ڪتاب جو نالو: هن رتائين راهه ۾(سنڌ جي هاري تحريڪ)
مصنف: محب ڀيل
ڇپائيندڙ: سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 14 آڪٽوبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 447 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 167 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
محب ڀيل جو هي ڪتاب سنڌ جي هاري تحريڪ جي جدوجهد جي مختلف دؤرن بابت آهي. محب ڀيل جي لکڻين جا موضوع سماج جي عام موضوعن کان بنهه مختلف هوندا آهن. جنهن ڪري سندس مضمونن کي اخبارن، رسالن، ميگزين ۾ پڙهندڙن جو وڏو حلقو ملي ٿو. هن جي تحرير جي ٻولي ۾ هن سماج جي بُکين، ڏکوئلن، پيڙهيل ۽ ناانصافين جو شڪار ٿيل ماڻهن جو درد جون حقيقتون شامل هونديون آهن. هن ڪتاب ۾ ليکڪ پورهيت دشمن جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي راتاهين ۽ طريقي واردات کي منظرعام تي آندو آهي. سندس قلمي ڪاوش تاريخ ۾ هڪڙي ننڍڙي جُرئت آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • مهاڳ : محب، جنهن جو قلم سور سرجي ٿو
  • اورڻ اهو ئي ٿيو
  • دراوڙ جا ڌڪ
  • ليکڪ پاران
  • شهيد شاهه عنايت جي جدوجهد ”جيڪو کيڙي سو کائي“
  • سنڌ هاريءَ ڪميٽي هڪ معجزو
  • باباءِ سنڌ جي جدوجهد ۽ شهيد مائي بختاور لاشاري جي قرباني
  • ٽيننسي ايڪٽ 1950ع (هارپ جو قانون) جا ڪجهه مکيه نقطا
  • هاري اڳواڻ شهيد فاضل راهو
  • پورهيتن جي اڳواڻ رسول بخش پليجي جي سنڌي هاري تحريڪ
  • ڌرتيءَ ڌڻي هاري ۽ ڪيمپ ڪهاڻي
  • هاري کي باغباني جو حصو ڇو نٿو ملي؟
  • ٿر ۾ هارپ جو نظام
  • جديد آلات هاري کي بيروزگار ڪندا؟
  • ذڪر ڪجهه هاري اڳواڻن جو
  • پورهيت جدوجهد ۾ ايمان پڪو رکن
  • ڌرتيءَ ڌڻيءَ لاڏائو پورهيت
  • آخري پنو

  • ڪتاب بابت

    هن رتائين راهه ۾

    (سنڌ جي هاري تحريڪ)

    [ڀاڱو پهريون]


    محب ڀيل


    سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر
    2017ع


    ڊجيٽل ايڊيشن:

    2017ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: هن رتائين راھہ ۾
    ليکڪ: محب ڀيل
    موضوع: مضمون
    ڇاپو: پهريون
    تعداد: هڪ هزار
    سال: © 2017ع
    ڪمپوزنگ لي آئوٽ: عمراحمداڻي
    ٽائٽل: پرڪاش ڪرمواڻي
    ڇپيندڙ: سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر
    فون نمبر: 03333173584
    قيمت: 200 روپيا

    [History]
    By : Muhib Bheel
    Edition: First
    Year: © 2017
    Price: Rs. 200-00

    ــــــــــــــــ اسٽاڪسٽ ــــــــــــــــ
    شاھ لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو حيدرآباد-ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد-
    شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاھ- ڪاٺياواڙا اسٽور اردو باراز ڪراچي-رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو-
    مهراڻ ڪتاب، کپرو-العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ-المدينه ڪتاب گهر، ڇاڇرو-
    ٿر ڪتاب گهر، مٺي-ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپورخاص-المهراڻ ڪتاب گهر، سانگهڙ-
    عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ-مرچولال بوڪ ڊيپو، بدين-سوجهرو ڪتاب گهر، بدين-
    مهراڻ بوڪ سينٽر، سکر-سنڌ ڪتاب گهر ، شڪارپور-وسيم ڪتاب گهر شڪارپور-
    سچل ڪتاب گهر، درزا-ڪنول ڪتاب گهر، مورو-
    سارنگ ڪتاب گهر ڪنڊيارو


    ارپنا

    هي قلمي پورهيو ارپيان ٿو دنيا جي انهن لکين هاري پورهيتن کي جيڪي ظالم وڏيراشاهي ۽ جاگيرداري نظام جي انيڪ ناانصافين، ظلم، زيادتين، ڏاڍ ۽ جبر سهڻ جي باوجود پگهر جي پورهيي سان ان اُپائي زمانن جي انڌي ۽ حوسيءَ پيٽ جي باهه اُجهائي پاڻ بکئي پيٽ سمهن ٿا. سموري دنيا جي هاري ڪارڪنن ۽ اڳواڻن صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ ان سان گڏ شهيد ٿيل پنجويهه هزار هارين، سنڌ هاري ڪميٽي ۽ سنڌي هاري تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، رسول بخش پليجو ۽ شهيد فاضل راهو جي نالي جيڪي هن انساني اڻبرابري واري سماج کي ڊاهي پورهيت دوست سماج اڏڻ لاءِ هزارين صعوبتون سهي سڄي زندگي جدوجهد جي ميدان تي ثابت قدم رهيا. اڌ بٽئي تحريڪ جي پهرين شهيد مائي بختاور لاشاري، هاري رهنما پٽيل انب ڀيل ۽ رهزن جاگيردار جي ظلمتن جو شڪار بڻيل منوڀيل ۽ اغوا ٿيل سندس 9 گهر ڀاتين جي نالي ڪيان ٿو جن جو اڄ ڏينهن تائين ڪو پتو ناهي. پنهنجي جگري يار صوفي اصغر کوسي ۽ فقير غلام حيدر لغاري جي نالي ڪيان ٿو. ان سان گڏ ڪامريڊ دودو ڀيل جي نانءَ
    جيڪو جواني ۾ اسان کان وڇڙي ويو.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”هن رتائين راهه ۾“ اوهان اڳيان پيش آهي. سنڌ جي هاري تحريڪ جي تاريخ بابت لکيل ڪتاب جي پهرين ڀاڱي جو ليکڪ محب ڀيل صاحب آهي.
    ”محب ڀيل جو هي ڪتاب سنڌ جي هاري تحريڪ جي جدوجهد جي مختلف دؤرن بابت آهي. محب ڀيل جي لکڻين جا موضوع سماج جي عام موضوعن کان بنهه مختلف هوندا آهن. جنهن ڪري سندس مضمونن کي اخبارن، رسالن، ميگزين ۾ پڙهندڙن جو وڏو حلقو ملي ٿو. هن جي تحرير جي ٻولي ۾ هن سماج جي بُکين، ڏکوئلن، پيڙهيل ۽ ناانصافين جو شڪار ٿيل ماڻهن جو درد جون حقيقتون شامل هونديون آهن. هن ڪتاب ۾ ليکڪ پورهيت دشمن جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي راتاهين ۽ طريقي واردات کي منظرعام تي آندو آهي. سندس قلمي ڪاوش تاريخ ۾ هڪڙي ننڍڙي جُرئت آهي. “
    هي ڪتاب سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر پاران جنوري 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پرڪاش ڪرمواڻي جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي، مهربانيون محب ڀيل جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail. com
    www. sindhsalamat. com
    books. sindhsalamat. com 


    اداري پاران

    سامروٽي پبليڪيشن پاران ليکڪ محب ڀيل جو پهريون ڪتاب ”تتل سج هيٺان“ سال 2016ع ۾ شايع ڪيو ويو هو. جنهن کي پڻ سنڌ ۾ شاندار موٽ ملي. جنهن بعد هاڻ سامروٽي پبليڪيشن پاران سندس ٻيو ڪتاب ”هن رتائين راهه ۾“ شايع ڪيو ويو آهي. جيڪو سنڌ جي هاري تحريڪ جي جدوجهد جي مختلف دؤرن بابت آهي. محب ڀيل جي لکڻين جا موضوع سماج جي عام موضوعن کان بنهه مختلف هوندا آهن. جنهن ڪري سندس مضمونن کي اخبارن، رسالن، ميگزين ۾ پڙهندڙن جو وڏو حلقو ملي ٿو. هن جي تحرير جي ٻولي ۾ هن سماج جي بُکين، ڏکوئلن، پيڙهيل ۽ ناانصافين جو شڪار ٿيل ماڻهن جو درد جون حقيقتون شامل هونديون آهن. هن ڪتاب ۾ ليکڪ پورهيت دشمن جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي راتاهين ۽ طريقي واردات کي منظرعام تي آندو آهي. سندس قلمي ڪاوش تاريخ ۾ هڪڙي ننڍڙي جُرت آهي. محب ڀيل پاران سنڌ جي پورهيتن جي عظيم جدوجهد جو احوال “هن رتائين راهه ۾” شايع ڪري دلي سُرهائي محسوس ڪري رهيا آهيون. اسان جي اداري سامروٽي پبليڪيشن لاءِ به اهو باعث فخر لمحو آهي. محب ڀيل جي محنت جس لهي.

    پرڪاش ڪرمواڻي
    03333173584


    مهاڳ : محب، جنهن جو قلم سور سرجي ٿو

    سنڌ جي هاري تحريڪ تي محب ڀيل جو ڪتاب “هن رتائين راهه ۾” ڀاڱو پهريون سنڌ واسين لاءِ انتهائي اهم قلمي پورهيو آهي. هن ڪتاب جو سرجيندڙ هِن ڀونءَ (سنڌ ڌرتيءَ ماتا) جي وارثن ۽ ارتقائي ابتدائي ڀاڳين دراوڙن جو رت آهي. جنهن جي وڏڙن هزارين ورهين اڳ جڏهن دنيا جهان جا انسان اڃان حيواني حيثيت ۾ ڇڙوڇڙ زندگي سان جھنگلن، جبلن ۽ ڌرتيءَ جي ڏرڙن ۾ جيئڻ جي جياپي لاءِ بقا جي جنگ لڙي رهيا هئا انهي زماني ۾ هنن انتهائي دانائي سان دنيا جي عظيم و قديم سنڌو تهذيب موهين جو دڙو واري دنيا جي زماني کي بام عروج تائين پڄائي پنهنجي محنت، عقل، علمي حيثيت جو بول بالا ڪندي غيرمهذب سماج ۾ تهذيب ۽ تمندن جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ مکيه ڪردار ادا ڪيو. پر هنن جا هاڻوڪا حال ڏسي هنن ڳالهين سان ڪو متفق ٿئي يا نه پر حقيقت بحرحال حقيقت هوندي آهي. دراوڙن جي حق حاڪميت کان ويندي بدترين غلامي جي انجام سفر تائين جي سببن سان تاريخ ڀري پئي آهي. جنهن تي پڻ نهايت ئي تفصيل سان لکڻ جي ضرورت آهي۔
    ڪتاب “هن رتائين راهه ۾” جنهن ساڃاهه وند اڻپوري عمر ۾ سرجيو آهي، تنهن جي ڄمار ايتري ڪونهي جيترا سندس درد جهور لڳن ٿا. لفظن جي جڙت ۾ جوت وجهجي ٿي ته حيرت ٿئي ٿي. سندس قلم جي ڪهاڙي جي ڌار نهايت تيز هئڻ سان گڏ علم، عقل، جو پئمانو، پر انهي کان علاوه کيس لکڻ جي ڏات به واهه جي اٿس. جڏهن مؤرخ قلم کڻي لکڻ ويهي ٿو ته جملن جي جوڙ تسلسل سان اهڙو ته ڀلوڙ بڻجي اُسري ٿو جو امالڪ دل کيس داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿي سگھي. ھن جي تخيل جي گردان جو محور مظلوم، هاري، مزدور طبقي لاءِ وقف ٿيڻ جو سبب سماجي طرح سرمائيداري نظام جنهن ۾ صدين کان ڌرتيءَ جا پورهيت انسان نهايت ئي بيوسي، بيڪسي، سان پلپل اُجھڻ، رِجڻ، وري اُسرڻ ۽ نسرڻ کانپوءِ مسڪين غلامي جو طوق پنهنجي گردن ۾ پاتل ڏسي پسي بنان لُڇڻ، ڦٿڪڻ بعد ڏونگر جيڏا ڏک سلسليوار نسلن تائين منتقل ڪرڻ ڄڻ مٿن فرض واجب، انهن معاشري جي ماريلن جي ويڙهي ۾ پيدا ٿيڻ وارن مان محب ڀيل خود به هڪ آهي. هو خود به جاگيرداري ۽ سرمائيداري جو ڏنگيل هجڻ سان گڏ برهمڻن پاران انسانن لاءِ رائج ڪيل ڇوت ڇات واري ڪاري قيام جو باغي شخص آهي. سنڌو تهذيب ۾ اوچ نيچ جو مت ڀيد ماڳهين نه هو. بلڪه قديم سنڌ واسي اُهي انسان انتهائي اهم ۽ اتامرا هئا. اوچتو تاريخ قيامت خيز ڪلٽي کاڌي ڌرم جا ٺيڪيدار برهمڻ بڻيا ۽ هنن هڪ مخصوص ٻولي سنسڪرت ايجاد ڪري قديم ڌرمي ڪتاب، ويد سنڌي مان سنسڪرت ٻولي ۾ ترجمو ڪري انهن جي پڙهڻ لاءِ ٻين تي پابندي لاڳو ڪئي وئي. پنهنجي اُچائي ثابت ڪرڻ لاءِ منوسمرتي لکي پاڻ کي برهما جي مُک مان ثابت ڪيو. ٻنهي جاتين مان يعني کتري کي بادشاهي ۽ وئش کي واپار ارپيو ويو. باقي ٻين مسڪينن کي شوڌر قرار ڏئي انسانيت کي ڪاراٺ ملي وئي. غريب ڀيل، ڪولهي، ميگھواڙن، سامين، جوڳين کي شوڌرن جي دفي (ڀاڱي) ۾ داخل ڪري مٿن ڳاٽي ٽوڙ ظلمن جا پهاڙ ڪيرايا ويا. ائين دنيا جي اعلى قديم سنڌو تهذيب جاوارث پنهنجي ئي ڌرتيءَ تان ڌڪارجي ڌاريان، بيوس، لاچار، غلام، بيڪس بنايا ويا. هو جي ڪالهه رُشي، مُني، ماهرڪلاڪار، موسيقار،جاگرافيدان، آلجبرا، انگي حسابي جا وڏا ڄاڻو، انجنيئر وغيره سان هن معاشري ۾ سندن مهانتا مقبول و معروف تن کي ڌڪي ڌار ڪري جھنگل واسي بنايو ويو. انهي ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين انهن ماڻهن سان ويڌنن جو ورجاءَ ٿيندو رهي ٿو. جنهن ڪري هي تهذيبي، تمندني، معاشرتي، سماجي طرح سان نهايت پستي واري زندگي جي ڏکين دؤرن مان گذري پنهنجي بقا جي جنگ جاري رکيو اچن. اهڙي انتهائي ڪٺن، ڏکين، بکين ۽ غربت واري پيڙائن جي پيدائش مان هن ڪتاب “هن رتائين راهه ۾” جو مصنف محب ڀيل به گذرندو اچي. محب ڀيل وڏي محنت سان سنڌ جي هاري تحريڪ کي سيهڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جنهن کي پڙهڻ سان من ۾ مچ ٻري ٿو. محب ڀيل جون رت سان رجيل لکڻيون پورهيتن جي دردن جي عڪاسي ڪن ٿيون. محب اکرن جي سکرائپ سڃاڻڻ بعد جڏهن پنهنجي وڏڙن واتان ماضي جا قصا ٻڌا ۽ حال ۾ خود سميت ڪروڙين مظلوم پورهيتن جي ڀوڳنائن کي ڏٺو ۽ ڀوڳيو تڏهن سندس من مانڌاڻ متي هو تڙپي اُٿيو ۽ پوءِ “جت باهه ٻري اُها جاءِ جلي” يا ڀٽائي سرڪار هي بيت سرجيو ڄڻ هن لاءِ
    ڏکيون جان نه مڙن تان تان ڀنڻ نه ٿئي،
    پٽڻ واريون پڌريون، ڳاڙها ڳل سندن،
    ٻيون هونئين هٿ هڻن، روئينديون روئڻ واريون.
    اهڙين حالتن جي هيبتناڪين مان گذري جڏهن محب ڀيل جي قلم انهن ڏکن، ڏوجھرن، ڏولاون، پيڙاهن، ظلمن جي ڊگهين وارتائين، ناانصافين ۽ پنهنجي معاشري ۾ پيڙجندڙ عوام کي سجاگ ڪرڻ واسطي پرخلوص سچائين سان ڏيل ڏاريندڙ حقيقتن جو منظرنامون پيش ڪيو ۽ مون پڙهيو ته امالڪ نيڻ ڇلڪي پيا. اي ڪاش هي پورهيت طبقو محب ڀيل جي سلجهايل انهن سخنن تي ويچاري مستقبل قريب لاءِ ڪا اهڙي راهه هموار ڪرڻ جي همت ڪن ته جيئن ايندڙ وقت ۾ پورهيتن جا نسل آزادي جو سج ڏسي سگهن. سرمائيدار جا ڏنل سور، ريٽجي ۽ ميٽجي وڃن.
    آخر ۾ آئون پورهيت قلمڪار محب ڀيل کي مبارڪن جو مستحق يا حقدار سمجهي کيس لکين شابسون ارپيان ٿو. ۽ پڻ کيس هڪ ننڍڙي گذارش ڪندس ته مسڪين ۽ ماروئڙن لاءِ ضرور لکي پر هڪ ڏات ڌڻي کي موضوع جو هڪ هنڌ مقرر ڪري بيهه رهڻ نه گھرجي. لکڻ جي ڏات کي ٻين موضوعن لاءِ به وقف ڪري ته جيئن سندس لکڻي مان هر مڪتب فڪر جو ماڻهو علمي ڄاڻ حاصل ڪري سگھي.

    نيڪ تمنائن سان
    فتح محمد شهزاد ٿيٻو
    چيف ايڊيٽر “ولهار” اخبار


    اورڻ اهو ئي ٿيو

    آرين ۽ اڻ آرين واري ورهاستي سماج ۾ دراوڙ تاريخ جي دز ۾ لٽجي ويا. منوسمرتي واري قانون برصغير/ سنڌ ۾ اهڙو متڀيد پيدا ڪيو، جيڪو اڄ به منوسمرتي جا مڃيندڙ ڪافي اڇوت چيو ويندڙ ذاتين تي لاڳو ڪندا پيا اچن. اسان جو ليکڪ دوست محب ڀيل منووادين جي اک ۾ ٻاٻري ڪنڊي جيئن هُري ٿو. محب ڀيل سنڌو درياءَ جي قديم ڦاڪ پراڻ جي ڪناري تي آباد جهڏو شهر ۾ عمر ڀيل جي گهر ۾ پيدا ٿيو. جهڏو گدام ۾ پڙهندي پراڻ جي هاڻي ڦٽي ويل ڪناري تان ايندي ۽ ويندي هن زندگي جون وکون انتهائي غربت ۾ کنيون آهن. هي تعليمي شعور جي پهرين ڏاڪي کان عوامي تحريڪ جو حصو ٿي ويو. جتي هن مائوزي تنگ جي منتخابات مائو کان وٺي، رسول بخش پليجو جي ڌرڙان جا ڌڪ ۽ ڪارل مارڪس جي داس ڪيپيٽل جهڙا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا. هن مارڪسي قلم ڌڻي ننڍپڻ واري وهيءَ ۾ پڙهڻ سان گڏ پورهيت بڻجي سر تغاري جي مزدوري کان ويندي ٻني ۾ گُڏون به ڪڍيون.
    هن پنهنجي پارٽي عوامي تحريڪ جي سڏ تي پنهنجي حياتي ۾ هزارين احتجاج به ڪيا. هن ساري سنڌ پرين جو پاڇو سمجهي سنڌ تي لڳندڙ ڌاڙن، ڪالا باغ ڊئم، گريٽر ٿل ڪينال سنڌ جي پاڻي جي جدوجهد، سنڌ ۾ ڌارين جي غيرقانوني آبادڪاري بهارين، بنگالين، برمين، افغانين خلاف جدوجهد، مشرف جي آمريتي دؤر ۾ سنڌ خلاف ٿيندڙ هر سازش خلاف جدوجهد، ٻٽو نظام خلاف جدوجهد، عدليه بحالي تحريڪ سميت انساني حقوق جي هر اهم مسئلي تي هي فقير جدوجهدن ۾ شامل رهيو آهي. هن رڳو لکيو ناهي پر انهن مسئلن تي عملي جدوجهد ۾ اڳيان رهيو آهي.
    ائين ئي محب ڀيل سنڌ ايڪسپريس جي سنڊي مئگزين وسيلي سنڌ جي هارين ۽ پورهيتن تي ٿيندڙ ظلمن بابت ڪالم لکيا. جن کي سنڌ جا باشعور ماڻهو دلچسپي سان پڙهن ٿا. هن سان عالمي ادب ۽ انقلابن جي تاريخ، سنڌي ادب ۽ هن خطي جي سياست تي به ڪچهريون ٿينديون رهيون آهن. سندس پهريون ڪتاب “تتل سج هيٺان” جا موضوع به گھڻو ڪري اهي ئي پورهيت آهن جن تي ڏات ڌڻين جي نظر گھٽ ٻڏي ٿي. هاري تحريڪ شاهه عنايت شهيد کان وٺي ڪامريڊ غلام محمد لغاري تائين، شهيد مائي بختاور کان ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ شهيد فاضل راهو کان ويندي رسول بخش پليجي تائين هن وقت جن به هارين ۽ پورهيتن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪئي آهي تن جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ۾ عيان ڪيو اٿس. هاري تحريڪ بابت رهيل ڳالهيون ڪتاب “هن رتائين راهه ۾” جي ٻي حصي ۾ اينديون. سنڌ جي اتهاس جي آئيني تي نظر وجهجي ٿي ته ڪتاب سنڌي سماج جو جائزو کان سواءِ هارين ۽ پورهيتن جي جدوجهدن يا انهن جي احوالن بابت تمام گهٽ لکيو ويو آهي. بدقسمتي سنڌ جي تاريخ جي اها به رهي آهي جو اسان جي تاريخ گهڻي ڀاڱي ڌارين ۽ ثنا خوان ليکڪن پي لکي آهي. جن جي لکتن ۾ حاڪمن جا محل، ماڙيون،جنگيون، عيش ۽ عشرتون ته آهن پر محنت ڪش طبقي کان وٺي اسان جي نج هيرن جي ڪردارن کي مڪمل طور تي ان ڪري به نظرانداز ڪيو ويو جو انهن تاريخدانن جا پير هن سرزمين تي کتل ئي ڪونه هئا. ان ڪري ئي ڌرتي ڌڻين هارين، پورهيتن جي عظمت ڀرين ڪردارن کي نظرانداز ڪيو ويو. شابس هجي محب ڀيل کي جنهن پنهنجي غريبي حال ۾ به سنڌ جي انهن پيڙهيل هارين ۽ پورهيتن تي ٿيندڙ ڏاڍ ۽ ظلم خلاف پنهنجي پورهيت هٿن واري قلم ذريعي جيڪو پورهيو ڪري هي ڪتاب لکيو آهي، سا سندس ڪاوش تاريخ جو حصو رهندي.

    عثمان راهوڪڙو
    اپريل 2017ع
    0346 3397774


    دراوڙ جا ڌڪ

    پراڻ جي ڪناري تي اڏيل جهڏي شهر جو نوجوان محب ڀيل مظلوم ماڻهن جو فريادي بڻجي مسلسل لکڻ واري پنڌ ۾ آهي. اُهي مظلوم هاري، مزدور ۽ پورهيت جيڪي سخت گرمي ۾ پگهر وهائي پورهيو ڪن ٿا پر سرمائيدار ۽ جاگيردار طبقي جي پورهيت دشمن حڪمت عملي سبب کين بکئي پيٽ لاءِ ماني ڳڀي ۽ اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ ڪپڙن جي وڳي جي به پريشاني رهي ٿي. اهي محنت ڪش جيڪي بي قدرائي ۽ ظلمت جي باهه ۾ سڙي رهيا آهن. جن جا خواب ڍنڍ ۾ مارين هٿان آڙين جيان ماريا ويا آهن. اهي چِهنگندڙ بيمار مزدور جن جو درد آسڻ تي ويهي نوٽ ڳڻيندڙ واپاري محسوس ناهن ڪري سگهندا. انهن مظلوم مزدورن هارين، نارين، پورهيت ڪڙمين جي اڌ مئل ٻار جهڙي خواهشن کي هي کاهوڙي محسوس ڪري ٿو، درواڙ نسل سان واسطو هجڻ سبب هن جيڪي ڀوڳيو آهي ۽ جن روين سان کيس لوئيو ۽ لتاڙيو ويو آهي. ان جي ڪهاڻي هو ڪچهرين ۾ ٻڌائيندو آهي. سندس هيل تائين ڪيل اڙانگن پنڌن، انسانيت کي لوئيندڙ روين هن کي قلم کڻڻ تي مجبور ڪيو. ۽ هن لکڻ شروع ڪيو، سندس پهرين ڪتاب ”تتل سج هيٺان” کان پوءِ سندس هي ٻيو ڪتاب “هن رتائين راهه ۾” آهي، جيڪو سندس انهي عشق جو نتيجو آهي، جيڪو عشق محب ڌرتي جي پورهيتن، مزدورن ۽ هارين سميت ظلم جي عتاب هيٺ رهندڙ طبقي سان ڪيو آهي. سندس اهو عشق سندس ڳالهين مان به محسوس ٿئي ٿو ته سندس اکين مان به ليئا پائيندي نظر اچي ٿو. محب ڀيل هڪ پورهيت ماءُ پيءَ جو پٽ هجڻ ڪري هن به پنهنجي حياتي غربت جي آوي ۾ ساڙي آهي. هو ڳولا جو رڻ جهاڳي دل جي ڏڍ تي وکون کڻي ٿو. سندس هي ٻيو ڪتاب هاري تحريڪ جي ماضي ۽ حال جو عڪس آهي. شهيد شاهه عنايت شهيد جي نعري ” جيڪو کيڙي سو کائي“ کان وٺي ”هاري حقدار“ جي نعري تائين، مظلوم بنايل هارين حقن جي حاصلات لاءِ جيڪي تحريڪون هليون. انهن بابت ڪارائتي ۽ تاريخي معلومات شامل آهي. هن پنهنجي مطالعي، مشاهدي ۽ تحقيق جي آڌار تي بهترين ڪالم لکيا آهن. ڇو ته پورهيت جدوجهدن بابت هن پڙهيو به آهي ته پورهيت جي پارٽي عوامي تحريڪ جو حصو به آهي. باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي جدوجهد ۽ شهيد مائي بختاور لاشاري جي قرباني، شهيد فاضل راهو، ۽ عظيم ڏاهي، مفڪر ۽ پورهيت دوست ليڊر رسول بخش پليجي جي ڪردارن تي روشني وڌي اٿس. هن هارين جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ انهن ڪردارن تي به قلم کنيو آهي جن جا ڪردارن ۽ ڪيل ڪمن تي ليکڪن جو قلم لکڻ کان پاسو ڪريو وڃي. پر محب جو قلم هوندو ئي نواڻ جي ڳولا ۾ آهي.
    محب ڀيل سان منهنجو واسطو گهڻو پراڻو ناهي پر ٿوري عرصي کان هڪٻئي سان جيڪا هجت آهي، اها هن جي مثبت سوچ جي ڪري آهي، هو اجايا بحث نٿو ڪري، ڊاڙون هڻي پاڻ کي پڏائي ڪون ٿو، هو لکڻ جي دنيا ۾ وڏي تيزي سان ڪم ڪري رهيو آهي. سادگي ۽ سچائي سندس لهجي ۽ لکڻي مان ليئا پائيندي نظر اچي ٿي.
    هن کاهوڙي جون ڳالهيون سچيون ۽ کريون آهن، هو چوي ٿو ته هر ماڻهو کي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ گهرجي، جيڪي ماڻهو پنهنجي حصي جو ڪم نٿا ڪري سگهن، اهي ٻي جون ٽنگون ڇڪڻ ۾ پورا آهن، هن ۾ سهپ ۽ برداشت تمام گهڻي آهي، هن ڪتاب “هن رتائين راهه ۾” شامل مضمون روزاني سنڌ ايڪسپريس جي سنڊي مئگزين ۾ پڙهيا هئا. محب ڀيل جي اها خوبي آهي جو هو روايتي پڻي کان هٽي ڪري لکي ٿو. سنڌي سماج ۾ ڪوڙهيل ۽ ڪند ذهنن جي ذلت آميز عملن تي مسلسل لکندو رهيو آهي. ڪارل مارڪس نظريي کي مظلومن لاءِ معجزو سمجهندڙ هي فقير منش مارڪسي قلم جي نوڪ سان هارين، پورهيتن سميت دراوڙن جي حقن واري جنگ وڙهي رهيو آهي، جن کي هٿ ٺوڪين قانونن ۽ غلامي جي فقرن تحت ذهني ۽ جسماني طرح غلام بڻايو ويو آهي. سندس واسطو پورهيت طبقي سان آهي. ليکڪ محب ڀيل جو تعلق خود هڪ پورهيت نسل سان هئڻ ڪري ئي هن جي مضمونن ۾ مظلومن جي ڳالهيون لکندي سندس لهجي ۾ ٽوهه جهڙي ڪڙاڻ اچي وڃي ٿي.
    محب لکڻ مهل ڪنهن جي رک رکال نٿو ڪري، سنڌ جو هي سپوت پنهنجي تهذيب، ثقافت ۽ ڌرتي سان پيار سبب رولاڪ رهيو آهي. هو تاريخي ماڳن، مڪانن جا پنڌ پڇائيندو رهيو آهي. هو کوهه جو ڏيڏر بنجي ناهي ويٺو، پر رُلڻ، ڦِرڻ ۽ عقابي اک سان سماج جي سرسري جائزي وٺڻ سبب مشاهدي ۽ گهڻو ٽائيم ڪتابن ۾ منهن هڻي، مطالعي سبب سندس ڪالمن ۾ جان آهي. سنڌي ۽ اردو ٻولي جو ڀلوڙ ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار اختر حفيظ کيس “پورهيتن جو ليکڪ ” سڏي ٿو.
    لکڻ سولو ڪم ناهي، ان لاءِ ڀوڳڻو پوي ٿو ۽ محب به ان ڏس ۾ ڀوڳيو آهي. کيس لکڻ جي پاداش ۾ وڏيراشاهي سميت ظالم برهمڻ سامراج پاران داٻا، دڙڪا، صعوبتون، الزام، فتوائون، ملامتون ۽ گاريون به سهڻيون پيون پر هي ڪهاڙو مڙس سچ لکڻ واري ضد تان نه لٿو. ۽ اڃان تائين سندس وات اها ئي وائي ته لکڻ ۾ ڇڪي رکبو.
    سندس ڪالمن مان تخليقي سگهه جي پروڙ پوي ٿي، پاڻ کي سوا سير سڏائڻ بدران ڄٽ ماڙهو چوندڙ محب ڀيل ڪتاب ۾ سنڌ جي هاري تحريڪ سميت اهڙن ڪردارن تي روشني وڌي آهي جيڪي تاريخ جا اهي ڪردار آهن جن کي زمانن تائين وساري نٿو سگهجي.
    ڳوٺ پٽيل انب ڀيل جي سادڙي ۽ ماٺيڻي ڇوڪري وکون کڻي سادگي، خلوص، سچائي سان مسلسل لکندو رهيو آهي. هي کاهوڙي قلم ڌڻيءَ وڏي تاريخ سهيڙي ماٺ ميٺ ۾ وڏو ڪم ڪري رهيو ويو آهي. هن ڪتاب کان علاه وٽس مختلف موضوعن تي پنج کن ٻيا ڪتاب به ڪمپوز ٿيا پيا آهن، جيڪي ڇپجڻ جي انتظار ۾ آهن. سندس قلمي پورهيو جس لهي.

    غلام شبير لغاري
    جُون 2017ع


    ليکڪ پاران

    منهنجي مضمونن جو پهريون ڪتاب “تتل سج هيٺان” ڇپيو جنهن ۾ مختلف موضوعن تي 32 مضمون شامل هئا، ڪنهن کي وڻيو الئه نه ؟ اهو پنهنجي مٿي جو سور ناهي. ان کانپوءِ ٻين موضوعن تي اخبارن ۾ لکندو رهيس. جنهن ۾ قسطوار مضمون به هئا انهن ٽڙيل پکڙيل مضمونن کي گڏ ڪري ڪتابي صورت ڏيئي توهان جي هٿن تائين پهچايو آهي. هن ڪتاب ۾ فقط سنڌ جي هاري تحريڪ بابت لکيل آهي. سنڌ جي هاري تحريڪ جي تاريخ جو موضوع تمام وسيع آهي. ان عظيم جدوجهد جي هڪ هڪ پل ۽ ڪردار تي ڪيترائي ڪتاب لکي سگھجن ٿا. ان شاندار جدوجهد کي ڪتابڙي جي سئو کن صفحن ۾ قطئه نٿو بيان ڪري سگھجي. اهو ڪم ناممڪن آهي. پراهو سوچي سنڌ جي شاندار پورهيت جدوجهد جي تاريخ کي نظرانداز ڪرڻ پنهنجي تاريخ سان ويساهه گهاتي آهي. تنهنڪري اهڙي ويساهه گهاتي کان چڱو آهي ته جنهن کان به جيترو پڄي اهو تاريخ ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ضرور ڪري ته جيئن اسان جي ايندڙ نسل کي پنهنجي ڌرتيءَ تي پورهيت جدوجهد جو مڪمل علم هئڻ گھرجي. ان حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو ته سنڌ جي هاري تحريڪ جي تاريخي جدوجهد تي جيترو لکڻ گھرجي اوترو نه لکيو ويو آهي. انهي سبب سنڌ جي هاري تحريڪ جي ماضي جا ڪيترائي شاندار پورهيت دوست ڪردار لڪل آهن. جن پنهنجي حياتي جو حاصل مقصد ئي پورهيت انقلاب ۽ جدوجهد کي بڻائي ڇڏيو هو ۽ اڄ ڏينهن تائين ان عظيم مقصد جي حاصلات لاءِ جاکوڙي رهيا آهن ته ڪي پرلوڪ پڌاري ويا.
    موضوع ٻيا به لاتعداد پيا آهن پر الئه ڇو مونکان انهن تي نٿو لکجي، تنهنڪري آئون هِتان هُتان ڦريو هاري، مزدور ۽ پورهيتن تي بيٺو آهيان. ان جا ٻيا ته الئه ڪهڙا سبب آهن پر هڪ ته آئون پاڻ سمجهان ٿو سو اهو آهي ته آئون خود پورهيت ماءُ ۽ پورهيت پيءَ جو پٽ آهيان. منهنجو بابا سائين اڌ ته ڇا پر سرڙيو هاري به رهيو آهي. مون پاڻ به ٻين جي ٻنين مان پنهنجي روزي سمجھي گڏون ڪڍيون آهن. منهنجي پورهيت هٿن تي لڦن جا نشان ظالم جاگيرداري نظام تي اڄ به سلطاني گواهه بڻيل آهن. فصل جي جن سلن کي اسان پنهنجي ٻچن جيئن نپايو تن جي اناج ۽ جنسن جا ٽالها جاگيردارن پاران اڌ جي ڌڻي کان بنان پڇڻ جي کڻندي هنن اکين ڏٺو. مون هارين جي معصوم ٻچڙن کي بک ۾ ٻاڪارون ڪندي ٻڌو آهي، مون بنان علاج جي بي موت مرندڙ هزارين هارين جي ٻارڙن، عورتن توڙي پيرسنن کي آخري هڏڪيون ڏيندي به ڏٺو آهي. مون عيد توڙي ٻين سڀاڳن ڏڻن تي هارين کي لنگهڻ ويلا ڪاٽيندي ويجهي کان ڏٺو آهي. پنهنجي ٻار جي علاج لاءِ هارياڻي کي نڪ جي ڦلڙي ڪڍي پنهنجي پورهيت پتي کي وڪڻڻ لاءِ ڏيڻ جي ازيت کي مون اکين سان پسيو آهي. جنهن کي واڻيي وٺڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو. انهن مجبور پورهيتن جا سرد شوڪارا منهنجي ڪنن ۾ گونجندا رهن ٿا جيڪي پنهنجي مري ويل پورهيت ماءُ کي ڪفن ڏيڻ جي پڄت به نٿا رکن ۽ ڪفن دفن جو سامان به وڏيري جي چٺي تي کاتي ۾ ٿا کڻن ان ڪفن تي پڻ وياج لڳي ٿو. اوچتي مهمان جي اچڻ تي ڪاري چانهه جي ڪوپ لاءِ گھربل کنڊ پتي جي ذري لاءِ به پورهيت ور جي ڪن ۾ سس پس ڪندڙ هارياڻي ڪانڌ جي مجبوري سمجھندي ٻارڙن کي “ٻڪ” ۾ داڻن جو مليل سير ڳوٺاڻي هٽ تي کپائي ڦاٽل چُني جي پلئه ۾ 3 روپين واري پتي جي پڙي ۽ 100 گرام کنڊ جو ذخيرو کڻي اچي پتي جي پت رکي ٿي.
    هر سال سيڻن کي ڪنيا جي شڀ لگن جا ڏينهن ڏيئي غربت سبب پرڻائي نه ڏيندڙ پورهيت پيءَ کي چيٽ ۾ ليٽ نڪرڻ جو آسرو آسرو ئي رهجي وڃي ٿو. غربت سبب ڏاج نه هئڻ ڪري جوانين کي موٽ کائيندي مون ڏٺو آهي. ڪکائن جهڳين مان سسڪين جا آواز من اندر ۾ وڍ وجهڻ لاءِ ڪنهن به ريت گھٽ نه آهن. سموري دنيا جي اميرن جا لاهي اُڇلايل لٽا، سوئٽر، اوني ٽوپيون، نيلامي جوتا ريڙهن تي سستي اگھه نه ملن ته ڪائنات جي گھڻي پورهيت آبادي جا نه رڳو پير پر انگ به اگھاڙا هجن. ڪائنات ۾ انسانيت هاڻ ڪوٺي جو اگهاڙو رقص ٿيندي وڃي. جتي مجبوريون نچن ٿيون، جنهن ماڻهپي جي تذليل جي رقص کي سامراجي ڇتا ڪتا اکيون ڦاڙي گگون ڳاڙي تڪين ٿا. سامراجي آدمخور معصوم انسانيت جون ٻوٽيون پٽي رتورت ڪرڻ چاهين ٿا. پورهيتن جا لاش، لڏا ۽ ڄڃون کڻڻ لاءِ رڳو ٽريڪٽر ٽالها آهن جيڪي انهن جو اُپايل سمورو اناج به کڻي وڃن ٿا. مٿي ذڪر ڪيل هارين جي زندگي جي حالاتن جو مشاهدو مونکي ان ڪري به وڌيڪ آهي جو مون ٿورڙو عرصو اڳ ڪوڏر اُڇلائي قلم کنيو آهي جڏهن ته منهنجا سمورا رشتيدار اڄ به هارپو ڪن ٿا. اڄ به انهن جا حالات اهڙا آهن جن تي ڪاري رات جو سوچيندي سوچيندي وار اُڀا ٿي ويندا آهن.
    هاري ۽ زميندار ٻئي اڌ جا ڌڻي آهن پر ٻنهي جي حالاتن کي ڏسي اندازو ٿي ويندو ته ڪُپت ڪنهن ۾ آهي؟ سڀ زميندار هڪجهڙا به ڪونهي انهن ۾ ڪي پورهيت دوست چڱا به آهن. جاگيردارن جي ڏاڍ مڙسي واري غيرانساني نظام مان هاري جي جند تڏهن آجي ٿيندي جڏهن هو انهن حالتن جو سخت مقابلو ڪندي پنهنجي ٻچن کي پڙهائيندو ۽ شهر جو رخ ڪندو، جتي سندس ايندڙ نسل وڏيراشاهي جي حڪمراني کان آجو ۽ محفوظ هوندو.
    مونکي قطئه ان ڳالهه جو افسوس ناهي ته جنهن طبقي جي ماڻهن لاءِ منهنجو لکڻ، پڙهڻ، رات ڏينهن انهن جي تقدير کي بدلائڻ جون ڳالهيون سوچڻ، پنهنجي غريباڻي وس آهر جدوجهد ڪرڻ بلڪه بابا فريد واري ڳالهه جيئن “ميڏا يار وي تون ميڏا عشق به تون” انهن سان عشق ڪرڻ جي باوجود به انهن منهنجي معشوق ماروئڙن کي ان ازلي عشق جو پتو به ناهي، تڏهن ته هو گھڻو ڪري وڏيرن جي ونگارو واٺڙين جي چمڪ دمڪ ڏسي انهن جي ڄار ۾ ڦاسندا رهيا آهن. اسان واري انگ ونگڙي ۽ ورن وڪڙن واري انقلاب جي ڳالهه انهن جي دماغ ۾ نٿي اچي.
    منهنجو هاري تحريڪ جي تاريخ، ڪردارن، جدجهدن، قربانين جي قصن، ماضي ۽ حال بابت هي ڪتاب هڪ معمولي ڪوشش آهي. جنهن مان گھڻو مطمئن نٿو ٿي سگھجي، واقعي مطمئن ٿي وڃڻ مري وڃڻ جي برابر آهي. تنهنڪري هاري تحريڪ جي ڪم تي اڃان به گھڻي قلمي ڪم جي ضرورت آهي. اڳتي حياتي رهي ته وري هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو به ڇپائبو، في الحال لاتعداد کوٽن، خامين، غلطين جي باوجود به هي ڪتاب توهان جي هٿن تائين پهچائڻ جي هجت ڪري رهيو آهيان. آئون فقير اڳ به اوهان سڄڻن جي محبتن جو تمام گھڻو مقروض آهيان. اوهان جي بي لوث محبتن کانسواءِ ٻي ڪنهن سرٽيفڪيٽ جي ڪڏهن گھرج ئي نه رهي آهي. شڪرگذار آهيان پنهنجي محسنن فتح محمد شهزاد ثيٻو، پرڪاش ڪرمواڻي، اوشو ڀيل، ايوب کوسو، روحل ڪالرو، اخترحفيظ، عمر احمداڻي، پهلاج ڪولهي، هرجي مل ميگھواڙ، اوشو نارو ڀيل، پريم ميگهواڙ، ادي راڌا ڀيل، ادي امر سنڌو، ايف سي راٺوڙ، جئي شنڪر ڪولهي، ديدار ڀيل، گينو ڪولهي، پونم پاسڪل ڪولهي، قيوم بلوچ، صوفي سچل کوسو، فقيرسليمان لغاري، مدد جروار، شمس مڱريو، ميوو ڀيل، پٽيل ڪانجي ڀيل، عثمان راهوڪڙو، شبير لغاري، جيرام آزاد، غلام شبير لغاري، ڊاڪٽر گلاب ڀيل، ڀلجي ڀيل، چيتن ڀيل، وڪيل تلوڪ چند ڀيل، وڪيل آسن ڀيل، ڊاڪٽر رميش ڪمار ڀيل جو دلي طور احسانمند آهيان.

    محب ڀيل
    ڀيل هائوس وارڊ نمبر 9 جهڏو
    ڳوٺ پٽيل انب ڀيل تعلقو جهڏو
    ضلعو ميرپورخاص
    03002682036
    muhibbheel@gmail. com
    جُون 2017ع


    شهيد شاهه عنايت جي جدوجهد ”جيڪو کيڙي سو کائي“

    جيئڻ ڪارڻ انسان جو مسلسل ذهني توڙي جسماني پورهيو، جستجو ۽ جدوجھد ئي آهي جنهن سبب انسان هن ڪائنات ۾ پنهنجو وجود جي بقاءُ جي جنگ لڙي پنهنجي نسل کي برقرار رکندو اچي. ان پنڌ ۾ ماڻهو لکين سالن کان پنهنجا پير پٿون ڪندو اچي هن سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي جديد ترين دور ۾ داخل ٿيو آهي. زندگي جي مشڪل ۽ پيچيده پيچرن تي ڪائنات جي ارتقا جا انيڪ رنگ بدلجندا رهيا آهن. انسان انهن بدلجندڙ رنگن کي ويجھڙائي کان پسيو آهي. ماڻهو پٿر جي زماني کان ويندي هن تيز ترين دور تائين جي ڪروڙين سالن جي سفر ۾ مشڪلاتن جا هزارين سمنڊ جهاڳيا آهن. فطرت جي تبديلين جون لاتعداد ڀوڳنائون ڀوڳيون آهن. مينهن، طوفان، ٻوڏون، زلزلا، گرمي، سردي، بک، بيماري ۽ ڏڪار جا خطرناڪ عذاب انسان اگھاڙي انگ ۽ بُکئي پيٽ سان کُلئي آسمان هيٺ ٻيلن ۽ غارن ۾ گذاريو آهي. انهن تڪليفن ماڻهو جي قوت مدافيت ۾ زبردست اضافو ڪندي جتي کيس ڪائنات ۾ سڀ کان وڌيڪ مضبوط ساهواري جو درجو ڏنو اُتي ماڻهو جيئڻ جا پڻ ڪيترائي نوان ڍنگ ۽ طريقا سکي ويو. ان اوائلي ڏينهن ۾ انسان جي شاهڪار عقل جي نتيجي ۾ اڄ جو انسان سُک ۽ آسائشن واري حياتي جو جيون گھاري رهيو آهي. ان آسائشن پويان لکين سالن جا سور ۽ پورهيا به شامل آهن. حالتون ۽ لقاءُ بدلجندا رهيا، شيون شڪليون مٽائينديون رهيون، جڳ جو چرخو لاتعداد تبديلين سان روان دوان رهيو، ارتقائي دور کان ماڻهو قدرتي ۽ فطري آفتن کي منهن ڏيندو طوفانن سان اٽڪندو پرسڪون زندگي جي ڳولا ۾ ڪائنات لتاڙيندو اڳتي وڌندو رهيو آهي. پٿر جا تراشيل اوزار، لٺ، ڏڦو ماڻهو جي تحفظ جو ذريعو بڻيل رهيا. جهنگ جا ڦل، ميوا آڙڪ ڀاڄيون، سبزيون اناج سان گڏ شڪار انساني نسل جي بقاءُ جو اهم ذريعو بڻيل رهيا. اوائلي انسان ۾ مرد گھڻو ڪري ويڙهه ۽ شڪار ڪيو جڏهن ته عورت گھريلو ڪارهنوار کي بهتر طريقي سان هلائڻ ۽ مختلف اناجن جا ٻج سنڀالي رکڻ گھرن جي آسپاس ٿيل اناج ۽ ڦلن کي چونڊي محفوظ ڪرڻ جھڙا ڪم ڪري هن وسيع ڪائنات ۾ انسان کي زنده رکڻ لاءِ اهم ذميواري نڀائي آهي. داڻن لاءِ مٽي جي گُندي ۽ ڀاڄيون سڪائي رکڻ جو هنر به عورت جي تجربن جو حصو آهي. هن جديد دور ۾ زراعت چاهي ڪيتري به ترقي جا قراقرم پار ڪري پر ان پويان وري شروعاتي وکون عورت جون کنيل آهن. يعني عورت کيتي ٻاري جي موجد آهي. يعني عورت هن ڪائنات جي پهرين پورهيت هاري رهي آهي. عورت جي ئي ابتدائي خيال جو اهو نتيجو آهي جنهن ۾ پيٽ جي اجگر دوزخ کي اُجھائڻ لاءِ زراعت اهم ذريعو بڻي آهي. جيڪو انساني نسل جي بک دُور ڪري نسل جي بقاءُ کي برقرار رکي سگهي ٿو. اڄ به دنيا جي اٺ ارب جي لڳ ڀڳ انساني آبادي لاءِ خوراڪ جو پورائو گھڻي ڀاڱي زراعت ذريعي ٿئي ٿو. ان جي باوجود به دنيا جا ڪيترائي ملڪ خوراڪ جي شديد کوٽ جو شڪار آهن. ان جو بنيادي سبب هي آهي ته دنيا جي آبادي چار ارب هئي تڏهن به ڌرتيءَ جي پيمائش ساڳي هئي ۽ اڄ جڏهن دنيا ۾ انساني آبادي ساڍا ست ارب کان ٽپي پئي تڏهن به زمين ته اوتري ئي آهي بلڪه ڪيترن ئي ملڪن ۾ مٺي پاڻي جي کوٽ جي ڪري لکين ايڪڙ آباد زرعي زمين سمنڊ پائي چڪو آهي. جنهنڪري انساني آبادي لاءِ انهن ملڪن ۾ خوراڪ جي خطرناڪ حد تائين کوٽ توڙي لٽي ۽ اجھي جا بيحد گھڻا مسئلا پيدا ٿيڻ پڻ فطري عمل آهي.
    ڪائنات جي ارتقائي دور ۾ غاصب قوتن پاران غلام بڻايل هيڻن طبقن کي پنهنجي پيٽ گذر لاءِ خوراڪ جا زخيرا گڏ ڪرڻ خاطر شڪار سميت زراعت جي ڪم ڪار لاءِ باندي بڻائي ٻني ٻارو ڪرايو ويندو هو. ان دور ۾ غلام قبيلا ڏاڍن ماڻهن وٽ اوائلي هارپو ڪندا هئا. هارپ بابت ڪوبه قانون ۽ آئين جُڙيل نه هو. جنهنڪري ان دور جو کيت مزدور بنان اجوري فقط زنده رهڻ خاطر پنهنجي سموري خاندان سان گڏ پيٽ گذر لاءِ اجتماعي پورهيو ڪندي به انهن جابر قوتن وٽ قيد هو. انساني تاريخ جي ارتقائي ڏينهن ۾ ماڻهو جڏهن اڃان ماڻهپي ۾ ڪونه آيو هو تڏهن به ماڻهو زندگي لاءِ موت سان مهاڏو اٽڪائيندو رهيو، ماڻهو مسلسل جاکوڙ، جستجو، سخت پورهيا، انيڪ تجربا، ڪوششون ڪندو پنهنجو نسل برقرار رکندو رهيو آهي. پر ان ڪرت ۾ ڪائنات اندر ڪال، ڪروڌ ۽ ڪلفتون به هن ڌرتيءَ ماتا کي رت سان رڱينديون رهيو ن آهن. هومو اريڪٽس، هومو ميگنان، هومو شيپين ۽ هيومن يعني سالم دماغ سان اُڀو هلڻ واري مڪمل انسان ٿيڻ جي سفر ۾ جدل جو جنون بنيادي طرح آهي ئي بقاءُ جي جنگ، سو ماڻهو شعور جي شروعاتي وکن کان وٺي هيل تائين فقط بقاءُ جي جنگ ۾ حياتيون وڃائيندو رهيو آهي. ڪائنات جي اوائلي زماني ۾ ڇڙوڇڙ ٿيل ماڻهو گڏ ٿي ٽولن جي صورت ۾ رهڻ لڳا ۽ ٽولن جي صورت ۾ لڏپلاڻ ڪرڻ لڳا. ان دور جي ماڻهن باهه، پاڻي، ٻوڏون، طوفان، زلزلا، شديدگرمين ۽ سخت سردين سميت ٻين لاتعداد قدرتي آفتن، موسمي تبديلين جا راز پروڙيا، سمجھيا ۽ انهن جا حل ۽ بچاءُ جا طريقا ڪڍيا. هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين لڏپلاڻ جا سبب قدرتي آفتون ۽ موسمي تبديلين سان منسلڪ هئا. يعني ان اوائلي دور جو هر ماڻهو پيٽ گذر لاءِ هٿ پير هڻندو رهيو ۽ زندگي جا عذاب ڀوڳيندو رهيو. بلڪه انسانن جي وڏي اڪثريت اڄ ڏينهن تائين انهن عذابن مان آجي نه ٿي سگھي آهي. جنهن جو مثال هن دور جا ڪروڙين پورهيت آهن جيڪي جاگيرداري ۽ سرمائداري جي ڄار ۾ سوگها آهن. نسل در نسل سندن حياتيون ڳري ختم ٿي ويون آهن.
    ان شروعاتي زماني جي ماڻهو (اڻ سڌريل انسان) جي پيٽ گذر جا ذريعا شڪار، جهنگ جا آڙڪ ڦل فروٽ، اناج هو. زخيرااندوزي جي سوچ ماڻهو جي دماغ ۾ تڏهن به گھر ڪري ويٺل هُئي. جنهنڪري اهي ارتقائي ماڻهو خوراڪ جو زخيرو ڪري رکندا هئا. ڏاڍا قبيلا هيڻن تي هلان ڪري سندن خوراڪ جا گڏ ڪيل زخيرا لُٽي کڻي وڃي پاڻ کائيندا هئا. انهن ماڻهن کي غلام بڻائي جبر ۽ ڏاڍ سان سخت پورهيا ڪرائي پنهنجي قبيلن لاءِ سک ۽ آسائشون ميسر ڪيون وينديون رهيون آهن. جديد دور جي سرمائدارن پاران ڏاڍمڙسي جو ڪارهنوار اڄ به جاري آهي پر طريقي واردات منفرد، جديد ۽ نئين آهي. جنهن کي دنيا جا قانون انڪري سپورٽ ڪن ٿا جو اهي قانون جوڙيل ئي انهن سرمائدارن جا آهن. پٿر جي دور وارن ماڻهن جو هڪٻي سان شروعاتي تضاد به خوراڪ جي گڏ ڪيل زخيرن تي قبضي جي سبب ڪري ٿيو هو ۽ اهو اڄ به جاري آهي. ان دور جا ماڻهو پيٽ گذر خاطر ٽولن جي صورت ۾ لڏپلاڻ ڪري اهي محفوظ جايون ڳوليندا هئا جتي کين خوراڪ سميت جان ۽ مال جو تحفظ هجي ۽ زندگي جو گاڏو گھلجي سگھي. روزي ڪارڻ اڻ ڏٺل منزلن تي لڏپلاڻ جي دربدرين جو اهو سفر لاتعداد ڏکن، سورن، پيڙائن سان ڀريل هوندو هو. پيٽ خاطر لڏپلان ڪندڙ اوائلي پورهيت انسانن جا ڪافلا لٽجڻ جو ڪيئن ڪٿائون ۽ وارتائون آهن. ڪروڙين سال پوئتي ماضي جي تاريخ ۾ جھاتي پائڻ کانسواءِ به ويجھي تاريخ ۾ اهڙيون لڏپلاڻون ٿينديون رهيون آهن. اڄ به هڪ زميندار کان ٻي زميندار تائين پورهيتن جو تقاوي تي اڻسڌي ريت وڪرو ۽ لڏپلاڻ جاري آهي. ماني پويان پورهيتن جي ڊگھي پنڌن جا پير ڌرتيءَ جي گولي تي ڳيري وک آهن. مظلوم طبقن تي ڪاهون ڪندڙ ڏاڍا نسل در نسل ڏاڍا بڻجي دنيا جي هيڻن جي روزي روٽي تي ڌاڙا هڻندا رهيا آهن.
    اسان جي ديس جا پورهيت ڏاڍن جا عتاب ڀوڳي دربدري جو جيون جيئن ٿا. سماج بدلجڻ، ترقي ڪرڻ، علم پرائڻ، بنيادي انساني، جمهوري حق حاصل ڪرڻ سان سندن ڪو سروڪار ناهي. هو بس سموري حياتي روزي جي رولاڪين ۾ دربدر ٿي زندگيءَ جي راهن تي موت جو سفر ڪن ٿا. ماني لولي جي حاصلات لاءِ گرمين، سردين، آڙنگن ۽ جهولن جون رولاڪيون هنن جي قسمت تي ٿاڦجي ويون آهن. هو مقدر جا سڪندر ڪڏهن ٿي ڪونه سگھيا آهن. پر مقدر ۽ ڀاڳ هنن کان رٺل ئي رهيو آهي.
    هو جاگيرداري نظام ۾ غلامي جي دربدرين جي رڻن ۾ ڄمن ٿا، بکن ۽ بيمارين ۾ پلجن ٿا، رڙهن ٿا، رڙن ٿا، چنگھن ٿا، چُرن ٿا، ڦٿڪن ٿا، تڙپن ٿا، هو لاشعوري ۾ مست الست ٿي غلامي جي جيون کي انجواءِ ڪن ٿا، مڌ جي مدهوشي ۾ نچن ٿا، ڪڏن ٿا، ڪرن ٿا، جُھرن ٿا. سستن سگريٽن ۾ سڙن ٿا، تاريخ جي غم کي ڀُلائڻ لاءِ ڪچي ٺري جي ٻاٽلي ۾ پناهه وٺن ٿا، ٿڙن ٿا، ٿاٻڙجن ٿا، وري پين ٿا ۽ مرڻ لاءِ وري جيئن ٿا.
    پورهيتن جا مرڻا، پرڻا، تڏا، خوشيون، غم سڀ جاگيردار جي ڊپ ۽ دٻاءُ جي ماحول ۾ ٿين ٿا. هو نيلي آسمان جي ڇپر ۽ ڇانءَ ۾ زهر جهڙي زندگي سان نڀاءُ ڪن ٿا. هنن جو سهاڳ راتيون ڪکائن جهوپن ۾ ۽ تڏا بدمست بندوقن جي بک بڻجي قتل ٿيل پکين جي مرتيي جيئن آسمان ۾ وڇايل هوندا آهن. هنن جا لڙڪ جلد کُٽيو وڃن ڇو ته هنن جي اکين صدين کان رت رُنو آهي.
    سنڌ ڌرتيءَ کي سنڌو درياهه سيراب ڪندو وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو ان ڪري هتي پڻ درياهه جي پاڻي تي آبادي سان گڏ وارياسين علائقن ۾ هارپ جو نظام صدين کان موجود آهي. پنج هزار سال کان به قديم ۽ شاهڪار تهذيب موئن جي دڙي مان پڻ ڍڳي گاڏي سميت ٻيا زرعي آلات مليا آهن. جنهن مان ثابت ٿيو ته سنڌ زرعي طور صدين کان خوشحال رهي آهي. پر نهري نظام کان اڳ زرعي آبادي هڪ طرف درياهه جي اٿل تي هئي ته ٻي طرف ريگستاني علائقا بارش تي آباد ٿيندا هئا ۽ اڄ به سنڌ ۾ زراعت جو ساڳيو ڪارهنوار هلندڙ آهي. ٿر توڙي بئراج ۾ هارپ جو قانون ٿوري گھڻي فرق سان ساڳي طور طريقن سان لاڳو آهي.
    جاگيرداري سڄي دنيا جيئن سنڌ ۾ به عروج تي رهي آهي. هزارين ايڪڙ زرعي زمين جو اڪيلو وارث بااثر جاگيردار هزارين پورهيت هارين جي پگھر جي ڪمائي کي صدين کان هڙپ ڪري پنهنجو ڀڀ ڀري غريب هارين جو استحصال ڪندو رهيو آهي. نتيجي ۾ پورهيت جو حال بدتر ٿيندو ويو ۽ جاگيردار مچي مواڙ ٿيندو رهيو. سڄي دنيا جي بااثر جاگيردارن جو رويو هارين لاءِ هڪجھڙو آهي. انهن جي دل ۾ انهن پورهيتن لاءِ ذرو به رحم ناهي جيڪي صدين کان نسل در نسل هڪ مخصوص ماڻهن لاءِ ڪمائي رهيا آهن. دنيا ۾ قائم ٿيل جمهوريتن ۾ هاري طبقي لاءِ ڪو اهڙو آئين جوڙيل آهي جنهن تحت انهن جي زندگي ۾ ڪو خاطر خواه تبديلي يا سڌارو يقيني آيو هجي؟ دنيا جو هي واحد هاري پورهيت طبقو آهي جيڪو ڪائنات جي ڪروڙين انسانن لاءِ خوراڪ اُپائي پاڻ بک جا عذاب ڀوڳي ٿو. ڪروڙين ٽن اناج، ڦل، ڀاڄيون پيدا ڪري به پاڻ انهن نعمتن کان محروم رهي ٿو. جاگيرداري ذهينيت سموري ڪائنات ۾ هڪڙي ئي سوچ رکي ٿي ته “پورهيت هاري کي غلام ڪيئن رکجي؟” انهي سوچ تي عمل ڪرائڻ لاءِ نوان قانون ۽ آئين جوڙيا وڃن ٿا. سنڌ ۾ هارپ جي نظام بابت لاتعداد ڳالهيون اڃان تائين منجهيل آهن. جاگيردار طبقو پنهنجا هٿ جا قانون ٺاهي پنهنجا مفاد ماڻي رهيو آهي ۽ هاري مسلسل پيڙجي رهيو آهي. ان پيڙاهه، درد ۽ عذابن جو ڪٿي دنگ ٿيندو؟ اهي سور ۽ پور هارين جو نصيب بڻايا ويا آهن.
    بک، بدحالي تنگدستي انهن جو نه بدلجندڙ مقدر ڇو بڻجي وئي آهي؟ اهڙو قانون “جيڪو ڪمائي ٿو سو نٿو کائي” ڪهڙي منجهه حساب ڪُل وقتي لاڳو ٿي چڪو آهي جنهن ۾ ترميم جي ڪابه گنجائش موجود ئي ناهي. “جيڪو کيڙي سو کائي” جهڙو ڪائنات جو حقيقي فطري نعرو بي مقصد بڻائڻ پويان جاگيردارن جي ڪهڙي سامراجي سازش شامل آهي؟ ان پورهيت طبقي کي ڇڙوڇڙ ڪري سندن ٻڌي ۽ طاقت کي ٽوڙڻ جو راز ڇا آهي؟ آخر دنيا جا طاقتور طبقا انهن کان ڊنل ڇو آهن؟ صدين کان دنيا کي ڪمائي کارائيندڙ پورهيت طبقي کي پنهنجي بک جو سبب ڪڏهن سمجهه ۾ ايندو؟ غلامي جون سنگھرون ڪڏهن چڪناچور ٿينديون؟ انسان ازل کان ڪيئن آجو آهي؟ لاتعداد سوال جواب طلبين ٿا.
    ڪائنات وجود ۾ اچڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڪروڙين پورهيت انسان ظالم جاگيرداري جي بدترين ڄار ۾ ڦاٿل آهن. انساني آبادي جو وڏو حصو غلامي جي صورتحال م جڪڙيل هوندي به دنيا لاءِ خوراڪ جو بندوبست ڪري ٿو. لڱ ساڙيندڙ لُڪن ۽ ڏيل ڏڪائيندڙ گرمين ۾ ڌرتيءَ جو سينو چيري اناج پيدا ڪندڙ پورهيت کيتن ۾ لنڊيون لتاڙي ۽ ڪنڊن سان پير ڇنائي زمين کي سرسبز بڻائي ٿو، ڪروڙين ٽن اناج، سبزيون، ميوا پيدا ڪرڻ جي باوجود به سندس حياتي سورن کان آجي ناهي. صدين کان سندس دردن جو درمان نه ٿي سگيو آهي. فرينچ انقلاب، روسي انقلاب، چيني انقلاب، ويٽنام انقلاب کان به اڳ سنڌ جي هڪ عظيم سوشلٽ صوفي شهيد شاهه عنايت “جيڪو کيڙي سو کائي” جو نعرو ڏيئي سڄي دنيا جي پورهيتن کي اهو پيغام ڏنو ته پگھر جو پورهيو ڪندڙ محنت ڪش ماڻهو ئي اصل هن کائنات جي ترقي جو اهم سبب ۽ ذريعو آهن پورهيتن جي مضبوط هٿن هن ڪائنات جي تعمير ۽ ترقي ممڪن بڻجي سگهي آهي. برابر جيڪو کيڙي ٿو ان کي ئي کائڻ جو حق حاصل آهي. مظلوم طبقن تي قابض ظالم قوتون ڏاڍ ۽ جبر، انياءُ سان پورهيتن جي محنت تي راتاهو هڻي غريب، اٻوجھه انسانن کي يرغمال بڻائي انهن جي روزي روٽي ۾ انيڪ رڪاوٽون پيدا ڪري مشڪلاتن ۾ اضافو ڪيو آهي. هڪ هاري نسل در نسل لکين سالن کان هاري آهي ڇا اهيو هن ڪائنات جو الميو ناهي ؟ دنيا جي ترقي جي ڊوڙ ۾ هاري شامل ئي ناهي. سرمائيداراڻي سوچ رکندڙ جاگيردار انهن جي هٿ ۾ ڪتاب ۽ قلم بجاءِ فقط ڪوڏر، ڪهاڙي، ڏانٽو ۽ رنبو ڏسڻ چاهين ٿا. دنيا جي ڏاهن کي ڪمائي جو اهو فارمولو سمجهه ۾ ڪڏهن ايندو؟ جنهن ۾ هاري ۽ زميندار ٻئي اڌ جا ڌڻي آهن. پر زميندار محلن جي زندگي گذاري ٿو ۽ هاري جهوپن ۾ جيون گھاري ٿو، بکن ۾ پاهه ٿئي ٿو، سورن ۾ سڙي ٿو
    اسين اڌ ڍاوا، اوهين وڌ ڍاوا،
    اسين ڦٿڪون ٿا، اوهين ڦاٽو ٿا.
    ڪائنات جي سموري تاريخ ۾ اڻ ٿيڻيون ۽ ناممڪن شيون ممڪن بڻيون آهن. پورهيتن پنهنجي ٻڌي، اتحاد ۽ ايڪي سان شاندار جدوجھدون ڪري سرمائدارن جا ڀاري بُرج لوڏي ڇڏيا هوندا. لينن جي اڳواڻي ۾ روس جو مزدور انقلاب ۽ مائوزيتنگ جي اڳواڻي ۾ چين جو عظيم هاري انقلاب، ڏٻرن ڏيلن ۽ اڀرن ويٽنامين هوچي منهه جي اڳواڻي ۾ آيل انقلاب ۽ چي گويرا سان گڏجي ڪاسترو جهڙي جوان ڪيوبا ۾ انقلاب آڻي شاهڪار مثال قائم ڪيوآهي. انهن عظيم انقلابن آمريڪا جهڙن سپر پاور سرمائيدارن ۽ ان جي حواري جاگيردارن کي ڏندين آڱريون ڏيئي ڇڏيون. پورهيت انقلاب لاءِ “مارڪسزم” دنيا جو سائنسي نظريو آهي. دنيا جا سمورا سُرخا مارڪسزم تي متفق ٿي جدوجهدون ۽ پرولتاري تحريڪون هلائي انقلاب لاءِ راهه هموار ڪري رهيا آهن. پر دنيا جي سمورن ملڪن جون زميني حقيقتون مختلف آهن. ان ڪري اُتي جدوجھهدن جا طريقا پڻ جدا آهن. سنڌ ۾ به پورهيت جدوجھدن جي زميني حقيقت الڳ آهي. جنهنڪري سنڌ ۾ هاري تحريڪ جي به هڪ الڳ منفرد حيثيت آهي. جنهن تحت پورهيتن جي ان تحريڪ وقت به وقت زبردست ڪاميابيون حاصل ڪندي جدوجھدن جي نئين تاريخ رقم ڪئي آهي.
    سرمائيدارن جو اوچيون اوچيون محلاتون، ماڙيون، بنگلا، ملون، ڪارخانا ۽ فيڪٽريون مسڪين پورهيتن جي رت مان ٺهيل آهن. انهن محلن جي گدامن ۾ زخيرو ڪيل اناج به انهن پورهيت هٿن جو اُپايل آهي جيڪي پورهيت هٿ گرهه گرهه لاءِ سڪن ٿا. پورهيت هٿن جي لڦن جي درد کي فقط پورهيتن جي سينن ۾ ڌڙڪندڙ دلين سان محسوس ڪري سگھجي ٿو. پورهيت طبقن جو متحد ٿيڻ سرمائدارن جي ڀاري برجن ڌرتيءَ تي لکن سالن کان ڏاڍ، جبر ۽ دوکيبازي جو دستور روان دوان رهيو آهي. ڪوڙ، ڪُپت ۽ دوکيبازي جو اهو دستور بنيادي طرح ڌرتيءَ جي پورهيت ماڻهن جي وڏي آبادي کي چند چالباز ماڻهن پنهنجن انفرادي مفادن خاطر جاري رکيو آهي زمانن کان ڏاڍن ماڻهن هيڻن کي هيسائي زندگي جي گذر سان لاڳاپيل سمورن اهم وسيلن ۽ ذريعن تي قبضو ڪيو آهي. اهيو سلسلو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. نتيجي ۾ جاگيرداري ۽ سرمائداري وڌيڪ مضبوط ٿيندي رهي آهي. دنيا جي سمورن سرمائدار ماڻهن جو مالي مفادن ڪارڻ پنهنجو پاڻ ۾ اڻ ٽٽ رشتو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ پورهيت کي عالمي سامراجي سازشين سدائين ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. جنهنڪري دنيا جي پورهيتن جي طاقت جو توازن برقرار ناهي رهيو.
    سنڌ مان هڪ عظيم سوشلسٽ صوفي شاهه عنايت شهيد “جيڪو کيڙي سو کائي” جو نعرو هڻي جاگيرداراڻي سماج ۾ محنت ڪش ماڻهن جي اجتماعي زرعي نظام جي ڳالهه ڪري سنڌ جي سرمائدار ۽ جاگيردارن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون هيون. سنڌ جي لکين پورهيتن جي اڳواڻي ڪندڙ عظيم رهنما صوفي شاهه عنايت شهيد سک ۽ آسائشن جي زندگي گھارڻ بجاءِ ڏکن، سورن ۽ تڪليفن واري جيون جي چونڊ ڪئي جيڪڏهن صوفي شاهه عنايت شهيد چاهي ها ته وقت جي هاري دشمن حاڪمن جا حڪم مڃي زندگي جا سمورا خوبصورت رنگ ماڻي سگھيو پئي. پر مخدوم فضل الله لانگاهه جي فرزند صوفي شاهه عنايت شهيد هاري حقدارن جو علم بلند ڪيو. اها انقلابي جدوجهد جو دائرو وقت سان گڏوگڏ وسيع ٿيندو ويو هارين جي اها مضبوط تحريڪ جھوڪ جي حدن مان نڪري سنڌ جي ٻين علائقن تائين ڦهلجي چُڪي هُئي. جنهنڪري هارين جا حق غضب ڪندڙ جاگيردار طبقي جي پريشاني پڻ وڌندي وئي. صوفي شاهه عنايت شهيد پنهنجي ڌرتيءَ تي مسڪين، پورهيت ۽ هيڻن هاري طبقن تي جاگيردارن جا ظلم، زيادتيون، انياءُ، ڏاڍ ۽ جبر سهڻ بجاءِ ان خلاف ڀرپور جدوجهد هلائي. صوفي ازم کي پورهيتن جي حقن جي ويڙهه لاءِ عملي ميدان ۾ آندو. گيڙو ويس صوفي فقيرن جا ٽولا هڪ طرف پيار، پاٻوهه ۽ پريت سان ديس جي مسڪينن کي جدوجهد جو سڏ به ڏيئي رهيا هئا ته باغي بڻجي سر قربان به ڪري رهيا هئا.
    اصل عاشق پنهنجي سسي نه سانڊين،
    لاهيو سِر لطيف چئي، ساهه سلهاڙيو ڏين،
    ڪُلهون ڪاٽين پڇن پوءِ پريتڻيون.
    هر طرف “حق موجود، سدا موجود ۽ جيڪو کيڙي سو کائي” جا نعرا بلند ٿي رهيا هئا. اهو نعرو پورهيت دشمن سامراج جي ننڊ ڦٽائڻ جو باعث بڻجي ويو هو. وقت جي صاحب لوڪن جي صاحبي خطري ۾ پئجي وئي هُئي. ان پورهيت جدوجھد دوران شهيد شاهه عنايت شهيد حاڪم ۽ ظالم جاگيردار طبقي جي اک ۾ ٻاٻرو ڪنڊو بڻجي هُري رهيو هو. جيڪڏهن صوفي شاهه عنايت شهيد جي سڏ “جيڪو کيڙي سو کائي” تي پنجاهه سيڪڙو به عمل ٿئي ته پوءِ لکين سالن کي ٻين جي پگھر جي پورهئي تي پلجندڙ سرمائدار ۽ جاگيردارن جي پيٽ گذر جو ذريعو ڪهڙو بچندو؟ ورن وڪڙن وارن سُرخ گلابن جهڙن انقلابن بجاءِ شهيد شاهه عنايت شهيد ته ان نعري ۾ هڪ سادي ڳالهه ڪئي هئي جيڪا سنڌ جي هارين کي آساني سان سمجھ ۾ اچي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ صوفي شاهه عنايت شهيد جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي هاري تحريڪ ذور ورتو. اها جدوجھد پورهيت انقلاب لاءِ پهرين وک هُئي. يعني انقلاب جي اها شروعات سڀ کان پهرين سنڌ مان ٿي هُئي. اها انقلابي تحريڪ سڄي دنيا جي پورهيتن لاءِ اتساهه جو پيغام هُئي. ڪارل مارڪس جي سڏ “دنيا جا پورهيتو هڪ ٿي وڃو” کان به صدي اڳ سنڌ جي سرزمين تان هڪ عظيم صوفي شهيد شاهه عنايت شهيد “هي ڌرتيءَ رب سائين جي آهي، جيڪو کيڙي سو کائي” جو نعرو بلند ڪري ڪائنات جي سمورن پورهيتن کي پنهنجي محنت ۽ پگھر جي پورهئي جي اهميت جو احساس ڏياري ٿو پر عملي جدوجھد جي ميدان ۾ ساهه جي آخري گھڙي تائين حق جي ويڙهه وڙهڻ جو نظريو به ڏي ٿو. سنڌ جي اها شاندار پورهيت جدوجھد ذات، پات، رنگ، نسل، اوچ، نيچ، مذهب جي مت ڀيد کان آجي هُئي. سنڌ جي پورهيتن جي هاري تحريڪ فقط محنت ڪش مظلوم طبقي کي پنهنجي پگھر جي پورهئي جو مڪمل اجورو ڏيارڻ لاءِ هُئي. صوفي شاهه عنايت شهيد جي جدوجھد ڌرتيءَ تي لکين سالن کان پورهيو ڪندڙ هارين کي سندن سمورا بنيادي انساني حق ڏيارڻ لاءِ هُئي. سنڌ جي هارين جي ان عظيم جدوجھد کان ڊنل غاصب حڪمران قوتون ۽ پورهيت دشمن جاگيردار سامراج پنهنجن حوارين سان گڏجي هن تاريخي هاري تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ خاطر دشمني تي لهي آيا. صوفي شاهه عنايت شهيد هاري دشمن قوتن جي سمورين چالبازين، انقلاب دشمن اٽڪلن، هٿ ڪنڊن، موقعي پرستي ۽ سازشن جو گھرائي سان مشاهدو ڪري چڪو هو.
    جنهن بعد صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس ساٿين خلاف سازشون سٽجڻ لڳيون. لکين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري هارين جو استحصال ڪندڙ مغل حڪمران، ظالم جاگيردار، پير، پنڊت طبقو پير عبدالواسع، نورمحمد پليجو ۽ حمل جت جهڙن سامراجي سوچ رکندڙ جاگيردارن جي اڳواڻي ۾ ان عظيم جدوجھد کي ڪُچلي ختم ڪرڻ لاءِ گھاٽ گھڙڻ لڳو ۽ جنهن بعد اڻکٽ سازشن جو سلسلو شروع ٿي ويو. صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس ساٿين تي رهزنن هٿان لاتعداد حملا ڪيا ويا پر سندن بهادري ۽ حڪمت عملي اڳيان جاگيردارن جون سازشون مٽي ۾ ملنديون ويون. محنت ڪش پورهيتن جي گڏيل پورهيي ۾ يقين رکندڙ صوفي شاهه عنايت شهيد جي فقيرن جي عظيم جدجهد ۽ پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ حق جي ويڙهه جاري رهي. سوين سختين باوجود به پورهيتن جو عظيم رهنما شهيد صوفي شاهه عنايت شهيد پنهنجن پورهيت ساٿين سان گڏجي جدوجھد ڪندو رهيو. “جيڪي کيڙي سو کائي” جي نعري هيٺ هلندڙ هاري جدوجھد جا سورما وقت جي حاڪم نواب آعظم ۽ سندس حوارين سان وڏي بهادري سان مهاڏو اٽڪائي کين رُڪ جا چڻا چٻائيندا رهيا. جدوجهدن ۽ جنگ جي تاريخ ۾ منفرد ۽ انوکي انقلابي ويڙهه وڙهندڙ شهيد صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس ساٿين مسلسل ٻن کان چار مهينن تائين جھوڪ شريف جو گھيرو ڪري بيٺل هٿياربندن کي فتح نصيب نه ٿي. ان دوران سڄي سنڌ جي جاگيردا طبقن کي هن هاري جدوجهد مان خطرو محسوس ٿيڻ لڳو. جنهن ڪري انهن ظالم قوتن جو اڻ اعلانيل اتحاد آهستي آهستي جڙڻ لڳو انهن جاگيردارن گڏجي هن تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ حيلا هلائڻ لڳا. پر کين ان ويڙهه ۾ ناڪامي نصيب ٿي. هارين جي ٻڌي، اتحاد، يڪجهتي، انقلابي جوش ۽ جذبو هن جدوجهد کي وڏي سگھ بخشي
    سنڌ جي ظالم حڪمرانن ۽ جاگيردارن کي جڏهن ان ويڙهه ۾ ڪاميابي نصيب نه ٿي ته انهن سازشن جا طور طريقا تبديل ڪيا. “جيڪو کيڙي، سوکائي” جي نعري هيٺ هلندڙ هارين جي جدوجهد جا مخالف حڪمران ۽ جاگيردار هٿياربند ويڙهه جي واٽ تان دستبردار ٿي صوفي باغين جي خلاف نئين سر منصوبا ٺاهي سازشن جا ڄار وڇائڻ لڳا. ظالم حڪمرانن ۽ جاگيردار حملي آورن دوکي بازي جي چال هلائيندي صوفي شاهه عنايت شهيد کي ڳالهين جي آڇ ڪئي. جنهن لاءِ مقامي زميندار هٿان پيغام پهچايا ويا. گھڻي عرصي تائين ته هارين جو عظيم اڳواڻ صوفي شاهه عنايت شهيد انهن تي اعتماد نه ڪيائين پر جڏهن ان سازشي جاگيردار ٽولي ڳالهين جو ڍونگ رچائي وچ ۾ پاڪ ڪتاب جي ڳالهه ڪئي ته شاهه عنايت شهيد مٿن ڀروسو ڪيو.
    پهرين جنوري 1718ع تي هاري تحريڪ جي هن عظيم سرواڻ صوفي شاهه عنايت شهيد سان قران شريف تي ٺاهه جي تجويز ڏني جنهن کي پاڻ اعتماد ڪندي قبول ڪيائون پر دشمن جي من ۾ مير هُئي. انهن کي چڱي ريت ڄاڻ هئي ته لکين هارين سان سڌي ريت ويڙهه وڙهڻ سان جاگيردارن کي نقصان پهچندو. ڇو ته هاري اڪثريت ۾ هئا ۽ چند جاگيردار ظالم حڪمرانن جي آڌار تي دنيا جي هن عظيم پورهيت جدوجهد کي مڪمل طور ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشان هئا. انهن صلح نامي تي دستخط ڪرڻ بهاني صوفي شاهه عنايت شهيد کي نواب آعظم آڏو پيش ڪري گرفتار ڪيو ۽ بعد ۾ پورهيتن جي هن عظيم رهنما کي شهيد ڪيو ويو. ظالم جاگيرداراڻي سماج سنڌ کان هڪ عظيم سوشلسٽ کسي ورتو.
    سر ڍونڍيان، ڌڙ نه لهان ڌڙ ڍونڍيان سر ناه،
    هٿ ڪرايون آڱريون ويا ڪپجي ڪانه
    وحدت جي وهانءِ جي ويا سي وڍيا.
    پورهيتن جي ان عظيم انقلابي ۽ تاريخي ويڙهه ۾تاريخ جي شاهدي موجب پنجويهه هزار هاري پڻ شهيد ٿيا. جن جون اجتماعي قبرون پڻ جهوڪ شريف ۾ گنج جي نالي سان موجود آهن. جتي هر سال کين خراج عقيدت سان ياد ڪيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ صوفي شاهه عنايت شهيد جي هاري جدوجهد سندس شهادت بعد ضرور ماٺي ٿي پر ان کي ختم ڪرڻ سنڌ جي جاگيردارن ته ڇا پر عالمي سامراج جي وس جي ڳالهه نه آهي. اڄ به سندس عظيم قرباني ۽ جدوجهد کي سموري دنيا خراج تحسين پيش ڪندي کيس سُرخ سلام پيش ڪري ٿي. اڄ به سوشلزم کان عالمي سامراج ڊنل آهي. پورهيتن جون بين القوامي تحريڪون ذور وٺن پيون. ضرور انقلاب جو سج اُڀرندو ۽ صوفي شاهه عنايت شهيد جي خوابن جي ساڀيان ٿيندي. پورهيت هارين کي پنهنجا حق ضرور ملندا. صوفي شاهه عنايت شهيد جي هاري تحريڪ سندس شهادت سميت پنجويهه هزار هاري ساٿين جي شهادت بعد پڄاڻي تي پهتي.
    ***


    سنڌ هاريءَ ڪميٽي هڪ معجزو

    ظالم حڪمرانن ۽ جاگيردارن جي ڏهڪاءُ سبب زمانن تائين زهر جهڙي خاموشي ڇائنجي وئي. ڪيترا دور گذري ويا. پر دنيا کي ڪمائي کارائيندڙ پورهيت عذابن جي حياتي گھاريندا رهيا. سامراجي سازشن تحت کين گڏجڻ نه ڏنو ويو جنهن ڪري پورهيت طبقا ڇڙوڇڙ رهجي ويا سندن زندگي اڄ ڏينهن تائين نيم غلامي جي خطرناڪ حالتن ۾ گذري ٿي ٻارن ٻچن سميت رات ڏينهن پگھر جو پورهيو ڪرڻ جي باوجود بک سندن پويان ٻير جو ڍينگھر بڻجي پئجي وئي آهي. مٿن ڪوڙن قرضن جا ڪوڙهه چڙهيا پيا هوندا آهن. زميندار طبقو ڪوڙن حسابن ڪتابن عيوض کين اڌ ڍائي پيٽ تي پورهيو ڪرائي پنهنجو ڀڀ ڀري ٿو. هارين جا حالات نٿا بدلجن. انگريز سرڪار جي زماني ۾ سنڌ جي هاري طبقي جا حال ساڳيا هئا برطانيا راڄ دوران سنڌ جي هاري تحريڪ فقط پڇاڙڪي ڏهاڪن ۾ ذور ورتو ان کان اڳ سنڌ ۾ فرنگي راڄ کان آزادي ماڻڻ لاءِ انگريزن خلاف ميرن پاران مهاڏو اٽڪائڻ، حُر تحريڪ جي گوريلا جنگ سميت ڪارونجھر جبل ۾ امر شهيد روپلي ڪولهي جي ويڙهه تاريخ ۾ ڪر کنيو بيٺي آهي.
    انگريز فرنگين سنڌ تي پنهنجو قبضو مضبوط ڪرڻ خاطر هتي جي زميني حقيقتن جو سائنسي جائزو ۽ قومي توڙي سماجي نفسيات جو گھرو مشاهدو ڪري وڏيراشاهي کي سر ۽ خانبهادر جا خطاب ورهائي کين هُش ۾ خوش ڪري خريد ڪري ورتو سنڌ جي انهن علائقائي جاگيردارن جي لقبن تي وڪامڻ سبب انگريزن خلاف مقامي بغاوت ماٺي ٿي وئي. ان ڪري ئي حُر تحريڪ ۽ روپلي ڪولهي جي جنگ ۾ ڪاميابي نه ٿي پر انهي نرالي ڊگھي ويڙهه انگريزن جا ڏند کٽا ڪري شاندار تاريخ رقم ڇڏي. سنڌ سميت سڄي برصغير ۾ انگريزن کان آزادي جي تحريڪ ۾ ڪانگريس توڙي مسلم ليگ ۾ ڪارڪن لڏي جي گھڻي اڪثريت ته وري به پورهيت طبقي جي هئي. جنهن قرباني جا ميدان ملهائي ڌرتيءَ جو ڳاٽ اوچو ڪيو رشيا، چائنا، ويٽنام ۽ ڪيوبا ۾ پورهيت انقلابين جي وڏي تعداد انهن قومن کي عظيم انقلاب سان سامراج کان آزادي ڏياري. هڪ طرف دنيا ٻي عالمي جنگ جا عذاب ڀوڳي رهي هئي ته ٻي طرف پورهيت انقلابي قوتون پيدا ٿي رهيون هيون.
    سنڌ ۾ ڪجهه انقلابي سوچ جي ماڻهن سنڌ جي هارين جي بدتر حالتن کي بدلائڻ لاءِ جدوجهد جي شروعات ڪئي. ان دور ۾ جاگيردار قوتون به تمام گھڻيون طاقتور هيون. ان لاءِ ڪجهه هاري دوست اڳواڻن انفرادي طور ڪم ڪيو پئي پر پوءِ 1930ع ۾ ڪامريڊ عبدالقادر، ڄيٺمل پرسرام، قاضي فيض محمد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، پرنسپال گوڪلي، پارسي جمشيد مهتا نسروانجي ۽ جي ايم سيد گڏجي هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد وڌو.
    سنڌ ۾ هارين جي حقن لاءِ هاري ڪاميٽيءَ جي جدوجھدن جي شاندار تاريخ رهي آهي. هاري ڪاميٽيءَ جي جدوجهد به سنڌ جي شهيد هاري رهنما صوفي شاهه عنايت شهيد جي جدوجهد جو تسلسل هُئي، هاري ڪاميٽيءَ سنڌ ۾ “هاري حقدار” جو نعرو هڻي سنڌ ۾ پورهيت جدوجهد جا نوان گس ۽ لاڙا ڏنا. ڪائنات جي سموري تاريخ ۾ مظلوم انسانن لاءِ ڪيل جدوجهد ڪنڊن جي سيج رهي آهي. هاري ڪاميٽيءَ جي هارين جي حقن لاءِ “هاري حقدار” جو هنيل نعرو به صوفي شاهه عنايت شهيد جي نعري “جيڪو کيڙي سو کائي” جيئن جاگيردارن لاءِ پريشاني جو سبب بڻيل رهيو. ان ڪري هاري ڪاميٽيءَ جي مشڪل حالتن ۾ تنظيم سازي، سياسي واڌ ويجهه، نظرياتي تربيت، سياسي پختگي ۽ جدوجهد ٿي، اهي سمورا مرحلا هڪ ڏکوئيندڙ تاريخ آهن. لکين ڏانٽن، ڪهاڙين، رنبن ۽ ڪوڏرن وارن کي متحد ٿيڻ خلاف ظالم جاگيردارن ڪهڙيون ڪهڙيون سازشون، منصوبابنديون ۽ چالون چليون. ؟ اهو به انساني تاريخ جو هڪ ڏکوئيندڙ باب آهي. هڪ طرف ٿلها متارا نام نهاد نواب، جاگيردار، ڀوتار، مير، پير، سردار، پنڊت، پٽيل، رجعت پرست انتهاپسند ٺيڪيدار هئا ته ٻي طرف سامهون سنهڙا، سيپڪڙا، ڏٻري ڏيل وارا پورهيت هاري هئا.
    سنڌي سماج جا ڪاغذي شينهن پورهيتن جي جدوجهد کان ڊنل هئا. جيئن پوءِ تيئن سنڌ جي ٻهراڙين ۾ هاري ڪاميٽي جون سرگرميون وڌي ويون. پورهيت منظم ٿيندا ويا. “هاري حقدار” جي نعري سان هارين جي چهرن تي چمڪ اچي ويندي هئي ۽ ظالم جاگيردارن جا منهن هيڊا ٿي ويندا هُئا. سنڌ جي هاري ڪاميٽي جي جدوجهد جو مکيه مقصد به چين جي هارين جيئن محنت ڪش ماڻهن جي ٻڌي، اتحاد ۽ گڏيل طاقت سان ظالم وڏيراشاهي، جاگيردارن،سرمائدارن ۽ سيٺين پاران پگھر جو پورهيو ڪندڙ پورهيتن جو استحصال بند ٿئي، کين سمورا بنيادي انساني حق ملن، هر ماڻهو کي برابري جي بنياد تي زمينون ملن.
    هاري ڪاميٽي جي جدوجهد سهي رخ ۾ هلي رهي هئي. پر هتي صدين کان هڏحرام ٽوٽي جاگيردارن مسڪين پورهيت طبقي کي غلام بڻائي رکيو هو. ان ڪري هاري ڪاميٽيءَ جي شروعاتي جدوجهد ان وقت ته صرف بيٺل پاڻي ۾ پٿر هُئي. پر پوءِ آهستي آهستي ان جون لهرون جاگيردارن جي قهري قانونن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻينديون ويون. سنڌ جي اها هاري جدوجهد پورهيت طبقن جي وجود جي جنگ ۽ نسلن جي بقاءُ جي ويڙهه لاءِ پيڙهه جو پٿر هُئي. ان جدوجهد جون سموريون ڪاميابيون ۽ ناڪاميون سنڌ جي پورهيت ماڻهن ۾ انقلابي جوش، جذبو، غلامي ۽ آزادي جو احساس، همت، جُرت، بهادري، حقن جي حاصلات لاءِ ڊگھي عرصي تائي مستقل مزاجي سان جدوجھد جي ميدان تي ثابت قدم رهڻ، سياسي ۽ نظرياتي تربيت، وڏيراشاهي جي سازشن کي سمجھڻ، جاگيردار ۽ پورهيت ۾ تفاوت، طاقت جي توازن جو اندازي سميت هاري ڪاميٽيءَ سان وابسطا هاري اڳواڻن توڙي هاري ڪارڪنن کي لاتعداد تجربا ٿيا. جيڪي مستقبل جي پورهيت انقلابي تحريڪن لاءِ بيحد مفيد ۽ ڪارائتا آهن.
    قاضي فيض محمد 1941 ع ۾ هاري ڪاميٽيءَ ۾ شامل ٿيو. ان وقت جمال دين بخاري، ڪامريڊ عبدالقادر ۽ ڊاڪٽر حاسانند پڻ هاري ڪاميٽيءَ جا سرگرم اڳواڻ هُئا. سنڌ ۾ هارين جي هي سوشلٽ تحريڪ به صوفي شاهه عنايت شهيد جي هاري تحريڪ جيئن ذات، پات ۽ مذهب جي مت ڀيد کان بالاتر هُئي. هر مذهب سان لاڳاپيل پورهيت ماڻهو وڏي تعداد ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿي رهيا هئا. اهيا ڳالهه جاگيردارن لاءِ پريشاني جو باعث هئي. هارين سان گڏ ڪجهه وچولي طبقي جا ماڻهو پڻ شامل ٿي رهيا هئا. پر سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ جڏهن باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي 1945ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان استعفا ڏيئي شامل ٿيو ته هارين جي هن پورهيت دوست پارٽي ۾ ڄڻ نئون روح ڦوڪجي ويو. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جڏهن ان اعلى عهدي تي فائز هو تڏهن به هو مظلوم هارين جو ڀرجھلو، ساٿي، همدرد ۽ هڏڏوکي بڻيل رهيو. هارين ۽ جاگيردارن جي مسئلن ۾ هو سدائين هارين جو طرفدار رهيو سنڌ ۾ اهڙا مسڪين نواز ڪامورا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا نظر اچن ٿا جن زندگي جي سمورن سکن. آسائشن ۽ ڪرسي جي پاور کي لت هڻي هارين جي صفن ۾ بيهه ڪنڊن جي سيج جي چونڊ ڪئي. انقلاب جي ان اڻ ڏٺل منزل تي ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ساهه جي آخري گھڙين تائين سفر ڪندو رهيو سنڌ هاري ڪاميٽي ڌرتيءَ جي مسڪين، مظلوم، بي سهارا ۽ پورهيت هارين جي سمورن حقن لاءِ پرامن سياسي جدوجهد ڪري رهي هُئي. هارين جي سياسي تربيت ٿيڻ ڪري انهن جو شعور بلند ٿي رهيو هو. جنهن ڪري اهي پنهنجن حقن جي ڳالهه جُرت سان ڪري رهيا هئا.
    سنڌ هاري ڪاميٽي ان وقت “اڌ بٽئي” لاءِ تحريڪ هلائي رهي هُئي. هاري ۽ زميندار اُپت مان اڌو اڌ جا حصيدار آهن پر اڪثر جاگيردار طبقو هاري جي حصي جي پيداوار به هڙپ ڪرڻ جي حوس ۾ سندن حق غضب ڪندو رهيو آهي. ان دور ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي قيادت وٽ اڪثر هارين جون شڪايتون “اڌ بٽئي” جي حوالي سان هونديون هيون. جنهنڪري سنڌ هاري ڪاميٽي به ان مامري کي خاص سنجيدگي سان کنيو. سنڌ هاري ڪاميٽي جا اڳواڻ توڙي ڪارڪن سڄي سنڌ ۾ ان حوالي سان جدوجهد جي ميدان تي نڪري پيا. زميندار ۽ هاري طبقي ۾ ان “اڌ بٽئي” مامري تان ڪيترائي تضاد اُڀري نروار ٿيا ان تحريڪ جو ڪجهه ضلعن کي ڇڏي تقريبن سڄي سنڌ ۾ وڏو ذور هو. سنڌ جي علائقن ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جي تنظيم سازي ۽ سياسي ڪم وڌيڪ هو اُتي هاري ڪاميٽي جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ هارين سان ملي زميندارن سان لاڳاپيل مامرن بابت راڄوڻي لاءِ ڳالهه ٻولهه سان مسئلا حل ڪندا هئا. ان کان اڳ سنڌ ۾ هارين جي حقن لاءِ ڪا باقائدي قانون سازي نه ٿيل هُئي. اڻپڙهيل اٻوجهه پورهيت هارين کي چالاڪ ۽ شاتر جاگيردار ٻنهي هٿن سان ڦري، لٽي استحصال ڪندا هئا. جنهنڪري صدين کان پورهيت طبقي جا حالات انتهاهي بدترين غربت ۽ تنگدستي جي ڪري رحم جوڳا هئا. جاگيردارن جي ظالم، انياءُ، ڏاڌ مڙسي ۽ جبر جا ستايل هاري خوف ۾ ورتل هئڻ ڪري ان ڏمر خلاف آواز بلند ڪرڻ بجاءِ نسل در نسل ازيتون ۽ عذاب ڀوڳي رهيا هئا. سنڌ جي هارين لاءِ اهڙي مايوسي واري خطرناڪ صورتحال ۾ “سنڌ هاري ڪاميٽي ” جو جنم ڪنهن معجزي کان گھٽ نه هو. سنڌ ۾ صدين کان پورهيت طبقو نندڻڪو ۽ بي يارو مددگار بڻجي زهر جهڙو جيون گھاري رهيو هو، هارين کي پنهنجي تنظيم ملڻ کانپوءِ سنڌ جي لکين پورهيتن ۾ وڏو جوش، جذبو ۽ اتساهه هو. هاري ڪامريڊن جا ٽولا هارين جي حساب ڪتاب “اڌ بٽئي ”جو حصو ڏيارڻ لاءِ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ پکڙيل هوندا هئا. “اڌ بٽئي” تحريڪ جي دور ۾ ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي ڳوٺ نبي سرروڊ لڳ ٽالهي ۾ مائي بختاور شهيد جو واقعو ٿيو هو ۽ ٽنڊوباگو لڳ کڏهرو ۾ ميرخدابخش ٽالپر جي جاگير تي پڻ هاري محمد پٺائي انڙ ۽ سندس پٽ ابراهيم انڙ کي به شهيد ڪيو ويو هو. سنڌ جي نج پورهيت هارين جي پهرين سياسي ۽ مزاحمتي تحريڪ جي اڳواڻي ڪندڙ صوفي شاهه عنايت شهيد “جيڪو کيڙي سو کائي” جو عظيم نعرو هڻي سر قربان ڪيو. سندس قرباني کي ظالم ۽ مظلوم جي وچ ۾ ٿيل حق جي ويڙهه ۾ نهايت ئي بلند مقام حاصل آهي. ان جدوجھد ۾ سنڌ جا هزارين هاري شهيد ٿيا هئا. (تاريخ ۾ انهن شهيد هارين جو انگ پنجويهه هزار بيان ڪيل آهي) انهن شهيد هارين جون اجتماعي قبرون “گنج” جي نالي سان جھوڪ شريف ۾ موجود آهن. جهوڪ شريف ۾ هر سال سڄي سنڌ مان صوفي شاهه عنايت شهيد جا هزارين عاشق صوفي فقير گيڙو ويس پائي گڏ جي کيس خراج عقيدت پيش ڪندا آهن.
    ***


    باباءِ سنڌ جي جدوجهد ۽ شهيد مائي بختاور لاشاري جي قرباني

    باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ سرگرم ٿيڻ کانپوءِ “اڌ بٽئي تحريڪ” واري جدوجهد پڻ تيز ٿي وئي، جتي جتي به هاري ڪاميٽي جون خبرون چارون پهتيون ٿي ته اُتي هاري زميندارن کان پنهنجو حصي جو اڌ وٺڻ لاءِ سرگرم ٿي رهيا هئا. پر اڪثر جاگيردار خوشي سان هاري جو حصو نه پئي ڏنو. جنهنڪري هاري ڪارڪن کرن تي وڃي ليکا چوکا ڪندا هئا. ان هوندي به سنڌ ۾ هارين جو وڏو انگ جاگيردارن جي دٻاءُ ۾ سخت ڊنل هو۔
    سڄو ڏيهه ڏانٽا اُڀا جي ڪري،لکين عيد جا چنڊ اُڀري پون۔
    باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي هاري هلچل کي منظم نموني سان هلائي رهيو هو. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي پورهيت انقلابي رهنما هئڻ سان گڏ هڪ بهترين انقلابي شاعر به هو، سندس شاعري هارين جي ڪچهرين ۽ عام جلسن ۾ گونجندي هئي.
    جئي سنڌ جئي سنڌ، سنڌين جي هي امان سنڌ، جئي سنڌ،
    جئي سنڌ، جام محبت پئي سنڌ، جئي هاري ۽ مزدور،
    جئي هارياڻي پر نور جئي جمالو، ڇلو ڏور.
    ايوان اقتدار کان ٻاهر هوندي به ان جدوجھد ۾ هارين جي حقن جا مطالبا مڃرايا هئا. ان ڪامياب ۽ عظيم جدوجھد جي نتيجي ۾ سنڌ اسيمبلي مان ٽيننسي ايڪٽ 1950ع “هارپ جو قانون” پاس ڪرايو ويو. يعني هارين جي حقن لاءِ مڪمل قانون سازي ٿي. هاري تحريڪ جي جدوجھد جي عروج واري زماني ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي جلسن ۾ هاري ۽ پورهيت طبقو وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿي ٻڌي ۽ اتحاد جو ثبوت ڏيئي جاگيردار سامراج جي ڀاري بُرجن کي لوڏي وجھندو هو. ان وقت ڪانگريس جي جلسن کانپوءِ سنڌ هاري ڪاميٽي جي جلسن ۾ عوام جو وڏو سمنڊ هوندو هو. سنڌ جون واهڻ ، وستيون، ڳوٺ ۽ گام هاري هلچل جو محور بڻيل هئا. جنهن ۾ خاص طور حيدرآباد، ميرپورخاص، بدين، ٺٺو، سانگھڙ ۽ نواب شاهه جي ٻهراڙين ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جو سياسي ڪم ۽ تنظيم ڪاري وڌيڪ هئي.
    انگريز سرڪار جي پڇاڙڪي دور ۾ هارين جا سمنڊ جيئن ڇوليون هڻندڙ جلسا برطانيا سرڪار جي اک ۾ نه رڳو ٻاٻرو ڪنڊو بڻيل هئا پر سنڌ جي هارين جو شاندار اتحاد به سندن بي چيني جو وڏو سبب بڻيل هو. هوڏانهن پنجاب جي سرزمين ڄڻ نسلن کان فرنگين جي هُئي؟ جنهن ڪري پنجاب گورن جو منظور نظر هو. انگريز سرڪار پنهنجي خاص حوارين کي نوازڻ خاطر سنڌ جون هزارين ايڪڙ سون جھڙيون زمينون سنڌ جي مقامي باشندن کي ڏيڻ بجاءِ غيرقانوني طور پنجاب جي ماڻهن کي ڏيئي سنڌ جي ماڻهن جي تاريخي حق تلفي ڪئي وئي. پراڻي ٿرپارڪر ۽ هاڻوڪي عمرڪوٽ ضلعي جي پوڇڙ واري ننڍڙي ڳوٺاڻي شهر ٽالهي ۾ به پنجاب جي قاديانين کي نفيس نگر اسٽيٽ مفت ۾ ڏني وئي.
    ورهاڱي بعد ڪيترن ئي رٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ رانديگرن کي سڄي سنڌ سميت خاص طور پُراڻو ٿرپارڪر، سانگھڙ ۽ بدين ضلعي ۾ زمينون ڏنيون ويون هيون. انهن علائقن ۾ پنجاب مان آيل زميندار ڏاڍ ۽ جبر ذريعي سنڌ جي مسڪين ماڻهن تي ناانصافين جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا هئا. مقامي ماڻهن سان سندن ناانصافين، جبر ۽ ظلم وڌندو ويو. سنڌ جي عظيم شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري به انهن ظالم زميندارن جي بنڌوق جو کاڄ بڻجي وئي. شهيد مائي بختاور لاشاري به ٻاهران آيل جاگيردار وٽ هارپو ڪندي هئي.
    “جيڪوکيڙي سو کائي” جو نعرو جيتوڻيڪ هن ڌرتيءَ تي پورهيتن جو قانون ته نه بڻجي سگھيو جيڪو پورهيتن جو فطري حق به آهي پر ان سڏ هڪڙي بغاوت کي جنم ڏنو. اهو سڏ سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ اڃان تائين به گونجي رهيو آهي. صدين کان پورهيتن جو اُپايل اناج ظالم جاگيردار ڏاڍ، جبر ۽ دٻاءُ ذريعي هاري جي حصي سميت چڪتو کڻي ويندا رهيا آهن. هن وقت به سنڌ ۾ هارين سان اهڙين وارتائن جا قصا ميڊيا ذريعي منظرعام تي ايندا رهندا آهن.
    شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري به وڏي محنت ۽ جفاڪشي سان پنهنجي گھرڀاتين سان گڏجي ڪڻڪ پوکي هئي. جڏهن لابارو ڪري دن جو ڳاهه ڳاهڻ بعد اڌو اڌ جي ورهاست جو وقت آيو ته زميندار اکيون ڦيري “اڌ بٽئي” ڪرڻ بدران ڪڻڪ جي سموري کوڙي زبردستي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تان مائي بختاور جي من اندر ۾ به بغاوت ڪر کنيو. 22 جون 1947ع تي ٽاڪ منجهند جي ٽاڻي هارياڻي مائي بختاور لاشاري به پنهنجي ڪڻڪ جي کوڙي تي ڏانگ کڻي چُني چيلهه سان ٻڌي اناج جي ڍڳ تي ويهي رهي ۽ چيائين ته “اُپت جو پورو اڌ ڪريو ته ٺيڪ آهي نه ته جيستائين اسان جا مرد هاري حقدارن جي جهڏي واري جلسي مان واپس نٿا اچن تيستائين ڪڻڪ جي کوڙي کي ڪو هٿ به نه لاهيندو”
    ظالم زميندار پاران زبردستي ان کڻڻ تان روڪڻ ۽ مزاحمت ڪرڻ تي زميندار ڏمرجي مائي بختاور تي بندوق جا سڌا فائر ڪري ڪڻڪ جي کري تي شهيد ڪري ڇڏيو. سندس جسم مان ٺينڍيون ڪري وهيل رت سان ڪڻڪ جي کوڙي ڳاڙهي ٿي وئي. جيئن شڪاگو جي شهيدن جي رت سان سندن قميصون ڳاڙهيون لال ٿي ويون هيون جيڪي اڄ ڏينهن تائين پورهيتن جو عالمي جهنڊو بڻيل آهن. مائي بختاور لاشاري سنڌ جي پهرين شهيد هارياڻي هئي جنهن هارين جي حصي “اڌ بٽئي” لاءِ وڙهندي شهادت جو جام پيتو. شهيد مائي بختاور جي شهادت “اڌ بٽئي تحريڪ” ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو پنجاب سامراج سان لاڳاپيل ظالم جاگيردارن اڌ بٽئي لاءِ مزاحمت تي مائي بختاور جي پٽ صديق لاشاري کي پڻ شديد زخمي ڪيو هو. مائي بختاور هارين جي حقن لاءِ جاگيرداراڻي سماج جي ڏاڍ، جبر خلاف بغاوت ڪندي عمل جي ميدان تي ويڙهه وڙهندي پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو. سندس خون جا آخري ڦڙا هن ڌرتيءَ کي لال لهو سان ريج ڏيئي ويا. سنڌ جي حقن لاءِ ٿيندڙ جدوجھدن ۾ شامل هزارين سنڌياڻيون شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري جي جدوجهد جو تسلسل بڻجي پنهنجي وطن جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي. مائي بختاور جي شهادت واري ڏينهن سندس ڳوٺ ٽالهي کان سڏ پنڌ تي جھڏو ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي پاران “آل سنڌ هاري ڪانفرنس” ڪوٺائي وئي هئي. جنهن ۾ شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري جي گھر جا سمورا مرد شرڪت لاءِ ويل هئا. هزارين هارين جي ان شاندار جلسي ۾ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، جي ايم سيد، پارسي جمشيد نسروانجي مهتا (ڪراچي جو پهريون ميئر) ڪيرت ٻاٻاڻي (هنڌ سنڌ جو برک اديب)، مير علي بخش ٽالپر ۽ قاضي فيض محمد پڻ موجود هئا. ان جلسي ۾ مائي بختاور جي شهادت جي خبر باهه جيئن پکڙجي وئي. جنهن بعد هاري ڪارڪنن ۾ وڏو تاءُ هو. پر ان وقت سنڌ هاري ڪاميٽي جي اڳواڻن وڏي ڌيرج ۽ سنجيدگي سان قانوني رستو ورتو. جيڪڏهن ان وقت هزارين هارين کي سندن اڳواڻ هڪ اشارو به ڪن ها ته شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري جي قاتل پنجاب جي انهن ظالم زميندار جاگيردارن کي تمام وڏو جاني ۽ مالي نقصان ڀوڳڻو پوي ها ۽ ٽالهي شهر ۽ ان جي آسپاس ۾ رهندڙ انهن سيٽلر جاگيردارن کي وڏي تاريخي خون جو درياهه پار ڪرڻو پوي ها. شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري جي شهادت جي ڄاڻ ملندي ئي جلسي جي مرڪزي قيادت مائي بختاور جي ڳوٺ رواني ٿي وئي. سنڌ هاري ڪاميٽي جا مکيه اڳواڻ جاءِ واردات جي حد سان لاڳاپيل ٿاڻي نبي سرروڊ پهچي ان وقت جي صوبيدار عنايت ابڙو سان ملاقات ڪري شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري جي قتل جو ڪيس 13 ڄڻن خلاف داخل ڪرايو. ساماري مان شهيد مائي بختاور جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو. سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي اڳواڻن جي صلاح مثلت سان مائي بختاور جو ڪيس ان دور جي نامياري قانوندان وڪيل بينارام وڙهيو. جنهن شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري جي قاتلن کي سزائون ڏياريون ويون.
    سنڌ جي شهيد هارياڻي مائي بختاور جي شهادت جي ترت ئي پوءِ سنڌ ٽيننسي ايڪٽ (هارين جو قانون) پاس ٿيو. پُرامن جدوجھد ذريعي سنڌ اسيمبلي مان هارين جو قانون پاس ڪرائڻ پڻ سنڌ جي هارين جي وڏي فتح هئي. ان بعد هاري تحريڪ سنڌ ۾ تمام گھڻي مضبوط ٿي. “اڌ بٽئي تحريڪ” هاري زميندار جي حساب ڪتاب لاءِ هاري تحريڪ جا اڳواڻ هارين سان گڏجي کرن تي وڃي بروقت حساب چُڪتو ڪري هاري کي پنهنجو اڌ حصو وٺي ڏيندا هئا. جنهن ۾ چمبڙ وارو مشهور هاري اڳواڻ ڪامريڊ احمد لغاري پڻ هاري عدالتون لڳائي فيصلا ٻڌائيندو هو. انهن فيصلن زميندار طبقي ۾ وڏو تاءُ پکيڙي ڇڏيو هو. جنهن جي نتيجي ۾ هاري اڳواڻن خلاف وڏيون انتقامي ڪاروايون پڻ ٿينديون هيون. جاگيردارن پاران هاري ڪارڪنن تي ڦر، چوري ۽ فسادن جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي کين جيلن جا عذاب ڏنا ويندا هئا ته جيئن هو ان جدوجهد تان هٿ کڻي وڃن. پر سرخ سلام آهي انهن پورهيت اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي جيڪي ظالم جاگيردارن جا ستم، صعوبتون ۽ عذاب ڀوڳي به پنهنجن حقن لاءِ جدوجهد جي ميدان تي ثابت قدمي سان ڄمي بيٺا رهيا.
    مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرين کي،تنين سندي ڪاءِ ڪري نه سگھان ڳالهڙي.
    باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جڏهن سنڌ هاري ڪاميٽي جون واڳون سنڀاليون ته سڄي سنڌ ۾ هاري هلچل جو هُل مچي ويو. هي دور سنڌ هاري ڪاميٽي جي سڃاڻپ جو دور بڻجي ويو، هن دور ۾ سنڌ جي پورهيت هاري طبقي جي وارثي ٿي، هارين جي پورهيت پارٽي جهرجهنگ ۾ هارين جي سياسي تربيت ۽ حقن بابت جاڳرتا لاءِ جاکوڙي رهي هُئي. هن کان اڳ هارپ بابت ڪو قانون نه هو. هاري زميندار وچ ۾ فقط راڄوڻي سمجهوتي تحت ڪارهنوار صدين کان هلندڙ هو۔ سنڌ ۾ ان وقت ورهاڱي جي وڍن جا زخم تازا هئا. لڏپلاڻ ڪري ويل واڻين ۽ سکن جي زمينن ۾ مقامي جاگيردار ۽ بااثرن جون اکيون اٽڪيل هيون. نوان آيل مهاجر به ڪليمن ذريعي سنڌ جون سون جهڙيون ٻنيون ۽ ٻيون جائدادون حاصل ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا هئا. زمينون حاصل ڪرڻ واري ان سنهري موقعي مان به سنڌ جا پورهيت هاري ۽ مزدور ڪو فائدو وٺي نه سگهيا. جنهنڪري اهي پورهيت اڄ تائين بي زمين رهجي ويا.
    ان وقت ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي قيادت ۽ پورهيت هارين جي شاندار جدوجهد جي نتيجي ۾ 11 مئي 1950ع تي سنڌ اسيمبلي مان “هارپ جو قانون، ٽيننسي ايڪٽ” پاس ڪرايو. ايوان کان ٻاهر هوندي به سنڌ جي پورهيتن پرامن جمهوري جدوجهد ذريعي هارپ جو قانون پاس ڪرائي هڪ نئين تاريخ رقم ڪرڻ سان گڏ جدوجهد ۽ تحريڪن ۾ عوامي اعتماد جي بحالي جو شاندار مثال قائم ڪري ڇڏيو. سرحد جي هُن پار چين ۾ مائوزي تنگ جي اڳواڻي ۾ “هاري انقلاب” اچي چڪو هو. جنهنڪري سنڌ جي هاري طبقي ۾ پورهيت انقلاب جي آس وڌندي وئي. دنيا جي سموري تاريخ ۾ قبضاگير طاقتور سرمائدار قوتون ايتريون ته مضبوط هيون جو انهن خلاف غلام پورهيتن پاران بغاوت جو سوچڻ به گناهه سمجھيو ويندو هو، جڏهن ته چين ۽ روس جي انقلاب کان اڳ پورهيت انقلاب جو تصور ئي اجايو سمجھيو ويندو هو. پر پورهيتن ناممڪن کي ممڪن بڻائي ڇڏيو.
    سنڌ اسيمبلي مان “هارپ جو قانون” پاس ٿيڻ بعد سنڌ ۾ هارين کي ڪجهه قدر پنهنجا جائز قانوني حق ملڻ لڳا هئا. جتي جاگيردار ان قانون جي انحرافي ڪري رهيا هئا ته اُتي سنڌ هاري ڪاميٽي جا اڳواڻ پهچي هارين جي قانوني مدد ڪندا هئا. سنڌ ٽيننسي ايڪٽ ۾ هارين ۽ زميندار وچ ۾ سمورن زرعي مسئلن تي چڱي ريت ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي هُئي، جنهن ۾ قانوني نظرداري لاءِ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جو شاندار ۽ تاريخي ڪردار هو. هارپ جي قانون ۾ ٻج، ڀاڻ، کيڙي، اُپت يا پيداوار، اڌبٽئي، دائمي هاري (پڪو هاري) عارضي هاري (ڪچو هاري) ڇيڙ، بيگر، گپڇيڙ، زمين، هاري، زميندار، مخادم، زراعت، هارپي جو حق، جاگير، جاگيردار، ڌوڙوائي، ابواب، سڌارو، هاري ۽ زميندار جي وچ ۾ پيدا ٿيل مسئلن جي حل لاءِ ٽربيونل جو قيام، هاري ۽ زميندار جا فرض ۽ ذميواريون ۽ قرض سميت ٻين ڪيترين ئي ڳالهين بابت چٽيون قانوني وضاحتون ٿيل آهن. ٽيننسي ايڪٽ جي قانون موجب هاري ۽ زميندار ٻئي ان ايڪٽ جا مڪمل پابند بڻيل آهن. موجوده دور جي تيزترين جديد زرعي سائنسي ايجادن جي تبديلين سبب 1950ع واري قانون جون ڪيتريون ئي ڳالهيون هاڻ ڪارآمد نه آهن. جنهن ۾ پڻ ترميم جي سخت ضرورت آهي. پر وري به جاگيردارن جون پورهيت هارين سان صدين کان هلندڙ ناانصافيون ۽ استحصال کي مدنطر رکندي هي قانون ڪنهن حد تائين هارين کي تحفظ فراهم ڪري ٿو جيڪڏهن ان تي مڪمل عمل ڪرايو وڃي. ؟ جاگيردارن پاران نسل در نسل غلام بڻايل پورهيت هارين جي ڪمائي ايمانداري سان انهن کي ڏني وڃي ته سنڌ جا هاري خوشحال ٿي وڃن. پر هتي ته ٽيننسي ايڪٽ جي خلاف ورزي ڪندڙ زميندار ان قانون تي عمل ڪرڻ بجاءِ پنهنجا هٿ جا قانون ٺاهيو ويٺا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ فصل تي ٿيندڙ گھڻو خرچ اڻپڙهيل هارين جي کاتي ۾ لکي انهن سان وڏي ڪُپت ڪئي وڃي ٿي. جنهنڪري هاري طبقو نسل در نسل قرضن جي ڪوڙهه ۾ ڦاٿل رهڻ ڪري غلامن واري زندگي گھاري رهيو آهي. تقاوي جو نظام غيرقانوني آهي جنهن تحت هڪ زميندار کان ٻي زميندار تائين اڻسدي طرح هارين جي خريد فروخت ٿئي ٿي. ان رواج تي پڻ قانوني پابندي هجڻ گھرجي. مسڪين هاري ظلمن کان تنگ ٿي هاري ڪورٽن جا در کڙڪائن ٿا. هاري ڪيمپن ۾ به گھڻو تڻو زميندارن جو ستايل طبقو آهي. پر هاڻ ڪجهه ڌندوڙي ڪامريڊن هارين کي “آزادي” جي نالي تي ورغلائي اٻوجھه پورهيتن کي ڪيمپن جي جيل ۾ قيد ڪرايو آهي. جتي سندن مستقبل تباهه ٿي ويو آهي. هاري زميندار ۾ تضاد پيدا ڪري سنڌ جي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي. سنڌ جي زراعت جي ترقي هاري ۽ زميندار ۾ پيدا ٿيل تضاد کي حل ڪرڻ لاءِ سياسي، سماجي ۽ لاڳاپيل اعلى اختيارن کي سنجيدگي سان غور ۽ فڪر ڪري مستقبل لاءِ مستقل حل ڪڍڻا پوندا، جنهن سان زراعت سان وابسطاهاري ۽ زميندار طبقو خوشحال بڻجي سگھي ٿو. سنڌ هاري ڪاميٽي جي عروج واري زماني ۾ هاري ڪاميٽي جا سرگرم اڳواڻ انقلابي ايمانداري، جوش، جذبو ۽ سچائي سان جاکوڙيندا هئا. جن ۾ خاص طور سنڌ جي ماضي جي تاريخ ۾ هارين جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندڙ سنڌ جا مشهور هاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام محمد لغاري “ناگو” (سچائي منزل وارو) غلام رسول سهتو، ڦوٽو رستماڻي، رسول بخش ڏيٿو عرف جبل سنڌي، ڪامريڊ مانڌل شر، علي سوڍو، عثمان لغاري، قادر بخش طالباڻي، سيد اڪبر، شيرخان لنڊ، عزيز سلام بخاري، حمزو هاري، باقر سنائي، علي محمد خاصخيلي، محب نظاماڻي، شاهه رضا خان، قاضي غفار، عزيزالله جروار، رئيس بروهي،علي احمد قريشي، سالورام ڀيل، پٽيل انب ڀيل، زٽوزنگيجو، لطيف مڱريو، مولا بخش کوسو سميت ٻيا لاتعداد نالا آهن جيڪي سڄي حياتي مظلومن جو ساٿ ڏيئي انهن جي حقن لاءِ جدوجهدن جي ميدان تي ثابت قدمي سان ڄمي بيٺا رهيا. هارين ۾ سياسي سجاڳي، جاڳرتا ۽ تربيت سبب هاري ڪارڪن تمام سنجيده بحث مباحثا ڪري ٻهراڙين ۾ پنهنجي تنظيمي ڪم کي وڌائيندا هئا. جي ايم سيد، حيدربخش جتوئي، رسول بخش پليجو، حفيظ قريشي، ڄام ساقي، شهيد فاضل راهو، عبدالواحد آريسر، قاضي فيض محمد، عثمان ڏيپلائي، ابن حيات پنهور، قاسم پٿر، اسماعيل سوهو، امداد قاضي، سوڀو گيانچنداڻي، ميرمحمد ٽالپر، هاشم کوسو، محمد عثمان ناطق، روچي رام وڪيل، ڏاڏا عبدالقادر رانٽو، ماما عارب ڪيڙانو، دادا علي بخش، شميم واسطي، صالح بلو، مظهر جتوئي، اظهرجتوئي، سهيل سانگي، شيخ اياز، نياز همايوني، ابراهيم منشي، استاد بخاري، سرويچ سجاولي، محمدخان مجيدي ۽ ٻيا ڪيترائي ناميارا پورهيت دوست انسان سياسي، سماجي ۽ ادبي مورچن تي هارين جا ڀرجهلا ٿي بيٺا رهيا. هي عظيم انسان ڪڏهن به نام نهاد ظالم جاگيردار وڏيراشاهي آڏو ڪونه جُهڪيا. ان سفر ۾ وڏيراشاهي جا حملا، ڪوڙا ڪيس، جيلون، ڦٽڪا، ازيتون، عتاب، سزائون، مصيبتون، صعوبتون سهي به لُٽيل طبقي جو ساٿ ڏيندا رهيا. سڄي سنڌ ۾ هارين حقدار جي نعري هيٺ هاري هلچل هلي رهي هُئي پر خاص طور چمبڙ جي هاري تحريڪ مثال بڻجي وئي هُئي. جتي ڪامريڊ احمد لغاري کي سنڌ هاري ڪاميٽي پاران هاري ڪورٽن لاءِ چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو. چمبڙ ۾ ڪامريڊ فوٽو رستماڻي، علي محمد خاصخيلي، ڪامريڊ عثمان لغاري، امين حيدر ۽ ٻين هاري اڳواڻن پاران هارين جي حقن لاءِ ڀرپور عملي جدوجهد ڪرڻ سبب چمبڙ کي ويٽنام ڪوٺيو ويندو هو. چمبڙ جي ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ جتي هاري پارٽي جو ڪم مضبوط هوندو هو انهن ڳوٺن ۾ سنڌ جا ڪيترائي شهيد نظير عباسي جهرا ناميارا سياسي اڳواڻ روپوشي جا ڏينهن گھاري چڪا آهن. چمبڙ جي سرزمين انهن لاءِ محفوظ پناهه گاهه هُئي. اهو پورهيت سياست جي عشق جو زمانو هو جنهن ۾ ڪامريڊ فوٽورستماڻي ۽ احمد لغاري جهڙن هاري اڳواڻن پنهنجيون حياتيون ان جدوجهد کي ارپي ڇڏيون. جوانيون جيلن ۾ ڳاري ڇڏيون. هن وقت ڪامريڊ علي محمد خاصخيلي، ڪامريڊ فوٽو رستماڻي ۽ ڪامريڊ احمد لغاري اکين کان نابين، ڪنن جون ڪمزور سماعتون، غربت ۽ قسم پرسي واري حالت باوجود به سندن انقلابي جوش ۽ جذبا هماليا جيئن بلند آهن. هنن جو ايمان اڄ به پورهيت انقلاب تي پختو آهي. هو جهونا ڪامريڊ اڄ به ڪامريڊ ستار جروار، گلاب ڀيل، ارباب رستماڻي ۽ ممتاز جروار کان اخبار جو خبرون ۽ ڪالم پڙهائي ٻڌن ٿا. هر روز بي بي سي جون خبرون ٻڌي نه رڳو باخبر رهن ٿا پر سنڌ سميت سموري دنيا جي موجوده حالتن تي بحث مباحثا ۽ تبصرا به ڪن ٿا. انهن ڪامريڊن وٽ باقاعدي ڪنهن مڃيل يونيورسٽين جون ڪاغذي ڊگريون ته نه آهن پر دنيا جي مڃيل يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن جي اعلى تعليم يافته اهل علم ماڻهن جي دماغن ۾ شايد ايترو علم ۽ ڄاڻ هجي؟ اڀرن لٽن ۾ ملبوس هو سادڙا ۽ جھونڙا ڪامريڊ تمام گھرو مطالعو رکن ٿا، هو ڳاڙن ڪتابن جا ياد حافظ آهن. هنن جي ڪچهرين ۾ استاد ڪارل مارڪس، لينن، مائو، اسٽالن، هوچي منهه، ڪامريڊ چي گويرا، هوگو شاويز، ڪامريڊ ڪاسترو، آنگ سان سوچي ۽ نيلسن منڊيلا جا مثال ۽ ڳالهيون هونديون آهن. سڄي حياتي انا، ذاتيات، لالچ ۽ خوف سان مهاڏو اٽڪائي اٽل ٿي بيهڻ ۽ سياسي مستقل مزاجي، انقلاب جي آس، سچائي جو جذبو پورهيت دوستي جو نتيجو آهي. سخت مارشلا جي زمانن ۾ ان پورهيت دوست انقلابي پارٽي، سندس مرڪزي قيادت ۽ هاري ڪارڪنن جون قربانيون پورهيت انقلابن جي تاريخ جو شاندار مثال آهن. جاگيردار طبقا هر دور جي اسٽيبلشمينٽ ۽ سامراج جا حامي هئڻ ڪري انهن هر دور ۾ پورهيت جدوجهدن کي چيڀاٽڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. سندن حق جي آواز کي دٻائڻ لاءِ هر قسم جا غيرانساني غيرجمهوري طريقا استعمال ڪري ظلم، انياءُ، بربريت ۽ ستم جا سوين ڏکوئيندڙ داستان تاريخي جي منهن تي ڪاراٺ ملين ٿا۔
    ***


    ٽيننسي ايڪٽ 1950ع (هارپ جو قانون) جا ڪجهه مکيه نقطا

    سنڌ هاري ڪاميٽي ٽيننسي ايڪٽ پاس ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان کان اڳ اسان وٽ زراعت جو ڪو باقاعدي سرڪاري قانون نه هو پر فقط هاري زميندار وچ ۾ زرعي راڄوڻي نظام جوڙيل هوندو هو. جنهن تحت هاري زميندار وچ ۾ ڏيتي ليتي جو ڪارهنوار هلايو ويندو هو. سنڌ ٽيننسي ايڪٽ 11 مئي 1950ع ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جي ڪوششن سان سنڌ اسيمبلي پاس ڪيو. سال 1969ع جي اڳوڻي مغربي پاڪستان جي آرڊينس 44 ۽ مارشل لا ريگيوليشن 115، جيڪو 1972ع کان عمل ۾ آهي، موجب هن ايڪٽ ۾ حالتن آهر ڪجهه تبديليون ڪيون.

    هارپ جو قانون (ٽيننسي ايڪٽ 1950ع )
    سنڌ صوبي ۾ زميندارن ۽ هارين جي حقن ۽ جوابدارين کي قاعدي جي تابع رکڻ لاءِ قانون.
    جيئن ته سنڌ صوبي ۾ (زرعي) زمين بابت هارين ۽ زميندارن جي حقن ۽ جوابدارين ۽ انهن سان واسطي رکندڙ معاملن کي قاعدي وسيلي ضابطي هيٺ آڻڻ ضروري آهي، ان ڪري هيٺين ريت قانون جوڙيو ويو آهي:
    مختصر نالو :
    هن قانون کي “سنڌ هارپ جو قانون ” سال 1950ع ڪري ڪوٺيو ويندو.
    لاڳاپو :
    هيءُ قانون سڄي سنڌ صوبي سان لاڳو رهندو.
    ترميم :
    سال 1969ع جي اڳوڻي مغربي پاڪستان جي آرڊينس 44 ذريعي هن فقري ۾ ترميم ڪئي وئي، جنهن موجب لفظن “صوبي سنڌ” جي بجاءِ “ حيدرآباد، ٿرپارڪر، سانگهڙ، دادو، ٺٺو، خيرپور، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، سکر ۽ نواب شاهه ضلعا ” لکيا ويا.
    نوٽ :
    بعد ۾ مٿين ضلعن مان وري نوان ضلعا بدين، عمرڪوٽ، ٿر، شڪارپور، گھوٽڪي، نوشهروفيروز ٺهيا.
    عمل ۾ اچڻ جي تاريخ:
    هيءُ قانون هڪدم عمل ۾ ايندو، پر سال 1949ع ۽ 1950ع جي ربيع جي فصل تي هن قلم 18جو ڪو اثر نه پوندو.
    ارٿ :
    (2) هن قانون جي مضمون يا حوالي مان جيڪڏهن ڪابه اُبتڙ معنى نه نڪرندي هجي ته :
    (1)“زمين” مان مُراد آهي اها زمين جيڪا زرعي مقصد يا اهڙن مقصدن جن جو زراعت سان تعلق هجي، يا چراگاهن لاءِ استعمال م ايندڙ هجي، ۽ ان ۾ جاگيرداري ۽ اڻ سروي زمين اچي وڃي ٿي، پر ان زميندار جي طرفان پوکيل وڻ، ٺهيل جايون ۽ ٻيون اڏاوتون شامل نه آهن.
    (2) “هاريءَ” مان مُراد اهڙو شخص جيڪو پنهنجو پاڻ پنهنجي سر ٻئي سخص جي زمين، جنهن کي هِن بعد “زميندار” ڪري ڪوٺيو ويندو، آباد ڪري ٿو. پر اُن مُراد ۾ اهو شخص شامل نه آهي، جيڪو حڪومت کان ناقبولي (un occupied) زمين مقاطعي (ليز) تي کڻي ٿو.
    (3) “زميندار” مان مُراد آهي اهو شخص، جنهن جي ماتحت ڪو هاري زمين پوک جي ڪم لاءِ استعمال ڪندڙ هجي يا اهڙي زميندار جو مقاطعدار هن اصلاح ۾ “قبضيدار” جنهن جي معنى سنڌ لئنڊ روينيو ڪوڊ 1878ع ۾ ڏنل آهي ۽ پڻ جاگيري زمين جو “مخادم”، پر جتي اهو “مخادم” نه آهي ته پوءِ “جاگيردار” خود اچي وڃن ٿا يعني شامل آهن.
    سمجهاڻي : “زميندار ۽ هاريءَ ” جي وصف ۾ سندن مفادن سان وابسته سندن پيش نشين (قاعدي مطابق) ۽ جاءِ نشين (وارث) به شامل آهن.
    شرح (1) پهرين جنوري 1967ع تي مغربي پاڪستان لئنڊ روينيو قانون 1967ع (جنهن کي هاڻ سنڌ لئنڊ روينيو قانون 1967ع سڏجي ٿو) جي عمل ۾ اچڻ کان پوءِ سنڌ لئنڊ روينيو ڪوڊ 1879ع معطل يعني رد ٿي چڪو آهي. سنڌ لئنڊ روينيو قانون 1967ع ۾ اصطلاح “قبضيدار” سجي وصف ڏنل ڪانهي، پر ان قانون جي قلم 184 جي پيٽي ڀاڱي 4 جي هيٺيان ڏنل سمجهاڻيءَ ۾ ڄاڻايل آهي ته اصطلاح “قبصيدار” جي اها ساڳي معنى ٿيندي، جيڪا سنڌ لئنڊ روينيو ڪوڊ 1879ع ۾ ڏنل آهي؛ ۽ ان معني ۾ سندس پيش نشين (قاعدي مطابق مائٽ) ۽ جاءِ نشين (وارث) اچي وڃن ٿا. سنڌ لئنڊ روينيو ڪوڊ 1879ع ۾ “قبضيدار” جي وصف هيٺينءَ طرح آهي :
    “قبضيدار” جي معنى رعيتي (جاگيري ۽ سرڪاري زمين کان سواءِ) زمين جي هاريءَ کانسواءِ ٻيو حقيقي قبضيدار بشرطيڪ جتي حقيقي قبضيدار هاري هجي، ان حالت ۾ زميندار يا جاگيردار کي حقيقي قبصيدار شمار ڪيو ويندو.
    شرح (2) : هاڻي مارشل لا ريگيوليشن 64 موجب جاگيرداري ختم آهي، ان ڪري فقط لفظ “زميندار” باقي سمجهڻ گھرجي. مٿين قسم جي وضاحت سنڌ هارپ جي قانون 1950ع ۾ ڪرڻ گھربي هئي.
    “زراعت” ۾ باغباني، وڻن ۽ ٻوٽن جي پوک ۽ ٻيلن جي پوک شامل آهي.
    “هارپي جي حق” جي معنى ته هِن قانون هيٺ ڪنهن هاريءَ جو زميندار کان، اُن جي زمين ۾ دائمي طور حاصل ڪيل آباديءَ جو حق.
    “جاگير” مان مُراد آهي ته حڪومت طرفان جاري ڪيل يا بحال ٿيل سَنَد تحت مليل اهڙي زمين، جنهن تان ڍل معاف ٿيل هجي، پر اُن ۾ اهڙي زمين ڪانه ٿي اچي وڃي، جيڪا سنڌ لئنڊ روينيو ضابطن جي قاعدن 32 ۽ 35 هيٺ يا سنڌ صوبي جي ڪمشنر صاحب جي طرفان جاري ڪيل خاص سرڪيولرن مان سرڪيولر نمبر 14 هيٺ هُڙهيءَ پوکڻ لاءِ ڏنل ۽ منظور ٿيل هُجي.
    “جاگيردار” مان مُراد اهو شخص آهي. جيڪو جاگير رکندڙ هُجي، يعني جاگير جو مالڪ هجي.
    “مُخادم” جي معنى آهي ڪنهن جاگيري زمين جو قبضيدار.
    شرح: مارشل لا ريگيوليشن 64 جي عمل ۾ اچڻ کان پوءِ جاگيرون ختم ٿي ويون آهن، ان ڪري اهڙيون سڀ زمينون قبولي (خانگي ملڪيت) جي حيثيت رکن ٿيون.
    “بٽئيءَ” مان مُراد آهي هاريءَ ۽ زميندار جي وچ ۾ زمين جي پيدائش جي ورهاست.
    “ڌڙائيءَ” مان مُراد آهي اهو شخص، جيڪو بٽائيءَ جي وقت زمين جي پيداوار جي تور يا ماپ ڪري.
    “ابواب” مان مُراد آهي زميندار جي طرفان هاريءَ کان ڪنهن به قسم جي محصول يا لاپي جي (پيداوار جي جنس يا نقديءَ ۾ ) وصولي.
    “سُڌاري” مان مُراد آهي زمين سان تعلق رکندڙ ڪابه رٿا، جيڪا زمين جي مُلهه ۾ مادي لحاظ کان واڌارو آڻي ۽ اُن مقصد سان موافقت رکندڙ هجي، جنهن لاءِ اها زمين استعمال ٿيندي هجي، ۽ اُن ۾ هيٺ ڏيکاريل ڪم اچي وڃن ٿا :
    (الف) زرعي مقصدن لاءِ پاڻيءَ جي رسد يا ورڇ واسطي کوهن، پاڻيءَ جي نالين ۽ ٻين رٿائن جي تعميرات.
    (ب) زمين مان پاڻيءَ جي نڪاسيءَ يا زمين کي پاڻي جي ٻوڏن يا کاڌ يا ٻين نقصانن کان بچاءَ لاءِ ڪرايل ڪم.
    (ث) زمين کي (ڪلر کان آجو ڪري) پوک لائق بنائڻ؛ جهنگ وڍائي صفا ڪرائڻ؛ لوڙهو يا ڀت ڏيڻ؛ هموار يا سڌو ڪرڻ ۽ آمدرفت لاءِ ان ۾ پٽڙيون (پيچرا) ٺهرائڻ.
    (د) زرعي مقصدن واسطي زمين جي آسان ۽ فائديمند استعمال لاءِ گھربل جاين جي اڏاوت.
    (ڌ) مٿي ٻڌايل رٿائن کي نئون ڪرائڻ يا ٻيهر جوڙائڻ يا انهن ۾ اهڙي ڦيرڦار يا اضافو ڪرڻ، جيڪو عام رواجي مرمت جي نوعيت جا نه هجن. بشرطيڪ اهڙيون پاڻيءَ جون ناليون، بند، لوڙها، ڪچا کوهه، جهنگ ڪڍڻ يا وڍڻ، زمين کي سنوارڻ يعني هموار ڪرڻ يا ٻيا ڪم جيڪي عام حالت ۾ هڪ هاريءَ کي پوک دوران ڪرڻا آهن، تن کي “سڌارو” تصور نه ڪيو ويندو.
    سمجهاڻي (1) : اهڙو ڪم يا رٿا جيڪا هڪ کان وڌيڪ هارين کي فائدو رسائي تنهن کي سڌارو ڪري سمجهيو ويندو.
    (2) اهڙو ڪم يا رٿا، جيڪا ڪنهن هاريءَ سرانجام ڪئي آهي تنهن کي “سڌارو” نه ڪري چئبو، جيڪڏهن اها مادي لحاظ زمينداري ملڪيت جي ڪنهن ٻئي حصي جو مُلهه گھٽائي ٿي ڇڏي.
    (13) “شخصي طور پوک ڪرڻ” مان مُراد آهي، پنهنجي پاڻ بِلي، هيٺ ڄاڻايل طريقن سان، پوک ڪرڻ :
    (1) پنهنجي محنت سان، يا
    (2) پنهنجي ڪٽنب جي ڪنهن به ڀاتيءَ جي نگرانيءَ هيٺ
    (3) پنهنجي ذاتي يا ڪٽنب جي ڪنهن به ڀاتيءَ جي نگرانيءَ هيٺ پنهنجن نوڪرن هٿان، يا
    (4) مشيني اوزارن وسيلي.
    سمجھاڻي : هاري جيڪڏهن ڪو صغير ٻار آهي يا ڪنهن قسم جي جسماني يا دماغي عُذر ۾ مبتلا آهي يا ڪا بيوه عورت آهي ته ان لاءِ اهو چيو ويندو/ سمجهيو ويندو ته اهو يا هُوءَ هارپ واري زمين شخصي طور تي پوکي رهيو آهي يا پوکي رهي آهي، جيڪڏهن سندس اها زمين سندس پنهنجن نوڪرن هٿان يا معاوضي تي ورتل پورهيتن وسيلي آباد ڪئي وڃي ٿي.
    14 “مقرر ڪيل ضابطن” مان مُراد آهي هِن هيٺ جوڙيل ضابطا (rules)
    15 “ٽربيونل” مان مُراد آهي : هن قانون جي باب چوٿين هيٺ مقرر ڪيل ٽربيونل.
    16 لفظ ۽ اصطلاح، جيڪي به هن قانون ۾ استعمال ڪيا ويا آهن ۽ جن جي وصف ڏنل نه آهي، تن جي اهائي معنى / وصف ٿيندي، جيڪا انهن بابت سنڌ لئنڊ روينيو ڪوڊ سال 1879ع ۾ ڏنل آهي.
    (3) هارين جا قسم :
    هن قانون جي مقصد لاءِ هارين جا فقط هيٺيان ٻه قسم يعني (الف) دائمي هاري، (ب) وقتي يعني ڪچا هاري.
    4 دائمي هاري:
    اُن هاريءَ کي دائمي هاري ڪري سمجهيو ويندو آهي، جيڪڏهن هن قانون جي عمل ۾ اچڻ وقت ،
    هُن ساليانو هڪ سروي نمبر يا گھٽ ۾ گھٽ چار ايڪڙ زمين ساڳئي زميندار وٽ لاڳيتو ٽن سالن يا اُن کان وڌيڪ عرصي لاءِ آباد ڪئي هوندي؛ ۽
    هُن اهڙي زمين مٿي ٻڌايل عرصي لاءِ پاڻ پنهنجي سر آباد ڪئي هوندي. بشرطيڪ هيءَ قلم هيٺين حالتن ۾ لاڳو نه ٿيندو:
    (الف) حڪومت کان قسطن تي ورتل زمين جي حالت ۾ جيستائين اُن جون سڀ قسطون جمع ڪرايل نه آهن؛
    (ب) حڪومت کان مقاطعي تي ورتل زمين جي حالت م :
    وڌيڪ شرط آهي ته چئين ايڪڙن جي حد جي مقصدن لاءِ واٽر ڪورس ۽ حدون نروار ڪندڙ پٽڙين هيٺ آيل زمين جي ايراضي کي آباد ٿيل تصور ڪيو ويندو يا ڳڻيو ويندو.
    5_(1) جيڪڏهن ڪنهن هاريءَ شخصي طور تي ڪو زمين جو ساڳيو ٽڪرو يا زمين جي ڌار ڌار ٽڪرن جو مجموعو، اُن اَهل بنائڻ واري مُدت لاءِ جيڪا قلم 4 ۾ ڄاڻائي وئي آهي، پوکيو آهي ته هو ان زمين جي لڳل حدن ۽ نشانن وسيلي دائمي هاري ڪري تصور ڪيو ويندو، بشرطيڪ اهو زمين جو ٽڪرو يا امين جي ٽڪرن جي مجموعو ايتري ايراضيءَ کان وڌيڪ نه هجي. جنهن کي اثرائتي نموني ڍڳن جي هڪ جوڙي سان آباد ڪري سگهجي. وڌيڪ شرط اهو ته هيءَ ذيلي قلم، واري هيٺ آباد ٿيندڙ زمين سان لاڳو نه ٿيندو.
    (الف) جيڪڏهن ڪٿي واري سان آبادي جو طريقو رواج آهي ۽ ڪنهن هاري قلم 4 ۾ ڄاڻايل عرصي لاءِ ساڳئي زميندار جي زمين جا ڌار ڌار مختلف ٽڪرن جا مجموعا هڪ تعلقي ۾ ياد ڌار ڌار ڀروارين ديهن ۾ شخصي طرح پوکيا آهن ته پوءِ هن کي انهن ديهن لاءِ پوک جا حق رکندڙ دائمي هاري شمار ڪيو ويندو؛ پر هن جا اهي حق ڪنهن زمين جي خاص ٽڪر يا ٽڪرن جي مجموعي بابت، جيڪي حدن ۽ نشانن وسيلي واضع ڪيا ويا هوند. نه هوندا.
    (ب) جيڪڏهن ڪٿي واري سان هلندڙ پوک جو رواج آهي ۽ ڪنهن هاري ڌار ڌار مختلف ديهن م ساڳئي زميندار جي ڌار ڌار زمين جي ٽڪرن يا تڪرن جي مجموعن کي قلم 4 ۾ ڄاڻايل عرصي لاءِ آباد ڪيو آهي ته پوءِ هن کي ڪنهن اهڙيءَ هڪ ديهه يا مختلف ديهن ۾ جن متعلق زميندار ۽ هاريجي وچ ۾ گڏيل رضامندگيءَ سان طيءَ ڪيو ويندو، پوک جا حق رکندڙ دائمي هاري شمار ڪيو ويندو
    (3) هاري پنهنجي زميندار جي مرضي سان :
    (الف) هن قلم جي فقري (1) هيٺ حاصل ڪيل پنهنجي هارپ جي حق کي ساڳئي زميندار جي زمين جي ٻئي ڪنهن ٽڪري يا ٽڪرن جا مجموعي تي منتقل ڪري سگهي ٿو؛ يا
    (ب) فقير (2) الف ۽ بي هيٺ حاصل ڪيل پوک جي حق ڪنهن ٻيءَ ديهه ۾ منتقل ڪري سگهي ٿو، جنهن ۾ سندس زميندار کي زمين آهي.
    سمجهاڻي : (1) واري پوک (shifting cultivation) مان مُراد آهي اهڙو زراعتي نظام، جنهن ۾ آبپاشي جي بندوبست جي سببن ڪري ڪو هاري سال بسال ساڳئي زميندار جي زمين جي مختلف ٽڪرن کي آباد ڪندو رهي.
    (2) “پوک جي حق” مان مُراد آهي حڪومت طرفان وقت به وقت ڪٽنبي قبضيداري لاءِ ايراضي جي حد جيتري ايراضي جي آباد ڪرڻ جو حق.
    “ڪٽنبي قبضيدار” مان مُراد آهي ايتري ايراضي، جيڪا هڪ هاري ڍڳن جي هڪ جوڙي وسيلي، اثرائتي نموني پوکي سگهي. اها ايراضي زمين جي نوعيت، پاڻي جي موجودگي جي سهولتين، زمين جي سراسري پيدائش ۽ فصل، جيڪي عام طور پوکيا وڃن. تن جي نوعيت پٽاندر گھٽ وڌ ٿي سگھي ٿي يا ڪري سگهجي ٿي.
    6_ (1) اهو هاري، جنهن پهرين اپريل 1948ع کان فوري اڳ ٽن سالن يا ان کان وڌيڪ عرصي لاءِ لڳاتار شخصي طرح ڪا زمين پوکي هئي. پر هن کي ان تاريخ تي يا ان کان پوءِ اهڙي زمين تان بيدخل ڪيو هوندو.
    وقتي يا ڪچا هاري:
    هن ائڪٽ جي قلم 4، 5، 6، ۽ 7 ۾ ذڪر ڪيل هارين کان سواءِ ٻين سڀني هارين کي وقتي يعني ڪچا هاري ڪري ڪوٺيو ويندو ، پر شرط آهي ته جيڪڏهن هِن قانون جي لاڳو ٿيڻ بعد ڪو وقتي يا ڪچو هاري ساڳئي زميندار جي زمين جو هڪ سروي نمبر يا گھٽ ۾ گھٽ چار ايڪڙ ساليانو لڳاتار ٽن سالن جي عرصي لاءِ آباد ڪري ٿو ته هُن کي دائمي هاري جا حق حاصل ٿي ويندا آهن ۽ هن مقصد لاءِ هن قانون جي عمل ۾ اچڻ کان اڳ لڳاتار پوک جا جيڪڏهن ڪي اهڙا قانون ڪي اهڙا سال هوندا سي پڻ ڳاڻيٽي ۾ شامل ڪيا ويندا.
    منتقليءَ ۽ ضبطيءَ بابت پابندي:
    هن قانون موجب دائمي هاري کي مليل حق ڪنهن به عدالت جي ڪاروائي جي ذريعي کسڻ، ضبط ڪرڻ يا وڪري ڪرڻ جوڳا نه هوندا ۽ اهڙا حق سڄا توڙي جزوي گروي رکڻ، منتقل ڪرڻ، ٻئي کي ڏيڻ، مقاطعي تي ڏيڻ يا ڪرايي تي ڏيڻ جائز آهي.
    نااهلي
    جيڪڏهن ڪو دائمي هاري ڪنهن جسماني يا دماغي مجبوري سبب پنهنجي هارپ جي ذميداري ۽ فرضن کي پوري ڪرڻ کان قاصر آهي ته هن جي طرفان جيڪو به ڪٽنب جو ڀاتي هو نامزد ڪري ٿو ، اهو هارپ جو سڄو ڪم سنڀاليندو؛ پر جيڪڏهن اهڙي نامزدگي ڪرڻ کان قاصر آهي ته پوءِ (ڇو جو هو دماغي لحاظ کان معذور آهي) اهو معاملو ٽربيونل کي موڪليو ويندو، جيڪا هن جي ڪٽنب جي ڪنهن ڀاتيءَ کي نامزد ڪندي ۽ ان جو اهو فيصلو قطعي هوندو، پر اها نامزدگي دائمي هاري جي حياتي تائين ئي محدود هوندي.
    عام طور هارين لاءِ
    ڪچو هاري
    ڪنهن به وقتي يا ڪچي هاري کي فصل جي موسم ختم ٿيڻ کان اڳ (هن لاءِ فصل جون تاريخون طئي ڪرڻيون پونديون) بيدخل نه ڪيو ويندو.
    بٽئي
    ڪنهن قبوليت، دستاويز يا رواج جي باوجود ۽ جاگيري زمين جي حالت ۾، سَنَد جي ڪنهن ٺهراءُ جي باوجود، رعيتي توڙي جاگيري زمين جي هاريءَ کي بٽئيءَ جي وقت پيدائش جي گڏيل ڍڳ مان ڌوڙائيءَ ۽ لاباري يا چونڊائيءَ جي خرچ ڪٽڻ کان پوءِ هيٺيون حصو ملڻو آهي :
    (الف) نهري پاڻيءَ تي موڪي، بوسي ۽ دُباري نموني آباد ٿيل زمين پاڻيءَ جي اٿل يا ٻوڏ تي آباد ٿيندڙ سيلابي زمين ۽ مينهن جي پاڻيءَ تي آباد ٿيندڙ يعني باراني زمين جي حالت ۾ اڌ حصو.
    (ب) چرخيءَ واريءَ زمين جي حالت ۾، جتي (کوهن وغيره مان) پاڻي ڪڍڻ جي ساز و سامان جي قيمت ۽ سنڀال جو خرچ هاري پاڻ ڀري ٿو، ٻه ڀاڱي ٽي حصو.
    (ت) چرخي مدد واري زمين جي حالت ۾ ، جتي پاڻي ڪڍڻ ساز و سامان جي قيمت ۽ سنڀال جو خرچ هاري پاڻ ڀري ٿو، ٽي ڀاڱي پنج حصو.
    بشرطيڪ هن قانون جي عمل ۾ اچڻ جي وقت جيڪڏهن ڪو هاري وڌيڪ حصو کڻي رهيو هوندو ته هن قلم جي ٺهرائن جي باوجود هو پيداوار جو اهو ئي حصو کڻندو رهندو.
    گاهه وغيره ۾ حصو
    ڪنهن قبوليت، دستور يا رواج جي باوجود هاري سندس هارپ واريءَ زمين جي اُپايل ڪانن، ڪڙٻ، بُههُ ، پلال ۽ سائي گاهه مان 3/2 (ٻه ڀاڱي ٽي) حصي ملڻ جو حقدار آهي.
    پيدائش ۾ مشترڪ يعني گڏيل قبضو :
    زمين جي پيدائش، فصل جي لاباري يا چونڊائي جي تاريخ کان بٽئيءَ جي وقت تائين، زميندار ۽ هاري جي گڏيل قبضي ۾ شمار ڪئي ويندي، ۽ کري ي ديري ۾ ان جاءِ تي رکي ويندي جيڪا جاءِ زميندار مقرر ڪئي هوندي؛ جتي ديهه ۾ آبادي ڪندڙ سڀ سندس هاري پنهنجي پنهنجي پيداوار کي جمع ڪرائڻ جا پابند هوندا ۽ پيداوار وڪري ڪرڻ لاءِ تيار ٿيڻ جي 14 ڏينهن اندر، هاريءَ ۽ زميندار يا ان جي ايجنٽ (عيوضيءَ) جي موجودگي ۾ بٽئي مڪمل ڪئي ويندي.
    بٽئيءَ جي تاريخ کان پوءِ پيداوار تي هاريءَ ۽ زميندار جو سندن حصي آهر ڌار ڌار قبضو سمجهيو ويندو يا رهندو.
    نقدي لاپو يا ڪرايو
    قانون جي هن باب ۾ بٽئيءَ متعلق ٺهرائن جي باوجود، زميندار هاريءَ جي مڃتا بيان موجب کيس (هاري کي) اجازت ڏئي ته هو کيس (زميندار کي) سندس (زميندار جي) حصي جي عيوض مقرر ايترو ڪرايو نقد ڏئي، جيترو ٻئي ڌريون گڏيل طور قبول ڪن.
    ڇيڙ ۽ بيگر:
    باوجود ڪنهن قبوليت، دستور يا رواج جي ڪنهن به زميندار لاءِ قانوني طور تي جائز نه هوندو ته هو پنهنجي ڪنهن به هاري کان ڪنهن به قسم جو مفت پورهيو، جنهن کي عام طور بيگر يا بيگار چئبو آهي، ڪنهن به صورت يا نموني ۾ وٺي.
    زميندار طرفان هاريءَ کان ورتل پورهيي، جنهن کي عام طور تي “ڇيڙ” ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو، ان جو ڪوبه اجورو ، هاري کي علائقي يا حلقي ۾ عام هلندڙ اگهن موجب، روزانو هرهڪ ڏينهن جي ڪم ختم ٿيڻ وقت لازمي ڏيڻ گھرجي.
    بشرطيڪ جيڪا گپڇيڙ يعني پوک جي موسم هلندي واٽر ڪورسن جي کاٽيءَ جي حالت ۾ ، زميندار کي پنهنجي خرچ تي هاري کي کاڌ خوراڪ فراهم ڪرڻي پوندي ۽ ان لاءِ ڪابه نقدي ادائگي نه ڪرڻي آهي. ٻين سڀني حالتن ۾ زميندار هاريءَ کان ورتل پورهيي لاءِ سندس کاڌ خوراڪ تي ڪيل خرچ ڪاٽي باقي نقدي مزدوري هاريءَ کي ڏيندو.
    هاري جا فرض ۽ ذميواريون
    ٭۔سندس ٻج وڌل فصلن کي اثرائتي نموني پوکڻ لاءِ گھربل جانورن (ڏاندن) جو پورهيو، هٿ جو پورهيو ۽ هارپ جا اوزار فراهم ڪرڻ لاءِ ذميوار هوندو.
    ٭۔سندس پوکيل سڀني فصلن مان صحيح نموني گُڏ ڪڍڻ ۽ گڏ ڪڍڻ تي ٿيندڙ خرچ جو ذميوار هوندو.
    ٭۔کيس هارپ لاءِ مليل زمين ۾ ريج يعني ابپاشيءَ لاءِ بندن ۽ واٽر ڪورسن جي ضروري بناوت ۽ صحيح نموني سنڀال جي خرچ ڀرڻ لاءِ ذميوار هوندو.
    ٭ جيڪڏهن هن کي “ڪٽنبي قبضيداريءَ” (family holding) جيتري زمين مليل آهي ته پوءِ ڪنهن ٻي زميندار جي زمين آباد نه ڪندو.
    پوک لاءِ گھربل ٻج لاءِ هاريءَ ذميوار رهندو، پر جيڪڏهن زميندار پنهنجي ڪنهن هاريءَ کي ٻج فراهم ڪندو ته پوءِ هو ان هاريءَ کان ٻج جو صرف ايترو مقدار واپس وٺڻ لاءِ حقدار هوندو، جيترو حقيقت ۾ فراهم ڪيو ويو هوندو، ۽ ان کان وڌيڪ ڪجهه به نه؛ ٻيو ته جڏهن زميندار کي ڪنهن سروي نمبر جي ڍل جي معافي ملندي ته پوءِ ٻج جو مقدار، جيڪو هاري زميندار کي واپس ڪندو سو ان سروي نمبر جي ڍل بابت زميندار کي مليل معافيءَ جي رقم جي تناسب موجب هوندو.
    (نوٽ)مارشل لا ريگيوليشن 115 جي فقري 3 (ب) موجب خريف 1972 ع کانپوءِ ڪنهن به زمين لاءِ ٻج ڏيڻ جي سموري ذميواري زميندار جي آهي. ۽ فقري 3 (ث) موجب ڀاڻ ۽ جيت مار دوائن جي خرچ ۾ هاري ۽ زميندار برابر جا ڀائيوار هوندا.
    (ڏ) هر بٽئيءَ کان پوءِ پيدائش جو زمينداري حصو زميندار جي خرچ تي زميندار جي مڪاني رهائش واري گدام تي پهچائي ڏيندو.
    (گ) هو اهڙن فصلن پوکڻ ۽ انهن جي ايتري سراسري طور پوکڻ ۽ اهڙي نموني پوکڻ جو ذميوار هوندو جهڙي طرح زميندار جي طرفان هن کي ڄاڻايو ويندو. بشرطيڪ ان ۾ هن قانون هيٺ هاريءَ جي پوک جو حق متاثر نه ٿيندو.
    (هه) ڪي به ٻيا اهرا ڪم جيڪي قانوني طور وقت به وقت مقرر ڪيا ويندا.
    زميندار جا فرض
    واهه جي ماڊولن کان وٺي زمين تائين وهندڙ مکيه واٽر ڪورسن جي صحيح سنڀال ۽ ان سنڀال تي ايندڙ خرچ لاءِ ذميوار هوندو، بشرطيڪ آبپاشي جي مند ۾ انهن واٽر ڪورسن جي لٽ جي صفائي واسطي پورهيو فراهم ڪرڻ هاري جي ذميواري هوندي. ۽ اهو وقت زميندار پنهنجي خرچ تي هاريءَ جي کاڏ خوراڪ لاءِ ٻڌل هوندو.
    هو هاريءَ کي مليل زمين لاءِ موجود نهري پاڻيءَ جي واجبي حصي جي رسد کي يقيني بنائڻ جو ذميوار هوندو.
    قلم 23 جي پيٽي ڀاڱي (ڌ) جي پابندي سان جيڪڏهن هاريءَ هن کان ٻج اوڌر تي گھُري ته هو ان کي اهو ڏيڻ لاءِ ذميوار هوندو.
    (نوٽ)مارشل لا ريگيوليشن 115 جي فقري 25 جي ڀيٽي ڀاڱي 3 (ب) موجب خريف 1972ع کان ٻج مهيا ڪرڻ زميندار جي ذميواري آهي.
    (ڌ) زميندار جيڪڏهن هاريءَ کي گھرو ضرورتن لاءِ جيڪو کاڌي جو اناج تقاوي طور (اوڌر تي) ڏنو هوندو ته ان جي رقم ، اوڌر جي ڏيڻ وقت بازار جي بها جي حساب سان نقديءَ ۾ يا ان جي برابر مُلهه جيتري جنس جي صورت ۾، کيس واپس ڏني ويندي.
    (ڏ) جتي فقط ڪپهه يا ڪمند يا تماڪ يا ٻيا اهڙا فصل پوکبا هجن جن مان مال لاءِ چارو / گاهه مهيا نه ٿي سگهي، اتي هاريءَ کي سندس مال جي چاري ۽ ذاتي استعمال لاءِ ڀاڄين پوکڻ واسطي مقرر ايراضي مقرر شرطن تي ڏيڻ لاءِ ذميندار ذميوار هوندو.
    (ف) ٻيا اهڙا فرض يا ڪم جيڪي وقت به وقت قانوني طور مقرر ڪيا ويندا.
    هاري زميندار وچ ۾ تڪرارن جي فيصلن لاءِ ٽربيونل قانون موجب فيصلا جو حق رکن ٿا. جنهن کي ٻنهي ڌرين تي قبولڻ جي ذميواري عائد ٿئي ٿي.
    مارشل لا ضابطو نمبر 115 سال 1972ع
    هارين جا حق
    ڪوبه هاري هارپ تان بيدخل نه ڪيو ويندو، جيستائين ڪنهن روينيو ڪورٽ ۾ ثابت نه ٿئي ته :
    (الف) هارپ جي شرطن موجب هن بٽئي يا ڪرايو ادا نه ڪيو آهي يا
    (ب) سندس هارپ واري زمين اهري نموني استعمال ڪري رهيو آهي. جو جنهن مقصد لاءِ هن کي ڏني وئي آهي. ان طرح اها ان مقصد لاءِ مناسب يا موزون نه رهي آهي يا
    (ت) هن ٻڌايل ضابطي هيٺ هن تي ڪو ڏنڊ پيو آهي ياهُن ڪا سزا کاڌي آهي.
    زمين تي لاڳو ڍل ۽ ٻيا ٽئڪس، سيس، سرچارج ۽ لوازما مالڪ کي ڏيڻا آهن (ٽيننسي ايڪٽ تان کنيل)
    ***


    هاري اڳواڻ شهيد فاضل راهو

    باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي کانپوءِ سنڌ ۾ هارين ۽ پورهيتن جو حقيقي سگھارو آواز شهيد فاضل راهو هو. لاڙ جي محبوب مٽي جو ماڻهو شهيد فاضل راهو عام ڳوٺاڻو ، سادڙو ، فقير منش انسان هو. سندس طبيعت ۾ درياهه جو عار ۽ موجون هيون. ڪي ماڻهو اُٺ ڪتابن جا پڙهڻ کانپوءِ به ان علم مان ٻين کي ڪو فائدو نه ڏئي سگهندا پر شهيد فاضل راهو ٿورو پڙهيل هئڻ جي باوجود سنڌ جي مسڪين ۽ مظلوم پورهيت هارين لاءِ ڇپر ۽ ڇانءَ هو. جيل کي ناناڻو گھر سمجھندڙ هاري اڳواڻ شهيد فاصل راهو تمام اعلى پايي جو سياستدان هجڻ سان گڏ هو نج ٻهراڙي جو راڄوڻي وارو ماڻهو هو.
    هڪ ئي وقت شهيد فاضل راهو جتي ملڪي سطح جي جمهوريت پسند اڳواڻن سان گڏ ويهي سياسي مسئلا سُلجھائيندو هو ته اُتي هو ٻهراڙي جي ڳوٺاڻن ۽ غريب هاري ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ڏاڏا عبدالقادر رانٽو، ماما عارب ڪيڙانو، لکانو بهراڻي، امين خاناڻي، جمعو نوحاڻي، اشرف رند، آفتاب ڪلوئي، علي غلام نظاماڻي، بچايو ڀيل، الهجڙيو ٿيٻو، الهڏتو لغاري، مير فيض ٽالپر، ڪرم ڪلوئي، حڪيم هاليپوٽو، نوح گشڪوري، جمن ترڪ، مٺو مهيري، گل چانگ، نورمحمد پنهور، جمعوخاصخيلي، تاجن ڪلوئي سان گڏ به جدوجهدن ۾ ساڻ رهيو. شهيد فاصل راهو پنهنجي تر سميت سڄي سنڌ جي غريب ۽ مسڪين هارين ۽ پورهيتن جي مرڻن ۽ پرڻن ۾ ڄاڃي ۽ ڪانڌي بڻجي ساڻن ساٿ نڀايو. باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کانپوءِ شهيد فاضل راهو سنڌ جي لکين پورهيتن لاءِ ڏڍ هو.
    شهيد فاضل راهو پنهنجي سياسي زندگي جو ڳچ حصو پاڪستان جي بدنام زمانا جيلن ۾ مڙس ٿي ملهايو. جيل ۾ پارٽي جي حڪم تي فاضل تمام گھڻا ڪتاب پڙهيا. گھرو، نظرياتي مطالعي شهيد فاضل راهو کي هڪ پختو سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ بڻائي ڇڏيو. شهيد فاضل راهو قيدين جي گڏيل پڙهائي ۽ سياسي تربيت جي روايت سان جيل کي اسٽيڊي سرڪل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. يونين ڪائونسل ترائي کان سياست جي شروعات ڪندڙ پورهيت رهنما شهيد فاضل راهو جڏهن هارين جي حقن جي حاصلات لاءِ بک هڙتال ڪئي ته ملڪي ايوانن جا ڀاري بُرج لڏي ويا. شهيد فاضل راهو رسول بخش پليجي سان گڏجي سنڌي عوامي تحريڪ ۾ سياست جي ميدان تي سنڌي قوم جو ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. ساهه جي آخري گهڙين تائين پنهنجي پارٽي، نظريي، قوم، ڌرتيءَ تي سر گھوري سُرهو ٿيو. شهيد فاضل راهو جي جدوجھد رنگ ، نسل، ذات، پات ۽ مذهبي مت ڀيد کان اُوچي هُئي. سندس جدوجھد سڄي دنيا جي مسڪين ، مظلوم ، ڦريل ، لٽيل ، پيرن اگھاڙن پورهيتن مزدورن لاءِ هئي. سندس جدوجھد لينن، مائوزي تنگ، هوچي من، چي گويرا، فيڊل ڪاسترو، هوگو شاويز، نيلسن منڊيلا جي جدوجھد جو تسلسل هُئي.
    شهيد فاضل راهو جيئن سياسي شعور سنڀاليو ته هن سنڌ جو درد محسوس ڪيو ۽ جدوجھد جي ميدان تي سندرو ٻڌي لهي پيو. ان عظيم جدجھد دوران آرام پسندي يا ساهي پٽڻ سندس اصولن ۾ شامل نه هو. جنهن خطي ۾ سياست فقط ملڪيت، محل، ماڙيون، بنگلا، ٻنيون،گاڏيون ۽ جاگيرون ٺاهڻ لاءِ ڪئي وڃي اُتي شهيد فاضل راهو اهڙي مال ميڙن واري روايت کي ٿڏي صرف سنڌ جي پورهيت هارين جي حقن جي حاصلات لاءِ سياست ڪئي. هن کي به پنهنجي زندگي ۾ لاتعداد سڻڀيون آڇون ٿيون پر هن غيرت منڌ، سپوت، ارڏي مٿير مڙس سمورن آڇن کي ٺڪرائي پنهنجي ڌرتيءَ جي مسڪين پورهيتن سان گڏ ثابت قدمي سان بيٺو رهيو. اهڙي ثابت قدمي ۽ جُرت کيس تاريخ جي ورقن ۾ اُوچو مقام ڏياري ڇڏيو آهي. شهيد فاضل راهو پنهنجي سياسي زندگي ۾ ڪيتريون ئي ڪامياب سياسي تحريڪون هلايون. جڏهن 70ع واري ڏهاڪي ۾ ڪوٽڙي بئراج جي زمينن جي نيلامي جو فيصلو ڪيو ويو ته فاضل راهو هزارين هارين سان گڏجي جدوجھد هلائي.
    ان هاري تحريڪ جي نتيجي ۾ لاڙ جي 28 لک ايڪڙ زمين لاڙي هارين کي ملي. سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ خلاف شهيد فاضل جي اڳواڻي ۾ هلايل تحريڪ پنهنجا مطالبا مڃايا. ان کان علاوه ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپايو تحريڪ، صحافين جي حقن لاءِ تحريڪ، هارين جي حقن لاءِ تحريڪن کان ويندي ملڪي تاريخ ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ ماضي جي جدوجھدن ۾ اهم حيثيت رکندڙ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ شهيد فاضل راهو هڪ دلير باهمت، باصلاحيت سياسي رهنما جي حيثيت ۾ نروار ٿيو. شهيد فاضل راهو جڏهن راهوڪي مان نڪري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهتو ته لکين ماڻهو سندس سٿ ۾ شامل ٿي ويا. فاضل راهو جو ڪافلو سنڌ جي حقن جو محافظ بڻجي ويو. سنڌ دشمن سامراجي قوتن پاران جڏهن به سنڌ تي قهري وار ڪرڻ جو سانباها ڪيا ويا ته پليجو صاحب ۽ شهيد فاضل راهو جي پارٽي پنهنجي وس ۽ وت آهر جدوجھدون ڪري سنڌ دشمنن ڌرين جي خطرناڪ ارادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. شهيد محمد فاضل راهو به سنڌ جي انهن عظيم شهيدن شهيد شاهه عنايت، شهيد سورهيه بادشاهه، دولهه درياهه خان، مخدوم بلاول، شهيد هوش محمد شيدي، شهيد دودو سومرو، هيمون ڪالاڻي، روپلو ڪولهي سميت سنڌ ماتا لاءِ جان جو نذرانو ڏيندڙ سمورن شهيدن جي راهه جو راهي ۽ انقلاب جي عظيم خوابن جي ساڀيان هو. سنڌ جو مدبر جمهوريت پسند سياسي اڳواڻ شهيد عوام فاضل راهو کي سنڌ جي حقن جي حاصلات واري اهم جدوجھد جي راهه تان هٽائڻ خاطر سامراج پاران وڏيون سازشون ڪيون ويون. پليجي صاحب سان گڏ شهيد فاضل راهو پنهنجي گھر جي سمورن ڀاتين پٽن، نياڻين،ڀينرن سميت آمريت جا عذاب ڀوڳي انقلاب خاطر عملي سياست جو اعلى مثال قائم ڪيوآهي. سندن ٻار، ٻچا، دوست ۽ احباب سڀ شهيد فاضل راهو جي ڪري آمريت جي اک ۾ ڪنڊو بڻيل هئا. سندس ڳڀرو ڳاڙهي گھوٽ پٽ صديق راهو کي سي آءِ سينٽر ڪراچي ۾ سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو. نيٺ ان بدترين تشدد ۾ صديق راهو شهيد ٿي ويو. شهيد صديق راهو جي شهادت تي هن انقلابي اڳواڻ کي پيرول تي آزاد ڪري سندس ڪلهن تي نوجوان پٽ جو لاش کڻايو ويو. وطن ۽ وطن جي حقن لاءِ هن جي عاشقي کي هر طرح آزمايو ويو. پر ڌرتيءَ جي عشق جي آزمائش ۾ شهيد فاضل راهو پار پيو. شهيد فاضل راهو جا حوصلا سدائين هماليا جيڏا اڏول رهيا. شهيد فاضل راهو ڪڏهن به وقت ۽ حالتن جي اڳيان نه جھڪيو نه وڪيو. جيل، تشدد، گرفتاري، روپوشي جون دربدريون، قيد و بند جون صعوبتون هن سچي انقلابي اڳواڻ کي جھڪائي نه سگھيون.
    عمر سڀ عشق سين ، پنهون جي پُڇن
    ريس ريزاليون تن سين، ڪُڄاڙي لئه ڪن،
    مارڳ جي مرن ، ته وڏا طالع تن جا.
    شهيد فاضل راهو عالم انسانيت ۾ يقين رکندڙ عظيم انسان هو. سندس زندگي ۾ ان طبقي سان تمام گھڻي ويجھڙائي هُئي جنهن طبقي جي ماڻهن کي هن مدي خارج سماج ۾ اڇوت سمجھي ڌڪاريو وڃي ٿو. شهيد فاضل راهو سنڌ جي ڀيلن، ڪولهي ۽ ميگھواڙن کي پاڻ هٿ ڌورائي ماني کارائيندو هو. سندس اوطاق هر وقت مسڪين ، مظلوم ، هارين ۽ مزدورن سان ڀري پئي هوندي هُئي. اڄ به لاڙ جا غريب شڪاري، سوپي ۽ هاڏيري ڀيل ۽ ڪولهي ڪُڙمي کيس عقيدت ۽ احترام سان ياد ڪري هنجون هارين ٿا. جن کي شهيد فاضل راهو جدوجهد ڪري ٻنيون ڏياريون هيون.
    تنهنجيون ڳالهيون ڳوٺن پوٺن،
    تنهنجيون يادون من ۾ مرڪن
    فاضل هُئين تون مڙس مهان
    راهو توتي سرخ سلام.
    سنڌ دشمن سامراجي قوتن جي شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي قومي وسيلن، پاڻي، معدنيات، زمين، پيٽرول، گيس،ڪوئلو، زراعت، بندرگاهه، سميت سنڌ جي شهرن تي قبضي جي نيت رهي آهي. ۽ انهن سامراجي سازشن خلاف سنڌ پنهنجي سياسي شعور، ٻڌي، اتحاد، يڪجھتي ۽ ثابت قدمي سان مزاحمت ڪئي آهي. پر شهيد فاضل راهو جي ڪامياب حڪمت عملين، سياسي جدوجھدن ۽ تحريڪن کان سنڌ دشمن ڳُجھيون طاقتون ڊنل هُيون. شهيد فاضل راهو سنڌ جي سمورن قومي وسيلن جا انگ اکر ياد رکندو هو. جڏهن هو اهي انگ اکر تقريرن ۾ بيان ڪندو هو ته ڪيترائي موٽن دماغن وارا پڙهيل لکيل ماڻهو حيران ٿي ويندا هئا. يعني سنڌ سان ٿيل سمورين ناانصافين جي وارتا کي ڌرتيءَ جو ڪيس سمجھي وطن جي پورهيت هارين ۽ مزدور ماروئڙن کي سادي ۽ ٻاٻاڻي ٻولي ۾سمجھائڻ، انهن کي سنڌ جي تحفظ لاءِ ذهني طرح تيار ڪرڻ، قومي حقن لاءِ جدوجھد جا نوان گس ڏيئي عوام ۾ هماليا جيڏا حوصلا پيدا ڪري اُتساهڻ ۽ عام ماڻهو کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جھڙا ڪم سنڌ جي سياست ۾ بلڪل نرالي روايت هئا. سياست ۾ اهڙيون روايتون وڏيراشاهي ۽ جاگيرداراڻي سماج ۾ هضم ٿيڻ تمام مشڪل هيون. اهو شاندار ڪم رسول بخش پليجي ۽ شهيد فاضل راهو ڪري ڏيکاريو. سندن سياسي تربيت جي نتيجي ۾ سنڌ جا هاري ۽ مزدور سمورين سياسي تحريڪن ۾ اول دستي وارو ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ جي سياست جي پراڻي مدي خارج روايتن کي ٽوڙي مروڙي سنڌ جي قومي حقن جي حاصلات لاءِ ٿيندڙ تاريخي جدوجھدن ۾ عورتن، ٻارڙن سميت هيٺين طبقي جي مزدور ،هاري پورهيتن کي اڳين صِفن ۾ شامل ڪيو. خاص طور تي جدوجھدن ۾ عورتن جي اڳواڻي وارو ڪردار رجعت پرست عورت دشمن قوتن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه پيو. جنهن ڪري مختلف سياسي اتحادن ۾ ويٺل اهي ڌريون سدائين سنڌي عوامي تحريڪ تي بي بنياد غير جمهوري تنقيد جو نشانو بڻائينديون هيون.
    شهيد فاضل راهو جھڙا يگانا سياسي اڳواڻ ڪنهن خوشنصيب ڌرتيءَ تي صدين جي سفر کانپوءِ پيدا ٿيندا آهن. اهيو سنڌ جو ڀلوڙ ڀاڳ هو جو شهيد فاضل راهو هن ڌرتيءَ جي نصيب ۾ پيدا ٿيو. جنهن ڌرتيءَ ماتا جي پت پارڻ ڪارڻ سيس ڏئي وطن واسين جو ڳاٽ فخر سان اُوچو ڪري ڇڏيو. سندس رت جي عظيم قرباني تي سنڌ صدين تائين ناز ڪندي.
    زمينون نيلام بند ڪريو تحريڪ دوران کورواهه جي ٻن سنڌياڻين ملوڪان گلاهه ۽ ٻاگھي گلاهه پڻ گرفتاري ڏني هئي. 1930ع کان هيستائين سنڌ ۾ هارين جي جدوجهد مڪمل سياسي رهي آهي. جنهن ۾ هارين جا انيڪ ڪارناما ان تاريخ ۾ شامل ٿيڻ کان رهجي ويا آهن. جنهن کي سهيڙڻ جي سخت ضرورت آهي. سنڌ جي انهن پورهيت تحريڪن کي اهم وقتن تي جاگيردار طبقن ناقابل تلافي نقصان پهچايا. شهيد عوام فاضل راهو جي شهادت سنڌ جي پورهيت هارين جي جدوجهد لاءِ ڪاپاري ڌڪ هئي. ان عظيم نقصان جو ازالو ڪرڻ ته تاريخ جي وس جي ڳالهه ناهي، پر وري به سنڌ ۾ هارين جي جدوجهد کي رسول بخش پليجي ۽ سندس پارٽي عوامي تحريڪ جي برادر محاذ سنڌي هاري تحريڪ سنڌ ۾ پورهيتن جي حقن لاءِ پتوڙيندڙ اهم تنظيم طور ڪم ڪري رهي آهي.
    سنڌي هاري تحريڪ جا هيستائين مرڪزي صدر رهندڙ شيرخان لنڊ، قاضي غفار، ڏاڏا عبدالقادر رانٽو، عارب ڪيڙانو، وشنو مل، عزيز ٽالپر، محمد علي ٽالپر، فيض ٽالپر، علي نواز ڏاهري، اوڀايو جوڻيجو، فريد ڪلهوڙو، اياز کوسو ۽ انور رند رهيا آهن. انهن هاري اڳواڻن جو سنڌ جي پورهيت ماڻهن جي حقن جي تحريڪن ۾ تاريخي ڪردار رهيو آهي. سنڌ ۾ هاري جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ رسول بخش پليجي جي سياست جو محور سنڌ جا پورهيت هاري ۽ مزدور رهيا آهن. جنهن ڪري ان پورهيت طبقي جي شاندار نظرياتي تربيت جي سبب سنڌ ۾ اڻ پڙهيل هاري به دنيا جي مختلف موضوعن تي بحث مباحثا، تقريرون ۽ ليڪچر ڏيندا آهن. سنڌي هاري تحريڪ جي جدوجهد ۾ هاري اڳواڻ رسول بخش خاصخيلي، ڪرڙ رٻاري، ڪسرو مل، پونجو مل، علي سوڍو، شهيد عبدالستار انڙ، شهيد نواز ڪنراڻي، ربڏنو نوحاڻي، احمد خشڪ، ايوب انڙ، آچار ماليو، اميربخس جت، عبدالمجيد زنئور، نورمحمد زنئور، گل محمد ڪيڙانو، يعقوب ڪيڙانو، ايوب ٻائتار، شهيد حڪيم هاليپوٽو، سومار هاليپوٽو، دودو ڀيل، جلال ڀيل، رامجي ڪولهي، لکمڻ ڪولهي، هميرو مل، حسن پسايو، سومجي ڪولهي، گينو ڪولهي، پروانو ڪپري، خيرمحمد لغاري، شگهن ڪولهي، عبدالله کوسو، الهڏنو انصاري، دلدار لغاري، دوست علي ڪٽوهڙ، مجيد پرهياڙ، اقبال ساريجو، محمود ڀنڀرو، غلام مصطفى چانڍيو، روزي چانڍيو، حيدرملاح، عبدالخالق لانڍر، علي گوهر برهماڻي، غلام قادر عرف شينهن رند، سوجهرو رستماڻي، عرس ٻٻر، الله رکيو چانڍيو، ماما ميرو، پيرل ڀاڻو ۽ نورمحمد کوسو سميت ٻيا ڪيترائي مشهور سرگرم هاري اڳواڻ رهيا آهن.
    ***


    پورهيتن جي اڳواڻ رسول بخش پليجي جي سنڌي هاري تحريڪ

    رسول بخش پليجو بنيادي طرح پاڻ پورهيت طبقي سان تعلق رکي ٿو. شايد اهو ڪنهن جي وهم گمان ۾ به نه هو ته جُنگشاهي جي جهنگ جو ڳوٺاڻو ساڌڙو پورهيت ماڻهو هڪ ڏينهن هن دنيا جو عظيم ڏاهو، مفڪر، اديب، ليکڪ، شاعر، ٻولين جو ڄاڻو، ڪلاسيڪل راڳ جو قدردان ۽ ڄاڻو، علم جي ست سمنڊن جو کيڙائو، دانشور، نقاد، چوٽي جو مقرر، لطيف جو پارکو، سماجي ۽ انقلابي سائنس جو ماهر، ناميارو قانوندان ۽ برک عالمي انقلابي اڳواڻ ٿي اُڀرندو.
    سمنڊ جي سيوين،تنين ماڻڪ ميڙيا،
    ڇلر جي ڇوئين، تن سانکوٽا ۽ سُتيون.
    ان پورهيت اڳواڻ کي سارو جڳ رسول بخش پليجو جي نالي سان سڃاڻي. 21 فيبروري 1930ع ۾ تپيدار علي محمد پليجو جي گهر ۾ جنم وٺندڙ رسول بخش پليجو ٻالڪپڻ کان ئي هڪ منفرد ماڻهو رهيو آهي. سندس امان لاڏ ٻائي جي لاڏ ڪوڏ سان پاليل هي شخص گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي. سندس شخصيت جا ڪيترائي پاسا آهن. رسول بخش پليجو پنهنجي شخصيت ۾ مڪمل طور هڪ ادارو آهي. سندس جدوجهد، ڪردار ۽ شخصيت ۾ هڪ ئي وقت ڪيترائي خوبصورت رنگ سمايل آهن.
    هارين جو هي عظيم رهنما هڪ ئي وقت پورهيتن جي انقلابي قافلي جو ڪميٽيڊ ڪارڪن به آهي ته ساڳي وقت ڪارل مارڪس، ولاد مير لينن، هوچي من، مائوزيتنگ جي پايي جي ليڊرشپ جهڙا اڳواڻي جا اعلى گڻ رکندڙ عالمي انقلابي اڳواڻ به آهي. رسول بخش پليجو هڪ ئي سمي تاريخ ۽ انقلاب جو شاگرد هجڻ سان گڏ هڪ ماهر استاد ۽ اسڪالر به آهي. هو هڪ ئي وقت انقلاب جي عظيم تحريڪن ۽ جدوجھدن ۾ فولادي ضابطو رکندڙ ڪارڪنن جي صفحن ۾ به هلي ٿو ته اڳواڻي به ڪري ٿو. هو ڪن بڻجي ٻڌڻ جي به ڀرپور سگهه رکي ٿو پر جڏهن هو وات ٿي ڳالهائي ٿو ته لکين عوام جي ميڙ ۾ سُئي ڪِرڻ جو آواز به ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. جڏهن هي دنيا جو عظيم مفڪر ۽ مقرر ڳالهائيندو آهي ته علم، ادب، سياست، مذهب، جنگين جي تاريخ، ڪائنات، ارتقا، انقلابي سائنس جا اڙانگا گس، پنڌ ۽ پيچرا، دنيا جون تهذيبون، ثقافت، ٻولي سميت سندس پرمغز گفتگو ۾ علم جا ست سمنڊ وهندا آهن. سندس مخالف به کيس وڏي غور ۽ ويچار سان ٻُڌي پوءِ چوندا آهن ته “چوي سچ ٿو”
    سنڌ جي تاريخ ۾ رسول بخش پليجي هارين جا تاريخي جلسا، احتجاج، هاري ڪانفرنسون، لانگ مارچ ڪيا آهن. جن جي اڳواڻي هارين ڪئي. مارشلائن جي مشڪل زمانن ۾ سندس پارٽي کي سڀ کان گھڻي سگھه هاري ڪارڪنن بخشي. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سندس پارٽي جي هزارين هاري ڪارڪنن گرفتاريون ڏنيون هيون. ايم آر ڊي تحريڪ، ڪالاباغ ڊيم ۽ گريٽر ٿل ڪينال خلاف تحريڪ، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپايو تحريڪ، صحافين جي حقن لاءِ تحريڪ، عدليه بحالي تحريڪ ۽ ٻٽي نظام خلاف ٿيندڙ جدوجهد ۾ سنڌي هاري تحريڪ جي ڪارڪنن جو سياسي پورهيو ۽ جدوجهد تاريخ ۾ سنهري اکرن سان لکي ويندي. رسول بخش پليجي جي اندر جي انسان ۾ نازڪ مزاج لاڙي ٻار جون هزارين حُسناڪيون به آهن ته هو هماليه جيڏو مضبوط ماڻهو به آهي جنهن کي پاڪستان جون بدنام زمانه ڪال ڪوٺڙيون به جھڪائي نه سگھيون آهن. هو ڪوٽ لکپت جو قيدي سخت سلاخن جو فاتح آهي. هي ضمير جو قيدي جيڪڏهن سون تي سيڻ مٽائڻ چاهي ها ته ملڪ جا وڏا اعلى عهدا هن لاءِ منتظر هئا. پر هو ته ڀٽائي جي شاعري “سکر سي ئي ڏينهن جي مون گھاريا بند ۾” جو زندهه مثال آهي. تنقيد جا تير ڄڻ ٺهيا ئي هن لاءِ آهن. پر هن هر ٿيندڙ تنقيد کي “سياسي ادب” سان تنقيد برائي اصلاح جي اعلى اصول تحت جواب ڏيندو رهيو ۽ سدائين اڳتي وڌندو رهيو. سندس زندگي جو هر پل پنهنجي محبوب وطن، مسڪين ماروئڙن سميت سڄي دنيا جي مظلوم طبقن ۽ پيڙهيل پورهيتن جي حقن جي حاصلات لاءِ سوچڻ ، لوچڻ، مسلسل جدوجھد ۽ جستجو ۾ گذريو. هاري اڳواڻ رسول بخش پليجي ڪڏهن به “ذاتيات” کي اهميت ڏيڻ بجاءِ سدائين قومي ۽ اجتماعي مفادن کي اهميت ڏني آهي. هن پنهنجي ڌرتيءَ ماتا جي مسڪين پورهيت هارين جي حقن لاءِ سچو پچو مڙس ماڻهو ٿي ثابت قدمي سان مسلسل جدوجھدن ۾ لاتعداد صعوبتون سهندي ذهني ۽ جسماني ٽارچر، روپوشي جون دربدريون، پارٽي ڪارڪنن، اڳواڻن جون شهادتون، سامراجي سازشن جي ور چڙهيل اعتماد جوڳن دوستن توڙي رت جي رشتن جون بي شمار بي وفايون برداش ڪيون آهن. ڪيترائي دفعا سندس پارٽي کي ٽوڙيو ويو آهي پر هو هر دفعي ان سازشن جو ڀرپور مقابلو ڪري پورهيت جدوجهد کي بچائيندو رهيو آهي.
    “ هو اڪيلو سامهون سٿ، خنجر خنجر ڪيئي هٿ آهن”
    هو جڏهن پورهيت مزدورن ۽ مظلوم هارين جي حقن جي حاصلات لاءِ پرامن قومي عوامي جمهوري جدوجھد ڪري ٿو ته عوام دشمن سامراج جي اک جو ڪنڊو بڻجي وڃي ٿو. هو جڏهن حق، سچ، عدل،انصاف، انسانيت ۾ برابري جا حق، عورت جي آزادي جي ڳالهه ڪري ٿو ته محدود سوچ رکندڙ ڪُند ذهينيت جو شڪار جنوني ۽ تنگ نظر رجعت پرست انتهاپسند ٽولا ڏند ڪرٽيون ڪن ٿا. هو جڏهن سنڌ ۾ مظلومن جي حق حاڪميت ۽ انقلاب لاءِ زميني حقيقتن کي مدنظر رکي تاريخي دليلن سان لٽيل طبقن جو ڪيس وڙهندو آهي ته انقلاب دشمن وڏيراشاهي، قدامت پسند ظالم جاگيردار، سردار، رجعت پرست مدي خارج نظام جي حامين، نسل در نسل موروثي سياست ذريعي غاصبن ۽ قبضاخورن جي ڀاري برجن ۾ لرزش اچي ويندي آهي.
    رسول بخش پليجو انساني حقن جي علمبرداري، انسانيت جي اعلى قدرن ۽ جمهوري روين جو وڏو حامل هئڻ سبب جمهوريت دشمن قوتن ۽ غريب عوام جي ازلي ويرين جي هينئان تي مڱ ڏري ٿو. تاريخ جي هيڻن ۽ پورهيت ماڻهن لاءِ ڪيل هن جي جدوجھد دنيا جي سمورن مسڪين ۽ مظلوم ماڻهن لاءِ ڪيل جدوجهدن ۽ قربانين جو تسلسل آهي. هي پورهيت رهنما حقن لاءِ وڙهندڙ دنيا جي مڙني محنت ڪش ماڻهن جو سگھارو آواز آهي. هو حق ۽ سچ جي جدوجھدن ۾ اڳين صفحن ۾ هلندڙ انقلابي آهي. هو انقلاب لاءِ شهيد ٿيندڙ دنيا جي سمورن شهيدن جي خوابن جي ساڀيان آهي. هو شهيد شاهه عنايت جي سڏ “جو کيڙي سو کائي” جو پڙاڏو آهي. جرنيل شهيد هوش محمد شيدي جي هڪل “مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون” جو حقيقي ڀرم آهي. هو فرنگي جرنل تروٽ کي رُڪ جا چڻا ڏيندڙ امر شهيد روپلي ڪولهي جي همت ، سچائي ۽ سورهيائي جو تسلسل آهي. پليجو صاحب محبوب سنڌ وطن لاءِ “وطن يا ڪفن” جو نعرو هڻي جان جو نظّرانو ڏيندڙ ڌرتيءَ جي عظيم شهيد صبغت الله راشدي سورهيه بادشاهه جي راهه جو راهي آهي. هو وقت جي خلجين لاءِ دودي جو دڙڪو آهي.
    سنڌ کي واڳن وات مان ڪڍڻ لاءِ هو ساهه جي آخري گھڙي تائين ويڙهه وڙهڻ ڄاڻي ٿو. هن جي وسيع سوچ ۽ دور انديش نظر وقت ۽ حالتن تي ڪڙي اک رکي ٿي. سماجي سائنس جو هي ماهر ويڄ وقت جي نبض تي هٿ رکيو اچي. هاري اڳواڻ رسول بخش پليجو هاري دشمن جاگيردار سامراج جي سمورين حرام پاين، هٿ ڪنڊن، چالبازين ۽ سازشن کي چڱي ريت سمجھي ٿو. هن وقت به 87 سالن جي ڄمار ۾ سنڌ جي پورهيت ماڻهن کي پنهنجن حقن لاءِ منظم ڪري رهيو آهي.
    ڪو نه جهارئين جکرو،جنهن ڏيهه ڍيا ڏيئي
    لڏيا ٿي لينگن ۾، شالن ۾ سي ئي،
    سمي سڀيئي تامائو تار ڪيا.
    ***


    ڌرتيءَ ڌڻي هاري ۽ ڪيمپ ڪهاڻي

    سنڌ ۾ گھڻو هاري طبقو ڀيل، ڪولهي ۽ ميگھواڙ آهن. جيڪي هن سماج جا پيڙهيل ماڻهو آهن. انهن سان ظلم ۽ زيادتين جي ڊگھي ۽ ڏکوئيندڙ تاريخ جا لاتعداد باب ڀريل آهن. انسانيت سان ناانصافين جو اهو ڪارو باب انساني حقن تي ڪم ڪندڙ ادارن ۽ جمهوريت جي نالي تي حڪمراني جون واڳون غيرقانوني طور ولاريندڙ واپارين لاءِ هڪ سوال آهي. جنهن جو جواب اڄ ڏينهن تائين نه ملي سگهيو آهي. ان هيسيل هرڻي جهڙو من رکندڙ ماڻهن سان سنڌ جا سامراجي وڏيرا، مير، پير، جاگيردار هارپ جي نالي تي ڪهڙو ڪلور ڪن ٿا؟ انهن ظلمن جو داستان منظرعام تي اچڻ سان ڪيترا اڇا منهن ڪارا ٿي ويندا. سنڌ جي پورهيتن جي پٿون ٿيل پيرن هيٺان پنهنجي ئي ڌرتيءَ کسڪڻ جي درد جي ڪيفيت ۽ ان جي محسوسات جو زهر جهڙو ذائقو ۽ پنج سئو صدين جي غلامي جو احساس ڌرتيءَ جي دراوڙ پورهيتن کان وڌ ڪير ٿو محسوس ڪري سگھي؟ سانحن جا سور ته انهن جي سينن ۾ صدين کان سانڍيل آهن، اهي سور ۽ پور لاوي جيئن پچي ڪڏهن آتش فشان جيئن ڦاٽي سگهن ٿا؟ علم، شعور، تعليم ۽ ترقي کان ڪوهين ڏور سنڌ جا هي اصل وارث پيٽ گذر خاطر جگيردارن وٽ پورهيو ڪري پيٽ پالين ٿا. سنڌ جي هنن ڌڻين سان ايترو ته جبر ڪيو ويو آهي جو هو ڌرتيءَ جي گولي تي نالي ماتر ترقي ته نه ڪري سگھيا پر فقط پنهنجو وجود بچائي زنده رهي سگھيا آهن. سنڌ جي انهن وارثن ڀيل، ڪولهي، ميگھواڙ، جوڳي، گرگلا، راوڙا، سامي، جھنڊاوڙا، اوڏ وغيره ۾ ڀيل، ڪولهي ميگھواڙ ۽ اوڏ اهي جاتيون آهن جيڪي زراعت سان لاڳاپيل رهيون آهن. ٻني ٻارو ڪري پيٽ گذر ڪن ٿيون. ان جي باوجود به سنڌ جي هنن وارث قبيلن جا لکين ماڻهو اڄ به روزي ڪارڻ لڏپلاڻ ڪري دربدري جي زندگي بسر ڪن ٿا. سنڌ جي اُترين ضلعن ۾ انهن جاتين جا ماڻهو هارپ سان تمام گھٽ واڳيل آهن پر انهن جي اڪثريت ميرپورخاص، بدين، عمرڪوٽ، حيدرآباد، ٽنڊوالهيار، سانگھڙ، نواب شاهه، ٺٺو ۾ آهي. جڏهن ته انهن جي آبادي جي وڏي اڪثريت ٿرپارڪر ضلعي ۾ رهي ٿي. جتي انهن جا مڙهه، مقام، ٻنيون، ڳوٺ، گام، اجها ۽ آشيانا پنهنجاآهن. سنڌ جي زرعي پورهيت قبيلن جا ماڻهو جيڪي هارپ نٿا ڪن پر انهن جي روزگار جو ذريعو ۽ مزدوري ٻني ٻاري سان منسلڪ آهي. سنڌ جي انهن پورهيت قبيلن جون ڪجهه جاتيون ڀاڄيون، سبزيون، واڙيون ۽ باغ ٺيڪي تي کڻي پيٽ گذر ڪن ٿيون. هو سڄي سال زرعي مزوريون لابارو ۽ مرچ ڦٽي جي چونڍائي بعد ڪمند جي ڪٽائي تي سانگھڙ، نواب شاهه، حيدرآباد سميت انهن علائقن جو رخ ڪندا آهن جتي زرعي مزدوري گھڻي هجي. ائين ئي هو بک کي رولڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ رلندا ۽ دربدر ٿيندا رهن ٿا. ٿر، لاڙ ۽ اُتر جا علائقا لتاڙي هو ٻيهر پنهنجي ڪکن ۾ اچن ٿا. اهو پورهيتن جي دربدرين جو اهو سفر صدين پڄاڻان ان ئي محور ۾ ڦرندو رهي ٿو.
    سنڌ جي مسڪين ۽ مظلوم پورهيتن سان صدين کان انياءُ رهيو آهي جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم ۽ دائم آهي پر ڪوڙ جا اهي ڪوٽ هڪ ڏينهن ڀڄي ڀري پوندا، غلامي جون هٿ ڪڙيون ۽ پيرڪڙيون ضرور چڪناچور ٿينديون. انسان ازل کان آزاد آهي ۽ آجپو يقيني آهي۔
    1990ع کانپوءِ سنڌ ۾ هارين جي حقن لاءِ سياسي تحريڪن کان وڌ اين جي اوز ۽ هيومن رائٽس جا ادارا سرگرم ٿي ويا. جن پروجيڪٽن جي حاصلات لاءِ پورهيت هارين کي پنهنجي ڪاروبار جو شاندار ذريعو بڻايو. انهن ادارن هاري ۽ زميندار ۾ ٽيننسي ايڪٽ تحت يا سياسي ۽ سماجي طريقن بجاءِ ڪورٽن ۾ آرٽيڪل 491 تحت سڌي درخواست يا وڪيل جي ذريعي داخل ڪرائي زميندارن جي مبينا نجي جيلن مان هارين کي آزاد ڪرائي هاري ڪيمپن حوالي ڪيو ويو. هاري ڪيمپون حيدرآباد جي آسپاس جي علائقن ۾ قائم آهن جنهن ۾ هاري ڪيمپ هوسڙي، هاري ڪيمپ چُکي، هاري ڪيمپ ڪوٽڙي، هاري ڪيمپ زيل پاڪ ڪالوني، هاري ڪيمپ ٽنڊو حيدر، هاري ڪيمپ قادر نگر قاسم آباد، هاري ڪيمپ بابا صلاح دين ڪوٽڙي ۽ ميرپورخاص ۾ ڪانجي راڻو ڪالوني واري ڪيمپ شامل آهن. هاري ڪيمپن ۾ انهن آزاد ٿيل هارين جي حياتي ڪيئن ٿي گذري ؟ اهو ڪيمپ ڪهاڻي جو هڪ ڏکوئيندڙ ڊگھو داستان آهي. جتي ڌرتيءَ جا اصلوڪا وارث موجوده دور جا مسڪين هاري خانه بدوش ڀيل ۽ ڪولهي دربدرين جا عذاب ڀوڳين ٿا. سنڌ ۾ هارين جا ڪيس وڙهندڙ مشهور وڪيل رسول بخش پليجو ۽ عاصما جهانگير جو ڪردار هاڪاري رهيو آهي. جنهن هارين جي حقن لاءِ زبردست ۽ قانوني ويڙهه ڪئي. وڪيل غلام الله چانگ، وڪيل ڪانجي راڻو ڀيل، وڪيل پونجو ڀيل، وڪيل ڀڳوانداس ڀيل، وڪيل خميسو شيواڻي ۽ سروڻ ڀيل پاران هارين جا هزارين ڪيس لڙي کين زميندارن جي قيد مان آزادي ڏياري.

    نجي جيل اصل حقيقت ڇا آهي؟
    سنڌ جي ظالم زميندارن جي جاگيرن ۾ نجي جيلن جي حوالي سان گھڻي زماني کان ڪيتريون ئي ڳالهيون منجهيل آهن. ميڊيا به انهن معاملن کي منظر عام تي آڻي حقيقتون پڌريون ڪندي رهي آهي پر ڪجهه جاگيرون اهڙيون به آهن جتي اڄوڪي سائنس جي تيزترين دور ۾ به ميڊيا جي پهچ ممڪن ناهي. جتي پکي پر به نٿو هڻي سگھي. نجي جيلون ڪي باقاعدي لاڪپ ۽ سلاخن جي روپ ۾ نه آهن پر نجي جيلون پورهيتن جا اهي کليا جيل آهن جتي پورهيت انسان کي پنهنجي مرضي موجب زندگي گذارڻ جو حق حاصل نه هجي، جتي ڏينهن رات پهري هيٺ ساهه کڻڻ جي روايت هجي، جتي سوچڻ ۽ لوچڻ تي پابندي عائد ٿيل هجي، جتي پيرن ۾ سنگهرون هڻي پورهيو ڪرايو وڃي، جتي هاري ٻارن ٻچن سان گڏ اڌ بکئي پيٽ سان ڏينهن رات سخت پورهيو ڪري اناج جا انبار پيدا ڪرڻ جي باوجود به نسل در نسل قرضن جي ڪوڙهه ۾ ڦاٿل هجي، جتي سرد سيارن ۽ لڱ ساڙيندڙ گرمين ۾ اٽي، لٽو اجهي کان زندگي مڪمل آجي هجي، جتي پورهيت ماڻهو پنهجي رت جي رشتن جي مرڻن، پرڻن، خوشين، غمين ۾ ڄاڃي ۽ ڪانڌي نه ٿي سگھي، جتي روئڻ ۽ کلڻ تي پابندي هجي، جتي پورهيت هارين جي مستقبل جي معمارن کي قلم ۽ ڪتاب کان ڪوهين ڏور رکيو وڃي ته اهو زندگي جو اڻ اعلانيل قيد آهي. جنهن کي جاگيردار جي نجي جيل چئي سگھجي ٿو.
    منو ڀيل جو ڪيس ان حوالي سان سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. منو ڀيل جا 9 گھر ڀاتي جهڏو لڳ ڳوٺ حاجي حُسين مان زميندار عبدالرحمان مري ۽ سندس ڇاڙتن اغوا ڪيا جنهن جي ايف آءِ آر پڻ جهڏو ٿاڻي تي ڪٽيل آهي. جنهن بعد منو ڀيل پنهنجن گھر ڀاتين جي بازيابي لاءِ ڊگهي بک هڙتال ڪري عالمي رڪارڊ قائم ڪيو، انساني حقن جي عالمي ادارن ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چودري پاران نوٽس وٺڻ بعد ڪيس سان لاڳاپيل مک جوابدار گرفتار ٿيا پر وري اهو ڪيس وقت جي وهڪري ۾ لڙهي ويو. فائلن تي مٽي جا تهه چڙهي ويا. منو ڀيل جا 9 گھر ڀاتي زمين کائي وئي يا آسمان اڄ ڏينهن تائين ڪا خبر پئجي نه سگھي آهي. هاري منو ڀيل به پنهنجن ٻچڙن جي آزادي جو آسرو لاهي مايوسين جي ڪُن ۾ زهر جهڙي زندگي جيئي پيو. ملڪ جا طاقتور قانون، عدالتون، اعلى عدليا، عوام جا چونڊيل مقدس ايوان، انساني حقوق جا علمبردار ادارا، سياسي، سماجي ۽ سول سوسائٽي سڀ گڏجي به هڪ جاگيردار کان مسڪين پورهيت هاري منو ڀيل جا گھر ڀاتي ڏياري نه سگھيا.
    جاگيردارن پاران باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ سندس پارٽي سنڌ هاري ڪميٽي جي تاريخي جدوجهد کانپوءِ پاس ڪرايل ٽيننسي ايڪٽ کي پُٺي ڏيئي هارپي ۾ پنهنجا من پسند قانون رائج ڪرڻ سان سنڌ جي زرعي نظام ۾ هاري ۽ زميندار ۾ تضاد پيدا ٿيڻ ڪري هڪ طرف زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي ته ٻي طرف سنڌ جو اصل ڌرتيءَ ڌڻي هاري طبقو دنڌوڙي ڪامريڊن جي ور چڙهي هاري ڪيمپن ۾ دربدري جي زندگي گھاري رهيو آهي. جنهن کان پرائي ٻني ۾ ٺاهيل پنهجو گھر به کسجي ويو. اڻ ڏٺل ماڳ، ڦٽ پاٿ، ڪيمپن جو سوڙو ماحول، شهرن جون دونهون سندن ساڌڙي زندگي تي ڪارو داغ بڻجي ويو آهي. ڪيمپن ۾ پليل هارين جي مستقبل جا معمار صبح سويل درسگاهه وڃڻ بجاءِ ڪلهي ۾ ٻورو ٽنگي ڪاغذ جا گتا چونڍين ٿا يا وري پنن ٿا. ڪيمپن ۾ حياتي جي گذرندڙ لمحن کي “زندگي” بجاءِ تاريخ جي تذليل به چئي سگھجي ٿو. اهو تاريخ جو ڏکوئيندڙ الميو آهي پر هڪ خطرناڪ سانحو به آهي. جنهن تي تاريخ کي وار کولي ماتم ڪرڻ گھرجي. هر سال پوکائي جي منڌ کان هڪ مهينو اڳ هڪ جوءُ کان ٻي جوءُ تائين سنڌ جي پورهيت هارين جي ٿيل لڏپلاڻ جو صدين کان هلندڙ اڻکٽ سلسلو سندن خوشحالي نه پر بدحالي جو منظر آهي. اهو دربدري جو سفر انساني حقن جي اعلى اختيارن کي الئه ڇو نظر نٿو اچي؟ “مهذب سماج” اڏيندڙن پاران ڌرتيءَ جي پورهيتن جي ڪٽيل زبان انساني تاريخ جي وڏو سانحو آهي. پنهنجي ٻولي، تهذيب، ثقافت، ڌرتي ۽ درياهه جا ڌڻي لاوارثي جي عالم ۾ تاريخ جي بدترين زمانن مان گذرندي احساس محرومي جو شڪار ٿيندا رهيا آهن. ڌرتيءَ جي انهن پورهيتن کي هزارين صعوبتون برداش ڪرڻيون پيون.
    سنڌ ۾ هارين سان ظلم، زيادتين، ناانصافين، اڻبرابري ۽ انياءَ جي هڪ ڊگھي درد ڀري تاريخ آهي. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته سنڌ جي انهن پورهيتن جا مسئلا عملي طرح حل ڪرڻ بجاءِ ڌندوڙي ساڃاهه وندن ۽ دانشورن پاران ڪيل ڊگھيون تقريرون، سيمينار، تاريخدانن پاران لکيل تاريخون ۽ انقلاب جا زباني چسڪا به ڌرتيءَ جي پورهيتن جي تقدير کي بدلائڻ ۾ ناڪام ويا آهن. اهي من جون ماڙيون ٺاهڻ واريون مهانگين هوٽلن ۾ ڪيل ڳالهيون عارضي طور ته خوشي جي خوراڪ مهيا ڪنديون آهن پر پگھر جي پورهيي سان دنيا لاءِ اناج پيدا ڪندڙ هي پورهيت ماڻهو پاڻ اڄ به بکئي پيٽ سمهن ٿا.
    سنڌ ۾ گھڻو ڪري هارپ سان لاڳاپيل ڪولهين ۽ ڀيلن سميت ٻيون انساني اڻبرابري ۽ اوچ نيچ جو شڪار ذاتيون آهن. موئن جي دڙي جي تهذيب جا حقيقي وارث پورهيت دربدري جي دورن مان گذرندي غلامي جي ڄار ۾ جڪڙجي چڪا آهن. جمهوريت پسندي جون دعويدار ڌريون سنڌ جي هنن مسڪين ۽ مظلوم هارين جي حقن جي حاصلات لاءِ ڪهڙا عملي قدم کنيا آهن؟ سياسي پارٽيون اعلى ايوانن ۾ غريب پورهيتن کي نمائندگي ڏيڻ بجاءِ ڏوڪڙن عيوض سيٽون من پسندن کي ورهايو ڇڏين جيڪي مخصوص نمائندا ايوانن ۾ مسڪين هارين جا مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ گُتن جا پرمٽ، ترقياتي اسڪيمون، نوڪرين سميت ٻيون مراعتون حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشان هوندا آهن.
    هن سماج ۾ گھڻو ڪري جن ماڻهن جا مالي حالات بهتر هوندا آهن يا آهستي بهتر ٿي ويندا آهن، يعني اهي اڳتي هلي پنهنجو سماجي ڪلاس تبديل ڪري سفيدپوشي جي خطرناڪ بيماري ۾ رات ڏينهن غرطان رهندا آهن. اها ڪوشش انهن ماڻهن لاءِ ذهني مرض کانسواءِ ڪجهه به ناهي. اسان جي پورهيت طبقي جي گھڻن ترقي ڪري امير ٿيل ماڻهن جي اميري تي اسان جون اکيون ٿڌيون آهن پر مالي طور ڪاميابين جا قراقرم پارڪرڻ کانپوءِ به پنهنجن انگ اگھاڙن، پيٽ بکايل ۽ وڏيراشاهي جي ڄار ۾ قيد ڀائرن کي ڪنهن به صورت ۾ وسارڻ نه گھرجي. ڇو ته اسان جا ڪلهي ڪانڌي ۽ ڄاڃي وري به اهي مسڪين ٿين ٿا جن کان مڊل ڪلاس ڀڄندو رهندو آهي. اهڙو عمل انسانيت کان ٻاهر آهي. مڊل ڪلاس ۾ پهتل ماڻهن جي ٽنگ پکيڙ مٿين ڪلاس ڏانهن گھڻي هوندي آهي. هو انهن جي “خوش آمد” ڪري پاڻ کي اجايو پيا هلڪا ڪندا آهن. جڏهن ته اپر ڪلاس ايترو ته رهزن هوندو آهي جو ڪنهن به صورت ۾ لوئر ڪلاس کي هضم ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي (ڇو ته انهن اٻوجهه ماڻهن کي ٺلهو انسان به نٿو سمجھي ) تنهنڪري هو ڪنهن به ريت مڊل ڪلاس کي لفٽ نه ڪرائيندو آهي. وچولي طبقي کي اجائي ۽ بي مقصد خام خيالي مان نڪري حقيقت پسندي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اپر ڪلاس فقط پنهنجي مفادن ڪارڻ ٻين ٻنهي ڪلاسن کي بري طرح استعمال ڪندو آهي. “ڪم نڪتو، ڪاڳر ڦاٽو” لوئر ڪلاس مان مڊل ڪلاس ۽ پوءِ مڊل ڪلاس مان اپر ڪلاس ۾ ٽپ ڏيڻ جي ڪوشش انهن ماڻهن کي ڪٿي جو به نه ڇڏيندي آهي. بنيادي طرح لوئر ڪلاس مان مڊل ڪلاس ۾ پهتل ماڻهو زمين ۽ آسمان جي وچ تي ٽنگيل هوندو آهي. جيڪو عام طور ان طبقي جو ڀاءُ ٿيڻ يا سڏائيڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي جنهن طبقي سان سندس بنيادي تعلق ۽ رت جو رشتو آهي. تنهن ڪري ڏک، سک، گرمين ۽ سردين جي ڏکين گھڙين ۾ پنهنجي طبقي جي مسڪين ماڻهن سان گڏ رهجي. پنهنجن پورهيت ڀائرن جي خوشين، غمين شادين، مرادين، مرڻن، پرڻن، ڪنين ۽ مانين ۾ اٿڻ ويهڻ هجڻ گھرجي. ڪيترائي اهڙا ڪامريڊ ساٿي آهن جن پنهنجو ڪلاس تبديل ٿيڻ کانپوءِ غريب، مسڪين ۽ پورهيت طبقي سان نفرت جو اظهار ڪري اهو ثابت ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي هوندي ته “سنڌ جي هنن پورهيت ماڻهن سان سندن ڪو تعلق ئي نه آهي” اهڙي سماجي لاتعلقي کين ڌوٻي جو ڪتو بڻائي ڇڏيندي آهي. پر انهن حالتن ۾ به ڪي ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي آهن جيڪو ماڙين بنگلن جي آسائشن ۾ به پنهنجن مارو ماڻهن سان نينهن جو ناتو نڀايو اچن. اهي فقيرمنش پورهيتن جا ساٿي اڳواڻ سون تي هرگز سيڻ مٽائن جي ريت مان نه ڄاڻن. اهي ڪامريڊ هر دور ۾ هر زماني ۾ سنڌ جي مسڪين پورهيتن جي حقن لاءِ جاکوڙين ٿا. کين هر هر پرنام ۽ سرخ سلام آهي.

    نجي جيلن ۾ قيد هارين جا ٻه هزار کان مٿي ڪيس وڙهندڙ
    وڪيل ڪانجي راڻو ڀيل جو موقف آهي ته “ هڪ طرف سڄي دنيا جي مسڪين ۽ مظلوم پورهيتن جي تحفظ ۽ ترقي لاءِ انساني حقن جا عالمي ادارا، سول سوسائٽي، صحافتي ادارا، عالمي توڙي ملڪي اعلى عدليا، دنيا جا سمورا بين القوامي سماجي ۽ جمهوري قانون، آئين، قاعدا ۽ ضابطا لاڳو ڪري مظلوم پورهيت ماڻهن کي بنيادي انساني حق ڏيارڻ لاءِ سرگرم عمل آهن ته ٻي طرف سنڌ جا پورهيت ماڻهو غيريقيني واري صورتحال ۾ عدم تحفظ جو شڪار آهن. سنڌ جي پورهيت هارين جا ٻچا محفوظ نه آهن ، انهن مسڪينن جي ننگن سان هٿ چراند روز جو معمول بڻجي وئي آهي”

    ڪامريڊ پونجو ڀيل
    پُونجو مل ڀيل بنيادي طرح ھاري آسو مل ڀيل جو پُٽ آھي، پاڻ سياست جي شروعات عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان ڪئي بعد ۾ ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿي 2 دفعا سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿيو ۽ ھاڻ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو آھي۔ سندس سياست جي شروعات بہ ھارين جي مسئلن لاءِ پتوڙڻ سان ٿي۔ ظالم زميندار پاران قتل ٿيل ھاري آچار ڀيل جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جدوجھد ڪرڻ کان پوءِ پونجي مل ڀيل جو نالو منظر عام تي آيو۔ وڪالت جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڪامريڊ پونجي مل ڀيل بہ پنھنجي قانوني ڪيريئر ۾ ھارين جا لاتعداد ڪيس لڙِي ھارين کي نجي جيلن مان بازياب ڪرايو۔

    ڪامريڊ نيم داس ڪولهي
    ڪامريڊ پڻ جهوپڙي ۾ رهندڙ هڪ مسڪين هاري جي گھر ۾ جنم وٺي اڳتي وڌيو. جنهن ڏکين حالتن ۾ تعليم حاصل ڪئي. ڪاليج ۾ پڙهائي دوران ڪامريڊ نيم داس پڻ سنڌي شاگرد تحريڪ جي سياست سان جدوجهد جي ميدان ۾ پير پاتو. بعد پ پ پ ۾ آيو. اُتي به هن مسڪين پورهيتن لاءِ ڀرپور آواز بلند ڪيو. جڏهين به ڪنهن پورهيت هاري تي انياءُ ٿيو ته هن ان ڏاڍ ۽ جبر خلاف ڀرپور نموني سان جدوجهد ڪئي. ڪوٽ غلام محمد جي ڀڳوانداس ميگھواڙ جي هاري خاندان سان جاگيردارن پاران ٿيل ظلم خلاف هن جي جاکوڙ ساراهه جوڳي آهي. ڪامريڊ نيم داس ڪولهي هڪ پڙهيل لکيل پورهيت اڳواڻ آهي. جنهن وٽ ذات، پات، رنگ ۽ نسل جي مت ڀيد کانسواءِ انسانيت جي عظمت جو قدر آهي. جنهن تحت هو اڄ به پورهيتن جو مضبوط ۽ سگھارو آواز بڻيل آهي. هو جنهن پارٽي سان تعلق رکي ٿو اُتي جاگيردارن جي اڪثريت آهي. جتي شايد هن هاري جي ٻار کي ڪنهن اجلاس ۾ برابري جي بنياد تي ڪرسي تي ويٺل ڏسي هو ڏند ڪرٽيون به ڪندا هجن. پر هي انهن جي هينئي تي مڱ ڏري پورهيتن جو ڀرپور موقف رکندو رهيو آهي. جنهن جي کيس وقت به وقت سزا به ملندي رهي آهي. پر شايد جهڪي وڃڻ يا خاموش ٿي ويهي رهڻ هن جي ضمير ۾ شامل ناهي. جنهنڪري هن پنهنجي حال سارو پورهيتن لاءِ پتوڙڻ ۾ ڀلو سمجهيو آهي.

    ڪامريڊ ميوو ڀيل
    ڪامريڊ ميوو ڀيل بنيادي طرح جهڏي سان تعلق رکندڙ آهي. ڪامريڊ بنيادي طرح سموري حياتي پورهيتن جي پاسي رهيو آهي. جنهن ڪري وڏيراشاهي جي اک ۾ به ڪٽر بڻجي هريو آهي. سنڌ جو هي دراوڙ ڪامريڊ پڙهيو لکيو انسان آهي. پنهنجي طبعيت ۾ حد درجي جو جذباتي هئڻ سان گڏ مور جي دل جهڙو نازڪ مزاج پڻ آهي. ظلم ۽ زيادتي کي ڪامريڊ ميوو ڀيل پنهنجي اکين سان ڪڏهن به ڏسي برداش نه ڪري سگهندو آهي. وس آهر ضرور آواز بلند ڪندو رهندو آهي. نجي جيلن جي عروج واري زماني ۾ ڪامريڊ ميوو ڀيل پورهيتن سان گڏ بيٺو رهيو. هن پڻ لاتعداد پورهيتن کي زميندارن جي قيد مان آجو ڪرايو. پر هي ذاتي طور هاري ڪيمپن جو سخت مخالف آهي. هن جو خيال آهي ته جيڪڏهن واقعي پورهيت سان ظالم زميندار پاران بي واجبي آهي. هاري جو حق غصب ڪيو پيو وڃي ته ان سڌو ڪيس ڪري هاري زميندار ۾ تضاد پيدا ڪري سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪرڻ بجاءِ مقامي سطح تي ٽيننسي ايڪٽ موجب راڄوڻي ۾ فيصلو ڪرائي هاري کي ڪيمپن واري عذاب جي زندگي کان هر حال ۾ بچائڻ گھرجي. ڪيمپن ۾ انهن جي تاريخي تذليل ٿئي ٿي. راڄوڻي واري فيصلي سان هاري پنهنجي اباڻن ڪکن ۽ راڄ ۾ هوندو. پر ڪيس ڪرڻ کانپوءِ هاري زميندار جي ڊپ سبب ٻيهر ان علائقي ۾ منهن ئي نٿو ڪري جتي هن جي ابن ڏاڏن جا هڏا دفن ٿيل آهن. يعني هو پنهنجي وطن ۾ بي وطن ٿي ويندو آهي. اهڙو عمل تڪليف ڏيندڙ آهي، هڪ ڌرتيءَ جو ڌڻيءَ پنهنجن پيارن جي مرڻن، پرڻن، ڪُنين، مانين، هولين. ٿڌڙين سميت سمورين خوشين ۽ غمين مان جبري طور دور ڪرڻ انتهائي ڏکوئيندڙ وارتا آهي۔ ڪامريڊ ميوي ڀيل جو خيال آهي ته ڪيمپن ۾ هاري جو مستقبل تباهه ۽ برباد ڪيو وڃي ٿو. اتي دنڌوڙي ڪامريڊ هارين سان وڏيون ناانصافيون ڪن ٿا. جتي انهن جا معصوم ٻار ڌارئين ماحول ۾ پلجڻ ڪري هيسجي ويندا آهن. علم، ترقي ۽ تحفط نه ملڻ ڪري انهن جي حياتي ۽ مستقبل محفوظ نه هوندو آهي. انهن جا ٻار ۽ عورتون زمينداري قيد مان آجا ٿي هتي ڪيمپ جي قيد جا باندي بڻجي ويندا آهن. جتي سندن روزگار جو ذريعو فقط پنڻ آهي. ڪامريڊ ميوو ڀيل جو چوڻ آهي ته پورهيت هارين جي ٻچڙن کي پڙهڻ بجاءِ پندي ڏسون ٿا من اندر ۾ ماتام مچي ويندو آهي. ڪامريڊ ميوو ڀيل جي پورهيتن لاءِ ڪيل جدوجهد جا ساٿي شڪيل پٺاڻ، عاصمه جهانگير، حفيظ قريشي، آفتاب، ڪامريڊ پونجو ڀيل، ڪامريڊ ڪرشن ڀيل، رڻشالداس ڪولهي، ڪامريڊ ڏيبو ڀيل، پونجو کيراڻي، ڪامريڊ دودو ڀيل، ڪامريڊ پٽيل انب ڀيل، ڪامريڊ پوڙهو ڀيل، ڪامريڊ لاکو ڀيل پڻ رهيا آهن. هن کي جهڪائڻ لاءِ مختلف وقتن تي وڏيراشاهي ڪوڙا ڪيس، داٻا، دڙڪا ۽ ڌمڪيون پڻ ڏنيون پر ڪامريڊ هر حال ۾ پورهيتن جو ساٿي بڻيل رهيو آهي.

    ڪامريڊ مگھنو ڪولهي
    سنڌ جي هن مشهور هاري اڳواڻ سان مون ڪئين پنڌ ڪيا آهن. پارڪر جي پٽن کان وٺي لاڙ، اُتر، ٿر، ڪاڇي سميت پورهيتن جي حقن جي حاصلات لاءِ ڪامريڊ مگهني ڪولهي سان گڏ هٿ هٿ ۾ ڏيئي اسان وڏيراشاهي جو ننڊون ڦٽايون آهن. هن جي ماضي جي زندگي بابت هن پنهنجي مک مان ڪڏهن ڪونه ٻوليو آهي ته هو هاري اڳواڻ ٿيڻ کان اڳ هو ڇا هو؟ پر مونکي ڪجهه پڪن ماڻهن ٻڌايو ته ڪامريڊ مگهنو ڪولهي سياست کان اڳ باغي ڌاڙيل رامجي ڪولهي جي ٽولي جي اول دستي جو ماڻهو هو، سندس اها زندگي ڪهڙي هئي؟ ان زندگي مان هي تبديل ٿي ڪامريڊ ڪيئن ٿيو؟ انهن سوالن کي ڇڏي آئون هتي فقط ان ڪامريڊ مگھني ڪولهي تي لکندس جنهن کي مون ڳاڙهو جهنڊو کڻي سنڌ جي واهڻ، وستي، ڳوٺ گام ۾ پورهيت انقلاب جا هوڪا ڏيندي ڏٺو ۽ ٻڌو آهي.
    مون پنهنجي حياتي ۾ هن ڪامريڊ کي هزارين ماڻهن جي جلسن کي پارڪري، اردو ۽ سنڌي ۾ هڪ شعلا بيان مقرر جي حيثيت ۾ ٻڌو ۽ ڏٺو. جنهن جي تقرير کي سڄي سنڌ غور، فڪر ۽ سنجيدگي سان ٻڌندي آهي. ڪامريڊ مگھنو ڪولهي رسول بخش پليجو صاحب جي پارٽي ۾ شامل ٿيو، جتي هو اڄ ڏينهن تائين ڪارونجھر جيئن اوچي ڳاٽ سان بيٺو آهي. جيل، سزائون، لاڪپن هن کي روپلي جهڙو مضبوط ماڻهو بڻائي ڇڏيو. هو پارڪر ۾ جتي وڏيراشاهي جي اک جو ڪنڊو بڻيل آهي اتي برهمڻ سامراج جي ننڊ ۾ به رخنو رهيو آهي. وقت ۽ حالاتن اڳيان هي ڪڏهن جهڪيو ناهي، هو هر وقت هاري طبقي جي ماڻهن لاءِ جاکوڙيندي هن ذاتي طور ڪابه مال ملڪيت نه ٺاهي آهي. اڄ به اٽي جو مسئلو هن لاءِ مسئلي ڪشمير کان ڪنهن به صورت ۾ گھٽ نه رهيو آهي. هي اڻ پڙهيو پليجسٽ ڪامريڊ جڏهن پنهنجي تقرير ۾ مارڪس، لينن، هوچي منهه ۽ مائو جا مثال ڏيندي مرشد لطيف ۽ اياز جي شاعري پڙهندو آهي تڏهن يقين ٿيندو آهي ته هي ڪامريڊ واقعي پليجي صاحب جي ناياب پيش ڪش آهي۔ هن سنڌي هاري تحريڪ جي پليٽ فارم تان سنڌ وطن جي مسڪين پورهيتن جي حقن لاءِ عملي ويڙهه ڪئي آهي. سندس جدوجهد تاريخ ۾ شاندار مثال آهي۔

    ڪامريڊ ميرچند ڀيل
    عمرڪوٽ جو نوجوان ميرچند ڀيل پنهنجن ساٿين پرکو مل گوئل ڪولهي، وڪيل منگھارم ڀيل، وڪيل پوپٽ ڪولهي سان گڏجي جدوجهد ڪندو رهيو آهي. سياسي طور ڪنهن پارٽي جو حصو نه هوندي به پنهنجي حال سارو سنڌ جي پورهيت هارين ۽ مظلوم ماڻهن لاءِ آواز بلند ڪيو رهيو آهي. انهن خدمتن عيوض مختلف ادارن پارن کيس مڃتا ايوارڊ پڻ مليا آهن. جيڪي هن لاءِ ڪنهن اعزاز کان گھٽ نه آهن. ميرچند ڀيل پنهنجي طبعيت ۾ فقيرمنش انسان آهي. پورهيت ماءُ ۽ پيءُ جو هي پورهيت پٽ اڄ به عمرڪوٽ جي گجو راڻا چوڪ تي ٽائرن جا پنڪچر ڪڍي ٻچن جي روزي روٽي جو بندوبست ڪري ٿو. پورهيتن جي هن ساٿي مظلومن جي ظلم خلاف سوين احتجاج ڪري ڏاڍ ۽ جبر کي للڪاريو آهي. سندس اها للڪار تر جي ظالم جاگيردارن جي ڀاري برجن ۾ لرزش پيدا ڪندي آهي. پر هو ٽڪر بڻجي ٽرڻ کان انڪاري آهي. سنڌ جو هي دراوڙ نوجوان ميرچند ڀيل پورهيتن جي مڪمل آزادي، تعليم ۽ ترقي ۾ يقين رکندي پنهنجي جاکوڙ جاري رکيو اچي.
    ظالم قوتن پاران غريبن جي چادر ۽ ڪکن جو تقدس پائمال ڪري انساني حقن جي لتاڙ ڪئي وڃي ٿي. تاريخ جي ڏاڍن ماڻهن پاران هيڻن کي هيسائڻ جو سلسلو ڪٿي دنگ ڪندو؟ ڇا اُن ظلم جو نتيجو ڪنهن بغاوت کان سواءِ هوندو؟ ڇا تاريخ ۾ ڪڏهن ائين ٿيو آهي ته ظلم برداش ڪندڙ طبقا سدائين خاموش رهيا هجن ۽ انهن ڪڏهن مزاحمت نه ڪئي هجي؟ غريب ۽ بي پهچ پورهيتن جي ننگن کي اغوا ڪري اجتماعي ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪرڻ کان پوءِ به جوابدار ديده دليري سان قانون جي پڪڙ کان آجا هجن، ڏاڍاين جا ڪيس رات پيٽ ۾ خارج ڪيا وڃن، سنڌ جي مسڪينن جون دانهون ۽ آهون ڪير ٻڌڻ وارو آهي؟ظالم زميندار هٿن زنا ڪري قتل ڪيل هارياڻي ڪڪو ڪولهڻ جي جوابدارن کي ڪهڙي سزا ملي؟ ٿر جي معصوم سيتا سان ڪهڙو انصاف ٿيو، وحشي درندن پاران سيتا جي لٽيل آبرو جو ڪهڙو حساب ٿيو؟ پارڪر جي ڪستوري ڪولهڻ جي عزت ۽ عصمت جو سودو گھڻي ۾ ٿيو ۽ ڪنهن ڪيو؟ ڪنري جي ليلان ڀيل ۽ کپري جي هارياڻي گڏي ڀيل جو اُٻڙڪا ڏيندڙ رت کي رائگان ڪرڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن؟ ملڪ جي جمهوريت پسند پارٽين وٽ سنڌ جي محنت ڪش هارين لاءِ ڪهڙو پروگرام ۽ پاليسي آهي، جنهن تحت اهي پارٽيون اُن لٽيل طبقي جي تقدير کي بدلائي سگھن؟
    هڪ شاندار تهذيب، ثقافت، ڌرتيءَ، درياهه، ٻولي، سڀيتا رکندڙ پرامن انسانن جي ڌرتيءَ تي پورهيتن سان ڪهڙا ڪلور ٿين ٿا. سڄي دنيا جي ماڻهن لاءِ خوراڪ ۽ اناج اُپائيندڙ پورهيت کي کائڻ لاءِ ڇا ملي ٿو؟ ڪپهه پوکي اُچن ڪپڙن لاءِ ڦٽي پيدا ڪندڙ پورهيت کي چتيون لڳل نيلامي ڪپڙن کانسواءِ انگ ڍڪڻ لاءِ ڪو لٽو ملي ٿو؟ سماجي قانونن ۽ ؟ هٿ ٺوڪيو جڙتو سماج ۾ پورهيت هاري جي حيثيت ڪهڙي آهي؟ جنهن پورهيت کي رب سائين جي دوست جو درجو حاصل آهي. سنڌ جي پورهيت هارين جي مستقل مسئلن بابت ماضي ۽ حال کي مدنظر رکي مستقبل لاءِ سنڌ جي باشعور ماڻهن کي سنجيدگي سان سوچي غور ۽ ويچار ڪرڻ گھرجي. سنڌ جي لکين پورهيت هاري ماڻهن کي جاگيردارن جا ڏنل گھاءُ ۽ احساس محرومي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪهڙا ممڪن قدم کڻڻ گھرجن. ؟ انهن جي ترقي، تعليم ۽ تحفط لاءِ ڪهڙا اُپاءُ وٺي سگھجن ٿا؟ سندن مسئلن کي حل ڪرڻ رياست جي ذميواري ۽ فرض آهي. جيڪڏهن ڌرتيءَ جي پورهيتن جي مسئلن کي تڪڙن فني بنيادن تي حل نه ڪيو ويو ته هن غريب طبقي جا سور گھٽجڻ بجاءِ وڌي ويندا. پنهنجي ئي وطن ۾ تباهي ڪناري پهتل سنڌ جي مٽي جا ماڻهو محڪومي مان آجپي ۽ تشخص جي بحالي لاءِ ڪنهن مان اميد رکن؟ انهن جي درد جي دوا ڪيئن ممڪن آهي؟ انهن سمورن سوالن تي سوچڻ جي ضرورت آهي.
    اصل ۾ مظلوم طبقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ ايترو آسان ڪم نه آهي. هي جدوجهد ڪنڊن جي سيج آهي. زندگي جا سک ۽ آسائيشون مسڪين ماڻهن جي حقن جي حاصلات جي جدوجهد ۾ قربان ڪرڻيون پون ٿيون. هي ڪم واقعي تمام گھڻو جوکائتو آهي. پر پوءِ به سڄي تاريخ سرفروشن سان ڀري پئي آهي. جيڪي هزارين مصيبتن سان مقابلو ڪري مظلوم طبقن جو آواز بڻجن ٿا. انهن کي واقعي سُرخ سلام آهي.
    دنيا جي تاريخ ۾انساني اڻبرابري، مدي خارج ريتون، رُسمون، رواج، ڏاڍن ماڻهن جا هيڻن لاءِ هٿ ٺوڪيا قانون، ظالم ۽ ڦورو طبقن پاران مظلومن طبقن جو استحصال، انسانيت جي تذليل ۽ توهين جي ڊگھي ڏکوئيندڙ تاريخ جي ناانصافين، ظلم ۽ ذيادتين کي محسوس ڪري هن سماج کي ڊاهي نئون سماج ٺاهڻ جو خيال ۽ سوچ انقلاب جي پهرين وک آهي. ظالم ۽ مظلوم جي وچ وارو فاصلو ئي نه رڳو انقلاب لاءِ راهه هموار ڪري ٿو پر دنيا جي انقلاب دشمن قوتن جي هزارين هٿ ڪنڊن ۽ چالبازين کي به چڱي ريت وائکو ڪري ٿو. دنيا جون سموريون تبديليون ۽ جديد ترقي پسند خيالن جو سماج جي جوڙجڪ، معاشري ۾ انساني تشخص جي اورچائي ۽ انقلابن لاءِ ابتدائي سوچ جي ارتقا شروعاتي طور هڪ فرد جي ذهن جي معمولي پيداوار آهي جيڪا حقيقت جي نگاهه ۾ مظلوم ماڻهن جي اجتماعي حقن جي پاسداري آهي. هڪ انقلابي فرد جي اهو انفرادي ابتدائي انقلابي سوچ ئي مستقبل ۾ اجتماعيت جو اهم سبب ٿيڻ سان گڏ پورهيت طبقن جي ٻڌي، اتحاد ۽ يڪجھتي جو تاريخي مثال بڻجي ٿي، اها سوچ ئي سامراج جي ڀاري بُرجن کي لوڏي ٿي، اها سوچ ئي غلامي جي ڳٽ بڻيل طوق کي ڳچي مان ڪڍڻ جو سبب بڻجي ٿي. اها سوچ ئي دنيا کي بدلائڻ جي اهم سيڙي آهي. سماج ۾ انقلابي تبديلي جو سفر تمام مشڪل، اينگھائيندڙ، مصيبتن ۽ تڪليفن سان ڀرپور ان ڪري هوندو آهي جو انقلابي تبديلي سان لاڳاپيل سموريون ڳالهيون ۽ سوچون هن معاشري جي غيرجمهوري طاقتور قوتن ۽ ڌرين جي غيرقانوني ۽ غير انساني هڪ هٺي، جبر، ڏاڍ پُراڻي سماج کي ڊاهڻ جي شروعاتي بغاوت ۽ انقلابي مزاحمت آهن. ان ڪري تبديلي جون ڳالهيون هن معاشري جو سماجي هاضمو خراب ڪن ٿيون. انقلابي تبديلي جي ان عمل جا هاڪاري ۽ ناڪاري اثر انقلابي ماڻهو کي سخت ڀوڳڻا پون ٿا. پر انقلابي ڪاميابين جي حاصلات جي خوشي انقلابي ماڻهن جي زندگي جا رنگ بدلائي ڇڏڻ سان گڏ اها خوشي ئي انقلابين جي اصل عيد آهي.
    پورهيت هاري جي حياتي سراپا سور ۽ دردن جو نالو آهي، جاگيردار غلامي هيٺ گھاريل جيون ۾ غربت، تاريخي احساس محرومي، ڏک، مفلسي، مجبوري، لاوارثي، سماجي اڻبرابرين جا تذليل آميز رويا ۽ معاشري جون شڪي نگاهون، علم، ادب، تعليم ۽ شعورکان دوري، بي مقصد حياتي، بنان منزل جي صدين جا سفر حياتي لاءِ ڪا معنى نٿا رکن. هُنن کي بس پگھر جو پورهيو ايمانداري سان ڪرڻو آهي.
    پورهيت هاري پنهنجا ڪچا اجها ٺاهي دنگ مس ڪندا آهن ته ايندڙ سال کين لڏڻ جي بشارت ملندي آهي. لڏپلاڻ جي اڻ اعلانيل ڪُل وقتي ايمرجنسي واري صورتحال جو قهري قلم ڄڻ هنن تي عالمي قانون جي ادارن لاڳو ڪيو آهي، دنيا جي سمورن پورهيتن جي بدتر حالات پسي ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته دنيا سڀ جمهوريت پسند توڙي آمريتي راڄ وارا ملڪ قانون جي ڪتابن مان گم شده قانون تي سختي سان پابند بڻجي عمل پيرا آهن، ڄڻ اهو عالمي معاهدي جو نتيجو آهي ته پورهيتن جا حالات بدلائڻا ئي ناهن؟ اقوام متحده جا ادارا، عالمي عدالتون ۽ انساني حقن جا علمبردار ادارا پورهيتن جي دردن جي دوا لاءِ اڄ تائين ڪهڙو خاص پروگرام رکن ٿا؟ هنن کي بس حياتي جي ان چرخي کي مسلسل ان ئي محدود دائري ۾ چورڻو آهي. جيئن اکين تي کوپا ٻڌل نار جو ڍڳو يا اُٺ کي ڇوڙي وٿاڻ جي ڪلي ۾ ٻڌبو ته اُتي به ڦيرا پيو ڏيندو.
    رستن جي دوڙ ۽ طوفاني واچوڙن جو محور به اڪثر غريبن جا لڏا ۽ سندن عارضي اجھا آهن، جن جو ڪک پن طوفانن جي زد ۾ ايندو آسمان جي بلندين تي اُڏندو رهي ٿو. هنن جي ذهنن کي عالمي سامراج جي ظالم نظام لاشعوري جا زنگيل تالا هڻي چاٻيون عميق سمنڊ ۾ اُڇلائي ڇڏيون آهن هاڻ هنن جون سوچون سامراج جي قيد ۾ آهن، هنن جا بيمارين ۾ جڪڙيل جسم سامراجي سنگھرن ۾ سوگھا آهن. ان ڏاڍ، جبر ۽ انياءُ خلاف هن انساني آزادي جي دور ۾ هنن جي اندر جو لائو ٿڌو ۽ شانت ڇو ٿي ويو آهي؟ هنن ۾ بغاوت جي آگ اُجھي وئي آهي؟ ڇا انهن جا آدرش، اميدون، آشائون بي موت مري ويون آهن؟
    محنت ڪش هاري دنيا جي پورهيت انقلابن کان اڻڄاڻ آهن، هو “داس ڪيپيٽال” جي اکر اکر کان اڻواقف آهن جيڪو لکيو ئي دنيا جي سمورن لاورث، لاچار ۽ هيڻن انسانن لاءِ ويو آهي. هنن وٽ پئسو ئي ناهي ته بئنڪ اڪائونٽ به ڪٿي هوندا؟ نه ئي هنن وٽ ڪو سرمايو آهي نه ئي هنن “سرمايو” پڙهيو آهي. هنن وٽ ته بس بک ۽ بدحالي جو سرمايو آهي. هو ڦٽل تقدير کي سنوارڻ لاءِ ڪنهن معجزي جا متلاشي آهن، ڪائنات جا هي بيگانه ماڻهو معيشت جي پيچيده انگن، اکرن، ورن، وڪڙن، حسابن ۽ ڪتابن کان بلڪل بي خبر بڻيل رهيا آهن. پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ جي سببن جي به هنن کي خبر ناهي. هنن جو اسٽاڪ ايڪسچينج جي هيٺ مٿاين سان ڪو به واسطو ناهي. سچ پڇو ته جي هاڻ دنيا ۾ ٽين عالمي جنگ لڳي ته ان ۾ به هنن مسڪين پورهيتن جو ڪو ڪردار نه هوندو، هو ته ڄڻ صدين کان اڻ اعلانيه جنگ جي خطرناڪ صورتحال ۾ آهن ۽ پنهنجن ٻچن کي بک جي ڏائڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ۽ نسل در نسل درد سندن نصيب بڻجي ويو آهي. هن ڪائنات جا ڪروڙين پورهيت انسان اڻپڙيل آهن پر هنن کي ڪنهن انقلابي ميڪسم گورکي جو ناول “ماءُ” ۽ ڳاڙهو لالٽين به پڙهي ناهي ٻڌايو، هو غلامي جي انهي ڏاڪي تي پهتل آهن جتي سن زو ۽ نيپولين بونا پارٽ جي ويڙهه جا فن هنن لاءِ ڇٽل ڪاتوس جيئن ناڪاره بڻيل آهن.
    هنن فقط ٻڌو هو “هي ڌرتيءَ مالڪ سائين جي آهي” پروقت جي وڏيراشاهي هنن کي چار پل ويهڻ به نٿي ڏي. هو انڌيري رات جي سانت ۾ بنان ڪنهن دانهن، ڪوڪ، رڙ ۽ مزاحمت جي تاريخ جي بي رحم خاموشي سان هڪ جاگير کان ٻي جاگير تائين لڏو کڻي وڃي غيرآباد ڪلراٺن پوٺن تي پڌاريندا آهن. پر هو فقط رات جي رهزنن کان روپوش ٿي پنهنجا ننگ بچائيندا رهن ٿا. ڇو ته اڪثر وڏيري جي لوفر پٽن جون اکيون پورهيتن جي جوان نياڻين ۾ ئي هونديون آهن. دنيا چاهي ترقين جا ڪيترائي قراقرم پار ڪري پر هو اڄ به جهنگ جا ماڻهو بڻيل آهن
    جاگيردارانه سوچ هن حسين ڪائنات جي بهارن کي باهيون ڏيئي ڇڏيون آهن، ظالم وڏيراشاهي جي ان سوچ هن ڪائنات مان گلن جا فصل ڀيلاڙ ڪري دهشتگردي جا پلانٽ ۽ خون پياڪ بلائن جون نرسريون لڳايون آهن. ان قبائلي سوچ هن ڪائنات اندر “ماڻهپي” کي ست راڄي مان نيڪالي ڏيئي هُڪو پاڻي ۽ هٿ بند ڪري ڇڏيو آهي. ان سامراجي سوچ هن ڪائنات ۾ خون جا درياهه وهائي امن ۽ انصاف جي اڇي پکي کي رتورت ڪري ڇڏيو آهي. جنهن سوچ ڪتابن کي قتل ڪري لائبريريون برباد ڪري ڇڏيون آهن، ان سوچ مظلوم ماڻهو جي رت جا پياسا سفاڪ، وحشي درندا هن دنيا کي مقتل گاهه بڻائي ڇڏيو آهي. سڄي دنيا جي پورهيتن جا درد هڪجهڙا آهن، انهن دردن جي ڪرڀ ۽ محسوسات به ساڳي آهي. پورهيتن جو استحصال ڪندڙ سامراجي هٿ به ساڳيا آهن.
    ***


    هاري کي باغباني جو حصو ڇو نٿو ملي؟

    سنڌ جي بئراجي علائقن ۾ ٽيننسي ايڪٽ 1950ع پاس ٿيڻ بعد هارپ جو قانون لاڳو ٿيل آهي، اسان جي ديس ۾ قانون جي بالادستي ڪيتري آهي؟ ملڪ جا وڏا ماڻهو، جاگيردار، زميندار پنهنجي وطن جي ان قانون جو ڪيترو احترا ۽ عمل ڪن ٿا؟ اهو الگ بحث آهي. توڙي جو ٽيننسي ايڪٽ هوندي به هر جاگيردار جي هر واٽر تي پنهنجا من پسند قانون مقرر ٿيل آهن. جنهن کي علائقائي ٻولي ۾ “هن واٽر جو رواج” چيو ويندو آهي. پر تنهن هوندي به ظاهري طور قانون جي پاسداري ڏيکارڻ لاءِ جاگيردار وڏا وس ڪندا آهن.
    ٽيننسي ايڪٽ کان اڳ ۾ سنڌ ۾ هارپ بابت ڪو باقاعدي قانون نه هئڻ ڪري هاري ۽ زميندار وچ ۾ راڄوڻي زرعي مهاهدي تحت ڪارهنوار هلايو ويندو هو. جيڪو هر علائقي جي هر زميندار جو پنهنجي مفادن سان وابسطه هو. پر جڏهن سنڌ هاري ڪاميٽي اهو آئين پاس ڪرايو ته هارين لاءِ ڪجهه بهتري جي اميد پيدا ٿي. پر ان هوندي به زميندار طبقو باغ باني واريون زرعي جنسون جهڙوڪ ڪيلا، چڪو، انب، زيتون، ليمان، توت، ڄمون، ٻيرن جا باغ وغيره ۾ پورهيو هاري کان ڪرايو ويندو آهي. انهن ۾ ڪيلن کان سواءِ ٻين باغن ۾ مختلف فصل ۽ گاهه پوکيا ويندا آهن. جنهن ۾ ڪڻڪ، توريو، اسپينگر، آريو، سورج مکي، ووئنڻ، مرچ، بصر ۽ ٻيون ڀاڄيون پڻ پوکيون وينديون آهن. باغن ۾ پوکجندڙ فصلن جي کيڙي، ڀاڻ، اسپري ۽ هاري جي پورهيي سان اڌو اڌ فائدو باغن کي ٿيندو آهي. پر انهن باغن جي اُپت فقط زميندار کڻي ٿو. اهو نظام پورهيت دشمن آهي.
    جنهن زرعي باغ باني واري فصل يا جنس تي اڻسڌي طرح ٿيندڙ خرچ جو برابر حصو هاري ڀريندي به اُپت جي حصي کان محروم رهجو وڃي. اهڙو عمل هاري سان ناانصافي ۾ شمار ٿئي ٿو. جنهن سام هاري ترقي ڪرڻ بجاءِ وڌيڪ قرضن جي ڪوڙهه ۾ جڪڙجو وڃي. هاري سان لاڳاپيل انهن سمورن مسئلن تي سنڌ جو اٻوجهه هاري آواز بلند ڪرڻ بجاءِ خاموشي سان معاشي قتلام، استحصالي جو شڪار ٿيندو رهيو آهي. زمانا گذرڻ باوجود ان مسئلي جو ڪو حل نه نڪري سگھيو آهي. پورهيتن جي حقن تي ڪم ڪندڙ سماجي ادارا، سياسي پارٽيون ۽ هن ديس جو قانون بي فائدا بڻيل آهن. سندن اهڙي خاموشي جو جاگيردار مسلسل غيرجمهوري فائدو حاصل ڪري مچي مواڙ ٿي رهيو آهي. جڏهن ته هاري بک جي پاڙ بڻجي عذاب جهڙي حياتي گھاري رهيو آهي. اهو قهر ۽ ڪلور جو ڪو دنگ ايندو؟ پورهيتن سان انصاف ٿيندو؟ هنن محنت ڪش انسانن جي دانهن ڪوڪ ڪو وس وارو بااثر ٻڌڻ جي عنايت ڪندو؟ هاري پورهيتن جي دردن جا داستان ڪن کڻائڻ ٿا يا هي سماج جمود جو شڪار ٿي ويو آهي؟ جاگيردارن جي هي غيرجمهوري ڏاڍ، جبر، ظلم، بربريت جو گھاڻو هارين کي آخر ڪيستائين پيڙهيندو رهندو؟ اهي سوال جواب طلبين ٿا. جن جوابن سان ڪروڙين مسڪين پورهيتن جي ماني جو بندوبست لاڳاپيل آهي. ان مسئلي جي حل سان محنت ڪشن جي گھر جي دانگي چڙهڻ ۽ لهڻ جو اشو واڳيل آهي. ان مسئلي جي حل سان پورهيتن جي پيٽ جي بک اُجهڻ جا امڪان ڪجهه چِٽا نظر اچن ٿا. جيڪي امڪان پورهيت جي ترقي جو سبب بڻجي سگھجڻ ڪري ئي ان اڳيان لاتعداد رڪاوٽون کڙيون ڪيو ويون آهن. اھڙي خطرناڪ هاري دشمن صورتحال ۾ ٽيننسي ايڪٽ آخر ڪهڙي مرض جي دوا آهي؟ اهو قانون هارين کي ڪهڙو فائدو ڏيئي سگھندو؟

    زمينداري سيري:
    سنڌ ۾ زميندارن جي اڪثريت هاري کي آبادي لاءِ گنجائش کان گھٽ زمين ڏيئي ٻني جو گھڻو حصو سيري طور پوکائي غيرقانوني بيگار تي سيري جو ڪم ڪرائي مڪمل اُپت زميندار کڻندو رهيو آهي. جنهن ڪري هاري کي سيري جي ڪري به گھڻو نقصان ٿئي ٿو. هڪ طرف پورهيت کي پوکائي لاءِ گھربل زمين نٿي ملي، ٻيو ته آف دي رڪارڊ ان سيري جو ڪم وري به اڻسڌي طرح هاري کي ئي ڪرڻو پوي ٿو. جنهن ڪري هاري وري به ٻٽو نقصان ڀوڳي ٿو. جنهن سبب سنڌ جو پورهيت ترقي بجاءِ نهايت غربت ۽ غلامي واري حياتي ۾ نسل در نسل صدين کان سورن ۾ آهي.

    ٽيننسي ايڪٽ ۾ ترميم جي ضرورت آهي؟
    سنڌ جي پورهيت هارين جي محبوب رهنما باباءِ سنڌڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي سنڌ هاري ڪاميٽي جي شاندار ۽ تاريخي جدوجهد جي نتيجي ۾ پاس ڪرايل ٽيننسي ايڪٽ (هارپ جو قانون) ان دؤر جي زرعي ۽ معاشي حالاتن جي نظر ۽ سنڌ جي زميني حالتن جي سائنسي حقيقتن موجب ته هڪ وڏو ڪارنامو هو. جنهن قانون تحت سنڌ جي زرعي نظام ۾ خاطر خواهه انقلابي تبديلي توڙي جو نه آئي هئي/ آهي. پر سنڌ جي معشيت ۾ ڪرنگهي جي هڏي سمجهي ويندڙ زراعت ۾ هاري ۽ زميندار جي وچ ۾ ذميوارين، پيداوار، سيڙپ، پورهيو ۽ اُپت بابت هڪ قانون ته موجود آهي. جيڪڏهن ان آئين جي ٻنهي ڌرين مان ڪير به انحرافي ڪندو ته اهو قانون جي ڀڃڪڙي سمجهيو ويندو. جڏهن ته ان بابت معامرا نبيرڻ لاءِ ٽربيونل موجود آهن. انهن ۾ دير سوير مسئلا حل ٿيڻ طرف وڌن يا نه پر مسئلا ٻڌا ته ويندا آهن. هيستائين ته مڪمل طور ٽيننسي ايڪٽ تي عمل به نه ٿي سگهيو آهي. ڪيتريون ئي سنڌي هاري تحريڪ جهڙيون پورهيت سياسي پارٽيون ٽيننسي ايڪٽ تي عمل جا مطالبا ڪنديون رهنديون آهن. ان کان علاوه اصل ڳالهه آهي ٽيننسي ايڪٽ ۾ ترميم جي سو دنيا جي قانونن ۾ وقت جي مناسبت سان ترميمون ٿينديون رهنديون آهن. تنهن ڪري ٽيننسي ايڪٽ 1950ع بابت به سرڪار کي سنجيدگي سان غور ۽ ويچار ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. ان لاءِ سرڪار کي هاري ۽ زميندار سميت زرعي قانوني ماهر، پورهيت سياست ڪندڙ باشعور سياسي ڌرين جي نمائيندن تي مشتمل هڪ بورڊ جوڙي سنڌ جي ماضي جي زرعي حالتن کي مدنظر رکي موجوده حال ۽ مستقبل لاءِ هاري ۽ زميندار ٻنهي آبادگار ڀائيوارن جي وچ ۾ بهتر زرعي سڌارن وارو آئين آڻڻ گھرجي. جنهن سان ٻنهي ڌرين کي برابري جي بنياد تي حق حاصل ٿيڻ سان گڏ فائدو ٿي سگھي. هاري ۽ زميندار وچ ۾ وڌي ٿيل تضاد سنڌ جي زرعي نظام کي تمام گھڻو ڌڪ ڏنو آهي. ڪيمپن واري سوچ جو هاري ۽ پورهيت دشمن موقعي پرست زميندار جي سوچ ۽ ڪردار جي ڪري عزتدار انصاف پسند زميندار ۽ پُرامن ڪمائو هاري به پنهنجو اعتماد وڃائي چڪا آهن. جنهن ڪري ٻنهي ڌرين ۾ عدم اعتماد وارو ماحول جُڙيل آهي. ان ماحول جي تباهي جا اثر سنڌ جي زراعت تي پيا آهن. ڪيمپن ۾ ٺڳي ٺڙڪي تي هلندڙ هاري هاڻ خود ڪيمپن جا اڳواڻ بڻجي فقط هاري ڀڄائڻ واري ڪم کي ڪاروبار ٺاهي ڇڏيو آهي. هارين ۽ زميندارن وچ ۾ ٽياڪڙيون ڪرائڻ، ٻنهي ڌرين ۾ امڪاني ٺاهه واري صورتحال کي ختم ڪرائي ويڇا وڌائڻ، هاري ۽ زميندار وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرار ئي اصل ۾ ڪيمپن وارن ڪامريڊن جي روزي روٽي جو ذريعو بڻيل آهي. اهي ڪرائي جا ڪامريڊ ڪورٽن اڳيان ٽولا ڪيو پيا مسڪين اٻوجهه هارين کي تاڙيندا آهن. ٻيا وري ٻهراڙين ۾ وڃي هارين کان حال احوال ڪري کين ڪيس ڪري ڪيمپ ۾ هلڻ لاءِ آماده ڪرڻ جو ماحول جوڙيندا آهن. جنهن ڪري اهي مسڪين پورهيت پنهنجي اباڻن علائقن ۽ ڪکن مان رات پيٽ ۾ ڪورٽن جي بازيابي واري آرڊر تي پناهه گيرن جيئن پيش ڪيا ويندا آهن. جتي 491 جي درخواست تي مختصر ٻڌڻي بعد کين آزادي جي نالي تي هميشه لاءِ ڪيمپن جي قهر جهڙي قيد ۾ قابو ٿيڻو پوندو آهي. جتي سندن سندن نسل پگهر جو پورهيو ڪرڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ بجاءِ حيدرآباد جي گلين ۾ پني پيٽ پالي ٿو. انسانيت جي اهڙي تذليل توهين آزادي جي نالي تي غلامي جو ڳرو طوق آهي. موجوده وقت جي زميني حقيقتن ۽ حالاتن جي پيش نظر هاري ۽ مُجيري وچ ۾ جوڙيل زرعي قانون جي ڪافي شقن ۾ تبديلي جي پڻ ضرورت آهي. انهن کي نئين سر قانونسازي لاءِ حڪمت عملي جوڙي هاري ۽ زميندار جي وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرار جو مڪمل حل ڪڍڻ جي سخت ضرورت آهي. اهڙي ڪو شش سان سنڌ جي زراعت کي مستقبل کي بچائي سگھجي ٿو. ٻي صورت ۾ ڪيمپ واري ان تضاد کي به هاڻ ذري گھٽ ٽيهه سال جو ڊگھو عرصو گذري چڪو آهي. پر اهو ڪم توڙي جو هاڻ عروج مان زوال طرف وڌندي به روان دوان ضرور آهي.


    ٿر ۾ هارپ جو نظام

    هن پرٿوي ۾ ماڻهو زنده رهڻ ۽ پنهنجي نسل کي بچائڻ ۽ برقرار رکڻ خاطر حيرت ناڪ حيلا هلائيندو رهيو آهي. صدين جي ان ڊگھي سفر ۾ ڳڀي جي ڳولا ماڻهو کي زندگي جي رڻ ۾ ڪڏهن وچ سفر تي ٿڪايو به هوندو ته ڪڏهن ان رڻ ۾ پورو جيون ڀٽڪي ويو هوندو ته ڪڏهن ماڻهو ان تتي رڻ کي اُڪاري پار به پيو هوندو. ماڻهو ميڻ جھڙو نرم من به رکي ٿو پٿر جهڙو سخت به آهي پر ان لاءِ زندگي جي ڳولا وک وک تي ٻاٻرا ڪنڊا بڻجي پير ڦٽيندي رهي آهي انسان جي مسلسل جستجو، جاکوڙ ۽ جدوجھد جو سمورو محور سکن ۽ آسائشن لاءِ زندگي جا پيرا ليڪي ٿو. پر ان ورهاڙي ۾ زندگي ڀُنگ تي به نٿي بازياب نٿي ٿئي، پيٽ جي باهه الميو آهي هن حسين ڪائنات جو، اهو سانحو آهي انساني تاريخ جي عظيم قدرن جو جنهن سان وقت ٺٺولي ڪندو شيطاني ٽهڪ ڏيندو اڳتي وڌندو ٿو رهي، پيٽ اشرف المخلوقات جي توهين ۽ تذليل ڪندو رهي ٿو. ۽ ماڻهپو ايڊز جي موذي مرض ۾ ورتل مريض جھڙو ڪراهت آميز بڻايو پيو وڃي جنهن کان هر شخص پاسو ڏيئي گذرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ماڻهو جي ماڻهپي کان دوري هن ڪائنات مان انسانيت جا اعلى قدرن جو ڪارو ڏڪار بڻجي ڪر کنيو بيٺي آهي. انسانيت جي ڏڪاريل ڏيهه تي محبتن جا مينهن منهن موڙي ويا آهن.
    ٿر جو زرعي نظام ڪڪر (برسات) تي دارومدار رکي ٿو. پارڪر ۾ ڪاسبي جهڙا ڪجهه علائقا اهڙا آهن جتي ٽيوب ويل ذريعي آبادي ڪئي وڃي ٿي. اتي جو زرعي نظام ٿوري فرق سان سنڌ جي بئراجي علائقن ۾ رائج نظام سان ملي ٿو. پر باقي ٿر، ڪوهستان ۽ سنڌ جي ٻين ريگستاني علائقن ۾ جتي فصل بارش تي ٿئي ٿو، يا وري بارش سبب جابلو نئيون وهي اچڻ جي صورت ۾ زمين آباد ڪئي وڃي ٿي. اُتي هارپ جو نظام ٻي سڄي سنڌ کان مختلف آهي. جنهن ڪري اُتي ٽيننسي ايڪٽ بجاءِ هيل تائين راڄوڻي زرعي نظام عمل هيٺ آهي. ٿر ۾ بارش تي پوکجندڙ زمينن جو تقريبن خرچ مالڪ کي ڀرڻو پوي ٿو. جنهن ۾ هاري غمي ۽ خوشي زميندار کان تقاوي طور رقم اڳواٽ به کڻندا آهن. اهو هاري فقط وسڪاري وقت ئي حاضر ٿي ٻني پوکيندو. وسڪاري بعد اهو هاري سڄي سنڌ م ڪٿي به مزدوري ڪري سگهي ٿو. ان زميندار وٽ کيس روڪڻ جو ڪو جواز نه آهي. يعني هاري مڪمل طور آزاد آهي. عام طور سنڌ ۾ ائين ناهي. پهرين يا ٻي برسات تائين هاري زميندار جي سيڙ پ ۽ پنهنجي پورهيي سان ٻني پوکڻ کان پوءِ ٽي بارش نه وسڻ جي صورت ۾ به ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پوکيل فصل تان هٿ کڻيو وڃن. پر جي ٻني چڱي ٿي آهي ته بٽئي وقت ڪٿي چوٿين پتي ته ڪٿي هاري اڌ جو ڌڻي آهي. پر مجموعي طور ٿر ۾ اڄ به شاندار زرعي نظام هلندڙ آهي. جنهن ۾ خاص طور پورهيت هاري کي زميندار جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ فائدو هوندو آهي. هڪ ئي وقت هاري ڪيترن ئي زميندارن جون ٻنيون پوکيو ويٺو هوندو آهي.
    وسڪارو ڪنهن سال گھٽ ته ڪنهن سال وڌ ٿئي ٿو. ڪڏهن هڪ سال سٺي بارش پوندي آهي ته وري ڪجهه سالن لاءِ صفا ڪارو ڏڪار ڪر کڻندو آهي. جنهن ڪري ٿر ۾ ڪڪر جي آسري تي زندگي گذاريندڙ پورهيت هاري آسرو پلي وڃي سنڌ جي بئراجي علائقن ۾ مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪري ٿو. تنهن هوندي به اُتي ڪا جاگيرداري نظام ناهي، گھڻو ڪري ته ٿر جي گھڻن ماڻهن پنهنجيون ٻنيون آهن. تمام گھٽ ماڻهو هوندا جيڪي ٻين جون ٻنيون پوکيندا هوندا. ان هوندي به جيڪي ٻين وٽ وسڪاري ۾ هارپو ڪن ٿا سي سماجي زندگي ۾ مڪمل طور آزاد آهي. جيڪو سندن جمهوري ۽ انساني حق آهي. ٿر ۾ هاري ۽ مُجيري وچ ۾ جيڪا راڄوڻي زرعي لاڳاپي جو نظام قائم آهي. اهو نظام مڪمل نه پر ٿورو گھڻو باقي سنڌ ۾ رائج هجي ته ٻنهي ڌرين ۾ تضاد ۽ تڪرار بجاءِ شاندار پُرامن ماحول جُڙي سگهي ٿو. جنهن سان زرعي طور وڏو فائدو ٿي سگهڻ جي اميد آهي.
    ***


    جديد آلات هاري کي بيروزگار ڪندا؟

    ڪائنات جي سرمائيدار دماغن عقل جا واهڙ وهائيندي بُک ختم ڪرڻ بجاءِ بُکين کي ختم ڪرڻ جي منصوبابندي ۾ مصروف آهن. دنيا جا سمورا ڪم، هُنر، پورهيا، محنتون، ايجادون، تخليقون، تجربا انسان فقط پاڻ کي سڪون، آسائش، امن ۽ شانتي سان زندهه رهڻ ۽ پنهنجو نسل برقرار رکڻ ۽ وڌائڻ خاطر ڪري ٿو. هن ڌرتيءَ تي قديم زمانن کان وٺي هن جديد دور تائين پيٽ گذر جي ٻين لاتعداد ذريعن ۽ وسيلن سان گڏ سڀ کان وڏو ۽ اهم ذريعو فقط زراعت ئي رهي آهي. ڪائنات جي ارتقائي دور کان وٺي هن جديد زماني تائين جي ڊگھي پنڌ ۾ زراعت ئي پيٽ جي باهه اُجھائڻ جو ڪم ڏنو آهي. پٿر جي دور جي غارن واري زندگي، جھنگل جي حياتي، ميدانن ۾ ٽولن جي صورت ۾ رهڻ وارو جيون، ڳوٺ ٻڌي رهڻ ۽ هن ترقي يافته شهري زندگي جي سفر تائين هيڻا ۽ ڏاڍا ماڻهو زندگي جي گاڏي کي هڪٻئي سان طبقاتي مت ڀيد جي سخت ڪشمڪش جي صورتحال جي باوجود به لازم ۽ ملزوم بڻجي ڇڪيندا رهيا آهن. کاڌ خوراڪ ۽ ٻين رزق جي ذريعن تي ڏاڍن قوتن پاران قبضا ڪرڻ جي هڪ ڊگھي تاريخ رهي آهي. ان ڦورو ۽ قبضاخور ذهينيت جو تسلسل نسل در نسل پنهنجو وارو وڄائيندو اچي. ڌرتيءَ جي گولي تي هزارين سالن جي ارتقائي پيچيدگين جي مشڪل سفر کانپوءِ زرعي سماج ٺهڻ سان ئي زمينن جي وسيع جاگيرن تي سماج جون طاقتور قوتون قابض ٿي ويون، اهو غيرجمهوري ۽ غيرقانوني قبضو اڄ به برقرار آهي. ۽ هيڻن ماڻهن کي پنهنجو ذاتي غلام بڻائي وٽائن سخت جسماني پورهيا ڪرائڻ جي عيوض کين فقط زندهه رهڻ جيترو اجورو به وڏي مشڪل سان ملندو رهيو آهي. نتيجي ۾ زراعت جي پيداوار ۽ خوراڪ جي زخيرن تي طاقتور ڌريون قابض ٿي ڌرتيءَ جي عظيم شهيد شاهه عنايت جي “جيڪو کيڙي سو کائي” واري عظيم نعري جي کُلي انحرافي ڪري دنيا جي مسڪين پورهيتن جو استحصال ڪنديون رهيون آهن.
    ڪائنات جي ارتقائي دور جي اوائلي اوزان سان زمين جو سينو چيري اناج پيدا ڪندڙ پورهيت ڪلهه به بکن ۾ پاهه ٿي رهيو هو ۽ اڄ به نسل در نسل بک ۽ بدحالي سندس نه بدلجندڙ نصيب بڻجي وئي آهي. زراعت جي کيتر ۾ وڏن ڪشالن کانپوءِ پورهيت ان جي دن بٽائي ڪري ٿو ته سمورو اناج بنا پُڇاڻي جي جاگيردار ٽالهيون ڀرايو کڻيو وڃي. باقي پورهيت کي رڳو ٽوال ڇنڊي ڪلهي تي رکي گھر ويندي ٿڌا شوڪارا هڻڻ جو “جمهوري” حق حاصل آهي. اوائلي دور کان زرعي ترقي جو سهرو عورت جي سر تي سونهي ٿو. عورت زراعت کي ابتدائي حالتن مان اوج تي پڄايو. يعني عورت کي زراعت جي موجد چئون ته وڌاءُ نه ٿيندو. مرد ويچارو ته زندگي جي بقاءُ لاءِ شڪار ۽ نسلي تحفظ لاءِ دشمن قوتن سان ويڙهه مان واندو ئي ڪونه هو. تنهنڪري زراعت جي شروعاتي دور ۾ ان طرف مرداڻو رويو غير سنجيدگي ۽ عدم دلچسپي وارو هو. جڏهن ڪل ۽ ڦيٿي جو زمانو ڪونه هو تڏهن ٻني ٻاري، کيتي زرعي اُپت لاءِ ماڻهو جي ضرورت تمام گھڻي هُئي. دنيا جون ضرورتون ٻيڻيون ٿيڻ ڪري ماڻهو عقل جو استعمال ڪري جهنگ جي جانورن کي پنهنجي هٿ هيٺ ڪري زرعي ڪتب ۾ آندو. ڍڳو، اُٺ، گھوڙو، خچر، گڏهه جهڙن جانورن جي زرعي استعمال سان ترقي جي ان عمل ۾ شاندار انقلاب هو جنهن سان زمين جي کيڙي، هُرلن ذريعي پاڻي کڻڻ، ڳاهه ڳاهڻ، بار کڻڻ سميت ٻين زرعي ڪمن ڪارن ۾ وڏيون مشڪلاتون دور ٿيون ۽ آساني حاصل ٿيڻ سان گڏ جيئن دنيا جي آبادي وڌڻ سان خوراڪ جي ضرورت به وڌي تيئن خوراڪ جي ان ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ فقط زراعت ئي ڪرنگھي واري هڏي جي حيثيت جيئن اهم جز ثابت ٿي. اڄ به انسان ۽ ٻين ساهه وارن لاءِ زراعت جي ساڳي اهم حيثيت برقرار آهي. دنيا مان کاڌي جي کوٽ کي پورو ڪري انساني نسل جي بقاءُ جو انقلابي قدم زراعت کي خاص بڻائي ڇڏيو. قديم دور جو ماڻهو پيٽ گذر جو اهم ذريعو شڪار سان گڏ زراعت کي سمجھڻ لڳو ۽ ان کي ئي اوليت ڏيڻ لڳو. ان بعد زرعي ترقي جو وڏو ڇال زراعت ۾ مشينري جو ڪتب آهي جيڪو زرعي دنيا ۾ هڪ اهم ۽ انقلابي دور سمجھيو وڃي ٿو ماضي ۾ ڪجھه ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ خاطر ڪيترائي پورهيت ۽ ڍڳن جا جوڙا گھربل هوندا هئا. پر جڏهن زرعي ميدان تي ٽريڪٽر ۽ ٻي جديد زرعي مشينري آئي ته نتيجي ۾ رات پيٽ ۾ هزارين ايڪڙ زمين سنوت ۾ اچي وئي، هر طرف بهاري لڳي وئي، بنجر زمينون آباد ٿي ويون، مهينن جو ڪم منٽن ۾ ٿي ويو، کيڙي، گُڏ، ڳاهه ڳاهڻ، بار کڻڻ، اسپري، پاڻي وارو ڦٽو هلائڻ جو ڪم وغيره معنى ته زراعت جو گھڻو ڪم رڳو اڪيلو ٽريڪٽر ۽ ٻيون مشينون ڪرڻ لڳيون، مختصر آبادي بجاءِ لکين ايڪڙ زمين پوکجي وئي، فصل جي اُپت وڏي لهڻ ڪري دنيا مان ڪافي حد تائين خوراڪ جي کوٽ پوري ٿيڻ جھڙي بهتر صورتحال ڏسڻ ۾ آئي. پر سرمائدارن جي “زخيره ڪلچر” حوسي سوچ ڪائنات جي غريب محنت ڪش پورهيت ماڻهو کي بک ماري ڇڏيو آهي. لڱ ساڙيندڙ لُڪ توڙي هڏ سڪائيندڙ سياري ۾ تتل ڪاڙهي توڙي رات جي ڪاري اونڌاهي ٻاٽ ۾ لُنڊيون لتاڙي، پگھر وهائي، ڪنڊن سان پير ڇنائي ۽ اڌ بک اڌ ڍئو تي پنج ڪلو جي ڪوڏر هڻي اناج جا انبار اُپائيندڙ ۽ پوکي ۾ اڌ جي قانوني ڌڻي پورهيت جي هن وقت ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ کيت مزدور جي حيثيت وڃي رهي آهي. ان کيت مزدور پورهيت کي جڏهن چاهي مالڪ بي دخل ڪري سگهي ٿو. ٻي پاسي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي جديد مشيني آلاتن سان زراعت جو عروج ضرور آيو پر زرعي سماج مان هڪ هر هاري پورهيت زرعي ڪم ڪارج ختم ٿيڻ ڪري بيروزگار بڻجي زوال جي ور چڙهي ويو. ان جو وڏو فائدو سرمائدار ۽ جاگيردار کي ٿيو جيڪو هاڻ سوين هاري ۽ پورهيت رکڻ ۽ انهن تي ڳري مالي سيڙپ ڪرڻ بجاءِ ناڻو خرچ ڪري تيزترين مشيني آلاتن سان زرعي اُپت جو اڪيلو وارث بڻجي غريب پورهيتن جي وات مان ماني جو ٽُڪر کسي رهيو آهي. سرمائيدار پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ ٻي غريب جو پيٽ ڦاڙي رهيو آهي. جنهنڪري سڄي دنيا ۾ پورهيتن جي حق تلفي ۽ استحصال ٿي رهيو آهي. روزگار جي ذريعا مشينن حوالي ٿيڻ ڪري مزدور طبقي ۾ ڏينهون ڏينهن بي روزگاري ۽ بدحالي وڌي رهي آهي. ٿر ۾ ڏڪار دوران لکين مسڪين ماروئڙا پيٽ گذر لاءِ سنڌ جي بئراجي علائقن ۾ ڪڻڪ جي فصل جو لابارو ڪري ڏڪر جا ڏينهن ٽارين ٿا. پر هاڻ انهن مزدورن جي جاءِ تي ٽريڪٽر ذريعي هلندڙ لاباري واري مشين هڪ ئي ڏينهن ۾ سوين ايڪڙ ڪڻڪ جو لابارو ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي. مختصر وقت ۾ هزارين ماڻهن جو ڪم هڪ ئي مشين ڪري سرمائيدار کي ڪروڙين روپين جو فائدو ڏيئي سگھي ٿي پر ان سان لاتعداد مزدورن جي چلهه اُجھي ويندي. زندگي جي عام ڪارهنوار ۾ جديد مشينن جيتوڻيڪ وقت ۽ ناڻو بچائي اُپت به ٻيڻي ڏي ٿي. پر ان جو مجموعي فائدو هڪ سرمائيدار کي ئي آهي ۽ جيڪڏهن ان جديد مشينري جو سڌي طرح نقصان آهي ته فقط جسماني پورهيو ڪندڙ مزدور ۽ هاري کي آهي. جيڪو ان مشين سبب بيروزگار بڻجي پيو.
    هي مشيني سفر زراعت جي ميدان ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي جديد زرعي آلاتن جي ڪمال سان هارين جي معاشي قتل ۽ زوال جو سبب بڻجڻ تي دنگ ڪرڻ بجاءِ هاڻ ان جو رخ ڪارخانن، ملن، فيڪٽرين، کاڻين، هوٽلن، هوائي توڙي پاڻي جي جهازن، ايئرپورٽن، بندرگاهن، ريلوي پليٽ فارم، سپر اسٽورن، مارڪيٽن، گيريج، ورڪشاپن، ڪمپنين طرف آهي جتي هاڻ ٻچن جي روزي روٽي خاطر مزدوري ڪندڙ پورهيتن کي فارغ ڪري سندن جاءِ تي مشيني روبوٽ رکيا ويا آهن. بندرگاهن تي ڪم ڪندڙ هزارين مزدورن جو روزگار جهازن مان مال لاهڻ جي ڪم سان وابسطا هو. اهي مزدور مهينن جا مهينا جهازن مان سامان لاهي پيٽ گذر ڪندا هئا ۽ هاڻ انهن پورهيتن جو ڪم مشينن کان ورتو وڃي ٿو. جنهن سان سرمائدار کي ته ٻيڻو فائدو آهي پر وري به ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيت بيروزگار ٿئي ٿو. ڪڻڪ، توريو، سورج مکي، مرچ سميت ٻين زرعي جنسن کان ويندي ڪاٺ، لوهه وغيره جهڙين مختلف شين جي وزن ڪرڻ لاءِ مزدورن جا ٽولا ڪم ڪري پيٽ گذر سان لڳل هئا. هن وقت مال سان لوڊ ٿيل گاڏي کي ڪمپوٽر ڪانٽي تي ٻن منٽن ۾ 50 روپين عيوض وزن ماپيو ويندو آهي. اهو ڪمپوٽر ڪانٽو هڪ ڏينهن ۾ هزارين وزن واريون گاڏيون توري سگهي ٿو. ان سان سيڙپڪار سرمائدار کي ته فائدو آهي. پر سوين مال ڀريل گاڏين جي تور ڪندڙ هزارين پورهيت ضرور بيروزگار ٿيا آهن.
    دنيا جو ڪو به سنجيده ۽ باشعور ماڻهو ڪنهن به ريت اُن سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري جديد دور جي تيز ترين، ترقياتي ۽ تعميري مشيني آسائشن جو قطئي طور انڪاري نه هوندو پر اهي ايجادون، آلات ۽ روبوٽ فقط هڪ مخصوص سرمائدارن جي پيٽ ڀرڻ جو وسيلو بڻجڻ جي صورت ۾ ايندڙ دور جي پورهيت لاءِ بک، بيروزگاري ۽ بدحالي جو سبب ٿي سگھن ٿا. دنيا جي هر شعبي ۾ انهن مشيني آلاتن جي وڌندڙ ڪارج کي مدنظر رکي اهو سوال پيدا ٿئي ته مستقبل ۾ ملن، فيڪٽرين، ڪارخانن، زراعت ۾ مزدورن ۽ هاري پورهيت طبقن جي ضرورت باقي ڪهڙي رهندي؟ ڇا هي مشيني انقلاب پورهيت جي پيٽ تي لت ته ناهي؟ انهن شين جي فائديمند ڪمن سان گڏ ناڪاري اثرن تي به نهايت وڏي غور، فڪر ۽ سنجيدگي سان سوچڻ جي سخت ضرورت آهي.
    ***


    ذڪر ڪجهه هاري اڳواڻن جو

    ماما اشرف رند
    هاري اڳواڻ ماما اشرف رند شاگردي جي زماني ۾ کاٻي ڌر جي سرخي ڪامريڊ عبدالسلام بخاري جي ساٿي گھڻ پڙهيي انقلابي اڳواڻ استاد فيض محمد ٽالپر جي سياسي ۽ علمي تربيت هيٺ ستر واري ڏهاڪي ۾ دنيا جي انقلابن جي تاريخن جا ڳاڙها ڪتاب پڙهيا. اهي ڳاڙها ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ هن ٻروچڪي ٻار پنهنجي روايتي سوچن کي تبديل ٿيندي محسوس ڪيو. هن مارڪس ازم، لينن ازم ۽ مائو ازم کي به ٻروچڪو ضد سمجھي پڙهيو ۽ پروڙيو. ڪتابي دنيا ۾ پير پائڻ بعد لوڪ وهي لُهارو هي ابتو وهيو عام کان. هن جيڪو پڙهيو، پرايو ۽ حاصل ڪيو اهو هن معاشري جي اڪثريت جي سمجھه کان ئي ٻاهر هو. اهڙي معاشري جي ذهني هم آهنگي کان مختلف ۽ منفرد صورتحال ۾ پاڻ کي فٽ ڪرڻ واقعي ئي وڏو محال آهي. جنهن سماج ۾ هاري اڳواڻ ماما اشرف رند جهڙو پختو نظرياتي ڪارڪن پنهنجو نور نچوئي دنيا جي علم جا ست سمنڊ جھاڳي ۽ اکين ۾ انقلاب جا آدرشي سپنا سانڍي جنهن سماج ۾ جيئي ٿو ان معاشري ۾ سندس ڳالهين کي سمجھڻ وارا ماڻهو ڪيترا آهن؟
    پُرامن، قومي، عوامي ۽ جمهوري جدوجھد، پورهيت انقلاب جو سائنسي نظريو داس ڪيپيٽل، تاريخي ۽ جدلي ماديت، ڪميونسٽ مينوفيسٽو، سامراج جون سائنسي حرامپايون ۽ هوشياريون، غريب جو غريب ترين ٿيڻ ۽ امير جو اميرترين ٿيڻ جو فارمولو ۽ سامراجي راز سمجھڻ، سرپلس ويليو، نفي جي نفي ڇا آهي؟ شين جو ٺهڻ، جڙڻ ۽ فنا ٿيڻ، ڪائنات ۽ ارتقا، مذهبن جي تاريخ، سماجيات معنى ته ڪتابن پورهيت ڪارڪن ڪامريڊ اشرف رند کي هزارين موضوع، سوال ۽ جواب ڏنا. پنهنجي وقت جي مشهور سياسي ڪارڪنن ۽ مزدور ۽ هاري اڳواڻن مرحوم نانا الهجڙيو ٿيٻو، ڪرم ڪلوئي، مرحوم ڪامريڊ الهڏتو لغاري، آفتاب ڪلوئي سان گڏ سنڌ ۾ مارڪس، لينن ۽ مائو جي طرز سياست تي عمل پيرا رسول بخش پليجو جي پارٽي سنڌ عوامي تحريڪ ۾ سرگرم ٿيو۔

    ڪرم ڪلوئي
    ڪائنات ۾ نئين کي پُراڻو ڪرڻ ۽ پُراڻي کي نئون ڪرڻ جي سوچ ۽ عمل ئي تبديلي جو ڪارڻ بڻجي ٿو، هن ڌرتي ماتا جي گولي تي اربين انسانن جنم ورتو، زندگي بسر ڪئي ۽ فنا ٿي ويا. تاريخ ڪنهن کي ياد ڪيو آهي، ڇو ياد ڪيو آهي ۽ ڪهڙن لفظن ۾ ياد ڪيو آهي؟ ڪير ماضي جو باب بڻجي تاريخ جي ورقن مان ڪچي مس جي اکرن جيئن مٽجي ويو؟ فنا ڪير ٿو ٿئي ۽ ڇو ٿو ٿئي؟ موت ڪنهن کي ٿو اچي ۽ تاريخ ۾ زندهه ڪير ٿو رهي؟ انهن سوالن جي جوابن جو فيصلو تاريخ کي نهايت ئي باريڪ بيني ۽ ايمانداري سان ڪرڻو آهي. ان مامري ۾ تاريخ بي ريا آهي. اهي سوال زندگي جي فلسفي جي وضاحت طلبين ٿا. اهي سوال ئي فرد جي هاڪاري ۽ ناڪاري ڪردار جو تعين ڪن ٿا. اهي سوال ئي فرد ۽ سندس ڪردار کي تاريخ ۾ زندهه به رکن ٿا ته مسخ به ڪن ٿا. اهي سوال ئي ڪائنات جي زندگي جي سلسلن کي ڳنڍين، ٽوڙين ۽ مروڙين به ٿا. انهن سوالن جو پيدا ٿيڻ ۽ گردش ڪرڻ ئي ڪائنات جي وجود جي بقاءُ لاءِ لازمي آهي. پر ان وسيع سرشٽي جي لوڪ ساگر ۾ “نه ڪي کڻن پاڻ سين، نه ڪي ساڻن پاڻ ” جي راهه تي حياتي جي ڳالهه هڪ نقطي ۾ مُڪائڻ وارا ماڻهو ئي برابر تاريخ ٿين ٿا. هاري جي حقن لاءِ پتوڙيندڙ ڪامريڊ ڪرم ڪلوئي جھڙا چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو اڄ به هن ڪائنات تي انقلاب جو سج اُڀرڻ جا آسوند آهن.
    دربدري جي حالاتن ۾ پڙهندي ڇهين درجي ۾ هاءِ اسڪول جھڏو ۾ داخل ٿيو جتي هن جي ملاقات هڪ نامياري سوشلسٽ استاد مير فيض محمد ٽالپر سان ٿي. جنهن هن کي انقلاب جي بنيادي تربيت ڪندي ڪتابن جي دنيا ۾ مست رقصان ڪري ڇڏيو. سجاگ ٻار تحريڪ کان سياست جي شروعات ڪندڙ ڪرم ڪلوئي سنڌ جي جھرجھنگ ۾ پورهيت انقلاب جا هوڪا ڏيندي سڄي سنڌ جي ٻهراڙين ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي تائين، ڪوٽ ٻنڌي کان ڪيٽي بندر تائين ڳوٺ، گام، واهڻ، وستين تايئن هن جا انقلابي ليڪچر، تحريرون ۽ تقريرون سامراج لاءِ هڪ للڪار بڻجي ويون. عالمي سطح جي گھري مطالعي ۽ پليجو صاحب جي تربيت جي اثر ۾ ترقي پسند سوچ سبب ڪرم ڪلوئي هن انتهاپسند ۽ رجعت پرست معاشري جي اک ۾ ڪنڊو بڻيل رهيو آهي۔

    آفتاب ڪلوئي
    ڪامريڊ آفتاب ڪريم ڪلوئي جهڏو لڳ پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ رهائش پذيرآهي. هي ڪامريڊ شاگردي واري زماني ۾ سائين فيض محمد ٽالپر جي تربيت سبب انقلابي بڻيو. ڏکين ۽ مشڪل حالاتن سان وڙهندو پورهيتن جي جدوجهد ۾ اڳتي وڌندو رهيو. فڪر پليجو سندس رڳ رڳ ۾ رچيل آهي. آفتاب ڪلوئي سنڌ جي حقن لاءِ عملي جدوجهد سان گڏ هن سنڌ جي واهڻ وستين ۾ بغاوت جا گيت “گھٽي گھٽي بغاوتون”ڳاتا، مان اوڀر جو مظلوم انسان آهيان. ٽڪي جا ماڻهو ٽڪي وڪاڻا جهڙا شاهڪار ۽ تاريخي گيت سرجيندڙ انقلابي انسان آفتاب ڪلوئي اڄ به پورهيت انقلاب لاءِ پراميد آهي. آفتاب ڪلوئي هن جي سموري حياتي سنڌ جي مسڪين ۽ مظلوم پورهيتن لاءِ جدوجهد ڪندي گذري آهي. هن سميت هن جا گھر ڀاتي ۽ پٽ رحيم ڪلوئي، ساحر ڪلوئي به هن جي ئي نقش قدم تي هلندي جدوجهد جي ميدان تي ثابت قدم ٿي بيٺل آهن.

    ڪامريڊ نورمحمد کوسو
    ساٿي نورمحمد کوسو بنيادي طور رئيس گھراڻي سان تعلق رکي ٿو. پاڻ وچولو آبادگار آهي. پر اسڪول واري زماني کان سائين فيض محمد ٽالپر ۽ ٻين ساٿين جي تربيت جي نتيجي ۾ پورهيت نطريي سان واڳجي ويو. جتي اڄ ڏينهن تائين هماليا جيڏن حوصلن سان بيٺو آهي. سدائين هارين جو پاسو وٺڻ ڪري ظالم زميندار هن تي ڪرٽيون کائن ٿا. هن کي ڏسي گھڻو ڪري چوندا آهن ته هارين جو دماغ نورمحمد جهڙن ڪامريڊن خراب ڪيو آهي. ڪامريڊ نورمحمد کوسو پارٽي جي سڏ سان گڏ رهيو آهي. پاڻي جي جدوجهد هجي يا ٻٽو نظام، مشرفي آمريت جا ڪارا قانون هجن يا عدليه بحالي تحريڪ هاري اڳواڻ نورمحمدکوسو اڳين صفن ۾ رهيو آهي. سندس مستقل مزاجي سان انقلابي قافلي ۾ ڊگھي زماني تائين سرگرم رهڻ واقعي ئي مشڪل ڪم آهي. جنهن کي نور محمد نهايت ئي انقلابي ايمانداري سان نڀايو آهي.

    ڊاڪٽر منظور جروار
    ڪامريڊ منظور جروار بنيادي طرح ايم بي بي ايس ڊاڪٽر آهي. پر شاگردي واري زماني ۾ هن کي پورهيت انقلاب سان جيڪا لنئون لڳي هو ان عشق سان اڄ ڏينهن تائين وڏي ايمانداري سان نڀائيندو اچي. ماڻهو پنهنجو ڪلاس تبديل ٿيڻ کان پوءِ پاڻ به ان سماجي مٽا سٽا واري عمل ۾ مٽجي ويندا آهن. پر هي شخص اڄ به اباڻي لوڏ ۾ هلي پيو.
    اي نه مارن ريت، جو سيڻ مٽائن سون تي
    اچي عمرڪوٽ ۾ ڪنديس ڪانه ڪريت
    پکن جي وريت ماڙين سين نه مٽيان.
    ڊاڪٽر منظور جروار جي زندگي توڙي جو تمام مصروف ترين هوندي به هن مون سنڌ جي هر سڏ ۾ سڀن کان اڳيان ڏٺو آهي. پنهنجي وطن ۽ ديس جي سانگيڙن سان سندس سڱ تمام مضبوط آهي. هو پورهيت انقلاب جو آسوند آهي. هو سنڌ کي شهيد شاهه عنايت، شاهه لطيف، باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيربخش جتوئي، شهيد فاضل راهو ۽ رسول بخش پليجو جي خوابن جي سنڌ ڏسڻ ٿو چاهي، سندس خواب ضرور ساڀيان ماڻيندا. سنڌ تي سرخ انقلاب جو سج اڀرندو، پورهيت جي هٿن مان سامراج جي غلامي جون زنجيرون ٽٽنديون.

    ڪامريڊ آدرش ڪولهي
    دنيا جا لاتعداد ماڻهو صرف پاڻ لاءِ جيئن ٿا ۽ ڪائنات ۾ تمام ٿورڙا بندا آهن جيڪي ٻين لاءِ حياتي وقف ڪن ٿا. اهي ماڻهو اٽي جو زيان ۽ ڪائنات ۾ اجايو بوجھه آهن، مفادن جي مياڻي ۾ هارايل واپاري لوڪن جو وطن جي حب سان ڪهڙو واسطو؟ انهن جي ڪهڙي ڌرتي؟ انهن جو ڪهڙو ايمان؟ انهن جا ڪهڙا نظريا؟ اهي ته بس هن سرشٽي تي پيٽ پوجا لاءِ اچن ٿا ۽ ماني کايو، پئسا ڳڻيو مريو وڃن. پر ان ئي ڌرتي تي جتي لاڌيو چمار هو اُتي روپا، مڏا ۽ چترا به هئا، جتي چنيسر هو اُتي دودا به هئا، پر فرق صرف اهو آهي ته ڪي ماڻهو وطن سان غدارين لاءِ پيدا ٿيا ته ڪي ماڻهو قوم ۽ وطن سان وفا جو مثال بڻجي ويا. سو ڌرتي ماتا جي گولي تي هر ماڻهو پنهنجو پنهنجو ڪم ڪندو آهي. ڪي ماڻهو قوم ۽ وطن دوستي لاءِ پيدا ٿيندا آهن. واقعي جيڪڏهن چنيسر نه هجن ته دودن جي قدر ڪيئن ٿئي؟ دولهه درياهه خان جي ديس ۾ پنهنجي مظلوم قوم ۽ محبوب وطن لاءِ سر ڏيڻ وارا آدرشي انسان به آهن. انهن وطن جي عاشقن مان سم سورهڏي جو سائين ڌارشي ڪولهي عرف “آدرش” به هو.
    سائين آدرش هڪ استاد هئڻ سان گڏ مارڪسي نظريي جو شاگرد به هو، سنڌ وطن جي مسڪين ۽ اٻوجھه پورهيت هاري ماڻهن جي تقدير کي بدلائڻ لاءِ هن جا سمورا پنڌ ۽ وکون جدوجھد جي عملي ميدان ۾ هڪ تاريخ آهن. هن کي حياتي تمام محدود موقعو ڏنو جنهن ۾ هن شخص هارين لاءِ شاندار ڪم ڪيو. آدرش ڪولهي جو ايمان انقلابي جدوجھد ۾ پختو هو. “فڪر پليجو” جي نظرياتي سياست جي انقلابي پيچرن تي پاڻ پنهنجي جيون ساٿياڻي سان گڏ ۽ معصوم ٻارڙن سميت مڪمل انقلابي ايمانداري سان ساهه جي آخري گھڙي تائين ثابت قدم رهيو. آدرش عام رواجي دنياداري کان الگ هڪ محبوب انقلابي ماڻهو هو.
    هاري اڳواڻ ڪامريڊ آدرش ڪولهي هر وقت قومي اجتماعي ٻڌي واري سوچ ۾ يقين رکندڙ انقلابي هو جنهن ڪڏهن به ذات پرستي وائي آني جهڙي احساس محرومي واري سياست ۾ ڪڏهن به پير نه پاتو. 26 آگسٽ 2011ع تي شام پنج وڳي هڪ زهر جهڙو نياپو موبائل جي اسڪرين وارد ٿيو جنهن ۾ لکيل هو “سائين آدرش اسان وٽ ناهي رهيو” پوءِ سڄي رات ننڊ ڪونه آئي، سائين سان ڪيل انيڪ ڪچهريون ياد اينديون رهيون. پنهنجي اولاد ۽ گھر واري کي سنڌ لاءِ قربان ٿيڻ جي وصعيت ڪندڙ آدرش جون اکيون انقلاب لاءِ آسوند رهجي ويون. جڏهن سنڌ تي پورهيت انقلاب جو سج اڀرندو تڏهن آدرش جا انقلاب ڪيل پنڌ ياد ڪيا ويندا.

    ڪامريڊ پٽيل انب ڀيل
    پٽيل انب ڀيل سنڌ جي پورهيت لاءِ وڏو ڏڍ رهيو. سنڌ جي هاري تحريڪ ۾ هي پورهيت ڪردار تمام منفرد ۽ انوکو رهيو آهي. ڪامريڊ پٽيل انب ڀيل 1942ع ۾ پٽيل مريد ڀيل جي گھر ۾ جنم ورتو. سندس اصل ڳوٺ ڏاهنورو لڳ جهڏو آهي. ڪامريڊ صفا اڻپڙهيل هو. پر سندس عقل، سوچ ۽ ويچار اهڙا هئا جو کيس ڪير به پرکي نه سگھندو هو ته پورهيت اڳواڻ اڻپڙهيل آهي؟ جواني کان وٺي پيرسني تائين سندس طبعيت مڪمل پرهيزگار رهي. هي هاري دوست ڪامريڊ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي کان تمام گھڻو متاثر ٿيڻ ڪري سنڌ هاري ڪميٽي جو ڪارڪن رهيو. پنهنجي وس آهر سموري زندگي پورهيتن جو ساٿاري بڻيل رهيو. ڪامريڊ پٽيل انب ڀيل پورهيت اڳواڻن حيدربخش جتوئي، مظهر جتوئي، ميرعلي بخش ٽالپر، ڄام ساقي، ڏامرو مل، روچي رام، عاصماجهانگير، شڪيل پٺاڻ، فهميده قريشي، حفيظ قريشي، غلام قادر مرڙاڻي، ڪامريڊ لاکو ڀيل، ڪامريڊ پوڙهو ڀيل سميت ٻين مظلوم دوست ساٿين سان گڏجي پورهيت هارين جي حقن لاءِ زندگي جي آخري لمحن تائين جدوجهد جي ميدان تي ثابت قدم رهيو. سنڌ جو پورهيت اڳواڻ ڪامريڊ پٽيل انب ڀيل تمام دلير، باصلاحيت بيباڪ ماڻهو هو. هن پنهنجي زندگي سدائين پورهيتن هارين جي ڳالهه ڪئي جنهن ڪري هو سنڌ جي رئيس، مير، پير ۽ ظالم جاگيردار سامراج جي اک جو ڪنڊو بڻيل رهيو. جابر وڏيراشاهي کيس دور ۾ ڌمڪائڻ، جهڪائڻ ۽ پورهيت جدوجهد تان هٿ کڻائڻ لاءِ سرگرم هوندي هئي. پر ان جدوجهد ۾ هزارين ڏکن، سورن، تڪليفن جي باوجود هاري رهنما ڪامريڊ انب ڀيل رڪ بڻجي بيٺل رهيو. هُن جا هاري ۽ زميندار جي وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرارن جا هزارين فيصلا ڪيل هئا. هن کي حق جي ڳالهه ڪرڻ کان دنيا جي ڪابه طاقت روکي نه سگھندي هئي.
    هن جي منهن تي چوڻ واري عادت ڪيترن ئي چڱن خاصن کي قطئه نه وڻندي هئي پر هو پنهنجي ضمير هٿان سخت مجبور هئڻ ڪري وڏن وڏن جاگيردارن کي بنان ڪنهن رک رکال جي منهن تي ڦڪائي ڏيندو هو. هو اڻپرهيل هوندي به شاندار سوچ جو ماڻهو هو. پورهيت جدوجهد ۾ ڪامريڊ انب ڀيل جهڙا انسان واقعي هڪ معجزو هوندا آهن. ڪامريڊ پٽيل انب ڀيل 15 سيپٽمبر 2016ع تي وفات ڪئي. سندس آخري رسمن پورهيت ماڻهن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪري کيس محبتن جي ڀيٽا پيش ڪئي.

    پورهيت رهنما گھمن سنگھه ڀيل
    . گھمن سنگھه ڀيل جنهن پٺتي پيل قبيلن ڀيل، ڪولهي، ميگھواڙن جي همٿ افزائي ڪري علم حاصل ڪرڻ لاءِ گھر گھر وڃي جاڳرتا مُهم هلائي کين اتسايو. معاشري ۾خراب ريتن ۽ رسمن کي ختم ڪرڻ بابت سُجاڳي ڏيندو رهيو. هن جهالت جي ان اونداهي دور ۾ اهو نعرو بلند ڪيو ته سنڌ جا پورهيت هاريو! “ سخت مزدوريون ڪريون، پورهيا ڪريو، مشڪل کان مشڪل ترين تڪليفون برداش ڪريو پر هر حال ۾ پنهنجن ٻچن کي تعليم ڏيو” هي نيڪ دل، ارڏو ۽ مظلوم پورهيت دوست انسان گھمن سنگھه ڀيل ننگرپارڪر تعلقي جي يونين ڪائونسل پيلو جي ڳوٺ ڪاٺو ڀيل ۾ 1918ع ۾ موتيرام ڀيل جي گھر جنم ورتو. گھمن سنگھه کي شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگريز دور ۾ کُليل هريجن ڌرم شالا اسڪول ننگرپارڪر ۾1929ع ۾ داخل ڪرايو ويو جتي ان وقت گُجراتي پڙهائي ويندي هئي. 1935ع ۾ هن 6 درجا (فائنل) پاس ڪيا، 1936ع ۾ جڏهن سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي تڏهن صوبائي سرڪار ڌرم شالا اسڪول ۾ سنڌي (لازمي) پڙهائڻ جو فيصلو ڪيو. گھمن سنگھه ڀيل کي ننڍي هوندي ئي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان بيحد محبت هئي. انهيءَ ڪري هُن سنڌي پڙهڻ جو فيصلو ڪيو. 1941ع ۾ سنڌي جا 6 درجا (فائنل) پاس ڪيا. ڊسمبر 1941ع ۾ انهيءَ دور جي سينئر سُپرنٽنڊنٽ آف پوليس راءِ صاحب ٻهراڙي جي تعليم يافته ۽ قدآور شاگردن کي ميرٽ تي پوليس ۾ ڀرتي ڪيو پئي. جنهن ۾ گھمن سنگھه ڀيل سپاهي طور ڀرتي ٿيو. پنهنجي قابليت ۽ هوشياري جي ڪري 1950ع ۾ هيڊ ڪانسٽيبل طور پروموشن حاصل ڪيائين. نوڪري ڪرڻ جي دوران مسڪين هاري پورهيتن جي گھر گھر وڃي پنهنجي ٻارن کي پڙهائڻ، سماج جي اٻوجھه ماڻهن مان مرڻن، پرڻن، ڪُنين، مانين، ٻارسن بابت اجايا فضول خرچ ڪرڻ، مفت خور منوسمرتائي ٽولن جي رستا روڪ ۽ انسان دشمن مدي خارج ريتون رسمون ۽ رواجن کي ترڪ ڪري هڪ مڪمل نئون باشعور معاشرو اڏڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون. انهي ڪوششن جي نتيجي ۾ ڪافي حد تائين بهتري آئي.
    رنگ، نسل، ذات، پات مذهب جي مت ڀيد کانسواءِ سماج جي هر مسڪين، مظلوم ۽ غريب جي سهائتا ڪرڻ ۽ انهي جي هر سڏ ۾ شامل ٿيڻ سندس زندگي جي اصُولن ۾ شامل هو. ٿرپارڪر ۾ گھمن سنگھه ڀيل، مسڪين جھان خان کوسو (سامي ويري ننگرپارڪر)، پُنهون مل هميراڻي ميگھواڙ (گوڙهيار) سچل جنجھي (صالح جنجھي) سُڳاڙچند ميگھواڙ (آڌيگام) اڳئين صفن ۾ هئا. مرحوم مسڪين جهان خان کوسو سان ايتري قربداري هئي جو هو پندرهن کان ويھه ڏينهن لاڳيتو اچي گھمن سنگھه ڀيل جي ڳوٺ ڪاٺو ۾ ترسندو هو جتي هي ٻئي مسڪين ماڻهن جا اڳواڻ تعليم ۽ ٻين مسئلن بابت گڏجي جاڳرتا هلائي اٻوجھه ماروئڙن ۾ شعور ۽ سجاگي پيدا ڪندا هئا.
    1953ع ۾ غريب هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ لاءِ گهمن سنگهه ڀيل پنهجي نوڪري تان استعفا ڏيئي ڇڏي. 1958ع ۾ مخالفن وري گھمن سنگھه ڀيل تي انتقامي ڪاروايون ڪندي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو، ٿر جي بااثر سياسي شخصيت راڻو چندر سنگھه جيڪو ٺڪرن جو راڻو هو، تنهن گھمن سنگھه ڀيل کي هڪ جلسي ۾ چيو ته “تون ڀيل آهين، “سنگھه” ڇو ٿو سڏائين؟ سنگهه ته صرف اسان ٺڪر ئي سڏائي سگھون ٿا”. انهي ته گھمن سنگھه ڀيل چيو ته “راڻا صاحب، آءُ ڀيل آهيان، غريب آهيان، آئون هن ڌرتي جو ڄائو آهيان منهنجا “سڱ” ثابت آهن ۽ تنهنجو هڪڙو سڱ کانڏو ( ٽُٽل) آهي، اسان مسڪينن سان وقت جا ظالم ڏاڍ، جبر ۽ ظلمن جي انتها ڪن ٿا، اسان جون نياڻيون اغوا ڪرايون وڃن ٿيون يا هو پنهنجي رضا خوشي سان گھر ڇڏي وڃي ٿيون، پر اسان ڪنهن غير ڏاڍي ماڻهو کي پنهنجي نياڻي هٿ سان جھلي ڪونه ڏيون ان ڪري اسان کي ئي فقط “سنگھه” سڏائڻ جو حق حاصل آهي” اهو ٻڌي راڻي چندر سنگھه تي ماڪ پئجي وئي.
    8 مارچ 1970ع تي ٿر جو هي کاهوڙي ڪردار گھمن سنگھه ڀيل ديهانت ڪري ويو. گھمن سنگھه ڀيل جي خاندان جو شمار ٿرپارڪر ۾ پڙهيل لکيل ۽ باشعور خاندان طور ٿئي ٿو. سندس ست ئي پٽ لالجي، تنيراج ڀيل، نرسنگھه ڀيل، جسونت سنگھه ڀيل (مرحوم)، سردارسنگھه ڀيل، اُڌيسنگھه ڀيل، گُلجي ڀيل پڻ مختلف سرڪاري کاتن ۾ ملازم آهن ۽ سندس پوٽو پهلاج ڀيل پڻ اعلى تعليم يافته، سنجيده ۽ باشعور نوجوان آهي. هن خاندان جون نياڻيون پڻ تعليم يافته آهن.

    ڪامريڊ پارو ڪولهي
    پارڪر جي پٽن تي هڪڙو روپلو ڪولهي هو جنهن فيل مست انگريز سامراج کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا هئا. جنرل تروٽ توڙي جو روپلي کي ڦاسي ڏيئي شهيد ڪيائين پرهو به برطانيه وڃي راڄن کي ڏس ڏيندو ته کيس هڪ ڪولهي پنهنجي جوانن سان گڏجي ڪاتر، کانڀاڻين ۽ گليلن سان گوريلا جنگ لڙي فرنگين جون وايون بتال ڪري ڇڏيون هيون. انگريزن کي رڪ جا چڻا روپلي چٻايا هئا. امر شهيد روپلي ڪولهي کانپوءِ ان قبيلي مان ڪو شهرت يافته ماڻهو پيدا ٿيو ته يقينن اهو ڪامريڊ پارو ڪولهي هو.
    پاري نگر ويجھو ڳوٺ چڻيدا جو پارڪريو ڪولهي پارو مل ان دور ۾ هزارين مشڪلاتن باوجود علم حاصل ڪري ماستري جي نوڪري ورتائين. زندگي جو گھڻو عرصو نبي سرروڊ شهر ۾ گذاريائين. سنڌ جي مشهور هاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام محمد لغاري (ناگو) سان سندس سنگت کيس رٽائرمينٽ بعد عملي سياست ۾ آندو. ڪامريڊ پارو ڪولهي جئي سنڌ سان پڻ لاڳاپيل رهيو.
    1985ع اليڪشن ۾ ايم اين اي جي سيٽ تي فارم ڀرايائين. ان اليڪشن ۾ پورهيتن ماڻهن کيس شاندار موٽ ڏيندي اليڪشن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرايو. پهريون دفعو سنڌ جو هڪ حقيقي باشندو اسيمبلي ۾ پهتو. پارو ڪولهي جي اندر ۾ هن اڻبرابري واري سماج کان بغاوت ڀريل هئي. جنهن جو اظهار هي هاري اڳواڻ وقت به وقت پنهنجي لکڻين، شاعري، تقريرن، ڪچهرين ۾ به ڪندو هو. ڪامريڊ پارو ڪولهي شعلا بيان مقرر، موسيقي جو پارکو، رقص جو قدردان، اديب، شاعر هئڻ سان گڏ ڪامياب پارليامينٽرين هو. هن وٽ موسيقي جا سمورا ساز موجود هئا. جن ۾ هو ڪيترائي ساز وڄائي به ڄاڻندو هو. پارڪري رقص جو هو پاڻ وڏو ماهر هو. هو فقير منش ڪامريڊ ايم اين اي هوندي به اڪثر شادين ۽ محفلن ۾ ڏانڊيا رقص ڪري حاضرين کي حيران ڪري ڇڏيندو هو. هن جا 6 عدد ڪتاب لکيل آهن. جن ۾ هڪ ڇپيل ڪتاب “لوڪ ساگر جا موتي” ناياب هئڻ ڪري مارڪيٽ مان اڻلڀ آهي. هن جو مسڪين پورهيت انسانن جي تقدير کي بدلائڻ لاءِ ڪيل ڪوششون ۽ عملي جدوجهدون تاريخ جي ورڪن ۾ ڪڏهن به رائگان نه وينديون. هن پنهنجي وس آهر هاري طبقي ۾ وڏي سجاگي ۽ جاڳرتا پيدا ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ وڏو شعور آيو. ڪامريڊ رڻشال ڪولهي هن الستي ڪامريڊ جون ورسيون ملهائي کيس خراج تحسين پيش ڪندو رهندو آهي.

    ڪامريڊ مير محمد ٽالپر
    ڪامريڊ مير محمد ٽالپر ٽنڊي ڄام ۾ سال 1924ع ۾ مير غلام رسول جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن جو والد مير غلام رسول ٽالپر خاڪسار جماعت ۾ شامل هو. جڏهن ته سندس چاچو مير دوست علي خان پڻ ڪانگريس ۽ خلافت تحريڪ سان واسطو رکندڙ هو جنهن ڪري انگريز سرڪار کيس 3 سال جيل جي سزا پڻ ڏني.
    ڪامريڊ مير محمد جي سياسي تربيت ان ڪري ٿي جو سندس بابا ۽ چاچو اڳ ۾ ئي سياست ۾ هئا.
    ٽنڊوڄام ۾ ڪامريڊ عبدالقادر وارن سنڌ جي مسڪين ۽ مظلوم پورهيتن کي گڏ ڪري جلسا شروع ڪيا هئا. انهن ۾ ڪامريڊ ميرمحمد ٽالپر پڻ شريڪ ٿيندو هو. جتان سندس بنيادي سياسي تربيت ٿي. ڪامريڊ طب جي علم ۾ وڏو شوق رکندو هو جنهن ڪري هن طب جو علم حاصل ڪرڻ لاءِ لاهور جي ڪاليج ۾ داخلا ورتي. لاهور ۾ رهڻ ڪري هو لاهور جي سياسي اڳواڻن جون تقريرون ٻڌندو هو. بعد ۾ ڪامريڊ لاهور کي الوداع ڪري اچي نواب شاهه ۾ دواخانو کوليائين. پر ڪجهه عرصي ۾ سياست ۾ سرگرم ٿي ويو.
    انهي وقت ڪامريڊ هاسارام ۽ سندس ساٿين هارين ۾ جاڳرتا لاءِ نوابشاهه ۾ هاري جماعت جي دفتر کولي هئي. ڪامريڊ اتي ڦيرا ڏيندوهو ان اچ وڃ بعد پاڻ باضابطا طور هاري تحريڪ ۾ حصو ٿي ويو. ان وقت نوابشاهه ۾ رهندڙ وڪيل قاضي فيض محمد به هاري تحريڪ ۾ شامل ٿيو هو. هنن هاري رهنمائن جي ڪوششن سان نواب شاهه ۾ شاندار هاري ڪانفرنس ڪوٺائي هئي. جنهن ۾ هارين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي هئي.
    هارين جي ان ميڙ ۾ اهو فيصلو به ڪيو ويو ته اڌواڌ بٽئي جي تحريڪ هلائجي جيئن هاري کي اپت جو اڌ ملي. ان بعد هارين ۽ هاري ڪميٽي جي ورڪرن جا جٿا ڪري کرن تي ڌرڻا هڻي ويهي رهندا هئا ۽ زميندار کان پورو اڌ وٺندا هئا. اها تحريڪ سنڌ ۾ ذور شور سان هلي ڪاميابي ماڻي. بعد ۾ سنڌ اندر اڌواڌ بٽئي تي مزاحمتون به ٿيڻ لڳيو مائي بختاور جي شهادت به ان تحريڪ جو مثال آهي.
    ڪميونسٽ اڳواڻ جمال دين بخاري جڏهن نواب شاهه آيو هو ته هن ڪامريڊ ميرمحمد ٽالپر کي ڪميونسٽ پارٽي ۾ ميمبر ڪيو. ڪامريڊ ڪل وقتي ڪارڪن بڻجي ڪم ڪيو. ڪامريد غلام محمد ٽالپرتي پارٽي پاران ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڪم ڪرڻ جي ذميواري رکي وئي هئي. وڏي مشڪلاتن بعد کيس آفيس ملي جتي هن پورهيتن لاءِ ڪم جي شروعات ڪئي.
    عمر ڪوٽ سان تعلق رکندڙ سنڌ هاري ڪميٽي جو سيڪريٽري جان محمد پلي هارين جي آفيس ۾ اچي وهندوجتي روز ڪيترائي هاري شڪايتون کڻي آفيس ۾ايندا هئا. اهو لقا ڏسي تر جي زميندارن ڪليڪٽر کي چيو ته هڪ ميٽنگ گهرايو جنهن ۾ زميندارن ۽ هارين جا عيوضي ويهن، ڪليڪٽر ميٽنگ گهرائي جنهن ۾ هارين طرفان ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ جان محمد پلي شريڪ ٿيا. ان ميٽنگ ۾ زميندارن اها ڳالهه مڃي ته اسان اڌ بٽئي ڏينداسون ۽ هارين کي بي دخل به نه ڪنداسين.
    تنظيمي حڪم تحت ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جو ساٿي ڪامريڊ غلام محمد لغاري نبي سر روڊ وڃي رهيو. ان وقت اتي هارين سان وڏا ظلم هئا. انگريزن جي اسٽيٽ ڊيني سر ۽ قاديانين جي وڏي زمينداري ۾ هاري ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهيا هئا. ان وقت ڪامريڊ مير محمد ٽالپر ۽ ڪامريڊ غلام محمد لغاري پاڻ ۾ان ڳالهه تي متفق ٿيا ته ظالم جاگيردارن جي مقابلي ڪرڻ جو عزم ڪيو. جنهنڪري هنن نبي سر روڊ ۾ هارين جي آفيس کولي، جتي پڻ هارين جي وڏي رش ٿيندي هئي. هنن ڪامريڊن ڳوٺ ڳوٺ گام گام ۾هارين کي سجاگي جا سڏ ڏنا تنظيم ڪاري ڪري هارين کي متحد ڪيو. اهڙي سرگرمي مڪامي چوڌرين ۽ قاديانين کي نه وڻي. انهن جتن ڪيا ته ڪيئن به ڪري هنن ڪامريڊن کي جڪڙ ۾ آڻجي. سرڪار سڳوري هوشياري سان ڪامريڊ مير محمد ۽ ڪامريڊ غلام محمد کي سيفٽي ايڪٽ ۾ گرفتار ڪري حيدرآباد جيل ۾ ٽي مهينا قيد رکيو. پرپوءِ به پورهيتن جدوجهد هلندي رهي. ان وقت ٿرپارڪر ضلعي جي ٿر ۾ بارشون نه وسڻ ڪري سخت ڏڪار آيل هو. جنهن سبب ٿرواسي بدحالي جو شڪارهئا. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر ۽ ڪامريڊ غلام محمد لغاري ٿرجي دوري تي ويا ته مسڪين ماروئڙن شڪايتون ڪيو ته امدادي اناج آفيسر ۽ واپاري ملي ڀڳت ڪريو کايو وڃن. مستحق غريبن کي داڻو به ڪونه ٿو ملي. جنهن بعد هنن ڪامريڊن ٿر جي مختلف شهرن ۾ جلسا ڪيا جنهن ۾ ٿرواسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ملوث ڪامورن جي ڪردار کي پڌرو ڪيو. جنهن ڪري آفيسرشاهي کي هنن تي وڏي ناراضگي هئي. ٽنڊي جان محمد ۾ هارين واري جلسي ۾ تقريرڪرڻ تي بغاوت جو ڪيس درج ڪيو ويو. اسپيشل ڪورٽ ميرپورخاص ۾ اهو ڪيس پنج مهينا هليو ۽ هنن ڪامريڊن کي ڇهه سال جيل جي سزا ڏني وئي. اها سزا هنن حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ گذاري.
    ڪامريڊ مير محمد ٽالپر پ پ سنڌ جو پهريون جنرل سيڪريٽري ٿيو. هو پ پ باني ميمبرن مان به هڪ هو. هو اُن وقت شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کي به اصولن جي بنيادن تي منهن تي سچ چئي ڇڏيندو هو. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر 70 واري ڏهاڪي ۾ اچي ٽنڊوڄام وسايو. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر 6 ڪتاب لکيا. جنهن ۾ “آديسي اُٿي ويا”، “پُڇاڻو”، “اکين ڏٺو ڪنن ٻڌو” “وٺ روڪڙو جواب”، “ڪارا منهن، موچارا منهن”، ۽ “يادگيرين جو سفر”، شامل آهن. سنڌ ڌرتي جو هي سپوت پٽ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر 16 اپريل 2013ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.

    سائين فيض محمد ٽالپر
    عوامي تحريڪ جو بنيادي ڪارڪنن مان ڪي شخص اڃان به مڙس ٿيو ميدان ملهائن پيا انهن مان سائين فيض محمد ٽالپر به هڪ آهي. سائين فيض محمد ٽالپر منهنجي انقلابي استادن جو به استاد آهي. سندس علم جي ڇا ته ڳالهه ڪجي، وٽس مختلف ٻارنهن عدد تعليمي ڊگريون آهن. هو روس، چين، ڪيوبا، وينزويلا، ويٽنام سميت دنيا جي انقلابن تي ائين ڳالهائيندو آهي ٻڌڻ وارا حيران رهجو وڃن. ڄڻ هو چيچ مان جهلي روس ۽ چين ۾ لينن ۽ مائو سان ملائيندو هجي. هي جهونو ڪامريڊ به ٽالپر گھراڻي جو فرد هئڻ ڪري وٽس نوڪري (رٽائرڊ) ۽ ڪجهه ٻني به آهي. پر ان جي باوجود هو سڄي حياتي ارام پسندي جو سخت خلاف رهيو آهي. جهڏي جو فيڊل ڪاسترو سنڌ م انقلاب جو ٻج پوکيندڙ سياسي ڪارڪن آهي. گھڻو ڪر ي سموري سنڌ هن پيرين پنڌ هلي پورهيتن کي متحد ڪيو آهي. سائين فيض محمد ٽالپر ڪيترن ئي هاري اڳواڻن جو انقلابي استاد آهي. جيڪي کيس نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان پيش اچن ٿا. مون خود استاد پليجو صاحب کي جهڏو پاڻي ڪانفرنس واري جلسي ۾ سندس آجيان ۾ بيهندي ڏٺو. اهڙو شرف هر ماڻهو جي نصيب ۾ ڪٿي؟ جڏهن دنيا جا پورهيت هڪ ٿيندا. انقلابي اڳواڻن جو ڪيل جدوجهدون رنگ لاهينديون، مظلوم انسان جاگيردارن جي قيد مان آزاد ٿيندا، پورهيت زنداه باد جو نعرا لڳندا تڏهن سائين فيض محمد ٽالپر جي جدوجهد تاريخ ۾ پاڻ ڳالهائيندي.

    سچائي منزل وارو ڪامريڊ غلام محمد لغاري (ناگو)
    ڪامريڊ غلام محمد لغاري پنهنجي سموري زندگي مسڪينن، مظلومن، هارين ۽ مزدورن جي حقن واري جدوجهد ۾ وقف ڪئي. هي اهو مانجهي مرد هو جنهن جي جواني کان وٺي مرڻ تائين سمورا ڏينهن مسڪين ماڻهن جي حقن لاءِ ڏاڍن سان جهيڙندي گذاريا. ڪامريڊ اهڙو ته مڙس مٿير هو جيڪو ڪڏهن به ڏاڍ اڳيان نه جهڪيو. ڪامريڊ پاڻ به هڪ پورهيت جو پٽ هو. ڪامريڊ غلام محمد لغاري ٻارنهن سال جي ڄمار ۾ آزادي واري علامه مشرقي جي خاڪسار تحريڪ ۾ وڃي شامل ٿيو. خانيوال اسٽيشن تان ٻين خاڪسارن سان گڏ انگريز فوج مزاحمت کان پوءِ زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيو ۽ ملتان جي جيل ۾ ويو. کيس چار سال سخت پورهئي ساڻ سزا آئي. جيل ۾ کيس ڪيترائي نالي وارا ماڻهو مليا خاص طور مشهور ڪميونسٽ هاري اڳواڻ ڪامريڊ موني سنگهه به شامل آهي. ڪامريڊ جيل ۾ انگريزي اي بي سي پڙهي، مارڪسي نظريي سميت هارين جي پيڙائن لاءِ پتوڙڻ جو گس به کيس نظرياتي مطالعي مان مليو. ڪامريڊ غلام محمد مدرسي جو پڙهيل هو. جنهن ڪري کيس ڦارسي ۽ عربي جي چڱي ڄاڻ هُئي. ڪامريڊ جو والد محمد خان لغاري ملاقات دوران کيس متوجهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين ته ڪامريڊ جي آزادي لاءِ ملتاني پير سان ڳالهايو آهي. هو رڳو کيس معافي لکي ڏي پر ڪامريڊ جيل قبولي پر انگريز سرڪار کان معافي نه ورتائين اُتي جيل ۾ کٽن ڪو واڻ ۽ نوار ٺاهڻ وارو پورهيو ڪندي سخت گرمين ۾ ٽي بي اچي وڪوڙيو جنهن سبب ڪامريڊ جسماني طور صفا هيڻو هوندي به سندس جذبا جوان هئا.. 1940ع ۾ ڪامريڊ چار سال جيل جي سزا ڪاٽي آزاد ٿيو.
    گهڻا ماڻهو جيل ڪاٽڻ بعد مايوسين جي ڪُن ۾ ڦاسي پو ندا آهن پر هن ڪامريڊ جو همت ۽ حوصلو ويتر وڌي ويو. اهو پروڙ ان مان پوي ٿي ته ڪامريڊ غلام محمد لغاري زندگي جا 24 سال ست مهينا مختلف جيلن ۾ گذاريا. جن ۾ عمرڪوٽ، ميرپورخاص، حيدرآباد، ڪراچي، ڪوٽ لکپت، خيرپور، سکر، ملتان، ساهيوال، فيصل آباد ۽ لاهور جو قلعو جيل شامل آهن. هن جو گناهه فقط پورهيت غريبن، مسڪينن، هارين، مزدورن، ۽ مظلومن جي حقن خاطر ظالمن ۽ ڏاڍن سان ويڙهه ڪندو رهيو. هن پنهنجي حسين حياتي پورهيتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندي گذاري ڇڏي. ڪامريڊ پنهنجي پيءَ ۽ امڙ جي وفات وقت به جيل ۾ هجڻ ڪري سندن ڪلهي ڪانڌي نه ٿي سگهيو.
    ڪامريڊ غلام محمد لغاري جو نالو سنڌ لاءِ باعث فخر آهي. ڪامريڊ بنان ڪنهن ذات، پات، مذهب، رنگ، نسل جي فقط انسانيت جي بنياد تي مظلوم پورهيتن جو ساٿ ڏيندو هو. هو ڪنهن ڏاڍي اڳيان جهڪيو ڪون. مال ميڙڻ ۽ ڌن دولت ٺاهڻ جي خلاف هو. مزدور بنجي پن جون ٻيڙيون ٻڌائين. پورهيتن سان گڏجي مزدوري ڪيائين. پر ڪنهن وڏي ماڻهو جي ڪاڻ نه ڪڍيائين. سدائين غاصبن سان سندس جهيڙو رهيو. ان ڪري کيس جيل کان علاوه به ڪيئي اذيتون سهڻيون پيون. طاقت جي نشي ۾ ڌت ڏاڍن جي حوارين مٿس حملا ڪيا. ساڻس جهيڙن ڪرڻ کان علاوه کيس قتل ڪرڻ لاءِ مٺائي ۾ زهر ملائي ڏنو ويو. باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کان پوءِ ڪامريڊ غلام محمد لغاري جو هاري تحريڪ ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي. اڌ بٽئي تحريڪ دوران شهيد مائي بختاور لاشاري جي شهادت تي پڻ ٻين ساٿين سان گڏ ڪامريڊ غلام محمد لغاري سرزرمين تي پهتو هو ۽ بااثر ڌر هجڻ باوجود ڪيس داخل ڪرائڻ قاتلن کي سزا ڏيارڻ تائين ڪامريڊ غلام محمد ڪوشش ڪئي. ۽ اڌ بٽئي جو قانون پاس ڪرائڻ لاءِ به ڪامريڊ جي جدوجهد هئي.
    ڪامريڊ غلام محمد لغاري ميرپورخاص ۾ سچائي منزل تي رهائش اختيار ڪئي. انهي سچائي منزل تي سياسي، ادبي دوستن جو ميڙ متل هوندو هو ته ڪيئي ستايل هاري ۽ مزدور پنهنجي درد ڀري دانهن کڻي ڪامريڊ وٽ ايندا هئا ۽ ڪيترن شاگردن پڻ سچائي منزل تي رهي تعليم حاصل ڪي. ٿر ۾ ڏڪار آيو ته سچائي منزل وٽ هوٽل کولي جنهن ۾ مسڪين ماڻهن کي آني ۾ دال ماني ملندي هئي. 1968ع ۾ مرحوم مير رسول بخش ٽالپر پارٽي جو بنياد وجهڻ لاءِ ميرپورخاص آيو ته هڙئي مير پير صدر ايوب خان جي ڊپ مان لڪي ويا، پوءِ نيٺ سچائي منزل تي اجلاس ڪري پارٽي جو بنياد رکيائون، نتيجي ۾ ڪامريڊ يارهن مهينا جيل ۾ گذرايا.
    ڪامريڊ تقرير جي فن جو ماهر هو. هو پرجوش انداز ۾ عوام سان مخاطب ٿيندو هو ته ظالم وڏيراشاهي ۾ ٻڙدڪ مچي ويندي هُئي. ڪامريڊ لغاري ميرپورخاص مان هفتيوار سچائي ۽ بيداري اخبارون باقاعدگي سان شايع ڪندو رهيو، لاتعداد دفعا اخبارن تي بندش، پريس جي ضبطگي ۽ جيلون ڀوڳيائين. ڀٽي سرڪار جي ڏينهن ۾ گرفتاري جا وارنٽ نڪرڻ سبب ڪوئيٽا ۾ جلاوطني جي حياتي گذاريائين ۽ اتان کان به روزانه سچائي اردو ۾ جاري ڪيائين ۽ پاڻ ميرپور خاص پريس ڪلب جي بنيادي ميمبرن مان آهي.
    ڪامريڊ لغاري ته جيل مان به ميرپورخاص ميونسپل جو ميمبر ۽ آخري ڀيرو 1980ع ۾ ضلع ڪائونسل ميرپور خاص جو ميمبر چونڊيو ويو هو. سندس سٿ جا ساٿي خان غفار خان، مولانا ڀاشاني، شيخ مجيب، جي ايم سيد، ولي خان، ، سي آر اسلم، مرزا ابراهيم، سجاد ظهير، قصور گرديزي، مفتي محمود خير بخش مري، غوث بخش بزنجو، عطاالله مينگل، اڪبر خان بگٽي، شاهه مردان شاهه پاڳارو، ڪيرت ٻاٻاڻي، سوڀوگيانچنداڻي ۽ ٻيا سوين سياستدان، اديب، شاعر، فنڪار، ڪارڪن وغيره شامل هئا. ڪامريڊ پنهنجي طبيعت ۾ طنز و مزاح سان ڪچهري کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندو هو. سندس ڪچهرين جو اکين ڏٺو احوال چاچو غلام محمد لاشاري زبردست نموني سان ٻڌائيندو آهي. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، مير علي بخش ٽالپر، مولانا عبدالحق رباني ۽ ڪامريڊ روچي رام، حيدربخش جتوئي، قاضي فيض محمد، مير رسول بخش ٽالپر، سان هن پورهيت رهنما جا محبتن وارا رشتا هئا.
    14 آڪٽوبر 1982ع تي دل جو دورو پوڻ سبب غريبن، مسڪينن، هارين مزدورن ۽ مظومن جو ساٿي، سنڌ ڌرتي جو هي سپوٽ پٽ لاڏاڻو ڪري ويو.

    غلام مصطفى لغاري
    ڪامريڊ غلام مصطفى لغاري توڙي جو ميرپورخاص تر جو چڱو خاصو زميندار هوندي به هن فقير منش انسان پورهيتن جو پاسو ورتو. هُن پنهنجي حياتي ۾ قائدانقلاب محترم رسول بخش پليجو جو پارٽي ۾ سرگرم رهيو آهي. هارين جي جدوجهد ۾ ميرواهه لڳ هڪ ظالم زميندار جي ظلم جو شڪار 450 هارين جو ڪيس لڙي کين پنهنجي ٻني ۾ لڏائي وهاريو. پورهيتن جو هر طرح جو تحفظ ڪيو. جنهن چار ايڪڙ ٻني ۾ ڪامريڊ غلام مصطفى لغاري انهن هارين کي رهائش ڏني اها ٻني ڪيلو پوکڻ لاءِ سنوت ۾ آندي وئي هئي پر جڏهن هن هارين کي دربدر ڏٺو ته کين پنهنجي ٻني ۾ پناهه ڏني. هن جو چوڻ آهي ته هاري اڌ جو ڀائيوار هوندي به ڏکي زندگي گذاري ٿو. سندن ٻچا نسل در نسل عذاب ڀوڳين ٿا. زميندار طبقي کي گھرجي ته هارين کي پنهنجن ٻچن جيئن سمجهن.
    مون ڪامريڊ غلام مصطفى لغاري کي پارٽي جي سڏ تي سدائين جدوجهد جي ميدان تي ثابت قدمي سان اڳين صفن ۾ ڏٺو آهي. سنڌ جي هر سڏ تي وطن جي حقن جي حاصلات لاءِ، پاڻي جي جدوجهد، ٻٽو نظام، هارين جي حقن جدوجهد سميت عدليه بحالي تحريڪ ۾ سندس ڪردار تاريخ ۾ شاندار حيثيت سان ياد ڪيو ويندو. 12 مئي 2007ع تي جڏهن اسان چيف جسٽس افتخار چودري ۽ پليجو صاحب جي ريلي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ويندي کورواهه تان کنڀجي گولاڙچي ۾ واڙيا ويا هئاسين ان ئي ڏينهن ڪراچي ۾ مشرف ۽ الطاف حسين پاران انساني رت جي هولي کيڏي وئي هئي. ان هولي ۾ ڪامريڊ غلام مصطفى لغاري گولين جي وسندڙ مينهن سينو سُپر ڪيو ڪراچي جي روڊن تي دهشتگردن کي للڪاري رهيو هو. هُن جي همت کي سڄي سنڌ ٽي وي تي لائيو ڏسي رهي هُئي. هو انصاف جي بحالي لاءِ پارٽي جو لال جهنڊو جهولائيندو مسلسل اڳتي وڌي رهيو هو، ان سمي ٽي وي تان سندس شهادت جي خبر به هلي وئي. پر ڪلاڪ پوءِ ان جي ترديد ڪري سندس زنده هجڻ جي خبر هلائي وئي پر جيڪا گولي ڪامريڊ غلام مصطفى لغاري لاءِ آئي پئي ان جي اڳيان سنڌ جو عظيم شهيد سورهيه پٽ نواز ڪنراڻي اچي ويو. سو ڳالهه جو حاصل مطلب ته ڪامريڊ غلام مصطفى لغاري وٽ ايترو رزق آهي جو ويهي رڳو پيو کاهي تڏهن به کُٽڻ جو ڪونهي. پر هو فڪر پليجو جو سچو سپاهي آهي، بيمارين ۽ مشڪلاتن ۾ به پارٽي جي سڏ تي حاضر رهبو. سندس پورهيتن جي جدوجهد هاري تحريڪ جي تاريخ ۾ کيس سرخرو ڪندي.

    ڪامريڊ الهڏتو لغاري
    ڪامريڊ الهڏتو لغاري جهڏي لڳ ڳوٺ نورمحمد لغاري جي ڳوٺ جو رهواسي هو. هُن سڄي حياتي پيرين پنڌ هارين ۾ گھر گھر وڃي جاڳرتا پيدا ڪري کين سجاگي جو سڏ ڏنو. مونکي عوامي تحريڪ ۾ عملي طرح توڙي جو ساٿي اياز کوسي آندو پر تربيت ڪندڙ استادن ۾ ڪامريڊ الهڏتي لغاري جو وڏو هٿ آهي. ڪامريڊ الهڏتي لغاري سان کوڙ ساريون يادون وابسطه آهن. اسان جدوجهدن جي سفر ۾ ڪيترائي گڏيل پنڌ ڪياسين. تنظيم سازي لاءِ ڳوٺ، گام، واهڻ، وستيون، شهرن جا سفر ڪياسين. پر خاص طور يادگار پنڌ ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي جو 46 ڏينهن وارو لانگ مارچ هو. طبعيت جي ناسازي باوجود هو لکڻي ڪميٽي ۾ پنهنجي ذميواري انقلابي ايمانداري سان نڀائي آيو. ڪامريڊ الهڏتو لغاري به بنيادي طور نهايت غربت واري حياتي گھاري پنهنجي محنت ۽ پورهيي سان زميندار ٿيو. پر هو آخري گھڙي تائين پورهيتن جي حقن لاءِ وڙهندو رهيو. ڪامريڊ الهڏتو لغاري هاري زميندار جي تضاد ۾ ڪنهن به ريت ڪيس ۽ ڦڏن فسادن جي حق ۾ نه هو، ان حوالي سان سندس موقف هوندو هو ته پهرين راڄوڻي جون ڪوششون ڪجن، ٻئي ڌريون ٺهي وڃن ته ٺيڪ آهي نه ٻيلي ڪيسن وارا ڪامريڊ اسان ڪونه آهيون. جنهن ڪري هن پنهنجي حياتي ۾ هارين ۽ زميندارن جا سوين انصاف ڀريا فيصلا ڪيا. ان ئي سبب کيس عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو.

    خيرمحمد لغاري
    خيرمحمد لغاري ولد احمد خان لغاري ڳوٺ سعيد خان لغاري ويجهو ڏهون ميل ميرواهه ضلعو ميرپورخاص. هن مهان مڙس جو نالو ٻڌندا اچون. ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي نالي جي شهرت لاءِ به جوتون ڏيندا آهن. پر ان معاشري ۾ خيرمحمد لغاري جهڙا پورهيت دوست انقلابي ماڻهو ٿي گذريا آهن. جيڪي سمورا سياسي ڪم پردي پويان ڪندا هئا. عوامي تحريڪ جا جلسا، جلوس ۽ سياسي پروگرام ٿيندا هئا. پر خيرمحمد لغاري ڪڏهن به اسٽيج تي نه آيو هر پروگرام ۾ حاضر هجبو پر هجبو جلسي جي پويان. پروگرام ختم ٿيو. خرچ ڪيترو آيو. اهو رڳو خيرمحمد لغاري کي ڪن ۾ ٻڌائڻو پوندو هو. يعني پورهيتن جي تاريخي جدوجهد ۾ هو پورهيتن جا حق غصب ڪندڙ سماراج سان گڏ بيهڻ بجاءِ مسڪين مظلوم اٻوجهه هارين سان گڏ بيٺو رهيو. اهو ئي سندس عظمت جو وڏو مثال آهي. جنهن کيس تاريخ جي ورقن ۾ زنده رکيو آهي. تمام ٿورڙا ماڻهو اهرا هوندا آهن. جيڪي ظاهري طور ته صفا عام ۽ ساڌڙا نظر ايندا آهن. پر انهن جو سياسي پورهيو، خدمت، جدوجهد شاندار هوندي آهي. خيرمحمد لغاري به اهڙن مٿير مڙسن مان هو.

    ڊاڪٽر دلدار لغاري
    مون پنهنجي زندگي ۾ ڪجهه ڪميٽيد سياسي ورڪرن کي ويجهي کان ڏٺو آهي. انهن سان گڏ جدوجهدون ڪيون آهن. انهن کي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر انهن ٿورڙن ماڻهن ۾ ڪنگوري لڳ ڳوٺ دودو خان لغاري جو ڊاڪٽر دلدارلغاري ولد گل حسن لغاري به شامل آهي. جيڪو عام زندگي ۾ ٿورڳالهائو ماڻهو آهي، هن شخص سدائين ڊگھي ڳالهين بجاءِ عملي ڪم کي اهميت ڏني آهي. هن جي سياسي زندگي جي شروعات 1983ع (ايم آر ڊي تحريڪ جو زمانو) ايل ايم سي مان ٿي. جتي بدر چنا کيس سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ شامل ڪيائين. پوءِ اهو سياسي نيهن جو ناتو حياتي ڀر جو ناتو ٿي ويو. ڊاڪٽر دلدارلغاري اهو عشق اڃان نڀائيندو اچي. ايم بي بي ايس ڊاڪٽر ٿيڻ کان پوءِ هن جا ٻيا ڪيترائي ساٿي مال گڏ ڪرڻ جي جدوجهد ۾ جنبي پيا پر هي الستي انسان پورهيتن جي جدوجهد ۾ اڄ ڏينهن تائين انقلابي ايمانداري ۽ سچائي سان ثابت قدم رهيو آهي. ان ڪنڊن جي سيج تي هن سياسي انتقامي ڪاروايون ڀوڳيون.
    هارياڻي مشو ڪولهڻ جي هاءِ پروفائيل ڪيس ۾ هي شخص ظالم جاگيردار سامهون هماليا بڻجي بيٺو رهيو. ان وقت ۾ هڪ نام نهاد ٽرانسپورٽر جي بس ڳوٺاڻن جي بيل گاڏي کي ٽڪر هڻي پنجن پورهيتن کي پڙ تي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو هو. ان وقت ڊاڪٽر دلدارلغاري متاثر پورهيتن سان گڏ بيٺو رهيو. ان کان علاوه ان تر ۾ ظالم جاگيردار زميندارن پاران مسڪين پورهيتن سان ظلمتن جي عروج وارو زمانو هو. ان دوران روز هارين سان انياءُ جون انيڪ وارداتون ٿينديون هيون. پورهيتن جو پاسو وٺڻ ڪري ڀوتار هن ڪامريڊ ڊاڪٽر دلدارلغاري تي تمام گھڻا ڏمريل هئا. انتقامي ڪارواين جي نتيجي ۾ بدمست ظالم وڏيراشاهي کيس ڌاڙيلن هٿان اغوا ڪرائي ڇڏيو. ڌاڙيل ڪيمپ ۾ هن قيامت جهڙا 35 ڏينهن سخت ذهني توڙي جسماني ٽارچر ۾ گذاريا. ان وقت عوامي تحريڪ سندس بازيابي لاءِ جيئن احتجاج شروع ڪيا. تيئن ڌاڙيل ڊاڪٽر دلدارلغاري تي سختين جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا. ڳالهه اُتي وڃي پهتي جو سندس حياتي سخت خطري ۾ اچي وئي. جنهن ڪري سندس زندگي کي ظالم جي چنبن مان آزاد ڪرائڻ خاطر وري احتجاجي تحريڪ کي ٿڌو ڪرڻو پيو هو. بازيابي بعد گھڻن ماڻهن جي ذهن ۾ هو ته هاڻ همراهه غريبن واري جدوجهد تان هٿ کڻي ويندو. پر ٿيو بلڪل ان خيال جي اُبتڙ، همراهه مهينو کن آرام ڪري وري ساڳيو ڳن ساڳيو ڪهاڙو. ڊاڪٽر دلدارلغاري مسڪين هاري جي جدوجهد جتان ڇڏيائين اُتان شروع ڪري وري سڀن کي حيران ڪري ڇڏيائين. يعني ثابت اهو ٿيو ته جدوجهد جي ميدان جو هي ڪارونجهر پهاڙ هٽائڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. اسان جا ماني مڇي وارا ڪامريڊ دوست واقعي جس لائق آهن. جيڪي توڙي جو مال ملڪيت وارا هوندي به پنهنجو ڪلاس تبديل نٿا ڪن. هنن جو اُٿڻ وهڻ وري به پنهنجي سماج جي مسڪين ۽ مظلوم ماڻهن سان آهي پر ڊاڪٽر دلدار لغاري جهڙا ڪيترائي دوست آهن جيڪي ته عملي جدوجهد ۾ پورهيتن سان گڏ هوندا آهن.

    ايڊوڪيٽ غفار ناريجو
    ڪامريڊ غفار ناريجو اصل ڪنڊياري واري پاسي جو رهواسي آهي. پر سندس گھڻو لڳ لاڳاپو ميرپورخاص سان رهيو آهي. مون ڪاري ڪوٽ ۾ جيڪو من جو اڇو ماڻهو ڏٺو سو ڪامريڊ ايڊوڪيٽ غفار ناريجو آهي. پئسن سان (في) وارا ڪيس ته هن وٽ برابر گھڻا آهن. پر اسان پنهنجي حياتي ۾ سدائين کيس مسڪين پورهيتن جا ڪيس ڏنا جيڪي هن بنا ڪنهن فيس جي لڙي کٽي ڏنا. ميرپورخاص ۾ غفار ناريجو ويٺو آهي ته معني پورهيتن کي پرواهه ناهي. مظلومن سان لاڳاپيل هر اشو تي سندس آواز ضرور بلند ٿيندو آهي. جهڏي ۾ ظلمتن جو شڪار ڪيترائي هاري پورهيتن جا ڪيس اسان جي پارٽي اڄ به وڪيل غفار ناريجي ڏانهن موڪليندي آهي. مسڪين پورهيت هاري ۽ مزدورن جي حقن جي جدوجهد، عدليه بحالي تحريڪ، سنڌ ۾ ٻٽو نظام، ڌارين جي آبادڪاري جي خلاف پنهنجي پارٽي عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان وڪيل غفار ناريجو سچو پچو مڙس ماڻهو ٿي ثابت قدمي سان جاکوڙيو آهي. پورهيتن لاءِ سندس جدوجهد ۽ جاکوڙ تاريخ ۾ اوچي ڳاٽ سان لکيل هوندي.

    اياز کوسو
    ڪامريڊ اياز کوسو بنيادي طور جهڏو شهر جو رهواسي آهي. مونکي عوامي تحريڪ ۾ وٺي اچڻ وارو پهريون انقلابي استاد آهي. هي ڪامريڊ هاءِ اسڪول جهڏو ۾ سائين فيض محمد ٽالپر جي تربيت جي نتيجي ۾ سياست ۾ پختائي سان ڄمي بيٺل رهيو آهي. ڪيترائي واهه گُھليا پر هو نه لڏيو. ڪامريڊ اياز کوسو فڪر پليجو جو سچو سپاهي آهي. ڪامريڊ اياز کوسو سنڌ جي هارين جي انقلابي تنظيم سنڌ هاري تحريڪ جو مرڪزي صدر رهيو آهي ان پليٽ فارم تان ڪامريڊ اياز کوسي سڄي سنڌ ۾ تنظيم سازي لاءِ ڪارونجهر جا پٽ، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، ڪيٽي بندر، عمرڪوٽ کان ٺٺي تائين واهڻ، وستي، ڳوٺ، گام، شهر ۽ ٻهراڙيون لتاڙيون آهن. هن گھٽي گھٽي ۾ سنڌ جي پورهيتن کي جاڳرتا جا هوڪا ڏنا آهن. پورهيتن جو پاسو وٺڻ جي ڪري ظالم وڏيراشاهي جي من تي هي ڪامريڊ مڱ ڏريندو آهي. مونکي هن سان جدوجهدن ۾ هلندي ويهه سال ٿيا آهن پر هن جي وات مان پورهيت، انقلاب ۽ پارٽي کان سواءِ ٻي ڳالهه ٻيلي مون ڪونه ٻڌي.
    سندس حياتي جو هر پل سنڌ وطن جي اٻوجهه ۽ مسڪين پورهيتن جي حقن لاءِ عملي جدوجهد ڪندي گذري ٿو. ڪالاباغ ڊيم ۽ گريٽر ٿل ڪينال کان ويندي سندس ٻني واري شاخ بگي مائنر تائين پاڻي جي جدوجهد ۾ سڀن کان اڳيان رهيو آهي. ڪامريڊ اياز کوسو سنڌ تي ٿيندڙ هر وار خلاف پنهنجن ٻچن سميت جدوجهد جي ميدان تي ملهائڻ وارو ماڻهو آهي. سنڌ جي پورهيت هارين لاءِ سندس کنيل وکون انقلاب جي پيچرن طرف وينديون. شال ان راهه تي سندس جدوجهد سڦل وڃي. هن وطن تي انقلاب جو روشن سج اُڀري، مظلوم ۽ پورهيتن جي فتح ٿئي. دوکي جي ديوار ڪري پٽ پوي۔

    ميرواهه گورچاڻي جا هاري اڳواڻ
    ڪامريڊ ڪرڙ رٻاري، خوشحال ميگھواڙ، ڪامريڊ شگن هي ٽي ساٿي هتي پورهيتن جا ڀرجھلا رهيا آهن. ڪنهن به پوريهت هاري سان ظالم وڏيراشاهي سان ڪا ظلم ۽ زيادتي ٿيندي ته هي ميرواهه ۾ سڀ پهرين ڀير تي ڏونڪو هڻي ميدان تي ايندا. سندن اهڙي سياست جي ڪري هي سدائين نشان تي رهيا آهن. آسپاس جا مير، پير، ڀوتار، ايم پي اي، ايم اين اي سينيٽر ڪن هڻندا آهن. هنن عوامي تحريڪ جي پليت فارم تان سنڌ لاءِ جدوجهد جا ميدان ملهايا آهن. هنن کي ظالم جاگيرداري جو ڪو سڪو خريد ناهي ڪري سگهندو. سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ ميرواهه جا هي ٽئي ڪامريڊ اڳين صِفن ۾ نظر ايندا آهن. عهدي ۽ شهرت جي بيماري کان بچيل هي هاري اڳواڻ هاري تحريڪ ۾ هڪ شاندار مثال آهن. جن تي سڄي سنڌ فخر ڪري ٿي۔
    ***


    پورهيت جدوجهد ۾ ايمان پڪو رکن

    “ڪائنات جو وجود تضاد تي آهي” ان ڳالهه کي ڪير رد نٿو ڪري سگھي. ڪائنات ۾ ٻه قوتون آهن جنهن کي ظالم ۽ مظلوم چيو ويندو آهي. انهن ٻنهي قوتن وچ ۾ حقن تان پيدا ٿيل تڪرار ئي اهو تضاد آهي. جنهن کي صديون گذري ويون آهن پر اهو تضاد جيئن جو تيئن هن ڪائنات تي پنهنجي جاهه ۽ جلال سان موجود آهي. ظالم پاران مظلومن جا حق غصب ڪرڻ جي روايت به ڪائنات جي وجود جيتري تاريخ رکي ٿي. مزاحمت ڪرڻ انسان جي فطرت ۾ شامل آهي. ظلم، جبر، انياءُ، ناانصافي، بربريت خلاف جدوجهد نه ڪرڻ ۽ خاموشي اختيار ڪرڻ اڻ اعلانيه طور جابر قوتن جو ساٿ ڏيڻ جهڙي ڀاڙيائي آهي. جدوجهد ڪرڻ وقت ڪڏهن به ڪونه سوچبو آهي ته ظالم ڪيترو ڏاڍو مڙس ۽ طاقتور آهي. پر ڏسڻو اهو آهي ته اسان جابر جي سامهون مستقل مزاجي سان بيهڻ جي ڪيتري صلاحيت رکون ٿا؟ اسان جو جدوجهد ۾ ايمان ڪيترو مضبوط آهي؟
    دنيا جي سموري تاريخ هيڻن طبقن جي جدوجهدن سان ڀري پئي آهي. هر دؤر ۽ هر زماني ۾ پورهيتن جون تحريڪن پنهنجي حال سارو ظالم قوتن کي للڪاريو آهي. اها للڪار سرخ انقلاب جو سج اُڀارڻ جو سبب بڻي آهي. ظالم سامراج جا ڀاري برج ڊهي پٽ پوڻ جي تاريخ به موجود آهي. اها ئي تاريخ اُتساهه آهي هن پرٿوي جي پورهيتن لاءِ “ٿي تند وڙهي تلوارن سان” جو مثال به من اندر ۾ بغاوت جو علم بلند ڪري ٿو. هن دنيا جا سمورا ٻاريل، ساڙيل،ڌڪاريل،لٽيل، مسڪين، مظلوم ۽ پورهيت انسانن ان ڳالهه ۾ يقين رکن ته سندن ٻڌي، اتحاد، يڪجهتي، جدوجهد سان پنهنجا وڃايل وسيلا ۽ حق حاصل ڪري سامراج کي شڪست ڏيئي سوڀ حاصل ڪري سگهجي ٿي. سنڌن جدوجهد ئي سامراج جي ڄار مان نجات جو اهم ذريعو آهي. سندن جدوجهد ئي کين فتح سان همڪنار ڪندي، پورهيتن جي جاکوڙ ۽ جدوجهد ئي آجپي جو گس آهي.
    ***


    ڌرتيءَ ڌڻيءَ لاڏائو پورهيت

    زماني جون کوڙ ساريون اهم ڳالهيون جن سان ڪائنات جي ڪروڙين ڦريل، لٽيل، پيڙهيل، مسڪين ۽ مظلوم انسانن جي تقدير کي بدلائي سگھجي ٿو، انهن ڪارائتين ڳالهين کي پورهيت دشمن سامراجي قوتون هڪ گهري سازش تحت ,گوڙ، شور، هُل، هنگامون ڪري پورهيتن جي اُن ٻڌي ۽ اتحاد جي سڏ کي دٻائي، ڌمڪائي، اکيون ڏيکاري ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون رهيون آهن. مسڪين ماڻهو جڏهن گڏجندا آهن ته کين ڪهڙي چال چلي انهن پورهيتن ۾ ويڇا وڌائي سندن تاريخي اتحاد کي خطرناڪ نقصان رسايو وڃي ؟
    سموري تاريخ ۾ ڌرتيءَ ڌڻين سان جيڪو ظلم، بربريت، ناانصافي، اڻبرابري، انياءُ ۽ انڌوڪار ڪئي وئي، ان جبر، ڏاڍ ۽ ستم جو حساب ڪير ڏيندو؟ اهو حساب ڪير چڪتو ڪندو؟ اهو حساب ڪنهن کان ورتو ويندو؟ ڇا دنيا جي تاريخ ۾ ڪي اهڙا مظلوم ماڻهو آهن جن صدين جي ظلمتن جو پلاند نه ڪيو هجي؟ جن بغاوت نه ڪئي هجي؟ ظالم ۽ مظلومن ۾ موجود تضاد ئي انقلاب جو سبب بڻجن ٿا. تاريخ جو مزاج پنهنجو هوندو آهي. تاريخ ۾ هر ان هاڪاري ڪم جي مخالفت ڪري تضاد پيدا ڪيو ويندو رهيو آهي، اهو تضاد ئي ڪائنات جي وجود جي بقاءُ جو مثال آهي. تضاد ئي سمجهه، هوشياري ۽ جاڳرتا پيدا ڪندا آهن، تضاد سان اکيون کلن ٿيون ۽ اکيون کلڻ سان روشني پسجي ٿي، ۽ روشني ئي حياتي جو اهم جُز آهي. ڪيتريون ئي ڳالهيون مظلوم انسانن جي گھڻائي جي فائدي ۾ هونديون آهن. جنهن سان مظلوم انسانن جي تقدير کي پرامن جمهوري انداز سان بدلائي سگهجي ٿو، هن وقت جڏهن تاريخ ڌرتيءَ ڌڻين کي اهڙو موقعو فراهم ڪيو ته ان ۾ پورهيت دشمن سامراج لاتعداد رڪاوٽو ن ۽ تضاد پيدا ڪري پنهنجا ڪرائي جا ڇاڙتا مظلوم ماڻهن تي بڇي انهن جي ٻڌي، اتحاد ۽ ايڪي کي ڇيهو رسائڻ جي خطرناڪ ڪوشش ڪري منجهن نفرتون ۽ دراڙون پيدا ڪرڻ جي انتهاپسنداڻي سازش ڪئي.
    ڇُلي ڇڏ م ڇپرين، ڏلي ڇڏ م ڏيهه
    پسيو وڻ وطن جا، وڙڪيو اچيو ويهه،
    سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسي وسري،
    حيف تنهين کي هو وطن جن وساريو.
    سنڌ وطن جي اصل وارث پورهيتن هزارين صعوبتون سهڻ جي باوجود پنهنجي وطن جي مٽي جو عشق آهن، اهي نه ڪڏهن ڌرتيءَ ڇڏي ڀڳا آهن ۽ نه ئي ڪٿان ڀڄي آيل ڀاڄوڪڙ آهن. اهي نه ڪڏهن لُڏيا، وڪيا، جهڪيا آهن، ۽ ذرو به ڪڏهن هٽيا يا ڦِريا به ناهن، هنن جو گھر موهن جو دڙو آهي، هنن جو مڙهه مقام ۽ پاڙون ڍڀن جيئن سنڌ جي پاتال ۾ آهن. جنهن کي وقت جا سامراجي گڏهه چري ويندا آهن ۽ اهي وري انگورجي ايندا آهن. انهن جي پنهنجي مٺڙي ماءُ جي لولي جهڙي سنڌي ٻاٻاڻي ٻولي آهي، انهن ٿڃ جي ٻولي ملهائي آهي. هنن جي پنهنجي شاهڪار ثقافت آهي، هنن جي پنهنجي شاندار تهذيب ۽ تمندن آهي، هنن جا پنهنجا گھٽ، گھيڙ ۽ پتڻ آهن. هنن جو پنهنجو محبوب دادلو درياهه آهي، اُن سنڌو جا آر ۽ انگل اهي ئي ڄاڻن اهي ئي پرکن. هنن جي مزاج، طبعيت ۽ ڪيفيت کي سمجهڻو آهي ته سنڌو درياهه بادشاهه جي ڪيفيت کي سمجهڻو پوندو. ڪڏهن ماٺو ته ڪڏهن مست رقصان، هنن جي رڳن ۾ اڄ به اهوئي رت ٽهڪي ٿو جيڪو صديون اڳ موهن جي دڙي ۾ انهن جي ڏاڏن پڙ ڏاڏن جي رڳن ۾ گردش ڪندو هو
    هنن پورهيتن جو پنهنجو لاڙ، اُتر، ڪاڇو، وچولو آهي، هنن ئي دنيا کي تهذيب سيکاري آهي، هنن جي ڏاڏن ۽ پڙ ڏاڏن پنج کان ڏهه هزار سال اڳ ۾ ڦيٿو (ڍڳا گاڏي) ايجاد ڪري دنيا کي تيز ترين ترقي جو شاندار تصور ڏنو آهي، هنن جي ديس ۾ ڪپهه جام ٿئي، اي انگ اگهاڙا سامراج! هنن هزارين سال اڳ ڪپڙو پائڻ شروع ڪيو جڏهن گھڻي دنيا اوگھڙ ڍڪي نه سگھي هئي. هنن هزارين سال اڳ شهر آباد ڪري پڪن گهرن ۾ پئي رهيا. تڏهن دنيا جي اڪثريت جهنگلن ۾ وڻن جي ٽارين تي چڙهيو ويٺي هئي، هنن جا صديون اڳ پڪا گھر اوطاقون، ماڙيون، محل، بنگلا، پڪا کوهه هنن جي مهذبپڻي جو شاندار مثال آهن. ڪرنسي جو سسٽم به هنن جي سڪن مان ملي ٿو، هنن پورهيتن ته پنج هزار سال اڳ لکڻ پڙهڻ جو تصور پڪٽوگراف (تصويرن کي سڃاڻي پڙهڻ) جو نظام آندو ، هنن وٽ سنبارا جو رقص آهي، هنن وٽ آرٽ آهي، هنن وٽ سوچ، ويچار، فڪر، فن سميت موسيقي جا مڌر سُر آهن، هنن وٽ ٻيڙي آهي، هنن وٽ رڇ آهن، هنن وٽ ڪوڏر، ڪهاڙي، هر، سهاڳو، کانڀاڻي، گليل، ڪاترجا ڪڙڪاٽ آهن ۽ هاڻ ته هنن پورهيتن وٽ قلم، ڪتاب، لائبريريون آهن. (جيڪي پورهيت دشمن سامراج کان قطئي ڏينهن قيام جي هضم ڪونه ٿيندا ) وڏي ڳالهه ته هنن پورهيتن جا لڱ لوهه آهن، هي ڌرتيءَ جو سينو چيري دنيا جو پيٽ ڀرين ٿا. هي رڪ پگهارين ٿا، ڪنڊا ۽ لنڊيون لتاڙي اناج اُپاين ٿا، هنن وٽ پگهر جو پورهيو آهي. هي محنت ڪش پورهيت آهن. ڪتاب کولي ڏس ته پورهيت جي اهميت ڇا آهي؟
    پٿون ٿيل پيرن هيٺان پنهنجي ئي ڌرتيءَ کسڪڻ جي درد جي ڪيفيت ۽ ان جي محسوسات جو زهر جهڙو ذائقو ۽ پنج سئو صدين جي غلامي جو احساس ڌرتيءَ جي ڌڻيءَ کان وڌ ڪير ٿو محسوس ڪري سگھي؟ سانحن جا سور ته انهن جي سينن ۾ صدين کان سانڍيل آهن، اهي سور ۽ پور لاوي جيئن پچي ڪڏهن آتش فشان جيئن ڦاٽي سگهن ٿا؟ علم، شعور، تعليم ۽ ترقي کان ڪوهين ڏور سنڌ جا هي اصل پورهيت پيٽ گذر خاطر مختلف مزدوريون ۽ پورهيا ڪن ٿا. تنهنڪري اهي نالي ماتر ترقي نه ڪري سگھيا آهن. زراعت سان لاڳاپيل ڀيل، ڪولهي ميگھواڙ ، اوڏ شامل آهن اهي ذاتيون لڏپلاڻ جي دوران به زراعت سان لاڳاپيل رهيون آهن ۽ انهن ماڻهن ويهڻ لاءِ ٻهراڙين توڙي شهرن ۾ پنهنجا پلاٽ خريد ڪيا آهن. ٻني ٻارو ۽ محنت مزدوري ڪري ڌرتيءَ جي هنن پورهيت ماڻهن لڏپلاڻ سان گڏ هڪ هند ويهي زندگي جي سفر کي اڳتي وڌائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. ان جي باوجود هنن پورهيت قبيلن جا لکين ماڻهو اڄ به روزي ڪارڻ لڏپلاڻ ڪن ٿا. انهن جي اڪثريت ميرپورخاص، بدين، عمرڪوٽ، حيدرآباد، ٽنڊوالهيار، سانگھڙ، نواب شاهه، ٺٺو آهن. جڏهن ته انهن جي آبادي جي وڏي اڪثريت ٿرپارڪر ضلعي ۾ رهي ٿي جتي هارپ سان گڏ انهن ماڻهن جون پنهنجيون زمينداريون به آهن. جتي انهن جا مڙهه، مقام، ٻنيون، ڳوٺ، گام، اجها ۽ آشيانا آهن. پر ان جي باوجود هرسال ٿر جي هنن قبيلن جي لکين ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پوي ٿي. جنهن جو وڏو سبب ڏڪار سان گڏ غربت آهي. بک، بيروزگاري، بي وسي، بدحالي ۽ لاچاري کين خانه بدوش بڻائي ٿي. هو سنڌ ۾ ڪٿي به پيٽ گذر ڪارڻ لڏپلاڻ ڪري مزدوري تي ويا هجن پر “وٺي جون واڌايون” ملندي ئي پنهنجي ملڪ ملير تي مينهن واءُ ڪندي پڄي ويندا آهن. جيڪڏهن سال سامهون آيو ۽ مندائتي مينهن جي ڪري ٻارهن مهينن جو قوت ڪٺو ٿيو ته ٺيڪ نه ته وري “ساري سنڌ پرين جو پاڇو” جوڳي رمتا ڀلا، پنهنجن ڪکائن جھوپن کي ڍينگهر ڏيئي پورهيت سنڌ جي بئراجي علائقن ۾ واپس ورندا آهن. لارين ۽ ڇکڙن جون ڇتون ٿر جي ڀٽن مان پورهيتن سان ٻڪرين ۽ رڍن جيئن سٿجي نڪرنديون آهن. بسن جي اڏن تي ان وقت فقط انهن ماڻهن جي وڏي پيهه نظر ايندي ڄڻ هو فلسطين جا پناهه گير هجن؟ انهن جي ايندڙ منزل ساريالا ۽ مرچ، ڦٽي وارا علائقا هوندا آهن. جتي هو ٻن مهينن تائين لابارو ۽ مرچ ڦٽي جي چونڍائي بعد ڪمند جي ڪٽائي تي سانگھڙ، نواب شاهه، حيدرآباد سميت انهن علائقن جو رخ ڪندا آهن جتي زرعي مزدوري گھڻي هجي. ائين ئي هو بک کي رولڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ رلندا ۽ دربدر ٿيندا رهن ٿا. ٿر، لاڙ ۽ اُتر جا علائقا لتاڙي هو ٻيهر پنهنجي ڪکن ۾ اچن ٿا. اهو رولاڪين جو سفر صدين پڄاڻان ان ئي محور ۾ ڦرندو رهي ٿو. ان لڏپلاڻ سبب انهن پورهيت قبيلن جي مستقبل جا معمار معصوم ٻچڙا به تعليم جي زيور کان وانجھيل رهجي ويندا آهن. علم کان دوري سبب هنن ۾ شعور جي ڪمي فطري عمل آهي جنهن ڪري لاڏائو پورهيت قديمي ريتن، رسمن ۽ رواجن ۾ جڪڙيل هئڻ ڪري لاتعداد عقوبتون پڻ ڀوڳين ٿا.
    ***


    آخري پنو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 533
    ڪتابن جو مشاهدو: 550738
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 212771
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ