواد ماڻي وٺون. مان به توهان سان گڏ “هون، هان ” ڪندو ٿو هلان.
    اسان جي سنڌي شاعري، شاههَ سائينءَ جي رمز ۽ سمجهه واري، هاڻي رهي ڪانهي، اها لاجواب هئي، اهو ٻيو زمانو هو، بيت، وايون، ڪافيون، ٻه چار ڇهه اٺ سٽون، تڏهن به ان ڪلام کي Classical Poetry ٿا چئون، اوائلي چئون يا لاجواب چئون، ان دؤر جي عام لهجي ۾، ان وقت اها سَرل ۽ سَهج هئي. ڏسڻ ويهنداسين ته چهرو، ويس، رنگ روپ گهڻو الڳ. ان وقت سنڌي ٻولي ئي ڪا ٻي هئي، جنهن کي اسان سمجهون به ڪٿي ٿا. اهو آهي وقت جو پنڌ. ورهاڱي وقت جي سنڌي به، اڄ ڳالهائڻ ۽ لکڻ پڙهڻ واري سنڌيءَ کان ڪيتري نه ٻي هئي. ايتري ۾ ايترو بدلاءُ، بدلاءَ کي سمجهڻو آهي، بدلاءُ وهڪرو آهي، ان وهڪري اڄ به سنڌي ٻوليءَ کي سگهارو بڻائي رکيو آهي. روز روز بدلاءُ، نئين نئين سگهه، سوچ ۽ سمجهه. منهن مُهانڊا به نوان نوان. هر ڪنهن رَهنڊ کي، دڙڪي کي جذب ڪري ٿا وٺون، پر الائي ڪنهن جي لاءِ، سؤ سينگار ڪيون، ڏسڻ وارو ڪو به ڪونهي. ڪارن وارن ۾ موتيي جي گلن جي ويڻي پر ڪنهن به اک کي فرصت ڪانهي، هڪڙي سِٽَ پڙهڻ وارو ڪير به ڪونهي. شاعر دوها لکيا آهن، ڪبير وارا آهن. ڪبير به جيڪر ريس ڪري، اهڙا آهن. اک آلي ڪانهي ته آٿت به ڪونهي.
    هر مؤسم آئي وئي، سيءَ اونهارا مينهنَ
    حال نه پر ويهي ونڊيو، ڪڏهن رات سان ڏينهنَ

    سکو نڪا سيسا ملي، ڏڻ هو چيٽي چنڊُ
    پئسن تي پاڻي مليو، ڏٺم وڏو پاکنڊُ

    پنهنجون پنهنجون جدولوُن، ضرب، ونڊ، ڪٽ، جوڙَ
    اڄ هر ڪنهن انسان کي، وڏي ٿيڻ جي لوڙَ

    تنهائي آئي کڻي، کِن کِن جا انبارَ
    پر سڀني جو ذائقو، هو هڪ ٻئي کان ڌارَ

    “ مين مين ” ڏوهاري بڻي، ڪاتيءَ مليو نه ڏوههُ
    تڏهن ڄيٺ کان گرم ٿو، لڳي مهينو پوههُ
    دوهو اوائلي شاعريءَ جو سِرُ اونچو ڪري گهمندڙ نمونو آهي، اڄ به دوهو ڪيترا چِتِرَ اُڻي ٿو وٺي، هرڪو رنگ ريکائن ۾ ڀري ٿو سگهي.ڪوي به اهڙي جهڙي ڏٻري انسان جي اکين ۾ ڪو پاڇو، ڪو درد، ڪو فهم ڏسي ٿو وٺي. دوهو آهي ٻن سِٽِنُ جو.پاڻ ۾ پورڻ ويچارُ. پر هيءُ ڏيڍ سٽ وارو لنگڙو به ڏسون، چَونِ ان کي ٽيڙو، اصل ته جاپان جي شاعريءَ جو “ هائڪو ” آهي. کيمن کي به پڙهون:
    چؤنڪ تي گپاگيههَ
    هڪڙو سِرَ تي سجُ تتلُ
    ٻي ماڻهن جي پيِهه

    ڏس ڏاتر جي جوڙَ
    ڪوتا سان گڏ ٿو وِهان
    مڇر مڙندا کوڙَ

    من موهيندڙ مرڪَ
    فوٽو ڏسندي اکِ ٽِميِ
    قرب ڏنا ڪجهه لڙڪَ

    سهڻو سانت تلاءُ
    ڏس ڪئن گد گد ٿو ٿئي
    لڳي جڏهن ٿو واءُ

    ٻاهر ڪاري ٻاٽ
    اندر ۾ چمڪڻ لڳيِ
    جهيڻي جهيڻي لاٽ َ
    ڪو عڪس، ڪو اولڙو، ڪو چمڪاٽ، ڪا چُڀ چُڀ، ضرور محسوس ڪندا، جيئڻ جا پاڇولا اکين سان ڳالهائيندا ٿا هلن، هڪ کن لاءِ ڪا Freshness تازگي محسوس ٿا ڪيون. ماترڪ ڇند جا ڄاڻندڙ، دوهي ۽ ٽيڙوءَ جي بناوتَ کان به جهٽ واقف ٿي ويندا، بيتُ ۽ سورٺو به ساڳيي ئي پريوار جا آهن. ڪوي پنهنجا لڳاءَ اسان سان اوريندو ٿو هلي، پاٺڪ پنهنجي سڀاءَ سان آهي، منهن به مٿي نٿو کڻي، هيءَ قيمتي هيرا جواهر آهن، توهان کي نه گهرجن زور ڪونهي. شاهه سائينءَ وايون به لکيون آهن. وائي بهClassical Poetry ، آڳاٽي شاعريءَ ۾ ڳڻجي ٿي. هن شاعر کي به پڙهون.
    جهولي ڦهلائي،
    رڻ وٽ رات رهي پئيِ.
    بادل اکڙين ۾ کڻي، بوندون برسائي- رڻ وٽ رات رهي پئيِ.
    ڪانڊيرن جي رَهِنڊَ کي، سيني سان لائي- رڻ وٽ رات رهي پئيِ.
    سّناٽي جي روح کي، اک سان پرچائي- رڻ وٽ رات رهي پئيِ.
    تارن جي ٽم ٽم ڏسي، دل کي سمجهائي- رڻ وٽ رات رهي پئيِ.
    من جي ساڃهه کي ڇُهي، ٿورو ٻاڏائي- رڻ وٽ رات رهي پئيِ.
    لفظ لفظ تي هٻڪندي، توري ڳالهائي- رڻ وٽ رات رهي پئيِ.
    هڪ رات رهي ته هِري، پوءِ وڃي ڇو ٿي، پر جڏهن رهي نه، شاعر ست راتيون رهڻ لاءِ ٿو چوي، هڪ هڪ رات جو پرلاءُ ڪو ٻيو ٻيو آهي، سواد ئي الڳ. جيڪا چکي سا چري. شاهه جي ڪونروءَ، ليلا کان هڪ رات گهري ورتي، هڪ ئي گهڻي ٿي، تڏهن ته اسان جي زبان تي شاهه ئي شاهه آهي. وائي آهي دل جي ڳالهه، ڪندي هرڪو هٻڪندو آهي، سمجهڻ وارو ته سمجهي وڃي، پوءِ وڃي ڪٿي جو ڪٿي پهچي. ڏاڏي چوي، ‘وائي ته چڱي ڪڍ’، ڪڏهن چوي، ‘ تنهنجي وائي پئي ٿي هلي ئي هلي’. محبوبا چوي، ‘وائي تنهنجي وات’ بس تنهنجيون ئي ڳالهيون آهن، ننڊ ڪانهي، هڄي پيئي آهيان.
    وائي آهي چريي جيان وائڻ. ڪوي پنهنجي فن جي اُتاهين تي آهي، سٽ سٽ سان سور آهي، ڪو پور آهي، اُڌما احساس اهڙا به آهن جيڪي اڄ جي شخص جي رَهنڊ کي، سناٽي کي آڪار ڏيئي ٿا وڃن. وائي آهي گيت جو نمونو، ڳائڻ جي چيز پر لکڻ سئلي ڪانهي. ڪنهن ڪنهن شاعر ئي اڄ جي اٻاڻڪي دؤر جا چٽ چٽيا آهن، شاهه جي دؤر جي مهانڊي کان الڳ آهن. ڀيٽ نه ڪنداسين، پر وقت جي اُنڌ مانڌ ۽ دانهن ڪوُڪ کي پرکڻ چاهينداسين. هڪڙي ٻي وائي به گڏجي ڳائي ٿا وٺون :

    حال آئين پُڇڻ، لکّ ٿورا مڃون،
    ڳالهه ڪهڙي ڪيون.
    تون اچين ٿو جڏهن، ڇانوَ سِر تي ڏِسوُن- ڳالهه ڪهڙي ڪيون.
    مند موٽي نٿي، سونهن لءِ پيا سڪون- ڳالهه ڪهڙي ڪيون
    سج تپائي بدن، چنڊ جون حرڪتون- ڳالهه ڪهڙي ڪيون
    بندش جي سادگي ۽ سرلتا Smoothness شاعريءَ جون مکيه Plus Points
    آهن، ٻئي وايون، پنهنجيءَ جوڙجڪ سان، ڏاڍيون سهج ڀاو سان نهارين ٿيون. پهرين وائي ماترڪ ڇند تي آهي ته ٻي علم عروض جي وزن تي آهي، ڪٿي به پڙهندڙ لاءِ هٻڪ هٽڪ نه آهي. اڳ وائي لکندڙ صرف ماترڪ ڇند تي لکندا هئا، شاعر جي سٻاجهائي سٺي ٿي لڳي.
    وري موٽي هلون ٿا غزل ڏي. غزل اڄ سنڌي ساهتيه جو لوڪ ساهتيه بڻجي پيو آهي، غزل ئي گهڻي ۾ گهڻو لکيو پيو وڃي. غزل آهي ايران جي ڌرتيءَ جوعاشقيه ورثو. عشق ڪڏهن به پراڻو ٿئي ڪونه. ڏاڏي به ڪري ته پوٽي به اها ئي اَڍَ وٺي هلي. دنيا جو هرڪو استري پرش ڪري ٿو، ڀلي پوءِ پيار چئو، محبت چئو يا ٻيو نالو ڏيو. ٻه جنسون هونءَ هڪ ٻئي کي پنهنجو ڇو سمجهنديون. ڪو ته لزلزو ذائقو آهي. عشق آهي ته آوارگي به آهي. خوش-آمديد ٿا چئون. انيڪ داستان آهن. وفائون، بي وفائون، الزام، تهمتون، سزائون. ڪيترا سهڻا سهڻا خوشبوءِ دار گل پن ٽڙندا رهندا آهن هر ڪنهن آڳنڌ ۾. ڏسون ته هن شاعر وٽ ڪهڙا تِرورا آهن.
    زندگي ڄڻ ته ڪائي طوائف لڳي
    وقت توکي اچي ٿو نچڻ ئي نچڻ

    هَلُ هلي ٿا هوا سان رکون دوستي
    ٿو وڻي هاڻ هِتِ هُتِ رُلڻ ئي رلڻ

    آرسيءَ کي اکين اڄ چئي ئي ڏنو
    اِئن وڻي ڪونه مون ڏي ڏسڻ ئي ڏسڻ
    هاڻي سائين اهڙي عشق مان ته لطف نه آيو، ڳالهه صرف آرسيءَ تائين رهجي ويئي.
    ڏس ستارن جي جهلمل، اکيون ٿا ڀڃن
    کڙکٻيتو تون مُٺِ ۾ جهَلي ٿو رکين

    ڳالهه منهنجي ٻڌي اَڻ ٻڌي تون نه ڪر
    واٽَ هيءَ ڇيڳري ڏس نه اُلجهي پوين

    رات جي ڳالهه ڪري ڪونه ٿو، واٽ تي ئي ديدار درشن ڪري ٿو وٺي. هيءُ دؤر، بدمزاج زمانو، پيار جو پرلاءُ ڪيئن ٻڌي، ٻيون به ڪيتريون زحمتون آهن، نفرتون ملامتون آهن جو محبتون نه جهڙيون ٿي پيون آهن.
    هو وڏو آسرو هن هوا جو مگر
    اڄ ڇَپر کي اڏائي وئي موُرڳو

    ٿي چيائون سٺا ڏينهن ايندا وري
    دال آهي مهانگي بڻي مورڳو
    شاعر عام انسان جو سهڪڻ، ڊوڙڻ ڏسي، يا مٿي آسمان ۾ اڏامي، روٽي ايمان آهي، ڇَپَرُ اَجهو آهي.
    هل سنڀالي شهر مان رولوُ هوا
    اڀّ اک ڪرڙي ڪري بيٺو ڏسي

    ڪا پرولي ٿو غزل منهنجو لڳي
    وقت ڀي تنهن کي سَلي جيڪر سگهي

    شاعر سڃي جبل جيان آهي، نه وڻ نه ٽڻ، تڏهن به سج جي لالاڻ جي سرهي سرهي هير، سنهڙا سنهڙا گلابي ترورا، هوائن تي ترندا اچن. ڏينهن سڄو تتل، شام تائين ته ڏانهس اک به نه کڻي سگهه، سنجها ٿئي ته سيتل لهرون، سونهري رنگ پکڙجي وڃن، رات جو ڏاڍو سيءُ ، نه ماڻهون نه ڇيڻو، ته به اٻاڻڪائي ڪانهي. چنڊ اجهو ٿو ڏسجي، ڪڏهن سَنهڙو ته ڪڏهن ڳَچُ. چاندني رات ۾ اَلائي ڪٿان ڪٿان ساز آلاپ پيا ٻڌجن. بانسري به، ته چنگُ به، رڳ رڳ ۾ پيهي وڃن. برساتيون اچن ته نديون نالا، وهڪرا، چراگاهه، جبل سڄو سائو مخملي. ماٿرين ۾ ماڻهو خوش، اَن اپجي ته نؤورني سينڌ سنواري، ڍول وڄي ته رئو پائي پيئي انگ ڍڪي، من پيو نچي.
    شاعر ڏسڻ سيکاري ٿو، سمجهه سوچ ته هر ڪنهن جي پنهنجي. البت توهان کي چهنڊڙي پائيندو، ڪتڪتائي به ڪندو، اک کوليو ته پاڻ کي به پروڙيو.

    صبح ٽڙيو هڪ گل ڪوُنڊيءَ ۾
    مهڪڻ سارو لڳو وِرانڊو

    هر آهٽ وٽ هوندو آهي
    پنهنجو پنهنجو الڳ مُهانڊو
    کيمن هڪ شاعر آهي، پر ڪم هن جا انيڪ آهن. ٻارن جو ساهتيه به لکي ته ترجما به ڪري. سنڌي ڪتابن جا هنديءَ ۾ ۽ هندي ڪتابن جا سنڌيءَ ۾. ترجمو ڪرڻ اڻانگو اؤکو ڪم آهي. هن پاڻ کي ورهائي ڇڏيو آهي. ايترا گدرا هٿن ۾ ڇو کڻجن، اوُڻايون رهجي ٿيون وڃن. ڪا به رچنا بنا ڪنهن اوڻائيءَ جي هجي، اهو به وري ممڪن ڪونهي. اوڻائيءَ کي وري رچنا جي سونهن به ليکيندا آهن. وک کڻندا ته ٿاٻو به ايندو ئي ايندو. ساهتڪار جو گهر ته ٽڙيو پکڙيو ئي پيو هوندو آهي.
    سندس هيءُ مجموعو “جيءَ ۾ ٽانڊا” شاعريءَ جو پنجون مجموعو آهي، ان ۾ غزل به آهن، ٽيڙو، دوها ۽ وايون به آهن. پڙهندا ته توهان کي لڄ شرم ڪرڻ به سيکاريندو. ايترو ته گهڻو ليکبو.
    سارو جڳ منزل ڳولهي
    ڪيسين ويٺو رهندين، هلُ

    سمهيس ته من ڪا ننڊ اچي
    پر هي منهنجو من چنچلُ

    شهر ئي ملهه جيئڻ جو ڄاڻي ٿو،
    ڪيترا ئي هنر سکي سگهندين

    ڪجهه کِلونا نوان به آڻين ها
    ٻارڙن سان ڪِٿي پُڄي سگهندين


    - ارجن حاسد
    2016-5-12


    غزل

    پل جو ڪوئي ڀلي پَتو ڪونهي

    پل جو ڪوئي ڀلي پَتو ڪونهي
    وقت ٿيندو ڪڏهن ٻُڍو ڪونهي

    تون به هن شهر کي سڃاڻين ٿو
    ڪا گِهٽي موڙُ ڪو ڳُجهو ڪونهي

    چاندنيءَ توکي مون کي هِرکايو
    تو ڏٺو در اُماس جو ڪونهي

    کوُهه ڳولهي لڌو مِٺو آ هُنَ
    سمنڊَ مان کيس آسرو ڪونهي

    تُنهنجي ٿالهي به ٿي وئي ڇاڻي
    سڀ ڇَڻي ويا اصول ڪو ڪونهي

    هاڻِ گونگو به بڙبڙيو ٿي پيو
    زخم شايد سندس ڇُٽو ڪونهي

    کِلَ ڏڪايو وجود ساري کي
    ايترو لُطف اوتبو ڪونهي

    ڪِن ڏٺا تارا ڪِن ڪي ٽانڊاڻا
    دل جو شعلو ته ڪنهن ڏٺو ڪونهي


    چنڊ کي ڪَڪريءَ چميو هو

    چنڊ کي ڪَڪريءَ چميو هو
    چاندنيءَ جو منهن ڦِريو هو

    ڏاڍَ صَدمن جي تَپتِ ۾
    لُڙڪُ اک ۾ ڪِٿِ بچيو هو

    فَرش کي ٿي در ٻڌايو
    پردو ڏاڍو ترتريو هو

    زندگيءَ کي وقت پڪڙي
    ڄڻ مداريءَ جيان هليو هو

    پياس هئي مجبور ڪيڏي
    سمنڊ جو کارو بڻيو هو

    چيخ گونجايا ڪئين شڪ
    رات ڊپ ئي گڏ رهيو هو

    هر نصيحت تي کِليو ٿي
    تون چوين ٿو هو چريو هو


    ڏينهنُ سارو گِهِٽي رهي سَڻڀي

    ڏينهنُ سارو گِهِٽي رهي سَڻڀي
    بعضي بعضي ٿي رات جو سُڏڪي

    لهر کي جي وڃان ٿو پڪڙڻ مان
    هٿ ۾ رهجي وڃي رڳو ريتي

    ٿوُهرن جا ڪَئين سَلا اڀريا
    مون هُئي پوک پيار جي پوکي

    ٿي ڪرائي ڪرم عجب جهڙا
    آدميءَ کان اِها مُٺيِ روٽي

    خوش لڳو اڄ وري گهڻو برپٽُ
    ڪو ڪڪر هو وسيو مَٿِسِ پَرچي

    مان اِتي جو اِتي ئي ويٺو هوس
    چيتنا ڏس ڪٿي وڃي پهتي

    هن ڪَنڌيءَ کان پري هٽي وڃ تون
    اولِڙو اک سان ٿو ڪري مستي


    حَرف جيڪو چوان ٻڌي سگهندين

    حَرف جيڪو چوان ٻڌي سگهندين
    روحَ جي زخم کي ڇُهي سگهندين

    خواب پوکين ته ٿو سٺا ليڪن
    مند هن ۾ فصل لڻي سگهندين

    ٿي ڪرائي هوا اهو احساس
    مون بنا تون گهَڙي نه جي سگهندين

    ڪجهه کِلونا نوان به آڻين ها
    ٻارڙن سان ڪٿي پُڄي سگهندين

    بس شرافت جون ٿو ڪرين ڳالهيون
    زندگيءَ کي تون ڇا ڏئي سگهندين

    شهرُ ئي مُلههَ جيئڻ جا ڄاڻي ٿو
    ڪيترا ئي هُنر سِکي سگهندين

    حرفتون جيبَ ۾ رکي ڇڏ سڀ
    لوههُ آهين ته سونُ ٿي سگهندين


    جو چيائون ٿي سج جو پاڇو هو

    جو چيائون ٿي سج جو پاڇو هو
    تِرورن کي به ڪو مُهانڊو هو

    سمنڊ طوفان سان وڙهيو اڪثر
    ڪيڏو مشڪل هتي جياپو هو

    ٿي لڳو ڀيڙ جي ڪري ننڍڙو
    هونئن ته منهنجو اڱڻ ڪشادو هو

    جاچي پرکي سڀن ڏٺو هن کي
    مُلههُ نه ماڻي جو ڪنهن چُڪايو هو

    ٻالپڻ ۾ جتي ڪيون رانديون
    اُن نه ميدانَ اڄ سُڃاتو هو

    ذڪر آيو جڏهن به لُڙڪنِ جو
    تو ڏنو ڳالهه کي وَراڪو هو

    گهَر گهِٽيون بحث وعظ رڙ واڪا
    هر جڳهه ڪونڪو تماشو هو


    ٽار جا زَرد ڪي پَتا آهيون

    ٽار جا زَرد ڪي پَتا آهيون
    اک کڻي ڏس ته چلڪِڻا آهيون

    سانت سان سڀ ڏسون ٻڌون ويٺا
    لوڪ ليکي ڀلي رُکا آهيون

    رنگ ۽ ڍنگ جيئڻ جا پنهنجا
    گهر ۾ رهندا ته سڀ ڪَٺا آهيون

    سڀ الڳ در دريون ۽ ديوارون
    پر ڪا چُرپُر ٻُڌءِ اها آهيون

    پنهنجو آهي وجود ئي ڪهڙو
    ڄڻ ته اخبار جا پَنا آهيون

    سج تپائي ڇڏيو آ ڪڻ ڪڻ کي
    ڪنهن تتل واٽ جي هوا آهيون

    ڪنهنجي ها ۾ نه ها ملايون ٿا
    پنهنجي مؤ ۾ اسان چڱا آهيون


    سونهن کي ٿي ڏسڻ لءِ دل هرکي

    سونهن کي ٿي ڏسڻ لءِ دل هرکي
    اک وڃي آرسيءَ ۾ ٿي اَٽڪي

    وات هن جو ته آ برابر، پر
    ٻول اڄ ڪنهن ٻئي جا ٿو ٻولي

    اُس ڪڏهن چاندني به گڏ آهي
    ماڳَ تي پيرُ ڪئن به ٿو پهچي

    هٿ ۾ گِدرا ٻه ٿو کڻڻ چاهي
    ڳالهه ڪانهي ڏُکي، جڏهن سمجهي

    ڪيڏي سُسِ پُسِ گهٽيءَ ڪئي ويٺي
    جي ڏسين ها اها دري کولي

    نيٺ مجبور حالتن کان ٿيو
    ڏس وڏي واڪِ ٿو ٺڳي وڪڻي

    اُس اڱڻ ۾ رهي گهڙي کن لاءِ
    ڏينهن سارو هِتي هُتي ڀٽڪي


    زندگيءَ جا به ڪيترا چهرا

    زندگيءَ جا به ڪيترا چهرا
    ڊوهه ايڏا ڏسي ٿَڪا چهرا

    زهرَ کيسن ۾ ٿا رکي مَرِڪن
    ڪيڏو چمڪن ٿا نرلڄا چهرا

    ماٺِ جن جي اڃا به مُرڪي ٿي
    مون وري ڪونه ڪي ڏٺا چهرا

    دڳ رتوڇاڻُ شهر ۾ چيخون
    مؤت جو خؤف وائڙا چهرا

    وقتُ چُپ چاپ ٿي رهيو لکندو
    ڪنهن ته اِتهاس جا هُئا چهرا

    جهنگ پنهنجي ۾ ٿا وتن رلندا
    ڪنهن نه ڪنهن سوچ ۾ ٻڏا چهرا

    محل ماڙين ۾ ٿا رهن محفوظ
    ڄڻ ته ڀوڳن ٿا ڪا سزا چهرا


    ڪا پرولي ٿو غزل منهنجو لڳي

    ڪا پرولي ٿو غزل منهنجو لڳي
    وقت ڀي تنهن کي سَلي جيڪر سگهي

    چنڊ ويچارو ڪڪر جي قيد ۾
    ڌرتي چانڊوڪي چکڻ جي لءِ سڪي

    هل سنڀالي شهر مان ر ولو هوا
    اُڀ اک ڪَرڙي ڪري بيٺو ڏسي

    ڪنهن نه ڪنهن آڙاهه ۾ ڪِرندو ضرور
    ٿو پهاڙن سان گهڻي ياري رکي

    راههَ سان گڏ شهر مان آيو گُهمي
    هاڻ ويٺو ماٺِ جون ڳالهيون ٻڌي

    صبح اوندهه مان اَڃا پائي ليِئو
    ڌُنڌ وَڻ ٽِڻ جي مٿان پردو وجهي

    سڀ ڀَنڊاري مان ڪَڻو کائڻ ويا
    هو ته ويٺو ذائقو ڄِڀَ کان پُڇي

    تيلُ ٿو کُٽندو وڃي جنهن ديپَ مان
    لاٽَ ان جي ٿي هوائن سان لَڙي


    آسمان تان گهُمي ڦِري آيو

    آسمان تان گهُمي ڦِري آيو
    چنڊ تارن سان پڻ ملي آيو

    عڪس آئيني ٿي ڏنو اُبتو
    ته به ته ٿي ليکبو صَحي آيو

    ڄاڻ سچ ڪوڙ جي هُيسِ ساري
    رمز سان ڪجهه نه ڪجهه چئي آيو

    ڪانوَ کي پياسَ ڪجهه لڳي اهڙي
    جهٽ سڄو سمنڊ پي هلي آيو

    ڪنهن ته ڊپ کان ڊنو ڏڪيو هوندو
    نانگ سان گڏ نه اِئن نچي آيو

    کيس انسان ڪٿي ڪونه مليو
    هڪڙو سهڻو ڪُتو وٺي آيو

    جنم ڀوميءَ جي دز ملي مُنهن تي
    ٿيِ وڻن جي اڳيان لڄيِ آيو


    ڳالهه ۾ ڪجهه نه هو، پر وَڳي ڪيتري

    ڳالهه ۾ ڪجهه نه هو، پر وَڳي ڪيتري
    هر گهٽي خؤف کان ٿي ڏڪي ڪيتري

    چڻنگ ننڍڙي الائي جي آئي ڪٿان
    باهه ٿوري دُکي پوءِ وَڌي ڪيتري

    سڀ افق، عرش، ڌرتي، ڏسڻ ۾ اَچن
    پِتڪڙو ٽُنگ، اَکِ جي دَري ڪيتري

    اُس ساڳي کڻي اڄ به پهتس وري
    مُرڪ تنهنجي ڏسي، دل ڀِني ڪيتري

    تون به جهلمل هوائن کي پرکين ته ها
    سوُنهن محفل ۾ آئين کڻي ڪيتري

    راهه ڏسندي رهي ڀَڄُ ڀَڄان شهر جي
    سمجهه ڄاڻي نه ڪنهن جي سگهي ڪيتري

    سڀ ته کائي ويا، تون کڻي وڃ ڀلي
    ديڳ ۾ تاهري آ بچي ڪيتري


    جي اچڻ چاهين ٿو ڀلي اچجنءِ

    جي اچڻ چاهين ٿو ڀلي اچجنءِ
    مُرڪ منهن تي رڳو کڻي اچجنءِ.

    ڀوُنءِ پَنَ کي چيو پئي ور ور
    ٽار تان گل به ڪو ڇِني اچجنءِ

    بي سبب جي چُڀن ڪَنڊا دڳ تي
    چُهِنب تن جي چِٿي ڀَڃي اچجنءِ

    ڪاڻِ هر ساهميءَ ۾ تون ڏسندين
    رمز تون پڻ اِها سِکي اچجنءِ

    دٻدٻو بس هتي انگن جو آهه
    ڪي ٻُڙِيوُن جيب ۾ وجهي اچجنءِ

    گهنڊ، گهڙيال، ڍولڪون، طبلا
    گوڙَ اُڇلي ڪِٿي هَلي اچجنءِ

    درَ دُعا جا به ڪن دَوا پنهنجي
    پاڻ سان پاڻَهي ٺَهي اچجنءِ


    جي ڪوُڙَ جي مڃان نه، ته چَئهُ جڳ ۾ ڪئن رهان

    جي ڪوُڙَ جي مڃان نه، ته چَئهُ جڳ ۾ ڪئن رهان
    پنهنجي ضمير جي نه ٻڌم، تُنهنجي ڪِئن ٻُڌان

    منظر ڪَئين اکين جي اڳيان روز ٿا هجن
    چپ ڪين ڪي چرن ٿا چئي ڪجهه نٿو سگهان

    ڪنهن ڀي ڏنو نه ساٿ ڇڏي واٽَ تي ويا
    ڪيڏا نه ڀرم پالي رکيا ها مون چوڄَ سان

    ٽاريءَ کي مون اجايو ڇهيو هو ڪَلي ڏسي
    خوشبوءِ جي موهه ۾ ٿو ڦَٽي پاڻ کي وجهان

    ڪيڏا نه ها سوال، مِليا ڪٿ صحيح جواب
    ڪوئي ڏئي نٿو ته کڻي پاڻ کان پُڇان

    اٽڪل سان تو لڪايو گهڻوئي ٿي پاڻ کي
    پڌرو مگر ٿي راز ٿيو لفظ لفظ مان

    آ مرض لاعلاج غريبيءَ جو سڀ چون
    سپنا اکين ۾جن جي، اڳيان تن جي چپ رهان


    دنيا آهي ڪاڪ مَحَلُ

    دنيا آهي ڪاڪ مَحَلُ
    قدم قدم تي ڪو ڇَلُ وَلُ

    هرڪا چيز فنا ليڪن
    جئڻ ڏکيو آ هڪڙو پلُ

    سارو جڳ منزل ڳولهي
    ڪيسين ويٺو رهندين، هلُ

    مرڪيو ٿي وڻ تي جيڪو
    هوا اڏايو پَتو سڪلُ

    سمهيس ته من ڪا ننڊ اچي
    پر هي منهنجو من چنچلُ

    سورج وانگر پنڌ ته ڪر
    ڪرم ئي آهي نيم اٽلُ

    تون آئين موٽي آيو
    ياد کڻي ڪا وقت وِيلُ

    سر تي بار ته اڀ جو پر
    اورانگهي ٿا سگهون جبلُ


    جي ويس ڳالهه ڪا ٻُڌي ايندس

    جي ويس ڳالهه ڪا ٻُڌي ايندس
    سوچ چپ چاپ ۾ کڻي ايندس

    جي ڪِٿي روشني ملي مون کي
    رنگُ ڪو جيبَ ۾ وجهي ايندس

    گرم ٿيِ سج اگر بدن ساڙيو
    ڇانوَ تو کان وٺڻ وَري ايندس

    پاڻ وڪڻڻ هتي ضروري آهه
    جت مليو مُلههُ گهڻو ڏئي ايندس

    ٿي پوي سُڌِ نه ماڳَ جي مون کي
    ڏَسُ نئين راههَ کان پُڇي ايندس

    ڏينهنُ ٿو چپ ڪري وِهي نه ڪڏهن
    ڪو تماشو نئون ڏسي ايندس

    شهر ۾ پپر، نِمُ نه بَڙ جو وڻ
    ڪنهن ڪَنڊيءَ ڪِرڙ سان ملي ايندس

    در، دريون، ڇتِ، ڀِتيون نه ڪجهه ڏيندا
    چؤنڪ تان ڪا ڀَريِ ٻڌي ايندس


    هِن وقت جي وهنوارَ جي بس ڳالهه ڇڏي ڏي

    هِن وقت جي وهنوارَ جي بس ڳالهه ڇڏي ڏي
    سچ ڪوڙ جي مقدارَ جي بس ڳالهه ڇڏي ڏي

    هر چيز وڪامي ٿي، وٺڻ چاهين ڀلي وٺ
    بازار جي اگههَ پارَ جي بس ڳالهه ڇڏي ڏي

    بادل به وسن سمنڊ مٿان ڌرتي ڇڏي ٺوٺ
    حقدار گهنهگار جي بس ڳالهه ڇڏي ڏي

    هن دؤر ۾ مظلوم ۽ ظالم به ڏٺاسين
    مجبوُرَ، زميدارَ جي بس ڳالهه ڇڏي ڏي

    آزاد پَکي کوڙ مٺي لات لنون ٿا
    پرڪونج جي ڪڻڪارَ جي بس ڳالهه ڇڏي ڏي

    تو پاڻ کنئي ڪونه ڪڏهن سر تي تغاري
    محتاج سان سهڪارَ جي بس ڳالهه ڇڏي ڏي

    سڀ اوٽ وٺي ڏاڍ جي ڏاڍا ٿي پون ٿا
    هِن بي تڪي سنسارَ جي بس ڳالهه ڇڏي ڏي


    پُٽَ وڏا ٿي ويا، گَهرَ جُدا ٿي ويا

    پُٽَ وڏا ٿي ويا
    گَهرَ جُدا ٿي ويا

    دَرد ڄڻ زندگيءَ
    جا سَکا ٿي ويا

    عڪس اوندهه ڏسي
    لا پَتا ٿي ويا

    پيارَ احساس جا
    ڦَرَ مُڏا ٿي ويا

    لفظ اهڙو چُڀيو
    فاصلا ٿي ويا

    ڪيترا چنڊ سج
    بي بقا ٿي ويا

    مون چيو سچ جڏهن
    سڀ خفا ٿي ويا


    اچي جبل کي ڀاڪر پائي

    اچي جبل کي ڀاڪر پائي
    ڪڪري ويئيِ بدن ڀڄائي

    اڃا به قائم صَليبُ ساڳيو
    هرڪو عيسى پيو بدلائي

    رات سناٽي سان مَسَ ريجهي
    ڀؤنڪ ڪتنِ جي ڇڏي ڏڪائي

    چنڊ ته چاهي ڏيڻ چاندني
    ڪڪر وڃن ٿا سوُنهن ڦَٻائي

    ڏسو اڱڻ ۾ نانگ ته ڪونهي
    جِهرڪِين جو ٿو گوڙُ ٻڌائي

    وڻ جا آهن ٽار ٻُسا سڀ
    پن گل سڀ ويا منهن ڦيرائي

    پنهنجائيءَ جي ڳالهه به اُن سان
    وقت پِئيِ جو پيرُ نه پائي

    ڪنهن به اڪيلي گهر جي ڀِتِ جو
    مينهنُ ڇڏي ٿو رنگُ مَٽائي


    هيرَ بُت ڇُهندي رهي، اک شفق ڏِسندي رهي

    هيرَ بُت ڇُهندي رهي
    اک شفق ڏِسندي رهي

    آتما ٿڪجي پئي
    ديههِ ته به هَلندي رهي

    هَٿُ مَٿي مون ڇو کنيو
    سادِگي پُڇندي رهي

    زندگي ٿو توُن چوين
    بيڪسيِ لڳندي رهي

    آسَ جي ڪا هَڙ کڻي
    عمر ٿي وڌندي رهي

    هر ڪڪر جي زيادتي
    بيوَسي سهندي رهي

    شينهن جي گجگوڙ کان
    هينگ پڻ کٽندي رهي

    ڪجهه ڪناري کي چئي
    هر لهَر وَرندي رهي


    ڪڏهن ته هئا ايمانَ اکين ۾

    ڪڏهن ته هئا ايمانَ اکين ۾
    ڦٿڪن اڄ انسان اکين ۾

    ڳوٺ ڇڏيم، سَوَ سال لنگهي ويا
    چمڪن ڪي دالان اکين ۾

    سالن بعد مليو هو مُرڪي
    روئڻ لڳا احسان اکين ۾

    شادي طئه ٿي خوش ته ٿياسين
    کٽڪيا ٿي مهمان اکين ۾

    پير وڌايم جيئن ڪوُنڊيءَ ڏي
    گل کي ها امڪان اکين ۾

    وريا نه سک هاڻي ڇا ورندا
    ڀوَ ڀولا بُهِتانَ اکين ۾

    ڏاڍن جو هيءُ ڏيهه بڻي پيو
    ڪيڏا قبرستان اکين ۾


    لفظ ته بيشڪ پيارا آهن

    لفظ ته بيشڪ پيارا آهن
    ليڪن چُڀِ چُڀِ وارا آهن

    قدم قدم تي گڏ مجبوري
    اُڌما سڀ ويچارا آهن

    ڪنهن سان ڪونهي لڳ لاڳاپو
    ڪيڏا پکڙيل تارا آهن

    ڇُهندين جي ته وڪوڙي ويندءِ
    ڏينڀن جا مانارا آهن

    تپت سهي خود ڇانوَ ڏين ٿا
    وَڻ جا پن ٻاجهارا آهن

    آهي ڪا وچڙيل بيماري
    گِهٽيءَ گهٽيءَ ۾ نعارا آهن

    ڏي وٺ تي پلجن ٿا رشتا
    قُرب به سڀ وڻجارا آهن

    ڪي ڪي اک جي ٻولي سمجهن
    مُرڪن ٿا دل وارا آهن


    ماٺ کي ماٺ ۾ تڪي پيو ٿو

    ماٺ کي ماٺ ۾ تڪي پيو ٿو
    ذهن ۾ ڪيترو چُڀي پيو ٿو

    مرڪ منهن کان کَسي کليو ڪيڏو
    لُڙڪ اک مان ڪريو ڏسي پيو ٿو

    آتما تي سرير جو بوجو
    هرڪو ڍوئي هَلي چَلي پيو ٿو

    هر هلت ٿي سندس ڏَنگي جيءَ کي
    زهر رڳ رڳ ۾ نت وڌي پيو ٿو

    تاڻي چادر سُتُس ڇڏي جڳ کي
    ياد جو چتر ته به ڦري پيو ٿو

    گوڙ هو آبشار جو ڪيڏو
    جل ته ڇيهون ٿي پکڙجي پيو ٿو

    گل ٽڙيو ٽار تي سُڪيِ وکريو
    ٻوٽو ليڪن نچي ڪُڏي پيو ٿو


    شهر جون هي نعمتوُن پنهنجي جڳهه

    شهر جون هي نعمتوُن پنهنجي جڳهه
    دل ۾ ويٺل دهشتوُن پنهنجي جڳهه

    نوڪري آخر غلامي ئي ته هئي
    ڀَلِ مِليون ڪي راحتوُن پنهنجي جڳهه

    وقت تي هوُ ڪونه آيا هئا نظر
    دوستن جون رغبتوُن پنهنجي جڳهه

    ڪونه ٿا احسان ڪو هڪڙو مَڃينِ
    ڀوُنءِ بخشيون برڪتوُن پنهنجي جڳهه

    چيز هرڪا ٿي مليِ بازار ۾
    هيءُ اگهن جون آفتوُن پنهنجي جڳهه

    رات ڪاري ڪونه هٿ کي هٿ ڏسي
    ڪَن ستارا حرڪتوُن پنهنجي جڳهه

    اک هڻي ٿي، مرڪ وٺندي ٿي وڃي
    ڪي ڏين ٿا نفرتوُن پنهنجي جڳهه

    ويا هتان لٽجي ڪئين هئا قافلا
    ته به نهارنِ چاهتوُن پنهنجي جڳهه


    ها ۾ ها چوندين وڻندو

    ها ۾ ها چوندين وڻندو
    آدر سان جُهڪندين وڻندو

    دروازي وٽ پاڻُ رکي
    پير اچي چُمندين وڻندو

    گوڙ نه ڪر حق مَتان گهرينِ
    ماٺِ ڪري وِهندين وڻندو

    تنهنجو مالُ ڦَٻائيندس
    مُرڪ بڻي ڏسندين وڻندو

    سچ ويسهه جي ڳالهه نه ڪر
    وَهمن کي ڪڍندين وڻندو

    احساسن جذبن کي ڪجهه
    سمجهائي هلندين وڻندو

    ڍول وڄي جي ڪنهن در تي
    پير کڻي نچندين وڻندو


    هاڻ نه ڪنهن کي ڪجهه چئبو آ

    هاڻ نه ڪنهن کي ڪجهه چئبو آ
    بس ٻڌبو آهه، سڀ سهبو آ

    واٽ ڪڏهن ڪا ڪٿي چُڀي جي
    کِلي به ان مان ڪم ڪڍبو آ

    ٽيِ. ويِءَ تي همدرد ڏسي ڪو
    پنهنجي منهن ويهي کلبو آ

    بڪ بڪ وانگر لڳي روشني
    تڏهن انڌيرن وٽ وڃبو آ

    اڪثر بدبوءِ کڻي اچي ٿي
    تڏهن هوا کان ڪَنُ هڻبو آ

    پهرين پنهنجو آئينو اُگهه
    عڪس اولڙن مان پسبو آ

    پنهنجائيءَ کي ڳولهيندي ڪٿ
    وڃي ڪَنڊن کان ڏَسُ پڇبو آ

    ڪاري رات، نه نظر اچي ڪجهه
    ڪنهن آهٽ جو هٿ جهلبو آ


    گل پَن جا ٽاريءَ تي بارَ

    گل پَن جا ٽاريءَ تي بارَ
    ويتر مٿان پکين جي مارَ

    اُڀ ڪو گرجيو ناهي هيل
    هر مؤسم جا پنهنجا پارَ

    ڪِنين مڇين سان ڍنڍَ ڀريل
    متان ڪرين ڪنهنجي به پچارَ

    لاش رکيو آهه رستي تي
    ٻُڌي ڪيائون ڪَنَ لاٽارَ

    ڏني ڇِٻي تو ڪا اهڙي
    لغڙ ڏور کان ٿي ويو ڌارَ

    دڙو مُئن جو جاڳي پيو
    چُرن پُرن اڄ پڻ آثارَ

    سياڻن سان ويٺو آهين
    ٻڌ چپ چاپ سندن گفتارَ

    اُس جو ڪونهي ڪوبه قصور
    مؤسم کي ڏي ڀلي ميارَ


    روشنيءَ خوبُ لُڀايو نه مگر بيٺاسين

    روشنيءَ خوبُ لُڀايو نه مگر بيٺاسين
    راهه پڻ رنگُ پَسايو نه مگر بيٺاسين

    ٿو اچين ڪات ڪهاڙا تون کڻي لفظن جا
    بحث ٿي ڪيڏو منجهايو نه مگر بيٺاسين

    هير ٿڌڪار ڀري صبح به سرهو سرهو
    ڪجهه فضا پڻ ٿي ٻڌايو نه مگر بيٺاسين

    قبر ۾ پير اَٿن، روز نئين ٿا ڳولهن
    ڇا ڪجي رحم ٿي آيو نه مگر بيٺاسين

    هام جڳنو ٿي هنئين، عرش جو تارو آهيان
    ڪنڌ اوندهه به جهڪايو نه مگر بيٺاسين


    هن لٻاڙون ٿي هڻي گوڙ مچايو ڪيڏو
    تو به وشواس جتايو نه مگر بيٺايسن

    هاڻ منهنجي ڪا سڃاڻپ نه رهي آ باقي
    آئي ڪارڊ هو منجهايو نه مگر بيٺاسين


    اڄ کي جي توريندو آهيان

    اڄ کي جي توريندو آهيان
    اڪثر ڍونگ رچيندو آهيان

    ڪئن ڪئن آهي وقت نڀايو
    ڪُنڊَ وٺي سوچيندو آهيان

    هر هر ٿي ناپاس پَوان ٿو
    خود کي جي پرکيندو آهيان

    شل نه ڪڏهن ڪنهن ۾ ڪم ڦاسي
    بيٺو راهه تڪيندو آهيان

    آئيني کي ڪونه ٻڌايان
    ڪيڏا ويس مٽيندو آهيان

    دُنهيِن دکائي واتُ هڻن ٿا
    مان به ته هٿ سيڪيندو آهيان

    ڀت ڀڃي ڪا ڳڙکي ٺاهيان
    وجهه پيو ڳولهيندو آهيان

    ڪهڙو ڪنهن مان آهه آسرو
    جيءُ رڳو جهوريندو آهيان


    ڊڄي ڊڄي پاڇا سرڪن ٿا

    ڊڄي ڊڄي پاڇا سرڪن ٿا
    وک وک کڻندي پڻ ٿڙڪن ٿا

    ڏاڍ ڪري جيڪي به فيصلا
    ماڻهو سڀ چپ چاپ سهن ٿا

    بوندون بارش جون ڪئن ماڻن
    جيڪي گهر ۾ وڃي لڪن ٿا

    رستن وٽ ڪا سمجهه ڪٿي آ
    منهنجي گهر ڏي ڪونه وڃن ٿا

    کڻي هلن ٿا آس پاڻ سان
    جوڳي در در تڏهن رلن ٿا

    واءَ سندن ٿو وار سنواري
    ٿر جا سهڻا دڙا لڳن ٿا

    پيار چِٽيا هئا دل تي جيڪي
    اهي مُهانڊا ڪٿي ڊهن ٿا


    ڏاڍ جي سامهون ڪئن ٿي ٻاڏايو

    ڏاڍ جي سامهون ڪئن ٿي ٻاڏايو
    هٿ ٻڌي سر جهُڪائي ڳالهايو

    آس سڀ جي هئي الڳ ليڪن
    ڍنگ ساڳيو گهُرڻ جو اپنايو

    منٿ ٻڌندي چپن تي مُرڪَ آيس
    ڪنهن ائين پڻ ڪڏهن هو تڙڦايو

    ڌيءُ کي لاڏ مان چيائين پُٽ
    پيار ڪيڏو نه پاڻ ڦهلايو

    مون خفا ٿي ڇڏيون اکيون ٻوُٽي
    ته به اچي ڪونه خواب پرچايو

    شام بيحد اداس ٿي پيئي
    رات جي خؤف هوس هيسايو

    اڄ کِلي خوب دل سان مجبوري
    کيس آٿت جڏهن هو ڌَمڪايو

    زندگي ڄڻ سفر هو رڻپٽ جو
    هر مسافر کي جنهن ٿي ڀٽڪايو

    راهه پاتو شعور اوندهه کان
    ٿي اجالن ته صرف ڀرمايو

    تو هوا آندي هيءَ ڪٿان خوشبوُ
    عمر ڀر جنهن اسان کي ڀنڀلايو


    جڏهن انڌيري کي ڏسنداسين

    جڏهن انڌيري کي ڏسنداسين
    تڏهن سِتارا ٿي کِڙنداسين

    جَبريوُن جبلن جون ارڏايون
    ماٺِ ڪَري ڪيسين سهنداسين

    رات ڏسي هَٽَ چمڪڻ لڳندا
    مُرڪ اسان ماڻي وٺنداسين

    رِڙهي اگر تون ويجهو ايندين
    ٻن مان ٿي ٻارهان پونداسين

    محبوُبا جو گهر سامهون آ
    اُتي وڃي ڦُڙ ڦُڙ وسنداسين

    تو به ڏنا ڪيڏا ڏوراپا
    کيسن منجهه وجهي ورنداسين

    عَرشِ اڏامن خيال پکين جيان
    عڪس اتاري ڪي وجهنداسين

    درد، نفرتون، ڏنگ ڏنا تو
    اسان انهن مان ڪجهه سِکنداسين


    جڳ ته چاهي رڳو ٿو وٺڻ ئي وٺڻ

    جڳ ته چاهي رڳو ٿو وٺڻ ئي وٺڻ
    تون سکيو آهين هردم ڏيڻ ئي ڏيڻ

    بس اکين ۾ هئا پيچرا پيچرا
    ڀاڳ پيرن جي ۾ هو هلڻ ئي هلڻ

    ڳالهه ڪنهن جي ٻڌين ٿو ڪٿي غؤر سان
    تنهنجي فطرت ۾ آهي ڏُکڻ ئي ڏُکڻ

    زندگي ڄڻ ٿي ڪائي طوائف لڳي
    وقت تو کي اچي ٿو نَچڻ ئي نَچڻ

    ڪونه آتي فقط هئي ملڻ لءِ ندي
    سمنڊ جي دل ۾ پڻ هو لُڇڻ ئي لُڇڻ

    هل هلي ٿا هوا سان رکون دوستي
    ٿو وڻي هاڻي هِت هُت رُلڻ ئي رلڻ

    آرسيءَ کي اکين اڄ چئي ئي ڏنو
    ائن وڻي ڪونه مون ڏي ڏِسڻ ئي ڏسڻ


    مون اکر هو چيو الائي ڇو؟

    مون اکر هو چيو الائي ڇو؟
    تو ڪيو اَڻ ٻُڌو الائي ڇو؟

    ڪونه آڪاس ۾ ڪڪر هو ڪو
    اُڀ گجي ٿو ڏسو الائي ڇو؟

    ڪنهن به دڙڪو ڏنو نه ڦٽڪاريو
    ٻار هڪدم ڀڳو الائي ڇو؟

    هر انگلُ ٿي ڪري سندس پوُرو
    جوءِ سان ته به رُٺو الائي ڇو؟

    مُند برسات جي ته آهي پر
    مينهن ناهي ڦُڙو الائي ڇو؟

    ڌَنُ گهڻو بي حساب هو جنهن وٽ
    سو ڌڻي آ کُٽو الائي ڇو؟


    ڪم ٿي هرڪو ڊَٺو الائي ڇو؟

    ڪم ٿي هرڪو ڊَٺو الائي ڇو؟
    ڀاڳ منهنجو ڦِٽو الائي ڇو؟

    مون ته سڪ سان هو کيس کيڪاريو
    باهه وانگر تتو الائي ڇو؟

    هو ته آهي غريب ويچارو
    کاٽ ان وٽ لڳو الائي ڇو؟

    هيءُ ڇَلو چيچَ ۾ ته پورو آهه
    تون چوين ٿو ڍِلو الائي ڇو؟

    پاڻ ويجهڙ ڪٿي گڏيا آهيون
    تون سڃاڻين نٿو الائي ڇو؟

    مون ته ساراهه ٿي ڪئي گل جي
    نڪ ۾ تو ور وڌو الائي ڇو؟


    ڳالهه سندس اَڻ پوُري هوندي

    ڳالهه سندس اَڻ پوُري هوندي
    آئي اِئن نه ڀنڀوُري هوندي

    ڳوٺ وساري ڇڏيو اٿائين
    ملندي کيس مزوري هوندي

    اڄ آيو ۽ اڄ ئي واپس
    اهڙي ڪا مجبوري هوندي

    ٻارُ ٻڍي کي پيو ٿو ڏاڙهي
    ماءَ ڏني منظوري هوندي

    ڪئن به کٽي ٿو بازي، ان وٽ
    اکر نه هوندو ڀوري هوندي

    فون ڪري ٿس جلد گهرايو
    شايد ڳالهه ضروري هوندي


    وٺڻ ته آئي چلهه کان ٽانڊو

    وٺڻ ته آئي چلهه کان ٽانڊو
    تڪڻ لڳي پر سڄو کرانڊو *

    تنهائيءَ کان ڊڄڻ لڳو آهه
    تڏهن نئون نتُ کوڙي مانڊو

    صبح ٽڙيو هڪ گل ڪوُنڊيءَ ۾
    مهڪڻ سارو لڳو ورانڊو

    زهر توهان جا ڪٿي رکان مان
    ڀرجي ويو آ دل جو ڀانڊو

    ماڻهو سڀ هڪجهڙا ناهن
    لڪل سڀنِ ۾ ته به ڪو سانڊو

    گانءِ پئي ٿي ڳولهي ڦَر کي
    نيٺ ته پيارو آهي آنڊو

    هر آهٽ وٽ هوندو آهي
    پنهنجو پنهنجو الڳ مهانڊو

    *کرانڊو - رنڌڻو


    شينهن چيتا گجن ٿا ٻيلي ۾

    شينهن چيتا گجن ٿا ٻيلي ۾
    ساهه تڪڙا کڄن ٿا ٻيلي ۾

    ڪِٿ سَهارو پَناهه ڪا ڪانهي
    وڏ ڦڙا جي وَسن ٿا ٻيلي ۾

    ڏندَ شيِڪي ٿا ڀولڙا گهوُرن
    حادِثا ڪَرَ کڻن ٿا ٻيلي ۾

    ٻوُٽِ اک کي ته ٿا گهڙن نَڪَ مان
    خوف رُلندا وتن ٿا ٻيلي ۾

    هر قدم تي کَڏا کُٻا کاهِيون
    شونق سان ته به وڃن ٿا ٻيلي ۾

    ڪي بگهڙ نانگ ڪي وڇون به هئا
    ڏنگ ڏاڍا لڳن ٿا ٻيلي ۾

    رنگ خوشبو کسي گلن کان ڪنهن
    ساهه منهنجا سُڪن ٿا ٻيلي ۾


    ڪڏهن ڪونه ڪِرڻو غُفا وٽ ڪو آيو

    ڪڏهن ڪونه ڪِرڻو غُفا وٽ ڪو آيو
    تڏهن هُن انڌيري سان ويٺي نڀايو

    ورهين بعد آئي هئي مُرڪ منهن تي
    ڏسي عقل سڀني ٿي ڪيڏو هَلايو

    خوشي ديپ کي ٿي فقط ايتري ئي
    اَنڌاري کي هن ڪجهه ته جڳ مان هٽايو

    دُعا جو رکڻ هٿ مٿي تي ٿي چاهيم
    ڏِسي شانُ هن جو نه پر هَٿُ وڌايو

    وٺي ٿو اچي قرب کي پاڻ سان گڏ
    نظر ٿو اچي غرض جو ان مان سايو

    الائي جي ماڻهو ڏسن خواب ڪئن ٿا
    اسان جو ته سک هو اِنهن ئي ڦٽايو

    مُڙي ڪونه ڇُڙواڳُ خوشبو رلڻ کان
    گهڻو ئي هو گل کيس ور ور چِتايو

    کڻي پير وشواس جنهن وٽ ويا هئا
    اکين کي ڏئي لڙڪ ان هو ڏکايو


    آدميءَ کي بي-وسيءَ ماري ڇڏيو

    آدميءَ کي بي-وسيءَ ماري ڇڏيو
    چاهنا کي بي-رخيءَ ماري ڇڏيو

    پاڪ دامن هئي اسان جي هيءَ گهٽي
    شرم لڄ کي بک ڪُڌيءَ ماري ڇڏيو

    سونهن منهنجي شِڪل کان زوريءَ کسي
    وقت جي هو دلبريءَ ماري ڇڏيو

    ڪيترا هئا خواب دل ۾ حسرتون
    آس جذبو زندگيءَ ماري ڇڏيو

    گهر وڃي ملبو هو اڳ ڏڻ وار تي
    پيار کي ڀڄ ڊُڪ سَڙيءَ ماري ڇڏيو

    جهومندڙ هن کيت جي هر سنگ کي
    مينهن جي زوراوريءَ ماري ڇڏيو

    ٽار تي مشغول هو جو هير سان
    ڦوُل کي جڳ حرفتيءَ ماري ڇڏيو


    ٿو ڏُکائي، ڪڏهن ڏُکيِ به وڃي

    ٿو ڏُکائي، ڪڏهن ڏُکيِ به وڃي
    جي ڏَئي ٿو وڃي، وَٺي به وڃي

    ڏاههَ دنيا ڏنا اٿس ڏاڍا
    هار کائي، ڪڏهن کَٽي به وڃي

    سڀ رهي ماٺ ميٺ ۾ ٻُڌندو
    ٿوري چرچي تي ٿو چِڙي به وڃي

    ڪونه آهي ڪَپهه مثل ڪَنئُرو
    چِڻنگَ ڪا جي ڇهي دُکي به وڃي

    وَڻَ ٽِڻَن سان گهَڻو لڳاءُ اَٿس
    جي ڪِري پَنُ ڪٿي هَلي به وڃي

    وسُ هلي ڪونه ٿو ڪڪر تي ڪو
    ٿي سگهي ٿو مَتان وسي به وڃي

    کڙکٻيتا جتي ڪٿي مِلندءِ
    ڪوئي شايد هِتي اچي به وڃي


    نياز نوڙت قربداري ٿو رکي

    نياز نوڙت قربداري ٿو رکي
    پر الائي دل ڇو ڪاري ٿو رکي

    پَنَ کڻي ويئي خزان هڪ هڪ ڪري
    ٿُڙُ سنڀالي هرڪا ٽاري ٿو رکي

    مُرِڪَ کي منهن تي مَکي گهر مان وڃي
    چيز سا هڪ سمجهه واري ٿو رکي

    ٿي وڃي معنى ڦِريِ ان لفظ جي
    ڪا ٻُڙي جنهن تي سگهاري ٿو رکي

    هرڪو ٿو واپار اوندهه ۾ ڪري
    ڪُنڊ گهر جي پر نه ڪاري ٿو رکي

    ٿو هڻي ڦَڙِٻاٽَ ڪيڏي شان سان
    مُڇَ مُنهن تي پر اُڌاري ٿو رکي

    هار، شالون، پد، ٻلا ڪيڏا انعام
    پاڻ وٽ هرڪا مَڃاري ٿو رکي


    ڏِسون ڪونه ٿا ڏينهن جو اڀ ۾ تارا

    ڏِسون ڪونه ٿا ڏينهن جو اڀ ۾ تارا
    هَميشهه رهن گڏ ڪٿي ٿا سهارا

    جَڏهن جَلُ گهٽيو، ٿي سنهي جل جي ڌارا
    تڏهن آيا ويجهو نديءَ جا ڪِنارا

    ڪَرايو اکين اهڙو احساس هو ڪو
    لڳڻ ها لڳا هنس پڻ ڪارا ڪارا

    اَسان جو هي آواز دٻجي وڃي ٿو
    وڄايو اَجايا نه نؤبت نغارا

    ڪٺا تيل وَٽِ ڪر، کڻي چڻنگَ اچ ڪا
    اِئين ڪونه ايندا اڱڻَ ۾ اُجارا

    وڃي باغ ۾ سوچ سان گڏ مان ويٺس
    ڪيا خوب خوشبوءِ اچڻ جا اشارا

    هجي ها نه جي سمنڊ ڪوئي اندر ۾
    وهائن اکيون ڪونه ها لڙڪ کارا


    ماڻهو سڀ ته سِياڻا آهن

    ماڻهو سڀ ته سِياڻا آهن
    اَهمن جا آڏاڻا آهن

    سوُر پُراڻا جهلمل چمڪن
    ڄڻ ٽم ٽم ٽانڊاڻا آهن

    آس اُميد اَڃا ٻهڪي ٿي
    ڇا ٿيو ٽهڪ اُجهاڻا آهن

    رستا پيرن کي ريجهائن
    چؤنڪن وٽ ڏس ماڻا آهن

    مون وٽ گيت غزل ۽ وايون
    تو وٽ ڪي اوراڻا آهن

    رڳو سڃاڻن ٿا انگن کي
    جن وٽ ٽوُل وِهاڻا آهن

    هاڻوڪا جي پل اونداها
    سُرها ڪي ته سڀاڻا آهن

    هر ماڻهوءَ وٽ هوندا ڪيئين
    يادن جا سانڌاڻا آهن


    سمجهه اٿس ڏاڍي اَرڏي

    سمجهه اٿس ڏاڍي اَرڏي
    مون ته چئي ٿي ڳالهه سِڌي

    ڌرتي وارياسي ٿي آهه
    هاڻي ناهي ڪنهن ڪم جي

    ڇانوَ ته ملي ٻنيءَ کي ڪجهه
    جي نه ڪڪر مان بوند وسي

    وهندي رهندي ندي سدا
    جبل ٽڪر مان راهه ڪڍي

    لوڪن ليکي پاڳل هو
    هن کي پنهنجي ڪا مستي

    اوندهه مان ڪجهه ڪونه وري
    پاڇي اها نه ڳالهه ٻڌي

    چنڊ ڇهڻُ ناهي سؤکو
    سمنڊ ڀَلي ڪر ٻانهنَ ڊِگهي


    هر گل پنهنجا رنگ ڪڍي ٿو

    هر گل پنهنجا رنگ ڪڍي ٿو
    خوشبوءِ ڏيندي ٽِڙي پوي ٿو

    سورج هيڪر گهر مان نڪري
    رلندو سارو ڏينهن رهي ٿو

    وعظ ڪري ٿو زور زور سان
    مال ته گهر ڏي کڻي وڃي ٿو

    هوا پَنن کي وئي ڀَڄائي
    ان کي ڪوبه نه ڏوهه ڏئي ٿو

    ڦِٽو ڪيو جو سَنکُ سمنڊَ هو
    نِتُ مندر ۾ رڙيون ڪري ٿو

    من جي واديءَ ۾ سڏ هو گم
    مگر پڙاڏو اڄ به اچي ٿو

    ڇا ٿي پيو جي جهوني ڀت آ
    چيِرُ نه چاپوڙو ڏسجي ٿو


    زندگيءَ ڪيترا نه ٺاهه ڪيا

    زندگيءَ ڪيترا نه ٺاهه ڪيا
    ڪي ته مجبور ٿي گُناهه ڪيا

    ڄارُ اهڙو مليو ڄمڻ سان هو
    جنهن ۾ پوُرا سَڀن پَساهه ڪيا

    پاڻَ کان پاڻُ ئي ويو وسري
    قهر مون سان وڏا پَناهه ڪيا

    من جي آڪاس تي ڪَڪر ڇانيا
    چُپ اوهان جيءَ گهڻائي ڏاهه ڪيا

    برپٽن ۾ ڇڏي وئي گم ٿي
    ڊوههَ اِئن بي سبب ها راهه ڪيا

    ريل جي ڪوُڪ دور کان ٻڌندي
    آس ها منهنجا سرها ساهه ڪيا

    ماڪ جي بوند جي ڏٺا هئا خواب
    چوُر سورج جي هڪ نگاهه ڪيا


    سج سان اکيون ملائن ويٺا

    سج سان اکيون ملائن ويٺا
    ڄڻ ته پاڻ سان پائن ويٺا

    ايندي شام اکيون ٻوُٽيندا
    سورج مُکي سڏائن ويٺا

    لفظ ڪتابن جي بوجي کان
    عرصي کان ٻاڏائن ويٺا

    هٿ جوڙي بيٺي آزادي
    سڀئي جشن ملهائن ويٺا

    هڪڙي مند سياري جي ٻيو
    سّناٽا به ڏڪائن ويٺا

    مستقبل جا سپنا سانڍي
    باسڻ سڀ ٽڪرائن ويٺا

    پينگهو هاڻي گهر کان ٻاهر
    دک غم کيس ستائن ويٺا


    منٿون ميڙون ۽ ايلاز

    منٿون ميڙون ۽ ايلاز
    سي به جيئڻ جا آهن ساز

    مؤسم پوتي پائي آئي
    پل پل جا پنهنجا انداز

    هُيو سَڀن جي هَڙ ۾ سوُر
    ويتر ملي ويا همراز

    روز نيون آهن معنائون
    سُهڻا اڄڪلهه جا الفاظ

    بي انصافي ٽهڪ ڏئي ٿي
    کڙا ڪيائون رڳو محاذ

    سي به لٽي ويا ساري گهر کي
    ڪَيا هُئاسين جن تي ناز

    ڪيڏو پيا ٿا شور مچائن
    من ۾ ٿلها سنها آواز

    ڪانءَ ڪبوُتر طوطا نڪتا
    جيڪي سڏبا هئا شَهباز


    گل ڪريو راهه تي ته چِٿِجي ويو

    گل ڪريو راهه تي ته چِٿِجي ويو
    پَٽُ ته خوشبوءِ سان ته به هو ڀَرجي ويو

    مُنهنَ مُهانڊا اهي نه جايوُن دَڳَ
    ڪجهه ئي سالن ۾ شهر مَٽجي ويو

    مند اهڙي نڀاڳي آئي جو
    وڻ کان پَنُ پَنُ جدا ٿي ڇڻجي ويو

    ڳوٺ مان شهر هو گهمڻ آيو
    ڀورڙو بي گناهه ٺڳجي ويو

    تنهنجو وهنوار ڪجهه ڏٺم اهڙو
    جو چوڻ ٿي گهريم سو رهجي ويو

    ٿا چون ٿي وئي ننڍي دنيا
    چَينُ انسان جو ته کسجي ويو

    ڇِڙٻَ ڏيئي وري ٿو ٻُچِڪارين
    ساههُ منهنجو ته مُٺِ ۾ جهلجي ويو


    ڀَلِ ته آندَمِ پِني

    ڀَلِ ته آندَمِ پِني
    ڪر نه منهنجي ڪِني

    جي اَزل کان اَنڌا
    ڪِئن ڏِسن روشني

    ڄڀ چيو ڇا ٿيئه
    ڇو چکيئه چاشني

    مون هو مُرڪي ڏٺو
    تو ڏنو گُل ڇِني

    رات جو ٿي رُلي
    خواب لئه چاندني

    چوٽ دل کي لڳي
    اک اُمالڪ ڀِني

    ڪابه مُهلت ڪِٿي
    مؤت ڪنهن کي ڏني


    ڪونه ڪنهن جي چَوَڻَ تي ڪَڏهن ٿو هَلين

    ڪونه ڪنهن جي چَوَڻَ تي ڪَڏهن ٿو هَلين
    ڳالهه پنهنجي سدائين اڳي ٿو ڪرين

    ذڪر ڪو بندگيءَ جو ڪري جيڪڏهن
    تون ته آپي کان ٻاهر ٿو نڪري وڃين

    ڏس ستارن جي جهلمل اکيون ٿا ڀَڃن
    کڙکٻيتو تون مٺ ۾ جهلي ٿو رکين

    آرسيءَ سان اجائي تون ياري نه رک
    سچُ ڏِسي روُح پنهنجو نه رولي وجهين

    ٿورا احساسَ سانڍي به رک پاڻ وٽ
    بي رخيءَ جو ٽِڪو ڇو ٿو سر تي کڻين

    تو ته اتساهه سان خود ئي کولي دري
    واءَ جي چلولاين کي ڇو ٿو ڏسين

    ڳالهه مُنهنجي ٻُڌي اڻ ٻڌي تون نه ڪر
    واٽَ هيءَ ڇيڳري ڏس نه الجهي پوين


    مُند موٽي وري بهاريِ آ

    مُند موٽي وري بهاريِ آ
    دل جي پر دانهن ڪوُڪ جاري آ

    رت ڀلي لعل لعل آ سڀ جو
    پر هلت سڀني جي نياري آ

    هو اچي ويو هليو، مگر سارُنِ
    رات مون ساڻ روئي گهاري آ

    جئن به چاهين انهيءَ کي ماڻي وٺ
    ڇا ٿيو زندگي اُڌاري آ

    ڳالهه هڪڙي هجي ڪجي به کڻي
    بي وسين ڏاڍي باهه ٻاري آ

    تنهنجو وهنوار ئي ٻڌائي ٿو
    تور تنهنجي گهڻن کان ڀاري آ

    رنگَ سانڊي جيان مَٽائڻُ ڇڏ
    مُرڪَ تو وٽ اڃا لڄاري آ


    ٻه جاڙا غزل : مُرڪندي گهوُري ڏسين ٿو ڇو ڀلا

    مُرڪندي گهوُري ڏسين ٿو ڇو ڀلا
    ڪجهه نه منهن کولي چوين ٿو ڇو ڀلا

    ڪونه ڪنهن گل جي ڪڏهن ويجهو
    وڃين سوچ خوشبوءِ جي رکين ٿو ڇو ڀلا

    عمر ساري پنهنجي مرضيءَ سان هلئين
    ڳالهه اڄ منهنجي مڃين ٿو ڇو ڀلا

    جي حضوريءَ ۾ گذارين ڏينهن ٿو
    رات جو وڦلڻ لڳين ٿو ڇو ڀلا

    ڪيترا ٿو ڏنگ کائين روز روز
    نانگ سان ته به گڏ گهمين ٿو ڇو ڀلا

    پاڻ تي ڪيڏو ڪرين ٿو ناز پر
    دهل تي نچندو وتين ٿو ڇو ڀلا

    پير تنهنجا هڪ جڳهه ناهن ٽِڪِيا
    ته به وڏا ماڙا اَڏين ٿو ڇو ڀلا


    ملڪ جون ڳالهيون ڪرين ٿو ڇو ڀلا

    ملڪ جون ڳالهيون ڪرين ٿو ڇو ڀلا
    سڀ ڪري ڦُر لُٽَ اچين ٿو ڇو ڀلا

    چاپلوسن ٻولڙين کان تون الڳ
    اهڙي محفل ۾ وڃين ٿو ڇو ڀلا

    ٿي وڃي ڀُرندي پراڻي ڀِتِ مگر
    ته به اَڃا پوچي هڻين ٿو ڇو ڀلا

    ڪاغذي گل جيان تون سهڻو ٿو لڳين
    رڻ پٽن وٽ تون ٽِڙين ٿو ڇو ڀلا

    مون سنيها نيٽِ تي ڪيڏا مُڪا
    تون اُتر هڪ جو نه ڏين ٿو ڇو ڀلا

    مان ته تنهنجي هڪ اکر جي لئه سِڪان
    دوستن سان بَڪَ ڪرين ٿو ڇو ڀلا

    ريشمي سڀ لفظ مون توکي ڏنا
    تون مگر شوُڪي ڏسين ٿو ڇو ڀلا


    کڻي امّيدون هوُ ڪيڏيون اچي ٿو

    کڻي امّيدون هوُ ڪيڏيون اچي ٿو
    اکين جي رنگ سان تن کي رڱي ٿو

    رکي ٿو ظابطو ڪيڏو نه ڄڀ تي
    جڏهن منصوبو ڪو من ۾ گهڙي ٿو

    اٿس هڪ چاهنا اُڀ کي ڇهڻ جي
    جڏهن ڪو پير ڌرتيءَ تي ڌري ٿو

    ڪري ناڪار پڻ ڪنهن مرڪ سان ٿو
    ائين رشتن کي ڪجهه ڏيندو رهي ٿو

    وڃي ٽيڪڻ مٿو هر روز ٿو هوُ
    لڳي ٿوڪنهن نه ڪنهن ڊپ کان ڊڄي ٿو

    اٿس ڀڳوان تي ويساهه اهڙو
    رڳو ڪنهن باس جو سؤدو ڪري ٿو

    رهي چپ چاپ ۾ ٻڌندو هميشهه
    نه دل جي ڳالهه ڪا پنهنجي سَلي ٿو


    تاري تاري ڳالهايو پئي

    تاري تاري ڳالهايو پئي
    ٽِمِ ٽم ٽم ٽم ورجايو پئي

    جنهن وٽ اورڻ حال وياسين
    تنهن آٿت سان وندرايو پِئي

    ڪونه دَيا ٿي ڪنهن کي آئي
    دَڳَ جي گهاوَن ٻاڏايو پئي

    ميڻ بتي اوندهه ۾ ٻاريم
    اُلر ڪري پاڇو آيو پئي

    سؤ روپيا ڏي لک ٿي ملندءِ
    ائين بکاريءَ ڀنڀلايو پئي

    اچي وڃي ڪو مَتِ جو موُڙهيل
    ان لئه پنڊت واجهايو پئي

    روئندي روئندي آئي ڪڪري
    هاريءَ اُن کي پرچايو پئي


    خود سان ئي ٺاههُ ڊاههُ هو ٻيو ڪجهه به ڪونه هو

    خود سان ئي ٺاههُ ڊاههُ هو ٻيو ڪجهه به ڪونه هو
    چهرن سان بس نباهه هو ٻيو ڪجهه به ڪونه هو

    ٽَههِ ٽهه ڪندي وڃي ٿي اُڏامي ٿي ڪيترو
    بدبوءِ ڪيو تباهه هو ٻيو ڪجهه به ڪونه هو

    بازار بند ڊوڙَ ڊُڪون ڊپ هراس کان
    افواهه بي پناهه هو ٻيو ڪجهه به ڪونه هو

    چڻنگون هوا جي شهه سان ئي ساڙن سڄو جهان
    پڄريو ڪو بي گناهه هو ٻيو ڪجهه به ڪونه هو

    جنهن وٽ پلاند آس پکيڙيو نِياءَ لاءِ
    دشمن جو سو مداح هو ٻيو ڪجهه به ڪونه هو

    راحت نه چاندنيءَ مان ملي ۽ نه اُس مان ڪا
    چُپِ لڙڪ ۽ پساهه هو ٻيو ڪجهه به ڪونه هو

    بي شرم جي گلن ۾ هئي مهڪ لاجواب
    هيءُ وقت جو ئي ڏاهه هو ٻيو ڪجهه به ڪونه هو


    تنهنجا منهنجا جَهانَ پنهنجا هئا

    تنهنجا منهنجا جَهانَ پنهنجا هئا
    وقت جا امتحانَ پنهنجا هئا

    ٿي چيائون ته هڪ ڌڻي آهي
    پوءِ به گيتا قرانَ پنهنجا هئا

    ساهه هر ڪنهن کنيو ٿي هڪ جهڙو
    بي وسيون داستانَ پنهنجا هئا

    تو به ڄاتو ٿي مون به ڄاتو ٿي
    تنهنجا منهنجا رُجحانَ پنهنجا هئا

    جن ڏنا هئا تناوَ جا تحفا
    ڪيترا مهربانَ پنهنجا هئا

    وڙ وڪڙ زندگيءَ جي راهن تي
    مون به پاليا گُمانَ پنهنجا هئا

    هن جياپي جي جنگ ۾ سائين
    تير پنهنجا ڪمانَ پنهنجا هئا


    ڀاونا کي ٿو ڪو ڪٿي سمجهي

    ڀاونا کي ٿو ڪو ڪٿي سمجهي
    رَبَ کي ڳولهيون ٿا پر نٿو لڀجي

    چيتنا جي دري کلي مس ٿي
    ڪا ته خوشبوءِ اچي ٿي جيءُ جهوري

    لوڀ جي کوهه ۾ ڪريو آهي
    هٿ هڻي ٿو اُتان نٿو نڪري

    پيار سڀ ۾ رَهيو ورهائيندو
    ڪونه پنهنجن ۾ اڄ اهو ڳڻجي

    من جي اوچي اڏام سان اڏندي
    نيٺ ڌرتيءَ تي ٿو اچي ڦَٿڪي

    خواب ڪهڙا ڏنا هئا هر ڪنهن
    پنهنجي احساس کي ڪٿي ڳولهي

    ڳالهه ڇو ٿو ڪرين تماشي جي
    ڦَٽُ ڪُري ٿو ڪا سوُٽَ ٿي اڀري


    لُڏن ڪُڏن ۽ ڳائن ڇوليون

    لُڏن ڪُڏن ۽ ڳائن ڇوليون
    ڏيکارن ٿيون ڦاٽل چوليون

    خوشبوءِ جهڙا انگ اُنهن جا
    لڳنديون آهن ٻاليون ڀوليون

    کؤنس ڪري ٿي هوا جڏهن ڀي
    ڦهلائن هوُ اڀ ڏي جهوليون

    ٿورو مرڪي منهن ڏيکاري
    هر ڪنهن سان ڪن مؤج الوليون

    سمجهي ويندين سؤليون آهن
    حسن عشق جون سهڻيون ٻوليون

    سانت سمنڊ کي ڇڏن ولوڙي
    سونهري لهرن جون ٽوليون

    جڳ ماڻيون تون پڻ ماڻي وٺ
    ڪائنات جون اهي پروليون


    تو ته مون کي جهليو هو وڃڻ لئه اُتي

    تو ته مون کي جهليو هو وڃڻ لئه اُتي
    هاڻ سجدو ڪرين خود وڃي مورڳو

    هو وڏو آسرو هن هوا جو مگر
    اڄ ڇپر کي اُڏائي وئي مورڳو

    تيز طوفان جي مؤج ماڻڻ ويو
    هن حياتي وڃائي ڇڏي مورڳو

    ٿي چيائون سٺا ڏينهن ايندا اِجهو
    دال آهي مهانگي بڻي مورڳو

    مون ته تنهنجي ڀلائيءَ جون ڳالهيون ڪيون
    تون ته مون کان وڃين ٿو رُسي مورڳو

    جهنگ ۾ تون اڪيلو هليو ٿو وڃين
    مان ته ٻڌندي وڃان ٿو ڊڄي مورڳو

    پار توکي اڪارڻ جي لئه مون چيو
    تو ته ٻيڙي ئي ٻوڙي وڌي مورڳو


    چنڊ سج جي پٺ وٺان

    چنڊ سج جي پٺ وٺان
    روشنيءَ خاطر رلان

    تنهنجا پوپٽ نت نوان
    رنگ ڪنهن ڪنهن جا ڏسان

    وَهُڪُري ۾ وقت جي
    سوچ ٿو بڻجي پوان

    تون ويو آهين رُسي
    دل ڳڻي ٿورا اَڃان

    فرق سچ ۽ ڪوڙ جو
    ڪونه ٿو پرکي سگهان

    سک سوين پرديس ۾
    ڀونءِ هيءَ ملندي ڪٿان

    وڻ تان سائو پن ٽٽل
    ڪئن ملي ساواڻِ سان

    گل ڪري ديپڪ وڃين
    ٿو اچين طوفان جان


    ٽيڙو

    چاهين ڪيئن سريرَ

    چاهين ڪيئن سريرَ
    رڻ پٽ جي هن ريت کان
    ٿڌي مٺي ٿو هيرَ.


    چؤنڪ تي گپاگيهه َ

    چؤنڪ تي گپاگيهه َ
    هڪڙو سِر تي سج تتلُ
    ٻي ماڻهن جي پيههَ.


    ڪلهه هو جو مجبورُ

    ڪلهه هو جو مجبورُ
    ڪرسي ملندي ئي ڏسو
    بڻجي پيو مغرورُ.


    چيو رام کي ماءُ

    چيو رام کي ماءُ
    ڏينديس توکي کير مان
    پهرين ڍٻل ته کاءُ.


    اهو ته ڪر ويچارُ

    اهو ته ڪر ويچارُ
    جنهن تي آهي ڦل نه ڪو
    سو ڪئن جهُڪندو ٽارُ.


    ڏس هيءُ عجب لقاءُ

    ڏس هيءُ عجب لقاءُ
    پَن ٻوُٽن ڦَلَ ڦوُل کي
    جهومائي پيو واءُ.


    چانڊوڪي ۽ چنڊُ

    چانڊوڪي ۽ چنڊُ
    جوڀن ونتي ديهه آ
    مَنڊي ڇڏيو ڪو مَنڊُ.


    ڏسي پکين جو جُهنڊُ

    ڏسي پکين جو جُهنڊُ
    دل آکيو ماڻهو ٿين
    شل اِئن کير ۽ کنڊُ.


    بدليو مند مزاجُ

    بدليو مند مزاجُ
    اُڀ جون گجگوڙون کنوڻ
    ڄڻ هو راڳ کماجُ.


    پکين ڪيو پروازُ

    پکين ڪيو پروازُ
    جنم مرڻ جيون سندو
    عقل پروڙيو رازُ.


    ڪوُئو ٻليءَ جو گراسُ

    ڪوُئو ٻليءَ جو گراسُ
    هن ساري سنسار جو
    آهه اهو اتهاسُ.


    هر ڪوئي انسانُ

    هر ڪوئي انسانُ
    پنهنجي لئه پيدا ڪري
    روز نئون گهمسانُ.


    مَنَ موهيندڙَ مرڪَ

    مَنَ موهيندڙَ مرڪَ
    فوٽو ڏسندي اک ٽميِ
    نينهن ڏنا ڪجهه لڙڪَ.


    من ڄڻ ڪو درياههُ

    من ڄڻ ڪو درياههُ
    خيالن جون لهرون لکين
    ڪنهن نه لڌو ڪو ٿاههُ.


    رهيو نه ڪو احساسُ

    رهيو نه ڪو احساسُ
    ڪوري ڄڻ انسان ٿو
    کائي پنهنجو ماسُ.


    ڳالهيون هُيون ته کوڙَ

    ڳالهيون هُيون ته کوڙَ
    پر ماڻهن جون جَدِولون
    پنهنجا ڪَٽ وَنڊ جوڙَ.


    هڻنِ مکڻ ڀوتارَ

    هڻنِ مکڻ ڀوتارَ
    لڳندا آهن هوُبهوُ
    ڏوهارين جا يارَ.


    ايڏا ٺاههَ نه ٺاههِ

    ايڏا ٺاههَ نه ٺاههِ
    چغلي ڪوُڙي يا سچي
    ٻاري ويندي باههِ.


    ڪهڙو ڪندين حسابُ

    ڪهڙو ڪندين حسابُ
    هر ڪنهن اک وٽِ سوال هڪ
    ڪونهي ڪوبه خوابُ.


    جاڳي جئن پرڀاتِ

    جاڳي جئن پرڀاتِ
    مٺڙي هير بڻي پئي
    هيءَ تاريلي راتِ.


    ڪڪر ڪيو ڇڻڪارُ

    ڪڪر ڪيو ڇڻڪارُ
    ڌرتيءَ کي ته به ٿو چوي
    ڏس منهنجو ڪردارُ.


    چوي هَنس کي ڪانءُ

    چوي هَنس کي ڪانءُ
    ٿوري ئي ساراهه ڪر
    ٿيندو تنهنجو نانءُ.


    مئا نه آهن مورَ

    مئا نه آهن مورَ
    ڪانوَ ڪبوتر جا مگر
    گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ زورَ.


    پي ڏس جمنا نيرُ

    پي ڏس جمنا نيرُ
    پيئندي آ دهلي سڄي
    پيٽ لاءِ اڪسيرُ.


    چندن جو هو ٽارُ

    چندن جو هو ٽارُ
    نانگن سان ٿو ويڙهجي
    ان کي ڪوٺِن پيارُ.


    هن گلشن جا خارَ

    هن گلشن جا خارَ
    چُڀي چُڀي آيا کڻي
    منهنجي لئه اشعارَ.


    چؤڌر ڪاري ٻاٽَ

    چؤڌر ڪاري ٻاٽَ
    ڪنهن ڪنهن وٽِ آهي اڃا
    جهيڻي جهيڻي لاٽَ.


    ٿيءُ پاڻ سان سخت

    ٿيءُ پاڻ سان سخت
    اکر اکر مان سُرِڪَ ڀر
    کُلندو تنهنجو بختُ.


    هرڪو مَنش مهانُ

    هرڪو مَنش مهانُ
    ڪُنڊ وٺي ويٺو وڃي
    مون جهڙو انسانُ.


    هرڪو بک ۾ پاههُ

    هرڪو بک ۾ پاههُ
    مڇيون به کائي ڪيتريون
    پيٽُ وڏو درياههُ.


    آهن اجگر نانگَ

    آهن اجگر نانگَ
    ڳرڪائي ويندءِ سڄو
    ڏيئي وڏي ڇلانگَ.


    وقت وقت جا ڍنگَ

    وقت وقت جا ڍنگَ
    ڪان ڪان جا سُر ٿا ڪڍن
    مور بڻي پيا ڪنگَ.


    کائي گهري چوٽَ

    کائي گهري چوٽَ
    چندن ليپيو نرڙ تي
    هاڻي رَبَ جي اوٽَ.


    ائين نه ٽمندا نيڻَ

    ائين نه ٽمندا نيڻَ
    روز ٻڌان ٿي ننڊ ۾
    ڪؤڙا ڪؤڙا ويڻَ.


    ڇاهي پُڃُ ۽ پاپُ

    ڇاهي پُڃُ ۽ پاپُ
    اسان ته پرڀوُءَ جو ڪيون
    ڪڏهن ڪڏهن ئي جاپُ.


    تُنهنجو ٻُڌندي ٽهڪُ

    تُنهنجو ٻُڌندي ٽهڪُ
    آيو ڪنهن جي روح کي
    لوُڻ ٻڏلُ ڪو چهڪُ.


    ڊوڙ ڊڪون گهمسانُ

    ڊوڙ ڊڪون گهمسانُ
    اچي گهڙيو بازار ۾
    ڪو باهوڙيل سانُ.


    لوڪ مڙيل هئا کوڙَ

    لوڪ مڙيل هئا کوڙَ
    ويهين ماڙي تان ڪِريِ
    بچيو، ڌڻيءَ جي جوڙَ.


    جيڪي بکيا پاڻَ

    جيڪي بکيا پاڻَ
    دعا پنڻ تن وٽ وڃن
    ڪا ته رکن ٿا ڄاڻَ.


    بستي ڏسي نه جهنگُ

    بستي ڏسي نه جهنگُ
    ڏيکاريندي ٿي رهي
    هوا ته پنهنجو رنگُ.


    تارازي وَٽَ والَ

    تارازي وَٽَ والَ
    پيٽ ڏنا آهن اِهي
    هر ڪنهن کي کڙتالَ.


    اَٿن قبر ۾ پيرَ

    اَٿن قبر ۾ پيرَ
    تڏهن به هڻندا ٿا وتن
    پيشُ زبر ۽ زيرَ.


    ماڻهو ڄَڻُ ته دڪانَ

    ماڻهو ڄَڻُ ته دڪانَ
    تون چئه توکي ڇا کپي
    گاريوُن يا سنمانَ.


    خبر نه توکي رامَ

    خبر نه توکي رامَ
    ڪنهن ڪنهن ڪهڙا ٿي هنيا
    سيتا تي الزامَ.


    ڌرمي پڙهي ڪتابَ

    ڌرمي پڙهي ڪتابَ
    ڪندو وتي پڃ پاپ جا
    سڀني ساڻُ حسابَ.


    سک پٽڙا ڪجهه ڏانءُ

    سک پٽڙا ڪجهه ڏانءُ
    اوٽَ موٽَ ڪنهن رمز سان
    کڻجي پنهنجو نانءُ .


    اُس پاڇا ڄڻ يارَ

    اُس پاڇا ڄڻ يارَ
    ڏسي وڃن چپ چاپ ۾
    کِن کِن جا وهنوارَ.


    سوچ اَنوکي لاٽَ

    سوچ اَنوکي لاٽَ
    ايندي ويندي ٿي ڪڍي
    ڏس ڪيڏا چمڪاٽَ.


    من ۾ جي وڻڪارَ

    من ۾ جي وڻڪارَ
    تارَ تارَ وڄندي رهي
    جئن جهيڻي جهنڪارَ.


    ڪڪر ته آيا جامَ

    ڪڪر ته آيا جامَ
    پياسي ڌرتيءَ جي مٿان
    وسيا نه پر وريامَ.


    ڇا ٿي ڳولهين لهرَ

    ڇا ٿي ڳولهين لهرَ
    ا لبيلي مهراڻ وٽ
    ايندي ڪر نه ٻپهرَ.


    اڄ پڻ آ امڪانُ،

    اڄ پڻ آ امڪانُ،
    رو ز کڻي ٿو سج اچي
    سوُرن جو سامانُ.


    تِڏ جي تِکي تنوارَ

    تِڏ جي تِکي تنوارَ
    سّناٽي جي روح ۾
    رات وڌا ٿي ڏارَ.


    تِڏ جي تِکي تنوارَ،

    تِڏ جي تِکي تنوارَ،
    هن اونداهي رات کي
    ڪري وڃي للڪارَ.


    شهر مڙيوئي شهرَ

    شهر مڙيوئي شهرَ
    تنِ جي رڳ رڳ ۾ هجن
    خون حادثا زهرَ.


    گُنبذُ ڪيڏا ڪانگَ

    گُنبذُ ڪيڏا ڪانگَ
    سڀ اُڏريا وڻ تان ڏني
    باندر جڏهن ڇلانگَ.


    پائي نٿو نقابُ

    پائي نٿو نقابُ
    سِرُ به جهڪائي ڪين ٿو
    رڳو ڏسي ٿو خوابُ.


    دنيا ڄڻ ڪو جهنگُ

    دنيا ڄڻ ڪو جهنگُ
    وِکَ وک تي آهن مِرون
    ورلو مستُ ملنگُ.


    سانت سُمرڻي سورِ

    سانت سُمرڻي سورِ
    آهه ٻڌڻ وارو ڪٿي
    اورَ پاڻ سان اورِ.


    هيءُ اُڀ ناهي ترسُ

    هيءُ اُڀ ناهي ترسُ
    کوهه جي پاڻيءَ ۾ ڏٺئه
    چَنڊَ تارن جو عڪسُ.


    ڪاري ڪاري راتِ

    ڪاري ڪاري راتِ
    جيڪي ٿي تارا ڄڻي
    ڳرڪائي پرڀاتِ.


    دريءَ منجهان چانڊاڻِ

    دريءَ منجهان چانڊاڻِ
    اڪثر ڪمري ۾ گهڙي
    مون سان ڪري رهاڻِ.


    ڪڪر ڪيا ڪڙڪاٽَ

    ڪڪر ڪيا ڪڙڪاٽَ
    پوءِ کنوڻ جو هٿ ڪڍي
    ڀونءِ کي هنئي چماٽَ.


    جڳ سمجهڻ جو چاههُ

    جڳ سمجهڻ جو چاههُ
    من ۾ هُرِ کُرِ ڪيتري
    ڪونه ملي ٿو ٿاههُ.


    جَلي مَسَڻَ ۾ لاشُ

    جَلي مَسَڻَ ۾ لاشُ
    ٻاڪارِنِ ٿا ٻارڙا
    سُڏڪي ٿو آڪاشُ.


    ماءُ ڏنو وشواسُ

    ماءُ ڏنو وشواسُ
    پنهنجو گهر در ۽ دريون
    جاڳائن احساسُ.


    ڏسُ ته ورائي ورقُ

    ڏسُ ته ورائي ورقُ
    جهٽِ پَٽِ ايندُءِ سمجهه ۾
    شخص عڪس ۾فرقُ.


    ماٺِ ڪري تون ويههُ

    ماٺِ ڪري تون ويههُ
    ڪمزورن جي ڳالهه کي
    ٻڌندو ناهي ڏيههُ.


    اَٿس نه پنهنجي ڄاڻَ

    اَٿس نه پنهنجي ڄاڻَ
    هرهنڌ ٿو لاڦوُن هَڻي
    ڄڻ ته مُکي آ پاڻَ.


    ڏس ڏينڀوءَ جو ڍنگُ

    ڏس ڏينڀوءَ جو ڍنگُ
    پياسو هو ٿي جل ڏنم
    هڻي ڪڍيائين ڏنگُ.


    من ٿي پيو دلگيرُ

    من ٿي پيو دلگيرُ
    جڏهن هنيو هُن مُرڪندي
    لفظ لفظ سان تيرُ.


    ڪَڪرن ڪئي اُچاٽَ

    ڪَڪرن ڪئي اُچاٽَ
    ننڊ ڦٽائي رات جو
    ڪيا وڏا ڪڙڪاٽَ.


    اُس، لُڪ، نِمُ جي ڇانوَ

    اُس، لُڪ، نِمُ جي ڇانوَ
    کَٽوُن اُنهيءَ هيٺان رکي
    ڪَئي ڪچهري گانوَ.


    ڏُکڻي دل جي تارَ

    ڏُکڻي دل جي تارَ
    ياد جڏهن ٿي ڪا ڇُهي
    ڪرڻ لڳي جهنڪارَ.


    هر انسانُ سڄاڻُ

    هر انسانُ سڄاڻُ
    اَڇي وَڳي اندر رَکي
    ڍَڪي تِکو ڪِرِپاڻُ.


    ڏسندي ڪنهن جا لُڙڪَ

    ڏسندي ڪنهن جا لُڙڪَ
    منهنجي دل ازخود ڀني
    پئي نه ڪنهن کي کُڙڪَ.


    لُڙِڪَنِ کي نه شناسَ

    لُڙِڪَنِ کي نه شناسَ
    اک مان ڳل تي ٿا ڳَڙنِ
    لُڏي وڃن وشواسَ.


    هير ڪيا اڄ کيلَ

    هير ڪيا اڄ کيلَ
    ٽاري گل سان گڏُ نچي
    هيءَ مُرڪَڻ جي ويلَ


    محل سڄوئي ڀينگَ

    محل سڄوئي ڀينگَ
    کنڊهر ٿو ڀُرندو وڃي
    ڪڏهن هُئا هِتِ ڌينگَ.


    روزُ مَٽايان راههَ

    روزُ مَٽايان راههَ
    پنهنجو آ نه وَجوُدُ ڪو
    سڀني سان بس ٺاههَ.


    پٽ تي وڻ جو عڪسُ

    پٽ تي وڻ جو عڪسُ
    سرڪي ٿو چپ چاپ ۾
    ڪري نه ڪنهن سان بحثُ.


    ڪَڪرن ڪيو ڪمالُ

    ڪَڪرن ڪيو ڪمالُ
    وسيا ته نکريو ڀونءِ جو
    جوڀن روُپ جمالُ.


    جڳت وڏو فنڪارُ

    جڳت وڏو فنڪارُ
    روز ڏئي ٿو پاڻ کي
    نئون نئون آڪارُ.


    اِئين ڏنائين هيِنگَ

    اِئين ڏنائين هيِنگَ
    بَن جي راجا شينهن جي
    ڪري ڇڏيائين ڀينگَ.


    گرمي نِمُ جي ڇانوَ

    گرمي نِمُ جي ڇانوَ
    راحت ٿي بخشي هوا
    ڏِسُ وِٺِ لاٿي ڪانوَ.


    هاڻي پيئي ڄاڻَ

    هاڻي پيئي ڄاڻَ
    هر ڪنهن وٽ سچ ڪوڙ جا
    پنهنجا پنهنجا ماڻَ.


    چيو ماڪَ جي بوندَ

    چيو ماڪَ جي بوندَ
    منهنجي سونهن ڏسي اچي
    سج جو ڪرڻو هوندَ.


    چَکِ سُڳنڌِ کي پاڻَ

    چَکِ سُڳنڌِ کي پاڻَ
    لفظ لفظ خلقي نيوُن
    معنائون ۽ ماڻَ.


    ڀَريل پکين سان ڍنڍَ

    ڀَريل پکين سان ڍنڍَ
    جڙ چيتن جا پاڻ ۾
    آد اصل کان ڳنڍَ.


    سازُ وڄائن ساههَ

    سازُ وڄائن ساههَ
    جيون جي سنگيت ۾
    چاڙهن سان گڏ لاههَ.


    سهڻو سانت تلاءُ

    سهڻو سانت تلاءُ
    ڏس ڪئن گد گد ٿو ٿئي
    لڳي جڏهن ٿو واءُ


    نيتا جو اعلانُ

    نيتا جو اعلانُ
    جيئن ٽي.ويءَ. تي ٿو هجي
    بارش جو انومانُ.


    دوها

    تنهنجي لءِ سانڍي رکيو، ڌرتيءَ جيڪو آبُ،

    تنهنجي لءِ سانڍي رکيو، ڌرتيءَ جيڪو آبُ،
    اُن کي پڻ ٻاهر ڪڍي، خانو ڪرين خرابُ.


    پاڻي آ پرماتما، ورڻ ديو ڀڳوانُ،

    پاڻي آ پرماتما، ورڻ ديو ڀڳوانُ،
    ڦڙو ڦڙو ڪم ٿو اچي، ان جو ڪر سنمانُ.


    پاڻي آهي زندگي، هڏ چم رت ۽ ماسُ،

    پاڻي آهي زندگي، هڏ چم رت ۽ ماسُ،
    جل نه هجي سنسار ۾، کڻندو ڪئن ڪو ساسُ.


    ڪَڻَ ڪَڻَ ۾ سائين وسي، پنهنجو جهوليلالُ،

    ڪَڻَ ڪَڻَ ۾ سائين وسي، پنهنجو جهوليلالُ،
    پسون پکڻ هر جيو جو، راکو آ رکپالُ.


    پير ته مون سان گڏ هلن، من آ ڪنهن ٻئي هنڌِ،

    پير ته مون سان گڏ هلن، من آ ڪنهن ٻئي هنڌِ،
    ساڀيا کي ڄڻ خواب ٿو، ڏيندو وڃي سُڳنڌِ.


    مَنڊي هلين ٿو پاڻ تي، ڪوڙَ ڪُپت جو مَنڊُ،

    مَنڊي هلين ٿو پاڻ تي، ڪوڙَ ڪُپت جو مَنڊُ،
    تڏهن ته ڏسجي ڪونه ٿو، سک جو هڪ سيڪنڊُ.


    کنوڻ کنوي بادل گجيا، رِڻ تي ساري راتِ،

    کنوڻ کنوي بادل گجيا، رِڻ تي ساري راتِ،
    آس تڪيندي اُڀ رهي، ڪانه وسي برساتِ.


    وير چڙهي ڀل سمنڊ ۾، ڪيڏي ڀي د مد ا رُ،

    وير چڙهي ڀل سمنڊ ۾، ڪيڏي ڀي د مد ا رُ،
    تَڙ کي ڪونه ڏئي سگهي، تَر جو لڪل ڀنڊا رُ.


    هر مؤسم آئي وئي، سيءَ ا ونهارا مينهنَ

    هر مؤسم آئي وئي، سيءَ ا ونهارا مينهنَ،
    حال نه پر ويهي ونڊيو، ڪڏهن رات سان ڏينهنَ.


    ورتا هئا تو ڀل کڻي، ڪَوي وڏا اعزا زَ،

    ورتا هئا تو ڀل کڻي، ڪَوي وڏا اعزا زَ،
    ڪٿي پروڙي تون سگهئين، گهڙيءَ گهڙيءَ جا را زَ.


    سکو نه ڪا سيسا ملي، ڏڻ هو چيٽي چنڊُ

    سکو نه ڪا سيسا ملي، ڏڻ هو چيٽي چنڊُ،
    پئسن تي پاڻي مليو، ڏٺم وڏو پاکنڊُ.


    زهريلي اِئن ٿي هوا، جيئڻ ٿيو دشوا رُ

    زهريلي اِئن ٿي هوا، جيئڻ ٿيو دشوا رُ،
    جيئڻو مرڻو آ هِتي، نيٺِ ته هيءُ سنسارُ.


    هر ڪونڊيءَ ۾ گل ٽڙيل، مُرڪي ٿي سرهاڻِ

    هر ڪونڊيءَ ۾ گل ٽڙيل، مُرڪي ٿي سرهاڻِ،
    پاڇن سان گهر ۾ رهون، ڪهڙي روح رهاڻِ.


    ڪجي وڃي ڪنهن وٽ ڀلا، کِنَ کِنَ جو فريادِ

    ڪجي وڃي ڪنهن وٽ ڀلا، کِنَ کِنَ جو فريادِ.
    ڪنهن کي فرصت جو ڏسي، هيءُ کنڊهر بربادِ.


    ڪري ڏسو گل کي ڇِني، ڀَلِ ٽاريءَ کان ڌارَ

    ڪري ڏسو گل کي ڇِني، ڀَلِ ٽاريءَ کان ڌارَ،
    ڪونه مٽيندو رنگ ۽، ڏيندو سا هٻڪارَ.


    پنهنجون پنهنجون جدولون،ضَربَ، وَنڊَ ڪٽ جوڙَ

    پنهنجون پنهنجون جدولون،ضَربَ، وَنڊَ ڪٽ جوڙَ،
    اڄ هر ڪنهن انسان کي، وڏي ٿيڻ جي لوڙَ.


    ڪيڏو سرهو سبز هو، ڪڏهن ته دل جو باغُ

    ڪيڏو سرهو سبز هو، ڪڏهن ته دل جو باغُ،
    ڄڻ ڪلراٺي کيت جيان، هاڻي آهه دماغُ.


    مرک شاهه پائي هلي، ٿو جهولڻ جو ويسُ

    مرک شاهه پائي هلي، ٿو جهولڻ جو ويسُ،
    ڪيئن بچي سگهندو ڀلا، هاڻي پنهنجو ديسُ.


    ديا پاپ جو مول ڄڻ، ڌرم مول اڀمانُ

    ديا پاپ جو مول ڄڻ، ڌرم مول اڀمانُ،
    هاڻي منهنجي مُلڪ ۾، هرڪو ئي اڳوانُ.


    اڳ هئا سنڌي سنڌ ۾، هاڻ رهن هرهنڌِ

    اڳ هئا سنڌي سنڌ ۾، هاڻ رهن هرهنڌِ،
    مّٽيءَ جي هاڻي ڪِٿي، ڏسجي سِڪَ سُڳنڌِ.


    ڪري ڪرائي پاڻ ٿو، پوءِ ڪهڙو پڃ پاپ

    ڪري ڪرائي پاڻ ٿو، پوءِ ڪهڙو پڃ پاپُ،
    ايندو آهي ته به ڪٿان، قدرت جو آلاپُ؟


    پئسي سان ئي ٿو ڳنهي، پيار عزت ۽ مانُ

    پئسي سان ئي ٿو ڳنهي، پيار عزت ۽ مانُ،
    لڳندو آهي نرلڄو، اڄڪلهه جو انسانُ.


    تنهائي آئي کڻي، کِنَ کِنَ جا انبارَ

    تنهائي آئي کڻي، کِنَ کِنَ جا انبارَ،
    پر سڀني جو ذائقو، هو هڪ ٻئي کان ڌارَ.


    هيٺاهين وٺندي وڌي، جئن پاڻيءَ جي ڌارَ

    هيٺاهين وٺندي وڌي، جئن پاڻيءَ جي ڌارَ،
    سُکي حياتيءَ لءِ کپي، وٺڻ اهائي ڍارَ.


    ساگر جهرڻا ۽ نديون، کوُهن تي پڻ نارَ

    ساگر جهرڻا ۽ نديون، کوُهن تي پڻ نارَ،
    جيونُ پاڻيءَ ڌار جيان، نوان نوان آڪارَ.


    جنهن جي هڪ هڪ لفظ ۾، حق جو هوڪو آههِ

    جنهن جي هڪ هڪ لفظ ۾، حق جو هوڪو آههِ،
    سنڌيءَ جهڙي ٻهڳڻي، مون لئه ٻي ڪا ناههِ.


    سنڌي ٻوليءَ کي ڇڏي، ٿي نه سگهيا انگريزَ.

    سنڌي ٻوليءَ کي ڇڏي، ٿي نه سگهيا انگريزَ.
    ماءُ جي مٺڙي لات کان، ڪَرِ نه ڪڏهن پرهيزَ.


    جن جا وڏڙا سنڌ جا، جن جي سنڌي ماءُ

    جن جا وڏڙا سنڌ جا، جن جي سنڌي ماءُ،
    ٻوليءَ سان آهن ڪندا، ماٽيلو ورتاءُ.


    پنڊتَ جي ٿو قيد ۾، بند رهي ڀڳوانُ

    پنڊتَ جي ٿو قيد ۾، بند رهي ڀڳوانُ،
    هرڪنهن کولي آ رکيو، پنهنجو الڳ دڪانُ.


    اُن کي ڳولهيندو وتي، جنهن جو ڪونه مڪانُ

    اُن کي ڳولهيندو وتي، جنهن جو ڪونه مڪانُ،
    گهر ۾ ڪونه گهڙي ڏسي، من مان ڪڍيِ گمانُ.


    هر ڌرمي اسٿان تي، رڳو گوڙُ گهمسانُ

    هر ڌرمي اسٿان تي، رڳو گوڙُ گهمسانُ،
    پوُڄڻ جوڳ ته ٿو لڳي، محنت ڪش انسانُ.


    ورندو دانهن نه ڪوُڪ مان، رکڻو پوندو ڌيانُ

    ورندو دانهن نه ڪوُڪ مان، رکڻو پوندو ڌيانُ،
    اونڌي مٽ کي جئن ڀرڻُ، آ پاڻيءَ جو زيانُ.


    ڪندا رهن ٿا ڪيترا، روز نوان اعلانَ

    ڪندا رهن ٿا ڪيترا، روز نوان اعلانَ،
    اسان ته سهندا ٿا رهون، واچوُڙا طوفانَ.


    “مين مين” ڏوهاريِ بڻيِ، ڪاتيءَ مليو نه ڏوههُ

    “مين مين” ڏوهاريِ بڻيِ، ڪاتيءَ مليو نه ڏوههُ،
    تڏهن ڄيٺ کان گرم ٿو، لڳي مهينو پوههُ.


    ٻارن جو جهيڙو چئي، ڏوههُ ڪيائون معافُ

    ٻارن جو جهيڙو چئي، ڏوههُ ڪيائون معافُ،
    هِتِ هر ڪوئي ٻار آ، چوي اِئين انصافُ.


    ڏوهاري آزاد ٿيا، ڦاسي ويا مظلومَ

    ڏوهاري آزاد ٿيا، ڦاسي ويا مظلومَ،
    هاڻي هر ڪنهن شهر ۾، ڏوهارين جي ڌومَ.


    وايون

    جهولي ڦهلائي،

    جهولي ڦهلائي،
    رڻ وٽ رات رهي پئي.

    بادلَ اکڙين ۾ کڻي، بوندون برسائي.
    رڻ وٽ رات رهي پئي.

    ڪانڊيرن جي رهنڊ کي، سيني سان لائي،
    رڻ وٽ رات رهي پئي.

    سّناٽي جي روح کي، اک سان پَرچائي،
    رڻ وٽ رات رهي پئي.

    تارن جي ٽم ٽم ڏسي، دل کي سمجهائي،
    رڻ وٽ رات رهي پئي.

    من جي ساڃهه کي ڇهي، ٿورو ٻاڏائي،
    رڻ وٽ رات رهي پئي.

    لفظ لفظ تي هٻڪندي، توري ڳالهائي،
    رڻ وٽ رات رهي پئي.


    پنهنجا آهن، چُڀندا ناهن،

    پنهنجا آهن، چُڀندا ناهن،
    ڪيئن چوان مان.

    ڏيڻ اچن ٿا سوُر سدائين،
    وڻندا ناهن،
    ڪيئن چوان مان.

    منهن ۾ وڏڙو گهنجُ وجهن ٿا،
    پڇندا ناهن،
    ڪيئن چوان مان.
    لفظ لفظ ڄڻ آهي ڪاتي،
    ڪُهندا ناهن،
    ڪيئن چوان مان.

    زخم مڙيا پر داغ اڃا ڀي،
    ڪُرندا ناهن،
    ڪيئن چوان مان.

    ديپ اميدن جا گلڙا سڀُ،
    ٻَرندا ناهن،
    ڪيئن چوان مان.

    بوند نه ڪڪرن ڪڏهن وسائي،
    لَنگهندا ناهن،
    ڪيئن چوان مان.


    حال آئين پڇڻ ، لک ٿورا مڃون.

    حال آئين پڇڻ ، لک ٿورا مڃون.
    ڳالهه ڪهڙي ڪيون.

    ڪشُ هڻين جي دونهون ٿي اڏامي وڃون.
    ڳالهه ڪهڙي ڪيون.

    ميز ڪرسي پلنگ، سڀ سان ٺهڪي هلون.
    ڳالهه ڪهڙي ڪيون.

    گهر ڏٺل، پر وڃڻ ۾ سوين الجهنون.
    ڳالهه ڪهڙي ڪيون.

    تون اچين ٿو جڏهن، ڇانوَ سِر تي ڏسون.
    ڳالهه ڪهڙي ڪيون.

    مند موٽي نٿي، سونهن لئه پيا سِڪون.
    ڳالهه ڪهڙي ڪيون

    سج تپائي بدن، چنڊ جون حرڪتون.
    ڳالهه ڪهڙي ڪيون.


    سهڪيِ ساڻو ساههُ،

    سهڪيِ ساڻو ساههُ،
    جيءَ ۾ ٽانڊا ٿا ٻرن.

    ماڻهوءَ تي آ ڪونه اڄ، ماڻهوءَ جو ويساههُ.
    جيءَ ۾ ٽانڊا ٿا ٻرن.

    ٻيڙا ٿو ٻوڙي وجهي، آهي سمنڊاَٿاههُ.
    جيءَ ۾ ٽانڊا ٿا ٻرن.

    گل ته ٽڙيا ها چوڄ مان، مالهيءَ ڪيا تباههُ.
    جيءَ ۾ ٽانڊا ٿا ٻرن.

    هٿ نٿو هٿ کي ڏسي، چؤڌاري اونداههُ.
    جيءَ ۾ ٽانڊا ٿا ٻرن.

    حرفت سان ڪانئر بڻيو، مانجهي مرد ملاحُ.
    جيءَ ۾ ٽانڊا ٿا ٻرن.

    ڳالهه ڪرڻ انصاف جي، آهي ڄڻڪ گناههُ.
    جيءَ ۾ ٽانڊا ٿا ٻرن.


    تو لئه ڀوُنءِ آڪاسُ،

    تو لئه ڀوُنءِ آڪاسُ،
    ته به دل ماندي ڇو رهين.

    هوا اچي ٿي پاڻهي،
    سوري تنهنجو ساسُ.
    ته به دل ماندي ڇو رهين.

    گل ٽاريءَ سان ٿو نچي،
    کوهي هوش حواسُ.
    ته به دل ماندي ڇو رهين.

    پنُ پنُ جهومي چوڄ سان،
    ڳائي راڳ اُلاسُ.
    ته به دل ماندي ڇو رهين.

    پکي پکڻ لاتيون لنوين،
    جاڳائن احساسُ.
    ته به دل ماندي ڇو رهين.

    ٽَهه ٽَهه ڪن لهروُن اچي
    پائي نئون لباسُ.
    ته به دل ماندي ڇو رهين.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 468286
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 187776
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ