ڪتاب جو نالو: چنڊ آ ٻانهُن ۾
مصنف: چمن آر ٿري
ڇپائيندڙ: اتساهه پبليڪيشن مٺي
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 21 آڪٽوبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 810 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 151 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”چنڊ آ ٻانُهن ۾“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب خوبصورت شاعر چمن آر ٿري جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. وسيم سومرو لکي ٿو: ”چمن آر ٿري سنڌ جو اڀرندڙ سُھڻو شاعر آهي. هن جي شاعري سچ پچ ٿر جي اڃ جو مهاڳ آهي، جنهن ۾ لوڪ ڌنن جهڙي رواني ۽ ڏيئن جهڙي روشنيءَ جي ساڃاھ آهي. چمن پنهنجي شاعريءَ ۾ هڪ بي چين روح وانگر نظر اچي ٿو. جنهن جي اکين ۾ ستارن جيان بي انت موضوع آهن. جن ۾ پنهنجي حالتن جو درد چٽيل آهي. جنهنکي پڙهي خبر پئي ٿي ته هي شاعر مسلسل پنهنجي شاعريءَ جي پٽڻ تي محو سفر آهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران :
  • پهريون پنو
  • ارپنا
  • اداري پاران
  • مهاڳ (ڏات ۽ ڏانوَ جو سنگم)
  • ڀرت جي کارڪ جهڙو منفرد شاعر
  • روهيڙي جهڙي شاعري
  • درد جي مُصوري
  • واٽون ويهه ٿيون..
  • غزل

  • ساٿ تُنهنجو سُک ۽ سُرهاڻ آ،
  • نگاهن ۾ نينهن جا نظارا رکين ٿي،
  • اُها شام جيڪا گڍيءَ تي گذاري،
  • نگاهن ۾ نينهن جا نظارا رکين ٿي،
  • اُها شام جيڪا گڍيءَ تي گذاري،
  • سهڻا سانگ سجايا سانوڻ،
  • سالن کان پوءِ هاڻ اسانکي،
  • *اکين کي اکين جي اشارن ڪُٺو آ،
  • گڍيءَ جي گود ۾ ويهي، اسين ڪو عشق ساريون ٿا،
  • هر سانجهه جو ستارا هڪڙو ئي سوال ڪن ٿا :
  • تُنهنجي مُک تي وار نچن پيا.
  • ايڏو جلد بدلجي ويندين، مون ته اهيو هو سوچيو ڪونه !
  • نه مومل ملي ۽ نه راڻا ٿياسين،
  • وڏو گهاءُ هو ڪو ڏيڻ ٿو گُهري،
  • ڌرتيءَ تي بس بار جيئان هون !
  • اسانکي نه سنڌو ! رُئاڙي لنگهين ها !
  • نِگاهون ٻکاڻيون، نما شام ٽاڻي،
  • رات ڪُونجي ڪُٺي، رات ڪُوڪُون ٿيون،
  • تو وٽ مُرڪون ماڻا آهن،
  • سِڪّ جي سامانُ جي ڳولا ڪريون !
  • تاريخ پُراڻي هُر کُر ۾،
  • ڀوڳيل درد نيارا ٿي ويا !
  • نِگاهون نشيليون نماڻي نبي سر*
  • بند اکڙيون خواب چانڊوڪي
  • بارش ڀونءِ ڀڄائي آهي
  • جيجل ماتا سورن ۾ آ،
  • سانوڻيءَ جي رات هئي، ۽ هوءَ هئي برسات هئي،
  • ڀٽائيءَ جي ڀونءِ ۽ سنڌوءَ جا ڪنارا،
  • ڪيئي ماريئي مور وڇوڙا !
  • اِيئين به ڪونهي اسانجا پيارا ! اوهان کي هن دل وساريو آهي،
  • ڏات ڪيا وسڪارا آهن،
  • ڪا يار خوشي ناهي، هر ٽهڪ سُتل آهي،
  • در اوٽ منجهان بيهي، هر روز تڪيندي آ،
  • مون کوڙ لکيو آهي، نيڻن جي نظارن کي،
  • اڙي ساقي ! پيالو ڀر ! حياتي جام چاهي ٿي،
  • تون جي مُرڪين ته موتيا به مُرڪيو پَون،
  • ڀوڳنائن جا سفر وڌندا رهيا،
  • لهندڙ سج جا سهڻا منظر،
  • مينهن وسڻ جا پار ڀٽن تي،
  • اسان ويران واٽن تي وڃايل ٻار جيئن آهيون،
  • هٽائي گُهنج لوڻين تان مسافر سام ۾ آهن،
  • ڪهڙيون چنڊ ڪري ٿو باتيون ؟
  • ڪيئي ڄمندا شاعر هت پر _
  • پراڻي پيار جا پاڇا، اکين آڏو تريا آهن،
  • نمن جي شهر ۾ سانجهي وري مون تي لٿي آهي ،
  • نظم

  • ٿري لاهيارڻ جي درد جي منظرڪشي
  • محبت ڪونه مُئي آهي...!
  • مون ڀانيو تو آ ياد ڪيو !
  • شاعر جي دل تڙپي پئي ٿي !
  • ريڊيائي پسمنظر ۾ لکيل هڪ حقيقت
  • سور نئون ٿو دل ۾ اُڀري
  • هوليءَ پنهنجا رنگ رچايا
  • ڀلوڙ راڳي رجب فقير کي ڀيٽا
  • سجدا ڪياسين
  • مُنهنجي مُرڪ اجهامي وئي آ..!
  • عشق
  • شهيدن جي نانءِ
  • پرين ! ڏاڍو پڪاريندين
  • ننڊ
  • نم جو وڻ
  • وسڪاري ۾ سهڻا سانول !
  • اکين مان نير هاريو هو
  • * سامي
  • خواب نگر
  • اڃان تون نه آئين !
  • شاعري سرجي
  • دل درگاھ
  • محُبت
  • جواني ڪين ڪڙهي آهي
  • نه ٿيندي عاشقي پوڙهي
  • ها جانان!
  • عورتن جي تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ عظيم ڪردار مئڊم ڪملا پونم جي نانءَ
  • روپلو ڪولهي
  • ڪارونجهر جي ڪٺل ڪولهين جي ڪٿا
  • ڏياريءَ رو ڏيئو ڏٺو
  • بشير خان قريشي جي وڇوڙي تي لکيل
  • اسانجو عشق جوڳيئڙو
  • وساري روح ٽيشڻ تي
  • مان ته ڀنگڻ جي ٻهاري وانگيان
  • تو تي اڪساچ شئمپين جو واسو هيو!
  • لکان ڇا لوڪ آکاڻي
  • ٿر ڊيم
  • چوسٽا

  • وري رات آئي کڻي سار تنهنجي،
  • جڏهن نيڻ پنهنجا سُڏڪيا پئي،
  • وڇوڙا وساري، سُتاسين وري،
  • مندر مسجد سڀڪو ويندو،
  • ڪلهه سج لٿو هو جيئن، تيئن اڄ به لهي ويندو،
  • هڪ چنڊ مٿي اُڀ تي
  • بيڪ پيج

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: چنڊ آ ٻانهُن ۾
    ليکڪ: چمن آر ٿري
    موضوع: شاعري
    ڇاپو: پهريون
    سال: © 2017ع
    ڪمپوزنگ لي آئوٽ: سائل مهراڻ
    ٽائٽل: سائل مهراڻ
    ڇپائيندڙ: دليپ دوشي لوهاڻو
    اتساهه پبليڪيشن، مٺي ٿرپارڪر،سنڌ
    ڇپيندڙ:
    قيمت: 200 روپيا





    [Poetry]
    By : Chaman R Thari
    Edition: First
    Year: © 2017
    Price: Rs. 200-00




    ــــــــــــــــ اسٽاڪسٽ ــــــــــــــــ
    شاھ لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو حيدرآباد-ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد-
    شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاھ- ڪاٺياواڙا اسٽور اردو باراز ڪراچي-رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو-
    مهراڻ ڪتاب، کپرو-العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ-المدينه ڪتاب گهر، ڇاڇرو-
    ٿر ڪتاب گهر، مٺي-ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپورخاص-المهراڻ ڪتاب گهر، سانگهڙ-
    عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ-مرچولال بوڪ ڊيپو، بدين-سوجهرو ڪتاب گهر، بدين-
    مهراڻ بوڪ سينٽر، سکر-سنڌ ڪتاب گهر ، شڪارپور-وسيم ڪتاب گهر شڪارپور-
    سچل ڪتاب گهر، درزا-ڪنول ڪتاب گهر، مورو-
    سارنگ ڪ#تاب گهر ڪنڊيارو


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”چنڊ آ ٻانُهن ۾“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب خوبصورت شاعر چمن آر ٿري جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. وسيم سومرو لکي ٿو:
    ”چمن آر ٿري سنڌ جو اڀرندڙ سُھڻو شاعر آهي. هن جي شاعري سچ پچ ٿر جي اڃ جو مهاڳ آهي، جنهن ۾ لوڪ ڌنن جهڙي رواني ۽ ڏيئن جهڙي روشنيءَ جي ساڃاھ آهي. چمن پنهنجي شاعريءَ ۾ هڪ بي چين روح وانگر نظر اچي ٿو. جنهن جي اکين ۾ ستارن جيان بي انت موضوع آهن. جن ۾ پنهنجي حالتن جو درد چٽيل آهي. جنهنکي پڙهي خبر پئي ٿي ته هي شاعر مسلسل پنهنجي شاعريءَ جي پٽڻ تي محو سفر آهي.“
    هي ڪتاب اتساهه پبليڪيشن مٺي پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري سائل مهراڻ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي، لک قرب چمن آر ٿري جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني، مهربانيون دليپ دوشي لوهاڻي جون جيڪو سنڌ سلامت جو سهڪاري آهي.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پهريون پنو

    واهونــدي جي واءَ ۾، پپر پــن ڇڻن،
    تنهنجا درد ڪرن، هاءِ! منهنجي هانوَ ۾!


    ارپنا

    ارپيم




    توکي !


    اداري پاران

    ٿر ۾ جيڪر نظم جا خوبصورت شاعر ڳڻجن ته چمن ٿري پڻ انهي ڳاڻيٽي ۾ شمار ٿئي ٿو، جنهن جديد نظم تي انتهائي خوبصورتي سان ڪم ڪيو آهي. سندس لکيل هر نظم جي هڪ هڪ سٽ مان نفيس احساس ۽ محبت ڀريا جذبا ڇُلڪن ٿا. پنهنجي مزاج ۾ انتهائي سيبتو ۽ سلوڻو هيءَ نوجوان جنهن جي قلم پڻ ٿر جي مٽيءَ سان خوب ملهايو آهي. هن ٿر جي هر درد کي پنهنجي لفظن سان ريڊيو جي برقي لهرن توڙي شاعري جي نفيس جذبن وسيلي نروار ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. چمن ٿري، ڪيڏو وڏو شاعر آهي، اها ڳالهه پاڻ ڇڏيون ٿا شاعري جي ناقدين تي، باقي آئون صرف ايترو ئي چوندس ته چمن جيڪو به ڪجهه لکيو آهي اهو من اندر جي محبت سان لکيو آهي، هن بغير ڪنهن ڪاريگري جي پنهنجي دل جي احساسن کي انتهائي خلوص ۽ سچائي سان ڪاغذ تي اتارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هونئن به شاعري اها ئي وڻندي آهي جيڪا ساده فهم، سچائي ۽ دل سان لکيل هجي ۽ چمن جي شاعري ۾ پڻ سادگي، سچائي ۽ محبت جي ڇِڪ شدت سان محسوس ٿئي ٿي. چمن ٿري جي شاعري تي سرسري نگاهه ڦيرجي ٿي ته ”ٿري لاهيارڻ جي درد جي منظر ڪشي“، ”منهنجي مُرڪ اجهامي ويئي آهي“، ”وسڪاري ۾ سهڻا سانول“ جهڙا شاهڪار نظم پڙهندڙ کي هڪ عجيب ڪيفيت ۾ مبتلا ٿا ڪري ڇڏين. ان کان علاوه غزل، جي صنف تي پڻ چمن ٿري پنهنجو پاڻ ملهايو آهي.

    منهنجي اها خواهش رهي آهي ته ٿر جي تخليقڪارن، شاعرن، اديبن، ڪلاڪارن کي سندس پورهئي جي مڃتا ملڻ کپي، اسان کين ٻيو ڪجهه به نٿا ڏيئي سگهون پر گهٽ ۾ گهٽ سندس قلمي پورهئي کي ڇپرائي، سنڌ جي وڏن پبلشرن ۽ ادبي ادارن تائين اهو پيغام ته پهچائي ٿا سگهون ته ٿر جو قملڪار، شاعر، اديب بي ڌڻيو ناهي جنهن کي لڪير جا فقير ادارا هميشه نظر انداز ڪندا رهيا آهن. بس انهي ڏِس ۾ قدم کڻندي، اُتساهه پبليڪيشن هميشه ڪوشش ڪئي ته ٿر جي املهه هيرن جي ڪم کي مڃتا ڏجي.

    دوستو! اُتساهه پبليڪيشن ڪو پروفيشنل ادارو نه هئڻ جي باوجود توهان پڙهندڙ دوستن جي مليل انتهائي مثبت موٽ ۽ محبت جي ڪري اسان ٿر جي هن خوبصورت نوجوان شاعر چمن آر ٿري جي پهريون شعري مجموعو ”چنڊ آ ٻانهن ۾“ توهان تائين پهچائي رهيا آهيون.اميد ته توهان کي پسند ايندو.

    ــ دليپ دوشي لوهاڻو
    اُتساهه پبليڪيشن، مٺي ٿرپارڪر ـ
    03332511104
     


    مهاڳ (ڏات ۽ ڏانوَ جو سنگم)

    مهاڳ
    ڏات ۽ ڏانوَ جو سنگم

    ڪجهه لکڻ، پوءِ اهو نظم جي صورت ۾ هجي يا نثر جي شڪل ۾-بندي جي منشا کان پري، ڪنهن مافوق الفطرت قوت جي ئي طفيل ممڪن ٿي سگهي ٿو. ڪيتري عرصي کان دل چاهيو پئي ته پياري چمن ”آر“ ٿريءِ جي زير نظر شعري مجموعي ”چنڊ آ ٻانهُن ۾ !“ تي ڪجهه لفظ ڀيٽا طور لکي وٺان، پر حڪم ئي نه پئي ٿيو! ان دوران، ان احساس به ستايو پئي ته پيارو ”چمن“ الاءِ ڇا محسوس ڪندو!؟ پر پوءِ سوچيم ته هڪ شاعر جي حيثيت ۾ کيس پڻ ان دير جو اڻ ٽر ڪارڻ اوس معلوم هوندو _ انڪري دل ۾ نه ڪندو. هاڻ اچون ٿا سندس سُندر رچنائن ڏانهن، جيڪي ڪَوتا ڪماري کيس ارپن ڪيون آهن.سندس هن ڪَوتا_ ڦُلواڙيءَ تي نظر ڦيرائڻ سان بخوبي معلوم ٿئي ٿو، ته پاڻ بيشڪ هڪ صاحب ڏات ڪَوي آهي، جنهن کي ڏات ديوي پنهنجو سڀاويڪ ڍنگ بخشيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سندس هر رچنا ڏات ۽ ڏانوَ جو سندر سنگم ڀاسي ٿي _ ۽ ڏات ۽ ڏانوَ جو اهڙو سڦل سنگم ئي آهي، جيڪو ڪنهن ڪويءِ کي اتم پر عطا ڪري ٿو. اهڙي ئي سندر ۽ سڦل سنگم کي ماڻڻ کانپوءِ تند، تلوار جو ڪم ڪرڻ لڳي ٿي _ جي ها! ”ٿي تند وڙهي تلوارن سان!“ هڪ صاحب ڏات ڪويءَ جي قلم ۾ پڻ اهڙي شڪتي هجي ٿي، جا فرسوده سماجي قدرن سان مهاڏو اٽڪائي، نيون روايتون جوڙڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿي. شاهه، سچل ۽ ساميءَ جون قلمي ڪاوشون ان ڏس ۾ اسان لاءِ هڪ بي بها مثال آهن، جن سنڌي سماج جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.اهي انهن جون ئي ڪاوشون آهن، جو اڄ اسان تنگ نظريءَ جي هن دور ۾ به پنهنجي صوفياڻي /سيڪيولر مزاج تحت، دنيا لاءِ سهپ ۽ رواداري جو هڪ مثالي نمونو آهيون.
    چمن “آر” ٿري پنهنجي ڪوتائن اندر سنڌ جي صوفي شاهه عنايت شهيد کان وٺي، سن جي سائينءَ تائين، سنڌ جي کوڙ سارن تاريخي ڪردارن جا عڪس چٽيا آهن، جا ڳالهه کيس سماجي طور هڪ ساڃاهه وند ڪوي ثابت ڪري ٿي. هڪ عام ماڻهو ۽ صاحب ڏات ۾ اهو ئي هڪ بنيادي فرق هجي ٿو. هڪ صاحب ڏات، پنهنجي ڏات کي ذريعو بڻائي، مستقبل جي چيلينجز سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ معقول طور طريقا ڏسي ٿو، جن تي عمل ڪري قوم پنهنجا حدف حاصل ڪري ٿي. چمن جي هر صنف جو ڪينواس ڪافي ڪشادو آهي، جنهن تي سڄڻ ۽ ساڻيهه جي شاندار عڪاسي نظر اچي ٿي _ مثلا:
    هندو، مسلم، سک، عيسائيءَ کي ڇڏي،
    اچ ته ڪنهن انسان جي ڳولا ڪريون!
    _اهو ئي سنڌ جي مڙني ساڃاهه وندن جو پيغام رهيو آهي. انسان جي ڳولا _ بنا ڪنهن ڌرمي وڇوٽيءَ جي _ اهو ئي امن ۽ آجپي جو گس آهي.
    شاهه عنايت جي آ ڌرتي:
    ڪهڙا مذهب؟ڪهڙيون ذاتيون!؟
    هڪڙي شاعر مٿان، عام انسان جي ڀيٽ ۾ ڪي وڌيڪ ذميواريون هجن ٿيون. شاعر، هڪ حساس من جي مالڪ هجڻ ناتي، عام ماڻهوءَ کان وڌيڪ ڀوڳي ٿو.سندس هر تخليق، اصل ۾ انهن ڀوڳنائن جو ئي عڪس هوندي آهي.
    تــنهائيءَ ۾ ســوچــي ويـٺو :
    هڪڙو تخليقڪار ڀٽن تي.
    _مٿين شعر پڙهڻ سان يقينن هر پڙهندڙ جي ذهن اندر هڪ حساس تخليقڪار جو عڪس جڙندو _ مونن ۾ مُنهن ڏئي ويٺل، ڀوڳنائن ورتل،هڪ حساس ڪوي !
    مٿي ڪجهه حوالا “چمن” جي غزلن مان هيا. غزل توڙي جو اسان وٽ “مهاجر صنف” آهي، پر اها هن ڌرتيءَ جي حسناڪي آهي، جو منجهس جيڪي به شرنارٿي آيا، انهن کي هن ڀلاري ڀونءِ وڏيءَ دل سان سُئيڪار ڪيو، جنهن باعث اُهي پوءِ هميشه جي لاءِ هتان جا ٿي ويا. اها ڳالهه ماڻهن کان سواءِ، هر ڌاري شئي سان لاڳو آهي. ايئين ٻاهرين صنفن به هت پهچي، هتان جو ماحول قبوليو، ۽ پوءِ هتان جون ئي ٿي ويون. بلڪه پوءِ منجهن، سندس ماتر ڀوميءَ کان وڌ، هتان جي سرزمين ۽ ماحول جي مهڪ نظر اچڻ لڳي. بيت، دوهو، وائي، ڪافي ۽ گيت کان سواءِ، اسان وٽ توڙي جو سموريون صنفون ٻاهر کان آيون، پر اڄ اهي هر حوالي کان اسان جون پنهنجون لڳن ٿيون. غزل جي هونئن ته سڃاڻپ محبوب سان
    گفتار آهي، پر هن سرزمين تي پهچڻ کان پوءِ سندس شناخت ۾ ڪافي تبديلي آئي، ۽ جا اُن قبول به ڪئي _ ۽ اهڙيءَ طرح غزل محبوب جي واکاڻ کان هٽي ڪري وطن ديس جي واکاڻ سان گڏ، پنهنجي دور ۽ سماج جي مسئلن کي به پڌري ڪرڻ جو ذريعو بڻيو، ۽ چمن جي غزلن ۾ به اسان کي اها تبديلي ڀليءَ ڀت نظر ايندي _ مثال طور :
    ڀٽائيءَ جي ڀونءِ ۽ ســنڌو ءَ جـا ڪنـارا،
    وري يـــاد اينـــدئـي، مٺــــــيءَ جــا نــظـارا
    مري تون گهمي ڏس ! پنڊي ڀي ڦري ڏس !
    پلئه ڪــونه پــونـدئــي، ڀــٽــون ۽ ڀــٽارا.
    بــلاول، عنــايت، هـــتـــي دولــــهه دودا،
    ۽ سنڌوءَ جي محبت ۾ هوشوءَ جا نعرا.
    وکر چاهتـن جـــو ورهـــــائن چمــــن ٿا:
    صدين کان هي وسندڙ سنڌين جا اوتارا.
    هن غزل ۾ روايتي طور مجازي محبوب جي واکاڻ بجاءِ ، ماتر ڀوميءَ سنڌوءَ جي ثنا آهي. اِيئن غزل جي صنف ۾ مقامي رنگ سمايل نظر اچي ٿو. مقطع ۾ “چمن” ڏاڍي سهڻي انداز ۾ اسان جي “اوتارن” جي خوبي بيان ڪئي آهي، جنهن تي بجا طور اسان سمورن سنڌ واسين کي ناز آهي. اوتارن جو سماجي ڪارج يا سندن حيثيت، سچ ته ڪنهن ڌرمي آستان کان گهٽ نه آهي.
    اهڙي طرح چمن آر ٿري جا نظم پڻ پنهنجي فني توڙي فڪري حوالي سان ساراهه لائق آهن. زيرِ نظر مجموعي “چنڊ آ ٻانهن ۾” شامل نظم “ٿري لاهيارڻ جي درد جي منظر ڪشي” کان وٺي “ مان ته ڀنگڻ جي ٻهاري وانگيان” تائينءَ جا سمورا نظم، پنهنجي فني سونهن کان فڪري بلندي ءَ تائين ساراهه جوڳا آهن، جن ذريعي هن هڪ ڪويءَ جي حيثيت ۾ پنهنجو پاڻ موکيو آهي.
    زيرِ نظر شعري مجموعي تي لکڻ لاءِ ته ڪافي ڪجهه آهي، پر افسوس ! وقت جي تنگيءَ باعث آئون چمن “آر” ٿريءِ سان انصاف ناهيان ڪري سگهيو، پر مونکي يقين آهي ته ڇپائيءَ کان پوءِ سندس سندر رچنائون، سنڌ واسين جو ڌيان ضرور ڇڪائينديون، ۽ سندس چاهيندڙ منهنجي اها کوٽ اوس پوري ڪندا.
     
    نيڪ تمنائن سان
    آسي زميني
    ٽنڊو قيصر
    2017-02-23


    ڀرت جي کارڪ جهڙو منفرد شاعر

    چمن آر ٿري سنڌ جو اڀرندڙ سُھڻو شاعر آهي. هن جي شاعري سچ پچ ٿر جي اڃ جو مهاڳ آهي، جنهن ۾ لوڪ ڌنن جهڙي رواني ۽ ڏيئن جهڙي روشنيءَ جي ساڃاھ آهي. چمن پنهنجي شاعريءَ ۾ هڪ بي چين روح وانگر نظر اچي ٿو. جنهن جي اکين ۾ ستارن جيان بي انت موضوع آهن. جن ۾ پنهنجي حالتن جو درد چٽيل آهي. جنهنکي پڙهي خبر پئي ٿي ته هي شاعر مسلسل پنهنجي شاعريءَ جي پٽڻ تي محو سفر آهي. هن جي شاعري پنهنجي وقت جو اتهاس آهي: جتي جي جهوپڙين جنميو سدورو روپلو ڪولهي هنن سٽن جيان چمن آر به جهوپڙيءَ ۾ جنم ورتل هڪ سدورو شاعر آهي. جنهن کي ستارا سوڳ ۾ نظر اچن ٿا ۽ هوائون سانت ۾. پر هو نا اميد ناهي، هن کي پڪ آهي ته ٿر ۽ لاڙ جي ڪچي جا مارو خوب جمالا ڳائيندا ۽ امن جا ڏيئا ٻرندا. چمن غزل ۽ نظم جو البيلو شاعر آهي، هن جي نظم ۾ موضوعاتي گهرائي ته آهي پر منجهس سانوڻ جي وسڪاري جهڙو ترنم به آھي: وساري روح ٽيشڻ تي مسافر موڪلايو هو وڳي هئي سينڍ جي سيٽي ٽٽا هئا بند نيڻن جا هيءَ ڇوليون ڇوليون رواني پڙهندڙ کي پنهنجي وهڪري ۾ وهائي اڳتي کڻي وڃي ٿي، اتي جتي چپن تي مور مرڪن ٿا، جتي جيئڻ جي آس ڪر موڙي جاڳي ٿي ۽ جتي نمن جي شهر ۾ سنڀارن جي سانجهي لهي ٿي. چمن آر ٿري ڀرت جي کارڪ جهڙو هڪ منفرد شاعر آهي، هن جي ٻولي سھڻي ۽ سلوڻي آهي، جنهن جا شاعراڻا موضوع زندگيءَ جا موضوع آهن. مون کي صبح جي سچ جهڙي پڪ آهي ته هن جي شاعريءَ جا گل سدائين تازا رهڻا آھن، اڄ کان سُڀان جي جنم جنم تائين
    وسيم سومرو /نوابشاھ


    روهيڙي جهڙي شاعري

    چمن آر ٿري جي شاعري جا ڪجھه اسم منهنجي سامهون پيا آهن. مون انهن کي بار بار پڙهيو آهي ۽ انهن جي حسن، سونهن ۽ سواد منجھان مستفيض ٿيو آهيان. اهي مون کي وڻيا آهن، انهن مون کي موهيو آهي ۽ اهي منهنجي من ۾ لهي ويا آهن. جيتوڻيڪ مختلف شين جا مختلف ماڻهن تي الڳ الڳ اثر ٿيندا آهن. هڪڙو ساڳيو منظر هڪ ئي وقت هڪ ئي جاءِ تي گڏ بيٺل ٻن مختلف ماڻهن تي مختلف اثر وجھندو آهي. سونهن به ايئن آهي، ان جو موهه هر جيءَ لاءِ درسن ڌارون ڌار وانگر هوندو آهي. شاعري جي تاثير پڻ ايئن ئي هوندي آهي. ان هوندي به آئون سمجھان ٿو ته جيئن هن شاعري منهنجو من موهيو آهي، ايئن ئي اها جڏهن ڪتابي صورت ۾ پڙهندڙن جي هٿن منجھه هوندي ته انهن کي به موهي وجھندي.
    سنڌ ۾ سرجندڙ جديد ادب پنهنجي جوهر ۾ تمام معياري ادب آهي ۽ شاهڪاري توڙي شاهوڪاري ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي. وري ادب جي ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ سنڌي شاعري سڀني کان اڳتي بيٺي آهي. توڻي جو آئون ادب ۽ شاعري کي علائقائي تناظر ۾ ڪونه ڏسندو آهيان. پر جي اهڙي انداز سان ڏسجي ته پتو پوندو ته سنڌي شاعرن ۾ ٿر جا شاعر هن وقت تمام مٿي بيٺل آهن. ٿري شاعرن جي شاعري ٿر جي حسناڪ فطري منظرن مان اڀري ٿي. اها ڪارونجھر جي ڪور تي ساون پِيلن مورن سان رقص ڪندي اڳتي وڌندي سنڌو ندي جي روانيءَ سان وڃي ٻکجي ٿي.
    اهڙيون ئي حسناڪيون چمن ٿري جي شاعري ۾ ملن ٿيون. سندس شاعري ۾ روهيڙي جا رنگ، ڪنڊيءَ جي گھاٽائي، ڪونڀٽن جو ڳورو بدن، مور جو ناچ، هرڻي جي ڇال، سانگا ڍنڍ تي چانڊوڪي جا عڪس، عليم سومري جو ٽانگر واسُ جهڙو ٽهڪ، منير جوڻيجي جي گيسوئن جي درازي ۽ سائين ساگر خاصخيلي جي ماکي جهڙي مرڪ جو حُسن نمايان نظر اچي ٿو.
    چمن ٿري جي ڪوتا ڪاڪ ۾ جتي مومل جهڙِي محبوبِ جي وڇوڙن جا وڍ صدائون ڏيندي ٻڌجن ٿا، اتي سنڌ مُلڪ جي سورن جون آهون ۽ دانهون پڻ سڏ پڙاڏا ٿي ٻُرن ٿيون. هو پنهنجي مارُن جي مُنجھن، هيکلائين، دردن، اداسين، الڪن، ڳڻتين ۽ ڳاراڻن کي پنهنجي شاعري ۾ ڳائي هڪڙو سگھارو آواز بڻائي پيش ڪري ٿو. هو لانگ بوٽن جي ارهه زورائين کي نندي ٿو، هو رام، رحيم، جنت ۽ بنواس جي بجاءِ اڃايل ۽ بکايل ديس جون آکاڻيون ٻڌائي پنهنجن ماڻهن ۾ نئين جاڳرتا جا ديپ ٻارڻ گھري ٿو. هو اڌورين آسن، ڪٺل گھوٽن، ڦِٽل ڀاڳن، ٽٽل سهاڳن ۽ ڇنل موڙن تي لکڻ گھري ٿو. هن جو عشق جوڳيسر جو جوڳيئڙو به آهي، ته نينهن جي مرليءَ تي نانگڻ وانگر نچي به ٿو. اهڙي ريت هو پنهنجي ديس جي روح ۾ لهي وڃي ٿو ۽ پنهنجي روح کي ديس جي مهڪارن سان ڀري پنهنجن ماڻهن کي شاعري جي سدا سائي چمن جون سڳنڌون ارپي ٿو.
    چمن ٿري جي ڪوتا ڪاڪ ۾ جتي مومل جهڙِي محبوبِ جي وڇوڙن جا وڍ صدائون ڏيندي ٻڌجن ٿا، اتي سنڌ مُلڪ جي سورن جون آهون ۽ دانهون پڻ سڏ پڙاڏا ٿي ٻُرن ٿيون. هو پنهنجي مارُن جي مُنجھن، هيکلائين، دردن، اداسين، الڪن، ڳڻتين ۽ ڳاراڻن کي پنهنجي شاعري ۾ ڳائي هڪڙو سگھارو آواز بڻائي پيش ڪري ٿو. هو لانگ بوٽن جي ارهه زورائين کي نندي ٿو، هو رام، رحيم، جنت ۽ بنواس جي بجاءِ اڃايل ۽ بکايل ديس جون آکاڻيون ٻڌائي پنهنجن ماڻهن ۾ نئين جاڳرتا جا ديپ ٻارڻ گھري ٿو. هو اڌورين آسن، ڪٺل گھوٽن، ڦِٽل ڀاڳن، ٽٽل سهاڳن ۽ ڇنل موڙن تي لکڻ گھري ٿو. هن جو عشق جوڳيسر جو جوڳيئڙو به آهي، ته نينهن جي مرليءَ تي نانگڻ وانگر نچي به ٿو. اهڙي ريت هو پنهنجي ديس جي روح ۾ لهي وڃي ٿو ۽ پنهنجي روح کي ديس جي مهڪارن سان ڀري پنهنجن ماڻهن کي شاعري جي سدا سائي چمن جون سڳنڌون ارپي ٿو.
    چمن ٿري جي ڪوتا ڪاڪ ۾ جتي مومل جهڙِي محبوبِ جي وڇوڙن جا وڍ صدائون ڏيندي ٻڌجن ٿا، اتي سنڌ مُلڪ جي سورن جون آهون ۽ دانهون پڻ سڏ پڙاڏا ٿي ٻُرن ٿيون. هو پنهنجي مارُن جي مُنجھن، هيکلائين، دردن، اداسين، الڪن، ڳڻتين ۽ ڳاراڻن کي پنهنجي شاعري ۾ ڳائي هڪڙو سگھارو آواز بڻائي پيش ڪري ٿو. هو لانگ بوٽن جي ارهه زورائين کي نندي ٿو، هو رام، رحيم، جنت ۽ بنواس جي بجاءِ اڃايل ۽ بکايل ديس جون آکاڻيون ٻڌائي پنهنجن ماڻهن ۾ نئين جاڳرتا جا ديپ ٻارڻ گھري ٿو. هو اڌورين آسن، ڪٺل گھوٽن، ڦِٽل ڀاڳن، ٽٽل سهاڳن ۽ ڇنل موڙن تي لکڻ گھري ٿو. هن جو عشق جوڳيسر جو جوڳيئڙو به آهي، ته نينهن جي مرليءَ تي نانگڻ وانگر نچي به ٿو. اهڙي ريت هو پنهنجي ديس جي روح ۾ لهي وڃي ٿو ۽ پنهنجي روح کي ديس جي مهڪارن سان ڀري پنهنجن ماڻهن کي شاعري جي سدا سائي چمن جون سڳنڌون ارپي ٿو.

    نواز خان زئور
    14ڊسمبر 2016ع ميرپور بٺورو
    nkzaor@yahoo.com


    درد جي مُصوري

    سنڌ جي هرحوالي سان منفردحصي ٿرمان2000ع جي ڏهاڪي ۾ شاعرن جي جيڪاسگهاري کيپ سنڌي ادب ۾ داخل ٿي آهي چمن آرٿري به انهي ٽهيءَ جو اهم نالو آهي جنهن کي هرگز نظراندازڪري نٿوسگهجي سندس احساسن ۾ روھيڙي جي رتن گلن جهڙي سونهن ۽ سڳنڌ آهي ،ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ نظم تي هن نوجوان کاهوڙي دوست جي گرفت وڌيڪ مضبوط نظر اچي ٿي سندس نظم سادا دلڪش ۽ عام فهم آهن جن ۾ عام ٿري ماڙهو جااهنج ايذاءَ خوشيون غميون ڏڪارجون ارهايون سڪارجون سرهايون آساني سان پسي سگهجن ٿيون هن مجموعي ۾ شامل گهڻا نظم ٿر جي دردن جون ڪٿائون ۽ موجوده دورجا نوحا آهن جيڪي پڙهندڙ تي عجيب ڪيفيتون طاري ڪن ٿا سندس شاعري ۾ ڀرپوررڌم فني ڪچاين کي لڪايو ٿوڇڏي ٻي خاص ڳالھ مون اها محسوس ڪئي آٿرجا مختلف لهجا ڳالهائيندڙ ليکڪ دوست اڪثر شاعري ۾ گرامرجون وڏيون غلطيون ڪن ٿا ڍاٽڪي ٻولي ڳالهائيندڙ هن دوست جي شاعري ۾ گرامرجي ڪچائي صفا گهٽ ٿي نظراچي هي دوست ٿر۾ ٿيندڙادبي پروگرامن توڙي ايف ايم ريڊيو تي پڻ سرگرم نظراچي ٿو،عام زندگي ۾ به چمن ٿري محبتون ورهائيندڙ شخص آهي منهنجي اها دلي پراٿنا آهي ته سندس پيارجوهي پهريون پورھيو شاعري جي جهان ۾ جوڳي جاءِ والاري ۽ گڏوگڏ کيس اها به صلاح ڏيندس اجائي تعريف تي توجھ ڏيڻ بدران پنهنجي مشاهدي ۽ مطالعي کي وسيع ڪري پنهنجي شاعري جا فني عيب ۽ ڪچايون دور ڪري شاعري لاڳيتي مسافت جو نالوآهي انڪري چمن کي دڳن تي ڇانورن جي تلاش ڇڏي حوصلي ۽ ھمت سان سڄڻ ۽ ساڻيھ جوعشق اندر۾ سمائي پويان لئوڻون هڻڻ بجاءِ اڳتي وڌڻوپوندو تڏهن پاڻ شاعري ۾ معتبرمقام ماڻي سگهندو
    اياز رضوي /جهڏو


    واٽون ويهه ٿيون..

    ويهارو ورهيه پهرين چوٿين درجي ۾ پڙهندي بابا سائين جي بي پناهه پيار ۽ پاٻوهه، ريڊيو حيدرآباد جي مقبول پروگرام “ٻارڙن جي ٻاري”، ۾ لکڻ تي اتساهي قلم سان نينهن ناتو نڀائڻ جي نينڍ ڏني هئي. ۽ ڪچڙي وهيءَ کان قلم سان ڪيل ان قرب جو قرض اڃان تائين چُڪائڻ ۾ ڪاميابي پلئه ڪانهي پئجي سگهي، ادبي لٻاڙون هڻڻ کان سٺو ٿيندو ته حقيقي زندگي جا پس منظر اوهان سخن شناس ساٿين سان اوري ڇڏجن، تعلقي ڏيپلي جي ننڍڙي ڳوٺ نبي سر ۾ تَر جي نامور استاد ۽ ادب ذوق انسان “راڻي مل ميگهواڙ” جي گهر ۾ 6 مئي 1987 تي جنم ٿيم، ڇٺي واري ڏينهن بابا سائين ،لاکيڻي لطيف جي سدابهار سٽ،
    “سئو ڪوه ڪري سڀڪا، تون کُهي کڻج وک”
    پڙهي نانءَ رکيو چمن لال.....شروعاتي پنج درجا ڳوٺ ۾ پرايم ۽ نبي سر ۾ مڊل اسڪول نه هجڻ ڪري، ڇهين درجي ۾ داخلا وٺڻ لئه نئون ڪوٽ وسائڻو پيو. ماضي ساريندي اڄ به پنبڻين جا پانڌ پُسي پون ٿا، هڪجيڏن کان جدا _ امڙ کان پري، نئون ڪوٽ جي اوپري شهر ۾، هڪڙو سادڙو ڳوٺاڻو ٻارڙو، اڪيلائي، گهر کي ساريندي ڏچڪڻ ۽ تڙپڻ الا....!! ڇا ته وقت هو؟ ادا نندلال ۽ آئون گڏجي رهندا هئاسين ادا ماني ۽ چانهن ٺاهي ڏيندو هو ۽ مون تي صرف ڪم هوندو هو پڙهڻ جو.
    ادا ان وقت سنتوري فارم ۾ پرائمري ماستر هوندو هو سنتوري فارم واري پنجن ڪمرن واري اسانجي جڳهه جي اوطاق وارو سڄو ڪمرو، بابا جي ادبي ۽ علمي ڪتابن سان سٿيل هوندو هو. آئون نصابي ڪتابن مان واندو مس ٿيندو هئس ته ادا ڪو ڪهاڻين جو ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏئي ڇڏيندو هو، شروع ۾ ته ڀُڻ ڀُڻ ڪري خدا کي آلاپ ڪندو هئس ته جلدي خميس جو ڏينهن اچي جيئن ڳوٺ ڀڄان، پر پوءِ آهستي آهستي ڪجهه ڏينهن ۾، ڪتاب پڙهڻ جو هيراڪ بڻجي ويس. منهنجي مايوسي کي محسوس ڪندي اٺين درجي جي امتحاني ڏينهن ۾ بابل سمورن گهر وارن کي ڪجهه سالن لاءِ نئون ڪوٽ ۾ رهائڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو، وقت هلندو رهيو بابا سائين ڪتاب پڙهڻ ۽ ڪجهه نه ڪجهه لکڻ تي اتساهيندا رهيا، ڏهين ڪلاس جي امتحان شروع ٿيڻ کان ست ڏينهن پهرين 4 مارچ 2002ع تي اوچتو منهنجي معصوم من جا نسريل ٻاجهري جهڙا سمورا سپنا، ان ويل سڙي خاڪ ٿي ويا، جڏهن بابا سائين اچانڪ الوداعي جا هٿ لوڏي
    ڇڏيا ۽ منهنجي جيئڻ جون هڙئي خواهشون ايئن موڪلائي ويون جيئن ڏهاڳڻ کان سينگار جون تمنائون وسري وينديون آهن... لاشعور جي لپيٽ ۾ لڙهي وڃڻ ڪري ڪاليج کان ورسٽي تائين ڪيل تعليمي سفر جون ساروڻيون ۽ شاعري، ڪنهن ڪٻٺ جي ڪنڊ ڪونه سجائي سگهيون. ڪڏهن ڪڏهن لاشعور ۾ لڙهڻ ڪري ٻن مهينن تائين لوڪ کان لڪي روئندو هئس ۽ وري شعوري سگهه واپس موٽڻ تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو هئس، لاشعور، شعور ۽ تحت الشعور جي ٽياس تي ٽنگيل هجڻ باوجود، 2009ع ڌاري ادبي جُنون جي اسرار تي نج نبار ادبي مخزن ڪجليو ڇپائڻ جي ڪوشش ۾ ڪاميابي نصيب ٿيم. ٿورڙي عرصي ۾ پڙهندڙن جون اڻ ڳڻيون محبتون مقدر جون مام بڻيون، ساڳي سال حيدرآباد جي هوائن کي الوداع ڪري مٺي جي ماڳ جي مهماني ماڻي ورتم، ۽ ٻاروتڻ جي پتڪڙي تمنا ٻيهر آرس موڙي اٿي، ۽ ريڊيو پاڪستان مٺي جي مائڪرو فون جي ڇڪ ڇاڇولي ڇڏيو، هوائن سهاري درد هلڪا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم، پر چريائپ جي اوچتي ٿيندڙ آمد، وري به آڌين جو اٿاري روئاڙيندي هئي. 2011 ع ۾ دماغي مرضن جي ماهر، منجهيل من جو سٽ سلجهائيندي چيو : ابا ! تون ته بائيپولر ڊس آرڊر جي موذي مرض ۾ مبتلا آهين، هن بيماري جو بنيادي سبب بي پناهه خوشي يا بي برداشت صدمو هوندو آهي. هُن جي ڪجهه مهينن جي علاج مونکي تڙپڻ جي ٽياس تان لاهي ڇڏيو، ۽ نئون جهان جوڙڻ لاءِ جهونتون هڻڻ لڳس.
    زندگي جي طويل رڻ کي جهاڳيندي، ۽ پروڙ جي پاتال ۾ ٽٻيون هڻندي _ اهو ڄاڻي ورتم، ته سندم حياتي صحرا ۾ ڀٽڪندڙ اُن اڃايل مرگهه جي نيڻن جهڙي آهي، جيڪا پنهنجي ئي ناڀيءَ مان نڪتل کٿوريءَ جي خوشبوءَ لاءِ ڊوڙندي ڊوڙندي موت سان دل لڳائي ڇڏيندو آهي.
    _مون ٿوهرن جي ٿڃ چکي آهي، ۽ روهيڙن جا لڙڪ اگهيا آهن، بيواهه ڊيلن جي تڏي تي وڃي مورن لاءِ پار ڪڍيا آهن، سدائين ٻين جي دردن جا ڌڻ پنهنجي دل جي واڙي ۾ واڙڻ جي جستجو ڪئي آهي، پر الهي ڇو ڪيترن ئي پيارن ۽ دلوارن کي ٽهڪن ۾ لڪيل منهنجا لڙڪ نظر ناهن اچي سگهيا. ڪڏهن هجومن ۾ ڪيترائي دفعا موت کي ٻک وجهي جيئڻو پيو آهي، ته ڪيئي ڀيرا جيئندي مُئو نازڪ ۽ نفيس سوچن جي سرجڻهار مٺڙي سڀاءَ جي مالڪ اتساهه پبليڪيشن جي سرواڻ دلبر دوست دليپ دوشي لوهاڻي جي دلي دلچسپي ۽ پياري پرين عنايت الله نهڙيو جون عنايتون نه هجن ها ته ڪر منهنجي شاعري اوهانجي اکين جون چُميون قطعي ڪونه ماڻي ها.
    - شاهه عنايت جي خوابن جهڙي سنڌ جي سداملوڪ ڪويءَ، محترم سائين آسي زميني جي پيرن تي هٿ انڪري به رکان ٿو، جو هُن منهنجي ڇڙواڳ ۽ ڇيڳري وينگس جهڙي شاعريءَ جي اموهيل سينڌ کي سموهي مهاڳ جو سندور پارايو آهي.
    - خانه بندوش قبيلي جي الهڙ جوان نينگري جي اڌوري تمنا جهڙيون ڪوتائون لکندڙ، محبوب سائين وسيم سومري جون ڪروڙين نوازشون.
    - سنڌ امڙ جي جهولندڙ ڳاڙهي جهنڊي جهڙي سدا ملوڪ سرجڻهار، دلبر دانشور سائين نواز خان زئور جي دلبرين جو به قرضي آهيان.
    -ڪنهن اُپسرا پاران نکيٽي ٽاڻي پنهنجي سيم جي وڻن تي ڇڏيل آخري نهار جهڙا پيار نوجوان دلين جي دادلي شاعر پياري ايوب کوسي جي نانءُ ڪجن ٿا.
    -مونکي بابا جيان ڀائيندڙ مور ڪلنگي جهڙي دل جي مالڪ سائين امر ساهڙ جون اڻ ڳڻيون نوازشون.
    - سڳداسي سارين جي سرهاڻ جهڙي ڀلوڙ شاعر، مٺڙي فراق هاليپوٽي جا لکين احسان. پلر جهڙا پيار ارپڻ لاءِ سنڌي غزل جي قدآور ڪوي محبوب دوست، اياز رضويءَ جون بي لوث قربتون.
    - سڪ جي سمونڊ مان چاهتن جا چُرون ارپيندڙ سنڌي ۽ اردو جي نامياري شاعر، ساحر راهو جي محبتن جا وڏا وڙُ.
    - ٿر ٻاٻيهي جي پياس جهڙي تڙپ جهڙين تخليقن جي تخليقڪار، ادا پياري شواڻي جون محبتون به وسارڻ منهنجي وس ۾ ناهن.
    -۽ ٿر واري کان گهڻا ٿورا انهن مڙني سڄاڻ ساٿين جا جن مونکي هرحال ۾ پنهنجو ڀانيو آهي،هڪڙن کي ساريون ۽ ٻين کي وساريون اها ٻيائي سکيا ئي ڪو نه آهيون.
    اُڪير مان

    چمن ”آر“ ٿري
    03443528582
    مٺي ٿرپارڪر


    غزل

    ساٿ تُنهنجو سُک ۽ سُرهاڻ آ،

    ساٿ تُنهنجو سُک ۽ سُرهاڻ آ،
    منهنجو جِيوَن بس ڏُکن جي کاڻ آ.

    او پکين جي راڳ جهڙي ڇوڪري!
    تُنهنجي ٽَهڪن تي چَريو مهراڻ آ.

    هُن جي چهري کي چُمي اکڙين چيو:
    ٿي وئي پوري عبادت هاڻ آ.

    ٿي وڻين تون سنڌ جي نعري جيئان،
    روح تُنهنجي ۾ ڀٽائي پاڻ آ.


    نگاهن ۾ نينهن جا نظارا رکين ٿي،

    نگاهن ۾ نينهن جا نظارا رکين ٿي،
    سوين خواب ڪورا ڪنوارا رکين ٿي.

    وڻي جنهنکي ٻوڙين ،وڻي جنهنکي تارين،
    سنڌوءَ جيئن اکين جا اشارا رکين ٿي.

    جڏهن ٻول ٻولين ٿڌا پهر بڻجن،
    لڳي ٿو اندر ۾ سيارا رکين ٿي.

    جڏهن دل گُهري ٿي، اُڳاڙي وٺن ٿا،
    هي ڪنهن جا تون ڳوڙها اُڌارا رکين ٿي!؟

    ڏئي ٽهڪ آرس ٿي جنهن پَلّ موڙين،
    چريو چنڊ پاڳل ستارا رکين ٿي.


    اُها شام جيڪا گڍيءَ تي گذاري،

    اُها شام جيڪا گڍيءَ تي گذاري،
    اسان کان نه وسري اوهان آ وساري !

    مِٺي ماٺ اوڍي مِٺيءَ ۾ سُتل هُئي،
    چَري چنڊ پاتا لِيئاڪا چوڌاري.

    پکين جي اکين مان ڪِري لُڙڪ پيا هُئا:
    جڏهن تو وڃڻ جي پرين ! ڪئي تياري.

    اسان آس ٻاري، ڏياري ملهائي !
    چيو مورتيءَ کي هو پوڙهي پُوڄاري !

    ڀٽن ڏار وانگي ٽُٽڻ جي پُڄاڻان :
    اڃان ياد ساڳي اڃان بيقراري !

    اَڪن جي پُڙن تي ڏسي ماڪ قطرا،
    لڳو ڄڻ امبر آ ڪئي اشڪباري !

    اوهان پارڪر جي پٽن جا مسافر،
    ڪڏهن شال موٽو ڪبي انتظاري.


    نگاهن ۾ نينهن جا نظارا رکين ٿي،

    نگاهن ۾ نينهن جا نظارا رکين ٿي،
    سوين خواب ڪورا ڪنوارا رکين ٿي.

    وڻي جنهنکي ٻوڙين ،وڻي جنهنکي تارين،
    سنڌوءَ جيئن اکين جا اشارا رکين ٿي.

    جڏهن ٻول ٻولين ٿڌا پهر بڻجن،
    لڳي ٿو اندر ۾ سيارا رکين ٿي.

    جڏهن دل گُهري ٿي، اُڳاڙي وٺن ٿا،
    هي ڪنهن جا تون ڳوڙها اُڌارا رکين ٿي!؟

    ڏئي ٽهڪ آرس ٿي جنهن پَلّ موڙين،
    چريو چنڊ پاڳل ستارا رکين ٿي.


    اُها شام جيڪا گڍيءَ تي گذاري،

    اُها شام جيڪا گڍيءَ تي گذاري،
    اسان کان نه وسري اوهان آ وساري !

    مِٺي ماٺ اوڍي مِٺيءَ ۾ سُتل هُئي،
    چَري چنڊ پاتا لِيئاڪا چوڌاري.

    پکين جي اکين مان ڪِري لُڙڪ پيا هُئا:
    جڏهن تو وڃڻ جي پرين ! ڪئي تياري.

    اسان آس ٻاري، ڏياري ملهائي !
    چيو مورتيءَ کي هو پوڙهي پُوڄاري !

    ڀٽن ڏار وانگي ٽُٽڻ جي پُڄاڻان :
    اڃان ياد ساڳي اڃان بيقراري !

    اَڪن جي پُڙن تي ڏسي ماڪ قطرا،
    لڳو ڄڻ امبر آ ڪئي اشڪباري !

    اوهان پارڪر جي پٽن جا مسافر،
    ڪڏهن شال موٽو ڪبي انتظاري.


    سهڻا سانگ سجايا سانوڻ،

    سهڻا سانگ سجايا سانوڻ،
    پيارا ياد پئي آيا سانوڻ.

    سارون سُڏڪا بڻجي آيون،
    پنبڻين پانڌ پُسايا سانوڻ.

    مور ٽهوڪيا، ڊيلون ڊوڙيون،
    ڪيڏا رنگ رچايا سانوڻ. !

    رات گڍيءَ تي آئي سَجني!
    منظر سڀ مهڪايا سانوڻ.

    سانولڙي کي ساري ساري،
    ڪيئي ڪانگ اُڏايا سانوڻ.

    هيل وري ها مُنهنجي ٿر سان،
    نازڪ نينهن نڀايا سانوڻ.


    سالن کان پوءِ هاڻ اسانکي،

    سالن کان پوءِ هاڻ اسانکي،
    ياد ڪيو هُن پاڻ اسانکي.

    هاءِ ! اَسر جو ڏينديون آهن،
    تنهنجون يادون ڏاڻ اسانکي.

    روز هزارين هڻندي آهي،
    اکڙين سان هوءَ ٻاڻ اسانکي.

    تو بن سجني ! اُجڙي ويا هون،
    وارو ڪر ڪو !واڻ اسانکي !


    *اکين کي اکين جي اشارن ڪُٺو آ،

    *اکين کي اکين جي اشارن ڪُٺو آ،
    اسانکي اوهانجين پُڪارن ڪُٺو آ.

    اوهانجي کلڻ تي، گُلن خار کاڌا،
    ڪنوارن چپن جي ڪِنارن ڪُٺو آ.

    اوهان سانوڻيءَ جي هوائن جيئان هو،
    اسان کي ته هاڻي ڏُڪارن ڪُٺو آ.

    چيائون ته شاعر تون ڇا لئه ٿو ڀٽڪين؟
    چيم بس مِٺيءَ جي نظارن ڪُٺو آ.

    سنڌوءَ جي مٽيءَ جو قسم ٿي کڻي دل،
    اسانکي پرينءَ جي پچارن ڪُٺو آ.


    گڍيءَ جي گود ۾ ويهي، اسين ڪو عشق ساريون ٿا،

    گڍيءَ جي گود ۾ ويهي، اسين ڪو عشق ساريون ٿا،
    جلائي ياد جون تيليون، اندر ۾ آڳ ٻاريون ٿا.

    سکي جا ڇيڳري آهي، مگر سا بي وڙي ناهي،
    دلاسا ڏئي دُکي دل کي وري ٻيهر ڌُتاريون ٿا.

    اچانڪ ياد هوءَ آئي، اکين ۾ سمنڊ اُٿلي پيا،
    لِڪي هن لوڪ لوڀيءَ کان، نديءَ جيئن نير هاريون ٿا.

    زماني ۾ پرين تو بن مري هر پل جيئون ٿا پيا،
    مگر توکان سوا ڪنهن ڏي نڪو ڀلجي نهاريون ٿا.

    لڳي ٿو اِيئن صدين کان ڪي سُکن جا سج نه اڀريا هِن،
    ڊگهيون راتيون سياري جون عذابن ۾ گذاريون ٿا.

    دعائن جا سوين پوپٽ رُلي ويا راھ ۾ آهن،
    نِگاهن جون اڇيون آڙيون تڏهن اُڀ ڏي اُڏاريون ٿا.

    وڇوڙا نانگ بڻجي ڪي ڪکي ويا عشق کي آهن،
    مگر ويساھ جُون مُرليون اسان پوءِ ڀي وڄايون ٿا.


    هر سانجهه جو ستارا هڪڙو ئي سوال ڪن ٿا :

    هر سانجهه جو ستارا هڪڙو ئي سوال ڪن ٿا :
    ڇا لاءِ نيڻ آلا تنهنجا سدا رهن ٿا !؟

    مُنهنجي اڙي زمانا! دل آ يتيم خانو،
    جنهن ۾ خواب زخمي، هر رات جو ٽڪن ٿا.

    هُن جون حسين يادون مَن جي مَٿان لهن ٿيون،
    بي حال ٿي پوان ٿو، ماڻهو چريو چون ٿا.

    ڌارين جي دلبريءَ تي، پنهنجن جي بي رُخيءَ تي،
    اکڙيون پُسيو پون ٿيون ڳوڙها ڳڙيو پَون ٿا.


    تُنهنجي مُک تي وار نچن پيا.

    تُنهنجي مُک تي وار نچن پيا.
    سونهن سَندا سنسار نچن پيا.

    سورج ننڊ مان جاڳيو آهي،
    آئينن ۾ هار نچن پيا.

    ٻاجهر *نِگهلي آهي ۽ ڏس!
    پنڇين جا ويچار نچن پيا.

    جڳ جون رسمون ماري وجهنديون،
    راتوڪا انڪار نچن پيا.

    جيءَ ۾ جوت جيئڻ جي جاڳي،
    تُنهنجا قول قرار نچن پيا.


    ايڏو جلد بدلجي ويندين، مون ته اهيو هو سوچيو ڪونه !

    ايڏو جلد بدلجي ويندين، مون ته اهيو هو سوچيو ڪونه !
    مُنهنجي نانءَ کان ڀُلجي ويندين، مون ته اهيو هو سوچيو ڪونه !

    مون ته عبادت تُنهنجي ڪئي هئي، مون لئه تون ڀڳوان هُئينءَ!
    پوڄاريءَ کي سڏَّ نه ڏيندين، مون ته اِهيو هو سوچيو ڪونه !

    تُنهنجي ڪارڻ تُنهنجي چريئي، ساري دنيا تياڳي هُئي پر :
    راه ۾ تنهن کي ايئن روليندين، مون ته اِهيو هو سوچيو ڪونه !

    هاڻ “چمن” کي سارا ماڻهو، مست ملنگ سڏيندا سجني!
    حال ڏسي تون مُرڪي پوندين، مون ته اِهيو هو سوچيو ڪونه !


    نه مومل ملي ۽ نه راڻا ٿياسين،

    نه مومل ملي ۽ نه راڻا ٿياسين،
    نه ڪا ڪاڪ جوڙي، لُڊاڻا اَڏياسين.

    هُيو سَر جِيوَن سمورو اسانجو،
    نڪين ؟ ڪاتياري اُڏاڻا هياسين.

    ڊٺل دل نگر جي اڱڻ ٻاٻري تي،
    نه واريءَ جا بخمل وڇاڻا ڪياسين.

    سڄا پَڊّ سُڏڪي پيا هُئا “چمن” جا
    جڏهن گهر پنهنجا اباڻا ڇڏياسين.


    وڏو گهاءُ هو ڪو ڏيڻ ٿو گُهري،

    وڏو گهاءُ هو ڪو ڏيڻ ٿو گُهري،
    چريو ڳوٺ هن سان لڏڻ ٿو گُهري.

    متان راڳ ديپڪ کي ڇيڙين اڙي !
    ٻريل هانءُ ڪنهنجو ٺرڻ ٿو گُهري.

    هلائي تون وڃڻو ! سُڪائي پگهر !
    ڀنل تنهنجو چولو سُڪڻ ٿو گُهري.

    ڀلي ٽهڪ سارا هوءَ ميڙي وٺي،
    ٽُٽل روح مُنهنجو رُئڻ ٿو گُهري.

    پرين ! پوپٽن کي اُڏائين متان !
    “چمن” شاعري ڪا ڪرڻ ٿو گُهري.


    ڌرتيءَ تي بس بار جيئان هون !

    ڌرتيءَ تي بس بار جيئان هون !
    لاوارث ڪنهن ٻار جيئان هون !

    تون جيئن وارين، سُهڻا سائين !
    پاڻ ته مُڇ جي وار جيئان هون !

    جي تون مُرڪين ميڻ ٿيون ٿا!
    مٺڙا ماکيءَ لار جيئان هون !

    گُهوري نهاري جيڪو ڪانئر،
    ڪُرسا ڀي ڪنهن خار جيئان هون!

    هُن جي وئي کانپوءِ اسان بس :
    ڌرتي ۾ پيل ڏار جيئان هون !

    آنچليئي سان درد گهٽايئي،
    رهجي ويا اُن سار جيئان هون !


    اسانکي نه سنڌو ! رُئاڙي لنگهين ها !

    اسانکي نه سنڌو ! رُئاڙي لنگهين ها !
    جڏهن ڀي لنگهين ها، کِلائي لنگهين ها !

    اسين تُنهنجو اولاد، بابو تون آهين :
    ٻچن جا نه گهر ايئن، اُجاڙي لنگهين ها !

    هُجن ها جي مهراڻ ! توکي ٻه اکڙيون،
    ته ڪر ڪونه سونهن کي، لتاڙي لنگهين ها !

    ڏسي تُنهنجون موجون، اَرها ڪونه آهيون،
    مگر ايئن نه جُهوپا، بگاڙي لنگهين ها !

    سکن جي سدا تون، علامت رهيو آن،
    ڏکن جا نه ڏنڀ ڏئي، الاڙي ! لنگهين ها !

    ڪڍي پار ويٺي، ڏسيو لاش پوڙهي،
    کسي هينئن نه ڪونڌر، اباڙي ! لنگهين ها !


    نِگاهون ٻکاڻيون، نما شام ٽاڻي،

    نِگاهون ٻکاڻيون، نما شام ٽاڻي،
    ٿيون رس رهاڻيون، نما شام ٽاڻي.

    اوهان لاءِ دل جي ڪنڌيءَ تان او سائين !
    ڪي يادون اُڏاڻيون، نما شام ٽاڻي !

    ڪُٺل پُٽ ڪُونڌر ڏسي تُنهنجو عارب !*
    رُنيون پي مهاڻيون، نما شام ٽاڻي.

    جهُڏا شهر تو ۾ بُکي پيٽ خاطر :
    وڪاڻيون نياڻيون، نما شام ٽاڻي.

    “چمن” ! تون وساري نه ڇڏجان چئي هُن_
    ڪيون موڪلاڻيون، نما شام ٽاڻي.



    *عارب ملاح جنهن جو نوجوان پٽ ماريو ويو


    رات ڪُونجي ڪُٺي، رات ڪُوڪُون ٿيون،

    رات ڪُونجي ڪُٺي، رات ڪُوڪُون ٿيون،
    ماتمي مجلسون هر گهٽيءَ مان لنگهيون.

    گهاءُ گهِرو اندر کي اڊوڙي ويو،
    سڀ ٻُسيون ٿي ويون روح جون رونقون.

    وقت جي وير جذبن کي جهوري وئي،
    ۽ اُداسيءَ ۾ وچڙي وَيون دلبريون.

    سوڳ ۾ سانت ٿي ويو هو سارو سنڌو،
    آهون سُڏڪا ڀري ڪيئي آڙيون اُڏيون.

    سار تُنهنجي سڀن کي ٿي ساڙي سکي !
    ها ! هوائن ۾ پئجي ويون هِڏڪيون.

    ڪانئرن وار ڪهڙو آ قهري ڪَيو !
    ڪيئي گجرا ڇنا، ڪيئي آسون ٽُٽيون !

    نانگ جي زهر جيئن نينهن نيرو ڪَيئَي !
    *مورڇت ٿي وَيون منَّ جون محبتون !
    8
    * بيهوش ٿيڻ


    تو وٽ مُرڪون ماڻا آهن،

    تو وٽ مُرڪون ماڻا آهن،
    مون وٽ سُور ساماڻا آهن !

    تون ڇا ڄاڻين پيڙا ڇاهي؟
    مُنهنجا پيچ پُراڻا آهن.

    سچ جي ڳولڻ واري هرهڪ،
    ماڻيا گهاءَ ۽ گهاڻا آهن.

    تو لئه خوشيون بخمل بستر،
    مون لئه درد وڇاڻا آهن.

    موجون ماڻين شال “چمن” تون !
    ڪافي مون لئه داڻا آهن.


    سِڪّ جي سامانُ جي ڳولا ڪريون !

    سِڪّ جي سامانُ جي ڳولا ڪريون !
    ماڻهپي جي مانَ جي ڳولا ڪريون !

    موهه مايا ۽ مَڪاريءَ کان پري،
    جيءَ واري جهانَ جي ڳولا ڪريون !

    هندو مسلم سِک عيسائيءَ کي ڇڏي،
    اچ ته ڪنهن انسانَ جي ڳولا ڪريون !

    روح رت ۾ ريٽجي رُوئي پيو،
    آءُ ! امن ايمانَ جي ڳولا ڪريون !


    تاريخ پُراڻي هُر کُر ۾،

    تاريخ پُراڻي هُر کُر ۾،
    اک لڙڪن هاڻي هُرکُر ۾.

    چنڊ ڪيئن سڄو ماحول منڊيو،
    ۽ رات وهاڻي هُرکُر ۾.

    ڪو ملهه وڙهڻ جو ميلو هو،
    هُئي دز اُڏاڻي هُرکُر ۾.

    ڪنهن ٻڪري گابي جي اگهه۾،
    ڪا لڄ وڪاڻي هُرکُر ۾.

    ڪو “چمن” ڀٽڪيل بيت چيو،
    ٿي ڏات نماڻي هُرکُر ۾.


    ڀوڳيل درد نيارا ٿي ويا !

    ڀوڳيل درد نيارا ٿي ويا !
    ماڻهو ٽوه ڪسارا ٿي ويا !

    هو جو وڇڙيو جهُڙ ڦُڙ رُت ۾ :
    مهڪيل ٽهڪ اُڃارا ٿي ويا !

    سوچن ۾ آ وِهه ولوڙيل،
    جذبا خاڪ اڱارا ٿي ويا.

    ڪوهيڙي ۾ گُم سُم گُم سُم،
    چاهت جا سڀ چارا ٿي ويا.

    هُن سان چار گذاريل شامون،
    اُڀ ۾ ٽانڪيل تارا ٿي ويا.

    نخريلي هِن جڳ ۾، ڇو هي :
    منهنجا لُڙڪ اُڌارا ٿي ويا !

    جن لئه لوچيو ڳوٺ سڄو مون،
    ساٿي سي رب پيارا ٿي ويا !

    واٽر ڪپ تي بيٺل سَرڙا،
    ٻير پٽڻ جا کارا ٿي ويا.

    توسان ملندي يار “چمن” اڄ _
    ڏک جا ڏونگر ٽارا ٿي ويا !
    8


    نِگاهون نشيليون نماڻي نبي سر*

    نِگاهون نشيليون نماڻي نبي سر*
    ڪڏهن ڪانه وسري اباڻي نبي سر.

    مٺا تل ترايون، مٺيون دلربايون،
    سُٺي سونهن سوڀيا سياڻي نبي سر.

    نمن ٻُور ٻاٽيل اڪن واس واسيل،
    وفائن جي نگري، ويڳاڻي نبي سر.

    “چمن” چاھ چاهت رچيل روح راحت،
    نه پئسي جي پاسي وڪاڻي نبي سر.
    8








    *شاعر جو اباڻو ڳوٺ


    بند اکڙيون خواب چانڊوڪي

    بند اکڙيون خواب چانڊوڪي
    سوال يادون جواب چانڊوڪي

    ياد ماضي شَرارتون ڪيئي
    مُرڪ مُکڙي گُلاب چانڊوڪي.

    تڙپندي مُشڪندي ڏٺائين پئي!
    هاء!ِ جيون حجاب چانڊوڪي

    شاعراڻيءَ دل جي ڪَمزوري_!؟
    چانهن چُمي شراب چانڊوڪي.

    هُن کي ڇُهندي اڙي ظالم تو...!
    مونکي ارپيا عذاب چانڊوڪي


    بارش ڀونءِ ڀڄائي آهي

    بارش ڀونءِ ڀڄائي آهي
    ياد اوهانجي آئي آهي.

    آڌيءَ ٽاڻي لڪندي ڇپندي
    ياد ڪئي ڪتڪائي آهي

    ڪارونجهر تي ماڻهن ميڙا:
    دل ۾ پرَ! تنهائي آهي!

    دَر تي هَر هَر دستڪ ويلا:
    تو لئه دل واجهائي آهي.

    تنهنجي نيڻين ناچ ڪيان مان_
    من جي آشا سائي آهي.

    ٻيڙا موٽيا وڻجاريءَ پُڻ!؟
    مصري کنڊ ورهائي آهي.
    8


    جيجل ماتا سورن ۾ آ،

    جيجل ماتا سورن ۾ آ،
    پٽڙو پو به هندورن ۾ آ !

    آهي ڪو جو هوش ڏياري :
    ڇا پنهنجن ۽ چورن ۾ آ !؟

    قاتل ڏڪندي روئي پيو ٿو،
    ڪهڙو ڊپ ڏس ڏورن ۾ آ !

    ماڻهو ماس چَٽائو ٿي ويا،
    محبت ڪيڏي مورن ۾ آ !

    فتنا تُنڪا ساري جڳ ۾،
    قرب سخاوت ٿورن ۾ آ !

    سنڌڙيءَ لاءِ هو مؤ لوڀي،
    ڪهڙن خوني پورن ۾ آ !

    ڪيئن جلن پيا چيٽ “چمن” هت:
    خاڪ رڳو پيئي کورن ۾ آ !
    8


    سانوڻيءَ جي رات هئي، ۽ هوءَ هئي برسات هئي،

    سانوڻيءَ جي رات هئي، ۽ هوءَ هئي برسات هئي،
    عشق جا چاڙهي نشا وئي ڇا ته سا اڌرات هئي !

    مينهن سمورو موهجي پئي وٺو هُن مُک مٿان،
    ڏيهه سموري هِن ڏڪاريل جي وٽس ڪا ڏات هئي !

    هڪ هوا جا تيز جهونڪا، ٻي مٿان سنسان رات،
    هُن جي مُرڪڻ ساڻ جڳ ۾ ٿي وئي پرڀات هئي !

    ڇا ڀرون ڇا زلف هن جا ڇا لکان چَڳَ جا قصا،
    ڪنڌ هُئس ڇا ڪونج جو مورن جي لئه ڀي مات هُئي !

    ڇا لکان هُن ڇوڪريءَ تي، مان چريو آهيان “چمن”!
    هوءَ ڇا وئي، لوڪ ساري جي مٿان سَڪرات هُئي !


    ڀٽائيءَ جي ڀونءِ ۽ سنڌوءَ جا ڪنارا،

    ڀٽائيءَ جي ڀونءِ ۽ سنڌوءَ جا ڪنارا،
    وري ياد ايندئي مِٺيءَ جا نظارا.

    ڀلين ڏور گهارين، عجب رنگ نهارين،
    وساري نه سگهندين اکين جا اشارا.

    مري تون گهُمي ڏس، پنڊي ڀي ڦري ڏس،
    پلئه ڪونه پوندئي ڀِٽون ۽ ڀٽارا.

    قلندر جي نگريءَ جو مَٽ ناهي جڳ ۾،
    ڏسي دنگ ويا رهجي، سڪندر ۽ دارا.

    بلاول، عنايت، هِتي دولهه دودا،
    ۽ سنڌوءَ جي محبت ۾ هوشوءَ جا نعرا.

    وکر چاهتن جو ورهائن “چمن” ٿا،
    صدين کان هي وسندڙ سنڌين جا اوتارا.


    ڪيئي ماريئي مور وڇوڙا !

    ڪيئي ماريئي مور وڇوڙا !
    شل تون جهلجين چور وڇوڙا !

    ارمانن جي ٻاريل پَڊ تي،
    ڪهڙا هڻندين پور وڇوڙا !

    سُرخ جوانين سان ٿو چُهٽين،
    او مئا ! چِيڙها ڄَور وڇوڙا !

    هاڻ ته پوڙهيون رسمون ڇڏ تُون،
    ظالم ٻوڌا ! نورَ وڇوڙا !

    ڳاڙها ڳڀرو گهوٽ ڪُٺئي ها !
    تون آن قاتل زور وڇوڙا !

    چاه “چمن” ۽ چاهت کاڌئي،
    ڪُتي ڏاڙهيل ڍور وڇوڙا !


    اِيئين به ڪونهي اسانجا پيارا ! اوهان کي هن دل وساريو آهي،

    اِيئين به ڪونهي اسانجا پيارا ! اوهان کي هن دل وساريو آهي،
    هوا ڪڏهن ڪو خواب ڪنهنجو هروڀرو ڇا اڏاريو آهي ؟

    ايئين به ڪونهي سياري جذبا ٿڌا ڪيا هن جڏا ڪيا هن،
    جڏهن گُهلي آ هوا اُتر جي، اسان اوهان کي پُڪاريو آهي.

    تڪي ٿڪا هون اوهان نه آيا ورهيه لنگهي ويا اسانجي نيڻن :
    ڏهاڙي هر ڪنهن سندءِ گهٽيءَ کي پُسائي پنبڻين ٻهاريو آهي.

    ايئين به ڪونهي اسان ڪچهريون ڪندا نه آهيون ڪندا نه آهيون،
    ملياسين جنهن سان ته ان جي اک۾ اوهان جو چهرو نهاريو آهي.

    ايئين به ڪونهي اسانجا ناتا کُٽي ويا هن ٽُٽي ويا هن،
    جڏهن به دنيا ڌڪاريو آهي، تڏهن ڏکن گڏ ويهاريو آهي.

    هزار ڀيرا خيال ڳولي جڏهن ڪرياسين جڏهن ٿڙياسين،
    تڏهن او منهنجا ڀٽائي بابا ! تُنهنجي ئي بيتن اُٿاريو آهي.

    جڏهن زماني جي زرد لهجي ذهن اسانجو ٿڪايو آهي،
    اوهان جي معصوم يادگيرين کليل اکين سان سمهاريو آهي.
    8


    ڏات ڪيا وسڪارا آهن،

    ڏات ڪيا وسڪارا آهن،
    توڙي سرد سيارا آهن.

    اوجاڳيل هي نيڻ پيا لئه،
    ورهين کان تاسارا آهن.

    ڪونج اُڏامڻ جي مند آهي،
    بازن جا لامارا آهن.

    اُڀ ۾ بادل مُرڪن ٿا پيا،
    ٿريا ڪين اُڃارا آهن.

    مور هرڻ کي مارڻ وارن،
    مارين جا منهن ڪارا آهن.

    خيالن جا هي کيٽا آهن،
    سوچن تي ڇو مارا آهن ؟

    هڪڙي پاسي سهرا گونجن،
    ٻي پاسي ڪيڏارا آهن !

    مُنهنجي دزيل ذهن مٿان اڄ :
    لاٿا “چمن” ڄارا آهن.


    ڪا يار خوشي ناهي، هر ٽهڪ سُتل آهي،

    ڪا يار خوشي ناهي، هر ٽهڪ سُتل آهي،
    ڪو مور ويو ڪُسجي، هر نيڻ ڀنل آهي.

    آزاد خيالن جو، ڪو ديس نئون جوڙيون،
    ڪا سوچ نئين ناهي، هر ذهن زنگيل آهي.

    پيو ڪوس ٿئي هَرهَر، معصوم پکيئڙن جو،
    ڪين ڪوئلڙي ڪُوڪي، هر ڪوڪ ڪُٺل آهي.

    منزل تي آهي رسڻو، هر حال ۾ او ساٿي !
    نيزي تي آهي سُورج، هر واٽ تتل آهي.

    مظلوم ادائن سان، ڇا ڏيهه نڀائيندو؟
    هر پهر ڏئي ڏنڀ پيو، هر رات رُٺل آهي.

    گونچن جي ڦُٽڻ مند ۾ ، لاشن جا مليا تحفا،
    قاتل جي قتل گاه ۾، هر ٻوٿ چڙهيل آهي.


    در اوٽ منجهان بيهي، هر روز تڪيندي آ،

    در اوٽ منجهان بيهي، هر روز تڪيندي آ،
    جيئن چنڊ لڪي ڪڪرن، تيئن ڏيک هو ڏيندي آ.

    آ رات مدهوشيءَ ۾، هوءَ آهه ِگهران نڪتي :
    سا واٽ وٺي ويٺا، جِت روز مٽيندي آ.

    هُئا وار وکيريا هُن، بس واءَ وڙهي پيا هئا،
    حيران حقيقت سان، ماحول منڊيندي آ.

    ٿا روز ٿين گهايل، راهگير اسان پارا،
    نظرن جا جڏهن بيهي ،هوءَ تير چِٽيندي آ.

    پيو چنڊ چڙي آهي، جو چَڳ سکي کوليا،
    اُت ڏات “چمن” منهنجي، احساس اڏيندي آ.


    مون کوڙ لکيو آهي، نيڻن جي نظارن کي،

    مون کوڙ لکيو آهي، نيڻن جي نظارن کي،
    باغن ۽ بهارن تي، سنڌوءَ جي ڪنارن کي.

    آزاد اُڏامن پيا، احساس اسان جا ڙي !
    ڪيئن قيد ڪري سگهندين، بي خوف اُڏارن کي !؟

    ناڪام اوهان ويندئو، جو روح رنجايو ٿا،
    ڇو يار ستايو ٿا، مظلوم جي ٻارن کي !؟

    مون ڪُوڪ ڪنائيندي، ڪُوڪاٽ ڪيا ڏاڍا،
    آ وقت دٻي بيٺو، معصوم پُڪارن کي.

    آ سنڌ سڄي مصري، هت پيار پَيو سِرجي :
    ڪيئن هاڻ وساريان مان، ڌرتيءَ جي ڌنارن کي ؟


    اڙي ساقي ! پيالو ڀر ! حياتي جام چاهي ٿي،

    اڙي ساقي ! پيالو ڀر ! حياتي جام چاهي ٿي،
    نشي ۾ سانوري بُت سان سُريلي شام چاهي ٿي.

    مدهوشي کيپ نيڻن ۾ وڏا ٻڙڌڪ وڌا آهن،
    خماريل کيت خوشين جا، اوهانجي نام چاهي ٿي.

    اُٿو رندو ! کڻو پيالا، ورهيه ٿي ويا پياڪيءَ کي،
    هڻي جهمريون چپن چوريو، سکي سنگرام چاهي ٿي.

    هڙئي دوريون، هڙئي ڏُکڙا، هڙئي سُڏڪا، هڙئي اُڌما،
    ننڊاکيل پلّ هڪڙي ۾ گهٽائڻ هام چاهي ٿي.

    عبادت سونهن جي خاطر وريا هون مئڪدي واپس،
    خدا ! ڪافر متان سمجهين هي دل آرام چاهي ٿي.

    اسانجي پيار جا پيرون پچي ڳاڙها ٿيا آهن،
    نمورين جيئن ڪچو نينهن جت تهڙو ڪو گام چاهي ٿي.


    تون جي مُرڪين ته موتيا به مُرڪيو پَون،

    تون جي مُرڪين ته موتيا به مُرڪيو پَون،
    ۽ جي ڳائين جمالا به جُهوميو پَون.

    تُنهنجي ڪچڙي وهيءَ جو قسم آ پرين !
    تُنهنجي ٽهڪن تي بادل به برسيو پَون.

    او ڀٽائيءَ جي بيتن جيئان ڇوڪري !
    جي تون ٻولين ته ڪُونجيون به ڪُرڪيو پَون.

    تون ته معصوم گلڙن کي موهيو وجهين،
    ٿي جتان پڻ لنگهين، هو ٿا نوِڙيو پَون.


    ڀوڳنائن جا سفر وڌندا رهيا،

    ڀوڳنائن جا سفر وڌندا رهيا،
    ۽ انائن جا قهر وڌندا رهيا.

    دلبرين جا سڀ پکي اُڏري ويا،
    انتهائن جا زهر وڌندا رهيا.

    داد نالي ديس ۾ ناهي دوار،
    بس سزائن جا شهر وڌندا رهيا.

    ويون وفائون ڳوٺ مان پکڙا پٽي،
    بي وفائن جا پهر وڌندا رهيا.

    مڌ جو چسڪو چکڻ کانپو “چمن” !
    من ملاحن جا ڳهر وڌندا رهيا.


    لهندڙ سج جا سهڻا منظر،

    لهندڙ سج جا سهڻا منظر،
    پياري ٿر جا سهڻا منظر.

    ديس سمورو ساري تنهنکي،
    جنهن جي گهر جا سهڻا منظر.

    نينهن ڪنوارو ٻاٽ اونداهي،
    کليل در جا سهڻا منظر.

    کيت ڦلاريا سانوڻ آيو،
    هُرلي هَرَ جا سهڻا منظر.

    اوسيئڙو ۽ اُڻ تُڻ اُڻ تُڻ،
    ڪاڪ شهر جا سهڻا منظر.

    انڊلٺ موسم ڳاڙهو جوڀن،
    پٽڪي ور جا سهڻا منظر.

    نازڪ مُرڪون چنڊ “چمن” ۽
    گرجا گهر جا سهڻا منظر.


    مينهن وسڻ جا پار ڀٽن تي،

    مينهن وسڻ جا پار ڀٽن تي،
    منهنجي ٿر جا ٻار ڀٽن تي.

    اونهاري ۾ هوندا آهن،
    واهوندي جا خار ڀٽن تي.

    واري ان تي ويچاري پئي،
    ڪير ڇڏي وئي سار ڀٽن تي.

    ڀونءِ ڀني آ، هاڻ ته مولا !
    واپس هُن کي وار ڀٽن تي !

    تنهائيءَ ۾ سوچي ويٺو،
    هڪڙو تخليقڪار ڀٽن تي.

    سانوڻ مند ۾ روز هوا پئي :
    پُڇندي آهي پار ڀٽن تي.

    تون جو مُرڪين مينهن جا ماما !!
    ٿي وئي آ ٿڌڪار ڀٽن تي.


    اسان ويران واٽن تي وڃايل ٻار جيئن آهيون،

    اسان ويران واٽن تي وڃايل ٻار جيئن آهيون،
    وساريل واعدن وانگي ٽُٽل اعتبار جيئن آهيون.

    وڌايو پئگ ساقي ۽ اسان هڪدم وراڻيوسين :
    اکين جي جام لئه آتا اُڃي مئخار جيئن آهيون.

    پڙهي بي حال چهرن کي سُڻون ٿا ڀيروي راڻو،
    ڏسي ڇيڙي اسانکي ڪو تنبوري تار جيئن آهيون.

    اسان جو روح رڻ وانگي اوهانجي آس ۾ آهي،
    اوهين مغرور بادلڙا اسين ڏُڪار جيئن آهيون.

    جواني عشق جي تڙ تان جڏهن پاڻي ڀرڻ آئي،
    تڏهن هو هوش هي آيو ڀنل ڪنهن سار جيئن آهيون.


    هٽائي گُهنج لوڻين تان مسافر سام ۾ آهن،

    هٽائي گُهنج لوڻين تان مسافر سام ۾ آهن،
    مليو وجهه آ انائن کي وفائون لام ۾ آهن.

    پڙهي هرڪو نه آ سگهندو اکين جي آشياني کي،
    پروڙڻ جون اکيون گهرجن، اکيون هر عام ۾ آهن.

    نظارا سونهن جا ويهي، لکڻ کي ڏات چئبو آ،
    صبح کي سوڀ آ پنهنجي، سرهايون شام ۾ آهن.

    ٿئي هر رات ٿو راوڻ ستي سيتا جي لڄ پويان،
    پسڻ جي پرک لازم آ، ڪهاڻيون رام ۾ آهن.

    اُڪنڊ جو دؤر گذري ويو “چمن” لوڀي دنيا آهي،
    وڌي ويئيون وڏائيءَ جون، رهاڻيون گام ۾ آهن.


    ڪهڙيون چنڊ ڪري ٿو باتيون ؟

    ڪهڙيون چنڊ ڪري ٿو باتيون ؟
    ڪوهيڙي مان پائي جهاتيون.

    بوندون ٿي برسات وٺي آ،
    ٿاريليءَ جون ٿرڪيون ڇاتيون.

    تو لئه منهنجي سِر جا سائين !
    رهنديون اکڙيون آتيون آتيون.

    لالائيءَ جو مانُ وڌي ويو،
    تو جو ڳاڙهيون چوڙيون پاتيون.

    شاھ عنايت جي آ ڌرتي،
    ڪهڙا مذهب ڪهڙيون ذاتيون.

    ڪيئن پيو مهڪي ڳوٺ سڄو آ !
    ڪوئل جون ٻُڌ مٺڙيون لاتيون !


    ڪيئي ڄمندا شاعر هت پر _

    ڪيئي ڄمندا شاعر هت پر _
    رهندو تنهنجو خال ڀٽائي !

    پڪ آ مونکي ، هڪ ڏينهن ايندين،
    ڪالهه وڌي مون ڦال ڀٽائي !

    تون ڀل چاسر هومر کي پڙهه،
    مونکي گهرجي لال ڀٽائي.

    تُنهنجي بيتن بن مون ڪاٽيو،
    موڳو سارو سال ڀٽائي !

    سُڏڪيو مونن ۾ مونهن ڏيئي،
    ڏسندي سنڌ جا حال ڀٽائي.

    ڪير ٻڌي ٿو ميران سُرندو،
    ڪير سُڻي سُرتال ڀٽائي !

    ميڙي مايا، تون ڀر پاسا،
    منهنجو ڌن ۽ مال ڀٽائي.


    پراڻي پيار جا پاڇا، اکين آڏو تريا آهن،

    پراڻي پيار جا پاڇا، اکين آڏو تريا آهن،
    قصا ڪي يادگيرين جا، هوائن ۾ هُريا آهن.

    اُهي ڳالهيون، اُهي ڳوڙها، اُهي مُرڪون ۽ ٽاڪوڙا،
    وساريل ورق ماضيءَ جا، منجهيل مَن تي چڙهيا آهن.

    گذاريل ريٽ تي پنهنجي، ڪنواري نينهن جون راتيون،
    اراين جيئن ٽچڪن ٿيون، نشا نِروار ٿيا آهن.

    وسي پيو هيل آهي ٿر، ترائيون تار ٿيون آهن،
    سمورا محبتي منظر، وطن واپس وريا آهن.

    زنگيل هيءَ زندگي مُنهنجي ، “چمن” ٿي چُور پئي آهي،
    رُڳو تُنڪا رُڳو طعنا، دُکي دل کي مليا آهن.


    نمن جي شهر ۾ سانجهي وري مون تي لٿي آهي ،

    نمن جي شهر ۾ سانجهي وري مون تي لٿي آهي ،
    پراڻي عشق جون يادون سنڀاري دل لُڇي آهي.

    اکين جي اُڀ تي آڙنگ اوهانجي سار جو ٿيو آ،
    نڪوري نينهن جي بارش ولهارون ٿي وٺي آهي.

    پلر ۾ پير ڌوئيندي اچانڪ نينگري سوچيو :
    ! ڏکيون هن پيار جون ڇوليون حياتي هلڪڙي آهي

    مڙهيءَ ۾ ڇات جي آڏو لڪائي مُونهن مورن کان،
    پُڳي هئي سينڍ جي سڏ تي اها دل جي لڳي آهي،

    ڪَڙيندي پيار جو هُرمچ، چٻاڙي چيچ هُوءَ ويٺي،
    رئي جو پانڌ آلو ٿيو غضب جي دلبري آهي


    نظم

    ٿري لاهيارڻ جي درد جي منظرڪشي

    هاءِ ڪتيءَ جي قهري موسم
    جنهن ۾ جنمن دوريون هرهر
    لاڙ ڪنڌيءَ تي ساريون نِسرن
    لاهيارن جا ٽولا سنبرن
    ڪيئي جوانيون ڇڪڙن ڇت تي
    سٿجي لٿجي ڏاڍو ٿڪجي
    لاڙي پوٺن تي ٿيون پُهچن
    ڪيئي سِسڪيون آھون تڙپن
    ڪيئي ڪوريون سوچون سپنا
    ڦيٿن هيٺيان زخمي ٿين ٿا
    محبت جا ڪي کيت نرالا
    مند کان اڳ ڀيلاڙ ٿين ٿا
    مان پڻ هڪ ٿر ڄائي آھيان
    پاپي پيٽ کي پالڻ خاطر
    لاباري تي آئي آھيان
    روح ٽنگيل آ ٿر ۾ منهنجو
    چونئرن واري گهر ۾ منهنجو
    ياد اچن ٿيون سهيليون مونکي
    جيڪي منهنجي ساه ۾ آھن
    منهنجي سي ارواح ۾ آهن
    هونئن پُڻ مند چري آ پهتي
    سردي لهر وري آ پهتي
    هن ئي مند ۾ منهنجي ٿر ۾
    شاديون ڪاڄ وڌاڻا ٿيندا
    ڪيئي جوڙا لائون لهندا
    مينديءَ پور هٿن تي چٽبا
    مونکي چنڊ نياپو ڏي پيو
    تنهنجي مٺڙي پياري سرتي
    سوڍي جي اڄ شادي آهي
    تصور ۾ مان سوچان ويٺي
    هن جي بخمل جهڙي بت تي
    ڳاڙهو جوڙو پاتل هوندو
    منهنجون ساه سريکيون سرتيون
    هن جي ڀر ۾ ويٺل هونديون
    شايد منهنجي ياد به ايندين
    شايد تن جا هانءَ به تڙپن
    راسوڙن تي ناچ به ٿيندا
    مرڪون ٽڙنديون ڳوڙھا ڳڙندا
    رئندي سوڍي چونئري چڙهندي
    ٻاروتڻ کي ساري لُڇندي
    پوڙھيون گڏجي آٿت ڏينديون
    سهيليون سڏڪي روئي پونديون
    ۽ پوءِ شام لڙيءَ جي ٽاڻي
    هن جي نيٺ نکيٽي ٿيندي
    هن جي جيجل ڏچڪا ڏيندي
    هن جو بابل سڏڪي پوندو
    ننڍڙا ڀائر ننڍڙيون ڀيڻون
    هن کي هيڪر چنبڙي پوندا
    ۽ ھا سوڍي سور سھيڙي
    ساريون ڳالهيون يادون ميڙي
    ڳوٺ سڄو ڳوڙھن ۾ لوڙھي
    ڇڏندي پنهنجي پيءُ جو اوٽو
    جنهن تي پهريان پير کنيا هن
    جنهن تي گڏڙين راند ڪئي هن
    پر ها ! ريتن رسمن خاطر
    اڄ هوءَ پنهنجي سيم ڇڏيندي
    سوڍي جنهن پل پنهنجي تر تي
    نيٺ نماڻي نهار ڇڏيندي
    تنهن پل ساري تر جي موسم
    بيواه وانگي پار پئي ڪڍندي
    وڌوا جيئن ورلاپ پئي ڏيندي
    پر مان ڪوهين ڏور انهيءَ کان
    آڌيءَ ٽاڻي لوڪ سمهاري
    واٽر ڪپ تي ويٺل آھيان
    لڙڪ اکين مان لاڙيان ويٺي
    سرتين کي ها ساريان ويٺي
    ڏينهن ڏکن جا گهاريان ويٺي
    چنڊ ڏي هر هر نهاريان ويٺي
    شايد چنڊ ڀي لڙڪ اگهي پيو
    هوريان هوريان ڏور وڃي پيو.


    محبت ڪونه مُئي آهي...!

    محبت ڪونه مُئي آهي،
    مري احساس ويا آهن !
    رُلن ٿا پير راتين جو،
    اڃان ڪي عشق ماڻڻ لئه،
    اڃان ڪي قول پاڙڻ لئه،
    گهٽين ۾ ڏُور ڀٽڪن ٿا،
    اڃان ڪي نيڻ آڌين جو،
    سنڌوءَ جو ٻيٽ خالي آ،
    مگر نوري نٿي وسري،
    بتيلن جي پُٺيان بيٺل،
    تماچي ڪيئن تنها آهن،
    ڍنڍن ۾ سوڳواري آ،
    ورهين جي بيقراري آ،
    مهاڻن جي اکين ۾ ڄڻ،
    صدين جي انتظاري آ،
    زمانو جام ٿي ويو آ،
    مگر مڪران چوٽين تي،
    اڃان ڪي درد جهومن پيا.
    سسئيءَ جا سڏ گونجن پيا،
    پُنهونءَ جا پنڌ ڀٽڪن پيا.
    جڏهن ڪا ٿي وڄي چوڙي،
    جڏهن ڪو ٿو ٽُٽي تارو،
    تڏهن ڪنهن مور مومل کي،
    پوي ٿو ياد راڻليو.
    اکين ۾ انتظارين جا،
    چڙهن ٿا ڏاگهه تي سپنا.
    جڏهن آڪاس ڇاتيءَ تي
    چندرما رات پونم جو،
    حجابي هٿ ڦيري ٿو،
    سمنڊ سڀ تڙپندا آهن،
    امبر جو عشق ماڻڻ لئه،
    اُڏارون خوب ڏيندا هن.
    لڇڻ لوچڻ پچڻ پڄرڻ،
    سمونڊن کي به ايندو آ،
    جيئين سهڻيءَ کي ميهر سان،
    ڪڏهن ترندي ڪڏهن ٻڏندي،
    ملڻ جو راز ايندو هو.
    ڪهاڻي پيار جي پنڌ جي،
    مٺا ڪا مختصر ڪونهي،
    ڄمارون ٿي گُهري محبت،
    لمحي پل جو سفر ڪونهي.
    اُنين ئي پيار کي پاتو،
    جنين جا رُوح روڳي هُئا،
    اُنين ئي سونهن کي ڄاتو،
    جنين جا جيءُ جوڳي هُئا.
    وفائون اڄ به آهن پر،
    دلين ۾ ڌوڙ اُڏري پئي،
    پُڇائون اڄ به آهن پر.
    وچن ۾ ڪوڙ ڪڙڪي پيو،
    جنين جا پير ٽانڊن تان،
    جڏهن گذريا نه ڪوسا ٿيا،
    تنين محبوب هُئا ماڻيا،
    تنين آسيس هُئا ماڻيا.


    مون ڀانيو تو آ ياد ڪيو !

    ڪَلهه روهيڙي جي ٽاريءَ تي،
    ڪنهن ڳيريءَ ويٺي راڳ ڪيو،
    مون ڀانيو تو آ ياد ڪيو !

    ڪلهه اڪ جي نيرين ڦُلڙين کي،
    ڪو پوپٽ گهيري ويٺو هو،
    ۽ ڀونئرن لاٿو ڦيرو هو،
    مون ڀانيو تو آ ياد ڪيو !

    ڪلهه باک ڦُٽيءَ جي ويلا هُئي،
    سڀ منظر اُجرا، اُجرا هئا،
    ۽ ماڪ جا ننڍڙا قطرا هئا،
    جي مُنهنجي مُک تي مُرڪيا هئا،
    ۽ مور خوشيءَ مان ٻوليو هو،
    مون ڀانيو تو آ ياد ڪيو !


    ڪَلهه ڪُونج اُتر کان ڪُڻڪي هُئي،
    هيءَ دلبر دلڙي ڌڙڪي هُئي،
    ۽ ساڄي اک ڀي ڦڙڪي هُئي،
    ڪا سار هوا ۾ سُڏڪي هُئي،
    ۽ ڪانگ ڪنڊيءَ تي ٻوليو هو،
    مون ڀانيو تو آ ياد ڪيو،
    مون ڀانيو تو آ ياد ڪيو !


    شاعر جي دل تڙپي پئي ٿي !

    ڏُک مان ڳاڙها ڳوڙها ڳاڙي،
    سج لڪن ۾ نيٺ لِڪي پيو،
    پهريون پيار سنڀاري پنهنجو،
    هڪڙو شاعر نير اُگهي پيو،
    موٽي مال وٿاڻن ڏي ٿو،
    ننڍڙا گابا ٽهڪ ڏين پيا،
    هاري ۽ هارياڻيون گڏجي،
    سانجهه سنڀاري موٽن ٿا پيا،
    ٻارن هٿ ۾ گدريون آهن،
    مائن مُک تي مُرڪون آهن،
    نگهليل ٻاجهر کائڻ جي لئه
    ڏور ٻچن کان آيل پنڇي،
    آکيرن ڏي واپس ٿين ٿا،
    سيم سموري سانوڻ رُت جا،
    ناز منجهاران ناچ ڪري ٿي،
    مور سڏي ٿو ڊيل نچي ٿي،
    سي سڀ سهڻا منظر جانچي،
    شاعر کي هوءَ ياد اچي ٿي،
    دلڙي هُن جي ڦٿڪي پئي ٿي،
    هوءَ جا هاڻ آ ڏور هلي وئي،
    پيار جا سئو ڏئي پُور هلي وئي،
    هُن جون راهون روز تڪيندي،
    شاعر سُڏڪي پوندو آهي،
    هندو سانجهي ٽاڻي مندر،
    ديپ جلائڻ ويندا آهن،
    باسون باسڻ ويندا آهن،
    رب ريجهائڻ لاءِ مسلم،
    مسجد ۾ گڏ ٿيندا آهن،
    گِرجا گهر ۽ ديبل ۾ پڻ،
    مالڪ ساريو ويندو آهي،
    چريو شاعر سج لٿي جو،
    مسجد، مندر، گرجا، ديبل،
    پوڄا ڪارڻ ويندو ناهي،
    پر هي مونکي پوري پڪ آ،
    ڪاته عبادت هي به ڪندو آ،
    هُن جي دل جي ڏِهري ۾ پڻ،
    شايد ڪو ڀڳوان وسي ٿو،
    شاعر سانجهيءَ ٽاڻي اڪثر،
    ديوي ان کي پوڄيندو آ،
    مَن جي خالي ڪنڊ ۾ اڪثر،
    ميڻ بتيون پڻ ٻاريندو آ،
    سائي سونهن جي ملڪا هن جي،
    پاڳل من جو سڀ ڪجهه آهي،
    تنهن لئه هُن جي دل جي ڌڙڪڻ،
    سانجهيءَ ويلا روز وڌي ٿي،
    شاعر کي هوءَ ياد اچي ٿي،
    شاعر جي دل تڙپي پئي ٿي.


    ريڊيائي پسمنظر ۾ لکيل هڪ حقيقت

    ريڊيائي پسمنظر ۾ لکيل هڪ حقيقت
    اُڏاڻيون عشق ڪوري جون،
    مٺي جي شهر مان ڳالهيون،
    ٽپهري جو چريو ٽاڻو،
    اکين کي معتبر ماڻو،
    نمن تي ڪانگڙا ويٺل،
    رچيل ڪو روح ۾ راڻو،

    هي چونئرن جا وڌيل پاڇا،
    ڪنوارين جا جتي چرچا،
    ڪَچي جو پورَ ڪو پوريل،
    لکيل جنهن ۾ الهي ڇا ڇا؟

    گهڙيءَ پلّ ۾ وڳيون چُوڙيون،
    ۽ وينگس جون اکيون ڊوڙيون،
    نرم ٻانهن جي ڪرائيءَ ۾،
    گهڙي سوني، ڪڙيون سوڙهيون،

    بچيا پنج منٽ بس آهن،
    وڌي رفتار وئي ساهن،
    پرين مُنهنجي جو وارو آ،
    وڇايان نيڻ ٿي راهن.

    وساري پاڻ کي ڪوئي،
    هرڻ جي ڇال سان سوئي،
    ڊُڪي ڊوڙي کٽولي ڏي،
    پُڳي تڪڙي اکيون ڌوئي.

    وڇاڻي جي وروڪن ۾،
    رلين ڌُوتل پَروڪين ۾،
    لڪايو ريڊيو ڀاڻس :
    حجابن جي هڙوٽين ۾.

    وڄائي ريڊيو نِڪتي،
    سهيلين خوب ڪئي مستي،
    مگر هو ڌُن سان ڌڙڪي،
    وساري لوڪ جي هستي.

    وڏي آواز ۾ گونجيو،
    پريان ڪو ڍاٽڪي دوهو،
    مٺي آواز جي پڙلا،
    سڄي ماحول کي منڊيو،

    رڳن ۾ دلبري مُرڪي،
    چري هر لفظ تي تڙپي،
    لڳائي ريڊيو سيني،
    ٿورو سُڏڪي گهڻو ڦٿڪي،

    پرينءَ کي مون ڏٺو ناهي،
    پرين مونکي ڏٺو ناهي،
    اِنهي آواز جي رِشتي،
    مُڏي ڪاتي ڪُٺو آهي.

    منهنجو سپرين منهنجو پيارو،
    منهنجي هن مست جوڀن کان،
    صفا اڻ ڄاڻ ئي هوندو،
    مُنهنجي هِن چاھ چَرپڻ کان.

    لڳي ٿو هُن جي نيڻن ۾،
    پريتم ڪو ٽِڪيل آهي،
    تڏهن ئي هو هوائن کي،
    سدائين پيو ايئن تڙپائي.

    الهي مونکي هو ڀائيندو،
    الهي مونکي هو چاهيندو؟
    تَلين جهڙي سُڪل دل تي،
    ملڻ جو مينهن وسائيندو؟

    هوءَ سوچي ٿي انهيءَ سڪ کي،
    ڀري مان ڀرت ۾ ڇڏيان،
    هن چادر جي پوري وچ تي،
    پرينءَ جي نانءُ کي چٽيان.

    زمانو بي وڙو آهي،
    زمانو جام ٽوڪيندو،
    پرينءَ جو نانءُ جي لکنديس،
    زمانو جام روڪيندو.

    چري دل جي چريائپ آ،
    الهي ڪٿ وئي اڙي آهي،
    سدائين رات آڌيءَ جو،
    سڄڻ ساري سڙي آهي.

    چڙهي تصور جي چانگي تي،
    هوا ۾ هوءَ اُڏامي ٿي،
    پرينءَ جي هڪڙي ڀاڪر لئه،
    پَچي پَڄري ۽ کامي ٿي.

    پَوَن ٿا وڍ دوريءَ جا،
    بتي بڻجي وسامي ٿي،
    دکن ٿا درد دلبر جا،
    ٻري ٿي ۽ اجهامي ٿي.

    مٺيءَ جي شهر ڏي ويندڙ،
    اڙي او واءٌ واهوندا !
    چري شاعر کي هينئن چئجان،
    نمن جي ڳوٺ ۾ هڪڙي،
    جواني توکي ساري ٿي:
    مندر ويران دل جي ۾،
    سدائين سانجهه جي ٽاڻي،
    پنهنجي آسن کي ٻاري ٿي،
    تنهنجون راهون نهاري ٿي،
    توکي ڏاڍو پُڪاري ٿي.


    سور نئون ٿو دل ۾ اُڀري

    ها وقت انهيءَ کي ڪير وساري،
    هُن جو ساٿ جڏهن هو مونسان،
    هُن جي وارن ڇانوَ ۾ ويهي،
    ٽهڪ هوا کي ارپياسين ڪي،
    هُن جي چوڙين جو ها ڇڻ ڇڻ،
    اڄ پڻ مُنهنجي هانءُ هُري ٿو،
    اڄ پڻ ساھ کڻڻ جي ويلا،
    مُک تي هُن جو نانءُ تري ٿو،
    وقت مسافر جيئن پيو گذري،
    سج سان گڏ هر روز او سانول !
    سور نئون ٿو دل ۾ اُڀري.


    هوليءَ پنهنجا رنگ رچايا

    هُن جي وهنجي وار سُڪايا،
    ساري تر جا ڀونئرا ڊوڙي،
    خوشبوءِ واس وٺڻ لئه آيا،
    سينڌ سجائي سينڌر سان هُڻ،
    سيم سڄي ۾ مُرڪي هُئا ڄڻ،
    هوليءَ پنهنجا رنگ رچايا،
    هُن جو کلندي آرس موڙي،
    ڪيئي پوپٽ زخمي ٿي پيا،
    ڪيئي جڳنو پاڳل ٿي پيا،
    مورن کان ويون مستيون وسري،
    چنڊ لِڪي پئي ليئا پاتا،
    تارن ٽمڪي اک ڀڳي پئي،
    واءُ وڙهي پيا، اُڀ رنو پئي،
    بارش هُن جا پير ڇُهڻ لئه،
    واڇڙ بڻجي در تي پُهتي،
    هُن جيئن نهاريو پاڻيءَ ۾ هو،
    لهرون ڊوڙيون بي تابيءَ مان،
    سنڌو هُن کي ڳولڻ نڪتو،
    ڪيئي وسنديون چٽ ڪري ويو،
    ويڙها وسنديون پٽ ڪري ويو،
    ڌرتيءَ جا سڀ پنڇي پيارا،
    هُن جون ڳالهيون ڳائڻ ويٺا،
    هن کي سمجهي سونهن جي ديوي،
    پنهنجو سيس نمائڻ ويٺا،
    هُن جا ٻول وُٺي جون ويرون،
    هُن جي ماٺ ڏڪارن جهڙي،
    هُن جو انگ لَٺ اُڀ ۾ انڊلٺ،
    هُن جا نيڻ ستارن جهڙا،
    منهنجا سارا شعر اڌورا،
    هُن بن آهن، هُن بن رهندا.
    8


    ڀلوڙ راڳي رجب فقير کي ڀيٽا

    تُنهنجي چپڙن جي ڪپرن تان نڪتل پرين،
    لفظ جنهن پل هوائن ۾ وکريا هُئا،
    ڪونڀٽن جو ڪڪوريل ڪُراڙو بدن،
    جام جهوميو هيو، خوب تڙپيو هُيو،
    ٽاھ کائي اُڏاڻا هُئا مورڙا،
    ڊيل ڦٿڪي هُئي مرگهه مُرڪيو هيو،
    ڪونج ڪُرڪا ڪندي اُت پڳي هُئي پرين،
    جن پڊن تان اوهان جو گذر ٿيو هُيو،
    ۽ ٻڌايان مان ڪهڙا قصا سيم جا،
    وڻ لامن کي لوڏي پڇائون ٿا ڪن،
    تون ڌراڙن جي سينڍن جو سُهڻو سنگم،
    تون ڳنوارن جي ڳالهين جو موضوع مٺا،
    تون پخالي جي پيرن جو پوڙهو ڀرم،
    تون ڏهاڳڻ جي ڳوڙهن جي پاڻيءَ جيئان،
    تون سهاڳڻ جي چُوڙي جو هلڪو رِڌم،
    تون ڪنوارين اکين جو ڪو سپنو سڄڻ،
    تون لڳين ٿو حجابن جي موسم جيان،
    تون جوانيءَ ۾ لکيل نشيلو نظم.


    سجدا ڪياسين

    نڪو ٻانگ ڏيئي الله کي سڏيوسين،
    نه ئي ڪنهن به مسجد جي ويجهو لنگهياسين،
    نڪو سنک سمجهيو ڪهاڻي اسان جي،
    نه ئي تلڪ پائي ڪو پنڊت ٿياسين،
    ڪڏهن ڀي نه مڻين جي مالها جپيسين
    ڪڏهن ڀي نه ڀڳوان موهي سگهياسين،
    مگر ها اسان ڀي عبادت ڪئي سين،
    اسان پنهنجي پياري پرين کي فقيرو،
    لڪي لوڪ کان کوڙ سجدا ڪياسين،


    مُنهنجي مُرڪ اجهامي وئي آ..!

    هڪڙي ڳالهه ٻُڌي ڇڏ پوڙها !
    آئون وڃان پئي لاڙ ڪناري،
    هاڻي شايد مُشڪل موٽان،
    ڇو ته عُمر ئي اهڙي آهي،
    جنهن جي ڇڄ مان باقي ڏينهڙا،
    سارين وانگيان روز ڇڻن پيا،
    ۽ جيئن تُنهنجي نيڻ نديءَ مان،
    ماڻڪ موتي روز ٽمن پيا،
    ايئن ڀي ناهي شايد گڏجون،
    جيڪا مُنهنجي جهوني من جي،
    گُڏڙين جهڙي آشا آهي،
    مانَ! مرڻ کانپوءِ پُٽڙا،
    پنهنجو قرض چُڪائڻ خاطر،
    منهنجي ٿڃ ملهائڻ خاطر،
    لاش کڻائي واپس موٽن،
    ۽ تون مُنهنجي راھ تڪيندين،
    هر ڪنهن ڇڪڙي ۾ جاچيندين،
    هٿ مٿي تي رکندين منجهندين،
    منهنجو ميت اُٺائي ايندڙ،
    لاري گهر ڏي مُڙندي ڏسندين،
    مَن ۾ مٺڙي آس سجائي،
    لٺڙي سهاري گهر وٽ پهچين،
    مُنهنجي مُک تان اجرڪ لاهي،
    ڪانڌ ڏسي تون پچندين ڪڙهندين،
    شال جُڳا جڳ پوءِ جئين تون،
    ها! او سائين درد به ٿيندئي،
    تُنهنجي جهوني من جي ڀت ۾،
    سور بڻائي ڏار ڇڏيندئي،
    مون کي ڏوهي سمجهڻ لڳندين،
    پر او مُنهنجا وَر وڻجارا!
    منهنجو ڪوئي پاپ نه آهي،
    مُون ته وڇوڙو ڪو نه گُهريو هو،
    پر هن ريت ڪُراڙي خاطر،
    ڏهاگڻ بڻجڻ کان اڳ دلبر،
    دعا گُهري هُئي ڊپ مان هڪڙي،
    جيڪا هاڻ اگهامي وئي آ،
    مُنهنجي مُرڪ اُجهامي وئي آ.
    8


    عشق

    عشق ڪُنواري ٻانهن ۾ پاتل،
    ڪنگڻ وانگي وڄندو ناهي،
    عشق اندر ۾ پچندو آهي،
    عشق اکين ۾ نچندو آهي،
    عشق بُکايل ٻالڪ وانگيان،
    وياڪل وياڪل هوندو آهي،
    در، در سُوالي ٿيندو آهي،
    هڪڙي مينهن جي مامن جهڙي،
    مُرڪ بِکيا ۾ پندو آهي،
    لُڇندو آهي، ڦِرندو آهي،
    عشق اکين جي واڇڙ کانپوءِ،
    مَن جي ڌوتل پوتل پَڊَ مان،
    کُنڀين وانگيان کِڙندو آهي.
    عشق لڳڻ کان پوءِ هر پل،
    دل جي گهر ۾ خالي کٽ تي،
    سُور سدائين ٽڪندو آهي،
    ۽ پوءِ ماڻهوءَ جو هر گُفتو،
    سُرندي وانگي وڄندو آهي،
    عشق اکين ۾ کِلندو آهي،
    عشق نظر ۾ روئندو آهي،
    عشق کي پنهنجو جِيوَن آهي،
    عشق گهڙيءَ ۾ جيئندو آهي،
    عشق لمحي ۾ مَرندو آهي،
    عشق درياھ ۾ سنهڙي پَن جيئن،
    ٻُڏندو آهي، ترندو آهي،
    لهرن ۾ بس لڙهندو آهي،
    عشق فضا ۾ پنڇي وانگيان،
    اُڏندو آهي، لهندو آهي،
    عشق سنڌوءَ جي لهرن جهڙو،
    عشق رسالو شاھ سائينءَ جو.
    عشق امڙ جي ٿڃ جو قطرو،
    عشق مقدس ٿيندو آهي،
    عشق مقدس ٿيندو آهي.
    8


    شهيدن جي نانءِ

    شهيدن جي نانءِ
    تون ڀل ڏانٽا روز ٺپاءِ !
    پر هن سهڻي ڌرتي سنڌ مان،
    ريج ڏنل شهيدن رت مان،
    سونا سنگ ٿي جوڌا ڦُٽندا،
    تن کي ڪيئن ڀيلاڙ ڪندين تون،
    او ڌارين جا پاليل ڪُتا !
    نيٺ ته تنهنجو وارو ايندو،
    تنهنجو مُنهن پڻ ڪارو ٿيندو،
    ٻاگهل توکي بُجا ڏيندي،
    ڏاهر جي اک مُرڪي پوندي،
    روپو، دولهه، دودو، هيمون،
    تنهنجون سي ٻئي اکيون ڪڍندا،
    جن ۾ مير رکيو تو سنڌ لئه،
    جن ۾ وير رکيو تو سنڌ لئه،
    ڪانئر ! تون بي سُرتو آهين،
    سنڌين کي تو ڄاتو ناهي،
    سنڌي بي ضميرا ناهن،
    تنهنجي وانگيان او درٻاري،
    ڊڄڻا، بزدل، ڀاڙيا ناهن،
    هر سنڌياڻي پرميل ديوي،
    هر هڪ سنڌي راجا ڏاهر،
    سنڌوءَ ڌارا جن جي رت ۾،
    ماءَ جي ٿڃ ٿي وهندي آهي،
    مٽيءَ، ماءُ ۽ شاھ سائينءَ سان،
    تن جو عشق الستي آهي،
    تون ڙي ٻين جي دَر تي پلندڙ،
    لوسي ڪُتن وانگيان رُلندڙ،
    جهوڪ ڪڏهن نه جهوري سگهندين،
    سن ڪڏهن نه ساڙي سگهندين،
    ڀُلجي تو جي سنڌ ڏي سوچيو،
    مير رکي جي جند ڏي سوچيو،
    ميري تنهنجي سوچ نه رهندي،
    آڱر کنيئي جي سنڌ ڏي ڀُلجي،
    پاڙھ منجهان سا آڱر ڪپبي،
    آڱر سان گڏ هٿ به وڍبو،
    هٿ سان گڏ ها سِر به وڍبو !
    8


    پرين ! ڏاڍو پڪاريندين

    پرين ! ڏاڍو پڪاريندين
    ملڻ جي موڊ ۾ ناهين،
    يا دلبر درد ڪو ٻيو ٿئي،
    اکين کي آس تنهنجي آ،
    چپن کي پياس تنهنجي آ،
    گهٽين ۾ ڀٽڪندي ڍوليا،
    جواني موڪلائي پئي،
    تنهائي هانوَ کائي پئي،
    ڪيو مون ڏوھ ڪهڙو جو،
    مٺا تون مونهن موڙي وين،
    سچا ناتا تون ٽوڙي وئين،
    الهي ڇو او پرين پيارا !
    اسان کان ڏور گهارين ٿو،
    ڪڏهن ڀُلجي نه سارين ٿو،
    هلي آ حال مان نڪري،
    هلون اڄ ڏُور ماضيءَ ڏي،
    اُهي بچپن سندا منظر،
    اڪن جي اوٽ ۾ ويهي،
    لِڪياسين لوڪ لوڀيءَ کان،
    ڪيونسين قرب جون ڳالهيون،
    سموريون سي پرين ڳالهيون،
    ڪنن ۾ والڙين وانگي،
    اڃان پڻ يار لڙڪن ٿيون،
    سمهاري سيم ساري کي،
    اکيون منهنجون به ڀٽڪن ٿيون،
    اڃان جي سوڳ ۾ ساجن،
    گذاري سال هي ويٺين،
    ته پوءِ منهنجي وصيت ٻُڌ،
    جڏهن پڻ جند آجي ٿي،
    جلي مان تنهنجي او جاني!
    اسان جي ڳوٺ تون اچجان.
    اسان جي ڳوٺ جي ڀر ۾،
    نئين هڪڙي قبر هوندي،
    دنيا ٻي بي خبر هوندي،
    انهيءَ جي او مٺا سائين،
    مٽي ڀي منتظر هوندي،
    مٽي سان مُرڪندي توکي،
    ڳراٺيون چار پائيندي،
    ٻه ٽي تون لڙڪ لاڙيندين
    تڏهن مونکي تون ساريندين،
    پرين ! ڏاڍو پڪاريندين.
    8


    ننڊ

    ننڊ
    ڪجهه سُور پراڻا ساٿاري،
    اڄ آڌي ٽاڻي جاڳيا هن،
    تون ننڊ اکين جي ڳوٺ منجهان،
    بس پنهنجا پيرا ڊاهي وڃ،
    آ تارن جو ڪو سيج سجيل،
    ۽ نيري اُڀ جي گوڏي تي،
    هُو چوڏهينءَ جو آ چنڊ سُتل،
    ۽ مان جي هن کان هيڪلڙو،
    هن گهر جي خالي ڪنهن ڪنڊ ۾،
    تو ساڻ نڀايان نينهن ناتو،
    او ننڊ ! قسم ٿئي خوابن جو،
    تون پنهنجو پاڻ کڻائي وڃ،
    هِن اک جي خالي اوٽي تان،
    تون پنهنجا پيرا ڊاهي وڃ !
    نيڻن جا پاند پُسائي وڃ !
    ڪجهه درد ڌڪايل ويچارا،
    اڄ لاوارث ٿي ڀٽڪن پيا،
    آ سيءُ گهڻو هُو ٿرڪن پيا،
    بي ڏوھ اميرن جي گهر مان،
    هُو زوري ٻاهر اُڇليا ويا،
    جي مان نه ڪندس ٻيو ڪير ڪندو،
    تن ويچارن تي قياس چري،
    او ننڊ قسم ٿئي لڙڪن جو،
    او ننڊ قسم ٿئي اُلڪن جو،
    او ننڊ قسم ٿئي لفظن جو،
    او ننڊ قسم ٿئي اُڌمن جو،
    او ننڊ قسم ٿئي پلڪن جو،
    تون موٽي وڃ ! ها موٽي وڃ !

    8


    نم جو وڻ

    نم جو وڻ
    ڪهاڻي نم جي وڻ جي،
    اندر جي ٻار ورجائي،
    پُراڻي دؤر جا پاڇا،
    اباڻي ڳوٺ جون يادون،
    سُريلو وقت هوندو هو،
    دلين ۾ جوش هوندو هو،
    وڏي ورهانڊ کان اڳ ۾،
    سموري ڳوٺ جون مايون،
    ڇڏائي توڻ مان جندڙي،
    هٿن ۾ ڀرت کي ويڙهي،
    وڏا احساس ڪي سهيڙي،
    اچي هُت گڏ ٿينديون هُيون،
    ڀري ڪو ڀرت وينديون سين،
    نئون هُرمچ ڇنڊينديون سين،
    اندر جي آرزو سائي،
    انهن جو ڏڍ هُوندي هُئي،
    سُريليون سي جڏهن گڏجي،
    ڪري کلڪوڙ ۽ کيٽا،
    هُيون بس ڳيت ڳائيديون،
    تڏهن ماحول جي مُک تي،
    اچي ڪا مُرڪ ويندي هُئي،
    مگر ڪو واءُ واچوڙو،
    ويو تنهن وڻ کي ويڙهي،
    پکين ۾ ٽاھ پئجي ويا،
    دلين ۾ گهاءَ پئجي ويا،
    ڪنگن جا ڪوڏ مان ٺاهيل،
    آکيرا نيٺ اُجڙي ويا،
    نماڻين نير پي وهايا،
    پُراڻا ڏينهن پئي ساريا،
    جنين جي يادگيرين جا،
    حوالا هُئا انهي وڻ ۾،
    سُڪل تنهن وڻ جي پن جيئن،
    انهن جي سوچ ڇڻندي وئي،
    ٽُٽل ڪنهن ٽونر جي وانگيان،
    اُنهن جي آس ٽُٽندي وئي.


    وسڪاري ۾ سهڻا سانول !

    وسڪاري ۾ سهڻا سانول !
    هيل وري تون ڪنهن جي لاءِ
    دل جي پڊ تي دلبر منهنجا،
    نئون گهر ٺاهي ويٺو آهين،
    وسڪاري ۾ سهڻا سانول !
    ڪنهن کي چاهي ويٺو آهين،
    سار اُتر جي هير جيان آ،
    سار وُٺي جي وير جيان آ،
    سار هڏي جي سُور جيان آ،
    سار پُراڻي پور جيان آ،
    سار گلابي گيت جيان آ،
    سار اڳوڻي ريت جيان آ،
    سار ڪنواري قهر جيان آ،
    سار پرھ جي پهر جيان آ،
    اڪ جي پن تي ماڪ ڏسي ڇو،
    نير وهائي ويٺو آهين ؟
    وسڪاري ۾ سهڻا سانول !
    ڪنهن کي چاهي ويٺو آهين ؟
    پيار وُٺي جي واڇڙ آهي،
    پيار هوا جي جهونڪي وانگيان،
    پيار هوا جا ڦٽ سبي ٿو،
    پيار پکين جي ٻوليءَ وانگيان،
    پيار امڙ جي لوليءَ وانگيان،
    پيار جهليل ڪنهن جهوليءَ وانگيان،
    پيار اباڻو ڳوٺ اسان جو،
    پيار ڊٺل ڪنهن اوٽي آهي
    پيار منجهان تون ڪنهنجا پيارا!
    پور پچائي ويٺو آهين _
    وسڪاري ۾ سهڻا سانول !
    ڪنهن کي چاهي ويٺو آهين ؟
    مُرڪ بڊي جي بارش جهڙي،
    مُرڪ پلريئي پاڻيءَ وانگيان،
    مُرڪ تتر جي ڪيڙو ڪيڙو،
    مُرڪ هوا ۾ اُڏندڙ هُڙيو،
    مُرڪ گلن جو گهاٽو جهگٽو،
    مُرڪ وڻن جو گونچ سُريلو،
    مُرڪ سهي جو سُندر سپنو،
    مُرڪ گدڙ جي اک شڪاري،
    مُرڪ جو مُک تي ڏانوڻ ٺاهي،
    ڪير ڦاسائي ويٺو آهين _
    وسڪاري ۾ سهڻا سانول !
    ڪنهن کي چاهي ويٺو آهين ؟
    درد ٽُٺل ڪا مرگهه اُڃايل،
    درد رُڃن جو پنڌ اڻانگو،
    درد پخالي در در گهمندڙ،
    درد هُجي ڄڻ اٺ جڙو ڪو،
    درد کنوڻ جي تجليءَ جهڙو،
    درد گگن ۾ وڄ وراڪو،
    درد سِريءَ جو گهاءُ مٺو ڪو،
    درد ڀُرٽ جو سنهڙو ٻوٽو،
    درد منجهان ڪنهن ڌن کي ڳائي،
    دل وندرائي ويٺو آهين _
    وسڪاري ۾ سهڻا سانول !
    ڪنهن کي چاهي ويٺو آهين ؟


    اکين مان نير هاريو هو

    لُڏيون پي لام ۾ انبڙيون،
    تڪيو پي ڏار تان طوطن،
    پريان لوڙهي جي ويجهو هُن،
    ڏنا پي مور کي داڻا،
    اڱڻ ۾ نم جي هيٺيان،
    ڏُڌي پي ڳئون ڪا ڏوجهارڻ،
    ڪُلهي تي وار پئي ڪريا،
    اڇا گيسو هٽائيندي،
    اچي ويس ياد جوڀن جي،
    جڏهن هوءَ راتڙيون جاڳي،
    ڪندي هُئي رهاڻ تارن سان،
    پنهنجي محبوب ڏي تحفا،
    اُماڻيندي هُئي ٻارن سان،
    ڪڏهن ها هينئن به ٿيندو هو،
    سمهاري سيم ساري کي،
    ڪندي هُئي پنڌ پيارل ڏي،
    وڏي ڪنهن ڄار جي ويجهو،
    اُنهن جو آستانو هو،
    پريمي پاڻ ۾ ملندي،
    جڏهن هُئا ٽهڪ ڇيڙيندا،
    تڏهن ماحول جي مُک تي،
    اچي ڪا مُرڪ ويندي هُئي،
    جڏهن هوءَ پيار ۾ پلٽي،
    ويڙهي محبوب کي ٻانهون،
    چپن تي پور لاليءَ جا،
    چميون ڏيئي چٽيندي هُئي،
    تڏهن ان بخملي چولي،
    سندا سڀ بي وڙا بَکيا،
    ڪري ٽڙڪاٽ ٽُٽندا هئا،
    ٻانهنِ پاتل ڪيئي چوڙيون،
    ٽُٽي بس روز پونديون هُيون،
    اُهي سارا ڏسي منظر،
    مٿي آڪاس تي ڪيئي،
    ٽُٽي تارا به پوندا هُئا،
    ڪڏهن چنڊ خار کائيندي،
    لِڪي ويندو هو ڪڪرن ۾،
    ڪتيون آرس ڀڃينديون هُيون،
    سنڀاري مهڪندڙ ماضي،
    ويٺي هو کير کي هاري،
    اکين جي ڍنڍ جو پاڻي،
    پيو پلٽي هو ڪپرن تان،
    ڏيئي هو هٿ گوڏي تي،
    اُٿي هُئي عشق کي اوڍي،
    وري واپس هو لانڍيءَ ڏي،
    اُنهي لانڍيءَ جي هڪ ڪُنڊ ۾،
    کجيءَ جي واڻ سان واڻيل،
    ڇڄيل کٽ تي سُتل ساڳيو،
    اُهو محبوب هو ماڻهو،
    جنهين سان هوءَ تصّور ۾،
    پڳي هُئي ڏور ماضيءَ ڏي،
    سُڻي آواز پيرن جو،
    اُهو جهونو اُٿي ويٺو،
    ٻنهي مُرڪي نهاريو هو،
    پنهنجي جوڀن کي ساريندي،
    ٿڌو ڪو ساھ واريو هو،
    اکين مان نير هاريو هو.


    * سامي

    اَنا الحق جي نعري جهڙا،
    سامي توکي سنڌ سڏي ٿي،
    ويراڳين جو واسو تو ۾،
    سنياسين جو ساھ تون آهين،
    بک جنين جي بکيا تن لئه،
    ها ! وڏو ويساھ تون آهين،
    تون هُئين ڌوڙ ڌڪاري نڪتو،
    پنهنجا سور سمهاري نڪتو،
    جاڳڻ سان تو جوڳ نڀايو،
    اخبارن جي سوڙهي جڳ ۾،
    درويشيءَ جو ديس اڏايو،
    ڀٽڪڻ تنهنجي من ٿي ڄاتو،
    جنهن سان هُن جو ازلئون ناتو،
    گاروڙين جا گام ڇڏي تو،
    کاهوڙين جا ٽولا ٺاهيا،
    شاھ سائينءَ جا بيت ٻڌائي،
    تن جا روح رتولا ٺاهيا،
    پر ڙي ڪهڙي ڪارڻ سامي !
    آديسين جيئن ماٺو ٿي وين !؟
    ساري سنڌ جي وستين کي جو،
    دودي تنهنجا حال ٻڌايا،
    سنڌ صدائون بڻجي دانهيو،
    صوفي شاھ عنايت سُڏڪيو،
    هوڏانهن ديس درازن پاسي،
    سچل توکي سڏ ڪيا پئي،
    جهيڻائيءَ جي جهار اُڏائي،
    ماڳ انهيءَ ڏي واپس ور تون،
    جهان جتي تو دل سان جوڙيو،
    ٻيهر سو آباد ڪري ڏس،
    صوفين جا آديش ٻڌائي،
    هيڻا من ڪي شاد ڪري ڏس !
    هيڻا من ڪي شاد ڪري ڏس !
    8


    * نالي واري صحافي هريش ساميءَ جي نانءِ


    خواب نگر

    ماڻهوءَ جو من خواب نگر آ،
    جيڪو ڪيئي خواب ڏسي ٿو،
    تن مان ڪن جي پلڙي ۾ ڪجهه،
    ساڀيان جا احساس ڄمن ٿا،
    ۽ ڪجهه سپنا ساڀيائن جي،
    رستي ۾ بس زخمي ٿين ٿا،
    هر هڪ من جا خواب جُدا هِن،
    هر هڪ من جا باب جُدا هِن،
    هڪڙا خواب کٿوريءَ وانگيان،
    روح کي راحت ڏيندا آهن،
    ۽ ٻيا خواب گٽر جي ڌپ جيئن،
    ناسون ساڙي ويندا آهن،
    هِڪڙا خواب بهارن جهڙا،
    دل جي پَڍَ تي ڪچڙا ڪچڙا،
    ساوا گونچ ڦٽائيندا هِن،
    ۽ ٻيا خواب خزائن جهڙا،
    مک تان مُرڪون ڀيليندا هِن،
    هڪڙا خواب اُهي ڀي آهن،
    جيڪي رمتي جوڳي وانگيان،
    دردر بين وڄائيندا هِن،
    ڪنهن جي دل جي خالي ڪنڊ تي،
    پنهنجا خيما کوڙيندا هِن،
    هڪڙا خواب مسافر بڻجي،
    شهر شهر ۾ ڀٽڪيو ڄاڻن،
    جيڪي خواب هوا سان پنهنجا،
    رشتا ناتا جوڙيو ڄاڻن،
    تن جو ڪوئي گام نه آهي،
    تن کي ڪو آرام نه آهي،
    پوڙهي من جا خواب ڪُراڙا،
    ٽيڪ سهارو ڳوليندا هِن،
    موڳي مَن جا خواب ويچارا،
    ويڳاڻا ئي هوندا آهن،
    هر ماڻهوءَ کي پنهنجو مَن آ،
    هر ماڻهوءَ وٽ پنهنجو ڌن آ،
    جنهن جو نالو خواب نگر آ،
    جنهن جو پاڙو اک پڏر آ،
    هڪڙو شاھ ڀٽائي ڀي هو،
    جنهن پُڻ هڪڙو هرمچ جهڙو،
    ڳاڙهو نيرو خواب ڏٺو هو،
    ٻاگهل، دودي، راڻي، روپا،
    اُجري سُجري ماتا سنڌ جو،
    پنهنجي من ۾ خواب ڏٺو هو،
    رڻ ڪنڌيءَ تي رُلندڙ ڦرندڙ،
    بولو نڪ ۾ پائي گهمندڙ،
    ريٻارڻ پڻ خواب ڏٺو آ،
    هوڏانهن لاڙي لاهيارڻ پڻ،
    لاباري جو خواب ڏٺو آ،
    ٿر جي ڀُوري ڀٽ تي گُهمندڙ،
    ٿاريلي ۽ ٻاٻيهي پڻ،
    خواب ڏٺو آ مينهن وسڻ جو،
    مُند مَٽڻ ۽ گاھ ڦُٽڻ جو،
    ڪارونجهر جي ڪور ماٿاران
    ٽهوڪا ڏيئي من ٺاريندڙ،
    مور پکي ڀي خواب ڏٺو آ،
    شل هي ماري ماڻهو بڻجن،
    مِرگهه اڃايل رِڻ ۾ رُلندي،
    گاھ ڦُٽڻ جو خواب ڏٺو آ،
    ۽ هڪ ڏُتڙيل وياڪل شاعر،
    هڪڙو ڌنڌلو هڪڙو اُجرو،
    انسانيت جو خواب ڏٺو آ،
    جنهن ۾ هُن ڪجهه هيئن ڏٺو آ،
    ديول، مندر، مسجد، گرجا،
    هڪڙي هنڌ تي جوڙيل آهن،
    هر ماڻهوءَ کي پنهنجو گس آ،
    هر ماڻهوءَ کي پنهنجو وس آ،
    هر ماڻهوءَ ۾ رس ۽ چس آ،
    هر ماڻهوءَ کي هڪڙو من آ،
    هر ماڻهوءَ وٽ پنهنجو ڌن آ،
    جنهن جو نالو خواب نگر آ،
    جنهن جو پاڙو اک پڏر آ.


    اڃان تون نه آئين !

    اڃان تون نه آئين !
    وري ميگهه برسيا ۽ مورن پُڪاريو،
    اسانجي اُداسيل چپن توکي ساريو،
    نماڻين نگاهن گسن ڏي نهاريو،
    مگر مُنهنجا سانول ! اڃان تون نه آئين !
    ڪيا سانگ سانوڻ وري گاھ ڦُٽندا،
    وري مينهن ماما ڀٽن ڀَر ڦِرندا،
    همرچا ۽ مورا ٻنين ۾ پيا ٻُرندا،
    اوهانجي اچڻ سان چريا نيڻ ٺرندا،
    مگر منهنجا سانول ! اڃان تون نه آئين !
    مندن تي ته پنڇي به موٽي ورن ٿا،
    ڪارونجهر تي ڪونجن جا ٽولا لهن ٿا،
    وهيا مُند ساريندي ٿر ڏي اچن ٿا،
    اوهان لئه ته تاڙا تنوارون به ڪن ٿا،
    مگر منهنجا سانول ! اڃان تون نه آئين !
    ڌراڙن جي سينڍن لڳي سار تُنهنجي،
    ڳنوارن تنوارن لڳي سار تنهنجي،
    ٻُڍن توڙي ٻارن لڳي سار تُنهنجي،
    نماڻن نظارن لڳي سار تُنهنجي،
    مگر مُنهنجا سانول ! اڃان تون نه آئين !
    سڄي سيم توکي پُڪاري وري آ،
    هوا گس پيئي ٻهاري وري آ،
    گهٽا ڪانگ ڪارا اُڏاري وري آ،
    “چمن” جي چري دل ٿي ساري وري آ،
    مگر مُنهنجا سانول ! اڃان تون نه آئين !
    8
    بابا جي وڇوڙي تي لکيل


    شاعري سرجي

    شاعري سرجي
    جڏهن ڪنهن گج جو ٽانڪو،
    سنوري ڦٽ ويو بڻجي،
    تڏهن مون شاعري سِرجي،
    جڏهن ڪنهن واٽ ويندل ۾،
    تڪينديون هي رهيون اکڙيون،
    مٿان اڌ رات هُئي ڪڙڪي،
    تڏهن مون شاعري سِرجي.
    جڏهن ڪنهن رت سان ريٽيل،
    سڏيو هو ٻانڌڻي سائين،
    سنڌو اوٿل جيئن دل ڌڙڪي،
    تڏهن مون شاعري سِرجي.
    جڏهن ڪنهن ٻار جي رينگٽ،
    اسان جو هوش جاڳايو،
    پريان پي ماءُ ڪا وِجهڪي،
    تڏهن مون شاعري سِرجي.
    جڏهن ڪنهن سوز جا نوحه
    لکيا ويٺي چري شاعر،
    اُڏيا هُئا سونهن جا پنڇي،
    تڏهن مون شاعري سِرجي.
    جڏهن ڪنهن ڀٽ جي ڀرسان،
    نهاريو پيار سان مونکي،
    ڌٻي هُئي دل جي ڌرتي،
    تڏهن مون شاعري سرجي.


    دل درگاھ

    دل درگاھ
    مُنهنجي من جو اُجڙيل صحرا،
    جنهن ۾ درد ڏڪارن جهڙا،
    هاءِ هميشه ايندا آهن،
    ساٿ نڀائي ويندا آهن،
    ان صحرا جي هڪڙي پاسي،
    باک نما ڪا بستي آهي،
    بستيءَ ۾ ڪا وستي آهي،
    وستيءَ کي ڪا هَستي آهي.
    جنهن جو عشق الستي آهي،
    ان بستيءَ جي هڪڙي ڪُنڊ تي،
    دل نالي سان درگاھ آهي،
    عشق مجاور ان جو آهي،
    پيار خليفو تنهن جو آهي،
    جنهن ۾ خيال ملنگن وانگي،
    روز ڌمالون هڻندا آهن،
    ميريون مست ڀڀوت سان ڀريل،
    سوچن جون ملنگياڻيون ڪيئي،
    ٻاري ڏيئا تمنائن جا،
    باسون باسڻ اينديون آهن،
    لاڀ پرائي وينديون آهن،
    درگاھ جي هڪ ڳالهه جدا آ،
    هِن درگاھ جو پير زنده آ،
    پيار منجهان هو پُوڄارين کي،
    سڏ به ڏي ٿو حال پُڇي ٿو،
    پر درگاھ کان دور رهي ٿو،
    دل درگاھ جا سارا رستا،
    هُن جي روئي راھ ڏسن ٿا،
    پوڄا پاٺ پُڇائون ڪن ٿا،
    عشق اَسر جو روز اُٿي ٿو،
    درگاھ کي هو ٻُهارو ڏي ٿو،
    مُرشد جو ڪو جاپ جپي ٿو،
    ۽ درگاھ کي آٿت ڏي ٿو،
    پنهنجي پر ۾ خوب لُڇي ٿو.
    دل درگاه جا لڙڪ اُگهي ٿو.


    محُبت

    محُبت
    نيٺ ته هڪ ڏينهن وڃڻو پوندو،
    پنڇي وانگي آکيرو هي،
    آخر هڪ ڏينهن ڇڏڻو پوندو،
    پيلي پن جيئن تيز هوا ۾،
    ڀٽڪي ڀٽڪي اُڏڻو پوندو،
    تو ته چيو هو مُنهنجي جانم !
    پنهنجو پيار روحاني آهي.
    پوءِ ڇو؟ پنهنجي ڌار ٿيڻ تي،
    ايڏو وياڪل ٿي وئي آهين !
    مُرڪ چپن جي گُم ڇو آهي،
    ٽهڪ به شايد وسري ويا ٿئي،
    لڙڪن مان سونهن وهنتل آهي،
    وار به اُلجهي وکري ويا ٿئي،
    ججهڪي ججهڪي هينئن چوين ٿي :
    باقي چند ڏهاڙا آهن،
    جن کانپوءِ هميشه لاءِ،
    هڪڙي ويرڻ دُوري ايندي،
    جيڪا پنهنجن جسمن کي بس،
    ڪوهين ڏُور نهوڙي ويندي،
    ۽ پوءِ ٿڌڙا ساھ کڻين ٿي،
    پنهنجيءَ دل جا درد لڻين ٿي،
    تيسين منهنجا چپ چُرن ٿا،
    آءٌ انهيءَ کان اڳ ۾ گڏجي،
    جِيوَن گهارڻ لاءِ ڪوئي،
    ننڍڙي آٿت ۽ ڏڍ ٺاهيون،
    سُک جو سورج نيٺ اُڀرندو،
    ديس به اهڙو نيٺ ته ٺهندو،
    جنهن ۾ محبت کان ٻي هر شيءِ،
    داخل ٿيڻ ئي ممنوع هوندي،
    ڀونئر گڏجي گيت رچيندا،
    پوپٽ مُرڪي آجيان ڏيندا،
    تون ڀي اچجان مان پڻ ايندس،
    ديس انهيءَ ۾ مُنهنجي مٺڙي !
    جنهن ۾ هڪڙو نعرو هوندو،
    محبت زنده آباد ڀٽائي !
    محبت زنده آباد ڀٽائي !


    جواني ڪين ڪڙهي آهي

    جواني ڪين ڪڙهي آهي
    اسي سالن جي جهوني مان،
    نياڻي ڪين اڙي آهي،
    ڪُراڙي عشق جي خاطر،
    جواني ڪين ڪڙهي آهي.
    اُٿي ٿو رات آڌيءَ جو،
    ڪري ٿو ڀيڻ کي ڪاري،
    ڪڏهن هي موت ماڻيندو،
    محبت جو مؤ ماري،
    سنڀاري تن لمحن کي،
    ڪهاڻي هي مڙهي آهي.
    ڦٽا هِن گونچ چاهت جا،
    ڪري ناسي وڏيرو ٿي،
    اُتي ئي نفرتي ٿوهر،
    وري باسي وڏيرو ٿو،
    حياتي زهر ٿي ويئڙي،
    چري دل ڪا سڙي آهي.
    روئن ٿا ٻارڙا ننڍڙا،
    سڏن ٿا ماءُ جيجل کي،
    اسان کي ماني ڳڀڙو ڏي !
    چون ٿا ماءُ جيجل کي،
    اٽو لپ ڪونهي پاٽيءَ ۾،
    تمنا بي وڙي آهي.
    حڪم ٿيو نيٺ هاريءَ کي،
    ويو ويچارو بيگر تي،
    پٺيان جوڻس ويم هاڻي،
    ٿيو بيڪارو بيگر تي،
    ڪنهن مُکڙي جنم ماڻيو آ،
    خوشيءَ مان دل ٽڙي آهي.
    ٻري کان درد جي تيلي،
    اڌورا خواب رک ٿي ويا،
    ملي هُئي باھ بکيا ۾،
    سمورا خواب رک ٿي ويا،
    لکي جو ليک لکجي ويو،
    جلي ڪا جهوپڙي آهي.


    نه ٿيندي عاشقي پوڙهي

    نه ٿيندي عاشقي پوڙهي
    نه ٿينديون محبتون جهونيون،
    نه ٿيندي عاشقي پوڙهي.
    نه ٿيندا خيال ڪلراٺا،
    نه ٿيندي سوچڙي ڪوڙهي.
    نڪورا ٽهڪ مائن جا،
    ٻڌڻ جون کوڙ تمنائون،
    سُريلا چهڪ ٻانهن جا،
    ڏسڻ جون کوڙ تمنائون،
    ڊگهيري سڪ جي موسم،
    وِٿيري ڇڪ جي ڇوڙي،
    نه ٿيندي عاشقي پوڙهي.
    اچانڪ بوند جا قطرا،
    ڳلن جي ديس تان برسيا،
    چري ڪنهن ياد جي شبنم،
    چُميا رُخسار مُرڪن جا،
    بڊي جي بي ڦڙي موسم،
    چري ڪنهن چاڳ جا چرچا،
    سُڳي ۽ سُهاڳ جا چرچا.
    هي منهنجون چاهتون زخمي،
    هي منهنجو ڀاڳ اڻپورو،
    ڪشاديون ڳوٺ جون يادون،
    گهٽي هِن شهر جي سوڙهي،
    نه ٿيندي عاشقي پوڙهي.
    متان تون مامرا سمجهين،
    ڪنڊا هي ٻاٻرا سمجهين،
    انهن جي اوٽ مان پيرا،
    لتاڙي درد آيا ٿئي،
    جيئڻ جي جاڳ جا جيرا،
    سمهاري سور آيا ٿئي،
    اڃاري عشق ۾ پلڪون،
    صفا ٽمٽار ٿي ويون هن،
    سکيءَ جي سار ٿي ويون هن،
    متان ان شڪ ۾ وچڙين،
    سُرهي هن سنڌ جي مائن،
    ڄڻڻ هوشو ڇڏيا آهن،
    ڄڻڻ دولهه ڇڏيا آهن.
    کڻي ڪو اک جي ڪاري،
    اسانجي ڀونءِ ڏي ڏسندو،
    سوين دودا اُٿي پوندا،
    لکين ٻاگهيون اهيو چونديون،
    متان اي سنڌ جا ڪُونڌر !
    مٺا منهنجا پرين ڀائر !
    مرڻ جي خوف کان موٽين !
    اسان لئه لوڪ جا طعنا،
    گُلن جي ويس ۾ اوتين !
    نجومين اڳ ڪٿي ڪئي آ،
    نه ڄمندو ڪو هتي ڪانئر،
    نه ٿيندي ڳالهه هي ڪوڙي،
    نه ٿيندي عاشقي پوڙهي.


    ها جانان!

    ها جانان!
    جنهن ويل جواني ۽ جذبا،
    جنهن ويل نگاهون ۽ ناتا،
    آزاد اُڏارون ڳائيندا،
    مدهوش سُرن کي ڇيڙيندا،
    هر ريت نرالي ٿي ويندي،
    هر ڍونگ ٽُٽي نابود ٿيندو،
    هر گيت بهارون ٿي ايندو،
    تنهن ويل تنهاين جي رڃ ۾،
    مان روشن ڏيئي جيئن جرڪي،
    ڪن اونداهين کي مات ڪندس،
    ۽ ماڳ وري موٽي ايندس،
    جنهن ويل پکيئڙن جا ٽولا،
    بي خوف فضا ۾ اُڏندا پيا،
    جنهن ويل اسر جي آهٽ تي،
    ڪي ناريون ڪانڌ پڪاريندي،
    ڪانگن کي لولا پيون ڏينديون،
    جنهن ويل پرھ جا پاڇولا،
    اهڃاڻ اڪيرن جا ٿيندا،
    جنهن ويل صبح جي سرد هوا،
    مايوس ادائن جي مُک تي،
    مُرڪن جا ٽانڪا ٽانڪيندي،
    ان ويل ڏکڻ جي ڏور ڏسا،
    هڪ شوخي شعر نچائيندي،
    ڪو ٽهڪ مسيحا پيو ڏيندو،
    اڻ تڻ ۾ پاڻ وڻائيندو،
    سو وقت مناسب جاچيندي،
    مان پنهنجو پنڌ کٽائيندس،
    تون در جي چائنٺ تي هوندين،
    مان تُنهنجي لاءِ دنيا جا،
    ڪُل پيار ڀريا ۽ دل گهريا،
    ها ! لمحا قيد ڪرائيندس،
    ها جانان ! مان موٽي ايندس،
    ها جانان ! مان موٽي ايندس.


    عورتن جي تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ عظيم ڪردار مئڊم ڪملا پونم جي نانءَ

    جهالپڻي جي اونداهيءَ مان
    سوجهاڪي جو سورج اڀريو
    ميون واري شهر ٽنڊي ۾
    سج علم جون شاخون کوڙيون
    وقت مسافر واڳون موڙيون
    جنهن کي هاڻ مٺيءَ جا ماڻهو
    مئڊم ڪملا چوندا آهن
    تاريخن جي جهوني بت جا
    چپ کي چيري چپ چرن ٿا
    تون ئي پرمل تون ئي ٻاگهل
    تون ئي بختو آسو ڪملا
    ڪارونجهر جيئن تنهنجا جذبا
    اڄ ڀي پختا اڄ ڀي ارڏا
    تنهنجي سوچ سنڌو جون ڇوليون
    جن ۾ سچ امن ۽ مرڪون
    ۽ ها پيار لڏن ٿا لوڏون
    ساروڻين جا خيال لڇن ٿا
    ماضيءَ جا احوال اڏن ٿا
    تنهنجو جِيوَن جوتون آپا !
    جنهن ۾ سچ جا نينهن نياپا
    جهالت جو راڪاس رڙهيو پي
    هرڪو پنهنجي سور سڙيو پي
    اونداهه جي ان دور انڌي ۾
    لاٽ علم جي ٻاري تو هئي
    پنهنجي ننڊ پڙهائڻ خاطر
    اوڄاڳن تان واري تو هئي
    مٺي دور انهيءَ کي ساري
    توکي ڏاڍو ياد ڪري ٿي
    دل سان توکي داد به ڏي ٿي
    ڪاري دور انهيءَ ۾ ماتا
    ڌيءُ پڙهائڻ عيب سڏيو ويو
    خوب تنين لئه جاکوڙيو تو
    کوڙ نياڻيون تو سان گڏجي
    اسڪولن ڏي ڊوڙي نڪتيون
    ۽ ها ! پوءِ راڄ پڙهي پيا
    ڪوڙهيا ماڻهو ڪوڙه ڪڙهي ويا
    تنهنجي محنت رنگ رچايا
    سچ جا سونا سنگ پچايا
    ڪن ۾ جوت جيئڻ جي جاڳي
    ڪن جا سپنا ساڀيائون ٿيا
    سارا سي اڄ ماڻهو ميڊم !
    تنهنجي ساراه ساراهن ٿا
    اڄ پڻ کوڙ دعائون تن جون
    سانجهيءَ ٽاڻي تو لاءِ نڪرن
    شال جڳا جڳ جيجل جين تون_!
    شال جڳا جڳ جيجل جين تون_!


    روپلو ڪولهي

    روپلو ڪولهي

    وسي پيو هيل آهي ٿر
    مگر تون ننڊ ۾ آهين _!
    اڙي او روپلا ڪولهي!
    جڏهن ڀي گوڙ گرجي ٿي
    لڳي ٿو ٽهڪ تون پيو ڏين
    جڏهن ڀي وڄ ڪڙڪي ٿي
    لڳي ٿو ايئن سنڌ ڄاوا_!
    تنهنجي تلوار تيزيءَ سان
    پليتن کي وڍي ٿي پئي.
    مڃون ٿا هيل سانوڻ ۾
    بدن ٿر جو ڀنو آهي
    مگر تو رت پنهنجي سان
    ڏنو جو ريج ريٽن کي
    انهيءَ مان عشق اوڀڙ ٿي
    ڦُٽي پيو ٿو ڦٽي پيو ٿو
    تنهنجي تان تات ۾ روپا!
    نديءَ جيئن نير وهائيندي
    ڏکن جا ڏينهن ڪاٽيندي
    وساڻيل آهي ڪارونجهر
    اداسيل آهي انچلاسر
    مگر تون مند مٺڙيءَ ۾
    الاهي ڇو رُٺل آهين؟
    لڳي ٿو جهوڪ واري جي
    ڪچهريءَ ۾ رُڌل آهين_.
    ڀٽائي پُٺ تنهنجيءَ تي
    ڏئي پيو داد دلڙيءَ سان
    ادي ٻاگهل چُنيءَ سان ڏس
    پگهر تنهنجو سڪائي پئي
    ڀريندي پنهنجي ڀاڪر ۾
    نرڙ دودو چُمي ٿو پيو
    هيڏانهن هي سنڌ ساري ڏس
    تنهنجي لاءِ لُڇي ٿي پئي
    ڄميل هر ٻار ننڍڙي کان
    تنهنجو روپا ! پُڇي ٿي پئي
    اُٿي تون اونگهه مان هاڻي
    ننگر جا لاڏلا نينگر!
    ننگر جا دادلا دلبر !


    ڪارونجهر جي ڪٺل ڪولهين جي ڪٿا

    رڻ جا راهي روپا ڪولهي !
    جنهن لا وڙهندي ماريو وئين تون
    تاريخن ۾ ساريو وئين تون
    ان ئي ڪارونجهر جي ڀر ۾
    ڪولهين سان ٿيو قهر وڏو آ
    ڏک جو ٿي ويو پهر وڏو آ
    جن هو ڪارونجهر کي پوڄيو
    تن جا ماٺا نيڻ پڇن ٿا؟
    ڪهڙو پاپ اسانکان ٿيو جو
    ايڏو جلدي ماريا وياسين
    جِيوَن جي هن آلي اک مان
    ڳوڙها بڻجي هاريا وياسين
    ڀٽياڻيءَ جي ڀر ۾ بيٺل
    هڪڙو ٿوهر سڏڪي پئي ٿو
    سانگاه ڍنڍ ڏي ايندڙ آڙيون
    پنهنجا آلا نيڻ اگهن ٿيون
    ڪونجيون اڀ ڏي ڏور ڏسن ٿيون
    پنهنجي پر ۾ نيري ڇت جي
    مالڪ کان هڪ سوال پڇن ٿيون؟
    داتا ! تنهنجي معصومن سان
    هيڏا هاڃا ڪير ڪري پيو_؟
    مندر تنها ويڳاڻو آ
    ڪنڊ ۾ هڪڙو ديپ ٻري پيو
    ايشور آهي پنهنجي ڌن ۾
    پر هي ڏيئو سوال ڪري ٿو
    او ان داتا ! او ڌن داتا!
    لوڪ ستو هو تو ته ڏٺو پي؟
    پر سي پاپي مرڪن ويٺا
    جن آ ڪجلاسر جي روح ۾
    ناحق سان ناسور بڻايو
    انچلاسر جي آثارن کي
    پل ۾ چڪناچور بڻايو
    *"سامي ويري" ماٺي ڇو آ؟
    کوسي جو من سوال ڪري ٿو
    گگهلڻ ڀر ۾ ويٺل هڪڙي
    ڪولهيءَ جو روح جام روئي ٿو
    اڀ ڏي هن جا نيڻ اڏن ٿا
    مالڪ کان ڪو سوال پڇن ٿا
    هرڪو ماڻهو مانيءَ خاطر
    هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪي پيو ٿو
    ڪنهنکي ورلي قياس اچي ٿو
    جيڪو تنها روئندڙ وياڪل
    لڇندڙ من کي آتٿ ڏي ٿو
    ”توکي مالڪ ڪونه ڇڏيندو
    پاپين جو پڻ وارو ايندو”
    ڌرتي تن جا لاش ٿڏيندي
    جن هي ناحق خون وهايو
    تن کي مٽي ماتا پنهنجي
    ڪک ۾ ڪائي جاءِ نه ڏيندي
    ڪک ۾ ڪائي جاءِ نه ڏيندي.
    **
    * مسڪين جان خان کوسي جو ڳوٺ.


    ڏياريءَ رو ڏيئو ڏٺو

    سال پڄاڻا ساروڻين جا،
    ٽلندي ٽولا ماڳن موٽيا،
    ڪي من مُرڪيا ڪي من سڏڪيا،
    دلڙيون ڌڙڪيون جذبا ڦٿڪيا،
    پيغامن جي پيهه پڳي هئي،
    هڪڙو جملو ورجايل هو،
    ڏيئن واري عيد مبارڪ_!
    منهنجي من جي ڄار منجهان را،
    احساسن جا ڳيرا اُڏريا،
    ڪهڙي هيل ڏياري ٿيندي؟
    ڇا لاءِ هيل ڏياري ايندي؟
    نيڻ ڀنا هئا ماضيءَ ساري،
    خوب رُنا هئا ماضيءَ ساري،
    ڳوٺ انهيءَ کان ڏور ٿياسين،
    جنهن ۾ ٻاروتڻ ۽ جوڀن،
    مرڪن سان گڏ ماڻيو هوسين،
    هاءِ ! نبيسر ڪيئن وساريون؟
    دلبر منظر ڪيئن وساريون،
    هڪڙو درد اُماڙي بڻجي،
    سارا سپنا خاڪ ڪري ويو،
    مُرڪن جا بند تاڪ ڪري ويو،
    درد انهيءَ جي گهري وڍ تي،
    مت جي موڙهن سوچيو ناهي،
    ڇو ته انهن ڪجهه ڀوڳيو ناهي،
    لولين سان هڪ سور سمهاريم،
    تيسين چيخ ڪنن سان ڪڙڪي،
    ڪنريءَ ۾ ڪو قهر ٿيو هو،
    جِيوَن بڻجي زهر ويو هو،
    شاعر ڏيئا ٻاريندين تون؟
    حولي جي لڄ سوال ڪيو هو،
    رت جي راند وساريندين تون،
    ليلان جو رت سڏڪي پيو هو،
    پنهنجي پر ۾ ڀڻڪي ويٺس،
    جيسين ڏانٽا معصومن جا،
    ڪڻڪن وانگي ڪنڌ ڪٽيندا،
    جيسين پاليل لوسي ڪُتا،
    ڪنهنجو انگ ۽ ننگ تڪيندا،
    تيسين ديپ نه ٻاريو ويندو،
    هوليءَ تي پڻ هيج منجهان را،
    ڪنهن تي رنگ نه هاريو ويندو،
    پر ها ! ديپ تڏهن ئي ٻرندا،
    جليل جيءَ تڏهن ئي ٺرندا،
    جنهن پل مُنهنجي جيجل سنڌ مان،
    ڪانئر ڏور ڀڄايا ويندا،
    شاھ، سچل ۽ ساميءَ جا ها،
    واڪا ئي ورجايا ويندا،
    پنڇي ورندي آکيرن ڏي،
    ڪونه ڪڏهن ڀي ماريا ويندا،
    اکڙيون ڳوڙها ڪونه ڄڻينديون،
    ڪونه جوانيون قيدي ٿينديون،
    ڪونه وڇوڙا ويري ايندا،
    گهوٽن کي نه گهايو ويندو،
    گهونگهٽ مرڪون آڇيندا پيا،
    مائون پنهنجن موڀين جي لا،
    مڻين وارا موڙ ڀرينديون،
    وقت انهيءَ ۾ دير نه آهي،
    نيٺ ته سچ جو سورج اڳندو،
    پوءِ پرين تون مون وٽ اچجان،
    گڏجي ٽهڪ اُڏارينداسون،
    ديپ امن جا ٻارينداسون،
    خوف ڦٽاڪا ڦاڙينداسون،
    ٻاروتڻ کي ساري سانول_!
    لفظ اُهي ورجائينداسون،
    ”ڏياري رو ڏيئو ڏٺو_
    ننڍو وڏو چڀڙ مٺو“


    بشير خان قريشي جي وڇوڙي تي لکيل

    بشير خان قريشي جي وڇوڙي تي لکيل

    هڪ ماڻهو مئو ناهي_
    هڪ دور مري ويو آ.
    هُو سنڌ تي سوچڻ لاءِ:
    سَيد ڏانهن لَڙي ويو آ_.
    هُن جوان دليون کيڙي
    هئا خواب نوان پوکيا.
    هُن سنڌڙي ماتا لاءِ
    هئا باب نوان پوکيا.
    هُن مائن جي مُک تي-:
    مُرڪون ٿي ڏسڻ چاهيون
    ڀيڻن جي چَپن مان پُڻ:
    مينڍُون ٿي ٻُڌڻ چاهيون.
    جهيڙَن کي نبيريو هُن!
    ايلازَن منٿن سان.
    ۽ پيار ورهايو هُن..!
    هو مُرڪن ٽهڪن سان.
    هُو زَخمي سنڌوءَ جي
    زَخمن لئه مرهم جين هو
    هُو اُجڙيل آسن لاءَ:
    آسيس ڪرم جين هو.
    هُو مَرد قَلندَر هو.
    محبَت جو مَندرَ هو.
    هيڻن ۽ يَتيمن لئه:
    هُو!ڏَڍ جو ڏُونگر هو.
    هُو ٿڃ ملهائڻ لئه_:
    ۽ قرض چُڪائڻ لئه.
    هن سنڌڙي ماتا جا_
    سَڀ سُورَ سُڻائڻ لئه.
    اڄ ڏُور ڏسائن ۾
    دودي ڏانهن لَڙي ويو آ
    ها!هوشو هيمون ۽:
    رَتَ ڏيئي اَمرَ ٿيندڙ
    هر سنڌڙي جي سورهيه:
    جوڌي ڏانهن لڙي ويو آ.


    اسانجو عشق جوڳيئڙو

    اسانجو عشق جوڳيئڙو
    وڄن ٿيون سونهن جون مُرليون
    نچي ٿو عشق نانگڻ جيئن
    هڻن ٿا نيڻ ڪي جُهمريون
    وجهن ٿا ويڻ ڪي ٺُمريون
    کڄن ٿا درد جا خيما
    کُچن ٿا نينهن جا نيزا
    جُڳن کان جوڳ جاپيندڙ
    وٽي ۾ پيار پاليندڙ
    اسين هون پاڻ جوڳيسر
    اسانجو عشق جوڳيئڙو
    اسان دل جي هڙوٽي ۾
    وجهون ٿا سار جي بکيا
    رُلون ٿا راڄ رُوحن جا
    چڙهن ٿيون چاهتون چکيا
    اسان جي ها نگاهن کي
    پريتم ياد ايندو آ
    مگر ڪورين ادائن کي
    سمورو جڳ نديندو آ
    اسانجا نيڻ اوڄاڳيل
    اسانجا پيار اوڄاڳيل
    اسين هون پاڻ جوڳيسر
    اسانجو عشق جوڳيئڙو
    اسانجا پير زخمي ٿيا
    تڪيندي تڙپ جون تاڪيون
    نماڻا نيڻ برسي پيا
    سدا هن سين جي سُر کي
    زماني جام ٽوڪيو آ
    اسانکي پيار کان هر هر
    عقيدي جام روڪيو آ
    گلي ۾ گودڙي گيڙو
    نرڙ تي ٽي ڦنگو ٽيڙو
    اسين هون پاڻ جوڳيسر
    اسانجو عشق جوڳيئڙو _!


    وساري روح ٽيشڻ تي

    وساري روح ٽيشڻ تي
    مسافر موڪلايو هو
    وڳي هئي سينڍ جيئن سيٽي
    ٽُٽا هئا بند نيڻن جا
    ٽميا هئا درد جا ڳوڙها
    لڏيا هئا هٿ کڙڪيءَ مان
    مگر هر سوچ سانکوري،
    رڙهي سا ريل گاڏي هئي
    انهي ئي ريل گاڏيءَ جي
    صفا بس آخري سِٽ تي
    بُکن ۾ پاه ڪاٽيندي
    ڏُکن جا گادلا اوڍي
    ستل هو جهور جهونو ڪو
    پريان ٻي سيٽ تي ويٺل
    نئون پرڻيل ڪو جوڙو هو
    هٿن تي پور مينديءَ جا
    چپن تي مور مرڪن جا
    دريءَ مان دُور جاچيندي
    اُنهن کان ٽهڪ نڪري ويا
    تڏهن هُو جاڳ جهاڳڻ لاءِ
    اُٿي پيو اونگه مان پوڙهو
    وڌائي هٿ جوڙي ڏانهن
    ڪيائين سوال مانيءَ لاءِ
    ٻڌي آلاپ پوڙهي جا
    پُسي پيا نيڻ وينگس جا
    اچي ويس ياد بابل جي
    ڀري ڏچڪا رني ڏاڍي
    سندس ور ڳوٿري کولي
    ڪڍي هُئي لپ ڀڳڙن جي
    ڪراڙي جي اکين ۾ پڻ
    جيئڻ جي آس جاڳي هُئي
    سمورا سور وسري ويس
    سمورا درد نبري ويس.
    تڪڙ ۾ جيئن اٿيو پوڙهو
    اچي ويس اوچتو ٿاٻو
    سڀئي چارا جياپي جا
    لمحي ۾ مات کائي ويا
    کڻي ڪا آس مانيءَ جي
    حياتي موڪلائي وئي
    بنا ڪنهن روڪ جي گاڏي
    هلي وئي ڏُور منزل ڏي_
    هلي وئي ڏُور منزل ڏي_!


    مان ته ڀنگڻ جي ٻهاري وانگيان

    تون ته اُڻين ٿو ڪپڙا ڪوري
    مان ٿو ٽانڪيان ٽونئر اکين ۾
    تون ته ڳنڍين ٿو جُوتا موچي
    چتيون ڏيان ٿو مان دلڙين کي
    تون ٿو جوڙين گهرڙا رازا
    سپنن جا مان محل اڏيان ٿو
    چوڙيون ٿو تون چوڙگر ٺاهين
    مان ٻانهن جا درد لکان ٿو
    تون ته ڇڊين ٿي کارڪ گوري
    مان ته لکان ٿو شعر چُنين تي
    تون ته ڪڙين ٿي هُرمچ گج تي
    مان ته پڙن جي سونهن جو قيدي
    تون ته ڪرين ٿي ناز اکين تي
    مان ته چڙن جا چاڳ کڻان ٿو
    تون ته چونڊين ٿي گُلڙا مالهڻ
    پوپٽ کي مان آتٿ ڏيان ٿو
    هيل کڻين تون خوب کلين ٿي
    مان ته گهڙن جا گهاءَ پڙهان ٿو
    تون ٿو مارين مور شڪاري
    هرڻين جا مان لُڙڪ اگهان ٿو
    واڍا! لڱ وڍين ٿو وڻ جا
    مان ته پکين سان پار ڪڍان ٿو
    تون ته مٽيءَ کي ماري ڪُنڀر
    روز دلا ۽ ڪونڊيون ٺاهين
    مان ته مٽيءَ کي سُونگهي سُونگهي
    ساهُن ۾ سُرهاڻ ڀريان ٿو
    تون ته بکايل ڌرتي ماءُ کي
    ان ٿو ارپين مٺڙا هاري
    مان به اُنهي ئي ڌرتي ماءُ جي
    پيٽ بکايل خوب اڃايل
    معصومن جي مرڪ ٿيان ٿو
    تن لاءِ ننڍڙا گيت رچيان ٿو
    تون ٿو وارين وڳ اُٺن جا
    منهنجا پيارا اوٺاري او
    تون ٿو ڌڻ ڍڳين جا چارين
    لُنڊين جا ٿو راڄ لتاڙين
    مان ٿو ڄاڻان پيرن جا پنڌ
    مان ڀي توسان عشق ڪيان ٿو
    تنهنجي لڦڙين تي او راڻل
    تنهائيءَ ۾ لاڏا ڳايان
    ۽ او سائين سُهڻا سُٿرا
    تنهنجو جِيوَن اُجرو سُجرو
    مان ته ڀنگڻ جي ٻهاري وانگيان
    جي تون ڪچرو روز ڪندين پيو
    مان پُڻ تنهنکي ٻُهاريندس پيو
    مان پُڻ تنهنکي ٻُهاريندس پيو _.


    تو تي اڪساچ شئمپين جو واسو هيو!

    روح رڻ جي مٿان رات بادل وَٺا.
    دل جي ڌرتي ڀني درد ٿوهر ڦُٽا_!
    منهجي دانهُن جي پيرن ۾ سنگهرون لڳل:
    منهنجي ڪُوڪن ۾ ڪوڪا ۽ ڪليون کتل_.
    منهنجي سوچن تي طعنن جا تالا هنيل.
    منهنجي خيالن ۾ نيئر ۽ پئنڌون ٻڌل_!
    منهنجي مُرڪن کي باندي بڻايو ويو.
    منهنجي ٽهڪن کي ٽانڊن تي ساڙيو ويو_!
    تنهنجي گُلڙن هٿان ڪالهه گهايو ويس!
    مون ته مالهي ٿيئڻ جا هئا سپنا ڏٺا
    روح رڻ جي مٿان رات بادل وَٺا
    دل جي ڌرتي ڀني درد ٿوهر ڦُٽا_.
    تو نه ڳيرن جون ڳالهيون ٻڌيون هن ڪٿي؟
    تو نه ڪونجين جي تڙپڻ کي محسوس ڪيو_!
    رات راڻي وراڻيون ٿي ڪنهن لئه وجهي؟
    توکي آرن جي پارن جو ڪهڙو پتو!؟
    پوپٽن جون اکيون خواب ڪهڙا ڏسن؟
    ڀونئرن جا بدن ناچ ڇالئه ٿا ڪن!
    ۽ ڀنڀوريون هوائن ۾ ڇو ٿيون رُلن!؟
    تو کي جڳنو جي پچرڻ جو ڪهڙو پتو!
    پَن لوڏي پپر ڪنهن جي آجيان ٿا ڪن!؟
    تو کي لامَن جي لڙڪڻ جو ڪهڙو پتو؟
    تو ته بَنگلن ۾ مورن کي قيدي ڪيو_
    مون ته ڊيلن جا ڳوڙها هئا رُئندي اُگهيا.
    روحَ رڻ جي مٿان رات بادل وَٺا
    دل جي ڌرتي ڀني درد ٿوهر ڦُٽا
    تو خوابن کي ٽانڊن تي سيڪڻ گُهريو.
    تو وفائن جي جسمن جون ڇاتيون پٽيون
    تو دغائن جي ٽهڪن کي ڀانڪر ڀريو
    تو ادائن جي وينگس جو گونگهٽ گُهٽيو
    تو نگاهن جي اُرهن کي ڦاڙي ڦٽيو
    تنهنجي ڳالهين مان رت ڇاڻ ڇڻندي وتي
    تو مان انڌڪار ايمان وٺندي وتي
    تون ذلالت جي بُت مان بڻايل مرون_
    تو ن ڪميڻپ جي ٺاه ٺوه مان ٺاهيل مرون_
    تو کي لعنت بُجا وقت ڏيندو رهيو
    تو تي اڪساچ شئمپين جو واسو هيو!
    مون تي جيجل جي ٿَڃ جا هئا گهرا نَشا_.
    روح رڻ جي مٿان رات بادل وَٺا
    دل جي ڌرتي ڀني درد ٿوهر ڦُٽا_.


    لکان ڇا لوڪ آکاڻي

    لکان ڇا لوڪ آکاڻي
    بکايل ديس منهنجي جي
    اڃايل ديس منهنجي جي
    چون ٿا هن مهيني ۾
    ڏياري جا ڏيئا ٻرندا
    سمورا خواب رک ٿيندا
    چوي مايوس ٿي دلڙيي
    ڪويتا ڪا لکي وٺجي
    لکڻ جي لاڏ کان پهرين
    اياڻو من سوچي ٿو
    نڪين ڪنهن رام تي لکبو
    نه ئي بنواس تي لکبو
    مگر هر من موڳي جي
    اڌوري آس تي لکبو
    ڪُٺل هر گهوٽ تي لکبو
    ڦٽل هر ڀاڳ تي لکبو
    ڇنل هر موڙ تي لکبو
    ٽُٽل هر سهاڳ تي لکبو
    ذهن جي زور تي هاڻي
    هلون ٿا کيکڙي سهاري
    ڀٽن جي پار ڏي جانم !
    جتي جي جهوپڙين جنميو
    صدورو روپلو ڪولهي
    انهن جو حال ڪهڙو آ
    اُهي ڪيئن ديپ ٻاريندا
    جنين جا پير اڀراڻا
    اهي ڪيئن ديپ ٻاريندا
    جنين جا ويس ميل هاڻا
    جنين جا پير اڀراڻا
    اهي ڪيئن ديپ ٻاريندا
    جنين جا ويس ميل هاڻا
    اهي ڪيئن ديپ ٻاريندا
    مڃون ٿا ديپ ٻارڻ لئي
    کپي ٿو تيل ۽ ڏيئو
    مگر هي هانوءُ پاڻي لئي
    اڃان تائين اڃارو آ
    ڪٿان سو تيل آڻيندو؟
    ڪٿان سو ديپ ٻاريندو؟
    چوي دل ٿي ڏيئو ٻاريان
    مگر هي راز روڪي ٿو
    اندر ۾ درد اوتي ٿو
    خوشين کي خوب ٽوڪي ٿو
    ورهين کان ويڙه جاري آ
    پنهنجن معصوم ٻچڙن لئي
    پره کان پاڪ پٽڙن لئي
    سهي ٿو لانگ بوٽن جا
    رڳو ٺيلها رڳو ڏنڊا
    مگر هُن ڀيل منو جا
    ارادا ڪونه ٿيا منڊا
    وري ٻيو ورق واريندي
    ڏسون تصوير ٿا ڪهڙي؟
    اُها آ وارتا هئڙي
    جهڏي جي چونڪ تي بيهي
    وڏي واڪي کپائڻ لئي
    ٻچن جا اگهه لڳائڻ لئي
    ڪري آلاپ پيو ڪوئي
    ڪري ورلاپ پيو ڪوئي
    ستارا سوڳ ۾ آهن
    هوائون سانت ۾ آهن
    مٿان آ بوند بازي ٿي
    اهيا برسات ناهي ڙي!
    چريا دلڙي متان لاهين
    وري ها ڏيئڙا ٻرندا
    ڪڏهن هت ڏيئڙا ٻرندا؟
    تڏهن هت ڏيئڙا ٻرندا
    جڏهن هن ڀون منهنجي ۾
    ڀٽائي شوق سان سڻبو
    رڳو راڻو رڳو مورو
    رڳو نڙ بيت پيو ٻڌبو
    ڪچي ۽ لاڙ جا مارو
    جمالا خوب ڳائيندا
    اباڻا مارئي جا ڀي
    همرچا خوب ڳائيندا
    تڏهن هن ديس منهنجي ۾
    وفا جي وٽ جي سهاري
    امن جا ڏيئڙا ٻرندا
    اڪنڊ جا ڏيئڙا ٻرندا


    ٿر ڊيم

    مارئي جا ديس واسيو
    ڇالئي ستا پيا آهيو
    آن جي ننگن ڏي ڪنهنجون
    پاپي اکيون تڪن پيون
    آن جون ٻنيون ۽ سيمون
    آن جي هٿان وڃن پيون
    سازش آ سامراجي
    جنهن سان لُٽيا وڃو پيا
    ۽ ماٺ هي اوهان جي
    واسينگ جين اوهان کي
    ان ڏينهن ڏنگ هڻندي
    جنهن ڏينهن ڪرين
    crane آن جو
    لوڙهو پٽي ڇڏيندي
    ان ڏينهن دانهن ڪنهنکي
    منهنجا ادا تون ڏيندين
    هن ديس کي دلالن
    وڪڻڻ اڳي به چاهيو
    پر ڙي او ڀاءُ منهنجا
    نُهٽي جي هڪ نياڻي
    بُختو کي ياد ڪر تون
    هڪڙو سلام ڪر تون
    ان جي اٽل ارادي
    ڌارين کي دور هڪليو
    منهنجا ادا ٻڌي ڇڏ
    منهنجا مٺا ٻڌي ڇڏ
    سندرو نه جي ٻڌو پان
    پنهنجو هي ديس ٿرڙو
    پنهنجي هٿن مان ويندو
    چمڙا فروش ڪانئر
    پنهنجي وڏن جا هڏڙا
    کوٽي ڪڍي ڇڏيندا
    پنهنجين ونين جون ڇاتيون
    رت جا ڦڙا ٽمينديون
    پنهنجيون اديون الاڙي!
    ڇا ڇا نه ڀاءُ سهنديون
    ماٺو نه ٿي او ٿريا
    توکي قسم امان جو
    تنهنجو هي ديس تولئي
    جيئڻ جي جاڳ آهي
    تنهنجو هي ديس تنهنجي
    ٻچڙن جو ڀاڳ آهي


    چوسٽا

    وري رات آئي کڻي سار تنهنجي،

    وري رات آئي کڻي سار تنهنجي،
    ستارا به سُڏڪيا، ڏسي حال منهنجو.
    سنهين چيلهه ڪائي، ڪڏهن يار ! ڇُهندي ؟
    ڏسون ير ! ڪڏهن ٿو ٿئي ڀال پنهنجو ؟


    جڏهن نيڻ پنهنجا سُڏڪيا پئي،

    جڏهن نيڻ پنهنجا سُڏڪيا پئي،
    تڏهن ير الاءِ ڇو هو مُرڪيا پئي!
    ڀنل نيڻ منهنجا ڏسي بزم ۾:
    الاءِ ڇو ۽ ڇا لاءِ ڀُڻڪيا پئي !؟


    وڇوڙا وساري، سُتاسين وري،

    وڇوڙا وساري، سُتاسين وري،
    سندا سُور ساري، ستاسين وري،
    چمن چتّ پنهنجيءَ ۾ پائي ليئا،
    ڪيل قول پاري، ستاسين وري.



    سڏڪا سڏڪا ٿي پئي ڏات،
    اکرن ۾ ، احساس لُڇيو پئي.
    ڏونگر پويان سج لٿو پئي،
    ڪنهن کي ساري، ڪو تڙپيو پئي


    مندر مسجد سڀڪو ويندو،

    مندر مسجد سڀڪو ويندو،
    ڪنهن جي من ۾، پر ڪو ويندو.
    جيڪو داتا دل ۾ آهي،
    تنهن ڏي ڀلجي ڪو ڪو ويندو.


    ڪلهه سج لٿو هو جيئن، تيئن اڄ به لهي ويندو،

    ڪلهه سج لٿو هو جيئن، تيئن اڄ به لهي ويندو،
    جي ياد ڪندين ڍوليا، ڪجهه درد لهي ويندو_.
    مُرڪن جي وڇوٽين کي، ايڏو نه وڌا سانول !
    جوڀن جو مٺا جلدي، بس چنڊ لهي ويندو.


    هڪ چنڊ مٿي اُڀ تي

    هڪ چنڊ مٿي اُڀ تي
    ٻيو چنڊ آ ٻانهُن ۾
    مون پيار ڏٺو آهي
    جنهن جي ته نگاهن ۾


    بيڪ پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 533
    ڪتابن جو مشاهدو: 550702
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 212765
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ