ڪتاب جو نالو: اڌ ماڻهو سڄو سچ
مصنف: مشتاق سعيد
ڇپائيندڙ: روپا پبليڪيشن- سجاول
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 26 آڪٽوبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 475 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 197 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”اڌ ماڻهو سڄو سچ“ نامياري شاعر ۽ ليکڪ مشتاق سعيد جو لکيل ناول آهي. اياز امر شيخ لکي ٿو:
”هن وقت سنڌ ۾ هتي ناول لاءِ چيو وڃي ٿو ته ناول پنهنجي معيار کان موٽ کائي چُڪو آهي، پر اڄ آئون جڏهن هي مشتاق سعيد جو ناول اڌ ماڻهو سڄو سچ پڙهڻ ويٺس ته منهنجي سوچ ۽ حيرت ۾ هڪ نئين اُٿل پٿل جاڳڻ لڳي، ۽ آئون پائلو ڪوھلو کان ٿيندو اوريانافلاسي جي ڪردارن جا قصا ماپڻ لڳس ۽ اهو احساس ساهه ۾ ويساهه جيئان ويهي رهيو ته سنڌ ڪڏهن به ڪنهن به صنف ۾ سُنڍ ناهي ٿيئڻي.
مشتاق سعيد جي ناول ’اڌ ماڻهو سڄو سچ‘ جا موضوع ۽ ڊائلاگ ايڏا ته معنيٰ خيز آهن جن مان وقت کي هڪ وڏي لاڀ حاصل ٿيڻي آهي. ۽ هي ناول سنڌي ادب ۾ پنهنجو الڳ مقام ۽ پنهنجي الڳ حيثيت سان ضرور سُڃاتو ويندو،“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ليکڪ پاران : مون ۾ آهين تون
  • پبلشر پاران
  • ڪتاب مان چونڊ
  • ناول

  • [1]
  • [2]
  • [3]
  • [4]
  • [5]
  • [6]
  • [7]
  • زندگي
  • ڊپ
  • موت
  • فطرت
  • خيال
  • [8]
  • بئڪ ٽائيٽل

  • ڪتاب بابت

    ڪتاب جو نالو: اڌ ماڻهو سڄو سچ
    ليکڪ: مشتاق سعيد
    ڇاپو پهريون: جون2017ع
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: مور ساگر / جهانزيب علي جوڻيجو
    ڪمپوزنگ: سارنگ چانڊيو
    ڇپائيندڙ: روپا پبليڪيشن - سجاول
    ڇپيندڙ: ساحل پرنٽر اينڊ پبليشر حيدرآباد 03332634650
    قيمت: -/200 روپيا
    ڊجيٽل ايڊيشن: 2017ع، سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    ارپيان ٿو سوهم جي نالي
    جنهن منهنجي جيءَ مان جوت وٺي
    هن ٻاٻيهن جي ديس ۾ اک کولي آهي
    ۽ اميد ته
    هو ڪوئلن جي سُرن جو ورلاپ ٿيندو...!


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اڌ ماڻهو سڄو سچ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب نامياري شاعر ۽ ليکڪ مشتاق سعيد جو لکيل ناول آهي. اياز امر شيخ لکي ٿو:
    ”هن وقت سنڌ ۾ هتي ناول لاءِ چيو وڃي ٿو ته ناول پنهنجي معيار کان موٽ کائي چُڪو آهي، پر اڄ آئون جڏهن هي مشتاق سعيد جو ناول اڌ ماڻهو سڄو سچ پڙهڻ ويٺس ته منهنجي سوچ ۽ حيرت ۾ هڪ نئين اُٿل پٿل جاڳڻ لڳي، ۽ آئون پائلو ڪوھلو کان ٿيندو اوريانافلاسي جي ڪردارن جا قصا ماپڻ لڳس ۽ اهو احساس ساهه ۾ ويساهه جيئان ويهي رهيو ته سنڌ ڪڏهن به ڪنهن به صنف ۾ سُنڍ ناهي ٿيئڻي.
    مشتاق سعيد جي ناول ’اڌ ماڻهو سڄو سچ‘ جا موضوع ۽ ڊائلاگ ايڏا ته معنيٰ خيز آهن جن مان وقت کي هڪ وڏي لاڀ حاصل ٿيڻي آهي. ۽ هي ناول سنڌي ادب ۾ پنهنجو الڳ مقام ۽ پنهنجي الڳ حيثيت سان ضرور سُڃاتو ويندو،“
    هي ڪتاب روپا پبليڪيشن، سجاول پاران 2017ع ۾ ساحل پرنٽرز اينڊ پبلشرز حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو. لک ٿورا پياري مور ساگر جوڻيجي جا جنهن هن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي. مهربانيون پياري مشتاق سعيد جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ليکڪ پاران : مون ۾ آهين تون

    پنج هزار سالن جي طويل عرصي کان پوءِ آئون نيٺ واپس موٽي موهن جي دڙي تي آيس ته موهن جو دڙو حيران ٿي ويو، دڙي مان لڌل ناچڻي جي مجسمي ۾ ساھ پئجي ويو، دڙي مان لڌل ڏاڙهي واري ماڻهو جي مورتيءَ جون اکيون ڦاٽي ويون، ناچڻي جي منهن تي هڪ معصوم مرڪ تري آئي پر مون ڏٺو ته هن مرڪ ۾ صدين جي سورن جو اڻ لکو تاثر هو، ناچڻيءَ جا ٽٽل گهنگهرو ۽ ان جا موتي وکريل هئا ۽ سندس اکين ۾ سنڌ جي سڀيتا صبح جي سحر جهڙي ماٺي ۽ موهيندڙ هئي، دڙي جي اوڀر پاسي املتاس جي وڻ ۾ ڏسندي ئي ڏسندي گونچ ۽ گل ڦُٽي پيا، هڪ ڪوئل اڏاڻي ۽ اچي املتاس تي ويٺي ۽ لڳاتار ڪوُڪ ڪرڻ لڳي. ڪوئل جي ڪوڪ ۾ پنج هزار سالن تائين پيدا ٿيل شاعرن ۽ گلوڪارن جا سمورا سُر۽ سنگيت ورلاپ جو روپ ڌاري آلاپجندا ويا،آئون بي ست بت بڻجي ويس.
    موهن جي دڙي حيرانيءَ مان مونکي چيو ته“ مار...! تون اڃان زندهه آهين؟
    چيم: ”تون جو پنج هزار سالن کان اڄ تائين ساھ کڻي رهيو آهين ته آئون ڪيئن ٿو مري سگهان؟ آئون به ته تنهنجي ئي مٽيءَ جي پيدائش آهيان“
    موهن جو دڙو اٻاڻڪو ٿي پيو، پڇائين “ تون زندگي ڇا کي ٿو چوين؟ تون اهو ڪيئن ٿو چوين ته آئون اڃان زندهه آهيان؟
    منهنجا وائيسر گم ٿي ويا، سمجهه ۾ نه آيم ته ڪهڙو جواب ڏيان، مونکي ته واقعي به اها ڄاڻ نه آهي ته آئون زندگي ڇا کي ٿو چوان، آئون نٿو ڄاڻان ته ڇا آئون واقعي به زندھه آهيان،مون ته بس امالڪ اهو چئي ڏنو هو ته آئون ڪيئن ٿو مري سگهان؟ پر مونکي ته واقعي به اها خبر نه آهي ته زندھه آهيان يا مري ويو آهيان، آئون اٻاڻڪيون نظرون کڻي موهن جي دڙي کي ان معصوم ٻار جيئان تڪڻ لڳس جيڪو معصوم ٻار سبق ياد نه هئڻ ڪري مار جي ڊپ کان اٻاڻڪين ۽ ترس ڏياريندڙ نظرن سان سامهون بيٺل استاد کي تڪيندو آهي .
    موهن جي دڙي منهنجي ڪلهي تي هلڪي ٿڦڪي ڏني ۽ چيائين ته“ پنج هزار سالن کان پوءِ مون وٽ آيو آهين، ايترا ڏينهن ڪٿي هئين؟ ڇا پئي ڪيئي؟
    چيم“ آئون تو ڏانهن اچڻ جو رستو ڀلجي ويو هئس، تنهنجو نقشو مونکان وڃائجي ويو هو، آئون ڀٽڪي رهيو هئس، آئون ڪنڊن سان ڀريل رستي تي هلي پيو هئس، مون پيرن ۾ رٻڙ جي ڇال پاتي پر اها به ٽٽي پئي، منهنجا پير رت ٿي پيا، ۽ هڪ وقت اهڙو به آيو جو آئون بک ۾ پاھ ٿي ويس ۽ بک جي شدت مونکان عقل کسي ورتو، پيٽ ۾ ٻرندڙ باھ مونکي توائي ڪري ڇڏيو هو، ۽ سچ ته ان وقت مونکان تون وسري ويو هئين، مونکي صرف منهنجي بک ياد هئي، مونکي هن ڪائنات ۾ بک کان سواءِ ٻيو ڪجهه به سمجهه ۾ نٿي آيو، مونکي دنيا جي دانائن جا قول بي مقصد ۽ ڇسا محسوس ٿيڻ لڳا هئا، مون ڀانيو ته هن ڪائنات ۾ صرف بک ئي حقيقت آهي باقي ڪا به شيءِ حقيقت ناهي، اڃ ۾ بي حال ٿيڻ ڪري مون اڪن جو زهر جهڙو کير پيتو ۽ اڪ جا زهر جهڙا پن چٻاڙيا، مون ڄارين ۽ لاڻن جا پن چٻاڙيا جن منهنجي بک اجهائڻ بدران ويتر اندر ۾ باھ ڀڙڪائي ڇڏي، مونکان تاريخ ۽ تهذيبون وسري ويون، مونکان انسانيت وسري وئي، اي موهن جا دڙا برابر تون به مونکان وسري وئين ۽ آئون تاريخ جو ڏوهي بڻجي پيس، اي موهن جا دڙا مونکي معاف ڪجان، آئون شرمسار آهيان”
    منهنجو ڪنڌ جهڪي ويو

    موهن جي دڙي جي اکين ۾ گهرو سمنڊ ڇوليون هڻڻ لڳو، هن منهنجي کاڏيءَ هيٺيان هٿ ڏئي منهنجو منهن مٿي ڪيو ۽ اکيون منهنجي اکين ۾ وجهي ڪي پل تاريخ جي بابن کي تهذيب جي تارازيءَ ۾ ڄڻ تورڻ لڳو، ان لمحي سج اولهه ۾ لڙي رهيو هو، سندس ڪرڻا کجيءَ جي ڦڙهن مان سِيرون ڪندا ڦارون ڦارون ٿي ويران کنڊرن کي سونهري تجلا ڏئي رهيا هئا.
    موهن جي دڙي هڪ گهري ۽ ڳنڀير لجهي ۾ ڳالهايو“ هوڏانهن ٿر ڏانهن نهار، ڇا ٿو ڏسجي؟
    مون ٿر جي طرف نظر وڌي، پگهرهاڻي بدن سان ڪارين ڪولهڻين جي پَڙن کي سرمئي ۽ شفقي رنگ ڏنل هئا، سندن ٻانهن ۾ اڇا چوڙا پاتل هئا، سندن ڪڇن ۾ معصوم نٻل ۽ سڏڪندڙ ٻارڙا هئا، اهي ٻار جيڪي اڻ ڄاڻ هئا ته سندن پيٽ ۾ وٽ وجهندڙ بک جو ذميوار ڪير آهي؟ زميني خدا يا آسمان وارو خدا...! نٻل، ڪوجها، ڪمزور ۽ ڀڀوت ٿيل هيڻا ٻار آهستي آهستي مري رهيا هئا، اهي مري پنهنجن مائرن جي هنجن مان ائين ڪِري رهيا هئا جيئن سرءُ ۾ سڪل پن وڻن تان ڇڻي ڪري پوندا آهن، سندن مائرون ٻاڪاري رهيون هيون، ڪاسٻي جي مندر جا گهنڊ ٽڻ ٽڻ ڪري رهيا هئا، مسجدن ۾ سانجهيءَ جون اَذانون اچي رهيون هيون، موذّن چئي رهيو هو ته“ الله سڀ کان وڏو آهي، الله سڀ کان وڏو آهي” ممتا تڙپي رهي هئي، معصوم مُک مرجهائجي رهيا هئا، ڪلين جهڙيون اکيون هميشه لاءِ پُورجي رهيون هيون، معصوم ذهن شعور جي بلندي تي پهچڻ کان اڳ سڪڙجي خاموش ٿي رهيا هئا، مائرن جي ڪيڪن جي آوازن سان گڏ موذن چئي رهيو هو ته الله سڀ کان وڏو آهي، الله سڀ کان وڏو آهي، منهنجي اکين مان لڙڪ ٽمي پيا.
    موهن جي دڙي جو آواز آيو“ هيڏانهن ٽلٽيءَ ڏانهن ڏس”
    موهن جي دڙي جي آواز جي گونج سنڌ جا ڇيڙا سِرا سراپي وئي، مون ٽلٽيءَ ڏانهن نهاريو، مخدوم بلاول جي ٽنگن جا هڏا گهاڻي ۾ ٽڙڪاٽ ڪري پيسجي رهيا هئا، ماڻهن جو ميڙ اُڀ ڏانهن ڏسي رهيو هو، گهاڻي مان مخدوم جو رت ريلا ڪري وهي رهيو هو، مونکي اندر ۾ گندگيءَ سان ڀريل ڪو گولو ڦاٽندي محسوس ٿيو، منهنجو وجود الٽيون ڏياريندڙ بدبوءَ سان ڀرجي ويو، مونکي پنهنجو پاڻ کان ڪراهت اچڻ لڳي ۽ مون اٻڙڪا ڏيڻ شروع ڪيا.
    ”هيڏانهن ٺٽي ڏانهن ڏس“ موهن جي دڙي وري چيو.
    مون ٺٽي ڏانهن نهاريو، ساموئيءَ تي سج لهي چڪو هو، ترخانن ۽ ارغونن جا گهوڙا ٽاپوليون ڏئي اٻوجهه ۽ هيڻن کي چيٿاڙي رهيا هئا، سرمد سڏڪي رهيو هو، ۽ ٺٽي ننگر جون ڪامڻيون قطارن ۾ ڊوڙي رهيون هيون ۽ گهوڙي سوارن کان پاڻ کي بچائڻ جا جتن ڪري رهيون هيون، سندن گلابي ڳلن تان منعڪس ٿيندڙ روشني افق تي لالاڻ جو عڪس چٽي رهي هئي، سنڌ جو سَنڌ سَنڌ چُور هو ۽ رت ۽ لڙڪن سان ريجيل ڌرتي هئي.
    منهنجي مٿي کي چڪر اچڻ لڳا، آئون بيهڻ جو ست نه ڀانئي سگهيس ۽ موهن جي دڙي جي پيرن ۾ ويهي رهيس، سڏڪڻ لڳس، ائين جيئن ڪو هيسيل ٻارڙو امڙ جي هنج ۾ منهن لڪائي سڏڪندو ۽ ڪنبدو رهندو آهي.
    موهن جي دڙي چيو“ ڇا تون منهنجي ئي مٽي جي پيدائش آهين؟ سنڌ ڌرتي جي مٽي جي پيدائش آهين؟ ته پوءِ ايڏو ڪانئر ۽ بزدل ڇو آهين؟ تنهنجي ڪانئرتا ۽ بزدليءَ سنڌ جي سينڌ جو سندور لوڙهي ڇڏيو آهي، ڇا تو اروڙ ۽ رني ڪوٽ سان ملاقات ڪئي آهي؟ ڇا تون کاري ڇاڻ ۽ ڀنڀور سان مليو آهين؟ ڇا تو ڪارونجهر ۽ ساموئيءَ جا سڏ ٻڌا آهين؟ جواب ڏي اي ڪانئر، پنج هزار سالن کان پوءِ تون مون وٽ واپس موٽي آيو آهين، پر ڇا انهن پنج هزار سالن جي عرصي ۾تو ڪڏهن سنڌ سان ملاقات ڪئي آهي؟
    ذهن ۾ واچوڙا شروع ٿي ويا، اندر جو آتش فشان ڦاٽي پيو، ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ٻرندڙ لاوو ٿڌو ٿي ويو، سرد برف جهڙو، منهنجو وجود ۽ شعور ڄمي ويا.
    ”ڪانئرن جي ڪا به ڌرتي نه هوندي آهي، تون واپس هليو وڃ، هيءَ تنهنجي ڌرتي ناهي“ موهن جي دڙي مونکي ڪلهن کان جهلي ڌونڌاڙيندي چيو.
    مون اندر ۾ ضمير کي ڳولڻ شروع ڪيو، حيران ٿي ويس جو منهنجي اندر ۾ منهنجي ضمير جو لاش پيو هو ۽ ضمير جي لاش جي ڪفن تي هڪ تحرير لکيل هئي ته“ آئون ته بک وگهي مري چڪو آهيان، آئون ته تڏهن ئي مري چڪو هئس جڏهن تون بک ۾ چريو ٿي ويو هئين ۽ تو موهن جي دڙي کي وساري ڇڏيو هو، جڏهن تون موهن جي دڙي جو رستو ڀلجي ويو هئين، ها آئون ته تڏهن ئي مري چڪو هئس، تون ته صرف منهنجو سرد لاش کڻي گهمي رهيو آهين”
    مون کان ڇرڪ نڪري ويو، منهنجون اکيون پٽجي ويون، ڪنن جون پاپڙيون گرم ٿي ويون، جھٽ ڏئي موهن جي دڙي جي پيرن تي ڪِري پيس ۽ ٻاڏائڻ لڳس:
    مونکي معاف ڪر اي منهنجي تهذيب جا علمبردار، مونکي معاف ڪر، آئون ڪانئر آهيان، بزدل آهيان، بي ضمير آهيان، بک وگهي تڙپندي مون سڀ کان پهرين پنهنجي ضمير کي گُهٽو ڏئي ماري ڇڏيو هو، مونکي معاف ڪر، اي موهن جا دڙا مونکي معاف ڪر....!
    موهن جو دڙو مونکي گهوريندو رهيو، آئون اٿي بيٺس، وري جهڪي مون موهن جي دڙي جا پير چميا ۽ بنا ڪجهه ڳالهائڻ جي ڏکڻ طرف منهن ڪري ڊوڙڻ لڳس، مون منهن ورائي پويان نه ڏٺو، آئون ڊوڙندو رهيس، وڻن ۾ واءُ ڪندو، واچوڙن کان به تيز ڊوڙندو، ڀٽائي گهوٽ جي نگريءَ کان پاسو ڪندو مڪليءَ جي ٽڪرين تي چڙهيس، ڊوڙندو ڊوڙندو شاھ بندر جي ڊيلٽا تي هليو ويس ۽ سمونڊ ۾ ٽپ ڏئي ڇڏيم، موج ۾ آيل ساگر جي لهرن مونکي گود وٺي ڇڏيو، آئون سمنڊ جي تري ۾ پيهيندو ويس، هيٺ گهرائي ۾ تمام گهرائي ۾ جتي خاموشي هئي، ڄمڻ پد جيتري سردي ۽ خاموشي ۽ پراسرار ماٺ، ان ماٺ ۾ منهنجا گمان ۽ سوچون اڏامي ويون، آئون تحليل ٿي ويس هڪ نه کٽندڙ پراسرار خاموشي ۾ .....!

    مشتاق سعيد
    03332723101


    پبلشر پاران

    سنڌ شعور جو محور رهي آهي، جنهن ۾ ڪيترائي تخليق جا روشن سج وقتن به وقت پنهنجي پنهنجي سُهائي سان نمودار ٿيندا رهيا آهن، ۽ تاريخ جي سيني تي ڏات جي آڱرين سان اُڪرجڻ لڳا آهن، جن جي وضاحت وقت خود پنهنجي ئي واتان ڪرڻ لڳندو آهي.
    اڄ اهڙو ئي هڪ شعور جو شهر پاڻ ۾ رکندڙ سنڌ جو ڏات ڌڻي مشتاق سعيد جيڪو شاعري جي وارن ۾ عشق جون آڱريون ڦيرڻ کان وٺي فلسفي جي ڪائنات مان به پنهنجا قدم گهمائي چڪو آهي. سندس هي پنجون تخليق ڪيل ادبي اولاد آهي جيڪو ناول جي صورت ۾ آ، مون هيستائين ڪيترائي ناول پڙهيا آهن، پر هن وقت سنڌ ۾ هتي ناول لاءِ چيو وڃي ٿو ته ناول پنهنجي معيار کان موٽ کائي چُڪو آهي، پر اڄ آئون جڏهن هي مشتاق سعيد جو ناول اڌ ماڻهو سڄو سچ پڙهڻ ويٺس ته منهنجي سوچ ۽ حيرت ۾ هڪ نئين اُٿل پٿل جاڳڻ لڳي، ۽ آئون پائلو ڪوھلو کان ٿيندو اوريانافلاسي جي ڪردارن جا قصا ماپڻ لڳس ۽ اهو احساس ساهه ۾ ويساهه جيئان ويهي رهيو ته سنڌ ڪڏهن به ڪنهن به صنف ۾ سُنڍ ناهي ٿيئڻي.
    مشتاق سعيد جي ناول ’اڌ ماڻهو سڄو سچ‘ جو موضوع ۽ ڊائلاگ ايڏا ته معنيٰ خيز آهن جن مان وقت کي هڪ وڏي لاڀ حاصل ٿيڻي آهي. ۽ هي ناول سنڌي ادب ۾ پنهنجو الڳ مقام ۽ پنهنجي الڳ حيثيت سان ضرور سُڃاتو ويندو، هن ناول ’اڌ ماڻهو سڄو سچ‘ کي روپا پبليڪيشن ڇپائيندي تمام گهڻي خوشي محسوس ڪري رهي آهي.

    اياز امر شيخ


    ڪتاب مان چونڊ

     ازل کان انسان زندهه ته رهيا آهن پر ان باوجود هنن زندگيءَ کي ڇُهي نه ڏٺو آهي
     زندهه ماڻهو به زندگيءَ لاءِ واجھائي ٿو ته مرندڙ ماڻهو به زندگيءَ لاءِ واجھائي ٿو
     اها جنسي قوت ئي آهي جيڪا زندگيءَ کي سواد بخشي ٿي
     هي نظام وڏن، طاقتورن ۽ معتبر ماڻهن جو ٺاهيل آهي، ان ڪري هتي انهن جو ئي حڪم هلندو، ننڍن ۽ ڪمزورن جو ڪم صرف فرمانبرداري ڪرڻ آهي
     انسان پنهنجوپاڻ کي جيترو مهذب بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اوترو ئي پاڻ کي جڪڙي ڇڏيو آهي، تهذيب، اخلاق، قانون، پابنديون ۽ اصول، اهي سڀ شيون غلاميءَ جون نظر نه ايندڙ زنجيرون آهن
     غلام ذهن غلام خواهشون ڄڻيندو آهي ۽ اهڙن غلام معاشرن ۾ پيدا ٿيندڙ هر نئون ٻار ڄمندي ئي غلام بنجي ويندو آهي.
     ڌرم جا پوڄاري ماڻهو اهڙا غلام آهن جيڪي پنهنجي غلامي جا جواز پيش ڪن ٿا، ۽ فخر محسوس ڪن ٿا
     ماڻهن کي خاموش بنائڻ لاءِ اهو محاورو وقت جي حڪمرانن جوڙايو هو ته عقلمند خاموش رهندا آهن
     غلامي ايتري ته غليظ آهي جو جيڪو ماڻهو غلاميءَ جي غلاظت کان باخبر ٿي وڃي ٿو اهو جان ڏيڻ کي ترجيح ڏئي ٿو پر غلاميءَ کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي
     نام نهاد مذهب غلاميءَ جو هڪ نادر نمونو آهن، هيءَ اهڙي غلامي آهي جنهن ۾ انسان شعوري توڙي لاشعوري طور پاڻ کي خوشنصيب سمهجي ٿو
     روايتن جا پاپند ماڻهو غلامي ته ڪري سگهندا آهن پر محبت نه ڪري سگهندا آهن
     مدي خارج قاعدن ۽ انا جي سبب اوهان پنهنجي فطري خواهش کي دٻائي ڇڏيندا آهيو
     اوهان جي اندر ۾ مئل ۽ دٻايل محبت جڏهن ڳرڻ ۽ سڙڻ لڳندي آهي ته اها بدبودار ڪاوڙ ۽ نفرت ۾ بدلجي ويندي آهي
     دنيا جا سمورا منصف، عالم،استاد، شاگرد ۽ ملازم سچ جو ڍنڍرو پٽيندا رهيا آهن پر سچ ته سندن برداشت کان ٻاهرآهي
     خوبصورتي جو سحر هڪ نفسياتي بيماري آهي، پر اها بيماري ڪٿي ڪٿي حقيقي محبت ڏانهن کُلندڙ دري جو ڪم ڏئي ويندي آهي
     جنهن مرد ۾ جنسي قوت جي کوٽ هوندي آهي اهو ذهني اشتعال جو شڪار هوندو آهي
     زندگي ته لافاني آهي، ڪڏهن ختم نه ٿيندڙ سُر آهي، اها ته صرف روپ مٽائي ٿي پر ختم نٿي ٿئي
     توهان جي وجود جي وڏي حصي ۾ ته عورت سمايل آهي، توهان اڌ عورت آهيو ۽ اڌ مرد آهيو
     توهان جڏهن ڪنهن عورت کي ڏسو ٿا ته ان ۾ پنهنجي ئي زندگي جو عڪس ڏسو ٿا
     ڊپ زندگيءَ جي توانائي جي مُڙي وڃڻ يا موٽ کائڻ جو ٻيو نالو آهي
     موت به هڪ اهڙو مظهر آهي جنهن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو پر لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي
     موت ڪو بُرو لقاءَ ناهي، انتهائي خوبصورت مظهر آهي موت زندگي جي پڄاڻي ناهي پر زندگي جي منزل آهي
     موت هڪ اهڙي منزل آهي جتي جذبا ۽ احساس گم ٿي وڃن ٿا.
     آزادي هڪ اهڙي ڪيفيت جو نالو آهي جنهن ۾ انسان پنهنجي مرضيءَ موجب زندگي ۾ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو
     ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ خيال ئي آهي جيڪو انسان تي بادشاهي ڪري ٿو،
     دنيا جي ڪنهن به انسان کي اهو پتو ئي ناهي ته ڄمڻ وقت سندس ڪيفيت ڇاهئي، بلڪل اهڙي ريت کيس مرڻ جي وقت جي ڪيفيت جي به خبر ئي نه پوندي آهي ڇوته انهي ٻنهي گهڙين ۾ سوچيندڙ ذهن ساڪن هوندو آهي، شعور، لاشعور ۽ تحت الشعور هڪ مرڪز ۾ سمائجي جامد ٿي ويندا آهن ۽ اتان ئي ابديت جي شروعات ٿيندي آهي.


    ناول

    [1]

    “مالڪ جي نالي پنج روپيه” ڪولهڻ هن جي ڪلهي تي هٿ هڻي هُن کي يڪ ٽڪ گھُورڻ لڳي، اوچتو ڪلهي تي هٿ لڳڻ سان هن مُڙي ڏٺو، ڪولهڻ هِن کي اهڙي حيرت ۽ حسرت مان گُهوري رهي هئي جو ڄڻ ته ڪولهڻ کي اعتبار ئي نه ٿي آيو ته ڪو نوجوان ڇوڪرو ايترو به خوبصورت ٿي سگھي ٿو . . . ! هي واقعي به حَسين هو، ڪنهن خوبصورت عورت کان به وڌيڪ حَسين. هِن به گُهور ڪري ڪولهڻ جي اکين ۾ نهاريو، هن کي ڪولهڻ جي ڍنڍ جهڙي خوبصورت اکين ۾ ڪُل ڪائنات جو حُسن نظر آيو، هِن کي ڪولهڻ جي اکين ۾ خدا نظر آيو، هونئن ته سونهن ڪنهن قوم جي ميراث ناهي، پنهنجي زندگيءَ ۾ هن ڪيتريون ئي پنڻ واريون ڇوڪريون ڏٺيون هُيون پر اهڙي خوبصورت نينگري هن اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي هئي جهڙي سونهن هن کي ڪولهڻ ۾ نظر آئي، ڳورا ڳورا ڳل، گول چهرو، وٽيل ۽ سڊول ٻانهون، پورو پنو جسم، مناسب قد، ٻانهن ۾ سفيد رنگ جا چوڙا پاتل، ٿورو مسڪرائڻ سان ڳلن ۾ ٺهندڙ کڏون، اهڙيون جن ۾ ٻڏي وڃڻ لاءِ دل چوي، کاڏيءَ ۾ به هلڪي کڏ ۽ پُرڪشش ڳاڙها چپ، گلاب جي پنکڙين جهڙا، ساعت لاءِ هي ڪولهڻ جي اکين ۾ گم ٿي ويو پر اوچتو ٻيهر صدا تي هي ڄڻ ڇرڪ ڀَري جاڳي پيو، “مالڪ جي نالي پنج روپيه، پيٽ بکيو اٿم . . . !”
    هن محسوس ڪيو ته صدا ۾ بيوسي ۽ بک ته هئي پر ڪولهڻ جي چپن تي هلڪي مُرڪ پڻ هئي جنهن ۾ پسنديدگي جو اظهار هو،
    “مالڪ ڪندو ڳاڙهي ڪنوار ملندئي” ڪولهڻ چيو.

    “ڳاڙهي ڪنوار . . . !” هن کي ڄڻ ته چيلاٽا چهٽي ويا، ڪاوڙ ۾ چهرو ڳاڙهو ٿي ويس، دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويس ۽ ڀانيائين ته جسم جو سڄو رت دماغ تي چڙهندو ٿي ويس، کن پل لاءِ ڪاوڙ ۽ ڪرڀ مان مٺيون ڀڪوڙجي ويس پر پاڻ سنڀاليندي، کيسي مان پنج روپيه ڪڍي ڪولهڻ کي ڏنائين ۽ تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو هلڻ لڳو.
    بس جي اسٽاپ کان ڳوٺ جو رستو وٺندي هن ڀانيو ته سندس هڪ هڪ قدم مڻين وزني ٿي پيو آهي، هن پيٽ ۾ ائين کڏ پوندي محسوس ڪئي ڄڻ ته پيٽ ۾ کاٽ لڳي رهيو هوس، مائٽن هن جو نالو شهزور رکيو هو پر ننڍپڻ کان سڀ هن کي شازو سڏيندا هئا، شهزور . . . ! هي جيئن جيئن وڏو ٿيندو پئي ويو تيئن تيئن هن کي پنهنجي نالي کان نفرت ٿيندي پئي وئي، ڇو ته هن جو نالو هن جي شخصيت ۽ وجود جي بنهه بر خلاف هو، هي جيئن جيئن جوانيءَ جي ڄمار کي پهچندو ويو تيئن تيئن هن کي پتو پوندو ويو ته هو شهزور نه هو، هو واقعي شازو هو، بلڪه شازيه هو،هن ۾ مرداني صلاحيت نه هئي، هو ڄمندي ئي نامرد هو، جنهن تي نالو شهزور رکيو ويو هو، سو نامرد هئڻ سبب شازو ۽ پوءِ شازيه بنجي پيو هو، قدرت هن کي بي انتها سونهن عطا ڪئي هئي، هو ڪنهن عورت کان سونهن ۾ گھٽ نه هو پر نامردي سبب هن کي پنهنجي وجود کان نفرت ٿيڻ لڳي هئي، هن کي انسانن کان ئي نفرت ٿيڻ لڳي هئي، جڏهن هو 18 سالن جو ٿيو هو ۽ کيس چڱي نموني پروڙ پئجي چڪي هئي ته هو مرد ناهي، هو ٽين جنس آهي تڏهن ڪراهت سان ڀرجي ويو هو، هو ان حقيقت کي ڪنهن اڳيان ظاهر ڪرڻ کان خوفزدهه هو، هو لڪ ڇُپ ۾ ڳوٺ ڇڏي شهر هليو ويو هو، هن شهر جي ڪيترن ئي حڪيمن کان علاج ڪرايو پر پلئه ڪجهه نه پيس، هو ڄمندي ئي نامرد هو سو مرد نه ٿي سگھيو . . . !
    اڄ ڪولهڻ جو کيس چيو ته “ڳاڙهي ڪنوار ملندئي” ته هن جي وجود ۾ ڄڻ ٻٻر جي ٽاري ڦٽڻ شروع ٿي وئي، هن اهو ايذاءُ محسوس ڪيو جيڪو مخدوم بلاول گھاڻي ۾ پيڙهجڻ وقت محسوس ڪيو هو، شازو ڪڏهن به ڪنهن جي سامهون اها حقيقت ظاهر ٿيڻ نه ڏني ته هو نامرد آهي، اهو راز هن جي دل جو راز ھو، هن کانسواءِ ڪنهن کي به خبر نه ھئي، ته شازو نامرد ھو، هن پاڻ کي شازيه محسوس ڪيو پر ڪڏهن به پاڻ شازيه نه بنيو، هُن کي کدڙن جي زندگين وارن اندازن کان نفرت هئي، هن ڪا مڙهي نه وسائي، هن ڪو کدڙو گُرو نه بنايو ۽ نه ئي ڪنهن جو چيلو بنيو، هي لڳاتار سوچيندو رهيو هو ته هن زندگيءَ کي بي سواد بنائڻ جو ذميوار ڪير آهي . . . ؟ هن ننڍپڻ کان ٻُڌو هو ته سڀ ڪجهه قدرت جي وس ۾ آهي جنهن کي جهڙو بنائي، هِن اهو راز معلوم ڪرڻ ٿي چاهيو ته ڇا هن جي زندگيءَ سان اهڙو مذاق قدرت ئي ڪيو هو ؟ هن مڙهين بدران مسجدون، مندر گرجا گهر ۽ ڪليسائون وڙوليون، هن راهبن ۽ معلمن کان قدرت بابت ٻُڌو ۽ سکيو هن مقدس ڪتابن کي پڙهيو، سمورن ڪتابن ۾ کيس انسانن، مردن ۽ عورتن جو ذڪر ته مليو پر ڪٿي به کيس ٽين جنس جو ذڪر نه مليو،هي سوچڻ لڳو جيڪڏهن ٽين جنس به قدرت پنهنجي مرضيءَ سان ٺاهي آهي ته پوءِ مقدس ڪتابن ۾ به ٽين جنس جو ذڪر هئڻ کپي ها، پر جڏهن ان ٽين جنس جو ذڪر مقدس ڪتابن ۾ نه ٿو ملي تڏهن ڇا ان ٽين جنس کي قدرت پنهنجي منشا ۽ مرضي موجب پيدا نه ڪيو آهي . . . ؟ پوءِ آخر ڇو . . . ؟ هن جي زندگيءَ سان اهڙي ويڌن ڇو . . . ؟
    شازو کي مئڪسم گورڪيءَ جون اهي سٽون ياد آيون ته جڏهن ڪنهن انسان کي اها خبر نه پوندي آهي ته سندس جاءِ ڪٿي ۽ ڪهڙي آهي تڏهن هومشتعل ٿي ويندو آهي. شازو اشتعال جو شڪار هو، کيس اهو پتو نه پئجي سگھيو هو ته دنيا ۾ سندس جاءِ ڪهڙي ۽ ڪٿي آهي، هن گھڻي ڳولا ڪئي هئي پر کيس لڳو ته سندس جاءِ مڙهي نه آهي، سندس جاءِ مسجد، مندر، ڪليسائون ۽ گرجا گھر به نه آهن، سندس جاءِ اتي به ناهي جتي عورتون آهن، سندس جاءِ اتي به ناهي جتي مرد آهن، پوءِ دنيا ۾ سندس جاءِ ڪٿي ۽ ڪهڙي آهي، کيس ڪا سُڌ نه پئجي سگھي هئي، شازو ڀانيو ٿي ته مافوق الفطرت هستيءَ هيءَ ڪائنات جوڙي ان کي ڳنڍ ڏئي ڇڏي آهي ۽ دنيا جا سمورا انسان ان ڳنڍ کي کولي حقيقتون معلوم ڪرڻ چاهين ٿا، ڪائنات جي ڳنڍ کولي، ان جا دنگ ۽ ڇيڙا ڏسڻ چاهين ٿا پر شايد ڪوبه ان جو ڇيڙو معلوم نه ڪري سگھيو آهي، ڪو به اها ڳنڍ کولي نه سگهيو آهي، يسوع مسيح کان گوتم ٻڌ ۽ رجنيش اوشو تائين ڪيئي اهڙا انسان آيا ويا آهن جن ڪائناتي ڳنڍ سان الجھي ڏٺو آهي پر دنگ ۽ ڇيڙا ڄڻ ته ڪنهن غفا ۾ گم آهن جيڪي عام انسان جي اک کان اوجھل آهن. شازو جو ذهن سوچيندو هو ته ازل کان انسان زندهه ته رهيا آهن پر ان باوجود هنن زندگيءَ کي ڇُهي نه ڏٺو آهي، هو صرف نماڻيون نظرون کڻي صدين کان زندگيءَ کي حسرت مان گُهوري رهيا آهن، ائين ڇو آهي . . . ؟ ائين ڇو آهي جو زندهه ماڻهو به زندگيءَ لاءِ واجھائي ٿو ته مرندڙ ماڻهو به زندگيءَ لاءِ واجھائي ٿو، سندن زندگي وٽن هوندي به وٽن ناهي، زندگي پنهنجي هوندي به زندگيءَ تي سندن وس ۽ اختيار ناهي، انسان چاهيندي به خوش نه ٿا رهي سگهن، چاهيندي به ڏک کان بچي نه ٿا سگھن، نه چاهيندي به ڪنهن موڙ تي سندن اکين مان لڙڪ لڙي پوندا آهن ۽ انسان پنهنجو پاڻ تي به اختيار ڇو نه ٿو رکي سگھي . . . ؟
    واٽ هلندي شازو جو ذهن سمنڊ ۾ ڦاٿل ان ٻيڙيءَ جيان گھوماٽيون کائي رهيو هو جيڪا نه اڳتي وڃي ٿي سگهي نه پوئتي وڃي ٿي سگھي ۽ نه ئي ٻڏي ٿي سگھي، هو 18 سالن جي ڄمار ۾ ڳوٺ ڇڏي هليو ويو هو شهر ۽ اڄ 12 سالن کانپوءِ 30 سالن جي ڄمار ۾ هو واپس ڳوٺ اچي رهيو هو پر اڄ به کيس محسوس ٿي رهيو هو ته هو جهڙو هتان ويو هو تهڙو ئي واپس وريو هو، سندس زندگي جهڙي اڳ ۾ بي سواد ۽ بي مزي هئي اڄ به اوتري ئي بي سواد ۽ بي مزي آهي، هن گھڻو ئي سوچيو هو ته سندس زندگي بي سواد ڇو آهي . . . ؟
    گذريل ٻارهن سالن کان شازو جتي جتي ڀٽڪيو هو، ديولن توڙي بازارن ۾، هجومن توڙي تنهاين ۾، هن کي ڪٿي به مزو نه آيو هو، ان دوران هن ڪيترائي ڪتاب پڙهيا هئا، پر هي هڪ ڳالهه ۾ اٽڪي پوندو هو ته هن جي زندگي آخر بي سواد ڇو آهي، بي مزي ۽ ڇَسي ڇو آهي . . . ؟ بار بار هن جي ذهن تي هڪ سوچ برساتي ڦڙن جيان ٽپڪڻ لڳندي هئي ته ڇا مرداڻي قوت (جنسي طاقت) ئي زندگي جو اصلي محور آهي ؟ ڇا هن ۾ اها جنسي طاقت نه هئڻ ڪري کيس زندگي بي سواد ۽ بي مزي لڳي ٿي، هن کي ياد آيو ته هڪ ڏينهن هي شهر ڀرسان سمنڊ ڪناري گھمڻ ويو هو، لهرون واريءَ تي مٿو گَسائي ڪناري کي چُمي واپس موٽي رهيون هيون، اتي ڪيترائي نوجوانن جا ٽولا گھمي رهيا هئا، جيڪي ڏاڍا خوش ڏسڻ ۾ پئي آيا، ڪيترائي ڇوڪرين جا ٽولا هئا، اهي پڻ خوش هيون، ڪي جوڙا، هٿ هٿ ۾ ڏئي هلي رهيا هئا ۽ سندن چهرا ڪيٽي بندر تي لهندڙ سج جي لالاڻ وانگي چمڪيا پئي، هو ڏاڍا مطمئن ۽ خوش هئا، اهو ڇو آهي ؟ هن سوچيو هو، هجوم ۾ هوندي به هن جي اندر ۾ مڪليءَ جي کندرن تي ڇانيل انڌيري جهڙي تاريڪي هئي، هن جي دل ۾ ٿوهر ڦٽي رهيا هئا، هن سوچيو ته هو ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا جوڙا هڪٻئي سان خوش آهن، ڇا هڪٻئي لاءِ عزت جو جذبو رکن ٿا، ان ڪري خوش آهن، ڇا هڪٻئي جو خيال رکن ٿا، دوستيون اٿن، ان ڪري خوش آهن؟ پر ائين ناهي، شازو سوچيندو رهيو، ته هو به سڀني واقفڪارن جي عزت ڪري ٿو، سڀ هن جو خيال رکن ٿا، ڪيترن ئي هڪ جيڏن سان سندس دوستي آهي پر ان باوجود هن جي من ۾ ساموئي جي ويران ميدان جهڙي بي چيني آهي، آخر ڇو، ڇا اها جنسي قوت ئي آهي جيڪا زندگيءَ کي سواد بخشي ٿي ؟ جنهن به مرد يا عورت ۾ جنسي ڪشش ۽ جنسي طاقت آهي اهو خوش آهي، ڏکن ۽ ڏوجھرن ۾ به مطمئن آهي، پر هن وٽ اها هڪ کوٽ آهي ته هن کي ڪو به خوبصورت منظر خوشي نه ٿو ڏئي، هن جي زندگي بي سواد ۽ بي مزي آهي، هن کي ياد اچڻ لڳو ته هو خوبصورت هو ان ڪري هڪ دفعي هڪ باغ ۾ ويٺي هڪ ڇوڪري ڏانهنس متوجه ٿي هن کي ويجھو آئي، هن سان ڳالهايائين پر هن کي ڇوڪريءَ کان نفرت ۽ چڙ محسوس ٿيڻ لڳي، جڏهن ڪو مرد به هن کي ويجھو اچي ويهندو هو ته هن کي مرد کان به نفرت ۽ چڙ وٺي ويندي هئي، هن کي ياد اچڻ لڳو ته سمنڊ ڪناري توڙي، گلن سان ڀريل باغيچن به هن کي سڪون نه ڏنو هو، لهندڙ سج جي دلڪش منظر ۽ پرھ ڦٽيءَ جو وهانءُ تاري جي چمڪ به هن لاءِ بي سواد هئي، جبلن، آبشارن ۽ وادين جا منظر به هن جي اندر ۾ مرچ ڀريندا هئا، هن کي زندگيءَ جو ڪوبه روپ راحت نه ڏئي سگھيو هو، ڇو ؟ آخر ڇو . . . ؟ ڇا هن ۾ جنسي قوت نه هئي ان ڪري ؟ هن کي نرم بسترا به بي سڪون ڪندا هئا، آخرڪار هن اهو ئي سوچيو ته جنسي قوت ئي زندگيءَ جو اصل محور آهي، جنهن انسان ۾ جنسي قوت آهي، ان کي زندگيءَ جون حسناڪيون ڀانءِ پون ٿيون، ۽ جيڪو انسان جنسي قوت کان وانجھيل آهي ان لاءِ زندگي بي لطف ۽ ڇَسي آهي، بي معنى ۽ موڳي آهي، تڏهن هن سوچيو ته هائو، جنسي قوت ئي زندگيءَ جو محرڪ آهي جنهن ڪري مرد عورتن سان محبت ڪن ٿا ۽ عورتون مردن سان محبت ڪن ٿيون.
    پر شايد ائين ناهي، جنسي عمل ته پاپ آهي، هن کي ياد آيو ته جنهن جنهن مسجد، مندر ۽ گرجا گھر ۾ هو ويو هو، اتي رهبرن کي هن اها پرچار ڪندي ٻُڌو هو ته جنس گناھ آهي، سڀني استادن ۽ معزز ماڻهن کان هن ٻڌو هو ته جنس لاءِ سوچڻ به ڏوھ آهي، بداخلاقي ۽ بي حيائي آهي، صدين کان معاشري جا ٺيڪيدار اهو درس ڏيندا رهيا آهن ته جنس ڏوھ آهي، اها ايتري خراب شيءِ آهي جو ان جو نالو وٺڻ سان ئي ماڻهو ڇرڪي پون ٿا، اهڙي گندي ۽ خراب شيءِ زندگيءَ جو اصل محور ڪيئن ٿي بنجي سگھي ؟ هن سوچيو ته ممنوع شيءِ زندگيءَ جو لطف ڪيئن ٿي بنجي سگھي ؟ هن ٻڌو هو ته جنس ڪجهه به ناهي، سواءِ ان جي جو اهو اولاد پيدا ڪرڻ جو طريقو آهي ۽ باقي خالي حوس آهي ٻيو ڪجهه به نه، هن ٻڌو هو ته محبت ۽ پيار به جنس کان پاڪ آهي، دوستيون به جنسي عمل کان پاڪ آهن، جنسي عمل ته انسانيت جي توهين ۽ ڪريل حرڪت آهي، ته پوءِ اهڙي گندي ۽ ڪريل حرڪت ڪيئن ٿي تسڪين جو سبب بنجي سگھي ؟
    هن کي رجنيش اوشو جا لفظ ياد آيا ته اسانجو سماج ڪيڏو نه غلط اندازن تي ٻڌل آهي، هڪ طرف ڇوڪرين کي ننڍپڻ کان جوانيءَ تائين اهو پڙهايو ۽ ٻڌايو ويندو آهي ته شادي خالص روحاني رشتو آهي، شادي هڪ پاڪ رشتو آهي ۽ مڙس عورت جو مجازي خدا آهي، ته ٻئي طرف ان پاڪ ۽ روحاني رشتي جي نالي ۾ عورت کي مليل مڙس، سندس مجازي خدا، رات جي وڳڙي ۾ ساڻس جنسي لاڳاپا رکي ٿو، شادي روحاني رشتو، پاڪ رشتو ۽ جنس پاپ، ڪِريل حرڪت، قابل نفرت عمل، سوبه ساڻس اهو ماڻهو ڪري ٿو جيڪو سندس مجازي خدا . . . !
    شازو کي اوشوءَ جي لفظن منجھائي ڇڏيو، ڪيڏو نه شعور ۽ لاشعور جو تضاد ۽ ٽڪراءُ آهي جو اهوئي سماج جيڪو جنس جي خلاف تعليم ڏئي ٿو، اهوئي سماج هٿ سان پاڪ ۽ روحاني رشتي جي نالي تي عورت کي هڪ مجازي خدا حوالي ڪري ٿو، ۽ اهوئي مجازي خدا ساڻس رات جي انڌيري ۾ اهو ڪجهه ڪري ٿو جيڪو قابل نفرت عمل آهي . . . !
    شازو محسوس ڪيو ته هن جي دماغ جون رڳون ڦاٽي رهيون آهن، شازو اهو به ٻُڌو هو ته شادي ٿيڻ کانپوءِ اگر مڙس ۾ جنسي قوت نه هوندي آهي ته سندس زال ساڻس جهيڙا ڪندي آهي، ناراض ۽ بيزار رهندي آهي ۽ آخرڪار علحدگي اختيار ڪري وٺندي آهي، اهو ڇو . . . ؟ پاڪ محبت ڪيڏانهن وئي ؟ پاڪ ۽ روحاني رشتو ڪيڏانهن ويو ؟ جيڪڏهن جنسي عمل ۽ خالص محبت ٻه الڳ الڳ شيون آهن ته پوءِ اهڙن شادي شدھه جوڙن ۾ علحدگي ڇو ٿي ٿئي، جن ۾ جنسي ڪمزوري يا کوٽ هجي ٿي . . . ؟
    شازو جي ذهن ۾ سوچون ائين ڦيرا کائي رهيون هيون جيئن ڪنهن ڪُنَ ۾ ڪک پن ڦيرا کائي رهيا هوندا آهن، هو گھوماٽجڻ لڳو ۽ کيس ساھ ۾ مُنجهه محسوس ٿيڻ لڳي، هو ڇڪي وڏا وڏا ساھ کڻي رهيو هو، اوچتو لائوڊ اسپيڪر جي آواز تي سندس خيالن جي سلسلوٽٽي پيو، ذهن ۾ گوڙ ڪندڙ سوچون ائين اڏامي ويون جيئن وڻ تي ويٺل پکين جو ولر بندوق جي ٺڪاءُ سان اڏامي ويندو آهي.
    روڊ جي ساڄي پاسي درسگاھ هئي، درسگاھ جو معلم لائوڊ اسپيڪر تي تقرير ڪري رهيو هو، لائوڊ اسپيڪر مان گرجدار آواز اچي رهيو هو ۽ معلم چئي رهيو هو ته “سڀ کان اول انسانن جا حق پورا ڪرڻا آهن”.
    هي اها درسگاھ هئي جتي ننڍپڻ ۾ شازو پڙهيو هو، هتي ٻارن کي درسي ڪتابن جي تعليم گھٽ ۽ اخلاقي تعليم زيادهه ڏني ويندي هئي، هر مهيني پڄاڻان، اتي پڙهندڙ ٻارڙن جي والدين ۽ ٻين مٽن مائٽن کي اتي سڏايو ويندو هو ۽ معلم لائوڊ اسپيڪر تي وڏي آواز ۾ تقرير ڪري، آيلن کي اخلاقيات سمجھائيندو هو، هڪٻئي سان همدردي ڪرڻ ۽ ڪنهن سان به بداخلاقي نه ڪرڻ ۽ نيڪ عملن جي تلقين ڪندو هو ۽ اتي آيل ماڻهو معلم جي تقرير مان گھڻو ڪجهه سِکي، هڪ نئين اتساھ سان گھرن ڏانهن موٽندا هئا، اڄ به اهوئي ساڳيو معلم تقرير ڪري رهيو هو جنهن وٽ شازو ننڍي هوندي پڙهيو هو ۽ هن وٽائنس ڪيترائي گُفتا ٻُڌا هئا جن ۾ تلقين هوندي هئي اخلاقي ۽ انساني قدرن جي، شازو جي ڪنن تي معلم جو آواز پيو، هو چئي رهيو هو ته “مري وڃڻ کانپوءِ به پهرين انساني حقن بابت پڇاڻو ڪيو ويندو، پڇيو ويندو ته اوهان سڀني پاڙيسڙين، ماتحتن، يتيمن، غريبن ۽ ٻين انسانن جي ڪهڙي خدمت ڪئي ؟ ڪهڙن انسانن جا ڪهڙا حق پورا ڪيا ؟ ۽ پوءِ توهان مان جنهن به انسانن جي خدمت ڪئي هوندي ان کي انعام ملندو باقي جن انساني خدمت کان خالي زندگي گذاري هوندي انهن کي سزا ڏني ويندي”.
    شازو جا قدم رُڪجي ويا، هو روڊ تي ئي بيهه رهيو، درسگاھ جي ٻاهرين ديوار جيڪا ڳاڙهين سِرِن جي ٺهيل هئي سا ايتري اوچي نه هئي جنهن ڪري شازو ٻاهران ئي بيٺي پري کان معلم کي ڏسي سگهيو پئي، معلم کي سفيد رنگ جا ڪپڙا پاتل هئا، مٿي تي ڪپڙي جي ٽوپي پاتل هئس پر ٽوپيءَ مان به سندس وار لڙڪي رهيا هئا، شازو کي ياد پيو ته هي اهوئي معلم هو جنهن وٽ پاڻ پڙهيو هو، اڄ ڪيترن ئي سالن کانپوءِ به معلم ۾ ڪو خاص فرق نه آيو هو، صرف ايترو جو اڳي سندس سمورا وار ڪارا هوندا هئا ۽ اڄ وارن ۾ چاندي جهڙيون سفيد تارون جرڪي رهيون هيون، باقي جسماني طور معلم اوترو ئي برجستو نظر آيو ٿي جيترو اڳي هوندو هو، سندس چهري تي گھنج ٿورا وڌيڪ ظاهر ٿيل هئا، شازوءَ جو ذهن جنگي گھوڙي جيان ٽاپوليون ڏيندو ماضيءَ ۾ موٽي ويو.
    شازو اڃان چوڏهن، پندرهن سالن جو هو، ان ئي درسگاھ ۾ پڙهڻ لاءِ ايندو هو، اها درسگاھ جيڪا بسن جي اسٽاپ ڀرسان هئي ۽ هتان کان شازو جو ڳوٺ چار، پنج ميل کن پَري هو، بسن جو هي اسٽاپ شهر جي اڀرندي دنگ تي هو، ۽ ڀرسان هيءَ قديم درسگاھ هئي، درسگاھ جي پٺئين پاسي پنج ننڍا ننڍا رهڻ جا ڪمرا هئا، جن مان ٻه ڪمرا استادن لاءِ مخصوص هئا جيڪي اتي رهندا هئا، باقي ٽي ڪمرا طالب علمن لاءِ هئا، اهي طالب علم جيڪي دور دراز علائقن جا هئا ۽ علم جي اڃ اجھائڻ لاءِ هتي آيل هئا، ڏينهن جو اهي طالب علم پڙهندا به هئا ته درسگاھ جي ٻهاري ۽ صفائي به ڪندا هئا، ۽ درسگاھ جي آڳنڌ واري ننڍي باغيچي جي سنڀال به ڪندا هئا، گلن وارا وڻ پوکيندا هئا، انهن کي پاڻي ڏيندا هئا، انهن مان گند گاھ ۽ ڪچرو صاف ڪندا هئا ۽ جڏهن گلاب، موتيا، چنبيلي، سدا بهار ۽ ٻيا وڻ گلن سان جُنجھجي ويندا هئا ته طالب علم اهي تازا گل پٽي استادن کي پيش ڪندا هئا، ڪجهه طالب علم اهڙا به هئا جيڪي استادن جي خاص خدمت چاڪريءَ تي مقرر ٿيل هئا، اهي استادن جي ڪمرن ۾ وڃي، سڄي ڏينهن جي محنت سبب ٿڪل استادن جي ٽنگن کي زور ڏيندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن رات جو دير ٿي وڃڻ ڪري استادن جي ڪمرن ۾ ئي سمهي پوندا هئا، اهڙا طالب علم ٻين شاگردن کان مٿڀري حيثيت رکندا هئا، شازو جو ڳوٺ ته خير ڪجهه ميل پَري هو پر شازو صبح سويري ڳوٺ کان پنڌ ڪري اچي درسگاھ تائين پهچندو هو ۽ شام ٿيندي ئي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿي ويندو هو، البت ڪڏهن ڪڏهن باغيچي کي پاڻي ڏيندي يا گند گاھ صاف ڪندي کيس دير ٿي ويندي هئي، سانجهه لڙي پوندي هئي ته شازو به ٻين طالب علمن سان گڏ درسگاھ ۾ ترسي پوندو هو، ڇو ته سندس چاچي کيس اهڙي اجازت ڏئي ڇڏي هئي.
    شازو کي جنم ڏيندي ئي سندس ماءُ مَري وئي هئي، هڪ نئين زندگيءَ کي جنم ڏئي، 30 سالن جي جوان زندگي موت جي انڌيري واديءَ جي راهي ٿي وئي هئي، تڏهن کان شازو کي سندس چاچيءَ گود وٺي پاليو هو، شازو اڃان پنج ورهين جو مس ٿيو هو جو سندس پيءُ به دل جو دورو پوڻ ڪري اهڙي وستيءَ ڏانهن ڪاهي ويو هو، جتان اڄ تائين ڪوبه موٽي نه آيو آهي، چاچي کيس درسگاھ ۾ داخل ڪرايو هو ته جئين شازو پڙهيل، لکيل ۽ ڄاڻو بنجي دنيا ۾ نالو ڪمائي، چاچي کيس اها اجازت ڏني هئي ته جيڪڏهن درسگاھ کان موٽندي سانجهه لڙي پئي ته هو رات جو گھر ڏانهن اچڻ بدران اتي ئي سمهي رهي، ڇوته اتي ٻيا به ڪيترائي طالب علم رهيا ٿي، شازو اڃان چوڏهن، پندرهن سالن جو مس ٿيو هو جو سندس چاچو ڪالرا جي بيماري ۾ وٺجي ويو، لڳاتار جلاب ۽ الٽيون ٿيڻ ڪري سندس جسم جو پاڻي گھٽجي ويو ۽ ان کان پهرين جو هو ڪنهن شهر جي اسپتال پهچي، سندس ساھ جو پکي پَرَ ساهي پرواز ڪري ويو، هاڻي شازوءَ جي ڪل ڪائنات سندس چاچي هئي، رنڙي ۽ بيواھ، چاچي پاڙي اوڙي جا ٿانَوَ مليندي ۽ ڪپڙا ڌوئيندي هئي ۽ اتان جيڪي ڪجهه ملندو هوس ان مان سندس ۽ شازوءَ جو گذر ٿيندو هو.
    اها سرءُ جي اداس شام هئي، درسگاھ جي باغيچي ۾ گندگاھ ۽ ڪچرو صاف ڪندي ڪندي شازوءَ کي سانجهه لڙي چُڪي هئي، سج پنهنجي زرد چهري تي سڪل ۽ خشڪ مُرڪ پَساري اولهه جي وادين ۾ گم ٿي ويو، هوريان هوريان ڪارا پردا وايو منڊل تي ڦڙڪڻ لڳا ۽ انڌيرو گھاٽو ٿيندو ويو ۽ شازو فيصلو ڪيو ته هو اڄ موٽي گھر نه ويندو، درسگاھ جي پٺئين پاسي شاگردن واري ڪنهن ڪمري ۾ ٻين طالب علمن سان سمهي پوندو، هو ان کان اڳ به ٻه ٽي ڀيرا اتي راتيون گذاري چڪو هو، ان ڪري هاڻي هِري مِري ويو هو، ڪم ختم ڪري شازوءَ ڀرسان لڳل نلڪي تان هٿ منهن ڌوتو، ۽ رهائشي ڪمرن ڏانهن روانو ٿيو،
    “شازو” اوچتو کيس پٺيان سڏ ٿيو ، شازوءَ مُڙي ڏٺو هو درسگاھ جو مک معلم هو، ان کان اڳ جو شازو معلم کي ڪو جواب ڏي، معلم چيو “تون منهنجي ڪمري ۾ اچ، مونکي ٽنگن تي ڀِيڻا ڏي، اڄ ڏاڍو ٿڪل آهيان”
    شازو ڪنڌ ڌوڻي ها ڪئي ۽ معلم جي پٺيان پٺيان هلندو ڪمري اندر داخل ٿيو، معلم جي ڪمري ۾ نرم قالين وڇايل هو، درين ۽ دروازي جي اندران نيري رنگ جا پردا لڳل هئا ۽ آمهون سامهون ٻن ديوران تي ٻه ننڍا بلب لڳل هئا جنهن ڪري ڪمرو روشن هو، قالين تي ٻه گول وهاڻا پڻ رکيل هئا ۽ ٻه چادرون ڀرسان پيل هيون.
    “اڄ ڏاڍو ٿڪل آهيان” معلم چيو “دروازو اندران بند ڪري ڇڏ، مونکي ٽنگن تي زور ڏي ۽ جڏهن ننڊ اچئي ته بلب بند ڪري هتي ئي سمهي رهجان” ائين چئي معلم گول وهاڻي تي مٿو رکي اکيون ٻوٽي ليٽي پيو، شازو دروازي کي اندران ڪنڊي لڳائي ۽ معلم جي ڀرسان ويهي کيس ٽنگن تي زور ڏيڻ لڳو، شازوءَ جي ذهن ۾ هڪ خيال بار بار ڦيريون پائڻ لڳو ته معلم جو پٽ مُنو جيڪو شازوءَ جو هم عمر هو ۽ ان ئي درسگاھ ۾ پڙهندو هو، طالب علمن جي ڪمري ۾ ٻين طالب علمن سان گڏ رهندو هو پر ڪڏهن به معلم پنهنجي پٽ کي ٻهاري هڻڻ ۽ صفائي ڪرڻ لاءِ نه چوندو هو، ڪوبه معلم مُنو کي باغيچي مان گند گاھ صاف ڪرڻ لاءِ نه چوندو هو، اهو آخر ڇو ؟ ڇا ٻيا طالب علم منو کان گھٽ حيثيت رکن ٿا ؟ ڇا هو مُک معلم جو پٽ آهي ان ڪري سڀني ڪمن ڪارين کان آجو آهي ؟ انساني برابري ۽ محنت ۾ عظمت هجڻ جون سمجهاڻيون ڏيندڙ معلم پنهنجي پٽ بابت برابريءَ جي سوچ ڇو نه ٿو رکي ؟، هو پنهنجي پٽ کي ڇو نه ٿو چئي ته محنت ۾ ئي عظمت آهي، ۽ باغيچو صاف ڪر، وڻن کي پاڻي ڏي، ڇا معلم پنهنجي پٽ کي ان عظمت کان محروم رکڻ چاهي ٿو ؟ آخر ڇو ؟ اهو ئي معلم سڀني طالب علمن کي درس ڏيندو هو ته وڻ، ٻوٽا، گل ڦل، ميوا، مالڪ جي نعمت آهن، انهن جي سنڀال ڪرڻ اسانجو فرض آهي، ڏينهن رات وڻ پوکيو، انهن مان ڪچرو صاف ڪريو، انهن کي پاڻي ڏيو، انهن جي پاڙن ۾ گُڏ ڪيو، اهي سموريون سمجھاڻيون هو پنهنجي پٽ کي ڇو نه ٿو ڏي ؟ سڀ کان وڏي ڳالهه ته درسگاھ جا سمورا طالب علم واري واري سان معلمن کي ڀيڻا ڏيندا هئا، سندن ٿڪاوٽ دور ڪرڻ لاءِ سندن ٽنگن کي زور ڏيندا هئا، پر ڪو به معلم مُنو کي زور ڏيڻ لاءِ نه چوندو هو، اهو آخر ڇو ؟
    شازوءَ کي اهو منطق سمجهه ۾ نه آيو، هو سوچڻ لڳو ته ڇا هيءُ سڄي دنيا ڪوڙ جي پاسداري ٿي ڪري، ناانصافي ۽ اڻ برابري کي فروغ ٿي ڏئي؟ سمورا استاد، سمورا وڏڙا ۽ معزز ماڻهو پنهنجي ننڍڙن ٻارن ۽ نوجوانن سان ڪوڙ ڳالهائيندا آهن، انهن کي انڌيري ۾ رکندا آهن، انهن کان حقيقتون لِڪائيندا آهن، ۽ دوکو ڏيندا آهن، معلم ٻين کي محنت جي عظمت ۽ برابري جي پرچار ٻُڌائن ٿا پر مک معلم جي پٽ منو کي اها پرچار نه ٿا ٻُڌائن، شازوءَ سوچيو، والدين پاڻ سگريٽ پيئن ٿا، پر پنهنجي ٻارن کي ان کان منع ڪندا آهن ته سگريٽ پيئڻ بُري ڳالهه آهي، جيڪڏهن اها واقعي بُري شيءِ آهي ته پوءِ اهي وڏڙا پنهنجي اولاد سامهون گھر اندر پاڻ سگريٽ ڇو ٿا پيئن ؟ وڏا پاڻ رشوت وٺن ٿا، فلمون ڏسن ٿا، پر ننڍن کي تلقين ڪندا رهندا آهن ته رشوت وٺڻ، فلمون ڏسڻ انتهائي خراب ڪم آهي، هر اهو عمل جنهن کي وڏڙا بُرو چون ٿا، اهو پاڻ سرانجام ڏين ٿا صرف ننڍن تي پابنديون مڙهين ٿا، ننڍن کي سٺو بنجڻ جون نصيحتون ڪندڙ اهي وڏڙا پاڻ سٺا ڇو نه ٿا بنجن ؟ سندن انهن روين کي ڏسندي ننڍن جي شعور ۽ لاشعور ۾ ٽڪراءُ پيدا ٿئي ٿو، ۽ اهو نئون نسل ذهني دٻاءُ جو شڪار بنجي وڃي ٿو ۽ اندروني تضادن جي ڪري سڄي حياتي پنهنجو پاڻ ۾ ڀڄندو ڀُرندو رهي ٿو ۽ ڪڏهن به حقيقتن تائين نه ٿو پهچي.
    سوچن جو وڏ ڦڙو لڳاتار ذهن تي وسڻ سبب شازوءَ جو ذهن هڪ ڳوراڻ محسوس ڪرڻ لڳو، سندس اکين ۾ ننڊ ڀرجي آئي، ڇپر ڍرڪڻ لڳس، هن ڏٺو ته معلم پُرسڪون ننڊ ۾ هو، ننڊ آلود قدمن سان شازو اٿيو ۽ بلبن جا بٽڻ بند ڪري، هڪ چادر ڇڪي ليٽي پيو.
    ننڊ جي پَري پنهنجا پَرَ ڦڙڪائي، شازوءَ جي اکين کي ٿڌيري هوا هڻڻ لڳي، آهستي آهستي شازو ننڊ جي واديءَ ڏانهن روانو ٿي ويو، هن خواب ڏٺو ته معلم گھوڙي تي چڙهي اچي باغيچي جي ڀرسان بيٺو آهي، معلم جي هٿ ۾ چهبڪ هو ۽ غضب ناڪ اکين سان شازوءَ کي گھوري رهيو هو، معلم جي هٿ ۾ چهبڪ ۽ اکين ۾ ڪاوڙ واري وحشت ڏسي شازو ڏڪي ويو، سندس هٿ مان پاڻيءَ وارو رٻڙ جو پائيپ هيٺ ڪِرِي پيو، معلم ٽپ ڏئي گھوڙي تان هيٺ لٿو ۽ شازو کي خونخوار نظرن سان گھوريندو شازو طرف وڌڻ لڳو، شازو ڊپ سبب ڏڪي رهيو هو، ويجھو اچي معلم شازوءَ جي ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ رڙ ڪري چيائين “تون اسانکي ڪوڙ جو پاسدار ٿو چوين، تون چوين ٿو ته دنيا جا سڀئي وڏڙا، استاد ۽ معتبر ماڻهو دوکو ٿا ڏين پنهنجي نئين نسل کي، تون چوين ٿو ته وڏڙا خود بُرايون ڪندا وتن ٿا ۽ ننڍن کي هدايتون ٿا ڪن ته هو سٺا بنجن . . . ؟

    شازو جي نڙي خشڪ ٿي وئي، هو ڳيتون ڏيڻ لڳو، سندس زبان مان اکر اُڪلي نه سگهيو، هو ڏڪي رهيو هو، معلم وري رعبدار آواز ۾ چيو “تون هن سماج جي ٺاهيل ضابطن ۽ قانونن جي مخالفت ڪري رهيو آهين، تون نظام سان بغاوت ڪري رهيو آهين، ڪوبه اهڙو نوجوان جيڪو هن صدين جي جوڙيل نظام جي خلاف بغاوت ڪندو، وڏڙن، معززن ۽ معلمن خلاف ڳالهائيندو ان جي سزا صرف موت آهي، صرف موت . . . !”
    معلم ڪلهن کان جھلي شازوءَ کي ڌونڌاڙيو، لوڏا اچڻ ۽ ڊپ ۾ ڏڪڻ سبب شازوءَ محسوس ڪيو سندس سلوار ڍلي ٿي هيٺ هلي وڃي گوڏن ۾ پئي آهي، معلم جو رعبدار آواز گونجيو “هي نظام وڏن، طاقتورن ۽ معتبر ماڻهن جو ٺاهيل آهي، ان ڪري هتي انهن جو ئي حڪم هلندو، ننڍن ۽ ڪمزورن جو ڪم صرف فرمانبرداري ڪرڻ آهي، جيڪو فرمانبرداري کان انڪار ڪندو ان کي هتي رهڻ جو ڪو حق نه آهي، تو اڄ پُراڻن قانونن خلاف باھ اوڳاڇي آهي، تنهنجو ذهن اڻ برابري بابت ۽ ناانصافي بابت سوچڻ لڳو آهي، ان ڪري تنهنجي سزا به موت آهي”.
    معلم سَٽ ڏئي شازوءَ کي سوگھو ڪري ورتو، ۽ چهبڪ جو زيپٽ سندس دڏن وٽ ٿيو، شازوءَ کي دڏن جي وچ ۾ تڪليف محسوس ٿيڻ لڳي، هن رڙ ڪرڻ چاهي پر نڙيءَ مان آواز نه نڪري سگھيو، هن جو ساھ ٻوساٽجڻ لڳو، اوچتو هي ڇرڪ ڀري جاڳي پيو ته سندس سلوار هيٺ گوڏن وٽ هئي، دڏن جي وچ ۾ چهٻڪ جھڙي شيءِ کُتل هئي ۽ هُو معلم جي ڀاڪرن ۾ سوگھو هو.
    هن ڪيتريون ئي ڇڙيون هنيون پر معلم کان ڇڏائي نه سگھيو، معلم جو هٿ زور سان سندس وات تي ڏنل هو جنهن ڪري هو آواز به نه ڪري سگهيو، ڦٿڪي ڦٿڪي بي ست بنجي پيو ۽ معلم ڪجهه دير کانپوءِ سهڪي ساڻو ٿي کانئس ڇڊو ٿي ويو. هاڻ شازو صرف سڏڪي رهيو هو.
    صبح ٿيندي ئي معلم جي ڪمري مان شازو ٻاهر نڪتو، کيس معلم کان شديد نفرت ٿيڻ لڳي، کيس درسگاھ جي هر هڪ طالب علم کان ڪرهت ٿيڻ لڳي، کيس پنهنجو پاڻ کان بڇان ٿيڻ لڳي، هو خاموش رهيو، ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪيائين، اندر جو اندر ۾ کامندو پڄرندو رهيو، سڄو ڏينهن ڪجهه پڙهڻ ۽ ڪجهه وقت باغيچي جي وڻن کي پاڻي ڏيڻ ۽ صفائي ڪرڻ بعد هو سج بيٺي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو، سوچڻ لڳو، اهو سڀڪجهه هن سان آخر ڇو ڪيو ويو . . . ؟ ڇا اخلاقيات ۽ انساني قدرن جا درس ڏيندڙ معلم اهڙي اخلاقيات جو مظاهرو ڪندا آهن ؟ ڇا هو درسگاھ جي سڀني شاگردن سان ائين ڪندا آهن ؟ هن جي اندر ۾ نفرت آهستي آهستي چڙ ۾ بدلجندي وئي، ۽ پوءِ چڙ هوريان هوريان ڪاوڙ ۾ تبديل ٿيندي وئي، ڪاوڙ هڪ زهر آهي، آهستي آهستي اهو زهر شازوءَ جي وجود ۾ ڦهلجندو ويو، هاڻي سڄو شازو زهر آلود بنجي چڪو هو، هن جو وجود زهريلو ٿي چڪو هو، زهر مان هڪ شعلو ڀڙڪڻ شروع ٿيو جيڪو هڪ ڀنڀٽ بڻجي پيو، انتقام جو ڀنڀٽ، هن ۾ معلم کان انتقام جي باھ ڀڙڪي رهي هئي، “ها آئون معلم کان ان جو بدلو وٺندس” هن دل جو دل ۾ فيصلو ڪيو، اهو فيصلو هن جي ذهن ۾ پاڙون پڪيون ڪرڻ لڳو، هن اٽل ارادو ڪيو ته هو هر حالت ۾ معلم کان بدلو وٺندو.
    “پر ڪئين . . . ؟”هن جي ذهن ۾ هي سوال ائين چمڪيو جيئن اماس رات ۾ جگنوءَ جي اوچتي چمڪ ظاهر ٿيندي آهي، هي سوچڻ لڳو ته آئون معلم کان ڪيئن بدلو وٺي سگھندس . . . ؟ آئون معلم کي ڇا ڪري سگھندس ؟ معلم مونکان وڏو ۽ طاقتور آهي، آئون هن جو ڪجهه به بگاڙي نه سگھندس، جيڪڏهن ڪنهن سان هن واردات جي ڳالهه ڪيم ته هڪ طرف منهنجي بدنامي ٿيندي پوءِ شرم کان جيئرو رهي نه سگھندس، دنيا ۾ ڪهڙي منهن سان هلندس، ته ٻئي طرف الٽو مونکي درسگاھ مان نيڪالي ڏني ويندي ۽ آئون پڙهي نه سگھندس “ته پوءِ آخر ڇا ڪريان، ڪيئن معلم کان بدلو وٺان . . . ؟” هن کي ڪو به جواب سُجھي نه آيو.
    گھر پهچندي هن چاچيءَ سان گھڻو نه ڳالهايو، صرف ايترو چيائين “آئون ٿڪل آهيان چاچي، سمهان ٿو” ائين چئي هو پنهنجي هنڌ تي ليٽي پيو، هو برابر ٿڪل هو پر اڄ ننڊ جي پَري هن کان رُٺل هئي، هو ڪٺل هَرڻيءَ جيان بستري ۾ ڦٿڪي رهيو هو، لڇي رهيو هو، سوچيندي ۽ لڇندي رات گذري وئي ۽ هن کي ننڊ نه آئي.
    اها سياري جي پڇاڙي هئي، هڪ ڏينهن درسگاھ جي باغيچي مان ڪم ڪندي شازوءَ نلڪي وٽ پهچي هٿ منهن ڌوتو ته مک معلم جو پٽ مُنو هن وٽ آيو ۽ هن سان روايتي سلام دعا بعد چيائين “يار شازو آئون ڪڏهن ڪڏهن تنهنجي باري ۾ ڏاڍو سوچيندو آهيان”
    “ڇا” شازو کان ڇرڪ نڪري ويو، هن کي ڊپ ورائي ويو ته ڪٿي اهو راز ته نه ظاهر ٿي چڪو هو جيڪو هن هر ڪنهن کان ڇپايو هو، اهو راز جيڪو معلم جي انساني قدرن ۽ اخلاقيات سان ويجھو ڳانڍاپو رکي ٿو، شازوءَ پڇيو “ڇا سوچيندو آهين منهنجي باري ۾ . . .؟”
    “اهوئي ته آئون هونئن خوبصورت ڇوڪرو آهيان” منو چيو “پر شازو تون مونکان وڌيڪ خوبصورت آهين، درسگاھ ۽ ڳوٺ جي سڀني ڇوڪرن کان وڌيڪ حَسين آهين، آئون سوچيندو آهيان ته ڪاش آئون تو جهڙو خوبصورت بنجي پوان”
    شازوءَ گھور ڪري منوءَ جي منهن ۾ ڏٺو، مَنوءَ جي چهري ۽ چپن تي هلڪي مسڪراهٽ ڇانيل هئي، ۽ سندس اکيون لڳاتار شازوءَ کي تڪي رهيون هيون، شازوءَ کي انهن اکين ۾ معلم جون اکيون نظر آيون، شازوءَ آهستي آهستي محسوس ڪيو ته منوءَ جي هٿ ۾ چهبڪ هو ۽ منوءَ جي چهري ۾ معلم جون اکيون هيون جيڪي رعبدار ۽ دهشت وارين نگاهن سان شازوءَ کي تڪي رهيون هيون، پر هن وقت شازو ڏڪيو نه ٿي، هن جي جسم ۾ رت جو دورو تيز ٿيندو ويو، ۽ هن پنهنجيون مُٺيون ڀڪوڙجندي محسوس ڪيون، هن جي دل چاهيو ته منوءَ کي ڳچيءَ کان جھلي سندس اکيون نوچي ڪڍي وٺان، پر اوچتو شازوءَ جون مٺيون ڍريون ٿي ويون، رت جو دورو ڌيمو ٿي ويو ۽ هن جي ذهن ۾هڪ خوشيءَ جي لهر اڀري، هن هلڪو مُرڪيو ۽ دل جو دل ۾ سوچيو ته “ها، هاڻ آئون بدلو وٺندس معلم کان” ڪنڌ کي هاڪار ۾ ڌوڻي منوءَ کي چيائين “يار اڄ آئون ڳوٺ نه ويندس، اڄ رات درسگاھ ۾ ئي ترسندس.”
    اڌ رات گذري چڪي هئي، شازو درسگاھ جي پويان طالب علمن واري ڪمرن مان هڪ ڪمري ۾ ستل هو، هن سان گڏ منو ستل هو ۽ هڪ ٻيو طالب علم ٿورو پريان ڪنڊ وٽ کونگھرا هڻي رهيو هو، انتقام جي باھ ۾ پڄرڻ سبب شازوءَ کي ننڊ نه ٿي آئي، هن وهاڻي تان ڪنڌ مٿي کنيو اوندھ ۾ ڏسڻ ۾ ڪجهه به نه آيس، پر ڪنڊ ۾ ستل طالب علم جي کونگھرن جي آواز مان اندازو ٿيس ته هو اگھور ننڊ ۾ آهي ۽ منو هلڪي چُر پر ڪندي پاسو ورايو جنهن مان هن محسوس ڪيو ته منو اڃان ڪچي ننڊ ۾ آهي، هن سوچيو بدلي جووقت اچي ويو آهي، هن ڏينهن جو ئي ذهن ۾ منصوبو جوڙي ڇڏيو هو ته هو معلم جي پٽ منوءَ سان بلڪل اهوئي ڪندو جيڪو معلم ساڻس ڪيو هو، اهڙي ريت هو معلم کان بدلو وٺندو.
    شازو ٿورو اڳيان سرڪي منوءَ کي ويجھو ٿيو، سوچيائين ته معلم وانگي هو منوءَ جي سلوار لاهيندو ۽ زبردستي منوءَ جي وات تي هٿ ڏئي ساڻس اهوئي ڪجهه ڪندو جو معلم ڪيو هو، شازو ويجھو ٿي آهستگيءَ سان منوءَ جي سلوار ڇوڙي هيٺ ڇڪي ته منو ڪجهه سجاڳ ٿي پيو پر بنا ڪجهه مزاحمت ڪرڻ جي ۽ بنا ڪنڌ ورائڻ جي، پاڻ پنهنجي سلوار گوڏن تائين لاهي، دُڏا کڻي شازوءَ کي ويجھا ڪيائين، شازوءَ کي حيرت لڳي “مار . . . ! هي ته اڳ ۾ ئي ان تي هِريل آهي، هي معلم جو پٽ آهي، ٻين طالب علمن سان گڏ سمهندو آهي، پڪ ٻيا طالب علم اڳ ۾ ئي هن سان اهو سڀڪجهه ڪندا هوندا جنهن ڪري هي ان تي هِريل ۽ راضي آهي” شازو سوچڻ لڳو، بحرحال هن کي معلم کان بدلو وٺڻو هو سو هن سوچيو هو منوءَ سان ائين ڪندو، پر اوچتو سندس پيٽ ۾ کڏ پوڻ لڳي، هن جو مرداڻو عضوو بنهه ناڪاره هو، شازوءَ ڪيتري ئي ڪوشش ڪئي پر هو بدلي وٺڻ جي قابل نه ٿيو، هن کي هاڻي ٻيهر ڊپ ٿيڻ لڳو، ڊپ کان شازو ڏڪڻ لڳو، هن کي پهريون ڀيرو محسوس ٿيو ته هِن ۾ اها صلاحيت ئي نه آهي، هاڻي هن کي سمجهه ۾ اچڻ لڳو ته هو بيحد خوبصورت آهي، ڇوڪرين جهڙو خوبصورت پر صلاحيتن ۾ به ڇوڪرين جهڙو، شازو کي محسوس ٿيو ته هو شهزور ناهي، هو شازو به ناهي، بلڪه شازيه آهي، هن کي ٻيهر چڙ اچڻ لڳي پنهنجو پاڻ کان نفرت ٿيڻ لڳي، نفرت ڪاوڙ ۾ بدلجندي وئي ۽ آهستي آهستي سندس سڄو وجود هڪ ڀيرو ٻيهر زهر آلود بنجي ويو، تڏهن اوچتو سرٻاٽن ۾ منوءَ جو آواز آيو “ڇورا تو ۾ حال ئي ڪونهي !” ان جملي شازوءَ جي دل ۾ بڙڇي کوڙي ڇڏي.
    شازو چاچيءَ سان ڳالهائڻ به ڇڏي ڏنو هو، درسگاھ وڃڻ به ڇڏي ڏنو هو، اڪثر ڪري گھر ڀرسان بيٺل ٻٻرن جي وڻن هيٺيان ويهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ، پهرن جا پهر سوچيندو رهندو هو، هن کي دنيا بي سواد محسوس ٿيڻ لڳي هئي، زندگي بي مزي ۽ ڇَسي بنجي پئي هئي، هن کي مردن کان نفرت ٿيڻ لڳي، عورتن کان نفرت ٿيڻ لڳي، هر شيءِ کان نفرت ٿيڻ لڳي، هُن پنهنجي زندگيءَ جو هي راز ڪنهن سان به نه سَليو، هن کي سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته دنيا ۾ سندس جاءِ ڪهڙي آهي ۽ ڪٿي آهي، هن کي محسوس ٿيو ته سندس جاءِ عبادتگاهن ۾ به ناهي، مڙهين ۾ به ناهي، بازارن ۽ عام جڳهين تي به نه، سندس جاءِ اتي به ناهي جتي مرد آهن، سندس جاءِ اتي به ناهي جتي عورتون آهن، هو اهو به نه ڄاڻي سگھيو ته سندس جاءِ دنيا ۾ ڪٿي ۽ ڪهڙي آهي، هو مشتعل ٿي ويو، ۽ نيٺ هڪڙي ڏينهن چاچيءَ کي ڪمائڻ جو چئي شهر هليو ويوهو.
    لائوڊ اسپيڪر مان معلم جي آوازتي شازوءَ جي ماضيءَ جون يادون ٽٽل شيشن جي ٽڪرن جيئن وکري ويون، معلم ڏاڍيان چئي رهيو هو ته “پهرين بندن جا حق آهن، جنهن به بندن (انسانن) جي خدمت ڪئي، ان کي ئي هميشه واري زندگيءَ ۾ انعام ملندو” هي اهوئي مک معلم هو جنهن جي وجود جي ڪراهت شازوءَ جي وجود ۾ اوتيل هئي، شازو روڊ تان بيهه پري کان معلم کي تقرير ڪندو ٻُڌي ۽ ڏسي رهيو هو، وقت سان گڏ گھڻو ڪجهه بدلجي ويو هو پر شازوءَ کي محسوس ٿيو ته معلم اڃان نه بدليو هو، شازوءَ کي اوچتو محسوس ٿيو ته تقرير ڪندڙ معلم گھوڙي تي چڙهيل هو، سندس هٿ ۾ چهبڪ هو ۽ ڳاڙهين رعبدار اکين سان شازوءَ کي تڪي رهيو هو. اوچتو ان وقت زمين ڌوڏيندڙ ڌماڪو ٿيو، سموري درسگاھ دونهين جي ڪڪرن سان ۽ شعلن سان ٻَري پئي، ماڻهن جون اڀ ڏاريندڙ رڙيون ٻڌجڻ لڳيون.


    [2]

    ڪمري جي پٺئين پاسي واري دري هڪ باغيچي طرف کُلي ٿي، باغيچي ۾ تمام ٿورا وڏا ۽ ڊگھا وڻ هئا جن تي اسر ويل اچي ڪوئلون ويهي ٻولينديون هيون ۽ شازو ننڍپڻ کان انهن جون پياريون ٻوليون ٻُڌي جاڳي پوندو هو ۽ کيس ائين محسوس ٿيندو هو ته اهي ڪوئلون کيس “شازو، شازو” ڪري پڪارين ٿيون، شازو محسوس ڪندو هو ته ڪوئلون پنهنجي ٻوليءَ ۾ کيس ڪنهن ٻي دنيا ڏانهن اچڻ جي دعوت ڏينديون رهنديون هيون، اهڙي دنيا جتي پکين جي ٻولين جهڙيون خوبصورت دليون هيون، جتي آزادي هئي، تهذيبون ۽ روايتون نه هيون، پرسڪون زندگي هئي، شازو ننڍپڻ کان سوچيندو هو ته انسان پنهنجوپاڻ کي جيترو مهذب بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اوترو ئي پاڻ کي جڪڙي ڇڏيو آهي، تهذيب، اخلاق، قانون، پابنديون ۽ اصول، اهي سڀ شيون غلاميءَ جون نظر نه ايندڙ زنجيرون آهن جيڪي جسمن بدران ذهنن کي غلام بنائن ٿيون ۽ جڏهن ذهن غلام ٿي ويندو آهي تڏهن جسم خودبخود غلام ٿي ويندو آهي، ڇو ته جسم ذهن جي تابع آهي، ذهن جي ماتحت آهي، غلام ذهن غلام خواهشون ڄڻيندو آهي ۽ اهڙن غلام معاشرن ۾ پيدا ٿيندڙ هر نئون ٻار ڄمندي ئي غلام بنجي ويندو آهي.
    باغ ۾ ڪيترائي ننڍا ننڍا گلدار ٻوٽا هئا جيڪي هر نئين اڀرندڙ سج جي آجيان لاءِ ٽڙي پوندا هئا، ۽ سانجهه جو سج کي الوداع ڪرڻ وقت پاڻ به اکيون پوري مُرجهائجي ويندا هئا، ڪيڏو نه خوبصورت جملو چيو آهي ڪنهن شاعر ته “اي سج، سورج مکيءَ کان بهتر آجيان، ڪير به تنهنجي نه ٿو ڪري سگھي” باغ کان پريان هڪ وڏي ڍنڍ هئي جنهن ۾ سياري جي مند ۾ قسمين قسمين پکي اچي مهمان ٿيندا هئا ۽ مند مٽجڻ سان گڏ اڏري هليا ويندا هئا، هن ڪمري، باغ ۽ ڍنڍ سان شازوءَ جون ننڍپڻ جون يادون سلهاڙيل هيون، هن ڪمري ڀرسان سندس چاچيءَ جو ڪمرو هو، چاچي شايد اڃان جاڳي رهي هئي ۽ پنهنجي ڪمري ۾ عبادت ڪري خدا کي راضي ڪري رهي هئي، شازو اڄ ٿڪل هو، ننڊاکڙن نيڻن سان ڪمري ۾ بستري تي ليٽي سوچي رهيو هو ته خدا ته مافوق الفطرت هستي آهي، هو هر شيءِ تي قادر آهي، سموري ڪائنات ان جي تابع آهي، ڪير به سندس ڪجهه نه ٿو بگاڙي سگھي، سندس حڪم کانسواءِ ته پن به نه ٿو چُري سگھي، ته پوءِ انسان خدا جو ڇا ٿا بگاڙي سگھن ؟ جڏهن انسان خدا جو ڪجهه به نه ٿا بگاڙي سگھن، ته پوءِ خدا انسانن تي ازل کان ناراض ڇو آهي، جو ٻاروتڻ کان ٻڌندا اچون ته عبادت ڪريو ۽ خدا کي راضي ڪريو، راضي ته ان کي ڪبو آهي جيڪو ناراض هجي، ناراص اهو ٿيندو آهي جنهن کي ڪا تڪليف پهتي هجي، يا ڪو نقصان ٿيو هجي، انسان خدا کي نه ته ڪا تڪليف پهچائي ٿا سگھن ۽ نه ئي کيس ڪو نقصان رسائي ٿا سگھن، ته پوءِ خدا ناراض آخر ڇو آهي ؟ جيڪڏهن هو ناراض ناهي ته پوءِ انسان ان لاءِ پريشان ڇو آهن ته عبادتون ڪري خدا کي راضي ڪجي ؟ خدا ۽ انسانن جي وچ ۾ شايد ڪا غلط فهمي آهي، شايد ٻنهي وچ ۾ ڪو منجھارو آهي جنهن کي نه انسان سلجھائي سگھيا آهن ۽ نه ئي خدا انسانن کي ايتري سمجهه ڏني آهي جو هو اصل حقيقت کي سمجھن.
    شازوءَ سوچيو ته چاچيءَ آخر ڇا ڪيو آهي جو خدا ساڻس ناراض آهي ۽ هوءَ عبادتون ڪري خدا کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، چاچي ته هڪ نيڪ سيرت ۽ ڪشادهه دل عورت آهي، هن هميشه ايمانداري واري ۽ سچائي واري زندگي گذاري آهي، سدائين صبر ۽ شڪر ڪيو اٿائين، ته پوءِ خدا کي چاچيءَ سان ناراض نه ٿيڻ کپي.
    شازوءَ جي ذهن ۾ رکي رکي معلم جي تقرير جا لفظ وڄڻ لڳا ته “انسانن سان پيار ڪريو، انسانن جي خدمت ڪريو، موت کان پوءِ اول ان جو ئي پڇاڻو ڪيو ويندو ته توهان خلق جي ڪهڙي خدمت ڪئي ؟، جنهن انسانن جي خدمت ڪئي هوندي ان کي انعام ملندو ۽ جنهن خلق جي خدمت نه ڪئي هوندي، انسانن جا حق ادا نه ڪيا هوندا ان کي سزا ملندي” معلم جي انهن لفظن کي دل جو دل ۾ دهرائيندي شازوءَ جي اک لڳي وئي ۽ هو گھري ننڊ ۾ کونگھرا هڻڻ لڳو، ذهن ۾ لڳاتار ترندڙ ڳالهيون اڪثر ڪري خواب جي صورت ۾ ظاهر ٿينديون رهنديون آهن، ان رات شازوءَ به هڪ خواب ڏٺو.
    حساب ڪتاب جو ڏينهن هو، ڌرتي ٽامون ٿي پئي هئي، سج لڙي اچي ويجھو بيٺو هو، ماڻهن جا انبوھ هئا، گنهگار، نيڪ و ڪار سڀ اڀي پير بيٺا هئا، مافوق الفطرت هستيءَ جي ڪرسي لڳي چڪي هئي، هڪ هڪ بندي کان واري واري سان سندس عملن بابت پڇاڻو ٿي رهيو هو، هڪ طرف مرد بيٺل هئا، ته ٻئي طرف عورتون بيٺل هيون، شازو سوچي رهيو هو ته هو مرد آهي يا عورت ؟ هو فيصلو نه ڪري سگھيو ته پاڻ مرد آهي يا عورت، هن کي مردن سان گڏ بيهڻ به مناسب نه لڳو ۽ عورتن سان گڏ بيهڻ به مناسب نه لڳو، شازو اڃان پنهنجي جاءِ تلاش ڪري رهيو هو ته زوردار آواز آيو “ايڊيسن” حاضر ٿئي.
    ايڊيسن اڳيان وڌيو ۽ ادب سان ٻانهون ٻڌي، ڪنڌ نوڙائي بيهه رهيو، سوال ٿيو “ٻڌائي تو انسانن جا ڪهڙا ڪهڙا حق ادا ڪيا ؟ انسانيت جي ڪهڙي خدمت ڪئي ؟ جواب مليو “مالڪ مون بلب ايجاد ڪيو، جنهن سان سڄي دنيا روشن ٿي وئي، ڪروڙين ماڻهن رات جي وقت بلب جي روشنيءَ ۾ پنهنجا ڪم سرانجام ڏنا، ڪروڙين شاگرد رات جو بلب جي روشني تي پڙهي سگھيا، انهن جي پڙهڻ بعد اهي ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ استاد بنيا، انهن مريضن، بيمارن ۽ عام ماڻهن جي خدمت ڪئي، استادن نوان شاگرد پيدا ڪيا جن دنيا کي علم جي روشنيءَ سان نئين سر منور ڪيو، دنيا جي اربين انسانن جي صدين تائين خدمت ڪئي اٿم”
    آواز آيو ته “تو انسانيت جي خدمت ڪئي، اربين انسانن کي فائدو پهچايو ان ڪري اسان توکي ٻيون خطائون معاف ڪيون، تولاءِ انعام آهي . . . !
    سڏ ٿيو “اوٽو حاضر ٿئي . . .”
    جرمني جو اوٽو اڳيان وڌي آيو، سوال ڪيو ويو ته “سڀ کان پهرين اهو ٻڌائي ته تو دنيا ۾ انسانن جي ڪهڙي خدمت ڪئي ؟ بندن جا ڪهڙا حق ادا ڪيا ؟
    جواب مليو “آقا مون دنيا ۾ پهرين انجڻ ايجاد ڪئي ۽ ان انجڻ جي سبب موٽرون، گاڏيون، جنريٽر، هوائي جهاز ۽ خلائي گاڏيون ٺهيون، هزارين ميلن جا فاصلا منٽن ۾ طئه ٿيڻ لڳا، دنيا جا ماڻهو هڪٻئي جي مدد لاءِ دنيا جي هڪ ڪنڊ مان ٻي ڪنڊ ۾ پهچي ٿي سگھيا، بيمارن کي علاج گهرن تائين ترت پهچايو ٿي ويو، ڪيترائي ٽن وزني شيون، مسافر ۽ ٻيو ضروري سامان توڙي کاڌي خوراڪ جون شيون هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تائين آسانيءَ سان پهچايون ٿي ويون، اربين انسانن جي زندگي آسان ۽ لاڀائتي بنجي پئي ۽ صدين تائين انسان ان مان فائدو وٺندا رهيا”
    آواز آيو ته “تو بندن (انسانن) جي صحيح معنى ۾ خدمت ڪئي، ان ڪري تنهنجي لاءِ به انعام آهي . . .”
    سڏ ٿيو “آروِل حاضر ٿئي“
    آرول اڳتي وڌيو، سوال ٿيو “انسانن لاءِ ڇا ڪيئي ؟”
    جواب مليو ته “مالڪ، مون پنهنجي ڀاءُ ولبر سان گڏجي سالن جي محنت سان هوائي جهاز ايجاد ڪيو، ان ايجاد سان دنيا جا سمورا ملڪ هڪٻئي سان ڳنڍجي ويا، لکين ماڻهن ان ۾ سفر ڪيو، علم حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا جي هڪ حصي جا ماڻهو ٻئي حصي تائين پهچي ٿي سگھيا، مريض علاج لاءِ پرديس پهچي ٿي سگھيا، ڪيتريون ئي خلائي کوجنائون ٿيون، ان هڪڙي ايجاد سان ڪروڙين انسانن کي فائدو پهتو ۽ ان فائدي جي شاهدي اهي ڪروڙين ماڻهو ڏئي سگهن ٿا.”
    ڪجهه دير جي خاموشي ٿي وئي، خلق تي ماٺ طاري ٿي وئي، بعد ۾ آواز آيو “تو بيشڪ انسانن جي خدمت ڪئي آهي، تون انعام جو حقدار آهين، اسان پنهنجي پوڄا نه ڪرڻ جي خطا بخش ڪئي”

    گراهم بيل کي سڏ ڪيو ويو، گراهم بيل اڳيان وڌي آيو، سوال جواب ٿيو، گراهم بيل ٻڌايو ته “مالڪ مون ٽيليفون ايجاد ڪيو هو جنهن سان دنيا جا ماڻهو هڪٻئي سان ڳنڍجي پيا هئا، ان آڌار تي وائرليس، ٽيلويزن ۽ ٻيون ڪيتريون ئي مشينون ايجاد ٿيون ۽ اربين ماڻهن کي ناقابل فراموش فائدا ٿيا” اهڙي ريت گراهم بيل کي به نوازيو ويو، ان بعد مارڪوني، رابرٽ وٽاڪر، رابرٽ هُوڪ، نيوٽن ۽ لوائس پاسچر سميت اڻ ڳڻيا انسان آيا، انهن کان ساڳي ريت انسانيت جي خدمت جو پڇاڻو ٿيو ۽ کين عيوضي ۾ نوازيو ويو.
    شازو معلم جي لفظن کي ياد ڪرڻ لڳو ته واقعي معلم سچ چيو هو ته مالڪ پنهنجا حڪم نه مڃڻ وارا ڏوھ ته معاف ڪري سگھي ٿو پر بندن جا حق معاف نه ڪندو، جنهن انسان ٻين انسانن ۽ خلق جي خدمت ڪئي هوندي ان کي حساب ڪتاب جي ڏينهن نوازيو ويندو ۽ انعام ڏنو ويندو ۽ جنهن خلق جي خدمت نه ڪئي هوندي يا خلق جي دل آزاري هوندي ان لاءِ عذاب آهي.”
    شازو ان ڳالهه تي حيران هو ته دنيا ۾ جيڪي پاڻ کي ڌرم جا ٺيڪيدار سڏائيندا هئا ۽ چوندا هئا ته سندن ڌرم جي نظريئي کي نه مڃيندڙن لاءِ يقيني عذاب آهي، پر هتي ته ائين ناهي، هي سمورا اهي ماڻهو هئا جيڪي هڪ الڳ نظريئي جا پيروڪار رهيا هئا، پر هنن کي صرف ۽ صرف انسانيت جي خدمت جي عيوض نوازيو ويو آهي.
    اوچتو هڪ وڏي ڏاڙهيءَ واري شخص کي سڏ ٿيو، شازو ڏٺو ته هي معلم هو، هن سوال جي جواب ۾ چيو ته “مون ڏينهن رات عبادت ڪئي هئي، ذڪر ۽ ثناءُ ڪئي هئي، ماڻهن ۾ پرچار ڪئي هئي” پر شازو ڏٺو ته هن جي عملن جي ڪتاب ۾ اهڙي ڪا به شيءِ لکيل نه هئي جنهن کي انسانن جي خدمت چئي سگھجي، آخرڪار معلم کي عذاب جي طرف ڌڪيو ويو، شازو ڏٺو ته معلم رڙيون ڪندو رهيو هو، اهي رڙيون شازوءَ جي ڪنن ۾ پڙاڏا پيدا ڪنديون رهيون، معلم رڙيون ڪرڻ سان گڏ ائين ڦٿڪي رهيو هو جيئن ڪڪڙ کي ڪهي زمين تي ڇڏبو آهي ته هو ڦٿڪي ۽ تڙپي رهيو هوندو آهي، معلم جي لڱ ڪانڊاريندڙ رڙين تي شازوءَ جي اک کلي پئي ۽ سندس خواب ٽٽي پيو.
    شازوءَ بستري تي پاڻ کي پگهر ۾ پسيل محسوس ڪيو، ايترو پگھر ٿيو هوس جو سندس ڪپڙا پسي سندس جسم سان چهٽي پيا هئا، نڙي خشڪ ٿي وئي هوس، شازوءَ ائين ڀانيو ڄڻ هُن ڪو خواب نه ڏٺو هو پر هو ڪي ميل ڊوڙي آيو هو ۽ سندس نڙي خشڪ ٿي وئي هئي، هو سهڪي رهيو هو ۽ وڏا وڏا ساھ کڻي رهيو هو.
    شازو آهستگيءَ سان بستري تان اٿيو، پاڻ کي ٿڪل ڀانيائين، پير پير ۾ وجھندو هو ڪمري کان ٻاهر نڪتو، ڪمري کان ٻاهر چنڊ جي روشني آڳنڌ تي ڦهليل هئي، اڱڻ ۾ بيٺل ٻير جو وڻ چانڊوڪيءَ ۾ چمڪي رهيو هو ۽ ماحول ۾ سانت ڇانيل هئي، ڪمري جي در ڀرسان منجڻ تي رکيل مٽ مان پاڻيءَ جي ڇل ڀري شازو يڪساهيءَ ڏوڪي ويو، ٿڌو پاڻي اندر ۾ لهندي هن پاڻ ۾ هڪ نئين طاقت ڀرجندي محسوس ڪئي، پاڻي پيئڻ کانپوءِ هو سامت ۾ آيو، ٻاهر تڏين جي چِرِ چِرِ جا آواز ماحول ۾ خاموشيءَ کي گھائي رهيا هئا، شازو ٻيهر موٽي ڪمري ۾ آيو ۽ وهاڻي تي ٽيڪ لڳائي ليٽي پيو، سندس ذهن تي ڪالهوڪي ڏينهن جا واقعا تري آيا.
    هو روڊ تان بيٺي معلم کي تقرير ڪندي ٻُڌي رهيو هو، اوچتو ان وقت هڪ دل ڏڪائيندڙ ڌماڪو ٿيو هو، درسگاھ دونهن جي ڪارن ڪڪرن ۾ ويڙهجي وئي هئي، شازو جو جسم لرزي ويو هو ۽ ڀانيو هئائين ته سندس پيرن هيٺيان زمين نڪري و.ئي آهي، آسپاس جا ماڻهو ۽ بس اسٽاپ جا ماڻهو، پنهنجا گھر ۽ دڪان ڇڏي ٻاهر نڪري آيا ۽ درسگاھ جي طرف ڊوڙندا ٿي آيا ته ساڳئي وقت درسگاھ وٽان ماڻهو ڊوڙي ٻاهر نڪري آيا هئا ۽ اهي تڙ تڪڙ ۾ درسگاھ کان پَري ڀڄي رهيا هئا، شازو پنڊ پهڻ ٿي هڪ هنڌ ڄميو بيٺو هو. هر طرف لاش پکڙيل هئا، انسانن جا جسم کان ڌار ٿيل عضوا، ٽنگون، ٻانهون، رت جا ڌٻا ۽ لاش، ڪيئي ماڻهو پيٽ کي هٿ ڏيئي الٽيون ڪرڻ لڳا، ڪي ڏڪي رهيا هئا، هر طرف ڀڄ ڊُڪ، اک ڇنڀ ۾ ايمبولينسون رڙيون ڪنديون پهچڻ لڳيون، پوليس ۽ رينجرز جون گاڏيون، سائرن ۽ رڙ ڪيڪ شروع ٿي وئي، درسگاھ واري علائقي کي ڪڙو چاڙهيو ويو، عام ماڻهن کي پري ڌڪيو ويو، شازو به چند قدم اڳيان هلي عام ماڻهن جي ميڙ ۾ شامل ٿي ويو، هن ميڙ ۾ به پاڻ کي بلڪل اڪيلو محسوس ڪيو، ميڙ ۾ جيترا هئا وات اوتريون ڳالهيون ٿيڻ لڳيون “بم ڌماڪو ٿيو آهي” ڪنهن چيو.
    “خودڪش بمبار هو“
    نه نه ٽائيم بم هو”
    “مخالف فرقي وارن حملو ڪيو آهي”
    “ڇا خدا اهو چوي ٿو ته مخالف فرقي وارن تي بم سان حملو ڪري، ڪيترن ئي بيگناھ انسانن کي ماري ڇڏجي ؟؟”
    رضاڪار ۽ اهلڪار انساني گوشت جا رت هاڻا لُوٿڙا ميڙي رهيا هئا، چچريل لاش ڍوهي رهيا هئا، شازو پَري کان ڏٺو ته لاش ڍوئيندڙ رضاڪارن ۽ اهلڪارن جا چهرا هر قسم جي تاثر کان خالي هئا، سندن چهري تي نه افسوس ۽ نه ڏک هو، نه حيرت هئي، نه پشيماني ۽ نه ئي ڪاوڙ . . . ! ائين ٿي ڀانيو ته اهڙا واقعا سندن زندگيءَ جو معمول هئا، جنهن کي ڪا به اهميت حاصل نه هئي، اهلڪارن ۽ رضاڪارن جي مُنهن تي صرف بيزاريءَ جا آثار هئا، وياڪل وياڪل لمحن جيان، جيئن هر شام جو موهن جي دڙي تان سج لهڻ وقت دڙي مان لڌل ناچڻي اونداھ ۾ ٻڏي ويندي آهي، ائين هنن اهلڪارن جا جذبا به هڪ اڻ ڏٺي اوندھ ۾ ٻڏل ٿي نظر آيا.
    شازوءَ ائين محسوس ڪيو ته جانورن جي ميڙ ۾ اڪيلو اچي ويو هو، جتي انساني رت جي اهميت گٽر جي پاڻي جيتري به نه هئي، هن خدا ۽ سندس ٻهانن جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيو، فرقن ۽ نفرت پکيڙيندڙ ٽولن جي باري ۾ سوچيو، هن ڪائنات ۽ ڪل انسان ذات جو خدا ته هڪڙو آهي، ڌرتيءَ تي وسندڙ سمورن انسانن جو رب اهوئي هڪ آهي، پوءِ اهو ڪهڙو خدا آهي جنهن کي ڪا طاقت ناهي ته هو پنهنجي مخالفن سان مهاڏو اٽڪائي سگھي ؟ ۽ انسانن کي چوي ٿو ته اوهان منهنجي مخالفن سان ويڙھه ڪريو، انهن کي ماريو جيڪي منهنجي غلامي نه ٿاڪن، ۽ انسان هڪٻئي خلاف جهاد ڪري هڪٻئي جو خون وهائيندا وتن. شازوءَ سوچيو ته ان خدا جي بدران ڇو وڙهجي جيڪو پاڻ ايترو ڪمزور هجي جو پنهنجي مخالفن کي سزا نه ڏئي سگھي ۽ انهن کي سزا ڏيڻ لاءِ پنهنجي حمايتي انسانن کان مدد طلب ڪري . . . ؟ نه ائين نه ٿو ٿي سگھي، خدا ته طاقتور آهي، هو هر شيءِ تي ضابطو ۽ اختيار رکي ٿو، هو جنهن کي تباھ ڪرڻ چاهي ته ان لاءِ صرف حڪم ۽ چوڻ جي دير آهي، ۽ ائين ٿي پوندو، سندس حڪم کان سواءِ ته پن به نه ٿو چُري سگهي. پوءِ ائين ڇو آهي جو خدا پاڻ خاموش آهي ۽ خدا جي بدران، خدا جي نالي ۾ انسان هڪٻئي کي پٽي، چيري ڦاڙي رهيا آهن، ڪٿي ائين ته ناهي ته اها جنگ انسانن جي پنهنجي ذاتي مفادن جي آهي جنهن کي هو خدا جي نالي تي انسانن مٿان مڙهي رهيا آهن؟؟
    شازوءَ جو ذهن خزان ۾ سڪي ويل پپر جي ٽارين جيان ٺوٺ بنجي ويو، وڌيڪ سوچڻ ۽ سمجھڻ جي سگهه کائنس موڪلائي وئي، هو آهستي آهستي قدم کڻندو ڳوٺ طرف وڌڻ لڳو هو، ڳوٺ جي چوراهي تي پهچي کيس خبر ملي ته درسگاھ ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ هن جي ڳوٺ جا 6 ماڻهو موت جي واديءَ ۾ پهچي چڪا هئا، جيڪي معلم جي تقرير ٻڌڻ لاءِ ويا هئا، انهن مان هڪ خانو به هو، هن جو نالو ته خان محمد هو پر ڳوٺ ۾ خانو جي نالي سان مشهور هو، خانو ننڍپڻ کان ڳوٺ جون مينهون ۽ ڳئون چاريندو هو، ڳوٺ جي آسپاس چراگاهن ۾ مال چارڻ دوران ڏاڍي سُريلي انداز سان بانسري وڄائيندو هو، ۽ جڏهن نما شام جو وقت ٿيندو هو ته چراگاهن کان مال جي ڳچين ۾ ٻڌل ٽِلين جي ٽڻ ٽڻ جو آواز خانوءَ جي آمد جو اعلان ڪندو هو، مال کي وٿاڻ ۾ ڇڏي هو ملنگن جي آشرم ڀرسان پنهنجي ڪکائين جھوپڙيءَ ۾ هليو ويندو هو ۽ رات لڙيءَ تائين بانسريءَ مان ٻيجل جي چنگ جهڙا سُر اوريندو هو ۽ ڪيئي راءِ ڏياچ سندس جھوپڙيءَ تائين پهچي ويندا هئا، ۽ ٺريل رات جي ماٺار ۾ سُرن سان روح کي مست ڪري پوءِ پنهنجي گھرن ڏانهن موٽندا هئا. خانو ڪڏهن به نه ڄاتو ته خدا ڇا آهي، ڇو آهي ۽ ڇا ٿو چاهي ؟ هو صرف اهو ٻڌندو آيو هو ته خدا آهي ۽ چاهي ٿو ته منهنجي حڪمن جي پيروي ڪندا رهو. خانو ڪڏهن به درسگاھ تي معلم جي تقرير ٻڌڻ لاءِ نه ويندو هو، هي پهريون ڀيرو هو جو هو درسگاھ تي معلم جي تقرير ٻڌڻ لاءِ ويو هو ۽ زندگي وڃائي ويٺو هو، شازوءَ سوچيو ته خانوءَ جي روح جسم کي ڇڏيندي ضرور سوچيو هوندو ته خدا ائين ڇو ٿو ڪري جو پنهنجو پيغام ٻڌڻ لاءِ ايندڙن مٿان بم حملا ڪرائي کانئن زندگي کسي ٿو وٺي، ڇا هو بم حملو ڪندڙ کي روڪڻ جي طاقت نه ٿو رکي ؟ ۽ جي اهڙي طاقت رکي ٿو ته پوءِ کيس اڳواٽ ڇو نه ٿو روڪي ؟ ڇا هو اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي واڻي ۽ پنهنجي مرضي سان ڪري ٿو ته سندس پيغام ٻڌڻ لاءِ آيلن کي باھ جي ور چاڙهي ٿو ڇڏي ؟؟ ڳوٺ سوڳوار هو، ڳوٺاڻا حيرت ۽ افسوس ۾ ورتل هئا، سندن اڻڄاڻ اکين ۾ هزارين سوال جرڪي رهيا هئا، شازو ڳوٺاڻن جي اکين ۾ تري آيل سوالن کي پڙهي ته نه سگھيو پر هن سمجھيو ته ڄڻ هر اک جي تحرير اها هئي ته “اي خدا هاڻ اسان تنهنجي پرچار ٻڌڻ نه اينداسين، تون اسانجي حفاظت به نه ٿو ڪري سگھين ته پوءِ اسانکي اوڏانهن نه اچڻ گھرجي”.
    شازوءَ ڪنهن سان به نه ڳالهايو هو ۽ ڳوٺ جو چوراهو لنگھي پنهنجي گھر جي دروازي تي پهچي ڪڙو کڙڪايو هئائين.
    “ڪير آهي” اندران چاچيءَ جو آواز آيو هو.
    ورهين کانپوءِ شازوءَ چاچيءَ جو آواز ٻڌو ته سندس اکين ۾ لڙڪ تري آيا، چپ ڪنهن جذبي جي شدت کان ڏڪي رهيا هوس، ذهن ۾ سانوڻيءَ جي کنوڻ جا تجلا ٿيڻ لڳس، هن چاهيو ته چوي چاچي آئون آهيان “شازو” اهو شازو جيڪو توکي اڪيلو ڇڏي شهر ڀڄي ويو هو، تنهنجي ڪُراڙي ڄمار ۾ تنهنجي خدمت ڪرڻ بدران، پنهنجي اندر جي باھ ٿڌي ڪرڻ لاءِ، هيڏانهن هوڏانهن بي مقصد ڀٽڪڻ هليو ويو هو، مڪمل مرد نه هئڻ جو عيب لڪائڻ لاءِ رشتن کي ٽوڙي ويو هو، ها اهو شازو چاچي . . . !
    پر شازو ڪجهه به چئي نه سگھيو، ائين محسوس ڪيائين ته نڙيءَ ۾ ٻٻر جي ڪنڊن واري ٽاري اٽڪي پئي هوس يا ڪو ٿوهر ڦُٽڻ لڳو هوس، هو خاموش بت جيان بيٺو رهيو، دروازو کليو ته ڄڻ صدين جا تاڪ کلي پيا، تاريخ جا ورق وري پيا، ڄڻ ڌوڙ چڙهيل شيشي تان تيز طوفاني هوا ۽ بارش سان سموري ڌوڙ هڪ پل ۾ ڌوپجي وئي.
    چاچيءَ کي پنهنجي اکين تي اعتبار ئي نه آيو ته ڪو سندس اڳيان شازو بيٺو هو، جنهن کي هن ننڍپڻ کان نپايو هو، چاچيءَ جا به چپ ڦڙڪڻ لڳا، جھور پوڙها هٿ ڪنبڻ لڳس ۽ اکين جو سمنڊ ڇُلڪي پيس، ڪي گھڙيون شازوءَ کي گھوريندي رهي ۽ پوءِ اوچتو جھٽ سان ڏڪندڙ ڪراڙي ٻانهن، جوان جگر جي ٽڪري کي ڀاڪرن ۾ ويڙهي ورتو ۽ چار اکيون ٽمي پيون، ٻه جسم هڪٻئي جي ٻکن ۾ ڏڪڻ لڳا ۽ سڏڪا صدين جا سڏ محسوس ٿيا.
    رات جو چاچيءَ ۽ شازو گڏجي ماني کاڌي هئي ۽ پوءِ شازوءَ چيو هو، آئون ٿڪل آهيان چاچي، سوير سمهندس. چاچي ڀر واري ڪمري ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ هلي وئي هئي ۽ شازو ڪمري ۾ بستري تي ليٽي پيو هو، ذهن ۾ بم ڌماڪي جو سڄو منظر وراڪا ڏئي موٽي آيس ۽ پوءِ معلم جون ڳالهيون ذهن جي سطح تي تري آيون هوس ته “جيڪو انسانن جي خدمت ڪندو ان کي ئي انعام ملندو” اهو سوچيندي سوچيندي نه ڄاڻ ڪنهن مهل شازوءَ جي اک لڳي وئي هئي، ته هن خواب ڏٺو هو.
    وهاڻي تي مٿو رکي ليٽيل شازو اهو فيصلو نه ڪري سگھيو ته هو سالن کان پوءِ ڳوٺ موٽي ڇو آيو هو ؟ ڇا هاڻي هن کي هميشه هن ڳوٺ ۾ رهڻو آهي، يا وري واپس شهر ويندو ؟، ڇا هاڻي شهر مان سندس دل ڀرجي چڪي آهي ؟ ڇا هاڻي هو هڪ ڀيرو ٻيهر سيلاني فقير بڻجي ديولون، مندر، مسجدون ۽ گرجا گھر ووڙيندو يا هڪ هنڌ سانت سان رهي سگھندو ؟ ڇا هو مردن ۽ عورتن سان گڏ رهندو ۽ پنهنجي هڪ نئين دنيا تلاش ڪندو ؟ جيڪڏهن واپس ئي وڃڻو هوس ته پوءِ چاچيءَ وٽ واپس ڇو آيو ؟ ڇا پوڙهپڻ ۾ ڪراڙي چاچيءَ جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ لاءِ آيو هو ؟ يا زندگيءَ جي پڄاڻيءَ کان ٿورو اڳ چاچيءَ جو آخري ديدار ڪرڻ لاءِ آيو هو ؟ شازوءَ جي سوچن جون لڙيون، ڇڳل ڇير جي موتين جيان وکري رهيون هيون، اوچتو هن ٺڪاءُ جو آواز ٻُڌو جيئن ڪو ماڻهو کٽ تان زور سان هيٺ ڪِري پيو هجي، هو سٽ ڏئي بستري تان اٿيو ۽ ڊوڙ پائي پاسي واري ڪمري ۾ ويو ته سندس تاڪ لڳي ويا، چاچي فرش تي ڪِرِيل هئي، سندس وات مان گِج نڪري رهي هئي ۽ اکيون اڇيون ٿي ويون هوس.


    [3]

    بس ۾ چڙهندي شازوءَ کي ڪرڀ محسوس ٿيڻ لڳي، هو سوچي رهيو هو ته مردن سان گڏ نه ويهي جو کيس مردن کان نفرت هئي، پر عورتن کان به کيس چڙ هئي ان ڪري هو عورتن سان گڏ به نه ٿي ويهي سگھيو ۽ وڏي ڳالهه ته هن کي عورتاڻو لباس به نه هو، مرداڻن ڪپڙن ۾ عورتن سان گڏ ويهڻ ناممڪن هو، شازو سوچڻ لڳو ته انسان جي جبلت آهي ته هو رشڪ ڪري ٿو، جيڪڏهن وٽس ڪا شيءِ نه آهي ۽ اها ساڳي شيءِ ٻين وٽ آهي ته هن کي ٻين کان رشڪ ٿيڻ لڳي ٿو، ريس ۽ حسد ٿيڻ لڳي ٿو، فرض ڪريو ته توهان مان ڪنهن وٽ ڀلي گاڏي نه آهي، ڀلو گھر نه آهي پر ڪنهن ٻئي وٽ آهي ته توهان کي ان ماڻهوءَ سان ريس ۽ رشڪ ٿيندو، شازوءَ وٽ مرداڻي قوت نه هئي ان ڪري شروع ۾ هُن کي مردن کان رشڪ ٿيندو هو پر پوءِ اهو رشڪ ۽ حسد آهستي آهستي نفرت ۾ بدلجي ويو، هڪ مستقل نفرت، ائين ڇو آهي ؟ هي سوال شازوءَ جي ذهن ۾ ائين پڙاڏا ڪرڻ لڳو جيئن کنڊرن مان گونجندڙ آواز يا غفائن مان ايندڙ پڪار ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳندي آهي، اگر ڪو غريب آهي ته هن کي اميرن کان چڙ ۽ نفرت آهي، اگر ڪو امير آهي ته ان کي غريبن کان چڙ ۽ نفرت آهي. هن کي مئڪسم گورڪيءَ جا لفظ ذهن تي تري آيا ته “دنيا ۾ ڪابه قوم، قبيلو نه آهي پر سڀ انسان آهن، ۽ انهن انسانن ۾ صرف ٻه طبقا ٿين ٿا هڪ امير طبقو ۽ ٻيو غريب طبقو، اهي ٻئي طبقا ڪڏهن به هڪ ٿي نه ٿا سگھن”.
    شازوءَ کي اميرن ۽ غريبن جي وچ ۾ فطري وڇوٽي سمجهه ۾ نه آئي، آخر ڇو ؟ خدا هڪ آهي، سندس نظام ۾ انصاف ۽ برابري آهي ته پوءِ طبقا ڇو ؟ ڇا اهو انصاف آهي ۽ برابري آهي جو هڪ طبقي وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي ته ٻين وٽ ايترو آهي جو اهي سنڀالي نه ٿا سگھن. شازوءَ کي خدا جو انصاف سمجهه ۾ نه آيو، هن کي ذهن ۾ اهو پادري تري آيو جنهن وٽ گرجا گھر ۾ هو سکڻ لاءِ ويندو هو. پادري شازوءَ کي هڪ دوست، هڪ پٽ جيان ڀائيندو هو ۽ کيس پنهنجو همراز پڻ سمجھندو هو، هن کي ياد آيو ته هڪ ڏينهن گرجا گھر جي اندر صليب تي ٽنگيل مسيح جي مجسمي کي فادر غور سان جانچي رهيو ته پٺيان بيٺي شازوءَ کائنس اوچتو سوال ڪيو هو ته “فادر مسيح کي صليب تي ڇو لٽڪايو ويو هو”
    فادر بنا هن ڏانهن ڏسڻ جي جواب ڏنو هو ته “ان ڪري جو مسيح سچ جي پرچار ڪندو هو ۽ دنيا ۾ سچ جي پرچار ڪندڙن سان هميشه اهڙو سلوڪ ڪيو ويو آهي”.
    شازوءَ جي ذهن ۾ هڪ کنوڻ چمڪي، هو ننڍپڻ کان ٻڌندو آيو هو ته ”سچ ته بيٺو نچ، هو ٻڌندو آيو هو ته هميشه سوڀ سچ جي ٿيندي آهي، ان ڪري هميشه سچ ڳالهائيندا رهو” ڇا هي سڀ ڪوڙ آهي ؟ هڪ طرف تلقين ڪئي ٿي وڃي ته هميشه سچ ڳالهايو، سچ جي پرچار ڪريو ته ٻئي طرف اهو ٻڌايو ٿو وڃي ته مسيح کي صليب تي ان ڪري لٽڪايو ويو هو جو هُو سچ جي پرچار ڪندو هو، ۽ سچ ڳالهائيندڙن کي هميشه اهڙيون سزائون ڏنيون وينديون آهن. شازو سوچڻ لڳو هو ته انسان پنهنجي ٻارن، شاگردن ۽ طالبن سان سچ ڇو نه ٿا ڳالهائين ته سچ بڇڙي شيءِ آهي، قابل سزا جرم آهي، جيڪو سچ چوندو ان کي لٽڪايو ويندو. اهو دوکو ڇو ٿو ڪيو وڃي جو ننڍن کي چئجي ته هميشه سچ ڳالهايو ۽ جڏهن اهي وڏا ٿي سچ ڳالهائين ته کين لٽڪايو وڃي. ڇا هي سماج سچ کان ايترو ڊنل ۽ خوفزدهه آهي جو سچ ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، اگر سماج ۾ سچ کي ناقابل معافي جرم سمجھيو وڃي ٿو ته پوءِ نون نسلن کي سچ ڳالهائڻ جي تلقين ڇو ٿي ڪئي وڃي ؟ هن فرسودهه ۽ دوکيباز سماج کي ڊاهڻ کپي، هڪ اهڙو سماج جوڙڻ کپي جنهن ۾ هڪ ڳالهه هجي جيڪا آفاقي حقيقت هجي، يا ته نون نسلن کي اهو سبق سيکاريو وڃي ته سچ ڳالهائڻ ڏوھ آهي، ڪڏهن به سچ نه ڳالهايو، جيڪو سچ ڳالهائيندو ان کي لٽڪايو ويندو، هميشه ڪوڙ ڳالهايو. ۽ جيڪڏهن ائين نه ٿو ڪيو وڃي ۽ نون نسلن کي سچ ڳالهائڻ جا درس ڏنا ٿا وڃن ته پوءِ سچ ٻڌڻ ۽ برداشت ڪرڻ جي سگهه به هئڻ کپي، ڪنهن به سچ ڳالهائيندڙ کي ڪابه سزا نه ڏني وڃي.
    شازو آهستگي سان بس ۾ چڙهيو ۽ دريءَ ڀرسان هڪ خالي سيٽ تي ويهي رهيو، ڪجهه دير کانپوءِ بس آهستي آهستي هلڻ لڳي ۽ شهر ڏانهن رواني ٿي وئي، شازوءَ کي گذريل رات جا منظر ذهن تي پَرَ ڦڙڪائيندا محسوس ٿيا، هن کي ياد پيو ته اوچتو ٺڪاءُ ٻڌي هي ڊوڙي ڀر واري ڪمري ۾ ويو هو ته سندس چاچي فرش تي ليٽيل هئي، سندس وات مان گِجِ وهي رهي هئي، ۽ اکيون اڇيون ٿي ويون هوس، هي بي ساخته چاچي وت پهتو ۽ ويهي رهيو، چاچيءَ جو مٿو کڻي پنهنجي هنج ۾ رکيو هئائين، چاچي آخري ساھ کڻي رهي هئي۽ اڌ کليل اڇين اکين سان شازوءَ جي چهري کي گھورڻ لڳي هئي، ڄڻ ته شازوءَ جي چهري ۾ ڪا وڃايل شيءِ ڳولي رهي هئي شازوءَ جا چپ ڦڙڪي رهيا هئا، هو ڪجهه ڳالهائي نه سگھيو هو، سندس ڳالهائڻ جي سگهه موڪلائي وئي هئي، کن پل ۾ شازوءَ جي دنيا ويران ٿي وئي، رشتن جو آخري ڌاڳو به ٽٽي پيو هو، چاچيءَ جو روح پرواز ڪري ويو هو، ۽ شازوءَ پاڻ کي هڪ ڀڙڀانگ کنڊر ۾ بيٺل محسوس ڪيو، سندس من سڏڪي رهيو هو، روح رڙيون ڪري ۽ ٻاڪاري رهيو هو پر زبان مان ڪو لفظ نه اُڪليس، اکين مان ڪو پاڻيءَ ڦڙو نه لڙيو هوس، وجود ۾ هڪ لوڏو محسوس ڪيائين جيئن پاڻيءَ تي ترندڙ ٻيڙي اوچتو ڪنهن پٿر سان ٽڪرائجي ڌڏي ويندي آهي، هاڻي دنيا ۾ سندس ڪو به نه بچيو هو، جنهن سان سندس رت جو ڪو رشتو هجي، هن زندگيءَ کي کوکلو ڀانيو، هٿ پير ۽ جسم ڪنبڻ لڳس نيٺ ٻه خاموش لڙڪ لڙي چاچيءَ جي چهري تي ڪِري پيا ۽ ڪا نه سمجهه ۾ ايندڙ تحرير ٺاهي چاچيءَ جي چولي ۾ جذب ٿي ويا، هن زندگيءَ ۾ صرف موت بابت ٻڌو هو، موت جو ويجھي کان هن پهريون ڀيرو مشاهدو ڪيو هو، هن ڪيترائي ڀيرا ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته موت ڇا آهي، پر کيس پتو نه پئجي سگھيو هو، اڄ هُن ڄاڻي ورتو هو ته موت ڇا آهي، چاچيءَ جي چپن تي سجايل مُرڪ موت جا پيرا محسوس ٿيڻ لڳا هوس، هن سوچيو ته موت ته هڪ مُرڪ جو نالو آهي، هڪ سڪون جو نالو آهي، لڳاتار زندگيءَ جي وٺ وٺان ۾ ٿڪجڻ کانپوءِ شانتيءَ سان اک پوري مک تي مرڪ سجائڻ جو هڪ نانءُ آهي موت. موت هڪ اهڙو لقاءُ آهي جتي هر شي پل لاءِ ساڪن ٿي وڃي ٿي، ته پوءِ انسان موت کي ايڏو ڀوائتو ڪري ڇو ٿا پيش ڪن ؟ هو ٻين انسانن کي موت کان ڊيڄارين ڇو ٿا ؟ موت بابت اهڙا ته خوفائتا خاڪا پيش ٿا ڪيا وڃن جو ٻڌڻ سان زندگيءَ جو چَس ئي ختم ٿيڻ لڳي ٿو، جيڪڏهن موت ايترو بدترين ۽ ڏکوئيندڙ هوندو آهي ته پوءِ انهن انسانن کي موت نه اچڻ کپي جيڪي ديوتائن ۽ خدائن جا ويجھا ۽ نيڪ و ڪار ٻانها آهن، پر جيڪڏهن هر هڪ تي موت اوس اچڻو آهي ته پوءِ يقينن موت ايترو خطرناڪ ناهي، موت ته خوبصورت آهي ۽ خوبصورت هجڻ گھرجي..
    چاچيءَ جي مڙھ کي ڌرتي امڙ جي هنج ۾ ليٽائيندي هن پاڻ کي هاڻ دنيا ۾ اڪيلو محسوس ڪيو، هن ڳوٺ سان هن جي زندگيءَ جا جيڪي ٻنڌڻ ٻڌل هئا اهي هاڻي هڪ هڪ ٿي ٽٽڻ لڳا، سمورا رشتا ناتا هاڻ ٽٽي چڪا هئا، هن سوچيو ته ابي، امڙ جي وڇڙڻ کانپوءِ چاچا ۽ چاچيءَ جي وڇڙڻ کان پوءِ هاڻي ڳوٺ ۾ هن جو ڪو به نه هو جنهن سان هن جو ڪو رت جو رشتو هجي، ڳوٺ سان ته ڇا پر هاڻي آدم جي هن پوري دنيا ۾ هن جو ڪو به نه هو، هاڻي شازو بلڪل اڪيلو هو هن محسوس ڪيو ته ڄڻ ورهين پڄاڻان چاچيءَ جون ڪُراڙيون اکيون صرف هن کي ڏسڻ جون منتظر هيون، هن کي ڏسي هيمشه لاءِ پُورجي ويون هاڻي شازو کي اڪيلي سر دنيا کي تياڳڻو هو، زندگيءَ جي اوڀارين لهوارين کي سمجهڻو هو، چاچيءَ جي قبر تي مٽيءَ جي آخري لپ وجهندي هن زندگيءَ جي سموري ماضيءَ تي آخري مٽيءَ جي لپ وجهي ڇڏي، هاڻي هن جي اکين ۾ ڪوبه لڙڪ نه هو، هن ماضي ۽ مستقبل جو رشتو ٽٽندي محسوس ڪيو .
    اوچتو بس کي بريڪ جو جهٽڪو آيو ته هن جي خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو، گاڏي هڪ ٻيو مسافر چاڙهي وري روڊ تي ڊوڙڻ لڳي، دريءَ کان ٻاهر وڻ، پويان ڊوڙندي محسوس ٿيا، ٿڌي هوا جي جهوٽن هن جي سرير ۾ نئون ساھ ڦوڪڻ شروع ڪيو، هاڻي ڪيڏانهن وڃان؟ هي سوال ڪاريهر جيان شازوءَ جي من ۾ ڪر کڻي بيهه رهيو، هن جي منزل ڪٿي آهي، دنيا ۾ هن جي جاءِ ڪٿي آهي؟ هڪ پل لاءِ هن سوچيو ته هن جي جاءِ يقينن اتي آهي جتي هن جهڙا هزارين ماڻهو زندگيءِ جو زهر پيئن ٿا، جيڪي نه مرد آهن ۽ نه ئي عورت آهن، ڇاهن کي به مڙهي ۾ وڃڻ گهرجي؟؟ هن سوچيو، پر کيس خيال آيو ته اتي اهڙي دنيا آباد آهي جيڪا مردن جي رحم ڪرم تي آباد آهي، اهي نامرد عورتون ته مردن جي سهاري جيئن ٿيون، هن ڪيترائي پاڻ جهڙا انسان ڏٺا هئا جيڪي عورتون نه هوندي به عورتن جهڙا لباس پهريندا هئا، ۽ ڪيتريون ئي ڪِرِتون عورتن جهڙيون ڪندا هئا، انهن جي مردن سان سنگت هئي، هن کي ان دنيا کان بُڇان اچڻ لڳي ، هن کي اڳ ۾ ئي خبر هئي ته جتي عورتون آهن اتي به ھن جي جاءِ ناهي، جتي مرد آهن اتي به هن جي جاءِ ناهي، ته پوءِ مسجدن، مندرن، ۽ گرجا گهرن ۾؟نه اتي به انسان هڪ خوبصورت ڊپ ۽ هڪ خوبصورت غلاميءَ ۾ جڪڙيل آهن، هڪ ذهني غلامي، اهڙي غلامي جنهن کي انسان وڏي خوشي سان قبول ڪن ٿا، بلڪ ان غلاميءَ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا هن کي هڪ ڏاهي جو قول ياد آيوته ”بدترين غلام اهو آهي جيڪو غلامي مان جند ڇڏائڻ بدران پنهنجي غلامي جا جواز پيش ڪري“ برابر ڌرم جي پوڄاري ماڻهو اهڙا غلام آهن جيڪي پنهنجي غلامي جا جواز پيش ڪن ٿا، ۽ فخر محسوس ڪن ٿا سڄي حياتي ذهن تي هڪ خوف جو پاڇو ته سزا ڏني ويندي، غذاب ڏنو ويندو، ان لاءِ زندگي زهر ڪريو، خواهشن کي ترڪ ڪريو۽ ڊڄندي ڊڄندي زندگي گذاريو،،خواهش ته تحقيق جو بنياد آهي ۽ تحقيق سچ تائين پهچڻ جو رستو آهي، ته پوءِ اهي رهبر جيڪي خواهشون ترڪ ڪرڻ جو درس ڏين ٿا، اهي مئل آهن، اهي ڪابه تحقيق نه ٿا ڪري سگهن، ۽ نه ئي ڪڏهن سچ تائين پهچي ٿا سگهن. يقينن زندگي هڪ سچ آهي ۽ سچ جي تحقيق جو نالو آهي ، هن فيصلو ڪيو ته سچ جي تحقيق ڪندو ۽ ڪائنات جي ڳنڍ سلجهائڻ جي ڪوشش ڪندو، پر ڪيئن؟ اهو سوال هن جي ذهن ۾ ائين اُڀريو جيئن سانوڻيءَ جي برسات کانپوءِ وارياسن دڙن تي کُنڀيون اُڀري اينديون آهن. ڪهڙو سچو رهبر آهي جيڪو زندگيءَ جي حقيقي معنيٰ سلجهائي سگهندو؟ هن کي اهو فيض ڪنهن وٽان ملندو ؟ هي فيصلو نه ڪري سگهيو، اوچتو شازوءَ جي ذهن تي ٺينگا بابا جو چهرو تري آيو.
    ٺينگا بابا، وڏو گول چهرو، وڌيل اڇي ڏاڙهي ، ٻنهي ٻانهن ۾ چُوڙا پاتل، وڏيون ۽ گهريون اکيون، اڪثر ان مسجد جي سامهون نظر ايندو هو جتي شازو هڪ معلم وٽ پڙهندو هو، ۽ جڏهن شازو هڪ مندر جي پنڊت کان زندگيءَ جا راز معلوم ڪرڻ لاءِ شهر جي وڏي مندر ۾ اچي رهيو هو ته هن ٺينگا بابا کي مندر ۾ به ڏٺو هو، ان بعد جڏهن شازو گرجاگهر ۾ پادريءَ وٽان فيض وٺڻ لاءِ ويو هو ته هن ٺينگا بابا کي گرجا گهر ۾ به ڏٺو هو، شازو حيران هو ته ٺينگا بابا جو مذهب ڪهڙو هو ؟؟ هو واقعي ئي مذهبن کان بالاتر شخص هو، شازوءَ بذات خود به مختلف مذهبن جي مقدس ڪتابن جو مطالعو ڪيو هو، هي ان لوڙ ۾ هو ته ڪنهن ڪتاب ۾ کيس ضرور سندس باري ۾به ڪو ذڪر نظر ايندو، هن انسانن جو ته ذڪر پڙهيو هو، ٻارن، ٻُڍن، مردن ۽ عورتن جو ته ذڪر پڙهيو هو، پر ڪنهن به صحيفي يا مقدس ڪتاب ۾ کيس انهن ماڻهن جو ذڪر نه مليو هو جيڪي نه مرد هجن نه عورت، شازو پريشان هو ته قدرت واري کيس ڪهڙي خاني ۾ فِٽِ ڪيو آهي؟ پل لاءِ هن سوچيو هو ته ڪٿي ٺينگا بابا به هن وانگي ته ناهي؟؟ ڇا ٺينگا بابا به نه مرد آهي نه عورت؟ شايد ٺينگا بابا به هن وانگر اهو ذڪر ڳولڻ نڪتو هو ته سندس جاءِ دنيا ۾ ڪٿي آهي ؟ پر نه ، ائين نه هو، ٺينگا بابا ته مرد هو، پر پنهنجي شعوري شخصيت ۾ هو مرد ن کان به بالاتر هو ته عورتن کان به بالاتر هو، واقعي ئي هو مرد به هو، عورت به هو.
    هن اڪثر ڪري ڏٺو هو ته ٺينگا بابا ڪنهن سان به نه ڳالهائيندو هو، سوين ماڻهو کائنس دعائون وٺڻ ايندا هئا پر ٺينگا بابا ڳالهائيندو نه هو ، هو صرف سواليءَ جي پٺي ٺپري ڇڏيندو هو، ۽ سوالي خوش ٿي هليا ويندا هئا، سوالي هن کي پئسا ۽ ٻيون ڪيئي قيمتي شيون ڏيندا هئا ته هو نه وٺندو هو، صرف کاڌي پيتي جو شيون يا ماني وغيره وٺندو هو جنهن تي سندس گذر سفر هوندو هو. شازوءَ خود به ڪيترائي ڀيرا ٺينگا بابا کي هڪ ڪامل انسان سمجهي وٽائنس فيض وٺڻ لاءِ ساڻس ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر هو ڪجهه به نه ڳالهائيندو هو. ٺينگا بابا جا ڪيترائي عقيدت مند هئا، جيڪي ڏورانهن پنڌن کان ڪَهي هن سان ملڻ ايندا هئا، شازو سندس عقيدت مندن کان هڪ ڀيري پڇيو هو ته ٺينگا بابا جو اصل نالو ڇا آهي؟ ۽ هن کي ٺينگا بابا ڇو ٿو سڏيو وڃي؟ عقيدت مندن وراڻيوهو ته بابا جي اصل نالي جو ته ڪنهن کي به پتو ناهي پر هن کي ٺينگا بابا ان لاءِ سڏيو ٿو وڃي جو ڪي ماڻهو چون ٿا ته شروع شروع ۾ جڏهن بابا هن شهر جي ڀرسان هڪ ٽڪريءَ تي اچي ديرو ٺاهيو هو تڌهن ڪوبه ماڻهو ڪا مُراد کڻي سوالي ٿي وٽس ويندو هو ته بابا ڪو به جواب ڏيڻ يا ڳالهائڻ بدران سواليءَ کي صرف آگوٺو ڏيکاريندو هو، ائين بابا تي نالو ئي آگوٺي وارو بابا، ٺينگا بابا پئجي ويو.
    شازو ٻه چار ڀيرا شهر جي ڀرسان ان ٽڪريءَ تي ٺينگا بابا جي ديري تي پڻ ويو هو، پر بابا سان ڳالهائڻ ۾ ناڪام ٿيو هو.
    اوچتو بس جهٽڪي سان بيهه رهي، شهر جي مک اسٽاپ اچي ويوهو، سڀئي مسافر لهڻ لڳا، شازو به بس مان لهي آيو،چوڌاري ڦيريءَ وارن جو رڙيون هُيون، پڪوڙا، چڻا، شربت ۽ کاڌي پيتي جون ٻيون شيون وڪندڙ گھورڙيا بس کي گهيرو ڪري ويا هئا،هر طرف چهل پهل هئي ،شهر جي مصروف زندگي متحرڪ هئي، ماڻهو ايترا تيز ۽ پنهنجي پنهنجي ڪِرِت ۾ مصروف هئا جو ڪنهن کي به ايترو وقت نه هو جو ڪنهن ٻئي ڏانهن ڌيان ڏئي، هونئن به ڳوٺن ۽ شهر جي زندگيءَ ۾ بنيادي فرق اهو هوندو آهي ته شهر ۾ هجومن سان هوندي به انسان اڪيلو هوندو آهي ۽ ڳوٺن ۾ ڄڻ اڪليو هوندي به هجومن سان گڏ هوندو آهي. سنڌ جي روايت رهي آهي ته ڳوٺن ۾ رهندڙ ڪنهن به ماڻهوءَ تي ڪو مشڪل وقت ايندو آهي ته سمورا ڀرپاسي جا ماڻهو سندس ٻانهن ٻيلي ٿي بيهندا آهن ، ۽ هر خوشي ۾ به هر هڪ ڳوٺاڻو پنهنجي ذاتي خوشي سمهجي حصو وٺندو آهي، هر ماڻهو ٻئي ماڻهو جي سموري خبر چار رکندو آهي، ان جي برعڪس شهرن ۾ ڏسڻ ۾ ته تمام گهڻا ماڻهو آهن، وڏا هجوم آهن پر ڪنهن کي به اها فرصت ڪانهي ته هو ٻئي ڪنهن جي باري ۾ ڪا خبر چار رکي، ٻئي جي ڏک يا خوشيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي.
    شازو تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿيو، ڪجهه دير کانپوءِ هو شهر جي هجومن واري اڪيلائيءَ کي پوئتي ڇڏي ٻاهر نڪري آيو، هاڻي شهر جو شور ڌيمو ٿيندو ويو ۽ آهستي آهستي بلڪل ختم ٿي ويو، شهر ڀرسان سرسبز ٻنين مان لنگهه هو ٽڪريءَ جي اوٽ وٺي هلڻ لڳو، ڪجهه منٽن کانپوءِ هو ٽڪريءَ تي چڙهي رهيو هو.
    ٺينگا بابا جهوپڙي ڀرسان بيٺل نم جي وڻن جي پاڙن وٽ گُڏَ ڪري رهيو هو، شازو بنا ڪجهه ڳالهائڻ جي نم جي وڻن جي ويجھو اچي بيهه رهيو ۽ يڪ ٽڪ ٺينگا بابا کي ڏسڻ لڳو.
    ٺينگا بابا هن ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏنو ۽ وڻن جي پاڙن ۾ کوٽائي ڪندو رهيو، پل ساعت ترسڻ کانپوءِ شازو ڀرسان زمين تي ويهي رهيو ۽ انتظار ڪرڻ لڳو ته بابا واندو ٿئي ته هي ساڻس دل جا احوال اوري، هن سوچيو ته هو بابا کي ڇا چوندو؟؟ هو بابا کي چوندو ته هو زندگيءَ جا راز معلوم ڪرڻ چاهي ٿو، هو طبقائي وڇوٽين ۽ خدا ۽ انسان جي وچ ۾ تعلق ۽ وهنوار کي سمهجڻ چاهي ٿو. هن سوچيو ته آئون بابا کي ٻڌائيندس ته هن دنيا ۾ منهنجو ڪوبه ناهي، آئون اڪيلو آهيان، آئون توهان سان گڏ هن ٽڪريءَ تي هن جهوپڙي ۾ رهڻ چاهيان ٿو. ۽ مونکي اهو معلوم ڪرڻو آهي ته هن دنيا ۾ منهنجي جاءِ ڪٿي ۽ ڪهڙي آهي؟ هن ۾ اتساھ پيدا ٿيو ٿو ته بابا کان هن کي ضرور انهن سڀني سوالن جا جواب ملي ويندا جن هن جي ذهن ۽ سوچ ۾ هو وڏو خال پيدا ڪري ڇڏيوهو. شازو کي ميخائيل ايلين جا لفظ ياد آيا ته ” جهالت انسان ۾ ڊپ پيدا ڪري ٿي ۽ علم انسان کي ويساھ ڏئي ٿو.
    ها برابر علم انسان کي ويساھ ڏئي ٿو، خود شناسي ۽ خود اعتمادي پيدا ڪري ٿو، پر اهو ڪهڙو علم ؟ هن کي رجنيش اوشو جا لفظ ياد آياته ” علم انسان کي ساڃاھ ڏيندڙ نه پر ويتر منجهائيندڙ آهي، علم ته اُڌارو ورتل آهي، پنهننجو ذاتي نه هوندو آهي، استادن، وڏن، بزرگن، ۽ ڪتابن کان اڌارو ورتل، خالص پَرائي شيءَ ....! ته پوءِ اهو ڪهڙو علم آهي جيڪو ٺينگا بابا هن کي ڏئي سگهندو؟ خيال هن جي ذهن تي ائين اڏامڻ لڳا جيئن سانجهيءَ ويلي ڪيٽي بندر تان پکي قطار ڪري اڏامندا آهن، هن پاڻ کي ڪنهن اونهي کاهيءَ ۾ ڪِرندو محسوس ڪيو.. اوچتو هن ڏٺو ته ٺينگا بابا..... هن جي بلڪل سامهون بيٺل هو.
    شازو ادب مان اُٿي بيهه رهيو، بابا هن کي غور سان ڏسي رهيو هو ، ان مهل سج ڳاڙهي ساڙهي اوڍي اولهه ۾ ٽٻي هڻي رهيو ،هو، ڪي ساعتون بابا هن کي گُهوريندو رهيو، هن ائين ڀانيو ته بابا جون نظرون هن جي جسم مان آر پار لنگهي رهيون آهن، بابا جي اکين ۾ جوت هئي، اهڙي جوت جيڪا گوتم ٻڌ ۽ مسيح جي اکين ۾ هوندي هئي، هن ڪجهه چوڻ چاهيو پر زبان مان اکر نه اُڪليس، نيٺ ڳيت ڏئي هي ايترو چئي سگهيو “ بابا...!” بابا جون تيز نظرون هن جي وجود جي تحرير پڙهي چڪيون هيون، بابا هن کان ڪجهه وڌيڪ ٻڌڻ بدران چيو ته تون ڪامل انسان هوندي به نامڪمل آهين ...!
    صدين جو سفر پل ۾ طئه ٿي ويو، هن بابا کي اڳ ۾ ڪڏهن ڳالهائيندي نه ٻُڌو هو، هي پهريون ڀيرو هو جو شازوءَ بابا جي واتان ڪي لفظ ٻُڌا هئا، بابا جو آواز معصوم ۽ شفاف هو، ان کان اڳ جو شازو ڪجهه وراڻي ڏئي ، بابا جو آواز فضا ۾ پَرَ ڦڙڪائڻ لڳو ته، “تون نه مرد آهين نه عورت” شازوءَ کي نانگ ڏنگي ويو ، هن ڀانيو ته هڪ راز جيڪو هِنِ جي ئي دل ۾ دفن هو، سوته بابا تائين پهچي چڪو آهي، هي هراسجي ويو، ڪنن جون پاپڙيون تپي پيس، بابا جو آواز آيو ” هن دنيا ۾ ڪوبه انسان مرد ناهي، ڪوبه انسان عورت ناهي، جيڪڏهن ڪو مرد يا عورت آهي ته پوءِ اهو انسان ناهي، ۽ جيڪڏهن ڪو انسان آهي ته پوءِ نه مرد آهي نه عورت ، هن جبل جي ٽڪريءِ تي تون جيڪا آس کڻي آيو آهين، اها ماڻڻ لاءِ توکي پهرين انسان ٿيڻو پوندو، مرد نه، عورت نه..،
    .شازوءَ جي ساهن جي رواني جائيتي ٿيڻ لڳي، هن پاڻ سنڀاليندي چيوته “بابا آئون مرد نه آهيان، عورت به نه آهيان، ڇو ته مون مقدس ڪتاب پڙهيا آهن، انهن ۾ به منهجو ذڪر نه آهي، مردن جو ذڪر آهي، عورتن جو ذڪر آهي. ۽ انسانن جو ذڪر آهي، جيڪڏهن مونکي خدا پنهنجي مرضيءَ سان پيدا ڪيو آهي ته پوءِ يقينن آئون صرف۽ صرف انسان ئي آهيان، ڇو ته آئون مرد نه آهيان نه ئي عورت آهيان ” کن پل سانت ٿي وئي بابا ۽ شازوءَ جي وچ ۾ هڪ ڊگهو خيالي فاصلو پئجي ويو ، اهڙو فاصلو جنهن جا ڇيڙا ازل ۽ ابد سان ڳنڍيل هئا، اهي فاصلا هاڻي ٻيهر گهٽجندا ويا ، ويجها ٿيندا ويا، تان جو هڪ ڀيرو ٻيهر شازوءَ ۽ بابا هڪٻئي جي آمهون سامهون بيهه رهيا.
    وقت گذرندو رهيو ، شازو بابا جي جهوپڙي ۾ رهڻ لڳو ۽ سندس خاص طالب بڻجي ويو، رات جو ٻئي ڄڻا سڪل گاھ ۽ ڪک وڇائي جهوپڙيءَ ۾ سمهندا هئا، سڪل ماني پاڻي سان ٻوڙي کائيندا هئا ۽ جهوپڙيءَ جي آس پاس وڻن کي پاڻي ڏيئي ڏينهن گذاريندا هئا. شازو پاڻ کي اهو خوشنصيب محسوس ڪيو جنهن سان شايد بابا پهريون ڀيرو ڳالهايو هو ، يا شازوءَ پهريون ماڻهو هو جنهن سان بابا ڳالهايو هو. پر شازوءَ جي اندر ۾ جيڪا آنڌ مانڌ هئي ان بابت بابا ڪڏهن به ڪجهه نه ڳالهايو هو، ڪيترائي ڀيرا شازوءَ سوچيو ته همت ڪري بابا کان پڇي ته “ بابا زندگيءَ ڇا آهي؟ دنيا ۽ ڪائنات ڇا آهن؟ پر هر ڀيري بابا جي سامهون ايندي ئي سندس همت موڪلائي ويندي هئي ۽ چاهيندي به ڪجهه پُڇي نه سگهندو هو.
    سرءُ جي پڄاڻي تي ايندڙ سياري جي هڪ اداس شام هئي، پهرين برف باري ٿي رهي هئي، جابلو ٽڪرين جي ڪڇ ۾ ننڍا وڏا وڻ برف جي اڇي ساڙهي سان ڍڪيل هئا، ڌرتي ماتا تي برف جي اڇاڻ چمڪي رهي هئي ، بابا شازوءَ کي ساڻ ڪري هلڻ لڳو، ٻئي ڄڻا ڳچ دير هلڻ کان پوءِ هڪ ڍنڍ جي ڪناري پهتا، ٽڪرين جي قدرتي ديوارن جي وچ ۾ اها ڍنڍ ڪنهن پيالي جو ڏيک ڏئي رهي هئي، ڍنڍ ڪناري پهچي بابا ڪي ساعتون خاموش ڪنڌي تي ويهي رهيو ، ساڻس گڏ شازوءَ به خاموش ويٺو رهيو ، شازوءَ محسوس ڪيو ته بابا ماضيءَ ۽ مسقبل کي ميڙي هڪ نقطي تي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، هن ڪائنات کي ڏنل ڳنڍ کي سلهجائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ، ازل کان وڃائجي ويل ابد جو ڇيڙو هٿ ڪرڻ لاءِ ذهن جو ذهن ۾ پتوڙي رهيو هو. ذهن واقعي ئي اهڙي قوت رکي ٿو جو ان سان ازل جا ڇيڙا ابد سان ڳنڍي سگهجن ٿا،انساني دماغ مان اهڙيون مقناطيسي لهرون نڪرن ٿيون جيڪي حال، ماضي ۽ مستقبل کي پَسي سگهن ٿيون، جيئن هڪڙي موبائيل فون جو ٽاور،ريڊيو جي ٽرانسميٽر ۽ ٽيليويزن جي سگنل کي انهن جا رسيور ڳولي وٺن ٿا ۽نڪرندڙ لهرن کي ڪٺي ڪري سگهن ٿا. بلڪل ائين انساني ذهن به آسپاس جون لهرون جَهٽي وٺي ٿو، بابا جو دماغ پولارن مان تارن جا تڙڪا وٺي وري ڌرتيءَ جي غفائن ۾گم ٿي رهيو هو ، ڪيتري ويل گذّري وئي، اوچتو بابا ڳالهايو.
    ” شازوءَ تون ڄاڻين ٿو ته جڏهن ڪو تکو اوزار ڪنهن ڪاٺ کي وڍڻ شروع ڪندو آهي ته ڪاٺ پنهنجي پوري طاقت لڳائي ان اوزار جي تکي ڌار سان وڙهندو آهي، آخرڪار جڏهن اوزار جي فتح ٿيندي آهي ته اوزار خوش نه ٿيندو آهي پر اوزار کي استعمال ڪرڻ وارو انسان خوش ٿيندو آهي ، جڏهن پاڻي ٺوٺ زمين تي اچي کيس ريجي ڇڏيندو آهي تڏهن زمين خوش نه ٿيندي آهي پر خوش هاري ٿيندو آهي ۽ زمين جي هنج ۾ پلنجدڙ ٻوٽا ۽ وڻ خوش ٿيندا آهن، بلڪل اهڙي طرح هي سموري ڪائنات هڪ اوزار مثل آهي ، انسان، جانور، مادا، شيون سڀ اوزار آهن انهن کي استعمال ڪندڙ قدرت آهي، هن سڄي عمل ۽ رد عمل تي خوش ته قدرت ٿيندي آهي ، هتي ٿيندڙ هر لقاءُ قدرت جو مظهر آهي پر افسوس جو انسان ڪن عملن ۽ لقائن کي قدرت جي خلاف ورزي قرار ڏئي واويلا مچائي ڇڏي آهي. انسان اهو نه ٿو سمهجي ته هر لقاءَ جو محرڪ قدرت ئي آهي، ڪاش اها حقيقت انسان سمهجي وڃي ها ته پوءِ دنيا جي ٻولين مان پاپ ، گناھ، حلال، حرام، جائز، ۽ ناجائز جا لفظ ئي ختم ٿي وڃن ها، هي وايومنڊل جنهن کي آسمان سڏيو ٿو وڃي اهو نر آهي ۽ هيءَ زمين ان جي مادي آهي، نر جڏهن ڪڪرن جي صورت ۾ وسي پوي ٿو ته ڌرتي گرڀ وتي ٿي پوندي آهي ۽ پنهنجي ڪُک مان ڪيترائي ٻچا، وڻن، ٽڻن، ۽ جاندران جي صورت ۾ ڄڻي وٺندي آهي، ۽ اهي ٻچا جڏهن انسان جي روپ ۾ هڪ سوچيندڙ مخلوق بڻجندا آهن ته وڳوڙ برپا ڪري وجهندا آهن، هتي ڪن ڪن انسانن حقيقت تان پردو کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته انهن کي نيست ونابود ڪيو ويو آهي، مسيح کي به انهيءَ ڏوھ ۾صليب تي لٽڪايو ويو هو پر هتي مسيح اچڻ جو سلسلو جاري آهي، مون اڄ ڏينهن تائين ڪنهن سان به نه ڳالهايو آهي پر خبر اٿئي ته توسان ايترو ڇو ڳالهايو اٿم ، توکي پاڻ سان گڏ ڇو رهايم ؟ ان ڪري جو تو ۾ اها مڻيا نظر آئي اٿم جيڪا هن دنيا کي بدلائي سگهي ٿي، جيڪا سچ تان پردا هٽائي سگهي ٿي، تون نه مرد آهين نه عورت تون صرف انسان آهين ، حققيت کي اهي پرکي سگهندا آهن جيڪي صرف انسان هوندا آهن. توکي وڌيڪ ڪجهه چوڻ جي ضرورت نٿو سمجهان، ڇو ته مونکي پڪ آهي ته تنهنجي اندر ۾ تنهنجي وجود جي روشني جرڪڻ شروع ٿي وئي آهي ،پنهنجي اندر تي ڌيان ڏي پنهنجي وجود ۾ پنهنجو مرڪز ڳول، تون زندگيءَ ۾ ان ڪري پريشان رهيو آهين جو توکي اها خبر نه آهي ته دنيا ۾ تنهنجي جڳهه ڪٿي ۽ ڪهڙي آهي،پر اڄ تو تي آئون اهو راز عيان ڪريان ٿو ته تنهنجي جڳهه دنيا ۾ نه پر تنهنجي پنهنجي وجود ۾ آهي وجود جي عين مرڪز ۾،پنهنجي وجود جو مرڪز ڳول، ڌيان ڏي، مراقبو ڪر، معلوم ڪر تنهنجي وجود جو عين مرڪز ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ اتي ڪهڙا لقاءَ برپا ٿي رهيا آهن، اکيون پور، پنهنجي اندر جي روشني کي ڏس ، ڏس ته توکي پنهنجي وجود جي مرڪز مان نفرت جو هڪ طوفان اٿندي نظر ايندو، ڪاوڙ جي هڪ لهر سامونڊي واچوڙي جيان وَٽ کائي نروار ٿي رهي آهي ، دنيا ۽ سماج تي ڪاوڙ، اندر ۾ تضاذن جا ٽڪراءَ ٿي رهيا آهن، نظرين، فڪرن ۽ فلسفن جي بوڇاڙ ۾ سڄو ماحول دونهاٽيل ۽ اڻ چٽو آهي ، پر اندر جي اک کي وڌيڪ چٽائي سان کول ، ڏس محسوس ڪر ته محبت جو هڪ وڏو سمنڊ تنهنجي وجود جي مرڪز ۾ ڇوليون هڻي رهيو آهي، اهي ڇوليون هڪ وڏي سامونڊي طوفان جو روپ ڌاري ٿيون وٺن، پوءِ ڪنارن تي چڙهي ٿيون اچن، هر شيءَ کي لوڙهي وڃن ٿيون، نفرت، ڌڪار، ڪاوڙ، ۽ هر شيءِ ٻڏي وڃي ٿي هاڻي تنهنجي وجود ۾ ماٺار ڇانئجي وڃي ٿي، پر سڪون ماٺ، گجندڙ سمنڊ ماٺو ٿي چڪو آهي ، هاڻ هرطرف محبت ئي محبت آهي، بس ...!
    بابا جون اکيون ٽانڊاڻن جيان ٻَري ۽ اُجهامي رهيون هُيون ، سندس مُٺيون ڀڪوڙجي ويون هُيون ،کن پل ماٺ کانپوءِ ٻابا ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪيو ، تنهنجي اندر ۾ جيڪا روشني آهي ، اها ئي تنهنجو سُونهون آهي، آئون هاڻي زندگيءَ جي آخري ڪنڌي تي آهيان، اڄ کانپوءِ ٻيهر شايد آئون توسان گڏ نه هجان پر ياد رکجان، زندگيءِ ۾ ٻه شيون توکي حقيقت تائين پهچائي سگهن ٿيون، هڪ ڪامل رهبر تي يقين ۽ ٻيو هر سوال جو جواب پنهنجي اندر مان ڳولي لهڻ، ڇا اهي ٻئي شيون تون ڪري سگهين ٿو؟
    بابا سواليه نگاهن سان شازوءِ تي اکيون ٽڪائي ڇڏيون.
    ” ها بابا“ شازو ڌيرج سان وارڻيو ” آئون اهي ٻئي ڪري سگهان ٿو.“
    ”تو پوءِ ياد رک“ بابا چيو اڄ کانپوءِ زندگيءَ ۾ ڪو به سوال تنهنجي سامهون اچي ته ان جو جواب فقط ئي فقط پنهنجي اندر ۾ تلاش ڪج، تنهنجي اندر ۾ تنهنجي وجود جي عين مرڪز ۾ هر سوال جو جواب موجود آهي، صرف اکيون پوري، ذهن خالي ڪري اندر جي جوت کي پَسڻو آهي، ۽ ٻي ڳالهه يقين جي آهي هڪ ڪامل رهبر تي يقين، توهان کي جڏهن بس ۾ سفر ڪرڻو هوندو آهي تڏهن توهان ڊرائيور تي ڪيترو يقين ڪريو ٿا....؟ توهان صرف پڇندا آهيو ته هيءَ بس ڪيڏانهن ويندي؟، جڏهن توهانکي ٻڌايو ويندو آهي ته هيءَ بس ان شهر يا ماڳ ڏانهن وڃي رهي آهي، جيڏانهن توهان وڃڻ چاهيو ٿا، ته توهان اطميان سان ٽڪيٽ وٺي ان گاڏي ۾ ويهي رهندا آهيو، ۽ گاڏي هلڻ وقت ڪو رسالو يا ڪا اخبار پڙهڻ ۾ مصروف ٿي ويندا آهيو، يا سيٽ تي ويٺي سمهي پوندا آهيو توهان اهو ڏسڻ ضروري نه سمهجندا آهيو ته گاڏي واقعي ان ماڳ ڏانهن وڃي پئي جيڏانهن توهان وڃڻ چاهيو ٿا يانه، ڊرائيور گاڏيءَ کي درست نموني هلائي رهيو آهي يا نه ، حادثن جي امڪان کان ڊرائيور احتياط ڪري پيو يا نه، توهان ته بس ڊرائيور تي اعتماد ڪري سمهي رهيا آهيو، اهو ته آهي يقين، ته ڇا جيڪڏهن آئون توکي ڪا ڳالهه چوان ته تون ان تي ايترو يقين ڪري سگهندين...؟
    ” ها بابا ضرور“ مونکي توهان تي پورو پورو اعتماد آهي” شازو وراڻيو
    ”ته پوءِ ٻڌ“ هن ڍنڍ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏ“
    شازوءَ کي کن پل لاءِ هڪ جهٽڪو محسوس ٿيو، هوتڪڙ ۾ فيصلو نه ڪري سگهيو ته ڇا ڪري يا ڇا چوي
    بابا جو آوازآيو ”آئون تو ۾ شامل آهيان ، تون ڍنڍ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏ هيءَ ڍنڍ تنهنجي آجيان ڪندي، هي فطري مظهر آهي، ڍنڍ جي گهرائيءَ ۾ توکي هيرا موتي ته شايد ڪونه ملندا پر تون امرتا کي ماڻي وٺندين، تون اهو ڪري سگهين ٿو، تون مون تي يقين ڪري سگهين ٿو، ڍنڍ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏ، هيءَ اها دري آهي جيڪا حال کان ويندي مستقبل ۾ کُلي ٿي ، اهو مستقبل جتي هر هڪ مڻيادار انسان لاکيڻو ۽ لال آهي جلد ڪر ٽپو ڏي، ٽپو ڏي .
    شازو جو ذهن سڪتي ۾ اچي ويو ڄڻ کائنس سوچڻ سمهجڻ جي سگهه موڪلائي وئي هئي، هن کي ڪا طاقت ڍنڍ ڏانهن ڇڪڻ لڳي، اُمالڪ هن ڍنڍ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، برف باري جو سرد پاڻي هن جا لڱ وڍيندو ويو، پاڻيءَ جي تري ۾ ويندي هن جو ساھ ٻوساٽجڻ لڳو، نظر بيهه رهي ۽ هي هوش وڃائي بيهوش ٿي ويو، ڍنڍ جي ڇولين ۾ الوپ ٿي ويو ڄڻ ڍنڍ کيس پنهنجي جهولي ۾ ننڊ سمهاري ڇڏيو


    [4]

    صدين جو پوڙهو سج اولهه طرف ڌڪجندو ويو، ڄڻ ڪي واجهه کيس ڏاند گاڏي جيان آهستي آهستي ڇڪي رهيا هجن، مهاڻن جي بستي تي تڙڪا پئجي رهيا هئا ، ڏينهن جي تپش کانپوءِ مڌر چانڊوڪي مهاڻن جي جهوپڙين کي جرڪائي ڇڏيندي هئي، هي قديم وسندي، انسان جي اوائلي تاريخ واري گهرن نما اڏيل هئي، ڍنڍ جي ڪنارن تي ڊگها ڊگها ڪاٺ کُتل هئا انهن مٿان ڪاٺن جا تختا لڳل هئا جيڪي ڀر وارين ٽڪرين تائين وڃڻ لاءِ پُل جهڙي رستي جو ڪم ڏيندا هئا، ۽ سامهون وشال ڍنڍ جون ڇوليون هلندڙ پاڻي ڪنهن مها ساگر جو ڏيک ڏيندو هو، رات جي وقت جڏهن آسمان تي تارا پوپٽن جيان نکري ايندا هئا، تڏهن انهن ٽٻڪن نما تارن جا عڪس ڍنڍن جي لهرن ۾ لڏڻ لڳندا هئا، منظرائين ڀاسندو هو ڄڻ ڍنڍ جي سطح تي رنگين چمڪندڙ بلبن جي ڪا جهالر وڇايل هجي جيڪا لهرن تي لُڏي رهي هجي.
    چانڊوڪي ۾ وهنتل رات ۾ چنڊ جا ڪرڻا جهوپڙيءَ جي ڳڙکين مان ليئا پائي رهيا هئا، جهوپڙيءَ جي وچ واري ڪاٺ جي ٿنڀ ۾ لالٽين ٽنگيل هئي، جنهن جي زرد روشني ڪکائين جهوپڙيءَ جي ڪُنڊن تائين ڦهليل هئي، هڪ کٽ تي شازو نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ پيو هو، سندس چهري تي پوندڙ چانڊوڪيءَ جي ترورن مٿان لالٽين جي زرد روشني جا ڪرڻا حاوي پئجي ويا هئا، شازو جو زرد چهرو لالٽين جي روشنيءَ ۾ ڦِڪو پيلو نظر اچي رهيو.هو. اڌ رات جو وقت هو جو شازو ٿورڙي چرپر ڪئي ۽ آهستي آهستي اکيون کوليون، اکين جي کلڻ سان ئي سندس نظر ٿنڀ ۾ ٽنگيل لالٽين تي پئي، هن ڀانيو ته کيس ٻيو جنم مليو آهي ۽ دنيا ۾ اک کولڻ سان ئي کيس روشني نظر آئي، هن سوچيو ته دنيا ته روشني جو نالو آهي زندگي سهائي آهي، جو کيس پهريون ڀيرو روشني ڏسڻ سان ئي احساس ٿيو ته کيس نئين زندگي ملي آهي، انسان ڪيڏو نه روشني جو متلاشي رهيو آهي ..؟ قديم ارتقائي دور ۾ جڏهن انسان جا وڏڙا جابلو غارن ۾ رهندا هئا تڏهن ٻرندڙ باھ ئي سندن وڏو جيئندان ۽ سهارو هئي، اها باھ ئي هئي جيڪا انڌيري غار کي روشن ڪندي هئي ، اها باھه ھئي جيڪا کيس کاڌو پچائڻ لاءِ ڪتب ايندي هئي، حمله آور خونخوار جانورن کي ڀڄائڻ لاءِ سهارو بنبي هئي، اها باھ ئي هئي جيڪا ڪچي مٽي کي پچائي پڪو ٺڪر جو ٿانءَ ٺاهي ڏيندي هئي باھ واقعي هڪ مادي کي ٻئي مادي ۾ بدلائي ڇڏي ٿي، باھ لوھ کي پگهاري پاڻي بنائي ٿي، ڪک پن ڪاٺ ساڙي رک ٺاهي ٿي، مٽي کي پچائي ٺڪر بنائي ٿي، هزارين طريقن سان باھ انسانن لاءِ ڪارآمد هوندي هئي ۽ آهي ايترا فائدا ڏيڻ سان گڏوگڏ اها ساڳي باھ هوندي هئي جيڪا ٻيلا جهنگ، چراگاھ ۽ شڪارگاھ ساڙي رک ڪري ڇڏيندي هئي جنهن ڪري انسان جو عقيدو پختو ٿيندو ويو ته اها باھ هڪ ديوتا آهي جيڪا راضي ٿي ٿئي ته انسان جي سهڪاري آهي ۽ ناراض ٿئي ته انسان لاءِ تباهي آهي، اهو ئي سبب هو جو انسان باھ کي ديوتا بنائي پوڄڻ شروع ڪيو، اها باھ جيڪا روشنيءَ جو ذريعو هئي ۽ قدرت جي قانونن ۾ انقلاب آڻڻ جو سبب هئي، قدرتي ڪتاب ۾ رات جو اونداھ ۽ سياري ۾ سردي لکيل آهي پر باھ انهن قانونن کي ٽوڙي ڇڏيو، رات کي روشن ۽ سرديءَ کي گرمي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
    شازو کي ٺينگا بابا جا لفظ ياد آيا ، ته تنهنجي اندر ۾ روشني آهي جيڪا توکي منزل ڏيکاريندي ، وجود جي عين مرڪز ۾ داخل ٿي اتي موجود روشنيءَ کي ڏس، اها لافاني روشني آهي ۽ ابد تائين تنهنجو سونهون بڻبي شازوءَ کان هلڪو ڇرڪ نڪري ويو، جسم ۾ سيءَ جي لهر ڊوڙندي محسوس ڪيائين، بابا جي ياد ايندي ئي، کيس گذريل واقعا ياد اچڻ لڳا، ساڻس ڇا ٿيو هو؟ شازوءَ کي ياد پيو ته هو ڍنڍ جي ٿڌي برف جهڙي پاڻيءَ ۾ ٽٻڪندو ٿي ويو، جسم ۾ سرد پاڻي ائين محسوس ٿي رهيو هوس، جيئن ڪو ڪاتيءَ سان سندس ماس ڪُوري رهيو هجي، يا ٽانڊي جي ڄڀي سان سندس کل ساڙي رهيوهجي، هو ڍنڍ جي تري ۾ پيهندو ٿي ويو، ۽ پوءِ سندس ساھ بند ٿي ويو، هن ڀانيو ته هو ڄمي ويو آهي، وشال پاڻيءَ جي ڪائنات کيس ڳڙڪائي وئي هئي، ۽ پوءِ سندس حواس ختم ٿي ويا هئا، پوءِ ڇا ٿيو هو، کيس ڪا خبر ڪا نه هئي.
    شازو آھستگيءَ سان کٽ تي اُٿي ويٺو، جهوپڙيءَ ۾ پاڻ اڪيلو هو، اڌ رات جو وقت هو، هر طرف ماٺار ڇانيل هئي، چنڊ جا تڙڪا ۽ لالٽين جي زرد روشني ماحول کي جادو ئي بنائي ڇڏيو هو، هن ڏٺو ته جهوپڙيءَ جي دروازي ڀرسان ڪاٺ جي منجڻ تي پاڻي جو مٽ رکيل هو ۽ ان مٿان ڪاٺ جو ٽڪرو ڍڪ طور رکيل هو، ان ڪاٺ جي ٽڪري مٿان ڪوپر جو گلاس اونڌو پيل هو، سخت سيءَ هئڻ باوجود شازوءَ جي نڙي خشڪ ٿي وئي هئي، کيس شديد اُڃ محسوس ٿي، هو آهستگي سان اٿيو ۽ پير پير ۾ وجهندو مٽ تائين آيو ڪوپر جو گلاس مَٽَ مان ڀري يڪسا هي ڏوڪي ويو، ۽ ڪي گهڙيون مَٽَ ڀرسان ئي بيٺو رهيو ، ذهن جي ڦِرِ موٽي ابتو ڦيرو ڦِري، کيس ٻيهر وڌيڪ ڪجهه ياد اچڻ لڳو، هن جي ڪنن ۾ بابا جا لفظ ائين ٽڙڪاٽ ڪندا گونجيا جيئن تيز هوائن جي جهونڪن سان گهاٽن وڻن جا پن پڙلاءَ پيدا ڪندا آهن، بابا کيس چئي رهيو هو ته آئون تو ۾ شامل آهيان ، تون ڍنڍ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏ ، هي ڍنڍ تنهنجي آجيان ڪندي ، هي فطري مظهر آهي، ڍنڍ جي گهرائيءَ ۾ توکي هيرا موتي ته شايد ڪونه ملندا پر تون امرتا کي ماڻي وٺندين“ شازو پنهنجو ذهن برفاني تهه جيان ڄمندي محسوس ڪيو هو ۽ اوچتو ڍنڍ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو هئائين.
    اوچتو جهوپڙي ٻاهران ڪنهن جي قدمن جو آواز آيو، هڪ صفيد ننڍي ڏاڙهيءَ سان پيرسن مهاڻو اندر لنگهي آيو، شازوءَ کي مٽ ڀرسان بيٺل ڏسي کائنس حيرت ۽ تجسس مان ”اوھ... جو لفظ زبان چيري ٻاهر نڪري ويو“ مالڪ جا لک شڪر ، تون هوش ۾ اچي وئين، ان کان اڳ جو شازو ڪو جواب ڏي پيرسن مهاڻي، سڏڪيو ايمڻا، او ايمڻا ڏس ته هي نوجوان هوش ۾ اچي ويو آهي، جلدي اچ” ٻئي پل پيرسن مهاڻي جي زال ايمڻا به در کان اندر لنگهي آئي هاڻي ايمڻا، پيرسن مهاڻو ۽ شازو هڪٻئي جي سامهون بيٺا هئا، لالٽين جي زرد روشني جي ڪري ٽنهي جا پاڇولا ٻيءَ ڀت تي ڊگهن ڪارن ديون جيان نظر پئي آيا ڄڻ ته ڪارا پاڇولا پنهنجي خاموش زبان ۾ اهو چوندا هجن ته انسان اندر جو ڪيڏو نه ڪاروآهي ، سندس وجود ڪيڏو نه ڪارو آهي جو پاڇولو به ڌنڌڪاري جهڙو ٿو لڳي ۽ ڪيڏو نه بي ڊولو، اڻچٽو ۽ خوفائتو آهي.
    مالڪ جا لک شڪر“ پوڙهي ايمڻا جو آواز آيو، ” آئون چانهه ٺاهي ٿي اچان“ پوڙهي ايمڻا تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندي ڀرواري جهوپڙيءَ ۾ هلي وئي ، پيرسن مهاڻي شازوءَ جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو پٽ هلي آ، کٽ تي ويهه تنهنجي طبيعت اڃا ٺيڪ نه آهي، ڊاڪٽرياڻي صبح سوير ايندي، ائين چئي پوڙهو شازو کي ٻانهن کان جهلي کٽ تائين وٺي آيو ۽ ٻئي ڄڻا کٽ تي ويهي رهيا، کٽ تي اڌ ڇنل واڻ مٿان چٽن وارين چتين سان ٺهيل رلي وڇايل هئي ۽ هڪ وهاڻو هو.
    “ مونکي ڇا ٿيو هو؟ ” شازو پهريون ڀيرو ڳالهايو “۽ آئون هتي ڪيئن پهتس”؟ پوڙهي مهاڻي گهور ڪري شازوءَ جي اکين ۾ نهاريو، پوڙهي جي اکين جي اجهاميل روشني آهستي آهستي چمڪڻ لڳي ڄڻ ماضي جا پنا اٿلائيندي ڪجهه ياد ڪري ورتو هئائين، “پٽ” پوڙهي چيو “تون ڪالهه رات کان يڪو بيهوش هئين، ڍنڍ ڪناري تي بيهوشي جي حالت ۾ مليو هئين”
    کن پل جي ماٺ کانپوءِ پوڙهي ٻيهر چيو ته اسان روز سانجهيءَ جو بتيلو ڪاهي ڍنڍ ۾ ويندا آهيون، سڄي رات مڇي جو شڪار ڪري اسر ويلي موٽندا آهيون، ڪالهه رات اسان بتيلو هاڪاري ڍنڍ ۾ وڃڻ لڳاسين ته ٽڪريءَ واري پاسي تون ڍنڍ جي ڪناري تي بيهوشي جي حالت ۾ پيل مليو هئين، پٽ هي ڍنڍ خطرناڪ آهي هن ڍنڍ جي پاڻي ۾ هن کان اڳ ۾ جيڪو به ٻُڏو آهي اهو زندهه نه بچيو آهي ، تون شايد ڍنڍ ۾ ڪري پيو هئين ، يا ڪنهن توکي ٽڪري تان ڌڪو ڏئي ڍنڍ ۾ ڪيرايو هو، پر مونکي حيرت آهي ته تون ڪناري تائين ڪيئن پهتين ؟ ۽ زنده ڪئين بچي وئين ؟ مونکي لڳي ٿو ته ڍنڍ پاڻ توکي هڪ ماءُ جيان لوري ڏئي ننڊ سمهاري پوءِ آرام سان ڪناري تي پهچائي ڇڏيو هو، ته جيئن تون زنده رهين، شايد تو ۾ ڪا طلسمي قوت آهي يا تون هن دنيا جو غيرمعمولي نوجوان آهين ، جو ڍنڍ توسان اهڙو پيارو ورتاءُ ڪيو، شايد دنيا کي تنهنجي ضرورت آهي، تون اهڙو نور آهين جنهن سان دنيا کي منور ٿيڻو آهي، تون برابر غير معمولي نوجوان آهين، خير اسان توکي بتيلي تي کڻي شڪار ڪرڻ بدران هتي کڻي آياسين.
    شهر جي هڪ تنظيم جا غريبن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري ٿي،ان جي هڪ ڊاڪٽرياڻي اسانجي ڳوٺ ۾ روز صبح جو ايندي آهي ۽ هتان جي مسڪين مهاڻن کي دوائون ڏيندي آهي، ڊاڪٽرياڻي صبح مهل توکي ڏٺو هو، سُيون هنيائين بوتل چاڙهئين ۽ چيائين ته تون ٺيڪ ٿي ويندين، مونکي اوس پڪ هئي ته تون ضرور ٺيڪ ٿي ويندين ڇو ته تون پنهنجي وجود ۾ ڪا اهڙي شڪتي رکين ٿو جيڪا غيرمعمولي آهي.
    پوڙهي مهاڻي ڪنڌ لوڏيو ۽ چيو ته تون بيهوشي جي حالت ۾ به ڪجهه ڳالهائي رهيو هئين ، تنهنجا لفظ ته سمجهه ۾ ڪونه آيا پر ائين لڳو پئي ڄڻ تون پنهنجي وجود ۾ ڪيتريون ئي شخصيتون رکين ٿو، ۽ اهي شخصيتون تنهنجي وجود ۾ هڪٻئي سان ڳالهائي رهيون هيون، خير پر ٻچڙا تون آهين ڪير؟ ۽ ڍنڍ ۾ ڪيئن ڪري پيئن؟
    بابا مونکي خود خبر ناهي ته آئون ڪير آهيان؟ شازوءَ وراڻيو آئون هن دنيا ۾ اڪيلو آهيان، ڍنڍ تي مونکي منهنجو محسن وٺي آيو هو ۽ ان ئي مونکي چيوته ”ڍنڍ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏ“
    ”ڇا“ پوڙهي حيرت سان چيو ، کيس ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو ، ايمڻا در کان اندر لنگهي آئي ۽ چانهه جون ٻه پياليون کڻي آئي، هڪ پيالي شازوءَ کي ٻي پيالي مڙس کي ڏنائين ۽ چيائين هي ٻچڙو ٻن ڏينهن جو بکايل آهي، اوهان چانهه پيئو تيسين آئون ماني پچائي وٺان.
    ان کان اڳ جو ايمڻا واپس مُڙي ، شازو چيو نه امان ، مونکي ماني نه ٿي گهرجي، منهنجي طبيعت اڃا ٺيڪ نه آهي ماني نه ٿي وڻي، ماني صبح جو کائيندس ايمڻا ڪجهه سوچيندي ، ڪنڌ کي هائوڪار واري انداز ۾ لوڏو ڏنو ۽ ٻاهر نڪري ڀر واري جهوپڙي ۾ هلي وئي.
    کن پل لاءِ ٻيهر ماحول ماٺو ٿي ويو ۽ پوءِ پوڙهي مهاڻي چيو، پٽ مونکي تنهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ، توکي تنهنجو محسن ڍنڍ تي وٺي آيو ۽ ان توکي چيو ته ٽپو ڏئي ڇڏ، ڇا تنهنجو مطلب آهي ته ڪنهن توکي قتل ڪرڻ لاءِ ڍنڍ ۾ ٻوڙيو..؟
    ”نه “شازو يڪدم وارڻيو، نه بابا مونکي ڪنهن به نه ٻوڙيو هو، مون پاڻ ٽپو ڏنو هو.
    خودڪشي ڪرڻ لاءِ ” پوڙهي اچرج مان چيو.
    نه شازوءَ وراڻيو مون کي معلوم ٿيو ته هيءَ ڍنڍ هڪ دروازو آهي ٻي دنيا ۾ کُلي ٿو مون ٻي دنيا ۾ وڃڻ پئي چاهيو ان ڪري مون پاڻ ٽپو ڏنو.
    پوڙهي کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو ، هُن اندازو لڳايو ته شايد نوجوان جو دماغ اڃا تائين درست حالت ۾ ڪم نه ٿو ڪري ، شايد هو صدمي ۾آهي، بيمار آهي پوڙهي ڪجهه سوچي چيو ” چڱو پٽ تون اڃا بيمار آهين، تون آرام ڪر، صبح سويري ڊاڪٽرياڻي ايندي ، پوءِ مالڪ چڱائي ڪندو ، آئون به هاڻي وڃي ٿو سمهان ، تنهنجي الڪي ۾ ننڊ نه ٿي آئي ، سو شڪر ٿيو جو تون به هوش ۾ اچي ويو آهين وري صبح جو سوير تائين مالڪ ڀلائي ڪندو.
    ” ٺيڪ بابا “ شازوءَ مختصر جواب ڏنو، پوڙهو کٽ تان اٿيو ۽ قدم کڻندو جهوپڙي جي دروازي مان ٻاهر نڪري ڀر واري جهوپڙي ۾ هليو ويو شازو تمام گهڻي ٿڪاوٽ محسوس ڪري رهيو هو ، آهستي آهستي ٿي کٽ تي ليٽي پيو ۽ وهاڻي تي ڪنڌ رکي ڇڏيائين هن ڀانيو ٿي ته ٿڪاوٽ سبب کيس ترت ننڊ اچي ويندي ، پر سندس ذهن سوچ جي ڪُنڊي ۾ ائين ڦاٿل هو جيئن مهاڻي جي ڪُنڊي ۾ مڇي ڦاسندي آهي ۽ پوءِ پاڻ ڇڏائڻ لاءِ ڦڪندي آهي، شازو جو ذهن به مڇي جيا ڦٿڪڻ لڳو ، خيال سندس ذهن تي هٿوڙا هڻڻ لڳا.

    ٺينگا بابا ائين ڇو ڪيو هو ؟ ڇا بابا مونکان ناراض هو؟ هن مونکي مارڻ چاهيو ٿي جو مونکي چيائين ته ڍنڍ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏ ؟ پر نه ائين نه ٿو ٿي سگهي ، بابا ته هڪ ڪامل انسان هو، ڪنهن جي جان نه ٿي وٺي سگهيو ضرور ان ڳالهه ۾ به ڪا رمز هئي جو بابا مونکي چيو ته ڍنڍ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏ، شازو کي بابا جا لفظ ياد آيا ته ڍنڍ ۾ توکي هيرا موتي ته شايد نه ملن پر تون امر ٿي ويندين .. ڇا آئون واقعي امر ٿي ويو آهيان ؟ شازو سوچيو ، مون ۾ ته ڪا تبديلي نه آئي آهي، آئون ته اڄ به اهڙو آهيان جهڙو اڳ هوس ، پوءِ اها ڪهڙي امرتا آهي جنهن جو ٺينگا بابا ذڪر ڪيو هو؟
    شازو کي ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿي آيو، هن سوچيو ته مونکي ڍنڍ ۾ ٽپو ڏيڻ لاءِ چئي پوءِ بابا ڪيڏانهن ويو هوندو؟ ڇا آئون ساڻس زبردستي چهٽي پيو هوس جو مون مان جان ڇڏائڻ لاءِ بابا مونکي ڍنڍ جي نذر ڪرڻ ٿي چاهيو؟ خيالن جا ڏانوڻ سندس ذهن کي گهيري ويا، ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيس ته ڇو ٿيو، ڇاٿيو، هن پيرسن مهاڻي بابت سوچيو ته پيرسن کيس پاڻ سان گڏ ڇو کڻي آيو؟ ڇو هن جي حياتي بچايائين؟ آخر ڪهڙو رشتو آهي هن جو پيرسن مهاڻي سان ؟ هن کي ياد آيو ته انسانيت به هڪ لفظ آهي، برابر انسانيت به ڪا شيءَ آهي، هن کي سراج جا لفظ ياد آيا ته ” درد جا رشتا ڄاڻ سڃاڻ جا محتاج ناهن هوندا“ ها ڪي رشتا واقعي ئي درد جي لڙي ۾ پوئيل هوندا آهن درد هڪ اهڙي مالها آهي جنهن ۾ جڙيل سمورا انسان هڪٻئي جا حال ڀائي آهن، انهن سڀني وٽ ساڳيا احساس آهن، ساڳيا ڏک ۽ ساڳيون محروميون آهن، اهي اهڙا رشتا آهن جيڪي واقعي به ڪنهن ڄاڻ سڃاڻ جا محتاج ناهن هوندا.
    ائين سوچن جي صحرا ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندي نه ڄاڻ ڪنهن لمحي شازو جي اک لڳي وئي ۽ ننڊ جي ديوي هن کي ھنج ۾ وٺي جهولائڻ لڳي.
    سج چڙهي آيو هو ۽ تڙڪن سان سنڌ کي روشن ڪري بيٺو هو جهوپڙين جي ڳڙکين ۽ وٿين مان روشني صدين جي ڏکايل مهاڻن جي انڌيري دنيا ۾ ڪاهي آئي هئي ، هي مهاڻا اهڙا ته پيڙهيل هئا جو هر نئون سج، نئين روشني سان گڏ هنن لاءِ دردن جو هڪ نئون هجوم کڻي ايندو هو، ۽ هي حسرت ۽ ڏک گاڏڙ ڪاوڙ مان نئين سج کي تڪيندا هئا، ڄڻ کيس چئي رهيا هجن ته تون به اسانجو سڄڻ ناهين سج، تون به ڏاڍن ۽ ظالمن جو سهڪاري آهين، تون به انهن کي روز پنهنجي فتح جو احساس ڏيارين ٿو، ۽ اسان لاءِ تون وٽ به ڪا خوشخبري ناهي.
    سج جي تپش ڪافي وڌي وئي هئي شازوءَ جي اک کُلي ته پنهنجي مٿان هڪ خوبصورت نوجوان عورت کي جهڪيل ڏٺائين ، جيئن ئي شازوءَ جي اک کُلي ته هن خوبصورت عورت مرڪي ڏنو، هوءَ ڊاڪٽرياڻي هئي عليزا، عيسائي هئي.
    شازوءَ کان هلڪو ڇرڪ نڪري ويو هن زندگيءِ ۾ ڪنهن نوجوان عورت کي پهريون دفعو پنهنجي ايترو ويجهو ڏٺو هو، هن جي جسم تي ڄڻ ماڪوڙيون سُرڻ لڳيون هي سٽ ڏئي کٽ تي اٿي ويهي رهيو، ان مهل پيرسن مهاڻو به جهوپڙي اندر گهڙي آيو، پيرسن جي منهن تي به مُرڪ هئي، پيرسن چيو ته هي عليزا آهي، ڊاڪٽرياڻي آهي، شهر ۾ هڪ ڀلائي جي تنظيم جي طرفان اسانجي ڳوٺ ۾ ايندي آهي ۽ سمورن مريضن جو مفت ۾ علاج ڪندي آهي ۽ مفت ۾ دوائون ڏئي ويندي آهي ، جڏهن توکي بيهوشي حالت ۾ هتي کڻي آيا هئاسين ، تڏهن به هن اچي توکي سُيون هنيون هيون.
    شازوءَ جي اکين ۾ هڪ چمڪ تري آئي ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي اها چمڪ عليزا جي اکين ۾ منتقل ٿي وئي ، عليزا جا گلابي چپ ڪنهن گلاب جي پنکڙين کان گهٽ نه هئا ۽ مسڪرائڻ سان سندس ٻنهي ڳلن ۾ کڏون ٿي پئجي ويون، ڳلن ۾ پوندڙ اهي کڏون شازوءَ کي ڪنهن درياھ ۾ ڦيريون کائيندڙ ڪُن جيان لڳيون شازوءَ جي دل سيني ۾ اڇُلون کائڻ لڳي، ڀانيائين ته ڪر ڳلن جي ان ڪُن ۾ ٻڏي وڃي، پر انهيءَ پل کيس ياد آيو ته هوءَ عورت هئي، ۽ شازو ڇاهو؟ نه مرد نه عورت، شازوءَجي اکين جي جوت اجهامي وئي، هي سماج ته انسان جو ناهي هي ته صرف عورتن، مردن ٻڍڙن ۽ ٻارڙن جو آهي، ۽ شازو نه ته عورت هو، نه مرد، نه ٻڍڙو، ۽ نه ٻار، ته پوءِ آخر ڇاهو صرف انسان، هي سماج انسانن لاءِ ته آهي ئي ڪونه، هُن کي ياد آيو ته جيڪي ماڻهو ۽ ٽولا انسان جي حقن جو ڳالهيون ڪندا هئا، اهي به انساني حقن جي نالي ۾ يا ته عورتن جي حقن جي پرچار ڪندا هئا ياته نوجوانن ۽ مردن جي ياته ٻڍڙن جي ياته ٻارڙن جي.....!
    ڪابه اهڙي تنظيم،ڪو ٽولو ، ڪو ماڻهو اهڙو نه هو جيڪو چوي ته اسان نه مردن جي حقن جي ڳالهه ڪريون ٿا نه عورتن جي حقن جي، نه ٻڍڙن جي ۽ نه ٻارڙنجي، اسان صرف انسانن جي حقن جي ڳالهه ٿا ڪريون، اهڙا انسان جيڪي صرف ئي صرف انسان آهن، نه ٻڍڙا نه ٻار، نه عورتون نه مرد،
    “ڪيئن آھيو”؟ عليزا جي آواز شازوءَ کي سندس ڳلن جي کڏن مان ڇڪي ڪڍي ورتو..
    “جي” اٻهرائپ مان شازو جي زبان مان آواز نڪري ويو،
    “ خودڪشي جا ٻيا به کوڙ طريقا آهن” عليزا مسڪرائيندي چيو “ پوءِ ڍنڍ ۾ ٽپو ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي”..؟
    “مون خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي ” شازوءَ وراڻيو
    “ته پوءِ” عليزا جي زبان مان اچاريل هي سوال، اکين مان جهاتيون پائڻ لڳو“ خير جيڪو به ٿيو، پر چڱو ٿيو جو تون زندھه ۽ صحيح سلامت آهين، توکي هاڻ مونسان گڏ شهر هلڻو پوندو، اتي اسانجي انساني حقن ۽ انساني ڀلائي جي تنظيم جي آفيس آهي تنهنجي اتي داخلا ٿيندي، ان بعد اگر تون وڃڻ چاهيندين ته توکي اجازت هوندي، نه ته اسانجي تنظيم تنهنجي لاءِ ڪو انتظام ڪندي...
    زندگيءَ ۾ هي پهريون ڀيرو هو جو شازو ڪنهن عورت سان گڏ گاڏي ۾ ويٺو هو، ڪار رستا لتاڙيندي، ڌوڙ اڏائيندي شهر طرف وڃي رهي هئي ، ڌوڙ جي اڏاڻل ڪڪرن سان گڏ شازوءَ جو ماضي به اڏامندو پوئتي رهنجدو ٿي ويو تيز لڳندڙ سرد هوا شازوءَ ۾ هڪ اڄاتي قوت ڀري رهي هئي، شازو هاڻي پاڻ ۾ هڪ وڏي تبديلي محسوس ڪري رهيو هو، اڳ ۾ هن کي عورتن کان نفرت هئي پر اڄ هو عورت سان گڏ گاڏي ۾ ويٺو هو، عليزا ڊرائيونگ ڪري رهي هئي ۽ هي ان جي ڀر واري سيٽ تي ويٺو هو، هن پاڻ ۾ وڏي تبديلي محسوس ڪئي، هن کي هاڻي عورتن کان نفرت نه ٿي رهي هئي هن مردن جي باري ۾ سوچيو پر هن جي ذهن ۾ ته هاڻي مردن لاءِ به نفرت نه رهي هئي هن ذهن جي ڪنڊ ڪڙڇ جي تلاشي ورتي پر هن کي ڪٿي به نفرت نظر نه آئي، پنهني وجود جي مرڪز ۾ داخل ٿي هن نفرت کي ڳوليو پر کيس ڪٿي به نفرت ڏسڻ ۾ نه آئي، هي حيران ٿي ويو آخر ڪيڏانهن وئي اها نفرت جيڪا هن نندپڻ کان هيستائين پاڻ سان سانڍي رکي هئي، جنهن نفرت کي پنهنجي وجود ۾ پالي وڏو ڪيو هو، ڇا اها ساري نفرت هاڻي محبت ۾ بدلجي وئي هئي؟هن پنهنجي سڄي وجود کي سراپا محبت محسوس ڪيو ، ڪٿي به ڪنهن لاءِ به هن وٽ نفرت نه بچي هئي ، هن ڪار جي دري مان ٻاهر نهاريو، آسپاس جون ٻنيون ۽ انهن ۾ بيٺل ساوا فصل رستن جي ڀرسان جهومندڙ ڊگها ڊگها بيدمشڪ جا وڻ هن کي پُر رونق ۽ وڻندڙ لڳا هاڻي دنيا هن کي خوبصورت نظر اچي رهي هئي.
    “ هي مونکي ڇا ٿي ويو آهي” شازو پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو، آئون جيڪو سراپا نفرت هوس سوهاڻي سراپا محبت ڪيئن بڻجي ويس، هن کي بابا جا لفظ ياد آيا “ هر سوال جو جواب تنهنجي اندر۾ موجود آهي” تنهنجي جاءِ پنهنجي اندر ۾ آهي وجود جي عين مرڪز ۾ آهي
    ڇا مون پنهنجي وجود جو مرڪز ڳولي ورتو آهي، ڇا آئون پنهنجي وجود جي مرڪز تائين پهچي چڪو آهيان؟؟ بابا چيو هو ته ڍنڍ جي تري ۾ شايد توکي هيرا موتي نه ملن پر هيءَ ڍنڍ توکي امر ڪري ڇڏيندي، هن سوچيو ته آئون شايد امر ته نه ٿي سگهيو آهيان پر مون ۾ هڪ وڏي تبديلي ضرور اچي وئي آهي، منهنجي اندر ۾ روشني جي ڪو آتش فشان ضرور نروار ٿي پيو آهي .
    “نالو ڇا اٿو”؟ عليزا جي آواز تي هن جي خيالن جا ڪنگر ڪري پيا ،جي” شازوءِ اوچتو ٽٽل خيالن کي سهيڙندي چيو “شازو”.
    “شازو” عليزا حيرت مان پڇيو.
    “ها نالو شهزور اٿم پر سڀ شازو سڏيندا آهن” هن وارڻيو.
    “او”...! عليزا چيو “ڪٿي رهندا آهيو؟ ۽ ڇا ڪندا آهيو”؟
    “ڪجهه به نه” شازو بنا عليزا ڏانهن ڏسڻ جي چيو.
    هاڻي شازوءَ جي من ۾ ڪابه چڙ نه هئي ۽ نه ئي نفرت نه بيزاري، ان ڪِري هن پنهنجي وجود کي هلڪو محسوس ڪيو ته دل چيس ته سڀڪجهه ٻڌائي ڇڏي، هن چيو بابا ۽ امان گهڻو اڳ دنيا ڇڏي ويا، چاچا ۽ چاچيءَ پاليو، اهي به هاڻي ناهن رهيا، رت جي رشتي ۾ ڪوبه نه رهيو آهي ڳوٺ ڇڏي شهر آيس ۽ اتان دربدريءَ جي زندگيءَ مان بيزار ٿي ٺينگا بابا وٽ پهتس جتان پوءِ..!
    ان کان اڳ جو شازوءَ جملو پُورو ڪري عليزا هڪدم چيو “او”ٺينگا بابا جيڪو پڻ هيءَ دنيا ڇڏي چڪو آهي”.
    “ڇا” هڪ رڙ واڪو ڪري شازوءَ جي وجود مان پڙاڏا ٺاهيندي نڪري آئي ۽ پهريون ڀيرو شازو گُهوري عليزا جي منهن ۾ ڏسڻ لڳو.
    “ ها ٺينگا بابا ته ان رات ئي جهان ڇڏي ويو جنهن رات تون ڍنڍ ۾ ڪِرِيو هئين، چون ٿا ته ٺينگا بابا ان رات پنهنجي آسپاس جي عقيدت مندن ۽ فقيرن کي پاڻ وٽ سڏايو هو، ۽ پهريون ڀيرو انهن سان دل کولي ڳالهايو هئائين چون ٿا ته هن کان اڳ ٺينگا بابا ڪنهن سان به ايترو گهڻو نه ڳالهايو هو، ۽ بابا پاڻ مريدن ۽ معتقدن کي ٻڌايو هو ته ته هُو هاڻي دنيا مان وڃي پيو
    شازوءَ جو مٿو چڪرائڻ لڳو، سندس هنياءُ ڪچو ٿيڻ لڳو ۽ اوچتو کيس الٽي اچي وئي، هن ڪار جي دروازي مان ڳچي ٻاهر ڪڍي آت ڏني، عليزا ڪار بيهاري ڇڏي ۽ يڪدم لهي اچي شازوءَ جو دروازو کولي کيس هيٺ لاٿائين ۽ ٻانهن کان جهلي شازوءَ کي رستي ڀرسان آندائين، شازو رستي ڀرسان ويهي پيٽ تي هٿ ڏئي اٻڙڪا ڏيڻ لڳو
    عليزا گاڏي مان پاڻي جي بوتل ڪڍي آئي ۽ شازوءَ کي ڏنائين، شازوءَ گرڙي ڪئي ٿورو پاڻي پيتو ۽ پاڻي سان منهن ڌوئي، اکين کي ڇنڊا هڻي سامت ۾ آيو.
    “ڇا ٿيو” عليزا حيراني سان پڇيو “خير ته آهي، ڇا تنهنجي طبيئت اڃا مڪمل ٺيڪ نه آهي، خير اسان جلد شهر جي اسپتال ڏانهن هلون ٿا”

    “نه” شازوءَ ٿڌو ساھ کڻندي چيو ، “مونکي ٺينگا بابا جي جهوپڙي ڏانهن وٺي هل”.
    عليزا هڪ ڳنڀير ۽ حيراني واري نظر شازوءَ تي وڌي ۽ ڪجهه چوڻ بنا، شازوءَ کي ٻانهن مان جهلي ڪار ۾ ويهاريائين ۽ پاڻ به ويهي رهي، ڪار رستي تان واپس مُڙي ٽڪري طرف ڊوڙڻ لڳي
    ٺينگا بابا جي جهوپڙي ان ئي حالت ۾ هئي جنهن حالت ۾ شازو ڇڏي ويو هو، جهوپڙي ڀرسان بيلچو ان ئي حالت ۾ پيل هو، وڻن جي پاڙن ۾ اڌ زمين گُڏ ٿيل هئ، هڪ لمحي لاءِ شازوءَ جي ذهن تي بابا جي تصوير تري آئي ، هو بابا کي وڻن جي پاڙ ۾ گُڏ ڪندي ڏسي رهيو هو، شازوءَ جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا، هٿ ۽ جسم ڏڪڻ لڳس، هن جسم ۾ سگهه نه ڀانئي ۽ مٽي ۾ ويهي رهيو، عليزا به شازوءَ جي ڪلهن تي هٿ رکندي ساڻس گڏ ويهي رهي، جهوپڙي آڏو بابا جا ڪيترائي عقيد تمند ويٺل هئا ، موت کانپوءَ پٿر تي گڏ ٿيل هي ماڻهن جو ميڙ بنهه مختلف هو اڪثر ڪري مري ويل جي تڏي تي گڏ ٿيل ماڻهو، افسوس ڪندي گهٽ نظر ايندا آهن، پر هڪٻئي سان ڪچهريون ڪندي ۽ دنيا جون ڳالهيون ڪندي نظر ايندا آهن، پر هتي منظر بنهه مختلف هو، مڪمل سانت ۽ خاموشي هئي، ايتري گهري خاموشي، يورپ ۾ جنگ جي يادگار ڏينهن تي هڪ منٽ جي ٿيندڙ خاموشي به نه هوندي آهي جهڙي گهري خاموشي هتي هئي
    بابا جي جهوپڙي جي دروازي جي بلڪل ڀرسان بابا جي قبر ٺاهيل هئي جنهن تي مٽي اڃا به آلي هئي ۽ آلي مٽي مٿان، سندس عقيد تمندن پاران وڌل ڪپڙي جون چادرون ۽ تازا گل هئا.
    چند گهڙين جي خاموشي کانپوءِ شازو همت ڪري بابا جي هڪ فقير جي ڪلهي تي هٿ رکيو، هن فقير کي گيڙو رنگ جا ڪپڙا پاتل هئا ۽ ڳچي ۾ وڏن مَڻين وارو هار هوس، شازوءَ جي هٿ رکڻ سان فقير مُڙي نهاريو.
    “ بابا کي ڇاٿيو” شازو آهستگي سان پڇيو
    جيڪو وقت شازو بابا سان گڏ رهيوهو، ان دوران هڪ ٻه ڀيرا هي فقير به بابا جو درشن ڪرڻ آيو هو ، ان ڪري فقير شازوءَ کي سڃاتو ۽ عجب نظرن سان ڏسندي ئي سوال ڪيائين شازو تون ڪيڏانهن هليو ويو هئين؟

    شازوءَ جي اکين ۾ ٻيهر لڙڪ ڀرجي آيا پنبڻين ۾ جرڪندڙ لڙڪ ڏسي فقير پنهنجو سوال وساري ڇڏيو، شازوءَ کي ٻُڌائڻ شروع ڪيو بابا ان شام جو ديري تي پهتو ته هڪ فقير وٽس آيل هو ، ان هٿان بابا سڀني فقيرن ۽ عقيد تمندن کي نياپو ڪرائي گهرايو ۽ پاڻ گهڻي پاڻي سان وهنجي صفيد لباس پاتو هئائين، بابا سڀني آيل فقيرن ۽ عقيد تمندن کي مخاطب ٿيندي چيو هو اڄ آئون شايد زندگيءَ ۾ آخري ڀيرو اوهان کي مخاطب ٿي رهيو آهيان، هن کان پوءِ ٻيهر مونکي اوهان سان مخاطب ٿيڻ جو موقعو نه ملندو مون ڪڏهن به اوهان سان ائين مخاطب ٿي نه ڳالهايو آهي، اوهان مونکي هميشه خاموش ڏٺو هوندو پر اڄ توهان سان گهڻو ڳالهائڻ چاهيان ٿو، منهنجي هميشه خاموش رهڻ مان اهو مطلب نه هو جيئن توهان ٻين سياڻن کان ٻُڌو هوندو ته خاموش رهڻ عقلمندي جي نشاني هوندي آهي، بلڪل نه آئون نٿو سمهجان ته عقلمند ماڻهو خاموش رهي سگهي ٿو، دنيا ۾ عقلمند اهي ٿي گذريا آهن جن وڏي واڪي ڳالهايو آهي سورويٽ کان سقراط تائين، مخدوم بلاول کان مسيح تائين، گوتم ٻڌ کان رجنيش اوشو تائين سمورن عقلمند ماڻهن وڏي واڪي ڳالهايو آهي، انهن جي ڳالهائڻ بلڪه ائين چوان ته سچ ڳالهائڻ جي سزا طور کين صليب تي چاڙهيو ويوهو، لٽڪايو ويو پر هنن پنهنجي ڳالهه تان هٿ نه کنيو، ماڻهن کي خاموش بنائڻ لاءِ اهو محاورو وقت جي حڪمرانن جوڙايو هو ته عقلمند خاموش رهندا آهن، ته جيئن هر بيوقوف پاڻ کي عقلمند ثابت ڪرڻ لاءِ خاموش رهي ائين سڄي رعيت ماٺ ٿي ويندي، پر آئون خاموش ان ڪري هوس جو مون زندگيءَ جي گهرائيءَ تائين وڃڻ ٿي چاهيو، زندگيءَ جي گهرائي تائين پهچي اڄ آئون پنهنجي زندگي ڪنهن ٻئي ۾ منتقل ڪري چڪو آهيان، هاڻ آئون توهان کي هڪ نئين روپ ۾ ملڻ وارو آهيان، منهنجو اهو روپ ڳالهائيندڙ هوندو، سچ جي پرچار ڪندڙ هوندو، ڀر واري ڍنڍ ۾ آئون اهو آواز منتقل ڪري آيو آهيان، اهو جلد توهان وٽ ايندو ۽ توهان کي زندگيءَ جا سمورا فلسفا سمجهائيندو.

    پر ان کان اڳ آئون آخر ۾ توهان کي ڪجهه ڳالهايون سمجهائڻ گهران ٿو دنيا ۾ هڪ طبقو پنهنجي بالادستي قائم رکڻ لاءِ ٻين کي غلام بڻائيندو رهيو آهي ، ماڻهن کي غلام بنائي مٿن حڪمراني ڪرڻ لاءِ غلامي جا انيڪ روپ تخليق ڪيا ويا آهن، مون غلاميءَ کي ڪيترن ئي روپن ۾ ڏٺو آهي ، غلاميءَ جا ڪجهه روپ اهڙا هوندا آهن جن کان ماڻهن کي ڪراهت ٿيندي آهي، بيزاري ٿيندي آهي ۽ انسان ان غلاميءَ جو ڳٽ ڳچي مان ڪڍي اڇلائڻ لاءِ جاکوڙ ۽ جنگ ڪندو آهي، جڏهن ڪو انسان غلامي جي غليظ روپ محسوس ڪري وٺندو آهي تڏهن غلاميءَ مان جند ڇڏائڻ لاءِ جان جي به پروا ھ نه ڪندو آهي توهان دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو ۽ اهڙيون قومون ڏٺيون يا ٻڌيون هونديون جن غلامي مان آجو ٿي آزاديءَ کي ماڻڻ لاءِ جانين جا نذرانا ڏنا آهن، اوريانا فلاشي لکيو آهي ته آزادي جي لفظ جو به ايترو ته غير ضروري ورجاءُ ڪيو ويو آهي جو هاڻي آزادي لفظ پنهنجو وقعت وڃائي ويٺو آهي.
    بحرحال آزاديءَ بابت في االحال ڪجهه به نٿو چوان ، هن وقت آئون غلامي بابت چوندس ته غلامي ايتري ته غليظ آهي جو جيڪو ماڻهو غلاميءَ جي غلاظت کان باخبر ٿي وڃي ٿو اهو جان ڏيڻ کي ترجيح ڏئي ٿو پر غلاميءَ کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي پر ان باوجود ڪوبه انسان ڪوبه ساهوارو غلاميءَ مان جند آجي ڪرائي نه سگهيو آهي، فطرتي طور سڀ ساهوارا غلام آهن، فطرت اهڙا ته پنجوڙ ٺاهيا آهن جن مان نڪرڻ ڪنهن ساهواري جي وس جي ڳالهه ناهي ايلينا سيگال پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته وڻن تي رهندڙ پکي اتي جي ماحول جا غلام آهن، اهي هيٺ ميدان ۾ نه ٿا رهي سگهن ، ۽ ميدان ۾ رهندڙ ڪوئا وڻن تي گهر ٺاهي رهي نه ٿا سگهن ، اهي سڀ پنهنجي پنهنجي ماحولن جا غلام آهن ۽ نظر نه ايندڙ فطري زنجيرن ۾ جڪڙيل آهن.
    ان مان ثابت ٿئي ٿو ته فطرت غلام بنائيندڙ آهي، جيتوڻيڪ انسان اهو واحد ساهوارو آهي جنهن ازل کان وٺي فطري قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي فطرت تي غلبو حاصل ڪيو آهي ، فطرت پکين کي پرواز عطا ڪري ٿي پر انسان کي پَرَ ناهن، ان باوجود انسان هٿرادن جهازن ذريعي پکين کان به گهڻي بلند ۽ تيز پرواز حاصل ڪري ورتي آهي، بحرحال ايترين ڪوششن باوجود انسان اڃا تائين مڪمل آزادي حاصل نه ڪري سگهيو آهي، ۽ اڃا تائين غلامي ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ سندس مقدر بڻيل آهي.
    نام نهاد مذهب غلاميءَ جو هڪ نادر نمونو آهن، هيءَ اهڙي غلامي آهي جنهن ۾ انسان شعوري توڙي لاشعوري طور پاڻ کي خوشنصيب سمهجي ٿو، ذهني آسودگي محسوس ڪري ٿو، جيتوڻيڪ مذهبن جا قانون جمود جو شڪار ۽ طرز حياتي کي مڪمل طور جڪڙي رکندڙ آهن، پر پوءِ به انسان غلاميءَ جي ان روپ کي وڏي خوشي سان قبولين ٿا ۽ مُسرت محسوس ڪن ٿا.
    غلاميءَ جو هڪ ٻيو روپ به آهي جنهن کي وفاداري جو نالو ڏنو ويو آهي، وفاداري اصل ۾ غلاميءَ جو خوبصورت نالو آهي، مون ڪيترن ئي انسانن کي ڏٺو آهي جيڪي وڏيرن، پيرن، ميرن، حڪمرانن، ۽ پيشوائن جا غلام هوندا آهن ۽ انهن جي هرحڪم کي اکيون پوري مڃندا آهن، ان فرمابنداري کي ۽ لڳاتار غلاميءَ ۾ گهارڻ کي وفاداريءَ جو نالو ڏنو ويندو آهي، جڏهن به ڪو چوي ٿو ته هي منهنجو وفادار نوڪر آهي، وفادار ساٿي آهي، وفادار دوست يا وفادار مريد آهي ته ان وقت ان جو مطلب اهو هوندو آهي ته هي منهنجو بهترين غلام آهي جيڪو لڳاتار منهنجي فرمانبرداري ڪندو رهي ٿو ۽ منهنجي هر چوڻ کي بنا سوچڻ ۽ سمجهڻ جي قبول ڪري وٺي ٿو مون ڪيترائي اهڙا انسان ڏٺا آهن جيڪي پاڻ کي وفادار سڏرائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن کين اها بلڪل به خبر نه هوندي آهي ته هو وفادار هجڻ جي نالي ۾ بهترين غلام آهن، هو جنهن سان وفا ڪري رهيا هوندا آهن ته ان جو مطلب هو ان جي اوتري وڌيڪ غلامي ڪري رهيا هوندا آهن مڙھيل پابندين موجب زندگي گذاري رهيا هوندا آهن.

    مون اهڙا به ڪيترائي ماڻهو ڏٺا آهن جيڪي ڪنهن وڏي مير، پير، يا رئيس جو خاص ماڻهو سڏرائڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا آهن، جڏهن ڪو پير، مير، يا رئيس سندس لاءِ چوندو آهي ته هي اسانجو خاص ماڻهو آهي ته هو خوش ٿيندا آهن ، هو ان حقيقت کان بنهه بي خبر هوندا آهن ته خاص ماڻهو جو مطلب خاص غلام آهي ڇوته هو خاص ماڻهو تڏهن ئي ٿي سگهندا آهن جڏهن تمام، گهڻا فرمانبردار هجن، هر حڪم اکيون پوري مڃندا هجن، اهائي ته غلامي آهي.
    اهڙي ريت غليظ غلامي جا انيڪ خوبصورت نالا جوڙي انسانن کي لڳاتار غلام بنائڻ لاءِ هڪ اهڙو ڄار اُڻيو ويو آهي جنهن مان انسان جو نڪرڻ محال آهي
    آئون توهان سڀني کي آخر ۾ اهو ياد ڏياريندو هلان ته آئون ٻيهر ان ڏيهه ڏانهن اسهڻ وارو آهيان جتي جنم وٺڻ کان اڳ ۾ هوس، آئون ٻيهر عدم ۾ وڃڻ وارو آهيان، توهان کي هڪ نصيحت ٿو ڪريان ته مون پنهنجي زندگي ڪنهن ٻئي ۾ منتقل ڪري ڇڏي آهي ، جيڪو جلد توهان وٽ اچڻ وارو آهي ۽ منهنجي جاءِ سنڀاليندو ۽ توهان انجون ڳالهيون غور سان ٻڌجو، هاڻي منهنجي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي ، توهان مونکان پوءِ زندگيءَ جي مسرتن کي ضرور محسوس ڪندا رهجو اڌ رات جو ٻٻر جي وڻن ۽ اڪن تي پوندڙ چانڊوڪي ، ڍنڍ تي ترندڙ لهرون ۽ سرد هوا جا سوساٽ فطرت جو آواز ۽ روپ آهن انهن کي ڌيان سان ڏسجو ۽ پنهنجي اندر جي ڪائنات کي محسوس ڪجو، ڇو ته توهانجي اندر ۾ ڪُل ڪائنات سمايل آهي
    فقير جون اکيون ڀرجي آيون ۽ هڪ ساعت لاءِ رُڪجي ٻيهر ڀريل گلي سان ڏکوئيندڙ آواز ۾ چيائين پوءِ بابا اکيون پوري ڇڏيون، ڪجهه دير کان پوءِ بابا اکيون کوليون ۽ ورجايو پنهنجي اندر جي ڪائنات کي محسوس ڪجو ۽ غلاميءَ کي محسوس ڪرڻ ۽ ڏسڻ لاءِ اکيون ۽ حواس کليل رکجو، ائين چئي بابا ٻيهر اکيون پوريون ۽ منهن مونن ۾ هڻي ويهي رهيو.
    ڪادير خاموشي ڇائنجي وئي نه بابا ڳالهايو ۽ نه وري ڪنهن ٻئي، خاموشي طويل ٿيندي وئي ماضي ۽ حال جو رشتو مستقبل سان ٽٽندو ويو، وقت جي تند ٽٽي پئي، هڪ لمحي لاءِ وقت بيهجي ويو، سمورو ماحول جمود جو شڪار ٿي ويو، سڪتي جي حالت ڊگهي ٿيندي وئي، لمحا ڪلاڪن ۾ تبديل ٿي ويا ڪنهن نه ڳالهايو نه ئي بابا ڪنڌ مٿي کنيو آهستي آهستي جمود مٿان بي چيني غالب پوندي هئي، سڄو ماحول هوريان هوريان بي چين ٿيندو ويو خاموشيءَ ۾ آهستي آهستي ساھ پوڻ شروع ٿيو سس پس ٿيڻ لڳي.
    نيٺ هڪ فقير چيو ته “بابا ”
    ڪو جواب نه آيو ٻيهر سڏيو ويو “بابا”.
    ڪا وراڻي نه ملي فقيرن هڪٻئي ۾ نهاريو، اکين اکين ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي، سڀني جي اکين جي چمڪ اجهامي وئي، نيٺ هڪ فقير اٿي بابا جي ويجهو آيو، هن بابا جي ڪلهن تي هٿ رکيو، بابا ڪا به چرپر نه ڪئي، هن بابا کي کاڏيءَ کان هٿ ڏئي ڪنڌ مٿي ڪيو، حال ۽ مستقبل ورڇجي چڪا هئا، بابا جي ساهن جو سلسلو ٽٽي چڪو هو هڪ اوڇنگار جو پڙاڏو ٿيو، صدين تي ڄميل خاموشي جي برف پگهري وئي ۽ اکين مان ريلا شروع ٿي ويا، پنبڻيون ڌنڌلا عڪس پسڻ لڳيون هيون ۽ سڄو ماحول اڇنگارن جي مڌر سُر سان منڊجي ويو.
    عين ان لمحي فقير جي اکين مان پاڻي جا ٻه موتي جرڪي ڇُلڪي پيا، ۽ فقير ڏٺو ته شازوءَ جي اکين جا ڪنارا به ڀُري رهيا هئا ۽ بيٺل درياھ اٿلي پيو هو،
    شازوءَ ڏڪندڙ چپن ۽ ڌڏندڙ ٽنگن سان اٿيو ته عليزا به ساڻس گڏ اٿي، شازوءَ لڙکڙائيدڙ قدمن سان آهستي آهستي هلندو بابا جي قبر تي پهتو ۽ هيٺ جهڪيو ان وقت ٻه لڙڪ شازو جي اکين مان ٽڙڪي بابا جي قبر جي آلي مٽيءَ ۾ جذب ٿي ويا شازو بابا جي قبر جي پيراندي کان مٽي جي چپٽي کڻي سنڌ ۾ سندور جيان مکي ڇڏي عليزا ۽ ٻيا فقير حيرت مان اهو سڀ ڪجهه ڏسندا رهيا، شازو بنا ڪنهن ڏانهن نهارڻ جي ٽمندڙ نيڻن سان اٿيو ۽ هلندو اچي ڪار تائين پهتو ۽ دروازو کولي اندر ويهي رهيو، سندس پويان عليزا به هلندي آئي ۽ اچي ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺي، ٻئي لمحي ڪار ڄڻ هوا سان ڳالهيون ڪري رهي هئي.
    عليزا هن سموري منظر مان گهڻو ڪجهه سمجهي وئي هئي، سڄي واٽ ٻنهي مان ڪنهن به ڪجهه نه ڳالهايو، هاڻي شازو پاڻ ۾ هڪ نئين قوت محسوس ڪري رهيو هو ، اندر ۾ نئين روشني جو نئون سورج اڀرندي محسوس ڪري رهيو هو، هن کي بابا جون ڳالهيون سمجهه ۾ اچڻ لڳيون هيون، هن کي گمان ٿيو ته شايد بابا ڍنڍ ۾ ٽپو ڏيڻ جو چئي هن ۾ ازلي روشني ڀرڻ ٿي چاهي، جيڪا هن ۾ شايد نروار ٿي چڪي هئي شايد بابا هن کي پنهنجو جانشين مقرر ڪرڻ ٿي چاهيو، ڇاهاڻي هي ئي بابا جي جاءِ والاريندو؟ ڇا بابا روحاني رمزون هن ۾ منتقل ڪري ڇڏيون هيون ؟ اهو سوچيندي ئي هن پاڻ ۾ اٿاھ ساگر کي ڇوليون هڻندي محسوس ڪيو، ڪنهن مهل ڀانيائين ته هو آسمانن ۾ اڏامي رهيو هو، ته ڪنهن مهل ڀانيائين هو پاتال ۾ اونداهي غارن ۾ ڪري رهيو آهي ڪڏهن چنڊ کان مٿي ستارن ۾ تڙڳي رهيو هو ته ڪڏهن وشال ڪائنات جي ڪڪشائن ۾ ڀٽڪي رهيو هو، هن کي محسوس ٿيو ته هن جو روح هن جي زندگي صديون اڳ ۾ وجود ۾ آئي هئي، ۽ صدين تائين رهندي، هي ته فقط هن جو هڪ جنم ۽ هڪ روپ هو، پر هاڻي هن کي ڇا ڪرڻ کپي؟ ڇا بابا جي مزار جو گادي نشين ٿي ويهي رهي؟ “نه” هن سوچيو آئون ڪنهن مندر، مسجد، ديول ڪنهن ڪليسا ۽ مزارن جو رکوالو ٿي نه ٿو سگهان، مونکي اتي بلڪل سڪون نه ايندو
    شازوءِ کي درسگاھن ، ۽ عبدتگاهن توڙي مزران کان نفرت هئي، هي اهي جايون هيون جيڪي هي اڳ ۾ وڙولي چڪو هو، هن کي محسوس ٿيو هو ته اهي سڀ جايون هڪ فريب ۽ مڪر جي بنياد تي ٺاهيل آهن، انهن جاين خدا ۽ انسانيت کي طبقن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي ، هن فيصلو ڪيو ته هو ائين هرگز نه ڪندو ، هو بابا جي مزار تي نه رهندو “پر ڪيڏانهن ويندس” ؟ هن سوچيو.
    منهنجو ته ڪو گهر ڪونهي، منهنجي زندگي جو ته ڪو مقصد به ناهي منهنجي ته منزل به ڪانهي، آئون ڪوبه علم نه ٿو ڄاڻان، پر علم جي ضرورت به ته ناهي مونکي، آئون ته نه مرد آهيان نه عورت، آئون ڪهڙي سانچي ۾ اچي سگهان ٿو؟
    هن کي رجينش اوشوءَ جا لفظ ياد آيا ته “ علم ته پنهنجو نه هوندو آهي اهو ته اوڌارو ورتل هوندو آهي ، والدين، استادن، سماج، ۽ مذهبي رهنمائن کان سکيل ڳالهيون علم چوائن ٿيون، اهي سڀ ته پَرايون ڳالهيون آهن جيڪي اسانجي ذهن تي ٿاڦيون وينديون آهن، علم ۾ اسانجي ته پنهنجي ڪابه شيءِ ناهي.
    شازوءَ کي عليزا جا لفظ ياد آيا آفيس ۾ تنهنجي داخلا رکبي ان کان پوءِ تون وڃڻ چاهيندين ته توکي اجازت هوندي ۽ جي رهڻ چاهيندين ته اسان تنهنجي لاءِ ڪو انتظام ڪنداسين، هن فيصلو ڪيو ته هو عليزا کي ٻڌائيندو ته دنيا ۾ هن جو ڪوبه ناهي، سندس تنظيم ئي هن لاءِ ڪو انتظام ڪري
    اوچتو ڪار جي بريڪ جي جهٽڪي سان شازوءَ جي خيالن جو ڍير ڀڄي ڀُري ڪري پيو، هو آفيس جي اڳيان پهچي چڪا هئا.
    عليزا هن کي لهڻ جو اشارو ڪيو ۽ هو عليزا جي پويان پويان خاموشي سان آفيس اندر داخل ٿيو، ضروري لک پڙھ کان پوءِ جڏهن آفيس کان ٻاهر نڪتا ته هن عليزا کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو جيڪو هن ڪار ۾ ايندي سوچيو هو عليزا کيس چيو ته ٺيڪ آهي تون مونسان گڏ رهي سگهين ٿو، اسانجي تنظيم لاءِ رضاڪار طور توکي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ تنظيم توکي کاڌو پيتو وغيره ڏيندي رضاڪار طور ڪم ڪرڻ جي شرط کي شازوءَ فوري طور قبول ڪري ورتو ۽ ٻيهر آفيس وڃي عليزا هن کان هڪ فارم ڀرايو ۽ پوءِ ٻئي ٻاهر نڪري آيا ۽ عليزا جي رهائش طرف هلڻ لڳا جيڪا آفيس کان چند قدمن جي فاصلي تي هئي هاڻي عليزا جي چهري تي هڪ خاموش شرارتي ۽ معنيٰ خيز مرڪ تري آئي هئي.
    شازوءِ تاڙي ورتو هو ته ان مرڪ جو مطلب ڇا آهي ، پهريون ڀيرو مهاڻي جي جهوپڙي ۾ جڏهن شازوءَ جون اکيون عليزا جي نظرن سان مليون هيون تڏهن به هن عليزا جي اکين ۾ هڪ لڪيل تحرير پڙهي ورتي هئي، شازو واقعي به ايترو خوبصورت هو جنهن تي ڪا به ڇوڪري فدا ٿي سگهي، هن عليزاجا لفظ ياد ڪيا ته“ آفيس ۾ داخلا کانپوءِ تون وڃڻ چاهين ته وڃي سگهين ٿو نه ته اسان تنهنجي لاءِ ڪو انتظام ڪنداسين،
    جملي جي آخري حصي “ اسان تنهنجي لاءِ ڪو انتظام ڪنداسين” ۾ به هڪ معنيٰ لڪل هئي، ۽ اهي لفظ چوڻ وقت عليزا جي چهري جي ٻهڪ ٻڌائي رهي هئي ته هوءِ شازوءَ تي موهت ٿي پئي آهي.
    هڪ نوجوان ڪرسچن ناري جيڪا اڪيلي رهندي هئي، ۽ شازوءَ کي پاڻ سان گڏ رهائڻ لاءِ آماده هئي، ان جو مطلب ڇا ٿي سگهيو ٿي ؟
    “پر آئون ته خود به هُن جهڙي عورت مثل آهيان، نامرد آهيان ” شازوءَ سوچيو پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڇا ڪرڻ کپي؟
    هڪ لمحي لاءِ شازوءِ سوچيو ته هو ڀڄي وڃي، تيز ڊوڙ پائي عليزا کان ڏور هليو وڃي، يا کيس ان حيقيت کان آگاھ ڪري ته هو نامرد آهي، ان سان ته هڪ راز فاش ٿي ويندو، هو ائين نه ڪري سگهيو ، هو ڪو به فيصلو نه ڪري سگهيو.
    ان وقت هن تالي ۾ چاٻي ڦيرائڻ جو آواز ٻڌو، هو عليزا جي گهر وٽ پهچي چڪا هئا ۽ عليزا دروزاي جو تالو کولي رهي هئي، ٻئي گهر اندر داخل ٿيا، 10 فوٽن جو لان هو جنهن ۾ ڇٻر جي ساوڪ هئي ان بعد ڪجهه فوٽن جو ورانڊو، ڀرسان رڌڻو ۽ ٻه ڪمرا ، هو ڪمري ۾ داخل ٿيا
    ”تون وهنجي تازو ٿي وٺ آئون به وهنجي اچان ٿي ائين چئي عليزا ٻئي ڪمري ۾ هلي وئي ڪمرن ۾ اٽيج باٿروم هئا، شام لڙي چڪي هئي، سورج ديوتا اولهه ۾ ٻڏي ويو هو، ۽ بجلي جا بلب ڪمرن کي روشن ڪري رهيا هئا، شازو باٿ روم ۾ داخل ٿيو ، شاور هيٺان وهنجندي هن ائين محسوس ڪيو ته سندس ماضيءَ وارو سمورو وجود ڌوٻجي مير جيان وَهي نڪري ويو هو ۽ هڪ نئون وجود نکار ۾ اچي ويو هو.
    ڪپڙا پائي هو ڪمري ۾ صوفا تي اچي ويٺو، ٽيبل تي چانهه جا ٻه ڪوپ رکيا هئا ۽ عليزا ويٺي هئي جيڪا وهنجي تازي ٿي آئي هئي ۽ پهرين کان وڌيڪ پُرڪشش ۽ خوبصورت لڳي رهي هئي.
    ٻنهي چانهه پيئندي ڪجهه عام رواجي ڪچهري ڪئي ، رات اونداھ ٿي چڪي هئي بلب جي مڌر روشني ڪمري کي جرڪائي ڇڏيو هو، عليزا اٿي بيٺي ۽ مرڪ سندس چپن تي رقص ڪري رهي هئي، شازوءَ اندر ۾ کڏ پوندي محسوس ڪئي اوچتو عليزا بلب جو بٽڻ بند ڪري ڇڏيو ۽ شازوءَ کي ڀاڪرن ۾ ڀري ورتو کيس اک ڇنڀ ۾ پلنگ تي ليٽائي ڇڏيو


    [5]

    بڊي جي اس واري اداس شام سج کي ٻوڙي وئي هئي ڄڻ ته شازوءَ جي ماضيءَ کي پاڻ سان گڏ ٻوڙي کڻي وئي، شازو ٽئگور جو اهو ڏيئو بڻجي پيو هو جنهن بابت رابندر ناٿ ٽئگور چيو هو ته لهندڙ سج ڌرتيءَ تي نگاھ وجهي چيو ته آهي ڪو جيڪو مونکان پوءِ هن ڌرتيءَ کي روشن ڪري؟؟ ته جهوپڙي ۾ ٻرندڙ ڏيئي ڳاٽ اوچو ڪري چيو ته آئون ڪوشش ڪندس.
    صدين جو بوجهه ۽ ارتقا جا ڏکوئيندڙ مرحلا طئه ڪندڙ انسان، پٿر جي دور کان وٺي بجلي ۽ ڪمپوٽر جي دور تائين جو سفر ڪندڙ انسان الائي ڇو ڪڏهن ڪڏهن ايترو ته ڪمزور ۽ نٻل ٿي پوندو آهي جو کيس هڪ جملو به هيڻو ڪري وجهندو آهي، هڪ احساس به سندس زندگيءَ مان مضبوطيءَ جون ميکون ڪڍي وٺندو آهي، اڄ رات شازوءَ کي جيمخاني ۾ ليڪچر ڏيڻو هو، شازوءَ جو ذهن منتشر هو، هو خيالن کي ميڙي گڏ نه پئي ڪري سگهيو جڏهن کان شازوءَ عليزا سان گڏ غير سرڪاري تنظيم ۾ رضاڪار طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو تڏهن کان هن جي سوچن پلٽا کائڻ شروع ڪيا هئا، هو اهڙيون ڳالهيون بي اختيار چئي ويندو هو جيڪي آفيس جي ڪرتا ڌرتائن جا ڪن کڙا ڪري ڇڏينديون هيون اهڙي غير معمولي ذهانت هنن اڳ ۾ نه ڏٺي هئي، هنن مسيح ۽ ٻُڌ جا قصا ٻُڌا هئا پر اوتريون ئي گهريون ڳالهيون هنن کي شازوءَ جي واتان ٻڌڻ تي اعتبار ئي نه ٿي آيو، آخرڪار تنظيم پاران سماجي شعور بابت ٿيندڙ ليڪچر پروگرامن ۾ شازوءَ کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويندو هو، ڏسندي ڏسندي شازوءَ سڀني ليڪچر ڏيندڙ ۽ تربيت ڏيندڙ کي مات ڏئي ويو، آخرڪار شازوءَ کي ان مقام تي آندو ويو جو اڄ شهر جي جيمخاني ۾ محبت تي مک ليڪچر شازوءَ کي ڏيڻو هو
    عليزا سان گڏ گذاريل چند ڏينهن شازوءَ لاءِ هڪ اُتاهون تجربو ثابت ٿيا هئا، عليزا دنيا جي انهن لکين ڪروڙين عورتن کان بنهه مختلف هئي جيڪي مردن سان صرف جنسي ڪشش ۽ سماج ۾ اٿڻ ويهڻ لاءِ هڪ سهاري خاطر رهنديون آهن، نه هيءَ انهن کان بنهه مختلف هئي، هن جي اندر ۾ هڪ اهڙي ئي روشني هئي جهڙي چمڪ شازوءَ جي اندر ۾ هئي، اها هڪ نظر نه ايندڙ ۽ اڻ ڄاتل زنجير ئي هئي جنهن شازوءَ ۽ عليزا کي هڪ ٻئي سان سلهاڙي رکيو هو.
    ليڪچر کي شروع ڪرڻ ۾ اڃا اڌ ڪلاڪ جو وقت هو، شازو مک مهمانن سان گڏ هال ۾ ڪرسين جي اڳين قطار تي ويٺو هو، کيس سليٽي رنگ جا ڪپڙا پاتل هئا ۽ سندس ڀرسان عليزا ويٺل هئي جنهن کي گلابي رنگ جي قيمص ۽ سائي رنگ جي سلوار پاتل هئي ۽ صفيد چنري سندس مٿي تي هئي هال ماڻهن سان ڀريل هو، پر ان باوجود شازو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري رهيو هو، هن کي هاڻي جيتوڻيڪ پاڻ ۾ ڪمي محسوس ڪرڻ سبب مايوسي ۽ احساس ڪمتري به محسوس ڪونه ٿيندي هئي ته آئون نامرد آهيان پر اها حقيت هئي ته هو نامرد هو، ۽ ان ڪميءَ ئي هن کي عليزا کي پاڻ ۾ اوتڻ کان روڪي رکيو هو پر عليزا ايتري ساري ڪمي ۽ خالي پڻي هجڻ باوجود هن کي ڪڏهن به اهو محسوس نه ڪرايو هو ته هو ٻين کان ڪمتر آهي، شازو کي ذهن تي اها رات تري آئي جڏهن پهريون ڀيرو هو عليزا سان گڏ سندس رهائشگاھ تي آيو هو.
    اوچتو عليزا بلب ڪري ڇڏيو ۽ شازوءَ کي ڀاڪرن ۾ ڀري ورتو هو ۽ اک ڇنڀ ۾ کيس پلنگ تي ليٽائي ڇڏيو هو ۽ شازو تي چمين جو وڏڦڙو وسڻ شروع ٿي ويو هو شازو سهڪي پيو هن ذهن ۾ خالي پڻو محسوس ڪيو، پيٽ ۾ کڏ پوندي محسوس ڪئي هئي، هن سَٽ ڏئي پاڻ کي عليزا جي ٻانهن کان ڇڏايو ۽ پلنگ تان لهي ويو ۽ بلب کولي ڇڏيائين روشنيءَ جي ڪرڻن اونداھ کي ائين لتاڙي ڇڏيو جيئن ارغونن جي گهوڙن ٺٽي کي لتاڙيو هو، عليزا حسرت ۽ حيرت ڀرين معصوم نگاهن سان شازوءَ کي گُهوري رهي هئي، شازو ساڻس اک ملائڻ کان سواءِ ڪرسيءَ تي ويهي رهيو، ڪي ساعتون ماٺ ڄمندي رهي پوءِ اوچتو ماٺ جي ڄميل برف جي تهه کي شازوءَ ٽڙڪايو، هو ڏڪي رهيو هو ۽ لڙ کڙائيندڙ چپن سان عليزا کي چيائين “عليزا، آئون تنهنجي قابل ناهيان”
    هڪ اونهو ساھ کڻي عليزا سان نظرون ملائڻ کانسواءِ شازو پنهنجي ساءِ ڳالهائڻ شروع ڪيو، ڄڻ ته سندس آواز پراڻن کنڊرن مان ايندڙ پڙڏا بڻجي ويو هو، هن چيو “عليزا آئون توکي هڪ خوبصورت ۽ پرڪشش نوجوان نظر اچان ٿو پر آئون اندران بنهه کوکلو آهيان، آئون ڄمندي ئي نامرد آهيان، آئون اهڙي مخلوق آهيان جنهن کي دنيا وارا ٽين جنس چوندا آهن مون ۾ مرداڻي قوت ڪونهي، نامرد آهيان ، خدا مردن ۽ عورتن کي ماڻهو بڻائي دنيا ۾ موڪليو آهي پر مونکي موڪلڻ بدران دنيا ۾ اڇلايو ويو آهي آئون آسمانن تان اڇلايل ماڻهو آهيان، آئون پنهنجي ڳوٺ کان جڏهن شهر آيو هوس تڏهن مون پاڻ کي مرد بنائڻ لاءِ ڪيترائي ڊاڪٽر آزمايا پر هر ڊاڪٽر مونکي اهو جواب ڏنو ته آئون جينياتي خرابي سبب ڄمندي ئي نامرد آهيان ڪڏهن به مرد نه ٿي سگهندس ڊاڪٽر رانا مونکي تمام گهڻو چڪاسيو، هن منهنجي علاج لاءِ به ڪافي پتوڙ ڪئي پر آخرڪار ان به اهو ئي جواب ڏنو ته منهنجو ڪو علاج ڪونهي، توکي خبر آهي ته ڊاڪٽر رانا شهر جو مشهور وڏو ڊاڪٽر آهي ان جي جواب بعد مون علاج تان آسرو پلي ڇڏيو ۽ پوءَ مون مسجدن، مندرن، ديولن، ۽ ڪليسائن ۾ سڪون جي تلاش ڪئي پر مونکي ڪٿي به سڪون نه مليو، سڪون ته ڪنهن هڪ شيءَ يا لقاءُ سان منسوب نه هوندو آهي، هندو کي سڪون مندر ۾ ملندو آهي، مسلمان کي مسجد ۾ ، راڳي ءَ کي سازن ۽ سُرن ۾ ، آڙيءَ کي پاڻي تي پرواز ڪرڻ ۾ ، مگر مونکي ڪٿي به سڪون نه مليو، اڄ آئون هڪ سڙي ويل سگريٽ جهڙي زندگيءَ گذاريان پيو، پر ياد رک عليزا مون پنهنجي زندگيءَ جو اهو راز پاڻ تائين رکيو آهي، ڊاڪٽرن ۽ مونکان سواءِ ان راز جو ڪنهن کي به پتو ناهي، اڄ اها سڄي حقيقت مون توسان سلي آهي، مونکي پتو آهي ته تون به مونکي نيچ سمجهند ۽ مونکان نفرت ڪندينءَ پر مون لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو نه هو جو آئون توکي سچ ٻڌايان جيڪو مون لاءِ زهر جيان ڪڙو آهي پر وري به سچ ئي آهي
    شازو چپ ٿي ويو، هڪ اونهو ساھ کنيائين ته ڄڻ آسمان جا ستارا به سهڪي پيا، ڪتيون شرم کان هڪٻئي ۾ منهن لڪائڻ لڳيون هيون، ڪرسي آڏو رکيل ٽيبل تي پيل جڳ مان پاڻي جو گلاس اوتي شازوءَ يڪساهيءَ پي ويو ۽ پوءِٰ پهريون ڀيرو عليزا سان سڌيون نظرون ملايائين، عليزا جي چپن تي مرڪ ائين ٽڙي رهي هئي جيئن صبح ساجهر جو سورج مکي مهڪڻ لڳندو آهي، عليزا پلنگ تي ئي ويٺي هئي چڀندڙ خاموشيءَ کان بچڻ لاءِ نيٺ عليزا ڳالهايو، مونکي افسوس آهي ته تون زندگيءَ جي ڪجهه حسناڪين ۽ لطفن کان محروم آهين پر مونکي فخر ۽ خوشي آهي تنهنجي ان همت ۽ حوصلي تي جنهن حوصلي سان تون زندگيءَ جو سچ بيان ڪيو آهي، يادرک شازو مونکي توسان محبت ٿي وئي آهي، تنهنجو سڊول جسم، نشتر جيان گهائيندڙ اکيون ۽ بي پناھ خوبصورتي مونکي موهي ڇڏيو آهي، ڪا ڳالهه ناهي جو تون مڪمل مرد ناهين، تون مونسان شادي نه ڪري سگهندين، تون مونسان جنسي لطف ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه ٿي سگندين پر ياد رک محبت هڪ الڳ شيءَ آهي، محبت جي گهرائي تائين پهچڻ لاءِ ڪيترائي رستا آهن، برابر انهن مان هڪ رستو جنس به آهي پر جيڪڏهن تون وٽ اهو رستو نه آهي ته به ٻيا کوڙ رستا آهن جن ذريعي محبت جي اٿاھ گهرائي تائين پهچي سگهجي ٿو ۽ اهو يقين رکجان تنهنجي زندگيءَ جو اهو راز فقط مون تائين ئي رهندو، اها ڳالهه آئون ڪڏهن به ڪنهن سان به نه سلينديس پر محبت هڪ الڳ شيءَ آهي محبت ته پکين جي لاتين ۽ جر تي لڏندڙ لهرن ۾ به آهي، ڪونڀٽن جي وڻن ۽ برسات ۾ به آهي، رڻ ۾ ٺريل راتين ۽ مڌر چانڊوڪيءَ ۾ به آهي، اها ساڳي محبت تنهنجي ۽ منهنجي من ۾ به ڇلڪي ٿي، اها محبت ھميشه رهندي آئون توسان محبت ڪندي رهنديس، تون منهنجو محبوب آهين، ۽ آئون تنهنجي محبوبا آهيان، تون هاڻي مونسان گڏ ئي رهندين، اسان پيار ونڊينداسين توڻي جو اسان هڪٻئي سان جنسي طور نه ملنداسين پر محبت ۾ سمايل هڪ ابدي سڪون ضرور ماڻينداسين، جنهن سڪون جي توکي سالن کان تلاش رهي آهي.
    ائين چئي عليزا ٻلي پيرڙو هلندي اچي ٻيهر شازوءَ کي ڀاڪر پاتو هو ۽ هن دفعي شازوءَ جي عورتن کان نفرت ميڻ جيان ڳري پگهري ختم ٿي چُڪي هئي، ۽ امالڪ شازوءَ پهريون ڀيرو ڪنهن عورت کي، عليزا کي ڀاڪرن ۾ ڀڪوڙي ورتو هو، ان لمحي ڄڻ ته وقت بيهجي ويو هو، گهڙيال جا ڪانٽا چرپر وڃائي چڪا هئا، ۽ دريءَ تي ٽنگيل پردا هوا جي جهونڪن سان جهومي رهيا هئا.
    ان ٽائيم هال ۾ اسٽيج تي شازوءَ کي سڏ ٿيو، ليڪچر ڏيڻ جو وقت اچي ويو هو، تاڙين جي گونج ائين ڦهلجي وئي جيئن سوين پکي هڪ ئي وقت ڀڙڪو کائي اڏامندا آهن ته سندن پَرَن جي ڦڙ ڦڙ ڪنن ۾ گونجڻ لڳندي آهي شازوءَ لڱن ۾ سخت گرمي محسوس ڪئي، ڀانيائين ته کيس بخار آيو آهي پر سندس ذهن جا پردا تيزي سان کُلي رهيا هئا، هو ڪُرسي تائين اٿيو ۽ آهستي آهستي هلندو اچي اسٽيج تي مائيڪ وٺ بيٺو، هال ۾ ماڻهن جي پيهه هئي، سڀني ۾ خاموشيءَ ڇائنجي وئي، سڀ نظرون منتظر نگاهن سان شازوءَ کي تڪڻ لڳيون، ۽ شازوءَ ڳالهائڻ شروع ڪيو
    رجينش اوشو چيو آهي ته محبت توهان کي عذاب نه ڏيندي آهي پر اوهانکي سگهه ڏيندي آهي، اوهان کي پرواز لاءِ پَرَ عطا ڪندي آهي ۽ آزادي ڏيندي آهي، ۽ اڄ آئون توهانکي محبت جي باري ۾ ان کان به ڪجهه وڌيڪ ٻڌائڻ چاهيان ٿو
    روايتن جا پاپند ماڻهو غلامي ته ڪري سگهندا آهن پر محبت نه ڪري سگهندا آهن، محبت هڪ ڪائناتي جذبو آهي پر افسوس جو مذهبن محبت کي ناڪاره ۽ فرسوده ڄاڻائي انسان جي اندر ۾ فطري طور اڀرندڙ محبت کي دٻائي ڇڏيو آهي، اخلاق ۽ تهذيب، قائده ۽ قانون محبت جا دائمي دشمن آهن، هتي صدين کان ٻارن کي اهو پڙهايو ويندو آهي ته سماج ۽ مذھبن جا ٺاهيل قائدا ئي اخلاق جو سرچشمو آهن، اوهانکي جيڪا شيءَ وڻي به ٿي ۽ اوهان ان مان خوشي حاصل ڪريو ٿا، ان سان ڪنهن کي ڪو نقصان نه ٿا ڏيو پر جي ڪڏهن اهو عمل سماج جي دقيانوسي قائدن کان هٽيل آهي يا مذهبي پابندين کان الڳ ۽ آزاد آهي ته اهو غلط آهي، رقص جسم جي خوشي ۽ وجدان جو اظهار آهي، اهو فطري ۽ بهترين اظهار آهي پر توهان ڏسي چڪا هوندا ته وچ بازار ۾ ، ڪنهن اهڙي هنڌ جتي گهڻا ماڻهو هجن، اگر اوهان جي دل رقص ڪرڻ لاءِ چاهيندي به ، تڏهن به اوهان اتي رقص نه ڪري سگهندا آهيو، ڇو ته اوهان سماج جي ڏنل ڪوڙي حيثيت ۽ انا سبب محسوس ڪندا ته رقص ڪرڻ سان ماڻهو اوهان تان کلندا، توهانجو رتبو متاثر ٿيندو، ائين هڪ اخلاقي ۽ مدي خارج قاعدن ۽ انا جي سبب اوهان پنهنجي فطري خواهش کي دٻائي ڇڏيندا آهيو، فطري اظهار کي دٻائي ڇڏيندا آهيو، ۽ ائين اوهان ۾ محبت جو ٻوٽو ڦٽڻ کان اڳ مُرجهائجي ويندو آهي، اوهان ڪنهن سان پيار جو اظهار ڪندا آهيو، ته سماج ان کي واحيات گيري ۽ بداخلاقي سڏيندو آهي ان ڊپ کان اوهان اهڙي اظهار ڪرڻ تان ئي هٿ کڻي ويندا آهيون، اوهان واٽ هلندي شهر ۾، آفيس ۾ ڪنهن خوبصورت عورت کي جانچي ۽ گُهوري نه ٿا ڏسي سگهو،اهو عمل سماجي ۽ مذهبي قانون جي ابتڙ سمجهيو ويندو آهي، اهڙي ريت اوهان ننڍپڻ کان ئي پنهنجي فطري محبت کي گُهٽي دٻائي رکندا آهيون ۽ اها محبت مرجها.ئجي ويندي آهي، ڪا به شيءَ جڏهن مري سڙڻ ۽ ڳرڻ لڳندي آهي تڏهن ته بدبودار مادو پيدا ٿيندو آهي، اوهان جي اندر ۾ مئل ۽ دٻايل محبت جڏهن ڳرڻ ۽ سڙڻ لڳندي آهي ته اها بدبودار ڪاوڙ ۽ نفرت ۾ بدلجي ويندي آهي اهڙي ريت اوهان ڪاوڙ ۽ نفرت ۾ لاشعوري طور سماج کان انتقام وٺڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهيو، ۽ اها انتقام جي باھ توهانکي جنگ ڪرڻ تي مجبور ڪندي آهي، اوهان گهر ۾ ٿوري ٿوري ڳالهه تي زالن کي ماريندا آهيون، پنهنجي ٻارن کي ماريندا آهيو، آفيس ۾ ماتحت ملازمن کي دڙڪا ڏيندا آهيو، ساڻن ناقابل برداشت سلوڪ ڪندا آهيو، استاد آهيو ته شاگردن کي ماريندا آهيو، سڌريل ملڪن ۾ شاگردن کي مارڻ ڏوھ آهي پر ٽين دنيا جي ملڪن ۾ اهو عام رواج آهي، اهڙي ريت اوهان لڳاتار هڪ جنگ ڪندا رهندا آهيو، اگر توهان فوجي آهيو، سپهه سالار آهيو يا ڪنهن اعليٰ انتظامي عهدي تي فائز آهيو ته اوهان هٿيارن سان جنگ ڪريو ٿا، خون وهايو ٿا، دنيا ۾ ھيستائين جيڪي جنگيون لڳي چڪيون آهن يا هن کان پوءِ جيڪي جنگيون لڳنديون انهن جو سبب لاشعوري طور اها بدبودار نفرت ۽ ڪاوڙ هئي ۽ هوندي ، جيڪا توهان ۾ ان ڪري پيدا ٿي جو اوهان ننڍپڻ کان محبت کي گُهٽي ماري پنهنجي اندر دفن ڪندا رهيا آهيو، ۽ اهو سماج ۽ مذهب آهي جيڪو اوهان کي ائين ڪرڻ تي مجبور ڪندو آهي، ياد رکو جڏهن توهان محبت ڪرڻ سکي و‎ٺندا، ۽ اهو تڏهن ئي ٿي سگهندو جڏهن اوهان سماج ۽ مذهب جي نالي تي مڙهيل مدي خارج ۽ انسانيت دشمن اصولن ۽ قانونن جي پاڙ پٽي ڇڏيندا ، تڏهن آزاديءَ سان محبت کي پنهنجي اندر ۾ پالي نپائي سگهندا ۽ پوءِ دنيا ۾ جنگيون نه ٿينديون، دنيا امن ۽ محبت جو گهوارو بڻجي ويندي، فطري تقاضائن کي سمهجو، ڇا ڪڏهن ڪو وڻ اهڙي حالت ۾ ڦٽي سگهي ٿو جڏهن وڻن جي سماج ۾ اهو اصول هجي ته گرمي يا پاڻي ڪنهن وڻن جي پادري وڻ جي اجازت کانسواءِ وٺڻ منع آهي؟ روشني ڪنهن خاص معاهدي ۽ حدبندي اندر ملندي؟ هرگز نه، وڻ کي ڦٽڻ لاءِ مڪمل آزادي کپي، هو آزاديءَ سان روشني ۽ پاڻي وٺي سگهي، گرمي حاصل ڪري سگهي، تڏهن ئي هو اوسر ۽ ارتقا ڪري سگهي ٿو، اوهان ته صدين کان پاڻ سان ائين ڪري رهيا آهيو، اوهان هڪ خول ۾ بند آهيو، مخصوص دائري جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهيو، اوهان کي هر گهرج پوري ڪرڻ لاءِ سماجي ۽ مذهبي اصولن جي پاسداري ڪرڻي پوي ٿي، اهڙي حالت ۾ اوهان ڪيئن ٿا ذهني اوسر ۽ ارتقا ڪري سگهو؟ هٿرادي پابندين کي ٽوڙيو، سماجي ڳٽ ڳچي ءَ مان لاهي ڦِٽا ڪريو تڏهن ئي اوهان حقيقي لذت ماڻي سگهو ٿا.
    شازو ءَ اڃا ڳالهه ئي مس پوري ڪئي جو اوچتو هال مان هڪ شخص اٿي بيٺو ۽ وڏي آواز ۾ رڙ ڪيائين “هي نامرد اسانجي مذهب جي خلاف پروپئگنڊا ڪري رهيو آهي.
    شازوءَ ڏٺو ته هي آواز ڊاڪٽر رانا جو هو، ڊاڪٽر رانا جيڪو شهر جو مشهور ڊاڪٽر هو، پر ڪي ڪي ماڻهو اڻ پڙهيل جاهل هوندا آهن ته ڪي ڪي پڙهيل لکيل جاهل هوندا آهن، هن کي ڊاڪٽر رانا هڪ پڙهيل لکيل جاهل نظر آيو، شازوءَ جي نڙي خشڪ ٿي وئي هال ۾ چرپر مچي وئي سر ٻاٽن ۾ بحث شروع ٿي ويا شازوءَ کي سمجهه ۾ نه آيو ته هاڻ کيس ڇا ڪرڻ گهرجي، هو ائين منجهي بيهي رهيو جيئن سمنڊ جي وچ تي ڪنهن ٻيڙيءَ جي موٽر اوچتو خراب ٿي پوي ۽ پوءِ ٻيڙي واري کي اها خبر ئي نه پوي ته هاڻي کيس ڇا ڪرڻ گهرجي
    اوچتو سموري هال جون لائيٽون بند ٿي ويون، اسٽيج جون لائيٽون بند ٿي ويون، هر طرف اونداھ ڦهلجي وئي تڏهن شازو ءَ پنهنجي ٻانهن ۾ ڪو سگهارو هٿ ڦٻندي محسوس ڪيو جيڪو کيس زوري ڇڪيندو هال کان ٻاهر گهليندو ويو هر طرف رات جو ڪارو وات پٽيل هو ۽ ڄڻ ته ان لمحي اڀ تان تارا به گم ٿي ويا هئا


    [6]

    شازو جو سڄو بدن تشدد سبب سُڄي پيو هو، اکيون ڳاڙهيون ٿي پيون هوس ڄڻ ته اِجهو ٿو انهن مان رت ٽمي، پٺن ۽ ٻانهن تي ڪارا نشان ٺهي پيا هوس جن مان چمڙي جي اندران ڄميل رت ڏسجي رهيو هو، سندس هڪ ٻانهن ۾ هٿڪڙي لڳل هئي جنهن جي زنجير کوليءَ جي وينٽيليٽر ۾ ٻڌل هئي، لڳاتار اڀي پير بيهڻ سبب سندس پيرن جا ترا سُڄي پيا هئا، هلڪيون ڪنجھون ڪرڻ جي به منجهس سگهه نه رهي هئي، هن ڀانيو ته سندس جسم به سندس پنهنجو نه هو، هڪ بوجهه جيان سندس جسم ساڻس ٻَڌو ويو هو، ايترو سڀ ڪجهه سَهڻ کانپوءِ شازو محسوس ڪيو ته اڃا به ڪا لاٽ آهي جيڪا سندس اندر ٻري رهي آهي، اڃا به اندر ۾ ڪو لاوو آهي جيڪو ٻرندڙ جبل جيان ڦاٽي ٻاهر نڪرڻ لاءِ آتو آهي، هن کي سمجهه ۾ به نه آيو ته سچ جي دعويدار دنيا ۾ سچ جي بدلي ايڏي سزا ڇو؟ هن سوچيو ته دنيا جا سمورا منصف، عالم،استاد، شاگرد ۽ ملازم سچ جو ڍنڍرو پٽيندا رهيا آهن پر سچ ته سندن برداشت کان ٻاهرآهي، هو ٻاهر ٻوٿ تي سچ جو غلاف چاڙهي هلن ٿا، پر اندر ۾ سچ کان ڪيڏا نه ڊنل آهن؟؟ هو صرف مدي خارج روايتن تي اکيون پوري هلندڙ لڪير جا فقير آهن، هو جيترو اعلي قسم جي لباسن ۾ ملبوس آهن، جيترن وڏن بنگلن ۾ رهن ٿا ۽ وڏين گاڏين ۾ چڙهن ٿا ، اندر ۾ اوترائي ننڍڙا ماڻهو آهن، صفا ڄامڙا آهن، آخر به ته شازوءَ جو ڪهڙو ڏوھ هو، هن سموري زندگي ڪنهن کي ڏکايو ڪين هو، ڪنهن جي معاملن ۾ به مداخلت نه ڪئي هئي، هن ڪڏهن نه ته مردن سان لهه وچڙ ڪئي نه ئي عورتن سان ويجهو هو، ها هن جو هڪ ڏوھ هو ته هو ٺينگا بابا سان وڃي گڏ رهيو ، هن جو ڏوھ هو ته هن پنهنجي اندر ۾ ٻرندڙ روشني جي لاٽ کي عيان ڪرڻ چاهيو، هن جو اھو ئي ڏوھ هو ته هن سچ ڳالهايو هو
    شازو محسوس ڪيو ته سندس واڇن مان رت جا ڦڙا ٽمي فرش تي ڪري رهيا هئا، کيس چپن ۾ تڪليف محسوس ٿي رهي هئي، ائين جيئن ڪنهن سندس چپن ۾ ڪنڊي هڻي چپ واڇن وٽان چيري ڇڏيا هجن، هن کي سمورو منظر ذهن تي تري آيو، هن پنهنجي ٻانهن ۾ ڪو سگهارو هٿ ڦٻندي محسوس ڪيو هو جيڪو کيس زوري ڇڪيندو هال کان ٻاهر گهليندو ويو هو، هال کان ٻاهر نڪرندي ئي مٿس گارين جي ڀوڇاڙ ۽ لتن ڪمن جو وسڪارو ٿي ويو هو، ڪنهن اوچتو کيس ڳٿر مان جهلي پوليس گاڏي اندر اڇلايو هو ۽ گاڏي تيز ڊوڙڻ لڳي هئي، هن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه اچي رهيو هو سندسن حواس في الحال خطا ٿي ويا هئا، کيس جڏهن سامت آئي هئي ته هن پاڻ کي ڪال ڪوٺڙي ۾ ڏٺو هو، سندس سَنڌ سَنڌ سور ڪري رهيو هو، پوليس کيس ماري ماري اڌ مئو ڪري ڇڏيو هو
    شازوءَ کي ياد آيو ته پوليس وارن کيس لتن، مڪن ۽ ڏنڊن سان مارڻ وقت بار بار سوال پئي پڇيا ته ٻڌائي ڪنهن جو ايجنٽ آهين ؟ ڪنهن جي چوڻ تي تون موجوده نظام خلاف پريوپئگنڊا ڪري رهيو آهين؟ ٻڌائي تنهنجا ٻيا ساٿي ڪٿي ۽ ڪهڙا آهن؟ اوهان جو آئينده لاءَ ڪهڙو منصوبو آهي؟؟
    هي اهي سوال هئا جن شازوءَ کي وائڙو ڪري ڇڏيو ، کيس سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته هو ڪنهن جو ايجنٽ آهي، سندس ٻيا ساٿي ڪهڙا آهن؟ هڪ لمحي کيس خيال آيو ته هو چئي ڏئي ته “ آئون خدا جو ايجنٽ آهيان، منهنجا ٻيا ساٿي ٺينگا بابا ، گوتم ٻڌ ۽ رجنيش اوشو آهن پر وري ٻئي لمحي شازوءَ محسوس ڪيو ته ڄڻ پوليس سندس نه پر ڪنهن ٻئي جي جسم کي ماري رهي هئي، هو ته بس خاموش تماشائي هو، ۽ جسم کي ڪٽجندي تماشو ڏسي رهيو هو، هن محسوس ڪيو ته سندس اندر جي هستي ۽ جسم جو هڪٻئي سان ڪو لاڳاپو ناهي، مارڪٽ سان سندس ڪو سروڪار ناهي، هي ته شانت هو، مڪمل ماٺار ۾ ۽ جسم تي لڳندڙ ڌڪن مان لطف اندوز ٿي رهيو هو، ائين تشدد مان لطف اندوز ٿيندي هو مراقبائي ڪيفيت ۾ هليو ويو، ذهن مان لاذهن بڻجي پيو اهڙي مقام تي پهچي ويو جتي ماٺار ئي ماٺار هئي، موهن جي دڙي جي کنڊرن جي ماٺار، ٿر جي ٺريل واريءَ جهڙي ماٺار پوءِ نه ڄاڻ ڪيڏي مهل پوليس کيس هٿڪڙي هڻي اڀي پير بيهاري هلي وئي هئي ۽ هو ڪوٺيءَ ۾ اڪيلو رهجي ويو هو، اڀي پير ٻَڌو ٻيٺو هو، کيس ڪوٺڙي ۾ ڪا خبر نه پئي ته ڪڏهن ڏينهن ٿيو ڪڏهن رات ٿي ڪڏهن سج اڀريو، ڪڏهن لٿو، ڪڏهن چنڊ چڙهيو، ڪڏهن ستارن اڀ تي جهرمر ڪئي ۽ ڪڏهن گگهه اونداھ ڏينهن کي ڳڙڪائي وئي، شازوءَ لاءِ وقت بيهجي ويو، لمحا ساڪن ٿي ويا هئا، گهڙيالن جا ڪانٽا رڪجي ويا هئا ۽ ڪائنات جي چرپر برف جيان ڄمي پئي هئي،
    شازوءَ کي ياد آيو ته هڪ شام جو پاڻ ۽ عليزا ڍنڍ جي ڪناري تي گهمي رهيا هئا، لهرون اجهل ٻارڙن جيان رومڙ ڪري سندس پيرن تائين آيون پئي ۽ سندس پيرن سان مٿو ٽڪرائي واپس موٽي ٿي ويون، ان وقت عليزا اوچتو شازوءَ کان سوال ڪيوهو ته شازو تون دنيا جي ٻين عورتن ۾ ۽ مون ۾ ڪهڙو فرق محسوس ٿو ڪرين؟
    شازوءَ وراڻيو“ عليزا تون دنيا جي شايد پهرين عورت آهين جيڪا اهڙي شخص سان محبت ڪري ٿي جيڪو نامرد آهي ، هن کان اڳ دنيا جي تاريخ ۾ اهڙي معاشقي جو مثال ئي نه ٿو ملي، عاشقن جي تاريخ کي کولي ڏسبو ته انهن ۾ سمورن قصن ۾ ٻه محرڪ نمايان نظر ايندا هڪ سونهن ، ٻي جنس، پر ياد رکو ته سونهن جي ڪشش به جنس جي ئي باعث هوندي آهي، مرد ڪيڏو به خوبصورت هجي جو ڪا عورت ان تي هرکجي پوي پر جڏهن عورت کي خبر پوي ته هو نامرد آهي جنسي عمل جي قابل ڪونهي ته هُن جي نظرن مان سونهن جي پنوتري اڏامي گم ٿي ويندي آهي ۽ سندس محبت نفرت ۽ ڪنارا ڪشي ۾ بدلجي ويندي آهي، ساڳي حالت مردن سان به آهي جڏهن کين ڪنهن عورت مان جنسي لطف جو آسرو اميد نه هوندو آهي ته سندس نظر ۾ اها عورت بدصورت ۽ ناپسنديده بڻجي ويندي آهي، پيار ماضي ۾ ماڻهن لاءِ سدائين جنس جي باعث ئي رهيو آهي پر تون پهرين عورت آهين جنهن اهو ڄاڻيندي به ته آئون جنسي عمل جي قابل ڪونه آهيان، مونکي چاهيو آهي ۽ مونکي پاڻ سان گڏ رهايو آهي
    سقراط چيو هو ته پيار هيمشه خوبصورتي سان ٿيندو آهي ڇو ته پيار پاڻ بدصورت آهي ، وٽس سونهن جي کوٽ آهي انڪري هو خوبصورتي ۽ سونهن کي تلاش ڪندو آهي، پر آ ئون سقراط جي ان ڳالهه سان متفق ناهيان منهنجي خيال ۾ خوبصورتي صرف ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪري سگهي ٿي، ۽ جڏهن ماڻهو خوبصورتي ۽ سونهن جي سحر ۾ وٺجي ويندا آهن ته اهي هڪ نفسياتي بيماري ۾ وٺجي ويندا آهن، خوبصورتي جو سحر هڪ نفسياتي بيماري آهي، پر اها بيماري ڪٿي ڪٿي حقيقي محبت ڏانهن کُلندڙ دري جو ڪم ڏئي ويندي آهي، ها ظاهري طور جسماني خوبصورتي، حيقيقي محبت ڏانهن کلندڙ هڪ دري ته ٿي سگهي پر اها بذات خود محبت نه هوندي آهي محبت نه خوبصورت آهي نه بدصورت، محبت جڏهن حسد ۽ ساڙ سان لاڳاپجي ويندي آهي ته بدصورت بڻجي ويندي آهي ۽ جڏهن سڪون ۽ شناسائي سان لاڳاپجي ويندي آهي ته خوبصورت لڳندي آهي، خوبصورتي ۽ بدصورتي ته صرف لباس آهن اصل ۾ محبت ته اهڙو جذبو آهي جيڪو سوناري جو ڪم ڪري ٿو، جيئن سونارو ڪچي ڌاتو کي ڳاري، گَهڙي هڪ خوبصورت زيور ٺاهي سگهندو آهي تيئن محبت انسان کي ڳاري گهڙي هڪ خوبصورت زيور بنائي ڇڏيندي آهي، اصل ۾ جيڪو ماڻهو ڪنهن حسد ۽ ڪنهن غرض کان مٿاهين محبت ڪندو آهي ته هو پاڻ خوبصورت بڻجي ويندو آهي ۽ کيس هر شيءِ خوبصورت نظر ايندي آهي، سو تون محبت جي ان روپ کان واقف آهين.
    عليزا تون محبت جي انهن بلندين کي ڇُهي ڏٺو آهي، جتي هر شيءَ خوبصورت ۽ پر سڪون آهي، ڇا تون ڄاڻين ٿي ته دنيا جون عورتون هار سينگار کي ايتري اهميت ڇو ٿيون ڏين؟ بيوٽي پالر ڇو ٿيون وڃن؟
    “ نه ” عليزا جواب ڏنو
    انساني تاريخ جي اوائلي دور کان وٺي مردن جسماني طاقت جو فائدو وٺندي ۽ ٻار ڄڻڻ جي ذميواري کان آجو هئڻ جو فائدو وٺندي اهڙو سماج تخليق ڪيو آهي جنهن ۾ عورت جي ڪابه اهيمت نه آهي، سماج جي ٺاهيل قائدن ۽ قانونن موجب عورت کي چئو ديواري ۾ بند رکي مانيون پچائڻيون آهن ۽ ٻار ڄڻڻا آهن، چو ديواري کان ٻاهر واري سماج ۾ سندس ڪو عمل دخل ڪونهي، صدين تائين اهڙي روش جو شڪار ٿيل عورت پنهنجي اندر ۾ پيدا ٿيندڙ احساس ڪمتري جي ڪري محسوس ڪندي رهي آهي ته واقعي هو سماج ۾ ڪنهن به نموني ڪارگر ڪونهي، سواءِ ان جي جو هو مردن جي خدمت ڪندي رهي، اهڙي احساس ڪمتري جيڪا هزارين سالن کان عورتن جي اندر ۾ پلجندي رهي آهي، ان لاشعوري طور عورت کي بغاوت لاءِ اُڀاريو آهي، جسماني طور ڪمزور هئڻ سبب عورت مردن سان جنگ ته نه ڪري سگهي آهي پر سماج ۾ ڪجهه اهڙو ڪرڻ لاءِ ،جنهن سان ماڻهو ڏانهنس متوجه ٿين، عورت ٻه گس ورتا آهن، هڪ حسد ۽ ساڙ جو رستو، ٻيو هار سينگار جو رستو
    عورتون هڪٻئي کان حسد ۽ ساڙ ڪن ٿيون، ان لاءِ ته جتي به هڪ کان وڌيڪ عورتون رهن ٿيون، اهو چاهي گهر هجي، آفيس هجي يا ڪا ٻئي جاءِ، اتي هر عورت لاشعوري طور چاهيندي آهي ته ٻيا ڏانهنس متوجه ٿين، ماڻهو کيس برتر سمجهن، ان ڪوشش ۾ هو ٻين موجود عورتن کان ساڙ ۽ حسد ڪندي آهي ته پاڻ کي ٻين کان نمايان ڪرڻ جي جهدوجهد پڻ ڪندي آهي
    عورت لاشعوري طور اها جاکوڙ ڪري ٿي ته سماج ۾ کيس رتبو ملي، ماڻهو ڏانهنس متوجه ٿين ۽ کيس اهميت ڏين، ان لاءِ هُن هار سينگار ڪرڻ ۽ خوبصورت نظر اچڻ جو رستو ڳولي ڪڍيو آهي، عورت هار سينگار ڪري ٿي، بيوٽي پالر وڃي ٿي، هر لحاظ کان خوبصورت نظر اچڻ جا جتن ڪري ٿي، ته جيئن مرد ڏانهس متوجه ٿين کيس اهميت ڏين ۽ سماج ۾ کيس ڪنهن ليکي ۾ آندو وڃي، عورت فطري طور اهو به ڄاڻي ٿي ته مرد جنسي طور هٻڇي آهن، ان ڪري عورتون پاڻ کي جنسي ي طور پُر ڪشش بنائڻ لاءِ به سينگار ڪن ٿيون، اهڙا لباس پائن ٿيون جو هو جنسي ڪشش جو مرڪز بڻجي وڃن ان سان هو لاشعوري طور سماج ۾ پاڻ کي برتري ڏيارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيون آهن، مرداڻي سماج ۾ پاڻ کي اهميت ڏيارڻ ۽ پنهنجي معقول جاءِ ٺاهڻ لاءَ احمقانه ڪوشش ڪري رهيون آهن
    لاشعوري طور شايد عليزا تو ۾ به اهي ڳالهيون هجن پر وري به تون ٻين سڀني عورتن کان اتم آهين جو تون ڄاڻين ٿي ته تون ڪيتري به خوبصورتي ظاهر ڪري، پاڻ ۾ جنسي ڪشش پيدا ڪرين، پر مون لاءِ اها شيءَ ڪا به اهميت نه رکندي ڇا ڪاڻ ته آئون جنسي عمل جي قابل ناهيان، ان باوجود تون مونکي پاڻ سان گڏ رهائين پئي، مونسان محبت ڪرين ٿي ان لاءِ تون ٻين عورتن کان اتم آهين، پر اڃا به تنهنجي منزل پري آهي، توکي اڃا به محبت جي حقيقي مرڪز تائين پهچڻو پوندو
    اوچتو ڪال ڪوٺڙي جي لوهي سيخن واري دروازي تي ٺڪا ٿيو، شازوءَ جي خيال جي زنجير مان هڪ ڪڙي نڪري وئي ۽ زنجير ٽٽي پئي، سپاهي سيخن جي آڏو بيٺو هو “ملاقات آئي اٿئي” سپاهي کهري آواز ۾ چيو سپاهي کولي جو دروزاو کوليو اندر اچي شازوءَ جي هٿ جي ڪڙي کولي ڇڏيائين ۽ شازو بي ست بدن سان سيخن ۾ هٿ وجهي هيٺ ويهي رهيو، سپاهي ٻيهر ٻاهر نڪتو ۽ دروازو ٻاهر ان بند ڪري ڇڏيائين، ان وقت کولي جي سامهون واري ٻاهرين دروازي مان باک ڦٽي پئي، عليزا جا لڙڪن هاڻا نيڻ شازوءَ کي تڪي رهيا هئا، اکين ۾ ڇلڪندڙ جوت زمان ۽ مڪان کان لاپرواھ ٿي شازوءَ کي گهوري رهي ئي، ۽ عليزا جا قدم هوريان هوريان وڌي رهيا هئا ، عليزا به سيخن وٽ پهچي ٻاهرين پاسي کان ويهي رهي
    ڪي پل عليزا ائين شازوءَ تي نظرون ڄمائي شازو جو جائزو وٺي رهي هي جيئن ڪو پکي پنهنجي آڏو پنهنجي زخمي ٻچڙي کي ڏسندو آهي، “هي سڀ ڪجهه ڇا ٿي ويو شازو” درد جي شدت کان نڙيءَ ۾ وچرندڙ لفظ عليزا جي چپن تي آيا “اها خبر هجيم ها ته توسان ائين ٿيندو ته آئون ڪڏهن به توکي پنهنجي تنظيم ۾ شامل ٿيڻ نه ڏيان ها، اهو منهنجو ئي ڏوھ آهي، اوهان منهنجي ئي ڪري هن مصيبت ۾ ڦاٿا آهيو”.
    “نه عليزا” شازو جهيڻي آواز ۾ وراڻيو “ان ۾ تنهنجو ڪو به ڏوھ ناهي، ان ۾ ڪنهنجو به ڪو ڏوھ ناهي، منهنجي اندر ۾ اڀامندڙ لاٽ جو ڏوھ آهي، سچ جي اها اڀاڳي ريت ازل کان رهي آهي ته جنهن جي من ۾ کاٽ هڻي ٿو تنهن جو سارو چين کڻي ٿو”.
    ،ڊاڪٽر رانا ائين ڇو ڪيو” عليزا حيراني مان پڇيو
    شازو جي چپن تي مرڪ جي جهرڪي هلڪي چُون چُون ڪرڻ شروع ڪئي، چور جيان پير پير ۾ پائي آيل مرڪ شازوءَ جي مک تي ڦلهجي وئي، ۽ ٻڌايائين “جڏهن مونکي مردانگي نه هئڻ جو احساس ٿيو هو تڏهن ڪيترن ئي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائڻ باوجود ڪو کيڙ تيل نه نڪتو، آخر ۾ آئون ڊاڪٽر رانا وٽ ويو هوس هن مونکي چڪاسڻ بعد چيو هو ، ڪو به علاج ناهي تون پيدائشي نامرد آهين، مڙهي وَسائي وڃي ويهي رهو، تڏهن مون چيو هوس “رانا صاحب منهنجي جاءِ مڙهي ناهي، آئون دنيا ۾ پنهنجي جاءِ تلاش ڪندس”.
    ڊاڪٽر رانا ٽهڪ ڏيندي چيو هو ته “هن سماج ۾ تنهنجي لاءِ ٻي ڪا به جاءِ ناهي.”
    “آئون اهڙي جاءِ تلاش ڪندس جتي مونکي ڏسي توهان پاڻ حيران ٿي ويندا ڊاڪٽر صاحب” مون چيو هو ۽ ۽ رانا جا ٽهڪ ٻُريا آئون اسپتال مان نڪري آيو هوس.
    مونکي خبر آهي ته ڊاڪٽر رانا، پڙهيل لکيل ماهر ڊاڪٽر هجڻ باوجود مذهبي جنوني آهي، اوهانجي تنظيم ۾ اچڻ کانپوءِ مونکي مختلف پروگرامن ۽ سيمينارن ۾ جيڪو ڪجهه ڳالهائڻ جو موقعو ۽ پذيرائي ملي ان تي رانا سميت ڪيترائي ماڻهو حسد ۾ وٺجي ويا هئا، انڪري اهي منهنجي خلاف پروپئگنڊا ڪندا رهيا ، ۽ مون جيڪي زندگيءَ جون تلخ حقيقتون بيان ٿي ڪيون، اهي نام نهاد مذهبي جنونيت لاءِ خطرو هيون، اهو ئي سبب آهي جو رانا ۽ ان جهڙن ٻين ماڻهن مونکي هتي پهچايو آهي، پر آئون نه ته موت کان ڊڄان ٿو نه قيد کان، آئون ته موت کي ماري چڪو آهيان، ٺينگا بابا مونکي جيڪي ڏانءُ ڏنا آهن انهن وسيلي آئون موت کي گهڻو اڳ مات ڏئي چڪو آهيان، موت جي سايي کي ته آئون ڍنڍ ۾ لوڙهي آيو آهيان، ۽ پيرسن مهاڻي جي جهوپڙي مان نئين حياتي جي روشني کڻي آيو آهيان،اها ابدي روشني آهي، مونکي ائين محسوس ٿئي ٿو ته ٺينگا بابا مون اندر سمائجي ويو آهي، ۽ آئون هن مدي خارج دنيا کان گهڻو اڳيان آهيان، تون فڪر نه ڪر عليزا، منهنجي زندگيءَ سقراط جي زهر واري پيالي مان ڦٽي نڪتل آهي آئون اهڙي پر سڪون واديءَ ۾ آهيان جتي موت مون لاءِ ڪا به معنيٰ نٿو رکي .
    عليزا جي ڳورن ڳلن تان اکين جي ماڪ رقص ڪري کاڏيءَ کان هيٺ لهي رهي هئي، ان وقت سپاهيءَ جو آواز آيو “ملاقات جو وقت پورو ٿيو”

    وقت جا ڇيڙا سوڙها ٿيندا ويا ۽ عليزا جا قدم پري ٿيندا ويا ، وقت پنهنجي پاڻ ۾ وچڙي پيو هو ۽ عليزا ۽ شازوءَ جي وچ ۾ فاصلو پئجي رهيو هو، کولي جو ٻاهريون دروازو بند ٿيڻ سان ڄڻ ته تاريخ جو دروازو بند ٿي ويو، وقت جا سمورا ماپا ۽ معيار ان در کان ٻاهر رهجي ويا ۽ اندر صرف شازو....! هر احساس کان خالي، پولار جهڙو وشال ۽ خالي شازو رهجي ويو.
    شازوءَ جا ڪن سَرلا ٿي ويا، هن دروازي کان ٻاهران به عليزا جي قدمن جو آواز ٻڌڻ ٿي چاهيو، ان وقت ٻاهران عليزا جو آواز آيو، هوءَ سپاهي کان پڇي رهي هئي ته
    “ آخر ڇا ٿيندو شازوءَ جو”؟.
    “ شايد ڦاسي ڏينس ....! ” سپاهي تلخي سان وراڻيو“ کيس سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، آئون سمهجان ٿو ته عيقدن خلاف پروپئگينڊا ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ڦاسي ڏيندس...!”
    سانت ڇائنجي وئي....!
    شازوءَ جي مک تي هلڪي مُرڪ ڦهلجي وئي، هن اندر جي برف کي ڳرندي محسوس ڪيو، هن کي پنهنجي اکين ۾ ٺينگا بابا جو عڪس ترندي نظر آيو، اندر ۾ هڪ جهرڻو ڦٽندي محسوس ڪيائين جيڪو سندس اندر کي لوڙهي کڻي ويو....!
    کولي مان اڀ جا تارا به نظر نه ٿي آيا شازو جي دل جي حسرت اڀري ته هو کُليو اڀ ڏسي تارن جي وشال وشالتا ۾ تحليل ٿي وڃي، چنڊ کي ڀاڪرن ۾ ڀري وٺي ۽ ڪڪرن سان رهاڻيون ڪري پر سندس آرزو اڻ ڦٽيل ٻج جيان اندر جي غلاف ۾ بند ئي رهجي وئي، مڪمل خاموشيءَ ۾ هو پنهنجي ساهن جو آواز ائين ٻڌي رهيو هو، جئين اڌ رات جي سناٽي ۾ اڪيلي ڪمري ۾ گهڙيال جي ڪانٽن جي ٽڪ ٽڪ صاف ٻڌڻ ۾ ايندي آهي، نه ڄاڻ ڪيڏي مهل سندس اکيون پورجي ويون...!
    صبح ٿي چڪو هو، هڪ سپاهي کولي اندر اچي شازوءَ کي ٿڏو هڻي اُٿاريو ۽ ٻانهن ۾ هٿڪڙيون هڻي کيس ٻاھر وٺي ويو، قيدين واري بند گاڏي ۾ سندس اکيون ٻڌي کيس ويهاريو ويو ۽ گاڏي شرڙاٽ ڪندي رستي تي هلڻ لڳي


    [7]

    سج جو منهن ٽامڻي هڻي ويو هو، سج گهور ڪري ميدان ڏانهن ڏسي رهيو هو، عدالتي ڪمري آڏو کليل ميدان ۾ جج ڪيس هلائڻ لاءِ ويٺو هو، شازو هڪ جوابدار جي حيثيت ۾ هٿڪڙين سان بيٺو هو، ٻه پوليس وارا کيس زنجيرن مان جهليو بيٺا هئا ماڻهن جو انبوھ ڪيس کي ٻڌڻ لاءِ گڏ ٿيو هو، نظر حد تائين ڪرسيون پيل هيون جن تي ماڻهو ويٺا هئا، ان کان علاوه ڪيترائي ماڻهو بيٺل پڻ هئا
    شازوءَ کي جڏهن پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو ته ڪيس هلڻ کان اڳ ۾ ئي شازوءَ منصف کي عرض ڪيو هو ته سندس ڪيس عدالت جي بند ڪمري بدران کلي ميدان تي هلايو وڃي منصف سندس اهو عرض قبول ڪيو ۽ ڪيس عدالت جي ٻاهران کلي ميدان تي هلائڻ جو آڊر ڪندي اهو پڻ حڪم ڏنو ته سڄي شهر ۾ پڙهو گهمايو ته جئين سڀ شهري هي ڪيس ٻڌڻ چاهين ته اچن، آئون چاهيان ٿو ته هي ڪيس تاريخي مثال بڻجي وڃي.
    عدالتي عمارت آڏو تنبو کوڙي عدالت لڳائي وئي هئي، ڪيس شروع ٿيندي ئي سرڪاري وڪيل ڪيس جو متن پڙهڻ شروع ڪيو.
    جناب اعليٰ، هي سامهون ڪٽهڙي ۾ بٺيل جوبدار شازوآهي، هن خلاف لڳايل الزامن جي فهرست بيان ڪرڻ کان اڳ ۾ آئون هن جي اصليت ٻڌائڻ جي اجازت گهران ٿو ته جيئن هتي موجود سمورن معزز شهرين ۽ عدالت کي پتو پئجي سگهي ته هي ڪير آهي؟
    “اجازت آهي” جج واراڻيو

    “شازو ڄمندي ئي نامرد آهي، کدڙو آهي“ سرڪاري وڪيل ڳالهائڻ شروع ڪيو ”هي آهي ان جي ثابتي طور ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ“ وڪيل جج آڏو سرٽيفڪيٽ رکيو ” هي سرٽيفڪيٽ شهر جي مشهور ڊاڪٽر رانا جو آهي، جناب اعليٰ هي شازوءَ (اشاروڪندي) ڄمندي ئي کدڙو آهي، هن وٽ مرداڻي قوت نه هجڻ ڪري، هي ذهني اشتعال جو شڪار رهيو آهي ميڊيڪلي بنيادن تي اهو واضع ٿي چڪو آهي ته جنهن مرد ۾ جنسي قوت جي کوٽ هوندي آهي اهو ذهني اشتعال جو شڪار هوندو آهي ، جناب اعليٰ مونکي ڪجهه وقت اڳ ۾ڏٺل فلم جي آکاڻي ياد اچي ٿي، فلم ۾ ڏيکاريو ويو هو ته هڪ مرد جيڪو بعد ۾ نامرد بڻجي پيو هو، ذهني اشتعال ۽ نفرت سبب هو ڪال گرلس کي گهرائي قتل ڪري ڇڏيندوهو
    بلڪل اهڙي ريت شازوءَ به ذهني اشتعال ۽ نفرت سان ڀريل آهي، هن پهرين مذهبي صحيفن ۾ ڳولڻ شروع ڪيو ته نامردن لاءِ کيس اتي ڇا ٿو ملي؟ جڏهن کيس اتي ڪجهه به نه مليو ته هن پنهنجي غليظ نفرت ۽ ڪروڌ سبب مذهبن کان باغياڻو رويو اختيار ڪيو، نه صرف ايترو پر هن خداوند سان ۽ مقدس صحيفن جي هدايتن سان پڻ باغياڻو رويو اختيار ڪيو، هن ماڻهن کي ورغلائڻ شروع ڪيو، هن مذهبن خلاف ۽ پاڪ هستي جي ڏنل هدايتن خلاف پروپئگنڊا شروع ڪئي، هن شهر جي ڪيترن ئي ماڻهن کي عقيدن خلاف ڀڙڪايو آهي ۽ لڳاتار عقيدن خلاف پروپئگنڊا ڪندو رهيو آهي، اڄ آئون سڄي شهر جي معزز ماڻهن کان اهو پڇڻ چاهيان ٿو ته ڇا هڪ کدڙي کي اهي اختيار آهن، ته هو صدين کان را.ئج عقيدن خلاف ماڻهن کي ڀڙڪائي ڇا هڪ کدڙي کي اهي اختيار آهن ته هو مردن ۽ عورتن مٿان پنهنجا فيصلا مڙهي ۽ اصل تعليمات کان پري ڪري ڇڏي؟ ڇا هن کي اهو حق آهي ته هو نوجوانن کي ڀڙڪائي ۽ بغاوت ٻج پکيڙي، اي شهر واسيو وڏي آواز ۾ ٻڌايو ڇا توهان چاهيو ٿا ته هڪ کدڙو اوهانجي نوجوان نسلن جو استاد بڻجي انهن جي قيام ڪاري ڪري جواب ڏيو؟
    “ هرگز نه ” هڪ ئي وقت انبوھ مان آواز اڀريو.
    اي شهر جا رهواسيو، کدڙن کي مڙهي ۾ رهي، عاشقن جي دل وندرائڻ کپي ، نه ڪي تهذيب يافته دنيا ۾ ڪو خلل وجهڻ کپي ، پر جيڪڏهن ڪو کدڙو مڙهي جي چار ديواري بدران ٻاهر سرعام شهر ۾ ڪا گندگي ڦهلائي رهيو هجي ته ڇا کيس ائين ڪرڻ لاءِ بخش ڪري ڇڏجي ، جواب ڏيو.
    “هرگزنه” هجوم مان رڙ اٿي.
    جناب اعليٰ، آئون عدالت ۾ هڪ گواھ طور ڊاڪٽر رانا کي پيش ڪرڻ جي اجازت گهران ٿو
    “اجازت آهي” جج ڪنڌ لوڏيندي چيو
    وڪيل جي اشاري تي ڊاڪٽر رانا اڳيان وڌي آيو
    “تون ان ڏس ۾ ڇا ٿو چوڻ چاهين؟” جج سوال ڪيو
    “جناب اعليٰ” ڊاڪٽر رانا چيو ته “آئون” پيشي جي لحاظ کان هڪ ڊاڪٽر آهيان شازو مون وٽ علاج لاءِ آيو هو ، هو پيدائشي نامرد آهي جڏهن مون کيس ٻڌايو ته هو مرد نٿو بڻجي سگهي، تڏهن هوڪاوڙ ۾ تپي ڳاڙهو ٿي ويو هو ۽ مونکي هڪ عجيب چريائيپ واري جذبات ۾ چيو هئائين ته منهنجي جڳهه مڙهي ناهي آئون دنيا ۾ پنهنجي جڳھ تلاش ڪندس، ۽ جيڪڏهن مونکي منهنجي جڳهه نه ملي ته آئون هن دنيا کي ئي بدلائي ڇڏيندس، هن مونکي اهو به چيو هو ته آئون دقيانوسي عقيدن جون پاڙون اکيڙي ڇڏيندس ان وقت مون هن جي انهن ڳالهين کي فضول سمجهيو هو، پر جناب اعليٰ هن اهو ڪري ڏيکاريو، هن مختلف هنڌن تي تقريرون ڪيون آهن ۽ هر هنڌ پنهنجي تقرير ۾ اسانجي مُقدس عقيدن خلاف باھ اوڳاڇي آهي، ۽ جناب اعليٰ اسانجي ڌرم جي خلاف ڳالهائيندڙ جي سزا موت آهي، هن جي تقريرن جي ريڪارڊ نگ پڻ ثبوت طور موجود آهي
    ڊاڪٽر رانا هڪ ريڪاڊ نگ ڊسڪ اڳيان وڌائي جيڪا سرڪاري وڪيل وٺي جج جي آڏو رکي جج جي حڪم تي اها ريڪارڊنگ سڀني جي سامهون وڄائي وئي، هال ۾ موجود هجوم خاموشيءَ سان تقرير ٻڌڻ لڳو، تقرير ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ڳاالهيون نوٽ ڪيو ويون جيڪي عقيدن جي خلاف هيون ان بعد ڪجهه ٻيا ماڻهو به شاهد طور پيش ڪيا ويا جن تقريرون ٻڌيون هيون ۽ مختلف هنڌن تي شازوءَ جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌيون هيون جيڪي سندن عقيدن جي سراسر خلاف هيون،
    هڪ ڀيرو ٻيهر سرڪاري وڪيل ڳالهائڻ شروع ڪيون “ جناب اعليٰ ، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻئي ماڻهو سان روزي زنا ڪري ٿوته ان جي سزا به موت آهي ، ڇاڪاڻ ته جنهن جي عزت لٽجي وئي ان کي ٻيهر اها عزت ڪڏهن به نه ٿي ملي سگهي بلڪل اهڙي طرح انساني عقيدن کي ۽ خيالن کي بدلائڻ به ايترو ئي ڏوھ آهي، ڇوته هڪ دفعو ڪنهن جو اعتماد يا ايمان ٽٽي پيو ته اهو ٻيهر ڪنهن به قيمت تي کيس موٽي نه ملندو، هن مجرم ڪيترين ئي ماڻهن جا عقيدا ۽ ايمان ڦيرايا آهن، اهو به اهڙو ئي سنگين ڏوھ آهي، هن کي هرحال ۾ موت جي سزا ڏني وڃي.
    جناب اعليٰ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻئي ماڻهو کي قتل ڪري ٿو ته قاتل جي سزا به موت آهي بلڪل اهڙي طرح ڪنهن انسان جي مذهب کي يرائي ڇڏڻ، يا ڪنهن عقيدي کي ختم ڪرائڻ به ذهني ۽ شعوري قتل آهي، سوچن ۽ جذبن جو قتل آهي ، هن مجرم اهڙا ڪيترائي ذهني ۽ شعوري قتل ڪيا آهن ۽ جيڪڏهن هن کي ڪا هلڪي ڦلڪي سزا ڏني وئي ۽ ڇڏيو ويو ته هو آئينده ڪيترن ئي نسلن جا ذهني ۽ شعوري قتل ڪندو رهندو، جڏهن ڪنهن تلاءَ ۾ هڪ مئل ۽ ڪني بدبودار مڇي هوندي ته ان کي تلاءَ مان ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪيو ويندو آهي هن سماج ۾ هي به اهڙو ئي گندو ۽ بدبودار شخص آهي جنهن کي لازمي طور دنيا مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪرڻو پوندو ٻي صورت ۾ هي انتهائي خطرناڪ ۽ نقصانڪار ثابت ٿيندو ان لاءِ عدالت کي استدعا آهي ته هن کي موت جي سزا ڏني وڃي اهوئي سڀ آهي جناب اعليٰ....!
    سرڪاري وڪيل خاموش ٿي پنهنجي ڪرسي تي ويهي رهيو، جج ڪيس جي ڪاغذن کي پڙهڻ لڳو ، ۽ ٻاهر پنڊال ۾ سُس پس جا آواز اچڻ لڳا ، ماڻهو هڪٻئي سان سرگوشين ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪري رهيا هئا، ڄڻ هو پاڻ منصف هجن هر ماڻهو پاڻ منصف بڻجي فيصلو ٻڌائي رهيو هو.
    جج ڪاغذن تان نظرون هٽائي گهڙي کن شازوءَ جي اکين ۾ گهوريندو رهيو شازوءِ جي اکين ۾ ڪابه مايوسي نه هئي سندس اکين ۾ اهڙي چمڪ هئي جهڙي نئين پرڻيل ڪنوار جي اکين ۾ پهرين رات گذارڻ کانپوءِ صبح سويري هوندي آھي، سندس اکين تي ڪنهن معصوم ٻالڪ جهڙي مرڪ هئي، جج ڪاٺ جي مترڪي سان ميز تي ٺڪاءُ ڪري هجوم کي خاموش ڪرايو سناٽو ڇائنجي ويو جج ٻيهر شازوءَ جي اکين ۾ اکيون وجهي ڄڻ اجڙيل تاريخ جا وڃائجي ويل ورق ڳولڻ جي ڪوشش ڪندي ڳالهائڻ شروع ڪيو،
    “شازو تنهنجي خلاف الزام آهي ته تون کدڙو آهين پر تو پنهنجي الڳ دنيا وسائڻ بدران مردن، عورتن ۽ نوجوان جي دنيا کي برباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، توتي اهو پڻ الزام آهي ته تون مقدس ڪتابن عقيدن ۽ خداوند جي قانونن جي خلاف ڳالهايو آهي جنهن جي سزا موت آهي، توتي اهو پڻ الزام آهي ته سماجي زندگيءَ جو سڪون برباد ڪرڻ لاءِ پنهنجا غليظ نظريا ماڻهن کي ٻڌايا ۽ انهن جي سرعام پرچار ڪئي آهي، انهن سنگين ڏوهن ۾ توکي موت جي سزا کان گهٽ نه ملندي، هاڻي تون پنهنجي بچاءَ ۾ ڪو وڪيل پيش ڪرڻ چاهين ته توکي اهو حق حاصل آهي يا تون پنهنجي صفائي ۾ ڪجهه چوڻ چاهيندي ته ڇونه توکي سزا ڏني وڃي؟؟
    شازوءَ جي چپن تي هڪ مرڪ ٻليءَ پير ايندي آهستي آهستي گذري وئي ،سندس اکين ۾ سانوڻي جي گهٽا جي گهرائپ ڇلڪڻ لڳي، هن وقت سندس چهري مان ٺينگا بابا جي جهلڪ پسجڻ لڳي، شازوءَ بنا ڪنهن جهجڪ جي چوڻ شروع ڪيو
    “ جناب اعليٰ” هي اهڙِو ڪيس آهي جنهن جو فيصلو اڳواٽ طئي ٿيل آَهي، آئون ڄاڻان ٿو ته منهنجي صفائي ڏيڻ ۽ نه ڏيڻ سان ڪوبه فرق نه پوندو جناب اعليٰ ، مسيح کي صليب تي لٽڪايو ويو هو، مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙهيو ويو هو، شمس تبريزي جي کل لهرائي وئي هئي، ۽ ايراني شاعر رودڪي جون اکيون ڪڍرايون ويون هُيون، انهن سڀني جا زخم آئون پنهنجي پاڻ ۾ ڀانيان ٿو،انهن سڀني جو ڏوھ به فقط اهو هو ته هنن سچ ڳالهايو هو، ۽ آئون سمهجان ٿو ته آئون به ساڳيو ڏوھ ڪري رهيو آهيان، آئون سچ ڳالهائي رهيو آهيان ۽ سچ لاءِ اڳواٽ سزا طئه هوندي آهي، ان ڪري آئون ڪابه صفائي ڏيڻ نه ٿو چاهيان،
    جناب اعليٰ صبح ساجهر ويلي ساون پنن تي ماڪ جا ڦڙا هڪ سچ آهن، سچ ۽ سڪون اهڙيون ٻه حقيقيتون آهن جيڪي هڪٻئي سان سلهاڙيل به آهن ته هڪ ٻئي جو ويري پڻ آهن،
    آئون پنهنجي سچ تي اٽل هوس ۽ اٽل آهيان، اوهان مونکي موت جي سزا ڏئي مونکي ماري نه ٿا سگهو، ڇوته سچ ۽ زندگي قائم ۽ دائم آهن ۽ رهندا، موت ۾ فنا ته صرف هڪ جسم ٿيندو آهي ، مونکي هن جسم جي ڪابه پرواھ نه آهي اهو جسم، نه اڳ ۾ منهنجو هو نه هاڻي منهنجو آهي ۽ نه ئي وري هميشه منهنجو رهندو، مونکي هن جسم کان خود به ڇٽڪارو گهرجي ان لاءِ آئون بنا صفائي ڏيڻ جي پنهنجي سزا ٻڌڻ چاهيان ٿو جيڪا اڳواٽ طئه ٿيل آهي،
    جناب اعليٰ آئون هتي صرف هڪ ڳالهه واضع ڪرڻ چاهيان ٿو ته نامرد هجڻ ڪو ڏوھ ناهي، عورت هجڻ ، مرد هجڻ يا نامرد هجڻ سان سچ تي، سوچ سمجهه ۽ شعور تي ڪوبه فرق نه ٿو پوي، ڇاڪاڻ ته رجنيش اوشو به چيو هو ته“ شعور نه عورت آهي نه مرد” شعور ته بس شعور آهي جيڪو عورت پڻي ۽ مرد پڻي کان اتم آهي،
    جناب اعليٰ آئون شعور ۽ سچ جي ڳالهه ڪندو رهيو آهيان، ان جو مرد، نامرد يا عورت هجڻ سان ڪو سروڪار ڪونهي، آئون هتي صرف ٻه گذارشون ڪندس.
    پهرين اها ته مونکي ڀل موت جي سزا ڏني وڃي پر جئين ته موت جا ڪيترائي طريقا هجن ٿا ، پر آئون چاهيان ٿو ته مونکي هڪ اعليٰ قسم جو موت ڏنو وڃي، مونکي صليب تي لٽڪائي منهنجي هٿن ۾ ،پيرن ۾ ۽ مٿي ۾ ڪوڪا ٺوڪيا وڃن ته جيئن اهي هٿ سزا ڀوڳين جيڪي سماج ۾ تبديلي لاٰ چرپر ڪن ٿا، اهي پير سزا ڀوڳين جيڪي هر نئين راھ ڏانهن هلڻ شروع ڪن ٿا ۽ ان دماغ کي سزا ملي جيڪو شعورکي جنم ڏئي ٿو،
    ٻي گذارش اها ته منهنجي هڪ آخري خواهش پوري ڪئي وڃي، اها آخري خواهش اها آهي ته آئون هتي بيٺل هزارين ماڻهن کي زندگيءِ موت، ڊپ، فطرت ۽ خيال بابت بابا ٺينگا بابا کان حاصل ڪيل ڪجهه حقيقيتون ٻڌائڻ چاهيان ٿو، انڪري مونکي اجازت ڏني وڃي ته موت کان اڳ آئون آخري ڀيرو هنن کي مخاطب ٿي موت ، زندگيءَ ڊپ ۽ فطرت بابت ڪجهه حقيقتون ٻُڌايان،
    جناب اعليٰ آئون پنهنجي هن آخري خطاب ۾ هنن ماڻهن کي ۽ عدالت کي هر گز اها لتجا نه ڪندس ته مونکي سزا کان معافي ڏني وڃي، نه ئي آئون اهڙي ڪا ڳالهه چوندس ته آئون دنيا جو هڪ عظيم ۽ ڏاهو انسان آهيان، مونکي ياد رکيو وڃي، نه هرگز نه، آئون اهڙي ڪابه ڳالهه نه ڪندس، آئون صرف ڪجهه حقيقتون هنن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو، جيڪي هنن جي ايندڙ نسلن تائين منتقل ٿين، ان کان پوءِ آئون هڪ گهري سڪون سان هميشه لاءِ آرامي ٿي ويندس ۽ منهنجي وجود جو سارو ٻوجهه لهي ويندو.
    جج پنهنجي ڀر ۾ ويٺل ٻن ٻين ججن سان سس پس ۾ صلاح مشورو ڪيو، ان دوران پنڊال ۾ وري به بيچيني ڦلهجي وئي ۽ سرٻاٽن جا آوازاچڻ لڳا، جج ڪاٺ جي مترڪي ٽيبل تي ڦهڪائي ته ڄڻ وقت جا ڪانٽا ڌُٻي ويا پل لاءِ وقت بيهي رهيو۽ وري روان ٿيڻ لڳو، جج حڪم جاري ڪيو “شازو کي مقدس عيقدن بابت گهٽ وڌ ڳالهائڻ، انهن کي غلط ۽ پنهنجي غليظ نظرين کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ۽ سماج ۾ ماڻهن کي عقيدن بابت ڀڙڪائڻ جي ڏوھ ۾ موت جي سزا ڏني وڃي ٿي ، پر گڏوگڏ سندس آخري خواهش کي پورو ڪندي کيس آخري موقعو ڏنو وڃي ٿو ته هو هن ميڙ سان آخري ڀيرو مخاطب ٿي جيڪو ڪجهه چوڻ چاهي ٿو سو ڀلي چئي وڃي .
    هجوم ۾ ڄڻ ته تاريڪي ڇائنجي وئي شازو کي سپاهي ٿوري مٿانهين جڳهه تي آڻي بيهاريو جتان هي انبوھ کي اڇاتري نظر سان ڏسي سگهيو ٿي،کيس اجازت ڏني وئي ته هو ميڙ سان مخاطب ٿي سگهي ٿو.

    چرندڙ پرندڙ ماڻهو بيٺل بت بڻجي ويا، سڀني جو اکيون پٿرائجي ويون، ماحول کي ڄڻ نانگ سراپي ويو،هڪ ڀيانڪ موت جهڙي خاموشي کي ٽوڙيندي شازو ڳالهايو، موت جي سزا مليل شازو ڄڻ ته فتح جو انعام حاصل ڪري چڪو هو، هن وڏي بيباڪيءَ سان ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    “منهنجي شهر جا رهواسيو،اوهان مان جن به مون خلاف عدالت ۾ شاهديون ڏنيون مونکي انهن تي ڪابه ڪاوڙ، ڪوبه ڏک ناهي ڇوته اهي سچ چئي رهيا هئا، انهن جيڪو ڪجهه منهنجي واتان ٻڌو هو هنن اهو ئي عدالت کي ٻڌايو، جيتوڻيڪ انهن جون شاهديون تعصب ۽ انا سان ڀريل هيون پروري به سچ هو، ان ڪري آئون سمجهان ٿو ته ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سچ جي فتح ٿي آهي، آئون اوهان کي صرف اها هدايت ڪرڻ چاهيان ٿو ته سچ کي هميشه گلي لڳائيندا رهجو، منهنجو موت به هڪ سچ آهي، ان ڪري منهنجو موت منهنجي فتح آهي، آئون فتح جي نشان ڏانهن خوشي خوشي قدم وڌائي رهيو آهيان، پر آئون ڄاڻان ٿو ته هن وقت اوهان مان ڪيترن جي ئي ذهنن ۾ زندگي ۽ موت بابت سوال پيدا ٿي رهيا هوندا، گهڻن جي ذهنن ۾ موت کان ڊپ جو احساس تڙپي رهيو هوندو ۽ اوهان فطرت بابت سوچيندا هوندا، ان ڪري آئون چاهيان ٿوته ان کان اڳ جو لڙندڙ سج انڌيري واديءَ ۾ ٽپ ڏئي گم ٿي وڃي، ان کان اڳ جو موت پنهنجي نشتر جهڙن چنبن سان مونکي چيري ڦاڙي ڳڙڪائي وڃي، ها ان کان اڳ جو منهنجي هٿن پيرن ۽ مغز ۾ ڪوڪا ٺوڪيا وڃن، آئون اوهان جي ذهنن جو الجهنون ختم ڪرڻ چاهيان ٿو، آئون اوهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته زندگي ڇا آهي؟ موت ڇا آهي؟ اوهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ڊپ ڇا آهي ۽ فطرت ڇا ٿي چاهي، مونکي شازوءَ جي حيثيت سان نه ٻڌو، مونکي مرد، عورت يا نامرد جي حيثيت سان نه ٻڌو، مونکي ٻڌو ۽ صرف ٻڌو ۽ انهن ڳالهين مان سچ جا موتي چونڊي وٺجو ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ قابو ڪري رکجو.


    زندگي

    شازوءَ هڪ اونهو ساھ کنيو ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيائين
    “زندگي ته لافاني آهي، ڪڏهن ختم نه ٿيندڙ سُر آهي، اها ته صرف روپ مٽائي ٿي پر ختم نٿي ٿئي، سائنس اهو ٻڌائي چڪي آهي ته گٽار مان نڪرندڙ سُر، سرندي جا آواز يا ماڻهن جا آواز وايومنڊل ۾ ڦرندا رهن ٿا، اهڙن آوازن کي اوزارن زريعي قابو ڪري ٻڌي سگهجي ٿو، موبائيل فون، ريڊيو ۽ ٽيلويزن تي به ڪوهين ڏور جا آواز اسان پڪڙي ٻڌي سگهون ٿا، مطلب ته آواز گم نٿا ٿين، ختم نٿا ٿين، آواز لافاني آهن، جيڪڏهن آواز لافاني آهن ته پوءِ آواز پيدا ڪندڙ زندگيون ڪيئن فاني ٿي سگهن ٿيون؟
    ڪنهن به آواز کي ڪيسٽ، سي ڊي ۽ ياڪنهن ٻئي رڪارڊر ذريعي محفوظ ڪريو، اهو محفوظ ٿي ويندو ۽ توهان اهڙا کوڙ سارا ساز ۽ سنگيت ورجائي ورجائي ٻڌي سگهندا آهيو، ها ته آواز فنا نٿا ٿين صبح ساجهر، جي وقت جڏهن اڃان سانت هجي توهان چراگاهن مان ايندڙ ڪنهن ڇڪڙي جي ڦيٿن جي چيچاٽ جي آواز کي ٻڌي سگهون ٿا ان مهل اهو آواز به زندگي محسوس ٿيندو آهي، مونکي ياد آهي ته ننڍپڻ ۾ گهر ۾ جڏهن اڪيلو هوندو هوس ته رات جي خاموشي ۾ گهڙيال جي ڪانٽن جي ٽڪ ٽڪ به چٽي ٻڌڻ ۾ ايندي هئي ۽ مونکي اهو آواز به هڪ قسم جو سرور ڏيندو هو ۽ زندگي جي علامت لڳندو هو، اسر ويل ڪوئلن جي ڪو ڪو به هڪ زندگي ڀاسندي هئي، آئون تڏهن به سوچيندو هوس ته جيڪڏهن هي آواز زندگي جي علامت آهن، اهي فنا نٿا ٿين ته زندگي ڪيئن فنا ٿي سگهندي هوندي؟

    زندگي صرف روپ مٽائي ٿي، هڪ زندگي ٻئي زندگي کي جنم ڏئي ٿي اهڙي ريت زندگي هڪ جسم مان ٻئي جسم ۾ منتقل ٿئي ٿي پر فنا نٿي ٿئي ۽ جڏهن زندگي پاڻ کي هڪ نئين جسم ۾ منتقل ڪري ٿي ته پراڻو جسم آهستي آهستي ختم ٿي وڃي ٿو، ميسارجي وڃي ٿو، پر زندگي نيئن جسم ۾ ، نئين روپ ۾ ڀرپور ۽ سرشار رهي ٿي . توهان ڏسو ٿا ته صدين کان هر جاندار پاڻ مان پاڻ جهڙو نسل پيدا ڪري ٿو، ماڻهن مان ماڻهو پيدا ٿين ٿا، پکين مان پکي، ۽ گهوڙن مان گهوڙن جو نسل پيدا ٿئي ٿو، اهڙي ريت اهي سڀئي ساھ وارا پنهنجي زندگي کي هڪ نئين روپ، نئين ويس ۾ منتقل ڪندا رهن ٿا، اهو ائين آهي جيئن اسان نوان ڪپڙا پهريندا آهيون تڏهن پراڻا ڪپڙا ڇڏي ڏيندا آهيون، اهي پراڻا ڪپڙا آهستي آهستي ڦاٽي ختم ٿي وڃن ٿا ۽ اسان هڪ ٻئي پويان نوان وڳا چوڙيندا ويندا آهيون، ساڳئي ريت جسم ته بس ڪپڙو آهي، زندگي جڏهن نئين جسم ۾ منتقل ٿيندي آهي تڏهن سندس پراڻو (پهريون) جسم پراڻي ڪپڙي جيان رهجي ويندو آهي ۽ اهو آهستي آهستي ختم ٿي ويندو آهي، توهان ڏسو ٿا ته هڪ ماءُ پنهنجي پٽ کي جنم ڏئي ٿي ، اهوپٽ ان ماءُ جي زندگي جي منتقلي جو روپ آهي ، اوهان اهوبه محسوس ڪيو هوندو ته ڪيترن ئي اولادن جا مهانڊا، آواز عادتون ۽ انداز پنهنجي ماءٌ پيءُ سان هوبهو ملندڙ هوندا آهن اهو ڇا آهي، اهو ڇو آهي؟ اهو محض ان ڪري آهي جو ان اولاد ۾ ان ماءُ ۽ پيءُ جي زندگي منتقل ٿيندي آهي ۽ پوءِ جڏهن زندگي نئون روپ ماڻي ٿي ، نئين ويس ۾ سرجي ٿي تڏهن پويون ۽ پهريون روپ پراڻي ڪپڙي جيان رهجي آخر ختم ٿي ويندو آهي پر هي اها ئي زندگي هوندي آهي جيڪا هڪ نئين روپ ۾ ، نئين ويس ۾ ڀرپور نموني رچجي ويندي آهي، اهڙي ريت نسل در نسل اها زندگي مائٽن مان اولاد ۾ منتقل ٿي ويندي آهي ۽ باقي رهندي آهي، ان زندگي کي ڪا فنا ناهي، اهو ضرور ٿئي ٿو ته جڏهن هڪ ماءُ پيءُ مان زندگي هڪ اولاد ۾ منتقل ٿئي ٿي تڏهن زندگي جي توانائي جو هڪ وڏو حصو اولاد ۾ منتقل ٿئي ٿو پر ڪجهه حصو مائٽن ۾ ئي رهجي وڃي ٿو، ڪجهه حصو ڀائرن ۽ ڀينرن جي زندگي ۾ منتقل ٿئي ٿو، اهڙي ريت زندگي جي توانائي ورڇجي وڃي ٿي ۽ زندگي جي توانائي هونئن ئي ورڇبي ۽ ورهائبي رهندي آهي. پر ورڇجي ۽ ورهائجي وڃڻ کان پوءِ به هن توانائي جو پاڻ ۾ هڪ ويجهو تعلق رهي ٿو جيئن فزڪس جي هڪ پختي اصول ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪانئات ۾ هرهڪ شيءُ ٻي شيءُ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي ۽ اهڙي ريت شيون هڪ ٻئي کي ڪشڪش ڪن ٿيون، سو برابر زندگي جي توانائي به ورڇجڻ ۽ ڦهلجڻ باوجود اندروني لاڳاپو رکي ٿي ۽ هڪ ٻئي لاءِ ڇڪ رکي ٿي
    زندگي جي توانائي جو پاڻ ۾ جڙيل هجڻ ۽ هڪ ٻئي لاءِ ڇڪ رکڻ توهان ان ڳالهه مان به محسوس ڪري سگهو ٿا ته جڏهن ڪو جاندار بي دردي سان ماريو پيو ويندو آهي تڏهن ٿي سگهي ٿو ته توهان کي رحم اچي، توهان ان تي ترس کائو ۽ اندر ۾ هڪ اڻڄاتل تڙپ محسوس ڪيو پر جڏهن هڪ انسان مري ويندو آهي يا ماريو ويندو آهي تڏهن يقينن توهان کي اندر ۾ هڪ ڏک محسوس ٿيندو آهي، هڪ تڙپ، هڪ غصو ۽ هڪ پيار يا همدردي، محسوس ٿيندي آهي، اهو سڀ ڪجهه ڇا جي ڪري؟ اهو ان ڪري جو توهان جي زندگي جي توانائي پوري انسانيت جي زندگي جي توانائي سان هڪ اندروني ڳانڍاپو رکي ٿي، اڃان به جڏهن توهان جا مائٽ مري وڃن ٿا، ڀائر ۽ ڀينرون مري وڃن ٿيون يا اهي ماڻهو مري وڃن ٿا جيڪي اوهان جا محبوب آهن، جن سان توهان بي پناھ محبت ڪريون ٿا تڏهن توهان جو اندر جهري پوي ٿو، اندر ۾ نه اظهارڻ جيترو ڏک محسوس ٿئي ٿو، ائين لڳي ٿو ڄڻ توهان جي اندر جي اڌ هستي مري وئي آهي، ڄڻ توهان جي اندران زندگي جي توانائي جو وڏو حصو نڪري ويو آهي توهان پاڻ کي اندران خالي ۽ کوکلو محسوس ڪرڻ لڳندا آهيو، اندر ئي اندر ڀڄي ۽ ڀُري پوندا آهيو، اهو ڇا لاءِ ؟ اهو ان ڪري جو توهان جون زندگيون هڪڙو ئي تسلسل رکن ٿيون، توهان جي زندگي جي توانائي ورهايل آهي، هڪ ٻئي سان داخلي ڳانڍاپو رکي ٿي ۽ جڏهن زندگي جي توانائي جو هڪ حصو ٻيهر روپ بدلائي ٿو ۽ سندس جسم جيڪو سندس لباس جيان آهي خالي ٿي وڃي ٿو توهان به پاڻ کي خالي محسوس ڪيون ٿا. اهو درد ڪو اهڙو مائٽ ئي محسوس ڪري سگهي ٿو، جيڪو پنهنجو ننڍو نيٽو پٽڙو ، جنهن سان هو بي پناھ محبت ڪندو هجي اهو پٽڙو جيڪڏهن سندس اکين آڏو مري پوي ته هو پنهنجي اندر کي ڀڄندي ڀرندي محسوس ڪندو، زندگي کان خالي محسوس ڪندو ڇاڪاڻ ته اها سندس ئي ته زندگي هئي جيڪا سندس پٽڙي ۾ منتقل ٿي هئي، توهان مان ڪوبه شخص اگر ڪنهن سان چريائپ جي حد تائين محبت ڪري ٿو، جيڪڏهن ان جو محبوب يا محبوبا اوچتو مري پوي ٿي ته هو ڇا محسوس ڪندو آهي، کيس سج، چنڊ، تارا، ڌرتي، گل ڦل ۽ سموريون روشنيون بي رونق ۽ بي مقصد محسوس ٿين ٿيون، هو زندگي کان خالي ڄڻ پاڻ کي زنده لاش محسوس ڪندو آهي، اندران جهريل ۽ پرزا پرزا ٿيل محسوس ڪندو آهي، اهڙو گهرو ڳانڍاپو ان زندگي جو ئي ته آهي جيڪا ورهايل هجي ٿي انسانن ۾ .
    موت ته قفط زندگيءَ جي مڪمل منتقلي جو نالو آهي، جسم مري ٿو تڏهن جڏهن منجهائنس زندگيءَ جي توانائي ٻاهر اچي فضائن ۾ ، وڻن ٽڻن ۾ ۽ ٻين انسانن ۾ سمائجي وڃي ٿو يا هوائن ۾ تحليل ٿي وڃي ٿي،اهو ته صرف جسم جو ميسارجي وڃڻ آهي پر زندگي ته باقي رهي ٿي، زندگي ته لافاني آهي جيڪا لڳاتار منتقل ٿيندي آهي.
    هڪ انسان، ٻن انسانن جي ميلاپ سان وجود ۾ اچي ٿو، هڪ مرد ۽ هڪ عورت پنهنجي پنهنجي زندگيءَ جي توانائي جو وڏو حصو منتقل ڪري هڪ نئون انسان ( هڪ نئين زندگي) جوڙين ٿا، اهو نئون انسان پنهنجي زندگي ڪٿان ٿو آڻي؟ اها زندگي سندس ماءُ ۽ پيءُ جي زندگي آهي جيڪا منجهس منتقل ٿئي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو ان نئين انسان جا مهانڊا، عادتون، روپ رنگ گهڻي حد تائين انهن مائٽن سان ئي مشابهت رکندڙ هوندا آهن، پوءِ جڏهن سندس مائٽ پنهنجي جسم ۾ رهيل زندگي جي توانائي به فضائن ۾ تحليل ڪري ڇڏيندا آهن ۽ مري ويندا آهن ته ڇا انهن مائٽن جي زندگي ختم ٿي ويندي آهي؟نه هر گز نه ، سندن زندگي جي توانائي جو وڏو حصو ته سندن اولاد ۾ منتقل ٿي چڪو هوندو آهي ، جنهن کي ائين به چئي سگهجي ٿو ته اها زندگي رهندي آهي ، زندگي کي فنا نه آهي ، اها بس منقتل ٿيندي آهي هڪ روپ مان ٻي روپ ۾ ، هڪ ويس مان ٻئي ويس ۾.
    توهان مان ڪيترائي اهو سوچيندا هوندا ته ڌرتي تي ڪيترائي ته اهڙا انسان به آهن جيڪي شادي کان سواءِ، اولاد پيدا ڪرڻ کان سواءِ ئي مري ويندا آهن ته پوءِ سندس زندگي ڪيڏانهن ٿي وڃي؟ انهن جي زندگي ڪهڙي روپ ۾ ڪنهن ڏانهن ٿي منتقل ٿئي؟ ها اهو سوال بلڪل درست آهي پر ياد رکو ته زندگي منتقل ٿيڻ جو صرف اڪيلو رستو اهو نه آهي ته اولاد پيدا ٿئي ۽ اها زندگي اولاد ۾ ئي منتقل ٿئي، پر زندگي جي توانائي هڪ جسم مان ٻئي جسم ۾ منتقل ٿيڻ جا ڪيترائي رستا آهن. زندگي ڪهڙي به هجي پر ٻي زندگي ۾ پنهنجوئي عڪس ڏسندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو توهان جڏهن پاڻ جهڙي زندگي يعني ٻئي انسان کي ڏسو ٿا ته توهان کي انهن مان ڪو پسند اچي ٿو ڇاڪاڻ ته ان انسان ۾ موجود زندگي، توهان جي پنهنجي زندگي جو ئي عڪس آهي، توهان ڄاڻو ٿا ته دنيا ۾ ڪيترائي انسان مختلف موڙن تي ملندا آهن پوءِ ڪچهرين ئي ڪچهرين ۾ توهان جي انهن سان محبت ٿي وڃي ٿي، يا دوستي ٿي وڃي ٿي، ائين توهان زندگي ۾ ڪيترا ئي ڀيرا محبتون ڪريون ٿا،دوستن جو هڪ وڏو حلقو ٺاهي وٺندا آهيون، اهي دوستيون آخر ڇو ٿيون ٿين؟ اهي محبتون آخر ڇو ٿيون ٿين؟ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهنجي سهڻي ۽ خوبصورت صورت سبب توهان ان سان دوستي يا محبت ڪريون ٿا ته ڪڏهن ڪنهن جي سوچن يا ڳالهائين ، راين ۽ نطرين ۾ اهڙي هم آهنگي محسوس ڪريون ٿا جو ڄڻ اهي ڳالهيون، سوچون ۽ نظريا توهان جي اندر جو آواز هجن، ان ڪري توهان انهن سان دوستي ۽ محبت ڪريون ٿا، اهو محض ان ڪري آهي جو انهن ماڻهن جون سوچون ۽ نظريا، توهان جي پنهنجي سوچن ۽ نظرين جو ئي عڪس هجن ٿا، انهن جي زندگي، اوهان جي زندگي جو ئي عڪس هجي ٿي، هزارين سال يا سوين اڳ ۾ ٿي سگهي ٿو ته توهان جون زندگيون بنيادي طور هڪ ئي زندگي مان ورهائجي، ورڇجي الڳ ٿيون هجن، جو وري جڏهن توهان ڪنهن موڙ تي ملو ٿا ته توهان کي هڪ ٻئي مان پنهنجائپ جي بوءِ اچي ٿي، اهڙي ريت اوهان انهن سان محبت ڪري ويهو ٿا، جڏهن توهان هڪ ٻئي سان محبت ڪريو ٿا ته محبت ذريعي به توهان پنهنجي پنهنجي زندگيءَ جون توانائيون هڪ ٻئي ۾ منتقل ڪرڻ لڳو ٿا، اها ڏات ئي آهي جيڪا پڻ زندگي منتقل ڪرڻ جو ذريعو آهي، جڏهن توهان ڪنهن بهترين شاعر جي شاعري پڙهو ٿا، توهان ان جي ڏات( شاعري) سان محبت ڪريون ٿا ۽ اهڙي ريت ان جي زندگي جو ڪجهه حصو توهان ۾ منتقل ٿي وڃي ٿو ۽ توهان جي زندگي جي ڪجھ توانائي ان شاعر ۾ منتقل ٿي وڃي ٿي، پوءِ جڏهن اهو شاعر جنهن سان ڀلي توهان ڪڏهن مليا به نه هجو، پرپٺ محبت ڪئي هجي پر جڏهن اهو مري وڃي ٿو، توهان اندران ڀڃي ڀُري پئو ٿا، روئو ٿا، افسوس ڪريو ٿا، اهڙي ريت اوهان جو استاد، رهبر رهنما يا ڪا ٻي شخصيت مري وڃي ٿي تڏهن به توهان پنهنجي اندر مان ڪا توانائي نڪرندي محسوس ڪريو ٿا، اهو ان ڪري ٿئي ٿو جو محبت ذريعي به زندگيون هڪ ٻئي ۾ منقتل ٿينديون رهن ٿيون، توهان جڏهن ڪنهن عورت يا مرد سان جنسي ميلاپ ڪريو ٿا ته تڏهن به زندگي جي توانائي هڪ ٻئي ۾ منتقل ڪريو ٿا،اهڙي ريت جيڪڏهن ڪو شخص شادي کان سواءِ، اولاد پيدا ڪرڻ کان سواءِ ئي مري وڃي ٿو تڏهن به هو دوستين، محبتن ذريعي، پنهنجي ڏات جي ذريعي پنهنجي زندگي ٻين ۾ منقتل ڪري چڪو هوندو آهي.
    توهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته ڪنهن اڌ وهيءَ واري عورت يا پوڙهي عورت کي به جيڪڏهن ٻار ڄمندو آهي ته اهو ٻار تازو ،توانو، نرم نازڪ ۽ ڪوملتا سان ڀرپور هوندو آهي، جيتوڻيڪ ان ٻار جو پيءُ به کڻي اڌ وهيءَ ۾ ئي هجي، اهو آخر ڪار ائين ڇو آهي؟ اهو ان ڪري آهي جو اھو، پيءُ، اها ماءُ به ننڍپڻ ۾ ڪوملتا سان ڀرپور ۽ زندگي جي تازگي رکندڙ ھئا، سندن جسماني طوروڏو ٿيڻ سان زندگي ته پنهنجي ڪوملتا نٿي وڃائي، جسم ته هڪ لباس جيان پراڻو ٿيندو وڃي ٿو پر زندگي تازگي نٿي وڃائي اها زندگي پنهنجي جوڀن سان ان ماءُ ۽ پيءُ جي اندر جي مرڪز ۾ محفوظ رهي ٿي ۽ سندن اولاد ۾ منتقل ٿي وڃي ٿي، کين جيڪڏهن ڌيءُ ڄمي ٿي ۽ اها نينگري به جڏهن جوانيءَ ۾ ڦولارجي پوي ٿي ته اهڙي ئي زندگي سان ڀرپور لڳي ٿي جهڙي سندس ماءُ جواني ۾ لڳندي هئي، اها جواني ان ماءُ جي ئي هئي جيڪا سندس ڌيءَ ۾ منتقل ٿئي ٿي. چئبو ته زندگي لافاني آهي اها ڪڏهن به فنا نٿي ٿئي اها ته بس روپ مٽائيندي رهي ٿي ۽ هڪ جسم مان ٻئي جسم ۾ منتقل ٿيندي رهي ٿي، اهو سلسلو ازل کان هلندڙ آهي ۽ ابد تائين جاري رهندو.
    اوهان کي مذهبن پڻ اهو سيکاريو آهي ته توهان جي جسم ۾ هڪ روح آهي جيڪو توهان جي جسم کي هڪ ڏينهن ڇڏي هليو وڃي ٿو ۽ جسم فنا ٿي وڃي ٿو، جسم ته روح جو هڪ لباس آهي، لباس پراڻو ٿي فنا ٿي وڃي ٿو پر روح ته صرف پنهنجي جاءِ بدلائي ٿو ۽ توهان جي جسم کي ڇڏي هليو وڃي ٿو، روح دائمي آهي ، مذهبن مطابق جڏهن توهان کان توهان جي عملن جو حساب ڪتاب ورتو ويندو ان بعد توهان کي ( توهان جي روح کي) دوزخ يا بهشت ۾ موڪليو ويندو ۽ توهان اتي هميشه رهندا ۽ دائمي هوندا، مطلب اهو ٿيو ته جسم ڀلي فاني ٿي وڃي پر توهان جي جسم ۾ رهندڙ اها قوت جيڪا اوهان کي زندگي بخشي ٿي لافاني ۽ دائمي آهي.
    توهان مان جيڪي مرد آهن انهن کي عورتون گهڻو وڻن ٿيون، اوهان عورتن ۾ هڪ ڪشش، هڪ ڇڪ محسوس ڪريو ٿا جنهن کي آخرڪار توهان محبت جو نانءُ ڏيو ٿا، اوهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته اوهان کي عورتون ايترو ڇو ٿيون وڻن، ايتريون پُرڪشش ڇو ٿيو لڳن؟ اهو ان ڪري آهي جو توهان جي وجود جي وڏي حصي ۾ ته عورت سمايل آهي، توهان اڌ عورت آهيو ۽ اڌ مرد آهيو، توهان پنهنجي وجود جي تخليق جي باري ۾ سوچيو توهان هڪ مرد(پيءُ) ۽ هڪ عورت( ماءُ) مان پيدا ٿيا آيو، توهان جو سڄو وجود هڪ جيوگهرڙي(ڳڀيل آني) مان ڦٽي پيدا ٿيو آهي، اهو هڪ ڳڀيل آنو(پيدائشي سيل) توهان جي ماءُ( عورت) جو آنو آهي ۽ ان کي ڳڀڻ لاءِ توهان جي پيءُ( مرد) جو هڪ پيدائشي گهرڙو( سيل) ان آني ۾ سمائجي ويو هو،ميڊيڪل سائنس اها ڄاڻ ڏني آهي ته مرداڻو پيدائشي جيوگهرڙو يا سيل جنهن کي انگريزي ۾ (SPERM) چئجي ٿو اهو ساخت جي لحاظ کان ننڍو ۽ عورتاڻو پيدائشي جيو گهرڙو جنهن کي انگريزي ۾ (OVUM OR EGG) چئجي اهو ساخت ۾ وڏو هجي ٿو، ان مان ثابت ٿيو ته توهان جي وجود جو وڏو حصو ته عورتاڻو آهي، توهان ۾ ننڍڙو حصو مرداڻو آهي ، ان بعد جڏهن اهو ڳڀيل آنو عورت جي پيٽ ۾ نَوَ مهينا رهي ٿو ته کيس کاڌو پيتو۽ ٻيو زندگي جي واڌ ويجهه لاءِ ضروري ساز و سامان عورت مان ئي ملي ٿو ظاهر ٿيو ته توهان جي وجود جو وڏو حصو عورتاڻو آهي ۽ ننڍڙو حصو مرداڻو آهي، جڏهن توهان پنهنجي وجود ۾ اڌ کان وڌيڪ عورت آهيو۽ توهان ۾ منتقل ٿيل زندگي گهڻي ڀاڱي عورت جي آهي ته پوءِ توهان جڏهن ڪنهن عورت کي ڏسو ٿا ته ان ۾ پنهنجي ئي زندگي جو عڪس ڏسو ٿا جنهن ڪري توهان کي عورتون گهڻو وڻن ٿيون، توهان لاءِ ڪشش جو باعث ٿين ٿيون، ان کان علاوه توهان جي وجود ۾ لاشعوري طور پنهنجي زندگي منتقل ڪرڻ جي خواهش سمايل هجي ٿي، ان خواهش جي تڪميل لاءِ توهان عورت سان جنسي ميلاپ ڪرڻ لاءِ راغب ٿيو ٿا،ڇوته جنسي ميلاپ به هڪ بينادي اصول ۽ حقيقت آهي جنهن ذريعي هڪ زندگي ٻئي جسم ۾ منتقل ڪري سگهجي ٿي، توهان جي زندگي توهان جي اولاد ۾ منتقل تڏهن ٿيندي جڏهن توهان پنهنجي عورت سان جنسي ميلاپ ڪندا، تڏهن ئي توهان جو اولاد پيدا ٿيندو. جنسي ميلاپ جي خواهش اصل ۾ زندگي منتقل ڪرڻ جي خواهش هوندي آهي، اها ڳالهه توهان ڀلي شعوري طور محسوس نه به ڪريو پر توهان ۾ سمايل زندگي اها خواهش رکي ٿي ته هوءَ پنهنجي توانائي ٻئي ۾ منتقل ڪري، ان ڪري توهان جنسي ميلاپ کي پسند ڪريو ٿا، ڪن حالتن ۾ ته توهان ان لاءِ گهڻي هٻڇ پڻ ڪريو ٿا، اها هٻڇ ان دٻيل توانائي جي شدت سبب آهي جيڪا توانائي توهان مان ڪنهن ٻئي ۾ منتقل ٿيڻ چاهي ٿي.
    زندگي هڪ جسم مان يا هڪ روپ مان ٻئي جسم ۾ يا ٻئي روپ ۾ منتقل ٿيڻ هڪ تخليقي عمل آهي، هر زندگي پنهنجي توانائيءَ جو ڪجهه حصو ٻئي وجود ۾ منتقل ڪري، هڪ نئين تخليق جوڙي ٿي. هڪ ڪاريگر جڏهن پنهنجي شاگرد کي تربيت ڏئي ٿو ته هو پنهنجي زندگيءَ جي توانائي شاگرد ۾ منتقل ڪري ٿو، هڪ استاد جڏهن پنهنجي شاگرد کي سکيا ڏئي ٿو، ڏات جا ڏانءُ سيکاري ٿو ته هوبه پنهنجي زندگي جي توانائي شاگرد ۾ منتقل ڪري ٿو، توهان جڏهن ڪنهن جي ڳالهين يا عملن کان متاثر ٿيو ٿا ته ان جو مطلب به اهو آهي ته ان شخص جي زندگي جي توانائي سندس عملن ۽ ڳالهين ذريعي توهان ۾ منتقل ٿئي ٿي ۽ پوءِ جڏهن توهان ڪنهن کان متاثر ٿيڻ بعد ڪجهه سکي وٺو ٿا ته توهان درحقيقت هڪ نئين تخليق ٿي پئو ٿا، ڪاريگر يا استاد پنهنجي شاگردن کي سکيا ڏيڻ بعد شاگردن اندر هنر ۽ تربيت جي هڪ نئين تخليق جوڙي ٿو، زندگي فطري طور تخيلقڪار آهي ۽ هر دفعي نئين تخليق ڪري خوش ٿئي ٿي ۽ سڪون محسوس ڪري ٿي، هر گُرو، هر استاد ۽ هر رهبر چاهيندو آهي ته سندس شاگرد گهڻا هجن، اهو شاگرد پيدا ڪرڻ به هڪ تخليقي عمل آهي ۽ اهڙيون زياده تخليقون جوڙي هو ويتر خوش ٿئي ٿو ۽ سڪون محسوس ڪري ٿو.
    توهان ڪنهن جهوني وڻ تي غور ڪريو ته اهو وڻ پهرين ڦُٽو هوندو ۽ نوجوان ۽ تازو توانو هوندو، منجهس گل ۽ ميوا پيدا ٿيا هوندا، سالن تائين هو ائين نئوبنو رهڻ کان پوءِ جهونو ٿي وڃي ٿو، ڇا سندس جواني، سندس زندگي جي تازگي ۽ توانائي هاڻي ختم ٿي ويئي آهي؟ اهو وڻ ويتر جهونو پوڙهو ٿيڻ کان پوءِ سڪي سڙي آخر ختم ٿي وڃي ٿو، ڇا ان جي زندگي ختم ٿي وئي؟ هرگز نه، ان وڻ پنهنجي زندگي، پنهنجي توانائي هڪ نئين تخليق ۾ منتقل ڪري ڇڏي آهي، اها تخليق سندس ٻج آهي، ان ٻج کي جڏهن پوکبو ته اهو ٻيهر ڦٽندو، جوڀن ماڻيندو ۽ ان ۾ تازگي ۽ توانائي بلڪل اهڙي ئي محسوس ٿيندي جهڙي ان جهوني وڻ جي جواني ۾ موجود هئي، اهڙي ريت ان وڻ پنهنجي توانائي منتقل ڪري زندگي جو هڪ سلسلو روا رکيو آهي.
    ڪجهه مذهب پڻ اهو مڃين ٿا ته هڪ جنم کان پوءِ ٻيو جنم ٿئي ٿو، ائين ڪيترائي جنم ٿين ٿا، اهو زندگي جي منتقلي جو سلسلو آهي جيڪو هلندو رهي ٿو.


    ڊپ

    هاڻي آئون توهان کي ٻڌايان ٿو ته ڊپ ڇا آهي؟ جڏهن هڪ تيز وهڪرو ڪندڙ پاڻي کي رڪاوٽ ڏئي بيهارڻ جي ڪوشش ڪبي آهي ته پاڻي ان رڪاوٽ تي زياده دٻاءُ وجهندو آهي، فطري طور پاڻي هڪ جاءِ کان وهڪرو ڪري ٻئي جاءِ ڏانهن منتقل ٿيڻ جي صلاحيت رکي ٿو، بلڪه اهو پاڻي جوفطري رجحان آهي ته هو گهڻي مقدار واري جاءِ کان گهٽ مقدار واري جاءِ يا خالي جاءِ ڏانهن وهڪرو ڪري ٿو، مٿانهينءَ کان هيٺانهينءَ ڏانهن وڃڻ جو رجحان رکي ٿو، ان اصول کي اڄ جي فزڪس ۽ ڪيمسٽري پڻ مڃي چڪيون آهن اسان ذڪر ڪري آيا آهيون ته زندگي جي توانائي به وهڪرو ڪندي آهي، هڪ جسم مان ٻئي جسم ۾ منتقل ٿيندي آهي، بلڪه ائين کڻي چئجي ته جتي زندگي جي توانائي گهڻي مقدار ۾ هوندي آهي اتان کان ان طرف وهڪرو ڪندي جتي اها گهٽ مقدار ۾ هجي يا خالي جاءِ هجي، جڏهن ته زندگي جو هڪ جسم مان ٻئي جسم ۾ منتقل ٿيڻ به فطري طور هڪ تخليق آهي، تخليقي عمل ۾ رڪاوٽ اچڻ، منتقلي ۽ وهڪري ۾ رڪاوٽ اچڻ سان زندگي هڪ دٻاءُ پيدا ڪري ٿي جيئن پاڻي وهڪري دوران رڪاوٽ اچڻ تي دٻاءُ پيدا ڪري ٿو،اهو دٻاءُ ٻن صورتن ۾ ظاهر ٿيندو آهي.
    جيڪي شيون غيرجاندار آهن جيئن پاڻي ته انهن ۾ اهو دٻاءُ ٻن صورتن ۾ ظاهر ٿيندو، هڪ صورت اها هوندي ته جيڪڏهن رڪاوٽ جي طاقت کان پاڻي جي طاقت گهڻي هوندي ته پاڻي ان رڪاوٽ کي ٽوڙي ڇڏيندو ۽ پنهنجو رستو صاف ڪندو، ٻي صورت اها هوندي ته جيڪڏهن پاڻي جي طاقت کان رڪاوٽ جي طاقت گهڻي هوندي ته پاڻي ٻئي طرف مڙندو يا موٽ کائيندو. اهڙي ريت جيڪي شيون جاندار( ساھ واريون) هونديون، يا شعور رکندڙ هونديون، سمجهه رکندڙ هونديون جيئن انسان يا جانور ته انهن ۾ به زندگي جي توانائي تخيلقي عمل طور جڏهن منتقل ٿيندي آهي ۽ منتقلي ۾ رڪاوٽ اچي ويندي آهي ته اها توانائي به دٻاءُ پيدا ڪندي آهي جيڪوپڻ ٻن صورتن ۾ ظاهر ٿيندو، جيڪڏهن منتقل ٿيندڙ زندگي جي طاقت زياده هوندي ته دٻاءُ رڪاوٽ ٽوڙڻ لاءِ ويڙھ، مارڌاڙ، بغاوت ۽ ظلم جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو۽ رڪاوٽ کي ٽوڙي پنهنجو رستو ٺاهيندو، پر جيڪڏهن منتقل ٿيندڙ زندگي کان رڪاوٽ جي طاقت گهڻي هوندي ته زندگي مڙندي، يا موٽ کائيندي، اها صورت شعور ۽ سمجهه ۾ ڊپ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي
    ڊپ زندگي جي توانائي جي مُڙي وڃڻ يا موٽ کائڻ جو ٻيو نالو آهي، ڊپ جو مقصد اهو هوندو آهي ته زندگي پاڻ کي منتقل ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪو رستو اختيار ڪرڻ چاهي ٿي، ۽ اھا رڪاوٽ آڏو بيهي جمود جو شڪار ٿيڻ کان پاڻ بچائڻ جي ھڪ ڪوشش آهي. توهان پنهنجي زندگي دوران پنهنجي زندگيءَ جي توانائي کي منتقل ڪرڻ ۾ لڳاتار رڌل آھيو، جڏهن ڪو ماڻهو توهان سان جنگ ڪري ٿو يا توهان تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ته لاشعوري طور زندگي محسوس ڪري ٿي ته اها رڪاوٽ آهي جيڪا توانائي کي اتي ئي بيهاري جمود جو شڪار بنائڻ چاهي ٿي، هاڻي جيڪڏهن توهان وٽ ان رڪاوٽ کان وڌيڪ طاقت آهي ته توهان مقابلو ڪريو ٿا ۽ رڪاوٽ کي ختم ڪري ڇڏيو ٿا يا هٽائي ڇڏيو ٿا پر جيڪڏهن توهان ڪمزور آھيو، ته پاڻ بچائي ڪا ٻي واٽ وٺڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، ان احساس کي ڊپ جو نالو ڏنو وڃي ٿو.
    صبر ۽ برداشت الڳ شيون آهن ۽ اهي ڊپ ناهن، درگذر ۽ معاف ڪري ڇڏڻ به الڳ شيون آهن، اهي به ڊپ ناهن پر صبر، برداشت، درگذر ۽ معاف ڪرڻ جهڙيون حالتون ( ڪيفيتون) توهان ۾ تڏهن پيدا ٿينديون آهن جڏهن لاشعوري ۽ شعوري طور توهان کي اها پڪ هجي ته توهان جي سامهون آيل رڪاوٽ توهان کان وڌيڪ طاقتور ناهي، اها توهان جي زندگي جي توانائي کي منتقل ٿيڻ کان روڪي نٿي سگهي، تڏهن توهان ان رڪاوٽ سان مقابلو ڪرڻ يا ان تي حملو ڪرڻ بدران صبر ڪريو ٿا، برداشت ڪريو ٿا، درگذر۽ معاف ڪريو ٿا، اها صورت ڊپ جي ناهي، پر جيڪڏهن توهان ڄاڻو ٿا ته سامهون آيل رڪاوٽ توهان کان وڌيڪ طاقتور آهي ۽ توهان جي زندگي جي توانائي جي منتقلي کي روڪي جمود ۾ آڻي سگهي ٿي ۽ توهان ان سان مقابلو به نٿا ڪري سگهو ته پوءِ ان صورتحال ۾ توهان جو هر متبادل رستو ڊپ جي علامت هوندو.
    توهان اڪيلا جهنگل ۾ وڃي رهيا آھيو، توهان کي رستي ۾ ٻلي ملي وڃي، لاشعوري طور توهان محسوس ڪندو ته توهان جي زندگي کي ختم ڪري مطلب جمود ۾ آڻي نٿي سگهي تڏهن توهان کي ڪوبه ڊپ نٿو لڳي پر جيڪڏهن توهان کي جهنگ ۾ شينهن، بگهڙ يا ٻئي ڪنهن خونخوار جانور سان مهاڏو اٽڪائڻو پئجي وڃي توهان هڪدم محسوس ڪندو ته اهو توهان تي حملو ڪري توهان کي ماري سگهي ٿو، ماري وجهڻ يا مري وڃڻ جو مطلب ڇا آهي؟ اهو ته توهان جي زندگي جي توانائي اتي ئي جمود جو شڪار ٿي ويندي اها منتقل نه ٿي سگهندي تڏهن توهان جي اندر جي توانائي جو دٻاءَ ڊپ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو، توهان پاڻ بچائڻ لاءِ جيڪي به ڪندا اهو ان لاءِ هوندو ته توهان جي زندگي بچي ۽ منتقلي جو عمل جاري رکي، تخليقي عمل جاري رکي، ڊپ زندگي جي داخلي توانائي جو دٻاءٌ هوندو آهي جنهن جو سنڌو سنئون مطلب اهو ٿيو ته زندگي اڃان مڪمل منتقل نه ٿي آهي اها ٻيو رستو وٺي پاڻ بچائي پنهنجي منتقلي ۽ تخليق جو عمل پورو ڪرڻ چاهي ٿي.
    توهان ڪڏهن اهڙا ماڻهو به ڏٺا هوندا جيڪي چوندا هوندا ته اسان کي اڃان وڌيڪ جيڻو آهي، پنهنجي ٻارن ٻچن لاءِ، ٻين ڪمن لاءِ، تڏهن سندن مطلب اهو هوندو آهي ته اڃان اسان جي زندگي مڪمل منتقل نه ٿي آهي، اڃا تخليقي عمل رهيل آهي، اهو عمل پورو ڪرڻو آهي، ۽ توهان اهڙا ماڻهو به ڏٺا هوندا جيڪي عمر جي آخري حصي ۾ يا ڪنهن بيماري ۾ اهو چوندا آهن ته دنيا ۾ گهڻو ڪجهه ڏٺوسين، کاڌوسين، پيتوسين اولاد ٿيا هاڻي مري وياسين ته ڏک ڪونه رهندو، تڏهن سندن مطلب اهو هوندو آهي ته اسانجو پنهنجو تخليقي عمل پورو ڪيو، اسان پنهنجي زندگي جي توانائي مڪمل منتقل ڪري چڪا آهيون هاڻي موت جو ڊپ ناهي.
    ٿورو غور ڪيو ماڻهو جيئن جيئن جواني کان موٽ کائيندو ويندو آهي، پوڙهو ٿيندو ويندوآهي تيئن تيئن ڪمزور ٿيندو ويندو آهي، سندن جسم جو ماس لڙڪندو ويندوآهي، حواس ڪمزور ٿيندا ويندا آهن، اهو ڇو؟ اهو ان لاءِ ته ننڍپڻ کان جواني تائين اهو پنهجي زندگيءَ جون توانائيون منتقل ڪندا رهندا آهن هاڻي سندس جسم مان جيئن جيئن توانائي منتقل ٿيندي ويندي تيئن تيئن سندن جسمن ۾ توانائي جي کوٽ پيدا ٿيندي آهي جنهن ڪري ڪمزور ٿيندا ويندا آهن ڇوته سندن جسمن جون ۽ حواسن جون توانائيون ٻين ۾ منتقل ٿي چڪيون هونديون آهن.
    ڊپ جون به ڪيتريون ئي صورتون ٿين ٿيون پرسمورين صورتن ۾ ظاهر ٿيندڙ ڊپ جو بنيادي سبب هڪ ئي هوندو آهي ته زندگي جو تخليقي عمل، منتقلي جو عمل رُڪجي نه وڃي. مثال طور عزت وڃڻ جو ڊپ، بدنامي جو ڊپ، پئسي ۽ دولت وڃائڻ جو ڊپ، تڪليف پهچڻ جو ڊپ، رشتن ناتن وڃائڻ جو ڊپ ۽ موت جو ڊپ...! غور ڪريو ته انهن سڀني صورتن واري ڊپ ۾ ڪهڙي شيءَ هڪجهڙي آهي؟ عزت، آبرو۽ ناموس اهڙا هٿيار آهن جن ذريعي ٻيا ماڻهو ازخود ڇڪجي اچن ٿا ۽ پئسو ۽ دولت به اهڙا اوزار آهن جن جي ڪري پڻ ٻيا ماڻهو ڇڪجي اچن ٿا، جيترا وڌيڪ ماڻهو ڇڪجي ايندا، متوجهه ٿيندا انهن سان ڏيٺ ويٺ ٿيندي، واسطا ٺهندا ته زندگي جي توانائي انهن ۾ منتقل ٿيڻ شروع ٿيندي جيڪڏهن عزت، آبرو ناماچار، پئسو ۽ دولت هليا ويا ته اهي ڇڪجي آيل ماڻهو واپس موٽ کائيندا، واسطا ٽٽي پوندا جنهن جو مطلب ته زندگي جي منتقلي رُڪجي ويندي، بدنامي سبب به صورتحال ساڳي ٿيندي، رشتن ناتن ٽٽڻ سبب به ساڳيو نقصان ٿيندو ته زندگي جي منتقلي (تخليقي عمل) رُڪجي ويندو. ان ڪري ڄاڻايل سمورن ڊپن جو محرڪ ۽ سبب هڪ ئي آهي، ڪنهن به قسم جي تڪليف پهچڻ به تخليقي عمل ۾ رڪاوٽ آهي ۽ موت ته اهڙو مظهر آهي جنهن سان نه صرف زندگي جي توانائي جي منتقلي رڪجي ٿي پر واپس موٽ پڻ کائي ٿي ان ڪري سڀ کان وڏو ڊپ موت جو هوندو آهي. مون ڪجهه ماڻهن کان ٻڌو آهي ته ڊپ ان کي ٿيندو آهي جنهن وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجهه هجي، ڪنهن حد تائين انهن جي ڳالهه به درست آهي ته صحت، عزت، دولت، زندگي وغيره وڃائڻ جو ئي ڊپ رهندو آهي پر ياد رکو ته اهي سڀ شيون هونئن به اسان جون پنهنجون ناهن، اسان کي عطا ڪيل آھن. اهي هميشه هن روپ ۾ اسان وٽ ناهن رهڻيون جنهن روپ ۾ اسان هن وقت آهيون، ڇوته اهو روپ ختم ٿيڻو آهي اسان موت جي مظهر سان بدلجي وڃڻا آهيون ان ڪري اهو ڊپ محض ان ڪري آهي جو اسان پنهنجي زندگي جي تخليقي عمل کي اڻپورو نه ڇڏيون. موت جو ڊپ هر انسان کي هوندو آهي ڇو ته موت اهڙو مظهر آهي جنهن سان توانائي جي منتقلي في الوقت رُڪجي وڃي ٿي پر اهو به سچ آهي ته ڪي ماڻهو موت کان نه ڊڄندا آهن، هي اهي ماڻهو هوندا آهن جن کي لاشعوري طور اندازو هوندو آهي ته هو تخليقي عمل مڪمل ڪري چڪا آهن، هو پنهنجي زندگيءَ جون سموريون توانائيون ٻين کي ارپي چڪا آهن هاڻي هو ٻين ۾ زنده رهندا ان ڪري کين پنهجي جسم جي ڪا به ضرورت نه رهندي آهي ۽ موت انهن لاءِ بي معنيٰ بڻجي ويندو آهي ان درجي تي پهچڻ کان پوءِ ڊپ پڻ بي معنيٰ بڻجي ويندو آهي.


    موت

    ۽ هاڻي آئون ٻڌائيندس ته موت جي حقيقت ڇا آهي؟
    سج صدين کان روشني ڏيندو رهيو آهي ڪڏهن به سج ڌرتي کان روشني واپس نه ورتي آهي پر سانجهي جو جڏهن سج لهي وڃي ٿو تڏهن روشني ڪيڏانهن غائب ٿي وڃي ٿي؟ اونداه اچڻ سان اها روشني سج ڏانهن واپس ته نٿي وڃي پوءِ ڪيڏانهن گم ٿي وڃي ٿي؟ شمع يا ميڻ بتي جڏهن ٻري رهي هوندي آهي تڏهن تاب سان چمڪندڙ شعلو هڪ ظاهري وجود رکي ٿو پر ميڻ بتي وسامي وڃڻ کان پوءِ اهو شعلو ڪيڏانهن گم ٿي وڃي ٿو؟ ڇا اهو هوا ۾ هلندو رهي ٿو؟ يا مٽي ۾ جذب ٿي وڃي ٿو يا ميڻ بتي ۾ واپس داخل ٿي وڃي ٿو؟ ائين ناهي، ٻرڻ کان اڳ ڏيئو، تيل ۽ وٽ نظر اچن ٿا وسامڻ کان پوءِ به ڏيئو تيل ۽ وٽ برقرار آهن پر صرف شعلو نظرن کان اوجهل ٿي وڃي ٿو، الوپ ٿي وڃي ٿو اهو ڪيڏانهن ٿو وڃي ان سوال جو جواب لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي، صرف ڪوصاحب بصيرت انسان ئي ان جواب کي محسوس ڪري سگهي ٿو، پنهنجي وجود جي اندر جي روشنيءَ کي محسوس ڪري سگهندڙ انسان ئي اصل جواب معلوم ۽ محسوس ڪري سگهي ٿو پر ان جواب کي صرف ۽ صرف محسوس ڪري سگهجي ٿو، لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي.
    بلڪل اهڙي طرح زندگي کان پوءِ موت بابت سوال اٿاريا ويندا آهن، اڪثر ماڻهو موت جي باري ۾ بحث ڪندا رهندا آهن ته موت ڇاآهي؟موت به هڪ اهڙو مظهر آهي جنهن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو پر لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي، پنهنجي اندر جي روشني کي محسوس ڪري سگهندڙ ۽ صاحب بصيرت انسان ئي موت جي مفهوم کي سمجهي سگهن ٿا، صدين کان انسان موت جي راز کي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا پيا اچن پر آئون اهو چوندس ته موت کي سمجهڻ يا موت جي حقيقت کي معلوم ڪرڻ، ان حقيقت تائين پهچڻ لاءِ ڪابه کوجنا نه ڪرڻي پوندي آهي، ڪي به ڪشالا نه ڪٽڻا پوندا آهن، موت ته هڪ لمحي ۾ اچي ويندو آهي ۽ اهو ساھ واري تي لازمي اچڻو آهي صرف هڪ جهلڪ ۾ اچي ويندو آهي، پر زندگي کي سمجهڻ لاءِ ڪشالا ڪٽڻا پوندا آهن، وڏا وڏا ڪشالا ڪٽڻ باوجود زندگي جي حقيقت معلوم نه ٿي سگهندي آهي، انسان جيئن موت جي راز کي معلوم ڪرڻ جاکوڙيندو رهيو آهي تيئن انسان زندگي جي راز کي به معلوم ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندو رهيو آهي، حقيقت ۾ موت جو مفهوم سمجهڻ لاءِ ڪابه محنت نٿي ڪرڻي پوي، اهو ته بس اچانڪ ظاهر ٿيندو آهي ۽ انسان ان راز ۾ رلجي ويندو آهي، موت جا سمورا راز مٿس فاش ٿي پوندا آهن پر ستم ظريفي اها آهي ته انسان زنده هجڻ باوجود زندگي جي رازن سان رلجي نه سگهندو آهي، زندگي جا سمورا راز مٿس فاش نه ٿيندا آهن ۽ پنهنجي حياتي، زندگي جي حقيقيي راز جي تلاش ۾ گذاري ڇڏيندو آهي.
    مونکان اڪثر ماڻهو اهو به سوال ڪندا آهن ته توهان چئو ٿا ته موت اوچتو اچي ويندو آهي ۽ موت جا سمورا راز انسان تي ظاهر ٿي پوندا آهن پر زندگي دوران موت جا راز پرکڻ چاهيون اسان ٿا، جڏهن موت اسان وٽ نٿو اچي تڏهن ئي موت جون حقيقتون معلوم ڪرڻ چاهيون ٿا؟ انهن سوال ڪندڙن جي اها لوچ به مثبت آهي، صحيح سوال آهي انهن جو، پر ان ڳالهه جي جواب ۾ آئون فقط اهو چوندس ته جيڪڏهن توهان زندگي دوران اهي موت جا راز معلوم ڪرڻ چاهيون ٿا ته پهرين زندگي جا راز معلوم ڪريو ڇوته ستم ظريفي اها آهي ته جو اوهان زنده ته آيو پر زندگي جي حقيقتن ۽ رازن کان اڻ ڄاڻ آهيون جيڪڏهن توهان زندگي دوران زندگي جي رازن کي ڄاڻي ويا ته موت جا سمورا راز توهان تي ازخود ظاهر ٿي پوندا.
    توهان اهو ٻڌائي سگهندا ته جڏهن توهان ڄاوا ئي نه هئا، اڃان ماءُ جي پيٽ ۾ ئي نه پيدا ٿيا هئا، جڏهن توهان جي ماءُ ۽ پيءُ جي شادي به نه ٿي هئي تڏهن توهان ڪٿي هئا؟ ڪهڙي صورت ۾ هئا؟ توهان جڏهن ماءُ جي پيٽ ۾ ئي نه هئا، توهان چوندا ته تڏهن توهان هئا ئي ڪونه، توهان جي نه هجڻ واري حالت ۾ توهان اوچتو ڪٿان اچي ويا؟ ڪيئن ظاهر ٿي پيا؟۽ جڏهن توهان تي موت اچي ويندو توهان مري ويندا ته ٻيهر ان صورت ۾ هليا ويندا جنهن صورت ۾ توهان پيدا ٿيڻ کان اڳ ۾ هئا.
    توهان ڏٺو هوندو ته مٽي صرف مٽي هوندي آهي، ٻج صرف ٻج هوندو آهي ۽ ٻج کي توهان وڻ نٿا چئو پر جڏهن ٻج زمين ۾ ڦٽي، ٽاريون، پن ۽ گل جهلي ٿو ته توهان ان کي وڻ چئو ٿا ۽ جڏهن مٽي کي ڪنڀار ڳوهي، پچائي هڪ ٿانو ٺاهي ٿو ته تڏهن توهان ان ٿانو کي هڪ ٿانو سڏيو ٿا، هاڻي ان کي مٽي نٿا چئو بلڪل اهڙي طرح اوهان هڪ ٿانو آيو، هيءَ زندگي هڪ ٿانو آهي جڏهن زندگي توهان کي ملي هئي تڏهن توهان هڪ ٿانو بڻجي پيا هئا ۽ ان کان اڳ ۾ توهان صرف مٽي هئا، مٽي ته سڄي ڌرتي آهي مطلب توهان به ڪُل ڌرتي هئا، ڪُل ڌرتي ۾ توهان جي الڳ ڪا به سڃاڻپ نه هئي پر جڏهن توهان هڪ ٿانو جيان الڳ انفراديت حاصل ڪئي ته توهان جي الڳ سڃاڻپ بڻجي وئي.
    اوهان جي آڏو موت ڪيترائي ڀيرا ظاهر ٿيو آهي پر افسوس جو توهان موت کي اکيون اکين ۾ وجهي ڏسڻ جي همت نٿا رکو ان ڪري اوهان موت جو درشن ڪرڻ کان محروم آيو، توهان جڏهن مري ويندا تڏهن ئي موت جو درشن ڪندا پر هڪ صاحب بصيرت انسان زندگي دوران ئي موت جو درشن ڪري وٺندو آهي، توهان پنهنجي حياتي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي جنازي ۾ شريڪ ٿيا هوندا، توهان جي آڏو ڪيترا ئي ماڻهو موت جو شڪار ٿيا هوندا پر توهان جڏهن به ڪنهن کي مرندي ڏسندا آهيو ته توهان ڊڄي ويندا آهيو، ان ڊپ سبب ئي توهان موت جو نه درشن ڪري سگهيا آهيو ۽ نه ئي موت جي رازن کي معلوم ڪري سگهيا آهيو، صدين کان مذهبي اڳواڻن اوهان کي موت بابت ڊڄاريو آهي، ڪيترائي مذهب موت بابت ڊڄاريندڙ ڳالهيون بيان ڪندا آهن جن کي ٻڌي توهان جا لڱ ڪانڊارجي ويندا آهن، ننڍپڻ کان ئي توهان ۾ موت جو خوف ويهاريو ويو آهي، درسي ڪتابن، استادن، والدين ۽ رهنمائن توهان کي موت بابت ڊڄاريندڙ ڳالهيون ٻڌايون آهن ان ڪري موت جو خوف اوهان جي لاشعور ۾ سمائجي ويو آهي اهو ئي سبب آهي جو جڏهن به توهان موت جو ذڪر ٻڌو ٿا ته ڊڄي وڃو ٿا اهڙي ڊپ واري صورتحال ۾ توهان موت جون حقيقتون ڪيئن معلوم ڪري سگهندا؟
    آئون توهان کي ٻڌايان ٿو ته جيڪڏهن توهان موت کان ڊڄندا ۽ ڀڄندا رهندا تڏهن به موت اوهان وٽ ضرور ايندو ۽ جيڪڏهن توهان موت کان نه ڊڄندا ۽ هڪ محبوب مهمان جيان ان جي آجيان لاءِ تيار هوندا تڏهن به موت توهان وٽ ايندو، موت ضرور اچڻو آهي ان کان فرار ناممڪن آهي ان ڪري صدين کان ذهن ۾ موت بابت ويهاريل خوف ڪڍو، موت ڪو بُرو لقاءَ ناهي، انتهائي خوبصورت مظهر آهي موت زندگي جي پڄاڻي ناهي پر زندگي جي منزل آهي موت خاتمو ناهي پر سِرِجي تيار ٿيڻ جو نانءَ آهي، موت تڪليفده ناهي، هڪ پرسڪون گهڙي آهي، موت کان ڊڄندڙ عقل ۽ ذهن هوندو آهي پر جڏهن عقل ۽ ذهن جو ڪم ختم ٿي ويندو آهي ته موت هڪ تسڪين ڀريو لمحو بڻجي ويندو آهي، توهان جاڳي رهيا آهيو مطلب ته توهان جي ذهن جو عقل وارو حصو ڪم ڪري رهيو آهي پر جڏهن توهان سمهڻ لڳو ٿا ته عقل وارو ذهن جو حصو ڪم ڪرڻ بند ڪري ڇڏي ٿو، ننڊ اچي وڃي ٿي، عين اهو لمحو جنهن وقت ننڊ جي شروعات ٿئي ٿي ان جو توهان کي پتو ئي نٿو پوي پوءِ توهان عين اهو منٽ يا سڪينڊ معلوم نه ڪري سگهندا آهيو، جنهن منٽ يا سڪينڊ ۾ توهان جي اک لڳي ويندي آهي بلڪل اهڙي ريت جڏهن توهان بيمار هجو ٿا، پوڙها هجو ٿا، حادثي جو شڪارهجو ٿا ۽ ذهن جو سمجهه وارو حصو ڪم ڪري رهيو هوندو آهي تيستائين توهان کي موت کان ڊپ هوندو آهي ۽ اهو ڊپ ئي ايذائيندڙ هوندو آهي، ياد رکو ته ايذائيندڙ موت جو ڊپ آهي، خود موت ايذائيندڙ ناهي، موت ته ننڊ جيان آهي اهو ڪهڙي وقت اچي ٿو اهو منٽ، اهو سڪينڊ توهان لاءِ گمنام هوندو آهي توهان کي خبر ئي نه پوندي ته ڪهڙي سيڪنڊ ۾ موت آيو موت هڪ مٺي ننڊ مثل آهي، سو موت جو ڊپ ذهن مان ڪڍي ڇڏيو ته توهان موت جو مشاهدو ڪري سگهو ٿا، موت هڪ اهڙي منزل آهي جتي جذبا ۽ احساس گم ٿي وڃن ٿا.
    جڏهن ڪو ماڻهو مري هوندو آهي تڏهن توهان کي ڊپ ٿيندو آهي، توهان منهن ڦيري ڇڏيندا آهيو يا اکيون پوري ڇڏيندا آهيو ۽ مرندڙ ماڻهو کان پري ٿي ويندا آهيو جنهن جي نتيجي ۾ توهان موت جو مشاهدو نه ڪري سگهندا آهيو، توهان ڪيترن ئي مري ويلن جي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيندا آهيو پر توهان ان وقت موت کي ويجهي کان محسوس ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندا آهيو بلڪه رسمي طور صرف شريڪ ٿيندا آهيو ۽ موت جي آخري رسمن وقت توهان هڪ ٻئي سان دنيا داري جون ڪچهريون ڪري پنهنجو ذهن موت کان ٻي طرف موڙي ڇڏيندا آهيو جنهن ڪري اوهان موت جو مشاهدو ڪرڻ کان محروم رهيا آهيو، پنهجون اکيون کليل رکو، ذهن کي چوڪس رکو ۽ موت کي ويجهي کان محسوس ڪريو موت جو مشاهدو ڪرڻ ڪا ڏکي ڳالهه ناهي موت ته اوهان جي سامهون هوندو آهي پر ان کي محسوس ڪرڻ وارا حواس ڌاريو، ان کي ڏسي سگهڻ واري اک رکو ۽ موت جي لقاءَ جو مشاهدو ٿي ويندو.
    توهان سان گڏ رهندڙ ڪو ماڻهو مري هوندو آهي يا توهان جي آس پاس جڏهن ڪو ماڻهو آخري پساھن ۾ هوندو آهي تڏهن اوهان ڊڄو نه ، ان کان پري نه ٿيو، ان کي ويجها رهو، ان جي آخري ساهن جي رفتار کي محسوس ڪريو، ڳالهايو نه ، رڙيون نه ڪريو، هرگز نه ڳالهايو، مڪمل خاموشي اختيار ڪريو، گهري ماٺار ۾ اوهان نڪرندڙ ساھ جو مشاهدو ڪريو، مرندڙ جي چهري کي غور سان ڏسو، خاموشي سان ڏسو، توهان مرندڙ جي چهري تي موت جا واضح پيرا پسي سگهو ٿا، جڏهن ڪو مري وڃي اوهان ان جي موت کان پوءِ اتي پهچو ته رڙيون نه ڪريو، پِٽڪو نه ڪريو، نه ئي موت جي ڊپ کان ان کان پري ٿيو، خاموشي اختيار ڪريو ۽ مري ويل جي چهري کي ڌيان سان ڏسو، ان وقت موت اتي موجود هوندو آهي، توهان لڳاتار مشاهدو ڪريو، مري ويل کي آخري آرامگاھ حوالي ڪرڻ تائين خاموشي سان سڄي وارتا جو مشاهدو ڪريو، اگر توهان جي اندر ۾ روشني آهي، توهان وٽ مشاهداتي اک آهي ته توهان موت جو روبرو مشاهدو ڪري سگهو ٿا.
    موت جو وڌيڪ اثرائتو مشاهدو تڏهن ٿي سگهندو آهي جڏهن توهان جو محبوب مري وڃي، ڪو ويجهو يا پيارو ماڻهو مري وڃي ، موت اٽل آهي اهو هر ڪنهن ساھ واري تي اچڻو آهي، جڏهن توهان جي محبوب شخصيت مري وڃي ٿي تڏهن توهان ڌيان سان محسوس ڪريو، اندر جي اک کليل رکو، حواسن کي چوڪس رکو، توهان محسوس ڪري سگهندا ته توهان جي محبوب شخصيت پنهنجي پيار سان پنهنجي زندگي توهان ۾ منتقل ڪئي هئي، ان جي زندگي توهان جي زندگي ۾ سمائجي چڪي هئي ۽ هاڻي جڏهن اها محبوب شخصيت مري وئي آهي تڏهن اوهان جي اندر منتقل ٿيل اها زندگي پنهنجي اصلي محور(مري ويل شخصيت) ڏانهن ڇڪجڻ لڳندي ڦٿڪڻ لڳندي ۽ توهان جو اندر جهرندي محسوس ٿيندو، ٺيڪ ان وقت توهان زندگي جي منتقلي واري حقيقت کي بخوبي پرکي ۽ سمجهي سگهو ٿا عين ان وقت جڏهن توهان جو اندر جھڄي جهري رهيو هوندو آهي تڏهن توهان موت جي طاقت کي محسوس ڪري سگهندا، موت جو مشاهدو ڪري سگهندا ۽ موت جو ذائقو محسوس ڪري سگهندا. اڪثر ڪري توهان جڏهن به موت کان پوءِ مري ويل ماڻهو جي چهري کي غور سان ڏسندا ته ان چهري تي هڪ پراسرار ۽پر سڪون مرڪ سجيل هوندي آهي، جيڪڏهن توهان ان وقت موت کان ڊنل آهيو ته اها مرڪ اوهان کي ڀوائتي محسوس ٿيندي، ڊيڄاريندڙ محسوس ٿيندي پر جيڪڏهن توهان موت کان ڊنل ناهيو ته اها مرڪ توهان کي اطمينان بخش ۽ خوبصورت لڳندي توهان ڪڏهن سوچيو آهي اها مرڪ ڇو هوندي آهي؟ اها مُرڪ ڪهڙي فتح جي نشاني آهي؟ اها مرڪ زندگي جي منزل جي فتح جي نشاني آهي، موت زندگي جي منزل آهي، جيڪو ان منزل تي رسي ويندو آهي ان کي اطمينان ٿي ويندو آهي ته هو هاڻ ٿانيڪو ٿي ويو، ۽ پنهجي زندگي ٻين ۾ منتقل ڪري چڪو، ان فتح جي احساس طور ان مري ويل ماڻهو جي مُک تي هڪ پرسڪون مرڪ سجائجي ويندي آهي.


    فطرت

    شازو ميڙ تي هڪ نظر وڌي هڪ پل جي خاموشي کان پوءِ شازو چيو ۽ هاڻي ڌيان سان ٻڌو ته فطرت ڇا آهي ۽ ڇا ٿي چاهي؟
    چارلس ڊارون ۽ ليمارڪ کان وٺي ويسمين تائين ڪيترن ئي ساڃاھ وندن، تحقيق ڪندڙن ارتقا جي باري ۾ جيڪي به نظريا ڏنا آهن انهن ۾ اها هڪ ڳالهه ساڳي آهي ته زندگي لڳاتار بدلجندي رهي آهي ۽ ارتقا پذير رهندي پئي آئي آهي ڊارون جو چوڻ هو ته فطرت جاندارن جي چونڊ ڪري ٿي، جيڪو به جاندار بدلجندڙ ماحولياتي حالتن ۾ پاڻ اندر مثبت تبديليون آڻي پاڻ کي فطرت سان هم آهنگ ڪري سگهيو آهي اهو ئي زنده رهي پنهنجو نسل وڌائي سگهيو آهي ۽ جيڪو به جاندار بدلجندڙ ماحولياتي حالتن موجب پاڻ ۾ نيون خاصيتون يا نيون تبديليون نه پيدا ڪري سگهيو آهي اهو ختم ٿي ويو آهي، لکين سالن جا پراڻا ڍانچا ۽ هڏا اهي ثابتيون آهن ته ڪيئي نسل هن ڌرتي تي راڄ ڪرڻ کان پوءِ فطري تبديليءَ مطابق پاڻ کي تبديل نه ڪري سگهڻ جي ڪري روءِ زمين تان ختم ٿي ويا. جڏهن جڏهن فطرت ماحولياتي حالتون بدلائي ٿي ته مطلب اها نواڻ چاهي ٿي ۽ نواڻ مطابق جاندار به پاڻ ۾ تبديليون آڻي پاڻ کي فطرت سان هم آهنگ ڪن ٿا ته اهي به پاڻ ۾ نواڻ آڻين ٿا ۽ نواڻ نه آڻي سگهندڙ ختم ٿي وڃن ٿا، اهڙيون تبديليون هن ڌرتي جي ڪروڙين سال ڄمار ۾ اينديون رهيون آهن ۽ اينديون رهنديون، لڳاتار اهو حالتن جي تبديلي جو سفر ٻڌائي ٿو ته فطرت نواڻ پسند آهي.
    هن ڌرتي، ستارن، چنڊن ۽ سج جي حرڪتن سبب ڪروڙين سالن کان ڏينهن ۽ رات ٿيندا رهيا آهن هر ڏينهن هڪ نواڻ آهي، هر رات هڪ نواڻ آهي، سياري کان پوءِ گرمي اچي ٿي، هر سيارو نواڻ آهي ۽ هر گرمي نواڻ آهي، هر مند هر دفعي هڪ نئون احساس ڏياري ٿي ، اهو نواڻ جو سلسلو صدين کان جاري آهي، هر وڻ جو ڦٽڻ، گل جهلڻ، خوشبو ڏيڻ اهي سڀ هڪ نواڻ جو احساس آهن
    هڪ ٻار ڄمي ٿو ته ان وقت انجو قدبت ننڍو۽ غير پيچيده هجي ٿو پر جيئن جيئن وقت گذرندو رهي ٿو، ٻار جوان ٿئي ٿو، زندگي کي پروان چاڙهي ٿو اھا نئين جواني هڪ نواڻ جو احساس ڏياري ٿي، پوءِ اڌڙوٽ ٿئي ٿو، سندس قد بت ان دوران وڌي ٿو، پيچيده ٿئي ٿو، شڪل شبيهه ۾به وڏو فرق اچي وڃي ٿو، اها به هڪ نواڻ آهي، ان بعد پوڙهو ٿئي ٿو، وار اڇا، منهن گهنجيل، ڪمزور بدن اها به هڪ نواڻ آهي ان بعد موت، جسم ڳري سڙي خاڪ ۾ ملي وڃي ٿو اهڙي طرح فطرت لڳاتارنواڻ سان سرشار ٿيندي رهي ٿي، هڪ نينگرجڏهن پيدا ٿئي ٿو ته ان وقت سندس آجيان لاءِ ماءُ ۽ پيءُ هجن ٿا جيڪي کيس سنڀالين ٿا، پالين ٿا ۽ اهي ئي والدين ان نينگر لاءِ ڪل ڪائنات هجن ٿا، پر جڏهن اهو نينگر جوان ٿئي ٿو، پرڻجي ٿو ته سندس زندگي ۾ نئين زال اچي ٿي تڏهن سندس چاهتون ان آيل نئين زال ڏانهن وڌي وڃن ٿيون ۽ والدين لاءِ سندس چاهتون گهٽجي وڃن ٿيون ۽ ان بعد جڏهن کيس اولاد ٿئي ٿو ته هاڻ سندس چاهت ۽ ڌيان اولاد لاءِ وڌي وڃي ٿو ۽ زال لاءِ ڪجهه گهٽجي وڃي ٿو اهڙي ريت مائٽ، زال، اولاد ،مطلب ته زندگي ۾ آيل هر نئين شيءَ ڏانهن انسان متوجه ٿي وڃي ٿو ۽ لڳاتار انسان نواڻ پسند ئي رهي ٿو، اوهان غور ڪريو ته توهان کي ننڍپڻ ۾ جيڪي دوست ملن ٿا جيڪي گڏ رانديون رونديون ڪن ٿا اهي توهان لاءِ ڪُل دنيا هجن ٿا توهان کي انهن جو ساٿ پيارو لڳي ٿو وري جڏهن نوجواني ۾ نوان دوست ملن ٿا ته هاڻي اهي وڌيڪ پيارا لڳن ٿا، اهي ئي ڪُل دنيا هجن ٿا توهان لاءِ ان بعد گڏ ڪم ڪندڙ ساٿي توهان لاءِ سڀ ڪجھ هجن ٿا اهڙي ريت لڳاتار دوستن ۽ واقفڪارن جا هجوم واري واري سان ملندا وڃن ٿا ۽ هر نئون هجوم توهان کي وڌيڪ بهتر لڳي ٿو، پراڻيون دوستيون ذهن تان اثر گهٽائينديون وڃن ٿيون ۽ نيون دوستيون توهان جي ذهن تي ڇائنجنديون وڃن ٿيون اهڙي ريت توهان جي فطرت لڳاتار نواڻ کي تلاش ڪندي رهي ٿي.
    مون ڪيترن ئي ماڻهن کان اهو بار بار ٻڌو آهي ته “ڪجهه نئون ڪجي” يا زندگي ۾ ڪا نواڻ آڻجي اهي جملا انهن جي فطري خواهش جو اظهار هجن ٿا، سندن اندر ۾ لڪيل نواڻ پسندي ۽ نواڻ جي تلاش جي بيچيني جو عڪس هجن ٿا پرھ ڦٽي جو باغ جو سيرڪرڻ، پکين جو ٻوليون ٻڌڻ ، سائي ڇپر تي جرڪندڙ ماڪ ڦڙا ڏسي فرحت محسوس ڪرڻ، اهو سڀ ڪجهه نواڻ پسندي جي ڪري ٿئي ٿو، توهان جڏهن ڪو حسين منظر يا خوبصورت ماڻهو ڏسو ٿا، ڪا وڻندڙ جاءِ ڏسو ٿا، توهان بار بار ان کي ڏسڻ جي خواهش ڪريو ٿا، بار بار ان کي ڏسڻ جيتوڻيڪ نواڻ نه آهي پر پوءِ وڻندڙ شيءَ کي هر ڀيري ڏسڻ سان اها نئين محسوس ٿيندي آهي. توهان مان ڪيترا ئي سياحت ۽ سفر جي خواهش رکن ٿا، نيون نيون جايون گهمڻ جي تمنا رکن ٿا اهو ڇالاء ؟ توهان پراڻن لباسن بدران نوان لباس پهرڻ پسند ڪريو ٿا اهو ڇالاءِ؟ جيڪڏهن توهان شاعر، موسيقار، چترڪار يا ڪهاڻيڪار آهيو يا ڪنهن به قسم جا تخليق ڪار آهيو ته سدائين نيون نيون تخليقون ڪرڻ جي خواهش رکو ٿا اهو ڇالاءِ؟ اهو سڀ ڪجهه ان لاءِ جو توهان جي اندر ۾ نواڻ پسندي آهي، نواڻ جي تلاش آهي، نواڻ جي تلاش هر انسان جي فطرت ۾ شامل آهي، پر ڪي انسان اهڙا به آهن جن کي نواڻ دريافت ڪرڻ جا موقعا ملي وڃن ٿا ۽ اهي ڀرپور نموني سان نواڻ جي رستي تي منزلون تلاشيندا رهن ٿا ۽ سڄي زندگي نوان نوان تجربا ڪندا رهن ٿا پر جن ماڻهن کي نواڻ تلاشڻ جا موقعا نٿا ملن انهن جي اندر ۾ نواڻ جي خواهش هڪ دٻيل توانائي بڻجي وڃي ٿي ۽ اها گهٽن، اندروني دٻاءُ توڙي ٻين مختلف صورتن ۾ ظاهر ٿئي ٿي ڪي ماڻهو ان اندروني دٻاءُ سبب نفسياتي مريض بڻجي وڃن ٿا، چيڙاڪ ۽ ويڙهاڪ بڻجي وڃن ٿا، ته ڪي بور ۽ بدظن ٿي پون ٿا ڪنهن ماڻهو کي کاڌو پيتو ۽ ٻيون زندگيون جون سڀ ضروري شيون ميسر ڪري ڏنيون وڃن پر کيس هڪ ڪوٺي ۾ لڳاتار قيد ڪري رکيو وڃي ته ڇا اهو انسان ان آسائش واري قيد کي خوشي سان قبوليندو؟ هر گز نه، قيد فطري طور انسان کي نواڻ تلاشڻ کان روڪي ٿو، ان ڪري ڪنهن کي لڳاتار قيد ڪنهن به صورت ۾ قبول نه هوندو آهي، چاهي ان شخص کي کاڌو پيتو، عيش آرام ۽ سڀئي سهولتون ميسر ڪري ڏجن پر لاشعوري طور کيس اهو احساس هوندو آهي ته هو قيد آهي ، بند آهي، ان جو ٻين لفظن ۾ مطلب اهو ٿيو ته هو نواڻ کي تلاش نٿو ڪري سگهي، اهو ئي احساس آهي جيڪو کيس ذهني عذاب ۾ مبتلا ڪري ٿو ۽ قيدي ذهني عذاب جو شڪار هجن ٿا، قديمي زماني کان وٺي جيل خانه، قيدخانه ٺاهيا ويا آهن جن ۾ ڏوهارين کي بند ڪري رکيو ٿو وڃي عدالتون سزائون ڏيندي اهو چونديون آهن ته فلاڻي کي هيترا سال قيد جي سزا ڏجي ٿي اها آخر سزا ڪهڙي سزا آهي جيڪا ڪنهن کي ڏوھ جي بدلي ۾ ڪجهه سال هڪ چوديواري ۾ بند ڪرڻ جي هجي پر اها بدترين سزا آهي ڇوته ڪنهن انسان کي قيد ڪري ڇڏڻ جو مطلب اهو آهي ته سندس لاءِ نواڻ تلاشڻ جي راھ بند ڪري ڇڏجي ۽ نواڻ کوجڻ جي راھ بند ڪرڻ وڏي ذهني سزا آهي ، وڏو عذاب آهي.
    آزادي هڪ خوبصورت احساس آهي، آزادي جو لفظ ٻڌندي ئي ذهن هڪ پرمسرت احساس سان سرشار ٿي وڃي ٿو، هميشه کان وٺي آزادي لاءِ گهڻيون ئي جنگيون لڳي چڪيون آهن، آزادي لاءِ لکين انسان خون وهائي چڪا آهن اها آزادي آخر چئجي ڇا کي ٿو؟شايد ان جو اصل مفهوم آزادي جي راھ ۾ وڙهندڙ به نه سمجهي سگهيا آهن. آزادي هڪ اهڙي ڪيفيت جو نالو آهي جنهن ۾ انسان پنهنجي مرضي موجب زندگي ۾ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، پنهنجي مرضي سان زندگي گذارڻ جو اصل مفهوم اهو آهي ته نواڻ جي کوجنا واري فطري خواهش جيڪا انسانن جي اندر ۾ لڪيل هجي ٿي ان جو سڦلتا ٿيڻ، توهان پنهنجي مرضي سان زندگي گهاريو ٿا ته مطلب توهان زندگي ۾ نواڻ تلاشڻ جا حقدار ٿي وڃو، ٿا، ائين نواڻ کي تلاشڻ جو حق ۽ اختيار ملڻ ئي آزادي آهي.
    آزادي اهڙي ڪيفيت آهي جنهن ۾ انسان مرضي مطابق نواڻ کي تلاش ڪرڻ جا موقعا هٿ ڪري ٿو هونئن ته غلامي يا ڪوبه اهڙو اصول يا قانون جنهن ۾ انسان پاڻ کي پابندين ۾ جڪڙيل ۽ غلام تصور ڪري ٿو ان نطام جا به مقرر ڪيل قائده ۽ قانون هجن ٿا، انهن مقرر قانونن ۽ پابندين ۾ ڪوبه انسان پاڻ کي غلام ۽ گُهٽ ٻوسٽ ۾ ورتل محض انهيءَ ڪري محسوس ڪري ٿو جو ان پابند نظام ۾ کيس ڪا نواڻ ڳولڻ جو موقعو نٿو ملي ان کي صرف انهن مقرر اصولن ۽ پابندين جي پاسداري ڪرڻي پوي ٿي، ان ڪري اهو آزادي لاءِ جاکوڙ ڪري ٿو، ته جئين مرضي موجب هو زندگي گذاري سگهي ۽ نواڻ کي تلاشي سگهي. توهان ڏٺو هوندو ته پکين کي پڃرن ۾ قيد رکڻ يا جانور کي لوهي پنڃرن ۾ واڙي ڇڏڻ سان هو بيچين ۽ بيقرار ٿي پوندا آهن ۽ آزادي چاهيندا آهن ته هو مرضي سان نوان نوان وڻ ووڙين، نيون جايون تلاشين، فضا ۾ اڏامي نوان ماڳ پسن ۽ نوان رنگ ڍنگ سکي سگهن.
    هڪ آزاد گهمندڙ ڦرندڙ انسان ۽ هڪ قيدي جي زندگين ۾ ڪهڙو فرق هجي ٿو؟ ٻئي ڪپڙا پائين ٿا، ٻئي کاڌو کائين ٿا، توڙي جو ٻنهي کي هڪ جيتريون سهولتون فراهم ڪري ڏجن ته پوءِ ٻنهي جي زندگين ۾ باقي فرق ڪهڙو رهندو؟ اهو ته ٻاهر گهمندڙ انسان نيون شيون، نوان ماڻهو، نوان ماڳ ۽ نوان انداز تلاش ڪري سگهي ٿو ۽هڪ قيدي اهو سڀ ڪجهه نٿو ڪري سگهي اهو ظاهر ٿيو ته فطرت نواڻ پسند آهي ۽ انساني فطرت به نواڻ کي ئي پسند ڪندي رهندي آهي، دنيا جون سموريون سائنسي ايجاديون به نواڻ جي جستجو جو نتيجو آهن.


    خيال

    شازو ڪجهه دير خاموشي اختيار ڪئي پنڊال ۾ موجود سڀئي ماڻهو پنڊ پهڻ بڻجي ويا هڪ هوا جو جهوٽو گُهلي ويو ڪجهه پل رکي شازو ڳالهايو
    اي منهنجي شهر جا واسيو هاڻي اوهان کي ٻڌايان ٿو ته اوهان جا خيال ڪيترا اهم آهن؟ اچو ته ڪجهه حقيقتن جو ڇيد ڪريو، هڪ ماڻهوءَ خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، ان وقت جڏهن هو اڪيلو هو، ڪير به ساڻس گڏ نه هو، ڪنهن به کيس ائين نه چيو ته هو خودڪشي ڪري، زندگي کي ختم ڪري، اها ڪهڙي قوت هئي جنهن کائنس ائين ڪرايو؟
    هڪ ٻئي ماڻهو پڪو فيصلو ڪري ورتو هو ته هو زندگي کان بيزار آهي ۽ خودڪشي ڪندو، جڏهن هو خودڪشي جو پورو انتظام ڪري چڪو هو ته عين ان وقت کيس ڪا سوچ آئي ۽ هن خودڪشي جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو، ڪهڙي قوت کائنس اهو فيصلو تبديل ڪرايو؟
    هڪ عام ماڻهو کي ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙ آئي ۽ هن ٻئي ماڻهو جو قتل ڪر ي ڇڏيو، هڪ رهزن ۽ خوني همراھ ٻئي کي مارڻ جي ارادي سان پهتوپر عين وار ڪرڻ وقت کيس ڪا سوچ آئي ۽ هن وار روڪي ڇڏيو، قتل نه ڪيو ڇو؟ ڪهڙي قوت کائنس ائين ڪرايو؟
    خيال....!
    اهو ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ خيال ئي آهي جيڪو انسان تي بادشاهي ڪري ٿو، خودڪشي ڪندڙ کي ڪنهن به ائين ڪرڻ لاءِ نه چيو، اهو سندس خيال هو جنهن کائنس اهو ڪم ڪرايو جو هن پنهنجي ئي هٿن سان پنهنجي زندگي جو ڏيئو وسائي ڇڏيو، خودڪشي جو ارادو بدلائيندڙ جي ذهن ۾ به خيال آيو جنهن کيس روڪيو، هڪ ماڻهو جي اندر ۾ پيدا ٿيندڙ خيال کيس اڀاريو جو هن ٻئي کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ هڪ قاتل جي ذهن ۾ آيل خيال کيس قتل ڪرڻ کان کيس روڪي ورتو.
    سڀني ساھ وارن جي جسم ۾ مقدس ۽ اعليٰ ترين مادو دماغ آهي ۽ دماغ لڳاتار خيالن ۽ سوچن جي هجومن کي ڄڻيندو رهي ٿو ، اهي خيال اهي سوچون احساسن ۽ جذبن جو روپ به وٺن ٿيون، انساني دماغ تيرنهن چوڏهن سئو گرامن جو هئڻ باجود منجهس هڪ ئي وقت صرف هڪ ئي خيال اچڻ جي گنجائش آهي، هونئن ته دماغ هڪ ئي وقت لکين ڪم ڪري سگهندو آهي، هڪ ئي وقت لکين شيون ان جي ياداشت ۾ هجن ٿيون پر ذهن جي سطح تي هڪ ئي وقت صرف هڪ ئي خيال اڀري اچي سگهندو آهي، ۽ عين ان وقت ٻيا سمورا خيال، سوچون، حالتون ۽ لقاءَ هيٺين تهه ۾ هليا ويندا آهن، ۽ ياداشت ۾ رهندا آهن، هڪ عام ڪميپوٽر هڪ ئي وقت اسڪرين تي هڪ کان وڌيڪ شيون ظاهر ڪري سگهندو آهي پر ذهن جي اسڪرين تي هڪ ئي وقت صرف هڪ ئي خيال يا سوچ ظاهر ٿي سگهندي آهي پر ان جي بدلجڻ جي رفتار ايتري ته تيز هوندي آهي جو ان جي بدلجڻ جي خبر ئي نه پوندي آهي، خيالن جي هڪٻئي پٺيان بلجندڙ سلسلي جي تبديلي جي وقت جو تعين نه ڪري سگهبو آهي، توهان ٿورو غور ڪريو توهان ڪنهن حالت بابت سوچي رهيا آهيو ، ڪو فيصلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته هڪ ئي وقت صرف هڪ خيال ذهن ۾ آڻي سگهو ٿا، پر جيڪڏهن ان کي اڳيان وڌائيندا يا تبديل ڪرڻ چاهيندا ته اهو ايتري ته برق رفتاري سان بدلجندو جو اوهان کي ان بدلاءُ جو پتو ئي نه پوندو، ذهن برق رفتاري سان ڪم ڪري ٿو پر ٿورو ڌيان ڏيو ته محض هڪ مخصوص وقت ۾ صرف هڪ ئي سوچ ذهن جي سطح تي اڀري اچي سگهندي آهي ۽ اها سوچ ۽ اهو خيال ئي انسان تي حڪمراني ڪندڙ هجي ٿو.
    توهان صاف سٿرا آھيو ڇو ته اوهان جي سوچ، اوهان جو خيال اوهان جي سمجهه اوهان کي ٻڌائي ٿي (يعني حڪم ڏئي ٿي) ته پاڻ کي صاف سٿرا رکو، هڪ پورهيت، هڪ هاري، ڪارخاني ۾ مشينن جي صفائي ڪندڙ مزدور جا لڱ ۽ ڪپڙا مٽي تيل يا گند سان ڀريل هجن ٿا ۽ هو اهڙي حالت کي برداشت ڪري ٿو ڇوته سندس ذهن کيس اهو سبق ڏئي ٿوته کيس ماني حاصل ڪرڻ لاءِ اهو پورهيو ڪرڻو آهي ۽ کيس ان حالت کي برداشت ڪرڻو آهي، اوهان پاڻ کي گٽرن جي گندي پاڻي ۾ نٿا اڇلايو، اوهان پاڻ کي اروڙي جي گند تي نٿا سمهاريو، ڇوته اوهان کي اوهان جي سوچ ائين ڪرڻ نٿي ڏئي، پر هڪ شخص جنهن جو ذهني توازن ٺيڪ نه آهي اهو ڪنهن مهل گٽرن جي گندي پاڻي ۾ هٿ ۽ پير ٻوڙيو ويٺو هوندو آهي ته ڪنهن مهل اروڙي جي گند جي ڍير تي ستو پيو هوندو آهي ڇو ته کيس ائين ڪرڻ کان روڪڻ واري سوچ نه آهي ۽ سندس ذهن ۾ آيل سوچ اهو ڪرڻ ٺيڪ محسوس ڪرائي ٿي ان ڪري هو پنهنجي سوچ ۽ خيال جو حڪم مڃيندي ائين ڪري ٿو.
    جنس(SEX) جو تعلق به سڌي طرح ذهن سان هجي ٿو،ڇا ڪنهن خوبصورت مرد يا خوبصورت کي ڏسي اوهان ذهن اندر ان سان جنسي ميلاپ جي باري ۾ خيال آڻيو ٿا ته هڪدم اوهان جسم ۾ به جنسي اڀار محسوس ڪريو ٿا، جنسي عضوي ۾ تڻڪ محسوس ڪيو ٿا، انهن عضون ۾ اها تبديلي خيال جي حڪمراني هيٺ ٿئي ٿي، ازدوا جي حالتن ۾ توهان جنهن وقت جنسي ميلاپ جو خيال ذهن ۾ آڻيو ٿا ته اهو خيال توهان جي جسم تي حڪم هلائي ٿو ۽ حڪم موجب تبديليون اچن ٿيون، اهو ثابت ٿئي ٿو ته جسماني مادن تي هڪ خاص مادو ذهن ضابطو رکي ٿو ۽ ان خاص مادي يعني ذهن تي تري آيل خيال اهو حڪم آهي جيڪو ضابطو آڻي ٿو، هڪ چور، بدمعاش ۽ رهزن پنهنجي سوچ ۾ تبديلي اچڻ سان شريف ۽ نيڪ بڻجي وڃي ٿو ته ساڳي وقت هڪ شريف ۽ نيڪ ماڻهو ذهني خيال ۾ تبديلي اچڻ سان هڪ بدمعاش بڻجي سگهي ٿو ڪوبه انسان ڄمڻ وقت ئي شريف يا بدمعاش نٿو هجي، ڇوته ان وقت ان جو ذهن هڪ ڪورو ڪاغذ هوندو آهي پوءِ آهستي آهستي صحبت، سکيا ۽ حالتن مطابق ذهن جهڙي قسم جا خيال ڄڻي ٿو ان ماڻهو جي شخصيت اهڙي ئي بڻجي وڃي ٿي شريف يا بدمعاش، سوچ تي دارومدار آهي ۽ سڄي زندگي سوچ جي غلامي آهي، سوچ ۽ خيال انسانن تي حڪمراني ڪن ٿا.


    [8]

    شازو پنهجي تقرير پوري ڪئي ڄڻ اتر ۽ ڏکڻ قطبن تي ڄميل برف پگهرجڻ شروع ٿي وئي، ڌرتي سوڙهي ٿيندي ۽ ويڙهجندي محسوس ٿي، ائين لڳو ڄڻ ڪائنات جي هر شيءَ پنهنجي پنهنجي مرڪز ۾ سمائجي رهي هئي ۽ سموريون توانايون جز جي صورت مان موٽندي ڪل ۾ سمائجنديون ٿي ويون، سج جو منهن اهڙي ٻار جيان نماڻو ٿي پيو هو جنهن کان ڪو پسند جو رانديڪو کسي ٽوڙيو ويو هجي ۽ هو حسرت مان ان ٽٽل رانديڪي جي ٽڪرن کي ڏسي رهيو هجي، هجوم ۾ چرپر شروع ٿي وئي سرگوشيون ۽ سرٻاٽون پنهنجون پنهنجون فتوائون جاري ڪري رهيون هيون، شازو ميڙ ۾ خاموش بيٺو هو ائين ٿي ڀاسيو ڄڻ ڊگهي تقرير کان پوءِ هن پاڻ تان وڏو ٻوجهه لاهي ڇڏيو هو هاڻي سندس جسم بلڪل خالي ٿي چڪو هو، شعور ۽ لاشعور گم ٿي ويا هئا، تحت الشعور جون سموريون حقيقتون هڪ مرڪز ۾ مدفون ٿي چڪيون هيون، هو وڏي سڪون سان ايندڙ موت جو انتظار ڪري رهيو هو، موت جيڪو هڪ خوبصورت تجربو آهي، اهو اهڙو لازمي تجربو آهي جنهن مان نه چاهيندي به هر ڪنهن کي گذرڻو پوي ٿو، جيئن ڄمڻ به هڪ خوبصورت تجربو آهي، ان مان تجربي مان به هر ڪنهن کي گذرڻو پوي ٿي پر هي ٻئي ڄمڻ ۽ مرڻ اهڙا تجربا آهن جن مان گذرندڙ کي ان پل جي خبر ئي ناهي پوندي، دنيا جي ڪنهن به انسان کي اهو پتو ئي ناهي ته ڄمڻ وقت سندس ڪيفيت ڇاهئي، بلڪل اهڙي ريت کيس مرڻ جي وقت جي ڪيفيت جي به خبر ئي نه پوندي آهي ڇوته انهي ٻنهي گهڙين ۾ سوچيندڙ ذهن ساڪن هوندو آهي، شعور، لاشعور ۽ تحت الشعور هڪ مرڪز ۾ سمائجي جامد ٿي ويندا آهن ۽ اتان ئي ابديت جي شروعات ٿيندي آهي.
    هڪ ڀيرو وري به سوريءَ کي سجايو ويو، هزارين ماڻهن جو هشام تماشو ڏسندو رهيو، ڏسندي ڏسندي، سرڪاري سپاهين صليب جا تختا کوڙيا، وچ ميدان تي هزارين ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ صليب کي کوڙيو ويو، ماڻهن جا چهرا بي تاثر هئا، سپاهين شازو کي آڻي صليب سان گڏ بيهاريو، سندس ٻانهون صليب سان ٻڌيون ويون، ٽنگون به رسن سان سوگهيون ڪيون ويون سندس قميص لاٿي وئي، وقت جا ڪانٽا رڙيون ڪري وڄي رهيا هئا، سج گهات هڻي منظر کي روشن ڪري رهيو هو، ماڻهن جا وات ڦاٽل هئا، سڄي شهر تي سڪتوطاري هو، اڪثر ماڻهن جي چهرن تي ڪوبه تاثر نه هو، ڪجهه ماڻهن جي چهرن تي خوشي ۽ اطمينان جي اڻ لکي جهلڪ هئي جا سندن فتح جي نشاني هئي جو هنن سچ کي صليب تي ٽنگرائي فتح ماڻي هئي، شازو پاڻ کي صليب تي ٻڌل محسوس ڪري هڪ مرڪ عيان ڪئي، هن ميڙ تي نظر ڦيرائي هجوم ۾ ڪيترائي ننڍا ٻار ۽ عورتون به هيون مستقبل جا معمار ۽ نوع آدم جون تخليقڪار عورتون هي تماشو ڏسڻ لاءِ گڏ ٿيون هيون، ميڙ جي هڪ ڪنڊ ۾ عليزا بيٺل هئي، هزارن جي انبوھ ۾ اڪيلي عليزا ئي هئي جنهن جا چپ ٿڙڪي رهيا هئا، سندن اکين مان ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا، ائين ٿي ڀانيائين سندس وجود اندر ڀريل سمورو پاڻياٺ لڙڪ بڻجي ٽمي ويو هو، هڪ هڪ لڙڪ تاريخ جي هڪ باب کي سرجي رهيو هو، هوريان هوريان سندس ٽنگون به ڪنبڻ لڳيون، هن ٿڙڪندڙ چپن سان ڀر سان بيٺل عورت کي چيوته “هڪ انسان جي نرڙ ۾ هٿن ۽ پيرن ۾ ڪوڪا ٺوڪي کيس قتل ڪيو پيو وڃي، هڪ سچ کي ائين ڇيهون ڇيهون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ اهو انسان جنهن سان مون پيار ڪيو آهي، هي منظر ڏسڻ جي سگُھه نه اٿم ادي مونکي سهاري ڏئي وٺي هل مون ۾ طاقت ناهي جو آئون زندگي ۽ موت جي ان ميلاپ کي ڏسان، اهڙو ميلاپ جنهن سان ڪيئي رشتن ناتن جو ڏوريون ٽٽي پونديون آهن.
    عليزا هيٺ پٽ تي ويهي رهي ۽ اٻڙڪا ڏيڻ لڳي، ڀر واري عورت کيس ٻانهن کان جهلي ميڙ کان ٻاهر وٺي وئي، پري ويندي عليزا پوئتي نظر نه ڦيرائي ۽ صليب تي ٽنگيل شازو ڪنهن به درد کان خالي اٻاڻڪين نگاھن سان عليزا کي ڏسندو رهيو، اوچتو شازو جو وجود به ٽمي پيو، سندس اکين جي پنبڻين مان لڙڪ جا ڦڙا ٽپڪي پيا هن ڀانيو ته هڪ تيز واچوڙو شروع ٿيو آهي جهن ۾ هي زمين کان مٿي کڄي ويو آهي ، ڪکن پنن سان گڏ مٿي ڦيريون کائي رهيو آهي عين ان وقت سندس ساڄي هٿ جي تري تي مترڪي جو هڪ ٺڪاءُ ٿيو لوهي ڪوڪو هٿ تري کي چيري صليب جي تختي ۾ کُپي ويو، ڌڪ سان شازو جي اکين مان وهندڙ لڙڪ بيهي رهيا، جهٽڪي سان سندن جسم جون سموريون رڳون سيٽجي ويون جسم تڻڪجي ويو، هلڪي آھ سندس چپن جا بند ٽوڙي نڪتي ۽ اکين تي سفيدي وکري ويس، رت ٺينڊيون ڪري وهڻ لڳس، اوچتو سندس کاٻي هٿ تي مترڪي جو ٺڪاءُ ٿيو ڪوڪ جي هٿ تري پار ڪري ويو پر نه ته چپن مان آھ نڪتي ۽ نه ئي ڳوڙهو وهيو، اکين ۾ ڌنڌ ڇائنجي وئي، عين ان وقت سج بي نور بڻجي ويو ماحول ۾ ڪاراڻ ڇائنجي وئي هڪ ئي وقت ٻه ٻيا ٺڪاءُ .....! ٻه ڪوڪا ٻن پيرن جون تريون چيري ويا ...! ڪنن ٻڌڻ ڇڏي ڏنو، ڦڦڙ ڌَنوَڻ ڇڏي ويا، آخري ڪوڪو جڏهن سندس کوپڙيءَ کي چيرڻ لڳو ته هر شيءَ ساڪن ٿي وئي ، وقت بيهي رهيو، سج بي نور ٿي ويو، ڪائنات مان آواز گم ٿي ويا، ڪوڪو کوپڙيءَ کي چيري اندر ميڄالي ۾ ته کُپي ويو پر صليب جي تختي تائين نه پهچي سگهيو، ان وقت هڪ ڊگهي ماٺار ڇائنجي وئي، مڪمل وانداھ ۽ ماٺار...! شعور جي سرحد کٽي پئي ۽ بي انت طويل خاموشي ڇائنجي وئي حال ۽ مستقبل جو ماضيءَ سان رشتو ٽٽي پيو شازو جيڪو اڌ ماڻهؤ مان سڄو سچ بنجي چڪو ھو، ڪاٺ ٺهيل کهرو صليب تَنهن جي لال رت مان سرڪيو ن ڀرڻ لڳو، وقت وڍيل سر جيان تڙپ جي احساس ۾ اڇلون کائڻ لڳو، سج اوچتو ئي سمنڊ ۾ اونڌي منهن ڪري پيو، ان وقت خدائي پنهنجي وجود تان گرفت وڃائي چڪي ھئي. ۽ ديوتائن پنهنجا گريبان ڄاڪ ڪري ڇڏيا ۽ صليب تان ڳڙيل رت جا تازا ڦڙا صديءَ جي منهن تي رھجي ويا.


    بئڪ ٽائيٽل


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 533
    ڪتابن جو مشاهدو: 550737
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 212771
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ