ڪتاب جو نالو: راؤڙ / رياتڙو (عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جو ميدان)
مصنف: ٺٽوي ڪاتيار
ڇپائيندڙ: ڪاتيار پبليڪيشن، ٺٽو
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 23 آڪٽوبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 1622 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 608 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”راؤڙ / رياتڙو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جي ميدان بابت تحقيق تي مشتمل هن تاريخي ڪتاب جو ليکڪ ٺٽي ضلعي سان تعلق رکندڙ، نئين ٽهي جو اڀرندڙ اديب، تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ٺٽوي ڪاتيار آهي.
ڪتاب جي محقق جي چوڻ موجب جنگ اروڙ بجاءِ راؤڙ ۾ لڳي. جيڪو اصل ۾ “رياتڙو” ئي آهي. اهو علائقو ضلعي ٺٽي جي ساڪري واري علائقي يوسي پليجاڻي ۾ ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار جي آس پاس ڄاڻايو اٿس. سندس خيال ۾ چچنامو ۾ جن علائقن جا نالا ملن ٿا. اهي اتي ئي موجود آهن. جن مان جيور (جيوڙو) راؤڙ (رياتڙو) وغيره آهن. ليکڪ جيڪو تحقيق جو طريقو اختيار ڪيو آهي ان ۾ هن زميني حقيقتن ۽ مقامي ماڻهن وٽ موجود ڳالهين کي به نظر ۾ رکيو آهي ته ان سان گڏوگڏ ادب مان به حوالا ڏئي ڪتاب مڪمل ڪيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ (محمد مارو خشڪ)
  • ٻه اکر (محمد علي مانجهي)
  • ٻه اکر (عزيز ڪينجهرائي)
  • ٻه اکر (محمد عارب موج)
  • پنهنجي پاران
  • باب پهريون:تاريخي مونجهارا
  • باب ٻيو:راؤڙ يا اروڙ؟
  • باب ٽيون:برهمڻ دورِ حڪومت
  • باب چوٿون:راؤڙ جو ماڳ
  • فٽ نوٽ
  • مددگاري ڪتاب
  • ليکڪ جا ايندڙ ڪتاب

  • حق ۽ واسطا

    (ٺٽي جي وکريل تاريخ - 1)
    راؤڙ / رياتڙو
    (عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جو ميدان)

    ٺٽوي ڪاتيار

    ڪاتيار پبليڪيشن ٺٽو


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2017ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    ______

    حق ۽ واسطا هڙئي ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: راؤڙ/رياتڙو (عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جو ميدان)
    صنف: تاريخ
    ليکڪ ۽ محقق: ٺٽوي ڪاتيار
    ڇاپو پهريون: سال 2017ع
    تعداد: پنج سئو
    ڪمپوزنگ: لياقت علي ڪاتيار
    پروف ريڊنگ: مارو خشڪ ۽ نثار علي ڪاتيار
    ڇپائيندڙ: ڪاتيار پبليڪيشن ٺٽو
    ڇاپيندڙ: ايڊوانس پرنٽنگ ايجنسي حيدرآباد
    لکپڙهه لاءِ ڏس: ڪاتيار هائوس، ورڪرز ڪالوني ٺٽه سيمنٽ فيڪٽري، مڪلي غلام الله روڊ ضلع ٺٽو.
    مُلهه: 100/= رپيا


    Book Name: RAWAR / RYATRO (Arab ei Dahir g Jung jo meedan)
    By: Thattvi Katiar
    Composing: Liaquat Ali Katiar
    Published by: Katiar Publication Thatta
    Printed by: Advance Printing Agency Hyderabad
    Proofreading: Maroo Khushik & Nisar Ali Katiar
    Contact Address: Katiar House, Workers Colony, Thatta Cement Factory Makli Ghulam-u-llah Road District Thatta.
    Prize: Rs. 100/=


    ارپنا

    پنهنجو هي پهريون قلمي پورهيو عزت، ادب ۽ احترام سان
    بابا سائين محمد بخش ڪاتيار کي ارپيان ٿو.
    جيڪو منهنجو بابا هئڻ سان گڏ منهنجو بهترين
    استاد، رهبر، محسن ۽ سٺو دوست به آهي.
    جنهن جي شفقت، محبت، پيار، ڌڙڪن، تربيت، سمجهاڻين
    ۽ اڻٿڪ محنت جو اهو نتيجو آهي جو اڄ آئون هن منزل تي آهيان.
    ان سان گڏوگڏ پنهنجي
    جيجل امڙ جي نانءُ
    چوندا آهن ته هر ڪامياب مرد جي پويان عورت جو هٿ هوندو آهي
    ۽ منهنجي ڪاميابي پويان منهنجي امڙ جيجل جون
    دعائون، محنتون، جفاڪشيون، اوجاڳا ۽ سڄي زندگي آهي.
    دعا آهي ته الله پاڪ منهنجي والدين کي انهن ڳالهين جو
    ثواب اجر عطا فرمائي ۽ انهن جو سايو تاقيامت منهنجي سر تي
    قائم ۽ دائم رکي. آمين


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”راؤڙ / رياتڙو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جي ميدان بابت تحقيق تي مشتمل هن تاريخي ڪتاب جو ليکڪ ٺٽي ضلعي سان تعلق رکندڙ، نئين ٽهي جو اڀرندڙ اديب، تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ٺٽوي ڪاتيار آهي.
    ڪتاب جي محقق جي چوڻ موجب جنگ اروڙ بجاءِ راؤڙ ۾ لڳي. جيڪو اصل ۾ “رياتڙو” ئي آهي. اهو علائقو ضلعي ٺٽي جي ساڪري واري علائقي يوسي پليجاڻي ۾ ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار جي آس پاس ڄاڻايو اٿس. سندس خيال ۾ چچنامو ۾ جن علائقن جا نالا ملن ٿا. اهي اتي ئي موجود آهن. جن مان جيور (جيوڙو) راؤڙ (رياتڙو) وغيره آهن. ليکڪ جيڪو تحقيق جو طريقو اختيار ڪيو آهي ان ۾ هن زميني حقيقتن ۽ مقامي ماڻهن وٽ موجود ڳالهين کي به نظر ۾ رکيو آهي ته ان سان گڏوگڏ ادب مان به حوالا ڏئي ڪتاب مڪمل ڪيو آهي.
    هي ڪتاب ڪاتيار پبليڪيشن، ٺٽو پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون ٺٽوي ڪاتيار جا جنهن هن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مهاڳ (محمد مارو خشڪ)

    ٺٽي ضلعي سان تعلق رکندڙ، نئين ٽهي جو اڀرندڙ اديب، تاريخ سان دلچسپي رکندڙ دوست ٺٽوي ڪاتيار ٺٽي ضلعي جي تاريخ جي گمنام گوشن کي گڏ ڪرڻ جو جيڪو پاڻ تي ڪم کنيو آهي اهو سچ پچ داد لهي. سندس هي پهريون ڪتاب آهي جيڪو (ٺٽي جي وکريل تاريخ -1) جي نالي سان شايع ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ هن محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر جي وچ ۾ لڳندڙ جنگ جي جاءِ وقوع تي تحقيق ڪئي آهي.
    ان ڳالهه کي اسان جا وڏا وڏا اديب به سلجهائي نه سگهيا آهن. بهرحال ان تحقيق جي ڪري اسان کي تاريخ جي ٻين گمنام ماڳن مڪانن کي ڳولڻ ۾ مدد ملندي جيڪي ڏاهر – عرب جنگ سان واسطو رکن ٿا. ليکڪ کي اهي ماڳ ان ڪري ڳولڻ ۾ ڪا ايتري دشواري نه ٿي هوندي ڇو ته هن جي والد محترم جو ننڍپڻ ان علائقي جي ڀٽن ۽ دڙن سان درد ونڍيندي گذريو آهي.
    محمد بن قاسم جي جنگ جو ذڪر “راؤڙ” نالي هڪ علائقي جي پس منظر ۾ نظر اچي ٿو. جيستائين اهو علائقو ظاهر نه ٿيو آهي تيستائين چٽي طرح چئي نه سگهبو ته اها جنگ ڪٿي لڳي. ها البت ڊاڪٽر بلوچ شڪ ڏيکاريندي چيو ته اها جنگ غالباً جاتي واري علائقي “رڙي” ۾ لڳي هجي ڇو ته راؤڙ سان ملندڙ جلندڙ لفظ “رڙي” موجود آهي. هن ڪتاب جو محقق ان ڳالهه سان سهمت نه آهي. سندس چوڻ موجب جنگ اروڙ بجاءِ راؤڙ ۾ لڳي. جيڪو اصل ۾ “رياتڙو” ئي آهي. اهو علائقو ضلعي ٺٽي جي ساڪري واري علائقي يوسي پليجاڻي ۾ ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار جي آس پاس ڄاڻايو اٿس. سندس خيال ۾ چچنامو ۾ جن علائقن جا نالا ملن ٿا. اهي اتي ئي موجود آهن. جن مان جيور (جيوڙو) راؤڙ (رياتڙو) وغيره آهن جتي محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر وچ ۾ گهمسان جي جنگ ڇڙي هئي. جاين جڳهن يا ماڳ مڪانن جي معلومات لاءِ هڪ ثبوت ئي ڪافي آهي جڏهن ته هن هڪ کان وڌيڪ ثبوت ڏنا آهن جيڪي مقالي جو معيار بالا ڪن ٿا. جيئن ته ان جنگ جو پيرائتو احوال لکڻ لاءِ هن فتح نامه يا چچنامه مان مدد ورتي آهي جيڪو عرب-ڏاهر جنگ بابت آڳاٽو دستاويز آهي. مٿين ٻن حوالن کان علاوه ان سان ملندڙ هڪ ماڳ “فتح جو پڙ” پڻ موجود آهي. جيڪو محمد بن قاسم جي ڪاميابيءَ ڏانهن اشارو ٿي سگهي ٿو. شايد ڪتاب تي به ان ڪري نالو رکيو ويو ٿو ڏسجي. جڏهن ته فتحنامه ۾ لفظ “ددها واه” اچي ٿو، جيڪو ليکڪ جي مطابق اڄ به اتي ڪنهن واه جا آثار آهن جن کي مقامي ماڻهو “گدا واه” چون ٿا. عربي ۾ گ ڪونهي ٿي سگهي ٿو ته انهن گدا جي متبادل ددها واه لفظ استعمال ڪيو هجي.
    انهن ماڳن مڪانن تي اعتبار ڪرڻ کان اڳ ۾ هڪ سوال ٿو پيدا ٿيئي ته ڇا واقعي اها جنگ ضلعي ٺٽي يا ساڪري جي حدن ۾ لڳي هئي؟ جڏهن ان ڳالهه جي چٽائي ٿئي تڏهن ئي انهن ماڳن کي صحيح سمجهبو. ٺٽوي ڪاتيار ان سلسلي ۾ هيٺيان دليل ڏنا آهن جيڪي واضع ڪن ٿا ته جنگ ضلعي ٺٽي ۾ ئي لڳي هئي.
    1. ان جنگ ۾ جتن ۽ ساڪري جي وڏيرن پڻ حصو ورتو هو. جنهن مان سمجهجي ٿو ته هي جنگ لاڙ پٽ، ضلعي ٺٽي جي تعلقي ساڪري ۾ لڳي هئي.
    2. راجا ڏاهر جنگ وقت پان جو استعمال پئي ڪيو جيڪو پڻ ٺٽي ۾ ٿئي ٿو.
    3. گرمي جي موسم ۾ راجا ڏاهر ان علائقي ۾ ترسندو هو جتي جي هوا موزون هئي. اهو راؤڙ هوندو پر اروڙ نٿو ٿي سگهي ڇو ته اروڙ يعني سکر جي هوا گرم هوندي آهي.
    مٿيون ڳالهيون ثابت ڪن ٿيون ته اها جنگ اروڙ بجاءِ محقق جي ڄاڻايل علائقي ۾ ئي لڳي هوندي. چچ نامو ۾ جن ٻن جڳهن جو ذڪر آهي انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪبي ته جنگ ان علائقي ۾ نظر اچي ٿي. چچنامو هڪ جڳهه جيور لکي ٿو. ان سان ملندڙ لفظ جيوڙو اڃا به موجود آهي جيڪو ان علائقي جو نالو آهي. عربي ۾ جيوڙو کي جيورُ ئي لکي سگهجي ٿو ڇو ته ان ۾ ڙ نه آهي ۽ وا جي جڳهه تي پيش اچي ٿو. تنهن ڪري عربي ۾ ان کي جيورُ ئي لکيو ويو هوندو. جيڪو لفظ هن ڪتاب ۾ موجود آهي.
    ساڳي طرح راؤڙ/راور هاڻوڪو “رياتڙو” آهي ان جي به ڇنڊ ڪندي لکي ٿو ته اهو لفظ “راءُ تڙ” ئي هوندو، جنهن کي عربي ٻولي ۾ “راؤ تر” ئي لکي سگهجي ٿو. شايد فارسي ٻولي ۾ ترجمي وقت ت حذف ٿي ويو هوندو. اها ڳالهه وڌيڪ چٽي ان وقت ٿئي ٿي جڏهن تاريخ ٻڌائي ٿي ته جيور ۽ راؤڙ جي وچ ۾ درياهه وهندو هو جنهن جو مفاصلو چار ميل هو. ان حوالي جو جائزو وٺبو ته واقعي انهن ٻنهي مڪانن ۾ ايترو ئي مفاصلو آهي ۽ وچ ۾ دريا جا آثار پڻ موجود آهن. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته راؤڙ اهوئي رياتڙو آهي جيڪا ڳالهه ليکڪ هن ڪتاب ۾ چٽي نموني سمجهائي آهي. ليکڪ جيڪو تحقيق جو طريقو اختيار ڪيو آهي ان ۾ هن زميني حقيقتن ۽ مقامي ماڻهن وٽ موجود ڳالهين کي به نظر ۾ رکيو آهي ته ان سان گڏوگڏ ادب مان به حوالا ڏئي ڪتاب مڪمل ڪيو آهي. ليکڪ هن ڪتاب کي چار حصن ۾ ورهائي ڳالهه کي تمام سولو بنايو آهي. پهريون باب تاريخي مونجهارن بابت آهي. جيڪي ليکڪ مختلف ڪتابن جي مطالعي ڪندي لکيا آهن، جنهن تي ليکڪ واقعي جس لهي. ٻي باب ۾ اروڙ ۽ راؤڙ ۾ فرق ڪيو آهي. جنهن سان اها ڳالهه واضع ٿي وئي ته اها جنگ راؤڙ واري ماڳ تي ئي لڳي آهي. اروڙ جو ان سان ڪو تعلق ئي ناهي. ٽي باب ۾ برهمڻ گهراڻي جي دور حڪومت کي مختلف ڪتابن جا حوالا ڏيندي سلجهايو آهي. چوٿين باب ۾ راؤڙ واري ماڳ جي نشاندهي ٿيل آهي. مڃون ٿا ته ليکڪ مطالعي ۽ مشاهدي جي ميدان ۾ عمر جي لحاظ کان ننڍو آهي پر هن جيڪا راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي ويڙهه وارن ماڳن ۽ مڪانن تي تحقيق ڪئي آهي اها ڪنهن به صورت ۾ ساراهڻ کان گھٽ نه آهي.

    ڊاڪٽر محمد مارو خشڪ
    مڪلي، 10 مارچ 2017ع


    ٻه اکر (محمد علي مانجهي)

    سامونڊي ڪناري ۾ آيل ڦيرگهير، سنڌو درياهه جي وهڪرن جي تبديلين ۽ ڪجهه ٻين سببن جي ڪري سنڌ ساڻيهه ۾ وڏيون جاگرافيائي تبديليون اينديون رهيون آهن. خاص ڪري تيرهين عيسوي صديءَ کان اڳ جا بندر، شهر، وسنديون، واهڻ ۽ ٻيا ماڳ مڪان باقي ڪي وڃي رهيا آهن ۽ ٻيا سڀ اُجڙي پنهنجا نالا نشان ئي وڃائي چڪا آهن. عربن لڳاتار ڪاهون ڪري جڏهن سنڌ ملڪ تي قبضو ڪيو، تنهن وقت جي يا سندن حڪومتي دور جي ماڳن مان به تمام ڪي ٿورا جهڙي تهڙي حالت ۾ نشان بچائي موجود آهن.
    چچ جي دور جو راؤڙ جو قلعو به انهن مان آهي، جنهن جا هاڻي اسين اُهي هنڌ ڳولڻ جي کوج ۾ آهيون. اُن وقت جو جڳ مشهور بندر ديبل ۽ راؤڙ انهن مان اهم ماڳ آهن، جن جي ڳولا ٿيڻ گهرجي.
    راؤڙ جو قلعو چچ پنهنجي حڪومتي دور ۾ ٺهرايو هو، جتي هو اونهاري جي چئن مهينن ۾ اچي رهندو هو. انهيءَ جاءِ تي ئي محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر جي وچ ۾ مقابلو ٿيو هو. اهو راؤڙ جو قلعو ڪٿي هو؟ اُن متعلق مختلف محققن جا مختلف رايا آهن. مشهور محقق، تاريخدان ۽ عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو خيال ۾ اُهو ماڳ رڙي ( جاتي شهر جي ويجهو گونگڙي وهڪري تي درياهي بندر / شهر) ٿي سگهي ٿو/آهي. ڪن يورپي ماهرن موجب راؤڙ جو قلعو جاتي کان نئين ڪوٽ جي وچ واري علائقي ۾ ڪٿي ٿي سگهي ٿو. شيخ محمد سومار جي لکت موجب اهو ماڳ راؤڙ، ضلعي بدين ۾ ڪرهيي ڀانڊاريءَ کان ستن ميلن جي مفاصلي تي ڏکڻ ۾ آهي. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا به شيخ محمد سومار واري ڳالهه درج ڪئي آهي. گهڻو وقت اڳ ۾ مون ڪنهن هنڌ لکيو هو ته راؤڙ جو ماڳ ٽکڙ يا بلڙي شاهه ڪريم جي آسپاس ڪٿي ٿي سگهي ٿو.
    ذوالفقار علي عرف ٺٽوي ڪاتيار نوجوان ليکڪ/شاعر آهي. هن راؤڙ جي هنڌ متعلق هيءَ هڪ نئي کوجنا ڪئي آهي. سندس چوڻ موجب اهو علائقو ساڪري تعلقي جي (هاڻوڪي) يونين ڪائونسل پليجاڻي ۾ ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار جي ويجهو آهي. جنهن هنڌ کي رياتڙو چيو وڃي ٿو، سندس چوڻ آهي ته راؤڙ ۽ رياتڙو ساڳيو آهي. انهي ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هن نوجوان هن سلسلي ۾ چڱي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اميد ته هو اهڙي ڪوشش ڪندو به رهندو. هيءَ سندس هڪ راءِ آهي، جنهن کي هن سامهون آندو آهي، جنهن لاءِ هن مختلف دليل ڏنا آهن. هن کان اڳ ڪيل تحقيق ۽ هن نوجوان جي ڪيل ڪوشش جي ڇنڊڇاڻ به ضرور ٿيندي ۽ ان سان ئي ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهبو.
    هن نوجوان هڪ چڱي ڪوشش ڪئي آهي، کيس هنن ماڳن متعلق پنهنجي ڪوششن کي جاري رکڻ گهرجي ۽ اسين منجهانئس اها اميد رکون ٿا.

    ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
    مڪلي، ٺٽو
    2 اپريل 2017ع


    ٻه اکر (عزيز ڪينجهرائي)

    سنڌ ڌرتي تي ڌارين جي ڪاهن ۽ انهن جي تعصب سبب سنڌ جي تاريخ کي تباهه ڪيو ويو ۽ ان کي مختلف طريقن سان اهڙو ته منجهايو ويو آهي جو گوبلز جو ڪنڌ به شرم سان جهڪيو وڃي!!! وقت جي ضرورت آهي ته ان کي صحيح سمت ۾ سلجهائي موجوده توڙي ايندڙ نسل کي صحيح تاريخ سان وابسته ڪيو وڃي. ان عظيم ڪم لاءِ شروعاتي وکون کنيون ويون آهن. سنڌ ۾ تاريخ نويسي جي حوالي سان جيڪي نوان سَلا پيدا ٿيا آهن انهن مان ذوالفقار علي عرف ٺٽوي ڪاتيار به هڪ آهي. اسان جو اميدون ڪَر موڙڻ لڳيون آهن. هاڻ نوان سچار پُٽ تاريخ نويس اڳتي ايندا. سچي پچي تاريخ لکي ڪاڪ جا ڪوڪٽ ڊاهي ڍير ڪري ڇڏيندا.
    هاڻ اچون ٿا ٺٽوي ڪاتيار جي اصل موضوع “راؤڙ” ڪٿي آهي؟ ٺٽوي ڪاتيار جو مقالو پڙهڻ کانپوءِ غور ويچار ڪيو ته هن سوال کي سلجهائڻ سان گڏ ٻيا به ماڳ مڪان چٽا ڏسڻ ۾ اچڻ لڳا. ان لاءِ هيٺيون ڳالهيون بنيادي آهن.
    1. اُن وقت جي سنڌ جي جاگرافيائي بيهڪ ۽ دريائي وهڪرا سمجهڻ
    2. حمله آور عرب فوج ڪهڙي رستي تان آئي ۽ سنڌ ۾ ڪٿان داخل ٿي.
    3. حجاز جي گورنر حجاج بن يوسف عرب حمله آورن کي هٿيار ۽ ٻيو سامان ڪيئن ۽ ڪٿي پهچايو.
    4. اُن وقت سنڌ جي شهرن ۽ قلعن بابت ڄاڻ.
    اِها تاريخي حقيقت آهي ته راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي فيصلا ڪن جنگ سکر واري اروڙ وٽ نه پر لاڙ جي راؤڙ واري قلعي وٽ وڙهي ويئي هئي. پر سوال اهو ته اهو راؤڙ جو قلعو ڪٿي هو؟ ان لاءِ ٺٽوي ڪاتيار تمام گهڻا ثبوت پيش ڪيا آهن پر ان لاءِ ٻي مواد جي به ضرورت آهي. سڪندر يوناني جي ڪاھ، ارغونن ۽ مغلن جي دور تائين به تاريخ ثابت ڪيو آهي ته سنڌو درياءُ مڪلي جي اترين پاسي ستين وٽان وهي گجي ۽ ٻاٻڙن وٽان اڳتي هلي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. جنهن جا آثار اڄ به گهاري وٽ ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
    محمد بن قاسم جو لشڪر مڪران کان آيو، لسٻيلي وٽ سنڌي ۽ عرب فوج جي وچ ۾ جهڙپ ٿي هئي. حجاج بن يوسف کان عرب لشڪر کي بحري، ٻيڙن رستي موڪليل جنگي هٿيار ۽ ٻيو سامان ديبل ويجهو پهچايو ويو. جنهن ۾ پٿر اڇلائي هڻڻ واريون منجنيقون به هيون. ان کانپوءِ عرب فوج ديبل فتح ڪيو. عرب فوج درياءُ جي ٻيءَ ڀر ڪجهه فاصلي واري فوجي قلعي راؤڙ کي ڇڏي جنگي حڪمت عملي هيٺ هڪ اهم قلعي رني ڪوٽ تي حملو ڪري قبضو ڪيو جنهن کي تاريخ نويسن غلطيءَ وچان نيرون ڪوٽ ڄاڻايو آهي. نيرون ڪوٽ تاريخ ۾ مونجهارو آهي. ان لاءِ ٻه نقطه نظر آهن يا ته سري سان ئي اهو آهي ئي رني ڪوٽ جيڪو اڄ به سلامت آهي. جيئن اروڙ ۽ راؤڙ کي ڪجهه تاريخ نويسن هڪ ڪري لکيو آهي. ان طرح نيرون ڪوٽ کي آندو ويو آهي. جي نيرون ڪوٽ حيدرآباد هو ته پوءِ اهو دريا جي کاٻي پاسي هو عرب فوج درياءَ فقط هڪ دفعو راؤڙ جي قلعي تي حملو ڪرڻ لاءِ لاڙ ۾ جيور وٽان پار ڪيو هو. رني ڪوٽ کان سيوهڻ جو قلعو ويجهو ۽ درياءَ جي ساڄي پاسي هو. ان کي فتح ڪرڻ کانپوءِ عرب فوج راؤڙ جي شاهي قلعي جيڪا سنڌي لشڪر جي اهم ڇانوڻي هئي جتي سورهيه بادشاهه راجا ڏاهر پاڻ رهيل هو. هاڻ اهو به ثابت ٿيو ته ديبل سنڌو جي ڇوڙ کان ساڄي پاسي هو. عرب فوج جي جنگي حڪمت عملي اها هئي ته اول سنڌو جي ساڄي پاسي واري علائقي تي قبضو ڪري پير پختا ڪري پوءِ اڳتي وڌجي. اها به اهم ڳالهه آهي ته عرب جنرلن وٽ ايران جي فتح کان وٺي خشڪيءَ تي ويڙهه جا تجربا هئا. بحري ڪاهن عربن کي نقصان ڏنو هو ان ڪري عرب فوج لاءِ سنڌو درياءَ ڪٿان ۽ ڪيئن پار ڪري اهو وڏو مسئلو هو. عرب فوج جو اصل جنگي ماهر حجاج بن يوسف هو جنهن لاءِ سمنڊ ۽ درياءَ وڏو مسئلو هئا. هن درياءَ پار ڪرڻ لاءِ محمد بن قاسم کي جيڪي هدايتون ڏنيون اهي عرب جنرلن جي سمنڊ ۽ دريا بابت خوف کي ظاهر ڪن ٿيون. سنڌ جا اروڙ کان راؤڙ تائين اهم قلعا ۽ ان وقت جي سرحدي صورتحال موجب اهميت کاٻي پاسي واري علائقي کي هئي. ان جو ثبوت اهو آهي ته عرب حمله آورن جا هٿيار ۽ رسد کڻي بحري ٻيڙو بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ديبل ويجهو عرب فوج وٽ پهچي ويا.
    منهنجي اڳ ۾ ديبل بابت راءِ هئي ته اهو ٻاٻڙن وٽ هو پر اهي آثار ديبل جا نه پر راؤڙ جا آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان مون تائين، فيصله ڪن جنگ راؤڙ وٽ قبول ٿا ڪن. باقي راؤڙ ۽ ديبل ڪٿي آهن ان ڏس ۾ ٺٽوي ڪاتيار ثبوتن ۽ شاهدين جا انبار لڳائي ڇڏيا آهن. هاڻي جن به تاريخ نويسن کي ٺٽوي ڪاتيار سان اختلاف راءِ آهي، اهي وڌيڪ اعتبار جوڳيون ثابتيون اڳيان آڻين.

    عزيز ڪينجهرائي
    ڪينجهر
    20 مارچ 2017ع


    ٻه اکر (محمد عارب موج)

    تاريخ ساز ضلعو ٺٽو، جنهن جي پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رهي آهي. هڪ منفرد ۽ شاندار تاريخ جو مالڪ رهيو آهي پر افسوس جو ٺٽي جي تاريخ جيتري لکڻ ۽ جيتري ان تي تحقيق ڪرڻ گهرجي، اها اڃا تائين ناهي ٿي سگهي. منهنجو والد محترم محمد اسمعاعيل شيدي، جيڪو 1937ع ۾ امتحان پاس ڪري روينيو کاتي ۾ سپروائيزنگ تپيدار ڀرتي ٿيو هو، ان کي تاريخ سان ڪافي دلچسپي هوندي هئي. مون وٽ جيڪو ڪتابن جو خزانو آهي ان ۾ اڪثريت منهنجي والد محترم جا خريد ٿيل آهن. منهنجي والد صاحب جي ليکڪ جي ڏاڏي ۽ ان جي ڀائرن سان ڀائرن جهڙي دوستي هوندي هئي. خاص دوستي ليکڪ جي ڏاڏي جي ڀاءُ محمد عارب ڪاتيار سان هوندي هئي جنهن سان مرحوم جون ڪافي ڪچهريون ٿينديون هيون. سڀ کان اهم ڳالهه ته منهنجو والد محترم، ليکڪ جي ڳوٺ واري پاسي جو تپيدار به رهي چڪو آهي. منهنجي والد محترم سان تاريخ بابت ڪچهريون ڪرڻ لاءِ پري پري کان ماڻهو ڪهي ايندا هئا. ڊاڪٽر نواز علي شوق به بابا سان ڪچهري ڪرڻ آيو هو پر شوق صاحب جنهن ڏينهن بابا سان ملڻ آيو هو ان ڏينهن بابا جو ٽيجهو هو.
    مونکي به تاريخ سان ڪافي دلچسپي رهي آهي. مختلف موضوعن تي تحقيق به ڪئي آهي ۽ ڪافي مقاله به لکيا آهن پر ڪنهن مجبوري سبب ڇپائي نه سگهيوس. هزارين ڪتابن جو ذخيرو مون وٽ موجود آهي. 1960ع کان 1988ع تائين ايريگيشن کاتي ۾ ملازم رهيوس.
    ٺٽوي ڪاتيار جي تحقيق لاءِ ايترو چوندس ته منهنجو والد محترم به اها ئي ڳالهه ڪندو هو ته عرب ۽ ڏاهر جي وچ ۾ فيصله ڪن جنگ ٻاٻڙن واري پاسي لڳي هئي. فتح جو پڙ، ڇڇ ميرانخور، رياتڙو ۽ جيوڙو جا نالا به بابا ٻڌائيندو هو. ان کان علاوه ليکڪ لکي ٿو ته ڇڇ ميرانخور تي سرن جا دڪا ٺهيل آهن. انهن سرن جي دڪن کي تاريخ ۾ “پاڄ” چئبو آهي جن جي ذريعي طاقتور هاٿي پاڻي ۾ وهنجي واپس ٻاهر نڪرندا آهن.
    ٺٽوي ڪاتيار تاريخ ۾ منهنجو شاگرد آهي. منهنجي دوست جو پٽ ۽ منهنجي والد جي دوست جو پوٽو آهي. مونکي فخر آهي ته جيڪو تحقيقي ڪم اسان نه ڪري سگهياسين اهو اسان جي ٻچي ٺٽوي ڪاتيار ڪري ڏيکاريو آهي.
    هن ڪتاب لکڻ سان ٺٽوي ڪاتيار به يوسف جي خريدارن ۾ پنهنجو نالو لکائي ڇڏيو آهي. سنڌ ۽ سنڌي قوم صدين تائين ڪاتيار کي ياد ڪندي رهندي. دعا آهي ته ٺٽوي ڪاتيار جي قلم کي مالڪ سائين اڃا به سگهه بخشي ۽ هو سنڌ جي تاريخ تي اڃا به تحقيق جاري رکي.

    محمد عارب موج شيدي
    ٺٽو
    15 مارچ 2017ع


    پنهنجي پاران

    اول تعريف مالڪ سائين جي، درود پاڪ مٺي مديني واري سائين تي.
    سمجهه ۾ نٿو اچي ته لفظن جي شروعات ڪٿان ڪريان، وڏي سوچ ويچار کان پوءِ ته ڪڏهن ڪڏهن انسان اهڙا ڪم به ڪري ويندو آهي جنهن جو شايد ان کي خبر چار يا احساس به نه هوندو آهي. منهنجي پيدائش هڪ ڳوٺاڻي ڪٽنب ۾ ٿي. منهنجو تڙ ڏاڏو مٺو فقير هڪ درويش قسم جو انسان هو جنهن جو ڪرامتون اڄ به مقامي ماڻهن جي واتان ٻڌبيون آهن جڏهن ته منهنجو پڙڏاڏو مرحوم جعفر ان وقت ۾ وفات ڪري ويو جڏهن منهنجو ڏاڏو اڃان ننڍو ٻار هو. منهنجو ڏاڏو الهڏنو ڪاتيار انگريز سرڪار جي دور ۾ (1941ع) پوليس ۾ ڀرتي ٿيو، جيڪو سپاهي جي رينڪ کان ويندي صوبيدار ٿي 1974ع ۾ ريٽائرڊ ٿيو. تنهن کان پوءِ ڏاڏي مرحوم ٺٽي ضلعي ۾ شهيد ڀٽي پاران تحفي طور ڏنل ٺٽه سيمينٽ فيڪٽري ۾ سيڪيورٽي انسپيڪٽر طور ڊيوٽي ڪرڻ لڳو. ڪجهه سالن ۾ ڏاڏي سائين جو انتقال ٿي ويو ته ٺٽه سيمينٽ فيڪٽري وارن بابا سائين کي سن ڪوٽا تي فيڪٽري ۾ هيلپر جي نوڪري ڏني. 1984ع ۾ بابا سائين کي نوڪري ملي ۽ ان ئي سال بابا جي شادي ٿي. منهنجي پيدائش 1989ع ۾ ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار ۾ ٿي. اسان جي ڳوٺ توڙي ان علائقي جي اِها بدقسمتي چئبي جو اسان وٽ علم جو ڪو خاص معيار ڪونهي. انهن ڳالهين کي مدِنظر رکندي بابا سائين منهنجي پڙهائي خاطر پنهنجو اباڻو راڄ ڀاڳ، ٻنيون ٻارا، مال متاع، سنگت ساٿ ڇڏي، 1996ع ۾ ٺٽه سيمينٽ فيڪٽري جي ورڪرز ڪالوني ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ ان ئي سال مونکي فيڪٽري جي اسڪول ۾ پهرين درجي ۾ داخلا وٺي ڏني.
    2006ع ۾ مئٽرڪ، 2008ع ۾ آرمي ڪاليج ٺٽي مان انٽر پاس ڪئي. ڪجهه ڪوتاهين ۽ ڪجهه مجبورين سبب لياقت يونيورسٽي ۾ داخلا نه ٿي ته پاڪ آرمي ۾ ڪميشن ڏني. اتان به ناڪام ٿيڻ کان پوءِ مختلف ادارن ۾ اپلاءِ ڪيو پر ڪٿان به ڪا خاص موٽ نه ملي. زندگي جا مختلف مرحلا گذارڻ کانپوءِ اين آر ايس پي ٺٽي ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر جي نوڪري ملي ۽ پوءِ جلد تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد جي نوڪري ملي.
    اسڪول ٽائيم کان پوءِ اڪثر شام جو وقت گذارڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو سوچيو هو. اسان جي گھر جو ماحول آهي ته اڪثر رات جو ماني کائي پوءِ ٻاهر اڱڻ ۾ سڀ گھر ڀاتي گڏجي ڪچهري ڪندا آهيون. بابا سائين پنهنجي وقت ۽ تجربي جون ڳالهيون، تاريخي قصه، تاريخي شخصيتن، شاهه صاحب ۽ اسان جي ڳوٺ ۽ ان جي آسپاس بابت ٻڌائيندو رهندو آهي. ايئن ڳالهين ڳالهين ۾ جڏهن ٺٽي جي تاريخ جو ذڪر ايندو هو ته خبر ناهي ڇو مونکي محسوس ٿيندو هو ته ٺٽي جي تاريخ اڻپوري آهي، جنهن تي تحقيق جي ضرورت آهي. هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته مونکي ڪتابن سان شروع کان محبت هئي. ننڍپڻ ۾ ٻارن جي حوالي سان نڪرندڙ رسالا وڏي شوق سان پڙهندو هئس. 2004ع کان شاعري لکڻ شروع ڪئي هئي ان وقت آئون نائين ڪلاس جو شاگرد هئس.
    هاڻي اچون ٿا اصل موضوع ۽ هن ڪتاب تي...!
    ٺٽي جي تاريخ جي حوالي سان جڏهن شوق جاڳيو ته بابا سائين پنهنجي هڪ دوست حاجي محمد جوکيو کان تحفة الڪرام ڪتاب پڙهڻ لاءِ کڻي آيو. جڏهن ته استاد محترم محمد خان مارو خشڪ، منهنجي شوق کي ڏسي ڪتاب تاريخ طاهري ۽ مڪلي نامه پڙهڻ لاءِ ڏنا. جڏهن انهن ڪتابن کي پڙهڻ شروع ڪيم ته مختلف تضاد نظر آيا ۽ ڪجهه ڳالهيون اهڙيون به هيون جن کي منهنجو عقل تسليم ئي نٿي ڪيو. بعد ۾ پروفيسر سائين قلندر شاهه لڪياري سان ڳالهه ٻولهه ٿي ته سائين چيو ته توهان مختلف تاريخي ڪتاب پڙهو ۽ انهن مان جيڪي تضاد نظر اچن انهن کي پاڻ وٽ لکي رکو. جيڪي تضاد نظر آيا يا جن ڳالهين کي منهنجي عقل تسليم نٿي ڪيو انهن جا تفصيلي ذڪر هن ڪتاب ۾ ڏنا آهن. پوءِ ايئن وڌيڪ ڪتابن کي پڙهڻ جو شوق ٿيو. منهنجي شوق کي ڏسي بابا سائين پنهنجي هڪ پراڻي دوست جيڪو تاريخ جو به وڏي ڄاڻو آهي استاد محمد عارب موج ڏانهن وٺي ويو. جنهن منهنجي شوق، جذبي، همٿ ۽ لکيل مواد کي ڏسي وڏي حوصله افزائي ڪئي. بعد ۾ دوست اعجاز واريو، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺٽي جي ان وقت جي سيڪريٽري فقير اڪرم مڱڻهار جو نمبر ڏنو ۽ ايئن آئون جلد ساس جو به ميمبر ٿي ان جي هر گڏجاڻي ۾ حاضري ڏيڻ لڳس. پوءِ الهڏني جوڻيجي جي ڪلام “جيئن ٿي ملاقات ٿيئي تيئن ٿي سِڪ وڌي” واري ڪار مونکي ڏينهون ڏينهن ٺٽي جي تاريخ پڙهڻ جو شوق جاڳيو. ايئن تضاد لکندي لکندي کوڙ سارو مواد گڏ ٿي ويو. هاڻي سوال رهيو ته مختلف تاريخي ماڳن تي مواد ته آهي پر ان ماڳن جو وزٽ به ڪيو وڃي ۽ اتي جي مقامي ماڻهن سان به ملجي ۽ پڇجي ته آخر اُهي ان بابت ڇا ٿا چون؟ پوءِ ايئن اهو سفر شروع ٿيو پر مالي وسيلن جي کوٽ، وقت جي قلت، ڊيوٽي ۽ گھر جي ذميوارين تمام گھڻو پريشان ڪيو ۽ ڪافي موجهارا به پيدا ٿيا. اسان جي معاشري جي اها روايت رهي آهي ته اسان ڪنهن جي تعريف گھٽ پر ان کي مايوس گھڻو ڪندا آهيون.
    آئون ڪو وڏو اديب ناهيان ۽ نه وري پاڻ کي وڏو اديب سمجهان ٿو. آئون ادب جو هڪ ننڍڙو شاگرد آهيان. تاريخي علائقه گھمڻ ۽ مواد گڏ ڪرڻ کان پوءِ بابا سائين چيو ته هاڻي ڪتاب ڇپائجي، ته جيئن تنهنجي محنت به رائيگان نه وڃي ۽ گھڻن کان گھڻن ماڻهن کي اصل حقائق معلوم ٿي سگھن. ڪتاب جو پهريون نالو رکيوسين “ٺٽي جي وکريل تاريخ”، پر جڏهن مواد کي ڪمپوز ڪيو ( هي سڄو ڪتاب مون پاڻ ڪمپوز ڪيو آهي) ته مواد تمام گھڻو ٿي ويو ۽ ايتري منهنجي پونجي به ناهي ۽ نه وري ڀاري ۽ وڏي قيمت واري ڪتاب جو هاڻ ڪو رواج رهيو آهي. بعد ۾ صرف راؤڙ واري موضوع کي ڪتابي شڪل ڏني وئي آهي باقي رهيل مواد ايندڙ ڪتاب ۾ سنڌ دوستن جي هٿن ۾ هوندو.
    تاريخ ۽ تحقيق جو ڪم تمام مشڪل هوندو آهي پر ناممڪن نه. تاريخ لکڻ ايئن ڄڻ نانگ لتاڙڻ. پيٽ تي پٿر ٻڌڻ. آئون هڪ پرائمري استاد آهيان، هڪ مزدور جو پٽ. مون وٽ ايترا وسائل ناهن پر تنهن هوندي به مون ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌ واسين تائين اصل حقائق پهچائي سگھان.
    هتي اهو به ذڪر ڪندو هلان ته تاريخي ماڳ راؤڙ منهنجي اباڻي ڳوٺ جي پاسي ۾ آهي يا کڻي ايئن چئجي ته اهو منهنجو اباڻو ڳوٺ ئي آهي جتي راؤڙ جو ماڳ آهي. هاڻي اها خوشقسمتي چئجي يا ڪجهه ٻيو پر ڪير ايئن نه سمجهي ته ڪاتيار پنهنجي اباڻي ڳوٺ کي مان ڏيڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو آهي. آئون صرف ڳالهين تي يقين نه رکندو آهيان پر ڳالهين جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش به ڪندو آهيان. مون جيڪو ڪجهه لکيو آهي اهو تاريخي ڪتابن جي آڌار تي، تاريخي ماڳن جي وزٽ، پنهنجي ذهن ۽ علم مطابق ۽ فتحنامه سنڌ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ته “اميد ته اسان مان، ٻئي ڪنهن صاحب علم کي ڌڻي توفيق ڏيندو جو هن تحقيق کي اڃا به وڌيڪ مڪمل ڪري، سنڌ جي تاريخ جي ڪماحقه خدمت ڪندو” واري بنياد تي لکيو آهي. وڌيڪ فيصلو اوهان دوستن جي هٿ ۾ آهي.
    دعويٰ نٿو ڪريان پر ايترو ضرور چوندس ته هي ڪتاب صرف لائبريري يا ڊرائينگ روم ۾ ويهي ناهي لکيو. هن ڪتاب ۾ ان عظيم ماڳ تي لکڻ جي ٿوري گھڻي جسارت ڪئي اٿم، جنهن جو ذڪر ته هر ڪوئي ڪري ٿو پر ان منزل تي اڃان تائين ڪو به ناهي پهتو. باقي رهيل ڳالهين تي به تحقيق ڪئي آهي ۽ اهو سلسلو جاري رکيو ويندو. اوهان سڄڻن جو ساٿ رهيو ته ٻيا ڪتاب به جلد اوهان جي هٿن ۾ هوندا.
    ڪتاب مڪمل ٿيڻ جي صورت ۾ جن جون محنتون ۽ محبتون هن ڪتاب ۾ شامل آهن، انهن جا ٿورا ڪڏهن به لاهي نٿو سگهان. سڀ کان اول بابا سائين جا ڪروڙين ٿورا، جنهن منهنجي هر ممڪنه مدد ڪئي، ساٿ ڏنو، تاريخ لکڻ جو چاهه ڏنو. ايئن سمجهو ته هن ڪتاب جا اسين ٻه مصنف آهيون، هڪ بابا ۽ ٻيو آئون. ڪتاب لکڻ توڙي تاريخ طرف آماده به بابا سائين ڪيو ۽ اِهو بابا سائين ئي هو جنهن ڪتاب جي تياري ۾ منهنجي هر ممڪنه مدد ۽ سهڪار ڪيو. پئسي ڏوڪڙ کان ويندي تاريخ جي ٽوڙي مروڙيل نالن کي سنئون سڌو ڪرڻ، انهن علائقن ۾ گڏجي هلڻ، اتي جي مقامي ماڻهن توڙي تاريخ جي ڄاڻن سان ملاقاتون ۽ تعارف ڪرائڻ سڀ بابا سائين پنهنجي ذمي کنيو. آئون اڄ جيڪو ڪجهه آهيان اهو بابا سائين جي ڪري ئي آهيان. جيڪڏهن بابا سائين ساٿ نه ڏيئي ها ته شايد آئون ايڏي وڏي کوجنا نه ڪري سگھان ها.
    ان کان علاوه خاص مهربانيون سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺٽو جي سمورن دوستن جون، سائين محمد خان مارو خشڪ، سائين عرس اوٺو، سجاد ميمڻ، فقير اڪرم مڱڻهار، سائين آصف قريشي، سائين نواز شاهه ڀاڏائي، صادق لاکو، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، محبوب بروهي، حاجن سولنگي، عزيز ڪينجهرائي، استاد عارب موج، چاچا اوڀايو خشڪ، حميد مهراڻوي ۽ صفدر ٺٽوي جون، جن تاريخ تي لکڻ لاءِ ڀرپور اتسايو. ڪمپوزنگ مون پاڻ ڪئي آهي پر ان سان گڏ منهنجا ڀائر هر هڪ شوڪت علي، لياقت علي ۽ نثار علي به شاملِ حال رهيا ۽ پروف ريڊنگ به ڪري ڏني. جڏهن ته ننڍو ڀاءُ آصف علي گھٽ تعليم هئڻ جي ڪري ڪمپوزنگ ۾ ته گڏ نه هو پر سفر ۾ هر وقت گڏ رهندو هو. تصويرون مون پاڻ وڃي انهن ماڳ مڪانن تي ڪڍيون آهن. ادا نور احمد ڪاتيار (مرڪزي اڳواڻ عوامي تحريڪ) جا لک ٿورا جنهن ڪتاب کي ڇپائڻ ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو. استاد محترم سائين محمد مارو خشڪ جا به لک ٿورا، جنهن پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه وقت ڪڍي ڪتاب جو مهاڳ لکي ڏنو. ان کان علاوءُ استاد محترم عزيز ڪينجهرائي ۽ استاد محترم محمد عارب موج شيدي جا به لک ٿورا ۽ لک قرب، جن ڪتاب تي پنهنجا ٻه اکر لکي ڪتاب کي وڏو مان بخشيو. ڊاڪٽر محمد علي مانجهي جا به لک ٿورا جنهن گهڻي مصروفيت هوندي به ڪتاب تي ٻه اکر لکي ڪتاب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
    جڏهن ته ڀائرن جهڙي پياري دوست رئيس حاڪم الدين جوکيو (پ پ پ اڳواڻ ضلع ٺٽو) ۽ چاچا محمد اسمٰعيل سرڪي (سرڪي آئل شاپ ٺٽو) جو به نهايت احسانمند آهيان جن هر ممڪنه مالي مدد ڪري، ڪتاب جي ڇپائي ممڪن بنائي.
    فيصلو اوهان پڙهندڙن تي ڇڏيل آهي. اوهانجي تعميري تنقيد، صلاحن مشورن ۽ حوصلا افزائي جي اکرن جو اوسيئڙو رهندو. ڪتاب پسند اچڻ يا نه اچڻ، ٻنهي صورتن ۾ اوهان جي راءِ جو انتظار رهندو ۽ احترام ڪيو ويندو.

    ٺٽوي ڪاتيار (ذوالفقار علي ڪاتيار)
    ڪاتيار هائوس ورڪرز ڪالوني ٺٽه سيمنٽ فيڪٽري، مڪلي غلام الله روڊ ضلع ٺٽو
    موبائل نمبر: 03243094990
    thattvikatiar@gmail.com


    باب پهريون:تاريخي مونجهارا

    ڪتاب پڙهڻ وقت سڀ کان پهرين هن ڪتاب ۾ ڏنل تاريخي مونجهارن کي غور سان پڙهڻو پوندو، تنهن کان پوءِ ئي هن ڪتاب ۾ ڏنل تاريخي حقيقتن کي بهتر سمجهي سگهبو.
    هي اهي ڳالهيون آهن جن کي اڄ ڏينهن تائين اسان جي ڪنهن به تاريخدان چٽو ڪري سلجهايو ناهي، جنهن سبب اسان جي تاريخ ڪافي حد تائين مونجهاري جو شڪار آهي. هي پوائنٽس منهنجي هڪ ناقص ذهن جي مطابق آهن ٿي سگھي ٿو ته اڃان به ڪافي ڳالهيون هجن.

    (1) هڪ نالي سان ٻن يا ٻن کان وڌيڪ فردن، ڳوٺن، شهرن، ماڳ مڪانن، ڪوٽن قلعن ۽ قبرستانن جو هجڻ:
    مثال: مارئي جو ملڪ ملير!
    ملير ڪهڙو؟ ٿر وارو يا ڪراچي وارو؟
    (2) بندر صرف سامونڊي ڪناري تي ڳولهڻ: مثال: اگر بندر صرف سمنڊ جي ڪناري هئا ته پوءِ انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا ته اروڙ کي به بندر لکيو آهي ۽ موجوده بٺوري ۾ به علي بندر لکيو آهي ته ڇا اهي بندر سمنڊ تي هئا يا دريا جي ڪناري تي؟
    (3) هڪ ٻولي مان ٻي ٻولي ۾ ترجمو: فتحنامي جي شروع ۾ جناب شمشيرالحيدري لکيو آهي ته جڏهن هڪ ٻولي مان ٻي ٻولي ۾ ترجمو ٿيندو آهي ته ان تي ٽي ڏاڪا اثر پوندو آهي.
    (4) تلفظ جو صحيح نه اچارڻ: اسان وٽ اڪثر ڪري لفظ ٽوڙي موڙي ڳالهايا ويندا آهن يا انهن جا تلفظ صحيح ناهن اچاريا ويندا.
    مثال: محمد کي مامد، احمد کي آمد
    (5) سنڌ جي پهرين مسجد: ٿي سگهي ٿو ته محمد بن قاسم سڄي سنڌ ۾ ڪافي مسجدون تعمير ڪرايون هونديون، پر اهو اڄ تائين معلوم ناهي ٿي سگھيو ته پهرين مسجد ڪٿي تعمير ڪرائي؟
    (6) سنڌو دريا کي موجوده حالت ۾ رکي تاريخ ڳولهڻ: ڇا دريا سنڌ اڄ کان 14 سئو سال پهرين به ساڳي رستي تان وهندو هو جنهن تان هينئر پيو وهي؟
    (7) ڏند ڪٿائن کي اهميت نه ڏيڻ: ڪراچي سنڌ جي مارئي ۾ جناب گل حسن ڪلمتي لکي ٿو ته جتي به ڏند ڪٿائون آهن اتي لازمي ڪو واقعو ضرور ٿيو هوندو جنهن جي بنياد تي اهي ڏند ڪٿائون وجود ۾ آيون آهن.
    (8) موجوده روڊ رستن کي ذهن ۾ رکي تاريخ لکڻ: ڪجهه ڪتابن ۾ تاريخ ايئن لکي وئي آهي ڄڻ محمد بن قاسم نيشنل هاءِ وي تان سفر ڪري سنڌ فتح ڪئي هجي؟
    (9) ترجمي وقت پيدا ٿيل مونجهارا: هينري ڪزنس ڪتاب سنڌ جا قديم آثار ۾ لکيو آهي ته “ گهڻن شهرن جي سڃاڻپ کي مترجمن ۽ مورخن نقل ڪرڻ وقت منجهائي رکيو آهي. ڇو ته کين ملڪ جي جاگرافيائي حالتن جي يا ته ڪا ڄاڻ ڪانه هئي يا کين فقط معمولي ڄاڻ هئي. انهن اکرن جا اصل ٽٻڪا ختم ڪري ڇڏيا يا وري وڌيڪ ٽٻڪن جو اضافو ڪيو ۽ نالن جي غلط هَجي ۽ اچارن سان مونجهارن جو اڻ کٽ سلسلو شروع ڪري ڇڏيو.”
    مثال: فارسي ۾ جتي لفظ “قصه” آيو آهي ان کي ترجمي ۾ “ڪڇ” لکڻ.
    (10) ڪوھ، فرسنگ يا فرسخ جو صحيح تعين نه ڪرڻ: اسان وٽ موجوده زماني ۾ مفاصلو ماپڻ لاءِ ميل يا ڪلوميٽر استعمال ڪبا آهن، جڏهن ته گذريل زماني ۾ ڪوهه يا فرسنگ استعمال ٿيندا هئا. اڄ ڏينهن تائين ڪير به صحيح تعين ناهي ڪري سگھيو ته ڪوهه يا فرسنگ ۾ ڪيترا ميل يا ڪلوميٽر اچن ٿا؟
    (11) قبرستانن تي کوجنا نه ڪرڻ: قبرستان اتي وجود ۾ ايندا آهن جتي ڪو ڳوٺ، شهر يا ڪوٽ قلعا هوندا هئا. اسان وٽ لاتعداد اهڙا قبرستان آهن جن تي ڪابه تحقيق ناهي ٿي.
    (12) عربن کي هڪ ڪري لکڻ: محمد بن قاسم ثقفي، اميه عرب هو. جڏهن عباسي خاندان جو پهريون خليفو ابوالعباس سفاح تخت تي ويٺو ته ان پنهنجي پهرين فوج سنڌ موڪلي اميه عربن کان سنڌ کسي ورتي. مطلب ته اميه ۽ عباسي الڳ الڳ هئا وڏي ڳالهه ٻئي هڪ ٻئي جا دشمن هئا. جڏهن ته عباسين کانپوءِ هباري سنڌ جا حاڪم بڻيا. بعد ۾ غزنوي، هبارين کان سنڌ کسي.
    (13) ديهن کي اهميت نه ڏيڻ: اسان وٽ هر يونين ڪائونسل ۾ ديهون ۽ تپا هوندا آهن ۽ اسان جي تاريخ ۾ اهي مددگار ثابت ٿينديون، بشرط ته انهن تي تحقيق ڪئي وڃي.
    (14) سڪن جي آڌار تي تاريخ ڳولڻ: جتان سڪا مليا اتي لکي ڇڏيائون ته انهن حڪمرانن جو مسڪن اهو ماڳ هو! سنڌ هڪ ملڪ هو ۽ سڄي ملڪ ۾ هڪڙي بادشاهه جو سڪو هلندو هوندو.
    (15) نئين شهر کي پراڻي نالي سان ياد ڪرڻ: سنڌ ۾ اهو رواج رهيو آهي ته جڏهن ڪو مشهور شهر ويران ٿيندو هو ۽ بعد ۾ ان ماڳ تي يا ان جي پاسي ۾ يا ان کان ٿورو پرڀرو ڪو نئون شهر ٺهندو هو ته ان کي به ساڳي نالي سان سڏيو ويندو هو.
    مثال: ديبل کانپوءِ لاڙي بندر کي به ديبل چوڻ يا ٺٽي کي به ديبل چوڻ وغيره
    (16) سائنٽيفڪ نظريي تحت تاريخ نه لکڻ: اسان وٽ اڃا تائين سائنسي اصولن جي بنياد تي تحقيقي رجحان پيدا نه ٿي سگهيو آهي. سائين جي ايم سيد تاريخ لکڻ لاءِ جيڪي ڳالهيون لکيون آهن اهي هي آهن.
    ڦٽل شهرن جي کوٽائي، مختلف تاريخن جي مطالع، ڏند ڪٿائن، رسم رواج، رومانوي افسانن ۽ سماجي دستورن مان گهڻي معلومات هٿ ڪري سگهجي ٿي.
    (17) مشاهدي ۽ تجزيي جي کوٽ: اسان وٽ تاريخ لکڻ وقت مشاهدي توڙي تجزيي کي ڪابه اهميت ناهي ڏني ويندي.
    (18) مشابهت يا شڪ ۾ لکل ڳالهه تي تحقيق ڪرڻ بجاءِ ان کي سچ سمجهڻ: ڪجهه ماڳ اهڙا آهن جن کي اسان جي محققن شڪ ۾ پراڻو ماڳ لکيو آهي يا ان کي صرف ان پراڻي ماڳ سان مشابهت ڏني آهي پر اسان وٽ بعد ۾ اهو دستور ٿي ويو ته بابا هيڏي وڏي عظيم مورخ اها ڳالهه لکي آهي اها غلط ڪيئن ٿي ٿي سگھي.
    (19) جانبدار ٿي تاريخ لکڻ: جيڪو ماڻهو تاريخ کي پنهنجي فڪر جي آئيني ۾ لکندو. اهو صحيح تاريخ نه لکي سگهندو.
    (20) حقيقتن، روايتن ۽ ڏند ڪٿائن ۾ تضاد: اسان وٽ ڪجهه حقيقتون اهڙيون آهن جن جو معيار عام ڳالهه کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي بس انهن کي ڪتابي جاءِ ملي وئي ته انهن کي مان ملي ويو. جڏهن ته ڪجهه روايتون توڙي ڏند ڪٿائون حقيقت جو روپ رکن ٿيون پر انهن کي ڪنهن ڪتاب ۾ جاءِ نه ملي ۽ اهي هاڻي محض هڪ روايت ۽ ڏند ڪٿا جي حيثيت رکن ٿيون.
    مونکي اميد آهي ته اگر اسان هنن تاريخي مونجهارن کي ذهن ۾ رکي سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ڪريون ته شايد اسان جي سونهاري سنڌ جي ڪافي تاريخ سلجهي سگھي ٿي.


    باب ٻيو:راؤڙ يا اروڙ؟

    هاڻي اچون ته ان ڳالهه تي ته راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي جنگ اروڙ ۾ لڳي يا راؤڙ ۾؟
    مون ڪافي دوستن کان ان باري ۾ معلوم ڪيو ته اڪثر دوستن جو جواب اروڙ ئي هو. اگر اسان اروڙ کي درست قرار ڏيو ته ان جو مطلب اهو نڪرندو ته فتحنامه يا ٻيا ڪتاب سڀ غلط آهن. هتي اهو به ذڪر ڪندو هلان ته سنڌ جي قديم تاريخ تي فتحنامه سنڌ ئي جامع ڪتاب آهي جيڪو ٻي صدي هجري ۾ لکيو ويو ۽ سنڌي ادبي بورڊ پاران جن ٽن ڪتابن کي پاڪستان جي آزادي کان پوءِ ڇپائڻ جو ڪم شروع ٿيو انهن ۾ اهو ڪتاب به آهي. هن ڪتاب ۾ محقق پاران ڏنل واڌارا ۽ اشارا ۾ سنڌ جي برک محقق ۽ تاريخدان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب واضع طور لکيو آهي ته “هن پوئين عرصي ۾ جن سنڌ جي تاريخ تي قلم کنيو آهي تن مان گھڻن راؤڙ ۽ اروڙ کي هڪ سمجهيو آهي جو صحيح نه آهي.” سو سڀ کان پهرين اسان کي اهو معلوم ڪرڻو پوندو ته اها جنگ اروڙ تي لڳي هئي يا راؤڙ تي؟
    سو مون به ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڳالهه مطابق اروڙ ۽ راؤڙ ۾ فرق ڪرڻ لاءِ ڪجهه نقطا لکيا آهن، اميد ته انهن کي پڙهڻ کان پوءِ اروڙ ۽ راؤڙ ۾ فرق واضع ٿي ويندو.

    (1). اروڙ راءِ ساهيسي جي دور ۾ سنڌ جي گادي جو هنڌ هو، جڏهن ته راؤڙ جو بنياد چچ وڌو هو.
    هاڻي چچ هڪ ٺهيل شهر جو ڪيئن وري بنياد وجهندو.؟ ڪنهن شهر جي مرمت ڪرڻ الڳ جڏهن ته ان جو بنياد رکڻ الڳ ڳالهه آهي.
    (2). جڏهن راؤڙ جو قلعو فتح ٿيو ته ڏاهر جو پٽ جيسينه راؤڙ جي قلعي مان نڪري وڃي برهمڻ آباد ۾ ويٺو ۽ اتان اروڙ جي قلعي ۾ ويٺل پنهنجي ڀاءُ گوپي پٽ ڏاهر کي خط لکيائين.
    اگر راؤڙ ۽ اروڙ هڪ آهن ته پوءِ راؤڙ جو قلعو محمد بن قاسم فتح ڪري ورتو ۽ جيسينه وڃي برهمڻ آباد ۾ ويٺو ته پوءِ گوپي ڪيئن اروڙ جي قلعي ۾ ويٺو هو جو جيسينه ان کي خط لکيو؟
    (3). اروڙ تي جڏهن محمد بن قاسم پهتو ته اتي جي عوام کي پورو ڀروسو هو ته ڏاهر اڃان زنده آهي ۽ اسان جي مدد لاءِ اچي پيو. اتي محمد بن قاسم پنهنجي زال لاڏي (جيڪا پهرين ڏاهر جي زال هئي ۽ بعد ۾ غنيمت جي مال مان خريد ڪري محمد بن قاسم ان سان نڪاح ڪيو) کي قلعي وارن سان ڳالهائڻ لاءِ موڪليو.
    اگر جي جنگ لڳي اروڙ تي هئي ته پوءِ ڏاهر جي زال ڪيئن جنگ کان پهرين محمد بن قاسم جي نڪاح ۾ آئي؟
    جڏهن ته “جنت السنڌ” ۾ رحيمداد خان مولائي شيدائي لکي ٿو ته “الور جي قلعي وٽ جنگ لڳي هئي اتي ئي راڻي مابين پاڻ کي باهه ڏني هئي ۽ اتان ئي راڻي لاڏي هٿ آئي هئي جنهن سان محمد بن قاسم نڪاح ڪيو هو”.
    هاڻي ته ڳالهه سمجهه کان ئي ٻاهر ٿيو وڃي ته الور وٽ جنگ لڳي ته پوءِ محمد بن قاسم وٽ جنگ کان پهريان ئي راڻي لاڏي ڪيئن هٿ آئي جو هن راڻي لاڏي کي قلعي وارن سان ڳالهائڻ لاءِ موڪليو.
    (4). انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهرين ۾ جتي اروڙ جو ذڪر آهي اتي محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر جي جنگ جو ڪو به ذڪر نه آهي.
    انسائڪلوپيڊيا ڪتاب ڪو هڪ ماڻهو ناهي لکندو. ڪم و بيش 500 ماڻهو (ناليوارا اديب ۽ تاريخدان) گڏجي اهو ڪتاب لکندا آهن. ته انهن ماڻهن ان ڳالهه تي ڇو اعتراض نه ڪيو ته ڏاهر ۽ عرب جي لڙائي اروڙ ۾ نه لڳي هئي.؟
    (5). فتحنامه سنڌ جو مصنف لکي ٿو ته ڏاهر گرمي جا چار مهينا راؤڙ ۾ رهندو هو ڇو ته اتي جي هوا موافق هئي.
    ڇا سکر جي آبهوا گرمين ۾ موافق هوندي آهي؟ اڄ جي دور ۾ به گرمين جي موسم ۾ به آبهوا جي حوالي سان ٺٽي کي جنت قرار ڏنو ويندو آهي. ”ڪتاب ننگر ٺٽو، جنهن جيئن ڏٺو” ۾ لکيل آهي ته “ٺٽو پنهنجي بهترين آبهوا ۽ ميوات ڪري ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ بهشت منجهان مينهن جيان هيٺ وسي زمين تي لٿو آهي” هڪ ٻي جڳهه تي لکيل آهي ته “ دلچسپ اها ڳالهه به آهي ته مطاهر ٺٽي کي بهشت سان تشبيهه ڏني آهي”.
    وڏي ڳالهه ته اڄڪلهه گھڻن ماڻهن جي واتان يا سوشل ميڊيا تي توهان کي اهو معلوم ٿي ويندو ته راجا ڏاهر 2 جولائي تي قتل يا شهيد ٿيو. جڏهن ته اردو انسائڪلوپيڊيا ۾ لکيل آهي ته راجا ڏاهر 20 جون تي قتل ٿيو. ان مان صاف ظاهر آهي ته عرب ۽ ڏاهر جي لڙائي وقت گرمين جا ڏينهن هئا ۽ راجا ڏاهر راؤڙ جي قلعي ۾ هو.
    “تحفة الڪرام جي مولف جو بيان آهي ته سنڌ کي سٺيءَ آبهوا سان نوازيو ويو آهي. سندس چوڻ مطابق هن جون سانجهيون ته واقعي خوبصورت ٿينديون آهن. سنڌ جو اتر وارو ڀاڱو گرم ۽ لاڙ وارو ڀاڱو ٿڌو ٿيندو آهي. مان سمجهان ٿو۽ حقيقت به اها آهي ته هن صوبي جي آبهوايڏي سٺي ڪانه آهي. مان اڳي به ذڪر ڪري آيو آهيان ته مارچ، اپريل ۽ مئي جي مهيني ۾ سري (اپر سنڌ) ۾ گرمي تمام گهڻي ٿي ويندي آهي. سري واري علائقي ۾ ايڏي ته ڪوسي اگهاڙ گهلندي آهي جو سفر ڪرڻ به مشڪل ٿيو پوي، ان رُت ۾ سبي ۽ سنڌ جي وچ تي بربٽ مان سفر ڪرڻ بلڪل ناممڪن ٿي ويندو آهي. (ڪتاب سُکاري سنڌ، ڏکارا ماڻهو)
    (6). فتحنامه سنڌ ۾ لکيل آهي ته ڏاهر گرميءَ جا چار مهينا راؤڙ ۾ ترسندو هو، ڇاڪاڻ ته هوءَ وڻندڙ جڳهه هئي ۽ سندس هوا موافق ۽ پاڻي خوشگوار هو. سياري جا چار مهينا برهمناباد ۾ گذاريندو هو ۽ بهار جا چار مهينا اروڙ ۾ رهندو هو.
    هاڻ جيڪڏهن راؤڙ ۽ اروڙ هڪ آهن ته مٿين ڳالهه کي غلط تصور ڪجي يا اهو چئجي ته مصنف يا محقق جي غلطي آهي. جيڪڏهن اروڙ ۽ راؤڙ هڪ آهن ته پوءِ عبارت هيئن به لکجي سگھجي ٿي ته “ڏاهر گرمي ۽ بهار جا 8 مهينا اروڙ ۾ گذاريندو هو.”
    (7). اسان جا ڪجهه تاريخي ڪتاب لکن ٿا ته راجا ڏاهر جنگ جي وقت هاٿي تي سوار هو ۽ پالڪي ۾ ساڻس گڏ ٻه ڇوڪريون به ويٺل هيون. جن مان هڪ کيس تير ٿي کڻي ڏنا جڏهن ته ٻي کيس پان ٿي کارايو.
    پان ته اڄ به ٺٽي وارن جي سڃاڻپ آهي. پان جو فصل شروع کان وٺي ٺٽي ۾ ٿيئي ٿو. جناب عبدالرشيد گبول پنهنجي ڪتاب “ڀنڀور تاريخ جي آئيني” ۾ لکي ٿو ته ڀنڀور جا ماڻهو پان به واپرائيندا هئا.
    هتي اهو به ذڪر ڪندو هلان ته مٿين عبارت جي حوالي سان مختلف ڪتابن ۾ مختلف ڳالهيون بيان ڪيو ويون آهن، مثال ڪنهن ڪتاب ۾ لکيل آهي ته راجا ڏاهر سان گڏ جيڪي ٻه ڇوڪريون پالڪي تي ويٺل هيون انهن مان هڪ کيس پان ٿي ڏنو تي ٻي کيس تير. ڪٿي هيئن لکيل آهي ته هڪ کيس تير ٿي ڏنا ته ٻي کيس سوپاريون، ڪنهن ڪتاب ۾ لکيل آهي ته هڪ کيس تير ٿي ڏنا ته ٻي کيس شراب.
    هاڻي خبر ناهي ته اصل ڳالهه ڪهڙي آهي؟ ۽ ان ڳالهه کي ايترو ڇو منجهايو ويو آهي؟ ٿي سگھي ٿو ته انهن ڳالهين ۾ وڌاءُ هجي پر جي اها سچي ڳالهه آهي تڏهن به پان جو ذڪر ٺٽي واري علائقي جي نشاندهي ڪري ٿو.
    (8). اروڙ جي قلعي ۾ هڪ جادوگرڻ رهندي هئي، جنهن کي هنديءَ ۾ “جوڳڻي” چوندا آهن. گوپي پٽ ڏاهر ۽ شهر جي مکيه ماڻهن انهيءَ وٽ وڃي عرض ڪيو ته “تنهنجي علم مان اميد آهي ته اسان کي راجا ڏاهر جي خبر ملندي ته ڪٿي آهي؟
    جادوگرياڻيءَ چيو ته “مون کي اڄوڪو ڏينهن مهلت ڏيو ته مان جاچ جوچ ڪري پوري خبر وٺي توهان کي واقف ڪريان”. پوءِ گهر ويئي ۽ ٽن پهرن کان پوءِ سرانديپ جي ٻيٽ مان مرچن ۽ جافر جي وڻ جي تازي ۽ سائي شاخ مکڙين، گلن ۽ ڦر سميت هٿ ۾ کڻي موٽي آئي ۽ چيائين “قاف کان قاف تائين ساري دنيا جو سير ڪيم، پر سنڌ ۽ هند ۾ ڪنهن به جاءِ تي سندس نشان به ڏسڻ ڪونه آيم ۽ نه ڪا سندس خبر ٻڌيم، وڃي پنهنجي ڪا تدبير ڪريو. جيڪڏهن جيئرو هجي ها ته مون کان ڳجهو پاسيرو نه رهي ها. هن خبر جي تصديق لاءِ سرانديپ مان سايون ٽاريون توهان وٽ کڻي آئي آهيان، جيئن توهان کي مون ۾ بدگماني نه ٿئي. مون کي پڪ ٿي ويئي آهي ته توهان جو راجا روءِ زمين تي جيئرو ڪونه آهي
    اگر جي راجا ڏاهر اروڙ جي قلعي وٽ ماريو ويو ته پوءِ ڪيئن اروڙ وارن جادوگرياڻي کان پڇيو ته اسان کي ٻڌائي ته ڏاهر ڪٿي آهي؟ ۽ وڏي ڳالهه ته اروڙ وارن کي جادوگرياڻي ڪيئن چيو ته توهان جو راجا زنده ڪونه آهي؟
    (9). سنڌ جو ناليوارو محقق، تاريخدان محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ “راؤڙ ” جي حوالي سان فتحنامه سنڌ ۾ هڪ تفصيلي نوٽ لکيو آهي جيڪو هن ريت آهي.
    “راؤڙ : هن پوئين عرصي ۾ جن سنڌ جي تاريخ تي قلم کنيو آهي تن مان گھڻن راؤڙ ۽ اروڙ کي هڪ سمجهيو آهي جو صحيح نه آهي. هن جاءِ واري عبارت مان ظاهر آهي ته راؤڙ جي قلعي جو بنياد چَچ پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ رکيو مگر ان جي پوري ٿيڻ کان اڳ هو مري ويو ۽ ان بعد سندس پٽ ڏهرسينه ان کي مڪمل ڪرائي، اتي شهر آباد ڪيو جنهن جو نالو “راؤڙ ” رکيائين. ان جي برعڪس، اروڙ هڪ قديم شهر هو ۽ چچ کان اڳ راءِ گھراڻي جي ڏينهن ۾ پڻ سنڌ جو تختگاهه هو.ازانسواءِ اروڙ اترسنڌ ۾ (موجوده روهڙيءَ لڳ) هو، ۽ راؤڙ هيٺ لاڙ ۾ مهراڻ جي دوآبي واري ٻيٽ اندر هڪ مظبوط حفاظتي قلعو هو.
    راؤڙ جي قلعي ۽ شهر جي صحيح جڳهه متعين ڪرڻ مشڪل آهي. البت فتحنامي ۾ محمد بن قاسم جي ڏاهر سان لڙائي واري احوال مان هيءُ يقيني نتيجو نڪري ٿو ته راؤڙ هيٺ لاڙ ۽ مهراڻ جي ڇوڙ واري ايراضي ۾ هو. هيٺيان دليل قابل غور آهن:
    اول ته محمد بن قاسم اتر طرف سيوستان (سيوهڻ) ۽ ٻڌيه جي علائقن فتح ڪرڻ بعد موٽي نيرون ڪوٽ ۾ آيو جو غالباً حيدرآباد واري جڳهه تي يا ان جي آسپاس هو. اتان هو ڪوچ ڪري اشبهار جي قلعي ڏانهن روانو ٿيو ۽ وڃي راؤڙ جي حد سامهون، مگر درياءَ جي الهندي ڪناري تي، جهيم ۽ ڪرهل جي پرڳڻن ۾ منزل انداز ٿيو (ص س 132 ۽ 147). بعد جي تاريخي حوالن مان ثابت آهي ته ڪرهل يا گرهڙ، ٺٽي واري ايراضي جو حصو هو. پوءِ اتان به منزل کڻي اڃا به هيٺ جهيم جي پرڳڻي ۾ ساڪري جي ايراضيءَ ۾ وڃي مهراڻ ٽپڻ لاءِ ٻيڙيون ۽ تختا تيار ڪرايائين (ص 218). انهيءَ مان ظاهر آهي ته محمد بن قاسم لاڙ ۾ هيٺ ٺٽي ۽ ميرپور ساڪري واري ايراضي مان، جا مهراڻ جي ڇوڙ واري دوآبي ۽ ٻيٽ جي سامهون الهندي طرف هئي، درياءَ ٽپيو.
    ٻيو ته محمد بن قاسم جي انهيءَ تياري ۽ تجويز وقت، لاڙ واري ايراضي جي جتن ۽ ساڪري جي وڏيرن جو ذڪر اچي ٿو (فتحنامو ص 124). جت به قديم زماني کان شاھبندر ڊويزن واري ايراضي ۾ رهندڙ آهن ۽ سندن انهن قديم بستين سبب ئي ٺٽي ضلعي جي ڏکڻ-اوڀر واري ايراضي تي نالو ئي “جاتي” پئجي ويو آهي.
    ٽيو ته محمد بن قاسم جو مهراڻ جي الهندي طرفان ٽپي اوڀر طرف راؤڙ جي قلعي تائين واري بيان ۾ ڪيترن ئي ننڍن دريائن جو ذڪر اچي ٿو، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته اها مهراڻ جي هيٺين دوآبي يا ڊيلٽا واري ايراضي هئي. اول ته محمد بن قاسم ٻيڙين جي پل ٺهرائي، مهراڻ جي وڏي شاخ تان اڀرندي طرف ٽپيو. آڏو جيسينه “جوءِ ڪوتڪه” يعني ڪوتڪه نالي درياءَ جي هڪ ننڍي شاخ رستي اچي “ٻيٽ جي قلعي” جي حفاظت ڪئي (ص 210). هن “ٻيٽ جي قلعي” کان ڪجهه پري “جوءِ نيطري” يا درياءَ جي ٻي هڪ ننڍي شاخ “نيطري” نالي هئي، جتي راسل گرفتار ٿيو (ص 239). محمد بن قاسم “ ٻيٽ جي قلعي” کان ڪوچ ڪري اڃا به اڳتي “جوءِ ڌڌاواهه” يعني ڌڌا واهه واري درياءَ جي اڃا به هڪ ٻي شاخ تي وڃي ڪئمپ ڪئي، جنهن کي راجا ڏاهر “هڏباري” جي نالي سان ٿي سڏيو (ص 242). اڃا به محمد بن قاسم جي لشڪر ڏاهر جي فوج جي وچ ۾ هڪ “جوءِ” يا “خليج” هئي (ص 246 ۽ 241) جا ٽپي اسلامي لشڪر جنگ شروع ڪئي (ص 246)، ۽ لڙائي ۾ عرب مجاهد وڙهندا وڙهندا وڃي راؤڙ جي قلعي تائين پهتا (ص 263). آخر محمد بن قاسم جي فتح ٿي ۽ ڏاهر راؤڙ جي قلعي لڳ، “مهراڻ نديءَ جي وچ ۾ (يعني دوآبي ۾) ڌڌاواهه وٽ مارجي ويو” (ص261 ۽ 281).
    فتحنامي جي مٿين حوالن مان صاف ظاهر آهي ته محمد بن قاسم، نيرون ڪوٽ کان گھڻو هيٺ لاڙ ۾ جهيم، ڪرهل ۽ ساڪري جي ايراضيءَ ۾ ڪنهن هنڌان درياءَ ٽپيو ۽ سندس لشڪر ۽ ڏاهر جي فوج جي وچ ۾ جنگ واري اراضي، مهراڻ جي دوآبي ۽ ان جي مختلف ڇوڙ وارين شاخن واري اراضي هئي، ۽ راؤڙ جو قلعو خود هڪ اهڙي شاخ “ڌڌاواھ” جي لڳ هو.
    فتحنامي جي بيان مان هيءُ پڻ صاف ظاهر آهي ته راؤڙ، برهمڻ آباد کان يقيني طور گھڻو هيٺ لاڙ طرف هو، ڇاڪاڻ ته راؤڙ جي فتح بعد، محمد بن قاسم جڏهن برهمڻ آباد جو رخ ڪيو ته اول ڪوچ ڪندو “بهرور” جي قلعي وٽ پهتو جو ٻن مهينن جي گھيري بعد فتح ڪيائين (ص 287). اتان وري ڪوچ ڪندو “ آخر محمد بن قاسم دهليله ۾ پهتو” ۽ اهو قلعو پڻ ٻن مهينن جي گھيري بعد فتح ڪيائين (ص 287-289). ان بعد اتان برهمڻ آباد پهتو جو دهليله جي قلعي کي ويجهو هو ( ص 291).
    مٿين حوالن جي بناءَ تي، ڪزنس ( سنڌ جا آثار قديمه ص 23) جو هيءُ خيال خام آهي ته راؤڙ جو قلعو، اروڙ کان 20 يا 25 ميل اولهه يا اولھ-ڏکڻ طرف ڪنگري جي شهر کان ڪجهه هيٺ واقع هو. ساڳيءَ طرح ميجر راورٽي ( سنڌ جو مهراڻ، ص 272) جو تخمينو ته راؤڙ، برهمڻ آباد کان اولهه طرف (ڪزنس جي اندازي موجب تقريبا 10-ميل کن) هو، غلط آهي.
    ڪزنس جي خيال ۾ ( آثار قديمه ص 23، نوٽ 1) محمد بن قاسم جو درياءَ جي دوآبي وارين مختلف شاخن مان گذرڻ ۽ تڪليفن ڏسڻ جو بيان ڪٿي به موجود ڪونهي، ۽ انهيءَ ڪري سندس خيال ۾ راؤڙ جو دوآبي ۾ هئڻ ممڪن نه آهي. مگر هيءُ گمان غلط آهي ڇاڪاڻ ته فتحنامي جي مٿين حوالن ۾ دوآبي خواه درياءَ جي مختلف ننڍين شاخن جو ذڪر موجود آهي. ميجر راورٽي پڻ راؤڙ جو دوآبي ۾ هئڻ ناممڪن سمجهي ٿو ڇاڪاڻ ته سندس خيال ۾ ( سنڌ جو مهراڻ، ص 239 حاشيو) راؤڙ تي محمد بن قاسم جي حملي وقت آبڪلاڻي جي موسم هئي، ۽ ان موسم ۾ دوآبي مان گذرڻ مشڪل آهي. راورٽي جو دليل ايڏو وزندار ناهي ڇاڪاڻ ته فوج جو دوآبي مان گذرڻ کڻي مشڪل هجي مگر ناممڪن ناهي. ٻيو ته فتحنامي مان ظاهر آهي ته محمد بن قاسم جڏهن پهريائين نيرون ڪوٽ ۾ آيو، تڏهن اڃا اتي مهراڻ جو پاڻي ڪونه آيو هو مگر برساتن جي اوائلي موسم هئي ۽ پاڻي اچڻ وارو هو. ان بعد محمد بن قاسم نيرون ڪوٽ فتح ڪيو ۽ اتان مٿي وڃي سيوستان ۽ ٻڌيه جا علائقا فتح ڪيائين، ۽ اتان موٽي نيرون ڪوٽ ۾ آيو _ پوءِ اتان وڃي اشبهار جو قلعو فتح ڪيائين ۽ ان بعد ڏاهر جي مقابلي لاءِ مهراڻ ٽپڻ جا سانباها ڪيائين. ان جي معنٰي ته نيرون ڪوٽ ۾ سندس پهرين آمد بعد ڪافي عرصو گذري چڪو هو ۽ غالباً مهراڻ ٽپڻ وقت آبڪلاڻي جي موسم تقريباً ختم ٿي چڪي هئي.
    ڊاڪٽر دائودپوٽي جو گمان آهي ته “راؤڙ ” موجوده حيدرآباد واري جڳهه تي هو ( فتحنامو، فارسي ايڊيشن، ص 258 تي ڏنل ص 54 جو حاشيه). اهو گمان پڻ درست ناهي ڇاڪاڻ ته حيدرآباد واري جڳهه تي غالباً “نيرون ڪوٽ” هو. ازانسواءِ فتحنامي جي حوالن ۾ صاف ظاهر آهي ته راؤڙ هيٺ لاڙ ۾ جهيم. ڪرهل ( ٺٽي جي اتر اوڀر واري اراضي)، ۽ ساڪري طرف درياءَ جي دوآبي ۾ هو. هوڙي والا (ص 87) جي راءِ ته راؤڙ، نيرون ڪوٽ ۽ برهمڻ آباد جي وچ ۾ هو – پڻ مبهم آهي. هيگ، جنهن مهراڻ جي دوآبي ۽ ان جي قديم شاخن جي ڪافي تحقيق ڪئي، تنهن جي راءِ ۾ راؤڙ، هيٺ لاڙ ۾ ونگي جي آسپاس، اڀرندي ناري جي ڪپ تي، برهمڻ آباد کان تقريباً 8 ميل ڏکڻ ۽ نيرون ڪوٽ کان اٽڪل 70 ميل ڏکڻ – اوڀر طرف واقع هو ( انڊس ڊيلٽا ڪنٽري ص 63-64). هيءُ تخمينو فتحنامي جي حوالن جي روشني ۾ البت قرين قياس آهي. اسان جي خيال ۾ راؤڙ جو قلعو غالباً لاڙ ۾ موجوده ٺٽي ضلعي جي شاهبندر سب ڊويزن ۽ حيدرآباد ضلعي جي ٽنڊي ڊويزن جي حدن ۾ ڪنهن جاءِ تي واقع هو. نالي جي مناسبت سان، شاھبندر ڊويزن ۾ قديم شهر رڙي جا کنڊرات شايد انهيءَ راؤڙ جي قلعي ۽ شهر جا هجن.
    بهرحال راؤڙ هيٺ لاڙ ۾ هو جتي غالباً سمنڊ جي ويجهي هئڻ سبب اونهاري ۾ به اتي جي “ هوا موافق” هئي، ۽ انهيءَ ڪري ڏاهر “گرميءَ جا چار مهينا راؤڙ ۾ ترسندو هو” (فتحنامو ص 93).
    چئي نٿو سگھجي ته اهو شهر ڪيئن ۽ ڪڏهن ڦٽو. محمد بن قاسم جي فتح وقت به هن شهر کي دريائي رستي تي واقع هئڻ سبب هڪ مرڪزي حيثيت حاصل هئي. چناچه برهمڻ آباد جي فتح بعد جڏهن محمد بن قاسم حڪومت جو نظام درست ڪيو تڏهن “نوبه بن دارس کي راؤڙ جي قلعي تي مقرر ڪيائين، جيئن انهيءَ جاءِ تي ٻيڙيون تيار رکي، جيڪا به ٻيڙي مٿان يا هيٺان اچي خواه وڃي، ۽ جيڪڏهن انهيءَ ۾ جنگي سامان هجي ته جهلي راؤڙ جي قلعي ۾ کڻي وڃي. انهيءَ (راؤڙ ) کان مٿي وارين ٻيڙين جو اختيار ابن زيادالعبدي کي ڏنائين. ڪڇ وارو طرف... هذيل بن سليمان الازدي کي ڏنائين” (فتحنامو ص 318). هن حوالي مان اهو دليل به نڪري ٿو ته راؤڙ واري سرحد پريان ڪڇ جي سرحد سان لاڳو هئي. راؤڙ جو شهر محمد بن قاسم جي فتوحات کان تقريبا پنج سئو ورهيه پوءِ به شايد موجود هو، ڇاڪاڻ ته ياقوت پنهنجي ڪتاب معجم البلدان (راور) ۾، 1224-1228ع ڌاري لکي ٿو ته “راؤڙ، سنڌ ۾ هڪ وڏو شهر آهي جنهن کي محمد بن قاسم فتح ڪيو”.
    ممڪن آهي ته هن ڪتاب جو “راور” اصل ۾ “ارور” جي غلط صورت هجي. پر جيڪڏهن اهو نالو ساڳيو زير بحث “راؤڙ ” جو آهي ته پوءِ چئبو ته 1612ع ڌاري راؤڙ موجود هو. انهيءَ لحاظ سان شايد راؤڙ ساڳيو شاهبندر سب ڊويزن وارو قديم ڦٽل شهر “رڙي” هجي جو مقامي روايتن مطابق ٻه ٽي سئو ورهيه اڳ برباد ٿيو. انهيءَ آخري دور ۾ رڙي جتن جي قوم جو مکيه شهر هو، جو شايد کانئن ڪيهرن جي قوم قرض جي عيوض پنهنجي قبضي ۾ ڪيو. مثال مشهور آهي ته “رڙي ٽڪن ۾ پڙي، مليو جتن کي جواب”. لاڙ ۾ ڪيهر قوم جو مڪمل زوال تقريباً 17 صدي عيسوي جي آخري ڌاري ٿيو ۽ غالباً انهيءَ عرصي ۾ ئي رڙي جو شهر ڦٽو.”
    (10). صرف هڪ معمولي ڳالهه جي بنياد تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته شايد راؤڙ موجوده شاهبندر ۾ هجي. ڇو ته فتحنامه سنڌ ۾ لکيل آهي ته اتي جتن محمد بن قاسم جو ساٿ ڏنو هو ۽ جت ته ٺٽي ضلعي جي جاتي پاسي گھڻائي ۾ آهن.
    ڊاڪٽر صاحب جي ٿورو به ذهن تي زور ڏي ها ته ڳالهه کي سمجهي وڃي ها. پهرين ڳالهه ته جت ڪا ذات نه هئي جيڪو به اٺُ پاليندو هو يا اُٺ چاريندو هو تنهن کي “جت” سڏيو ويندو هو، ان جو ثبوت خود سنڌ جي نامور محقق ۽ تاريخدان “جناب رحيمداد خان مولائي شيدائي” پنهنجي ڪتاب “جنت السنڌ” ۾ ڏنو آهي. مثال اڄڪلهه مڇي مارڻ واري کي مهاڻو سڏيو وڃي ٿو ڇو ته مهاڻو به هڪ ڌنڌو آهي. ٻي ڳالهه ته لازمي ناهي ته اڄ کان ساڍا تيرنهن سئو سال پهرين جت جاتي ۾ ويٺل هوندا. ٽي ڳالهه ته ڪراچي سنڌ جي مارئي جي مهاڳ ۾ محترم امر جليل صاحب لکي ٿو ته ڪراچي ۾ مشهور روڊ بندر روڊ تي اسان وارن همراهن کي بندر ڏسڻ ۾ ڪونه آيا ته ان جو نالو بدلائي ڇڏيائون ۽ ڊاڪٽر صاحب به بلڪل ايئن ڪيو آهي.
    مٿين سڀني ڳالهين کي پڙهڻ ۽ ذهن ۾ ويهارڻ کان پوءِ اسان کي چڱي طرح سمجهه ۾ اچي ويو ته اروڙ الڳ جڏهن ته راؤڙ الڳ آهن. وڏي ڳالهه ته راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي وچ ۾ جنگ راؤڙ جي ميدان وٽ لڳي هئي نه ڪي اروڙ وٽ. جنت السنڌ توڙي تاريخ معصومي ۾ لکيل آهي ته پهرين اروڙ وٽ جنگ لڳي جنهن ۾ راجا ڏاهر مارجي ويو بعد ۾ محمد بن قاسم برهمڻ آباد جو قلعو فتح ڪيو جنهن کي اسان جي تاريخدان موجوده ضلع سانگهڙ ۾ ڏيکارين ٿا بعد ۾ وري لکن ٿا ته محمد بن قاسم اروڙ تي ڪاهه ڪئي. هتي ڳالهه سمجهه کان ٻاهر نڪريو وڃي ته جڏهن اروڙ فتح ٿي ويو ته پوءِ محمد بن قاسم دوباره اروڙ تي ڪاهه ڇو ڪئي؟
    اسان وٽ اڪثر تاريخي ڪتاب لفظ راؤڙ تي متفق آهن. جن ۾ سرفهرست جن ڪتابن جا نالا آهن اهي هي آهن
    • تحفة الڪرام مير علي شير قانع ٺٽوي
    • فتحنامه سنڌ علي بن حامد ڪوفي
    • سنڌ، عرب دور ممتاز حسين پٺاڻ
    • سنڌ جي تاريخ اعجاز الحق قدوسي
    • تاريخ سنڌ سيد سليمان ندوي
    • سنڌ جا قديم آثار هينري ڪزنس
    • سنڌ جي تاريخ مولانا الحليم شرر
    • ڪڇين جا قول محمد سومار شيخ
    • لبِ تاريخ سنڌ خان بهادر خداداد خان
    • سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ ايڇ ايم ٽي لئمبرڪ
    جڏهن ته صرف ٻه ڪتاب مير معصوم جو لکيل ڪتاب “تاريخ معصومي” ۽ مولائي شيدائي جو ڪتاب “جنت السنڌ” اروڙ واري ڳالهه تي متفق آهن.
    سنڌ جي تاريخ جا 90 فيصد ڪتاب توڙي تاريخدان ان ڳالهه تي متفق آهن ته عربن ۽ برهمڻن جي وچ ۾ فيصله ڪن جنگ جنهن ۾ راجا ڏاهر مارجي ويو هو اها جنگ “راؤڙ ” جي ماڳ تي لڳي هئي. هاڻي هڪڙو سوال پيدا ٿو ٿيئي ته جڏهن راؤڙ ايترو قديم ۽ سنڌ جي اهم تاريخ آهي ته پوءِ اڄ ڏينهن تائين ان تاريخ کي ڇو منجهايو ويو آهي.
    سلسليوار تاريخ سنڌ_جلد ٽيون سنڌ عرب دور ۾ محترم ممتاز حسين پٺاڻ راؤڙ متعلق لکي ٿو ته“عرب ليکڪن سنڌ ۾ ڪيترن ئي شهرن جا نالا ڏنا آهن جي سندن حملي وقت سنڌ ۾ موجود هئا. ديبل، راؤڙ، برهمڻ آباد، سيوستان، اروڙ، نيرون، السڪه، ملتان وغيره ان وقت آباد ۽ خوشحال هئا. برهمڻ آباد ۽ راؤڙ کان سواءِ ٻيا شهر عربن جي سڄي دور ۾ جنهن جو عرصو ٽي سو سال تائين رهيو. ساڳئي حال ۾ وسندڙ ۽ موجود هئا.راؤڙ جو شهر سنڌ جي راجائن جي ڇانوڻي هئي ۽ جيئن ته ان جي آبهوا معتدل هئي، ان ڪري ان کي ڇانوڻي طور ڪم آندو ويندو هو ۽ ان ۾ فوج جا ماڻهوءَ ئي رهندا هئا. راؤڙ جي مشهور ۽ فيصله ڪن جنگ کانپوءِ راجا ڏاهر جي باقي رهيل فوج انهيءَ ۾ پناهه ورتي هئي. پر عربن جي لشڪر انهن جا بنياد ڀڃي ڇڏيا ۽ هندو فوج جو قتلام ڪيو. عالم آشڪار آهي ته جيڪي به جنگ ڪندڙ ماڻهو اتي موجود هئا، انهن کي قتل ڪيو ويو ۽ انهن جي خاندان جي ماڻهن کي غلاميءَ ۾ سلهاڙيو ويو.ان کانپوءِ شهر کي بنياد کان ڪيرائي ميدان بنايو ويو، ڇانوڻي جي شهر جي ايتري تباهي کانپوءِ جنهن ۾ ان جي سڄي آبادي کي تلوار جو کاڄ بنايو ويو هجي، وري سڌرڻ يا اوج وٺڻ ناممڪن هو. ان ڪري “راؤڙ ” جو نالو تاريخ تان ڄڻ گم ٿي ويو ۽ وري ڪڏهن به ٻڌڻ ۾ نه آيو.
    هن بيان مان اها ڳالهه واضع آهي ته راؤڙ جي قلعي کي عربن جي دور ۾ ئي تباهه ڪيو ويو بعد ۾ صرف ان جو نالو ڪتابن ۾ زنده رهيو.
    رڙي کي برباد ٿيندي ڪو گهڻو وقت ناهي ٿيو. ميرن جي دور ۾ جڏهن انگريز ڊاڪٽر برنس، ميرن جو علاج ڪرڻ آيو هو ته هڪ رات رڙي ۾ ترسيو هو. (سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري) ان جو مطلب ته ميرن جي دور تائين به رڙي جو وجود هو.
    انهن ڳالهين مان اهو ثابت ٿي ويو آهي ته جنگ راؤڙ جي ماڳ تي لڳي هئي ۽ هاڻي اهو منجهيل مسئلو حل ٿيڻ کپي. ڇو ته سڀ کان پهرين اسان کي اهو تعين ڪرڻو هو ته جنگ ڪهڙي ماڳ تي لڳي هئي ۽ ان کان پوءِ ئي ان ماڳ کي ڳولي سگهجي ٿو.
    هاڻي سوال ته اهو تاريخي ماڳ سنڌ ۾ ڪهڙي جاءِ تي واقع هو؟ ان سوال جو جواب توهان منهنجي هن ڪتاب جي باب چوٿين ۾ پڙهي سگھندا.


    باب ٽيون:برهمڻ دورِ حڪومت

    هي ڪتاب راؤڙ متعلق آهي پر برهمڻ گھراڻي جو دور حڪومت کي به نظر ۾ رکڻ لازمي آهي.
    اسان جي تقريباً تاريخ ڄڻ نامڪمل آهي. جيئن راؤڙ واري ماڳ کي روليو ويو آهي، بلڪل ايئن برهمڻ گھراڻي جي دور حڪومت کي به مختلف ڪتابن مختلف سال ۽ بادشاهه لکيا آهن.

    برهمڻ بادشاھ:
    اسان وٽ تاريخ جي حوالي سان مشهور ڪتاب جهڙوڪ فتحنامه سنڌ، اعجاز الحق قدوسي جو ڪتاب سنڌ جي تاريخ، سنڌ جا سورما، تحفة الڪرام، سنڌ عرب دور ۽ ڪجهه ٻين ڪتابن برهمڻ گھراڻي جا صرف ٽي 3 بادشاهه لکيا آهن. هر هڪ راجا چچ، راجا چندر ۽ راجا ڏاهر.
    جڏهن ته تاريخ معصومي صرف ٻه بادشاهه لکيا آهن. معصومي لکي ٿو ته چچ کان پوءِ بادشاهت ڏاهر جي حوالي ٿي. جڏهن ته جنت السنڌ، تازو سنڌ جي تاريخ تي جامع ڪتاب انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۽ ڪجهه ٻين ڪتابن برهمڻ دور جا ڪافي بادشاهه ڏيکاريا آهن. ڪجهه ڪتابن ۾ چار ته ڪجهه ڪتابن ۾ ڇهه بادشاهه به لکيل آهن.
    هاڻي هرڪو سوچڻ تي مجبور ٿي ويندو ته آخر برهمڻ گھراڻي جا گھڻا بادشاهه تخت نشين ٿيا؟. اهو هڪ مشڪل سوال ضرور آهي جنهن کي سلجهائڻ ٿورو ڏکيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مير علي شير قانع ٺٽوي، سائين جي ايم سيد، ممتاز حسين پٺاڻ، اعجاز الحق قدوسي ان ڳالهه تي متفق آهن ته برهمڻ گھراڻي جا صرف ٽي بادشاهه ئي حڪومت ڪري سگھيا هر هڪ چچ، چندر ۽ راجا ڏاهر. ان ڪري اسان سڀني کي ان ڳالهه تي متفق ٿيڻ گھرجي ته برهمڻ گھراڻي جا صرف ٽي بادشاهه تخت نشين ٿيا. مير معصوم جو ماخذ خبر ناهي ڪهڙو آهي جو هن چندر جو نالو ئي ناهي لکيو، جنهن تي خود بلوچ صاحب به سوال اٿاريو آهي. جيڪي ڪتاب برهمڻ گھراڻي جا چار بادشاهه لکن ٿا انهن جي مطابق ڏهرسينه به بادشاهه هو. حالانڪ ڏهرسينه برهمڻ آباد جو حاڪم هو ۽ برهمڻ آباد ان وقت سنڌ جو هڪ صوبو هو. خبر ناهي ته انهن ماڻهن هڪ صوبي جي حاڪم کي ڪيئن ملڪ جو والي لکيو آهي؟ جنت السنڌ برهمڻ گھراڻي جا جيڪي ڇهه بادشاهه لکيا آهن انهن جا نالا هن ريت آهن. چچ، چندر، ڏهر ۽ ڌراج، ڏهر، ڏهر سياه ۽ ڏاهر.
    هنن سڀني ڳالهين کي پڙهڻ کانپوءِ هرڪو اندازو ڪري سگھي ٿو ته برهمڻ گھراڻي جا صرف ٽي بادشاهه ئي تخت تي ويٺا ۽ اها ئي درست تاريخ آهي. اميد ته ان منجهيل تاريخ کي هاڻي درست ڪيو ويندو. باقي جيڪي ڪتاب ٽي کان وڌيڪ بادشاهه لکن ٿا اهي صرف وڌاءُ تي ٻڌل آهي.

    برهمڻ دور جا بادشاهه ۽ انهن جو دور حڪومت:
    هاڻي اهو سوال ٿو پيدا ٿيئي ته برهمڻ گھراڻي جا جيڪي ٽي بادشاهه ٿيا انهن مان هر هڪ ڪيترا سال سنڌ تي ۽ جملي ڪيترا سال برهمڻ گھراڻي سنڌ تي حڪومت ڪئي؟.
    اسان وٽ ڪافي تاريخ جا ڪتاب لکن ٿا ته برهمڻ گھراڻي 632ع کان 712ع تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي يعني جملي 80 ورهيه ۽ اها ڳالهه درست آهي، ڇو ته راءِ گھراڻي جو جملي دور حڪومت 137 سال آهي جيڪو 495 کان 632ع تائين رهيو ۽ 712ع ۾ عربن سنڌ فتح ڪئي هئي. پر هر هڪ بادشاهه گھڻا سال حڪومت ڪئي ان مسئلي کي تمام گھڻو منجهايو ويو آهي. جن ڪتابن برهمڻ گھراڻي جا ٽي کان وڌيڪ بادشاهه لکيا آهن انهن جي مطابق راجا ڏاهر جو دور حڪومت صرف 12 سال هو. البته جن ڪتابن صرف ٽي بادشاهه لکيا آهن انهن مان اعجاز الحق قدوسي به راجا ڏاهر جو دور حڪومت 12 سال لکيو آهي. جڏهن ته فتحنامه سنڌ، سنڌ جا سورما، سنڌ عرب دور هر هڪ بادشاهه جا دور حڪومت جا سال هن ريت لکيا آهن. چچ 40 سال، چندر 8 سال ۽ راجا ڏاهر 32 سال. جن جو مڪمل نچوڙ 80 سال ٿيئي ٿو ۽ اها ئي درست تاريخ آهي. هڪ اهم ڳالهه ته ڪتاب “ لبِ تاريخ سنڌ” جنهن جي تاليف خان بهادر خداداد خان جي لکيل آهي لکي ٿو ته برهمڻ گھراڻي جو جملي دور حڪومت 85 سال آهي. جڏهن ته مشتاق مسرور باريچي پنهنجي ڪتاب “سنڌ بابت جامع معلومات، سوالن جواب ۾” برهمڻ دور حڪومت 88 سال لکيو آهي.
    فتحنامه سنڌ راجا ڏاهر جا چار پٽ لکيا آهن. هر هڪ نالي جيسينه، ڏهرسينه، وڪيه ۽ گوپي. جيسينه ۽ ڏهرسينه ٻئي جنگ ۾ راجا ڏاهر سان گڏ هئا ۽ عرب جي لشڪر سان وڙهيا هئا. اگر اها ڳالهه درست آهي ته پوءِ ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته راجا ڏاهر پنهنجي ڀاءُ جي زنده هوندي ان جو نالو پنهنجي پٽ تي ڪيئن رکيو. ڇو ته اگر اسين راجا ڏاهر جو دور حڪومت 12 سال رکو ته پوءِ جنگ جي وقت راجا ڏاهر جي پٽ ڏهرسينه جي عمر وڌ ۾ وڌ 9 يا 10 سال ئي هوندي، ڇو ته راجا ڏاهر جي تخت نشين ٿيڻ کانپوءِ انهي ٻنهي ڀائرن (راجا ڏاهر ۽ ڏهرسينه) ۾ ڪافي اڻبت هئي ۽ ڪجهه سالن کانپوءِ ڏهرسينه مري ويو هو. سو ڳالهه جو مطلب ته راجا ڏاهر جو دور حڪومت 32 سال درست آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڏهرسينه به راجا ڏاهر سان گڏ جنگ ۾ مارجي ويو هجي ڇو ته بعد ۾ ڏهرسينه جو ڪٿي به حوالو نٿو ملي.
    ان مان اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته سن 61 هه ۾ جڏهن ڪربلا وارو واقعو ٿيو ان وقت سنڌ ۾ راجا ڏاهر کي تخت نشين ٿيندي ڪجهه مهينا ئي شايد ٿيا هجن. پر سنڌ جو بادشاهه راجا ڏاهر ئي هو. ڇو ته عربن هٿان سنڌ جو فتح ٿيڻ ۽ راجا ڏاهر جو مارجڻ وارو واقعو سن 93 هه ۾ ٿيو آهي. 93 مان جيڪڏهن 61 ڪٽ ڪجن ٿا ته حساب اچي ٿو 32. اسان جا ڪافي ڪتاب راجا ڏاهر جو دور حڪومت 32 سال لکن ٿا. وڏي ڳالهه ته اسان وٽ اڪثر ڪتاب راجا چچ جو دور حڪومت 40 سال، راجا چندر جو دور حڪومت 7 کان 8 سال تي متفق آهن. صرف راجا ڏاهر جو دور حڪومت ڪٿي 32 سال ته ڪٿي 12 سال لکيل آهي.

    برهمڻ گھراڻي جا بادشاهه ۽ ان جي دورِ حڪومت:
    • راجا چچ 632-672ع ٽوٽل 40سال
    • راجا چندر 672-679ع ٽوٽل 8 سال
    • راجا ڏاهر 679-712ع ٽوٽل 32 سال
    هينري ڪزنس پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا قديم آثار” ۾ به راجا ڏاهر جو دور حڪومت 32 سال لکيو آهي.
    جيترو منهنجو مطالعو آهي ان آڌار تي آئون چئي سگھان ٿو ته راجا ڏاهر جو دور حڪومت 32 سال ئي آهي. پوءِ ان کي 12 سال لکي خبر ناهي ته ڇا ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
    برهمڻ گھراڻي جي بادشاهن توڙي انهن جي ڪيل حڪومتن واري سالن کي به اڄ ڏينهن تائين اسان جا ساڃاوند سلجهائي ناهن سگھيا ته پوءِ راؤڙ واري ماڳ کي اهي ڀلي پيا رولين.

    راجا ڏاهر جي تاريخ وفات:
    هتي ٿورو ذڪر راجا ڏاهر جي مارجڻ واري تاريخ جو به ٿي وڃي. سنڌ جي تاريخ جا گھڻو ڪري سمورا ڪتاب ان ڳالهه تي متفق آهن ته اها جنگ 10 رمضان سنه 93 هه تي لڳي هئي جنهن ۾ راجا ڏاهر مارجي ويو. پر اهو مسئلو اڄ ڏينهن تائين حل ناهي ٿي سگھيو ته ان ڏينهن عيسوي ڪئلنڊر جي ڪهڙي تاريخ ۽ ڪهڙو مهينو هو؟ سال ته 712ع لکن ٿا. فيسبڪ تي ڪجهه دوستن اها تاريخ 2 جولائي لکي آهي ڪافي ماڻهو 2 جولائي تي راجا ڏاهر جي ورسي به ملهائيندا آهن. جڏهن اردو انسائيڪلوپيڊيا ۽ سنڌ جا ڪافي ساڃاهه وند 20 جون واري تاريخ تي متفق آهن. محمد صالح کهڙو جي ڪتاب “سنڌ جي معلومات، سوالن جوابن ۾” 24 جون لکيل آهي. جڏهن ته جنت السنڌ ۾ اها تاريخ 16 جون لکيل آهي. لب تاريخ سنڌ ۾ اها تاريخ 30 جون لکيل آهي.
    هاڻي هرڪو سوچڻ تي مجبور ٿي ويندو ته هيتري عظيم کي تاريخ کي ايترو ڇو منجهايو ويو آهي. آئون محترم اوڀايو خان خشڪ جو نهايت ٿورائيو آهيان جنهن فيسبڪ تي منهنجي پڇيل سوال جو جواب لکيو ته 20 جون ئي درست تاريخ آهي. خشڪ صاحب پاران اهو به لکيل آهي ته جنتري جي حساب سان به 20 جون واري تاريخ اچي ٿي. جڏهن ته اردو انسائيڪلوپيڊيا 1962ع جو شايع ٿيل آهي ۽ ڪافي مستند ڪتاب آهي. ان ۾ به اها تاريخ 20 جون 712ع لکيل آهي ۽ اها ئي مستند تاريخ آهي. اهو ڪتاب تقريباً 1700 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ان وقت ان جي قيمت 30 روپيا هئي.

    راجا ڏاهر جي پڳدار پٽ جو درست نالو ڪهڙو هو؟
    تاريخ جي ڪتابن ۾ راجا ڏاهر جي پٽن جي حوالي سان به ڪافي تضاد آهي پر هتي سوال اهو آهي ته راجا ڏاهر جو پڳدار پٽ، جيڪو راؤڙ واري جنگ ۾ به راجا ڏاهر سان گڏ هو ۽ راجا ڏاهر جي قتل ٿيڻ کان پوءِ به ڪافي وقت تائين عربن سان وڙهندو رهيو هو. محمد بن قاسم کان اڳ آيل سپهه سالار بديل بن طهفة بجلي کي ديبل جي ماڳ تي راجا ڏاهر جي جنهن پٽ جنگ جوٽي قتل ڪيو ۽ جنهن کي تاريخ راجا ڏاهر جو وڏو پٽ لکي ٿي ان جي نالي کي به ڪافي منجهايو ويو آهي. مثال سنڌي ڪتابن ۾ ان جو نالو جيسيا، جيسين، جئسين، جيسينه، جئه شينهن لکيو ويو آهي. جڏهن ته اردو ڪتابن ۾ جيسينه، جئه سنگهه توڙي ڀيم سنگهه به لکيو ويو آهي. خبر ناهي تي برهمڻن کي ڇو سک لکيو ويو آهي.؟
    جيتري قدر منهنجو مطالعو توڙي مشاهدو آهي ته راجا ڏاهر جي ان پٽ جو درست نالو جيسينه ئي آهي. راجا ڏاهر جي ڀاءُ جو نالو ڪجهه ڪتاب ڏهرسين به لکن ٿا ته ڪجهه ڪتاب ڏهرسينه. ان حساب سان جيسين يا جيسينه نالو ٺهڪي اچي ٿو. پر اڄڪلهه پاڙيسري ملڪ جي مختلف فلمن، ڊرامن يا ڪارٽونن ۾ بهادر سپاهي لاءِ “سينا پتي” لفظ استعمال ٿيندو آهي. پتي مان مراد هندي ٻولي ۾ شايد مڙس کي چوندا آهن پر هتي پتي مان مراد دلير مرد وٺي سگھجي ٿو جيئن اسان وٽ سنڌي ۾ دلير مرد لاءِ گھوٽ لفظ پڻ استعمال ٿيندو آهي. ڀٽائي چواڻي ته؛
    “گھوڙن ۽ گھوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا،
    ڪڏهن منجهه ڪوٽن ڪڏهن راهي رڻ جا.”

    سينا مان مراد بهادر وٺي سگھجي ٿو. سينا پتي يعني “بهادر مرد”. ان حساب سان جيسينه ئي درست نالو آهي. فتحنامه ۾ مترجم “جيسينه” جي معنٰي “سوڀارو شينهن” لکي آهي.
    تاريخدان لاءِ هڪ اصول آهي ته اهو هميشه غيرجانبدار ٿي تاريخ لکي. مگر هڪ پاسي ٿي تاريخ لکڻ سان اسان وٽ تاريخ ڪافي منجهيل آهي.
    تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن راجا ڏاهر قتل ٿي ويو ته جيسينه آڻ ڪونه مڃي. پهرين راؤڙ واري قلعي ۾ اچي جنگ جي تياري ڪرڻ لڳو پر پوءِ محمد علافي جي چوڻ تي راؤڙ مان نڪري برهمڻ آباد ۾ اچي جنگ جي تياري ڪرڻ لڳو. بعد ۾ اتان نڪري چتور هليو ويو ۽ جڏهن محمد بن قاسم کي معزول ڪيو ويو ۽ سنڌ ۾ افراتفري مچي وئي ته جيسينه حملو ڪري سنڌ جا ڪافي علائقا عربن کان کسي ورتا ۽ برهمڻ آباد جي قلعي ۾ ويهي حڪومت هلائڻ لڳو.
    تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته خليفي سليمان بن عبدالملڪ کان پوءِ حضرت عمر بن عبدالعزيز جڏهن مرڪزي خليفو ٿيو جيڪو سليمان جو سئوٽ ۽ ڀيڻويو هو ۽ ديندار ۽ خدا جو خوف دل ۾ رکندڙ ماڻهو هو. تنهن تخت تي ويهڻ شرط هند ۽ سنڌ جي ماڻهن ڏانهن رواداري جي بنياد تي هلڻ جو حڪم ڏنو ۽ گورنرن ڏانهن هدايتون ڏياري موڪليون ته ماڻهن کي دين اسلام ڏانهن مائل ڪرڻ لاءِ تبليغ جو سلسلو جاري رکجي. راجا جيسينه به انهي تبليغ مان متاثر ٿي يا حڪومت جي بچائڻ جي خيال کان ظاهري طور اسلام جو دين قبول ڪيو ۽ کيس نئون نالو “جليسه” پڻ ڏنو ويو. جيڪي علائقا هن فتح ڪيا هئا انهن جو حاڪم اعلٰي تسليم ڪيو ويو. تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته جڏهن اموي دور ۾ سنڌ جو پنجون گورنر جنيد بن عبدالرحمٰن (سنه 105 کان 111ھ) سنڌ ۾ آيو ته ان راجا جيسينه سان ڪنهن معاملي تي ڪاوڙجي جنگ ڪئي جنهن ۾ راجا جيسينه گرفتار ٿيو ۽ بعد ۾ راجا جيسينه کي قتل ڪيو ويو. (ڪتاب سنڌ عرب دور، ممتاز حسين پٺاڻ)
    اسان وٽ راؤڙ جي ماڳ تي لڳل جنگ جي باري ۾ اڃان تائين صحيح تعين ناهي ٿي سگھيو ته اها جنگ گھڻا ڏينهن هلي.؟ جيتري قدر مون مطالعو ڪيو آهي ته اهي اها جنگ پنج ڏينهن لکن ٿا جڏهن ته ڪافي ماڻهو چوندا آهن ته اها جنگ ڏهه ڏينهن هلي. اهو انهن جو رايو آهي
    پهرين ڏينهن جي جنگ ۾ راسل پٽ وسايو، عربن جي سامهون ٿيو هو پر راسل ڪابه جنگ نه ڪئي البته غلط فهمي ۾ راسل جا سپاهي قتل ٿي ويا ڇو ته راسل به پنهنجي ڀاءُ موڪي وانگر محمد بن قاسم کان امان وٺي چڪو هو ۽ اها جنگ محظ هڪ ڊرامو هو.
    ٻئي ڏينهن جي جنگ ۾ راجا ڏاهر پاران هڪ ڪاڻو سپهه سالار (جنهن کي تاريخي ڪتابن جهاپو اڳوڻ لکيو آهي) جنگ تي آيو ۽ ان جي قتل سان ان ڏينهن واري جنگ پڄاڻي تي پهتي.
    ٽئي ڏينهن راجا ڏاهر پاران جاهين جنگ تي آيو پر اهو به قتل ٿي ويو ۽ ان جي قتل سان ان ڏينهن واري جنگ ختم ٿي.
    چوٿون ڏينهن خميس جو هو ۽ ان ڏينهن خود راجا ڏاهر جنگ جي ميدان ۾ آيو، شام تائين جنگ هلي پر ڪوبه نتيجو نه نڪتو ۽ آخرڪار ان ڏينهن واري جنگ به ختم ٿي.
    پنجين ڏينهن واري جنگ گهمسان جي جنگ هئي ۽ اها جنگ مغرب تائين جاري رهي ۽ راجا ڏاهر جي قتل سان ختم ٿي.
    هن باب مان ڇهه (6) ڳالهيون صاف ظاهر آهن جن کي اڄ ڏينهن تائين محقق سلجهائي نه سگهيا آهن.
    پهرين ڳالهه ته برهمڻ خاندان جا ٽوٽل گھڻا بادشاهه تخت نشين ٿيا؟
    ٻي ڳالهه ته برهمڻ حاڪمن جو جملي دور حڪومت ڪيترو هو؟
    ٽي ڳالهه ته راجا ڏاهر گھڻا سال سنڌ تي حڪومت ڪئي؟
    چوٿين ڳالهه ته راجا ڏاهر عيسوي ڪئلنڊر جي ڪهڙي تاريخ تي مارجي ويو هو؟
    پنجين ڳالهه ته راجا ڏاهر جي پڳدار پٽ راجڪمار جو درست نالو ڪهڙو آهي؟
    ڇهين ڳالهه ته راؤڙ واري ماڳ تي فيصله ڪن جنگ گھڻا ڏينهن هلي؟
    هنن ڳالهين کي اسان جي ساڃاهه وندن ڪافي رلايو آهي پر منهنجي تحقيق موجب انهن سوالن جا درست جواب هي آهن.
    برهمڻ گھراڻي جا ڪل ٽي (3) بادشاهه تخت نشين ٿيا. هر هڪ راجا چچ، راجا چندر ۽ راجا ڏاهر.
    برهمڻ گھراڻي جملي طور 80 سال سنڌ تي حڪومت ڪئي. عيسوي سن 632 کان 712 تائين.
    راجا ڏاهر ڪل 32 سال (679-712ع) سنڌ تي حڪومت ڪئي.
    راجا ڏاهر 10 رمضان 93 هه بمطابق 20 جون 712ع تي راؤڙ جي ماڳ وٽ مارجي ويو.
    راجا ڏاهر جي پڳدار پٽ جو نالو راجڪمار جيسينه هو.
    محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر جي وچ ۾ راؤڙ جي ماڳ تي فيصله ڪن جنگ پنج (5) ڏينهن هلي. 6 رمضان کان 10 رمضان تائين.


    باب چوٿون:راؤڙ جو ماڳ

    ٺٽو ضلعو تاريخ جي حوالي سان پنهنجو مٽ پاڻ رهيو آهي. يقين سان چئي سگھجي ٿو ته جيتري قديم ۽ شاندار تاريخ ٺٽي جي آهي ايتري شايد ئي سنڌ جي ڪنهن ٻي علائقي جي هجي (سواءِ موهن جي دڙي جي). ٺٽي جو هي عظيم علائقو، جنهن کي هاڻي پاڻ موجوده ٺٽو ضلعو چئو، پنهنجي تاريخ سان گڏوگڏ تهذيب و تمدن، تجارت، سياست، ثقافت، هنر، ڪاريگري، علم ادب، بندرگاهن، گذرگاهن، درويشن ۽ ولين جي مقبرن ۽ قبرستانن جي ڪري پنهنجي سڃاڻپ ئي ڌار رکي ٿو. هن علائقي جي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ليکڪن ۽ محققن وسان ڪين گھٽايو آهي. تاريخي ڪتابَ جهڙوڪ فتحنامه سنڌ، تحفة الڪرام، مڪلي نامون، ڳالهين ڳوٺ وڻن جون ۽ ٻيا انيڪ ڪتاب جن ۾ ٺٽي جي تاريخ بيان ٿيل آهي، جڏهن ته دور حاضر ۾ به گھڻن دوستن کوجنا به ڪئي آهي ۽ ڪتاب به لکيا آهن.
    پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ٺٽي جي علائقن تي جيڪا تحقيق ٿيڻ گھرجي ها، اها اڃان تائين نه ٿي سگھي آهي. باقي رڳو سيمينار ڪرايا وڃن ٿا ۽ اڄ ڏينهن تائين اهو پتو ناهي پئجي سگھيو آهي ته ديبل ڪٿي هو؟ عرب ۽ ڏاهر جي لڙائي ڪٿي لڳي هئي؟ اهي اهڙا سوال آهن جيڪي اڃان تائين ڳجهارت بڻيل آهن.
    يا کڻي ايئن چئجي بقول جناب گل حسن ڪلمتي واري ڳالهه ته ڪراچي جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته هتان جي تاريخ هتان جي ماڻهن جي مزاج وانگر خاموش آهي. ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي ۾ بيشمار پراڻا ماڳ آهن. انهن تي تحقيق نه هئڻ ڪري اسان انهن مان ڪو لاڀ حاصل نه ڪري سگھيا آهيون ۽ گھڻن آثارن کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي. يا ايئن کڻي چئجي ته ساڳي حالت ٺٽي سان به آهي ۽ ٺٽي جي تاريخ سنڌ جي ڪنهن ٻئي علائقي کي ڏيئي ڳالهه کي ختم ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي آهي.
    سڀ کان وڏي ڳالهه ته ٺٽي کان به قديم تاريخ ضلع ٺٽي ۾ موجود ميرپور ساڪري جي آهي جنهن کي تاريخ ۾ ساڪري جي نالي سان لکيو ويو آهي. ٺٽو ته سمن جي آخري خود مختيار حاڪم ڄام نظام الدين المعروف ڄام نندو سنه 900هه جي آخري ۾ تعمير ڪرايو هو پر ساڪرو ته تمام قديم آهي عربن جي اچڻ وقت به ساڪري جا حوالا ملن ٿا پر خبر ناهي ته ڪهڙي بنياد تي ساڪري کي تاريخ مان ميساريو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ راؤڙ سان گڏ توهان کي ساڪري جي قديم تاريخ به ملندي.
    هر ڪنهن ماڻهو جو پنهنجو ذهن هوندو آهي، ڪجهه ماڻهن کي اگر ڳالهه سمجهه ۾ ناهي ايندي ته ان موضوع کي ختم ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ڪجهه ماڻهن کي وري ڳالهه سمجهه ۾ ناهي ايندي ته ان ڳالهه جي تهه تائين وڃڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ ڪوشش ته ڪاميابي جي ڪنجي آهي. مون جڏهن عرب ۽ ڏاهر جي لڙائي جي حوالي سان ادب سان لاڳاپيل دوستن کان سوال ڪيا ته “جيترا وات، اوتريون ڳالهيون” مليون. جڏهن ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه آئي ته سوچيو ته تحقيق ڪرڻ گھرجي.
    فتحنامه سنڌ ۾ اشارا ۽ واڌار ۾ سنڌ جو نامور محقق ۽ ليکڪ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته “هن پوئين عرصي ۾ جن سنڌ جي تاريخ تي قلم کنيو آهي تن مان گھڻن راؤڙ ۽ اروڙ کي هڪ سمجهيو آهي جو صحيح نه آهي.” ٻنهي علائقن کي هڪ ڪري لکڻ سان اسان جي تاريخ ۾ ڪافي مونجهارا پيدا ٿيا آهن. مون سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان ڪافي ڪتاب پڙهيا آهن جن ۾ راؤڙ جو ذڪر ته ملي ٿو پر اهو به مختصر ۽ خبر ناهي ڇو ان ڳالهه کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي آهي.
    اسان وٽ وڏي واڪي اعلان ڪيو ويندو آهي ته نادر شاھ، ارغونن ۽ ترخانن اسان جي تاريخ ٽوڙي يا اسان جي ڪتب خانن کي باهه ڏيئي اسان کان اسان جي تاريخ کسي ويئي. يا ايئن به چوندا ته وقت جي هر بادشاهه پنهنجي تعريف ۾ تاريخ لکائي ۽ پوئين تاريخن کي باهه جي نظر ڪري ڇڏيائون پر جيڪا تاريخ جي تباهي اسان پاڻ ڪئي آهي ان کي ڪهڙو نانءُ ڏيون. اهو هڪ وڏو مسئلو آهي جنهن تي شايد اسان مان ڪنهن وٽ به جواب نه هوندو.
    هن ڪتاب جي باب ٻئي کي پڙهڻ کان پوءِ اهو مسئلو ته حل ٿي ويو آهي ته اها جنگ راؤڙ جي ماڳ تي لڳي هئي. پر هاڻي مسئلو ته راؤڙ ڪٿي هو؟ ان جي ڳولا تي وڏي کوجنا ڪئي وئي آهي پر ڪو خاطر خواه نتيجو ناهي نڪتو. انٽرنيٽ تي سرچ ڪرڻ وقت ۽ هيئن لکيل هو ته “اها جنگ راؤڙ (موجوده نوابشاھ) وٽ لڳي هئي، جڏهن ٻئي هڪ جڳهه تي لکيل هو ته راجا ڏاهر جيور جي جنگ ۾ قتل ٿيو.” ڪجهه ڪتابن ۾ اها جنگ حيدرآباد وٽ ڏيکاريل آهي ته ڪجهه ڪتابن بدين ۾ اها جنگ ڏيکارين ٿا انهن جو چوڻ آهي ته بدين ۾ جيڪو “جوڻ” جو علائقو آهي اهو دراصل “جيور” جو متبادل آهي. ڪجهه ڪتابن ۾ اروڙ جو ذڪر آهي هاڻي اروڙ وارو قصو ئي ختم ٿيڻ گھرجي.
    اسان جي تاريخ تمام گھڻي مونجهاري جو شڪار آهي جنهن کي سلجهائڻ ناممڪن ته ناهي البته ڏکيو ضرور آهي. ٻي ڳالهه ته ان وقت جي ڪي آثار به ظاهر ناهن جيڪي اسان کي تاريخ سلجهائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين. ڪجهه ماڳ بي ڌياني سبب ختم ٿي ويا ته ڪجهه ماڳ پنهنجي مفادن کي عزيز رکندي هٿ وٺي تباهه ڪيا ويا.
    عرب ۽ ڏاهر جي لڙائي جي شروعات بقول اسان جي تاريخي ڪتابن جي ته ارمن ٻيلي (لسٻيله) کان ٿي آهي. پر جيئن ته هن ڪتاب جو عنوان “راؤڙ ” آهي، ان ڪري هي ڪتاب شروع ئي اتان ٿا ڪريون.
    محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر جي وچ ۾ فيصله ڪن جنگ ضلع ٺٽي جي موجوده ميرپور ساڪري (قديم ماڳ ساڪرو پرڳڻو) جي آسپاس ۾ لڳي هئي. هي سڀ ڳالهيون ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهن. جيڪي فتحنامه ۾ واضع لکيل آهن.
    1. اول سنڌ ۾ محمد بن قاسم ديبل بندر فتح ڪيو جڏهن ته ان کان پوءِ نيرون (جنهن کي اسان جا تاريخدان اڄ وارو حيدرآباد چون ٿا). بعد ۾ محمد بن قاسم سيوستان ۽ سيسم جا قلعا فتح ڪيا. جڏهن سيسم جو قلعو فتح ٿيو ته حجاج بن يوسف جو لکيو محمد بن قاسم کي پهتو تڏهن فرمان جي حڪم موجب هڪدم اتان منزل پٽي جهم جي علائقي ۾ ساڪري جي زمين ۾ پهتو ۽ دريا اڪرڻ لاءِ ٻيڙيون ۽ تختا تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. هن جڳهه تي عربن کي تقريباً پنجاهه ڏينهن ترسڻو پيو، جنهن ڪري اناج ۽ گاهه جي کوٽ سبب انهن جا گھوڙا مرڻ لڳا هئا.
    2. موڪي پٽ وسايي، محمد بن قاسم ڏانهن خط لکي امان ورتي ۽ نياپو ڏياري موڪليائين ته هينئر ساڪري جي راڻي سان نياڻي جي شادي جي بهاني سان وڃڻ ٿيئي ٿو. توهان هزار سوار موڪلي مون کي رستي مان گرفتار ڪجو ته جيئن ڏاهر کي بدگماني به نه ٿيئي ۽ منهنجي ذات جي گلا به نه ٿيئي.
    3. ساڪري جا وڏيرا پڻ ٻيٽ واري ايراضي ۾ تيار ٿي بيٺا.
    4. جهم ۽ گرهل جي حوالي سان ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪافي تحقيق کان پوءِ لکي ٿو بعد جي تاريخي حوالن مان ثابت آهي ته ڪرهل يا گرهڙ، ٺٽي واري ايراضي جو حصو هو. پوءِ اتان به منزل کڻي اڃا به هيٺ جهيم جي پرڳڻي ۾ ساڪري جي ايراضيءَ ۾ وڃي مهراڻ ٽپڻ لاءِ ٻيڙيون ۽ تختا تيار ڪرايائين پر افسوس جو اسان جا گھڻا ڏاها ۽ اديب موجوده جهمپير کي ئي ان دور وارو جهم لکن ٿا. مون ڪتاب جي شروع ۾ واضع طور لکيو آهي ته ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ساڳي نالن سان ماڳ مڪانن جي هجڻ سبب اسان جي تاريخ مونجهاري جو شڪار آهي.
    هي اهي ثبوت آهن جن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته اها جنگ موجوده ميرپور ساڪري واري پاسي لڳي هئي ۽ مون وٽ ان ڳالهه جا پڪا ثبوت آهن. ساڪرو جو ماڳ به تمام قديم آهي جنهن جو عربن جي اچڻ وقت به ذڪر ملي ٿو پوءِ خبر ناهي ڪهڙي سبب ساڪري کي تاريخ مان گم ڪيو ويو آهي. ڪجهه ڪتاب ساڪري کي ڪلهوڙن جي دور جو لکن ٿا ته ڪجهه وري ٽالپرن جي دور جو ته ڪي وري انگريزن جي دور جو. ساڪرو تمام گھڻو قديم آهي پر افسوس جو ان تي ڪابه تحقيق ناهي ٿي. هنن ڳالهين جي آڌار تي اهو به چئي سگھجي ٿو ته ساڪرو، اسلام جي اچڻ وقت به موجود هو ته ٿي سگھي ٿو ته سڪندر يوناني جي اچڻ وقت به ساڪرو موجود هجي.
    ان ڪري هن ڪتاب جي شروعات به موجوده ميرپور ساڪري کان ڪجي ٿي. اگر اسين ڀنڀور کي ديبل سمجهون ۽ ابن حوقل پاران ڏنل سنڌ جو نقشو کڻو ۽ گجي شهر جي مقامي رهواسين توڙي محترم عبدالرشيد گبول جي ڪتاب “ساڪرو، ان جا ماڳ ۽ ماڻهو ” جي ڳالهه مطابق ته گجي جي ڀرسان دريا وهندو هو ۽ دريا جو گُج جي ڪري هن علائقي جو نالو ئي گجو پئجي ويو. سڀ کان اهم ڳالهه ته تحفة الڪرام ۾ مير قانع لکي ٿو ته 751هه ۾ محمد شاهه “طغي” نالي غلام جي پويان ٺٽي آيو ۽ ٿرڙي ديهه ۾ دريا جي ڪناري منزل ڪيائين. تاريخ مظهر شاهجهاني ۾ لکيل آهي ته دريا گجي کان ٻه ميل پريان وهندو هو. مشهور جاگرافي دان المسعودي جو پاڻ سنه 300هه ۾ سنڌ جو دورو ڪريو ويو هو. اهو ٻڌائي ٿو ته مهراڻ دريا ساڪري واري ايراضي مان وهي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.
    انهن ڳالهين مان صاف ظاهر آهي ته دريا سنڌ ڪڏهن گجي جي ڀرسان وهندو هو. جيترو منهنجو مطالعو، مشاهدو ۽ تجزيو آهي ته اهو دريا درگاهه شيخ ابو تراب (ٿرڙي) وٽان ٿيندو اڳيان ٻاٻڙا ڳوٺ آهي اتان ٿيندو منهنجي اباڻي ڳوٺ (ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار) وٽان ٿيندو اڳيان وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.
    اسان وٽ تاريخ ڪافي منجهيل آهي جنهن کي سلجهائڻ لاءِ دماغ تي ڪافي زور ڏيڻو پوندو ۽ ڪوشش ڪبي ته پراڻين تاريخن کي پڙهڻ کانپوءِ صرف انهن جي اشارن تي ڪونه هلبو ڪجهه پنهنجو ذهن به ڊوڙائڻو پوندو.
    فتحنامه، تحفةالڪرام توڙي سنڌ عرب دور ۾ هيٺين عبارت ساڳي لکيل آهي.
    “محمد بن قاسم ٻيٽ جي قلعي کان راؤڙ ڏانهن روانو ٿيو ۽ نيٺ انهيءَ جاءِ وٽ پهتو جنهن کي جيور ٿي چيائون. راؤڙ ۽ جيور جي وچ ۾ هڪ خليج (پاڻي جي گھاري) هئي. ڏاهر انهيءَ آبگير (ڇڇ) جي گھيڙ وٽ حفاظت خاطر ڪي هٿياربند ۽ خاص ماڻهو بيهاريا، ته نظر ڪندا رهن.” تاريخي ڪتابن ۾ اصل لفظ راور ۽ جيور آهن پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته معمور يوسفاڻي واري ڳالهه ته “هيڏي عظيم تاريخ کي اسان جي اديبن ايترو ته منجهايو آهي جو گھٽ پڙهيل لکيل ماڻهو ته ان کي سلجهائي ئي نٿو سگھي”. پر منهنجو ذاتي رايو آهي ته گھٽ پڙهيل ته ڇا چڳو ڀلو به مشڪل سان سلجهائي سگھي ٿو. ڇو ته ان تاريخ کي اسان جي اديبن شايد سياري جي سوڙ سمجهيو آهي جو هر ڪو پنهنجي پاسي پيو ڇڪيندو وڃي. انگريز محققن به ان ماڳ تي ڪافي تحقيق ڪئي پر اهي به ڪنهن خاطر خواه نتيجي تي نه پهچي سگھيا، جڏهن سنڌ جا مقامي ماڻهو ئي ان ڳالهه جي تهه تائين نه پهچي سگھيا ته پوءِ ڌاريا ڇا ڪري سگھندا. نسيم حجازي پاران ان جنگ تي لکيل ناول ۾ ته اها جنگ برهمڻ آباد وٽ ڏيکاري آهي هن جو لکڻ آهي ته جنگ لڳي ئي برهمڻ آباد وٽ هئي نه ڪي راؤڙ وٽ. ڪتاب ڪڇين جا قول ۾ محترم محمد سومار شيخ ان جنگ کي ڪڇ ڏانهن کڻي ويو آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته ان عظيم تاريخ کي ايترو ڇو منجهايو ويو آهي. سنڌ جو برک ڏاهو، محقق محترم نبي بخش خان بلوچ وڏي تحقيق کانپوءِ ان نتيجي تي پهتو ته اها جنگ موجوده ضلع ٺٽي ۾ ميرپور ساڪري جي طرف لڳي هئي پر افسوس جو هڪ معمولي ڳالهه جي بنياد تي بلوچ صاحب شاهبندر جي پاسي رڙي کي وڃي راؤڙ لکيو آهي.
    اسان کي اگر ڪا هڪ به پوائنٽ ملي وڃي ته اسان ان جي بنياد تي سڄي تاريخ سلجهائي سگھون ٿا.
    محترم شمشير الحيدري صاحب فتحنامه ۾ لکيو آهي ته جڏهن هڪ ٻولي مان ٻي ٻولي ۾ ترجمو ٿيندو آهي ته ان تي ٽي ڏاڪا اثر پوندو آهي يا کڻي ايئن چئجي ته وقت سان نالن ۾ ڦيرڦار به ايندي آهي.
    اها جنگ منهنجي اباڻي ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار موجوده يونين ڪائونسل پليجاڻي (اڳوڻي يوسي گجو) تعلقو ميرپور ساڪرو ضلعو ٺٽو جي پاسي ۾ لڳي هئي. هاڻي ڪير ايئن نه سمجهي ته ٻين محققن وانگر ڪاتيار به ان جنگ کي پنهنجي ضلع پنهنجي تعلقي پنهنجي يوسي ۽ پنهنجي ڳوٺ ڏانهن کڻي ويو آهي. منهنجي ڳوٺ جي پاسي ۾ مون ان ڪري لکي آهي ته منهنجي ڳوٺ جي آسپاس ۾ اهي سڀ ماڳ اڄ به ڪنهن نه ڪنهن طرح موجود آهن. مثال: جيوڙو، رياتڙو، فتح جو پڙ، گدا واه ۽ ڇڇ ميرانخور. مون مٿي لکيو آهي ته دريا سنڌ منهنجي ڳوٺ وٽان ٿيندو وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. جنهن جو وڏو ثبوت اهو آهي ته جڏهن محمد بن قاسم جيور ۾ اچي منزل ڪئي ته راجا ڏاهر هاٿي تي چڙهي اچي عرب لشڪر جي سامهون منزل ڪئي. مهراڻ جو پاڻي عرب ۽ ڏاهر جي وچ ۾ هو. اتي هڪ شامي ڪوشش ڪئي ته گھوڙو ڊوڙائي وڃي راجا ڏاهر تي حملو ڪريان. راجا ڏاهر هڪ زوردار تير هنيو جيڪو وڃي شامي کي لڳو ۽ شامي کي مرندي ڏسي ٻي ڪنهن ۾ اهڙي همت ڪانه ٿي. جيور منهنجي ڳوٺ کان اتر- اوڀر پاسي آهي جڏهن ته راؤڙ منهنجي ڳوٺ کان ڏکڻ – اوڀر ۾ آهي. تاريخ اسان کي اهو به ٻڌائي ٿي ته جيور ۽ راؤڙ جي وچ وارو مفاصلو چار ميل هو ۽ اگر هن وقت به اسان جيور ۽ راؤڙ جو فاصلو ماپيو ته ايترو ئي ٿيندو.
    فرق صرف اهو آهي ته مقامي ماڻهو اڄڪلهه “جيور” کي “جيوڙو” ۽ “راؤڙ ” کي رياتڙو” ڪري سڏيندا آهن. جڏهن ته رياتڙي جي بلڪل قريب ۾ “ڇڇ ميرانخور” ڍنڍ آهي ۽ ڇڇ جي قريب ۾ “فتح جو پڙ” نالي هڪ ميدان آهي جنهن جي باري ۾ مقامي ماڻهن مطابق راجا ڏاهر ۽ عربن جي وچ ۾ جنگ لڳي هئي جيڪا عربن کٽي هئي انڪري ئي ان ماڳ کي فتح جو پڙ يعني فتح جو ماڳ سڏيو وڃي ٿو. منهنجي ڏاڏي جو وڏو ڀاءُ مرحوم محمد عارب ڪاتيار جيڪو انگريز پوليس کاتي ۾ حولدار هو (انگريز جي دور ۾ حولدار کي جمعدار چوندا هئا) ان کي تاريخ سان ڪافي دلچسپي هئي. بابا سائين ٻڌائيندو آهي ته چاچا مرحوم ٻڌائيندو هو ته راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي جنگ انهن ماڳن تي لڳي هئي. جڏهن ته ان جي قريب ۾ “قهري” نالي هڪ جڳهه آهي جنهن جي مطابق مقامي ماڻهو جو چوڻ آهي ته اتي ڪو وڏو قهر يا ظلم ٿيو هو جنهن جي بنياد تي ان جڳهه جو نالو قهري پئجي ويو آهي. هاڻي اگر اسان انهن سڀني ماڳ مڪانن کي گڏ ڪنداسين ته اسان کي سڄي تاريخ سمجهه ۾ اچي ويندي.
    فتحنامه سنڌ ۾ لکيل آهي ته جڏهن محمد بن قاسم مهراڻ جي ڪناري تي هو ته سليمان بن نيهان قريشي کي حڪم ڪيائين ته توکي پنهنجو لشڪر وٺي راؤڙ جي قلعي جي مقابل لڙائي لاءِ وڃڻ گھرجي ته جيئن ڏاهر جو پٽ گوپي پيءُ جي مدد تي نه اچي سگھي. سليمان ڇهه سو ماڻهو ساڻ وٺي لڙائي تي ويو.
    هتي اهو به واضع ڪندو هلان ته راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي وچ ۾ جنگ راؤڙ جي قلعي کان ڪجهه مفاصلي تي اولهه طرف هڪ ميدان تي لڳي هئي ۽ سليمان بن نيهان ٿي سگھي ٿو ته راؤڙ جي قلعي جي اوڀر پاسي لشڪر وٺي ويو هو.
    منهنجي ڳوٺ جي قريب ٻاٻڙا ڳوٺ آهي اتان کان ڏکڻ طرف ڪجهه مفاصلي تي فون موري اسٽاپ جي اولهه پاسي هڪ درگاهه آهي جنهن کي عام ماڻهو “ڪاٺي وارو پير” ڪري چون ٿا. مون خود ان درگاهه جو وزٽ ڪيو آهي. درگاهه جي پيراندي هڪ تمام اوچي ڪاٺي لڳل آهي، جيڪا هاڻي ته گھڻي ٽٽي چڪي آهي پر موجود ضرور آهي. جڏهن اتي جي مقامي ماڻهن توڙي خليفن سان مليوس ته انهن ٻڌايو ته ڪاٺي وارو پير، وڏي ڪاٺي لڳل هجڻ سبب عوام ۾ ايئن مشهور ٿيو باقي اسان جا وڏا چوندا هئا ته اهو سلطان هو جيڪو محمد بن قاسم واري لڙائي جو شهيد آهي ۽ اتي تمام پراڻو مقام به آهي، جيڪو ان وقت جي شهيدن جو آهي. اڃان تائين اتي ڪافي مقدار ۾ پراڻي دور جون سرون ۽ پٿر پيل آهن. مقامي ماڻهو ڪاٺي واري پير جو نالو سلطان پير به ٻڌائيندا آهن. هتي اها به وضاحت ڪندو هلان ته اها درگاهه منهنجي اباڻي ڳوٺ جي قريب آهي ۽ خود منهنجو بابا سائين ننڍي هوندي جڏهن مال چاريندو هو ته انهن ماڳ مڪانن جو ڪافي ڄاڻو آهي. بابا سائين به ٻڌائيندو آهي ته پنهنجا وڏا به اها ڳالهه ٻڌائيندا هئا جيڪا ڳالهه درگاهه جي خليفن ٻڌائي آهي. يوسي گجو ۾ ڳوٺ سليمان قريشي آهي جيڪي پاڻ کي سنڌ خليفا به سڏائين ٿا. انهن جو چوڻ آهي ته سلطان پير المعروف ڪاٺي وارو پير اسان جو ڏاڏو آهي.
    هاڻي اگر اسين ڏند ڪٿائن، تاريخي ڪتابن جي آڌار ۽ درگاهه جي وزٽ ۽ بيهڪ کي گڏ ڪريون ته ڳالهه صاف ظاهر ٿي ويندي ته ٻاٻڙا روڊ تي جيڪا درگاهه آهي جنهن کي مقامي ماڻهو ڪاٺي وارو پير يا سلطان پير چون ٿا، دراصل اهو محمد بن قاسم جي دور ۾ شهيدن جي آهي. جتي اها درگاهه آهي ان سڄي علائقي کي عام ماڻهو رياتڙو چون. رياتڙو درحقيقت اهو علائقو آهي جنهن کي اسان جي تاريخي ڪتابن “راور يا راؤڙ ” ڪري لکيو آهي. راؤڙ مان اهو علائقو رياتڙو ڪيئن ٿيو؟ ان جو جواب مون ان ڪتاب جي شروع ۾ تاريخي مونجهارن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.
    وڌيڪ وضاحت ڪندو هلان ته رياتڙو ٿي سگھي ٿو ته راءِ يا راؤ جي تڙ مان نڪتل هجي ڇو ته برهمڻن کان اڳ سنڌ تي راءِ گھراڻي جي حڪومت هئي. تڙ لفظ سنڌي ۾ پتڻ کي به چوندا آهن ته بيٺڪ لاءِ به ڪتب ايندو آهي. بعد ۾ جڏهن راجا چچ اتي قلعي جو بنياد رکيو ته ان کي راءِ جي تڙ يا راؤ جو تڙ وارو قلعي جو نالو ڏنو ويو هجي. راءِ جو تڙ بعد ۾ بدلجي رياتڙو ٿي ويو. جيئن اسان وٽ بهمنوا کي برهمڻ آباد لکن ٿا. يا چئي سگهجي ٿو ته رياتڙو سنڌي لفظ آهي بعد ۾ جڏهن عربي يا فارسي ۾ ان جنگ جو احوال لکيو ويو ته انهن رياتڙي جي متبادل راور يا راؤڙ جو لفظ استعمال ڪيو. مثال عربي ۾ نيشنل کي ناشيونال، ڪراچي کي ڪراتشي، سوئزرلينڊ کي سويسرا چوندا آهن. ان جو وڏو ثبوت اهو آهي ته فتحنامه ۾ جتي به راؤڙ جو نالو آيو آهي اتي و واري اکر مٿان ننڍو الف ڏنل آهي، جيڪو مون هن ڪتاب جي ٽائٽل تي واضع لکيو آهي.
    ٻاٻڙا تائين ٽي رستا اچن ٿا هڪ رستو گھارو گولائي کان ساڪري طرف ويندڙ رستي تي جتي ڪوسٽ گارڊ وارا ويٺا آهن اتان هڪ رستو سڌو ساڪري طرف وڃي ٿو ته جڏهن ته ٻيو رستو اوڀر پاسي واري ٻاٻڙن تائين اچي ٿو. ٻاٻڙن تائين ٻيو رستو ٺٽو – ڪراچي نيشنل هاءِ وي تي گهارو ۽ گجي جي وچ ۾ سلطان آباد آهي اتان به رستو ٻاٻڙن تائين اچي ٿو جڏهن ته ٽيو رستو غلام الله کان ٻاٻڙن تائين اچي ٿو. ٻاٻڙا تي ٻاٻڙا ذات جا ماڻهن جا ڪافي ڳوٺ آهن جن ۾ ڳوٺ حاجي الياس ٻاٻڙو، حاجي شيرو ٻاٻڙو، حاجي صديق ٻاٻڙو، ڀريو ٻاٻڙو، ڳوٺ مظفر ٻاٻڙو ۽ ٻيا. ٻاٻڙا ذات سبب ئي ان ننڍڙي ماڳ جو نالو ٻاٻڙا آهي. ٻاٻڙا جو ذڪر ان ڪري لکيو آهي ته اتان کان پوءِ ٻيا ماڳ ڳولڻ ۾ آساني ٿيندي. ٻاٻڙن کان ڏکڻ اولهه طرف واري سڄي ماڳ کي مقامي ماڻهو اڄ به “جيوڙو” چوندا آهن ۽ جيوڙو دراصل تاريخي ماڳ جيور جي بگڙيل شڪل آهي. جيور کي به اسان جي تاريخي ڪتابن ۾ مختلف نالا ڏنا ويا آهن مثال جيور، جيپور، چتور، چترور وغيره. اصل سنڌي لفظ جيوڙ آهي، عربي يا فارسي ۾ ڙ جي جڳهه تي صرف ر جو اکر استعمال ڪيو ويو ٻي ڳالهه ته اسان جي معاشري جي عادت آهي ته اسان اڪثر ڪري اڌ نالا پڪاريندا آهيون يا هروڀرو نالن جي اڳيان و جو اکر لڳائيندا آهيون مثال نواز کي نوازو، ڪرم کي ڪرمو، شوڪت کي شوڪو وغيره.
    جيوڙي جي ماڳ تي باءِ روڊ اچڻ لاءِ ٻاٻڙا کان ڏکڻ طرف هڪ سم نالو اوڀر کان اولهه طرف وڃي ٿو جنهن کي مقامي ماڻهو ٻاٻڙا سم نالو چوندا آهن. سم نالي تي روڊ وٽ ڪجهه دڪان آهن اتان باءِ رستو اولهه پاسي ڪجهه مفاصلي تي سم نالي جي ڏکڻ ۾ ڳوٺ رحمت الله ڪاتيار جڏهن ته ڳوٺ رحمت الله ڪاتيار جي بلڪل سامهون سم نالي جي اترين پاسي ڳوٺ گل محمد ڪاتيار آهي. ڳوٺ گل محمد ڪاتيار جي اڀرندي پاسي واري سڄي ماڳ کي مقامي ماڻهو جيوڙو چوندا آهن ۽ اهو جيوڙو دراصل تاريخي ماڳ جيور آهي. ڳوٺ رحمت الله ڪاتيار جي ڏکڻ پاسي منهنجو (راقم) جو اباڻو ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار آهي.
    تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن محمد بن قاسم جيور ۾ هو ته راجا ڏاهر انهن جي سامهون اچي ٿيو. مهراڻ جو پاڻي انهن جي وچ ۾ هو ان مان مراد ته ان وقت دريا منهنجي ڳوٺ وٽان وهندو هو.
    جتي هن وقت ڪاتيارن جا ڳوٺ آهن مقامي ماڻهو توڙي اسان جا وڏا اها ڳالهه ڪندا هئا ته اتان ڪڏهن درياهه وهندو هو. جيوڙي کان رياتڙو گھٽ ۾ گھٽ چار ميل کن ٿي ويندو. راقم جي ڳوٺ کان ڪجهه فاصلي تي ڏکڻ ۾ هڪ ميدان کي اڄ به “فتح جو پڙ” سڏيو ويندو آهي، جنهن جي لاءِ مقامي ماڻهو توڙي اسان جا وڏا ڳالهه ڪندا هئا ته اتي محمد بن قاسم ۽ ڏاهر جون فوجون آمهون سامهون ٿيو هيون ۽ اتي ئي جنگ لڳي هئي ۽ اتي ئي راجا ڏاهر قتل ٿيو هو. فتح جي پڙ جي بلڪل قريب ۾ اڄ به ڪنهن واهه جا آثار موجود آهن، مقامي ماڻهو ان کي گدا واهه سڏيندا آهن ۽ انهن جو چوڻ هو ته اهو واهه فتح جي پڙ کان ٿيندو ڇڇ ميرانخور ۾ پوندو هو فتح جي پڙ کان ڪجهه مفاصلي تي اوڀر طرف رياتڙي جو ميدان آهي ۽ رياتڙي مان مراد راؤڙ آهي. راؤڙ جي ماڳ تي هڪ درگاهه آهي جنهن جو مٿي ذڪر آيل آهي. مقامي ماڻهن اهو به ٻڌايو ته اهو پير محمد بن قاسم سان گڏ آيو هو ۽ ان جنگ ۾ شهيد ٿيل آهي ۽ ان سان گڏ ٻيون جيڪي قبرون آهن انهن ۾ اڪثريت جنگ جي شهيدن جون آهن. اتي پراڻي دور جا پٿر پيل آهن ۽ بقول خليفن جي اڳين وڏي مقدار ۾ چاندي ۽ ٽامي جا سڪا به ملندا هئا. خود مونکي به ٽامي جا ڪجهه سڪا مليا هئا جيڪي گھڻي وقت گذرڻ سبب ساوا ٿي چڪا هئا. فتح جي پڙ کان ٿوري مفاصلي تي رستم پنجابي جو گھر هوندو هو. بابا سائين ٻڌائيندو آهي ته رستم پنجابي جي گھر جي پاسي ۾ تمام گھڻي تعداد ۾ پٿر لڳل هوندا هئا جنهن کي مقامي ماڻهو “روهين وارو پوٺو” چوندا هئا بعد ۾ اهي پٿر اتان ڪڍي پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪيا ويا. منهنجي اندازي مطابق اهي پٿر قبرن جي سيراندي يادگار طور لڳايا ويا هئا ڇو ته لازمي ڳالهه آهي ته جنگ ۾ گل ناهن ڇٽبا. اگر راجا ڏاهر جا سپاهي قتل ٿيا يا راجا ڏاهر قتل ٿيو ته گھٽ عربن سان به نه ٿي هوندي.
    فتح جي پڙ لاءِ بابا سائين ٻڌائيندو آهي ته جڏهن برسات پوندي هئي ته فتح جي پڙ تي جابلو گاهه ۽ کنڀيون به نڪرنديون هيون ۽ اهو پٽ ايترو ته صاف ۽ شفاف ڏسڻ ۾ ايندو هو جو انسان جو عقل دنگ رهجي ويندو هو. بقول بابا سائين جي ته ايترو صاف ۽ شفاف ميدان ڏسي اسان پنهنجي وڏن کان ان بابت پڇيو نه ته ان عمر ۾ اسان کي تاريخ سان ڪابه دلچسپي نه هئي. پر افسوس جو سم ۽ ڪلر ان کي تباهه ڪري ڇڏيو. اهو ذهن نشين ڪيو وڃي ته راجا ڏاهر ان وقت راؤڙ جي قلعي ۾ هو پر جنگ قلعي کان ٻاهر لڳي هئي ڇو ته تاريخي ڪتابن ۾ اچي ٿو ته راجا ڏاهر جي قتل کان پوءِ اسلامي لشڪر باقي سپاهين کي ڌڪيندو اچي راؤڙ جي قلعي کي پهتو. بعد ۾ راؤڙ جي قلعي ۾ راڻي مايين پاڻ کي باهه جي نظر ڪري ڇڏيو. ڪجهه ڪتاب لکن ٿا ته محمد بن قاسم راجا ڏاهر جي گھرواري لاڏي سان شادي ڪئي. اها لاڏي به عربن کي راؤڙ واري قلعي مان هٿ آئي هئي.
    جڏهن ته فتح جي پڙ کان ڪجهه مفاصلي تي ڏکڻ طرف ڳوٺ ولي محمد پتافي وٽ “ڇڇ ميرانخور” نالي اڄ به ڍنڍ موجود آهي. مون خود وڃي ان ڍنڍ جو وزٽ ڪيو ته اتي جي مقامي ماڻهن ٻڌايو ته اها ڍنڍ تقريباً ٽي ميل ڊگھي ۽ هڪ ميل ويڪري آهي.
    يوسي گجو توڙي ان جي آسپاس ۾ “ڇڇ” نالي سان ڪافي ڍنڍون آهن جن ۾ “ڇڇ ميرانخور” “ڇڇ ساهڙڪو” “ڇڇ ناري” “ڇڇ وراڪو”. هاڻي انهن ڍنڍن جا نالا “ڇڇ” ڇو آهن انهن جي هڪ وڏي ڪهاڻي آهي.
    چچ جو نالو: بقول هوڙي والا جي ته چچ جو نالو ٿي سگھي ٿو ته “جج” هجي. پر منهجي ذاتي راءِ آهي ته چچ جو اصل نالو ٿي سگھي ٿو ته “ڇڇ” هجي. ڇو ته چچ سنڌي هو ۽ اهو نالو به سنڌي هوندو. پوءِ جڏهن سن ٽي هجريءَ ۾ فتحنامه کي عربي ۾ ۽ بعد ۾ فارسي ۾ لکيو ويو ته ان کي “ڇ” جي متبادل “چ” اکر لکيو ويو هوندو. ڇو ته عربي ۽ فارسي ۾ سنڌي جو اکر “ڇ” ڪونهي ۽ وڏي ڳالهه ته اسان جي تاريخ جا گھڻا ڪتاب “فتحنامه” مان اخذ ٿيل آهن. راقم جي اباڻي ڳوٺ جي پاسي ۾ “ڇڇ” جي نالي سان ڍنڍون آهن. جن جي باري ۾ مقامي ماڻهو چون ٿا ته اتي راجا ڏاهر جون فوجي ڇانوڻيون هيون. ڇو ته ان وقت ۾ جنگيون گھوڙن ۽ هاٿين تي ٿينديون هيون. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ڍنڍن جي پاسي ۾ ڇانوڻيون قائم ڪيون ويون يا ڇانوڻين جي پاسي ۾ ڍنڍون تعمير ڪرائي ان کي بادشاهه جي نالي سان منسوب ڪيو ويو ۽ ٿي سگھي ٿو ته “چچ” جو نالو بعد ۾ ڦري “ڇڇ” ٿي ويو هجي. ان تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.
    “ڇڇ ميرانخور” جي پاسي ۾ ئي راجا ڏاهر پڙاءُ ڪيو هو ۽ ان ڍنڍ جي پاسي ۾ راجا ڏاهر قتل ٿيو هو ٿي سگھي ٿو ته ڇڇ ميرانخور جو لفظ مير ۽ خور مان نڪتل هجي جيڪو راجا ڏاهر کي کائي ويو. ڇڇ ميرانخور وٽ ٽن جڳھن تي سرن سان دڪا ٺهيل هوندا هئا جيڪي منهنجي بابا سائين خود پنهنجي اکين سان ڏٺا هئا ۽ مقامي ماڻهو انهن جي باري ۾ ٻڌائيندا هئا ته اتي راجا ڏاهر جي هاٿين کي وهنجاريو ويندو هو. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته جڏهن مون ڇڇ ميرانخور جو وزٽ ڪيو ۽ دڪن جي پڇا ڪئي ته اتي جي مقامي ماڻهن ٻڌايو ته انهن دڪن جي پاسي ۾ هاڻي ڪجهه ماڻهو ڳوٺ ٺاهيو ويٺا آهن انڪري سٺو نٿو لڳي ته پاڻ انهن جي گھرن ۾ هلون.
    وقت تمام گھڻو گذري چڪو آهي جيڪر جنهن وقت ۾ فتحنامه تي بلوچ صاحب تحقيق ڪري رهيو هو ان وقت ۾ اسان جي ڳوٺن واري پاسي اچي ها ته بلوچ صاحب کي ڪافي آثار به ملن ها ۽ تاريخ به سلجهي وڃي ها ڇو ته اسان جي وڏا ڳالهه ڪندا آهن ته جيڪي آثار اسان ننڍي هوندي ڏٺا هئا اهي هاڻي صفا ختم ٿي چڪا آهن. وڏي ڳالهه ته مقامي ماڻهو اهو به ٻڌائيندا آهن ته صدر ايوب خان واري دور حڪومت ۾ بلڊوزرن ۽ ٽريڪٽرن ذريعي به انهن ماڳ مڪانن کي بلڊوز ڪيو ويو هو. بابا سائين ٻڌائيندو آهي ته راؤڙ (رياتڙي) واري ماڳ لاءِ پنهنجا وڏا اهو به ٻڌائيندا هئا ته اتي ڪافي تعداد ۾ ڪاري رنگ جا اوچا دڙا هوندا هئا. جنهن سبب مقامي ماڻهو ان پوري علائقي کي ڪاريون ڀٽون چوندا هئا. بعد ۾ اهي ڪاريون ڀٽون به ان صفائي جي نظر ٿي ويون.
    نوٽ: مون جيڪو ڪجهه لکيو آهي اهو تاريخي ڪتابن جي آڌار تي، تاريخي علائقن جي وزٽ ۽ پنهنجي تحقيق، تجربي، مشاهدي، مطالعي ۽ وڏڙن جي ٻڌايل ڳالهين جي بنياد تي. باشعور محقق ۽ ليکڪ، فردن ۽ قبيلن بجاءِ مجموعي قومي مفادن کي وڌيڪ اهميت ڏيندا آهن. مون وٽ ايترا وسائل نه آهن جو آئون ان سڀني ماڳن جو باريڪ بيني سان مشاهدو ڪري سگھان. جيڪڏهن ڪو دوست منهنجي ڳالهه سان سهمت ناهي ته ان کي تحقيقات جي مڪمل آزادي حاصل آهي. باقي آئون هن ڪتاب جي وسيلي سنڌ توڙي پاڪستان جي اديبن، محققن، تاريخدانن، سنڌ حڪومت، آرڪيالاجي کاتو، پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا وارن کي اپيل ڪندوس ته اهي ان ماڳن جو باريڪ بيني سان مشاهدو ڪن، مخصوص ماڳن جي کوٽائي ڪرائين ته ٿي سگھي ٿو ته ڪافي لڪل راز سامهون اچي سگهن ٿا.
    فتحنامه مان اڪثر حواله ان ڪري ڏنا آهن جو ان تاريخي ڪتاب ۾ اسان کي ڪافي ماڳن جي خبر پوي ٿي. ٻين ڪتابن ۾ ايترا ماڳ لکيل ناهن جيترا فتحنامه ۾ آهن. مثال تحفة الڪرام يا سنڌ عرب دور ۾ صرف راؤڙ ۽ جيور جا نالا ملن ٿا. اهم ڳالهه ته مون صرف انهن ماڳن تي لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن تي عرب ۽ ڏاهر جي وچ ۾ فيصله ڪن جنگ جو احوال ملي ٿو. مون ڪوشش ڪئي آهي ته غيرجانبدار ٿي تاريخ لکان انڪري مون کي يا منهنجي ڪتاب کي ڪنهن هڪ پاسي کڻي وڃڻ درست نه ٿيندو. ڇو ته محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر جي حوالي سان اسان وٽ ڪافي متضاد ڳالهيون موجود آهن ۽ انهن ٻنهي سوچن کي مڃڻ وارا ماڻهو موجود آهن. پر مون انهن سڀني ڳالهين کان هٽي ڪري صرف راؤڙ واري ماڳ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مالڪ سائين جا ڪرم آهن جو آئون پنهنجي ان ڪوشش ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب ٿيو آهيان. وڌيڪ فيصلو پڙهندڙ ڪندا.
    هتي اها به وضاحت ڪندو هلان ته آئون اروڙ واري قلعي جو انڪاري نه آهيان. آئون تسليم ٿو ڪريان ته اروڙ وارو قلعو تمام گھڻو قديم آهي. برهمڻ گھراڻي کان اڳ سنڌ تي راءِ گھراڻي جي حڪومت هئي ۽ اروڙ انهن جو راڄڌاني هو ۽ بعد ۾ برهمڻ گھراڻي به اروڙ کي راڄڌاني برقرار رکيو. عربن به 125هه تائين اروڙ کي تختگاهه بڻايو هو بعد ۾ اميه عربن، عباسين توڙي هبارين، منصوره کي تختگاهه بڻايو. راؤڙ واري قلعي جو ته بنياد ئي راجا چچ رکيو هو. پر راجا ڏاهر سان فيصله ڪن جنگ اروڙ واري قلعي تي نه پر راؤڙ واري قلعي وٽ لڳي هئي. يا ايئن کڻي چئجي ته راجا ڏاهر جو مقتل گاهه راؤڙ / رياتڙو آهي نه ڪي اروڙ.


    فٽ نوٽ

    (1) اهل وطن کي سنڌي زبان ۾ شايع ٿيل هن ڪتاب جي اهميت کان واقف ڪرڻ لاءِ مٿيان اشارا ضروري هئا، ورنه بندو پنهنجي هن ڪافي محنت کي اڃا ناڪافي سمجهي ٿو. اميد ته اسان مان، ٻئي ڪنهن صاحب علم کي ڌڻي توفيق ڏيندو جو هن تحقيق کي اڃا به وڌيڪ مڪمل ڪري، سنڌ جي تاريخ جي ڪما حقه خدمت ڪندو.
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (فتحنامه سنڌ، ص: ج)

    (2) ڪا غلطي ۽ ڪوتاهي ٿي ويئي هجي ۽ ڪنهن پياري کي وڌيڪ تحقيق جي توفيق ٿئي ته انهي کي اصلاح لاءِ عرض آهي. اهو قدم ضرور ذڪر خير ۾ داخل ٿي ويندو.
    مير علي شير قانع ٺٽوي (تحفة الڪرام ص: 286)

    (3) اڃا تحقيق جو رستو بند نه آهي. جيڪي به هن کان پوءِ معلوم ٿيندو ويندو جو ڪتاب ۾ داخل ڪرڻو آهي. دوستن کي به عرض آهي ته جيڪڏهن کين وڌيڪ تحقيقات ٿئي ته هنن ورقن ۾ داخل ڪرڻ سان ضرور احسان جا مستحق ۽ ثوابن جا وڌيڪ حقدار ٿي سگھندا.
    مير علي شير قانع ٺٽوي (تحفة الڪرام ص: 335)

    (4) بدقسمتي سان سنڌ جي انهي سونهري دور جي پوري طرح تاريخ نه لکجي سگھي آهي. مختلف تاريخن جا چند ٽڪرا گڏي ڪجهه احوال معلوم ڪري سگھجي ٿو. ليڪن هن ڳالهه جي ازحد ضرورت آهي ته ڪي محب وطن ان سموري مسئلي تي تفتيش (کوجنا) ڪري ان دور جي مڪمل تاريخ لکن.

    سائين جي ايم سيد (ڪتاب سنڌ جا سورما، ص 18)


    مددگاري ڪتاب

    • فتحنامه سنڌ علي بن حامد ڪوفي
    • تحفةالڪرام مير علي شير قانع ٺٽوي
    • سنڌ، عرب دور ممتاز حسين پٺاڻ
    • جنت السنڌ مولائي شيدائي
    • ننگر ٺٽو، جنهن جيئن ڏٺو قادر بخش ڀٽو ٽرسٽ
    • سکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو ڪئپٽن جئمس مئڪمرڊو
    • سنڌ جي تاريخ اعجاز الحق قدوسي
    • تاريخ سنڌ سيد سلمان ندوي
    • تاريخ سنڌ مولانا عبدالحليم شرر
    • تاريخ معصومي مير معصوم بکري
    • ڪراچي سنڌ جي مارئي گل حسن ڪلمتي
    • ڪڇين جا قول محمد سومار شيخ
    • سنڌ جا قديم آثار هينري ڪزنس
    • سنڌ جا سورما سائين جي ايم سيد
    • لب تاريخ سنڌ خان بهادر خدا داد خان
    • مڪلي نامون مترجم: پير حسام الدين
    • تاريخ مظهر شاهجهاني مير محمد يوسف ميرڪ
    • ڀنڀور تاريخ جي آئيني ۾ عبدالرشيد گبول
    • سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ ايڇ ايم ٽي لئمبرڪ
    • سنڌ جي معلومات محمد صالح کهڙو
    • سنڌ بابت جامع معلومات مشتاق مسرور باريچو
    • سنڌين جي فوجي مهارت دادا سنڌي
    • محمد بن قاسم (اردو ناول) نسيم حجازي
    • انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
    • انسائيڪلوپيڊيا اردو


    ليکڪ جا ايندڙ ڪتاب

     ٺٽي جي وکريل تاريخ 2
     منهنجو گجو، ڪالهه ۽ اڄ
     تاريخ ڪاتيار
     تنهنجي نيڻن ۾ (شاعري)
     منهنجي زندگي (آتم ڪٿا)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 533
    ڪتابن جو مشاهدو: 550726
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 212771
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ