ڪتاب جو نالو: اڻويهه عالمي ڪهاڻيون
مصنف: عبدالخالق سنديلو
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 13 آڪٽوبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 744 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 328 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
عبدالخالق سنديلي جي هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين منجهان ڪي اهڙيون به شاهڪار ڪهاڻيون آهن، جن کي پڙهندڙ بار بار پڙهڻ چاهيندي به ٿڪجندو ناهي. هونئن به هن ڪتاب لاءِ جن عالمي ڪهاڻيڪارن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، انهن جي پڙهندڙن جو اڻ ڳڻيو ڳاڻيٽو رشڪ طلب آهي، ليو ٽالسٽاءِ، چيخوف، موپاسان، ٿامس هارڊي، عزيز نيسن، جمال مير صادقي، سائمن ڪارمگيٽ، خانم قدسيه موساوي، فرانز ڪافڪا، ٽئگور، گارشيا مارڪيز، اوهينري، بجور نسٽرين بجورينس ۽ اوليو شريز دنيا جا اهڙا ليکڪ آهن، جن جون ڪهاڻيون ۽ افسانا تاريخي، انقلابي ۽ رومانوي ڪٿائن تي مشتمل آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران :
  • ڪتاب نمبر 41
  • ارپنا
  • پبلشر نوٽ
  • مترجم پاران
  • مهاڳ
  • اڻويهه عالمي ڪهاڻيون

  • ليوٽا لسٽائي
  • پيالو
  • انتون چيخوف
  • انصاف
  • تحفو
  • موپاسان
  • هيرن جو هار
  • رَسيءَ جو ٽڪرو
  • ٿامس هارڊي
  • شڪ
  • عزيزني سن
  • حادثو
  • جمال مير صادقي
  • ڀت
  • سائمن ڪارمگيٽ
  • کل جهڙي ڳالهه
  • آزمائش
  • فرانز ڪافڪا
  • انصاف جو دروازو
  • پاڙيسري
  • ڀرم
  • وڻ
  • رابندر ناٿ ٽئگور
  • شڪست جي فتح
  • گابرئيل گارشيا مارڪيز
  • منجهند جو آرام
  • اوهينري
  • گراهڪ
  • بجور نسٽرين بجورنسن
  • پيءُ
  • خواهش
  • آخري پنو

  • سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اڻويهه عالمي ڪهاڻيون“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب پرڏيهي ادب مان چونڊ ڪيل 19 شاهڪار ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو آهي جنهن جو سنڌيڪار عبدالّالق سنديلو آهي.
    ”عبدالخالق سنديلي جي هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين منجهان ڪي اهڙيون به شاهڪار ڪهاڻيون آهن، جن کي پڙهندڙ بار بار پڙهڻ چاهيندي به ٿڪجندو ناهي. هونئن به هن ڪتاب لاءِ جن عالمي ڪهاڻيڪارن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، انهن جي پڙهندڙن جو اڻ ڳڻيو ڳاڻيٽو رشڪ طلب آهي، ليو ٽالسٽاءِ، چيخوف، موپاسان، ٿامس هارڊي، عزيز نيسن، جمال مير صادقي، سائمن ڪارمگيٽ، خانم قدسيه موساوي، فرانز ڪافڪا، ٽئگور، گارشيا مارڪيز، اوهينري، بجور نسٽرين بجورينس ۽ اوليو شريز دنيا جا اهڙا ليکڪ آهن، جن جون ڪهاڻيون ۽ افسانا تاريخي، انقلابي ۽ رومانوي ڪٿائن تي مشتمل آهن.“
    هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران جنوري 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سمبارا پبليڪيشن جي سرواڻ ۽ پياري دوست ساجد سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڪتاب نمبر 41

    هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: اڻويهه عالمي ڪهاڻيون
    موضوع: عالمي ڪهاڻيون
    سنڌيڪار: عبدالخالق سنديلو
    ڇاپو پهريون: جنوري 2017ع
    ڪمپوزنگ/لي آئوٽ: شاهزيب ميمڻ
    ٽائيٽل: احسان دانش
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    سيد آرڪيڊ آفيس نمبر 8 عبرت گهٽي گاڏي کاتو حيدرآباد
    03003513966

    مُلهه: 150 روپيا

    UNVIH CHOND AALMI KHANIYON
    (Storys)
    By: Abdul Khaliq Sandelo
    Sambara Publication Hyderabad
    03003513966

    ڪتاب ملڻ جا هنڌ:
    ڀٽائي ڪتاب گهر حيدرآباد،. فڪشن هائوس حيدرآباد، ادبي بورڊ بڪ اسٽال تلڪ چاڙهي حيدرآباد، قليچ ڪتاب گهر سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد، ڪنگ پن بڪ هائوس پريس ڪلب حيدرآباد، ڪامريڊ بڪ اسٽال ڄامشورو. رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو، مهراڻ ڪتاب گهر لاڙڪاڻو. وسيم ڪتاب گهر شڪارپور، سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر. تهذيب بڪ اسٽور خيرپور ميرس، ٿر ڪتاب گهر مٺي. الفتح نيوز ايجنسي سکر.


    ارپنا

    هي قلمي پورهيو ارپيان ٿو
    پنهنجي پياري
    والد صاحب
    ۽
    پياري والده ماجده
    جي نالي
    جن جي پيار، محبت
    شفقت
    ۽ تربيت
    هي ڪتاب ترجمو ۽ ترتيب ڏيڻ
    جي قابل بڻايو


    پبلشر نوٽ

    ڏٺو وڃي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ پرڏيهي ادب جا ترجما اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه سرس ٿي رهيا آهن، ان جو وڏوسبب نوجوانن ۾ مطالعاتي اک جي تيزي به آهي ته پنهنجي ادب کي پرڏيهه ۾ سرجندڙ ادب سان ڀيٽڻ جا به موقعا ملن ٿا. اهو چوڻ غلط ٿيندو ٿيندو ته موجوده دور جي نوجوان طبقي ۾ مطالعي ۽ مشاهدي جي کوٽ آهي، اسان جي نوجوان ليکاري عبدالخالق سنديلو به ان حوالي سان پاڻ پتوڙڻ واري جذبي سان سرشار آهي، خاص طور ترجمي واري ڪم ۾ هٿ وجهي پاڻ ملهايو آهي ۽ سنڌي ادب کي ” اڻويهه عالمي ڪهاڻيون” ڏئي سچ ته ساراهه جوڳو ڪم آهي. جنهن مان نوجوان طبقو پڻ ضرور لاڀ حاصل ڪندو.
    عبدالخالق سنديلو جي هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين منجهان ڪي اهڙيون به شاهڪار ڪهاڻيون آهن، جن کي پڙهندڙ بار بار پڙهڻ چاهيندي به ٿڪجندو ناهي. هونئن به هن ڪتاب لاءِ جن عالمي ڪهاڻيڪارن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، انهن جي پڙهندڙن جو اڻ ڳڻيو ڳاڻيٽو رشڪ طلب آهي، ليو ٽالسٽاءِ، چيخوف، موپاسان، ٿامس هارڊي، عزيز نيسن، جمال مير صادقي، سائمن ڪارمگيٽ، خانم قدسيه موساوي، فرانز ڪافڪا، ٽئگور، گارشيا مارڪيز، اوهينري، بجور نسٽرين بجورينس ۽ اوليو شريز دنيا جا اهڙا ليکڪ آهن، جن جون ڪهاڻيون ۽ افسانا تاريخي، انقلابي ۽ رومانوي ڪٿائن تي مشتمل آهن. اميد ته نوجوان عبدالخالق سنديلو پاران سندس ڪهاڻين کي سنڌي روپ ڏيڻ واري ڪم پڻ کي ڀليڪار ڪيو ويندو. سمبارا پبليڪيشن پاران ” اڻويهه عالمي ڪهاڻيون“ جي اشاعت تي بيحد سرهائي محسوس ڪجي ٿي.

    ساجد سنڌي
    سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
    03003513966


    مترجم پاران

    مون ڪنهن وقت ڪٿي پڙهيو هو ته دنيا جي شاهوڪار ٻولين جو سرمايو صرف سندن ديس ۾ سرجندڙ ادب ۽ لکڻين تي منحصر نه هوندو آهي، پر ان جو وڏو حصو ان ٻوليءَ، دنيا جي ٻين ٻولين جي لکڻين، پوءِ اهي نثر ۾ هجن يا نظم ۾، سماجي هجن يا تاريخي ۽ سائنسي،انهن جي ترجمي تي مشتمل هوندو آهي. ان مان ئي اهي ٻوليون وڌيڪ سکنديون به آهن ته سندس ادبي ۽ علمي خزاني ۾ نواڻ جدت به ايندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ٻولي به ترجمي جي دولت سان مالا مال آهي. سنڌي ادب ۾ اهڙا انيڪ پارکو ۽ سڄاڻ مترجم موجود آهن، جيڪي وقت به وقت دنيا جي چونڊ ادب کي پاتال مان ڳولي ترجمي جي صورت ۾ پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچائين ٿا. ادب ۾ منهنجو خاص موضوع ڪهاڻي رهيو آهي. ادبي گڏجاڻين ۾ باقاعده شروعات هاءِ اسڪول جي زماني کان سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جي ادبي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻ سان ٿي. جيڪو سلسلو يونيورسٽي تائين جاري رهيو. اڳتي هلي عالمي ادب سان منهنجي سڃاڻپ يونيورسٽي ۾ ادب سان چاهه رکندڙ دوستن سان وابستگي دوران ٿي. ان کان پهريان عالمي ادب سان لاڳاپو صرف نصابي ڪتابن جي حد تائين هو. نصابي ڪتابن ۾ وليم شيڪسپئر جا ڪجهه ڊراما ۽ شاعري، اينانيمس، اوليور گولڊ سمٿ، وليم ورڊس ورٿ، شيلي ۽ ڪيٽس جي شاعري پڙهڻ لاءِ ملي. نصاب کان علاوه ليوٽالسٽائي، گورڪي، خليل جبران، آسڪروائڊ، وڪٽر هيوگو، سر والٽر اسڪاٽ ۽ ٻيا سنڌي ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب پڙهڻ لاءِ مليا. اهڙي ريت عالمي ادب ۾ دلچسپي پيدا ٿي. عالمي ادب پڙهڻ سان اهو احساس پيدا ٿيو ته ادب جون ڪي به سرحدون ناهن هونديون، اهو ئي سبب آهي جو تهذيبن وچ ۾ ترجمي ذريعي ادبي مٽا سٽا جو عمل جڳن کان جاري آهي. اهڙي ريت آهستي آهستي ترجمي جو شوق پڻ پيدا ٿيو. جتان به ڪا سٺي ڪهاڻي ملي اها ترجمو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم. پنهنجي تخليقي ڪهاڻين کان علاوه، مظهر الاسلام، خليل جبران ۽ موپاسان جي ڪجهه ڪهاڻين جا ترجما ڪيم، جيڪي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيا ۽ ڪجهه رهجي ويا. ان سلسلي ۾ اڪثر منهنجي ملاقات پنهنجي مهربان دوست ڊاڪٽر فياض لطيف سان ٿيندي رهندي هئي ۽ کيس پنهنجين ترجمو ٿيل ڪهاڻين متعلق ٻڌائيندو رهندو هئس، جنهن ان سلسلي ۾ مشورو ڏنو ته بجاءِ هڪ هڪ ڪهاڻي شايع ڪرائڻ جي انهن کي ڪتابي صورت ۾ آڻيان ته بهتر آهي. ان سان هڪ ته منهنجيون ترجمو ٿيل ڪهاڻيون ڇپچڻ جي آس پوري ٿيندي ۽ ٻيو ته اهي ڪهاڻيون سنڀالي رکڻ لاءِ مون وٽ ڪتابي صورت ۾ موجود هونديون. ان خيال کي عملي جامون پهرائڻ لاءِ عالمي ادب مان ڪجهه ڪهاڻين جي چونڊ ڪيم. جيڪي جڳ مشهور ڪهاڻيڪارن جون لکيل آهن. جن مان ڪجهه ڪهاڻيڪار ته ادب ۾ نوبل انعام يافته آهن. توڙي جو هر ڪهاڻي هر ليکڪ جي پنهنجي مخصوص سماجي، ثقافتي ۽ معاشرتي حالتن جي پس منظر ۾ لکيل آهي، پر سچ اهو آهي ته هر هڪ ڪهاڻي ۾ ڪٿي نه ڪٿي اسانجي معاشري ۽ سماجي، ثقافتي حالتن جو رنگ نظر ايندو ۽ ڪهاڻي پڙهڻ دوران پاڻ مرادو لڳندو ته ليکڪ منهنجي دل جي ڳالهه ڪئي آهي. ڪهاڻيون اردو مان سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيون ويون آهن. ڪوشش ڪئي وئي آهي ته ترجمي دوران ڪا خامي نه رهجي وڃي، پر ان جي باوجود جيڪڏهن ڪا ٿوري گهڻي کوٽ رهجي وئي هجي، ته اهو فطري عمل آهي، ڇاڪاڻ ته هي ترجمي جو به ترجمو آهي ۽ ڪنهن به ليکڪ جي بنيادي ڏانءَ ۽ ڏات کي اصل صورت ۾ هڪ زبان کان ٻي زبان ۾ منتقل ڪرڻ انتهائي ڏکيو ڪم آهي. مون پنهنجي طور تي ترجمي کي آسان ۽ سليس بنائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا اميد ته پڙهندڙن کي پسند ايندي.
    ترجمو ڪيل ڪهاڻين کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جي منهنجي هي پهرين ڪوشش آهي. ڪهاڻين ۾ نامور مغربي ڪهاڻيڪارن کان وٺي مشرق جي ڪيترن ئي مشهور ڪهاڻيڪارن جون چونڊ ڪهاڻيون ۽ انهن ليکڪن جو مختصر تعارف پڻ هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي، ته جيئن ليکڪ جي تخليق جي آشنائي سان گڏوگڏ ان جي جيون جو مختصر خاڪو به پڙهندڙ کي معلوم ٿي سگهي. ايراني ادب مان ڪهاڻيون پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون. اها الڳ ڳالهه آهي ته شاعريءَ جي حوالي سان چڱي تعداد ۾ مشهور فارسي شاعرن، رومي، حافظ، خيام، شيرازي، ۽ ٻين بزرگن ۽ ڏاهن جا ڪتاب بهترين سنڌي ترجمي ۾ موجود آهن، پر نثر جي صورت ۾ خاص طور جديد ايراني ڪهاڻي نه هئڻ جي برابر آهي يا اتفاق سان مون کي پڙهڻ لاءِ نه ملي سگهي آهي.آخر ۾ مان پنهنجي محسن دوستن ڊاڪٽر فياض لطيف ۽ ڊاڪٽر احسان دانش جو بيحد شڪر گذار آهيان جن نه صرف ڪتاب جي ڇپائي جي هر مرحلي پر ترجمي دوران لفظن جي جوڙجڪ ۽ جملن کي خالص سنڌي ويس پهرائڻ ۾ منهنجي گهڻي رهنمائي ڪئي.


    عبدالخالق سنديلو
    تاريخ: 10 آگسٽ 2016ع


    مهاڳ

    ڪهاڻيءَ جي حقيقت ۽ حقيقت جي ڪهاڻي


    اڄ کان ٽيهه سال اڳ جڏهن مان ادب پڙهڻ شروع ڪيو ته جن ڪتابن پهريان پهريان مونکي موهيو ۽ متاثر ڪيو اُهي ڪهاڻين جا ڪتاب هئا. آهستي آهستي ڪهاڻي منهنجي روح ۾ سرائيت ڪندي وئي. ڪهاڻيءَ سان منهنجو عشق ٿي ويو ۽ پڙهندي پڙهندي پاڻ به ڪٿاڪار بڻجي ويس. منهنجو ڪهاڻي سان انس جو اهو عالم هيو جو مان سوچيندو هيس ته ادب ۾ منهنجو پهريون پهريون ڪتاب ڪهاڻيءَ جي فن ۽ تاريخ بابت هوندو. ائين ته نه ٿي سگھيو پر منهنجو پهريون ڪتاب هڪ ڪهاڻين جو مجموعو هيو. سو ڪهاڻي منهنجي نس نس ۾ موجود آهي. مان پاڻ کي ڪهاڻيءَ کان پري نه ٿو ڪري سگھان ان ڪري اڄ تائين ان ڪتاب لکڻ ۾ مصروف آهيان جيڪو ڪهاڻي جي فن ۽ تاريخ بابت هوندو.
    ڪهاڻي ڇا آهي؟ اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن جا هزارين جواب آهن يا وري ڪوبه جواب ناهي. مظهر الاسلام پنهنجي ڪتاب ”گھوڑوں کے شهر ميں اکيلا آدمي“ ۾ ان سوال جي جواب ۾ ڄڻ هڪ نظم لکي ورتو هو:
    کهاني سياه دور کي چيخ هے.
    کهاني گلاب موسموں کا پھول هے.
    کهاني جواني کي دهليز پر کھڑي عورت کا خواب هے.
    کهاني پھٹا هوا آدمي هے.
    کهاني ورق ورق لڑکي هے.
    کهاني عمر قيد کي سزا کاٹنے والا قيدي هے.
    کهاني ڈار سے بچھڑي هوئي کونج هے.
    کهاني غير مطبوعه بوسه هے.
    کهاني بچے کي سليٹ پر مٹا هوا سوال هے.
    ڇا اسان اهو نظم پڙهي هڪ ٿڌو ساهه ڀري چئي سگھون ٿا ته اسان ڪهاڻيءَ جي حقيقت سمجھي ورتي......؟ ڇا ڪهاڻيءَ جي ڪا حقيقت هوندي آهي؟ ڇا حقيقت هڪ ڪهاڻي ٿيندي آهي؟؟ جي ها! ڪهاڻيءَ جي حقيقت ۽ حقيقت جي ڪهاڻي کي سمجھڻ لاءِ اسان کي پنهنجي ذهن جا تاڪ کولڻا پوندا ۽ ڏسڻو پوندو ته دنيا جي ڪهڙن ڪهاڻيڪارن ڪهاڻي ۾ حقيقت جو حسن اوتي ڪهاڻي جي حقيقت سمجھائي آهي. هن ڪتاب جا ڪهاڻيڪار به اهڙي حقيقت سمجھائين ٿا.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ عالمي افسانوي ادب جي ترجمي جي حوالي سان بنهه ٿورو ڪم ٿيو آهي، ان ڪم جو آغاز مرزا قليچ بيگ ڪيو ۽ م. ن محزون، فضل احمد بچاڻي ۽ رشيد ڀٽي کان ويندي ولي رام ولڀ، زيب سنڌي، ممتاز بخاري ۽ رضوان گل تائين اهو سلسلو جاري آهي، سو ائين ته نه ٿو چئي سگھجي ته اهو ميدان صفا خالي آ. البته ان حوالي سان اڃا گھڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. دنيا جي شاهڪار ڪهاڻين جي ترجمن تي مشتمل سنڌي ٻولي ۾ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪتاب آهن، ان ڏس ۾ اسان کي پنهنجي ٻوليءَ کي وڌيڪ مالامال ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وقت اوهان جي هٿن ۾ جيڪو ڪتاب آهي اهو يقيناً انهيءَ ڪوشش جو هڪ نتيجو آهي.
    سنڌي ٻوليءَ جي سهڻي تخليقڪار ۽ مترجم هڪ محبوب ۽ محجوب انسان عبدالخالق سنديلي جي هيءَ سهڻي سهيڙ ۽ ترجمو انهيءَ ڪري به ڪارائتو ۽ قدر لائق آهي جو هو هڪ وڏي عرصي کان عالمي ادب مان ڪهاڻين جي ترجمي واري ان ڪرت ۽ ڪم ۾ مصروف رهيو آهي ۽ هن وقت تائين تمام گھڻيون ڪهاڻيون ترجمو ڪري چڪو آهي پر هِن ڪتاب ۾ هُن انهن سمورين ڪهاڻين مان رڳو 19 ڪهاڻيون چونڊي رکيون آهن. اهي اڻويهه ئي ڪهاڻيون پنهنجن پنهنجن موضوعن ۾ نهايت منفرد ۽ اڇوتيون آهن. اهي ڪهاڻيون ادب جي دنيا جي انهن عظيم ليکڪن جي قلم مان سرجيون آهن، جن دنياءِ ادب ۾ پنهنجي تخليقن وسيلي ڌاڪو ڄمايو آهي. اهي اولهه ۽ اوڀر جي يارنهن ملڪن روس، فرانس، برطانيه، ترڪي، ايران، هالينڊ، چيڪ، بنگال، ڪولمبيا، آمريڪا ۽ ناروي سان تعلق رکندڙ ليکڪ آهن.
    عبد الخالق ڪهاڻين جي هن مجموعي ۾ ٻن قسمن جون ڪهاڻيون شامل ڪيون آهن. هڪڙيون اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جن ۾ اسان کي اهڙا ئي مسئلا نظر ايندا جهڙا اسان جي سماج ۾ موجود آهن. ان ڪري اهي ڪهاڻيون اسان جي معاشري سان ڏاڍيون ويجھڙيون آهن. انهن ڪهاڻين جا دک اسان کي بنهه پنهنجا لڳندا. هن ڪتاب ۾ ٻيون ڪي اهڙيون ڪهاڻيون به آهن جن جو ماحول اسان جي معاشري کان ڪجھ مختلف ۽ اوپرو آهي پر انهن ۾ پيش ڪيل معاملا ۽ مسئلا احساس کي جنجھوڙيندڙ آهن. ان ڪري انهن ڪهاڻين جي ڪردارن سان به اسان پنهنجي دک جو رشتو جوڙي سگھون ٿا.
    ترجمي جي فن بابت مختلف ليکڪن، مترجمن ۽ سوچيندڙن جا مختلف خيال آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته ’ترجمو اهڙو هجڻ کپي جو ان تي ترجمي جو گمان ئي نه ٿئي پر لڳي ته جهڙوڪه اها تخليق جنهن ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي آهي ان ۾ ئي لکيل آهي.‘ هڪڙا چون ته ’ترجمو لفظ به لفظ هجڻ گھرجي ڇوته تخليق تخليقڪار جي امانت آهي ان ۾ ذري برابر خيانت نه ٿيڻ گھرجي.‘ ٻيا چون ’ڪنهن به تخليق جو لفظي ترجمو ڪنهن ڪم جو ناهي جيسيتائين ان تخليق جو پورو روح ۽ جوهر ترجمي ۾ نه ٿو اچي تيسيتائين ترجمو قابلِ قبول ناهي.‘ ٻين لفظن ۾ سندن خيال آهي ته ’اصل تحرير جي خيال کي پنهنجن لفظن ۾ ترجمو ڪرڻ گھرجي.‘ ترجمو بيشڪ ڏاڍو نفيس ۽ ڏکيو ڪم آهي. ڪجھ نقاد ته ان خيال جا آهن ته تُز ترجمو ڪنهن تخليق کان گھٽ نه آهي، تنهن ڪري هڪ اعلى درجي جو مترجم به تخليقڪار جيترو ئي مانُ لهڻي.
    ترجمي جي حوالي سان هڪ ٻي ڳالهه جيڪا بيحد اهم آهي ته ڪي ترجما اصل تحرير تان ڪيا ويندا آهن ته ڪي وري اصل تحرير جي ترجمن جا به ترجما هوندا آهن. اهڙي طرح ڪجھ ترجما ته ٽن ٽن ٻولين جي ترجمن جا به ترجما هوندا آهن. اهڙي قسم جي ترجمن کي سيڪنڊ يا ٿرڊ سورس چئبو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جيڪو ترجمو تخليقڪار جي اصل تحرير تان ڪيو ويندو سو وڌيڪ تُز ۽ اصل تخليق جي گھڻو ويجھو هوندو ۽ تخليق جو عڪس محسوس ٿيندو، پر ائين به ناهي ته جيڪو ترجمو سيڪنڊ يا ٿرڊ سورس تان ٿئي سو ڪنهن ڪم جو ناهي. دنيا جا ڪي ڪتاب اهڙا به آهن جن جي پڙهندڙ جو تعداد ڪروڙن ۾ آهي. هڪ تازي رپورٽ مطابق پائلو ڪوهلو جو مشهور ناول Al Chemist سنڌيءَ سميت دنيا جي 60 ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آهي ۽ ان ناول جون دنيا ڀر ۾ چار ڪروڙ ڪاپيون فروخت ٿي چڪيون آهن. اهڙي طرح ترجمي جي حوالي سان اهڙا به کوڙ مثال ملندا ته هڪ ئي ٻوليءَ ۾ ساڳين ڪتابن جا هڪ کان وڌيڪ ترجما ٿيندا آهن. اهو به سچ آهي ته ساڳي تحرير جي الڳ الڳ ترجمن ۾ جدا جدا لطف هوندو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ اهڙا مثال ملن ٿا. خود هن ڪتاب ۾ موجود ڪجھ ڪهاڻين کي به هن کان اڳ سنڌي جو روپ ملي چڪو آهي. هن ڪتاب ۾ عبدالخالق سنديلي گھڻو تڻو ڪهاڻيون سيڪنڊ يا ٿرڊ سورس وسيلي ترجمو ڪيون آهن. سندس ترجمي جو سورس اردو ٻولي آهي. انهن مان ڪجھ ڪهاڻيون ته لکيل ئي انگريزي ۾ آهن جن کي سڌو سنئون اردو ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي پر ڪجھ الڳ الڳ ملڪن جي ديسي ۽ مقامي ٻولين ۾ لکيل آهن ۽ انهن کي پهريان ڪنهن انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، جنهن تان وري اردو ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي ۽ بعد ۾ عبدالخالق ان ترجمي جو ترجمو ڪيو آهي.
    عبدالخالق سنديلي جِي ترجمي جي دنيا ۾ هيءَ پهرين ڪوشش آهي پر مان هن ڪتاب جي حوالي سان اها ڳالهه اعتماد سان چئي سگھان ٿو ته هُن هن ڪتاب کي پوري سچائي ۽ لگن سان سنڌي جو روپ ڏنو آهي، وسُ ڪري ڪهاڻين کي نج سنڌي ٻوليءَ جو ويس اوڍايو آهي ۽ انهن کي اردو جي چوغي کان آزاد ڪيو آهي. تنهن ڪري مان هن ڪتاب کي هڪ سٺو ترجمو سمجهان ٿو.
    هن مجموعي ۾ هونءَ ته اولهه ۽ اوڀر جي وڏن ڪهاڻيڪارن جون اڻويهه ڪهاڻيون موجود آهن ۽ هر ڪهاڻي پنهنجي اندر فن، موضوع ۽ ڪرافٽنگ جي لحاظ کان پنهنجو مٽ پاڻ آهي پر مونکي جن ڪهاڻين بيحد متاثر ڪيو، تن ۾ ليوٽالسٽاءِ جي ”پيالو“، چيخوف جي ”انصاف“، موپاسان جي ”هيرن جو هار“، ٿامس هارڊي جي ”شڪُ“، عزيز نيسن جي ”حادثو“، ڪافڪا جي ”انصاف جو دروازو“، ٽئگور جي ”شڪست جي فتح“، گارشيامارڪيز جي ”آرام“ ۽ اوهينري جي ”گراڪ“ شامل آهن. انهن مان ڪي ڪهاڻيون منهنجيون هن کان اڳ ئي پڙهيل آهن تنهن ڪري مان اها ڳالهه چئي سگھان ٿو ته عبد الخالق انهن ڪهاڻين کي سنڌيءَ جو روپ ڏيڻ ۾ وڏي محنت ڪئي آهي.
    اهي نوَ ڪهاڻيون جن مونکي بيحد متاثر ڪيو ان جا ڪي خاص سبب آهن مثلاً ليوٽالسٽاءِ جي ڪهاڻي ”پيالو“ جيڪا هڪ اهڙي غريب ٻار جي ڪهاڻي جيڪو ننڍي لاءِ کان هڪ پورهيت آهي ۽ جڏهن هڪ گھر ۾ نوڪر ٿئي ٿو ته هن جو هڪ ڇوڪريءَ سان پيار ٿي وڃي ٿو. هن ڪهاڻي جو مرڪزي نڪتو اهو آهي ته ’محبت غربت جي ميراث نه آهي‘. ائين چيخوف جي ڪهاڻي ”انصاف“ ۾ ٻڌايل آ ته سماجي قدر، معيار ۽ قانون امير ۽ غريب لاءِ الڳ الڳ آهن....... ڇا ته ڪرافٽنگ آهي هن ڪهاڻيءَ جي.
    ”هيرن جو هار“ موپاسان جي هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ ڪوڙي ڏيک ويک ۽ ڪشش پٺيان حسن ۽ جواني کي قربان ڪرڻ جو غم ساهه کڻي ٿو. اهڙي طرح هن ڪتاب ۾ موپاسان جي هڪ ٻي ڪهاڻي ”رسي جو ٽڪرو“ هڪ شاهڪار ڪهاڻي آهي، اها ڪهاڻي پڙهي مونکي ڀٽائي جي بيت جي سٽ ”پلئه پايو سچ آڇيندي لڄ مران“ ياد اچي وئي. ٿامس هارڊي جي ڪهاڻي ”شڪ“ ۾ شادي شده جوڙن ۾ ذهني هم آهنگي نه هجڻ جو نتيجو ظاهر ڪيل آهي. اهڙي طرح عزيز نيسن جي ڪهاڻي ”حادثو“ هڪ عجيب ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ اوهان کي خوشامدي ماڻهن جا ڪٽڪ نظر ايندا. جيڪي امير ماڻهوءَ جي خوشامند ڪندي، ان کي عجيب موڙ تي پهچائي ڇڏين ٿا. جمال مير صادقي جي ڪهاڻي ”ڀت“ هڪ ٻار جي معصوم احساسن جي ڪهاڻي آهي، جيڪو ٻن گھرن جي ۾ وچ ۾ بيٺل ڀت کي ديو ٿو سمجھي. ائين ڪافڪا جي ڪهاڻي ”انصاف جو دروازو“ قانون جي در تي بيٺل هڪ دربان سان ان شخص جو ڊائلاگ آهي جيڪو سڄي عمر ان دروازي مان اندر وڃڻ لاءِ تڙپي ٿو. هن ڪتاب ۾ ٽئگور جي ڪهاڻي ”شڪست جي فتح“ جو بنيادي نڪتو اهو آهي ته حقيقي داد اهو آهي جيڪو محبت وٽان ملي ٿو. يعني پيار ئي حقيقي منصف ٿئي ٿو..... گارشيا مارڪيز جي ڪهاڻي ”آرام“ هڪ اهڙي عورت جي ڪهاڻي آهي جنهن جو چور پٽ ماريو ويو هو.... هيءَ عجيب ڪيفيتن ۽ منظرن سان ڀريل ڪهاڻي آهي. اوهينري جي ڪهاڻي ”گراڪ“ ٻن دلين جي محبت جو داستان آهي.
    اهي ۽ ان کان علاوه هن ڪتاب ۾ موجود سڀ اهڙيون ڪهاڻيون آهن جن جي چونڊ ۽ ترجمو ڪرڻ تي مان عبدالخالق سنديلي کي جس ڏيان ٿو. هي ڪتاب اوهان کي ڪنهن خوبصورت گلدستي وانگر لڳندو، جنهن ۾ الڳ الڳ رنگ ۽ سڳنڌ وارا گل شامل آهن. انهن مان هر گل جي پنهنجي پنهنجي خوشبو ته آهي پر عبدالخالق انهن سڀني کي گڏ ڪري هن ڪتاب جي گلدان ۾ سجائي وڌيڪ سونهن بخشي آهي. مان اميد ڪريان ٿو ته عبدالخالق سنديلي جو هي محنت ۽ محبت جو پورهيو اوهان سنڌي پڙهندڙن وٽ ضرور صاب پوندو.



    ڊاڪٽر احسان دانش
    25 سيپٽمبر 2016


    اڻويهه عالمي ڪهاڻيون

    ليوٽا لسٽائي

    Count Lev Nikolayevich Tolstoy (1828-1910)

    عظيم روسي ناول نگار، ڪهاڻيڪار ۽ ڏاهو ڪائونٽ ليونڪولائيوچ ٽالسٽاءِ 1828ع ۾ ڄائو ۽ 1910ع ۾ وفات ڪري ويو. نو سالن جي عمر ۾ يتيم ٿي ويو. 16 سالن جي عمر ۾ ڪازان يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين، پر ڊگري حاصل ڪرڻ بنا تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڏنائين. پنهنجي جاگير ۾ هارين جي لاءِ هڪ اسڪول قائم ڪيائين، جنهن جي ناڪامي تي مايوس ٿي ماسڪو ۽ پوءِ سينٽ پيٽرز برگ هليو ويو. 1854ع ۾ فوج ۾ ڀرتي ٿيو ۽ جڳ مشهور ناول ”جنگ ۽ امن“ لکيائين. فوج ڇڏڻ کانپوءِ ڪڏهن ماسڪو ۽ ڪڏهن پنهنجي جاگير ۾ رهڻ لڳو. ماسڪو ۾ ايوان ترگنيف سميت ان دور جي ٻين اديبن سان ملاقاتون ڪيائين. پنهنجي هارين جي ڀلائي لاءِ هڪ مرڪز پڻ قائم ڪيائين. پنهنجي سموري ملڪيت پنهنجي خاندان ۽ غريب ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏيائين. ٽالسٽائي جا جڳ مشهور ناول ”اينا ڪرنينا“ ۽ ”جنگ ۽ امن“ آهن. ان کان علاوه به سندس ڪيتريون ئي لکڻيون آهن، جن جو ترجمو دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ٿي چڪو آهي.


    پيالو

    پيالو

    هن جو نالو اليوشا هو. سڀ هن کي اليوشا ئي چوندا هئا، پر هڪ ڏينهن ائين ٿيو جو هن جي ماءُ ڪنهن پاڙيسري جي گهر کيس کير پهچائڻ لاءِ موڪليو ته رستي ۾ ٿاٻو اچڻ ڪري پاڻ سنڀالي نه سگهيو ۽ ڀڳل پيالو کڻي گهر موٽي آيو. ان ڏينهن اليوشا گهر ۾ مار کاڌي ۽ جڏهن هو ٻاهر نڪتو ته هن کي گهٽيءَ جي ٻارن چيڙائڻ شروع ڪيو ”پيالو! پيالو! اليوشا پيالو“ ان ڏينهن کان اليوشا جو نالو پيالو پئجي ويو.
    اليوشا جا ڪن هن جي منهن منهانڊي جي حساب سان وڏا هئا. ايڏا وڏا ڪن جن کي ڏسي لڳندو هو ڄڻ ڪو وڏو پکي پر پکيڙي هن جي ڪنن تي اچي ويٺو هجي. ڳوٺ ۾ هڪ اسڪول موجود هو، پر پڙهڻ اليوشا لاءِ ڏکيو ڪم ثابت ٿيو پڙهائي لاءِ هن وٽ وقت ڪو نه هو. هن جو وڏو ڀاءُ شهر ۾ هڪ واپاري جي گهر نوڪر هو. اهو ئي سبب هو جو جڏهن کان اليوشا پنڌ ڪرڻ شروع ڪيو، گهر جو سمورو ڪم ڪار سندس ذمي ٿي ويو. ڇهن سالن جي عمر ۾ هو پنهنجي پيءَ جي سڀني ٻڪرين جو سنڀاليندڙ بڻجي ويو ۽ ٿوري عرصي کانپوءِ هو گهوڙن جي ڏينهن رات سارسنڀال ڪرڻ جي ڪم سان لڳايو ويو. ٻارنهن سالن جو ٿيندي ئي هو ٻنين ۾ هر هلائڻ ۽ گهوڙي گاڏي تي شهر مان سامان کڻي اچڻ جو ڪم ڪرڻ لڳو. هن جي چهري تي هر وقت تازگي ۽ خوشي رهندي هئي. پاڙي جا ٻار هن تي کلندا هئا ته هو خاموشي سان انهن کي ڏسندو رهندو هو يا وري پاڻ به کلڻ لڳندو هو. هن جو پيءُ ناراض ٿيندو هو ته ڪنڌ هيٺ ڪري چپ چاپ ٻڌڻ لڳندو هو ۽ جڏهن هو هن تي ڇوهه ڇنڊي بس ڪندو هو ته هو هلڪي مسڪراهٽ سان پنهنجي اڻپوري ڪم کي لڳي ويندو هو.
    جڏهن اليوشا اڻويهه سالن جو ٿيو ته هن جي وڏي ڀاءُ کي زوري ڀرتي ڪرڻ وارا کڻي ويا. اليوشا کي ٻڌايو ويو ته هاڻي هن کي شهر وڃي پنهنجي ڀاءُ جي جاءِ تي نوڪري ڪرڻي پوندي. ٻئي ڏينهن هن کي وڏي ڀاءُ جو بوٽ پهرائي شهر وڃي واپاري جي سامهون پيش ڪيو ويو واپاري کي اليوشا جو سادوسٻاجهڙو چهرو ۽ نازڪ هٿ پير، ڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪارائتا نه لڳا.
    ”مان سمجهيو ته سائمن جي جاءِ تي مون کي چڱو نوڪر ڪم لاءِ ملي ويندو. واپاري هن کي مٿي کان پيرن تائين ڏسندي چيو. پر هي منهنجي ڪهڙي ڪم جو آهي؟“
    ”صاحب! هي هر ڪم ڪري سگهي ٿو. ڏهن ڇوڪرن جي جاءِ تي هي اڪيلو ئي ڪافي آهي. ڪمزور ٿو لڳي پر ڪم ۾ توهان هن کي ٿڪائي نه سگهندئو.“ اليوشا جي پيءُ فخر سان چيو.
    ”خير اها ته خبر پئجي ويندي.“ واپاري هڪ ڀيرو ٻيهر اليوشا کي غور سان ڏٺو“
    ”۽ ها سائين پوئتي مڙي جواب ڏيڻ ته هن سکيو ئي ناهي. هن جو وس پڄي ته پوري حياتي کاڌو کائڻ بنا ئي ڪم ڪندو رهي.“ پڻس تائيد ڪندي چيو.
    ”ڏسي وٺنداسين في الحال ڇڏي وڃينس“ واپاري بي دلي سان چيو. هي اليوشا جي نئين زندگي جي شروعات هئي. واپاري جو خاندان گهڻو وڏو نه هو. پوڙهي ماءُ ۽ زال کان علاوه ٻه پٽ هئس، جن مان هڪ تعليمي ڪمن ۾ اڳڀرو ۽ ٻيو دنيا جي معاملن ۾ تيز هو. سڀني کان ننڍي ڌيءَ هئس، جيڪا هاڻي اسڪول جي آخري درجي ۾ پڙهندي هئي.
    شروع ۾ اليوشا ڪنهن کي ڪونه وڻيو. هو ڳوٺاڻو هو ۽ هن جو وجود اڃا تائين ٻنين جي مٽي سان ڀريل هو. هن جي پوشاڪ ڏسي ائين لڳندو هو ڄڻ هن پنهنجو پورو جسم هڪ چادر سان ڍڪي ڇڏيو هجي. هن کي مذهبي ماڻهن سان ڳالهائڻ جو ڍنگ نه ايندو هو، ۽ هو معزز ماڻهن جي ڪچهري وارن جملن ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن کان ته هي واقف ئي نه هو. بحرحال ڪجهه ڏينهن بعد واپاري جي گهر وارا اليوشا جا عادي ٿي ويا. هن جي محنتي طبيعت هنن جي دل خوش ڪري ورتي.
    هنن کي خبر پئجي وئي ته هو ڪنهن ڪم، ڪنهن ڳالهه کي برو نٿو سمجهي. مڙي جواب نٿو ڏئي ۽ هڪ ڪم ختم ڪرڻ کان پوءِ بنا ساهي پٽڻ جي ٻيو ڪم شروع ٿو ڪري. آهستي آهستي واپاري جي گهر جو سمورو ڪم اليوشا جي حوالي ٿي ويو. جيتري تيزي سان هو پنهنجيون ذميواريون نڀائيندو ويو، ايتري تيزي سان هن جي فرضن ۾ واڌارو ٿيندو ويو. هو صبح سوير ننڊ مان اٿي هر ڪم سليقي سان مڪمل ڪري ڇڏيندو هو. واپاري جي زال ۽ هن جي ماءُ ۽ ڌي ۽ پٽ ۽ نوڪرياڻي ۽ ٻيا نوڪر ننڍن وڏن ڪمن جي سلسلي ۾ هن کي هيڏانهن هوڏانهن موڪليندا رهندا هئا ۽ هو صبح کان شام تائين ڪم ۾ رڌل نظر ايندو هو.
    هن کي سڄو ڏينهن هيٺين قسم جا جملا ٻڌڻا پوندا هئا.
    ”اليوشا ڊوڙندو وڃ......... هُن کي هيڏانهن وٺي اچ.“
    ” فلاڻي جو خيال رکج اليوشا.“
    ”واپسي ۾ هوڏانهن به ٿيندو اچجان، ها ....“
    ”اهو نه ٻڌان ته توکان وسري ويو هو.“
    اليوشا سڀني جي ٻڌندو، ياد ڪندو مسڪرائيندو ۽ هڪ کان پوءِ ٻيو ڪم ڪندو رهندو هو. ٿوري عرصي کانپوءِ اليوشا جو جو بوٽ ڇڄڻ لڳو ۽ هنڌان هنڌان هن جي پيرن جي کڙين ۽ آڱرين جي کل نظر اچڻ لڳي. واپاري هن کي نئون بوٽ گهرائي ڏنو. نئون جوڙو ڏسي اليوشا جو چهرو چمڪڻ لڳو. پر نئين بوٽ هن جي پيرن ۾ لفون وجهي ڇڏيون ۽ شام تائين هو بوٽ جي تڪليف کان بي حال ٿي ويو. هن کي اهو خوف به هو ته نئين بوٽ جا پئسا هن جي پگهار مان ڪاٽيا ويندا. جڏهن هن جو پيءَ هن جي پگهار وٺڻ ايندو ته هن تي ڏاڍي ڪاوڙ ڪندو. ڪجهه عرصي کان هن جو پيءَ هن کيس لاڳيتو سمجهائيندو رهيو هو ته هو پنهنجي بوٽ جو خيال نٿو ڪري ۽ ان سلسلي ۾ هن کي احتياط سان بوٽ پهرڻ کپي.
    اليوشا اسر ويل اُٿي آتش دان جي لاءِ ڪاٺيون ڏاريندو، اڱڻ ۽ ٻاهرئين پاسي صفائي ڪندو، گهوڙن لاءِ داڻو ۽ ڳئون لاءِ ڪتر تيار ڪندو، باهه ٻاريندو، سموري گهر جا بوٽ چمڪائيندو، گهر ڌڻي جا ڪپڙا ڌوئي اس ۾ سڪائيندو، ڀتيون ۽ فرنيچر صاف ڪندو پوءِ بورچين جي چوڻ تي بازار جو رخ ڪندو هو يا نوڪرياڻي جي چوڻ تي ٿانو ڌوئڻ لڳندو هو. ان ڪم کان واندو ٿيندو هو ته هن کي ڪو نياپو ڏئي شهر جي ٻئي حصي ۾ موڪليو ويندو هو، ۽ واپسي ۾ ننڍي ڌيءَ کي اسڪول مان وٺيو اچڻ جي ذميواري پڻ ڏني ويندي هئي. ان جي باوجود ڪوئي نه ڪوئي چئي وٺندو هئس. ”اليوشا! خدا جا بندا ڪٿي آهين...... چڱو هاڻي جلدي وڃ، ۽ فلاڻو ڪم ڪري اچ“ اليوشا جلد هليو ويندو هو ۽ ڪم ۾ لڳي ويندو هو.
    واندڪائي جي گهڙي ملندي هئس ته ماني مٿان ٻوڙ وجهي کائڻ لڳندو هو. پر ان دوران ڪو ڪم اچي ويندو هئس ته ماني کي ويڙهي سيڙهي هٿ ۾ وجهي ڪم ڪرڻ هلي پوندو هو. نوڪرياڻي هن تي ماني جي وقت نه پهچڻ تي ڪاوڙ ڪندي هئي، پر هن جي مجبوري تي رحم کائي هن جي کائڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه بچائي به رکندي هئي.
    اليوشا گهڻي قدر خاموش رهندوهو. جڏهن هن کي ڳالهائڻو پئجي ئي ويندو هو ته جملن بدران صرف لفظ ڳالهائي پنهنجي ڳالهه ڪندو هو. جيڪڏهن ڪوئي هن کان پڇندو هو ته ڇا هو فلاڻو ڪم ڪري سگهي ٿو؟ ها ڇونه هو جواب ڏيندو هو ۽ پڇڻ واري جو جملو پورو ٿيڻ کان اڳ ئي ڪم کي لکي ويندو هو.
    هن کي ڪا دعا ياد نه هئي. ننڍپڻ ۾ هن جي ماءُ هن کي ڪجهه دعائون ياد ڪرايون هيون، جيڪي وقت گذرڻ سان گڏ هن وساري ڇڏيون هيون.
    اهڙي ريت اليوشا ٻه سال گذاريا. پوءِ هڪ اهڙي ڳالهه ٿي جيڪا هن جي زندگي ۾ ڪڏهن به ڪا نه ٿي هئي. اليوشا ڄاڻندو هو ته هر ماڻهو کي ٻئي ماڻهو جي ضرورت هوندي آهي، ڪنهن نه ڪنهن حد تائين سڀ هڪ ٻئي جي ڪم ايندا آهن، انڪري دنيا ۾ انسانن جا انسانن سان لاڳاپا قائم آهن. پر اها ڳالهه به هوندي آهي، جڏهن ماڻهو چاهيندو آهي ته ڪو ٻيو هن سان گڏ رهي جڏهن ته هن کي ٻئي کان ڪو ڪم به وٺڻو نه هوندو آهي.
    انسانن وچ ۾اهڙو تعلق به ٿي سگهي ٿو! اهو اليوشا جي لاءِ هڪ اهم انڪشاف هو، ۽ اها ڳالهه تانيا جي ذريعي هن تي ظاهر ٿي هئي. تانيا ان نوجوان يتيم ڇوڪري جو نالو هو جيڪا واپاري جي گهر نوڪرياڻي جي حيثيت سان ڪم ڪندي هئي. هوءَ به اليوشا جيان محنتي طبيعت جي هئي ۽ هن کي اليوشا جي سادگي تي پيار ايندو هو. هن کي ڏسي اليوشا کي پهريون ڀيرو محسوس ٿيو ته دنيا ۾ ڪوئي اهڙو به آهي، جنهن کي هن جي ڪم جي نه، پر خود هن جي ضرورت آهي. ننڍپڻ ۾ جڏهن اليوشا جي ماءُ هن سان همدردي جو اظهار ڪندي هئي ته هو حيران نه ٿيندو هو. هن کي خبر هئي ته سڀئي مائرون پنهنجي اولاد سان پيار ڪنديون آهن، پر تانيا هن کي حيران ڪري ڇڏيو هو. هن جو اليوشا سان ڪو رشتو نه هو، پر پوءِ هوءَ هن لاءِ مکڻ لڳل ماني بچائي رکندي هئي. اليوشا جڏهن ماني کائيندو هو ته هوءَ هن جي سامهون ويهي خاموشي سان هن کي ڏسندي رهندي هئي. ان دوران اليوشا جون نظرون هن سان ملنديون هيون ته هوءَ نه چاهڻ جي باوجود کلي پوندي هئي هڪ گهڙي لاءِ اليوشا به چپ ٿي ويندو هو ۽ پوءِ پاڻ به کلڻ لڳندو هو.
    هيءَ صورتحال ايتري دلچسپ ۽ سرور واري هئي جو شروع ۾ اليوشا خوف ۾ وٺجي ويو. هن کي خيال آيو ته هاڻي هو پهريان جيان تيز رفتاري سان ڪم نه ڪري سگهندو. تانيا هن جي زندگي جو اهڙو دروازو کولي ڇڏيو هو، جنهن سان هن پهريون ڀيرو زندگي جي خوبصورتي کي محسوس ڪيو هو. هن کان پهريان به هن کي اهڙيون شيون ڪٿي نه ڪٿي نظر اينديون رهيون هيون پر واندڪائي نه هئڻ جي ڪري هو انهن کي ڪڏهن صحيح طور تي ڏسي نه سگهيو هو. ڪم جي دوران هن جي نظر پنهنجي شلوار جي ان حصي تي پوندي هئي جيڪو تانيا پنهنجي مهارت سان رفو ڪيو هو ته هو بي اختيار چوندو هو ”مهرباني تانيا! مهرباني! مهرباني؟“
    جڏهن به ممڪن هوندو هو ٻئي هڪٻئي جي مدد ڪندا، کلندا ۽ پنهنجي ننڍپڻ جا واقعا ٻڌائيندا هئا، تانيا کي ڳالهيون ڪرڻ جو شوق هو. هن اليوشا کي ٻڌايو ته هن ڪهڙي ريت ننڍپڻ ۾ پنهنجي والدين کي هڪٻئي پٺيان مرندي ڏٺو ۽ پوءِ ڪهڙي ريت هوءَ پنهنجي ماسي وٽ پهچي وئي. اليوشا ٻڌو هو ته ڳوٺ کان ڪم جي ڳولا ۾ شهر ايندڙ اڪثر ڇوڪرا گهريلو نوڪرياڻين سان شادي ڪري ڇڏيندا آهن. هڪ ڀيري تانيا اليوشا کان پڇيو ته هن جو پيءُ هن جي شادي جي باري ۾ ڪهڙو ارادو ٿو رکي. ”خبر ناهي“ اليوشا ڪنڌ لوڏيندي جواب ڏنو هو “بهرحال ڳوٺ جي ڪنهن ڇوڪري سان ته شادي مشڪل ٿئي.“
    ”ته تون ڪنهن کي پسند ڪندو آهين؟“ تانيا مسڪرائيندي چيو.
    ”مان توسان شادي ڪندس!“ اليوشا ڳوٺاڻي سادگيءَ سان ٺهه پهه چيو.“ تون مونسان شادي ڪندينءَ؟“
    هي وري ڏسو ”پيالو مونسان شادي ڪندو!“ تانيا هن جي سادگي ۽ نماڻائيءَ تي کلڻ لڳي. پوءِ هڪدم ڳنڀير ٿيندي چيائين ”ڇو نه اليوشا! ڇو نه مان توسان شادي ڪنديس“
    هڪ هفتي کان پوءِ اليوشا جو پيءَ هن جي پگهار وٺڻ شهر آيو. واپاري جي زال تائين خبر پهچي چڪي هئي ته اليوشا تي تانيا سان شادي ڪرڻ جو ڀوت سوار آهي. هن پنهنجي مڙس کي اڳ ۾ ئي هوشيار ڪري ڇڏيو هو. ”شادي کان پوءِ ڪا به ڇوڪري ايتري محنت سان ڪم نٿي ڪري سگهي، ٻارن سان گڏ تانيا اسان لاءِ بيڪار ٿي ويندي.“ ان ڪري اليوشا جي پيءَ کي سمجهائي ڇڏ“.
    واپاري اليوشا جي پگهار هن جي پيءَ کي ڏني ته هو هميشه جيان ٽڙي پيو. ”منهنجو پٽ ڪيئن پيو ڪم ڪري؟ انڪار ڪرڻ ته هو سکيو ئي ناهي.“ اليوشا جي پيءُ چيو. ”جيستائين ڪم جو تعلق آهي.“ مون کي ڪا شڪايت ناهي، پر هو اسان جي نوڪرياڻي سان شادي جو خواب ڏسي رهيو آهي، اهو اسان جي لاءِ فائديمند نه ٿيندو.
    ”هن جي اها جرئت!“ اليوشا جي پيءَ حيرت مان چيو. پوءِ ڪجهه دير خاموشي کانپوءِ يقين واري انداز ۾ چيائين توهان بلڪل فڪر نه ڪريو. مان اهو معاملو ختم ڪري ويندس.
    جڏهن اليوشا ڪوئي ڪم پورو ڪري ٿڪجي ٽٽي گهر موٽيو تڏهن ڏٺائين ته سندس پيءُ هن جي انتظار ۾ ويٺو هو.
    ”مان توکي سمجهدار ۽ سعادتمند پٽ سمجهندو هئس پر هي سڀ ڇا پيو ٻُڌان؟“
    ”مون ڇا ڪيو آهي بابا“؟ هن وائڙپ سان وراڻيو. ”شادي جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ جڏهن وقت ايندو، مان تنهنجي شادي ڪرائي ڇڏيندس... نوڪرياڻي سان شادي ڪرڻ جو ٿو سوچين!... شهر جي مڪار عورتن کان پري رهه... سمجهئي!“
    هن جو پيءَ دير تائين هن کي سخت لهجي ۾ نصيحتون ڪندو رهيو ۽ هي ڪنڌ جهڪائي ٻڌندو رهيو. جڏهن هو خاموش ٿيو ته اليوشا جي چهري تي ساڳي مرڪ پکڙجي وئي ته پوءِ مان هي معاملو ختم سمجهان؟
    پڻس سواليه انداز سان پڇيو.
    ”جي ها!“ اليوشا هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
    جڏهن هن جو پيءَ موڪلائي ويو ته تانيا ڪمري ۾ داخل ٿي. هوءَ پردي جي پٺيان بيهي سڀ ڪجهه ٻڌي رهي هئي، هن جون اکيون ڀريل هيون.
    ”اسان کي هي معاملو ختم سمجهڻ کپي.“ اليوشا نرمي مان چيو. تانيا اکيون مٿي ڪيون ته ٻه ڳوڙها هن جي ڳلن تان ٿيندا هيٺ ڪري پيا.
    ”اليوشا، تانيا جي اکين ۾ ڏٺو، گهرو ساهه کنيو ۽ ڪمزور آواز ۾ چيو. ڇا ڪيون.....سڀ ناراض ٿي رهيا آهن....سڀ ڪجهه وسارڻو ئي پوندو!“.
    رات جو سمهڻ کان پهريان دريون بند ڪرڻ دوران جڏهن هو وڏي آرام ڪمري ۾ داخل ٿيو، ته واپاري جي زال هن کي ڏسندي ئي چيو. “پيءُ سان ملاقات ٿيئي...... هاڻي سڀ ڪجهه وساري ڪم ۾ دل لڳاءِ“.
    ”لڳي ٿو وسارڻو ئي پوندو“ اليوشا مسڪرائيندي چيو ۽ اوچتو ڀت ڏانهن منهن ڪري روئڻ لڳو. ان ڏينهن کانپوءِ اليوشا تانيا جي ڳالهه نه ڪئي. هو پهريان کان وڌيڪ ڪم ۾ مصروف رهڻ لڳو هو.
    سياري جي هڪ صبح هن کي ڇت تان برف صاف ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو. هو برف جا ڍير گڏ ڪندو هيٺ اڇليندو ويو. ٿوري ئي دير ۾ پوري ڇت صاف ڪري ورتائين.
    ان کان پوءِ هو روشندان مٿان ڄميل برف هٽائڻ لاءِ جهڪي رهيو هو، ته هن جو پير کسڪي پيو ۽ هو هيٺ اچي ڪريو. هن جو هيٺيون حصو برف جي ڍير ۾ دٻيل هو، پر سندس مٿو لوهي جهنگلي سان وڃي. ڪرڻ کان پوءِ هو اٿي بيٺو، پر ٿيڙ کائي ٻيهر برف تي ڪري پيو. واپاري جي ڌيءِ ۽ تانيا ڀڄنديون آيون. ”اليوشا تون ٺيڪ ته آهين؟“، ”توکي ڌڪ لڳو آهي ڇا؟“ ٻنهي جي آواز ۾ گهٻراهٽ هئي.
    ”ها ٿورو ڌڪ لڳي ويو.“ پر ٺيڪ آهيان، ڪا ڳالهه ناهي. هن آهستي مٿي لوڏو ڏيندي چيو.
    هن هڪ ڀيرو ٻيهر بيهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر بيهي نه سگهيو، پوئتي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيو ۽ مسڪرائڻ لڳو. هن کي کڻي بستري تي سماريو ويو. ڊاڪٽر معائنو ڪرڻ کانپوءِ هن کان پڇيو ته هو ڪٿي تڪليف محسوس ڪري رهيو آهي؟ ”ته هن آهستي وراڻيو، ”پوري جسم ۾.....“ ڪجهه دير کانپوءِ هن اکيون کوليون ۽ چيو. ”روشن دانن جي برف رهجي وئي..بابا کي گهرايو...“ اليوشا ٻن ڏينهن تائين بستري تي پيو رهيو، ۽ ٽئين ڏينهن هنن پادري کي گهرايو.
    ”تون مري رهيو آهين اليوشا“ تانيا جو لهذو سواليا هو.
    ”اسين هميشه رهڻ لاءِ ته ناهيون ايندا. هڪ ڏينهن مرڻو به هوندو آهي.“ اليوشا جو جواب ڏنو ڪجهه گهڙين جي خاموشي کانپوءِ وري چيائين... “۽ ڏٺئي! اهو به سٺو ٿيو، جو هنن اسان کي شادي ڪرڻ نه ڏني. ڪيترو نه ڏک ٿئي ها.“
    هو آهستي آهستي پادري جا چيل لفظ ورجائيندو رهيو. هن کي خيال اچي رهيو هو ته جيڪڏهن ماڻهو سڀني جو چيو مڃيندو رهي ۽ ڪنهن کي ناراض نه ڪري ته نهايت اطمينان سان زندگي گذاري سگهي ٿو.
    هن سوچيو، جيڪڏهن هتي ائين ٿئي ٿو، ته هن جهان ۾ به ائين ئي ٿيندو هوندو!
    هن وڌيڪ ڳالهيون نه ڪيون، بس وقفي وقفي سان پاڻي گهرندو رهيو، پوءِ اوچتو هو ڪنهن خيال تي ڇرڪجي پيو. ائين لڳو ڄڻ ڪا ڳالهه هن کي حيران ڪري رهي آهي. اکين ۾ ڀريل حيرت سان هن هڪ اونهو ساهه کنيو، ٻانهون ۽ ڄنگهون سڌيون ڪيون ۽ مري ويو.


    انتون چيخوف

    انتون چيخوف
    Chekov, Anton Pavlovich (1860-1904)

    عظيم ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس انتون چيخوف 1860ع ۾ ڄائو ۽ 1904ع ۾ وفات ڪيائين. هن عظيم روسي ناول نگار 1880ع ۾ ماسڪو يونيورسٽي جي ميڊيڪل شعبي ۾ پڙهڻ دوران ئي اخبارن ۽ رسالن جي لاءِ لکڻ شروع ڪيو. چيخوف جا ناول ۽ ڪهاڻيون ان وقت جي روس جي حالتن جي عڪاسي ڪن ٿيون. سندس لکڻين جو موضوع عام ۽ غريب طبقي جا ماڻهو آهن. سندس لکڻين کي پوري دنيا ۾ پسند ڪيو وڃي ٿو. سندس ڪتابن جي شايع ۽ وڪرو ٿيڻ جو تعداد لکن ۾ آهي. چيخوف چوندو هو، ”انسان ان وقت بهترين بڻجي ويندو، جڏهن هن کي ائين ئي پيش ڪيو وڃي جيئن هو آهي.“
    چيخوف جي ڪهاڻين جي خاص خوبي حقيقت نگاري ۽ تز بيانيه اظهار ۽ احساس آهي، جيڪو ماڻهوءَ کي موهي ۽ متاثر ڪري ٿو.


    انصاف

    انصاف

    پوليس انسپيڪٽر اوچوميلوف نئون اوورڪوٽ پهري، هٿ ۾ هڪ ڪاغذن جو بنڊل کڻي بازار مان لنگهي رهيو هو ۽ ڳاڙهن وارن وارو سپاهي قبضي ۾ ورتل هڪ ميون سان ڀريل ٽوڪري کنيون ان جي پٺيان هلي رهيو هو. چئني پاسي خاموشي ڇانيل هئي. بازار جي چونڪ تي ڪو ماڻهو به نظر نٿي آيو، ننڍن ننڍن دڪانن ۽ شراب خانن جا کليل دروازا به عجيب محسوس ٿيا، ۽ انهن جي ڀرسان ڪو فقير فقراهه به نظر نٿي آيو. اوچتو اوچو ميلوف جي ڪنن تي آواز پيو.
    اڙي ڇور! پڪڙيوس، وڃڻ نه ڏجوس..؟ “ان حراميءَ مون کي ڏاڙهيو آهي.... پڪڙيو پڪڙيو ان نڀاڳيءَ کي..... ”
    ڪنهن ڪتي جي دانهون ڪرڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. اوچو ميلوف ان طرف نهاريو ۽ اهو سڀ ڪجهه ڏسڻ لڳو. هن ڏٺو واپاري پيچوگين جي گودام مان هڪ ڪتو ٽن ٽنگن تي منڊڪائيندو ڀڄندو ٻاهر نڪتو ۽ هڪ شخص ان جي پٺيان ڊوڙي رهيو هو، جنهن کي رنگين ڪلف لڳل قميص پهريل هئي، واسڪٽ جا بٽڻ کليل هئس ۽ سڄو جسم اڳتي جهڪيل هئس. اهو ماڻهو ٿاٻو کائي ڪري پيو ۽ پوءِ هن ڪتي جي پوين ٽنگن کي پڪڙي ورتو.. ڪتو دانهون ڪرڻ لڳو..... دڪانن مان ماڻهو ليئا پائي ٻاهر ڏسڻ لڳا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي گودام جي ويجهو هڪ هجوم ٿي ويو. ائين لڳي رهيو هو ڄڻ اهو هجوم اوچتو ڌرتي مان ٻاهر نڪتو هجي.
    ”لڳي ٿو جهڙو ٿي پيو آهي... سائين!“ سپاهي چيو؛
    اوچو ميلوف پوئتي موٽي تيز تيز وکون کڻندو وڃي هجوم وٽ پهتو. هن کي اڱڻ جي دروازي جي سامهون، کليل بٽڻن واري واسڪٽ پهريل شخص بيٺل نظر آيو جيڪو پنهنجو ساڄو هٿ مٿي کنيو بيٺو هو، ۽ ان جي هڪ آڱر مان رت وهي رهي هئي ۽ هو آڱر مٿي ڪري ماڻهن کي ڳڙندڙ رت ڏيکاري رهيو هو. اوچو ميلوف ان ماڻهو کي سڃاتو هو سونارو خريوڪين هيو. هجوم جي وچ ۾ ڏوهاري بڻايل چٽ ڪمرو ڪتو بيٺو هيو بورزوئي ڪتو پنهنجي اڳين ٽنگن کي هڪ ٻئي کان الڳ الڳ ڪيو زمين تي ويٺو هو ۽ سهڪي رهيو هو. هن جي ٻڏل اکين مان پريشاني ۽ خوف نظر اچي رهيو هو.
    ڇا ٿي رهيو آهي...؟ اوچوميلوف ماڻهن کي ڪلهن سان ڌڪي اڳتي وڌي پڇي ٿو، تون هتي ڇا ڪري رهيو آهين ۽ پنهنجي آڱر مٿي ڪري ڇو بيٺو آهين؟ هتي دانهون ڪنهن ڪيون هيون...؟ اڙي سائين، مان ته مسڪين شخص آهيان جيڪو دانهون ڪري رهيو هئس مان هتي ڪاٺين جي سلسلي ۾ ميتري ميترچ ملڻ آيو هئس ته اوچتو هن ڪتي جنهن جو مون ڪجهه به نه بڳاڙيو هو، منهنجي آڱر ۾ اچي چڪ وڌو آهي....مان هڪ محنت ڪش ماڻهو منهنجو ڌنڌو ڏاڍو ڏکيو ۽ جفاڪشي وارو آهي. توهان مهرباني ڪري مون کي ڪتي جي مالاڪ کان ماوضو وٺي ڏيو. ڇو ته شايد مان هاڻي سڄو هفتو هن آڱر کي چوري به نه سگهندس. ۽ قانون ڀلا مون کي ڏاڙهيندڙ ان خون خوار ڪتي کي ائين ڪيئن ڇڏي ڏيندو. جيڪڏهن ائين ڇڙواڪ جانور ماڻهن کي کائيندا وتندا ته پوءِ ماڻهو جئي سگهندو؟! خريو ڪين پنهنجي وات تي هٿ ڏئي کنگڻ شروع ڪيو.
    اوچو ميلوف ڪاوڙ ۾ چيو ڪتي جو مالڪ ڪير آهي؟ مان هن معاملي کي ائين نه ڇڏيندس ، ۽ ان ماڻهو کي پنهنجي ڪتي کي ڇڙواڳ ڇڏي ڏيڻ جو مزو ضرور چکائيندس. مان ماڻهو جي خلاف ضرور قدم کڻندس جيڪو قانون کي تماشو سمجهي ٿو مان ان بدمعاش تي ايترو ڏنڊ وجهندس جو هن جو دماغ ٺيڪ ٿي ويندو. ۽ هو سمجهي ويندو ته رولو ڪتي کي هيڏا هوڏانهن لامارا ڏيڻ لاءِ ڇڏي ڏيڻ جو نتيجو ڇا ٿيندو آهي، مان هن جو دماغ ٺيڪ ڪري ڇڏيندس. هو سپاهي ڏانهن مخاطب ٿي ڳالهه جاري رکندي چوي ٿو ”معلوم ڪر ته ڪتو ڪنهن جو آهي؟“ ۽ هڪ بيان لکي تيار ڪر، هن ڪتي کي ماري ڇڏڻ کپي، شايد ڇتو آهي، پر آخر هي آهي ڪنهن جو..؟
    شايد هي وڏي صاحب جو آهي، هجوم مان آواز آيو.
    وڏي صاحب جو! ها وڏي صاحب جو. ايلديرين، ٿورو ڪوٽ لاهڻ ۾ منهنجي مدد ته ڪر توبهه ڪيتري نه قيامت جهڙي گرمي آهي، شايد برسات پوڻ واري آهي. هو خريو ڪين ڏانهن مڙي ٿو هڪ ڳالهه منهنجي سمجهه ۾ نٿي اچي! آخر هن تو کي کاڌو ڪيئن؟ ڀلا هي تنهنجي آڱر تائين پهتو ڪيئن؟ ايترو ننڍڙو ڪتو ۽ تون ايترو ڊگهو ۽ قد آوار وارو مڙس ضرور تون پنهنجي آڱر کي ڪنهن ڪوڪي سان رزخمي ڪيو هوندو ۽ پوءِ ان جو معاوضو وٺڻ لاٰءِ سوچيو هوندئي، مان تو جهڙن جي لڇن جي رڳ رڳ کان واقف آهيان....! ”بدمعاش ڪنهن جاءِ جا!”
    ”سرڪار اصل ۾ هن تفريح خاطر دکيل سگريٽ سان ڪتي جي نڪ تي ڏنڀ ڏنو هوندو ۽ ڪتي هن کي چڪ وڌو هوندو، نه ته ڪتو چريو ٿورئي آهي سپاهي ڳالهه کي وڌائيندي چيو.“
    اڙي اٽڪلي! آسمان کي زمين سان نه ملاءِ، تون مونکي ائين ڪندي ڏٺو ته ڪونهي پوءِ آخر اهو تو ڪوڙ ڇو ٿو هڻين؟ صاحب پاڻ ئي ماڻهو ماڻهو کي سڃاڻين ٿو ۽ ڄاڻين ٿو ڪير ڪوڙ ڪير سچو آهي. مان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهيان! ته ماجسٽريٽ مون تي مقدمو هلائي! ۽ قانون موجب سزا ڏئي. سڀني کي هڪجهڙا حق حاصل آهن، منهنجو ڀاءُ پاڻ پوليس ۾ آهي، جيڪڏهن ڄاڻڻ چاهين ٿو ته معلوم ڪري وٺ.“
    ”بحث نه ڪر!“ سپاهي چيو.
    ”نه هي وڏي صاحب جو ڪتو نه آهي....“ انهن وٽ اهڙو ڪو به ڪتو ناهي سندن سڀ ڪتاشڪاري آهن......“ سپاهي سنجيدگي سان چيو ته تون اها ڳالهه يقيني طور ڄاڻين ٿو؟“
    اوچو ميلوف پڇيو.
    ”بلڪل يقيني طور تي سرڪار.......“ سپاهي وراڻيو.
    ”اهو مان پاڻ به ڄاڻان ٿو وڏي صاحب جا ڪتا قيمتي ۽ اعليٰ نسل جا آهن ۽ هي ڪتو ٿوري نظر ته وجهو هن تي! بدصورت، بڇڙو ڪتو!....آخر هن جهڙو ڪتو صاحب ڇو رکندو؟ هن قسم جو ڪو ڪتو پيٽرز برگ ۾ نظر اچي ته خبر اٿئي هن جو ڇا حشر ٿيندو؟ قانون جي پرواهه ڪئي بنا ڪوئي نه ڪوئي هن کي پورو ڪري ڇڏيندو. خريوڪين توکي تڪليف پهتي آهي ۽ ان معاملي کي اتي ئي ختم نٿو ڪري سگهجي، مالڪ کي سزا ملڻ گهرجي! وقت اچي ويو آهي ته....”قانون تي عمل ڪجي.“
    ”شايد هي وڏي صاحب جو ئي آهي....سپاهي وري سوچي چوي ٿو. هن کي صرف ڏسي ڪجهه نٿو چئي سگهجي....ڇو ته مون اڃا ڪالهه ئي وڏي صاحب جي اڱڻ ۾ ان قسم جو ڪتو ڏٺو هو.“
    ”يقيناَ صاحب جو ئي آهي!“ هجوم مان هڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ”اڙي ايلديرين، ٿورو اوورڪوٽ پهرڻ ۾ منهجي مدد ته ڪر مون کي ٿڌ محسوس ٿي رهي آهي، مان ڏڪي رهيو آهيان. ڪتي کي وڏي صاحب وٽ وٺي وڃ ۽ هن جي معلومات حاصل ڪر. کيس چيو ته هي مون کي گهٽي مان مليو آهي هن قيمتي ڪتو کي ائين ٻاهر ڇڏي ته نه ڏيو. نه جيڪڏهن ڪو ظالم سمجهي ٿو ته هو هن معصوم جانور جي نڪ تي سگريٽ جو ڏنڀ ڏئي هن کي تڪليف پهچائي سگهي ٿو ته اها هن جي ڀل آهي. ڪتو ڏاڍو نازڪ ۽ وفادار جانور هوندو آهي....! اڙي موڳا پنهنجو هٿ ته هيٺ ڪر! پنهنجي ان واهيات آڱر جي نمائش به بند ڪر! غلطي ته تنهنجي پنهنجي ئي آهي.
    هو ڏسو! هو وڏي صاحب جو منشي اچي پيو ان کان پڇي ٿا وٺون! او منشي ٿورو هيڏانهن ته اچ هن ڪتي کي ته ڏس، ڇا هي وڏي صاحب جو آهي؟“
    ”حد ٿي وئي! اهڙو فضول ڪتو صاحب پاليندو!“ منشي چيو.
    ”هاڻي وڌيڪ جاچ جوچ جي ڪا ضرورت ناهي“. اوچوميلوف چيو ٿو ته هي ڪو رولو ڪتو آهي. هتي بيهي بحث ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ناهي، بس چيم ته ڪتو رولو آهي ته رولو ئي آهي. ماري ڇڏيو هن نڀاڳي کي ۽ قصو ختم ڪريو...!“
    ”هي ڪتو اسان جو ته ناهي پر وڏي صاحب جي ڀاءُ جو ٿي سگهي ٿو جيڪو ڏينهن اڳ آيو آهي. اسان جو وڏو صاحب ته اهڙن ڪتن ۾ دلچسپي ته نه رکندو آهي پر هن جو ڀاءُ کي اهڙا ڪتا وڻندا آهن. ”منشي منهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ڇا وڏي صاحب جي ڀاءُ يعني ”ولايميرا يوانچ؟“
    جو ڪتو آهي.
    اوچوميلوف چيو ”اڙي مون کي خبر ئي نه پئي آهي ته مهمان آيا آهن؟ “ولاديميرا ايوانچ ته مون جو عزيز دوست آهي مان پنهنجي ڀاءُ سان ملاقات لاءِ بيتاب آهيان! افسوس مون کي خبر ئي نه پئجي سگهي آهي ته هي ڪتو ان جو آهي؟
    ”هن جي آڱر ۾ چڪ وڌو اٿس ڪوڙو ڪنهن جاءِ جو قصو ڏڪڻ جو ڊرامو نه ڪر هن خريوڪين ڏانهن ڪاوڙ سان ڏسندي چيو.
    ڇا ته شاندار ڪتو آهي!“
    منشي ڪتي کي سڏ ڪيو ۽ ان کي گڏ وٺي ڪاٺ جي مڏي مان ٻاهر نڪري ويو. هجوم خريو ڪين تي کلڻ لڳو. ”تون ڪا گڙبڙ ڪئي ته مون کان بچي نه سگهندين“ اوچو ميلوف ويندي ويندي هن کي ڌمڪي ڏئي يو ۽ پنهنجي اوورڪوٽ کي جسم تي چڱيءَ ريت ٺاهيندي بازار کان ٻاهر نڪري ويو.


    تحفو

    تحفو

    ساشاسرنوف اخبار ۾ ڪا شي ويڙهي ڊاڪٽر ڪيشل ڪوف جي ڪلينڪ ۾ داخل ٿيو. هن جو ننڍڙو گول مٽول چهرو خوشي مان ۾ ٻهڪي رهيو هو، پر هو سهڪي رهيو هو ۽ سندس مٿي جا وار وکريل هئا. هو پنهنجي ماءُ جو سڪيلڌو پٽ هو. ڊاڪٽر ڪيشل ڪوف هن ننڍڙي ڇوڪري کي ڏسي کلي پيو، ڇو ته هي ڇوڪرو هن کي ڏاڍو سٺو لڳندو هو.
    ”اچ اچ ننڍڙا ساشا ڪيئن آهين؟ ڇا خبر چار آهي؟“
    ساشي هڪ هٿ سان ان شي کي سنڀاليو، جيڪا اخباري ۾ ويڙهيل هئي، ۽ ٻيو هٿ سيني تي رکندي جذباتي انداز ۾ چيائين: ”ڊاڪٽرصاحب! امڙ توهان لاءِ هڪ تحفو موڪليو آهي، ۽ ان سان گڏ چيو اٿائين ته هوءَ اوهان جي ٿورائتي آهي، ڇو جو توهان هڪ خطرناڪ موضي مرض کان جان بچائي آهي. توهان جي ان نيڪي جو بدلو اسان ٻئي نٿا چڪائي سگهون. توهان جي خدمت بي لوث آهي.“
    ”اڙي باباهي ته هي ته منهنجو ڪم ۽ فرض آهي. هڪ ڊاڪٽر جو ڪم ئي ماڻهن جون حياتيون بچائڻ آهي“. ڊاڪٽر ڪيشل ڪوف کلندي هن کي چيو؛ ”ڏس ساشا! جيڪڏهن منهنجي جاءِ تي ڪو ٻيو ڊاڪٽربه هجي ها ته اهو به ائين ئي ڪري ها جيڪو مون ڪيو آهي“.
    ”پر ڊاڪٽر صاحب! اسان غريب ماءُ پٽ توهانجي بي لوث خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿا سگهون. اسان ٻنهي جي شديد خواهش آهي ته توهان اسان جي خوشيءَ خاطر اسان جو هي تحفو قبول ڪريو. هي آرٽ جو هڪ نادر نمونو آهي“.
    ساشا سرنوف ڊاڪٽر کي چيو،
    ”ساشا ڀلا ان جي ڪهڙي ضرورت هئي“.ڊاڪٽر هن کي محبت ڀريل نظرن سان ڏسندي چيو.
    ”ڏسو ڊاڪٽر صاحب! توهان بلڪل انڪار نه ڪندئو، نه ته اسان امڙ ۽ پٽ کي ڏاڍو ڏک ٿيندو. هي آرٽ سندر نمونو آهي، جيڪو اوهان کي يقينن پسند ايندو“. اهو چوندي، ساشا اخبار ۾ ويڙهيل شيءَ کولڻ شروع ڪئي.
    ”ڊاڪٽر! هي منهنجي پيءُ کي ڪٿان مليو هو ۽ ان ڪيتريون ئي تاريخي ۽ املهه شيون گڏ ڪيون هيون. ان جي وفات کان پوءِ اسان هي شاهڪار سنڀالي رکيو آهي. هاڻي ته مان ۽ منهنجي ماءُ ڪجهه ڪم به ڪرڻ شروع ڪيو آهي، پر اڃا تائين اسانکي پئسا ناهن مليا. ان جي ڪري امان پنهنجي شوق ۽ منهنجي خلوص کي نظر ۾ رکندي توهان جي لاءِ هي پسند ڪيو آهي ۽ مان هي توهان وٽ کڻي آيو آهيان“.
    ساشا پنهنجي ننڍڙن هٿن سان اخبار ڪاغذ کولي ان مان نڪتل تحفي کي ميز تي سنوارڻ ۽ سينگارڻ لڳو. ڊاڪٽر حيرت مان ان کي ڏسڻ لڳو. اهو شفاف پٿر مان ڪوريل هڪ مجسمو هو. چمڪندڙ ۽ ڪشش رکندڙ. هي ٻن عورتن جو مجسمو هو، جيڪي پنهنجي قدرتي پوشاڪ ۾ هيون. انهن جي ڏيک ۽ انداز کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن آهي. عورتن جي چپن تي لازوال مسڪراهٽ هئي ۽ سندن سنهڙيون ڳچيون سونهندڙ هيون. ڊاڪٽر مجسمي کي ڏسي ڪياڙي کنهڻ لڳو، هن ڊگهو ٿڌو ساهه کنيو ۽ شلوار جي کيسي مان رومال ڪڍي نڪ صاف ڪرڻ لڳو. هن جو ذهن مائوف ٿي ويو هو. هن کي سمجهه ۾ نٿي آيو، ته هو ڇا ڪري ۽ ڇا نه ڪري.
    ڊاڪٽر گهٻرائيندي ۽ هٻڪندي چيو. ”ساشا هي آهي ته ڏاڍو سٺو...“ پرمان...مان هن کي هتي نٿو رکي سگهان، ڇو ته مون وٽ مختلف قسم جا ماڻهو ايندا ويندا رهن ٿا.
    ”ماڻهو ايندا ويندا رهن ٿا، ته پوءِ ڇا ٿيو؟ ”ساشا ٻاراڻي انداز ۾ چيو
    ”ماڻهو اهڙين شين کي سٺو نه سمجهندا آهن.“ ڪيشل ڪوف چيو.
    اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ماڻهو هن نادر فن جي نموني کي سٺو نه سمجهن. هن جهڙيون خوبصورت شيون ڏسي ته دنيا جي هر شيءِ وسري ويندي آهي. ٿورو ڏسو ته سهي هن کي ... ائين ٿو لڳي، ڄڻ اجهو ان ۾ زندگي جي لهر ڊوڙڻ لڳندي ۽ اهي زندهه ٿي پونديون.“ ساشا چيو. .”ڏس بابا مونکي ان کان انڪار ناهي، پر پوءِ به مان هن کي هتي رکي نه ٿو سگهان تو کي خبر آهي ته منهنجا ٻار ٻچا به هتي ايندا رهندا آهن. هي ڪمرو گهڻو ڪري مريضن سان ڀريل رهندو آهي، جن ۾ وڏيون عورتون ۽ جوان ڇوڪريون به هونديون آهن.“ ڊاڪٽر، ساشا کي سمجهائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، ۽ هولاڳيتو پنهنجو ڪنڌ انڪار ۾ لوڏيندو رهيو.
    ”ڊاڪٽر صاحب! ڪجهه به هجي، هي تحفو توهان کي قبول ڪرڻو پوندو. منهنجي ماءَ توهانجي مدد ۽ خدمت جي عيوض پنهنجي هڪ قيمتي شيءِ انتهائي خلوص سان توهان کي پيش ڪئي آهي، جنهن کي هن منهنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ تمام گهڻي حفاظت سان سنڀالي رکيو هو. هن جي ته اها خواهش آهي، ته ڪٿان هن جو ٻيو جوڙو به ملي وڃي، ته اهو به توهانکي پيش ڪري، پر افسوس جو اهو اسان وٽ ناهي، جيڪڏهن هجي ها، ته اهو توهان جي ميز جي هڪ ڪنڊ ۾ سجيل هجي ها. اهڙي ريت ميز جي ٻنهي ڪنڊن تي رونق هجي ها.“ ساشا چيو.
    ”چڱو ساشا مان تنهنجو تمام گهڻو شڪر گذار آهيان. تنهنجو خلوص اکين تي، پنهنجي والده کي منهنجي طرفان مهرباني چئجان، پر هڪ ڀيرو ٻيهر سمجهڻ جي ڪوشش ڪر ته هتي منهنجا ٻار به ايندا آهن. ڇوڪريون به اينديون آهن.... خير تون هي هتي ڇڏي ئي وڃ... هي سڀ ڳالهيون تنهنجي سمجهه کان مٿي آهن، ان ڪري تو سان وڌيڪ بحث نه ٿو ڪريان.“ ڊاڪٽر اهو سڀ ڪجهه ڄڻ همت هاريندي چيو.
    ”ڊاڪٽر صاحب! بحث واري ته ڪا ڳالهه ئي ناهي. توهان هن کي منهنجي سامهون ئي گلدستي جي ڀر سان سينگاري ڇڏيو. ڪاش! هن جو ٻيو جوڙو به ملي وڃي. ان کان بغير هي ڪجهه عجيب ٿو لڳي. خير پوءِ به اسان ٻئي ماءُ پٽ ڪوشش ڪنداسين ته اهو ملي وڃي. چڱو ڊاڪٽر صاحب؛ تمام گهڻي مهرباني آخر توهان هڪ ماءُ جي دادلي پٽ جي خواهش پوري ڪري ورتي..... چڱو خدا حافظ“.
    ساشا هليو ويو. ان جي وڃڻ کانپوءِ به ڊاڪٽر ڪيشل ڪوف پنهنجي ڪرسي تي ويهي بت بڻيو، ان مجسمي کي ڏسندو رهيو ۽ ڪجهه سوچيندو رهيو.
    ”ان ۾ ڪوئي شڪ ناهي، ته هي نادر ۽ ناياب فن جو نمونو آهي، پر ان کي هن جڳهه تي رکڻ مناسب نه آهي، ۽ هن کي اڇلائي ڇڏڻ به هڪ بيهودو ڪم ٿيندو. آخر ڪجي ته ڇا ڪجي. ڊاڪٽر سوچڻ لڳو.
    ”هيءَ ڪهڙي مصيبت ٽٽي پئي آهي. آخر مان هن جو ڇا ڪيان؟ ڪنهن کي ڏيان؟ آخر ڪير آهي جيڪو، هن کي بنا اعتراض ڪرڻ جي ۽ ٿڌي دل سان قبول ڪندو؟“
    سوچيندي سوچيندي آخر هن کي پنهنجي هڪ وڪيل دوست جو خيال آيو ۽ ان جو خيال ايندي ئي هوَ ٻهڪي پيو. هن جي ان وڪيل دوست هڪ ڀيرو هڪ مقدمي ۾ هن جي وڏي مدد ڪئي هئي. اهو سوچي هو گهڻو مطمئن ٿي ويو. سوچيائين اهو سٺو ٿيندو ته هن تحفي سان هن جي احسان جو بدلو به لهي ويندو ۽ ٻيو ته هن نادر فني نموني مان هن جي جان به ڇٽي پوندي.
    ”اهو ٺيڪ آهي. هي مجسمو ان لاءِ تحفي طور کڻي ويندس ۽ هو اڃا تائين پرڻيل به ناهي. هو هي تحفو ضرور خوش ٿيندو.“ ڊاڪٽر سوچيو.
    ڊاڪٽر جو اهو فيصلو ڪري ورتو. هن وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ بنا اٿي ڪوٽ پاتو ۽ مجسمي کي اخبار جي ٽڪري ۾ ويڙهي ۽ پنهنجي وڪيل دوست ڏانهن نڪري پيو.
    ڊاڪٽر ڪيشل ڪوف کي پنهنجو وڪيل دوست اوخوف پنهنجي گهر ئي ملي ويو. ڊاڪٽر کي ڏسي وڪيل ڏاڍو خوش ٿيو ۽ گرم جوشيءِ سان سندس آڌر ڀاءُ ڪيائين. ”کوڙ ڏينهن کان تنهنجي سڪ لڳي هئي، چڱو ٿيو، جو آئين.“
    اوخوف پيارا! تون ڪيئن آهين؟“
    مان ته گهڻن ڏينهن کان تو وٽ اچڻ جو سوچي رهيو هئس، پر ڪم ڪار ايترو آهي، جو ڪوشش جي باوجود نڪري نه سگهيس“.
    ”تو ٺيڪ چيو، اهو اسان سڀني مصروف رهندڙ ماڻهن جو وڏو مسئلو آهي“. اوخوف سندس ڳالهه جي تائيد ڪندي چيو.
    ”چڱو يار ٻڌ! هن وقت مان توکي هڪ حقير قسم جو تحفو ڏيڻ جي لاءِ آيو آهيان، توڻي جو هي تنهنجي مهرباني جو بدل ناهي، پر پوءِ به هي اسانجي دوستي کي وڌيڪ مظبوط بڻائيندو، ۽ اسان ٻنهي جي پيار ۾ واڌارو ڪندو“. ڊاڪٽر پيڪٽ ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
    ”يار هن جي ڪهڙي ضرورت هئي؟“ اوخوف مرڪي وراڻيو.
    ”ضرورت..؟ ڀلا ان جي ضرورت ڇو نه هئي. تو هڪ مقدمي جي مصيبتن مان منهنجي جان ڇڏائي ۽ مان اڃا تائين تنهنجي لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهيو آهيان. اها ته مونکي خبر آهي ته تون ڪڏهن به مون کان فيس جا پئسا نه وٺندين، ان ڪري مان هڪ فن جو نادر نمونو پسند ڪري تنهنجي لاءِ کڻي آيو آهيان.“ اهو چوندي هن اهو مجسمو اخبار جي ڪاغذ مان ٻاهر ڪڍيو ۽ پوءِ چيو؛ ”هي ڏس، آهي نه هڪ بي مثال شيءِ...... “!”واهه واهه... واقعي ڏاڍي ڪمال جي شيءِ آهي!. “اوخوف متاثر ٿيندي چيو.” پر هي انمول شيءِ تو کي ملي ڪٿان؟” اوخوف مسڪرائڻ لڳو. “هي مون خاص ڪري تنهنجي لاءِ خريد ڪئي آهي ۽ مونکي يقين هو ته تون اها توکي ضرور پسند ايندي“. ڊاڪٽر هن جي سوال کي گول ڪندي چيو.
    اوخوف ڪنهن سوچ ۾ گم ٿي ويو. هن جي چهري تي اندروني ڇڪتاڻ جا تاثر نمايان نظر ٿي آيا. هن ٿوري خاموشي کان پوءِ دوست سان مخاطب ٿيندي چيو، ”پر يار! مون سان مسئلو هي آهي، ته مان ان کي پاڻ وٽ رکي نه ٿو سگهان منهنجي معذرت قبول ڪر ۽ هي واپس کڻي وڃ...“.
    ”ڇو آخر ڇا ڳالهه آهي؟ هي توکي قبول ڪرڻو پوندو، نه ته مون کي ڏاڍو ڏک ٿيندو.“ ڊاڪٽر ناراض ٿيندي چيو.
    ان تي اوخوف چيو، ”يار! ٿورو خيال ته ڪر.... ڪڏهن ڪڏهن منهنجي والده مونسان ملڻ لاءِ هتي ايندي رهندي آهي. ان ڪري مان هتي ڪيئن رکان. مونکي پنهنجي نوڪرن، ملاقاتين ۽ پاڙيسرين اڳيان شرمندوٿيڻو پوندو“مهرباني ڪري ان شرمنديءَ کان مون کي بچاءِ ته بهتر...“ اوخوف پنهنجا دليل ختم ڪيا ته ان جي چهري تي ٻڏ تر جو تاثر ڇانئجي ويو.
    ”نه مان هي هرگز واپس نٿو وٺي سگهان..... ٿورو ڌيان ته ڪري ڏس ته سهي هي مجسمو ڪيترو نه حسين ۽ موهيندڙ آهي. هن جو رنگين تخيل، واهه ڇا ڪمال آهي....“! ڊاڪٽر چيو.
    ”مان ڪو به انڪار ٻڌڻ نٿو چاهيان. هي تنهنجو ۽ صرف تنهنجو آهي“.
    ”ڊاڪٽر مان ان کي ضرور پاڻ وٽ سرهائيءَ سان رکان هان، پر شرط اهو آهي، ته هن جو وچون حصو جيڪڏهن ڪپڙن سان ڍڪيل هجي ها يا هن تي رنگ ڪيل هجي ها؟“ اوخوف نماڻائيءَ سان چيو، پر ڊاڪٽر هن جي ڪجهه ٻڌڻ بنا، ان فن جي نموني کي هن جي ڪمري ۾ رکي ٻاهر نڪري آيو.
    هو ڏاڍو خوش ۽ مطئمن هو، جو هو هڪ اهڙي نادر تحفي مان جان ڇڏائي چڪو هو، جيڪو هن لاءِ مصيبت جو سبب بڻيل هو. اوخوف کي پنهنجي حال تي ڇڏي، پنهنجي گهر هليو آيو.
    ڊاڪٽر خوش ٿي پنهنجي گهر هليو ويو، پر وڪيل پنهنجي گهر ۾ ئي پريشان رهيو، چڱي دير تائين هو ان فن جي نموني کي ڏسندو ۽ سوچندو رهيو، ته هن کي رکي ته ڪٿي رکي ۽ اڇلائي ته ڪٿي اڇلائي. اڇلائڻ جو عمل هن کي چڱو نه لڳو. هن جي خيال ۾ مجسمو قابل تعريف تحفو هو، پر هن جي قدرتي پوشاڪ وڏي پريشاني ۽ تڪليف جو سبب بڻيل هئي. پوءِ به هو گهڻي سوچ ۽ ويچار کانپوءِ ان نتيجي تي پهتو ته شام ٿيندي ئي هن نادر تحفي کي پنهنجي ويجهي دوست شيشڪن جي حوالي ڪري ڇڏيندو، جيڪو هڪ مشهور اداڪارآهي ۽ پوءِ کيس ياد آيو ته اڄ هن جو هڪ مزاحيه پروگرام به آهي.
    پنهنجيِ خواهش جي مطابق هن ان خيال کي عملي جامو پهرائي، سک جو ساهه کنيو. هڪ شام ڌاري هن ان فن جو نموني کي شيشڪن جي حوالي ڪيو. شيشن فن جي ان نموني کي پنهنجي سينگار واري ميز تي رکيو ۽ هن جي نظرن ان جي سموري فنڪاراڻي هنرمندين جو جائزو ورتو.
    ان شام جيترا به دوست هن سان ملڻ جي لاءِ آيا، اهي هن مجسمي کي ڏسي اکيون پٽي وڏي آواز ۾ ٽهڪ ڏيندا رهيا. جيڪڏهن انهن جا ٽهڪ اکيون بند ڪري ٻڌجن ها، ته بغير ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي ائين لڳي ها، ته ويجهو ئي ڪٿي گڏهه ۽ گهوڙا هڻڪون ۽ هينگون ڪري رهيا آهن.
    هو ان مجسمي مان ڏاڍو اڙجي ويو هو. جيڪڏهن ڪا اداڪارا هن جي ڪمري ۾ داخل ٿيندي هئي ته هو وڏي معذرت سان کيس چوندو هو. ”پياري! ٿورو ٻاهر ئي بيهجو يا ٿورو ترسي پوءِ اچجو مان ڪپڙا تبديل ڪري رهيو آهيان.“
    رات جي وقت پنهنجي پروگرام کانپوءِ هو ان مونجهاري ۾ هو ته هن مجسمي، هن فن جي نموني، جو هو ڇا ڪري.........!
    ”اف خدايا! مان ڪهڙي مصيبت ۾ ڦاٿو آهيان.“ هو ٻئي هٿ مٿي کي ڏئي پاڻ سان ڳالهائيندو رهيو.
    مان پنهنجي ذاتي فليٽ ۾ رهيا پيو، جتي هر وقت اداڪار ۽ اداڪارائون به انديون رهنديون آهن. ۽ هيءَ ڪا تصوير ته ناهي، جنهن کي جهٽ ۾ ويڙهي ڪنهن ميز جي خاني يا ڪتاب ۾ لڪائي رکان. هن جي هڪ آرٽسٽ دوست صلاح ڏني، ”شيشڪن تون ان کي وڪڻي ڇو نٿو ڇڏين.....هتي ويجهو ئي هڪ پوڙهي عورت رهندي آهي، اها اهڙيون شيون خريد ڪندي آهي.“ شيشڪن اهو ٻڌي ڏاڍو سرهو ٿيو.
    ”اها ڪير آهي؟ ڪٿي رهندي آهي؟ ان جو ڪو صحيح پتو ...؟“ ”بس تون سمنووا جو پڇي وٺ، ان کي سڀ سڃاڻن ٿا“. آرٽسٽ جواب ڏنو.
    شيشڪن سنجيدگي سان ان ڳالهه تي سوچڻ شروع ڪيو. ائين ڏينهن گذرندا ويا. ڪجهه ڏينهن بعد ڊاڪٽر ڪيشل ڪوف پنهنجي ڪلينڪ ۾ ڪنهن گهيري سوچ ۾ ويٺو هو، شايد ڪنهن بيماري بابت سوچي رهيو هو ۽ پنهنجي کاٻي هٿ سان پنهنجي ڪن جي پاپڙي کنهي رهيو هو.
    اوچتو هن جي ڪلينڪ جو دروازو زور سان کليو ۽ ساشا سرنوف ڊوڙندو اندر داخل ٿيو. هن جو چهرو خوشي مان ٻهڪي رهيو هو. هن جي هٿ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ جيان هڪ پيڪيٽ جهليل هو. هن پنهنجي ساهه تي ضابطو آڻيندي چيو.
    ”ڊاڪٽر صاحب! منهنجي خوشي جو اندازو لڳايو. هن کي پنهنجي خوشي قسمتي سمجهو يا منهنجي خوش نصيبي جو توهان جي ان تحفي جو باقي رهيل حصو به ملي ويو آهي. امڙ به تمام گهڻي خوش آهي، ڇو ته هاڻي توهانجو جوڙو مڪمل ٿي ويو آهي. مونکي يقين آهي ته توهان هڪ بيواهه ماءَ جي سڪيلڌي پٽ جي خلوص کي نه ٺڪرائيندئو. آخر توهان منهنجي حياتي به ته بچائي آهي نه؟“.
    اهو چوندي ساشا ڏڪندڙ هٿن سان اهو پيڪٽ ڊاڪٽر جي ميز تي رکيو. ان مهل ڊاڪٽر ڪيشل ڪوف جو منهن جو پنو لهي ويو ۽ هو ڄڻ سڪتي ۾ وٺجي ويو. پوءِ هن ڪوشش ڪئي، ته هو ڪجهه چوي، ڪجهه ڳالهائي، پر نه هو ڪجهه نه چئي سگهيو ۽ نه ئي ڪجهه ڳالهائي سگهيو. بس پنڊ پهڻ بڻجي ساشا کي ڏسندو رهيو.


    موپاسان

    موپاسان
    (MAUPASSANT, GUY DE 1850-1893)

    گائي دي موپاسان فرانس جوئي نه، پر سڄي دنيا جو ڪهاڻيڪار آهي. نارمنڊي ۾ پيدا ٿيو روٽن ڪاليج مان گريجوئشن ڪري پيرس ۾ سرڪاري ملازم ٿيو. ڏهن سالن تائين نيوي ۾ معمولي ڪلارڪ جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهيو، پر اصل ذوق ۽ شوق ڪهاڻيون لکڻ هئس. مشهور فرانسيسي ناول نگار فلائبر سان لاڳيتا ست سال ڪم ڪيائين جنهن سان هن جي لکڻين ۾ پختگي پيدا ٿي. 1800ع ۾ هن جي هڪ ڪهاڻي ان سال جي بهترين ڪهاڻين جي مجموعي ۾ شايع ٿي، جنهن سان هن سڄي دنيا ۾ وڏي مقبوليت ماڻي. ٻئي سال هن جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ڇپيو، ته تنقيد نگارن هن کي فرانس جو سڀ کان وڏو ڪهاڻيڪار قرار ڏنو. آخري ڏينهن ۾ ذهني مرض ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ جنون جي حالت ۾ اسپتال ۾ دم ڏنائين.


    هيرن جو هار

    هيرن جو هار

    هوءَ انهن ٿورين خوبصورت ۽ من موهيندڙ ڇوڪرين مان هڪ هئي، جيڪي بدقسمتي سان ڪڏهن ڪڏهن ننڍي طبقي جي خاندان ۾ پيدا ٿينديون آهن. هن وٽ وڏا خواب ته هئا. پر ڪو چارو نه هو، ته هن جي حسن جو ڪو چرچو ٿي وڃي. ڪوئي امير ماڻهو هن کي ڏسي وٺي، پيار ڪري، کيس پاڻ سان گڏ کڻي وڃي شادي ڪري. جيئن ته ان جي هن کي ڪا اميد نه هئي، انڪري جڏهن هن جي شادي هڪ ڪلارڪ سان ٿي، ته هن ڪو به اعتراض نه ڪيو.
    هوءَ عام ۽ سادا ڪپڙا پهريندي هئي، ڇو ته سٺا ۽ اعليٰ ڪپڙا هن وٽ هئا ئي ڪو نه، ان جي باوجود ائين سڙندي ۽ ڪڙهندي رهندي هئي، ڄڻ ڪنهن پهاڙ جي چوٽيءَ تان ڪيرائي وئي هجي. هونئن به جيستائين عورت جو تعلق آهي ته نه هن جي ڪا ذات هوندي آهي نه خاص طبقو، هن جي خوبصورتي ئي هن جي ذات ۽ طبقي جي جڳهه والاريندي آهي، جنهن سان هڪ عام ۽ معمولي عورت به پنهنجو پاڻ کي مٿئين طبقي جي عورتن جي برابر سمجهڻ لڳندي آهي.
    ماٿيلا هميشه ڏک سهندي ۽ پڄرندي رهندي هئي، ڇو ته هوءِ سمجهندي هئي، ته دنيا جا سمورا عيش ۽ سموريون خوشيون هن جي لاءِ ناهن ٺهيون. هوءَ اڪثر پنهنجي غريبي سبب پريشان رهندي هئي. هوءَ خاموش ۽ خوبصورت ڪمرن جا خواب ڏسندي هئي، جتي سهڻي ڊزائين جا پردا ٽنگيل هجن، ج هڪ وڏو فانوس ٻرندو هجي، جنهن کي ڏسي سڀ عورتون ساڙ محسوس ڪنديون آهن، ۽ انهن جو ڌيان ڇڪائڻ جي خواهش پوري ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رهنديون آهن.
    جڏهن هوءَ پنهنجي مڙس سان گڏ ماني جي گول ميز تي ويٺي، جنهن تي ٽن ڏينهن جو ميرو ميزپوش وڇايل هو ته سندس مڙس ساڳ ڏسي چيو، ”واهه ساڳ.... هن کان بهتر شيءَ دنيا ۾ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي!“ پنهنجي مڙس جي ڳالهه ٻڌي هوءَ ان سڻڀن کاڌن جي خيال ۾ گم ٿي وئي، جيڪي چمڪندڙ چاندي جي ٿانون ۾ پيش ڪيا ويندا آهن. کاڌي جي ڪمري ۾ پردن سان ڍڪيل ڀتين تي پراڻن، عظيم ماڻهن ۽ عجيب ۽ غريب اُڏرندڙ پکين جون تصويرون اڪريل هونديون آهن ۽ ڪمري جو ماحول پرستان جهڙو نظر ايندو آهي. هوءَ ان ذائقيدار کاڌن کي ياد ڪرڻ لڳي، جيڪي شاندار پليٽن ۾ نهايت نفاست ۽ آرام سان پيش ڪيا ۽ کاڌا ويندا آهن. اهڙي قسم جي خيالن سان هن جي وات جو ذائقوئي مٽجي ويو.
    هن وٽ نه سٺا ڪپڙا هئا، نه هيرا، جواهر، ۽ نه زيور اهي ئي شيون هيون، جن سان هوءَ بيحد محبت ڪندي هئي. هن جي اسڪول جي زماني جي هڪ ساهيڙي هئي، جيڪا وٽس ان ڪري نه ويندي هئي، جو هيءَ امير نه هئي. هن وٽ زيور ۽ قيمتي ڪپڙا هئا، جيڪڏهن هيءَ وٽس ويندي به هئي، ته اداس واپس ايندي هئي.
    هڪ شام هن جو مڙس وڏي فاتحاڻي انداز ۾ هڪ ڊگهو لفافو هٿ ۾ کڻي گهر پهتو.
    ”هي ڏس....تنهنجي لاءِ ڇا کڻي آيو آهيان“. هن جلدي ۾ لفافو کوليو، ان مان هڪ ڇپيل ڪارڊ ڪڍيو، جنهن تي هيٺين تحرير لکيل هئي؛
    ”جناب وزير ۽ مادام جارج ريمينو جي درخواست آهي، ته موسيو ۽ مادام لوزائل تاريخ 18 جنوري، سومر ڏينهن وزير جي گهر دعوت ۾ شريڪ ٿي، مان مٿاهون ڪن.“
    هن جي مڙس جو خيال هو، ته هوءَ اهو دعوت نامون پڙهي خوش ٿيندي، پر هن دعوت نامون ميز تي اڇلائيندي پڇيو.
    ”تو مونکي هي دعوت نامون ڇو ڏنو آهي..؟“.
    ”ڊارلنگ! منهنجو خيال هو، ته تون دعوت نامون پڙهي خوش ٿيندين. تون ڪڏهن ٻاهر نه وئي آهين ۽ هي ڏاڍو سٺو موقعو آهي. هر شخص هن محفل ۾ وڃڻ جو خواهشمند آهي، ڇو ته هيءَ هڪ خاص محفل آهي، مون هي دعوت نامون ڏاڍي مشڪل سان حاصل ڪيو آهي. هونئن به هو گهڻن ڪلارڪن کي گهرائڻ جي حق ۾ نه هئا، ڇو ته اتي تمام وڏا وڏا آفيسر موجود هوندا“.
    هن ڪاوڙيل نظرن سان پنهنجي مڙس کي ڏسندي بي صبري مان پڇيو، ”تنهنجي خيال ۾ مان اتي ڇا پهري وينديس؟“. هن جي مڙس ته واقعي ان جي باري ۾ سوچيو ئي نه هو، پوءِ به هن جواب ڏنو.
    ”اهو گائون، جيڪو تون ٿيٽر ۾ پهري وئي هئين، مون کي ته اهو سٺو لڳو هو.“
    هو اهو ڏسي چپ ۽ پريشان ٿي ويو، ڇو ته هن جي زال روئڻ لڳي هئي. ٻه ڳوڙها هن جي پنبڻين مان وهندا، هن جي ڳلن کان ٿيندا، ڪپڙن تي ڪري پيا هئا. ڇا ٿيو؟.... ڇا ٿيو؟.... سندس مڙس پڇيو هو.
    هن وڏي مشڪل سان پنهنجا ڳوڙها روڪيا ۽ پنهنجي ڳلن کي اگهندي رُکي آواز ۾ چيائين؛
    ”ڪجهه ناهي ٿيو، مون وٽ ڪو گائون ڪونهي. ان ڪري مان ناچ جي محفل ۾ نٿي وڃي سگهان. تون اهو دعوت نامون ڪنهن دوست کي ڏئي ڇڏ، جنهن جي زال وٽ مون کان وڌيڪ بهتر ڪپڙا هجن“. هو مايوس ٿي ويو ۽ چيائين، ”ڏس ماٿيلا! تون مون کي اهو ٻڌاءِ ته هڪ اهڙو گائون، جيڪو تون خاص موقعن تي پائي سگهين، گهٽ ۾ گهٽ ڪيترن پئسن جو ايندو، پر ها اهو گهڻو مهانگو نه هجي“.
    هوءَ اندازو لڳائڻ لاءِ ڪيترين ئي گهڙين تائين سوچيندي رهي. هوءَ ان ڪري به ڊڄي رهي هئي، جو ڪٿي پئسن جواندازو ٻڌي هن جو مڙس مورڳو انڪار ئي نه ڪري ڇڏي.
    هن ڊڄندي چيو؛ ”مان چڱي ريت ته نٿي ٻڌائي سگهان، پر منهنجي خيال ۾ چار سو فرانڪ مان ڪم هلي سگهي ٿو“.
    پئسن جو اندازو ٻُڌي هو ٿورو پريشان ٿي ويو. اصل ۾ هو پهريان کان ئي بندوق خريد ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي چڪو هو ۽ دوستن سان گڏ شڪار جو پروگرام به ٺاهيو هئائين. هن جواب ڏنو. ”ٺيڪ آ مان توکي چار سئو فرانڪ ڏيندس، تون هڪ سٺو گائون خريد ڪجان“.
    رقص جي تقريب جا ڏينهن جيئن جيئن ويجها اچي رهيا هئا، مادام لوزائيل بي قرار ۽ بي چين پئي رهي. هن جو فراڪ تيار ٿي ويو هو. هن مڙس کي چيو، ”مان اهو سوچي پريشان پئي ٿيان، ته مون وٽ ته هڪ به زيور ڪونهي، جيڪومان پائي وڃان. ماڻهو مون کي ڏسي فقير ۽ مفلس سمجهندا، سٺو اهو آهي ته مان محفل ۾وڃان ئي نه“.
    “تون گلن جا هار پائجان” هن جي مڙس کيس جواب ڏنو. هونئن به هن وقت اهو فيشن آهي. ڏهه فرانڪن ۾ توکي ٻه يا ٽي ڳاڙهي گلاب جا سندر هار ملي ويندا“. هوءَ ان ڳالهه کان متاثر نه ٿي.
    “منهنجي خيال ۾ ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي گهٽتائي ٿيندي، جو مان امير ۽ دولتمند عورتن ۾ غريب ۽ ڪنگال عورت نظر ايندس”.
    هن جي مڙس ساڻس مخاطب ٿي چيو. “چري ٿي آن ڇا! وڃ ۽ وڃي پنهنجي ساهيڙي مادام فورسٽيئر کان وڃي ڪجهه موتين جا هار ۽ زيور هڪ ڏينهن لاءِ وٺي اچ. آخر هوءَ تنهنجي گهاٽي سنگتياڻي آهي، هوءَ توکان ڪنڌ ٿورئي ڪڍرائيندي.“
    خوشيءَ مان هن کان دانهن نڪري وئي. ”تو سچ چوين، مون ته اها ڳالهه سوچي به نه هئي”.
    ٻئي ڏينهن هوءَ پنهنجي ساهيڙي وٽ وئي ۽ هن کي پنهنجو سڄو قصو ٻڌايائين.
    مادام فورسٽيئر هيرن جواهرن سان سٿيل هڪ صندوق کڻي اچي پنهنجي ساهيڙي اڳيان رکي ۽ کيس چيائين، ”منهنجي پياري! هن مان جيڪا شيءِ توکي پسند اچي سا کڻي وڃ.“
    پهريان هن ٻانهن جا زيور ڏٺا، پوءِ موتين جي مالها ۽ پوءِ چاندي جي هڪ صليب، جنهن ۾ قيمتي پٿر جڙيل هئا، جيڪي ڪاريگري جي فن جو حسين شاهڪار ٿيا. مادام لوزائيل ان شين کي ڏسي منجهي پئي هوءَ ڪو فيصلو ڪري نه ٿي سگهي. نيٺ هن پنهنجي سهيليءَ کان آهستي پڇيو، ”ڇا تو وٽ ٻيون به شيون آهن؟“
    ”ها ڇو نه هي ڏس ... خبر ناهي تنهنجي ضرورت ۽ پسند ڪهڙي آهي؟“.
    اوچتو هن کي اها شيءِ ملي وئي، جنهن جي هن کي ڳولا هئي. هڪ حسين هيرن جي مالها کي ڏسي هن جي دل تيزي سان ڌڙڪڻ لڳي. جڏهن هن اها مالها کنئين ته هن جا هٿ ڏڪڻ لڳا، مالها هن پنهنجي ڳچي ۾ پاتي. هوءَ آرسي اڳيان پنهنجو چهرو ڏسي عجيب خوشي محسوس ڪري رهي هئي. پوءِ هن ڊڄندي ڊڄندي پنهنجي سنگتياڻيءَ کي چيو، ”ڇا تون مون کي هي اڌارو ڏئي سگهندينءَ؟“
    ”ها ڇو نه........... تون بي فڪر ٿي کڻي وڃ“.
    هن پنجهيون ٻانهون ساهيڙي جي ڳچي ۾ وجهي سندس شڪريو ادا ڪيو ۽ پوءِ ان خزاني کي کڻي گهر رواني ٿي. رقص جي رات اچي وئي مادام لوزائيل ميدان کٽي ورتو. محفل ۾ موجود سڀني عورتن کان هوءَ وڌيڪ خوبصورت هئي ۽ سڀ مرد هن ڏانهن ڏسي رهيا هئا. هن جو نالو پڇي رهيا هئا ۽ هن جو تعارف حاصل ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري رهيا هئا. ايتري قدر جو وزير به هن سان گڏ ناچ ڪيو.
    هوءَ خوشي ۽ مسرت جي جذبي سان سرشار نچندي رهي هئي. هن جا جذبا جاڳي پيا هئا. ڪاميابي جو احساس، جيڪو صرف عورت جي دل ۾ ئي پيدا ٿيندو آهي، اهو کيس پرجوش ڪري رهيو هو. صبح جي چئين وڳي تائين هن رقص ڪيو. ٻين عورتن به هن محفل مان ڀرپور لطف ماڻيو. هوءَ ٿڪجي پئي هئي. جي مڙس هن جي جسم تي هڪ چادر وڌي. هڪ عام ۽ معمولي چادر، جيڪا روزاني زندگي ۾ ويڙهي ويندي آهي ۽ جنهن مان غربت صاف ظاہر پئي ٿي. وڏو فرق هو. ڪٿي ناچ جي نرم ۽ خوبصورت پوشاڪ ۽ ڪٿي هيءَ چادر۔۔۔۔۔ هن ان چادر جي پراڻي هئڻ کي محسوس ڪيو ۽ ٻين عورتن اڳيان پائڻ کان ڪترائڻ لڳي. هو ٻئي ڏاڪڻين تان هيٺ لهي آيا ۽ گهٽي ۾ ڪا سواري ڳولڻ لڳا. آخر هنن کي هڪ پراڻي قسم جي گاڏي ملي وئي، جنهن ۾ چڙهي هو گهر پهتا. هو جڏهن هو ڏاڪڻيون چڙهي پنهنجي فليٽ ۾ پهتا، ته اداس هئا. خاص ڪري ماٿيلا لاءِ ته سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو هو. هن کي گهڙيءَ لاءِ حاصل ٿيل خواب جهڙي حقيقت ڀڃي ڀوري وڌو هو. هن جو مڙس ان لاءِ پريشان هو، ته صبح نائين وڳي آفيس پهچڻو آهي.
    هن آئيني اڳيان بيهي چادر لاهي رکي ۽ آخري ڀيرو پنهنجو پاڻ کي پوري جمال ۽ شان ۽ شوڪت ۾ ڏسڻ ٿي گهريائين. پراوچتو هن کان دانهن نڪري وئي. هن جي ڳچيءَ ۾ هيرن جي مالها ڪانه هئي.
    هُن جي مڙس، جيڪو ڪپڙا بدلائي رهيو هو، ان پڇيو. ”ڇا ٿيو“؟
    هوءَ هن ڏانهن مُڙي، ۽ هٻڪندي چيائين، ”مون کان .... هيرن جي مالها گم ٿي وئي آهي“. هن جو مڙس اٿي بيهي رهيو.
    ”ڇا چيئي.......!، ڪيئن......... اهو ناممڪن آهي...!
    ٻنهي گڏجي ان کي فراڪ ۾ ڳوليو. پنهنجن کيسن ۾ جاچيو، هر هنڌ نظر وڌي، پر هيرن جي مالها ڪٿي به نه ملي.
    ”ڇا توکي يقين آهي، ته جنهن وقت تون هال مان ٻاهر نڪتين ته مالها تنهنجي ڳچي ۾ هئي؟“.
    ”ها، مون وزير جي گهر جي اڱڻ ۾ پاڻ ان کي هٿ لاتو هو. ”جيڪڏهن اها مالها گهٽيءَ ۾ ڪري ها، ته اسان ان جو آواز ضرور ٻڌون ها. بس اها گاڏي ۾ رهجي وئي هوندي“. هو هڪٻئي ڏانهن حيران ۽ پريشان ٿي ڏسڻ لڳا. هن جي مڙس جلدي ۾ ڪپڙا بدلايا ۽ مالها ڳولڻ لاءِ پنڌ نڪري پيو. هو شام جو ستين وڳي گهر واپس موٽي آيو، پر هن کي هيرن جي مالها ڪا نه ملي. هن پوليس ۾ رپورٽ لکرائي ۽ اخبار ۾ اشتهار ڇپرايو. هو گاڏين جي اڏن تي به ويو، پر هن کي هر هنڌ ناڪامي نصيب ٿي. پريشاني سبب هن جو چهرو پيلو ٿي چڪو هو.
    ”تون پنهنجي ساهيڙي کي خط لک ته هن جي مالها جي زنجير ٽٽي پئي آهي ۽ تو اها ٺهڻ لاءِ ڏني آهي، ائين اسان کي ڪجهه ڏينهن جو وقفو ملي ويندو“.
    هن جو مڙس چوندو ويو ۽ هوءَ خط لکندي وئي. هڪ هفتو گذري ويو هنن کي مايوسيءَ کان سواءِ ڪجهه نه مليو. لوزائيل جي عمر ۾ ڄڻ ته پنج سالن جو اضافو ٿي چڪو هو. هن مڙس کي چيو، ”هاڻي اسان کي سوچڻ کپي، ته اسان ڪهڙي ريت هيرن جي مالها واپس ڪري سگهون ٿا؟“
    ٻئي ڏينهن هو هيرن جي مالها واري صندوقڙي کڻي، ان سوناري جي دڪان تي ويا، جنهن جو نالو صندوقڙي تي لکيل هو. سوناري پنهنجو رجسٽر ڏسي چيو: ”محترم، مون هيءَ مالها نه ٺاهي هئي، منهنجو خيال آهيته مون صرف صندوقڙي وڪرو ڪئي هئي“.
    هو هڪ کان ٻئي، ٻئي کان ٽين سوناري وٽ ويا، هيرن جي گم ٿيل مالها جهڙو هار تلاش ڪندي هو ٿڪجي پيا. آخرڪار هڪ دڪان ۾ کين هڪ لڙهه نظر آئي، جيڪا بلڪل گم ٿيل مالها جهڙي هئي، هن جي قيمت چاليهه هزار فرانڪ هئي. سوناري هنن کي ٻڌايو ته هو ڇٽيهه هزار فرانڪ ۾ ڏئي سگهي ٿو. هنن سوناري کي منٿون ڪيون ته هو مالها ٽن ڏينهن تائين نه وڪڻي ۽ اهو به طئي ڪيائون، ته جيڪڏهن گم ٿيل مالها فيبروري جي آخري هفتي تائين لڀي وئي، ته هو هيءَ مالها واپس ڪندا. لوزائيل وٽ ارڙهن هزار فرانڪ هئا، جيڪي هن جي پيءُ هن جي لاءِ ڇڏيا هئا. باقي پئسن جو بندوبست ڪرڻو هو. هن جي مڙس قرض کڻڻ شروع ڪيو. ڪنهن کان هڪ هزار، ڪنهن کان پنچ سئو، ڪنهن کان پنج لوئي، ڪنهن کان ٽي لوئي، هو قرض کڻندو ۽ قرض جي ڪاغذ تي صحيح ڪندو ڏيندو ويو. هن هر قسم جي وياجين کان قرض ورتو. ڇو ته ان کانسواءِ ڪو رستو نه هو. هن پنهنجي پوري زندگي کي داءَ تي لڳائي ڇڏيو هو، اهو ڄاڻڻ بغير ته هو اها رقم ڪهڙي ريت واپس ڪندو هن کي قرض جي ڪري جيڪا تڪليف ملڻي هئي، ان جو هن کي احساس ٿيڻ لڳو هو. پوءِ هو سوناري وٽ ويو. ڪائونٽر تي ڇٽيهه هزار فرانڪ رکيائين ۽ هيرن جي مالها وٺي آيو.
    جڏهن مادام لوزائيل هيرن جي مالها واپس ڪرڻ لاءِ پنهنجي ساهيڙي مادام فورسٽيئر وٽ پهتي، ته هن ناراض ٿيندي چيو، “توکي هيءَ هار جلد واپس ڪرڻ کپندو هو. مون کي به ته ان جي ضرورت پئجي ٿي سگهي”.
    هن پنهنجي ساهيڙي جي سامهون صندوقڙي نه کولي، ڇو ته هوءَ تمام گهڻو ڊنل هئي، ته ڪٿي هوءَ سمجهي نه وڃي، ته سندس اهو اصلي هار نه آهي. هن کي خوف هو، ته جيڪڏهن هن اهو سمجهي ورتو، ته هوءَ کيس چور نه سمجهندي.
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مادام لوزائيل کي ضرورت جي شين جي کوٽ جي شديد احساس ٿيڻ لڳو، پر ان جي باوجود هن وڏي دليري جو مظاهرو ڪيو ۽ اهو ارادو ڪيو ته هوءَ قرض لاهڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. هوءَ نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار هئي. هن نوڪرياڻي کي جواب ڏئي ڇڏيو. هنن پنهنجي رهائش تبديل ڪري هڪ ڪمري جو گهر ڪرائي تي ورتو.
    هاڻي هن کي احساس ٿيو، ته گهر جو ڪم ڪار ڪيترو ٿڪائيندڙ آهي. ۽ رڌڻي ۾ ڪيترو دماغ کپائڻو ٿو پوي. هوءَ ٿانو پاڻ ڌوئڻ لڳي. هن جون خوبصورت آڱريون ۽ گلابي ننهن سڻڀ لڳل ٿانو ڌوئڻ ڪري متاثر ٿي پيا. هوءَ پنهنجا ڪپڙا پاڻ ڌوئڻ لڳي. هوءَ عام عورتن جهڙا ڪپڙا پهرڻ لڳي. ڀاڄين وارن وٽان ۽ قاصائي جي دڪان تان به پاڻ سودو خريد ڪرڻ لڳي.
    هن جو مڙس شام جي وقت به هڪ واپاري وٽ حساب ڪتاب جو ڪم ڪرڻ لڳو. هو رات دير تائين اهو ڪم ڪندو هو. غربت ۽ مفلسي جي هيءَ زندگي ڏهن سالن تائين جاري رهي. ڏهه سال پورا ٿيڻ تائين هو پائي پائي واپس ڪري چڪا هئا. سڀ قرض لهي ويا هئا. وياج واري رقم وياج سميت واپس ٿي چڪي هئي.
    مادام لوزائيل هاڻي پوڙهي ۽ خالص گهريلو عورت نظر ايندي هئي. مضبوط ۽ کهري. هن جا وار اڻڀا ۽ گندا نظر ايندا هئا. جڏهن هوءَ پاڻي هاري فرش سان صاف ڪندي هئي، ته ڏاڍيان ڳالهائيندي هئي. پر ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن هن جو مڙس آفيس ۾ هوندو هو، ته هوءَ دري جي ويجهو بيهي ڪيترائي سال پهريان ان شام کي ياد ڪندي هئي، جڏهن هن ناچ ڪيو هو.
    هڪ آچر ڏينهن جڏهن هوءَ پوري هفتي جي ٿڪ کي ختم ڪرڻ خاطر ٻاهر گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪتي، ته هن هڪ عورت کي ڏٺو، جيڪا هڪ ٻار سان گڏ وڃي رهي هئي. اها مادام فورسٽيئر هئي. جيڪا هاڻي به جوان خوبصورت ۽ پرڪشش هئي.
    مادام لوزائيل جي دل ۾ ڏک ٿيو. هن سوچيو، هن سان ڳالهائي ۽ کيس اها مالها گم ٿيڻ واري سموري ڳالهه ڇو نه ٻڌائي. جڏهن هوءَ سڀ قرض لاهي چڪي آهي ته پوءِ ڇو نه بنا اُلڪي جي پنهنجي ساهيڙيءَڀ کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏي. هوءَ اُٿي ۽ لوزائيل وٽ وئي.
    ”هاءِ جيني.......!“
    پر جيني هن کي ڪو نه سڃاتو. هڪ معمولي عورت جي ائين مخاطب ٿيڻ تي جيني کي حيرت ٿيڻ لڳي...”جي مئڊم! لڳي ٿو توهان کان ڪا غلط فهمي ٿي آهي..... مان توهان کي نٿي سڃاڻان“.
    ”مان لوزائيل آهيان........ تنهنجي ننڍپڻ جي ساهيڙي..... اسان ٻئي هڪ ڪلاس ۾ گڏ پڙهيون آهيون“.
    ”جيني کان ڄڻ دانهن نڪري وئي....... هي ڇا؟.....تون ڪيترو نه بدلجي وئي آهين“.!
    ها ڀيڻ جڏهن کان توسان ملي هئس، منهنجا برا ڏينهن شروع ٿيا آهن.
    ”منهنجي ڪري تنهنجا برا ڏينهن شروع ٿيا آهن ....اهو ڪيئن؟“ ”توکي ياد هوندو ته اڄ کان ڏهه سال اڳ مون توکان هيرن جي مالها وزير جي دعوت ۾ پائڻ لاءِ اڌاري ورتي هئي“.
    ”ها مون کي چڱي ريت ياد آهي“
    ”اهو هار مون کان گم ٿي ويو هو“
    پر مون کي ياد ٿو اچي ته تو مون کي اهو هار واپس موٽائي ڏنو هو”.
    ”جي ها....... مون بلڪل ان جهڙو هڪ ٻيو هار توکي موٽائي ڏنو هو ۽ ان جي قيمت ادا ڪندي ڪندي اسان کي سال لڳي ويا آهن. اهو تون به سمجهي سگهين ٿي. بحرحال هاڻي معاملو ختم ٿي چڪو آهي ۽ مون کي به دلي طور سڪون مليو آهي. ”جيني ڳالهه ڪٽندي چيو:“ تون چئي رهي آهين ته تو منهنجي هار جي بدلي نئون هار خريد ڪري ڏنو هو؟ “
    ”ڇا تو ان وقت ان کي غور سان نه ڏٺو هو“. “اهي ٻئي هڪجهڙا هئا“.
    جيني کي هاڻي ڳالهه سمجهه ۾ آئي. هن لوزائيل جا ٻئي هٿ پنهنجي هٿن ۾ ورتا، ۽ کيس چيائين“ منهنجي غريب ۽ اٻوجهه ڀيڻ منهجو هيرن وارو هار ته نقلي هو، ان جي قيمت ته صرف پنج سئو فرانڪ به نه هئي...!“


    رَسيءَ جو ٽڪرو

    رَسيءَ جو ٽڪرو

    گودرويل جي اوسي پاسي ۽ ڀرواري ڳوٺن جا هاري پنهنجي زالن سان گڏ گودرويل طرف وڃي رهيا هئا، جتي ميلو لڳل هو. هاري پنهنجي مٿئين ڌڙ کي اڳتي جهڪائي پنهنجن ڦڏين ڄنگهن تي پنهنجو وزن کڻي هلي رهيا هئا. ٻنين ۾ هر جي هٿيي کي لاڳيتو جهلي بيهڻ ۽ هر هلائڻ جي ڪري هنن جا جسم ٽيڙا ٿي چڪا هئا. هڪ هٿ جو بار جيئن ته هر جي هٿيي تي گهڻو هوندو آهي، ان ڪري اهو ڪلهو جهڪيل هوندو آهي، اهڙي ريت هارين جو هڪ ڪلهو مٿي ۽ ٻيو هيٺ جهڪيل هو. خوشي جي موقعي جي ڪري هارين رنگ برنگي ڪپڙا پهريا هئا، انهن جو رنگ ايترو چمڪندڙ هو ڄڻ انهن کي وارنيش ڪيو ويو هجي. ميلي ۾ ڍورن، ڍڳن، ڇيڻن، سُڪل گاهه، پگهر ۽ ٻين شين جي ڪري عجيب بوءِ پکڙيل هئي، جيڪا اڌ انساني ۽ اڌ حيواني هئي، ۽ ڳوٺاڻن لاءِ اها بوءِ عجيب اثر رکندڙ هئي. بريوا جو رهندڙ هاري هيڪورن گودرويل پهچي چوڪ طرف وڃي رهيو هو، ته اوچتو ان جي نظر زمين تي ڪريل رسي جي هڪ ٽڪري تي پئي.
    ميتيئرهيڪورن هڪ سچو نارمن هو، ۽ هر نارمن ڏاڍو اصول پرست، گهٽ خرچائو ۽ هر شيءِ کي ڪارائتو سمجهندڙ هوندو آهي. هي رسي جو ٽڪرو کڻي ڏاڍي احتياط ۽ نرمي سان ويڙهي رهيو هو، ته سندس نظر گهوڙن جا سنب ٺاهيندڙ ميلانڊين تي پيئي، جنهن سان ڪجهه عرصو اڳ هن جو معمولي ڳالهه تي جهڳڙو ٿيو هو. هيڪورن کي ان ڳالهه تي ڏاڍو شرم آيو، ته ان جي دشمن کيس رستي تان هڪ رسي جوٽڪرو کڻندي ڏسي ورتو آهي. هن جلدي ۾ ان کي هٿن ۾ لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ پاسي واري کيسي ۾ وجهي ڇڏيائين، ۽ هو مال جي پڙي ڏانهن هلڻ لڳو ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه هجي. جلد ئي هيڪورن انسانن ۽ حيوانن جي ان هجوم ۾ داخل ٿي ويو، جتي گهڻو هُل ۽ شور متل هو. هر هڪ هاري پنهنجي پسند جو ڍڳو خريد ڪرڻ لاءِ ان کي چڱي ريت ڏسي وائسي رهيو هو ۽ ماڻهو پنهنجي پنهنجي پسند جون شيون خريد ڪري ۽ وڪرو ڪري رهيا هئا. ڏينهن گذرندو ويو آهستي آهستي ميلي مان رونق گهٽ ٿيڻ لڳي ۽ هجوم به گهٽجڻ لڳو. هارين ماني کائڻ لاءِ هڪ سراءِ جو رُخ ڪيو، جنهن جو وڏو هال ماڻهن سان ڀريو پيو هو. هال جي هڪ پاسي وڏي چُلهه ٻري رهي هئي، جنهن ۾ چوزا، ڪبوتر ۽ گوشت ڀُڄي رهيا هئا. هاري کاڌو کائي رهيا هئا ۽ کائڻ دوران ڳالهيون به ڪري رهيا هئا. سامان جي خريد ڪرڻ ۽ وڪري، نفعي ۽ نقصان جون ڳالهيون......... اوچتو سراءِ جي اڱڻ ۾ دُهل جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، سڀ هاري اُٿي ٻاهر هلڻ کڙا ٿيا. ڪوئي دروازي ۾ بيهي رهيو، ڪوئي درين ۾، ڪنهن جو وات کاڌي سان ڀريل هو ۽ ڪي هٿ ڌوئي رهيا هئا. ڪجهه دير کانپوءِ دُهل وڄڻ بند ٿيو ۽ دُهلائي وڏي آواز ۾پڙهو ڏنو ته: گودرويل جي سڀني رهاڪن ميلي ۾ ايندڙ سڀني ماڻهن کي اطلاع ٿو ڏجي ته اڄ صبح نائين ۽ ڏهين وڳي جي وچ ۾ بيورويل روڊ تي ڪاري رنگ جي چمڙي جو هڪ ٻٽو گم ٿي ويو آهي، جنهن ۾ پنج سئو فرانڪ ۽ ڪجهه ڪاروباري ڪاغذ آهن. توهان کي درخواست ٿي ڪجي ته اهو ٻٽو ميئر جي آفيس يا ٻٽو جي مالڪ مسٽر هالبرگ کي پهچايو. ٻٽو پهچائيندڙ کي ويهه فرانڪ انعام ڏنو ويندو. دُهلائي پڙهو ڏئي هليو ويو. هاري ٻيهر پنهنجن ميزن تي کاڌو کائڻ لاءِ موٽي آيا. هاڻي سڀني جو موضوع ٻٽوءَ جو گم ٿيڻ بڻيل هو، سڀ سوچي رهيا هئا خبر ناهي ڪنهن کنيو هوندو. هالبرگ کي ٻٽو ملندو الاءِ نه، هاري ماني کائيندا ۽ ڳالهيون ڪندا رهيا. ان دوران هڪ سپاهي چائنٺ ٽَپي اندر بيهي رهيو. هن پڇيو؛
    ”ڇا بريوا جو رهاڪو هاري هيڪورن هتي موجود آهي؟” هيڪورن جيڪو ميز تي ٻئي پاسي ويٺو هو ان جواب ڏنو؛ ها! “مان هتي موجود آهيان“.
    هل ميئر تنهنجو انتظار ڪري رهيو آهي! سپاهي چيو. ميئر هڪ ٻانهن واري ڪرسي تي ويٺو هو. هو هن علائقي جو بااختيار عملدار هو. هو ڳوري جسم جو مالڪ هو ۽ وڏي تڪلف واري انداز سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو هيراڪ هو. هيڪورن وڏي حيراني سان ميئر کي ڏسي رهيو هو. ان ڪري هو کانئس ڊڄي به رهيو هو.
    ”ڪير ٿو چوي ته مون ٻٽو کنيو آهي..؟“
    گهوڙن جا سنب ٺاهيندڙ ميلاڊين توکي ڏٺو هو. پوڙهي هاري هيڪورن کي ياد آيو ۽ گڏ ئي ميلاڊين جي دشمني کي ياد ڪندي ڪاوڙ مان ڳاڙهو ٿي ويو.
    ”ميئر صاحب! هو بدمعاش ۽ ڪوڙو آهي.....“
    هن پنهنجو هٿ کيسي ۾ وجهي رسي جو ٽڪرو ڪڍيو ۽ ميئر ان کي سامهون رکيو پر ميئر نه مڃيو.
    ”محترم ميئر! مان پنهنجي زندگي جو قسم کڻي چوان ٿو، ته اهو مون مٿان بُهتان آهي، ٻٽو مون نه کنيو آهي، صرف رسي جو هڪ ٽڪرو زمين تان کنيو هو“. گهڻن سوالن جوابن کانپوءِ ميئر چڱو پريشان ٿي ويو. هن هيڪورن کي وڃڻ جي اجازت ڏني، پر گڏ ئي ڌمڪي به ڏني، ته ٻٽو نه ملڻ جي صورت ۾ هو سرڪاري آفيسر سان مشورو ڪري ڪو نه ڪو حڪم جاري ڪندو. جڏهن پوڙهو هاري هيڪورن ميئر جي آفيس مان ٻاهر نڪتو، ته هر پاسي اها خبر پکڙجي چڪي هئي. ماڻهو هن جي چوڌاري ڦري ويا. هن کان سوال پڇندا ۽ کيس تنگ ڪندا رهيا. ماڻهن جي سوالن مان ائين لڳي رهيو هو، ڄڻ هن ئي ٻٽو چورايو هجي. هو هلندو رهيو، ماڻهو هن کان رستو روڪي سوال پڇندا رهيا. هي ماڻهن کي سمورو قصو ٻڌائيندو رهيو. هو گهڙي گهڙي هڪ ئي ڪهاڻي ٻڌائيندو رهيو، هن تي جيڪو الزام لڳايو ويو هو، هي ان خلاف احتجاج ڪندو رهيو. ماڻهن کي کيسا کولي ڏيکاريندو رهيو ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، ته ٻٽوهن ناهي کنيو، هن صرف رسي جو هڪ ٽڪرو زمين تان کنيو هو. ”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين پوڙها مڪار...!“ ماڻهو هن کي نظرانداز ڪندا رهيا. هي چيڙاڪ ٿي ويو ۽ ماڻهن کي يقين ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجي ڪهاڻي ورجائيندو رهيو. رات ٿي وئي گهر وڃڻ جو وقت ٿي ويو هو. هو پنهنجي ٽن پاڙيسرين سان گڏ گهر طرف هلڻ لڳو. سموري رستي ۾ هو هنن کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، ته هن ٻٽو نه پر رسي جو هڪ ٽڪرو زمين تان کنيو هو. ان رات هن سڄي ڳوٺ جو چڪر لڳايو. جيڪو به مليو، ان کي سڄو قصو کڻي ٻڌايائين، پر هن کي ائين لڳو ڄڻ ڪنهن کي به هن جي ڳالهه تي يقين ناهي. هن اها سڄي رات ان واقعي تي سوچيندي گذاري. ٻئي ڏينهن منجهند جو هڪ وڳي هڪ زميندار جي هاري ماريس پائول اهو ٻٽو ان جي مالڪ هالبرگ کي موٽائي ڏنو ۽ کيس چيو ته جيئن ته هي اڻ پڙهيل آهي، ان ڪري کيس خبر نه پئي، ته اهو ٻٽو ڪنهن جو آهي ۽ ڪنهن ٻئي کان ايڊريس پڙهائي هن کي ڏيڻ آيو آهي. اها خبر ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ پکڙجي وئي. هيڪورن کي به ان جو اطلاع مليو، ته هو گهر کان ٻاهر نڪري آيو ۽ پوءِ ماڻهن کي پنهنجي ڪهاڻي ۽ ان جو تازو نتيجو ٻڌائڻ لڳو.
    مون کي جنهن ڳالهه جو ڏک آهي، اهو اِهو ته هڪ ايماندار ماڻهو تي ڪوڙو الزام لڳايو ويو. ڪنهن تي ڪوڙو الزام مڙهڻ کان وڏي برائي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، پر هاڻي ته سڀني کي خبر پئجي وئي آهي ته مان سچو هيس....... سڄو ڏينهن ماڻهن کي اها ڳالهه ٻڌائيندو رهيو. واقفن توڙي اڻ واقفن کي به بيهاري اها ڳالهه سمجهائيندو رهيو. هو هاڻي چڱو مطمئن هو. پر ڪا شيءِ اهڙي هئي جنهن هن کي پريشان ڪري ڇڏيو هو. ڳالهه اها هئي ته ماڻهو بي ڌياني سان هن جي ڳالهه ٻڌي رهيا هئا ۽ ڪو به هن جي ڳالهه کان قائل نه ٿي رهيو هو. هيڪورن کي محسوس ٿيو ته ماڻهو پر پٺ هن جي باري ۾ ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن. ٻئي هفتي اڱاري جي ڏينهن گودرويل ويو ۽ ماڻهن کي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائڻ لڳو. هيڪورن هڪ اڻ واقف هاري کي رستي ۾ بيهاري پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪئي. هاري سندس ڪهاڻي ختم ٿيڻ کان پهريان ئي هن جي پيٽ ۾ هلڪو ٺونشو وهائي ڪڍيو، ۽ چيائينس؛ ”تون ته وڏو چور آهين“ ۽ هن جي ڳالهه ٻڌڻ بنا اڳتي هليو ويو. هيڪورن حيران رهجي ويو، هن جي پريشانيءَ ۾ واڌارو ٿيندو ويو. آخر ماڻهو مون کي چور ڇو ٿا چون!!؟ جڏهن هو هڪ سرائي ۾ ويٺو ته هڪ ٻئي ڳوٺ جي هاري کي سڄي ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪيائين. هاري هن کي ڪاوڙ مان چوڻ لڳو ”نڪري وڃ هتان پوڙها ٺڳ، مان تنهنجي رسي جي ڪهاڻي پهريان به ٻڌي چڪو آهيان.“ پر هاڻي ٻٽوته ملي ويو آهي؛ “هيڪورن جوش مان جواب ڏنو.” پوڙها پنهنجي زبان بند رک، هاري بيزار ٿيندي چيو مون کي سڀ خبر آهي ته هڪڙي ٻٽو کنيون ۽ ٻئي واپس ڪيو. ٻئي بيوقوف هئا. هيڪورن کي سمجهه ۾ آيو ته هاڻي ماڻهو هن تي ٻيو الزام هڻي رهيا آهن ته ٻٽو پنهنجي ئي ڪنهن دوست کي سمجهائي واپس ڪيو هو. هن نئين سري سان پنهنجي ڪهاڻي بيان ڪرڻ شروع ڪئي. هو روز پنهنجي ڪهاڻي کي ڊگهو ڪندو ويو ۽ پنهنجي بي گناهي ثابت ڪرڻ لاءِ نوان نوان ثبوت ۽ دليل بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو پر ڪنهن کي به هن جي ڳالهه تي يقين نه ٿي آيو. ان واقعي هن کي شڪار ڪري ورتو. پنهنجي بي گناهي ثابت ڪرڻ جي جدوجهد هن کي ٿڪائي وڌو. هي هر روز ڪمزور ٿيندو ويو. ڊسمبر جي آخري ڏينهن ۾ هو بيمار ٿي پيو ۽ جنوري جي شروعاتي ڏينهن ۾ مري ويو. تڪليف جي گهڙين ۾ به هو پنهنجي صفائي پيش ڪندو ۽ چوندو رهيو.
    ”صرف رسي جو هڪ ٽڪرو، رسي جو معمولي ۽ ننڍو ٽڪرو، هي ڏسو جناب ميئر!...هي آهي رسيءَ جو هڪ ٽڪرو......!“


    ٿامس هارڊي

    ٿامس هارڊي
    THOMAS MARDY (1840 – 1928)

    مشهور انگريز شاعر، ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار، ٿامس هارڊي 1840ع ۾اسٽنس فورڊ لنڊن ۾ ڄائو. ڪنگز ڪاليج لنڊن مان تعليم حاصل ڪيائين. 1867ع کان شاعري ۽ ناول لکڻ شروع ڪيائين. مشهور اديبن چارلس ڊڪنز، وليم شڪيپئير ۽ رومانيت پسند شاعر وليم ورڊس ورٿ کان گهڻو متاثر هو. سندس لکڻيون دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيون آهن. سندس جڳ مشهور لکڻين ۾
    Tess of the D’urbervil (1891), Far from the Madding Cro(1874),
    Jude the Obscure (1895), The Mayor of Casterbridge (1886)
    ۽ ٻيون شامل آهن. هن عظيم ليکڪ 1928ع ۾ ڊورچسٽر ڊورسيٽ لنڊن ۾ وفات ڪئي.


    شڪ

    شڪ

    وليم مارچمل سڄو ڏينهن ڳولا ڪرڻ بعد رات دير سان هوٽل ۾ آيو. هو ڪنهن مناسب گهر جي ڳولا ۾ هو جيڪو گهڻي ڪوشش جي باوجود هن کي نه ملي سگهيوهو. هوٽل جي مالڪياڻي هن جي پريشاني کي سمجهي وئي، ۽ هن وڌيڪ ٻه ڪمرا خالي ڪرائي ڏيڻ جو واعدو ڪيو. جيڪي هڪ من موجي نوجوان ڪرائي تي وٺي ڇڏيا هئا، جيڪو مهينن جا مهينا سمنڊ ڪناري گهمندو ڦرندو ۽ قسمت سان ئي هوٽل ۾ واپس ايندو هو.
    وليم ۽ سندس زال چيو: ”توهان جي تمام گهڻي مهرباني، پر اسان ڪنهن جي لاءِ به تڪليف جو سبب نٿا بنجڻ چاهيون“. نه....نه هن کي ڪا تڪليف نه ٿيندي. توهان اطمينان رکو. ”مالڪياڻي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو؛ ”اهو صاحب ٻين نوجوانن کان بلڪل مختلف آهي. هو خيالن ۾ غرق، اڪيلائي پسند ۽ غمگين قسم جو ماڻهو آهي. هو ان وقت هتي رهڻ پسند ڪندو آهي، جڏهن اتر جون تيز هوائون گهلنديون آهن ۽ سمنڊ جون ڇوليون روڊ سان ٽڪرائجي آواز پيدا ڪنديون آهن، اڄڪلهه هو سامهون واري جزيري ۾ جهوپڙي ۾ ترسيل آهي.“
    وليم جا ٻار ٻچا ان ڪشادن ڪمرن ۾ منتقل ٿي ويا. هو چئن هفتن لاءِ گهمڻ ڦرڻ هتي آيا هئا. اصل ۾ زال، مڙس ۾ ذهني دوري هئي، جيڪا هو ڪنهن نه ڪنهن ريت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. وليم عام خيالن جو غيردلچسپ ماڻهو هو. پر هن جي زال ذهين عورت هئي. ٻنهي جي خيالن ۾ ڪنهن به قسم جي هڪجهڙائي نه هئي. وليم پنهنجي زال جي رومانيت پسندي کي ٻاراڻيون ڳالهيون سمجهندو هو ۽ هوءَ پنهنجي مڙس جي جذبن کي سطحي ۽ خود غرضي وارو تصور ڪندي هئي. ايلا وليم گهڻو جلد متاثر ٿيندڙ ۽ اعليٰ قسم جي شاعريءَ کي پسند ڪندي هئي. هوءَ پنهنجي مڙس جي رويي مان تڪليف محسوس ڪندي ۽ پنهنجي نازڪ احساسن ۽ رومانوي خيال کي ڏينهن جي خوابن ۽ رات جي آهن ۾ وڃائي ڇڏيندي هئي.
    ايلا جو قد ننڍو، جسم مناسب ۽ نازڪ هو. هن جي ڪارين اکين ۾ حيرت انگيز چمڪ هئي، جيڪا تمام ٿورين عورتن کي نصيب ٿيندي آهي. هن جو مڙس ڊگهو ۽ هڪ عام مردن جيان هو.
    نئين ڪمرن ۾ منتقل ٿيڻ کانپوءِ ايلا انهن جو غور سان جائزو وٺڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي لاءِ سامهون واري ڪمري جي چونڊ ڪئي، جنهن ۾ ڪجهه آرام دهه فرنيچر ۽ دز چڙهيل ڪجهه ڪتاب رکيل هئا.
    ”مسز هوپر ڇا مان هن جا ڪجهه ڪتاب پڙهڻ لاءِ کڻي سگهان ٿي..؟ هن مالڪياڻي کان پڇيو.
    ”جي! هن وٽ تمام گهڻا ڪتاب آهن. هوسٺو ادبي ذوق رکندو آهي ۽ شاعر به آهي،.
    ”واقعي شاعر آهي ...مون کي خبر نه هئي“. ايلا وراڻيو. هن هڪ ڪتاب کوليو. پهرئين صفحي تي ڪتاب جي مالڪ جو نالو لکيل هو. هن حيرت سان چيو؛ ”مان ته هن نالي کان چڱي ريت واقف آهيان. رايرٽ ٽريو کي ته سٺي طرح سڃاڻان ٿي“.
    ايلا جو پيءُ هڪ شاعر هو، ۽ ايلا به گذريل سال ٻن کان شاعري ڪرڻ لڳي هئي، ته جيئن کيس پنهنجي دٻيل جذبن جي اظهار لاءِ مناسب دڳ ملي وڃي. گهريلو جهيڙن جهڳڙن ۽ ٻارن جي پالنا جي ڪري هن جي جذبن ۾ ماٺار اچي وئي هئي. پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي رومانيت کان مجبور ٿي شاعري ذريعي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪري وٺندي هئي. هوء مرداڻي تخلص سان لکندي هئي ۽ سندس نظم ڪجهه عام رسالن ۾ پڻ ڇپيا هئا.
    هڪ ڀيرو هڪ ئي موضوع تي ٽريو ۽ هن جا نظم گڏ ڇپيا، جنهن ڪري ايلا جي هن شاعر سان دلچسپي پيدا ٿي وئي، ۽ هوءَ هر وقت هن جي نظمن جي ڳولا ۾ رهندي هئي.
    هن مسز هوپر کي ٻيهر ڪنهن ڪم جي بهاني گهرايو ۽ ان نوجوان شاعر جي باري ۾ ڄاڻ ورتي.
    ”بيگم صاحبه! مون کي يقين آهي، ته توهان هن کي ڏسندئو ته کيس ضرور پسند ڪندئو، پر هو ٿورو شرميلو آهي“. مالڪياڻي هن جو شوق وڌائڻ ۽ تجسس برقرار رکڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي. هن ايلا جو ڌيان هڪ اهڙي شيءِ ڏانهن ڇڪايو، جنهن کي هن اڃا تائين نه ڏٺو هو. ان ڪمري ۾ ڀت جي مٿان لڳل هڪ ڪاغذ تي سنهن اکرن ۾ ڪجهه لکيل هو. ان جو گهڻو حصو ڊهي ويو آهي، پر توهان هن مان ڪجهه حصو پڙهي سگهو ٿيون. “مسز هوپر چيو”. ايلا مارچمل شرمائجي وئي، هن کي پاڻ کي خبر نه هئي ته ڇو..؟ هن ۾ خواهش پيدا ٿي، ته مسز هوپر جلد هتان هلي وڃي ته جيئن هوءَ اڪيلائي ۾ هن جي شاعري پڙهي سگهي، هن ۾ادبي دلچسپي جي بجاءِ ذاتي دلچسپي جا جذبا اڀري رهيا هئا.
    هن ٽريو جي شاعري ايترا ڀيرا پڙهي، جو هن کي ياد ٿي وئي. هوءَ به اهڙي ئي انداز ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، پر ناڪام ٿي ۽ روئڻ لڳي. ايلا چاهيو ٿي ته هوءَ هن جي خيال سان اهڙو خيال ملائي جو هن ۾ جذب ٿي وڃي، پر ناڪامي هن کي شاعر اڳيان بي وس ڪري وڌو هو.
    هڪ ڏينهن ٻار رابرٽ ٽريو جي ڪپڙن جي ڳنڍ ڪٿان ڪڍي آيا. پنهنجي هٿان مجبور ايلا شاعر جي برسات واري ٽوپي ۽ ڪوٽ پهري ورتو، ۽ دل ئي دل ۾ چوڻ لڳي ”ڪاش! منهنجي اندر به اها قوت پيدا ٿي وڃي ۽ مان به ائين شعر چئي سگهان. هو ڪيترو نه اعليٰ دماغ وارو شخص آهي.
    اهو خيال ايندي ئي هن جون اکيون ڀرجي آيون ۽ هوءَ آئيني ۾ پنهنجو چهرو ڏسڻ لاءِ مڙي بيٺي. هن جي دل شاعر لاءِ ڌڙڪي رهي هئي, ۽ شاعر جو ڪوٽ ۽ ٽوپي پهرڻ ڪري هن جي دل ۾عاليشان خيال پيدا ٿي رهيا هئا. پنهنجي ڪمزور خيالن هن کي ساڻو ڪري وڌو هو.
    ان کان پهريان جو هوءَ ڪوٽ ٽوپي لاهي رکي ڪمري جو دروازو کليو ۽ هن جو مڙس اندر داخل ٿيو.
    هي ڇا ....؟
    هوءَ ڇرڪجي پئي ۽ سڀ شيون لاهي ڦٽيون ڪيائين.
    ان شام ايلا ٻيهر مسز هوپر کي گهرايو. لڳي رهيو هو، مالڪياڻي کي به دل ئي دل ۾شاعر سان دلچسپي هئي. هوءَ اڪثر وڏي شوق سام هن جون ڳالهيون ڪندي هئي.
    سڀاڻي مسٽر ٽريو ڪجهه ڪتاب ڏسڻ اچي رهيو آهي. توهان ان سان ملي سگهي ٿي. ”مسز هوپر خوشخبري ٻڌائي“.
    ايلا جي دل خوشي مان ٻهڪڻ لڳي. پر هن پنهنجي خوشي لڪائي رکي. ٻئي ڏينهن صبح هن جي مڙس چيو: ”اڄ سمنڊ ڪجهه ماٺيڻو آهي. مان توکي پاڻ سان گڏ ٻيڙي تي وٺي هلندس“.
    ”اهو پهريون موقعو هو جو هن کي ان ڳالهه تي ڪا خوشي نه ٿي“. هڪ پاسي هن جي مڙس جي آڇ هئي، ۽ ٻئي پاسي شاعر سان ملڻ جي آس. آس ايتري گهڻي جو ان جي اڳيان هر شيءِ بي مقصد هئي. هن پنهنجي مڙس سان وڃڻ کان انڪار ڪيو.
    سڄو ڏينهن خاموشي سان گهر ۾ ويٺي رهي. ٻار ٻاهر واري ۾ کيڏڻ هليا ويا. دروازن تي ڏنل پردا هلڪي هوا لڳڻ ڪري لڏي رهيا هئا ۽ سمنڊ جون لهرون ڪناري سان آهستي آهستي ٽڪرائجي رهيون هيون.
    مسٽر ٽريو منجهند جي ماني کان پهريان مسز هوپر کي هڪ چٺي موڪلي ته هو اڄ ڪتاب ڏسڻ نه اچي سگهندو. ايلا کي خبر پئي ته هوءَ ڏاڍي غمگين ٿي وئي، هن مالڪياڻي کان پڇيو. ”تون شاعر جي ڪا تصوير ڏيکاري سگهين ٿي؟“
    ”ها ڇو نه! آرام ڪمري ۾ آتشدان مٿان جيڪا تصوير لڳل آهي. اها ئي ته آهي“.
    ”نه نه“ اتي ته امير ۽ وڏن ماڻهن جون تصويرون لڳل آهن.“ ايلا چيو.
    شاعر جي تصوير انهن جي پٺيان لڪايل آهي. هو جنهن وقت وڃڻ لڳو ته چيائين؛ ”منهنجي تصوير ڍڪي ڇڏجان. مان نٿو چاهيان ته ايندڙ ڪرائيدار مون کي گهوريندا رهن“.
    ڇا هو خوبصورت آهي..؟ هن دل ۾ پڇيو.
    ”مان ته سمجهان ٿي، شايد ڪجهه ماڻهو ائين نه سمجهن“.
    “ان جي عمر ڪيتري آهي..؟”
    توهان کان ڪيترائي سال وڏو آهي. ”ايڪٽيهه يا ٻٽيهه سالن جو ٿيندو“. حقيقت ۾ ايلا پاڻ به ٽيهن جي ڏهاڪي ۾ هئي، پر منهن مهانڊي مان ننڍي ٿي لڳي. اڃا ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته هن کي مڙس طرفان هڪ چٺي ملي. لکيل هو دوستن سان گڏ ٻيڙي ۾ گهڻو پري هليو ويو آهيان سڀاڻي تائين واپس نه اچي سگهندس.
    ايلا! ان عورتن مان نه هئي جيڪي اڪيلائيءَ جو فائدو وٺندي سمورو ڪم جلد ئي اڪلائي وٺنديون آهن. هن جي دل ۾ تصوير ڏسڻ جو خيال ته هو، پر هن ان کي رات جي وقت آرام سان ڏسڻ ٿي چاهيو. ”جڏهن هر طرف خاموشي، ميڻ بتي جي هلڪي روشني، سمنڊ جي خاموشي، ۽ ستارن جي چمڪڻ سان جا هڪ روحاني ڪيفيت پيدا ٿي ويندي آهي“.
    ٻار سمهي پيا ته هن تصوير لاٿي. امير ماڻهو جي تصوير پري ڪرڻ سان رابرٽ ٽريو جو چهرو نظر آيو. ڪيتري قدر اثر رکندڙ شخصيت آهي. وڏيون وڏيون ڪاريون اکيون، اڀريل ڀرون، ويڪري پيشاني، هن آهستي چيو؛ ”تون ئي آهين جنهن مونکي بي رحمي مان هيٺاهون ڪري ڇڏيو آهي“.
    هوءَ گهڻي دير تائين ٽڪ ٻڌي تصوير کي ڏسندي رهي. اکين مان ڳوڙها وهي پيس، ۽ پوءِ هوءَ ڪنهن خيال کان ڇرڪجي پئي سوچڻ لڳي!! هوءَ ڪيتري قدر بي ضمير آهي، جو ٽن ٻارن جي ماءُ هئڻ جي باوجود هڪ اڻ ڏٺل ڌارئي مرد کي شدت سان چاهڻ لڳي آهي.
    نه نه ”هو ڌاريو مرد نه آهي. هو ان جي خيالن، ۽ احساسن، سان ايترو ئي ويجهو آهي جيترو پنهنجو پاڻ سان، هن جو مڙس ان صلاحيت کان وانجهيل آهي. هو وليم جي به نسبت منهنجي ذات سان، منهنجي حقيقت سان، گهڻو وڌيڪ ويجهو آهي.“ ايلا کي خيال آيو“.
    پوءِ هوءَ ڀت تي لکيل تازا شعر پڙهڻ ۾ محو ٿي وئي. ايترا سوز ڀريا، ايترا پيارا، ۽ ايترا درد ڀريا، ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ انهن ۾ ان شاعر جي گرم ۽ محبت ڀريل ساهن جي خوشبو رچيل هجي. هن پنهنجا وار ڀت تي وکيري ڇڏيا.
    اوچتو ڏاڪڻ تان ڪنهن جي اچڻ جو آواز آيو:
    ”ايلا تون ڪٿي آهين؟“
    هن جو مڙس بغير توقع جي رات ئي واپس اچي ويو. هن تڪڙ ۾ تصوير وهاڻي هيٺان رکي ڇڏي ۽ پوءِ دروازو کوليو.
    ”معاف ڪجان ايلا“. وليم مارچمل چيو؛ ”ڇا توکي مٿي ۾ سور آهي! شايد اوچتو اچي مون توکي پريشان ڪري ڇڏيو“.
    ”نه منهنجي مٿي ۾ سور ناهي.“ ايلا چيو. ”تون ڪيئن اچي وئين؟“
    اسان ڏٺو ته مناسب وقت تي واپس پهچي وينداسين ان ڪري واپس هليا آياسين. مونکي سڀاڻي هڪ ٻئي هنڌ به وڃڻو آهي. ائين چئي هو بستري تي سمهي پيو ۽ جلد ئي اگهور ننڊ ۾ هليو ويو. صبح سوير جاڳيو ته هن کي پاسي ۾ هيٺان ڪا شيءِ چڀندي محسوس ٿي بسترو مٿي ڪيائين ته تصوير نڪري آئي.
    ”مون تي خدا جي مار پوي“ هن دانهن ڪئي.
    ڇو پيارا ڇا ٿيو..؟ ايلا چيو
    تون جاڳي رهي آهين. ها ! ها ”ڇا ڳالهه آهي؟“
    ”ڪنهن بيوقوف جي تصوير آهي شايد اسان جي مالڪياڻي جو ڪو دوست آهي. عجب آهي. هيءَ هتي ڪيئن آئي؟ ٿي سگهي ٿو بسترو ٺيڪ ڪرڻ وقت آتشدان مٿان ڪري پئي هجي“.
    ”مان هيءَ ڪالهه ڏسي رهي هئس، ان وقت ڪري پئي هوندي“.
    اڇا...!! ته هي تنهنجو دوست آهي، خدا هن کي سلامت رکي. وليم ٽوڪ واري انداز ۾ چيو.
    ايلا شاعر جي توهين برداشت نه ڪري سگهي، چيائين: ”هو هڪ قابل شاعر آهي، اهو ئي جيڪو اسان کان پهريان هن ڪمرن ۾ رهندو هو، مون هن کي ڏٺو ناهي، پر هو ڏاڍو ذهين ماڻهو آهي“.
    ”ڏسڻ بغير ان جي تعريف جا قصيدا بيان ڪري رهي آهين؟“ مارچمل چيو
    ”مسز هو پر مون کي سڀ ڪجهه ٻڌايو آهي“. ايلا چيو
    ”خير بحث ڇڏ...“ مان هلان ٿو؛ جلدي واپس ايندس، ٻارن جو خيال رکجان ڪٿي سمنڊ ۾ نه ٻڏي وڃن“.
    ان ڏينهن ايلا وري مالڪياڻي کان پڇيو: ”ڇا شاعر جي اچڻ جي ڪا اميد ناهي؟ “
    ”هو اڄ اچي رهيو آهي، ۽ پنهنجي هڪ دوست وٽ ترسيل آهي.“ مالڪياڻي چيو.
    ”وليم منجهند جو جلد ئي واپس اچي ويو ۽ هو چوڻ لڳو اسان کي پروگرام مٽائي ٻن يا ٽن ڏينهن ۾ ئي واپس هلڻو پوندو“.
    اسان هڪ هفتو ته وڌيڪ ترسي سگهون ٿا..! ايلا چيو ”هتي ڪو مزو ناهي رهيو.“ مارچمل چيو.
    ”ته مون کي ۽ ٻارن کي هتي ڇڏي سگهين ٿو؟“
    تون به ضد ٿي ڪرين، مون کي توهان کي وٺڻ لاءِ وري ٻيهر اچڻو پوندو ڇا ؟ وليم جواب ڏنو.
    ايلا مايوس ٿي وئي، شايد ان شاعر سان هن جي ملاقات مقدر ۾ لکيل ئي نه هئي. پوءِ به هن آخري ڪوشش ڪرڻ جو پهه ڪيو. ٻئي ڏينهن صبح سوير هوءَ پتڻ تي وئي ۽ ٻيڙي ذريعي جزيري تي وڃي پهتي. پر سندس سفر بيڪار ثابت ٿيو. ايلا کي ان جهوپڙي جي خبر نه هئي جتي شاعر ترسيل هو ۽ نه ڪو ماڻهو هن جي رهبري ڪري سگهيو. هوءَ مايوس ٿي واپس هوٽل تي موٽي آئي.
    ٽن ڏينهن کانپوءِ هن جي مڙس توقع جي خلاف چيو ته: ”جيڪڏهن تون پاڻ ٻارن کي وٺي واپس اچي سگهين ته مان هليو وڃان ۽ توهان هڪ هفتو وڌيڪ رهي پئو“. ايلا ته دل ۽ جان سان اهو ئي ٿي چاهيو. وليم هليو ويو.
    وڌيڪ هڪ هفتو گذرڻ ۾ ڪيتري دير هئي، پر ٽريو ڪڏهن به هوٽل جو رخ نه ڪيو. آخر مارچمل جي خاندان واپسي جو سفر شروع ڪيو. گاڏي جي نرم ۽ گرم سيٽن تي اس پئجي رهي هئي، دري کان ٻاهر سمنڊ جو نيرو نظارو جلد ئي نظرن کان پري ٿي ويو. شاعر جو گهر به پوئتي رهجي ويو. ايلا! روئڻهارڪي ٿي وئي.
    وليم مارچمل جي ڪاروبار ۾ واڌارو ٿيو ۽ هن جو خاندان هڪ نئين ۽ ڪشادي گهر ۾ رهڻ لڳو. پر ايلا جي زندگي سڀني خوشين کان خالي هئي. هڪ ڀيري هن ڪنهن رسالي ۾ ٽريو جو تازو غزل ڏٺو. ايتري قدر متاثر ٿي جو جان ايوي جي قلمي نالي سان غزل جي جوڙ جڪ، وزن بحر، ۽ بلند خيالي، جي تعريف ۾ رسالي کي خط لکي ڇڏيائين. هن کي گهٽ اميد هئي پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ٽريو جو جواب به اچي ويو. ائين هڪٻئي کي پيغام پهچائڻ جي شروعات ٿي جيڪا ٻن مهينن تائين جاري رهي. ايلا اڪثر هن کي پنهنجا غزل موڪليندي هئي، جيڪي هو قبول ته ڪندو هو پر ڪڏهن به پنهنجي راءِ نه ڏنائين. ايلا کي ان سان وڌيڪ تڪليف پهتي ۽ ٽريو ان غلط فهمي ۾ مبتلا هو ته هو مرد آهي. اها صورتحال اطمينان جهڙي نه هئي.
    هڪ ڏينهن ايلا هن کي مڙس کان خبر پئي ته ٽريو هن وقت ويلز ۾ هڪ مشهور اخبار جي ايڊيٽر جي گهر ترسيل آهي. ايلا جي ان ايڊيٽر سان واقفيت هئي، هن ان کي ٽريو سان گڏ گهر اچڻ جي دعوت ڏني جيڪا ايڊيٽر خوشي سان قبول ڪئي، ۽ ڏينهن به طئي ڪيو ويو.
    ايلا تمام گهڻو خوش هئي ڇو ته آخر هن جي هڪ سوچ ته ڪامياب ٿي. هن جو محبوب آخرڪار اچڻ واور هو.
    ”ڏسو هو اسان جي ڀت جي پٺيان بيٺو آهي، ڏسو سيارو گذري ويو، برسات ختم ٿي وئي، زمين تي گل ٽڙي پيا آهن، پکين جي لاتيون لهڻ جو وقت اچي ويو آهي.“ هن جي زبان مان شعر نڪرڻ لڳا.
    ٽيپهري جو پنجين وڳي هن جي دروازي جي گهنٽي وڳي. هوءَ ڊورڙي وڃي دروازي تي پهتي.
    سامهون صرف ايڊيٽر بيٺو هو. هن حيرت مان پڇيو! مسٽر ٽريو ڪٿي آهي..؟ مون کي افسوس آهي. ايڊيٽر معذرت ڪندي چيو؛ ”هو عجيب ماڻهو آهي، پهريان هن اچڻ جو واعدو ڪيو پوءِ اوچتو انڪار ڪري ڇڏيائين.“
    ته ڇا.....هو نه ايندو؟ هن پريشاني مان پڇيو؛ ”محترمه حقيقت اها آهي ته ٽريو اڄڪلهه غمگين اداس آهي“.
    آهي ته سٺو ماڻهو پر ڪڏهن ڪڏهن عجيب ورتاءُ ڪندو آهي، تازو ئي هڪ رسالي ۾ هن تي سخت تنقيد ڪئي وئي. هو معاشري جي روين کان بيزار ٿي ويو آهي ۽ ڪنهن سان به ميل جول رکڻ پسند نٿو ڪري.
    ”پر هتي ته هن جي لاءِ همدردي هئي.!“ ڇا هن توهان سان ڪنهن خط ملڻ جي باري ۾ ڪڏهن ڪجهه نه ٻڌايو؟ ”ايلا چيو“.
    ”جي ها جان ايوي جي خطن جي ڳالهه ڪندو رهندو هو شايد هو توهان جو ڪوئي عزيز آهي.“ ايڊيٽر جواب ڏنو.
    ڇا هو....جان ايوي کي پسند ڪندو هو؟ هن ڪڏهن ڪجهه چيو؟ ايلا پڇيو!
    ”نه هو ايوي ۾ ڪا خاص دلچسپي نه رکندو هو.” ۽ نه ان جي شاعري ۾جيسيتائين مون کي خبر آهي. ايڊيٽر چيو؛
    سڌو سادو ايڊيٽر ايلا جي ڳالهه ٻولهه مان بلڪل نه سمجهي سگهيو ته هوءَ صرف ٽريو سان ملاقات ڪرڻ جي خواهشمند هئي، بهرحال هن پنهنجي دعوت مان ڀرپور لطف ماڻيو.
    ايڊيٽر کي موڪلائيندي ڪجهه ڏينهن گذريا هوندا ته لنڊن جي ڪنهن اخبار ۾ ايلا جي نظر ان خبر تي پئي:
    ”هڪ شاعر جي خودڪشي“.
    ”خوبصورت غزل نويس رابرٽ ٽريو مٿي ۾ فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي“. مسٽر ٽريو تازو ئي پنهنجي غزلن جو مجموعو ڇپرائي عوام جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪرايو هو. ان مجموعي جو نالو هو، ”حسن کان اڻڄاڻ جي اڳيان“ پر ڪنهن ساڙ ڀرئي تنقيد ڪار ان تي ايتري سخت تنقيد ڪئي جو هن کان برداشت نه ٿي سگهيو، ۽ هن خودڪشي ڪري ڇڏي. ان جو سبب بيان ڪندي آخرڪار موت کان ڪجهه گهڙيون پهريان هڪ دوست کي هيٺيون خط لکيو؛
    ”جيڪڏهن منهنجي ماءُ، ڀيڻ يا ڪا شفيق عورت، هجي ها جنهن جي دل ۾ منهنجو خيال هجي ها، ته مان هن زندگي کي جاري رکڻ مناسب سمجهان ها. مان اهڙي نه ملندڙ هستي لاءِ سالن تائين خواب ڏسندو رهيس. اها اڻ ڄاتل ۽ دلفريب هستي منهنجي آخري شعري مجموعي کي منظر عام تي آڻڻ جو سبب بڻي صرف اها خيالي عورت!
    ”هن نالي جي پردي ۾ ڪا زندهه يا حقيقي هستي ناهي“.
    ايلا ڪجهه دير ائين ويٺي رهي ڄڻ هن جا هوش ۽ حواس اڏامي ويا هجن، ۽ پوءِ هوءَ پلنگ تي اونڌي منهن ڪري پئي. صدمي ۽ تڪليف جي ڪري هن جي رڳ رڳ تڙپي پئي. هن جي ڏڪندڙ چپن مان ٽٽل ڦٽل لفظ نڪري رهيا هئا. ڪاش! هو صرف مونکان واقف ٿي وڃي ها..! پوءِ شايد هن جي حياتي محفوظ ٿي وڃي ها.
    ”پر هاڻي اهڙا سڀ امڪان ختم ٿي چڪا آهن“.
    هن مسز هوپر کي خط لکيو ته جيڪڏهن هو شاعر جي تصوير ۽ ٿورا مٿي جا وار حاصل ڪري يادگار طور تي موڪلي ته سندس وڏي مهرباني ٿيندي. هن کي گهربل شيون ملي ويون ۽ اهي پنهنجي خاص صندوق ۾ حفاظت سان رکي ڇڏيندي هئي. هوءِ اڪثر اڪيلائيءَ ۾ انهن کي ڪڍي ڏسندي ۽ ڳوڙها وهائيندي رهندي هئي.
    هڪ ڀيرو وڏي جذبي ۾ اچي هن ڊگهو سفر ڪيو ۽ ٽريو جي قبر تي حاضري ڀري. هن جو مڙس به هن جي پٺيان پٺيان پهچي ويو. ٻنهي هڪٻئي سان تيز ۽ تکو ڳالهايو.
    ”ايلا، هن ڪهڙي بيوقوفي آهي جوگهران ڀڄي نڪتي آهين..؟ ٽن ٻارن جي ماءُ ۽ چوٿين ٻار پيدا ٿيڻ جي ماءُ هڪ مئل شاعر جي پٺيان مٿو پٽيندي ٿي وتين؟
    ”وليم منهنجي توهين نه ڪر.....” هوءَ جواب ۾ صرف ايترو چئي سگهي. ڪيترائي مهينا گذري ويا، پر هوءَ اداس ۽ غمگين رهڻ لڳي. ان واقعي کانپوءِ ٻنهي مان ڪنهن به وري ان موضوع تي ڳالهائڻ جي همت نه ڪئي. هوءَ ڏينهون ڏينهن ڳرندي ٿي وئي. هن کي ٻار ڄمڻ جا ڏينهن ويجها ٿي رهيا هئا، پر کيس ڪا سرهائي نه هئي، ويتر سندس چهري تي اداسي ڇانيل هئي.
    ”مان سمجهان ٿي هن ڀيري ويم دوران مان بچي نه سگهنديس“.
    ”واهه ڪهڙي ٻاراڻي سوچ آهي تنهنجي“.
    “مون کي يقين ٿي ويو آهي ته مان مرڻ واري آهيان. جيڪڏهن ٻارن جو خيال نه هجي ها ته ان سان مون کي يقينن راحت نصيب ٿئي ها“.
    “۽ منهنجو خيال نه اٿئي.....؟”
    “تون جلد ئي ڪنهن ٻي عورت کي منهنجي جڳهه پوري ڪرڻ جي لاءِ ڳولي وٺندين، هن حسرت ڀريل مسڪراهٽ سان چيو“. “۽ ان جو تو کي مڪمل حق حاصل هوندو”.
    اهو خيال ڪا سٺي شروعات نه هو. مئي جي مهيني ۾ هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ ستي پئي هئي، نبض جي رفتار گهٽ ٿي ويس، خون خشڪ ٿي ويس، ۽ ان ۾ ايتري به طاقت به نه هئي، جو هڪ ساهه کڻڻ کانپوءِ ٻيو ساهه کڻي سگهي.
    ”وليم مان توسان هڪ اعتراف ڪرڻ ٿي چاهيان. اها اسان جي هوٽل ۾ رهائش جي ڏينهن جي ڳالهه آهي. مون هڪ شاعر جي ذات ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي، توڻي جو هن کي ڪڏهن به ڏسڻ جي خواهش پوري نه ٿي سگهي پر مان هن کي دل ۽ جان سان چاهيندي هئس. شايد ان ڪري جو تون ذهانت جي ان بلندين تي نه هئين جن تي هو هو“.
    هوءَ وڌيڪ ڪجهه نه چئي سگهي. وليم کي به ان ڳالهه ۾ ڪا دلچسپي نه هئي. پر ايلا جي موت جي ٻن سالن کان پوءِ ٻي شادي کان پهريان هڪ ڏينهن هو پراڻا ڪاغذ ساڙڻ جي ارادي سان سامان هيڏانهن هوڏانهن ڪري رهيو هو ته، لفافي ۾ ڪجهه وار نظر آيس ۽ گڏ ئي شاعر جي تصوير به.
    ”وليم مارچمل وڏي غور سان وارن ۽ تصوير کي ڏسندو رهيو. هن ان ٻار کي گوڏن تي کڻي ويهاريو جنهن جي پيدائش ايلا جي وفات جو سبب بڻي هئي. هو ڪڏهن ٻار جي شڪل ۽ وارن ڏانهن ڏسندو رهيو ۽ ڪڏهن شاعر جي تصوير ۽ وارن ڏانهن ڏسندو رهيو“.
    ”قدرت جي هڪ يقين ۾ نه ايندڙ حقيقت هيٺ، ٻار جا مهانڊا ۽ شڪل شبيهه، جنهن کي ايلا ڪڏهن ڏٺو به نه هو ان سان مشابهت رکندڙ هئا“. شاعر جي چهري جي خاص سٻاجهڙي ڪيفيت ٻار جي چهري تي موجود هئي ڄڻ هڪ خيال کي هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه ڏانهن منتقل ڪيو ويو هجي.
    مارچ بل پاڻ تي لعنت ڪرڻ لڳو: ”مون تي خدا جي مار پوي! مان ايترو به نه سمجهي سگهيس..ته ان هوٽل ۾ ايلا مون کي وڏو ڌوڪو ڏنو هو. ٿورو مان تاريخون ته ڏسان...آگسٽ جو ٻيو هفتو، جولاءِ جو ٽيون هفتو...ها....ها هو ڇورو....... پڪ ئي پڪ منهنجو نه، پر ڪنهن ٻي جو تخم آهي....!


    عزيزني سن

    عزيزني سن
    AZIZ NESIN (1915-1995)

    ترڪي جي جديد دور جو عظيم طنزنگار عزيزنيسن 1915ع هڪ ڳوٺ ۾ پيد اٿيو. ننڍپڻ ۾ استنبول آيو. ڪيترن ئي سالن تائين سرڪاري نوڪري ڪيائين بعد ۾ هڪ طنزيه رسالي جو ايڊيٽر پڻ رهيو. اڄ تائين هن جا 80 کان وڌيڪ ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. طنزو مزاح تي کيس ڪيترائي عالمي ايوارڊ ملي چڪا آهن. هن جي لکڻين کي ترڪي زبان مان انگريزي ۾ منتقل ڪندڙ جوزف جيڪبسن هن جو گهاٽو دوست هو، جيڪو آمريڪا ۾ ٻولين جو پروفيسر آهي. پنهنجي لکڻين مان حاصل ٿيندڙ رقم مان ”نيسن فائونڊيشن“ قائم ڪيائين، جيڪا علم ۽ ادب جو ڪم ڪندڙن کان علاوه شاگردن کي پڻ لاڀ ڏئي رهي آهي. عزيزني سن 1995ع ۾ وفات ڪئي کيس ”نيسن فائونڊيشن“ ڀرسان نهايت احترام سان دفنايو ويو آهي.


    حادثو

    حادثو

    هڪ وڏي ڪمپني جي ڊائريڪٽر صاحب جي گاڏي جو حادثو ٿي پيو. حادثو ڪو ايڏو وڏو نه هو، صبح سوير جڏهن هو پنهنجي ڪار ۾ گهر کان آفيس وڃي رهيو هو، ته پٺيان هڪ تيز رفتار گاڏي اچي کيس ٽڪر هنيو، جنهن سان صرف ڪار جي پٺئين مڊگارڊ کي معمولي رهڙ آئي. گاڏي جو ڊرائيور ڏنڊ ڀري ڏيڻ لاءِ تيار هو، ۽ ڪار جي مرمت انشورنس ڪمپني جي ذمي هئي، سڄو معاملو چڱي ريت حل ٿي ويو، پر اعصابي تڪليف جي ڪري ڊائريڪٽر صاحب ان ڏينهن آفيس نه وڃي سگهيو. پنهنجي اعصابي ڇڪتاڻ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاٰءِ گهر ۾ ئي آرام ڪرڻ جو سوچيائين. ڪمپني ۾ تمام گهڻا ملازم ڪم ڪندا هئا. ڊائريڪٽر صاحب ڪمپني جي اهم شعبي ۾ وڏي حيثيت جو مالڪ هو، هن جي هر ڳالهه ٻُڌي ويندي هئي. نوڪري ۾ رکڻ ۽ ڪڍڻ، عملي جي پگهار ۾ ماهوار واڌاري ۽ اهڙي قسم جي ٻين ڪمن جو سمورو اختيار هن جي هٿ وس هو. ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو هن کان لهرائيندا ۽ کائنس پري پري رهندا هئا.
    ڊائريڪٽر صاحب جي حادثي جي خبر صبح سوير ئي آفيس پهچي وئي. ڪمپني جي هر ماڻهوءَ ڏاڍي دلچسپي وٺندي، ان باري ۾ ڪجهه نه ڪجهه چوڻ شروع ڪري ڏنو.
    ”ڇا ٿيو؟ ڇا ڊائريڪٽر صاحب جو ايڪسيڊنٽ ٿي ويو آهي؟“
    ”جي ها! اڄ صبح ئي ان جي گاڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي آهي“.
    ” ته...ڇا هو اسپتال ۾ آهن؟“.
    ڊائريڪٽر صاحب جي دل ۾ پنهنجي لاءِ جڳهه ٺاهڻ جو هي بهترين موقعو هو. خاص ڪري عملي جون عورتون ته ڳوڙها ڳاڙي افسوس جو اظهار ڪري رهيون هيون. انهن کي يقين ته نه هو، پر انهن جو خيال ضرور هو ته هنن جي ڳوڙهن وهائڻ جي خبر ڊائريڪٽر صاحب جي ڪنن تائين ضرور پهچي ويندي. عملي جا مرد به چڱا غم ۾ ٻڏل نظر ٿي آيا، ائين ٿي لڳو ڄڻ سڀئي پاڻ ۾ ان ڳالهه جو مقابلو ڪري رهيا هجن، ته جيڪو شخص حادثي جي باري ۾ وڌيڪ معلومات رکندو، اهو ئي ڊا.ئريڪٽر صاحب جو دلپسند ۽ وڌيڪ ويجهو هوندو.
    جنهن ڪنهن کان به ڪو سوال پڇيو ٿي ويو، ان اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، ته هو ئي ڊائريڪٽر صاحب جي وڌيڪ ويجهو آهي، هو اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ته هوئي ان حادثي جي باري ۾ گهڻو ڪجهه ڄاڻي ٿو.
    ڪنهن چيو، ”ادا! حادثو ته حادثو هوندو آهي.... اهو ننڍو هجي يا وڏو، پر تڪليف دهه هوندو آهي.... صاحب ڪار ۾ وڃي رهيو هو، ته پٺيان هڪ وڏي گاڏي اچي سندس گاڏي کي ڌڪ هنيو. توهان پاڻ ئي سمجهي سگهو ٿا، ته هڪ گاڏي جي ڌڪ سان ڇا ٿي سگهي ٿوو......!“
    جنهن شخص اهو جواب ٻڌو، ڪنهن ٻئي شخص جي اهڙي قسم جي سوال جو جواب ڏيندي، ڳالهه کي وڌائي چڙهائي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مثال ٽڪر هڻڻ واري عام گاڏي جي بجاءِ ڪنهن وڏي بس جي ٽڪر جو ذڪر ٿي ڪيو.
    ”سائين وڏو خطرناڪ حادثو هو....... وڏو خطرناڪ.....! هڪ تمام وڏي بس جي ڊرائيور پٺيان اچي پنهنجي بس ڊائريڪٽر صاحب جي گاڏي مٿان چاڙهي ڇڏي.... مطلب ته جنهن وٽ حادثي جي باري ۾ وڌيڪ معلومات هئي، اهو ئي ڊائريڪٽر صاحب جي ويجهو سمجهيو ويو. پٺيان ايندڙ وڏي بس جلد ئي وڌيڪ وڏي ٿي ڏهه ٽنن واري ٽرڪ ۾ بدلجي وئي......
    ”صاحب صبح جيئن ئي پنهنجي ڪار ۾ آفيس اچي رهيو هو، ته ڏهه ٽنن جي هڪ تيز رفتار ٽرڪ پٺيان اچي هن جي گاڏي کي ٽڪر هڻي وڌو........“
    ”ته پوءِ انهن کي اسپتال ڇو نه نيو ويو؟“ ڪنهن شخص پڇيو.
    ان موضوع تي هڪ ٻئي جي ڳالهه ڪٽڻ، ٻئي جي بي خبري، ۽ منهن تي چئي ڏيڻ جي فن جي مهارت به ان ڳالهه کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي رهي هئي، ته ڪنهن کي ڊائريڪٽر صاحب ۾ ڪيتري دلچسپي آهي.
    “واهه يار..واهه تون به ته ڪمال ٿو ڪرين، ايتري خطرناڪ حادثي جو شڪار ٿيندڙ شخص کي ڀلا تڪڙ ۾ٿورئي اسپتال پهچايو ويندو آهي.......!
    ”تون ٺيڪ چوين پيارا، مان به پريشاني ۾ خبر ناهي واتان الائي ڪهڙيون وايون ڪڍي رهيو آهيان......! واقعي اهڙي حالت ۾ جڏهن حادثي جو شڪار ٿيندڙ شخص جا هوش حواس چڱيءَ ريت ٺيڪ ٿي وڃن، تنهن کان پوءِ ئي کيس اسپتال پهچائڻ گهرجي....... ٺيڪ آهي نه......؟“
    ائين لڳي رهيو هو ڄڻ حادثي جي ڪري ڪمپني جو سڄو ڪم ڪار بيهجي ويو آهي. هر شخص بس حادثي جون ئي ڳالهيون ڪري رهيو هو. ڪنهن به ائين نه چيو ته ”ان ڳالهين کي ڇڏيو ۽ پنهنجو پنهنجو ڪم ڪريو“. جيڪڏهن ڪوئي ائين چوڻ جي جرئت ڪري ها، ته يقينن ان کي ڊائريڪٽر صاحب سان ڪا به دلچسپي نه هئڻ سمجهيو وڃي ها. دلچسپي جي معاملي ۾ پنهنجو پاڻ کي ٻين کان اڳڀرو سمجهڻ وارا اڳ ئي فون تي رابطن ۾ مشغول ٿي ويا هئا.
    ”سائين! خدا توهان کي پنهنجي حفاظت ۾ رکي. اسان کي ته تمام گهڻي پريشاني ٿي آهي. اسان جا سڀئي دوست غمگين آهن، پر توهان جو هي خادم ته بلڪل ئي پنهنجا هوش ۽ حواس وڃائي ويٺو آهي. خدا جو قسم سمجهه ۾ نٿو اچي ته، اوهان جي ڪهڙي ريت خيريت دريافت ڪيان....“! هڪ ملازم فون تي صاحب سان ڳالهائي رهيو هو.
    ”ڏاڍو افسوس آهي سائين! خدا جي واسطي پنهنجو چڱي ريت خيال ڪندا ڪريو، ڪنهن شيءِ جي ضرورت هجي ته مون کي حڪم ڪجو“ مان خدمت ۾ حاضر ٿيندس. ٻيو ملازم پاڻ وڻائڻ خاطر فون تي رڙيون ڪندو رهيو هو.
    ڊائريڪٽر صاحب جي گهر ٽيليفون ڪالن جي ڌم متل هئي. شروع شروع ۾ ته هو فون ڪندڙن جي خلوص مان متاثر ٿيو، ته هو سڀ هن کي دل سان چاهين ٿا، پر جڏهن هن جي لاءِ سڀني فونن جو جواب ڏيڻ ڏکيو ٿي پيو، ته هو سخت بيزار ٿي پيو. هن فون ڪندڙن کي ابتا سبتا جواب ڏيڻ شروع ڪيا؛ ”مون کي ڪجهه به ناهي ٿيو......، توهان خوامخواهه غلط فهمي جو شڪار ٿيا آهيو. مان بلڪل ٺيڪ آهيان، مون کي رهنڊ به نه آئي آهي....“
    پر ڊائريڪٽر صاحب سان همدردي جو اظهار ڪندڙ ڀلا ان کي صحيح سلامت بچي وڃڻ جي ڪيئن ٿا اجازت ڏئي سگهن.
    ”واهه صاحب واهه..... اهو ڪيئن ٿي سگهي، ته توهان کي ڪجهه به نه ٿيو هجي؟ ماشاءَالله توهان وڏي قوت برداشت جا مالڪ آهيو، انڪري جيڪڏهن توهان جي جاءِ تي ڪو ٻيو هجي ها، ته هن وقت تائين وفات ڪري چڪو هجي ها.....!“
    طبيعت جو پڇڻ لاءِ ايندڙ هر فون سان ڊائريڪٽر صاحب جي طبيعت بهتر ٿيڻ بدران وڌيڪ بگڙي ٿي.
    ”اڙي ميان! مون کي ڪجهه ناهي ٿيو...... بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آهيان“. ”توهان پريشان نه ٿيو....“
    ”واهه ڊائريڪٽر صاحب واهه، ڀلا اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو، ته هڪ ديو جهڙي ڏهه ٽنن جي ٽرڪ توهان جي ڪار تي چڙهي وڃي ۽ توهان کي ڪجهه نه ٿيو هجي......؟ توهان وڏي احتياط کان ڪم وٺو...... بستري تان هرگز نه اٿجو..... سمهي پئو، ڪجهه ڏينهن آرام اوهان لاءِ اشد ضروري آهي......“
    ٽيليفون ڪندڙن ۾ اهڙا مرد مٿير به موجود هئا، جيڪي پنهنجو ڪم ڪار ڇڏي ڊائريڪٽر صاحب جي خدمت چاڪري لاءِ سندس گهر پهچي ويا هئا. سارسنڀال جيئن ته حادثي جو شڪار ٿيل هڪ زخمي انسان جي هئي ان ڪري ڪوئي صاحب لاءِ عطر جي هڪ شيشي آڻي آيو هو، ته ڪو گلن جا گلدستا. ڪوئي ڪيڪ، پيسٽريون، ميووا ۽ مٺائيون کڻي آيو هو. شروع ۾ خدمت چاڪري لاءِ ايندڙ ماڻهن کي ڊائريڪٽر صاحب اهو چئي تسلي ڏيندو رهيو، ته مونکي بلڪل ڪجهه به ناهي ٿيو، توهان اطمينان رکو. انهن مان هڪ ماڻهوءَ چيو:
    ”الله بچائي ڊائريڪٽر صاحب کي، انهيءَ حادثي ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ بعد جي اثرن جي باري ۾ في الحال ڪجهه به نٿو چئي سگهجي..... توهان جي خيال ۾ ڪجهه به ناهي ٿيو! پر اصل حقيقت هفتي ڏيڊ کان پوءِ ئي وڃي ظاهر ٿيندي....!“
    ڪجهه ماڻهن ته اهڙا مثال به پيش ڪيا، ته هڪ همراهه جي حادثي جي ڪري مٿي جي هڏي ٽٽي پئي ۽ ان جي خبر ڪافي عرصي کانپوءِ کيس مٿي ۾ سور پوڻ جي صورت ۾ پئي.
    حادثو جمعي جي ڏينهن صبح جي وقت ٿيو هو. ڊائريڪٽر صاحب جو ارادو هو ته، جمعي جو ڏينهن گهر گذاري ڇنڇر جي ڏينهن ڪم تي هليو ويندو، پر هن کي ايتريون فون ڪالون آيون ۽ گهر اچي عيادت ڪندڙن جو تعداد ايترو وڌي ويو، جو حادثي جي ٻئي ڏينهن اٿي آفيس کيس مناسب نٿي لڳو. يقينن ڪيترن ٻين همدردن به ان کي نهايت سنگين حادثو قرار ڏنو هوندو. بحرالحال ٻئي ڏينهن ئي ڪم تي وڃڻ سان ايترن ماڻهن جي جذبن جي بي قدري ٿيڻ جو خدشو لاحق هو. انهي ڪري هن ڇنڇر ۽ آچر وارا ٻه ڏينهن گهر ۾ گذاري، سومر ڏينهن آفيس وڃڻ جو ارادو ڪيو، پر بدقسمتي سان ڇنڇر ۽ آچر جي ڏينهن به ڊائريڪٽر صاحب جي عيادت ڪندڙن جو سلسلو جاري رهيو. اهي سڀ ماڻهو ڊائريڪٽر صاحب جون همدرديون حاصل ڪرڻ جا شوقين هئا. انهن مان ڪجهه همدرد ته ڪمپني جي ڊاڪٽر کي به ڊائريڪٽر صاحب جو طبي معائنو ڪرڻ جي لاءِ پاڻ سان گڏ وٺي آيا هئا. عملي جي ايتري محبت، احتياطي اپائن تي زور ۽ ذاتي دلچسپي کي نظر ۾ رکندي، ڊائريڪٽر صاحب کي به شرم محسوس ٿيڻ لڳو ته، ”مون کي ڪجهه به ناهي ٿيو“. جيڪڏهن هن کي واقعي ڪجهه به ناهي ٿيو، ته ڀلا ماڻهن جو ايترو تعداد ڇا جي ڪري هن سان ايتري دلچسپي ۽ همدردي جو اظهار ڪري رهيو هو؟ انهن ماڻهن جي دل رکڻ لاءِ ۽ خدمت چاڪري لاءِ گهر ايندڙن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڊائريڪٽر صاحب به آهستي آهستي کاٻي پاسي سور پوڻ جي شڪايت شروع ڪئي ۽ کيس وقفي وقفي سان ڪلهي ۾ سور پوڻ جو احساس ٿيڻ لڳو.
    ”ڊائريڪٽر صاحب! توهان جي ريڙهه جي هڏي ته ٺيڪ آهي نه؟“ مهمانن مان ڪنهن پڇيو.
    ”ريڙهه جي هڏي...... ڪجهه نه پڇو، ان ۾ ته هاڻي عجيب قسم جو درد پيو محسوس ڪريان...!“
    ”قدرتي ڳالهه آهي سائين! ڏهه ٽنن جي ٽرڪ تيز رفتاري سان ٽڪر هڻي ته يقينن ڪجهه ته اثر ٿيندو نه .....!“
    وقت سان گڏوگڏ خدمت چاڪري ڪندڙن جي تعداد ۾ واڌارو ٿيندو ويو. ڊائريڪٽر صاحب سوچيو ايترن ملاقاتين جي موجودگي ۾ چيلهه ڊگهي ڪري ڪمري ۾ هلڻ ته مناسب نه ٿيندو. بحرحال هن پنهنجي گوڏن تي ڪمبل وجهي ڪرسي تي ڊگهو ٿي ويهڻ کي ئي ڪافي سمجهيو، پر جلد ئي هن کي احساس ٿيو ته بستري تي سمهي پوڻ ئي مناسب آهي. هاڻي ته ائين لڳي رهيو هو ته جيڪڏهن حالت اها رهي ته شايد هو سومر تي به ڪمپني ۾ ڪم تي نه وڃي سگهندو. اڱاري جي ڏينهن ڪمپني جي ڊائريڪٽر جنرل طرفان طبيعت پڇڻ جي تار آئي. اربع ڏينهن اخبارن هن حادثي جي خطرناڪ هئڻ جي اهميت کي سمجهندي خبر شايع ڪري ڇڏي. جڏهن معاملو ايترو ڳنڀير ٿي ويو ته ڊائريڪٽر صاحب جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ بلڪل ئي ناممڪن ٿي ويو. معائنو ڪندڙ ڊاڪٽر پنهنجي رپورٽ ۾ پندرنهن ڏينهن مڪمل آرام جو مشورو لکي ڇڏيو. پندرنهن ڏينهن ٻيا گذري ويا، پر ڊائريڪٽر صاحب اڃا به بستري کان ٻاهر نه نڪري سگهيو. هن کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته ڇا هو پنهنجي ڪوڙي بيماري جو عادي ٿي چڪو آهي يا هن کي واقعي ڪا بيماري ٿي وئي آهي. البته هو لاڳيتو اها ڳالهه ورجائيندو رهيو ته ”مون کي ٿيو ته ڪجهه به ناهي بس ان ماڻهن ئي مون کي زبردستي بيمار ڪري وڌو آهي“. ته ڇا هو ماڻهن جي گهڙي گهڙي تاڪيد ڪرڻ جي اثر ۾ اچي سمهي پيو هو؟ پر نه...، هو ته هر ڏينهن ڪمزور ۽ بدحال ٿيندو ٿي ويو. کائڻ پيئڻ به ڇڏي ڏنو هئائين. خوشامدي خدمت چاڪري ڪندڙن جي ها ۾ ها ملائڻ جي ڪري مون کي هتي تڪليف آهي، هتي تڪليف آهي جو دور ڪندي هاڻي واقعي هن جي پيٽ ۾ ڪا تڪليف ٿي پئي هئي. پوءِ هڪ وقت آيو جو ڊائريڪٽر صاحب کي اسپتال داخل ڪيو ويو.
    هاڻي ٻڌو آهي، ته اهم شعبي جي ڊائريڪٽر صاحب جو ترت ئي خطرناڪ قسم جو آپريشن ٿيڻ وارو آهي. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهوحادثو ان جي بيماري جو سبب بڻيو آهي، ڪجهه ٻين ماڻهن جي راءِ آهي ته هڪ چڱي ڀلي گهمندڙ ڦرندڙ صحتمند انسان کي ماڻهن جي مشورن بيمار ڪري وڌو آهي، ۽ ڪجهه حلقن جا ماڻهو اهو به چون ٿا ته، ڊائريڪٽر صاحب تازو ئي هڪ موذي مرض ۾ ڦاسي پيو آهي، ۽ ٽريفڪ جي حادثي سان هن جو پري جو به تعلق ناهي. هاڻي يقين سان نٿو چئي سگهجي، ته انهن مان ڪهڙا ماڻهو درست آهن ۽ ڪهڙا غلط.......!


    جمال مير صادقي

    جمال مير صادقي
    JAMAL MIRSADEGHI (1933)

    جمال مير صادقي 1933ع ۾ تهران ۾ پيدا ٿيو. تهران يونيورسٽي مان فارسي ادب ۾ گريجوئيشن ڪيائين. شاگردي جي دور کان ئي لکڻ ۽ پڙهڻ سان چاهه هئس، ان دور کان ئي سندس ڪهاڻيون ايران جي معروف رسالن، ”آينده“ ”نگين“ ”جهان نو“ ۽ ”صدف“ ۾ ڇپيون. عملي زندگي ۾ درس و تدريس، لائبريرين شپ ۽ ٻين مختلف سرڪاري آفيسن ۾ نوڪري سان گڏ ڪيترن ئي خانگي ڪمن سان لاڳاپيل رهيو. پنهنجي ادبي زندگي دوران تيرنهن ڪهاڻين جا مجموعا ۽ اٺ ناول شايع ٿي چڪا آهن. شاهڪار عالمي ڪهاڻين ۽ جديد ايراني ڪهاڻين تي تنقيد، تبصرا، ڪهاڻي جي رخن، ۽ تخليقي نثر جي ٽيڪنيڪ تي لکيل سندس ڪيئي ڪتاب آهن. هن جي چونڊ جي ڪهاڻين جا ترجما جرمن، انگريزي روسي، رومانوي عربي، هندي، اردو ۽ هنگيرين زبانن ۾ ٿي چڪا آهن.


    ڀت

    ڀت

    هو چڱي دير کان ڏاڪڻ ۾ بيٺو ٽڪ ٻڌي ڪجهه ڏسڻ ۾ مصروف هو. هن کي سمجهه ۾ نٿي آيو، بس حيران ٿيندي سمجهي رهيو هو، ڄڻ ڪوخواب ڏسي رهيو هجي. پٺيون سڄو منظر بدلجي چڪو هو، هاڻي هو بلڪل نئين ۽ اڻ ٿيڻي صورتحال ڏسي رهيو هو، جيڪا هن کان پهريان هن ڪڏهن سوچي به نه هئي.
    هن جي پاڙيسري ڇوڪري سودابه پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ بيٺي باغيچي ۾ سير ڪري رهي هئي، ۽ هڪ ننڍڙي ڦوهاري سان ڇٻر ۽ گلن کي پاڻي ڏيڻ ۾ رڌل هئي. ويجهو ئي هن جي وڏي ڀيڻ منيزه حوض جي ڀڪ تي ويهي ڏند صاف ڪري رهي هئي. هو ڀت سان ٽيڪ لڳايو چڱي دير تائين خوشي ۽ حيرت مان اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هو. ڪالهه تائين اهو سڀ ڪجهه نه هو........! نه سودابه، جيڪا باغيچي ۾ گهمي ڦري رهي هئي، ۽ ننڍڙي ڦوهاري سان ٻوٽن ۽ گلن کي پاڻي ڏئي رهي هئي، ۽ نه ئي منيزه جيڪا حوض جي ڀڪ تي ويهي پنهنجي ڏندن کي برش ڪري رهي هئي. هن جي دل ۾ عجيب حيرت جاڳي پئي. هن کي سمجهه ۾ نٿي آيو، ته هي سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو ۽ اهو ڪهڙو اتفاقي واقعي سان ممڪن ٿيو آهي.
    اهو صبح جو وقت هو، اڇي چمڪندڙ ۽ کير جهڙي روشني آسمان تي ڇانيل هئي، سج هڪ ڳاڙهي رنگ جي بال جيان اوڀر کان اُڀري رهيو هو، پکي صبح جي وقت مٺيون مٺيون ٻوليون ٻولي رهيا هئا، خوشي ۽ حيرت مان هي پنهنجا جذبا قابو ۾ نه رکي سگهيو ۽ پنهنجا هٿ سودابه ڏانهن لوڏيندي چيائين:
    ”مان آهيان......... سودي ڇا تون ڏسي رهي آهين..؟ سودي.....! پر سودابه پنهنجي ڪمن ۾ مصروف هئي. هن آواز نه ٻڌو. هو ڪجهه ڏاڪا لهي وڌيڪ هيٺ لٿو، ته حيرت مان هن جو وات پٽجي ويو. هنن جي گهرن جا اڱڻ پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويا هئا. ٻنهي اڱڻن جي وچ واري جاءِ تي اوزارن سان ڀريل هڪ ٿيلهو رکيل هو، هيڏانهن هوڏانهن ڪجهه سرون، واري ۽ گارو، سڀ ڪجهه هن جي سامهون بي ترتيبي سان وکريل هو. هو ڏاڪا لهندو تيزي سان هيٺ لهي آيو. اڄ هو تمام گهڻو خوش هو، ڪمري ۾ آيو ته هن ڏٺو ته هن جي ماءُ پيالي ۾ چانهن وجهندي سندس پيءٰ کي چئي رهي هئي، ته رات جي پٺيئن پهر تيز آنڌاري اڱڻ جي ڀت ڪيري وڌي آهي. اهو ٻڌي هن جو پيءَ جيڪو ڪيڏانهن وڃڻ جي سنبت ڪري رهيو هو، ڪجهه سنجيده ٿيندي چيائين، ”مان اڄ ئي عباس مستري جي جاچ ڪيان ٿو. هن کي چوان ٿو، ته هو اچي ۽ ڀت جي مرمت ڪري وڃي. مان ڪنهن ٻئي تي ڀروسو نٿو ڪري سگهان..!
    هن جو وڏو ڀاءُ سيروس، جنهن کي پيءَ کان پوءِ هن گهر جو وڏو سمجهيو ويندو هو، پنهنجو ڳلو صاف ڪندي چوڻ لڳو، ”بابا سائين! هن زماني ۾ ڪنهن ٻئي تي ڀروسو ڪرڻ نه گهرجي، ڇو ته زمانو ڏاڍو عجيب ٿي ويو آهي“.
    عين ان وقت سودابه هن کي ڳوليندي ڪمري ۾ داخل ٿي، ته جئين هو هلي ۽ هنن جي گهر هلي راند کيڏي. بجاءِ ان جي جو هوءَ دروازو کڙڪائي ۽ بتول وڃي دروازو کولي، هوءَ اڱڻ جي اندران ئي سرن مٿان ٽپي هن جي ڪمري ۾ داخل ٿي. هن کي خوشي مان کل اچي وئي ۽ سودابه کلندي چيو ”تون ڄاڻين ٿو ناصي! ته ڪالهه رات طوفان جي ڪري اسان جي اڱڻن جي ڀت ڪري پئي آهي؟ ڀت ڪيئن ڪري پئي؟“ ناصر کائنس پڇيو.
    سودابه وراڻيو، ”تيز هوا ڀت کي ڪيري وڌو......! هو ٻئي ائين ڳالهائيندا سودابه جي گهر هلڻ لڳا.
    سودابه جو ننڍو ڀاءُ بهمڻ انهن کي رستي ۾ ملي ويو، ان کي نهايت سوڙها ڪپڙا پهريل هئا، جن مان صرف ننڍا ننڍا اڇا پير ۽ ننڍڙو گول مٽول پيٽ نظر اچي رهيو هو. بهمڻ جي هڪ هٿ ۾ هنداڻي جي ڦاڪ هئي، ۽ ٻئي ۾ ڳاڙهو صوف هو. اهو به ناصر سان گڏ هلڻ لڳو.
    ڪجهه گهڙين ۾ ئي هنن کي کيڏڻ لاءِ سمورو سامان گڏ ڪري ورتو. هنن قالين جو هڪ ننڍو ٽڪرو وڻن جي ڇانو ۾ ڏاڍي سهڻي سليقي سان وڇايو ۽ سڀ قالين تي وڏڙن وانگر پلٿي هڻي ويهي رهيا. سودابه هڪ ننڍي ڪٽلي جي هيٺان باهه ٻاري ورتي، ناصر به اچڻ وقت پنهنجي ماءُ کان ڪجهه ناشپاتيون ۽ ٻيو ميوو کڻي آيو هو. انهن بهمڻ واري هنداڻي جي ڦاڪ، ۽ صوف سان گڏ سڀئي کائڻ جون شيون ڏاڍي سليقي سان قالين تي دسترخوان جيان رکيون ۽ ڀت ڪرڻ جي خوشي ملهائڻ لڳا، ۽ اها خوشي انهن چڱي دير تائين ملهائي. منجهند تائين هو سڀ کلندا. ڪڏندا، ٽپا ڏيندا ۽ هڪ ٻئي جي مهمان نوازي ڪندا رهيا، پوءِ لاچار هڪ ٻئي کان موڪلائي ڌار ٿي ويا. ناصر جڏهن انهن جي اڱڻ کان ٿيندو پنهنجي گهر پهتو، ته هن مسڪرائيندڙ اکين سان پنهنجي ماءُ کي سڄو قصو ٻڌايو.
    ٻئي ڏينهن هو دري جي ويجهو بيٺو هو، ۽ نهايت غمگين نظرن سان اڱڻ ڏانهن نهاري رهيو هو. هاڻي هن جي اکين ۾ بلڪل به خوشي نه هئي. هن جو ٻهڪندڙ چهرو مرجهايل هو هن جي دل ۾ آيو، ته ڪا اهڙي ڳالهه ٿي پوي، جو هو بي اختيار روئڻ لڳي. هن ٻنهي گهرن جا اڱڻ ٻيهر ورهائجي رهيا هئا ۽ پڪين سرن سان ڀت جي اڏاوت ٿي رهي هئي. ناصر ڏسي رهيو هو، ته انهن جا اڱڻ اڳ جيان ننڍڙا بلڪل ننڍڙا هڪ پڃري جيان ٿي رهيا هئا......! هو سوچي رهيو هو، ته هاڻي ٻيهر ائين ڪڏهن به نه ٿي سگهندو، جو هو، سودابه بهمڻ هڪ ٻئي سان اکٻوٽ کيڏي، ڪنهن حوض جي مڇين جيان هڪ ٻئي جي پٺيان ڊوڙي، هڪ ٻئي جي ٻانهن تي ڪري ۽ ٽهڪ ڏئي ۽ ٻنهي گهرن جي ڪشادي اڱڻن تي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي ڊوڙون پائي سگهندا....!
    هودري جي پٺيان بيٺو هو ۽ جهنگلي جي سيخن کي مظبوطي سان جهلي ٻيٺو هو. هن پنهنجا چپ ٻن ٽن سالن جي ٻار جيان ڀڪوڙي ڇڏيا هئا. هو روئڻهارڪو ٿي لڳو. ائين ٿي محسوس ٿيو، ته هن جي اندر ڪا اڄاتي باهه ٻري رهي هجي.
    شديد غم جي ڪري هن جي نڙي خشڪ ٿي وئي هئي. هن جي دل چاهيو ٿي، ته رڙيون ڪري روئي پوي. هن ڏک ۽ ساڙ سان ڀريل هڪ نظر تعمير ٿيندڙ ڀت ۽ پوءِ پاڙي جي مزدورن تي وڌي. هن کي ڀت ۽ ان کي تعمير ڪندڙ سڀني کان شديد نفرت محسوس ٿي رهي هئي، ان حد تائين جو ڪوئي مزدور يا مستري ڪا شيءَ گهرندو هو، ته هو نهايت ان سان بي رخيءَ سان پيش ايندو هو. جڏهن به هن کان ڪير ڪجهه پڇندو يا هن جي ماءُ، پيءُ ڪو نياپو سنيهو موڪلڻ چاهيندا هئا، ته هو ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏيندو هو. ڪڏهن هو آلي مٽي سان مٺيون ڀريندو، ڪڏهن ڪي ننڍڙا پٿر کڻي پري کان انهن کي هڻندو ۽ ڀڄي ويندو هو. هو پٺيان سڏيندا رهندا هئا ”اڙي او ننڍا صاحب! ٻڌين ٿو؟..... ٿورو پيئڻ جو پاڻي ته ڏئي وڃ...... کڻي اچ پٽ ..... الله تو کي خوش ڪندو ......ڏاڍي اڃ لڳي آهي، پر هن بلڪل نه ٻڌندو هو، بلڪل نه ٻڌندو هو، بلڪه ٺپري هڻي بيهي رهندو يا اندر هليو ويندو هو. جڏهن به انهن کي ڀت ٺاهڻ ۾ مصروف ڏسندو هو، تڏهن سندس دل چوندي هئي اهي سڀ مزدور هيٺ ڪري پون، انهن جا هٿ پير ڀڄي پون، يا وري اها ڀت انهن مٿان ڪري پوي ۽ اهي سڀ ان جي هيٺيان اچي مري وڃن.......!
    هاڻي هو سودابه جي گهر به نه وڃي سگهندو هو. مزدورن ۽ هن ڀت سڄو رستو بند ڪري ڇڏيو هو. هن کي اهو سڀ ڏسي تمام گهڻي ڪاوڙ ايندي هئي ۽ غم جي ڪري پنهنجو ڳلو خشڪ محسوس ڪندو هو. ڪيترا ڀيرا ان ڪوشش ڪئي، ته گهٽي جي دروازي کان سودابه، ۽ بهمڻ وٽ وڃي ته جيئن انهن سان گڏجي ڪا راند روند ڪري سگهي، پر دروازو تمام وڏو هو ۽ هن جو هٿ دروازي جي ڪڙي تائين پهچي نه سگهيو.
    هو جيترو ان باري ۾ سوچيندو هو، اوترو ڦاسندو هو. هن کي سمجهه ۾ نه اچي ٿي آيو، ته آخر ڀت ٺاهڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ بابا اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ ڇو زور ڀريو؟ اهي ڏينهن جڏهن ڀت ڪريل هئي، ڪيترا خوبصورت ڏينهن هئا! اهي ڏينهن جڏهن هن جي ماءُ کوڙ ڀاڄي خريد ڪئي هئي، سودابه ۽ منيزه جي ماءُ ۽ ٻيا گهر جا ڀاتي هنن وٽ آيا هئا ۽ سڀني دير تائين ڀاڄي ٺاهي ۽ گڏجي کاڌي هئي. جيستائين هيءَ ڀت ٻيهر نه جڙي هئي، تيستائين هنن جو گهڻيون راتيون اڱڻ جي فرش تي گذريون هيون، گرم چانهن تيار ٿيندي هئي، جيڪا هن هٿان سودابه جي والدين ڏانهن به موڪلي ويندي هئي.
    جڏهن تيز طوفان اها ڀت ڪيرائي هئي، تڏهن هنن لاءِ مزا ٿي ويا هئا. جيستائين هنن جي وچ ۾ ڀت آيل هئي، گڏجي ويهڻ، ڳالهيون ڪرڻ ۽ کل ڀوڳ ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پر هنن کي هڪ ٻئي کي ڏسڻ لاءِ به ڪيترائي هفتا گذري ويندا هئا. جيڪڏهن هو بوريت جي ڪري ڀت جي پٺيان هڪ ٻئي کي سڏيندا به هئا، ته اهو آواز شوخ ۽ چنچل بدران عجيب و غريب محسوس ٿيندو هو....... هو لاڳيتو ڀت ڏانهن ڏسي رهيو هو، جنهن جي تعمير لاءِ مزدور ڪم ۾ مصروف هئا.
    آخرڪار ڀت پنهنجي اڳوڻي بلندي کي پهچي وئي، ڇو ته مزدور تيزي سان ڪم ڪري رهيا هئا. ناصر هينئر پنهنجي غمگين نظرن سان پاڙي جي اڱڻ جي صرف هڪ حصي کي ڏسي پئي سگهيو، جتي هن کي سودابه جي وڏي ڀيڻ نظر آئي، جيڪا دالي ۾ ويٺي ڪپڙا استري ڪري رهي هئي. هن جي چوڌاري رنگ برنگي ڪپڙا پيل هئا. استري ڪندي جڏهن هن پنهنجو منهن ورايو ٿي، ته سندس کليل وار هوا ۾ اڏاميا ٿي ۽ هوءَ نهايت خوبصورت، شوخ ۽ چنچل لڳي رهي هئي، هوءَ ڪاوڙ ۾ هئي، ائين ٿي لڳو ڄڻ هينئر ئي ڪنهن سان جهڳڙو ڪري آئي هجي. هوءَ اڳ جيان مسڪرائي رهي هئي ۽ نه ئي خوش ۽ خرم ٿي لڳي. ٻئي ڏينهن صبح جو پکي پکڻ جاڳي چڪا هئا ۽ آڪاش ۾اڏامي رهيا هئا. هڪ پوڙهو ڪانءُ پڻ نظر اچي رهيو هو، جيڪو هيڏانهن هوڏانهن اڏامي رهيو هو.
    هن جي ماءُ بنا منهن ورائڻ جي چيو: ”ٻڌ! پڻهين آيو آهي؟“.
    ”نه ......“ ناصر وراڻيو.
    ”جڏهن اچي ته ٻڌائجان“.
    ”توهان ڪيڏانهن پيون وڃو ؟“ ناصر معصوميت مان کائنس پڇيو.
    ”هڪ رشتو ڏسڻ پئي وڃان“.
    ناصر چيو، ”مان به توهان سان گڏ هلان..؟“
    ماءُ هن ڏانهن ڏسندي حيرت سان پڇيو:
    ”ڪيڏانهن؟“
    ”رشتو ڏسڻ.....“ ناصر چيو.
    ”واهه..... واهه.... توکي هاڻي ئي شادي جي لڳي آهي! ....... ٻيو ڪو ڪم ڪار ڪو نه ٿي ڇا....؟ ناصر خاموش ٿي ويو“.
    هن جي ماءُ محسوس ڪيو، ته هن جي ڪيفيت عجيب آهي. چڱي دير تائين هو ٻڏتر ۾ پنهنجي ماءُ جي چهري ڏانهن نهاريندو رهيو، آخر هن جي همت جواب ڏئي وئي ۽ چوڻ لڳو: ”امان! هي ماڻهو اسان ۽ سودابه جي گهرن جي وچ ۾ ڀت ڇو اڏي رهيا آهن؟ ڀت ڇو اڏي رهيا آهن؟
    ”تون چوڻ ڇا ٿو چاهين.......! اهڙي ڪهڙي ڳالهه ٿي آهي.......؟ ائين ته ٿيندو رهندو آهي.......“.
    ”اسان جا گهر بغير ڀت جي اگهاڙا ٿي ويا هئا“. ماءُ چيو کيس چيو.
    ”گهر بغير ڀت جي ڇو نٿا ٿي سگهن...... امان؟“ ناصر پڇيو.
    بغير ڀت جي گهر ڪيئن ٿي سگهندا، بيڪار بحث نه ڪر، ڇا تو کي نظر نٿو اچي، ته سڀني جي گهرن جي وچ ۾ ڀت هوندي آهي......!“
    ”آخر ڇو....؟ سڀني جي گهرن جي وچ ۾ ڀت ڇو هوندي آهي..؟“، ناصر سوال پٺيان سوال ڪرڻ لڳو.
    ”وڃ وڃي کيڏ........ مونسان گهڻو بحث نه ڪر“، ماڻس ڪاوڙ مان چيو.
    ناصر چپ ٿي ويو. هن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿي آيو. هن جي ماءُ ڪمري مان وڃي چڪي هئي، ناصر مڙيو ۽ دري کان ٻاهر مزدورن ڏانهن ڏسڻ لڳو. پوءِ هو ڀرپاسي ۾ بيٺل وڻن ڏانهن غور سان ڏسڻ لڳو. سڀئي وڻ خاموشي ۽ مظبوطي سان بيٺل هئا، ڄڻ آذان چئي رهيا آهن. هن جي دل اداسي ۽ پريشاني ڪري گُهٽجڻ لڳي هئي. ڪوئي به نه هو، جيڪو هن جي مدد ڪري........ هن جي اکين جي سامهون ڀت هڪ ديو جيان لڳي رهي هئي. هن تي خوف ، دهشت ۽ ڏڪڻي جي ڪيفيت طاري ٿي هئي ۽ هو ان عالم ۾ لاڳيتو ڀت تي نظرون ڄمائي پاڻ سان مخاطب ٿي چوڻ لڳو: ”اڙي هيءَ ته ديو جيان آهي..... بلڪل هڪ ديو جيان........!“
    هن تي خوف طاري ٿي ويو هو. هو جلدي ۾ دري جي پٺيان هٽي اڱڻ ۾ آيو، ۽ وڏي بيزاري مان مزدورن کان ٿيندو اڳتي وڌيو، اهو ڏسڻ بغير ته هو ڇا ڪري رهيا آهن...... هن اڱڻ جي ٻئي طرف ڪمرن ڏانهن رخ ڪيو. رستي ۾ ڪجهه گهڙي جي لاءِ بيٺو ۽ ڪاوڙيل نظرن سان پهريان ڀت ۽ پوءِ مزدورن ڏانهن ڏسڻ لڳو. اوچتو هن جي اکين ۾ اطمينان جي هڪ لهر ڊوڙي وئي. هڪ عجيب ۽ غريب قسم جي وحشت هن کي ويڙهي وئي. هو اُٿيو ۽ هراس ۾ وائڙائپ سان هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو. هن ڏي ڪنهن جو به ڌيان نه هو. هن کي سڪون محسوس ٿيو. هڪ ننڍي قد واري مزدور جو گول مٽول اگهاڙو مٿو هن کان ٿوري پنڌ تي جهڪيل هو. هن پنهنجي ساڄي هٿ سان پوري اطمينان ۽ احتياط سان زمين تان هڪ سر جو ٽڪرو کنيو، ۽ تيزي سان هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو. هن جي دل پکي جيان تيزي سان ڌڙڪي رهي هئي. هن هڪ پير اڳتي ۽ ٻيو پير پوئتي رکندي، ان مزدور جو نشانو ورتو، هي سر جو ٽڪرو اڃا اڇلائڻ وارو هو، ته اوچتو هن جي جسم تي شديد قسم جي ڏڪڻي طاري ٿي وئي. عين انهيءَ وقت جڏهن هو سر جو ٽڪرو مزدور کي هڻڻ وارو هو، هن کي ائين محسوس ٿيو، ته اوچتو ڀت پنهنجي جاءِ تان چرڻ لڳي آهي ۽ خوفناڪ ۽ قهري نظرن سان هن کي ڏسي رهي آهي، ۽ هن تي هن تي حملو ڪري رهي آهي. هن جو پورو وجود ڏڪڻ لڳو. هٿ بي سَتو ٿي هيٺ ڍلو ٿي پيس ۽ سر جو ٽڪرو هن جي هٿ مان نڪري هيٺ ڪري پيو، هن جون اکيون ٻاهر نڪري آيون ۽ دانهون ڪرڻ لڳو:
    ”ديو...ديو...ڏسو ڀت ديو مون تي حملو ڪيو آهي.....!“
    پوءِ دانهون ڪندو پنهنجي ڪمري طرف ڀڳو. هن جي ماءُ حيران ۽ پريشان اگهاڙين پيرين ڪمري کان ٻاهر نڪري آئي، ۽ هن کي پنهنجي ٻانهن ۾ کڻي کنيائين ۽ کائنس پڇڻ لڳي، ڇا ٿيو پٽ....؟“ ناصر پنهنجو منهن ماءُ جي سيني سان لڳائي ڇڏيو. هوخوف مان ڏڪي ۽ زور سان روئي چئي رهيو هو:
    ”ديو......امان ديو...، مونکي کائڻ پيو اچي.......؟“


    سائمن ڪارمگيٽ

    سائمن ڪارمگيٽ
    Simon Carmiggett (1913-1987)

    ڊچ زبان جو مشهور صحافي، شاعر، ڪالم نگار ۽ مختصر ڪهاڻين جو سرجڻهار، سائمن ڪارمگيٽ 1913ع ۾ هالينڊ ۾ ڄائو. کيس عوامي شهرت نيڌر لينڊ جي هڪ اخبار ۾ مستقل ڪالم لکڻ ۽ ٽي وي پروگرام ڪرڻ سبب ملي. ان کان علاوه ڪيترائي آرٽيڪل، ٽي وي ڊارما، ۽ ٻارن لاءِ ڪهاڻيون پڻ لکيون. سندس گهڻيون لکڻيون ڊچ زبان ۾ آهن، جن مان ڪيترين جو انگريزي زبان ۾ ترجمو پڻ ڪيو ويو آهي. انگريزي ۾ ترجمو ڪيل لکڻين ۾؛
    A Dutchman’s Slight Adventures (1957) ، Amesterdom
    ۽ ٻيون شامل آهن. سائمن ڪارمگيٽ 1987ع ۾ ايمسٽرڊم ۾ وفات ڪئي. پر هن جون تحريون ۽ تخليقون اڄ به زندهه آهن.


    کل جهڙي ڳالهه

    کل جهڙي ڳالهه

    ايمسٽرڊم جي ٽريفڪ به ڏاڍي عجيب آهي. ان جومثال دنيا جي ڪنهن به ٻئي شهر سان نٿو ڏئي سگهجي. هتي گاڏيون ٽريفڪ جي وهڪري ۾ هلنديون گهٽ, پر ڌڪبيون وڌيڪ آهن.
    اڄ صبح به ائين ٿيو، جڏهن منهنجي ٽيڪسي ايمسٽرڊم جي مرڪزي بازار مان لنگهي رهي هئي، ته ٽريفڪ جي وهڪري ۾ ساڄي پاسي ڌڪجي وئي. ڪجهه اڳتي وڃي ٽريفڪ جام ٿي وئي، ۽ منهنجي ٽيڪسي گلن جي هڪ دڪان جي سامهون بيهجي وئي. مان ٽريفڪ جي تمام گهڻي پيهه ۽ وهڪري کان لاتعلق ٿي دڪانن ۽ شورومن ڏانهن پنهنجو ڌيان مرڪوز ڪري ڇڏيو. گلن جو دڪان ڏاڍو صاف سٿرو هو، ۽ ان جي پاسي ۾ ڪاٺي جون خالي پيٽيون ڏاڍي ڪاريگري سان هيٺ مٿي رکيل هيون. اوچتو ڀر واري گهٽي مان ٻه شرارتي ڇوڪرا نڪتا، ۽ انهن مان هڪ شرارت ڪندي ٻئي کي خالي پيٽين ڏانهن ڌڪو ڏنو، سڀئي پيٽيون ڪري ڍير ٿي ويون. دڪاندار هٿ ۾ هٿوڙو کڻي ان ڇوڪرن ڏانهن ڊوڙيو ۽ هڪل ڪري کين چيائين؛ ”حرام زادئو! بيهو اتي، هن هٿوڙي سان توهان جو ميڄالو ٿو ڪڍان......“
    ”اڙي حرامي! منهنجو ميڄالو ڪڍي وڌئي......! اوچتو سامهون ايندڙ عورت دڪاندار سان ٽڪرائجي وئي، جيڪا ڪجهه گهڙيون اڳ ڀرواري بيوٽي پارلر مان پنهنجا وار ٺهرائي نڪتي هئي. عورت لڳ ڀڳ ٻه سو پائونڊ وزني ۽ چار فٽ کن ڊگهي هئي، جيڪا ڏيک ويک ۾ بلڪل فوٽ بال ٿي لڳي.
    ”نه..... نه..... ميڊيم معاف ڪجو!“ اچانڪ اوهان سان پيس...... هن ڇورن جي ڪري اوهان کي تڪليف اچي وئي.... ماشاءَ الله اوهان جا وار توهان جا وار ڪيترا نه خوبصورت ۽ چمڪندڙ آهن..... توهان بيحد خوبصورت ٿيون لڳو. دڪاندار بوکلاهٽ ۾ نه ڄاڻي ڇا ڇا چئي ويو....... عورت کيس غصي ۾ گهوريندي اڳتي هلي وئي.
    ٿورو اڳتي وڃي اسان هڪ ندي جي ڪناري طرف مُڙياسين، پر گهڻو پري نه ويا هئاسين، ته ٽريفڪ وري جام ٿي پئي. ڊرائيور پوئتي مُڙي ڏٺو، جيڪڏهن جڳهه هجي ها ته واپس هليو هلي ها، پر اسان جي پٺيان به ٽريفڪ جي قطار لڳل هئي.
    ”هن نڀاڳي لوڊر سڄي ٽريفڪ خراب ڪري ڇڏي آهي........!“
    ڊرائيور ٿوري ئي پنڌ تي بيٺل هڪ لوڊر ڏانهن اشارو ڪندي چيو. ”توهان کي جلدي ته ناهي.....؟ ڊرائيور ڪنڌ ورائي مونکان پڇيو.
    ”نه.......! ايتري جلدي ناهي“ هن هڪ سگريٽ مون ڏانهن وڌايو هڪ پنهنجي لاءِ دکايو، ۽ پنهنجي سيٽ تي ائين ويهي رهيو ڄڻ ٽيليويزن ڏسي رهيو هجي. پٺيان گاڏين ڪيترا ڀيرا هارون وڄايا، پر هن کي ڪو فڪر ئي نه هو.
    ڊرائيور چيو، ”هي ايمسٽرڊم جا ناهن......!“
    ”توکي ڪيئن خبر پئي.........؟“ مون کانئس پڇيو.
    ايمسٽرڊم جو هر ماڻهو لاءِ هي ٽريفڪ روز جو معمول آهي. هارون وڄائڻ جو ڪو به فائدو ناهي........ هتي جيڪڏهن ڪوئي هارون وڄائيندو آهي ، ته لوڊر اڃا به آهستي ٿي ويندو آهي......“
    مون چڙ کائيندي هاڪار ڪئي.... واقعي بلديا وارن هر جاءِ تي ٽرامن جوڄار وڇائي ايمسٽردم واسين جو جيئڻ جنجال ڇڏيو آهي...... مٿان حيرت جي ڳالهه اها آهي، ته سڀني بس اسٽاپن تي وري هي لفظ لکي ڇڏيا اٿائون، ”خدا توهان جي ٻُڌي ٿوڪنهن کي به بد دعا نه ڏيو.........“!
    ڊرائيور ڀُڻڪيو، ”ان کان وڌيڪ ٻي تعدي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي..... ”اها ته سراسر هٺ ڌرمي آهي!“ خاص طور تي ايمسٽرڊ جي نوجوانن سان...... هر نوجوان پنهنجو چڱو ۽ مٺو پاڻ چڱي طرح ڄاڻي ٿو. جيئن مان پنهنجي هر عمل جو پاڻ ذميوار آهيان....”
    مان آئيني ۾ هن جي چرپر چڱيءَ ريت ڏسي رهيو هئس، جنهن سان محسوس ٿي رهيو هو، ته هي پنهنجي ماضي جي ڪنهن به ڳالهه تي پشيمان نه هو.
    ”جڏهن مان نوجوان هئس، مون وٽ ٽيڪسي نه هئي، بلڪه مان هڪ وڏي ٽرڪ ڊرائيور هئس، اها ٽرڪ سامهون ايندڙ لوڊر کان به وڏي هئي، اها ڳالهه ان زماني جي آهي، جڏهن نه روڊ ايترا ويڪرا هئا، جو وڏيون وڏيوٽرڪون آساني سان لنگهي سگهن، ۽ نه ئي وري ون وي روڊ هئا.....“ ٽيڪسي ڊرائيور پراڻي وقت کي ياد ڪندي پنهنجي ڌن ۾ ڳالهائيندو رهيو“.
    ”مون کي اڃا به ياد آهي، ته هڪ ڏينهن منجهند جو مان پنهنجي ٽرڪ ڪاهي شهر جي وچ بازار مان لنگهي هڪ سوڙهي بازار ۾ مڙيس. سامهون هڪ ٻي وڏي ٽرڪ اچي رهي هئي، بلڪل منهنجي ٽرڪ جيڏي ڊگهي ۽ ويڪري. بازار ايتري سوڙهي هئي، جو هڪ ٽرڪ مشڪل سان لنگهي ٿي سگهي. خير ٻئي ٽرڪون آمهون سامهون اچي بيهي رهيون. اسان ٻئي هڪ ٻئي کي واپس وڃڻ جي لاءِ اشارا ڏئي رهيا هئاسين، پر ٻنهي مان ڪو به واپس وڃڻ لاءِ تيار نه هو..... اسان ٻئي پنهنجي پنهنجي سيٽ تي اطمينان سان ويهي رهياسين. مون سگريٽ دکايو ۽ بي فڪر ڊرائيور طرف ڏسڻ لڳس. هو به مون کي گهوريندو رهيو. جڏهن مون سگريٽ ختم ڪيو، ته هن سينڊوچ کائڻ شروع ڪيو. هو نهايت آرام سان آهستي آهستي هر گرهه تي مون ڏانهن ڏسندو رهيو ته شايد اهڙي ريت مان هيءَ گهٽي ڇڏي ڀڄي ويندس. ٽيڪسي ڊرائيور مون ڏانهن وڏي فخر واري انداز ۾ ڏٺو. هن مون کان پنهنجي تعريف ٻڌڻ چاهي، ۽ منهنجي ڳالهائڻ کان پهريان ئي پنهنجي ڳالهه جاري رکي..... ان کان پهريان جو هو پنهنجو سينڊوچ ختم ڪري، مون اخبار کنئي ۽ پنهنجي سيٽ اڳيان رکي پڙهڻ شروع ڪئي. چڱي دير کانپوءِ دريءَ جي شيشي تي ٺڪ ٺڪ ٿي، مون مڙي ڏٺو، هو منهنجي دري جي ڀرسان بيٺو هو. مون کي خيال آيو ته هو هاڻي اهو چوڻ آيو هوندو، ته بس خير آ، هاڻي هلجي....“ ٽيڪسي ڊرائيور ڪلها لوڏيندي مون ڏانهن ڏٺو، ۽ پنهنجي ڳالهه جاري رکي.
    ”ان زماني ۾ اڄڪلهه جهڙي غنڊا گردي ۽ مارا ماري نه هئي“. اهو ڊرائيور بظاهر ٿلهو متارو نوجوان هو، پر ان جي باوجود مان نه هن جي رعب تاب ۾ نه آيس. مون دري جو شيشو هيٺ ڪري پڇيو،
    ”ڇا ڳالهه آهي.......؟“
    چيائين، ”جڏهن اخبار پڙهي پوري ڪرين، ته مون کي ڏجان....!“
    ”سندس ڳالهه ٻڌندي ئي مون کان ٽهڪ نڪري ويو ۽ مون پنهنجي ٽرڪ واپس ورائي“.


    آزمائش

    آزمائش

    جمشيد ۽ جميلا جي شادي جي اڄ پهرين سالگره هئي، ٻنهي هڪ نئين سينيما ۾ هڪ نئين فلم ڏٺي، هڪ وڏي هوٽل ۾ بهترين قسم جا طعام کاڌا ۽ رات دير سان گهر واپس موٽي آيا.
    جمشيد جيئن ئي گهر جو دروازو کوليو، ته هن ڏٺو ته فرش تي هڪ چٺي پئي هئي، جيڪا هن جي غير موجودگي ۾ ڪوئي ڇڏيو ويو. جمشيد چٺي کڻي ميز تي رکي. هن ڪپڙا تبديل ڪري چٺي کولي، اوچتو هن کي احساس ٿيو، ته هن جي پاليل ٻلي اتي موجود ناهي. هن جميلا کان ٻلي جي پڇيو، جنهن چيو ته ان جو پيٽ ڀريل آهي، ۽ هوءَ ڪنهن ڪنڊ ۾ کونگهرا پئي هڻندي هوندي.
    اڃا اها ڳالهه ٻولهه جاري هئي ته اوچتو ٻلي دري مان ٽپو ڏنو ۽ سڌي جمشيد جي جهولي ۾ اچي ڪري. جمشيد پيار مان ٻلي تي هٿ ڦيريو ۽ چٺي پڙهڻ شروع ڪيائين. ان دوران ٻلي جون نظرون لاڳيتو جميلا تي ڄميل رهيون، جيڪا پنهنجي مڙس لاءِ کير جو پيالو تيار ڪري رهي هئي. شايد هن کي اڃا به کير جي ضرورت هئي، ڇو ته هن جيڪو کاڌو ۽ پيتو هو ان کي چڱو وقت گذري چڪو هو.
    خط ۾ لکيل تحرير جمشيد کي فڪرمند ۽ پريشان ۾ ڦاسائي ڪري ڇڏيو. هن خط کي هڪ ڀيرو ٻيهر پڙهيو، جنهن ۾ لکيل هو، ”هن خط کي پڙهي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، بلڪه صبر ۽ سڪون سان غور ڪرڻ ۽ عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. شايد تون يقين نه ڪرين، پر حقيقت اها آهي، ته تنهنجي زال تومان بيزار ٿي چڪي آهي، ۽ هوءَ تو کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي ترڪيب سوچي رهي آهي. ٿي سگهي ٿو ته هوءَ توکي زهر ڏئي ڇڏي. بحرالحال منهنجو مشورو هي آهي، ته ڪجهه به کائڻ پيئڻ کان پهريان ان کاڌي کي پنهنجي ٻلي تي آزمائي پڪ ڪرڻ گهرجي. منهنجو هڪ ٻيو مشورو به آهي، ته هن خط جي باري ۾ پنهنجي زال سان ڪا به ڳالهه نه ڪجان، نه ته هوءَ احتياط ڪرڻ لڳندي. بس هوشيار رهه ۽ هن تي نظر رک....“
    فقط تنهنجو هڪ خير خواهه.
    جمشيد خط پڙهي رهيو هو، ته چور نظرن سان پنهنجي زال جو جائزو به وٺي رهيو هو. اوچتو اهو ڏسي ڇرڪجي پيو ته، جميلا ڪنهن ننڊڙي شيشي مان ٽي ڦڙا کير جي پيالي ۾ وڌا، هو پر سڪون ۽ خاموش رهيو. هن ائين ظاهر ڪيو ڄڻ هن ڪجهه ڏٺو ئي نه هجي.
    جميلا کير جو پيالو کڻي اڳتي وڌي ۽ وڏي محبت مان جمشيد جي اڳيان جهلي بيٺي. جمشيد ڪو به تاثر ڏيڻ بنا پيالو جميلا جي هٿ مان ورتو ۽ ٻلي جي اڳيان رکي ڇڏيو، پر ٻلي به ايتري سادي ۽ بيوقوف نه هئي. يقينن هن جميلا کي کير ۾ ڪجهه ملائيندي ڏسي ورتو هو. بحرالحال هوءَ پيالي کان منهن ڦيرائي ٻئي طرف هلي وئي.
    جمشيد ٻلي جي سياڻپ تي حيران ٿي ويو. هن بستري تي سمهي مٿان چادر وجهي ڇڏي. جميلا کان هن جي اها لاپرواهي برداشت نه ٿي، هن چادر کي ڇڪيو ۽ سخت ڪاوڙ ۾ چيو، ”تو هي کير ڇو نه پيتو.....؟ ڇا مون هن ۾ زهر ملايو آهي؟ جو تون ائين ڇڏي ڏنو؟“ ها.... تو ان ۾ زهر مليو آهي.......!“ جمشيد خفي ٿيندي چيو.
    ”ڇا توکي مون تي ڀروسو ناهي.....؟“، جميلا چڙندي کيس چيو. ”جيڪڏهن تون منهنجو اعتماد حاصل ڪرڻ چاهين ٿي، ته هي کير پي ڏيکار.....“!جمشيد، جميلا جي اکين ۾ ڏسندي چيو.
    ”ٺيڪ آهي...... جيڪڏهن تون ان ريت مطئمن ٿي سگهين ٿو، ته مان تنهنجي خاطر ائين به ڪري سگهان ٿي“.
    جمييلا پيالو کڻي تڪڙ ڍڪ ڀريندي پيالو خالي ڪري ڇڏيو، پر کير پيئڻ کان پوءِ هوءَ زور زور سان هڏڪيون ڏيڻ لڳي. جمشيد کي يقين ٿي ويو، ته کير ۾ زهر هو ۽ هوءَ اِجهو ٿي مري. هو انتظار ڪندو رهيو، پر ڪافي وقت گذرڻ کان پوءِ به ڪجهه نه ٿيو. پنهنجي مڙس کي ايترو حيران ۽ پريشان ڏسي، جميلا جي چپن تي هڪ طنزيه مرڪ تري آئي ۽ هن جمشيد کي وڌيڪ چيڙائڻ خاطر چيو، ”تو کي هاڻي مونسان محبت ناهي رهي.....! شادي کان پهريان تون ته آسمان تان ستارا ۽ چنڊ ٽوڙي آڻڻ جي دعويٰ ڪندو هئين، پر هڪ سال گذريو آهي، ته تنهنجي محبت هوا ۾ اڏامي وئي آهي.....؟“، هوءُ سڏڪڻ لڳي.
    ”هي نخرا پاڻ وٽ رک، چپ چاپ ٻئي ڪمري ۾ وڃي سمهي پئو.....، مان صبح توسان ڳالها ئيندس......“، جمشيد نهايت بيزاري ۽ نفرت مان چيو.
    ”شايد تون ڪنهن جي چوڻ سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهين. توکي ڪنهن اجنبيءَ تي ته ڀروسو آهي، پر پنهنجي زال تي ناهي...... جيڪڏهن مان اهو ثابت ڪيان ته مان توکي زهر ڏيڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي، ته ڇا پوءِ به مونکي معاف نه ڪندين...؟ “ جميلا اميد پريل نظرن سان جمشيد ڏانهن ڏٺو“.
    هاڻي جمشيد کان رهيو نه ٿيو. هن عجب مان پڇيو، ”ٻڌاءِ ته تو آخر کير ۾ ڇا ملايو هو؟“
    ”بس اهو هڪ مذاق هئي....، مون خالص پاڻي جا ڪجهه ڦڙا ملايا، ڇو جو مون ڏٺو ٿي، ته تون خط به پڙهي رهيو هئين ۽ منهنجي طرف ڏسي رهيو هُئين.......“
    جميلا کلندي راز ظاهر ڪيو.
    پر توکي ڪئين خبر پئي، ته خط ۾ ڇا لکيل هو..؟ مان ته توکي ڪجهه به نه ٻڌايو هو، ۽ نه تون ئي اتي موجود هيئن، جڏهن مان خط پڙهي رهيو هئس.....؟“
    جمشيد کي حيراني ٿي ۽ هو سوچي رهيو هو، ته ڇا جميلا ڪا جادوگرياڻي ته ناهي.....“
    جميلا ڪجهه گهڙين تائين وڏي دلچسپي سان پنهنجي مڙس جي تبديلين جو جائزو وٺندي رهي، ۽ جڏهن هن محسوس ڪيو ته هاڻي هن جو خاموش رهڻ مناسب ناهي، ته آهستي سان چوڻ لڳي، ”ڳالهه هيءُ آهي، ته اهو خط مون ئي لکيو هو.... مان تنهنجي محبت کي آزمائڻ پئي چاهيو.....!“
    جمشيد ان وقت پاڻ کي ائين محسوس ڪيو ڄڻ هو محبت جي امتحان ۾ ناڪام ٿي، ڀڄي ڀري پيو هجي.


    فرانز ڪافڪا

    فرانز ڪافڪا
    FRANZ, KAFKA (1883-1924)

    چيڪوسلواڪيا جو جڳ مشهور ڪهاڻيڪار فرانز ڪافڪا 1883ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 1924ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس پيءُ جو نالو هرمن ڪافڪا، ۽ والده جو نالو جوليا لووي هو. والدين جو ڪاروبار ۾ مصروف رهڻ ڪري ڪافڪا جو ننڍپڻ انتهائي اڪيلائي ۾ گذريو. شروعاتي تعليم کانپوءِ ”جرمن گرامر اسڪول“ ۾ داخل ٿيو، جتي ذهين شاگر طور پڙهيو. بعد ۾ قانون جي ڊگري به حاصل ڪيائين. ان دور جا مشهور ڏاها ۽ دانشور هيوگ برگ مين، پائول ڪش، آسڪرپولاڪ ۽ ايمل پوٽنز سندس ويجها دوست هئا. ڪافڪا جي فن جي اصل خوبي اها آهي، ته سندس ڪهاڻيون هڪ ڀيرو پڙهڻ کانپوءِ وري وري پڙهڻ لاءِ دل چوندي آهي. ڪافڪا جيتوڻيڪ چيڪ هو. پر سندس سڀئي ڪتاب جرمن زبان ۾ لکيل آهن، جن مان ست سندس حياتي ۾ ئي ڇپيا. ”دي ٽرائل“ ڪافڪا جي مرڻ کانپوءِ 1925ع ۾، ”دي ڪئسل“ 1926ع ۾، آمريڪا 1927ع ۾ ”دي گريٽ وال آف چائنا“ 1931ع ۾ ڇپيا.


    انصاف جو دروازو

    انصاف جو دروازو

    قانون جي دروازي تي هڪ دربان بيٺو آهي، جنهن وٽ هڪ ڳوٺاڻو شخص اچي ٿو ۽ کائنس اندر وڃڻ جي اجازت گهري ٿو. دربان کيس چوي ٿو، ته هن وقت هو هن کي اندر وڃڻ جي اجازت نٿو ڏئي سگهي. اهو شخص ان جواب تي غور ڪري ٿو ۽ دربان پڇي ٿو، ڇا بعد ۾ هن کي اجازت ملي سگهي ٿي..؟
    ”ها ائين ممڪن آهي، پر هن وقت نه....“ دربان هن کي جواب ڏئي ٿو. جيئن ته معمول جيان دروازو کليل رهندو آهي، ۽ دربان هڪ پاسي بيٺو رهندو آهي. اهو شخص اڳتي جهڪي دروازي جي اندر ليئو پائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
    اهو ڏسي دربان ٽهڪ ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو؛ ”جيڪڏهن تون ايترو ئي بي چين آهين، ته منهنجي اجازت کان بغير اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪر.... پر ياد رکجانءِ ته مان توڻي جو طاقتور آهيان.... پر سڀني دربانن کان ڪمزور ترين آهيان. اڳيان هر هال جي ٻاهر هڪ دربان بيٺو آهي، ۽ هر دربان پهرئين کان وڌيڪ طاقتور۽ ٽيون دربان ته اهڙو خوفناڪ آهي، جو مون کي به ان جي سامهون ٿيڻ جي همت ناهي ٿيندي.
    اهي اهڙيون ڏکيائون آهن، جن جي باري ۾ هن ڳوٺاڻي هتي اچڻ کان پهريان ڪڏهن به نه سوچيو هو. هو سوچي ٿو، ته انصاف هر ماڻهو لاءِ هئڻ کپي ۽ کيس هر وقت ملڻ کپي..... پر هو چمڙي جو ڪوٽ پهريل وڏي چهنب واري نڪ ۽ تاتارين جهڙي ڊگهي سنهي ڏاڙهي واري دربان کي غور سان ڏسي ٿو ته فيصلو ڪري ٿو ته، بهتراهو ئي آهي ته هو اجازت ملڻ تائين هتي ئي انتظار ڪري...... دربان هن کي هڪ پيڙهو ڏئي، کيس دروازي جي هڪ پاسي ويهي رهڻ جو چوي ٿو.
    اتي هو ڏينهن ۽ سالن تائين ويٺو انتظار ڪري ٿو. هو اجازت وٺڻ جون ڪيتريون ئي ڪوششون ڪري ٿو..... پنهنجي لاڳيتن ايلاز منٿن سان دربان کي بيزار ڪندو رهي ٿو. دربان ڪڏهن ڪڏهن هن سان ڳالهه ٻولهه ڪري ٿو. هن کان هن جي گهر ۽ ٻين معاملن جي متعلق به سوال پڇي ٿو. پر هو پنهنجي ڳالهه ٻولهه ان بيان تي ختم ڪري ٿو، ته هن وقت کيس اندر وڃڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.
    اهو شخص، جيڪو ڪجهه سامان ۽ پئسو ڏوڪڙ پاڻ سان گڏ کڻي آيو هو، سو رشوت طور کڻي دربان کي ڏئي ڇڏيائين. دربان سندس هر شيءِ ان ڪري قبول ڪئي، ڇو ته متان هو اهو سمجهي، ته ڏيڻ ۾ هن کان ڪا ڪسر رهجي وئي.
    اهو ڳوٺاڻو وڏي عرصي تائين پنهنجو مڪمل ڌيان ان دربان تي ئي لڳائي ڇڏي ٿو ۽ ٻين دربانن جو خيال هن جي ذهن تي اچي ئي نٿو. هن کي لڳي ٿو ته اهو ئي پهريون دربان آهي، جيڪو قانون تائين رسائيءَ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. هو پنهنجي بدقسمتي تي سوچيندي چيڙاڪ ۽ بخيل ٿي وڃي ٿو. هو جيئن جيئن عمر رسيده ٿئي ٿو، ته تئين تئين وڌيڪ بخيل ٿي وڃي ٿو. هن جي مزاج ۾ ٻارپڻو اچي وڃي ٿو. سالن کان دربان تي نظرون ڄمائي رکڻ ڪري، هو ان جي چمڙي جي ڪوٽ جي ڪالر ۾ موجود ڏينڀن کان به واقف ٿي وڃي ٿو. هو ان ڏينڀن کي به درخواست ڪري ٿو، ته هو هن جي مدد ڪن ۽ دربان جو ذهن بدلائين. آخرڪار هن جي نظر گهٽجي وڃي ٿي، ۽ هو اهو نٿو ڄاڻي سمجهي سگهي، ته هيءَ دنيا ئي انڌي آهي يا هن جون اکيون هن کي ڌوڪو ڏئي رهيون آهن، پر ان انڌيري ۾ هو هاڻي هڪ اهڙي روشني جو خيال ذهن ۾ آڻي ٿو، جيڪا قانون جي دروازي مان لاڳيتو وهندي رهي ٿي. هاڻي هو ٿورڙي وقت جو مهمان آهي. مرڻ کان پهريان هن جي زندگي جا سڀ تجربا هڪ نقطي تي گڏ ٿي وڃن ٿا. هڪ سوال جيڪو هن اڃا تائين دربان کان نه پڇيو هو. اشاري سان دربان کي پنهنجي ويجهو سڏي ٿو، ڇو ته هن ۾ پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي طاقت باقي ناهي رهي. دربان کي هيٺ تائين جهڪڻو پوي ٿو.
    ”هاڻي ڇا ٿوڄاڻڻ چاهين......؟ تنهنجي ڄاڻڻ جي حس ڪڏهن ختم به ٿيندي يا ..... نه....!“ دربان کائنس پڇي ٿو.
    ”هر ماڻهو قانون تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو..... پر ڇا ڳالهه آهي جو انهن ايترن سالن ۾ ڪوئي هڪ شخص به اندر وڃڻ ۾ ڪاماياب ناهي ٿي سگهيو....؟ اهو شخص وراڻي ٿو.
    دربان ڄاڻي وٺي ٿو، ته ڳوٺاڻو پنهنجي پڄاڻي جي ويجهو پهچي چڪو آهي، متان هن جون مرندڙ حسون سندس لفظ ٻڌي وٺن. هو هن جي ڪن ۾ وڏي آواز ۾ چوي ٿو؛ ”هتي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي اجازت ملي ئي نٿي سگهي، ڇو ته هي دروازو صرف تنهنجي لاءِ ئي بڻايو ويو هو ۽ مان هاڻي ان کي بند ڪري رهيو آهيان.....!


    پاڙيسري

    پاڙيسري

    منهنجي ڪاروبار جو سمورو بار منهنجي ڪلهن تي آهي. ٽائپ رائٽرن ۽ ليکي چوکي جي ڪتابن سان گڏ استقبالي هال ۾ ويٺل ٻه ڪلارڪ ڇوڪريون، لکڻ جي ميز، الماري، استقبال جي ميز، آرام ڪرسي ۽ ٽيليفون ۽ منهنجو ڪمرو.... اها منهنجي ڪاروبار ۾ ڪم ايندڙ منهنجي سموري ملڪيت آهي. ڪيترو سادو آهي، انهن کي سنڀالڻ ۽ ڪيترو آسان آهي، انهن کي پنهنجي مرضي مطابق هلائڻ..... مان جوان مرد آهيان ۽ مونکي تمام گهڻو ڪم ڪرڻو پوندو آهي، پر مان شڪايت ناهيان ڪندو، مان ڪڏهن به شڪايت ناهيان ڪندو.
    هن سال جي شروعات ۾ هڪ نوجوان منهنجي آفيس سان لڳ واري خالي جڳهه ڪرائي تي ورتي، جيڪا مان پنهنجي بيوقوفي سبب ڪرائي تي حاصل نه ڪري سگهيو هوس. جڳهه ۾ ٻه ڪمرا، هڪ ٻاهريون ۽ هڪ اندريون ۽ هڪ بورچي خانو به هو. اندرئين ۽ ٻاهرئين ڪمري جو ته مونکي ڪجهه فائدو ٿي سگهيو ٿي..... منهنجون ٻئي ڪلارڪ ڇوڪريون گهڻي ڪم جي ڪري ٿڪجي پونديون هيون، پر بورچي خاني جو مونکي ڪهڙو فائدو هو....؟ اهو ئي هڪ مسئلو هو جنهن ڪري اها جڳهه منهنجي هٿن مان نڪري وئي. هاڻي اهو نوجوان اتي ويهندو آهي. ان جو نالو هيرس آهي. هو اتي ڇا ڪندو آهي، ان جو مون کي اندازو ناهي، پر دروازي تي هڪ تختي لڳل آهي، جنهن تي لکيل آهي. ”هيرس بور“.
    مون هيڏانهن هوڏانهن جاچ ڪئي، ته خبر پئي ته هن جو مون جيان ئي ڪو ڪاروبار آهي. مان ماڻهن کي روڪي نٿو سگهان، ته هو هن کي اوڌر نه ڏين، بحرالحال هو هڪ نوجوان ۽ پرجوش انسان آهي، جنهن جي اڳيان هڪ روشن مستقبل آهي، پر ان جي باوجود مان ماڻهن کي اهو مشورو نٿو ڏئي سگهان ته هو هن تي اعتبار ڪن. ڇو ته ظاهري طور ائين معلوم ٿو ٿئي ته هن جي ڪا ذاتي ملڪيت ناهي، جيڪي ماڻهو هن جي باري ۾ نٿا ڄاڻين، اهي ان جي باري ۾ ائين ئي چون ٿا.
    ڪڏهن ڪڏهن ڏاڪڻ تان لهندي چڙهندي هيرس سامهون اچي ويندو آهي. هو هميشه غير معمولي تڪڙ ۾ هوندو آهي، ڇو ته هو منهنجي ڀرسان تڪڙ ۾ لنگهي ويندو آهي. مون ڪڏهن به هن کي چڱي ريت ناهي ڏٺو. منهنجي ڀرسان لنگهندي آفيس جي چاٻي هميشه هن جي هٿ ۾ هوندي آهي. هميشه انتهائي تيز رفتاريءَ سان هو آفيس جو دروازو کوليندو ۽ پوءِ ڪوئي جي پڇ جيان هيڏانهن هوڏانهن کسڪي غائب ٿي ويندو آهي ۽ منهنجي نظر دروازي تي لڳل نالي جي تختي، جنهن تي ”هيرس بور“ لکيل هوندو آهي تي بيهجي ويندي آهي، سوڙهين ڀتين ۽ ٻوساتيندڙ گهٽين ۾ هڪ قابل ۽ معزز شخص خوف جو شڪار ٿي ويندو آهي، پر اهي بي ايمان شخص لاءِ ڍال جو ڪم ڏينديون آهن.
    منهنجي ٽيليفون ان ڀت تي لڳل آهي، جيڪا مون کي منهنجي پاڙيسري کان الڳ ڪندي آهي. جيڪڏهن اها پٺيئن ڀت سان لڳل هجي ها، ته ٻئي ڪمري ۾ هر ڳالهه ٻولهه ٻڌي سگهجي ها. مون پاڻ ۾ اها عادت وڌي آهي, ته ٽيليفون تي پنهنجي گراڪن سان ڳالهه ٻولهه دوران انهن جو نالو نه کڻندو آهيان، پر ڳالهه ٻولهه دوران ڪنهن خاص موضوع تي ڳالهائيندي، ڪنهن ٻي شخص جي نالي جي خبر پوڻ لاءِ گهڻي اهليت جي ضرورت ناهي هوندي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن خدشي جي ڪري مان ٽيليفون جي چوڌاري چڪر لڳائيندو آهيان. رسيور مضبوطي سان ڪن سان لڳائي راز ظاهر ٿيڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، پر بچائي نه سگهندو آهيان.
    اهو سڀ ڪجهه هئڻ جي ڪري منهنجا ڪاروباري فيصلا قدرتي طور غير يقيني ٿي چڪا آهن ۽ منهنجي آواز ۾ جهجهڪ اچي وئي آهي. مان جڏهن ٽيلفيون تي ڳالهائيندو آهيان، ته هيرس ڇا ڪري رهيو هوندو آهي....؟ جيڪڏهن مان ان صورتحال کي ڊگهو ڪري ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪيان، جيئن اڪثر پنهنجي ذهن کي گهڻو واضح ڪري پيش ڪرڻ جي لاءِ ڪيو ويندو آهي, ته مان چوندس ته هيرس کي ٽيليفون رکڻ جي ضرورت ناهي. هو منهنجي ئي ٽيليفون استعمال ڪندو آهي…… هو صوفي کي ڇڪي ڀت سان لڳائي منهنجون ڳالهيون ٻڌندو آهي. جڏهن ته مان ٽيليفون تي مغزماري ڪندو آهيان، پنهنجي گراڪن جون درخواستون ٻڌندو آهيان، ڏکيا ۽ منجهائيندڙ فيصلا ڪندو آهيان. پر سڀ کان بدترين ڳالهه اها آهي ته ان دوران ڄڻ مان غيرارادي طور تي هيرس کي ان ڀت جي ذريعي قيمتي معلومات پهچائيندو آهيان.
    هو گهڻو ڪري منهنجي ڳالهه ٻولهه ختم ٿيڻ جو انتظار ناهي ڪندو، پر جيئن معاملو هن تي واضح ٿي ويندو آهي، ته هو اُٿي پوندو آهي ۽ پنهنجي تڪڙ ۾ انهن علائقن ۾ نڪري پوندو آهي.... رسيور واپس رکندو مس آهيان، ان کان پهريائين هو منهنجي گراڪن تائين پهچي ويندو آهي ته جيئن انهن کي منهنجي خلاف ڀڙڪائي سگهي.....!


    ڀرم

    ڀرم

    جڏهن مان ڪنهن خوبصورت ڇوڪري سان ملندو آهيان ۽ ان کي درخواست ڪندو آهيان ته مهرباني ڪر جو مونسان گڏ هل ۽ هوءَ ڪو لفظ چوڻ بنا، جڏهن اڳتي هلي ويندي آهي ته اصل ۾ هوءَ اهو چئي رهي هوندي آهي:
    ”تون ڪو مشهور ڊيوڪ ته ناهين..... نه ريڊ انڊين ماڻهن جيان مضبوط جسم، ڊگهو قد، خماريل اکيون وارو..... ۽ نه ئي سرسبز ميدانن ۽ انهن مان وهندڙ دريائن جي هوا جي عادي مضبوط ڊگهي قد وارو آمريڪي شخص...... نه ئي تون ڪو سياح آهين، جنهن دنيا جا مختلف ملڪ گهميا هجن، ته پوءِ ڇو ٿو دعا گهرين ته مون جهڙي خوبصورت ڇوڪري سان گڏ هلي ۽ گهمي......!“
    ”پر تون به وساري رهي آهين، ته تنهنجي گهٽي جي موڙ تي ڪا به گاڏي تنهنجو انتظار ڪو نه ڪري رهي آهي....... نه ئي مون ڪڏهن اهو ڏٺو آهي، ڪي امير ماڻهو خوبصورت گلدستا کڻي تنهنجي در جا چڪر لڳائي تنهنجي اچڻ ۽ وڃڻ جو انتظار ڪري رهيا هجن..... نه ڪوئي شهزادو خوبصورت لان ۾ ويهي توسان ڪچهري جو خواهشمند هجي...... تو جيڪو پراڻي اسڪرٽ سان ريشمي لباس پاتو آهي، سو گذريل سرءُ جي موسم ۾ اسان سڀني کي ڏاڍو وڻيو هو ۽ تنهنجي مسڪراهٽ به هاڻي پنهنجا جلوا وڃائي ويٺي آهي.....!“
    ”ها...... اسان ٻئي پنهنجي طور تي درست آهيون ۽ پاڻ کي وڌيڪ وائکو ڪرڻ کان ڇا اهو بهتر نه آهي، ته اسين جدا رستن سان پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن هلي پئون.....!“


    وڻ

    وڻ

    ڇو ته اسين سڀ برف سان ڍڪيل انهن مکڙين جيان آهيون، جيڪي ظاهري طور تي ڪمزور نظر اينديون آهن ۽ ائين لڳندو آهي، ته ڪو معمولي جهٽڪو انهن کي جهوري وجهندو..... پر ائين ن هوندو آهي، ڇو ته ان جون پاڙون مضبوطي سان زمين ۾ کتل هونديون آهن...... ان ڳالهه تي ٿورو غور ڪبو، ته اها ڳالهه به فقط ظاهري حقيقت ئي محسوس ٿيندي......!


    رابندر ناٿ ٽئگور

    رابندر ناٿ ٽئگور
    Rabindarnath Tagore (1861-1941)

    رابندرناٿ ٽئگور 1861ع بنگال ۾ پيدا ٿيو. 17 سالن جي عمر ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن موڪليو ويو، پر هن تعليم ۾ دلچسپي نه ورتي ۽ واپس اچي سوشل رفارمز جا ڪم شروع ڪيا. بنيادي طور تي ٽئگور هڪ شاعر هو پر هن ڪيترائي ڊراما، ناول ۽ ڪهاڻيون پڻ لکيون. اسٽيج ڊرامن جي ڪري کيس موسيقي سان بي حد لڳاءُ رهيو.1901ع ۾ ناول لکڻ جي شروعات ڪيائين. 1912ع ۾ سندس شاعريءَ جي ڪتاب ”گتانجلي“ تي کيس ادب جو نوبل انعام مليو. هن نوجوانن جي تعليم ۽ تدريس جي سلسلي ۾ ”شانتي نڪيتن“ جي نالي سان هڪ وڏو عالمي درس گاهه به قائم ڪيو، جنهن ۾ سوڀو گيانچنداڻي پڻ پڙهيو. حقيقت ۾ ٽئگور علم، عرفان ۽ ادب جو ڀنڊار هو. هن جي علم و دانش مان بنگال سان گڏوگڏ پوري دنيا گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي. هن 1941ع ۾ وفات ڪئي.


    شڪست جي فتح

    شڪست جي فتح

    راجڪماري جو نالو اجيتا هو. راجا نارائڻ جي درٻاري شاعر هن کي ڪڏهن به نه ڏٺو هو. جڏهن هو راجا کي نئون گيت ٻڌائيندو هو، ته پنهنجو آواز ايترو بلندو ڪندو هو، ته جيئن گيلري ۾ ويٺل پرده نشين هن جي آواز ۽ گيتن مان لطف اندوز ٿي سگهن. هو پنهنجي گيت کي بلند ڪري پيش ڪندو هو، ته جيئن هن کان پري وارا به هن کي ٻُڌي سگهن. خاص ڪري پنهنجي نظرن کان دور، پر من ۾ ديرو ڪري ويٺل دلبر، جيڪو ان محفل ۾ موجود هوندو هو، ان لاءِ هو ڳائيندو هو.
    هو پردي جي پٺيان ڪنهن لُڏندڙ پاڇي کي ڳولي، پري کان درد ڀريل صدا هن جي ڪنن تائين پهچائيندو ۽ ان پازيب پهريل پيرن جو تصور ذهن ۾ آڻيندو هو، جيڪي هر قدم تي موسيقي ڀريل آواز پيدا ڪندا هئا.
    ”آهه! اهي گلابي پير جيڪي زمين تي اهڙي طرح پون ٿا ڄڻ خدا جي رحمت ڪنهن گناهگار مٿان نازل ٿيندي آهي“. شاعر پنهجي دل جي هر حصي ۾ هن جي لاءِ جڳهه ٺاهي ورتي هئي. جتي هن جا گيت پازيب پهريل پيرن جي آواز سان ڌن ملائيندا هئا.
    هن جي دل ۾ ڪڏهن به اهو گمان پيدا نه ٿيو ته پردي پٺيان لُڏندڙ پاڇو يا نغمي سان پازيب جو سُر ملائيندڙ ڪو ٻيو ٿي سگهي ٿو.
    راجڪماري جي ساهيڙي منجري ندي تي ويندي هئي ۽ شاعر جي گهر جي سامهون لنگهندي ۽ روز هن سان ڳالهيون ٻولهيون ڪندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن شام جي وقت روڊ سنسان هوندو هو، ته هوءَ هن جي ڪمري ۾ هلي ويندي هئي ۽ قالين جي هڪ ڪنڊ تي ويهي رهندي هئي. ان ڳالهه جي سڀني کي خبر هئي. ماڻهو چپن تي مسڪراهٽ آڻي انهن جون ڳالهيون ڪندا هئا، پر هو الزام کان آجا هئا ڇو ته شيکار ( شاعر) ڪڏهن به ان ڳالهه کي لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪئي.
    لفظ ”منجري“ جي معنيٰ آهي گلن جو هار، هر شخص اهو مڃڻ لاءِ تيار آهي ته ماڻهن جي دل بهلائڻ لاءِ هن جي نالي جو ايترو ذائقو ئي ڪافي هو. پر شاعر پنهنجي طرفان ٻيا لفظ گڏائي ان نالي جي قيمت وڌائي ڇڏي هئي. يعني هو هن کي ”بهارون گلن جا هار“ ڪري سڏيندو هو ۽ ويچارو عوام مٿو ڌوڻي چوندو هو آهه! اسان جي قسمت...
    شاعر پنهنجي فردوسي گيتن مان بهارون گلن جا هار جا گيت ورجائي ورجائي ۽ لهرائي لهرائي پڙهندو هو. راجا معنيٰ واري انداز سان مسڪرائيندو ۽ شاعر به مسڪرائي ڏيندو هو. راجا پڇندو هو ڇا ماکي جي مک جو اهو ڪم آهي جو هوءَ بهار جي درٻار ۾ ڀون ڀون ڪندي وتي؟
    شاعر جواب ڏيندو هو نه بلڪه بهار جي گلن مان رس به چوسجڻ گهرجي، ۽ پوءِ راجا جي درٻار ۾ تمام حاضرين ٽهڪ ڏيندا هئا، ۽ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته شهزادي اجيتا به سڀني سان گڏ شاعر جي ان ڳالهه تي پنهنجي ساهيڙي ڏانهن ڏسي مسڪرائي ڏيندي هئي، ۽ منجري دل ئي دل ۾ خوش ٿيندي هئي...... شاعر جا گيت سڀني جي زبان تي هئا. چنڊ جي خالص روشني ۾، گرمين جي موسم ۽ تازي هوا ۾، هن جا گيت درين ۾، ٻيڙين ۾، اڱڻ ۾ وڻن جي ڇانو ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي وات تي هوندا هئا.
    ڏينهن خوشي سان گذرندا ويا. شاعر ڳائيندو رهيو، راجا ٻڌندو رهيو، درباري داد ڏيندا رهيا، منجري درياءِ تي ويندي شاعر جي گهر اڳيان لنگهندي رهي، ۽ پردي جي پٺيان پازيب پهريل پاڇو لُڏندو رهيو.
    ان زماني ۾ هڪ شاعر ڏکڻ طرف کان ادبي محاذ کٽڻ لاءِ نڪتو. هو امرپور ۾ راجا نارائڻ جي دربار ۾ به آيو ۽ راجا جي گادي جي سامهون بيهي راجا جي تعريف ۾ هڪ قصيدو ٻڌايائين. رستي ۾ سڀني راجائن جي درباري شاعرن کي هو مات ڏئي چڪو هو ۽ هن جي للڪار جو ڪو به مقابلو ڪري نه سگهيو هو.
    راجا عزت سان هن کي خوش آمديد چيو.
    پندارڪ (ڏکڻ جو شاعر) تڪبر ڀرئي آواز ۾ جواب ڏنو.
    ”سرڪار! مان توهان جي درباري شاعر سان ادبي جنگ جو خواهشمند آهيان؟“ شيکار ( درباري شاعر) کي خبر نه هئي ته خيالن جي جنگ ڪهڙي شيءِ آهي سڄي رات هن کي ننڊ نه آئي ۽ انڌيري ۾ پندارڪ هن جو تن من، هن جو نڪ نقشو، هن جو غرور ۽ جهڪيل ڪنڌ شيکار جي نطرن سامهون ڦرندا رهيا.
    ڌڙڪندڙ دل سان شيکار صبح جو دربار ۾ پهتو. درٻار ماڻهن سان ڀريل هئي. هن مسڪرائيندي سر نوائي پنهنجي مد مقابل کي سلام ڪيو. پندارڪ معمولي طور ڪنڌ لوڏي کيس جواب ڏنو ۽ معنيٰ ڀريل نظرن سان پنهنجي مداحن تي نظر وڌي شيکار مٿي پردي دار گيلري تي نظر وڌي ۽ دل ئي دل ۾ پنهنجي ملڪه کي سلام ڪري چيو؛
    جيڪڏهن اڄوڪي جنگ مان کٽي ويس، ته تنهنجو نالو اڃا به وڌيڪ چمڪندو. نقارو وڳو هجوم اٿي بيهي مهاراج جي جئي جا نعرا لڳايا. راجا هڪ اڇي پوشاڪ پهري شاندار نموني درٻار ۾ آيو ۽ تخت تي ويٺو. پندارڪ بيهي رهيو ۽ عظيم الشان درٻار ۾ خاموشي ڇانئجي وئي. ڪنڌ کڻي ۽ سينو تاڻي هن پنهنجي ڪڙڪندڙ آواز ۾ راجا جي شان ۾ هڪ گيت ڳائڻ شروع ڪيو. سمنڊ جي عظيم الشان لهرن جيان هن جا لفظ گونجي رهيا هئا ۽ ٻڌندڙن جي دل ۾ گهر ڪري رهيا هئا.
    انتهائي لطيف انداز سان هن لفظ نارائڻ جون مختلف معنائون بيان ڪيون ۽ ان کي شعرن جي صورت ۾ ڳائيندي حاضرين تي سڪتو طاري ڪري ڇڏيو. ان جي ويهڻ کان ڪجهه گهڙيون پوءِ تائين ماڻهن تي هن جي شاعري جو اثر ڇانيل رهيو ۽ ماڻهو واهه!واهه ڪندا رهيا.
    راجا، شيکار جي چهري تي هڪ نظر وڌي ۽ شيکار پنهنجيون غمگين نظرون راجا تي وڌيون ۽ هڪ زخمي انسان جيان اٿي کڙو ٿيو. هن جو رنگ پيلو ٿي ويو هو، هن جي شرمندگي عورتن جهڙي ٿي وئي هئي. هن جو ڪنڌ جهڪيل هو ۽ هن جو آواز هلڪو هو. پهريان ڪجهه شعر ته ٻڌڻ ۾ ئي نه آيا، پوءِ هن آهستي ڪنڌ مٿي ڪيو، هن جو صاف ۽ دلڪش آواز هوا ۾ ڏڪندڙ شعلي جيان بلند ٿيو. هن ماضي جي ڌنڌ مان راجا جي خاندان جو قصو شروع ڪيو، ۽ پوءِ سخاوت ۽ بهادري جا قصا ٻڌائيندي موجوده حال تي آڻي ختم ڪيائين. هن جون نظرون راجا جي چهري تي مظبوطي سان ڄميل هيون. هن جي نظم جي لفظن مان محفوظ ٿي ۽ هن جي وفاداري جون جذبو ڏسي، حاضرين جهومڻ لڳا: ويهڻ کان پهريان هن هيٺيان آخري لفظ ڳايا:
    ”منهنجا آقا! لفظن جي جنگ ۾ منهنجو هارائجڻ ممڪن آهي، پر تنهنجي محبت ۾هارائجڻ ناممڪن.....“
    ٻڌندڙن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ۽ پٿر جون ڀتيون جئي جئي جي نعرن سان لڏڻ لڳيون. عوام الناس جي ان جذبي تي بي اختيار مسڪرائيندي هڪ فخر ڀرئي نظر وجهندي پندراڪ اٿيو ۽ هجوم کان سوال ڪيائين، ”ڇا لفظ کان بهتر به ڪا شيءِ ٿي سگهي ٿي؟“
    هڪ گهڙي جي لاءِ هال ۾ خاموشي ڇانئجي وئي، ۽ پوءِ هن عالماڻي ۽ تنقيدي بحث سان ثابت ڪيو ته لفظ ئي ازل آهي، لفظ ئي خدا آهي، ۽ هن دنيا جي مذهبي ڪتابن جا حوالا ڏيندي لفظ کي دنيا ۽ آسمان جي بهترين شيءِ قرار ڏنو، ۽ پنهنجي گرجندڙ آواز ۾ پنهنجو سوال ورجايو، ”ڇا لفظ کان بهتر به ڪا شيءِ ٿي سگهي ٿي؟“
    تڪبر ڀرئي انداز ۾ هن چئو طرف ڏٺو. ڪوئي هن جي مقابلي جي جرئت نه ڪري سگهيو ۽ هو اهڙي ريت پنهنجي جاءِ تي ويهي رهيو ڄڻ ڪوئي شيهن پنهنجو شڪار ڪري چڪو هجي. پنڊتن کيس شاباش ڏني! شيکار ان وقت پنهنجو پاڻ کي گهٽ سمجهڻ لڳو ۽ مجلس برخواست ڪئي وئي.
    ٻئي ڏينهن شيکار پنهنجو گيت شروع ڪيو، جنهن ۾ ان وقت جو منظر هو جڏهن سرءُ جي خاموش موسم ۾ محبت جي بانسري پهريون گيت آلاپي رهي هوندي آهي. ڌنارن کي خبر نه هئي ته هي راڳ ڇيڙيندڙ ڪير آهي يا گيت جو آواز ڪٿان اچي رهيو آهي. ڪڏهن معلوم ٿي ٿيو ته هي ڏاکڻي هوا جي پاسي کان اچي رهيو آهي. ۽ ڪڏهن معلوم ٿي ٿيو ته هي آواز پهاڙ جي چوٽين تان اڏندڙ ڪڪرن مان اچي رهيو آهي.
    شيکار تي پاڻ وسارڻ جي ڪيفيت طاري ٿي وئي. هن کي اهو به خيال نه رهيو ته هي پنهنجي مخالف جي مقابلي ۾ بيٺو آهي، هو پنهنجي خيالن ۾ ائين گم هو ڄڻ ڪو سرءُ جو پن هوا ۾ اڏامي رهيو هجي. هن جي دل ۾ صرف هڪ صورت جو تصور هو، اها صورت جنهنجو تصور صرف هڪ پاڇي، پايل جي جهنڪار ۽ هڪ پري کان ٻڌڻ ۾ ايندڙ قدمن جو آواز هو، جيڪو کيس ٻڌڻ ۾ ايندو هو.
    هو پنهنجي جاءِ تي ويهي رهيو. ٻڌندڙ هڪ بي انداز خوشي جي غم ۾ بي خود ٿي ويا ايتري تائين جو هن کي داد ڏيڻ به وساري ويٺا. جڏهن اهو جوش ڪجهه گهٽ ٿيو ته پندراڪ تخت جي سامهون بيهي رهيو ۽ پنهنجي مخالف کان سوال ڪيائين. اهي عاشق ۽ معشوق ڪير آهن؟ هن فاتحاڻي انداز ۾ چئو طرف ڏٺو ۽ ٻيهر سوال ڪيو ڪرشن ڪير هو؟ راڌا ڪير هئي؟ پوءِ هن انهن لفظن جي تشريح شروع ڪئي ۽ ان کي مختلف رخن کان پيش ڪيو. هن پوري لفاظي سان حرف حرف جي منطق جي تشريح ڪئي ۽ ان تي هڪ بهترين بحث ڪيو ته جيئن هو بلڪل سطحي معلوم ٿيڻ لڳي ۽ پوءِ تقرير جو رخ ان خوبي سان موڙيائين جيئن هو انتهائي بهترين نظر اچڻ لڳي.
    پنڊت ڏاڍو خوش ٿيا ۽ هن کي بي انتها داد ڏنائون ۽ مجلس ۾ موجود ماڻهو به خوش ٿيا.
    هاڻي ٻڌندڙن جي نظرن ۾ شيکار جا شعر ان عظيم الشان عالم جي سامهون جيڪو هر قدم تي خيالن ۽ لفظن جي ڳنڍين کي ان خوبي سان کولي رهيو هو، پهريون ڀيرو انهن کي احساس ٿيو ته شيکار جا نظم نهايت ساده هئا. ان نظمن ۾ ڪا جدت، ڪائي مشڪل، ڪا خوبي نه هئي.
    راجا تيز نظرن سان پنهنجي شاعر کي ڏٺو ۽ همٿ ڏياري ته آخري ڪوشش ڪري، پر شيکار ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ پنهنجي جاءِ تي خاموش ويٺو رهيو.
    راجا ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو ۽ اٿي بيهي رهيو. تخت تان لهي پنهنجي ڳچيءَ مان مالها لاهي پندارڪ جي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏيائين. تاڙيون وڳيون، مٿي گيلري مان ڪپڙن جي سرسراهٽ جو هلڪو آواز آيو. سنهري پازيب جي جهنڪار ٻڌڻ ۾ آئي، شيکار اٿيو ۽ درٻار مان ٻاهر نڪري ويو.
    اها پوئين چنڊ جي هڪ ڪاري رات هئي. شاعر شيکار الماري مان ڪجهه مسودا کنيا ۽ فرش تي پکيڙي ڇڏيا، انهن مان هن جا ڪجهه شروعاتي شعر هئا جن کي هو وساري چڪو هو. هو هيڏانهن هوڏانهن ورق اٿلائيندو ۽ نظمون پڙهندو رهيو، پر سڀ هن کي بيڪار نظر آيا، لفاظي ۽ ٻاراڻو وزن بحر.
    هڪ هڪ ڪري هن سڀئي مسودا ڦاڙي ڇڏيا ۽ انهن کي باهه ۾ وجهي ”تنهنجي لاءِ ...... تنهنجي لاءِ ..... اي مهنجي حسن جي ملڪه اي منهنجي اندر جي باهه. تون منهنجي سيني ۾ سالن کان ٻري رهي آهين، جيڪڏهن منهنجي زندگي سون جو هڪ ٽڪرو هجي ها ته تنهنجي طاقت سان اڃا به وڌيڪ چمڪي پوي ها، پر منهنجي زندگي اجڙيل باغ آهي ۽ ان جو نتيجو موت ئي ٿيندو“
    رات گذري وئي، شيکار دريون کولي ڇڏيون. هن پنهنجي بستري تي پنهنجي پسند جا اڇا گل کنڊائي ڇڏيا، چنبيلي، موتيو ۽ ٻيا گل ۽ پوءِ گهر ۾ جيترا ڏيئا هئا سڀ ٻاري ڇڏيائين، پوءِ ڪا زهريلي ٻوٽي ماکي ۾ ملائي پي ويو ۽ سمهي پيو. سنهري پازيب جي جهنڪار ٻڌڻ ۾ آئي هوا جي جهوٽي سان گڏ وڻندڙ خوشبو ڪمري ۾ داخل ٿي.
    شاعر اکيون بند ڪندي ئي سوال ڪيو.
    ”منهنجي شهزادي آخر تون پنهنجي غلام تي ترس کائي آخري وقت هن کي ڏسڻ اچي وئين؟“
    هڪ مٺي آواز جواب ڏنو ”منهنجا شاعر مان اچي ويس؟“
    شيکار اکيون کوليون ۽ پنهنجي بستري جي سامهون هڪ عورت کي ڏٺو ان جي نظر ڌنڌلي هئي، ۽ ان محسوس ڪيو ته اها تصوير جنهن کي هن پنهنجي دل جي پاڪيزگي سان چاهيو هو، هاڻي هن جي زندگي جي آخري گهڙين ۾ ٻاهر اچي وئي آهي، ته جيئن هو هن جو نظارو ڪري سگهي.
    عورت چيو: ”مان راجڪماري اجيتا آهيان“
    شاعر ڏاڍي مشڪل سان بستري تي اٿي ويٺو. شهزادي هن جي ڪن ۾ چيو: راجا توسان ناانصافي ڪئي. منهنجا شاعر، تو کي جنگ ۾ فتح ٿي آهي ۽ مان توکي فتح جو تاج پهرائڻ آئي آهيان. شهزادي پنهنجي ڳچي مان گلن جو هار لاٿو ۽ شاعر جي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏيو ۽ شاعر بي جان ٿي بستري تي ڪري پيو.


    گابرئيل گارشيا مارڪيز

    گابرئيل گارشيا مارڪيز
    Gabriel Garcia Marquez (1928)

    گابرئيل گارشيا مارڪيز 06 مارچ 1928ع ۾ ڪولمبيا ۾ پيدا ٿيو. هن اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. 1950ع کان لاطيني آمريڪا ۽ ٻين ڪيترين ئي ملڪن جي رسالن ۽ اخبارن سان بحيثيت صحافي لاڳاپيل رهيو .ان کان علاوه هن ايڊيٽر، اسڪرين رائٽر ۽ ڪاپي رائٽر جي حيثيت سان پڻ ڪم ڪيو. گارشيا مارڪيز جديد دور جو عظيم ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار آهي. هن جي ناولن ۽ هر ڪهاڻي جو ڪيئي ترجما دنيا جي ڪيترين ئي زبانن ۾ ٿي چڪا آهن. هن جو ناول ”اڪيلائي جا سو سال“ هن دور جو عظيم ڪارنامو آهي. هن پنهنجي ناولن ۽ ڪهاڻين ۾ حقيقت ۽ صداقتن سان گڏ انساني زندگي جي ڪشمڪش کي وڏي فنڪاراڻي صلاحتين سان پيش ڪيو ويو آهي. هن جي تحريرن ۾ جادوئي حقيقت نگاري جو عڪس ۽ احساس شدت سان محسوس ٿئي ٿو.


    منجهند جو آرام

    منجهند جو آرام

    ريل گاڏي واريءَ پٿرن جي ڌڏندڙ سرنگ مان ٻاهر نڪتي ۽ ڪيلن جي اڻ کٽ ۽ پري پري تائين پکڙيل باغن مان لنگهڻ لڳي. موسم گهڻي خوشگوار نه هئي. هوا به گهٽ ٿي وئي هئي ۽ هاڻي هنن کي سمنڊ کان ايندڙ هوا جو احساس به نه ٿي ٿيو. دونهين جو هڪ ساهه منجهائيندڙ جهوٽو گاڏي جي دٻي ۾ داخل ٿيو. گاڏي جي پٽڙي سان گڏ هلندڙ ڪچي سوڙهي رستي تي ڪچن ڪيلن سان ڀريل بيل گاڏيون اچي ۽ وڃي رهيون هيون. رستي کان پري غير آباد زمين تي هيٺاهين ۽ مٿاهين تي قائم آفيسون، بجلي جي پکن واريون جايون، ڳاڙهين سرن سان ٺهيل گهر ۽ بنگلا نظر اچي رهيا هئا، جن ۾ ميزون ۽ ننڍيون ننڍيون اڇي رنگ جون ڪرسيون مٽي چڙهيل کجي جي وڻن ۽ گلاب جي ٻوٽن جي وچ ۾ اڱڻن تي پيل هيون. اڃا صبح جا يارنهن ٿيا هئا ۽ گرمي شروع نه ٿي هئي.
    ”سٺو آهي ته دري بند ڪر ڇڏ”، عورت چيو “تنهنجي وارن ۾ ڪاراڻ ڀرجي ويندي“.
    ڇوڪري ڪوشش ڪئي، پر زنگالجي ويل در چري به نه سگهي.
    گاڏي جي ٿرڊ ڪلاس دٻي ۾ صرف اهي ئي ٻه مسافر هيون. انجڻ جو دونهون لڳاتار دٻي ۾ اچي رهيو هو، ان ڪري ڇوڪري دري وٽان اٿي ۽ پنهنجو سامان، جنهن ۾ کاڌي جي سامان جي پلاسٽڪ واري ٿيلهي ۽ اخبار جي ڪاغذ ۾ ويڙهيل هڪ گلدستو هو، هن اتي ئي سيٽ تي ڇڏي ڏنو ۽ پاڻ دري کان پري، پنهنجي ماءُ جي سامهون واري سيٽ تي وڃي ويٺي. ٻنهي کي غريباڻي ۽ اجڙيل پوشاڪ پهريل هئي. ڇوڪري جي عمر ٻارنهن سال هئي ۽ هوءَ پهريون ڀيرو ريل جو سفر ڪري رهي هئي. عورت ايتري پوڙهي هئي جو ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هوءَ هن جي ماءُ نه هجي. هن جي اکين ۾ جهريون پئجي چڪيون هيون ۽ هن جي ڳچي ۽ هٿن جون رڳون نظر اچي رهيون هيون. هن جو جسم نرم مختصر ۽ ڏٻرو هو. سندس پوشاڪ ڪنهن پادري جي جبي جيان هئي. هوءَ پنهنجي ريڙهه جي هڏي مضبوطي سان ڪرسي سان لڳائي ٽيڪ ڏئي بلڪل سڌي ويٺي هئي ۽ جهولي ۾ چمڪندڙ نقلي چمڙي جو هٿ وارو ٿيلهو سندس هٿ ۾ هو. ٿيلهو ڪيترن ئي هنڌان ڦاٽل هو ۽ ان کي چتيون لڳل هيون. ان جي باوجود هن جي چهري تي اهڙن متقي ماڻهن جو تاثر هو، جيڪي غربت ۽ تنگي جا هيراڪ هوندا آهن.
    ٻارهين وڳي تائين گرمي تيز ٿي وئي هئي. گاڏي هڪ ويران اسٽيشن تي جتي ڪو به ڳوٺ نه هو پاڻي کڻڻ لاءِ ڪجهه دير لاءِ بيٺي. ٻاهر باغن جي پراسرار خاموشي ۾ پاڇا وڌيڪ گهاٽا لڳي رهيا هئا. گاڏي جي دٻي ۾ ڪجهه عجيب قسم جي ڌپ هئي. گاڏي گهڻو تيز نه هلي ۽ هڪ ويجهي اسٽيشن تي ٻيهر بيهي رهي جنهن جي ڀرپاسي ۾ تيز رنگ سان رنڱيل ڪاٺي مان ٺهيل گهر هئا. عورت سيٽ تي ئي ڪنڌ هيٺ ڪري آرام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ڇوڪري پنهنجو بوٽ لاٿو ۽ پوءِ غسل خاني ۾ وڃي گلدستي تي پاڻي جا ڇنڊا هڻڻ لڳي.
    جڏهن هوءَ پنهنجي سيٽ تي واپس آئي ته هن جي ماءُ ماني کائڻ لاءِ هن جو انتظار ڪري رهي هئي. هن پنير جو ٽڪرو، مڪئي جي اڌ ماني ۽ هڪ بسڪيٽ ڇوڪري کي ڏنو ۽ پنهنجي لاءِ به ايترو ئي کاڌو ٿيهلي مان ڪڍيو. جنهن وقت هو ٻئي ماني کائي رهيون هيون، ته گاڏي آهستي آهستي لوهه جي هڪ پل پار ڪري رهئي هئي، جيڪو پٺين ٻن ڳوٺن جهڙو هو. صرف ايترو هو ته هن ڳوٺ جي چوڪ ۾ ماڻهن جو هڪ هجوم گڏ ٿيل هو. تيز اس ۾ هڪ سازندو ڪا سريلي ڌن وڃائي رهيو هو. ڳوٺ جي ٻئي ڇيڙي ۾ جتي باغ ختم ٿي رهيا هئا، زمين خشڪسالي جي ڪري سڪي ٺوٺ ٿي وئي هئي. عورت کاڌو ختم ڪيو.
    “بوٽ پائي وٺ” هن ڇوڪريءَ کي چيو.
    ڇوڪري دري کان ٻاهر ڏٺو، جتان گاڏي جي رفتار تيز ٿيڻ شروع ٿي هئي، اتي غيرآباد زمين کانسواءِ ڪجهه به نه هو. هن بسڪيٽ جو ٽڪرو ٿيلهي ۾ وڌو ۽ جلدي ۾ بوٽ پائي ورتو. عورت هن جي هٿن ۾ ڦڻي ڏئي کيس چيو، ”پنهنجا وار به سنواري ڇڏ“.
    جنهن وقت ڇوڪري وارن ۾ ڦڻي ڏئي رهي هئي، ان وقت گاڏي سيٽي وڄائڻ شروع ڪئي. عورت پنهنجي منهن تان پگهر اگهيو ۽ هٿن سان پنهنجي منهن کي صاف ڪرڻ لڳي. جڏهن ڇوڪري وار سنواريا ته گاڏي هڪ ڳوٺ جي ڀرسان لنگهي رهي هئي اهو ڳوٺ ٻين ڳوٺن کان وڏو هو، پر اهو سڀني کان اداس به نظر اچي رهيو هو.
    ”جيڪڏهن توکي اڃا ڪجهه ٻيو ڪرڻو آهي، ته ڪري وٺ، پوءِ توکي اڃ لڳي يا دم نڪري، پر ڪنهن جي به گهر پاڻي جو ڍڪ به ناهي پيئڻو ۽ ياد رک روئجان نه.“ عورت، ڇوڪريءَ کي چيو: خشڪ ۽ گرم هوا جو جهوٽو، گاڏي جي سيٽي ۽ پراڻن گاڏن جي کڙڪن ۽ ڌڏڪن سان گڏ گاڏي جي دٻي اندر داخل ٿيو. عورت کاڌي جي شين کي پلاسٽڪ جي ٿيهلي ۾ ويڙهي پنهنجي ٿيهلي ۾ رکي ڇڏيو.
    هڪ گهڙي جي لاءِ ڳوٺ جو مڪمل منظر، آگسٽ جي هن روشن اڱاري جي ڏينهن دري جي شيشي مان اجاگر ٿيو. ڇوڪري گلدستي کي اخبار جي آلن ڪاغذن ۾ ويڙهيو ۽ دري کان ٿورو پري بيهي پنهنجي ماءُ کي ٽڪ ٻڌي ڏسڻ لڳي. ماءَ موٽ ۾ مسڪرايو. گاڏي سيٽي وڄائي، آهستي ٿي ۽ ٿوري دير ۾ بيهي رهي.
    اسٽيشن تي ڪوئي نه هو. روڊ جي ٻئي پاسي بادامين جي وڻن جي ڇانو ۾ صرف بليئرڊ هال کليل هو. سڄو ڳوٺ گرمي ۾ ورتل هو. گاڏي تان لهي هنن ويران اسٽيشن کي پار ڪيو. اسٽيشن جي ٽائل جي وٿين ۾ گاهه ڦٽڻ ڪري ٽائلز هنڌان هنڌان اکڙيون پيون هيون. هو ٻئي روڊ جي ڇانو واري پاسي هلڻ لڳيون.
    ان وقت تقريباَ ٻي وڳي جو وقت هو ۽ هلڪي ننڊ جي ٻوجهه جي ڪري سڄو ڳوٺ منجهند جو آرام ڪري رهيو هو. دڪان، آفيسون، اسڪول سڀ يارهين وڳي بند ٿي ويندا هئا ۽ چئين وڳي کان پهريان جڏهن ريل گاڏي واپس ويندي هئي، تيستائين نه کلندا هئا. صرف اسٽيشن جو سامهون وارو هوٽل، بليئرڊ هال ۽ شراب خاني سميت چوڪ جي هڪ ڪنڊ ۾ قائم تار گهر منجهند تائين کليل رهندا هئا. ڳوٺ جا گهر، جن مان گهڻا تڻا هڪ ڪمپني جي ماڊل مطابق هڪ ئي طريقي سان ٺهيل هئا اندران بند هئا ۽ انهن کي پردا ڏنل هئا. انهن مان ڪجهه گهرن ۾ ايتري گرمي هئي جو گهر واسي ٻاهر اڱڻ ۾ ويهي منجهند جي ماني کائيندا هئا. ٻيا ماڻهو پنهنجيون ڪرسيون بادامين جي وڻن جي ڇانو ۾ ڀت سان لڳائي روڊ تي آسيس وٺندا هئا.
    بادامين جي وڻن جي ڇانو ۾ هلندي هلندي ۽ ماڻهن جي آرام ۾ خلل وجهڻ بغير بنا عورت ۽ ڇوڪري ڳوٺ ۾ داخل ٿيون. اهي سڌيون پادري جي گهر ويون. عورت دروازو کڙڪايو ۽ ٿوري دير انتظار ڪرڻ کانپوءِ ٻيهر دروازو کڙڪايو. اندر بجلي جو پکو گهون گهون ڪري رهيو هو ۽ ماءُ ڌيءَ اندران ايندڙ جي پيرن جو آواز به نه ٻڌي سگهيون. هنن مشڪل سان دروازي جي هلڪي چيڪاٽ ۽ ان کان پوءِ محتاط آواز ٻڌو.
    ”ڪير آهي؟“
    عورت دروازي جي اندر ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”مون کي پادري سان ملڻو آهي“ هن چيو.
    ”هو آرام ڪري رهيا آهن“.
    ”اسان کي انتهائي ضروري ڪم آهي“ عورت جي آواز ۾ نماڻائي به هئي ته پختو عزم هو. دوازو آهستي کليو ۽ اندران وڏي عمر جي هڪ عورت ٻاهر آئي جنهن جي چهري جو رنگ پيلو ۽ مٿي جا وار سنهري رنگ جا هئا. ٿلهن شيشن واري عينڪ جي پٺيان هن جون اکيون ڏاڍيون ننڍيون لڳي رهيون هيون.
    ”اندر اچو“. هن سڄو دروازو کوليو.
    هو ڪمري جي اندر داخل ٿيون. اندر پراڻن گلن جي خوشبو وکريل هئي.
    اها عورت هنن کي ڪاٺي جي هڪ بئينچ ڏانهن وٺي وئي ۽ ويهڻ جو اشارو ڪيو. ڇوڪري نه ويهي رهي، پر ماءُ ٻنهي هٿن ۾ ٿيلهو جهليو بيٺي رهي. بجلي جي پکي جو آواز ايترو وڏو هو جو گهر جي اندر ٻيو ڪو به آواز ٻڌڻ ۾ نٿي آيو.
    ڪمري جي ٻئي پاسي دروازي ۾ ان گهر واري عورت ٻيهر ظاهر ٿي.
    ”هو چون پيا ته ٽي وڳي کانپوءِ اچجو. اڃا هاڻي پنج منٽ پهريان ئي ستا آهن.“ هن دٻيل آواز ۾ چيو.
    ”گاڏي ساڍي ٽين وڳي واپس هلي ويندي آهي“ عورت چيو
    اهو جواب مختصر هو، پر يقين ۽ خود اعتمادي سان ڏنو ويو هو. ۽ جواب ڏيندي وقت عورت جو لهجو خوشگوار ۽ هيٺاهين وارو هو. گهر واري عورت پهريون ڀيرو مسڪرايو.
    ”ٺيڪ آهي.“ هن چيو.
    جڏهن ڪمري جي ٻئي پاسي دروازو بند ٿيو ته عورت پنهنجي ڌيءُ جي ويجهو ويهي رهي. انتظار جو سوڙهو غريباڻو ڪمرو هو.
    ڪاٺي جي هڪ ڪٽهڙي ڪمري کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو هو. ڪٽهڙي جي ٻئي پاسي هڪ سادي ميز رکيل هئي، جنهن تي ميز پوش جي مٿان هڪ قديم قسم جو ٽائپ رائٽر گلدان جي ڀرسان رکيل هو. ٿورو پري مسيحي حلقي جا سڀ ڪاغذ پٽ رکيل هئا. ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪنهن اڻ پرڻيل عورت هن آفيس جو انتظام سنڀالي رکيو هجي.
    سامهون وارو دروازو کليو ۽ پادري پنهنجي عينڪ جا شيشا رومال سان صاف ڪندو اندر داخل ٿيو. عينڪ پائيندي ئي هن جي شڪل مان لڳو ته دروازو کوليندڙ عورت هن جي ڀيڻ هئي. ”مان توهان جي ڪهڙي مدد ڪري سگهان ٿو؟“ هن پڇيو
    ”قبرستان جون چاٻيون!“ عورت جواب ڏنو
    ڇوڪري جهولي ۾ گلدستو سنڀاليو ويٺي هئي ۽ بينچ جي هيٺان پنهنجي پيرن کي هڪ ٻئي مٿان چاڙهي ويٺي هئي. پادري ان طرف ۽ پوءِ دري جي لوهين سيخن مان روشن ۽ ڪڪرن کان خالي آسمان کي ڏسي چيو:
    هن گرمي ۾ ؟ سج لهڻ جو انتظار ڪريو ها.
    عورت آهستگي سان ڪنڌ لوڏيو. پادري ڪٽهڙي جي ٻئي پاسي هليو ويو. اتان الماري مان هن هڪ ڪاپي. ڪاٺي جو قلمدان ۽ مس ڪپڙي ڪڍي ۽ ميز جي ويجهو ڪرسي تي ويهي رهيو. هن جي هٿن جي پٺين تي ايترا وار هئا ڄڻ سندس مٿي جي وارن جو پورائو ڪري رهيا هجن.
    ڪنهن جي قبر تي وڃڻ چاهين ٿي؟ پادري پڇيو: ”ڪارلوس سانتينو“ عورت جواب ڏنو.
    اهو چور جيڪو پٺئين هفتي هتي ماريو ويو. عورت اهڙي ئي لهجي ۾ جواب ڏنو؛ مان هن جي ماءَ آهيان .
    پادري غور سان عورت جو جائزو ورتو. عورت نظرون ڄمائي پر سڪون اعتماد سان هن کي ڏسندي رهي ايتري قدر جو پادري ڇرڪجي ويو. هن پنهنجو ڪنڌ جهڪايو ۽ لکڻ لڳو.
    پنو ڀريندي هن عورت کي چيو پنهنجي سڃاڻپ ڪراءِ.
    بنا ڪنهن رک رکاء جي عورت وضاحت ۽ تفصيل سان ڳالهه ڪئي ڄڻ ڪا لکيل تحرير پڙهي رهي هجي. پادري جو پگهر وهڻ شروع ٿي ويو. ڇوڪري پنهنجي کاٻي بوٽ جو ڪهيون کوليون ۽ پوءِ ساڄي بوٽ جون ڪهيون کولي پير ٻاهر ڪڍي بينچ جي هيٺان لڳل ڪاٺي تي رکي ڇڏيا.
    هن واقعو گذريل هفتي سومر جي ڏينهن صبح جي وقت هتان کان ڪجهه گهٽيون پر ڀرو ٿيو. بيواهه ربيڪا جيڪا عجيب قسم جي شين سان ڀريل گهر ۾ اڪيلي رهندي هئي. ان ڏينهن برسات جي آواز کان وڌيڪ ڪنهن دروازي کلڻ جو آواز ٻڌائين. هوءَ اٿي ۽ الماري مان هڪ پراڻو ريوالور ڪڍي آئي ريوالور کڻي هوءَ گهر جون بتيون ٻارڻ بغير مهمانن جي ڪمري ۾ اچي وئي. ان جو اهو رد عمل دروازي جي تالي جي کولجڻ جي آواز سبب کان گهٽ ۽ ان خوف جي ڪري وڌيڪ هو جيڪو اٺاويهه سالن جي اڪيلائي هن جي دل ۾ پيدا ڪيو هو. هن پنهنجي ذهن ۾ نه صرف دروازي جي جاءِ بلڪه نالي جي زمين کان مٿي هئڻ جو به حساب لڳايو ۽ ٻنهي هٿن سان ريوالور پڪڙي اکيون بند ڪري فائر ڪيو. هن زندگي ۾ پهريون ڀيرو ڪو هٿيار هلايو هو. ڌماڪي کان جلد پوءِ هن کي جست جي ڇت تي برسات جي ڦڙ ڦڙ کانسواءِ ڪوئي آواز ٻڌڻ ۾ نه آيو. پوءِ ان کي ٻاهر اڱڻ جي سيمينٽ واري فرش تي ڪنهن ڳري شيءِ جي ڪرڻ جو آواز آيو ۽ ”ڪنهن آهستگي سان، تلخي کان بغير پر سخت ٿڪيل لهجي ۾ هاڻي امان“ جا لفظ چيا. جيڪو شخص ان صبح ربيڪا جي گهر جي ٻاهر مئل مليو ان کي فلالين جي رنگين قميص پهريل هئي هن جي شلوار روزانو واري هئي ۽ هو اگهاڙين پيرين هو. ڳوٺ ۾ هن کي ڪو به نه سڃاڻيندو هو. ”ان جو نالو ڪارلوس سانتينو هو؟ پادري لکڻ جو ڪم ختم ڪندي چيو.“
    ”سينتينيو نويالا“ عورت چيو هو منهنجو سڪيلڌو پٽ هو پادري ٻيهر الماري طرف هليو ويو الماري جي دروازي اندر ٻه زنگ لڳل وڏيون ڪنجيون لڙڪيل هيون. ڇوڪري سوچيو، جيئن هن جي ماءُ پنهنجي ننڍپڻ ۾ سوچيو هو، ۽ جيئن پادري به ڪنهن نه ڪنهن وقت سوچيو هوندو، ته اهي حضرت پطرس جون ڪنجيون آهن. پادري ڪنجين کي ڪوڪي مان لاٿو. ڪٽهڙي تي رکيل کليل ڪاپي جي صفحي تي رکي پنهنجي شهادت واري آڱر سان صفحي تي هڪ هنڌ اشارو ڪيو ۽ عورت کي چيو:
    ”هتي صحيح ڪر“.
    عورت ٿيلهو ڪڇ ۾ جهلي پنهنجو نالو ان هنڌ گهلي لکڻ شروع ڪري ڇڏيو. ڇوڪري گلدستو هٿ ۾ کنيو ۽ پير گهليندي ڪٽهڙي وٽ اچي ماءُ کي غور سان ڏسڻ لڳي.
    پادري آهه ڀري،
    ”تو ڪڏهن هن کي سڌي رستي تي آڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي؟“ عورت صحيح ختم ڪرڻ کانپوءِ پادري کي جواب ڏنو:
    ”هو ڏاڍو سٺو ماڻهو هو.“
    پادري پهريان عورت ۽ پوءِ ڇوڪري ڏانهن ڏٺو گهڻي غور کانپوءِ هن محسوس ڪيو ته ماءُ ۽ ڌي ٻنهي مان ڪنهن جو به ڳوڙها وهائڻ جو ارادو ناهي. عورت ان ئي انداز ۾ ڳالهه جاري رکي:
    ”مون هن کي چيو هو ته جيڪا شيءَ ڪنهن جي کائڻ جي هجي ته اها چوري نه ڪري ۽ هن هميشه منهنجو چيو مڃيو. ان جي بر خلاف ”پهريان“ جڏهن هو مڪي بازي ڪندو هو ۽ مار کائي کائي بي حال ٿيڻ جي ڪري ٽي ٽي ڏينهن بستري تي گذاريندو هو. ۽ هن کي پنهنجا ڏند به ته ڪڍرائڻا پيا هئا”. ڇوڪري ڳالهه ۾ واڌارو ڪندي چيو.
    “ها” عورت اتفاق ڪيو. انهن ڏينهن ۾ منهنجي هر گرهه ۾ ان مار جو ذائقو هوندو هو، جيڪا منهنجي پٽ ڇنڇر جي راتين ۾ کاڌي هئي.“
    ”خدا جي مرضي کي ڪير ڄاڻي سگهي ٿو!“ پادري چيو پر اهو هن بغير يقين جي چيو هو، ڪجهه ته ان جي ڪري جو زندگي جي تجربي هن کي ٿورو شڪ ۾ وجهي ڇڏيو هو ۽ ڪجهه گرمي به وڌيڪ هئي. هن انهن کي مشورو ڏنو ته سرسام کان بچڻ جي لاءِ پنهنجا مٿا ڍڪي ٻاهر وڃن. اوٻاسيون ڏيندي ۽ ننڊ اکڙي انداز ۾ هن انهن کي ڪارلوس جي قبر تائين پهچڻ جو رستو سمجهايو ۽ چيو ته ڪنجيون موٽائڻ لاءِ واپسي ۾ انهن کي دروازو کڙڪائڻ جي ضرورت ناهي، ٻاهرئين دروازي جي هيٺان ڪنجيون رکي ڇڏين ۽ جيڪڏهن ممڪن هجي ته گرجا جي لاءِ نذر نياز به اتي ئي ڇڏي وڃن. عورت وڏي ڌيان سان پادري جي ڳالهين کي ٻڌو، پر شڪريو ادا ڪرڻ وقت ان جي چهري تي ڪا به مسڪراهٽ نه هئي.
    روڊ وارو دروازو کولڻ کان پهريائين پادري ڄاڻي ورتو ته ڪوئي شخص لوهي جهنگلي سان نڪ لڳائي گهر جي اندر ليئا پائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ٻاهر ڪيترائي ٻار جمع ٿي ويا هئا. جڏهن دروازو کليو ته هو سڀ هيڏانهن هوڏانهن ٿي ويا. عام طور منجهد جي هن وقت روڊ تي ڪو به نه هوندو هو. اڄ اتي نه صرف ٻار هئا بلڪه بادامين جي وڻن جي هيٺان وڏن جا ٽولا به موجود هئا. پادري گرمي ۾ تپندڙ روڊ جو جائزو ورتو ۽ سڄي ڳالهه هن جي سمجهه ۾ اچي وئي.
    هن آهستگي سان دروازو بند ڪري ڇڏيو.
    ”هڪ منٽ بيهو“ هن عورت ڏانهن ڏسڻ بغير ان کي چيو پادري جي ڀيڻ پرئين دروازي مان ظاهر ٿي. هن کي سمهڻ جي پوشاڪ مٿان ڪاري جيڪٽ پهريل هئي ۽ وار ڪلهن تي کليل هئس.
    ”ڇا ڳالهه آهي؟“ پادري ان کان پڇيو.
    ”ماڻهن کي خبر پئجي وئي آهي.“ هن جي ڀيڻ سرگوشي واري انداز سان چيو“
    ”بهتر اهو ٿيندو توهان پٺيئن دروازي کان ٻاهر وڃو.“ پادري چيو.
    ”اتي به اهو ئي حال آهي.“ پادري جي ڀيڻ چيو.
    ”سڀ ماڻهو درين مان ليئا پائي رهيا آهن.“
    ان وقت تائين ڳالهه عورت جي سمجهه ۾ نه آئي هئي. ان لوهي جهنگلي کان ٻاهر ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. تڏهن هن ڇوڪري جي هٿ مان گلدستو ورتو ۽ دروازي ڏانهن وڌي. ڇوڪري به هن جي پٺيان هلڻ لڳي.
    ”سج لهڻ تائين ترسي پئو.“ پادري مشورو ڏنو.
    ”تون پگهرجي ويندين.“ پادري جي ڀيڻ چيو، جيڪا ڪمري ۾ چپ چاپ بيٺي هئي.
    ”ترسو مان توهان کي پنهنجي ڇٽي آڻي ٿي ڏيان.“
    ”نه، مهرباني.“ عورت جواب ڏنو.“ اسان ائين ئي ٺيڪ آهيون.“
    هن ڇوڪري کي هٿ کان ورتو ۽ دروازو ٽپي روڊ ڏانهن نڪري وئي.


    اوهينري

    اوهينري
    (O-Henry-1862-1910)

    جڳ مشهور ڪهاڻين جو ليکڪ اوهينري 1862ع ۾ آمريڪا ۾ ڄائو. سندس اصل نالو وليم سڊني پورٽر هو. آمريڪا ۾ مختصر ڪهاڻيون لکندڙن ۾ کيس اعليٰ مقام آهي. ”شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ننڍي عمر ۾ لکڻ شروع ڪيائين. 1882ع ۾ ٽيڪساس ويو جتي مختلف آفيسون ۾ هڪ بينئڪ ۾ نوڪري حاصل ڪيائين ايڪ هفتوار اخبار جو ايڊيٽر به هو. اوهينري ڪهاڻين لکڻ کان علاوه هڪ ڪالم نگار طور پڻ ڪم ڪيو. سندس ٽوٽل ڪهاڻين جو تعداد 270 آهي. جيڪي مختلف ڪتابي صورت ۾ ڇپيون. اوهينري 1910ع ۾ نيويارڪ سٽي ۾ صرف 48 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سندس ادبي خدمتن جي مڃتا طور O-Henry Memorial Awards جي نالي سان هڪ ادارو پڻ قائم ڪيو ويو جنهن ۾ سال جي بهترين ڪهاڻيڪارن کي ايوارڊ پڻ ڏنا ويندا آهن.


    گراهڪ

    گراهڪ

    هيءَ ڪهاڻي 18 صدي جي آخر جي آهي. جڏهن آمريڪا جي ڪيڪٽس سٽي تقريباَ 70 هزار ماڻهن تي مشتمل هڪ ننڍڙو شهر هئي. ان شهر ۾ هڪ وڏو اسٽور هو. جيڪو “ Navarro & Platt” جي نالي سان مشهور هو ۽ ڪيترين ئي ماڙن تي مشتمل هڪ جتي شوقين، مرد ۽ عورتن جو اعليٰ قسم جو سامان ملندو هو. ڪيڪٽس سٽي جا گهٽ ۾ گهٽ ويهه هزار ماڻهو هن اسٽور تان دل کولي خريداري ڪندا هئا. مسٽر نيويرو، هن اسٽور جو سينئر حصيدار ۽ جان پلاٽ نوجوان ۽ چست جونئر حصيدار هو.
    هر سال بهار جي موسم شروع ٿيندي ئي مسٽر نيويرو ڊگهو ۽ ٿڪائيندڙ سفر ڪري نيويارڪ مان سامان خريد ڪرڻ ويندو هو. پر هاڻي ڪو ٻن سالن کان وڌندڙ عمر جي ڪري هي سخت ٿڪاوٽ محسوس ڪرڻ لڳو هو. بحرحال ايندڙ بهار جي موسم کان ڪجهه ئي ڏينهن پهريان هڪ ڏينهن هن پنهنجي جونئر حصيدار جان پلاٽ کي چيو:
    ”ڏس جان مان هاڻي پوڙهو ٿي ويو آهيان، ۽ گهڻو ڪم نٿو ڪري سگهان. ان ڪري هن سال نيويارڪ مان سامان آڻڻ لاءِ توکي وڃڻو پوندو.“
    ”نيويارڪ هونئن ئي تمام گهڻو پکڙيل، ٿڪائيندڙ ۽ بي رونق شهر آهي، پر تون چوين ٿو ته مان ويندس.“
    ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جان ٽيڪساس جي هڪ روايتي خوبصورت پوشاڪ پهري، لوئر براڊوي ۾ قائم ”زيبان اينڊ سنز“ جي شاندار شو روم ۾ داخل ٿيو.
    شوروم جو مالڪ ذهين ۽ گراهڪ کي پري کان سڃاڻي وٺڻ جي صلاحيت جو مالڪ هو. جان کي پري کان ئي سڃاڻي ورتائين ۽ وڏي چاهه سان اڳتي وڌي خوش آمديد چوڻ کانپوءِ کيس چيائين:
    ”توکي ڏسندي ئي سمجهي ويو هئس ته هن سال هي ٿڪائيندڙ ڪم منهنجي پراڻي دوست تنهنجي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. پهريان اهو ٻڌاءِ ته منهنجو دوست ڪيئن آهي؟“ ها! اهو بلڪل ٺيڪ آهي ۽ توهان جي لاءِ سلام چيا اٿس. ”زيبان مسڪرايو ۽ چيائين“، ”ٺيڪ آهي جان، هاڻي ڪاروباري ڳالهيون ته سڀاڻي ٿينديون ۽ شوروم به بند ٿيڻ وارو آهي. پر پوءِ به مان اڄ توکي مٿئين فلور تي ڪجهه نئين فيشن جا ڪپڙا ڏيکاري رهيو آهيان، جيڪي اڄ ئي آيا آهن.“
    مٿيئن فلور تي ويندي زيبان هڪ ڪم ڪندڙ ڇوڪر کي چيو ته هو مس آشر کي مٿي موڪلي.
    جيئن ئي جان مس آشر کي ڏٺو ته ڏسندو ئي رهجي ويو. هن جي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي ۽ بت بڻجي مس آشر کي ڏسندو رهيو. جان کي ائين پاڻ ڏانهن ڏسندي مس آشر شرمائجي وئي. هوءَ زيبان جي ٽاپ ماڊل سيلز گرل هئي. ان جو ڪم هو ته هوءَ گراهڪن کي سامان جو تفصيل ٻڌائي ۽ خاص خاص ڪپڙا هينگر مان لاهي پاڻ پهري ڏيکاري. مس آشر پنهنجي سنهري وارن، خوبصورت چهري ۽ مناسب قد ڪاٺ جي ڪري ڏاڍي ڪشش رکندڙ ڇوڪري هئي. هن کي زيبان جي شوروم ۾ ڪم ڪندي ٻه سال ٿيا هئا ۽ هوءَ پنهنجو ڪم چڱي ريت ڄاڻيندي هئي. ڪڏهن به ائين نه ٿيو هو جو ڪو گراهڪ خالي هٿين واپس هليو ويو هجي. اوچتو زيبان چيو:
    ”جان“ مردن جا ڪجهه ڪپڙا ته تو ڏسي ورتا هاڻي مس آشر شهزادين جا ڪجهه گائون ڏيکاريندي جيڪي هالڪي رنگ ۾ آهن ۽ تنهنجي علائقي جي موسم جي لحاظ کان ڏاڍا مناسب رهندا، اهو چوندي زيبان هڪ گائون ڏانهن اشارو ڪندي چيو:
    ”مس آشر ٿورو هن کان شروع ڪريو.“
    ڦڙتي سان مس آشر اهو گائون کڻي ڊريسنگ روم ۾ هلي وئي ۽ ڪجهه گهڙين کانپوءِ اهو گائون پهري ٻه چار قد کڻي پنهنجي خوبصورت جسم کي لهرائيندي سامهون آئي ۽ پوءِ واپس ڊريسنگ روم ۾ هلي وئي ۽ جلد ئي ٻيو گائون پهري آئي. اهو سلسلو تقريباَ اڌ ڪلاڪ تائين هلندو رهيو. جان تي ڪجهه سحر چهڙي ڪيفيت طاري هئي. ڪڏهن هن مس آشر کي ڏٺو ته جنهن هن جي دل ۽ دماغ ۾ عجيب قسم جي هلچل مچائي ڇڏي هئي. جڏهن ڊسپلي ختم ٿيو ۽ جان خاموش بيٺو رهيو ته زيبان کي ڳڻتي ٿي پئي ته ڪٿي هن جو گراهڪ ڪنهن ٻئي شوروم مان سامان خريد ڪرڻ جو ته نه سوچي رهيو آهي!!. اچانڪ جان کي چيائين:
    ”جان توکي ڇا ڇا خريد ڪرڻو آهي ان جي ڪا جلدي ناهي، سٺو اهو آهي ته تون رات جو اهو سوچجان ۽ سڀاڻي فيصلو ڪجان.“
    باقي مان ايترو ضرور چوندس ته اسان جهڙي ڪوالٽي جو سامان ۽ اهو مناست قيمت تي ڪٿي به نه ملندو مان اهو به سوچي رهيو آهيان ته تو جهڙي سمجهدار نوجوان کي نيويارڪ جهڙي خشڪ ماحول ۾ بيزاري محسوس ٿي رهي هوندي.“
    ڇا توکي مناسب لڳندو ته ڪا سٺي خوبصورت ڇوڪري توکي رات جي ماني ۾ ڪمپني ڏئي؟ مان سمجهان ٿو مس آشر جهڙي خوش شڪل ڇوڪري توسان گڏ هجي ته سٺو رهندو. (جنهن وقت زبون اهي ڳالهيون ڪري رهيو هو ته ان وقت مس آشر ڊسپلي کانپوءِ هيٺ وڃي چڪي هئي.)
    ”پر هوءَ ته مون کي سڃاڻي به نٿي“ جان چيو.
    ”هوءَ يقينن توکي سڃاڻي وٺندي، جڏهن مان هن کي مناسب طريقي سان چوندس هن اهو چئي ڪجهه وڏي آواز ۾ مس آشر کي سڏ ڪيو، جڏهن هوءَ آئي ته زبون خيز نظرن سان مسڪرائيندي هن کي چيو:
    ”ٻڌ مس آشر! جان جو هتي ڪو به دوست ناهي، جيڪڏهن تنهنجي ڪا خاص مصروفيت ناهي ته هي چاهي ٿو ته رات جي ماني تي تون هڪ سان گڏ هجين.”
    اهو چئي زبون هيٺ هليو ويو. ۽ مس آشر هڪ گهڙي جي لاءِ ڇت ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ مسڪرائيندي چيائين ”يقينن مان هلنديس، اها ته منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه ٿيندي!“ شام جي ستين وڳي هو ٻئي براڊوي ريسٽورنٽ جي هڪ ميز تي ويٺا هئا. مس آشر کي ڪاري رنگ جو اسڪرٽ پهريل هو جنهن سان هوءَ اڃا به وڌيڪ خوبصورت لڳي رهي هئي. جڏهن جان مس آشر سان مشورو ڪري ڊنر جو آرڊر ڏئي رهيو هو ته هن مس آشرکي چيو:
    ڇا تون ڪجهه پيئڻ پسند ڪندين؟ ته مس آشر دلفريب مسڪراهٽ سان جواب ڏنو.
    ”مان ڊرائي مارٽيني پيئڻ چاهيندس.
    ”مس آشر! تنهنجو پورو نالو ڇا آهي؟“
    ”منهنجا خاص دوست مون کي ”هيلن“ چوندا آهن”.
    ”ڏس هيلن هاڻي مان توکي پنهنجي باري ۾ ڪجهه عجيب پر دلچسپ ڳالهيون ٻڌايان ٿو.“ ڪجهه سالن کان جڏهن به ڪيڪٽس سٽي ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ بهار جي موسم ايندي آهي، هر طرف رنگ برنگي ۽ خوبصورت گل ٽڙي پوندا آهن ته مان پنهنجي سان دل ۾ عجيب قسم جي خمار ڀريل ڪيفيت محسوس ڪندو آهيان. ۽ ڪي اهڙي ساٿي جي باري ۾ سوچندو آهيان جنهن سان ڪڏهن به نه مليو آهيان. ڪڏهن ڏٺو نه آهي، نه ان جي باري ۾ ٻڌو آهي ته اهو ڪير آهي، هو ڪٿي آهي، اهو ڪٿي آهي جنهن کي منهنجي دل ڳولي رهي آهي. ڪڏهن ڪڏهن منهنجي دل چوندي هئي ته اهو ڪٿي اوچتو مون کي ملي وڃي ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو جو اڄ جڏهن مان توکي ڏٺو آهي ته منهنجي دل چئي رهي آهي ته اها تون ئي آهين جنهن جي مون کي تلاش هئي.
    پوءِ جڏهن تو پهريون ڀيرو مون کي ڏٺو ته مون کي تنهنجي اکين ۾ عجيب چمڪ نظر آئي هئي جنهن سان مون محسوس ڪيم ته توکي مون سان ملڻ سٺو لڳو هو. هاڻي منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌ، مان سڀاڻي واپس وڃي رهيو آهيان ۽ تون مون سان گڏ هوندين ۽ پنهنجي ان جذبن جو يقين ڏيارڻ لاءِ اڄ جڏهن مان تنهنجي اپارٽمينٽ اچي رهيو هئس ته رستي ۾ مون تنهنجي لاءِ هڪ تحفو خريد ڪيو آهي“.
    ”اهو چئي جان پنهنجي کيسي مان هڪ قيمتي منڊي ”هيلن“ ڏانهن وڌائي، هيلن جلد ئي منڊي جان کي واپس ڪري ڇڏي ۽ ڪجهه سخت لهجي ۾ چيو: تون ذاتي طور فيصلو ڪرڻ وارو ڪير ٿيندو آهين؟“
    ”ڏس هيلن! مان هڪ لک ڊالرن کان به وڌيڪ حيثيت جو ماڻهو آهيان، مان توکي ڪيڪٽس سٽي ۾ هڪ خوبصورت گهر ٺهرائي ڏيندس.“
    منهنجا معزز ”گراهڪ“ تون مون کي نٿو خريد ڪري سگهين، توڻي جو تنهنجي حيثيت لکن، ڊالرن کان وڌيڪ ڇو نه هجي، جڏهن مان توکي پهريون ڀيرو ڏٺو هو ته محسوس ڪيم ته تون ٻين گهڻن گراهڪن کان مختلف هوندين، پر هاڻي مان سمجهان ٿي تون به ٻين مرد گراهڪن جيان آهين. جيڪي اهو سمجهن ٿا ته جيڪڏهن ڇوڪريون انهن سان گڏ ڪمپني طرفان ڊنر تي اچن ٿيون ته اهي وڪائو مال هونديون آهن.“
    جان سڌو ٿي ڪرسي تي ويهي رهيو، هڪ ڊگهو ساهه کنيائين ۽ پوءِ چيائين:
    ”ڇا تنهنجو مطلب آهي ته اهڙي ريت پنهنجي ڪمپني جي خاص گراهڪن سان جڏهن به ٻاهر ويندي آهين ته هو سڀ توسان اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪندا آهن. جيئن تون مون سان ڪيون.“
    ”ها! هو سڀ وڏيون وڏيون ٻٽاڪون هڻندا آهن ۽ قيمتي هيرن جي زيورن جون ڳالهيون ڪندا آهن. تو ۾ ۽ انهن ۾ صرف هڪ فرق آهي، ته هو صرف ڳالهيون ڪندا آهن پر تون هيري جي منڊي هٿ ۾ کڻي آيو آهين.“ جان کلندي چيو.
    ”تنهنجون ڳالهيون ٻڌي مون کي ڪجهه نه سڪون مليو ته مان ٻين گراهڪن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه ته بهتر ماڻهو ثابت ٿيس. چڱو هاڻي ائين آهي جو سڀاڻي مان تنهنجي اسٽور تي اچي هڪ گاڏي خريد ڪندس ۽ توکي گڏ وٺي، ڪيڪٽس سٽي روانو ٿي ويندس.
    اتي هيلن! اوچتو ڳالهه ڪٽيندي چيو: ”بس بس پليز، گهڻو ٿيو مان اهڙيون ڳالهيون ٻڌي ٻڌي ٿڪجي پئي آهيان.“
    ماني کائڻ کانپوءِ جڏهن هو اپارٽمينٽ جي دروازي تي پهتا ۽ موڪلائڻ لڳا ته جان هيلن کي پنهنجي سيني سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جنهن تي هيلن زور سان جان جي ڳل تي چماٽ وهائي ڪڍي ۽ کيس چيو:
    ” آخر آهين تون به انهن مان هڪ.“
    پنهنجي ڳل کي ٺارڻ لاءِ جيئن جان پنهنجي رومال ڪڍيو ان سان گڏ ئي ڪا شي نڪري دروازي جي فرش تي ڪري پئي. جان جهڪي اها شيءِ کنئي ته هيلن چيو:
    معزز گراهڪ جيڪڏهن پنهنجي فضول قسم جي منڊي کڻي ورتي اٿئي ته هاڻي هلندو ٿي“
    ”ته هيءَ اها منڊي نه هئي، جان پنهنجي مُٺ کوليندي چيو آهي ته شادي جي لاءِ مان سون جي منڊي ورتي هئي.“ هيلن حيرت مان شادي جي منڊي کي ڏسندي چيو:
    ”ڇا واقعي تنهنجو اهڙو مقصد هو؟“
    ان مهل ڪنهن اپارٽمينٽ جو دروازو کوليو.
    “رات جو سلام” هاڻي سڀاڻي اسٽور تي ملاقات ٿيندي”.
    اهو چوندي جان تيز قدم کڻندو واپس هليو ويو. مس آشر ڊوڙندي ڏاڪڻيون چڙهي زور سان پنهنجي ڪمري جو دروازو کوليو ۽ پنهنجي ساهيڙي ”ايما“ کي جيڪا ستي پئي هئي لوڏا ڏئي جاڳايو. ايما گهٻرائجي چيو ”هيلن ڇا ٿيو؟“ ڇا باهه لڳي وئي آهي ڇا؟“ نه باهه ڪٿي ناهي لڳي، صرف منهنجي دل ۾ لڳي آهي، توکي خبر آهي ڪيڪٽس سٽي ڪٿي آهي؟ هيلن پڇيو:
    ”ڪيڪٽس سٽي، وينززويلا ۾ هڪ نو زرعي شهر آهي، اتي زلزلا ايندا آهن، گهڻي قدر حٻشي ۽ ڀولا رهندا آهن. اتي مليريا کان بخار ڏاڍو ٿيندو آهي ۽ اتي آتش فشان پهاڙ به آهن. پر هيلن اهو سڀ تون ڇو ٿي ڄاڻڻ چاهين اهو به رات جي هن وقت.“
    ”مون کي ان ڳالهين جي ڪا پرواهه ناهي“ مس آشر وڏي جوش مان چيو“
    ”سڀاڻي مان پنهنجي نئين زندگي شروع ڪرڻ ۽ هميشه جي لاءِ اتي وڃي رهي آهيان.“


    بجور نسٽرين بجورنسن

    بجور نسٽرين بجورنسن
    Bjornstjerne Bjornson (1832-1910)

    ادب جو نوبل انعام حاصل ڪندڙ بجورنسٽرين بجورنسن 1832ع ۾ ناروي ۾ پيدا ٿيو. 1863ع ۾ ناروي حڪومت سندس لکيڻين کي تسليم ڪيو ۽ هڪ لڪيک جي حيثيت ۾ ليکڪ جي اعزاز طور پگهار مقرر ڪئي وئي هي ناروي جو پهريون ليکڪ هو، جنهن کي اهو اعزاز ڏنو ويو. بقول بجورنسن کي جڏهن ادب جو نوبل انعام مليو ته ان وقت سندس عمر 71 سال هئي ۽ هو يورپي دنيا ۾ پنهنجو اعليٰ مقام ٺاهي چڪو هو. هن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون، جيڪي ناروي جي ٻهراڙي جي زندگي سان تعلق رکن ٿيون. اهو بجورنسن ئي هو جنهن اها مشهور نظم لکي جنهن کي ناروي جي قومي تراني جو درجو ڏنو ويو. بجورنسٽن 1910 ۾ وفات ڪئي. هن جو خاڪي جسم فنا ٿي ويو پر هن جون تخليقون اڄ به امر آهن.


    پيءُ

    پيءُ

    جنهن شخص جو هيءَ قصو آهي، سو پنهنجي ڳوٺ جو اميرترين ۽ بااثر زميندار هو. هن جو نالو ٿوراڊاوراس هو. هڪ ڏينهن هو پنهنجي ڳوٺ جي پادري جي حجري ۾ ويو.
    ”فادر! خدا مون کي هڪ پٽ عطا ڪيو آهي.“ خوشي ۽ جوش هن جي چهري مان ظاهر ٿي رهيو هو. ”مان چاهيان ٿو ته توهان هن کي عيسائيت ۾ داخل ٿيڻ جي رسم ادا ڪيو.“
    پادري مسڪرايو. ”چڱو مبارڪ هجي. هن جو نالو ڇا سوچيو اٿو؟“
    ”هن جو نالو رکنداسين فن، منهنجي پيءُ جو نالي تي.“
    ”خدانخواسته تنهنجي وفات جي صورت ۾ هن جي سارسنڀال جي ضمانت ڪير کڻندو؟“ پادري پڇيو.
    ٿورڊ هن ڳوٺ ۾ رهندڙ پنهنجي ويجهن مٽن مائٽن مان ڪجهه معتبر نالا ٻڌايا. پادري ٿورڊ جي چهري ڏانهن ڏٺو ۽ پڇيو:
    ”ٻيو ڪجهه؟“
    زميندار ٿورو منجهي پيو ۽ چيائين:
    ”فادر مان موڪل واري ڏينهن توهان کي تڪليف ڏيڻ چاهيان ٿو.“
    ”ان جو مقصد آهي هن هفتي ۾؟“
    ”ها! ڇنڇر واري ڏينهن منجهند جو ٻارهين وڳي.“
    ”ان کان علاوه ڪا ٻي ڳالهه؟“
    ”نه مهرباني فادر! هاڻي مان اجازت گهرندس.“ ٿورڊ چيو.
    ”نه هڪ آخري ڳالهه رهجي وئي آهي.“ پادري پنهنجي جاءِ تان اٿيو. ٿورڊ جي ويجهو ٿي هن جو هٿ پنهنجو هٿ ۾ جهليائين ۽ ان جي اکين ۾ ڏسندي بردباري مان چيائين: ”خدا جي فضل سان تنهنجو پٽ ان جي رحمت ۽ برڪت ثابت ٿيندو.“
    سورنهن سالن کانپوءِ هڪ ڏينهن وري ٿورڊ پادري جي حجري ۾ حاضر ٿيو.
    ”تنهنجي صحت ۽ جواني ته حيرت انگيز طور تي قائم آهي!“ حيران پادري کي ٿورڊ جي جسم ۾ ڪا خاص تبديلي نظر نه آئي.
    ”ڇو ته مون کي ڪو به فڪر ۽ غم نه آهي ۽ منهنجو ننڍو پٽ به هاڻي خوبصورت ۽ نوجوان بڻجي چڪو آهي. ٿورڊ کلندي چيو پادري مسڪرايو ۽ ٿوري وقفي کانپوءِ پڇائين.؛ اڄ تو کي ڪهڙي خوشي هتي وٺي آئي آهي؟:
    سڀاڻي گرجا ۾ نوجوانن جي ديني اصلاح جي رسم ادا ٿيڻ واري آهي. ان ۾ منهنجو پٽ به شريڪ ٿيندو. ٿورڊ خوشي مان چيو.
    فادر! مان ان و قت تائين توهان کي نذرانو نه ڏيندس جيستائين توهان مون کي اهو نه ٻڌائيندو ته سڀاڻي منهنجي پٽ جو وارو ڪهڙي نمبر تي ايندو؟ يقينن سڀاڻي پهريون وارو هن جو ئي هوندو؟ پادري کلندي چيو.
    مهرباني فادر! هي ڏهه ڊالر توهان جي نذر ڪريان ٿو. ٿورڊ ڏهه ڊالر ميز تي رکيا.
    پادري ان جي چهري جي خوشي ڏسندي چيو: منهنجي لاءِ ٻي ڪا خدمت نه فادر وڌيڪ ڪجهه نه اوهان جي مهرباني ٿورڊ پادري کان موڪلائي هليو ويو.
    اٺ سال گذري ويا. هڪ ڏينهن پادري کي پنهنجي ڪمري جي ٻاهران هل ٻڌڻ ۾ آيو. ڪافي ماڻهو حجري طرف اچي رهيا هئا ۽ سڀ کان پهريان داخل ٿيندڙ شخص ٿورڊ هو. ۽ پادري مٿي نهاريو ۽ ٿورڊ کي سڃاڻي ورتائين. ٿورڊ گهڻي ڪاوڙ ۾ نظر آيو.
    اڄ گهڻن ماڻهن کي گڏ وٺي آيو آهين ٿورڊ ڇا ڳالهه آهي؟ پادري پڇيو! فادر مان توهان کي درخواست ڪرڻ آيو آهيان ته منهنجي پٽ تي پابندي لڳايو ۽ پنهنجي روز نامچي ۾ لکي ڇڏيو. ته ٿورڊ تيزي سان چيو.
    پر ڇو؟ هو ته ڏاڍو فرمانبردار ڇوڪرو آهي. پادري حيران ٿيندي چيو هو ڪيرين سان شادي ڪرڻ چاهي ٿو؛ ٿورڊ چيو.
    پر ڪيرين ته ڳوٺ جي تمام سٺي ڇوڪري آهي.
    اهو به ائين ٿو چوي. ٿورڊ پنهنجي وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي چيو
    پادري ڪجهه دير سوچندو رهيو. پوءِ هن ڪجهه چوڻ بغير پنهنجي روز نامچي ۾ ٻنهي جا نالا داخل ڪيا ۽ هيٺان ٿورڊ شاهدن کان صحيحون ورتيون. ۽ ٿورڊ ٽي ڊالر ميز تي رکيا.
    ”فيس ته صرف هڪ ڊالر آهي.“ پادري چيو
    مان ڄاڻان ٿو فادر پر هو منهنجو اڪيلو وارث آهي. مان چاهيان ٿو ته اهو ڪم نهايت خوس اسلوبي سان ٿي وڃي.
    پادري ٽي ڊالر رکيا ۽ چيائين؛ هي ٽيون ڀيرو آهي جو تون مون وٽ پٽ جي سلسلي ۾ آيو آهين.
    بس فادر! هڪ دفعو اڃا اچڻو پوندو ۽ اهو آخري دفعو هوندو ان جي شادي جي سلسلي ۾؛ ٿورڊ پادري کي خداحافظ چئي ۽ ٻاهر نڪري آيو ۽ ٻيا ماڻهو به هن سان گڏ ٻاهر نڪري آيا.
    ٻن هفتن کان پوءِ ٻئي پيءَ پٽ کلندا ڪڏندا پنهنجي ٻيڙي ۾ سوار ڪيرين جي گهر ڏانهن روانا ٿيا. هنن ڪيرين جي والدين سان ملي شادي جي تاريخ ۽ تفصيل طئي ڪرڻ ٿي چاهيا. موسم خوشگوار ۽ حسين هئي. ڍنڍ به ڏاڍي پرسڪون هئي. پيءَ پٽ ڳالهيون ڪندا آهستي آهستي چپو هلائي رهيا هئا.
    ”منهنجي سيٽ ڪجهه ڍلي لڳي رهي آهي“. پٽ چيو ۽ پنهنجي سيٽ مضبوط ڪرڻ لاءِ ٻيڙي جي تختي تي بيهي رهيو. اوچتو ان مهل تختي تان هن جو پير کسڪي ويو هئو. پاڻ جهلي نه سگهيو هڪ دانهن ڪيائين ۽ پاڻي ۾ ڪري پيو. ٿورڊ توڙو پنهنجي جاءِ تان اٿيو، پنهنجو چپو اڳتي ڪندي پٽ کي چيائين، “پٽ هي چپو پڪڙ”.
    ڇوڪري چپو پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر اکين ۾ پاڻي ڀرجڻ ڪري هن کي چپو نظر نه آيو. ٿوري دير چپو پڪڙڻ جي ڪوشش کانپوءِ ڇوڪري همت هاري ڇڏي.
    ”هڪ منٺ بيهه“ پيءُ دانهن ڪئي ۽ چپو جي مدد سان ٻيڙي کي پٽ دانهن ڌڪيو.
    ”ٻيڙي کي پڪڙ، هٿ اڳتي ڪر منهنجو هٿ پڪڙ“.
    پر ڇوڪرو ٻيڙي کان ڪجهه پري آخري ڀيرو پاڻي تي ظاهر ٿيو پيءُ تي آخري نظر وڌي ۽ ٻڏي ويو. ٿورڊ کي يقين نه آيو، هو سڪتي ۾ اچي ويو، هو مسلسل ان جڳهه کي گهوريندو رهيو جتي هن جي جگر جو ٽڪرو ٻڏي ويو هو. ان اميد تي ته شايد هڪ ڀيرو وري پاڻي کاڻ ٻاهر ظاهر ٿئي. اتي ڪجهه بوڙيا ٺهيا ۽ ڍنڍ ۾ خاموشي ٿي وئي.
    ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون مسلسل ڪجهه کائڻ پيئڻ ننڊ ڪرڻ کانسواءِ پيءُ پٽ جي ٻڏڻ واري جاءِ جي چوڌاري ٻيڙي گهمائيندو رهيو. هو ڍنڍ کان پنهنجي پٽ جو لاش گهري رهيو هو. چوٿين ڏينهن صبح جو هن کي لاش مليو. هن پٽ جو لاش ٻانهن تي کنيو ۽ پهاڙن تي پنهنجين ٻنين ڏانهن هليو ويو.
    ان واقعي کان تقريبن هڪ سال پوءِ جي ڳالهه آهي. هڪ سرءُ جي شام هئي. پادري پنهنجي حجري ٻاهران ڪنهن جي اچڻ جو آواز ٻڌو. پادري اٿي دروازو کوليو. هڪ ڊگهو ۽ ڏٻرو شخص اندر داخل ٿيو. ان جي چيلهه جهڪيل هئي ۽ سمورا وار اڇا هئا. پادري هن کي چڱي غور سان ڏٺو ۽ سڃاڻي ورتو هو ٿورڊ هو.
    ”خيريت ته آهي. ايتري وقت کانپوءِ آيو آهين، ڏاڍو ڪمزور ٿي ويو آهين؟“
    ”ها فادر! ڪجهه وڌيڪ ئي دير ٿي وئي آهي.“ ٿورڊ چيو ۽ هڪ ڪرسي تي ويهي رهيو. پادري ٻي ڪرسي کڻي ورتي.
    چڱي دير ٻئي چپ چاپ ويٺا رهيا. هڪ ڊگهي خاموشي کانپوءِ آخرڪار ٿورڊ چيو:
    مون وٽ ڪجهه رقم آهي جيڪا مان پنهنجي پٽ جي نالي غريبن جي لاءِ وقف ڪرڻ چاهيان ٿو.
    هو اٿيو ۽ هن ميز تي نوٽن جو وڏو ٿهو رکي موٽي اچي ڪرسي تي ويٺو. هيءَ ته تمام گهڻي رقم آهي. پادري حيرت ۾ وٺجي ويو، هيءَ منهنجي جاگير جي قيمت آهي. مون اڄ اها وڪڻي ڇڏي آهي. پادري چڱي دير حيرت ۾ ٻڏل رهيو. پوءِ چيائين هاڻي تون ڇا ڪندين؟ ڪوئي چڱو ڪم.
    هو ڪجهه دير خاموش ويٺا رهيا. ۽ ٿورڊ جون اکيون زمين ۾ کتل هيون ۽ پادري جون اکيون حيرت مان ٿورڊ کي ڏسي رهيون هيون. پر پادري آهستگي ۽ نرمي سان ٿورڊ کي چيو:
    ”آخرڪار تنهنجو پٽ تنهنجي لاءِ خدا جي سچي رحمت ۽ برڪت ثابت ٿيو“
    ها منهنجو به اهو خيال آهي . ٿورڊ ڪنڌ مٿي ڪري آسمان ڏانهن ڏٺو. ٻه وڏا ڳوڙها ڳڙي هن جي ڳلن تي خشڪ ٿي ويا.


    خواهش

    خواهش

    هن دنيا کان پري گهڻو ئي پري هڪ ستاري ۾ هڪ دنيا آباد آهي. جتي اهڙا اهڙا ڪرشما موجود آهن. جيڪي اسان جي خواب ۽ خيال ۾ به نٿا اچي سگهن.
    ان دنيا ۾هڪ مرد ۽ هڪ عورت رهندا هئا ۽ هڪٻئي سان گهڻي محبت ڪندا هئا هڪٻئي سان گڏوگڏ پنهنجي دنيا جي دلفريب وادين ۽ شاداب ۽ سرسبز پهاڙن جو سير ڪرڻ ۽ اگهڻ ڦرڻ هنن جو معمول هوندو هو ۽ پاڻ ۾ دوستي به هئن.
    ستاري جي دنيا ۾ هونئن ته هزارين عجائبات هئا، پر سڀ کان عجيب ۽ نرالي شيءِ هڪ گهاٽو جهنگ هو جتي وڻ هڪٻئي جي ويجهو ۽ انهن جون ٽاريون ۽ پن پاڻ ۾ ائين ڳتيل هئا جو سج جي روشني توڻي چنڊ جي چانڊوڪي جو هتي چمڪڻ ممڪن ئي نه هو. ان ڪري ڏينهن هجي يا رات هر وقت انڌيرو ڇانيل رهندو هو. ان جهنگ جي وچ ۾ هڪ قربان گاهه هئي. رات جي خاموشي ۾ جيڪڏهن ڪوئي اڪيلو اتي ويندو هو ۽ قربان گاهه جي ڏاڪڻين تي گوڏا کوڏي ويهي رهندو هو ۽ پنهنجي سيني کي اگهاڙو ڪري ان کي پٿرن سان ايترو زخمي ڪندو هو جو سنگ مرمر جا ڏاڪا رت سان ڀرجي ويندا هئا ته ان وقت اهو شخص جيڪو ڪجهه به گهرندو هو ان کي ملي ويندو هو.
    عورت، مرد کي سچي دل سان چاهيندي هئي ۽ ان کي راحت ۽ سڪون پهچائڻ جي لاءِ هميشه هر قسم جون ڪوششون ڪندي رهندي هئي. ان لاءِ سڀ کان وڏي خوشي اها هئي ته هو ڪهڙي ريت به ٿي سگهي مرد کي خوش ڪرڻ لاءِ انهن جي خوشين ۾ واڌارو ڪري.
    هڪ رات جڏهن سمنڊ جي ڪناري هوءَ هن جو ڪنڌ پنهنجي جهولي ۾ جهلي ويٺي هئي. مرد سمنڊ جي پاڻي ۾ چانڊوڪي جون مستيون ڏسي اگهور ننڊ ۾ هليو ويو هو، ان وقت عورت مرد جي ڪنڌ کي آهستي پنهنجي جهولي مان ڪڍي نرم گاهه تي سمهاري پاڻ گهاٽي جهنگ ڏانهن هلي پئي. چنڊ جي روشني نور پکيڙيندي رهي هئي، ۽ وڻن جي پنن جي وٿين مان روشني جون لاٽون پيدا ٿي رهيون هيون. سمنڊ جون لهرون شور پيدا ڪري رهيون هيون، پر جهنگ ۾ معمول جيان انڌيرو ڇانيل هو. پر عورت دل ٻڌي جهنگ ۾ پير رکيو ان جي منهن کي وڻن جون ٽاريون لڳي رهيون هيون ۽ سندس پيرن هيٺان سڪل پنن تي ڪڏهن ڪڏهن روشني جو ڪو ڪرڻو ظاهر ٿي رهيو هو. پر جيئن جيئن هوءَ اڳتي وڌندي وئي انڌيرو اڃا به گهاٽو ٿيندو ويو. ڳوليندي ڳوليندي آخر جڏهن هوءَ جهنگ جي وچ ۾ پهتي ته ان کي سنگ مرمر جي اڇي قربان گاهه نظر آئي. ان هنڌ ايتري خوفناڪ خاموشي ڇانيل هئي، جو پن چرڻ جو آواز به ٻڌڻ ۾ نٿي آيو. هوءَ ڊڄندي ڊڄندي قربان گاهه جي ڏاڪڻين تي گوڏن ڀر ويهي رهي ۽ چپن ۾ عبادت ڪرڻ لڳي، پر ڪو به جواب نه مليس ۽ پوءِ هن پنهنجو مٿو اگهاڙو ڪيو ۽ تيز پٿر سان پاڻ کي زخم ڏيڻ لڳي زخم ڏيڻ سان سندس بدن مان رت وهڻ لڳو. ۽ گڏ ئي آواز آيو ”تون ڇاٿي چاهين؟“
    عورت چيو: ”هڪ مرد آهي جنهن سان مان پيار ڪندي آهيان. مان هن کي سٺي کان سٺو تحفو ڏيڻ چاهيان ٿي.“
    وري آواز آيو. ”ڪهڙو تحفو؟“
    هن چيو: ”اها ته مون کي به خبر ناهي پر مان چاهيان ٿي ته هن رت جي بدلي هن کي ڪا اهڙي شيءِ ملي وڃي جيڪا هن جي خواهش جي عين مطابق هجي ۽ جنهن کي حاصل ڪري هن جي دل بهار بهار ٿي وڃي.“
    جواب مليس: ”وڃ تنهنجي دعا قبول ٿي وئي. اها شيءِ ان کي ملي ويندي“. اهو ٻڌي اها عورت اتان اٿي پنهنجا زخم ڪپڙي سان لڪائي هٿ ڏنو ته جيئن رت نه وهي. پر پوءِ هوءَ تيز تيز قدم کڻندي واپس اچڻ لڳي. سڪل پن هن جي پيرن هيٺان اچي چور چور ٿي رهيا هئا. جهنگ کان ٻاهر چانڊوڪي ۾ هوا جا هلڪا خوشبودار جهوٽا گهولي رهيا هئا ۽ پري کان سمنڊ جي واري چمڪي رهي هئي. عورت جي دل خوشي سان سرشار هئي. هوءَ بي اختيار ڊوڙڻ لڳي. هن چاهيو ٿي ته جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي پهچي ۽ مرد کي اها خوشخبري ٻڌائي، پر جڏهن ٿورو ويجهو پهتي ته اوچتو بيهي رهي. هن ڏٺو ته پاڻي جي مٿاڇري تي ڪا وڏي شيءِ چري پري رهي آهي. هيءَ ڏاڍي حيران ٿي. ان کان پهريان هن اهڙو نظارو ڪڏهن به نه ڏٺو هو. جڏهن غور سان ڏٺائين ته معلوم ٿيس ڄڻ هڪ ٻيڙي پاڻي ۾ تيزي سان وهندي ٿي وڃي ۽ ان ۾ انساني قدبت جو ڪو پاڇو بيٺل آهي هن کي چهرو ته نظر نه آيو پر هن جلد ئي شڪل سڃاڻي ورتي. ٻيڙي تيزي سان وهندي ٿي وئي. ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ڪوئي به هن کي نه هلائي رهيو هو پر ڪنهن ڳجهي طاقت جي زور سان پنهنجو پاڻ وڃي رهي هئي. صاف صاف ڪجهه به نظر نٿي آيو. عورت پوري تيزي سان ڊوڙڻ شروع ڪيو پر جنهن وقت ڪناري تي پهتي ته ٻيڙي ڪٿان کان ڪٿي پهچي چڪي هئي. عورت بيچيني مان پنهنجا هٿ پکيڙيا. ان سان گڏ سندس زخم به کلي پيا ۽ زخمن مان رت وهڻ لڳو. ايتري ۾ پيٺان ڪنهن پڇيو: ”ڇو، ڇا ٿيو؟“
    عورت رڙيون ڪري چيو: ”پنهنجي سيني جي رت هاني مون ان جي لاءِ سڀ کان سٺو تحفو خريد ڪيو ۽ هن کي ڏيڻ لاءِ آئي آهيان، پر هو ته مون کان پري ٿو ڀڄي.
    آواز نرمي مان چيو: ”تنهنجو تحفو ته ان جي خواهش جي مطابق ان کي ملي چڪو آهي.“
    عورت رڙيون ڪري پڇيو: ”ڇا؟“
    آواز جواب ڏنو: ”هن جي خوشي اها هئي ته توکان پري هليو وڃي، توکي ڇڏي ڏئي“.
    عورت ان جو ڪو جواب نه ڏنو: هاڻي ٻيڙي ڌنڌ ۾ غائب ٿي چڪي هئي آواز پڇيو: ”ڇا تون راضي آهين؟“
    هن چيو: ”ها مان راضي آهيان، راضي آهيان.“
    ٿڌي ٿڌي هوا گهلي رهي هئي. ڊگها کليل وار ڪڏهن هن جي ڦٽيل سيني تي پئجي رهيا هئا ۽ ڪڏهن ننگي ڳچي تي. هوءَ سمنڊ جي پاڻي کي ٽڪ ٻڌي ڏسي رهي هئي. سمنڊ جون تيز لهرون به پري پري کان اچي هن جي پيرن تي پئجي پوءِ هيڏانهن هوڏانهن وکري ٿي ويون.


    آخري پنو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566200
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215636
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ