ڪتاب جو نالو: محرابپور جي عزاداري
مصنف: مولائي ملاح
ڇپائيندڙ: مولائي پبليڪيشن محرابپور
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 22 آڪٽوبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 354 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 81 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي محرابپور شهر جي 100 سالا عزاداريءَ جي هڪ تاريخ آهي جنهن جو ليکڪ محقق ۽ ڪالم نگار مولائي ملاح آهي.
اسين پنهنجن مانائتن پڙهندڙن کي”محرابپور جي عزاداريءَ جي تاريخ“ جي نالي سان هڪ اهڙو ڪتاب آڇي رهيا آهيون جنهن جي پڙهڻ سان اهلِ دل ۽ درد وند انسان جون اکيون بادل بنجي برسي پونديون. ۽ جڏهن پڙهندڙ، عزاداريءَ جي تاريخ پڙهي دريده دامن ۽ وسندڙ نيڻ کڻي چوندو ته:
جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجھ به اوڏيائي مڱان. (شاهه)
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌسلامت پاران
  • حق ۽ واسطا قائم
  • پهريون پنو
  • انتساب
  • اداري پاران
  • اندر جو احوال ( پنهنجي پاران)
  • ڪتاب جي ڪردارن بابت
  • مهاڳ : تاريخ سهيڙڻ سوکي ناهي!
  • هي سانگ سجايو آ
  • مصنف جو منصف هئڻ ضروري آهي
  • مولائي ملاح تاريخي جاکوڙ ڪئي آهي
  • بابت پهريون

  • تاريخ انقلاب آ، ماتم حسينعه جو
  • سنڌ جي عزاداريءَ ۾ محرابپور جو ڪردار
  • محرابپور جي عزاداريءَ جو ثقافتي انداز
  • باب ٻيون

  • محرابپور جو تاريخي پسمنظر
  • محرابپور ڳوٺ، جي انگريز دور ۾ ايراضي
  • باب ٽيون

  • سنڌ ۾ اسلام جي پکيڙ ۽ معرفتِ اهلبيت جي شروعات
  • عزاداري ۽ گريوزاري
  • سنڌ ۾ عزاداريءَ جي شروعات
  • سنڌ جي لاڙي حصي ۾ عزاداري
  • ڪڇ ۾ ذڪرِ حسين عه
  • اتر سنڌ جي عزاداري
  • وچولي جي عزاداري
  • باب چوٿون

  • محرابپور ۾ عزاداريءَ جو بنياد رکندڙ گھراڻو
  • مذهبِ اهلبيت جي تبليغ خاطر گھرايل عالم، مولوي ۽ ذاڪر
  • باب پنجون

  • پِڙَنِ ۽ امام بارگاهن تي لڳل انگاس
  • سنڌ ۾ پهريون عَلَمُ پاڪ
  • ماتم خانو، امام بارگاهه
  • باب ڇهون

  • دنيا جو پهريون ماتمي جلوس
  • محرابپور جا پِڙَ ۽ امام بارگاهون
  • محرابپور ۾ نڪرندڙ ماتمي جلوسَ
  • ماتم کي فروغ ڏيندڙ عزادار
  • جلوس ۾ ماتمدارن جي خدمت ڪندڙ عزادار
  • باب ستون

  • مرثيو ۽ نوحو تاريخ جي نظر ۾
  • سنڌ ۾ مرثيي ۽ نوحي جي شروعات
  • زاري _ عزاداريءَ جي صنف
  • محرابپور جا مرثيا خوان
  • محرابپور ۾ نوحا خواني
  • مرثيا، نوحا ۽ قصيده ۽ سوز وَ سلام پيش ڪندڙ عزادار
  • باب اٺون

  • پِڙَنِ تان نڪرندڙ تعزيا ۽ ضريحون مبارڪ جا سينگاريندڙ مومن
  • ملاحن جي پِڙَ تان نڪرندڙ، ضريح، تعزيا، جهولو ۽ شبيهن مبارڪ جو جلوس
  • ملاحن جي پِڙَ تان نڪرندڙ ماتمي جلوسَ
  • جلوس جي زينت بڻيل زيارتون
  • باس ۾ ملندڙ ذوالجناح ۽ ان جا خدمتگار
  • عزاداريءَ جي فروغ لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون
  • باب نائون

  • عشرا ۽ ان جا بانيڪار
  • مجلس جي زينت بڻجندڙ جھونا عزادار
  • عورتن جي عزاداري
  • ايامِ عزا دوران سرڪاري ادارن ۽ سياسي تنظيمن جو ڪردار
  • عزاداري ۾ ٻين مسلڪ ۽ مذهب جي ماڻهن جو ڪردار
  • هندن جي عزاداري
  • اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جو ڪردار
  • باب ڏهون

  • محرابپور جا مولوي، خطيب ۽ ذاڪر اهلبيت
  • محرابپور جا مذهبي شاعر
  • نوحن جون ڌُنون ترتيب ڏيندڙ موسيقار
  • ماتمي جلوسن ۽ پِڙن تي واڄو ڪندڙ مڱڻهار
  • پِڙَنِ تي نَغارا وڄائيندڙ عَزادار
  • مسجد ۽ مُتولي
  • عيد گاهه عيد نماز
  • باب يارهون

  • نياز اهلبيت سلام الله عليه
  • باب ٻارهون

  • زيارت گاهه ۽ درگاهون
  • باب تيرهون

  • محرابپور جي قديم ڳوٺن ۾ ٿيندڙ عزاداري
  • باب چوڏهون

  • محرابپور جي عزاداريءَ جا ڪردار
  • انٽرويو
  • ببليو گرافي
  • مواد ۾ آيل حوالا (foot notes)

  • سنڌسلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”محرابپور جي عزاداري“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي محرابپور شهر جي 100 سالا عزاداريءَ جي هڪ تاريخ آهي جنهن جو ليکڪ محقق ۽ ڪالم نگار مولائي ملاح آهي.
    اسين پنهنجن مانائتن پڙهندڙن کي”محرابپور جي عزاداريءَ جي تاريخ“ جي نالي سان هڪ اهڙو ڪتاب آڇي رهيا آهيون جنهن جي پڙهڻ سان اهلِ دل ۽ درد وند انسان جون اکيون بادل بنجي برسي پونديون. ۽ جڏهن پڙهندڙ، عزاداريءَ جي تاريخ پڙهي دريده دامن ۽ وسندڙ نيڻ کڻي چوندو ته:
    جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجھ به اوڏيائي مڱان. (شاهه)

    هي ڪتاب مولائي پبليڪيشن محرابپور پاران 2017ع ۾ سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو. لک ٿورا پياري ساجد سنڌيءَ جا جنهن هن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي. مهربانيون مانواري مولائي ملاح جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    حق ۽ واسطا قائم

    حق ۽ واسطا قائم

    ڪتاب جو نالو: محرابپور جي عزاداري
    موضوع: تاريخ
    ليکڪ: مولائي ملاح
    ڇاپو: پهريون
    سال: ©2017ع
    ٽائٽل: ڪپتان ابڙو
    ڪمپوزنگ: جابر ملاح
    لي آئوٽ: آفتاب احمد هنڱورو
    ڇپائيندڙ: قنبر عباس ملاح
    پاران: مولائي پبليڪيشن محرابپور
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد، سنڌ
    قيمت: 300 رپيا

    ISBN # 978 – 969 – 7534 – 02 - 9

    اسٽاڪسٽ
    حيدرآباد: ذوالفقار بُڪ ڊپو، سنڌيڪا بُڪ هائوس، فڪشن هائوس، سنڌي ادبي بورڊ بُڪ اسٽال، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي بُڪ اسٽال، فرينڊس بُڪ پوائنٽ، ڊفينس پلازه، ڪاشف بُڪ ڊپو حيدرچوڪ، ڪنگ پِن بُڪ شاپ- پريس ڪلب، ڪراچي: ايس. اي بُوڪ ڪارنر (اردو بازار)، رائل بُڪ هائوس، توڪل اڪيڊمي اردو بازار، ثقافت کاتو بُڪ شاپ، ڪاٺياواڙ بُڪ اسٽور، ڀٽ شاهه: شاهه لطيف بوڪ اسٽال، درگاهه ڀٽ شاهه، ميهڙ: ساحر ڪتاب گهر، سٽي پريس بُڪ شاپ، ثقافت کاتو بُڪ اسٽال، توڪل بُڪ ڊپو سکر: عزيز ڪتاب گهر، الفتح نيوز ايجنسي، اسلام آباد: سعيد بُڪ بئنڪ، خيرپورميرس: تهذيب نيوز ايجنسي، نيشنل بُڪ اسٽال، ميرپور ماٿيلو: هائوس آف ناولٽي، لاڙڪاڻو: رابيل ڪتاب گهر، مهراڻ ڪتاب گهر سامهون سپنا لان، شڪارپور: گل ڪتاب گهر، وسيم ڪتاب گهر، دادو: ممتاز بُڪ ڊيپو مٺي: ٿر ڪتاب گهر، عمرڪوٽ: العزيز بُڪ ڊيپو، ٿر ڪتاب گهر، ميرپورخاص: مڪتبه يوسفيه، سانگهڙ: المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، بدين: مرچو مل بُڪ ڊيپو، محمد هاشم بُڪ اسٽال- پريس ڪلب سجاول: سنڌ ڪتاب گهر، ڊگهڙي: اڪرام بُڪ ڊپو (03442930628)، محرابپور: المهراڻ بڪ اسٽور، بسم الله بڪ اسٽور .
    گھر ويٺي ڪتاب گھرائڻ لاءِ لکو
    مولائي پبليڪيشن محرابپور،
    ملاح محلا، محرابپور،
    ضلع: نوشهرو فيروز، (سنڌ)
    پوسٽ ڪوڊ: 67000
    Cell _ 03053604230


    پهريون پنو

    اے بارِ الا نوحہ سناتا پِھرتا،
    تا روزِ جزا اشک بہاتا پِھرتا ،
    امداد نَہ کرتے جو ترس کھاکے حسین۴ ،
    اسلام تیرا ٹھوکریں کھاتا پِھرتا ۔
    (جوش)
    (ڪتاب: جوش مليح آبادي ڪي مرثيي، شاعر، جوش، ڇپائيندڙ: محفوظ بڪ ايجنسي ڪراچي. ڇاپو: پنجون، سال: 1426 هجري، ص: 44)


    نہ تو لشکر سے، نہ تو تلوار سے ڈر لگتا تھا،
    نہ کسی منزل دُشوار سے، ڈر لگتا تھا،
    کربلا اِس لیئے آیا نہیں مَکار یزید،
    بات یہ تھی کہ، علمدار سے ڈر لگتا تھا۔
    (بلال کاظمی، انڈیا)


    انتساب

    آئون هي پورهيو پيش ڪريان ٿو. ڪربلا جي شير دل خاتون، فاتح شام، مَظلومِ ڪربلا جي بهادر ڀيڻ جنابِ سيده زينب سلام الله عليها جي خدمت ۾، جنهن پنهنجي نسل ڪُهائي، ڪل انبياءَ جي لَڄَ بچائيندڙ حضرت حسين عه کي زنده رکيو.
    ارپيم:
    محرابپور ۾ حسينيت جي راهه جي پهرين شهيد، مير قربان علي ٽالپر کي. جنهن غمِ حسين عه ۾ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري شهادت جو رُتبو ماڻيو.
    ارپيم:
    مٿي ۾ خاڪ ۽ اکين مان ڳوڙها وهائيندڙ انهن عزادارن کي، جن هڙان وڙان ڏئي، تتيءَ ٿڌيءَ جان جي پرواهه بنا، عزاداريءَ جي صورت ۾ حسينيت جي پيغام کي پکيڙيو.
    ارپيم:
    سنڌ ۾ عزاداريءَ جي پاسبان بابا سيد ريجھ علي شاهه ڪاظمي ۽ سيد امام علي شاهه ڪاظميءَ کي جن هر محاذ تي عزاداريءَ جو دفاع ڪيو.
    ارپيم:
    محرابپور ۾ مذهبِ اهلبيت جو بنياد رکندڙ، مير باغ علي ٽالپر ۽ پنهنجي بزرگ زوار عبداللطيف ملاح ۽ عزاداريءَ کي اوج ڏياريندڙ عزادارن کي، هي پورهيو ارپيندي سون سريکي، سرهائي محسوس ڪريان ٿو.
    ارپيم:
    پنهنجي ڀاءُ، روشن علي ملاح کي، جنهنجي ساهن جي ٻيڙي 9 آگسٽ 2017ع تي زندگيءَ جو ڪنارو ڇڏي وئي. روشن علي ملاح جيڪو منهنجو رڳو ڀاءُ ئي نه پر، پيءُ ۽ دوست به هيو. هو مذهبِ حقه جو انقلابي عزادار هيو؛ جنهن منهنجي مودتِ اهلبيت جي حوالي سان تربيت ڪئي. ۽ محرابپور ۾ مذهبِ اهلبيت جي ادارن / عزادارن _ کي منظم ڪيو. سندس سڄي حياتي عزاداري امامِ حسين ع لاءِ وقف رهي.

    دعا: عزادارن جي ايندڙ نسلن کي مولا غمِ حسين عه کانسواءِ ڪو ٻيو غم نه ڏئي. آمين.


    اداري پاران

    سنڌ جي تهذيب ۽ تمندن جو شاهڪار ڪتاب ڏنو ۽ اسانجي ٻئي ڪتاب ’پرهه جا پياڪ‘ کي به سنڌ جي مقامي، ملڪي توڙي عالمي شخصيتن کي اسانجي مانائتي صحافي دوست مولائي ملاح پاران پيش ڪيل ڀيٽا کي دل جي گھراين سان پڙهيو ۽ پنهنجايو تنهن تي اسان پڙهندڙن جي پيار کي سندن کي عزت، عظمت ۽ وقار جو آئيندار تصور ڪريون ٿا. توڙي جي سنڌ جي عالمي شهريت يافته ملهه پهلوان شير ميربحر جي شخصيت تي سهيڙيل پهرين ڪتاب ’شير ميربحر: فن ۽ شخصيت‘ کان به وڌيڪ ضخيم ڪتاب سهيڙيل موجود آهي. اسين پنهنجن مانوارن پڙهندڙن جا ٿورا مڃڻ کان سواءِ رهي نٿا سگھئون جن اسانجي پبليڪيشن پاران شايع ٿيل پهرين ٻن ڪتابن کي زنده دليءَ سان خريد ڪيو ۽ اسانجي پيار سان ڪيل پورهئي کي گھڻي چاهه مان پڙهيو ۽ پنهنجا رايا خط، فون، ميسيجز توڙي روبرو اسان سان شيئر ڪيا جن مان اسان کي اتساهه به مليوته رهنمائي پڻ.
    پهرين ڪتاب سنڌ، ملڪ جي ڏيهان _ ڏيهي شهرت رکندڙ ملهه جي عظيم ۽ شهزور پهلوان شير ميربحر جي فن ۽ شخصيت تي سهيڙيل هيو، جنهن کي رڳو هند، سنڌ ۽ ملڪ مان ئي نه پر پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌ واسين پيار ۽ پاٻوهه سان پڙهيو ۽ ساڳئي وقت اسانجي دوست صحافي ۽ نامياري ڪالم نگار مولائي ملاح جي مختلف وقتن تي ڌار ڌار اخبارن ۾ ڇپيل علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي مسئلن تي نهايت ئي بي باڪ قسم جا ڪالم ڏنل آهن سو به ڇپائيءَ هيٺ آهي. پر اسين پنهنجن مانائتن پڙهندڙن کي هاڻ ”محرابپور جي عزاداريءَ جي تاريخ“ جي نالي سان هڪ اهڙو ڪتاب آڇي رهيا آهيون جنهن جي پڙهڻ سان اهلِ دل ۽ درد وند انسان جون اکيون بادل بنجي برسي پونديون. ۽ جڏهن پڙهندڙ، عزاداريءَ جي تاريخ پڙهي دريده دامن ۽ وسندڙ نيڻ کڻي چوندو ته:
    جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجھ به اوڏيائي مڱان. (شاهه)
    تڏهن مالڪ مهر وَ وفا ۽ خالق ڪون مڪان نيزي جي نوڪ تي قرآن جي قاري سرزمين ڪرب و بلا جي شهيد مولا حسين عليه السلام جو صدقو زماني جهان جي مڙني غمن کان نجات بخشيندو صرف روايتي طور اميد سان ئي نه پر ڪامل يقين سان اُميد ٿا ڪريون ته اسان جا لائق صد احترام پڙهندڙ اسان کي پنهنجن دعائن ۾ دم دم ياد رکندا. سلامت رهو.
    ادارو


    اندر جو احوال ( پنهنجي پاران)

    تاريخ هڪ خشڪ موضوع آهي جنهن سان جذبي، جاکوڙ ۽ عشق کان سواءِ هرو ڀرو ڪو ماڻهو هٿ نه اٽڪائيندو. تاريخ جنهن جو نانءُ ئي تحقيق آهي. جنهن ۾ تهذيبن جي ٽڙيل پکڙيل ۽ دڙن ۾ دٻيل، ڀٽن، ڍنڍن ڍورن ۽ قديمي آثارن، قلمي نسخن ۽ سينن ۾ سمايل روايتن جي، ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ کانپوءِ ان کي نئين سري سان ترتيب ڏيڻ واري عمل جو نانءُ ئي تاريخ آهي.
    تاريخ ٽن حصن ۾ سهيڙي ويندي آهي. پهريون موجوده دور، جنهن کي مورخ پاڻ رقم ڪندو آهي. ٻيو روايتن جي آڌار ۽ ٽيون قديم آثار، ماڳ ۽ مڪانن جي آڌار تي جوڙي ويندي آهي. تاريخ جي سهيڙ مطالعي ۽ مشاهدي سان ٿيندي آهي. ان کان سواءِ تاريخ اڌوري هوندي آهي.
    تاريخ تي ڪم ڪندي هڪ محقق کي هڪ ئي وقت ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. جنهن ۾ وقت ۽ پئسي سان گڏ ماحول ۽ موسم جي سختين کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو. پنهنجي آس پاس جون سماجي حالتون اتساهه ڏيڻ بدران ماڻهن جي ننڍڙي سوچ سبب، سندن واتان نڪتل گاريون به گُلَ سمجھي گلي ۾ پائڻيون پون ٿيون.
    تاريخي حوالي سان ڪنهن به شئي تي ڪم ڪرڻ ايترو سوکو ناهي. اهو ڪم اوترو ئي اوکو آهي جيئن ڪوهستان جي پهاڙن تي پيرين اُگھاڙي هلڻ. هن ڪم ۾ سڦلتان اهو ئي ماڻيندو جنهن ۾ حالتن کي سمجھڻ ۽ سهڻ جي سگھ هوندي. مستقل مزاجيءَ سان ڪم ڪرڻ جو حوصلو هجڻ سان ئي حالتن جي نَئين مان مقصد جي ناوَ کي سونهين مُهاڻي جيان منزل تي پُڄائي سگھندو. اهڙين اوکين گھڙين ۾ مطالعي ۽ مشاهدي جا اوکا لڪَ لتاڙي چڙهڻ ۾ هم خيال دوست ۽ رهنمائي ڪندڙ سڄڻ به وڏي وٿ بڻبا آهن.
    منهنجو ڪيل هي پورهيو مڪمل ٿي نه سگھي ها جيڪڏهن هن سفر جي سونهين ڊاڪٽر الطاف حسين جوکيي جو ساٿ نه هجي ها. هڪ سال جي مسلسل هن سفر ۾ مان جتي به ٿڪ محسوس ڪري ويهڻ جي ڪئي، اتي ڊاڪٽر جوکيي جو ساٿ مون لاءِ ڀٽائيءَ جي هن بيت جهڙو رهيو ته:
    ڇِڄُ مَ قَطارا، ساٿُ چَڙهندو لَڪِين.
    ڪتاب جي پهرين پني کان آخري پني جي لکڻ ۽ ڇپائيءَ تائين، مون هي ڪتاب حالتن جي حوالي کان مسئلن جي مقتل مان نيزي جي نوڪ تي لکيو آهي. مون اڳيان گھر کان ٻاهر تائين حالتن جي رڪاوٽن جا ڪيترائي مسئلا پيش آيا. جن ۾ پنهنجي سڪيلڌي پُٽ قنبر عباس ملاح جو هر موڙ تي ڀرپور ۽ اُتساهيندڙ ساٿ رهيو. مان جڏهن زماني جي بي رُخي ۽ وسيلن جي آڻاٺ سبب مايوس ٿي ويندو هيس ته، قنبر منهنجي ڪيفيت ڏسي، مُرڪي ڀرسان ويهي حوصلو ڏيندي چوندو هو ته: ”يار! ابو ڏس، چڱي ڪم ۾ ئي ته رڪاوٽون اينديون آهن ۽ تڪليفون کڻڻيون پونديون آهن. ماڻهوءَ جو هر چڱو عمل مولا جي در تي قبول ئي تڏهن ٿيندو آهي جڏهن تڪليفن کي برداشت ڪبو آهي.
    ابو! هنن ننڍڙين تڪليفن کي نه ڏسو، توهان همت نه هاريو، پنهنجي ڪم کي جاري رکو. مولا مالڪ آهي ڏکيو سکيو وقت گذري ويندو.“ قنبر، جي اهڙي آٿت کانپوءِ ڪجھ ساهيءَ بعد وري ڪمپيوٽر کولي پنهنجي ڪم ۾ جنبي ويندو هيس. نيٺ مشڪلاتن جا لَڪَ لتاڙي چڙهيا سين. اسانجو هي پورهيو سجايو تڏهن ٿيندو جڏهن اوهان پڙهندڙ، عزادار اسانجي هن پورهيي کي هانوَ سان هنڊائيندا.
    عزادارو! محرابپور جي عزاداريءَ کي اوج ڏيارڻ ۾، هن هڪ صديءَ جي سفر ۾ ڪيترن ئي عزادارن جو اهم ڪردار رهيو آهي. جن کي سارڻ ۽ سنڀالڻ اسان سڀني جو فرض آهي. مون پنهنجي پاران هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي ته، اهڙن عزادارن کي تاريخِ عزاداريءَ جي هن ننڍڙي ڪتاب ۾ محفوظ ڪجي. ٿي سگھي ٿو ته مونکان متان به ڪٿي ڪو رهجي ويو هجي، ان کي هن ڪتاب جي ٻئي ايڊيشن ۾ ضرور ياد ڪبو. ان حوالي سان ڪو به مومن مايوس نه ٿئي. جيستائين حياتي آهي تيستائين عزاداري امام حسين عليه السلام جي هن سفر کي، سهيڙڻ وارو سلسلو جاري رکبو.
    ٿورائتو: هن ڪتاب ۾ ساٿ ڏيندڙ سڀني دوستن جو ٿورائتو آهيان، جن مواد سهيڙڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي. ان بعد دل جي اُٿاهه گهراين سان قومي دانشور سڄڻ سنڌي، ڊاڪٽر الطاف حسين جوکيي، زهير حسين حيدري ۽ نامياري ليکڪ بيدار جعفريءَ جو شڪر گذار آهيان، جن پنهنجين گوناگون مصروفيتن کي هڪ پاسي رکي، مونکي مهاڳ ۽ ٻه اکر لکي ڏنا. هن موڙ تي آئون پنهنجي پٽ قنبر عباس ملاح جي امڙ يعنى پنهنجي وَنيءَ کي ڀلا ڪيئن ٿو وساري سگھان، جنهن ڏينهن رات هر حال ۾ منهنجي همت افزائي ڪئي ۽ سدائين ساٿ ڏنو.
    محترم نصير مرزا جا موڪليل مرثيا، سنڌي ادب جي خاموش خدمتگار سائين بشير احمد هيسباڻيءَ جا ڏنل مشورا ۽ ڪتابي صورت ۾ موڪليل محبتون وسارڻ جهڙيون ناهن. بيدار جعفريءَ جي فرزند موسى ڪاظم پٺاڻ، جابر عباس ملاح ۽ محسن رضا ملاح جا هن ڪتاب جي مواد ڪٺي ڪرڻ لاءِ مومنن جا ڪيل انٽرويوز ۽ مواد جا پرنٽ ڪڍي ڏيڻ واريون ڪاوشون هميشه ياد رهنديون. جنهن جي اُجرت اسان سڀني کي پاڪ سانئڻ ڏيندي. عزاداري امام حسين عه سان عشق ڪندڙ عزادار ۽ تاريخ عزاداري سان چاهه رکندڙ عالم، اسڪالر ۽ سُڄاڻ مومنن مان اها اميد آهي ته، اسانجو پيار سان ڪيل پورهيو پڙهي اسانجي رهنمائي ڪندا. هن ڪم ۾ اسان کان ڪيترن ئي هنڌن تي ڪي اوڻايون رهجي ويون هونديون جن جي اوهان پڙهندڙ ئي نشاندهي ڪري، اسانجي رهنمائي ڪري سگھو ٿا. اسانکي اوهان پڙهندڙن جي ڪارائتي راءِ جو اوسيئڙو رهندو.
    آخر ۾ اوهان کان قرة العين حيدر جي سڀ کان سٺي ناول ’آگ ڪا دريا‘ جي ڪردار، چمپا پاران گوتم نيلمسبر کان موڪلائڻ مهل کيس ڏنل هن دعا سان موڪلائجي ٿو ته: ”ہمارے شہر کا دستور ہے دعا دیتے وقت کہتے ہین: سوا غمِ حسین ۴ کے خدا کو ئی غم نہ دے ،“
    ساٿ ۾ ساٿ، سدائين گڏ

    9 ذوالحج، سيپٽمبر 2017ع درِ حُسين(عه) جو منگتو

    مولائي ملاح
    3917651-0308


    ڪتاب جي ڪردارن بابت

    جيڪي ياد پيوم

    هونءَ ته هن شهر جي عزاداريءَ جي تاريخ کي هڪ صديءَ کان به وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. پر، اسان هن سفر جي سهيڙ جو ڪم هڪ صديءَ تائين ڪيو آهي. هتي حَق جي دين ۽ عزاداري امام حسين عه جو پيغام مير باغ علي ٽالپر ۽ سندس فرزند مير سبحان علي ٽالپر ڏنو. باغ علي ٽالپر جن پنهنجي حياتيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ زيارت امام حسين عه (تعزيو) تعمير ڪرايو. ڪجھ سالن بعد پاڻ وفات ڪيائين. ته سندس پڳدار پُٽ سبحان علي ٽالپر ڪجھ وقت کانپوءِ مومنن جي سهڪار سان شهر ۾ عاشور جي رات تعزيو ڪڍي ماتمي جلوس جي ابتدا ڪئي. جنهن سلسلي کي مقامي مومنن اوج ڏياريو.
    عزاداريءَ جي هن سلسلي کي وڌائڻ لاءِ محرابپور جي ’ملاحن‘ شهر ۽ آس پاس جي عزادارن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري، انهن جي تعاون سان تنظيم سازي ڪري عزاداريءَ کي اوج ڏياريو. جيڪو سلسلو پهرين شهر پوءِ پسگردائي، ان بعد ساهتي، سنڌ ۽ هاڻ پنجاب تائين شاعري ۽ جديد ڌُنن جي صورت ۾ پکڙ جي چڪو آهي.
    هن شهر جي عزاداريءَ ۾ جدت پنجاب جي ذاڪرن، شاعرن ۽ عزادارن آندي. تقريبن 1970ع واري ڏهاڪي کان هي شهر نوحا خواني، ماتمداري ۽ ذاڪريءَ ۽ خيالي ڌُنون ترتيب ڏيڻ ۾ پاڻ ڀَرو ٿيو. پوءِ هتان جا عالم، ذاڪر، نوحا خوان ۽ ماتمدار _ عزاداريءَ جي دنيا ۾ وڏي حيثيت رکندڙ پنجاب جي علائقي ’ڪَڇي‘ ۾ پڙهڻ لڳا. جيڪو هر عزادار جيان هتان جي عزادارن لاءِ به هڪ وڏو اعزاز آهي. هن شهر ۾ حلقي جي عزاداريءَ لاءِ ابتدائي ڪوششون شاعر اهلبيت سيد اختر حسين چنيوٽيءَ ۽ ارشاد حسين شاهه ورتيون. جن هتي نوحن تي عزاداريءَ ۽ حلقي جي ماتم جي شروعات ڪئي.
    ذاڪريءَ ۾ زوار محمد يوسف چنه، ’ڪربلائي‘ ۽ دهل، شرناءِ تي ثقافتي رنگ ۾ عزاداريءَ کي اوج وٺرائيندڙ فقير علي ڏنو مڱڻهار هيو. ان بعد سندس پٽ محمد يوسف مڱڻهار (جوسن فقير)، هن سلسلي کي پنهنجن نيڪ جذبن سان درد ڀريي انداز ۾ جاري رکيو. جيڪو ماتمي جلوسن ۾ وڄندڙ دهل، شرناءَ تي ٿيندڙ گريو زاريءَ ۾ مومنن جي لڙڪن ۽ سڏڪن ۾ زنده رهندو.
    ڊاڪٽر عاشق علي شاهه، زوار خير محمد ملاح، محمد بخش نانگراج، زوار عبداللطيف ملاح، محمد رمضان نوناري، محمد بخش چنه، سيد علي گوهر شاهه، ماستر دلاور حسين ٻرڙو، مير غلام حسين ٽالپر (اول)، احمد شاهه صفوي، غلام صادق ٽالپر، ڊاڪٽر احمد بخش ٽالپر، علي بخش ٽالپر، شاهد حسين شاهه ترمذي، نبي بخش شيدي ۽ ٻيا (مرحوم) بزرگ عزادار جيڪي هن شهر جي عزاداريءَ جا کاهوڙي ڪردار رهيا آهن. جن ٻيڻي ٻانهن ڏئي هن شهر جي عزاداريءَ کي اوج ڏياريو. شهر جي عزاداريءَ لاءِ هنن شخصيتن پاران ورتل اهڙين ڪوششن کي چند سٽن ۾ سهيڙي نه ٿو سگھجي. هي شخصيتون پنهنجي انوکي ڪردار جيان الڳ الڳ تفصيلي مضمون جون حقدار آهن جن تي وقت ۽ حالتن سبب تفصيل سان نه لکي سگھيا آهيون. جن تي ڪنهن ٻئي ڀيري قلم کڻي سندن عزاداراڻي ڪردار، عزاداري امام حسين عه لاءِ ورتل ڪاوشن کي تاريخ عزاداريءَ جو حصو بڻائبو.
    هتي گرزن جي ماتم جي شروعات سيد ميهر شاهه نقوي (ڳوٺ: ڏيون) واري ڪئي. جنهن بعد ڏاڏو قنبر شيدي هن شهر ۽ آس پاس جي ڪيترن ئي نوجوان عزادارن کي گرزن جو ماتمي بڻائي گرزن جي ماتم کي اوج ڏياريو. سيد غلام رسول شاهه، عرف (سيد مِرچُو شاهه)، بِليڊن جو وڏو ماتمي رهيو. بِليڊن جي ماتم جو رواج ختم ٿيڻ کانپوءِ هاڻ سيني تي هٿ جو ماتم ڪندو آهي. هتي ڇَلَنِ جو ماتم به ڀرپور انداز ۾ ٿيندو هيو جنهن کي هتان جي عزادارن لعل بخش شيخ (ڇَڄُو شيخ)، نظر حسين ڪلهوڙو، يار محمد شيدي، غلام سرور شيدي (مَٽُو شيدي)، ولي محمد شيدي (استاد وَلو) ۽ ٻين ڪيترن ئي عزادارن قائم رکيو. سيد ارشاد شاهه پاران حلقي جي ماتم کي زور وٺرائڻ بعد ڇَلي ۽ بليڊ جو ماتم گھٽجي ويو.
    نوجوانن ۾ تلوار جي ماتم کي زوار رحم علي ٻرڙو ۽ سيد علمدار شاهه (ڏاڏا شاهه)، جن پَلتي جو ماتم ڪري، شمشير زني کي زور وٺرايو. ۽ ڪيترن ئي نوجوانن کي ماتمي بڻايو. هتي زنجير جي ماتم جي شروعات ملڪ بشير احمد اعواڻ ڪئي. جنهن سلسلي کي ڪيترن ئي سالن کان شاهنواز خاصخيلي (ادوشاهن)، سنڀاليندو ۽ مومنن جي سهڪار سان وڌائيندو اچي ٿو. جيڪو پاڻ به زنجير جو وڏو ماتمي آهي.
    ماستر دلاور ٻرڙي کان پوءِ مذهبي اسٽيج تي، پروفيسر سليم رضا ملاح نظامت جا فرائض بهتر انداز سان سرانجام ڏئي سندس ياد کي تازو رکندو اچي ٿو. وٽس اسٽيج جي هڙ پاسائين فن جي ڄاڻ آهي. هي موجوده وقت جو وڏو اسٽيج سيڪريٽري آهي. جيڪو ضلع خيرپور، ضلع شهيد بينظير آباد ۽ ڪراچيءَ جي وڏن وڏن جلسن ۾ اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرائض خوش اصلوبيءَ سان سر انجام ڏئي چڪو آهي. وٽس فرائضِ نظامت ادا ڪرڻ جو وڏو ڏانءٌ آهي. هي پنهنجي پُر اثر آواز ۾ ڀٽائيءَ جا بيت پڙهي سامهون ويٺل مومنن کي روئاري وجھندو آهي.
    سليم ملاح پهرين محرم الحرام جي چنڊ بيهڻ تي غمِ حسين عه جو تڏو وڇائجڻ بعد، ماتم خاني ۾ انگاس هيٺان بيهي، اکين ۾ آب آڻي آسمان ڏانهن هٿ کڻي ڏکاري لهجي ۾ جڏهن، ڀٽائيءَ جا بيت چوندو آهي ته، ان ويل پاڻ سميت، مومنن جا ڳل ڳوڙهن سان ڀِڄائي وجھندو آهي.
    مُحَرمُ موٽِي آئِيو، آئِيا تان نهَ اِمامَ،
    مَديني جا ڄامَ، مولا! مونکي ميڙيين.
    ***
    مُٺيس! جھَلِ مَهارَ، ڪُٺِيس! ڪاههِ مَ ڪَرَ هو،
    مُـون نِـمـاڻِـيءَ جي نِـجھُـري، ڀيـرو ڪِـجِ ڀَتـار،
    ساجَنَ! توهان ڌار، ڏِٺُمِ ڏينهن قِيامَ جو.
    (شاهه)


    مهاڳ : تاريخ سهيڙڻ سوکي ناهي!

    تاريخ هڪ اجگر قوت آهي، تاريخ زمانن کان زمانن تائين ڪيتريون ئي تبديليون ڏٺيون آهن، ڏسي ٿي ۽ ڏسندي. تاريخ ڌرتيءَ تي ڪيترن ئي ملڪن، قومن ماڳن، مڪانن کي بي _ ثبات ڪري ڇڏيو _ ڪيترائي نظريا، فڪري فلسفا به آيا ۽ ويا انهن سان گڏ اڻ ڳڻيا بادشاهه ظليِ الاهي به شهنشاهه دارا سڪندر، چنگيز، هلاڪو حتاڪ هر دور جا يزيد ۽ انهن جا لاولد آباءُ اجداد به پنهنجي جاه و جلال ۽ حشمتون وڃائي ويٺا. خلافت کان ملوڪيت ۽ ملوڪيت کان بادشاهت تائين تاريخ هٿ _ ناٽ _ تماشن کي خاموشيءَ سان ڏسڻ بجاءِ انهن کي نه رڳو نيست ۽ نابود ڪيو پر انهن کي مٿين لقب ۽ القابن مان گار بنائي ڇڏيو. ڪنهن شاعر جيان ته:
    حد هوگئي حسين عه تيري انتقام ڪي،
    هـر دور ڪـي يـزيـد ڪـو گـالي بنـا ديـا.
    ڪعبي ۾ رکيل بتن کي ڪنهن بت _ شڪن زيرِ وَ زَبرِ ڪري نئين تاريخ رقم ڪئي ته قِيصر وَ قِيصرا جُون سلطنتون تهس _ نهس ٿيندي به تاريخ ڏٺيون، تاريخ هونئن ته جناب حضرت آدم عليه السلام کان جناب خاتم ﷺ تائين ڪيترائي حوالا ڏٺا جيڪي لاريب ڪتاب ۾ محشر تائين محفوظ رهڻا آهن. دنيا جهان جي گولي تي تاريخ جي ڪنهن احساس جو اهڃاڻ هجي ها ته: آباد مدينه کان سادات جي روانگي، عراق جي ويران جھنگل ۾ اچي مقامي رهواسي کان معلوم ڪرڻ ته هن سرزمين جو نالو ڇا آهي؟ ڪنهن چيو ”ماريه“ ڪنهن ان ڌرتيءَ کي ”نينوا“ سڏيو ڪنهن سرد آه ڀري چيو ته، اي مسافر! هن زمين کي ڪرب _ بلا سڏيو ويندو آهي.مسافر چيو ته: اسانجي آخري اصل ۽ حقيقي منزل به اها ڪرب _ بلا آهي. اسان جو ” ڪُن فَيَڪُونُ“ کان هن ئي ڌرتيءَ سان جيءُ جڙيل آهي. تاريخ اهو سڄو سفر ۽ منظر اکين سان ڏٺو ۽ ان ڪارو ويس اوڍي ڇڏيو. تاريخ جي اوڍيل ان ڪاري ويس جي هر تندُ ۽ تارَ ۾ ڪربلا جي ان مسافر جو درد سمايل آهي. تاريخ جو اهو درد پهاڙن کان آبشار ٿي وهندو آهي. سمنڊ مان جڏهن شفاف پاڻيءَ جا سفيد ڪڪر تاريخ جي احساس جو اهڃاڻ بنجندا آهن تڏهن آسمان جون بلنديون ۽ ڌرتيءَ جون وسعتون سوڳوار ٿي اشڪباري ڪنديون آهن ۽ پوءِ پاڻي ڪربلا جي مسافر جي شهزادي علي اصغر عه جي اُڄ اُجھائڻ لاءِ سانئڻ سڪينه (س) ۽ معصوم ٻارڙن جي هٿن ۾ کنيل خالي ڪوزن کي تلاش لاءِ ڌرتيءَ جي وسعتن کان آسمان جي بلندين تائين زبان، بي زبانيءَ سان آه وَ بُقا ڪندي جڏهن انهن کي نه لهي سگھندا آهن ته ڪڪر هڪ ٻئي سان سِرُ ٽڪرائي گجگوڙ ڪندا آهن ڪڏهن آهستگي ڪڏهن ڌيرج سان هڪ ٻئي کي سيني سان لائي پاڻ ۾ اشڪبار اکڙيون ملائيندا آهن ته کنوڻ کنوندي آهي ۽ پوءِ ڪربلا جي ٺوٺ سُڪل ڌرتي شهزادي علي اصغر عه جي خشڪ چپن ۽ چئن ورهين جي معصوم سڪينه (س) جي حسرتن جو صدقو هيءَ ڌرتي جل ٿل ٿي شاد ۽ آباد بنجي پوندي آ ............ ها تاريخ جي احساس جي ان اهڃاڻ کي سانڍي اسانجي مانواري ۽ سوڳوار ساٿي مولائي ملاح به چاهيو هو ته هو علمي، ادبي ۽ صحافتي ڪوششن ۽ ڪاوشن سان گڏ عزاداريءَ جي تاريخ کي ترتيب ڏئي. هن پنهنجي دامن ۾ ڏٺو ته سواءِ غمِ حسين عه جي هن وٽ ڪي به ڪين هيو ۽ هن به ان ڪِينَ کي ئي پنهنجو ڀاڳ _ بخت ڄاتو ۽ هن محرابپور ۾ عزاداريءَ جي تاريخ کي بطور ابتدا پنهنجو مقصود ڄاتو ۽ ڪرم ٿيو هن تي پاڪ سانئڻ سيده فاطمه زهرا (س) جو، جو هن محرابپور جي عزاداريءَ جي تاريخ کي بطور احسن سهيڙي ورتو، توڙي جو عزاداري ڪا به خدمت ناهي پر جهان _ گيريءَ جي حوالي سان عزادارن کي مانُ ۽ مڃتا ڏيڻ لاءِ مولائي ملاح ڪمال فن کي پاسي تي رکي ڪمال محبت سان اُنهن کي مانُ ڏنو ۽ مڃتا _ ڀيٽا پيش ڪئي آهي. هِن ڪتاب ۾ هُن محرابپور جي تاريخ کي به ڌار ڌار مورخن جي حوالي، مقامي روايتن ۽ عقلي دليلن جي آڌار تي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪندي به ڪافي گنجائش ڇڏي آهي، ته جيئن موجوده دور توري ايندڙ زمانن جا مورخ محرابپور جي تاريخ تي تحقيق ڪرڻ ۾ آساني محسوس ڪن. مولائي ملاح جي هن محنت جو نتيجو ئي آهي ته محرابپور جي تاريخ مان جي عزاداريءَ کي ڪڍي ڇڏ جي ته محرابپور جي تاريخ اڌوري، اڻپوري ۽ ٻُسي ۽ بي رونق پئي لڳندي.
    مذهبِ اهلبيت جو بنياد ته خود آلِ محمد ﷺ جن وڌو پر انهن روايتن کي زنده ۽ تابنده رکڻ لاءِ جنهن شخصيت، هستيءَ جو ڪردار بنيادي هيو تنهن کي وسارڻ ته هن جي وس ۾ نه هيو، ننڍي کنڊ جي وڏي مدبر غلام مرتظي سيد (جي ايم سيد) فرمايو ته: ”تاريخ ۾ جنهن شخص جو جيترو ڪردار هجي ان جو اوترو قدر ڪرڻ ئي تاريخ جي تقاضا آهي.“
    تشيع جي روشن روشن شمعن کي اونداهيءَ ۾ سوجھري طور استعمال ڪرڻ لاءِ محرابپور ۾ ٻاهران آيل اسڪالر، عالم، ذاڪر، شاعر نوحا خوان ۽ قصيده خوان، واڄو ڪندڙ مڱڻهار فقير، مولائي ملاح جي قلم جي روشنائيءَ ۾ ڏسي پسي سگھجن ٿا. غازي عباس علمبردار عه جي علم پاڪ، جي تنصيب جي به هڪ نرالي تاريخ آهي. جنهن کي مولائي ملاح دلپسند عقيدت جي انداز ۾ اهڙيءَ ريت بيان ڪيو آهي جو پڙهندڙ اهو محسوس ڪندو ته هو علم پاڪ کي نئين ڪرڻ لاءِ لاهي، نئين سري سان سينگاري سنواري ٻيهر بلند ڪرڻ واري عمل کي پاڻ پنهنجي اکين سان ڏسي ۽ دل سان محسوس ڪري رهيو آهي؛ ۽ خود هن جي دل ماتم ڪدو بنجندي ٿي وڃي. مولائي ملاح کُنهبي جي ماتم، رسم کي به انتهائي شدت سان بيان ڪيو آهي، جو ان کي پڙهندي پڙهندڙن جي دل ۾ درد سموهجي ويندو آهي ۽ هن جون اکيون گونگا ڳوڙها ڳاڙي خود کيس به حيران ڪري ڇڏينديون آهن. شهزادو قاسم عه مولا امام حَسن عه جو فرزند هيو، جنهن ڏهين محرم جي رات پنهنجي امڙ سيده فروا خاتون (س) سان عهد ڪيو هو ته: ”امان مان جڏهن ميدان ڪربلا ۾ ويندس ته باقي سڀني شهيدن جا لاش مقتل ۾ ايندا پر، اي ماءُ! مان اهڙي قرباني پيش ڪندس جو تون بروز محشر ڏاڏي زهرا (س) جي سامهون فخر ڪندينءَ ماءُ! منهنجو لاش به صحيح سلامت مقتل ۾ نه ايندو.“ مولائي ملاح شهزادي قاسم گھوٽ جي پڳ جو جيڪو درديلو منظر بيان ڪيو آهي. تنهن ۾ مستورات جي جذبن ۽ احساسن جو غمناڪ اُپٽار ٿيل ٿو ڏسجي، نه ٿو لڳي ته مولائي ملاح هي منظر بيان ڪندي پنهنجي اکين کي وسڻ جا ويس ڪرڻ کان جھلي، پلي سگھيو هوندو، ساڳيءَ ريت شهزادي جي مينديءَ جي برآمدگيءَ جو بيان به سورن جو سامان آهي.
    جلوس ڏهين محرم جا هجن يا چهلم جا وري انهن جي تاريخ، انهن جا لاتعداد ۽ لازوال ڪردار هڪ هڪ ڪري بيان ڪرڻ جو نرالو ڏانءُ به مولائي ملاح کي عطا ٿيل ٿو ڏسجي. ساڳيءَ ريت ماتمي جلوسن جي خدمت، تنهن کي مولائي ملاح خدمت ۽ آءُ سيوا سمجھان ٿو. جيئن ڀٽائي صاحب چيو ته:
    سيوا ڪَرِ سَمُنڊ جي، جِتِ جَرُ وهي ٿو جالَ.
    تنهن ۾ ڪردار بظاهر ننڍڙا ٿا لڳن پر انهن جي عظمت جو ڪو انت _ شمار نه آهي. ماتمي جلوس ۾ تعزيا ڪنهن برادريءَ جي پاران نڪرن يا انجمن پاران پر انهن کي هڪ جهڙي اهميت ۽ افاديت سان بيان ڪرڻ مولائي ملاح جو ديانتداراڻو ۽ ذميداراڻو رويو ساراهڻ جهڙو آهي. مولائي ملاح ڪنهن شبيهه جو ذڪر ڪري يا ضريح ۽ ذوالجناح جو بيان ڪري يا سيج جو، پر هن محرابپور جي عزادارن، ماتمدارن ۽ سوڳوارن جي صِدِقِ دل کي سدائين سامهون رکي لکيو آهي. اهل تشيع جي نئين نسل ۾ جڏهن بيداري اچڻ شروع ٿي ته انهن انجمن قائم ڪري عزاداريءَ جي واڌ ويجھ لاءِ ڪردار ادا ڪيو، پوءِ انهن مان ڪي وقت جي ستم ظريفيءَ جو شڪار ٿي ويون ته ڪن پنهنجو ڪردار مسلسل نڀايو. مولائي ملاح انهن ۾ تفريق نه ڪئي ۽ انهن جي سربرستي تاريخ درج ڪري پاڻ ملهايو آهي.
    غمِ حسين عه آفاقي، سماوي ۽ ڪائناتي غم آهي. پر ڪن مت جي موڙهن ۽ هُردي جي هوڙهن ان کي ڪنهن جي يا پنهنجي ميراث ڪري پئي ڄاتو آهي. پر اسانجي هن فاضل ليکڪ دوست مولائي ملاح غمِ حسين عه جي حوالي سان ڪنهن به مذهب، مسلڪ توڙي دين ڌرم جي سوڳوارن کي نظر انداز ناهي ڪيو. مرثيا، نوحا، قصيده، سوز وَ سلام اول توڙي آخر مجالسِ عزا جي سونهن ۽ سينگار بنجن ٿا _ جن جي پسمنظر ۾ شاعر، موسيقار ۽ مصورِ غم هجن ٿا. مولائي ملاح انهن جو ذڪر به وڏي احترام ۽ اهتمام سان ڪري ساڻن پنهنجي محبت جو خوشگوار اظهار ڪيو آهي. ايتري تائين جو هن دور جديد ۾ جنم ورتو آهي پر دور قديم جي عزاداريءَ ۾ مڱڻهارن جي ڪردار کي به اوتري ئي اهتمام سان بيان ڪري عزاداريءَ جي قديم ۽ جديد رنگ جي سنگم کي نمايان رکيو آهي. ان سان گڏ هن نغاري جي وڄت جي سڏ ۽ پڙاڏي کي به نه وساريو آهي. نوبت ۽ نغارو قلندر شهنشاهه جي طريقت ۾ ”حَي عَلَي الُفَلَاحِ“ جو سڏ ۽ ان سڏ جو پڙاڏو آهي. انهيءَ کانسواءِ مولائي ملاح مستورات جي حوالي سان ٿيندڙ مجلسن ۽ عزاداريءَ جي ريتن رسمن ۽ روايتن کي به نظر انداز ڪرڻ بجاءِ انهن کي به پنهنجي حصي _ رسيءَ مطابق پنهنجي ڪتاب ۾ جاءِ ڏني آهي. جيڪو پڻ مثبت عمل آهي. جن ۾ هن انهن مستورات جو ذڪر به ڪيو آهي جن مستورات ۾ عزاداري، پردا داري ۽ ديني فرائض جي ادائگيءَ لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي. نه رڳو ايترو پر ”اوسارو“ شاعريءَ جي عزاداريءَ جي حوالي سان انتهائي درد ناڪ صنف آهي. جنهن کي ڪجھ عورتون گڏجي اهڙي ته درد ناڪ انداز ۾ بيان ڪنديون آهن جو سامهون ٻڌندڙ عورتون زار وَ قطار رئنديون رهنديون آهن.
    انهيءَ کانسواءِ مولائي ملاح محرابپور ۽ پر پاسي ڳوٺ گاهي راهو، ٽنڊو ڪرم خان نظاماڻي، درٻيلو، نوشهروفيروز، قاضي احمد، نوابشاهه، کهڙا، گمبٽ، ڀٽ شاهه، سيٺارجا، نهال خان سولنگي ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ٿيندڙ مجلسن، ماتمي جلوسن ۽ عزاداريءَ جو ذڪر به گھڻيءَ حُبَ، اُڪنڊ ۽ اُڪير سان ڪيو آهي. ان کان سواءِ زيارت گاهون، مجلسون ۽ امام بارگاه، پِڙَ ماڳ _ مڪان شهر ڳوٺ پاڙا، زيارت گاهون، ضريح اقدس ۽ ملت جعفريه جي حوالي سان ايندڙ نسلن لاءِ نت نوان مثال قائم ڪندڙ شخصيتن، هستين جو ذڪر به نهايت ئي پيار ۽ پاٻوهه منجھان ڪيو آهي. ڪتاب جي فاضل ليکڪ کي جس ڏجي يا خراج تحسين پيش ڪجي ان کان بهتر آ ته کيس دعا ڏجي ته:
    سيده زهرا (س) جيڪا يقيناً محرابپور جي عزاداريءَ جي تاريخي ماڳن مڪانن تي پنهنجي مبارڪ سِرَ جا اُهي وار کولي رئندي رهي آهي جيڪي اول جي دربار ۾ دوئم ۽ سوئم جي موجودگيءَ ۾ وئي. مولانا محمد حسنين مروت جي لفظن ۾ ته:
    محروم رهي زهرا اول ڪي زماني مين،
    بي بي ني پڙها خطبا، دربار خلافت مين.
    (مروت)
    بي بي جڏهن دربار وئي ته سِرَ جا وار ڪارا هئس ۽ جڏهن خالي واپس وري ته اهي سفيد ٿي چڪا هئس، اها سيدا مولائي ملاح جي توفيقات ۾ اضافو ڪري، سندس مشڪلاتن کي آسان فرمائي، رزق ۽ روزيءَ ۾ فراواني عطا ڪري سندس فرزند قنبر عباس ملاح کي سيرتِ شهزاده علي اڪبر عه سان شناسا ڪري کين ازل کان ابد تائين نمازي عزادار بڻائي ۽ سواءِ غمِ حسين عه جي ٻيو ڪو به غم نه ڏئي. مولا سندس ڏات ۽ ذات کي سلامت رکي.

    21 رمضان، 17جون 2017ع طالب ابن ابوطالب


    (سڄڻ سنڌي)
    پڊعيدن، نوشهروفيروز، سنڌ
    Call _03063435701


    هي سانگ سجايو آ

    علمي حوالي سان ڪنهن به مضمون تي ان جي دائري ۽ طريقه ڪار هيٺ ڪم ڪرڻ انتهائي اهنجو ۽ رُڪَ جا چَڻا چٻڻ برابر آهي. عام طور اهو ڏٺو ويو آهي ته جڏهن به ڪو ليکڪ ڪو علمي يا ادبي شهپارو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته ان جي چوڌاري هن جو نقطه نظر پيو ڦرندو آهي. اهو ڍنگ هر صنف ۾ نمايان نوٽ ڪيو ويو آهي. عام اسٽيجن تي به ويهي ڪري ڪنهن به مڪتبه فڪر جو عالم مختلف دليل ۽ اشارا ڏئي پنهنجو نقطه نظر پيش ڪري ۽ عام ماڻهن جي فڪري رخن کي تبديل ڪري وٺندو آهي. ٻه ۽ ٻه، پنج ٿيندا آهن، اهڙي ڳالهه کي مختلف زاوين سان پنهنجي ڳالهه کي ثابت ڪري مڃائڻ لاءِ علمي اصول ورتا ويندا آهن. جڏهن ته ٻئي پاسي زميني حقيقتون ڪجهه ٻيون هونديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو تاريخ لکڻ يا پڙهڻ لاءِ بنهه اڻ-ڌُرئي ٿيڻ جي گھرج هوندي آهي، جيڪو عمل ڏکيو آهي.
    ڪنهن به خطي، دؤر يا نقطه نگاه تي ٻڌل تاريخ (History) جا ٻه رخ رهيا آهن: هڪڙن ان سهيڙ کي نئين نسل لاءِ بيسود ۽ هاڃيڪار ڪوٺيو آهي ۽ ٻين وري ان جي طرفداري ڪندي نصاب ۾ رکڻ ۽ ٻارن کان وٺي وڏن تائين پڙهائڻ تي زور ڏنو آهي. محمد الياس رضوي پنهنجي ڪتاب ’تاريخ جي تعليم جا اصول‘ ۾ لکي ٿو ته: ” ’سر رابرٽ والپول بيمار هو. سندس زال کيس چيو ته ”توکي ڇا پڙهي ٻڌايان؟‘ هن ورندي ڏني ته، ’جيڪي وڻئي سو پڙهي ٻڌاءِ، مگر تاريخ اصل نه هجي!‘ نيپولين بوناپارٽ کي به تاريخ کان ڪافي نفرت هئي. هو تاريخ ۽ ان جي ڳالهين کي هڪ قسم جون ڪوڙيون آکاڻيون سمجهندو هو. هربرٽ اسپينسر کي به تاريخي معلومات ۽ ڳالهين لاءِ تمام گهڻو ڌڪار هيو. هو چوندو هو ته، ’تاريخي حقيقتن کي ماڻهو پاڻ کي وندرائڻ لاءِ ۽ تفريحاً ڀلي پڙهي. مگر هيءَ ڳالهه ته، تاريخي حقيقتون ۽ واقعات پڙهڻ مان اسان ڪجهه پرائي سگهنداسون، سو بلڪل غلط آهي.‘
    ٻئي پاسي آليور ڪرامويل جو اعتماد هو ته تاريخ جي علم ۾ ڌڻي تعالى جي ذات جو عڪس ٿو ملي. هيءُ مضمون رب جي صفات جو مظهر آهي. فرائڊ جي راءِ موجب ’تاريخ هڪ اهڙي مستقل ۽ ابدي گِهنڊ جو آواز آهي جو انسانذات جي ڪنن ۾ هميشه صدين کان صدين تائين حق ۽ ناحق، انصاف ۽ عدل، ظلم ۽ ڏاڍ جي قانون جي اهميت ۽ ڄاڻ جي وسيلي ٻُرندو ٿو رهي.‘ جونز جو خيال آهي ته، ’تاريخ زندگي جي مشاهدات ۽ تجربات جي هڪ کاڻ آهي. اڄوڪن ٻارن ۾ موجود نسل جي لاءِ علم تاريخ جو پڙهڻ ۽ پڙهائڻ انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته اڳوڻي زماني جي ماڻهن جي مشاهدن ۽ تجربن جو خزانو انهن کي ملي ۽ پڻ دنيا کي فيضياب ڪري.‘ هربرٽ جو هڪڙو معتقد مفڪر مسٽر زلر هو، جنهن جي راءِ موجب، ’تاريخ جي علم کي اسڪولي نصاب ۾ مرڪزي حيثيت رکڻ گهرجي، ۽ باقي سڀني مضمونن کي ثانوي طور ئي تاريخ جي چوگرد تربيت ڏيڻ گهرجي.‘ مٿي ڏنل ڳالهين مان ثابت ٿئي ٿو ته تاريخ جي فلسفي ۽ فائدي بابت مختلف ماڻهن ۽ مفڪرن جا متضاد رايا رهيا آهن.‘ “
    جديد دؤر ۾ تاريخ هڪ سائنسي علم بڻجي چڪو آهي. اوڻيويهين صديءَ کان تاريخ لکڻ توڻي پڙهڻ لاءِ ڪي اصول متعيّن ڪيا ويا؛ جنهن ذريعي مدي خارج ۽ اڻٺهڪندڙ ڳالهين کي رد ڪرڻ جي قوت حاصل رهي. افسانوي خيالن تي ٻڌل تاريخي ڪهاڻيون، اڄ جي دؤر جو شاگرد دلي طور تسليم نه پيو ڪري. ان ڪارڻ ضرورت ان ڳالهه جي هوندي آهي ته اسان پنهنجي ڪنهن به دائري جي جڏهن تاريخ مرتب ڪريون يا لکون ته هڪ وقت لاءِ اسان کي غير جانبدار ماڻهو ٿيڻو پوندو. اهڙي ڏِک ليکڪ جي انداز بيان يا اسلوب مان واضح ٿي ملندي، ان لاءِ اهو وري پڙهندڙ تي ڇڏجي ته هو انهن ڳالهين کي ڪيئن ٿو ڏسي!
    جديد سوچ موجب تاريخ جو ڪارج ئي قديم آثارن کي زنده رکڻ ۽ انهن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ آهي. لکپڙهه جي دنيا جو هي اوکو ڪم آهي. هن ڪم ۾ پيرپائڻ کان پوءِ هتان نڪرڻ به اوترو ئي اوکو آهي جيترو هن دنيا ۾ پير پائڻ. تحقيق ڪندڙن جون عمريون ڳري ويون تاريخ تي ڪم ڪندي ڪندي، پر جڏهن به کانئن پڇبو ته چوندا: اسان ته اڃا ڪجھ ڪيو ئي ناهي، جيترو ڪم ڪرڻ گھرجي.
    مان تاريخ سان دلچسپي ته گھٽ رکندو آهيان، ان ڪارڻ ڪافي نالا يا سن ياد ئي نه رهندا آهن؛ پر جس ڏيندو آهيان انهن دوستن کي جيڪي هن شعبي ۾ ڪم ڪرڻ جو شوق رکندا آهن. اهڙو ئي شوق اسانجي شهر جي کاهوڙي ليکڪ مولائي ملاح کي ٿيو، جنهن جي ٿوري حوصلا افزائي ڪيم، جنهن جنون واري جذبي سان ڪم ڪري شهر محرابپور جي عزاداريءَ جي هڪ صديءَ جي تاريخ سهيڙي سنڌي ادب ۾ هڪ تاريخ جو ڪتاب ڏنو آهي. توڻي جو هيءَ سندس اهڙي ڪم جي پهرين وک آهي، پر هن همراه پنهنجي حال ۽ وسيلن آهر سخت جاکوڙ ڪئي جنهن لاءِ کيس جس ڏجي ٿو.
    مولائي ملاح تاريخ جي دنيا جو ماڻهو ناهي، پر سندس شوق، محنت ۽ جنون واري جذبي کي ڏسي هاڻ اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته، تاريخ، تحقيق جي دنيا ۾ سندس کنيل پهرين وِکَ تحقيق واري شعبي سان سندس گـﻫـري عشق جو اظهار آهي. سندس اهڙو جذبو رهيو ته هو ڪجھ وقت بعد پنهنجو پاڻ مڃائي ويندو.
    مولائي ملاح پنهنجي محدود وسيلن ۽ فقرائي حالن آهر شهر محرابپور جي عزاداريءَ واري تاريخ جي هڪ صديءَ کي سهيڙڻ جي ڪوشش ورتي آهي؛ جنهن ۾ عزاداريءَ کان علاوه شهر محرابپور جي بنيادي تاريخ تي به محنت ڪري هڪ بحث ڇيڙي ڇڏيو اٿس. هن شهر جي پيرائتي تاريخ تي ڪيل سندس هي ڪم انتهائي ساراهه جوڳو آهي جنهن تي هڪ ڀيرو وري به کيرون لهڻي.
    مولائي ملاح محرابپور جي عزاداريءَ واري تاريخ سهيڙڻ جي شوق ۾ ڪافي ڪتاب سهيڙيا ۽ ڳچ تاريخ جو مطالعو به ڪيائين. هن وقت سندس ميز ۽ لائيبرريءَ ۾ سنڌ، اسلام ۽ مذهبِ اهلبيت جي تاريخ جو ڳچ حصو سانڍيل آهي. تاريخ جا ناياب ۽ اڻ لڀ نسخا ورتا اٿس. هن کي تاريخ جي ڪتابن جي جنهن مهل، جتان به خبر پئي ته هن وقت وڃائڻ بجاءِ ان مهل ئي اهو ڪتاب حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ورتي؛ جنهن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاهور جي پبلشرز ۽ ڪتب خانن سان سندس ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا رابطا رهيا. عزاداريءَ جو ڪتاب اچڻ کان اڳ ئي سندس ڪمرو تاريخ جي ڪتابن سان ڀرجي ويو آهي. جنهن مان سنڌ جي تاريخ سان سندس جنون وارو جذبو واضح نظر اچي ٿو.
    مولائي ملاح جي محنت جو اهو نتيجو آهي جو هن، سنڌي ٻوليءَ جي ناميارن ليکڪن پاران سندن ڪتابن ۾ محرابپور جي بنياد بابت ڏنل حوالن کي، تاريخي ۽ روايتي حوالن سان رَدُ ڏنو آهي. جيڪو محرابپور جي بنيادي ڄاڻ بابت محققن لاءِ هڪ نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي. هن ڪتاب ۾ محرابپور جي تاريخ ’مهراب مُهاڻي کان مولائي ملاح‘ تائين جو هڪ حصو سهيڙجي چڪو آهي. ان ڪم ڪندي هڪ قسم جي ڊيٽا سهيڙي آهي جيڪا اڳتي محققن لاءِ رهبري ڪندي.
    مولائي ملاح بنيادي طور صحافتي ادب جي کيتر جو ماڻهو آهي. جتي هن جو تمام گھڻو ڪم ٿيل آهي، جنهن کي هاڻ ڪتابي صورت ۾ سانڍڻ شروع ڪيو اٿائين، ڪنهن حد تائين سانڍي چڪو آهي. انهيءَ کان علاوه مذهبي حوالي کان هي فاضل ليکڪ شروع کان ئي علي عه جو شيعو آهي. خود عزادار، زنجيرزن، نوحا خوان ۽ شهر جي مذهبي تنظيمن جو ذميوار عهديدار، اهم رڪن آهي.
    مولائي ملاح مذهبي هجڻ جي باوجود به هن سلسلي سان واهه جو نڀايو آهي. هن جي سڄي ڪتاب ۾ ڪٿي به مذهبي ڪٽر پڻو نظر نه ٿو اچي. هن اول کان آخر تائين مذهبِ انسانيت کي نمايان رکڻ جي ڪوشش ورتي آهي. مولائي ملاح هي سڄو ڪتاب محسنِ انسانيت جي پيغام جي ڇانوَ ۾ لکيو آهي. جنهن جي سٽر سٽر ۽ جملي جملي مان مذهبِ انسانيت بکي رهي آهي. مولائي ملاح محرابپور جي مذهبي عزاداريءَ واري ماحول کي ثقافتي انداز ۾ پيش ڪيو آهي، جيڪو سلسلو صدين کان جاري آهي. هن پنهنجي ڪتاب جي هر پيرا ۾ تعريف ۽ وڌاءَ کان پاسو ڪيو آهي، جنهنڪري سندس هي ڪتاب تعريف نه پر تاريخ جي تقاضائن پٽاندر چئي سگھجي ٿو.
    مولائي ملاح جو هي ڪتاب سنڌ جي سماجي توڻي مذهبي تاريخ ۾ هڪ خوبصورت اضافو آهي. مولائي ملاح جيان اگر هر ماڻهو ائين ئي پنهنجي شهر جي ڪنهن پاسي جي تاريخ سهيڙي ته سنڌ جي تاريخ ۾ ڀلا اضافا ليکبا، جيڪو بنيادي ڪم آهي.
    مولائي ملاح پاران ڪتاب ۾ ڪم آندل تاريخي ڪتابن مان کنيل ڳچ تاريخي حوالن مان سندس محنت، جاکوڙ ۽ جنون واري جذبي جي پرک ٿئي ٿي. هن ان ڪم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ بنا ساهيءَ جي هڪ سال مسلسل ڪم ڪيو آهي. جتي هن ڏکيا ساهه کنيا اتي اسان جو ساڻس اتساهه ڀريو ساٿ رهيو.
    دعا آهي ته، ڌڻي سڳورو سندس ذات ۽ ڏات کي هميشه سلامت رکي ۽ سندس علم ۾ اضافو ۽ قلم ۾ اڃا به سگھ ۽ رواني عطا ڪري ته جيئن هي اسانجو فاضل ليکڪ اهڙي ئي جنون واري جذبي سان محرابپور ۽ سنڌ جي ننون موضوعن تي سگھاري انداز سان لکندو رهي.
    سنڌ سلامت- ساٿ سلامت



    سنڌ جو ننڍڙو ماڻهو
    ڊاڪٽر الطاف جوکيو
    جولاءِ 25، 2017


    مصنف جو منصف هئڻ ضروري آهي

    مولائي ملاح سان اڳي ڪا سڃاڻپ نه هئي، جڏهن آءُ ادا شمشير الحيدري جي وفات کانپوءِ سندس چهلم کان اڳ سندس شخصيت تي ڪتاب ”مولا تي ننگ“ مرتب ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ رُڌل هُئس ته ان وقت بيدار جعفريءَ مولائي ملاح جو غائبانا تعارف ڪرايو، ۽ پوءِ مسلسل فونن تي ساڻس ڪچهري ٿيندي رهي. پر نه هي ڪڏهن بدين ڪهي آيو، نه منهنجو محرابپور اچڻ ٿيو. آءُ جڏهن خيرپور شوگرمل ۾ ڊپٽي جنرل مئنيجر ٿي آيس ته ساڻس رابطو ڪيم.
    ۽ اسان جي پهرين ملاقات 21 فيبروري 2016ع تي تاريخي ماڳ ڪوٽڏيجيءَ جي قلعي تي ٿي جيڪا تاريخي ماڳ ’ڪوٽ قلعي‘ جيان يادگار رهندي. جتي هن پنهنجا ٻه ڪتاب ”شير ميربحر: فن ۽ شخصيت“ ۽ ”پرهه جا پياڪ“ مونکي تحفي طور ڏنا. ان کان پوءِ وري چند ڏهاڙا اڳ 27 جولائي 2017ع تي منهنجي آفيس ۾ وڏي ڀاءُ روشن علي ملاح ۽ ان جي فرزند جابر عباس ملاح سميت سندس زيارت نصيب ٿي. ۽ نئين تخليق ”محرابپور جي عزاداري“ تي ٻه اکر لکڻ لاءِ حڪم ڪيائين.
    اِها ڳالهه بلڪل کليل آهي ته ڪتابن تي مقدما _ يا ڇنڊ ڇاڻ وڏا اديب محقق ۽ پارکو ڪندا آهن. اسان جهڙا هن پنڌ جا پانڌئيڙا جيڪي وڏن گُروئن جا هٿ ڌوئارڻ پنهنجي خوش بختي سمجھندا آهن، هڪ ڪتاب سو به ڪو عام نه پر تاريخ ۽ تحقيق جو ڪتاب هجي آءُ ان تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ پنهنجي قد کان وڌيڪ ٽپو ڏيڻ جي مترادف سمجھان ٿو. ليڪن ”اَمر ادب کان وڌيڪ آهي.“ جي چوڻيءَ موجب ته اَمر جي بجاوري ڪندي ڪتاب جو مسودو شروع کان آخر تائين اکر اکر ڪري پڙهيم. ڇو ته ڪتاب تي ٻه اکر لکڻ جو مطلب ئي آهي ته ڪتاب جي تند تند ۽ تار تار کي ڌار ڌار ڪري پوءِ پنهنجي راءِ ڏجي.
    ڪتاب يا ڪو ڪالم لکڻ جا ٻه طريقا آهن. هڪڙو ته اڄڪلهه انٽرنيٽ جي اچڻ سان ڏاڍو سولو آهي ته، ڪو موضوع کڻي انٽرنيٽ کان پڇجي اهو هزارين حوالا ڏئي ان موضوع تي مواد توهانجي حوالي ڪندو ۽ پوءِ اوهانجي ذهانت جو عمل دخل آهي. ڪالم يا ڪتاب کي ڪيئن ٿا ترتيب ڏيو.
    ٻيو طريقو ليکڪ جو پنهنجو ذهن ۾ ويهاريل مواد، تجربو، ڪيترن ئي سالن جي تحقيق جيڪا شعور ۽ لا شعور جي اٿاهه سمنڊ جي لهرن ۽ گھراين ۾ ڇوليون هڻندڙ هجي، وقت ۽ حالتن موجب ان موضوع تي ڪيترائي بحث مباحثا ٿيل هجن، ان جو نچوڙ گڏجي کيس ان ڪالم يا ڪتاب لکڻ جو اتساهه ڏي ۽ هو ان تي لکي به ۽ مددگار ڪتابن جي عرق ريزي لاءِ ڪيتريون ئي لائبرريون ڇاڻي ۽ ڪالم يا ڪتاب لکي _ اِن ٻي طريقي جو ڪتاب سو به تحقيقي موضوع تي هجي ته ان ۾ زندگيءَ جو ڪافي عرصو جوانيءَ کان پيريءَ جا پنڌ به ڪرائيندو آهي. ان ۾ ليکڪ جو رت ۽ ست به ٻري قلم جي مَس بنبو آهي.
    مولائي ملاح جا هن کان اڳ جا آيل ٻه ڪتاب جيڪي ادبي دنيا جا شاهڪار آهن. ان کانپوءِ هي ڪتاب ”محرابپور جي عزاداري“ جنهن جو عنوان ئي ٺُپ مذهبي آهي _ لکڻ وڏي جرئت جو ڪم آهي. ليڪن هڪ غير جانبدار محقق جيڪو هر قسم جي مذهبي متڀيد کان مٿانهون ٿي جڏهن قلم کي کڻي ٿو ته پوءِ هو صرف ”مصنف“ نه هوندو آهي پر ”منصف“ به هوندو آهي. اسان وٽ بدقسمتيءَ سان مصنف تمام گھٽ منصف هوندا آهن. ان حوالي کان مولائي ملاح عزاداريءِ امام حسين عه تي جن وڏين شخصيتن جي ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن، انهن جي ڪري هن موضوع جي ڪتاب جي حيثيت وڌيڪ وڏي ٿي وڃي ٿي، جن ۾ ”فتح نامو سنڌ عرف چچ نامو“، مير علي شير قانع جو ڪتاب ”تحفته الڪرام“، مولانا ابوالڪلام آزاد جا ڪتاب ”الهلال، ۽ انسانيت موت جي دروازي تي“، مولائي شيدائي جا ڪتاب ”جنت السنڌ، ۽ تاريخ سکر“، سائين جي ايم سيد جي ڪتاب ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“، محمد عثمان ڏيپلائي جو جڳ مشهور ڪتاب ”شيخ المشائخ“، بلاذري جو ڪتاب ”فتوح البلدان“ پير حسام الدين راشديءَ جو ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، خانبهادر خدا داد خان جو ڪتاب ”لب تاريخ“، جنرل هيگ جو ڪتاب ”سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو“، ڊاڪٽر ميرزا امام علي بيگ افسر جو ڪتاب ”سنڌ جي عزاداري“، حاجي محمد حسن صفائي ٺٽوي جو ڪتاب ”تذڪرة المراد“، انجنيئر سيد عبدالحسين شاهه موسوي جو ڪتاب ”روهڙيءَ جون ساڍيون ٽي سورائتيون صديون“، مولانا عبد الحليم ”شرر“ جو ڪتاب ”سنڌ جي فتح“، زوار عبدالستار درس جو ڪتاب ”سنڌ ۾ آل رسول جي آمد“، سيد طاهر محمد جو ڪتاب ”تاريخ طاهري“ ۽ ٻين ڪتابن جا حوالا شامل آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو سُر ڪيڏارو انهن سڀني جومدلل دليل آهي. هن ڪتاب ۾ محرابپور جي عزاداريءَ کان اڳ محرابپور جي جاگرافيائي بيهڪ ۽ جوڙ جڪ تي اهڙو تاريخي مواد ڏنو ويو آهي جيڪو تاريخ جي طالب علمن لاءِ وڏي ڄاڻ جو مواد آهي.
    جيتريقدر عزاداريءَ جو تعلق آهي ته عزاداري حضرت امام حسين عه ڪا رسم رواج _ يا ڪو ثقافتي ڏهاڙو نه پر عزاداري پنهنجي وجود کان وٺي هڪ تحريڪ جو نالو آهي. جيڪو ظلم ۽ زبردستيءَ خلاف صداءِ احتجاج آهي، هڪ انقلاب آهي، هڪ نظريو آهي. عزاداري صرف باسون باسڻ ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جو واپاري عمل نه آهي. پر عزاداري جبر جي ايوانن ۾ ڏار وجھي انهن جي بنيادن کي ڌرتيءَ ۾ دفن ڪرڻ جو عملي رستو آهي. حضرت امام حسين عه ڪربلا ۾ جيڪي شعار بلند ڪيا هئا ته: ”هيهات من الذلة _ هيهات من الذلة“ جو مطلب ئي اِهو هو ته ذلت قبول نه آهي _ ذلت قبول نه آهي. ”مِثلي لا يُبايع مِثل يزيد“ مون جهڙو يزيد جهڙي وٽ وڪجي نه ٿو سگھي. عزاداري ان جو قيامت تائين جو پڙاڏو آهي ته حسيني جيڪڏهن سڏائجي ٿو ته بدڪردار، بد اخلاق حڪمرانن، سياستدانن ۽ فردن وٽ ضمير جي سوداگري عزاداريءَ جي روح جي خلاف آهي. اهو حسيني ’هَل من ناصر ينصرنا‘ جو سڏ 1400 سالن کان ڪربلا جي ريگستانن مان گونجي دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ انقلابي تحريڪن جو نعرو بنجي ويو آهي.
    مولائي ملاح محرابپور جي عزاداريءَ ۾ خيرپور ضلعي جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ عزاداريءَ جي بنياد کان وٺي آخر تائين جي ڪار گذاريءَ تي وڏي محنت ڪئي آهي. مثلً قديم مجلسون، قديمي ذاڪر، مولوي، مسجدن جا متولي، مرثيا، نوحا پڙهندڙ عزادار، تعزيا سينگاريندڙ مومن، ماتمي جلوسن ۾ ماتمدارن جي خدمت ڪندڙ عزادار، عورتن جي عزاداري، مجلسن جي زينت بنجندڙ عزادار، هندوئن جي عزاداري، رضاڪار، اسڪائوٽ، ضريحون ۽ زيارتون، ذوالجناح ۽ عَلَم پاڪ، انجمن نوجوانانِ شيعه، جو بنياد ۽ انجمن صغيريت شيعه، جو بنياد، انجمن معصومين شيعه فيڊريشن، فروغِ عزاداري مشن، انجمن قلندري مداحِ اهلبيت، انجمن منتظر مهدي، وغيره وغيره انهيءَ تذڪري ۾ درگاهن جو وڏو تفصيل ڏنل آهي. جيڪو عزاداريءَ جي موضوع سان ڪنهن صورت ۾ ٺهڪي ڪونه ٿو. درگاهن تي ڌمال _ ميلن ۽ رقص جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪو روحِ عزاداريءَ جي خلاف آهي. اڪثر درگاهون ۽ ميلا آلِ محمد ﷺ جي فڪر جي ناڪاري ڪمن ۾ رُڌل آهن. انهن جي پذيرائي بدران روڪڻ جا اُپاءَ وٺڻ گھرجن، ثقافت جي نالي ۾ غير اخلاقي، فحاشيت ۽عريانيت جي ڦهلاءُ کي مشن امام حسينعه سان ڪا مطابقت ڪونهي.
    هي ڪتاب جيڪو لفظ ’عزاداري‘ سان منسوب آهي ان جي حوالي کان ظلم جي خلاف هڪ آواز _ هڪ للڪار _ هڪ يلغار جو متقاضي آهي. علامه شبلي نعماني جي چواڻي ته: ”هي (ڪربلا جو واقعو هڪ اهڙو واقعو آهي جيڪڏهن عرب جي اصلي جذبات موجود هجي ها ته اهڙا ته زوردار مرثيا لکيا وڃن ها جو دنيا ۾ باهه لڳي وڃي ها.“ هن ڪتاب ۾ ان حوالي کان جيڪي مختلف محققن جا لکيل لفظ ڏنا ويا آهن انهن ۾؛
    مولانا ابوالڪلام آزاد پنهنجي ڪتاب ’انسانيت موت جي دروازي تي‘ ۾ لکي ٿو ته: ”ڪنهن مبالغي کانسواءِ چئي سگھجي ٿو ته دنيا جي ڪنهن المناڪ حادثي تي انساني نسل جا ايترا ڳوڙها نه ڳاڙهيا ويا هوندا جيتريقدر ان حادثي (ڪربلا) تي وهي چڪا آهن.“
    جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ’سنڌوءَ جي ساڃاهه‘ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”بني اميه سامراج جي مخالف حضرت امام حسين عه جي هڪ طرفدار عرب سردار محمد بن علافي ڀڄي اچي سنڌ ۾ پناهه ورتي هُئي. ان کي موٽائي موڪلڻ کان راجا (ڏاهر) انڪار ڪيو هو. ان ڪري مجبور ٿي سزا ڏيڻ لاءِ مٿس حملو ڪيو ويو.“
    جتي عزاداريءَ جي حق ۾ حريت مندن پنهنجي عقيدت جي اظهار ۾ ڪا گھٽتائي نه ڪئي. اتي هن ڪتاب ۾ عزاداري امام حسين عه جي مخالفن ۾ جن وڏن نالن وارين شخصيتن پنهنجي پاران نه گھٽايو انهن کي به وائکو ڪري تاريخ ۾ نمايان طور پيش ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ؛
    سائين جي ايم سيد، پنهنجي ڪتاب ’پيغامِ لطيف‘ ۾ محمد هاشم ٺٽوي جو 2 شعبان 1172هجري ۾ جاري ڪيل فرمان لکيو آهي. جنهن مطابق محمد هاشم ٺٽوي فرمان جاري ڪيو ته: ”محمد هاشم جي شرعي فيصلن جي جاري ڪرڻ لاءِ ڪوششون ۽ عاشورن ۾ ماتم ۽ تابوت وغيره بدعات جي منع آهي.“
    مولائي ملاح پنهنجي تحقيق موجب لکي ٿو ته: ”ڪلهوڙن جي وقت جو مشهور عالم محمد هاشم ٺٽوي پاران عزاداري ۽ تعزيه داريءَ خلاف جاري ڪيل سرڪاري فرمان جنهن جي عوامي سطح تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي مزاحمت ڪئي ان دور ۾ شاهه صاحب سنڌ جي صدا ”ڪيڏارو“ لکي عزاداريءِ امام مظلوم کي ايترو ته زور وٺرايو جو سنڌ ۽ ملتان عزاداريءَ جو مرڪز بنجي ويو. انهن ڏهاڙن ۾ شاهه لطيف جو اڱڻ، صحن عزاداريءَ جو کليل مرڪز رهيو.“
    خواجه محمد زمان لنواري وارو به عزاداري امام حسين عه جو سخت مخالف رهيو. ڀٽ ڌڻي جڏهن ”ڪارا رڱج ڪپڙا“ ڪري ذڪرِ حسين عه ڪيو ته سنڌ ۾ ڪارو رنگ احتجاج جي علامت ۽ عزاداراڻو رنگ بڻجي ويو.“
    مولائي ملاح سنڌ ۽ هند ۾ عزاداريءَ جي بنياد پوڻ جي حوالي کان جيڪو تحقيقاتي مواد گڏ ڪيو آهي. ان تي مختصر نظر وجھڻ سان سندس تاريخي جاکوڙ جي خبر پوي ٿي.
    ”مغل بادشاهه تيمور لنگ جي دور ۾ تعزيا نڪتا. ڪلهوڙن جي دور ۾ عزاداريءَ جا اهڃاڻ ملن ٿا.“
    سنڌ ۾ پهريون تعزيو سن 1786ع ۾ مير فتح علي پنهنجي سپهه سالار ميان فقير محمد خان جوڻيجي کي حڪم ڏئي تعمير ڪرايو.
    ”خيرپور جا ٽالپر مير، مير سهراب خان کان وٺي شيعا رهيا. ٽالپرن کان اڳ ڪلهوڙن حاڪمن جي دور ۾ سموري سنڌ عزادار هئي ۽ علي الاعلان عزاداري ٿيندي هئي.انجنيئر عبدالحسين موسوي جو ڪتاب ’ روهڙيءَ جون ساڍيون ٽي سورائتيون صديون“
    مير فتح علي ٽالپرپنهنجي دور ۾ پڪي قلعي اندر هڪ امام بارگاهه تعمير ڪرايو. ان کانپوءِ مير نصير خان موجوده هوم اسٽڊي هال واري جاءِ تي امام بارگاهه تعمير ڪرايو.
    ڪتاب سنڌ جي مدنيت جي ليکڪ سيد منظور نقوي لکيو آهي ته: ”هندستان ۾ عَلَم وغيره جو رواج پهرين بابر بادشاهه جي مصاحبن مان ٿيو. انهن مان بيرم خان گھڻو عقيدت مند هو جيڪو هر سال هڪ قيمتي عَلَم ڪربلا موڪليندو هو. ۽ مجلس عزا جو پهرين بنياد مغل راڻي نورجهان وڌو ۽ پوءِ آهستي آهستي مغل بادشاهه جي اميرن مان پکڙ جندو عوام ۾ آيو.“
    لاڙ جي عزاداريءَ جي حوالي سان مصنف بدين ۽ ٺٽي جي عزاداريءَ کي مرڪزي نقطو قرار ڏيندي ڪافي ڄاڻ وارو مواد ڏنو آهي، جنهن ۾ مير علي شير قانع جي ڪتاب ”تحفته الڪرام“، لاڙ جي محقق محمد سومار شيخ جي ڪتاب ”لاڙ جا ماڳ مڪان“۽ سيد محمد هاشم جي ڪتاب”لکنئو اور شيعه“ جا حوالا ڏيئي ۽ جلواه گاه امامين، ڪيٽي بندر کان بدين جي قديم شهر ڪڍڻ سميت لاڙ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن جي عزاداري ۽ ٺٽي جي بزرگ سادات جو تفصيلي ذڪر ڪري ڪافي محنت ڪئي آهي. ان حوالي سان برک صحافي ۽ تجزيه نگار بيدار جعفري ۽ هن حقير جي مشاهدي کي به نمايان بيان ڪيو آهي، خاص ڪري آغا خاني مسلڪ کي ڇڏي ڪيئن آغائي خواجه شيعه اثناعشري خواجه بنيا ان جو ذڪر بهترين انداز ۾ ڪيو اهي.
    محرابپور جي عزادار مومنن جي حوالي کان ليکڪ مولائي ملاح لکي ٿو ته: ”محرابپور جي ماڻهن جو مزاج مجموعي طور تي سنڌ جهڙو صوفياڻو ۽ ملنگاڻو رهيو آهي. هتان جي ماحول کي امن ۽ محبت ڀريو رکڻ لاءِ هتي محبتِ اهلبيت جا بنياد رکيا ويا. هن شهر جي مذهبي سڃاڻپ مذهب انسانيت آهي جنهن جي سالن کان پرچار ڪري رهيا آهن. محرابپور ۾ مڪتبِ اهلبيت ۽ عزاداري اهلبيت جو بنياد رکڻ جو مقصد ماڻهن، عوام کي محسنِ انسانيت جو خدا جي ڌرتي تي خدا جو نظام نافذ ڪرڻ ۽ ظالم جي ظلم خلاف آواز بلند ڪرڻ وارو پيغام پهچائڻ هو.“
    هيءَ عزاداري جنهن ۾ پِڙَ ۽ تعزيو، مجلس، جلوس، عَلَم، مرثيا، نوحا، اوسارا ۽ رباعيون، مخمس، مسدس، مثمن، سڀ ظلم جي خلاف شعار آهن. جتي عزاداري هڪ تحريڪ آهي اتي ڪجھ اهڙيون رسمون به آهن جيڪي ماضيءَ ۾ تاريخ جي اڻ ڄاڻائيءَ جي ڪري رائج ٿي ويون جن ۾ مهندي، کُهنبا، شاديءَ جا ساٽ سنوڻ جيڪي تاريخي ۽ منطقي لحاظ کان مطابقت ڪو نه ٿا رکن. عاشوري ڏينهن ڪربلا ۾ رت جي تاريخ لکي وئي، ان ڏينهن امام حسين عه پاران ڌيءُ جي شادي وغيره کي مستند تاريخن ۽ عالمن قبول نه ڪيو آهي. پر هڪ رسم طور هلنديون اچن پيون، جن تي پنهنجن ۽ غيرن جون آڱريون به کڄن ٿيون. پر هر مذهب ۽ مسلڪ ۾ خرافات موجود آهن. ۽ جئين جئين علم ۽ شعور وڌي ٿو ته اهي وقت سان درستگيون ٿينديون رهنديون آهن. ان ڪري انهن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ هئڻ هڪ محقق جي مجبوري ۽ ذميداري آهي. ان کي مولائي ملاح سٺي نموني نڀاهيو آهي.
    يقيناً هي ڪتاب عزاداريءَ جي تحقيق جي دنيا ۾ هڪ بهترين ڪاوش ۽ وڏي عرصي تائين ايندڙ نسلن کي اونداهيءَ ۾ روشنيءَ جو ڏس ڏيندو رهندو. الله پاڪ مولائي ملاح جي قلم کي اڃان به وڌيڪ سگھ ڏي، جو هو تحقيق جي دنيا ۾ لاڳيتو اڳتي وڌندو رهي.





    زهير حسين حيدري
    5 آگسٽ 2017ع
    Cell. 03332521101
    Zaheerhussain11066@gmail.com


    مولائي ملاح تاريخي جاکوڙ ڪئي آهي

    ڪربلا جي ڪوس خلاف هر دور ۾ بلند ٿيندڙ ڀرپور آواز کي چئبو ئي آهي عزاداري، ان سوڳ کي سڄي سنڌ جي وک وک تي انهن ايامن کان ملهايو پيو وڃي، جڏهن مصر کان موٽندڙ سنڌي غير مسلم وڻجارن کي فرات جي ڪناري تي سُڌ پئي رهي ته ملعونن گڏجي حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي پاڪ ۽ پوتر گهراڻي کي هن رڃ ۽ سڃ ۾ بکيو ۽ اڃو ڪٺو آهي. جيئن جيئن اهي ديس مسافر وڻجارا شهيدن بابت پيرائتي ۽ لڙڪن جي لار ڄاڻ وٺندا ويا تيئن تيئن انهن جي من جي مانڌاڻ روح جي تڙپ، رت جي رفتار دل ۽ دماغ جي هلچل ۾ واڌ ٿيندي وئي. هي ته خالص انساني الميو هو، جنهن ۾ هاشمين جا چنڊ ڪٺا، مستورات بي پرده ٿيون. خيام ساڙيا ويا، قيدين کي خالي پٺن وارن اٺن تي سوار ڪرائي شهيدن جا ڪنڌ ڪوريا ويا، ڌڙ سسيءَ کان ڌار ٿيا، پوءِ آئي شامِ غريبان ۽ ان کانپوءِ ڪوفي جي بازار ...... ها اهو ڪربلا جو قصو مختصر ترين آهي ۽ روح مان رڙ ان وقت نڪري وڃي ٿي جڏهن خبر پوي ٿي ته اهو ڪم ڪلمو پڙهندڙن ڪيو. شامِ غريبان کان گهڻو مصائب ان سفر ۾ به آهي جيڪو مديني کان شروع ٿي مڪي تائين پهچي ٿو ۽ مڪي کان ڪربلا تائين شهادتن جي هڪ هانءَ ڏار تاريخ آهي. مسلم بن عقيل (عه) کان اسان زندان شام کي وساري نه ٿا سگهون. پوءِ سنڌ جي حسيني برهمڻن ٿر پاسي وڃي تڏو وڇايو تعزيتون ڪيون. اها سنڌ ۾ عزاداريءَ جي ابتدا هئي ۽ ٿورو پوءِ جڏهن سنڌ ۾ لٽيل سادات جو پهريون قافلو مهراڻ جي موجن تائين پهتو تڏهن انهن غير مسلم سنڌين انهن جي گهوڙن جي سُنبن جي مِٽيءَ کي مُنهن سان ملي، ڌوڙ آيل مهانن سادات گهراڻي ۽ لٽيل ڪاروان جي ڪارڪنن جو وڏو حصو تبرڪ طور پاڻ وٽ محفوظ ڪيو. ان واقعي جا اطلاع سنڌ ۾ جتي جتي پهتا اتي گهر گھر ماتم برپا ٿيو. ائين هر اک آلي ٿي ۽ سنڌ روز ازل کان ئي هر هنڌ کليل عزا خانو بڻجي وئي. انهن عزادارن ۾ مذهب رنگ، ڌرم، نسل، ڄمار طبقي ۽ چاهت جو ڪو به قيد ناهي. زيارت عاشور جي جملن ۾ هي سٽون به سمايل آهن ته، خدا اسان ئي ان جئين کي جايون ڏئي جيڪو اسان امام حسين (عه) جي سوڳواري لاءِ ڪيو ۽ اسان کي ئي ان جي وارث امام مهدي عه جي ساٿين سان گڏ جيڪي پاڻ آل محمد (ﷺ) منجهان آهن. انهن جي پلاند وٺندڙن مان قرار ڏئي. هن زيارت جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. جنهن ۾ درج آهي ته، سلام هجي اوهان تي اي ابا عبدالله حسين (عه)، سلام هجي اوهان تي اي رسول خدا (ﷺ) جا جاني جگر، سلام هجي اوهان تي اي اميرالمومنين ۽ سيد الوحسين جا نور نظر سلام هجي اوهان تي اي سنسار جي عورتن جي سردار فاطمه زهره جا چچا سلام هجي اوهان تي اي خدا جي راهه ۾ ڪٺل ۽ خدا جي راهه ۾ ڪُٺل جا پٽ! جنهن جو اڃا پلاند وٺڻ باقي آهي. سلام هجي اوهان تي ۽ انهن پاڪ روحن تي جيڪي اوهان جي آستان ۾ دفن آهن. اوهان کي منهنجي طرف کان سدائين سلام جيستائين هي ڏينهن ۽ رات باقي آهي. اي ابا عبدالله امام حسين (عه) اوهان جو سوڳ وڏو وزندار ۽ اوهان تي آيل مصيبت به ڏاڍي ڳري آهي. اها سمورن اهل اسلام لاءِ تمام وڏي ۽ ڀاري آهي. سمورن ايمان وارن لاءِ به اوهان تي آيل مصيبت جو وزن تمام گهڻو آهي. بس! خدا جي لعنت هجي. ان گروهه کي جنهن اوهان اهلبيت مٿان ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ ڪرڻ جو بنياد وڌو ۽ خدا جي لعنت هجي ان گروهه تي جنهن اوهان کي اوهان جي مقام کان هٽايو ۽ اوهان کي ان مرتبي کان ڪيرايو جيڪو هنڌ خدا تعاليٰ اوهان کي ڏنو هو. خدا جي لعنت ان گرهه تي جنهن اوهان کي قتل ڪيو، خدا جي لعنت انهن تي جن اوهان سان جنگ ڪرڻ جي سگهه ڏني، آءُ بري آهيان خدا ۽ اوهان جي سامهون انهن کان انهن جي مددگارن مٿان انهن جي پيروڪارن کان ۽ انهن جي دوستن کان اي ابا عبدالله منهنجو صلح آهي اوهان سان سهمت رکندڙ سان ۽ منهنجي ويڙهه آهي اوهان سان وڙهندڙن سان خدا لعنت ڪري زياد جي اولاد ۽ مردان جي اولاد تي، خدا بيزار ٿئي بنو اميه کان هر صورت ۾ لعنت ڪري ابن مرجانه تي، خدا لعنت ڪري عمر بن سعد تي خدا لعنت ڪري شمر تي خدا لعنت ڪري انهن تي جن اوهان جي زين کي زوري پڪڙيو گهوڙن کي جهليو ۽ اوهان سان وڙهڻ لاءِ ماڻهن کي سڏيو، منهنجا ماءُ ۽ پيءُ اوهان تي قربان ٿين. پڪ سان اوهان خاطر منهنجو غم وڌندو ويو. بس بس سوال ڪريان ٿو خدا تعاليٰ کان جنهن اوهان کي شان ڏنو ۽ اوهان وسيلي مون کي به عزت ڏني هو مون کي به اوهان جي خون جو پلاند وٺڻ جو موقعو ڏئي. اوهان حضرت محمد ﷺ جي اهلبيت ۾ شامل منصور امام (عه) سان گڏ اي پالڻهار! مون کي امام حسين عليه السلام جي واسطي سان هن دنيا ۽ آخرت ۾ آبرو مند بڻايو اي ابا عبدالله بيشڪ آءُ ويجهڙائي چاهيان ٿو خدا جي ان جي رسول (ﷺ) جي اميرالمومنين جي سانئڻ زهرا (عه) جي حسن مجتبيٰ جي اوهان جي حبداري وسيلي ۽ اوهان جي دشمنن مان بيزاري وسيلي اوهان جو قرب چاهيان ٿو انهن سمورن کان جن ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جي عمارت جي پيڙهه رکي ۽ پوءِ اوهان ۽ اوهان جي پيروڪارن مٿان ظلم وستم ڪرڻ شروع ڪيو...! پالڻهار! منهنجي حياتي کي محمد آل محمد (صه) جي زندگي جهڙي بناءِ منهنجي موت کي محمد آل محمد جي موت جهڙو بڻايو ۽ اڳتي هلي هي عمري جي مشهور عبادت بيان ٿئي ٿي. اسلام علي الحسين و عليٰ علي ابن الحسن وعليٰ اولاد الحسين وعليٰ اصحاب الحسين عه سجدي بعد اقرار ٿيندو آهي. ته اي سرجڻهار! سموري واکاڻ مخصوص آهي اوهان لاءِ جيڪي ثنا عزاداري کي تنهنجو شڪر بجاءِ آڻيندڙ ڪندا آهن. ساراهه آهي ان مٺڙي مالڪ جي جنهن مون کي عزاداري نصيب ڪئي اي معبود! محشر ۾ ايندڙ ڏينهن مهل مون کي امام حسين (عه) جي شفاعت سان بهره مند فرماءِ ۽ منهنجي قدمن کي سڌو ۽ پڪو بڻاءِ جڏهن آءُ تو وٽ اچان ته امام حسين (عه) سان گڏ امام جي ساٿين سميت جن امام حسين (عه) مٿان پنهنجيون جانيون گهوري قربان ڪري ڇڏيون.“
    عزاداري ايمان جو جزو، دنيا ۽ آخرت ۾ اهلبيت سان گڏ رهڻ جو اعلان، تن، من، ڌن ۽ هر آتما سرڪار رسالت مآب صه جي گهراڻي مٿان گهورڻ جو ڏانءُ آهي. عزاداري وقت جي هر ظلم ۽ ظالم خلاف مضبوط للڪار آهي. امام خميني رحه سچ چيو هو ته: اهي محرم ۽ صفر ئي آهن، جن جي برڪتن جي بدولت ايران ۾ اسلامي انقلاب ڪامياب ٿيو، ”لبيڪ يا حسين“ جو سڏ جيڪڏهن ايران ۾ بلند ٿئي ته اتي اڍائي هزار سالن جي پراڻي بدبودار شهنشاهت کي لتاڙي ڇڏي، يا حسين (عه) جي صدا جيڪڏهن بيروت جي بارود سان ڀريل گهٽين ۾ اٿي پوي ته اسرائيل کي لعنت جو طوق پارائي ڇڏي. ماتم جو آواز جيڪڏهن بحرين ۽ يمن ۾ گونجي ته آمريڪا جي ٽيڪ تي جيئندڙ پاڻ مرادو بادشاهتن جا ترا ڪڍي ڇڏي. امام اُمت بس سچ چيو هو ته ڪاش ماتم لاءِ سيني تائين پهچندڙ هٿ موٽ ۾ نام نهاد عالمي طاقتن جي منهن تي لڳن ته هوند انهن جو وجود ميسارجي وڃي! تنهن ڪري سمورين شيطاني قوتن جي ڪاهه هوندي آهي ته عزاداريءَ کي محدود ڪيو وڃي. خرافات جي صورت ۾ عزاداري جي عبادي روح کي بگاڙيو وڃي بدعتن جي باهه ۾ عزاداري کي اڇلائي ان کي فقط ريتن ۽ رسمن تائين سوڙهو ڪيو وڃي. هي ته اها پاڪ عبادت آهي جنهن جو قادر مطلق وٽ گهٽ ۾ گهٽ انعام جنت جو عظيم حصو سلسبيل آهي ۽ سلسبيل کي سمجهڻ لاءِ وري اوهان کي قرآن مجيد جي سوره دهر (انسان) جي تفسير طرف وڃڻو پوندو. يا ان ڳالهه کي پروڙڻو پوندو ته ماتمداري، عزاداري، نيازمندي، عاجزي ۽ در زهره (عه) تي سلامي جو سڀ کان ننڍي ۾ ننڍو انعام ڇا آهي؟ ڪاش هر فرد بشر کي هي فلسفو سمجهه ۾ اچي وڃي ته 4 هزار تيرن جي وسڪاري ۾ ڪربلا ۾ آخري قرباني ڏيندڙ امام حسين (عه) جو سر اقدس جڏهن نيزي تي بلند ٿيو ته انهن جي پاڪ زبان مان تلاوت هيٺ ڪهڙيون ڪهڙيون آيتون ۽ سورتون گذريون هيون.؟
    ميرپورماٿيلو کان محرابپور تائين ۽ مورو کان ماڙي پور تائين سڄي سنڌ جي سينڌ عزاخانن سان سجايل آهي. سنڌ جي چپي چپي تي سادات آباد آهن، هر گهر مٿان حضرت عباس علمدار جا علم سجيل آهن. هتي ننڍي وڏي جي زبان تي ناد علي ۽ يا علي مدد جو ورد جاري رهندو آهي. هتي مرشد لطيف، سرڪار قلندر، سهڻي سچل ۽ سامي جا سلوڪ وايون، ڪافيون، نادون، هزارين عالمن جا خطبا، ذاڪرن جو ذڪر، مرثيه خوانن جو سوز هلندڙ آهي. فنون لطيفه جي هر عاشق، ادب جي پارکن باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح رح کان وٺي شمس العلماء مرزا قليچ بيگ تائين هر ماڻهو پنهنجو پنهنجو حصو ملايو آهي. آءٌ ڪراچي ۾ مزار قائد کان ٿورو اڳتي امام بارگاهه شاهه خراسان جي خدمتگارن جي سونهري لسٽ تي جڏهن نظر وجهندو آهيان ته اتي به محمد علي جناح جو ذڪر نيازمندن ۾ نظر ايندو آهي. ڪاڇو، ٿر، اتر، لاڙ، جابلو پٽي، سنڌو جا دريائي ڇوڙ، ڪوهستاني پرڳڻو توڙي ڪچو عزاداري جي ڏينهن ۾ پنهنجو پنهنجو ڏيک ڏيندو آهي. روهڙي ۽ ڪوٽڏيجي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جو ذڪر ڪهڙن لفظن ۾ ڪجي قدم گاهه مولا علي (عه) مڪلي، حيدرآباد ۽ نوشهروفيروز کي ڪهڙي انداز سان بيان ڪجي. لفظ ساٿ نه ٿا ڏين، عورتن جا ويڻ، نياڻين جا سوز، نوجوانن جا نوحا، ٽانڊن تي ٿيندڙ ماتم، منتي جلوس ۽ وري جڏهن سنڌ ۾ گهوٽ قاسم (عه) جي ميندي نڪرندي آهي ته اوهان ئي ٻڌايو روئندڙ اکيون ڪربلا وارن جون وارث نظر اينديون آهن. اي شيعو! جڏهن به پاڻي پيئو ته شهيدن جي پياس کي ياد ڪجو.... هي سنڌ جي عزاداري جو مخصوص معمولي عڪس آهي. ننڍپڻ کان وٺي جڏهن به منهنجي تحت الشعور ۾ اياز جون هي سٽون جڏهن گونجڻ لڳنديون آهن ته ”ڪڏهن سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي. ڪڏهن موڙ تنهنجا نه مرجهائجن،“ ته الائي ڇو منهنجي دل جون دريون وڃي محرابپور طرف کلنديون آهن، آئون پنهنجي وجود جي ماتر ڀومي کي وڃي اتي ڳولڻ شروع ڪندو آهيان. محسوس ٿيندو اٿم ته محرابپور جي ڪنهن به ڪنڊ پاسي جڏهن به ڪا مجلس ٿئي ٿي ته اتي آئون فرش عزا تي ويٺو آهيان............ شايد ائين به هجي جو اسان جي مٽي سنڌوءَ جي هُن پار موئن جو دڙو جي اولهه ۾ شيرل بيوس جي شهر باڊهه سان سلهاڙيل آهي، ان شهر ۾سياسي، سماجي ۽ مذهبي لحاظ سان محرابپور جو اولڙو نظر ايندو آهي. لاڙڪاڻو ضلعو جيڪڏهن سياست جو بيرو ميٽر آهي ته نوشهروفيروز ۽ سمورو ساهتي پرڳڻو وري شعوري سفر جو امين آهي. ٻالڪپڻي ۾ آئون باڊهه جي ٽاڪري نونارين جي پاڙي ۾ رهندو هوس جيڪي گهڻو ڪري وهابي آهن ۽ اهي ڳالهه ڳالهه تي چوندا هئا ته يار محرابپور، جا سمورا نوناري شيعه آهن ........ 1970ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن استاد لعل بخش پيرزادو، قاضي امداد، استاد سڪندر علي لاکو، محمد مراد منگي مقتول ۽ ٻيا ضيائي آمريت خلاف ويڙهه دوران سياسي سبق پڙهائيندي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي يا هاري تحريڪ جو تفصيل بيان ڪندا هئا ته اهي به ماضي ۾ محرابپور ۾ ٿيل ميڙاڪن جو گهڻو ذڪر ڪندا هئا. محرابپور، ڪنڊيارو، ڪمال ديرو، ٺاروشاهه، ڊَڀري ۽ ان تر ۾ محرابپور جي وڻج واپار، ساڃاهه، علم دوستي ۽ مهمان نوازي جون خبرون گهڻو ڪري پتڻ پار ڪندي ٻيڙي بردار مُهاڻن کان ملنديون هيون، ان تر جا ميلا هجن يا ماتمي ميڙاڪا، سياسي هلچل هجي يا لهندڙ فصلن جون موسمي خبرون اهي سماچار اسان کي کن پل ۾ ملي ويندا هئا. جڏهن استاد محبوب علي جوکئي امير المومنين علي ابن ابي طالب عه جي چونڊ ڪلام جي چوپڙي ڇپرائي هئي تڏهن به شايد پهريان پهريان هٿوهٿ اها اسان جي استادن وٽ پهتي هئي. اهڙا هزارين حوالا آهن. جنهن مان معلوم ٿيندو ته محرابپور جي زرخيز زمين جو سنڌو جي وسيع سيني سبب باڊهه جي ڪلراٺي ڌرتي سان چولي ۽ دامن وارو ناتو آهي. مون کي اتان پنهنجائپ جو هڳاءُ ايندو هو. جڏهن اسان کي ننڍپڻ ۾ ’ديار دل داستان محبت، پلئه پايو سچ، جڏهن مان نه هوندس، ڳالهيون ڳنوارن جون ۽ نالي ماتر آزادي‘ جهڙا ڪتاب پڙهائي شعوري سطح بلند ڪئي ويندي هئي. تڏهن به اسان جي ذهن ۾ سوال اڀرندو هو ته ڀلا خيرپور سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هن شهر محرابپور جي عزاداري ڪيتري قديم آهي؟ آهي ڪو لکڻ ۽ ٻڌائڻ وارو! هي محض اتفاق هو يا ضيائي آمريت جي آمريڪي سازش جو حصو جو ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل کانپوءِ لاڙڪاڻي ۾ سرڪاري سرپرستي، مارشل لاءَ ۽ مُلايت جي ڇٽي، نام نهاد مجلس شوريٰ ۽ پيشه ور دهشتگردن جي نگراني ۾ جڏهن فرقيوار فساد شروع ڪرايا ويا ته آڪٽوبر 1981ع ۾ عيدالاضحيٰ واري ڏينهن باڊهه ۾ شيعن جي عيد نماز واري ميڙ مٿان هٿياربندن حملو ڪري 4 عزادار نمازين کي شهيد ڪيو 26 ڄڻن کي رت ۾ ڳاڙهو ڪرائي اها ڪوشش ڪئي هئي ته اتان سنڌ ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿئي. اصل ۾ ايران جي اسلامي انقلاب کانپوءِ باڊهه ۽ ڀر پاسي ۾ شيعت ايترو تيزي سان وڌي هئي جئين وڏي وسڪاري کان پوءِ کنڀيون ۽ انيڪ ساوا گل پاڻمرادو ڦٽي پوندا آهن. ضياءَ کي اها ڳالهه منظور نه هئي ۽ ان دور ۾ يا ان کان ٿورو اڳ باڊهه جا ڦلپوٽا ۽ کهاوڙ شيعا اسلام آباد ۾ ضياءَ الحق جي خلاف تحريڪ جعفريا جي سڏ تي مفتي جعفر حسين جي اڳواڻي ۾ لبيڪ چئي اسلام آباد ۾ صدارتي محل جي گهيراءُ ۾ شريڪ ٿيا هئا جتي جهنگ سيال جو محمد حسين شاد شهيد ٿيو هو ۽ اهي ئي چريا باڊاهي سائين امام علي شاهه ڪاظمي جي سڏ تي کُهڙا ايجيٽيشن ۾ وک وک تي فعال رهيا هئا. پر باڊهه ۾ ٿيل ان عظيم قرباني باوجود باڊهه واسي سمهجي ويا ته هي ڪا وڏي سازش آهي ۽ ان سموري ڪوس جو ذميوار صدر ضياءَ الحق آهي جنهن جڏهن ان دور ۾ هڪ مذهبي سياسي جماعت کي سياسي روپ ڏئي اهلسنت بريلوين جي مسجدن تي رات جي پيٽ ۾ قبضا پي ڪرايا ته بادهه ۾ ٽائون واري ملا شاهو واري مسجد ۽ ٻيون ڪيتريون مسجدون پاڪستان جي ويڪائو ڳجهن ادارن جي ايجنٽن منظم طريقي سان ماڻهن کي لالچائي، دٻائي ۽ دڙڪا ڏئي انهن مسجدن کي سعودي ريال جا ٺپا لڳائي هتي بنو اميه جو اسلام پئي متعارف ڪرايو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هتي ڀتين تي لکيل هوندو هو ته جيڪو ضياءِ جو يار آ، غدار آ.........! ضياءَ جا حامي سڀ حرامي...........! ۽ پوءِ ليٿو تي ڇپجندڙ پمفليٽن ۾ ملعون خلاف لطيف رح جو هي شعر درج هوندو هو ته:
    جهـيـڙو لاهه يــزيــد، عـلــي عه جــي اولادسـيـن،
    سا نه پسندين عيد، جا هوندي مير حسين عه سين.
    (شاهه)
    تنهن ڪري ضيائي آمريت خلاف اٿندڙ هر دستي ۾ حسيني عزادار سڀ کان اڳ ۾ هوندا هيا. مون شهيد ڀٽي جي چاليهي جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش مان بينظير ڀٽو جي موجودگي ۾ گرفتار ٿي فوجي سمري ڪورٽ ۾ آيل باڊهه جي ٻن عزادارن زوار نور احمد پٺاڻ، حاجي ابراهيم ساريو مرحوم، استاد ديدار علي شيخ مرحوم ۽ پنهل ساريو کان فوجي ڪورٽ ۾ پڇيو هو ته اوهان ڇو گرفتار ٿيا آهيو؟ هنن مرڪي چيو هو ته: ”اسان امام سجاد عه جي سنت ادا ڪري رهيا آهيون.“
    باڊهه ۾بيگناهه شيعه نمازي ته شهيد ڪيا ويا پر ايندڙ محرم ۾ عزاداري گهٽجڻ بدران وڌيڪ 500 گهرن تي علم پاڪ لڳايا ويا ۽ اتان جا عزادار چوندا هئا ته: ”حسين عه حسين عه شعار ما، شهادت افتخار ما.“
    قصوڪوتاه، انهن شهيدن جي تڏي تي باڊهه ترت پهچڻ وارو هو سنڌ جي عزادارن جو سپهه سالار، سنڌ شيعه آرگنائيزيشن جو باني، مجاهد ملت سيد امام علي شاهه ڪاظمي لڪياري ۽ سندس سرواڻ پٽ سيد سرڪار حسين شاهه جيڪي شمع جا پروانا رهيا ۽ شهيدن لاءِ ٿيندڙ مجلسن کي زيب ۽ زينت بخشڻ وارو هو قاري عطاءَ حسين بلاغي آف محرابپور، هي جوڀن ۽ جواني ۾ تلاوت جي شرف، فضائل ۽ مصائب جي ذڪر، اشارن ۽ ڪناين سان هر آمر کي للڪاريندو هو ۽ وري غم حسين عه ۾ هر اک کي اشڪبار به ڪري ڇڏيندو هو.
    ملڪ ۾ مذهبي جنونيت خلاف جڏهن به جنهن به پليٽ فارم تان ڪنهن به احتجاج جو جتي به سڏ ٿئي اتي محرابپور جا باشعور ماڻهو هر اول دستي طور شامل ٿيندا رهيا. آئون باڊهه شهر ۾ روزاني جنگ ڪراچي جو رپورٽر رهيس ته ادا علي بخش ٽالپر (نامه نگار جنگ) سان سکر ۾ جنگ جي بيورو چيف علي اختر جعفري جي آپٽڪس شاپ تي ڪشاديون ڪچهريون ٿينديون هيون ۽ انهن ذاتي ڪچهرين جي ابتدا به ذڪر حسين (عه) سان ٿيندي هئي ۽ پڄاڻي به ام المصائب عه جي سڏڪن جي تذڪري سان ٿيندي هئي. 1994ع ڌاري جڏهن روزاني برسات ڪراچي ڪوي شاعر شيخ اياز جي ادارت ۾ اوج ماڻيو تڏهن حسن مجتبيٰ جا ڪالم ”توراز ڪري فاش ..... “ ۾ جڏهن محرابپور کي سنڌ جو ٽوبه ٽيڪ سنگهه قرار ڏئي ان جو ذڪر ڇيڙيو هيو ته ان ڪالم ڇپجڻ واري ڏينهن تي اها اخبار هٿوهٿ کتي هئي. (محاوري ٽو به ٽيڪ سنگهه کي سمجهڻ لاءِ افسانه نگار سعادت حسن منٽو جو نقط نظر به مد نظر رکڻ ضروري آهي، جنهن ۾هن ٻڌايو هو ته ورهاڱي ويل چرين جي جيل ۾ قيد چرين وڻن تي چڙهي احتجاج ڪري مطالبو ڪيو هو ته ٻڌايو ته ٽوبا ٽيڪ سنگهه هندستان ۾ آهي يا پاڪستان ۾؟ نه ته اسان جيل مان نه نڪرنداسين....!) هن ڪامريڊ نظير عباسي جي محرابپور جي هڪ امام بارگاهه ۾ ٿيل گڏجاڻين ۽ نڪاح جو به ذڪر ڪيو هو ته ڪيئن نه ڪامريڊ اجلاس جو وقفو ڪرائي وري ماتم ڪري واپس ورندا هئا....!۽ نظير عباسي جو سَهرو ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهرو به ڪيترو نه عاشق آهي جو ڏهين جي ڏينهن سبيل جو اهتمام ڪري هر عزادار جي آبياري ڪندو آهي سندس اهو عمل خالص انساني بنيادن تي آهي.
    حسن مجتبيٰ به اتان جي ميرن، ملاحن، نونارين، چانڊين، شيدين ۽ ٻين انيڪ عزادارن جو ذڪر ڪيو آهي جيڪي هر سياسي هلچل ۾ رهندي به عزاداريءَ کي هر صورت ۾ برقرار رکندا آيا. انهن مستورات جي عزاداريءَ جو به ذڪر ڪرڻ ضروري آهي جيڪي محرم جي ڏهاڙن ۾ ڍنڍ وڄائي ان تي اوسارا چئي سڄي ماحول کي سوڳوار بڻائي ڇڏينديون هيون. هن ڊگهي لسٽ ۾ ڪامريڊ غلام رسول سهتو، غلام نبي چانڊيو، روشن علي ملاح، اطهر ناهيد ملاح، مهر علي ٻرڙو، رحم علي ٻرڙو، پروفيسر سيلم رضا ملاح جو الڳ الڳ ۽ تفصيلي ذڪر ٿيڻ گهرجي! انهن ارڏن انسانن مان هر هڪ پنهنجي پنهنجي تاريخ ۽ خدمتن جو رڪارڊ رکي ٿو.
    سڄي سنڌ ۾ جوڳي، ٻالا ۽ ٻيا ڪسبي گهڻو ڪري عزادار آهن. محرابپور جا ٻُهاريدار گهڻو ڪري هندو ڌرم يا شيڊيولڊ ڪاسٽس سان تعلق رکن ٿا پر محرم جي ڏينهن ۾ به هو پاڻ کي ڪاري رنگ ۾ ڍڪي هر سطح جي عزاداري ۾ شامل ٿيندا آهن.
    اصل ۾ محرابپور جي زمين عزادارن لاءِ ڏاڍي زرخيز، نرم ۽ گهميل آهي. جڏهن اتي آفتاب عزا مان معمولي معمولي مصائب جو ذڪر شروع ٿيندو آهي ته ماڻهن جون اکيون سمنڊ بڻجي اٿلي پونديون آهن. انهن عزادارن جي دل ۾ امام حسين عه جي قبر قائم آهي. شايد مير ببر علي انيس (1802-1874ع) جڏهن مجلس جي شان ۾ پنهنجيون مشهور رباعيون چيون هيون تڏهن هن جي طائرانه نظر شايد هتان جو به ڪو لقاءَ ڏٺو هوندو.
    هـئه فصل عـزا جُـدا جُـدا مجـلـس هــئه،
    گهر گهر ماتم هئه، جابجا مجلس هئه،
    مـاشـاءِ الله چـشـم بـد ور انـيس،
    ڪيا مجمع مومنين هئه، ڪيا مجلس هئه. !
    ***
    دس دن يه وه هين ڪه نوحه گر هئه زهريٰ عه،
    ٿامي هـئه هاٿـون سي جگر هئه زهريٰ عه،
    ڪيابيٺي هو، سر په خاڪ اُڙائو لوگو!،
    ڪل شام سي کولي هئه سر هي زهريٰ.
    ***
    ڪيا اوج هئه، ڪيا رتبه هئه، اس بزم عزا ڪا،
    غل عرش سي هئه فرش تلڪ صل عليٰ ڪا،
    مشتاق هـئه فردوس بـرين يان ڪا فضا ڪا،
    پاني ۾ ڀي يان ڪي هئه مزا آب بقا ڪا،
    دربــار مـعـليٰ هــئه ولــي ابـن ولــي ڪــا،
    جاري هئه يه سب فيض حسين ابن علي عه ڪا.
    الجزائر جي عزاداريءَ ۾ فقط هڪ اهڙي عزادار جو ذڪر ايندو آهي، جيڪو اڪيلي سر ايام عزا ۾ تڏو وڇائي، نياز رکي، پاڻ ئي مرثيو ۽ مجلس پڙهي وري ماتم ڪندو هو. اهو نياز وري روز واٽهڙو پبلڪ ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. سالن کان اهو نظارو ڏسندڙ سندس عيسائي دوست پڇيس ”تون ته اڪيلو آهين روڄ راڙو ڇو ٿو ڪرين، ڇاملندئي.....؟ هن وراڻيس تون ماٺ ڪر! هن نياز جو اثر ڏسجانءَ .....؟ ڪجهه ورهين کان پوءِ اتي مجلسن جا ميڙاڪا ٿيا ۽ هڪ عظيم الشان عزا خانو بڻجي ويو. ان عزادار جو چوڻ هو ته هي ذڪر حسين عه ڪنهن جو محتاج ناهي، امام حسين عه ڏکئي سفر تي اڪيلو نڪتو هو پر اڄ 1400 سال گذرڻ باوجود سندس ياد ۾ نڪرندڙ جلوس ٻڌائين ٿا ته ’وه ڪل ڀي زنده آباد ٿا _ وه اب ڀي زنده آباد هئي، حسين زنده آباد........‘ اربعين تي نجف کان ڪربلا تائين (مشي) پيادل ماتمي مارچ ۾ سڄي دنيا مان مختلف مذهبن جا ڪروڙين پيروڪار شامل هوندا آهن، مونکي هڪ عالمي براڊ ڪاسٽر ٻڌايو هو ته ننڍپڻ ۾ هو سمجهندو هو ته پِڙُ صرف واڍن جو پِڙُ حيدرآباد ۾ ئي نڪرندو آهي. باقي دنيا محرم ۾ خاموش هوندي آهي پر جڏهن هن ايشا کان يورپ تائين سفر ڪيو ته ايام عزا ۾ هن کي هر هنڌ ياحسين عه ياحسين عه جي تروتازه صدا نظر آئي.
    ڪـربلا جي قتـل جـي ڪـر ڪــا خـبـر اي آسـمان،
    ڪيئن ڏٺئي نيزن چڙهيا شاهن جا سر اي آسمان.
    (ثابت علي شاهه)
    محرابپور ڄائي، ظاهر ۾ تلخ ۽ تُرش مزاج ۽ باطن ۾ ماٺيڻي محبت رکندڙ متضاد جذبن جي مالڪ مولائي ملاح سولائي سان هن سنديسي کي نه سهيڙيو هوندو پر ورهيه لڳي ويا هوندس، ايڏي پورهئي باوجود کيس ڪم اڻپورو نظر ايندو هوندو. پر ڪمال اهو آهي جو هن تاريخ جو تذڪرو مقامي عزاداري جي اتهاس، مومنن ۽ ملنگن جو ذڪر اتان کان ڇيڙيو آهي جتان کان هن کي ڪا ڄاڻ ملي آهي. گل گل جي مٺاس کي گڏ ڪري ماکيءَ جي لار ٺاهڻ ڪو سوکو ۽ سولو ڪم ناهي. ڪک ڪک گڏ ڪري آکيرو ٺهندو آهي. ڪڻن مان ڪيچ ٿيندا آهن، ٿورا ڪڻا ٿالهي ۾ چڱا، سو مولائي ملاح به هڻي هنڌ ڪيو آهي. آءُ سندس مشقت کي اڃا الف اک سمجهان ٿو، پر وڏي ڳالهه اها آهي ته هن يار ايندڙ محققن، اسڪالرن، تاريخدانن لاءِ واقعي ئي مهاڳ مهيا ڪري ورتو آهي، اهو به املهه ڪم آهي. هي کيرون لهڻي. اهو اجر کيس آل محمد عه جو گهراڻو ئي ڏيندو.
    جستجو ۽ جاکوڙ ۾ رهندڙ هي جوان مولائي ملاح ست پيڙهيو ماتامي آهي. جيئن مڇي پاڻيءَ کانسواءِ زنده رهي نه ٿي سگهي، تئين مولائي ملاح به عزاداريءَ کان جيڪڏهن الڳ ٿيو ته هڪ پهر به جياپي جي سٽ سهي نه سگهندو. عجيب ماڻهو آهي، سندس آتما آهي ته هر محاذ تي پهرين صف ۾ وڃي بيهي، سو صحافت، ڪالم نگاري، اديبائپ ۽ نوحه خواني سندس گُر آهن. گهڻ رُخي سبب هو اڃا تائين پنهنجي لاءِ ڪو هڪ رُخ معين نه ڪري سگهيو آهي. پر سدائين حقيقتن جي ڳولا ۾ رهي ٿو. موتي ۽ مڻيا جتان به ملندس ته جهول ڀري ويندو. 1994ع ۾ آئون روزاني عوامي آواز ڪراچي، نيوچالي آفيس جي نائيٽ ڊيسڪ جو سينيئر سب ايڊيٽر هوس، انگريزي ڪريڊ، نمائندن کان فون تي خبرون وٺڻ ۽ مينوئل مانيٽرنگ جو دور هو. رزاق سروهي، ظهير ميراڻي، ذلف پيرزادو، اعجاز شيخ، سيد ڪرم علي شاهه، ظفر ملاح، علي حسن چانڊيو ۽ ٻيا ڪيترائي ساٿي گڏ ڪم ڪندا هئاسون. روسي رياستن جي ٽٽڻ کان پوءِ پرولتاريه سماج وادي جو اثر ڪجهه گهٽيو هو. تنهن ڪري سنڌ جي ترقي پسند صحافت جي ترجمان اخبار عوامي آواز جنرل موضوعن تي به لکڻ شروع ڪيو هو. ان سال محرم ۾ اسان نيوز ڊيسڪ تي سنڌ جي عزاداريءَ جون خبرون تفصيل سان ڏيڻ شروع ڪيون. مون محرم جي ڏهي جا لاڳيتو ڪالم به لکڻ شروع ڪيا. هڪ رات مون بيڪ پيج تي پنهنجي اباڻي شهر باڊهه جي 8 محرم جي پنهجي سالياني مجلس جي خبر هلائي ته مولائي ملاح جي فون به اچي ٽڙڪو ڪيو،”اوهان وٽ به................ها ......... ريگيولر مجلسون ٿينديون آهن ڇا...................؟ ڇا ليڊيز ۽ جينٽس جو هڪ ئي وقت انتظام هوندو آهي.....؟ مون سندس تجسس کي ڏسي ٻڌايو ته مٺڙا فرش عزا وڇائيندڙ، مرثيه خوان، سوزخوان، ذاڪر ۽ ماتامي جو ڪيڏو نه مقام آهي ۽ پوءِ هن جي محبت مونکي موهي وڌو. نيٺ ان سال 25 رجب تي سندن شهر ۾ امام موسيٰ ڪاظم عه جي شهادت جي موقعي تي به جلوس عزا ۾ شامل ٿيڻ جو مون کي موقعو مليو، ميرن جي پڙ کان ملاحن جي عزا خاني تائين هر هنڌ زيارت ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيو. هتي عزادارن جو اٿاهه سمنڊ ڇوليون هڻندي نظر آيو، خاص طورتي پنجاب کان آيل انجمنن، سرائيڪي بيلٽ جي سوز خوانن ۽ مقامي عزادارن مير فيض حسين ٽالپر (مير بگھڙ)، (PC) لال حسين سولنگي، مجاهد شاهه ناشاد، مولانا عطاءُ حسين بلاغي ۽ مولانا امداد حسين شجاعيءَ جهڙن باڪمال ماڻهن، ڏاڏو لطف علي شيدي عرف (پائلي)، جهڙي ٻهاريدار جي زيارت نصيب ٿي. مولائي ملاح هر سال ڀٽ شاهه جي ميلي تي نڪرندڙ حسيني قافلي ۾ سٿ سان نظر ايندو آهي. هو ڪالم نگاري ۾ به وڏين وڏين اخبارن ۾ هن ذڪر کي زنده رکيو پيو اچي، سندس تازو پورهيو به مثالي آهي. جيڪو سنڌ جي هر ڳوٺ، وسندي ۽ واهڻ جي عزاداري تي لکڻ جي دعوت ڏئي رهيو آهي، مون کي سندس تحريرن ۽ تقريرن مان اهو ميسج مليو ته
    آوءُ ايڪ ڪام ڪرين،
    ڪربلا عام ڪرين........!
    جيون سفر ۾ مولائي ملاح سان منهنجون محبتون ۽ ملاقاتون وڌنديون رهيون. هو جڏهن به ڪراچي ايندو آهي ته ساڻس راتيون رهاڻيون ٿينديون آهن. مونکي سلام پيش ڪرڻو آهي محرابپور جي انهن عزادار مائرن، ڀينرن ۽ پرديدارن تي جن جتي به پير رکيو اتي نه رڳو نسلن جي بقا جي ڳالهه ڪئي، پر هر هنڌ وڏي جرئت سان آل محمد صه جي وڪالت به ڪئي آهي. ها، چڱي طرح ياد اٿم، اُهي گهڙيون جڏهن ڀاءَ رحم علي ٻرڙو جي ڳولا ۾ محرابپور ۾ سندس در تي پهتاسين ۽ اتي موجود سندس امڙ کي سُڌ پئي ته آيا آهن ڪراچي مان مهر علي ٻرڙو وارن جا ڪي عزادار دوست، پوءِ ان جيجل ڪئين نه جيءَ ۾ جايون ڏنيون. ڇا ته بُردبار عورت، باوقار عزادار، همت ۽ جرئت واري امڙ هئي. آئون سندن احترام ۾ اک مٿي کڻي نه سگهيم، مون سندن جوش ۽ خروش، ولولي ۽ آجيان جي انداز کي ڏٺو ۽ محسوس ڪيم، جتي اهڙيون عظيم مائرون هونديون آهن اتان مهر علي ٻرڙو جهڙن عزادارن جا لازوال ڪردار ئي جنم وٺندا آهن ... ها ..... امان توهان جي عظمت تي سلام ............ اوهان ڪربلا جي ڪاروان جون محافظ آهيو....... ٻين هزارين ڪردارن مان اصغريه جي مرڪزي قيادت سان تعلق رکندڙ سيد محمود شاهه جي ذڪرا نياڻي جي شعوري جدوجهد کي داد ڏيڻ کان رهي نه ٿو سگهجي. اُهي منهنجي نياڻي انيس فاطمه مهدوي جون به مهربان آهن. ها هي سياه پوش عزادار مسز امتياز ملاح به ڪيتريون نه مڻيا دار سوڳوار آهن جو محرابپور جي هر گهر ۽ هر گهٽي ۾ امامن جو تڏو وڇائي نياڻين کي ذڪر حسين عه تازو ڪرڻ لاءِ هميشه آماده نظر اينديون آهن ۽ سندس سڄي سڃاڻپ رڳو فرش عزا وڇائڻ ۽ ماتمي جلوس برپا ڪرڻ، عزاداري جو اهتمام ڪرڻ سان آهي. محرابپور جون عزادار عورتون به هر منزل، هر سفر، هر ڪاروان ۽ هر دستي ۾ ثانيءِ زهريٰ عه جون پڪيون پيروڪار رهيون آهن ۽ ها ڪراچي جي حج پانڌيئڙن جي ميڙاڪن، سنڌ جي چپي چپي تي ٿيندڙ نظرياتي، مجلسن، تبليغ، درس ۽ دعائن جي محفلن جو هي جيڪو مور نظر ايندو آهي، اهو آهي علامه امداد حسين ’شجاعي‘ جنهن کي ڌرتي واسي عظيم اسڪالر طور تي سڃاڻين ٿا. سو به ان محبوب سرزمين سان تعلق رکي ٿو. هي سڀ ان در جا پانڌيئڙا آهن. سيد رضا شاهه جي ڪراچي واري عزاخاني ۽ جلوسن لاءِ گڏ ڪيل تعزين ۽ تبرڪات کي ڏسي محسوس ٿيندو آهي ته ڪربلا ڪالهه وانگر اڄ به جيئري آهي ۽ اسان کي امام جعفرصادق عه جو وچن ياد ڏياري ٿي ته ”ڪل يوم عاشوره ، ڪل ارض ڪربلا....“
    مولائي ملاح جي پڪي ۽ پختي پيار واري پورهئي تي کيس جس ڏيندي مير انيس جون هي سٽون نذر ڪجن ٿيون.
    هـي وقت دعـا حـق سـي انيس اب تـو دعـا ڪـر،
    جو حاجتين ان لوگون ڪي هين ان ڪو روا ڪر،
    ان تـعـزيه دارون په تـو الطاف و عـطا ڪـر،
    مقروض جو مومن هين تو قرض ان ڪي ادا ڪر،
    محـتاج نه هـون تيـري سـوا اور ڪـسي ڪـي،
    اور حشر ۾ هون ساٿ حسين ابن علي عه ڪي.
    چڱو ياعلي عه مدد، موڪلائڻ مهل وري مونکي مرزا سلامت علي دبير جون هي سٽون دماغ تي تري آيون آهن ته:
    مرهمِ زخمِ گناهه پوڇا جو عيسيٰ عه سي دبير
    لک ديا نسخه لگائو شبير عه ڪي مدفن ڪي خاڪ


    بيدار جعفري
    علمدار هائوس، پپري لڳ اسٽيشن بن قاسم ڪراچي (49)
    Cell – 03003584890


    بابت پهريون

    تاريخ انقلاب آ، ماتم حسينعه جو

    عزاداري امام حسين عليه السلام ظلم خلاف احتجاج ۽ مَجَلِس حُسين عه ظالم جي خلاف مومنن جو لڳل ڌرڻو آهي. جيڪڏهن عقيدي جي ڳالهه ڪبي ته، پوءِ عزاداريءَ جو تعلق عشق سان آهي. عشق _ جنهن جو نه ڪوئي مذهب ۽ نه ڪا سرحد ٿيندي آهي. عشق هر مذهبي حد بندين کان بلند ۽ بلاتر آهي. عزاداريءَ جي ٻي معنى اتحاد آهي. جنهن ۾ هر مڪتبِ فڪر جو ماڻهو ڪربلا جي ڪوسَ تي يزيد خلاف ٿيندر احتجاج ۾ شامل ٿئي ٿو. جنهن جي شرڪت تي ڪابه پابندي لاڳو ناهي.
    اڄ دنيا پنهنجي حقن جي حاصلاتن لاءِ ٿيندڙ احتجاجن ۽ عوامي ڌرڻن جو انداز به عزاداراڻو بڻائي ڇڏيو آهي. ڪالهه دنيا جنهن کي بدعت پئي چوي، اها اڄ پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ عزاداراڻي انداز ۾ احتجاج پئي ڪري. ظالم جي ظلم خلاف سينه ڪوبي ڪري ميڊيا اڳيان پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهي آهي. اليڪٽرانڪ ميديا جي معرفت هر روز ٽيليويزن جي اسڪرين تي عوام جا اهڙا احتجاجي منظر، مظاهرا دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڏسجن ٿا. جنهن ۾ عوام ظالم جي ظلم خلاف پنهنجا ننڍڙا ٻار ۽ عورتون ساڻ ڪري تتل روڊن تي نڪري، احتجاج دوران پنهنجي سيني ۽ مٿي تي هٿ هڻي ظالم جي ظلم کي دنيا اڳيان وائکو ڪري رهيو آهي.
    عزاداري ظلم جي خلاف هڪ وڏو احتجاج آهي، اهڙو احتجاج ڏهين محرم الحرام جي ڏينهن سڄي دنيا ۾ هڪ ئي وقت ڪيو ويندو آهي، جيڪو دنيا جو وڏي ۾ وڏو احتجاج آهي. مظلوم جي حمايت ۾ نڪتل احتجاج جو انڪاري، ظالم جو حمايتي آهي. اهڙي ڪردار کي ڪنهن شاعر پنهنجي شعر ۾ هيئن وائکو ڪيو آهي ته:
    يا احتجـاج ڪـرني دي، خــونِ حسينعه پـر،
    يا مانِ ڪي اس قتل ۾، تو ڀي شريـڪ هئـي.
    عزاداري امام حسين عليه السلام هيڻن ۽ بي هٿيار ماڻهن لاءِ اُتساهيندڙ عمل آهي. عزاداراڻي احتجاج سان دنيا جي هر مظلوم کي اُتساهه ملي ٿو ۽ ظالم پنهنجي ڪردار ۾ وائکو ٿئي ٿو. جيستائين دنيا جي گولي تي ظلم قائم آهي، تيستائين دنيا جو هر انقلابي پنهنجي جدوجهد کي جلا بخشڻ لاءِ عزاداري امام حسين عه کان اُتساهه وٺندو رهندو. ظلم تي خاموش رهڻ به ظالم جي حمايت هوندي آهي. عزاداري امام حسين عه جو مقصد هر دور جي ظالم کي پنهنجي ظالماڻي ڪردار ۾ وائکو ڪري، ان کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ آهي. جيڪو سلسلو صدين کان جاري آهي.
    تاريخ عزاداري ڏسي ٿي ته: امام حسين عه جي درد ڀري ڪهاڻيءَ تي حضرت آدم عليه السلام کان وٺي آخري نبي اڪرم ﷺ تائين ڪل انبياءَ عليهُمَ سلام گريو زاري ڪيو آهي. اهڙي ريت امام حسين عليه السلام جا پهريان غم گُسارا ڪل انبياءَ عليهُمَ سلام رهيا. قتلِ حسين عه تي ٿيندڙ عزاداريءَ جي صورت ۾ احتجاج جو سفر قيامت تائين دنيا جي تختي تي ۽ جنت الفردوس ۾ به جاري رهندو. محسن نقوي جي هنن سهڻين سٽن جيان ته: ”جنت ۾ ڀي تيرا ماتم نه ڪرين تو عزادار نه ڪهنا.“ هڪ شاعر پنهنجي خيال ۾ امام حسين عه اڳيان جنت الفردوس جي خواهش کي پنهنجي شاعراڻي تخيل ۾ هيئن بيان ڪيو آهي ته:
    هر ماتمي ڪي قدمون ڪو، چوما ڪرونگي مين،
    جـنـت بـتـا رهـي ٿـي، خــواهـش حـسيـن عه ڪــو.
    عزادار ماتمي حلقي ۾ بيهڻ مهل سڄو سنسار وساري ڇڏيندو آهي. جڏهن ڪربلا جا ڏکوئيندڙ سڀ منظر سندس اکين اڳيان ڦرندي محسوس ٿيندا آهن جن ۾ پينگھي ۾ ابهم پياسو ۽ ميدان ۾ ڀڄندڙ گھوڙن تان ڪرندڙ گھوٽ شامل هوندا آهن. تڏهن حلقي ۾ سينه ڪوبي ڪندي ۽ سُڏڪندي سُڏڪندي سرد آهه ڀري چوندو آهي ته، ڪاش! مان به ڪربلا هجان هان.! اهڙي حسرت پوري ڪرڻ لاءِ هو تيز ڌار واري اوزار سان يا حسين...! واهه حسين... ! جي بلند صدائن تي پاڻ کي زخمي ڪري ڪربلا جي شهيدن جي ياد تازه ڪندو آهي.
    عزاداري امام حسين عه ڪنهن عمر، موسم ۽ مذهب جي محتاج ناهي. الله جي پاڪ ذات کانپوءِ، ڪائنات ۾ اگر ڪنهن ذات کي مصيبت مهل سڏيو ۽ ساڻس عشق ڪري ان جي نالي تي ڪجھ ڏنو وڃي ٿو ته، اها ڪريم ذات مُحسنِ انسانيت سرڪار حسين (عه) جي آهي. جنهن جي ڪردار ۽ عظمت سان انسانيت کي ڪو به اختلاف ناهي. انسانيت جتي به بيدار ٿي آهي اتي لبيڪ يا حسين عه ...... لبيڪ ياحسن عه ...... جون صدائون بلند ڪيون آهن. جيئن جوش مليح آبادي چيو آهي ته:
    ڪيا صِرف مُسلمان ڪي پياري هين حُسين عه،
    چَرغِ نوع بشر ڪي تاري هين حُسين عه،
    انـسانـيت ڪــو بـيدار تــو هـوليني دو،
    هر قوم پڪاريگي هماري هين حُسين. [1]
    (جوش مليح آبادي)
    ***
    دنيائي عقل جتنا ڀي سمجھي هي آج تڪ،
    اس سي بهت بلند هي رُتبه حسين عه ڪا.
    (موهن ڪمار فراق)
    مولا حسين (عه) جي حوالي سان رڳو، مسلمانن جا عقيدا ئي نه پر، انگريز ۽ هندو ڌرم جا عقيدا به ڏسبا ته دنيا دنگ رهجي ويندي. گرو نانڪ ۽ هنن هندو شاعرن پروفيسر جي سنگھ، ماٿُر لکنوي ۽ ديوي روپ ڪماريءَ جو عقيدو ته ڏسو. هندو شاعره ديـوي روپ ڪماري چوي ٿي ته:
    نـثار مـرتـظى هـون، پنـجتن ســي پـيـار ڪـرتـي هـون،
    خزان جس په نه آئي، اُس چمن سي پيار ڪرتي هون.
    عـقيـده مــذهـــبِ انـسـانيت ۾، ڪـب ضـروري هــئـي،
    ميـن هـنـدو هـون مـگـر اڪ، بـت شــڪــن ســي پــيـار ڪــرتـي هــون،
    بي دين هون بي پير هون، هندو هون ليڪن قاتلِ شبير نهين هون.
    ***
    حسينعه اگر ڀارت ۾ اتارا جاتا، يون چاند محمد صه ڪا نه ڌوڪي مين مارا جاتا.
    نه بـازو قلـم هـوتـي نه پانـي بنـد هـوتا، گـنگا ڪـي ڪنـاري غـازي ڪـا عـلم هـوتـا.
    هـم پوجـا ڪـرتـي اُس ڪـي صبـح و شـام، هنـدو ڀـاشـا ۾ وه ڀـڳوان پـڪارا جاتا.
    اگر عـلي عه ڪـي ولايت ڪا تجهي اعتراف نهين، تو خطائين تيـري حـضور خـدا معاف نهين،
    تن په پائي احرام، دل ۾ بغضِ علي عه، يه تيري نصيب ڪي چڪر هين ڪوئي طواف نهين.
    پروفيسر جي سنگھ ڀارت: مولا حسين عه سان پنهنجي عشق ۽ عقيدت جو اظهار هيئن ڪري ٿو ته:
    هئي آج ڀي جهان ۾ چرچا حسين عه ڪـا،
    چـلتا هئي ڪل جهان ۾ سِڪا حسين ڪا،
    ڀارت ۾ گروه آتا تـو، ڀگوان ڪهتي هـم،
    هر هندو نام پوجا ۾، جپتا حسين عه ڪـا،
    راوڻ ڪي طرح تو دنيا سي، مٽ گيا يزيد،
    هئي آج ڀي دلون پي، قبضا حسين عه ڪا.
    ماٿر لکنوي: بابري مسجد ۽ سيده فاطمه زهرا صه جي حق جي ڳالهه ڪرڻ وقت سادات سان پنهنجي محبت ۽ عقيدت جو اظهار هيئن ڪندي چوي ٿو ته:
    هم پي ڪفر ڪا فتوا، هم ڪافر هي صحيح ليڪن،
    ڪـهـان هــو بـابـري مسـجـد ڪــا حـق مـانـگنـي والـو،
    ڪچهه هم سي ڀي باغ فدق ڪي بات ڪرو.
    يي تقـريـر ميـري قـابـلِ تـحريـر نـهين هـئي،
    مين هندو هون مگر دشمن شبير نهين هون.
    (ماٿر لکنوي، هي انهن ڏهاڙن ۾ اتر پرديش ۾ DIG هيو)
    ***
    فطِرت ڪي اشڪ بهتي هين سُن ڪر غمِ امام،
    انسانيت ڪي دل پي هئي قبضه حسين عه ڪا.
    (ڪرشن بهاري نُور)
    ***
    عشق هو جائي ڪسي سي ڪوئي چاره تو نهين،
    صرف مسلم ڪا محمد ﷺ پي اجاره تو نهين.
    (ڪنور مهندر سنگھ بيدي)
    هندو ڌرم جا دوست پنهنجي مذهب تي قائم رهندي به آلِ محمد ﷺ لاءِ وڏي عقيدت ۽ احترام رکن ٿا. جنهن جو اظهار هو پنهنجي قلم وسيلي مختلف دور ۾ ڪندا رهيا آهن ۽ ڪندا اچن ٿا. ڳالهه اها آهي ته: هڪڙن نبي اڪرم ﷺ تي ايمان آڻي ان جي اولاد کي قتل ڪيو ۽ ٻين پنهنجي مذهب تي قائم رهي نبي اڪرم ﷺ جي اولاد جي مظلوميت تي لڙڪ وهايا. سرڪار حسين عه محسنِ انسانيت آهي ان جي پيغام کي اهو ئي سمجھندو جنهن کي مذهبِ انسانيت سان پيار هوندو.
    شانِ حسين عه بابت مدراس جي هڪ هندو نامور جرنلسٽ ’اي ڪي آچاريا‘ جا ويچار ته ڏسو، جنهن کي ڊاڪٽر مبارڪ علي جعفري، پنهنجي ڪتاب ’واقعه ڪربلا ڪتب آسماني اور هندو دانشورون ڪي نظر مين،‘ هيئن سهيڙيو آهي ته: ”امام حسين عليه السلام جي عظمت جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ثبوت ٿي سگھي ٿو جو تقريبن ساڍا تيرهن سئو سالن کان ان جي ياد ۾ ڪروڙين انسان اکين مان لُڙڪَ وهائي رهيا آهن. ۽ صرف مسلمان ئي نه پر، هر مذهب و ملت جا ماڻهو ان کي خراج عقيدت پيش ڪري رهيا آهن.“[2] هندو دانشور منشي لڇن نرائن سخا، بزم عزا بابت لکي ٿو ته:
    نـظـر آ جـاتـي هـي بـزم عـزا سـي راه جـنـت ڪي،
    شهيدِ ڪربلا ڪي غم ۾ جب روڪر نڪلتي هين.
    ديوان گاگن داس نائين محرم الحرام 2016ع تي پنهنجي فيس بڪ تي ڪتاب: ’گرو کا گيان‘ جلد _ 1، صفحه: 392، جي حوالي سان گرو نانڪ بابت هيءَ پوسٽ رکي ته: ”هڪ دفعو گرونانڪ پنهنجي مُريد کي چيو، حُسين عه جو غم ملهائيندو ڪر، مُريد چيو ته: اهو مسلمانن جو پيشوا، اڳواڻ آهي. گرونانڪ چيو: مان توهانجو پيشوا آهيان توکي حڪم ٿو ڏيان ته گھر وڃ وڃي ڀيڻ سان شادي ڪر، مريد چيو، منهنجو ضمير اجازت نه ٿو ڏئي _ نانڪ مسڪرائي چيو اڙي مورک (چريا) انهيءَ ضمير کي ته حُسين عه چئجي ٿو. ڇو ته حُسين عه صرف مسلمانن جو نه، ضمير وارن جو گُرو آهي.“
    ڪربلا جي قتلام تي جڏهن هندن جي عقيدت کي ڏسجي ٿو ته، دنگ رهجي وڃجي ٿو. جن پنهنجي کليل لفظن ۾ چيو آهي ته: اگر حسين عه ڀارت ۾ اچي ها ته، اسان ڀڳوان بدران هر عبادت ۾ سندس نانُ کڻي حسين عه حسين عه پڪاريون ها. ٻئي طرف مسلمانن پاران دين سان ڪيل مذاق تي اقبال وڏي رڙ ڪري چوي ٿو ته:
    ڪيا تماشا هوا، اسلام ڪي تقدير ڪي ساٿ،
    قتل شبير هوا، نعره تڪبير ڪي ساٿ.
    (اقبال)
    واقعي ڪربلا، ڪائي ڏند ڪٿائي ڪهاڻي ناهي. هن درد ناڪ واقعي دنيا جي ضمير کي ڌوڏي ڇڏيو. ڌرتيءَ رنگ بدلايو ۽ آسمان سرخ ٿيو، جنهنجي شاهدي اڄ به آسمان تي لهندڙ سج جي سُرخي ڏئي رهي آهي. دنيا جي هر باشعور ۽ باضمير ماڻهوءَ، عوام کان عالم، درويش کان دانشور ۽ اسڪالر کان اديب تائين سڀني ان درد کي محسوس ڪندي ان جو اظهار پنهنجي انداز ۾ ڪيو آهي. جيئن غلام رباني آگري پنهنجي ڪتاب:’سنڌ جا بَرَ، بَحَرَ ۽ پهاڙ‘ ۾ لکيو آهي ته: ”ڪربلا جو واقعو ٿيو ته سڄو عالم اسلام (World of islam) لڏي ويو، اهل دل انسانن جون دليون دهلجي ويون دنيا کان منهن موڙي ڇڏيائون. زندگي، عبادت ۽ رياضت لاءِ وقف ڪيائون. ’دنيا ڍونڍ _ تي طالب ڪُتي‘ مسلڪ اختيار ڪيائون“[3]
    قتلِ حسين عه تي احتجاج جي شروعات واقعي ڪربلا بعد باقاعدي زندانِ شام کان سنه 62 هجري ۾ سانئڻ زينب صه مجلسِ حسين عه سان ڪئي. جنهن بعد احتجاج جو اهڙو انقلابي انداز عزاداريءَ جي صورت ۾ دنيا جي اڳيان آيو، جيڪو هڪ ڏينهن سنڌ پهتو. سنڌ جي برهمڻ حڪمران راجا ڏاهر سيدن جو احترام ڪندي انهن کي عزت ڏني جيڪا ڳالهه عرب جي ظالم حڪمران حجاج بن يوسف ۽ محمد بن قاسم کي ڪانه آئڙي جنهن سادات کي عزت ڏيڻ جي جرم ۾ راجا ڏاهر جي دور ۾ سنڌ تي حملو ڪري سادات کي سُکَ سان جيئڻ نه ڏنو. اهڙي ڳالهه ڊاڪٽر امام علي بيگ افسر پنهنجي ڪتاب’سنڌ جي عزاداري‘ جي پيش لفظ ۾ هيئن لکي آهي ته: ”بني اُميه ۽ بَني عباس جي دور ۾ شيعيت ۽ محمد بن قاسم جي متعلق پڻ اها غلط فهمي پڌري ڪئي وئي آهي ته هُن سنڌ ۾ اسلام نه آندو هو بلڪ حجاج جي طرفان هن کي ساداتن ۽ شيعن جي قتلعام ڪرڻ جي لاءِ موڪليو ويو هو.“[4]
    سنڌ ۾ قتل حسين عه جي اطلاع ۽ ان تي پهرين احتجاج بابت صحافي بيدار جعفريءَ مونکي ڀٽ شاهه ماتم تي 2012ع ۾ ٻڌايو ته: ”سنڌ ۾ قتل حسين (ع) تي پهريون احتجاج غير مسلم برهمڻ، ٻُڌ ۽ هِندن ڪيو. سنڌ جا ٿري سنڌي واپاري پنهنجي واپار سانگي مصر ۽ عراق تائين ويندا هيا، ٻنهي ملڪن جون سرحدون درياه دجلا ۽ فرات سان لڳنديون هيون، سنڌ جا واپاري جن ۾ ٻُڌ، بِرهمڻ ۽ هِندو شامل هيا. اهي جڏهن دجلا ۽ فرات جي بندر تي پهتا ته، اتي کين بني هاشم جي خاندان جي ٿيل ڪوس، قتل جي خبر پئي جنهن تي هنن سنڌ اچي، ٿر ۾ غمِ حسين عه جو تڏو وڇائي، ٽن ڏهاڙن تائين امام حسين عه جو سوڳ ڪيو. انهن جي اهڙي عمل کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ قتل حسين عه جي خبر پهتي؛ جنهن سان سنڌ ۾ احتجاج، عزاداريءَ جو سفر شروع ٿيو.“ واقعي ڪربلا ۾ سنڌ جي حسيني برهمڻ جا حوالا به تاريخ ۾ ملن ٿا. ڪربلا ۾ مولا حسين عه تان پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ حسيني برهمڻ بابت سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب نصير مرزا پنهنجي مذهبي ڪالمن جي ڪتاب ’ڪربلا ڪربلا‘ ۾ لکي ٿو ته: ”حسيني برهمڻ اگر چ آهن هندو، پر مندرن ۾ ناهن ويندا. مورتي پوڄا ناهن ڪندا. انهن جي مردن، ٻارن جي سڃاڻپ هڪ خاص نشاني آهي ۽ اها آهي ڳلي تي CUT (ڪٽ) جو نشان! ۽ ان ڪٽ جي نشانيءَ جو مطلب هي آهي. ته هنن جي هڪ بزرگ، امام حسين عه جي نالي تي ڪربلا ۾ سِرُ ڪٽايو هو. يا ڪربلا وارن سان يڪجھتيءَ ۾ پنهنجي سِرَ جو نذرانو پيش ڪيو هو. جنهن سڃاڻپ طور ڳلي تي ڪٽ جو نشان، نسل در نسل هنن حُسيني برهمڻن کي هاڻي سَندَ جي صورت ۾ سدائين لاءِ ملي چڪو آهي. نصير مرزا، دهلي يونيورسٽيءَ جي تاريخ جي پروفيسر’نونيڪا دت‘ ۽ اردو جي افسانه نگار انتظار حسين جي حوالي سان اڳتي لکي ٿو ته: ’ڪربلا جي سانحي ۾ هڪ هندو برهمڻ پڻ، مولا حسين عه سلام تان سِرُ فدا ڪيو.‘ نصير، نونيڪا دت جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته: ’اُهي ڪل ڏهه برهمڻ هئا. جيڪي مولا حسين عه جي ڪربلا ڏانهن ويندڙ قافلي ۾ شامل ٿي ويا هئا. ۽ انهن ئي منجھان هڪ بزرگ جو نالو ’راهب‘ هو. ان سان گڏ سندس ست پٽ ساڻ هئا. ڪربلا جو معرڪو رونما ٿيو ته، ان جا ست ئي سورما مولاحسين عه پاران يزيدي فوج سان وڙهيا. ۽ سڌو سورگ پاسي وڃي ٿيا. راهب دت زخمي ٿيو پر بچي ويو. ڪربلا کان ڪوفي تائين هُو هن اُجاڙ قافلي سان قيدي ٿي ابن زياد جي درٻار تائين پهتو. امام سجاد عه جي اجازت سان افغانستان ڏانهن روانو ٿي ويو. جتان پوءِ واپس هندستان پهتو. جيستائين حيات هو پاڻ کي حُسيني برهمڻ سڏائيندو رهيو. ڀارت جو مشهور اداڪار سُنيل دت، سنجي دت ۽ فلم اسٽار نرگس جو والد ۽ مشهور هندو عزادار شاعره راڻي روپ وَتي پڻ پاڻ کي حُسيني برهمڻ سڏرائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهئا.“[5] آهن.
    ان بعد عباسي دور ۾ سنڌ جي گورنر عمر بن حفص ۽ ان بعد هشام بن عمرو تغلبي جيڪي محبِ اهلبيت، خاندانِ نبوت جو احترام ڪندڙ ۽ سادات سان عقيدت رکندڙ هيا. تن جي دور ۾ مولا حسين عه جي مڃڻ وارن ۾ اضافو آيو ۽ حسينيت جو پيغام پکڙ جڻ لڳو. هونءَ ته راجا ڏاهر به سادات کي وڏي عزت ڏني ۽ پنهنجي حڪومت ۾ مُحبِ آلِ محمد ﷺ کي اهم عهدا ڏنا. جيڪو محمد بن قاسم پاران مٿس حملي جو سبب بڻيو. جنهن بابت محقق زوار عبدالستار درس پنهنجي ڪتاب’سنڌ ۾’اسلام ۽ آلِ رسول صه جي آمد‘ ۾ لکي ٿو ته: ”محمد بن قاسم کي بَنو اُميه جي حاڪمانِ وقت پاران سنڌ ۾ اسلام ڦهلائڻ لاءِ نه پر، بَنو اُميه جي ظلم و ستم کان تنگ ٿي سنڌ ۾ اچي پناهه حاصل ڪندڙ آلِ رسول ﷺ ۽ مُحبانِ آلِ رسول ﷺ جو قتل عام ڪرڻ لاءِ اُماڻيو ويو هو“.[6] عباسي گورنر عمر بن حفص جي دور ۾ سادات ۽ محبِ حسين (ع) وڌڻ سبب عزاداريءَ کي اسرڻ ۽ نسرڻ جو موقعو مليو.
    سنڌ ۾ عزاداري امام حسين عه واقعي ڪربلا جي خبر پهچڻ سان شروع ٿي. جنهن ڪلهوڙن جي دور ۾ اوج ورتو، ڪلهوڙا سرڪار جي هڪ وڏي عالم محمد هاشم ٺٽويءَ جڏهن اهو فرمان جاري ڪيو ته: ”محرم ۾ ماتم ۽ جلوس نه ڪڍيا وڃن.“[7] ته ان جي ردِ عمل ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سنڌ جي صدا ’ڪيڏارو‘ لکي ان خلاف عوامي سطح تي هڪ وڏو احتجاج ڪري ان جي عوامي سطح تي مزاحمت ڪئي؛ انهن ڏهاڙن ۾ ڀٽ ڌڻيءَ جو صحن کليل عزاخانو بڻيل رهيو، جنهن عزاداريءَ کي ايترو ته عام ڪيو جو، سنڌ ۽ ملتان (ملتان ان وقت سنڌ جو حصو هيو) عزاداريءَ جو مرڪز بڻجي ويو. شاهه ڀٽائيءَ کانپوءِ سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيءَ مرثيا لکي ان سلسلي کي جاري رکيو.
    شاهه ڀٽائي ذڪر حسين عه ۽ عزاداريءَ کي فروغ ڏيڻ لاءِ، سُرُ ڪيڏارو، سُر حسيني، سُر ديسي، سر سسئي آبُري ۽ سرسهڻي لکيا. جنهن ۾ ڪربلا جي ڪهاڻيءَ جو هر ڏک، درد سمايل آهي. شاهه صاحب. هنن سُرن ۾ سادات جي مديني کان روانگي ۽ وطن واپسيءَ (سنه 28 رجب 60 هه کان 8 ربيع الاول سنه 62 هه) تائين سفر جي مشڪل گھڙين کي پنهنجي شاعراڻي انداز ۾ پيش ڪيو آهي. شاهه سائينءَ جي اهڙن شعرن کي پڙهڻ کانپوءِ ڪربلا جي شهيدن جو غم تازو ٿي وڃي ٿو ۽ اکيون چئوماسي مينهن جيان اوهيرا ڪري وسي پون ٿيون. شاهه ڀٽائيءَ جي هنن شعرن ۾، روانگي مدينه، ڪوفين پاران ڪوفي اچڻ لاءِ لکيل خط، ڪوفين جي بي وفائي کانپوءِ جناب مسلم بن عقيل عه ۽ ان جي ٻن شهزادن محمد عه ۽ ابراهيم عه جي شهادت، منزل سوڪ /اَشِرابُ ۽ ڪربلا ۾ آمد، پاڻيءَ تي پَهرا، قتل حسين عه ۽ شامِ غريبان جا هانوَ ڏاريندڙ سڀ منظر سمايل آهن. شاهه صاحب جي شاعريءَ کي غور سان پڙهڻ کانپوءِ، تاريخ ڪربلا سان ڀيٽبو ته، شاهه جو سڄو رسالو واقعي ڪربلا، ذڪرِ حسين عه تي لکيل ملندو. سنڌ ۾ ذڪرِ حسين عه جي زوردار پرچار ڪندڙن ۾ پهريون انقلابي عزادار، ذاڪر شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي.
    سنڌ ۾ عزاداريءَ جي ان سلسلي کي ڀٽ ڌڻيءَ کانپوءِ سيد ثابت علي شاهه سيوهاڻي ۽ سچل سرمست ۽ ٻين بزرگن ۽ شاعرن مرثيا لکي قائم رکيو؛ جنهن سان عزاداريءَ کي فروغ مليو. ڀٽائيءَ جي بيتن کانپوءِ، سيد ثابت علي شاهه جي مرثين تي مومن ماتم ڪندي، اکين مان غمِ حسين عه جا لُڙڪ لاڙي عزاداري ڪندا رهيا. سيد جا چيل مرثيا عزادارن جي اکين ۾ واقعي ڪربلا جي دردن جي تصوير بڻجي ويا جيڪي اڄ تائين ان ئي انداز سان سنڌ جي ڪجھ علائقن سيوهڻ، حيدر آباد، هالا ۽ ڀٽ شاهه، لاڙ ۽ وچولي ۾ چيا وڃن ٿا.
    سيد ثابت علي شاهه جي چيل مرثين ۾ ڪربلا جي قتل جي چٽيل سُرخ تصوير ۽ ظالمن جو ڪيل هر ظلم نمايان نظر اچي ٿو. جنهن جي شاهدي آسمان کان هيئن وٺي ٿو ته:
    ڪـربـلا جـي قتــل جـي ڪــر ڪــا خبــر اي آســمـان،
    ڪئين ڏٺيءِ نيزن چڙهيا، شاهن جا سر اي آسمان،
    هـي خـدا جا قـطب تارا عـرش ڪـرسـيءَ جـا جـڙا،
    هـي رســول الله جــا شـمـس و قـمـر اي آســمـان،
    مرتظى مولى جا هي سر ساهه هي منهن نور عين،
    فـاطـمه زهـرا جـا هـي جــانـي جگــر اي آسـمـان،
    هن سرنکي نت نبي صلوات جا بخشيا ثواب،
    هـن جـي پـارت ڪـيائيـن يـا جـن و بـشـر اي آسـمـان،
    هن منهن تي مرتظى مصحف پڙهي دم ڪيو مدام،
    هي عـلي شير خدا جا شيـر نـر اي آسـمـان،
    فاطمه فردوس ۾ اڄ تنهنجي ماتم ماتمي،
    منهن پٽيا ملڪن ۽ حورن ڪيا حشر اي آسمان،
    فـاطمه فـردوس مـون هـن ڪـاڻ ڪـاهيـو ڪـربـلا،
    پائي ڳل ڪفني پئي يا چشم تو اي آسمان،
    فـاطـمه فرزنـد مـاريـا اڄ يـزيـدين قـهـر ڪـيا،
    فـاطـمه فريادي اڄ هـا ور جي در اي آسـمان،
    فـاطـمه فـريـاد ڪـئـي اڄ عـرش ڪــرسـيءَ ٿــا ڪــنبـن،
    تون نه ڪنبڻي پئي ڪرين هوئين بي اثر اي آسمان،
    جڏهن علي اصغر ڏٺئي ٿي تيـر سين ٿـڙ لين لجھو،
    ڇو نه ان جي تير جي تون ٿين سپر اي آسـمان،
    مـنهـن ڏٺئه اڪـبر جـو سـاڳيـو مـصطفى جئين،
    ڪيئن ڏٺئه نيزي تي پنهنجي رت ۾ ته اي آسمان،
    جڏهن ڏٺئه عبـاس پيـاسـن ڪـاڻ پـاڻيءَ تـي ڪـٺـو،
    توکي روئڻو هو جي هوا تو ۾ ڪڪر اي آسمان،
    سر حسين ابن علي جو سڀ کان اڳ ۾ نيزي سر،
    پڙ ۾ ڀائـر ڀائـٽيا ڀاڻـج سـڀ جگـر اي آسـمان،
    هاءِ هن سرا مرحق لولاڪ نت ناني جو ارٿ،
    هـن تــو نـانـي ڪيــو خـدا پنـهنجــو پـري اي آسـمـان،
    هن جي منهن تي نت نبي قربان هي ناني جو ساهه،
    بابي سائينءَ جو هي نت نور نظر اي آسمان،
    نت امان هن تي خـدا هي نت امـان جو دلـربا،
    اڄ امـان هن لاءِ ڪيـا قهـري قـهر اي آسـمان،
    هي امان جو لاڏلو هن لئه امان اڄ سر کلـي،
    سـر ڏسي روئي ڪـري حشري حشـر اي آسـمان،
    هي حسن جو هوت اڄ هن لئي حسن بيحال آه،
    شادي قاسم جا جي شربت ٿيا زهر اي آسمان،
    اڄ حسـن هـي ســر ڏسـي چـئـي هـئـي حُـسينـا،
    مون زهر تو قتل هي ڪيڙو قهـر اي آسمـان،
    اڄ حَسن هي سر ڏسي ۽ هن حسين گڏ قاسم جو سر،
    چـئـي اجھـي مـنهنجــا ٻـئـي شــمـس قـمــر اي آســمــان،
    سر هليا نيزه تن شام ڪيو پنهنجـو سفر،
    ان پٺيءَ ناموس قيدي همسفر اي آسمان،
    هن جا سر نيزه تي هي ناموس قيدين جي قطار،
    هـنجـا هـي نامـوس بيـوس در بـدر اي آسـمـان،
    ڪا ڏسي چئي هي اجھو منهنجو ادو سرور حسين،
    آءُ سنـديـئي هـمشيرا خـونـي جـگـر اي آسـمـان،
    ڪا ڏسي چئي هي اجھو منهنجو ابو ساه حسين،
    آءُ سـڪينه سکه پـلي ٿـي بـي پـدر اي آسمان،
    ڌڙ رهيا رڻ ۾ سي بي ڪفنا دفن جا طالبو،
    سي دفن تڏهن ٿين جڏهن ايندا هي سر اي آسمان،
    جـيسيـن هـي ازهـم جـدا هـي سـڀ جـلا وطنا جـدا،
    هـن سـفر هـن رڻ وطـن ڪـنهنجي قـبر اي آسمان،
    عابدين واڳون ورائي هي وطن هو رڻ دفن،
    ’ثابت‘ ان جي در گدا شام و سحر اي آسان. (ثابت علي شاهه)
    سيد ثابت علي شاهه جا مرثيا جڏهن، ٺرندڙ رات جي پوئين پهر ۾ سُرُ ’جوڳ‘ مان پِڙن تي پڙهبا آهن ته هر عزادار جي اک آلي ٿي پوندي آهي. ان ويل عزادارن جون آليون اکيون ڏسي آسمان به وسي پوندو آهي. اهڙي طرح محرم جي ماڪ ڀنل صبح غمِ حسين عه ۾ روئيندڙ رات جي گواهي بڻجي پوندي آهي.
    پيئي جا پرڀات، سا ماڪ نه ڀانئيون ماڙهئان،
    روئـي چــڙهـي رات، ڏســي ڏکـــوئـيـن کــي.
    (مخدوم نوح سرور)
    غمِ حسين عه ۾ رڳو انسان ئي نه، پر، زمين ۽ آسمان رنو، عرش، فرش جي مخلوق رُني، ڏينهن رنو ۽ رات رُني. هيءُ درد صدين کان گهرو آهي ۽ هن درد ۾ وقت جي وهندڙ ويرَ اضافو آڻيندي رهي ٿي جيڪا شهر شهر، گلي گلي ۾ يا حسين عه جي صدائن سان ٻُري ٿي. تاريخ عزاداري ڏسي ٿي ته، جيستائين هيءَ دنيا قائم آهي تيستائين عزاداريءَ جي صورت ۾ ظالمن خلاف ٿيندڙ احتجاج جو هي سلسلو جاري رهندو جيڪو قيامت تائين رڪڻو ناهي.
    عزاداري امام حسين عه جو تعلق عشق سان آهي. جنهن ڪري ان کي ڪڏهن به مات نٿي اچي سگھي. عاشق شريعت جي حد بندين کان بالاتر هوندا آهن. شهباز قلندر عالم هيو پر سندس سڃاڻپ عاشقن واري قائم رهي، جنهن شريعت جي پاسداري ڪرڻ بجاءِ عبادت دوران صرف هڪ ديوان جي هٿن جي ماني کاڌي. جنهن بابت غلام رباني آگرو پنهنجي ڪتاب’ سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”سيوهڻ ۾ هڪ هندو هوندو هو، جو اٺين پهر کيس مٺي ماني پچائي، نذراني طور پيش ڪندو هو، قلندر شهباز جهڙي فقير روشن ضمير، وقت جي مسلمان بادشاهن ۽ سلطانن جا باغ بستان ۽ سيم ۽ زر جا نذرانا ته قبول ڪو نه ڪيا. پر، هندو يار جي هٿن جو پڪل لولو ”بسم الله“ ڪري کاڌو“.[8]
    عشق جي راهه ۾’سسي نيزي پانڌ‘ رکبي آهي. امام حسين عه پاران الله سان ڪيل عشق جي راز کي جيڪو ماڻهو جيتري حد تائين سمجھندو، اهو اوترو ئي محبتِ حسين عه ۾ گرفتار، گم ٿي گريوزاري ۽ عزاداري ڪندو. هي راز ۽ نياز جون ڳالهيون آهن جن کي عاشق ئي ڄاڻين. شاهه چواڻي ته:
    سـختِي شهادَت جِي، نسورو ئِي نازُ،
    رِندَ پَروڙِنِ رازُ، قَضيِي ڪربَلا جو.[9]
    (شاهه)
    دنيا جي ٻين ملڪ جيان سنڌ ۾ به عزاداري امام حسين عليه السلام جا ڪيترائي دور گذريا آهن جن ۾ مختلف طريقن سان رڪاوٽون پيدا ڪري، ان کي بند ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پر عزاداري امام حسين عه پنهنجي رنگ، ڍنگ ۾ ترقيءَ جو سفر طع ڪندي اچي پئي. هن ’گلوبل وليج‘ جي دور ۾ عزاداري امام حسين عه پوري دنيا تائين پکڙ جي چڪي آهي جنهن جي اثر کان طاغوطي قوتون گھٻرائجي چڪيون آهن، جيڪي مختلف طريقن سان عزاداريءَ جي رستا روڪ ڪري رهيون آهن. جيڪو سلسلو بنو اُميه جي دور کان وٺي هن مهل تائين جاري آهي. پر، عزادار جان جا نذرانه پيش ڪري هن ذڪرِ عظيم کي زنده رکندا اچن ٿا.
    هن جديد دور ۾ مذهب جي آڙ ۾، ڪمزور حديثن ۽ روايتن سان ڪنهن کي بيوقوف نه ٿو بڻائي سگھجي، اڄ جو باشعور نوجوان حق ۽ باطل جي حقيقتن کي پنهنجي اک سان ڏسڻ ۽ سمجھڻ چاهي ٿو. حق سمجھڻ کانپوءِ هو بنا ڪنهن سوچڻ جي ڪريمِ ڪربلا جي دروازي تي جھُڪي مولا کي پنهنجو رهبر مڃي هر باطل جي اڳيان رُڪَ جي ديوار بڻجي پوي ٿو. هر ڏاڍ اڳيان سر بلند رکڻ لاءِ مولا جي نانءَ کان اتساهه وٺي ٿو. ڪنهن شاعر چواڻي ته:
    بـاطل ڪـي سـامني جـو نه، جھـڪائـي اپـنا ســر،
    سمجھو ڪه اُس سر ڪا، مالڪ حسين عه هئي.
    حقيقت اها آهي ته پهرين محرم تي جڏهن آسمان غمِ حسين عه جي ڪاري چادر پهريندو آهي ته پوري ڪائنات سوڳوار بڻجي پوندي آهي. سينگار علي ’سليم‘ چواڻي ته:
    ڪرب و بَلا جي قِيسَ تي ڪائنات پئي روئي،
    هَئه هَئه ڪريو حُسين لَئه، هر ذات پئي روئي.
    مـوڳا ٿو ماڪ ڀائِين ڳوڙهـا ٿئـي رات جـا،
    پاڪن پنجن جـي پُـورَ ۾ پِـرڀات پئي روئـي.
    تيرن جو مِينهُن ٿي وٺو حضرت حُسين عه تي،
    هِـن ظلـم جـي بارانَ تـي برسـات پـئي روئـي.
    حـقَ جـي راهه ۾ ڏنــو سِــرُ شــاههِ شــهـيـدان،
    سَجدو پسي امامَ جو صلـوات پئـي روئـي.
    موت ۽ حياتَ ڀِي ٿي ڪيون دردَ جون دانهون،
    خـوني خنجـرَ جي ضربَ تي ظلمات پئي روئـي.
    نـيزي تـي ڏســو ناطـقِ، قـرآن چـڙهيـو آ،
    زنـجير پائي قاريءِ، قِرِئت پئـي روئـي.
    قـرآن غَـمِ حُسين ۾، روئـي ٿــو اي ’سـليمَ‘
    ماجه، بخاري، تِرمذي، مِشڪواة پئي روئي.[10] (سينگار علي ’سليم‘)
    عزاداري امام مظلوم انقلاب جي هڪ تاريخ آهي، جنهن کي هر دور جي يزيد مٽائڻ جا وڏا وس ڪيا آهن پر مٽائي ناهي سگھيو ۽ نه ئي مٽائي سگھندو. يزيديت پاڻ کي لڪائڻ لاءِ عزاداري امام حسين عه کي مٽائڻ چاهي ٿي جيڪا سندس وس جي ڳالهه ناهي. شهيد محسن نقوي چواڻي ته:

    باطل کی سازشوں کو کچلتے رھیں گے ھم
    جب تک رھی گا ھاتھ میں پرچم حسین عہ کا
    قصر یزیدیت کی دراڑوں سے پوچھ لو
    تاریخ انقلاب ھے ماتم حسین عہ کا ۔ [11]
    )محسن نقوی(


    سنڌ جي عزاداريءَ ۾ محرابپور جو ڪردار

    سنڌ جي ساهتي علائقي جو شهر’محرابپور جنڪشن‘ عزاداريءَ جو مرڪز رهيو آهي. هتان ساهتيءَ ۽ سنڌ جي ٻين شهرن به جديد عزاداريءَ جو وڏو اثر ورتو آهي. جن ۾ هنڱورجا، رسول آباد، ڪوٽڙي محمد ڪبير، خانواهڻ، هالاڻي، ڪنڊيارو، درٻيلو، نوشهرو فيروز، مورو، سيٺارجا، نهال خان سولنگي، ۽ درٻيلو، مورو، قاضي احمد، نواب شاهه، نوشهروفيروز ۽ ٻيا شهر ۽ ڳوٺ شامل آهن. محرابپور ۾ عزاداري امام حسين عليه السلام جو بنياد وجھندڙ مير ۽ اوج ڏيارڻ ۾ ملاحن جو ڪردار پئي رهيو آهي. محرابپور ۾ محبتِ اهل بيت جو بنياد سنه 1900ع واري ڏهاڪي ۾ باغ علي ٽالپور رکيو.
    محرابپور ۾ عزاداريءَ جي فروغ جو ٻيو دور سنه 1962ع ۾ انجمن نوجوانانِ شيعه، ٺهڻ سان شروع ٿيو. ٽيون دور 18هن سالن کانپوءِ 1980ع ۾ شروع ٿيو جيڪو هلندڙ آهي. 1980ع کانپوءِ عزاداريءَ ۾ آيل جدت کي ترقيءَ وارو دور سڏجي ٿو. جنهن جو سهرو سيد احمد شاهه جي اولاد تي آهي. 2008ع کان شروع ٿيل مرد ۽ مستورات جا عشرا ۽ ماتمي جلوسن، شهر جي عزاداريءَ کي فروغ واري رونق بخشي آهي.
    محرابپور جي عزاداري ڪالهه جي ڀيٽ ۾ اڄ وڌيڪ، زور سان ٿي رهي آهي. جيڪا هر دور پٽاندر جدت کي ڇُهڻ لاءِ اوسر جي سفر تي گامزن آهي. اڳي هتي صرف ڏهين محرم جي رات ميرن جي پِڙَ تان روايتي، ثقافتي انداز ۾ دهل شرناءِ تي ماتمي جلوس نڪرندو هيو، جيڪو شهر جي مخصوص روٽن تان گشت ڪري صبح جو وري ساڳئي پِڙَ تي ختم ٿيندو هيو.
    1963ع کان ملاحن جي پڙَ تان نڪرندڙ شبيهن جو جلوس جڏهن ميرن جي جلوس سان مليو ته رات واري جلوس جي رونق ۾ اضافو آيو ۽ زور ورتو. 1962ع ۾ انجمن نوجوانانِ شيعه، ٺهڻ کانپوءِ ’ڏينهن جا‘ ڏهين محرم، چهلم ۽ 22 رمضان جا جلوس نڪتا جنهن سان شهر جي عزاداريءَ ۾ اضافي کان علاوه عزاداريءَ جو پيغام ڀَرِ وارن علائقن ۽ شهرن تائين پهتو. شهر جي عزاداريءَ اوج ماڻيو.
    ڏهين محرم الحرام جي ڏينهن وارو مرڪزي جلوس، جڏهن انجمن نوجوانانِ شيعه، جي امام بارگاهه کان نڪتو ته، ان سال کان شهر جي عزاداريءَ ۾ اضافو آيو. عاشور جو جلوس شهر جي شاهي بازار ۾ داخل ٿيو ته، ماڻهن پهريون ڀيرو بازار ۾ عزادارن کي غمِ حسين (عه) ۾ گريوزاري ۽ سينه ڪوبي ڪندي ڏٺو؛ جيڪو پيغام جھر جھنگ پکڙجي ويو، جنهن کانپوءِ چهلم جي جلوس ۾ عزادارن ۾ ڪافي اضافو ٿيو.
    سنڌ جي عزاداريءَ ۾ محرابپور جي عزاداريءَ کي، هن وقت ان ڪري به اوج، ترقيءَ وارو دور چئجي ٿو. جو ڪالهه هتي عزاداري ڪرڻ لاءِ نوحا خوان، زنجيرزن، ذاڪر، مولوي، مفتي ۽ اسڪالر پنجاب ۽ سنڌ جي ٻين شهرن مان دعوت ڏئي گھرايا ويندا هئا. هاڻ محرابپور جا، مولوي، ذاڪر، شاعر ۽ نوحن تي خيالي طرزون رکندڙ (موسيقار) ۽ نوحا خوان سنڌ ۽ پنجاب ۾عزاداري ڪرڻ لاءِ دعوتون ڏئي گھرايا وڃن ٿا. محرابپور جا رڳو عزادار ئي نه. پر، هتان جي ڪاريگرن پاران اسٽيل جا ننڍا توڙي وڏا علم حضرت عباس عه به سنڌ ۽ پنجاب ۾ مشهور آهن. ڪجھ سال اڳ هتان سنه 2009ع ۾ هڪ سئو (100) فوٽ اسٽيل جو ٺهيل علم پاڪ پنجاب جي شهر اوڪاڙا جي هڪ ڳوٺ ’چڪ محمد شاهه‘ ۾ سيد نعيم عباس شاهه جي امام بارگاهه ۾ نصب ٿيو. جنهن جو نقشو زوار عبداللطيف ملاح تيار ڪيو ۽ ان کي عملي شڪل مستري محمد اڪبر ڪمبوه ڏني ۽ بجليءَ جو سڄو ڪم گل محمد خاصخيلي (گلو خاصخيلي) ڪيو. محرابپور ۾ اسٽيل جي علم عباس عه جي شروعات عبداللطيف ملاح سنه 2000ع ۾ ملاحن جي پِڙَ تي اسٽيل جو نئون علم پاڪ نصب ڪري ڪئي.
    محرابپور جا نوحا خوان رڳو مُلڪ ۾ ئي نه پر، پرڏيهي چينل کي به نوحا رڪارڊ ڪرائي عزاداريءَ جي پيغام کي عام ڪري رهيا آهن. لنڊن کان محرابپور ڪهي آيل ’هدايت ٽي وي‘ جي صحافي سبحان علي هيسباڻي، سنه 2015ع (گرمين جي آخر) ۾ فيض حسين ٽالپر (مير بگھڙ) جي نوحن جو مڪمل پروگرام رڪارڊ ڪري لنڊن کان نشر ڪيو جنهن کي پوري دنيا ڏٺو.
    محرابپور جا ماتمي، مولوي، نوحا خوان ۽ نوحن تي ڌُنون رکندڙ عزادار، پوري ملڪ ۾ مشهور آهن. جن کي عزاداريءَ جي ڏهاڙن ۾ ٻين شهرن ڏانهن دعوت ڏئي گھرايو ويندو آهي. جن ۾ مولانا عطاءُ حسين ’بلاغي،‘ مولانا امداد حسين ’شجاعي،‘ ۽ نوحا خوانن ۾ سيد مجاهد شاهه ’ناشاد،‘ فيض حسين ٽالپر (ميربگھڙ) ۽ ساجد علي چنه ( بِجو) سيد جاني شاهه ’شرف،‘ سيد ناظم شاهه، ملازم حسين مڱڻهار، بشارت علي مڱڻهار ۽ محمد جڙيل شيدي شامل آهن. ان کان علاوه سنڌ، پنجاب جا مشهور نوحا خوان ۽ شاعر حضرات پنهنجن نوحن تي خيالي ڌُنون رکرائڻ لاءِ فقير گلاب مڱڻهار کي دعوت ڏئي هتان وٺي ويندا آهن. جيڪو مختلف راڳن مان کين نوحن تي ڌُنون رکي ڏيندو آهي. فقير گلاب هن مهل تائين تقريباً پنج هزارن جي لڳ ڀڳ ڌُنون ٺاهي چڪو آهي. هي موسيقار ذي القعد کان وٺي پهرين محرم الحرام تائين ان عزاداريءَ ۾ مصروف هوندو آهي ۽ صفر مهيني ۾ به (ڀٽ شاهه جي ميلي جي موقعي تي سيد ريجھ علي شاهه پاران نڪرندڙ حسين قافلي) جي نوحا خوانن ۽ چهلم امام حسين عه جي حوالي سان به ساڳئي مصروفيات هوندي اٿس. هي اها نوڪري بنا ڪنهن معاوضي جي ڪندو آهي. ان حوالي سان سندس نالو گنيز بوڪ آف ورلڊ ۾ شامل ٿيڻ گھرجي.
    محرابپور ۾ هڪ ئي جاءِ تي مستورات جا عشرا ۽ ڏهين محرم جي رات تعزين جي جلوس ۾ تعزين تي ٻرندڙ لائيٽ جو جديد نظام هوندو آهي. جيڪو اهڙي نموني ملڪ جي ڪنهن به شهر ۾ ناهي هوندو. جنهن جو موجد سائين ارشاد شاهه (شاعر)، سيد اسد عباس شاهه صفوي، استاد غلام محمد نوناري ۽ علي بخش ٽالپر جن هيا. ان بعد منظور ملاح، نظر ڪلهوڙو (حاجي نجو)، جن هن نظام کي جديد بڻايو، ڪجھ وقت کانپوءِ سندن سٿ ۾ شاهنواز خاصخيلي ۽ گل محمد خاصخيلي گڏيا. ڪامريڊ ولايت نوناري ۽ مختيار نوناري به هن ٽيم جو حصو بڻيا. 24 رمضان جي مجلس واري پنڊال جي سڄي ڇَتِ ۾ پَنکنِ فٽ ڪرڻ وارو نظام محرابپور جيان اڳ ڪٿي نه هيو. جيڪو سنه 1983ع ۾ متعارف ڪرايو. جنهن جو موجد عبداللطيف ملاح ۽ مستري غلام حسين مغل، (تائو غلام حسين) هيو.
    هتي خون جي عزاداريءَ دوران 19 سالن جي نوجوان کان ويندي 90 سال جو ٻڍڙيو به خون ۾ لت پت نظر ايندو آهي. هتي دُهل شرناءِ تي ماتم جا ’ڇهه تار‘ وڄا ويندا آهن. هر تارُ _ ’چئن ماترائن‘ جو هوندو آهي، جنهن ۾ غم جي لهر هوندي آهي. ۽ شرناءِ تي ٿيندڙ ماتم جو انداز پنهنجو آهي. جيڪو جلوس ۾ شامل عزادارن کي جذباتي ڪري ڇڏيندو آهي. جنهن ۾ سڀ عزادار گڏجي گريو زاري ۽ سينه ڪوبي ڪندا آهن. هن شهر جا سُني، شيعه ۽ هندو غمِ حسين عه ۾ گڏ هوندا آهن. جلوس ۾ سڀ گڏجي عزاداري ڪندا آهن. هتي تلوار، گرز ۽ زنجير جي ماتم ۾ وڏي رش ٿيندي آهي. عزاداريءَ ۾ شرڪت لاءِ ٻين شهرن بهلاڻي، هالاڻي، ڪنڊيارو، ڳوٺ ٺارو خان ڪليري _ محب ڪليري، محبت ديرو جتوئي، خانواهڻ، ڪوٽڙي ڪبير، رسول آباد، پير وسڻ، سيال آباد، ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن کان عزادار مرد ۽ مومن مستورات قافلن جي صورت ۾ ڪهي ايندا آهن.
    هتي اوسارن تي ٿيندڙ مستورات جي عزاداريءَ جو هڪ پنهنجو انداز رهيو آهي. جنهن جي ابتدا ’زوجه غلام عباس ٽالپر (ديرو، داڻا واهڻ) ڪئي.‘[12] هتي مستورات جي عزاداريءَ جي سنه بابت ڪجھ چئي نه ٿو سگھجي ته ڪڏهن شروع ٿي. پر، گھڻو گمان آهي ته 1930ع تائين شروع ٿي چڪي هوندي؛ جنهن جو اندازو مير غلام عباس جي جنم تاريخ مان لڳائي سگھجي ٿو. جيڪا سرڪاري رڪارڊ موجب: ”23 مارچ 1907ع آهي.“[13]
    هتي عزاداريءَ جي ابتدا بابت گھڻو امڪان آهي ته: هتي پهرين عزاداري مستورات ۾ شروع ٿي جنهن جي چڻنگ مير رحيم بخش ٽالپر جي ڀيڻ، روشن ڪئي. جنهنجو هتان حيدرآباد، علي بخش ٽالپر سان پرڻو ٿيو. جنهن چوانتيءَ کي اڳتي هلي مير باغ علي مشعل بڻايو.
    هتان جون ذاڪرياڻيون ٻين شهرن ڏانهن مجلس عزا پڙهڻ لاءِ دعوت ڏئي گھرايون وينديون آهن. نائين محرم جي رات ملاحن جي پِڙَ تان نڪرندڙ مستورات جي ماتمي جلوس جو، شهر جي عزاداريءَ ۾ انقلابي رنگ رهيو آهي. جيڪو ڪربلا جي قافلي جي ياد تازه ڪندو آهي.
    محرابپور ۾ مستورات جا نڪرندڙ احتجاجي قافلا، ڪربلا جي قتل خلاف ’معزالد وله ديلمي‘ پاران بغدا ۾ برپا ڪيل دنيا جي پهرين تاريخي احتجاجي جلوس جهڙي حيثيت حاصل ڪري چڪا آهن. جنهن جي شروعات ملاحن جي مستورات ڪئي. جيڪو سلسلو هن مهل تائين ڀرپور انداز سان جاري آهي.


    محرابپور جي عزاداريءَ جو ثقافتي انداز

    نيري آسمان تي جڏهن اسلامي نئين سال جي پهرين تاريخ جو چنڊ نمودار ٿيندو آهي ته، آسمان غمِ حسين عه جي چادر پهريندو آهي؛ ان ويل ڌرتيءَ جا سڀ نيڻ ڀڄي پوندا آهن ۽ سنسار جو سڄو ماحول سوڳوار ٿي ويندو آهي.
    نيري آسمان تي پهرين محرم الحرام جو چنڊ چڙهڻ سان دنيا جهانن جو رنگ تبديل ٿي ويندو آهي. خوشين جا کيڄڪ ختم ۽ ڪجلن نيڻن مان نير وهڻ شروع ٿي ويندا آهن. هر گھر ۾ فرش عزا وڇائجي ويندو آهي ۽ چئو ڏس ياحسين عه ... هاءِ حسين عه ... جي صدا بلند ٿي ويندي آهي.
    دنيا جهان جيان محرابپور جا عزادار به نائين ذوالحج کان سوڳوار بڻيل هوندا آهن. (سواءِ 18 ۽ 24 ذوالحج جي) محرابپور جو عزاداراڻو انداز ثقافتي ۽ روايتي آهي. جيڪو سالن کان هن طرح رهيو آهي. هتي نائين ذوالحج سفيرِ حسين عه حضرت امير مسلم بن عقيل عه، جي شهادت واري ڏڻ تي عزاداريءَ جي شروعات ٿيندي آهي. ڏهين ذوالحج تي عيدالضحى جي نماز اڪثر جھونا عزادار ۽ هاڻ نوجوان به ڪارن ڪپڙن ۾ پڙهندا آهن. عيد جي خطبي کان اڳ مجلس جو ماحول جڙندو آهي جنهن ۾ پيش امام مصائب حسين عه پڙهندو آهي. ان بعد عيد نماز ادا ڪئي ويندي آهي. بعد نماز عيد گاهه جي دروازي تي دهل کنيو بيٺل مـڱڻهار فقير جيڪي خوشيءَ جي اظهار طور دهل ۽ شرناءِ وڄائي عيد جي خوشيءَ ۾ اضافو ڪندا آهن. اُهي اڄ خوشيءَ جي شادماني بجاءِ غمِ حسين عه، ياحسين عه جو دهل وڄائي خوشيءَ جي ڏهاڙن جي پُڄاڻي ۽ غمِ حسين عه جي ڏهاڙن جي آمد جو اعلان ڪندا آهن. جنهن جو مطلب آهي ته: اڄ کان ’ڏونڪو مٽيو،‘ هاڻ اٺين ربيع الاول تائين خوشين جو ڪو به پروگرام منعقد نه ٿيندو. هيءَ عيد رسمِ دنيا جيان ملهائي ويندي آهي.
    بــيـشـڪ مـســلــم عـيــد ڪــرن پــر، عــيــد شـيــعـا دي ڪـــوئـــي نــهيـن،
    ڪربل تون گھن ڪي شام تائين، ڪائي زينب (ص) عيد منائي نهين.
    عيد ڏهاڙي شهر جي وڏين امام بارگاهن جا علم پاڪ سينگارڻ لاءِ انهن جي لاهڻ جو اعلان ٿيندو آهي. جيڪو 20 ذوالحج هوندو آهي، ان ڏڻ تي مرڪزي امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه ۽ ميرن جو وڏو علم لهندو آهي. جيڪي سينگارجڻ بعد 29 ذوالحج تي نشان ڪيا ويندا آهن. 20 ذوالحج کان 25 ذوالحج تائين شهر جي سڀني پِڙَنِ جا سڀ علم پاڪ نئين ٿيڻ لاءِ لهي ويندا آهن. جيڪي سينگارجڻ بعد پهرين محرم الحرام تائين نشان ٿي ويندا آهن. 9 ذوالحج کان 8 ربيع الاول تائين عزادار خوشيءَ جو ڪو به پروگرام نه رٿيندا آهن. انهن ڏهاڙن تي گھرن ۾ (سواءِ عيد مباحله ۽ غدير جي) لذيذ، عمدو کاڌو تيار نه ڪندا آهن. سوا ٻه مهينا زندگي بلڪل سادي نموني، سوڳوار انداز ۾ گذاريندا آهن.
    عزادار پهرين محرم جو ڏکوئيندڙ چنڊ ناهن ڏسندا، اگر ڪنهن جي نظر پئجي وئي ته، ان مهل ئي سندس نيڻ وسي پوندا آهن. ۽ ڏڪندڙ لبن سان چوندا آهن ته، ”ڪالو انا له الله وانا اليه راجعون.“ آسمان تي محرم الحرام جي چنڊ چڙهڻ سان ئي سوڳوار دلين، گھرن ۽ عزاخانن ۾ فرشِ عزا وڇائجي ويندا آهن.
    چــن چــڙهيـا مـاهه مـحـرم دا، آئــو غــم دي فــرش وڇــائـون،
    جنهن ساڏي ڪيتي پُتر ڏتي، اوندي ڪيون احسان ڀُلائون.
    پهرين محرم الحرام جي چنڊ چڙهڻ سان عزادارن جي جسم تان رنگين ۽ فاخرانه لباس لهي ويندا آهن. ان جي جاءِ تي سياه لباس پهرجي ويندو آهي. هر مرد توڙي مستور جا پير اُگھاڙا، ۽ هر وِک عزا خاني ڏانهن کڄندي آهي. عورتن جي نَڪَ، ڪَنن، هٿن ۽ بانهن جي ڪاراين مان سونا زيور لهي ويندا آهن ان جي جاءِ تي چانديءَ ۾ مڙهيل حَسني، حُسيني فيروزا، ٻيا حقيق ۽ سنت زينب (ص) جا لوهي ڪنگڻ ۽ ڪڙا ٻانهن ۽ پيرن ۾ پائجي ويندا آهن. مرد وري قيدي امام مولا سجاد عه جي سنت ادا ڪندي ٻانهن ۽ پيرن ۾ لوهي ڪڙيون، ڪنگڻ ۽ ڪولابا پائيندا آهن.
    اڪثر عزادار پنهنجا بسترا گھرن مان کڻي امام بارگاهن ۾ رکرائيندا آهن. جيڪي پهرين محرم الحرام کان تيرهين محرم الحرام تائين امام حسين عه جو ٽيجھو ڪري پوءِ اٿندا آهن. گھرن ۾ به پهرين محرم الحرام کان نرم بسترا ڇڏي، آرام کٽون اونڌيون ڪري غم حسين عه جو پٿر، تڏو ڪيو ويندو آهي. پهرين محرم الحرام کان زيبِ تن ڪيل ڪارو لباس 8 ربيع الاول تي لاٿو ويندو آهي.
    پهرين محرم الحرام کان 8 ربيع الاول تائين عزادران جي زندگيءَ جو انداز تبديل ٿي ويندو آهي. عام ڏهاڙن ۾ مومن هڪ ٻئي سان ملڻ مهل ’السلام عليڪم و ياعلي مدد‘ چئي ملندا آهن. پر پهرين محرم الحرام کان ان جي بدران ملڻ مهل ٻئي هٿ ٻڌي، ڪنڌ هيٺ جھڪائي، ياحسين عه چوندا آهن. کين اڳيان جواب ڏيندڙ پنهنجي دل تي ساڄو هٿ رکي ، ادب مان ڪنڌ جھڪائي نماڻن نيڻن سان ’والي حسين‘ عه چوندو آهي. دل تي هٿ رکي جواب ڏيڻ جو مطلب آهي ته: اي منهنجي مولا جا عزادار! مان توکي پنهنجي دل ۾ ساهه جيان سانڍيان ٿو.
    علم پاڪ لهڻ مهل ان جي بئرڪ جي اڳڙي، تبرڪ طور ننڍا توڙي وڏا عزادار ٻانهن ۽ ڳچيءِ ۾ پائيندا آهن. آڳاٽي دور ۾ جھُونا عزادار محرم جي ڏهاڙن ۾ نيرا ۽ خاڪي ڪپڙا پائيندا هئا. ’ڪلهوڙن جي دور تائين سنڌ ۾ غم جو لباس نيرو هيو،‘ جنهن جي شاهدي ڀٽائيءَ جي هن بيت مان به ملي ٿي ته:
    ڪارا رَنڱِجِ ڪَپڙا، اَدا نِيروٽِي!
    بزرگ عزادار ان زماني ۾ محرم الحرام جي آمد تي پنهنجا ڪپڙا کٽيءَ کان رڱائي پائيندا هيا. نئون لباس اوڍڻ عيب، مناسب نه سمجھندا هئا، ڪيترائي عزادار ڪارو لباس پائڻ مهل روئي پوندا هيا. هن وقت به آئون جڏهن 21 رمضان جي رات فجر مهل ڪارا ڪپڙا پائيندو آهيان ته اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي اينديون آهن؛ اهڙي سمي ان دور جا نمازي عزادار ياد اچي ويندا آهن. محرم الحرام جي آمد تي مون ڪيترن ئي جھونن عزادارن کان روئيندڙ اکين سان ڀٽائيءَ جو ’ڪيڏاري‘ مان هي بيت جھونگاريندي ٻڌو.
    محرم موٽي آئيو، آئيا تان نه امام.
    بزرگ عزادار جڏهن علم عباس عه تي شام شفق جو ڏيئو ٻارڻ ويندا هيا ته لبن تي ڪيڏاري مان شاهه جو بيت جھونگاريندا هيا. اهڙو هڪ منظر نصير مرزا به ڏٺو، جڏهن هو مون وٽ محرابپور آيو هو. نصير مرزا ان منظر کي پنهنجن خوبصورت لفظن ۾ ڪاوش اخبار ۾ لکيل پنهنجي محرم جي هڪ ڪالم ۾ هينئن بيان ڪيو ته: ”نگاهه کڻي سامهون ڏسان ٿو، ڪو جھونڙو شيدي هٿ ۾ روشن لالٽين کڻي، ڪنهن ٻي گھٽيءَ ڏانهن وک وک کڻندو ...... اڳيان وڌندو ٿو نظر اچيم، ڇا اها هٿ بتي هو ڪنهن امام بارگاهه ۾ رکڻ لاءِ پيو اچي؟ يا هتان سڌو ان جي روشنيءَ ۾ ڪربلا عراق وڃڻ جو قصد ڪيو اٿس ۽ اِهو مون دل ئي دل ۾ سوچيو پئي جو آهستي سان اڳيان لنگھي ويندڙ ان عزادار جو، مون پُر سوز آواز ڪنايو، ٻڌم ........... سُر ۾ ڀٽائي صاحب جي ڪيڏاري واريون هي سٽون جھونگاري رهيو هو:
    پکين پاڻ پڇاڙئو، ته لڏيا هوت وڃن،
    الا! شهزادن، سوڀون ڏئين سچا ڌڻين.[14]“
    (شاهه)
    علم لهڻ کانپوءِ مڱڻهار فقير گھر ڇڏي اچي مڪان، امام بارگاهه ۽ اوتارا وسائيندا هيا. علم پاڪ لهڻ کان وٺي چهلم امام حسين عه تائين مڱڻهار فقير امام بارگاهه ۾ روزانو صبح و شام دهل ۽ شرناءِ تي يا حسين عه جو واڄو ڪندا هيا. جيڪو سلسلو اڄ تائين قائم آهي.
    ايام عزا جي ڏهاڙن ۾ عورتون به غريب جي ڏکن جيان مڙي وينديون هيون، غم حسين عه کي تازو ڪرڻ لاءِ گھرن ۾ اوسارا چوڻ شروع ڪنديون آهن. جيڪو سلسلو قديم دور ۾ پهرين تيرهين محرم الحرام تائين جاري رهيو. ڪجھ سالن بعد 21 صفر تائين ۽ هاڻ 8 ربيع الاول تائين شهر جي مختلف پاڙن، قديم تڏيدار گھرن ۽ امام بارگاهه ۾ جاري رهندو آهي.


    باب ٻيون

    محرابپور جو تاريخي پسمنظر

    سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جي ضلعي نوشهرو فيروز جو شهر محرابپور (تعلقه) مين ريلوي لائين سان هماليه جيان ڪَرُ کنيو بيٺو آهي. هي شهر ضلعي نوشهرو فيروز لاءِ ڪاروباري حوالي سان ڪرنگھي واري حيثيت رکي ٿو.
    محرابپور، ”ساهتي،“[15] سنڌ ۽ ملڪ جي نقشي ۾ سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي، تاريخي، تهذيبي، تجارتي ۽ مذهبي حوالي سان پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. هن شهر جي اڏاوت بابت هن مهل تائين حتمي ڳالهه نه ٿي ڪري سگھجي. ته هي شهر ڪڏهن ۽ ڪنهن آباد ڪيو.؟ هن کي عروج ڏياريندڙ ڪير هيا. اهڙا سوال اڃا تائين تحقيق طلب آهن. جن تي تحقيق ٿيڻ گھرجي.
    هن شهر جي پکيڙ تقريباً پنج ڪلو ميٽر هم چورس آهي. جيئن ته هي شهر ضلعي نوشهروفيروز جي اوڀر _ اتر پاسي ضلعي جي مُهڙ ۾ هجڻ ڪري هن جو دنگ ضلعي خيرپور ميرس سان ملي ٿو. هن شهر جي آبهوا خشڪ رهندي آهي. هن شهر ۾ ريلوي تعليمي، نهري، ۽ رابطا پوسٽ نظام وارو سلسلو سنه 1870ع، 1886ع، 1935ع ۽ 1945ع کان شروع ٿيو. هن شهر جي سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ڪل آبادي (33722) ٽيٽيهه هزار ست سئو ٻاويهه آهي. (تعلقه محرابپور جي ڪل آبادي 1055345، هڪ لک پنجونجاهه هزار ٽي سئو پنجيتاليهه آهي.) هي شهر هاڻي 16 هن وارڊن سميت ٻن يونين ڪائونسلن تي مشتمل آهي. هتي هر مذهب ۽ مسلڪ يا مڪتبِ فڪر جا عبادت گاهه، مندر، مدرسه، مسجدون ۽ امام بارگاهه وغيره قائم آهن.
    آڳاٽي زماني ۾ درياهه جي اوچتي وهڪري جي خوف کان ڳوٺ ۽ قلعا مٿانهين واري علائقي، دڙي تي ٻڌبا هيا. اهڙو سلسلو سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي دور تائين جاري رهيو. جنهن جو هڪ مثال جنرل هيگ پاران ’سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي‘ بابت لکيل سندس ڪتاب مان هيئن ملي ٿو ته: ”غلام شاهه ڪلهوڙي کي حيدرآباد جي قلعي اڏڻ جو خيال آيو هو. هن کان اڳ ۾، سنه 1759 _ 60، ۾ کاڻوٺ جو شهر اڏيو. پر درياهه جي ٻوڏ جي خطري سبب ان شهر کي به ڇڏيو ويو. هن 1762 _ 63 ۾ شاهه پور جو بنياد رکيو هو. کيس اهو خيال هوندو هو ته راڄڌاني اهڙي جاءِ تي قائم ڪئي وڃي جتي درياه جي ٻوڏ کان بچاءُ هجي. سندس ڀاءُ مراد ياب خان، مراد آباد نالي هڪ راڄڌانيءَ جو بنياد رکيو هو، پر درياه ان کي به ٻوڙي پائي کڻي ويو هو. ان ڪري کيس ڊپ ٿي بيٺو. هن سوچيو ته راڄڌاني ڪنهن محفوظ ماڳ تي هجڻ گھرجي. مذڪوره مراد آباد جو شهر نصرپور ڀرسان هو. جيڪو 1656 _ 57، واري ٻوڏ ۾ لڙهي ويو. مراد ياب خان ۽ سندس ٻن پٽن ٻيڙيءَ ۾ چڙهي نڪري جان بچائي هئي. بعد ۾ اتر، سڪرنڊ جي پرڳڻي ۾ وڃي نئين راڄڌانيءَ جو بنياد رکيو هئائين. جنهن جو نالو هن احمد آباد رکيو هو.“[16]
    ماضيءَ ۾”هاڪڙي درياهه“[17] جو وهڪرو به هتان گذرندو هو. جنهن سبب هن شهر جو اوائلي حصو هڪ مٿانهين تي اڏيل آهي، ۽ هن جي آس پاس واريءَ جون ڀٽون ۽ ڍورا ۽ اتي ٿيندڙ سچا سَرَ هتان هاڪڙي واهه جي وهڪرن جي شاهدي ڏين ٿا. محرابپور ۾ ملاحن جي ويڙهي کان وٺي درگاهه بابا مريد علي شاهه واري سڌي گھٽي، محمد علي شيديءَ جي گھر تائين سڌي پٽي، اڄ به سڄي شهر کان ستن کان ڏهن فوٽن تائين مٿي آهي.
    محرابپور ڳوٺ جي اڏجڻ کان اڳ، ڀر وارا تاريخي شهر هالاڻي ۽ بهلاڻي آباد هيا؛ جيڪي ان وقت واپار ۽ علم جا مرڪز هيا. جناب جي ايم سيد جو استاد قاضي حامد علي ميمڻ (قاضي فيض محمد جي زال جو سڳو چاچو.) به هالاڻيءَ جو هيو، هندستان جي ’درگاهه اجمير شريف‘ جي مجاورن وٽ اڄ به هالاڻيءَ جي ماڻهن کي وڏي عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. هالاڻي ڪلهوڙن جي دور ۾ ساهتيءَ جو نمايان شهر رهيو.
    محرابپور جي تاريخ جي حوالي سان کوڙ سارا رايا، روايتون ۽ حوالا ملن ٿا. مرزا قليچ بيگ ۽ ڊاڪٽر حامد علي خانائي جن به محرابپور کي ’محراب جتوئي‘ جي نالي سان لکيو آهي. جنهن پنهنجي ايام ڪاريءَ ۾ هي ڳوٺ ٻڌو. اسان ڏٺو ۽ ٻُڌو آهي ته جڏهن به جٿي ڪو ڪوٽ ۽ ڳوٺ ٻڌبو آهي ته اتي پنهنجا ماڻهو لڏائي اچي ويهاربا آهن ۽ اتي پنهنجا به پکڙا اڏبا آهن. پر هتي ۽ هن شهر جي آس پاس ۾ جتوئي قبيلي جو اهڙو ڪو به نالو نشان جائيداد، جاگير، گھر ۽ قبرستان وغيره موجود ناهن جنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ته، هي شهر هن شخصيت جو ٻڌرايل آهي. هيءَ ڳالهه به پنهنجيءَ جاءِ تي تحقيق طلب آهي جنهن تي سنڌ ۽ ساهتيءَ جي محققن کي سوچڻ گھرجي.
    محرابپور جي حوالي سان ڊاڪٽر حامد علي خانائي صاحب پنهنجي ڪتاب ’نواب شاهه ضلعو تاريخي شهر ۽ شخصيتون‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”محراب جتوئي، ساهتيءَ ۾ جتوئي قبيلي جو سردار هيو. سنه 1189هه ۾ ميان سرفراز خان ڪلهوڙي کانپوءِ بادشاهه گرديءَ جو دور شروع ٿيو. اُن وقت مير فتح علي خان ٽالپر، ميان صاحب جي ڀاءُ محمود خان کي گاديءَ تي ويهاريو. محراب جتوئي، محمود خان جو وزير بڻيو. محراب جتوئيءَ کي ’ساهتيءَ جو پرڳڻو‘ جاگير ۾ ڏنو ويو ۽ هُن هالاڻيءَ کي ساهتيءَ علائقي جو صدر مقام مقرر ڪيو. هالاڻيءَ کان اُڀرندي طرف محراب جتوئيءَ هڪ ٻيو نئون ڳوٺ ٻڌايو، جو ”محرابپور“ جي نالي سان سڏجي ٿو. محراب جتوئي ميرن سان وڙهيو ۽ ’لانياريءَ‘ جي ويڙهه ۾ شڪست کاڌائين. مدد خان پٺاڻ جي حملي وقت چالڪ جي پل وٽ لڙائيءَ ۾ قتل ٿي ويو. انهيءَ وقت هالاڻيءَ ۾ ڌڱاڻو جتوئي سندس پاران نائب هو.
    ڪلهوڙن حاڪمن جي خانه جنگيءَ ۽ اڍنگيءَ هلت ڪري، ٽالپورن ۽ سندن وچ ۾ سن 1782ع ۾ هالاڻيءَ جي ميدان تي جنگ لڳي، جنهن ۾ ميان عبدالنبي ڪلهوڙو شڪست کائي ڀڄي ويو ۽ سنڌ، ٽالپورن جي صاحبيءَ ۾ آئي. هالاڻيءَ جي لڙائيءَ کانپوءِ ٽالپورن سنڌ پاڻ ۾ ورهائي، حصا ڪري کنئي. اتر سنڌ جو وسيع علائقو خيرپور جي مير سهراب خان کي حصي ۾ آيو، جنهن ۾ ساهتيءَ جو پرڳڻو نوشهري فيروز تائين اچي ٿي ويو. مير سهراب خان (المتوفي سن 1264 هه) جي وفات کانپوءِ سندس خاندان ۾ تخت لاءِ ويڙهه لڳي، جنهن ۾ مير علي مراد خان انگريز جي شهه تي ڪامياب ٿيو. مير صاحب جي دور ۾ به ‘ساهتيءَ‘ جو ڪافي حصو سندس رياست ۾ شامل هو.
    انگريزن جي دور حڪومت ۾ جڏهن برٽش سرڪار رياست مان ريلوي لائين وڇائي، تڏهن ڪن شرطن تحت ”ساهتيءَ“ وارو اهو ساڳيو علائقو برٽش سرڪار جي حوالي ڪيو ويو. سنڌ جي سرزمين جو هيءُ پرڳڻو ڪيترين ئي خاصيتن ۽ خوبين سان مالامال آهي، مگر هن خطي جون اهي خوبيون ۽ خاصيتون هميشه لڪل ۽ پوشيده رهيون آهن. ساهتيءَ ۾ ڪيتريون قومون آهن، جي هن وقت ٻين نالن سان سڏجن ٿيون. سنڌ جي ٻين علائقن کان ساهتيءَ جو هيءُ خطو گھاٽو وسايل آهي. هتان جي ماڻهن جي رسم و رواج، رهڻ ڪرڻ جا طور طريقا ۽ ڳالهائڻ جو لهجو هڪ مخصوص نوعيت وارا آهن.
    ساهتي پرڳڻي جا رهاڪو قديم دور کان وٺي علم ۽ فضل جي عظيم دولت سان سرفراز رهيا آهن. ساهتيءَ جو اهو علائقو آهي، جتي عربن جا قدم عربي فتوحات وقت پهتا ۽ ان کانپوءِ هن ساري علائقي ۾ وک وک تي درسگاهون ۽ خانقاهون هيون، جن جو علمي فيض ڪيترين صدين تائين روان دوان رهيو.
    انگريزن جي دوري حڪومت ۾ سنڌي نثر جي باقائدي شروعات ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي نثر لاءِ ”ساهتي پرڳڻي“ جي ”سنڌي لهجي“ کي سرڪاري طرح ”معياري لهجو“ مقرر ڪيو ويو؛ جو اڄ سوڌو نصابي ڪتابن ۾ رائج آهي ۽ اهو ئي لهجو ”ادبي ٻوليءَ“ جو درجو رکي ٿو.“[18]
    منهنجي مطالعي ۾ آيل ڪتابن مان هن کان اڳتي ڪو حوالو ڪو نه ٿو ملي جنهن جي آڌار تي چئي سگھجي ته محرابپور اصل ۾ ڪنهن ٻڌرايو هو. جنهن بابت مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب ’ قديم سنڌ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”محراب جتوئي: سنه 1189 هه ۾ جڏهن ميان سرفراز جي ڀڄي وڃڻ تي مير فتح علي خان سندس ڀاءُ محمود خان کي گاديءَ تي ويهاريو، تڏهن محراب جتوئي هن کي وزير ڪري ڏنو ويو هو، خدا آباد تڏهن سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. هو جتوين جو سردار هو ۽ زور وارو ماڻهو هو. محراب پور ڪنڊياري تعلقي واري انهيءَ جي ٻڌايل آهي. پوءِ جڏهن مير بجار آيو، تڏهن محراب جتوئي، تاجي ليکي ۽ ٻين سان گڏ ميان غلام نبيءَ جي طرفان ميرن سان وڙهيو ۽ لانياريءَ واري جنگ ۾ شڪست کاڌائين. پوءِ ڦري مير جي پاسي ٿيو، جيئن ڪن ٻين سردارن به ڪيو. پر وري جڏهن ميان غلام نبي قلات جي خان جي مدد وٺي وڙهڻ آيو، تڏهن محراب ۽ ٻيا وڃي ساڻس شامل ٿيا ۽ چالڪ جي پل واريءَ جنگ ۾ وڙهيا ۽ مير عبد الله خان انهن کي شڪست ڏني ۽ محراب جتوئي انهيءَ جنگ ۾ مارجي ويو. سندس مرڻ کانپوءِ سندس پٽ تاجو فقير ۽ انهيءَ جو مائٽ ڌڱاڻو جتوئي هالاڻيءَ واري جنگ کانپوءِ جڏهن مير فتح علي خان سنڌ ورتي، تڏهن پشيمان ٿي اچي ساڻس شامل ٿيا.“[19]
    مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب:’ قديم سنڌ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو‘ ۾ هڪ هنڌ ڄاڻايو آهي ته: ”ڪلهوڙن جي دور ۾ جيڪي سندن وزير ۽ امير هوندا هيا سي سندن مريد هئڻ ڪري فقير سڏبا هيا. تاجي نالي سان ڪلهوڙن وٽ چار امير هيا جيڪي فقير سڏبا هيا. جن مان هڪڙو تاجو فقير اوٺوال، ٻيون تاجو سامٽيو، ٽيون تاجو جتوئي ۽ چوٿون تاجو ليکي هيو. هنن مان ٽيون تاجو محراب جتوئي جو پٽ هيو جيڪو هالاڻيءَ واري جنگ ۾ ڪلهوڙن ڏانهن وڙهيو. جڏهن ميرن جنگ فتح ڪئي ته پشيمان ٿي معافي وٺي پنهنجي پيءُ جي جاءِ تي مقرر ٿيو.
    ”ٽيون تاجو جتوئي هو، جو مهراب جتوئيءَ جو پٽ هو ۽ ڌڱاڻي جتوئيءَ جو مائٽ هو. اهو ۽ ٻيا جي پڻ مٿئينءَ (هالاڻيءَ واري) جنگ ۾ هئا، سي پشيمان ٿي مير وٽ آيا ۽ معافي گھريائون. مير تاجي کي معافي ڏئي سندس پيءُ مهراب جي جاءِ تي رکيو ۽ تاجي جي جاءِ ڌڱاڻي کي ڏنائين.“[20]
    مرزا قليچ بيگ ۽ ڊاڪٽر حامد علي خانائيءَ جي حوالن ۽ تاريخي آثارن ۾ ڪافي اختلاف سامهون اچن ٿا. مرزا صاحب ۽ خانائي صاحب جي ڄاڻايل حوالي مان ائين ٿو معلوم ٿئي ته مير محراب خان جتوئي کان اڳ هتي ڪا آبادي ئي ڪونه هئي. جيڪڏهن هئي ته شاهي اصولن موجب ان کي ڪنهن امير امراءَ يا وقت جي حڪمران سان نسبت ڳنڍڻي آهي. اهڙي قسم جي سوچ يا رويا حاڪماڻي تاريخ جا رهيا آهن.
    ساڳيو انداز محراب پور جي هڪ آباديءَ کي مير محراب خان جتوئيءَ سان منسوب ڪرڻ وارو تاريخي حوالو سڪرنڊ واري محراب پور جو به ملي ٿو؛ جنهن مان پتو پوي ٿو ته ڪنهن اڳين آباد ڪيل آباديءَ کي ڪنهن وقت جي حڪمران طبقي ڏانهن منسوب ڪرڻ جي ڪوشش ورتل آهي. سڪرنڊ واري محراب پور کي ساڳئي مير محراب خان سان ڏيکارڻ مان ائين ٿو لڳي ته اهي آباديون ضرور اڳ آباد هونديون. هيٺ محراب پور سان منسوب ڏيکاريل ڊاڪٽر عبدالرسول قادريءَ جي ڪتاب ’تاريخ سڪرنڊ‘ مان حوالو ڏجي ٿو، جيڪو پڻ ساڳئي انداز سان ڏيکارڻ سبب هيڪاري مشڪوڪ بڻجي وڃي ٿو:
    ”محرابپور: سڪرنڊ کان اولهه طرف 13 ڪلوميٽر ۽ سنڌو درياءَ (سَنَ جي سامهون) جي بند جي ٻاهران اوڀر پاسي لڳ ٽالپرن جي صاحبيءَ کان هيءُ ڳوٺ آباد آهي. هتي ’محراب جتوئي‘ مالوند ماڻهو رهندو هو. ان ڪري، مقامي روايت پٽاندر هي ماڳ ’محراب پور‘ سڏجڻ لڳو. ڪي چون ٿا ته هيءُ ڳوٺ ’محراب ملاح‘ جي نالي آباد ٿيو هو، پر مشهور پهرين روايت آهي.“[21]
    اهڙي حاڪماڻي دور جي اختلافي تاريخ يا لکت جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ لاءِ ڪوبه سَتُ نه ساري سگھيو آهي. هتان جي تاريخي آثارن مان معلوم ٿئي ٿو ته هي ڳوٺ ڪلهوڙن جي حڪمرانيءَ کان گھڻو اڳ جو آباد هوندو.
    محرابپور، سمن جي صاحبيءَ سنه 1334ع کان ”مهراڻ _ هاڪڙي“ ’ڍوري‘ جي ساڄي ڪپ تي اڏيل هڪ ڳوٺ هو، جتان ’محراب‘ ميربحر ماڻهن کي ٻيڙيءَ تي هاڪڙي، ’ڍوري‘ جي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي پيروسڻ ۽ باغ بچراهه اُڪاريندو هيو. راورٽيءَ موجب ته: ”هاڪڙو هندستان تي امير تيمور جي سنه 1368ع ۾ ڪيل حملي وارن ڏهاڙن ۾ آخري پساهن ۾ هئڻ ڪري گھٽ وهندو هيو، جيڪو شروع کان آخر تائين سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هيو.“[22]
    هاڪڙو، جڏهن جال وهندو هيو، تن ڏهاڙن ۾ سندس هاڪ هنڌين ماڳين هلندي هئي. جنهن لاءِ پهرين شهيد درويش ماموئي ’مُهاڻي‘ چيو ته:[23]
    هـاڪَ وَهَنـدو هـاڪِـڙو، ڀَـڄَنـدي ٻَنِـڌِ ارڙو،
    بِههَ، مڇي ۽ لُوڙِهه، سَمي ويندا سوکڙي.
    (ماموئي)
    ماموئيءَ جي هن بيت مان اهو واضح ٿئي ٿو ته: هاڪڙو سمن جي دور تائين اروڙ کان ساهتيءَ مان وهندو ٺٽي کان ڇوڙ ڪندو هيو. ان بعد اروڙ وٽان ٻنڌ ٽوڙي ناري ۽ ٿر ڏانهن وهڻ لڳو جنهن جو مُکيه ڇوڙ ڪَڇَ وارو سِيرُ ۽ ٻيا ڦاٽ هئا. اڳيون وهڪرو ڦِٽڻ بعد درياهي شيون جهڙوڪ: بِههَ، مڇي ۽ لوڙهه وغيره سمن جي حاڪميءَ لاءِ اڻ لڀ ٿي ويون، جنهن جو اشارو ماموئيءَ جي بيت مان ملي ٿو.
    سنڌ، پنجاب جي درياهي وهڪرن، جاگرافي ۽ تاريخ جي حوالي سان ميجر هينري جارج راورٽي پاران درياهه جي وهڪري تي لکيل تاريخي ڪتاب: ’مهراڻ آف سنڌ‘ جي مطالعي کانپوءِ ’محراب پور‘ ڳوٺ جي قدامت جو اندازو ڀلي ڀت لڳائي سگھجي ٿو. اهو چئي سگھجي ٿو ته، ’محرابپور‘ ڪلهوڙن کان اڳ جو هاڪڙي جي ڍوري ۾ آباد ڳوٺ هيو. هاڪڙو برساتن جي مند ۾ ڀرجي ويندو هيو ته واڌو پاڻي ڍوري ۾ پوندو هو جتان ’محراب مُهاڻو‘ ماڻهن، مسافرن کي هڪڙي ڀَرِکان ٻي ڀَرِ پهچائيندو هو. جنهن جي شاهدي اڄ به هاڪڙي جو ’ڍورو‘ ڏئي رهيو آهي. جيڪو ماڇين جي ڳوٺ کان لاکاروڊ ڏانهن وهندو هيو. جنهن جا آثار اڄ به موجود آهن. هاڪڙي جي ڍوري ۾ اڄ به ڪيترائي ڳوٺ آباد آهن.
    ڍورو: ڪوٽڙي محمد ڪبير، ڳوٺ عثمان شاهه، محرابپور کان لاکاروڊ ديهه ’بگو دڙو‘ کان ٿيندو اڳتي نڪري وڃي ٿو. هن ڍوري ۾ مڇي جام ٿيندي هئي جنهن مان ميربحر مڇي ماري پنهنجو سکيو پيٽ گذر ڪندا ها جنهن ڪري هو مير سڏبا هئا. جنهن جي شاهدي ان ئي علائقي جي شاعر سخي سعيد خان لاکي هيئن ڏني آهي ته: ”دُ ٻا دُڙُ ٻَڪَ جا، مَڇِيون مارين ميرَ.“ دُڙِٻَڪ:ُ لاکاروڊ جي ڏکڻ ۽ اوڀر لڳ ديهه، بَگو دڙو ۾ موجود آهي. هتان هاڪڙي جي ڍوري جي هڪ شاهدي ڊاڪٽر بلوچ جي تصحيح ٿيل ’چچ نامي‘ مان به هيئن ملي ٿي ته: ”محمد بن قاسم ساوندري ڇڏڻ بعد مهراڻ جي ڪنهن شاخ يا ڍوري جو ڪپ وٺي اتر طرف ڪوچ ڪيو هجي. انهيءَ قديم ڍوري جا نيشان هن ساوڙي کان اتر طرف کارجاڻي، آمرجي، مسرجي، وانءِ، چيهي جي اولهه طرف، ڀريا ۽ هالاڻي بَهلاڻي وٽان اڃا تائين ظاهر بيٺا آهن.“[24] ساهتيءَ مان هاڪڙي جي وهڪري، ڍورن ۽ کڏن کُٻنِ بابت تاريخ ۽ ماهرن جو حوالو ڏيندي محقق اشتياق انصاري پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب: ’سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”ماهر چون ٿا ته ”ڪنهن سمي هاڪڙي درياهه جي هڪ شاخ جو وهڪرو ساهتي پرڳڻي مان وهندو هو، جنهن کي ساهتي ۾ لوهاڻو درياهه ڪري سڏيندا هئا. اهو درياهه ساهتي پرڳڻي جو وچ ڏيندو ڪوٽڙي ڪبير، هالاڻي، بهلاڻي، گھير گجو، ڀائي خان جي ٻنڌ، هالا ۽ شهدادپور کان سهڻي ميهار جي قبرن جو وچ ڏيندو رحمڪي بازار کان وڃي سمنڊ ۾ پوندو هو.“
    ايم _ ايڇ پنهور ”گرائونڊ واٽر“ ۾ لکي ٿو ته: ”نواب شاهه ضلعو سڪندر اعظم جي زماني کان سنڌ جي زير اثر رهيو آهي. سنڌو هاڻي 18 ميل پري هليو ويو آهي. مشهور لوهاڻو ڍورو ان ضلعي ۾ آهي لوهاڻو نوشهروفيروز مان گذرندو نواب شاهه ۽ شهدادپور جو اولهائون حصو ڏيندو هو. اڄ به پاسي جا ڍورا، کڏون ۽ کوٻا لوهاڻي جو پراڻو پيٽ ظاهر ڪن ٿا. لوهاڻي ڍوري جو پيٽ دولتپور ۽ سڪرنڊ وٽ صاف ظاهر آهي.“[25]
    هاڪڙي جا مختلف دورن ۾ مختلف وهڪرا پئي رهيا آهن. ڪوٽڙي محمد ڪبير، بهلاڻي ۽ هالاڻي، نوشهرو فيروز هن جي پيٽ ۾ آباد آهن. راورٽي جي ڪتاب ’سنڌ جو مهراڻ ‘ کي سنڌي ٻوليءَ جو ويس ڏيندڙ عطا محمد ڀنڀرو، ان جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته: ”مهراڻ يا هاڪڙو، سنڌوءَ کان به وڏو درياه هو. جنهن جي لٽ پوڻ ڪري ڪڇَ واري ڌرتي ٺهي پئي، جتي اڳي سمونڊ هوندو هو.“[26]
    هاڪڙي جي ڀرتيءَ بابت راورٽي لکي ٿو ته: ”چيو ويندو آهي ته، پاڻيءَ جي تعداد (مقدار) جي لحاظ سان هاڪڙو سنڌوءَ کان گھڻو وڏو درياه هو. جنهن جي مکيه ڀرتي ڪندڙ شاخ ستلج هوندي هئي، هن درياه جي ٻي مُکيه ڀرتي ڪندڙ شاخ سرسوتي هوندي هئي. جيڪا ناهون ۽ ساڌوراءِ جي وچ واري ’سوا ليڪ‘ واري جُوءِ مان وهي هلندي هئي.“[27] هاڪڙي جي محرابپور ڀرسان هالاڻيءَ کان گذرڻ بابت راورٽي لکي ٿو ته: ”اروڙ وٽان ٻه وهڪرا ڦٽندا هئا. جن مان هڪ سنڌوءَ نالي هوندو هو. جيڪو ناروءَ جي ڍوري، ڪوٽ ڏجي، ڪوٽڙي ڪبير ۽ هالاڻيءَ کان ٿيندو سنڌ جو وچ ڏئي برهمڻ آباد ڏانهن رخ ڪندو هو. ٻيو وهڪرو ڏکڻ - ڏکڻ اوڀر ڏئي وهندو هو، جنهن کي هاڪڙو سڏيو ويندو هو.“[28]
    سنڌوءَ جي ٻئي ڦاٽ بابت راورٽي لکي ٿو ته: ”سنڌوءَ جو ٻيو ڦاٽُ ڪشمور کان مٿان مٿان نڪرندو هو ۽ سڌو ڏکڻ وڃي اروڙ پهچندو هو. اتان نڪري هُن ناروءَ جو دڙو ۽ ڪوٽ ڏجي جي تهذيبن کي جنم ڏنو، پوءِ ڪوٽڙي محمد ڪبير ۽ هالاڻيءَ وٽان لنگھي چانهونءَ جي دڙي جو پاسو ڏئي، ور وڪڙ ڪندو اچي برهمڻ آباد پهچندو هو. سڪندر جي حملي وقت اهي ٻئي وهڪرا قائم هئا.
    هاڪڙي جي اوج کانپوءِ ان جي آخري پساهه بابت راورٽي لکي ٿو ته: چچ جي زماني ۾ اهو وهڪرو ڪوٽڙي محمد ڪبير بدران ديهات وٽان وهندو هو ۽ ٻُڌيه ڏانهن ويندي هو ان ماڳ وٽان سنڌو اُڪريو هو. اهو پراڻو پيٽ اڄ به ڏسي سگھجي ٿو. امير تيمور جي حملي کان ٿورو پوءِ ستلج ندي پنهنجو اصلي وهڪرو ڇڏي وڃي لوه _ وال وٽ بياس سان ملي، جن جي گڏيل پاڻيءَ کي هرياري، نيلي ۽ گھلوءَ جو گھارو سڏيو ويندو هو ۽ اهو هاڪڙي کان ڌار وهڻ لڳو. اهڙي ريت ستلج هن درياه کان هميشه لاءِ ڌار ٿي وئي. سرسوتي اڳ ئي سڪي وئي هئي گھگھر ۽ چتنگ ۾ اهو اڳيون پاڻي ڪونه رهيو هو. اهڙي ريت هوريان هوريان هاڪڙو سڪي ويو.“[29] هاڪڙي جي وهڪري جي بند ٿيڻ بابت محمد سومار شيخ پنهنجي ڪتاب:’ڪڇ جو رڻ، تاريخ جي روشنيءَ ۾‘ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”سن 1226ع ۾ هاڪڙو سڪي ويو.“[30]
    سنڌ ۾ هاڪڙي جي سڏجندڙ پراڻن نالن بابت راورٽي لکي ٿو ته: ”امير تيمور هندستان تي سنه 1368ع ۾ حملو ڪيو انهيءَ زماني ۾ سنڌ تي سمن جي هڪ مضبوط ۽ آزاد حڪومت قائم هئي. هاڪڙي ۾ پاڻي ٿورو هو جيڪو اروڙ کان مٿان الهندي ڏانهن لاڙو ڪري پنهنجي اڳئين وهڪري جي منهن ۾ وارِي ۽ چيڪو اُڇلي پوري سنڌوءَ جي وهڪري سان وڃي ملندو هوندو.
    مهراڻ يا هاڪڙي کي سنڌ وارا هاڪڙو، سنڌ ساگر، سانڪره، ساگرو ۽ نارو به سڏيندا هئا. موجوده نارو به اڳوڻي مهراڻ جو پُراڻو پيٽ آهي. جنهن ۾ هاڻي سنڌوءَ جو بئراجي پاڻي وهندو آهي.“ [31] هاڪڙي جي نالي بابت ’تاريخ طاهري‘ جو مصنف سيد طاهر محمد نسياني ٺٽوي لکي ٿو ته: ”هاڪڙي، واهند ۽ واهٽ اهي ٽئي نالا هڪڙي ئي درياهه جا آهن. رياست بهاولپور جي پاسي هي آڳاٽو درياهه انهن ئي نالن سان سڏجي ٿو. پر سنڌ جي هيٺاهين حصي اُٻاورو ۽ ميرپور ماٿيلي طرف ان کي ڳورهيلو، ريڻي، کسڻپور، مورياري، پينگارو ۽ کيروڻي ڪوٺيو وڃي ٿو.ڪي پُراڻا مورخ سرسوتي پڻ سڏين ٿا.“[32] هاڪڙي جي نڪرڻ، سيراب ۽ وهڪري ۽ پاڻي خارخ ڪرڻ بابت محقق محمد سومار شيخ پنهنجي ڪتاب:’ ڪَڇ جو رڻ، تاريخ جي روشنيءَ ۾‘ هڪ هنڌ هيئن لکي ٿو ته: ”4500 (2500 ق.م) ان دور ۾ اسان وٽ ٻه نديون (هاڪڙو ۽ سنڌو درياهه) وهنديون هيون. هندستاني ٿر جي گم ٿيل ندي سرسوتي يا هاڪڙو ٽن دريائن: گھگھر، چتانگ ۽ خود سرسوتيءَ ذريعي سيراب ٿيندي هئي. هي سڀ درياءَ سواليڪ جي حدن مان يعنى ته دهليءَ کان 200 کان 300 ميلن جي حد مان اتر کان نڪرندا هئا. تازي جاگرافيائي دور ۾ جمنا ندي به سمورو يا پنهنجو ڪجھ پاڻي هاڪڙي کي ڏيندي هئي. تيرهين صديءَ تائين ستلج درياءَ جي ڇڙوڇڙ شاخن جو پاڻي به ان ۾ اچي پوندو هو. سکر ۽ ڪشمور جي وچ تي ڪٿان، سنڌو درياهه جي ڪجھ واهن جو پاڻي به هاڪڙي ۾ پوندو هو. اهو سمورو پاڻي سرسوتي يا هاڪڙي سان رلي ملي ويندو هو. هاڪڙي جو سمورو وهڪرو ڪَڇ جي نار ذريعي خارج ٿيندو هو.“[33]
    هاڪڙو قديم درياه هيو جنهن جي تاريخ بابت مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب ’تاريخ سکر‘ ۾ لکي ٿو ته: ”هاڪڙو انبالا کان سيوالڪ جبل مان نڪري، بيڪانير، ڀٽ نير، ڪوٽ ڏراور ۽ اروڙ وٽان ٿيندو، ڪوريءَ جي نار ۾ ڇوڙ ڪندو هو. آبڪلانيءَ جي مند ۾ ستلج جي ڇر جو پاڻي اچي هاڪڙي سان گڏبو هو. هينئر هاڪڙي واري وهڪري تان اوڀرندو نارو وهي ٿو. مشرقي پنجاب ۾ درياهه گھگھر، هاڪڙي جي يادگار آهي. تازو پاڪستان آثار قديمه جي ماهرن ڪوٽڏيجيءَ وارن دڙن جي کوٽائي ڪندي، ڪي شيون هٿ ڪيون آهن. سندن راءِ موجب اُهي ”موئن جي دڙي“ واري تهذيب کان به جھونيون آهن. انهيءَ مان هاڪڙي جي قدامت کي معلوم ڪري سگھجي ٿو.“[34]
    مهراڻ ندي، هاڪڙي جي وهڪري ۽ بند ٿيڻ بابت رائچند هريجن پنهنجي ڪتاب’تاريخ ريگستان‘ ۾ ڪرنل جيمس ٽاڊ، هينري ڪزنس ۽ ڪئپٽن ريڪس جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”هاڪڙو ڪڏهن بند ٿيو، ان بابت چٽيءَ طرح چئي نه ٿو سگھجي. پر ڪئپٽن ريڪس لکي ٿو ته: ’عيسوي پهرين صديءَ ۾ پاري ننگر وڏو بندر گاهه هو.‘ انهيءَ مان انومان ڪڍي سگھجي ٿو ته هاڪڙو ندي به شايد عيسوي پهرين صديءَ کان پوءِ بند ٿي هوندي.“[35]
    ڪرنل جيمس ٽاڊ لکي ٿو ته: بکر کان اتر 7 ميل پنڌ تي سنڌو نديءَ مان هڪ شاخ نڪري لکپت جي ڀرسان سمنڊ ۾ پوي ٿي. اها سنڌ جي اتر پاسي ڀٽن جي ڀرسان وهي ٿي. هن کي مٺي ندي يا مٺو مهراڻو چوندا آهن. هيءَ ندي هاڪڙو شاخ بند ٿيڻ کانپوءِ وهندي هئي.
    هينري ڪزنس لکي ٿو ته: قديم زماني کان وٺي سنڌ ۾ ٻه وڏيون نديون وهنديون هيون: هڪڙي هاڻوڪي سنڌو ندي ۽ ٻي مهراڻ ندي، سنه 962ع ۾ هڪ خوفناڪ زلزلو آيو، جنهن سکر ۽ بکر وارا ٽڪر ٽوڙي ڇڏيا. انهيءَ زلزلي سبب الور وٽان مهراڻ رخ ڦيرايو ته پاڻيءَ جي آڻاٺ سبب شهر ڦٽي ويو“.[36] سنڌ ۾ سومرا حاڪمن جي گاديءَ واري هنڌ، محمد طور (ملهم طور) جي تباهيءَ ۽ هاڪڙي جي ڇوڙ بابت سيد طاهر محمد نسياني پنهنجي ڪتاب ’تاريخ طاهري‘ ۾ لکي ٿو ته: ”هي شهر ۽ هتان جا ڳوٺ، جيڪي هڪ هزار ورهين جي عرصي کان آباد رهندا ٿي آيا، تن جي تباهيءَ جو ڪارڻ اهو آهي ته پنجاب جي ٽن نالن (هاڪڙي، واهند ۽ واهڻ) سان مشهور درياهه اروڙ کان اڳتي وڌي پوکون آباد ڪندو سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿو.“[37]
    محراب پور: هاڪڙي جي ساڄي ڪپ، ڍوري ۾ آباد ٿيل هڪ ڳوٺ هيو. هن ڍوري جا ڪجھ آثار اڄ به موجود آهن. هي ڍورو ڪوٽڙي محمد ڪبير کان اچي، ’دنگ وارن ماڇين‘ جي ڳوٺ کان لنگھي لاکا روڊ جي ديهه بگو دڙو تائين ويندو هو. هن ڍوري ۾ پاڻي وهڻ ڪري مڇي به جام ٿيندي هئي. جتان ميربحر مڇيون ماري سکيا ستائبا ٿيا؛ جنهن جي شاهدي ان ئي علائقي جي هڪ شاعر سخي سعيد خان لاکي پنهنجي طويل نظم جي هڪ بند ۾ هيئن ڏني آهي ته: ”دُٻا دُڙُ ٻَڪَ جا، مَڇِيون مارين مير.“ دُڙِٻَڪُ: لاکاروڊ جي ڏکڻ ۽ اوڀر لڳ ديهه، بَگو دڙو ۾ اڄ به موجود آهي.
    مير غلام نبي خان ٽالپر کان روايت ملي ٿي ته: ”قديم زماني ۾ هاڪڙي جي ڍوري جي ساڄي ڪپ تي ’محراب‘ ميربحر رهندو هو جيڪو ماڻهن کي ٻيڙيءَ تي چاڙهي پَرينءَ ڀَرِ پيروسڻ ۽ باغ بچراهه پهچائيندو هيو.“
    تاريخ جي لکت ۽ تاريخي آثارن مان پتو پوي ٿو ته هي ڳوٺ ڪلهوڙن جي دور ۾ ڄاڻايل مير محراب خان جتوئي جي قائم ڪيل محرابپور کان گھڻو اڳ آباد هيو. گھڻو گمان آهي ته هي ڳوٺ اصل ۾ سمن کان به اڳ محراب ميربحر جي نالي سان آباد هوندو. ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته هاڪڙي جي کاٻي ڪپ تي مُهاڻن جو مَڏُ ’محراب‘ مُهاڻي جي نالي سان آباد هيو جيڪو پوءِ وڌندو ڳوٺ جي صورت اختيار ڪري ويو جيڪو اڳتي هلي محرابپور جي نالي سان سنڌ جي نقشي تي ظاهر ٿيو.
    هن شهر ۽ آس پاس جي زرعي زمين کي سيراب ڪندڙ روهڙي ڪئنال آهي. جيڪو ”سنه 1935ع“[38] ۾ سکر وٽان سنڌوءَ مان نڪرڻ مهل سکر بئراج جي نالي سان سڏجي ٿو ۽ هتي پهچڻ (هتان گذرڻ) کانپوءِ روهڙي ڪئنال سڏجي ٿو. هن مان ٻه شاخون نڪرن ٿيون؛ جنهن مان هڪ کي ڳوڌو (وڏي شاخ) ۽ ٻيءَ کي لانگڙجي (ننڍي) شاخ سڏجي ٿو.
    هن شهر جي ترقي انگريزن جي اچڻ سان ٿي. انگريز سرڪار جڏهن سنڌ کي ٻين علائقن سان ڳنڍڻ لاءِ ڪراچي کان ملتان ۽ ڪوٽڙيءَ کان ڪوئٽا تائين ريلوي لائين وڇائڻ جو منصوبو جوڙيو. جنهن جي شروعات سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئر 29 اپريل 1858ع تي ڪراچي ڪينٽ کان ڪياماڙي گودي تائين ريلوي لائين جي پيڙهه جو پٿر رکي ڪئي. آڪٽوبر 1859ع ۾ ان جو افتتاح ڪيو. مهورت جي موقعي تي سر بارٽل فريئر’ريلوي وزٽر بوڪو‘ تي تاثرات قلم بند ڪيا. سندس تاثرات بابت علي احمد بروهي پنهنجي ڪتاب ’ڳجھ ڳجھاندر ڳالهڙيون‘ ۾ لکي ٿو ته: پاڪستان ۾ ريلوي انجڻ ڏسڻ جو شرف سڀ کان پهريان ڪراچيءَ جي شهرين کي نصيب ٿيو جڏهن 1858ع ڌاري سنڌ ريلوي جي ڪراچي ڪوٽڙي لائين جو افتتاح ڪيو ويو. لائين جو مهورت سر بارٽل فريئر ڪيو جو سنڌ جو ڪمشنر هيو ۽ سنڌ ۾ ريلوي لائين جو سرشتو به سندس جاکوڙ جو نتيجو هيو. کيس ريلوي انجڻ ۾ ويهاري ڪياماڙيءَ آندو ويو. مهورت جي موقعي تي سر بارٽل فريئر پنهنجا ڪجھ ريمارڪ ”ريلوي وزٽر بوڪ“ تي رڪارڊ ڪيا جي اڄ اسان کي عجيب ٿا محسوس ٿين. لکي ٿو ته:
    ”سنڌ جي رهاڪن ڪڏهن به اڳ ريلوي انجڻ نه ڏٺي آهي. هنن ريلوي متعلق آکاڻيون ضرور ٻڌيون آهن. سندن خيال هي آهي ته پٽڙيءَ تي گاڏن کي ڇڪيندڙ ڪا غئبي طاقت آهي جا سندن سمجھ کان ٻاهر هئي. هنن جو خيال آهي ته ريلوي واري معاملي ۾ ڪا شيطاني قوت درپرده ڪم ڪري رهي هئي جنهن ڪارڻ هنن ريلي جي ويجھو اچڻ کان به ڪيٻايو ٿي ..... جڏهن مون انجڻ کي آزمائشي سفر لاءِ آندو ته ڪراچيءَ جي شهر واسين مٿان هئبت تاري ٿيڻ لڳي .... هي برابر آهي ته انجڻ مون پاڻ ٿي هلائي ۽ نهايت آهستگيءَ سان _ شهر جا ماڻهو ريلوي انجڻ جي ٻنهي پاسن کان هجوم جي صورت ۾ بيٺل هوا. مون کي ڊپ هيو ته مبادا ڪو حادثو نه پيش اچي يا ڪو ماڻهو انجڻ اڳيان نه اچي وڃي. آخر کين ڊيڄارڻ لاءِ مون انجڻ جي سيٽي وڄائي. ڪوڪ ٻڌڻ شرط هو ڊپ ۾ هڪٻئي مٿان ڪرڻ لڳا. سندن زمين تي ڪرڻ جو سٽڪو ائين ٿي ٿيو ڄڻ ته جوئر جي پوک ۾ ڏاٽو پوڻ ڪري سنگ هيٺ ڪري رهيا هوا.“[39]
    ڪلمتي، سنڌ جي مارئيءَ ۾ لکي ٿو ته:” 1859ع ۾ گذري (گسري) بندر تائين ريلوي لائين وڇائڻ جو ڪم به مڪمل ٿيو. ان بعد 29 اپريل 1858ع ۾ ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين اسڪيم جي پيڙهه جو پٿر فريئر رکيو، 13مئي 1861ع ۾ ان جو ڪم مڪمل ٿيو. لائين کولڻ جي مهورت 13مئي 1861ع تي ڪمشنر سنڌ مسٽر جان ڊنڪن ڪئي. هن لائين جو انجنيئر جان برٽن ۽ ٺيڪيدار بيري (Bary) هيو. 1887ع ۾ ڪوٽڙي ۽ ڪوئٽا وچ ۾ به گاڏيون هلڻ لڳيون. هن لائين جي ٻئي سيشن حيدرآباد کان ملتان تائين جو ڪم سنه 1879ع ۾ مڪمل ٿيو.“[40] انهن ڏهاڙن ۾ محرابپور ريلوي اسٽيشن قائم ٿي.
    محرابپور ۾ ريلوي اسٽيشن جي قيام ۽ هتان کان ٺاروشاهه تائين هلندڙ ’فيڊر‘ گاڏيءَ بابت زاهد سومرو، جي ڪتاب: ’پڊعيدن تواريخ جي آئيني ۾‘ بابت ته: ”سنه 1870ع تي محرابپور ۾ ريلوي اسٽيشن قائم ٿي، سنه 1922ع ۾ هتان ٺاروشاهه تائين ننڍي لائين وڇائي هن اسٽيشن کي ’جنڪشن‘ جو درجو ڏنو ويو. هتان هالاڻي، ڪنڊياروي ۽ ٺاروشاهه تائين’ننڍي لائين‘ تي ’فيڊر گاڏي‘ شروع ٿي.“[41] جنهن کي جنرل ضياءُ الحق سنڌ ۾ (MRD) تحريڪ جي زور کي ٽوڙڻ لاءِ، سنڌي ماڻهن جي هڪ ٻئي سان رابطن کي ختم ڪرڻ لاءِ، علاقائي معيشت کي ختم ڪرڻ ۽ مقامي ماڻهن کي سفر جي سڀني سهوليتن کان محروم ڪرڻ لاءِ سنه 1983ع ۾ بند ڪيو. جنهن کي وزير اعظم ميان محمد نواز شريف پنهنجي پهرين حڪومتي دور سنه 1993ع ۾ باضابطا اعلان ڪري علاقائي ماڻهن کي ان سهوليت کان هميشه جي لاءِ محروم ڪري ڇڏيو. جنهن سان سنڌ جي هر ننڍي اسٽيشن اُجڙي وئي ۽ هن شهر جي ’جنڪشن‘ واري حيثيت پڻ ختم ٿي وئي.
    سنڌ جي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، 22 اپريل 2005ع تي، هتي اچي هن شهر کي تعلقي هيڊ ڪواٽر بڻائڻ جو اعلان ڪيو. جنهن جو نوٽيفڪيشن سنڌ حڪومت پاران 21 جون 2005ع تي جاري ڪيو ويو. جنهن بعد هن شهر جي ڪارو بار ۾ اضافو آيو ۽ وڃايل رونق بحال ٿي.
    محرابپور جي ترقيءَ خاطر عوام ۾ علم ۽ شعور جي لاٽ ٻارڻ لاءِ انگريز سرڪار هتي پهريون تعليمي ادارو سنه اپريل 1886ع ۾’سنڌي مين پرائمري اسڪول ڳوٺ محرابپور‘ جي نالي سان قائم ڪيو. هن اسڪول جو پهريون هيڊ ماستر: سُکر مل لُهاڻا هيو جيڪو سنه 9 نومبر 1938ع کان 8 آڪٽوبر 1939ع تائين هن اسڪول ۾ هيڊ ماستر رهيو. 1870ع ۾ ريلوي اسٽيشن قائم ٿيڻ کانپوءِ هن ڳوٺ کي شهر واري حيثيت ملي. محرابپور ڳوٺ، انتظامي طور تي پهرين رياست خيرپور سان جڙيل هيو، جنهن کي ”لارڊ ڊلهائوسيءَ سنه 1852ع ۾ رياست خيرپور کان ڇني حيدرآباد ضلعي سان جوڙي ڇڏيو.“[42] جنهن بابت ڪتاب ’شهيد بينظير آباد‘ ۾ محمد ملوڪ انڙ پنهنجي مقالي ۾ لکيو آهي ته:” 1902ع ۾ ضلعي حيدرآباد کي ٻن حصن ۾ ورهائي نواب شاهه کي ضلعو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن تي عمل کان پهرين 1907ع ۾ نواب شاهه کي تعلقي جو درجو ڏنو ويو.“[43] حيدر آباد کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ بابت ڪتاب ’نواب شاهه کان شهيد بينظر آباد تائين‘ ۾، مرتب: خادم چانڊيو لکي ٿو ته: ”سنه 1902ع ۾ ضلعي حيدرآباد کي ٻن حصن ۾ ورهائي نواب شاهه کي ضلعي جي حيثيت ڏيڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو ويو ان تي عمل پهرين نومبر 1912ع کان ٿيو.“[44] ”نواب شاهه ضلعو ٿيو ته محرابپور ان ۾ شامل ٿيو.“[45] سنه 1989ع ۾ نوشهرو فيروز ضلعو بڻيو ته ان ۾ شامل ٿيو. نوشهري کي ملندڙ ضلعي واري حيثيت بابت اسلم عباسي نوشهري جي تاريخ تي پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب ’ضلعو نوشهرو فيروز تاريخ جي آئيني ۾‘ لکي ٿو ته: ”نوشهرو فيرو ضلعو 1989ع ۾ وجود ۾ آيو، ان کان اڳ هن خِطي کي ساهتي پرڳڻو سڏيو ويندو هو.“[46] ضلعي نوشهرو فيروز جو پهريون ڊپٽي ڪمشنر نثار احمد صديقي هيو. محرابپور شروع کان تعلقه ڪنڊيارو سان جڙيل هيو جيڪو 21 جون 2005ع کان الڳ ٿيو.


    محرابپور ڳوٺ، جي انگريز دور ۾ ايراضي

    محرابپور، هي شهر هن وقت ضلعي نوشهرو فيروز جي تعلقه هيڊ ڪواٽر جو درجو رکي ٿو. جتي زندگيءَ جون بنيادي سڀ ضرورتون موجود آهن. جن ۾ پاڻي، بجلي، گئس ۽ تعليم ۽ صحت مرڪز وغيره .... شامل آهن. ڪالهه جي ڀيٽ ۾ اڄ جي محرابپور ڪافي تبديل ۽ ترقيءَ جي راهه تي گامزن آهي.
    محرابپور، جُھڳيءَ کان ڳوٺ تائين ترقيءَ جو سفر تيزيءَ سان طئي ڪيو آهي. ڳوٺ محرابپور جي قديم جاگرافي _ حدن بابت مليل ڄاڻ هيٺئن ريت هئي.
    ڳوٺ محرابپور نمبر _ 1
    ڪوٽ پراڻو (مريدعلي شاهه وارو)، 36 گھنٽا.
    ڪوٽ نئون (مير محلا) سروي نمبر: 6، ايراضي، 1 ايڪڙ 3 گھنٽا.
    ميرن واري کڏ، _ ايراضي: 27 گھنٽا.
    مسافر خانو، (ميرن جي کڏ ڀرسان)، 15 گھنٽا.
    اسڪول پرائمري، 7 ويسا.
    ڳوٺ سيد خدابخش شاهه، 31 ويسا.
    سيدن ۽ ملاحن جو مُقام (لانگڙجي)، 1 ايڪڙ 3 گھنٽا.
    هن ايراضيءَ سميت ڳوٺ محرابپور _ 1، جي ٽوٽل ايراضي 58 ايڪڙ 25 ويسا هئي.[47]
    ڳوٺ محرابپور نمبر _ 2
    ڳوٺ محرابپور (2) جي حد _ ايراضيءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته: اها سرڪاري ريلوي جي بنگلن (موجوده بحريه ڪاليج ڀرسان) کان شروع ٿي نونارين جي قبرستان تائين آهي.
    محرابپور جون قديم ذاتيون ۽ قبيلا
    محرابپور، جي جنم وقت هتي صرف ميربحر (ملاح) هيا. ان بعد سماٽ جون ٻيون ذاتيون آباد ڏسجن ٿيون. جن ۾ سهتا، ماڇي (سولنگي)، کٽي، ڊکڻ (سومرا) ڪنڀر، برهمڻ (جنهن جو آخري ٻالڪ: نيڻون ولد آئيداس برهمڻ، پرائمري اسڪول محرابپور ۾ 1910ع ۾ داخل ٿيو.) ۽ ٻيا آباد ٿيا. انگريز دور ۾ نوناري، صديقاڻي (ميمڻ)، ٽالپر، خاصخيلي، شيدي، لنڊ، قريشي، پيرزادو (قاضي)، ساکاڻي چانڊيا ٻروچ، جانوري، جوکيا، موچي _ چنه، ٻاليشاهي (شيخ _ چهواڻ) مارواڙي (ماڙيچا)، هندو واڻيا (لُهاڻا _ اڌلاڻي) ۽ سماٽ جون ٻيون ذاتيون آباد ٿيون.
    هند ۽ سنڌ جي ورهاڱي کانپوءِ هتي (مهاجر ۽ پنجابي) پناهگير پهتا، جيڪا ڳالهه ”ورهاڱي واري معاهدي ۾ طئي نه هئي.“[48] پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ صدر ايوب پاران 1954ع ۾ ’ون يونٽ‘ مڙهڻ کانپوءِ سنڌ جي ٻين شهرن جيان هتي به ججھي تعداد ۾ پنجابي پهتا. جن ۾ ڪمبوهه، آرائين، چيما، وٽو، لوڌي، مغل، جٽ ۽ گھمڻ، انبالوي وغيره شامل آهن.
    هتي رهندڙ هنن قومن جو سالن کان وٺي پاڻ ۾ ميٺُ، محبت ڀريو سُٻنڌ رهيو آهي. هنن ماڻهن جو مذاج سنڌ جيان صوفياڻو ۽ ملنگاڻو رهيو آهي. هن شهر جا رهواسي انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ جا ڪٽر مخالف رهيا آهن. شهر جي اهم مسئلن تي گڏ ويهي ان جو بهتر حل ڪڍندا آهن. موسم: محرابپور جي موسم سنڌ جي وچولي ۾ هئڻ سبب معتدل رهي ٿي.
    آبادي
    مختيار ڪار آفيس مان مليل سرڪاري انگن اکرن موجب 1998ع ۾ ٿيل هن شهر جي ڪل آدمشماري 33722 آهي. هن شهر ۾40 سيڪڙو پنجابي، مهاجر ۽ 60 سيڪڙو سنڌي آباد آهن. سنڌين ۾ چند گھر ٻروچن جا آهن. تمام مختصر تعداد ۾ هندو آباد آهن. جن ۾ ٻه گھر واڻين جا آهن جن ۾ هڪ گھر لُهاڻا ۽ هڪ گھر اُڌلاڻي آهي. ٻه گھر ماڙيچن (مارواڙي) جا باقي ٻالا آهن. ٻروچن ۾ 30 گھر ساکاڻي چانڊين جا ۽ ٻه گھر لنڊ بلوچن جا آهن. باقي سماٽ آهن.
    ڪاروهنوار
    قديم زماني ۾ هتي شهر ٻاهران نوناري ’لوڻ‘ ٺاهيندا هيا. جن کي انگريز دور ۾ لڏائي شهر ۾ آباد ڪيو ويو. ان بعد، ماضي قريب ۾ هن شهر جي ڪاروبار کي اناج، ڳڙ منڊي ۽ ڪاٺ جو فرنيچر وڏي هٿي ڏيو بيٺو آهي. جيڪو هن شهر جي آمدنيءَ جو وڏو ذريعو بڻيل آهي. هتان جي 50 سيڪڙو آبادي روزگار جي حوالي سان سرڪاري، غير سرڪاري ادارن سان سلهاڙيل آهي. هن شهر جو فرنيچر پاڪستان ۾ ٻئي نمبر تي مشهور آهي. پهرين نمبر تي پنجاب (چنيوٽ) ان کانپوءِ محرابپور مشهور آهي. هتان جو ٺهيل فرنيچر پوري پاڪستان ۾ پهچي ٿو. هتان جي ڪاريگرن پاران ڪاٺ جو ٺاهيل فرنيچر مضبوطيءَ جي حوالي کان چنيوٽ کي به شَههَ ڏيو بيٺو آهي.
    هُنر
    قديم زماني ۾ هتي ڪپهه ڪَتِڻ، صاف ڪرڻ، مٽيءَ جا ٿانوَ ٺاهڻ، ڀرت ڀرڻ، ورهاڱي کانپوءِ ماضي قريب ۾ هتي چمڙي ۽ پلاسٽ (ريگزين) تي مرد ۽ عورتن جون جيسلمير جي ڊزائين جهڙيون جتيون ٺهنديون هيون جيڪي سنڌ، ڏيهه ۽ ڏيساور تائين وينديون هيون.
    سرڪاري ادارا
    محراب پور ۾ عوام جي سهوليت خاطر کليل سرڪاري ادارن مان ڪجھ ادارن جو قيام ورهاڱي کان اڳ جو آهي. ورهاڱي بعد سرڪاري ادارن کلڻ جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو اهو اڄ تائين جاري آهي.
    محراب پور کي سنه 2005ع ۾ تعلقي جو درجو ملڻ کانپوءِ هتي جيڪي ادارا قائم ٿيا انهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيار ڪار آفيس، تعليم کاتو ۽ سول ڪورٽ، ۽ ٻيا ادارا شامل آهن. آفيس اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيار ڪار آفيس 21 جون 2005ع تي قائم ٿيڻ کان ئي پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو.
    ٽائون ڪاميٽي
    سنه 1968ع ۾ هن شهر جي ڪميونٽي سينٽر، ٽائون ڪاميٽي محرابپور جو افتتاح، ڪمشنر خيرپور ڊويزن محمد اسلم باجوا (CSP) آفيسر ڪيو.
    تعليمي ادارا
    گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج جو قيام 17 ڊسمبر 2004ع تي عمل ۾ آيو. جنهن جو افتتاح ان وقت جي ضلعي ناظم مسرور خان جتوئي ڪيو. هن ڪاليج جو پهريون پرنسپال پروفيسر انور علي مڱريو هو. هن ڪاليج ۾ ڪم ڪندڙ ٽوٽل اسٽاف ليڪچرار 28، ليب اٽيننٽ 3، ليب اسسٽنٽ 2، ڪلارڪ 6، نائب قاصد 1، چوڪيدار 3، مالهي 2، شامل آهن. هن ڪاليج ۾ شاگردن جي پڙهائيءَ جي حوالي سان سڀ ضرورت واريون شيون ليب، ڪمپيوٽر سيڪشن ۽ لائبرري وغيره پهرين ڏهاڙي کان ئي موجود آهن. هن ڪاليج ۾ شاگردن کي (بي ايس سي، بي ڪام ۽ ايم اي) جي ڊگري حاصل ڪرڻ جي سهوليت پهرين ڏهاڙي کان موجود آهي.
    آفيس سب ڊويزن ايجوڪيشن (ميل)
    آفيس سب ڊويزن ايجوڪيشن (ميل)، 20 فيبروري 2006ع کان قائم ٿي، جنهن جو پهريون آفيسر سيد ممتاز علي شاهه مقرر ٿيو. ان بعد هن اداري کي سنه 2014ع کان تعلقه ايجوڪيشن (ميل)، ( (T E O _ M جو درجو مليو. پهريون آفيسر مظهر حسين گبول مقرر ٿيو.
    گرلز ڊگري ڪاليج
    هن ڪاليج جي شروعات بنا (S N E) جي سنه 2013ع ۾ ڪئي وئي. جنهن جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر سيد قربان علي شاهه هيو. هن ڪاليج جي پهرين انچارج پرنسپال غلام بتول (بانو) جوکيو هئي. جنهن بعد الهه بچائي بوزدارا چارج سنڀالي جيڪا هن وقت تائين موجود آهي. شاگردياڻين جي تعليم کي جاري رکڻ لاءِ، ڪاليج جو سڄو اسٽاف ڊگري ڪاليج بوائز مان موڪليو ويو. ]نوٽ: هن اداري جا مڪمل انگ اکر نه ملڻ سبب معلومات اڻپوري آهي. جنهن جو سبب اداري جي اندروني ڪا مجبوري ليکجي ٿي.[
    گرلز هاءِ اسڪول
    گورنميٽ گرلز هاءِ اسڪول، پهرين ايليمينٽري اسڪول هيو جتي شاگردياڻين کي اٺين درجي تائين تعليم ڏني ويندي هئي. سن 1990ع ۾ هن کي هاءِ اسڪول جو درجو مليو. هن اداري بابت هن کان اڳتي ڪابه معلومات نه ملي سگھي.
    تعميرِ ملت هاءِ اسڪول
    تعميرِ ملت هاءِ اسڪول محرابپور، هي اسڪول پهرين محمد امين’سالڪ‘بٽ، عرف (بگو ماستر) جماعت اسلامي جي چيئرمين شپ ۾ جماعت جي ساٿين سان گڏجي سنه 1948ع ۾ قائم ڪيو. جنهن کي پاڻ خانگي نموني هلائيندو رهيو. جيڪو (صابر اٽي جي مشين) جي سامهون واري هڪ غير سرڪاري عمارت ۾ هلندو هيو؛ جتي شاگردن کي (اردو ٻوليءَ ۾) پرائمريءَ کان اٺين جماعت تائين تعليم ڏني ويندي هئي. هي اسڪول 1948ع کان 1952ع تائين پرائمريءَ جي حيثيت ۾ هلندو رهيو. پهرين اپريل 1952ع ۾ مڊل اسڪول ٿيو. آڪٽوبر 1972ع ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت قومي تحويل ۾ ورتو. ڇهين جنوري 1993ع ۾ هن اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏئي شهر جي وارڊ نمبر 4، پير شير شاهه پاڙي ۾ ڳڙمنڊيءَ جي سامهون منتقل ڪيو جتي هن مهل تائين قائم آهي. سنه 1993ع کان 2002ع تائين (ڪو ايڊيوڪيشن) رهيو. ڇهين جنوري 1993ع کان گورنمينٽ نيشنلائز تعميرِ ملت هاءِ اسڪول محرابپور جي نالي سان هلندڙ هن اسڪول جو پهريون (مڊل مان هاءِ اسڪول ٿيڻ کانپوءِ) انچارج آفيسر، هيڊ ماستر راست علي راجپوت هيو. جيڪو، 6 جنوري 1993ع کان 4 جولائي 1993ع تائين رهيو. ان بعد 5 جولائي 1993ع کان غلام حسين ملڪ آيو. هن اسڪول جو باقائدي بااختيار هيڊ ماستر مظهر علي خشڪ رهيو. جيڪو، 5 آڪٽوبر 1993ع کان پهرين آڪٽوبر 1995ع تائين فل فليج ٿي رهيو.
    گرڊ اسٽيشن 132KV
    هن گرڊ اسٽيشن، KV132 (هڪ لک ٻٽيهه هزار ڪي وي) جو سنگ بنياد، پاڻي ۽ بجليءَ جي وفاقي وزير لياقت علي خان جتوئيءَ 24 فيبروري 2007ع تي رکيو. هن (هڪ لک ٻٽيهه هزار، ڪي وي) گرڊ اسٽيشن، 27 آگسٽ 2010ع کان ڪم شروع ڪيو. هن جو پهريون انچارج آفيسر غلام محمد چنه (SSO _1)، رهيو جيڪو هڪ مهيني اندر هو بدلي ٿي ويو. هن وقت 2016ع ۾ اهو ئي انچارج آهي.
    گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول
    هي اسڪول قائم ٿيڻ کان وٺي 1965ع تائين شهر جي هڪ خانگي عمارت ۾ هلندو رهيو. 11 جون 1966ع کان نئين (موجوده) سرڪاري بلڊنگ ۾ منتقل ڪيو ويو. جنهن جو افتتاح مرزا رفيق عنايت ( CSP) آفيسر، ڪمشنر خيرپور ڊويزن ڪيو. شروعاتي ڏهاڙن ۾ هي اسڪول (DC) هاءِ اسڪول سڏبو هو جيڪو، 30 سيپٽمبر 1972ع تائين ڊي سي هاءِ اسڪول جي حيثيت سان رهيو. جنهن جو پهريون هيڊ ماستر خدابخش ڪمالاڻي هيو. جيڪو، 22 مئي 1958ع تائين رهيو. ان بعد پهرين آڪٽوبر 1972ع کان گورنمينٽ پراونشلائزهاءِ اسڪول محرابپور جي حيثيت سان هلڻ لڳو. گورنمينٽ پراونشلائز هاءِ اسڪول ٿيڻ وقت پهريون هيڊ ماستر غلام شبير عباسي هيو. جيڪو پهرين آڪٽوبر 1972ع کان 1974ع تائين رهيو. هن اسڪول کي ڪاليج، هائير واري حيثيت پ پ پ جي حڪومتي دور ۾ ملي. 11 جولائي 1990ع ۾ هن اسڪول کي گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول بڻايو ويو. جنهن جو پهريون هيڊ ماستر غلام رسول ميمڻ رهيو. جيڪو، 11 جولائي 1990ع کان 18 جون 1992ع تائين هيڊ ماستر رهيو. هتي تعليم جو سلسلو ٻن شفٽن ۾ هلندو آهي. صبح جو ساڍي اٺين وڳي کان منجھند ڏيڍ وڳي تائين اسڪول ان بعد شام چار وڳي تائين ڪاليج جا شاگرد تعليم پرائيندا آهن.
    ڪورٽ
    اسسٽنٽ سيشن جج اينڊ سينئر سول ڪورٽ تعلقه محرابپور، جو قيام 30 ڊسمبر 2016ع کان عمل ۾ آيو. هن اداري جو پهريون اسٽاف: جناب فائق علي پٺاڻ (سينئر سول جج)، غلام قادر نانگراج (ريڊر)، قربان علي خاصخيلي (ڪلارڪ)، الهه ڏنو مڱڻهار (بيلف)، درمحمد خاصخيلي (پٽيوالو) مقرر ٿيا. هن ڪورٽ کي هتي قائم ڪرائڻ ۾ لطف الله سيال (وڪيل) ۽ سندس ساٿين جون ورتل ڪوششون وساري نه ٿيون سگھجن.
    اسپتال
    1970ع واري ڏهاڪي کان به اڳ هتي حسيني چوڪ وٽ، ضلعي ڪائونسل پاران هڪ ڊسپينسري قائم ڪئي وئي. جنهن جو پهريون انچارج ڊسپينسر محمد آچر پنهور هيو. سنه 1986ع ۽ ان کي بنيادي صحت مرڪز، رورل هيلٿ سينٽر (H R C) محرابپور، جو درجو ڏئي شهر کان ٻاهر صحت کاتي جي نئين (موجوده) بلڊنگ ۾ منتقل ڪيو ويو. جنهن کي هن مهل 2016ع تائين تعلقي جو درجو ناهي ملي سگھيو. جتي هن وقت تائين هيءَ سرڪاري اسپتال هلي رهي آهي. هن اسپتال جو پهريون انچارج ڊاڪٽر خان محمد ميمڻ هيو.
    پوسٽ آفيس
    سنڌ صدين کان خوشحال خطو، ملڪ رهيو آهي جنهن ڪري آمر حڪمرانن هلائون ڪيون آهن. وقت جي حاڪمن رعيت جي رابطن، پنهنجي حڪومتي ڪارونهوار ۽ ڪاروباري ماڻهن جي وڻج واپار وارين سرگرمين کي بهتر بڻائڻ لاءِ ’پيغام رسائي،‘ پوسٽ واري نظام کي جنم ڏنو.
    قديم دور ۾ جڏهن سفر جون بهتر سهوليتون ميسر نه هيو تڏهن ’پيغام رسائيءَ‘ جو سفر ڏاڍين ڏکين حالتن ۾ ٿيندو هيو. جيڪو پهرين پنڌ پوءِ اٺن ۽ گھوڙن ذريعي جاري رهيو. تاريخ ۾ ملي ٿو ته: ”سنڌ تي عربن جي ڪاهن کان اڳ برهمڻن جي حڪومت ۾ پيغام پهچائڻ ’ٽپال‘ جي سلسلي کي اٺن جي سهاري سان هلايو ويندو هو. اٺ ذريعي پيغام پهچائيندڙ جَتَ کي ”ريٻارو يا ريٻاري“ سڏيو ويندو هيو. ان بعد حُجاج جي زماني ۾ قاصد، جاسوس حڪومتي پيغام تڪڙو پهچائڻ لاءِ 10 کان 12 هن ميل تائين تکا تکا ڊوڙندا هڪ کان ٻئي قاصد تائين حڪومتي پيغام پهچائيندا هيا جيڪو پيغام پهرين ڪيترن ئي ڏهاڙن ۾ پهچندو هيو اهو اهڙي نموني سنڌ کان بغداد تائين ستن ڏهاڙن ۾ ۽ حڪومتي پيغام ٽن ڏهاڙن ۾ پهچڻ لڳو.“ جنهن بابت مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي ڪتاب ’تحفته الڪرام‘ ۾ لکي ٿو ته: ”چون ٿا ته ]انهن ڏينهن ۾[ احوال ستن ڏينهن ۾ پهچندو هو، حجاج تکا ڊوڙندڙ ماڻهو هڪ ٻئي جي ڪڍَ اهڙيءَ طرح ڊوڙئيندو هو، جو سنڌ کان بغداد تائين ]مفاصلو[ ستن ڏينهن ۾ طي ڪري، هڪ ٻئي کي روزانو خبرون پهچائيندا رهندا هئا.“[49]
    عباسي دور ۾ ٽپال جو ڪم ڪبوترن وسيلي به هلندو هيو جنهن بابت مولائي شيدائي’جنت السنڌ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”عربن جي ڏينهن ۾ ٽپال کاتو ”بُريد“ سڏبو هو، هر هڪ منزل تي ٻارهن ميلن کان پوءِ تيز رفتار گهوڙا حڪومت پاران مقرر هئا. صوبن جو احوال قاصدن ذريعي مرڪزي حڪومت کي ملندو هو. فتح سنڌ جو نقشو حجاج بن يوسف ئي رٿيو هو، محمد بن قاسم سندس احڪامن جي پيروي ڪندو رهيو. ان قسم جا احڪام وٽس ٽپال رستي پهچندا هئا. ٽپال کاتي جو وڏو عملدار ’صاحب بُريد‘ سڏبو هو. عباسي دور ۾ ٽپال جو ڪم ڪبوترن ذريعي به هلندو هو، ڪبوترن جو رواج معتصم جي زماني ۾ رائج ٿيو.“[50]
    عربن جي دورِ حڪومت ۾ ٽپال جو نظام ايترو ته تيز ٿي ويو هيو جو حڪومتي پيغام حجاج بن يوسف جا محمد بن قاسم ڏانهن موڪليل خط ٽن ڏهاڙن ۾ پهچي ويندا هيا. جيڪا ڳالهه هن دور ۾ حيرت جهڙي آهي. جنهن بابت بالبلاذُري پنهنجي ڪتاب ’فُتوحُ البلدَان‘ ۾ لکي ٿو ته: ”محمد بن قاسم جا خط حجاج بن يوسف ڏانهن ۽ حجاج جا خط محمد بن قاسم ڏانهن ٽن ڏينهن ۾ پهچي ويندا هيا.“[51]
    سنڌ تي سمن سومرن، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن واري دورِ حڪومت ۾، پيغام رسائي يعني - ٽپال- جو ڪم گهوڙيسوار قاصدن جي وسيلي هلندو هو. ابن بطوطا سمن جي صاحبيءَ ۾ جڏهن سنڌ آيو ۽ ان دور ۾ سنڌ جي ٽپال سرشتي بابت جيڪو احوال پنهنجي تاريخي سفر نامي ۾ لکيائين ان بابت مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب ’جنت السنڌ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”ابن بطوطا انهن ڏينهن ۾ ٽپال جي انتظام جي تعريف ڪري ٿو.سندس بيان موجب سيوهڻ کان ملتان ڏهن ڏينهن جو رستو هو، مگر بادشاهه کي خبرون فقط پنجن ڏينهن ۾ دهليءَ تائين پهچن ٿيون. گھوڙي سوار ٽپاليءَ کي ’اولاق‘ سڏين ٿا. ٽپالي چئن ڪوهن بعد گھوڙا بدلائين ٿا. پيادا ٽپالي هرڪار سڏجن ٿا. جيڪي في ميل چئن چوڪين تي بدلجن ٿا ٽپال جو کاتو ”بُريد“ سڏجي ٿو.“[52] مولائي شيدائي ٽپال جي حوالي سان جنت السنڌ ۾ اڳتي لکي ٿو ته: ”ٽپال جو انتظام ’هرڪاري‘ ذريعي هلندو هو. هر هڪ پرڳڻي ۽ شهر جو احوال ’واقع نويس‘ لکي دهليءَ کي پهچائيندا هئا. احمد آباد ۽ ٺٽو سڄي هندستان ۾ واپار ۽ صنعت جا مرڪز هئا. ٻنهي شهرن ۾ تجارتي سهوليت لاءِ هفتيوار ٽپال جو انتظام رکيل هو. ٺٽي کان ڀڄ، مانڊوي، گجرات، مارواڙي، پالي، جيسلمير ۽ آگري ڏانهن رستا ويندا هئا. سباسٽن مانرڪ ٺٽي کان آگري جيسلمير جي رستي کان پهتو هو. هڪڙو رستو ٺٽي کان ننگر پارڪر ويندو هو. هر هڪ تجارتي قافلي ۾ تقريباً پندرهن سئو اٺ مال کڻندا هئا. ’ترڪ جھانگيري‘ ۾ ٽپال جي ڪبوترن جو به ذڪر ڏنل آهي.“[53]
    انگريز سرڪار هن سرشتي ۾ تبديليون آڻي ان اداري کي جديد ۽ وسيع ڪري عوام لاءِ ڪافي سهوليتون پيدا ڪيون. جنهن بابت گل حسن ڪلمتي پنهنجي ڪتاب ’ڪراچي سنڌ جي مارئي‘ ۾ لکي ٿو ته: ”سنه 1850ع ۾ ٽپال جي نظام کي بهتر بڻايو ويو. پيادن ٽپالين جي جاءِ تي گھوڙن ۽ اٺن جو استعمال شروع ڪيو ويو. ٽپال ۾ اٺن جو استعمال ڪمشنر پرنگل جي دور ۾ شروع ڪيو ويو هو. پر اهو هڪ مهينو به نه هلي سگھيو. اپريل 1850ع تائين سنڌ جا ڪيترائي شهر ٽپال جي نظام سان ڳنڍ جي چڪا هئا. پوري سنڌ ۾ ٽپال جي نظام جي نگراني ڪراچي جو پوسٽ ماسٽر. ”مسٽر ايڊورڊ ڪافي“ (MR, EDWARD COFFEY) ڪندو هو.“[54] ٽپال جي سرشتي ۾ بهتري جي شروعات سنڌ جي پهرين ڪمشنر پرنگل جي دور کان ٿي.
    انگريز دور ۾ ٽپال جي نظام آيل جدت بابت ڪاڪو ڀيرومل پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جي هندن جي تاريخ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”انگريزن جي اچڻ کانپوءِ هند، سنڌ ۾ هن اداري ۾ ڪافي تبديليون آيون. هن اداري کي عوام جي مڪمل سهوليت خاطر جديد بڻائڻ لاءِ سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر هيئن ڪيو جو پنهنجون ٽپال جون ٽڪليون جوڙايائين. ان جي هڪ پاسي تير ۽ ٻئي پاسي تي ’سنڌ ڊسٽرڪٽ ڊاڪ‘ جو لفظ ڇپايائين. اهي ٽڪليون ٽن رنگن جون ڇپايائين، ۽ حڪم جاري ڪيائين، ته آئيندي جنهن به ماڻهوءَ کي خط پٽ موڪلڻو هجي، سو لفافي تي اهي ٽڪليون، وزن پٽاندر، اڳواٽ هڻي. ان وقت سنڌ ۾ ٽپال آفيسون تمام ٿورن هنڌ هونديون هيون ۽ هاڻو ڪي وانگر ٽپال جا دٻا ٿوري ٿوري مفاصلي تي ڪو نه هوندا هئا. انهيءَ سبب هي حڪم به جاري ڪيائين، ته جن هنڌ ڪا ٽپال آفيس نه هجي، تن هنڌ ماڻهو انهن ٽڪلين لڳل خط پوليس ٿاڻي تي، يا جيڪا به سرڪاري آفيس ماڻهن جي ويجھو هجي، تن ۾ پهچائين. پوليس جي ٿاڻيدارن ۽ ٻين سڀني عملدارن کي حڪم ڪيائين ته جيڪي خط پٽ توهان کي ملن، سي پنهنجن ماڻهن جي هٿان ويجھي ٽپال آفيس ۾ پهچائي ڏجو. ته هو پاڻهي واسطيدار ڌرين کي پهچائيندا. انهيءَ بندوبست سبب هر هڪ پوليس ٿاڻو ۽ هر هڪ سرڪاري آفيس ڄڻ ته ’ٽپال جو دٻو‘ ٿي پيئي. هندستان ۾ پهريون سنڌ جو پرڳڻو هو جنهن ۾ ٽپال جي ٽڪلين ڪم آڻڻ جو رواج جاري ٿيو. پوءِ اسٽامپ آڪٽ عمل ۾ آيو. ته سيپٽمبر 1854ع کان وٺي اهي ٽڪليون بند ٿي ويون. ۽ نيون ٽڪليون، ڪارڊ ۽ لفافا چالو ٿيا.“[55] هن اداري جي جدت ۽ نالي جي تبديليءَ بابت گل حسن ڪلمتي پنهنجي ڪتاب ’ڪراچي سنڌ جي مارئي‘ ۾ لکي ٿو ته: ”سنه 1854ع ۾ سنڌ جي ڊسٽرڪٽ ڊاڪ جو نظام ختم ڪري، سنڌ پوسٽ آفيس کي آل انڊيا پوسٽل نظام سان ڳنڍيو ويو. ريل ۽ سامونڊي جهازن جي ڪري هن ۾ تيزي اچي وئي.“[56] هن اداري جي نالي ۾ تبديلي ۽ بهتر نظام بابت انٽر نيٽ تان مليل معلومات موجب ته: ”پاڪستان جي جنم بعد هن اداري کي پوسٽ آفيس ايڪٽ نمبر (6) تحت 1898ع ۾ ٽيلي فون ۽ ٽيليگراف کاتي طور تبديل ڪري سندس واڳ مواصلات واري وزارت جي حوالي ڪئي وئي. پاڪستان پوسٽ آفيس، ٽيليفون ۽ ٽيليگراف کاتي ۾ تبديل ڪيو ويو.“[57] سنڌ ۾ هن اداري جي قيام مهل پهرين آفيس (ٽپال گھر) ڪراچي ان بعد ٻين وڏن شهرن حيدر آباد، سکر، شڪارپور، نواب شاهه ۽ ٻين شهرن ۾ کوليون ويون. نواب شاهه کانپوءِ نوشهرو فيروز، ڪنڊيارو ۽ محرابپور عمل ۾ آيا.
    محرابپور سنڌ جي ساهتي علائقي جو شروعات کان وٺي ڪاروباري شهر رهيو آهي. هتي پوسٽ آفيس، پاڪستان جي قيام کان ڪجھ ڏهاڙا پهرين، انگريز سرڪار جي ايام ڪاريءَ وارن آخري ڏهاڙن ۾ تقريبن 1946ع ڌاري قائم ٿي.
    هتي پوسٽ آفيس جو بنياد تقريبن 1945ع ۾ پيو جنهن کي سرڪاري بلڊنگ ۾ 1953ع ۾ منتقل ڪيو ويو. جنهن جي پهرين بلڊنگ اسٽيشن روڊ تي ڪاٽن فيڪٽري جي گيٽ ٻاهران ساڄي پاسي دوڪانن ۾ سنه 1954ع ڌاري قائم ڪئي وئي. ان بعد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومتي دور ۾ نئين سرڪاري بلڊنگ ۾ منتقل ٿي. سنه 1990ع واري ڏهاڪي ۾ ان ئي بلڊنگ جي پويان نئين تعمير ٿيل بلڊنگ ۾ منتقل ڪئي وئي جتي اڄ تائين قائم آهي. شروعاتي ڏهاڙن ۾ بلڊنگ نه هئڻ ڪري هن کاتي جو ڪم پهرين ملاحن جي اوطاق پوءِ نونارين جي امام بارگاهه ۾ هلايو ويو. 1954ع کان هن اداري جي معرفت محمد رمضان نوناري (ٽپالي)، اقبال نوناري، محمد بخش ملاح (پوسٽ ماستر) ۽ غلام حسين ملاح (ادا نجو) جون شهر واسين جي ڪيل خدمتن کي وساري نه ٿو سگھجي.
    محرابپور پوسٽ آفيس جون شاخون: ڪوٽڙي محمد ڪبير، ٽنڊو مير علي، ڳوٺ ملڪ باقي، ڳوٺ ملڪ علي خان، هيون. ان بعد ڳوٺ نِهان، ڳوٺ حافظ آباد وايا پير وسڻ، ڳوٺ محمد رمضان راڄپر، ڳوٺ شير محمد پنجابي، ڳوٺ صاحب خان جلالاڻي ۽ سيال آباد شامل آهن.
    ريلوي اسٽيشن
    محرابپور ريلوي اسٽيشن جو قيام حيدرآباد کان ملتان تائين ريلوي لائين وڇائڻ دوران عمل ۾ آيو. انگريز سرڪار پنهنجي راج ڌانيءَ ۾ پنهنجن ماڻهن ۽ سامان کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ آسانيءَ سان پهچائڻ ۽ رابطن جي سلسلي کي تيز رکڻ لاءِ ريلوي ٽريڪ جي ضرورت کي محسوس ڪيو؛ جنهن لاءِ سنڌ جي ٻئين ڪمشنر سر بارٽل فريئر ڪوششون وٺي هن منصوبي تي ڪم ڪندي پهرين ڪراچي ڪئنٽ اسٽيشن کان ڪياماڙي تائين ريلوي لائين وڇائي. پوءِ ڪراچي کان ڪوٽڙي جو ڪم شروع ٿيو.
    سنڌ ۾ ريلوي ريلوي ٽريڪ بابت گل حسن ڪلمتي پنهنجي ڪتاب ’ڪراچي سنڌ جي مارئي‘ ۾ لکي ٿو ته: ”بارٽل فريئر هن منصوبي جي پهرين مرحلي جي مڪمل ٿيڻ تي ان جو افتتاح پاڻ ڪري اتان ئي سنڌ کان موڪلائي بمبئي روانو ٿيو. جنوري 1859ع تي ريلوي ورڪشاپ جو ڪئنٽ اسٽيشن کان ڪياماڙي تائين ريلوي لائين وڇائڻ جو ڪم مڪمل ٿيو. ان جو افتتاح آڪٽوبر 1859ع تي ڪيائين. ان کان پوءِ ڪراچي کان ڪوٽڙيءَ تائين ريلوي لائين وڇائي وئي جنهن جو ڪم 13 مئي 1861ع ۾ مڪمل ٿيو. هن لائين جو انجنيئر جان برٽن هو. انهيءَ لائين کولڻ جي مهورت 13 مئي 1861ع تي ڪمشنر سنڌ مسٽر جان ڊنڪن انويريٽيءَ ڪئي“[58] سنڌوءَ مٿان پل نه هئڻ ڪري حيدر آباد کان روهڙيءَ تائين ريل جو ڪم رڪجي ويو، جنهن کي ٻئي سيشن ۾ مڪمل ڪيو ويو. جڏهن ڪوٽڙيءَ واري پل جڙي راس ٿي ته سفر جو سلسلو شروع ٿيو. جنهن بابت ڪاڪو ڀيرومل پنهنجي ڪتاب: ’سنڌ جي هندن جي تاريخ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”ڪوٽڙيءَ واري پل 25 مئي 1900ع جي کلي، حيدرآباد ۽ روهڙيءَ وارو ريل جو رستو سنه 1896ع جي آخر ڌاري جڙي راس ٿيو.“[59] ريلوي ٽريڪ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عوام کي سهوليت ڏيڻ خاطر سفر جي سلسلي کي شروع ڪرڻ جو انتظام هڪ پرڏيهي ڪمپنيءَ حوالي ڪيو ويو. جنهن بابت ڪلمتي ڪتاب ’ڪراچي سنڌ جي مارئي‘ ۾ لکي ٿو ته: ”هن ريل کي هلائڻ جو انتظام هڪ ڪمپني جي حوالي ڪيو ويو جنهن جا مختلف علائقن ۾ مختلف نالا هيا جنهن کي آخر ۾ ملائي ’پاڪستان ريلوي‘ جو نانءُ ڏنو ويو جنهن نالي، اداري هيٺ اڄ تائين هلي رهي آهي. اڳ ۾ سنڌ، پنجاب ۽ دهليءَ جون الڳ ريلوي ڪمپنيون هونديون هيون. 1870ع ۾ انهن ٽنهي ڪمپنين کي ملائي ’سنڌ پنجاب دهلي ريلوي ڪمپنيءَ‘ جو نالو ڏنو ويو. 1886ع ۾ حڪومت اترئين ۽ اولهه وارن علائقن جي سڀني ريلوي لائينن کي خريد ڪري ’نارٿ ويسٽرن ريلوي ڪمپني‘ جو نالو ڏنو. ان ڪمپنيءَ جي آخري اسٽيشن ڪراچي سٽي هئي.سنه 1961ع ۾ نارٿ ويسٽرن ريلوي کي ”پاڪستان ويسٽرن ريلوي“ ۽ 1974ع ۾’پاڪستان ريلوي‘ جو نالو ڏنو ويو“.[60]
    محرابپور اسٽيشن کي سنه 1922ع ۾ ”جنڪشن“ جو درجو مليو، جيڪو سنه 1983ع تائين قائم رهيو. جنهن کي ميان محمد نواز شريف (وزيراعظم) پنهنجي پهرين حڪومتي دور 1993ع ۾ بند ڪري، اسٽيشن جي آمدني ۽ شهر جي ڪاروبار کي نقصان ڏئي، علائقي جي ماڻهن کي سفري سهوليتن کان محروم ڪري ڇڏيو.
    ريلوي لائين هن شهر کي جتي ٻين شهرن سان ڳنڍي وڻج واپار، رابطا قائم رکڻ ۽ سفري سهوليتن جو فائدو ڏئي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪيو، اتي هند، سنڌ جي ورهاڱي بعد پناهه گيرن جي لوڌن کي لاهي آباديءَ ۾ اضافو آندو جيڪا ڳالهه معاهدي ۾ طع نه هئي. اهڙي ڳالهه تازو ئي ناليواري تاريخدان ڊاڪٽر حميدا کهڙو ڪراچي ۾ ٿيل هڪ پروگرام ۾ پنهنجي تقرير ۾ چئي ته: ”ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت لڏ پلاڻ شامل نه هئي، نه وري ڌرين ۾ ڪو اهڙي نوعيت جو ٺاهه ٿيو.“[61] وڌندڙ آباديءَ سبب مقامي ماڻهن کي بيروزگاريءَ جو بار کڻڻو پيو. هتي جي مقامي ماڻهن جن مهمان مسلمان ڀائرن کي عزت ڏئي آباد ڪيو. تن اڳتي هلي سندن وسيلن کي والاري ورتو.
    محرابپور ۾ صحافي گھنشام داس اُڌلاڻيءَ پاران پاڪستان پيپلز پارٽي جو يونٽ قائم ڪرڻ کانپوءِ، مقامي ماڻهن کي بنيادي حق حاصل ڪرڻ جي سمجھ ۽ سگھ ملي ته انهن سوچ جو رخ تبديل ڪيو. ان کان ڪجھ وقت اڳ هتي سياسي حوالي سان ’ون يونٽ‘ تحريڪ به قومي، سياسي سمجھ جي چڻنگ ٻاري چڪي هئي جنهن هتان جي نوجوانن کي سنڌ جي حقن ۽ دنگن خاطر سجاڳ ڪيو. پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيام انهن جي جذبن کي جاکوڙي جوت بخشي؛ جن اقتدار جي ديويءَ کي اميرن جي اوطاقن تان کڻي غريبن جي جُھڳين ۾ آندو.
    محرابپور ۾ محبت ۽ ڀائيچاري جو وڏو رنگ رهيو آهي. هتي جو مذهبي ماحول شروع کان وٺي گڏيل، امن، محبت ۽ پيار ڀريو رهيو آهي. هتي مسجدون، مندر، مئخانه ۽ موالين جا مُقامَ آباد آهن. هتي اڄ به درگاهن تي صبح و شام، دهل تي قلندري ڌمال وڄندي آهي. جنهن سلسلي کي درگاهه بابا مريد علي شاهه جي درٻار ۾ مست ملنگ ۽ ٻارڙا قائم رکيو اچن ٿا. درگاهه تي اهڙي حاضري، پهرين سومر فقير مڱڻهار ڏيندو هيو ان بعد فقير غلام حسين (گُلو) مڱڻهار، فقير مراتب علي مڱڻهار ۽ فقير آصف علي مڱڻهار جن ڏيندا اچن ٿا.
    قديم زماني کان وٺي محرم الحرام ۾ نڪرندڙ تعزين جي ماتمي جلوسن ۾ سڀني مذهبن ۽ مڪتب جا ماڻهو شامل هوندا آهن. جيڪي هر مسئلي ۾ هڪ ٻئي سان گڏ هوندا آهن. اڄ به اهلِ سنت ول جماعت جي جلسن ۽ مولود شريف جي محفلن ۾ شهر جا جمله مومنين شرڪت ڪندا آهن. محرابپور جي مسجدن، مدرسن، اوتارن ۽ امام بارگاهن ۾ امن ۽ انسانيت جي پيغام جي پرچار ٿيندي آهي. هتان جي باشعور عوام کي اها ڀلي ڀت ڄاڻ آهي ته: حضرت امام حسين عليه السلام مُحسنِ انسانيت ۽ سندن نانو رسول اڪرم ﷺ جن عالمين لاءِ رحمت آهن. جن جي ڏنل انسانيت واري عظيم پيغام کي زندگيءَ جو اصول بنائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
    محرابپور جي ماڻهن جو مزاج مجموعي طور تي سنڌ جهڙو صوفياڻو ۽ ملنگاڻو رهيو آهي. هتان جي ماحول کي امن ۽ محبت ڀريو رکڻ لاءِ هتي، محبتِ اهلبيت جا بنياد رکيا ويا. هن شهر جي مذهبي سڃاڻپ مذهبِ انسانيت آهي. جنهن جا هي سالن کان پرچارڪ پئي رهيا آهن. محرابپور ۾ مڪتبِ اهلبيت ۽ عزاداري اهلبيت جي بنياد رکڻ جو مقصد، ماڻهن کي محسنِ انسانيت جو ’خدا جي ڌرتيءَ تي خدا جو نظام نافظ ڪرڻ‘ ۽ ظالم جي ظلم خلاف آواز بلند ڪرڻ وارو پيغام پهچائڻ هيو. جيڪو پيغام هن شهر مان ساهتيءَ کانپوءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين ذڪرِ آلِ محمد صه ۽ عزاداريءَ جي معرفت پهچندو رهي ٿو. عزاداري امام حسين عه سان ئي دنيا ۾ امن ۽ انسانيت جي بقا آهي. نمازي ۽ قرآن جا قاري ته ڪربلا ۾ به، لشڪرِ يزيد ۾ سَوَنِ جي تعداد ۾ موجود هيا. جيڪي امن، محبت ۽ انسانيت جا قاتل هيا. جتي عزادار هوندو اتي امن، محبت ۽ انسانيت پرچم بلند هوندو.
    حسين گر نا شهيد هوتا، تو آج گھر گھر يزيد هوتا
    يزيديت ڪي اصول هوتي، نماز روزا فضول هوتا.


    باب ٽيون

    سنڌ ۾ اسلام جي پکيڙ ۽ معرفتِ اهلبيت جي شروعات

    لفظ اسلام بابت مولانا جلال الدين دواني پنهنجي قادر الڪلاميءَ سان دعوى ٿو ڪري ته: ”لفظ ’اسلام‘ بحساب بينه، حضور پر نور حضرت ”محمد“ ﷺ جن جي نالي جي هم عدد آهي. اهڙي طرح لفظ ”ايمان“ پڻ بحساب بينه حضرت علي جن جي نالي جي هم عدد آهي.

    رباعي
    خـورشيـد کمال است نبي ماه ولي،
    اسـلام مـحمد اسـت و ايمـان عـلي،
    گر بينتي _ برين سخن مي طلبي،
    بنگـر کـز بـينات اسمـا اسـت جـلـي.“[62]
    سنڌ ۾ اسلام جي پکيڙ ۽ ’باب الاسلام‘ بڻجڻ بابت محقق محمد سومار شيخ پنهنجي ڪتاب:’ڪَڇ جو رڻ، تاريخ جي روشنيءَ ۾‘ هڪ هنڌ هيئن لکي ٿو ته: ”سنڌ جنهن کي باب الاسلام ڪري چئبو آهي، سا باب الاسلام تڏهن ٿي، جڏهن راجا ڏاهر راوڙ ۾ مئو ۽ اسلام فاتحاڻي انداز سان راوڙ جي فتح کانپوءِ سنڌ ۾ داخل ٿيو.“[63]
    اها کليل حقيقت آهي ته، سنڌ ۾ اسلام ۽ معرفتِ اهلبيت جي آمد حضور اڪرم ﷺ جن جي زماني، عهدِ رسالت کان ٿي، ۽ ان جي پکيڙ حضرت علي عليه السلام جن جي دورِ حڪومت کان ٿي. اسلام جي آمد کانپوءِ سنڌ تي ’خشڪيءَ رستي‘ ڪيل اسلام جي پهرين فتح مولا علي عليه السلام جي دور حڪومت ۾ ٿي؛ جيڪا مڪران کان ڪوهه پايه سيستان ۽ ملتان جي وچ تي سنڌ جي سرحد پهاڙ قيقان تائين پهتي. هن جنگ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن اسلام قبول ڪيو. اهو پهاڙ سنڌ جي سرحد وٽ سيستان ۽ ملتان جي وچ ۾ واقع آهي. فاتح قيقان حارث بن مُرة العبديءَ بابت بالبلاذُري پنهنجي ’فتُوحُ البُلدَان‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ” آخر سنه 38 هجري يا اول سنه 39هجري ۾ حارث بن مُرة العبدي علي ابن ابي طالب جي اجازت سان بحيثيت اُڀاريل سرحد هند تي حملو ڪيو، فتح ياب ٿيو، وڏي تعداد ۾ مال غنيمت هٿ آيس، صرف غلام ئي ايترا هيا جو هڪ ڏينهن ۾ هزار غلام تقسيم ڪيا ويا.“[64] سنڌ جي پهرين عرب فاتح حارث بن مُرة العبديءَ بابت ميرزا امام علي بيگ افسر پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جي عزاداريءَ‘ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”سنڌ جو پهريون فاتح حارث بن مُرة العبدي جنابِ امير حضرت علي عليه السلام جو موالي ۽ شيعه هو.“[65]
    فتوح البلدان جي ليکڪ بلاذري جنهن جو انتقال 279هه 892/3ع ڌاري ٿيو. حامد خانائي موجب: ’بلاذري‘ (نشيدار شي) جو عادتي هو. هن پنهنجي ڪتاب ۾ عربي فتوحات جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ شام، عراق، مصر، ايران، آرمينا، ماورالنهر، آفريڪا اسپين ۽ سنڌ جون فتوحات شامل آهن“.[66] قيقان بابت بالبلاذُري ڪتاب ’فُتوحُ البلدَان‘ ۾ لکي ٿو ته: ”قيقان ملڪ سنڌ جي انهن شهرن مان آهي جيڪو خراسان سان ڳنڍيل آهي.“[67]
    سنڌ ۾ اسلام جي آمد ۽ محبتِ اهلبيت جي تعارف بابت ڊاڪٽر ميرزا امام علي بيگ افسر پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جي عزاداري‘ ۾ لکي ٿو ته: ”عرب جا برصغير هندستان سان 800 سال قبل مسيح کان تجارتي تعلقات قائم هئا. جڏهن عرب ۾ نورِ اسلام پکڙيو ته عرب ۽ هند جا اِهي پراڻا تعلقات قائم رهيا ۽ مسلمان ملاحن ۽ تاجرن پنهنجي پيشروئن جو ڪم برقرار رکيو ۽ پنهنجون ٻيڙيون ۽ جهاز وٺي عرب کان هندستان ۽ لنڪا جي ساحلن تي ايندا ويندا رهيا.
    اهڙيءَ طرح سنڌ سان عرب جا تجارتي رابطا گھڻو پراڻا آهن. اسلام آيو ته سنڌ جي رياستن کي ان جي خبر هئي. مسلمان فاتحن جو نظامِ حڪومت ۽ ڪاروبار، شريعت محمدي ﷺ تي مَبني هو. فاتحن نه رڳو ملڪ فتح ڪيو پر پنهنجي مذهب، صنعت ۽ زبان کي پڻ هن ملڪ ۾ وسعت ڏياري. فاتح جي قدم رکڻ سان سنڌ برصغير هند جو ’باب الاسلام‘ بنجي ويو. سنڌ ۾ شيعه مذهب جي تبليغ ۽ ان جي رابطن جو هڪ وڏو داستان آهي. مختصر اِهو ته سنڌ جي سرزمين سان شيعت جو تعارف جنابِ اميرالمومنين علي ابن ابي طالب عليه السلام جي خلافت واري دور ۾ ٿي چڪو هو.“[68] سنڌ سان سادات جو سُٻنڌ صدين کان قائم آهي. جنهن جي گواهي تاريخ جي ڪتابن جو ورق ورق ڏئي رهيو آهي. زوار عبدالستار درس تاريخ جي موضوع تي پنهنجي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”سنڌ کي اسلام جي نُورَ عهدِ رسالت ﷺ ۾ ئي منور ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو.“[69] سنڌ ۾ پهرين اسلامي حڪومت قائم ٿيڻ بابت زوار عبدالستار درس تاريخ جا حوالا ڏيندي لکي ٿو ته:’تاريخ سنڌ‘ دارالمصنفين اعظم ڳڙهه ۾ علامه ابوالظفر الندوي لکي ٿو ته 39 هجريءَ ۾ حضرت علي عه حارث بن مرة العبديءَ کي سنڌ تي قبضو ڪرڻ لاءِ آماڻيو ۽ ان ئي سال سنڌ فتح ٿي وئي. اهو حضرت علي ابن ابي طالَب عه جو ڪارنامو هو جو سندس هٿان سنڌ فتح ٿي ۽ هتي پهرين اسلامي حڪومت سندن ڪوششن سان قائم ٿي.“[70] سنڌ جي ماڻهن جي اهلبيت سان عقيدت ۽ احترام بابت محمد سومار شيخ پنهنجي ڪتاب: ’لاڙ جا ماڳ مڪان‘ ۾ هڪ هنڌ ’مجمع البحرين‘ جي حوالي سان هيئن لکيو آهي ته: ”مجمع البحرين ۾ ذڪر اچي ٿو ته: ’وفي حديث انه الحافرغ من قتال اهل البصرة اتاه سبعون رجلاً من الزُ وڪلموه بلسا نهم فقالو العنهم الله بل انت.
    ]حضرت علي رضه جن جڏهن اهلِ بصره کان جنگ مان فارغ ٿيا ته سندن خدمت ۾ هڪ جماعت حاضر ٿي. هنن پنهنجي مادري ٻوليءَ (سنڌي) ۾ چيو الله انهن (اهل بصره) تي لعنت ڪري. ڪو ٻيو نه بلڪ اهي جت هئا.[“[71]
    حضرت علي عليه السلام جي دورِ حڪومت تائين سنڌ ۾ اسلامي حڪومت جا انتظام مظبوط هٿن ۾ هئڻ ڪري بهتر رهيا. جنهن بابت مولائي شيدائي ڪتاب: ’جنت السنڌ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”سنه 39 هه (سنه 659ع) تائين حارث بن عبديءَ حضرت علي مرتظى جي حڪم سان، سرحد جو ڪاميابيءَ سان انتظام رکيو.“[72] حضرت علي عليه السلام جي دورِ حڪومت کانپوءِ ڪرمان ۽ قيقان ۾ اڳيان حالات نه رهيا. انتظام ڪمزور هئڻ ڪري فساد شروع ٿيا. جنهن بابت مولائي شيدائي’جنت السنڌ‘ ۾لکي ٿو ته: ”سنه 44 هه (664ع) ۾ معاويه بن ابو سفيان جي دمشق جي تخت تي ويهڻ وقت، سيستان، ڪرمان ۽ قيقان ۾ فساد ٿيا.“[73] سنڌ ۾ اسلام جي آمد ۽ ان جي تعارف بابت منظور ڪوهياري ڪتاب:’ٻُڌ مت‘ ۾ پنهنجي مهاڳ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”عربن جي اچڻ کانپوءِ پهريائين اسماعيلي بزرگن اسلام کي سنڌ اندر متعارف ڪرايو. انهن کي ڪنهن حد تائين ڪاميابي ٿي.“[74] هڪ گڏجاڻيءَ ۾ بيدار جعفريءَ مونکي لاڙ جي عزاداريءَ جي حوالي سان ٻڌايو هو ته: ”سنڌ ۾ جڏهن سومرن جي حڪومت هئي ۽ اهي سمورا ”سومرا “ شيعه اسماعيل فرقي سان تعلق رکندڙ هئا، ان وقت به انهن جا قديم پِڙَ ذڪرِ حسين عه ۽ مرثيا خوانيءَ جا مرڪز رهيا آهن.“
    سنڌ ۾ اسلام جي آمد کي محمد بن قاسم سان منسوب ڪيو ويو آهي. جنهن کي سنڌ جي ميانه روي رکندڙ عالمن ۽ مفڪرن رد ڪيو آهي. انهيءَ ڳالهه بابت ۽ سنڌ مان لڏي مديني ۽ مڪي شريف آباد ٿيندڙ سنڌي واپارين پاران دنيا جي ٻين ملڪن ۾ اسلام جو پيغام پکيڙڻ بابت سنڌي ٻوليءَ جي کَري دانشور محترم محمد عثمان ڏيپلائي پنهنجي شايع ٿيل ڪتابي سلسلي 129هين، ڪتاب ’شيخ المشائخ‘ ۾ ڏيپلائي سائين جي ايم سيد، تي تنقيد ڪندڙ هڪ سرهندي پيرَ جي سنڌ ۾ محمد بن قاسم پاران اسلام آڻڻ واري ڳالهه کي سندس ئي ڪتاب جي حوالي سان رَدُ ڏيندي لکي ٿو ته: ”سنڌ ۾ اسلام ته خود رسول اڪرم ﷺ جي وقت کان ئي اچي چڪو هو، جيڪو راءِ سهاسي وٽ صحابي سڳورا رضي الله عنهم پهچي چڪا هوا، پاڻ کين حضور جن لاءِ تحفا به ڏنا هوائون ۽ ان بعد جناب محمد بن علافي پنهنجي پنج سو کن ماڻهن سميت پهچي ويو هو ۽ راجا ڏاهر وٽ ايڏو مرتبو رکيائين ٿي، جو هن سڪي جي پويان سندس نالو لکايو هو، خود حضرت جن کي به سنڌ مان ٿڌي هير آئي هئي. پاڻ خود ئي لکيو اٿس ته حضرت خواجه معين الدين اجميريءَ رحه ’ڪروڙين‘ ماڻهو مسلمان ڪيا، اتي ته ابن قاسم ڪو نه پهتو هو، هي ٻيا جيڪي جاوا سماترا طرف مسلمان آهن، سي به ڪي مسلمان فاتحن مسلمان بنايا هوا ڇا؟
    ڪنهن شاعر صحيح فرمايو آهي ته:
    غلط ڪهتي هين ڦيلا دين احمد تيخ و خنجر سي،
    هُوا مقبول عام اسلام اخلاق پيغمبر ص سي.
    عرب ۽ سنڌ جا پاڻ ۾ تعلقات ايترا جھونا آهن، جو هينئر به مدينه شريف ۽ مڪه شريف ۾ اهڙا عرب موجود آهن، جن کي اگر چه سنڌي ٻولي ڪانه ٿي اچي، پر هو چوندا آهن ته اسين اٽڪل ٻن هزارن ورهين کان سنڌ مان هتي اچي آباد ٿيا آهيون. اهڙيءَ ئي ساڳيءَ طرح عرب واپاري ڏکڻ هندستان، لنڪا، جاوا، ساترا وغيره ۾ پکڙيل هوا ۽ جتي به هوندا هئا، اسلام پيا پکيڙيندا هئا.“ [75]
    سنڌ ۾ محمد بن قاسم جي آمد ۽ ديبل بندر جي حوالي سان سيد طاهر محمد نسياني ٺٽوي پنهنجي ڪتاب: ’تاريخ طاهري‘ ۾ لکي ٿو ته: ”ديبل بندر سنڌ جو آڳاٽو بندر هو، سنه 93 هجري ۾ ڌارين مان سڀ کان اول محمد بن قاسم قبضي هيٺ آندو.“[76] سنڌ تي محمد بن قاسم جي حملي جو سبب اسلام جي پکيڙ نه، پر بغضِ اهلبيت هيو. جنهن بابت جناب جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ’سنڌوءَ جي ساڃاههَ‘ ۾ هڪ هنڌ هئين لکيو آهي ته: ”بني اُميه سامراج جي مخالف، ۽ حضرت امام حسين جي هڪ طرفدار عرب سردار محمد بن علافيءَ ڀڄي اچي سنڌ ۾ پناهه ورتي هئي ان کي موٽائي موڪلڻ کان راجا انڪار ڪيو هو. ان ڪري مجبور ٿي، سزا ڏيڻ لاءِ هي حملو ڪيو ويو.[77] انهيءَ ڳالهه بابت جنرل هيگ پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جو ڇوڙ وارو علائقو‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”تاريخ ۾ اسانکي بديل جو ذڪر ملي ٿو، جنهن کي فوج ڏئي سنڌ جي فتح لاءِ موڪليو ويو هو. هن جي مقابلي لاءِ راجا ڏاهر پنهنجي پٽ جئسينه کي چار هزار لشڪر ڏئي ديبل موڪليو. ٻنهي ڌرين جي جھونجھارن جو جھيڙو لڳو. جنهن ۾ بديل مارجي ويو ۽ سندس لشڪر کي شڪست آئي. هن جي مارجي وڃڻ کانپوءِ محمد بن قاسم کي روانو ڪيو ويو. جيڪو ديبل جي سامهون اچي منزل انداز ٿيو. ان زماني ۾ محمد علافي راجا ڏاهر جي درٻار ۾ اثر رسوخ حاصل ڪري چڪو هو.“[78]
    سنڌ جي فتح بابت خداداد خان پنهنجي ڪتاب’لُبِ تاريخ ۾ لکي ٿو ته: ”سنڌ جي ڪن تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو ته مڪران ۽ ڪرمان خلفاءَ راشدين (رضوان الله تعالى عليهم اجمعين) جي خلافت جي زماني ۾ سندن قبضي ۾ اچي ويا هئا ۽ سندن ئي زماني ۾ ديبل بندر (ٺٽي) تي ڪاهه ڪئي وئي هئي، ۽ حالات معلوم ڪرڻ لاءِ ماڻهو به موڪليا ويا هئا.“[79] مٿين تاريخي حوالن مان ثابت ٿئي ٿو ته، سنڌ ۾ اسلام جي آمد محمد بن قاسم کان اڳ ٿي آهي ۽ سنڌ ۾ سندس آمد مان اسلام جو ’امن ۽ سلامتيءَ‘ وارو پيغام پکيڙڻ وارو عمل واضع نه ٿو ڏسجي.
    سنڌ تي مولا علي عليه السلام جي دورِ حڪومت ۾ حاصل ڪيل پهرين ڪاميابيءَ بابت مولانا عبدالحليم ”شرر“ پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جي تاريخ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”ان عهد ۾ سنڌ تي هڪ مستقل ۽ سخت حملو ڪيو ۽ هيءُ ئي پهريون حملو آهي جيڪو خشڪيءَ رستي خاص سنڌ جي سرزمين تي ٿيو. ۽ در اصل هي هڪ اهڙو واقعو آهي جو حضرت علي رضه جي زماني جي ان کوٽ کي بلڪل پورو ڪري ڇڏي ٿو ته سندس عهد ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ تي جهاد نه ٿيو. هي حملو اهڙي طريقي ٿيو جو تغار بن ضعير هند جي حدن تي فوج چاڙهڻ لاءِ مقررڪيو ويو ان سان گڏ نامور ۽ شريف عربن جي هڪ چونڊ ۽ ڪم جي جماعت گڏ هئي جنهن ۾ حارث بن مرة عبدي به هو. حارث ڏاڍو تجربيڪار ۽ مک ماڻهن مان هو، انهيءَ فوج پنهنجو ضروري سامان گڏ ڪري سنه 38 هجريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ بهرج ۽ ڪوهه پايا جي رستي هندستان طرف ڪوچ ڪيو. ڪاميابيءَ جو جھنڊو جھولائيندا وڃي ڪوهستان قيقان تي حملو ڪيائون. هتي دشمنن سان هڪ سخت مقابلي جي نوبت پيدا ٿي ڇو ته تقريباً ويهه هزار قيقاني ڪوهستانين جي فوج ساڻن مهاڏو اٽڪايو جنهن سڀني گھاٽن ۽ رستن کي روڪي ڇڏيو. عربن پنهنجي حملي ۾ اهڙي زور سان الله اڪبر جا نعرا بلند ڪيا جو هي غير معمولي ۽ هيبتناڪ آواز جبلن ۾ گونجڻ لڳا ۽ قيقان جا ڪليجا ويهي رهيا. ڪجھ ته گھٻرائجي مسلمانن وٽ هلي آيا ۽ مسلمان ٿيا ۽ باقي بچيل ماڻهن فرار جي واٽ ورتي. اهڙي طرح مسلمانن ڇانئجڻ کان پوءِ کين چڱي نموني ماري مڃايو. بامُراد ۽ ڪامياب واپس آيا. هندي رعيت مان ماڻهن کي انهن ايتري گھڻائيءَ سان گرفتار ڪيو جو چون ٿا ته هڪ ڏينهن ۾ هڪ هزار ٻانهيون ٻانها پنهنجن دوستن ۽ سپاهين ۾ ورهايائون. ان ڪاميابيءَ اهڙو حوصلو وڌايو جو حارث بن مرة عبدي وري حملو ڪيو ۽ ان حملي ۾ قسمت کيس واپس اچڻ جي لاءِ نه پر هند جي مٽي جي حوالي ڪرڻ جي لاءِ ثابت ٿي. ٻئي حملي ۾ جڏهن هو ڪيڪان جي شهر تي حملي آور ٿيو تڏهن خبر آئي ته امير المومنين حضرت علي رضه شهادت جو شربت پيتو.“[80] مولا علي عه جي دور حڪومت ۾ سنڌ تي حملي جي حوالي سان ڊاڪٽر امام علي بيگ لکي ٿو ته: ”حضرت علي عليه السلام مڪران کان سنڌ ۾ قيقان ۾ فوجي ڪاميابيون حاصل ڪيون. سندن دور ۾ سنڌ تي هڪ مستقل ۽ سخت حملو ڪيو ويو ۽ اهو ئي پهريون حملو آهي جيڪو خشڪي جي رستي خاص سرزمينِ سنڌ تي ٿيو هو ۽ در اصل اهو هڪڙو اهڙو واقعو آهي جيڪو جناب امير المومنين حضرت علي عه جي زماني ۾ ان ڪمي کي بلڪل دور ڪري ٿو ڇڏي، جو سندن عهد ۾ ڪنهن غير ملڪ تي جهاد نه ٿيو.“[81] ناميارو ليکڪ زوار عبدالستار درس تاريخ جي موضوع تي ڇپايل پنهنجي ڪتاب ’سنڌ ۾ اسلام ۽ آلِ رسول جي آمد‘ جي شروعات واري عنوان ’سنڌ ۾ اسلام جي نُور جي روشنيءَ جو ڦهلجڻ‘ تي تاريخي ڪتابن جي حوالي سان هئين لکي ٿو ته: ”تاريخ جي ورق گرداني ڪري مٿي تحرير ڪيل تاريخي واقعن ۾ ’سنڌ ۾ اسلام جي آمد‘ بابت ڪي اختلاف ضرور آهن پر مٿيون تاريخي حقيقتون اهو ثابت ڪن ٿيون ته سنڌ ۾ اسلام عهدِ رسالت ﷺ کان وٺي حضرت علي عه جي خلافت واري دور تائين پکڙ جي چڪو هو. جنهن کان ڪنهن به صورت ۾ انڪار نه ٿو ڪري سگھجي.“[82]
    مولا علي عليه السلام جي دورِ حڪومت ۾ سنڌ تي اسلام جي پهرين فتح بابت سنڌ جو ناميارو تاريخدان مير علي شير قانع پنهنجي تصنيف ڪيل تاريخي ڪتاب ’تحفته الڪرام‘ ۾ لکي ٿو ته: ”اميرالمومنين علي ]ابن ابي طالب[ رضي الله تعالى عنه.“[83] جي خلافت جي وقت ۾ هڪ لشڪر مڪران کان لنگھي، ڪاميابيءَ ۽ فتحمنديءَ سان وڃي ’ڪوه پايه‘ ۽ ’ڪيڪانان‘ وٽ پهتو، جا سنڌ جي حد آهي. ويهه هزار جابلو ماڻهو سندن جنگ لاءِ دڳ جھلي بيٺا. اسلام جو لشڪر تڪبير هڻي اڳتي وڌيو. تڪبير جي غلغلي کان، ڪن ڊڄي اچي امان ورتي، ۽ باقي ڀڄي ويا _ انهيءَ وقت کان وٺي، جنگ جي ڏينهن ۾، انهيءَ جبل مان تڪبير جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي.“[84]
    سنڌ صدين کان زراعت جي حوالي کان زرخيز زمين پئي رهي آهي. سنڌ جا واپاري لاڳاپا ديبل بندر وسيلي عرب ۽ هند سان رهيا جتي هتان جا وکر خوشبوءَ ۽ مسالا وغيره ويندا هيا. سنڌ واپارين جي اهڙي وسيلي سان عرب ۽ هند جي هر سياسي، سماجي ۽ مذهبي سماچار کان واقف رهي. جڏهن عرب جي سرزمين تي اسلام جو اعلان ٿيو ته هڪ ڏهاڙي اها خبر، به، سنڌ جي رياستن تائين پهتي. جنهن بابت ڊاڪٽر امام علي بيگ پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جي عزاداري‘ ۾ لکي ٿو ته: ”هڪ مڃيل حديث ۾ حضرت محمد بن علي بن ابي طالب کان روايت آهي ته: ”رسول الله جن فرمايو ته: هڪ ئي ڏينهن ۾’سنڌ ۽ آفريڪا‘ مان مون وٽ ٻه وفد پهتا جن رضا ۽ خوشيءَ سان اسلام ۽ فرمانبرداري قبول ڪئي.“ سنڌ بابت هڪ ٻي روايت آهي ته: ”رسول خدا ﷺ جن پنهنجن پنجن اصحابن کي خط ڏئي سنڌين ڏانهن موڪليو. جڏهن اهي سنڌ ۾ نيرون ڪوٽ قلعي (حيدرآباد) ۾ پهتا ته اتي جي ڪن ماڻهن اسلام آندو، ان کانپوءِ ٻه اصحابي سنڌ ۾ رهي پيا. انهن جي تبليغ سان ڪيترن سنڌين اسلام کي قبول ڪيو. ۽ ايهي سنڌين کي اسلام جا احڪام ٻڌائيندا رهيا. ۽ اتي ئي سنڌ ۾ وفات ڪيائون. جن جون قبرون اڃا تائين اتي موجود آهن.“[85]
    سنڌ جي سرزمين تي صدين کان سادات جي ڇانوَ پئي رهي آهي. هن سرزمين کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هتي اسلام جو پيغام رسول خدا ﷺ جي دور ۾ پهتو ۽ ان جي پکيڙ جو سلسلو حضرت علي عه جي دورِ حڪومت ۾ شروع ٿيو. ۽ سنڌ برِ صغير هند جو ”باب الاسلام“ بنجي ويو. سنڌ جي نالي کي به هڪ شرف حاصل آهي. مير علي شير قانع ٺٽوي ڪتاب:’تحفته الڪرام‘ جي پهرين ڇاپي جي مقدمي ۾ سنڌ جي نالي بابت لکي ٿو ته: ”ملڪ،’سنڌ‘ تي اهو نالو ’حام‘ بن نوح عليه السلام جي پُٽ، ’هند‘ جي ڀاءُ ’سند‘ جي نالي پٺيان پيل آهي. هيءُ، سڄيءَ زمين جي ايڪهٺ ملڪن مان ٽيتاليهين ملڪ جو نالو آهي. پهرين اقليم (ولايت) سندس اتر کان، ۽ ٻي ولايت سندس وچان لنگھي ٿي. هي ملڪ پهرين، ٻي، ٽين، چوٿين ۽ پنجينءَ ولايت ۾ مشترڪ آهي“.[86]
    سنڌ جي سرزمين تي محبتِ اهلبيت جي پکيڙ جنابِ امير المومنين حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام جي خلافت واري دور ۾ ٿي. جنهن بابت تاريخي حوالي سان ڊاڪٽر امام علي بيگ لکي ٿو ته: ”سنه 38 هه ۽ 39 هه جي وچ ۾ حضرت علي عليه السلام جي فوجي آفيسر پنهنجي امام جو تذڪرو ڪيو. اهڙي طرح علوي دور ۾ قلات، مڪران، ڪابل ۽ سنڌ ۾ سندن شيعا پُهتا. افغانستان جي ڪن علائقن ۾ سندن طرفدار ۽ خاندانِ آلِ شنسب حڪمران ٿيو. سنه 39 هه جي اوائل ۾ سنڌ، حضرت علي عليه السلام جي اقتدار هيٺ اچي چڪي هئي.“[87] محقق نظير حيات سيوهاڻي پنهنجي ڪتاب’سيوهڻ جي قديم عزاداريءَ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”سنڌ ۽ بلوچستان جي علائقي جي آل شنسب قبيلي جو هڪ غير مسلم سردار حضرت علي عه جي خلافت واري دور ۾ ڪوفي ۾ اچي حضرت علي عه سان ملاقات ڪري مسلمان ٿيو ۽ سندس صحبت ۾ فيض حاصل ڪيائين. حضرت علي عه کيس سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ پنهنجو نمائيندو مقرر ڪيو ۽ کيس هڪ علم پاڪ، نغارو ۽ پروانو لکي هدايت ڪئي ته پنهنجي علائقي ۾ وڃي اسلامي رياست جو بنياد وجھي. ان سردار ان علم پاڪ کي پنهنجي تخت تي نصب ڪيو. گمان آهي ته ان سردار پنهنجي اسلامي حڪومت جو صدر مقام سيوستان کي بنايو هو. حضرت قلندر لعل شهباز جڏهن سيوهڻ ۾ آيو ته ان پنهنجي مولا جي ان نشاني کي هت اچي حاصل ڪيو ۽ پاڻ سان گڏ رکيو ۽ پاڻ سيوهڻ ۾ رهڻ جو فيصلو به ان علم پاڪ جي حاصل ڪرڻ ۽ سيوهڻ ۾ ان وقت جي انڌير ۽ ظلم کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيائين.[88] تاج صحرائيءَ جي لکت مطابق ”اهو علم پاڪ قلندر شهباز جي روضي ۾ اندر اتر _ اوڀر واري ڪنڊ تي رکيل هوندو آهي.“[89] جنهن کي سيوهڻ جا عزادار”گجگاهه“ جي نالي سان سڏين ٿا. جيڪو محرم الحرام جي جلوسن ۽ ٻين موقعن تي نڪرندو آهي. ان عَلم پاڪ جي نالي نسبت ۽ خاص موقعن تي نڪرڻ بابت تاج صحرائي’ٽِماهي مهراڻ‘۾لکيل پنهنجي شهڪار مقالي:’سيوهڻ شهر ۾ قضيه ڪربلا جي ياد‘ جي آخر ۾ لکي ٿو ته: ”گجگاهه اصل ۾ هڪ وڏي شاهي عَلم جو نالو آهي، جنهن عَلم کي حضرت سيد عثمان قلندر رح سان قريبي ۽ قرب ڀري نسبت آهي. اهو عَلم قلندر جي روضي ۾ اندر، اتر _ اوڀر واري ڪنڊ ۾ رکيل هوندو آهي ۽ لعل سائينءَ جا پانڌيئڙا ان کي چمندا رهندا آهن.“[90]
    مٿين تاريخي حوالن جي آڌار تي اهو چئي سگھجي ٿو ته: سنڌ ۾ اسلام ۽ محبتِ اهلبيت جي آمد حضور اڪرم ﷺ جن جي عهدِ رسالت کان ٿي، جنهن جي پکيڙ حضرت علي عه جي دورِ حڪومت ۾ ٿي. جيڪو سلسلو اڃا جاري آهي. سنڌ ۾ مولا علي عه جي هٿن مبارڪ سان پهتل ٽه ڪنڊي بئرڪ واري علم پاڪ جي ڇانَوَ رهي، واقعي ڪربلا بعد سنڌ عَلَمَنِ جي ڌرتي بڻجي وئي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ جي چپي چپي تي عزاخانا ۽ امام بارگاهون قائم آهن؛ جتي حضرت عباس علمدار جو پرچم بلند آهي. صبح و شام اتي مولا جي ملنگن، حيدر جي حُبدارن جون ’علي عه علي عه بول، ته غم نه آوي ڪول‘ جون صدائون بلند آهن. جنهن سبب سنڌ امن ۽ حيدر جي حُبدارن جي ڌرتي بڻيل آهي. محسن نقوي چواڻي ته:
    گلي گلي مين اسي ڪا پرچم، اسي ڪا سجده جبين جبين هي،
    قدم قدم پر سبيل اس ڪي، نظر نظر مين وهي مڪين هي،
    هـوا هـوا مين اسـي ڪي نـوحي، وهي تـصور خلا نشين هـي،
    اسي ڪا ماتم هئي آگ پر ڀي، اسي ڪا غم خلد ڪا امين هي،
    فلڪ فلڪ پر لهو اسي ڪا، اسي ڪي مجلس زمين زمين هي،
    حسينيت ڪو مٽاني والو، حسينيت اب ڪهان نهين هي.[91]
    (محسن نقوي)


    عزاداري ۽ گريوزاري

    شهداءِ ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جي مصيبت تي گريو زاري، حضرت آدم عليه السلام کان حضرت محمد مصطفى ﷺ تائين ٿيو ۽ عزاداريءَ جي ابتدا سنه 61 هجري قتل حسين عه کان لاشئه حسين عه تي سانئڻ زينب (س) اچي ڪئي. جيڪو لشڪرِ يزيد خلاف پهريون مختصر احتجاج هيو. جنهن جو پيغام سنه 63 هجري کان دنيا تائين پکڙيو. ماتم ۽ گريوزاريءَ بابت سيد علي بخش شاهه پنهنجي ڪتاب ’طلوع آفتاب‘ ۾ لکي ٿو ته: ”ماتم ۽ گريه فارسي زبان جو لفظ آهي. عربي ۾ اُن جو نعم البدل بُڪا آهي. جنهن جي معنى روئڻ يا گريه آهي. قرآن ڪريم ۾ روئڻ جو ذڪر هن طرح مرقوم آهي. ”يبکون ڪثيرا و يز هقون قليلا “ ترجمو: روئندا گھڻو ۽ مذاق گھٽ ڪندا. شاهه صاحب پنهنجن لفظن ۾ اڳتي لکي ٿو ته، هي حُڪم خدا جو بي مقصد ۽ اجايو هرگز نه آهي. زندگيءَ جي نشاني روئڻ آهي.“[92] روئڻ ۾ دردن کان نجات ۽ دل جو بار هلڪو ٿئي ٿو. اکين مان وهندڙ غم حُسين عه جا آبشار روح کي طراوت بخشين ٿا.
    جنهن هستيءَ جا غم گُسار ڪل انبياءَ عليهُم َ سلام هجن ۽ عزادار زمين و آسمان جي ڪل مخلوق هجي. ان جو پيغام ڪيئن ٿو رُڪُ جي سگھي. دنيا ترقيءَ جي راهه تي گامزن آهي، وڌندڙ شعور سبب معرقي ڪربلا کي سمجهڻ بعد دنيا ڪربلا ڏانهن قدم وڌايا آهن. اڄ چهلم امام حسين عه تي، ڪربلا ۾ عزادارن جي آمد تي يزيديت جا ڳلا خشڪ آهن. ڪربلا جيڪا دنيا جي درس گاهه آهي. اهو وقت پري ناهي جنهن لاءِ اقبال چيو ته:
    سَرِ حُسين عه ڪي اگر تفسير هوجائي،
    زمـانـي ڪــا قِبــلا، ڪـربــلا هــو جـائي.
    (اقبال)
    سنه 61 هجري کان اڄ تائين يزيديت خلاف، عزاداريءَ جي صورت ۾ ٿيندڙ احتجاج کي، بند ٻڌڻ جون ڪوششون جاري آهن. عزاداري جيڪا ظلم جي خلاف پر امن احتجاج آهي.
    اي دين ڪي مفتي تو عقيدي ڪا سفر ديک،
    هـر مـاتمـي ڪـي خــون سـي آلـوده ڪمر ديک،
    جـس نـي جـهـان پـي روڪــنـا چـاهـي عـزاداري،
    تـاريـخ ۾ ان ڪُتون، ڪَمينون ڪا حشر ديک،
    هر سمت سي ماتم ڪي صدا آئيگي تجھ ڪو،
    تـو فـاطـمه زهـرى ڪـي دعـائـون ڪــا اثـر ديـک
    حضرت امام حسين عليه السلام جي مصيبت تي گريوزاري ڪرڻ ۽ بي گناهه قتل تي عزاداري ڪرڻ جي حوالي سان، حُجت الاسلام و المسلمين علامه سيد صالح شهرستاني پنهنجي سهيڙيل ڪتاب: تاريخچه عزاداري حسيني، ۾ لکي ٿو ته: ”حضرت آدم عليه السلام عرش جي ڪناري نظر ڪئي ته ڏٺائين رسول اڪرم ﷺ ۽ آئمه معصومين عه جا نالا درج آهن ۽ جبرائيل امين ابوالبشر کي فرمايو ته، هن طرح الله تعالى کي پڪاريو: ’يا حميد بحق محمد، يا عالي بحق علي يا فاطر بحق فاطمه يا محسن بحق الحسن والحسين و منک الاحسان‘ ۽ حضرت آدم عليه السلام جيئن ئي حضرت امام حسين عليه السلام جو نالو پنهنجي زبان مان ڪڍيو ته اکين مان ڳوڙها جاري ٿي پيس ۽ دل مغموم ٿيو. ابوالبشر فرمايو اي ڀاءُ جبرائيل! ان پنجين نالي تي منهنجو دل ڇو ايترو غمگين ٿيو ۽ اکين مان لڙڪ وهي آيا؟
    جبرائيل امين عرض ڪيو ته: ’اي ابوالبشر توهانجو هي فرزند (حضرت امام حسين عليه السلام) سخت مصيبت جي عالم ۾ مبتلا هوندو پر خوشنودي الاهيءَ جي مقابلي ۾ اها تڪليف ان جي نظر ۾ ڪائي شئي نه هوندي.“ حضرت آدم عليه السلام پڇو اي ڀاءُ جبرائيل! اها مصيبت جي گھڙي ڇاهي؟ جبرائيل امين چيو، اها بک، اڃ، پرديس ۾ بي يارو مددگار ماريو ويندو، اي آدم! اگر تون هن کي ان حال ۾ ڏسين جڏهن هو فرياد ڪري رهيو هوندو، ”واعطشاه واقلته ناصره“ هن ۽ آسمان جي وچ ۾ دونهين وانگي تشنگي حائل هوندي، پر هن جي دشمنن مان ڪير به تير ۽ تلوار جي جواب نه ڏيندو هوندو. ڇو ته هو ان کي قتل ئي ڪرڻ چاهيندا هوندا. کيس گردن کان ذبح ڪندا، هن جا دشمن هن مظلوم جي اهل و عيال جي سامان کي لُٽي وٺندا، پاڻ ۽ سندس دوستن ۽ احبابن جي سرن کي نوڪ نيزي تي سوار ڪندا، ۽ شهر به شهر گھمائيندا ۽ خدا وندِ عالم جي علم ۾ هي سڀ اهڙي طرح سان آهي.“ ان وقت حضرت آدم عليه السلام ۽ جبرائيل امين ائين رنا جيئن ڪائي ٻڍڙي ماءُ پنهنجي جوان پٽ جي لاش تي روئيندي آهي.“[93]
    حضرت آدم عليه السلام کان آخري نبي اڪرمﷺ تائين مولا حسين عه جي مصيبت ڀري ڪهاڻيءَ تي هر نبي عه رُنو ۽ قاتلن تي لعنت ڪئي آهي. حضرت امام حسين عه جي قاتل تي لعنت جي حوالي سان شهرستاني تاريخچه عزاداري حسينيءَ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”حضرت نوح عليه السلام سڄي دنيا جي چڪر لڳائڻ کانپوءِ جڏهن زمين ڪربلا تي پهتو ته سندس ٻيڙيءَ کي ٻڏڻ جو خطرو محسوس ٿيو. ته پاڻ الله تعالى کان مدد گھريائين. جنهن تي جبرائيل امين نازل ٿي فرمايو: اي نوح هن زمين تي امام الانبياء جو نواسو ۽ خاتم الانبيا جو فرزند حسين شهيد ڪيو ويندو. حضرت نوح عليه السلام جن فرمايو اي جبرائيل! ان جو قاتل ڪير هوندو؟ جبرائيل فرمايو، ستن زمين و آسمان جا رهڻ وارا (حسين جي) قاتلن تي لعنت ڪن ٿا. ان وقت حضرت نوح عليه السلام امام حسين عه جي قاتل تي چار دفعا لعنت ڪئي ته سندس ٻيڙي آرام ۽ سڪون سان پنهنجي منزل طرف رواني ٿي ۽ ڪوهِ جودي تي وڃي بيٺي.“[94]
    شهادت امام حسين عه ۽ معرڪي ڪربلا بابت امام الهند مولانا ابو الڪلام آزاد پنهنجي ڪتاب ’انسانيت موت جي دروازي تي‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”هڪ ٻئي پويان سڀ اصحاب قتل ٿي ويا. هاڻي بني هاشم ۽ نبوت واري خاندان جو وارو هو. سڀ کان پهرين سندس پٽ علي اڪبر ميدان ۾ آيو ۽ هن دشمن تي حملو ڪيو، سندس زبان تي هي شعر هئا.
    انا علي بن حسين بن علي نحن ورب البيت و اولى بالنبي (مان علي رضه بن حسين رضه بن علي رضه آهيان، ڪعبي جي رب جو قسم، اسان نبي ﷺ جي قرب جا وڌيڪ حقدار آهيون.)
    تا الله لايحکم فينا ابن الدغي.
    (خدا جو قسم نامعلوم پيءُ جو پٽ اسان تي حڪومت نه ڪري سگھندو!)[95]
    حضرت امام حسين عه جي شهادت تي گريوزاريءَ بابت امام الهند مولانا ابوالڪلام آزاد پنهنجي ۾ اڳتي لکي ٿو ته: ”ڪنهن مبالغي کانسواءِ چئي سگھجي ٿو ته، دنيا جي ڪنهن المناڪ حادثي تي انساني نسل ايتري قدر ڳوڙها نه وها يا هوندا، جيتري قدر ان حادثي تي وهي چڪا آهن. تيرهن سئو ورهين جي اندر تيرهن سئو محرم گذري چڪا آهن، ۽ هر محرم ان حادثي جي ياد تازي ڪري ٿو. حضرت امام حسين رضه جي جسم مان جيتري قدر رت وهيو هو، ان جي هڪ هڪ ڦڙي جي بدلي دنيا ڳوڙهن، ماتم ۽ ڏک جو سيلاب وهائي چڪي آهي.“[96]
    شهداءِ ڪربلا جي 72 لاشن جي پائمالي، خيمن جي لُٽَ بعد سڙڻ وارن واقعن کان وٺي، شامِ غريبان تائين؛ لشڪرِ يزيد جا ڪيل سڀ ظلم سهندڙ آلِ نبي ﷺکي، يارهين محرم تي ٻن پهرن کانپوءِ، هٿن ۾ رسيون وجھي قيدي بڻائي بن پلاڻن (بغير ڪجاون جي) اٺن تي سوار ڪري جڏهن شام نيو ٿي ويو ته، ان مهل سانئڻ زينب (س) سجاد عه امام کي چيو ته:’اسان کي مقتل مان لاشئه حسين عه کان گذاريو وڃي.‘ قيدين جو هي قافلو مقتل ۾ جڏهن پٿرن جي ڍير ڀرسان لاشئه حسين عه تي پهتو ته، سيدا زينب (س) اٺ تان عباس عه جي انداز ۾ لهي ڀاءُ جي لاش تي بيهي اهڙا درديلا پارَ ڪڍيا جو پٿر دل قاتلن جي اکين مان به لڙڪ وهي آيا. سانئڻ زينب (س) ڪُٺل ڀاءُ جي لاش تي بيهي ماتم ڪري مرثيو پڙهيو جيڪو حجته الاسلام والمسلمين سيد صالح شہرستاني ڪتاب: تاريخچه عزاداري حسيني، ۾ هيئن لکيو آهي ته: ”وا محمدا، وا محمدا،“ اي نانا محمد ﷺ اوهان تي آسمان جا فرشتا صلوات، سلام پڙهن ٿا ۽ توهانجو هي پُٽ حسين عه خاڪ ۽ خون ۾ غلطان، گرم زمين تي پيو آهي، جسم ٽڪڙا ٽڪڙا ٿيل آ، اي نانا سائين! اوهانجي ذريت کي قتل ڪيو ويو آهي. ۽ توهانجون نياڻيون قيدي بڻايون ٿيون وڃن.“[97] مقتل ۾ سانئڻ زينب (س) جي ڪيل ماتم، عمر ابن سعد جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا، جنهن لاشئه حسين عه تان بي پرده نبي زادين کي وڏي ظلم، تشدد سان هٽائڻ جو حڪم ڏنو. شهيدن جي لاشن تا اٿڻ مهل هر مستور جي پٺي شمر ملعون جي (تازيانن جي) ظلم سان رنگين بڻيل هئي. جيڪا سنت عزادار زنجير زني ڪري ادا ڪندا آهن. سانئڻ زينب (س) شهيدن جي لاشن تان، مقصدِ حسين عه جي تڪميل خاطر ڪربلا کان قيدي بڻجي شام آئي.
    خبر کرو اھلِ جور کو اب حسینیت انتقام لے گی،
    یزیدیت سے کہو سنبھل جائے آ گئی ھے علی کی بیٹی ۔[98]
    )محسن نقوی(
    سادات جو قيدي قافلو، مختلف منزلون ڪندو، ڪربلا کان شام پهتو. جتي يزيد (لعين) پاڻ کي دنيا اڳيان ديندار ۽ آلِ نبي ﷺ کي باغي ثابت ڪرڻ ٿي چاهيو. ان خوشيءَ ۾ هن شام جي بازار ۽ درٻار عرب جي ڪل بدمعاشن ۽ تماشائين سان سينگاري ڇڏي. درٻار ۾ يزيد لعنتيءَ جي ڪردار تي غلام رباني آگرو پنهنجي ڪتاب: ’سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ‘ ۾ پنهنجي انداز ۾ لکي ٿو ته: ”پيغمبر ﷺ جو ڏوهٽو پاڻيءَ جي هڪڙي ڍُڪَ لاءِ سِڪي سِڪي، اُڃيو، ماندو شهيد ٿي وڃي ٿو ۽ يزيد انگوري شراب جو جام مٿان جام پيئندو رهي ٿو!“[99]
    مولا سجاد عه ۽ سانئڻ زينب (س) جي ڏنل خطبن سان، قتل حسين عه جي حقيقت عيان ٿي ته درٻار جو رنگ تبديل ٿي ويو.يزيد (لعين) جا دنيا ۽ درٻارين اڳيان سڀ ظلم پڌار ٿي پيا. جنهن تي پردو رکڻ لاءِ هن سادات کي هڪ سال تائين شام جي زندان ۾ قيد رکيو.
    شام جي باشندن، ماڻهن آلِ رسول ﷺ جي بيگناهه قيد کي جڏهن محسوس ڪيو ته، انهن سادات جي آزاديءَ لاءِ سوچڻ شروع ڪيو. اهڙي خبر جڏهن يزيد تائين پهتي ته هن عوامي بغاوت جي ڀوَ کان بچڻ لاءِ رات جي وڳڙي ۾ قيدي امام سجاد عه کي درٻار گھرائي آزاد ڪرڻ جي خبر ٻڌائي. ان شرط تي ته کيس ڪربلا جي شهيدن جو خون معاف ڪيو وڃي. جنهن تي مولا سجاد عه صاف انڪار ڪيو. امام جي اهڙي انڪار يزيد کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو. پوءِ هن سادات جا شرط مڃي کين رها ڪيو. مقتول جي وارثن آزادي ماڻڻ کان اڳ هي شرط رکيا ته: پهرين لُٽَ ڪربلا، خالي گھر ۽ ڪارو لباس، 10 محرم تي ڌڙن کان ڌار ڪيل شهيدن جا سِرَ مبارڪ ۽ بشير ابن يزلم مهاري ملي. اهو واضع رهي ته شرط هميشه فاتح ئي مڃرائيندا آهن. شرط قبول ٿيا. سيدن کي ڪارو لباس، خالي گھر، شهيدن جا سِر مبارڪ ۽ بشير ابن يزلم مهاري مليو. فاتح شام سيدا زينب (س) ڪارولباس پهري، شام جي عورتن کي زندان گھرائي، شهيدن جون بيواهه مستور گڏ بيهاري ماتم شروع ڪيو. اهڙي طرح شام جي زندان ۾ ظلم خلاف انقلابي احتجاج جو بنياد رکيو جنهن دنيا ۾ يزيد لعين جا بنياد اُکيڙي ڇڏيا. زندانِ شام ۾ مولا حسين عه جي اها پهرين مجلس ۽ عزاداري هئي جنهن سان حاڪم الوقت يزيد لعين جي نظرئي کي سندس ئي دارالحڪومت ۾ دفن ڪري، قصرِ يزيد تي مقصدِ حسين عه جي تڪميل جو پرچم بلند ڪري، فاتح شام بڻجي ڪربلا آئي.
    سنه 62 هجري 20 صفر تي سانئڻ زينب (س) زندانِ شام مان آزادي ماڻي فاتح شام بڻجي، ڀاءُ جو چهلم ڪرڻ ڪربلا آئي، جتي ٽن ڏهاڙن تائين عزاداري ڪري دنيا کي حسين عه جي مظلوميت جو پيغام ڏنائين. ان ڏهاڙي کانپوءِ دنيا ۾ حُسينيت عزاداريءَ جي انداز ۾ عام ٿيڻ لڳي. سانئڻ زينب (س) ڪربلا جي سرحد کان قبرِ حسين عه تائين پنڌ پهتي. جيڪا سُنت اڄ هر مومنا مستور ’مَشي‘ جي صورت ۾ ادا ڪندي آهي.
    ڪربلا، قبرِ حسين عه تي سادات جي قافلي پهچڻ کان پهرين اصحابي رسول ﷺ حضرت جابر بن عبدالله انصاري پنهنجي ساٿي ’عطا _ عطيه،‘ سان گڏ ۽ ”سنڌ جا حسيني برهمڻ،“[100] ۽ ڪجھ ٻيا محبانِ اهلبيت پهتل هيا. جن ٽن ڏهاڙن تائين مولا سجاد عه جي موجودگيءَ ۾ عزاداري ڪئي. سادات جو هي قافلو ڪربلا ۾ ٽي ڏهاڙا قيام ۽ عزاداري ڪرڻ کانپوءِ 8 ربيع الاول تي (اتي پهتو جتان سنه 60 هجري ۾ 28 رجب جي رات سومَهڻيءَ مهل نڪتو هو.) مدينه منوره پهتو؛ جتي مدينه جي رهواسين، سادات کان قتل حسين عه جي ڪهاڻي ٻڌي گريوزاري ڪئي. وقت گذرڻ سان دنيا کي قتل حسين عه جي ڪهاڻيءَ جي ڄاڻ ملندي وئي ته شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سوڳ ملهائجڻ لڳو. سنه 63 هجري کان هن مهل تائين؛ ڪربلا ۾، قبرِ حسين عه تي حاضري ڏيڻ لاءِ، مختلف ملڪن مان ايندڙ عزادار (مَشي) ڪري، پيادل پهچي عقيدت ۽ يڪجھتيءَ جو اظهار ڪن ٿا. جتان کين انسانيت جي آجپي ۽ ظالم جي ظلم خلاف احتجاج ڪرڻ جو درس ملي ٿو.
    ڪربلا! بنو اميه جي نفساني خواهش تي ٻڌل نظام کي نافظ ٿيڻ نه ڏنو. جنهن بابت مولانا ابُوالڪلام ’آزاد‘ پنهنجي مضمونن جي ڪتاب: ’اَلِهلال‘ ۾ محرم الحرام جي مضمون ۾ بنو اميه جي جابراڻي ۽ ظالماڻي نظام بابت لکي ٿو ته: ”بني اميه وارن جي حڪومت هڪ غير شرعي حڪومت هئي، اها حڪومت جنهن جو بنياد زور زبردستي ۽ شخصيت تي رکيل هوندو سا ڪڏهن به اسلامي حڪومت نٿي ٿي سگھي. بني اميه وارن آزاد ۽ جمهوريت جي روح کي ختم ڪري امت جي اصلاح مشوري واري اجماع جي جاءِ تي خالص جابرانه غلبي، مڪر ۽ دغابازيءَ تي پنهنجي شخصي حڪومت جو بنياد رکيو. سندن حڪومت جو نظام خدائي شريعت وارو نه، بلڪ خالص نفساني خواهش ۽ سياسي مقصدن وارو هو. اهڙي حالت ۾ ضروري هو ته ظلم ۽ زبردستيءَ جي مقابلي ۾ هڪڙو مثال قائم ڪجي ۽ حق و حريت جي راهه ۾ جهاد ڪيو وڃي. حضرت سيد الشهدا پنهنجي قربانيءَ جو مثال قائم ڪندي، بني اميه جي ظلمن خلاف جهاد حق جو بنياد رکيو ۽ جنهن حڪومت جو بنياد ظلم ۽ زبردستي تي هو انهيءَ جي اطاعت ۽ وفاداريءَ کان بلڪل انڪار ڪري ڇڏيائين.“[101]
    ڪربلا جي سرزمين تان انسانيت جي آجپي، محبتِ اهلبيت ۽ عزاداري اهلبيت جو ملندڙ پيغام پوري دنيا تائين پهتو. جنهن جي موجد سانئڻ زينب (س) هئي. جنهن زندانِ شام کان عزاداري امام حسين عه جي صورت ۾ احتجاج جي ابتدا ڪئي. جنهن جي پکيڙ جو سلسلو قبرِ حسين عه کان شروع ٿي دنيا تائين پهتو.
    دنيا تائين پهچندڙ عزاداريءَ جو هي سفر ڏاڍين ڏکين حالتن سان پهتو آهي. جنهن ۾ آلِ رسول ﷺ ۽ مُحبانِ اهلبيت کي جان جا جوکم کڻڻا پيا. قتل حسين عه بعد به سادات لاءِ حالتون پر سڪون نه رهيو. اهڙين سخت حالتن ۾ به سادات ۽ محبانِ حسين عه عزاداري امام مظلوم کي زنده رکيو ۽ حسينت جو پيغام عوام کي حالتن مطابق گھرن ۽ مخصوص هنڌن تي فرش عزا وڇائي ڏيندا رهيا. بني اُميه ۽ بني عباس جي حڪومتي دور ۾ سندن ڪارندا آسمان تي محرم الحرام جو دردن ڀريو چنڊ چڙهڻ سان سادات ۽ محبانِ حسين عه کي ڳولڻ لاءِ شڪاري ڪتن جيان نڪري پوندا هيا، سڃاڻپ ٿيڻ کانپوءِ انهن کي تلوار سان قتل ڪندا هيا. تاريخ شاهد آهي ته قتل عام جو اهڙو سلسلو بني اميه ۽ بني عباس جي دورن ۾ جاري رهيو. هنن حڪمرانن آلِ رسول ﷺ ۽ عزادارن جي قتلام کي عروج تي پهچايو، جيڪو سلسلو عباسي خليفن جي ڏهاڙن ۾ جھڪو ڏسجي ٿو. جنهن بعد ڪجھ وقت لاءِ سادات سُکَ جو ساهه کنيو ۽ محبانِ اهلبيت کي کلئي نموني عزاداري ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين مذهبِ اهلبيت ۽ عزاداريءَ جو پيغام پکڙجڻ لڳو.
    دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين ڏکين حالتن ۾ عزاداريءَ جي پيغام پهچڻ بابت ڊاڪٽر امام علي بيگ پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جي عزاداري‘ ۾ لکي ٿو ته: ”اهو سلسلو بني اميه ۽ بني عباس ٻنهي جي دور ۾ جاري رهيو ۽ بني عباس جي حڪومت ۾ منصور دوانيقي ۽ هارون رشيد ان کي عروج تي پهچايو. مامون جي پاليسي اِنهن ٻنهين کان ڪنهن قدر مختلف هئي مگر ان کانپوءِ اسلام جي پاليسي ۽ جڏهن کان متوڪل فقه حنفيه کي سرڪاري مذهب قرار ڏنو هو اُن وقت کان ته شيعن جو خون ايترو ته سستو ٿي ويو جو ڄڻ پاڻيءَ جي قيمت هئي. مگر اِهو خون مفت وهايو ويندو هو. پوءِ عشره محرم ۾ هر بيبي شمعون ٻاري فرش ماتم وڇائيندي هئي ۽ پنهنجي ٻارن کي ڪربلا جا واقعا ضرور ٻڌائيندي هئي.
    شيعن کي ذڪر حسين عه جي کُلي آزادي ته آلِ بويه جي اقتدار ۾ ملي ۽ معزالدوله ته کُلي شيعت جو اعلان ڪيو. عباسي خليفا بويهي سلطان جا تابع هئا. چيو وڃي ٿو ته ان زماني ۾ ڪجھ خليفا پڻ اهلبيت عه جي محبت جا قائل ٿي ويا.“[102] سنڌ ۾ عزاداريءَ جي اهڙي سخت دور بابت شاعر ۽ اديب سيد منظور نقوي پنهنجي ڪتاب:’سنڌ جي مدنيت‘ ۾ لکي ٿو ته: ”سنڌ ۾ عزاداري اڳ ظاهر نه ٿيندي هئي. بلڪ جيڪي به مجلسون ڪندا هئا سي لڪي ڪندا هئا“.[103]
    آلِ رسول ﷺ ۽ عزادارانِ امام مظلوم تي ظلم و تشدد جا پهاڙ ڪيرائيندڙ بني اُميه ۽ بني عباس جي اهڙن ڪرتوتن بابت جنرل هيگ پنهنجي ڪتاب ’سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو‘ جنهن جو ترجمو: عطا محمد ڀنڀري ڪيو آهي. ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”بني اُميه کان عباسي گھراڻو سيدن جو وڌيڪ رت پياڪ هو.“[104] بني اميه جو خراسان ۾ پهريون دور جيڪو سنه 100 هجري کان 127 هجري تائين قائم رهيو. ان دور ۾ شيعانِ علي عه تي ظلم ۽ تشدد جي تاريخ لکندڙ بنو اميه جي خراسان جي پهرين حاڪم بابت مولانا ابُو الڪلام ’آزاد‘ پنهنجي مضمونن جي ڪتاب: ’مضامين الهلال‘ ۾لکي ٿو ته: ”شيعانِ بني هاشم تي پهرين مصيبت، اسد بن عبدالله القسري جي هٿئون نازل ٿي، هي بني اميه جي طرفان خراسان جو حاڪم هو. سخت بي رحم ۽ ظالم هو، جاسوسن هن ٽولي جواطلاع ڏنو، ڪجھ ماڻهو گرفتار ٿيا، جن جا هٿ پير وڍيا ويا ۽ تنهن کانپوءِ سڀني کي ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويو.
    اسد بن عبدالله شيعن جي مٿان ڏاڍو سخت هوندو هو. پنهنجي حڪومت جي پهرين دور ۾، جيڪو ڪجھ ظلم ۽ تشدد مٿن ڪري سگھيو، سو ڪيائين. معزول ٿيڻ کانپوءِ جڏهن دوباره گورنر مقرر ٿيو ته، اڃا به وڏيڪ ظلم ڪرڻ لڳو. چناچه سن 117 هجري خراسان جا تقريبن سڀئي داعي هن گرفتار ڪرايا، ڪيترن کي قتل ڪرائي ڇڏيائين ۽ باقي بچيل قيد خاني طرف موڪليا ويا.“[105] محبانِ حسين ابن علي عه ظالم حڪمرانن جي دور حڪومت ۾ سڀ سختيون سرَ تي کڻي حسينيت جي پرچم کي هٿئون وڃڻ نه ڏنو ۽ هر حال ۾ بلند رکيو. ڪربلا جي قتل جي خبر جڏهن سنڌ پهتي ته سوڳ جو سلسلو شروع ٿي ويو.
    واقعي ڪربلا جو اطلاع سنڌ ۾ پهچڻ بابت ناميارو صحافي بيداري جعفري روزاني عوامي آواز ڪراچي، اخبار ۾ پنهنجي ڏهي جي 8 محرم واري ڪالم ۾ لکي ٿو ته:”ڪربلا جي فُرات ڪناري 61 هجري ۾ جڏهن تاريخ جو سڀ کان وڏو انساني الميو ٿيو. جو اُنَ واقعي جو پهريون اطلاع عرب کان عجم جي زمين تي سنڌ ۾ پهتو هو.“[106] سنڌ ۾عزاداري امام مظلوم جي شروعات واقعي ڪربلا جي خبر پهچڻ سان سنه 61 هجري ۾ ٿي. جنهن بابت مير حيدر خان ٽالپر، ميرزا امام علي بيگ جي ڪتاب ۾ پنهنجي مضمون جي پهرين پني تي لکي ٿو ته: ”عزاداري سنڌ ۾ ان وقت کان رائج آهي جڏهن کان ڪربلا جو واقعو ٿيو آهي“.[107] ان کانپوءِ عباسي حڪمرانن جي دورِ حڪومت ۾ محبتِ اهلبيت سنڌ ۾ ڪافي حد تائين پکڙ جي وئي جنهن سبب عزاداريءَ کي آزاديءَ سان اُسرڻ جو موقعو مليو. مولائي شيدائي جنت السنڌ ۾ لکي ٿو ته: ”عبدالله الاشتر جي اچڻ ڪري سنڌ ۾ شيعيت زور ورتو“.[108] محترم عبدالقيوم ’صائب‘ پنهنجي ڪتاب’سيد ثابت علي شاهه، شخصيت ۽ شاعري‘ ۾ لکي ٿو ته: ”جلم بن شيبان فاطمي خليفي طرفان ملتان ۾ پهريون حاڪم مقرر ٿيو جنهن جي اثر هيٺ ملتان سميت قديم سنڌ شيعيت جي مرڪز جي حيثيت ورتي. ان وقت ابو جعفر منصوري عباسيءَ جي خلافت جو زمانو هو ۽ عمر بن حفص واليءِ منصوره جو سنڌ ۾ دور هو.“[109]
    سنڌ جي سرزمين تي باقاعدي مذهبِ اهلبيت جا سَلا عباسي خليفي ابو جعفر منصور جي دور خلافت ۾، سندس پاران مقرر ڪيل گورنر عمر بن حفص جي زماني ۾ نسرڻ ۽ اُسرڻ لڳا. جنهن بابت مولوي نور محمد نظاماڻي پنهنجي ترجمو ڪيل ڪتاب ’سنڌ جي تاريخ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”سنڌ ۾ شيعيت جو رواج عمر بن حفص جي زماني کان ئي شروع ٿيو. ڇا ڪاڻ ته اول هو پاڻ ئي ان خيال جو ماڻهو هو. جنهن عبدالله اشتر جي هٿ تي بيعت ڪري، سنڌ جي گھڻن ئي ماڻهن کي شيعو بڻائي ڇڏيو. ۽ ٻيو خاص ڪري اهي زيديه ماڻهو، جي عبدالله سان گڏ هئا، تن جي ذريعي ته هندستان ۾ شيعيت جو اهڙو عمدو ٻج پوکجي ويو، جو اڳتي هلي هڪ وڏو ڦردار ۽ ٽڙندڙ پکڙجندڙ وڻ پيدا ٿي پيو. پوئين زماني جو سنڌ جو وڏو حصو خاص شيعن جي هٿ ۾ هو. تنهنجي ابتدا هن ئي وقت کان ٿي هئي. يا هيئن چوڻ گھرجي ته ملتان ]ان وقت ملتان سنڌ جي حد هيو[ جي شيعا رياست، جي بنياد جو پهريون پٿر عمر بن حفص جي هٿ سان رکيو ويو.“[110] اهڙي ريت سنڌ ۾ ڪجھ وقت تائين پهرين شيعه حڪومت قائم ٿي. سنڌ ۾ پهرين شيعه حڪومت بابت سيد حسام الدين راشدي پنهنجي ڪتاب ’ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‘ ۾ لکي ٿو ته: ”شيعي تحريڪ جو علمبردار، حضرت عبدالله الاشتر علوي سڀ کان پهرين منصوره ۾ وارد ٿيو. ابو جعفر منصور عباسيءَ جي خلافت جو زمانو هو، ۽ عمر بن حفص (142 _ 151 هجري) واليء منصور جو دور هو.
    منصوره جا ماڻهو مذهبي لحاظ سان، زياده تر اهل حديث هئا. ٻيا مذهبي فرقا ڪو نه هئا. بعد ۾ علي والي محبِ سادات به آيا، جن جي دور ۾ شيعا مبلغ منصوره ۾ وارد ٿيا، شيعت کي قدري فروغ حاصل ٿيو، ۽ آخر ۾ اسماعيلي شيعن کي ڪجھ عرصي تائين منصوره جي حڪومت به حاصل ٿي. شيعت جي ابتدا انهيءَ جي ڪري سنڌ ۾ ٿي.“[111] جنهن معرفت مذهبِ اهلبيت سنڌ ۾ زور ورتو.
    سنڌ جي عباسي گورنر عمر بن حفص کانپوءِ مقرر ٿيل گورنر هشام بن عمرو تغلبي به معرفتِ اهلبيت جي تبليغ جي سلسلي کي ان ئي انداز سان جاري رکيو. جنهن جي عقائد بابت مولوي نور محمد نظاماڻي پنهنجي ترجمو ڪيل ڪتاب’ تاريخ سنڌ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”هشام عقائد ۾ عمر بن حفص جي موافق هو، تنهنڪري شيعيت ان زماني ۾ هيڪاري ترقي حاصل ڪئي.“ [112]
    سنڌ سان محبتِ اهلبيت جو تعارف اسلام جي آمد سان ٿيو. سنڌ ۾ عزاداريءَ جو سفر واقعي ڪربلا کان پوءِ سنه 61 هه ۾ شروع ٿيو. ان بابت امام علي بيگ لکي ٿو ته: ”جيئن ته سنڌ اهلبيت رسول ﷺ جي محبت کان متعارف هئي. تنهن ڪري جيئن ئي حضرت امام حسين عه جي شهادت جي خبر ڦهلجندي وئي سنڌ به اِن درد ناڪ واقعي کان آگاهه ٿي ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ امام حسين عه جو ماتم برپا ٿيندو رهيو.“[113] جنهن کي عباسي خليفن پنهنجي دور ۾ ڪافي هٿي ڏني؛ جنهن جي عباسي (بنو عباس)، سمن، سومرن، ارغونن، تَرخانن ۽ مغلن جي دور تائين ڪافي پکيڙ ٿي ۽ ڪلهوڙن جي دورِ حڪومت ۾ اوج ورتو. ميرن جي دور ۾ عزاداريءَ نوان موڙ وٺي جدت ماڻي جيڪو سفر جاري آهي. هند، سنڌ ۾ مجلس جي شروعات بابت منظور نقوي لکي ٿو ته: ”هندستان ۾ نذر _ عَلم وغيره جو رواج پهرين بابر بادشاهه جي مصاحبن مان شروع ٿيو. انهن مان بيرم خان گھڻو عقيدتمند هوندو هو، جيڪو هر سال هڪ قيمتي علم ڪربلا شريف موڪليندو هو ۽ مجلس عزا جو رواج پهرين پهرين مغل راڻي نورجهان وڌو ۽ پوءِ آهستي آهستي مغل شهنشاهت جي اميرن مان پکڙندي عوام ۾ آيو.“[114]
    سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي دور ۾ اوج ورتل عزاداريءَ کي بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندڙ، ان وقت جا نامور مفتي، عالم، فاضل ۽ بزرگ، وقت جي حاڪمن، معتقدن ۽ مُريدن کي عزاداري امام مظلوم ملهائڻ کان منع ڪندا هيا. ۽ سنڌ ۾ عاشور جي ڏهاڙن ۾ نڪرندڙ ماتمي جلوسن سان تعزين تي سرڪاري سطح تي پابندي مڙهڻ جا پروانا جاري ڪندا هيا. ڪن بزرگ کي ماتمي جلوس ظالم جي خلاف مظلومن جو ڪيل احتجاج ناگوار لڳو. ۽ غم حسين عه کان ڪنَ لاٽار ڪري پنهنجن مريدن ۽ معتقدن کي ماتم کان منع ڪندا هئا. ايترين مخالفتن جي باوجود به عزاداري امام مظلوم پنهنجي اوج وارو سفر جاري رکيو. ڪلهوڙن جي حاڪميءَ ۾ عالمن ۽ بزرگن جون عزاداريءَ جي مخالفت ۾ ڪيتريون ئي حڪايتون تاريخ جي ورقن ۾ ملن ٿيون.
    ڪلهوڙن جي وقت جو مشهور عالم محمد هاشم ٺٽوي پاران عزاداري ۽ تعزيه داريءَ خلاف جاري ڪيل سرڪاري فرمان. جنهن جي عوامي سطح تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي مزاحمت ڪئي. ان دور ۾ شاهه صاحب سنڌ جي صدا’ڪيڏارو‘ لکي عزاداري امام مظلوم کي ايترو ته زور وٺايو جو سنڌ ۽ ملتان عزاداريءَ جو مرڪز بڻجي ويو. انهن ڏهاڙن ۾ شاهه لطيف جو اڱڻ، صحن عزاداريءَ جو کُليل مرڪز بڻيل رهيو. انهن ڏينهن بابت بيدار جعفري پنهنجي محرم جي هڪ ڪالم ۾ لکي ٿو ته: ”سائين جي ايم سيد جو خيال آهي ته هن پنهنجي حياتيءَ ۾ لطيف سائينءَ جي گھراڻي کان وڌيڪ سنڌ ۾ ڪنهن ٻئي کي چٽو پٽو عزادار نه ڏٺو. ميرن ۽ ڪلهوڙن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. حسن مجتبى دعوى ڪري ٿو ته: سنڌ جا لاڏائو قلندري فقير ئي اصل عزادار آهن. جيڪي جتي به رهن ٿا اتي خانه بدوش محفلن کي هميشه ذڪرِ حسين عه سان سجائين ٿا. نصير مرزا ڀٽ شاهه جي اڱڻ کي سنڌ جو پهريون کُليل پڙ يا امام بارگاهه ڄاڻائي ٿو ۽ ڪيڏاري کي ڪربلا جي حوالي سان ديس واسين جي دانهن ڪوٺي ٿو“.[115]
    مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو ”سنه 2 شعبان 1172 هجريءَ“[116] ۾ جاري ڪيل فرمان جو پهريون نقطو ئي سنڌ ۾ عزاداري ۽ تعزيا داريءَ کي بند ڪرڻ بابت هيو. محمد هاشم ٺٽويءَ جي خيالن جو پتو سندس لکت مان لڳائي سگھجي ٿو. جنهن جو جاري ڪيل فرمان جناب جي _ ايم _ سيد جي ڪتاب ’پيغام لطيف‘ ۾ هيئن لکيل آهي ته: ”مخدوم محمد هاشم جي شرعي فيصلن جي جاري ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺن ۽ عاشورن ۾ ماتم ۽ تابوت وغيره بدعات جي منع ڪن.“[117] ان ئي حوالي سان ڊاڪٽر امام علي بيگ افسر پنهنجي تازي آيل ڪتاب ’سنڌ ۾ شيعت جي تاريخ‘ ۾ اعجاز الحق قدوسيءَ جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”اعجاز الحق قدوسيءَ جي بيان مطابق ميان غلام شاهه جي زماني ۾ ان وقت جي وڏي عالم، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، ميان غلام کي شريعت جي خلاف ٿيندڙ ڳالهين ۽ بُراين ڏانهن ڌيان ڇڪايو. ”محرم ۾ ماتم ۽ جلوس نه ڪڍيا وڃن.“[118]
    ٺٽويءَ جي سوچ کي سائين جي ايم سيد جي سٽن مان سمجھي سگھجي ٿو.جنهن بابت پاڻ ’پيغام لطيف‘ ۾ لکي ٿو ته: ”هن ان وقت جي بلند پايه عالمن ۽ صوفين جي اڪثريت شريعت جي نالي ۾ مخالفت ڪئي. مخدوم محمد معين، مخدوم محمد زمان لنواري وارا ۽ شاهه صاحب ]ڀٽ ڌڻي[ سڀ سندس نقط چيني کان بچي نه سگھيا. اڄ ڪلهه جي زبان ۾ سندس سياست مسلڪ، قدامت پسند يا رجعت پسند شمار ڪري سگھجي ٿي“[119]
    ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ جي هڪ مشهور بزرگ حضرت سائين سلطان الاولياء خواجا محمد زمان ڪلان قدس سره پاران پنهنجن مريدن کي ڏنل جواب مان عزاداريءَ جي اوج جو پتو لڳائي سگھي ٿو. جنهن بابت ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي پنهنجي ڪتاب: ’لواريءَ جا لال‘ ۾ لکي ٿو ته: ”هڪ لڱا محرم مهيني جي ڏهين تاريخ شيعن جو هڪ وڏو ميڙ تابوت کڻي، حضرت جن جي مسجد جي در وٽ اچي بيٺو، سڀني سينا پئي ڪٽيا ۽ ڏاڍو گوڙ شور مچائي ڏنو هوائون. حضرت جن ان وقت اصحابن کي توجه پئي ڏنو. ماتمين جو غمسان حد کان ٻاهر لنگھي ويو، ڪن اصحابن عرض ڪيو ته ”قبلا جي فرمايو ته هنن ماتمين کي موچڙا هڻي هڪالي ڪڍون.“ حضرت جن وراڻيو ته هو پاڻهي پاڻ کي موچڙا هڻي رهيا آهن. اسان کي ڪهڙو هرج رسايو اٿين؟“[120]
    عزاداري امام حسين عه ۾ رڪاوٽون پيدا ڪرڻ جو سلسلو صدين کان جاري آهي. دنيا جي ٻين ملڪن ۽ علائقن جيان هند سنڌ ۾ به دشمنِ اهلبيت پاران عزاداريءَ ۾ رڪاوٽون پيدا ڪرڻ جو سلسلو جاري رهندو پئي آيو آهي. هر دور ۾ اهڙيون مخالفتون مفتي، عالم، بزرگ ۽ حڪمران ڌر جا اهم ماڻهو ڪندا آيا آهن. پر عزاداري امام مظلوم جو سلسلو پنهنجي ترقيءَ واري رفتار سان جاري رهيو آهي. سمن جي صاحبيءَ جو هڪ واقعو هيئن آهي ته، ڄام نظام الدين سمي (ڄام نندي) جي دور حڪومت ۾ هڪ بزرگ شاهه مُراد پنهنجي مُريدن کي عزاداريءَ کان روڪڻ جي تلقين ڪري ٿو. جنهن جو احوال سندس مُريد حاجي محمد حسين صفائي ٺٽويءَ پنهنجي ڪتاب: ’تذڪرة المراد‘ ۾ هيئن لکيو آهي ته: ”تعزيه تي روئڻ پٽڻ ۽ دف (دهل) وڄائڻ کان (مريدن کي) منع ڪرڻ جي تلقين ۽ هدايت ڪندا هئا.“[121] ڏکڻ ايشيا ۾عزاداريءَ جي ابتدا بابت بيدار جعفري حسن مجتبى سان ٿيل هڪ ملاقات جي حوالي سان پنهنجي ڪالم ۾ لکي ٿو ته: ”ٽن ڪُنڊن وارو علم پاڪ به ڏکڻ ايشيا ۾ رڳو واديءَ مهراڻ جي عزاداريءَ جي علامت آهي. دي نيوز لائين جي ليکڪ، روزاني خلق حيدر آباد جي ايڊيٽر حسن مجتبى تازو هڪ ملاقات ۾ گھڻو عرصو اڳ آسٽريليا ۾ شايع ٿيل ڪتاب ’اي سوٿيو انٽليڪچول هسٽري آف دي اثنا عشري شيعاز ان انڊيا‘ جي حوالي سان مونکي ٻڌايو ته: ڏکڻ ايشيا ۾ عزاداريءَ جي ابتدا سيوهڻ شهر ۾ ٿي. جتي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ڪهي آيل قلندر ۽ ان جي سٿ شهداءِ ڪربلا جي غم ۽ ماتم کي عام ڪيو.“[122] حسينيت جي پيغام کي هر باشعور ماڻهوءَ پنهنجي رنگ ۾ عام ڪيو آهي. ڪن ملنگانه ڪن عالمانه ته ڪن فقيراڻي ويس ۾ ماتم جي صدا بلند ڪئي آهي.
    ماتم ڪي صدائون سي زماني ڪو هِلادو،
    پـيغـام حسين ابـن عـلـي ســب ڪـو سنادو.
    حضرت امام حسين عه جي غم ۽ مصيبت تي گريوزاريءَ جي شروعات حضرت آدم عليه السلام کان ٿي. ۽ عزاداريءَ جي شروعات سنه 61 هه، يارهين محرم جي ٻن پهرن کانپوءِ لاشئه حسين عه تي سيده زينب (س) کان ٿي. هي آهي امام حسين عه جي مصيبت ۽ بي گناهه قتل تي، گريوزاري ۽ عزاداريءَ جي صورت ۾ ظالم جي ظلم خلاف ڪيل احتجاج جي مختصر تاريخ جو مختصر جائزو. هي سلسلو چوڏهن سئوسالن کان جاري آهي ۽ قيامت تائين جاري رهندو. محسن نقوي جي لفظن ۾ ته:
    محشر میں بھی انمول عقیدے کے عوض ھم
    بخشش نہ خریدین تو گنہگار نہ کہنا
    جنت میں بھی شبیر عہ ترے غم کی قسم ھے
    ماتم نہ کریں ہم تو عزادار نہ کہنا ۔ [123]
    )محسن نقوی(
    عزادارن لاءِ هيءَ عبادت ذريعي نجات آهي. جنهن جي عظمت لاءِ جنت الفردوس جي هيءَ خواهش تخيل ۾ بيان ڪندي ڪنهن شاعر هيئن به چيو آهي ته:
    هر ماتمي ڪي قدمون ڪو، چوما ڪرونگي مين،
    جـنـت بـتا رهي ٿي، خـواهـش حسين عه ڪــو.


    سنڌ ۾ عزاداريءَ جي شروعات

    سنڌ ۾ واقعي ڪربلا کانپوءِ عزاداريءَ جو سلسلو شروع ٿيو. جيڪو مختلف وقتاً ۾ پنهنجي رنگ ۽ رفتار سان هلندو رهيو. جنهن وقت ۽ حالتن مطابق نوان موڙ وٺي جدت ماڻي؛ جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. هند، سنڌ ۾ تعزين جي حوالي کان مغل بادشاهه ’تيمور لنگ‘ جي دور ۾ نڪتل تعزيا مشهور هيا. ۽ اتر سنڌ ۾ تعزياداريءَ جي جلوسن جو رنگ نرالو رهيو. روهڙي ۾ سنه 980 هجري کان سيد محمد شريف رضوي مشهور سيد مور شاهه، جي ڍالن واري تعزيي’ ڪربلا‘[124] کانپوءِ شڪارپور جي جلوسن سنه 1072هجريءَ ۾ سيد عاقل شاهه جي جوڙايل ’مسجد وارو تعزيو‘ اڄ تائين ماتمي جلوس جي زينت بڻيل آهي. اهڙي طرح سنڌ ۾ سمن، سومرن جي دور ۾ ٺهيل مٽيءَ جي تعزين کانپوءِ مغلن جي دور ۾ جديد طرز تي ڪاٺ جي ٺهيل تعزين جو سلسلو شروع ٿيو. جنهن سان ماتمي جلوسن ۾ تعزيه داريءَ جو دور شروع ٿيو. جنهن ميرن جي دورِ حڪومت ۾ اوج ماڻيو.
    سنڌ ۾ زور واري عزاداري ڪلهوڙن جي دور ۾ عام هئي، جنهن کي وقت جي وڏن بزرگن ۽ سرڪاري عالمن پاران بند ٻڌڻ جون ڪوششون ڪيون ويون.’سنڌ جي مدنيت‘ جي ليکڪ: سيد منظور نقوي ۽ ٻين جن به دوستن جو اهو خيال آهي ته، سنڌ ۾ عزاداري ميرن جي دور ۾ شروع ٿي. انهن لاءِ انجينئر سيد عبدالحسين موسوي جو ڏنل هي حوالو ڪافي آهي. جنهن پنهنجي شاهڪار ڪتاب ’روهڙيءَ جون ساڍيون ٽي سورائتيون صديون‘ ۾ سنڌ ۾ عزاداريءَ جي دور بابت لکيو آهي ته: ٽالپرن کان اڳ، ڪلهوڙن حاڪمن جي دور ۾ سموري سنڌ ۾ عزاداري عام هئي ۽ علي الاعلان ٿيندي هئي. ان بابت سيد عبدالحسين موسوي پنهنجي ڪتاب ’روهڙيءَ جون ساڍيون ٽي سورائتيون صديون‘ ۾ لکي ٿو ته: ”مخدوم عبدالرئوف ڀٽي (ولادت 1094 هجري _ 1682ع) پراڻن هالن جو ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ وڏي پايي جو عارف ۽ عالم ٿي گذريو آهي. ٽالپرن جي حڪومت قائم ٿيڻ کان 32 ورهيه اڳ سنه 1166 هجري _ 1752ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ هالا ۾ ويهي وڏي واڪي چوي ٿو ته:
    مـن انـدر مـاتـام يـارو تـن يـتيمـن جـو،
    ڪربلا جي پڙ ۾ ميان الا، اصل هو انجام،
    ڪسڻ قريبن جو.“ [125]
    سنڌ ۾ جديد عزاداريءَ جي عروج وارو پهريون دور، ميرن پاران سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ شروع ٿئي ٿو. جڏهن مير فتح علي ٽالپر، ميان غلام نبي ڪلهوڙي کي سنه 1783ع ۾ هالاڻيءَ جي ميدان ۾ لڳل جنگ ۾ شڪست ڏيئي سنڌ فتح ڪئي. ان دور ۾ سنڌ جي جديد عزاداريءَ زور وٺڻ شروع ڪيو. تعزين، پِڙن، جلوسن ۽ مجلسن ۾ اضافو آيو ۽ انهن ۾ ميرن پنهنجن عزيزن ۽ وزيرن سميت ڪارا ڪپڙا ڪري پيرين اگھاڙي پِڙن تي پهچي مجلس ۽ ماتم ۾ شرڪت ڪئي. سن 2014ع ۾ قدم گاهه تي ٿيل هڪ ملاقات ۾ ڊاڪٽر ميرزا امام علي بيگ افسر ٻڌايو ته: ”سنڌ ۾ پهريون تعزيو سنه 1786ع ۾ مير فتح علي پنهنجي سپهه سالار ميان فقير محمد خان جوڻيجي کي حڪم ڏئي تعمير ڪرايو. اهو تعزيو موجوده فقير جي پڙ ۾ رکيل هوندو هو. جيڪو سنه 1863ع ۾ تعمير ٿيل مرزا فتح علي بيگ جي قديمي امام بارگاهه علي آباد ٽنڊو آغا ۾ رکيل آهي. هن امام بارگاهه جي ٻيهر سنه 2016ع ۾ مرمت جو شرف کيس (ڊاڪٽر امام علي بيگ افسر) کي حاصل ٿيو.“ مير فتح علي ٽالپر جي زندگيءَ جي پڄاڻيءَ کان اڳ پوري ٿيندڙ آرزوءَ بابت سيد حسام الدين راشدي پنهنجي ڪتاب ’ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‘ ۾ لکي ٿو ته: ”مير فتح علي خان 10 محرم 1217 هجري جو انتقال ڪيو. جنهن رات مير صاحب جو لاڏاڻو ٿيو، انهيءَ رات مير صوبدار خان ڄائو. مير فتح علي خان جي آرزو پوري ٿي. مرڻ کان چند ڪلاڪ اڳ اِها نويد کيس ملي ۽ شهزادو گھرائي ڏٺائين _ بوسو ڏيئي، دعا گھري، پوءِ پاڻ دم ڏنائين.“[126]
    سنڌ ۾ ماتمي جلوس پهرين ياحسين عه هائي حسين عه جي درد ڀرين صدائن سان شروع ٿيو جيڪو ڪجھ وقت کانپوءِ پِڙن تي شاهه لطيف رح جي وائي ۽ پوءِ سيد ثابت علي شاهه جي سرجيل مرثين بعد نوح خوانيءَ سان شروع ٿيو. اهڙي طرح سنڌ ۾ جديد عزادريءَ جو دور شروع ٿيو، جنهن اڳتي هلي اوج ماڻيو. جيڪو اڄ تائين جاري آهي. سنڌ ۾ اوج واري عزاداريءَ بابت محقق زوار عبدالستار درس ڪتاب ’سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي رح ۽ سيوهڻ جي قديم عزاداري‘ ۾ پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”پهرين شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ۽ پوءِ سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيءَ ان سلسلي کي ٻيهر منظم ڪيو ۽ سنڌ ۾ امام مظلوم جي عزاداريءَ واري سلسلي کي ٻيهر عروج تي پهچايو.“[127]


    سنڌ جي لاڙي حصي ۾ عزاداري

    سنڌ جي لاڙ واري علائقي جي بنيادي تاريخ بابت مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي ڪتاب تحفته الڪرام ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو سنه 900هه جي پوين مهينن ۾ نجومين کي، نئين شهر جي آباد ڪرڻ لاءِ، هڪ اهڙي زمين چونڊڻ جو حڪم ڏنو، جا خوشي پيدا ڪندڙ هجي، جتي جا رهاڪو ڪم و بيش آرام پسند هجن. هميشه سير و تفريح ۾ زندگاني گذارين ۽ سندن فطرت ۾ ڪماليت جي طاقت هجي. اهڙين وصفن ۽ خصوصيتن سان ٺٽي جي سرزمين چونڊي وئي، جنهن جي اڀرندي ۾ ڪجھ باغ هئا ۽ وچ شهر ۾ ميربحر ٿي رهيا. هن وقت ٺٽو ٻن معنائن سان آباد آهي. ڪي چون ٿا ته معنى آهي ”ته ته“ يعنى ”هيٺاهين“ ۽ ڪن جو چوڻ آهي ٺٽه يعنى ٺٽ، جا سنڌين جي اصطلاح ۾ ’ماڻهن جي گڏ ٿيڻ جو هنڌ‘ جي معنى رکي ٿي. سنڌ جي مٿئين طرف کي عام ماڻهو سِرو چوندا آهن ۽ هن هيٺئين طرف کي لاڙ سڏيو ويندو آهي. اهو ٺٽي جو وجه تسميه (نالي جو سبب) جو کليو ثبوت آهي.“ [128]
    لاڙ جي جاگرافيائي حدن بابت جڳ مشهور چيني سياح شين سئنگ جي سفر نامي جو حوالو ڏيندي اليگزينڊر ڪننگھام جي عطا محمد ڀنڀري پاران ترجمو ڪيل ڪتاب: ”سنڌ _ هند جي قديم جاگرافي“ ۾ هڪ هنڌ هيئن لکي ٿو ته: ”پٽا سيلا Pitasla يا لاڙ واري علائقي جو گھيرو ٽي هزار لي يا پنج سئو ميل هو. جيڪو حيدرآباد کان وٺي سمنڊ تائين ساري ڇوڙ واري علائقي جي گھيري واريءَ ماپ سان سهمت آهي. اهو اوڀر طرف عمر ڪوٽ ۽ اولهه پاسي راس مونزيCape Monz واري جابلو علائقي تائين پکڙيل آهي. ان نقط نگاه کان لاڙ واري علائقي جي مختلف پاسن جي ماپ هن ريت ٿي سگھي ٿي، اولهه پاسي واري جابلو علائقي کان وٺي عمر ڪوٽ تائين هڪ سو سٺ ميل. ان ساڳيءَ جاءِ کان راس مونزي تائين پنجاسي ميل، مونزي راس کان سنڌوءَ جي ڪوري کاري تائين هڪ سئو پنجٽيهه ميل، ڪوري کاري کان عمر ڪوٽ تائين هڪ سئو چاليهه ميل، جيڪڏهن هنن سڀني پاسن جي ماپن جو جوڙ ڪبو ته گھيرو پنج سئو ميل وڃي بيهندو. هن علائقي جي زمين بابت چيو ويندو آهي ته اها وارياسي ۽ ڏنگاشي آهي. ڀاڄيون ۽ اناج جام ٿيندو هو، پر موجوده دور جي ڇوڙ واري علائقي ۾ ڦل ۽ ڦول گھٽ ڏسڻ ۾ ايندا. سڪندر جي زماني ۾ لاڙ جو مشهور ۽ اهم شهر پٽالا Patala هوندو هو، پر چيو ويندو آهي ته هن لاڙ ۾ گھڻي وقت ترسڻ دوران ٻين به ڪيترن ئي شهرن جو بنياد رکيو هو.“[129]
    لاڙ ثقافتي حوالي سان به پوري دنيا ۾ مشهور رهيو آهي. لاڙ جي ثقافتي مرڪزي حيثيت بابت محمد سومار شيخ پنهنجي ڪتاب: ’لاڙ جا ماڳ مڪان‘ ۾ هڪ هنڌ هيئن لکي ٿو ته: ”دنيا جي هڪ وڏي حصي تي 10 هزار سال اڳ کان پنهنجو ثقافتي اثر وجھندڙ سنڌ جي ثقافت هڪ عالمگير ثقافت رهي آهي. ان جو اثر ڏهه لک چورس ميلن تائين رهيو آهي. لاڙ انهيءَ قديم ثقافت جو مکي مرڪز رهيو آهي.“[130]
    سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ محبت اهلبيت ۽ عزاداريءَ جي پيغام جي ابتدا جلواه گاهه امامين آهي. جتان لاڙ پڇاڙ جي پوٺن تائين عزاداريءَ جو پيغام پهتو. هڪ محفل ۾ ويٺي بيدار جعفريءَ ڏسيو ته: ”سنڌ جي جن خطن ۾ عزاداري سڀ کان اڳ پهتي هئي، انهن ۾ لاڙ جو ذڪر سڀ کان مٿاهون آهي.’لکنو اور شيعه‘ جي مصنف سيد هاشم زيدي لکيو آهي ته:’ننڍي کنڊ جي گھڻن هنڌن تي مذهبِ اهلبيت جي پرچار ٺٽي کان پهتي هئي.‘ تنهنڪري ساحلي پٽي ڪيٽي بندر کان بدين جي قديم شهر ڪڍڻ تائين اوهانکي هر ننڍي وڏي ڳوٺ ۾ ڀرپور عزاداريءَ جا هزارين ثبوت ملندا.“ هي پَٽ عزاداريءَ جي حوالي کان نمايان رهيو آهي. هن پٽ جا شهر ٺٽو، مڪلي، ميرپور بٺورو، جھرڪ، چوهڙ جمالي، جاتي، گهارو، گجو، گھوڙا ٻاري،سخي شاهه ڏاتار، بڪار، ميرپورساڪرو، دڙو، سجاول ۽ لڳ لغارين جون قديم وسنديون پهرين محرم الحرام کان اٺين ربيع الاول تائين مجلس عزائن، ماتمي جلوسن، ذوالجناح، سبيلن ۽ سياه پوشيءَ سان سنڌ جي ٻين علائقن جيان ٽمٽار هونديون آهن.
    بدين جو بنياد ۽ عزاداريءَ جي اوسر
    سنڌ جي هيٺاهين حصي لاڙ، جي ضلعي بدين جي بنياد بابت محمد سومار شيخ پنهنجي ڪتاب:’لاڙ جا ماڳ مڪان‘ ۾ ڊاڪٽر سرفراز ڀٽيءَ جي مقالي جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته: ”ڊاڪٽر سرفراز ڀٽي پنهنجي مقالي ’بدين ضلعي جي قديم آثارن جو مختصر تاريخي جائزو‘ ۾ مختلف تاريخدانن جا حوالا ڏيندي لکي ٿو ته: بدين جو شهر، هن موجوده شهر کان ڪجھ فاصلي تي ڏکڻ طرف سمنڊ جي ڪناري جي قريب هو، پر زلزلن ڪري سمنڊ ڪافي پري هٽي ويو آهي.
    بديڻي نالي هڪ ملاح تان اهو نالو پيو آهي. تاريخدان ۽ ڀون وگيان (Geology) جا ڄاڻو ۽ عالم انهيءَ سمنڊ جي قريب هجڻ جي تصديق ڪن ٿا ته پوءِ اهو اندازو غلط نه ٿيندو ته اهو ڳوٺ هتان جي ملاحن جو آباد ڪيل هو، جن جو عربي سمنڊ تي قبضو هو، جن لاءِ عربن ”ميد“ لفظ استعمال ڪيو آهي. بديڻو ڪو ملاحن جو وڏو هو. هي ڪو مڙس منير ٿي گذريو آهي، انهيءَ جي نالي تي اهو شهر يا ڳوٺ قائم هو. سندس قوم سڪندر مقدونيءَ جي گماشتن کي به هن پٽ ۾ پير کوڙڻ ڪونه ڏنا هئا.“[131]
    ٺٽي جي سادات بزرگن بابت لکڻ وقت، اهلبيت سان پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪندي مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي ڪتاب: تحفته الڪرام، ۾ هڪ هنڌ هيئن لکي ٿو ته: ”شروعات اهل بيت جي برگزيده طبقي سان ڪجي ٿي. ڇاڪاڻ ته اهي ئي موجودات جي ڪتاب جي بسم الله آهن.“[132] لاڙ شروع کان عزاداريءَ جي حوالي کان سڄي سنڌ ۾ پنهنجي الڳ ٿلڳ حيثيت رکي ٿو. لاڙ جي عزاداريءَ جي رنگ بابت زهير حسين حيدري ٻڌائي ٿو ته: ”شهرن بدين، نندو شهر، ڪـڍڻ، تلهار، ٽندوباگو، پهاڙمري، ميرپور بٺورو ۽ جهرڪن ۾ گهڻو ڪري عزاداري ڪندڙ بنيادي ماڻهو خواجا اثنا عشري آهن، جيڪي اصل ۾ سڀئي اسماعيلي فرقي سان تعلق رکندڙ هئا، قائدِ اعظم محمد علي جناح به اسماعيلي خواجو هو، جيڪو پوءِ شيعا اثنا عشري ٿيو، ڪراچي جي خواجا اثنا عشري جماعت جو باقاعده ميمبر ٿيو، سندس نڪاح به شيعه فرقي جي عالم آقائي شريعت پڙهايو ۽ سندس جنازي نماز به شيعا عالم مصطفى جوهر پڙهائي جيڪو علامه طالب حسين جوهري جو پيءُ هو. اسماعيلي خواجا جيڪي آغا خان جا مقلد هئا، آغا خان کي وقت جو حاضرامام مڃيندا هئا (اڄ به سندن اهو ئي عقيدو آهي) ان فرقي جا ٻه حصا هئا، 1. پِڙائي (يعنى پِڙ ڪڍڻ وارا) اهي هرسال محرم مهيني ۾ ڪاٺين جو مچ ٻاري ان تي حضرت امام حسين ع جي شهادت جي حوالي سان نوحا پڙهي ماتم ڪندا هئا. مولوين ۽ ذاڪرن جي آڻاٺ هوندي هئي، ننڍڙا ڪتابچا پڙهي امام حسين ع جي شهادت جو تذڪرو ڪيو ويندو هو، ان تي گريو به ٿيندو هو. 2 حصو خانائي سڏائيندو هو، جيڪو پِڙ نه ڪڍندو هو، ماتم يا ذڪرِ امام حسين (ع) نه ڪندا هئا، پڙائي به هئا ته آغائي پر پِڙن تي ڪربلا جي شهيدن جي ذڪر سبب انهن ۾ تحقيق جي جستجو پيدا ٿي، شهادتن جي تذڪري، ماتم ۽ گريي جي ڪري پِڙائي خواجن ۾ جذبئه مودت گهر ڪندو ويو، ايستائين جو انهن ۾ 5 ڄڻا اهڙا جاڳيا جيڪي ايترا پڙهيل به نه هئا نه ئي ڪنهن شيعا عالم کان ڪي مناظري جا درس ورتل هئن، پر دل جي اندر جي اڌمن ۽ راهِ حق جي جستجو کين پنهنجي ان وقت جي عقيدي موجب حاظر امام سان مناظري لاءِ تيار ڪري ڇڏيو جيڪا نظرياتي اختلاف جي آزادي، هن دئور ۾ به ورلي ملندي جو ڪو عام پيروڪار پنهنجي سياسي يا مذهبي رهبر سان بحث مباحثي يا مناظرو ڪرڻ جي هام هڻي ويهي رهي. انهن پنجن ۾ سنڌ جي علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي شخصيت ۽ شعلئه بيان خطيب ڊاڪٽر نذير حسين حيدري جو پيءُ ۽ برک شاعر ۽ اديب شمشيرالحيدري جو نانو حاجي غلام علي خواجه (نندو شهر)، حاجي محمد جعفر ويساڻي (ميرپوربٺورو)، سيٺ ولي محمد گل محمد (ٽنڊوباگو)، مرحوم مولوي عبدالله (ميرپوربٺورو) ۽ سيٺ الله ورايو(راه مڪي بازار) شامل آهن، جن سنه 1900 عيسوي ۾ پرنس صدرالدين سان مذهبي مناظري ۾ کانئس مطمئن نه ٿيڻ کانپوءِ آغاخاني فرقي کان آزاد ٿي، خواجا شيعا اثناعشري (ٻارهن امامي) سڏائڻ شروع ڪيو. ان جي نتيجي ۾ ٻنهي جماعتن ۾ وڏا اختلاف ٿيا، هڪ ٻي جو سوشل بائيڪاٽ ٿيو، عزيز قريب ٽٽي ويا، ڪيس ٿيا، جيل ڀريا، ڪاروبار رلي ويا، راه مڪي وڏو واپاري شهر هو، پاسي ۾ علي بندر هو جتي سامونڊي جهاز لنگر ڪندا هئا، ماڻهو حج تي هتان ويندا هئا، اهي شهر اسماعيلي خواجن جا واپاري مرڪز هئا، انهن اختلافن جي ڪري شيعا مسلڪ اختيار ڪندڙن لا۽ رستا تنگ ٿي ويا، آخر ڪار کين لڏپلاڻ ڪري، ڏتڙجي، دربدر ٿي، بدين، نندو شهر، تلهار ٽنڊوباگو، پهاڙمري، ميرپوربٺورو جهرڪ ۽ پوءِ ڪراچي ۽ حيدراباد ۾ آباد ٿيئڻو پيو. حاجي غلام علي گهڻو پڙهيل ته ڪونه هو پر پنهنجي وقت جو وڏو واپاري ۽ مالدار ماڻهو هو، سندس چمڙي جو ڪوٺيون راهمڪي بازار، احمد آباد، امرتسر ۽ ٻين شهرن ۾ هيون، آغا خاني مان شيعا مسلڪ اختيار ڪندڙن ۾ هو پهريون حج تي وڃڻ وارو شخص هو، هو مسلمانن کي نماز جو عادي بنائڻ لاءِ روز جي ڏهاڙي ڏيئي کين نماز جو پابند بنجڻ جي تلقين ڪندو هو. وقت سان گڏ عزاداريءَ جي ولولي کين مردن ۽ زائفائن جا گڏيل امام بارگاه ٺهرائڻ جو اتساه ڏنو. لاڙ جي هر شهر ۾ هن وقت وڏا وڏا امام بارگاه، مجلسون،عشره، ماتمي جلوس، مرثيه خوان شاعر، ذاڪر، مولوي مقرر ۽ مبلغ ان جا عيني گواه ۽ زنده ثبوت آهن. پر ان وقت جيئن ته لاڙ جي انهن شهرن يا لاڳاپيل ڳوٺن ۾ ڪوبه مجلسون پڙهندڙ ذاڪر يا مولوي نه هو، ڪچا رستا، غربت، لاعلمي رستي ۾ رنڊڪ هئا. ان وقت پهريون ذاڪر حاجي غلام علي خواجا جو پٽ غلام حسين هو، جنهن پنهنجو شاعريءَ جو تخلص ”ملنگ“ رکيو هو، پنجاب کان ذاڪريءَ جا ڪتاب گهرائي ڪتاب تان ڏسي مجلسون پڙهندو هو، سندس مجلسن ۾ ڏاڍو گريو ٿيندو هو. پاڻ بهترين شاعر هو، ۽ هن ڪيترائي مرثيا به لکيا آهن جنهن ۾ هڪ مرثيو هي آهي ته:
    ”اي مومنو راوين ڪنان هي ذڪر ٿيوعيان،
    اڪبر کي لڳا رڻ ۾ جڏهن تير ۽ سنان
    اڄ به مجلسن ۾ جڏهن پڙهيو ويندو آهي ته مومنن ۾ گريو ناقابلِ برداشت هوندو آهي. لاڙ جي عزاداريءَ جي مجلسن ۾ باقائده برزبان پهريون مقرر حاجي غلام علي خواجا جو ٻيو پٽ نذير حسين حيدري هو جنهن جو مطالعو تمام وسيع ۽ هر مڪتبئه فڪر لاءِ هوندو هو، هن ڪيترا ئي مذهبي، سياسي، سماجي ۽ سائنسي بنيادن تي علمي ڪتاب لکيا. اوائلي دور ۾ مجلسون پڙهندڙن جي آڻاٺ سبب نذير حسين حيدري عاشور جي رات گھوڙي يا اٺ تي چڙهي سڄي رات بدين، ڪڍڻ، تلهار۽ ٽنڊي باگي ۾ بنا معاوضي مجلسون پڙهندو فجر جو الوداعي مجلس اچي نندي شهر ۾ پڙهندو هو. سندس لکيل هڪ مرثيو.
    گھايل ٿي ڪريو گهوڙي تان جنهن دم علي اڪبرعه
    بابي ڏي ڪري منهن چيئين هينئن بادلِ مظطر
    رس مون ڏي سگهو تون اچي اي سيدِ سرور
    نيزي جي اڻي حال ڪيو آهي مون ابتر.
    لاڙ جي عزاداريءَ جي مجلسن ۾ ۽ خاص ڪري حضرت علي اڪبر (ع) جي شهادت جي مجلسن ۾ ضرور پڙهيو ويندو آهي. ان کان پوءِ پنجاب ۽ اتر سنڌ کان ذاڪرن ۽ مولوين تبليغاتِ محمد و آلِ محمد صﷺ جي حوالي کان لاڙ ڏانهن اچڻ شروع ڪيو، درس تدريس، تحقيق ۽ تحرير، بحث مباحثا، مڪالما ۽ مناظرا شروع ٿيا. ٺٽي ۾ سيد غلام حيدر ڪوثري جهر جهنگ ۾ شيعت جي واڌاري لاءِ تمام وڏي جاکوڙ ڪئي، ان جي نالي سان اداره ڪوثري قائم ڪري خيرپور ضلع جي ذاڪر قلندر بخش وڏو تبليغاتي ڪم ڪيو، ان دوران لاڙ ۾ وڏا مرثيه ۽ نوحه خوان پيدا ٿيا، جن ۾ شمشيرالحيدري، ناصر علي خواجا، عبدالعلي خواجا، محسن خواجا، سائل آزاد، فتح علي حليم لغاري، نياز جتوئي، غلام محمد بيدم، قلب علي خواجا، لياقت پنجتني، غلام حسنين آزاد، عبدالله ڀرڳڙي، اشرف جعفري، شاعره نثار فاطمه، ڊاڪٽر مولا بخش جعفري ۽ مقررين ۾ مولانا غلام مهدي واگهريجي وارو، علامه حيدر علي جوادي کوسو(حاجي ساوڻ ماتلي وارو)، مولانا مراد علي حيدري، ڊاڪٽر نذير حسين حيدري، مولوي جعفر خواجا، مولانا مقداد علي جعفري، حاجي علي محمد ڪربلائي، ڊاڪٽر مختار حسين جعفري، ذاڪر مقبول خواجا، محمد قاسم خواجا، ذاڪر فدا حسين خواجا، مولانا جعفر حسين بادل، مولانا حيدر بخس لغاري، مولانا نقي کوسو، مولانا عابد حسين لغاري، ذاڪر مقصود حسين خواجا، سيد مظفر حسين، زهير حسين حيدري ۽ ٻيا ڪيترا ئي شامل آهن. هر شهر ۾ ڪيتريون ئي عورتون هن وقت بهترين خطابت ڪري زينبي پيغام پهچائڻ ۾ رڌل آهن.“[133]
    هن وقت لاڙ ۾ عزاداري انقلابي انداز ۾ مقصدِ امام حسين عليه جي تناظر ۾ ٿئي ٿي، جنهن ۾ هر ذات ۽ هر طبقي جي شراڪت آهي، شهرن ۽ ڳوٺن ۾ مسجدن ۽ امام بارگاهن جو ڄار وڇايل آهي،علم حضرت عباس عه، شبيهه ذوالجناح، تعزيا ۽ سبيلون نڪرن ٿيون، اتحاد بين المسلمين جي تناظر ۾ موجوده وقت جي يزيدي قوتن خلاف انقلابي رنگ ۾ عزاداري پروان چڙهي رهي آهي، ڪو شهر يا ڳوٺ نه آهي جتي ياحسين ع جي صدا نه بلند ٿيندي هجي، ڪا ذات ڪو فرقو نه آهي جتي ڪربلا جي صدائي ’هل من‘ جو پڙاڏو نه گونجيو هجي. لاڙ جي سوڳوار عزادارن جا سڏڪا وچولي تائين پهتا آهن. ۽ لاڙ، وچولي جي شهر محرابپور جي جديد ماتمي انداز کان متاثر ٿيندو رهيو آهي. محرابپور جي شاعر اهلبيت سيد ارشاد حسين شاهه، بدين، تلهار ۽ لاڙ جي ٻين علائقن ۾ جديد عزاداريءَ جي پيغام کي عام ڪيو.
    لاڙ جي عزاداريءَ ۽ اتان جي مومنن جي مَن ۾ مذهبي شخصيتن جي اثر بابت زهير حسين حيدري چوي ٿو ته: ”وري ايراني انقلابِ اسلامي جي اثر سون تي سهاڳي جو ڪم ڪيو آهي، لاڙ جا شيعا ايران جي آيت الله خميني، خامنائي، لبنان جي آيت الله موساالصدر، حزب الله جي حسن نصرالله، نائيجيريا جي آيت الله ابراهيم زڪزڪي، سعودي عرب جي شهيد شيخ باقرالنمر، بحرين جي شيخ عيسا قاسم، يمن جي انقلابي اڳواڻ عبدالمالڪ حوثي، پاڪستان جي شهيد علامه عارف حسين الحسيني ۽ سيد امام علي شاهه جي قربانين فڪر ۽ جاکوڙي ڪردار کان ايترا متاثر آهن جو لاڙ جي عزاداري تي انهن رهبرن جي فڪر جو اثر نمايان نظر ايندو.“
    لاڙ ۾ هن وقت ڪيترائي مدرسا آلِ محمد جي فڪر کي عام ڪرڻ لاءِ سرگرمِ عمل آهن. ڪيتريون ئي ماتمي تنظيمون تحريڪِ حسيني کي مظبوط ڪرڻ جي لاءِ جاکوڙي رهيون آهن. سڀئي ادارا مشن امامِ زمانه جي عنوان هيٺ ڳوٺن ۾ نماز روزي ۽ سمورن فقهي ۽ موجوده حالتن پٽاندڙ ڄاڻ ڏيڻ لاءِ عملي ڪم تيزيءَ سان جاري رکيو اچن.


    ڪڇ ۾ ذڪرِ حسين عه

    تاريخِ سنڌ ڏسي ٿي ته، سنڌ ماضيءَ ۾ حدن جي حوالي کان وسيع هئي، جنهن جون حدون پري پري تائين پکڙيل هيون؛ جنهن ۾ ڪڇ جو خطو به اچي وڃي ٿو. ڪڇ جي جاگرافيءَ بابت اليگزينڊر ڪننگھام پنهنجي ڪتاب ’سنڌ _ هند جي قديم جاگرافي‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”ستينءَ صديءَ ۾ سنڌ جو چوٿون صوبو ڪڇ هو، جيڪو اڪبر جي دور تائين سنڌ سان ڳنڍيل هو. شين سئنگ جو بيان آهي ته اهو علائقو سنڌ جي راڄڌانيءَ کان 1600 لي يا 267 ميل ڏکڻ اوڀر پاسي آهي (471). تنهن زماني ۾ سنڌ جي راڄڌاني الور هئي، جيڪا بکر ويجھو ۽ سنڌوءَ جي ڪناري سان آباد هئي.“[134]
    ڪڇ جي والار بابت جيمس برنس پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جي درٻار‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”انگريزن جي فوج سنه 1819ع ۾، ڪڇ کي آخري طرح والاريو.“[135] ڪڇ جي جاگرافي ۽ تهذيب بابت گريگوري ايل. پوسيل پنهنجي ڪتاب: ”سنڌو سڀيتا جا سوراشٽر وارا ماڳ“ ۾ لکي ٿو ته: ”جاگرافيءَ جي نقط، نظر کان ڪڇ سنڌ ۽ گجرات کي پاڻ ۾ ملائيندڙ علائقو آهي.“[136]جڏهن واقعي ڪربلا پيش آيو، ته ان جي دانهن سنڌ جيان ڪڇ جي علائقي مان به بلند ٿي. جڏهن ڪڇ رڻ ۾ قتل حسين عه جي خبر پهتي ته، اتان جي شاعرن به ذڪرِ حسين عه جي صدا بلند ڪئي.
    گھڻو گمان آهي ته، ڪڇ جي شاعرن ۽ سگھڙن وقت جي راجائن جيڪي ’شاعرن ۽ اديبن جا وڏا قدر دا هيا‘ تن جي محفلن ۽ مجلسن ۾ پنهنجي شاعريءَ وسيلي ذڪر حسين عه کي زنده رکيو جيڪو سلسلو ورهاڱي تائين جاري رهيو. جنهن جي شاهدي ڪڇيءَ جا هي شاعر الهڏنو شاهه پڇمي، ميون ملوڪ کوڙ ۽ عبدالرزاق کٽي ”رازق ڏنو“ جن پنهنجي لکيل مرثيي، بيت ۽ ڪافيءَ جي صورت ۾ ڏئي رهيا آهن.
    ڪڇي راجائن جي سهپ، سخاوت ۽ قدر بابت محمد سومار شيخ پنهنجي ڪتاب ’ڪڇين جا قول‘ ۾ لکي ٿو ته: ”ڪڇ جا سخي راجا شاعرن ۽ اديبن کي هر وقت همتائيندا ۽ ڏان ڏيندا پئي آيا. ان ڪري شاعر پنهنجي فن کي ذوق شوق سان وڌائيندا رهيا. ان سلسلي ۾ نه فقط راءِ صاحب شاعرن ۽ اديبن کي همتايو، پر شاعرن کي اميرن، رئيسن، پيرن ۽ فقيرن پڻ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ۽ نوازيو. جنهنڪري ڪڇ جي شعر و شاعري ۽ علم و ادب ۾ شاعرن ۽ اديبن هڪ ٻئي کان وڌيڪ پنهنجا جوهر ڏيکاريا.
    مڙني کان مهند جنهن ۾ ڪڇ جي سخي راجا جو نالو اچي ٿو،سو ڦل وڏو آهي، جو شاعرن ۽ اديبن کي لکين روپيا انعام ڏيندو هو. ان ڪري نه فقط ڪڇ جا شاعر انهيءَ سخا مان فيضياب ٿيندا هئا، سنڌ ۾ بهاولپور جا ڀانَ ۽ ڀَٽَ به سنڌي شعر پڙهي انعام حاصل ڪندا هئا.
    پڇاڙيءَ وارن راجائن مان راجا ڏيسر به شاعرن، اديبن ۽ راوين جو وڏو قدر دان هو. جيتوڻيڪ هندو ڌرم جو مڃيندڙ هو، پر جڏهن ميانجي الهڏني جو ”جوڙيل“ ”ڌُٻ جو بيان“ ميانجي حسن جي واتان سندس اڳيان پڙهيو، جنهن ۾ بُتن جي سخت گلا ۽ اسلام جي واکاڻ لکيل هئي، تڏهن به راجا ٻڌندو رهيو ۽ خاموش رهيو، آخر ۾ کيس انعام به ڏنائين. ڪڇ جا راجا شاعرن کي عزت جي نظر سان ڏسندا هئا.“[137] ڪڇ مان ٻُرَندَڙَ غمِ حسين عه جي صدا جي صورت ڪجھ هن ريت آهي. جيڪا ’ميون ملوڪ کوڙ‘ هن مرثيي ۾ پيش ڪئي آهي.
    ڪـربــلا ۾ ڪــاري هـئــي،
    حسڻ حسيڻ يا علي شير ملهايو.
    اڄ امامن تي اوکي آئي،
    آگي ان جا نام وڌائي،
    دين ان جا درست رکائي،
    مٿي تي رڪ رئي،
    نام مولى جي سر لٽايو.
    کوسي مان اچي خيما کوڙئون،
    جونش مان تن جنگ جوڙئون،
    ]مصيبت کان منهن نا موڙئون[
    هيبت مان اُنين هاڪ هنئي،
    دشت مان ان جا ڌڙ ڌٻايو.
    ڏوهه ڏينهن سختيون ڏٺائون،
    ويل وچينءَ جي، امر مڃيائون،
    ’کوڙ ملوڪ‘ چئي رب رضائون،
    سوين ملائڪن سيڄ کنئي،
    جنت ۾ ان جا هنڌ جوڙايو.“ [138] (ميون ملوڪ کوڙ)
    عبدالرزاق کٽي ”رازق ڏنو“ غم حسين عه ۾ هنجون هاري پنهنجي بيت ۾ ذڪر حسين عه هيئن ڪري ٿو ته:
    عليءَ جي اولاد سين، ڪئي حرامين هِيس،
    هي اڳي رضا تي راضي، هئا. پر پليدن ڪيا ڪيڏا ڪِيس،
    ’رازقڏني‘ کي روئڻ جي، آهي راتو ڏينهان رِيس،
    احمق اُهي ابليس، جي منڪر ماتم کان مُڙيا.“[139] (عبدالرزاق کٽي)
    الهڏنو شاهه ’پڇمي‘ پاڻ اصل ڳوٺ اندو لڳ (پڇم) جو رهاڪو هو، جنهن ڪري ’پڇمي‘ سڏائيندو هيو. جنهن مٿي ۾ مٽي وجھي (خاڪِ ڪربلا) سيني تي ٻئي هٿ هڻي ابهم علي اصغر عه جي درد ناڪ شهادت جو پنهنجي بيت ۽ ڪافيءَ ۾ اظهار هيئن ڪيو ته:
    بيت
    حرمل حرامي حادثي، خارجي خنزير،
    طفل کي تير هنئين، ڪري پٽ پيو به پير،
    حضرت سندي هنجھ ۾، ڏنو ساهه صغير ،
    رت وهيو ريلا ٿيا، جت تازي پئي تڪبير،
    الهڏنه شاهه کي ان ڏينهن، پئا چهڪ اندر ۾ چير،
    طرف سندي تقدير، جنهن هيڏو قهر ڪرايو.
    ***
    ڪافي
    تقدير مڃي مير، شاهه شبير ڪربل ۾،
    لڏيا لال، بي مثال، پارس پير ڪربل ۾،
    اُڃيا آب، بي حساب، وڍيا وير ڪربل ۾،
    آيا ميدان منجھ بيبان، ساري خيما بيٺا سو،
    سامئا شمر، ٻڌي ڪمر، جنبي جوان بيٺا سو،
    جھليئون جان تي نشان، تفنگ تير ڪربل ۾،
    ”الهڏنو شاهه،“ بي پرواهه، احمد الله ئي آهي،
    عجب انسان، اعلي شان، ڇڏئين ڪربلا ۾ ڪهائي،
    وهي رت جا هليا ريلا، ندين جيئن نير ڪربل ۾.“[140]
    (الهڏنو شاهه)
    سنڌ جي قديم عزاداري جيڪا پهرين ياحسين عه جي بلند صدائن سان شروع ٿي، تنهن ڪلهوڙن جي دور ۾ درگاهن ۽ پِڙن تي پڙهي ويندڙ شاهه ڀٽائيءَ جي وائي کانپوءِ سيد ثابت علي شاهه جي مرثين سان ميرن جي دور ۾ جدت وارو اوج ماڻيو. ان بعد طرزن تي نوحا خواني تي جديد عزاداريءَ ۽ محرم الحرام جي پهرين ڏهي ۾ امام بارگاهن ۾ عشرن جي شروعات ٿي. جنهن ۾ ايران ۽ عراق جي عالمن جي آمد جو سلسلو شروع ٿيو. جنهن سان جديد عزاداريءَ جي اوج وارو سلسلو اتر سنڌ کان شروع ٿي سنڌ جي ساهتي علائقي محرابپور ۾ پهتو، جتي عزاداري جي ابتدا ان ئي انداز سان ٿي. محرابپور مان تاريخي شهرن بهلاڻي، هالاڻي، درٻيلو، هنڱورجا، ڪوٽڙي محمد ڪبير، ڀريا، نوشهرو فيروز ۽ مورو کان علاوه ساهتيءَ جي ٻين ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن اثر ورتو.


    اتر سنڌ جي عزاداري

    سنڌ ۾ محبتِ اهلبيت ۽ عزاداري اهلبيت جي پکيڙ جو جديد سفر ميرن جي ايام ڪاريءَ ۾ شروع ٿيو. جيڪو حيدر آباد کان پوءِ اتر سنڌ خيرپور رياست تائين پهتو. اتر سنڌ ۾ خيرپور رياست جي ميرن، خيرپور ۽ آس پاس جي علائقن ۾ عزاداري امام حسين عليه السلام کي زور وٺرايو. اتر سنڌ ۾ مير رستم خان ۽ مير علي مراد خان ٽالپر ۽ سندس جانشينن مذهبِ اهلبيت کي فروغ ڏياريو.
    رياست خيرپور جي مير _ ٽالپرن جي تخت نشينيءَ جي رسمن ۽ سندن خاص عقيدي بابت سيد حسام الدين راشدي پنهنجي ڪتاب ’ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‘ ۾ لکي ٿو ته: ”خيرپور وارن جي تخت نشينيءَ جون ته سموريون رسمون کهڙن جا سُني مخدوم بجا آڻيندا هئا، ۽ انهيءَ حد تائين ٽالپر، مخدومن تي پاس خاطري ڪندا هئا، جو کهڙن جي ڳوٺ ۾ محرم جو ماتم به سرڪاري طرح ممنوع هو.
    اهوئي سلوڪ ٽالپرن جو پنهنجي هندو رعايا سان هو. ديوان آوتراءِ ملڪاڻي لکي ٿو ته، ’سندن صاحبيءَ ۾ مسلمان هندن کي مذهب نسبت ڪونه ستائيندا هئا.‘ (سنڌ جا ٽالپر، ص: 41).“[141] ميرن جي صاحبيءَ ۾ کهڙن ۾ عزاداري شروع ڪرائن جي جرم ۾ ٻه سال ڪوٽ تي چاڙهيل سيد ڇتن شاهه (ٻيو) بابت پروفيسر منظور حسين کهڙو پنهنجي سهيڙيل ڪتاب ’ڪلام سيد ريجھ علي شاهه‘ ۾ لکي ٿو ته: ”دين محمد شاهه (ٻيو) جي برقعي مٽائڻ کانپوءِ درگاهه جو متولي سيد ڇتن شاهه (ٻيو) ٿيو. کهڙا شهر ۾ هيءُ پهريون شخص هو، جنهن ماتم داريءَ ۽ مجلس جي شروعات ڪري عَلم نسب ڪيو. جنهن تي مخدومن اعتراض ڪيو، جنهن ڪري هن سادات کي ڪوٽڏيجيءَ واري قلعي ۾ ٻه سال قيد ڪاٽڻو پيو. آخر ڪار شاهه صاحب جي سچي حبِ، اهل بيت مير فيض محمد کي مجبور ڪيو هو جو هو ڪوٽ تي آيو ۽ شاهه صاحب کي آزاد ڪري کهڙا شهر ۾ ساڳيو عَلم هڻي ڏنو، اهو عَلم اڄ ڏينهن تائين قائم آهي، جنهن کي هر سال ڇهين محرم الحرام تي سينگاريو ويندو آهي.“[142]
    خيرپور جي ٽالپر ميرن جو شروع کان وٺي فڪر جي حوالي کان محبتِ اهلبيت سان واڳيل هجڻ بابت مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب ’خيرپور رياست جي تاريخ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”مير صاحب جهڙا پاڻ توڙي ٻيا مير صاحب، جهڙا خيرپور وارا تهڙا حيدرآباد وارا مذهب جا شيعا هوندا هئا، عاشور جي ڏينهن ۾ خود مير صاحب (مير علي مراد خان) شڪار بند ڪري ڏيجي جي ڪوٽ ۾ اچي رهندو هو ۽ ماتم ڪندو هو. ۽ انهيءَ سبب ڪري مير صاحب جي وفات کانپوءِ سندس وصيت موجب سندس لاش ڪربلا ڏي موڪليو ويو ۽ اتي خاص حجري ۾ دفن ڪيو ويو.“[143]
    ٽالپرن جي مذهبي فرقي بابت جيتريون به روايتون ملن ٿيون ته هو اصل، ڪلهوڙن جي وقت کان وٺي شيعا هيا ۽ ڪجھ ماڻهن جي راءِ آهي ته، رياست جي حڪمراني ملڻ بعد ايراني ۽ عراقي عالمن جي صحبت ۾ فڪرِ اهلبيت جا حامي بڻيا. جنهن بابت پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ پنهنجي (ٿيسز) ڪتاب:’خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو،‘ ۾ لکي ٿو ته: ”ميرن جي مذهبي مڪتب فڪر متعلق متضاد روايتون ملن ٿيون. ڪن جي خيال موجب هو اصل ۾ سني فرقي جا هئا. پر پوءِ ايراني عالمن ۽ درٻارين جي ذريعي شيعت اختيار ڪيائون. سنڌ جو آخري ٽالپر تاجدار مير نصير خان لکي ٿو، ته ٽالپرن جو وڏو مير شهداد خان ٽالپر ڪلهوڙن جي صحبت ۾ شيعو بڻيو ۽ ڪلهوڙا اصل ۾ سيد ميران شاهه جونپوري جا مريد ۽ شيعا هئا. حالانڪ ميان نور محمد ڪلهوڙي پنهنجي وصيت ۾ پنهنجي خاندان کي حنفي فقهه جو قائل سڏيو آهي. مير علي مراد خان خيرپوريءَ جو پَڙَ پوٽو صاحبزادو مير حاجي غلام حسين روايت ٿو ڪري ته: ٽالپر اصل کان وٺي شيعا هئا. ۽ پنهنجو مذهب ڪڏهن به ڪو نه مٽايو هئائون. بهرحال سنڌ جي اوائلي ٽالپرن جو مذهبي مڪتب فڪر ڪهڙو به هجي، پر اها ڳالهه پڪ سان چئي سگھجي ٿي، ته خيرپور جا ٽالپر مير سهراب خان کان وٺي شيعا رهيا آهن ۽ اڄ تائين شيعه آهن. ان جي ثبوت لاءِ خيرپور جي ڪراڙن ماڻهن جون پنهنجن وڏن کان ٻڌل متواتر روايتون ۽ ماتمداري جا آثار پڪا ۽ پختا دليل آهن.“[144] ميرن جي مذهبي فڪر بابت سنڌ جي عزاداريءَ جي تاريخ ۾ ميرزا امام علي بيگ لکي ٿو ته: ”اها حقيقت متفق عليه آهي ته ٽالپر حڪمران شيعا هئا. هر حڪمران پنهنجي پنهنجي دور حڪومت ۾ عزاداري سيد الشهداء کي بيحد فروغ ڏنو. سنڌ ۾ عزاداري ملهائڻ تي ڪابه پابندي ڪانه هوندي هئي، بلڪ خود ٽالپر حڪمران اهڙي سعادت حاصل ڪرڻ ۾ ڪو به گريز نه ڪندا هئا.“[145]
    اتر سنڌ جي عزاداريءَ ۾ ميرن جي ذاتي دلچسپيءَ سبب اضافو آيو. جنهن جو سهرو ”مير علي مراد ٽالپر جي پٽن مير جان محمد ۽ مير خان محمد ٽالپر جي سِرَ تي اچي ٿو“.[146] هنن جي دور ۾ مڪمل عشرو شروع ٿيو. جنهن سان محرم جي ڏهن ئي ڏهاڙن تائين عزاداري جاري رهي. جيڪو سلسلو اڳتي هلي تيرهن ڏهاڙن (ٽيجھي) تائين جاري رهيو. خيرپور جا مير دوران عزاداري ڪارا ڪپڙا، پير اگھاڙا ۽ مٿي ۾ ڪربلا جو خاڪو وجھي ماتمي جلوسن ۾ ايندا هيا ته سڄو عوام ساڻن گڏ هوندو هيو، جنهن سان اتر سنڌ ۾ جديد عزاداريءَ ۾اضافو آيو جنهن اڳتي هلي اوج ورتو.
    اتر سنڌ جي عزاداري بابت ڊاڪٽر عطا محمد حامي پنهنجي (ٿيسز) ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: ”خيرپور جا سمورا مير شيعا هئا ۽ محرم مهيني جي ڏهاڪي جا پويان ٽي ڏينهن ماتمداريءَ ۾ گذاريندا هئا. مير علي مراد خان جي پٽن مير جان محمد خان ۽ مير خان محمد خان ماتمداري ۾ اضافو آندو ۽ پورا ڏهه ڏينهن ماتم جون تقريبون قائم ڪيائون. ان وقت کان وٺي سمورا مير ڏهه ئي ڏينهن ماتم ۾ گذاريندا هئا ۽ ڪارا ڪپڙا پائيندا هئا.“[147] مير علي نواز ٽالپر جي دور 1921 _ 1915ع تائين، رياست خيرپور جي هر هڪ شهر ۽ ڳوٺ ۾ عزاداريءَ جا مرڪز قائم ٿي ويا. رياست جي عزاداريءَ ۾ جدت آئي جنهن جي نئين رنگ ۽ انداز وارو پيغام پوري سنڌ تائين پهتو. پوءِ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به انهيءَ انداز سان ماتمداري ٿيڻ لڳي.
    اتر سنڌ ۾ عزاداريءَ کي فروغ ڏيڻ لاءِ خيرپور جي ميرن ڪوٽڏيجيءَ ۽ رياست جي ٻين شهرن ۾ عشري محرم جي ٿيندڙ پروگرامن کي زينت بخشڻ ۽ عوام کي معرفتِ اهلبيت جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ پهرين ايران، عراق پوءِ هندستان ۽ ان بعد پنجاب جي مختلف شهرن مان وڏا وڏا مفتي، عالم، مولوي ۽ ذاڪر گھرايا. جن جي پرچار کانپوءِ خيرپور کانسواءِ آس پاس ۽ محرابپور تائين معرفتِ اهلبيت ۽ عزاداري اهلبيت جو پيغام پهتو. جتان ساهتيءَ تائين پکڙيو.
    ڪوٽ ڏيجيءَ جي عزاداري
    ڪوٽ ڏيجي سنڌ جو تاريخي شهر ۽ سُهراباڻي ميرن جي پهرين تخت گاه آهي. ان بعد خيرپور عزاداريءَ جو مرڪز بڻيو جتان ساهتيءَ تائين پيغام پهتو. ڪوٽ ڏيجيءَ جي تاريخي قدامت بابت مولائي شيدائي جنت السنڌ ۾ لکي ٿو ته: ”اڳ سُهراباڻين جو تخت گاه احمد آباد (ڪوٽ ڏيجي) هو. مير سهراب خان هاليپوٽن کان هاڻوڪي خيرپور جي زمين خريد ڪري، خيرپور جو شهر تعمير ڪرايو. پوءِ سهراباڻين جو تخت گاه ٿي رهيو. خيرپور باغات ڪري مشهور آهي.“[148] ڪوٽ ڏيجي ميرن جي پهرين تخت گاه هجڻ ڪري ان کي اتر سنڌ ۾ عزاداريءَ جو ابتدائي شهر به چئي سگھجي ٿو. هن شهر ۾ باقاعدي عزاداري مير فيض محمد ٽالپر جي دور ۾ شروع ٿي.
    ڪوٽ ڏيجيءَ جي عزاداريءَ ۾ اضافي ۽ رياست خيرپور کان سنڌ جي ٻين شهرن تائين پهتل عزاداريءَ جي پيغام بابت عطا محمد حامي پنهنجي (ٿيسز) ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: ”مير علي مراد خان جي وفات کان پوءِ، جڏهن مير فيض محمد خان ”7 اپريل 1894ع پهرين شوال 1311هه عيد ڏهاڙي“[149] تخت نشين ٿيو، تڏهن ماتمداريءَ ۾ مزيد اضافو آيو ۽ خيرپور کان سواءِ ڪوٽڏيجيءَ ۾ به ماتمي جلوس نڪرڻ لڳا. عطا محمد اڳتي لکي ٿو ته: ”خيرپور ۽ ڪوٽڏيجي کان سواءِ رياست جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ به ماتمداري زور وٺندي وئي. ۽ مير علي نواز خان جي ڏينهن 1921 _ 1915ع تائين رياست جي هر هڪ شهر يا ڳوٺ ۾ ماتمداريءَ جا مرڪز قائم ٿي ويا. ۽ رياست خيرپور جو ماتم ساري سنڌ ۾ مشهور ٿي ويو.“[150] پوءِ ان ئي انداز سان ٿيڻ لڳو.
    هن وقت خيرپور ۽ ڪوٽ ڏيجيءَ جا عالم، ذاڪر ۽ نوحا خوان ۽ شاعر سنڌ، هند ۽ سڄي دنيا ۾ مشهور آهن. جن ۾ سيد رضا عباس شاهه، سرائي امداد حسين ’عاصي،‘ سيد اڪبر شاهه ۽ ٻيا عزادار پنهنجي سُهڻي پڙهت، خطابت سبب ڏيهان ڏيهه مشهور آهن. اشفاق حسين ٽالپر (مير اشو)، مير انور حسين ۽ الطاف حسين ٽالپر (مير جاني) جا سُريلي ۽ سيبتي انداز ۾ پڙهيل شاعرِ اهلبيت سيد قاسم علي شاهه ڪاظمي’ آقف شاهه‘، سيد محمد علي شاهه رضوي ’جوهر شاهه‘ ۽ سيد افضل شاهه رضوي، (ڪوٽ بنگلو) ۽ مريد حسين لُنڊ جا لکيل نوحا، ڀلا ڪنهن کان ڀُلجي سگھن ٿا. جيڪي ماهه محرم جي سج اڀرڻ سان فضا ۾ گونجدا آهن ته، سڄي سنسار کي سوڳوار بڻائي ڇڏيندا آهن. ڌرتيءَ تي صبح جي اک کلڻ سان ئي چئوڏس نوحن جي صورت ۾ جڏهن ڪربلا جي سرجيل ڪهاڻي ٻُرڻ لڳندي آهي، ته ائين ڀاسندو آ، ڄڻ واقعي ڪربلا اڄ جي ڳالهه آهي.
    شهر کهڙا جي عزاداري
    خيرپور جي قديم شهر کهڙا ۾ عزاداريءَ جي ابتدا بابت پروفيسر منظور حسين کهڙو پنهنجي سهيڙيل ڪتاب ’ڪلام سيد ريجھ علي شاهه‘ ۾ هڪ هنڌ هيئن لکي ٿو ته: ”سيد ٻڍل شاهه جي وفات کانپوءِ فقيريءَ جي مسند تي سندس پٽ سيد ريجھ علي شاهه (ٻيو) ويٺو. جيئن ته هن کي ڪو به اولاد ڪو نه هو، تنهن ڪري سندس وفات کان پوءِ سندس ڀاءُ سيد دين محمد شاهه جو پٽ سيد ڇتن شاهه (اول) فقيراڻي گاديءَ جو ڌڻي ٿيو. هي بزرگ به پنهنجن وڏڙن وانگر وڏي فيض جو درياهه هو، تنهن دور جا حڪمران مير سهراب خان ٽالپر ۽ مير رستم خان ٽالپر سندس تمام گھڻو قدر ڪندا هئا. راڻيپور توڙي گمبٽ جا پير پڻ کيس عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا.
    سيد ڇتن شاهه (اول) جي وفات کانپوءِ سندس پٽ دين محمد شاهه (ٻيو) مسند نشين ٿيو. جيڪو درياهه دل ۽ وڏو سخي مرد هو. هن جو ڏينهن رات پيو لنگر هلندو هو ۽ آيو ويو پيو کائيندو هو. سندس لاءِ مشهور آهي ته سندس دروازي تان ڪڏهن به ڪوئي سائل خالي ڪو نه ورندو هو.
    دين محمد شاهه (ٻيو) جي برقعي مٽائڻ کانپوءِ درگاهه جو مُتولي سيد ڇتن شاهه (ٻيو) ٿيو. کهڙا شهر ۾ هيءُ پهريون شخص هو، جنهن ماتم داريءَ ۽ مجلس جي شروعات ڪري عَلم نصب ڪيو. جنهن تي مخدومن اعتراض ڪيو، جنهن ڪري هن سادات کي ڪوٽڏيجيءَ واري قلعي ۾ ٻه سال قيد ڪاٽڻو پيو. آخر ڪار شاهه صاحب جي سچي حُبِ، اهل بيت مير فيض محمد کي مجبور ڪيو هو جو هو ڪوٽ تي آيو ۽ شاهه صاحب کي آزاد ڪري کهڙا شهر ۾ ساڳيو عَلم هڻي ڏنو، اهو عَلم اڄ ڏينهن تائين قائم آهي، جنهن کي هر سال ڇهين محرم الحرام تي سينگاريو ويندو آهي.“[151] اهڙي ريت هن شهر ۾عزاداري امام حسين عه جو سلسلو شروع ٿيو. جيڪو اڄ اوج ماڻي چڪو آهي. هن شهر ۾ ڪاظمي سيد ريجھ علي شاهه ۽ ان جي خاندان جي ڪيل خدمتن کي وساري نه ٿو سگھجي.
    حسيني قافلو، گمبٽ
    سيد ريجھ علي شاهه ڪاظميءَ هيءُ قافلو پهرين سنه 1933ع ۾’ڳوٺ پپري‘ لڳ گمبٽ، کان ڪڍيو، جيڪو ’ڦلو بندر‘ تعلقه گمبٽ کان ٻيڙين ۾ وسيلي سنڌو درياءَ جو سفر ڪري وڃي ’جمن جتيءَ‘ کان سيوهڻ پهچندو هو؛ جتي حضرت قلندر شهباز جي عرس جي پهرين ۽ ٻئي ڏهاڙي شعبان المعظم جي 18 ۽ 19 هين تاريخ تي ماتمي جلوس برپا ڪندا هيا. جتان کين ڀٽ شاهه تي وڃڻ جي بشارت ملي. ته پاڻ سنه / 401939ع کان هن قافلي جو رخ سيوهڻ کان ڀٽ شاهه ڏانهن ڪيو.’حسيني قافلو‘ جيڪو پهرين ’ڳوٺ پپري تعلقه گمبٽ‘ کان نڪرندو هيو، جنهن جو بانيڪار، سالار سيد ريجھ علي شاهه ڪاظمي هيو. (هن خاندان ۾ چار ريجھ علي شاهه آهن. هي قافلو ٽئين ريجھ علي شاهه ڪڍيو.) سنه 1955ع ۾ سندن وفات کانپوءِ، هي قافلو سندس مزار بمقام ’درگاهه سيد ريجھ علي شاهه ڪاظمي،‘ گمبٽ _ کان سندس فرزند سيد امام علي شاهه جي سالاريءَ ۾ نڪرڻ لڳو؛ جيڪو اڄ تائين ان ئي انداز سان نڪرندو اچي ٿو.
    ’حسيني قافلي _ گمبٽ‘ جي سالار سيد ريجھ علي شاهه ڪاظميءَ کي جڏهن شهباز قلندر جي درٻار تان ڀٽ شاهه تي ماتم برپا ڪرڻ جي بشارت ملي. هن سيني تي هٿ هڻي سرد آهه ڀريندي چيو ته:
    آيـو حسيني قـافـلو فاتـحه ڀٽـائيءَ کـي ڏيـڻ،
    ٻول مومن ياحسين، هر هر اها وائي چـوڻ.
    (ريجھ علي شاهه)
    سيد امام علي شاهه کانپوءِ هن قافلي جي سالاريءَ سميت سڀ ذميواريون سيد ريجھ علي شاهه (چوٿون) عرف سيد سرڪار حسين شاهه ۽ سيد سردار حسين شاهه جن سنڀاليون. ۽ ماتمي حلقي جي سالاري سيد ارشاد حسين شاهه حوالي هئي. هي قافلو صفر مهيني جي 13 هين تاريخ تي گمبٽ ’درگاهه سيد ريجھ علي شاهه‘ تان ڀٽ شاهه لاءِ روانو ٿيندو آهي ۽ 16هين صفر تي وري ’درگاهه ريجھ علي شاهه‘ تي واپس ايندو آهي. گمبٽ کان نڪرڻ بعد هن قافلي جون رستي ۾ ڪجھ شهرن ۾ منزلون به ٿينديون آهن، جيڪي وقت ۽ حالتن جي مناسبت سان تبديل به ٿينديون رهنديون آهن. قافلي جو مقصد ڀٽ شاهه جي عرس (ميلي) جي موقعي تي ٻه ڏهاڙا عزاداري برپا ڪري ماتم وسيلي حسينيت جو پيغام عام ڪرڻ آهي.
    شروعاتي دور ۾ هي قافلو گمبٽ مان نڪرڻ کانپوءِ، پهرين منزل شاهپور جهانيان ان بعد سيد امام علي شاهه، ڀريا سٽي، ۽ هاڻ محرابپور ۾ ڪندو آهي. محرابپور مان نڪرڻ بعد ٻي منزل (ٽن سالن تائين عبدالحميد ميمڻ، هالاڻيءَ ۾ ٿي) زوار سيد خادم حسين شاهه، (مورو)، کانپوءِ ’منزل گاهه ڀٽ شاهه‘ تي رات جي آخري پهر ۾ پهچندو آهي. واپسيءَ جون منزلون پهرين رئيس اميد علي دَلُ، سعيد آباد، ۽ هاڻ خادم حسين خاصخيلي امام بارگاهه، ان بعد سيد امام علي شاهه، هالا، کانپوءِ منزل گاهه درگاهه سيد ريجھ علي شاهه _ گمبٽ، تي اختتام پذير ٿيندو آهي.
    هي قافلو، منزل گاهه ڀٽ شاهه ”راوانتي،“[152] تي پهچڻ کانپوءِ صبح جو 9 وڳي راوانتيءَ واري امام بارگاهه کان يا حسين عه ....! يا حسين عه .....! جون درد ڀريون صدائون بلند ڪندو نڪرندو آهي؛ جنهن ۾ سڀ عزادار نوحن تي سينه زني ڪندا منجھند جو چوڪ بازار ۾ مجلس عزا برپا ڪرڻ بعد، ان ئي تسلسل سان لطيف جي درٻار ۾ داخل ٿيندا آهن. جتي مجلس عزا ٿيندي آهي. بعد مجلس ماتمي جلوس برپا ٿيندو آهي جيڪو ان ئي انداز سان پنهنجي منزل گاهه ’راوانتي‘ امام بارگاهه ۾ نهر ڪندو آهي. ٻئي ڏهاڙي به اهڙي ئي رنگ ۾ هي قافلو نڪرندو ۽ ختم ٿيندو آهي. اختتام تي دعاءِ خير سان ٿيڻ بعد، سڀني مومنن ۾ نياز امام حسين (ع) تقسيم ڪيو ويندو آهي. ٽئين ڏهاڙي 16هين صفر تي هي قافلو واپس گمبٽ پهچندو آهي جتي مومن سيد آلِ رضا جي هنن سٽن سان هڪ ٻئي کان موڪلائيندا آهن ته:
    بچي جو اگلي برس، هم هين اور يي غم ڦر هئي،
    جــو چـل بـسي تــو، يـي اپــنـا ســلامِ آخـر هئـي.
    (سيد آلِ رضا)
    شروعاتي دور ۾ هن قافلي جي نڪرڻ جو انداز ڪجھ هن ريت هوندو هيو ته: سيد ريجھ علي شاهه، منزل گاهه حسيني قافلو کان پنهنجن چند فقيرن سان گڏ، سازن: تنبوري، يڪتاري ۽ چپڙيءَ تي شاهه جون وايون، بيت ۽ پنهنجا لکيل قصيدا چوندو گريو زاري ڪندو لطيف سرڪار جي صحن اقدس ۾ اچي پهچندو هيو. هن قافلي جو لباس ’ڪاري گوڏ ۽ ڪاري قميص‘ آهي جيڪو شروع کان وٺي اڄ تائين ساڳيو ئي رهيو آهي. چون ٿا شاهه لطيف جو سڄي زندگي اهو ئي لباس رهيو. سنڌ ۾ سمن جي دور ۾ غم جو لباس’نيرو‘ هوندو هيو. سنڌ ۾ سوڳ لاءِ نيري رنگ جي استعمال بابت عبدالواحد آريسر حليم باغيءَ جي ڪتاب: ’اڙي شهرِ جانان‘ جي مهاڳ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”شهيدن تي ماتم ڪبو آهي ۽ ماتم جو لباس اسان وٽ ڪارو هوندو آهي، سنڌ ۾ سمن جي دور تائين ماتم جو لباس نيرو هوندو هو.“[153] شاهه ڀٽائيءَ پڻ غم جي لباس بابت سر ڪيڏاري جي هڪ بيت ۾ هيئن چيو آهي ته:
    مِيرَ مَدينئا نِڪري، آئِيا نه موٽي،
    ڪارا رَڱِجِ ڪَپڙا، اَدا نِيروٽِي!
    اَن تَنِين لاءِ لوٺِي، جي مِيرَ مُسافِرَ رانئيا.
    )شاهه(
    ڀٽ ڌڻيءَ جڏهن ’ڪارا رنڱج ڪپڙا‘ ڪري ذڪرِ حسين ڪيو ته، سنڌ ۾ ڪارو رنگ، احتجاج جي علامت ۽ عزاداراڻو رنگ بڻجي ويو. سنڌ جا عزادار ۽ شاهه جا فقير اڄ به ذڪر حسين(ع) ڪرڻ مهل ڪارو لباس ڪري ڪيڏارو جھونگاريندا آهن. لباس جو اهو خيال ’احرام‘ مان ورتل آهي جنهن جو مقصد سادگي ۽ سڀ هڪ ئي صف ۾ هئڻ وارو آهي.
    سيد ريجھ علي شاهه، جن ڪجھ وقت کان پوءِ ساز بند ڪري، سوز سان قصيده، وايون، بيت ۽ مرثيا چوندا هاءِ! حسين عه ..... ياحسين عه .....! جون پُر درد صدائون بلند ڪندا ميلي جي وچ بازار مان گذرندا هيا ته سڄي بازار کي روئاري ڇڏيندا هئا. اهڙو سلسلو ڪافي عرصي تائين اهڙي انداز سان جاري رهيو. ڪجھ وقت بعد سيد امام علي شاهه ۽ سندس ساٿين اعجاز هندل (تپيدار _ راڻيپور)، صوفي حسين بخش، خدابخش مهر، پيرل مڱڻهار، شهيد صلاح الدين (وڪيل)، سان گڏ نوحا خوانيءَ تي عزاداري ڪندا هيا. چوڪ بازار ۾ مجلس حسين عه برپا ٿيندي هئي جنهن کي مولوي عبدالڪريم سومرو، خطاب ڪندو هيو. ان بعد استاد عيسو شيدي، جمن شيدي، الهداد لنڊ، سلطان لنڊ، ڌڻي بخش ملاح، سيد ضمير شاهه، سيد علي رضا شاهه، ان کان علاوه مولوي عبدالڪريم سومرو، صوفي حسين بخش، زوار رستم (ملتان)، ۽ مستانو ڦلپوٽو جن گڏجي نوحا خواني ڪئي. ان بعد ٻين نوحاخوانن هن سلسلي کي جاري رکيو. هن قافلي ۾ محرابپور جي امداد علي ٽالپور، جي شرڪت کانپوءِ سندس ڳوٺ جا ٻه نوجوان سُريلا نوحا خوان استاد ڪمن حاجاڻو ۽ وريام شيدي جن جڏهن هن قافلي ۾ نوحا پڙهڻ شروع ڪيا ته قافلي جو رنگ تبديل ٿي ويو، قافلي جي عزاداريءَ اوج ورتو. جيڪو پيغام سنڌ ۽ پنجاب تائين پهتو. جنهن سلسلي کي اڄ تائين قافلي جا نوحا خوان سيد سردار شاهه، سيد حيدر شاهه، سيد افضل شاهه، زوار مظهر لغاري، غلام رسول خاڪي، سڪندر علي اڄڻ، اطهر (پپو) هڪڙو، نياز حسين حاجاڻو، زوار محمد علي چانڊيو، سينگار علي لنجواڻي، اختر حسين لغاري، ڪرم حسين مڱڻهار (پيرومل)، اسد حاجاڻو، امان الله ڦلپوٽو ۽ ٻيا کوڙ سارا نوحا خوان ۽ عزادار ان سلسلي کي سنڀاليندا ۽ هلائيندا اچن ٿا. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ مير فيض حسين ٽالپر، (ميربگھڙ)، ۽ مجاهد شاهه ’ناشاد‘، استاد غلام حيدر خاصخيلي، عبدالحميد ميمڻ، سيد علي شير شاهه، سيد مهدي شاهه، ۽ ٻيا ڪيترائي نوحا خوان هن قافلي ۾ پنهنجي حصي جي نوڪري ڏئي چڪا آهن. هن قافلي ۾ سڄي سنڌ کان علاوه ملتان، جو نامور نوحا خوان سيد عباس رضا نوحا پڙهي چڪو آهي. هن قافلي ۾ نوحا پڙهڻندڙن جو ڳاڻيٽو تقريباً 30 جي لڳ ڀڳ آهي.
    قافلو درٻار ۾ پهچڻ وقت تپيدار نورمحمد لغاريءَ پاران سڀني ماتمين لاءِ ٻئي ڏهاڙا چانهه جي سبيل جو انتظام ڪيل هوندو آهي. ڪجھ وقت تائين سيد جيئندل شاهه (ڀاڻوٺ) به هن قافلي جو روح روان رهيو. ماتمي جلوس ۾ شهزاده علي اصغر عه جي ياد ۾ ’جھولو‘ مبارڪ برآمد ڪيو ويندو آهي جيڪو ٻئي ڏهاڙا قافلي جي زينت بڻيل هوندو آهي. هي ’جھولو‘ حاويلي سيد ريجھ علي شاهه، ڳوٺ شير خان مهر، (دڙي وارا مهر) گمبٽ مان نڪرندو آهي.
    ڳوٺ نِهالُ خان سولنگيءَ جي عزاداري
    نيشنل هاءِ وي جي ساڄي ڪپ تي قائم، ڳوٺ ’نِهالُ خان سولنگي،‘ عزاداريءَ جي حوالي کان پنهنجي علائقي ۾ ماضيءَ جيان اڄ به ڪَرُ کنيو بيٺو آهي. هن ڳوٺ جي هڪ پاسي روهڙي ڪئنال جو کاٻو ڪپ ۽ ٻئي پاسي قومي شاهراهه جو ساڄو پاسو واقع آهي. ٻنهي جي وهڪرن جي وچ تي قائم هي ڳوٺ عزاداريءَ جي حوالي کان پنهنجي علائقي ۾ هڪ صديءَ جيتري مرڪزي حيثيت رکي ٿو.
    هن ڳوٺ جي اهم شخصيت زوار امير بخش سولنگي، پهرين درگاهه راڻيپور جو معتقد ۽ مريد هيو، جوانيءَ چڙهندي ئي محبتِ اهل بيت ۾ رنڱجڻ کانپوءِ زماني جي رنگينين کي ڇڏي زندگيءَ جي آخري ساهن تائين غمِ حسين عه ۾ گذاريائين.
    زوار امير بخش سولنگي پنهنجي پلاٽ ۾ علم حضرت عباس عه بلند ڪري، ڳوٺ ۾ پهرين امام بارگاهه جو بنياد رکيو. جتان ڳوٺ کان علاوه آس پاس جي ڳوٺن ۽ علائقن تائين عزاداري امام حسين عه جو پيغام پکڙيو. سندس مذهبي محبتن جو سلسلو محرابپور سان رهيو. جيڪو اڄ تائين قائم آهي. هن ڳوٺ ۾ پهريون شيعه نڪاح مولوي ڌڻي بخش سولنگي (پرنسپال سلطان مدرسه خيرپور ميرس) جي والد يار محمد سولنگيءَ جو ٿيو.
    هن ڳوٺ ۾ پهرين ياحسين عه جي بلند صدائن سان ڳوٺاڻي انداز ۾ ماتمي جلوس هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ تائين نڪرندو هيو. پوءِ آهستي آهستي جيئن جيئن عزاداريءَ جو پيغام پکڙجندو ويو. ته ماتمي جلوس جي روٽ ۾ به اضافو ٿيندو ويو. هاڻي ڏهين محرم الحرام جي رات مرڪزي امام بارگاهه مان نڪتل ماتمي جلوس علائقي جي سڀني ڳوٺن جي پِڙَنِ ۽ امام بارگاهن ڳوٺ خدابخش سولنگي، نياز حسين سولنگي، لعل بخش سولنگي، قادر بخش سولنگي، سائينداد سولنگي (شهيد عَلم)، کان ٿيندو صبح جو مرڪزي امام بارگاهه ۾ ختم ٿيندو آهي.
    ڏهه محرم جي ڏينهن (منجھند) وارو جلوس به مرڪزي امام بارگاهه کان نڪرڻ کانپوءِ ساڳئي انداز سان ويجھن پِڙَنِ دلشاد محلو، شهداءِ ڪربلا، کان گشت ڪندو شامِ غريبان وقت مرڪزي امام بارگاهه ۾ نهر ڪندو آهي. هن امام بارگاهه ۾ زوار امير بخش سولنگيءَ کان پوءِ متوليءَ واريون سڀ ذميواريون سندس ئي خاندان مان صابر حسين سولنگي سنڀاليندو اچي ٿو.
    هن ڳوٺ ۾ زوار امير بخش پاران محبتِ اهلبيت ۽ عزاداري ۽ جي روشن ڪيل شمع کي (PC) لعل حسين سولنگي، استاد اختر حسين سولنگي ۽ خدابخش چنه پاران 1980ع ۾ جوڙيل تنظيم ماتمي دسته سپاهه منتظر، جي معرفت روشن رکندا اچن ٿا. جنهن سلسلي کي هن وقت استاد بهرام سولنگي، استاد قمبر سولنگي، صابر حسين سولنگي ۽ پرويز سولنگي (چيف سالار) جن ساٿين جي سهڪار سان جاري رکيو اچن ٿا. آخر ۾ زنجير جو ماتم ڪيو ويندو آهي. زنجير جي ماتم کي ( PC) لعل حسين 1994ع ۾ اوج وٺرايو.
    هن علائقي ۾ عزاداريءَ جي فروغ لاءِ ماتمي دسته سپاههِ منتظر پاران 1985ع ۾’استقبالِ محرم‘ جي حوالي سان مرڪزي امام بارگاهه ۾ شب بيداريءَ جو اهتمام ڪيو ويو. جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جا نامور نوحا خوان ۽ عزادار شرڪت ڪندا هيا. هن شب بيداريءَ جي شروع ٿيڻ سان علائقي ۾ محرم الحرام جي عزاداريءَ جي ابتدا ٿي ويندي هئي جنهن سان مومنن جي منَ ۾ ماتام مچي ويندو هيو. هن شب بيداريءَ جي ٻُرندڙ صدا هر عزادار کي ايامِ عزا لاءِ بيدار ڪري ڇڏيندي هئي. هن پرگرام ۾ هر عزادار وڏي چاهه ۽ چت سان شرڪت ڪندو هيو. عزادارن کي بانين جيان هن پروگرام جو سڄو سال انتظار رهندو هيو. هن شب بيداريءَ جو پيغام سنڌ ۽ پنجاب تائين پهچائي ان کي اوج ڏيارڻ ۾ لعل حسين سولنگيءَ جو اهم ڪردار رهيو. جنهن ڪري هيءَ شب بيداري سنڌ ۾ ٿيندڙ وڏين شب بيدارين جي فهرست ۾ ڳڻي ويندي هئي. 2008ع کان هتي عشرو محرم الحرام شروع ڪيو ويو. جيڪو هن مهل تائين باقاعدگيءَ سان ٿيندو اچي ٿو. هن عشري جو بانيڪار تنظيم سان گڏ مشهور شيعا عالم منظور حسين سولنگي آهي.
    هن ڳوٺ جا ڪيترائي نوجوان ديني تعليم پرائڻ لاءِ سنڌ کان علاوه ايران ۽ عراق جي مشهد، قُم ۽ نجف اشرف جي مدرسن ۾ داخل آهن. جن ۾ مولوي افتخار علي سولنگي، (قم)، مولوي محمد عظيم سولنگي،(نجف)، مولوي دبير الحسن سولنگي، (نجف)، مولوي شبير حسين سولنگي، (نجف)، مولوي امتياز حسين سولنگي،(نجف)، مولوي ڪاشف سولنگي، (اسلام آباد) ۽ ٻيا شامل آهن. مدرسن مان ڊگري وٺي فارغ ٿيل مولوين ۾ مولانا ارشاد حسين سولنگي، احمد علي سولنگي ۽ شمس الحسن سولنگي جن شامل آهن. جيڪي پنهنجي علائقي ۾ دينِ حقه ۽ محبتِ اهل بيت جو پيغام پکيڙي رهيا آهن.
    مديني جي سيدن جي روانگي مدينه، جي حوالي سان، هنن ڳوٺ ۾ 28 رجب جي رات هڪ وڏو ماتمي جلوس برپا ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ سنڌ جا مشهور نوحا خوان ۽ عزادار شرڪت ڪندا آهن. جن ۾: سيد سردار حسين شاهه، استاد ڪمن حاجاڻو، مير فيض ٽالپر (مير بگھڙ)، سيد حيدر شاهه بخاري، سيد افضل شاهه، (شاعر)، ذوالفقار حسين شيخ، سڪندر اڄڻ، غلام رسول خاڪي، زوار نثار لنڊ، محمد صادق لنڊ، صمد لنڊ ۽ ٻيا ذڪرِ حسين عه جي زينت بڻبا آهن.
    هتي مستورات ۾عزاداريءَ جا پروگرام عشرو محرم ۽ چهلم کان علاوه ٻين مخصوص ڏهاڙن تي پڻ ٿيندا آهن. جنهن ۾ بعد مجلس عزا بعد نوحن تي عزاداري ڪئي ويندي آهي. هن علائقي ۾ مستورات پاران برپا ٿيندڙ مجلسن کي ذاڪرا (دختر استاد علي ڏنو سولنگي)، ذڪرِ حسين عه سان زينت ڏيندي آهي. مستورات کي حق جي دين، ۽ معرفتِ اهلبيت جي ڄاڻ سان آراسته ڪرڻ لاءِ ڳوٺ جون تقريبن ڇهه نياڻيون سنڌ جي مختلف مدرسن ۾ تعلم پرائي رهيون آهن. هن ڳوٺ جي عزادار شخصيت زوار امير بخش کانپوءِ ( PC) لال حسين سولنگي رهيو.
    سيٺارجا جي عزاداري
    روهڙي ڪئنال جي ساڄي ڪپ تي ”1923ع کان قائم ريلوي لائين“[154] سان؛ خيرپور ميرس جو آخري شهر سيٺارجه عزاداريءَ جي حوالي سان اڄ به پنهنجي اوج کي ڇُهي رهيو آهي. هن شهر جي آباد ٿيڻ، اڏجڻ کان اڳ هن علائقي ۾ عزاداري ۽ محبتِ اهلبيت جا پختا بنياد پئجي چڪا هئا. روهڙي ڪئنال جي کاٻي ڪپ تي قائم ڳوٺ ’بالا سيٺارجا‘ هن کان پهرين آباد هيو. جتي 25 محرم الحرام شهادت امام زين العابدين عه جي مناسبت سان مجلس عزا ۽ هڪ وڏو ماتمي جلوس برپا ڪيو ويندو هيو. جنهن جو اختتام ’باهه _ ٻرندڙ ٽانڊن‘ جي ماتم تي ڪيو ويندو هو. جيڪو سلسلو 1990ع واري ڏهاڪي تائين قائم رهيو. هن علائقي ۾ محبتِ اهلبيت ۽ عزاداري امام مظلوم جا بنياد رکندڙ ئي هن جلوس جا بانيڪار هيا. جن ۾ زوار نبي بخش سومرو، زوار محمد هاشم سهتو، زوار خير محمد سهتو ۽ ٻيا شامل هيا. ان کانپوءِ هن سلسلي کي ڌڻي بخش ملاح ۽ سندس ساٿين جاري رکيو.
    هتي ريلوي اسٽيشن قائم ٿيڻ کانپوءِ هي شهر ’سيٺارجا‘ ٻڌو، جنهن کي ڳوٺ ابراهيم لنڊ مان لڏي آيل محرم علي لنڊ ۽ علي مراد لنڊ جن اچي آباد ڪيو. مطلب ته هي شهر سيٺارجا (اسٽيشن) ’لنڊ برادريءَ‘ جو ٻڌل آهي. جتي اڄ به گھڻي تعداد ۾ لنڊ برادري آباد آهي. هن شهر جو مُکي لنڊ برادريءَ مان ئي رهندو آيو آهي. موجوده وقت ۾ شهر جو مُکي رئيس الهداد خان لنڊ آهي.
    هن شهر جي اڏجڻ کانپوءِ هتي عزاداري امام حسين عه ۽ محبتِ اهلبيت جا پختا بنياد لنڊ برادريءَ جي پريي مڙسن محرم علي ۽ علي مراد لنڊ رکيا. جنهن سلسلي کي اڄ تائين لنڊ برداريءَ جو اڳواڻ رئيس الهداد خان لنڊ وڏي ذميواريءَ سان هلائيندو اچي ٿو.
    شهر ۾ پهرين امام بارگاهه لُنڊن جي مُحلي ۾ ”علي ولي الله“ جي نالي سان قائم آهي. جنهن جو پلاٽ سيد محمد شاه بخاري خريد ڪيو جنهن کي آباد لُنڊ برادريءَ ڪيو. هن امام بارگاهه جا خدمتگار ۽ متولي اڄ تائين لنڊ برادري آهي. هن ئي امام بارگاهه مان اٺين محرم الحرام جو قديمي ماتمي جلوس برآمد ٿيندو آهي.
    مرڪزي امام بارگاهه: هن شهر ۾ جيئن ئي ياحسين عه جي صدا بلند ٿي، ته ڪجھ وقت کانپوءِ سلطان وڏهر، محرم فقير لنڊ، منشي مولابخش لنڊ ۽ ٻين ساٿين هن پلاٽ تي علم حضرت عباس نصب ڪري هتي ’پڙ‘ قائم ڪيو. جنهن جو متولي بصر خان چنه رهيو. هتي مواليانِ علي عه پنهنجي ملنگاني انداز ۾ محبتِ اهلبيت عه جي تبليغ جو سلسلو شروع ڪيو. جتي ڪجھ وقت بعد هڪ ننڍڙي شيعه مسجد قائم ڪئي وئي، جماعت وڌڻ ڪري ڪجھ سالن کانپوءِ سنه 1963ع ۾ مسجد جي تعمير ۽ توسيع ڪئي وئي. هن پِڙَ تي عزاداريءَ جي وڌندڙ سلسلي ڪري هن پِڙَ مرڪزي امام بارگاهه واري حيثيت ماڻي ورتي. اڄ هتي هڪ وڏي مسجد قائم ۽ وڏو علم پاڪ بلند ٿيل آهي. هتي عشري محرم کان علاوه سال جي ٻين مخصوص ايامن تي به مجلس عزا ۽ عزاداريءَ جو اهتمام ڪيو ويندو آهي. اٺين محرم ۽ ويهه (20) رمضان جي ماتمي جلوسن دوران ٿيندڙ چوڪ جي مجلس به هن امام بارگاهه جي دروازي اڳيان ئي ٿيندي آهي. هن امام بارگاهه ۽ شهر جي عزاداريءَ لاءِ ’مٺڙيءَ‘ جي رهواسي زوار غلام حسين حاجاڻو جي ڪيل اڻ مٽ خدمتن کي وساري نه ٿو سگھجي.
    سرڪار پاران قديمي ماتمي جلوسن لاءِ جڏهن پرمٽ جو سلسلو شروع ٿيو. ته هن شهر لاءِ سنه 1965ع ۾ رئيس الهداد خان لنڊ جا نالي پرمٽ جاري ٿي. جيڪا اڄ تائين سندس ئي نالي تي سرڪار پاران جاري ٿيندي اچي پئي.
    عشرو محرم: هن شهر ۾ باقاعدي عشري محرم جي ابتدا سنه 1997ع ۾ مرڪزي امام بارگاهه کان ٿي. ان بعد قديمي امام بارگاهه ”علي ولي الله“ ۽ هاڻي سيٺارجا ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۽ علائقن ۾ به ملهايا ويندا آهن. تعزيو: ماتمي جلوسن ۾ نڪرندڙ تعزيو، جنهن جي نسبت ضريح امام حسين عه سان آهي. سنه 1960ع ۾ رئيس مولا داد خان لنڊ تعمير ڪرايو. جيڪو ڪاٺ ۽ شيشي تي اعلى نموني سان تعمير ٿيل آهي. نوحا خوان: هتي عزاداري قديم دور ۾ ثقافتي رنگ ۾ دهل ۽ شرناءِ تي يا حسين عه جي بلند صدائن ۽ اوسارن تي ٿيندي هئي. جنهن سنه 1960ع جي ڏهاڪي ۾ جدت اختيار ڪئي. دهل ۽ شرناءِ جي جاءِ نوحا خواني ورتي. نوحن پڙهڻ جي شروعات سلطان احمد لنڊ، الهداد لنڊ ۽ ڌڻي بخش ملاح ڪئي. ڪجھ وقت کانپوءِ الهداد لنڊ پاران نوحا خواني ختم ڪرڻ کانپوءِ ان سلسلي کي رحيمداد خان لنڊ، اميد علي لنڊ، ڌڻي بخش ملاح، غلام قادر ٻٻر، نثار لنڊ ۽ محمد صادق لنڊ جن قائم رکيو. جنهن کي هاڻ محمد صادق لنڊ، گل محمد ٻٻر ۽ صمد علي لنڊ جن قائم رکيو اچن. انجمن جو بنياد: شهر جي عزاداريءَ کي منظم طريقي سان ترتيب ڏيڻ ۽ آس پاس جي علائقن ۾ عزاداري امام مظلوم جو پيغام پهچائڻ لاءِ شهر ۾ هڪ تنظيم جي ضرورت کي محسوس ڪيو ويو. جنهن جو مرڪزي خيال رئيس الهداد خان لنڊ پيش ڪيو. جنهن کي تڪميل لنڊ برادريءَ شهري عزادارن جي ساٿ سان ڏني. هتي پهرين انجمن 1965ع ۾ ’انجمن حسيني‘ جي نالي سان قائم ٿي. ڪجھ وقت بعد نوجوانن جي مذهبي جذبن کي عملي صورت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ انهن کي مذهبي سرگرمين ۾ متحرڪ رکڻ لاءِ الهداد خان لنڊ دوستن سان گڏ جي (محرابپور جي مرڪزي انجمن جي طرز تي نالو رکيو جنهن جو پاڻ 1970ع تائين ميمبر رهيو.)، سنه 1979ع ۾ نئين تنظيم، ’انجمن نوجوانانِ حيدرِ ڪرار،‘ جو بنياد رکيو. جنهن ڪجھ وقت ۾ ئي شهر جي مرڪزي انجمن واري حيثيت ماڻي ورتي. قديمي پروگرام: هتي مجلس عزا ۽ عزاداريءَ جي ملهائجندڙ ڏهاڙن جي ترتيب ڪجھ هن ريت آهي. 7 جماد الثاني، (مرڪزي امام بارگاهه)، 7 ذوالحج، محمد ابراهيم لنڊ، 18هين سفر، غلام قادر ٻٻر ۽ ٻيا شامل آهن. شهر جي عزاداريءَ کي زينت وٺرائڻ لاءِ زوار نثار حسين لنڊ پاران سنه 2007ع ۾ ’انجمن غلامانِ سجاد عه‘ جو بنياد رکيو ويو.
    عيد گاهه: شهر جي عيد گاهه لاءِ رئيس ماهي خان لنڊ ۽ سيٺ حبيب الله خان لنڊ پلاٽ ڏنو. جتي هڪ ننڍڙي مسجد ۽ امام بارگاهه قائم آهي. جنهن ۾ شهزاده علي اصغر عه جي ياد ڏياريندڙ جھولو رکيل آهي. هتي عيد نماز کان علاوه مولا علي عه ۽ ان جي ٻچڙن جي ولادت ۽ شهادت جا ڏهاڙا ملهايا ويندا آهن. هتي 15 جماد الثاني، ماهي خان لنڊ ۽ 3 جماد الثاني سيد مشتاق شاهه پاران وڏي مجلس منعقد ڪئي وئي. مولوي: نظر حسين سولنگي، مولوي اظهر حسين سولنگي، شاعر اهلبيت: ارباب ڄامڙو،(سائل)، آهن. جن ذڪرِ حسين عه جي تبليغ کي جاري رکيو. دُهلاري عزادار: فقير حسين مڱڻهار، فقير شوق علي لنڊ، ۽ سندس پٽ فقير سوت علي لنڊ، جن اوسارا به چوندا هيا ۽ دهل به وڄائيندا هيا. سندن ساٿ ۾ شرناءِ وڄائيندڙ: ڪرڙ فقير ۽ حاجي فقير جن هيا. جيڪي سڄي حياتي سيٺارجا جي ماتمي جلوسن جي زينت بڻيا.
    مستورات جي عزاداري
    ٻين شهرن جيان هتي سيٺارجه ۾ به مستورات ۾ عزاداريءَ جا قديمي پروگرام منعقد ٿيندا آهن. جيڪي محرم الحرام ۽ چهلم شهداءِ ڪربلا کان علاوه ٻين مخصوص ڏهاڙن تي به ٿيندا آهن. جنهن جي شروعات ڍنڍ تي اوساران سان ڪئي ويندي آهي. ڪجھ سالن کان هن شهر جي نياڻين مدرسن مان ديني تعليم حاصل ڪئي آهي جن پاران مجلس ۾ ذڪرِ حسين عه ۽ مومن مستورات ۾ مذهبي ڄاڻ ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.
    مستورات جي امام بارگاهه: مستورات جي عزاداريءَ لاءِ رئيس الهداد خان لنڊ جي امڙ زوار غلام شبير لنڊ ۽ نصير محمد لنڊ جي ايصال ثواب لاءِ پنهنجو پلاٽ ڏنو جنهن ۾ امام بارگاهه قائم آهي. جيڪو صرف مستورات جي عزاداريءَ لاءِ مخصوص آهي. هتي 8 ذوالحج کان وٺي 8 ربيع الاول تائين مسلسل عزاداري ٿيندي آهي. ان کان علاوه سال جي ٻين مخصوص ڏهاڙن تي پڻ عزاداري برپا ڪئي ويندي آهي. مرد ۽ مستورات ۾ چيو ويندڙ قديمي اوسارو. جيڪو اڄ به عزادارن کي وردِ زبان آهي.
    لاهـيـو دَري دَرِدَ جـي امـام ٿـو اچـي،
    امام ٿو اچي قاسم عه گھوٽ ٿو اچي.


    وچولي جي عزاداري

    ڪنهن به شئي جي وچ واري حصي کي وچولو سڏيو ويندو آهي. سنڌ جي وچولي واري حصي جي جاگرافيائي بيهڪ بابت اليگزينڊر ڪننگھام پنهنجي ڪتاب: ”سنڌ _ هند جي قديم جاگرافي“ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”ستين صديءَ ۾ سنڌ جا چار صوبا هوندا هئا. پر جاگرافيائي بيهڪ مطابق مان انهن جو سري، وچولي، لاڙ ۽ ڪڇ (368) جي نالي سان بيان ڪندس. اهي سڀئي علائقا هڪ راجا جي راڄ ۾ شامل هوندا هئا ۽ راجا پاڻ سري ۾ رهندو هو. شين سئنگ 641ع ڌاران هتي آيو هو. سندس بيان آهي ته اهو راجا سيو _ تو _ لو ( Siu _ to _ lo ) يعنى شودر هو. چچ جي زماني ۾ سندس وزير ٻڌيمن کيس ٻڌايو هو ته سنڌ جا چار صوبا آهن. هر هڪ صوبي جو راجا الڳ آهي. جيڪو چچ کان اڳئين دور وارن حڪمرانن جو ڏن ڀرو هوندو هو (369). چيو وڃي ٿو ته هن کان اڳ به ڪفند (370) جي پٽ آيند جي زماني ۾ سنڌ انتظامي طور چئن صوبن ۾ ورهايل هوندي هئي. هي راجا سڪندر کان پوءِ سنڌ جو راجا هو. مذڪوره چار صوبا هي هئا: زور Zor، اسڪلندوسا (Askalandusa، سامد Samid، ۽ لوهاڻو هو.
    سنڌ جي وچ واري ڀاڱي کي عام طور تي وچولو سڏيو ويندو آهي. شين سئنگ هن علائقي جو گھيرو پنجويهه سو لي يا چار سئو سترهن ميل ٻڌايو آهي. هن علائقي جي ٿوري پکيڙ مان پتو پوي ٿو ته هي علائقو ننڍو هوندو. جنهن ۾ سيوهڻ، حيدرآباد واري علائقي جو اتريون پاسو ۽ عمر ڪوٽ جو ڪجھ علائقو شامل هوندو.
    موجوده دور ۾ هن علائقي جا مشهور شهر سيوهڻ، هالا، حيدرآباد ۽ عمر ڪوٽ آهن. وچين زماني جي هندو دور جا مشهور شهر سدوساڻ Sadusan، براهماڻا Brahmana، يا بهمنوا Bahmanva ۽ نيرون ڪوٽ هوندا هئا. نيرون ڪوٽ جو پراڻو شهر گھڻو ڪري ته حيدرآباد جي ماڳن وٽ هوندو. باقي پٽالا سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ موجود هوندو. بهمنوا ڀرسان عرب دور جو مشهور ماڳ منصوره هوندو هو. عرب خليفن طرفان مقرر ڪيل گورنر هتي رهندا هئا. اهو شهر هن علائقي جو اصلي راڄڌاني هو. جيڪو پوءِ وڃي سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شهر بڻجي ويو. سڪندر جي زماني ۾ ڊايو ڊورس جي حوالي سان اسان کي رڳو ٻن شهرن سنڊومانا Sindomana ۽ برهمڻن جي شهر هرمتليا Harmatelya جا نالا ملن ٿا.“[155] سنڌ جي وچولي کي علم ادب جي حوالي کان ساهتي سڏيو ويندو آهي.
    خيرپور رياست جي ميرن، اتر سنڌ ۾عزاداري کي عام ڪيو ۽ فروغ ڏياريو. جتان سنڌ جي ساهتي علائقي محرابپور اثر ورتو. محرابپور ۾ معرفتِ اهلبيت جا باقاعدي بنياد هڪ صدي کان اڳ جا پيل آهن. محرابپور جي عزاداري، سنڌ جي جديد ۽ اوج واري عزاداريءَ جي ٻئي دور کان شروع ٿئي ٿي. جنهن جو جدت وارو سفر پنهنجي رفتار سان جاري آهي.
    محرابپور ۾ عزاداري اهلبيت جا بنياد باغ علي ٽالپر رکيا. جنهن جو سنه سندس پاران تعمير ڪرايل تعزيي تي لکيل هيو. جنهنجي صحيح سنڀال نه هئڻ سبب اتان مِٽجي ويو آهي. بهرحال تاريخي دستاويز کي ڏسڻ کانپوءِ اهو پتو پوي ٿو ته هتي عزاداري انگريز دور کان شروع ٿي. جنهن جي سن جو اندازو زوار پيراڻي جي پِڙَ تي نصب ٿيل پهرين علم پاڪ لاءِ، ”ڪليڪٽر صاحب بهادر نوشهرو جي ڏنل فيصلي جي تاريخ 31 آڪٽوبر، سنه 1910ع مان لڳائي سگھجي ٿو.“ [156]محرابپور کان آس پاس جي جن شهرن جديد عزاداريءَ جو اثر ورتو. انهن ۾ سوڀوديرو، سيٺارجا، نهال خان سولنگي، رسول آباد، نواب شاهه، قاضي احمد، مورو، نوشهرو فيروز درٻيلو، ڪنڊيارو، هالاڻي، بهلاڻي، ۽ ٻيا شهر شامل آهن.
    نوشهري فيروز جي عزاداري
    سنڌ جي اڳوڻي ساهتي پرڳڻي نوشهرو فيروز جو بنياد هڪ بزرگ رکيو. جنهن بابت تحفته الڪرام ۾ مير علي شير قانع لکي ٿو ته: ”ميان الياس جو پٽ ميان نصير محمد سنه 1068 ۾ وڏن جي گاديءَ تي ويٺو، ۽ ]پنهنجو اصلوڪو ڳوٺ[ هٽڙي فوجي فقيرن ۽ ڪاڇو عنايت شاه فقير کي ڏنائين. ساهتي پرڳڻو پڻ سندس تصرف هيٺ آيو، ته فيروز ويرر ]هڪ فقير[ انهيءَ سرزمين ۾ نوشهره نالي هڪ شهر ٻڌايو.“[157]
    هن شهر ۾ محبتِ اهلبيت جي پيغام ۽ عزاداري امام مظلوم جو بنياد بابت روايت ملي ٿي ته هتي ”سنه 1700ع ڌاري هڪ بزرگ سائين عبدالحيى عرف نَوَلُ گھوٽ اچي آباد ٿيو. جنهن جو خانداني شجرو امام موسى ڪاظم عه سان ملي ٿو. سندس هڪ بزرگ شاهه نصير (اول) جده ۾ مدفن آهي. جنهن هتي حسينيت جو پيغام عام ڪيو. نول سائين جن حسيني صوفي خيال جا هيا، پاڻ مجلس ۾ ويٺل ماڻهن کي ذڪرِ حسين عه ۽ علم عباس عه نصب ڪرڻ جي تبليغ ڪندا هيا.“[158] سندن تبليغ جي اثر سبب علائقي ۾ ذڪرِ حسين عه عام ٿيو. جنهن کي ميمڻ برادريءَ جي بزرگ خانصاحب عبدالفتاح ميمڻ عزادارن سان گڏجي اوج ڏياريو.
    شهر جي قديم امام بارگاهه: نجف سنڌ، هتي بزرگن ۽ درويشن جي ڪيل تبليغ جي وڌندڙ اثر سبب شهر جي ميمڻ برادريءَ مان عبدالفتاح ۽ عبدالرزاق ميمڻ جن تقريبن مُني صديءَ کان امام بارگاهه’نجف سنڌ‘ جي نالي سان قائم ڪري هتي عزاداريءَ جا پختا بنياد رکيا. جيڪا بارگاهه اڄ ڏينهن تائين حسينينت جي پرچار جو مرڪز بڻيل آهي. شروع کان وٺي هن بارگاهه جا مُتولي ميمڻ برادريءَ مان ئي رهيا آهن. موجوده وقت ۾ ان جو متولي، سنڀاليندڙ سيٺ اعجاز ميمڻ جو فرزند انصار الحسن ميمڻ آهي. هن شهر ۾ 14هن امام بارگاهون آباد آهن جتان هر وقت حسينيت جي پيغام جي پکيڙ ٿئي ٿي. هتي عشري محرم الحرام کان چهلم شهداءِ ڪربلا ۽ ٻين مخصوص ڏهاڙن تي به مجلس عزا ۽ عزاداري امام حسين عه برپا ڪئي ويندي آهي.
    هتي قدم گاهه مولا علي عليه السلام موجود آهن جيڪي ’امام بارگاهه نجف سنڌ‘ سيٺ محلا نوشهروفيروز ۾ زيارت لاءِ رکيل آهن. مولاعلي عليه السلام جا هي قدم مبارڪ هتي خانصاحب عبدالفتاح ميمڻ (جيڪو ان وقت ۾ مختيارڪار هيو.) ان سنه 1930ع ۾ دادو ضلعي جي شهر جوهيءَ جي ٻاهران هڪ ڳوٺ مان سيد لال شاهه جي اوتاري تان آندا هيا. پٿرن تي مولا علي عه جن جا ٻه قدم، سجدي ڏيڻ جا ٻنهي گوڏن ۽ نرڙ مبارڪ جانشان نمايان آهن.[159] هن زيارت گاهه جو ٻُهاريدار سيٺ انصار الحسن ميمڻ آهي.
    نوابشاهه جي عزاداري
    نوابشاهه، سنڌ پرڳڻي جي ساهتي علائقي جو شهر هيو، جنهن بابت سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان اشتياق انصاري پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ’سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا‘ ۾ لکي ٿو ته: ”سنڌ جي تاريخن ۾ آهي ته قديم زماني کان سڪرنڊ نوابشاهه جي اترين پاسي کي ساهتي پرڳڻو ڪري ڪوٺيندا هئا. ساهتي پرڳڻي ۾ ڪنڊيارو، نوشهروفيروز ۽ مورو تعلقا اچي ويندا هئا.“[160] سنه 1989ع ۾ نوشهرو فيروز کي ضلعي هيڊڪوارٽر بنائي، نوابشاهه کي ساهتيءَ کان الڳ ڪيو ويو. هن شهر جي جنم بابت محقق خادم حسين چانڊيو پنهنجي ڪتاب ”نواب شاهه کان شهيد بينظر آباد تائين“ ۾ هڪ هنڌ هيئن لکي ٿو ته: ”سنڌ جي ”متعلوي سادات“ مان هڪ شخص نالي سيد نواب شاهه موجوده شهر نواب شاهه واري ماڳ تي اچي آباد ٿيو. جنهن جي نالي پويان هن ڳوٺ جو نالو ”نواب شاهه“ پيو. هن ڳوٺ سگھوئي شهر جي شڪل اختيار ڪري ورتي، انگريزن 1907ع ۾ هن شهر کي تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر ۽ 1912ع ۾ ضلعي جو هيڊڪوارٽر بنايو ۽ انهيءَ شهر جي نالي پويان ”نواب شاهه“ جو نالو ڏنو.
    محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پاڪستان ۾ جڏهن سندس پارٽيءَ جي حڪومت قائم ٿي ته 15 سيپٽمبر 2008ع تي سنڌ سرڪار کيس ڀيٽا ڏيندي، هڪ نوٽيفڪيشن نمبر 8/4/2008/Rev -1(1v)/975 تحت ضلعي ”نواب شاهه“ جو نالو تبديل ڪري ”شهيد محترمه بينظير ڀٽو“ رکيو ويو. ليڪن بعد ۾ جڏهن وس وارن کي نالي جي طوالت جو احساس ٿيو ته هنن هڪ ٻي نوٽيفڪيشن نمبر 8/4/2008/Rev _ 1 (1v) /1374 مورخه 4 ڊسمبر 2008ع تي جاري ڪري، اهو نالو ٿوري تبديليءَ سان ”شهيد بينظير آباد“ مقرر ڪيو.“[161]
    سنڌ جي ٻين شهرن جيان شهر نوابشاهه ۾ به عزاداري قديم دور کان قائم آهي. هتي محبتِ اهلبيت ۽ عزاداري امام حسين عه جا بنياد ميان غلام شاهه ڪلهوڙي رکيا، جيڪو پاڻ هڪ عالم هيو، ڪجھ وقت هي سلسلو هلڻ بعد ساڻس ساٿ ۾ سيد سجاد شاهه گڏيو جن شهر ۽ آس پاس ۾ عزاداري جو پيغام عام ڪرڻ لاءِ نوابشاهه ۾ امام بارگاهه ۽ شيعه مدرسي جو بنياد رکيو. نوابشاهه جي عزاداريءَ بابت شهر جي قديم عزادار گھراڻي جي فرد صحافي فداحسين چانڊيو کان روايت ملي ٿي ته: ”نوابشاهه ۾ عزاداري امام حسين عه جو بنياد سنه 1900ع ۾ پيو. جنهن جو باني ميان غلام شاهه ڪلهوڙو هيو، جيڪو پاڻ وڏو عالم هيو.
    ميان غلام شاهه هتي عزاداريءَ کي اوج وٺرائڻ لاءِ سنه 1910ع ۾ امام بارگاهه، انجمن مرتظوي، (موهني بازار)، جو بنياد رکيو.“[162] جتي شهادتن ۽ ولادتن جا سڀ پروگرام ملهائي عوام کي معصوم عليهمَ سلام جي زندگيءَ بابت ڄاڻ مهيا ڪندو هيو. امام بارگاهه قائم ڪرڻ بعد مومنن کي ديني تعليم سان آراسته ڪرڻ لاءِ شيعه مدرسي جو بنياد رکيو. سيد سجاد شاهه ڪجھ وقت کانپوءِ پنجاب لڏي ويو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙو جيستائين زندهه رهيو تيستائين مجلسون پڙهي ذڪرِ حسين عه جي وڇايل تڏن کي آباد رکندو رهيو. هن امام بارگاهه جي گيٽ تي سومر فقير چانڊيو سبيل امام حسين عه بياد شهزاده علي اصغر عه، لڳائيندو هيو. ان بعد اها ذميواري زوار مولابخش چانڊيو سنڀالي.
    هتي پهريون ماتمي جلوس ڏهه محرم الحرام تي مختصر مومنن سان ڪڍيو ويو. جيڪو هاڻي هزارن جي تعداد ۾ مومنن جي شرڪت سان نڪرندو رهي ٿو. هتي ورهاڱي کان اڳ نڪتل پهرين ماتمي جلوس بابت، مرڪزي امام بارگاهه ڀرسان ويٺل مقامي رهواسي موسى رضا جندران پٺاڻ روايت ٿو ڪري ته: ”هتي پهريون ماتمي جلوس ڏهين محرم جي ڏينهن 18هن ماتمين سان نڪتو، جنهن ۾ مقامي عزادارن جو انگ صرف 5 هيو. باقي ٻاهريان عزادار شامل هيا.
    هن وقت هن شهر ۾ ڪيتريون ئي ماتمي انجمنون قائم آهن جيڪي عزاداري امام حسينعه جي پيغام کي پکيڙڻ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن.’انجمن لال شهباز قلندر‘ جو بنياد عبدالرزاق وڌو رکيو جيڪو پوءِ پنجاب هليو ويو. باهه تي ماتم جي شروعات به ان انجمن ڪئي. هتي مومنن ۽ مسلمانن کان علاوه هندو ڌرم جا موهن لال ۽ سندس برادري جا ماڻهو محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ نياز امام حسين عه ۽ ڪربلا جي ابهم شهيد شهزادا علي اصغر عه جي اُڃَ کي ياد ڪندي، ان تس واري احساس کي تازو رکڻ لاءِ ٿڌي سبيل جو بندو بست ڪندا هيا. ايام عزا دوران امام بارگاهن کان علاوه شهر جي پاڙن، محلن ۽ ڪالونين ۾ ٿيندڙ وڏن نيازن ۾ ستين محرم الحرام تي غريب آباد ڪالوني ۾ ’پهلوان شير ميربحر هائوس‘ تي به ڪافي سالن کان وڏو نياز ٿيندو آهي. جيڪو پهرين پاڻ ۽ هاڻ سندس اولاد شهاب الدين ملاح، شهباز علي ملاح، جواد حيدر ملاح ۽ مهدي رضا ملاح جن ڪندا آهن. جيڪو صبح کان شروع ٿي منجھند تائين جاري رهندو آهي. ڪجھ سالن کان اٺين محرم الحرام تي ضياءُ الحسن لنجار (صوبائي وزير) پاران ’لنجار هائوس‘ تي وڏو نياز ڪيو ويندو آهي. نائين ۽ ڏهين محرم تي شهر جي گھر گھر، گھٽي گھٽي ۾ نيازن ۽ سبيلن جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي. ان کان علاوه امام بارگاهه ۾ حاجي علي حسن زرداريءَ پاران مجلس عزا، نياز ننگر ۽ سبيل جو ڀرپور بندوبست ڪيو ويندو آهي.
    هتي جي عزاداريءَ کي بهتر انداز ۾ برپا ڪرڻ لاءِ مقامي ماتمي تنظيمون امام بارگاهن ۾ پنهنجون مذهبي ۽ ديني سرگرميون سڄو سال جاري رکيو اچن. جن ۾ مرڪزي امام بارگاهه مرتظوي (موهني بازار)، امام بارگاهه فضل عباس عه، (غلام حيدرشاهه ڪالوني)، حسينيه سجاديه، (ڄام صاحب روڊ)، علوم مبعد عزاخانه، شاه خراسان (حبيب شوگرملز)، حيدري امام بارگاهه (مستورات) مريم روڊ، حب علي مقام، غريب آباد چانڊين جو پاڙو. وغيره شامل آهن. جتي ذڪر حسين عه ذريعي محسن انسانيت جي ڏنل پيغام کي عام ڪيو وڃي ٿو.
    قاضي احمد جي عزاداري
    قومي شاهراهه تي ڪَرُ کنيو بيٺل هي شهر، هڪ بزرگ ’حضرت قاضي احمد،‘ جي نالي سان منسوب آهي. حضرت قاضي احمد جا وڏڙا اصل ٽلٽيءَ لڳ ڳوٺ احمدين تعلقه سيوهڻ ۽ ضلع دادو ۾ ويٺل هيا، اتي ئي سندن سنه 1112هجري، 1700ع ۾ جنم ٿيو. ميان يار محمد ڪلهوڙي جي دورِ حڪومت ۾ پاڻ لاکاٽ پرڳڻي لاءِ قاضي مقرر ٿيا. سندن زندگيءَ بابت شايع ٿيل ڪتاب ’حضرت قاضي احمد‘ ۾ شهر قاضي احمد جو سينئر صحافي سيد نبن شاهه لڪياري پنهنجي مضمون ۾ هڪ هنڌ هيئن لکي ٿو ته: ”حضرت قاضي احمد، جو اصل نالو احمد دمائي ولد مخدوم محمد صديق رحه هيو. پاڻ اٽڪل 60 ورهين جي ڄمار ۾ 1752ع ڌاري اباڻي ڳوٺ مان هجرت ڪري موجوده شهر قاضي احمد کان اٽڪل 9 ميل اتر طرف ديهه ’دِمَ‘ ۾ اچي آباد ٿيا. سنه 1781ع ڌاري قاضي احمد شهر جي اڀرندي پاسي جتي اڳ وڏا ڪنڊين جا وڻ هوندا هئا، اتي اچي رهائش اختيار ڪيائون. اهو ننڍڙو ڳوٺ ”ميل ڪنڊي“ جي نالي سان مشهور هيو. ڪلهوڙي حاڪم کين قاضيءَ جو لقب ڏنو. ان بعد سندن نالو حاجي احمد بدران ’قاضي احمد‘ مشهور ٿي ويو.
    انگريز دور ۾ قائم ڪيل ريلوي اسٽيشن به قاضي احمد جي نالي سان منسوب ڪئي وئي. حضرت قاضي احمد جن 1808ع ڌاري اٽڪل 118 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائون.“[163] سندن روضو مبارڪ هن شهر جي پير محلا ۾ قائم آهي. سندن خاندان مان ئي هن درگاهه جا موجوده سجاده نشين حضرت پير محمد صادق قريشي نقشبندي جن آهن.
    هن شهر ۾ محبتِ اهلبيت جا بنياد رئيس فقير رسول بخش انڙ رکيا. جنهن کي 1988ع ۾ محرابپور جي ڪجھ عزادارن (جيڪي سرڪاري نوڪريءَ سبب هتي رهيل هيا تن) مقامي ماڻهن جي سهڪار سان پهرين ’حسيني مسجد ڪاميٽي‘ جوڙي پنج وقت شيعه نماز قائم ڪئي، ڪجھ سالن بعد ’انجمن حسيني‘ جو بنياد رکي ان جي پليٽ فارم تان جديد عزاداري کي زور وٺرايو. رئيس فقير رسول بخش انڙ پاران پنهنجي زندگيءَ ۾ قائم ڪيل امام بارگاهه شهر جو مرڪزي امام بارگاهه سڏجي ٿي. جتان شهر ۽ ان جي آس پاس جي علائقن ۽ ڳوٺن ۾ عزاداري امام حسين عه جي پيغام جي پکيڙ جو سلسلو شروع ٿيو .
    انجمن حسينيءَ ’مرڪزي امام بارگاهه فقير رسول انڙ‘ ۾ سنه 1990ع جي ڏهاڪي ۾ پهريون ڀيرو عشرو محرم الحرام منعقد ڪرائي عشري جو بنياد وڌو. ان ئي ڏهاڪي ۾ 13هين رجب: ولادت مولا علي عليه السلام جي موقعي تي هڪ وڏي جشن جو اهتمام ڪيو. جيڪو ڪافي سالن تائين جاري رهيو. ان بعد انهيءَ ئي سال 18 هين رمضان تي حضرت علي عليه السلام جي شهادت جي سلسلي ۾ فقير رسول بخش انڙ جي باغ واري ’امام بارگاهه‘ کان هڪ وڏو ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو. جنهن ۾ محرابپور جي نوحا خوان سليم ملاح، مولائي ملاح ۽ ذوالفقار شيخ گڏيجيءَ واري نوحا خواني ڪئي. جلوس منجھند جو فقير رسول بخش انڙ جي باغ واري امام بارگاهه کان برآمد ٿي شهر جي شاهي بازار کان ٿيندو، شام جو مرڪزي امام بارگاهه ۾ ختم ٿيو. ان بعد هن ئي تنظيم 1989ع ۾ هت پهريون ڀيرو چهلم شهداءِ ڪربلا جي ياد ۾ ماتمي جلوس ڪڍيو جيڪو مرڪزي امام بارگاهه کان نڪري رئيس بيدل جي بنگلي تي ختم ٿيو. جنهن ۾ مقامي نوحا خوانن کان علاوه راڻيپور، گڏيجي ۽ محرابپور جي ماتمي انجمنن جي نوحا خوانن نوحا پڙهيا. هن تنظيم پاران سنه 1992ع ۾ مرڪزي امام بارگاهه جو علم پاڪ 20 فوٽن مان وڌائي 40 فوٽن جو وڏو ڪري بلند ڪيو ويو. جنهن جي ڪاٺي رئيس بيدل جي باغ مان آندي وئي هئي.
    هن مرڪزي امام بارگاهه ۾ پهرين ڪچي مسجد هئي جنهن کي انجمن حسيني ڊهرائي 20 فوٽن جي ويڪري ڪري تعمير ڪرائي. سنه 2000ع ڌاري ان مسجد کي ڄام فيروز (بيدل) انڙ 50 فوٽن جي وڏي ڪري عاليشان نموني تعمير ڪرايو. جنهن جو موجوده وقت ۾ پيش امام مولانا سيد سجاد شاهه آهي. هن وقت هن شهر ۾ تقريبن چار مسجدون آباد آهن.
    انجمن حسيني جي تنظيمي سرگرمين جو مرڪز شهر جي مرڪزي امام بارگاهه رهيو. هن تنظيم کي هر حوالي کان فقير رسول بخش انڙ جي اولاد جو وڏو ساٿ ۽ سهڪار حاصل رهيو آهي. هن تنظيم جي سرگرم بانيڪار ڪارڪنن ۾ روشن علي ملاح (محرابپور) انور حسين ملاح، سيد ميرل شاهه (جھانگارا) علي گل جوڻيجو (ڀٽ شاهه)، سيٺ غلام حسين ميمڻ، مولوي دوست محمد مري ۽ قاضي غلام سرور انڙ، محمد پنهل مهر (مرحوم)، محمد يونس لاهوتي،(مرحوم) ۽ (راقم) رهيا. ڪجھ وقت بعد سيد فضل علي شاهه، عبدالغفور عمراڻي، اختر حسين مڪراني، سيد مرتظي شاهه (سهڻو شاهه)، سيد علي حسن شاهه ۽ ٻيا مومن شامل رٿيا. هن تنظيم جي سرپرستي فقير رسول بخش انڙ جي اولاد ڪئي.
    هن شهر ۾ انجمن حسينيءَ پاران عزاداريءَ کي بهتر انداز ۾ ترتيب ڏيڻ لاءِ تنظيم سازيءَ جي ٻاريل ڏيئي کي لاٽ بڻائڻ لاءِ ان ئي امام بارگاهه ۾ زوار غلام شبير مهر ۽ ٻين نوجوان عزادارن پاران سنه 2003ع ۾ انجمن شهنشاهه وفاءِ عباس عه جو بنياد رکيو. جيڪا هن مهل تائين بهتر انداز سان ڪم ڪري رهي آهي. ان بعد شهر جي سردار ڪالونيءَ ۾ سرفراز حسين ڀٽيءَ پاران سنه 2004ع ۾ انجمن پاسدار ابوطالب عه جي نالي سان بنياد رکيو ويو. جيڪا هن مهل تائين شهر جي عزاداريءَ کي رونق وٺرائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. شهر جي عزاداريءَ ۾ محرابپور جي عزادارن سليم ملاح، مولائي ملاح، روشن علي ملاح ۽ انور حسين ملاح جن جدت آندي. جنهن سلسلي کي هن مهل تائين مقامي نوحا خوان بهتر انداز سان نڀائيندا اچن ٿا. هن وقت شهر جا ڪيترائي مشهور نوحا خوان آهن. جن ۾ سرفراز ڀٽي، علي گل جوڻيجو، قربان علي ملاح ۽ ٻيا شامل آهن. جيڪي ماتمي جلوسن جي زينت بڻيل آهن. هن شهر جا عزادار سيد ريجھ علي شاهه جي ’حسيني قافلي‘ ۾ ڀٽ شاهه تي ميلي جا ٻئي ڏهاڙا عزاداري ڪرڻ ايندا آهن. جن ۾ علي ڏنو انڙ ۽ سندس ماتمي سنگت شامل آهي. هتي ماتمي انجمنن کان علاوه ’شيعه علماءَ ڪائونسل‘ به پنهنجون مذهبي سرگرميون جاري رکيو اچي پئي.
    شهر ۾ رئيس فقير رسول بخش انڙ پاران عزاداري امام حسين عه جي روشن ڪيل شمع سان شهر جا امام بارگاهه ۽ گھرن ٿي سهڻي نموني سينگاريل علم حضرت عباس عه سان سڄو شهر ڏيئا ڏيئا لاٽ جيان روشن ٿي چڪو آهي. شهر ۾ محرابپور جنڪشن جي ملاحن پاران جديد عزاداريءَ جي ڏنل پيغام کان پوءِ، هاڻ هتي ڪيتريون ئي ماتمي انجمنون جنم وٺي چڪيون آهن جن طرفان ايام عزا کان علاوه ٻين مخصوص ڏهاڙن تي به کوڙ سارا عزاداريءَ جا پروگرام منعقد ڪيا وڃن ٿا.
    رئيس فقير رسول بخش انڙ (مرحوم)، کانپوءِ ان سلسلي کي سندس اولاد سردار ڄام تماچي انڙ، رئيس ڄام سليم انڙ ۽ رئيس ڄام فيروز (بيدل) انڙ جن هن مهل تائين قائم رکندا اچن ٿا. فقير رسول بخش انڙ جي اولاد مان ڄام فيروز انڙ، عزاداريءَ جي سلسلي ۾ سڀني ڀائرن کان وڌيڪ سرگرم رهيو آهي، جيڪو پنهنجي عزاداراڻي انداز مان والد صاحب جي ’فقيري‘ ورثي جو وارث محسوس ٿي رهيو آهي. پاڻ ايامِ عزا دوران سڄي شهر جي عزا خانن ۾ علم حضرت عباس عه سينگاري بلند ڪرائڻ، اتي نياز ننگر ۽ سبيل جي انتظامن کان وٺي ماتمي جلوسن جي اهتمامن تائين سڀني شعبن جي عقيدت ۽ احترام سان نگراني ڪندو آهي. فقير رسول بخش انڙ کانپوءِ هن شهر جي عزا خانن کي آباد رکڻ، مجلسون پڙهي ذڪرِ حسين عه سان زينت ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ذاڪرِ اهلبيت زوار محمد اسماعيل زرداريءَ جو رهيو. جنهن کي تاريخ عزاداريءَ جي ورقن ۾ وساري نه ٿو سگھجي. ان بعد ان سلسلي کي مولوي دوست محمد مريءَ ڪافي عرصي تائين قائم رکيو.
    درٻيلي جي عزاداري
    سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي قائم ساهتيءَ جو تاريخي شهر درٻيلو (جنهن کي ’ڊَڀِرو‘ به چوندا آهن.)، جي جنم جي خبر ناهي ته، ڪڏهن ۽ ڪنهن اڏيو. پر اتهاس جي ورقن ۾ سندس حيثيت اڄ به عيان آهي. ڊَڀِري، درٻيلي جي قدامت بابت مير علي شير قانع پنهنجي ڪتاب ’تحفته الڪرام‘ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”هڪ مشهور ڳوٺ آهي ]مخدوم م عثمان[. مخدوم م عثمان اتي جو آهي. ]هن جي[ خدا وارن جي مرجع درگاهه گھڻي حضور ۾ مشهور آهي. هن کي رسول اطهر ]ﷺ[ جي جناب جو قاضي سڏيندا آهن ۽ حاجتن پوري ڪرڻ لاءِ عام خاص ماڻهو هن کان گھري دل جو مطلب گھرندا آهن.“[164] درٻيلي جي ڌرتي سنڌ جي سما حاڪمن جي صاحبيءَ کان آباد ۽ علم جا واهڙ وهائيندي ڏسجي ٿي. جنهن جي هڪ شاهدي مولانا دين محمد وفائيءَ جي ڪتاب ” تذڪره مشاهير سنڌ“ مان هڪ عالم بابت ملي ٿي، جنهن هڪ هنڌ هيئن لکيو آهي ته: ”قاضي عبدالله بن قاضي ابراهيم درٻيلي مدني، هڪ وڏو عالم ۽ متقي پرهيزگار بزرگ ٿي گذريو آهي. هن شروع ۾ سمورن علمن جي تحصيل مخدوم عبدالعزيز ابهري کان ڪئي ۽ سمن جي وقت ۾ پنهنجي ڳوٺ درٻيلي ۾ ئي رهندو آيو ٿي. ان کانپوءِ جڏهن سنڌ تي مرزا شاهه بيگ ارغون قنڌار مان ڪاهي اچي قبضو ڪيو، تڏهن درٻيلي مان لڏي پهريان باغبان (ٽلٽي) ۽ راوٽ (سرڪار سيوستان) ۾ اچي رهيو. ان کان پوءِ گجرات (احمد آباد) روانو ٿي ويو.“[165]
    ارغون جي دورِ حڪومت ۾ سنڌ جي ورهاست وقت درٻيلي جي حد ۽ حصي بابت ’ادراڪي بيگلاري‘ پنهنجي ڪتاب: ’بيگلار نامو‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”نواب مرزا شاه حسن کان پوءِ سڀني ارغون سردارن يڪراءِ ٿي سنڌ جا ٻه حصا ڪيا. ڏکڻيون حصو پاٽ ۽ درٻيلي کان وٺي سنڌ جي ڏاکڻين ڇيڙي تائين نواب مرزا عيسى ترخان کي ڏنائون جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ٿيو، ٺٽو. پاٽ ۽ درٻيلي کان وٺي سنڌ جي اترئين ڇيڙي تائين مير سلطان محمود بن مير فاضل ڪوڪلتاش کي ڏنائون، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ٿيو بکر.“ [166]
    درٻيلو ترخان حڪمران مرزا محمد عيسى بن مرزا عبدالعلي ترخان (سنه 1554 کان سنه 1556 تائين) جي دور حڪومت ۾، بکر جي حاڪم سلطان محمود خان جي حڪمرانيءَ جي هيٺ رهيو. مرزا محمد عيسى اهو سڄو علائقو کانئس پورچو گيزن جي گھرايل لشڪر جي مدد سان کسڻ ٿي چاهيو. درٻيلي جي ڌرتيءَ تي سلطان محمود خان ۽ مرزا عيسى جي وچ ۾ جنگ لڳي جنهن کي ”سيوهڻ ۽ درٻيلي جي جنگ چون ٿا.“ (سيوهڻ ان وقت مرزا محمد عيسى جي حڪمرانيءَ هيٺ هيو) جيڪا پوءِ صلح سان ختم ٿي. ان جنگ بابت مولوي نور محمد نظاماڻيءَ جي ڪتاب ’تاريخ سنڌ‘ جي چوٿين ڀاڱي: ’ارغون ۽ ترخان‘ ۾ محمد صديق مسافر لکي ٿو ته: ”سلطان محمود خان پنهنجو ٻيو لشڪر بکر مان روانو ڪيو، سو به اچي درٻيلي ۾ ڇانوڻي هڻي ويٺو. ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ سخت جنگ لڳي آخر شيخ عبدالوهاب پوراني ۽ بيبي ماهه بيگم (بيبي ماهه بيگم مرزا حسن جي زال هئي، مرزا شاهه حسن جي وفات کانپوءِ مرزا عيسى ترخان ساڻس نڪاح ڪيو.) جي ڪوششن سان ٻنهي طرفن جي وچ ۾ صلح ٿيو. مرزا عيسى پنهنجو لشڪر وٺي ٺٽي ۾ موٽي آيو ۽ سلطان محمود خان جو لشڪر موٽي بکر ڏي ويو.“[167] سيد طاهر محمد نسياني ٺٽوي، جنهن مرزا غازي بيگ تَرخان، جيڪو ترخان گھراڻي جو نڪ هيو؛ تنهن جي حڪم تي گوشي نشينيءَ ۾ گذاري هن جهان مان هليا ويندڙ ارغون ۽ تَرخان جو احوال رقم ڪرڻ لاءِ ’تاريخ طاهري‘ تصنيف ڪيو. تنهن جو اباڻو مسڪن به درٻيلو هيو. جنهن بابت پاڻ پنهنجي ڪتاب ’تاريخ طاهري‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”مون کي واپس پنهنجي اباڻي مسڪن ’درٻيلي‘ ۾ اچڻو پيو.“[168]
    ساهتيءَ جي هن تاريخي شهر درٻيلي ۾ عزاداريءَ جي ابتدا سن 1345هجري، 1930ع کان ٿي، جنهن جو بنياد عبدالرزاق ميمڻ، زواريءَ جي سعادت حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڌو. عبدالرزاق ميمڻ سنه 1930ع ۾ ڪربلامعلي ۽ قم شريف جي مقدس مقامات جي زيارت ڪرڻ بعد واپس ڳوٺ درٻيلو اچي ڳوٺ جي قبرستان جي هڪ خالي پلاٽ تي عَلم حضرت عباس عه نصب ڪري امام بارگاهه قائم ڪيو. جتي مجلس عزا ۽ ماتمداري شروع ڪئي. جنهن بعد هي سلسلو هيڻي حال آهر، وقت جي ڏُکين سُکين حالتن مان گذرندو 1980ع واري ڏهاڪي کان زور وٺي اڄ پنهنجي اوج کي رسي چڪو آهي. هن شهر ۾ پهرين وڏي مجلس 1941ع ۾ ٿي. هن شهر ۾ عزاداري امام مظلوم جو تڏو وڇائڻ ۾ پهرين ميمڻ برداريءَ ۽ پوءِ ٻين مومنن جون خدمتون شامل آهن.
    درٻيلي جي عزاداريءَ بابت زوار شهاب الدين ميمڻ پنهنجي ڪتاب ’درٻيلي ۾ عزاداريءَ جي مختصر تاريخ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”چاچو عبدالرزاق (مرحوم) پهريان ڪنهن ٻي درگاهه جو معتقد ۽ مريد هو؛ پر پوءِ ڪن سببن جي ڪري ان کي خير آباد چئي نوشهرو فيروز جي پير صاحب سائين نول گھوٽ قبلا جي مريدي اختيار ڪيائين ۽ تقريبا هر جمع جي ڏينهن سندس درگاهه تي اچي، سندس خدمت گذاري ڪندو هو ۽ درگاهه جون مَٽيون ڀريندو هو. اهڙي طرح سندس ڳپل وقت گذري ويو. پوءِ هڪ ڏينهن پير صاحب موصوف جي ڀاءُ (سندس اسم شريف هن وقت ذهن ۾ نه ٿو اچي)، چاچي سائينءَ کي چيو ته منهنجو ڀاءُ نول گھوٽ ڏيڻ واري معاملي ۾ ڪنجوس آهي؛ اهو توکي ڪجھ ڪو نه ڏيندو. مان توکي چوان ٿو ته تون ”ڪربلا“ وڃ چاچي سائينءَ پڇيس ته ”ڪربلا“ ڪٿي آهي ۽ اتي ڇا آهي؟ ان تي پير صاحب موصوف تمام مختصر طور کيس ڪربلا ۽ حضرت امام حسين عليه السلام جا فضائل ۽ مصائب بيان ڪري ٻڌايا. جن جي ٻڌڻ سان چاچي مرحوم جي دل ۾ محبت جا مچ مچي ۽ اندر ۾ الفت جا آڙاهه اڀري پيا. پوءِ ڳوٺ (درٻيلي) آيو ۽ اچي پنهنجي پيءُ کي چيائين ته مون کي پئسا ڏي ته مان ڪربلا وڃان. ڏاڏي مرحوم به ساڳيو ئي سوال کانئس پڇيو ته ڪربلا ڪٿي آهي ۽ اتي ڇا آهي؟ چاچي سائين به ساڳيو ئي احوال کيس ٻڌايو (جيڪو پير صاحب قبلا کيس ٻڌايو هو)، پوءِ ڪجھ ڍور ڍڳو وڪڻڻ سان ۽ ڪجھ هٿ پير هڻي توکان مون کان اڌارا وٺڻ سان، موڙي گڏ ڪري، سفر جو سامان کڻي، چاچو سائين مرحوم وڃي ڪراچي پهتو. اتي شيعه اثنا عشريه خوجن سان پنهنجو احوال ڪيائين جن ضروري ڪاغذي ڪارروائي ڪرائي، ڪراچي بندر گاهه تان کيس جهاز ۾ چاڙهي بصري روانو ڪيو.
    بصري پهچي اُٺَ ذريعي ڪربلا معلي آيو امام حسين عليه السلام ۽ ٻين شهيدن جي زياتن کان مشرف ٿيندو رهيو. اهڙي طرح پهرين زواري سندس 1930ع مطابق سن 1345هجري ۾ ٿي. امام حسين عه کين ارشاد فرمايو ته تون واپس وڃ وڃي عَلم نصب ڪر. امام حسين عه جي ارشاد مطابق چاچو سائين (درٻيلو جو پهريون زوار بڻجي)، ڳوٺ ۾ واپس پهتو. اتي پنهنجن دوستن ساٿين سان عَلم نصب ڪرڻ جو حڪم ملڻ سميت، پنهنجي زواريءَ جا سڀ احوال بيان ڪيائين. سندس دوستن جي حلقي ۾ سائين هادن شاهه به شامل هو. جنهن پنهنجي باغ مان عَلم لاءِ ڪاٺي ڪپي کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني. ڳوٺ جي قبرستان جي خالي پيل زمين کي صاف ڪري اتي عَلم نصب ڪري، امام حسين عه جو درٻيلي شهر ۾، پهريون دفعو ماتم ڪري، عزاداري جي شروعات ڪيائون. درٻيلو شهر ۾ انهيءَ طرح شيعيت ۽ عزاداريءَ جو بنياد قائم ٿيو. درٻلي ۾ پهرين وڏي مجلس 1940/41ع ۾ عبدالرزاق زوار ڪرائي.“[169]


    باب چوٿون

    محرابپور ۾ عزاداريءَ جو بنياد رکندڙ گھراڻو

    هتي عزاداريءَ جو سلسلو باغ علي ٽالپر شروع ڪيو. جنهن جا وڏڙا اصل ڪوٽڏيجيءَ جا هئا جيڪي اتر سنڌ جي حاڪم مير سُهراب خان ٽالپر جي خاندان مان هيا. جن جو پهريون فرد مير غلام مصطفى ٽالپر (اتر سنڌ جي حاڪم مير سهراب خان جو پوٽو) انگريز دور ۾ هتي اچي آباد ٿيو. جنهن پهرين درگاهه بابا سيد مريد علي شاهه وٽ ڪچو ڪوٽ اڏائي رهائش اختيار ڪئي، سيد مريد علي شاهه مٿس ناراض ٿيو جنهن کيس رهڻ نه ڏنو. ان بعد هن ٿورو اڳتي اچي ٻيو ڪچو ڪوٽ اڏيو. جتي هن وقت تائين سندس خاندان ڪريم بخش ٽالپر جو اولاد رهائش پذير آهي. سندس تعمير ڪرايل ڪچي ڪوٽ جا آثار باقي آهن. مير باغ علي ٽالپر به ان ئي خاندان مان هيو. جيڪو مير غلام مصطفى جو پوٽو هيو. جنهن پنهنجي زندگيءَ جي آخري سالن ۾ هتي عزاداري اهلبيت جو سلسلو شروع ڪيو.
    باغ علي ٽالپر جي وفات کانپوءِ، محرابپور ۾ معرفتِ اهل بيت جي تبليغ جو سلسلو سبحان علي ٽالپر جاري رکيو. جنهن مومنن کي حَقَ جي دين جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ هن ٻاهران عالمن، ذاڪرن ۽ مبلغن کي وقت سر پئي گھرايو جن هتان جي مومنن کي مذهبِ اهلبيت مطابق نماز، روزه، غسل، ڪفن ۽ نڪاح ۽ ٻين ضروري شين بابت ڄاڻ پئي ڏني. ان کان علاوه عالمن ۽ ذاڪرن مومنن کي ڪربلا جي ڪهاڻي ٻڌائي عزاداريءَ جي عظمت ۽ اهميت کان واقف ڪيو. جنهن بعد هتي مجلس ۽ ماتمداريءَ جو سلسلو شروع ٿيو. جنهن کي عزادارن جي سهڪار سان سنه 1962ع ۾ ملاحن نوان موڙ ڏئي اوج ڏياريو. جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آهي.


    مذهبِ اهلبيت جي تبليغ خاطر گھرايل عالم، مولوي ۽ ذاڪر

    هتي مذهبِ اهل بيت جي بنيادي ڄاڻ ڏيندڙن ۾ پهرين شخصيت، لکنوءَ جو زيدي سيد علامه زڪي صاحب جن هيا، جن هتان جي مومنن کي معرفتِ اهلبيت جي ڄاڻ ڏئي ڪربلا جي شهيدن جي تاريخ ٻڌائي. جنهن بعد هتي ماتم ۽ مجلس جا پختا بنياد پيا. امام بارگاهه ۽ مسجدون آباد ٿيڻ لڳيون. هن سيد زادي ڪافي عرصي تائين، هتي دين جي تبليغ جو سلسلو جاري رکيو. علامه زڪي صاحب جي اهڙين خدمتن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگھجي. ذاتي مجبورين سبب بعد ۾ هو پاڻ هتان ڪراچي وڃي اتي آباد ٿيا. ذاڪر اهلبيت زوار محمد يوسف ’ڪربلائي،‘چنه، سندن شاگردن مان هڪ هيو. جنهن هتي عزاداريءَ جي تبليغ واري سلسلي کي مجلسون پڙهي جاري رکيو.
    علامه زڪي صاحب جن جي وڃڻ کانپوءِ، هتي دين جي تبليغ جو سلسلو مومنن جي تعاون سان جاري رهيو. هتي مڪتبِ اهلبيت ۽ عزاداري اهلبيت جي اهڙي سلسلي کي جاري رکڻ لاءِ 1965ع ۾ مولوي عبد الڪريم سومرو (شڪارپور) کي مبلغ طور مقرر ڪيو ويو، جيڪو نماز سان گڏ مجلس ۾ ذاڪري به ڪندو هيو. ان بعد (1968ع ڌاري) مولانا مداح حسين پٺاڻ (بَخُوخيل) ۽ (1975ع) کان مولانا خادم حسين ’نجفي‘ هتي خطيب شيعه جامع مسجد رهيا، پوءِ مولوي غلام حيدر سولنگي، مولوي ميهر الدين، مولانا منظور حسين سولنگي (هنڱورجا) مولانا نظر حسين سولنگي (سيٺارجا) ۽ ٻيا ڪيترائي سُڄاڻ اسڪالر تبليغ جي اهڙي سلسلي کي جاري رکندا رهيا. جن جي خدمت ۽ خرچ جو شرف ڊاڪٽر عاشق علي شاهه ’ترمذي‘ ۽ علي بخش ٽالپر جن کي حاصل رهيو.


    باب پنجون

    پِڙَنِ ۽ امام بارگاهن تي لڳل انگاس

    سنڌي جي لفظ انگاس جي ’جامع سنڌي لغت‘ موجب معنى آهي. ”اَنگاسُ _ وڏو جھنڊو _ عَلَمُ . ۽ انگاسي معنى آهي چاڙهيندڙ.“[170] تاريخ ڪائنات ۾ سڀ کان پهريون عَلم حضرت آدم عليه السلام جي پٽ حضرت شيث عليه السلام نصب ڪيو. ان عَلم جي تاريخ بابت زوار درس پنهنجي (اردو) ڪتاب ’عزاداري اور غير مسلم اقوام‘ ۾ علام ڊاڪٽر سيد ضمير اختر نقويءَ جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”حضرت آدم عه جي پٽ هابيل کي ان جي ٻئي پٽ قابيل شهيد ڪيو، جنهن بعد الله تعالى کيس ٻيو پٽ عطا ڪيو. جنهن جو نالو شيث رکيو ويو. حضرت شيث عه جڏهن جوان ٿيو ته ان کي نبوت عطا ڪئي وئي. الله تعالى ان تي وحي نازل ڪئي ته تون پنهنجي قوم کي گڏ ڪري قومِ هابيل کان حضرت قابيل جي ناحق خون جو بدلو وٺ حضرت شيث عه بارگاه خدا وندي عالم ۾ عرض ڪيو ته اولاد آدم تمام پري پري تائين پکڙ جي چڪي آهي مان انهن کي ڪيئن جمع ڪيان؟ سندس جواب ۾ الله تعالى حضرت جبرائيل جي معرفت هڪ وڏو جھنڊو (عَلم پاڪ) نازل فرمايو جنهن کي حضرت جبرائيل وڏي پهاڙ تي نصب ڪيو. اهو عَلم ڪيترائي ميل پري پري نظر ايندو هو ۽ ان کي ڏسڻ لاءِ اولاد آدم پري پري کان ان هنڌ پهچڻ لڳي. جڏهن اولاد آدم گھڻي تعداد ۾ ان جاءِ تي گڏ ٿي وئي ته حضرت شيث عه انهن کي پيغام خدا وندي پهچائڻ کانپوءِ لشڪر ترتيب ڏنو. تاريخ ۾ اها روايت به ملي ٿي ته: جنگ احزاب جي فتح بعد حضور اڪرم ﷺ اسلامي پرچم کي پنهنجن مبارڪ هٿن سان مسجدِ فتح تي نصب ڪيو. هند ۽ سنڌ ۾ عَلم پاڪ نصب ڪرڻ کان علاوه ماتمي جلوسن ۾ به عَلم پاڪ ڪڍيا وڃن ٿا. ماتمي جلوسن ۾ عَلم پاڪ ڪڍڻ جو سلسلو هند کان شروع ٿيو. ۽ پهريون عَلم پاڪ صوفي بزرگ سيد محمد اشرف سمنانيءَ بابري مسجد کان پنهنجن هٿن سان ڪڍيو.“[171]
    عَلم حضرت عباس عه جي تاريخ: پهريون عَلم رسالت مآب کان خيبر جي ميدان ۾ غيرِ فرار حضرت علي عليه السلام کي بهادريءَ جي اعزاز ۾، اسلام جي عظمت جو علم بلند ڪرڻ مهل مليو. ڪتاب ’نهج الاسرار‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”خيبر جي جنگ ۾ ارشاد ٿيو ته، خدا جو قسم! سڀاڻي آئون هي عَلم ان شخص کي ڏيندس، جيڪو خدا (ج) ۽ رسول ﷺ کي دوست رکي ٿو ۽ خدا (ج) ۽ رسول ﷺ ان کي دوست رکن ٿا. هو وري وري حملا ڪندڙ هوندو ۽ ڀاڄ کائيندڙ نه هوندو ۽ هو ان کي سختيءَ سان فتح ڪندو. اهڙيءَ طرح پاڻ (عه) اهو قلعو فتح ڪيائون.“[172]
    عَلمِ اسلام، ڪربلا جي رڻ پَٽ ۾ حضرت امام حسين عليه السلام کان حضرت غازي عباس عه قدر شناس کي سپرد ٿيو؛ جنهن پنهنجا بازو ڪٽجڻ بعد، اسلام جي پرچم کي تيرن، تلوارن ۽ نيزن جي برسات ۾ به بلند رکيو. جنهن کانپوءِ هي پرچمِ عباس علمدار عه جي نالي سان مشهور ٿيو.
    سنه 61 هجري واقعي ڪربلا ۾ شهادت حضرت عباس علمدار کانپوءِ، هن علم پاڪ جي سڃاڻپ ”عباس علمدار“ جي حوالي سان ٿي. بعد شهادت حضرت غازي عباس عه هي علم پاڪ، سانئڻ رقيه خاتون کنيو، جنهن بي پردا بڻايل نبي ﷺ زادين ۽ انهن جي يتيم اولاد تي شامِ غريبان وقت عباس عه بڻجي پهرو ڏنو. مقتولن جي يتيم ٻارڙن کي ننڊ سمهارڻ لاءِ عباس عه جي لهجي ۾ ”الحافظ والا حفيظ“ جون هڪلون بلند ڪيون ۽ ڪربلا کان ڪوفه، شام جي دمشق بازار تائين نبي ﷺ زادين جي قيدي قافلي جي سالار بڻي.
    ھائے بعد عباس عہ دے سانئٹ رقیہ علم بھرا دا چایا ھے،
    سالار بٹی مستوراندی، رنگ ویر دے مِشن کون لایا ھے۔
    بیبی چھوڑ کے پردہ داران کون، کیتا پیدل سفر بازاران دا،
    توڑی رل موئی وچ سفران دے، پرچم اسلام لھرا یا ھے ۔
    (اختر چنیوٹی )
    آلِ رسول ﷺزندان شام ۾ هڪ سال جو قيد نڀائڻ کانپوءِ، 20 صفر چهلم امام حسين عه ڪرڻ لاءِ قبرِ حسين عه تي پهتا. سانئڻ رقيه خاتون (س) اهو علم پاڪ قبرِ عباس عه تي نصب ڪيو. جتان هي علم، حضرت عباس عه جي نالي سان، سڄي دنيا ۾ وک وک تي پڙن، امام بارگاهن، عزا خانن ۽ مومنن جي گھرن تي سهڻي نموني سينگار جي بلند ٿيڻ شروع ٿيو. جيڪو سلسلو پنهنجي اوج واري رفتار سان جاري آهي.


    سنڌ ۾ پهريون عَلَمُ پاڪ

    هند، سنڌ جي سرزمين تي پهريون علم پاڪ نصب ڪرڻ جو اعزاز ايران جي مشهور بادشاهه ضحاڪ جي اولاد شنسب کي حاصل ٿيو؛ جنهن پيغمبرِ اسلام جي جانشين حضرت علي عليه السلام کان سندن دورِ حڪومت ۾ ڪوفي اچي حاصل ڪيو. ضحاڪ جي اولاد سيستان ۽ مڪران جي علائقي ۾ حڪومت ڪندي هئي. شنسب جي ڪنن تائين جڏهن اسلام جي انسان دوستيءَ جو پيغام پهتو ته هو بنا ڪنهن چوڻ جي بلوچستان کان ڪهي ڪوفي اچي اميرالمومنين حضرت علي عه جي خدمت ۾ حاضر ٿي اسلام قبول ڪيائين.
    اهو علم شنسب عراق کان واپس اچي پنهنجي تخت تي نصب ڪيو. پوءِ هڪ مسجد تعمير ڪرايائين ان ۾ حضرت علي ابن ابي طالب کان مليل سَند وارو پروانو لڳائي ڇڏيائين. شنسب جي اهڙي عمل سان سنڌ ۾ معرفتِ اهلبيت جو پيغام پکڙيو جنهن سان محبانِ اهلبيت ۾ اضافو آيو. ائين سنڌ تي پرچمِ اسلام کان عَلم عباس عه جي ڇانوَ رهي آهي. هن عَلم جي شروعاتي تاريخ بابت محقق زوار عبدالستار درس پنهنجي ڪتاب’عزاداري اور غير مسلم اقوام‘ ۾ لکي ٿو ته: ”عَلم پاڪ، ان اسلامي پرچم کي چيو وڃي ٿو جيڪو حضور اڪرم ﷺ پنهنجن هٿن سان تيار ڪري اسلامي لشڪر جي حوالي ڪيو. اهو پرچم ڪڏهن امير حمزه عه جي هٿ ۾ رهيو، ڪڏهن حضرت طيار عه، ڪڏهن علي ابن ابي طالب عه جي هٿن ۾ ته ڪڏهن ميدان ڪربلا ۾ حضرت عباس ابن علي عه جي هٿ ۾ رهيو. سانحي ڪربلا کانپوءِ هي پرچم حضرت عباس علمدار عه جي نالي سان منسوب ٿي ويو. مولا علي عه جي خلافت واري زماني ۾ شنسب بن حريق سنڌ کان ڪوفي پهتو ۽ ان حضرت علي عه جي هٿ تي بيعت ڪري اسلام قبول ڪيو. سنڌ اچڻ مهل مولا علي ان کي پرچم اسلام ۽ پنهنجن هٿن سان لکيل عهد نامو عطا ڪيو. سانحي ڪربلا کانپوءِ اهو اسلامي پرچم (علم پاڪ) حضرت عباس عه جي نالي سان منسوب ٿي ويو. انهيءَ ڪري سنڌ ۾ اسلامي پرچم (علم پاڪ) کي سانحي ڪربلا جي جي ياد ۾ نصب ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو.“[173]
    سنڌ ۾ معرڪي ڪربلا کانپوءِ پهريون عَلم حضرت عباس عه نصب ڪرڻ جو اعزاز سيستان جي سرزمين تي ڪلهوڙا حڪمران ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کي حاصل ٿيو. جڏهن ته ان کان اڳ هتي سومرن ۽ سمن جي دور ۾ به ننڍا ننڍا علم حضرت عباس عه محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ سينگاريا ويندا هيا. سنڌ ۾ پهريون علم عباس عه شهباز قلندر رح جي درگاهه تي نصب ٿيو. جنهن بابت ’تاريخ مظهر شاهجهاني‘ ۾ يوسف ميرڪ ’نمڪين‘ لکي ٿو ته: سنڌ جي واليءَ ميان غلام شاهه ڪلهوڙن جي زماني ۾ خانقاه اندران هڪ ڏيڍي ٺهرائي ويئي ۽ هڪ انگاس (عَلم) پڻ پيش ڪيو ويو، جنهن جو ذڪر هيٺين ڪتبي ۾ آيل آهي.“ [174]
    چو خوش جناب مبارک که نور حقاني،
    ز روضه است عيان ظاهري و پنهاني،
    قلندري و سخي و کام بخش اهل يقين،
    ولي و سيد عثمان پير نوراني،
    به خاص و عام که مشهور لعل شهباز است،
    بپادشاهه گدا باز داد سلطاني،
    باين جناب هر آنکس که اِرادتي دارد،
    بکام مي رسد از دولتِ فراواني،
    غلام شاه ميان صاحبِ سعادتمند،
    نشانِ حضرت عباس کان احساني،
    سخي و غازي و فياض معدنِ الطاف،
    چو سرفراز از لطف و بود رباني،
    ز خاص نيت خود کرد تازه خوش تعمير،
    که فرش و صحن در روضه شد گلستاني،
    قبول حضرت مخدوم شد نشاني کو،
    ز رحمت نبوي و علي عمراني،
    هر آنکه ديد و بيند زشوق نور ظهور،
    شود دو چشم ودلش روشن و درخشاني،
    هزار يک صد و هفتاد و سه ز هجري بود،
    ز کارداريء باقر نشان شد ارزاني،
    قبوليت که ز تعمير چستم از هاتف،
    ندا بگوش من آمد ز لطف سبحاني،
    زيمن مصرع تاريخ خوش بگو صابر،
    ”قبول باد نشان در جناب شاهاني“
    1173 هجري.
    انهيءَ مٿئين ڪتبي ۾ ڪيل علم پاڪ جي ذڪر بابت امام علي بيگ افسر پنهنجي ڪتاب’سنڌ جي عزاداريءَ‘ ۾ وضاحت سان لکي ٿو ته: ”ڪلهوڙن جي دور ۾ پهريون علم عباس عه ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سنه 1173 هجري ۾ قلندر شهباز جي مزار اڳيان بلند ڪرائي سادات سان پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪيو. جنهن جي تاريخ فقير صابر ان شعر مان ڪڍي آهي.
    ڪلهوڙن کانپوءِ سنڌ ۾ ٽالپرن جي صاحبيءَ ۾ علم عباس عه وڏي تعداد ۾ نصب ٿيڻ شروع ٿيا. ميرن جي حڪومت ۾ سنڌ ۾ پهريون علم پاڪ نصير خان ٽالپر قلعي جي اندر نصب ڪيو. جنهن کي انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ لاهي ڇڏيو. جنهن بابت مرزا امام علي بيگ پنهنجي ڪتاب’ سنڌ جي عزاداريءَ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”مير نصير خان قلعي اندر عَلم لڳرايو جيڪو انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ لاهي ڇڏيو. وري جڏهن مير صاحب سنڌ ۾ واپس موٽي آيا ته تڏهن وري مير صاحبن عَلم لڳرائڻ شروع ڪيا. 1909ع ۾ مرزا فتح علي بيگ جي فرزند مرزا ٻڍل بيگ پونا منجھان 100 فوٽ ڊگھي ڪاٺي گھرائي ان کي علم عباس عه جي صورت ۾ تيار ڪري علم نشان بلند ڪيو. هن وقت پوري سنڌ ۾ اهي ٻه قديم علم آهن. هڪ قلندر لال شهباز رح تي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو لڳرايل عَلم ۽ ٻيو ٽنڊي آغا حيدر آباد ۾ مرزا فتح علي بيگ جي قائم ڪيل امام بارگاهه ۾ لڳل عَلم. اهي ٻئي علم پنهنجي قدامت ۽ مقبوليت جي ڪري سڄي سنڌ ۾ مشهور آهن. 1910ع ۾ راقم الحروف جي جَدِ اعلى ميرزا امام علي بيگ علم پاڪ کي خوبصورت بڻائڻ جي لاءِ ان ۾ ڪاٺ جا مور ۽ ڊيلون ٺهرائي انهن تي بهترين نقش و نگاري جو ڪم ڪري عَلم جي خوبصورتي ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.“[175]
    سنڌ ڏانهن حضرت علي عليه السلام پاران تحفي طور اماڻيل علم بابت بيدار جعفري پنهنجي محرم جي هڪ اخباري ڪالم ۾ لکي ٿو ته: ”سنڌ ۾ جيڪي ٽي ڪُنڊا علم پاڪ گھرن ۽ امام بارگاهن ۾ سجھايا ويندا آهن روايت مطابق: اهو علم پاڪ حضرت علي عه پاڻ ڪوفي جي درٻار ۾ سنڌ کان ان دور ۾ (39 _ 40 هجري) ۾ آيل آلِ شنسب جي گھراڻي جي سنڌي عزادارن کي تحفي ۾ ڏنو هو. 72 ڄڻن جو وفد وڃي ڪوفي ۾ حضرت علي عه سان مليو هو. ساقيءِ ڪوثر پهريان انهن سان سنڌي ۽ بعد ۾ هندي ۾ ڪلام ڪيو هو.“[176]
    اتر سنڌ ۾ جديد عزاداريءَ جا بنياد ميرن جي دورِ حڪومت ۾ پيا، جنهن ڪري ڪوٽ ڏيجي ۽ خيرپور رياست عزاداريءَ جو مرڪز سڏجي ٿو. عزاداري پهرين ڪوٽ ڏيجي پوءِ خيرپور ۾ شروع ٿي. (ٽالپر اصل بلوچ آهن. پر، سنڌ ۾ سماٽ سڏجن ٿا.) مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب: ’تاريخ سکر‘ ۾ لکي ٿو ته: ”ٽالپر مير بلوچ ڪلهوڙن جا مريد ۽ فوج ۾ ملازم هئا. 1783ع ۾ هنن ڪلهوڙن کي هالاڻيءَ جي جنگ ۾ شڪست ڏيئي سنڌ تي قبضو ڪيو. مير فتح علي خان سنڌ کي ٽن حصن ۾ورهايو. (1) شهداداڻي سرڪار _ جنهن جو تختگاهه حيدرآباد هو. (2) ماڻڪاڻي سرڪار، جنهن جو سربراهه مير ٺارو خان هو. هن جو تختگاهه ونگيءَ ۾ هو: کانئس پوءِ، پُٽس مير علي مراد خان ميرپورخاص جو شهر اڏائي ان کي تختگاهه ڪيو. (3) سُهراباڻي سرڪار، جنهن جو سربراهه مير سُهراب خان هو. جنهن سهراب پور جو شهر اڏايو، جو پوءِ خيرپور سڏجڻ لڳو. هن ڪوٽ ڏيجيءَ واري ٽڪريءَ تي قلعو اڏائي، ان تي احمد آباد نالو رکيو، پر پوءِ پنهنجي اصلي نالي سان سڏجڻ لڳو. ٽالپر به ڪلهوڙن وانگي ڪابل کي ڍل ڀريندا هئا. “[177]
    سنه 1783ع ۾ هالاڻيءَ جي جنگ ۾ ڪلهوڙن کي شڪست ڏئي سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ ميرن پاڻ ۾ ويهي سنڌ ورهائي. جيڪا پهرين چوياري سڏبي هئي. جنهن ۾ اتر سنڌ مير سهراب خان جي حصي ۾ آئي. جنهن اِنَ فتح جو عَلم خيرپور ۾ بلند ڪيو. جنهن بابت امام علي بيگ ڪتاب:’سنڌ جي عزاداري‘ ۾ لکي ٿو ته: ”جيئن ته خيرپور جا مير، حيدرآباد جي مير جي طرح شيعا هئا، تنهن ڪري مير سهراب خان اِنَ فتح کانپوءِ خيرپور ۾ اِن فتح جو عَلم، حضرت عباس عليه السلام جي نالي سان نصب ڪيو. جيڪو اڄ به ”مير جي انگاس“ جي نالي سان سڏجي ٿو. رياست جي دور ۾ هن عَلم کي چاڙهڻ وقت خاص اهتمام ڪيو ويندو هو ۽ عَلم جي نصب ٿيڻ وقت نَوَن توبن جي سلامي ڏني ويندي هئي“.[178] خيرپور رياست کان اثر وٺڻ کانپوءِ محرابپور ۾ پهريون عَلم حضرت عباس عه ميرن جي پِڙَ تي مير باغ علي خان بلند ڪيو. جيڪو ميرن جي وڏي عَلم جي نالي سان سڏجي ٿو. ان بعد محرابپور ۾ علم عباس عه نصب ٿيڻ جي شروعات ٿي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ گھر گھر تي عَلم عباس عه بلند ٿيل آهي. جنهن ڪري هي شهر ساهتيءَ ۾ عَلمَنِ جو شهر سڏجي ٿو.
    اَڄُ گھـر گھـر علـم عـباس عه جـو آ، اهـا آهـي محنت زينب صه جـي،
    شبير عه کي هرڪو پيو روئندو، پر هئي هئي قسمت زينب صه جي.
    (سيد افضل شاهه)


    ماتم خانو، امام بارگاهه

    سنڌي لفظ ماتم خاني جي معنى غميءَ وارو گھر آهي. جتي مجلس ۽ ماتم برپا ڪيو وڃي. ’جامع سنڌي لغات‘ موجب: ”ماتم خانو: ماتم جو هنڌ _ ماتم ڪرڻ جي جاءِ. غميءَ وارو گھر _ ماتم ڪدو.“[179] مطلب ته اهو هنڌ جتي جتي مُحبانِ اهلبيت گڏ ويهي ذڪرِ حسين عه ڪن ان جاءِ کي امام بارگاهه، ماتم خانو چئجي ٿو. غمِ حسين عه ۾ روئڻ واري جاءِ کي عزا خانو چئجي. حضور اڪرمﷺ جي درد ڀريي وڇوڙي کانپوءِ سندن ڏک ۽ مديني جي حڪمرانن جي بدليل سلوڪ سبب، پاڪ سانئڻ سيده فاطمه زهرى صه جڏهن به پنهنجي بابي کي ياد ڪري هي پارَ ڪڍي روئيندي هئ هئي ته: ”صُبت علي المصائب لو انها، صبت علي الايام صرن ليا ليا. _ مون تي مصائب جا اهڙا پهاڙ ڪريا آهن اگر ڏينهن تي پون ها ته ڪارين راتين ۾ تبديل ٿي وڃن ها!!“ اهو روئڻ مديني جي ماڻهن ۽ حاڪمِ وقت کي ناگوار لڳندو هو. سيده کي ڪائنات جي امير حضرت علي عليه السلام جن بابي کي روئڻ لاءِ شهر جي ٻاهران جنت البقيع ۾ هڪ جاءِ جوڙائي ڏني جتي سيده رات جي وڳڙي ۾ پنهنجي وَرَ سان وڃي بابي کي روئيندي هئي. جنهن کي ’بيت الحُزن‘ روئڻ جي جاءِ چيو وڃي ٿو. جنهن واقعي ڪربلا کانپوءِ باقاعدي عزا خاني، امام بارگاهه جي صورت اختيار ڪئي. جتي عزادار علمِ عباس عه جي ڇانوَ هيٺان ويهي ذڪر حسين عه جو اهتمام ڪندا آهن. ۽ مظلوم حسين عه جي ڏکن ۽ مصيبتن جي گھڙين کي ياد ڪري ماتم ۽ مجلس برپا ڪندا آهن. دنيا جي چپي چپي تي واقعي ڪربلا کانپوءِ عزا خانه قائم ٿيڻ لڳا. جتان حُسينيت جي پيغام جي خوشبوءِ پکڙ جڻ لڳي.
    واقعي ڪربلا کانپوءِ پهريون عزا خانو شام ۾ يزيد جي محل جو اهو حصو بڻيو، جتي سيده زينب صه پنهنجا شرط مڃائي فاتح بڻجڻ بعد، شهيدن جا سر گھرائي انهن تي حلقو ٻڌي احتجاج جي صورت ۾ ماتم ڪيو. ۽ شام جي آيل 25 هزار عورتن کان ڪربلا ۾ ڪُٺل 72 شهيدن جي پرچاڻي ورتي. جنهن مجلس جي صورت اختيار ڪئي. بيبي زينب صه فاتح شام وارو اعزاز ماڻڻ بعد 20 صفر تي ڪربلا ۾ ڀاءُ جو چهلم ڪرڻ آئي. قبر حسين عه تي ٽن ڏهاڙن تائين مجلس شبير ۽ عزاداري برپا ڪري اتي دنيا جي پهرين وڏي عزاخاني جو بنياد رکيائين. جيڪو اڄ دنيا جي درس گاهه بڻيل آهي. جتان دنيا جي هر انقلابيءَ کي ديرپا انقلاب جا درس ملن ٿا. جتي هر سال چهلم جي موقعي تي ڪروڙن جي تعداد ۾ عوام اچي سلامي ڏئي ٿو.
    ڪربلا ۾ عزاداريءَ جا پُختا بنياد رکڻ بعد سادات جڏهن مديني آيا ته، مديني جون عورتون کين ڪربلا جي شهيدن ڪاڻ پرچائڻ آيون. ان وقت ذڪر حسين عه سان گريوزاري به شروع پئي ٿيو، اها مديني ۾ پهرين مجلس هئي. اهڙيءَ ريت بني هاشم جي ويڙهي ۾ مجلس حسين عه جو سلسلو جاري رهيو. جيڪو سادات جي ٻيهر قيد جو سبب بڻيو.
    سادات جي ٻيهر قيد ٿيڻ تائين ذڪر حسين عه جي تبليغ جو اهڙو سلسلو جاري رهيو جنهن ڪري مديني ۾ بني هاشم جو ويڙهو واقعي ڪربلا کانپوءِ مستقل عزاخاني جي صورت اختيار ڪري ويو.
    سيدن جي ٻيهر قيد کانپوءِ، دنيا جي جنهن به زمين تي سندن قدم ڌريا، اتي سيده زينب صه ذڪر حسين عه جاري رکي عزاخانن جا بنياد رکي حُسينيت جي پيغام جا ڏيئا روشن ڪندي وئي. جنهن يزيد (لعنتيءَ) جي نظام کي نافظ ٿيڻ نه ڏنو. واقعي ڪربلا کانپوءِ، سادات جو ٻيهر قيدي بڻجي شام وڃڻ تائين هر زبان تي ذڪرِ حسين عه جاري رهيو. جنهن جو اثر اهو ٿيو جو اڄ سڄي دنيا عاشور جي ڏهاڙن ۾ عزاخانو بڻيل هوندي آهي. غمِ حسين عه ۾ هر اک آلي ۽ وک وک تي سجيل عَلمِ عباس عه ۽ اُڃارن جي ياد ۾ قائم ٿيل سَبيلون ۽ هر زبان تان بلند ٿيل ياحسين عه جون صدائون ساکي آهن سيدا جي ڪيل تبليغ جون. جن ڏيئن مان لاٽ اُڀري دنيا کي حُسينيت جي پيغام سان روشن ڪري ٿي. شهيد محسن نقويءَ چواڻي ته:
    قدم قدم پر چراغ ایسے جلا گئی ھے علی عہ کی بیٹی
    یزیدیت کی ھر ایک سازش پہ چھا گئ ھے علی عہ بیٹی
    کھیں بھی ایوانِ ظلم تعمیر ھو سکے گا نہ اب جھاں میں
    ستم کی بنیاد اس طرح سے ھلا گئ ھے علی عہ کی بیٹی
    یقیں نہ آ ئے تو کوفہ و شام کی فضا ؤ ں سے پوچھ لینا
    یزیدیت کے نقوش سارے مٹا گئ ھے علی عہ کی بیٹی ۔ [180]
    )محسن نقوی(
    جتي جتي به مُحبانِ اهلبيت آباد آهن، اتي گھر جي مٿان علم حضرت عباس عه بلند ڪرڻ بعد عزاخانو به قائم ڪندا آهن. جتي حسين عه جي حقيقت ڀري ڪهاڻي بيان ڪئي ويندي آهي. هر مومن جي دل ۽ گھر عزاخانو بڻيل هوندو آهي. حسن صادق چواڻي ته:
    هم ني غازي ڪا عَلم گھر پي سجا رکا هئي،
    گھر ڪو اپني مولا ڪا عزا خانه بـنا رکـا هئـي.
    سادات پاران عزاخاني جو بنياد وجھڻ کانپوءِ، دنيا ۾ عزاخانه تعمير ٿيڻ لڳا، جنهن ۾ دنيا جو پهريون عزاخانو بغداد ۾ معزالدوله جو ۽ ان کانپوءِ مراقش ڏسجي ٿو. ڪتاب ’تاريخ شيعانِ علي‘۾ علي حسين رضوي لکي ٿو ته: ”سر دست هسٽري آف سيراسنز جي حوالي سان پهرين امام بارگاهه جي تعمير جو شرف فاطمينِ مصر جي ٻئي خليفي المعز کي ڏنو وڃي ٿو. جنهن قاهره کي آباد ڪرڻ مهل محلات سان گڏو گڏ مجلس جي لاءِ هڪ ڌار عمارت جوڙائي جنهن کي اسان امام بارگاهه چئون ٿا.“[181]
    دنيا جي وڏي ۾ وڏي ۽ تاريخي امام بارگاهه بابت ڊاڪٽر ضمير نقوي پنهنجي ڪتاب:’تاريخِ شيعيت‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”دنيا جو وڏي ۾ وڏو امام بارگاهه آصف الدوله لکنوءَ ۾ تعمير ڪرايو جنهن جو ڪم 22 سالن بعد مڪمل ٿيو. جيڪو بنا ڪنهن لوهه ۽ ڪاٺيءَ جي تيار ٿيل آهي. هي امام بارگاهه چوني ۽ مٽيءَ جو تيار ٿيل آهي. جيڪو فني تعمير جو هڪ اعلى نمونو آهي ۽ دنيا جي انجنيئرن لاءِ حيرت جو مقام آهي. دنيا ۾ هن کان وڏو ۽ بلند امام بارگاهه هن مهل تائين ڪٿي به تيار ٿيل ناهي.“[182] هندستان ۾ امام بارگاهه تعمور لنگ جي دور کان تمام گھڻو پهرين ڏسجن ٿا. هندستان ۾ پهريون امام بارگاهه سلاطين شرڪيه تعمير ڪرايو. هندستان کانپوءِ سنڌ ۾ عزا خانه قائم ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو، جيڪو اڄ تائين جاري آهي.
    سنڌ ۾ امام بارگاهن جو وجود مغلن جي دورِ حڪومت کان ٺٽي ۾ مڪليءَ جي قبرستان وٽ ملي ٿو. ٺٽو، جنهن جي جنم، سنه بابت ڪا مڪمل ڄاڻ نه ملي سگھي آهي ته اهو ڪنهن ۽ ڪيئن آباد ڪيو. پر، سيد طاهر محمد نسيانيءَ جي تحقيق ڏسي ٿي ته هي شهر ستين يا اٺين صدي هجريءَ جي پهرين اڌ ۾ وجود ۾ آيو. جنهن بابت هو پنهنجي ڪتاب’تاريخ طاهري‘ ۾ لکي ٿو ته: ”ٺٽو به ستين صدي هجريءَ جي پڇاڙيءَ يا اٺين صدي هجريءَ جي پهرئين اڌ ۾ هڪ ديهه وانگي وجود ۾ آيو، جنهن کي اڳتي هلي سمن ڄامن پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بڻايو، جيڪو اڃان تائين آباد آهي.“ [183]
    ٺٽي ۾ پهريون امام بارگاهه مڪليءَ جي قبرستان وٽ ”جلوه گاهه امام مين“ آهي. جنهن جي پڪي ديوار مغل گورنر سيف الله ۽ گنبذ ڪلهوڙي حاڪم خدادا خان جوڙايو. جنهن جي تعمير بابت امام علي بيگ افسر پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جي عزاداريءَ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”سنه 1137هه ۾ ٺٽي جو گورنر ٿي آيل نواب سيف الله پنهنجي دور حڪومت ۾ جلوه گاهه کي فرش ٻڌرايو ۽ پڪي چئوديواري ڏياري هئي صاحبزاده خداداد خان عباسي ان جاءِ تي گنبذ جوڙايو هو.
    ٺٽي جي مغل گورنر انهن نشانن تي نئين سر پڪي ديوار کڻائي ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ خداد خان انهيءَ حصي تي گنبذ تعمير ٺهرايو. ميان نور محمد ڪلهوڙي انهيءَ امام بارگاهه ”جلوه گاه امام مين“ تي 1154هه 1741ع ۾ قبو تعمير ڪرايو ۽ پڪي تجر ميرنصير خان 1248 هجري ۾ ٺهرائي.“[184] سيف الله خان جي هن ماڳ، امام بارگاهه سان عقيدت اها هئي جو مرڻ کانپوءِ پاڻ کي اتي ئي دفن ڪرايائين. جيڪو پوءِ شيعه قبرستان بڻجي ويو. جنهن بابت علي شير قانع پنهنجي جي ڪتاب ’مڪلي نامو‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”غالباً نواب سيف الله جي مدفن کانپوءِ آڳر جي ٻاهرين زمين کي اهل تشيع وارن پنهنجو قبرستان ٺاهيو. قبرستان ۾ شيعا حضرات جون سوين قبرون موجود آهن. ڪتبن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪيئي مشهور ماڻهو هن وسنديءَ ۾ محو خواب آهن. ايران جو مشهور شاعر آقا محمد ڪريم صفاهاني جيڪو ”عاشق“ تخلص رکندو هو. اهو هتي دفن آهي.“[185]
    سنڌ جي هن پهرين امام بارگاهه، جلوه گاهه امامين! جتي مولا جن جو ظهور ٿيو آهي؛ انهيءَ بابت شيخ محمد اعظم پنهنجي ڪتاب:’تحفة الطاهرين‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”امامن سڳورن جي ظهور گاهه جو بيان. چون ٿا ته: هڪ ٻڪرار هميشه وانگر روزانو ٻڪرين جو ڌڻ مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي چارڻ لاءِ ڪاهي ويندو هو ۽ ايندي ويندي انهيءَ جاءِ (ظهور گاهه امامين) وٽان پيو لنگھندو هو. سندس ٻڪريون به انهيءَ پاڪ جاءِ وٽان پهچنديون هيون ته ٽاهه کائي ۽ اتان پاسو ڪري لنگھنديون هيون ۽ اصلي ان پاڪ جاءِ تي پير نه ڏينديون هيون. ٻڪرار هن ڳالهه مان حيرت ۾ مستغرق هو ۽ هن راز کي پروڙڻ ۾ پيو ڪوشش ڪندو هو.
    هڪ ڏينهن ڏٺائين ته هڪ خدا جو ٻانهو ان جاءِ تي پيرن ڀر دعا لاءِ هٿ کنيو بيٺو آهي ۽ امام سڳورن کي روح مبارڪ جي وسيلي سان الله تعالى جي حضور ۾ مطلب پوري ٿيڻ جو سوال پيو ڪري. جڏهن دعا کان واندو ٿيو. ته ٻڪرار ان جي دامن ۾ هٿ وجھي چيو، ”سچ ٻڌاءِ، هن جاءِ ۾ ڪهڙو اسرار آهي جو انڪري منهنجين ٻڪرين کي خوف خطرو ٿئي ٿو.؟“ ان خدا جي ٻانهي چيو ته: ”هيءَ جاءِ پاڪن ۽ الله جي ڀلارن جي آهي. ملڪ ۽ ملڪوت جو عالم به تابعداريءَ جو گردن انهن جي حڪم هيٺ رکن ٿا. هر گز احتياط سان رهه ۽ گستاخيءَ سان هتان نه لنگهه، پاسي سان ويندو ڪر، نه ته تنهنجي هستيءَ جي کجي. صرصر هوا جي نيستي سان پٽ اچي پوندي يعنى ختم ٿي ويندين.
    آهسته ڪ رهه بردم، تيغ است قدم را.
    مطلب ته: آهستي ڪيئن واٽ وٺي وڃان. جو تلوار پيرن جي هيٺيان آهي.

    بيت
    باش آگاه ڪ ناگاه قفاي نخوري،
    واقف ڪشتي خود باش ڪ پاي نخوري.
    مطلب ته: خبردار ۽ آگاهه رهه جو اوچتو ڌڪ نه کانئين. پنهنجي ٻيڙيءَ کي به نظر ۾ رک. جو پنهنجي ٻيڙي نه ٻوڙي ڇڏين.
    سچن راوين کان روايت آهي ته: مخدوم اسحاق هالا ڪنڊي جي رهاڪو جا ٻه فرزند حضرت مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد، ڄام نندي جي دور حڪومت ۾ ٺٽي آيا ۽ هن پر لطف ٽڪريءَ تي اچي رهيا هئا. جنهن وقت انهيءَ (جلوه گاهه امامين) جي جاءِ تي پهتا. ته پير اگھاڙا ڪري تمام ادب ۽ احترام سان نفل پڙهيائون ۽ مناجات ڪيائون. سندن هڪ خادم ان جاءِ بابت ايترو ادب ڪرڻ جي باري ۾ کانئن سوال پڇيو. فرمايائون: ”هيءَ جاءِ آهي. جنهن جو رتبو عرش کان به مٿي آهي. هيءَ جاءِ امامن سڳورن جو جلوه گاهه آهي. پر اهو سڀ ڪجھ اهل يقين ۽ اهل دل وارن لاءِ نور بصيرت آهي.“
    آندو اٿين ته هڪ ڏينهن حقيقت ۽ معرفت جو صاحب ملوڪ شاهه ان واٽ کان اچي لنگھيو انهن ٻنهي نورن جي نور جي تجلي ڏٺائين ادب جي ڪري سجدي ۾ ڪري پيو سندس پيشاني نور ۽ روشنيءَ واري ٿي پئي. ان ڪري ان پاڪ جاءِ جي چوڌاري ٻُهاري ڏيئي پٿر گڏ ڪري حد ۽ نشان مقرر ڪري ڇڏيو.
    نواب سيف الله پنهنجي دور حڪومت ۾ جلوه گاهه کي فرش ٻڌايو ۽ چئو ديواري ڏياري هئي، صاحبزاده خداداد خان عباسي ان جاءِ تي گنبد جوڙايو هو.“[186] نواب سيف الله بابت مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي ڪتاب ’تحفته الڪرام‘ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”اصل ۾ نواب ابراهيم خان ولد علي مردان خان جو محافظ (گارڊ)، ۽ مهيني ذوالحج سنه 1137 هجري ۾ ٺٽي آيو. هو هو هڪ عاليشان ۽ بلند مڪان امير هو. سندس ڏينهن ۾ ٺٽي جيڪا رونق ورتي، سا وري خدا نصيب ڪري. ساڻس گڏو گڏ وڏا بزرگ هئا. ۽ هو بزرگن سان سندن مرتبي لائق هلت هلندو هو. شيعه مذهب کي ڏاڍو رواج ڏنائين. هو ’امر‘ ۽ ’نهي‘ ۾ تمام گھڻي ڪوشش وٺندو هو، نشيدار شين کي بند ڪري ڇڏيو هئائين. سنه 1145هجري ۾ ڇن جي مرض ۾ گذاري ويو. کيس مڪليءَ تي ٻنهي امامن جي سامهون دفن ڪيائون. ”دستِ وي با دامنِ آلِ عبا ست“ (آل نبي جي دامن ۾ آهه هن جو هٿ) تاريخ طور سندس قبر تي چٽيل آهي. سندس پٽ صادق علي خان کانئس پوءِ ڪجھ وقت شهر ۾ رهيو.“ [187]
    جلوه گاه امامين جي راز کي ظاهر ڪندڙ محبتِ اهلبيت جي وارث ملوڪ شاهه ۽ جلوه گاه امامين بابت مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي ڪتاب ’تحفته الڪرام‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”ميان ملوڪ شاهه ولايت جي ورثي جو وارث ٿي، مشائخيءَ جي ڏاڍي شان سان مخصوص ٿيو. کانئس ڪيئي ڪاملن جهڙا حال ۽ مشائخن جهڙيون ڪرامتون ظاهر ٿينديون هيون. عيد گاه جي مٿان امامن جو جلوه گاه سندس پيدا ڪيل آهي.“[188] جلوه گاه امام مين جي عظمت ۽ پنهنجي دل جي مراد بابت ڪتاب تحفة الطاهرين جو ليکڪ، شيخ محمد اعظم پنهنجي ان ئي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ هيئن لکي ٿو ته: ”سبحان الله! هي ڪهڙي نه نور الاهيءَ جي مظهر جي جاءِ آهي. هن جاءِ تي اڻ کٽ تجليون، در و ديوار مان هدايت جي روشني ۽ ايوان مان عنايت ظاهر آهي. زماني جا بادشاهه ۽ وڏا ماڻهو به هن جاءِ تي حاضري ڏيندڙ ۽ ٻهاريدار آهن. سوالين، مصيبتن وارن ماڻهن لاءِ عنايت ۽ امن جي جاءِ آهي. هن جاءِ تي هميشه فيض ۽ برڪت جاري آهي. اي الله! هن درگاهه جي زيارت ڪندڙن ۽ سچي دل سان سوال ڪندڙن ۽ هن ڪتاب جي لکندڙن جي دل جون مرادون پوريون ڪر ۽ پنهنجي معرفت جي جام سان سرشار فرماءِ!.“[189]
    سنڌ ۾ ميرن جي حڪومت ۾ تعمير ٿيل امام بارگاهه بابت ميرزا امام علي بيگ افسر پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جي عزاداريءَ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”مير فتح علي خان ٽالپر پنهنجي دور حڪومت ۾ حيدر آباد جي پڪي قلعي اندر هڪ امام بارگاهه تعمير ڪرائي ان کانپوءِ مير نصير خان موجوده هوم اسٽيڊي هال واري جاءِ تي امام بارگاهه تعمير ڪرايو.“[190] ميرفتح علي 1199هجري ۾ تعزيو جوڙائي جنهن جاءِ تي اهو رکيو اهو فقير جي پِڙَ سان سڏجي ٿو. ان بعد اتر سنڌ ۾ عزاخانه، امام بارگاهه قائم ڪرڻ جو سلسلو ميرن جي دور کان شروع ٿيو. جنهن ۾ وڏو امام بارگاهه خيرپور رياست ۾ مير سهراب خان جي دورِ حڪومت ۾ قائم ٿيو جيڪو سيد لال شاهه ”سيد ڪسرى“ جي فهمائش تي ٺهيو. جنهن جي خاندان مان سيد ياور عباس شاهه ۽ سيد يَزَرِ شاهه (جَجو شاهه) جن هيا. ان بعد مير حاجي غلام حسين ٽالپر ڪوٽ ڏيجيءَ جي ’شاهي امام بارگاه‘ جوڙائي.
    اتر سنڌ ۾ خيرپور رياست ۾ قائم ٿيل پهرين امام بارگاهه بابت تاريخ خيرپور، نسيم امروهوي جي حوالي سان ڊاڪٽر امام علي بيگ ’سنڌ جي عزاداريءَ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”مير سُهراب خان جي دورِ حڪومت ۾ ئي راولپنڊيءَ ڀرسان ”سيد ڪسرى“ جي نالي هڪ ڳوٺ جو هڪ بزرگ سيد لعل شاهه سيد الشهداء امام حسين عه جي عزاداري جي فروغ جي سلسلي ۾ ديره اسماعيل خان، جھنگ، ملتان بهاولپور، سکر، خيرپور، حيدرآباد ۽ ٺٽي جي سفر دوران جڏهن ڪوٽ ڏيجيءَ لڳ اچي رهيو ته اتي مير سهراب خان، سيد لعل شاهه جي فهمائش تي خيرپور ۾ هڪ شاهي امام بارگاهه جوڙائي ۽ محرم ۾ عزاداريءَ کي شايانِ شان طريقي سان ملهائڻ لاءِ سرڪاري خزاني مان سالياني گرانٽ منظور ڪئي. ساڳئي ئي دور ۾ مير سهراب خان خيرپور ۾ هڪ ٻي امام بارگاهه تعمير ڪرائي جتي تعزيو رکيل هوندو هيو اها امام بارگاهه اڄ تائين علي رضا شاهه جي ٿلهي جي نالي سان سڏجي ٿي.“[191]
    سنڌ پرڳڻي جي ساهتي علائقي محرابپور ۾ هڪ صدي اڳ جو عزاخانو آهي جيڪو مير باغ علي قائم ڪيو. جتان ساهتيءَ تائين معرفتِ اهلبيت ۽ عزاداري امام حسين عليه السلام جو پيغام عام ٿيو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ عزاخانه قائم ٿيا. جتي ايامِ عزا دوران مجلس ۽ ماتمداري ڪئي ويندي آهي. محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ امام بارگاهن ۽ ماتمي جلوسن ۾ پهرين مرثيا پوءِ نوحا خواني شروع ٿي. ساهتيءَ ۾ نوحا خواني ۽ ذاڪريءَ جو گھڻو رواج پنجاب جي شهر ملتان کان پيو.(ملتان ماضي ۾ سنڌ جو حصو هيو) اهڙو سلسلو هتان سنڌ جي ٻين شهرن تائين پکڙيو.
    محرابپور ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ هڪ سئو جي لڳ ڀڳ عزا خانه آباد آهن جتي مخصوص ڏهاڙن تي مجلس عزا، عزاداري ۽ جشن جا پروگرام ٿيندا آهن. محرابپور جنڪشن ۾ عزاداريءَ جي شروعات حيدر آباد ۽ اتر سنڌ کان پوءِ ٿي، جيڪا هن وقت نه رڳو سنڌ. پر، پوري ملڪ کانپوءِ ڏيساور ۾ به مقبوليت ماڻي چڪي آهي.


    باب ڇهون

    دنيا جو پهريون ماتمي جلوس

    جامع ’سنڌي لغات‘ موجب: ”سنڌي لفظ ماتم، عربي مصيبت جي معنى آهي (ماتم = مصيبت) _ مصيبت _ بپتا _ آپدا _ آفت. مرڻ جو غم _ ڪنهن جي مرڻ تي ڪيل روڄُ _ روڄُ راڙو _ رودنُ _ ڪُهرام . آهه و بُڪا _ ورلاپ _ ناله. گِريه. پِٽَ _ ڪُٽَ _ سينه زني _ ڇاتيءَ ڪُٽ _ غم _ رنج _ ملال _ الم _ اندوههُ _ ارمانُ _ سورُ _ درد _ ڏُک _ سوگُ _ سُود _ سياپو. ماتم پُرسي: اعزا پُرسي _ پَرچاڻي _ مُنهن ڪاڻ _ غم خوار. ماتم پُرسي ڪَرَڻُ: فوتيءَ جي عزيزن سان همدردي ڪرڻ _ پرچاڻي ڏيڻ. ماتمدار: ماتم ڪندڙ ماتمي.“[192]
    دنيا جو پهريون ماتمي جلوس: حضرت امام حسين عليه السلام جي مظلوميت تي پهريون احتجاج ته سنه 61 هجري يارهين محرم الحرام تي ٻيپهريءَ وقت سيد زادين جو مقتل گاهه ۾ لاشئه حسين عه تي اچڻ مهل ٿيو. جتي نبي زادين اوکا ويڻ ڪيا. جنهن لشڪرِ يزيد ۾ تهلڪو مچائي ڇڏيو. ان بعد هن احتجاج جا پختا بنياد زندانِ شام ۾ پيا، جتي سانئڻ زينب (س) سنه 62 هجري ۾ ڪربلا جي شهيدن جا سِرَ مبارڪ گھرائي، سڀني بيبين کي گڏ بيهاري ماتمي حلقو ٻڌي ويڻ ڪيا. اهڙو سلسلو سانئڻ ڀاءُ جو چهلم ڪرڻ لاءِ ڪربلا پهچي ٽن ڏهاڙن تائين قبرِ حسين عه تي جاري رکيو. جتي جابر بن عبدالله انصاري ۽ ٻيا مُحبِ حسين به پهتل هيا جن عزاداريءَ ۾ شرڪت ڪئي.
    ان ڏهاڙي کانپوءِ، مولا جي مظلوميت تي ٿيندڙ احتجاج، عزاداريءَ جي صورت ۾ دنيا تي عام ٿيو. جنهن بعد اهڙا احتجاج دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندا رهيا؛ جنهن جو اثر 20 صفر (چهلم) قبرِ حسين عه تي عزادارن جي اجتماعي احتجاج جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. 2016ع ۾ عوام جي آمد عالمي ميڊيا چار ڪروڙ ۽ ”هادي ٽيلي ويزن“ لائيوِ نشر ڪندي چار ڪروڙن کان مٿي ڏسي آهي.
    ڪربلا جي ڪوس تي دنيا ۾ ٿيندڙ احتجاج مان هڪ احتجاج هي به آهي جنهن دنيا جي اُسريل ملڪن ۾ احتجاج جي چوانتي اُڀاري ڇڏي. جنهن اُموين، عباسين، ڪوفين، شامين، بغدادين ۽ يزيدي نسل جي پيروڪارن جي ننڊ ڦٽائي ڇڏي. جيڪو سنه 353 هجري محرم تي بغداد ۾ باجبروت سلطان معزالدوله ديلمي جي قيادت ۾ نڪتل سياهه پوش ماتمي جلوس جنهن بغداد جي ظالم حڪمرانن منصور دوانيقي ۽ متوڪل جهڙن ظالم بادشاهن جي بغداد جي فضا کي سوڳوار بڻائي ڇڏيو. ان جلوس کانپوءِ مجلس ۽ ماتم جي ابتدا ٿي. ان جلوس بابت ڊاڪٽر امام علي بيگ ’افسر‘ پنهنجي ڪتاب: سنڌ جي عزاداري، ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”مجلسون ته ڪربلا کان پوءِ به برپا ٿينديون رهيون. ۽ جلوس جيڪو معزالدوله ڪڍيو هو اهو ته بارگاههِ سيد الشهداء ۾ ايترو مقبول ٿيو جو نه صرف بغداد پر ان جي اوسي پاسي ۾ ان جي تقليد ٿيڻ لڳي. تنهن کانپوءِ مصر، مراڪش ۽ هند سان گڏو گڏ سنڌ ۾ پڻ هر هنڌ اهڙا ماتمي جلوس نڪرڻ لڳا. جنهن ۾ امير تيمور جي عَهدَ (دور) کان تعزيه جو اضافو ٿي ويو.
    سنڌ ۾ اڄ به ماتمي جلوس نڪرندا رهن ٿا. انهن جلوسن سان هزارين مومنين ماتم ڪندا سيد شهداء سان پنهنجي عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪن ٿا. انهن جلوسن ۾ ماتم سان گڏ نوح خواني ڪئي وڃي ٿي ۽ قدم قدم تي پڻ سبيلون ٺاهيون وڃن ٿيون.“[193]
    1783ع ۾ مير فتح علي خان هالاڻيءَ جي جنگ ۾ ڪلهوڙن کي شڪست ڏيئي سنڌ فتح ڪئي. هن دور ۾ سنڌ جي عزاداريءَ زور ورتو. ان دور جي عزاداريءَ بابت امام علي بيگ پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: ”مير فتح علي خان پنهنجي ڀائرن اميرن ۽ وزيرن سميت قلعي مان ميان فقير محمد جي پڙ تي جلوس جي صورت ۾ سرِ بازار پنڌ ايندا هئا. سيد ثابت علي شاهه پڻ انهيءَ ماتمي جلوس ۾ مير صاحب سان گڏ جي سنڌيءَ ۾ نوح خواني ۽ ماتم ڪندو ايندو هو. اهڙي طرح سنڌ ۾ نوح خوانيءَ جو رواج مير فتح علي خان جي دور ۾ پيو. تعزيه جي اڳيان پهرين فجر جي وقت سوز ۾ سيد ثابت علي شاهه هي مرثيو پڙهندو هو.
    هَئي هَئي رڻ ۾ بيبي بـانـو سِـرَ تـي خـاڪ وسائـي ٿـي،
    شاهه حسين عه جي لاش تي ويٺي نيڻون نير وهائي ٿي،
    آهــون دانـهــون عـرش رســـاڻـي هنپـر حــال سـڻـائـي ٿــي،
    زهرا عه بيبيءَ جي نُنِهن پياري سائين ري سيلائي ٿي،
    ڪـاٿـي آهين مرتـظي عـلي عه شير امير،
    ڪـڙم سڀئي قتلعام ٿيـو رڻ ماريو شير.
    (ثابت علي شاهه)
    اها حقيقت متفق عليه آهي ته ٽالپر حڪمران شيعا هئا. هر حڪمران پنهنجي پنهنجي دور حڪومت ۾ عزاداري سيد الشهداء کي بيحد فروغ ڏنو. سنڌ ۾ عزاداري ملهائڻ تي ڪابه پابندي ڪانه هوندي هئي، بلڪ خود ٽالپر حڪمران اهڙي سعادت حاصل ڪرڻ ۾ ڪو به گريز نه ڪندا هئا.“[194]


    محرابپور جا پِڙَ ۽ امام بارگاهون

    محرابپور جو پهريون پِڙُ
    پڙُ: سنڌي لفظ پِڙُ، سنسڪرت: ’پِنڊَ‘ جي معنى آهي گول ٿلهو. ’جامع سنڌي لغات‘ موجب ”پِڙُ: ]سن، پِـنـڊَ = گـول ٿلهو[ ميدان، وڏو ميدان، گولائيءَ ۾ زمين جوٽڪر، دائرو، اهو هنڌ جتي انگاس کتل هجي ۽ عاشور ۾ ماتم ڪيو وڃي، مڪان _ اوتار، عاشور ۾ ماتمين جو جلوس جن سان سينگاريل گھوڙو، سيج، تابوت وغيره هجي.“[195] مطلب ته پڙ جي مٿين سڀني معنائن ۾ ميدان جو تصور ئي ملي ٿو.
    محرابپور ۾ پهريون عزاخانو باغ علي ٽالپر پنهنجي زندگيءَ جي آخري سالن ۾ اندازو آهي ته 1908ع ڌاري علم حضرت عباس (ع) نصب ڪري قائم ڪيو. ڪجھ سالن کان پوءِ اتي ٻيون علم پاڪ سندس فرزند سبحان علي ٽالپر 1923ع ۾ نصب ڪيو. جنهن جي ڪاٺي ان وقت سکر مان يارنهن سئو روپين ۾ ورتي وئي جيڪو ساڳوان جو سِڙهه هيو جنهن کي استاد يعقوب (ڪوري) ميمڻ ۽ محمد جمن (ڊکڻ) سومرو جن سکر مان ٻن اُٺَ گاڏن تي کڻي آيا. ٽيون علم پاڪ 2004ع ۾ نصب ٿيو. هن علم پاڪ جي ڪاٺي سنه 2001ع ۾ ڪراچي کان آندي وئي. ڪاٺي سمنڊ مان ڪجھ وقت اڳ نڪتل هئي، جيڪا آلي هئڻ ڪري ان کي ڪجھ وقت تائين سڪائڻ لاءِ رکيو ويو، جنهن ڪري هي علم عباس عه 2004ع ۾ چهلم کانپوءِ بلند ٿيو. مير باغ علي کانپوءِ هي پڙ سندس ننڍي پٽ ميرغلام عباس جي نالي سان سڏبو هيو، جيڪو هاڻي ميرن جي پڙ سان مشهور آهي.
    هن عزاخاني لاءِ سنه 1908ع ڌاري پهريون علم حضرت عباس عه ۽ هڪ وڏو تعزيو هندستان لکنوءَ جي ’شيشه گر روهيلا‘ خاندان جي ڪاريگرن کان تعمير ڪرايو ويو. هن تعزيي ۽ علم پاڪ جو ڪم هڪ ئي وقت شروع ٿيو جيڪو سال تائين هليو. تعزيي جي سنه واري تختيءَ تي ”حُب الفرمائِش جناب مير باغ عليخان ٽالپر، محرابپور“ لکيل هيو ۽ ڀرسان واري تختيءَ تي زيارت امام حسين عه تحرير ٿيل هئي. تعزيي مڪمل ٿيڻ جي صرف تاريخ 5 جولائي بروز جمع ملي سگھي آهي. تعزيي جي تعميراتي ڪم جي ذميواري حاجي محمد تڳيل (کورکاڻي) بلوچ، تي رکيل هئي. جيڪو مولانا امداد حسين شجاعيءَ وارن جو بزرگ هيو.
    هن تعزيي جي تعمير کانپوءِ، مرمت جو ڪم، هڪ صدي بعد، مولائي ملاح (راقم الحروف) جي ڏنل مشوري تي سن 26 محرم الحرام 1438 هجري، 28 آڪٽوبر 2016ع بروز جمعي تي شروع ٿيو. جيڪو مستري تصور حسين شاهه (لائين پار) واري ۽ مستري غلام عباس شيخ ڪيو.) تعزيو تعمير ٿيڻ کانپوءِ ڪجھ سال زيارت گاهه ۾ رکيو ويو. جنهن کي ڪجھ سالن بعد سبحان علي ٽالپر،(اول) شهر ۾ ڏهين محرم جي رات ماتمي جلوس سان بازار ۾ آندو.
    هن عزاخاني تي پهريون هال غلام حسين ٽالپر،(اول) جي مامي غلام علي ٽالپر ڪوٽ ڏيجيءَ واري، پنهنجي پُٽ مريد عباس ٽالپر جي باس ۾ تعمير ڪرايو. ان بعد هن جون ڀِتيون1987) ع) ۽ موجوده ڪمرو انجمن پاسدارانِ امام علي رضا عليه السلام (روشن ملاح، مٺل خاصخيلي ۽ استاد نبي بخش شيدي جي تنظيمي دور /91988ع ۾) تعمير ٿيو. ان کانپوءِ موجوده ڀِتين (چئوديواري) جو تعميراتي ڪم سنه 2014ع ۾ سبحان علي ٽالپر (ٻيو) جي ذاتي ذوقِ عزاداريءَ جا چٽا مثال آهن.
    هن پڙ جو هن مهل تائين خدمتگار، مُتولي باغ علي ٽالپر جو خاندان آهي. هن علم پاڪ کي پهرين سيد مريد علي شاهه رضوي، پوءِ سيد شاهد حسين شاهه بخاري، (شادن شاهه) ان بعد سيد نسيم شاهه بخاري ۽ هاڻي حبيب الله ٽالپر’ڏاڏو‘ (ٻيو) ۽ فيض محمد شيدي (عرف بابل) جن سينگاريندا آهن.
    پِڙُ سيد احمد شاهه
    پڙ سيد احمد شاهه: هن پڙ جو باني سيد احمد حسين شاهه ولد سيد محمد رضا شاهه صفوي آهي. هي سيد زادو اصل پنجاب جي شهر اوڪاڙا جي ڳوٺ: ’چڪ سيد مبارڪ شاهه‘ جا رهواسي هيو. سندس جنم 1917ع ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ’چڪ مبارڪ شاهه‘ ۾ ٿيو. هي سيد زادو پنهنجي علائقي جي قديم عزاداراڻي گھراڻي جو فرد هئڻ ناتي پنهنجي دور جو وڏو عزادار ۽ تڏيدار هيو. پاڻ فروغِ عزاداري ۽ زمينداريءَ جي عشق ۾ سنه 1943ع ۾ سنڌ ڪهي آيا. پهرين شهر دوڙ ۾ رهائش اختيار ڪيائون. ڪجھ عرصي بعد محرابپور کان هڪ ميل ٻاهر رهيا. عزاداريءَ جي عشق سبب سنه 1948ع ۾ محرابپور اچي ’نئين شهر‘ ميمڻ محلا ۾ آباد ٿيا.
    هن پڙ تي پهريون علم حضرت عباس عه سنه 1950ع ۾ سيد احمد شاهه صفوي پنهنجن هٿن سان نصب ڪيو، جيڪو ڪاٺ جو 20 فوٽ وڏو هيو. ان بعد سن 1963ع ۾ ٻيو اسٽيل جو 50 فوٽ وڏو علم پاڪ نصب ڪيو. محرابپور شهر ۾ اسٽيل جو هي پهريون علم عباس عه هيو، هن کانپوءِ سنه 2000ع ۾ زوار عبداللطيف ملاح پنهنجي پڙ تي اسٽيل جو مورن، پڃرن ۽ فانوس سان تعمير ٿيل علم پاڪ بلند ڪري شهر ۾ اسٽيل جي علم عباس عه بلند ڪرڻ جي شروعات ڪري ڇڏي.
    هن پِڙ تي اسٽيل جو بلند ٿيل علم عباس عه انهن ڏهاڙن ۾ ڏيپارجه اسٽيشن تان نظر ايندو هيو. جنهن کي بعد ۾ ٿورو ننڍو ڪيو ويو. جيڪو هن مهل 2016ع تائين بلند ٿيل آهي. هن امام بارگاهه جو مُتولي سيد احمد شاهه کانپوءِ سيد اسد عباس شاهه رهيو (هتان اوڪاڙا لڏي وڃڻ بعد) هاڻي سيد قمر عباس شاهه آهي. هن پڙ تي ڇهين محرم الحرام تي (مستورات) جي قديمي مجلس، اٺين محرم جھنڊن جي رات وارو جلوس ۽ نائين محرم الحرام مجلس ۽ ڏهين محرم الحرام جي رات کان علاوه ڏهه ڏهاڙا عزاداري ۽ سال جي ٻين مخصوص ڏهاڙن تي ڪيترائي پروگرام ٿيندا آهن.
    پِڙُ وڏيرو محمد بخش ’ساکڻي‘ بلوچ
    وڏيري محمد بخش ’ساکاڻي‘ جا وڏڙا هتي پار کان پهتا. جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته: اُهي پارَ کان درياهه اُڪري هتي اچي آباد ٿيا. سندن وڏو علي بخش چانڊيو (بخش چانڊيو)، هيو. جيڪو هتي سِري جو چانڊيو سڏبو هو. سِري بابت اليگزينڊر ڪننگھام پنهنجي ڪتاب ’سنڌ _ هند جي قديم جاگرافي‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”اتر سنڌ کي عام طور ’سري‘ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. جنهن جي معنى آهي: ’سر‘ يا مٿيون حصو. سري واري علائقي ۾ سنڌو درياهه جي اولهه پار ڪڇي گنداوا، ڪاهان، شڪارپور، لاڙڪاڻو ۽ اوڀر پاسي سبزل ڪوٽ ۽ خيرپور وارا علائقا هوندا هئا.“[196] سِري بابت مير علي شير قانع پنهنجي ڪتاب تحفته الڪرام ۾ هڪ هنڌ هيئن لکي ٿو ته: ”سنڌ جي مٿئين طرف کي عام ماڻهو سِرو چوندا آهن ۽ هن هيٺئين طرف کي لاڙ سڏيو ويندو آهي.“[197] چانڊيه قبيلو گھڻي تعداد ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ آباد آهي. جن بابت اياز ڀاڳت پنهنجي ڪتاب:’سنڌ جون ذاتيون قومون ۽ قبيلا‘ ۾ لکي ٿو ته:”سڄي سنڌ ۾ رهندڙ چانڊيه بنيادي طور قديم لاڙڪاڻي ضلعي جا رهواسي آهن جي گھڻائي ڪاڇي ۾ رهندڙ آهن. هو ڪن سببن جي ڪري لڏ پلاڻ ڪري وڃي موجوده بنن تي آباد ٿيا آهن.“[198]
    وڏيرو محمد بخش چانڊيو هتي’گرلز سنڌي پرائمري اسڪول‘ جي پراڻي بلڊنگ جي سامهون وڏي ماڙي جوڙائي ويٺو. جيڪا ڪجھ سالن کانپوءِ چند روپين عيوض استاد ڏيپچند کي ڏنائون. جنهن ۾ هن وقت نثار ميمڻ (مختيار ڪار) رهائش پذير آهي. ڪجھ سالن بعد علي بخش چانڊيو هتان لڏو کڻي شهر کان ٿورو ٻاهر کلئي ميدان تي وڃي ڳوٺ نما پنهنجو ويڙهو اڏي ويٺو. جتي سندس خاندان ۽ برادريءَ جا ٻيا فرد اڄ تائين آباد آهن. وڏيرو محمد بخش ’ساکاڻي‘ سندس پنجين پيڙهيءَ مان هو.
    ڪاڪو واحد بخش (ٻيو) ٻڌائي ٿو ته: ”اسان اصل کان مذهبِ اهلبيت سان وابسته آهيون. اسانجي گھر ۾ قديم زماني کان ’اوسارا‘ چيا ويندا آهن. پنهنجي خاندان بابت وڏڙن کان اهو ٻڌندا اچو پيا ته، اسانجو بزرگ علي بخش چانڊيو، مشهور (بخش چانڊيو)، هتي درياهه جي هُنَ ڀَرِ کان لڏي آيو. جيڪو سِري جو چانڊيو سڏبو هيو. جنهن وچ شهر ۾ ان وقت وڏي ماڙي اڏائي جيڪا اڄ به موجود آهي. جيڪا ان زماني ۾ ورهاڱي کان اڳ ديوان ڏيپچند کي چند روپين ۾ وڪرو ڪري ڏني هئائين. جيڪو اڄ استاد غلام رسول ميمڻ (مرحوم) جو گھر آهي.“
    وڏيري محمد بخش ساکاڻيءَ هي پِڙُ وچ شهر ۾ قائم ڪيو. هن پِڙَ تي بلند ٿيل هي چوٿون علم حضرت عباس عه آهي جيڪو سنه 2013ع ۾ نصب ٿيو. هن پڙ جو ٽيون علم پاڪ پنهنجي پاڙي ڪاڪي سونا خان ساکاڻي بلوچ (ڪاڪي سوني) جي گھر اڳيان قديمي امام بارگاهه ۾ نصب ڪيل آهي. اهو اصل ۾ انجمن نوجوانانِ شيعه، جو تبديل ڪيل ٻيون علم پاڪ هيو. هن پڙ تان نڪرندڙ پهريون تعزيو، ڪاڪي محمد بخش ساکاڻيءَ پاڻ ٺهرايو هو جيڪو سنه 1963ع ۾ انجمن نوجوانانِ کي ڏنائين. هن پڙ تان نڪرندڙ ٻيون تعزيو روضه اقدس سيده زهرا سلام الله عليها جي شبيهه هيو، جيڪو سکر ۾ لکنوءَ جي رهندڙ هڪ مومن وڏيري محمد بخش ’ساکاڻي‘ بلوچ کي تحفي طور ڏنو. اهو تعزيو وڏيري جي گھر اڳيان زيارت گاهه ۾ رکيل هوندو هيو، اتان ئي سينگار جي نڪرندو هو. تعزيو نڪرڻ کان پهرين اتي مستورات جي عزاداري ٿيندي هئي جنهن ۾ ’اوسارا‘ چيا ويندا هيا، پوءِ اهو چوڪ ۾ پڙ تي کڄي ايندو هيو. ڏهين محرم جو جلوس جڏهن وڏيري جي پڙ تي پهچندو هيو ته هي تعزيو جلوس جي زينت بڻبو هو.
    وڏيري محمد بخش ساکاڻيءَ جي پڙ تي پهرين محرم الحرام کان تيرهين محرم الحرام تائين شام جو نغارن تي واڄو ڪيو ويندو هيو، واڄو ڪندڙ مڱڻهار فقيرن ۾ فقير فضل حسين، فقير باغ علي مڱڻهار، نانو توت فقير ۽ صوف فقير، گلاب فقير مڱڻهار جن شامل هيا. هتي ڪجھ سالن کانپوءِ نغارا وڄائڻ وارا هن دنيا تي نه رهيا، جنهن ڪري نغارن تي واڄي وارو سلسلو ختم ٿي ويو، ان جي جاءِ دهل ورتي. هاڻي هر پڙ تي دهل تي واڄو ڪيو ويندو آهي. 2005ع کان نونارين جي پڙ ۽ ميرن جي پڙ تي نغارا رکيا ويا آهن جتي شام جو ٿوري وقت تائين نغارن تي واڄو ڪيو ويندو آهي. وڏيري جي پڙ تي واڄو ڪندڙ مڱڻهار فقير، پهرين محرم کان تيرهين محرم تائين ترسيل هوندا هيا جن جي رات ڏينهن نياز ننگر جو بندوبست ڪاڪي محمد بخش پاران ٿيل هوندو هيو.
    هن پڙ تي محمد بخش ساکاڻيءَ پاران ڏهين محرم الحرام تي وڏو نياز ڪيو ويندو هو جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. يارهين محرم تي برادريءَ پاران ڪانڌين (تعزيي کي ڪلهو ڏيندڙ مومن) لاءِ نياز ڪيو ويندو هيو. محرابپور ۾ قديم پڙن مان ميرن ۽ نونارين کانپوءِ هي پڙ قديم آهي. محمد بخش ساکاڻيءَ جي ويڙهي مان اٺين محرم الحرام جي رات تي (باسَ وارن جھنڊن) جو جلوس، يا حسين عه يا عباس عه جي صدائن سان دهل شرناءِ تي ثقافتي رنگ ۾ نڪري سڄي پاڙي جو گشت ڪري هن پڙ تي پهچندو آهي جتي باس جا (جَھنڊا) علم عباس عه ڏيڻ کانپوءِ ختم ٿي ويندو آهي. وڏيري محمد بخش جي گھر ۾ قديم دور کان محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ مستورات جي عزاداري ٿيندي آهي، جنهن ۾ قديم زماني کان وٺي هن مهل تائين ’اوسارا‘ چيا ويندا آهن.
    هي پڙ، وڏيري محمد بخش کانپوءِ سندس فرزند ڌڻي بخش ساکاڻي، سنڀاليو، ان بعد وڏيرو واحد بخش’ساکاڻي‘ ان ئي عقيدت ۽ احترام سان پنهنجي اولاد سميت اڄ تائين هن پڙ جي خدمت ڪندو اچي ٿو.
    چاڪين جو پِڙُ
    چاڪين جو پڙ: هيءُ پِڙُ محمد هاشم ملاح (راقم جي ڏاڏي) قائم ڪيو. محمد هاشم ملاح جا وڏڙا اصل رسول آباد (ضلع خيرپور) جا رهواسي هيا. جن بابت روايت ملي ٿي ته، اهي ميرن جي ايام ڪاريءَ ۾ هتي لڏي آيا. هن پڙ تي سنه 1900ع واري ڏهاڪي ۾ پهريون علم حضرت عباس عه نصب ٿيو. جيڪو 2001ع ۾ تبديل ڪيو ويو، اهو عَلم پاڪ هن وقت درگاهه حضرت پير وَنهيل سائينءَ تي بلند ٿيل آهي. 2001ع ۾ هتي محمد پيرل (چاڪي) سومرو، جن اسٽيل جو نئون عَلم حضرت عباس نصب ڪيو جيڪو اڄ تائين بلند ٿيل آهي.
    محمد هاشم ملاح هي پڙ قائم ڪرڻ کانپوءِ ڪجھ سالن بعد تقريباً سنه 1920ع ۾ هتان لڏي اچي ملاح محله ۾ پنهنجن عزيزن سان آباد ٿيو. هن پنهنجو گھر پير بخش (چاڪيءَ) سومرو کي ان وقت چاليهه (40) روپين ۾ وڪرو ڪيو ۽ امام بارگاهه وقف ڪيائين. پاڻ هن پڙ تي نائين محرم الحرام جي رات نياز ڪندو هيو، جيڪو سندس وڃڻ کانپوءِ به ڪجھ سالن تائين ’پير بخش چاڪي‘ جن رات بدران ڏينهن جو ڪندا هيا. هن امام بارگاهه جي ڀِتين جو ڪم سنه 1995ع ۾ امتياز ملاح، روشن ملاح، گلڻ سهتو جن جمله مومنين جي تعاون سان ڪرايو.
    هن پڙ تي /61985ع ۾ ڊاڪٽر ڪاظم رضا ميمڻ (درٻيلو _ هتي ميڊيڪل آفيسر هيو، امام بارگاهه ڀرسان سندس رهائش هئي) نائين محرم الحرام جي رات مجلس عزا ۽ عزاداريءَ جو اهتمام ڪيو ان بعد پير بخش ’چاڪي‘ جي اولاد، اقبال اعواڻ ’مجروح،‘ قلندر بخش (ڪارو خاصخيلي) ۽ ٻين عزادارن ملي ان سلسلي کي ڪافي وقت تائين جاري رکيو.
    محمد هاشم ملاح، ويڙهي ۾ ويهڻ کانپوءِ نائين محرم الحرام جي رات واري مجلس مستورات ڏانهن منتقل ڪري ڇڏي جيڪا اڄ تائين سندس خاندان پاران پهرين سندس گھر پوءِ امام بارگاهه ۾ ٿيندي آهي. مجلس کانپوءِ هتان مستورات جو هڪ وڏو ۽ تاريخي جلوس ميندي جناب شهزاده علي اڪبر عه سان بر آمد ٿيندو آهي. ملاحن جي مستورات پاران 2009ع کان نڪرندڙ هي مينديءَ جو ماتمي جلوس محرابپور جي تاريخ ۾ مستورات جو پهريون وڏو جلوس آهي، جيڪو ملاحن جي پڙ کان نڪري وڏي پڙ تي ختم ٿيندو آهي. جلوس پهچڻ کانپوءِ وڏي پڙ تي مستورات جي عزاداري شروع ٿيندي آهي.
    جوکين جو پڙ
    جوکين جو پڙ: هن پڙ جو بانيڪار زوار نبي بخش ولد ڦوٽو خان جوکيو هيو، ان بعد هن پڙ تي زوار ڪريم بخش جوکيو (زوار ڪمن) خدمت ڪئي جنهن هن امام بارگاهه چئو ديواريءَ جون ڀِتيون تعمير ڪرايون. هن پڙ تي هاڻ قلندر بخش جوکيو( آگل جوکيو) جي اولاد ۽ ٻيا جوکيا گڏ جي خدمت ڪندا آهن. هتي پهريون علم عباس عه زوار نبي بخش نصب ڪيو. ۽ ٻيو علم پاڪ اسٽيل جو سنه 2001ع ۾ نصب ٿيو، جيڪو اڄ تائين بلند ٿيل آهي. هن پڙ جو مُتولي هاڻي حيدر علي (حيدري) جوکيو آهي. هن پڙ تي مختلف ڏهاڙن تي مجلس ۽ جشن جا پروگرام پڻ ٿيندا آهن.
    ملاحن جو پِڙُ
    ملاحن جو پڙ: هي پڙ لال بخش ملاح (عبداللطيف ملاح جي ڏاڏي) قائم ڪيو. هن پڙ تي پهريون علم حضرت عباس عه لال بخش ملاح نصب ڪيو ۽ ٻيون اسٽيل جو نئون علم پاڪ 2000ع ۾ عبداللطيف ملاح نصب ڪيو. جيڪو اڄ تائين بلند آهي. هن پڙ جو پهريون علم پاڪ ملاحن جي قديمي قبرستان لانگڙجي ۾ نصب ڪيل آهي.
    هن پِڙَ تي علم عباس عه جي بلند ٿيڻ وقت، علم پاڪ جي لوڏَ، (رسين ۾ سرنهن جا پَنَ پوئڻ کي ساهتيءَ ۾ لوڏَ، لاڙ ۾ جھالر ۽ حيدرآباد ۾ مورا چوندا آهن.) ٻڌڻ جي ذميواري صوف ملاح سرانجام ڏيندو هيو. هن پِڙَ جو بانيڪار لال بخش ملاح هيو. ان کانپوءِ بخش علي، ان بعد زوار خير محمد ملاح، پوءِ ڪريم بخش ۽ عبداللطيف ملاح، ’ڪريم بخش، عبدالطيف جن 1982ع کان ويڙهي مان لڏي وڃڻ ۽ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ جيل قيد بند ۾ هئڻ ڪري ڪجھ وقت تائين هن پڙ جي خدمت ممتاز ملاح، ڌڻي بخش ملاح ۽ مولائي ملاح، انيس ملاح ۽ نذاقت ملاح ڪئي. سنه 1992ع کان وٺي پنهنجي زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين عبداللطيف ملاح ۽ اطهر ناهيدُ ملاح هن پڙ جا خدمتگار رهيا. اطهرناهيدُ ملاح کانپوءِ امتياز ملاح، اياز ملاح، روشن ملاح ۽ رضا ملاح هن پڙ جون سڀ ذميواريون سنڀالي رهيا آهن.
    نونارين جو پڙ
    نونارين جو پڙ: هي محرابپور جو قديمي پڙ آهي. هي پڙ محمد ملوڪ نوناري ولد پيراڻو خان نوناري (اول)، سنه 1910ع کان اڳ قائم ڪيو. (ياد رهي ته هن خاندان ۾ ٻه ملوڪ ۽ ٻه پيراڻا ٿي گذريا آهن) هن پڙ تي ٻه علم پاڪ نصب ٿيل آهن؛ جن ۾ پهريون علم حضرت عباس عه 1910ع کان اڳ نصب ڪيو ويو جيڪو اڄ تائين بلند ٿيل آهي. ٻيون اسٽيل جو علم پاڪ سنه 1986ع ۾ ڪراچيءَ مان تحفه طور مليو جيڪو نصب ٿيل آهي. هن پڙ تي رکيل قديمي تعزيو خان محمد نوناريءَ هندستان جي انهن ئي ڪاريگرن کان جوڙايو، جن ميرن جو وڏو تعزيو تعمير ڪيو. هي تعزيو به پاڻ سينگاريندو هيو. ان بعد سندس پُٽ راڻو خان ۽ پوءِ رسول بخش نوناري ان تعزيي کي سينگاريو. ان بعد توفيق حسين ۽ محبوب حسين نوناري، انهن کانپوءِ هن مهل تائين غلام سرور نوناري (پَپو) گلزار حسين (جَگي) نوناري، عارف حسين نوناري ۽ شاهد حسين نوناري جن سينگاريندا اچن ٿا. تعزيي جي سينگار تي ايندڙ سڄو خرچ ضمير نوناري ڪندو آهي. هن پڙ تي 2 فيبروري 1974ع ۾ خان محمد نوناريءَ جي پوٽي توفيق حسين ولد رسول بخش نوناريءَ انجمن معصومين شيعه فيڊريشن، ٺاهي ۽ هڪ وڏو علم عباس عه ٺاهي 10 محرم جي رات جلوس ۾ ڪڍيو جيڪو ان جي فوت ٿيڻ کانپوءِ سندس ڀائر الطاف نوناري ۽ ضمير نوناري سينگاري ڪڍندا رهيا. هاڻ هي علم پاڪ مرحوم الطاف نوناريءَ جو نوجوان فرزند دانش نوناري 10 محرم جي رات ڪڍندو آهي. هن پڙ تي رکيل زيارت شهزاده علي اصغر (ع) جو جھولو مبارڪ 2015ع ۽ ضريح اقدس حضرت امام حسين عليه السلام تعمير ڪرائي 2016ع ۾ رکي وئي. هن پڙ تي 1988ع کان محرم الحرام جو عشرو شروع ٿيو. هن وقت هن پڙ جا بانيڪار زوار ضمير نوناري ۽ زوار اختر نوناري ۽ مُتولي ڪامريڊ ولايت نوناري آهن. هن پڙ تي نياز امام حسين عه هلائڻ واري نوڪري زوار اقبال نوناري ڏيندو آهي.
    سهتن جو پڙ
    سهتن جو پڙ: هي پِڙُ مَکڻُ خان سهتو قائم ڪيو. ان کانپوءِ ڪامريڊ غلام رسول سهتو جي والد محمد صديق سهتو هن پڙ تي خدمت ڪئي جيڪو دفن به اتي ئي ٿيل آهي. هاڻي هن پڙ جي سنڀال الهه وسايو سهتو جو اولاد زوار اقرار سهتو ۽ وسيم سهتو ڪندا آهن. هتي پهريون علم حضرت عباس عه مَکڻ خان سهتو بلند ڪيو، ٻيو علم پاڪ 2004ع ۾ ممتاز حسين (مَتن) سهتو، زوار اقرار سهتو ۽ وسيم رضا سهتو جن قائم ڪيو. هن پڙ تي هنن ئي بانين پاران مستورات جي عزاداريءَ جا پروگرام ڪيا ويندا آهن.
    شيخن جو پڙ
    شيخن جو پڙ: هن پڙ جو بانيڪار خميسو خان شيخ هيو. ان کانپوءِ سندس اولاد لال بخش، الهه بخش، محمد فيضل ۽ محمد آچر (هنن جو اولاد روزگار سانگي نواب شاهه لڏي ويو.) سنڀاليو. ان بعد لال بخش جي اولاد پنهل خان، محمد اسماعيل، پوءِ الهه بخش جي اولاد محمد ڪوڙل، ۽ پنهل جي اولاد مان لال بخش ۽ استاد اعجاز، ان بعد محمد اسماعيل جي اولاد مان ڪريم بخش ۽ محمد مٺل، وري محمد ڪوڙل جي اولاد مان محمد جڙيل ۽ بشير احمد سنڀاليو، بشير احمد پاڻ هي ذميواريون لال بخش جي اولاد رضاحسين حوالي ڪيون. هي پنهنجي چاچي استاد اعجاز حسين سان گڏ ڪافي سالن کان سنڀاليندو اچي پيو. رضا حسين شيخ هن پڙ جي باني خميسي خان جي پنجين پيڙهيءَ مان آهي. مير ببر علي ’انيس‘ جيان ته:
    عمر گذري هئي اِسي دشت ڪي سياحي ۾،
    پانچوين پشت هئي شبير ڪي مداحي مين!
    هن پڙ کي آباد رکڻ، پنهنجي برادريءَ ۽ پاڙي وارن کي مذهبي سرگرمين ۾ مصرف رکڻ لاءِ لال بخش شيخ ”انجمن سفينه پنجتني“ جو بنياد رکيو. هن پڙ تي چار علم حضرت عباس عه نصب ٿيا جن مان ٽي ڪاٺ جا هئا جيڪي مختلف وقتن تي تبديل ڪيا ويا، جن مان ٻه علم پاڪ امام بارگاهه ۾ دفن ڪيل آهن ۽ ٽيون علم پاڪ نانگراج جي ڳوٺ ڀرسان سيدن جي امام بارگاهه ۾ نصب ڪيل آهي. هن پڙ تي چوٿون اسٽيل جو علم پاڪ 2004ع ۾ نصب ڪيو ويو، جيڪو هن مهل تائين بلند ٿيل آهي.
    شيخ برادري پاران هن امام بارگاهه ۾ ڏهين محرم الحرام جي رات مجلس منعقد ڪئي ويندي آهي. پندرهين (15) محرم تي مولانا عظاءُ حسين بلاغيءَ پاران (مستورات) جي مجلس عزا ۽ عزاداري جو اهتمام ڪيو ويندو آهي. چوٿين (4) ربيع الاول تي ڪوٽو ڪنڀر(عزادر حسينيءَ) پاران 36 سالن کان وڏو جلسو منعقد ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جا نامور ذاڪر خطاب ڪندا آهن. سترهين ربيع الاول تي جشن ولادت حضرت محمد مصطفى ﷺ ۽ چوڏهين شعبان المعظم تي جشن ولادت حضرت امام مهدي عليه السلام، اصغريه پاران منعقد ڪيو ويندو آهي. هن پڙ تي ٿيندڙ پروگرامن جو انتظام سنڀالڻ لاءِ رضا (چهواڻ) شيخ پاران سنه 2004ع ۾ انجمن منتظر مهدي (ع) جو بنياد رکيو ويو.
    شامِ غريبان وارو عَلَمُ پاڪ
    شروع کان وٺي هن شهر جي ڏهين محرم الحرام ۽ چهلم سيد شهداء جي ماتمي جلوسن جو اختتام مُڪاڻي مجلس تي ٿيندو آهي. اها مُڪاڻي مجلس عزا اڄ تائين ڏيڍي مير مولابخش ٽالپر تي ٿيندي آهي. ڏيڍي (اوطاق) ختم ٿيڻ بعد اهو هنڌ ’شامِ غريبان جو پلاٽ،‘ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. ان پلاٽ تي هاڻي اٺين محرم الحرام 2016ع تي هڪ ننڍڙو 12هن فوٽن جو علم عباس عه نصب ڪيو ويو آهي. ڇهن مهينن بعد ان جاءِ تي تاريخ 25 رجب المرجب 2017ع تي هڪ 30 فوٽن جو نئون علم پاڪ تيار ڪرائي بلند ڪيو ويو. جيڪو هن وقت شهر ۽ آس پاس جي مومنن لاءِ زيارت جو مرڪز بڻيل آهي.


    محرابپور ۾ نڪرندڙ ماتمي جلوسَ

    محرابپور ۾ عزاداريءَ جي شروعاتي دور کان وٺي هن مهل تائين نڪرندڙ ماتمي جلوسن جي فهرست ڪجھ هن ريت آهي. 6 محرم الحرام، کُهنبو _ شهزاده قاسم بن حسن عليه السلام، 8 محرم جي رات حضرت عباس علمدار عه جي مناسبت سان _ ’جھنڊن‘ جو جلوس، 9 محرم الحرام جي رات ميندي گھوٽ قاسم عه (ميرن جي پڙ تي) ۽ ميندي شهزاده علي اڪبر عه، ملاحن جي پڙ تان مستورات جي تاريخي ماتمي جلوس سان بر آمد ٿيندي آهي. 10 محرم جي رات ’شب عاشور ۽ ڏينهن شهادت شهداءِ ڪربلا، 25 محرم الحرام شهادت امام زين العابدين عه، 10 صفر المظفر شهادت معصوم سڪينه ص، 20 صفر چهلم حضرت امام حسين عه، رات ۽ ڏينهن، 8 ربيع الاول شهادت امام حسن عسڪري عه، 25 ربيع الاول شهادت سرڪار ابوطالب عليه السلام، 11 ربيع الثاني شهادت بيبي فاطمه صه (معصومه قُم) ۽ 25 رجب المرجب، شهادت حضرت امام موسى ڪاظم عه، ۽ 22 رمضان المبارڪ حضرت علي عليه السلام جي شهادت جي سلسلي ۾ قديم ماتمي جلوس. برآمد ڪيو ويندو آهي.
    جلوس جي شروعات
    هتي پهريون ماتمي جلوس ڏهين محرم الحرام جي رات سنه 1900ع جي ڏهاڪي ۾ نڪتو. جيڪو مير سبحان علي خان عزادارن جي سهڪار ڪڍيو جنهن ۾ تعزيو کڻي بازار آيو. ان بعد چهلم جي رات وارو پهريون جلوس سنه 1950ع واري ڏهاڪي ۾ ”مير نظر حسين (اول) شروع ڪرايو.“[199] ان بعد ڇهين محرم جو جلوس شروع ٿيو. ان بعد انجمن نوجوانانِ شيعه، جلوس شروع ڪيا.
    ڏهين محرم ۽ چهلم جي رات وارن جلوسن کانپوءِ، ڏينهن وارا ماتمي جلوس انجمن نوجوانانِ شيعه، شروع ڪيا. جنهن جي ابتدا چهلم جي جلوس کان ٿي. پهريون جلوس تاريخ 20 صفر چهلم تي (انجمن جو امام بارگاهه نه هئڻ ڪري) ڊاڪٽر عاشق علي شاهه جي اسپتال مان سنه 1962ع ۾ ڪڍيو ويو. جيڪو موجوده روٽ سان روايتي، ثقافتي رنگ ۾ دهل، شرناءِ تي ياحسين عه جي صدائن سان ڪڍيو ويو، جيڪو ماتم ڪندو شامِ غريبان واري هنڌ ختم ٿيو. اهڙي ئي انداز سان ڏهين محرم جو پهريون ماتمي جلوس سنه 1963ع ۾ انجمن نوجوانانِ شيعه، جي امام بارگاهه مان نڪتو؛ جيڪو پنهنجي ثقافتي رنگ ۾ دهل شرناءِ تي عزاداري ڪندو شامِ غريبان، تي ختم ٿيو. ان بعد جلوسن جي شروعات ٿي. هتي محرم جي ڏهاڙن ۾ ماتمي جلوسن جي شروعات ڇهين محرم کان ٿيندي آهي.
    هنن جلوسن ۾ هند، سنڌ جي مشهور گائڪ، ’سينگار‘ علي سليم (سکر) 1970ع ۾ ڇهين محرم جي جلوس ۾ نوحا خواني ڪئي ۽ چهلم جي رات واري جلوس ۾ شهر جي هر پڙ تي مجلسون پڙهي پنهنجي نوڪري پيش ڪئي. سينگار علي ’سليم‘ کان پهرين هتي محرم جي جلوسن ۾ عنايت حسين ڀٽي (گائڪ) ۽ سندس ڀاءُ ڪيفي ڀٽي (پنجاب) جن هتي نوحا خواني ۽ مجلس پڙهي آهي.

    محرم الحرام جو پهريون جلوس
    ڇهين محرم: کُهنبي جو جلوس ۽ خاڪو
    ڇهين محرم الحرام کُهنبي جو جلوس ۽ خاڪو: ”محرابپور جو ماتمي محمد آچر شيدي هڪ ڀيري پنهنجي امڙ سان ڇهين محرم تي ’کُهنبي‘ جو ماتمي جلوس ڏسڻ لاءِ ڪوٽ ڏيجيءَ ويو. اتي هن شهزاده قاسم عليه السلام جي دستار مبارڪ ڏٺي.“[200] هن جي دل ۾ حسرت پيدا ٿي ته اسان وٽ به جيڪر کُهنبي جو ماتمي جلوس نڪري جنهن ۾ شهزادي قاسم بن حسن عليه السلام جي دستار مبارڪ برآمد ٿئي. هن ان خاڪي کي خواب جيان دل ۾ سڄو سال سانڍي رکيو. ٻئي سال محرم جو چنڊ ڏسڻ سان ئي، هي پنهنجي مزدوريءَ مان ڪمايل پئسن مان ’کُهنبي‘ جو سڄو سامان وٺي اچي بهادر کٽيءَ کي ڏنو؛ جنهن ۾ دستار وارو ڪپڙو، هڪ ٽامي جو ٿالهه، نياز، عطر وغيره شامل هيو. پاڻ جيئن ڪوٽ ڏيجيءَ ۾’کهنبو‘ دستار مبارڪ ڏسي آيو هيو، ائين ئي بهادر کٽيءَ کي ڏسيائين. دستار تيار ٿي جيڪا سيد نجن شاهه رضويءَ پنهنجي مٿي تي کنئي جنهن سان ڇهين محرم تي پهريون ڀيرو ’کُهنبي‘ جو ماتمي جلوس نڪتو. جيڪو اڄ سيد حسين شاهه جي حاويليءَ مان انهيءَ ئي انداز سان نڪرندو اچي ٿو.
    کُهنبي جو هي جلوس صبح جو ساجھر نڪرندو آهي، جيڪو مختلف پڙن کانپوءِ پنهنجي مخصوص روٽ کان ٿيندو منجھند جو پهريون ميرن جي پاڙي ۾ پِپُرَ (قديمي وڻ) وٽ ختم ٿيندو هيو. جتي مجلس کانپوءِ نياز تقسيم ڪيو ويندو هيو. هي نياز پهرين سبحان علي ٽالپر، پوءِ غلام عباس ٽالپر، ان بعد غلام صادق ٽالپر، ان بعد ڪجھ وقت غلام عابد ٽالپر ( مولائي سائين) ڪيو، ان کانپوءِ زوار نوبت خاصخيلي ۽ (سندس ڀاءُ) صحبت خاصخيليءَ گڏجي ڪيو، ان کانپوءِ سيد امير علي شاهه ڪاظمي ڪيو، جيڪو منجھند کان شروع ٿي شام جو ختم ٿيندو آهي.
    شهزادي قاسم عه جي پَڳَ ڪڍندڙ سادات گھراڻا
    کُهنبو: ڇهين محرم’کهنبي‘ جي ماتمي جلوس ۾ نڪرندڙ شهزادي قاسم عه جي دستار مبارڪ، پهرين بهادر کٽيءَ جي گھران نڪرندي هئي، جيڪا پهريون ڀيرو سيد نجن شاهه رضوي کنئي ان کانپوءِ سيد مُريد حسين شاهه رضويءَ، ان بعد سيد شاهد حسين شاهه بخاري (شادن شاهه) ان بعد سيد نسيم شاهه ۽ هاڻ سيد حُسين شاهه ’سوز‘ کنئي جتان اڄ تائين پنهنجي مخصوص انداز ۾ نڪرندي اچي پئي.
    کهنبو بر آمد ٿيڻ جو ثقافتي انداز
    سنڌ، هند ۾ گھوٽ جي ’شاديءَ واري پڳ‘ کي’کُهنبو‘ چئبو آهي؛ جنهن جو رنگ گلابي هوندو آهي. سنڌ ۾ قديم زماني کان وٺي؛ گھوٽ پرڻائڻ، ’لائون‘ ڏيڻ جو وقت فجر جي نماز کانپوءِ وارو هوندو آهي. لائون ڏيڻ کان پهرين مرد توڙي عورتن ۾ دهل تي واڄو ڪيو ويندو آهي جنهن تي سڀ ماڻهو مڙي هڪ هنڌ گڏ ٿي ويندا آهن.
    ’کُهنبو،‘ گھوٽ قاسم (ع) جي شاديءَ جي پَڳَ، فجر جي نماز بعد سيد حسين شاهه سوز، جي حاويليءَ مان ثقافتي انداز ۾ بر آمد ڪئي ويندي آهي. پڳ، نڪرڻ کان پهرين ٻاهر واڄو ڪيو ويندو آهي، عزادار گڏ ٿيڻ کانپوءِ ’پڳ‘ دهلن، شرناءِ سان ٻاهر ايندي آهي، جيڪا ٿالهه تي شاهي نموني سونن سَهرَنِ (موڙن) سان سجايل هوندي آهي. جيڪا سيد جي هٿن تي کڄي پهرين علم حضرت عباس عه تي ايندي آهي. جتي ’پَڳَ‘ جي زيارت لاءِ آيل عزادار انتظار ۾ بيٺل هوندا آهن. سندن نظر جيئن ئي ’پڳ‘ تي پوندي آهي ته مومنن جا نيڻ مُندائتي مينهن جيان وسي پوندا آهن. هر اک ۾ هزارين نِيرَ هوندا آهن جيڪي پِرههَ جي هِيرَ کي به سوڳوار بڻائي ڇڏيندا آهن.
    کُهنبي جو جلوس
    شهزاده قاسم (ع) جي ’پڳ مبارڪ‘ علم حضرت عباس عه تان طواف ڪري عزادارن جي اکين مان وهندڙ لڙڪن، اوڇنگارن ۽ سُڏڪن سان، جلوس جي صورت ۾ پنهنجي مخصوص روٽ سان ضريح سيده زينب (س)، درگاهه بابا مريد علي شاهه، سونو خان ساکاڻيءَ جي پڙ کان ٿيندي جڏهن امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه ڏانهن ايندي آهي ته، اتي انجمن جا اراڪين ۽ عزادار ’دستار مبارڪ‘ جي استقبال ۾ بيٺل هوندا آهن. استقبال ۾ بيٺل عزادارن جي جڏهن ’کُهنبي‘ تي نظر پوندي آهي ته سندن اکين جا بند ٽٽي پوندا آهن. ڳل ڳوڙهن سان آلا ٿي پوندا آهن. اوڇنگارون ڏيندڙ عزادار ياحسين(ع)! واهه حسين(ع) جي صدائن سان اڳتي وڌي جلوس جو استقبال ڪندا آهن. ٻنهين جلوسن جي ملڻ واري منظر وقت مومنن ۾ قُهرام متل هوندو آهي. هر ماتميءَ جي اک آلي ۽ ساهه سڏڪن سان کڄندو آهي. جلوس ۾ شامل ماتمي آسمان ۾ هلندڙ ستارن جيان آهستي آهستي امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه ۾ پهچندا آهن جتي علم حضرت عباس عه جي سلامي ڏيڻ کانپوءِ جلوس پنهنجي مخصوص روٽ سان روانو ٿيندو آهي.
    جلوس جي روٽ ۾ ايندڙ هر پڙ ۽ گھر اڳيان مردن کان علاوه عورتون، ٻار ۽ ٻيا عزادار زيارت جي انتظار ۾ بيٺل هوندا آهن. جن جي هٿن ۾ گلابن جا هار ۽ ’کُهنبي‘ جو مخصوص نياز، ڦِڪا ڀُڳڙا، ريوڙيون، گل بيضا، مِٺا سِڱَرَ ۽ کنڊ ڀُڳڙا وغيره هوندو آهي. جلوس پنهنجي روايتي رنگ ۾ دهل، شرناءِ تي ياحسين(ع) جي بلند صدائن سان هلندو حسيني چوڪ پهچندو آهي؛ جتي دهل، شرناءِ بند ڪري نوحا خواني تي سينه زني شروع ڪئي ويندي آهي. جيڪو سلسلو بنا ڪنهن ساهيءَ جي ٽن ڪلاڪن تائين شهر جي شاهي بازار ۾ جاري رهندو آهي. هن جلوس ۾ محرابپور جي نوحا خوانن کان علاوه سينگار علي ’سيلم‘ سکر پڻ نوحا خواني ڪري چڪو آهي.
    خون جو ماتم
    ماتمي جلوس جيئن ئي شهر جي شاهي بازار چڙهي (اَبُور ڪري) چاڪين جي پڙ تي پهچندو آهي ته، اتي تلوار، چاقو، زنجير ۽ گرز جو ماتم شروع ٿي ويندو آهي. چاڪين جي پڙ تان نڪرڻ کانپوءِ زخمي ماتمدار جلوس ۾ اڳيان اڳيان ماتم ڪندا هلندا آهن. هي جلوس پڙ سيد احمد شاهه، تي پهچڻ کانپوءِ، انهيءَ ئي روٽ سان واپس اسٽيشن روڊ سان درگاهه بابا سيد شير علي شاهه تي نهر ڪندو آهي. جتي مجلس کانپوءِ آيل مومنن ۾ نياز تقسيم ڪيو ويندو آهي. هن جلوس جي روٽ ۾ پير شير شاهه وارو اضافو غلام حسين ٽالپر (اول) ڪيو.
    جلوس درگاهه تان کڄڻ کانپوءِ، ساڳئي ئي روٽ سان واپس ٿي اسٽيشن روڊ تي پهچندو آهي؛ اتي ٻاهران کان آيل ماتمي تنظيمون نوحا خواني ڪنديون آهن. جن ۾ پهرين الهداد خان لنڊ، سلطان لنڊ ۽ هاڻ نثار لنڊ ۽ صادق لنڊ (سيٺارجه) ۽ استاد بهرام سولنگي ۽ استاد قمبر سولنگي (ڳوٺ نهال خان سولنگي) جن شامل آهن. ماتمي جلوس کانپوءِ ٻيهر خون جو ماتم ٿيندو آهي جنهن ۾ تلوار، چاقو، گرزن کان علاوه وڏي تعداد ۾ زنجير لڳندي آهي. جيڪو (نيشنل بينڪ کان علي علي پي سي او) تائين جاري رهندو آهي. ان بعد وري دهل ۽ شرناءِ تي زبردست دستي ماتم (ٻنهين هٿن سان) ڪيو ويندو آهي. جيڪو جوکين جي پڙ کان ٿيندو عبداللطيف ملاح جي گھر تائين جاري رهندو آهي. اتي ماتمدارن لاءِ نياز ۽ موسم جي مناسبت سان (چانهه، شربت جي) سبيل جو بندو بست ٿيل هوندو آهي.
    عبداللطيف ملاح وٽان ماتمدار نياز ڪرڻ کانپوءِ، جلوس جي صورت ۾ واپس پنهنجي قديمي روٽ سان ملاحن جي پڙ تي پهچندا آهن جتي نثار احمد ملاح، رضا حسين ملاح، استاد الطاف ملاح ۽ راقم پاران، نياز ۽ سبيل جو بندو بست ڪيل هوندو آهي. ان بعد هي جلوس نونارين، سهتن ۽ شيخن جي پڙ کان ٿيندو ٽنڊي ڪرم خان نظاماڻيءَ مان ٿي، واپس رات جو ڏهين وڳي ميرن جي پڙ تي دعاءِ خير سان ختم ٿيندو آهي.
    اٺين محرم: عَلَمَنِ (جَھنڊنِ) جو جلوس
    اٺين محرم جي رات وارو جھنڊن جو جلوس انجمن نوجوانانِ شيعه، 1963ع ۾ ڪڍيو. هن جلوس کان پهرين عزادار پنهنجن پٽن جي باسن جا جھنڊا گھرن مان کڻي پنهنجن پڙن علم عباس عه تي اچي ڏيندا هيا. ساکاڻين ۽ ملاح برادريءَ پاران پنهنجن پاڙن ۾ جلوس ڪڍيا ويندا هيا. جيڪي پاڙي جا سڀ علم کڻي سڄي پاڙي جو گشت ڪري پنهنجن پڙن تي ختم ڪندا هيا. 1963ع کانپوءِ هي جلوس باقاعدي ترتيب سان نڪتو. انجمن پاران هن جلوس جو سالار زوار انور ملاح هيو.
    هن جلوس جي نڪرڻ کان پهرين محمد تڳيل (تڳيوساکاڻي) بلوچ جي گھر ۾ مجلس ٿيندي آهي؛ بعد مجلس اتان يا عباس عه شير عباس جي بلند صدائن سان جلوس بر آمد ڪيو ويندو آهي جيڪو پنهنجي مخصوص روٽ، مومنن جي محلن کان گذرڻ وقت گھرن ۽ ميرن، شيخن، ملاحن، نونارين جي پڙن تان پُٽن جي باس جا رکيل علم پاڪ کڻندو، سڌو لانگڙچي سيد غلام عباس شاهه ۽ سيد نظير شاهه جي امام بارگاهه پهچندو آهي جتي مومنن لاءِ نياز ۽ چانهه جي سبيل جو بندو بست ٿيل هوندو آهي. اتان واپسيءَ تي عبداللطيف ملاح، اطهر ناهيدُ ملاح پاران سڄي جلوس لاءِ وڏي نياز ۽ چانهه جي سبيل جو وڏو بندوبست ڪيل هوندو آهي. اتان کان واپسيءَ تي هي جلوس اسٽيشن روڊ کان گشت ڪندو چاڪين جي پڙ، شاهي بازار، وڏيري جي پڙ ’حسيني چوڪ‘، کان ٿيندو پڙ سيد احمد شاهه تي پهچندو آهي. اتان نياز ڪرڻ کانپوءِ واپس امام بارگاهه انجمن نونوانانِ شيعه ۾ رات جو 2 وڳي پهچندو آهي، جتي دعاءِ خير سان ختم ٿيندو آهي.
    هي جلوس جڏهن پڙن تي پهچندو آهي ته، اتي عام نياز کان علاوه جھنڊن جو مخصوص نياز ديسي گيهه سان اٽي ۽ ميدي مان تيار ٿيل حلوه، ڪُٽي، چُوري ۽ ڀوڳهڙو تقسيم ڪيو ويندو آهي.
    نائين محرم: ’ميندي،‘مستورات جا جلوس
    شهزادي قاسم عه جي ميندي
    ميندي گھوٽ شهزاده قاسم عليه السلام: هيءَ ميندي نائين محرام جي رات پهرين غلام عباس ٽالپر جي گھران کڄندي هئي ان بعد غلام صادق ٽالپر جي گھران نڪرندي آهي. هن مينديءَ کي سيد زادي پسائيندي آهي، ميندي کڄڻ مهل شهزاده قاسم عه جو مخصوس اوسارو چيو وينديو آهي. ميندي ڀڄائڻ کان وٺي کڄڻ تائين مستورات پاران پهرين ڍنڍ تي اوسارا چيا ويندا آهن ۽ ميندي کڄڻ مهل وڄندڙ ڍنڍ جي ڌُن مٽجي ويندي آهي. اها مخصوص ڌُن صرف زوجه ڳهِڻو شيدي کي وڄائڻ ايندي آهي. ميندي کڄڻ جو وقت رات جا 9 بجه مقرر آهي. سڀ مستورات گڏ ٿي شهزاده قاسم (عه) جي امڙ سانئڻ فروا خاتون (س) جي حسرت جو، هي اوسارو چونديون آهن ته، ان ويل هر اک ۾ هزارين نير ڀرجي ايندا آهن.

    ”قاسمَ بَنا ميندي لاءِ، اوصدقي وڃئي پُڦي ماءُ !
    ميندي قاسم جي رڻ ۾ رُلي، او صدقي وڃئي پُڦي ماءُ.“
    لڙڪن ۽ سڏڪن سان کنيل مينديءَ جو هي قديمي جلوس وڏي پڙ تي پهچندو آهي. 2009ع کان ملاحن جي پڙ تان ايندڙ جلوس بعد مستورات ۾ عزاداري شروع ٿيندي آهي. جيڪا فجر تائين جاري رهندي آهي. شهزاده قاسم عه جي هيءَ ميندي سيد زداريءَ جي هٿن تي هوندي آهي. هيءَ ميندي ڳوهڻ کان وٺي کڻڻ تائين سيد نجن ماءُ جي ذميواري هوندي هئي ان بعد سيد اختر عباس شاهه جا گھروارا اها ڊيوٽي نڀائيندا آهن. هتي موقعي جي مناسبت سان هنن شاعرن جوهر شاهه ۽ ارشاد شاهه جي ثواب خاطر: سندن نوحا لکان ٿو. جيڪي ان موقعي تي هتي چيا ويندا آهن. جنهن ۾ هڪ اُجڙي ماءُ سانئڻ فرواه خاتون (ص) جا احساس ۽ ارمانَ لکيل آهن.
    قاسم بَنرا شادي تيڏي دا ڪهڙا حال سڻاوان،
    ڪهڙا حال سڻانوان، رونديان تيڏيان پُڦيان مانوان.
    (جوهر)
    ***
    ميندي قاسم دي پُسي خون ملايا جاوي،
    سيج بنري دي سجي، ماءُ نون بُلايا جاوي.
    (ارشاد شاهه)
    ملاحن جي پِڙَ تان ميندي جو جلوس
    ملاحن جي امام بارگاهه مان نائين محرم جي رات مستورات جي مجلس ختم ٿين کانپوءِ، مستورات پاران 2009ع کان شهزادا علي اڪبر عليه السلام جي مينديءَ جي مناسبت سان هڪ وڏو ماتمي جلوس ڪڍيو ويندو آهي. مستورات جو هي جلوس سهتن ۽ شيخن جي پڙن تي حضرت عباس علمدار جي علم پاڪ جي سلامي ڏيندو سڌو ميرن جي پڙ تي پهچندو آهي. محرابپور جي تاريخ ۾ مستورات جو هي پهريون وڏو جلوس آهي، جيڪو ملاحن جي مستورات پاران هر سال ڪڍيو ويندو آهي. جلوس ملاحن جي پڙ کان نڪري ميرن جي وڏي پڙ تي ختم ٿيندو آهي. هي جلوس جيئن ئي ميرن جي وڏي پڙ کي ويجھو پهچندو آهي ته، ميرن جي پڙ تي موجود ’باني مستورات‘ پاران اڳتي وڌي جلوس جو استقبال ڪيو ويندو آهي. جلوس امام بارگاهه ۾ داخل ٿيندي ئي مستورات ۾ قهرام مچي ويندو آهي. جنهن سان عزاداريءَ جي رنگ ۾ اضافو اچي ويندي آهي. جيڪا رات جي آخري پهر تائين جاري رهندي آهي.
    هن جلوس جي نڪرڻ جو انداز انوکو هوندو آهي. سڀ کان پهرين شهزادي جي ميندي سيد زادي علم عباس عه هيٺان ويهي ڀڄائيندي آهي جنهن بعد ان کي اسٽيل جي ٿالهه ۾ سهڻي نموني سينگاري رکيو ويندو آهي. جنهن جي هڪ پاسي موڙ ٻڌل هوندا آهن ۽ ٻئي پاسي ٻرندڙ ميڻ بتيون رکيل هونديون آهن، ميندي سيد زاديءَ جي مٿي تي رکيل هوندي آهي جتان مومنياڻيون باسون کڻنديون آهن، باس ۾ هڪ ميڻ بتي ۽ ٿوري ميندي کڻبي آهي. باس پوري ٿيڻ کانپوءِ ان ئي پڙ تي باس ڏني ويندي آهي.
    جلوس نڪرڻ مهل هر مستورات جي هٿن ۾ ’باس‘ جون ٻرندڙ ميڻ بتيون هونديون آهن جيڪي جلوس سان آخر تائين آسمان ۾ چمڪندڙ ستارن جيان روشني ڪنديون هلنديون آهن. جلوس روايتي، ثقافتي انداز ۾ دهل شرناءِ سان کڄندو آهي؛ جيڪو واويلا هائي واويلا ...........! يا حسين ع واويلا ........ ! هائي حسين عه واويلا .......! واويلا هائي واويلا .........! جي درد ڀرين صدائن سان وڏي تي پڙ تي پهچندو آهي .
    ڏهين محرم: رات وارو جلوس
    عاشور جي رات ۽ ڏينهن واري جلوس ۾ پڙن ۽ امام بارگاهن مان نڪرندڙ تعزيه، ضريح، سيج ۽ جھولا، علم حضرت عباس (ع) ۽ شبيهه ذوالجناح جلوس ۾ مومنن جي دعا جي قبوليت جا ذريعا بڻيل هوندا آهن. جلوس ۾ شامل زيارتون جھولو، شهزاده علي اصغر سان، علم پاڪ، حضرت عباس علمدار ۽ شبيهه ذوالجناح، (جنهن جي امام حسين عه جي گھوڙي مُرِتجز سان نسبت آهي)، ضريح امام حسين عه ۽ تعزيو سانئڻ زينب صه سان منسوب ٿيل آهي.
    لفظ تعزيه، تعزيت مان نڪتل آهي. انهيءَ ڪري سانئڻ زينب صه سان منسوب آهي. تعزيي جي تاريخ ڏسي ٿي ته: هند، سنڌ ۾ تعزين جو موجد مغل بادشاهه ’تيمور لنگ‘ هيو جنهن پنهنجي دور ۾ تعزيو ڪڍيو. سمن، سومرن جي دور ۾ مٽيءَ جا ننڍڙا تعزيه ٺاهيا ويا. جن جي مٽي درياهه مان آڻيندا ها. شام غريبان کانپوءِ انهن کي پاڻيءَ حوالي ڪندا هيا. مغلن جي دور ۾ ڪاٺ جا وڏا تعزيه ٺاهيا ويا. جنهن ۾ ڪلهوڙن جي دور تائين ڪافي اضافو آيو. تعزيي جو موجد مغل بادشاهه تيمور لنگ آهي. چون ٿا ته: تيمور لنگ شيعه نه هيو، اهو ئي سبب آهي جو هندستان جي سُنين، هندن ۽ سکن به تعزيو رکيو ۽ اڄ تائين رکندا اچن ٿا. شيعن به تعزيو رکيو. تيمور لنگ کان پوءِ تعزيو اتحاد جي نشاني بڻجي ويو. راجه رنجيت سنگھ لاهور جو تعزيو به مشهور آهي. اتي اگر فقهي بحث ٿيندا ته اختلاف وڌندا پر جڏهن عزاداريءَ جي ڳالهه ٿيندي ته اتحاد ٿيندو. تيمور لنگ کي خواب ۾ امام حسين عه پاران ڏنل ضريح ۽ تعزيي جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر ضمير اختر نقوي پنهنجي ڪتاب: تاريخِ شيعيت ۾ لکي ٿو ته: ”هي اهو ئي خواب هيو جنهن ۾ امام حسين عه چيو تيمور لنگ هي ٻه شيون آهن. هي تعزيو آهي ۽ هيءَ ضريح آهي. هيءَ جيڪا ضريح آهي اها منهنجي روضي جو نقل آهي. ۽ هي جنهنجو نالو تعزيو آهي اهو منهنجي ڀيڻ جي عماري (محمل) جو نقل آهي.“[201] هن جلوس ۾ نڪرندڙ ننڍڙن تعزين کان وٺي وڏين زيارتن تائين جلوس جي زينت بڻيل هوندا آهن؛ جن جو تفصيل هن ريت آهي.
    ڏهين محرم جي رات تعزين ۽ ٻين زيارتن جو مرڪزي جلوس رات جو ساڍي يارهين (30 _11) وڳي مرڪزي امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه، مان هڪ علم پاڪ سان برآمد ٿيندو آهي. (انجمن پاران هن جلوس جي برآمد ڪرڻ جي ذميواري ۽ سالاري زوار انور ملاح ان بعد روشن ملاح سنڀالي. هي جلوس 12 بجي ملاحن جي پڙ تي پهچندو آهي. اتي رکيل ضريح مولا حسين (ع) ضريح حضرت عباس علمدار (ع) سيج شهزاده قاسم (ع) سيج شهزاده علي اڪبر (ع) جھولو شهزاده علي اصغر (ع) ۽ علم حضرت عباس عه هوندا آهن. هي جلوس هتان هنن زيارتن سان برآمد ٿي ساڳئي ئي روٽ سان امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه، پهچندو آهي جتي شبِ عاشور جي وڏي مجلس عزا ٿيندي آهي. بعد مجلس سڀ عزادار گريوزاري ڪندا تعزين جي جلوس سان هلندا ميرن جي ڏيڍيءَ تي پهچندا آهن. اتي مجلس ٿيندي آهي جنهن ۾ شهزاده علي اڪبر (ع) جي دستار مبارڪ برآمد ٿيندي آهي. بعد مجلس وڏي تعزيي سان گڏ هتان جلوس کڄندو آهي جيڪو سڄي رات پنهنجي قديمي روٽ سان هلندو آهي.
    هتي قديمي وڏي تعزيي کان علاوه ٻه ننڍڙا قديم تعزيه به سينگاريل هوندا آهن. جن مان هڪ احمد بخش ڀٽي (محمد نواز ڀٽيءَ جو بزرگ _ ٽنڊو ڪرم خان نظاماڻي) ۽ ٻيو مير رضاحسين ٽالپر جو ٺهرايل آهي. هڪ هندو نوجوان راجه هندستانيءَ پنهنجو پراڻو تعزيو ختم ڪري 2016ع ۾ هڪ نئون وڏو تعزيو ٺهرايو آهي. ان کان علاوه رياض حسين فاضلاڻيءَ جي گھران سيج شهزاده قاسم (عه) ۽ جھولو شهزاده علي اصغر (عه) ۽ ٽنڊي ڪرم خان نظاماڻيءَ کان آيل ضريح سيده زينب سلام الله عليها، جھولو شهزاده علي اصغر (ع) تعزيو مولا حسين عليه السلام (ملاحن وارو قديمي تعزيو) ۽ علم عباس (ع) شامل هوندا آهن. جيڪي جلوس کڄڻ مهل جلوس جي زينت بڻبا آهن.
    بعد مجلس جلوس کڄڻ مهل هر اک آلي هوندي آهي. هي قديمي جلوس پنهنجي ثقافتي رنگ ۾ دهل شرناءِ تي ياحسين .... هائي حسين ..... واهه حسين (ع) جي بلند صدائن سان پنهنجي مخصوص روٽ سان آسمان ۾ هلندڙ ستارن جي رفتار جيان قدم به قدم هلندو امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه، پڙ سيد احمد شاهه، تي ٿوري دير لاءِ قيام ڪندو آهي. جتي نياز ۽ چانهه جي سبيل جو بندو بست ڪيل هوندو آهي. ان بعد هي جلوس ساڳئي روٽ سان واپس ٿي (حسيني چوڪ) ۾ وڏيري محمد بخش ساکاڻيءَ جي پڙ تي پهچندو آهي. اتي مجلس ٿيندي آهي. ان بعد شاهي بازار، چاڪين جو پڙ، مين روڊ، جوکين جو پڙ، نونارين جي پڙ کانپوءِ، اڇي صبح جو ملاحن جي پڙ تي پهچڻ کانپوءِ جلوس ڪجھ وقت تائين ويهي، رکيو ويندو آهي. جتي مجلس کان پوءِ چانهه جي سبيل ۽ وڏو نياز ڪيو ويندو آهي. جيڪو سڀني مومنن ۽ مستورات ۾ تقسيم ڪيو ويندو آهي.
    ملاحن جي پڙ کانپوءِ هي جلوس پنهنجي روٽ سان سهتن ۽ شيخن جي پڙ کان ٿيندو صبح جو ميرن جي پڙ تي پهچڻ مهل، وڏي تعزيي کي علمِ عباس عه جو طواف ڪرائڻ کانپوءِ زيارت گاهه ۾ رکيو ويندو آهي. جنهن سان رات واري جلوس جي هڪ حصي پڄاڻي ٿيندي آهي. تعزيو رکڻ بعد گرزن جو ماتم شروع ٿي ويندو آهي. ان بعد رات جي جلوس جي آخري مجلس ٿيندي آهي. ميرن جي پڙ تي جلوس ختم ٿيڻ کانپوءِ باقي تعزين، شبيهن جھولن ۽ عَلمن جو جلوس مرڪزي امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه، ۾ صبح جو نائين وڳي ختم ٿيندو آهي. منجھند جو ميرن جي پڙ تان بعد مجلس وڏو جلوس نڪري مرڪزي امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه ۾ پهچندو آهي جتان ڏينهن جي مرڪزي جلوس جي شروعات ٿيندي آهي.
    انجمن نوجوانانِ شيعه، پاران شروع ڪيل ڏينهن وارو مرڪزي جلوس انجمن جي امام بارگاهه مان ٻه وڳي منجھند جو برآمد ڪيو ويندو آهي جيڪو شامِ غريبان تي مختصر ٿي رات جو 10 وڳي امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه ۾ دعاءِ خير سان ختم ٿيندو آهي. چهلم جو جلوس به ساڳئي انداز سان نڪري ختم ٿيندو آهي. پر، ان ۾ صرف ننڍڙا تعزيه، عَلم حضرت عباس عه ۽ مَحمل نڪرندا آهن. باقي رات ۽ ڏينهن واري جلوس جو روٽ ۽ انداز ساڳيو ئي هوندو آهي.

    ڏهين محرم: ڏينهن جو جلوس
    انجمن نوجوانانِ شيعه، پاران ڏهين محرم الحرام جو جلوس نڪرڻ کان پهرين، انجمن جي امام بارگاهه ۾ ٺيڪ يارهين وڳي نياز امام حسين عليه السلام شروع ڪيو ويندو آهي جيڪو سڄي شهر کان علاوه سڀني مومنن کي گھرن لاءِ به ڏنو ويندو آهي. ڇو ته اڄو ڏهاڙي ڪنهن به مومن جي گھر ۾ چلهه ناهي ٻرندي. هي نياز هڪ ڪلاڪ تائين بنا ڪنهن ساهيءَ جي جاري رهندو آهي. ساڍي ٻارهين وڳي مجلس عزا شروع ڪئي ويندي آهي. جيڪا ڏيڍ وڳي ختم ڪئي ويندي آهي جنهن کانپوءِ جلوس برآمد ٿيندو آهي. انجمن جي هن جلوس ۾ سڀ تعزيه، علم، شبيون ۽ ذوالجناح آخر تائين جلوس جي زينت بڻيل هوندا آهن. جيڪي شامِ غريبان کانپوءِ پنهنجن پڙ ڏانهن مختصر جلوس جي صورت ۾ روانا ٿي ويندا آهن.
    جلوس جي نڪرڻ کان پهرين امام بارگاهه ۾ جيڪا مجلس ٿيندي آهي. ان جو مقرر، مصائب جي آخر ۾ جڏهن مولا حسين عه جو مقتل پڙهندي مضمون جي آخري لفظن تي ايندو آهي ته، ان مهل شبيهه ذوالجناح برآمد ڪئي ويندي آهي، ذوالجناح ذاڪر وٽ پهچڻ کانپوءِ ان جي واڳ چئن سالن جي معصوم سيد زاديءَ جي هٿ ۾ ڏني ويندي آهي. ان معصوم سيد زاديءَ کي مستورات واري پاسي کان ٺاهيل هڪ خيمه گاهه (خيمي واري منظر جي بانيڪار مسز امتياز ملاح ۽ ذوالجناح جي منظر جو باني سيد علي گوهر شاهه زيدي آهي.) مان سيد کڻي اسٽيج تي ذاڪر اڳيان آڻي گھوڙي جي واڳ هٿ ۾ ڏيندو آهي. ان منظر کانپوءِ مردن ۽ مستورات ۾ قُهرام مچي ويندو آهي. اهڙي منظر تي ڪيترائي مومن ۽ مستورات عزادار بيهوش ٿي ويندا آهن. ان جذباتي منظر بعد هر پاسي کان ياحسين ......! يا حسين ..... ! واهه حسين .....! هائي حسين ......! جون عرش ڏاريندڙ صدائون بلند ٿي وينديون آهن. اهو منظر قيامت صغرا کان گھٽ ناهي هوندو. هي سٽون لکڻ مهل منهنجي اکين مان بي ساخته لڙڪ وهي پيا آهن. جن کي آئون، هن پورهيي جي اُجرت سمجھان ٿو. غمِ حسين(ع) ۾ وهندڙ لڙڪن جي قيمت رب پاڪ جي ذات يا پوءِ ڪائنات جو امير ئي ڏئي سگھي ٿو. هن دروازي تان ملندڙ دان کي زماني جي شاهيءَ کان وڌيڪ سمجھان ٿو.
    شبيهه ذوالجناح مستورات ۾ موڪلڻ مهل خون جو ماتم شروع ٿي ويندو آهي. جنهن ۾ تلوار، چاقو، گرز ۽ زنجير زني ڪئي ويندي آهي. زخمي ۽ بيهوش ماتمدارن کي کڻڻ لاءِ المصطفى اسڪائوٽ جا جوان تيار بيٺل هوندا آهن جيڪي ڪرندڙ ماتمين کي کڻي ميڊيڪل ڪئمپ ۾ پهچائڻ کانپوءِ ٻين زخمين کي کڻڻ لاءِ ڊوڙندا ايندا آهن.
    مجلس ۾ذوالجناح جي برآمد ٿيڻ واري جذباتي منظر کانپوءِ، شبيهه ذوالجناح جڏهن مستورات ۾ ويندي آهي ته اتي قُهرام مچي ويندو آهي ۽ عزاداري شروع ٿي ويندي آهي. ڪجھ وقت نوحا خواني تي سينه ڪوبي ڪرڻ کانپوءِ هتان، سنه 1985ع کان مستورات جو هڪ وڏو تاريخي ماتمي جلوس نڪرندو آهي. (جنهن جي بانيڪار ۽ سالار مسز امتياز ملاح آهي) جيڪو ’هائي سڪينه، هئي شام .....! هائي زينب، هئي شام .....! ياحسين ڪربلا ....! هائي حسين ڪربلا .... ! ڇيني گئي سَرِ سي ردا، علي علي يا علي ...... ! ڀائي ميرا مارا گيا، علي علي يا علي ..... ! جون عرش لوڏيندڙ صدائون بلند ڪندو، ڪربلا ۾ ڪُٺل ڀاءُ جو پُرسو، پرچاوڻي ڏيڻ لاءِ سانئڻ زينب (س) جي ضريح اقدس تي پهچندو آهي ته اتي جلوس جي انتظار ۾ بيٺل مومنائن ۾ به ڪُرلاٽ پئجي ويندا آهن. چئوڏس گريوزاري شروع ٿي ويندو آهي.
    انجمن نوجوانانِ شيعه، جي امام بارگاهه مان نڪتل ڏينهن وارو مرڪزي جلوس، سيد احمد شاهه جي پڙ کان ٿي وڏيري جي پڙ، ’حسيني چوڪ‘ تي پهچندو آهي ته اتي دهل جو ماتم بند ٿي ويندو آهي. اتان نوحا خواني تي سينه زني شروع ٿيندي آهي جيڪو سلسلو اڍائي کان ٽن ڪلاڪن تائين بنا ڪنهن ساهيءَ جي شهر جي شاهي بازار ۾ جاري رهندو آهي. چوڪ بازار ۾ مجلس ٿيندي آهي ان کانپوءِ چاڪين جي پڙ تي خون جو ماتم، تلوار، چاقو، زنجير ۽ گرز، شروع ٿي ويندو آهي. ٻئي طرف ٻاهر مين روڊ تي، سَوَنِ جي تعداد ۾ پُٺن اگھاڙا عزادار هٿن ۾ زنجير کنيو بيٺل هوندا آهن، جيڪي سالار جي ياحسين عه واري صدا جا منتظر هوندا آهن. اندريون جلوس روڊ تي پهچڻ سان بنا ڪنهن ساهيءَ جي سالار جڏهن ياحسين ..... ياحسين .... ياحسين .....ياحسين ......!! جي صدا بلند ڪندو آهي ته مومنن جي پٺن تي زنجير هلڻ شروع ٿي ويندي آهي. ڪجھ گھڙين ۾ هر عزادار جي پُٺي رنگين بڻجي ويندي آهي. هي عمل ان ظلم جي ياد ڏياريندو آهي جيڪو مقتل ۾ لاشئه حسين عه تي روئڻ مهل آلِ نبي ﷺ تي تعزيانن سان ڪيو ويو. زنجير زني جو جلوس ملاحن جي پڙ تائين جاري رهندو آهي. چهلم جو جلوس به ساڳئي انداز سان شروع ٿي ختم ٿيندو آهي.
    سنه 2013ع کان ڳوٺ سيد خدابخش شاهه (لانگڙجي) مان ڏهين محرم الحرام جي ڏينهن صبح جو دهل ۽ شرناءِ تي هڪ ڀرپور ماتمي جلوس شبيهه ذوالجناح ۽ ياحسين ع جي بلند صدائن سان ڪڍيو ويندو آهي. جيڪو ملاحن جي پڙ کان ٿيندو سڌو فروغِ عزاداري مشن يونٽ محرابپور، جي مجلس واري پنڊال ۾ اچي ختم ٿيندو آهي. جنهن بعد اتي مجلس عزا شروع ڪئي ويندي آهي. هن جلوس جي قيادت سيد نظير شاهه ۽ سالاري سيد عابد علي شاهه جن ڪندا آهن.
    25 محرم جو جلوس
    25 محرم الحرام: شهادت حضرت امام زين العابدين عليه السلام جو پهريون جلوس 1965ع ۾ ’تخت گاهه مولاحسين عليه السلام‘ کان امداد چنه (گرو) ۽ زوار نور محمد شيدي (نوروشيدي) جن جمله مومنين جي تعاون سان شروع ڪيو. ان بعد 1995ع کان مولائي ملاح، سليم ملاح ۽ نثار خاصخيلي جن اهڙي ئي انداز سان شيخن جي پڙ تان ڪڍيو، جنهن کي 1990ع کانپوءِ امداد چنه ٻيهر سنڀالي سڄو انتظام پنهنجي ذمي کنيو. ان بعد نياز چنه سنڀاليو ڪجھ وقت کانپوءِ ان جلوس ۾ ميزبانيءَ جا فرائض سبحان علي (ٻيو) سر انجام ڏئي رهيو آهي. جلوس ۾ وقت ۽ حالتن جي حساب سان رونق وڌندي وڃي پئي. هي جلوس شيخن جي پڙ کان بر آمد ٿي ميرن جي پڙ تي ختم ٿيندو آهي. جنهن ۾ پنهنجي ونڊ سميت سالاريءَ واري ڊيوٽي نياز چنه ڏيندو اچي ٿو.
    ڏهين صفر جو جلوس
    ڏهين صفر: شهادت سانئڻ سڪينه سلام الله عليها: جي مناسبت سان نڪرندڙ هي ماتمي جلوس پهرين ’تخت گاهه امام حسين عه‘ تان 1964ع ۾ زوار نور محمد شيدي ( نوروشيدي) ڪڍيو. 1978/9ع کانپوءِ هي جلوس امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه، مان نڪتو. 1980ع کان مختيار سومرو، زوار نورمحمد شيديءَ سان گڏجي شهر جي جمله مومنين جي سهڪار سان جلوس کي قائم رکيو. 2002ع کان وٺي هن جلوس جي نمائيندگي فيض ٽالپر (مير بگھڙ) ڪري رهيو آهي. هي جلوس 2005ع کانپوءِ پنهنجي عروج کي رسيو آهي. جلوس شام جو 6 وڳي امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه کان شروع ٿي رات جو 3 وڳي ميرن جي امام بارگاهه ۾ ختم ٿيندو آهي.
    8 ربيع الاول جو جلوس
    8 ربيع الاول شهادت حضرت امام حسن عسڪري عليه السلام جي مناسبت سان نڪرندڙ هن جلوس جي شروعات شهر جي مرڪزي انجمن نوجوانانِ شيعه ۽ شهر جي جمله عزادارن جي سهڪار سان ٿي، جنهن کي ماتمي دسته سپاهه عباس پاران سنه 2002ع ۾ ضريح اقدس سيده زينب ص (مسافرِ شام) کان درگاهه پير مريد علي شاهه تائين ڪڍيو ويو؛ جنهن ۾ شهر جي سڀني ماتمي حلقن ۽ نوحا خوان جٿن شرڪت ڪري الوداعي عزاداري ڪئي. جيڪو سلسلو 2008ع تائين ان ئي ترتيب سان جاري رهيو.
    2012ع کان هن جلوس جي روٽ ۾ اضافو آڻي ان کي شاهنواز خاصخيليءَ جي گھران علم حضرت عباس عه سان برآمد ڪري درگاهه پير مريد علي شاهه تي ختم ڪيو. جيڪو سلسلو اڄ تائين ان ئي انداز سان جاري آهي.
    25 ربيع الاول جو جلوس
    شهادت حضرت ابوطالب عليه السلام: جي سلسلي ۾ 25 ربيع الاول تي سنه 2005ع کان نڪرندڙ هي ماتمي جلوس پهرين ضريح اقدس سانئڻ زينب (ص) کان برآمد ٿي غلام نبي چانڊيو جي امام بارگاهه ۾ اختتام پذير ٿيو. ان بعد 2008ع کان هي ماتمي جلوس ’درگاهه بابا سيد مريد علي شاهه‘ تان نڪري، پنهنجي مخصوص روٽ کان ٿيندو اچي غلام نبي ’ساکاڻي‘چانڊيو جي امام بارگاهه ۾ ختم ٿيو. 2008ع ۾ هن امام بارگاهه جي پلاٽ کي ديوار ڏياري امام بارگاهه ’شاههِ نجف‘ جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. هن جلوس جا بانيڪار غلام نبي چانڊيو، دائم خان چانڊيو آهن. هن ماتمي جلوس جي انتظاميه سان سهڪاري سٿ ۾ مجاهد شاهه ’ناشاد‘، امجد شاهه بخاري ۽ مختيار سومرو، نظر ڪلهوڙو،(حاجي نظر)، شاهنواز خاصخيلي ۽ ٻيا شامل آهن. هتي ڏهين محرم الحرام جي صبح جو دائم چانڊيو ۽ غلام نبي چانڊيو پاران وڏو نياز پڻ ڪيو ويندو آهي.
    11هن ربيع الثاني جو جلوس
    حضرت سيده فاطمه سلام الله عليها (معصومه قُمُ) جي شهادت جي سلسلي ۾، هي ماتمي جلوس 11 ربيع الثاني جي رات، ملاحن جي پڙ کان نونارين جي پڙ تائين زوار اختر نوناري سنه 2013ع ۾ شروع ڪيو. هن جلوس ۾ شهر جون سڀ نوحا خوان پارٽيون نوحا خواني ڪنديون آهن. جلوس کان پهرين ملاحن جي پڙ تي مجلس ٿيندي آهي ان بعد جلوس برآمد ڪيو ويندو آهي جيڪو پنهنجي مخصوص انداز سان زوار پيراڻي جي پڙ تي پهچڻ بعد دعاءِ خير سان ختم ٿيندو آهي.
    25 رجب جو جلوس
    25 رجب شهادت حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام: هي جلوس مجاهد شاهه ’ناشاد‘ پاران پهرين مختصر انداز ۾ سهتن جي امام بارگاهه مان سنه 1988ع کان شروع ڪيو ويو، ڪجھ وقت کانپوءِ جلوس جي روٽ کي وڌائي سنه 1990ع کان 2007ع تائين ملاحن جي امام بارگاهه مان برآمد ڪيو ويو. جيڪو 25 هين رجب جي منجھند کان شروع ٿي 26 هين رجب جي صبح 10 وڳي تائين جاري رهندو هيو. جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جون نامور ماتمي تنظيمون نوحا خواني ۽ سينه ڪوبي ڪنديون هيون.
    جلوس جي شروعات کان پهرين ملاحن جي پڙ تي مجلس عزا ٿيندي هئي ان بعد جلوس برآمد ٿيندو هيو. هن مجلس کي سنه 1998ع ۾ قائد ملت علامه سيد ساجد علي نقوي ۽ (شهيد) علامه حسن علي تُرابي صاحب جن خطاب ڪري چڪا آهن. سنه 2008ع کان پوءِ هن جلوس جي تاريخ ۽ ترتيب ۾ تبديلي آڻي ان کي 26 رجب جو شيخن جي امام بارگاهه کان شروع ڪري ميرن جي امام بارگاهه ۾ منجھند جو ختم ڪيو ويندو آهي.
    22 رمضان جو جلوس
    22 رمضان شهادت حضرت امام علي عليه السلام، جي مناسب تان نڪرندڙ هن ماتمي جلوس جي شروعات انجمن نوجوانانِ شيعه رجسٽرڊ نمبر: 782، سنه، 1963ع ۾ شيعه جامع مسجد کان ڪئي. جيڪو وڌي (2007 کانپوءِ ٻن ۽ 2011ع کانپوءِ ٽن هنڌن تان نڪري) ٻن جلوسن ۾ تبديل ٿي ٻن امام بارگاهن انجمن سپاهه عباس ۽ بارگاهه شاهه نجف ۾ اختتام پذير ٿيو.
    هي ماتمي جلوس شيعه جامع مسجد مان ٻيپهريءَ جي نماز کانپوءِ حضرت علي عليه السلام جي شبيهه (جيڪا زوار مريد حَسن فاضلاڻي ٺاهي.) سان ياحسين عه جي بلند صدائن ۾ برآمد ٿي وڏيري جي پڙ تي پهچندو آهي، جتان نوحا خوانيءَ تي عزاداري شروع ٿي ويندي آهي. جيڪو بازار ۽ پڙ سيد احمد شاهه کان ٿي اچي امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ ۾ ختم ٿيندو آهي.
    هي جلوس انجمن سپاهه عباس رجسٽرڊ نمبر: 1186، پاران 2007ع کان امام بارگاهه انجمن سپاهه عباس مان شام جو 4 بجه صدر: بخش علي (امتياز ملاح) جي قيادت ۾ ڪڍيو ويو. جيڪو حسيني چوڪ تي پهچڻ کانپوءِ وڏن ماتمي حلقن ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. جلوس شهر جي شاهي بازار، اَبوُر ڪري اسٽيشن روڊ، (علي علي پي سي او چوڪ)، کان هيٺ لهي عمر مارڪيٽ مان گذري اچي، پڙ سيد احمد شاهه تي سومهڻيءَ مهل ختم ٿيندو آهي.
    هن ئي ڏهاڙي تي ٻيون جلوس مرڪزي امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه، مان (صدر: افتخار علي (زاهد ملاح) جي قيادت ۾(2007ع کان 2011ع) تائين ڪڍيو ويو. جيڪو 2012ع ۾ انجمن سپاهه عباس رجسٽرڊ 1186، جي جلوس ۾ ضم ڪيو ويو. جيڪو هن مهل 2016ع تائين ڀرپور انداز ۾ نڪرندو اچي ٿو.
    ان ئي ڏهاڙي تي هڪ سوڳوار جلوس سيد مجاهد شاهه ’ناشاد‘ جي گھران نڪتو، جيڪو نئين روٽ شيخن جي پڙ کان ٿي حسيني چوڪ، شاهي بازار، اسٽيشن روڊ ڪراس ڪري عمر مارڪيٽ کان ٿي سڌو بلوچ محله ۾ امام بارگاهه شاهه نجف (غلام نبي بلوچ) ۾ رات جو 10 وڳي اختتام پذير ٿيندو آهي. هي جلوس مختيار سومرو جي سالاريءَ ۾ 2012ع کان هن مهل تائين انجمن فروغِ عزاداري مشن محرابپور، پاران ساڳئي انداز سان شروع ۽ ختم ڪيو ويندو آهي. 2007ع کان هنن جلوسن ۾ آخر تائين نوحا خواني شروع ٿي.


    ماتم کي فروغ ڏيندڙ عزادار

    انجمن نوجوانانِ جي جنم کان پوءِ هتي دستي ماتم، نوحن تي حلقي جي صورت ۾ ترتيب سان شروع ٿيو، جنهن کي فروغ احمد شاهه ۽ سندس ڀاءُ محمد شاهه صفويءَ ۽ پوءِ ارشاد شاهه (شاعر اهلبيت) ڏنو. شهر ۾ ٿيندڙ مجلس عزا ۽ عزاداريءَ کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڇڙ وڇڙ ٿيل مومنن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري تنظيم سازي ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر عاشق علي شاهه ’ترمذي‘ جو اهم ڪردار رهيو. سيد اختر حسين شاهه ’اختر چنيوٽي‘ به عبداللطيف ملاح جا تنظيم سازيءَ لاءِ ذهن ٺاهيا. عبداللطيف ملاح چواڻي ته:سيد اختر چنيوٽي، وڏو ماتمي ۽ سُريلي نوحا خوان سان گڏ پاڪستان جو بهترين شاعرِ اهلبيت هيو، 10 محرم جي صبح تي هن اسان جي، ملاحن جي پڙ کان اڪيلي نوحو پڙهيو. ان کانپوءِ ارشاد شاهه جي ڪري اسانجي ساڻس ويجھڙائپ ٿي. هن ٻڌايو ته: مان ڪنهن سانگي سان ٺاروشاهه ويس ته اتي سندس ٿيٽر لڳل ڏٺم جتي ساڻس ڪيترائي ڪلاڪ ڪچهري ٿي جنهن ۾ هن مونکي تنظيم سازيءَ لاءِ اُتساهيندي چيو ته: ملاح! توهانجو هيڏو سارو شهر آهي، پاڻ ۾ هيترا سارا عزادار آهيو، توهان ڪائي تنظيم ٺاهي وجھو ته ڪيڏي نه سٺي ڳالهه ٿي پوي. چيم: تنظيم ٺاهڻ سان ڇا ٿيندو، چيائين عزاداريءَ کي فروغ ملندو، عزاداري وڌندي ۽ ان کان به بهتر انداز ۾ ٿيندي. هن چيو: مون اهڙيون ڳالهيون محراب پور اچي ڊاڪٽر عاشق علي شاهه سان ڪيون جنهن اسان نوجوانن کي ويتر همٿايو ۽ تنظيم سازيءَ لاءِ اتساهه ڏنو. ڊاڪٽر عاشق علي شاهه، اهڙيون اتساهيندڙ ڪچهريون هر روز ڪندي ڪندي نيٺ هڪ ڏهاڙي تنظيم سازيءَ جو سَهِرو کڻي اسان ٻنهين ڀائرن (ڪريم بخش ۽ عبداللطيف ملاح) جي سِرَ تي رکيو، چيائين پُٽ: هي ڪم اوهانکي ئي ڪرڻو آهي ۽ مان اوهان سان هر حال ۾ گڏ آهيان. اهڙي صلاح اسان گھر اچي پنهنجي چاچي بزرگ خير محمد ملاح سان ڪئي جنهن اسانکي ويتر وڏو اتساهه ڏنو. نيٺ هڪ ڏهاڙي شهر واسين جي تعاون سان تنظيم سازيءَ واري عمل کي تڪميل ڏني سون. جيڪا انجمن نوجوانانِ شيعه، جي صورت ۾ اڄ اوهانجي اڳيان آهي.“ هيءَ تنظيم محرابپور جي شيعانِ علي جي مرڪزي ۽ نمائينده تنظيم آهي. جنهن سان سڄي شهر جو سهڪار رهيو آهي.


    جلوس ۾ ماتمدارن جي خدمت ڪندڙ عزادار

    ڇهين محرم کان وٺي 22 رمضان المبارڪ تائين هتي وڏا ماتمي جلوس نڪرندا رهن ٿا. ڪجھ ماتمي جلوسن ۾ عزادارن پاران خون جو ماتم پڻ ڪيو ويندو آهي. هنن جلوسن ۾ ڪجھ مومن عزاداري ڪندا آهن ۽ ڪجھ ماتمدارن جي خدمت ڪرڻ کي پنهنجي عبادت سمجھندا آهن. اهي ذميوار عزادار بنا ڪنهن چوڻ جي وقت تي جلوسن ۾ پهچي، ماتمدارن جي خدمت واري عبادت ۾ مصروف ٿي ويندا آهن. گرمي هجي يا سردي مامو ربنواز شيدي (ربن شيدي) بالٽي مٿي تي کڻي جلوس شروع ٿيڻ کان ختم ٿيڻ تائين بنا ڪنهن ساهيءَ جي مومنن کي سبيل پياريندو رهندو آهي. هي اهڙي نوڪري جوانيءَ کان وٺي بزرگيءَ تائين ڏيندو رهي ٿو. چوي ٿو: ”بابا مولائي سائين!، جيسين جيئرا آهيون ماتمدارن جي نوڪري ڏيندا رهنداسين.“ غلام حيدر مڱڻهار (مرحوم) کانپوءِ سندس ڀاءُ ممتاز مڱڻهار، پاڻيءَ جي ڀريل مشڪ ڪُلهي تي کڻي ماتمدارن کي سبيل پياريندو آهي. زاهد حسين ٽالپر، نياز شيدي، اقرار سهتو، وسيم رضا سهتو، فقير خوشي مڱڻهار، (خوشو)، الطاف (ڪنڀر) کوکر ۽ ٻيا بالٽي مٿي تي کڻي سڄي جلوس ۾ عزادارن کي سبيل پياريندا رهندا آهن.
    ڇهين، ڏهين محرم ۽ چهلم جي جلوسن ۾ نوحا خوانيءَ تي ٿيل سينه زنيءَ کانپوءِ چاڪين جي پڙ تي خون جو، چاقو، زنجير، تلوار ۽ گرزن جو ماتم ٿيندو آهي، جيڪو ڪافي وقت تائين جاري رهندو آهي. تلوار ۽ چاقو جي ماتمدارن جي مٿي مان جڏهن خون وهندو آهي ته انهن جو چهرو ۽ اکيون رت ۾ ٻُڏي وينديون آهن جنهن کي هر هر صاف ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي. اهڙي نوڪري غلام شبير مڱڻهار، بشير مڱڻهار ۽ ضمير مڱڻهار، جاويد مڱڻهار ۽ ٻيا ڏيندا آهن.


    باب ستون

    مرثيو ۽ نوحو تاريخ جي نظر ۾

    مرثيو ۽ نوحو: نوحي جي معنى، ڪنهن بيگناهه، مصيبت جي ماريل ماڻهوءَ تي روئڻ ۽ ان جي ڏکن، مصيبتن ۽ عظمت کي شاعراڻي انداز ۾ پيش ڪرڻ آهي. انجينئر سيد عبد الحسين موسوي پنهنجي ڪتاب ’روهڙيءَ جون ساڍيون ٽي سورائتيون صديون‘ ۾ مرثيي بابت لکي ٿو ته: ”مرثيو“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي لغوي معنى آهي: فوت ٿي ويل جو بيان اهڙي درد انگيز نموني ۾ ڪرڻ جو ٻڌندڙ جي چشم تر ٿي وڃي.“ پر ڪربلا جي قضيي کان پوءِ عالمگير اصطلاح موجب مرثيي جي معنى اهو ڪلام جنهن ۾ ڪربلا جي اندوهناڪ ۽ درد انگيز واقعي جو بيان هجي. هي حسرت ناڪ واقعو ايتري قدر عبرت خيز آهي، جو جيڪڏهن سادن لفظن ۾ بغير ڪنهن عبارت آرائيءَ جي بيان ڪجي ته ٻڌڻ وارن جون دليون ڏڪي وينديون. ۽ ”گريه بر ملايک هفت آسمان فتد “[202]
    نوح لفظ بابت ڊاڪٽر سيد ضمير اختر نقوي جي ڪتاب’اقوام عالم اور عزاداري حسين‘ ۾ شجاع رانا پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”نوح جي معنى آهي. اهو شخص جيڪو روئي ۽ بُڪا ڪري ٿو حضرت نوح جو نالو انجيل ( (Bible نوحا ((Nooha آهي. اردو لفظ ”نوحه“ جيان آهي. جنهن جي معنى هڪ قسم جي رثائي نظم يا رثائي شعر جي آهي.“[203] نوحي ۽ مرثيي جي معنى هر محقق، شاعر، اديب پنهنجي انداز ۾ پيش ڪئي آهي. ان بابت ڊاڪٽر مخمور بخاري پنهنجي ڪتاب ’سچل سرمست جو مرثيو.‘ ۾ لکي ٿو ته: ”مرثيو عربي زبان جي لفظ ”رثا“ مان نڪتل آهي. جنهن جي معنى آهي. مري وڃڻ واري تي روئي ان جي فضيلت بيان ڪجي. عام اصطلاح ۾ اهو نظم چورائي ٿو جنهن ۾ ڪنهن دل ڏاريندڙ واقعي جو بيان درد ناڪ انداز ۾ ڪيو وڃي. اڄڪلهه مرثيو ان نظم کي ڪوٺجي ٿو، جنهن ۾ حضرت امام حسين عليه السلام ۽ انهن جي ساٿين جي شهادت جو واقعو بيان ڪيو وڃي.“[204] مرثيي جي تاريخ، صنف ۽ گھاڙيٽي بابت الطاف جوکيو شاهه جي سُرَ ’ڪيڏاري‘ تي لکيل پنهنجي مقالي ۾ لکي ٿو ته: ”مرثيه صنف به ٿوري گھڻي فرق سان مذڪوره صنفن سان نسبت رکي ٿي ۽ ”رثه“ ڌاتو مان ورتل آهي. معنى اٿس: ڪنهن دل واري جي مرڻ يا مارجي وڃڻ تي روڄ راڙو ڪرڻ _ پار ڪڍڻ _ زاريون چوڻ _ اوسارا چوڻ.
    رزميه يا مرثيه صنفون مضمون جي حوالي سان سڃاتيون وينديون آهن. تنهن ڪري شاعريءَ جي ڪنهن به گھاڙي يا هيئت ۾ چئي سگھجن ٿيون. جهڙوڪ: بيت وائي/ ڪافي، مثنوي، ربائي، مخمس، مسدس، مثمن، قصيدو/ غزل وغيره، البته، رزميه لاءِ ضخامت سببان مثنوي کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي.
    مرثيو پڻ اهلبيت عه جي حوالي سان مخصوص ٿي ويو. اهڙو خيال ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي هيئن بيان ڪري ٿو ته: مرثيه ان قسم جي شاعريءَ کي چيو ويندو آهي جنهن ۾ حضرت امام حسين عه ۽ ڪربلا جي شهيدن جي شهادت جو ذڪر درد انگيز نموني بيان ڪيل هجي. ان سان گڏ ان ۾ لڙائيءَ جا منظر پڻ بيان ڪيا ويا هجن ۽ حضرت امام حسين عه جي ساٿين جي بهادري ۽ صبر جو ذڪر به ڪم آندو ويو هجي.“[205] شاعريءَ ۾ احساسن ۽ جذبات بابت انگلستان جي فلسفي شاعر مل Mill جو رايو آهي ته: ”انساني جذبات، ۽ احساسات، شاعريءَ جو روح روان آهن.“ جنهن تي احسان بدوي پنهنجي راءِ هيئن لکي ٿو ته: مرثيه کان زياده، ٻيو ڪو به شعر، موثر ٿي نٿو سگھي. شايد اِهو ئي سبب آهي، جو جناب لَطف الله بدويءَ مرثيه متعلق لکيو آهي ته: ”جذبات غم، جنهن کي شاعريءَ جو اصلي روح چئجي، اسان کي ٻين قسمن ۾ گھٽ، ۽ مرثيه ۾، اول کان آخر تائين ملي ٿو.(تذڪره لطيفي، ج _ 2).“ [206]
    واقعي ڪربلا جي حوالي سان مرثيي جي وسعت بابت علامه شبلي نعمانيءَ جي حوالي سان احسان بدوي پنهنجي ڪتاب ’تنقيد ۽ تنقيد نگاري‘ ۾ لکي ٿو ته: ”دنيا ڪربلا جي المناڪ ۽ قيامت خيز واقعي کي اشڪبار اکين سان ڏٺو. هي اِهڙو واقعو آهي، جو ان وقت جي حادثن کي اڄ به ياد ڪري، خون جا ڳوڙها وهن ٿا. ۽ تن بدن ۾ هڪ لرزش پيدا ٿي وڃي ٿي. مگر جيئن ته بنو اُميه جي سطوت ۽ جباري ڇانيل هئي، تنهنڪري عربن جي جذبات مرده ٿي چڪي هئي، ۽ هي فن، هميشه لاءِ ختم ٿي ويو. علامه شبلي نعماني لکي ٿو ته: ”هي هڪ اِهڙو واقعو هو، جو جيڪڏهن عرب جي اصلي جذبات موجود هجي ها،ته اِهڙا ته زور دار مرثيه لکيا وڃن ها، جو سڄي دنيا ۾ باهه لڳي وڃي ها.“ [207] ’موازنه انيس و دبير‘ تي مرثيه بابت علامه شبلي نعماني لکي ٿو ته: ”عرب ۾ شاعريءَ جي ابتدا، مرثيه سان ٿي جا عين فطرت جي اصولن جي مطابق هئي.“[208] جديد مرثيي جي اتساهيندڙ احساس بابت ڪيفي اعظمي ڊاڪٽر هلال نقوي جي ڪتاب ’اذانِ مقتَل‘ ۾ پنهنجي مضمون ’جديد مرثيا نگاريءَ کي به هڪ شبلي ملي ويو‘ ۾ هڪ هنڌ هيئن لکي ٿو ته: ”ٻوليءَ جي ڄاڻندڙن جو اهو چوڻ به اجايو ٿيندو ته، لفظ مرثيه، عربي ٻوليءَ جي لفظ رثا مان ورتل آ، ۽ مرثيي جو مقصد صرف روئڻ ۽ روئڻ ۽ رئائڻ ئي آهي. انيس ۽ دبير جي مرثيه جنهن جو موضوع واقعي ڪربلا آهي. مان اهڙي مرثيي کي احتجاجي شاعريءَ جو اعلى نمونو سمجھان ٿو. احتجاج جيڪو ظلم جي خلاف آ، احتجاج جيڪو جارحيت جي خلاف، اهڙو احتجاج جيڪو حق جو باطل خلاف آهي. جيڪڏهن تاريخ تي نظر وجھون ته اهو سوچڻ تي مجبور ٿا ٿيون ته پهرين جنگ آزادي جنهن کي انگريز سامراج غداريءَ جونانءُ ڏنو ان جنگ جو سڀ کان وڏو معرڪو ۽ ميدان پاڻي پت جو ميدان ڀلا ڇو نه ٿيو اها اوڌ جي شهرن، ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ ڇو وڙهي وئي، اوڌ جي ڪا تاريخ کڻي ڏسو يا وري بزرگن جي نظرن سامهون اهو سڀ ٿي گذريو هجي کان ماضيءَ جا قصا ٻڌون ته خبر پوي ٿي ته ويڙهه جي انهن ڏينهن ۾ شهرن، ڳوٺن، وستين ۽ واهڻ ۾ انهن وقتن وڏا وڏا مجلسي ميڙاڪا ٿيندا هئا. جن ۾ تمام ڳچ تعداد ۾ هندو مسلمان شريڪ ٿيندا هئا. ۽ اهو درس وٺي نڪرندا هئا ته باطل جي سامهون سِرُ نه جھڪائبو، پوءِ ڇو نه سر ڪٽيو وڃي. انهن مرثين عام ماڻهن کي اهو درس ڏنو ته حق جو دفاع ڪندي جي ميدان ۾ موت کي ڳل به لڳائڻو پوي ته اهو اهڙي زندگيءَ کان خوبصورت آهي جيڪا بستري تي کڙيون گسائي گسائي گذري. بيگم حضرت محل ۽ ان جي عوام ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي خوني درنده فوجين سان جنهن ريت ڄمي جنگ ڪئي پوءِ کڻي ٿورن ڏينهن لاءِ ئي سهي ڇو نه اوڌ مان ايسٽ انڊيا ڪمپني جي حڪومت جو نانءُ نشان ڊاهي ڇڏيو. اهو جذبو جيڪو ساراهه جوڳو آهي. اهو بيگم حضرت محل ۾ ان جي عوام ۾ ڪنهن پيدا ڪيو. دراصل انهن مرثين ..... ان لاءِ مان انهن الزامن کي مسترد ٿو ڪيان ته مرثين صرف روئاريو آ، جاڳايو ناهي.“[209]
    اردو ۾ مرثيه جي باقاعدي ابتدائي مستند تاريخي تذڪري بابت احسان بدوي پنهنجي ڪتاب ’تنقيد ۽ تنقيد نگاري‘ ۾ لکي ٿو ته: ”اُردو شاعريءَ ۾، مرثيه نگاري ڪڏهن شروع ٿي، تنهنجو اندازو لڳائڻ؛ البته ڏکيو آهي. مگر مختلف تذڪرن کي اُٿلائيندي، اِها خبر پوي ٿي: ته ’ميان مسڪين،‘ شايد اُهو پهريون شاعر هو، جنهن مرثيه کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو. هن نهايت ئي گھڻا مرثيه لکيا آهن. ’سودا‘ جي، هن شعر مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو، ته ميان مسڪين کي، مرثيه نگاريءَ ۾ ڪمال حاصل هو:
    اسقاط حمل ھو تو کھیں مرثیہ ایسا
    پہر کوئی نہ پوچھے میاں مسکین کہان ھے.
    اردو جي مرثيه گو شاعرن ۾، ’مرزا رفيع سودا‘ جو نالو ورتو وڃي ٿو. اردو ۾ مرثيه کي، جن جي هٿان عظمت حاصل ٿي، اهي انيس جي خاندان جا فرد هئا. ’مير انيس‘ جي هن مصرع مان: ”پانچوين پشت هئي شبير ڪي مداحي مين“ مان ثابت ٿئي ٿو، ته هن فن کي گويا مذهبي فرض سمجھيو ويندو هو. ظاهر آهي، ته جڏهن ڪنهن به چيز کي مذهبي رنگ ڏنو وڃي ٿو، تڏهن ان ۾ جي جولانيون ڏيکاريون وڃن ٿيون، اهي حقيقي ٿين ٿيون، ۽ جذبات ۽ احساسات جي پوري ترجماني ڪن ٿيون. غرض؛ ’مير ضمير‘ ۽ ’مير خليق‘ کان مرثيه تدريجي ترقي ڪندو، مير انيس ۽ مرزا دبير تائين پهتو؛ تڏهن ان ۾، جي جوهر پيدا ٿيا.“[210] ’مسڪين‘ جي مرثيه بابت نظير حيات سيوهاڻي پنهنجي ڪتاب ’سيوهڻ جي قديم عزاداريءَ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”سيوهڻ ۾ فارسي ۽ هندي زبان ۾ مرثيه پڙهيا ويندا هئاجن ۾ ”مسڪين“ هڪ وڏو شاعر هو جنهن کان سيد ثابت علي شاهه به متاثر هيو.“[211]
    اردو ۾ مرثيي جي شروعات بابت اردو ٻولي جو مُحقق مُفسر ڊاڪٽر سيد ضمير اختر نقوي، سيد قيصر حسين ’قيصر‘ مشهدي جي مرثيي جي منتخب ۽ مرتب ڪيل ڪتاب’عرفانِ غم‘ ۾ پنهجي مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”اردو ادب ۾ مرثيي کي نسبت ۾ اوليت حاصل آهي. اردو مرثيو عربي يا فارسي مرثيي جي تقليد ۾ تخليق نه ڪيو ويو _ بلڪ پنهنجي روپ ۾ خود ئي وجود ۾ آيو. اردو جي پهرين صاحبِ ديوان قلي قطب جي دور کان حضرت جوش مليح آباديءَ تائين اردو مرثيي ڊگھو سفر طي ڪيو آهي. ان طويل سفر ۾ هزارين مرثيه لکيا ويا جيڪي هر دور ۾ عام ۽ مقبول رهيا. پر، مير انيس ۽ مرزا دبير جا مرثيا ”جواهرات مرثيه“ ۾ ڪوه نور جي حيثيت رکن ٿا.“[212] اردو ادب ۾ مرثيي جي ابتدا، ارتقا ۽ ان جي سگھاري انداز بابت، قسيم ابن ’نسيم‘ امروهوي پنهنجي مضمون عَلمبَردارِ فَروغِ مرثيه ۾ لکي ٿو ته: ”اردو ادب جي تاريخ ۾ مرثيا نگاريءَ جي ارتقا محمد ’قلي‘ قطب شاهه ۽ وَجَھي کان وٺي اتر هند ۾ مير انيس ۽ مرزا دبير تائين اڍائي سئو سالن کان وڌيڪ ٿئي ٿو. مرثيي ڪلام منظوم کان ترقي ڪري هڪ ترقي يافته روپ ۽ درد ڀري ادبي صنف واري حيثيت اختيار ڪري ورتي آهي. جيئن ته مرثيي جو تعلق هڪ عظيم سانحي سان آهي. انهيءَ ڪري ان صنف ۾ اعتقاد جي گرمي ۽ جذبي جي شدت شامل ٿي. جنهن ان کي اڃا به سگھارو بڻائي ڇڏيو.“[213]
    احسان بدوي سنڌي مرثيي بابت تذڪره لطيفيءَ جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”جنگ نامي تي ”تذڪره لطيفيءَ“ جو صاحب لکي ٿو ته: ..... مگر جنگ نامي جو شعر، سيد ثابت علي شاهه جي موتين سان مٽ پئجي نه ٿو سگھي.“ سيد ثابت علي شاهه مرثيه لکي سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ انقلاب آندو آهي. هو سنڌي مرثيي جو موجد آهي. ان متعلق خود لکي ٿو ته:
    مـرثـيـو سنــڌي اڳـهيـن هـو ڪـونه اصلـي سنــڌ ۾،
    جي ڪو هو تان پڻ نه هو مشهور هن پر هر ڪجا.
    مرزا قليچ بيگ سندس شاعريءَ متعلق لکيو آهي؛ ”ثابت علي شاه، اصل نئون طرز اختيار ڪيو، ۽ وزن پارسي بيهاريو. ۽ سنڌي شعر سان گڏ، پارسي ۽ عربي لفظ ۽ اصطلاح اِهڙا بيهاريا جو هن جي شعر پڙهندي ڏاڍي لذت ٿي اچي.“[214]
    مرثيه جي فن، فڪر، ان جي قدامت ۽ اروج بابت ڊاڪٽر حامد علي خانائي ڪتاب ’سيد ثابت علي شاهه شخصيت ۽ شاعري‘ جي مقدمي ۾ لکي ٿو ته: سنڌ ۾ ”مرثيه نويسيءَ“ جو فن قديم آهي، جيڪو پنهنجو ارتقائي منزلون طئي ڪري ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ عروج تي رسيو. ايران جي درٻار جا ڪيترائي مرثيه گو شاعر، اڪثر سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جي درٻار ۾ ايندا رهندا هئا، جن جو سنڌ جي شاعرن تي به گھڻو اثر پيو. اهڙيءَ طرح، هتان جي شعراءِ ڪرام کانئن متاثر ٿي، ”مرثيه گوئيءَ“ ۾ طبع آزمائي ڪرڻ شروع ڪئي. سنڌي زبان ۽ ادب جو سڀ کان پهريون باقاعده ”مرثيه گو“ شاعر، سيد ثابت علي شاهه هو. خانائي صاحب ان ئي مقدمي ۾ اڳتي مولانا غلام محمد گراميءَ جي تقرير ۾ مرثيه بابت ڏنل راءِ لکي ٿو ته: مولانا غلام محمد گراميءَ پنهنجيءَ انهيءَ گران قدر تقرير ۾، پهريون ڀيرو فني لحاظ کان، ”قصيدي“ ۽ ”مرثيي“ ۾ فرق ڏيکاريو آهي. پاڻ چوي ٿو ته: ”مرثيه“ اهو آهي، جنهن ۾ شهيدِ ڪربلا جو ذڪر هجي؛ پر جي ڪنهن فاتح، بهادر، بادشاهه ۽ شهنشاهه جي وفات جي باري ۾ ڪجھ لکيو وڃي، ته اهو ”قصيدو“ آهي. ۽ نه ”مرثيو“.[215]
    مرثيي جي ابتدائي تاريخ حضرت آدم عليه السلام کان ڏسجي ٿي. جنهن بابت احسان بدوي پنهنجي ڪتاب’ تنقيد ۽ تنقيد نگاريءَ‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”اصناف ۾، مرثيه کي قدامت به حاصل آهي. جيڪڏهن هي سچ آهي، ته شاعريءَ جي ابتدا، حضرت آدم عليه السلام کان ٿي. ته پوءِ اهو پهريون شعر جو زمين تي موزون ڪيو ويو، سو مرثيو هو. مصنف ’بحر الفصاحت‘ لکي ٿو ته: ”شعر جي ابتدا، حضرت آدم عليه السلام کان ٿي. جڏهن قابيل هابيل کي قتل ڪيو، ته حضرت آدم صفي الله هن جي ماتم ۾، جي اشعار موزون ڪيا، اُهي مرثيه ۾ آهن.“ [216] مرثيي جي قدامت واري تاريخ تي تحقيق ڪندڙ محقق زوار عبدالستار درس پنهنجي ڪتاب: ’مَرثيو تاريخ جي آئيني ۾‘ لکي ٿو ته: مرثيو شاعريءَ جي اها صنف آهي جنهن جو تعلق انسان جي درد ناڪ جذبن سان آهي ۽ جڏهن انسان پنهنجي پُر درد جذبن جو شاعريءَ جي روپ ۾ اظهار ڪندو آهي ته اها شاعري انسان جي دلين تي نشتر جو ڪم ڪندي آهي، اهڙي شاعريءَ کي ئي مرثيو چيو وڃي ٿو جنهن جي شروعات حضرت آدم عه پنهنجي فرزند هابيل عه جي قتل تي سَرياني ٻوليءَ ۾ ڪئي ۽ جديد تحقيق ۾ اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته سَرياني ٻولي اصل ۾ سنڌي ٻولي آهي ۽ الله تعالى حضرت آدم عه کي سنڌ جي سرزمين تي ئي لاٿو هو.“[217]
    سنڌي ٻوليءَ ۾ مرثيو سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيءَ کانپوءِ ٻين شاعرن به جَجھي انداز ۾ لکيو. جن شاعرن جي ڳاڻيٽي ۽ گھاڙيٽي بابت الطاف حسين جوکيو پنهنجي مقالي ۾ لکيو آهي ته: ”سنڌي ادب ۽ موزون يا غير موزون مرثيه گوئيءَ ۾ مخدوم عبدالله نرئي وارو، سيد خير شاهه، مخدوم عبدالروف ڀٽي، فتح فقير، احسان فقير، جيئنل فقير، اسماعيل فقير، جاڙو فقير، مولوي احمد ملاح، فقير عبدالله قديم، چنڻ فقير ۽ بعد ۾ سيد ثابت علي شاهه، سچل سرمست، مير حسن علي، آخوند محمد عالم خيرپوري، مرزا ٻڍل بيگ جن جا نالا ڳڻي سگھجن ٿا.“[218] سيد ثابت علي شاهه کانپوءِ مرثيي جي سلسلي کي مرزا ٻڍل بيگ ان ئي انداز سان جاري رکيو. جيڪو مير انيس جيان خانداني مرثيه گو شاعر هيو. جنهن بابت احسان بدوي پنهنجي ڪتاب:’تنقيد ۽ تنقيد نگاريءَ‘ ۾ سندس بابت لکي ٿو ته: ”مرزا ٻڍل بيگ ’مير انيس‘ جيان خانداني پيشه ور مرثيه گو شاعر هو، پاڻ چوي ٿو ته:
    پي ڏاڏي کان هي پيشواسان جو، هليو اچي
    پيڙهي به پيڙهي سخن جو، سودو هليو اچي.
    هن مان ظاهر آهي ته ’ٻڍل‘ پنهنجي شاعريءَ کي، صرف واقعي ڪربلا لاءِ مخصوص ڪيو، ۽ ساري عمر ان ئي موضوع تي لکندو رهيو. سندس بابت ميان هدايت الله نجفي (تارڪ) پنهنجي ننڍڙي تصنيف’تاريخ شعرائي سنڌ‘ ۾ لکي ٿو ته: ’مرثيه نگاريءَ ۾ باڪمال هو ثابت علي شاهه، سچل ۽ محمد عالم جي مرثين کي، مات ڪيو اٿائين. جهڙي طرح لکنوءَ ۾ مرزا سلامت علي (دبير) ۽ ’مير انيس‘ ٿي گذريا آهن. اهڙيءَ طرح، سنڌ ۾ مرزا صاحب ٿيو آهي. مرزا قليچ بيگ پڻ مرثيه لکيا آهن جنهن بابت بدوي لکي ٿو ته: مرزا صاحب جا مرثيه ۽ نوحا ’تحفهءِ اماميه‘ ۾ ڇپيل آهن. سندس مرثين متعلق، آءُ ايتري چوڻ تي اڪتفا ڪيان ٿو؛ ته اِهي سندس پيشرو يا همعصر مرثيه نگارن کان، ڪنهن به طرح گھٽ نه آهن. مرزا صاحب جي مرثين ۾، تلوار جي تعريف، جنگ جو جوش ۽ رزم آرائي وغيره جو بيان، نهايت ئي دلڪش ۽ جاذب طريقي تي ٿيل آهي.“[219] سيد ثابت علي شاهه جي مرثيي بابت ورهاڱي وقت سنڌ مان هند لڏي ويندڙ نامياري اديب لڇمڻ ڪومل پنهنجي جڳ مشهور آتم ڪٿا ’وهي کاتي جا پنا‘ ۾ قرة العين بابت لکي ٿو ته: ”عيني پابند شيعه هئي. هن جي ڀر واري ميز تي مير انيس ۽ دبير جي مرثين جا مجموعا رکيل هوندا هئا. هڪ ڀيري مون عينيءَ کي چيو ’ديدي‘ مونکي دبير کان مير انيس جا مرثيا وڌيڪ ڇُهندا آهن. چيا ئين تون انيس ۽ دبير کي پڙهندو آهين ڇا؟ ”چيو مانس“ ها ديدي. تمام جذبي سان پڙهندو آهيان. اسانجي سنڌي شاعر سيد ثابت علي شاهه جا لکيل مرثيا به سنڌ ۾ بيحد مقبول آهن.“[220]
    مرثيه تي هڙ پاسائين تحقيق کانپوءِ نتيجو اهو ئي واضع ٿيندو ته: مرثيو واقعي ڪربلا جي ذڪر کانسواءِ اڌور ۽ اڀوڳو آهي. مرثيي کي اصل معنى واقعي ڪربلا کانپوءِ ملي آهي. ذڪرِ حسين عليه السلام سان مرثيي جي اصل صورت واضع ٿي بيهي ٿي. مرثيو عربي شاعريءَ جي هڪ صنف آهي، جيڪو عرب و عجم جي ڌرتيءَ کان سنڌ پهتو جنهن کي سيد ثابت علي شاهه سنڌي ٻوليءَ جي ويس ۾ اوج وٺرايو. جيڪو ’ڪڇ‘ ۾ ورهاڱي تائين لکجندو رهيو.
    اردو مرثيا، سوز خوان: برصغير جي ورهاڱي کان اڳ مجلس ۾ ذاڪريءَ جو ايترو رواج اڃا ڪونه پيو هو؛ جنهن ڪري مصائب لاءِ سڄو زور سوز خوانيءَ تي هيو. سوز خوانيءَ بابت محقق مفسر ڊاڪٽر ضمير اختر نقوي ڪتاب ’عرفانِ غم‘ ۾ لکي ٿو ته: ”سوز خوانيءَ جو فن گھڻو پراڻو آهي مگر ارتقائي صورت انيس ۽ دبير جي زماني کان ڳڻجي ٿي. ابتدائي سوز خوانيءَ ۾ مير سيد علي، جنهن مرثين تي درد ڀري طرز رکي ۽ مجلس ۾ پڙهيو. اها ايتري ته مقبول ٿي جو اڄ تائين هلندي اچي، تبديل ناهي ٿي. جنهن جو مثال هي مرثيو آهي. ” قید خانے میں طلاطم ھے کہ ھند آتی ھے“ هڪ سئو سال پهرين جهڙي اندز ۾ هي مرثيو پڙهيو ويندو هيو، اڄ به جڏهن ان ئي انداز سان پڙهجي ٿو ته اکين مان ڳوڙهن جي برسات شروع ٿي وڃي ٿي.“[221]


    سنڌ ۾ مرثيي ۽ نوحي جي شروعات

    مرثيا ۽ نوحا خواني: هونءَ ته هن جي ابتدا معرڪي ڪربلا کان پهرين جي آهي. پر، هن جو ڌيان ڇڪائڻ وارو درديلو انداز واقعي ڪربلا کانپوءِ بڻيو آهي. مرثيي جي احساساتي وصف جي پذيرائيءَ بابت ڊاڪٽر مخمور بخاري پنهنجي ڪتاب ’سچل سرمست جو مرثيو‘ ۾ لکي ٿو ته: ”عربستان ۾ مهلهل بن ربيعه جا مرثيا مشهور هيا. پر اڳتي هلي عرب ۾ هن فن ان وقت ترقي ڪئي، جڏهن حضور ﷺ جن جي ڏاڏي حضرت عبدالمطلب ۽ ٻين شاعرن مختلف واقعن تي مرثيا چيا. حضور اڪرم ﷺ جن جي برقعي مٽائڻ تي حضرت حسان بن ثابت اثر پذير مرثيه چيا. حضرت بيبي فاطمه الزهرى (س) جن پڻ ان موقعي تي هڪ مرثيو چيو.“[222] مرثيي جا پختا بنياد واقعي ڪربلا _ لاشهءِ حسين عه کان شروع ٿي زندانِ شام کان آزادي ماڻي، ڪربلا بعد مديني پهچي محله بني هاشم ۾ پيا. جتي سانئڻ امه ڪلثوم (س) مديني جي آيل مُڪاڻي عورتن کي ڪربلا جي ڪهاڻي مرثيي جي صورت ۾ ٻڌائيندي هئي.
    سنڌ ۾ مرثيو ڪلهوڙن جي دورِ حڪومت سنه 1150هجري ۾ پهتو. جنهن باقاعدي اوج ٽالپرن جي دورِ حڪومت سنه 1783ع ۾ ورتو. مرثيو عربي شاعريءَ جي صنف آهي، جنهن جي عرب جي ڌرتيءَ کان سنڌ جي ڌرتيءَ تائين جي سفر بابت زوار عبدالستار درس پنهنجي ڪتاب ’ مَرثيو تاريخ جي آئيني ۾‘ لکي ٿو ته: ”مَرثيو عربي شاعريءَ جي ئي صنف آهي. جتان پوءِ ان پهرين ايران ۽ پوءِ هندستان ۾ پير پاتو. فارسي زبان ۾ مرثيي جي باقاعده ابتدا مشهور فارسي شاعر محتثم ڪاشيءَ 1524ع ۾ ان وقت جي ايراني صفوي بادشاهه طهما سپ جي حڪم تي ڪئي ۽ ڪربلا جو سڄو واقعو مَرثيي ۾ قلمبند ڪيائين ان کانپوءِ مقبل اصفهاني مرثيه لکڻ شروع ڪيا. مقبل جو اصل نالو محمد شيخا اصفهاني هو. افغانن جي ايران تي ڪاهه واري دور ۾ هُو اصفهان ۾ روپوش رهيو. 1143 هه ڌاري هُو هندستان آيو جتان 50 _ 1149 هه ۾ هُو مغل نواب صادق علي خان جي حڪمرانيءَ واري دور ۾ ٺٽي آيو ۽ هن ئي هتي اچي فارسي مرثيي کي عُروج تي پهچايو.
    ڪلهوڙا درٻار سان وابسته شاعر محسن ٺٽوي، مرثيه گوئي ۾ مقبل اصفهاني جو شاگرد ٿيو. محسن ٺٽوي 1157هه ۾ وفات ڪئي سندس فرزند ۽ شاگرد غلام علي مداح به ڪلهوڙن جي درٻارسان وابسته شاعر هو جنهن کان سيد ثابت علي شاهه ”ڪربلائي“ مرثيه گوئيءَ ۾ اصلاح ورتي ۽ باقاعده سنڌي مرثيه نويسي ۽ مرثيه گوئي جو بنياد رکيائين.“[223] سيد ثابت علي جڏهن ڏهين جي رات فقير جي پِڙَ تي هي مرثيو پڙهندو هيو ته عزادارن جي اکين مان غمِ حسين عه جا آبشار جاري ٿي پوندا هيا.
    هَئـي هَئـي رڻ ۾ بيبـي بـانـو سِـرَ تـي خـاڪ وسـائي ٿـي،
    شاهه حسين عه جي لاش تي ويٺي نيڻون نير وهائي ٿي،
    آهــون دانـهـون عـرش رســـاڻـي هـنـپر حـال ســڻائـي ٿـي،
    زهرا عه بيبيءَ جي نُنِهن پياري سائين ري سيلائي ٿي،
    ڪــاٿـي آهـيـن مـرتـظـي عـلـي عه شـيـر امـيـر،
    ڪــڙم سڀئي قـتلـعـام ٿيـو رڻ مـاريـو شـيـر.
    (ثابت علي شاهه)
    ڪڇي شاعرن الهڏن شاهه پڇمي، ميون ملوڪ کوڙ ۽ عبدالرزاق کٽي ”رازق ڏنو“ جي چيل مرثين مان پتو پوي ٿو ته، مرثيا ’ڪڇ‘ ۾ به چيا ويندا هيا. جيڪو سلسلو ورهاڱي تائين ’ڪڇ‘ ۾ جاري رهيو. ڪڇ ملڪ جيڪو آرين، عربن ۽ سمن کانپوءِ جاڙيجن جي حڪمرانيءَ هيٺ رهيو جنهن بابت اعجاز منگي ڪتاب ’ڪڇين جا قول‘ ۾ محمد سومار شيخ جي حوالي سان پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”ڪڇ ملڪ جو اصل نالو ’اڀير ديس‘ آهي. لفظ ’اڀير‘ سنڌيءَ ۾ پوءِ بگڙ جي ’اهير‘ يا ’اسير‘ ٿيو آهي. اسير جي معنى آهي: (قيدي) اڀير يا اهير سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو هئا. جن آرين سان جنگيون جوٽيون. آرين هٿان شڪست کائڻ کانپوءِ هن قوم جا ماڻهو ملڪ بدر ٿي ايران هليا ويا. ۽ ڪي وڃي ڪڇ جي جابلو علائقن ۾ مورچي بند ٿيا. ڪڇ ملڪ اڄ به سنڌ جو هڪ ننڍو حصو آهي. جو رڻ جي ڪري سنڌ کان ڌار پيو آهي. ڪڇ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ننڍي شاخ ”ڪڇي“ ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. ورهاڱي کان پوءِ هي ملڪ هند سرڪار جي هٿ هيٺ رهيو.“[224]
    سيد الشهداء جي مرثيا نگار، ڪڇي جي مرثيا گو شاعر ميون ملوڪ کوڙ بابت محمد سومار شيخ پنهنجي ڪتاب ’ڪڇين جا قول‘ ۾ لکي ٿو ته: ”ميون ملوڪ کوڙ، شاهه ڀٽائيءَ جي فداين مان هڪ هو. کيس خدا آواز سٺو ڏنو هو. ميون ملوڪ کوڙ، ڄنگھڻي ۾ ڄائو هو. ميان ديني علم ۾ ماهر هو ميون ڪري چوندا هئس. ڪڇ ۾ ميون قاضي کي چوندا آهن. پنهنجا کيتر (کيت) هئس ۽ پنهنجي وارو هو. ميون ملوڪ کوڙ ورهاڱي کان اڳ 15 سال کن ٿيندا ته (60 يا 70) ورهين جي عمر ۾ 1932ع ۾ وفات ڪري ويو.“[225] سندس هڪ مرثيو هت ڏيون ٿا.
    ڪربلا ۾ ڪاري هئي،
    حسڻ حسيڻ يا علي شير ملهايو،
    اڄ امامن تي، اوکي آئي،
    آگـي ان جـا، نـام وڌائـي،
    دين ان جا درست رکائي،
    مٿـي تـي رڪ رئـي،
    نام مولى جي سر لٽايو.
    کوسي مان اچي خيما کوڙيائون،
    جـونش مـان تن جنـگ جوڙئـون،
    ]مصيبت کان منهن نا موڙئون[
    هيبت مان اُنين هاڪ هنئي،
    دشـت مـان ان جـا ڌڙ ڌٻـايـو.
    ڏوهه ڏينهـن سختيـون ڏٺائـون،
    ويل وچينءَ جي، امر مڃيائون،
    ’کوڙ ملوڪ‘ چئي رب رضائون،
    ســويـن مــلائـڪـن سـيــڄ کـنـئـي،
    جـنـت ۾ ان جـا هـنـڌ جـوڙايـو.[226] (ميون ملوڪ کوڙ)
    مرثيا گوئي جو اهڙو سلسلو حيدرآباد مان شروع ٿي اتر سنڌ خيرپور ميرس پهتو، جتان ساهتيءَ جي علائقي’محرابپور جنڪشن‘ اثر ورتو. محرابپور مان اهڙو پيغام سنڌ جي ٻين شهرن تائين پهتو.
    محرابپور ۾ ڏهين محرم جي رات واري جلوس ۾ پڙن تي مرثيا پڙهيا ويندا هيا. هتي نوحي جي ابتدا سيد اختر چنيوٽيءَ کان ٿي. ان بعد پنجاب جي شهر اوڪاڙا کان لڏي آيل سيد احمد شاهه ۽ سندس ڀاءُ سيد محمد حسين شاهه صفويءَ ان سلسلي کي وڌائي زور وٺايو. اهڙي ريت هتي ماتمي جلوسن ۾ نوحي خوانيءَ جو سلسلو شروع ٿيو جنهن اڳتي هلي اوج ماڻيو. هاڻ هتان جا نوحا خوان سنڌ ۽ پنجاب جي شهرن ۾ نوحا خواني لاءِ گھرايا وڃن ٿا.


    زاري _ عزاداريءَ جي صنف

    قديم دور ۾ سنڌ جي ماتمي جلوسن ۽ پِڙَنِ تي مرثيي جيان ’زاري‘ به پڙهي ويندي هئي. جنهن جي جاءِ جديد دور ۾ نوحي خوانيءَ ورتي. مرثيي جيان زاريءَ ۾ به غمِ حسين عه جو درد سمايل هوندو آهي. زاري به ڪيڏاري جيان واقعي ڪربلا سان منسوب آهي. زاري جيڪا محرم الحرام ۽ چهلم امام حسين عه جي ڏهاڙن ۾ ماتمي جلوسن ۽ پڙن تي پڙهي ويندي هئي. سنڌ ۾ زاريءَ جا تمام ٿورا شاعر هئڻ ڪري هن صنف جي مرثيي ۽ نوحي جيان پذيرائي نه ٿي سگھي. شاعر رمضان واڍي جي چيل زاري ڏسو، جيڪا هن ’راڳني ڪيڏارو مان _ زاري امامن جي افسوس جي،‘ واري عنوان سان لکي آهي.
    ”ڏي ڪا خبر تون ڪبوتر، ڪئن تنهنجي چهنب رتي آ رت ۾
    1 _ ڪٿي پسا يُئي پيرڙا هاءِ هاءِ، ڪٿي پسايئي اهي پر
    2 _ زين العابد ڪٿ معصوم مٺو، ڪٿ علي آه اصغر
    3 _ ڪٿ عباس اسريو اُڃ لاءِ، آب ڀرڻ ڪٿ علي آ اڪبر
    4 _ هت آهي سيج سڃي شهزادي جي، ڪٿ قاسم پتو ڪر
    5 _ رمضان چوي گڏجي ويهي ڏي، حال حسين جو هيڪر
    زاري شهيدن جي: راڳني ڪيڏارو
    آءُ قاصد ڪل ڪا ڏي پاڪن پر ڏيهن جي
    ساري حقيقت سڻاءِ مٺڙن معصومن جي
    رمضان رڻ رهيا ڪوفن پ پهيا
    رتڙا ڪئن وهيا، سڌ ڏي ميدانن جي.“[227]


    محرابپور جا مرثيا خوان

    برصغير جي ورهاڱي کان اڳ هتي ذاڪرن جو رواج ڪو نه هيو. جنهن ڪري جلوس جڏهن پِڙَنِ تي پهچندو هيو ته، سوز خوان اتي مرثيا پڙهي، مجلس کي ذڪرِ حسين عه جي زينت بخشيندا هيا. محرابپور ۾ مير مولابخش ٽالپر، ڊاڪٽر احمد بخش ٽالپر، غلام عباس ٽالپر، غلام حسين ٽالپر، غلام صادق ٽالپر، شهمير ملاح، محرم ملاح، زوار نبن جوکيو، صاحب خان لنڊ، سمو خان لنڊ ۽ ٻيا ڏهين محرم الحرام جي رات ماتمي جلوس ۾ ٻئي هٿ مٿي تي رکي اکين مان نيرَ وهائي سيد ثابت علي شاهه جا مرثيا پڙهندا هيا. اڳيان جلوس وچ ۾ تعزيا _ تعزيي پويان عورتون اوسارا چونديون اينديون هيون. جيڪو سلسلو سَٺِ واري ڏهاڪي تائين قائم رهيو.


    محرابپور ۾ نوحا خواني

    هتي نوحا خوانيءَ تي سينه زنيءَ جو تصور سيد اختر حسين شاهه،’چنيوٽي‘ ڏنو. اختر، پنجاب جي شهر چنيوٽ جو رهواسي هيو. پاڪستان جو تمام وڏو شاعرِ اهلبيت هيو. (ٿيٽرن ۾ ڪم ڪري ٻچڙن لاءِ رزق حلال ڪمائيندو هيو.) هڪ ڀيري هتي ٿيٽر کڻي آيو، صبح جو عزادارن جي محلي، پاڙي ۾ اچي پڙن تي لڳل علم حضرت عباس (ع) جي سلامي ڏيندو هيو. اهڙي طرح هن جي ارشاد حسين شاهه (شاعر اهلبيت) سان واقفيت ٿي. ان جي سنگت ۾ هن ڏهين محرم جي صبح جو ملاحن جي پڙ کان جلوس ۾ اڪيلي نوحو پڙهيو. سيد ارشاد حسين شاهه ملاحن جي پڙ تي جلوس جا دهل بند ڪرائي سيد اختر حسين چنيوٽيءَ کان نوحو پڙهايو جنهن تي پاڻ اڪيلي بيهي ماتم ڪيو.
    سيد اختر حسين چنيوٽيءَ پاران جيڪو ملاحن جي پڙ کان اڪيلي سِر نوحو پڙهيو ويو، اهو ان وقت جي ٻارڙن کي به ڪيتري ئي عرصي تائين وردِ زبان رهيو ۽ اڄ تائين محرابپور جي ماتمي فضائن ۾ گونجي رهيو آهي. ”چلي غازي علمبردار، چلي غازي علمبردار.“
    ان بعد سيد احمد حسين شاهه ۽ سيد محمد حسين شاهه صفوي جن نوحا پڙهيا. ڪجھ وقت کانپوءِ سندن اولاد نوحن تي عزاداري ڪري، حلقي جي ماتمداريءَ ۾ جدت آڻي فروغ وٺرايو. جنهن کانپوءِ محرابپور جي عزاداري ساهتيءَ کان سنڌ تائين تيزيءَ سفر طع ڪري مقبوليت ماڻي.
    هتي شاهي بازار جي جلوسن ۾ پهريون ڀيرو باقاعدي نوحا خواني غلام جعفر شيدي (روشن آباد) واري ڪئي. غلام جعفر شيديءَ جو استاد اختر حسين ’چنيوٽي‘ هيو، جنهن کيس نوحي خوانيءَ ۽ شاعريءَ جي سکيا ڏني. ڪجھ وقت کانپوءِ جعفر شيديءَ سان علي بخش ٽالپر به نوحي خواني شروع ڪئي، ان کانپوءِ 1966ع ۾ حسن بخش ٽالپر (ميرشمن)، شوڪت حسين ٽالپر(مامو شوق) ۽ سيد بهار شاهه جن مسلسل 10 سالن تائين نوحا پڙهيا. ان بعد غلام جعفر فاضلاڻي (جابو) منظور فاضلاڻي، استاد نبي بخش شيدي (نبو شيدي) جن نوح پڙهيا. 1967ع کان سيد محمد عباس ۽ زوار نور محمد شيدي (ڀائو نورو) جن الڳ الڳ پنهنجن ساٿين اشفاق ٽالپر (مير اشو _ ڪوٽ ڏيجي) انور ٽالپر (ڪوٽ ڏيجي)، رياض شيدي (استاد ريازڻ) سان نوحي خواني شروع ڪئي ۽ سيد محمد عباس پنهنجن ساٿين سيد قمر عباس، سيد ظفر عباس، ڪجھ وقت کانپوءِ نبي بخش شيدي، شاهنواز خاصخيلي، غلام جعفر فاضلاڻي، نظر ڪلهوڙو سان 1990ع تائين نوحي خواني ڪئي. هن جٿي سان آخري ڏهاڙن ۾ مختيار سومرو، لونگ شيدي، مولائي ملاح (ليکڪ) ۽ سليم ملاح پڻ نوحي خواني ڪئي. 1977ع جي آخر ۾ فيض ٽالپر (ميربگھڙ) مختيار سومرو جي ٺاهيل نوحا خوان پارٽيءَ جي اڳواڻي ڪئي جنهن ۾ مختيار سومرو، مٺل خاصخيلي، نذاڪت فاضلاڻي، منظور فاضلاڻي جن شامل هيا. ٿوري وقت کانپوءِ هنن سان اقبال خاصخيلي (ڏاڏو اقبال)، هشمت فاضلاڻي، رياض فاضلاڻي، مولائي ملاح (راقم)، سليم ملاح ۽ لونگ شيدي گڏيا. مجاهد شاهه ’ناشاد‘۽ ڏاڏو اقبال خاصخيلي هنن ٻن ڄڻن تقريبن 1980ع کان نوحي خواني ڪئي جن تمام خوبصورت انداز ۾ نوحا پڙهي شهر جي عزاداريءَ کي فروغ وٺرائي سنڌ ۾ مقبوليت ڏياري.


    مرثيا، نوحا ۽ قصيده ۽ سوز وَ سلام پيش ڪندڙ عزادار

    محرابپور ۾ عزاداريءَ جي شروعات جلوس توڙي پِڙَن تي مرثيا (منشا) پڙهڻ سان ٿيندي هئي. جنهن ۾ سبحان علي ٽالپر، ڊاڪٽر احمد بخش ٽالپر، غلام صادق ٽالپر، نظر حسين ٽالپر (اول)، غلام حسين ٽالپر (اول) زوار محرم ملاح، (محسن ملاح جو پَڙ ڏاڏو) زوار صاحب خان لنڊ بلوچ، زوار نبي بخش جوکيو (زوارنبن) ۽ ٻيا عزادار ڏهين محرم جي رات هر هڪ پڙ تي مرثيه، منشا، (سُرُ جوڳ مان) پڙهندا هيا. آخري مرثيو وڏي صبح جو ميرن واري پڙ (وڏي علم) تي پڙهي رات واري جلوس جي پڄاڻي ڪندا هئا.
    جلوس پِڙن تي پهچڻ مهل، سيد ثابت علي شاهه جو هي مرثيو جڏهن پڙهيو ويندو هيو ته ان وقت هر دل اداس ۽ اک عشقبار هوندي هئي. جيڪو اڄ تائين بزرگ عزادارن کي ياد آهي. شاهه جي مرثيي عزادارن جي دلين تي ايترو ته اثر ڇڏيو جو هو اڄ به جڏهن ثابت علي شاهه جو اهو مرثيو ٻڌائين ٿا ته، سندن اکين مان نير وهي پون ٿا. حاجي نظر ڪلهوڙي روئيندين اکين سان مونکي هي مرثيو ٻڌيو، جنهن اسان کي به روئاري ان عظيم ثواب ۾ شامل ڪري ڇڏيو.
    ”ڪـربـلا جـي قتـل جـي ڪـر ڪـا خبـر اي آسـمـان،
    ڪيئن ڏٺئي نيزن چڙهيا شاهن جا سرَ اي آسمان!“
    (ثابت علي شاهه)
    محرم جي ماتمي جلوس ۾ مرثيه پڙهڻ جو هي سلسلو ڪيترائي سال هلڻ کان پوءِ نغارن جي فن جيان آهستي آهستي ختم ٿيندو ويو، جنهن جي جاءِ ’نوحي‘ ورتي. جلوس ۾ باقاعدي نوحي پڙهڻ جي شروعات ملاحن جي پڙ کان سيد احمد حسين شاهه ۽ (سندس ننڍي ڀاءُ) سيد محمد حسين شاهه صفوي جن سنه 1945ع کان ڪئي.
    ڏهين محرم جي رات وارو جلوس جڏهن صبح جو ملاحن جي پڙ تي پهچندو هيو ته، اتي دهل، شرناءِ بند ٿي، ياحسين عه ياحسن عه جي صدا بلند ٿيندي هئي، مومن صفن جي صورت ۾ نوحا خواني لاءِ ماتمي حلقو ٻڌي بيهندا هيا ته سيد احمد شاهه ۽ سيد محمد شاه جن نوحو پڙهندا هيا. هن عزادار گھراڻي ماتمي جلوسن ۾ جدت آڻي عزاداريءَ کي فروغ ڏنو. هڪ ڀيري هتي پاڪستان جي نامور شاعر سيد اختر حسين چنيوٽيءَ به ملاحن جي پڙ کان اڪيلي نوحو پڙهيو جنهن تي سيد ارشاد حسين شاهه (شاعر اهلبيت) اڪيلي بيهي ماتم ڪيو. ڪجھ وقت کانپوءِ هي سلسلو جڏهن وڌڻ لڳو ته، ملاحن جي پڙ کان نوحن تي شروع ٿيل عزاداري شيخن جي پڙ کانپوءِ ميرن جي پڙ تائين ٿيڻ لڳي. انجمن نوجوانانِ، جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ، اهو سلسلو هتان ختم ٿي. وڏيري جي پڙ کان شروع ٿي چاڪين جي چوڪ تي ختم ٿيو. هتان نوحا خوانيءَ جي ٻئي دور جي شروعات ٿئي ٿي.
    نوحا خواني: نوحن تي حلقي جي عزاداري 1970ع واري ڏهاڪي کانپوءِ اُسرڻ لڳي، جنهن سان نوحن تي سينه زنيءَ جي ٻئي دور جي شروعات ٿئي ٿي. ڏهين، ڇهين، چهلم ۽ ٻاويهين رمضان (شهادت مولا علي عليه السلام) جي جلوسن جي ابتدا وڏيري جي پڙ (حسيني چوڪ) کان شروع ٿي چاڪين جي پڙ، چوڪ بازار تي ختم ٿي. جنهن ۾ پهرين صرف غلام جعفر شيدي، سڄي جلوس ۾ اڪيلو نوحو پڙهندو هو، ڪجھ وقت کان پوءِ مير علي بخش به ساڻس گڏيو. ٿوري وقت کانپوءِ مير حَسن بخش (مير شمن)، مير شوڪت، غلام جعفر فاضلاڻي (جابو)، سيد بهار شاهه جن گڏجي نوحا خواني ڪئي. ان بعد سيد ڪرم شاهه، سيد حسين شاهه، سيد بهار شاهه، خادم حسين کوکر (عطاءُ حسين بلاغيءَ جو ڀاءُ) جي جٿي جنم ورتو، جيڪو ٿوري وقت ۾ ختم ٿي ويو. ان بعد زوارنور محمد (نورو شيدي) مير اشفاق حسين (مير اشو) مير انور حسين، مير نياز حسين، ۽ استاد رياض حسين شيدي (استاد ريازڻ) جي نوحا خوان پارٽيءَ جنم ورتو جنهن جلوسن ۾ نوحا پڙهيا.
    غلام جعفر فاضلاڻي (جابو) نبي بخش شيدي (استاد نبن) مير نياز حسين ٽالپر جن به نوحا پڙهيا. سيد محمد عباس شاهه صفوي، جي اڳواڻيءَ ۾ نوحي خوان پارٽي سنه 1972ع ۾ جنم ورتو جن 1985ع تائين نوحا خواني ڪئي، جنهن ۾ سيد قمر عباس شاهه صفوي، سيد ظفر عباس، غلام جعفر فاضلاڻي، نبي بخش شيدي، نظر حسين ڪلهوڙو (حاجي نجو) ۽ شاهنواز خاصخيلي جن شامل هيا.
    انهن جي هوندي ئي مختيار حسين سومرو، محمد مٺل خاصخيلي، منظور حسين فاضلاڻي ۽ نذاقت علي فاضلاڻي جن نوحي خواني شروع ڪئي جن سان ٻئي سال 1970ع جي آخري ڏهاڙن ۾ مير فيض حسين ٽالپر (ميربگھڙ) گڏيو، 1980ع کان ساڻن محمد صديق ’موسيڪار‘(پنجاب)، بابو عبدالحميد ميمڻ (مامو حميد) هالاڻي، 1983ع کان اقبال حسين خاصخيلي (ڏاڏو اقبال) ۽ مولائي ملاح، سليم ملاح ۽ لونگ حسين شيدي جن شامل ٿيا. جن 1990ع تائين ساڻس نوحي خواني ڪئي. 1990ع کانپوءِ محبوب حسين شيدي، محمد علي شيدي، مشتاق حسين شيدي،(مُتو شيدي) مير امتياز حسين ٽالپر، مير آفتاب حسين ٽالپر (مير ٽوني) ڪاڪو واحد بخش چانڊيو، فقير گلاب علي مڱڻهار (ٽنڊو ڪرم خان) ۽ گلاب حسين مڱڻهار (موسيڪار)، 2000ع کان حاجي ڪوڙل خان خاصخيلي، استاد قادر بخش خاصخيلي، استاد اصغر علي خاصخيلي، درشن علي خاصخيلي(مرحوم) جن شامل ٿيا جيڪي هن مهل تائين سندس سٿ ۾ شامل آهن. ڀرپور نموني سنڌ، پنجاب نوحا خواني ڪري رهيا آهن.
    1980ع واري ڏهاڪي ۾ سيد مجاهد علي شاهه ’ناشاد‘ ۽ اقبال خاصخيلي جن صرف ٻه ڄڻا پاڻ ۾ پڙهندا هيا. پوءِ زاهد حسين شيدي، رحم علي ٻرڙو، امداد حسين سومرو، رياض حسين شيدي (ريازڻ شيدي) غلام حيدر خاصخيلي، سيد امجد شاهه، فدا حسين شيخ، محبوب حسين شيدي، ولي محمد شيدي، مولائي ملاح، سليم رضا ملاح ۽ نثار حسين خاصخيلي سٿ ۾ شامل ٿيا. ان بعد سيد حسنين شاهه، فدا حسين کوکر، نياز حسين چنه، استاد ذوالفقار سومراهه جن رهيا. 1990ع کان وٺي هن مهل تائين سندس سٿ ۾ کوڙ سارا سُريلا، آوازي ساٿي رهيا. هن وقت سندس سٿ ۾ سيد امجد شاهه بخاري، سيد تصور حسين، سيد مصور حسين، سيد مطهر حسين، سيد مدبر حسين، سيد فخر عباس نقوي، سيد ڪامرا علي شاهه، ۽ سيد عرفان علي شاهه ۽ ٻيا شامل آهن؛ جيڪي سڄو سال سنڌ پنجاب جي پروگرامن ۾ ساڻس گڏ هوندا آهن. سيد مجاهد شاهه ’ناشاد‘ نوحا خوانيءَ جي دنيا ۾ سنڌ ۽ پنجاب ۾ کوڙ سارا شاگرد، شاعر ۽ پنهنجا پرستار پيدا ڪيا آهن. تبليغ جو اهڙو سلسلو جاري آهي.
    سنه 1982ع ۾ ملاح برادريءَ جي نوجوانن زاهد ملاح جي اڳواڻيءَ ۾ صرف هڪ سال چهلم جي موقعي تي محرابپور ۽ ڪنڊيارو جي بازار ۾ نوحي خواني ڪئي. جن ۾ زاهد ملاح، روشن ملاح، رضا ملاح، آفتاب ملاح، مهرعلي ۽ رحم علي ٻرڙو شامل هيا.
    1985ع ۾ شمن علي خاصخيلي (شمون ڪارو) جي اڳواڻيءَ ۾ ولي محمد شيدي، (ولو) علي ڏنو شيدي (ڏنو شيدي) محمد علي شيدي جن ٿوري وقت تائين نوحي خواني ڪئي. جن محرابپور ۽ سيٺارجه جي جلوس ۾ نوحا پڙهيا.
    1990ع کان ملاحن جي ٻن نوجوانن سليم رضا ملاح ۽ مولائي ملاح، نوحي خوان پارٽي کي جنم ڏنو جن ۾ سيد حسنين رضا شاهه زيدي، رحم علي ٻرڙو، فيض علي ٻرڙو، عنايت علي ٻرڙو، عمار قمر جوکيو ۽ علي زر شاهه ’ترمذي‘، شامل هيا جن پروفيسر سليم رضا ملاح جي اڳواڻيءَ ۾ 2007ع تائين نوحا خواني ڪئي.
    هن وقت نوجوانن ۾ ذوالفقار شيدي (جُڙيل شيدي)، بشارت علي مڱڻهار، فقير ملازم حسين مڱڻهار، سيد ناظم شاهه، سيد جاني شاهه جن پنهنجن ساٿين سان گڏ تمام سهڻي انداز ۾ پنهنجي نوڪري پيش ڪري ذڪرِ حسين عه کي عام ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
    فقير ملازم حسين مڱڻهار ۽ سندس ساٿي: استاد خير محمد فقير، فقير ڪرم حسين، شير محمد فقير، فقير عقيل محمد، فقير طالب حسين، فقير آفتاب حسين، فقير زوار حسين، فقير فياض حسين ۽ فقير سجاد علي مڱڻهار، فقيرعادل حسين، فقير بابر علي، فقير عاشق حسين ۽ فقير ظهير حسين مڱڻهار شامل آهن.
    سيد ناظم حسين شاهه ۽ سندس ساٿي نوحا خوان: سيد جمن شاهه ’نقوي‘، سيد ڪاظم شاهه، سيد اطهر علي شاهه، سيد ضياءُ عباس شاهه، سيد وزير حسين شاهه، سيد ارشاد حسين شاهه ’نقوي‘، عبداللطيف سومرو ۽ عدنان اقبال نوناري شامل آهن، جيڪي 1995ع کان نوح خواني ڪندا اچن ٿا. سيد ناظم حسين شاهه نقوي جن 1990ع کان شاعري شروع ڪئي آهي جنهن کي سنڌ جي نامور نوحا خوانن پڙهيو آهي.
    ذوالفقار علي شيدي (جڙيل شيدي) ۽ سندس ساٿي: عامر حسين شيدي، ياسر حسين خاصخيلي، محرم علي شيدي، افتخار علي شيدي، ساجد حسين چنه، (بجو) حق نواز شيدي، مشتاق حسين شيدي، آصف علي شيدي ۽ قمر عباس کوکر شامل آهن.
    بشارت علي مڱڻهار ۽ سندس ساٿي: شهباز علي مڱڻهار، غلام مرتظى مڱڻهار، ظهير علي مڱڻهار، ظهير حسين مڱڻهار، ساجد علي مڱڻهار، عمران علي مڱڻهار، عاشق حسين مڱڻهار، رياض علي مڱڻهار، مظهر حسين مڱڻهار، سڪندر علي خاصخيلي. بشارت علي مڱڻهار 2005ع کان نوحا خواني شروع ڪئي.
    سيد جاني شاهه ۽ سندس ساٿي: نانو سُڌير ڪيريو، شاهد حسين ڪيريو، حُبدار حسين لنڊ، مشتاق حسين رند، محسن علي ملاح، ساجد حسين سهتو، وقار سهتو. سيد جاني شاهه 2008ع کان مجاهد شاهه ’ناشاد‘ کان الڳ ٿي نوحا خواني ۽ شاعري ڪئي، سندس استاد مجاهد شاهه ’ناشاد‘ آهي.
    محرابپور جي سڀني نوحا خوانن مان هي ٻه نوحا خوان سيد مجاهد شاهه’ناشاد‘ ۽ سيد اشرف شاهه ’شرف‘ ڏات جي حوالي سان مالامال آهن. جيڪي هڪ ئي وقت شاعري به ڪن ٿا ته انهن تي طرزون به پاڻ رکن ٿا.
    قصيده خوان: امداد حسين سومرو، ڏاڏو اقبال حسين خاصخيلي، سيد مجاهد شاهه ’ناشاد‘، نياز حسين چنه، سيد اشرف شاهه (جاني شاهه) سيد تصور حسين، سيد مصور حسين، سيد مطهر حسين، سيد مدبر حسين، سيد فخر عباس نقوي، فقير گلاب علي مڱڻهار، فقير ملازم حسين مڱڻهار، استاد خير محمد فقير، فقير ڪرم حسين، شير محمد فقير، فقير عقيل محمد، فقير آفتاب حسين، فقير زوار حسين، فقير فياض حسين ۽ فقير سجاد علي مڱڻهار، فقيرعادل حسين، فقير بابر علي، فقير عاشق حسين ۽ فقير ظهير حسين مڱڻهار، فقير بشارت علي مڱڻهار: شهباز علي مڱڻهار، غلام مرتظى مڱڻهار، ظهير علي مڱڻهار، ظهير حسين مڱڻهار، ساجد علي مڱڻهار، عمران علي مڱڻهار، عاشق حسين مڱڻهار، رياض علي مڱڻهار، مظهر حسين مڱڻهار، عاشق علي مڱڻهار، زوار ساجد حسين چنه (بِجُو) عامر حسين شيدي، سيد ناظم حسين شاهه ۽ ٻيا جشن جي موقعي تي قصيدا پڙهندا آهن.
    سوز، سلام: مجلس شروع ٿيڻ کان پهرين هتي نغارن پوءِ دهل شرناءِ تي واڄو ڪيو ويندي هيو. سلام پيش ڪرڻ جي شروعات زوار پيراڻي جي امام بارگاهه مان سنه 2000ع کان ٿي. جيڪو سلسلو ان ئي امام بارگاهه ۾ اڄ تائين جاري آهي. هتي مجلس کان پهرين فقير شهباز علي مڱڻهار، فقير بشارت علي مڱڻهار ۽ ٻيا نوجوان سلام پڙهندا آهي.


    باب اٺون

    پِڙَنِ تان نڪرندڙ تعزيا ۽ ضريحون مبارڪ جا سينگاريندڙ مومن

    ميرن جي پِڙَ تان نڪرندڙ تعزيا، جهولو ۽ شبيهون مبارڪ
    ميرن جي پڙ تي رکيل وڏو تعزيو: هي تعزيو باغ علي ٽالپر جوڙايو، هن تعزيي سان گڏوگڏ ان پڙ تي لڳل ’علم حضرت عباس عه‘ جو ڪم گڏ گڏ هڪ سال تائين هليو. تعزيو ٺاهيندڙ ڪاريگر هندستان جي شهر لکنوءَ جا ’شيشه گر روهيلا ‘ خاندان جا هيا جن هي تعزيو سنه 5 جولائي جمع جي ڏهاڙي مڪمل ڪيو. هن تعزيي جي سنه واري تختيءَ تي سنه تعمير کان علاوه،’حُب الفرمائِش جناب مير باغ عليخان ٽالپر، محرابپور‘ ۽ ان جي ڀرسان واري تختيءَ تي زيارت حضرت امام حسين عه لکيل هئي. هي تعزيو باغ علي ٽالپر زيارت لاءِ ٺهرايو هيو جيڪو ٺهڻ کانپوءِ تقريبن ڪجھ سالن تائين زيارت گاهه کان ٻاهر نه نڪتو. تعزيي کي تبليغ خاطر ٻاهر بازار ۾ سبحان علي ٽالپر آندو.
    هي تعزيو ڏهين محرم جي رات واري جلوس ۾ نڪتو، تعزيي جو نقشو روضه حضرت امام حسين عليه السلام ۽ حضرت غازي عباس عليه سلام جي طرز تي ٺهيل آهي. هن تعزيه جون ٽي (3) منزلون ۽ ٻه گُنبذ آهن، وڏو گنبذ مولا حسين عه ۽ ننڍو گنبذ مولا عباس عه سان منسوب آهي. ننڍي گُنبذ اڳيان صحن پڻ ٺهيل آهي. تعزيه جي چئني طرفن کان ڪربلا جي شهيدن جي حوالي سان 72 ننڍڙيون ضريح رکيل آهن. ڪاريگر پنهنجي ڏاهپ سان هن تعزيه ۾ مڪمل ڪربلا جو نقشو چِٽيو آهي. جنهن ڪري هن تعزيي کي ڪربلا به چئي سگھجي ٿو.
    هن تعزيي تي سڄو ڪم ڪاٺ ۽ شيشي جو ٿيل آهي. ڪاٺ ۾ ساڳوان جي ڪاٺي ۽ ضرورت آهر ديال جو ڪاٺ به استعمال ٿيل آهي. شيشي تي اعلى نموني جي خوبصورت رنگن جي گُلڪاري ٿيل آهي جيڪا هن جي قدامت جي ساکي بڻيل آهي. هن جي ڊيگھ 10 فوٽ 6 انچ، ويڪر 7 فوٽ 6 انچ ۽ اوچائي 15 کان 18 فوٽ آهي. تعزيي جي ڇت تي ٿيل خوبصورت نقش نگاريءَ ۾ ”اَبرَق“[228] جو استعمال ٿيل آهي. هن کي ڪُلهن تي کڻڻ لاءِ 80 مومن مقرر ٿيل آهن جڏهن ته ٻيا حاجتمند عزادار به ثواب خاطر شامل هوندا آهن. تعزيو سينگارجڻ کان پهرين واڍي کان مڪمل طرح سان چڪاس ڪرايو ويندو آهي. اهڙي نوڪري پهرين واڍو محمد جمن (ڊکڻ) سومرو، پوءِ غلام حسين شيخ ۽ سندس پٽ غلام عباس شيخ (ٽنڊو ڪرم خان نظاماڻي) ۽ هاڻي مستري مُلان محمد جميل مغل ڏئي رهيو آهي.
    تعزيي کي پهرين خان محمد نوناريءَ ۽ سندس خاندان رسول بخش نوناري ۽ راڻو خان نوناري جن سينگاريندا هيا. تعزيي جا گُل ۽ ڇَٽيون هي پنهنجن هٿن سان ٺاهيندا هيا. تعزيي جي سجاوٽ جي سامان سهيڙڻ جو ڪم ذوالحج کان ئي شروع ٿي ويندو هيو. ان بعد سيد مريد علي شاهه رضوي، پوءِ سيد شاهد شاهه بخاري (شادن شاهه) ان بعد نسيم شاهه بخاري ۽ هاڻ حبيب الله ٽالپر(عرف مير ڏاڏو) ۽ فيض محمد شيدي (عرف بابل) جن سينگاريندا آهن. تعزيي جي سجاوٽ جو ڪم ستين محرم کان شروع ٿي نائين محرم تي مڪمل ٿيندو آهي. تعزيي جي ڪمري (زيارت گاهه) جي دروازي کي پهرين سَرَنِ جي ٺهيل وڏن ٽُئن سان بند ڪيو ويندو هيو. تعزيو رکڻ ۽ ڪڍڻ مهل اهي لاهي ٻيهر نوان لڳايا ويندا هيا، (سَرَنِ سان ٺهيل) ٽُئن کي لاهڻ ۽ لڳائڻ جي ڊيوٽي عقيدت وچان پهرين زوار محرم ملاح ۽ هاشم ملاح جن ڏيندا هيا ان بعد سندن اولاد حسين بخش ملاح ۽ فيض محمد ملاح (استاد بادل) جن ڪافي عرصي تائين ڏيندا آيا. ڪجھ سالن بعد انهن جي اولاد تنظيم جي تعاون سان هن ڪمري جو لوهي دروازو، هال ۽ ڀتيون تعمير ڪرايون.
    هيءَ زيارت (تعزيو) صرف ڏهين محرم جي رات نڪرندي آهي. زيارت ميرن جي امام بارگاهه ۾ سينگارجڻ کانپوءِ اتان کڄي ڏيڍي وٽ مستورات جي زيارت ۽ عزاداريءَ لاءِ رکي ويندي آهي. تعزيو رکڻ کانپوءِ اتي مستورات جي عزاداري شروع ٿي ويندي آهي. بعد مجلس جلوس کڄندو آهي جنهن سان تعزيو سڄي رات هلندو صبح جو ميرن جي پڙ تي طواف کانپوءِ زيارت گاهه ۾ وڏي حفاظت سان رکيو ويندو آهي. تعزيي جي طواف مهل دهل ۽ شرناءِ تي وڄندڙ ياحسين عه واري طرز مَٽائي ’شادمانو‘ چئن سُرن وارو ’تارُ‘ وڄايو ويندو آهي. قديم زماني ۾ هونءَ ته هي سُرُ خوشيءَ جي موقعي تي وڄايو ويندو هيو. پر هتي هن ’شادمانو‘ وارو ’تارُ‘ غم جي لهر پيدا ڪندو آهي. جنهن جي وڄڻ سان هر مومن جي اک غمِ حسين عه ۾ آلي ٿي پوندي آهي. شادماني بابت سنڌ _ هند جي موسيقيءَ جو پارکو شاعر رمضان واڍو پنهنجي ڪتاب: ’علم موسيقي‘ ۾ هڪ هنڌ هيئن لکي ٿو ته: ”شادمانه سنڌ جي رائج تالن مان هڪ تال آهي.“[229]
    تعزيو صبح جو جيئن ئي امام بارگاهه ۾ داخل ٿيندو آهي ته ان کي زيارت گاهه ۾ رکڻ کان پهرين علمِ عباس (ع) جو طواف ڪرايو ويندو آهي. طواف: تعزيي کي علم پاڪ جي سڄي پاسي کان ست چڪر ڏياري پوءِ زيارت گاهه ۾ رکيو ويندو آهي. طواف مهل جلوس سان جيڪي به ننڍيون شبيهون ۽ تعزيه شامل هن هوندا آهن اهي به وڏي تعزيي سان گڏ طواف ڪندا آهن.
    هي تعزيو وڏو ۽ وزني آهي. جنهن جو وزن تقريبن ٻن ٽنن جي لڳ ڀڳ هئڻ باوجود ڪلهن تي کنيو ويندو آهي. تعزيو کڻندڙن کي ”ڪانڌي“ چئبو آهي. ”ڪانڌي“ شروع کان وٺي هن مهل تائين نسل در نسل انهن ئي خاندانن مان ٿيندا اچن ٿا. جيڪي تعزيي کي ڪُلهو ڏيڻ ۽ ڪانڌي سڏجڻ کي پنهنجي لاءِ مولا حسين (ع) جي طرفان مليل اعزاز سمجھن ٿا. تعزيي کي کڻڻ کان پهرين ان جي ٻنهي پاسن (ٻانهين) کان رسن سان ٻه وڏيون مضبوط ڪاٺيون ٻڌيون وينديون آهن جنهن کي سُرخَ سڏبو آهي.
    تعزيي جا چار ئي پاوا، پاسا مختلف ذاتين جي ماڻهن کي ورهائي ڏنل آهن. جيڪي اڄ تائين ان ئي پاسي تي وڏي عقيدت ۽ احترام سان پنهنجي نوڪري ڏيندا اچن ٿا. جن ۾ اڳين طرف جي ساڄي پايي تي عامُرُ ذات جا ماڻهو ۽ کاٻي پايي تي مري بلوچ، پوئين طرف کان ساڄي پايي تي لُنڊ، شيدي ۽ کاٻي پايي تي شيخ ۽ راهو برادريءَ جا جوان ۽ پوڙها مقرر ٿيل آهن. جيڪي شروع کان پنهنجي ان عبادت تي فرض نماز جيان وقت تي پاڻهي پهچي ويندا آهن.
    هن تعزيي کي ترتيب سان جلوس ۾ کڻي هلڻ، پڙن تي رکڻ ۽ کڻڻ لاءِ هڪ اڳواڻ، سالار مقرر هوندو آهي. جيڪو ڪانڌين کي پنهنجي آواز ۽ هٿن جي اشاري سان هلائيندو آهي، ان جي ڏنل آواز ۽ هٿن جي اشاري سان ئي ڪانڌي هلندا آهن. اهڙي ڊيوٽي پهرين فضل محمد شيخ ان بعد سائين ڏنو شيخ (سائنو) پوءِ حاجي حمزه شيخ ان کانپوءِ سندس فرزند آندل شيخ ان بعد ڪريم بخش ملاح پوءِ سندس فرزند آفتاب ملاح ان بعد منظور ٽالپر ۽ هاڻي حبيب الله ٽالپر( ڏاڏو) ڏيندو آهي.
    ميرن جي هن پڙ تان هڪ قديمي ننڍڙو تعزيو به نڪرندو آهي. جيڪو تقريبن وڏي تعزيي جيترو ئي قديم آهي. جيڪو ٽنڊي ڪرم خان نظاماڻيءَ جي رهواسي احمد بخش ڀٽيءَ پاڻ ٺاهيو هيو. جنهن کي ڏهين محرم جي رات واري جلوس ۾ سهڻي نموني سينگاري جلوس ۾ کڻي ايندو هيو. ان بعد هي تعزيو سانول خان خاصخيليءَ (ذاڪر فضل حسين خاصخيلي _ ڪوڏوءَ جو ڏاڏو هيو) سينگاريو، ان کانپوءِ هي تعزيو ٽنڊي ڪرم خان مان کڻي ميرن جي پڙ تي رکيو ويو جيڪو ڪافي وقت تائين علي بخش شيديءَ (مامو اَلو شيدي) سينگاري ڪڍيو. ان بعد الطاف شيدي (جَجُوشيدي) سينگاريندو هيو، ان کانپوءِ سندس فرزند فيض محمد شيدي (بابل شيدي) سينگاريندو آهي. ان کانپوءِ هڪ ٻيو ننڍڙو تعزيو جيڪو 8 سالن جي ڄمار ۾ رضا حسين ٽالپر، سنه 1965ع ۾ هتان جي ڪاريگرن کان ٺهرايو هو. اهو به وڏي تعزيي جي پويان ميرن جي پڙ تان اڄ تائين نڪرندو اچي ٿو. جنهن کي پهرين فيض ٽالپر، پوءِ امداد ٽالپر ۽ هاڻي سيد زوهيب شاهه سينگاريندو آهي.ان کان علاوه سيج شهزاده قاسم عليه السلام ۽ جھولو شهزاده علي اصغر عليه السلام، زوار مريد حيدر فاضلاڻيءَ جي گھران نڪري هن پڙ تي ايندو آهي. هتان 2015ع کان هڪ ننڍو تعزيو هندو نوجوان راجه ولد ٽيڪچند هندستاني سينگاري ڪڍندو آهي؛ جنهن کي 2016ع ۾ وڏي تعزيي جي نقشي جهڙو ڪري ٺهرايو ويو آهي. جيڪو سڄي رات جلوس جي زينت بڻيل هوندو آهي. ‘ٽنڊي مير مهراب‘ کان لڏي آيل زوار مريد فاضلاڻي جي گھران، ميرن جي پڙ ۽ گھرن ۾ ٿيندڙ مستورات جي مجلسن ۾ ڇهين محرم الحرام ۽ نائين محرم الحرام جي رات سيج شهزاده قاسم (عه) ۽ جھولو شهزاده علي اصغر (عه) برآمد ڪيو ويندو آهي. اُهي ساڳيون زيارتون ڏهين محرم جي جلوس سان به هونديون آهن. ان کان علاوه، شهادت حضرت علي عليه السلام جي موقعي تي 22 رمضان جي ماتمي جلوس ۾ نڪرندڙ شبيهه شيعه جامع مسجد مان بر آمد ٿيندي آهي. اها به زوار مريد فاّضلاڻيءَ پاران تيار ڪئي ويندي آهي. سندس وفات بعد ان سلسلي کي سندس اولاد زوار رياض فاضلاڻي، زوار فياض فاضلاڻي ۽ آفتاب فاضلاڻي جن قائم رکيو اچن ٿا.


    ملاحن جي پِڙَ تان نڪرندڙ، ضريح، تعزيا، جهولو ۽ شبيهن مبارڪ جو جلوس

    انجمن نوجوانانِ شيعه، ٺهڻ کانپوءِ 1963ع ۾ ملاحن جي مستورات فيض محمد (بادل ملاح) ۽ حسين بخش ملاح جي نياڻين شبيهون ٺاهيون؛ جن ۾ سيج شهزاده قاسم (ع)، سيج شهزاده علي اڪبر (ع) ۽ جھولو شهزاده علي اصغر (ع) شامل آهن. جيڪي 10 محرام جي رات پهرين زوار جاڙل ملاح جي گھران ۽ هاڻ امام بارگاهه مان مستورات جي مجلس کانپوءِ، دهل ۽ شرناءِ تي انجمن کان ايندڙ جلوس سان ياحسين ..... !! هائي حسين.....!! جي اُڀَ ڏاريندڙ صدائن سان برآمد ٿينديون آهن. شبيهون کڄڻ مهل مستورات ۾ وڏو گريو زاري ٿيندو آهي اهڙو سلسلو اڄ تائين هلندو اچي ٿو.
    جلوس ۾ شبين جي شروعات 1963ع کان ٿي.2000ع ۾ هن مجلس جو انتظام گھر بجاءِ امام بارگاهه ۾ ڪيو ويو. جتان هاڻ مجلس کانپوءِ شبيهن جو ڀرپور جلوس نڪرندو آهي. هن جلوس ۾ وڏيون ضريح مولا غازي عباس (ع) ڪاظم رضا نانگراج جي گھران بر آمد ٿي جلوس جي صورت ۾ ملاحن جي پڙ تي رکبي آهي ۽ هن پڙ لاءِ اطهر ناهيدُ ملاح پاران جوڙايل مولا حسين (ع) جي ضريح پاڪ به سندس گھران کڻي هتي رکبي آهي. ان کان علاوه ملاحن جي ٻارڙن قنبر ملاح، تقي ملاح، باقر ملاح ۽ عباس ملاح پاران 2014ع ۾ تعمير ڪرايل تعزيو ۽ ٻيا ننڍڙا تعزيا به هتان برآمد ڪيا ويندا آهن. جيڪي شامِ غريبان تائين جلوس جي زينت بڻيل هوندا آهن.


    ملاحن جي پِڙَ تان نڪرندڙ ماتمي جلوسَ

    ملاحن جي پڙ تان معصوم ٻارڙن جا قديمي جلوس ڏهه ئي ڏهاڙا نڪرندا هيا جن جو روٽ امام بارگاهه کان نڪري پوري پاڙي مان گشت ڪري ويڙهي ۾ داخل ٿي هر گھر جي پِڙَ تي مجلس قائم ڪري وري اچي امام بارگاهه ۾ نهر ڪندا آهن. جيڪو سلسلو نسل در نسل اڄ تائين قائم آهي. هاڻ هي جلوس ويڙهي تائين محدود آهن، هنن جلوسن ۾ ننڍڙا تعزيا ۽ علم عباس (عه) به هوندا آهن. محرم ۽ چهلم جي جلوس کان پوءِ، آخري جلوس 8 ربيع الاول تي برآمد ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ محلي جا سڀ ننڍڙاعزادار ۽ مستورات شامل هوندا آهن.
    شهادت حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام جي حوالي سان سيد مجاهد شاهه’ناشاد‘ پاران پهرين مختصر انداز ۾ جلوس سهتن جي امام بارگاهه مان سنه 1988ع کان شروع ڪيو جيڪو اڳتي هلي ملاحن جي امام بارگاهه مان سنه 1990ع کان 2007ع تائين هڪ وڏو ماتمي جلوس جي صورت ۾ برآمد ڪيو ويو. جيڪو 25 هين جي منجھند کان شروع ٿي 26 هين جي صبح 10 وڳي ميرن جي امام بارگاهه ۾ ختم ٿيندو هيو؛ جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جون ماتمي تنظيمون نوحا خواني ڪنديون هيون. هن جلوس ۾ شرڪت لاءِ ملاحن جي پڙ تي 1998ع ۾ قائد ملت علامه سيد ساجد علي نقوي ۽ شهيد علامه حسن علي تُرابي جن اچي چڪا آهن. سنه 2008ع کان هن جلوس جي روٽ کي مختصر ڪري شيخن جي امام بارگاهه کان شروع ڪري ميرن جي امام بارگاهه ۾ ختم ڪيو ويندو آهي.
    شهادت سانئڻ فاطمه ’معصومه قُمُ‘ سلام الله عليها جي سلسلي ۾ 11 ربيع الثاني تي سنه 2013ع کان زوار اختر حسين نوناريءَ پاران هن امام بارگاهه کان هڪ ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويندو آهي جيڪو زوار پيراڻو نوناريءَ جي امام بارگاهه ۾ نَهر ڪندو آهي. جنهن ۾ شهر جون سڀ نوحا خوان پارٽيون نوحا خواني ڪنديون آهن.

    نونارين جي پِڙَ تان نڪرندڙ تعزيو
    زوار پيراڻي جي پڙ تان ڏهين محرم جي رات نڪرندڙ تعزيو، انجمن صغيريت شيعه، جي تعزيي جهڙو آهي. هي قديم تعزيو خان محمد نوناريءَ پنهنجي زندگيءَ ۾ سنه 1910ع ۾ انهن ئي ڪاريگرن کان جوڙايو جن ميرن جو تعزيو ٺاهيو هيو. هن کي پهريان پاڻ پوءِ زوار پيراڻي ان بعد رسول بخش نوناري پوءِ توفيق حسين نوناري ولد رسول بخش نوناري ۽ محبوب حسين نوناري جن سينگاريندا هيا. انهن کانپوءِ غلام سرور نوناري (پپو نوناري)، عارف نوناري، گلزار نوناري (جَگي) ۽ شاهد علي ولد ضمير نوناري جن هن مهل تائين سينگاريندا آهن. هن پڙ تان (مرحوم) توفيق حسين نوناريءَ جي هٿن جو ٺهل وڏو علم حضرت عباس عه نڪرندو آهي، جيڪو هاڻ (مرحوم) الطاف نوناريءَ جو وڏو فرزند دانش نوناري سينگاري جلوس ۾ کڻي هلندو آهي. هي علم عباس (عه) سڄي رات جلوس جي زينت بڻيل هوندو آهي. هن امام بارگاهه ۾ لڳل قديم علم پاڪ ۽ تعزيي جو سڄو خرچ زوار ضمير نوناريءَ پاران ڪيو ويندو آهي. هن پڙ تي ٿيندڙ عشري ۽ تعميرات ۾ به سندس هر حوالي سان حصو شامل هوندو آهي. زوار ضمير نوناري هن پڙ جي بانيڪار گھراڻي جو ذميوار فرد آهي. جيڪو پنهنجن بزرگن جي ورثي کي سنڀاليندو اچي ٿو.
    انجمن نوجوانانِ جو تعزيو
    انجمن نوجوانانِ شيعه، ٺهڻ کانپوءِ ان کي پهريون تعزيو سنه 1963ع ۾ وڏيري محمد بخش ساکاڻي کان مليو، جيڪو ڪجھ سالن کانپوءِ انجمن کان ملاحن جي نوجوانن منظور ملاح، سڪندر ملاح ۽ حاجي نظر ڪلهوڙو ۽ بشير ملاح کي مليو، جنهن کي ڏهين محرم جي رات ملاحن جي پڙ تان سينگاري ڪڍيو. ان کانپوءِ هي تعزيو سن 1973ع کان 2007ع تائين انجمن نوجوانانِ شيعه جي ذيلي تنظيم انجمن صغيريت شيعه، سنڀاليو.
    هي تعزيو ميرن جي تعزيي کانپوءِ، 1864ع ۾ محمد بخش ‘ساکاڻيءَ‘ انهن ئي لکنوءَ جي شيشه گر روهيلا خاندان جي مسترين کان تيار ڪرايو. انجمن نوجوانانِ جو ٻيو تعزيو 1974ع ۾ وڏو ڪري جوڙايو جنهن کي محرابپور جي ڪاريگرن تيار ڪيو. هن تعزيي ۾ ٽي منزلون ۽ هڪ گُنبذ رکيل آهي. جيڪو ڏهين محرم جي رات انجمن جي امام بارگاهه مان ڪڍيو ويندو هيو، 1985ع کانپوءِ سونو خان ساکاڻي جي امام بارگاهه مان سينگاري ڪڍيو ويندو آهي؛ جنهن کي يارهين محرم تي وري انجمن جي امام بارگاهه ۾ آڻي سڄي سال لاءِ رکيو ويندو آهي. هن تعزيي کي جلوس سان هلائڻ جي ذميواري حمزه علي ملاح جي حوالي هئي، سندس سٿ ۾ عابد سومرو، حمزه سهتو( گونگو سهتو) ۽ ٻيا مومن شامل هيا. حمزه ملاح اها ذميواري زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين نڀائي. هاڻي هن تعزيي کي سينگارڻ ۽ جلوس ۾ ڪڍڻ تائين جي ذميواري سونو خان ’ساکاڻي‘ جي اولاد جي هوندي آهي.
    انجمن صغيريت شيعه، جو تعزيو
    هي قديمي تعزيو ميرن جي تعزيي کانپوءِ، 1864ع ۽ ۾ وڏيري محمد بخش ’ساکاڻي‘ بلوچ، هندستان جي انهن ئي’لکنوءَ جي شيشه گر روهيلا خاندان‘ جي ڪاريگرن کان جوڙايو جن ميرن جي پڙ جو تعزيو تيار ڪيو. هنن ڪاريگرن مختلف وقتن ۾ هن ئي شهر ۾ ميرن، وڏيري ۽ نونارين جي پڙ جو تعزيو تيار ڪيو. نونارين ۽ هن تعزيي جي ڊزائين ۾ ٿوري فرق جي باقي نقشو ساڳيو آهي. هي تعزيو نونارين جي پڙ تي رکيل تعزيي کان ڪجھ وڏو ٺهيل هو.
    هي قديمي تعزيو، ملاحن جي نوجوانن کي انجمن نوجوانانِ کان 1973ع ۾ مليو. هن تعزيي کي ملاحن جي نوجوانن منظور ملاح کان محسن ملاح تائين (1973ع کان 2007ع) تائين سينگاريو ۽ سنڀاليو، 2007ع جي ماهه رجب المرجب کان انجمن نوجونانِ شيعه، جي نئين آيل ڪابينا هن قديمي تعزيي کي سنڀالي نه سگھي، جيڪو ’ٽنڊي ڪرم خان نظاماڻيءَ‘ جي هڪ مومن سخاوت مڱڻهار حوالي ڪيو ويو.
    هي تعزيو، وڏيري محمد بخش ’ساکاڻي‘ ٺهرايو هو جيڪو ڪافي سالن تائين سينگارڻ کانپوءِ انجمن نوجوانانِ شيعه، کي ڏنائين. کيس سکر ۾ رهندڙ لکنوءَ جي هڪ بزرگ عزادار کان سانئڻ زهرا سلام الله عليها جي روضه اقدس جي شبيهه جي نقشي تي ڪاٺ ۽ شيشي تي خوبصورت انداز ۾ ٺهيل تعزيو مليو. انجمن نوجوانانِ، ڏهن سالن تائين هي تعزيو سنڀاليو. محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ سينگاري ماتمي جلوسن ۾ ڪڍيو. 1974ع ۾ انجمن نوجوانانِ جو نئون، ٻيون تعزيو ٺهيو ته انهن هي تعزيو ملاحن جي نوجوانن کي ڏنو جن هن کي ٿورو ننڍو ڪرايو. ان بعد جڏهن روشن ملاح، جي ٽهيءَ هي تعزيو سنڀاليو ته انهن به هن جون منزلون ۽ مَنجو ننڍو ڪرائي، پنهنجي حساب سان ڪڍيو. انجمن صغيريت جي ٺهڻ کانپوءِ هي تعزيو انجمن صغيريت شيعه، جي حوالي رهيو. جنهن کي ملاحن جا نوجوان پنجين پشت تائين سينگاريندا ۽ سنڀاليندا آيا. مير ببر علي انيس جي سٽ جيان ته:
    عُمرِ گذري هئي اِسي دشت ڪي سَياحي مين،
    پانچوين پُشت هئي، شبير ڪي مَداحي ميـن!
    (ميرانيس)
    انجمن نوجوانانِ، کانپوءِ هن تعزيي کي منظور ملاح، نظر ڪلهوڙو، سڪندر ملاح ۽ بشير ملاح جن سينگاريندا هيا. اُهي انجمن نوجوانانِ شيعه، ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ، هنن تعزيو محبوب علي نوناري کي ڏنو جنهن کان ڪجھ ڏهاڙن اندر روشن ملاح واپس وٺي آيو. پوءِ روشن ملاح، مجاهد شاهه ترمذي، علي ڏنو ملاح، بخش علي ملاح (امتياز) ۽ افتخار ملاح (زاهد ملاح) جن سينگاري ملاحن جي پڙ تان ڪڍيو، انجمن صغيريت شيعه، جي ٺهڻ کانپوءِ مهر علي ٻرڙو، محمد هاشم خواجه، غلام جعفر تنيو، اشفاق ملاح (آفتاب ملاح) جاويد ملاح، رضا ملاح، عبدالغفار ملاح، نظر ملاح ۽ مسرت ملاح جن سينگاريو، ان بعد ابرار نديم ملاح، مولائي ملاح جن ڪڍيو، ان بعد اطهر ناهيدُ ملاح، عرفان ملاح، واجد ملاح، انيس ملاح، اظهر ملاح، ان ٽهيءَ بعد نذاقت ملاح، عمران ملاح، وسيم ملاح، ارمان ملاح، فهد ملاح، ان بعد ٻه سال سجاد ملاح، نويد سهتو، فراز سهتو،(ڦَلو)، جواد ملاح، سرفراز ملاح، مون ملاح، آخر ۾ محسن ملاح، حسن ملاح (نقاش)، جابر ملاح جن سان هنن معصومن ٻارڙن تقي ملاح، قنبر ملاح، باقر ملاح، زين العابدين ملاح، عباس ملاح، علي حيدر ملاح، حُسين جُونُ ملاح ساڻن (B) ٽيم طور ڪم ڪيو. جن 2007ع تائين هي تعزيو سينگاريو. ان بعد ملاحن جي ٻارڙن جابر ملاح، محسن ملاح، تقي ملاح، قنبر ملاح، باقر ملاح ۽ عباس رضا ملاح جن 2014ع ۾ ننڍڙو تعزيو تعمير ڪرايو جيڪو هن مهل تائين پنهنجي پڙ تان باقاعدي ڪڍندا اچن ٿا.


    جلوس جي زينت بڻيل زيارتون

    انجمن نوجوانانِ شيعه، کي پهرين ضريح مبارڪ حضرت غازي عباس عليه السلام، انجمن جي جنرل سيڪريٽري محمد بخش نانگراج پاران ڪاظم رضا نانگراج جي ڄمڻ جي باسَ پوري ٿيڻ تي پـﻫـرين محرم الحرام سن 1402 هجريءَ ۾ عطيه ڪري ڏني. هن ضريح تي اڳيان هڪ ننڍڙي نالي واري نيري رنگ سان پلاسٽڪ جي تختي لڳل هئي، جنهن تي هي لفظ لکيل هيا ته: ”پهرين محرم، سنه 1402هه، عطيه، منجانب: ڪاظم رضا نانگراج. بارگاهه: حضرت علي اصغر عليه السلام، انجمن نوجوانانِ شيعه محرابپور جنڪشن“. هاڻي هيءَ ضريح محمد بخش نانگراج جي اولاد 2008ع کان پاڻ ئي سينگاريندا ۽ سنڀاليندا آهن.
    ضريح حضرت غازي عباس علمدار عليه السلام، اطهر ناهيدُ ملاح ۽ اياز ملاح پهرين محرم الحرام 2012ع تي جوڙائي. ضريح پاڪ جو ڪم تمام تڪڙو ٿيو، محرابپور جي مستري، ڪاريگرن مُلان محمد جميل مغل ۽ سندس ساٿين هيءَ ضريح هڪ مهيني اندر تيار ڪئي، هن ضريح ۾ مڪمل ڪاٺ لڳل آهي جنهن ۾ گيدوڙو، ديال، ٽالهي ۽ ضرورت آهر شيٽ به استعمال ٿيل آهي. هن ۾’گيدوڙي‘ جي ڪاٺيءَ جو استعمال گھڻو ٿيل آهي، ان وقت ڪاٺ ۽ مزدوريءَ سميت هيءَ ضريح مبارڪ 2 لک رپين ۾ جڙي راس ٿي.
    ضريح پاڪ کي زوار عبداللطيف ملاح جي گھران سينگاري دهل شرناءِ تي روايتي ۽ ثقافتي انداز سان جلوس جي صورت ۾ ملاحن جي امام بارگاهه ۾ آندو ويندو آهي. ضريح مبارڪ جلوس ۾ هلڻ وقت ڪانڌين واري ذميواري نذاقت ملاح، سرفراز ملاح، عبدالرزاق راجپوت ۽ اسد سهتو جي هوندي آهي. هن ضريح پاڪ کي سينگاريندڙن ۾، جابر ملاح، زين العابدين ملاح، باقر ملاح، تقي ملاح، حُسين جونُ ملاح، قنبر ملاح، عباس ملاح، محمد علي ملاح، احمد علي ملاح، شانِ علي ملاح ۽ محسن ملاح شامل آهن.


    باس ۾ ملندڙ ذوالجناح ۽ ان جا خدمتگار

    انجمن نوجوانانِ شيعه، جي ٺهڻ کانپوءِ جيئن ئي ڏينهن جا جلوس نڪتا ته جلوسن ۾ شبيهه ذوالجناح جي ضرورت محسوس ٿي، انجمن کي پهرين ذوالجناح محمد تڳيل ’ساکاڻي‘ بلوچ، ٻين عاشق علي مڱڻهار، ٽين مير حاجي غلام حسين ٽالپر، چوٿين سيد غلام عباس شاهه (لانگڙجي)، پنجين محمد رمضان لُنڊ (سيٺارجا) ۽ هاڻ ڇهين ذوالجناح علي ڏنو ملاح ڏني آهي. هنن مان ڪجھ ذوالجناح انجمن کي (باسن) ۾ مومنن کان مليون. ان کان علاوه سيد امير علي شاهه پاران به شبيهه ذوالجناح ڪڍي ويندي آهي. جلوس ۾ نڪرندڙ سائين امير شاهه جي هيءَ ٻين ذوالجناح آهي.
    علي ڏنو ملاح 21 جنوري 1967ع کان انجمن نوجوانانِ شيعه، جو ميمبر آهي. علي ڏنو ملاح پاران ڏنل ذوالجناح، نذاقت ملاح، فقير عاشق مڱڻهار ۽ عبدالرزاق راجپوت جن 13 _ 6 _ 2016ع، ستين رمضان المبارڪ بروز سومر تي هالا پڙيءَ تان، ٻن سالن جو ڪُميتُ (وڇيرو) وٺي آيا جيڪو انجمن جي ذوالجناح جي خدمتگار فقير عاشق مڱڻهار حوالي ڪيائون. ڪجھ ڏهاڙن ۾ ئي سندس وفات ٿي ته اُهي سڀ ذميواريون سندس اولاد پنهنجي مرضيءَ سان خوش ٿي کنيون آهن.

    ذوالجناح جا خدمتگار
    انجمن نوجوانانِ شيعه، کي ملندڙ ذوالجناح جا خدمتگار انجمن جا ورڪر ۽ شهر جا عزادار ئي رهيا آهن. جن ۾ ٽوهه ماڇي، ڪالڻ شيدي (مامو ڪالو) ڪامريڊ غلام رسول سهتو، بشير ملاح، منظور ملاح، علي مراد ملاح، سڪندر ملاح، حاجي نظر ڪلهوڙو، ساماڻو نانگراج ۽ سندس اولاد اصغر نانگراج، ارشاد نانگراج ۽ پرويز نانگراج ۽ ڪافي عرصي کان وٺي زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين فقير عاشق مڱڻهار رهيو ۽ هاڻ سندس اولاد برڪت مڱڻهار، نويد مڱڻهار ۽ شرافت مڱڻهار جن اها نوڪري ڏئي رهيا آهن. ڪجھ سالن کان نذاقت ملاح به اهڙي نوڪريءَ ۾ شامل رهيو آهي. دوران جلوس ذوالجناح جي واڳ وٺي هلڻ ۾ عاشق مڱڻهار سان گڏ سيد زين العابدين شاهه ڪاظمي، سيد نظير شاهه (لانگڙجي)، باغ مڱڻهار، رضا ملاح، محسن ملاح ۽ فرهاد سهتو جن گڏ هوندا آهن.
    هيءَ تمام فخر لائق ڳالهه آهي ته: ماتمي جلوس ۾ نڪرندڙ حضرت امام حسين عليه السلام جي شبيهه ذوالجناح جي بهتر پالنا، چراگاهه ۽ رهائش لاءِ، مير ڪريم بخش خان ٽالپر پنهنجي 2 ايڪڙ زرعي زمين بنا ڪنهن معاوضي جي انجمن نوجوانانِ شيعه، کي ڏني هئي. جيڪا تقريبن 50 سالن تائين انجمن وٽ رهي جنهن ۾ ذوالجناح لاءِ گاهه پوکيو ويندو هيو ۽ اتي 24 رمضان المبارڪ تي مولا علي عليه السلام جي شهادت جي حوالي سان وڏو جلسو ٿيندو هيو.
    سيد امير علي شاهه ڪاظمي، جي حاويليءَ تان نڪرندڙ ذوالجناح ڏهين محرم الحرام ۽ چهلم امام حسين (ع) جي شهادت جي سلسلي ۾ ميرن، ملاحن ۽ نونارين جي پڙ تي مجلسن ۾ برآمد ٿيڻ کانپوءِ شاهي بازار ۾ ماتمي جلوسن جي زينت بڻيل هوندو آهي. هن جي خدمت سيد علي شاهه ڪاظمي، الطاف نانگراج، ۽ ٻيا عزادار ڪندا آهن. سيد امير علي شاهه پاران جلوس ۾ پهرين ذوالجناح 1990ع ۾ آندي وئي ان جي وفات کانپوءِ هيءَ ٻين ذوالجناح آهي.


    عزاداريءَ جي فروغ لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون

    انجمن نوجوانانِ شيعه رجسٽرڊ 782، رضاڪار انجمن نوجوانانِ، انجمن حيدري، انجمن حسيني، جنم: 1965ع، انجمن سپاهه عباس رجسٽرڊ 1186، انجمن سپاهه عباس علمدار، انجمن صغيريت شيعه، حسيني اسٽوڊنٽ آرگنائيزيشن، جنم: 1980ع، انجمن معصومين شيعه فيڊريشن، جنم: 1974ع، انجمن پاسدار امام علي رضا عه، جنم:سيپٽمبر 1986ع، اماميه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن(يونٽ) محرابپور، جنم1998ع، انجمن عزا خانه زهرا ويلفيئر فائونڊيشن محرابپور، رجسٽرڊ نمبر: 8DO/CDD/NS/o6/9، جنم: تنظيم 1998ع. انجمن محبانِ اهلبيت 2004ع.، انجمن قلندري مداحِ اهلبيت (ٽنڊو ڪرم خان نظاماڻي)، انجمن فروغِ عزاداري مشن يونٽ محرابپور، 2012ع، انجمن منتظر مهدي عليه السلام، انجمن سفينهءِ پنجتني، اصغريه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن، اصغريه آرگنائيزيشن پاڪستان. انجمن مُحِبانِ امام علي رضا عليه السلام، ڳوٺ سيد خدابخش شاهه لانگڙجي، المصطفى اسڪائوٽ، پاڪ حيدري اسڪائوٽ 2012ع، شيعه اسٽوڊنٽس.2008ع ۾ قائم ڪيون ويون. جيڪي شهر جي عزاداريءَ کي فروغ ۽ ماتمدارن جي خدمت ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنديون آهن.
    انجمن نوجوانانِ شيعه جو بنياد
    انجمن نوجوانانِ شيعه، جو بنياد سن 1962ع ۾ ڏهين محرم الحرام کان پوءِ پيو. انجمن پاران 20 صفر المظفر تي چهلم امام حسين (ع) جي موقعي تي پهريون ماتمي جلوس ڊاڪٽر سيد عاشق علي شاهه ترمذيءَ جي اسپتال مان يا حسين (ع) جي بلند صدائن سان مقامي ثقافتي رنگ ۾ دهل، شرناءِ تي ڪڍيو ويو. جيڪو مرڪزي مجلس ڏيڍي مير مولابخش ٽالپر تي ختم ٿيو.
    انجمن جي امام بارگاهه ۾ پهريون علم پاڪ 1963ع ۾ نصب ٿيو؛ ۽ ان ئي سال انجمن ۾ پهريون عشرو محرم به شروع ٿيو. انجمن جي امام بارگاهه لاءِ پلاٽ باقاعدي 1970ع ۾ ايڊووڪيٽ جنرل هاءِ ڪورٽ سنڌ، قاضي اختر علي جن وقف ڪيو. اختر قاضيءَ پلاٽ سان گڏ تعميرات لاءِ ان وقت 800 روپيه روڪ چندو به ڏنو هيو. پوءِ اتي 1971ع ۾ وڏو علم پاڪ نصب ڪيو ويو. جيڪو، سنه 11 جنوري 2007ع _ 20 ذوالحج 1427 هه، تي لهڻ مهل شهيد ٿي پيو. جتي ڏهن ڏهاڙن اندر اسٽيل جو ٽيون علم پاڪ 2007ع ۾ نصب ڪيو ويو جيڪو اڄ تائين بلند ٿيل آهي.
    انجمن نوجوانانِ شيعه، 29 _ 12 _ 1966ع ۾(حيدر آباد رجسٽريشن آفيس مان وڪيل زوار عنايت علي خان بلوچ رجسٽرڊ ڪرائي. جنهن سڀ ضروري ڪاغذ ٽپال رستي موڪليا. جنهن جي ڪاوشن کي وساري نه ٿو سگھجي). رجسٽرڊ ڪرائي وئي ۽ سن 1963ع ۾ انجمن مان ڏهين محرم تي ڏينهن جو پهريون ماتمي جلوس ڪڍيو ويو. ان ئي سال کان ڏينهن جي جلوسن جي شروعات ٿي. هتي شيعه انجمن جو واضع مقصد اِهو آهي ته اهو مرڪزي ادارو جيڪو امام بارگاهن کانسواءِ پاڙي، ڳوٺن ۽ تر جي مخصوص هنڌن تي عزاداري ڀرپور طريقي سان برپا ڪرائي. هيءَ شهر جي عزادارن جي نمائينده مرڪزي تنظيم آهي.
    انجمن جو مرڪزي خيال
    انجمن نوجوانانِ شيعه، جو مرڪزي خيال ڊاڪٽر سيد عاشق علي شاهه ’ترمذي‘ جو هيو، ان خيال کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ هن کي شهر جي سرگرم ۽ بااثر ماڻهن جي ساٿ جي ضرورت هئي، جنهن لاءِ هن شهر جي مقامي ماڻهن مان ملاح برادريءَ جي ٻن سرگرم نوجوانن جي چونڊ ڪئي، جن ۾ 25 سالن جي نوجوان ڪريم بخش ملاح ۽ سندس ڀاءُ عبداللطيف ملاح کي هن پنهنجي اعتماد ۾ ورتو، انهن اهڙو خيال پنهنجي بزرگ زوار خير محمد ملاح (چاچو) اڳيان پيش ڪيو جنهن خوش ٿي کين شهر جي مڙني ماڻهن کان اخلاقي ۽ مالي سهائتا ڏيارڻ جي پڪ ڏني. اهڙي طرح هنن ان خيال کي عام ڪرڻ لاءِ شهر جي سڀني برادرين کي هڪ هنڌ گڏ ڪري سندن اڳيان ’انجمن نوجوانانِ شيعه‘ جو خاڪو پيش ڪيو، جيڪا ڳالهه شهر جي سڀني مومنن کي وڻي جن ملاح ڀائرن کي پنهنجي طرفان مڪمل ساٿ ۽ سهڪار جو يقين ڏياريو. جيڪي اڄ تائين جيئن جو تيئن انجمن نوجوانانِ شيعه، سان اهڙو مالي ۽ اخلاقي ساٿ ۽ سهڪار جاري رکيو اچن ٿيون.
    انجمن نوجوانانِ شيعه، جو باقاعدي بنياد 1962ع ۾ پيو. سيد عاشق علي شاهه ‘ترمذي‘ جي ڏنل هن خاڪي کي تنظيمي شڪل ڏيڻ لاءِ، ملاح ڀائرن تنظيم سازيءَ جو عمل شروع ڪري ڏنو. ڪجھ وقت کانپوءِ هنن شهر جي سڀني مومنين کي پنهنجي بهتر ڪارڪردگيءَ سبب متاثر ڪري ميمبر بڻايو. شهر جي هر برادريءَ مان مذهبي جذبو رکندڙ ماڻهو کڻي انهن کي پنهنجي ذميواري سونپيائون جيڪا اڳتي هلي ان خاندان جي مذهبي، تنظيمي سڃاڻپ بڻجي وئي. ان ذميواريءَ کي سندس خاندان اڄ تائين ان ئي خلوص واري جذبي سان نڀائيندو اچي پيو.
    سڀ کان پهرين انجمن جي مينيجنگ ڪاميٽي تشڪيل ڏني وئي جنهن ۾ 14 ميمبر چونڊيا ويا. جيڪا ٻن سالن سنه 1962ع کان 1963ع تائين ڪم ڪندي رهي. ان بعد سنه 1964ع ۾ انجمن جي مختصر باڊي جوڙي وئي. هن انجمن ۾ شامل شروعاتي ميمبرن جي فهرست ڪجھ هن ريت آهي.
    ميمبران انجمن نوانانِ شيعه
    ”مير مولابخش خان ٽالپر، مير ڪريم بخش خان ٽالپر، مير محمد بخش خان ٽالپر، مير غلام حسين خان ٽالپر، مير ڊاڪٽر احمد بخش خان ٽالپر، مير غلام صادق خان ٽالپر، سيد محمد حسن شاهه، سيد عاشق حسين شاهه، ولي محمد نوناري، محمد رمضان نوناري (پوسٽ مين)، محمد بخش ڇُٽاڻي (ملاح)، رسول بخش ملاح، زنوار صاحب خان ملاح، غلام نبي ملاح، سيد عنايت حسين شاهه، زنوار ڦوٽو نانگراج، ڪوڙو خان سومرو، محمد بچل درزي، عاشق علي فقير، نبي بخش شيدي، لعل بخش شيخ، نواب خان لوهار، عبدالڪريم سومرو، سيد سجاد حسين شاهه، محمد بخش سهته، سيد خالد حسين شاهه، زنوار خير محمد ملاح، حسين بخش ملاح، نذر حسين سهته (جونيئر آڊيٽر)، سيد ڪريم حسين شاهه، ٽوهه ماڇي، زنوار پانڌي نوناري، زنوار امير بخش لوهار، جڙيو شيخ، صوف شيخ، غلام رسول سهته، غلام محمد چنه، سيد اسماعيل شاهه، صوف ملاح، قائم نوناري، الله ڏتو، محمد بخش حجام، حاجي نواب تنيه، شاهه محمد ميمڻ، درگاهي سهته، مولابخش نانگراج، ٽوهه خان شيدي، رسول بخش شيخ، محبوب علي جوکيو، عطا محمد فيض محمد نوناري، مير رسول بخش خان ٽالپر، منظور حسين کهڙو، سيد گلاب شاهه، زنوار ڪوڙو شيخ، زنوار بشير شيخ، ضمير حسين شيخ، محمد پنهل شيخ، مٺل شيخ، غلام حيدر(ساکاڻي) بلوچ، ربن فقير، محمد الياس چنه، محمد الياس قريشي، مختيار حسين قريشي، سيد غلام رسول شاهه، سيد محمود شاهه، سيد توڪل حسين شاهه، محمد اسماعيل نوناري، غلام علي سهته، سيد صغير شاهه، علي نواز، ولي محمد لنڊ، غلام حسين ملاح، علي مراد، سلطان حجام، نواب خان بلوچ، سيٺ الهه رکيو، سيد زمرد شاهه، احمد دين، جن شامل هيا. هنن ميمبرن مان ئي اداري کي هلائڻ لاءِ انجمن جي مينيجنگ ڪاميٽي جوڙي وئي. جن جي فهرست ڪجھ هيٺين ريت آهي.“[230]
    ميمبر مينيجنگ ڪاميٽي انجمن نوجوانانِ شيعه محرابپور جنڪشن
    جناب سيد احمد شاهه، جناب مير امداد علي خان، جناب سيد عاشق علي شاهه، جناب اعجاز احمد هُندَلُ، جناب سيد اسد عباس، جناب محمد بخش نانگراج، جناب انور حسين ملاح، جناب سيد ارشاد حسين، جناب ڪريم بخش ملاح، جناب محمد بخش چنه، جناب غلام جعفر، جناب مير علي بخش ٽالپر، جناب زنوار مهر علي، جناب عبداللطيف ملاح جن شامل هيا.
    سنه 1964ع ۾ جوڙيل انجمن جي پهرين مختصر ڪابينه جنهن ۾ (9) سرپرست کنيا ويا جن ۾ (8) سرپرست مير فيمليءَ مان هيا. هيءَ ڪابينه، 5 جولائي 1964ع تائين قائم رهي.
    انجمن جي پهرين ڪابينا
    انجمن نوجوانانِ شيعه، جي پهرين مختصر ڪابينا جن ۾ (1) غلام عباس ٽالپر (سرپرست) (2) مولابخش ٽالپر،(3) محمد بخش ٽالپر،(4) ڪريم بخش ٽالپر،(5) غلام حسين ٽالپر، (6) غلام صادق ٽالپر، (7) ڊاڪٽر احمد بخش ٽالپر، (8) حيدر بخش ٽالپر ۽ نائون سرپرست سيد احمد شاهه ’صفوي،‘ هيو. علي بخش ٽالپر (جنرل سيڪريٽري)، عبداللطيف ملاح (جائنٽ سيڪريٽري)، ارشاد شاهه (منتظم)، ڊاڪٽر عاشق علي شاهه ’ترمذي‘ (خزانچي) ۽ محمد بخش چنه (مُتولي) طور کنيا ويا.
    هن انجمن جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي امام بارگاهه لاءِ قاضين جو پڙ ملڻ تائين انجمن جو هيڊ ڪواٽر ڊاڪٽر عاشق علي شاهه ’ترمذي،‘ جي اسپتال رهيو، جتان پهريون چهلم جي ڏينهن جو جلوس برآمد ڪيو ويو. انجمن جو اسٽور روم، زوار صاحب ملاح (راقم الحروف جو سَهُرو) جو گھر رهيو، جتي انجمن جو سامان سڄو سال رکيو ويندو هيو. انجمن جو پهريون تعزيو سيد احمد شاهه جي پِڙَ تي رکبو هو، اتان سينگاري جلوس ۾ ڪڍيو ويندو هيو. اهو تعزيو ڪامريڊ غلام رسول سهتو، ڪريم بخش ملاح ۽ عبداللطيف ملاح جن سينگاريندا هيا. گرمين جي موسم ۾ جلوس ۾ سبيل لاءِ اُٺَ گاڏو ۽ انجمن جي وڏي تعزيه کي کڻڻ لاءِ وڏوگاڏو، الهه رکيو مغل ڏيندو آهي. هي سُني مسلڪ جو ماڻهو هئڻ جي باوجود به دل ۾ محبتِ اهلبيت رکندڙ آهي. سندس اولاد رياض مغل 1980ع کان باقاعدي مومن بڻيو. عشقِ حسين(ع) ۾ ڪجھ وقت ذاڪري به ڪيائين. هن خاندان جا مرد، ٻار ۽ عورتون اهلبيت سان وڏي عقيدت رکندڙ آهن. ماتم، مجلس ۽ ننگر نياز ۾ پنهنجو حصو شامل ڪندا رهندا آهن. نائين ۽ ڏهين محرم تي نياز ڪندا آهن.
    هن تنظيم جي کاهوڙي ورڪرن جي محنت سبب، انجمن هڪ سال اندر شهر ۽ آس پاس جي مومنين اڳيان پاڻ مڃائي ورتو. پوءِ هر طرف کان سندس ساراهه ۽ سهڪار ٿيڻ لڳو. اهو ئي سبب هيو جو محترم قاضي اختر علي (ايڊووڪيٽ جنرل هاءِ ڪورٽ سنڌ) انجمن جي اراڪين کي سڏي انجمن جي امام بارگاهه لاءِ 1963ع ۾”قاضين وارو پڙ“ ڏنو، پوءِ ستن سالن اندر 1970ع ۾ امام بارگاهه لاءِ پنهنجو ذاتي پلاٽ ۽ 800 روپيه روڪ تعميرات لاءِ چندو ڏنو. قاضي اختر، انجمن جي اراڪين کي سڏي اهي لفظ چئي پلاٽ وقف ڪري ڏنو ته: ”ابا! زندگيءَ تي ڪو ڀروسو ناهي، انهيءَ ڪري هي وٺو پنهنجو پلاٽ ۽ هي اسانجي پاران نظرانو اسانجي حق ۾ دعا ڪجو.“
    امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه، پهرين ’قاضين جو پڙ‘ سڏبو هيو، هن مختصر پلاٽ ۾ هڪ ننڍڙو، 15 فوٽ جو علم حضرت عباس عه نصب ٿيل هيو جتي 10 محرم الحرام جي رات جلوس ايندو هيو، اتي مومن ويهي مرثيا پڙهندا هيا، نياز تقسيم ٿيڻ کانپوءِ ماتمي جلوس پنهنجي روٽ، ترتيب سان روانو ٿيندو هيو. هي پڙ انجمن نوجوانانِ شيعه، کي ملڻ کانپوءِ هڪ سال اندر هت 25 فوٽ جو وڏو علم حضرت عباس عه بلند ڪيو ويو؛ تعزيي ۽ سامان لاءِ ڪمرو جوڙائي ان ۾ تعزيو ۽ ٻيو سامان رکيو ويو. (هن کان پهرين: تعزيو _ پڙ سيد احمد شاهه ۽ سامان زوار صاحب ملاح جي گھر ۾ رکيو ويندو هيو.) ڪجھ سالن کانپوءِ وڏي تعزيي جي ضرورت محسوس ڪئي وئي. سنه 1974ع ۾ وڏو تعزيو ٺهرايو ويو. جيڪو اڄ تائين امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه، ۾ موجود آهي. 1990ع ۾ هن تعزيه جو ڇهه ڪُنڊو اصلي گنبذ 10 محرام جي صبح تي شيخن جي پڙ وٽ شهيد ٿي پيو، جيڪو اطهر ناهيدُ ملاح چار ڪُنڊو ڪري پنهنجي طرفان تنظيم کي ٺهرائي پيش ڪيو.
    انجمن رجسٽرڊ ٿيڻ جي تاريخ
    انجمن نوجوانانِ شيعه محرابپور رجسٽرڊ نمبر: 782، هيءَ انجمن تاريخ 29 _ 12 _ 1966ع ۾ رجسٽريشن آفيس حيدر آباد ۾ رجسٽرڊ ٿي. آفيس سکر قائم ٿيڻ کانپوءِ سڄو رڪارڊ سکر منتقل ڪيو ويو، پر رجسٽرڊ ٿيڻ وارو حوالو مختصر لفظن ۾ اڄ به حيدرآباد آفيس جي رڪارڊ، فائل نمبر (2) جي سول سوسائٽيءَ واري حصي، فهرست ۾ درج ٿيل آهي. اهڙي ڄاڻ مون 11_ 2 _ 2009ع تي حيدرآباد آفيس پاڻ وڃي ورتي. انجمن جي رجسٽريشن جا مڪمل ڪاغذ ”زوار عنايت علي بلوچ، وڪيل) 10 جنوري 1967ع تي محرابپور موڪليا.
    انجمن حسيني
    هن انجمن جو بنياد ميرن جي پڙ تي مير برادريءَ پاران سنه 1965ع ۾ وڌو ويو. جنهن جو پهريون صدر: مير غلام عابد ٽالپر (مير مولائي) ٿيو. جيڪا ڪجھ وقت هلڻ کان پوءِ ختم ٿي وئي.[231]
    انجمن صغيريت شيعه
    انجمن صغيريت شيعه، جو بنياد سنه 1975ع ملاح محلا ۾ پيو، هيءَ تنظيم ملاح برادريءَ جي معصوم ٻارڙن روشن ملاح، بخش علي (امتياز ملاح) افتخار ملاح (زاهد ملاح) علي ڏنو ملاح، اشفاق ملاح (آفتاب ملاح) جاويد ملاح، اياز ملاح، عبدالغفار ملاح، رضا ملاح، نظر ملاح، مسرت ملاح جن قائم ڪئي. هن انجمن جي نالي جو انتخاب روشن ملاح ڪيو. هن انجمن جو هيڊ ڪواٽر ملاحن جي امام بارگاهه آهي. هن انجمن پاران 19 صفر المظفر جي رات مجلس عزا جو اهتمام ڪيو ويندو آهي. ملاحن جي امام بارگاهه ۽ مسجد ۾ ٿيندڙ مجلس ۽ عزاداريءَ جي پروگرامن جو سڄو انتطام هن وقت تائين هن ئي تنظيم جي اراڪين جي حوالي هوندو آهي. هن تنظيم ۾ ڪم ڪندڙ ملاح برادريءَ جي هيءَ پنجين نسل آهي. جناب سيده! هي سوڳوار اکين جي ڳوڙهن سان نسل در نسل حاضر رهندا.
    عمر گذري هئي، اسي دشت ڪي سَياحي مين،
    پانچـوين پشـت هئي شـبير ڪي مـداحي ميـن !
    (مير انيس)
    انجمن صغيريت شيعه، جي معصوم اراڪين جا جذبا پنهنجن بزرگن جيان هر وقت جوان رهيا. هن تنظيم جي کاهوڙي ورڪرن امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه، ۾ ٿيندڙ عشري محرم الحرام دوران؛ اهڙو مثالي ڪم ڪيو جو عوام اڳيان سندن تنظيم جو تعارف ٿي ويو. هڪ سال اندر تنظيم جي ورڪرن پنهنجين صلاحيتن سان تنظيم کي ايترو فعال ڪيو، جو شهر جي عزادار گھراڻن جا ٻالڪ به هن تنظيم جا ميمبر ۽ عهديدار بڻيا. اهڙي روايت هن تنظيم جي اراڪين ۾ اڄ تائين قائم آهي. اڄ به هن تنظيم ۾ ملاح برادريءَ جي ٻاررڙن کان علاوه ٻين برادرين سهته، نوناري، چنه، منگي ۽ راجپوت جا ابهم ٻالڪ ۽ ٻيا ٻارڙا عهديدار بڻيل آهن.
    هن تنظيم جي فعال ٿيڻ کانپوءِ، انجمن نوجوانانِ شيعه، جي اهم عهديدارن جي اولاد، ڀائرن ۽ عزيزن هن انجمن ۾ اهي ئي عهدا ماڻيا جيڪي سندن بزرگن کي انجمن نوجوانانِ شيعه، ۾ هيا. انجمن صغيريت شيعه، انجمن نوجوانانِ شيعه، جي ذيلي تنظيم طور ڪم ڪندي آئي آهي. انجمن نوجوانانِ کان پوءِ شهر جي هيءَ واحد تنظيم آهي جيڪا پنهنجي جنم کان وٺي هن مهل تائين پنهنجون سرگرميون جاري رکندي اچي پئي.
    انجمن صغيريت شيعه جي پهرين ڪابينا
    سرپرست: بخش علي (امتياز ملاح) نائب سرپرست: افتخار ملاح (زاهد ملاح) صدر: روشن ملاح، نائب صدر: اياز ملاح، جنرل سيڪريٽري: علي ڏنو ملاح، جوائنٽ سيڪريٽري: مسرت ملاح، خزانچي: عبدالغفار ملاح، منتظم: رضا ملاح، اطلاعات سيڪريٽري: اشفاق ملاح (آفتاب ملاح) انچارج تعزيه ڪاميٽي: نظر ملاح، هن تنظيم جي تعزيه ڪاميٽيءَ ۾ ان وقت ڇهن سالن جا ٻارڙا ابرار نديم ملاح ۽ مولائي ملاح جن اچي وڃن ٿا.
    ملاحن جي پڙ تي نائين ذوالحج کان وٺي اٺين ربيع الاول تائين ٿيندڙ مجلسن ۽ ماتم جي پروگرامن جو مڪمل انتظام هن انجمن جي اراڪين حوالي هوندو آهي. هن تنظيم پاران 25 رجب تي شهادت حضرت امام موسى ڪاظم (ع)، يارهين محرم ۽ 19 صفر جي مجلسن ۾ موسم جي مناسبت سان سبيل جو بندو بست ڪيو ويندو آهي. هن تنظيم جي سالياني چونڊ پهرين ذوالحج تي ڪئي ويندي آهي. هن تنظيم ۾ ستن سالن جي ٻارڙن کان وٺي ويهن سالن جا نوجوان شامل آهن. جيڪي وڏي جوش، جذبي سان رات ۽ ڏينهن جو ٿيندڙ عزاداريءَ ۾ پنهنجي حصي ۾ آيل سڀ ذميواريون خوش اصلوبيءَ سان نڀائيندا آهن.
    هنن اراڪين جون مختلف ڪمن لاءِ ٽيمون ٺهيل آهن. علم حضرت عباس عه سينگاري بلند ڪرڻ، نياز پچرائڻ ۽ تقسيم ڪرڻ، پنڊال تيار ڪرڻ، بجلي، سبيل، سيڪيورٽي جو بندوبست ڪرڻ ۽ پڙ تي مقرر ٿيل پوليس فورس سان تعاون ڪرڻ، نائين جي رات هتان نڪرندڙ مستورات جي تاريخي جلوس ۾ سيڪيورٽي جو بهتر بندوبست ڪرڻ وغيره هن تنظيم جي اراڪين جي ذميوارين ۾ شامل هوندو آهي. هن تنظيم جو ننڍو توڙي جوان ورڪر پنهنجو ڪم وڏي شوق سان سرانجام ڏيندو آهي.
    انجمن صغيريت جي موجوده ڪابينا
    سرپرست: وصي حيدر (تقي ملاح) نائب سرپرست: زين العابدين ملاح، صدر: محسن رضا سهتو، نائب صدر: حسن علي سهتو، جنرل سيڪريٽري: عباس رضا ملاح، ڊپٽي سيڪريٽري: شاڪرحسين منگي، خزانچي: باقر عباس ملاح، پريس سيڪريٽري: حُسين جونُ ملاح، منتظم: جَبير حسين سهتو، نائب منتظم: ساجد علي راجپوت، انچارج نياز ڪاميٽي: ميثم رضا (گلڻ) سهتو، سيڪيورٽي انچارج: علي حيدر ملاح، سبيل ڪاميٽي انچارج: حسنين رضا سهتو ۽ سندس ساٿي: ميثم رضا (نظر) سهتو، علي نقي ملاح، ضامن علي ملاح، محمد علي ملاح، احمد علي ملاح، علي اڪبر (مسروني) ملاح، ڪُميل رضا سهتو، علمدار سهتو، جواد علي سهتو، ارسلان سهتو، شعيب علي سهتو، مسلم رضا سهتو، شانِ علي ملاح، قاسم علي ملاح، عَماس علي ملاح، علي اَمان کوسو، رافع اڪبر جاگيراڻي، شَهير علي جاگيراڻي، سيد باقر حسين شاهه، سيد شاڪر حسين شاهه، فراز حسين چنه، فدا حسين شاهاڻي (نوناري) ڪيف علي سهتو، برڪت علي سهتو، ضامن علي سهتو، نئير علي سهتو، مسلم علي سهتو، عزيز علي سهتو، عادل حسين سهتو، حسن رضا سهتو ۽ عصمت رضا سهتو جن شامل آهن.
    پنج رڪني ڪاميٽي، انجمن صغيريت شيعه
    سرفراز علي ملاح، جابر عباس ملاح، حسن علي ملاح (نقاش ملاح)، محسن رضا ملاح ۽ قنبر عباس ملاح شامل آهن.
    انجمن سپاهه عباس رجسٽرڊ نمبر: 1186
    محرابپور ۾ عزاداريءَ جي ابتدا کانپوءِ شهر جي ماتمداري کي فروغ ڏيارڻ ۾ انجمن سپاهه عباس رجسٽرڊ 1186، جو اهم ڪردار پئي رهيو آهي. حلقي جي عزاداريءَ کانپوءِ زنجير زني جو ماتم برپا ڪرڻ ۾ هن ئي تنظيم جون ڪاوشون شامل آهن. هتي زنجير جي ماتم جي ابتدا ”ملڪ بشير احمد اعواڻ“[232] ڇهين ۽ ڏهين محرم تي چاڪين جي پِڙ وٽ زنجير جو ماتم ڪري ڪئي. جنهن کي حلقي واري ترتيب انجمن سپاهه عباس ڏني. هن تنظيم، خيرپور ميرس جي ماتمي انجمن ’لشڪرِ عباس‘ (لقمان)، کي هتي گھرائي انهن کان ڇهين محرم اسٽيشن روڊ تي زنجير جو ماتم شروع ڪرايو. جنهن کانپوءِ هتي حلقي جي صورت ۾ زنجير جو ماتم ٿيڻ لڳو.
    انجمن سپاهه عباس پاران زنجير جي ماتم جي شروعات ڪرڻ کانپوءِ، زنجير زني جي ماتم کي اوج ڏيارڻ ۾ شاهنواز خاصخيلي ۽ هاڻي سندس نوجوانن ظهير عباس، ظفر عباس، نعيم عباس خاصخيلي ۽ عقيل احمد شيدي ۽ اظهر حسين سومرو جو اهم ڪردار رهيو آهي. زنجير جي ماتم کي فروغ ڏيڻ لاءِ شاهنواز خاصخيليءَ سان پهرين مالي سهڪار اطهر ناهيدُ ملاح، عبداللطيف ملاح، سيد شاهد حسين شاهه ترمذي، ان بعد 2011ع تائين مهرعلي ٻرڙو ڪيو. هي سڀ انجمن سپاهه عباس جا ميمبر ۽ ماتمي هيا جن شهر ۾ زنجير زني جي ماتم کي اوج ڏياريو. هن وقت هن شهر ۾ تقريبن ٽن (3) هزارن جي لڳ ڀڳ عزادار زنجير جو ماتم ڪندا آهن.
    محرابپور جي ماتمين لاءِ پهرين شاهنواز خاصخيلي لاهور کان زنجير آڻيندو هيو، جيڪو سلسلو 1990ع واري ڏهاڪي کان شروع ٿي 2011ع تائين جاري رهيو. ان بعد سندس نوجوانن ظهير خاصخيليءَ ۽ سندس ساٿين هتي 2014ع کان زنجير پاڻ تيار ڪئي؛ جنهن جو ڪم محرم الحرام کان چار مهينا پهرين شروع ڪيو ويندو آهي. هنن نوجوانن پهرين سال 2014ع ۾ 3 سئو، 2015ع ۾ چار سئو ۽ 2016ع ۾ پنج سئو زنجير تيار ڪيا جيڪي مومنن ۾ مفت تقسيم ڪندا آهن.
    انجمن سپاهه عباس محرابپور رجسٽرڊ 1186، جو بنياد سنه 1969ع ۾ پيو ۽ رجسٽرڊ سنه 4 _ 12 _ 1972ع ۾ ٿي. هن جو مرڪزي هيڊ ڪواٽر پڙ سيد احمد شاهه رهيو آهي ۽ تاحيات اتي ئي رهڻو آهي اها ڳالهه انجمن جي آئين ۾ شامل ٿيل آهي. هن تنظيم جي پهرين نوحا خوان پارٽي سيد محمد عباس شاهه جي هئي. هن تنظيم جو مقصد عزاداري امام حسين عليه السلام کي فروغ ڏئي ان کي عام ڪرڻ آهي. هن تنظيم اهڙو پيغام شهر کان ٻاهر عزاداري ڪري، ڀَرِ وارن علائقن تائين پهچايو.
    انجمن سپاهه عباس شهر جي واحد تنظيم آهي جيڪا مالي حوالي سان نومبر 2011ع کان خود ڪفيل بڻيل آهي. هن تنظيم کي سيد احمد شاهه جي اولاد سيد اسد شاهه، ڊاڪٽر سيد محمد عباس شاهه، ڊاڪٽر سيد قمر عباس شاهه ۽ سيد ظفر عباس شاهه جن امام بارگاهه انجمن سپاهه عباس ڀرسان ٺهيل دوڪان سول جج نوشهرو فيروز جي ڪورٽ ۾ 16 نومبر 2011ع تي انجمن سپاهه عباس رجسٽرڊ: 1186، کي بخشش ڪري ڏنا. جيڪي 16 نومبر 2011ع کان انجمن سپاهه عباس محرابپور رجسٽرڊ نمبر 1186، جي پراپرٽي بڻيل آهن.
    انجمن معصومين شيعه فيڊريشن
    هن تنظيم جو بنياد توفيق حسين نوناريءَ 2، فيبروري 1974ع ۾ نونارين جي پِڙَ تي رکيو. هن تنظيم جي مُک اڳواڻ توفيق حسين نوناريءَ جي سٿ ۾ بچل حسين نوناري، لياقت حسين نوناري، محبوب نوناري، ڪامريڊ ارشاد علي نوناري، غلام سرور نوناري (پپو)، سومر خان نوناري ۽ زوار نوبت علي خاصخيلي شامل هيا. جن هن تنظيم لاءِ ڪافي سالن تائين ڪم ڪيو. هيءَ تنظيم 1975ع کانپوءِ، توفيق حسين نوناريءَ جي وفات (30 مارچ 1975ع) بعد غير سرگرم ٿي وئي. پر هن تنظيم جي مقصد کي رسول بخش نوناري ۽ ان کانپوءِ ضمير حسين نوناري ۽ سندس اولاد شاهد حسين نوناري زندهه رکيو اچن ٿا. توفيق حسين نوناريءَ جي ٻاريل شمع کي زوار اختر حسين نوناري ۽ سندس ڀائر ڪجھ سالن کان بهتر انداز ۾ قائم رکندا اچن ٿا. هن تنظيم جون سرگرميون نونارين جي پڙ تائين محدود رهيون.
    فروغ عزاداري مشن (يونٽ) محرابپور
    فروغِ عزاداري مشن (يونٽ) محرابپور جو بنياد، سنه 2012ع ۾ پيو. هن جي پهرين باڊي هن ريت آهي. جنهن ۾ سرپرست اعلى: مهر علي ٻرڙو، سرپرست:سيد حسين شاهه، ’سوز‘، صدر: سيد امجد شاهه، نائب صدر: سيد ناظم شاهه، جنرل سيڪريٽري: ثابت علي، فنانس سيڪريٽري: ڀائي رحم علي ٻرڙو، (سندس وفات کانپوءِ اها ذميواري ثابت خاصخيليءَ حوالي آهي.) ماتمي سالار: مختيار سومرو، نائب سالار: حق نواز، منتظم: فيض ٻرڙو، نائب منتظم: سهراب سومراهه، انچارج لنگر ڪاميٽي: استاد حسين بخش خاصخيلي، انچارج اليڪٽرڪ ڪاميٽي: شاهنواز خاصخيلي، حاجي نظر حسين ڪلهوڙو، مختيار نوناري ۽ علي رضا (راجه خاصخيلي) آهن. هن تنظيم جي جنم کان 2016ع تائين ساڳئي باڊي ڪم ڪري رهي آهي.
    انجمن قلندري مداحِ اهلبيت، ٽنڊو ڪرم خان نظاماڻي
    انجمن قلندري مداحِ اهلبيت (ٽنڊو ڪرم خان نظاماڻي) هن انجمن جو مرڪزي خيال فقير خير محمد مڱڻهار ڏنو جنهن کي سڀني عزادارن انجمن جي شڪل ڏني. هن تنظيم جو باقاعدي بنياد 1980ع ۾ پيو. هن تنظيم پاران پنهنجي ڳوٺ ۾ پهرين محرم الحرام کان تيرهين محرم الحرام تائين روزاني رات جو ماتمي جلوس ڪڍو ويو جيڪو اڄ تائين نڪرندو آهي. هن جلوس جو روٽ: هي جلوس امام بارگاهه ۾ شروع ٿي، پِڙُ خاصخيلي، (هي پڙ فقير الهه رکيو خاصخيلي قائم ڪيو)، پڙ شيدي ۽ ميرجت (هي پڙ احمد خان ڀٽيءَ _ ڪنڀر _ قائم ڪيو) کان ٿي واپس امام بارگاهه ۾ نَهَرِ ڪندو آهي. نائين محرم الحرام جي شام چئين وڳي هتان دهل، شرناءِ تي ماتمي جلوس نڪرندو آهي جنهن ۾ زيارت پينگھو شهزاده علي اصغر (ع) شامل هوندو آهي جيڪو ڳوٺ: گاهي راهو (1995ع) کان درگاهه پير انڙ _ فقير الهه رکيو خاصخيلي جي امام بارگاهه ۾ ماتم ڪرڻ کان پوءِ رات جو ڏهين وڳي ڌاري اتان برآمد ٿي واپس امام بارگاهه ۾ ختم ٿيندو آهي.
    هن ڳوٺ ۾ عزاداريءَ جو بنياد احمد خان (ڪنڀر) ڀٽي، علم حضرت عباس عه نصب ڪري ۽ هڪ ننڍڙو تعزيو ٺاهي رکيو. جنهن کي هاڻ شيدي، ميرجت پڙ سڏيو وڃي ٿو، ان پڙ جو بانيڪار احمد خان (ڪنڀر) ڀٽي ان بعد سانول خان خاصخيلي اهو پِڙُ علم پاڪ ۽ تعزيو سنڀاليو. هن پڙ لاءِ احمد خان ڀٽيءَ هڪ ننڍڙو تعزيو ٺهرايو. جيڪو ڏهين محرم جي رات محرابپور، جلوس ۾ کڻي ايندو هيو. اهو تعزيو سندس وفات کانپوءِ ميرن جي پڙ تي رکيو ويو، جنهن کي پهرين سانول خاصخيلي ان بعد علي بخش شيدي (مامو اَلُو)، الطاف حسين شيدي (جَجو شيدي) ۽ هاڻ سندس فرزند فيض محمد (بابل) شيدي سينگاريندو آهي. احمد بخش ڀٽي، محمد موسى ڀٽيءَ جو چاچو ۽ درويش صفت انسان هيو.
    ڏهين محرم جي رات هن ئي امام بارگاهه مان هڪ وڏو ماتمي جلوس بر آمد ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ فقير ملازم مڱڻهار، مير فيض ٽالپر، بشارت مڱڻهار ۽ جڙيل شيدي، نوحا خواني ڪندا آهن، جلوس جو روٽ ساڳيو ئي هوندو آهي. هتي ڏهين محرم جي رات زنجير جو وڏو ماتم ٿيندو آهي. هي جلوس رات جو هڪ وڳي امام بارگاهه ۾ ختم ٿيندو آهي. ڪجھ وقت جي ساهيءَ کانپوءِ هتان تعزين ۽ علم حضرت عباس (ع) سان ثقافتي ۽ روايتي انداز ۾ دهل، شرناءِ تي مرد ۽ مستورات جو هڪ وڏو جلوس نڪرندو آهي محراب پور جي جلوس ۾ شامل ٿيندو آهي.
    هن تنظيم پاران اٺين محرم الحرام تي صبح جو مجلس ۽ عزاداريءَ جو وڏو پروگرام ٿيندو آهي. ان کان علاوه هر معصوم جي والادت تي جشن جو پروگرام پڻ منعقد ڪيو ويندو آهي.
    هن انجمن پاران سنه 1985ع ۾ ضريح اقدس سانئڻ زينب سلام الله عليها ٺهرائي وئي جيڪا صرف ڏهين محرم الحرام جي رات جلوس ۾ نڪرندي آهي. هيءَ ضريح پاڪ مستري غلام حسين شيخ ٻن مهينن ۾ تيار ڪئي.

    انجمن جي پهرين مختصر ڪابينا
    سرپرست: فقير نواز علي مڱڻهار (نازڻ فقير)، صدر: اميد علي خاصخيلي، سالار: غلام عابد سومرو، جنرل سيڪريٽري: فقير خير محمد مڱڻهار جن هيا.

    موجوده ڪابينا (2016ع)
    سرپرست: فقير خير محمد مڱڻهار، صدر: ملازم مڱڻهار، جنرل سيڪريٽري: عشرت سهته، خزانچي: فقير ڪرم مڱڻهار، سالار: فياض مڱڻهار جن آهن.

    انجمن مُحِبانِ امام علي رضا عليه السلام
    انجمن مُحِبانِ امام علي رضا عليه السلام (ڳوٺ سيد خدابخش شاهه)، جو بنياد 2002ع ۾ پيو. تنظيم جي پهرين ڪابينا 2016ع تائين ساڳئي ڪم ڪري رهي آهي. هن تنظيم پاران 9 شوال المڪرم تي هڪ وڏي شب بيداري جو ساليانو پروگرام ڪيو ويندو آهي. جنهن جي شروعات 2002ع کان ٿي.

    پهرين ڪابينا
    زوار سيد غلام عباس شاهه ’نقوي‘ (سرپرست) سيد عابد شاهه’نقوي‘ (صدر) سيد محمد جمن،(جنرل سيڪريٽري) سيد ارشاد شاهه، (خزانچي) سيد طاهر شاهه ’نقوي‘ (سالار ماتمي دسته) آهي. هيءَ ڪابينا 2002ع کان وٺي هن مهل 2016ع تائين ڪم ڪري رهي آهي.

    اصغريه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن (يونٽ) محرابپور
    محرابپور ۾ هن آرگنائيزيشن جو (يونٽ) 1988ع ۾ کليو، هن جو ڪم درس و تدريس جي عمل کي بحال رکڻ، ملت شيعه جي ٻارڙن کي مذهبِ حقه، قرآن جي تعليم ڏيڻ، مدرسن ۽ مسجدن کي آباد رکڻ آهي. محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ برپا ٿيندڙ مجلس ۽ ماتمي جلوسن ۾ سبيل ۽ زخمي ماتمدارن کي ميڊيڪل ڪئمپ تي پڄائڻ ۽ زنجير جي جلوس ۾ رسي هڻڻ ۽ مجلس عزا ۾ بانيان ۽ مقامي انجمن جي انتظاميه سان سهڪاري ڪرڻ آهي. هن تنظيم جي هر پروگرام ۾ سڄو شهر تعاون ڪندو آهي.

    پهرين ڪابينا
    صدر: مير اشتياق حسين، جنرل سيڪريٽري: عابد خواجه، جوائنٽ سيڪريٽري: مير پرويز حسين، فنانس سيڪريٽري: حق نواز خاصخيلي جن رهيا.
    اصغريه اسٽوڊنٽس وقت جي رفتار سان هلندي پنهنجي تنظيمي ترقيءَ جي منزلن کي ڇُهندي پنهنجي مقصد جي نئين منزل ماڻڻ لاءِ پنهنجي ڪُکِ مان اصغريه آرگنائيزيشن پاڪستان کي جنم ڏنو، جنهن جو ’يونٽ‘ محرابپور ۾ سنه 2008ع ۾ قائم ٿيو.

    اصغريه آرگنائيزيشن پاڪستان (يونٽ) محرابپور
    اصغريه آرگنائيزيشن پاڪستان (يونٽ) محرابپور، جو قيام 2008ع کان عمل ۾ اچڻ کانپوءِ پهرين ڪابينا ۾ آيل دوست مڪمل تجربيڪار ۽ جاکوڙي هيا.

    پهرين ڪابينا
    صدر: نظر حسين (نديم سهتو) جنرل سيڪريٽري: عبدالرزاق ڪنڀر، فنانس سيڪريٽري: عاشق سهتو، تعليم ۽ تربيت سيڪريٽري: رضا شيخ (چهواڻ) جن هيا. هن تنظيم جو هن مهل تائين هيڊ ڪواٽر حسيني مسجد، (ملاح محلا) رهيو آهي.

    موجوده ڪابينا 2016ع
    صدر: عابد سمو، نائب صدر: زوار اقبال نوناري، جنرل سيڪريٽري: ڪاظم رضا نانگراج، تعليم و تربيت: پروفيسر ضمير چانڊيو، فنانس سيڪريٽري: رضا شيخ (چهواڻ) پريس ۽ پبليڪيشن: صفدر سهتو، آفيس سيڪريٽري: مظهر شيخ جن شامل آهن. هن تنظيم جو هن مهل تائين هيڊ ڪواٽر حسيني مسجد، (ملاح محلا) آهي.

    ماتمين، مومنن جا محافظ بڻيل رضاڪار
    رضا ڪار انجمن نوجوانانِ شيعه، هن جو خاڪو عبداللطف ملاح ڏنو جنهن جو بنياد 1965ع ۾ رکيو ويو. هن تنظيم جو هيڊ ڪواٽر امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه، رهيو، جنهن جي پهرين باڊي اليڪشن ذريعي چونڊي وئي جنهن ۾ هيٺيان عهديدار شامل آهن. هن تنظيم جون سرگرميون 1970ع تائين جاري رهيون، جنهن کي ٻيهر 2005ع ۾ بخش علي ملاح (امتياز ملاح) فعال بڻايو.

    رضاڪار انجمن نوجوانانِ شيعه، جي پهرين باڊي
    رضاڪار انجمن نوجوانانِ شيعه، جو بنياد 1966ع ۾ رکيو ويو جنهن جي پهرين ڪابينا هن ريت آهي. سرپرست: مير غلام حسين، مير غلام صادق، سيد احمد شاهه صفوي، نائب سرپرست: اعجاز هُندَلُ، (اعجاز تپيدار _ راڻيپور)، صدر: عاشق علي شاهه’ترمذي‘، نائب صدر، سيد اسد عباس صفوي، جنرل سيڪريٽري، ”محمد بخش نانگراج،“[233] جوائنٽ سيڪريٽري، انور ملاح، خزانچي، محمد بخش چنه، سينيئر آڊيٽر، مير محمد بخش ٽالپر، جونيئر آڊيٽر، ماستر مريد حسن خاصخيلي ۽ پروپئگنڊا سيڪريٽري: سيد ارشاد شاهه (شاعر اهلِ بيت) جن شامل هيا.
    سنه 2005ع کان امتياز ملاح جي سٿ ۾ شامل نوجوان. ڪاظم نانگراج، ماجد خاصخيلي، طاهر نانگراج، نويد شيدي (بِرائو) ناظم خواجه، رياض خاصخيلي، بخت علي مڱڻهار، اياز سولنگي (ڊيني) ۽ ٻيا شامل هيا. جن 2007ع تائين ماجد رضا خاصخيليءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ماتمين جي خدمت ۽ حفاظت جو بهترين ڪم ڪيو.
    حسيني اسٽوڊنٽ آرگنائيزيشن
    هتي شاگردن جي هيءَ پهرين مذهبي تنظيم هئي جنهن جو بنياد غلام رضا نانگراج 1980ع ۾ رکيو. هن تنظيم جو هيڊ ڪواٽر وڏيري محمد بخش ساکاڻي جو پڙ رهيو. (آفيس مولابخش نانگراج جي هوٽل مٿان ماڙيءَ تي قائم ڪئي وئي.). هن تنظيم جي قائم ٿيڻ کانپوءِ وڏيري جي پڙ تي (حسيني چوڪ) نالو پيو. هن تنظيم، شهر جي ماتمي جلوسن جي روٽ ۽ امام بارگاهن کي معصوم جي قول لکيل بينرن سان سجايو. ان کان علاوه ماتمي روٽ ۽ امام بارگاهه جي ديوارن تي مذهبي چاڪنگ ڪرڻ، جلوسن ۾ رسي هڻڻ، سبيل پيارڻ ۽ گرزن جي ماتمين لاءِ گرز ٺهرائڻ، زخمي ماتمين کي طبي امداد ڏيارڻ لاءِ اسٽيچر تي کڻي ميڊيڪل ڪئمپ تائين پهچائڻ وغيره جهڙا سڀ ڪم هن تنظيم جي حوالي هيا. جن کي هن تينظيم جي کاهوڙي ورڪرن بهتر نموني نڀايو. هن تنظيم جي اڳواڻ غلام رضا نانگراج جي سٿ ۾ شامل سيد بهار شاهه نقوي، خادم (ڪنڀر) کوکر ۽ ٻارڙن ۾ اخلاق جوکيو، سيد حسنين شاهه، ۽ ٻيا شهر جا ڪيترائي مومن شامل هيا.

    المصطفى اسڪائوٽ
    المصطفى اسڪائوٽ: هن اسڪائوٽ جو خاڪو زوار عبداللطيف ملاح سنه 2004ع ۾ اراڪينِ انجمن نوجوانانِ اڳيان پيش ڪيو، جنهن تي سيد حسنين شاهه زيدي، مولائي ملاح، سليم ملاح، رحم علي ٻرڙو ۽ عون قمر جوکيو غور ويچار ڪرڻ کان پوءِ ان کي 2005ع ۾ عملي شڪل ڏني. هن اسڪائوٽ جي جنم کانپوءِ پهريون پروگرام 24 رمضان 2005ع جي مجلس تي سيڪيورٽيءَ جا انتظام سنڀالڻ هيو جنهن کي بهتر نموني نڀايائون. ان بعد محرم الحرام جي مجلس ۽ ماتمي جلوسن جو مڪمل انتظام هن تنظيم جي حوالي ڪيو ويو.
    هن اسڪائوٽ جي پهرين ڊريس ڪارا ڪپڙا ۽ گلي ۾ ’اڇي رنگ جو اسڪاف‘ هيو، هڪ سال بعد 24 رمضان 2006ع ۾ هنن کي خاڪي رنگ جي ڊريس (پينٽ شرٽ) ملي جيڪا هن مهل تائين آهي. پهرين سال هن جا صرف پنج عهدا رکيا ويا.
    پهرين باڊي 2005ع: چيف ڪنٽرولر: زوار عبداللطيف ملاح، ڪنٽرولر: وسيم ملاح، ڊپٽي ڪنٽرولر: سجاد ملاح،: اسڪائوٽ گروپ ليڊر: غلام حسين فاضلاڻي (افسر فاضلاڻي)، اسڪائوٽ گروپ ليڊر: نذاقت ملاح، اسسٽنٽ گروپ ليڊر: جواد ملاح، ارمان ملاح ۽ ننڍڙن ٻارڙن جو گروپ ليڊر، قنبر ملاح کي مقرر ڪيو ويو. ان کان علاوه جنرل سيڪريٽري: وسيم ملاح، خزانچي: سرمد سهتو کي مقرر ڪيو ويو. 2007ع ۾ نوشهرو فيروز ۾ رجسٽرڊ ڪرايو ويو. رجسٽرڊ نمبر: 1412، هي ادارو هن مهل زوار ڪريم بخش ملاح، زاهد ملاح جي سرپرستيءَ ۽ وسيم ملاح جي قيادت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.

    پاڪ حيدري اسڪائوٽ
    هن تنظيم جو بنياد 2012ع ۾ پيو. هن اسڪائوٽ جي پهرين سال کان وٺي سواءِ هڪ، ٻن عهدن جي باقي ڪابينا 2016ع تائين ساڳئي رهي آهي.
    چيئرمين: مهر علي ٻرڙو، جنرل سيڪريٽري: سيد تصور شاهه، ڪنٽرولر: سيد مصور شاهه، ڊپٽي ڪنٽرولر: عارف سومرو، ڊپٽي فنانس سيڪريٽري: انيس چانڊيو، ڊي. ايس. ايل: اڪبر چنه: اي. ڊي.ايل: سيد مدبر شاهه، يونٽ ليڊر: سيد ثمر شاهه ۽ حيدر شيخ جن شامل آهن.

    شيعه اسٽوڊنٽ
    هن تنظيم جو بنياد ڪريم بخش ملاح 2008ع ۾ رکيو. هن تنظيم جو ڪم ماتم ۽ مجلس ختم ٿيڻ کانپوءِ مومنن ۾ نياز، سبيل تقسيم ڪرڻ کان علاوه بيهوش ۽ زخمي ماتمدارن کي ميڊيڪل ڪئمپ تائين پهچائڻ وغيره آهي. هن تنظيم جي جوڙيل پهرين ڪابينا هن وقت تائين ڪم ڪري رهي آهي.
    سرپرست: مهرعلي ٻرڙو، صدر: زاهد ملاح، نائب صدر، حيدر جوکيو، جنرل سيڪريٽري: قاسم شيخ، جوائنٽ سيڪريٽري، راجا سولنگي، فناس سيڪريٽري: امجد ملاح ، تعليم ۽ تربيت: ڪاظم رضا شيخ ۽ سيڪريٽري پبليڪيشن: سيد سهيل زيدي شامل آهن.

    انجمن منتظر مهدي (ع) جي پهرين ڪابينا
    هيءَ انجمن شيخن جي پڙ تي ٿيندڙ مجلس، ماتم ۽ جشن جي پروگرامن جو انتظام سنڀالڻ لاءِ وجود ۾ آندي وئي، جنهن جي پهرين ڪابينا هن وقت تائين ڪم ڪري رهي آهي. صدر: اعجاز شيخ، نائب صدر: مختيار شيخ، جنرل سيڪريٽري: سليم شيخ، فنانس سيڪريٽري: مجاهد شيخ، جوائنٽ سيڪريٽري: ڪامران شيخ جن آهن. هن تنظيم جو هيڊڪواٽر شيخن وارو امام بارگاهه ئي رهيو آهي.


    باب نائون

    عشرا ۽ ان جا بانيڪار

    عشرا محرم الحرام: هتي پهريون مجلس عشرو ميرن جي پِڙَ تي رات جو شروع ٿيو، جنهن جي شروعات سبحان علي ٽالپر ڪئي. جنهن جو ٽائيم اڄ تائين ساڳيو ئي رات جو 10 کان 12 آهي. ان بعد انجمن نوجوانانِ شيعه، جو عشرو 1963ع کان شروع ٿيو. جنهن جو ٽائيم اڄ تائين ساڳيوئي رات جو 8 کان 9 آهي. نونارين جي پڙ تي عشرو 1988ع ۾ اختر نوناري شروع ڪرايو جنهن جو پهرين ٽائيم شام: 5 کان 6 ۽ هاڻ شام 7 کان رات 8 بجه آهي. جيڪو اڄ تائين هلندو اچي ٿو. فروغِ عزاداري مشن (يونٽ) محرابپور پاران (24 رمضان واري مير ڪريم بخش جي پلاٽ تي) سن 2012ع ۾ عشرو شروع ٿيو جنهن جو ٽائيم شام: 7 بجي کان رات 8 بجه رکيل آهي. رفيق سهتو پاران پنهنجي گھر اڳيان هن سال 2016ع کان عشرو محرم الحرام شروع ڪيو ويو، جنهن جو ٽائيم شام 5 بجه کان 6 بجه آهي. رفيق سهتو ۽ نديم سهتو پاران هن سال کان شروع ڪيل عشري جو سڄو انتظام انجمن صغيريت شيعه جي حوالي رهيو.
    عشرو فاطميه: هن عشري جي شروعات مولانا امداد حسين شجاعي سنه 2000ع کان ڪئي. جيڪو سيده فاطمه زهرا سلام الله عليها جي نالي سان منسوب آهي. سانئڻ جي شهادت جي سلسلي ۾ هن عشري جي شروعات جماد الاول جي 13 تاريخ کان ڪئي ويندي آهي. جنهنجي مُڪاڻي مجلس 23 جماد الثاني تي ٿيندي آهي. هن عشري جون 10 مجلسون شهر جي مختلف امام بارگاهن ۽ گھرن ۾ ٿينديون آهن. 2016ع کان هن عشري جون مجلسون 13 هن جمادالاول کان شروع ٿي 13هين جماد الثانيءَ تائين جاري رهيون. جن ۾ شهر جا ڪيترائي مومن حصو ورتو. هنن مجلسن کي خطاب ڪرڻ لاءِ شهر کان علاوه ٻاهران مقرر گھرايا ويندا آهن. بعد مجلس نوحا خواني تي عزاداري ڪئي ويندي آهي. جنهن ۾ شهر کان علاوه استاد ڪمن حاجاڻو ۽ ٻين کي نوحي خوانيءَ لاءِ گھرايو ويندو آهي.

    مَجلَسِ حُسين عه جي ابتدا
    سنڌي لفظ مَجلِس، عربي جَلَسَ _ جي معنى آهي هو ويٺو. ’جامع سنڌي لغات‘ موجب ”مجلس: (جَلَسَ _ هو ويٺو) ويهڻ جي جاءِ _ بيٺڪ، ماڻهن جي گڏ ٿيڻ جو هنڌ _ بزم _ سڀا _ انجمن _ سوسائٽي _ سماج _ اجلاس _ ڪونسل _ ڪانفرنس _ جلسو _ منڊلي _ جماعت _ ڪچهري _ ڪاچهري _ ريهاڻ _ رَس _ محفل _ ٽولي _ سڳر _ ساٿ _ مجموعو _ ميڙ _ دعوت _ کانو _ جُڃُ _ جھَڳلُ _ ضيافت _ (پرمانند). مَجَلِسِ ڪرڻ: ميڙ ڪرڻ _ جماعت ڪرڻ _ سَڀا ڪرڻ _ ملاقات ڪرڻ _ جلسو ڪرڻ _ اجلاس ڪرڻ وغيره.“[234] مجلس بابت سيد عبدالحسين موسوي پنهنجي عزاداريءَ جي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: ”مجلس _ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنى ويهڻ جي جاءِ، هڪ هنڌ ويٺل ماڻهو، محفل ۽ ميڙ آهي، ليڪن شيعا اصطلاح ۾ عام ڪري ۽ سنڌ جي ماتمي ثقافت ۾ خاص ڪري لفظ ”مجلس“ غم حسين عه جي معنى ۾ مروج آهي. ٻين لفظن ۾ ويٺل ماڻهن جو اهڙو مِيڙُ جنهن ۾ سوز خواني، مرثيا خواني، روضه خواني ۽ ذاڪري ٿئي. ازانسواءِ اها تقرير جنهن ۾ اهلبيت جو شان، مان ۽ ارمان بيان ڪيو وڃي. ليڪن شرط اهو آهي ته مجلس آخر ۾ گريي ۽ بُڪا تي اختتام پذير ٿئي. ان جي مقابلي ۾ خوشيءَ جي اجتماع لاءِ ”محفل“ جو لفظ مستعمل آهي.“[235]
    مجلس ۽ ماتم جي باقاعدي ابتدا زندانِ شام کان سنه 62 هجري ۾ ٿي. ان بعد 20 صفر ڪربلا ۾ چهلم امام حسين عه ڪرڻ لاءِ شام کان آيل قافلي، قبرِ حسين عه ترسي، تي ٽن ڏهاڙن تائين جاري رکي دنيا کي ان جو پيغام ڏنو. جيڪو سلسلو اڄ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڏي جوش جذبي، احترام ۽ عقيدت سان جاري آهي.
    سيده زينب (س) مجلس ۽ ماتم جو زندانِ شام ۾ باقاعدي بنياد رکي، ڪربلا جي زمين تان ان جو دنيا کي پيغام ڏئي مديني پهتي. سوڳوار سادات سان جڏهن مديني جا ماڻهو (مرد ۽ عورتون) تعزيت لاءِ ايندا هيا ته، مرد ۽ مستورات ۾ ڪربلا جي قتل جي ڪهاڻي شروع ٿيڻ سان گريوزاري شروع ٿي ويندو هيو. آلِ نبي ﷺ جي نيڻن مان نيرَ هلاندا هيا. اها ئي مجلسِ حسين عه هئي جنهن جو پهريون ذاڪر مولاسجاد عه ۽ پهرين ذاڪرا سانئڻ زينب (س) بڻي. جن تعزيت لاءِ ايندڙ مدينه جي ماڻهن کي واقعي ڪربلا جي ڪوس جو ذڪر ڪري مجلس برپا ڪئي. سادات جي ٻيهر قيد ٿيڻ تائين مديني جو محلا بني هاشم عزاخانو رهيو. جتي روزانو ايندڙ عزادارن مستورات ۾ پهرين سيدا زينب (س) پوءِ سيده سانئڻ امه ڪلثو صه مَرثيو پڙهندي هئي.
    واقعي ڪربلا بعد وطن مدينه ورڻ کانپوءِ چاليهن ڏهاڙن تائين، سادات جي گھرن ۾ دونهون نه دکيو، چلهه نه ٻري. سادات جو اهڙو حال ڏسي تعزيت لاءِ ايندڙ هر مستور هوش ۾ نه هوندي هئي. مرد توڙي عورتن ۾ ذڪر حسين عه، جي صورت ۾ مجلس برپا ٿيل هوندي هئي. مردن ۾ مولاسجاد عه ۽ مستورات ۾ سانئڻ زينب (س) ذڪر حسين عه بيان ڪندي هئي ۽ بعد مجلس مرثيو سانئڻ امه ڪلثوم (س) پڙهندي هئي. جنهن جو اثر شهر مدينه کان پوري عرب تائين پهتو. اها ڳالهه اموين کي ناگوار گذري، لڳي. انهن سادات جي گھرن مان مجلس عزا ۽ ماتمداري بند ڪرائڻ لاءِ ٻيو ڪوبه چارو نه ڏسي، بنا ڪنهن جرم جي کين ٻيهر زندانِ شام جو قيدي بڻايو.
    ’فاتح شام‘سيده زينب (س) جڏهن ٻيهر محبتِ حسين عه ۾ مديني کان شام جي زندان جي قيدياڻي بڻجي ته، ڪربلا، ڪوفه، شام دمشق ۽ جتي جتي به سندس قدم آيا اتي ذڪرِحسين عه کي جاري رکي مجلس ۽ ماتم جي صورت ۾ حُسينيت جو پيغام پکيڙيائين. زندانِ شام ۾’فاتح شام‘ جيترو به وقت زنده رهي، مجلس عزا، ذڪرِ حسين عه جاري رکيائين. دشمنِ اسلام ذڪرِ حسين عه کي جيترو به روڪڻ جي ڪوشش ڪئي هي ذڪر اوترو ئي تيزيءَ سان پکڙجڻ لڳو.
    سنڌ ۾ ٿيندڙ ذڪرِ شبير عه ۾ سانئڻ زينب (س) جي مدينه کان ڪربلا، ڪوفي، دمشق جي بازار ۽ شام جي شهر تائين، ڪيل تبليغ جو اثر آهي. اُموين ۽ عباسين پنهنجي دورِ حڪومت ۾ ذڪر حسين عه تي پابندي مڙهڻ جي جيتري ڪوشش ڪئي هي ذڪر اوترو ئي گَهِرو ٿي عام ٿيڻ لڳو. ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ مذهبي امور جي تعصبي وزير مولانا محمد هاشم ٺٽويءَ سنڌ ۾ ماتمداري، تعزيه داري بند ڪرائڻ لاءِ سرڪاري حڪم نامو جاري ڪيو. جنهنجي سنڌ جي سرتاج شاعر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ٻه قدم اڳتي وڌي عوامي سطح تي مخالفت ڪري نافذ ٿيڻ نه ڏنو. انهن ڏهاڙن ۾ ڀِٽَ جي بارگاهه عزاداريءَ جو کُليل مرڪز رهيو. ڀٽ ڌڻيءَ سُرُ ڪيڏارو، سهڻي، سسئي آبري ۽ سُرُ حُسيني لکي سنڌ ۾ مجلس عزا ۽ ماتمداريءَ کي ايترو عام ڪيو جو هي سلسلو ملتان تائين پهتو.
    سنڌ ۾ برهمڻ جي حڪومت ۾ سادات ۽ ذڪر حسين عه جو احترام رهيو. جنهن ڪري واقعي ڪربلا پکڙيو ۽ ذڪر حسين عه کي اسرڻ جو موقعو مليو. ان بعد سمن، سومرن، مغلن ۽ ڪلهوڙن کانپوءِ ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ ذڪر حسين عه بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رهيو. هونءَ ته هند، سنڌ ۾ تعزيه مغلن بادشاهه، تيمور لنگ ۽ پرچمِ عباس عه ڪلهوڙن جي دور ۾ عام ٿيا. درگاهه شهباز قلندر رحه تي پهريون وڏو علم حضرت عباس عه ڪلهوڙن جي دورِ حڪومت ۾ نصب ٿيو.( سمن ۽ سمورن جي دور ۾ به مٽيءَ جا ننڍڙا تعزيه ۽ علم ماتمي جلوسن ۾ نڪرندا هيا جيڪي شامِ غريبان کانپوءِ درياهه حوالي ڪندا هيا.)، ٽالپرن ذڪر حسين عه، عزاداريءَ کي عام ڪرڻ لاءِ ذاتي خرچ سان عزاخانه، تعزيه ۽ علم حضرت عباس عه نصب ڪري سنڌ ۾ ذڪرِ اهلبيت کي هٿي وٺرائي عام ڪيو. حيدر آباد ۾ مير فتح علي حيدرآباد قلعي اندر امام بارگاهه تعمير ڪرائي ۽ مير نصير خان قلعي اندر پهريون علم عباس عه نصب ڪيو. اتر سنڌ ۾ مير سُهراب خان کانپوءِ مير رستم خان ۽ مير علي مراد خان ان بعد محرابپور ۾ مير باغ علي ذڪرِ حسين عه کي عام ڪيو. جتان ساهتيءَ اثر ورتو جيڪو سلسلو هن وقت پنهنجي اوج کي رسي چڪو آهي.
    سنڌ ۾ ذڪر حسين عه کي عام ڪرڻ لاءِ پهرين مجلس مير فتح علي جي ايام ڪاريءَ ۾ شروع ٿي. جنهن کانپوءِ سنڌ ۾ مجلس جو سفر شروع ٿي اتر سنڌ، خيرپور کانپوءِ محرابپور پهتو محرابپور مان سنڌ جي وچولي، ساهتيءَ اثر ورتو. محرابپور ۾ مجلس جي شروعات هڪ صدي کان اڳ جي ڏسجي ٿي. جنهن جي مڪمل عشري جي شروعات ڪجھ سالن بعد ٿي. هتي ٻيو عشرو 63/ 1962ع شروع ٿيو. ان بعد 1990ع ۾ واڌارو آيو. 2012ع کان هي سلسلو اوج ماڻي چڪو آهي. مومنن لاءِ مجلس حُسين عه اهڙي عبادت آهي. جنهن لاءِ ڪنهن شاعر هيئن چيو آهي ته:
    صُحبتَ سُپيرين جي، اي پڻ وڏي حاج،
    قـضا ڪـج نمـاز، وقـت ورائـڻ ويـجھـڙو.

    قديمي مجلس عزا
    محرابپور ۾ عشرو محرم الحرام کان علاوه، آڳاٽي دور کان وٺي هن مهل 2016ع تائين ٿيندڙ، قديمي مجلسن جي تاريخ ۽ ترتيب ڪجھ هن ريت آهي. مير غلام حسين ’المشهدي‘ جي گھر ۾ ٿيندڙ مجلسون: پنجين محرم الحرام جي رات، 28 صفر (هن مجلس تي مومنن لاءِ نياز ۾ ’ست رشي‘ ست طعام تيار ڪيا ويندا آهن.) ڇهين محرم، 10 محرم ۽ 20 صفر (چهلم) تي خون جي ماتمدارن لاءِ کير ۽ شربت جي سبيل جو انتظام ڪيو ويندو آهي. مستورات جون مجلسون 3 جمادالثاني، 21 رمضان، 9 ذوالحج، ۽ 19 صفر منعقد ڪيون وينديون آهن. 24 رمضان جي مجلس سبحان علي ٽالپر کان پوءِ پاڻ شروع ڪيائين جيڪا 1981ع تائين جاري رهي ان بعد 1982ع کان 7 شعبان جي مجلس شروع ڪيائين جيڪا منعقد ڪيل ٻين مجلسن جيان هن مهل تائين جاري آهي.
    ڇهين محرم جي رات مجلس پهرين مير غلام عباس جي گھر ۾ ٿيندي هئي ان کانپوءِ مير غلام نبي ٽالپر پاران امام بارگاهه ۾ ڪئي وئي. ڇهين محرم ڏينهن جو ’پپر _ وڻ‘ وٽ ٿيندڙ مجلس پهرين سبحان علي ٽالپر پوءِ غلام صادق ٽالپر ان بعد غلام عابد ٽالپر (مولائي سائين)، زوار نوبت علي خاصخيلي ۽ صحبت علي خاصخيلي ان بعد سيد امير شاهه ڪاظمي برپا ڪئي. جيڪا اڄ تائين ٿيندي اچي ٿي.
    ارڙهين محرم الحرام تي مير مولابخش ٽالپر پنهنجي گھر ۾ مجلس عزا جو اهتمام ڪندو هيو. ستين محرم: هيءَ قديمي مجلس پهرين خان محمد نوناريءَ (نوناري محله) پنهنجي گھر ۾ شروع ڪئي ان بعد رسول بخش نوناريءَ گھر ۾ ڪئي. 1970ع کان هيءَ مجلس ٻاهر امام بارگاهه ۾ ٿيڻ لڳي، اٺين محرم جي رات محمد تڳيل ۽ شمس الدين ساکاڻي بلوچ، گھر ۾ شروع ڪئي. ان بعد مختيار چانڊيو، ماجد چانڊيو ۽ عمران علي چانڊيو جن ڪندا اچن ٿا. اٺين محرم الحرام وڏيرو ٻِيلو خان عامُرُ (ڳهيري)، يارهين محرم الحرام ڏينهن ڳوٺ چاڪر خان مري (ڪوٽڙي محمد ڪبير) نائين محرم الحرام جي رات پڙ سيد احمد شاهه صفوي، (1950)، ٻارهين محرم الحرام جي رات ملاحن جي پڙ تي لال بخش ملاح، 10 محرم جي رات شيخن جي پڙ تي بانيڪار خميسو خان شيخ، پنجين محرم گھر ڊاڪٽر عاشق علي شاهه ’ترمذي‘، جي گھر ٿيندي آهي.

    1970ع واري ڏهاڪي کان شروع ٿيندڙ مجلسون
    ٻارهين محرم الحرام جي ڏينهن ڳوٺ واحد بخش نانگراج ۾ محمد ڇٽل نانگراج ۽ سندس عزيزن غلام حسين، محمد جمن، محمد سليمان، ذوالفقار علي ۽ غلام سرور نانگراج، وڏيرو لال ڏنو، نظر حسين نانگراج ۽ 21 صفر تي چهلم امام حسين عه جي مجلس محمد بخش نانگراج، ان بعد ساماڻو خان نانگراج کانپوءِ پرويز علي نانگراج منعقد ڪندو آهي. ٽين محرم الحرام (گھر) ماستر دلاور حسين ٻرڙو 1972ع ۾ ٿي. هيءَ مجلس ماستر دلاور حسين ٻرڙو جي نوڪريءَ جي باس هئي، جيڪا پهرين ٽنڊو ’ميرعلي مردان‘ ۾ ٿيندي هئي. 80 واري ڏهاڪي ۾ هتي لڏي اچڻ کانپوءِ 2007ع تائين سندس گھر ۾ ٿي.2008ع کان چئن سالن تائين امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ ۾ ٿي، ان بعد 2012ع کان وري گھر ۾ صرف مستورات لاءِ منعقد ڪئي وئي جنهن کي 2016ع کان فيض علي ٻرڙي وري پُراڻي انداز ۾ شام جو 4 بجي کان شروع ڪيو آهي.
    نائين محرم الحرام (منجھند) محمد بخش نانگراج، 1980ع، اٺين محرم ڏينهن امام بارگاهه انجمن قلندري (ٽنڊو ڪرم خان نظاماڻي) ۽ نائين محرم الحرام سيد غلام عباس شاهه (ڳوٺ سيد خدابخش شاهه)، چوٿين ربيع الاول ڪوٽو ڪنڀر (عزادار حسيني، هيءَ مجلس 1980ع کان شروع ٿي) هي مجلسون شروع کان وٺي هن مهل تائين ان ئي ترتيب سان پنهنجي مقرر وقت تي شروع ۽ ختم ٿين ٿيون. 7 شعبان. مير غلام حسين جي مجلس سنه 1982ع کان شروع ٿي. ڏهين صفر جي رات مير زاهد حسين جي گھر مجلس عزا ٿيندي آهي. ڏهين سفر تي امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ ۾ قلندربخش سومرو (گگا سومرو) پاران مجلس منعقد ڪئي ويندي آهي.


    مجلس جي زينت بڻجندڙ جھونا عزادار

    محرابپور ۾ مجلسن جي زينت بڻجندڙ بزرگ عزادارن جي گريوزاري ڪرڻ سان، پاسي ۾ ويٺل نوجوان عزادار به اوڇنگارون ڏئي روئي پوندا هئا. جن ۾ زوار پيراڻو نوناري، زوار نوبت علي خاصخيلي، زوار ميرغلام حسين ٽالپر ’المشهدي،‘ زوار محرم علي ملاح، زوار صاحب خان ملاح، زوار مريد حسين فاضلاڻي، مامو وليو خاصخيلي، ڪوڙو خان شيدي، .محمد جمن سومرو (جمعو ڊکڻ) سونو خان چانڊيو بلوچ ۽ سَمو خان لنڊ ۽ ٻيا عزادار فرش عزا وڇائجڻ کان وٺي آخري مقرر تائين مجلس عزا جي زينت بڻيل هوندا هيا. جن جي عزاداراڻي ڪردار کي ڪڏهن به وساري نه سگھجي.


    عورتن جي عزاداري

    عشرا محرم الحرام: مستورات
    محرابپور جي تاريخ ۾ پهريو ڀيرو مستورات جو مڪمل عشرو محرم ۽ چهلم امام حسين عليه السلام جو بنياد سنه 2009ع ۾ زوار عبداللطيف ملاح رکيو؛ جنهن جي ابتدا چهلم 2008ع ۾ ملاحن جي امام بارگاهه کان ٿي. جنهن جو ٽائم رات 9 کان 10 بجه رکيو ويو. ان بعد ضَريحِ اقدس سانئڻ زينب سَلامُ الله عليها تي عشرو محرم الحرام ۽ چهلم امام حسين عليه السلام 2010ع کان (زوجه) مير حسن رضا شروع ڪيو. جنهن جو ٽائيم رات جو 8 بجه مقرر ڪيو. (2015ع کان سيد محمود شاهه جن به ان ثواب ۾ شامل ٿيا.) هي ٻئي عشرا هن مهل تائين پنهنجي وقت تي ٿيندا اچن ٿا. ان کان علاوه 2015ع کان جمله مومنين مستورات پاران سانئڻ فاطمه (س) جي مناسبت سان ’عشرو فاطميه‘ شروع ڪيو ويو آهي. هن عشري جون مجلسون 27هين جمادالاول کان شروع ٿي ڇهين جمادالثاني تي ختم ٿينديون آهن. جيڪي مختلف مستورات پاران گھرن ۽ سانئڻ زينب (س) جي ضريح اقدس تي منعقد ڪيون وينديون آهن. جنهن کي سکر، روهڙي ۽ حيدرآباد جون ذاڪرياڻيون خطاب ڪنديون آهن. بعد مجلس عزاداري پڻ ڪئي ويندي آهي. جنهن ۾ سيد، ملاح، مير، شيدي، خاصخيلي ۽ ٻين مومنين جون مستورات نوحا خواني ڪنديون آهن.

    اوسارن تي ٿيندڙ عزاداري
    اوسارو: سنڌي ٻولي جو لفظ آهي، جنهن جي معنى ماتم آهي. ’جامع سنڌي لغت‘ موجب: ”اوسارڻ _ پٽڻ، اُسارو _ پِٽِڪو، اوسارو.“[236] اوساري بابت مخدوم طالب المولى پنهنجي ڪتاب: ’لغات سنڌي مخفّفات‘ ۾ لفظ اوسارو، ضميري پڇاڙين سان ڏيکاريندي لکي ٿو ته: ”اوسارين _ ماتم ڪن. اوساريوم _ حسين عه جي غم ۾ مون اوساريو. اوسارجئين _ تون به حسين عه جي غم ۾ اوسارجان.“[237] نصير مرزا جو چوڻ آهي ته: ”اوساري کي نوحو سمجھو.“ الطاف جوکيو شاهه جي سُرَ ’ڪيڏاري‘ ۾ پنهنجي مقالي ۾ لکي ٿو ته: ”مرثيه صنف به ٿوري گھڻي فرق سان مذڪوره صنفن سان نسبت رکي ٿي ۽ ”رثه“ ڌاتو مان ورتل آهي. معنى اٿس: ڪنهن دل واري جي مرڻ يا مارجي وڃڻ تي روڄ راڙو ڪرڻ _ پار ڪڍڻ _ زاريون چوڻ _ اوسارا چوڻ.“ [238]اوسارو مرثيي جو نعم البدل آهي جيڪو نج سنڌ جي صنف آهي. جنهن جي معنى پيارن جي ڏکن ۽ مصيبت کي ياد ڪري ان تي اکين مان نيرَ وهائڻ آهي. جيڪو صرف سنڌ ۾ مستورات جي مجلسن ۾ پڙهيو ويندو آهي.
    اوساري بابت انجينئر سيد عبدالحسين موسوي جو ڏاڏو، نامور اديب، شاعر، مرثيا نگار سيد عبدالحسين موسوي پنهنجي ڪتاب ”سرهاڻ“ ۾ لکي ٿو ته: ”لفظ ”اوسارا“ سنسڪرت ۾ اساريه لفظ جي معنى آهي ڳوڙها ڳاڙڻ هي به مرثيي جو هڪ قسم آهي جو فقط زالون چونديون آهن.“[239] اوسارو ڍنڍ _ ڍَڍَ، تي چيو ويندو آهي. روهڙيءَ ۾ اوسارا پخوات تي چيا ويندا آهن. جنهن بابت انجينئر سيد عبدالحسين موسوي پنهنجي ڪتاب ’روهڙيءَ جون ساڍيون ٽي سورائتيون صديون‘ ۾ لکي ٿو ته: ”ڪربلا جي قضيي جي حوالي سان ضاعفن جون جيڪي مجالس عزا ٿينديون هيون انهن ۾ اوسارا چيا ويندا هئا. اهي اوسارا پَخُواتَ تي چيا ويندا هئا.“[240]
    جيئن مجلس جي ابتدا ۾ مرثيو پڙهيو ويندو آهي. ائين ئي مستورات ۾ عزاداريءَ جي شروعات اوساري سان ڪئي ويندي آهي. جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. اوسارو صرف سنڌ ۾ ئي پڙهيو ۽ لکيو ويندو آهي. سيد محمد علي شاهه جوهر کانپوءِ عورتن ۾ ادي زيب نظاماڻي، ادي مهر النساءَ لاڙڪ (مرحومه) ۽ ٻين شاعرائن اوساري جي صنف تي طبع آزمائي ڪئي. اوسارو مرثيي جي صنف آهي. ورهاڱي کان اڳ ذاڪرن جو رواج ڪو نه هيو جنهن ڪري مردن ۾ مرثين ۽ عورتن ۾ اوسارن تي زور هوندو هيو. لاڙ ۾ اڄ به مرثيو انهيءَ ئي اوج سان چيو وڃي ٿو. اتر سنڌ خيرپور ۽ محرابپور ۾ اوسارو اڄ به اوج تي رسيل آهي. جدت سان اوساري ۾ اضافو آيو آهي. نوحن جيان اوسارن تي به ڌنون رکبيون آهن. نوحن تي هر راڳ مان ۽ اوساري تي صرف ”سنڌي راڳ“[241] مان رکيون وينديون آهن.
    هن شهر جي قديم پاڙن ۾ محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ مردن جيان مستورات ۾ به عزاداريءَ جو سلسلو نائين ذوالحج کان شروع ٿي اٺين ربيع الاول تي ختم ٿيندو آهي. جنهن ۾ پهرين محرم کان تيرهين محرم تائين اضافو اچي ويندو آهي. جيڪو چهلم امام حسين عه تائين تسلسل سان جاري رهندو آهي. پهرين محرم الحرام کان چهلم امام حسين عليه السلام تائين روزانو ڏهه کان ٻارنهن ماتم ۽ مجلسن جا اهتمام ٿيندا آهن. هتي ڪافي سالن کان ايامِ عزا دوران عشرا محرم الحرام ۽ عزاداريءَ جي ٻين ڏهاڙن تي مجلس پڙهڻ لاءِ ٻاهران حيدرآباد، سکر، روهڙي، ڪوٽڏيجي ۽ پنجاب کان خطابت لاءِ ذاڪرياڻيون ۽ اوساريندڙ عزادار مومنائون دعوت ڏئي گھرايون وينديون آهن.
    مستورات ۾ مجلس شروع ڪرڻ کان پهرين ڍنڍ، ڍَڍَ تي اوسارا چيا ويندا آهن، جيڪي سڄي ماحول کي ڏکارو ڪري ڇڏيندا آهن. هر اک غمِ حسين (ع) ۾ آلي ٿي پوندي آهي. انهن اوسارن ۾ غمِ حسين (ع) جو اهڙو ته درد ڀريل هوندو آهي جو ٻُڌڻ سان ئي هر مستور جي اکين اڳيان واقعي ڪربلا جا سڀ درديلا منظر هلڻ لڳندا آهن. جنهن جو اثر دل تي ڪافي دير تائين رهندو آهي جيڪو اوسارا بند ٿيڻ کانپوءِ به مستورات جي اکين مان لڙڪن جي برسات ۾ محسوس ٿيندو آهي. عزادار ۽ تڏيدار گھراڻي جو فرد هئڻ ناتي، اهي سڀ منظر ننڍ پڻ کان اکين ۾ سمايل آهن.
    هتي عورتن ۾ اوسارن تي ٿيندڙ عزاداريءَ جي بانيڪار ”(زوجه) مير غلام عباس (داڻا واهڻ وارو ديرو) هئي.“[242] جنهن پهرين محرم الحرام تي پنهنجي گھر ۾ پاڙي جون مومنائون گڏ ڪري پاڻ اوسارا چيا ۽ چورايا، ان بعد ماستر دلاور ٻرڙو جي امڙ، جنهن کي ٽنڊي ’مير علي مردان‘ مان خاص گھرايو ويندو هيو. جنهن هتي آباد ٿيڻ بعد مقامي مستورات کي غسل، ڪفن ڏيڻ جي تربيت ڏني. پاڻ نمازي عزادار هئي. مولانا عطاءُ حسين بلاغيءَ جي امڙ ۽ نذاقت فاضلاڻيءَ جي امڙ جن ڪافي عرصي تائين اوسارا چيا. انهن کانپوءِ رنگ علي سومري جي زوجه ۽ غلام حيدر خاصخيليءَ جي زوجه، (مولوي وسيم جي امڙ) هن مهل تائين ان سلسلي کي جاري رکيو اچن پيون. هتي چيا ويندڙ اوسارا اڪثر سنڌي ٻوليءَ ۾ سيد محمد علي شاهه ’جوهر،‘ ۽ ٻين شاعرن جا لکيل آهن. فيض حسين ٽالپر (مير بگھڙ) جي امڙ سانئڻ به اوسارا لکيا. جن جو تعداد مختصر آهي. جنهن کي محرابپور جي پهرين مذهبي شاعره جو اعزاز حاصل آهي.
    هتي مستورات جي عزاداريءَ کي اوج ڏياريندڙن مومنائن ۾ ذاڪرا (زوجه) زوارخان محمد لاکو (مامو خان حجم) ۽ زوجه هُمايون قريشي اچي وڃن ٿيون. هنن مومنائن جو شهر ۾ مستورات جي عزاداريءَ ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي. جن بنا ڪنهن معاوضي جي مجلس پڙهي مستورات جي عزاداريءَ کي اوج ڏياريو. هنن مومنائن نه رڳو مجلسون پڙهيون پر، پنهنجن گھرن ۾ به فرشِ عزا وڇايا.
    ان بعد دختر سيد علي گوهر شاهه’زيدي‘، دختر سيد محمود شاهه ۽ دختر، مولانا امداد ’شجاعي، جن. هنن بزرگ ذاڪرائن جي ٻاريل شمع کي روشن رکنديون اچن پيون. هنن بزرگ ذاڪرائن عزاداريءَ کي فروغ ڏيارڻ لاءِ ذڪرِ حسين عه جو ڪڏهن به معاوضو نه ورتو. مستورات جي عزاداريءَ ۾ هنن بزرگ عزادار، ذاڪرائن جو وڏو حصو شامل آهي. جنهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگھجي. هنن جي بنيادي ڪردار سبب ئي اڄ جي عزاداري اڳ جي عزاداريءَ کان اوج تي پهتل آهي.
    اوساريندڙ عزادار گھراڻا
    ساکاڻين، ميرن ۽ ملاحن جي محلي ۾ قديم زماني کان محرم الحرام جو چنڊ بيهڻ سان ئي غمِ حسين عليه السلام جو تڏو، فرشِ عزا وڇائجي ويندو جتي عزاداري شروع ٿي ويندي آهي. رات جو محلي جون سڀ عورتون گڏ ٿي مظلوم ڪربلا جي غمَ کي تازو ڪرڻ لاءِ، ڏکاري آواز ۾ جڏهن ڪربلا جي شهيدن کي اوسارينديون آهن ته لڙڪ اکين مان ڪونجن جي قطارن جيان هلڻ لڳندا آهن. جيئن سُر حُسيني ۾ شاهه چيو ته:
    ”ٻِيُون هُونِهِين هَٿَ هَڻَنِ، رُوندِيُون رُئَڻَ وارِيُون.“[243]
    (شاهه)
    *
    ڪـرب وَ بَـلا جـي قـِيسَ تي ڪائنات پئي روئي،
    هَئه هَئه ڪريو حُسين عه لَئه هر ذات پئي روئـي.
    (’سينگار‘ علي سليم)
    ميرن ۾ پهريون ڀيرو مير غلام عباس ٽالپر جي گھر، اوسارن تي عزاداري ٿي. جتي پهرين محرم جو چنڊ بيهڻ سان ئي پاڙي جون سڀ عزادار عورتون مِڙي وينديون هيون. جيڪي گڏجي اوسارن تي عزاداري ڪنديون هيون. جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آهي.
    جيڪو سلسلو سالن کان جاري آهي. اوسارن تي ٿيندڙ عزاداريءَ کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪجھ وقت کانپوءِ’ٽنڊي علي مردان‘ مان ماستر دلاو ٻرڙو جي امڙ کي اوسارن چوڻ لاءِ گھرايو ويو، جيڪو سلسلو ڪافي عرصو جاري رهيو. جڏهن ٽنڊو ڦِٽو ته ماستر دلاور ٻرڙو جي امڙ پٽ سميت محرابپور لڏي آئي. ماستر دلاور کي عنايت ٻرڙو، 19 _ 10 _ 1969ع ۾ ٽنڊي ۾ ڄائو، جنهن جي ڪجھ سالن بعد هو هتي لڏي آيا.
    سالن کان اوسارن تي عزاداري جو هي سلسلو، پهرين محرم الحرام کان شروع ٿي تيرهين محرم الحرام تائين جاري رهندو آهي. ان کان علاوه ڇهين محرم، ڏهين محرم ۽ چهلم جي ڏينهن مستورات جي عزاداريءَ جو وڏو اهتمام ٿيندو آهي. جنهن ۾ اوسارا سالن کان چيا ويندا آهن.

    منهنجا غازي علمدار، هلين ها ڀيڻ سان گڏ شام،
    ڇڏيم وطن ويرڻ آسري، کڻي سورن جو سامان،
    مـونـکـي اڪـيـلـو ڇـڏيئـي، رهـيـن حُسينـڻ سـاڻ،
    منهنجا غازي علمدار، هلين ها ڀيڻ سان گڏ شام.
    منهنجي سڪينه (ص) کـي پاڻـي، پياريـن هـا پاڻ،
    منهنجا غازي علمدار، .....................
    نه هيـون سِـرَنِ تي ردائـون، هـٿ ٻڌل رسـن سـاڻ،
    منهنجا غازي علمدار، ..................
    ڪَـيَسِ ڪنـڊن زخـمي پيـر، جُـڙيـل زنجيـرن سـاڻ،
    منهنجا غازي علمدار، .............
    اٿم درد سڪينه (ص) جو، بڻيس قبر ڪَلهي شام،
    منهنجا غازي علمدار، هلين ها ڀيڻ سان گڏ شـام.
    ***
    ڏاڍا اوکـا لٿـا هـا، سـانـئـيڻ سـڪيـنه (ص) دا بابا هـا،
    غازي عباسن دي بازو ڪٽي، شاهه ڏيک ڪـي رونـدا رهيا هـا،
    ڏاڍا اوکا لٿا ها، سانئيڻ سڪينه (صه) دا بابا ها.
    علي اڪبر (عه) ڪـون بـرڇي لڳـي، شـاهه اُٺهنـدا ٻَهندا آيـا هـا،
    ڏاڍا اوکا لٿا ها، ..................
    علي قاسم (عه) دي سَهري لُٽي، شاهه چُڻُ چُڻُ ڪي چيندا رهيا ها،
    ڏاڍا اوکا لٿا ها، ...............
    علي اصغر (عه) ڪون تيـر لڳا، شاهه ڳل ڪـون چُـميندا رهيـا هـا،
    ڏاڍا اوکا لٿا ها، ............
    شـاهه حُسينڻ ڪـون خـنـجـر لڳــا، سانـئيڻ سـر تـي قــرآن چـايـا هـا،
    ڏاڍا اوکـا لٿـا هـا، سـانـئـيـڻ سـڪيـنه (ص) دا بابا هـا.
    (مريد لنڊُ)
    ملاحن جي حاويليءَ ۾ بخش علي ملاح جي گھر ۾ عزاداري ٿيندي هئي، جنهن ۾ (راقم الحرف، جي امڙ، پُڦي، ڏاڏي، ۽ ماسيءَ) کان علاوه زوجه راڻو ملاح ۽ دختر بخش علي ملاح جن اوسارا چونديون هيون. جنهن ۾ پاڙي جون مستور گڏجي عزاداري ڪنديون هيون. هي سلسلو ڪيترائي سال جاري رهيو. 1975ع کانپوءِ اوسارن جي جاءِ نوحا خوانيءَ ورتي. جنهن ۾ (راقم الحروف) جي ڀينرن نوحا خواني شروع ڪئي. جنهن ۾ سيد محمد علي شاهه ’جوهر‘ ۽ پنجاب جي شاعرن جا لکيل نوحا پڙهيا ويا. ڪجھ سالن بعد ان ئي ويڙهي ۾ هڪ ٻئي نوحا خوان پارٽي تيار ٿي جنهن ۾ دختر ڪريم بخش ملاح ۽ دختر ۽ زوجه غلام حسين ملاح به ڪجھ وقت تائين نوحا خواني ڪئي. ملاحن جي حاويلي ۾ هي سلسلو تسلسل سان اڄ تائين جاري آهي.
    سنه 2000ع ۾ زوجه سڪندر ملاح (پهريون ديرو)، اوسارن تي عزاداري ڪرائي ان جي ٻيهر شروعات ڪئي. جيڪو سلسلو 2015ع کان باقاعدي جاري آهي. ملاحن جي حاويليءَ ۾ پڙهيا ويندڙ اوسارا عورتن کي اڄ به ياد آهن؛ جيڪي ٻارن کي لولي ڏيندي ٻڌائينديون آهن. قنبر ملاح ماءُ پنهنجي نغموني آواز ۾ هائي حسين عه يا حسين عه جي وائي ڪري، سيني تي هٿ هڻي مونکي هي اوسارا ٻڌايا، جيڪي ٻالڪ پڻ ۾ پنهنجي پُڦيءَ کان ٻُڌا هئائين.
    کـولـي ڏس خـط پـڙهـي، سانـئڻ صـغـرا بابـي ڏي لـکيـو،
    بابو سائين ناهي گھر ۾، منهنجي گذري هڪڙي گھڙي نه ٿي.
    ***
    هائي ڏسو قاسم جو ڏاجو، هائي ڏسو سورهيه جو ڏاجو،
    حسينـڻ شـيــر شـهيـد ٿــيــو، حـسينـڻ شـيــر شـهيـد ٿــيــو،
    هائي ڏسو قاسم جو ڏاجو، هائي ڏسو سورهيه جو ڏاجو.
    ***
    قاسم بنا تنهنجون روئن ٿيـون پُـڦِـيون، شهـزاده بـنا،
    قاسم بنا تنهنجي روئي ٿي جيجل امان، شهزاده بنا،
    روئــن ٿــيــون تــنهـنـجـــون ڀـينـرون، او شـهـزاده بـنـا.
    ***
    هائي لڏي هليو سردار، علي عباس هيس ساڻ، علمدار،
    هائي لڏي هليو سردار، بيبي زينب هيس ساڻ، علمدار.
    وڏيرو محمد بخش ساکاڻيءَ جي گھر ۾ پهرين محرم کان شروع ٿيل، اوسارن تي عزاداريءَ جو هي سلسلو تيرهين محرم تائين جاري رهندو آهي. اڄ به سندس گھر ۾ ڪيترن ئي سالن کان پڙهيا ويندڙ اوسارا سانڍيل آهن. جيڪي ايامِ عزا جي ڏهاڙن ۾ ان ئي انداز سان پڙهيا ويندا آهن. جن جي پڙهڻ سان، ٻڌندڙ عزادار مومنائن جي اکين مان لڙڪ، سانوڻ جي مينهن جيان قطارون ڪري وسي پوندا آهن. هن گھراڻي ۾ اوسارن تي عزاداريءَ جو هي سلسلو سالن کان قائم آهي. محرابپور ۾ مستورات جي عزاداريءَ بابت ڪا حتمي ڳالهه نه ٿي ڪري سگھجي ته ڪنهن ۽ ڪهڙي سن ۾ شروع ڪئي. هتي مير رحيم بخش ٽالپر جي ڀيڻ ۽ زوجه مير غلام عباس جو به حوالو ملي ٿو. ٻروچن جي پاڙي ۾ مستورات جي عزاداريءَ بابت، وڏيري ڌڻي بخش ساکاڻي (ٻيو) جي وڏي ڀيڻ جنهن جو هتان خيرپور پرڻو ٿيل آهي. جنهن جي هن وقت عمر 90 سالن جي لڳ ڀڳ ٿيندي، تنهن پنهنجي ڏڪندڙ آواز ۾ ٻڌايو ته: ”ابا! مون اوسارا ننڍپڻ ۾ پنهنجي ڏاڏيءَ، زوجه ڌڻي بخش ساکاڻي بلوچ (اول)، کان ٻڌا هيا. پوءِ اسان به اهي اوسارا چيا.“ ساکاڻين جي ويڙهي ۾ اوسارن تي ٿيندڙ مستورات جي عزاداريءَ جي پاڙي ۽ شهر ۾ پکيڙ نه ٿي. مير غلام عباس جي گھر ۾ ٿيندڙ مستورات جي عزاداريءَ جي پکيڙ پاڙي کان شهر ۽ آس پاس تائين ٿي.

    مستورات جون قديمي مجلسون
    هتي مردن جيان عورتن ۾ به عزاداريءَ جو سلسلو قديم دور کان قائم آهي. هتي محرم جي ڏهاڙن ۾ مختلف گھرن ۾ ٿيندڙ مجلس عزا جي ترتيب ڪجھ هن ريت آهي. جن ۾ هاڻي ڪافي اضافو اچي ويو آهي. پر، گھرن ۾ ٿيندڙ انهن قديمي مجلسن جو وقت ۽ انداز اڄ به ساڳيو آهي.
    مير مولابخش جي خاندان ۾ مستورات جي ٿيندڙ قديمي مجلس عزا جو سلسلو هن مهل تائين ان ئي ترتيب سان جاري آهي. جنهن ۾ پهرين محرم الحرام ديرو (گھر) مير حَسن بخش (مير شمن)، ٽين محرم، ديرو مير امير بخش، (مير مِينو) چوٿين محرم ديرو، مير علي نواز (ميرنازڻ) اٺين محرم ديرو، مير نبي بخش (ميرمٺل) نائين محرم مير منير حسين(گھر)، هي سڀ مجلسون پنهنجي مقرر قديمي وقت تي شام جو پنجين بجي کان شروع ٿينديون آهن. جنهن جي شروعات اڄ به پهرين اوسارا سان ٿيندي آهي ان کانپوءِ مجلس ان بعد نوحا خوانيءَ تي اختتام ڪيو ويندو آهي.
    مير نبي بخش(مير مٺل) پاران پهرين محرم الحرام کان ستين محرم الحرام تائين معصوم ٻارڙن لاءِ نياز ڪيو ويندو آهي. اٺين محرم ’جھنڊن‘ جي رات چانهه جي سبيل 9 ۽ 10 محرم جي رات مخصوص نياز (دال چانور) عام مومنين ۽ مستورات ۾ تقسيم ڪيو ويندو آهي. مير مٺل جي وفات کانپوءِ اُهي سڀ نياز سندس زوجه محترمه پاران انهيءَ ئي ترتيب سان ڪيا وڃن ٿا.


    ايامِ عزا دوران سرڪاري ادارن ۽ سياسي تنظيمن جو ڪردار

    محرم الحرام جي ڏهاڙن کان علاوه ٻين ڏهاڙن تي نڪرندڙ ماتمي جلوسن ۽ امام بارگاهن، پڙن تي ٿيندڙ مجلسن ۽ عزاداريءَ جي پروگرامن دوران پيش ايندڙ ضرورتن ۾ هتان جا سرڪاري ادارا انجمنن ۽ عام مومنين سان بهتر ۽ وس کان وڌيڪ تعاون ڪندا آهن. جن ۾ ٽائون ڪاميٽي، واپڊا (آپريشن)، گرڊ اسٽيشن، پوليس، ٽيلي فون ۽ صحت کاتو اچي وڃن ٿا.

    ٽائون ڪاميٽي محرابپور
    هن اداري جي ورڪرن جو شهر جي صفائي ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. هن اداري جا ورڪر ايامِ عزا جي ڏهاڙن ۾ صبح شام صفائيءَ جو بهتر نظام رکندا آهن. هن اداري جي قيام کان وٺي هن مهل تائين صفائيءَ واري عملي عزادارن سان پاڻ ملهايو آهي. اهڙن کاهوڙي ورڪرن کي جس ڏيڻ کان رهي نه ٿو سگھجي.
    ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ هتي صفائيءَ جو انتظام بهتر رکندڙ، کاهوڙي ورڪرن جي هڪ ڊگھي لسٽ آهي. جنهن جي شروعات سُکرام کان ٿئي ٿي. هن فهرست ۾ جمعدار سُکرام هندستاني ۽ سندس مڪمل فيملي، چندڪي هندستاني ۽ سندس مڪمل فيملي، بشير احمد شيخ ۽ سندس مڪمل فيملي، غلام شبير شيخ ۽ سندس مڪمل فيملي ۽ جمعدار اختر حسين شيخ ۽ سندس مڪمل فيملي ۽ ٻيا ورڪر شامل آهن؛ جيڪي هن مهل تائين شهر ۾ نڪرندڙ ماتمي جلوسن جي روٽن جي صفائي بنا ڪنهن چوڻ جي پنهنجي عبادت سمجھي ڪندا آهن. سُکرام هندستانيءَ کان وٺي نوجوان اختر حسين شيخ تائين هنن ماڻهن جو عزاداري امام حسين (عه) ۾ پنهنجي حصي جو هڪ ڪردار رهيو آهي. ماتمدارن لاءِ روٽ صاف ڪندڙن ۾ ڪيترائي عزادار ۽ مظلوم ڪربلا جا عقيدتمند هندو توڙي مسلمان شامل رهيا آهن جن جو ڪردار محرابپور جي عزاداريءَ جو حصو بڻيل آهي. جن جا ڪجھ نالا هن ريت آهن.
    بشير احمد شيخ، شبير احمد شيخ، اياز احمد شيخ، مجاهد حسين شيخ، لعل بخش شيخ، مينهون خان شيخ، امير بخش شيخ ۽ هندن مان: ٽيڪچند بالميڪي هندستاني، پريم چند هندستاني، پريم بنگالي، شريف هندستاني، سُڃيرو هندستاني، سُکرام هندستاني، بابولال هندستاني، بينو هندستاني، سلطان هندستاني، چندڪي هندستاني، اعتباري هندستاني، جاويد هندستاني، جاويد ولد پريم بنگالي، راجه ولد ٽيڪچند هندستاني. هنن ماڻهن ماتمدارن جي خدمت ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪيو آهي. جيڪو سلسلو سالن کان اڄ تائين جاري آهي. هي ماڻهو ماتمدارن جي خدمت ڪنهنجي حڪم تي نه پر، امام حسين عه جي عشق ۾ پنهنجي عبادت سمجھي ڪندا آهن.
    واپڊا: هن کاتي جا آفيسر ۽ ٻيو اسٽاف پهرين محرم کان 8 ربيع الاول تائين شهر ۾ ٿيندڙ مجلسن ۽ ماتمي جلوسن دوران هر حالت ۾ بجليءَ کي بحال رکندا آهن ۽ دوران پروگرام هر اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ موجود هوندا آهن. 10 محرم الحرام جي رات واري جلوس ۾ واپڊا جو مڪمل عملو هر اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار هوندو آهي ۽ سڄي رات جلوس سان هوندو آهي. روٽ ۾ جيڪي به هيٺ لڙڪيل بجليءَ جون تارون تعزين جي گذرڻ ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻجنديون آهن، انهن کي ڪٽي روٽ صاف ڪندا هلندا آهن؛ ته جيئن جلوس پنهنجي انداز سان جاري رهي. ان کان علاوه عزاداريءَ جي ڏهاڙن ۾ ڪنهن وقت به بجليءَ جو مسئلو پيدا ٿي پوندو آهي ته واپڊا جو عملو بروقت پهچي مسئلو حل ڪندو آهي. واپڊا جي سڄي عملي جو عزادارن سان ساٿ ۽ سهڪار جو اهڙو سلسلو سالن کان جاري پئي رهيو آهي، جيڪو ساراهه جوڳو عمل آهي.
    هن اداري جي فرض شناس، موجوده ورڪرن جي سٿ ۾ ملڪ محمد يامين، ديدار علي نوناري، گل فراز نوناري، رياض حسين راڄپر، عابد علي سيال، فقير عرض محمد هيسباڻي، ملڪ محمد علي هيسباڻي، ديوان لڇمڻ داس لوهاڻو ۽ ٻيا شامل هوندا آهن. هن موڙ تي اسان واپڊا جي رٽائرڊ ۽ وڇڙي ويل دوست ميووه خان نوناريءَ (مرحوم)، اسانجي شهر جي بزرگ شخصيت ملڪ غلام نبي عرف ( چاچو ڀوت)، ملڪ نواب خان، غلام سرور نوناري، فتاح رند (هالاڻي) غلام نبي ميمڻ (هالاڻي) جن جي خدمتن کي به وساري نه ٿا سگھئون. جيڪي گرمي هجي يا سردي، مينهن هجي يا واچ ۽ جَھڪ ۽ جھولي ۾ ماتمدارن جي خدمت ۾ پيش پيش رهيا.
    پوليس: هن اداري جو شهر ۾ ماهه محرم الحرام دوران امن و امان جي مسئلي کي برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار پئي رهيو آهي. هن اداري جا ذميوار آفيسر ۽ سپاهه، ذوالحج جي آخري ڏهاڙن ۾ شهر جي شيعه قوم جي نمائينده تنظيم انجمن نوجوانانِ شيعه، جي اهم عهديدارن سان ميٽنگ ڪري، شهر ۾ پوليس عملي جون انهيءَ ترتيب سان ڊيوٽيون لڳائيندا آهن. شهر ۾ ٿيندڙ عشرا، مجلسن ۽ ماتمي جلوسن جو شيڊول کين پهرين محرم الحرام کان اڳ ئي پهچي ويندو آهي. پهرين محرم کان ئي هن اداري جو سپاهه پنهنجين مقرر ڊيوٽين تي وقت سِر پهچي ويندو آهي. هي ادارو ايامِ عزا دوران مومنين سان هر وقت رابطي ۾ رهندو آهي. ماتمي جلوس نڪرڻ کان ڪجھ وقت اڳ ئي پنهنجا سيڪيورٽيءَ جا انتظام سنڀالي وٺندو آهي. جلوسن دوران ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي، حادثي کي منهن ڏيڻ لاءِ هن اداري جا تربيت يافته جوان هر حوالي سان تيار بيٺل هوندا آهن. ماتمين جو تحفظ ۽ امن و امان جي مسئلي کي بحال رکڻ لاءِ ٻاهران نفري پڻ گھرائي ويندي آهي جنهن جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست مرڪزي تنظيم انجمن نوجانانِ شيعه ڪندي آهي.
    پوليس انتظاميه سان مومنين، شهر جي عام ماڻهن، ٻين مسلڪ ۽ مذهب جي ماڻهن جو پڻ سٺو تعاون رهندو آهي. پوليس انتظاميه کي بهتر مشوره ڏيڻ ۽ شهر جي پر امن ۽ مذهبي مِٺاس واري ماحول کان واقف رکڻ ۾ مقامي پوليسارن جو به اهم ۽ ساراهه جوڳو ڪردار هوندو آهي. جن ۾ غلام عباس سهتو، نصر الله شيخ، سينگار علي شيخ، قادر بخش سولنگي،عبدالغفار راجپوت، محمد حنيف ڪمبوهه، سليم رضا قاضي، ياسين شيخ، انور علي ڪمبوهه، عبد الرزاق ميمڻ، سرور حسين مغل، محمد بوٽا مغل، عبداللطيف مغل، محمد امين مغل، محراب خان کرل، ڪامران علي چانڊيو، محمد سرور چنه، شوڪت حسين ’سنڌي‘ ملڪ، وحيد علي شيخ، عبداللطيف سومرو، فقير سڪندر علي نوناري، شبير احمد راجپوت، شاهد حسين نوناري، شوڪت حسين نوناري، ذيشان حسين نوناري، فدا حسين شيخ، زاهد حسين آرائين، ڪريم بخش ميمڻ، عابد حسين راڄپر، محمد الياس سومرو، فرزند علي آرائين، سيد رياض حسين شاهه، ۽ ٻيا شامل آهن. محرابپور جي هنن عملدارن جو امن جي بحاليءَ ۾ انتظاميه ۽ شهرين وچ ۾ هڪ پل وارو ڪردار رهيو آهي. جيڪو سنڌ جي ٻين شهرن لاءِ به هڪ مثال بڻيل آهي.
    ٽيلي فون: هن اداري جا آفيسر ۽ ملازم ٻين ادارن جيان عزاداريءَ جي ڏهاڙن ۾ رابطن جي سلسلي کي هر وقت قائم رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار نڀائيندا رهيا آهن. پراڻي دور ۾ گھٽ سهوليتن هئڻ ڪري ڪنهن مقرر، مولوي، ذاڪر سان خاص ڪري پنجاب جي عالمن ۽ ذاڪرن سان رابطو ڪرڻ هڪ مسئلو هوندو هيو. انهن ڏهاڙن ۾ هن اداري جا ورڪر ٻيڻي ٻانهن ڏئي انجمن ۽ مجلسن جي بانيڪارن جا مقررن، عالمن ۽ ذاڪرن سان رابطا ڪرائيندا هيا. امن امان جي مسئلي لاءِ ڪنهن به انتظامي اداري ڏانهن ’تار‘ ڪرڻي هوندي هئي ته وارو وارو ڪري وٺندا هيا.
    10 محرم جي رات ۽ ڏينهن واري جلوس ۾ ٻين ادارن جيان هن اداري ۽ ان جي ورڪرن جو به اهم ۽ هڪ ساراهه جوڳو ڪردار آهي. هن اداري جا ورڪر سڄي رات ۽ ڏينهن جلوس جي اڳيان پويان هلندا رهندا آهن. روٽ ۾ ڪٿي ڪائي ٽيلي فون جي تار کنڀي يا گھر تان لڙڪيل هوندي ته ان کي ان ئي وقت ڪٽي وٺندا آهن؛ ته جيئن تعزين جو جلوس پنهنجي روانيءَ سان هلندو رهي. هي عملو تتي، ٿڌي ماتمدارن سان جلوس شروع ٿيڻ کان جلوس ختم ٿيڻ تائين گڏ گڏ هلندو آهي. هن اداري جي بزرگ ۽ نوجوان، رٽائرڊ ۽ حاضر سروس ورڪرن جون عزاداري امام حسين عليه السلام لاءِ ڪيل خدمتون وسارڻ جوڳيون آهن. هن موڙ تي انهن بلند وقار ورڪرن کي نالن سان ياد نه ڪرڻ ساڻن ناانصافي ٿيندي. مونکي جن دوستن جي نالن جي لسٽ ملي سگھي آهي انهن ۾ چاچو امداد علي مغل (ٽنڊو مير محراب )، مراد علي چاچڙ، الاهي بخش چاچڙ، تاج محمد موجائي، فيض محمد چنه، محمد اقبال چاچڙ ۽ ٻيا شامل آهن.
    صحت کاتو: هن اداري جا انسان دوست، فرض شناس بالا آفيسر ۽ ٻيو عملو، محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ ماتمي جلوسن دوران پنهنجي ڊيوٽي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ادا ڪندا آهن. هن عملي جا ورڪر محرم الحرام جي ڇهين، ڏهين ۽ چهلم تي ٿيندڙ خون جي زخمي ماتمدارن جي خدمت، مَلَم پٽي ڪرڻ وارو ڪم سنه 1962ع کان وٺي هن مهل تائين ايمان جي سلامتي ۽ عقيدت جي وڏي جذبي سان ڪندا اچن ٿا.
    هي شهر جڏهن ننڍڙو هيو تڏهن آبادي به ان حساب سان هئي ۽ هاڻ جڏهن وڌڻ لڳو آهي ته آباديءَ سان گڏ عزاداريءَ ۾ به اضافو آيو آهي. هن شهر ۾ دستي ۽ خون جو ماتم ڪرڻ لاءِ شهر جي آس پاس وارن علائقن کان به ماتمدار ايندا آهن. 1962ع جي ڀيٽ ۾ 2016ع ۾ ٿيندڙ عزاداريءِ ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. ڇهين محرم، ڏهين محرم ۽ 20 صفر چهلم امام حسين (ع) جي موقعي تي ٿيندڙ خون جي زبردست ماتم دوران جيڪي به ماتمدار زخمي ٿيندا آهن انهن جي ترت تيماداري، مَلم پٽي، فرسٽ ايڊ، ڏيڻ لاءِ صحت کاتي جو فرض شناس عملو پنهنجي ڪئمپ ۾ اڳواٽ ئي تيار بيٺو هوندو آهي. مذهبي تنّظيمن جا رضاڪار ۽ اسڪائوٽ جا ورڪر جيئن ئي ڪرندڙ، زخمي ماتمدارن کي ميڊيڪل ڪئمپ تي پهچائيندا آهن ته، هي انهن جي بهتر کان بهتر نموني تُرت خدمت ڪندا آهن. زخم جي گهرائيءَ کي ضرورت جي حساب سان ٽانڪا هڻي وهندڙ رت بند ڪندا آهن. شديد زخمي ماتمدار کي بنا ڪنهن دير جي ٻاهر نوابشاهه، حيدرآباد موڪليندا آهن. هي عملو ماتمدارن جي خدمت دوران زندگيءَ جي معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي رسڪ ناهي کڻندو، درست فيصلي ڪرڻ ۾ دير ناهي ڪندو. هي عملو شهر جي ذميوار مذهبي ادارن طرفان هر فيصلي ڪرڻ ۾ بااختيار هوندو آهي.
    سالن کان ماتمدارن جي خدمت ڪندڙ، صحت کاتي جا ڪجھ ملازم هن ڌرتيءَ تان اکيون ٻوٽي ويا آهن. جن کي پاڪ بيبي خاتون جنت (س) اَجَرُ عطا ڪندي، باقي جيڪي دوست هن مهل تائين اهڙي عظيم عبادت ۾ مصروف آهن انهن جي احساساتي، انسان دوست جذبن کي جس ڏجي ٿو. ماتمي جلوسن ۾ زخمي ماتمدارن جي مَلم پٽي ڪندڙ صحت کاتي جي ملازمن جي شروع کان وٺي هن مهل تائين فهرست ڪجھ هن ريت آهي.
    صحت کاتي جي موجوده عملي ۾ ڊاڪٽر محمد شفيع ’طور‘، ڊاڪٽر نعمت الله ميمڻ، ڊاڪٽر مير نياز حسين ٽالپر، ڊاڪٽر سيد قمر عباس شاهه، جن سان ميڊيڪل عملي ۾ رياض حسين سهتو، علي نواز آرائين، اصغر علي راڄپر، غلام شبير راڄپر، نازڪ حسين چنه، غلام مصطفى قاضي ۽ سڪندر علي سومراه، جن شامل آهن. هن اداري پاران جلوس سان 24 ڪلاڪ ايمبولينس واري گاڏي گڏ هوندي آهي جنهن کي هلائڻ جي ذميواري علي محمد ملاح جي هوندي آهي. خون جي عزاداريءَ ۾ 1978ع کان وٺي هن مهل تائين لڳندڙ ميڊيڪل ڪئمپ جي ذميواري رياض حسين سهتو جي حوالي هوندي آهي جيڪو ان ذميواريءَ کي شروع کان وٺي هن مهل تائين خوش اصلوبيءَ سان نڀائيندو اچي ٿو. سندس چواڻي ته: مولائي سائين!جيستائين زندگي آهي اسان سڀ دوست مولا حسين عليه السلام جي عزادارن جي خدمت ڪندا رهنداسين؛ اسان گنهگارن کي ان خدمت جي عيوض، وڏي سانئڻ اسانجي اوقات کان وڌيڪ نوازيو آهي.
    صحت کاتي جي هنن ملازمن پاران زخمي ماتمدارن جون ڪيل خدمتون ساراهه جوڳيون آهن جن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگھجي. شروعاتي دور ۾ هنن ماڻهن ئي خون جي زخمي ماتمدارن جي ملم پٽي ڪئي. ڊاڪٽر سليم الحق صديقيءَ جي اڳوڻيءَ ۾ ڪم ڪندڙ صحت کاتي جي پهريون مختصر عملو محمد سليمان جانوري، رياض حسين سهتو، جيئند مل لوهاڻو ۽ خادم حسين چَهَواڻُ تي مشتمل هيو.
    صحت کاتي جي جن ورڪرن، پنهنجي حياتيءَ جي آخري هڏڪيءَ تائين، مولا حسين (ع) جي زخمي ماتمدارن جي خدمت ڪئي. انهن ۾ مرحوم ڊاڪٽر اعجاز حسين خاصخيلي، الله رکيو جلباڻي، محمد سليمان جانوري ۽ محمد سچل ميمڻ جن جي ساراهه جوڳي ڪردار کي تاريخِ عزاداريءَ ۾ وساري نه ٿو سگھجي.

    ايم ڪيو ايم پاران: عزادارن لاءِ ميڊيڪل ڪئمپ ۽ سبيل جو اهتمام
    ڏهين محرم الحرام ۽ چهلم امام حسين عه جي ڏهاڙن تي صحت کاتي کان علاوه هتي متحده قومي موومينٽ يونٽ محرابپور، پاران سندن مرڪزي قيادت جي حڪم تي 2004ع کان خون جي ماتم دوران زخمي ماتمدارن جي مَلم پٽي ڪرڻ لاءِ پنهنجي تنظيم طرفان ميڊيڪل ڪئمپ ۽ جلوس جي روٽ سان ٿڌي پاڻيءَ جون سبيلون لڳائيندا آهن. سندن اهڙو ساراهه جوڳو عمل 2004ع کان هن مهل تائين جاري آهي.
    هتي محرم الحرام دوران شهر جي ماحول کي پر امن رکڻ ۾ هتان جي سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جيان سياسي تنظيمن، ايم ڪيو ايم، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ قوم پرست ۽ ٻين جماعتن جو به اهم ڪردار پئي رهيو آهي. جيڪي محرم الحرام کان اڳ ۽ ايام عزا دوران هر اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ عزادارن سان گڏ هوندا آهن.


    عزاداري ۾ ٻين مسلڪ ۽ مذهب جي ماڻهن جو ڪردار

    محرابپور جا مير، راڻيپور واري درگاهه جا مريد ۽ صوفي مزاج رکندڙ هيا. انهن هن شهر ۾ عزاداري اهلبيت جو بنياد رکيو. سندن صحبت ۾ شامل شهر جا سنڌي، پنجابي، سُني ۽ وهابي مسلڪ ۽ هندو ڌرم جا ماڻهو، عزاداريءَ جي ڏهاڙن ۾ شيعن سان گڏجي پيار محبت، عقيدت ۽ احترام سان عزاداري امام حسين عليه السلام ۾ پنهنجي نوڪري پيش ڪندا هيا. ايامِ عزا جي ڏهاڙن ۾ اُهي پنهنجي ذميواري سنڀالڻ لاءِ پهچي ويندا هيا. هي مشهور واقعو آهي ته: مير مولابخش پاران درگاهه بابا سيد مريد علي شاهه تي 24 رمضان جي مجلس ۾ ذاڪر قمبر حسين (شيخوپوره) جڏهن بند ڏنو ته، ’ڪاڪو ڪيرت راءِ‘ پنهنجي گھران روئيندو آيو، چيائين هَل بَلي! اهڙو سُريلو جهڙي ڪوئل! ديوان ڪيرت راءِ، عقيدت مند ماڻهو هيو، هو پِڙن تي ماتمدارن لاءِ نياز ۽ سبيل جو بندوبست ڪندو هيو. سندس خدمتگار ملازم يوسف فقير (جوسن مڱڻهار) جو وڏو فرزند فقير موريل مڱڻهار هيو.
    ڏهين محرم الحرام جي رات تي ميرن جي پِڙَ تان نڪرندڙ وڏو تعزيو، سينگاريندڙن جي سٿ ۾ سُني مسلڪ سان وابسطه محمد يوسف چنه، بشير احمد چنه جو والد ۽ ٻيا شامل هوندا هيا.
    سنڌ ۾ ڏهين محرم الحرام سنه 1963ع ۾ ٿيل ٺيڙهيءَ واري واقعي کانپوءِ، واقعي جي ٻئي سال سنه 1964ع ۾ محرم الحرام جي جلوسن تي سرڪار پاران امن امان جي حوالي کان پابندي مڙهي وئي، محرم الحرام جي سلسلي ۾ هر سال جيان ٽائون ڪاميٽي محرابپور ۾ ’امن ڪاميٽيءَ‘ جي ميٽنگ گھرائي وئي، جنهن ۾ هر مذهب، مسلڪ جا ذميوار ماڻهو شامل هوندا آهن. هن گڏجاڻي جي صدارت هونءَ ته ڊپٽي ڪمشنر ڪندو هيو پر، سنڌ جا حالات بهتر نه هئڻ ڪري ان گڏجاڻيءَ جي صدارت آرمي آفيسرن ڪئي، ميٽنگ ۾ جڏهن ماتمي جلوسن جي نڪرڻ جو ذڪر آيو ته، آرمي آفيسرن ٻڌايو ته: سنڌ ۾ امن جو مسئلو آهي ان ڪري هن سال جلوس نه ٿا نڪري سگھن، تنهن تي شوڪت خان لوڌي ۽ سيٺ محمد الدين مغل جن اٿي بيهي رهيا ۽ چيائون ته: ”سائين ماتمي جلوس نڪرندا، ڇو نه نڪرن! تنهن تي آرمي آفيسر سوال ڪيو ته: ذميواري ڪنهنجي آهي. هنن چيو سائين اسانجي، چيائين توهان ڪير (ڪهڙي مسلڪ جا) آهيو، هڪ چيو سُني ۽ ٻئي چيو وهابي. آرمي آفيسر چيو، توهانکي ڪهڙو لاچار آهي. هنن وراڻيو ته: سائين هي ماتمي جلوس صدين کان نڪرندڙ آهن جيڪڏهن اسانکي ڪو اعتراض ناهي، ته پوءِ ڇو نه نڪرڻ گھرجن. جلوس بند ڪري اوهان اسانجي شهر جو امن خراب ڪندو ڇا.؟! تنهن تي آرمي آفيسر جلوس دوران امن امان کي برقرار رکڻ جو ذمو هنن ٻنهي ڄڻ تي رکيو، هنن کان لکرائي ورتائون ۽ هنن شوق سان لکي ڏنو. ان سال 10 محرم الحرام سنه 1964ع جي رات ۽ ڏينهن واري جلوس ۾ شوڪت علي خان لوڌي ۽ سيٺ محمد الدين مغل جن جلوس سان گڏ گڏ هلندا رهيا. هنن خاندانن جا فرد اڄ تائين عزادارن سان هر مسئلي ۾ پنهنجن جيان تعاون ڪندا اچن ٿا. جيڪو امن پسند شهري هجڻ جو زنده مثال آهي. فاروق خان لوڌي (ناظم _ چيئرمين) هجي يا سيٺ منور بيگ مغل (ناظم) هجي؛ هي محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ پنهنجن بزرگن جيان ميٺِ، محبت، عقيدت ۽ احترام سان مجلس ۽ ماتمي جلوسن ۾ نياز ننگر ۾ پنهنجو حصو شامل ڪندا آهن ۽ شهر ۾ انتظامن جو ذميواريءَ سان جائزو وٺندا آهن. هن شهر ۾ مذهبي امن و امان جي فضا کي قائم رکڻ ۾ شيعن سان گڏ ٻين مذهب ۽ مسلڪ سان سلهاڙيل مقامي ماڻهن جو وڏو هٿ رهيو آهن. جيڪو هر دور جي امن ۽ محبت جي تاريخ جو سُنهري باب ۽ ايندڙ نسلن لاءِ هڪ مثالي پيغام آهي.
    حاجي بشير احمد ڪمبوهه امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه جي اراڪين ڪريم بخش ملاح، عبداللطيف ملاح ۽ محمد بخش نانگراج کي 10 محرم جي نياز ۾ چندو ڏيندو هيو ۽ امام بارگاهه ۾ اچي نياز کائي ۽ ثواب خاطر گھر وارن لاءِ کڻي ويندو هيو. گرمين جي ڏهاڙن ۾ سندس اولاد بازار ۾ پنهنجي دوڪان اڳيان جلوس گذرڻ وقت ماتمين کي ٿڌي، مٺي سبيل پياريندو آهي. 10 محرم جي رات سندن گھر اڳيان جلوس پهچڻ تي سندن پاران صفائي، سبيل ۽ روشنيءَ جو انتظام ڪيل هوندو آهي.
    ڇهين محرم تي کُهنبي جو ماتمي جلوس جڏهن درگاهه پير شير شاهه تي ويندو آهي ته، زخمي ماتمدارن ۽ ٻاهر کان ايندڙ ماتمي تنظيمن جي ويهڻ ۽ چانهه جي سبيل جو بندوبست الهه رکيي جي (حبيب هوٽل) ۾ ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ سندس حصو شامل هوندو آهي. سندس زندگيءَ تائين اهڙو سهڪاري سلسلو جاري رهيو. اهڙي ريت ’شبير وٽو‘ پاران سندس هوٽل اڳيان ماتمدارن لاءِ کير ۽ شربت ۽ چانهه جي سبيل جو بندو بست ڪيل هوندو آهي.
    ڇهين محرم کان ڏهين محرم تائين شهر جي گھٽي گھٽيءَ ۾ هر مسلڪ جي ماڻهن پاران مومنن لاءِ نياز ۽ سبيل جو انتظام ڪيل هوندو آهي. 10 محرم جي رات ظفر بيگ مغل ۽ برادريءَ جي ٻين نوجوانن فيصل مغل ۽ رياض مغل پاران ماتمين لاءِ نياز، موسم جي مناسبت سان سبيل جو بندو بست ڪيل هوندو آهي. ان کان علاوه ٻين ڪيترن ئي گھرن مان عام ماڻهو نياز کنيو جلوس جي انتظار ۾ بيٺا هوندا آهن. 10 محرم جي رات ۽ ڏينهن جو شهر جي بازار کان علاوه چوڪن ۽ چوراهن، گھرن ۽ گھٽين اڳيان گھڻي ۾ گھڻو نياز شهر واسي ڪندا آهن. مومنين پاران وڏو نياز امام بارگاهن ۽ پنهنجن پڙن ۾ ڪيو ويندو آهي. مومنن جي محلن، امام بارگاهن ۽ جلوس جي روٽ سان جيڪي هوٽلون کليل هونديون آهن اهي ٻين مسلڪ جي ماڻهن جون هونديون آهن، انهن تي سڄو ڏهاڙو چانهه جي سبيل هلندي آهي. ڏهين محرم جو رات وارو جلوس جڏهن ملاحن جي پڙ تي پهچندو آهي ته رمضان ملڪ، اشفاق ملڪ پنهنجي هوٽل تي چانهن جي سبيل هلائيندا آهن.
    حضرت علي عليه السلام جي شهادت جي سلسلي ۾ 22 رمضان تي انجمن نوجوانانِ شيعه، انجمن سپاهه عباس ۽ فروغِ عزاداري پاران نڪتل ماتمي جلوس جڏهن ”علي علي پي سي او“ کان هيٺ لَهي امام بارگاهه انجمن سپاهه عباس ڏانهن وڃڻ وقت، بازار مان گذرندو آهي ته، اتي لال دين گُھمڻ، اسلم ڪمبوهه (روڊي)، پاران ٿڌي سبيل جو انتظام ٿيل هوندو آهي. هن کان پهرين اتي جلوس پهچڻ مهل لالا محمد شريف ڪمبوهه، لالا اڪبر ڪمبوهه جن ماتمدارن کي سبيل پياريندا هيا. جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. لالا محمد شريف ڪمبوهه جو فرزند ڊاڪٽر لالا ظفر ڪمبوهه، 6 ۽ 10 محرم تي ميڊيڪل ڪئمپ تي زخمي ماتمدارن جي ملم پٽي پڻ ڪندو آهي. صحافي مُبشر گُھمڻ محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ اردو پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي محرابپور جي عزاداريءَ جي ڀرپور نموني رپورٽنگ ڪندو آهي.
    هتي ڇهين ۽ ڏهين محرم تي ٿيندڙ خون جي ماتمين ۾ کوڙ سارا هندو (غير مسلم) ۽ ٻين مسلڪ جا نوجوان عقيدت سان چاقو ۽ زنجير جو ماتم ڪندا آهن. هي پهرين محرم کان وٺي ڏيهن محرم تائين ڪارا ڪپڙا ڪندا آهن ۽ امام بارگاهن ۾ مجلسن ۾ شرڪت ڪري نياز ننگر کائيندا ۽ ثواب خاطر گھر لاءِ به کڻي ويندا آهن. هنن جون مستورات امام بارگاهن تي اچي ضريح مبارڪ، جھولي ۽ علم عباس (عه) تي پنهنجون باسون باسينديون ۽ باسون آڻينديون آهن. وڏي حُبَ سان نياز امام حسين عليه السلام ۾ پنهنجو حصو شامل ڪنديون آهن.
    ڏهين محرم جو جلوس وڏيري محمد بخش ’ساکاڻي‘ جي پِڙَ تي پهچڻ مهل ڪامريڊ محمد هاشم گھانگھرو نياز ورهائيندو هيو. ڪامريڊ محمد هاشم گھانگھرو ڪميونسٽ اڳواڻ شهيد نظير عباسيءَ جو سَهُرو هيو. جنهن بابت ڪميونسٽ اڳوڻ ادي حميده گھانگھرو پنهنجي آتم ڪٿا ’پيڙا جو سفر‘ ۾ لکي ٿي ته: ”ڪامريڊ لفظ سندس سڃاڻپ هئي، پر پاڻ کي هميشه قرآني ڪميونسٽ سڏائيندو هئو. مولانا عبيد الله سنڌي ۽ مولوي محمد صادق جو شاگرد هئو.“[244] صحافي گهنشام داس اڌلاڻي، 10 محرم جي رات وارو جلوس ان ئي پڙ تي پهچڻ مهل شبين ۽ تعزين ۾ سُڪو نياز ريوڙيون، ڀُڳڙا، پتاشا، کارڪون، مصري، نباتون، باداميون ۽ مِٺا سِڱرَ، ٻُڪَ ڀري وجھندو هيو. ان کانپوءِ ساڳيو نياز سڄي جلوس ۾ ورهائيندو هيو. جيڪو سلسلو اڄ تائين سندس اولاد صحافي ارجن داس، صحافي سريچند، راج ڪمار ۽ سنيل ڪمار جن جاري رکيو اچن ٿا. صحافي گھنشام داس وڏيري جي پڙ کانپوءِ پنهنجي اولاد سميت جلوس سان هلندو هيو. اڄ سندس اولاد ارجن داس ماتمي جلوسن ۾ سبيل پياريندو آهي. گھنشام داس محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ ”روزاني عبرت حيدرآباد“ لاءِ محرابپور جي عزاداريءَ جي رپورٽ تفصيل سان سڀ کان اول شايع ڪرائيندو هيو.
    ذوالحج جي ويهين تاريخ تي انجمن، ميرن ۽ سپاهه عباس جي علم پاڪ لهڻ کان وٺي بلند ٿيڻ ۽ امام بارگاهن ۾ عشرا محرم الحرام جي پهرين مجلس کان تيرهين محرم تائين ٿيندڙ مجلسن ۽ ماتمي جلوسن جو ذڪر تفصيل ۽ تصويرن سان اخبار ۾ ڏيندو هيو. ڪڏهن ڪڏهن ته محرم الحرام دوران بهتر صفائي وغيره نه هئڻ ڪري انتظاميه جو اڳواٽ ڌيان ڇڪائڻ لاءِ رپورٽون به لکندو هيو. اهڙي سلسلي کي سندس سُلڇڻو اولاد صحافي سريچند ۽ ارجن داس اڄ تائين خوش اصلوبيءَ سان نڀائيندو اچي ٿو. گھنشام داس جي امڙ کان وٺي گھروارا ۽ نياڻيون مستورات جي مجلسن ۾ شرڪت ڪري نياز ننگر ۾ پنهنجو حصو ثواب سمجھي شامل ڪنديون آهن. محرابپور جو کاهوڙي صحافي سريچند اڌلاڻي پنهنجي والد جيان محرم الحرام دوران عزاداريءَ جي روح سان رپورٽنگ ڪندو آهي. شهر ۾ مجلسن جا پروگرام وڌي وڃڻ ڪري، هو ڪنهن مهل هِن امام بارگاهه ته ڪنهن مهل هُن پڙ تي پيو معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ڊُڪَ ڊوڙَ ڪندو آهي. محرم جي ڏهاڙن ۾ مومنين جي سهولت خاطر اسپيشل ٽيوٽر سروس به شروع ڪندو آهي جتان شهر ۽ آس پاس ۾ ٿيندڙ مجلس ۽ ماتم جي مڪمل پروگرامن جا تفصيل ڏيندو آهي. پروگرام شروع ٿيڻ کان آخر تائين جي گھڙيءَ گھڙيءَ جي تازه ترين صورتحال کان آگاهه ڪندو آهي. هي اهڙو سلسلو 20 ذوالحج علم پاڪ لهڻ کان وٺي 8 ربيع الاول آخري عزاداري تائين پنهنجي خرچ تي جاري رکندو آهي. هن سان سهڪاري سٿ ۾ ڪئميرا مين رضوان علي ميمڻ ۽ صدر پريس ڪلب عزيز احمد ميمڻ شامل آهن.
    انجمن نوجوانانِ شيعه، جي امام بارگاهه مان نڪرندڙ وڏي تعزيي لاءِ گاڏو الهه رکيو مغل بنا ڪنهن معاوضي جي پنهنجي نوڪري سمجھي عقيدت ۽ احترام سان 9 محرم جي ڏينهن انجمن جي امام بارگاهه ۾ پاڻ پهچائي ويندو آهي. 10 محرم الحرام جو نياز کائڻ کانپوءِ ثواب خاطر گھروارن لاءِ به کڻي ويندو آهي. سندس پٽ ۽ پوٽا فيصل مغل باقاعدي عزاداري ۽ 10 محرم جي رات دوران جلوس ۾ چانهه جي سبيل ۽ صبح جو نياز ڪندو آهي. هي محرم جا 10 ئي ڏهاڙا ڪارا ڪپڙا ڪندا آهن. 9 ۽ 10 محرم جي رات رياض مغل پاران نياز ڪيو ويندو آهي. رياض مغل ته 1980ع کان وٺي مذهبِ اهلبيت سان سلهاڙيل آهي. هن ڪجھ وقت ذاڪري به ڪئي، سندس سنڌ، پنجاب جي ذاڪرن سان سٺا تعلقات آهن. علي نواز مغل جو انجمن نوجوانانِ شيعه ۽ ملاحن جي امام بارگاهه ۽ شهر جي ماتمي جلوسن جي انتظامن ۾ هڪ ڪردار رهيو آهي. هن هيءَ واٽ پنهنجي دوست اطهر ناهيدُ ملاح (مرحوم) جي صحبت ۾ اختيار ڪئي. جيڪو اڄ تائين پنهنجي ذميواريءَ سان نڀائيندو اچي ٿو. هنن نالن کان علاوه شهر جا ٻيا به ڪيترائي نوجوان ۽ پوڙها پڪا مرد توڙي عورتون ماتم، مجلسن ۾ شرڪت سان گڏ نياز نذر ۾ به ڪيترن ئي سالن کان وٺي پنهنجو حصو شامل ڪندا اچن ٿا.
    ڏهين محرم الحرام جي صبح جو جلوس، شيخن جي پڙ تي پهچڻ وقت ’ريووي ۽ ڏاني ماڙيچي‘ جي گھر اڳيان گذرندو آهي ته، هنن جون عورتون شبين ۽ تعزين جي زيارت ڪرڻ کانپوءِ وڏي تعزيي جي هيٺان پنهنجي نومولود ٻار کي گزارينديون آهن ۽ نياز ورهائيندا آهن. سُکُرامُ هندستاني ۽ سندس اولاد بينو، بابو لال ۽ سلطان هندستاني جن پنهنجي گھر اڳيان شامِ غريبان وقت ۽ يارهين محرم تي نياز ڪندا آهن. محرم الحرام جا ڏهه ئي ڏهاڙا پنهنجي گھر اڳيان سبيل امام حسين عليه السلام لڳائيندا آهن. پهرين محرم کان تيرهين محرم تائين ڪارو لباس ڪندا آهن. هنن جا نوجوان زنجير زني ڪندا آهن. ٽيڪچند جي پٽ راجه هندستانيءَ جو هڪ ننڍڙو تعزيو به ٺهرايل آهي جنهن کي خوبصورت نموني سينگاري جلوس ۾ ڪڍندا آهن. اهو تعزيو سڄو سال ميرن جي پڙ تي زيارت گاهه ۾ رکيل هوندو آهي. 2016ع ۾ هن هڪ نئون تعزيو ٺهرايو آهي.


    هندن جي عزاداري

    ذڪرِ حسين عليه السلام ڪنهن به قوم ۽ مذهب جي ميراث ۽ محتاج ناهي، هن ذڪر ۾ انسانيت جو پيغام مليل آهي. ذڪرِ حسين عه ڪائنات جي اها عظيم عبادت آهي جنهن کي عرش ۽ فرش جي هر مخلوق هڪ ئي وقت ملهائيندي آهي. جنهن جي ڪابه حد ۽ وقت مقرر ناهي. هن ذڪر جو تعلق انسانيت واري عشق سان آهي جنهن ڪري هن ذڪر کي هر مذهب، مسلڪ ۽ هر قوم جو ماڻهو ملهائي سگھي ٿو. جنهن تي ڪابه پابندي مڙهيل ناهي.
    خدا تعالى جي ذڪر کانپوءِ ڪائنات جو هي اهو واحد ذڪر آهي جنهن جي ڪابه حد ۽ وقت مقرر ناهي. هي اهو ذڪر آهي جنهن کي هر مذهب، رنگ، نسل ۽ هر جنس جو ماڻهو ملهائي سگھي ٿو. هي ذڪر رنگ نسل جي ڀيد ڀاوَ کان بالاتر آهي. جيئن ڪنهن شاعر چيو ته: ”حسين عه رب ڪا، حسين عه سب ڪا.“ چون ٿا ته: هڪ دفعو ”گرونانڪ پنهنجي مُريد کي چيو، حُسين عه جو غم ملهائيندو ڪر، مُريد چيو ته: اهو مسلمانن جو پيشوا، اڳواڻ آهي. گرونانڪ چيو: مان توهانجو پيشوا آهيان توکي حڪم ٿو ڏيان ته گھر وڃ وڃي ڀيڻ سان شادي ڪر، مريد چيو، منهنجو ضمير اجازت نه ٿو ڏئي _ نانڪ مسڪرائي چيو اڙي مورک (چريا) انهيءَ ضمير کي ته حُسين عه چئجي ٿو. ڇو ته حُسين عه صرف مسلمانن جو نه، ضمير وارن جو گُرو آهي.“[245]
    عرش، فرش ۽ دنيا جي تختي تي ملهائجندڙ هن ذڪر ۾ هر مذهب، رنگ، نسل ۽ جنس جو ماڻهو ايامِ عزا دوران عزاداري ۾ مصروف هوندو آهي. محرم جي ڏهاڙن ۾ ڏسو ته ڪٿي مسلمان عزادار ڪنهن عزاخاني، گھر ۽ محلي جي گھٽيءَ ۾ فرش عزا وڇايو نياز ننگر ۽ سبيل جو اهتمام ڪيو ويٺا آهن؛ ته ڪٿي هندو ڌرم جا عزادار پنهنجي ذاتي خرچ تي غمِ حسين عه ملهائڻ لاءِ ڪارولباس پهري، پير اگھاڙا ڪري، مٿي ۾ خاڪ ڪربلا جو خاڪو وجھي ماتمي جلوس ۾ زنجير کنيو بيٺا آهن؛ ۽ ڪٿي جلوس جي آمد تي روٽ سان سبيل جو انتطام ڪيو اٿن، ته ڪٿي ڪنهن امام بارگاهه ۾ پنهنجو تعزيو سينگارڻ ۾ مصروف آهن ۽ ڪٿي فرش عزا وڇائي نياز ننگر جو اهتمام ڪيو عزادارن جي انتظار ۾ ويٺا آهن.
    هندو ڌرم جا عزادار ڪنهن به ريت ٻين عزادارن کان غمِ حسين عه ملهائڻ ۾ پوئتي ناهن. هند، سنڌ ۾ اڄ به ڪيترائي هندو عزادار ذاڪر، شاعر، ماتمي، زنجيرزن، تعزيه ڪڍندڙ، سبيلن جو اهتمام ڪندڙ، ماتمي جلوسن جو روٽ ۽ عزاخانه صاف ڪندڙ هر شهر ۾ ججھي تعداد ۾ ملندا. جيڪي غمِ حسين عه کي قديم زماني کان هر سال بهتر کان بهتر انداز ۾ ملهائيندا آهن. هند، سنڌ ۾ اهڙن عزادارن جي هڪ ڊگھي فهرست آهي جن جي عزاداراڻي ڪردار تي دنيا ۾ گھڻو ڪجھ لکيو ويو آهي ۽ اڃا به لکجندو رهبو.
    منهنجي نظر ۾ نبي اڪرم ﷺ تي ڪلمو پڙهي ان جي اولاد کي قتل ڪندڙ انهن اموين، عباسين ۽ يزيدي نسل جي مسلمانن کان، هي هندو ڌرم جا عزادار لک ڀيرا ڀلا آهن؛ جن کي شانِ رسالت ۽ اولاد زهرى صه جو احترام آهي. هي غير مسلم (ڪافر) ٿي ڪري به، آلِ نبي ﷺ جي قتل تي افسوس ڪري سوڳ ملهائين ٿا. جڏهن ته ٻيا پاڻ کي پَڪا مسلمان سڏائيندڙ، نبي ڪريمﷺ جي اولاد جو غَمُ ملهائيندڙن کي وري ڪافر .... ڪافر ... ڪافر .... چون ٿا. ڪيڏو نه فرق آهي مذهبِ انسانيت ۾...!
    هي هندو ڌرم جا - عزادار محرم جي ڏهاڙن ۾ قاتلن جي صفن کان پري بيهي، مظلوم جي حمايت ۾ نڪتل احتجاجي جلوسن جو حصو بڻجي عزادارن سان قدم به قدم هلندا رهن ٿا. ماٿُر لکنويءَ جي لفظن جيان ته: ”مين هندو هون، مگر دشمنِ شبير نهين هون.“ هن وٽ به دشمنِ شبير هجڻ وڏي لعنت آهي.

    ماٿر جي شفائت خاطر سرڪار حسين عه جي شان ۾ سندس لکيل هي شعر ڪافي آهي:
    حُـسيـن اگـــر ڀــارت ۾ آتـــا تــو، پــردي ۾ اُتــارا جــاتــا،
    يون فاطمه صه ڪا لختِ جگر، ڌوڪي سي نه ماراجاتا،
    صبح وَ شام هند ڪي گليـون ۾، ڀَگوان پـڪارا جـاتـا.
    (ماٿر لکنوي)
    اُموي، عباسي ۽ يزيدي نسل، نبي اڪرم ﷺ جي اولاد تي ظلمن جي جيڪا درد ناڪ تاريخ رقم ڪئي اها قيامت تائي زمين ۽ آسمان کان وسري نه ٿي سگھي، جنهن کي چوڏهن سئو سالن کان هن مهل تائين جنهن به وقت بيان ڪجي ٿو ته، دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي.
    هند، سنڌ ۾ عزاداري امام حسين عليه السلام جي پيغام کي عام ڪندڙ، اهي ’سنڌي هندو‘ برهمڻ ئي آهن جن جي اهڙي ادا ڪيل عزاداراڻي ڪردار کي تاريخ عزاداريءَ جي بابن ۾ وساري نه ٿو سگجي. سنڌ ۾ قتل حسين عه جي پهرين خبر پهچائيندڙ ۽ ان تي پنهنجن جيان ٽي ڏهاڙا سوڳ ملهائيندڙ اهي هندو برهمڻ بهلا ڪنهن کان وسري سگھندا. جن قتل حسين عه تي ڪربلا جهڙي وارياسي ڌرتيءَ، ٿر ۾ پنهنجن عزيزن جيان غمِ حسين عه جو ٽي ڏهاڙا تڏو وڇائي، سوڳ ملهايو. ڪربلا جي ڪوس جي خبر عام ڪري عزاداري امام حسين عه جو بنياد رکيو. ان ڏڻ کانپوءِ هند، سنڌ ۾ هندو عزادار غم حسين عه کي ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ شروع ڪيو. جيڪو سلسلو هن مهل تائين هند، سنڌ ۾ بنا ڪنهن ساهيءَ جي جاري آهي.
    سن 61 هجري کان سنڌي هندو برهمڻن پاران شروع ڪيل عزاداريءَ جو سفر اڄ تائين هنن جي نسلن ۾ وڏي عقيدت، احترام، جوش ۽ جذبي سان جاري آهي. اهو ئي سبب آهي جو هند، سنڌ جي هر شهر ۾ محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ اسانکي هندو عزادار به مصروف عزا نظر ايندو آهي. هندو عزادار رڳو ماتم، نياز ۽ سبيلن تائين محدود ناهن، انهن مان ڪن جا عزاخانه به قائم ڪيل آهن ته ڪي ذاڪر به آهن جيڪي مجلس حسين عه پڙهندا آهن. جن بابت زوار عبدالستار درس پنهنجي ڪتاب: عزاداري اور غير مسلم اقوام ۾ لکي ٿو ته: ”سانگھڙ سان تعلق رکندڙ هيمنداس حيدري ۽ سامارو سان تعلق رکندڙ رَوي شنڪر کَتري، جو نالو نمايان آهي. رَوي شنڪر کتريءَ ته هڪ امام بارگاهه به تعمير ڪرايو آهي. ٿَرَ جي علائقي ننگر پارڪر جي ويجھو ڳوٺ ۾ حسيني برهمڻ به آباد آهن. جنهن کي مَقامي ماڻهو ”ڪاٺ ٻانڀڻ“[246] جي نالي سان سڏين ٿا. ايامِ عزا ۾ هندو عورتون به ڪارو لباس ڪنديون آهن. هو انهن ڏهاڙن ۾ رڳو سينگار ئي نه پر اکين ۾ سُرمي جي هڪ سَرائي به نه پائينديون آهن. هندن طرفان سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ صدين کان عزاداريءَ جو هي سلسلو جاري آهي.“[247]
    ڀٽ ڌڻيءَ جي پياري فقير، ديوان مَدَن فقير جي خاندان مان سيٺ گاگنداس (لُهاڻا) مَدناڻي، پنهنجن بزرگن ڪاڪو پارومل ۽ ٻين کان وٺي هن مهل تائين محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ ڏهين محرم جي ماتمي جلوس ۾ شبيهه، جھولي ۽ سيج ۾ مُوڙي جو نياز وجھندو آهي، ۽ وڏي پِڙَ تي پنجين ۽ اٺين محرم تي وڏو نياز ڪندو آهي. اهڙو سلسلو سندس برادريءَ جي نوجوانن جن ۾ وجئي ڪمار، ڪشور ڪمار، رميش ڪمار، گوبند رام، نريش ڪمار، آڪاش ۽ ٻين تائين جاري آهي جيڪي نياز ننگر ۽ سبيل امام حسين عه ۾ ڀرپور حصو وٺندا آهن.
    ڀٽ شاهه جا سڀ سنڌي ديوان ماتمي جلوسن ۾ سيجن ۽ شبين تان منتون، باس جا ڌاڳا وٺندا آهن ۽ علم عباس عه تان پُٽن جي باس باسڻ لاءِ ننڍڙيون جھنڊيون کڻندا آهن. پُٽ جي باس پوري ٿيڻ تي علم عباس عه تي وڏا جَھنڊا ڏيندا آهن. سيٺ گاگن داس مَدناڻي، ڏهين محرم جي ڏينهن جلوس ۾ نڪرندڙ شبيهه ذوالجناح جي واڳ جھلي جلوس سان هلندو آهي. درگاهه ڀٽ شاهه تي سردي توڙي گرميءَ جي موسم ۾ ڏينهن رات سيٺ ايشور داس پاران سبيل امام حسين عه جو اهتمام ٿيل آهي جتان گرمين جي موسم ۾ سڄو شهر گھرن لاءِ به سبيل وٺي ويندو آهن. هتي ڪنهن کي ڪائي جھل پل ناهي، سڀني کي بسم الله ڪري سبيل پيارڻ کانپوءِ گھرن لاءِ ڏني ويندي آهي. چون ٿا: سيٺ ايشور داس ان سبيل کي هلائڻ لاءِ هاڻ برف (آئيس فيڪٽري) جو ڪارخانو لڳرائي ڇڏيو آهي. سيٺ لال چند ڏهين محرم تي ماتمي جلوس ۽ عام مومنن لاءِ کير جون سبيلون ڪندو آهي. ڀٽ شاهه تي سيٺ گاگن داس ۽ سيٺ ايشور داس کان پهرين عزادارن، ماتمدارن جون خدمتون، پِڙَن ۽ جلوسن ۾ نياز ننگر جو اهتمام پنهنجي حال آهر ڪاڪو پارو مل، ۽ ليار مل عرف ڇانگو مل جن ڪندا هيا. ان سلسلي کي گاگن داس مَدناڻي وڌائيندو اچي پيو.
    قاضي احمد ۾ عبدالغفور عمراڻي (حجم) جي ڏيڙان روڊ، تي لڳل سبيل ۾ ديوان اِندُرُ مَلُ حصيدار هوندو هيو. ڏهرڪي جو صحافي اجيت ڪمار، ڪنيا لال، ٽيڪم داس، مهيش ڪمار، اِندُرُ مل ۽ درشن ڪمار جن ڏهين محرم تي نياز امام حسين عه ڪندا آهن. نوابشاهه ۾ موهن لال (مرحوم) ۽ محرابپور ۾ ڪاڪو ڪيرت راءِ (مرحوم) نياز ۽ سبيل جو بندوبست ڪندو هيو. سکر شهر جو هڪ هندو پوڪر داس، سيد ثابت علي شاهه جا چئن جلدن ۾ سنڌيءَ ۾ مرثيا ڇپرايا ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن جا سنڌي مرثيا ڇپرائي امام حسين عه سان پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪيو.

    محرابپور جا هندو عزادار، نياز امام حسينعه
    سرڪار حسين عه جي ذات جو ’بي نيازيءَ‘ وارو انداز، واقعي ڪربلا کانپوءِ عام ماڻهن کي سمجھ ۾ آيو. هن پوري ڪائنات ۾ الله جي ذات کانپوءِ امام حسين عليه السلام جي اها ذات آهي جنهن سان هر مذهب ۽ هر قوم جو ماڻهو بيحد پيار ڪري ٿو. سندس مصيبت جي گھڙين کي ياد ڪري ان تي گريوزار ڪري جاني مالي قرباني پيش ڪري ٿو. عاشور جي ڏهاڙن ۾ ٿيندڙ عزاداري سينه زني ۽ زنجير زنيءَ کان سبيل ۽ نياز ننگر ڪرڻ، ورهائڻ تائين، هر عمر جو ماڻهو پنهنجي وس کان وڌيڪ پنهنجو حصو شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
    محرابپور جي عزاداريءَ ۾ ٻين مسلڪ جي ماڻهن جيان هندو ڌرم جي ماڻهن جو به وڏو حصو شامل رهيو آهي. سکرام، پريم چند هندستانيءَ جي پاڙي برادريءَ جا سڀئي ماڻهو محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ ڪارو لباس ڪندا آهن ۽ مختلف ڏهاڙن تي نياز امام حسين عه ڪندا آهن ۽ ڏهين ۽ چهلم جي جلوس ۾ زنجير زني ڪندا آهن. سُکرام (هن جي گھر تي علم عباس عه به لڳل آهي.) جي اولاد بينون رام ۽ بابو لال پاران سندن گھر اڳيان چوڪ تي محرم جا تيرنهن ئي ڏهاڙا سبيل لڳل هوندي آهي. بينون رام پاران يارهين محرم، بابو لال پاران ڏهين محرم شامِ غريبان وقت، وسيم راجه هندستانيءَ پاران اٺين محرم تي ۽ سندس مستورات پاران محرم جا ڏهه ئي ڏهاڙا گھرن ۾ نياز امام حسين عه ڪيو ويندو آهي. زنجير جي ماتم ۾ هنن جو حلقو لڳندو آهي جنهن ۾ بينورام، وسيم راجه ٽيگچند، مڪيش، بابو لال، ڪالو رام، پرڪاش، عامر، شاهد اعتباري، سلطان سُکرام، شاهد، وقار ۽ ٻيا زنجير جو ماتم ڪندا آهن. (ديهانت ڪري ويل) ديوان ڪيرت راءِ ۽ صحافي گھنشام داس اڌلاڻي جن نياز ڪندا هيا. جيڪو هاڻ گھنشام داس جي اولاد صحافي ارجن داس اڌلاڻي، صحافي سريچند، راج ڪمار، سنيل ڪمار اڌلاڻي جن ڪندا آهن. ارجن داس محرابپور جي ماتمي جلوسن ۾ عزادارن کي سبيل پياريندو هلندو آهي.


    اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جو ڪردار

    هن جديد دور ۾ محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ ٿيندڙ ماتم ۽ مجلسن جي پروگرامن جي ڪوريج لاءِ محرابپور پريس ڪلب، محرابپور ميديا سينٽر ۽ پريس ڪلب محرابپور، جا سڀئي صحافي پنهنجي وس آهر ذميواريون ادا ڪندا آهن. جن ۾ سينئر صحافي عاشق حسين چنه، عزيز ميمڻ ۽ سليم مغل، گلڻ خان سهتو، قاضي علي محمد، مبشر گھمڻ، ارجن داس، نواز سولنگي، دودل نوح پوٽو، سريچند اڌلاڻي، ۽ عظيم نوناري جن شامل آهن؛ جيڪي شهر جي عزاخانن ۾ ٿيندڙ سڀني پروگرامن جي ڪوريج لاءِ سرگرم هوندا آهن. ساٿي ڪيمرامين رضوان ميمڻ، عنصر حسين سهتو پنهنجي ذميواري ڀرپور نموني نڀائيندا آهن.


    باب ڏهون

    محرابپور جا مولوي، خطيب ۽ ذاڪر اهلبيت

    مير رضا حسين ٽالپر (خطيب)، سيد اسد عباس شاهه صفوي (خطيب)، مولانا عطا حسين ’بَلاغي‘ کوکر، مولانا امداد حسين ’شجاعي‘ شيدي. مولانا علي خان ’واجدي‘ ساکاڻي بلوچ، مولانا سيد ثمرحسين’مشهدي‘ نقوي، مولانا وسيم رضا ’سُبحاني‘ خاصخيلي، مولوي بابر حسين خاصخيلي (شاگرد)، مولوي سيد مُطهر عباس نقوي (نجف _ شاگرد)، مولوي بشارت حسين خاصخيلي ”نجفي“ (شاگرد)، مولوي عامر اقبال نوناري (شاگرد)، مولوي صدا حسين سولنگي ’جوادي‘(شاگرد)، مولوي حادي بخش شيخ (شاگرد)، مولانا اوشاق علي عامر (ڳهيري) ۽ مولانا حيدر علي عامُرُ، جن مقصدِ حسين عليه السلام کي عام ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

    محرابپور جا ذاڪر
    سيد واحد علي شاهه نقوي، زوار عرض محمد فاضلاڻي (زوار مٺو، مرحوم)، زوار محمد يوسف چنه (ڪربلائي)، غلام سرور فاضلاڻي،علي نواز ڪنڀر، حادي بخش بڙدي، اميد علي خاصخيلي، سيد اسلم شاهه، سيد محمد شاهه، سيد ڪرم شاهه نقوي، فقير نواز علي مڱڻهار (نازڻ مـڱڻهار _ ٽنڊو ڪرم خان نظاماڻي)، خالد حسين شاهه’ترمذي، مير بنده علي خان ٽالپر (داڻا واهڻ)، مير علي ڏنو ٽالپر، جن مجلسون پڙهي عزاداريءَ کي فروغ ڏنو. ان کانپوءِ مير نظر حسين ٽالپر، سيد مجاهد شاهه ’ناشاد‘، امداد حسين سومرو ۽ نوجوانن ۾ ذاڪر فضل حسين خاصخيلي، سجاد حسين ’ساجدي‘ لنڊ بلوچ، جنسار حسين سهتو، اشفاق حسين ’قلندري‘ شيدي، شفا حسين ’بلاغي‘ کوکر، ۽ مولاحسين(عه) جو ننڍڙو مداح خوان ذاڪر محمد علي ٻرڙو جن شامل آهن جيڪي هن مهل تائين ذڪرِ آلِ محمد (ع) کي عام ڪرڻ ۾ پنهنجي حصي جو عزاداراڻو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.


    محرابپور جا مذهبي شاعر

    هتي جي شاعري اهلبيت جو ڳاڻيٽو ڪجھ هن ريت رهيو آهي. جن ۾ غلام جعفر شيدي، هي ٽنڊو علي آباد، قنڌرا ضلع خيرپور ميرس جو رهواسي هيو، هتي مير علي بخش ٽالپر وٽ رهندو هيو. هن کي شاعري ۽ نوحا پڙهڻ ۽ لکڻ جي سکيا پاڪستان جي نامور شاعر سيد اختر حسين شاهه ’چنيوٽيءَ‘ ڏني. سندس تخلص ’ آغا‘ هيو. سيد ارشاد شاهه، مير غلام حسين ٽالپر، ’مفلص،‘سيد علي گوهر شاهه زيدي، ’گوهر‘، مير نبي بخش ٽالپر ’مير مٺل‘ جنهن جي سنڌي نوحن جو ڪتاب:’شام ۾ شام‘ جو پهريون ڇاپو 1998ع ۽ ٽيون ڇاپو 2014ع ۾ ’چنگ پبليڪيشن محرابپور‘ پاران اچي چڪو آهي. مير رضا حسين ’رضا‘ (مير رضا حسين ٽالپر پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻه ڪتاب لکيا، ڪتاب: ’حالات حضرت حُجت عليه السلام‘ ۽ ٻيو ڪتاب: ’مقتل امام حسين عليه السلام،‘ جن جو مسودو نظر ثانيءَ لاءِ مولانا امدا حسين شجاعي کي ڏنل آهي.) سيد حسين شاهه ’سوز‘، فيض ٽالپر (ميربگھڙ)، سيد ظهير شاهه ’جعفري،‘ سيد مجاهد شاهه ‘ناشاد‘ جنهن جي سرائيڪي نوحن جو پهريون مجموعو ’عجيب قيدي هِن‘ سنه 2016ع ۾ اچي چڪو آهي. سيد ناظم حسين شاهه، سيد اشرف شاهه ( شرف)، سيد حسنين رضا شاهه زيدي، نياز حسين چنه اياز جوکيو، سبحان علي ٽالپر (ٻيو)، ۽ جميل حسين ٽالپر، نسيم علي (مڪئي) راڄپر، فقير مختيار حسين چانڊيو، سينگار علي سليم ڪنڀر، جن نوحا لکيا. هتان جي شاعرن کي رڳو نوحن ۽ قصيدن ۾ ئي نه پر، اوسارن جي صنف ۾ به اڳڀرائي حاصل رهي آهي. هتي سنڌي ٻوليءَ ۾ اوسارن جي پهرين شاعرا جو اعزاز مير فيض حسين ٽالپر جي امڙ سانئڻ کي حاصل آهي. جنهن جا لکيل اوسارا ايامِ عزا جي ڏهاڙن ۾ مستورات جي مجلس ۾ پڙهيا ويندا آهن. جنهن جو تعداد مختصر آهي.


    نوحن جون ڌُنون ترتيب ڏيندڙ موسيقار

    سيد ثابت علي شاهه جي مرثين تي ٿيندڙ عزاداريءَ کانپوءِ، سنڌ ۽ پنجاب جي شاعرن جا لکيل نوحا اڪثر فلمي گانن جي ڌُنون واري وزن بحر، تي ٺهيل هوندا هيا. جيڪي 1970ع تائين ماتمي جلوسن ۾ پڙهيا ويا. 1980ع کانپوءِ پنجاب جي شاعرن سيد اختر حسين (چنيوٽي) صابر، ناصر، بابر، ضيغم، ثقلين ۽ سيد گلزار شاهه جن جا لکيل نوحا فيصل آبادي موسيقارن جي خيالي ڌُنون تي ٺهيل هيا. جيڪي ماتمي جلوسن ۾ پڙهيا ويا.
    سنڌ مان پهريون ڀيرو، فيصل آباد واري انداز ۾، نوحي تي خيالي ڌُنون رکڻ جي ڪوشش؛ محرابپور جنڪشن مان فقير حسين بخش مڱڻهار 1983ع ۾ ڪئي. فقير حسين بخش مڱڻهار جي اهڙي محنت کي سنڌ، هند ۾ وڏو داد مليو. پوءِ آهستي آهستي فقير حسين بخش مڱڻهار (ڏاڏو) جون نوحن لاءِ ٺاهيل ڌُنون سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهلجڻ لڳيون جيڪي نوحا خوانن جي معرفت پنجاب به پهتيون. هي ڌُنون مختلف نوحا خوانن ۽ ذاڪرن جي معرفت سنڌ، هند مان سفر ڪري اڄ جڏهن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي چڪيون آهن؛ ته اڄ هن دنيا تي انهن جو تخليقڪار ناهي رهيو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ هزارن جي تعداد ۾ خيالي ڌُنون بنا ڪنهن معاوضي جي ٺاهيون، جنهن سنڌ جي عزاداريءَ ۾ نئون رنگ پيدا ڪري فروغ ڏنو. جيڪي نوحا خوانن، ذاڪرن، موسيقارن ۽ فنڪارن پنهنجن نوحن ۽ قصيدن ۾ پڙهي جَجھو داد ۽ دولت حاصل ڪيو.
    فقير ڏاڏي حسين بخش مڱڻهار کانپوءِ، ڪيترائي نوجوان موسيقار پيدا ٿيا جن عزاداريءَ جي هن سلسلي کي عام ڪيو. جن مان وڏن موسيقارن فقير وڏي جي زندگيءَ ۾ تمام سُٺيون ڌُنون ٺاهيون جنهن تي فقير وڏو پاڻ به کين داد ڏيندو هيو. جن ۾ بابو عبدالحميد ميمڻ (مامو حميد) هالاڻي. خانصاحب عبدالحميد راڄپر (انجنيئر) جن اچي وڃن ٿا. هنن کان پوءِ فقير گلاب علي مڱڻهار، سليم رضا مڱڻهار، فقير ڪرم حسين مڱڻهار، فقير ملازم حسين مڱڻهار ( ڏاڏي حسين بخش جو فرزند)، سيد مجاهد شاهه ’ناشاد‘ ۽ سيد جاني شاهه (شرف) شامل آهن.
    فقير حسين بخش مڱڻهار جي سڀني شاگردن مان فقير گلاب علي مڱڻهار، تمام گھڻيون ۽ مقبول ڌُنون ٺاهي فقير جي ڏنل فن کي زنده رکندو اچي ٿو. هي پنهنجي استاد فقير حسين بخش مڱڻهار جيان سڄو سال ان عظيم عبادت ۾ مصروف رهي ٿو. هي سال ۾ پنج هزار جي لڳ ڀڳ ڌُنون سنڌ، پنجاب جي نوحا خوانن لاءِ ٺاهي ٿو. سنڌ جي شاعرن کان علاوه پنجاب جا مشهور شاعر ۽ نوحا خوان جن ۾ حسين ’گوهر‘ شاهان، سيد عادل شاهه، محسن نقوي ’ثاني،‘ مظهر ليه، سيد رفيق شاهه، ذيشان حيدر ۽ قربان جعفري به پنهنجن نوحن تي هن کان ڌُنون رکرائيندا آهن. سندس خيال ۽ مزاج فقير وڏي جيان وسيع آهن.
    فقير گلاب مڱڻهار هن مهل تائين هند، سنڌ جي هنن مشهور راڳن، راڳ ڀاڳيسري، راڳي سِري، اَڀوڳي، ڪوهياري، جوڳ، مال ڪوس، دٻاري، چمن ڪلياڻ، جَجِونتي، ڀيرو، ڀيروي، ڀيم، سينڌڙو، پهاڙي، پوريا، ٽوڙي، راڻو، ملهار، تلنگ، دُرگاهه، مان هزارين خيالي ڌُنون ٺاهي چڪو آهي. فقير کي هن فن تي ايترو ڪنٽرول آهي جو کيس ڌُنن ٺاهڻ ۾ صرف 10 کان 15 منٽ لڳندا آهن. سندس ٺاهيل ڌُنون پاڪستان جا نامور نوحا خوان استاد ڪمن حاجاڻو، مير فيض حسين ٽالپر (ميربگھڙ) سيد حيدرشاهه بخاري، سيد افضل شاهه، سيد سردار حسين شاهه، مظهر لغاري، غلام رسول خاڪي، سيد شيرل شاهه، صاحب خان لاشاري، حسين بخش لاشاري، صادق لنڊ، نثار لنڊ، استاد بهرام سولنگي کان علاوه ڪيسٽ جي دنيا ۾ مختيار حسين شيدي (مرحوم) ميووه ڪليري، (مرحوم) سيد رضا عباس شاهه، مشڪور حسين ’ڪوثر،‘ خاصخيلي، قربان جعفري (پنجاب) ذيشان حيدر (پنجاب) ۽ ان کان علاوه سنڌ ۽ پنجاب جا هزارن جي تعداد ۾ نوحا خوان آهن جيڪي سندس خيالي ڌُنون پڙهن ٿا.
    فقير گلاب علي مڱڻهار سڄي سال ۾ پنج سئو کان ڇهه سئو تائين نوحن تي خيالي ڌُنون رکي ٿو. سندس تخليق ڪيل ڌُنن جو رڪارڊ محفوظ ناهي. هن ڪم ڪرڻ تي سندس چواڻي ته: ”اهڙي عمل سان منهنجي روح کي راحت ملي ٿي ۽ منهنجي علم ۽ عزاداريءَ واري عمل ۾ اضافو ٿئي ٿو، ساهه جي سڳي ٽٽڻ تائين عزاداري امام حسين عليه السلام جي مشن کي فروغ ڏيڻ وارو عمل بنا ڪنهن معاوضي ۽ ساهيءَ جي جاري رکبو. مالڪ ڪريم آهن هن ننڍڙي عمل جي صدقي ۾ پاڪ سانئڻ مونکي منهنجي سوچن کان وڌيڪ ڏنو آهي.“ فقير گلاب مڱڻهار مهمانواز، ۽ ڪشاديءَ دل وارو ماڻهو آهي. سندس ڪچهريءَ ۾ ويهڻ کانپوءِ اٿڻ تي دل ئي نه چوندي. نوحي تي ڌُن رکرائڻ لاءِ ڪهي آيل ڪنهن به عزادار کي ناراض ناهي ڪندو.
    راڳ جي دنيا ۾ فقير حسين بخش جيتري ڄاڻ رکندڙ، غلام عابد ٽالپر (مولائي سائين) به ڏاڏي حسين بخش سان گڏ عزاداريءَ جي فروغ ۽ پنهنجي نجات لاءِ ڌُنون ٺاهيون جيڪي ڏاڍيون مقبول ويون. جيڪي استاد ڪمن حاجاڻو، فيض حسين ٽالپر (ميربگھڙ) ۽ سيد مجاهد شاهه ’ناشاد‘ جن پڙهيون آهن.


    ماتمي جلوسن ۽ پِڙن تي واڄو ڪندڙ مڱڻهار

    هند، سنڌ ۾ نڪرندڙ ماتمي جلوسن ۾ دهل شرناءِ، ته ڪٿي بينڊ تي غمگين ڌُنون وڄايون وينديون هيون/. آهن. هندستان ۾ محرم الحرام جي ماتمي جلوسن ۾ به 200 طريقن ۾ بينڊ وڄايا ويندا هيا جنهن جو غمگين انداز سڄي ماحول کي ڏکارو ڪري وجھندو هو. جنهن بابت اسڪالر ڊاڪٽر ضمير اختر نقوي پنهنجي ڪتاب ’اقوام عالم اور عزاداري حسين‘ ۾ لکي ٿو ته: ”راجا محمود آباد جي پاران نڪرندڙ ماتمي جلوس ۾ 200 طريقن جا بينڊ هوندا هئا هر بينڊ وارو الڳ الڳ لحن نوحه رکندو هو. انهن سڀني اڳيان هندستان جو سڀ کان وڏو شهنائي نواز استاد بسم الله خان شرناءِ وڄائيندو هو.“[248] 21 مارچ 1916ع ۾ بهار جي ڊمرائون ضلعي ۾ جنم وٺندڙ خان صاحب بسم الله خان هر سال اٺين محرم الحرام جي ڏڻ تي گنگا ڪناري ويهي شرناءِ وڄائي جڳ کي روئاري وجھندو هو. بسم الله خان بابت BBC رپورٽر، حسن مجتبى، سندس مرتئي تي لکيل پنهنجي هڪ ڪالم لکيو ته: ”مون ميراثين ۽ محرم جي ماتمين کان ان جو ذڪر ايئن ٻڌو آهي ڄڻ امامن جو ذڪر ڪري رهيا هجن. هڪ ميراثيءَ چيو ته: ”بسم الله خان استاد ڌمالي فقير کان به وڏو شرناءِ نواز آهي.“ جڏهن ته علڻ فقير جو والد سنڌ ۾ هڪ وڏو ۽ مڃيل شرناءِ نواز هو.
    آيـا هـي ڪـربـلا مين غـريـب الـوطـن ڪـوئـي،
    سڀ ڪچهه هئي اس دنيا مين، ليڪن ميري ڪريم،
    ڀائي ڪـو ذبـح هـوتـي نه ديـکـي هين ڪـوئـي.
    هر سال بنارس ۾ گنگا جي ڪناري تي 8 محرم جي ڏينهن بسم الله خان جي شرناءِ ٻڌڻ لاءِ تقريبن سڀني مذهبن جا ماڻهو ايندا هئا. پنهنجو پاڻ کي شيعو چوڻ وارو بسم الله خان هندو مذهب جي موسيقي ۽ تعليم جي ديوي ”سرسوتي“ جي پوڄا به ڪندو هو.“[249]
    سنڌ جي ساهتي علائقي جي شهر محرابپور ۾ به محرم الحرام ۽ ٻين شهادتن جي ڏهاڙن تي امام بارگاهه ۽ ماتمي جلوسن ۾ دهل، شرناءِ ۽ مُتي تي واڄو ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ ڇهه تارُ وڄا يا ويندا آهن. جنهن بابت: فقير گلاب ۽ ”فقير عبدالله سمو“[250] چوي ٿو ته، پهريون تارُ ياحسين عه، ٻيو: شاهه پنجتن، ٽيون: ڍنڍ، چوٿون: ٽاهو، پنجون: حسن عه _ حسين عه، ڇهون: نولي، وڄائي اختتام ڪيو ويندو آهي. هر تارُ چئن ماترائن جو هوندو آهي. هي ڇهه ئي تار جِھمر، شادمانو ۽ ٽاهوءَ تي ترتيب ڏنل آهن جيڪي هونءَ تي خوشيءَ جي موقعي تي وڄايا ويندا آهن. پر، هتي انهن جو انداز عزاداراڻو ٿي ويندو آهي. ايام عزا جي ڏهاڙن ۾ دهل، شرناءِ ۽ مُتي تي ’هن ’تارُ‘مان هتي چيون ويندڙ ڌُنن جو تخليقڪار فقير علي ڏنو مڱڻهار هيو. جنهن اهو فن پنهنجي والد فقير موريل مڱڻهار کان سکيو. فقير موريل مڱڻهار جيڪو پنهنجي وقت جو وڏو موسيقار ۽ ان فن جو وڏو ڄاڻو هيو. فقير علي ڏني مڱڻهار جون ترتيب ڏنل ڌنون اڄ تائين امام بارگاهن ۽ ماتمي جلوسن ۾ چيون وڃن ٿيون. هتي امام بارگاهن ۽ ماتمي جلوسن ۾ دهل ۽ شرناءِ تي واڄي جي ابتدا علي ڏني مڱڻهار ڪئي. جنهن جو نسل هن مهل تائين ان سلسلي سان نڀائيندو اچي ٿو. جنهن جي فهرست ڪجھ هن ريت آهي.
    فقير علي ڏنو مڱڻهار: هي پهريون فقير هيو جيڪو پڙن، جلوس ۾ واڄو ڪندو هلندو هو. هن اهڙو فن پنهنجي اولاد کي به ڏنو. سندس وفات کانپوءِ اها ذميواري خانداني ورثي طور سندس اولاد فقير محمد يوسف مڱڻهار (جوسن فقير)، سنڀالي. جيڪا اڄ ٽين پيڙهيءَ تائين سندس خاندان ڏيندو اچي ٿو.
    محمد يوسف مڱڻهار، (جوسن فقير)
    محمد يوسف مڱڻهار (جوسن فقير) جو جنم: 4 ، 12 ، 1904ع تي علي ڏنو مڱڻهار جي گھر محرابپور ۾ ٿيو ۽ سندس وفات: 16 جنوري 1998ع، 17 هين رمضان المبارڪ 1418 هه محرابپور ۾ ٿي. هن فن جي سکيا محرابپور مان ئي پنهنجي والد فقير علي ڏنو مڱڻهار کان ورتي، هن فن جي اهڙي سکيا پنهنجي گھراڻي جي ٻين فردن کي به ڏني، جن ۾ سندس پٽ محمد يعقوب مڱڻهار، لال بخش مڱڻهار (لالو فقير)، منظور علي مڱڻهار (پٽ) ۽ محرم علي مڱڻهار (سندس نياڻو) ۽ سندس هڪ عزيز بشير علي مڱڻهار جن شامل آهن. يوسف فقير جي شاگردن ۾ ٻه پٽ، هڪ نياڻو ۽ هڪ عزيز سميت ڪل چار شاگرد شامل آهن.
    يوسف فقير، اڻ پڙهيل هيو، سندس ڪٽنب ۾ چار پٽ جن ۾، موريل فقير مڱڻهار، محمد يعقوب، منظور حسين، لال بخش مڱڻهار (لالو فقير)، ڇهه نياڻيون ۽ هڪ زال شامل آهن. سندس پيدا ڪيل شاگرد ساڻس گڏ عزاداريءَ ۾ ڊيوٽي ڏيندا، واڄو ڪندا هيا ۽ سندس وفات کانپوءِ به پنهنجي سڄي حياتي پنهنجي والد، استاد جيان، غمِ حسين عليه السلام جي ڏهاڙن ۾ عزاداريءَ ۾ ذميواريءَ سان نوڪري ڏيندا رهيا. اهو فن ۽ اها ڊيوٽي خانداني ورثي جيان پنهنجي اولاد ۾ منتقل ڪندا اچن ٿا. جيڪي اڄ تائين ان ڊيوٽيءَ کي ذميواريءَ سان نڀائيندا اچن پيا. محمد يوسف کانپوءِ سندس پٽ يعقوب فقير اها ذميواري سنڀالي .
    فقير محمد يعقوب مڱڻهار: محمد يوسف مڱڻهار (جوسن فقير) جي گھر ۾ جنم ورتو (وارثن کان سندس ڄمڻ جي تاريخ نه ملي سگھي آهي) هن فن جي سکيا پنهنجي والد جوسن فقير کان ورتي، تعليم، سنڌي پنج درجا پاس هيو. هڪ زال هيس جنهن مان اولاد ڪونه ٿيس، پاڻ 13- 6 - 2006ع 17 هين جماد الثاني تي محرابپور ۾ وفات ڪيائين. هن فن جي دنيا ۾ هڪ شاگرد: (پنهنجو ڀاڻيجو) طارق علي مڱڻهار (بَبلو) ولد محرم علي مڱڻهار کي تيار ڪيو، جيڪو ننڍ پڻ کان ئي ساڻس گڏ عزاداريءَ ۾ ڊيوٽي ڏيندو هيو. طارق علي (ببلومڱڻهار) عزاداري امام حسين (عه) ۾ هن مهل تائين ڊيوٽي ڏئي پنهنجي فن ۽ خاندان کي ذڪرِ حسين عه سان زندهه رکيو اچي پيو.
    فقير مجاهد حسين مڱڻهار، سندس جنم: 1984ع ۾ فقير غلام رسول مڱڻهار جي گھر محرابپور ۾ ٿيو، سندس تعليمي قابليت: مئٽرڪ پاس آهي، ضمير حسين ولد غلام رسول مڱڻهار فقير جن عبادت خاطر هن عزاداريءَ ۾ پنهنجو حصو شامل ڪندا آهن. هتي مڱڻهارن فقيرن کان علاوه ماتمي جلوسن ۾ دُهل واري عبادت ڪندڙ عزادار دُهلارين ۾ لطف علي شيدي (عرف لُطو شيدي)، جيئند علي شيدي (جيندو شيدي)، ولي محمد شيدي (استاد ولو) پروفيسر سليم رضا ملاح، عنايت علي ٻرڙو، دلاور حسين ٻرڙو ۽ عابس حسن ٻرڙو، نويد علي سهتو ۽ فرهاد حسين سهتو، مير حبيب الله خان ٽالپر (مير ڏاڏو) ۽ مير ڪاشف حسين ٽالپر (مير دادا) جن شامل آهن جيڪي محرم ۽ چهلم جي ماتمي جلوسن ۾ دُهل وڄائي پنهنجي آقبت سنواريندا آهن. هتي محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ عزاداري ڪرڻ لاءِ ٻين شهرن کان به مڱڻهار فقير ايندا هيا، جن مان ڪي دهل ۽ شهنائيءَ تي ڊيوٽي ڪندا هيا.
    ٻين شهرن کان ايندڙ مڱڻهار
    علي حسن مڱڻهار (ڳوٺ پير وسڻ)، ڪانڊيرو فقير (ڳوٺ پير وسڻ)، معشوق علي مڱڻهار (ڳوٺ ٽنڊو ميرعلي)، احمد حسن مڱڻهار ولد محمد بخش مڱڻهار (ڳوٺ پير وسڻ)، غلام مصطفى (پَرو) ولد الاهي بخش مڱڻهار (پير وسڻ) جن محرم جي ڏهاڙن ۾ هتي اچي ماتمي جلوسن ۾ پنهنجي حصي جي نوڪري پيش ڪندا آهن.
    مُتو وڄائيندڙ پِسَندُ فقير ۽ سندس ساٿي
    شرناءِ: هن کي اردو ٻوليءَ ۾ شهنائي ۽ سنڌيءَ ۾ شرناءِ چيو ويندو آهي. هتي ماتمي جلوسن ۾ پهرين شرناءِ ۽ هاڻ مُتو وڄايو ويندو آهي. هتي پهرين فقير علي ڏنو مڱڻهار سان دهل تي سندس وڏو پٽ محمد يوسف مڱڻهار (جوسن فقير) ۽ شرناءِ تي سندس ننڍو پٽ فقير امير بخش مڱڻهار ساٿ، جوڙ ۾ هوندو هيو.
    فقير اميربخش مڱڻهار: ڪورڪيءَ ويٺل هو. عزاداريءَ جي ڏهاڙان ۾ هتي اچي پنهنجي والد ۽ ڀاءُ سان گڏ جي اهڙي عزاداري ڪندو هيو، ڪورڪيءَ ۾ ئي وفات ڪيائين، اتي ئي دفن آهي. ان کانپوءِ اها ڊيوٽي سندس ئي خاندان جو نوجوان فقير پِسَندُ علي مڱڻهار (پِسو)، ڏيڻ لڳو. جيڪو اڄ تائين وڏي عقيدت ۽ احترام سان نڀائيندو اچي پيو.
    فقير پسند علي مڱڻهار
    فقير پسند علي مڱڻهار ولد سومر فقير مڱڻهار، 1969ع محرابپور ۾ جنم ورتو، تعليمي قابليت: انٽر، ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو مان پاس ڪيائين. هن ”دهل“ جي فن جي سکيا فقير سومر خان مڱڻهار ڳوٺ ( ٽوٻا ) کان ورتي ۽ ماتم جي شرناءِ جي سکيا پنهنجي ڏاڏي صوفن فقير کان ورتائين، ماتمي جلوسن ۾ باقاعدي ابتدا ڇهين محرم کُهنبي جي جلوس سنه 1986ع ۾ ڪيائين. ان وقت شرناءِ تي صرف پاڻ اڪيلو هيو، پوءِ آهستي آهستي هن ان فن کي پکيڙيو ۽ ڪيترائي نوجوان شاگرد پيدا ڪيا. سندس شاگردن جو ڳاڻيٽو ججھي تعداد ۾ آهي. جن مان ڪجهه شاگرد محرم الحرام جي ماتمي جلوسن ۾ سندس پيڇو (ساڻس گڏ، هم آواز ٿي) وڄائيندا آهن. سندس شاگردن ۾، شير محمد مڱڻهار ولد خير محمد مڱڻهار، مراتب علي ولد قادربخش مڱڻهار (ٽنڊو ڪرم خان نظاماڻي) حبدار علي ولد حاجن فقير مڱڻهار (پڊعيدن) حاڪم علي ولد غلام حسين مڱڻهار (گلو) ۽ جاويد علي ولد غلام رضا مڱڻهار شامل آهن. سندس سڀ شاگرد عزاداريءَ ۾ شامل ٿي سندس پيڇو، سندس آواز سان آواز ملائي وڄائيندا آهن.


    پِڙَنِ تي نَغارا وڄائيندڙ عَزادار

    نغارو: عربي لفظ عربي، ’نقاره‘، فارسيءَ ۾ نغارو، سنڌيءَ ۾ پڻ فارسيءَ جي اثر کان ’نغارو‘ ئي ڪم آندو ويندو آهي. ’جامع سنڌي لغات‘ موجب معنى آهي، ”واڄي يا وڏي دُهل جو هڪ قسم _ وڄندڙ ڊَمُ _ پٻڙ، ]ڀيڙ[ _ طبَل _ نوبَتَ _ ڪوسُ _ ٽَمَڪَ _ سڪندر اعظم جو ٺاهيل هڪ سازُ. نغارچي: نغارو وڄائيندڙ _ ڀيڙِ تي ڏونڪو هڻندڙ _ نوبتي.“ [251]
    سنڌ تي قديم دور ۾ عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جو اثر رهيو آهي، جنهن کان متاثر ٿي هي لفظ هتي رائج ٿيو. وڏن نغارن کي ’ڀِيڙ‘ چئبو آهي. جيڪا جنگ جي ميدان ۾ جنگي صدا بُلند ڪرڻ لاءِ وڄائي ويندي هئي. نغارو جنگ جو اعلان ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو، جنهن ڪري هن کي جنگي ساز به چئي سگھجي ٿو. هن جي دهشت ڀريي آواز، صدا ۾ جذبن کي جاڳائڻ جي سگھ هوندي آهي. معرڪي ڪربلا ۾ نغاري تي چوٽَ هڻي جنگ جو اعلان ڪيو ويو. نغاري جي تاريخ بابت امام علي بيگ افسر، روزانه ڪاوش اخبار ۾ ڏهين محرم واري پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”نغارو فارسي لفظ ”نقاره“ جي بگڙيل شڪل آهي. نغارو، طبل، نوبت ۽ سنڌي ۾ ڀير ڪوس هڪڙي ئي معنى رکي ٿو. نغارو جنگ جي نشاني آهي. جڏهن به جنگ ٿيندي هئي ته پهرين نغارو وڄائي جنگ جي ميدان ۾ جنگ ڪندڙن کي جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويندو هو، واقعي ڪربلا جي جنگ ۾ به نغارو وڄايو ويو آهي. نغارو ڪا خوشيءَ ۽ شاديءَ جي علامت نه آهي. هي نغارو مخصوص سنڌ ۾ امام حسين عه جي شهادت وارن ڏهاڙن ۾ وڄايو ويندو آهي. سنڌ ۾ نغارن جي تاريخ بابت اسانکي جيڪا ڄاڻ ملي ٿي اها هيءَ آهي ته: سلطان محمود ڪوڪلتاش عرف سلطان بکري جيڪو مغلن جي پاران سنڌ جي بکر شهر جو 962 ۾ نواب هو. هي شيعه اثنا عشريه هو. هن جو خان خانان بيرم خان جي عزيز گوهر تاج خانم بنت تردي بيگ سان نڪاح ٿيو. جيڪو خود شيعه هو. سلطان محمود جي شيعه هجڻ جي ڪري ايران حڪومت طرفان سيد جعفر شهِيد حضرت امام علي رضا عه جي روضئي منور جي نوبت خاني مان سلطان محمود جي لاءِ نغارن جي هڪڙي جوڙي آندي جنهن کي سلطان محمود نيڪ شگون سمجھي 12 هن جوڙيون نغارن جون 9 جوڙيون ڪوس جون ٺهرائي آستانئه قدس ڏي موڪليون. ياد رهي ته اڄ به امام رضا عه جي سحن جي دروازي جي مٿان شام يا صبح جو نغارا وڄندا آهن. جن جي جوڙ جڪ منهنجي اندازي مطابق ساڳي طرح سنڌ جي نغارن جهڙي آهي. سومرن ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ نغارن جو ايترو رواج نه هيو. البته ڀيريون وڄايون وينديون هيون. نغارن جو رواج صحيح معنى ۾ ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ پيو.“[252] نغاري جي وڄت، آواز ۽ تال بابت موسيقيءَ جو ڄاڻو شاعر رمضان واڍو پنهنجي ڪتاب: ’علم موسيقي‘ ۾ هڪ هنڌ هيئن لکي ٿو ته: ”نغارو هڪڙو وڏو تنهنجو نالو’نَرُ،‘ نغارو ننڍو تنهنجو نالو زيل
    زيل جا آواز ڪونڊِي جي ڪني کي ويجھا نڪرندا آهن ۽ نرَ جا آواز ڪونڊي واريءَ کل جي وچ مان نڪرندا آهن. اول نغارو زيل چاڙهي باهه تي تپائي؛ ڏونڪا ٻئي هٿ ڪري ٻئي نغارا آمسمهان رکي پهرئين چڙهت سواري يعنى طبل وڄائي، مهرو ڏيئي، پوءِ جيڪو تار وڄائي سو وڄائي. “[253]
    قديم دور ۾ محرابپور جي امام بارگاهن ۾ انگاسن هيٺان جڏهن نغارن تي چوٽَ لڳندي هئي ته، ان جي درد ڀري صدا تي ماحول ۾ سانت ڇائجي ويندي هئي. پوءِ ڀٽائيءَ جا بيت لبن مان ٻُرڻ لڳندا هيا ته:
    مُحَرَمُ موٽي آئيو، آئيا تان نه امام،
    مديني جا ڄامَ، مولا! مون کي ميڙِيين! [254]
    (شاهه)
    هتي ورهاڱي کان اڳ پِڙن تي نغارن وڄائڻ جو رواج هيو. جيڪو آهستي آهستي ختم ٿي ويو. وڏي نغاري کي ’ڌامو‘ ۽ ننڍي نغاري کي ’تالي‘ چيو ويندو آهي. تاليءَ کانسواءِ ڌامو نه وڄي سگھندو آهي. نغارن جي رواج کي ٻيهر جنم ڏنو ويو آهي. هتي اڳ وڏي پڙ، ملاحن جي پڙ ۽ وڏيري محمد بخش ساکاڻيءَ جي پِڙَ (حسيني چوڪ) تي، 20 ذوالحج ’علم حضرت عباس عه لهڻ کان وٺي تيرهين محرم الحرام تائين روزاني صبح، شام نغارا وڄندا هئا. وڏي پڙ تي وڄندڙ نغارن جو آواز ڪنن تي پوڻ کانپوءِ، سڀ عزادار آهستي آهستي امام بارگاهه ڀيڙا ٿيندا هيا. شام جي واڄي کانپوءِ مجلس شروع ٿي ويندي هئي. محرابپور ۾ هاڻ نغارا وڄائڻ وارو هڪ ئي فقير پسند علي مڱڻهار آهي؛ جيڪو ان قديمي فن کي ٻيهر جيئارڻ جا جتن ڪري رهيو آهي. هن ان فن جي سکيا فداحسين فاضلاڻي (رضا آباد) واري کان ورتي.
    وڏي پِڙَ تي نغارن وڄائڻ ۾ وڏي ڄاڻ رکندڙ ۽ سُريلن ماڻهن ۾ فقير توت مڱڻهار ۽ ان کانپوءِ ”استاد ارباب علي ميمڻ (هالاڻي)،“[255] وڏيرو لال بخش شيدي (لالو شيدي) مريد حسين ۽ سندس ڀاءُ مريد حيدر فاضلاڻي جن شامل هيا. ان کانپوءِ ڊاڪٽر مير ارشاد ٽالپر، مير رضا حسين ٽالپر، مير علي ڏنو، مير نظر حسين، لطف علي شيدي ( لُتو شيدي)، ولي محمد شيدي ۽ ٻيا عزادار ثواب خاطر وارو وٺندا هيا. هن پِڙَ تي نغارا 70ع جي ڏهاڪي تائين وڄندارهيا. هن قديمي فن کي ٻيهر جيئارڻ ۽ اوج ڏيارڻ لاءِ ڊاڪٽر مير نياز حسين ٽالپر ڪوشان آهي جنهن 2015ع کان هن پِڙَ تي (45) سالن کانپوءِ ٻيهر نغارن جون ٻه جوڙيون آڻي رکيون آهن؛ جنهن تي فقير پسند علي مڱڻهار واڄو ڪندو آهي. ميرنياز حسين جي خواهش آهي ته، شل! نوجوان عزادار هي فن سکي پون ۽ هر پِڙ تي وري ڪي نغارن مان ڪيڏاري جي سُرَ ۾ ياحسين ....! واهه ياحسين. ......! جون درد ڀريون صدائون محرابپور جي عزاخانن ۾ ٻُرن .....
    ملاحن جي پِڙَ تي شهمير ملاح ان بعد محمد هاشم ملاح (راقم جو نانو، ڏاڏو)، نغارا وڄائيندو هيو. هي سلسلو ٿوري وقت تائين رهيو. وڏيري محمد بخش ’ساکاڻي‘ جي پڙ تي به صبح، شام نغارن تي واڄو ڪيو ويندو هيو جنهن جي درد ڀرين صدائن تي مومن، ڪربلا جي واقعي کي ياد ڪري روئي پوندا هيا. هن پِڙَ تي نغارا فقير فضل حسين، فقير باغ علي مڱڻهار، نانو توت فقير ۽ صوف فقير، گلاب فقير جن وڄائيندا هيا.
    زوار پيراڻي جي پِڙَ تي 2010ع کان زوار اختر حسين نوناريءَ نغارا رکيا آهن جن کي فقير پسند علي مڱڻهار وڄائيندو آهي. هن وقت نوجوان عزادارن ۾ نغارا وڄائڻ جو شوق پيدا ٿي رهيو آهي. نوجوان عزادارن جو ان فن طرف اگر اهڙو رجحان رهيو ته ايندڙ پنجن سالن اندر وري اڳي جيان هر پڙ تي نغارن تي واڄو ڪيو ويندو. هن فن کي ٻيهر اوج وٺرائڻ لاءِ ڊاڪٽر نياز حسين ٽالپر جي حسرت آهي. جنهن تي هي ڪافي وقت کان سوچ ويچار ڪري رهيو آهي. نياز حسين ٽالپر سُريلن نوجوانن جو سٿ جوڙي انهن کي نغارن واڄائڻ جي تربيت ڏيارڻ جي ڪوشش ۾ آهي. مستورات ۾ اوائلي دور کان وٺي هن مهل تائين مجلس شروع ٿيڻ کان پهرين ’ڍنڍ‘ وڄائي ويندي آهي. عزاداري ڪرڻ وقت به ’ڍنڍ‘ تي اوسارا چيا ويندا آهن.


    مسجد ۽ مُتولي

    شيعه جامع مسجد (ميرن واري) مير مولابخش، مسجد جمڪلان (مير رحيم بخش) حسيني مسجد (ملاحن واري) مسجد صاحبُ الزمان عه، (ٻروچن واري) مسجد امام زين العابدين عه، (ميرمٺل واري)، مسجد ۽ امام بارگاهه علي رضاعه (سيد اختر عباس شاهه، نوناري محلا)، مسجد زينبيه صه، (سيد مُراد شاهه واري مسجد) ڳوٺ سيد خدابخش شاهه، محرابپور .
    شيعه جامع مسجد
    شيعه جامع مسجد: (ميرن واري مسجد)، هيءَ مسجد مير مولابخش سنه 1932ع ۾ ڪچي، ڪَچينِ سِرُنِ سان، ننڍڙي جوڙائي. ٻيهر وڏي ڪري پَڪين سرن سان جوڙائڻ لاءِ انجمن نوجوانانِ شيعه، جي اراڪين کي ذميواري ڏني. جن سنه 1965ع ۾ تعمير ڪرائي. انجمن نوجوانانِ شيعه پاران مسجد جي ٻيهر تعمير ۽ توسيع، لاءِ، 2 آگسٽ 1965ع ۾ هڪ پنج رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي جنهن ۾ هي عهديدار چونڊيا ويا. (1) صدر: سيد احمد شاه، (2) سيڪريٽري: محمد بخش نانگراج، (3) خزانچي: سيد عاشق علي شاه، (4) سيد عاشق حسين شاهه، (5) مولانا عنايت علي (پيش امام مسجد) جن چونڊيا ويا. جن مسجد جو تعميراتي ڪم مڪمل ڪرايو.
    ان بعد وڌندڙ آباديءَ، نمازين جي وڌڻ ڪري ٽيون ڀيرو (سندس پوٽي) مير علي بخش سنه 1998ع ۾ ان مسجد جو اڳيون حصو تعمير ڪرايو، سندس وفات بعد سندس ئي جمع ٿيل رقم مان مير مٺل، مسجد جو تعميراتي ڪم سنه 2003ع ۾ مڪمل ڪرايو. جيڪا اڄ تائين قائم آهي.
    هن مسجد جو مُتولي شروع کان وٺي هن ئي گھراڻي جو رهيو آهي. مسجد ۾ ٿيندڙ پروگرامن جو خرچ پکو هن ئي گھراڻي جا فرد ادا ڪندا آهن. مير علي بخش جي وفات کانپوءِ شامِ غريبان جي مجلس کان وٺي مسجد جي مُتوليءَ واريون سڀ ذميواريون هاڻ مير مُنير حسين نڀائيندو اچي پيو.
    هن مسجد کي آباد ڪرڻ ۾ بانيڪارن مير مولابخش، مير علي بخش، ۽ مير مُنير حسين ٽالپر کان علاوه، ٻاهران آيل مولوين کانپوءِ مقامي مولوي، مولانا عطا حسين بلاغيءَ جو اهم ڪردار رهيو آهي. جمع نماز هن ئي مسجد ۾ ٿيندي آهي. مسجد کي آباد رکڻ، مسجد ۽ نمازين جي ضرورتن جو خاص خيال رکڻ، مسجد ۾ ٿيندڙ پروگرامن جو بهتر انتظام ڪرڻ لاءِ مولانا عطا حسين بلاغيءَ 1983ع ۾”انجمن سپاهه مهدي“ جي نالي سان هڪ تنظيم ٺاهي جنهن ڪافي وقت تائين ڪم ڪيو. هن مسجد جو مُتولي پهرين مير علي بخش هيو، ان بعد مير مُنير آهي، جيڪو سڀ فرض خوشيءَ سان نڀائيندو اچي ٿو. بانين پاران هن مسجد جي انتظامن جي ذميواري فقير نازڪ چنه جي سپرد ڪيل آهي جيڪو سالن کان ان کي پنهنجي عبادت سمجھي بنا ڪنهن معاوضي جي نڀائيندو اچي ٿو. فقير نازڪ چنه عزادار گھراڻي جو فرد آهي. هن جو چاچو محمد بخش چنه، وڏو عزادار ۽ انجمن نوجوانانِ شيعه جو بنيادي ميمبر هيو. ڪجھ سالن کان هن مسجد جي پيش امام جون ذميواريون مولانا امداد حسين شجاعيءَ جي حوالي آهن جيڪو بنا ڪنهن معاوضي جي خوش اصلوبيءَ سان سرانجام ڏيندو اچي ٿو.
    مسجد جَمِڪَلانِ
    مسجد جَمِڪَلانِ: (مير ڪريم بخش واري مسجد)، هيءَ مسجد ڏيڍي مير محمد بخش اڳيان تعمير ٿيل آهي. هيءَ مسجد مير رحيم بخش جوڙائي، جيڪا پهرين ڪَچنِ سِرن سان تعمير ٿيل هئي. ٻيو ڀيرو سنه 1990ع ۾ پڪي ڪري جوڙائي وئي ته، هن مسجد جو نالو ’مسجد جمڪلان‘ رکيو ويو. هن مسجد جا بانيڪار ۽ مُتولي مير رحيم بخش ۽ ان جي اولاد آهي. جنهن کي هن وقت مير اشتياق (مير عباس ڏنو) سنڀالي رهيو آهي.
    حُسيني مسجد
    ملاحن واري حُسيني مسجد، هيءَ مسجد، پهرين لال بخش ملاح ڪچي تعمير ڪرائي. ان بعد مولابخش ملاح ۽ روشن ملاح سنه 1984ع ۾ پَڪي ۽ وڏي ڪري تعمير ڪرائي. شروع کان وٺي هن مهل تائين مسجد آباد ڪرڻ ۾ روشن ملاح جون ڪاوشون سرِفهرست رهيون آهن. هن مسجد ۾ سيد اختر عباس شاهه جي تعاون سان 1992ع کان باقاعدي، پنج وقت اذان سان نماز شروع ٿي. نمازين جي وڌڻ سبب ڪجھ سالن کانپوءِ هيءَ مسجد ڊهرائي سنه 1997ع ۾ ٽيهر ڪريم بخش ملاح، زوار عبداللطيف ملاح ۽ روشن علي ملاح پاران مومنن جي تعاون سان پڪي ۽ وڏي ڪري جوڙائي وئي. جنهن ۾ عاشق علي شاهه ترمذي، جي اولاد، رفيق سهتو، حسين بخش سهتو ۽ اقبال نوناري ۽ ٻين مومنن جو تعاون شامل رهيو. مسجد جي انتظامن کي سنڀالڻ لاءِ روشن ملاح پاران سنه 1997ع ۾” مسجد ڪاميٽي“ ٺاهي وئي. جيڪا 2001ع تائين رهي، ان بعد پنج رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي جيڪا (2001 کان 2016ع) هن مهل تائين ملاح برادري جي سهڪار سان ڀرپور نموني ڪم ڪري رهي آهي.
    اصغريه اسٽوڊنٽس ۽ اصغريه آرگنائيزيشن پاڪستان (يونٽ) محرابپور، جو ”مسجد جي پنج رڪني ڪاميٽيءَ“ سان سٺو سهڪار آهي. اصغريه جون سڀ گڏجاڻيون، هر معصوم جي ولادت جو جشن ۽ عشرو محرم الحرام کان پوءِ مجلس (خمسه) جي پروگرام سميت سڀ سرگرميون هتي ئي ٿينديون آهن. ملاحن واري مسجد ۽ امام بارگاهه، اصغريه آرگنائيزيشن محرابپور، جي هيڊ ڪواٽر طور استعمال ٿيندا آهن. ان کان علاوه شيعه علماءَ ڪائونسل جون ضلعي گڏجاڻيون به هتي ٿينديون آهن. هتان اختر نوناري، يارهين ربيع الاثاني تي سانئڻ فاطمه معصومه قمُ (ص) جي شهادت جي سلسلي ۾ 2013ع کان ماتمي جلوس برآمد ڪيو جيڪو اڄ تائين ڪندو آهي.
    مسجد جو پلاٽ زوار عبداللطيف ملاح سنه 1997ع ۾ مسجد ڪاميٽيءَ کي رجسٽري ڪري ڏنو. هن مسجد جو تاحيات مُتولي بخش علي ملاح (امتياز ملاح) ۽ روشن علي ملاح آهن. مسجد جو مُعذن اختر حسين نوناري آهي. جيڪو هر موسم ۾ اذان عبادت سمجھي ڏيندو آهي. 19،20،21 رمضان ۽ ڏهين محرم الحرام جي فجر جي اذان ٻڌڻ سان عزادارن جي دلين ۾ قُهرام مچي ويندو آهي. زوار اختر حسين جي ڏنل اذان تي هر مومن گھران روئيندو مسجد ايندو آهي. دورانِ نماز هر مومن جي اک غمِ حسين (عه) ۾ آلي هوندي آهي. موجوده وقت ۾ مسجد جو پيش امام مولانا حيدر علي سيال آهي. مسجد ۾ ماتم مجلس دوران نياز نذر هلائڻ جي ذميواري اقبال حسين نوناري جي هوندي آهي. مسجد جا ٻُهاريدار انور حسين چنه، فقير حامد رضا مڱڻهار (وتايو فقير) ۽ عباس رضا ملاح آهن.
    حسيني مسجد ڪاميٽي: پهرين ڪابينا
    سرپرست: زوار عبداللطيف ملاح، صدر: زوار امام بخش’نانگري،‘ جنرل سيڪريٽري: رفيق سهتو، جوائنٽ سيڪريٽري: عشرت سهته، خزانچي: روشن ملاح، منتظم اعلى: بخش علي (امتياز ملاح)، نائب منتظم: ضمير سهتو.
    ورڪنگ ڪاميٽيءَ جا ميمبر
    اختر حسين نوناري، نياز حسين سهته، فدا حسين سهته.
    مسجد ڪاميٽيءَ جي موجوده (2016ع) ڪابينا
    روشن ملاح، اختر نوناري، اقبال نوناري، نظر (نديم) سهتو، عشرت سهتو شامل آهن، جيڪي هن مهل تائين پنهنجي انداز سان ڪم ڪري رهيا آهن.
    مسجد امام زين العابدين عه
    مسجد امام زين العابدين عه : (مير مٺل واري مسجد)، هيءَ مسجد سنه 2004ع ۾ (زوجه) ميرنبي بخش خان (ميرمٺل) ’حيدري ڪالوني‘ ۾ تعمير ڪرائي. هتي پنج وقت اذان ۽ با جماعت نماز ۽ ٻارڙن کي ديني تعلم مولوي سجاد حسين لنڊ ’ساجدي‘ شروع ڪرائي، ان بعد آفتاب حسين فاضلاڻي اهي سڀ ذميواريون نڀائي رهو آهي. هن مسجد جو مُتولي مير فهيم حسين آهي. مسجد شريف جو سڄو خرچ و اخراجات مير فهيم حسين ٽالپر پنهنجي طرفان برداشت ڪندو آهي. جيڪو سلسلو جاري آهي.
    مسجد صاحبُ الزمان عه
    مسجد صاحبُ الزمان عه، (ٻروچن واري مسجد)، هن مسجد جو بنياد مولانا علي خان ’واجدي‘ بلوچ سنه 20 ذوالحج، 1998ع ۾ رکيو. پاڻ پنج وقت اذان ڏئي باجماعت نماز شروع ڪرائي ۽ پاڙي جي ٻارڙن کي ديني تعليم ڏني. سندس وفات کانپوءِ اهي سڀ ذميواريون سندس ڀاءُ ماجد علي بلوچ سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن مسجد ۾ پندرهين شعبان المعظم جي رات ولادت امام مهدي عليه السلام جي موقعي تي هڪ وڏو جشن ٿيندو آهي. هي جشن پهرين انجمن نوجوانانِ شيعه، پاران امام بارگاه ۾ ڀرپور نموني ملهايو ويندو هيو، مولوي صاحب پاران هيءَ مسجد آباد ڪرڻ کانپوءِ مولوي علي خان واجدي صاحب، 2004ع ۾ انجمن جي اراڪين مولائي ملاح (ليکڪ) ۽ سليم ملاح اڳيان خواهش رکي ته: ”اسانجي مسجد مولا صاحبُ الزمان جي نالي سان منسوب آهي انهيءَ ڪري اهو جشن اوهان اسانکي ڏيو.“ جنهن تي هي مولوي صاحب کي انڪار نه ڪري سگھيا چيائون سائين جيڪا اوهانجي مرضي، ان سال کان پوءِ هي جشن هن مسجد ۾ وڏي جوش جذبي سان ملهايو ويندو آهي.
    مسجد علي رضا عه
    مسجد علي رضا عه، (سيد اختر شاهه واري مسجد)، هن مسجد ۽ امام بارگاهه جو سنگ بنياد سيد عطا حسين شاهه 1979ع ۾ رکيو، جنهن جو افتتاح سيد امام علي شاهه ڪاظمي (سالار حسيني قافلا گمبٽ) ڪيو. ان کانپوءِ هن جون ذميواريون سيد اختر عباس شاهه سنڀاليون. جنهن 2015ع ۾ مسجد جو تعميراتي ڪم مڪمل ڪرائي مسجد آباد ڪئي. هن وقت مُتولي ۽ پيش امام پاڻ ئي آهي. هن مسجد جو بنياد رکندڙ سندس والد سيد عطا حسين شاهه هيو.
    مسجد پنجتني
    ”مسجد پنجتني: هن مسجد جو بنياد سنه 1965ع ۾ سيد احمد شاهه جي پِڙَ تي رکيو ويو.“[256] هن ئي پِڙَ تي سيد اسد عباس شاهه صفوي، صدر : انجمن سپاهه عباس، رجسٽرڊ نمبر: 1186، پاران تاريخ : 11 _ 11 _ 1983ع تي ”مدرسه آلِ رسول ﷺ، جي نالي سان بنياد رکيو.“[257] جيڪو ٿوري وقت ۾ ئي بند ٿي ويو.
    مسجد زينبيه (س) ۽ مدرسو: مڪتبِ اهلبيت عه
    ڳوٺ سيد خدابخش شاهه محرابپور، هي قديم ڳوٺ پهرين ديهه’لانگڙجي‘ ۾ شامل هيو جيڪو سنه 2001ع ۾ جنرل پرويز مشرف سرڪار جي جوڙيل ناظمي نظام کانپوءِ، محراب پور جي يوسي، 2 جي ٻن وارڊن وارڊ نمبر 15 ۽ 16 ۾ ورهايو ويو. هن ڳوٺ ۾ قائم قديمي مسجد جيڪا سيد مُراد شاهه جي حوالي سان مشهور هئي. تنهن کي 2007ع ۾ ٻيهر مومنن جي تعاون سان تعمير ڪري مسجد زينبيه (س) نالو رکيو ويو. مسجد ڀرسان پلاٽ خريد ڪري اتي ’مڪتبِ اهلبيت‘ جي نالي سان مدرسو قائم ڪيو ويو جتي ٻارن کي ديني تعليم ڏني وڃي ٿي. هن شيعه مدرسي جا بانيڪار مير غلام عابد، ڪريم بخش ملاح ۽ غلام قادر سهتو آهن. هن وقت ان مسجد ۽ مدرسي جي انتظامن جي ذميواري زوار امام بخش سهتو سنڀالي رهيو آهي.
    زوار امام بخش سهتو،(نانگري)، اصل ڳوٺ:’صوفائي سهتا‘ ضلع خيرپور ميرس، جو رهواسي هيو جيڪو مزدوريءَ سانگي محرابپور آيو. سنه 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ڳوٺان لڏي آيو. هن ملاحن جي صحبت ۾ 1990ع جي ڏهاڪي ۾ محبتِ اهلبيت اختيار ڪئي. ۽ 1997ع کان باقاعدي حُبِ علي عه ۾ رنڱجي مولا علي عه جو شيعو بڻيو. امام بخش سهتو، پورهيي جي حوالي کان پنهنجن ڀائرن جيان بهترين ’رازو‘ هيو جنهن ڪري ’استاد‘ سڏبو هو. درِ حيدر تي اچڻ کانپوءِ، ايران، عراق ۽ شام شهر جي مقدس جڳهن جون زيارتون ڪرڻ ۽ مقدس روضن جي چائنٺ چمڻ بعد ’زوار‘ ۽ امام حسين عه جو نياز، ننگر پچائڻ سبب ’نانگري‘ سڏجڻ لڳو. هڪ ئي وقت کيس درِ حسين عه تان ٻه لقب مليا ’زوار‘ ۽ ’نانگري‘ جيڪو هن وقت ٻنهي لقبن سان سڏجي رهيو آهي.
    زوار امام بخش نانگري، چوڏهن معصومن جو زوار آهي. ۽ ڪيترائي ڀيرا ايران، عراق ۽ شام جي مقدس مَقامن جو زوار بڻيل آهي. هن هتان ڪيترائي ڀيرا بنا ڪنهن ڪاروباري لالچ جي زوارن جا قافلا ڪڍيا. جن جي سڄي رستي ۾ پاڻ خدمت ڪندو هيو. محرابپور ۽ ان جي آس پاس جي علائقن ۾ جتي به نياز امام حسين عه ٿيندو اهو بنا ڪنهن اُجرت جي پاڻ تيار ڪندو.
    زوار امام بخش نانگريءَ جو هن شهر جي عزاداريءَ ۾ هڪ وڏو حصو شامل رهيو آهي. هي محرابپور جو متحرڪ عزادار آهي. هاڻ عمر جي وڌندڙ حد ۽ صحت جي ناسازيءَ سبب هاڻ اهي سڀ سرگرميون محدود ڪري ڇڏيون اٿائين. صرف محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ ميرن جي پِڙَ تي ٿيندڙ مجلس حسين عه جو نياز پچائي، مولا جي عزادارن ۾ پنهنجو نالو لکائي؛ پنهنجي حصي جو ثواب حاصل ڪندو آهي. هاڻي مدرسي جون سڀ ذميواريون ايمان جي سلامتيءَ سان نڀائيندو اچي ٿو.


    عيد گاهه عيد نماز

    هتي ورهاڱي کان پهرين عيد نماز گڏجي هڪ ئي عيد گاهه ۾ ادا ڪئي ويندي هئي. ورهاڱي بعد آيل نوَنِ مسلمانن (پناهه گيرن) ڪجھ سالن کانپوءِ، عيد گاهه ۾ مير برادريءَ جي مُکي مير مولابخش ٽالپر جي پهچڻ کان اڳ ئي عيد نماز ادا ڪرائي ڇڏي. اهڙي خبر جڏهن مير کي اڌ رستي ۾ پئي ته، هن عيد گاهه وڃڻ بجاءِ نونارين جي امام بارگاهه ۾ ٻي عيد نماز شروع ڪرائي. ان جي ٻئي سال سنه 1950/51ع جي ڏهاڪي ۾ عيد نماز، عيد گاهه بجاءِ درگاهه سيد مريد علي شاهه تي شروع ڪرائي وئي؛ جتي هن مهل 2016ع تائين ٿيندي اچي ٿي.
    عيد گاهه وارو پلاٽ شروع ۾ ٽالپر ميرن، جنوجيءَ جي مير محمد بخش ٽالپر (مير محمدو) وارن جي پراپرٽي هيو. جيڪو بعد ۾ محمد علي وٽو کي وڪرو ڪري ڏنو ويو.[258]
    فقه جعفريه جون عيد نمازو
    عزادارن جي وڌندڙ آبادي، وقت ۽ حالتن کي سامهون رکندي؛ عيد ڏڻ جي احساس ۽ ذميوارين کي محسوس ڪندي مومنن جي سهوليت خاطر. هتي پهريون ڀيرو ٻي عيد نماز مولوي سيد ثمر حسين نقوي جن عيد الفطر، سنه 14 نومبر، 2004ع ۾ مسجد جمڪلان ۾ ادا ڪرائي. جيڪا صرف هڪ دفعو ئي ٿي. ان بعد سيد مجاهد علي شاهه ’ناشاد‘، مهر علي ٻرڙو ۽ سندس سٿ پاران ٻي عيد نماز سنه 2008ع کان مرڪزي امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه ۾ شروع ڪرائي وئي. جيڪا چئن سالن بعد اتان ختم ڪري، سنه 2012ع کان بارگاهه شاهه نجف (بلوچ محلا) ۾ شروع ڪرائي وئي. جتي هن مهل تائين باقاعدگيءَ سان پنهنجي مقرر وقت تي ادا ڪئي وڃي ٿي.
    ملاحن جي پِڙَ تي ٿيندڙ عزاداري
    ملاحن جي قديمي پڙ تي ٿيندڙ مجلس عزا ۽ عزاداريءَ جي پروگرامن جي ترتيب ڪجھ هن ريت آهي. نائين ذوالحج شهادت جناب امير مسلم عليه السلام، پهرين محرم کان عشرو مستورات، يارهين محرم تي قديمي مجلس، 14 محرم کان 18 محرم تائين (اصغريه پاران خمسو)، 25 محرم شهادت امام زين العابدين عليه السلام، مستورات ۾: 8 _ 9 _ 10، 11 ۽ 12 صفر شهادت معصوم سڪينه صلام الله عليه، 19 ۽ 20 صفر چهلم حضرت امام حسين عليه السلام، 8 ربيع الاول جي رات شهادت حضرت امام حسن عسڪري (ع) جي مناسبت سان ۽ ڏينهن جو الوداعي عزاداري ٿيندي آهي. ان کان علاوه سڄي سال ۾ ڪيترائي ايصال ثواب جا پروگرام ٿيندا آهن.


    باب يارهون

    نياز اهلبيت سلام الله عليه

    22 رجب المرجب معجزي جو نياز
    هتي عزاداريءَ جا بنياد وجھڻ کانپوءِ ميرن کان علاوه شهر ۾22 رجب المرجب (معجزي) جو وڏو نياز ملاحن کانپوءِ صرف سيد بنده حسن شاهه (عرف بندو شاهه) ئي ڪندو هيو. بندو شاهه جي نالي سان اڄ به شاهي بازار ۾ ”بندو چوڪ“ مشهور آهي. هي سيد زادو 22 رجب المرجب تي امام جعفر صادق عليه السلام جي معجزي (ڪونڊن) جو نياز ان زماني کان تمام وڏي تعداد ۾ پنهنجي گھر ۾ ڪندو هيو. جيڪو سڄو ڏينهن هلندو هيو. سندس وفات کان پوءِ کيس غسل ڪفن سيد شادن شاهه نقوي ڏنو. سندس وصيت مطابق کيس ملاحن جي قبرستان ڀرسان لوهرن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. کيس پٽ جو اولاد نه هيو صرف 2 نياڻيون هيس. جيڪي سندس وفات کانپوءِ پنهنجي امڙ سان گڏ ڪراچي لڏي ويون. هي سيد وڏو عزادار هيو. هن 22 رجب واري نياز جي گھڻي تبليغ ڪئي. هن سيد جي حوالي سان محرابپور عزادار گھراڻي مان روايت ملي ٿي ته: ”هڪ ڀيري غلام صادق ٽالپر، کي خواب آيو ته: تون ستو پيو آهين ۽ منهنجي اولاد بک تي آهي.“ غلام صادق ٽالپر صبح ٿيندي ئي پاڙي جي سڀني سيدن جي خيريت معلوم ڪئي، پر کيس ڪو به سيد بک تي ويٺل نظر نه آيو، ائين هي پڇائون ڪندو نيٺ سيد بنده حسن شاهه جي دروازي تي پهتو، ان جا حالات معلوم ڪيائين جنهن اظهار ڪيو ته: ”ها! مان ٻن ڏهاڙن کان بک تي آهيان“. ان مهل ئي مير غلام صادق سندس معاشي مسئلو حل ڪيو.
    هن وقت ٻاويهه رجب المرجب (ڪونڊن) وارو نياز شهر ۾ عام ٿي چڪو آهي جيڪو محرم الحرام جي نياز جيان شهر جي هر محلي ۾ ڪيو ويندو آهي. جنهن کي هر مسلڪ جا ماڻهو وڏي شوق سان کائيندا آهن. جنهن لاءِ ڪابه پابندي لاڳو ناهي هوندي.
    مُحرم ۽ چَهلم جي ڏهاڙن ۾ ٿيندڙ نياز
    محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ امام بارگاهن کان علاوه شهر جي روڊن، رستن ۽ چوڪن تي عقيدتمندن پاران به وڏو نياز ڪيو ويندو آهي. ڏهين محرم تي امام بارگاهه انجمن نوجوانانِ شيعه، ۾ قاضي شاهه محمد (باني ايڊيٽر روزاني تعميرِ سنڌ ڪراچي) ان ئي امام بارگاهه ۾ چهلم امام حسين عليه السلام تي قاضي نظير احمد ۽ قاضي نثارحسين پاران وڏو نياز ڪيو ويندو آهي. 10 محرم جي رات مير مٺل پاران دال چانور، دوران جلوس سيد احمد شاهه جي پڙ تي ڊاڪٽر سيد قمر عباس شاهه پاران نياز ۽ فيصل مغل، رياض احمد مغل پاران چانهه جي سبيل ۽ عون قمر جوکيو ۽ مسلم رضا جوکيو پاران مخصوص نياز قيمو ۽ نانَ ڪيو ويندو آهي.
    صبح جو ملاحن جي پِڙَ تي ارباب ملاح پاران سڄي جلوس لاءِ وڏو نياز ۽ شام جو علي ڏنو ملاح، منور ملاح، ڊاڪٽر غلام محمد جانوري ۽ رضا ملاح ۽ (راقم الحروف) پاران سڄي جلوس لاءِ کير، شربت ۽ چانهه جي سبيل ڪئي ويندي آهي. ملاحن جي ان ئي پڙ تي چهلم جي موقعي تي به ائين ئي نياز تقسيم ڪيو ويندو آهي. ميرن جي پِڙ تي منظور ٽالپر، امام بارگاهه سونو خان چانڊيو تي ڏهين محرم صبح جو سندس پاران قديمي نياز تقسيم ڪيو ويندو آهي. امام بارگاهه ’شاه نجف‘ ۾ غلام نبي ’ساکاڻي‘چانڊيو (ايڊيٽر روزاني پاڪ ڪراچي)، امان الله خاصخيلي ۽ سندس برادريءَ پاران شامِ غريبان تي وڏو نياز ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته مستورات ۾ وري استاد غلام حيدر خاصخيليءَ پاران تاهريءَ (ڳڙ ۾ تيار ٿيل چانورن) جو نياز تقسيم ڪيو ويندو آهي. ان ئي جاءِ تي 20 صفر چهلم امام حسين عه جي موقعي تي فرمان علي خاصخيليءَ پاران وڏو نياز تقسيم ڪيو ويندو آهي.
    زوار عبداللطيف ملاح جي گھر ۾ اٺين محرم جي رات (جھنڊن) جي سڄي جلوس لاءِ 1983ع کان وڏو نياز ڪيو ويندو آهي. لانگڙجي ۾ سيد غلام عباس شاهه ۽ سيد نظير شاهه پاران چانهه جي سبيل ۽ نياز هوندو آهي. گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڀرسان 10 محرم الحرام تي محمد رمضان وڌڻ پوٽو ۽ ڇهين محرم تي محمد سليم وڌڻ پوٽو. نائين محرم تي غلام قادر سهتو پاران 1990ع کان نياز ڪيو ويندو آهي. اعجاز علي (لوهر) مغل ۽ محمد ڇٽل مغل، اويس علي آرائين (اويس وڊيو سينٽر) ۽ عون قمر جوکيو، اٺين محرم تي ذوالفقار علي ميمڻ ۽ اعجاز ميمڻ (ميرمحلا) ڇهين محرم درگاهه پير شير شاهه تي کُهنبي جو ماتمي جلوس پهچڻ مهل زوار حاجي مولابخش ملاح، ڇهين محرم جي صبح جو ڊاڪٽر زاهد حسين چاچڙ (شروع ۾ گھر اڳيان ۽ هاڻ لائين پار پلاٽن ۾ ڪندو آهي.) اطهر ناهيدُ ملاح (پنهنجي فارم واري بنگلي تي) ۽ نثار احمد ملاح (پنهنجي ملاحن واري پڙ تي) سيد امير علي شاهه ڪاظمي، (مير محلا) ان کان علاوه ٻيا به کوڙ سارا عزادار ۽ عقيدتمند آهن جيڪي ڇهين محرم، ڏهين ۽ چهلم جي موقعي تي وڏو نياز ڪندا آهن. محمد علي سهتو مرحوم، (محمدي سهتو)، سجاد علي سهتو ۽ صحافي گلڻ خان سهتو پاران تيرهين محرم تي پنهنجي زمين تي ڪافي سالن کان وڏو نياز ڪيو ويندو آهي.


    باب ٻارهون

    زيارت گاهه ۽ درگاهون

    ضريح اقدس مسافرِ شام سانئڻ زينب سلام الله عليها
    ضريحِ اقدس سانئڻ زينب (س) مسافرِ شام: هيءَ ضريح مبارڪ مير محلا ۾’شيعه جامع مسجد‘ جي ڀرسان نصب ٿيل آهي؛ جيڪا مومنين جي زيارت وَ حاجات ۽ زواريءَ جو ذريعو بڻيل آهي. هن زيارت جو ڪم 1987ع ۾ حَسن بخش ٽالپر (شمن سائين) شروع ڪرايو، جنهن کي مستري غلام حسين شيخ 1988ع جي آخر ۾ مڪمل ڪيو. هن زيارت گاهه جو مُتولي حسن بخش ٽالپر ۽ ان جا گھر ڀاتي آهن. ضريح پاڪ ۽ شيعه جامع مسجد جو ٻُهاريدار فقير نازڪ حسين چنه آهي.
    ضريح پاڪ زائرين لاءِ هر وقت کليل هوندي آهي. ضريح پاڪ تي (زوجه) مٺل ٽالپر پاران 2004ع کان مومنين لاءِ ٿڌي پاڻيءَ جي وڏي سبيل ٺهرايل آهي، هتي هر جمع جي رات ۽ سومر تي زائرين جي عام ڏهاڙن کان وڌيڪ آمد ٿيندي آهي. ايامِ عزا جي ڏهاڙن ۾ مومنين مستورات جي رات ڏينهن تمام گھڻي رش هوندي آهي. هتي شهر جي مومنين مستورات جون اٺين ذوالحج کان ويندي اٺين ربيع الاول تائين مجلسون ۽ عزاداريءَ جا پروگرام ٿيندا آهن. محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ ته هڪ ڏينهن ۾ هتي چار چار مجلسون پڻ ٿينديون آهن.
    ضريح مبارڪ تي مستورات لاءِ عشرو محرم ۽ چهلم جو پروگرام (زوجه) حَسن رضا ٽالپر پاران 2008ع کان ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ شهر کان علاوه ڪوٽڏيجي جون ذاڪرياڻيون گھرايون وينديون آهن. آيل مومنين لاءِ بانيءِ مجلس پاران نياز ننگر ۽ سبيل جو ڀرپور انتظام ٿيل هوندو آهي. هن ضريح پاڪ تي ڏهين محرم جي ڏينهن انجمن نوجوانانِ کان (مسز) امتياز ملاح مستورات جو هڪ وڏو ماتمي جلوس ڪڍي ايندي هئي. (مسز) امتياز ملاح پاران سانئين زينب سلام الله عليها جي ولادت جي حوالي سان 2 رجب المرجب تي مستورات لاءِ هڪ وڏي جشن جو اهتمام ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ سيده زينب صه جي سالگرهه جي حوالي سان ’ڪيڪ‘ ڪاٽيو ويندو آهي. سڀني مومنين ۾ جشن جي حوالي سان مٺائي ۽ ڪيڪ جو نياز تقسيم ڪيو ويندو آهي. جشن کي خطاب لاءِ شهر جي قصيده خوان ۽ ذاڪرياڻين کان علاوه ڪوٽڏيجيءَ کان ذاڪرا دعوت ڏئي گھرائي ويندي آهي. هن جشن جي شروعات سنه 2007ع کان ٿي جيڪو هن مهل تائين جاري آهي.
    ضريحِ اقدس حضرت امام حسين عليه السلام
    ضريح اقدس حضرت امام حسين عليه السلام، امام بارگاهه، زوار پيراڻو نوناريءَ ۾ نصب ٿيل آهي. هيءَ ضريح پاڪ ڪراچيءَ ۽ حيدر آباد جي ڪاريگرن اڍائي سالن ۾ مڪمل ڪئي، جيڪا زوار اختر حسين نوناريءَ کي 2016ع ۾ تيار ٿي ملي. هن ضريح پاڪ تي جمع جي رات مستورات ۽ ڏينهن جو عزادارن جي ڀرپور آمد ٿيندي آهي. هن امام بارگاهه جو ٻُهاريدار ڪامريڊ ولايت حسين نوناري ۽ مُتولي ضمير حسين نوناري ۽ زوار اختر حسين نوناري آهن.
    ضريح حضرت غازي عباس علمدار عليه السلام
    هيءَ ضريح مبارڪ حضرت غازي عباس علمدار عليه السلام جي نالي سان منسوب آهي. جيڪا ’جوکين‘ جي پِڙ تي زيرِتعمير آهي. هن ضريح پاڪ جي هال جو بنياد زوار رفيق سهتي ۽ زوار نديم سهتي سنه 2007ع ۾ رکيو. ان بعد هن ضريح پاڪ جي تعميراتي ڪم کي حيدر علي (حيدري) جوکيو، مومنين جي تعاون سان جاري رکيو، جنهن ڪافي حد تائين ڪم ڪرايو آهي. هن ضريح پاڪ جي گُنبذ، نيلن تي پلستر جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. باقي ڪم هلندڙ آهي. حيدر علي (حيدري) جوکيو هن امام بارگاهه جي باني گھراڻي جو فرد آهي جيڪو هن امام بارگاهه جو مُتولي آهي.
    درگاهه پير مُريد علي شاهه بادشاهه
    درگاهه بابا سيد مُريد علي شاهه: هيءَ قديمي درگاهه مير محلا ۾ قائم آهي. هتي سرڪار جن جي آمد قديم آهي. پاڻ سنه 1853ع کان ڪجھ سال اڳ ظهور ڪيائون. ”ڪوٽڏيجيءَ کان ڪهي آيل مير غلام مصطفى ٽالپر جڏهن سرڪار جي صحن ۾ اچي پکڙا اڏيا ته، سرڪار جن کين رهڻ نه ڏنو. جنهن بعد مير هِتان اٿي ٿورو اڳتي وڃي نئون ڪوٽ اڏي رهڻ لڳو.“[259]
    ان بعد هن بزرگ هستيءَ موليڏنو سهتو جي ڏاڏي وڏيري جُنگ فقير سهتو کي بشارت ڏني جنهن سندن روضو مبارڪ تعمير ڪرايو. وڏيرو جُنگ فقير سهتو، پهرين سرڪاري ڪوٽوار هيو، سائين مُريد علي شاهه کيس نيانءُ ڏنو ته: ”سرڪاري نوڪري ڇڏي منهنجي نوڪري ڏي، جنهن ۾ سائين جن کيس ٽي شيون ڏسيون، جوت جلاءِ (ڏيئو ٻار) صفائي، ٻُهاري ۽ مَٽي (سبيل) جُنگ فقير سرڪار جا ڏنل ٽئي تحفه هانوَ سان هنڊائي ان ڏهاڙي کان ئي سرڪاري نوڪري (ڪوٽواري) ڇڏي، فقيري لباس پائي اچي مُرشد جي نوڪري شروع ڪئي.“[260] جُنگ فقير سهتو پهرين سائينءَ جي چئوکنڊي ۽ ننڍو ڪمرو تعمير ڪرايو، سائينءَ کيس هڪ ”کٿي _ ڪٿي“ ڏني جيڪا ’جِنَ‘ ورتل ماڻهوءَ جي مٿان وجھبي هئي ته. ’جِنُ‘ ڀڄي ويندو هيو. انهن ڏينهن ۾ جِنن جا ورتل ماڻهو شفا خاطر، جُنگ فقير کي پري پري دوڙ، سانگھڙ، نواب شاهه ۽ ٻين شهرن تائين وٺي ويندا هيا. واپسيءَ تي سُکيا ماڻهو کيس تحفه طور زمين جو ٽڪر به ڏيندا هيا. ائين هن 40 کان 50 ايڪڙ تائين دوڙ پاسي زمين ٺاهي ورتي، ڪجھ وقت کانپوءِ اها زمين وڪڻي، محرابپور ۾ ديهه لانگڙجي ۽ ديهه محرابپور ۾ اچي زمين ورتائين. جتي سندس ڪڙيو وهندو هيو جيڪو اڄ به رڪارڊ ۾ ’وڏيري جُنگ جو ڪڙيو‘، ديهه لانگڙجي ۽ ديهه محرابپور ۾ موجود آهي. جُنگ فقير، پاڻ کي ڪڏهن به وڏيرو نه سڏايو. پر زمانو کيس زميندار ڏسي وڏيرو سڏيندو هيو. هن آخري گھڙين تائين پنهنجي زندگي سادگيءَ سان فقيري ويس ۾ گذاري. هو پاڻ کي فقير سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هيو.
    وڏيري جُنگ فقير کانپوءِ سندس فرزند محمد بخش سهتو، درگاهه جي نوڪري ڏني. ان بعد سندس فرزند فقير موليڏنو سهتو درگاهه جي، ٻُهاري، سبيل ۽ ڏيئو ٻاري نوڪري ڏني. ان بعد ڪجھ وقت تائين استاد ديدار حسين سهتو به سرڪار جي نوڪري ڏني. ان کانپوءِ فقير موليڏنو سهتو جو پوٽو جاني فقير سهتو اهڙي نوڪري ڏيندو اچي ٿو. هن درگاهه جو هن مهل تائين مُتولي فقير موليڏنو سهتو جو خاندان ئي آهي. فقير موليڏنو سهتو، درگاهه بابا سيد مريد علي شاهه جو روضو مبارڪ ۽ يادگار بابا مريد علي شاهه جي نالي سان شهر ۾(حسيني چوڪ تي ) حسيني سبيل پنهنجي خرچ سان تعمير ڪرائي جنهن لاءِ هن 50 ايڪڙ ذاتي زمين وڪرو ڪئي. جيڪي اڄ تائين موجود آهن. ان کان علاوه درگاهه تي هڪ ڪمرو غلام عابد ٽالپر ( مولائي سائين) جوڙايو، ۽ هڪ پڪو مسافر خانو سيد ابرار علي شاهه (ناظم _ تعلقه محرابپور) سرڪاري خرچ تي جوڙايو. سرڪار جي وفات جي تاريخ 27 ذي القعد، عرس مبارڪ تي ميلو لڳندو آهي. جنهن ۾ صوفيانه رنگ ۾ راڳ ويراڳ جي محفل ٿيندي آهي.
    عرس مبارڪ جي موقعي تي سرڪار جو پَڙُ ملاح محلي مان علي مراد ملاح جي گھران دهل شرناءِ سان کڄندو آهي. سرڪار جي دستار مبارڪ ڪجھ وقت پهرين شاهد حسين شاهه’ترمذي‘ ۽ هاڻ 2016ع کان فقير قلندربخش خاصخيلي (چاچو ڪارو) ۽ ميندي جاني فقير سهتو جي گھران کڄندي آهي. سرڪار جو پَڙُ ۽ ميندي کڻڻ لاءِ درگاهه تان هڪ جلوس نڪرندو آهي. جنهن ۾ فقير گھراڻي جا فرد ۽ شهر واسي مست قلندر جي ڌمال تي رقص ڪندا پهرين فقير موليڏنو سهتو جي گھران سرڪار جي ميندي کڻندا آهن پوءِ علي مراد ملاح جي گھران سرڪار جو پَڙ کڻي هڪ وڏي جلوس جي صورت ۾ ڌمال هلڻندا درگاهه تي پهچندا آهن. هي سڀ رسمون بابا سيد مريد علي شاهه جي روضي جي ساڄي پاسي کان رکيل بابا سيد بچل شاهه لاءِ به ساڳئي نموني ٿينديون آهن. بابا سيد بچل شاهه بادشاهه جي مزار تي به ان ڏهاڙي ساڳئي ئي انداز سان پڙ، دستار ۽ ميندي کڄي ايندي آهي.
    دستارمبارڪ، ميندي ۽ پَڙ چاڙهڻ جون سڀ رسمون ادا ٿيڻ کانپوءِ قلندر شهباز رح جي ڌمال لڳندي آهي. ان بعد زائرين ۾ سرڪار جو مخصوص ننگر تِلُ ورهايو ويندو آهي. ننگر جو سلسلو سڄي رات جاري رهندو آهي. ان بعد محفل شروع ٿيندي آهي جيڪا فجر مهل ختم ٿيندي آهي. سرڪار جي عرس مبارڪ جي پڄاڻي اڇي صبح جو سندس درٻار ۾ لڳندڙ شهنشاهه قلندر رح جي ڌمال سان ٿيندي آهي.
    ”وڏيري جُنگ فقير جي دور ۾ هن ميلي جون رسمون ٽي ڏهاڙا هلنديون هيون جنهن ۾ نشات سئنيما (ان وقت سئنيما نه هئي صرف خالي زمين هئي) وٽ شام جو اُٺن، گھوڙن، ڏاندن جي ڊوڙ ۽ ملهه ملاکڙو ٿيندو هيو. درگاهه جي آس پاس ۾ مٺائيءَ جا دوڪان به لڳندا هيا. فقير موليڏنو سهتو جي دور ۾ هي ميلو ساڳئي تاريخ تي هڪ رات ۽ هڪ ڏينهن ڪيو ويو. ڪجھ وقت کانپوءِ اهو هڪ رات تائين محدود ڪيو ويو.“[261]
    هن درگاهه تي شعبان مهيني جي 21 هين تاريخ تي مستورات جي ڌمال لڳندي آهي. جنهن جي بانيڪار مولائي ملاح (ليکڪ) جي امڙ، صحافي سريچند اڌلاڻيءَ جي امڙ ۽ صحافي غلام اڪبر خواجه جي امڙ آهن جن پنهنجي زندگيءَ تائين هن درگاهه تي شهباز قلندر رح جي ڌمال لڳرائي. سرڪار جي ڌمال تي مٺي ماني ’روٽ‘ جو مخصوص نياز مولائي ملاح (ليکڪ) جي امڙ ڪندي هئي جيڪو سلسلو اڄ تائين قائم آهي.
    هاڻ ڌمال جو بندوبست سڄي شهر جي مستورات ۽ زوجه فتح محمد جتوئي پاران گڏيل نموني ڪيو ويندو آهي. سرڪار جا ڪيترائي معجزاه ٿيل آهن. درگاهه تي عام ڏهاڙن کان علاوه ماهه ’پهرين سومر‘ تي زائرين عقيدتمندن جي وڏي آمد ٿيندي آهي. سرڪار تي ترسندڙ حاجتمند سواليءَ جي خدمت قلندربخش خاصخيلي (چاچي ڪاري) پاران ڪئي ويندي آهي. درگاهه جو مُتولي هاڻ جاني فقير سهتو آهي. ۽ ٻُهاريدار قلندر بخش خاصخيلي (چاچو ڪارو) آهي.
    هن درگاهه تي ڇهين محرم کُهنبي جو جلوس، اٺين محرم جھنڊن جو جلوس، ڏهين محرم جي رات تعزين جو جلوس ۽ چهلم جي ماتمي جلوس جي آمد کان سرڪار ابوطالب عه جي شهادت جي سلسلي ۾ جلوس هتان برآمد ڪيو ويندو آهي. ۽ 8 ربيع الاول جو ماتمي جلوس هتي ختم ٿيندو آهي. درگاهه تي ماتمي جلوسن جي آمد دوران چانهه جي سبيل ۽ نياز نذر جو بندو بست جاني فقير پاران ڪيو ويندو آهي.
    مزار سيد بچل شاهه بادشاهه
    درگاهه پير سيد مُريد علي شاهه ۾ سرڪار جي روضه جي ساڄي پاسي کان سيد بچل شاهه بادشاهه ۽ ان جي ڀرسان معصوم سيد زادي جي هڪ ننڍڙي مزار آهي جيڪي سائين مريد علي شاهه بادشاهه جا سئوٽ، ويجھا عزيز ٻڌايا وڃن ٿا. سائين جن جي هت آمد قديم آهي. روايت ملي ٿي ته: ”سائين بچل شاهه بادشاهه جن محمد ڪوڙل (ڪوڙي کٽي) سومري کي پاڻ خواب ۾ آيا ۽ چيائون ته: مونکي هتان ڪڍ، هتي ماڻهو مونکي لتاڙين ٿا. هن چيو سائين مونکي ڪيئن خبر پوي ته اوهان ڪٿي دفن آهيو. سائين چيس ته ان هنڌ تي ليڪو نڪتل هوندو، هي صبح جو خواب ۾ ڏٺل ان هنڌ پهتو ته اتي ليڪو نڪتل هيو. هن سائينءَ کي جڏهن ٻاهر ڪڍيو ته سائين ماشاءَ الله ائين لڳو پيو هيو ڄڻ هاڻ دفن ٿيو آهي.“ سائين جن پهرين مير مٺل جي گھر اڳيان ٺهيل سبيل واري هنڌ دفن هيا.“[262]
    درگاهه پير سيد شير شاهه بادشاهه
    درگاهه بابا سيد شير علي شاهه: هن بزرگ هستيءَ جي هن شهر ۾ آمد قديم زماني کان ٻڌائي وڃي ٿي، پر ظهور سنه 1950ع کان ڪيو اٿن. هيءَ قديم درگاهه ريلوي لائين ڀرسان قائم آهي. هن درگاهه جو تاريخ 25 شعبان المعظم تي عرس مبارڪ ملهايو ويندو آهي. سرڪار جي مزار تي پَڙُ رضا حسين ملاح، نذاقت علي ملاح پاران ملاحن جي امام بارگاهه مان مست قلندر جي ڌمال تي وڏي جلوس جي صورت ۾ کڄندو آهي، جيڪو اسٽيشن روڊ کان ٿيندو سڌو سرڪار جي درٻار تي پهچندو آهي. پَڙُ چاڙهڻ واري تقريب کانپوءِ صحن ۾ لعل قلندري شهباز جي ڌمال تي عقيدتمندن جي رقص ٿيندي آهي ان بعد زائرين ۾ سرڪار جو لنگر تقسيم ڪرڻ کانپوءِ عارفاڻي محفل شروع ٿيندي آهي جيڪا سڄي رات هلي پِرَ ڦُٽيءَ مهل پڄاڻيءَ تي پهچندي آهي.
    هن درگاهه پير سيد شير شاهه بادشاهه تي هر ماهه پهرين جمع جي رات زائرين، عقيدتمندن جي وڏي حاضري ٿيندي آهي. هن درگاهه جو پهريون مُتولي سنه 1950ع کان حاجي مولابخش ملاح هيو. (سندس جنم: 1926ع ۽ وفات:25 ذوالحج، 26 جنوري 2006ع ۽ دفن _ 27 جنوري آهي) ان بعد ڊاڪٽر ممتاز ملاح آهي جيڪو هن مهل تائين درگاهه جون سڀ ذميواريون شوق سان سنڀاليندو اچي ٿو.
    درگاهه تي لڳندڙ ميلي تي نياز ننگر جو بندوبست، امام بارگاهه، مسجد ۽ ڇهين محرم الحرام تي کُهنبي جي ماتمي جلوس لاءِ ٿيندڙ وڏي نياز وغيره جو سڄو انتظام ممتاز علي ملاح جي ذمي هوندو آهي. هي پنهنجن سڀني ذميوارين کي وڏي عقيدت، احترام ۽ ايمان جي سلامتيءَ سان نڀائيندو اچي ٿو.
    درگاهه تي ڇهين محرم الحرام ’کهنبي‘ جو ماتمي جلوس 1964ع کان ايندو آهي. جلوس پهچڻ بعد مجلس عزا شروع ٿيندي آهي. بعد مجلس مومنين ۾ نياز امام حسين عليه السلام تقسيم ڪيو ويندو آهي. هن درگاهه جي پويان ۽ امام بارگاهه جي ڀرسان ننڍي قبرستان ۾ هڪ وڏي شخصيت شاعر آلِ محمد (ص) ارشاد حسين شاهه مدفن آهي. جنهن جي مزار تي 13 هين صفر تي گمبٽ کان ڀٽ شاهه لاءِ نڪرندڙ حسيني قافلو، پنهنجي سالار تي سلامي ڏيڻ ايندو آهي. جتي سالار قافلا سيد سردار شاهه، استاد ڪمن حاجاڻو، سيد حيدر شاهه بخاري ۽ سيد افضل شاهه ’افضل‘ جن نوحا خواني ڪندا آهن. جن جي نياز ننگر جو انتظام سائين ارشاد شاهه جي اولاد ۽ مرحوم ڊاڪٽر محمد الياس هاشمي جي اولاد پاران ڪيو ويندو آهي.
    هن بزرگ هستيءَ جو پهريون روضو مبارڪ زوار مولابخش ملاح (25 سالن جي ڄمار ۾) سنه 1951ع ۾ جوڙايو، بعد ۾ ممتاز ملاح، آگسٽ 1998ع ۾ پڪو ڪري جوڙايو، هن روضي جو ڪم 27 مهينا هليو جنهن جو ڪاريگر پٺاڻ خان ملاح، عظيم ڪالوني نوابشاهه جو رهواسي هيو. درگاهه جي صحن ۾ ڊاڪٽر سائين عاشق علي شاهه ترمذي ۽ سندس زوجه، ۽ مين گيٽ تي مُتولي فقير حاجي زوار مولابخش ملاح مدفن آهن.
    فقير مولابخش ملاح مونکي ٻڌايو هو ته: ”منهنجي ڦوهه جواني (24 _ 25 سالن جو هيس) هئي مان لوهرن جي زمين ۾ پنهنجي ڪم ۾ مصروف هيس ته، مونکي ساڄي پاسي کان سڏ ٿيو، مولابخش هيڏي اچ! مون ڪنڌ ورائي ڏٺو ته ڪابه شئي نظر نه آئي، وري پنهنجي ڪرت ۾ مصروف ٿي ويس، وري ساڳيو سڏ ٿيو، پر نظر ڪابه شئي نه آئي، وري ائين ٽيون ڀيرو وضاحت سان سڏ ٿيو ته: مولابخش مان سيد شير شاهه آهيان. ڪافي وقت کان هتي آهيان تون اچ منهنجي خدمت ڪر، منهنجي مزار جو نشان نڪتل اٿئي هتي مزار، روضو ٺهراءِ، هن چيو مان ان آواز جي اندازي تي سڌو ان جاءِ تي پهتس جتان مونکي آواز اچي رهيو هو. مون اتي پهچي ڏٺو ته واقع زمين تي لڪير جو نشان نڪيل هيو، ان ڏينهن کانپوءِ مون عاشق جو روضو ٺهرائڻ شروع ڪيو. مولابخش ملاح سيد شير شاهه کي سڄي زندگي عاشق جي نالي سان مخاطب ٿيندو هيو. سرڪار جڏهن به کيس پنهنجي زيارت ڪرائي ته پاڻ سائي لباس ۾ ملبوس نظر آيا.“[263]


    باب تيرهون

    محرابپور جي قديم ڳوٺن ۾ ٿيندڙ عزاداري

    ڳوٺ سيد خدابخش شاهه ۾ ٿيندڙ عزاداري
    ڳوٺ سيد خدابخش شاهه، (ديهه لانگڙجي) ۾ سيد غلام عباس شاهه نقوي ۽ سيد خادم حسين شاهه نقوي، پاران ٿيندڙ مجلس عزا ۽ عزاداريءَ جي پروگرامن جي فهرست هن ريت آهي.
    8، 9 محرم الحرام، 12 صفر، 1،2،3، جمادالاول، 19، 20، 21، رمضان، 11، 12 شوال، 13، 14، 15 هين جمادالثاني، ان کان علاوه مستورات لاءِ امام بارگاهه (سيد مٺل شاهه) ۾ 11، 19 صفر، 12، 24، 25 محرم الحرام، 18 رمضان، 16 ذوالحج، 5 ربيع الاول، 25 رجب المرجب تي مجلس عزا، 9 شوال المڪرم تي شب بيداري ٿيندي آهي. امام بارگاهه سيد مٺل شاهه، جي مُتولي سيد محسن شاهه نقوي، پاران 2016ع کان امام بارگاهه جو نالو، امام بارگاهه ڪربلا (سيد مٺل شاهه) رکيو ويو آهي. هن امام بارگاهه جو باني سيد مٺل شاهه ۽ مُتولي سندس ئي خاندان مان آهي. هن امام بارگاهه مان سيد محسن شاهه نقوي، پاران 20 صفر تي شهر جي مرڪزي جلوس ۾ محمل پڻ ڪڍيا ويندا آهن. سيد محسن شاهه نقويءَ 2015ع ۾ نائين محرم تي روهڙيءَ ۾ نڪرندڙ ’ڪربلا‘ جهڙي هڪ زيارت ٺاهرائي جيڪا ڏهين محرم جي رات جلوس ۾ ڪڍندو آهي.
    امام بارگاهه زينبيه (س)
    امام بارگاهه ڪربلا (سيد مٺل شاهه _ ڳوٺ سيد خدابخش شاهه، ديهه لانگڙجي) هن امام بارگاهه جي ڀرسان تقريبن 20 سال پراڻي امام بارگاهه ۾ (زوجه) غلام اڪبر خاصخيليءَ پاران 2015ع کان ضريح اقدس سانئڻ زينب سلام الله عليها رکي وئي آهي؛ جنهن ڪري هن امام بارگاهه جو نالو ”امام بارگاهه زينبيه“ رکيو ويو آهي. 2014ع کان هتي پهرين محرم کان تيرهين محرم تائين مستورات جي مجلس ٿيندي آهي. 18 ۽ 20 صفر تي مجلس ٿيندي آهي. ان کان علاوه 21 رمضان جي مجلس ٿيندي آهي. ڏهين صفر تي هن امام بارگاهه کان امام بارگاهه ڪربلا (سيد مٺل شاهه) تائين معصوم ٻارڙن جو جلوس ٿيندو آهي. جيڪو معصوم سڪينه (ص) جي ڏکن ۽ دردن جي ياد تازه ڪندو آهي.
    ڳوٺ گاهي راهوءَ ۾ عزاداري
    هن ڳوٺ ۾ عزاداريءَ جو سلسلو 1995ع کان شروع ٿيو. جيڪو هن ڳوٺ جي معزز شخصيت استاد، اديب، شاعر ۽ فقيري مزاج رکندڙ استاد رسول بخش شيخ شروع ڪيو. جنهن سلسلي کي سندس اولاد ۽ برادري هن مهل تائين سهڻي نموني سان هلائيندا اچن ٿا.
    هن ڳوٺ ۾ نائين محرم الحرام تي ’ٽنڊو ڪرم خان نظاماڻي‘ مان انجمن مداحِ اهلبيت پاران 1995ع کان هڪ وڏو ماتمي جلوس استاد رسول بخش شيخ جي اوطاق تي لڳل علم حضرت عباس عه وٽ اچي ڀرپور نموني عزاداري ڪرڻ بعد پير عثمان شاهه، سانوڻ راهو ۽ ٻين پڙن تي پنهنجي روٽ سان روانو ٿي ويندو آهي. هن جلوس جي ماتمدارن لاءِ نياز ۽ سبيل جو انتظام استاد رسول بخش شيخ جي اولاد کان علاوه سانوڻ راهو ۽ ٻين مومنن پاران ڪيو ويندو آهي.
    هتي 28 صفر شهادت حضرت امام حسن المجتبى عليه السلام جي مناسبت سان 2014ع کان وڏي مجلس عزا ٿيندي آهي. جيڪا صبح جو 10 وڳي شروع ٿي شام جو 6 بجي ختم ٿيندي آهي؛ جنهن کي سنڌ جا نامور عالم ۽ ذاڪر خطاب ڪندا آهن. بعد مجلس عزاداري ٿيندي آهي جنهن ۾ مير فيض ٽالپر، فقير ملازم مڱڻهار جن نوحه خواني ڪندا آهن. هن عزاداريءَ جو سڄو اهتمام حامد علي شيخ، نويد علي شيخ، ڪاظم رضا شيخ، رياض حسين شيخ، قاسم علي شيخ ۽ اڪرم علي شيخ جن ڪندا آهن. 2015ع کان 17 ربيع الاول تي هڪ وڏو جشن رسول خدا ﷺ جي مناسبت سان منعقد ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ نياز، سبيل وغيره جو سڄو انتظام نظام الدين شيخ پاران ڪيو ويندو آهي.
    ان کان علاوه هن ڳوٺ ۾ 2000ع کان ڏهين محرم الحرام، تيرهين محرم ۽ 20 صفر چهلم حضرت امام حسين عه جي سلسلي ۾ وڏي نياز جو اهتمام ڪيو ويندو آهي جيڪو سڄو ڏهاڙو هلندو آهي. ڏهين محرم ۽ چهلم جي نياز جو بندوبست نديم حسين شيخ ۽ تيرهين محرم جو نياز استاد رسول بخش شيخ (مرحوم) پاران ڪيو ويندو آهي. هن ڳوٺ ۾ شروع ٿيل پروگرام پنهنجي ترتيب سان هن مهل تائين ٿيندا اچن ٿا. هن ڳوٺ ۾ 2014ع کان مستورات جي عزاداريءَ جا پروگرام پڻ شروع ٿيا آهن. جيڪي پهرين محرم کان ڏهين محرم تائين مختلف گھرن ۾ ٿيندا آهن.


    باب چوڏهون

    محرابپور جي عزاداريءَ جا ڪردار

    حُسينيت جي راهه جو شهيد: مير قربان علي ٽالپر
    مير قربان علي ٽالپر اصل تعلقه روهڙي، هاڻوڪي تعلقه، صالح پٽ، جي شهر ’جَنوجي‘ جو رهواسي هيو. سندس جنم سنه 1951ع مير شفقت حسين ٽالپر جي گھر ۾ ٿيو. محرابپور جي ٽالپر ميرن مان شادي ڪرڻ بعد باقي حياتي هتي ئي مير محلا ۾ گذاريائين.
    مير قربان علي ٽالپر، مير غلام عباس خان ٽالپر جو ٻيون نمبر نياڻو هيو. جنهن کي هتان جو مذهبي ماحول ايترو پسند آيو جو هن زندگيءَ جا باقي ڏهاڙا هتي ئي گذاريائين. مير قربان علي ٽالپر، تمام وڏو عزادار هيو، خون جي ماتم ۾ تلوار ۽ خنجر جو ماتم جذباتي انداز ۾ ڪندو هيو. وٽس وارُ ڪرڻ (ضرب هڻڻ) جو ڏانءُ ۽ عشقِ حسين عه ۾ شهادت ماڻڻ جو وڏو شوق هيو. دوران عزاداري جڏهن پنهنجي سيني تي تلوار جو وارُ ڪندو هيو ته، سندس سيني جو ماس ٻه ڦاڪون ٿي پوندو هيو. تلوار جي ماتم ڪرڻ سبب سندس سيني تي وڌيڪ وارَ (ضرب) سهڻ جي سهپ نه هئي جنهن ڪري مٿي ۾ تلوار جو ماتم ڪندو هيو.
    سنه 1993ع ۾ ڏهين محرم الحرام جو جلوس جڏهن چاڪين جي پِڙَ تي پهتو ته، اتي خون جو ماتم شروع ٿيڻ سان ئي ست ٺڪائي چاقوءَ جو وارُ پنهنجي هانوَ تي ڪري، حُسينيت جي راهه ۾ پنهنجون جانيون گھوريندڙن جي فهرست ۾ نالو لکايائين. کيس 11 هين محرم الحرام تي ميرن جي امام بارگاهه ۾ علم حضرت عباس عه کان 12 فوٽن جي فاصلي تي اوڀر پاسي مدفن ڪيو ويو.


    انٽرويو

    ڀائي رحم علي ٻرڙو
    ڀائي رحم علي ٻرڙو تلوار جو بهترين ماتمي هيو. سندس جنم، 2 جنوري 1966ع (ٽنڊو مير علي مردان) ۽ وفات 20 فيبروري 2014ع ڪراچي ۾ ٿي. هي پهرين محرابپور لڳ ٽنڊو مير علي مردان ۾ ويٺل هيا، جڏهن ٽنڊو ڦِٽو ته ان جي ڪجھ سالن بعد سنه 1970ع جي آخر ۾ محرابپور لڏي آيا. هي تلوار جو تمام جوشيلو ماتمي رهيو ۽ تلوار جو’پَلٿو‘ هڻي ماتم ڪندو هيو. پَلٿو: وار ڪرڻ کان پهرين تلوار کي هوا ۾ لَهرائي، ابتو سبتو ڦيرائي پوءِ سيني تي وار ڪرڻ کي هتي پَلٿو چوندا آهن. جامع سنڌي لغات موجب: ”پَلٿو: تلوار هٿ ۾ کڻي ان کي ڦيرائڻ.“[264]
    رحم علي ٻرڙي ’پَلِٿي‘ جي اهڙي سکيا سيد علي گوهر شاهه زيدي کان ورتي. هن اهڙي ماتم جي شروعات چهلم تي انجمن نوجوانان جي امام بارگاهه مان 1980ع کان ڪئي. هن جا شاگرد غلام عباس خاصخيلي، غلام اڪبر خاصخيلي هيا جن کي هن تلوار جو ماتم ڪرڻ سيکاريو. پاڻ 5 دفعا ڪربلا ۽ شام جي زيارت جو شرف حاصل ڪيائين. هي انٽرويو کانئس زندگيءَ جي آخري سال جنوري 2014ع ۾ ورتو ويو.
    زوار ڀائي رحم علي ٻرڙو ڏسي ٿو ته: شمشير زني جي ماتم جي 20 سالن بعد مونکي ’شوگر‘ جي تڪليف ٿي. هڪ ڀيري شوگر 300 تي هئي ته، مان ٻيهر تلوار ۽ زنجير جو ماتم ڪيو؛ منهنجا زخم ٻين عزادارن کان پهرين ڇٽا، ختم ٿيا. تلوار جي ماتم بابت ڏسي ٿو ته: بس! اوچتو دل ۾ خيال آيو ته، هي ماتم ڪجي. اوزار به وڏو آهي، غمِ حسين (عه) جو درد به گَهِرو هيو. زوار رحم علي ٻرڙو پنهنجي زندگيءَ ۾ چاقو، زنجير ۽ تلوار جو ماتم ڪيو. سندس چواڻي ته: اگر هن دنيا ۾ نه رهيا سين ته هُن دنيا ۾ به عزادارن سان ’تلوار‘ جي ماتمي حلقي ۾ گڏ هجبو. ڀائي رحم علي، سيني تي تلوار جا وارَ ڪرڻ جي سکيا سيد علي گوهر شاهه زيدي، کان ورتي پوءِ اهڙي سکيا پاڻ ٻين عزادارن تقي محمد خاصخيلي، غلام عباس خاصخيلي ۽ ٻين عزادارن کي ڏنائين.
    ڀائي رحم علي ٻرڙي کان هي انٽرويو: 13 جنوري 2014ع _ 14هن ربيع الاول تي رات جو 8 وڳي مهرعلي ٻرڙو جي گھر ڪراچي ۾ ورتو ويو. هنن ڏهاڙن ۾ ڀائي رحم علي شوگر جي مرض ۾ تمام گھڻو مبتلا ٿي چڪو هيو، جنهن ڪري هو ڏڪي ڏڪي منهنجن سوالن جا جواب ڏئي رهيو هيو. بيماريءَ سبب گھڻو وقت به ويهي نه ٿي سگھيو، ويهڻ کان معذرت ڪيائين. آخري لفظ چئي موڪلايائين ته: ”اگر مولا زندگي ۽ صحت ڏني ته وري به تلوار جو ماتم ڪبو. ۽ ان ماتم کي عام ڪبو.“ رحم علي ۽ سيد علمدار رضا زيدي.(سيد ڏاڏا شاهه) جن جي عزاداري ڏسي، شهر جي نوجوان ماتمي حلقي ۾ تلوار جي ماتم جو شوق پيدا ٿيو. تلوار جي ماتمين ۾ اضافو آيو.
    حسين بخش (ڌمالي) خاصخيلي
    نالو: حسين بخش ولد زوار امير بخش ذات خاصخيلي. جنم ڳوٺ (ٽنڊو مير مهراب خان) هاڻ رهائش محرابپور وارڊ 15 دادا ڀائي ڪاٽن فيڪٽريءَ جي پويان اٿس. خون جي ماتم جي شروعات ننڍپڻ کان بليڊ جي ماتم سان ڪيائين. پوءِ گرز، تلوار، بليڊ، زنجير، چاقو، ڇَلي جو ماتم ڪيائين. گھڻو ماتم تلوار جو ڪيو اٿس. تلوار ۾ استاد سندس ڀاءُ غلام رضا خاصخيلي ۽ ان جو استاد وري مرحوم سيد علي گوهر شاهه زيدي هيو.
    ڌماليءَ جي شاگردن ۾سيد منظور حسين شاهه (لانگڙجي)، سيد ٻُڍل شاهه (لانگڙجي)، محمد جمن بلوچ (پير شير شاهه محلا،محرابپور)، سدا حسين خاصخيلي ۽ سُڌير حسين خاصخيلي (ڀائٽيو) ۽ ٻيا ڀوڳڙي شاخ وارا خاصخيلي اٿس. هن 9 سالن جي عمر ۾ تلوار جو ماتم شروع ڪيو. سندس چواڻي ته: تلوار جو ماتم مون تي، سيده فروه خاتون (س) جي عنايت آهي.
    ڌماليءَ! چواڻي ته: تلوار جو ماتم مون تي شهزاده قاسم (عه) جي امڙ سانئڻ فروه خاتون (س) جي عنايت آهي. ٿيو ائين ته: آئون 10 سالن کن جو هيس جو منهنجي کاٻي هٿ جي ٻيو نمبر آخري آڱرِ ۾ بَلا، نانگ جا ڪنڊا لڳي ويا، جنهن سبب هٿ مڪمل طرح سان سُڄي ويو؛ انهن ڏهاڙن ۾ آئون هتي ملاحن جي مشهور هوٽل، ”شاهين هوٽل“ تي مزدوري (بهرا گيري) ڪندو هيس. ڇهين محرم الحرام جي رات ٿي وئي، آئون ان ارمان ۾ سمهي پيس ته سڀاڻي ٽنڊي ۾ ’کُهنبي‘ جو ماتم آهي سڀ عزادار خون جو ماتم ڪندا ۽ آئون ان سعادت کان محروم رهجي ويس. ڏاڍو ڏک هيوم، اهي ڳالهيون سوچيندي سوچيندي ننڊ اچي وئي. مون خواب ۾ ڏٺو ته هڪ ڪاري برقعي واري بي بي آهي. جيڪا منهنجي ساڄي پاسي کان بيهي مونکي چوي ٿي ته:’تون منهنجي ٻچڙي جو ماتم نه ٿو ڪرين، چيم آئون مجبور آهيان، هٿ ڏيکاري چيم، چيائين هٿ کي ڪهڙي طاقت آهي جو توکي ماتم کان روڪي، هيٺ اشارو ڪري چيائين هي کڻ، مان هيٺ جو نظر ڪيان ته، تلوار زمين تي پئي هئي، مون جيئن ئي تلوار ۾ زور ۽ جوش سان هٿ وڌو ته منهنجو هٿ وڃي کٽ جي ٻانهيءَ کي زور سان لڳو ته منهنجي اک کلي وئي،‘ کڻي جو ڏسان ته منهنجي سڳل هٿ مان گند وهڻ شروع ٿي ويو آهي. پوءِ آئون خوش ٿيس. صبح جو ٽنڊي وڃي عزادارن سان انهيءَ ئي هٿ سان زور سان تلوار جو ماتم ڪيم.
    هڪ ڀيرو انجمن نوجوانانِ شيعه، جي سرپرست ڪريم بخش ملاح ماستر دلاور ٻرڙو کي چيو ته: ڌماليءَ کي تلوار ناهي ڏيڻي، اهو انڪري جو گذريل سال مون تلوار جو تمام گھڻو ماتم ڪيو. ۽ زخم به گھڻا ۽ گهرا هيا. جنهن ڪري اسانجي مذهبي اڳواڻن مون لاءِ اهو فيصلو ڪيو ته توهان هاڻ تلوار جو ماتم نه ڪيو. ماستر دلاور تلوار انجمن جي ڪمري ۾ ڪُلف ۾ بند ڪري ڇڏي. ماتم امام بارگاهه ۾ ختم ٿيو پر تلوارون اسانکي نه مليون. چاڪين جي پڙ تي ڀاءُ چيو ته انجمن وارا تلوارون ڪو نه ٿا ڏين اسان گھران ڪو ٻيو هٿيار به ڪو نه آندو آهي. ڏينهن به لهي ويندو اسان ماتم کان محروم ٿي وينداسين. مون ٿوري دير اڳ ڪريم بخش ملاح کي ڌمڪي ڏني ته، اگر تلوار نه ملي ته مان زندگي ڀر ماتم نه ڪندس. منهنجي ڀاءُ جا لفظ ختم نه ٿيا ته خون جي ماتم جو دهل شروع ٿي ويو. منهنجي نظر سامهون علم پاڪ جي دِڪيءَ تي پئجي وئي ڏٺم ته 2 تلوارون پيون آهن. اسان ٻنهين ڀائرن اهي تلوارون کڻي ماتم ڪري وري اتي ئي رکيون. اسان کي خبر نه پئي ته اهي تلوارون ڪنهن رکيون ۽ پوءِ ڪاڏي ويون. اسانکي زخمي ڏسي ڪريم بخش ملاح ماستر دلاور کي چيو ته: دلاور مان جو توکي منع ڪئي هئي ته ڌماليءَ کي تلوار ناهي ڏيڻي، پوءِ تو تلوارون ڇو آنديون. ان مهل ئي ماستر دلاور پنهنجي کيسي مان چاٻيون ڪڍي چيو ته: صاحب! هي چاٻيون کيسي ۾ ۽ تلوارون انجمن جي ڪمري ۾ ڪُلف ۾ بند پيون آهن. پوءِ هت تلوارون ڪنهن، ڪيڏانهن آنديون ڪائي خبر ناهي. بابا مولائي سائين! عزادارن کي سانئڻ جي عطا آهي اهي زماني ۾ ڪنهن جي حڪم جا محتاج ناهن. دنيا جو رنگ رهي نه رهي، عزادارن جو انگ وڌندو ويندو. هن کي روڪڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. هيءَ عشق ۽ ايمان جي منزل آهي. ماتمدارن کي منهنجي سانئڻ زينب سلام الله عليها جي دعا آهي. غمِ حُسين عه جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويندو. دنيا نه رهندي، پر عزاداري رهندي، عشقِ اهلبيت وڏي ڳالهه آهي اسان جنت الفردوس ۾ به مظلوم ڪربلا جو ماتم برپا ڪنداسين.
    (هي انٽرويو: ڌماليءَ کان پنهجي امام بارگاهه ۾ هڪ وڳي منجھند، 20 مارچ 2014ع تي ورتم.)




    سڄڻن جا ساريم سانگ!
    اختر علي قاضي
    انجمن نوجوانانِ شيعه، کي امام بارگاهه لاءِ پلاٽ ڏيندڙ محترم اختر علي قاضي کي اولاد ۾ ٽي پٽ ۽ ٽي نياڻيون آهن. پاڻ هتي امام بارگاهه جي کاٻي پاسي کان پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ دفن آهي. قاضين جي قبرستان ۾ داخل ٿيندي ئي کاٻي پاسي کان پهرين قبر اختر علي قاضيءَ جي آهي. سندس قبر تي صبح، شام علم عباس (عه) جي ڇانوَ رهي ٿي.
    قاضي اختر جي اولاد جي رهائش ڪاروبار سانگي شهر کان ٻاهر ڪراچيءَ ۾ آهي. سندس وڏو پٽ پرويز علي قاضي ڪراچي، ٻيو نمبر پٽ سليم علي قاضي ’ڪينيڊا‘ ۽ آخري پٽ جاويد علي قاضي ڪراچيءَ ۾ ئي رهائش پذير آهي. قاضي اختر هن شهر جي سماجي ۽ باوقار شخصيت هيو. سندس يادون وسارڻ جهڙيون ناهن. جيڪي اڄ به اسان کي ڀٽائيءَ جي بيت جهڙيون ڀاسجي رهيون آهن.
    آيل! اوطاقُون، ڪري ڪيچي هليا،
    سُڪيون نه سيڻن جي، ماڳَن تان ماڪُون،
    نِسوريُون ناڪُون، سَڃي هليا سورَ جِيون.[265]
    (شاهه)

    بندر بازاريون، سڃا سامونڊين ريءَ!

    ڊاڪٽر سيد عاشق علي شاهه تِرِمِذي
    ڊاڪٽر سائين عاشق علي شاهه ’ترمذي،‘ بابت مليل ڄاڻ موجب: سائين جن جا وڏڙا اصل هندستان ج شهر ’جَلَندر‘ جا رهواسي هيا، جيڪي ورهاڱي کان اڳ جا پهرين پنجاب ’چيچاوطني‘ پوءِ سنڌ، محرابپور ۾ اچي آباد ٿيا. هي خاندان هتي ورهاڱي کان اڳ جو آباد آهي.
    ڊاڪٽر سائين عاشق علي شاهه عزاداريءَ جو وڏو عاشق هيو. جنهن ڪري بنا ڪنهن ذات پات واري فرق جي سڄو سال عزادارن جي خدمت ڪندو رهيو. وڏو سخي مرد هيو. شهر جي عزاداريءَ ۾ سندس خاندان جو وڏو حصو شامل آهي. هن شهر جي عزاداريءَ کي اوج ڏيارڻ لاءِ ڇِڙِ وِڇِڙِ ٿيل عزادارن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري، تنظيم سازي ڪرڻ جو خواب هيس، جنهن کي ملاحن، عزادارن جي سهڪار سان ساڀيان ڏئي سندس خواب پورو ڪيو، جنهن تي پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو. شهر جي مرڪزي انجمن نوجوانانِ شيعه، جي مرڪزي خيال جو تخليقڪار به پاڻ ئي هيو. تنظيم جي صدارتي عهدي ماڻڻ کان زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين انجمن جو صدر رهيو.
    سنڌ ۾ ٺيڙهيءَ واري واقعي کانپوءِ، هتي چهلم جو رات وارو ماتمي جلوس نڪتو. جلوس پنهنجي روٽ سان امام بارگاهن، پڙن ۽ شاهي بازار کان گشت ڪندو روڊ تي پهتو. جتي مومنن جي حفاظت خاطر جلوس سان هلندڙ فوجي دستي جي اڳواڻ انجمن جي قيادت کي چيو ته: اوهانجو جلوس خيريت سان ختم ٿيو. هاڻي صبح جو جلوس نه ڪڍجو. جنهن تي سيد عاشق علي شاهه چيس ته: فجر جي نماز ۾ چار رقعتون هونديون آهن. ٻه سنت ۽ ٻه فرض. اسان سنت نماز ادا ڪئي آهي. باقي فرض نماز صبح جو ادا ڪنداسين. توهان کي جيڪا ڪارروائي ڪرڻي هجي ڀلي ڪجو. اسان پنهنجي عبادت مڪمل ڪنداسين. اوهان پنهنجو فرض پورو ڪجو، اسان پنهنجو فرض پورو ڪنداسين.
    شهر جي عزاداري ۽ شيعه جامع مسجد، (ميرن واري مسجد) آباد ڪرڻ ۾ سندس ڪيل اڻٿڪ ڪوششون شامل آهن. 2 آگسٽ 1965ع ۾ شيعه جامع مسجد جي (ٻيهر تعمير لاءِ جوڙيل) تعميراتي پنج رڪني ڪاميٽيءَ جو خزانچي ٿيو. انجمن نوجوانانِ جي مالي مدد ۾ آخري دم تائين سڀ کان اڳڀرو رهيو. اڄ تائين ادارو سندس مقروض آهي. سندس دل ۾ دين جو درد زنده رهيو. سندس پنجن پٽن مان سائين شاهد حسين شاهه، سڀني کان وڌيڪ عزاداريءَ کي اوج ڏيارڻ، مسجدن، امام بارگاهن ۽ زيارت گاهن جي تعميراتي ڪمن ۾ مالي حصو ڳنڍڻ ۾ سندس جيان سرگرم رهيو. سندس وڇوڙو اڄ به اسان کي ڀٽائيءَ جي هن بيت جيان ڀاسجي رهيو آهي ته،
    ننگر ۽ ناڙيون، پڳهه کڻي پنڌ ٿئا،
    بندر بازاريون، سڃا سامونڊين ريءَ.
    (شاهه)
    سخي سيد شاهد حسين شاهه تِرمذي
    هن گھراڻي جون عزاداري امام حسين عه لاءِ اڻ ڳڻيون خدمتون پئي رهيون آهن. سائين شاهد حسين شاهه ترمذي، ڊاڪٽر عاشق علي شاهه تِرمذيءَ جي مذهبي ورثي جو وارث ۽ سندس ڪردار جو تسلسل هيو. جيڪو پنهنجي مذهبي ۽ سماجي ڪردار ۾ صدين تائين زنده رهندو. اهڙن انسان دوست ڪردارن جي وڇوڙي تي ڀٽ ڌڻيءَ به چيو آهي ته:
    ساٿِي نه پَسان سي، جي هُئم هِنيين ٿُوڻِيُون،
    هاڻي ڪَنِي جي، وَڃئو اڱڻِ اُڀيان.
    (حسيني، شاهه)
    سائين شاهد حسين شاهه هن شهر ۽ آس پاس ۾ عزادارن جو گمنام خدمتگار رهيو. هن پنهنجن ڪيل مذهبي خدمتن کي هميشه پوشيده رکيو. هن شخصيت ڪيترن ئي غريب عزادارن کي پنهنجي خرچ تي مقدس مقامات ايران، عراق ۽ شام جون زيارتون ڪرايون. ڪيترن ئي غريب مومنن جي اوکيءَ سوکيءَ ۾ مهل ڪئي ۽ ڪيترن ئي غريب عزادارن جي باورچي خاني کي پنهنجي خرچ تي هلائيندو رهيو. رات جي اونداهيءَ ۾ پنهنجي ڪُلهي، ته ڪڏهن موٽر سائيڪل تي اٽو ۽ اَنُ کڻي مومنن جي آئي ويل مدد ڪرڻ ۾ پنهنجي روح جي راحت محسوس ڪندو هيو. ڇا ته شخص هيو.
    سائين شاهد شاهه جو شهر ۽ آس پاس جي امام بارگاهن، مسجدن، ماتم ۽ مجلسن ۾ هزارين روپين ۾ سندس حصو، ونڊ شامل هوندو هيو. سيد ۽ غيرسيد نياڻيءَ جي ڏاج ڏاوڻن تائين سندس هزارين روپين جي مالي مدد شامل رهي. ڪٿي ڪٿي ته سڄي ڏاجي جو بندو بست فقير عطا حسين سهتو ۽ پاڻ گڏجي ڪندا هيا. جوڳي فقيرن ۽ ٻين سوالين کي پکڙا اڏڻ ۾ به ڪافي حد تائين مالي مدد ڪندا هيا. زندگيءَ ۾ ڪنهن به مجبور ماڻهوءَ کي مدد جي حوالي کان انڪار نه ڪيائين، سامهون آيل سواليءَ کي به خالي هٿين نه ڇڏيندو هو. هر سواليءَ جي صدا جو جواب سندس لبن تي ’حاصر بابا‘ هوندو هيو. ڪيترائي ڀيرا ڪربلا، شام ۽ ايران جي مقدس مقامات جي زواريءَ جو شرف حاصل رهيس.
    سندس پاران عزادارن سان ڪيل اهڙين ڀال ڀلاين عيوض سندس نالي اڳيان ”سخي“ لفظ لڳائڻ ۾ ڪو وڌاءُ ناهي. سائينءَ جي ادا ڪيل اهڙي ڪردار جا سندس سٿ جا سڀ ماڻهو اڄ به گواهه بڻيل آهن. هن پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾ ثواب وارين سرگرمين کي عام ماڻهن کان اوجھل رکيو. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته: کيس وڏائيءَ جو ڪو به شوق ڪو نه هيو. وٽس هر ثواب ۾ شامل ٿيڻ جو وڏو جذبو هيو. پاڻ پنهنجي دور جو بهترين ماتمي هئڻ سان گڏ بهترين زنجيرزن پڻ هيو. پنج وقت نمازي عزادار هيو. ادب ايترو هيس جو، هر ننڍي توڙي وڏي سان ملڻ مهل سندس لبن تي ’جيءُ منهنجا بابا ‘ واري ٻولي هئي. مولا کيس ڪروٽ ڪروٽ جنت نصيب ڪري. سندس وڇوڙي کانپوءِ سندس ڪردار ۽ ياد ڀٽ ڌڻيءَ جي هن بيت جيان محسوس ٿي رهي آهي ته:
    وئا سي وِينجھارَ! هِيرو لَعلُ وِنڌِينِ جي،
    تَنِين سَندا پوئِيان، سِيهي لَهَنِ نه سارَ،
    ڪُٽنِ ڪُٽِ لُهارَ، هاڻي اُنِين ڀيڻين.[266]
    (شاهه)
    ذاڪر زوار محمد يوسف چنه، ’ڪربلائي‘
    زوار محمد يوسف چنه، پيشي جي حوالي سان پورهيت هيو. پر، عزاداري امام حسين عه جي حوالي کان وڏي مانُ مرتبي، بلند مقام جو مالڪ هيو ۽ ذڪر حسين عه جي پکيڙ ۾ سندس وڏو ڪردار هيو. هن جي عظمت اها آهي جو هي ڪيترائي ڀيرا قبرِ حسين عه جو زوار بڻيو. هن شخصيت جو شهر ۽ آس پاس ۾ عزاداري برپا ڪرڻ ۽ مذهب اهلبيت جي تبليغ واري دور ۾ وڏو حصو شامل آهي. پاڻ انجمن نوجوانان کي پنهنجي حصي جو چندو ۽ امام بارگاهه جي تعميراتي ڪم ۾ مزدوري سان گڏ مجلس به مفت ۾ پڙهندو هيو. هن پنهنجي ذاڪريءَ جي سڄي عرصي ۾ ڪڏهن به ڪنهن کان پئسا، شرح نه ورتي. مومنن جا غسل ڪفن به مفت ۾ ڪندو هيو.
    فرش عزا وڇائجڻ کان اڳ امام بارگاهه ۾ پهچي مجلس جي شروعات ڪندو هو. پاڻ پهريان پڙهڻ تي چوندو هيو ته: ”دمادم مست قلندر، علي دا پهلا نمبر“ پاڻ هر مجلسِ حسين عه جي شروعات ڪنهن شاعر جي هنن سٽن سان ڪندو هيو ته:
    مجلس مير حسين عه جي ايءُ پڻ وڏي حاج،
    قـضا ڪـج نـماز وقـت ورائـڻ ويـجھـڙو.
    پاڻ شهر ۽ آ پاس ۾ جتي پهچي سگھيو اتي پنهنجي هڙان وڙان حسينيت جو پيغام ڏنائين. تعليم ڪو نه هيس پر، پوءِ به تاريخي واقعا، ڪربلا جي شهيدن جون درد ڀريون شهادتون دل جي ڦرهي تي لکيل هيس. هن انقلابِ ڪربلا جي اتهاس جا ورق علامه ذڪي صاحب جي صحبت ۾ دل جي روشنيءَ سان پڙهيا. خون جو وڏو ماتمي رهيو. گرز ۽ تلوار جو ماتم عمر جي آخري حصي ۾ به جوانيءَ جيان ڪندو رهيو. ڪيترائي ڀيرا ڪربلا ۽ شام جو زوار رهيو. پاڻ چوندو هيو ته: ’مان مولا عباس عه جي ڪٽيل بازوئن جو زوار آهيان جيڪي مڻ درياه، فرات جي ڪنڌيءَ تي دفن ٿيل آهن.‘ سندس مذهبي ڪردار هر دور جي عزادار ۽ خطيب لاءِ هڪ نمونو آهي.
    اپني بقا ڪا راز يه ماتم هئي دوستو!
    آواز باز گشت شهيدان ڪهين جسي .
    ماستر دلاور حسين ٻرڙو
    ماستر دلاور حسين ٻرڙو: اصل ’ٽنڊو علي مردان‘ جو ويٺل هيو. انهن ڏهاڙن ۾ ٽنڊي جو وسندو ويلو هيو. ٽنڊو ميرعلي مردان _ ڪوٽ ڏيجيءَ کان پوءِ ساهتيءَ ۾ عزاداريءَ جو وڏو مرڪز بڻيل هيو. انهن ڏهاڙن ۾ محرابپور ۾ عزاداريءَ جو سلسلو مختصر ۽ صرف رات جي پَهَر ۾ هيو. محرابپور جا سڀ ماڻهو عزاداريءَ لاءِ ٽنڊي ويندا هيا. ٽنڊو ڦِٽَڻَ کانپوءِ، ڪڻو ڪڻي کان ڌار ٿيو. ته ماستر دلاور حسين ٻرڙو به عزاداريءَ جي عشق ۾ سنه 1970ع واري ڏهاڪي ۾ محرابپور لڏي آيو. (ٽنڊي ۾ آخري ٻار عنايت ٻرڙو کي 19 آڪٽوبر، 1969ع ۾ جنم ڏنائين)، محرابپور ۾ سندس اچڻ کان اڳ ئي تنظيم سازي ٿي چڪي هئي ۽ عزاداري اوج وٺي چڪي هئي. ماستر دلاور جا محرابپور جي ملاحن ۽ مومنن سان مذهبي تعلقات هيا، هن سال 1969ع جي آخر ۾ انجمن نوجوانانِ شيعه ۾ اطلاعات جي سيڪريٽريءَ جو عهدو ماڻيو.
    ماستر دلاور ٻرڙي، ملاحن جي صحبت ۾ انجمن نوجوانانِ شيعه، جي پليٽ فارم تان عزادارڻيون سرگرميون شروع ڪيون. جيڪو سلسلو ساهه جي سڳي ٽٽڻ تائين جاري رکيائين. سندس وفات کانپوءِ سندس اولاد اهڙي ئي جذبي سان انجمن سان سلهاڙيل رهيو. سندس فرزند فيض علي ٻرڙو اڄ تائين انجمن جي امام بارگاهه ۾ سرگرميون سرانجام ڏيندو اچي ٿو.
    ماستر دلاور حسين ٻرڙو، عزادار گھراڻي جو فرد هيو، سندس امڙ جون محرابپور ۾ مستورات جي عزاداريءَ ۾ وڏيون خدمتون شامل آهن. سندس اولاد ڇهين پشت تائين ڪربلا جو زوار بڻيل آهي. ماستر دلاور شهر جي مذهبي حلقي جو کاهوڙي ڪردار هيو. جيڪو ڀٽائيءَ جي هن بيت جيان ڀاسندو هو. ته:
    کر کڻا لاهي سک مَ، ستا ڪڏهين،
    اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.
    (شاهه)


    مولانا عطا حسين بَلاغي: شهر جا ننڍڙا ذاڪر، مداح خوان
    هن شهر جي ماتمداريءَ کان پوءِ ذاڪريءَ کي زندهه رکڻ لاءِ شروعات مير رضاحسين ٽالپر ڪئي. جنهن مولوي عطا حسين بَلاغيءَ کي ديني تعلم ڏيارڻ لاءِ، ’سلطان مدارس خيرپور ميرس‘ موڪليو. عطا حسين ’بلاغي‘ کوکر، اتان تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اسلام آباد مدرسي ۾ داخل ٿيو. اتان فاضل عربي جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ لاءِ ايران _ قُمُ، پڙهڻ ويو. ايران پڙهڻ کان پهرين هن هتان امداد حسين شيدي ان بعد علي خان ’ساکاڻي‘ بلوچ کي ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مدرسي موڪليو.
    مولانا عطا حسين بلاغي، ايران مان تعليم مڪمل ڪرڻ بعد، محرابپور پهچي ورچي نه ويٺو، شهر ۾ دين جي تبليغ خاطر شيعه جامع مسجد ۾ ديني تعليم سان گڏ نوجوانن ۾ ذاڪريءَ جو شوق پيدا ڪيو. انهن کي اسٽيج تي آڻڻ لاءِ اتساهه ڏنو. جن ۾ فيض علي ٻرڙو اڳيان آيو. فيض علي ٻرڙي ڪجھ وقت عشري جي ڏهاڙن ۾ مولانا عطا حسين بلاغيءَ سان سکر، شڪارپو ۽ لاڙڪاڻو گڏ رهيو. جتي عشري جي مقرر کان پهرين پنج منٽ پاڻ پيش خواني ڪندو هيو. سنه 1992ع ۾ فيض علي روزگار سانگي ڪراچي آباد ٿيو. اتي پنجاب جي ذاڪر شوڪت رضا شوڪت کان متاثر ٿيو. شوڪت رضا شوڪت جڏهن به ڪراچي ايندو هيو ته هن کي ساڻس ڪجھ گھڙيون گڏ گھارڻ جو موقعو ملندوهيو جنهن ۾ کانئس فنِ خطابت جي سکيا وٺندو هيو. پوءِ مخصوص ڏهاڙن ۾ محرابپور اچي ان ئي انداز سان پاڻ خطابت ڪري سامهون ويٺل مومنن کي بيدار ڪري ڇڏيندو هو. هن ڪيتري ئي عرصي تائين بنا ڪنهن معاوضي جي مجلسون پڙهي غم حسين عه جا وڇايل تڏا، ذڪري حسين عه سان سينگاريا. فيض علي پاڻ ته هن سلسلي کي گھڻو وقت هلائي نه سگھيو. پر نوجوانن ۾ ذاڪريءَ جو شعور پيدا ڪيو. جنهن بعد فضل حسين خاصخيلي (ڪوڏو)، سجاد حسين لنڊ (سجاد ساجدي)، اشفاق حسين شيدي (اشفاق قلندري)، جنسار حسين سهتو. شفا حسين بلاغيءَ کان چوڏهن سالن جو ننڍڙو ذاڪر محمد علي ٻرڙو تائين جن ذاڪريءَ جي دنيا ۾ جنم ورتو. جيڪي هن مهل تائين محرابپور کان علاوه سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ مجلسون پڙهڻ لاءِ دعوتون ڏئي گھرايا ويندا آهن. جتي هي حسينيت جو پيغام پهچائيندا آهن.


    (پورو ٿيو)


    ببليو گرافي

    1. مليح آبادي جوش، انقلاب اور حسين، 1941ع
    2. جعفري مبارڪ علي، واقعه ڪربلا ڪتب آسماني اور هندو دانشورون ڪي نظر مين، ص: 211
    3. آگرو، غلام رباني، سنڌُ جا بَرَ، بَحَرَ ۽ پهاڙ، ص: 343
    4. افسر، امام علي بيگ، سنڌ جي عزاداري، (ص _ پيش لفظ)
    5. مرزا، نصير، ڪربلا ڪربلا، ص: 40 کان 41 تائين
    6. درس، عبدالستار زوار، سنڌ ۾ اسلام ۽ آلِ رسول صه جي آمد، ص:81
    7. افسر، امام علي بيگ مرزا، سنڌ ۾ شيعت، پهريون، ص: 288
    8. آگرو، غلام رباني، سنڌُ جا بَرَ، بَحَرَ ۽ پهاڙ، ص: 327
    9. گربخشاڻي، هوتچند مولچند، شاهه جو رسالو،. ص: 657
    10. درس، عبدالستار زوار، ڪائنات پَئِي رَوئَي، ص: 20
    11. نقوي، محسن شهيد، موج ادراڪ، ص: 154
    12. زباني روايت: زوجه مير غلام حسين ٽالپر، (اول)، ۽ مير فيض حسين ٽالپر (ميربگھڙ)
    13. حوالو: GR نمبر: 1، سيريل نمبر: 39، سنڌي مين پرائمري اسڪول ڳوٺ محرابپور، ضلع: حيدرآباد.
    14. اخبار روزانه ڪاوش حيدر آباد، سنڌ. ڪالم: ’حيدر جا حُبدار هليوآ،‘ ليکڪ: نصير مرزا ، تاريخ: 18 نومبر 2012ع 16 خانائي ڊاڪٽرحامد علي قريشي، بشير هيسباڻي مرتب، مقالات خانائي، ص: 231
    15. جنرل هيگ، ڀنڀرو عطا محمد، سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو، ص: 179
    16. راورٽي هينري جارج، ڀنڀرو عطا محمد، مترجم، سنڌ جو مِهراڻُ، ص: 185
    17. خانائي قريشي حامد علي، نواب شاهه ضلعو _ تاريخي شهر ۽ شخصيتون. ص: 19 کان 20 تائين
    18. قليچ بيگ مرزا، قديم سنڌ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو، ص: 305 کان 306 تائين
    19. ساڳيو، ص: 290 _ 291 تائين
    20. قادري عبدالرسول، تاريخ سڪرنڊ (شَڪَر ڍنڍ کان سڪرنڊ تائين)، ص: 332
    21. راورٽي، ڀنڀرو عطا محمد، مترجم، سنڌ جو مهراڻ، ص: 15
    22. رچرڊ برٽن، ڀنڀرو عطا محمد، مترجم، سنڌ منهنجي نظر ۾، ص: 188 کان 189 تائين
    23. امير احمد مخدوم، مترجم، فتح نامه سنڌ عرف چچ نامو، ص: 515 کان 516 تائين
    24. انصاري اشتياق، سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا، ص: 119 کان 120
    25. راورٽي، ڀنڀرو عطامحمد، مترجم، سنڌ جو مِهراڻُ، ص: 8
    26. ساڳيو، ص: 10
    27. ساڳيو، ص: 12
    28. ساڳيو، ، ص: 13، کان 14
    29. شيخ محمد سومار، ڪَڇ جو رڻ، تاريخ جي روشنيءَ ۾، ص: 28
    30. راورٽي، ڀنڀرو عطا محمد، مترجم، ص: 15کان 16 تائين
    31. نسياني طاهر محمد سيد، نياز همايوني، مترجم، تاريخ طاهري، ص: 289 کان 290 تائين
    32. شيخ محمد سومار، ڪَڇ جو رڻ، تاريخ جي روشنيءَ ۾، ص: 27
    33. مولائي شيدائي، تاريخ سکر، ص: 4
    34. هريجن تائچند، تاريخ ريگستان، ، ص: 17
    35. ساڳيو، ص: 17 کان 18 تائين
    36. نسياني طاهر محمد سيد، مترجم، نياز همايوني، تاريخ طاهري، ص: 33
    37. جي ايم سيد، سنڌوءَ جيِ ساڃاهه، ص: 221
    38. بروهي علي احمد، ڳجھ ڳجھاندر ڳالهڙيون، ص: 55
    39. ڪلمتي گل حسن، ڪراچي سنڌ جي مارئي، ص: 380 کان 381 تائين
    40. سومرو زاهد، پڊعيدن تواريخ جي آئيني ۾ شهر ۽ شخصيتون، ص: 183
    41. مولائي شيدائي، جنت السنڌ، ص: 610
    42. پيرزادو مير محمد، مرتب، شهيد بينظير آباد، محققن جي نظر ۾، ص: 87
    43. چانڊيو خادم حسين، نواب شاهه کان شهيد بينظير تائين هڪ صديءَ جو سفر، ص: 72
    44. ساڳيو،. ص: 72
    45. عباسي اسلم، مرتب، ضلعو نوشهرو فيروز تاريخ جي آئيني ۾، ص: 11
    46. حوالو: اصل پراپرٽي ( D.C.O) انڪوائري رجسٽرڊ نوشهرو فيروز. سنڌ
    47. خواجه مسرت حسين، ايڊيٽر، رسالوسنڌ منظر ڪراچي، ص: 13
    48. قانع علي شير مير، تحفته الڪرام، ص: 30
    49. مولائي شيدائي، جنت السنڌص: 149
    50. احمد بن يحيى بن جابر الشهير بالبلاذُري، تاليف، مودودي ابوالخير سيد ، ترجمو، فُتوحُ البلدَان، ص: 583 کان 584 53 مولائي شيدائي، جنت السنڌ، ص: 317 کان 318 تائين
    51. ولائي شيدائي، جنت السنڌ، ص: 405
    52. ڪلمتي گل حسن، ڪراچي سنڌ جي مارئي، ص: 376 کان 377 تائين
    53. آڏواڻي ڀيرو مل مهر چند، سنڌ جي هندن جي تاريخ، ص: 171 کان 172 تائين
    54. ڪلمتي گل حسن، ڪراچي سنڌ جي مارئي، ص: 377
    55. انسائيڪلو پيڊيا، لنڪ:
    http://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D9%BE%D8%A7%DA%AA%D8%B3%D8%AA%D8%A7%D9%86%20%D9%BE%D9%88%D8%B3%D9%BD%20%D8%A2%D9%81%D9%8A%D8%B3
    56. ڪلمتي گل حسن، ڪراچي سنڌ جي مارئي ص: 380
    57. آڏواڻي ڀيرومل، سنڌ جي هندن جي تاريخ، ص: 302
    58. ڪلمتي گل حسن، ڪراچي سنڌ جي مارئي، ص: 381
    59. هفتيوار سنڌ منظرڪراچي، ص: 13
    60. ٺٽوي مير محمد بن سيد جلال سيد، سيد حسام الدين راشدي سيد، تَرخان نامو، ص: 111
    61. شيخ محمد سومار، ڪَڇ جو رڻ تاريخ جي روشنيءَ ۾، ص: 32
    62. احمد بن يحيى بن جابر الشهير بالبلاذُري، فتُوح البُلدَان، ص: 578
    63. افسر امام علي بيگ مرزا، سنڌ جي عزاداري، ص: 12
    64. حيدري شمشير الحسين، ايڊيٽر، رسالو ماهوار نئين زندگي، ص: 31
    65. بالبلاذُري احمد بن يحيى بن جابر الشهير ، فُتوحُ البلدَان، ص: 578
    66. افسر امام علي بيگ مرزا، سنڌ جي عزاداري، ص: 6 کان 7 تائين
    67. درس زوار عبدالستار، سنڌ ۾ اسلام ۽ آلِ رسول صه جي آمد، ص: 9
    68. ساڳيو، ص: 23
    69. شيخ محمد سومار، لاڙ جا ماڳ مڪان،، ص: 31
    70. مولائي شيدائي، جنت السنڌ، ص: 86
    71. ساڳيو، ص: 86
    72. ڌميڪا ايس، دُرجان،مترجم، ٻُڌ مَت، ص: 15
    73. ڏيپلائي محمد عثمان، شيخ المشائخ، ص: 46 کان 47
    74. نسياني طاهر محمد سيد تاريخ طاهري، ]ٺٽي شهر جي تاريخ[، ص: 282
    75. جي ايم سيد، سنڌوءَ جي ساڃاهه، ص: 51
    76. جنرل هيگ، ڀنڀرو عطامحمد، مترجم، سنڌ جو ڇوڙ وارو علائقو، ص: 248
    77. خان بهادر خداداد خان، لُبِ تاريخ سنڌ، حافظ خير محمد اوحدي، مترجم، ص: 17 کان 18 تائين
    78. ”شرر“، مولانا عبد الحليم، فقير اشرف علي سمون، مترجم، سنڌ جي فتح، ص: 104 کان 105 تائين
    79. افسر امام علي بيگ، سنڌ جي عزاداري، ص: 7 کان 8 تائين
    80. درس زوار عبدالستار، سنڌ ۾ اسلام ۽ آلِ رسول صه جي آمد، ص: 24
    81. قانع مير علي شير، تحفته الڪرام، (اردو)، ص 25
    82. افسر امام علي بيگ، سنڌ جي عزاداري، ص: 4
    83. قانع مير علي شير،: تحفته الڪرام،. ص: 2
    84. افسر امام علي بيگ، سنڌ جي عزاداري، ص: 10
    85. سيوهاڻي نظيرحيات، سيوهڻ جي قديم عزاداري، ص: 54 کان 55 تائين
    86. آزاد انور ڪانڌڙو، سنڌڙيءَ جو شهباز قلندر، ص: 100
    87. رسالو: ٽِماهي مهراڻ، ص: 128
    88. نقوي محسن شهيد، حق ايليا عه، ص: 107
    89. علي بخش سيد، طلوع آفتاب، (مورو جي عزاداريءَ جي تاريخ)، ص: 25
    90. صالح شهرستاني سيد، تاريخچه عزاداري حسيني، ص: 19 کان 20
    91. ساڳيو، ص: 20 کان 21
    92. آزاد ابوالڪلام، انسانيت موت جي دروازي تي، ص: 156
    93. ساڳيو، ص: 120 کان 121 تائين
    94. شهرستاني صالح سيد، تاريخچه عزاداري حسيني، ص: 98 کان 99 تائين
    95. نقوي محسن سيد، موج ادراک، ص، 141
    96. آگرو، غلام رباني، سنڌُ جا بَرَ، بَحَرَ ۽ پَهاڙَ، ص: 372
    97. افسر امام علي بيگ، سنڌ جي عزاداري، ص: 76 کان 78 تائين
    98. آزاد ابوالڪلام، اَلِهلال، ص: 12
    99. افسر امام علي بيگ، سنڌ جي عزاداري، ص: 375 کان 376 تائين
    100. نقوي منظور سيد، سنڌ جي مدنيت، ص: 201
    101. هيگ جنرل، ڀنڀرو عطا محمد، مترجم، سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو، ص: 295
    102. آزاد ابو الڪلام، راهو علي محمد، مترجم، الِهلال، ص: 217 کان 218 تائين
    103. ڪالم: بيدار جعفري، روزاني عوامي آواز ڪراچي، 8 محرم الحرام، سال: 15 ڊسمبر 2010ع
    104. افسر امام علي بيگ، سنڌ جي عزاداري، ص: 298
    105. مولائي شيدائي، جنت السنڌ، ص: 121
    106. ’صائب،‘ عبدالقيوم، سيد ثابت علي شاهه، شخصيت ۽ شاعري، ص: 40
    107. نظاماڻي نور محمد، تاريخ سنڌ (پنج ئي ڀاڱا)، ص: 131
    108. راشدي حسام الدين سيد، ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص: 17 کان 19 تائين
    109. نظاماڻي نور محمد، تاريخ سنڌ (پنج ئي ڀاڱا)، ص: 134
    110. افسر امام علي بيگ، سنڌ جي عزاداري، ص: 365
    111. نقوي منظور سيد، سنڌ جي مدنيت، ص: 201
    112. ڪالم: بيدار جعفري، روزاني جيجل ڪراچي
    113. درس زوار عبدالستار، عزاداري اور غير مسلم اقوام، ص: 66
    114. جي ايم سيد، پيغام لطيف، ص: 47
    115. افسر امام علي بيگ، سنڌ ۾ شيعت جي تاريخ، ص: 287 کان 288 تائين
    116. جي ايم سيد، پيغام لطيف، ص: 47
    117. گربخشاڻي هوتچند مولچند، لواريءَ جا لال، ص:63
    118. قادري ڊاڪٽر عبدالرسول، تذڪرة المراد، ص: 38
    119. ڪالم: بيدار جعفري، روزاني عوامي آواز ڪراچي
    120. نقوي محسن شهيد، حق ايليا عه، (ص: شروعات وارو پيج)
    121. موسوي انجنيئر عبدالحسين سيد، روهڙيءَ جون ساڍيون ٽي سورائتيون صديون، ص: 118
    122. ساڳيو، ص: 41
    123. راشدي حسام الدين سيد، ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص: 281
    124. سيوهاڻي نظير حيات، سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي رح ۽ سيوهڻ جي قديم عزاداري، ص: 8
    125. قانع علي شير، تحفته الڪرام، ص 464
    126. ڪننگھام اليگزينڊر، ڀنڀرو عطا محمد، سنڌ _ هند جي قديم جاگرافي، ص: 280
    127. شيخ محمد سومار، لاڙ جا ماڳ مڪان، ص: 32
    128. ساڳيو، ص: 15 کان 16 تائين
    129. قانع علي شير، تحفته الڪرام، ص: 465
    130. زباني روايت : زهير حسين حيدري، بدين، سنڌ
    131. ڪننگھام اليگزينڊر، ڀنڀرو عطا محمد، مترجم، سنڌ _ هند جي قديم جاگرافي، ص: 302
    132. برنس جيمس، صديقي حنيف، مترجم، سنڌ جي درٻار، ص: 9
    133. پوسيل گريگوري ايل، سنڌو سڀيتا جا سوراشٽر وارا ماڳ، ص: 89
    134. شيخ محمد سومار، ڪڇين جا قول، ص: 14 کان 15 تائين
    135. شيخ محمد سومار، ڪڇين جا قول، ص: 229
    136. ساڳيو، ص: 295
    137. ساڳيو، ص: 298
    138. راشدي حسام الدين، ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص: 232
    139. کهڙو پروفيسر منظور حسين ، ڪلام ريجھ علي شاهه، ص: 16
    140. ڪتاب: قليچ بيگ مرزا، رياست خيرپور (اڳوڻو ۽ هاڻو ڪو احوال)، ص: 94 کان 95 تائين
    141. حامي ڊاڪٽر عطا محمد، خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو. ص:205
    142. افسر امام علي بيگ، سنڌ جي عزاداري، ص: 378 کان 379 تائين
    143. قليچ بيگ مرزا، رياست خيرپور (اڳوڻو ۽ هاڻو ڪو احوال)، ص: 85
    144. حامي عطا محمد، خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو. ص: 206 کان 207 تائين
    145. مولائي شيدائي، جنت السنڌ، ص: 613
    146. قليچ بيگ مرزا، رياست خيرپور (اڳوڻو ۽ هاڻو ڪو احوال)، ص: 97
    147. حامي عطا محمد، خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو. ص: 208 کان 209 تائين
    148. کهڙو منظور حسين، ڪلام سيد ريجھ علي شاهه، ص: 16
    149. زباني روايت: سيد سرڪار حسين شاهه ڪاظمي، گمبٽ
    150. باغي حليم، اڙي شهرِ جانان، ص: 25
    151. زباني بيان: رئيس الهداد خان لنڊ ، سيٺارجا
    152. ڪننگھام اليگزينڊر، ڀنڀرو عطا محمد ، مترجم، سنڌ _ هند جي قديم جاگرافي، ص 249 کان 264 تائين
    153. اجازت نامو
    154. قانع علي شير، تحفته الڪرام، (ڀاڱو: پهريون)، ص: 258 کان 259 تائين
    155. زباني روايت : محمد سليمان چنه،’ابڙان‘ ضلع: نوشهروفيروز، سنڌ
    156. زباني روايت: سيٺ انصار الحسن ميمڻ، سيٺ محلا نوشهرو فيروز، سنڌ
    157. انصاري اشتياق، سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا، ص: 115
    158. چانڊيو خادم حسين، نواب شاهه کان شهيد بينظر آباد تائين، ص: 45
    159. روايت : صحافي فداحسين چانڊيو، نوابشاهه، سنڌ
    160. قبولائي سائين بخش جوڻيجو، حضرت قاضي احمد دمائي قدس رح، ص: 6 کان 7 تائين
    161. قانع علي شير، تحفته الڪرام، ص: 347.
    162. وفائي دين محمد، تذڪره مشاهير سنڌ، ص: 72
    163. بيگلاري نامه، ادراڪي، ميمڻ محمد صديق،مترجم، ص: 11
    164. نظاماڻي مولوي نور محمد، تاريخ سنڌ، ص: 334
    165. نسياني طاهر محمد ٺٽوي، تاريخ طاهري، ص: 29
    166. ميمڻ زوار شهاب الدين، مرتب، درٻيلي ۾ عزاداريءَ جي مختصر تاريخ، ص: 7 کان 9 ۽ 22 تائين
    167. بلوچ نبي بخش، مرتب، جامع سنڌي لغت، (جلد: پهريون، الف _ ٻ)، ص: 80
    168. درس زوار عبدالستار، عزاداري اور غير مسلم اقوام، ص:114 کان 115 تائين
    169. محمد بشارت علي، مولف، نهج الاسرار، (من ڪلام حيدرِ ڪرار عليه السلام)، ص: 50
    170. درس زوار عبدالستار، عزاداري اور غير مسلم اقوام، ص: 113 کان 114 تائين
    171. نمڪين، يوسف ميرڪ، همايوني نياز، مترجم، تاريخ مظهر شاهجهاني، فارسي ص: 335
    172. افسر ڊاڪٽر امام علي بيگ، سنڌ جي عزاداري، صفحه، 368 کان 370 تائين
    173. ڪالم: بيدار جعفري، روزاني جيجل ڪراچي
    174. مولائي شيدائي، تاريخ سکر، ص: 140
    175. افسر ڊاڪٽر امام علي بيگ، سنڌ جي عزاداري، ص: 239
    176. بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش، جامع سنڌي لغات، جلد: پنجون (ک _ ي)، ص: 2557
    177. نقوي محسن شهيد، موج ادراڪ، ص: 140 کان 141 تائين
    178. رضوي علي حُسين، مولفه، تاريخ شيعيانِ علي، ص: 756
    179. نقوي ڊاڪٽر ضمير اختر، عشره مجالس ’تاريخِ شيعيت،‘ صفحه 125 کان 126 تائين
    180. نسياني سيد طاهر محمد، تاريخ طاهري، ص: 282
    181. افسر امام علي بيگ، سنڌ جي عزاداري، ص: 386 کان 387 تائين
    182. قانع علي شير، مڪلي نامه (اردو)، ص: 606
    183. ٺٽوي شيخ محمد اعظم بن محمد شفيع، مولف، تحفة الطاهرين، ص: 72 کان 74 تائين
    184. قانع علي شير، تحفته الڪرام، ص: 252 کان 253 تائين
    185. ساڳيو، ص: 574 کان 575 تائين
    186. ٺٽوي، محمد اعظم بن محمد شفيع شيخ، مولف، تحفة الطاهرين، ص: 74
    187. افسر امام علي بيگ، سنڌ جي عزاداري، ص: 386 کان 387 تائين
    188. ساڳيو، ص: 348 کان 349 تائين
    189. بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش، مرتب، جامع سنڌي لغات: جلد: پنجون (ک _ ي)، ص: 2557
    190. افسر امام علي بيگ، سنڌ جي عزاداري، ص: 378
    191. ساڳيو، ص: 379
    192. ڪتاب: بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش، مرتب، جامع سنڌي لغات، (جلد ٻيو، ڀ _ چ)، ص: 809
    193. ڪننگھام اليگزينڊر، ڀنڀرو عطا محمد، مترجم، سنڌ _ هند جي قديم جاگرافي، ص: 249 کان 250 تائين
    194. قانع علي شير، تحفته الڪرام، ص: 464
    195. ڀاڳت اياز، سنڌ جون ذاتيون قومون ۽ قبيلا، ص: 303
    196. زباني بيان: زوار عبداللطيف ملاح، محرابپور
    197. زباني روايت: والده مولانا امدا حسين شجاعي
    198. نقوي ڊاڪٽر سيد ضمير اختر، تاريخِ شيعيت، ص: 120
    199. موسوي انجنيئر سيد عبدالحسين شاهه، روهڙيءَ جون ساڍيون ٽي سورا ئتيون صديون، ص: 196
    200. نقوي علامه ڊاڪٽر سيد ضمير اختر اقوامِ عالم اور عزاداريءِ حسين، ص: 23
    201. بخاري ڊاڪٽر مخمور، سچل سرمست جو مرثيو، ص: 14
    202. قناصرو منظور احمد، مرتب، سُرُ ڪيڏارو، ص: 16کان 18 تائين
    203. بدوي احسان، تنقيد ۽ تنقيد نگاري، ص: 34
    204. ساڳيو، ص: 36 کان 37 تائين
    205. نعماني علامه شبلي، موازنه انيس و دبير، ص: 11
    206. نقوي ڊاڪٽر هلال، اذانِ مقتل، ص: 10
    207. بدوي احسان، تنقيد ۽ تنقيد نگاري، ص: 38 کان 39 تائين
    208. سيوهاڻي نظير حيات ، سيوهڻ جي قديم عزاداري، ص: 33
    209. مشهدي سيد قيصر حسين ’قيصر‘،مرتب عرفانِ غم، ص: 8
    210. ساڳيو، ص: 10
    211. بدوي احسان، تنقيد ۽ تنقيد نگاري، ص: 44 کان 45 تائين
    212. عبدالقيوم، سيد ثابت علي شاهه، شخصيت ۽ شاعري، ص: 7 کان 19 تائين
    213. بدوي احسان، تنقيد ۽ تنقيد نگاري، ص: 34 کان 35 تائين
    214. درس زوار عبدالستار، مَرثيو تاريخ جي آئيني ۾، ص: 10
    215. قناصرو منظور احمد، مرتب، سر ڪيڏارو، ص: 18
    216. ڪتاب: بدوي احسان، تنقيد ۽ تنقيد نگاري، ص: 63، 64، 72 تائين
    217. ڪومل لڇمڻ، وهي کاتي جا پنا (آتم ڪٿا)، ص: 227
    218. مشهدي سيد قيصر حسين قيصر، مرتب، عرفانِ غم، ص: 8
    219. بخاري، ڊاڪٽر مخمور سچل سرمت جو مرثيو، ص: 14
    220. درس زوار عبدالستار، مَرثيو تاريخ جي آئيني ۾، ص: 46 کان 47 تائين
    221. شيخ محمد سومار، ڪڇين جا قول، ص:3
    222. ساڳيو، ص: 229
    223. ساڳيو، ص: 229
    224. واڍو شاعر محمد رمضان علم موسيقي، ص: 104 کان 105 تائين
    225. پوسيل گريگوري ايل، ڀنڀرو عطا محمد، سنڌيڪار، سنڌو سڀيتا جا سوراشٽر وارا ماڳ، ص: 15 کان 19 تائين
    226. واڍو، شاعر رمضان، علم موسيقي، ص: 78
    227. حوالو : رڪارڊ انجمن نوانانِ سنه 1962_ (منشور) ضميمه الف، ص: 13 کان 15 تائين
    228. بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش، مرتب، جامع سنڌي لغات، (جلد: پنجون، ک _ ي)، ص: 2609
    229. موسوي، انجنيئر عبدالحسين، روهڙيءَ جون ساڍيون ٽي سورا ئتيون صديون، ص: 151
    230. بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش، مرتب، جامع سنڌي لغات، جلد: پهريون (ا _ ب)، ص: 186
    231. طالب المولى محمد زمان مخدوم، لغات سنڌي مّفّفات، ص: 90
    232. قناصرو منظور احمد، سر ڪيڏارو، ص: 16
    233. موسوي سيد عبدالحسين شاهه، سرهاڻ، ص: 315/16
    234. موسوي، انجينئر سيد عبدالحسين، روهڙيءَ جون ساڍيون ٽي سورا ئتيون صديون، ص: 480
    235. زباني بيان: زوجه مير غلام حسين ٽالپر (اول) ۽ مير فيض حسين ٽالپر، محرابپور
    236. ’گوهر‘ عبدالغفار دائود پوٽو، مرتب، شاهه جو رسالو، ص:1392
    237. گھانگھرو حميده ، پيڙا جو سفر، ص: 16
    238. فيس بڪ: ” گاگن داس ديوان “ جي اسٽيٽس تان کنيل پوسٽ
    239. بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان، تحقيق ۽ تاليف، رهاڻ هيرن کاڻ ’ڀاڱو ٻيو‘ ص: 751
    240. درس زوار عبدالستار، عزاداري اور غير مسلم اقوام، ص: 68 کان 69 تائين
    241. نقوي، علامه ڊاڪٽر سيد ضمير اختر، مقرر، اقوام عالم اور عزاداري حسين، ص: 152
    242. حوالو: ڪالم: حسن مجتبى، روزانه هلال پاڪستان ڪراچي
    243. بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، مرتب، جامع سنڌي لغات، جلد: پنجون (ک _ ي)، ص: 2817
    244. حوالو: روزانه ڪاوش حيدرآباد، ڏهين محرم الحرام، خاص ايڊيشن
    245. واڍو شاعر رمضان، علم موسيقي، ص: 93 کان 94 تائين
    246. گُربخشاڻي، هوتچند مولچند، مهتمم، شاهه جو رسالو، ص: 366
    247. زباني بيان: ڊاڪٽر سيد محمد عباس شاهه صفوي، ڪراچي
    248. حوالو: رڪارڊ انجمن سپاهه عباس محرابپور
    249. زباني روايت: مير غلام نبي ٽالپر، محرابپور
    250. زباني روايت: فقير عطا حسين سهتو، محرابپور
    251. زباني روايت: فقير عطاءُ حسين سهتو ۽ ڪامريڊ غلام رسول سهتو، محرابپور
    252. زباني بيان: ربنواز شيدي (ربن شيدي) والد مولانا امداد حسين شجاعي، محرابپور
    253. زباني بيان: فقير مولابخش ملاح ، محرابپور
    254. بلوچ نبي بخش، جامع سنڌي لغات، جلد ٻيون (ڀ _ چ)، ص: 824
    255. دائود پوٽو، عبدالغفار’گوهر،‘مرتب، الف بي وارو شاهه جو رسالو ۽ رسالي جي ڏسڻي، ص: 21
    256. گربخشاڻي هوتچند مولچند، مهتمم، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رسالو، ص: 143


    مواد ۾ آيل حوالا (foot notes)

    [1] ڪتاب: مرثيه _ ’انقلاب اور حسين‘، تصنيف، 1941ع. شاعر: جوش مليح آبادي.
    [2] ڪتاب: واقعه ڪربلا ڪتب آسماني اور هندو دانشورون ڪي نظر مين، مولف: ڊاڪٽر و حڪيم مبارڪ علي جعفري، ناشر: احياء طب اسلامي پاڪستان، سال: 2016ع، اشاعت: دوئم، ص: 211
    [3] ڪتاب: سنڌُ جا بَرَ، بَحَرَ ۽ پهاڙ، ليکڪ: غلام رباني آگرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ . سال: 2005ع، ڇاپو: ٻيون، ص: 343
    [4] ڪتاب: سنڌ جي عزاداري، مصنف: ڊاڪٽر امام علي بيگ افسر، پبلشر: بزم فتح امام بارگاهه علي آباد ٽنڊو آغا حيدرآباد، سال: 1997ع، ڇاپو: پهريون.
    [5] ڪتاب: ڪربلا ڪربلا، ليکڪ: نصير مرزا، ڇپائيندڙ: دوستي پبليڪيشن گھر نمبر 1338، مرزا پاڙو، حيدرآباد پاڪستان، سال: 2011ع، ڇاپو: پهريون، ص: 40 کان 41 تائين
    [6] ڪتاب: سنڌ ۾ اسلام ۽ آلِ رسول صه جي آمد، موضوع: (تاريخ)، مصنف: زوار عبدالستار درس، پاران: اداره راههِ حَق اڪيڊمي سايئه علمدار عه منزل G/83 جاني شاهه پاڙو تلاءُ نمبر 3 حيدرآباد، سنڌ. سال: 2008ع، ص:81
    [7] ڪتاب: سنڌ ۾ شيعت، مصنف: ميرزا امام علي بيگ افسر، ڇپائيندڙ: محسن پبليڪيشن ٽنڊو آغا حيدرآباد، سال: 14 آگسٽ 2016ع، ڇاپو: پهريون، ص: 288
    [8] ڪتاب: سنڌُ جا بَرَ، بَحَرَ ۽ پهاڙ، ليکڪ: غلام رباني آگرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ، سال: اپريل 2005ع، ڇاپو: ٻيو. ص: 327
    [9] ڪتاب: شاهه جو رسالو، ترتيب ۽ تشريح: ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي، ڇپائيندڙ: سنڌي ساهت گھر، حيدرآباد، سنڌ. سال: سيپٽمبر، 2007ع، ڇاپو: پنجون. ص: 657
    [10] ڪتاب: ڪائنات پَئِي رَوئَي، شاعر: سينگار علي ’سليم‘، مرتب: زَوار عبدالستار درس، ڇاپو: پهريون، سال: 2014ع، ڇپائيندڙ: علي گوهر ڇانڊيو. ص: 20
    [11] ڪتاب: موج ادراڪ،ليکڪ: محسن نقوي، ناشر: ماورا پبلشرز لاهور، سال: 2008ع، ص: 154
    [12] زباني روايت: زوجه مير غلام حسين ٽالپر، (اول)، ۽ مير فيض حسين ٽالپر (ميربگھڙ)
    [13] حوالو: GR نمبر: 1، سيريل نمبر: 39، نالو، مير غلام عباس ولد مير باغ علي خان. جنم: 23 مارچ 1907ع، داخل ٿيو: سيپٽمبر 1911ع، سنڌي مين پرائمري اسڪول ڳوٺ محرابپور. ضلع: حيدرآباد.
    [14] اخبار روزانه ڪاوش حيدر آباد، سنڌ. ڪالم: ’حيدر جا حُبدار هليوآ،‘ ليکڪ: نصير مرزا ، تاريخ: 18 نومبر 2012ع
    [15] ساهتي قديم دور ۾ سنڌ جو پرڳڻو هيو جيڪو انگريز دور ۾ هڪ ديهه تائين محدود ٿيو. جنهن تي رياست خيرپور جي والي مير علي ٽالپر جو قبضو هيو؛ جنهن کي انگريز سرڪار رياست خيرپور جي واليءَ کان واپس وٺي حيدرآباد ضلعي ۾ شامل ڪيو. ۽ سنه 1912ع ۾ ضلعي نواب شاهه سان جوڙيو ويو. ساهتي ديهه، والئي رياست کان واپس وٺڻ ۾ ڪوشش سنڌ جي پهرين ڪمشنر مسٽر پرنگل سنه 1847ع ۾ ڪيون ۽ واپس ٻئي ڪمشنر بارٽل فريئر جي دور سنه 1852ع ۾ ٿي. جنهن بابت خداد داد خان پنهنجي ڪتاب:’لُبِ تاريخ سنڌ.‘ ۾ لکي ٿو ته: خيرپور جي والي سر مير علي مراد خان، سنڌ جا ڪي ٽڪڙا، جي دراصل انگريز سرڪار جا هئا، پنهنجي قبضي ۾ رکيا هئا، جنهن ڪري سرڪاري صلاحڪارن جي اڳيان انهيءَ حقيقيت جي رٿ پيش ڪئي وئي. جاچ جو نتيجو اهو نڪتو، جو انهن ٽڪڙن تي انگريز سرڪار جو حق ثابت ٿيو، جنهن جي رپورٽ مٿي (انگريز سرڪار کي) ڪئي وئي. سنه 1269هجري مطابق 1852ع ۾ هندستان جي فرمانروا ۽ گورنر جنرل جناب مارڪوئيس آف ڊلهوزي صاحب بهادر جي حڪمنامي جي تعميل ڪئي وئي، جو سنڌ جي انهن ديهن جي واپسيءَ جي باري ۾ هو، جي سر مير علي مراد خان جي قبضي ۾ هيون، ۽ جن جي باري ۾ مٿي (انگريز سرڪار کي) رپورٽ ڪيل هئي. گورنر جنرل صاحب بهادر پنهنجي فوج ظفر موج سميت روهڙيءَ جي ويجھو اچي منزل انداز ٿيو ۽ انهن ديهن جي واپسيءَ لاءِ مناسب انتظام ڪيائين. ۽ اهي ٽڪڙا واپس وٺي، شڪارپور ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ شامل ڪري ڇڏيائين، جن تي انگريز سرڪار جي عملدارن جو عمل دخل رهيو. جو اڃا تائين ساڳيءَ ريت قائم آهي. اهي ديهون هيءُ آهن. (1) ڏهرڪي (2) مهرڪي (3) ماٿيلو (4) بلدڪو (5) موغلجا (6) ساهتي (7) لڌو گاگن (8) چڪ هزارچو ۽ (9) روپا وغيره .. ( ڪتاب: لُبِ تاريخ سنڌ، تاليف: خان بهادر خدادادا خان، مترجم: حافظ خيرمحمد اوحدي، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، حيدرآباد، سنڌ. سال: 1994ع، ڇاپو: ٻيو، ص: 190 کان 191 تائين.
    خيرپور جو رياست وارو درجو ختم ٿيڻ بابت ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي پنهنجي ڪتاب ’مقالات خانائي‘ جي حاشيي ۾ لکي ٿو ته: ”ون يونٽ ٺهڻ کانپوءِ، جڏهن خيرپور رياست جو درجو ختم ڪيو ويو. (حوالو: ڪتاب مقالات خانائي، مصنف: ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي، مرتب: بشير احمد هيسباڻي، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ ، سال: 2006ع، ڇاپو: پهريون، ص: 231.)
    [16] ڪتاب: سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو، ليکڪ: جنرل هيگ، مترجم: عطا محمد ڀنڀرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد، سنڌ. سال: مارچ 1995ع، ڇاپو: پهريون، ص: 179
    [17] هاڪڙي درياهه جي شروعات بابت راورٽي لکي ٿو ته: ”هن علائقي جي قديم روايت مطابق، سواليڪ جي جابلو علائقي مان هڪ درياهه نڪرندو هيو. جيڪو مذڪوره ايراضيءَ مان وهي. سنڌو درياهه سان وڃي ملندو هو. ان درياهه جو نالو چتسانگ (چتنگ) ۽ هيٺ هاڪڙو هوندو هو.“ حوالو، ڪتاب: سنڌ جو مِهراڻُ، ليکڪ: ميجر هينري جارج راورٽي، مترجم: عطا محمد ڀنڀرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو حيدرآباد، سنڌ،: سال: 1995ع، ڇاپو پهريون، ص: 185
    [18] ڪتاب: نواب شاهه ضلعو _ تاريخي شهر ۽ شخصيتون. ليکڪ: ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي، ڇپائيندڙ: نواب شاهه ڊسٽرڪٽ ڪلچر سوسائٽي نواب شاهه، سنڌ، سال: ائپرل 1987ع، ڇاپو: پهريون، صفحه: 19 کان 20 تائين.
    [19] ڪتاب: قديم سنڌ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو، ليکڪ: شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو/ حيدرآباد، سنڌ، ڊسمبر، 2002ع، ڇاپو: نئون _ (ٽيون)، ص: 305 کان 306 تائين.
    20 ڪتاب: قديم سنڌ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو، ليکڪ: شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو /حيدرآباد، سنڌ، سال: 2002ع، نئون ڇاپو، ص: 290 _ 291 تائين.
    [21] ڪتاب: تاريخ سڪرنڊ (شَڪَر ڍنڍ کان سڪرنڊ تائين) لکيڪ: ڊاڪٽر عبدالرسول قادري، ڇپائيندڙ: گل محمد رند، باني غلام نبي رند ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن. سڪرنڊ سنڌ. سال: 2015ع، ڇاپو: پهريون، ص: 332
    22 ڪتاب: سنڌ جو مهراڻ، ليکڪ: ميجر هينري جارج راورٽي، مترجم: عطاءُ محمد ڀنڀرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ، پاڪستان. سال: 1995ع، ڇاپو پهريون، ص: 15
    23 ماموئي مُهاڻا هيا جنهن بابت رچرڊ برٽن پنهنجي ڪتاب سنڌ منهنجي نظر ۾لکي ٿو ته: ”ڄام تماچيءَ جي حڪمرانيءَ جي پنجين سال شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتانيءَ کي سندس مريدن سنڌ اچڻ جي دعوت ڏني هئي، جيڪي ٺٽي جي ڀرسان رهندا هئا. سندن خواهش هئي ته اهو بزرگ سنڌ اچي ۽ هن ڌرتيءَ کي سُکئي ستابي رهڻ جي دعا ڪري. شيخ بهاءُ الدين جون بيان ڪيل روحاني ڳالهيون ٻڌي سندس مريدن کيس ڪُهي سندس گوشت رڌي کائڻ جو پڪو پهه ڪيو. انهيءَ مان سندن مقصد هو ته جيئن هي بزرگ هتي موجود رهي ۽ سندس گوشت کائڻ ڪري هو به روحاني عظمت کي پهچي سگھن. شيخ بهاءُ الدين ذڪريا جا مُريد پنهنجي ان مقصد ۾ ڪامياب ڪونه ٿي سگھيا. شيخ بهاءُ الدين ذڪريا جي هڪ معتقد مريد کي ان منصوبي جي کڙڪ پئجي وئي هئي. تنهن ڪري هو اها رات مرشد واري بستري تي سمهي پيو ۽ اهڙيءَ ريت شهيدن جي هڪ ڊگھي قطار ۾ شامل ٿي ويو. پوءِ لعنتي مريدن ڇا ڪيو جو لاش کڻي وڃي وڍي ٽڪي ديڳڙي رڌائون. پر پوءِ اچي کين ڊپ ورايو ۽ کائڻ بدران رڌل گوشت واري ديڳڙي جو منهن ٻڌي مهراڻ جي ڇولين جي حوالي ڪري ڇڏيائون. اتفاق سان اهو ديڳڙو ستن بُکايل مُهاڻن کي هٿ لڳي ويو. ويچارن مُهاڻن کي اها ڪل ڪانه هئي ته اهو ڪنهن جو گوشت آهي. پر کائڻ شرط هو بزرگ هستيون بڻجي ويا. جيڪي اڳي گار گند کانسواءِ ڪونه ڳالهائيندا هئا، سي هاڻي روحاني ڳالهيون ڪرڻ لڳا. سندن شيوو ڏينهن ۾ ڏهه ڀيرا وڙهڻ هيو، پر هاڻي پيار ۽ محبت جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا.“ حوالو: ڪتاب: سنڌ منهنجي نظر ۾، ليکڪ: رچرڊ ايف برٽن، سنڌيڪار: عطا محمد ڀنڀرو، نئون ڇاپو: 2012ع، ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي. ص: 188 کان 189 تائين.
    [24] ڪتاب: فتح نامه سنڌ عرف چچ نامو، ترجمه ڪندڙ: مخدوم امير احمد، تصحيح، تحقيق ۽ تشريح ڪندڙ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سنڌ، سال: 1966ع، ٻيون ايڊيشن ص: 515 کان 516 تائين
    [25] ڪتاب: سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا، ليکڪ: اشتياق انصاري، ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي سنڌ ، چوٿون ڇاپو، سال: 2015ع، ص: 119 کان 120
    [26] ڪتاب: سنڌ جو مِهراڻُ، ليکڪ: ميجر هينري جارج راورٽي، مترجم: عطا محمد ڀنڀرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو حيدرآباد، سنڌ، سال: 1995ع، ڇاپو پهريون: ص: 8
    26 ڪتاب: سنڌ جو مِهراڻُ، ليکڪ: ميجر هينري جارج راورٽي، مترجم: عطا محمد ڀنڀرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو حيدرآباد، سنڌ، سال: 1995ع، ڇاپو پهريون: ص: 10
    27 ڪتاب: سنڌ جو مِهراڻُ، ليکڪ: ميجر هينري جارج راورٽي، مترجم: عطا محمد ڀنڀرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو حيدرآباد، سنڌ، سال: 1995ع، ڇاپو پهريون: ص: 12
    28 ڪتاب: سنڌ جو مِهراڻُ، ليکڪ: ميجر هينري جارج راورٽي، مترجم: عطا محمد ڀنڀرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو حيدرآباد، سنڌ، سال: 1995ع، ڇاپو پهريون، ص: 13، کان 14
    [30] ڪتاب: ڪَڇ جو رڻ، تاريخ جي روشنيءَ ۾، تحقيق: محمد سومار شيخ، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ . ڇاپو: پهريون. سال: ڊسمبر 2006ع، ص: 28
    [31] ڪتاب: ساڳيو: راورٽي، ص: 15کان 16 تائين.
    [32] ڪتاب: تاريخ طاهري، تصنيف: سيد طاهر محمد نسياني ٺٽوي، مترجم: نياز همايوني، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ. سال: 1030 هجري مطابق 1621ع، ص: 289 کان 290 تائين.
    [33] ڪتاب: ڪَڇ جو رڻ، تاريخ جي روشنيءَ ۾، محقق: محمد سومار شيخ، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ. ڇاپو: پهريون، سال: 2006ع، ص: 27
    [34] ڪتاب: تاريخ سکر، ليکڪ: رحيمداد خان مولائي شيدائي، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ،سال: 2005ع، ڇاپو _ ٻيون، ص: 4
    32 ڪتاب : تاريخ ريگستان، ليکڪ: رائچند هريجن، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ. سال: آگسٽ 2010ع، ڀاڱو: پهريون، ڇاپو: پنجون، ص: 17
    33 ڪتاب: تاريخ ريگستان، ليکڪ: رائچند هريجن، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ. سال: آگسٽ 2010ع، ڀاڱو: پهريون، ڇاپو: پنجون، ص: 17 کان 18 تائين.
    [37] ڪتاب: تاريخ طاهري، تصنيف: سيد طاهر محمد نسياني ٺٽوي، مترجم: نياز همايوني. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ . سال: 1995ع، ڇاپو: ٻيو، ص: 33
    [38] سکر بئراج جي وهي هلڻ واري سن بابت سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ’سنڌوءَ جِي ساڃاههَ‘ ۾ لکي ٿو ته: 1935ع تائين سکر بئراج ۽ ستلج وئلي پراجيڪٽ مڪمل ٿي، آباديءَ لاءِ پاڻي ڏيڻ لڳا هئا.(حوالو: ڪتاب: سنڌوءَ جِيِ ساڃاهه، ليکڪ: جي ايم سيد، ڇپائيندڙ: جي.ايم. سيد اڪيڊمي سن، ضلع دادو، سنڌ. سال: 1972ع، جلد 2، فصل چوٿون، ص: 221)
    [39] ڪتاب: ڳجھ ڳجھاندر ڳالهڙيون، ليکڪ: علي احمد بروهي. چپائيندڙ: نيو فيلڊس پبليڪيشن ٽنڊو ولي محمد حيدر آباد، سنڌ، سال: سيپٽمبر 1999ع، ٻيو ايڊيشن، ص: 55
    [40] ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي، ليکڪ: گل حسن ڪلمتي، پاران: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ ڪراچي، سنڌ، سال: آگسٽ 2014ع، ڇاپو: ٻيو، ]وڌايل ۽ سڌاريل[، باب: نائون، ص: 380 کان 381 تائين
    [41] ڪتاب: پڊعيدن تواريخ جي آئيني ۾، ليکڪ: زاهد سومرو، جيڪو پاڻ ان اداري سان واڳيل آهي. سندس چوڻ موجب ته: سنه 1870ع ۾ محرابپور ريلوي اسٽيشن قائم ٿي. سنه 1922ع ۾ هن کي جنڪشن جو درجو مليو. هتان هلاڻي، ڪنڊيارو، ٺاروشاهه ۽ نوشهرو فيروز تائين ’فيڊر گاڏي‘ شروع ٿي. ]”سنه 1993ع ۾ فيڊر لائين کي مڪمل بند ڪيو ويو.“ حوالو: ڪتاب: پڊعيدن تواريخ جي آئيني ۾ شهر ۽ شخصيتون، ليکڪ: زاهد سومرو، ص: 183، ڇاپو: جنوري 2010ع، سپ پبليڪيشن نواب شاهه، سنڌ[
    [42] ميرعلي مراد خان ڀائرن سان تڪرار ڪري ميرن جي صاحبيءَ جو سنڌ ۾ خاتمو آندو. مير علي مراد خان تي بعد ۾ سر چارلس نيپئر نونهار جي معاهدي ۾ خيانت ڪرڻ جي الزام هيٺ گورنر جنرل کي شڪايت ڪئي، جنهن تي سنه 1852ع ۾ لارڊ ڊلهائوسيءَ ڪنڊياري ۽ نوشهري (ساهتي) جا پرڳڻا سندس رياست کان ڇني حيدرآباد ضلعي سان لاڳو ڪيا ۽ بردڪو، شاهه ٻيلو، چڪ، سيد آباد، اٻاوڙو، ميرپور ماٿيلي، لڌو گاگن، الور، بکر، ۽ بامبرڪي علائقا رياست کان ڇِني شڪارپور ضلعي سان شامل ڪيا. سنه 1856ع ۾ مير صاحب پاڻ ولايت ڏانهن انصاف لاءِ ويو، وڪيل ڪيائين پر کڙ تيل نڪري ڪو نه سگھيو. (حوالو: جنت السنڌ، ليکڪ: رحيمداد خان مولائي شيدائي، ، ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، سنڌ، سال: 2015ع، نئون ڇاپو، ص: 610)
    [43] ڪتاب: شهيد بينظير آباد، محققن جي نظر ۾، مرتب: مير محمد پيرزادو. ڇپائيندڙ: سئو ساله جشن ضلع شهيد بينظير آباد. ڇپيندڙ: مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ/ حيدرآباد، سنڌ. سال: مارچ 2013ع، ڇاپو پهريون، ص: 87
    [44] نواب شاهه ضلعي جو پهريون ڊپٽي ڪليڪٽر (DC) حامد معيذالدين عبد العلي هيو. پهرين نومبر 1912ع ضلعي ۽ ڪليڪٽر حامد علي جي نوڪريءَ جو پهريون ڏينهن هيو. (ڪتاب: نواب شاهه کان شهيد بينظير تائين هڪ صديءَ جو سفر، ليکڪ: خادم حسين چانڊيو. ڇپائيندڙ: سئو ساله جشن ضلع شهيد بينظير آباد، ڇپيندڙ: مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ / حيدرآباد، سنڌ. فيبروري 2013ع، ڇاپو پهريون. ص: 72)
    [45] انگريز جڏهن سنڌ ۾ ضلعا قائم ڪيا، ته انتظامي لحاظ کان ضلعي جي اعلى آفيسر کي ”ڪليڪٽر“ جو نالو ڏئي، ضلعي مٿان مقرر ڪيو ويو. اڳتي هلي اهو ”ڊپٽي ڪمشنر“ (ڊي سي) سڏجڻ ۾ آيو. پرويز مشرف جي دور ۾ ضلعي حڪومت واري نظام ۾ ان کي ”ڊسٽرڪٽ ڪو آر ڊينيشن آفيسر“ (ڊي سي او) جو نالو ڏنو ويو. جو هاڻي ٻيهر ”ڊپٽي ڪمشنر“ جي نالي سان سڏجي ٿو. حوالو: ڪتاب نواب شاهه کان شهيد بينظير آباد تائين. ليکڪ: خادم چانڊيو. ص: 72
    [46] ڪتاب: ضلعو نوشهرو فيروز تاريخ جي آئيني ۾، مرتب: اسلم عباسي، ڇپائيندڙ: محمد نواز عباسي، چيئرمين نوشهروفيروز سيمينار ڪاميٽي، نوشهروفيروز، سنڌ، سال سيپٽمبر 2007ع، ڇاپو پهريون، ص: 11
    [47] حوالو: اصل پراپرٽي ( D.C.O) انڪوائري رجسٽرڊ نوشهرو فيروز. سنڌ ] نوٽ: هي حوالو اسانکي مير غلام نبي ٽالپر جي قائم ڪيل ’عباس ٽالپر لائبرري‘ مان مليو. ليکڪ[
    [48] ناليواري تاريخدان ڊاڪٽر حميده کهڙو، ڪراچيءَ ۾ ٿيل هڪ پروگرام ۾ پنهنجي تقرير ۾ انڪشاف ڪيو ته: ”ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت لڏ پلاڻ شامل نه هئي، نه وري ڌرين ۾ ڪو اهڙي نوعيت جو ٺاهه ٿيو هو. ان وقت ورڇ رڳو پنجاب جي ٿي هئي.“ (حوالو: رسالو: هفتيوار سنڌ منظر ڪراچي، ايڊيٽر: ڊاڪٽر مسرت حسين خواجه، ڇپائيندڙ: اطلاعات کاتو، حڪومت سنڌ، سال: نومبر 2016ع، جلد: 5، شمارو: 190، ص: 13)
    [49] ڪتاب: تحفته الڪرام، ليکڪ: مير علي شير قانع ٺٽوي، مترجم: مخدوم امير احمد، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سنڌ، سال: 1957ع، ڇاپو: پهريون, باب ٻيون، ص: 30
    [50] ڪتاب: جنت السنڌ، ليکڪ: رحيمداد خان مولائي شيدائي، ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، سنڌ، سال: 2015ع، نئون ڇاپو, ص: 149
    [51] ڪتاب: فُتوحُ البلدَان، تاليف: احمد بن يحيى بن جابر الشهير بالبلاذُري، ترجمو: سيد ابوالخير مودودي، ناشر: تخليقات لاهور، علي پلازه 3 مزنگ روڊ لاهور، تاريخ اشاعت: 2010ع، ص: 583 کان 584 تائين
    48 ڪتاب: جنت السنڌ، ليکڪ: رحيمداد خان مولائي شيدائي، ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، سنڌ، سال: 2005ع، نئون ڇاپو، ص: 317 کان 318 تائين.
    [53] ڪتاب: جنت السنڌ، ليکڪ: رحيمداد خان مولائي شيدائي، نئون ڇاپو: 2015ع، ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، باب: ڇهون، ص: 405
    [54] ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي ]وڌايل ۽ سڌاريل[، ليکڪ: گل حسن ڪلمتي، پاران: نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچي، سنڌ، سال: آگسٽ 2014ع، ڇاپو: ٻيو، ص: 376 کان 377 تائين
    [55] ڪتاب: سنڌ جي هندن جي تاريخ، (ٻئي جلد = نئين سر ترتيب ڏنل)، ليکڪ: ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، ڇپرائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ، سال: 2006ع، ڇاپو: پهريون، ص: 171 کان 172 تائين
    [56] ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي ]وڌايل ۽ سڌاريل[، ليکڪ: گل حسن ڪلمتي، پاران: نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي، سنڌ، سال: آگسٽ 2014ع، ڇاپو: ٻيو، ص: 377
    [57] انسائيڪلو پيڊيا، لنڪ:
    http://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D9%BE%D8%A7%DA%AA%D8%B3%D8%AA%D8%A7%D9%86%20%D9%BE%D9%88%D8%B3%D9%BD%20%D8%A2%D9%81%D9%8A%D8%B3
    [58] ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي ]وڌايل ۽ سڌاريل[، ليکڪ: گل حسن ڪلمتي، پاران: نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي، سنڌ، سال: آگسٽ 2014ع، ڇاپو: ٻيو باب: نائون، ص: 380
    [59] ڪتاب: سنڌ جي هندن جي تاريخ،(ٻئي جلد = نئين سر ترتيب ڏنل)، ليکڪ: ڀيرو مل مهر چند آڏواڻيڇپرائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ، ، سال: 2006ع، ڇاپو: پهريون، ص: 302
    [60] ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي، ليکڪ: گل حسن ڪلمتي، پاران: نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ، سال: آگسٽ 2014ع، ڇاپو: ٻيون، باب: نائون، ص: 381
    57 رسالو: هفتيوار سنڌ منظر، ايڊيٽر: ڊاڪٽر مسرت حسين خواجه، مضمون: الهه بخش راٺوڙ _ ’همرچي جو ويلو، تنهنجو منهنجو ميلو.‘ ڇپائيندڙ: اطلاعات کاتو، حڪومت سنڌ، سال: نومبر 2016ع، جلد: 5، شمارو: 190، 01 کان 07، ص: 13
    [62] ڪتاب: تَرخان نامو، مولف، سيد مير محمد بن سيد جلال ٺٽوي، مرتب، سيد حسام الدين راشدي، سنڌيڪار، مرزا عباس علي بيگ. ڇپائيندڙ، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ .سال، 2005ع، ڇاپو، ٻيو، ص: 111
    [63] ڪتاب: ڪَڇ جو رڻ تاريخ جي روشنيءَ ۾، محقق محمد سومار شيخ، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ. ڇاپو: پهريون، سال: ڊسمبر 2006ع، ص: 32
    [64] ڪتاب: فتُوح البُلدَان، تاليف: احمد بن يحيى بن جابر الشهير بالبلاذُري، ترجمه: سيد ابوالخير مودودي، ناشر: تخليقات لاهور، تاريخ اشاعت: 2010ع، ص: 578
    [65] ڪتاب: سنڌ جي عزاداري، مصنف: ڊاڪٽر ميرزا امام علي بيگ افسر، ڇپائيندڙ: پبلشر: بزم فتح امام بارگاهه علي آباد ٽنڊو آغا حيدرآباد. سال 1998ع، ڇاپو: پهريون، ص: 12
    [66] رسالو: ماهوار نئين زندگي، ايڊيٽر: شمشير الحيدري، ڇپائيندڙ: پاڪستان پبليڪيشن ڪراچي، سال: ڊسمبر 1970ع، اشاعت جو 23هون سال، ص: 31، ] مضمون _ قريشي حامد علي خانائي.[
    [67] ڪتاب : فُتوحُ البلدَان، تاليف: احمد بن يحيى بن جابر الشهير بالبلاذُري، ترجمو: سيد ابو الخير نودودي، ناشر: تخليقات ، علي پلازه 3 مزنگ روڊ لاهور، تاريخ اشاعت: 2010ع، ص: 578
    [68] ڪتاب: سنڌ جي عزاداري، مصنف: ڊاڪٽر ميرزا امام علي بيگ افسر، پبلشر: بزم فتح امام بارگاهه علي آباد ٽنڊو آغا، حيدرآباد، سال: 1997ع، ڇاپو: پهريون، ص: 6 کان 7 تائين.
    [69] ڪتاب: سنڌ ۾ اسلام ۽ آلِ رسول صه جي آمد، مصنف: زوار عبدالستار درس، پاران: اداره راهه حق اڪيڊمي سايئه علمدار منزل G/83 جاني شاهه پاڙو تلاءُ نمبر 3 حيدرآباد، سنڌ.، سال: 2008ع، موضوع: تاريخ، ص: 9
    [70] ڪتاب: سنڌ ۾ اسلام ۽ آلِ رسول صه جي آمد، مصنف: زوار عبدالستار درس، پاران: اداره راهه حق اڪيڊمي سايئه علمدار منزل G/83 جاني شاهه پاڙو تلاءُ نمبر 3 حيدرآباد، سنڌ. سال: 2008ع، موضوع: تاريخ، ص: 23
    [71] ڪتاب: لاڙ جا ماڳ مڪان، ليکڪ: محمد سومار شيخ، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ڇاپو: پهريون، سال: 2006ع، ص: 31
    [72] ڪتاب: جنت السنڌ، ليکڪ: رحيمداد خان مولائي شيدائي، ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، سال: 2015ع، ڇاپو: نئون، ص: 86
    [73] ڪتاب: جنت السنڌ، ليکڪ: رحيمداد خان مولائي شيدائي، ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، سال: 2015ع، ڇاپو: نئون ص: 86
    [74] ڪتاب: ٻُڌ مَت، ليکڪ: ايس ڌميڪا، سنڌيڪار: دُرجان، ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن قنبر، سنڌ. ڇاپو: پهريون، سال: فيبروري 2017ع، ص: 15
    [75] ڪتاب: شيخ المشائخ، ليکڪ: از م _ ع ڏيپلائي، سال: 7 نومبر 1975ع، پهريون ڇاپو، ص: 46 کان 47
    [76] ڪتاب: تاريخ طاهري، ]ٺٽي شهر جي تاريخ[، تصنيف: سيد طاهر محمد نسياني ٺٽوي، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ . سال: 1995ع، ڇاپو: ٻيو، ص: 282
    [77] ڪتاب: سنڌوءَ جي ساڃاهه (ٻئي ڀاڱا هڪ جلد ۾)، ليکڪ: جي . ايم . سيد، ڇپرائيندڙ: روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ، سال: 2009ع، ڇاپو: ٻيو، فصل: پهريون، ص: 51
    70 ڪتاب: سنڌ جو ڇوڙ وارو علائقو، ليکڪ: جنرل هيگ، مترجم: عطامحمد ڀنڀرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد، سنڌ، سال: مارچ 1995ع، ص: 248
    [79] ڪتاب: لُبِ تاريخ سنڌ، تاليف: خان بهادر خداداد خان، مترجم: حافظ خير محمد اوحدي، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، حيدرآباد، سنڌ، سال: 1994ع، ڇاپو ٻيو، باب ٻيو، ص: 17 کان 18 تائين.
    [80] ڪتاب: سنڌ جي فتح، ليکڪ: مولانا عبد الحليم ”شرر“، مترجم: فقير اشرف علي سمون، ڇپائيندڙ: مهراڻ اڪيڊمي واڳڻو در شڪارپور، سنڌ، سال: فيبروري 2011ع، ڇاپو: ٽيون، ص: 104 کان 105 تائين
    [81] ڪتاب: سنڌ جي عزاداري، مصنف: ڊاڪٽر ميرزا امام علي بيگ افسر، پبلشر: بزم فتح امام بارگاهه علي آباد ٽنڊو آغا، حيدرآباد، سال: 1997ع، ڇاپو: پهريون، ص: 7 کان 8 تائين.
    [82] ڪتاب: سنڌ ۾ اسلام ۽ آلِ رسول صه جي آمد، موضوع: تاريخ، مصنف: زوار عبدالستار درس، پاران: اداره راههِ حَق اڪيڊمي سايئه علمدار ٿه منزل G/83 جاني شاهه پاڙو تلاءُ نمبر 3حيدرآباد، سنڌ. سال: 2008ع، ص: 24
    [83] مير علي شير قانع ان ئي ڪتاب تحفته الڪرام، (اردو) ڇاپي ٽئين، سال 2006ع، سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايل ۾، ص: 31، تي امير المومنين حضرت علي عليه السلام جو نالو.”اميرالمومنين ”علي“ ] ابن ابي طالب[ لکيو آهي.
    [84] ڪتاب: تحفته الڪرام، تصنيف: ميرعلي شير قانع، مترجم: مخدوم امير احمد، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سنڌ، سال 1957ع، ڇاپو: پهريون، باب: ٻيو _ ص: 25
    [85] ڪتاب: سنڌ جي عزاداري، مصنف: ڊاڪٽر ميرزا امام علي بيگ افسر، ڇپائيندڙ: پبلشر: بزم فتح امام بارگاهه علي آباد ٽنڊو آغا، سال: 1998ع، ڇاپو، پهريون، ص: 4
    [86] ڪتاب: تحفته الڪرام، تصنيف: مير علي شير قانع ٺٽوي، مترجم: مخدوم امير احمد، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سال: 1957ع، ڇاپو پهريون. ص: 2
    [87] ڪتاب: سنڌ جي عزاداري، مصنف: ڊاڪٽر ميرزا امام علي بيگ افسر، ڇپائيندڙ: پبلشر: بزم فتح امام بارگاهه علي آباد ٽنڊو آغا حيدرآباد. سال 1998ع، ڇاپو: پهريون، صفحه. 10
    [88] ڪتاب: سيوهڻ جي قديم عزاداري، تحرير ۽ تحقيق: نظير حيات سيوهاڻي، ڇپائيندڙ: پروفيسر سيد اعجاز علي شاهه رضوي، سال: 2013ع، ڇاپو: پهريون. ص: 54 کان 55 تائين.
    [89] ڪتاب: سنڌڙيءَ جو شهباز قلندر، سهيڙيندڙ: آزاد انور ڪانڌڙو، ڇپائيندڙ: ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ. سال: جون 2012ع ڇاپو: پهريون. ص: 100
    [90] رسالو: ٽِماهي مهراڻ، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، حيدرآباد سنڌ، سال: 1990ع، پرچو: پهريون، ص: 128
    [91] ڪتاب: حق ايليا عه، شاعر: محسن نقوي، ناشر: ماورا پبلشرز لاهور، بارششم: 2008ع، ص: 107
    84 ڪتاب: طلوع آفتاب، (مورو جي عزاداريءَ جي تاريخ)، مصنف: سيد علي بخش شاهه ،پرنٽرز، ابوذر پرنٽنگ ايجنسي، ابوذر اسٽريٽ دادو چوڪ مورو. سنڌ، سال: 21 جنوري 2005ع، ڇاپو: پهريون. ص: 25
    [93] ڪتاب: تاريخچه عزاداري حسيني، مولف: حجته الاسلام والمسلمين سيد صالح شہرستاني، مترجم: حافظ اقبال حُسين جاويد، ايم _ اي. ناشر: اداره پاسبانِ اسلام، بهلوال، سرگودها. سال: 2005ع، دوسرا ايڊيشن، ص: 19 کان 20
    [94] ڪتاب: تاريخچه عزاداري حسيني، مولف: حجته الاسلام والمسلمين سيد صالح شہرستاني، مترجم: حافظ اقبال حُسين جاويد، ايم _ اي. ناشر: اداره پاسبانِ اسلام، بهلوال، سرگودها. سال: 2005ع، دوسرا ايڊيشن، ص: 20 کان 21.
    [95] ڪتاب: انسانيت موت جي دروازي تي. ليکڪ: مولانا ابو الڪلام آزاد، سنڌيڪار: جاويد ميمڻ، ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، سال 2004ع، پهريون: ڇاپو، ص: 156
    [96] ڪتاب: انسانيت موت جي دروازي تي. ليکڪ: مولانا ابوالڪلام آزاد، سنڌيڪار: جاويد ميمڻ، ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، سال 2004ع، پهريون: ڇاپو، ص: 120 کان 121 تائين
    [97]ڪتاب: تاريخچه عزاداري حسيني، مولف: حجته الاسلام والمسلمين سيد صالح شہرستاني، مترجم: حافظ اقبال حُسين جاويد، ايم _ اي. ناشر: اداره پاسبانِ اسلام، بهلوال، سرگودها، پنجاب، پاڪستان. سال: 2005ع، دوسرا ايڊيشن، ص: 98 کان 99 تائين.
    [98] کتاب موج ادراک، ناشر: ماورا پبلشرز لاهور، ص، 141
    [99] ڪتاب: سنڌُ جا بَرَ، بَحَرَ ۽ پَهاڙَ، ليکڪ: غلام رباني آگرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ .سال:2005ع، ڇاپو: ٻيو، ص: 372
    [100] راهب جي نسل مان سنڌ جي حُسيني برهمڻن بابت ميرزا امام علي بيگ لکي ٿو ته:” 169هه ۾ حسين بن علي مثلث بن حسن مثنى بن حسن بن علي بن ابيطالب مديني ۾ حقوقِ اهلبيت جو علم بلند ڪيو. مڪي ۾ جڏهن حسين بن علي جو عباسي لشڪر سان مقابلو ٿيو ته اُتي ڪِن تُرڪن ۽ هندي غلامن حسين جو ساٿ ڏنو هو. سنڌ جي گذشته لاڙائيءَ ۾ عبدالله اشتر جي مقبول ٿيڻ تي ان جي زال (سنڌ جي مذڪوره راجا جي ڌيءُ) ۽ پٽ گڏجي برهمڻ، ٻانڀڻ (برهمڻ هندُنِ جي هڪڙي ذات جيڪا سڀني هندن کان مٿانهين مڃي وڃي ٿي ۽ جنهن ۾ پنڊت هوندا آهن. برهمڻن کي ٻانڀڻ به چيو ويندو آهي.) به جيڪي راجا جا مائٽ هئا، گرفتار ٿي جنگي قيدي ٿي منصور وٽ پهتا. منصور انهن کي مديني موڪليو هو. هي جنگي قيدي جيڪي هندي غلام سڏبا هئا. حسين مذڪوره سان شامل ٿي ويا هئا ۽ حسين بن علي بن مثلث مذڪوره جي ڪاميابيءَ کي عين پنهنجي ڪاميابي سمجھندا هئا. حسين سان گڏ انهن مان ڪي مقتول ٿيا ۽ ڪي نڪري ڪنهن نه ڪنهن طرح ٻيهر سنڌ پهچي ويا. انهن ماڻهن جو اولاد آهي جيڪو پاڻ کي حسيني ٻانڀڻ يا برهمڻ سڏرائين ٿا ۽ اِها دعوا ڪن ٿا ته اسان ڪربلا جي ميدان ۾ حضرت امام حسين عه جو ساٿ ڏنو هو.
    واقعو هئين عالمن کان ٻُڌندو اچان، ته جنابِ رسالت مآب ﷺ جي زماني ۾ هڪ شخص ٻانڀڻ جيڪو راهب جي نالي سان مشهور آهي، رسولِ خدا جي خدمت اقدس ۾طلبِ فرزند جي دعا لاءِ هر روز حاضر ٿيندو هو ۽ اچي عرض ڪندو هو ته يا رسول الله مونکي دعا ڪريو ته فرزند عطا ٿي. هڪڙي ڏينهن هي ٻانڀڻ جڏهن حضور صلعم جي درٻار مان نا اميد ٿي موٽيو.
    ان ٻانڀڻ کي امام حسين ع جي دعا سان سَتَ پُٽَ عطا ٿيا ۽ اهي سَت ئي پُٽَ هُن ڪربلا ۾ امام حسين عه تان شهيد ڪرائي ڇڏيا جيڪي بعد ۾ وري زنده ٿي ويا ۽ انهن جي گردن تي اهو تلوار جو نشان اڄ به باقي آهي جنهن سان هو ذبح ٿيا هئا. آئينهِ حقيقت نما جي مصنف جي اِن بيان ۾ بلڪل صداقت آهي ۽ واقعي اهي ٻانڀڻ ڪربلا جي ميدان ۾ امام حسين عه سان گڏ هئا.“ حوالو: ڪتاب: سنڌ جي عزاداري، مصنف: ڊاڪٽر ميرزا امام علي بيگ افسر، پبلشر: بزم فتح امام بارگاهه علي آباد ٽنڊو آغا، حيدرآباد. سنڌ، سال: 1997ع، ص: 76 کان 78 تائين.
    93 ڪتاب: اَلِهلال، مصنف: مولانا ابُوالڪلام ’آزاد‘، ڇپائيندڙ: علي محمد راهو، سنڌي اردو گڏيل ادبي ڪچهري، 3 مسلم آباد ڪراچي. سال: 1392 هجري، سيپٽمبر 1972ع، ڇاپو: پهريون، ص: 120
    [102] ڪتاب: سنڌ جي عزاداري، مصنف: ڊاڪٽر ميرزا امام علي بيگ افسر، ڇپائيندڙ: پبلشر: بزم فتح امام بارگاهه علي آباد ٽنڊو آغا حيدرآباد. سال 1998ع، ڇاپو: پهريون، ص: 375 کان 376 تائين .
    [103] ڪتاب: سنڌ جي مدنيت، مصنف: سيد منظور نقوي، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ حيدر آباد، سنڌ، سال: 1978ع، ڇاپو: ٻيو، ص: 201
    94 ڪتاب: سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو، ليکڪ: جنرل هيگ، سنڌيڪار: عطا محمد ڀنڀرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد، سنڌ. سال: مارچ 1995ع، ڇاپو: پهريون. ص: 295
    [105] ڪتاب: مضامين اآلِهلال، مُصنف: مولانا ابُو الڪلام ’آزاد‘، سنڌيڪار: علي محمد راهو، ڇپائيندڙ: سنڌي اردو گڏيل ادبي ڪچهري، 3 مسلم آباد ڪراچي. سال: سيپٽمبر 1976ع، ڇاپو: پهريون، ص: 217 کان 218 تائين
    [106] ڪالم: بيدار جعفري، روزاني عوامي آواز ڪراچي، 8 محرم الحرام، سال: 15 ڊسمبر 2010ع
    [107] ڪتاب: سنڌ جي عزاداري، مصنف: ڊاڪٽر ميرزا امام علي بيگ افسر، ڇپائيندڙ: پبلشر: بزم فتح امام بارگاهه علي آباد ٽنڊو آغا حيدرآباد. سال 1998ع، ڇاپو: پهريون، ص: 298
    [108] ڪتاب: جنت السنڌ، ليکڪ: رحيمداد خان مولائي شيدائي، ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، سال: 2015ع، ڇاپو: نئون، ص: 121
    [109] ڪتاب: سيد ثابت علي شاهه، شخصيت ۽ شاعري، مصنف: عبدالقيوم’صائب‘، ڇپائيندڙ: محفل شاهه نجف، روشنَ جو پِڙ، ٽنڊو ولي محمد. حيدرآباد سنڌ. سال: 20 اپريل 2003ع، ص: 40
    [110] ڪتاب: تاريخ سنڌ (پنج ئي ڀاڱا)، مولفين: نور محمد نظاماڻي، عبدالغني عبدالله/ محمد صديق ”مسافر“، ڇپائيندڙ: مهراڻ اڪيڊمي، واڳڻو در شڪارپور، سال: آڪٽوبر 2013ع، ڇاپو: ٽيون، باب: ٽيون، ص: 131
    [111] ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ليکڪ: سيد حسام الدين راشدي، ڇپائيندڙ: نيو فيلڊس پبليڪيشنس ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد، سنڌ. سال: مارچ 2006ع، ڇاپو: ٻيو، ص: 17 کان 19 تائين .
    [112] ڪتاب: تاريخ سنڌ (پنج ئي ڀاڱا)، مولفين: نور محمد نظاماڻي، عبدالغني عبدالله/ محمد صديق ”مسافر“، ڇپائيندڙ: مهراڻ اڪيڊمي، واڳڻو در شڪارپور، سال: آڪٽوبر 2013ع، ڇاپو: ٽيون، باب: ٽيون، ص: 134
    [113] ڪتاب: سنڌ جي عزاداري، مصنف: ڊاڪٽر ميرزا امام علي بيگ افسر، ڇپائيندڙ: پبلشر: بزم فتح امام بارگاهه علي آباد ٽنڊو آغا حيدرآباد. سال 1998ع، ڇاپو: پهريون، ص: 365
    [114] ڪتاب: سنڌ جي مدنيت، ليکڪ: سيد منظور نقوي، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سنڌ، سال: 1978ع، ڇاپو: ٻيو. ص: 201
    [115] ڪالم: آيا ڪين اباڻا، وساريئون وطن کي، ليکڪ: بيدار جعفري، روزني جيجل ڪراچي، چيف ايڊيٽر: عبدالڪريم راڄپر، تاريخ: سومر 19 آڪٽوبر 2015ع
    [116] ڪتاب: عزاداري اور غير مسلم اقوام، تحقيق و تحرير: زوار عبدالستار درس، ناشر: عزادار رابطه ڪميٽي حيدرآباد، سال: 2017ع، ص: 66
    [117] ڪتاب: پيغام لطيف، ليکڪ: جي _ ايم _ سيد، ڇپائيندڙ: جي _ ايم _ سيد اڪيڊمي سن، ضلع دادو سنڌ، سال: 1997ع، ڇاپو: ٽيون: ص: 47
    [118] ڪتاب: سنڌ ۾ شيعت جي تاريخ، مصنف: ڊاڪٽر ميرزا امام علي بيگ افسر، ڇپائيندڙ: محسن پبليڪيشن ٽنڊو آغا حيدر آباد، سال: 14 آگسٽ 2016ع، ڇاپو: پهريون، ص: 287 کان 288 تائين.
    [119] ڪتاب: پيغام لطيف، ليکڪ: جي _ ايم _ سيد، ڇپائيندڙ: جي _ ايم _ سيد اڪيڊمي سن، ضلع دادو سنڌ، سال: 1997ع، ڇاپو: ٽيون: ص: 47
    [120] ڪتاب: لواريءَ جا لال، ليکڪ: ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڇپائيندڙ: سنڌي ساهت گھر، حيدر آباد، سنڌ، سال: 13 مارچ 2007ع، ص:63
    [121] ڪتاب: تذڪرة المراد، ليکڪ: حاجي محمد حسين صفائي ٺٽوي، مترجم: ڊاڪٽر عبدالرسول قادري، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ، سال: 2006ع، ڇاپو: پهريون، باب: نائون، ص: 38
    [122] ڪالم: بيدار جعفري، روزاني عوامي آواز ڪراچي، 8 محرم الحرام، 7 جون 1995ع، 1416هجري.
    [123] ڪتاب: حق ايليا عه ، ليکڪ: محسن نقوي، ناشر: ماورا پبلشرز لاهور، بارششم: 2008ع، ص: شروعات وارو پيج .
    [124] ڪتاب روهڙيءَ جون ساڍيون ٽي سورائتيون صديون، تحقيق ۽ تصنيف: انجينئر سيد عبدالحسين موسوي، ڇپائيندڙ: موج وحدت پبليڪيشنس روهڙي، سال 2013ع، ڇاپو: پهريون، ص: 118
    [125] ڪتاب: روهڙيءَ جون ساڍيون ٽي سورائتيون صديون، تحقيق ۽ تصنيف: انجينئر سيد عبدالحسين موسوي، ڇپائيندڙ: موج وحدت پبليڪيشنس روهڙي، سال: 2013ع، ڇاپو: پهريون، ص: 41
    [126] ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ليکڪ: سيد حسام الدين راشدي، ڇپائيندڙ: نيو فيلڊس پبليڪيشنس، ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد. سال: مارچ 2006ع، ٻيو: ايڊيشن، ص: 281
    [127] ڪتاب:سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي رح ۽ سيوهڻ جي قديم عزاداري، تحرير ۽ تحقيق: نظير حيات سيوهاڻي. ڇپائيندڙ: پروفيسر سيد اعجاز علي شاهه رضوي، سال: 2013ع، ڇاپو: پهريون، ص: 8
    [128] ڪتاب: تحفته الڪرام، تصنيف: مير علي شير قانع، مترجم: مخدوم امير احمد، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سنڌ. ڇاپو: پهريون، سال: 1957ع، ص 464
    [129] ڪتاب: سنڌ _ هند جي قديم جاگرافي، مصنف: اليگزينڊر ڪننگھام، مترجم : عطا محمد ڀنڀرو. ڇاپو پهريون، سال: 2007ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ. ص: 280
    [130] ڪتاب: لاڙ جا ماڳ مڪان، ليکڪ: محمد سومار شيخ، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ڇاپو: پهريون، سال: 2006ع، ص: 32
    [131] ڪتاب: لاڙ جا ماڳ مڪان، ليکڪ: محمد سومار شيخ، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ڇاپو: پهريون، سال: 2006ع، ص: 15 کان 16 تائين.
    [132] ڪتاب: تحفته الڪرام، تصنيف: مير علي شير قانع، مترجم: مخدوم امير احمد، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سنڌ. ڇاپو: پهريون، سال: 1957ع، ص: 465
    [133] زباني روايت : زهير حسين حيدري، بدين، سنڌ
    [134] ڪتاب: سنڌ _ هند جي قديم جاگرافي، مصنف: اليگزينڊر ڪننگھام ، مترجن: عطا محمد ڀنڀرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ڇاپو: پهريون، سال: 2007ع، ص: 302
    [135] ڪتاب: سنڌ جي درٻار، مصنف: جيمس برنس، مترجم: حنيف صديقي، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ . سال: 2006ع، ڇاپو: ڇهون، ص: 9
    [136] ڪتاب: سنڌو سڀيتا جا سوراشٽر وارا ماڳ، مصنف: گريگوري ايل. پوسيل، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ. ڇاپو: پهريون، سال: اپريل 2015ع، ص: 89
    [137] ڪتاب: ڪڇين جا قول، ليکڪ، محمد سومار شيخ، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ، سال: 2006ع، ڇاپو: ٻيو، ص: 14 کان 15 تائين.
    [138] ڪتاب: ڪڇين جا قول، ليکڪ، محمد سومار شيخ، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ، ص: 229
    [139] ڪتاب: ڪڇين جا قول، ليکڪ، محمد سومار شيخ، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ، ص: 295
    [140] ڪتاب: ڪڇين جا قول، ليکڪ، محمد سومار شيخ، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ، ص: 298
    [141] ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ليکڪ: سيد حسام الدين راشدي، ڇپائيندڙ: نيو فيلڊس پبليڪيشنس ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد . سال: مارچ 2006ع، ٻيو: ايڊيشن. ص: 232
    [142] ڪتاب: ڪلام ريجھ علي شاهه، تحقيق ۽ ترتيب: پروفيسر منظور حسين کهڙو، ڇپائيندڙ: عبدالعزيز عقيلي، سيڪريٽري ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ. سال: 2011ع، ڇاپو: پهريون، ص: 16
    [143] ڪتاب: رياست خيرپور (اڳوڻو ۽ هاڻو ڪو احوال)، مصنف: مرزا قليچ بيگ، سال: 2004ع، ڇاپو: نئون، ڇپائيندڙ: گلشير بلوچ، گھر نمبر 1816 H.C.B ممتاز ڪالوني، قاضي عبدالقيوم روڊ، حيدرآباد، سنڌ. ص: 94 کان 95 تائين
    [144] ڪتاب: خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو. ليکڪ: پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد حامي، ڇپائيندڙ: شمس جعفراڻي، سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ، سال: 1430هه /2009ع، ڇاپو ٻيون، ص:205
    [145] ڪتاب: سنڌ جي عزاداري، مصنف: ڊاڪٽر ميرزا امام علي بيگ افسر، ڇپائيندڙ: پبلشر: بزم فتح امام بارگاهه علي آباد ٽنڊو آغا حيدرآباد. سال 1998ع، ڇاپو: پهريون، ص: 378 کان 379 تائين
    [146] ”مرحوم مير علي مراد خان کي ڏاڏي پوٽي واري پهرين ديري مان يعنى مري بلوچ خاندان جي اهليه مان ٻه پٽ هئا، هڪڙو مير شاهنواز خان، ٻيو مير فيض محمد خان، ساڳئي ئي گھر مان ٽي نياڻيون به هيس. اڃا به وڏو پٽ مير سهراب خان نالي هئس جو ننڍي هوندي مري ويو هو. ٻئي ديري مان ٻه پٽ هئس، هڪڙو مير جان محمد خان ۽ ٻيو مير خان محمد خان، ٽئي گھر مان هڪڙو پٽ مير غلام مهدي خان هوس، چوٿون ديرو جو بهاولپور جي نواب صبح صادق جي خاندان مان هو، تنهن مان اولاد ڪو نه هئس .
    مير شاهنواز خان 43 ورهين جي عمر ۾ آڪٽوبر سن 1874ع ۾ وفات ڪئي ۽ کيس مير محمد مراد پٽ هو. مير فيض محمد خان انهيءَ کانپوءِ ولي عهد ٿي رياست جو والي ٿيو. مير خان محمد خان 35 ورهين جي عمر ۾ مارچ سن 1888ع ۾ وفات ڪئي ۽ لاولد هو. مير جان محمد خان ساڳئي سن 1880ع ۾ وفات ڪئي ۽ انهيءَ جو پٽ مير غلام حسين هو ۽ مير غلام مهدي خان 27 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي.انهيءَ طرح مير علي مراد خان جي ٻين سڀني پٽن سندس حياتيءَ ۾ وفات ڪئي. سواءِ مير فيض محمد خان جي جو کانئس پوءِ گادي تي ويٺو.“ حوالو: ڪتاب: رياست خيرپور (اڳوڻو ۽ هاڻو ڪو احوال)، مصنف: مرزا قليچ بيگ، سال: 2004ع، ڇاپو: نئون، ڇپائيندڙ: گلشير بلوچ، گھر نمبر 1816 H.C.B ممتاز ڪالوني، قاضي عبدالقيوم روڊ، حيدرآباد، سنڌ. باب: تيرهون، ص: 85.
    [147] ڪتاب: خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو. ليکڪ: پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد حامي، ڇپائيندڙ: شمس جعفراڻي، سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ، سال: 1430هه /2009ع، ڇاپو ٻيون، باب: اٺون، ص: 206 کان 207 تائين.
    [148] ڪتاب: جنت السنڌ، ليکڪ: مولائي شيدائي، سال: 2015ع، نئون: ڇاپو، ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، باب: اٺون، ص: 613
    [149] ”مرحوم مير علي مراد خان جي وفات کان هڪ هفتو پوءِ يعنى تاريخ 7 اپريل سن 1894ع مطابق پهرين شوال سنه 1311هه يعنى عيد جي ڏينهن سندس پٽ مير فيض محمد خان کي حڪومت جي گادي تي ويهاريو ويو. ۽ مٿس پڳ رکي وئي.“ حوالو: ڪتاب: رياست خيرپور (اڳوڻو ۽ هاڻو ڪو احوال)، مصنف: مرزا قليچ بيگ، سال: 2004ع، ڇاپو: نئون، ڇپائيندڙ: گلشير بلوچ، گھر نمبر 1816 H.C.B ممتاز ڪالوني، قاضي عبدالقيوم روڊ، حيدرآباد، سنڌ. باب: پندرهون، ص: 97
    [150] ڪتاب: خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو. ليکڪ: پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد حامي، ڇپائيندڙ: شمس جعفراڻي، سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ، سال: 1430هه /2009ع، ڇاپو ٻيون، باب: اٺون، ص: 208 کان 209 تائين.
    [151] ڪتاب: ڪلام سيد ريجھ علي شاهه، تحقيق ۽ ترتيب: پروفيسر منظور حسين کهڙو، ڇپائيندڙ: عبدالعزيز عقيلي، سيڪريٽري ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، سال: 2011ع، ڇاپو: پهريون، ص: 16
    [152] زباني روايت سيد سرڪار حسين شاهه: راوانتي عربي شامياني جو نالو آهي جيڪو تمام وڏو ٿيندو هو جنهن کي عرب جا بادشاهه سفر دوران استعمال ڪندا هيا. اهو هنن ٻن ڏهاڙن ۾ قافلي جي قيام گاهه واريءَ جي ڀِٽَ تي لڳندو هو جنهن ڪري هن منزل گاهه تي ’راوانتي‘ نالو پيو. جنهنڪري (منزل گاهه) راوانتيءَ جي نالي سان مشهور ٿيو.
    [153] ڪتاب: اڙي شهرِ جانان، موضوع: شاعري، ليکڪ: حليم باغي، ڇپائيندڙ: پدمات پبليڪيشنس عمر ڪوٽ، سال: جنوري 2002ع، پهريون: ڇاپو، ص: 25
    [154] زباني بيان: رئيس الهداد خان لنڊ، چوي ٿو ته: ”هتي ريلوي اسٽيشن 1923ع ۾ قائم ٿي. اسٽيشن جي پليٽ فارم تي سگنل واري ڪيبن لڳل هئي جنهن تي اسانجا عزيز ملازم لڳل هيا. اسان ننڍ پڻ ۾ انهن وٽ ويندا هيا سين.“
    [155] ڪتاب: سنڌ _ هند جي قديم جاگرافي، مصنف: اليگزينڊر ڪننگھام، مترجم: عطا محمد ڀنڀرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ ڇاپو: پهريون، سال: 2007ع،. ص 249 کان 264 تائين
    [156] اجازت نامو: جناب اسسٽنٽ ڪليڪٽر صاحب بهادر نوشهرو، قلم: 2036، 31 آڪٽوبر 1910ع . ليٽر جاري ٿيو: 7 نومبر 1910ع ، آفيس مختيارڪار ڪنڊيارو.
    [157] ڪتاب: تحفته الڪرام، (ڀاڱو: پهريون) تصنيف: مير علي شير قانع، مترجم: مخدوم امير احمد، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ حيدر آباد (سنڌ)، سال: 1957ع، ڇاپو: پهريون، ص: 258 کان 259 تائين.
    [158] زباني روايت : محمد سليمان چنه، ضلعي نوشهري فيروز جي شهر: ’ابڙان‘ جو قديم رهواسي.
    [159] زباني روايت: سيٺ انصار الحسن ميمڻ، سيٺ محلا نوشهرو فيروز، سنڌ .
    [160] ڪتاب: سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا، ليکڪ: اشتياق انصاري، ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، سنڌ . چوٿون ڇاپو، سال: 2015ع، ص: 115
    [161] ڪتاب: نواب شاهه کان شهيد بينظر آباد تائين، ليکڪ: خادم حسين چانڊيو، چپائيندڙ: سئو ساله جشن ضلع شهيد بينظير آباد، آرگنائيزنگ ڪاميٽي، نواب شاهه ، سنڌ . ڇاپو: پهريون: فيبروري 2013ع، باب: ٽيون، ص: 45
    [162] روايت : فداحسين چانڊيو، صحافي نوابشاهه، سنڌ .
    [163] ڪتاب: حضرت قاضي احمد دمائي قدس رح، سهيڙيندڙ: جوڻيجو سائين بخش قبولائي، ڇپائيندڙ: حضرت سلطان اولياء اڪيڊمي ڏوڪري لاڙڪاڻو، ڇاپو: پهريون، سال: جنوري 2002ع، ص: 6 کان 7 تائين .
    [164] ڪتاب: تحفته الڪرام، تصنيف: مير علي شير قانع، مترجم: مخدوم امير احمد، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سال: 1957ع، ڇاپو: پهريون، ڀاڱو: چوڏهون، ص: 347.
    [165] ڪتاب: تذڪره مشاهير سنڌ، تاليف: مولانا دين محمد وفائي، ڀاڱو: پهريون، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ ، سال: مارچ _ 2005ع، ڇاپو: ٽيون، ص: 72
    [166] ڪتاب: بيگلار نامو، مصنف: ادراڪي بيگلاري، مترجم: خانبهادر محمد صديق ميمڻ، ڇپائيندڙ: انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو (سنڌ)، ٻيو: ڇاپو، سال: 1982/3ع ، ص: 11
    [167] ڪتاب: تاريخ سنڌ، مولفين: مولوي نور محمد نظاماڻي، محمد صديق ’مسافر‘، ڇپائيندڙ: مهراڻ اڪيڊمي واڳڻو در شڪارپور، سنڌ. ڇاپو: ٽيون، سال: آڪٽوبر 2013ع، ص: 334
    [168] ڪتاب: تاريخ طاهري، تصنيف: سيد طاهر محمد نسياني ٺٽوي، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ. سال: 1995ع، ڇاپو: ٻيو، ص: 29 .
    [169] ڪتاب درٻيلي ۾ عزاداريءَ جي مختصر تاريخ، مرتب: زوار شهاب الدين ميمڻ. سال: 2015ع، ص: 7 کان 9 ۽ 22 تائين.
    [170] ڪتاب: جامع سنڌي لغت، (جلد: پهريون، الف _ ٻ)، مرتب، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، حيدرآباد، سنڌ. سال: 1995ع، ڇاپو: ٻي