ڪتاب جو نالو: ماندي ٿي نه مارئي
مصنف: استاد بخاري
ڇپائيندڙ: ناري پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 1994
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 25 آڪٽوبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 656 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 255 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
شاهه لطيف جي سورمي مارويءَ جي حب الوطني بابت هن شاعريءَ جي ڪتاب جو تخليقڪار ناميارو شاعر استاد بخاري آهي.
”ماندي ٿي نه مارئي“ جي سڄي شاعري حب الوطنيءَ تي ٻڌل آهي، استادُ بخاري، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ کان پوءِ اهو واحد شاعر آهي، جنهن مارئيءَ کي ڳايو آهي ۽ مارئيءَ کي مانَ ڏيندي هن جي نازڪ احساسن ۽ جذبن کي سمجھندي عورت جي ڪردار کي پنهنجي شاعريءَ جو محور بڻايو آهي. محترم استاد مارئيءَ جي اُمنگن جي صحيح تصوير چٽي آهي. ڪتاب ۾ مارئيءَ جو درد آهي، سوز آهي، وڇوڙي جا ورلاپ آهن جدائي جا گھاءَ آهن. اندر ۾ اباڻن جي اڪير، مَن ۾ مارن جي محبت اٿس.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌسلامت پاران
  • سمورا حق محفوظ آهن
  • انتساب
  • ناري پاران
  • عرض حال
  • شروعاتي پنو
  • داستان پهريون

  • بيت
  • وائيِ (پنهنجو مٽ آ پاڻ، مِٽي ملڪ ملير جي،)
  • وائي (ڌنڌ گھڻي داڳي)
  • جھُوپن جھومائي، مورن جهڙي مارئي،
  • داستان ٻيون

  • بيت
  • ڏيندا ڏيهه ميار، او يار
  • تاريخي تڪرار، ننگن دنگن تي ٿين.
  • سانگين، جھانگين لاءِ لُجھي ٿو
  • جيءَ ۾ جھانگين جا، ڙي جيڏيون
  • تاتِن جيڪي تخت طمعان
  • جيڏي سونهاري، ايڏي سوڀاري
  • داستان ٽيون

  • بيت
  • داستان چوٿون

  • بيت
  • ماروي موڳٽَ
  • ڀمڀي ڀونءِ ڄڻي، کنڀي ڏاڍ کڻي
  • مُور نه کاتي مات اديون
  • راهون ڳائن راڳ
  • داستان پنجون

  • بيت
  • سانگئڙن جي سامَ
  • خوابن جي خوشبو
  • پهچو پهچو چئو، ڏاڍو ڏاڍ ڪيو وڃي!
  • زوري ظلم ڪري ويو
  • سي ڪيئن ميڙا گھمندا.
  • ڪُنگرو ڪنگرو ڪنڌُ، ڪوٽ هزارين ڪنگرا
  • ميڇون ترڇا تِير عمر، آڇون ڪوڪا اک ۾ هڻن ٿيون.
  • نانگ کپر هي نوٽ عمر
  • داستان ڇهون

  • بيت
  • ويندين پاپ پٿون ٿي.!
  • ظالم زورَ، ذليل.
  • ٽڙڪا، ٽوڙهو ٽاڙ عمر او، ڪوٽن ۾ ڪڙڪاٽ اچي پيئي!
  • آمر عدل ڪري، ڦورو فضل ڪري
  • داستان ستون

  • بيت
  • ست سورمي
  • ڪوٽن آءٌ ڪڙي، ڪوهه وڪوڙي سسئي
  • ڪهڙي سُڌ ڪڙبي، آجي
  • ڪاڙهي ٿو ته ڪڙهي، ساڙي ٿو ته سڙي
  • تڙ تڙ تنهنجي تات
  • سهڻائي ساڙي، تاڪائوءَ تاڙي
  • لوڪن ڪوٽ، ڪڙا
  • مارُو روز منجن وو، مون ڏي کوڙ ميارون
  • توجي ”ڪرم“ ڪيم، سمجھيم سمجھيم سي ميان.!
  • پُرجھيئون ڪين پڪارون منهنجون،
  • ڪا جي سوچ ڪيان ها، هئه هئه، هينئن نه هجان ها!
  • تن جي تات اٿم... ٿَم جَنم جنم ڪم جن سين
  • ٽيهه راتيون قيد ۾

  • سنڌسلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ماندي ٿي نه مارئي“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاهه لطيف جي سورمي مارويءَ جي حب الوطني بابت هن شاعريءَ جي ڪتاب جو تخليقڪار ناميارو شاعر استاد بخاري آهي.
    ”ماندي ٿي نه مارئي“ جي سڄي شاعري حب الوطنيءَ تي ٻڌل آهي، استادُ بخاري، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ کان پوءِ اهو واحد شاعر آهي، جنهن مارئيءَ کي ڳايو آهي ۽ مارئيءَ کي مانَ ڏيندي هن جي نازڪ احساسن ۽ جذبن کي سمجھندي عورت جي ڪردار کي پنهنجي شاعريءَ جو محور بڻايو آهي. محترم استاد مارئيءَ جي اُمنگن جي صحيح تصوير چٽي آهي. ڪتاب ۾ مارئيءَ جو درد آهي، سوز آهي، وڇوڙي جا ورلاپ آهن جدائي جا گھاءَ آهن. اندر ۾ اباڻن جي اڪير، مَن ۾ مارن جي محبت اٿس.
    هي ڪتاب ناري پبليڪيشن حيدرآباد پاران 1994ع ۾ ڇپايو ويو. سنڌ سلامت سٿ جي ٽيڪنيڪل ٽيم جي سرگرم رڪن پياري عبيد ٿهيم هن ڪتاب کي ٻيهر ڪمپوز ڪيو آهي. ٿورائتا آهيون ناري پبليڪيشن جي سائنڻ نذير ناز جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com

    نوٽ: ڏکين لفظن جي معنا جيڪا فوٽ نوٽس ۾ ڏنل آهي ان لاءِ پي ڊي ايف ۾ ڏنڪ ڪتاب کي ڏسو


    سمورا حق محفوظ آهن

    ڪتاب جو نالو : ماندي ٿي نه مارئي
    شاعر : استاد بخاري
    ٽائيٽل : شگفته شاھ
    ڪمپوزنگ (1994) : آغا رياض
    ري_ڪمپوزنگ : عبيد ٿهيم
    سپر ايڊيٽر، سنڌسلامت ڊاٽ ڪام
    Email : usthaheem@yahoo.com
    ڇپائيندڙ : نذيرناز، ناري پبليڪيشن، 443/3 صدر، حيدرآباد، سنڌ.
    ڇپيندڙ : واحد آرٽ پريس، ڪراچي.
    ڇاپو : پهريون، جنوري 1994ع


    انتساب

    پنهنجي جيءَ جذبا،
    هي جي دل جا دهڪا،
    تن کي منسوب ڪريان ٿو،
    سنڌ جي سدا حيات پيغمبر شاعر،
    شاھ عبداللطيف سائينءَ جي ڏات ڏانهن.

    اُستاد بخاري
    غريب آباد _ دادو
    3_9_1992ع


    ناري پاران

    ناري پبليڪيشن جو ٽيٽهون ڪتاب ”ماندي ٿي نه مارئي“ سنڌ جي موجوده دور جي عوامي ترجمان محترم استاد بخاري جو آهي. مهان شاعر جو هيءُ ڪتاب ناري پبليڪيشن طرفان پڙهندڙن لاءِ هڪ ناياب سوکڙي آهي. اڄ جڏهن هي ٻه اکر ناريءَ پاران لکي رهي آهيان ته لکڻ جي سگھه نه پئي ساريان. هٿ ڏڪي رهيا اٿم، اکيون ڳوڙهن سان ٽمٽار اٿم. پڇتاءَ جو ڏنگ من کي ڏنگي رهيو آهي. ڪاش! هي ڪتاب محترم استاد بخاري جي حياتي ۾ ئي شايع ٿئي ها. پر افسوس انسان ڪيترو نه لاچار ۽ مجبور آهي قدرت ۽ حالتن آڏو!!
    محترم استاد لاڏاڻي کان تقريباً مهينو کن اڳ، محترم ڀاءَ عبدالحميد ابڙي صاحب جي مٿان مسودو ڏياري موڪليو هو. پر جيتر هي ڪتاب ڇپجي، محترم استاد هليو ويو انهيءَ پار جتان ڪير به نٿو موٽي. عورت ذات جو درد دل ۾ سمائي، پر ويندي ويندي عورت کي پيغام ڏيندا ويا ”ماندي ٿي نه مارئي“.
    ”ماندي ٿي نه مارئي“ جي سڄي شاعري حب الوطنيءَ تي ٻڌل آهي، استاد، شاھ عبداللطيف ڀٽائي کان پوءِ اهو واحد شاعر آهي، جنهن مارئي کي ڳايو آهي ۽ مارئي کي مانَ ڏيندي هن جي نازڪ نازڪ احساسن ۽ جذبن کي سمجھندي عورت جي ڪردار کي پنهنجي شاعريءَ جو محور بڻايو آهي.
    محترم استاد مارئيءَ جي اُمنگن جي صحيح تصوير چٽي آهي. درد آهي، سوز آهي، وڇوڙي جا ورلاپ آهن جدائي جا گھاءَ آهن. اندر ۾ اباڻن جي اڪير، مَن ۾ مارن جي محبت.
    ڇا هڪ عورت؟ ڇا سندس جرائت ۽ طاقت؟ ڇا سندس بي باڪي ۽ بي باڪي ۽ بي پرواهي، نه ڊپ نه ڊاءُ، نه لوڀ نه لالچ، نه عيش نه عشرت. سندس حب ۽ سڪ، سندس استقلال ۽ محڪم مزاجي.
    مارئي جي ماٺائي ۽ تن جي تڙپ جيئن پوءِ تيئن اڳري پر نا اميدي نه، اوهان کي جابجا اميدن جا ڪرڻا جڳ مڳ ڪندا هر شعر ۾ نظر ايندا.
    محترم استاد کي عورت جي عظمت جي ڄاڻ هُئي، ۽ اُهو ئي سبب آهي جو هن عورت جي نازڪ ۽ لطيف جذبن جو اظهار ڪشاده دلي سان ڪيو آهي.
    سنڌ جي عورت هميشه باهمت ۽ باوفا رهي آهي. هن جي قدمن کي ڪنهن به قسم جي لالچ لوڏي نٿي سگھي. پر عورت کي سمجھڻ لاءِ شاھ عبداللطيف جهڙو وسيع نظر شاعر هجي جنهن پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي عورت کي اڳتي وڌڻ جو پيغام ڏنو.
    اهڙيءَ طرح ”ماندي ٿي نه مارئي“ ۾ پڙهي ڏسبو ته محترم استاد به عورت جي وجود کي مڃتا ڏني آهي. محترم استاد بخاري جو هي سمورو ڪلام عورت ذات لاءِ هڪ سوغات آهي.
    محترم استاد هڪ خوددار انسان هو. هو ڪنهن جي آڏو نه جھڪيو، نه ڪامورن، نه وڏيرن، نه وقت جي حاڪمن ۽ نه وري بيماري آڏو.
    محترم استاد سان مختلف پروگرامن ۾ ملاقات ته اڪثر ٿيندي رهندي هئي پر ڊگھيون ڪچهريون اسان جون ڪراچي ۾ ٿيون. ڪراچي ۾ هڪ ڪانفرنس هئي، گلف هوٽل ۾ منهنجي ڪمري جي سامهون محترم استاد جو ڪمرو هو، ايندي ويندي محترم استاد سان ملاقات ٿيندي هئي. منهنجا شعر اُستاد ٻڌا ۽ منهنجي شاعريءَ کي به پسند ڪيو، مون محترم استاد کي ناري پبليڪيشن جاڪتاب بطور سوکڙيءَ ڏنا. جن کي محترم استاد پسند ڪيو. تڏهين مون چيو ته مان اوهان پنهنجو ڪو ڪتاب ڏيو ته مان ڇپرايان. تڏهين محترم استاد مون سان واعدو ڪيو ته هڪ ڪتاب شاعريءَ جو هوندو جيڪا شاعري فقط عورتن لاءَ هوندي اُهو ڪتاب نذير! مان توکي ڏيندس.
    محترم استاد انهن ڏينهن ۾ بيمار هئا. مونکي چيائين ته ڪتاب پوري ڪرڻ کان اڳي مرڻ نٿو چاهيان. ۽ مونکي يقين آهي ته ڪتاب پورو ڪري پوءِ مان هن دنيا مان ويندس. ڪيڏي پختي ارادي جا مالڪ هئا ۽ قول جا ڪيڏا نه پڪا هئا. ڪتاب مڪمل ڪري پوءِ ويا. اڄ محترم استاد موجود ناهي. پر جيئرو آهي اسانجي دلي ۾، ايندڙ نسلن جي دلين ۾، جيستائين هن ڌرتيءَ جو وجود آهي محترم استاد جيئرو رهندو.
    محترم استاد هڪ خوددار انسان هئا مونکي ڪنهن ڪم جي سلسلي ۾ سنڌ سيڪريٽرٽ نمبر 2 ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿيو، سيڪريٽريٽ جي گيٽ وٽ محترم استاد سان ملاقات ٿي. دعا سلام کانپوءِ محترم استاد شڪايت ڪندي چيو، ”نذير! اسان جي اديبن کي ڇا ٿي ويو آهي منهنجي علاج لاءِ چندو پيا وٺن، مونکي پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن کان چندو وٺي علاج ڪرائڻو ناهي. سنڌ واسي اڳئي غريب آهن. هنن وٽ ڇا آهي؟ مان ظاهر ظهور بيماريءَ ۾ ورتل آهيان پر سنڌ جا ڪل ماڻهو بيماريءَ ۾ ورتل آهن.
    پوءِ محترم استاد کي ڪتاب وارو واعدو ياد ڏياريو. کلي چيائين، ”ڪتاب تيار آهي ٻاهران علاج ڪرائي موٽي اچي ڏيندس. ياد رک نذير! ڪتاب ڏيڻ کان اڳي هي دنيا نه ڇڏيندس.“
    پاڻ پنهنجو وچن پاري ويا.
    ۽ مان ڪيئن سيج سمهان، منهنجا مارون پڌري پٽ سمهن.
    عورت ذات جي دردن، مارن جو درد دل ۾ سمائي محترم استاد وڃي ڌرتيءَ ۾ پناه ورتي. انهيءَ ڌرتيءَ ۾ جنهن جو درد هن جي رڳ رڳ ۾ سمايل هو، قوم پرستي، ترقي پسندي ۽ جديد لاڙن جو هو راهي هو. هو نه صرف هڪ اعليٰ پائي جو شاعر هو بلڪه علمي ۽ ادبي ماڻهو هو، نظريي، خيالن، سوچن ۽ مستقبل جي خوابن جي خيال کان هڪ منفرد مثالي انسان هو.
    هُن پنهنجي ڄمار ۾ ڪيترائي انقلاب ۽ اڻ وڻندڙ واقعا ڏٺا. انهن واقعن ۽ دردن جو اظهار سندس شاعريءَ ۾ آهي. محترم استاد شاعريءَ ۾ عورت کي بيداريءَ جو درس ڏنو آ ۽ آخري پساهن تائين ڏيندو رهيو. پنهنجي اصولن ۽ آدرشن جو ساٿ نه ڇڏيندي انهن کي ساھه سان سانڍيندو رهيو آخري هچڪي تائين.
    دوستو! انسان جي تاريخ اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي جڏهن ڪي با اصول ۽ آدرشي انسان پنهنجي ذات جي خوبين ۽ خصوصيتن سان ٻين کي فيض رسائي پاڻ دنيا مان ايئن اڪيلا هليا ويندا آهن. ڄڻ هو پيدا ئي ٻين کي ڪجھه ڏيڻ لاءِ ٿيا هئا. هنن پنهنجي دلين ۾ گهرا گھاءَ به صرف ٻين ڪاڻ برداشت ڪيا هئا. هنن زندگي جا درک ۽ سور سختيون به صرف ٻين لاءِ سٺيون هيون. محترم استاد به اهڙن آدرشي انسانن مان هڪ هو.
    محترم استاد جي ندگيءَ جي تاريخ به اهڙن واقعن سان لبريز آهي. ڏٺو وڃي ته اسان جي ادب ۾ به مفاد پرستيءَ، خودغرضيٰ، سازشين ۽ فريب ڪارين جي سياست رهي آهي. جنهن ۾ اصولن آدرشن ۽ حق طلبي لاءِ ڪابه جاءِ نه هوندي آهي. اهڙي سازشي، ادبي ماحول ۾ محترم استاد لاءِ ڪٿي ٿي جاءَ ٿِي سگھي. هڪ اها به حقيقت آهي ته ڪن ناعاقبت انديشن، آمرن محترم استاد جي آواز کي دٻائڻ چاهيو، پر هي ڪنهن کان به نه ڊنو. مستقبل جي نتيجن جي پرواهه نه ڪندي مارن لاءِ لکندو رهيو. اهڙن سازشن سان بي جگري سان ويڙهاند ڪئي جو اڄ به جھنگ جھر، هاري ناري، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ استاد جا گيت پسند ڪيا ٿا وڃن. سچ سان هميشه جنگ جاري آهي سچ جا دشمن انساني اندر جي جذبن، خواهشن حق پرستيءَ کي ڪڏهن به پسند نه ڪيو آهي. بلڪه انهن کي ڪچلڻ، چيڀاٽڻ، گھاڻي ۾ پيڙڻ، زمين دوز ڪرڻ ۽ نپوڙي نستو ڪري ڇڏڻ ۾ ئي يقين رکيو آهي. ۽ ان کي پنهنجي سوڀ ۽ ڪامراني سمجھيو آهي پر درحقيقت اها سوڀ عارضي آهي تاريخ اهڙن ڪانئرن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي آهي.
    هن دنيا مان هر ڪنهن کي هلڻو آهي. محترم استاد ه هليو ويو، زندگيءَ وانگر موت به هڪ اٽل حقيقت آهي. پر ڪي انسان موت کان پوءِ به جيئرا رهندا آهن ۽ موت کي شڪست ڏيندا آهن. محترم استاد به انهن امر انسانن مان هو، جن موت کي مات ڏني.
    اسان لاءِ اِها وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي جو محترم استاد عورت ذات لاءِ جيڪا شاعري ڪئي انهيءَ کي شايع ڪرڻ جو اعزاز به ناريءَ کي مليو، اڄ مان فخر سان ڳاٽ مٿي ڪري چئي سگھان ٿي ته جيڪو سفر مون شروع ڪيو هو اُهو سجايو ٿيو.
    سال کان مٿي ٿيندو ته حيدرآباد جي ڏيالداس ڪلب ۾ هڪ تنظيم طرفان ايوارڊ ورهائڻ جي تقريب ٿي هئي. خان محمد پنهور جي گھر واري نسيم پنهور مون کان پڇيو ته نذير! ڇا توکي به ايوارڊ ملندو؟ مون جواب ڏنو. مون ڪيو ڇا آهي جو مونکي ايوارڊ ملندو؟ انهيءَ تي نسيم چيو، ادب جي دنيا ۾ ڇا آهي جو تو نه ڪيو آهي. سنڌ جي پهرين پبلشر عورت آهي ڇا اِها گھٽ ڳالهه آهي. اسين سمجھون ٿا ته هيل تائين سنڌ جي ڪنهن به عورت ادب جي واڌاري لاءِ ايترو ڪم نه ڪيو آهي جيترو ڪم تو ڪيو آهي حقيقت ۾ ايوارڊ جي حقدار تون آهين.
    ڪير حقدار آهي ڪير ناهي اُهو وقت ثابت ڪندو، پر جيتري قدر سنڌي ادب ۾ مون ڏٺو آهي ايوارڊ ذاتي پسند تي ڏنا ويندا آهن ۽ مونکي اهڙن ايوارڊن جي ضرورت به ناهي.
    حقيقي ايوارڊ منهنجي اُهي آهن جيڪي سنڌ جي مَهان هستين مونکي ڏنا.
    سرزمين سنڌ جي قابل احترام شخصيت محترم قبله سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن مونکي ”سرتيون“ جو ايڊيٽر مقرر ڪري ڏنو، اُهو اعزاز منهنجي محنت جي مڃتا هُئي، انهيءَ کان وڏو ٻيو ڪهڙو ايوارڊ ٿي سگھي ٿو، انهيءَ تي جيترو به ناز ڪريان گھٽ آهي.
    ٻيو اعزاز سنڌ جي سچار ليکڪ، جنهن پنهنجو رت ست ڏئي سنڌي ادب جي چمن جي آبياري ڪئي آهي، اُن جاکوڙي ليکڪ ڊاڪٽر نجم عباسي جي ڪتاب ”منهنجون بهترين ڪهاڻيون“ ڪتاب جي مهورت سائين نجم عباسيءَ جي چوڻ تي مونکان ڪرائي وئي. اها مهورت جي تقريب 10 جنوري 1992ع تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل نوابشاھ جي حال ۾ ٿي هئي. هن تقريب جو اهتمام سنڌي ادبي سنگت شاخ نوابشاھ، خانواهڻ ۽ دڙو گڏجي ڪيو هو. اُهو ڏينهن منهنجي سڄي ڄمار جو سڀاڳو ڏينهن هو، ڊاڪٽر نجم عباسي سان گڏ بيهي انهيءَ جي ڪتاب جي مهورت مون ڪئي.
    اُهو ڪيڏو نه وڏو ايوارڊ هو مون لاءِ، مون ته سوچيو به ڪونه هو ته اهڙي مهان ليکڪ جي ڪتاب جي مهورت ڪرڻ جو اعزاز مونکي ملندو.
    ٽيون اعزاز اوهان جي آڏو آهي ”ماندي ٿي نه مارئي“ شايع ڪرڻ جو اعزاز ناريءَ وارن کي مليو. ڇا اُهو اعزاز گھٽ آهي. اِها منهنجي ڪم جي مڃتا آهي، سچي نيت جو ڦل آهي. مان ڪنهن به لالچ کانسواءِ خاموشيءَ سان ڪم ڪري رهي آهيان هي انهيءَ جو انعام آهي. مان ادب جي دنيا ۾ ڪنهن به سياست کان پري اڪيلي سر پنهنجي ڪم ۾ مصروف رهان ٿي.
    سچ پڇو دوستو! ته مان روحاني طور آسودگي محسوس ڪريان ٿي، ادب لاءِ جيڪي به ڪم ڪيو اٿم ۽ جيڪو وقت گذاريو اٿم سو سچائي ۽ خلوص سان، اُهو ئي سبب آهي ته مان ذهني روحاني طور تي مطمئن آهيان. ڇا ڪاڻ ته منهنجي پيش نظر فقط سنڌي زبان جي واڌ ويج رهي آهي ۽ آهي. انهيءَ ميدان ۾ حساب ڪتاب بلڪل صاف رکيو آهي. مان انسان آهيان، انسان کان خطائون ٿينديون آهن. يقيناً مون کان به ڪي ڪوتاهيون ٿيون هونديون پر ڄاڻي واڻي ڪابه غلطي ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي اٿم. پبلشنگ جو سخت محنت طلب ڪم آهي ۽ اُهو ڪم ديانت داريءَ سان ڪيو اٿم، اهو سبب منهنجي روحاني آسودگي جو ڪارڻ آهي.
    هي سڀ ڪجھه پڙهي اوهان ائين نه سمجھو ته اڳتي لاءِ مان ڪجهه نٿي ڪرڻ چاهيان. يا کڻي ائين ته منهنجون دلي تمنائون پوريون ٿيون آهن.
    نه ائين هرگز ناهي مان جيترو گھڻو ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي ايترو ڪري نه سگھي آهيان. مان پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ خال محسوس ڪريان ٿي. پر اُهو ضروري ناهي، انهيءَ خواهش ۽ خال خاطر چپ ڪري ويهي رهان ۽ ڪجهه به نه ڪريان. اهو ضروري ناهي ته هر انسان جي هر تمنا پوري ٿي وڃي ۽ انهي نامڪمل خواهشن پٺيان پنهنجو سک وڃائي ويهي رهان. اگر انسان جي هر تمنا پوري ٿي وڃي ته پوءِ تڙپ ڇا جي جستجو ڪهڙي؟محرومي جو گھاءُ ڪهڙو؟ انهي ڪري زندگي اڪيلي نه هجي ٻيو ساٿ کڻي نه سهي پر محرومي جو ساٿ هونئڻ به لازمي آهي. مان بيحد حساس طبعيت جي مالڪ آهيان. ذري ذري ڳالهه ۾ ٻين جو احساس ڪندي آهيان. پر جيڪي غلط آهن تن کي غلط سمجھندي آهيان. دوستو! اڄ مون سوچيو ته پنهنجي باري ۾ ڪجھه اوهان سان ڳالهايان ڪجهه ٻڌايان. ڪجهه دوستن جي باري ۾ ڪجهه دشمنن جي باري ۾ ، جيڪي منهنجي لاءِ ڪهڙي راءِ ٿا رکن. حقيقت ته اِها آهي ته مان انهيءَ ڳالهه کي ايترو ضروري يا اهم نٿي سمجھان. ڇالاءِ مان اهڙن ماڻهن اڳيان ويهي صفائي پيش ڪريان. اهڙا ماڻهوءَ منهنجي آڏو ڪابه معنيٰ نٿا رکن. اهڙن ماڻهن جي نظر منهنجي نظرن ۾ ڪابه وقعت ناهي. مان پنهنجي باري ۾ پاڻ کي ڄاڻان ٿي.
    پر پنهنجي پيار ڪرڻ وارن آڏو ته مجبور آهيان جيڪي مونکي چاهين ٿا. جيڪي عزت جي نظر سان ڏسن ٿا مونکي پنهنجو سمجھن ٿا. مونکي احترام جي لائق سمجھن ٿا اهڙن هستين آڏو مان پڻ جھڪيل آهيان، پر جيڪي غلط آهن تن جي پرواهه ڪرڻ واري مان به ناهيان. ڪو به انسان خطائن کان خالي ناهي نڪي ڪو مان فرشتو آهيان نه ايڏي وسيع نظر جو ڪو دشمني ڪري مان انهيءَ سلوڪ کي نظر انداز ڪري ڇڏيان ۽ ايتري احسان فراموش به ناهيان جو ڪير مانُ ڪري انهيءَ کي فراموش ڪري ڇڏيان. مان ته تر جيترو به احسان وساري نه سگھندي آهيان. اڄ مان هڪ ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ چاهيان ٿي ۽ انهيءَ مهاڳ جي ذريعي ناري جا ڪتاب پڙهڻ وارا پيسا خرچ ڪي ڪتاب خريد ڪرڻ وارا، منهنجا خيرخواهه منهنجا دوست، منهنجا دشمن مون ساڻ گڏ هلڻ وارا ۽ پنهنجي واٽ تي هلڻ وارا، اسان جي ڪجهه ادبي ٽولي کي ڪنهن نه ڪنهن کي هڪ احساس وڪوڙي ويو آهي ۽ هو ڪنهن ٻي جي وجود کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ئي ڪونه آهن. هنن ۾ ادبي خدمت جو جذبو گھٽ پر ادب ۾ انتشار برپا ڪرڻ جو احساس وڌيڪ اٿن.
    ۽ اهڙي ٽولي جو ڪم آهي فتوا ڏيڻ. مثلاً هي ليکڪ يا ليکڪا فلاڻي گروپ جي آهي، فلاڻو اسان مان ناهي، هن جو بائيڪاٽ ڪريو وغيره وغيره.
    اگر سچائي سان پرکيو وڃي ته اهڙي فتوا ڪندڙ ٽولي جو ادب سان ذرو به واسطو ناهي اهڙن شخصيتن ۾ ذري به ادبي حس ناهي.
    ڇاڪاڻ جو اديب آزاد آهي اديب ڪنهن به گروپ جو نه هوندو آهي. هن جو ڪوبه مذهب نه هوندو آهي. اديب انسانيت جو پرچار ڪندو آهي ٻين کي ڏک ۾ ڏسي هن کي ڪهل ايندي آهي. هو ٻين جي ڏک ۾ ڀائيوار ٿي لکندو آهي هن جي آڏو هڪ انسان هوندو آهي. پوءِ هڪ ليکڪ کي ڪنهن گروپ سان منسوب ڪرڻ يا پابند ڪرڻ هنن جي لاعملي جو واضح ثبوت آهي. اُها ادب دشمني آهي، ٻيو وري اهڙن ادب دشمنن کي اهڙو روڳ لڳل آهي ته اگر ڪنهن ليکڪ يا شاعر جي مالي پوزيشن بهتر آهي ۽ هو پنهنجي محنت سان ڪنهن وڏي عهدي تي فائز آهي پوءِ وري دوستو! اهي روڳي لڳندا انهيءَ ڪڍ ته هي اديب وڪامل ۽ سرڪاري ڌر جو ايجنٽ آهي، پوءِ ڀلي هن ليکڪ نور نچوئي پنهنجو رت ست ڏئي گڏوگڏ طرح به ادبي خدمتون ڪيون هجن پر هي ڌر، هن کي سک جو ساهه پٽڻ نه ڏيندا ان لاءِ پيا کڏون کوٽيندا گلائون ڪندا.
    ٻيو وري اهو هلائيندا ته هن جي پروگرام ۾ نه وڃو ڇاڪاڻ ته هي اسان مان ناهي وغيره وغيره.
    هي ماڻهوءَ سنڌ جا سڄڻ آهن ڇا؟ هي ماڻهو جو پاڻ کي ترقي پسند ٿا چون، جمهوريت جا علمبردار بنجن ٿا، پر سندس سوچ ڪيتري نه محدود آهي. هن محفل ۾ وڃو هن ۾ نه وڃو. اگر ڪو ويو ته هن جو بائيڪاٽ ڪريو هي سرڪاري ماڻهو آهي.
    حالانڪه ڏٺو وڃي ته هنن جو پنجئي آڱريون سرڪار ۾ ٻڏل هونديون پر حسد کان ٻين لاءِ پابندي، چوندا آهن ته سائي کي سهن ڪونه بکيءَ کي ڏين ڪونه.
    ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هئم ته ٽيگور لکيو هو ته جڏهن ڪو ليکڪ پنهنجي ذات جي خول مان ٻاهر نڪري ٿو ته کيس معلوم ٿئي ٿو ته هوا ڪيتري نه صاف آهي. فضا ڪيتري نه دل کي وڻندڙ آهي، ۽ انهيءَ ماحول ۾ رهندڙ ماڻهو ڪيتري نه محبت ۽ مروت وارا آهن. معاشري کان الڳ رهڻ وارا ليکڪ انسان جي مشاهدن تجربن ۽ جذبن کا واقف ٿي نٿو سگھي. اهو به ضروري آهي ته ٻيو نه سهي ليکڪ انسانيت جا غمگسار ۽ همدرد ٿي پون، ٽيگور وڌيڪ لکي ٿو ته :
    جڏهن مکڙي ٽڙي ٿي ۽ فطرت جي قيد خاني مان آزاد ٿئي ٿي تڏهن ئي هوءَ فضا ۽ روشني کان واقف ٿئي ٿي. اهڙي طرح ڪنهن ليکڪ کي پابند ڪرڻ هن جي صلاحيتن کي ختم ڪرڻ آهي.
    بس انهيءَ ڪشمڪش انهيءَ گروپ بندي سنڌي ادب کي نقصان رسايو آهي. انهي نقصان جو ڪوبه ڪاٿو ئي ڪونهي. سمجھه ۾ نٿو اچي ته اسين ڇاڪاڻ پيا پنهنجو وقت وڃايون، اسين مثبت سوچ ڇو نٿا رکون. ادب ۾ گروپ بندي ڇاڪاڻ؟ اسين نئين ٽهيءَ جي ليکڪ کي گمراهه ڇو ٿا ڪريون صحيح دڳ ڇو نٿا ڏيکاريون، هنن جي سوچن کي محدود ڇو ٿا ڪريون، پنهنجي هٿن سان پنهنجي ادب کي سڃو ڪري رهيا آهيون.
    مان انهيءَ ڳالهه جي وضاحت ٿي ڪريان ته منهنجو ڪوبه گروپ ناهي، نه ئي ڪڏهين مون ناريءَ ڪنهن ميمبر تي ڪا پابندي لڳائي. روحاني ۽ ذهني طور آزادي سان ڪم ڪيو آهي. جيڪو به ڪم سنڌ جي ڌرتي لاءِ فائديمند آهي انهيءَ تي عمل ڪيو اٿم، مان ڪنهن محفل ۾ ڪنهن ليکڪ کي انهيءَ نظرن سان ڀيٽڻ جي ڪڏهن به ڪوشش نه ڪئي آهي ته هن جا پنهنجا نظريا ڪهڙا آهن مون فقط هن جي ڪمن کي ڏٺو آهي.
    نه ذاتي پسند نه دشمني کي مون پنهنجو معيار ناهي بڻايو، اهڙي طرح گروپ بندي جي قائل ناهيان نه ئي مان ڪنهن گروپ سان ٻڌل آهيان. مونکي ڪم ڪرڻو آهي ۽ ڪم ڪري رهي آهيان ۽ ڪندي رهندس. مونکي ڪنهن به سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت ناهي، منهنجو ڪم سٺو هوندو ته وقت اُهو پاڻهي ثابت ڪندو، مون هميشه سنڌي ادب جي بهتري لاءِ سوچيو آهي منهنجي آڏو هميشه پنهنجي ڌرتيءَ جي عظمت پيش نظر آهي. بس پنهنجي محدود وسائل آهر ڪم ڪريان ٿي باقي ڪير ڇا ٿو چوي؟ ڇا ٿو سوچي ۽ مونکي ان ڳالهه سان ڪابه غرض ناهي، مان انهن ڳالهين جي پرواهه ڪرڻ واري ناهيان. سچ ڳالهه ته اها آهي ته مون وٽ ايترو وقت به ڪٿي آهي جو مان اجاين ڳالهين ۾ ويهي وڃايان.
    وڌيڪ ڇا عرض ڪريان، سدائين گڏ.
    نذير ناز


    عرض حال

    حملو شديد عشق ڪيو اوچتو نه هو،
    پر پهرينءَ ديد، دل کي ايڏو پتو نه هو.

    ويجھين ملاقاتن ۾ منهنجي رهيل شعري مجموعن جي ڇپجڻ ۽ خاص ڪري خوبصورت ۽ صحيح سالم نموني شايع ڪرائڻ تي سوچ ويچار ٿيندو رهيو آهي.
    ان سلسلي ۾ تازو ناري پبليڪيشنس حيدرآباد جي سرواڻ محترمه نذير ناز ۽ خزانچي مسز زاهده نور ٿيٻو پاران ميان نورمحمد ٿيٻي دلي آڇ ڪئي ته پبليڪيشن کي اوهان جي ڪتاب کي ڇاپرائيندي سرهائي ٿيندي. باقي انهن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ جي ذميواري سندس رهندي. ان پيشڪش جي محترم عبدالحميد ابڙي به تائيد ڪئي ۽ تاڪيد ڪيو ته اشاعتي انتظار کي گھٽائڻ لاءِ دير ڪرڻ نه گھرجي. ابڙو صاحب ان کان سواءِ سنڌي ساهت گھر حيدرآباد ۽ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو کان ڪتابن ڇاپرائڻ جي مشورن وقت به موجود هو.
    سڀني ساٿين جا احسان. اوَّل ته انهن جي لاهڻ جي ڪوشش ڪجي، نه ته ڳائجن ته ضرور. آئون ٻنهي صورتن ۾ پاڻ کي اڻپورو ٿو ڏسان، تنهنڪري ڀٽائي ڀلاري جو سهارو ٿو وٺان.

    ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا،
    ڀلايون ڀيرا، ڳڻي ڳڻيان ڪيترا.

    استاد بخاري
    غريب آباد _ دادو
    26_8_1992ع


    شروعاتي پنو

    ماندي ٿيءُ نه مارئي، تنهنجو الله به آهي!
    سَوَن ورهين جا دکڙا هڪڙي لحظي ۾ لاهي؛
    اهڙو الله آهي، جو ماڳ رسائي مارئي.
    (نامعلوم شاعر.)
    ***
    ماندي ٿيءُ نه مارئي، تنهنجا اباڻا آهن،
    پنهنجا جَر پنهنجا جٿا، ڀَر _ ڀاڻا آهن،
    آجائيءَ جا جابَجا هاواڻا آهن،
    قاهراڻا آهن، ڪوٽ گھڻن کي ڪيرڻا.
    (ا_ب)
    ***
    لطيفي لنگر منجھان، مليو تبرڪ تِرُ،
    ڀيلي ٻئي ڀنڊار کان، ”بخاري“ ٿيو بِرُ،
    کِلي ميڙي کِرُ، خالق! تنهنجي کيت مان.


    داستان پهريون

    بيت

    مِٽي ملڪ ملير جي، مون پنبڻين ۾ پاتي،
    سرهي هير وطن جي، ڇاتيءَ سان لاتي،
    اديون، دل آتي، ”ڌرتي _ ڌرتي“ پئي ڪري.!
    *
    سِر کان مِٺو هو گھڻو، هُن کان مِٺي هُوءَ،
    اها منهنجي گھڻ_گُڻي، جيڏيون جاني جُوءِ،
    کيتن ۾ خوشبوءِ، ڀينر، باغ بهشت جي!
    *
    مَهڪي ماروءَ کان گھڻو، ماروءَ مُهراڻو،
    ٽهڪن ٻئي ٽهڪي پوي، ٿاڻو ۽ ٽاڻو،
    ماروءَ جو ماڻو، سُهڻو ملڪ ملير سان.

    *
    مارُو ۽ ملير ٿيا، لازم ۽ ملزم،
    مُٺي مون وانگر نه ٿئي، ملڪ ۾ مظلوم!
    مِٽن کان محروم، ڪوٽن ۾ ڪُوڪون ڪريان.

    *
    ڪارونجھر تنهنجا پٿر، ڪل ئي ”ڪوھ _ نور“،
    جهڙا تارا جرڪڻا، اهڙو ٻيلي ٻُور،
    سُڪو ڍنگر پُور، اَمل ملڪ ملير جو.

    *
    سونا کائر کيٽ، ريتي موتي قيمتي،
    کاڻيون کوڙ خزانا، پَلن پائر پيٽ،
    سانوڻ، سياري، چيٽ، مونکي سوچون ماڳ جون.

    *
    برسيو ٿر بهشت ٿئي، نه ته بَرَ جو آهي بَرُ،
    وٺو وطن ناهه پر، ڀٽون آهن ڀرُ،
    عمر، آجو ترُ، ساريو، لڇان سنگھرين.

    *
    وطن مٿان وَسُ، مِٽن باغ بهاريون،
    جهڙا گل گلاب جا: گھر، تڙ، ماڻهو، گَسَ،
    خوشيون خوشبويون نيون سوچون، رمزون، رسَ،
    تَسن مٿان تَسَ، کنڊون، کير، مبارڪون.

    *
    مارُو منجھه مليرَ، مِلن آجا مُنڌ سان،
    ماڻيان موجون محبتون، ونڊيان کنڊون کيرَ،
    ويتر خير خوشيءَ ۾، وڌي سِڪ سريرَ،
    اديون پوءِ اُڪيرَ، هوندي جوت جيئڻ جِي!

    *
    اڃا عمر _ ماروي، اڃا ڪٽر _ ڪوٽ،
    اڃا اَمُر اوٽ، مارُن ۾ ماها پون.

    *
    اڃا عمر_ماروي، اڃا قبر_ڪوٽ،
    قلعي لڇن ڪامڻيون، گھٽيءَ ڪُسن گھوٽ،
    مارُن وٽان موٽ، آمر ملندءِ موت جِي!

    *
    اڃا انڌ اُهي، اڃا هاڃا هيترا،
    پيو ٿو ماڳ ملير کي، ڏاڍو روز ڏهي،
    ڪينسر ڪير ڪُهي، ڪينسر ڪُٺا ڪيترا.!

    *
    اڃا عمر_مارئي، اڃا ڪڙا ڪوٽ،
    ڇني، موري، ڇاڇري، ٻاٻاڻا ٻرڙوٽ،
    چيخون ڪندءَ چوٽ، واڪا ڪرندءِ وڄَ ٿي.

    *
    بهاريون بي ڪئينت، ڀينر، منهنجي ڀونءِ تي،
    جوتون، اوتون، جيوتون، خوشين ڀريا کيت،
    نهرون ماکيءَ کيرَ جون، حورون سُونهن سميت،
    سرتيون جي نه سچيت، سي ئي دوزخ دُونهن ۾.

    *
    وسيون جوڙ وڳر سان، مارن ساڻ ملير،
    سائر_سير پکي کنڀن، ڳنڍين ساڻ ڳنڍير،
    سمجھان ساھ_سرير، تڪيان ٻي تشبيھه ڇا؟

    *
    ڄارين پاس ڄمن، نوان تازا نُور ڪي!
    ايندي شَم شعور، هي رهزن سُور رَمن،
    چارا، چيٽ، چمن، ڏيئن ڏيھه مبارڪون.

    *
    واسيا ڪي ته وطن؛ آزاديءَ جي واس سان،
    واڌايون ڪِرڻا کنيو، ورڇيندا به ورتن،
    بنا جوت جتن، ڀينر، سوڀ نه سوجھرو.!

    *
    رنگيا انگ رچن، نئينءَ صديءَ نُور سين:
    ڀيلا ڀونءِ ڀڃي ته پوءِ، ڀلا رنگ رچن،
    مارُو پاڻَ مچن، موجُون ڄاڻ متيون اِجھو.!

    *
    جتي جھومن جھنگَ، اتي مارن مارڪا،
    ڪڻڪون، جوئر، ٻاجھريون، ساريون سونا سنگ،
    ڪلهن تيز ڪهاڙيون، چپن ٻُرن چَنگَ،
    تنهنجا گھيرا تنگ، منهنجا ويڙها ويڪرا.

    *
    جتي آجو آجڪو، جتي آجو ٿر،
    عمر توکي مون چيو، اتي منهنجو گھر،
    منهنجو جيءُ ۽ مَرُ، جَڙيو ملڪَ مليرَ سان.

    *
    بکي جتي باکَ، ريڙهي شال شفق جي،
    اُڀرندو اُسريو کڻي، سوجھري جي ساک،
    عطر، عنبر آک، سُرهي هيرَ صُبوح جِي.

    *
    موتي ونڊي ماڪَ، ڍڪيءَ ويلي ڍَٽَ تي،
    جھجھيون ٽڪن جيڏيون، ٻهڪن ٿر جا ٿاڪَ،
    حُسن، هُڳاءُ، هاڪَ، ملڪان مُلڪ ملير جي!

    *
    ڀٽان هٽي ٻاٽ، اُڀان ٽِمي ماٽَ،
    اُفق وٽان اُڀَ تي، ڳاڙها شفق ڳاٽ،
    عُمرَ، انهيءَ مهل تي، وانگي ووڙِن واٽ،
    چارن جا چِمڪاٽ، ڪاهي پوندءِ ڪوٽ ۾!

    *
    هئڻ تنهنج ومارئي، هينئر هِتي هيءُ،
    توڏي تَڪي ڪينَڪي، سڏي وڏي ويءُ،
    ٿَرَ جي گھورِي ٿيءُ، اِتان جُوھهِ جهان ڏي!

    *
    مارُن تي مارا، ڪري ڪوهه ڪندين تون؟
    ڪارونجھر کي ڇا ڪندا، وڄون وسڪارا!؟
    ڪئين ڪوڏارا ، سارو ٿَر پٽي سگھن.

    *
    گھوگھائين ٿو گھِٽ، وِجھي جنڊا واتَ تي،
    اجھو موڳي ماٺ مان، اُٿيا منهنجا مِٽَ،
    پکن واري پِٽَ، ڪيري ويندءِ ڪُنگرا!

    *
    مارئي مَنُ ملير، سَرڇو، سُلڇڻو گھڻو،
    آمر اندر ميرُ، هوڏي ، مَدو، هِيسڻو.

    *
    مارُو ميرَ اَميرَ، پاڻهي پاڻ فقير ٿيا،
    سگھا، سياڻا ٿي پيا، الائي ڪيئن اَسِير،
    اچي ٿيا ”استاد“ چئي، هاڻي هيئن حقير،
    تڻِيل هاٺيون تِيرَ، نِوِڙي نوڙي ٿي وَيون.
    .


    وائيِ (پنهنجو مٽ آ پاڻ، مِٽي ملڪ ملير جي،)

    پنهنجو مٽ آ پاڻ، مِٽي ملڪ ملير جي،
    منهنجي ڄاڻ سڃاڻ، مِٽي ملڪ ملير جي.

    ڀلڙ ڀوڀر ڀاڻ جي، ڪلر ناهه ڪڙاڻ،
    مٽي ملڪ ملير جي.
    ساگر امرت اوتڻا، کُوهر جيوَن_کاڻ،
    مٽي ملڪ ملير جي.
    سورج ورني سومرا، لوئيءَ جي لالاڻ،
    مٽي ملڪ ملير جي.
    سدائين سنسار ۾، جيئي جواڻ جماڻ،
    مٽي ملڪ ملير جي.
    هنڌين ماڳين ڳائبي، ساڻيهه جي سُرهاڻ،
    مٽي ملڪ ملير جي.
    منهنجو مرڻو، جيئڻو، ڪُلَئِي وطن ڪاڻ،
    مٽي ملڪ ملير جي.
    سڀ ڪُجھه آ ”استاد“ جو، ڌرتيءَ سرتيءَ ساڻ،
    مٽي ملڪ ملير جي.
    **


    وائي (ڌنڌ گھڻي داڳي)

    ڌنڌ گھڻي داڳي،
    سدائين ساڳي، سِجّ سريکي ماروي،
    هوءَ جا اوندهه انڌ ۾، جوت کڻي جاڳي،
    سج سريکي ماروي.
    ساري عُمر سهاڳ جي، جنجل ۾ جھاڳي،
    سج سريکي ماروي.
    وينگس بُوءِ بسنت جي، واچوڙن واڳي،
    سج سريکي ماروي.
    آکن ٿا ”استاد“ کي، راڄوڻو راڳي.
    سج سريکي ماروي.


    جھُوپن جھومائي، مورن جهڙي مارئي،

    جھُوپن جھومائي، مورن جهڙي مارئي،
    ڪوٽن تڙپائي، مورن جهڙي مارئي.

    آجي چانڊوڪي اڃا، چوکي چمڪائي،
    مورن جهڙي مارئي.
    سانگين سهج سوين ڪري، ٻائي ٻهڪائي،
    مورن جهڙي مارئي.
    چوماسي جي چهچٽي، مِينهَن مهڪائي،
    مورن جهڙي مارئي.
    سچي سوڀيا سورميءَ، جُڳ جُڳ جَرڪائي،
    مورن جهڙي مارئي.
    همّت موکي هيتري، غيرت گونجائي،
    مورن جهڙي مارئي.
    آزادي ”استاد“ ڏئِي، در در واڌائي،
    مورن جهڙي مارئي.


    داستان ٻيون

    بيت

    حسب نسب مارويءَ، اصل کان عالي،
    پرماري پِيڙڻ لڳا، پنهوارن پالي،
    ميري اودي ٿي وئي، لوئيءَ جي لالي،
    کڻي خوشحالي، مُهراڻي مان مِير ويا.

    *
    ڌوڌان ماري، ڌارين ماري ناهيان،
    نه ڪا ٻولي ٻاهرين، نه ڪا ڌر ڌاري،
    عمر، اوٺي، ڦوڳ سڀ، ڀئن جا بخاري،
    ڏاڍاين ڏاري، جيڏيون منهنجي جندڙي.

    *
    مونکي ماروئڙن، ڏني لولي ڏيهه جي،
    ٻڌي ٻوليون اوپريون، سرتيون ڪن سڙ،
    ڪڙيا سَنڌ ڪڙن، ڪوڪون ڪڙبيون ڪين ڪي.

    *
    سِکو تن کان سير، ملهيون منجھه ملير جي،
    ڪوجھو جيئن ڪين ڪي، ملهڻ سهڻو مير،
    سهسين گھور سرير، هڪڙي مور ملير تان.

    *
    هڪڙي هٿ ۾ نِير، ٻيو هٿ ٻڏل کير ۾،
    پِٽن، پيٽ ڪُٽين، پر اندر آس اُڪير،
    تَن تي تاڻيل تير، من جي مُهڙ ملير ڏي.

    *
    هڪڙي هٿ ۾ نير، ٻئي هٿ ۾ کِيرَ مبارڪون،
    جسو ظلم زنجير ۾، زندگيو ڪين ضمير،
    جيڏو سُڪُ سرير، ايڏي ڊُڪ ملير ڏي.

    *
    ڏاڍن لئه ڏوهي، ڏيهن ۾ ڏاهي وڏي،
    چون: ڇوهي ڏينهن کي، موهي ٿي ڇوهي،
    ڊوھه ڪري ڊوهي، کوليءَ ڏانهن کنڀي ويا.

    *
    ڏيهن ۾ ڏاهي، ڏاڍن کي ڏوهي لڳي،
    سوڀين کي سنسار ۾، سک نه ڪا ساهي،
    فڪر کي ڦاهي، سوچن کي هِتِ سنگھرون.

    *
    نج وندي لانڍي، مَدي ماڙيءَ کان مٿي،
    سچّارن سانڍي، ڪوڙن کان ڪٽجي ته ڇو؟

    *
    چٿڙيون، چيهاڙيون، پائر، کائر پڳ،
    چنئرا چئونتيون، چوچڙيون، دونهان چارا دڳ،
    مارُو موڳا وڳ، اوڳا باهه ڦڪيو جِيئَن.

    *
    جر ٿر کائن جڪ، گھر گھر سوگھار گھنگھرين،
    چؤنرن پون چڪ، پائر ماسُ پٽيو وڃن.

    *
    پَٽَن ٿور پيٽ ۾، اوڪارن ٿا اَڪ،
    ڦڪن مٿان ڦڪ، ڌورن ڌوڙ دوا ڏني.

    *
    آجائي اجرڪ، ٿڳڙيون ٿڳڙيون ٿي ٿئي،
    اگھاڙي اوڙڪ، ڍنگرين سان ڍڪجي نٿي.

    *
    ڦوندا ڦوندا ٿي ٿئي، آجڪي اجرڪ،
    ڪُکون وٽجن قوت لئه، بُکون مارن چڪ،
    پائر، کائر پڪ، آئيندي عيدون ڪندا.

    *
    ليڙون ليڙون ڇو ٿئي، تاريخي لوئي،
    ڌرتي کبڙي ناهه جا، مِينهن وجھي ڌوئي،
    ريٽو رت روئي، پيلي ڀُوري ڀونءِ ٿي.

    *
    پرزا پرزا پئي ٿئي، پائر جي پوتي،
    جيڏيون، منهنجي جوءِ جي، جھڪي ٿي جوتي،
    چاچاڻا چؤنتي ڪٿي، ماماڻا موتي؟
    فاتح ٿيا فوتي، شايد شير مري ويا.

    *
    پائر جا پَٽڪا، وک وک تي وکري ويا،
    مِهڻا مِينهن وسي پيا، سُهمون، ڌڪ، سَٽڪا،
    ڦٽن تي ڦٽڪا، کنوڻ کائر کي هنيان.

    *
    واڪا وڻ ڳهيو وڃن، ڌوڙ ڦٿڪن ٿا دڳ،
    ڪارونجھر ڪيرا لڳا، ساگر رڳو جھڳ.

    *
    ڪڙڪيا ڪڪر قهر جا، ڏڪيا مارُو ڏور،
    وٺيون وڄون راڄ تي، ڪيئون ڪِيس ڪلور،
    سِرجي ڦَرجي سُور، جيڏان ڪيڏان جُوءِ ۾.

    *
    مِهر ميهن وطن تي، قهر بنجن ڪيئن،
    آجيون عمر ڪوٽ ۾، اڙجن اچيو ايئن،
    جيڏيون جِيوَن جيئن، منهنجو نينهن ملير سان.

    *
    او آمر احمق، تنهنجو مُنهن ڪارو تئو،
    ڏاڏاڻن جا ڏيل ڏِس، ناناڻن جا نڪ،
    پنهور توتي پڪ، ٿوڪا، روز ٿُڪون ڪندا.

    *
    مارُ ماٺ مُٺي، اديون، ناهيان ڪاٺ مُٺي،
    ڪوجھيءَ بات ڪُهي وڌو، ناهيان ڪات ڪٺي،
    جيئري جن جي جند سان، مُئي مان نه رُٺي،
    ڀينر هاڻ بُٺي، منهنجي ملڪ ملير ۾.

    *
    مارُو ۽ مارا، ڪڏهن گڏبا ڪين ڪي،
    جوٽيا جيوَن جُڌ ۾، سانوڻ ۽ سيارا،
    جھانگين تي جھارا، پنهنجي ئي پرمار جا.

    *
    مارُون ۽ مارا، ڪَبي گڏيا ڪين ڪي،
    ڳيرا ۽ ڳارا، جيوَن جاڙ ٺهن ڪيئن.؟

    *
    مارو هڪ مارُو گھڻا، ماڻهو ڪيئن ماڻهو،
    منهنجو جاني جن منجھان، تن جي ڪاڻ تڻان،
    وطن شال وڻان، مرڪان مارُن وچ ۾.

    *
    جُڳن کان جرڪي پئي، لوءِ لوءِ جي لوئي،
    ڌيئن مٿي جا وڌي، ڌرتي ماءُ ڌوئِي،
    ڪارنهن شل ڪوئي، اوڇ نه اوڇڻ کي هڻي.!

    *
    مون جو مڱيندو، چڱن مان چُونڊي کنيو،
    سنڌوءَ جو سينڌو، جيڏو منهنجيءَ جند جو.

    *
    مِٺو مون مارُو، مِٺيءَ ڀلڙ ليار کان،
    کبڙ هو کارُو، جيڪو باڪُون ڀونءِ جو.

    *
    کٿي ۾ هو کيت، سنڌوءَ ۾ ڄڻ سورمو،
    مونکي پيارو پاڻ کان، سورهيه سونهن سميت،
    ڀٽائيءَ جو بيت، ڀانيان سانڍيان ساهه سان.

    *
    مارُو مياري، مُئو ماريئون ڪين ڪي،
    نه ڪو ڪڙڪايئون ڳڙو، نه ڪو آندئون آنڌاري،
    وڄون ڪاپاري، ڪيرائين ها ڪوٽ تي.

    *
    مارُو مياري، کنيو ڪنڌ گھمي پيو،
    گلائون ٿرپار ۾، جيئن جھولي ۾ واري،
    جُڳن جي خواري، ڏينهن لئه جِيوَن مِٺو؟

    *
    مارُن تي به ميار، مِڙي مُڙهي ڪين ٿيا،
    ڇڄي ڇڄي پئي لڇيا، ڪڻو ڪڻي کان ڌار،
    جدا جدا پئي رُنا، ٿي نيسارا نروار،
    الڳ الڳ پئي ڀڳا، جيئن ميڙي ڀڳي ٻار،
    هئه هئه لک هزار، ڪٽڪ ڪٺا ڪين ٿيا!

    *
    مارن تي نه ميار، ڏسي ڏيل ڏڪي ويا،
    ڪٿي مٿا خلق جا، ڪٿ قاهر ڄڻ ڪهسار،
    ڪٿي لٺيون ڪاٺ جون، ڪٿ تويون ڀڀڪيدار،
    هڪڙيءَ نينگر لاءِ ڇو، ٽنگائن گھر_ٻار،
    اديون آءٌ نرار، سِڌو سامهون توف جي!

    *


    ڏيندا ڏيهه ميار، او يار

    وائي

    ڏيندا ڏيهه ميار، او يار،
    قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو!
    هيڏي ساري ٿر جي آخر، غيرت ڇو ٿئي غار او يار،
    قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو!
    مارُن تي ڪَن ٽهڪي ٽوڪون، ٻهراڙيءَ جا ٻار او يار،
    قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو!
    نيٺ ننڊاکا پٽڙا ٻڌندا، جيجل جي للڪار، او يار،
    قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو!
    آهن ڪي ”استاد“ ڏهيسر؟ سُوريءَ جا سر_ڏار او يار،
    قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو!
    **


    تاريخي تڪرار، ننگن دنگن تي ٿين.

    وائي

    تاريخي تڪرار، ننگن دنگن تي ٿين.
    غيرت جنهنجي غار سا بستي ئي بيڪار.
    گندين گارين کان گندي، غلاميءَ جي گار،
    هرهڪ نڪ وٺيو وڃي، طعنن جي تلوار،
    حقّن لاءِ حيلا ڪندا، ”استاد“ آخر ڪار،


    سانگين، جھانگين لاءِ لُجھي ٿو

    وائي

    سانگين، جھانگين لاءِ لُجھي ٿو،
    هونئن نه ته هينئڙو ڪهڙي ڪم جو.
    ڪوٺي ڪوٺي بيٺو ڪوٺي،
    لانڍي_لانڍي لانڍ ڪڍي ٿو،
    هونئن نه ته هينئڙو ڪهڙي ڪم جو.
    تارا، سورج لاءِ سهيڙي،
    راتيون، ڏينهنِ ڪاڻِ ڪٽي ٿو،
    هونئن نه ته هينئڙو ڪهڙي ڪم جو.
    صبح سويرو سَرهو سنرو،
    سانجھيءَ سنجھي منجھه مُنجھي ٿو،
    هونئن نه ته هينئڙو ڪهڙي ڪم جو.
    شاھ، سچل، دودي ۽ هوشو،
    چئن چڱن جو چوڻ مڃي ٿو،
    هونئن نه ته هينئڙو ڪهڙي ڪم جو.
    ڪارونجھر جي ڪوڪ ڪنائي،
    ٻيلاين جا ٻول ٻڌي ٿو،
    هونئن نه ته هينئڙو ڪهڙي ڪم جو.
    پِيلو پِيلو پاڻ تڏهن ڀي،
    ڳاڙها ڳاڙها گيت لکي ٿو،
    هونئن نه ته هينئڙو ڪهڙي ڪم جو.
    ميري مِتي، ماس پنوڙو،
    وَستيءَ وستيءَ واس ونڊي ٿو،
    هونئن نه ته هينئڙو ڪهڙي ڪم جو.
    ڏئونڪن ساڻ ته ڏول به وڄندو،
    سهڪن سان هي ساز وڄي ٿو،
    هونئن نه ته هينئڙو ڪهڙي ڪم جو.
    جنهن در گھر گھر ڌاڪ وڌايس،
    پاڪ انهيءَ جي خاڪ چمي ٿو،
    هونئن نه ته هينئڙو ڪهڙي ڪم جو.
    انڌيءَ اوندهه منجھه ”بخاري“،
    شعلو شعلو شوق ٻري ٿو،
    هونئن نه ته هينئڙو ڪهڙي ڪم جو.
    **


    جيءَ ۾ جھانگين جا، ڙي جيڏيون

    وائي

    جيءَ ۾ جھانگين جا، ڙي جيڏيون،
    گھاوَ گھڻيئي آهن.
    کائر، پائر، کان به ڪشادا،
    گگرين کان گھاٽا، ڙي جيڏيون،
    گھاوَ گھڻيئي آهن.
    پکڙن جهڙا جھور پراڻا،
    تڙ تڙ کان تازا، ڙي جيڏيون،
    گھاوَ گھڻيئي آهن.
    ٿڳڙيون ٿي ويون لاکيون لويون،
    پرزا ٿيا پَٽڪا، ڙي جيڏيون،
    گھاوَ گھڻيئي آهن.
    سانئڻ سهرن ڪاڻ سڏايو،
    پاڙي ۾ پِٽڪا، ڙي جيڏيون،
    گھاوَ گھڻيئي آهن.
    ڪي پانڌيئڙا پيئڻ پيتا،
    کي کپرن کاڌا، ڙي جيڏيون،
    گھاوَ گھڻيئي آهن.
    اک اک تي اونداهيون پٽيون،
    گھٽ گھٽ کي گھوگھا، ڙي جيڏيون،
    گھاوَ گھڻيئي آهن.
    ڪانئر ڪوڙ ڪڙايا سورهيه،
    ڏاڍ ڏنڀيا ڏاها، ڙي جيڏيون،
    گھاوَ گھڻيئي آهن.
    تڙپي ڀونگا ڀڙڪن ٿا جي،
    ٿڙڪن ٿا ڪنگرا ڙي جيڏيون،
    گھاوَ گھڻيئي آهن.
    آزادي ”استاد“ اڳيان آ،
    جاڳي پيا جوڌا، ڙي جيڏيون،
    گھاوَ گھڻيئي آهن.
    **


    تاتِن جيڪي تخت طمعان

    وائي

    تاتِن جيڪي تخت طمعان،
    مان نه انهن مان جيجل ماءَ!
    آءٌ نه انهن مان آيل ماءَ !

    خاص خلاصي ڀل ته نه ڀاسان،
    عام عوامي ڀانءَ، امان،
    مان نه انهن مان جيجل ماءُ!

    ٻَنڌڻ ٻڌندي ٻول ٻجھي ويا،
    ٻول ٻوليان ٻي ته نه مان،
    مان نه انهن مان جيجل ماءُ!

    باغن، محلن، پهرن هوندي،
    ٿر ۾ ساري رات رمان،
    مان نه انهن مان جيجل ماءُ!

    دم دم دل بيچين پڪاري،
    ڇم ڇم برسن نِير ڇمان ،
    مان نه انهن مان جيجل ماءُ!

    مارُن ڪارڻ موت، حياتي،
    ڄڻ ته مري ٿي روز ڄمان،
    مان نه انهن مان جيجل ماءُ!

    آءٌ آگم ”استاد“ اهو جو،
    ٿر ري ڪاٿي ڪين ٿمان،
    مان نه انهن مان جيجل ماءُ!
    **


    جيڏي سونهاري، ايڏي سوڀاري

    وائي

    جيڏي سونهاري، ايڏي سوڀاري،
    ڪوٽن ۾ ڪاري نه ٿي،
    وڙهندي ويچاري نه ٿي.

    ڳاڙهي ٻير ڳٽول جان، جھرڪي جھونجھاري،
    ڪوٽن ۾ ڪاري نه ٿي،

    بجلي بنجي برج کان، چمڪي چوڌاري،
    ڪوٽن ۾ ڪاري نه ٿي،

    ساري سختي سوڙھه ۾، وسڪاري واري،
    ڪوٽن ۾ ڪاري نه ٿي،

    آمِر آزاري، مگر، نايس نيزاري،
    ڪوٽن ۾ ڪاري نه ٿي،

    ويڌن جيون جنڊ ۾، پيٺا پنهواري،
    ڪوٽن ۾ ڪاري نه ٿي،
    ڏينهن ڏنڀِي ماروي، صدين سينگاري،
    ڪوٽن ۾ ڪاري نه ٿي،

    آزادي ”استاد“ آ، جر ٿر للڪاري،
    ڪوٽن ۾ ڪاري نه ٿي.
    **


    داستان ٽيون

    بيت

    ڦوڳ! ڄمئي ڦٽجين، ايندي اُونڌ اُمهڙو،
    هُڄين دائيءَ هٿ ۾، ڦوڪيندي ڦٿڪين،
    ساميءَ ۾ سٿجين، ٿر جي ٿڃ نه پي سگھين!

    *
    ٿوهر ٿڃ ٿَيئي، لولي لُنڊي ڏئي وڃئي،
    جھاڙي جھولي ۾ وجھئي، جھولو ڏنڀ ڏَيئي،
    پِيئڻ ساهه پيَئي، بُجن کان ته بچي پوين!

    *
    پائر پاراتو، ڏنو ڏيهه ڏڦيڙ کي،
    لُلو انڌو جي ڄمين، ٻوڙو ۽ ٻاتو،
    ايڏو ٿر آتو، ڪوڙهيا ڪين ڪري سگھين!

    *
    ٿر جي پيتئي ٿڃ، لڄ لٽايئي لوءِ جي،
    ڪُتن جيئڻ ڪيترو، ڇِتا مرڻ مڃ،
    وطنَ ويري وڃ، ڏهر جاءِ نه ڏين تو!

    *
    وطن ودروهي، ڀونءِ نه بخشي ٿڃ تو،
    محلاتي تنهنجي مِٽي، ڳوٺن ڪيئن ڳوهي؟
    ڏيهين جا ڏوهي، پادر تولئه پنڌ ۾.

    *
    ويڙهي ودروهي، ڪهڙي ڪڙم منجھان تون،
    چغلي تو چونئرن مٿان، ڇسا کنئي ڇوهي؟
    تنهنجي ٺِش ٺوهي، هاڻي ڊربي ڍٽ ۾.

    *
    ڦوڳ نه تون پر ڦوڳ ڪڄهر ڪنهن به نه ڪم جو،
    جهڙو ڀنگي روڳ، اڇلي ڍارن ڍير تي.

    *
    ڦڳڻ ڄايا ڦوڳ، پاري پوهه سٽي وڌين،
    سين ساڙ، دلين دغا، رڳين لڳئه روڳ،
    چوڻي چغليءَ کان جڏا، جِيوَن ڏين ها جوڳ،
    ڀيلا تولئه ڀوڳ، ساڀيان سيم سڙي وئي.

    *
    ٿرين جا ٿوڪا، ٻوگھا ڦوڳ ٻڌي ڇڏ،
    جيئري تنهنجا جابجا، حرامي هوڪا،
    ڪُٺي بعد قبر ۾، ٺوڪندءِ ڪوڪا،
    سو سمجھو تو ڪا، خاصي کيپ کٽي آ.

    *
    ٻيڻ وٺي ٻوٻا، سڙيا، سيڻ مٽي وئين،
    نرجا سٺئي نڪ تي، گارين جا گھوٻا،
    هرجا هُل هوٻا، ڦٽڪارون ڦوڳن مٿان.

    *
    ڀاڙيا، تنهنجا ڀاءَ، تهبارون تاريخ ۾،
    چنو، جئچو، جعفرو، نائون نگراناءَ،
    بري بانس بُرن جي، وڍَ، وکير نه واءَ،
    اڳتي لاءِ اُپاءَ، ڪنهنکي ڪوڙهه لڳي نه جيئن.

    *
    نالي ناهه ميار، ساڳيو نام سُٺو، مُٺو،
    جعفرڪي طيار ڪي، ترڪڻ لاءِ تيار،
    صادق ڪي سچّار ڪي، ڪوڙا ديس غدار،
    هرڪو پنهنجا هار، پائي پيار ڌڪار جا.

    *
    انڌا ايڏو انڌ، پائر، پاپي ڀيل ۾،
    ڪارونجھر جو ڪنڌ، ڪڙائين پيو ڪوٽ ۾.

    *
    ڦوڳ نسورو ڦوڳ ٿي، گيدي ڪيئه گندَ،
    ڦسا تنهنجا ڦند، ساريءَ سنڌ لَکي ورتا.

    *
    نالا محض نشان، اصل ۾ اعمال،
    نه سڀ ”ڪالو“ ڪارڙا، نه سڀ ”لالا“ لال،
    جنهن جا قال ۽ حال، ڀلا ڍول ڀلو سو.

    *
    او بي ننگا باڪا! ليڪا سڀ لنگھي چڪين،
    ڪوٽ ڪيئه آقا، ڇپر مِٽ ڇني ڇڏيئي.

    *
    قهر ڪري باڪُو، ڪڍيئي ڳالهه قهار سان،
    تڙپايئه ٿرپارڪر، مڇرايئه تاڪُو،
    هو جيڪو حاڪُو، راڄن ساڻ رڏيون ڪري.

    *
    تو جو کيڏيو کيل، ان جي آڳ اڳيان اٿئي،
    واري ڪڻيون لعنتون، وڻن جيڏو ويل،
    تولئه تئو، تيل، چنئري چنئري رکيو.

    *
    ........ چغلخور، خبر کر کڻي وئين،
    سوئر، لچّ، لغور، لاتئه ٽڪو لوءِ کي.

    *
    او جوءِ جا جوڻِتَ، ڪٿي شرم، حيا ڪٺئي،
    ناڻو، نر، مادي ڪري، دئوس ڪيئه دولت،
    صدين جي عزت، لمحي ۾ لوڙهي ڇڏيئي.

    *
    او جواءِ جا جوڻت، ڄاڙي ڄڀ ڄري وڃئي،
    ڀاڙيو ۽ ڀڙوت، ٻئي ٻيلهه ٻري ويا.

    **


    داستان چوٿون

    بيت

    جنهنجو هانءُ امير، هوندو نانءُ همير،
    ڪٽيل قلب چٻو دَٻو، زنگيل ٽِين ضمير،
    مارُو، مال، ملير، هڙئي اُن جي هُوس ۾.

    *

    آمر کان آمر ٿين، کپر کان کپر،
    ٻٻر مان ٻٻر، ٿوهر مان ٿوهر ٿئي.

    *
    تاڪائو تارا، ڪانڊن ٽانڊن تي وجھان،
    مارُن جا مارا، توکي آري سان اڌيان.

    *
    هڪڙي قهري ڪوٽ، جھڙپيون لکين جھوپڙيون،
    ٻُڍن ۾ ٻاڪار ٿي، ٻارن ۾ ٻرڙوٽ،
    ڳاڙهن جوڌن ڳٽَ پيا، اَڌ گيدا اڌڙوٽ،
    ماڻهن ۾ ڦڙڦوٽ، ڦورو ماڳ ڦريو وڃن.

    *
    هڪڙي هوڏي ڪوٽ، لکين جھوپيون جھيڙيون،
    ڀٽن تان ڀاڳيا اٿيا، گھرن منجھان گھوٽ،
    ڪوٽن ۾ ڦڙڦوٽ، ڌرتي هاڻ ڌٻي پئي.

    *
    اوڇرو سگھو، اديون ايڏو ڪونه هو،
    ٽَٽي ٽڪرا ٿي پيو، ڏري ڏيهه ڏگھو،
    هڪ هڪ سمجھه اگھو، سارو لوڪ سگھو گھڻو.

    *
    ڪا جا ڪري ڪڄّ، آئين آمر عام ۾،
    ڌڪيئه سچي ڌڄّ، دوکي جا ڌڌڪا ڪري.

    *
    ڪاجا ڪري ڪڄّ، گھڙئين قومي ڪاڄ ۾،
    لڪيو لڪيو عام جي، آمر لُٽين لَڄَ،
    توتي ڇايون ڇڄ، راکو ٿي، رکون ڀڃين.

    *
    ڪاجا ڪري ڪڄ، ڌرتيءَ تي ڌاڙا ڪيئه،
    پٺيان تنهنجي پڄ، آمر آهي عوام جي.

    *
    اُٺ مٿان آ۾ر، چڙهيو، شر مٿان شيطان،
    انگين، عضوين، لڳڻين، آکيندي انسان،
    هونئن سڄو حيوان، بگھڙ کان بڇڙو گھڻو.

    *
    هڻي ڪُڌو هامَ، چوري چانگي تي چڙهيو،
    انهن تي حملا هلان، لڳا جيڪي لام،
    ڌرتيءَ جي ڌاڙيل کي، عادل سمجھن عام،
    ڄمڻ ويلي ڄام، مرين ها ته مبارڪون.

    *
    عمر، ڦوڳ ۽ اُٺ، ٽنهي جي ٽڪساٺ،
    ڪامڻ وڌي ڪاٺ، مارو وڌا مامري.

    *
    هُوس ڪري هوڏ، پائر ڏي پلٽو ڪيو،
    سڃاتائين سٿ مان، لاڏليءَ لوڏ،
    هشايائين هوش سان، ڪرهو وڏي ڪوڏ،
    ڌاڙو هڻي ڌوڏ، ڀٽون اڄ ڀيلي ويو.

    *
    هُڏيءَ ساڻ همير، ڪڏي ڪرهي تي چڙهيو،
    چهرو چوراڻو ڪري، منهن ڦيرايو مير،
    بڇڙو بدضمير، ڌرتيءَ تي ڌاڙا هڻي.

    *
    هڻي وڏي ها، پڏي چڙهيو پاکڙي،
    کنڀي کنئين کوه تان، ستي ڌرتيءَ سام،
    مچي ويو ملڪ جي، ڪنڊ ڪنڊ ۾ ڪهرا،
    مَنَهَن ۾ ماتام، محلن ۾ موجون متيون.

    *
    عُمر، اُٺ ۽ ڦوڳ، ملي ڪئي مصلحت،
    حاڪم هوندو ، هٿ ۾، هيڪاندي هيبت،
    ڦسي ڦوڳ کنئي ککي، کوٽي کريبت،
    بوتي ڀليءَ ڀَت، سئونڪو سمجھيو ئي نه ٿي.

    *
    عمر، ڦوڳ ۽ اُٺ، مڙني سٽي مَت،
    آمر ڪُٺو عدل، هن گھوگھاٽي غيرت،
    گونگي جي هي گت، جيڪي جت گھُري ڪري.

    *
    ”هيڏو ظلم ذليل“، ڦٽڪاريائين ڦوڳ تي،
    راجا رهبر راڄ جو، دل ۾ کوڙ دليل،
    آيس اڀري اکَ ۾، عورت اُت شڪيل،
    عمر مست عليل، قهري مهريءَ تي چڙهيو.

    *
    چئونڪي ڏيندڙ چور، پائر تي پهرو ڏئي،
    تاڙي ڊيلون ڍٽ جون، ماري کائر مور،
    جاڏي کوهر، کوهيون، تاڏي ڏاگھي ڏور،
    جنبي زورازور، جنهن کي اکي جُوءِ ۾.

    *
    چڙهي ڏاگھي ڏاڍ تي، رکوالو رهزن،
    ڪارن ڪوٽن جو سڄڻ، ديسن جو دشمن،
    اوڙهي چوغو هرڻ جو، چت رکي چيتن،
    آمِر امّارو ٿيو، سمجھو ڪو سمجھن،
    اندر ۾ ويڌن، ٻاهر ٻولي ٻاجھه جِي.

    *
    غضب جو غاشو، مٿان غاصب غيظ ۾،
    کر جي خام خيال ۾، خوب ڪيئين خاشو،
    لڙڪيل هو لاشو، هن ليکي هوءِ هنج ۾.

    *
    ڍوڍو ٿي ڊونڊو، ويٺو ڍاٽي اُٺ تي،
    اڳئين جت جي اوٽ ۾، اڳتي ٿي اونڌو،
    مٿان ڀئو ڀُونڊو، متان لوڪ لکي وٺي.

    *
    کلندي پري کوهه تان، کنئي ڀوت کنڀي،
    اوندهه ۾ آڻي وڌي، انڌي، جوت جنڀي،
    ڏوٿي، ڏيهه ڏنڀي، ڪوڙهيو لِڪو ڪوٽ ۾.

    *
    جھٽ هڻي جھڙپي، جھِرڪي باز بکئي کنئي،
    پِتڪڙي تڙپي، چنبن، چهنبن وچ ۾.

    *
    ڪنگ جھٽي ڪرڙي، مارِي جھڙپي ماروي،
    مُنهن تي ماريندي رهيس، گِڦ ڀري گُرڙي،
    ڀاڪر جھجھڙ باهه جو، پاسن ۾ پُرڙي،
    درد ڀري دُرڙي، سَتي سُرت اڏي وئي.

    *
    اڳھرون آجي، هينئر ڦٿڪي ڦند ۾،
    سوگھي جڪڙي سورمي، پهرن ۾ پاجي،
    رهزن رواجي، اوچي وٿ ونگي وڌي.

    *
    ٻروپئي جو ٻڪ، پاڻيءَ پياسو ڪونه هو،
    سڪيو ٿي ڪنهن سيڪ لئه، هن جي هٿ جو ٻُڪ،
    گھاگھر هيٺيان گھور سان، ڏسڻ لڳو ڏُڪ،
    چيلهه سنهي چهبڪ، جھڪي، واگھه جھٽي ويو.

    *
    ويو ڦورُوءَ ڦَر، کسي هيرو کائران،
    ماڻڪ موتيءَ سان ٿيو، ڪيڏو قيس قهر،
    اڃا تائين ٿر، تعديون سهندو ٿو اچي.

    *
    ڪارو ڪاريهر، ڏنگي ڏاتون ڏيهه جون،
    نه ڪا چيلهه چٻي ٿيس، نه ڪو ڪُٽيس ڪَرُ،
    ويري تنهنجو ور، لهندو، لوڙهه مٿان اٿئي.

    *
    روز آور عمر، زوريءَ کنئي جنهن ماروي،
    هيڏي ڀنڀيءَ ڀُونءِ جو، ڀينر ڪهڙو ڀر،
    نه ڪو ڀِٽون ڀڙڪيون، نه ڪو ٻريو ٿر،
    هرهر ڇو نه قهر، ڌاڙا ديهن تي هڻي.

    *
    مون ڀانيون ماڻهو اُڃو، کپر پياريم کير،
    هڻي ڏنگ همير، کائر کي کائي وڌو.

    *
    رحم نه آيو راس، جيڏيون پنهنجيءَ جند کي،
    مون سمجھيو مجبور کي، تڙپايو آ تاس،
    اندر ۾ ابليس هو، ٻاهر ماڻھوءَ ماس،
    ڪاريهر تي قياس، متان ڪا موڳي ڪري.!

    *
    ماري، مارَ مَهَل، ٻهرئون ٻهروپو گھڻو،
    ايڏا ڇهند ڇهل، سادا ڦاٿا سنگھرين.

    *
    اهڙي ريت اَهَلَ، ڏسڻ ۾ ڏيهي لڳي،
    ڪوڙن، ڪوڙَن تي ڪڏهن، ڪجي ڪين ڪهل،
    مليم داڳ دَهَلَ، آڇيم آب اٻاجھه کي.

    *


    ماروي موڳٽَ

    وائي

    ماروي موڳٽَ،
    سرتيون پهرينءَ سَٽَ، سوچين ها سَوَ سَوَ دفعا.

    لهرائين ها لُنب کان، گھٽ ۾ گھٽ گھونگھٽ.
    سُنگھين ها سُون سُُن ڪري، ڪوڙ هئي ڇَٽ جي ڇَٽ.
    ظاهر ظالم ٿيو پون، توڙي ڀاسن ڀَٽ.
    پروڙين ها پاپ جي، کوٽيءَ اک جي اَٽ.
    آڇيئه جَلَ اجل کي، اُٻهري جھٽ پٽ.
    پاڻ کڻي پهنوار تو، ڳاٽي پاتا ڳٽ.
    سوچين ها سَوَ سَوَ دفعا.


    ڀمڀي ڀونءِ ڄڻي، کنڀي ڏاڍ کڻي

    وائي

    ڀمڀي ڀونءِ ڄڻي، کنڀي ڏاڍ کڻي،
    واڪا ڳوٺن کي ڪندي،
    ٽوٽا ڪوٽڻ کي ڪندي.

    تاتي ڪنهن تاهوت سان، پائر پَدمڻي،
    پئي جنهنجي پير تي، پر جي ڪانه پڻي،
    سهڻي سورهيه نينگري، ويتر وٿَ وڻي،
    اڳيان اڀري ڏاڍ جي، هيڏي هام هڻي،
    تڙپي ترمن ۾ جتي، ڪانهي ترس ڪڻي،
    ڪچو ڪُرڪيئن ڪندي، هوءَ جا ٿر_ٿڻي،
    سَٺئين ڀالا سامهان، ڦِٽيس ڪانه ڦڻي،
    سوڀ ”بخار“ سنڌ کي، ڏيندو ڏيهه_ڌڻي،
    واڪا ڳوٺن کي ڪندي،
    ٽوٽا ڪوٽن کي ڪندي.


    مُور نه کاتي مات اديون

    وائي

    مُور نه کاتي مات اديون،
    ڏهرن، شهرن، ڏونگرن.

    چوراهن تي هوڪرا، لوهيڙن ۾ لات اديون،
    ڏيهان ڏيهه مڃي وئي، ڏوٿيئڙن جي ڏات اديون،
    تنبيا ڪنڌ ڪروڙ جا، ڪنبيا درجن ڪات اديون،
    هارئي آمر وات ۾، هاڻي آ هيهات اديون،
    آزادي ”استاد“ کي سوڀ ڏني سوغات اديون،
    ڏهرن، شهرن، ڏونگرن.


    راهون ڳائن راڳ

    وائي

    راهون ڳائن راڳ،
    چنئرا ماڻن چاڳ، اُٿن جي مارُو منهنجا!

    ڀينر پنهنجيءَ ڀونءِ ڀلڙ جا، جبل جيڏا ڀاڳ،
    سانوڻ، سياري سيم مٺيءَ کي، ساگر ڏينِ سهاڳ،
    ڀٽ ڀٽ تان برباديون لوڌيون، موجون ماڻن ماڳ،
    ڪاٽي وڃبا قيد ڏکن جا، جھاڳي وڃبي جھاڳ،
    جر ٿر جا جنسار وڌايون، ڌوئون تر جا داڳ،
    هاڻي پنهنجي هٿ ۾ هوندي، واس ورن جي واڳ،
    ساٿي ٿيندي سوچ ”بخار“، جيتيون ڏيندي جاڳ،
    اٿن جي مارو منهنجا.


    داستان پنجون

    بيت

    ور مان ونگي هِت، لڇان تاريڪون تڪي،
    ٿر ۾ ٻَڌي ٿِت، پڪي ريت پهنوار سين.

    *
    ٻانهون ۽ ٻروڙٽ، پهرن ۾ پُوريا ويا،
    اوتارن جي اوٽ، پاٿاريون پلجن پيون.

    *
    هي جي قهري ڪوٽ، ڪوٽن ڪيئي ڪنگرا،
    ڪنگرن ۾ ڪنڌڙا، ڀانڊا، ڪرنگھا برج ۾.

    *
    هڪڙو انڌ_اڏو، پالي ڪَوڙيئن ڏوجھرا،
    هڪڙو پيٽ وڏو، سانڍي سُورَ هزار.

    *
    اڳي ڪارا ڪوٽ، هاڻي ڳاڙهيون ماڙيون،
    چڙهي چڙهي چوٽ، پاپي ڪرندا پٽ تي.

    *
    مان جي محلين لوڌجان، مانُ ڪريان، مَرڪان،
    پِڃري ۾ پِيلي لڳان، جھنگل ۾ جرڪان،
    ڪڇ رسي ڪرڪان، ڦٿڪي نڪران ڦند مان.

    *
    هِتان هٿ کڻي کِلان، کائر تان نه کڻان،
    جني جياريو جندڙو، تني ڪاڻ تڻان،
    ويڙهيچن وڻان، مرڪان، محلين لوڌجان.

    *
    اڳي جا آزاد، ڀينر هاڻي بند ۾،
    ادن وٽ آباد هُئي، بَدن وٽ برباد،
    جتي دعويٰ داد جي، اتيئي بيداد،
    ڀينر هي بغداد، هيڻِي ڏاڍن هٿ ۾.

    *
    ”هئڻ تنهنجو هيترو“، ڏهاڙي ڏين ڏَرَ،
    ڏِنا ڀُونءِ ڀلن کي، جنم جنم جا ڀر،
    جيتر ٿاڻا ٿَر، تيتر مات نه ماروي.

    *
    ماڻهوءَ ذات مري مگر، اُن جي ڏات اَمر،
    پري تير_اجل کان، پيار_پکيءَ جا پَر،
    جيتر بحر، بر، موسيٰ مائو موج ۾.

    *
    پچان پڄران بند ۾، ڪڙهان ڪين ڪڇان،
    لُئن لُئن منجھه لڇان، پڇان کائر خير سان؟

    *
    اڳهرون ايندي، ڏٺي ماڻهن ماروي،
    ويريءَ وٽ ويندي، وري ڪانه، رتون وريون.

    *
    اڳهرون آئي، جھُڙ ۾ بجلي جرڪندي،
    سهڻي سرتين سٿ ۾، ٻانهين ۾ ٻائي،
    ڦوروءَ ڦٿڪائي، لوهوءَ ۾ لڇندي وڃي.

    *
    لڏندي، لمندي، لچڪندي، اڳهرون آئي،
    کلندي، کڙندي، کچڪندي، وسندي سرهائي،
    ڏاڍائيءَ ڏائي، رُئندي رڙندي پئي وڃي.

    *
    اڳهرون نڪتي، گھونگھٽ ساڻ گھڙا کڻي،
    ساٺيڪن تائين سَتي، سلامت پهتي،
    تُرم ڏنڀي سَرتي، موٽي ڪانه مندون وريون.

    *
    ڄارين ۾ ڄائي، پجھي ڄارين ۾ آئي،
    ٻيرين ۾ ٻاٻيهڙا، ٻيڙين ۾ ٻائي،
    سائي ٿي سا ئي، ڳاڙهي جيڪا ڳوٺ ۾.

    *
    هينئر انڌارو، ساجھر سويرو هيو،
    ڪاڏي پهرين پهر ويو، سورج سونهارو،
    قبر کان ڪارو، اندر عمر ڪوٽ جو.

    *
    ٿورو اڳ ۾ ٿر، هينئر ڪاريون ڪوٺڙيون،
    هيرون کِلڻ کيت جو، تنهنجو ڏسڻ ڄَرُ،
    ننڍو تنهنجو ڏَرُ، وڏو ڏڍَ الله جو.

    *
    پهنوارن وٽ پر، هيل هميرن هڄ ۾،
    ڪوڙا تنهنجا ڪنگرا، ڪوڙو تنهنجو ڪَرُ،
    سچائيءَ جو سِر، ڪٽئي ڪٽبو ڪينڪي.

    *
    پَوَن تي پردا، چانڊوڪي چئونڪي اندر،
    سنگھر ۾ سوگھيون بتيون، ترم ۾ تجلا،
    بَرُ، توکان بنگلا، سئو ڀيرا سهنجو اٿم.

    *
    ڪوٽن تي ڪنگرا اُڀا، اُهاءَ کي اوچر،
    هيرون پهچن هت جڏهن، ڇاهن دريون، در،
    اهڙا ڳڙهه عمر، اڏيا اوندهه واسطي.

    *
    پرکيو پاپن پاڻ، ست تنهنجو سورمي،
    ڪڇ ۾ کُتيون ڪندريون، سينو سچ ڏي تاڻ،
    رڳون رتوڇاڻ، ميڇون، مُهڙ ملير ڏي.

    *
    ڪهڙي قاتَلَ ڪاڻ، موتُو قبل مري چُڪس،
    بندوقون بيشڪ ڀريو، ٻاري ڇوڙيو ٻاڻ،
    ڀِٽُن لَٽجِي ڀاڻ، ڏينديس ڀونءِ ڀلوڙ کي.

    *
    ڪوٽن، ڪوهن، ڪُن، ونگيون رڳون وينگسون،
    ڀِٽن کان ڀنڀور تئين، ڀينر ڀُن ئي ڀُن،
    پلئه پائي پُن، ڌرتيءَ ڌاڙ وڏي سَٺي.

    *
    مارئي منجھه ملير، ههڙي هاڪ نه هووڻي،
    قلعي ۾ ڪڙجي وئي، وڌءَ ظلم زنجير،
    پٽن تي پکڙي وئي، سَتيءَ سُرهي هِير،
    اُهي هيج همير، لوئياري لاهي ڪٿي؟

    *
    لوئياري ۾ لوءِ، هجي ها جي هيج ۾،
    پکين ۾ کيڏي پيار سان، پٽين پڪا پوءِ،
    ههڙي منڌ هتي ڪا، تنهنجي هاڪ نه هوءِ،
    مان نه ڄاڻي ڪوءِ، جيڪو ماڻيو مارويءَ.

    *
    ٿاريليون ۾ ٿر، ڪهڙي ليکي ڪيتريون،
    کڙا کوڙ ڏهر ۾، ساري ڀونءِ ڀتر،
    ڌانڌولي جا ڌر، چمڪي چوٽ چڙهي وئي.

    *
    ٿاريليون ۾ ٿر، ڪيئي آهن ڪامڻيون،
    ڪونجون کوڙ پهاڙ ۾، تر ۾ مور ولر،
    پر جنهن پاتا پر انجي اور اڏام ٿي.

    *
    ڪُني رجھي ڪوڪ، پلٽي پاٽ وجھان ته ڇا،
    هي جا ٻڙڪي هانءَ ۾، هيڏي ساري هُوڪ،
    ڦٿڪي نڪتي ڦُوڪ، ڪوٽن ڪِيهه رُڪي ڪٿي.

    *
    ڄارين ۾ ڄايس عمر، تنجيس، تيليس تَرَ،
    آڍيم وانڍُن ويئرن، ٿڃيم ٿر جي ڌر،
    وڏي ٿيس ويڙهه ۾، ووڙي واسَ وکر،
    اديون آءٌ اگر، بتي بنجي ٿي جلان.

    *
    پلئه پاور پُور، ويڙهيچين ونڊيان ته ڇا،
    تاڃي پيٽي تاڻ ۾، سرتيون مونوٽ سُورُ،
    چاهت چڪنا چور، جيڏيون ڪوڏ ڪٿان ڪريان!

    *
    آءٌ نه اڪيلي، ڀليو آهين ٻوگھلا،
    ڀمڀي کمڀي ڀُوت تو، ڀونءِ سڄي ڀيلي،
    ٻيلائي ٻيلي، ڪين ڇڏيندءِ ڪوٽ ۾.

    *
    آءٌ نه اڪيلي، ڇولي سائر سير جي،
    ڇا تو سمجھي سومرا، ڇوري يا ڇيلي؟
    مان البيلي، پلي پائر جھول ۾.

    *
    ڇني ڪلهه ڇولي، سنڌو تنهنجيءَ سير کان،
    سُڪي تتي ريت تي يا گڏونءَ ۾ گولي،
    ڳنوانن ڳولي، سُرڪي پنهنجي سمنڊ جي.

    *
    ڳُجھا تنهنجا ڳڙهه، ڌر جي ڌِيءَ ڏنڀين ٿا،
    لُٽن لڄَ انهن جي، جيڪي لڳن لڙهه،
    ڏسيو ننڊ نڀاڳ جي، هئه هئه وسان هڙهه،
    مارُو ڇو ٿيا مڙهه، مارڳ ڪيئن مقام ٿيا؟

    *


    سانگئڙن جي سامَ

    سنڌو تنهنجي سامَ، جيڪو ساڙي، سو سڙي،
    ڳلو ظالم راڳ جو، پڪڙيندا ڪهرام،
    ماريندءِ ماتام، اچي آمِر عيش ۾.

    *
    ڏاڍ نيٺ ڏري، جيڪو ڏري ڏيهه کي،
    جهڙي آپ ڪري، اهڙي ٿئي اُن سان.

    *
    ظالم باهه ڀري، ذري ذري ظلم ۾،
    تنهن کان ڇڏيون ڏاڍ کي، تئيءَ منجھه تَري،
    وري ڪين وري، ڏاڍو منهنجي ڏيهه ڏي.

    *
    سنگھارن جي سامَ، مرڻي ناهي سومرا،
    ازل ابد کان اڳي، ماروئڙن جي مام،
    آمر ليکي ٿي چڪو، اتي اختتام،
    نناوان ناڪامَ، اڃا عامَ گھڻا اڳي.

    *
    خوش ٿيو خان خري، ڪري ڪرنگھر، ڪوپري،
    نه ڪا دل وٺي سگھيو، نه ڪا دل جي ديد،
    پِنڊو پُورِ پليد، توکان پريت نه پوربي.

    *


    خوابن جي خوشبو

    منهنجي سپني پنڌ ۾، ڏٺا اوٺيئڙا،
    هونگارون بيگاهه ۾، ڏهرن ۾ ڏيئڙا،
    لڳهه مان ليئڙا، تارا تڪن ڊاڳ ڏي.

    *
    ڏٺم ڏوٿيئڙا، سپني ۾، ساڀيان جيان،
    ڳائن راڳ رچي مچي، جوڌا جانيئڙا،
    جھولن روهيڙا، آجايون هيرون گھليون.

    *
    خوابن جي خوشبوءِ، واسي سال صديون وئي،
    سمي ساٺ ڪَٺا ڪيا، سانگين لاٿي سُوءِ،
    هيڏان هوڏان هوءِ، هوندي امن امان جي.

    *
    نئون چمڪيو نُور، اکين جي آڪاس مان،
    مرڻي ناهين ماروي، مارو تنهنجو مُور،
    سو پڻ تنهنجو تُورُ، آئيندي جيڪو اچي.

    *
    سوچن جي سنسار مان، پليو امر پُور،
    مرڻي ناهين ماروي، مِٽي تنهنجو مُور،
    ٻٻر، ٻيريون، ٻُورُ، سڀئي ساک سڃاڻ جي.

    *
    سپنا، تنهنجا سوجھرا، پائر سرڳ ڏسن،
    ڳائن خوشيون، روشنيون، وايون واس وسن،
    اتي قرب ڪڪوريا، اتي حُسن هَسن،
    جيتر رنگ رسن، تيتر انگ تباهه ٿيا.

    *
    سپني جي ساڃاهه، مهند وڌائي ماروي،
    سانجھي، سنجھي روبرو، ڏني صبح صلاح،
    سورهيه خواب ثواب ٿيا، گيدي خواب گناهه،
    ونگن وتان واهه، ڪوٽن منجھان ڪاهه ڙي!

    *
    سپنن جا سوداءَ، ڏوٿي، ڏٿ ڏڦيڙ ۾،
    وڌيا پائر پٽ تي، دهشت جا ڏهڪاءَ،
    ڏاڍو هيڻي کي ڏڌي، ٻيڻون توڻي ڀاءَ،
    گگن ۾ گوگاءَ، آئيندو ايندو ڀلو.
    *


    پهچو پهچو چئو، ڏاڍو ڏاڍ ڪيو وڃي!

    وائي

    پهچو پهچو چئو، ڏاڍو ڏاڍ ڪيو وڃي!

    ڏنگي ڏينهن ڏٺي ويو،
    ناهه ٽري هئو مئو، ڏاڍو ڏاڍ ڪيو وڃي.!

    هوڏان ڪانئر هيڪڙو،
    هيڏان سورهيه سئو، ڏاڍو ڏاڍ ڪيو وڃي.!

    اوريان پريان پاپ جي،
    پٺيان نڪري پئو، ڏاڍو ڏاڍ ڪيو وڃي.!

    ماريو ملڪ ملير کي،
    ڀينر ڪوڙي ڀَئو، ڏاڍو ڏاڍ ڪيو وڃي.!

    جيڪو ڊوهو ڍَٽ جو،
    تنهن لئه تيل تئو، ڏاڍو ڏاڍ ڪيو وڃي.!

    لاهه ”بخار“ لوڪ تان،
    ڀُوتن وارو ڀئو، ڏاڍو ڏاڍ ڪيو وڃي.!

    **


    زوري ظلم ڪري ويو

    وائي

    پنهور ڇو نه پُنس، زوري ظلم ڪري ويو،
    زوري ظلم ڪري ويو،
    ڌرتيءَ ڌاڙ ڪري ويو.

    کنڀي وينگس کوهه تان،
    هوڏي حرص هوس، زوري ظلم ڪري ويو.

    نه ڪي چنبا چيريس،
    نه ڪي ڏند ڀڳس، زوري ظلم ڪري ويو.

    نه ڪي وڍيس واهرو،
    نه ڪي ڇوهه ڇنس، زوري ظلم ڪري ويو.

    ڪيڏي ڪاري ڪري چڪو،
    ڪاري ڪانه لڳس، زوري ظلم ڪري ويو.

    ”استاد“ عام قيام ٿس،
    محشر آهي مٿس، زوري ظلم ڪري ويو.


    سي ڪيئن ميڙا گھمندا.

    وائي
    جن جي آجي ٻانهن ٻڌي،
    جن جي رڳ رڳ ظلم وڌي،
    سي ڪيئن سکيا سمهندا،
    سي ڪيئن ميڙا گھمندا.

    جنبي جيڏين مان تو کنئي آ،
    گھر مان لوڌي ناهه لڌي، سي ڪيئن.....

    شهر شهر ويا گھگھر گھيري،
    ڏهر ڏهر ويا ويل وڌي، سي ڪيئن.....

    ظالم، تو آ سونهن سلهاڙي،
    ڏاڍا، تو آ ڏات ڏڌي، سي ڪيئن.....

    مِينهن ٿي وسندا منهنجا مارو،
    ٿيندي تنهنجي باهه ٿڌي، سي ڪيئن.....

    ڪيرائيندي ڪوٽ ”بخاري“،
    مارن جي مضبوط ٻَڌي،
    سي ڪيئن سکيا سمهندا،
    سي ڪيئن ميڙا گھمندا.


    ڪُنگرو ڪنگرو ڪنڌُ، ڪوٽ هزارين ڪنگرا

    وائي

    ڪُنگرو ڪنگرو ڪنڌُ، ڪوٽ هزارين ڪنگرا،

    ريٽو ڳاڙهي رتَ ۾، سِر سِر جو سنڌُ سنڌُ،
    شاهد شوق شڪار جو هميرن هنڌُ هنڌُ،
    ماڻن مشروبات ۾، ماکيون، ميوا منڌُ،
    پگھر، پورهئي پيڙ جو، سيجن منجھه سڳنڌُ،
    در در جوت قنديل جي، اندر اوندهه انڌُ،
    اڳتي وڌ ”استاد“، جو تنهنجو پرتي پنڌُ.


    ميڇون ترڇا تِير عمر، آڇون ڪوڪا اک ۾ هڻن ٿيون.

    وائي

    ميڇون ترڇا تِير عمر، آڇون ڪوڪا اک ۾ هڻن ٿيون.

    هِيرون بت کي باهه بڇن ٿيون،
    جھِرڻا جيءَ کي جھِير عمر، آڇون ڪوڪا اک ۾ هڻن ٿيون.

    ديدن مان بدبوءِ اچي ٿي،
    اوتين ٿو عنبر عمر، آڇون ڪوڪا اک ۾ هڻن ٿيون.

    تنهنجي هٿن ۾ سونا زيور،
    نظرن ۾ زنجير عمر، آڇون ڪوڪا اک ۾ هڻن ٿيون.

    ڪارونجھر تان چمڪي چمڪي،
    کنوڻيون آکِن کِير عمر، آڇون ڪوڪا اک ۾ هڻن ٿيون.

    ڪوٽن جيڏو قهر ڪندو ڇا،
    ڌرتي جيڏي ڌِير عمر، آڇون ڪوڪا اک ۾ هڻن ٿيون.

    پنهنجين جيڏين سان گڏ پيئان،
    کائر پهچي کير عمر، آڇون ڪوڪا اک ۾ هڻن ٿيون.

    آفاقي استاد ”بخاري“،
    موهيو ملڪ ملير، آڇون ڪوڪا اک ۾ هڻن ٿيون.


    نانگ کپر هي نوٽ عمر

    وائي

    نانگ کپر هي نوٽ عمر،
    ٿر جي بدلي زر ٿو آڇين.

    آهُون مٽجي ٻانهون ٿينديون،
    پاڻ تکا ٻرڙوٽ عمر،
    ٿر جي بدلي زر ٿو آڇين.

    مان ته مَنهن ٿي سمجھان مومن،
    ڪافر تنهنجا ڪوٽ عمر،
    ٿر جي بدلي زر ٿو آڇين.

    نيٺ ته اٿندا، اٿندا کٽندا،
    عام اٿئي اڻموٽ عمر،
    ٿر جي بدلي زر ٿو آڇين.

    کوڙ ڏٺا ”استاد“ اکين سان،
    ڪِرندي اوچا چوٽ عمر،
    ٿر جي بدلي زر ٿو آڇين.


    داستان ڇهون

    بيت

    ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي ايڏا ڏُکَ،
    سُک پکڙندا راڄ ۾، مڙڪي پوندا مُک،
    ڏکن منجھان سک، سِگھي ملندءِ سورمي.

    *
    ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي ڏُڪر، ڏول،
    ڇڇڪي مينگھه ڇرون ڪندا، ٽهڪي پوندا ٽو،
    رُتون رنگ رتول، موٽيون ڄاڻ ملير تي.

    *
    ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي ڏَر مَ ڏَمر،
    مري ويندا مامرا، مارُو ڀانءِ امر،
    در در دهل ڌَمر، گھر گھر قومي_ڪاڄ ٿيا.

    *
    ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي وڏا ڏولَ،
    ٻهڪن ٻهران ڪنگرا، ٻانھيُن ۾ ٻڙڌول،
    ڊڪي پهتا ڍول، ڀيلا هول ڀڳا وڃن.

    *
    ماندي ٿي نه ماروي، ڏڪڻ لڳا ڏَنجَ،
    روئن بيٺا رنج، خوشيون، کاوج کلڻ لڳا.

    *
    ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي قلعا ڏگھهَ،
    ڏُکي توسان گڏ آ، ساري ٿر جي سگھه،
    لوهن منجھان لنگھه، ڪندا ڪٽڪ لوڪ جا.

    *
    ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي ڏوڻا ڏنڊ،
    آمِر کان مارُو گھڻا ارڏا، اڻنگ، اهنڊ،
    جوٽيا جوڌن جنڊ، پينهين ڏاڍ پِٿون ڪندا.

    *
    ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي هي ڏهڪاءُ،
    پِسجِي پاپ مڻين چڪا، باقي پِڻڪي پاءُ،
    سارو ديس دٻاءُ، هيڻو هانءُ همير جو.

    *
    ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي ڏک ڏچا،
    پڪا پٿر پر اٿئي، ڪائي کان به ڪچا،
    هي جي اڄ هچا، سُڀان سڀ سچيون ڪندا.

    *
    ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي ڏوٿين ڏَڪَ ،
    ڏرڻي ڏڪڻي ناهه هي، جھجھڙ آهه جھَنڪ،
    ڏيل ڏڪي، ڌرتي ڌڏي، لُڏن لوڙها لڪ،
    پائر، کائڙ پڪ، سڀان سوڀ ملير جي.

    *
    ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي ڏاڍَ ڏَيا،
    مارِي، مُنڌ ڳڻيو ڏرين، مارُو تو نه ميا ،
    ويندي، ايندي وقت کي، پڻ ڪي پئندا پيا؟
    ويا وهم ويا، آيا اَهم اُها اِجھي.!

    *
    ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي ڏکا، ڏَر،
    ڏاڍن جا ڏونگر اجھي، ڀُري ٿيا ڀوڀر،
    لوڪاڻا لشڪر، ڪوٽن تي ڪڙڪي پيا.

    *
    ماندي ٿي نه ماروي، ملهبو مُهراڻو،
    ڄمندو ڄرڪيل رات مان، سجھندو سڀاڻو،
    هوا هاواڻو، آندو آجي دور جو.

    *
    ماندي ٿي نه ماروي، خوف اِجھو کاڻو،
    اِجھو اوندهه پيٽ مان، سورج ساماڻو،
    ٽهڪي ٿو ٽاڻو، پراڻي پِٽڪي منجھان.

    *
    ماندي ٿي نه ماروي، سعيو ڪج سياڻو،
    سوڍا سنڌ سجاڳ جا، گھائيندا گھاڻو،
    سچ نه ٿئي ساڻو، سج نه مرجھي سوجھرو.

    *
    ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي پيڙ پٿر،
    پٿر کي پيهيون وڃن، بيشن وير بشر،
    اُدَم رک اٽر، اڻ ٿيڻي ٿيڻي اٿئي.

    *
    ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي لوڙها _ ڳڙهه،
    جوڌا انڌ جي جَڙ، ڌوڏي پَٽ پڌرا ڪندا.

    *
    ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي اَنڌ_اڏا،
    ڀِتيون، ڇِتيون جُڌَ ۾، اوٿر منجھه تڏا،
    ڏونگر ڏاڍ وڏا، ڪَپَهه ڏينهن قيام جي،

    *
    ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي ڪوٽ، قلعا،
    ٺهڻ، ڊهڻ دور جا، چالو سلسلا،
    ايندا زلزلا، ڌڌڙ ٿيندا دٻدٻا.

    *
    ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي لوها ڪوٽ،
    آمِر هڪ اڻموٽ پر، مارُو سڀ اڻموٽ،
    چوٽن مٿان چوٽ، جبل کي جھوريو وجھي.

    *
    ماندي ٿي نه ماروي، ڏسي سمنڊ سُورُ،
    ساگر کي به ڪنڌي آ، ڌرتي ناهي دور،
    هي موقعو مجبور، باقي اڳتي آجپو.

    *
    سپنا سهاڻا، ڪامڻ ڏٺا ڪوٽ ۾،
    قلعا ڊهندا ڪُوڙ جا، بنبا بهانا،
    ظالم کان مظلوم ٿيا، زيرا زمانا،
    وسندا ويرانا، آجا ٿيندا آجڪا .

    *


    ويندين پاپ پٿون ٿي.!

    وائي

    چاتُئه چورَ عمر، ظالم زور عمر،
    ڪرندءِ قهر وڄون ٿِي،
    ويندين پاپ پٿون ٿي.!

    ڍاپن، ٽاڏن، اُونگرن، ڍڳا ڍور عمر،
    ڪرندءِ قهر وڄون ٿِي،

    ڏڍنِ کائن ڏيهه کي، آدمخور عمر،
    ڪرندءِ قهر وڄون ٿِي،

    ڀيڻون جوئِن جيهڙيون، سمجھن سور عمر،
    ڪرندءِ قهر وڄون ٿِي،

    توکي نيندا تحت ڏي، تنهنجا طور،
    ڪرندءِ قهر وڄون ٿِي،

    ويهي ڪانه وويڪ سان، اوريئه اور عمر،
    ڪرندءِ قهر وڄون ٿِي،

    جوڙج کوليون لوهه جون، ڀانئج ڀور عمر،
    ڪرندءِ قهر وڄون ٿِي،

    ”استاد“ آکي امن جا، ايندا دؤر عمر،
    ڪرندءِ قهر وڄون ٿِي،
    **


    ظالم زورَ، ذليل.

    وائي

    ظالم زورَ، ذليل.

    1_ موُر نه مڃندا ايلَ ، اصل ايل پهنوار او..
    2_ ڪوڙي ۾ توڙي کڻي، ٺوڪيو ڪوڪا ڪيل،
    موُر نه مڃندا ايلَ، اصل ايل پهنوار او..
    3_ چِيري، لوڻي، چوچڙيون، ڏيئي ڏنڀيو ڏيل،
    موُر نه مڃندا ايلَ، اصل ايل پهنوار او..
    4_ ٻولي ٻولن ٻي نه ڪا، پِنڊا چپَن پِيل ،
    موُر نه مڃندا ايلَ، اصل ايل پهنوار او..
    5_ سوچون سيتل سچّ سان،
    موُر نه مڃندا ايلَ، اصل ايل پهنوار او..
    6_ ڪُوڪون روڪن حڪم کي، جھلرايو جي جھِيل ،
    موُر نه مڃندا ايلَ، اصل ايل پهنوار او..
    7_ اٿي جي ”استاد“ پيا، جھوري وجھندا جيلَ،
    موُر نه مڃندا ايلَ، اصل ايل پهنوار او..
    **


    ٽڙڪا، ٽوڙهو ٽاڙ عمر او، ڪوٽن ۾ ڪڙڪاٽ اچي پيئي!

    وائي

    ٽڙڪا، ٽوڙهو ٽاڙ عمر او، ڪوٽن ۾ ڪڙڪاٽ اچي پيئي!

    ڀٽ ڀٽ تي پئي باهه ڀڀڙڪي، هٽ هٽ ٿي هٽتاڙ عمر او،
    ڪوٽن ۾ ڪڙڪاٽ اچي پيئي!

    چِيتا، واگھه، بگھڙ ٿي مڇريا، ڌرتيءَ لاءِ ڌراڙ عمر او،
    ڪوٽن ۾ ڪڙڪاٽ اچي پيئي!

    جھونجھارن جي جيءَ ۾ جھولا، اکڙين ۾ آکاڙ عمر او،
    ڪوٽن ۾ ڪڙڪاٽ اچي پيئي!

    در تي حقدارن جا ڌڌڪا، پهرن ۾ ريهاڙ عمر او،
    ڪوٽن ۾ ڪڙڪاٽ اچي پيئي!

    آزادي ”استاد“ وسي پئي، ڀون_ڄايا ڀونڦاڙ عمر او،
    ڪوٽن ۾ ڪڙڪاٽ اچي پيئي!
    **


    آمر عدل ڪري، ڦورو فضل ڪري

    وائي

    آمر عدل ڪري، ڦورو فضل ڪري،
    قاتل ڪهل ڪري، اَئِي ادي آءٌ نه مڃان.
    جيجل مان نه مڃان

    ڏونگر ڏهر ڏري ويا، ٻيلا ٻير ٻري ويا،
    سڀئي شير مري ويا، اَئِي ادي آءٌ نه مڃان.
    جيجل مان نه مڃان

    پنهنجي ڏاري سمجھن، وجڻن واري سمجھن،
    قيدڻ ڪاري سمجھن، اَئِي ادي آءٌ نه مڃان.
    جيجل مان نه مڃان

    مارُو مِٽ مٽايان، پنهنجو حق هٽايان،
    ڪُرَ جو نڪّ ڪٽايان، اَئِي ادي آءٌ نه مڃان.
    جيجل مان نه مڃان

    انڌو ڏيک ڏسي ڪو، ٻوڙو ٻول ٻُڌي ڪو،
    پاپي پيار ونڊي ڪو، اَئِي ادي آءٌ نه مڃان.
    جيجل مان نه مڃان

    توڙي قيامت ڪاري، سامهون انڌ انڌاري،
    ڇوڙي ڇوهه ”بخاري“، اَئِي ادي آءٌ نه مڃان.
    جيجل مان نه مڃان

    **


    داستان ستون

    بيت

    ڌاڙي ڌڪي آءٌ، ڌوٻياڻي ڏوڌن ڌڪي،
    ڏٺو ڏرم همير جو، هيسيو هوش نه هانءُ،
    جيڏو ٿر جون ٿانءُ، ايڏي آس عوام ۾.

    *
    ننڊ نهوڙي سسئي، مان مُٺيس پنهنجي مَت،
    ڏسان ها چهرو ڏنگو، ڀينر ڀليءَ ڀَت،
    پڇان ها پاڻان وڏيون، ڳنهان ها ڪا ڳت،
    پَرَ تي ڪيم پَت، آڇي آبُ لُڇي ويس.

    *
    ڏيرن رنڀي ٻانڀڻي، کوٽن کنڀي مان،
    هوءَ ٽڪرن کي ٽڪرون هڻي، مان ڪوٽن ۾ ڪڙڪان،
    هوءَ سُڃن ۾ اڃي وڃي، مان پاڻي زهر پيان،
    مان مارن لئه تڙپان، هوءَ هوڪاري پئي هوت لئه.

    *
    چوٽيون سسئيءَ سامهون، ڪنگرا اڳيان مون،
    مارِن هر معذور کي، ماڳهن مٿانهيون،
    سينا، ساهياسون، ٻڌي سندرا سچّ جا.

    *
    ڪوهن روڪي سسئي، آءٌ ڪوٽن روڪي،
    پهڻن ٽوڪي ٻانڀڻي، مهڻن مان ٽوڪي،
    اسان الفت غير جي، اندر مان اوڪي،
    ٻَڌيسين ٻوڪي، پنهنجيءَ پاڪ پريت جِي.

    *
    مِرن تاڙي سسئي، ميرن تاڙي مان،
    هاڻو حاڪم جي هجن، ڪنهن وٽ ڪوڪ ڪيان،
    قهري ڀتيون ڪوٽ جون، ڀينر آءٌ ڀڃان،
    وطن اڄ وڃان، سڀان سجّ اتي پسان.

    *


    ست سورمي

    سنڌياڻيءَ جو سَتُ، ڏٺو ساري ڏيهه،
    ساڳي ٻولي سچّ جي، توڙي ڇاتي ڇيهه،
    سُڪر ۾ ساڻيهه، هڏڪي ”حق“ ملير جي.

    *
    سنڌياڻيءَ جو سَتُ، ڪَٿي برج ڪنبي ويا،
    ”جِيتان_جِيتان“ جُوءِ کي، ڇِيٽان_ڇِيٽان رت،
    ڏوٿياڻيءَ جو ڏت، سارو ڏيهه رنگي ويو.

    *
    سچائيءَ جي سگھهَ ڏسي ڏوهه ڏڪي ويا،
    ڪيڏا ڏاڍا ڏگھه، سامهون سچّ جھڪي پيا.

    *
    سچائيءَ جي سوڀ، سدا جرڪي سج جان،
    لالن جهڙا لوڀ، پِيلا، نِيلا ٿيو وڃن.

    *
    سدا سرخرو، سچائي سنسار ۾،
    عمر کي آمر چوي، دهشت دوبدو،
    هينئون هوبهو، ڌاريو منڌ حسين جو.

    *
    سو تون سرخرو، سدا پنهنجي ساٿ سان،
    ٿُڪيئي ٿر_ويريءَ مٿان، توبن روبرو،
    مڃيا تو مارُو، هڻي نعرا حق جا.

    *
    توکي صديون سڀ، ڏينديون جايون جيءَ ۾،
    جيتر ٻج ٻني ڦُٽي، ڳوريون پائن ڳڀ،
    جيترو رعيت ربُ، تيتر سَت اتامرو.


    ڪوٽن آءٌ ڪڙي، ڪوهه وڪوڙي سسئي

    وائي


    ڪوٽن آءٌ ڪڙي، ڪوهه وڪوڙي سسئي،
    هجون ها جي هِڪ مُنهنيون، ٻڌيءَ ساڻ ٻڙي،
    ڪوهه وڪوڙي سسئي.

    سهڻيون، هيرون، سورٺون، هرڪا سُورَ سڙي،
    ڪوهه وڪوڙي سسئي.

    هوڪاريون گڏ حق حق، ڌُو ڌُو ڌُم ڌڙي،
    ڪوهه وڪوڙي سسئي.

    ڏيندا اڻٽر عزم کي، واٽون ڪوٽ رڙي،
    ڪوهه وڪوڙي سسئي.

    ڏات ”بخاري“ لاٽ ٿي، لوءِ ڪاڻ لڙي،
    ڪوهه وڪوڙي سسئي.
    **


    ڪهڙي سُڌ ڪڙبي، آجي

    وائي

    ڪهڙي سُڌ ڪڙبي، آجي،
    سهنجي،
    سورمي.

    بڻيائتي بي آب کي، آب ڏئي اڙبي،
    آجي،
    سهنجي،
    سورمي.

    صورت سنڌ سچار جي، ڊوهن وٽ ڊڙبي،
    آجي،
    سهنجي،
    سورمي.

    ڏاڍي پيار ڏيهه جي، ڏچن ۾ ڏڌبي،
    آجي،
    سهنجي،
    سورمي.

    سرهائي ”استاد“ جي، ويڌن ۾ رڌبي،
    آجي،
    سهنجي،
    سورمي.
    **


    ڪاڙهي ٿو ته ڪڙهي، ساڙي ٿو ته سڙي

    وائي

    ڪاڙهي ٿو ته ڪڙهي، ساڙي ٿو ته سڙي،
    ظالم پنهنجي ظلم ۾، لوڪو!

    ڪُوڙي ڪڙيو سچّ کي، ڪوڙي ڪير ڪڙي؟
    ظالم پنهنجي ظلم ۾، لوڪو!

    تاڪوءَ تاڙِي ماروي، تاڪُو ڪير تڙي!
    ظالم پنهنجي ظلم ۾، لوڪو!

    جھولو بنجي جھَڪَ ٿو، جُوءِ جو هانءُ جھڙي،
    ظالم پنهنجي ظلم ۾، لوڪو!

    ههڙا گل گلاب جا، ڳاهيا ڳاهه ڳڙي،
    ظالم پنهنجي ظلم ۾، لوڪو!

    منهنجي ملڪ ملير سان، اهڙو ظلم اڙي!
    ظالم پنهنجي ظلم ۾، لوڪو!

    آهي ڪو ”استاد“ جو، امن لاءِ لڙي،
    ظالم پنهنجي ظلم ۾، لوڪو!
    **


    تڙ تڙ تنهنجي تات

    وائي

    تڙ تڙ تنهنجي تات،
    ستي، سُهڻي، سورمي.

    سچايءَ جون ثابتيون، ويڙهيچن جا وات،
    ستي، سُهڻي، سورمي.

    امر ڏات ڏئي چڪي، مانگر تو کي مات،
    ستي، سُهڻي، سورمي.

    رنم ساري رات پئي، پرچايم پرڀات،
    ستي، سُهڻي، سورمي.

    جھونگاريا ”استاد“ مون، جر، ٿر جا جذبات،
    ستي، سُهڻي، سورمي.
    ***


    سهڻائي ساڙي، تاڪائوءَ تاڙي

    وائي

    سهڻائي ساڙي، تاڪائوءَ تاڙي،
    مِهري ملڪ ملير جي.

    سُهڻي جيڏين سٿ ۾، مَنَهَن ۾ ماڙي،
    مِهري ملڪ ملير جي.

    مُرڪي، مَهڪ ٽڙي پوي، ولين جي واڙي،
    مِهري ملڪ ملير جي.

    مَهري قهريءَ مان مُٺي، گھوڙا_گھوڙا ڙي،
    مِهري ملڪ ملير جي.

    ڌوڌن ڌوڪي ۾ وڌي، ويڌن ڌونڌاڙي،
    مِهري ملڪ ملير جي.

    رولاڪن رولي ڇڏي، اولاڪن اڙي،
    مِهري ملڪ ملير جي.

    کيٽن ۾ کِلڻي کِنوڻ، ٻيڙين ۾ ٻاڙي،
    مِهري ملڪ ملير جي.

    ڪارن ڪوٽن تي اچي، پهتي پوياڙي،
    مِهري ملڪ ملير جي.

    بندي اڄ ”استاد“ مون، ڦنڌن جي ڦاڙي،
    مِهري ملڪ ملير جي.
    **


    لوڪن ڪوٽ، ڪڙا

    وائي

    لوڪن ڪوٽ، ڪڙا،
    کائن خار کڙا، منهنجا ماروئڙا،
    سادا سانگيئڙا.

    پوڙهن پرجھيو ڪين ڪي،
    جوٽيا جواڻ جڙا، منهنجا ماروئڙا.

    سوچون سکڻيون ڪڪريون،
    ڳالهائين ڳڙا، منهنجا ماروئڙا.

    مٿئون ماڪڙ ملڪ تي،
    کنئون ڪين کڙا، منهنجا ماروئڙا.

    هوڏان وهه سان واسطو،
    هيڏان کِير گھڙا، منهنجا ماروئڙا.

    اڌ جيئرا ”استاد“ پيا،
    چورن چنگ چڙا، منهنجا ماروئڙا.


    مارُو روز منجن وو، مون ڏي کوڙ ميارون

    وائي

    مارُو روز منجن وو، مون ڏي کوڙ ميارون،

    اک ۾ ڪک نه ڪوٺيو طعنا،
    تن ۾ کير کپن وو، مون ڏي کوڙ ميارون.

    جھيڙو جھرڪيءَ باز بکئي جو،
    ”چين چين“ منجھه چنبن وو، مون ڏي کوڙ ميارون.

    ڪُوڪان ڪنگرا، ڪتيون ڇرڪن،
    ٻاهر ڪين ٻڌن وو، مون ڏي کوڙ ميارون.

    ماريان پاڻ، مِلان ڪيئن مارُو،
    جيئان، مانَ مِلن وو، مون ڏي کوڙ ميارون.

    مڇرن راڄ، وڄون ٿي ڪڙڪن،
    مَن ٿي مِينهن وسن وو، مون ڏي کوڙ ميارون.

    هي جي ڪوٽ نسورا کوٽا،
    پورا ٿين ڀڄڻ وو، مون ڏي کوڙ ميارون.

    پهتس پاري پريت ”بخاري“،
    سالم ساڻ ستن وو، مون ڏي کوڙ ميارون.

    *


    توجي ”ڪرم“ ڪيم، سمجھيم سمجھيم سي ميان.!

    وائي

    توجي ”ڪرم“ ڪيم، سمجھيم سمجھيم سي ميان.!

    کٽ تي ويهي ڪيئن کلان مان،
    پٽ تان پير پٽيم، سمجھيم سمجھيم سي ميان.!

    ڪنگڻ، ڪڙيون، بوليون، دهريون،
    ڳهڻا ڳٽ ڳڻيم، سمجھيم سمجھيم سي ميان.!

    اوڇا آڇا ويس وڳا تو،
    لوئي لال لڌيم، سمجھيم سمجھيم سي ميان.!

    در تي تنهنجي دهل دماما،
    دل ۾ درد ڌميم، سمجھيم سمجھيم سي ميان.!

    اڻ ٽر ٿي ”استاد“ بخاري،
    آخر ڪوٽ ڪٽيم، سمجھيم سمجھيم سي ميان.!


    پُرجھيئون ڪين پڪارون منهنجون،

    وائي

    پُرجھيئون ڪين پڪارون منهنجون،
    مارُن ڏانهن ميارون منهنجون.

    ڪونجن جين قطارون جوڙيون،
    ڳوڙهن واريون لارون منهنجون، مارُن.....

    ڳائن ڳيچ اديون ڳوٺاڻيون،
    ڪوٽن ۾ ڪُوڪارون منهنجون، مارُن.....

    تَر جون تاچيون، پَر جا پيٽا،
    تندون تندون تارون منهنجون، مارُن.....

    ڪُوڪن ڪڻڇيون، گھوڪن ڳيرا،
    تڙ تڙ لاءِ تنوارون منهنجون، مارُن.....

    ڦوڳ ڦلاريا ڦَر سين سهسين،
    برپٽ منجھه بهارون منهنجون، مارُن.....

    سورج ڪرڻا پائر پَٽ تي،
    ڏهرن ڏانهن نهارون منهنجون، مارُن.....

    ڌوڏينديون هر دور ”بخاري“،
    ظالم کي للڪارون منهنجون، مارُن.....

    **


    ڪا جي سوچ ڪيان ها، هئه هئه، هينئن نه هجان ها!

    ڪا جي سوچ ڪيان ها، هئه هئه، هينئن نه هجان ها!

    ديسي ويس مِٺو هو، ڏيهي ڏيل ڏِٺو هو،
    سالم سيل ڏسان ها، هئه هئه، هينئن نه هجان ها!

    هن کي گھرج گھڻيري، تن ۾ تاس تکيري،
    تڪڙي مان نه تڻان ها، هينئن نه هجان ها!

    اوٺي هيٺ اچي ها، نيڙي نيٺ اچي ها،
    ويجھي مان نه وڃان ها، هينئن نه هجان ها!

    ويري ساڻ وڙهيس پئي، تائين توڙ رڙيس پئي،
    گونگي، غش نه ٿيان ها، هينئن نه هجان ها!

    ڏوري ڏانءُ وڏي سان، ڪوري، ڪرٽ ڪڏي سان،
    جھوري برج وجھان ها، هينئن نه هجان ها!

    مارُو ويرَ ”بخاري“، ڪن ها ڪا پوئواري،
    پوءِ ڇو قيد ڪٽيان ها، هينئن نه هجان ها!

    **


    تن جي تات اٿم... ٿَم جَنم جنم ڪم جن سين

    وائي

    تن جي تات اٿم... ٿَم جَنم جنم ڪم جن سين،

    جيجل جھولي لُئن لُئن لولي، ٻوليءَ ٻول ٻَڌم،
    جَنم جنم ڪم جن سين.

    پاڙيم، پاڙيان، پاڙيندس پئي، ڪي جي قول ڪيم،
    جَنم جنم ڪم جن سين.

    ويهي سرتين وچ ۾ جِيجِي، سچّي سينڌ ڏنم،
    جَنم جنم ڪم جن سين.

    مِلندي مارُو، کِلندي کائر، ڪِرندي ڪوٽ ڏٺم،
    جَنم جنم ڪم جن سين.

    پهتو نيٺ ته پائر پنڊو، ڀيرا ڪين ڀڳم،
    جَنم جنم ڪم جن سين.

    لاکي لوئي لاش مٿان لا، جنهن ۾ لانءَ لڌم،
    جَنم جنم ڪم جن سين.

    ويهُون واڍون ونگ وڌائون، ڇرڪي سڀ ڇنم،
    جَنم جنم ڪم جن سين.

    مارُو نيٺ ”بخاري“، ماڻيا، نبري قيد ويم،
    جَنم جنم ڪم جن سين.

    **


    ٽيهه راتيون قيد ۾

    پهرين رات پڇاڙجي، پهتي ڪوٽن وٽ،
    جھوڪون، جھوٻون منڌ کي، انگين ڏنئون اٽ،
    جھِيريائون جھڻڪون ڏئي، جھوريائون جھٽ جھٽ،
    ڪانه ڪيائون گھٽ، پڄندي کان پرتي ويا.

    پهرين رات پهنوار کي، پهرن ۾ پيئي،
    اندر انگ ونگي ويس، ڪوٽ، ڪٽڪ ڪيئي،
    آجيائون، جيڏيون، ڀٽون، ٽول ٽٽس ٽيئي،
    ڏاج ڏکيو ڏيئي، سارو سک کسي ويس.

    *
    ٻهگڻ تي ٻي رات اچي، ڪرڙائي ڪڙڪي،
    سهائي سوگھي ٻڌي، اونداهي ٽهڪي،
    سچي سُوڙي سونهن تي، ڪوڙن جي ڪٽڪي،
    ڀڀڙ پيا ڀڙڪي، ساڙڻ ڪارڻ ست جي.

    *
    ڏوجھي رات ڏکيءَ، ڏوريو پنهنجي ڏيل سان،
    ڪيڏو ڊوهه ڊگھو ٿيو، ويس کوٽ ککي،
    اڃي آجي آب لئي، کائر کاڄ بکي،
    جن جي ڪاڻ جکي، تن کان ڪوٽ ڪٽي وڌس.

    *
    ٽچڪياس ٽينءَ رات جو، ٽُڪ ڪري ٽاڻي،
    سوگھي آهين سنگھرين، هاڻن وٽ هاڻي،
    اڇليندءِ آڙاهه ۾ يا گھوٽيندءِ گھاڻي،
    منڌ وري ماڻي، سانگي سگھندئين ڪينڪي.

    *
    چيڀاٽڻ چوٿين لڳس، سچيون سوچون سُورَ،
    ڏاڙهڻ آيس ڏاڍ جا، بگھڙ، ڀُور، جنبور،
    تڪڻ جون نوڪون تکيون، اکيون انگھه انبور،
    ڪيڏا قهر ڪلور، هميراڻي حڪم ۾.

    *
    پنجينءَ پلٽيس پُور، اچيديس دلير جا،
    هيڏا ويڙها هيترا، مارو ڇو مجبور؟
    هيبتانڪ حشام هَت، غيرتمند غيور،
    من مانيون منظور، قهر جون ڪيتر ڪندا؟

    *
    ڇهينءَ ڇوريءَ ساريا، ڇوها مڙس ڇڳير،
    جوڌا جھونجھارا وڏا، دولھه شير دلير،
    ورندا منهنجا واهرو، مانجھي مرد مٿير،
    ويڙها وٺندا وير، پاند پراڻا ڪين ٿين.

    *
    ستينءَ ست ستاءَ، آمر جي مڃ آڻ،
    قابو لوهي ڪوٽ ۾، تاهم تر ڏي تاڻ،
    هرڪو پنهنجي هاج ۾، ڪُوڪين ڪنهنجي ڪاڻ؟
    ٽاڻو ناڻو ماڻ، هيڏي هوڏ ڇڏي به ڏي.

    ستين ٿيس ستوھه، سيڻ مٽائج سون تي،
    سڱين سڃج سومرو، لڱين لهندءِ لوهه،
    ڏاڍي کي ڏاڍو مڃڻ، ڏوٿڻ ناهي ڏوهه،
    انهن جو اندوهه، جن کي جن نه ڪن ڪا!

    *
    اٺينءَ تي اوٺي، ڏٺئين سوچ سجاڳ ۾،
    متان مڃين ”آمنا“، پهنوارن پوٽي!
    رڱج ريٽي رت سان، قيدياڻي ڪوٺي،
    جھونجھاريءَ جوٽي، چوٽي ڪندي سوڀ تي.

    *
    نائينءَ نهر ٿي چڪي، هاڻ نه ٿئي هاڪر،
    ساگر، صحرا ٿي سگھن، صحرا پڻ ساگر،
    نر ناريون ٿين ۽ ناريون بنجن نر،
    گگن گاهه ڦٽي پون، پهڻ ڪڍن پر،
    ڌڏِي ڦاٽي ڌر، مڃي مُور نه ماروي.

    *
    ڏهينءَ رات اهو ڏچو، سوچيو ڏيهان ڏيهه،
    ڏاڍي جي ڏهڪار کان، دهڪي هرڪا ديهه،
    ڪرٽجي ڪوٽن ڪيا، ڇپر ڇيهون ڇيهه،
    سڪراتون ساڻيهه، اڳ نه ڀوڳيون ايڏيون.

    *

    ٻارهينءَ رات ٻرڻ لڳا، مارو منجھه ملير،
    بنجي لوح قلم چڪا، جيڪي حڪم همير،
    جن جي من تي ماروي، تن جي تَن تي تِير،
    زوري ظلم زنجير، جُوءِ سڄي جڪڙي ڇڏي.

    *

    تيرهينءَ رات اڃا تکا، پاپن جا پڙلاءِ،
    تارن ۾ تنبڻ لڳا، تاتارين جا تاءَ،
    ڀَوَ سنگھي ويا ڀونءِ کي، وهم وڌايا واءَ،
    جن کي لُوري لڄ جي، تن کي گهرا گھاءَ،
    آمر جا انياءَ، پائر ۾ پکڙي ويا.

    *
    چوڏهينءَ رات اڃا چٽا، ظالم لاتا زور،
    پِٽيو ڍنڍور ڍٽ ۾، چانگي چڙهي چور،
    جيڪو حق لئه ڪوڪندو، ڪاتي ڪنديس ڪور،
    ڏهر ڏهر کي ڏور، ويڌن وڌي ڪنڌ ۾.

    *
    پندرهينءَ پَٽن مٿان، اچي ڪڙڪيا پاپ،
    پهري کي دهرو ڪيو، آمر سوچي آپ،
    ڏهرن تي ڏڪڻي مڙهي، ڪنڌن اتي ڪاپ،
    ڇن ڇن مٿان ڇاپ، هميراڻي حڪم جي.

    *

    سورهينءَ تي سنڌو سڄي، ٿي وئي سُور ئِي سُور،
    وانگين کي ونگي ويا، پهرين پويان پُور،
    ڪوٽن ۾ قابو سَتي، مَنهَنَ ۾ مذڪور،
    چادر چيهاڙيون، ادي چوديواري چور،
    مِهڻن ۾ مجبور، مِٽن هُوندي ماروي.

    *

    سترهينءَ رات سَتيءَ اتي، سوچيا جوڌن سنگ،
    سُڪڙجي ويا سورما، يا اُکڙي ويا انگ؟
    پڪڙجي پڌرا پيا، جڪڙجي ويا جھنگ؟
    سهڪي يا ساڻا ٿيا، ڏهه ڏهه کائي ڏنگ؟
    نامين پنهنجا ننگ، ڪانئر تي ڪارا ڪيا.

    *
    ارڙهينءَ رات اروڙ، ڏيکاري اهڙي ڏنس،
    هاڪ وري پيو هاڪڙو، گرجي گاج گروڙ،
    وڌي کائر کوهه ڪا، جھنگن منجھه جھنجوڙ،
    ڪاٿي قوم ڪروڙ، ڪاٿي آمر ايڪڙو.

    *
    اڻويهينءَ احساس ۾، ڪا آس وٽس آئي،
    اونداهي انڌير ۾، ٿي سورج سهائي،
    قيدڻ پڇيس ڪير تون؟ آکيس ”آجائي“:
    ”جيئڻ ٿورا ڏينهنڙا، ٻهڳڻ ٻڌ ٻائي،
    ڪنڌ بنا ڪائي، آزادي ايندي نه آ“.

    *
    ويهين تي وينگس ڏنو، پنهنجو خاص خمير،
    پاڻي سنڌوءَ سير جو، مِٽي ماڳ ملير،
    سَتر صحرائي سندس، ادّم عزم امير،
    زنگيو آهي زنجير، ناهي زَنگ ضمير کي.

    *
    عمر ايڪيهين، آکايس راکن هٿان،
    ڀونءِ ڀَرتي بيسود ٿي، بيزوري بيهين،
    ڪهڙو پهتئي ڪڙم مان، ڪيڏو ٿي ڪِيهين،
    پکا سڀ پينهين، ميدو ڪندس ماروي.

    *
    ٻاويهين ٻڙڪي، منڌ ٻڌايس مند جون،
    پتو پوندءِ پاپ پو، ڀونءِ جڏهن ڀڙڪي،
    قهري تنهنجي ڪوٽ تي، وڄّ اِجھو ڪڙڪي،
    لڱ وڃن لڙڪي، سڱ نه ڇنبا سومرا.

    *
    ٽيويهين ٽهڪي، تڏي، حاڪم مُڪي ٽوڪ،
    ٻيڙيون، ڦٽڪا، ڦاسيون، منهنجي نب جي نوڪ،
    هيسيا هڪڙي حڪم سان، لکين ٿري لوڪ،
    راجا ڪهڙي روڪ، جيڪي سوچي سو ڪري.

    *
    چيويهين پهچي چڪو، آمر جو اعلان،
    مور نه پسي ماروي، وري ٿر جو ٿان،
    ڪسڻ گھرجي ڪوٽ ۾، فيصلو فرمان،
    ديس سڄو دهمان، ڏيهه سڄو ڏهڪي ويو.

    *
    پنجويهين پهنوار وٽ، پهتا ڪي پهنوار،
    مجبورن مجبوريون، اوريون منجھه آجھار،
    اُميدون، انصاف ٻئي، رنا زارو زار،
    ڏاڍا ۽ ڏهڪار، پهرن تي پورا رهيا.

    *
    ڇويهين ”ڇوڇا“ پڇيو، سوچ ڀرئي سنسار،
    ايڏي انڌ انڌير تي، چوڌاري ويچار،
    پَڇم پاڻ پڇاڙيو، پورب ڏانهن پُڪار،
    انساني آڌار، چؤطرفو چيخون اُٿيون.

    *
    ستاويهين سرت سان، سندرو ٻڌو ست،
    چمڪڻ چيتي ۾ لڳس، تاريخن جا تت،
    سوريءَ، ڪات، صليب سان سچن جي سنگت،
    ”جيئڻ ٿورا ڏينهنڙا، غار نه ٿئي غيرت“،
    جُڳن جي جيوت، ”مُوتُو“ موت منجھان ملي.

    *
    اٺاويهين اٺسٺا، باقي ڪين بچيا،
    هيڏان همّت هوش ۽، هوڏان هوڏ هچا،
    سوري سورهيه ست کي، ڏيندا ڏيهه _ ڏچا،
    جيڪي سون سچا، ڪَچا ٿيندا ڪين ڪي.

    *

    اڻٽيهين اڌ رات، انڌارو انڌير،
    موت متي ماحول ۾، جيوت پاتي جھات،
    مارڻ آيو موت پر، مليس ويس مات،
    جيتر جر ٿر تات، تيتر بات بچي وئي.

    *
    ٽيهين ٿر جي ٿاڪ، پهتي خاڪ خمير ڏي،
    سورهيائي سرهاڻ جي، هوائن ۾ هاڪ،
    سَتي تنهنجي سَتَ جي، ڌرتيءَ مٿان ڌاڪ،
    وک وک وايون واڪ، لک لک منڌ مبارڪون.!

    ** ختم ٿيو **


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 533
    ڪتابن جو مشاهدو: 550712
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 212765
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ