ڪتاب جو نالو: اکئين ڏٺم جو
مصنف: عاشق منگي
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 24 آڪٽوبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 366 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 91 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هِن ڪتاب ۾، آتم ڪٿا ۽ يادگيرين جا قصا، تعليم ۽ بجليءَ جي موضوعن تي تاثراتي مضمون، ۽ نامور شاعرن قاضي مقصود گل ۽ عبدالغفار تبسم سان گڏ محترم عبدالقادر منگيءَ جي شخصيت ۽ خدمتن تي مضمون پڻ شامل آهن، جنهن سبب هن ڪتاب منجهه مختلف رنگ ۽ انداز اڀري بيٺا آهن. اهي سڀ ليک ڪارائتا ۽ ڪارگر ته آهن، پر سندس ڳوٺ مسوديري بابت مضمون نمايان حيثيت رکندڙ آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران
  • ليکڪ جو تعارف
  • فھرست
  • ٻه چار لفظ : رياضت ٻرڙو
  • فطرت جي هڪ عاشق جي آتم ڪٿا : امتياز منگي
  • ٻه اکر : ارشاد ڪٽپر
  • سادا اکر : انجنيئر عبدالوھاب سھتو
  • پنھنجي پاران : عاشق منگي
  • 1. مسوديرو (جنم ورتم جِتِ، ڳالھيون تنھن ڳوٺ جون)
  • 2. چُوڻي جي تلاش(جواني ۽ جوڀن، جت جاڙ ڪيم)
  • 3. سنڌ اندر تعليم (تباهيءَ ۽ تنزل جا ڪارڻ)
  • 4. سنڌ ۾ بجلي (بحران ۽ واپڊا جي آپدا)
  • 5. سانگھڙ جو سفر (عبدالغفار تبسم سان ملھايل شام جو احوال)
  • 6. عبدالقادر منگي(محبتن ۽ خدمتن جو سنگم)
  • 7. قاضي مقصود ”گُل“(فقيرمنش ۽ ڏاھو انسان)
  • ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپرايل ڪتاب
  • بئڪ ٽائيٽل

  • حق ۽ واسطا

    ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (رجسٽرڊ) قنبر جو ڪتاب نمبر (۵۶)
    © ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (رجسٽرڊ) قنبر ۲۰۱۷ع


    ڪتاب: اکئين ڏٺم جو
    تاليف ۽ تصنيف: عاشق منگي
    پهريون ڇاپو: آگسٽ ۲۰۱۷ع
    ٽائيٽل: رضوان گل
    ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر

    قيمت: ۱۴۰ رپيا

    “Saw What With Eyes”
    Compiled & Described by: Ashiq Mangi
    1st Edition: August 2017 A.D
    Published by: Dr. Muhabbat Academy®, Kambar
    E-mail: dmacademy@gmail.com
    riazatburiro@yahoo.com

    هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر محبت اڪيـڊمي قنبر جي چيئرمين ڀائو درمحمد ٻرڙي،
    وي آءِ پرنٽرس ڪراچيءَ مان ڇپائي، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران پڌرو ڪيو.


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    انتساب

    1. بابا مرحوم نيڪ محمد منگي ۽ امڙ،
    2. چاچا مرحوم عرض محمد ۽ چاچي،
    3. استاد مرحوم محمد هاشم ڊکڻ (پيرڳوٺ خيرپور) ۽ سائين رشيد احمد ميمڻ (دادو)،
    4. انهن سنڌي ماڻهن جي نالي جن سنڌ جي ساڃاھ سکڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي.
    5. لورين جنهن پيار جي پاڇي ۾، عورت سان ٿيندڙ ڏک ڏيکاري، ساڻس پيار جي پوک پوکي. منهنجي زندگيءَ ۾ گھڻي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهي.

    هي لکڻ جو پورهيو ڪندي، منهنجو وجود لوڏيو ويو آهي. اها پيڙائن سان ڀريل خوشي، مٿين سڀني احسان ڪندڙن جي نالي، هڪ قسم جي محبتن جي ڀيٽا، ٻيو مون وٽ آهي به ڇا؟

    - عاشق منگي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اکئين ڏٺم جو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ڪتاب جو ليکڪ محترم ”عاشق منگي“ آهي.
    هِن ڪتاب ۾، آتم ڪٿا ۽ يادگيرين جا قصا، تعليم ۽ بجليءَ جي موضوعن تي تاثراتي مضمون، ۽ نامور شاعرن قاضي مقصود گل ۽ عبدالغفار تبسم سان گڏ محترم عبدالقادر منگيءَ جي شخصيت ۽ خدمتن تي مضمون پڻ شامل آهن، جنهن سبب هن ڪتاب منجهه مختلف رنگ ۽ انداز اڀري بيٺا آهن. اهي سڀ ليک ڪارائتا ۽ ڪارگر ته آهن، پر سندس ڳوٺ مسوديري بابت مضمون نمايان حيثيت رکندڙ آهي.
    هي ڪتاب ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورا پياري رياضت ٻرڙي جا جنهن هن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي، مهربانيون سائين عاشق منگيءَ جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ليکڪ جو تعارف

    ۱. ڄم جو نالو: عبدالغني پٽ نيڪ محمد منگي
    ۲. اسڪول ۾ نالو: عاشق حسين منگي
    ۳. ادبي دنيا ۾ نالو: عاشق منگي
    ۴. ڄمڻ جو ھنڌ: ڳوٺ مسوديرو، تعلقو رتوديرو، ضلعو لاڙڪاڻو.
    ۵. تعليم: ايم اي ۽ ايم ايڊ
    ۶. نوڪري: تعليم کاتو، ھاڻي رٽائر.
    ۷. مشغلا: سنڌ جا واھڻ وستيون گھمڻ، يارن دوستن سان ڪچھريون، موسيقي ٻڌڻ، فلمون ڏسڻ، ڪتاب پڙھڻ ۽ لکڻ.
    ۸. پسنديدھ شخصيتون: دولھ دريا خان، شاھ عنايت، شاھ ڀٽائي، مولانا تاج محمود امروٽي، شھيد الله بخش سومرو، سورھيه بادشاھ، سائين جي ايم سيد، علامه آءِ آءِ قاضي، قاضي فيض محمد، حيدر بخش جتوئي ۽ محمد ابراھيم جويو صاحب وغيرھ.
    ۹. پسنديده مضمون: سنڌ جو عروج ۽ زوال. سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي تاريخ.
    ۱۰. موجوده رھائش: سال ۱۹۶۸ع کان شھر نئون ديرو.
    ۱۱. لکيل ڪتاب: ۱. نئون ديرو: دل وارن جو ديرو، ۲. ڏوري ڏٺم ڏيھ، ۳. اکئين ڏٺم جو.

    انعام منگي
    نئون ديرو
    سيل نمبر؛ ۰۳۳۴۲۲۳۰۸۹۴


    فھرست

    • ٻه چار لفظ ..................................................... رياضت ٻرڙو 08
    • فطرت جي هڪ عاشق جي آتم ڪٿا ......... امتياز منگي 09
    • ٻه اکر ............................................................... ارشاد ڪٽپر 13
    • سادا اکر ................................... انجنيئر عبدالوھاب سھتو 14
    • پنهنجي پاران ................................................. عاشق منگي 33


    1. مسوديرو (جنم ورتم جت، ڳالھيون تنھن ڳوٺ جون) 35
    2. چُوڻي جي تلاش (جواني ۽ جوڀن، جت جاڙ ڪيم) 53
    3. سنڌ اندر تعليم (تباهيءَ ۽ تنزل جا ڪارڻ) 83
    4. سنڌ ۾ بجلي (بحران ۽ واپڊا جي آپدا) 94
    5. سانگھڙ جو سفر
    (عبدالغفار تبسم سان ملھايل شام جو احوال) 99
    6. عبدالقادر منگي (محبتن ۽ خدمتن جو سنگم) 113
    7. قاضي مقصود ”گل“ (فقيرمنش ۽ ڏاھو انسان) 125


    ٻه چار لفظ : رياضت ٻرڙو

    ”نئون ديرو: دل وارن جو ديرو“ (مئي ۲۰۱۲ع) ۽ ”ڏوري ڏٺم ڏيهه“ (نومبر ۲۰۱۲ع) جي نالن سان آيل ٻن ڪتابن کان پوءِ، سائين عاشق منگيءَ جو نئون لکيل ڪتاب ”اکئين ڏٺم جو“ (جولاءِ ۲۰۱۷ع) پيش ٿي رهيو آهي، جا نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي. خاص طور ان ڪري به، ته رٽائرمينٽ کان پوءِ لکڻ وارا به ٿڌا ٿانھرا ٿي ويندا آهن. جڏھن ته سائين عاشق منگيءَ، رٽائرمينٽ بعد، لکڻ جي ڪارائتي ڪرت شروع ڪئي آهي. جنهن جو ڦل مٿيان ٽئي ڪتاب آهن. اها لکڻ جي سرگرمي ساراهه لائق آهي، جنهن ۾ وقت جو سٺو ۽ لاڀائتو استعمال پڻ سمايل آهي.
    سائين عاشقَ، سڄي حياتي پڙهايو آهي، ان ڪري سندس استاديءَ جا رنگَ، سندس لکڻين ۾ پڻ پڌرا آهن. جن ۾ سادگي به آهي، مثال به آهن، ته ڳالهه سان ڳالهه جي ڳنڍِ به آهي. پنهنجي لکڻين ۾ هُو صرف پاڻ موجود نه آهي، پر سندس لکڻيون انيڪ ڪردارن سان ڀرپور آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي ڪٿا بيان ڪندي نظر اچن ٿيون.
    هِن ڪتاب ۾، آتم ڪٿا ۽ يادگيرين جا قصا، تعليم ۽ بجليءَ جي موضوعن تي تاثراتي مضمون، ۽ نامور شاعرن قاضي مقصود گل ۽ عبدالغفار تبسم سان گڏ محترم عبدالقادر منگيءَ جي شخصيت ۽ خدمتن تي مضمون پڻ شامل آهن، جنهن سبب هن ڪتاب منجهه مختلف رنگ ۽ انداز اڀري بيٺا آهن. اهي سڀ ليک ڪارائتا ۽ ڪارگر ته آهن، پر سندس ڳوٺ مسوديري بابت مضمون نمايان حيثيت رکندڙ آهي. منهنجي من ۾ خواهش پيدا ٿي، ته سهڻيءَ سنڌ جي سڀني ڳوٺن جي تاريخ ۽ يادگيرين جي حوالي سان، ان ريت به ليک لکجن، ته ڪيڏو نه سٺو ۽ اهم ڪم ٿي پوي!

    رياضت ٻرڙو
    ڊائريڪٽر (اعزازي)
    ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر


    فطرت جي هڪ عاشق جي آتم ڪٿا : امتياز منگي

    پولينڊ جي هڪ شاعر اسٽينزلا (Stanislaw Jerzy Lec)ڇا ته خوب چيو آهي ته اوهان حقيقت کان ته منهن موڙي سگهو ٿا پر يادُن کان نه.
    You can close your eyes to reality but not to memories.
    يادون هر وقت ماڻهوءَ جي تعاقب ۾ لڳل رهن ٿيون ڪنهن ڳجهي اداري جي اهلڪار جيان، ٻالڪپڻ کان وٺي ٻڍائپ تائين، ذهن ۾ يادين جو هڪ واقعاتي سلسلو هلندو پيو ايندو آهي. ياد جي ڪڙي، ڪنهن واقعي سان به منسوب ٿي سگهي ٿي ۽ ڪو اتفاق به ٿي سگهي ٿو. واقعو اڻوڻندڙ به ٿي سگهي ٿو ۽ حسين اتفاق به. هر ماڻهو آتم ڪٿا ڪو نه لکندو آهي. هر استاد ايترو سڄاڻ به نه هوندو آهي. لکن ۾ ڪو پراڻا پنا سنڀالي، زندگيءَ جو جوڙُ، کڻندو آهي، نه ته انهن جو وڏو انگ ته پينشن جي پنن مان اها اميد رکندو آهي ته آخري ترقي وٺي در تي ڪنهن انتظامي آفيسر جي نالي واري تختي لڳائي پوري گهٽيءَ ۾ ممتاز ٿي وڃان. نئين ديري باءِ پاس جي ڪنهن ڪنڊ ۾، وسيع باغن ڀرسان، منهنجو محبوب دوست عاشق منگي به ڪنهن اڻپوري ياد کي مڪمل ڪرڻ لاءِ محنت ڪري رهيو آهي.
    فرانس جي عظيم ڏاهي، وڪٽر ھيوگو(Victor Hugo) ڳوٺ لاءِ ڪيڏي نه زبردست تشريح ڪئي آهي.
    هاڻي ڪنهن ڳوٺ ۾، هڪ مشعل روشن آهي، هڪ استاد آهي جيڪو کيس ڦوڪ ڏئي دم دم دکائي رهيو آهي.
    عاشق منگيءَ جي سادي سودي زندگيءَ جو ثمر منهنجي هٿ ۾ آهي جنهن ۾ هن ڳوٺ کان شهر در شهر سفرن جو حال احوال اوريو آهي. هن پنهنجي ڪتاب جي مارڪيٽنگ ڪرڻ لاءِ ڪو انڪشاف نه ڪيو آهي، نه ئي ڪو راز فاش ڪيو آهي. هن صرف ماحول جي مٽا سٽا تي قلم کنيو آهي. سادن ۽ سچارن جي جاءِ تي سوديبازن ۽ منافقن جي منهن تي سچ چئي ڏنو آهي.
    اسان پنهنجون عمريون ڳڙڪائي وڃڻ بعد، گهڻي وقت تائين ويسارا رهندا آهيون. ڪنهن جي پڇڻ تي لاپرواهيءَ سان جواب ڏيندا آهيون ته؛ مون کي ته راتوڪي ويلي جي به خبر ناهي، ته ڇا کاڌو هوندو! پر حقيقت ۾ ائين ناهي هوندو. خوبصورت يادون دنيا جي هر حساس ماڻهوءَ جي ذهن ۾ هڪ قرض جو ڪتاب هوندو آهي، جنهن جي پرتن ۾ بستي جي انهن مُحسن موسمن جو ذڪر هوندو آهي جن کان متاثر ٿي هو اڪثر گهر کان غائب ٿي ويندو آھي، جنهن جي صفحن ۾ انهن روڊن جا احساس اُڪريل هوندا آهن جيڪي سدائين سندس همسفر رهيا هوندا آھن. انهن ئي روڊن تي رات جو گهمندي، هو ان چنڊ جو به ته قرضي آهي جيڪو سندس سونهون رهيو هوندو آھي! ۽ آخر ۾ آس پاس جا اهي ڪردار جيڪي کيس اڪثر ڪري گهر، گھٽين، اسڪولن، بنگلن، چوڪن، مسجدن، مندرن، ميدانن، بس اسٽاپن ۽ ميخانن ۾ ملندا آھن. عام ڏينهن ۾ هو انهن مهربانن جو قرض وساري ويهندو هو پر جڏهن وقت گذري چڪو هوندو آهي تڏهن هو هر هنڌ انهن جو ذڪر ڪرڻ لڳندو آهي، هر ڳالهه تي پنهنجي دور جو قصو دهرائيندو آهي.
    موجوده دور جي سهولتن مان مزا وٺندي، هو تمام پراڻي وقت کي به هر وقت سارڻ لڳندو آهي جڏهن سندس هاڻوڪي شهر کان گهڻو پري هڪ ڳوٺ ۾ سادگي ۽ تنگدستي واري زندگي گهاريندڙ سندس والدين هن کي اميريءَ واريون سهولتون ڏيندي ڪڏهن به منهن تي گهنج نه آندو.
    مرحوم محسن ڪڪڙائي جي غزل جو بند آهي ته
    ترسجو مان حسن کي چاهي وٺان،
    زنــدگي جـــو قــرض آ لاهـــي وٺـان.
    عاشق منگي هميشه حقيقي حسن جو متلاشي رهيو آهي. پنهنجي زندگيءَ جي حسين لمحن کي ساريندي ڪنهن قابل دوڪاندار وانگر هر پرت تي جنسن جي حساب سان قرض جو جوڙ ڪندو لکندو رهيو آهي. هر ياد کي پنن تي لاهي، پنهنجي دل جو غبار هلڪو ڪندو رھيو آھي.
    لاڙ جي نوڪريءَ جي عنوان سان لکيل يادگيرين ۾ پنهنجي هٺيلي طبعيت ڪري هو ٽنڊي محمد خان ۾ لساني ٻولي ۾ نه پڙهائڻ تي احتجاج ڪندي ٽنڊي باگي جي گاڏ ڳوٺ ۾ وڃي نوڪريءَ تي چڙھي ٿو. پاڻ ئي ته لکي ٿو ته؛ ثابت ساوا مرچ هي پتافي صاحب جي بنگلي تي کائڻ لڳو. ساڳي وقت هو چانورن جي ماني نه ملڻ تي احتجاج نه ڪري سگهيو. ٽنڊي باگي ۾ پنهنجي ڳوٺ مسوديرو جي مختيارڪار الله وسائي مهر سان سندس ملاقات، ۱۹۷۱ع واري پاڪ ڀارت جنگ جو ڊپ، لاڙ جي ماستر جو ڇوڪري سان عشق ۾ چريو ٿيڻ ۽ ٻيا گهڻا پهلو آهن، جن تي هن قلم کنيو آهي. اڄ جڏهن شهرن جي خانگي اسڪولن ۾ تعليم جا سوداگر، ولايت جي ادارن مان نقل ڪيل نصاب پڙهائي، يا ڪنهن عسڪري اسڪول جو يونيفارم پارائي نئين نسل کي منجهائي وڌو آهي، تڏهن اسان کي عاشق منگيءَ جهڙا استاد ياد اچن ٿا.
    عاشق منگيءَ چواڻي؛ کيس ادبي دنيا ۾ آڻڻ وارو پروفيسر نذير احمد سومرو هو. مان ذاتي طور پروفيسر نذير احمد سومري جي علمي ۽ ادبي قابليت مان گهڻو متاثر رهيس. هن جو لاڙڪاڻي جي جديد تاريخ سهيڙڻ ۾ وڏو حصو رهيو. خاص طور تي لاڙڪاڻي جي اردو اهل قلمڪارن جي ڊائريڪٽري هو. ساڳئي وقت جڏهن هن رتيديري جي هندو اديبن تي قلم کنيو ته لاشاري ڳوٺ جي ٻلديو مٽلاڻي، بنگلديري جي شاعر آسن صابلداس واسواڻي مجبور، ڏيارام ڪشنچند جئسنگهاڻي، ناول نگار چندو لال، ديوان خوب سنگهه نانو سنگهه ۽ پرڀو وفا تي لکي پاڻ نڀايو. عاشق منگي به پروفيسر نذير احمد سومري جي صحبت ۾ رهندي پهريائين ته پنهنجي پسگردائي کي پرکيو، مطالعو ڪيو، بعد ۾ لکڻ شروع ڪيو.
    مسوديري جي يادن ۾ عاشق منگيءَ معمولي ڪردارن کي ياد ڪيو آهي، جتي محرم جانوري ڌاڙيل جو ذڪر ڪيو آهي ته اتي مريم چري کي به ڪو نه وساريو آهي، جيڪا صبح سوير راتوڪي بچيل ماني وٺڻ ايندي هئي ۽ ولو چريو کيس وقت جو فلاسافر لڳندو هو. هن کي چرياڻ وڻندا آهن ڇو ته انهن تي شريعت لاڳو نه ٿيندي آهي! هن ايوب خان جي مارشل لا ۾ ڳوٺن ۾ بجلي جي سهولت جو ذڪر ڪندي راڳ ويراڳ جي آلاپن کي به ياد ڪيو آهي جڏهن ڳوٺ ۾ هن سينگار علي سليم، استاد گلزار علي خان ۽ مائي الله وسائي کي سامهون ٻڌو. سياري جي موسم ۾ هن ڳوٺ ۾ پلي پچائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي (اها ٻي ڳالهه آهي ته ڦريون ڦوٽا وساري ويو آهي)، چڻن ۽ مٽرن جي مند ۾ هن ساڳ پلي کي ساريو آهي ائين ٿو لڳي ته اڄ به هن جي آڱرين ۾ چڻن جي گونچن واري کٽي پليءَ جو ذائقو موجود آهي.
    عاشق جي ٻولي نج اترادي آهي. هي ڪتاب هڪ تعلقي جو گزيٽيئر آهي. اڳتي هلي جيڪو به رتيديري تي تحقيق ڪندو ته عاشق منگي جا ذاتي مشاهدا کيس ڪم اچي ويندا.

    امتياز منگي
    ڪشمور


    ٻه اکر : ارشاد ڪٽپر

    تعجب لڳو جڏهن عاشق منگيءَ فون ڪري سندس ايندڙ ڪتاب تي ٻه اکر لکڻ لاءِ چيو. عاشق منگيءَ سان تمام ويجهي دوستي رهي آهي. اسين تقريبن روز شام جو ملندا هياسين. هي اهو زمانو هو جڏهن لاڙڪاڻه ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج کلڻ تي پهرين بيچ مان ٽريننگ ڪري ماستر ٿياسين. مان لاڙ جي ماستريءَ کان بچي ويس ۽ لاڙڪاڻه ۾ پوسٽنگ ٿي وئي. جڏھن ته عاشق منگي لاڙ جي نوڪري ڪري، پنهنجون ساروڻيون لکڻ جهڙو ٿي ويو. پر پوءِ عاشق منگي به جلد ئي پنھنجي بدلي ڪرائي ويجهو پهچي ويو ۽ ائين ڪچهريون قائم رهيون.
    نئون ديري ۾ اسان دوستن جا نظرياتي طور تي ٻه گروپ هيا، جن جون گڏيل ۽ علحده ٻن اوطاقن، هڪ منهنجي ۽ ٻي عبدالغفار ڀٽي تبسم جيءَ تي ڪچهريون ٿينديون هيون. ترقي پسند ذهن رکندي عاشق منگي منهنجي اوطاق تي گهڻو ايندو هو جتي غلام حسين ڪٽپر، غلام سرور ناريجو، اميد علي ڪٽپر ۽ انور علي مڱريو وغيره جا سياست تي بحث مباحثه ٿيندا هئا. پاڻ ۾ جذباتي ٿي، ڪاڙجڻ ۽ پرچڻ هلندو رهندو هو.
    مون کي ياد آهي ته مان جڏهن به لاڙڪاڻي کان موٽندي ڪو نه ڪو ڪتاب ورتيون موٽندو هيس ته رستي ۾ عاشق منگي ڪتاب ڏسي پڙهڻ لاءِ ضرور گھرندو هو، ۽ مان به کيس پهريان پڙهڻ لاءِ ان ڪري ڏيندو هيس جو هو ڪتاب وعدي مطابق واپس ڪندو هو. هن جي ان وصف جو ذڪر اڄ به ڪندو آهيان. منهنجي ڪراچيءَ اچڻ کان پوءِ، ساڻس ملاقاتون ختم ٿي ويون.
    عاشق منگيءَ جا ٻه ڪتاب پڙهيا ۽ هاڻي هي ٽيون ڪتاب، جيڪو به سندس يادگيرين ۽ ڪالمن تي مشتمل آهي، پڙهي خوشي ٿي ته همراه واندي ويهڻ بجاءِ پنهنجا مشاهدا، ساروڻين جي شڪل ۾ نئين نسل سان ونڊي ٿو. ڪو به ليکڪ عشق ۽ مشق کان سواءِ سٺو لکندڙ ٿي ناهي سگھندو. ٻيو ته هر لکندڙ جي ٻولي، لفظن ۽ خيالن جي ترتيب، پنھنجي پنهنجي ٿئي ٿي. عاشق منگيءَ جي عام واهپي واري سادي ٻولي پڙهي، مزو آيو. هن جي لکڻين ۾ هن جو مشاهدو سٺو سمايل آهي، پر سندس خيالن جي وهڪري ۾ ڪٿي ڪٿي جھول محسوس ٿئي ٿو ۽ پڙهڻ سان رڌم ٽٽي ٿو. جيڪو اميد ته اڳتي ھلي، ايندڙ لکڻين ۾ بهتر ٿيندو ويندو.
    لاڙ جي ماستريءَ ۾، هن تفصيل سان لاڙ جي سماجي جوڙجڪ، رسم ۽ رواجن، پراڻن ماڳن تي پنھنجا مشاهدا، جناب عبدالقادر منگيءَ سان سندس لهه-چڙھ دوران سگھڙن سان ملڻ، هڪ تاريخ جوڙين ٿا، جيڪا پڙهندڙن لاءِ دلچسپيءَ جو باعث ٿيندي. تعليم جي تباهيءَ تي لکيل سندس مقالو سٺو آهي ۽ تباهيءَ جا سبب به صحيح آهن، پر تعليم ڪيئن ٺيڪ ٿيندي ۽ اصل ڪارڻ ڪهڙا آهن ۽ ڪير رڪاوٽ آهي، تفصيل سان بحث طلب آهن.
    پڙهيل ڳڙھيل سنڌي ماڻهن کي پنھنجا تجربا ۽ مشاهدا لکي، ايندڙ نسل تائين پھچائڻ گھرجن، جيڪو پڻ سٺو عمل آهي. جيڪو عاشق منگي صاحب، پنهنجو فرض سمجھي، اھو پورو ڪري رهيو آهي. ان لاءِ کيس جس هجي. باقي پنھنجي ساروڻين ۾ هن ڪنهن کي ساريو ۽ ڪنهن کي وساريو آهي، ان مان گهٽ ۾ گهٽ سندس ويجھن دوستن جي خبر پوي ٿي.
    اميد ته اڳتي به لکندو رهندو.

    ارشاد ڪٽپر
    گلشن حديد، ڪراچي.
    ۲۰ آڪٽوبر ۲۰۱۶ع


    سادا اکر : انجنيئر عبدالوھاب سھتو

    فطرتًا، انسان تي اول ۽ گھرو اثر، انھن شين جو ٿيندو آھي، جيڪي سندس مشاھدي يا تجربي ھيٺ اول آيون آھن. اھو اثر، مثبت به ٿي سگھي ٿو ته منفي به. ڇو جو اثر، اثر ھوندو آھي. ان سان نفسيات جڙندي آھي، جنھن کي عمل ۾ آڻيندي، ماڻھو خودڪار نموني، پاڻ ۾ وديعت ٿيل جبلتون استعمال ڪندو آھي. شين، ماڻھن، ماحول ۽ معاشري ڏانھن ورتاءُ، انھن ئي نفسياتي اثرن ۽ اندروني جبلتن/ ڪيفيتن تحت ٿيندو آھي. جنھن شيءِ سان ڪاوڙ يا چڙ ڏياريندڙ منظر، شروع ۾ پيش آيو آھي ته ان جو اثر آخر تائين اھو ئي رھڻو آھي. اگر خوشگوار تجربو گذريو آھي، سڄي عمر ان کي ائين خوشگوار پيو سجھبو. انگريزيءَ اندر، ان کي ته ”پھريون اثر، آخري اثر ھوندو آھي“ چئبو آھي. ان جي برعڪس تجربي ۽ مشاھدي سان جيڪو ڏٺو ويو آھي، سو ھيئن آھي؛ ”پھرين ڏٺل شيءِ جو اوچتو ويٺل اثر، دائمي ۽ ديرپا ھوندو آھي.“ باقي ٻين شين جا اثر، اڳي ڏٺل شين جي تجربي آھر ھوندا آھن.
    ماڻھوءَ جي نفسيات جڙڻ تي پھريون اثر، پنھنجي گھر، پوءِ ذات پات، ڳوٺ ڳليءَ، وڻ راھ، شھر قصبي ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارن وٽان پوي ٿو. اھو ديرپا رھي ٿو. وساريي نه ٿو وسري. وطن جي گھٽي، جنھن ۾ ٻالڪپڻ جا چند سال گذرن ٿا، ياعمر نه ٿي وسري. ان ڳوٺ مان ڀلي ماڻھو لڏي وڃي، پر جڏھن به ان جو ذڪر نڪرندو ته ان پٺاڻ واري ڪيفيت ھوندي جيڪو گاڏيءَ جي ڪوڪ ٻڌي پريشان ٿي ويندو ھيو ۽ سبب پڇڻ تي ٻڌائيندو ھيو؛ ”ماڙا! تمھارا گاڙي ڪرتا ھي ڪو ڪو، لالي ڪا دل ڪرتا ھي وطن وطن.“ اھا به فطرتي ڇڪ آھي، جنھن تحت؛ ”ڳوٺ جو رستو ڏسي، ڏاند به ڏورڻا ڀڃندا آھن“.
    ڳوٺ ۽ ڳليون، نفسيات جڙڻ ۾ پھرين سر رکڻ جو ڪردار ادا ڪن ٿا. ابتدائي تعليم، ان عرصي دوران پرائجي ٿي. ھڪ-جيڏن ۽ ھڪ-جھڙن سان ڳالھائڻ ٻولھائڻ سکجي ٿو. ھلڻ چلڻ جو ڍنگ ۽ ورتاءَ جا طور طريقا وٽانئن سکجن ٿا. جن جا اثر طبيعت تي ڪافي عرصو ھلن ٿا. انھن جي آڌار تي، عملي زندگيءَ ۾ قدم رکجي ٿو.
    ٻيو نفسياتي اثر، جيڪو ماڻھوءَ جي طبيعت تي مرتب ٿئي ٿو، سو ڌنڌي يا پيشي جو آھي. ساڻُ گڏ ڪم ڪرڻ وارا، جواني ۽ جوڀن، گڏ جالين ٿا. مڙني جون اندروني ڪيفيتون، من-جملي ھڪ-ڪريون ھونديون آھن. مڙيئي گھرن ۽ پيارن کان دور ھوندا آھن. گھر کان ٻاھر جي ماني کائيندا آھن. لٽو ڪپڙو، گھر-ڌوتو نه ملندو اٿن. ھنڌ بسترو به پاڻ کي ڇنڊڻو ۽ وڇائڻو ھوندو اٿن. ٿلھي ليکي، زندگيءَ جي سمورين وَٿُن بابت، پنھنجي لِڱين لوچڻو ھوندو اٿن.
    ڳوٺ جي اندر ٿيندڙ واقعا، چورين چڪارين جون وارداتون، جھيڙا جھٽا، ڦڏا فساد، فشريون ۽ فنشي-بازيون، فيصلا ڦڙا، شاديون مراديون، غميون ۽ فوتگيون، ڏنڊ چٽيون، رانديون رونديون، وندر ورونھن جا موقعا اکين سامھون گذرن، نبرن ۽ پڄاڻيءَ تي پڄن ٿا. منجھانئن عقل، ڦڙو ڦڙو ٿي، ماڻھوءَ جي مغز جي خالي ٿالھيءَ منجھ اوتجندو رھي ٿو. پير کڻڻ ۾ پختگي ۽ ڏاھپ ۾ واڌارو اچي ٿو. زمانو آ ڊکڻ؛ پيو ٿو ماڻھوءَ کي ڪپي ۽ ڪوري، سنواري ۽ سينگاري.
    ھن ڪتاب جي چند مضمونن جو واسطو پڻ زندگيءَ جي اھڙن حصن تي محيط آھي، جيڪي پاڻ اندر اھڙا کوڙ سارا واقعا ۽ منظر سمايون ٿا ھلن. غربت جو حشر ڏسڻو آھي ته ٻھراڙين ۾ ڏسو. ڏاڍ ۽ بربريت جو ننگو ناچ ڏسڻو آھي، سو به ڏسڻ لاءِ اتي موقعو مليو وڃي. سخاوت ۽ صله رحميءَ جو مثال ڏسڻو آھي، سو ڏسڻ لاءِ به اتي موقعو ملندو. ڳوٺ اندر ھڪڙي ڀرپور زندگي آھي، جتان ڳالھائڻ لاءِ ماڻھو، زبان ۽ ھٿن، اکين ۽ اشارن جي ٻولي سکي، اڳتي قدم وڌائي ٿو. کيس ڏکيا مسئلا سمجھڻ لاءِ، کوڙ سارا مثال اکين آڏو رھنما ۽ سونھين طور رھن ٿا، جيڪي کيس اصلي گس جو ڏس ڏيڻ سان گڏ ڪاڏي به ٿڙڻ نه ٿا ڏين. شروعاتي مضمون، ’جنم ورتم جت، ڳالھيون تنھن ڳوٺ جون‘ ۾ اھي لقاءَ پسي سگھجن ٿا. سٺ سال گذرڻ پڄاڻان، اتان جي دنيا اڃا اتي آھي. ان ئي ڏاھپ جي محور تي پاڻ کي پڌاريون ۽ پختو ڪيون بيٺي آھي. ڏاھپ جا نقطا، ھر ڳالھ مان ڪيئن ڪڍبا آھن، سي به ھو ڪڍي ڄاڻن. مثال سان سمجھائڻو آھي، سو به ھو سمجھائي ڄاڻن. ننڍن جي پرگھور لھڻ سان گڏ، تربيت به ڪري ڄاڻن. تعليم کي اھم ان ڪري ٿا سمجھن، جو جھالت جا سور انھن ڏٺا آھن. بغاوت اگر اڀري آھي، انھن جي ذھنن ۾ به ته انھن سورن جي ڪري آھي. جو آخر بيزار ٿي، چُوڻي جي تلاش ۾ نڪرن ٿا ۽ ڳوٺ ڏي وري موٽ ڪرڻ تي دل نه ٿي گھرين.
    تيری ياد نے دنيا سے بيگانه کرديا،
    مگر تجھ سے ‏‎‌بھی دلفريب تھے غم روزگار کے.
    اھا ٻي ڳالھ آھي ته دل تي اڪريل اھي ننڍپڻ جون ھلڪيون ھلڪيون، پرايون ۽ پنھنجيون وارتائون ۽ واقعا وسرن نه ٿا. ور ور ڪري اچي جاڳائين ٿا. سڏي سڏي ٻڌائين ٿا؛ اسان مان سک، سبق پراءِ. اسان کي رھنما ۽ سونھون سمجھ. اسان کي متان وسارين. وساريندين، ميسارجي ويندين. اسان تنھنجا سڄڻ به آھيون ته ڏڄڻ به. اسان تنھنجا ڦيڪاري به آھيون ته ساٿاري ۽ راکا به. انسان، ويچارو ماڻھوءَ جي آچار. لاچار ۽ مجبور ٿيو وڃي، انھن جي سانڍڻ ۽ سانڀڻ لاءِ. قلم کڻي ٿو، قلم ٽٽيو وڃيس. پنو سنڀالي ٿو ته پنو ڦاٽيو وڃيس. ٻنھي کي سنڀالي ٿو ته دل ٽٽيو وڃيس. دل کي سنڀالي ٿو ۽ خيالن کي ڪيترا به ويس وڳا ڍڪائي، بيان ڪرڻ ۽ منجھانئن رھنما اصول واچڻ جي مخبري ڪري ٿو، ته سرير به ساٿ ڇڏڻ شروع ڪريس ٿو. ان ماستر وارو حشر ٿيو وڃيس، جنھن پگھار ھوندي به عيالداريءَ سبب غربت ۾ رھندي چيو ھيو؛ ”قميص ٿو وٺان ته ڪانئچ ٿي ڦاٽي، ڪانئچ ٿو وٺان ته قميص ٿي ڦاٽي، ٻئي ٿو وٺان ته .... ٿي ڦاٽي.“ زندگيءَ ۾ سرير مٿان گذريل واقعا بيان ڪرڻ، ان حقيقت کان وڌيڪ ڀيانڪ آھن. لڱن تان لٽو لاھڻ، سو به جڏھن ھڙ شيءِ ھلي وئي ھجي، ڏاڍو ڏکيو آھي.
    ھڪڙو غريب جو ٻار، ٻيو جاڏي ڪاڏي تيار. ھڪڙو حجامڪو ٻار، ٻيو چمڙي اڇي ۽ بت ڀريل، ٽيون گھمڻ جو شونق. نه چڙھندن کي به بخار ضرور چڙھي. ھڪڙي ڇوري، ٻيو ھنج. باقي ڪمي ڇا جي آھي. وڏيري سان گڏ ويھڻ جھڙو ته ھجي پر جيسي ته نه ٿيو نه! ڀلي وڏيري وٽ سؤ ڏاھپ وارا جواب ھجن پر برادريءَ وارن جو ھڪڙو ڏنڀ به چؤنواتي/ بڙڇيءَ کان گھٽ ناھي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته خانداني وڏيرا ۽ ڀوتار، گفتي جا غازي ٿيندا آھن. وٽن اھڙا ته گفتا تيار ھوندا آھن، جو موقعي جي تلاش ھوندي اٿن. نڪرڻ شرط، اڳلن کي ڦٿڪايو رکن. ھڻ کڻ آھن.
    لياقت علي خان جلباڻي، مون اکئين ڪو نه ڏٺو. دوستن يارن کان، سندس بابت چڱو ٻڌو. منجھس وڏن سردارن واريون خوبيون ھيون. ھيءَ انھن ڏينھن جي ڳالھ آھي جڏھن مان اڃا سرويئر ھيس. مون سان گڏ رشيد ڪٽپر ۽ شاھ بخش خاصخيلي پڻ سرويئر ھيا. ھر ڪنھن جي حد پنھنجي پنھنجي ھئي. مان وارھ ۽ شھدادڪوٽ تي ھيس، شاھ بخش نصير آباد تي ۽ ڪٽپر صاحب، رتوديرو تي. واندڪائيءَ ۾ ملاقات ٿيندي ھئي ته ان وقت جي ٽائون چيئرمينن جون ڳالھيون به وات تي اچي وينديون ھيون. اسان جي به نوڪريءَ جي شروعات ھئي. ان دؤر جا چيئرمين اسان کان به نه ٿا وسرن جو اھي، اسان جي زندگين ۾ پھريان عملي ماڻھو ھيا. وارھ ٽائون جو چيئرمين، تن ڏينھن ۾ غلام رسول کھاوڙ ھيو، نصيرآباد جو اقبال مسڻ ۽ رتوديرو جو لياقت علي خان جلباڻي ھيو. ٽنھي جو تذڪرو، اسان جي ڪچھرين ۾، برسبيل ضرور ٿيندو ھيو. ٽنھي ۾ وڏيون خوبيون ھيون. انھن جو ذڪر ڪري اسان منجھانئن پيا نقطا سکندا ھياسين.
    صاحب ڪتاب، جيڪو لياقت علي خان سان گڏ ويھڻ جو ذڪر ڪيو آھي، جنھن تي سردار صاحب کي پنھنجي ذات وارن، حجامڪي ٻار سان گڏ ويھڻ تي ميار پئي ڏني، تن کي جيڪا سردار صاحب موٽ ڏني، تنھن سان پاڻ کي گھڻين اوڻاين چوڻاين کان به پري ڪري ويو. برادريءَ وارن کي به ٿڌو ڪيائين ته حجامڪي ٻار کي به نه حقير سمجھيائين، نه ناراض ڪيائينس. اھي خوبيون، سنڌ جي جھونن سردارن ۽ وڏيرن منجھ جام ھونديون ھيون. ھاڻي ته نه اھي وڏيرا رھيا آھن، نه اھي اوطاقون رھيون آھن.
    مون کي ننڍي ھوندي جو ھڪڙو واقعو ياد ٿو اچي. جيڪو پڻ ان موقعي سان مناسبت رکي ٿو. ان ۾ اسان جي دوست ڳالھائيندي جيڪا غلطي ڪئي، سا بيان ڪيان ٿو جيئن لياقت علي خان جي ذھانت کي اڃا واضح ڪري سگھجي.
    اسان جو ھڪڙو دوست، محمد ڄام ٻوھيو، ھينئر ته سول ايويئيشن اٿارٽيءَ منجھ وڏي عھدي تي آھي، تن ڏينھن ۾ نوابشاھ ۾ اسان سان انٽر (پري انجنيئرنگ) ۾ پڙھندو ھيو. سندس ڳوٺ جو ميھر ڪنڀر به گڏ پڙھندو ھيو ۽ ٻئي گڏجي، جي ايم پيرزادھ ھائوس، غريب آباد ۾ رھندا ھيا. مان به پنھنجي چاچي سان گڏ، لطف علي خان چانديو جي بنگلي ڀرسان جمالين جي جاءِ ۾ ڪرائي تي رھندو ھيس. پڙھڻ ۾ ڪاليج ۾ گڏ، واندڪائيءَ ۾ پاڙي ۾ گڏ ھئڻ سبب، اڪثر شام ڌاري ھڪٻئي سان ملندا رھندا ھياسين.
    ھڪڙي ڏينھن، سندن ڳوٺان ھڪڙو مھمان اچڻو ھيو، جنھن جو ڄام صاحب کي شدت سان انتظار ھيو. جڏھن اھو مھمان پھتو، ته اھو به اسان وانگر نوجوان ھيو. رنگ ڪڻڪائون، وصف/وسپ تکا، اک ڪڪڙي ۽ وک تڪڙي ھيس. کيس ڏسندي ئي مون ميھر ڪنڀر کان پڇيو؛ ”ھيءُ آھي اھو مھمان، جنھن جي اچڻ لاءِ ڄام صاحب پريشان ھيو ۽ چيائين پئي منھنجو ڀاءُ ٿو اچي؟“
    ميھر به ھيو ته ڪنڀر، پر کائيندو پنھنجي گھران ھيو. مشڪندي، ترنانون سان وراڻيائين؛ ”ھا ادا! اھو آھي.“
    ”نالو ڇا اٿس؟“
    ”تو کي جو ٻڌايائين ته نالو وزير اٿس.“
    مٿئون پڇيومانس؛ ”ڇا ٿئيس؟“
    ٿورو، مشڪندي ترشين اکين سان ٻڌايائين؛ ”تو کي پاڻ جو ٻڌايو ھيائين ته ڀاءُ آ.“
    مون شڪ گاڏڙ لھجي ۾ پچيس؛ ”پڪ! ڀاءُ ٿئيس؟! يا جيئن چئبو آھي؛ دين جي ڀيڻ آ. ائين اٿس.“
    جواب ڏنائين؛ ”پڪ نه ٿي پوئي ته مھمان کان پاڻ کان پڇي تصديق ڪر!.“
    ٻنھي کان پڇيم. ٻنھي ساڳي ورندي ڏني.
    بھرحال، مون کي يقين نه آيو.
    انٽر ڏنيسين. ڄام صاحب جي والد سائين پنھل ٻوھيي، ڄام جي شادي ڪرائي. شادي سندن ڳوٺ، ماڻڪ ٻوھيي ۾ ھئي، جيڪو نوشھروفيروز ۽ نانگي شاھ جي وچ تي ھيو. شاديءَ واري ڏينھن کان ھڪ رات اڳ وڃي اتي ترسياسين.
    ڪچھري ڪندي ميھر ڪنڀر کان پڇيم؛ ”ڄام جا ھڙئي ڀائر مليا. سندس ڀاءُ وزير، جيڪو نوابشاھ آيو ھيو، سو نه ٿو نظر اچي؟“
    ساڳين ترشين اکين واري مشڪندڙ لھجي سان چيائين؛ ”ڀائر، پاڻ ۾ رٺل آھن. نه ڳالھائيندا آھن.“
    يڪدم پڇيومانس؛ ”پاڻ ۾ رٺل آھن، يا سنگت سان به رٺا آھن؟ اسان سان ته ملن نه؟!“
    ميھر جو مائٽ نازو، فوج ۾ ھيو. اھو به شاديءَ جي ڪري آيل ھيو. تنھن جو ٻڌو ته وزير جي ڳالھ ٿي ھلي. تنھن نه ڪئي ھم نه تم. مون کي يڪدم چيائين؛ ”وزير کي مان ٿو وٺي اچان.“ ميھر وارن کي چيائين؛ ”وھاب کان وڌيڪ معتبر آھي ڇا وزير جو ان جي سڏ تي نه ٿو اچي.“ ويو ۽ الائي ڪٿان کيس کنڀي وٺي آيو.
    ”نوشھروفيروز شھر منجھان، کيس موٽر سائيڪل تي کڻي آيو آھيان“. موٽڻ کان پوءِ ٻڌايائين ۽ وڌيڪ چوڻ لڳو؛ ”ادا ھن جو به ڏوھ ناھي. ھڪ ته ھن کي سڏ نه ھيو، ٻيو مھينو کن اڳي، ڳوٺان ئي لڏي وڃي نوشھري رھيا آھن. ور نه ته وزير، وھاب! تنھنجي چوڻ تي نه اچي.“
    وزير آيو، ڏاڍا قربائتا ڀاڪر ھنيائين. ڪلاڪ اڌ منھنجي ڀرسان ويھڻ کان پوءِ، سرٻاٽ ڪري موڪلائڻ لاءِ اجازت ورتائين ۽ اٿي ھليو ويو. جڏھن ته نازوءَ وارين ڳالھين کان پوءِ گھوٽ صاحب، يعني اسان وارو دوست ڄام ٻوھيو، شڪي شڪي ھيو.
    بھرحال، اھي حال ھڪ ھيڻي ماڻھوءَ جا ھيا. اھڙين ڳالھين جي انت جي ڄاڻ رکڻ وارا سردار، گفتي جي زور تي پاڻ کي انھن عيبن کان ڇنڊي، پري بيھاريندا ھيا. اھڙي ڇسي گفتگو، کين مزو نه ڏيندي ھئي، جنھن جي پڇاڙيءَ ۾ ماڻھو ڏٺو وائٺو ٿئي.
    ڄام ڪانڀو خان، سنڌ جو نالي وارو ۽ ضرب المثل، سخي مڙس ٿي گذريو آھي. سندس ھڪڙو واقعو مشھور آھي، جيڪو سنڌ جي ٻھراڙين واري لوڪ ڏاھپ کي سمجھڻ ۾ مدد ڪرڻ خاطر ھت ورجايان ٿو.
    ڄام صاحب جو نيم ھيو ته ڀٽ شاھ جي ميلي تي، ڀلي گھوڙي تي چڙھي ايندو ھيو. خرزين پئسن جي ڀريل ھوندي ھيس. منجھانئس؛ ملھن، راڳين، رانديگرن، ناچن ۽ فنڪارن کي داد طور انعام اڪرام جا واھڙ وھائي ڇڏيندو ھيو. رنگ جو ڪارو ھيو، پر وڏو پئسي وارو ۽ سخي مڙس ھيو.
    ھڪ دفعي ھڪڙي ناچڻيءَ کي داد ڏيندي، بي تحاشا پئسا گھوريائين. ناچڻيءَ پئسا گھڻا ڏسي، ڪاري رنگ جي شڪايت ڪندي، وڏن ناٽن ۽ نخرن، نازن ۽ ترناون سان چئي ڏنس؛ ”ڄام صاحب، جڏھن حسن پئي ورھايو ته ڪاٿي ھيا؟“
    ”مان به حسن جي بازار ۾ پھتو ھيم. ڊگھيون قطارون لڳل ھيون. رنڊين ۽ لونڊن جي لٺ پئي لڳي. بيھڻ جي جاءِ ئي نه ملي.“ ڄام صاحب ٺھ پھ وراڻيس؛ ”سو ڀڄي وڃي بخت جي بازار ۾ بيٺم.“
    ڄام صاحب جي ان جواب، ان وقت جي ناچڻيءَ ۽ بعد ۾ پيدا ٿيندڙ حسن جي شيداين ۽ دلدادن کي، ھڪ ئي ڌڪ سان چپ ڪرائي ڇڏي.
    اھي ھيا مڙساڻا ڌڪ، جن کي لوھارڪا ڌڪ سڏبو ھيو. ان وقت جي دؤر جي ماڻھن ۽ سردارن ۾ اھا مڻيا ھئي.
    لياقت علي خان جي باري ۾ اسان جو دوست رشيد ڪٽپر ھڪڙو واقعو ٻڌائيندو ھيو.
    جلباڻي قوم جو سردار ته سندس وڏو ڀاءُ، الله بخش خان جلباڻي ھيو. فيصلا ڦڙا اھو ڪندو ھيو. پر ھڪڙي دفعي سردار صاحب اتي موجود نه ھيو. ڪراچيءَ يا اسلام آباد ويل ھيو. ڳوٺ جو ھڪڙو ھلڪو ۽ گھرو تنازعو، نبيري لاءِ لياقت علي خان وٽ آيو. ھڪڙي ھمراھ دانھن ڏيندي چيو؛ ”منھنجا ڀائر مون سان ڪو نه ٿا ٺھن. ملڪيت به ڦٻائي ويٺا آھن. گھران به ڪڍي ڇڏيو اٿائون. ھاڻي مان، ٻارن سميت سالن وٽ رھان ٿو.“ لياقت خان، ڳالھ ٻڌندي ئي مٿس چڙھي ويو. ”ھر شريف ماڻھو، ڀائرن سان گڏ رھندو آھي. تون وري انھن کي ڇڏي وڃي سالن سان سنمک ٿيو آھين؟ وڏو بدمعاش ئي تون آھين.“
    اسان جي سنڌ، اھڙن وڏيرن ۽ سردارن سان ڀري پئي آھي، جيڪي ٿڏي تي اھڙو گفتو ڪڍي ڄاڻن، جنھن سان اڳلي کي لاجواب ڪري ڇڏين.
    ھڪ دفعي ڪي ٽي اين تي مئڊم مھتاب اڪبر راشدي صاحبه جن، ممتاز ڀٽو صاحب کان انٽرويو وٺندي، ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي لنڊن ۾ پڙھڻ دوران گذاريل زندگيءَ بابت سوال ۾ پڇيو؛ ”ٻڌو آھي، ذوالفقار علي ڀٽو صاحب، جڏھن لنڊن ۾ پڙھندو ھيو، تڏھن انھن جي ذاتي زندگي اتي ڪجھ رنگين...“ اھي لفظ چئي محترمه، ممتاز صاحب ڏانھن ڏسندي، چيو؛ ”اوھان به تن ڏينھن ۾ ساڻن اتي رھيا. اوھان جي زندگي به ساڳئي نموني....“ ٽي وي جي ڪئميرا، سڌي ممتاز صاحب جي چھري کي فوڪس ڪيو. ممتاز صاحب ڏاڍي اطمينان سان پھرين کاٻي ھٿ جي چيچ جي پٺي، پنھنجي کاٻي مڇ جي چوٽيءَ تي گھمائي. لھجو مدبرانه ڪندي وضاحت ڏني؛ ”اھا، اسان ڀٽن کي، وڏن جي دعا ٿيل آ.“ ان ھڪڙي جملي سان، ان موضوع جو ٻنڀو، اتي ئي گھُٽي ڇڏيائين. کل کل ۾ موضوع ئي مٽجي ويو.
    ڳالھ، ڳالھ تي چڙھي آئي آھي ته ائين برمحل، ٻئي گفتي جي غازيءَ وڏيري جي ڏاھپ ۽ گفتي کي به ھتي قلمبند ڪري ٿا ڇڏيون، جيئن اڳتي لاءِ اھو به ھڪڙو نقطو، ڪنھن جي ڪارج ۾ اچي وڃي.
    ھڪڙي وڏيري، پنھنجي اوطاق منجھ، پنھنجي ڪڙميءَ کان زور پئي ڏياريا. ٻئي اڪيلا ھيا. ريچڪ تي چڙھندي، وڏيري کانئس پڇيو؛ ”ماڻھو، مون لاءِ ڇا ٿا چون؟“
    ”سائين! ماڻھو ٿا چون؛ وڏيرو ڏاڍو ڀلو ۽ نيڪ نمازي آھي. روزا پابنديءَ سان رکي ٿو. ھٿ جو سخي آھي. آئي وئي تي احسان ڪري ٿو. رمضان ۾ مسافرن مڙن کي روزا ڇوڙائي ٿو. ڪنھن سان ٻاڙو نه ٿو ڳالھائي، پر..“ ڪڙمي، اصل ڳالھ نڙيءَ وٽ جھلي، جملو پورو ڪيو.
    ”اڙي! پر ڇا؟!؟!“ وڏيري، مام سمجھندي، وضاحت طلب ڪيس.
    ”چون ٿا؛ ھاريءَ ناريءَ ۽ ڪڙمي ڪارائي سان به چڱو ٿو ھلي. ڪنن جو ڪچو ناھي، جيئن ٻيا وڏيرا ھوندا آھن. ھروڀرو ڪمدارن جي چئي تي اچي ڪڙميءَ-مار نه ٿو ڪري. بٽئي به حق انصاف واري ٿو ڪري. پر...“
    ”اڙي! پر ڇا؟!؟!“
    ”چون ٿا؛ رنن زالن سان به ورتاءُ ۽ سلوڪ ڀلو اٿس. يتيمن جي به پرگھور لھي ٿو. نه ڪنھن سان کھرو ڳالھائي ٿو، نه ڪنھن کي کھرو ڳالھائڻ تي مجبور ڪري ٿو. پر...“
    ”اڙي! پر ڇا؟!؟!“
    ”چون ٿا؛ اٿا-ويٺي به ڏاڍي اٿس. ھلنديءَ-چلنديءَ-وارو آھي. چور سان بنھ ياري نه اٿس. نه وري غريبن تي پوليسون چاڙھي پيٽ-گذر ٿو ڪري. پر...“
    ”اڙي! پر جا پٽ! ڳالھ ته ٻڌ!“ وڏيري نيٺ ڳالھ جي پيڙھ ڊاھڻ خاطر چيس؛ ”ماڻھو عيش ٿا ڪن، مون عشرت ڪئي ته ڪھڙي اربعا خطا ٿي پئي.“
    ڳالھ اتي ڪا نه کٽي. ھڪڙي ڀوتار کي جڏھن ڪمدار چيو؛ ”سائين! ٿوري خواري ٿي ٿئي.“ تنھن تي اھو پيڙھيائتو، پھرين ته ٽٻيءَ ۾ پيجي ويو.
    ”اڙي ماڻھن کي ڇا ھي؟ اھي ڪنھن جي خوشيءَ ۾ خوش ھوندا آھن؟ ھاڻي انھن جي چوڻ تي لڳي.“ ستت ٽٻيءَ مان نڪرندي چيائينس؛ ”ڪک جي خواريءَ کان ڊڄي، لک جي لست ڇڏي ڏيان؟!“
    بھرحال، اھڙي ڊگھي نظر وارا سردار، وڏيرا ۽ سياستڪار، سنڌ مان ھاڻي ناپيد ٿي ويا آھن. ڳولھئي نه ٿا لڀن.
    مڙني ڳالھين کان مٿانھين ڳالھ، نه اڳي وارا وڏيرا رھيا آھن، جيڪي اوطاقون وانديون ڪري ڏيندا ھيا ته منجھن اسڪول ھلي يا ماستر ھاسٽل ڪري رھي. نه وري ماستر رھيا آھن، جيڪي اتر جا ڳوٺ ڇڏي، ھلي لاڙ جي اسڪولن ۾ عزت، شرافت جو دامن قائم رکندي، ماستري ڪن. ھڪڙي ماستر کي مجزي عشق جي جھپيٽ چريو ڪيو ته اثر ٻين تي به پھتو. ھڪڙيءَ رت ڪڍايو، ٻين کي اوٻر آيو. ٺولھو کڻي ھڪڙو، ٺڪر اچي ٻين تي وانگر، رسوائي نه سھندا، ھر ڪنھن شرافت اندر پير ڊاٺا. ائين اھو مانڊاڻ ئي ڊھي اچي پٽ پيو. جڏھن ته ڳوٺ کان ٻاھر نوڪري ڪرڻ ۾ عزت ھئي. ڳوٺ جي ماستر کي، ڀلي حجم جو پٽ ھيو، سردارن جھڙا ماڻھو مانُ ڏئي گڏ ويھاريندا ھيا. ان جي جاءِ تي اگر ماستر کي وڏيرو، ماستري خود وٺي ڏيندو ته اھو ماستر ڪمداري ڪرڻ سان گڏ، اسڪول به واندائي ڏيندس ته اوطاق ڪر، تنھن ھوندي به وڏيرو نه ٺرندس. پيو دوڳيندس ۽ دڙٻاٽيندس. اٿندي ويھندي پيو طعنا تنڪا ڏيندس. ان ۾ نه ماستر جي عزت آھي، نه تعليم جو واڌارو. خودداري ۽ سھپ جھڙا جذبا، تنھن کان سواءِ، مري ٿا وڃن. ڄاڻ ۾واڌارو اچڻ، اچڻ جي ماڳ، ماڻھو نڪمو ٿيو وڃي.
    ٻاھر جي نوڪري ڪندي، اتان جو وڏيرو، ٽوپي وٺي خوش ٿو ٿئي، پنھنجي ڳوٺ جو وڏيرو برادريءَ جي ناراضگي سھي به ساڻُ ٿو ويھاري. جڏھن ته ڳوٺ جي نوڪريءَ ۾ ماڻھو جيڏانھن تيڏانھن ڪانيارو ۽ ڇسو آھي.
    سال ۱۹۷۰ع کان اڳي، ڪو به ماڻھو پنھنجي ضلعي يا تر ۾ نوڪري ڪرڻ، عار سمجھندو ھيو. ڪي ته پنھنجي صوبي اندر به نوڪري ڪرڻ کي ترجيح نه ڏيندا ھيا. ٻاھر جي نوڪريءَ ۾ عزت سمجھندا ھيا. ان کان علاوھ جن ٻاھر نوڪري ڪئي، تن گھڻو پرايو. ڇو جو قرآن مجيد ۾ به اھڙو حڪم آھي ته؛ رب جو فضل ڳولھڻ يا روزي رزق جي تلاش ۾ زمين اندر ٽڙي پکڙي وڃو. ان حڪم تي عمل ڪندي، جيڪي ڀونءِ ڀلاريءَ تي ڦھلجي ويا، تن کي روزي رزق سان گڏ ڏات به ملي ته شھرت ۽ عزت پڻ. عاشق منگي صاحب، پرائمري ماستري ٻاھر ڪئي. ان منجھان ايترو پرايائين جو نوڪريءَ تان لھڻ کان پوءِ لاڳيتا ٽي ڪتاب لکي، ڇپرائي ۽ اسان جي ھٿن تائين پھچائي چڪو آھي. تنھن دؤر جا غريب استاد، جھڙوڪ؛ سائين سکيو خان چنو ۽ محمد فاضل شيخ ننڍڙي نوڪريءَ لاءِ به ٻاھر نڪتا تن باقاعدھ ڪتاب لکيا. اگر اھي گھرن ۾ ويٺا ھجن ھا ته اھڙا ڪتاب نه لکي سگھن ھا. سکيو خان چنو اگر ڪنڊياري ۾ قلم ڪارا ڪري ھا ۽ عاشق منگي مسوديرو ۾ مسون کپائي ھا ته ھوند اسان پڙھندڙن کي پنو به پلئه نه پوي ھا.
    اڳي وارا سرڪاري ملازم، اگر اولھ پاڪستان مان بدلي ٿي اوڀر پاڪستان جي شھرن ڍاڪا، چٽگانگ يا سلھٽ ۾ وڃي نوڪري ڪرڻ ۾ تڪليف سمجھندا ھيا ته ڪم از ڪم پنھنجي ئي ديس جي ٻئي صوبي ۾ وڃڻ تي کين اعتراض ڪو نه ھوندو ھيو. ھاڻي جيڪو پنھنجي ضلعي کان ٻاھر قدم نه ٿو رکي، جنھن کي ھاسٽل يا بورڊنگ ھائوس ۾ رھڻ ۽ ماني کائڻ جو تجربو ناھي، سو نوڪريءَ خاطر گھر کان ڏھ ميل به ٻاھر وڃڻ، پسند نه ڪندو. ان ۾ به پاڻ کي عذاب ۾ پيو ڀانئيندو. جنھن جو پنھنجو سر، ڪنھن ڳالھ ۾ سکيو ناھي، سو ٻين کي ڪھڙي تعليم ڏئي سگھندو؟ اھو ته ويٺو شارٽ ڪٽ طريقا پاڻ ايجاد ڪندو. بجاءِ تعليم ڦھلائڻ جي، يونينن جي مدد ۽ سھارا ڳوليندو. ان تاڙ توڙ ۾ پڙھڻ پڙھائڻ ويتر ڇڏائي ويندس.
    ھڪڙو ماڻھو، تنھن دؤر ۾ لاڙڪاڻي کان ھلندو ھيو، ڪوٽڙي يا ڄام شورو پھچندو ھيو. اتان حيدرآباد شھر جي مارڪيٽ واري حصي ۾ يا گول بلڊنگ وٽ پھچندو ھيو. ڄام شورو منجھان آيل، سول اسپتال جي اڳيان، جنرل بس اسٽئنڊ وٽ بس مان لھي، اتي موجود سيلون تي حجامت ڪرائي، حمام ۾ شنان پاڻي ڪري، ڀر وارين ھوٽلن، جيڪي پنھنجي وقت جون اعليٰ ھوٽلون ليکيون وينديون ھيون جھڙوڪ؛ نگاھ ڪريمي، تاج ريسٽورنٽ، آستان ڪافي ھائوس، اي ون ھوٽل، نور ھوٽل، ڪوئيٽه دربار ھوٽل، اڳيان تلڪ چاڙھيءَ تي جبيس ريسٽورنٽ يا ھيٺ ڪيفي جارج وغيرھ تي منجھ ماني کائيندو ھيو. گھنٽا گھر کان شاھي بازار وارو رستو، پنڌ لتاڙي، پڪي قلعي کان ٿيندو، اڳتي لاءِ وڃڻ لاءِ اسٽيشن تان ٽرين پڪڙيندو ھيو. اھو ماڻھو، ان سفر ۾ ڇا ڇا نه ڏسندو ھوندو؟ سئنيمائن جي ڄاڻ تنھن کي ھوندي. ايلائيٽ، نيو مئجيسٽڪ، چاندني، راحت، ڪوھنور، فردوس، وينس، ڪپري، نور محل، سنگيت يا شاليمار سئنيمائون ڪاٿي آھن. ستين نمبر لطيف آباد ۾، بورڊ جي آفيس جي ڀرسان ئي ھڪ جاءِ تي، ٽي سئنيمائون ھيون. حيدرآباد شھر جو اوج تنھن وقت ڇا ھيو؟ جنھن ان وقت ان کي ڏٺو، تنھن عش عش ڪندي چئي ڏنو؛
    ”گر فردوس بر روئے زمیں است،
    ہمیں است و ہمیں است و ہمیں است.“
    اتان گذرڻ واري، واندڪائيءَ وارو وقت، خريداريءَ ۾ گذارڻ لاءِ ڇا ڇا نه ڏٺو ھوندائين. آر ايڇ ڪتاب گھر، فتح اينڊ سنس ڪتاب گھر ڏٺا ھوندائين. شاھي بازار يا ريشم گليءَ جي ڪھڙي دڪان تان اعليٰ ڪوالٽيءَ وارو عمدو ڪپڙو، مناسب اگھ تي، بنا ڪنھن لاھو گاھو ڪرائڻ جي وٺي سگھبو. اھا ان کي خبر ھوندي. راڻي باغ جو سير، تنھن ضرور ڪيو ھوندو. جيڪو ان وقت جي مشھور ھوٽلن اورئينٽ ۽ علي بابا تي، سڃائيءَ تي به ٻيو نه ته چانھن وڃي پيئي ٿو، سو فاران ۽ سائينجيز ھوٽلون، اگر ان وقت ٺھيل ھجن ھا ته، تن تي پڻ ضرور ويھي ھا.
    نوڪريءَ سان گڏ، ماڻھوءَ جي سير تفريح ته ٿيندي ھئي پر مشاھدي ۽ ڄاڻ ۾ واڌارو به ٿيندو ھيو. ڳوٺ پھچڻ تي سوَ سلامي اچي ٿيندا ھيا ۽ حال احوالن جا جھول ڀري ويندا ھيا ۽ خوش ٿيندا ھيا. ان ماڻھوءَ کي حيدرآباد جي سئنيمائن ۾ ھلندڙ فلمن جي ڄاڻ به ھوندي ھئي ته ھوٽلن تي ترسڻ ۽ کاڌن کائڻ جي به ڄاڻ ھوندي ھئي. شيزان ھوٽل تي ماني ملندي آھي، رٽز تي شام جو ڇا ملندو آھي. ٽرينن جي وقت ۽ اسٽيشنس جي به ان کي خبر ھوندي ھئي. ڪولھين ۽ سپاھين جي روين کان اھي واقف ھيا. ان ماڻھوءَ جي ڄاڻ، وڏيري جي ڄاڻ کان وڌيڪ ھوندي ھئي.
    ان جي ڀيٽ ۾ جيڪي، گھران ٻاھر نه نڪتا، جُوءِ جي اسڪولن ۾ جھڙوڪ؛ ڪوٽ ڀٽو، بھمڻ، عزت جي وانڍ، ٺوڦ، ڪچي پل، بٺي لشڪر ۽ حمل ۾ پاڻ کي ويٺا ھوا منجھ اڏائيندا ھيا، تن کي ڪھڙي خبر ته لاڙڪاڻي شھر اندر واڻ سرھيا پڌر تان ملندو آھي يا جئليس بازار منجھان. وات ڦاڙيو پيا ٻين کان پڇندا. سي ٻارن کي ڪھڙي جاگرافي پڙھائيندا، ڪھڙي تاريخ يا اسلاميات پڙھائيندا. اھڙن استادن کي انگريزي ته ڇڏ، سنڌيءَ جو گرامر به سمجھ ۾ ڪو نه ايندو.
    بھرحال، اڄ جيڪو سرڪاري ادارن تان ويساھ کڄي ويو آھي، سو گھڻو تڻو، خودغرضيءَ ۽ لالچ جي ڪري کڳو آھي. نوڪري ڪرڻ وارو، مفت جي پگھار کڻڻ ٿو چاھي. کيس سفارش جي ضرورت آھي. وڏيرو پڻ چوي ٿو؛ نوڪريءَ ۾ اھڙو ماڻھو رکائجي، جيڪو صبح جو سندس جتي سڌي ڪري. صبح کان شام تائين اسڪول يا آفيس ۾ ڪتي وانگر نوڪري ڪري. شام ڌاري موٽي ته دنيا سامھون، وڏيري کي زور ڏئي.
    تعليم جي تباھيءَ بابت، عاشق منگيءَ جا ڏنل دليل، بلڪل سندس مشاھداتي زندگيءَ تي ٻڌل ھئڻ سبب، سؤ سيڪڙو صحيح آھن ۽ سندس ڏنل ڏس پڻ سؤ سيڪڙو قابل عمل آھن. پر انھن بابت به ساڳي ئي ڳالھ اڳيان ايندي، جيڪا اڳئين بحث ۾ مضمر آھي؛ يعني ميرٽ جو فقدان.
    اڪثر ڏٺو ويو آھي ته استاد مقرر ٿين ٿا ڪوٽا سسٽم تي. ان لاءِ به گھڻو تڻو پئسو ڏيڻو ٿو پوين. پروموشن، پوسٽنگ ۽ بدلي ٿي ٿئين پئسي، پرچيءَ، پٺ ۽ ڀريل مٺ سان. ’ھٿ جنين جو ھيئن، پھرين پتڻ پھچنديون سي‘ وارو معاملو آھي. جنھن ۾ پڻ، اڻ پڙھين وڏيرن جي جھڳي پئي لڳندي آھي. نوڪريون پيا ورھائيندا ۽ وڪڻندا آھن. جيڪا جنگ کين لڙڻي پوندي آھي، سا ڏسڻ وٽان ھوندي آھي. جيئن لاباري تي فقيرن ۽ مڱڻھارن جي لٺ لڳندي آھي، تيئن نوڪريءَ جي لٿل ديڳ تي لاٺڙيا اچي مڙندا، ڪرندا ۽ وڙھندا آھن.
    اڪثريت استادن جي، پگھارون ويزا تي کڻندي آھي. نتيجي طور، اڻپڙھين استادن جون ڏھ ئي گيھ ۾ ۽ سر ڪڙھائيءَ ۾ ھوندو آھي. وس ڪندا آھن ته يونين زندھ ھجي. پڙھائڻ بدران ٻيون ايڪٽيوٽيز ھجن. اھي ڏينھن ويا جڏھن، پنھنجي شاگرد کي پنھنجي اوطاق يا گھر ۾ ٽيوشن ڏئي پئسا وٺڻ کي استاد عيب سمجھندا ھيا. ھاڻي اھو بنيادي حق ٿي ويو آھي. نالي ۾ استاد ۽ ماستر آھن، جڏھن ته يونين جي زور تي ٻيا ڪاروبار سيٽ ڪيون ٿا وتن. اڙَ، ماستريءَ جي ورتي اٿائون، باقي کائين ته ان جي اوگھ سوگھ ۽ اوس پاس مان ٿا.
    اسڪول، ڀوتارن جون اوطاقون لڳا پيا آھن. اڳي وارا وڏيرا، وڏيرا ھوندا ھيا. اھي پنھنجي اوطاق، اسڪول لاءِ ڏيڻ ۾ پنھنجو شان سمجھندا ھيا. ھاڻي وارا وڏيرا، اسڪول جي بھاني، سرڪار کان اوطاق ٺھرائڻ کي پنھنجي سرسي ۽ سورھيائي ٿا سمجھن. ديکا ديکيءَ ۾ ٻيا به ان وھندي گنگا مان اشنان ڪرڻ جي جستجوءَ ۾ آھن.
    ڪتاب لکرائجن يا ترجمو ڪرائجن ٿا، اڻڄاڻ ۽ جاھل سفارشين کان. جنھن وقت ان قسم جا ٽينڊر ٿين ٿا، اتي به بلئڪ ميلنگ ۽ ھٿ-کس جو جھان شروع آھي. پنھنجا-نوازي يا کليل لفظن ۾ چئجي ته گڏھ-نوازيءَ جا رڪارڊ جيڪي اتي ٿا ٽٽن سي ڪٿي ڪو نه ٿا ٽٽن. اتي به جاھل مداري، پنھنجو لولو، پرائي تتل تنور تي پچايو وڃن. ماھر، ٻاھر ھوندا. جاھل، جاوا پيا ڪندا. ان ھوندي به بي پھچ ۽ رٽائر ماڻھو، ٿورڙن پئسن تي ٿيسسون ۽ ڪتاب، جڏھن لکي ڏين ته پوءِ جاھل ماڻھو ڇو نه وڃي ٺيڪا کڻن.
    نصاب ٿا ٺھرائجن، ٻاھرين ڊونر ايجنسين جي چوڻ تي وڏن ماهرن کان. جيڪي لکن به پاڻ ته سمجھن به پاڻ. انھن جو لکيو نه ھتان جو ماستر ٿو سمجھي ۽ نه وري اھو پوريءَ طرح پڙھائي ٿو سگھي. ان مثال وانگر؛ ھڪڙي ھمراھ کي ھڪڙي مائٽ چيو؛ ”خط ته لکي ڏي.“ ان ھمراھ نھڪار ڪندي چيس؛ ”يار خط ته کوڙ لکي ڏيانءِ پر مون کي ڄنگھ ۾ سور آھي، سو خط نه لکي سگھندس.“ تنھن تي خط لکرائڻ واري چيس؛ ”خط لکندين ھٿ سان، ان ۾ ڄنگھ جو سور ڪھڙي رنڊڪ وجھندئي؟“ ھمراھ اتاولو ٿيندي چيس؛ ”خط لکندس ته ھٿ سان، پر اتي ھلي پڙھي ٻڌائڻ لاءِ ته ڄنگھون سالم کپن.“ پوءِ خبر پئي ته ان ھمراھ جا ھٿ-اکر ڏاڍا خراب ھيا جو لکندو عيسى ھيو ته پڙھندو موسى ھيو.
    نوڪري ھلي سياسي اثر رسوخ تي. سي ماڻھو ٿا ڀرتي ٿين، جن نه پاڻ پڙھيو، نه وري ٻين کين پڙهايو/ سيکاريو. ڪاپي ڪري پاس ٿيا، ڊگري ورتائون جعلي، ريسرچ به جعلي، آرڊر به ورتائون جعلي. ھاڻي اھي ڇا پڙھائيندا. امتحان واري ڏينھن، ممتحن ٿيڻ بجاءِ، ڪاپي ڪرائڻ وارن سان گڏ پيا ڊوڙندا، درين ۽ روشندانن تي پاڻ چڙھي سھڪندي سھڪندي پيا ڇورن کي ڪارتوس اڇلي ڏيندا ۽ ميڇون ڏئي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندا. سي ڇا پڙھائيندا؟ ڇا سيکاريندا؟ ڪھڙو نصاب، ڪھڙي ترتيب اختيار ڪندا؟؟؟
    جڏھن شاگرد کي خبر آھي ته ڪيڏي به تعليم پرايان ته به نوڪري سفارش تي ملندي ته پوءِ ڇو پڙھي؟ ٻاھر، رٽائر ۽ گھرجائو استاد ويٺا آھن، جيڪي چند پئسن تي پي ايڇ ڊي جي ٿيسس لکي ڏيندا، ته پوءِ ڇو محنت ڪري پاڻ کي ھلاک ڪجي؟!
    جڏھن استاد کي خبر آھي ته ڇورو پڙھي نه پڙھي کيس پگھار ملڻي آھي ته پوءِ محنت ڇو ڪري؟
    شاگرد موبائيل فون ڪلاس اندر کڻي ايندو ته پڙھڻ بجاءِ استاد کي ننڊ ۾ ستل ڏسي سندس فوٽو نه ڇڪيندو ته ڇا سگريٽ ڇڪيندو؟
    تعليم جي تباھيءَ جو مستند ۽ بنيادي سبب، ميرٽ جو گم ٿيڻ آھي.
    عاشق منگي صاحب، ٻن ذاتين جا شجرا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ان سلسلي ۾ ٿوري گھڻي معلومات ونڊڻ مناسب سمجھندي پنھنجي راءِ ڏيان ٿو.
    جلباڻي ذات وارا، سنڌ اندر ٽڙيل پکڙيل آھن. گاجي کھاوڙ جي ڀرسان ڳوٺ اٿن. اسان جي ساھتي پرڳڻي اندر ڀريا ۽ ڀريا روڊ جي وچ تي، درياھ خان جلباڻي نالي سان مشھور ڳوٺ اٿن. جيئن بلوچ يا ٻروچ چوندا آھن؛ اسان حلب کان آيا آھيون ۽ امير حمزي جو اولاد آھيون. تيئن ساھتيءَ وارا جلباڻي چوندا آھن؛ ”اسان جلب کان آيا آھيون. جيئن مگس کان آيل مگسي ۽ بليدا کان آيل بليدي ٿيا، تيئن جلب کان آيل جلباڻي ٿياسين.“
    قاضي پڻ لقب آھي. ڪا ذات ناھي. قاضي فيض محمد، نوابشاھ وارو، اصل ۾ ھالاڻيءَ جو سھتو ھيو. قاضي محمد بخش نوابشاھ وارو، اصل ۾ ڌامراھ ھيو. قاضي خدا بخش ساھتيءَ وارو، مڱريو ھيو. قاضي عبدالحي قائل جي نه فقط شادي وارث ڏني ماڇيءَ جي چانڊين مان ٿيل ھئي، پر پاڻ به چانڊيو ھيو. قاضي منظور ڏوڪريءَ وارو، جوڻيجو آھي. رتوديرو شھر جي اندر قاضي عامر وارا، ڪلھوڙا آھن. قاضيءَ جو لقب جنھن کي مليل آھي سو پنھنجي ذات سان گڏائي سڏائي ٿو. ھڪ دفعي رتوديرو شھر جي باءِ پاس تان ھڪڙي سپاھيءَ ھٿ ڏنو. شڪارپور تائين ھلڻ لاءِ لفٽ ورتائين. ذات پڇيمانس ته قاضي ٻڌايائين. ان تي وڌيڪ پڇيومانس؛ ”قاضي ته لقب آھي. اھو توھان کي مليل ھوندو. پر اوھان جي اصل ذات ڪھڙي آھي.“ ان تي ٻڌايائين؛ ”اسان ڪوري آھيون.“ ھاڻي قاضين جو اگر شجرو ڪڍبو ته مڙني جو ساڳيو نه بيھندو.
    ڪسبت ڪندڙ ذاتيون جھڙوڪ؛ ڪنڀر، لوھر، واڍا، ڊکڻ، اوستا، حجم وغيرھ سمورا ساڳي ذات وارا ناھن. نقش ناياب منگي صاحب ھڪ دفعي ڳالھين ڪندي ٻڌايو؛ ”ھڪ سيلون تي ويس. مون کي زھر جي ذري به ساڻ ھئي. ان جي شيشي به اڳيان رکيم.“ مون زھر جي ذريءَ جي وضاحت پڇيس ته کلندي ٻڌايائين؛ ”اسان منگي، ماکيءَ تان چڙندا آھيون، جنھن سڌو نالو نه کنيم.“ اڳتي ڳالھ کي وڌائيندي ٻڌايائين؛ ”ڪسبت جو سامان استعمال ڪندي، اوستي منھنجي چھري تي برش گھمايو ته پڇيومانس؛ ’مائٽ! اوھان ڪھڙن منگين مان آھيو؟‘ ان تي ھمراھ يڪدم چڙي پيو. چيائين؛ ’مان ڇو منگين مان ھجان. مان ته سيد آھيان. ان تي جھول تي رکيل ٽوال پري ڪري ھٿ ٻڌندي چيومانس؛ ’سائين! اوھان اسان کي ھتي به نه ڇڏيو بابا!‘“
    وڌيڪ ٻڌايائين؛ ”مون کي ان وقت ئي شڪ پئجي ويو ھيو، جڏھن اڳيان آئين وٽ ماکيءَ جي شيشي رکڻ تي ھو نه چڙيو ھيو. ڪاسبي ذاتين وارا پنھنجي اصل ھجڻ کي نروار ڪرڻ خاطر ڪنھن نه ڪنھن شيءِ تان چڙندا ھيا. ڊکڻ، واڱڻ تان ته حجم/منگي وري، ماکيءَ تان چڙندا ھيا. ٻيءَ ذات وارو اگر ڀاني کڻي ڪسبت ڪندو ته اھو ماکيءَ جو نالو وٺڻ سان يا ماکي ويجھو آڻڻ سان نه چڙندو. اصل ۽ نقل جي پھچان، اتان ٿيندي آھي.“
    بھرحال، ڳالھ جو ڳاٽو جھلجي ته مڙيئي آدم جو اولاد آھيون. ڄاڻ سڃاڻ واسطي ذاتين قومن ۽ قبيلن منجھ ورھايل آھيون. وڏائي فقط، رب جي ذات کي آھي. عربيءَ کي عجميءَ تي، يا عجميءَ کي عربيءَ تي ڪا فوقيت حاصل ناھي. يار زندھ، صحبت باقي.

    انجنيئر عبدالوھاب سھتو
    ۸۹ پروفيسرس ڪالوني-۲
    قنبر روڊ- لاڙڪاڻو 


    پنھنجي پاران : عاشق منگي

    منھنجي يادگيرين تي مشتمل ڪتابن جي سيريز جو ھيءُ ٽيون ڪتاب آھي، جيڪو اوهان صاحبن جي هٿن ۾ آهي. جوش ۽ جنون ماٺو ٿيو آهي ته جسم ساٿ ڏيڻ کان گَھَ ڪرڻ شروع ڪيو آهي. اڳ صرف سانوڻ بيچين ۽ بيقرار گذرندو هيو، هاڻي سيارو جھڙو آيو آهي تهڙو ناهي آيو. مطلب ته پڙهڻ ۽ لکڻ ڪو نه ٿو پڄي. رهيل ڪم کي تڪميل تي پهچائڻ منهنجي وس ۾ ناهي رهيو. مثلًا لاڙ جي ماستريءَ سان گڏ پراڻ، ڪي ٽي بندر، نئون ڪوٽ، پراڻ ڍورو ۽ سمن سرڪار يا جھڏو وغيره تي معلومات ڏيڻي هئي، اهڙيءَ طرح ٻيون منفرد شيون لکڻ لاءِ سوچيو هيم، پر ناچاڪائيءَ سبب ڳولا ۽ محنت ڪو نه ٿي ٿئي. پراڻ درياءُ، ڪي ٽي بندر تائين وهندو هو. شايد ان دور جي ڳالھ آهي جڏهن سنڌو ٺٽي ننگر ڀرسان وهندو هيو. هاڻ ته ڪي ٽي بندر ۽ سنڌوءَ جو وهڪرو آهي. سڄو گھمي ۽ ڏسي پوءِ لکڻ پئي چاهيم. مسوديري جي يادن کي فوڪس ڪرڻ جو مقصد به ننڍڙو ڪو نه هيو. اهو به ٻئي ڪنهن لاءِ ڇڏي ڏيڻو پيو آهي، ته هو ان کي پورو ڪري. مقصد هيو ته ”سنڌ جي هزار سالن جي گڏ ٿيل لکيتون؛ ارغون، ايراني، ترخان، مغل ۽ پٺاڻ وغيره ته لٽي کڻي ويا پر پاڪستان کان پوءِ اردو ميڊيم وارن کي جيڪو مليو اهو اربن کربن ڊالرن جو مال هو. زمينون، جايون جڳهون، مارڪيٽون، محل ماڙيون، وغيره. هي اسان جي يونيورسٽين جي رسرچ جا موضوع هجڻ گھرجن، پر غلام قومون ڏاڍيون لاچار ٿينديون آهن. ٿورن ڄڻن، انفرادي طور لکيو آهي. ان ظلم تي به تفصيلًا لکڻ پيو چاهيان. اهو به ان اميد جي تڪميل تي پهچي نه سگھيس، ضرور ڪو ماڻھپي وارو ايڏي وڏي موضوع کي نمٽائڻ لاءِ ريسرچ ڪندو.
    ڪجھ آرٽيڪل ڇپيل آهن جن لاءِ ماھوار سوجهرو، پندرنھن-روزه افيئر ۽ ڏيھاڙي عوامي آواز جي مئگزين وارن جو ٿورائتو آهيان. شخصيتن تي لکيل، منهنجا سينئر ۽ محسن آهن. حياتي رهي ته محترم عبدالقادر منگيءَ سان گڏ گھميل پنج ڇھ دفعا ٿر، سکر ۾ ڏھ مهينا گذاريل جوانيءَ جا قصا، پڙهائي ۽ دوستيون وغيره، تن سان گڏ ٻين موضوعن ۽ معاشري تي لکبو.
    سال ۲۰۱۶ع دوران محترم امتياز منگي صاحب سان نئين واقفيت ٿي آهي. ساڻس ملي، احساس ٿيو ته؛ ڏاڍو دير سان مليا آهيون. عبدالغفار تبسم صاحب ۽ بشير احمد منگي صاحب جي معرفت، گڊوءَ ۾ ملاقات ۽ ڪچهري ٿي. اڻ ڏٺي واقفيت عبدالقادر منگيءَ ڪرائي هئي. پاڻ ٻن سفرنامن؛ ’اپسرائن جي شھر استنبول‘ ۽ ’يارن سان گڏ يورپ‘ جو ليکڪ آهي. سندس لکيل سفرناما، دلچسپ هئڻ سان گڏ، معلومات جو ڀندار آهن. هن سال ٻه ٻيا ڪتاب به پڙهڻ لاءِ مليا. هڪ امر لغاريءَ جو لکيل ”ناري ڪناري“ ۽ ٻيو مدد علي سنڌيءَ جو لکيل ”حشو ڪيولراماڻي“. ٻئي ڏاڍا پيارا ليکڪ آهن. هاڻي ڌُڪن هڻڻ وارو دؤر ويو. مستند ريسرچ ورڪ جي ضرورت آهي. عبدالوهاب سهتي صاحب جي چوڻين ۽ پهاڪن وغيره ميڙا-چونڊيءَ سان ترتيب ڏنل ڪتابن به توجه ڇڪايو. ڪاش! مان به ايڏي محنت ڪري سگھان ها.
    عبدالقادر منگي ۽ قاضي مقصود گل صاحبن جي شخصيتن ۽ تبسم صاحب سان سانگهڙ ۾ رهاڻ تي آرٽيڪل آهن. ٽئي سائين! منهنجا محسن ۽ سينئر آهن. سانگهڙ جي سفر ۾ رشيد احمد ڪٽپر ۽ ڊاڪٽر خليل الله شيخ صاحب جن ساڻي هئا.

    تم کو معلوم ہے فرحت که يه پاگل پن ہے
    دور جاتے هو‎‌‎ے لوگون کو بلاتے رهنا
    بانو قدسيه لکيو آهي ته؛ ”چريائپ جي بيماري، خواهش جي تڪميل نه ٿيڻ جي نشاني آهي.“

    عاشق منگي
    نئون ديرو، لاڙڪاڻو 


    1. مسوديرو (جنم ورتم جِتِ، ڳالھيون تنھن ڳوٺ جون)

    اسان جو ڳوٺ مسوديرو، تعلقي رتيديري جي يونين ڪائونسل طيب ۾ آهي. جن ڏينھن ۾ اسان اتي رھندا ھياسين تن ڏينھن ۾، يونين ڪائونسل جو چيئرمين سردار غلام رسول خان جلباڻي چونڊبو ھو. اهو جنرل ايوب خان جي بيسڪ ڊيموڪريسيءَ جو دؤر هو. اسان پرائمري اسڪول کان موٽندي، روزانو سردار صاحب کي ڏسندا هئاسون. سنهڙو، ڊگهو ۽ پڳ پائيندڙ هو. اڪثر سفيد چولي ۽ سلوار ۾، ٺهندڙ جسم وارو هوندو ھيو. ڏاڙهي، چاپئين هوندي هيس. ٻيپهريءَ جي نماز پڙهڻ لاءِ، پاڻ ھلي وڏي مسجد ۾ ايندو هو. عين ان وقت، اسان کي اسڪول کان موڪل ملندي هئي. ھاڻي مسوديرو، خود يونين ڪائونسل آھي.
    مسوديرو؛ ان وقت امن جو ڳوٺ هو. چوري چڪاري ڪو نه هوندي هئي. غريب غربي سان ڪو به ڏاڍ مڙسي ڪو نه ڪندو هو. باقي ٻين ڳوٺن ۾، ميرپور ڀٽو کان سواءِ، چورين جون ڳالهيون ٻڌبيون هيون. جڏھن ته مجموعي طور تي، اهو امن امان جو دؤر هو. ۱۹۷۳ع ۽ ۱۹۷۴ع کان پوءِ، سنڌي سماج ۾ ڏوهن جو رواج وڌڻ لڳو، جيڪو جنرل ضياءَ جي دؤر ۾ وڌي وڻ ٿيو ۽ هاڻي باقاعده سنڌ جي امن کي تاراج ڪري رهيو آهي.
    ڏھين محرم تي، سائين امام شاھ جي اوطاق وٽ، پلاءَ جو ديڳيون لهنديون هيون. ڳوٺاڻا ڪونهان ۽ انُّ وغيره ڏيندا هئا. سڀ گڏجي کائيندا هئاسين. فقه جعفريه وارا ماتم ڪو نه ڪندا هئا. سردار صاحب جي منع ٿيل هوندي ھين. تن ڏينھن ۾، شيعا ۽ سُني، گڏجي ڀت کائيندا ھيا ۽ امامن سان ھڪجھڙو عقيدت جو اظھار ڪندا ھيا. ھاڻي اھو ماحول ڪٿي به نه رھيو آھي. تنھن ھوندي به پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواھ وارن وانگر، سنڌي نه ٿيا آھن. اڳتي به اللھﷻ امان ۾ رکندو. وڌيڪ؛ قاضي ڄاڻي ته قيام ڄاڻي.
    سائين ٻُڍل شاھ، ڪاڪي ميرل کٽيءَ واري مڪان ۾، اڳيون عَلمُ لاھرائي، نئون لڳرائيندو ھو. ڪجھ نوجوان کوکرين ۽ چوڍين، ماتم ڪرڻ ويندا هئا. پر اتي به ماتمي، بلڪل ٿورا هوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن اسان رتيديري ماتم ڏسڻ ويندا هئاسين. جليبي ۽ پڪي مٺائي وٺبي هئي. سبيل وغيره مفت ۾ ملي ويندي هئي. هاڻي مسوديري ۾ ماتم ٿيندو آهي.
    آڪٽوبر ۱۹۵۸ع ۾ جڏهن جنرل محمّد ايوب خان جو انقلاب آيو، تڏهن منهنجي عمر ڇھ سال ۽ ڪجھ مهينا هئي. بابا کي دوڪان هجڻ ڪري، روزانو سودي سود لاءِ رتيديري وڃڻو پوندو هو. ايوب خان ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي، حڪمراني ڪري رهيو هو. بابا رتيديري مان ٻه وڏا پوسٽر، هڪ سابق صدر اسڪندر مرزا جي تصوير ۽ ٻيو فيلڊ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل محمّد ايوب خان جو فوجي وردي ۾ نڪتل فوٽو فارم پوسٽر به آندو. ٻئي پوسٽر، بابا دوڪان جي ڀتين تي، ڪوڪن سان چنبڙائي ڇڏيا هئا.
    سانجهيءَ کان پوءِ، بابا وٽ، ڪچهريءَ لاءِ ماڻهو ايندا هئا. مان به ڳوٺ، آسپاس ۽ ملڪ جون ڳالهيون ٻڌندو رهندو هيس. اسان جي ويڙهي ۾ چوٻول ٿيو ته؛ فوجي ايندا ۽ گهر گهر تلاشي وٺندا. گهر جي وڏن گڏجي ڪو فيصلو ڪيو. سومهڻيءَ کان پوءِ مال جي وٿاڻ ۾ هڪ وڏي کڏ کوٽي، ڪهاڙيون، لوڙھيون (لوھي پٽ ويڙھيل لٺيون) جن جي هيٺين پاسي لوھ جا وڪڙ ڏنل هوندا هئا، ترارون، ڪاتيون، لوهي تارون ۽ ٻيون شيون دفن ڪيون ويون. کڏ پوري، مٿان مال ٻڌو ويو. اسان ٻارن کي چيو ويو ته؛ اهي ڳالهيون ٻاهر نه ڪجو نه ته سرڪار اسان کي جيل ۾ وجھندي. ڏينهن جو، پوءِ به وڏن واتان، ڳوٺ ۽ دوڪان ۾ اهي ڳالهيون ٻڌون پيا ته؛ فوجين وٽ اهڙا اوزار آهن، جيڪي پوريل لوھي شين کي ڳولڻ ۾، سندن مدد ڪن ٿا. مطلب ته هڪ عجيب ڏھڪاءُ ۽ دھشت، سڄي ڳوٺ ۾ ڦھلجي وئي ھئي. ماڻهن بغير لائسنس جا هٿيار؛ بندوقون ڪارتوسن سميت ۽ پسٽل گولين سميت، ٻنين يا جھنگن ۾ لڪائي پوري ڇڏيا هئا.
    مون کي ياد آهي ته ان وقت اسان جو ڳوٺ، ڏاڍو وڻندڙ هو. ڏاندن ۽ گهوڙن جون گويون، ڏيٽي-ڏڪر-راند، گھُرَ-پتي-راند، ڪوڏي-ڪوڏي ۽ ملھ وغيره وڏا کيڏندا هئا. اسان ٻار، چدن (بلورن)، چڪرين (لاٽونئڙن) ۽ لغڙ اڏائڻ سان دل وندرائيندا ھياسين. هاءِ اسڪول پڙهڻ جيڏا ٿياسين ته ڪرڪيٽ به کيڏڻ شروع ڪئيسين.
    ميرپور وارن سان ڪوڏي-ڪوڏيءَ جون يادگار رانديون ٿينديون هيون. پري پري کان رانديگر ايندا هئا. غوثل، امام الدين جلباڻي، بجار خان رند، شفيع محمّد ۽ ٻيا راند کيڏندا هئا. سڄو ڳوٺ اچي گڏ ٿيندو هو. ان کان سواءِ ڪڪڙن جون ميليون ۽ رڇ جي بڇ به ڏسڻ لاءِ ملندي هئي. عبدالخالق ۽ ٻيا وڏيرا، سائين عرض محمّد ۽ غلام عباس جن وري والي بال راند کيڏندا هئا. هاڻي سڀني ڳوٺن ۾ چانھ جون هوٽلون ئي، ٽي ويءَ جي رونق سبب، تفريح ۽ وندر جون جايون بچيون آهن. اڳيان راندين وارا مشغلا ۽ وندر، ويا موڪلائي. چانھ جي ھوٽلن تان ئي رات جو دير سان اٿي، چور چوريون چڪاريون به ڪن ٿا. موالڙي ۽ پر امن ڳوٺاڻا، اتان اٿڻ بعد، سڌو پنهنجن گهرن ۾ پھچي، آرامي ٿين ٿا.
    اسان جي ننڍپڻ ۾، ساريون پچنديون هيون ته ٽاڪ منجهند يا رات جو، چوريءَ سارين جي رُوڙ ڪندا ھيا. ڪو نه ڪو ڏسي وٺندو ھين ته سندن وڏڙن کي هاري ناري ٻئي ڏينھن وڃي دانهن ڏيندا هئا. بنگلي تائين ڪو نه ويندا هئا. اهو اَنُّ دوڪاندار وٺندا هئا. انَّ جي حالت کي ڏسي، دڪاندار سمجهي ويندا هئا ته چوريءَ جو آهي. ڪي ڪي ته پنهنجي زمين جي فصلن مان به رُوڙ ڪڍي ايندا هئا. دوڪاندار به فائدي ۾ هوندا هئا. اگھ ساڳيو هوندو هو، جڏھن ته اٽل گهڻي کڻندا هئا. جيڪو اَنُ آڻيندو هو، اهو سڀ ڪجھ سمجهندي به خاموش رهندو هو. ڇو جو؛ چور جي ماءُ ڪنڊ ۾ روئي. لاب لهندا ھئا ته سٿرين جي به چوري ٿيندي هئي. هاڻي دشمنيون ۽ ڏاڍ-مڙسيون وڌي ويون آهن. تيار راھ، بندوقن جي زور تي کنيون ٿا وڃن يا وري ڦيڙهن کي باهيون ڏنيون ٿا وڃن. ائين سڄي سنڌ، پِٽجي وئي آهي. مظلومن هٿان، اڳ انَّ کي ساڙڻ، خون جيترو گناھ سمجهيو ويندو هو، پر اڄ سڀ جائز ٿي پيو آهي. سرڪار، قانون ڀڃندڙن جي ٿي پئي آهي، جنھنڪري، پوريءَ سنڌ اندر، ڏوهاري جاوا ڪندا ٿا وتن، کين ڪو چوڻ وارو ئي ڪونھي. ملڪ ۾ راڻو راڻي رھيو ئي ناھي. منھن تي حق سچ چوڻ وارو زمانو نه رھيو آھي.
    ڳاڙهاڻن ۽ رِندن جي پاڻ ۾ منھن-ٿلهائپ (ڪاوڙ) ٿي پئي. ٿيو ائين ته ڪاڪي قمرالدين ۽ حسين جن، بجار خان رند واري ڌُر تي شڪ ڪيو ته؛ توهان اسان جو ڏاند چوري ڪرايو آهي. اها ڳالھ رندن تي شاهدن سان ثابت ڪو نه ٿي سگهي. بجار خان به گوبر ڏاند پاليندو هو. وٿاڻ ۾ سندس ڪراڙو پيءُ، لعل جان خان رند، رات جو ڊبل بئرل جي بندوق کڻي ڏاندن جو پهرو ڏيندو هو. ڳوٺ ۾ ڏاڍا هٿيار هوندا هئا، جيڪي سڀ لائسنس جا هوندا هئا. بيلجيم، اسپين، جرمني ۽ انگلينڊ جا ٺهيل ھوندا هئا. هڪ رات اَسُرَ ڌاري، لعل جان رند اٿي گهر ويو، موٽي اچي ڏسي ته ڏاند ڪو نه آهن. سڀ اٿيا، پيرا کنيائيون، پر ڏاندن کي ڄڻ هوا اڏائي وئي يا ڌرتي ڳهي ويئي. قمرالدين وارن چيو ته؛ ڏاند اسان وٽ آهن. قرآن شريف تي فيصلو سردار وٽ ڪريو.
    ڪافي ڏينهن، ڳوٺ ۾ جهيڙي جي صورتحال رهي، پر سردار صاحب کين چتاءُ ڏنو ته جي جهيڙو ٿيو ته ٻنهي ڌرين کي لڏائي ڇڏيندس. ٻنهي ڌرين، پنهنجن ننڍن تي زور رکيو ته جهيڙو نه ڪيو، ٻي صورت ۾ ننگن سميت رلي وينداسين. آخر ڪافي ڏينهن کان پوءِ، فيصلو ٿيو ته ڌريون کير کنڊ ٿي ويون.
    ڏاندن جي چوريءَ جي آخر ڳالھ کلي ته قمرالدين ڳاڙهاڻو، سومهڻيءَ جو وٿاڻ ۾ وڃي، جيڪو ڳوٺ جي ويجھو ۽ گھرن کان ٿورو وٿيرڪو ھيو، لڪي ويٺو. دير دير سان پلال ڏاندن کي وجهي، پنھنجو ڪري آتاريائين. اسر ڌاري، جڏھن لال جان خان گهر ڏي ويو ته ڏاند ڇوڙي، موڙھ ڏي راهي ٿيو. اتي اڳ ۾ ئي، سندس ساٿي لڪل هئا. گوئر ڏاند کين ڏئي، پاڻ انھن ئي پيرن تي وري اچي گھر سمھي پيو. ايڏي رٿابندي ڪئي ھيائون جو ڪاتيون ۽ رسا ساڻ هين، اگر رند ساڳين پيرن تي پٺيان اچي پھچن ته ڏاند، کين جيئرا موٽائي ناھن ڏيڻا. بسم الله، الله اڪبر چئي؛ ڏاندن کي سير وجھڻي آهي. وڌيڪ جهيڙو ناهي ڪرڻو، ڪو ماڻهو مارڻو ناهي.
    ڪاڪو قمرالدين اڄ به ملندو آهي، هن جو ڀاءُ حسين فوت ٿي ويو آهي. ڏاڍي اڪير ۽ سِڪَ مان ڀائن ۽ پٽن لاءِ پڇندو آهي. بجار خان، خوبصورت قد آوار، اتر سنڌ ۽ بلوچستان تائين ياري دوستي هيس. جوانيءَ ۾ فوت ٿي ويو. سندس پٽ اڪبر علي، ٽيچر آهي. سڀ رند، سائين رکيل شاھ جا مريد آهن. سائين چيزل شاھ جڏھن مسوديري ايندو هو ته مان به ساڻس ملڻ ۽ ڏسڻ لاءِ ويندو هيس. وارن جي چڳ قئنچيءَ سان ڪٽرائي، چڳ-وڍيو-مريد ٿيو هيس. بزرگن، دل تي اشھد آڱر رکي، مخفي طرح سان الله الله ڪرڻ جو پهريون سبق ڏنو هو.
    اڄوڪيون حالتون، جهيڙن ۽ جرڳن جون، اوهان آڏو آهن.
    پسو پکيئڙن، ماڻهونئان ميٺ گهڻو. مرشد لطيف ؒ جو اھو درس، اڄ اسان وساري ويٺا آهيون، تڏهن ته ٿاٻا ٿا کائون.
    مسوديري مان، پڙهيل ۽ پورهيت، لڏي ويا آهن. اڄ به منھنجي سؤٽ جو گهر اتي آهي. باقي سڀ مٽ مائٽ رتيديري ۾ رهن ٿا. رندن ۽ ڳاڙهاڻن جي پنهنجي برادرين جي جهيڙن هن سهڻي ۽ پرامن ڳوٺ جو سُڪون برباد ڪري ڇڏيو آهي. ڪي ملڪيتون وڪڻي لڏي ويا. وڏيرا به ٽڙي پکڙي رتيديري ۽ لاڙڪاڻي رهن ٿا.
    ڳوٺ جا وڏيرا جلباڻي آھن. کين سرداريءَ جو لقب مليل آھي. پشت و پشت سردار رھندا آيا آھن. موجوده سردار علي نواز خان جلباڻي (دوئم) ولد سردار الله بخش خان جلباڻي (دوئم) ولد سردار علي نواز خان جلباڻي (اول) ولد سردار غلام رسول خان جلباڻي ولد سردار الله بخش خان جلباڻي (اول). سردار علي نواز خان جلباڻي (اول) ايران ۾ فوت ٿي ويو هو. سندس مڙھ، اتان آڻي، مسوديري ۾ دفن ڪيو ويو ھو. سردار الله بخش جلباڻيءَ (اول) کي انگريزن جي وقت ۾ مئجسٽريٽي پاورَ هئا. ڏوهارين لاءِ ڏاڍو سخت گير هو، جنهن جي ڪري آس پاس ۽ ڳوٺ ۾، ڏاڍو امن هو. هندوءَ دوڪاندار جي، دڪان تان مفت ۾ هنداڻو کڻڻ تي، پنهنجي ئي قوم جي ھڪ جلباڻيءَ کي جيل موڪليو هئائين.
    جلباڻي سردار، کهڙي ۽ قاضيءَ سان، سياست ۾ گڏ هوندا هئا. موجوده سردار علي نواز خان جلباڻي (دوئم) پاڻ ته پ پ پ ۾ شامل آهي پر سندس والد، ضياءُ الحق جي دؤر ۾، مجلس شوريٰ جو ميمبر رهيو. پير صاحب پاڳاري جي مسلم ليگ ۾ شامل هو، بعد ۾ ممتاز علي خان ڀٽو جي M.P.A جي اليڪشن ۾ سندس مدد ڪيائين ۽ جلباڻين جا ووٽ کيس ڏياريا هئائين. سردارن جي نالن ۾ روايت پسندي نمايان آهي.
    جلباڻي سردارن کي قدرت واري ججهو اولاد ڏنو آهي. جنهنڪري سندن ملڪيت سندن پٽن ۽ انھن جي اولاد ۾ ورهائبي اچي ٿي. مسوديري جي آسپاس، ميرو خان تعلقي ۽ ڳڙهي خيري تائين سندن ورثي واريون زمينون آهن. هاڻي زميداريءَ سان گڏ ڪافي نوڪريون به ڪن ٿا. عبدالخالق خان، عبدالمالڪ خان، عبدالجبار خان، سردار جا ويجها مائٽ هئا. مير لياقت علي خان، موجوده سردار علي نواز خان جو چاچو هو. جيڪو جوانيءَ ۾ ايڪسيڊنٽ ۾ فوت ٿي ويو. مير لياقت علي خان دلبر انسان هو. گڏ پڙهيا هئاسين. هڪ دفعي عبدالمالڪ خان مرحوم جي واڙي ۾ ڪچهري ڪري رهيا هئاسين. واھ جا ڪراڙا جلباڻي، بنگلي تان موٽيا ته مير کي ڏسي اچي نوِڙي ساڻس مليا. مون کي نه سڃاتائون، جنھنڪري مون کان پڇيائون ته؛ ”ڪير آهين؟“ مير لياقت علي خان کي چوڻ لڳا؛ ”ابا! مار ڇوڙي ھيوَ. حجم جي پٽ ڪنون گڏ ٻلهايو، ٻيٺي او!“ جيڪي ويٺا هئاسين مرڪي پياسين. آخر لياقت علي خان چيس ته؛ ”استاد عرض محمّد جو ڀائيٽيو آهي. هي به ماستر آهي. استاد جي عزت ڪرڻي آهي. هاڻي تون ٻڌاءِ اسان صحيح ڪيون ٿا يا نه!“ پوءِ ڪجھ ٿڌا ٿيا. هاءِ ڙي زمانه! اڄ اکيون اهڙن ماڻهن کي ڏسڻ لاءِ سڪن ٿيون جيڪي منهن تي هر ڳالھ چئي ڏيندا هئا. اسان سڀني کي اوڏانهن وڃڻو آهي. هو اڳ ۾ اڏامي ويا. الله ﷻ ڪندو ته اتي به رهاڻيون ٿينديون. الله ﷻ سڀني کي بخشي ۽ رحم ڪري.
    گذريل ڏهن، پندرهن سالن کان مسوديري کان ڪٽيل آهيان، پر ڳوٺ جي سماجي حالتن کان واقفيت رکندو اچان. مور علي جلباڻي، سرائي باغ علي جلباڻي ۽ مولانا نثار احمد سومرو ملندا آهن ته وڏيرن کان وٺي راڄ وارن تائين حال احوال ٻڌائيندا آهن. جنرل ضياءَ جي دور ۾، مرحوم الله بخش خان جلباڻي، تعليم کاتي ۾ ڏاڍيون نوڪريون ڏنيون. ظالم دور هو، جنهنڪري نئين ديري جا شهري سياسي ماڻهو به خوف کان مسوديري بنگلي تي ايندا ويندا هئا. انهن کي به ڪافي نوڪريون مليون. نئون ديري وارن جي ماستريءَ وارا سروس بوڪ ان جا شاهد ٿيندا. مئڊم حميده کهڙو به ڪافي آرڊر ڏنا، پر ووٽ وري به ڪو نه کڻي سگهيا هئا. اسان غريب ماڻهو، سکي چڪا آهيون ته فائدو وٺڻ گهرجي پوءِ آمريت هجي يا جمهوريت. پيٽ جي دوزخ ڀرڻ لاءِ اصولن ۽ ضابطن، قاعدن ۽ نظرين کي مجبوراً پاسي تي رکندا آهيون. ضياءَ جي دور تي تفصيلن ڪو لکي ته معاشرتي تاريخ محفوظ ٿي ويندي. ان وقت اتر سنڌ جي وڏيرڪي ۽ پيراڻي ڌرين، ڀُٽي صاحب مان به فائدا ورتا ۽ مارشل لا جي گنگا ۾ به ٽٻيون ڏنيون، وري محترمه اقتدار ۾ آئي ته ان سان ائين گڏ هئا، جيئن آواز ۽ ان جو پڙاڏو گڏ هوندا آهن. بي اصوليءَ جي گدلاڻ ۾ اسان پيٽ-بکيا، انگ-اگهاڙا ۽ مس مس سڻڀو-ٽڪر-کائڻ-وارا ڪهڙي ضمير تي هلون؟ ضمير جا ڪيترا ئي قسم آهن. اهو وري اسم جي بدران ڪم ايندو آهي. پيٽ کان وڌيڪ، ٻي ڪهڙي لاچاري صفت ٿيندي آهي. هر ڪو جيئڻ لاءِ پيو جتن ڪري. اوڀارو هلڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، لهواري هلڻ وارن لاءِ آساني آهي، پر جنهن ضمير جي مان ڳالھ ڪريان ٿو، اهو ڏئي آسائشون وٺبيون آهن. اصول، ضمير ۽ سنڌ ڪاڏي ويندا. انهن کي به ورائي وٺبو، جيئن ڪو ڍور ڍڳو ورائبو آهي. في الحال پيٽ جي پوڄا ڪري وٺون. ملڪيتون ٺاھي پوءِ توبہ کان سواءِ جنتي بڻجي وينداسون. اللھﷻ چاھيو ته پنج ڇھ لک خرچ ڪري حاجي ٿي، خانہ ڪعبہ ۾ نمازون پڙھي ۽ روزه رسول جي چانئٺ چمي اينداسين. پوءِ ته ايرو-غيرو، نٿو-خيرو، اسان آڏو ڳالھائي به نه سگھندا.
    جنرل ضياءَ جي دؤر جا، قِيس يا ڪلور، جيڪي مون پنھنجي گنھگار اکين سان ڏٺا ھيا، ۽ اھي ملٽري آپريشن جي نالي سان ڪيا ويا، سي ٻه ھيا. ھڪڙو ميرپورڀٽو ڳوٺ کي ڪڙو چاڙھڻ ۽ ٻيو سائين جي ايم سيد جي سالگره تان موٽندي، راڌڻ اسٽيشن تي شاگردن جو گھيراءُ ڪرڻ. ٻئي منظر، اڄ به اکين آڏو ڦرن ٿا ۽ ذھن جي ڦرھيءَ تان مٽائڻ جي ڪوشش سان مٽجن نه ٿا. ڄڻ ھاڻي جي ڳالھ هجي.
    مسوديري ۾ اندر، تنھن دور ۾، سردارن جي بنگلي کان سواءِ، ويھڻ لاءِ ٻيون به اوطاقون هيون. جھڙوڪ؛ سرائين جي اوطاق، ڀٽن جي اوطاق، رندن جي اوطاق، ڳاڙهاڻن جي اوطاق ۽ شيخن جي اوطاق. امام شاھ جي اوطاق به ھئي، جتي مائي جي بٺي پڻ هوندي هئي. پورهيتن جي ٺيھن منجھ؛ ڊکڻن جو دوڪان، جتي لوهار جي ڌنوڻ به لڳل هوندي هئي. ڪنڀرن جي آوي ۽ چَڪ وغيره. مينهن جا وڏا واڙا هوندا هئا. ڪجھ واپاري به هئا. جيڪي ڪراچي ۽ سکر تائين مال آڻيندا ۽ نيندا ھيا. باغن ۾ ڄمون، ڪيلا، زيتون، کجيون، انب، ڦاروان ۽ توت وغيره ٿيندا ھيا. ڳوٺ جي ڏکڻ ۽ اتر ۾، ٻه وڏيون کڏون هيون. مال سان گڏ ڪڪڙ به پالبا هئا، جيڪي ڪوڪڙي سائيڪلن تي اچي، مُلھ ڏئي وٺي ويندا هئا. کير وڪڻڻ جو رواج، تڏهن پيو جڏهن مائي جي بٺي پئي. ڳوٺ ۾ مکڻ ججهو ٿيندو ھو. هر ڪو نيرن تي بُسرين ۾ ۽ منجهند ڌاري گرم گرم رڌل چانورن تي مکڻ جو چاڻو رکي کائيندو هو. ائين پيٽ سڻڀو ٿيندو هو. چوندا هئا ته اڻڀي کاڌي تي آنڊا ڦهلبا آهن ۽ پيٽ وڏو ٿيندو آهي. رات جو کير هر ڪنهن کي آل جال ملندو هو.
    چاليھ پنجاھ سال اڳ جون شادي ۽ غميءَ واريون رسمون بدليون آهن. غمي ۽ شاديءَ ۾ ٽي ڏينهن لڳي ويندا هئا. غميءَ ۾ ويلا سسٽم، شاديءَ يا خيرات تي رات جو ڍور ڪُهي وڏن کارن ۾ رڌل گوشت رکبو هو. پلاءُ تيار ڪري، تڏي يا کٽ تي ٻه ٽي ديڳيون گڏي، پاٽوڙن ۾ ڀَتُ ڏبو هو. مٿان رڌل گوشت جا پور/ ٻوٽَ رکبا هئا. ڇا ته لذت هوندي هئي انهن ٻوٽَن جي. مقام کان ڪفن دفن تان موٽبو ھو ته وڏي مسجد ۾، نِھارُو (قبر کڻڻ ۽ لٽڻ وارا) هٿ منهن ڌوئيندا هئا. ڀڳڙن ۾ ريوڙيون يا نقل ملائي، سڀني کي مُٺِ مُٺ ڏبي هئي. اهي کائي، پاڻي پيئبو هو. دعا گهري، تڏي تي پهچبو هو. اتي ڪانڌپي جو ڀت کائڻ لاءِ سڀني ۾ ورهائبو هو، بعد ۾ جمعاڻو ٿيندو هو. هاڻي ٽيجهو ڪيو وڃي ٿو. فوتيءَ جي لاءِ خيرات جا پئسه ڏبا ھيا، جنهن کي عُذر چئبو هو. اهو رواج نڪري چڪو آهي. ٿورين برادرين ۾ اهو سلسلو هلندڙ آهي. چوندا هئا ته؛ جنهن گهر ۾ ڪو فوت ٿئي ٿو ته برادريءَ تي فرض آهي ته هو انهن کي ٽي ڏينهن کارائين، جنهن کي ويلا سسٽم سڏبو هو. هاڻي ڪفن دفن پڄاڻان، آيل مھمان موڪلائڻ شروع ڪن ٿا. تڏي تي رڳو گهر-ڀاتي ۽ اوڙي پاڙي وارا وڃي بچن ٿا.
    بابا مرحوم، مون کي ننڍي ھوندي کان وٺي، هالا، ڀٽ شاھ ۽ ٻين پيرن تي گهمائيندو هو. اسان کي بابا لاءِ ٻڌايو ويو آهي ته جوانيءَ ۾ هُن وٽ پئسا ڪو نه هئا. ڀٽ شاھ جو ميلو شروع ٿيڻ وارو هو ته ڳوٺ مان ڪجھ ڄڻا تيار ٿيا. بابا کي تن ڏينھن ۾ ھٽ ڪو نه هوندو ھيو‏. هارپو ڪندو هو. پنهنجو وهڙو وڪڻي، ميلي تي هليو ويو. مون کي ڀٽ شاھ تي ڀيرو ڀڃندي اگر گھڻو وقفو پئجي ويندو ھو ته امڙ پڇندي ھئي؛ ”پنھنجي مرشد ڏي ڇو نه ٿو وڃين؟“ دل وندر خاطر چوندو ھيومانس؛ ”پئسا ڏي ته وڃان!“ ان ڳالھ کي سچ سمجهي ٻئي ڏينهن تي پئسا ھٿ ڪري ڏيندي ھئي ۽ چوندي ھئي؛ ”پڻھين ڪلهن تي کڻي، تو کي مرشد تي وٺي ويندو هو. ٻارهين مهيني، مرشد جي درگاھ تي ويندو ڪر.“ امڙ، پاڻ ڪڏهن به درگاھ تي نه وئي. هڪ دفعي، هڪ مائٽ سان گڏ ڀٽ شاھ تي وياسون. اتان واپسيءَ تي حيدرآباد وڃي هوٽل تي رهياسين. مون کان ان مائٽ پڇيو؛ ”مرشد کان ڇا گهريئي؟“ مون کيس جواب ڏنو؛ ”ڏيڻ وارو الله ﷻ آهي. مون فاتحه پڙهي، ان جو ثواب مرشد کي بخشيو. باقي گهريو اللهﷻ کان، جيڪو آسمانن ۽ زمين جو مالڪ آهي. مرشد عبداللطيف جي ايوان ۾ ايندي، سندس روضي کي ڏسندي، سڪون ملندو آهي. پنهنجن عيبن تي اکيون آليون ٿي پونديون آهن. اندر جو ٻوجھ هلڪو ٿيندو آهي. هن جو پنهنجو ئي چوڻ آهي:
    ”هڪ نه رُسي هوت، گهوري ٻاجھ ٻين جي.“
    لکڻ کان پري آهيان ته بلڪل خالي ذهن ٿيو وڃان. لکڻ ٿو ويهان ته سوين ڳالهيون اکين اڳيان ۽ ذھن تي تري ٿيون اچن. ڇا لکي، ڇا لکان!
    ياد ٿو پو ي ته غالبًا ۶۲ع کان ۶۶ع جي سالن دوران، سارين کي جيت لڳو هو، جنهنڪري مسوديري ۾ غربت وڌي وئي هئي. اتر سنڌ آهي ئي ساريال فصل تي. شاديون مراديون ۽ خير خيراتون سڀ پئسن سان آھن. ڪافي هاري، قرضي ٿي ويا هئا. چڻن ۽ مٽرن جي مُند ۾ هر گهر ۾ روزانو پلي يا ساڳ پچندو هو. ڇوڪريون ۽ ڪراڙيون، روزانو پلي پٽڻ لاءِ ٻنين ڏانهن وينديون هيون. اها پلي، چڻن جي گؤنچن مان پٽجندي هئي. ڇا ته ذائقو هوندو ھيس. هاڻي ته وَٽَّ وٺڻ لاءِ ٿا وٺون، ڄڻ تور تي گاھ ٿا وٺون. چڻن جي گؤنچن ۾ قدرتي هلڪي کٽ هوندي هئي. گؤنچن پٽيندي اھا کٽاڻ، آڱرين جي چپٽين کي چنبڙي پوندي هئي. آڱرين جون چوٽيون زبان سان چٽبيون ھيون ته ان کِٽ سبب ڏاڍيون وڻنديون ھيون، جو دل چوندي ھئي ته جيڪر ويٺو آڱرين کي چٽجي.
    جڏهن ماستري ملي ته پلي پٽڻ جا نظارا ڏٺم. ابراھيم ”راحم“ صديقيءَ جو شعر، بي اختيار واتان جھونگارجي نڪري ويو:
    پلي پٽڻ واريون، نياڻيون نماڻيون،
    اجھو واپس وريون، ساھ سيباڻيون،
    ٽٻڻي مٿي تي، پيرن اگھاڙيون،
    وٺي راھ رستو، اينديون نماڻيون،
    ڪري ھلن جيئن، ڪونجن قطارون،
    پٽي گؤنچ پوتيءَ ۾، رکن سياڻيون،
    لھي سج ويو ”راحم“، اڃا ڪو نه آيون،
    تڪن راھ تن جي، گھر ڌياڻيون.
    ٻهراڙين ۾، سيارو اچڻ کان اڳ، هر ويڙهي اندر ڪچا چِيڪا ڀِتر پُسائي رکبا ھيا. آهستي آهستي روزانو مٽيءَ جي ڪچين ڀتين کي زائفون پاڻ ليپو/پوچو ڪنديون هيون. چلھ جي آڏو واري جڳھ/ٿَلِھيءَ کي راڳو ڏئي نئون ڪنديون هيون. مردن کي ڪنھن ڳالھ جي ڪاڻ ئي ڪو نه هوندي هئي. ائين گهر ۽ ڀتيون صاف ٿي وينديون هيون، جيئن هر سال گهر کي رنگ روغن ۽ صفائي ڪرائجي ٿي. مڇرن لاءِ روزانو دونھيون ٿينديون هيون. مڇر، مال کي به ڏاڍو تنگ ڪندا هئا. خاص طور تي ڪمزور مال کي ته ساڙي رکندا ھيا. تنھنڪري وٿاڻن اندر به سڄي رات دونهيون دُکنديون هيون.
    ڳوٺ ۾ راڳ رنگ جون محفلون به مچنديون هيون. نالي وارا فنڪار شادين تي گهرايا ويندا ھيا. سينگار علي سليم، استاد گلزار علي ۽ مائي الله وسائي به اسان جي ڳوٺ ۾ آيا هئا. مون کين اگر ڏٺو ۽ ٻڌو ته پنھنجي ڳوٺ جي ڪنھن محفل ۾.
    سَٺ واري ڏهاڪي ۾، ڳوٺ اندر وڏيرن جي بنگلي تي سيد امام شاھ، مولوي محمّد صالح ۽ ڳوٺ جي استادن کي ڪُرسي ملندي هئي. باقي سمورا، هيٺ گلم تي ويهندا هئاسون. مولوي محمّد صالح سومرو، دوا درمل به ڪندو هو. سندس هڪ پٽ عبدالحڪيم انگريزي استاد هو ۽ ٻئي پٽ محمّد رفيق کي ڪرياني جو دوڪان ھوندو ھو. محمد صالح، شاهن فقير جو وڏو ڀاءُ هو. سندن ويڙھو، وڏو ھو. اسان جي گهرن ۽ سندن ويڙھي وچ ۾ گهٽي هئي. واندڪائيءَ واري وقت، يا ڊکڻن جي دوڪان تي يا ان وچين گهٽيءَ ۾ بيھي ڪچھري يا راند ڪندا هئاسين.
    مولوي صاحب مرحوم، دهليءَ مان تعليم وٺي آيو هو. اتي اهو رواج هوندو هو ته مذهبي سبقن سان گڏ حڪمت (دوا دراصل) به سيکاري/ پڙهائي ويندي ھئي، جيئن پيٽ پالڻ ۾ آساني ٿئين، قرآن ۽ حديث، سچائيءَ سان بيان ڪري سگهن، ڪنهن جا محتاج نه ٿين. مولوي محمّد صالح، مسجد ۾پنج وقت نمازن جي امامت ڪندو هو. جمع تي نماز ۾ خطبو به پڙهندو هو ۽ بلڪل مختصر واعظ ڪندو هو۔ ڪڏهن به ٻئي هنڌ واعظ ڪرڻ نه ويندو هو. اسان ننڍڙا هئاسين ته حج ڪري آيو ھو. گهٽيءَ ۾ ڪافي ماڻهو کيس ملڻ لاءِ آيا هئا. اسان گهر وڃي کيس ڏٺو هو. هڪ کٽ تي بهترين قيمتي قالين پيل هو. ان تي ويٺو هو. اهو پهريون دفعو هو جو مان قالين اکئين ڏٺو هو. مون کي ياد آهي ته مان ان کي هٿ به لائي ڏٺو هو. نرم، ملائم ۽ اکين کي وڻندڙ رنگ، اڃا ياد آهن.
    آهستي آهستي سومرا ۽ منگي، ڳوٺ ڇڏيندا آياسين. سبب؛ تعليم ۽ نوڪريون هيون. ڪنهن سان ڪو آزار نه هو. هاڻي اهي جايون ڊهي پٽ ٿي ويون آهن ۽ پلاٽن تي ٻيا اچي ويٺا آهن۔ ائين حجمن ۽ ڊکڻن جا ويڙها، خالي ٿي ويا.
    وڏيرن جي بنگلي کان سواءِ، ٽي وڏيون، پڪيون ۽ ھڪجھڙيون ماڙيون هونديون هيون؛ قادن (قادر بخش) ڳاڙهاڻي، ماستر محمّد قاسم سومري ۽ چاچا عبدالڪريم منگيءَ جون. لڳندو ائين هو ڄڻ هڪ ئي ڪاريگر ٺاهيون ھجن. سهڻيون ڇتيون، انگريزي در ۽ دريون، گول ونگن سان پڪا ورانڊا. چاچا عبدالڪريم واري ماڙي، اڃا سلامت آهي. منجھس ھاڻي جلباڻي رهن ٿا. ايترو ته قيمتي ڪاٺ استعمال ٿيل اٿس جو اگر ڪڍي وڪرو ڪجي ته اڄ جي دور ۾ لکين روپيا مِلن. سائين غلام عباس، ۷۶-۱۹۷۵ع ڌاري، اها ماڙي بلڪل ٿورڙن پئسن ۾ کپائي هئي. مون کي پوءِ خبر پئي هئي، جڏهن سودو طئي ٿي ويو هو. چاچا مرحوم ۽ منهنجي گهروارن، ڄاڻي واڻي مون کي بي خبر رکيو هو. منهنجي طبيعت ۾ ڪنهن به شيءِ کي وڪڻڻ، عذاب کان گهٽ نه هوندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن سور سهندي، وڏڙن جي ڪيل فيصلن کي قبول ڪري وٺندو آهيان. جڏھن ته اهي ڦٽ، مون لاءِ ناسور بڻجي پوندا آهن.
    چاچا عبدالڪريم، ويڙهي جو وڏو هو. ڏاڍو نفيس طبيعت جو مالڪ هو. مسوديري ۾ چاچا مرحوم ۽ خانواھ ۾ قاضي صاحب، فائنل جي تياري ڪرائيندا هئا. سال ۱۹۳۵ع جي، سندس لکيل ڊائري، مون پڙهي آ. اکر، جھڙا موتيءَ جا داڻا ھجن. منجھس ماھانه ملندڙ پگهار ۽ ڪيل خرچ جي وِچور، لکيل هو. تنھن وقت سندس ماھيانو پگهار ۳۵ روپيا هئي. هر مهيني جي بچت ڏھن کان پندرھن روپيا ڏيکاريل آھي. سال ۱۹۵۶ع ۾، چاچا گذاري ويو. سندس وِئي کان پوءِ، ويڙهي جو وڏو، بابا ئي بڻيو هو.
    جڳھ ڏکڻ طرف ڏانهن ٺهيل هئي. اوڀر کان ٻه شيشن جون دريون، ڇت مٿي، ويڪريون ڀتيون، جنهنڪري جاءِ گرمين ۾ ڏاڍي آرام ڏيندڙ هوندي هئي. ڇتين ۾ جهليءَ جا هُڪ لڳل هوندا هئا. جهليءَ جي هوا، ڏوليءَ، پينگهي ۽ وڻن ۾ پينگهون ٺاهي لڏڻ ۽ گهر ۾ شرارتون ڪندي ڪراڙين جا دڙڪا ۽ دهمان ائين پيا اکين آڏو اچن، ڄڻ سڀ ڪجھ ھاڻي سامهون پيو ٿئي. انساني ذهن، ڪيترو نه تڪڙو ماضيءَ ۾ هليو وڃي ٿو. ڪمال آ ان تخليقڪار جو، جنھن انسان کي ايترو ڪجھ عطا ڪيو آهي. افسوس ان ڳالھ جو آھي ته اھا ڄاڻ رکندي به، اھڙي ٻاجھاري رب جي حڪمن کان غافل آهيون.
    عدلين ڇُٽان نه آ، ڪر ڪو ڦيرو فضل جو. (شاھ ؒ)
    اسان مسوديرائي منگين ۾ هڪ وڏي خرابي آهي، جو پاڻ ۾ موراڳي ڪو نه ٺهندا آھيون. بابا مرحوم جڏهن پنهنجي خاندان جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ته مان اهو نتيجو ڪڍي سڀني کي سمجهائيندو هوس. مان شعوري ھلچل سان، ماضيءَ کي سامهون رکندي، ڪوشش ڪئي ته اسان ٽئي ڀائر گڏ رهون. اڃا ته الله ﷻ ايڪي ۽ محبت سان هلائي ٿو، جڏھن ته اسان جو پسمنظر، بهتر نه آهي. خاندان ۾ ڏُڦيڙ پوڻ جا خاص سبب اھي ئي آھن، جيڪي سموري سنڌي سماج ۾ آھن: ۱- ملڪيت ۲- اولاد.
    اسان جي وڏڙن وٽ ته زمينيون ڪو نه هيون پر ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي شادين جي معاملن تي هو هڪ ٻئي کان الڳ ٿيندا رهيا آهن. بهتر ڳالھ وري اِها رهي آهي جو ھر ڪو، بغير جهيڙي جهڳڙي ۽ خلق کلائڻ جي، پنهنجي راھ منتخب ڪندو ويو آهي. ڏکن ۽ غمن جا پهاڙ، دل ۾ سانڍي، هڪ ٻئي کي عزت ڏيندا آيا آهيون. ممڪن آهي ته اسان جي سنڌي سماج جي اھا خرابي، جٿ ڪٿ ساڳي ئي هجي.
    اسان جي خاندان ۾، هڪ فرد جي زندگي ڏاڍي حيرت ۾ وجهندڙ آهي. سندس باري ۾ معلومات، پوري گڏ ڪري ڇڏي آهي، پر لکندي گهٻرايان ٿو. عبدالستار منگي نالو ھيس. ڏاڏي عبدالحميد مرحوم کي ٽي پٽ هئا: ۱- عبدالڪريم ۲- عبدالمجيد ۽ ۳- عبدالستار. پهريان ٻئي استاد هئا.
    منهنجي بابا جي پيءُ (ڏاڏي) جو نالو، ڌڻيءَ ڏنو (ڌڻي بخش) ھو. بابا جو نالو نيڪ محمد ۽ چاچا جو نالو عرض محمّد ھو. مان ائين سمجهندو آهيان ته اسان جي وڏڙن جا نالا، ٻين مائٽن جي نالن کان گهڻو منفرد آهن. سائين (چاچا) عرض محمّد، مون تي نالو عاشق حسين ۽ منهنجي ڀاءُ تي مشتاق علي رکيو. جڏهن ته پنهنجن پٽن جا نالا عنايت الله ۽ نعمت الله رکيائين. اسان جا وڏڙا، پورھيت ۽ مذهبي هئا. هڪ ته مولود به چوندو هو. خاندان مان هڪ ڇوڪرو، ڪراچيءَ رُسي ڀڄي ويو هو. سومرن (ڊکڻن) مان، هڪ ڄڻي کي ساڻ کڻي، ڪراچيءَ جي محلي محلي ۾ وڃي، مسجدن ۾ وقت گذاري، کيس ڳولي وٺي آيا هئا. پڪ سان نه ٿو چئي سگهان، پر اندازي سان ٿو چوان ته اهو زمانو ۱۹۲۰ع کان اڳ جو معلوم ٿئي ٿو، ڇو جو هو، توشي ۽ زاد راھ طور، سُڪل مٺا روٽ، سَتو ۽ کارڪون وغيره ساڻ کڻي ويا هئا، جيئن اتي رھي پنھنجو گذر سفر ڪري سگھن.
    مسوديري جي اسڪول ۾، ماما لاشارين وارو، ادا نذير حسين وارياسي وارو، حجمن جي ڳوٺ وارا ۽ ٻيا به منگي پڙهيا آهن. سڀ مائٽ آهيون. اهي اسان جي ويڙهي ۾رهندا هئا.
    اڄ پکڙا ۽ پنهوار ياد پيا آهن. کين مون ڪڏهن به نه وساريو آهي. جڏھن ته اڄ ڪيفيت ڪجھ ٻي آهي. اکين ۾ ٻڪروال ڀرجي آيا آهن ۽ وسڻ لاءِ تيار آهن.
    ڪنڍي ڪلين وچ ۾، جڏهن هيئين جن،
    موٽي مون پرين، ڪڍڻ جي ڪين ڪئي. (شاھ)
    هــيــرائي هـٿ ڪـيـو، هيـنـئــڙو حبيبن،
    ٻَـڌي ڪـچـي تـنـد ۾، سـلهــاڙيـو سـيـڻــن،
    وجهي پيچ پرين، هينئڙو هٿيڪو ڪيو.
    (مرشد لطيف ؒ)
    پرائمري اسڪول ۾ چاچا عرض محمّد، سائين غلام عباس، چاچا عبدالمجيد منگيءَ کان سواءِ، سائين الله رکيو جت ۽ سائين مولا بخش جلباڻي اُستاد هئا. سائين مولا بخش جلباڻي، مسوديري جي ڀرسان سکر واھ تي ويٺل هو. هو اسڪول، ڪهاڙي کڻي ايندو هو. پنهنجن مائٽن سان جهيڙو هئن. بعد ۾، پنهنجي ڀائٽي جي ڪارپ جي ڏوھ ۾، ماريو ويو هو.
    سکر واھ تي ٻه ننڍڙا ڳوٺ، هڪ ٻئي جي ڀرسان هوندا هئا، جيڪي جلباڻي ذات جي ٻن پاڙن؛ فاضلاڻين ۽ ڪنڌراڻين جا آھن. پاڻ ۾ جهڳڙن سبب، ان وقت ڏھ پندرھن ڳڀرو ڪُٺا هئائون. حاجي پٺاڻ جلباڻي به پنهنجي ڀائٽي سان مسوديري ڊکڻن جي مسجد وٽ مخالف ڌر هٿان ماريو ويو هو. گهانگهرن ۽ جلباڻين جي وچ ۾ به جهيڙو ٿيو هو، جنهن ۾ شامل جلباڻي ماريو ويو هو. لاشارين جي هٿان ڪاڪي لائق ڳاڙهاڻيءَ جو پٽ ماريو ويو. ڪاڪو سهراب لاشاري، ڳاڙهاڻن جي ڏاڍو ويجهو هو. مان ته ان کي سمجهندو ئي جلباڻي هيس. بعد ۾ خبر پئي هئي ته هو لاشاري ذات جو هو.
    وڏيرن وٽ، بهترين هٿيار هوندا هئا، پر عام جلباڻي به هٿيارن سان ليس هوندا هئا. ڊبل بئرل بندوق وڏي ڳالھ هوندي هئي. بيلجم، جرمني ۽ اسپين وغيره جون بندوقون هلائڻ ۾ ڏاڍيون محفوظ سمجهيون وينديون آهن. چوندا هئا؛ ڪنڍلو ڪارتوسن جو کڻي، گوڏو کوڙي، دشمن سان مقابلو ڪيو ته ٻاهريون بندوقون ويل نه وڃائينديون. پاڪستاني بندوقون، جلد جلد فائر ڪرڻ ڪري گرم ٿي وينديون آهن ۽ نريون ڦاٽي به پونديون آهن. ھاڻي ته اھي سڀ ميوزيم ۾ رکڻ جھڙيون آھن، ڇو ته ڪلاشنڪوف ۽ مئگزين وارن پسٽولن جو دور آھي.
    ان وقت محرم جانوري پهريون ڌاڙيل (شايد ۱۹۶۳-۶۴ع) ساماڻو هو، جيڪو سالار ڀٽو جي ڀرسان، منگي فقيرن جي جُوءِ جو ھو، پوءِ پوليس جي هٿان، جلدي مارجي ويو. وري سالن تائين ٺاپر هئي ۽ ڪو ڌاڙيل اسري ڪو نه سگهيو. اصل ۾ سڀني ذاتين ۾ مڙس ماڻهو ۽ دلير ته هئا، پر هو ڌاڙيل ٿيڻ پسند ڪو نه ڪندا هئا.
    سکر واھ تي رهندڙن جي ٻولي سرائيڪي آهي. باقي مسوديرائي جلباڻي، سڀ سنڌي ڳالهائين ٿا. بلوچ نسل مان سڏائن ٿا. سڄي سنڌ ۾ مون ڏٺو آهي ته سنڌي ۽ سرائيڪي ٻوليون گڏوگڏ هلن ٿيون. ڪلهوڙن ۽ جتوئين وٽ به سرائڪي ٻولي عام آهي. ٻولين واري فيلڊ منهنجي نه آهي، جنهن کي ڪو مونجهارو آهي ته غلام سرور ناريجي، نئين ديري واري سان رابطي ۾ اچي. سنڌ جي ذاتين ۽ ٻولين بابت، سندس گھڻو مطالعو آهي. سمجهدار ھئڻ سان گڏ عام فهم ٻوليءَ ۾ گفتگو ڪري ڄاڻندڙ آهي. ڳالھائڻ ۾ ڇتي ڪوريءَ واري ڊيگھ ڇڏي، مختصر ۽ جامع ڳالهائي ته؛ اصل هيرو آهي هيرو.
    مسوديري جو جيڪڏهن مفصل ذڪر ٿو ڪريان ته ڏاڍو مواد ٿي ويندو، پڙهندڙ به بور ٿيندا، تنهنڪري رھيل ڳالھيون ٻئي ڪنھن ھنڌ ڪبيون. في الحال انهن جو ذڪر ٿو ڪريان جيڪي سياڻن ۾ شمار نه ٿيندا هئا. اهي به منهنجا ڳوٺائي آهن. انهن جو به مون تي حق آهي.
    مريم:- چرياڻ هئي، پر مڙس ۽ ٻارَ ھئس. سياري جو اٿندا ئي نه هياسين ته خيرات وٺڻ لاءِ ايندي هئي. رات وارو بچل ٻوڙ ۽ پچايل ماني، خيرات ۾ ملندي ھيس.
    ولو چريو:- قد آور ۽ سنهڙو پر دماغ ۾ نارمل نه هو. اسان کي کانئس ڊپ ٿيندو هو. جڏھن ته ڪنهن سان وڙهندو به نه ھو. نئين ديري لڏي آيس تڏهن به سندس حال احوال ملندو هو.
    خبر پئي ته وَلو صبوح جو سوير رتيديري وڃي ٿو. رات جو موٽي، مسوديري گهر اچي ٿو. هو ڇا ڪندو هو جو ٻنين ۾ ٺهيل پيهن مان ڪاٺيون ڪڍي، رتيديري هوٽل وارن کي ڏيندو هو. هوٽل وارا وري کيس پئسا يا ماني ٻوڙ ڏيندا هئا. آخر ڳوٺ جون پيهيون کُٽيون ته کيس هوٽل وارن مانيءَ کان جواب ڏنو. بعد ۾ وري سڪل ٽڪرن تي گذارو ڪرڻ لڳو. ماڻهن پڇيس ته؛ ”شهر نه ٿو وڃين؟“ ولوءَ جواب ڏنن؛ ”شهر بَحر آهن. وڏا مزا آهن، پر پئسي کان سواءِ اوندھ آهي. ڳوٺ چڱو آهيان. هتي بُک ته نه مرندس.“ مون کي وَلو، فلاسافر لڳندو آهي. سنڌ جا سڀ وسيلا ڦٻائي، حڪمران اسان کي وَلو ۽ اُلو بڻائي رهيا آهن پر پوءِ به چريي جيترو عقل اسان جي سياستدانن ۽ ڏاهن ۾ نه آهي.
    لالا ڊينگ ڊينگ:- اسان پرائمريءَ ۾ هوندا ھياسين ته ھڪڙو ڪراڙو لالو پٺاڻ ايندو هو. وڏيري جي بنگلي جي ڀرسان گودامن جي ڪمري ۾ رهندو هو. سڀ کيس ”لالو“ سڏيندا ھياسين. ”لالا ڊينگ ڊينگ!“ ڪري، کيس چيڙائيندا ھياسين. هو اسان کي ڊيڪائيندو ھو ۽ اسان ڀڄي ويندا ھياسين.
    ”ڊينگ ڊينگ“ جي معنى اڄ به مون کي ڪو نه ٿي اچي. هو نيڪ نمازي هو. ڪڏهن ڪڏهن رڙيون ۽ دانهون ڪندو هو. لڳندو هو ته پنهنجن جي سِڪ لڳي اٿس. ھاڻي سنڌ جي شھرن ۾ بنگالين، برمين، اردو ۽ پنجابين کان پوءِ پشتو وارن به اسان کي ڊينگ ڊينگ ڪرائي ڇڏي آھي.
    پپن لغاري:- مسوديري وارو به، چرياڻ هو. صاف سٿرو هوندو هو. توجھ سان ٻڌبو ھيس ته مطلب ڪڍي وٺبو ھو. نه ته سندس ٻولي، ٻاتائي هئي. سڄو ڏينهن گهٽين ۾ ڦرندو هو. اسڪول وارن شاگردن جو ڄڻ عاشق هو. مون سان وڌيڪ لڳندي هيس. ماستر ٿيس ته ونڊ ۾، ڪجھ نه ڪجھ خرچي ڏيندو هيومانس. هُن جون دعائون ۽ اللهﷻ جو فضل آهي. منهنجون ضرورتون گهران دران پوريون ٿين ٿيون. ننڍي هوندي کان ٻڌندا اچون ۽ ڏٺو به آهي. هڪ دفعي سبيل سلوار قميس ڏنيمانس. سڄي ڳوٺ ۾ هر هڪ کي ٻڌايائين ته؛ ”سائين صنم ڪپڙا ڏنا آهن.“ سچ ته اهو آهي؛ اڳي مان هن جو صنم هوس، هاڻي هو منهنجو صنم آهي. سياڻن سبق پڙهائي، ڪنن تي هٿ رکرائي ڇڏيا آهن. جڏھن ته سادي ۽ موٽي دماغ وارن جا پڙھايل سبق، وسرڻ جا ناھن. هو جوانيءَ ۾ فوت ٿي ويو هو.
    هڪ مائي ۽ ھڪ چريو، ذڪر ڪرڻ ۾ رھن ٿا. سندن ذڪر، ڄاڻي واڻي نه ٿو ڪريان.
    رضا محمّد ميراڻيءَ جو چاچو علي شير ۽ عارب ميراڻي به چرياڻ هئا.
    مون کي چرياڻ وڻندا آهن. مٿن شرعي حڪم لاڳو نه ٿيندا آھن. لڳي ٿو پڇا ڳاڇا کان آجا ھوندا. اللهﷻ جڳ جھان کي پنھنجي فضل سان ھلائي ۽ پڇاڻي کان بچائي. آمين.
    ***


    2. چُوڻي جي تلاش(جواني ۽ جوڀن، جت جاڙ ڪيم)

    مئي ۱۹۷۱ع کان چوٻول هئا؛ ”ماستريءَ جا آرڊر“ پوري سنڌ ۾ نڪرندا. مئي جي ۲۹ ۽ ۳۰ تاريخ تي، سڀ S.V ۽ P.T.C پاس، لاڙڪاڻي جي تعليمي آفيسر جي آفيس ۾ گڏ ٿياسون. جيڪي S.V فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيا هئا، تن کي ته پنهنجو پنھنجو ضلعو مليو. سندن نالا ۽ پوسٽنگ جي اسڪولن جا نالا وڏين لسٽن تي لکي، کنئور سان ڀتين تي چنبڙايا ويا هئا. اتان ئي پنھنجا پنھنجا نالا ۽ ڊيوٽيءَ واري اسڪول جو نالو پڙھي وڃي نوڪرين تي چڙھن. جڏھن ته سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ٿيلن کي حيدرآباد وڃڻ لاءِ چيائون. منهنجون ۵۸.۱ سيڪڙو مارڪون هيون. سيڪنڊ ڪلاس ۾ اچڻ ڪري، گهر موٽي آيس ۽ حيدرآباد وڃڻ جي تياري اچي ڪيم.
    مامو واحد بخش، نوڪري وٺائي ڏيڻ ۽ اتي پھچائي اچڻ لاءِ، مون سان گڏجي ھليو. اسان حيدرآباد تائين گڏ آياسين. هيرآباد حيدرآباد ۾، ريجن جي آفيس هئي. ان وقت، سنڌ جون فقط ٻه ريجنون هيون؛ ڪراچي ۽ حيدرآباد. لاڙڪاڻو ضلعو، حيدرآباد ريجن ۾ هو. سکر ڊويزن گھڻو بعد ۾ ٺهي. مون کي ٽنڊي محمد خان جي ڀرسان، پنجابين جو ھڪڙو ڳوٺ ھو، اتان جو آرڊر مليو. پڇا ڳاڇا تي معلوم ٿيو ته اتي اُردو ميڊيم جو پرائمري اسڪول هو. مون کين چيو ته؛ ايڏانهن ڪو نه ويندس. رکڻو اٿوَ ته ڪنهن سنڌي اسڪول واري ڳوٺ ۾ رکو، نه ته ڳوٺ واپس ويندس. اهو پهريون دفعو هو جو مون ڪنهن ڌاري ڪميونٽيءَ لاءِ لڪيل نموني سان نفرت جو اظهار ڪيو هو.
    مامو اچي ڦاٿو. نه مان ضد تان پيو لهان، نه آفيسر پيا لهن. آخر ٻي ٽين بجي کان پوءِ، هڪ خدا جي بندي مون کي ۽ مامي کي چيو ته؛ ”ٽنڊي باگي تعلقي ۾ گاڏ ڳوٺ آهي، اوڏانهن وڃو. ماني به ملندس، سکيو به رهندو، پر ڳوٺ حيدرآباد ضلعي جي آخري حدن ۾ هجڻ ڪري گهڻو پري آهي.“ مون يڪدم ها ڪئي ۽ هو جيڪو سپروائيزر هو، پيو جو ھڪدم آرڊر ڪڍرائي، آڻي هٿ ۾ ڏنائين. هيڊماستر لاءِ نياپو به ڏنائين. دير ٿي وڃڻ ڪري رات حيدرآباد ۾ رهي پياسين.
    صبح جو سوير، مليل ايڊريس مطابق، ميرپورخاص جي بس پڪڙي، اتان جهڏو گودام جي ڪوچ تي سوار ٿي، اچي جهڏو گودام(1) تي لٿاسين. اتان، مامي مزدور ڀاڙي تي ڪيو، جنھن بسترو ۽ بئگ کڻي، پنڌ ئي پنڌ، اسان جو سونهون بڻجي، اچي گاڏ ڳوٺ ۾، رئيس جي اوطاق تي ڇڏيو. پنڌ ته ڪُل ميل کن جو هو، پر مڙس صفا پگھرجي ويو هو. اوطاق تي پھچي، اوطاق وارن سان تعارف ٿيو. حالي حوالي ٿيڻ بعد، اتي جي سڀني چيو؛ ”جي آيا! ڀلي ڪري آيا“.
    اوطاق جا ٻه حصا هئا؛ هڪ عام ۽ ٻيو خاص. گيٽ لوهي؛ پر چوڌاري ڀتيون اوڏڪيون. اوڀر پاسي کان ڪمرا ٺهيل هئا، جيڪي اَنَّ جي ڀانڊن طور ڪتب ايندا هئا. ٻه وڏا مَٽ پاڻيءَ جا ڀريل، دلا ۽ گلاس ڇانوَ ۾ رکيل ھيا. پاسي کان پرڀرو، ڀلي گهوڙي ٻڌل هئي. رئيس جي ملازمن اسان کي پڪي لانڍيءَ ۾ رهايو، جنھن کي اندر ۽ ٻاهر، فرش لڳل هو. اندر کَٽُون ۽ ڪجھ فرنيچر رکيل هو. ڳوٺ ۾ بجلي به هئي. رئيس جي حويليءَ جون T.V جون اينٽينائون ڏيکارجن پيون. جڏهن ته اتر سنڌ ۾ T.V نشريات نه ڏيکاربي هئي. جتي اسان رهياسون، اھا رئيس عبدالڪريم عرف پوڙهي خان جي بيٺڪ هئي.
    اسڪول بند هو. رات تائين، سموري ڳوٺ ۾ خبر پکڙجي ويئي ته اتر سنڌ کان هڪ استاد نوڪريءَ لاءِ هلي پهتو آهي. رات سڪون سان گذاري، صبح جو تيار ٿي مامو ۽ مان اسڪول وياسين. ٿورڙي دير ۾ هيڊماستر محمّد عثمان پتافي صاحب به اچي پهتو. هن حال احوال ورتا. مامي آرڊر ڏنس ۽ سپروائيزر جو نياپو به ڏنائينس. هيڊ ماستر صاحب مامي کي دلداري ڏني ته؛ اوهان ڪا ڳڻتي نه ڪجو. هتي اوهان جو ڀاڻيجو سکيو رهندو. جوائننگ رپورٽ لکڻ ۽ مسٽر رول (حاضري واري ڪتاب) تي صحيح ڪرڻ کان پوءِ، مامي واحد بخش جلدي موڪلايو. مون ٻارن سان تعارف ڪرائي، کين پڙهائڻ شروع ڪيو. اسڪول؛ ٻن ڪمرن ۽ ويرانڊي تي مشتمل، ڪچي عمارت هئي. ڪمرا کليل ۽ هوادار هئا. اسڪول، اوطاق جي ڀرسان هو. ڳوٺ جا گهر پري هئا. ڳوٺ جو رستو، اسڪول جي ٻاهرين چوديواري ۽ دروازي وٽان گذريو پئي.
    ٻارھين بجي ڌاري موڪل ٿي وئي. مون کي هيڊماستر صاحب ٻڌايو ته؛ ”منجهند جي ماني کائي، وري ۳ بجي کان ۵ بجي تائين، اسڪول ٻيھر هلندو.“ منهنجي لاءِ اهو نئون شيڊول هو. فائدو اهو هو ته سڄو ڏينهن آرام، سڪون ۽ پڙهڻ پڙهائڻ ۾ گذريو. پتافي صاحب وارن جا گاڏ کان ميل کن پنڌ تي، پنهنجي زمينن تي گهرڙا ۽ اوطاق اڏيل ھيا. پاڻ اتي رهندو هو. منجهند جي ماني، گڏجي اسڪول ۾ کائيندا هئاسين. نيرن چانھ سان ڪبي هئي. منجهند جو گوشت جي ڀاڄي، سبزي يا دال وغيره، رات جو به ماني، ڪڏهن ڪڏهن چانور ھوندا ھيا. جڏھن ته چانورن جي ماني بلڪل ڪو نه ھئي. سڄا ساوا مرچ، ڀاڄيءَ ۾ مون اتي کائڻ سکيا. اتر سنڌ ۾، سڄا ۽ جيئرا ساوا مرچ، ان وقت ڀاڄين ۾ استعمال ڪو نه ٿيندا هئا.
    صبح جو وهنجڻ جي عادت هجڻ ڪري، وهنجڻ لاءِ واٽر ڪورس تي وڃڻو پوندو هو جيڪو ڀرسان ئي هو. پيئڻ جو پاڻي، اُتان وڃي، هڪ پڪي تَلاءَ ۾ گڏ ٿيندو هو. جتان ڳوٺاڻا، مرد مايون ۽ رئيس جا ملازم، پيئڻ جي لاءِ، مٽن ۽ دلن ۾ ڀري ايندا هئا. پاڻي آٺريل هوندو هو. وري به ڦٽڪيءَ سان صاف ڪبو هو. زندگيءَ جي نواڻ جو، جلدي عادي ٿي ويس. مان جتي رهندو هيس اها رئيس عبدالڪريم خاصخيليءَ جي اوطاق هئي. ڳوٺ جي ٻئي طرف، رئيس مبارڪ علي خان جو بهترين بنگلو هو. پڳ به رئيس تي هئي. ٻنهي رئيسن جا لطيف آباد حيدرآباد ۾ پڻ بنگلا هئا. تنھن ھوندي به ٽي رئيساڻا ٻار، اسان جي اسڪول ۾ پڙهندا هئا.
    هفتي هفتي ڳوٺ خط لکندو هيس. ضرورت جي شين لاءِ آچر تي جهڏي گودام ويندو هيس. ڪپڙن جي ڌلائي وغيره جي بھاني گهمڻ ڦرڻ ۽ تفريح ٿي ويندي ھئي. ور نه اھو اسڪول ۽ مسجد ۾ نماز، يا ڪو ڪتاب پڙھندو ھيس. نمن جي جهلي هيٺان، خاموشيءَ سان ڳوٺاڻن جي ڪچهري ويٺو ٻڌندو هيس. ڪو اتر سنڌ بابت پڇندو هو ته مختصر جواب ڏئي، هنن جي ڪچهريءَ جو ويٺو مزو وٺندو هوس. سادگي، سچائي، هر ڪو هڻ هڻان ۾ پورو. ٻه هفتا ائين گذري ويا جو خبر ئي ڪو نه پئي.
    پهرين جُون تي جوائن ڪيو ۽ ۱۵ جون کان ٻه مهينا وئڪيشن شروع ٿي. گهر ڳوٺ مسوديري ۾ آيس، ته ويڙهو ئي عجيب پئي لڳو. سڀني ڏسي چيو ته؛ خوش آهي، لٿو ٻٿو نه آهي. کين منهنجي لاءِ جيڪو اونو هو، سو مون کي خوش ڏسي، لهي وين ۽ پاڻ به مسرور ٿي ويا.
    ڪجھ ڏينهن کان پوءِ، سائين محمد عثمان هيڊ ماستر جو ليٽر پهتو ته؛ اوهان کي قرآن شريف جي ٽريننگ تي چونڊيو اٿن سو تعلقي هيڊڪوارٽر ٽنڊي باگي ۾ پهرين جولاءِ تي پهچو. تياري ڪري حيدرآباد کان ماتلي، تلھار کان ٿيندا ٽنڊي باگي پهتاسين. عجيب خوشي پئي ٿي. ماتليءَ جا ڪيلا، زمينون، پوکون، مسڪين مارو ماڻهو، ڳالهائڻ جو نرم لهجو. ڄڻ ته مان اجنبي هجان ۽ ڪتابن ۾ لکيل سنڌ کي سالم هوش حواسن سان ڏسي رهيو هجان. ٽنڊي باگي پهچڻ سان عجيب شيءِ تي نظر پئي. انور علي مڱرئي کي اشارو ڪري چيم ته؛ ”هو ڏس! ھڪ ھمراھ، ٻن ٽائرن واري گاڏي تي، پاڻيءَ جو ڊرم ڍوئي رهيو آھي.“ هن کلي چيو؛ ”اڃا گهڻو ڪجھ ڏسڻو آهي. لڳي ٿو پاڻيءَ جي کوٽ آهي. جَرُ مٺو نه آهي. واهن وارو ڇُڙيو پاڻي؛ پيئڻ، وھنجڻ، رَڌ پچاءَ ۽ ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو.“
    ڳوٺ (مسوديرو) جو الله وسايو خان مهر، ٽنڊي باگي جو مختيارڪار هو. بابا چيو هو ته؛ ان سان وڃي ملجو. مهر صاحب کي ڳولي لڌوسين. ڏاڍي قرب سان مليو. انور علي مڱريو، مان ۽ ٽيون به دوست هو. رات جو صاف سٿرا هنڌ ۽ سٺي ماني ملي. صبوح جو نيرن ڪري، موڪلائي اسڪول آياسين. مهر صاحب ٻڌايو ته؛ ”هتي اتر سنڌ وارا ڦڏا، جهيڙا ۽ چوريون وغيره ڪو نه آهن. پوليس ۽ روينيو کاتي وارا واندا ويٺا ڊيوٽي ڪندا آهيون. ڪڏهن ڪو فوتي کاتو مٽائڻو ٿيو ته خير، نه ته ويٺا الله الله ڪريون.“ رات جو ڪافي دير تائين ڪچهري ڪيائين. قائدِ اعظم محمّد علي جناحؒ جي ذهانت بابت به پنهنجا ويچار ونڊيائين.
    ويھ ٽيھ استاد اچي پهتا ۽ قرآن شريف جي ٽريننگ شروع ٿي. سڀ قرآن شريف پڙهيل هئاسين، پوءِ به توجھ سان ٽريننگ پوري ڪئيسين. رات جو اسڪول ۾ رهندا هئاسين ۽ ماني هوٽل تي کائيندا هئاسين. واپسيءَ تي ٽنڊو محمّد خان گهمي ڏٺوسين. ٽريننگ جا پئسا به مليا هئا. حيدرآباد مان ٿيندا، ريل ڪار ذريعي لاڙڪاڻي مان نئون ديرو ۽ مسوديري پهتس. ننڍو ڀاءُ مشتاق علي نئين ديري ۾ رهندو هو.
    وئڪيشن پوري ڪري، اسڪول پهتس. ان وقت ڏيڍ سؤ روپيا مهيني جي پگهار هئي. اچڻ وڃڻ ۽ کائڻ کپائڻ مان جيڪي بچندو هو، انهن پئسن مان حيدرآباد مان ڪجھ گهر لاءِ خريداري به ڪبي هئي.
    سنڌ ۾ ان وقت يارھن ضلعا هوندا ھيا: ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد، ٿرپارڪر، سانگهڙ، نوابشاھ، خيرپور ميرس، سکر، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ دادو. دادو ٻين ضلعن کان ايراضيءَ جي لحاظ کان وڏو ضلعو هو. ٿرپارڪر جو هيڊڪوارٽر ميرپور خاص هو.
    وئڪيشن کان پوءِ، مسٽر الاهي بخش تنيو، جيڪو خيرپور ميرس ضلعي جو ھو، ٻئي اسڪول مان بدلي ٿي آيو. هو گهٽ ڳالهائڻ وارو، قداور ۽ صحتمند هو. رئيس علي، جمعو شيدي (ملازم) ۽ غلام علي پاڻي ڀرڻ وارو هڪ ٻه ٻيا مستقل اوطاق تي هوندا هئا. مسافرن لاءِ ماني ۽ هنڌ کٽولو ملندا هئا. رئيس عبدالڪريم خان ڪڏهن حيدرآباد، ته ڪڏهن ٽنڊو محمّد خان رهندو هو. ڳوٺ ۾ هوندو هو ته سانجهيءَ ڌاري موالي اچي گڏ ٿيندا هئا. ڀنگ ۽ چرس جا ڦل. رات جو ۱۱-۱۲ بجي تائين هنن جي محفل هلندي هئي. اسان ڪڏهن ان محفل ۾ ويهندا هئاسين، ته ڪڏهن سوير ماني کائي سمھبو ھيو. يا پاڻ ۾ ڪچهري ڪندا هئاسين.
    رئيس، جنهن کي سڀ رئيس پوڙهو خان سڏيندا هئا، سو پڙهيل لکيل ماڻھو ھو. عمر جي حساب سان ۴۰ کان مٿي جو ھو. ڀُٽي صاحب جو شيدائي هو. منهنجي طبيعت ۽ لاڙي کي ڏسي جمعي ملازم کي چيائين ته منهنجا ڪتاب ماستر کي آڻي ڏيندو ڪر. ”آخري چٽان“، ”اور تلوار ٽوٽ گئي“، وغيره نسيم حجازيءَ جا ناول، مون اتي پڙهيا. منهنجي پڙهڻ جي رفتار ڏسي، رئيس چيو ته؛ جيڪي ڪتاب وڻئي گهراءِ، پئسا مان ڀريندس. ڪتاب مان پڙهان ۽ پئسا رئيس ڀري، اهو مناسب ته نه لڳو، پر ھن جي فراخدلي ۽ علم دوستي سدا ياد رھندي.
    رئيس کي جيپ هوندي هئي. روزانو شيوِ ڪرائڻ لاءِ جهڏي ويندو هو. هڪ ڏينهن هڙتال هئي، شهر بند هو. ملازم جمعو مون وٽ آيو. چيائين ته؛ رئيس شيو ڪندو، سامان ڏيو. هن کي مون ڪٻٽ جي چاٻي ڏني. رات جو کِلي رئيس پڇيو؛ ”تنهنجي شيو جو سامان بهترين آهي. لٽا ڪپڙا به سٺا ٿو پائين. مون کي سمجھ ۾ نه ٿو اچي، ڏيڍ سؤ روپين لاءِ اتر مان هتي اچي نوڪري ڪرڻ جو ڪھڙو سبب آھي؟“ مون کيس ڏاڍي اعتماد سان ٻڌايو ته؛ ”غريب ۽ شريف خاندان آهي. مون کان پگهار ڪو نه وٺندا آهن، پر ڪجھ نه ڪجھ روڪ پئسا به ڏيندا آهن. ٻيو هتان جو سُک ۽ پنهنجائپ ڏسي، پرديس نه ٿو لڳي.“ ٻيون به ڪجھ ڳالهيون چئي ويس، جنهن جو مطلب اهو هو ته؛ سنڌ سڄي اسان جي آهي. ڌاڙيلن جي يلگار کي روڪڻو آهي. گهر ڇڏڻا پوندا. ڏاڍو مهذب ۽ سنجيده رئيس هو. هڪ دفعي شراب جون بوتلون مون کي ڏيندي چيائين؛ ”ڪڏهن ڪڏهن مهمان اوچتو ٿا اچن، تنهنڪري تو وٽ ٿو رکان. دل چوئي ته ڀل پيئجانءِ! پر نه پيئندين ته بهتر آ. ڏاڍي خراب شيءِ آهي. هاڻي ته آ انهن مان جند نٿو ڇڏائي سگهان.“
    اتر سنڌ جي ڀوتار ۽ لاڙ سنڌ جي رئيس ۾، زمين آسمان جو فرق ڏٺم. رئيس کي، مان پاڻ پنھنجي گنھگار اکين سان، سائلن کي اَنُ ۽ اٽو نٽهڻ اس ۾ ڏيندي ڏٺم. جمعو شيدي ٻڌائيندو هو ته؛ ڪافي ايڪڙ زمين جي اپت، فقيرن ۽ مهمانن لاءِ وقف ٿيل آهي. اها ضرور خيرات ڪندا آهن. لکن جون ڦٽيون ان وقت رئيس جون ٿينديون هيون. ڪڻڪ، ڪمند ۽ مرچ وغيره تنھن کان جدا ٿيندا ھيا.
    ضلعي خيرپور ميرس واري الاهي بخش تنيي جي اچڻ ڪري، رهڻ ۽ جهڏي اچڻ وڃڻ مان وڌيڪ لطف حاصل ڪري رهيو هيس. جهڏي ۾ راحب علي قاضي به پڙهائيندو هو. هو به نئين ديري جو ھو ۽ منھنجو دوست ھو. پاڻ ۾ ٽي چار دوست، سنگت ڪري رهندا هئا. هڪ ٻه دفعو مون وٽ گاڏ به آيو ۽ رات به رهيو. اتر سنڌ جا تمام گهڻا استاد، لاڙ سنڌ ۾ نوڪري ڪري رهيا هياسين. مان پرائيويٽ B.A جي به تياري ڪندو ھيس. ڪاپي ڪلچر جي شروعات ٿي رهي هئي.
    پرائمري امتحان پورا ٿيا هئا. شاگردن وٽ ڪورس جا ڪتاب ڪو نه هئا. هيڊ ماستر کي چيم ته؛ ڪتاب ڪو نه آهن. هُن جمعي کي گهرائي، ڪتابن لاءِ چيو. تنھن ٻڌايو؛ ”جهڏي ۾ ڪتاب نه ملندا.“ مان نئون ڪوٽ لاءِ تيار ٿيس ته ڪتاب به وٺي ايندس ۽ ”نئون ڪوٽ“ به گهمي ايندس. نئين ڪوٽ جي شھر کي، عمرڪوٽ جي شھر وانگر، ٿر جو دروازو (Gate of the Thar) پڻ چوندا آهن. ان سان گڏ نئون ڪوٽ جو قلعو گهمڻ جو به شوق ھو.
    ٻئي ڏينهن تي جهڏي مان ننڍڙي پٽڙيءَ تي هلندڙ ريل گاڏيءَ تي چڙهي، نئون ڪوٽ پهتس. جهولو پئي لڳو. واري پئي اڏامي. نئون ڪوٽ، شهر نه، پر ڳوٺ لڳو. ڪجھ ڪتاب مليا ۽ ڪجھ نه مليا. سامهون نئون ڪوٽ جو پڪو قلعو ڏسڻ ۾ پئي آيو. ڪِرائي تي سائيڪل کڻي، مون اوڏانهن وڃڻ پئي چاھيو. سائيڪلن واري دوڪاندار، مون کي منع ڪرڻ جي انداز ۾ چيو ته؛ ”اوڏانهن وڃي ڇا ڪندا؟ اتي ته سُڃَ آهي، ٻيو ڪافي تعداد ۾ چمڙا آهن.“ مون بي پرواھ ٿي کيس چيو ته؛ ”چمڙا مون کي ڇا ڪندا؟ ڪجھ پرڀرو وڃي سوچيم ته پرديس ۾ تقدير بڇڙو ته ڪو نه ٿي ڪرائي. نٽهڻ اس هئي. هڪ همراه گڏ هو، ان کان قلعي جو حال احوال پڇيم. تنھن به اوڏانھن وڃڻ کان روڪيو ته؛ ”اڪيلا نه وڃو.“ قلعي کي حيرتن مان ڏسندو واپس آيس. سائيڪلن واري ڪِرايو به نه ورتو. ڪارڊ واپس ڪيائين، جيڪو ضمانت ۾ رکيو ھيائين. مون مايوس ٿي سوچيو؛ حڪمرانن جي روش اسان جي تاريخ ڏانھن چڱي نيت واري ناھي.
    سائيڪل واپس ڪري اچي اسٽيشن تي ويٺس، جنهن ريل تي چڙهي آيو هيس، اها موٽڻي هئي. ان تي چڙهي واپس جهڏي ۽ ڳوٺ اوطاق تي پهتس.
    ننڍي پٽڙيءَ واري ريل گاڏي، حيدرآباد کان ميرپورخاص ۽ کوکرا پار تائين ويندي هئي. حيدرآباد-ماتلي ۽ بدين تائين به ننڍي گيج واري گاڏي هلندي هئي. ان تي به بعد ۾ شوقيه سفر ڪري ڏٺو هو. گھڻي رلڻ ۾ مزو ايندو ھو. اڪيلو نڪري پوندو ھيس. ڦٽل دڙا، پراڻا آثار، پراڻيون ۽ ويران جايون ۽ ماڳ وڻڻ لڳا ھيا. ڇو؟ ان ڇو جو جواب مون وٽ اڄ به ناھي!
    وقت کي پَرَ آهن، جن سان مسلسل اڏام جاري رکندو اچي. هتي چاليهن سالن تي ڦهليل يادون آهن، جن کي اوهان تائين پهچائي رهيو آهيان. سماج جي هڪ ذميواري يا ٻوجھ آهي، جيڪو لکڻ سان، پاڻ کي آجو ۽ هلڪو ڪرڻ چاهيان ٿو.
    ڊسمبر ۱۹۷۱ع واري ڀارت ۽ پاڪستان جي جنگ شروع ٿي. ٿر کان انڊيا جي بارڊر وارا ٺڪاءَ، ٺريل رات جي خاموشيءَ ۾ چٽا ٻڌبا هئا. بليڪ آئوٽ، انڊين جهازن جي بمباري، مسلسل خطرو. ولي محمّد ملاح، چوٿين ڪلاس جو شاگرد، هڪ ڏينهن گن-شپ هيليڪاپٽر جي، هٿ جيڏي گولِي کڻي آيو. ان کي ڏسي مان حيرت ۽ سوچ ۾ پئجي ويس. هيڊماستر ۽ رئيس کان موڪلائي سامان کڻي، ڳوٺ لاءِ نڪري پيس. هِت هُتِ سائرن جا آواز، وڏو خوف ۽ ھراس، حيدرآباد پهچي ڏٺم. ڪوٽڙيءَ پهچندي رات ٿي ويئي. اسٽيشن اوندھ ۾ ٻڏل، بار بار سائرن جو آواز. ڏاڍي انتظار ۽ اوسيئڙي کان پوءِ، ڪراچيءَ کان ٽرين آئي. ٽڪيٽ هئي پر روشني نه هئڻ ڪري جاءِ نه ملي. آخر هڪ سپاهيءَ کي ايلاز ڪيم پر ڪجھ ڪو نه وريو. پنج روپيا ٻئي سپاهيءَ کي ڏنم، هن وٺي اهڙي گاڏي ۾ چاڙهيو جتي رڳو هيٺ ويهڻ جي جاءِ هئي. چوڌاري زائفون، ٻار ۽ مرد. هڪ ٻن زائفن تيز ۽ تند لفظ ڪڍيا. ريل هلڻ شروع ڪيو. هڪ ٻن ڪراڙين وچ ۾ پئي عزت بچائي ته امڙ ڇڏيو سڀ ٻچن وارا آهيون، هاڻي هتان ڪيئن لهندو. آهستي آهستي ريل اسپيڊ ورتي پر منهنجي اندر ۾ اوڙاھ. موت جو خوف ختم ٿي ويو پر عزت جو احساس ٿي رهيو هو ته مان زائفن جي هٿان خوار پيو ٿيان. لاڙڪاڻي تائين وقت ڪيئن ڪٽبو. ياد پيو: ”زائفاڻي مار؛ نه خبر، نه چار!“ آهستي آهستي، ماحول ٿڌو ٿيندو ويو. چڱو جو اوندھ هئي. ڪو ڪنهن جا تاثرات ڏسي ڪو نه رهيو هو. ضرورت وقت ڪجھ نه ڪجھ پيٽ ۾ وجهي. اڌ ننڊ ۽ اڌ سجاڳ ۾ اچي لاڙڪاڻي پهتاسين. دادوءَ کان پوءِ، رش گهٽي هئي. نئون ديرو اسٽيشن تي لهي، گهر اچي ڀاءُ سان ملي آرام ڪيم. شام ڌاري ڳوٺ مسوديرو پهتس. سڀني چيو ته؛ چڱو ٿيو جو هليو آئين. رزق، رازق جي هٿ ۾ آهي.
    ڪجھ ڏينهن کان پوءِ، سائين محمّد عثمان جو خط پهتو ته ڳوٺ جي ڀر واري سينٽر تي پوليس وٽ انٽري ڪرائي ڇڏ. مان آفيس وارن کي ٻڌائي ڇڏيو آهي. اسان ٽنڊي باگي ۾ پوليس وٽ ٽريننگ ڪريون ٿا. مان رتوديرو وڃي، پنهنجو نالو داخل ڪرايو. اسڪول ۾ روزانو حاضري ته ٿيندي هئي ۽ P.T به ڪندا هئاسين. بنگلاديش آزاد ٿيو. جنگ بند ٿي. اسڪول کليا. پي ٽي P.T ٽريننگ وارو ليٽر وٺي، اچي هيڊماستر کي ڏنم. ائين وري نوڪريءَ جي شروعات ٿي. رتيديري ۾ پوليس جيڪا ٽريننگ ڪرائي، مان هميشه ان کي اڌ ڪلاڪ روزانو جاري رکندو آيس. ان مان فائدو اهو ٿيو ته مان نه گهڻو بيمار ٿيندو هيس ۽ نه وري جسم جو وزن وڌندو هو. اها فٽنيس ۴۰-۴۵ سالن جي عمر تائين برقرار رهي، بعد ۾ ان کي ڇڏي ڏنم ۽ جسم ٿلهو ٿيڻ شروع ٿيو. اسڪول پهتس ته هيٺيان احوال مليا:
    1. جنگ دوران، ٿر جي هندو استادن کي، لاڙ ۽ بئراج واري اسڪولن ڏانهن بدلي ڪيو ويو. لاڙ ۾ ڪم ڪندڙ، اتر وارن استادن کي ٿر ۾ بدلي ڪيو ويو.
    2. ڪن استادن کي P.T ٽريننگ ڪرائي ويئي ته جيڪڏهن جنگ وڌيڪ ڏينهن هلي ته رضاڪار طور، کانئن ڪم وٺي سگهجي.
    3. رات ۽ ڏينهن جو استادن کان پُلين ۽ اهم مرڪزن تي چوڪي ڏياري وئي ته جيئن اُتي انڊيا جا ڇاپامار فوجي نه لهن. جي لهن ته اهڙي خبر ڀر واري ٿاڻي تائين پهچڻ گهرجي.
    4. اسد الله ڪلهوڙو ۽ منظور علي جوڻيجو ان اٿل پٿل دوران، ٽنڊي محمّد خان کان گڏ بدلي ٿي آيا. ٻئي وارھ تعلقي جا هئا. وارھ تعلقو ان وقت لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ھو ۽ ھاڻي قنبر-شھدادڪوٽ ضلعي منجھ آھي.
    هي منهنجين خوشين ۽ ڏکن جو داستان نه آهي. مان سنڌ جي تباھ ٿيل معاشري جو ڪيڏارو ٿو لکان. ڪنهن کي وڻي ٿو يا نه ٿو وڻي، منهنجي ان سان غرض نه آهي. جيڪڏهن ڪنهن سنڌ سان عقيدت رکڻ واري لاءِ ٻه لفظ يا ٻه جملا ڪم جا لکجي ويا ته اهو ئي منهنجو اجُورو آهي. ماڻهن جي ساراھ ڪيتري ڪجي، الله ﷻ کي ٻاڏائڻ، سنڌ جي سونهن ۽ سک لاءِ سوچڻ کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي عبادت آهي! اسان سنڌين ڇا ڇا وڃايو آهي، هيءَ ڪٿا، ان لاءِ ثبوت طور لکان ٿو.
    سڄيءَ سنڌ ۾ ۱۹۷۰ع تائين تعليم کاتي جو هي حال هو ته هڪ اسڪول پري پري هئا، استاد ٿورا هئا ۽ بجيٽ ٿوري هوندي هئي. استاد ميرٽ تي ڀرتي ٿيندا هئا. بي ايس سي ڪندڙن جي رزلٽ به نه ايندي هئي ته کين سائنس ٽيچر (اسڪيل ۱۴) طور ڀرتي ڪندا هئا. بعد ۾ کين پگهار سان P.T جي ٽريننگ ڪرائي پوءِ ۱۵هون اسڪيل ڏيندا ھيا. اهڙيءَ طرح انٽر پاس کي جونيئر ٽيچر (اسڪيل ۹) ۾ ڀرتي ڪندا هئا. انهن کي ٽريننگ ڪرائي ۱۲ هين اسڪيل ۾ ڪنفرم ڪندا هئا. جڏهن کين ٽريننگ تي موڪليندا ھيا ته سندن خالي پيل جاين تي عارضي استاد رکندا هئا. جڏهن ٽريننگ ورتل استاد واپس ايندا ھيا ته سندن جاين تي رکيل استادن کي گهر موڪليو ويندو هو. اهڙي عمل کي استادن جي رڊڪشن چيو ويندو هو.
    جنرل يحيٰ خان جي دؤر ۾، ڪئپٽن عثمان علي عيساڻي سيڪريٽري تعليم مقرر ٿيو. ان وقت گورنمينٽ، سيڪريٽري هوندا هئا. پاليسي ميڪرس اهي هئا. عيساڻي صاحب جي دور ۱۹۷۰ع ۾، پاليسي جڙي ته مئٽرڪ فرسٽ ۽ سيڪنڊ ڪلاس پاس ڪندڙ کي S.V سال ٽريننگ ڪرايو. ٿرڊ ڪلاس وارن کي P.T.C ٻه سال ڪرايو. سڄي سنڌ ۾ هزارين نوجوانن ان مان فائدو ورتو. لاڙ ۽ جيڪب آباد، تعليم ۾ پٺتي ھيا. اتي اسان وڃي اسڪول آباد ڪيا ۽ تعليم کي عام ڪرڻ ۾ محنت ڪئي. ٺٽو، بدين ۽ ٿر تائين، اتر سنڌ جي هزارين استادن تعليم ڏني. جمھوريت جي دؤر ۾، ميرٽ ڳولھئي به نه ٿي لڀي. اسان چار ڄڻا اتر سنڌ جا ٿي پياسين. چهچٽا وڌي ويا. اسد الله ۽ منظور علي، ٻئي شادي شده هئا، جنهنڪري کين گهر وڃڻ جي رعايت گهڻي ڏيندا هئاسين. باقي اسان جهڙا ڇڙاڇاند ۽ واندا؛ جھڙا گاڏ ۾، تهڙا گهر ۾.
    آهستي آهستي الاهي بخش ڳالهائڻ شروع ڪيو هو. چرچن ۽ ذومعنيٰ گفتن ڪڍڻ ۾ ڏاڍو تيز هو. اسد الله سان گهڻي لڳندي هئس. منظور عليءَ جي نيچر اسان کان مختلف هئي. هو رئيس وارن جو پير-ڀائي يعني لنواري واري بزرگ جو مريد ھو.
    اسڪول جي ڀرسان رئيسن جو ۸-۱۰ ايڪڙن تي مشتمل انبن جو باغ هو. شام ڌاري، ان باغ جو سير ائين ڪندا هئاسين، ڄڻ اهو سڀ ڪجھ اسان جو هو. باغائي وغيره ڪجھ ڪو نه چوندا هئا. مان داغيل انبڙيون، مٺيون هجڻ ڪري کائيندو هئس. باقي کٽيون انبڙيون نه کائي سگهندو هوس، جو ڏند کٽا ٿي پوندا هئا. آهستي آهستي، پڪيون انبڙيون، جن کي ٽپڪي جا انب چوندا آھن، سي اسد الله، پٿر هڻي ڪيرائيندو هو. ڪمند، ڪڻڪ، مرچ ۽ ٻيو سڀ فصل ٿيندو ھو. صرف ساريون نه ٿينديون هيون. زمينون ڀليون هيون. حيدرآباد کان ميرپورخاص روڊ جي ٻنهي پاسن کان گھاٽن وڻن جون قطارون، ڪيلن ۽ انبن جا باغ ھوندا ھيا. تن ڏينھن ۾ روڊ جي نوع واري حساب سان ميرپورخاص کان ڊگھڙي، ٽندو جان محمّد ۽ جُهڏي تائين، پنجن ڪلاڪن جو سفر هو. ٻئي طرف حيدرآباد-ٽنڊو جان محمّد- ماتلي ۽ ٽنڊو غلام علي وارو روڊ ڊگھڙيءَ ايندو هو. اهو خراب روڊ هو. ٽائيم به اوترو لڳي ويندو هو. مون کي سفر ڪندي لطف ايندو هو، اصل ٿڪبو ئي نه هئس. ڄڻ سنڌ منهنجي جنت آهي ۽ مان ان جو روح. ڇا ته ڏينهن هئا. نه غم نه فڪر، نه عاشقي نه معشوقي. صرف ٽھڪ ئي ٽهڪ، سڪون ئي سڪون. جواني ته نه هئي، ڄڻ هڪ بهار هئي جنهن تي خزان اچڻي ئي نه هئي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته اک ڇنب ۾ وَهي وهي وئي ۽ پاڻ کوکلا ٿي ويا آهيون. گوريون ۽ ٽڪيون، کيسن ۾ آهن. صبح، شام ۽ رات کاوان ٿو تڏهن ته هي جملا لکڻ جهڙو ٿيان ٿو. شڪر آ! مالڪ ٻاجھ ڪندو! آخرت به موچاري ڪندو.
    هڪ رات ڪچهريءَ دوران ڳالهين ڳالهين ۾ رئيس چيو ته؛ ”برساتون اچن ته ٿر هلنداسون. هرڻ جو شڪار وغيره ڪبو.“ ٿر بابت هِتان هُتان معلومات وٺڻ شروع ڪيم. مون کي ٿر لاءِ اتساھ وڌندو رهيو. مون لاءِ ٿر، پاڪ پوتر، پراسرار ۽ اهڙو سادو سودو لڳو جهڙو منهنجو مَن، جھڙيون منھنجيون سوچون ۽ جھڙو منھنجو ڪنوارو روح! زندگي صاف سٿري گذري رهي هئي. گناھ ۽ ثواب جي، ظالم ۽ مظلوم جي، حق ۽ ناحق جي ڪا خبر ڪو نه هئي. اياز جي شعر وانگر؛ جھڙ نيڻئون نه لھي. جمعي ٻڌايو ته رئيس سمن سرڪار جي ميلي تي هلڻ جي تيارين لاءِ چيو آهي. رات رئيس مون کي به هلڻ لاءِ چيو. ميلي جي شروع ٿيڻ کان اڳ، اتي هاري ۽ سامان ڏياري موڪليائين. صبح جو جيپ تي سمن سرڪار لاءِ نڪتاسين. جهڏي کان پنگريو جي سڙڪ هئي. پنگريو کان روڊ ٽنڊو باگي ڏي نڪتو. رستي تي چانھ پيتي. ان وقت رواج هو ته چانھ جي ڪوپ ۾ ٿوري چانھ مٿان وجهبي هئي جيڪا چانھ جي مٿان تري بيھندي ھئي ۽ نگاھ وجھڻ سان نظر ايندي هئي. چانھ جو ذائقو، سٺو هو. سمن سرڪار جي ايوان ۾ پهتاسين ته جهنگ ۾ رنگ نظر آيو. اڇو قبو، بازارون، رهائشي ڇنا يا پکڙا يا مَنَھَ يا لانڍ. مزو اچي ويو. هر وڏيري ۽ رئيس جو پنهنجو ڇنو هو. جيئن اسان وٽ چِخان ٺاهبيون آهن. اهڙين چخن ۾، جيڪي ڪانن جون ٻَڌل نه پر فولڊنگ آهن. ڪمرا، ويرانڊا ۽ پناھ لاءِ چخان ڏنل. ٻاهران بورچيخانو؛ جنھن ۾ ملازم، سامان ۽ بورچي. مان زندگيءَ ۾ ڪڏهن اهڙو چهچٽو ڪو نه ڏٺو هو. بابا مرحوم جي چوڻ تي رئيس کي زريءَ جو ٽوپ ڏنو هو. رئيس کان ماڻهو پڇي رهيا هئا ته هيءَ ڪٿان جي سوکڙي آهي. هو هُنن کي جواب پيو ڏئي ته اتر سنڌ جو آ. منجهند جي ماني کاڌي. شام کان رات جي تياري شروع ٿي. رئيس جا مهمان اچي پهتا. جمعي، مون کي ڪنڊائتو وٺي چيو ته؛ ”رات وڏو راڳ رنگ آهي. دارون به هلندو. اگر شوق اٿئي ته رئيس سان ويھجانءِ نه ته پاڻ بچائجانءِ. پوءِ جي ميار نه ڏجانءِ ته اڳ ۾ ڇو نه ٻڌايئي.“ مان سڀڪجھ سمجهي، مرڪي پيس ته اڄ پنهنجو امتحان آهي. مولا بچائيندو.
    سال ۱۹۷۰ع ۾ سيوهڻ جو ميلو گهميو ھيو. سيوهڻ جي هر گهٽيءَ ۾ لوٽي وارين جا اردو غزل ۽ گانا، ڊانسون ۽ جهمريون، ناٽ ۽ ادائون وغيره ماضيءَ جا تروار اکين ۾ اوتجي آيا. سيوهڻ جي اوطاقن، ڪافين ۽ ڪوٺين مان گهنگهرن جا آواز ته ٻڌا هئا، پر هنن جون مخصوص محفلون ڪو نه ڏٺيون هيون. هتي جي هر شيءِ کليل هئي، سواءِ سنجوڳ جي.
    ڪارو ڪوجهو، پوڙهو، گنجو، جوان ۽ ڪراڙو؛ ھر هڪ کي دل هٿن ۾ هئي. هر پاسي، موسيقي، ڇمڪا، ٺمڪا ۽ شاعري. مان حيران، پريشان هل هلان، روشنيون ۽ اندر جون چلولايون، ماٺيون ئي ڪو نه پيون ٿين. گهمڻ ۽ هلڻ مان نه ٿڪجان پيو ۽ نه ڍَاپجان پيو. روضي کان ٿورو پرڀرو رستي تي کليل شراب جون بوتلون، وڏيرن ۽ رئيسن جي آڏو نوٽن جا بنڊل. گوشت پوست جون ٺهيل پَريون ائين ناچ ڪري رهيون هيون، ڄڻ هنن جي جسم ۾ هڏ ھيو ئي ڪو نه. گهنگهرو، باجو، ڌُڪڙ، ناچ ۽ آواز؛ ڪائنات جو سُر بڻجي چُڪا هُئا. اهڙي نشيلي ماحول ۾ مون ڏٺو ته ھڪڙو ھمراھ نشي ۾ ڌُتُ، دَفلي کڻي ڳائڻ ۽ نچڻ لڳو: ”نه ڪوئي بنده رها، نه ڪوئي بنده نواز.“ خبر پئي ته هو رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي، ماتليءَ وارو آهي. ڪنهن رئيس، نچندڙ نانگڻ کي سڏي، نوٽ ڏيندي، هُن کي چيو ته؛ ”نوٽ ھن جي ڳل تي رکان ٿو، نوٽ کڻڻ سان گڏ، هِن جي مُڇ جو وار به پَٽ ته ٻه نوٽ ٻيا به ڏيانءِ.“ ٻئي رئيس جي هاءِ گهوڙا ته؛ ”اڙي نشا نه ٽوڙ، مَزو نه وڃاءِ، منهنجي مُڇ نه پَٽاءِ.“ ائين ٽهڪڙا ۽ ھوڪريا ھيا. ان رات ڳڻڻ کان مٿي ڳائڻيون هيون، هزارين، لکين روپيا هڪ رات ۾ لٽيا هوندائون. اشارن ۾، اکين سان نظارن کي ڏسندي، روح کي سيراب ڪندي، جسم کي بچائيندي، ٻئي طرف هليو ويس. ڏٺم ته سُرندي وارا سرندو پيا وڄائين، چنگ وارا چنگ پيا وڄائين. مطلب ته سڀ لاڙ جا سازندا اچي هڪ هنڌ گڏ ٿيا هئا. ڪٿي دودي چنيسر جا قصا ته ڪٿي عمر مارئيءَ جو داستان. هر هنڌ ماڻهن جا ھجوم، ڊنب ۽ انبوھ. رات جو ۱۲ بجي ڌاري بک جو احساس ٿيو. جمعي وٽ اچي ماني کاڌم. جمعي چيو ته؛ رئيس اوهان جو پڇيو. مون کيس چيو ته؛ مزار تي دُعا گهرڻ ويو آهي. اندر ڇٽيءَ ۾ راڳ هلي رهيو هو. ٿڪجي پيو هيس. ڏاڍي خوبصورت پنجاپڻ، درديلي آواز ۽ ادائن سان ڳائي رهي هئي ”حسن ڪي بازار ۾.“ وڌيڪ پڙهو آغا شورش ڪاشميريءَ جو ڪتاب، جيڪو ايوب خان دور ۾ لکيو ويو ھو ۽ بندش هيٺ آيو ھو. ان مان اوهان کي خبر پوندي ته لاهوري نچڻيون سنڌ جي ميلن مان ايترو ڪمائينديون ھيون جن مان سال جو سال ان ڪمائيءَ مان گذارو ڪنديون هيون. ”توني جو زخم لگايا وه سي ليا.“ وٺجي ويس. توڙي جو خبر به نه هئي ته زخم، ڇا ٿيندو آهي ۽ ان جو سبجڻ ڇا ٿيندو آهي. اي دولت! هن ڌرتيءَ جي نظام کي تو درهم برهم ڪيو آهي. معصوميت کي ماري، وحشانيت کي هٿي ڏني آهي. تنهن هوندي به ڪير شريف ۽ انسان رهندو؟ اڄ نه ته صبحاڻي، ماءُ جي پيٽان کڻي ايندڙ روحانيت ۽ انسانيت، تو آڏو هارائي ويندي. ان وقت منهنجو وجود گناهن جي نديءَ ڪناري، ٻڏڻ لاءِ آتو ھوندو، پر ڪا دعا ڪا سوجھ ٻوجھ بچائيندي پئي اچي. پر ڪيستائين؟ ائين رهي گهڻا بچيا آهن؟ اڪثريت جو ڪهڙو حال آهي؟
    باقي رات جو ٿوري ننڊ ڪري، صبح جو تڙ ڪري، ڪپڙا بدلائي، رئيس سان گڏجي نيرن ڪئي ۽ چانھ پيتي. رئيس سان ميلي گهمڻ ۽ راڳ رنگ جا حال احوال ٿيا. اهڙيءَ طرح ڏينهن ۽ ٻي رات به گذري وئي.
    ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ، جانورن جي منڊيءَ طور، ميلو متل رهيو. ان کان پوءِ عورتن جي خريداريءَ وارو ميلو شروع ٿيو. هي واحد ميلو هو جيڪو سنڌ ۾ هفتو کن هلندو هو.
    گاڏ جا پڪل پيرون، کائڻ شروع ڪيا. زبان ۽ وات ٻهارجي پوندو هو. ٻاجھر جي ماني، جيڪا کائڻ ۾ ٿوري مٺي ٿئي ٿي، سا کائي ڏٺي، پر مزو ڪو نه آيو. شهر ۾ ڪئين مور ۽ ڊيلون هونديون هيون. مور اڏامندا رهندا هئا، جن جي آواز تي مون کان سيسراٽ ۽ ڇرڪَ نڪري ويندا هئا. مور جي ڪوڪ جو آواز ڏاڍو خوفناڪ آهي. سنگت موڪل تي هوندي هئي ته اڪيلو جهنگ ۾ هليو ويندو هيس. چوڌاري ديويون، وچ ۾ ميدان هوندو هو. مور اتي لهي، ناچ ڪندا هئا. ڇا ته قدرت جي نظارن ۾ ڪشش آهي! جڏهن مور نچندو هو ته ڪائنات جا سڀ رنگ، منهنجي اکين ۾ جهرمر ڪندا هئا. منهنجو وجود، ڪنهن اجنبي ڪيفيت ۾ وڪوڙجي ويندو هو. سج لهڻ مهل، واپس اوطاق تي موٽي ايندو هيس.
    هڪ ڏينهن اسان جي اسڪول جي شاگرد ولي محمّد ملاح چيو ته؛ ”سائين، ڳوٺاڻا ٿا پڇن؛ توهان جو ماستر چريو آهي ڇا؟ جهنگ ۾ اڪيلو ڇا ڪندو آهي؟“
    مون هن کي ٻڌايو ته؛ ”مور نچندا آهن، اهي جهنگ ۾ ڏسندو آهيان.“ مون سمجهي ورتو ته اسان تي سڀني جون نظرون آهن.
    منهنجي لاءِ اهي يادگار گهڙيون هونديون هيون جڏهن آسمان تي ڪارا ڪڪر گجگوڙ ڪندي ڇانئجي ويندا هئا. اٺي جي ٿڌي هوا ۽ مورن جا ٽھوڪا، جسم مان سيسڙاٽ ۽ ڇرڪ ڪڍرائي ڇڏيندا ھيا. لهندڙ ٻڏندڙ سج مهل، ڪڪرن جي اوندھ ۾، مھڪندڙ فضا اندر مور اڏامندا هئا ۽ رڙي ڪڪرن کي وسڻ جا وس ڪندا هئا. اوچتو وسڪارو شروع ٿيندو هو ته آ تڪڙو تڪڙو ڀڄندو، اوطاق تي پڄندو ھيس.
    ٻار، مورن جا ڇڻيل کنڀ کڻي، مون کي ڏيندا هئا. مان کين ڪجھ خرچي ڏيندو هوس. کنڀ ڳوٺ کڻي ايندو ھيس، جتي مائٽن ۽ دوستن کي ورهائي ڏيندو هوس. مورن جا ننڍڙا رنگين کنڀ، اسان وٽ قرآن شريف ۾ نشانيءَ طور رکڻ جو رواج آهي.
    هفتي جي آخر ۾، موڪل جي ڏينهن، چار ئي ڄڻا، ڪپڙا ڌورائڻ ۽ استري ڪرائڻ لاءِ جهڏي ايندا هئاسين. اسان رسم وڌي ته بازار جي شربت جي مشهور هوٽل تي ويهندا هئاسين. گاڏ جو جيڪو همراھ اتان لنگهندو هو، ان کي شربت پياريندا هئاسين. پنج پنج روپيا ڪڍندا هئاسين. اعتبار ڪريو اسان جا ۲۰ روپيا ڪو نه کٽندا هئا. شربت صندل ۽ گلاب وغيره ڏاڍا مزيدار هوندا هئا. سائين نجي الله صاحب چوندو آهي؛ ”شربت مٺو ۽ ٿڌو هجڻ گهرجي. خوشبودار شربت، دل ۽ دماغ کي تراوت ڏيندو آهي. ڪجھ وقت لاءِ گرمي ختم ٿيندي آھي ۽ جسم ٺري پوندو آهي.“ جهڏي جو شهر، نئين ديري کان وڏو ھو بلڪ رتيديري جيترو وڏو ھو ۽ تجارت جو مرڪز ھو.
    گاڏ جي ڳوٺ ۾ تقريباً اڌ آبادي پورهيتن، شيدين، مينگهواڙن ۽ ڪولهين تي مشتمل هئي. ڪا چوري چڪاري ۽ جهيڙو جهڳڙو، ڪڏهن به ٻڌڻ ۾ نه آيو. هڪ اترادي ماستر احمد نالي، پنھنجو ڏاڍو نالو ڪڍرايو. مون سان ڪڏهن به نه مليو. لاڙيچن ٻڌايو ته؛ ”چور کي ڪو به پناھ ڪو نه ڏيندو آهي. نه ڪو ماني ڏئيس، نه پاڻي ڏئيس. هلي هلي ساڻو ٿي پوندو آهي ۽ آخر پيري ۽ ڀاڳيا هن کي پڪڙي وٺندا آهن.“
    ٺٽي کان وٺي ٿر تائين، ڪٿي به جهيڙو جهڳڙو يا چوري چڪاري ڪو نه هئي. ڪراچي ۽ بدين واري سامونڊي ڪناري جون هوائون، سڄي لاڙ ۾ پهچنديون هيون، جنهنڪري اونهاري ۾ راتيون ٿڌيون ۽ وڻندڙ هونديون هيون. مان رات جي پهرئين پهر ۾ چادر، پوءِ رلهي وجھندو ھيس. جڏھن ته اَسر ڌاري، اڱڻ مان اٿي، ويرانڊي ۾ وڃي سمھي پوندو هيس. اونھاري دوارن ڪجھ ڏيھاڙا، ڏينهن جو گرم هوائون هلنديون هيون ۽ سهڻ جيتري گرمي هوندي هئي. لاڙڪاڻي بدلي ٿي اچڻ کان پوءِ، ٻه چار ڀيرا گاڏ ڏانهن ويس. ھلي ھلي نيٺ رابطو ڪٽجي ويو. الله ﷻ سڀني کي خوش رکي.
    گذريل ٻن سالن کان، اوڏانهن وڃڻ لاءِ تڙپان پيو. سمنڊ جي اٿل، ليفٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين ۽ برساتن ڏاڍي تباهي مچائي آهي، جنهنڪري بي روزگاري وڌي وئي آهي. سڀڪجھ وڃي اکين سان ڏسڻ ٿو چاهيان پر جڏهن ڏور جي ڇڪ ٿئي ۽ الله ﷻ مهرباني ڪري.
    ۲۰۰۹ع ۾، جهڏي ۽ نئون ڪوٽ کان لانگهائو ٿيو هيس. مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ ڪارونجھر ويو هيس. اتي لهي گاڏ به ويو هيس. اجنبيت نظر آئي هئي. رئيسن مان ڪو به ڪو نه هو. مايوس ٿي موٽيو هيس. هاڻ وري ويندس، حياتي رهي ته. رئيس پوڙهي خان جي ناناڻن مان ھڪ ٻه نوجوان، ٽنڊو جان محمد اسڪول ۽ ڪاليج ۾ پڙهندا هئا. انهن سان موڪل واري ڏينهن ڪچهريون ٿينديون هيون، تن سان ضرور ملڻ جي ڪندس.
    * * *
    تن ڏينھن ۾، سوير ساجھر ڄامشورو ريلوي اسٽيشن تي، ريل تان لهبو هو. اتان ڪنھن سواريءَ ۾ ويھي حيدرآباد جي گھنٽا گھر واري مارڪيٽ پھچي ڪنهن سئلون تي وهنجي سهنجي، ڪپڙا بدلائي، سٺو ناشتو ڪبو هو. سٺي ناشتي جو مطلب آهي ته مغز ۽ جيرا وغيره. چانھ پي موسم آھر فروٽ خريد ڪري، حيدرآباد جي شاهي بازار جي کلڻ جو انتظار ڪري، دڪانن جو نظارو ڪبو هو. ايڏو سامان، ماڻهن ۽ ماين جي پيھ ڏسي، مزو پيو ايندو هو. سڄي شاھي بازار هلندي، وڃي ريشم گليءَ وٽان ڪوھ نور سئنيما واري گھٽيءَ مان مڙبو ھو، جيڪا اوريئينٽ ھوٽل تي پھچندي ھئي، جتان پڪي قلعي يا اسٽيشن تي فوجداري روڊ تان لنگھي پھچبو ھو. اگر شاھي بازار مان، ريشم گليءَ ڏانھن نه مڙبو ھو ته پوءِ، نڪ سامھون سڌو وڃي پڪي قلعي وٽ پھچبو ھو. جتان وري ساڳيو فوجداري روڊ وٺي اسٽيشن تي پھچبو ھو. آوارگيءَ جو شوق نه هوندو هو ته تلڪ چاڙهيءَ کان اولڊ ڪئمپس يا اسٽيشن واري پل وٽ اچي لهبو هو. ائين عليؓ سائين جا قدم ۽ ٻيا ڪلهوڙن جا مقبرا گهمي، ٽائيم پيو پاس ڪبو هو.
    ڳوٺ موٽبو هو ته گول بلڊنگ وٽان ڪوٽـڙيءَ لاءِ بس ملندي هئي. ان وقت قاضين جو ”اورينٽ هوٽل“ شهر جو بهترين هوٽل هو. اتي ماني ته ڪڏهن ڪو نه کاڌي، باقي چانھ وغيره پي وٺندا هئاسين. سروس ڪندڙ بئرا، مخصوص ڊريس ۽ ٽاءِ ۾ هوندا هئا. هوٽل تان نڪري، هڪ ٻئي کي چوندا هئاسين؛ ”اڙي هتي ته پڙهيل لکيل ۽ مهذب ماڻهو به بئراگيري ٿا ڪن پيا. ائين چلولائيون ڪندا، ٽهڪ ڏيندا، ماڻهن کي پيا پاڻ ڏي متوجھ ڪندا هئاسين. دوستن سان گڏجي گهمڻ ۽ آوارگي ڪرڻ ۽ ٽهڪن ڏيڻ ۾ جيڪو سرور ۽ نشو آ سو بند بوتل واري رنگين پاڻيءَ ۾ ڪٿي آ!
    اڪيلو هوندو ھيس ته اولڊ ڪئمپس جي مٿان، چاڙهيءَ تي، آفيسن جي ڀرسان علي بابا ريسٽورنٽ هوندو هو، اتي وڃي ويهندو هوس. ان جي چانھ جي ڇا ڳالھ ڪجي! وڏو مزو هوندو هو، ان دودھ پتي چانھ جو. منجھس باداميون ۽ پستا وغيره پيل ھوندا ھيا. پهريون دفعو جڏھن اتي چانھ پيتي ته دانهن نڪري وئي. بئري کي چيم ته؛ ”يار! هي ڇا وڌو اٿئي؟“ هُن چيو؛ ”ادا! ڊراءِ فروٽ آهي. کائي ۽ پي ڏسو. مزو اچي ويندو.“ واقعي ڏاڍو لطف ڏنو چانھ. پوءِ ته هر دفعي اتي ضرور ايندو هيس. اندازو اٿم ته بئرو پڪ ئي پڪ دل ۾ چوندو هوندو؛ ”ڪهڙا ڪهڙا ٻهراڙيءَ جا ڄٽ هتي چانھ پيئڻ ٿا اچن. بس پئسو آهي جو هنن کي صاحب صاحب چوڻو ٿو پوي!“ اهي خيال، اڄ به منهنجي ميراث آهن. سوچيندي سوچيندي، پنهنجي سادگيءَ تي مُرڪي پوندو آهيان. اتي ئي ڀرسان وينس سئنيما هوندي هئي. اتي فلم به ڏسي وٺبي هئي. جي ريل جو ٽائيم ٿي ويندو هو ته، فلم اڌ ۾ ڇڏي، رڪشا ڪري ڪوٽڙي اسٽيشن تي وڃي پھچبو ھو. پئسا بچائڻا هوندا هئا ته گول بلڊنگ وٽان، ڪوٽڙيءَ جي بس نڪرندي هئي، ان تي سوار ٿبو هو. پڪي قلعي ۾ سنڌ ميوزم، راڻي باغ وغيره گهمندي ٿڪبو ڪو نه هيس. ماني ٿوري ۽ فروٽ گھڻو کائيندو هيس. فروٽ، سستو هوندو هو. ههڙو، ڪو نه هو. ڄامشوري جون ڪڙهايون، روسٽ ۽ فراءِ ٿيل دال جو ذائقو اڄ به ياد آهي.
    جڏهن نئون ديرائي ٽولو ٺاهي، ٿڌين هوائن ۾، وارن کي هٿن جي آڱرين سان ٺاهيندي، حيدرآباد جي روڊن تي گهمندا هئاسين ته ائين لڳندو هو ڄڻ هن شهر جا اسان ئي مالڪ آهيون. غلام عمر کهڙو، راحب علي قاضي، قاضي قمرالدين، محمّد شريف ۽ ٻيا ڪافي، هڪ ٻئي کي خط لکي اچي حيدرآباد گڏ ٿيندا هئاسين يا نئين ديري مان گڏجي ٽرين تي حيدرآباد ايندا هئاسين.
    غلام عمر کهڙو، پنهنجو يار آهي. هڪ ٻئي جو خيال ڪندا هئاسين. اڄ به اهڙيون ڳالهيون ڪري، ماضيءَ مان مزو وٺندا آهيون. غلام عمر جا اڄ به ساڳيا افعال آهن. ڏاڍو گاريل ٿي پيو آهي. موڊ ۾ اچي چوندو آهي؛ ”منگي! تو کي ڏسي لاڙيچا چوندا هوندا ته اترادي ڪيڏا نه بکيا آهن. روزانو پنجن روپين ڪمائڻ جي لالچ ۾، ماءُ پنھنجي ھنج مان ڪڍي، ماستري ڪرڻ لاءِ موڪليو اٿس“. مان کلي چوندو آهيان ته؛ ”ڇا ياد ڪندا هوندا اترادين کي ته ڪهڙا سهڻا شهزادا هئا. قد ٺهندڙ هوندو هو، پيٽ يا ٿولھ وغيره نه هوندي هئي. مال جو ڪم ڪار ڪندو هئس، جنهنڪري جسم سنهڙو ۽ طاقتور هوندو هو. ڊڪڻ ۽ راند روند ڪرڻ ۽ سائيڪل هلائڻ، پاڻيءَ ۾ ترڻ، کير پيئڻ ۽ بسريون کائڻ هميشه مون کي سمارٽ رکيو. مَرد تڏهن خوار ٿيندو آهي، جڏهن پيٽ وارين ماين وانگر پيٽ لهڻ ۽ ٿولھ وڌڻ سبب بي ڊولو ٿي پوندو آهي. مان ڏيھاڙي پي ٽيءَ واري بوٽ سان ورزش ڪندو ھيس.
    مون لاڙ جي نوڪريءَ مان ڏاڍو پرايو؛ اٿڻ ويهڻ، سنگت ساٿ، کائڻ پيئڻ، لٽو ڪپڙو وٺڻ، سبائڻ ۽ پائڻ. وڏي ڳالھ ته پنهنجي خواهشن تي ڪنٽرول رکيو. پئسا هوندا هئا ته شهنشاھ ٿي خرچ ڪبو هو، نه ته فضول خرچي نه ڪبي هئي ۽ نه ئي وري قرض کڻبو هو. والدين کي ڪَڪِ نه ڪبو هو. اجايا مطالبا نه ڪبا هئا. هر حال ۾ راضي هوندا هئاسين. پاڻ رُلي پني ڌڪا ٿاٻا کائي، نواب نه پر بادشاھ بڻيا آهيون.
    هڪ دفعي ڊگھڙيءَ ۾ ماني کاڌي. اسدالله ساڻ هجي. هوٽل واري کي پئسا ڏنا. هن جيڪي پئسا واپس ڪيا ان ۾ پائلي لسي هجي. واپس ڪيم. ڪائونٽر تي ويٺل ڏسي چيو ته اتر جا آهيو. مان ڪجھ نه سمجهندي کيس ها ڪيم. هن پائلي بدلائي ڏني. پڇيومانس ته اوهان ڪيئن سمجهيو! هُن چيو ته هتان جا ماڻهو ايئن پئسا اڇلائي نه ڏيندا آهن. مان وائڙو ٿي ويس؛ ”مار! اڄ ته اتر سنڌ کي لڄايو آهي. وري زندگي ڀر اهڙي حرڪت نه ڪبي.“ سکيا جو عمل، سڄي زندگي جاري رهيو. مون کي استادن پڙهايو، معاشري جي ذميوارين کي نڀائڻ لاءِ، دوستن ۽ وڏڙن جي نصيحتن ۽ انهن جي عزت جي خوف ائين هلاايو، جيئن گهوڙي کي لغام ڏئي هلائجي. ڏاندن ۽ وهڙن کي نٿ هڻي رسي سان ٻڌبو آهي. ائين سنڌ جي مٿانهن قدرن ڏانهن، جوابده رهياسين. اهو وقت ۽ ماحول ئي اهڙو ھو. هڪ خراب ٿيندو هو ته سنگت ان کي روڪيندي هئي.
    لطيف سرڪار چواڻي:
    بندي ٻيا قرار، اسين لوچون لوھ ۾،
    مٿان تن تـرار، سدا سانڀيئڙن جي.
    شاھ ؒ
    يادن جا وھڪرا آھن. ويرون ٿي مٿان ورن ٿا ۽ لکڻ تي مجبور ڪن ٿا. ڳالھ مان ڳالھ نڪري ٿي. ڳالھ ڳالھ تان چُرندي، ھڪ عاشق جو قصو دل تي تري اچي ٿو.
    لاڙ اندر نوڪري ڪندي خبر پئي ته؛ هڪ ماستر، ٻار پڙهائيندي هڪ شاگردياڻيءَ تي عاشق ٿي پيو. ٻارن جي واتان ڳالھ، ڳوٺ وارن ۽ ڇوڪريءَ جي مائٽن تائين پهتي. ماستر اسڪول ڇڏي هليو ويو. ڪجھ وقت کان پوءِ هو چريو ٿي پيو. تعليم جي آفيسرن کي خبر پئي. هو هُن کي هلائيندا هئا، اسڪول ڪو نه ويندو هو. پگهار جاري ھيس. ٻن ٽن مهينن جي انتظار ۽ ڳولا، نياپن ۽ چٺين کان پوءِ ساڻس ٽنڊي باگي ۾ ملڻ ٿيو. هوٽل تي منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. کيس ڏٺم، واقعي نه جيئرن ۾، نه ئي مُئن ۾ ھو. ڪپڙا ميرا، حال اجڙيل. چڱي ڪچهري ڪئيسين. اصل ٽاپڪ يعني ڇوڪريءَ واري عشق تي، جتان ٿڙيو ھو، ڳالھ ٻولھ ڇيڙي نه سگهيس. پئسن ڀرڻ جي ڪيم. چيائين ته؛ ”نه! اوهان منهنجا مهمان آهيو.“
    سڄي زندگي، اهو ماستر منهنجي وجود ۾ پيهجي ويو. جنس ۽ عشق جي پوشيده اسرارن کان خوف ٿيڻ لڳو. پاڻيءَ ۾ گھڙڻ پڄاڻان انساني وجود پسڻ کان بچي! يا هوا گھلڻ سان وڻ جي ٽاري يا پن، لڏڻ کان رهجي وڃي. اهو سڀڪجھ ناممڪن آهي. منھنجو وجود به اتي ٻُڏو، جتي تري سگهيس پئي. بيوسي ۽ لاچارگي به ڪا شيءِ آهي. مون جهڙن ماڻهن لاءِ ئي مرشد لطيف ؒ چيو آهي؛ عامن سندو عام، خاصن منجهان ڪين ٿيو.
    زندگي رهي ته جرئت ۽ همٿ کان ڪم وٺي عشق ۽ حسن بابت وڌيڪ قصا ۽ مشاهدا لکندس. پنهنجو پاڻ کي، اڻ ڏٺن آڏو اگهاڙو ڪرڻ، ڏاڍو ڏکيو عمل آهي. سڄي عمر ذهني ۽ جسماني ڏکيائيون سَٺيون اٿم. ڪنهن سان دل جو حال نه ڪيو اٿم. نوجوانيءَ کان ڪراڙپ تائين، ٽانڊن تي ھليو آهيان. الله ﷻ جي ٻاجھ کان پوءِ، گهر وارن، دوستن ۽ واسطي وارن ڏاڍو سليقي سان مون کي سنڀاليو آهي. سندن ڀلاين کي ڏسي، پنهنجي وکريل وجود کي ميڙيندو ۽ جوڙيندو آيو آهيان. زندگي ۽ زمانو، ڪجھ نه آهي. سڀڪجھ ماڻهوءَ جو ماڻهپو ۽ ويساھ آهي. اهي جڏهن وجود وڃائي ٿا ويهن، تڏهن بي اختيار رڙيون ٿيون نڪرن؛ ”هي ته سڀ ڪجھ دوکو آهي. زندگي صرف صوفيءَ وارو رِڻ رُڃ نه آهي. دولت ۽ آسائش، گهڻو ڪجھ هوندي به سڀ ڪجھ نه آهي. پنهنجي وجود کي بچائڻ لاءِ ڪنهن آفاقي سهاري جي ضرورت آهي.“ لارين مون تي عاشق ٿي پئي. مون سان ملندي هئي ته گلاب جي گل وانگر مهڪي پوندي هئي. هڪ دفعي شڪايت ڪندي پڇيائين؛ ”مان پري آهيان ته ٻين ڇوڪرين سان کلين ڳالهائين ۽ چهڪين ٿو. مون سان ملندي گنڀير ٿي ٿو وڃين. ڇا ڳالھ آهي؟“ ڪوڙ ڳالهائيندي، کيس چيو ھيم؛ ”جن ڏي تنهنجو اشارو آهي، ڇا اهي تو جيتريون سهڻيون ۽ سمارٽ ۽ سچيون آهن؟“ ھن گد گد ٿيندي چيو ھو؛ ”ڳالهائڻ به سکي ويو آهين؟!“ موٽ ۾ چيو ھيومانس؛ ”تو جهڙو سکيا ڏيندڙ هوندو ته ڪا ڪوتاهي نه رهندي.“
    سڄي زندگي بي صبرو نه رهيو آهيان. خواهشن ۽ لذتن جو غلام نه بڻيو آهيان. ان عيوض ٽهڪ، جيڪي مزا، کاڌا، ڪپڙا ۽ ڪچهريون ماڻيون اٿم، انهن روحاني خوشين جي آڏو منهنجي زندگي ڀر جا اوسيئڙا، انتظار ۽ ڏک، ڪا معنى ڪو نه ٿا رکن. مان دوستن کي چوندو آهيان ۴۹ سيڪڙو خاميون ماڻهن ۾ هجڻ گهرجن، ڪوشش ڪئي اٿم ته ۵۱ سيڪڙو چڱايون مون وٽ رهن. شل الله ﷻ ٻاجھ ڪري. استغفرالله ربي.
    ڪافي عرصي کان پوءِ ”گلنار“ ڏي ويس. ڪلاڪ کن، نويڪلائيءَ جي ڪچھري ٿي. ڪچهري ڪندي ھن ٻي نازنين جو نالو کنيو، پر کنيائين اھڙي انداز سان جو ان بابت ٿورو تفصيل کانئس پڇڻو پئجي ويو. ڳالھين تي ڳالھيون چڙھنديون آيون ۽ آخر دل جي ڳالھ زبان تي اچي ويس. جيڪا ڳالھ ان بابت چوڻي ھيس ان لاءِ چئي ڏنائين؛ ”ان تو لاءِ چيو پئي ته ’مون سان ٻٽيھ دليون اٿس ۽ مون سان ته بلڪل ٺھيو پيو آھي.‘ سندس اھي لفظ ٻڌي منھنجو ته اندر ئي جلي ويو. چپ ڪري ويس. اندر سڙئي کان ڪڇيس ڪو نه پئي، تنھن ھوندي به ساڙوٽيءَ کان تو لاءِ پڇي ويٺس؛ ’اڙي ھو سامايو به نه هوندو جو مان مٿس پئي مران. مون کي ئي ڪڏھن نه ليکيائين. ان ھوندي به اگر تون پنهنجو ڪري وئينس ته هيءَ سينڌ آهي، جهڙو وڳو چوندينءَ اهڙو وٺي ڏينديسانءِ. ٻڌاءِ! تون ڪا مون کان وڌيڪ سهڻي آهين؟!‘“ اھو جملو چوندي ٿوري جذباتي به ٿي وئي ھئي. ٿورو ڳالھائڻ کان روڪي پڇي ويٺومانس؛ ”ان سوال تي ڇا چيو ھيائين؟!“ ڳالھ کي اڳتي وڌائيندي ٻڌايائين؛ ”ڪجھ وقت ته ان سوال تي ڍڪرن ۾ پئجي وئي، پر پوءِ پاڻ سنڀالي چوڻ لڳي؛ ’اَدي! پرائي دل، پرديس آهي. ڇا ٿو چئي سگهجي.‘“ ان سان به ڪنھن اتفاق سان ملڻ ٿيو ھو. اھو سمورو احوال، گلنار کي ڏنم ۽ کانئس نٽائي جان ڇڏائڻ جو احوال به ٻڌايومانس، جنھن تي گلنار، کِلي کلي کيري ٿي پئي. ان ڏينهن هن جي سچائي ۽ ايڏو اعتبار ڏسي، منهنجا سڀ ضبط ٽٽي پيا. کيس چيم؛ ”چري! ايترو اعتبار نه ڪندي ڪر.“ کيس سمجھائڻ واري انداز ۾ چيم؛ ”مان ڀونئرو ناھيان جو ھر گل جو واس وٺندو وتان ۽ اڏامي جيئندو وتان. مان انسان آھيان. گوشت پوست جو ٺھيل انسان. گھرجن ۽ معاشرتي بندشن ۾ وڪوڙيل انسان. انھن زنجيرن ۽ سنگھرن مان آزاد نه ٿو ٿي سگھان. معاشرتي ٻنڌڻ ۽ قدر، اگر ٽٽا ته هتي ڪو ڪنهن تي اعتبار نه ڪندو. سَڀُ رُلي وينداسون. رتيءَ جي رهاڻ سڀ ڪجھ نه آهي. ڪا ته ڳڻ ڳوت ڪبي، تڏھن جِي سگھبو.“ هن پولارن مان جواب ڏنو ھو؛ ”جيئن تنهنجي مرضي! مان ان ۾ به تو سان ٻڌل. اسان جو آسرو، اڳ ۾ ئي پليل آهي.“
    مارچ ۱۹۷۲ع ڌاري، اترادي استادن ھڪ ايسوسئيشن ان ارادي سان ٺاهي ته جيئن جدوجھد ڪري، سرڪار کان اھا ڳالھ مڃرائجي ۽ عمل ھيٺ آڻائجي، جنھن تحت سمورا استاد واپس پنهنجن پنھنجن ضلعن ۾ اماڻيا وڃن ۽ اتي کين نوڪرين ۾ رکيو وڃي. ان ايسوسيئيشن پاران ڪجھ اخباري بيان آيا. سيڪريٽري صاحب ڏانهن پڻ ڪجھ ليٽرس موڪليا ويا. ٿورن استادن جي لسٽ تيار ٿي جن کي پنهنجن پنهنجن ضلعن ڏانهن اماڻيو ويو. ان لسٽ ۾ منهنجو به نالو ھو.
    مئي جي آخر ۾ فيصلو ٿيو ته؛ سڀني ٽيچرس کي، پنهنجو پنهنجو ضلعو ڏنو وڃي. ان فيصلي تحت جيڪا لسٽ ٺهي، ان ۾ پهرين لسٽ وارا اڻڄاڻائيءَ ۾ رهجي ويا. سائين پناھ علي شاھ ڊائريڪٽر ۽ بقا محمّد قريشي صاحب ڊپٽي ڊائريڪٽر هو.
    پناھ علي شاھ صاحب سان وڃي مليس. کيس ٻڌايم ته؛ ”سائين پوئين ۽ حتمي لسٽ ۾ منھنجو نالو نه آهي. جڏھن ته پھرين لسٽ ۾ نالو ھيو.“ چھڙ ڏيندي چيائين؛ ”پوءِ مان ڇا ڪريان؟“ سندس ان داٻي سان، منھنجو منهن ئي لهي ويو. مايوسيءَ ۾ ٻاهر نڪري، پاڻ کي چيم ته؛ ”هت ڪو ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي، رڳو ظلم ۽ انڌير آهي. هزارين استاد واپس ٿا ٿين. اسين آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هتي رهايا ٿا وڃون. اسان به ڳوٺ ٿا وڃون، نه کپي نوڪري. چار پنج ڄڻا گڏ ٿياسين. جعفري خيرپور وارو، يونين جو صدر هو، تنھن چيو ته؛ ”اچو ته ڪراچيءَ هلون.“ جڏهن ته سندس نالو، پنھنجن ضلعن ڏانھن واپس ڪيل ٽيچرس واري لسٽ ۾ هو.
    چار ڄڻا، سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچيءَ وڃي، غلام رضا ڀُٽي، تڏھوڪي ڊپٽي سيڪريٽري تعليم سان ملياسون. هن کي ٻڌايم ته؛ ”سائين پناھ علي شاھ صاحب، ڏاڍا دڙڪا ڏنا آهن.“ کلي چيائين؛ ”بابا! سائين ته منهنجو به استاد آهي.“ عيساڻي صاحب سان ملياسون. ان چيو ته؛ ”توهان ڪراچيءَ کي ڳولي لڌو آ! باقي ٻاھر نوڪري نه ٿي پڄي. وڃو! واپس ٿيو. ھتي ڪاٿي رھندئو. صبحاڻي لطيف آباد، بورڊ آفيس ۾ ملجو.“ اتان واپس ٿياسين. ٻئي ڏينهن لطيف آباد بورڊ جي آفيس ۾ ساڻس وڃي ملياسين. بورڊ جي ميٽنگ ڇَڏي، سائين پاڻ هيٺ لهي آيو. پڇيائين؛ ”اڃا توهان جو ڪم نه ٿيو آهي؟!“ پنھنجي آفيس ۾ وري واپس موٽي ويو. فون ڪري موٽي آيو. اچي ٻڌايائين؛ ”بابا! سائين، بادشاھ آهي. چوي ٿو ته سڄو ضلعو خالي ٿيندو، اسڪول ڪير هلائيندو. پناھ علي شاھ صاحب کي مون راضي ڪيو آهي. وڃي کانئس آرڊر وٺو. هيرآباد ۾ زبيدھ ڪاليج جي ڏکڻ ۾ آفيس ھئي، اتي آياسين. سڄي آفيس ٿرٿلي ۾ هئي. شاھ صاحب گهر هليو ويو. بقا محمّد قريشي صاحب، وڏي ٽيبل تي آهلي پيو. پنجين بجي لسٽون ٽائيپ ٿيون. هڪ هڪ نالو چيڪ ٿيو. صحيح ڪري، اسان سمورن کي پنھنجن پنھنجن ضلعن ڏانهن اماڻيو ويو.
    ڏوڪري تعلقي اندر، مشورين جي ڳوٺ واري پرائمري اسڪول ۾ رکيو ويو. صبح جو نئون ديري کان ريلَ ۾ ويندو هيس. شام ڌاري ريل تي واپس ايندو هيس. منجهند جي ماني ڪڏهن کڻي ويندو هيس ته ڪڏهن بسڪيٽن تي گذارو ڪري، شام جو گهر اچي ماني کائبي هئي. ٻارھن مهينا کن اتي رهيس. سائين نجي الله عباسي، جيڪو ان وقت سپروائيزر هو، ساڻس واقفيت ٿي. جيڪا اگتي ھلي دوستيءَ ۾ تبديل ٿي وئي. رتيديري تعلقي جي ھڪ ڳوٺ ”عزت جي وانڍ“ جو پرائمري اسڪول مليو. ان بعد نئون ديرو، آخر مسوديرو. سال ۱۹۷۶ع ڌاري، پروموشن مليو. مون کان اڳ جي ايس ٽي (نائون اسڪيل) ۾ پروموشن، حاجي گل محمّد جوکيو، عبدالسميع ڀٽو، انور علي مڱريو وٺي چڪا هئا يعني اھي سيڪنڊري اسڪول ۾ پھتا ھيا.
    سال ۱۹۷۴ع ڌاري شادي ٿي. بابي امان، گڏيل راءِ سان، لاشارين جي ڳوٺ مان شادي ڪرائي. ٻن ڀينرن جو رشتو به اڳي ئي اتي جي مائٽن ۾ ٿيل ھو. بابي نئون ديري ۾ گهر ٺاهي ڏنو. ڀاءُ کي دوڪان وٺي ڏنو. انعام، ٽيون ڀاءُ، اڃا ننڍو هو. بابا کي به نئون ديري ۾ رهائڻ شروع ڪيو. چاچو، ڳوٺ ۾ ئي رهجي ويو.
    سال ۸۲-۱۹۸۱ع ڌاري، ھڻ وٺ پڄاڻان، ٿڪجي پيس. بابا کي چيم ته؛ ”سکر، ٻارهن مهينا پڙهبو، اڌ پگهار ملندي، جيڪا سکر ۾ خرچ ٿيندي. اڳتي هلي ڊگريءَ مان فائدو ملندو.“ بابو ۽ ڀاءُ، تيار ٿيا. مان بي ايڊ لاءِ اپلاءِ ڪيو. اسٽڊي ليوِ منظور ٿي ۽ آسانيءَ سان ڪاليج آف ايجوڪيشن ۾ داخلا ٿي وئي. سنڌ ۾ تعليم کاتي ۾ سکر ريجن جو واڌارو ٿيو هو. ڪاليج ۾ سيمسٽر سسٽم هو. اتر سنڌ ۾ ڪاليج آف ايجوڪيشن، ڪو-ايجوڪيشن جو سڀ کان وڏو ادارو هو، جتي نواب شاھ کان وٺي جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي جا اسٽوڊنٽس ۽ ٽيچرس، ٽريننگ وٺندا هئا.
    هاسٽل ۾ رهڻ لاءِ ڪمرو ورتو. ٻيا نئون ديري، لاڙڪاڻي ۽ مدئجي جا شاگرد يا ٽريني استاد، ايس آر ٽي سي جي ڊگھين ۽ وڏين بسن تي چڙھي ايندا هئا. مان پويان اٺ ڏھ سال، سنڌي ۽ اردو ادب پڙهيو هو، انگريزي ادب ۽ ڪتابن کي ٽائيم نه ڏنو هو. ان کوٽ جو احساس اتي ٿيو، جنھنڪري اتي محنت سان پڙهڻ شروع ڪيو.
    * * *
    لاڙ مان واپس اچڻ کان پوءِ، منظور علي جوڻيجو، اسان جي سنگت مان ڪاٽا ٿي ويو. ان جي جاءِ تي عبدالڪريم ڏيرو (ويٺل باڊھ شھر)، رئيس نور محمّد خان مغيري (ويٺل ڳوٺ قائم مغيري، نزد لالو رائنڪ، موجودھ ضلعو قنبر-شھدادڪوٽ)، مظهر علي تنيو، حاجن خان چنه (نئون ڳوٺ پٺاڻ، نزد اڳڙا شھر، ضلعو خيرپور ميرس)، حاجي اڪبر علي عباسي (لاڙڪاڻو) جي معرفت ٻانڀڻ ڳوٺ وارن؛ جلال خان ۽ سندس ٻين مائٽن سان ڏيٺ ويٺ ٿي.
    ٽولا ٺاهي، سڄيءَ سنڌ ۾، جاڏي وڻندو هو تاڏي، گهمندا ڦرندا ھياسين.
    رئيس نور محمّد خان مغيريءَ کي ٽويوٽا ڪرولا ڪار هوندي هئي. ان تي چڙھي اوچتو اسد الله ڪلهوڙي وٽ پهچندو هو. اتان الاهي بخش وٽ رات رهي، ان کي ساڻ کڻي نواب شاھ جي ڀرسان رندن جو ڳوٺ هوندو هو، اتان جو سيد، رئيس جو مرشد هوندو هو، ان وٽ پهچي دُعا به وٺبي هئي، ته ٿَڪ به لاهبو هو. وڏيون اوطاقون، کٽون، هنڌ ۽ ڪچهريون، رات جو هڪ ٻه ٿي ويندا هئا. ڪنهن جي سِڪ ئي نه لهندي هئي. کاڌا پيتا، چانهيون ۽ کير! ڇا ڳالھ ڪجي! سڀ کان وڏي ۽ قابل ذڪر ڳالھ ته تن ڏينھين امن امان ۽ بي فڪري، خلوص ۽ سچائي ھئي. ڪنهن ڪارَ-زباني جي نظر لڳي وئي، اسان جي معاشري کي. سادا ۽ سچا ماڻهو الائي ڪاڏي ھليا ويا. الاهي بخش ۽ اسد الله ته پاڻ کي زور ڏياريندا هئا ۽ مون تي ٽوڪ ڪندي چوندا هئا؛ ”هِن جا زور به اسان کي ڏيو. هيءَ ڇوڪري آهي، زور ڏياريندي ڀَؤ ٿو ٿئيس.“ اھي ڳالھيون ياد ڪري جيئان ٿو پيو. ور نه ھاڻي جيئڻ ۾ ڇا رکيو آھي؟! چاھت ئي گم ٿي وئي آ. سنڌي معاشرو بدلجي پيو ۽ مان، بغير پيئڻ جي، جيئان پيو.
    رئيس نور محمد خان مغيري، جهڳڙي ۾ مارجي ويو. بابا به ۱۹۸۸ع ۾ وفات ڪري ويو. ننڍو ڀاءُ انعام، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ملڻ سبب ڄام شوري هليو ويو، جنهنڪري بي فڪرو ٿي، گهر ڇڏڻ مسئلو ٿي پيو. گهر، دوڪان، ڊيوٽي ۽ بيماري بڙي، مٽن مائٽن سان اُٿڻ ويهڻ، اهڙو ڦاسي پيس جيئن ڪوڙڪيءَ ۾ ڪو ڦاسندو آهي. منهنجيون پنهنجيون مجبوريون، يارن جون پنهنجون هجتون ته وڏو ماڻهو ٿي ويو آهين، هاڻي لفٽ ڪو نه ٿو ڏين. هڪڙو برو ڀلو چوي ته ٻيو پاسو وٺي، وٽ وراڻ ڪندي، اهڙي هڻندو جو مان ڳالهائڻ جهڙو ئي نه رهان. آهستي آهستي، سمورا پير جهليندا ويا. امن امان بگڙندو رهيو. مان، اڪيلو ڏوهاري هجڻ ڪري، ڪنهن کي ميار به ڏئي ڪو نه پئي سگھيس.
    اسد الله ڪلهوڙي سان، لاڙڪاڻي شھر اندر اٿڻ ويهڻ رهيو. هو اصل لالو رائنڪ-وارھ روڊ جي ڀرسان ڳوٺ ڊِٻ ڪلهوڙا جو آهي. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايگريڪلچر تان رٽائر ٿيو. ماستري ڇڏي ڏني ھيائين، طبيعت جو ڀلو، سڀني کي سنڀالڻ ۽ نڀائڻ وارو. اهڙا ماڻهو تمام گهٽ ڏٺا آهن. الاهي بخش تونيه، حاجي اڪبر ۽ اسد الله جن دوستيءَ مان ترقي ڪري، پاڻ ۾ مٽ مائٽ ٿي ويا آهن.
    مظهر علي تنيو، دلبر انسان آهي. اسان جو خاص خيال ڪندو آهي. باقي اسد الله ڪلهوڙي ۽ الاهي بخش تنيي کي ويٺو جهير ڏيندو آهي. هو به اهڙي ڪندو اٿس جو ويٺا کلندا ۽ خوش ٿيندا آھيون. دل چوندي آهي؛ ھميشہ ساڻن گڏ هجان. تڪلف سان اٿڻ ويهڻ. گهرو ذميواريون ۽ اجاين پروٽوڪولن ۽ ضابطن ٿڪائي ساڻو ڪري ڇڏيو آهي. وري بچپن واري، ذميوارين کان آجي ۽ نيچرل زندگي گذارڻ ٿو چاهيان. جڏھن ته اهو به سمجهان ٿو؛ هاڻي ائين ٿيڻ ممڪن ڪو نه رهيو آهي. ڏڌو کير، ڇٽو تير، نڪتل ڏند، موٽي ماڳ نه ٿيا آھن. گذريل دور ۽ لمحا، موٽي راس نه آيا آھن.
    اسان جي سنگت ۾ علي گوهر چنو، علي حسن چنو ۽ ٻيا دوست، ضلعي خيرپور جي شھر اڳڙا ڀرسان نئون ڳوٺ پٺاڻ ۽ جادي جا ھيا. لاڙڪاڻو-خيرپور پل ٺھڻ کان اڳ، سفر ڪرڻ جو وڏو ڦيرو ھوندو ھو. ايندي ويندي چڱو خاصو وقت، خوشگوار نموني گذري ويندو ھو. پُل ٺھڻ کان پوءِ ته وقت ڄڻ لڳي ئي ڪو نه ٿو.
    غوث بخش تنيو، الاهي بخش جو وڏو ڀاءُ، ڪافي عرصو ٿيو فوت ٿي ويو آهي. سندن ٻيو ڀاءُ عبدالستار تونيو فقير-منش آھي. جڏھن ته سندن ٽيون ڀاءُ حضور بخش تونيو ڊاڪٽر صاحب ۽ سکر شھر ۾ سڪونت پذير آھي.
    مظهر عليءَ جو وڏو ڀاءُ، پاڪ آرميءَ ۾ ميجر ڊاڪٽر رھيو. اتان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ، سانگهڙ ۾ فوجي فائونڊيشن وارن جي اسپتال ۾ نوڪري ڪري ٿو. گهر ٻار سان اتي رھندو ھو. ھاڻي خبر پيئي آھي ته گمبٽ ۾ رھائش اختيار ڪئي اٿائين.
    مسٽر غلام اڪبر سومرو، نئون ڳوٺ پٺاڻ جو ھو. اھو به پهريائين استاد هو. ھو اسان جي لڏي جو نه ھو پر ڄاڻ ۽ علم وارو ھو. بعد ۾ ماستري ڇڏي، ميرٽ تي P.T.C.L ۾ آفيسر ٿي ويو. ھاڻي رٽائرمينٽ کان پوءِ، گمبٽ ۾ رهي ٿو. سڀ غريبن جا ٻار، محنتون ڪري آسائشن واري رٽائرڊ زندگي گذاري رهيا آهن. سڪون ۽ آرام ڪو نه آهي. اُڻ تڻ، بي آرامي، بدامني ۽ ٻچڙن جي روزگار جي مسئلن منجهائي وڌو آهي. دوا درمل ۽ تعليم ايترا مهانگا ٿي پيا آھن، جو سڀ ڪو پڄي ڪو نه ٿو سگهي. حلال مان گذر ڪرڻ، ڏاڍو تنگ ٿي پيو آهي. جڏھن ته حرام ڪمائڻ جا وسيلا ھٿ ڪرڻ سڀني جي وس جي ڳالھ نه آهي. اتي اڳي ئي واڳون واجھ وجھيو ويٺا آھن. ھونئن به چوندا آھن؛ حرام به تڏھن ملندو، جڏھن نصيب ۾ لکيل ھوندو. الله ﷻ سڀني کي پنهنجي دران گهران کارائي، حرام ۽ ظلم جي ڪمائيءَ کان بچائي. آمين.
    ظاهري طور مون وٽ عشق ۽ اِنتظار نه رهيو آھي، پر اندر ۾ جيڪي محبتن جا ٻج ڇَٽيا آهن اهي جهنگ بڻجي چڪا آهن. ان ٻيلي ۾ موجود يادن منجھان، منھنجو وجود ۽ مان، آسائتو ٿي مزا وٺي رھيا آھيون. ڪنهن سان نه گلا، نه شڪايت. ڪڏهن ڪڏهن مايوسي وڌي وڃي ٿي ته ڪٿي وڃي پناھ وٺندو آهيان. اڪيلائپ ۽ لاچارگيءَ، بيوسي ۽ بيچارگيءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي سنڀالڻ به هڪ گر آهي، جيڪو سڀني کي ڪو نه ٿو اچي. مون کي ته اصل ڪو نه ايندو آھي. اها حقيقت آهي، ڪنھن تي دانهن نه آهي.
    اڪيلائپ، بيوسيءَ، لاچارگيءَ مان مراد آهي خيالن ۽ سوچن ۾ دوستن وغيره جو متفق نه هئڻ. ڳالھ ٿا ڪريون ته؛ ”قوم، ٻولي ۽ اخلاقيات تباھ پئي ٿئي.“ موٽ ۾ چھڙ ڏئي ٿا چون ته؛ ”ائين ٿيندو آيو آهي. تون-اسان ڇا ٿا ڪري سگهون. وغيره وغيره.“ هن دور جو درمان ڪرڻ لاءِ ته ڪو تيار نه آهي، پر ان جو نوحو ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لاءِ به ڪنهن وٽ وقت نه رهيو آهي. ماڻهوءَ کي ھڪ ڏينھن مرڻو آهي. ان جو اھو مطلب ناھي ته اڄ ئي ڪفن وٺي، مرڻ گهرجي. اهو زندگيءَ جو ناڪاري پهلو آهي. هاڪاري پهلو اهو آهي ته؛ دنيا جي قومن، جيئن چئلينجن کي مُنهن ڏنو آهي، تيئن ئي ايندڙ نسل جي آسائشن لاءِ جاکوڙڻو پوندو، نه ته مٽجي وينداسون.
    *** 

    _______
    (1) جهڏو گودام؛ ميرپورخاص ضلعي جو قديم ۽ تاريخي شهر آهي، جيڪو پراڻِ درياءَ جي کاٻي ڪناري تي آباد آهي. هن وقت تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر آهي. شروع ۾ محمّد خان ٽالپر نالي ڳوٺ آباد ٿيو، جيڪو ۱۷-هين صدي عيسويءَ ڌاري، ڪلهوڙن جي دؤر حڪومت ۾ وجود ۾ آيو. شهر کان ڏکڻ-اولھ طرف، بدين باءِ پاس تي، جهڏو پير جي تربت آهي، جيڪو جهڏائي پير نالي به مشهور هو. مٿس چوڪنڊي پڻ اڏيل آهي. اتي ناٿي سامِيءَ جي سماڌي پڻ آهي. مختلف روايتن موجب جهڏو ذات جو ملاح، خدا ترس ۽ درويش انسان هو. پراڻِ درياءَ جي موجوده هنڌ تي، ٻيڙي هلائيندو هو.
    جُهڏو لفظ جي معنيٰ آهي غار، جيڪا ڇتِ وانگر هجي. پاڻيءَ جي کڏ، ڪنب، پراڻ، قديم، جهونو وغيره.
    لاڙ جي لعل سيد سمن شاھ سرڪار جي مزار، جهڏي شهر کان ۱۵ ڪلوميٽر اولھ طرف پنگريو روڊ تي آهي. ڪنهن زماني ۾ وڏو ڪاروباري مرڪز هو. گودام لفظ مان خبر ٿي پوي ته هتي ٻيڙين رستي مال لهندو ۽ چڙهندو هو. جتي سامان رکبو آهي ان کي گودام چوندا آهيون. گودام جا نشان اڄ به کنڊرن ۽ ٽوٽن ٽڪارن جي صورت ۾ موجود آهن.
    پراڻِ درياءَ تي ڪا به پل ڪو نه هئي. سمورو ڪاروبار ٻيڙين ذريعي ٿيندو هو. واپارين لاءِ گودام ئي سامان گڏ ڪرڻ ۽ ٻئي هنڌ موڪلڻ جو ذريعو هو.
    پنري بڊاماڻيءَ جا آثار به جهڏي جي ڀرسان آهن، جنهن کي مرشد لطيف ؒ به ڳايو آهي.
    هينئر گهرجين هير، بڊاماڻي پنرا،
    جيئن تو پڳ ٿي پير، ويرين واٽون لائيون!
    ياد رهي ته هندستان جي وزير خارجه سردار سورن سنگھ ۽ انڊيا جي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل اروڙا جو تعلق پڻ تعلقي جهڏي جي گجر سنگھ ديھ ۲۰۲ سان هو.
    (ماخوذ: نور حسين هوت، تاريخ شهر جهڏو گودام، روزاني سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد، اڱارو ۲۳ جولاءِ ۲۰۱۳ع.)


    3. سنڌ اندر تعليم (تباهيءَ ۽ تنزل جا ڪارڻ)

    مرشد لطيف چيو آهي؛
    معلـم ماڳ نه اڳـئيـن، ڦـلنگـي منـجھ ڦِــريـا،
    ملاح تنهنجي مڪڙيءَ ۾، اچي چور چڙهيا.
    هن شعر جي لفظن ۽ مفهوم تي پوءِ ٿا سوچيون. پهرين موضوع سان، گهڻو نه ته ٿورو ئي سهي، انصاف ٿيڻ گهرجي. تمام ڊگهي بحث وارو موضوع آهي. تنھن هوندي به ڪوشش ڪبي ته گهٽ ۾ گهٽ جملن ۾، مقصد واري ڳالھ نمايان ڪجي. مختصر طور تي ائين چئي سگھجي ٿو ته؛ تعليمي تباهيءَ جا ذميوار، ھيٺ ڄاڻايل عوامل ئي ٿي سگھن ٿا:
    ۱- حڪومت:- ڪير به ھجي؛ فوجي يا سياسي ماڻھو.
    ۲- حڪومتي مشينري:- تعليمي سيڪريٽري، ڊائريڪٽرَ، ڊسٽرڪٽ آفيسرَ، پرنسپال ۽ هيڊماستر صاحب وغيره.
    ۳- استاد صاحب:- ٻار/شاگرد جو، گهر کان پوءِ، استاد سان سڌو سنئون واسطو رهي ٿو.
    ۴- والدين:- ٻار جو ڄمڻ کان وٺي، ساڻن سڌو سنئون واسطو ٿئي ٿو.
    ۵- معاشرو:- اڄوڪو ٻار، جڏهن ورتل تعليم جو اهل ثابت نه ٿو ٿئي ته معاشرو سَنڍ بڻجي وڃي ٿو. سماج ترقي ڪرڻ بدران، پٺتي گهلجڻ شروع ٿئي ٿو. اڄ سڄي سنڌ جي حالت اهڙي ئي آهي، جنهن مان ڪا بهتريءَ جي اميد نه ٿي رکي سگهجي.
    هاڻي هر هڪ نقطي تي تفصيلي تجزيو پيش ڪريون ٿا.
    ۱. حڪومت:-
    يورپ، آمريڪا، آسٽريليا، چائنا، جپان ۽ اسرائيل وغيره Welfare States (عوام جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ وارا جمهوري ملڪ) آهن، جتي تعليم ۽ صحت کي اوليت حاصل آهي. اهي ملڪ، صحت ۽ تعليم جي حساب سان، گهڻو اڳتي آهن. جڏھن ته اسان ترڪي، سريلنڪا، بنگلاديش ۽ ملائيشيا کان به گھڻو پٺتي ٿي ويا آهيون. ٿورن لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته ۱۹۴۷ع کان وٺي ايوب خان يا يحيٰ خان جي دورن تائين، جيڪو اسان وٽ تعليمي معيار رهيو، هاڻي ان جي برابر نه رهيا آهيون. مطلب ته؛ تعليمي گراف، ستر واري ڏهاڪي ۾ بهتر هو ۽ هاڻي بدترين سطَحَ تي پهچي چڪو آهي.
    جمهوريت هجي يا ڊڪٽيرشپ، سڀني حڪومتن جا اعلان هڪ طرف پر عملي طور تي سڄي صورتحال، لاعلاج مرض بڻجي چڪي آهي. يونيورسٽين، ڪاليجن، هاير سيڪنڊري اسڪولن، هاءِ اسڪولن ۽ پرائمري اسڪولن جي ڀرمار آهي، پر تعليمي معيار بهتر ٿيڻ بجاءِ ناقص نظر اچي ٿو. ھڪ ته اسٽاف جي ڀرمار، ٻيو ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ استاد حاضري ڪو نه هوندي. اگر هوندا ته کين پڙهائڻ ايندو ئي ڪو نه! مون اکين سان اهڙا ڏٺا آهن جيڪي، پگهارون ته کڻندا آهن، پر پڙهائڻ سندن وس جي ڳالھ ئي نه هوندي آهي. ائين شرمساريءَ ۾ پگهارون کڻندا رهندا آهن ۽ پروموشن ماڻيندا رهندا آهن.
    ”ناني ورهائڻ واري، ڏوهٽا کائڻ وارا.“ تعليمي کاتي ۾ نوڪريون ورهائيندي ورهائيندي، حڪومت وقت، موجوده صورتحال پيدا ڪئي آهي، جنهن جي ڪا دوا ۽ درمان ٿيڻ ممڪن نظر نه ٿو اچي.
    تعليم کاتي ۾ هنگامي نه پر جنگي بنيادن تي اصلاح جي ضرورت آهي. اهو تڏهن ممڪن آهي، جڏهن حڪمرانن جا پنهنجا ٻار به انھن تعليمي ادارن ۾ پڙهن. ايترا ته ڊالرن ۾ فنڊ ٿا اچن جو حڪومتي سطح تي به انهن کي هيٺ مٿي ڪرڻ لاءِ، ورھاست جي باقاعدي پلاننگ ڪرڻي پوندي آهي. وزير، سيڪريٽري ۽ آفيسرَ هٿ ڪري، انهن کي ٺيڪا ڏنا ويندا آهن.
    جڏهن حڪومت اهڙي نموني تعليم کي هلائيندي ته سڌارو ڇو ايندو؟ هڪ تعليمي اداري جي سربراھ کي چيو ويو ته؛ ”هيترن لکن جا چيڪ ڏيو.“ هن چين ته؛ ”صبحاڻي اچجو.“ رات پيٽ ۾، ان سربراھ پنھنجي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي ۽ پاڻ صرف پگهار تي پڙهائڻ لاءِ خوش ٿي سڪون جي ننڊ ڪرڻ لڳو. سنڌ يونيورسٽيءَ سان، سنڌ سرڪار ڪيتري جٺ ڪئي آهي. وِي سِي صاحب جي عهدي کي برقرار رکندي، سڄي سنڌ جي سوِل سوسائٽي طرفان ڪيل مطالبن کي مڃتا نه ڏيندي رهي آهي. اڃا ٻيا ڪهڙا مثال ڏجن. حڪومتي ٿنڪ ٽينڪ پنهنجي سوچ بدلائي ته پوءِ بهتر تعليم لاءِ سڀ ڪجھ ٿي سگهي ٿو. ڇو جو ڪجھ به ناممڪن، قطعي نه آهي.
    ۲- حڪومتي مشينري:-
    حڪومتن کي اختيار آهي ته سيڪريٽريءَ کان وٺي ايس ڊي اي او تائين، سمورا تعليمي آفيسر مقرر ڪري، پنهنجا Aims, Objects and goals حاصل ڪري. جڏهن حڪومت چاهي ئي نه ٿي ته تعليم سڌارڻي آهي، رڳو پنهنجا ڪاراوا ۽ ڪمدار مقرر ڪري، فائيلن جا پيٽ ڀري، پنهنجا ڀِڀَ ڀرڻا آهن، تڏهن ايماندار، محنتي ۽ جفاڪش آفيسر ڪنڊائتا ٿيندا وڃن. نمايان پوسٽن تي اهي آفيسر مقرر ٿيندا آهن، جيڪي پاڻ پگهار کان وڌيڪ ڪمائيندا آهن ۽ مالڪن کي گهر ويٺي بريف ڪيس ڀري پهچائيندا رهندا آهن. تازو نيب، سنڌ ۾ تعليمي آفيسرن خلاف وٺ وٺان ڪئي ته لاڙڪاڻي مان ئي آفيسرن جا ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا جي پنن جي سُرخين سان هنن جي ڪرپشن جا تفصيل پڙهڻ لاءِ مليا. ان کان پوءِ باقي آفيسر سڄيءَ سنڌ مان اندر ئي اندر ڪروڙين روپيا ڏئي، تماشو ٿيڻ کان بچي ويا. چرٻٽ راجه وارو دور آهي، جنھن کي ڦاهي پوري آئي. اهڙيءَ طرح، تعليم کاتي ۾، سڀ رڍون ٻوٿ-ڪاريون، جاوا ڪري رهيون آهن. گذريل پنج سال، پير مظهرالحق کي سڄي سنڌ ڪجھ ڪو نه ڪري سگهي، ڇو ته حڪومت جي اصل واڳ وارا، منجھانئس خوش ھئا. نتيجي طور، علم جي نالي ۾، جهالت کي عام ڪندو رهيو.
    ۳. استاد صاحبان:-
    مرشد لطيف ؒ وارو شعر پڙهي ڏسو ۽ اڄوڪي استاد کي ڏسو. لفظ ڪهڙا به هجن، استاد، ماستر، ليڪچرر، پروفيسر وغيره ساڳي ڳالھ آهن. اهي عربي لفظ معلم وارا ئي آھن. معلم لفظ تي ڪيترا ئي اعتراض ڪندا ته هن جي معنيٰ تعليم ڏيندڙ يا آخوند نه آهي، پر مان ان لفظ کي تعليم ڏيندڙ جي پس منظر ۾ ڏسان ٿو.
    ٽيچر، جڏهن ذميوار بڻبو آهي ته سريلنڪا، بنگلاديش ۽ ملائيشيا وانگر قوم پيرن تي بيهڻ سکي وٺندي آهي. جيڪڏهن استاد ڊُسڙ ۾ پير هڻندو آهي ته سنڌ واري صورتحال سامهون ايندي آهي.
    استاد کي مقرر ڪرڻ وارا، حڪومتي ڪامورا آهن ۽ پاليسي حڪمران بڻائيندا آهن. سنڌ ۾ ۱۹۷۱ع تائين، ميرٽ تي جڏهن مقرريون ٿينديون هيون، تڏهن اسان جو استاد سڄي ڏکڻ ايشيا ۾ بھترين علم رکندڙ ۽ بااخلاق هو. استاد پيشو جُزِ پيغمبري هو. بعد ۾ اهو پوليس جمعداريءَ کان به بدترين ثابت ٿيو آهي. ڪاڪو سپاهي، صرف چور جو گهر ويران ڪندو هو، پر استاد؛ ڳوٺ، شهر ۽ پوري قوم کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. غريبن جا ذهين ٻار، جن لاءِ استادَ، والدين ۽ مُرشد بڻبا هئا. هنن استادن انهن معصومن کي جاهل، بشني ۽ ڏوهاري بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. اسان واري دور ۾ اسان جي والدين کي خبر ئي ڪو نه هوندي هئي ته ٻار ڇا ٿا ڪن. پرائمري استاد ۽ سيڪنڊري استاد جو ذمو هوندو هو ۽ کين خبر ھوندي ھئي ته هي ٻار، جيڪي صبوح کان منجهند تائين اسان جي حوالي آهن، تن جي زندگي سنوارڻ، اسان جو فرض آهي. جيڪڏهن ڪو ٻار نه پڙهندو هو ته ان جي پيءُ کي گهرائي، کيس ٻڌايو ويندو هو ته؛ تو واري ٻار کان پڙهڻ زور آهي. ڪو هنر يا هارپو وڃي ڪرائينس.
    هاڻي هر شاگرد، سال پوري ٿيڻ کان پوءِ، پروموشن وٺي، مٿئين ڪلاس ۾ اچي ٿو. استاد هن کي انٽر تائين ته ڪاپي ڪرائي سرٽيفڪيٽ هٿ ۾ ڏئي ٿو. حڪمران ۽ آفيسر، سفارش ۽ پئسن جي آڌار تي، اڳ ۾ ان ڊفر کي نوڪري ٿا ڏين. ذهين ۽ حقدار، يونيورسٽين جا ڊگري حاصل ڪندڙ شاگرد حيران، پريشان ۽ ڊپريشن ۾ وٺجيو وڃن ته هي ڪهڙو انڌير آهي! عقل جا جڏا، مزا پيا ماڻين ۽ اسان اهل اميدوارن کي پڇڻ وارو ڪو به نه آهي. غريب مسڪين ۽ شريف والدين جي ٻچن جي مستقبل تي راتاها لڳا پيا آهن. ائين چاليھ سال گذري چڪا آهن. هاڻي ته نااهل استادن، اهڙيون تنظيمون ٺاهيون آهن جو حڪومتون به سندن آڏو لاچار ۽ مجبور ٿي چڪيون آهن. کين پنهنجن حقن جو ته عِلم آهي پر قوم جا مٿن ڪهڙا فرض آهن، اُهو ڪتاب هو کولڻ لاءِ تيار نه آهن. هو نيشنل بلڊر ته سڏرائي ٿو پر اسڪول ۾ اچڻ ۽ پڙهائڻ لاءِ تيار نه آهي.

    استاد، ڪيترن قسمن جا آهن.
    ۱- گورنمينٽ آف سنڌ مان پگهار کڻڻ، يونين جا عهديدار بڻجي، پنهنجا خانگي ڪاروبار ڪرڻ وغيرھ.
    ۲- پرائيويٽ اسڪولن ۾، سرڪاري پگهار کڻندڙ استاد، پابنديءَ سان ڪلاس وٺندا آهن ۽ پئسا ڪمائيندا آهن. پرائيويٽ اسڪول به اُهي ئي هلائيندا آھن.
    ۳- اسڪولن ۾ ريگيولر استادن جو ڪاروبار، ٽيوشن جي صورت ۾ هلي ٿو. جن کي پڙهائن ٿا، انهن لاءِ وري ساڳيو اسڪول، پنهنجي اوطاق يا مسواڙ جي جاءِ ۾، ٽيوشن سينٽر جي نالي سان کولين ٿا. ائين اھو ڌنڌو ڏينهون ڏينهن عروج حاصل ڪندو رهي ٿو.
    ۴- يونين ۽ آفيسرن جي معرفت، پنهنجي پگهار مان ٻيا بي روزگار مقرر ڪري، کين ڪجھ ونڊ ڪرائي، استاد مقرر ٿين ٿا. يونين ۽ آفيسرن کي علم هوندو آهي، ڇو جو کين به منٿلي ملندي رهندي آهي.
    ۵- وڏيرن ۽ آفيسرن جي چوڻ تي اسڪول نه وڃڻ، صرف بنگلن تي ڪمداري ڪرڻ وارا استاد ٿيڻ.
    ۶- پگهار، اڪائونٽ ۾ هر مهيني پابنديءَ سان ويندي پر استاد اسڪول ڇا ملڪ ۾ ئي نه هوندو آهي. جنھن کي ٻين لفظن ۾ ويزا تي وڃڻ ٿا سڏين.
    ۷- ٺهي ٺڪي، روز اسڪول ويندو، پر پڙهائڻ کان ٻرو چڙهندس.
    ائين انيڪ قسمن جا استاد آهن، جو ٻڌندي ۽ ڏسندي حيرت پئي لڳي. جعلي استادن جو ايترو تعداد آهي، جيترو اسلام آباد جي گذريل پارليامينٽ ۾، جعلي ڊگريون رکندڙ پارليامينٽرين ميمبر به نه هئا.
    ڪڏهن اوڀر پاڪستان جي استادن جون ڳالهيون پڙهندا ۽ ٻڌندا هئاسين، پر ھاڻي ته تعليم، سڱن وجھائڻ خاطر پنھنجا ڪن به ڪپائي ويٺي آهي. اهو صرف ۽ صرف اُستاد جو ڪارنامو آهي. هو استاد ٿيڻ بجاءِ، پيپلو، مسلم ليگي ۽ ديشي وغيره ٿي پيو آهي. قوم جو سڄو ٻيڙو استاد ٻوڙيو آهي. جرڳو ڪري، کين ميڙ منٿ ڪرڻ گهرجي. نه سڌرن ته ڪورٽن ۾ گهلي وٺي هلجين. بلڪل ٿورا آهن، پر منظم هجڻ جي صورت ۾، شريفن جي اڪثريت کي، هاءِ جيڪ ڪري ويٺا آهن. جيئن خيبر پختونخوا ۾ طالبان تعليم تباه ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ پنهنجن مفادن جي ڪري، استادن تعليم جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي.

    ۴- والدين:-
    اچو ته والدين کي ڪئٽيگريز ۾ ورهايون:
    1. سياستدان ۽ بيوروڪريٽ والدين:- هنن جا ٻار بهترين پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهن ٿا، تنهنڪري بحث کان خارج آهن.
    2. مڇي ماني کائڻ وارا والدين (مڊل ڪلاس):- اهي توجھ ڏين ٿا. ٻارن جي مستقبل تي ڪافي خرچ به ڪن ٿا. حرام و حلال جي دولت وٽن پڻ آهي.
    3. نوڪري پيشه ۽ دوڪاندار والدين:- پنهنجي حال آهر، ٻارن کي سنڀالين ٿا. تڪليفون وٺي ٻارن کي پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهائين ٿا.
    4. عام طبقي جا والدين:- چوندا آهن: ”گدرو ڪري چاقوءَ تي، يا چاقو ڪري گدري تي؛ نقصان مڙئي گدري کي.“ عام طبقي جا والدين تقريباً ستر (۷۰) سيڪڙو ٿئي ٿو. سڀ کان وڌيڪ ٽئڪس اهو ڏئي ٿو. سڄو ڏينهن محنت مزدوري به اهو ڪري ٿو. مستقبل به ان جو غير يقيني آهي.
    جڏهن حڪمران؛ جاگيردار ۽ صنعتڪار هجن ته ايئن ٿيندو، جيئن ”گوشت جا واهي ٻلا هجن.“ هتي ته اسلام ۽ جمهوريت جا نالا آهن، پر معاشري ۾ رڳو ظلم ۽ ناانصافي آهي.
    عام والدين، گهر جو ۽ پيٽ جو دوزخ ڀرڻ ۾ پورو ڪو نه ٿو پوي ته ٻارن جي تعليم تي هو ڪهڙو توجھ ڏئي. ائين سنڌ جي ذهانت تباھ ۽ برباد ٿي رهي آهي. چانورن جي اٽي ۽ سبزيءَ، اسان جي اڪثريت کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. جيئڻ، مسئلو بڻجي پيو آهي. قدرتي آفتن به هن طبقي کي بيوس ۽ لاچار ڪري ڇڏيو آهي. بيمارين مان جند ڪو نه ٿي ڇٽي، ماسترن کان وڌيڪ ڊاڪٽر بي رحم بڻجي چڪا آهن. انهن حالتن ۾ غريب ڇا ڪري. منهنجي وس ۾ نه آهي. مون کي لفظ ۽ جملا ڪو نه ٿا سُجهن جو هنن جي عذابن کي مان قلمبند ڪري سگهان.
    خوشي ۽ خريد، وئي ويچارن وسري.

    5. معاشرو:-
    سول سوسائٽي سنڌ جي، دانشور سنڌ جو، هاري ۽ پورهيت سنڌ جو، عام پڙهيل لکيل سنڌ جو، واپاري، دوڪاندار، ٺيڪيدر، صوبيدار، تپيدار، مختيارڪار، آفيسر، چور، ڌاڙيل، پاٿاريدار، بيمار، ڊاڪٽر، شاگرد استاد ۽ حڪمران وغيره هن معاشري جو حصو آهن. جڏهن ته معاشري کي بئلنس ڪرڻ، قانون جي حڪمراني، امن امان ۽ انصاف ھر ڪنھن کي گهرجي. اِهي ڳالهيون گذريل سالن کان اسان جي معاشري ۾ ناپيد آهن. پوءِ ڇا ٿيڻ گهرجي ۽ ڇا ڪرڻ گهرجي؟
    اسان جي معاشري کان وڌيڪ خراب معاشرا پنهنجي وجود برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن. جن ننڊ ڪئي آهي، اهي مٽجي ويا آهن. ڇو ته اللهﷻ به انهن جي مدد ڪري ٿو جيڪي پنهنجا هٿ، پير ۽ دماغ استعمال ڪري، جيئري جنت ٺاھين ٿا، ور نه جيئري ئي پيا دوزخ ۾ سڙن. اللهﷻ کي ڪنهن جي پرواھ نه آهي. همٿِ مردان، مدد خُدا.
    مرشد لطيف ؒ چيو آهي:
    سَـڌائــتــي سـڀ ڪـا، بـک نـه بـاسي ڪا،
    جيهي تيهي ذات جي، جنبش ڪانهي جاءِ. (آسا)
    جنهن معاشري تي آ لکڻ چاھيان ٿو، اهو ته اسان سڀني جي آڏو آهي. هر هڪ ان ۾ رهي ٿو ۽ هر ڪو ئي پاڻ کي غير محفوظ سمجهي ٿو. ظاهر آهي، سوشل جسٽس ختم ٿيندو ته ائين ئي ٿيندو. جدلي ماديت يا تضادن کي ڪنٽرول ڪرڻ، تيستائين ڏکيو آهي، جيستائين ان جي پاڙُن (Roots) کي تبديل نه ٿو ڪيو وڃي. هن ملڪ کي وجود ۾ آئي ۶۵ سال گذري چڪا آهن. ڀل هزارين سال به گذرن، اگر صحيح دڳ نه وٺبو ته ڪو لاڀ يا ڦل ملڻ جي اميد ڪرڻ، ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي مترادف ٿيندو.
    نيٺ ٿيڻ ڇا گهرجي؟
    منهنجو خيال آهي ته سنڌ جي ٿنڪ ٽينڪ (Think tank) کي، جيڪا پاڻ کي سنڌي معاشري ڏانهن جوابده سمجھي ٿي ۽ پنهنجي ضمير جي ھٿئون ڪجھ نه ڪجھ ڪرڻ چاهي ٿي، سياست کي خيرآباد چوڻ گهرجي. هيترا سال نعريبازي ڪئي آهي، وريو ته ڪجھ به ڪو نه آهي. اڳي کان وڌيڪ نڌڻڪا ٿي ويا آهيون. تنهنڪري ليڊرن بدران ورڪر تيار ڪرڻ گهرجن. اسان چاهيون ته سڀني ڇڙوڇڙ ماڻهن، پ پ پ کان گذريل دؤر ۾ لوڪل باڊيز جو بل واپس وٺرايو. اهڙي نموني تعليم جي نقطي تي متفق ٿي، جدوجهد ڪرڻ گهرجي.
    هتي پاور، هميشه ڏاڍي مڙس وٽ رهيو آهي. اُهو هاڻي، انصاف ڀرئي معاشري قائم ڪرڻ لاءِ، شريف ماڻهوءَ جي هٿ ۾ اچڻ گھرجي. ٻئي هٿ ۾، کيس شاھ جو رسالو ھئڻ گھرجي. جيڪو وري شاھ جي آيتن کي مڃتا نه ڏئي، ان کي جوڳي سزا ڏيڻ گهرجي. هر ضلعي ۾ وڪيلن جا پئنل ھئڻ گهرجن. اهڙي نموني استادن، پروفيسرن، ڊاڪٽرن ۽ انجنيئرن وغيره کي سوشل ورڪ ڪرڻ لاءِ تيار ڪجي. ڇا هر ضلعي مان ڏھ ماڻهو ملڻ مشڪل آهن؟ سڄي سنڌ مان اسان تقريباً هڪ سؤ ماڻهن جي اسيمبلي فورم ٺاهي سگهون ٿا۔ پنهنجو خرچ پاڻ برداشت ڪرڻ جي بنياد تي، سال ۾ ٻه دفعا، ڪٿي گڏ ٿي سگهون ٿا. ھيءَ رٿا افسانوي لڳي ٿي، پر ڪم ۾ هٿ وجهبو ته ڪجھ نه ڪجھ ڪري وجھبو. علم کان سواءِ، ڪجھ به نه آهي. مُٺ جيترن انگريزن، اسان سنڌين کان هٿيارن جي زور تي، آزادي کسي ورتي هئي. دنيا وارو اهو علم، اسان جي قوم جي هٿ نه ايندو ته فنا جي ڪُن ۾ غرق ٿي وينداسين. ڪو به اسان کي بچائي ڪو نه سگهندو.
    اڄوڪي دؤر ۾ هي مضمون ۽ مقالا، تقريرون ۽ تحريرون، سڀ سنڌي پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل ڄاڻن ٿا. اسان کي سنڌ ۾ ائين ڪم ڪرڻ گھرجي، جيئن حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي پيروڪارن، مشنريءَ جي نالي، انسانيت کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهلايو. مان عيسيٰ عليہ السلام کي سوشلسٽ نبي ۽ موسيٰ عليہ السلام کي قوم پرست نبي چوندو آهيان. موسيٰ عليہ السلام جڏهن ڏٺو ته هڪ بني اسرائيل کي، ھڪڙو مصري ماري رهيو آهي ته هن اڳتي وڌي هُن کي ٿڦ ھنئي جنھن تي ھو مري پيو. حضرت عيسيٰ عليہ السلام کي ته گهر ۽ ٻار به ڪو نه هئا. نظرين کي قوت ٿيندي آهي. اسان کي ڪنهن نظريي تي هلڻو پوندو، اهو آهي سنڌين جي خدمت ۽ عظمت.
    سپريم ڪورٽ، سنڌ ۾ تعليم کي سڌارڻ لاءِ، حڪمنانو ڏنو آهي. عمل ته حڪومت ڪرائيندي نه. ڪو به سڌارو اچڻو نه آهي، جيستائين سول سوسائٽي پاڻ ڪجھ نه ٿي ڪري. هر تعلقي نه ته ضلعي ۾ تعليمي آفيسرن، يونين جي عهديدارن ۽ استادن کي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ گهرجي. اهو ڪم سياست کان وڌيڪ مقدس آهي. ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ اڪيلي سر ڪورٽن جي آڌار تي هارين کي بٽئيءَ مان حصو وٺي ڏنو هو. هو با اخلاق ۽ Devoted ماڻهو هو، ته ڪجھ ڪري ويو. سائين جي ايم سيد سڄي عمر ڪشالا ڪڍيا. نتيجي ۾ مرڪز وارين سياسي پارٽين ٽوپي، اجرڪ ۽ گيتن کي پنهنجو ڪيو پر اصل نظريي جا اڄ به ايترا مخالف آهن جيترا ڪلھ هئا. اهو نظريو آهي؟؟ خوشحالي، حق وارثي، تاريخ تمدن ۽ اقتصادي وسيلا، سنڌي ماڻهن لاءِ هئڻ گهرجن. سنڌ، پنهنجي اصل حيثيت وڃائي ويٺي آهي، پر اسان کي سياست کان پاسيرو رهڻو پوندو. جيڪڏهن عوام چاهيو ته پوءِ سياست ڪاڏي ويندي. نابالغ ٻار، شادي نه ڪندو آهي. پاڻ ذهني طور بالغ ٿيون ته ايندڙ وقت ۾ سياست به ٿيندي. سنڌ ڪنهن ”بيڪريءَ جو ڪيڪ“ نه آهي جو هر ڌرتيءَ-لوڌيو کائيندو وتي. پير ۽ مير، واري واري سان، انهن جا اتحادي بڻبا وتن. ڪارلائل چيو آهي؛ ”نانگ پنهنجي کل تيستائين نه مٽائيندو آهي، جيستائين اندران سندس ٻي کل پچي راس نه ٿيندي آهي.“ تعليم جي تباهيءَ ۾ اسين سڀ هوش وارا ذميوار آهيون. تعليم جي سهاري، دنيا پنهنجو وجود بچايو آهي ۽ ترقي ڪئي آهي.
    Education:- The aggregate of all the process by means of which a person develops abilities, attitudes and other forms of behavior of positive value in the society in which he lives.
    ***


    4. سنڌ ۾ بجلي (بحران ۽ واپڊا جي آپدا)

    سنڌ جو ۷۰ سيڪڙو عوام، بجلي نه هئڻ ڪري، ڏکن ۽ ڏوجهرن ۾ آهي. اڄ دل چوي ٿي ته ان تي لکجي.
    سال ۱۹۶۲ع ڌاري، جنرل ايوب خان جي صدارتي اليڪشن کان پوءِ، اسان جي ڳوٺ مسوديرو، تعلقو رتوديرو، ضلعو لاڙڪاڻو ۽ ڀرپاسي جي وڏن ڳوٺن خاص طور تي ميرپور ڀٽو (1) ۾ بجلي ان ڪري لڳي هئي جو ايوب خان جي بيسڪ ڊيموڪريسيءَ تحت، هر يونين ڪائونسل جي چيئرمين جي ڳوٺ کي بجلي ڏيڻي هئي. ميرپور وارا، ڀُٽي صاحب يعني ايوب خان جي ڌر هئا. جڏهن ته سردار غلام رسول خان جلباڻيءَ فاطمه جناح کي صدارتي ووٽ ڪيو هو. هڪ ڳالهه ظاهر آهي ته بجلي صرف ايوب خان جي حمايتين لاءِ ڪو نه هئي پر مخالف ڌر لاءِ به ساڳيو منصوبو هو. اهو ون يونٽ جو دور هو. ون يونٽ يعني سنڌ صوبو، خيرپور رياست، بهاولپور رياست، پنجاب صوبو، سرحد صوبو، قلات رياست ۽ بلوچستان جو انتظامي يونٽ ملائي، اولهه پاڪستان نالي سان هڪ صوبو ٺاهيو ويو هو. اها بي ايماني اوڀر پاڪستانين جي برابريءَ لاءِ ڪئي وئي هئي، جيڪا يحى خان ۱۹۷۰ع جي اليڪشن دوران، بلوچستان کي صوبائي حيثيت ڏئي، رياستون ختم ڪري، پنجاب، سنڌ ۽ سرحد کي الڳ صوبي طور بحال ڪيو.
    جڏهن بجليءَ جا پول ۽ تارون لڳيون هيون ته اسان کي لغڙن اڏائڻ ۾ تڪليف ٿي هئي. جڏھن ته بلبن، رات کي ڏينهن بڻائي ڇڏيو هو. سانوڻ ۾ پکن جي هوائن، گهرن کي جنت بڻائي ڇڏيو هو. معمولي بل هوندو هو. ڪو به چوري نه ڪندو هو. اها سنڌ بااخلاق، مهذب، ايماندار، صابرين، غربت ۽ امن امان واري اکين سان ڏٺي، جنهن کان اسان جي اولاد محروم آهي. اهي غيرتمند سنڌي قبرن ۾ هليا ويا ۽ ڪتابن ۾ هميشه زندهه رهندا. اڄوڪو دجالي دور نه هو؛ جو ماڻهو، ٻار ۽ عورتون ڍورن ۽ ڍڳن وانگر ٻڪرين ۽ رڍن وانگر چوري (اغوا) پيا ٿين. عزت ۽ شرافت سڀ ڪجهه هو. پئسي جي اهميت ثانوي هئي. چوندا هئا؛ دولت، هٿن جي مَر آهي.
    غربت، مِهڻو ڪو نه هوندو هو. چور ۽ بدماش ٿيڻ، ذلت هوندو هو. هر ڪو پورهيو ڪري، پنهنجي گهران تران حلال کائيندو هو. گهُري اڌارو وٺبو هو، ڇنڻ جو رواج نه هو. آهستي آهستي ڌارين جي اچڻ، ريڊيو، اخبارن ۽ ميل جول وغيره اسان کي تبديل ڪرڻ شروع ڪيو. هاڻي اسان جا لڇڻ؛ وڏيرن، آفيسرن، حڪمرانن ۽ غلط ماڻهن جهڙا ٿيا آهن. نتيجي ۾ سڀئي مصيبتن ۾ آهيون. ٻيا ته ٺهيو، گهر وارا، ڀائر ۽ اولاد به هڪٻئي کي ڪو نه ٿا سڃاڻون. رڳو هڪڙي دانهن آهي؛ اسان سِڱَن وجھرائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي، الٽو ڪَنَ به ڪپائي آياسون.
    نئون ديرو، ڀٽن مان ڦري هاڻي زردارين جو شهر ٿي پيو آهي. اڳتي جي خبر خدا کي. پ پ پ جي گذريل دور ۾، پنج سال اسان لوڊ- شيڊنگ نه ڏٺي. چوويھ ئي ڪلاڪ بجلي هوندي هئي. نواز شريف جي حڪومت اچڻ کان پوءِ، نئين ديري وارن کان، سڀ پَلوَ اڳاڙجي ويا آهن. هڙتالون، جلوس، اخباري بيان پر ”پئنچن کي مُهت آ، نياز آ اتي جو اتي“، وڏي عذاب ۾ آهيون.
    ۱۶ ڪلاڪ، ۱۸ ڪلاڪ، ۱۲ ڪلاڪ، ۱۰ ڪلاڪ بجلي نه هوندي آهي. رمضان شريف جي مھيني اندر، برڪت ڀريي مھيني جي صدقي، ڪجهه رليف مليو. بجلي پوءِ به هر هر ٽِرپ پئي ٿئي. سرنديءَ وارن وٽ جنريٽر، سولر سسٽم ۽ يو پي ايس وغيره آهن. اهي خرچ ۷۰ سيڪڙو نئون ديرائي برداشت نه ٿا ڪري سگهون.
    سرڪار کي گهڻو بُرو ڀلو چئون ٿا، پر اڄ پنهنجي ڪردار تي به لکڻ لاءِ مجبور آهيان. نه شاگرد پڙهِي، امتحانن جي تياري ڪري ٿا سگهن. نه وري آرام سان ڪاروبار ڪري سگهجي ٿو. نه ڪو ئي اسپتالن ۾ مريضن جي آپريشن وغيره ٿي سگهي ٿي. گهرن ۾ بيچيني آهي. ڄڻ سڄي سنڌ پاڳل بڻجڻ جي ويجهو پئي ٿيندي وڃي. هن شهر ۾ بغير ميٽرن جي اي سِيز جو تعداد، هر سانوڻ ۾ وڌندو رهي ٿو. مون کي ياد آهي ۲۰۰۸ع ۾ اي سيز جو تعداد ۴۵۰ کان مٿي ڪو نه هو. هاڻي انهن ۾ گهڻو واڌارو اچي چڪو آهي. گهر، اوطاقون، دوڪان، مدرسا ۽ مسجدون به اي سي لڳل ٿي پيا آهن. واپڊا وارن سان سڀني جي ڏيتي ليتي آهي. جيڪي انهن کي پئسا نه ٿا ڏين، انهن جي گهر جي بلن ۾ لکين روپيا بقايا لڳل آهن.
    شهر جا ۳۰ سيڪڙو ماڻهو، اي سي هلائن ٿا. باقي ۷۰ سيڪڙو بلب ۽ پکي تي گذارو ڪن ٿا. انهن مان اڌ ماڻهن وٽ ميٽر نه آهن. انھن کان به، واپڊا وارن طرفان هر محلي ۾ مقرر ٿيل ماڻهو، اوڳاڙي ڪري کين پھچائين ٿا. ڏيتي ليتيءَ جي اهڙي چين آهي، جنهن کي ڪٿي به ثابت ڪري نه ٿو سگهجي. تنھن ھوندي به هڪ ثبوت ڪافي آهي ته گهرن ۾ بجليءَ جو سامان، استعمال هيٺ آهي. بجليءَ جو ميٽر نه آهي ته بل ڇو ايندو؟ اهڙو جادوئي سسٽم.
    هونئن ته سڄيءَ سنڌ ۾، ھفتن جا هفتا ۽ مھينن جا مهينا، ٽرانسفارمر خراب آھن يا سڙيل آهن. ڳوٺاڻن کي، هزارين روپيا گڏ ڪري، رشوت طور ڏيڻا پوندا آهن، پوءِ به ٽرانسفارمر هليو ته شڪر ڪن. مزي جي ڳالهه ته پئسا به اهي گڏ ڪندا آهن، جن وٽ سڌو سنئون اي سيون هلنديون آهن. پر پئسن جو بار، سڄي ڳوٺ تي رکندا آهن. ڳوٺاڻن کي وري ميٽر نه هوندا آهن. جن کي ميٽر آهن، اهي بل ڏسي اندر ئي اندر ۾ دونهين وانگر پيا دکندا آهن ته ناحق وڏا ميٽر هڻائي ويا، هاڻي ته ڏچو ئي ڏچو آهي.
    لاڙڪاڻي ۾ نيب وارا پهتا آهن، وٺ پڪڙ آهي. لاڙڪاڻي جيل جي بجلي ڪٽيل آهي، ڇو ته ڪروڙن ۾ بل رهيل آهي. ٿيندو ڪجهه ڪو نه. ڇو ته تقريباً ستر سال هن معاشري کي ايئن ئي بگڙجندو ڏسون ٿا. بجلي اچي ٿي ته ٽي وي تي ڏسجي ٿو ته توهان اسان جهڙا انسان، شاندار ڪوٺين مان نڪري، اي سي گاڏي تي چڙهي، ٿڌن هالن يا آفيسن ۾ اچن ٿا. ڪوٽ سوٽ، سياري وارا پيا اٿن. سنڌ ۾، سج نيزي پاند آهي. ڪامڻ ۽ بُڪين جون بيماريون وڌي رهيون آهن. ٻار ۽ مور مري رهيا آهن. چمڙيءَ جون بيماريون ۽ ذهني بيماريون وڌي رهيون آهن. پر وس وارا چوندا ته؛ ”ادا! سانوڻ باقي ٽي مهينا، دِل نه لاهيو، پوءِ ته موجان ئي موجان.“
    مٿي ڳالهه ڪري چڪو آهيان ته ڳوٺ ۾ بجليءَ جا ڪارا ۽ ننڍا ميٽر هوندا هئا. نئين ديري ۾ گهر ٺھي مڪمل ٿيو ته ڳوٺ جي گھرن جا ميٽر ۽ سروس وائر، رتيديري واپڊا جي آفيس ۾ جمع ڪرايا هئا. ڪجهه سالن کان پوءِ خبر پئي ته بجليءَ جا بل اچي رهيا آهن. مشرف دور ۾ سختي ٿي ته مان محتسب اعلى (صوبائي) کي شڪايت ڪئي ته بل بوگس آهن. اسان نئين ديري لڏي آيا آهيون. اتي ته جايون به پٽ ٿي ويون آهن. آخر ۳ سال حاضريون ڪاٽيون، پوءِ منهنجي حق ۾ فيصلو آيو.
    اهڙي نموني سڄيءَ سنڌ ۾ اربين روپين جون بوگس بقايائون آهن. ڇا ڪجي؟ ميٽر ريڊر سنڌي، SPOs مهراڻ جا قومپرست، سياستدان ۽ حڪمران سنڌي، شڪايت ڪيون ته ڪيون ڪنهن جي؟ ڪاش! نورالدين سرڪي جيئرو هجي ها ته سڄيءَ سنڌ جو ڪيس مفت ۾ وڙهي ها.
    چوندا آهن ته حقيقي عالم ۽ دانشور، قومن جو اثاثو هوندا آهن، سو اڄ سراج ميمڻ ياد پيو اچي. هن ڪافي عرصو اڳ ”جاڳو“ اخبار جي مستقل ڪالم ”رتي جي رهاڻ“ ۾ لکيو هو ته:
    ”اسان جا سنڌي دبئي ۽ مشرق وسطى ۾ مزدوريون ڪري، خون ۽ پگهر ڏئي، اليڪٽرانڪ جو سامان آڻن ٿا. اڳتي ته بجلي ئي ڪو نه هوندي پوءِ اهي بيڪار گهرن ۾ پيا هوندا.“
    سراج اهو سنڌي هو، جنهن کي CSS پاس ڪرڻ کان پوءِ، نوڪري ملي هئي. هن کي ائين چئي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو هو ته؛ ”توهان جي ايم سيد سان گڏجي پمفليٽ لکيو آهي سو پياري پاڪستان ۾ نوڪري ڪرڻ لائق ناهيو.“
    سو يار! ولي خان جو پٽ، غوث بخش بزنجي جو پٽ، شاهه محمد شاهه، ڄام ساقي ۽ غلام قادر پليجو وغيره سڀ توهان جهڙا پاڪستاني ٿي چڪا آهن. هاڻي ته اسان کي سڪون سان جيئڻ ڏيو. عمل، انصاف، مالي وسيلا، درياءَ جو پاڻي، ڪسٽم جو روينيو، ڌارين جي لوڌ، چائنا جي ڪاريڊور مان سنڌ جو حصو، آءِ ايم ايف جي قرضن جو حساب ڪتاب ته توهان کان ڪو نه ٿا گهرون. صرف پکي جي هوا ۽ بجليءَ جي روشني به نه ٿا ڏئي سگهو، ته ڏيو سنڌ ڪنهن کي ٺيڪي تي. ماڻهو ماضيءَ مان سکندا آهن پر اوهان پاڻ مان به نه ٿا سکو.
    شل! اوهان به هوا ۽ روشني لاءِ سڪندا رهو، تڙپندا رهو!
    ***

    _______
    (1) سردار پير بخش خان ڀُٽي جو ڳوٺ


    5. سانگھڙ جو سفر (عبدالغفار تبسم سان ملھايل شام جو احوال)

    ڊاڪٽر خليل الله شيخ ۽ مان، ۱۰ فيبروري تي ۱۲ بجي، گڏجي نئين ديري مان نڪتاسين. سانجهيءَ کان اڳ، حيدرآباد باءِ پاس تي قاسم آباد گيٽ وٽ، پهچي موڪلايوسين. ايندڙ صبح تي ملڻ جو پروگرام طئه ٿيو. مان پنهنجن پٽن سان مليس. تبسم صاحب ڪراچيءَ مان اچي رهيو هو. امداد علي کهڙي (خان صاحب) وٽ ٻئي رات رهندا. خميس تي سانگهڙ لاءِ نڪربو. (1)
    پٽن عبدالله ۽ تاج سان، ڪجهه ٽائيم رهي، چانهه پي، رشيد ڪٽپر صاحب وٽ فليٽ تي پهتس، جيڪو نسيم نگر جي ويجھو ئي ھيو. رات جو احسان راهوجو صاحب مليو. گڏجي ماني کائي، سمهڻ جي ڪئي ته راهوجي صاحب آفر ڏني؛ ”سنڌ ميوزم جي ممتاز آڊيٽوريم اندر، سنڌي ٻولي قومي ٻوليءَ بابت گڏجاڻي آهي، آخر ۾ راڳ رنگ آهي، هلو ته هلون.“
    ڪٽپر صاحب هلڻ لاءِ تيار نه ٿيو. ٿڪل هجڻ جو عذُر ڏنائين. پاڻ نڪري پياسون. قاسم آباد، گذريل ڇهن مهينن ۾، وڏي ترقي ڪئي آهي. روڊ رستا ۽ چوراها ڏسي، دل کي آٿت مليو.
    سنڌ ميوزيم ۾ پهتاسون ته ڊاڪٽر صاحب وارا تبسم سميت کلندي مليا. خان صاحب، ميار ڏني ته؛ ”اوهان نه آيا.“ اتي ئي نوابشاهه وارو قاضي پريتم به مليو. ڪجهه ٽائيم مقررن جون تقريرون ٻُڌيون. هال ڀريل هو. راهوجي صاحب کي مهمان ملي ويو. هن کي، کيس ماني کارائڻي هئي. مان اتي ئي رهڻ تي ترجيح ڏني.
    گهُت هڻي، ڊاڪٽر صاحب جن کان بنا ٻڌائڻ جي ٻاهر نڪري آيس. نياز حسين ملي ويو. چانهه جي تلاش ڪئيسون پر ڪو آثار نه مليو. سڄي ڏينهن جو ٿڪ ظاهر ٿيڻ شروع ٿيو. هال ڏانهن واپس وڃڻ جي بجاءِ، نياز حسين سان ڪچهري ڪرڻ لڳس. راهوجو صاحب آيو ته ٻاهران ئي راڳ جا آلاپ ٻڌي، واپس فليٽ تي پهتاسون.
    معمول موجب، صبح جو سوير سجاڳ ٿي تيار ٿيس. گڏجي نيرن ڪري، عبدالغفار ڀٽي ۽ ڊاڪٽر صاحبان جو انتظار شروع ٿيو. پوءِ جيئن ٿيندو آ، تيئن ٿيو. سانگهڙ جي تاريخي ماڳن ڏسڻ تان مون پاڻ پلي ڇڏيو، ڇو ته ٽائيم ئي ڪو نه ملندو.
    برهمڻ آباد (منصوره يا دلوراءِ)، گڙنگ بنگلو، مُکيءَ جي ٻيلي واري سرزمين ۽ ڍنڍ وغيره (جيڪي نشان به ختم ٿي چڪا آهن)، آخر ۾ ۱۲ بجي حيدرآباد ڇڏيوسين. احسان علي راهوجي سان مان ۽ نصير مرزا صاحب، ڊاڪٽر صاحب سان ڀٽي صاحب ۽ انعام شيخ، رشيد ڪٽپر صاحب سان حق نواز سومرو صاحب گڏ هو. خان صاحب، گهر جي اڪيلائي سبب، اسان سان گڏ رفيق سفر نه ٿيو.
    سفر ۽ ڪچهريءَ دؤران، يادن پنهنجا ڪَرَ کنيا. ڪافي عرصو اڳ برساتن جي موسم ۾ (جون جولاءِ جي موڪلن ۾) ٽنڊو آدم، سانگهڙ، سنڌڙي، ميرپورخاص کان عمرڪوٽ تائين ويا هئاسون. بسن تي هلندي ٿڪبا ڪو نه هئاسون. ڪو ماڻهو پڇندو هو ته؛ ”اتر جا آهيو؟“ اسان جون واڇون ٽڙي پونديون هيون. فخر سان چوندا هئاسون؛ ”لاڙڪاڻي جا آهيون.“ ايئن رلندي ڀٽڪندي، سنڌ گهمندي، سرور ماڻيندا هئاسون. هاڻي ڏٻري ڍور وانگر ٿي پيا آهيون. جلد ٿڪجي پئون ٿا. جڏهن پراڻي سنگت ملندي آهي ته چوندي آهي؛ ”ڪافي ماڳ مڪان رهيا پيا آهن. اسان کي گهمائين نه ٿو؟“ کين مرڪندي جواب ڏيندو آهيان؛ ”اڳ غربت هئي، جواني ۽ جذبو هو، رت ۽ ستُ هو. هاڻي پئسا آهن، ٻيو ڪجهه نه بچيو آهي. اوهان وٽ ڪارون آهن، پوءِ به اوهين نڪري نه سگهندا.“ چوندا آهن؛ ”سچ آهي! پر پوءِ به ڳالهين ڪرڻ تي خرچ ڪو نه ٿو اچي.“
    تازو ڪراچيءَ مان ستون Oxford وارن جو ڪتابي ميلو ۽ گڏجاڻيون ڏسي موٽيو هيس. (۵، ۶، ۷ فيبروري سال ۲۰۱۶ع). لکڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان کي ڌارين ۽ ٻين کي به ڏسڻ ۽ سکڻ گهرجي. ٻڌايائون ته گذريل سال، سوا لک ماڻهو شريڪ ٿيا هئا. هاڻي هن سال، اڳ کان وڌيڪ آهن. گذريل دفعي، هڪ به اسٽال، سنڌي ڪتابن جو نه هو. هن سال، ڪلچر ڊپارٽمينٽ جو هڪ اسٽال ھيو. جڏهن ته ٻيا سنڌي علمي ادارا سڀ بجيٽ پئٽرول وغيره تي خرچ ڪري Balance Nil پيا ڏيکارين.
    رشيد احمد ڪٽپر صاحب، شروع کان، تبسم صاحب سان شام ملهائڻ واري رٿا لاءِ ٻڌائيندو آيو هو. تنھن ھوندي به، اتي پاڻ ملھائڻ لاءِ، ڪا تياري نه ڪري سگهيو هئس. ڪنهن پروگرام کي ميچوئر ٿيڻ تائين، ڪافي مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو. اها خبر انهن کي هوندي، جن اهڙا پروگرام ڪيا هوندا. سنگت جا انگل آرا، ڏک ڏوراپا ۽ مھڻي آب ڊائلاگ ماڻهوءَ کي ساڻو ۽ پريشان ڪري ڇڏيندا آهن. هٿ ڪڍڻ لاءِ ماڻهو مجبور ٿي پوندو آهي. پر نواز ڪنڀر جي سٿ وارن همت ڪئي، سول سوسائٽي ۽ ٻين جي ساٿ سان پروگرام جو آخري ڏينهن مٿان پھچي چڪو آهي.
    مون سوچيو؛ پروگرام وارو ڏينھن، آفيشلي ھڪ ورڪنگ ڊي آهي. ادبي پروگرام ۾ ماڻهو ايندا الائي نه. ڇو ته اديب، دانشور ۽ شاعر وغيره سڀ سرڪاري ملازم هوندا آهن. ڊيوٽي ڏئي، ٿڪجي گهر ايندا آهن. وري تيار ٿي، پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ، قرباني ڏيڻي پوندن.
    رستو سٺو ڪو نه هو، پر خراب به ڪو نه ٿو چئي سگهجي. سڄي سنڌ، روڊن جي حوالي سان کيڙي لڳي پئي آهي. حڪمرانن، پنهنجي اچڻ وڃڻ لاءِ، روڊن تي خرچ ڪري، يورپ جهڙا روڊ ٺاهيا آهن. مون کي لاڙڪاڻي ۽ خيرپور جي شهرن ۽ لنڪ روڊن جي ڄاڻ آهي.
    هڪ ٻه فون ڪري، وري سنڌ ۽ سانگهڙ تي سوچڻ لڳس. ۱۸۴۳ع ۾ سنڌ، انگريزن غلام بڻائي. ۱۹۴۳ع ۾ سنڌ ۾ حُر تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ انگريزن مارشل لا لڳائي. هوائي حملا ٿيا. ايتريون گرفتاريون ٿيون، جو جيل ڀرجي ويا. پير صاحب پاڳاري سورهيه بادشاهه سان خادمي مريدي جي رشتي ۽ نسبت سان، سنڌين کي ڍورن ڍڳن وانگر واڙيو ويو. بلوچستان مان بگٽي ۽ ٻين قبيلن کي جاگيرون، مراعتون ۽ هٿيار ڏئي حُر تحريڪ کي ڪچليو ويو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ، انهن قربانين عيوض ميوزم ۽ يادگار ٺاهيا وڃن ٿا. سوين ڪتاب اچڻ گهربا هئا. لئبرريون قائم ٿيڻ گهربيون هيون. مختصر ماڻهن کي مٿي کنيو ويو. سانگهڙ ۽ سنڌ کي ڇا مليو؟
    حُر تحريڪ کي آءٌ سنڌ تحريڪ سڏيندو آهيان. ڇو ته مان سياسي ماڻهن وانگر مفاد ڪو نه ٿو رکان. صرف مختصر پڙهيل سنڌيءَ جي اينگل سان سوچيان ٿو. ڀلا MRD تحريڪ به ته ناڪام ٿي هئي. ان کي سنڌ جي تحريڪ ڇو ٿا سڏين. اسلام آباد جي حڪومت حاصل ڪرڻ ۽ جمهوريت جي بحاليءَ جي تحريڪ هئي. آمريت کي هٽائڻو هو. ڪجهه وقت کان پوءِMRD جا Goals, Aims & Objectives حاصل ٿيا هئا. مليو ڇا هو توهان کي، مون کي ۽ سنڌ کي؟ ڀُٽي صاحب جي ڦاهي يا شهادت مان سنڌين کي سکڻو هو. بدلجڻو هو. پر رهندو بينظير کي به وڃائي ويٺاسين. اهڙي سياست ۾، ايئن ئي ٿيندو آهي.
    ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته MRD جي تحريڪ ۾، سنڌين جان جي بازي لڳائي حصو ورتو هو. جڏهن مچ تي پروانا گڏ ٿيا هئا ته وڏيرن، پيرن ۽ تحريڪ هلائيندڙن ماڳھين تحريڪ تان ئي هٿ کڻي، اقتدار لاءِ ڳالهيون ڪري، سڀ ڪجهه نيلام ڪيو هو.
    مون کي سنڌ تحريڪ سان دلچسپي آهي. پاڪستان ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪو نه ٿو ڪريان، پر جاگرافيءَ جي هڪ انچ، تاريخ جي پني، وسيلن جي ٻُڪَ، سنڌوءَ جي پاڻيءَ، ٻولي، ڪلچر ۽ روزگار وغيره تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار نه آهيان. سنڌ ۾ ڌاريو ايئن رهي، جيئن سعودي ۽ متحده امارات ۾ ڌاريا مسلمان رهن ٿا. سنڌ، پاڪستان ۾ ائين ڏسڻ چاهيان ٿو، جيئن دنيا جي ملڪن ۾، معاشرن ۽ جمهوري سوسائٽين ۾، فرد ۽ قومون، عزت ۽ احترام سان رهن ٿا. مان ڇا ڪريان؟! سياست ته منهنجي وس جي ڳالهه نه آهي.
    مرشد لطيف چواڻي:
    لفظ واڳون ٿي وريام، پاڻان پڙهيم جي.
    سڄي سنڌ ڪمپرومائيز ڪري وٺي، پر مان انهن سان گڏ آهيان، جيڪي عملي طور چون ٿا ته؛ سنڌ جا سور، اسان جا سور آهن ۽ انھيءَ ورثي/ ملڪيت تان، هٿ ڪو نه کڻنداسون.
    ڪي ڪي تنظيمون ۽ فرد، مٿين ڳالهين کي ورجائين ٿا. پر سندن حاصلات، پنهنجي ذات کي اڳتي وڌائڻ سان گڏ، سچن ماڻهن کي پٺتي ڌڪڻ به آهي. اسان سڀني کي لالچ ۽ لوڀ ڇڏي، اهڙو سنڌي معاشرو اڏڻ گهرجي، جيئن دنيا جي سڌريل جمهوري معاشرن ۾ فردن ۽ قومن کي حق مليل آهن. اسان وٽ ته جمهوريت، عرب ملڪن جي ڊڪٽيٽرشپ ۽ بادشاھتن کان به بدتر آهي. پورو ملڪ، مڪمل ڦرلٽ ۽ ڏاڍو سو گابو جي ور چڙهيل آهي؛ نه قانون، نه انصاف، نه روزگار، نه امن امان، نه تعليم، نه صحت جو اونو. ٽاڪ شوز ۾ سرڪاري نمائندن جون ڳالهيون ٿين ٿيون. ٻڌجن ته وڃ! سنڌ ته يورپ ٿي وئي آهي. گهر کان ٻاهر نڪري ڏس ته ڀينگ لڳي پئي آهي. گذريل ڏهن سالن کان سنڌ جي بجيٽ ڪاڏي وئي. ٺڳن، پنندڙن ۽ ٺيڪيدارن جو تعداد وڌي ويو آهي.
    عبدالغفار تبسم ڀَٽي، نئين ديري جو آهي. ھن وقت تائين، چوڏھن پندرھن ڪتاب شاعريءَ جا ۽ هڪ ڪتاب يادگيرين تي مشتمل، ڇپائي چڪو آهي. هن وقت سندس عمر ستھٺ اٺھٺ سال ٿي وئي آهي، پر ٿڪو ڪو نه آهي. مسلسل لکندو اچي. سڄي سنڌ ۾ اٿندو ويهندو پڻ اچي.
    فرد جي ذات لاءِ، پيار ضروري آهي. انفراديت کان اجتماعيت ڏانهن سفر، ڏاڍي سليقي سان ڪيو اٿائين. ڪٿي ڀٽڪيو ڪو نه آهي. اهڙو ڪم ڪو نه ڪيو اٿائين جنهن تي اسان نئون ديرائي، کيس ڏوراپو ڏيون. هو هر ڪنهن سان ڏاڍي ذميواريءَ سان نڀائيندو ۽ سنڀاليندو اچي.
    هو ننڍي هوندي کان خوشحال گهر جو لاڏلو رهيو آهي. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جا سُور، سندس سوچن جو محور رهيا آهن. تجربن ۽ مشاهدن جي آڌار تي، ڊبل اسٽينڊرڊ ۽ منافقيءَ وارن کان ٿورو پرڀرو رهي ٿو. خاموشيءَ سان سوچيندڙ ۽ شاعري سرجيندڙ انسان جا خيال، هنن بيتن مان پروڙيو.
    ميلان ڪنڊيرا، سارتر، گيتانجليءَ وارا،
    گرديو شاهه، خٽڪ، او رسول حمزا توف،
    هيڏيون پڪارون ٻُڌي، ڪاٿون واهرون ته ڪيو.
    او منهنجي چي گويرا جا عظيم ڪاسترو،
    آزاد افق جي سورج جا مهڪندڙ شعاعو،
    ڪو ته آزادين جي ڌيرن مان اچي،
    ڪتاب سونهن کڻي ساڻيهه چميو.

    وستيءَ تي طوفان پئي ڪاهيو، ڇا ٿيندو،
    مان ته سڏيو پئي، ڪنهن نه ڪنايو، ڇا ٿيندو.
    هيڏي ساري ڳوٺ مان مهلَ تي ڪو نه پُڳو،
    هينئر ڪنجهڪو، هينئر سعيو ڇا ٿيندو. (ص: ۹۸)

    سوڍن سورمن کي، ڪي عرصا لنگهي ويا،
    ڪنهن باغيءَ وري ڀونءِ کي، سِر ئي نه آڇيو.
    ڪو جُنگ، جوءِ تي سر گهورڻ ئي نه پڄندو،
    ته ويران مقتل جو ڪهڙو ڏوهه. (ص: ۱۰۷)

    پيڙهين جون پيڙهيون لنگهيون،
    سڻڀيون جن ڳنڌيون (2) نه ڳُتيون (3) ،
    ڪيترا ورهيه ٿيا الڪن ۾،
    سـنـڌيــاڻـيــون نــه سُــتــيــون.
    چنڊ رات جي ٿڪل پھر ۾ وسمي دل چيو؛
    ڪنھن عشق کان سواءِ سُـھائـي به ڇـا رھـي.
    شاعريءَ لاءِ تبسم چوي ٿو:
    شاعري به عجب شيءِ آ، جو نيڻين کي بند ڪري،
    ويهجي، مراقبو ڪجي، دنيا نظارجي.

    عشق لاءِ چوي ٿو:
    سورن کان سواءِ سڀ منهنجو،
    تنهن جي دوستيءَ جي نانءُ
    سوچون، ننڊون، اوجاڳا،
    هڙ ئي دل لڳيءَ جي نانءُ.

    سماجي ساڃاهه کي شاعريءَ جو لباس هيئن پارايو اٿس:
    ليلا چيو؛ او ڍوليا! ڀورائيءَ جي ڀُل هئي،
    ور چيو؛ ور جو وڪڻجڻ، سوداگريءَ جي نانءُ.

    وڌيڪ لکي ٿو:
    تبسم جيڪا ڀنڀوري، جوانيءَ جي آر ۾،
    هر ڀنئوري تي ڀنڀلجي، تنهن سان لونءِ ڇا لائجي!

    ڪنهن کي ايلاز ڪندي چوي ٿو ته:
    ضبط ڪيون وتان، امتحان وٺين متان،
    مَن متان ٽٽي پوان، گهاوَ ايترا نه ڏي،
    او پرين سزا نه ڏي، درد جي دوا نه ڏي.
    تون پري، تبسم پري، وقت ويڇا ويو ڪري،
    درد جي دُکن پيا، انهن کي هوا نه ڏي!
    او پرين سزا نه ڏي، درد جي دوا نه ڏي.

    مشورو:
    پتڪڙا ماڻهو، اڏرڻ جون اهلون نه ڪر،
    اڀ ۾ هنج ڀي اٿئي، ڏاڍيون ڪڍندءِ وڏون.
    رستن ۾ صرف هڪڙو جهنگ ئي ناهي،
    ميان اداسيءَ سان هيڏي دس تي هليو آن.
    سياسي نه مهاجر نه تون ڀکشو آهين،
    ڪهڙو پلُ ٿئي، باقي ڇا تي بانوريو آن.


    ڪتاب جو پل جهومي جهول ۾: (ص: ۹۴)

    سونهن جي سرابَ ڪيئن سٽيو ڪا ڄاڻ ئي نه پئي،
    جيئڻ جو رخُ ڪٿان مٽيو ڪا ڄاڻ ئي نه پئي. (ص: ۹۵)
    رهبرن ڪاڻ هر دور ۾ پونءِ کي،
    ڪو سيد، نياز، اياز ڏيندا هلو. (ص: ۹۹)
    او ڌرتي! مان تنهنجي رکت ڏيندي ڏيندي،
    رهندو تنهن جو مان قرضي ٿيندو وڃان ٿو.
    سنڌ ٽي وي وارن جو فلمايل قومي گيت ۽ شاندار پس منظر ۾ ڳايل آهي.
    هزارين صفحن مان ڇا کڻي ڇا لکجي، ڇا ٻڌائجي ۽ اوهان ڪيترو ٻڌندا. بهتر ائين آهي ته عشق ڪيو پاڻ سان، گهر سان، محلن، ڳوٺن، شهرن ۽ سنڌ سان، سونهن ۽ انسانيت سان، شرافت ۽ خوشبوءِ سان، دائمي سڪون ڳوليو، مادي آسائشون ڪجهه ڪو نه آهن.
    تبسم جو چؤسٽو آ:
    ننگين پيرين نٽهڻ ۾ تڙڳڻ لاءِ ڊوڙي،
    چينل واهه، ڇنڊڻ ۾ موٽڻ گهران ٿو.
    او تبسم مان مطلب ته موٽي اتي ئي،
    نئون ديري جي نٽهڻ ۾ موٽڻ گهران ٿو.

    هي سوچيندڙ ڪوي، جڏهن پڙهيل لکيل حڪمرانن، آفيسرن، دانشورن ۽ دوستن جون غلط حرڪتون ڏسندو آهي ته ڏکوئجي پوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ذاتي محفلن ۾ شروع ٿيندو آهي ته آءٌ دنگ رهجي ويندو آهيان. وڏي واڪي چوندو آهي؛ ”هاڻي! هتي رهڻ جو ڪو جواز نه آهي. آمريڪا هليو ويندس.“ اتي سندس پٽ رهي ٿو. مون کي يقين آهي جيڪڏهن آمريڪا يا يورپ هليو به ويو ته ڪجهه وقت رهي وري موٽي ايندو. صرف پنهنجي ڪجهه وقت لاءِ حساسيت گهٽائيندو. جيڪو جوانيءَ ۾ سنڌ، نئون ديرو ۽ سنگت کي ڇڏي نه سگهيو، سو پوڙهائپ ۾ اجنبي ديس ۾ رهي، سڪون ڪيئن ماڻيندو!
    عبدالغفار انهن انسانن مان آهي، جن جا گهراڻا خوشحال رهيا آهن. هو هن معاشري کان لاتعلق ٿي، خوش رهي نه ٿو سگهي. هن جو جسم آسائش پسند آهي، پر هن جو روح رڙندو رهيو آهي. سندس شاعري، انھن رڙين جو عڪس/پاڇو آهي. بي قدري سنڌ ۾، الائي ڪيترا انسان آهن، جن کي هن معاشري جي بدلجڻ جو اونو آهي. ايئن ڇو آهي؟ ڇو آهي؟ ڇو جو بهتر سنڌ ۾ اسان جي اولاد ۽ سنڌ جو مستقبل آهي. معمولي ڳالهه نه آهي. ”وڍيو آهين ته ويهه! نه ته هنن ڳالهين کي معمولي ڳالهه نه سمجهه!“
    اسان جي فلاسافي، سنڌ جي فلاسافي آهي. هنن محفلن مان ڪجهه ورڻ گهرجي، نه ته ڪتابن ۾ به لڀون الائي نه! ڇو ته لپي به بدلجي پئي. هڪ دوست سفر دوران ايس ايم ايس ڪيو ته؛ ڪٿي پهتو آهين؟ جواب ۾ لکيومانس؛ “Waggan” جواب ۾ لکيائين؛ But Where. نيٺ فون ڪري ٻڌايومانس؛ ”وڳڻ پھتو آھيان پيارا!“ هاڻي سوچ ته اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي نيٽ ۽ موبائيل ڪيڏو هاڃو رسائيندي. ٻوليءَ جي ماهرن کي گڏ ٿيڻ گهرجي. رومن انگريزيءَ ۾ ۵۲ اکرن جي پٽي تيار ٿيڻ گهرجي. ڊاڪٽر خليل الله شيخ سان مان اوهان کي ملائيندس هو ماهر نه آهي، انگريزي ۽ سنڌي سٺي اٿس، ڪم جو ماڻهو آهي.
    مان سمجهان ٿو ٿه مٿين سوچن سان سھمت، رڳو اڪيلو مان ڪو نه آهيان. ڇڙ و ڇڙ، سوين نه پر هزارين اهڙين سوچن سان لاڳاپيل آهيون. پر ڪمزوري اها آهي جو اسان سياسي نه آهيون. پاڻ ۾ رابطو نه آهي. گذريل دور جا تلخ تجربا آهن. سياسي ماڻهن، نظريا ۽ ڳالهيون ته سٺيون ڪيون، پر عملي لحاظ کان ڏاڍي بداعتمادي پيدا ٿي آهي. ڀُٽي صاحب جي دور تائين، ايجنسين جي وٺ پڪڙ، لکڻ ۽ ڇپجڻ تي پابندي، ڪورٽون، سزائون ۽ وري ضياءُالحق جي دور ۾ قيد، ڪورٽون، ڪيس ۽ ڦٽڪا. هاڻي اسان سڀ شوبز جا ماڻهو ٿي ويا آهيون. جيئڻ جي خرچ پکي، هر ڪنهن کي ساڻو ڪري ڇڏيو آهي. هر هنڌ، ڪمرشل ازم آهي. نيٽ طرفان، فيس بوڪ وغيره وارين سهولتن مخصوص ماڻهن کي ڳنڍيو ته آهي پر جڏهن وڃي انھن سهولتن مان، معاشري کي سڌارڻ وارو ڪم وٺجي.
    ٻن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ، سانگهڙ پهتاسون. ماني کائي، سڀ ضلعي ڪائونسل هال پهتاسون. اتي موجود گهڻن ماڻهن کي ڏسي، سرهائي ٿي. ڊي سي عمر فاروق بلو صاحب لنچ کان وٺي گڏ هيو. بُلو صاحب، جتوئي بلوچن جو پاڙو آهي. پني عاقل ڇانوڻيءَ جي ڀرسان، پنهنجو ڳوٺ اٿن. علم الدين بُلو، تاج بلوچ ۽ غلام حيدر بُلو اتان جا آهن. هڪ نوجوان سنڌ جي حڪمرانن ۽ ڪامورن تي، چارلس نيپيئر کان محمد ميان سومرو تائين، نالي ڪتاب لکي وڏو ڪم ڪيو آهي. شايد اهو ڪم مئڊم حميده کهڙو پنهنجي دور ۾ هن کان ڪرايو هو. عبدالمؤمن بُلو، ان نوجوان جو نالو هو. ان کان علاوھ ان صاحب، سنڌ جي مختلف شھرن جا پروفائيل پڻ ترتيب ڏئي ڇپايا. عمر فاروق بلي جو خاندان، علمي ۽ ادبي گھراڻو آهي. حيدرآباد ۾، سندن وڏو، آفيسر طور آيو ۽ اتي ئي رهي پيو. عبدالمؤمن بُلو، جوانيءَ ۾ فوت ٿي ويو. اها سانگهڙ ۾ خبر پئي. فون تي وڌيڪ احوال، غلام حيدر بُلو کان ورتو، جيڪو گذريل ۱۵، ۲۰ سالن کان رابطي ۾ آهي. ساڻس ٽيچرس ٽريننگ گڏ ڪئي آهي.
    ڊي سي صاحب، عبدالغفار تبسم، ڊاڪٽر خليل الله شيخ، انعام شيخ، نصير مرزا ۽ نادر علي ابڙو صاحبان کي سڏي اسٽيج تي ويهاريو ويو. مائيڪ نواز ڪنڀر جي حوالي هئي. مهمانن کي، سوکڙي طور، اجرڪ ڏنا ويا. سول سوسائٽيءَ طرفان، آڌرڀاءُ واري تقرير ٿي. نواز ڪنڀر صاحب، وقفي وقفي سان ٻڌائيندو رهيو ته؛ هن محفل مچائڻ ۾ هنن هنن تنظيمن ۽ انهن جي روح روان فردن جو تعاون حاصل آهي. سائين! انهن جو شڪريو به ادا ڪندو رهيو.
    جهان ديده حسن وساڻ سان گڏ، امر لغاري، ممتاز لغاري ۽ ٻين ڪيترن جو ذڪر، رشيد ڪٽپر صاحب ڪندو آهي. نواز ڪنڀر جو آواز فون تي ٻڌو هو. روبرو ڏٺو ته مون کي اجنبيت محسوس ڪو نه ٿي. مرحوم ڀٽي صاحب جي دورِ حڪومت ۾، سِگا جون مرڪزي گڏجاڻيون، رمپا پلازا ڪراچيءَ ۾ ٿينديون هيون. مرڪزي آفيس به اتي ئي هئي ۽ هاڻي به اتي ئي آهي. اتي مرحوم شمشيرالحيدريءَ سان گڏ، ڊاڪٽر سليمان شيخ، ولي محمد روشن، بخش علي لاکو، ادل سومرو ۽ مرحوم خان محمد پنهور کي ڏٺو هو. شمشير جو آواز ڀاري، رعبدار ۽ منفرد هو. ڳالهائڻ جو کرو ۽ سچو. نواز کي ڏسي، سندس آواز، مائيڪ تي ڳالهائڻ جو انداز، مُرڪ ۽ خلوص موهي وڌو.
    سِگا جي ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ، گهران خرچ ڪندو هوس. ٽرين تي ايندو ويندو هوس. غربت جو زمانو هو. ڪراچيءَ ۾ امن امان هو. هڪ دفعي، ويهن روپين واري کٽ وٺي، واڻ تي بريف ڪيس مٿن کان ڏئي، ڪجهه ڪلاڪ آرام ڪيو هو. دوستن وٽ رهڻ لاءِ نه ويندو هئس. بسن تي سفر ڪبو هو. ڪينٽ تي ٽرين کان لهبو ھو ۽ چڙهبو هو. ڇا ته يادگار ڏينهن هئا! جواني، جوڀن ۽ جنون هو. هاڻي ته رڳو بوتو وڃي بچيو آهيان. روح، سنڌ ۾ ڀٽڪڻ لاءِ آتو آهي. پر خوف؛ هيڻا هڏ، گهر ڇڏي نه ٿو سگهجي. بابا مرحوم هوندو هو. انگوڇو ڪلهي تي رکي، سنگت سان نڪري پئبو هو. هاڻي ان ڏينهن پلاننگ ڪجي ئي ڪين. ٽائيم تي ڪو نه ڪو ڪم نڪري پوندو آ. هاءِ ڙي قسمت! جهڙي سنڌ، اهڙو منهنجو منُ؛ منجهيل ۽ ويڳاڻو!
    نواز ڪنڀر صاحب، واري واري سان، سامعين مان ڳالهائڻ لاءِ سڏيندو رهيو. حسن وساڻ کان پوءِ، مون کي سڏ ٿيو. حسن وساڻ صاحب، بغير ڪنهن پروٽوڪول جي اکوڙي ڊيم کي بنياد بڻائي، سنڌ جي مسئلن تي ڳالهائيندو رھيو. سماجي، ادبي ۽ علمي تقريب سان گڏ سرڪاري آفيسر به هئا. پر عشق کي ڪهڙي خبر ته حد بنديون ڇا ٿينديون آهن؟ پنجٽيھن ۳۵ سالن کان مٿي، ڪيموفلاج پائي، مون سرڪاري نوڪري ڪئي آهي.
    ٺٽي جي اڀيچند جي پيءُ، سرمد کي چيو هو؛ ”پئنچائت ۾ ڏاڍو خوار ٿيو آهيان ته تنهنجي ڇوري تي سرمد عاشق ٿيو آهي. ڏاڍي چؤ پڇؤ ٿي آهي.“ سرمد پڇيس؛ ”پوءِ ڇا ڪريان.“ چيائينس؛ ”ٺٽو ڇڏي وڃ!“ يهودي واپاري، حسن جي آڏو حواس وڃائي چڪو هو، پر پوءِ به محبوب کي ڇڏي، دهليءَ هليو ويو ھيو. ھو سمجھي نه سگھيو ته ان ۾ محبوب جي خواري آھي. اُتي اورنگزيب ۽ دارا شڪوه جي اقتدار جي ڪشمڪش ۾ ڦاهي چڙهي ويو. حسن ۽ عاشقن، ٻنهي کان مون کي جوانيءَ کان ڊپ ٿيندو آهي. احترام ۾ رهندو آهيان. پنهنجي سرڪشيءَ کي، هميشه کان لغام ڏيندو آهيان. هاڻي مان ڪٿان شروع ڪريان، ڪٿي ختم ڪريان. ماستري ڪم اچي وئي. پرور پت رکي، نه ته ڪنڊائتو رهندڙ ماڻهو، هيڏن اڪابرن، شاعرن ۽ سنجيده ماحول ۾ گفتگوءَ جو آغاز ڪرڻ به مون لاءِ مسئلو هو. مرشد لطيف جي سٽ پڙهي، تبسم صاحب جي شاعريءَ جو سهارو ورتو. ٻي جنگ عظيم، حسن وساڻ صاحب واري جرمني، موجوده سنڌ، اسان جا رويا، سنڌ جي تاريخ، سانگهڙ تي ٿيل انگريز حڪمرانن جا ڪلور. نه منهن، نه سُر؛ جيڪو منهن ۾ آيو، سو چوندو ويس. هوش ۾ رهندي، بي خوديءَ جون ڳالهيون ڪرڻ، ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. شابس آهي ٻڌندڙن کي، جو مهمان سمجهي معاف ڪيائون. ايئن واپس اچي، پنهنجي سيٽ سنڀالي.
    نواز جو سرور ڏيندڙ لهجو ۽ آواز، ڪنن تائين پهتو ته پاڻي پي ورتو. اسان لاڙڪاڻي وارن کي لفظن جي مالها مان، نوازيندو رهيو. شال! جوانن واري جذبي سان کلندو، مسڪرائيندو ۽ سچ ورهائيندو وتي. (منهنجي خواهش آهي ته اتان جو ڪو بزرگ دوست ڪارروائي کي قلمبند ڪري ته بهتر ٿيندو.)
    چوندا آهن ته؛ ”سڀ ڪجهه ورثي ۾ ملندو آهي پر ڪردار نه ملندو آهي.“ ھر مقرر، بُلي صاحب ۽ ڪٽپر صاحب جي تعريف ڪئي. ڊي سي صاحب، سمورو ٽائيم اسان سان گڏ رهيو. هر تقرير توجه سان ٻڌائين. جڏهن اسٽيج وارن جي ڳالهائڻ جو وارو آيو ته بُلي صاحب، هر اٿاريل نُڪتي جو بهترين انداز ۾ جواب ڏنو. سانگهڙ آئي، ڪجهه مهينا ٿيا اٿس. شهر جي مسئلن تي، ڪافي توجه ڏنو اٿائين. لاڙڪاڻي کان سانگهڙ بدلي ٿي آيو آهي. ڊاڪٽر خليل الله شيخ (سابق D.H.O لاڙڪاڻو) سان واقفيت اٿس. ڪمشنر صاحب وٽ، پوليو مهم ۽ نئين ديري بنگلي تي C.M وغيره سان ميٽنگن ۾، ضلعي جي سڀني کاتن جا سربراهه گڏ ٿيندا آهن.
    انعام شيخ ۽ نصير مرزا ته اسٽيج جا شهنشاهه آهن. ڊاڪٽر خليل الله شيخ ۽ نادر علي ابڙي، محبت واري انداز ۾ ميڙو مچائيندڙن ۽ تبسم بابت، ويچار ونڊيا.
    سڀني جو خيال هو ته؛ سنڌ جي مالڪي ٿيڻ گهرجي، پڇاڻو ٿيڻ گهرجي، پسند ۽ ناپسند جو دور آهي، ميرٽ نه آهي. گروهه بندي ختم ٿيڻ گهرجي، وغيره وغيره.
    تبسم (ڀَٽي صاحب) کُلي ڳالهايو. چيائين؛ ”شاعري ۽ سنڌ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ڄاڻان. سانگهڙ پهريون دفعو آيو آهيان، سڄي سنڌ گهمڻ ۽ ڏسڻ چاهيان ٿو.“ ترنم سان پنهنجو گيت ٻڌايائين. آخر ۾، ويٺلن ڀٽي صاحب کان سوال پڇيا. ڪن سوالن جا جواب ڏنائين، ڪن جي جوابن کان لنوائي ويو. ائين تقريب پڄاڻيءَ تي پهتي.
    آخر ۾ راڳ رنگ ٿيو.
    مان احسان راهوجي سان گڏ ملوڪ رند سان ملڻ لاءِ هليو ويس. واپس اچي چانهه بسڪيٽ، پيٽ حوالي ڪيا. ڊاڪٽر صاحب آفر ڏني ته ڪراچيءَ ٿا هلون. هتي رهڻ ۽ ماني وغيره جو بندوبست ٿيل هو، پر پوءِ واپس ٿيڻ تي متفق ٿياسين. ڪارن مان ٿيلها بدليا. مون سوچيو؛ ”منهنجي زندگيءَ جو يادگار ٽوئر پورو ٿيو.“ گفتگو ڪندا، ڪچهري ڪندا، ۱۲ بجي ڪراچيءَ اچي پهتاسون. عاشق پاڻ ته پريشان، پر جن سان گڏ انهن کي به لَهس.
    پي آئي اي ڪالونيءَ ۾ ڦرندا رهياسين. گهٽيون بند، اتان نڪري آياسين ته لاکاني فليٽس، مون کان ڪو نه لڀن. ايئن ٽائيم برباد ڪيو. پنهنجي خاندان ۾ ڪنهن جو عاشق نالو نه رکجو. اها منهنجي صلاح اٿو، وڌيڪ پاڻ ڄاڻو.
    ها هڪ ڳالهه رهجي وئي. خان صاحب، قاسم آباد واري گيٽ تي مليو هو. مون پٽن کي اچڻ لاءِ روڪي ڇڏيو هو ۽ ڪراچيءَ وڃڻ جو اطلاع ڏنو هو. خان صاحب جي عمر ستر جي قريب ٿيندي پر واقعي محبت جون واٽون نراليون ۽ ساراهه جوڳيون ٿين ٿيون.
    مخصوص انداز ۾ خان صاحب چيو؛ ”يار! ترسو نه! ڪراچيءَ وڃي ڇا ڪندا؟“
    جيئو کهڙا صاحب.
    ***

    _______
    (1) عبدالغفار تبسم سان، سانگهڙ جي اديب دوستن شام ملھائي، جيڪا خميس ۱۱ فيبروري ۲۰۱۶ع تي رکيل ھئي. ان ۾ شرڪت لاءِ، تبسم صاحب سان گڏ سفر ڪرڻو پيو. اھو احوال ۽ جيڪي ان دوران ڏٺو وائٺو، ھتي پڙھندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ درج ڪجي ٿو.
    (2) ڳنڌڻ = وار ويڙهڻ.
    (3) ڳُتڻ = وار ملائڻ


    6. عبدالقادر منگي(محبتن ۽ خدمتن جو سنگم)

    مختصر تعارف
    نالو: محمد بچل عرف عبدالقادر منگي ولد علي شير خان منگي
    ڄم جي تاريخ ۽ ھنڌ: ۲۶ نومبر ۱۹۴۷ع، رتوديرو، ضلعو لاڙڪاڻو.

    تعليم
    مئٽرڪ؛ رتوديرو ۱۹۶۵ع
    انٽر (پري انجنيئرنگ)؛ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۱۹۶۷ع
    بي ايس سي؛ سيدالمرسلين پاڪستان فاريسٽ انسٽيٽيوٽ پشاور يونيورسٽي ۱۹۷۰ع
    ايم-اي پوليٽيڪل سائنس؛ ۱۹۷۲ع سنڌ يونيورسٽي
    ايم-اي انگلش؛ ۱۹۸۱ع سنڌ يونيورسٽي
    بي-ايڊ سنڌ يونيورسٽي ۱۹۷۲ع
    ايل-ايل-بي؛ سنڌ يونيورسٽي ۱۹۷۸ع

    نوڪري
    رينج فاريسٽ آفيسر؛ ۱۹۷۰ ٻيلو کاتو.
    سول سروس؛ اسسٽنٽ ڪمشنر ۱۹۷۵ع (کپرو، گهارو، ٽنڊو الهيار، سجاول ۽ لاڙڪاڻو)
    ائڊيشنل ڪمشنر؛ لاڙڪاڻو.
    ڊپٽي ڪمشنر؛ ٿر.
    سيڪريٽري سنڌ
    سال ۱۹۹۳ع کان؛ لوڪل گورنمينٽ بورڊ، تعليم کاتو، سنڌ ڪلچر ۽ ٽوئرزم کاتو.
    رٽائرمينٽ
    سال؛ ۲۰۰۷ع ۾.

    مشغلو
    ۱۹۸۳ع؛ ڀنڀور سيمينار. (ڀنڀور ۽ ديبل؛ ٻه ڪتاب ڇپيا)
    ۱۹۸۵ع؛ وتايو فقير سيمينار. (وتايو فقير؛ ڪتاب ڇپيو)
    ۱۹۹۲ع؛ ٿر سيمينار. (ٿر ۽ پارڪر؛ ڪتاب ڇپيو).
    ذاتي زرعي فارم سنڀالڻ، ڪتاب پڙھڻ ۽ خريد ڪرڻ.
    عبدالقادر منگي، لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي رتيديري ۾ ڄائو ۽ وڏي لاڏ ڪوڏ سان پليو. جڏھن ته سندس پيءُ، مرحوم علي شير خان منگي، ضلع شڪارپور جي شھر مدئجي ۾ ڄائو نپنو ھيو ۽ اتان لڏي اچي رتيديري شھر منجھ رهيو ھيو. سپروائيزنگ تپيدار جي عھدي تان رٽائر ڪيو ھيائين.
    منگي صاحب کي، پنھنجي والدين ۽ مامي کان ايترو پيار مليو جو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. سال ۱۹۶۲ع ڌاري، اٺين ڪلاس ۾ ھيو جو سندس والد فوت ٿي ويو. امڙ ۽ ننڍي ڀيڻ سان گڏ، سندس مامو ديدار حسين منگي، سندس سرپرست بڻيو. سندس والد جي گهر ۾ سندس مامو، مامي ۽ ناني گڏ رهندا هئا.
    لڳ ڀڳ سٺ ستر سال اڳ، سنڌ جو اهو مثالي دور هو. امن امان، سادگي ۽ پنھنجائپ هر طرف. ائين سمجهبو هو ته پنھنجن ۽ پراون ۾ ڪو فرق ئي ڪو نه آهي. کيس، دوستن ۽ گهر ۾، محمد بچل طور سڃاتو ويندو هو. ننڍي هوندي کان ئي ذهين ۽ هوشيار هو. تعليمي نفسيات ۾ اهڙن ٻارن کي God gifted سڏيو ويندو آهي. ان جي وصف مختصر اها آهي ته اهڙا ٻار، سؤ مان صرف پنجن کان اٺن جي تعداد ۾ هوندا آهن. باقي ٻين ٻارن جي ڀيٽ ۾، ذهانت جي لحاظ کان، تمام تيز هوندا آهن.
    جڏهن ٻارن جي عمر، راند روند کيڏڻ ۽ چلولاين ڪرڻ جي هوندي آهي، تڏهن ان عمر کان محمد بچل ذهني طور وڏي عمر جو بڻجي ويو ھيو. والد جي کوٽ، کيس سنجيده بڻائي ڇڏيو ھيس. جنھنڪري، ھن ان وقت کان ئي سخت محنت ڪرڻ جو عھد ڪيو ھيو. وقت جو ذرو به ضايع نه ڪيائين. ڏاڍي سليقي ۽ ذميواريءَ سان، اٿڻ ويھڻ لڳو. دوستن ۾ نمايان حيثيت ماڻيائين. استادن کان شاباسون ورتائين. راندين روندين (والي بال وغيره) ۾ حيثيت مڃرايائين. ڪتابن کي گهربل وقت ڏنائين. نه صرف انگريزيءَ تي توجهه ڏنائين پر ڪورس جي مڙني ڪتابن سان گڏ اردو ادب جا ڪتاب پڻ مطالعي ھيٺ رکيائين. عالمن ۽ سينئر استادن مان، هُن ھر وقت پرايو. دوستن سان گڏجي اٿڻ ويھڻ، کائڻ پيئڻ ۽ وڏن وڏن ٽھڪن مان هن جو جيءُ نه ڀربو هو. هن جي اوطاق دوستن ۽ استادن سان، واندي وقت ۾، ڀريل رهندي هئي. خصوصاً آچر ۽ موڪل وارن ڏينھن تي. هاءِ اسڪول رتيديري مان ۱۹۶۵ع ڌاري مئٽرڪ پاس ڪيائين. ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۱۹۶۷ع ۾ انٽر پري انجنيئرنگ پاس ڪيائين. ميرٽ تي بي ايس سي فاريسٽ، پشاور يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. اسڪالرشپ ملندي هيس. گهران به پئسا ملندا هئس. سنھڙو، ڊگهڙو، خوبصورت ۽ سٺا ڪپڙا پائڻ وارو نوجوان عبدالقادر وڏي مزي، شوق ۽ ذميواريءَ سان ۱۹۷۰ع ۾ امتحان پاس ڪري ڊگري وٺي واپس گهر آيو.
    ساڳئي سال ۱۹۷۰ع ۾ رينج فاريسٽ آفيسر مقرر ٿيو. سال ۱۹۷۲ع ۾ بي ايڊ ۽ ۱۹۷۷ع ۾ ايل ايل بي ڪيائين. آفيسر هوندي هو مطمئن ٿي نه ويٺو. هن جي اندر واري انسان هن کي PCS ڪرڻ لاءِ اڪسايو. هونئن به ان وقت سول سروس کان وڌيڪ ٻي چارم واري نوڪري نه هئي. وڏن ٺٺن واري نوڪري سمجهي ويندي هئي. سخت محنت ڪرڻي پوندي هئي. پاڻ پوليٽيڪل سائنس ۽ انگلش ۾ ماسٽرس پڻ ڪيائين.
    سال ۱۹۷۰ع ۾ زميندار گهراڻي مان شادي ڪيائين. ائين مشھور پوليٽيشن ۽ صنعتڪار علي حسن منگيءَ جو ويجهو مائٽ ٿي ويو. سندس گهر واري، علي حسن صاحب جي گهر پلي ۽ پڙهي هئي ۽ گرامر اسڪول ۾ تعليم ورتي هئائين.
    پي سي ايس ڪري ۱۹۷۵ع ۾ سول سروس جوائن ڪيائين. کپرو، گهارو، ٽنڊوالهيار، سجاول، لاڙڪاڻو، ٿر، نوابشاهه، خيرپور، سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جھڙن مختلف شھرن ۾ نوڪريءَ جا فرائض سرانجام ڏنائين. ڀٽي صاحب جي دور حڪومت ۾، لاڙڪاڻي جي ڊي سي خالد کرل صاحب سان گڏجي ڪم ڪيائين. کرل صاحب پڙهيل لکيل، ذهين ۽ سنڌ گيمز آفيسر ھئڻ سان گڏ، ڀُٽي صاحب جو اعتماد وارو آفيسر هو. عبدالقادر کي سکڻ جو شوق هو، جنھنڪري ڏکيا ڪم پورا ڪرڻ لاءِ، هن کي چونڊيو ويندو هو. ائين نوڪريءَ جا گر ۽ داءَ-پيچ سکي، ڪندن بڻجي پچي راس ٿيو.
    چئلينج وارا ڪم ڪرڻ ۾ کيس مزو ايندو هو. هر ڪم ڏاڍي سليقي، ڍنگ ۽ پيار سان ڪندو هو. آفيسرن جو اعتماد ماڻيائين. عزت ڪمايائين، ائين آهستي آهستي هو پنھنجا پبلڪ رليشنس وڌائڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
    جڏهن پنھنجي حدن ۾ حڪمرانيءَ جي ٺٺن ۽ کاڌن پيتن مان ڍاپيو ته ۱۹۸۳ع ۾ گهارو ۾ ايس ڊي ايم هوندي پنھنجي سينئرن جي صلاحن سان سنڌ جي تاريخي ماڳ، ”ڀنڀور ۽ ديبل“ تي ميلو مچايائين. سڄي سنڌ ۾ مانُ ماڻيائين. ان وقت کان وٺي هن ڌرتيءَ تي هن جا پير پُختا ڄَميا پيا آهن. سنڌ جي چوٽيءَ جي اديبن، دانشورن ۽ محققن سان هن جا ذاتي لاڳاپا جُڙي پيا. سڀ کيس پيار ڪرڻ ۽ عزت ڏيڻ لڳا. حڪمرانيءَ جي نشي جي برعڪس هن رومانس مان جنھن مڌ جو مزو يا سرور ماڻيو اهو بلڪل نرالو هو. رشتن مان خلوص سچائي ۽ روحاني سرور حاصل ڪيائين. ان کي ئي حقيقي ملڪيت سمجهي، ساهه سان سانڍيائين.
    ڀٽي صاحب جي دور ۾ پيار علي الانا وزير تعليم جي حيثيت سان، پرڏيھي اديبن کي نينڍ ڏئي “Sindh Through Centuries” سيمينار سڏرايو. ڀنڀور وارو ميڙاڪو، ان سلسلي ۾ سنڌ جي تاريخ کي نروار ڪرڻ ۽ سڀني کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ تي بنيادي طور ٻي ڪڙي ھيو.
    سال ۱۹۸۵ع ڌاري، ٽنڊوالھيار ۾ ”وتايو سيمينار“ سڏايائين. سنڌ جي وتائي جا ٽوٽڪا، ايران جي شيخ سعدي ۽ روميءَ جي حڪايتن وانگر، سڄي سنڌ جي پڙهيلن ۽ اڻ پڙهيلن ۾ سينه به سينه مشھور ھيا. سنڌ جو وتايو، ايراني شاعرن وانگر، شاعر نه هو. جڏھن ته سندس ٽوٽڪن منجھ سادن لفظن ۾ لڪل ناصحانه نُڪتا ڪنھن کان به گهٽ نه هئا. وتايي فقير تي مارڪيٽ ۾ ڪو به مستند ڪتاب موجود نه هو. عبدالقادر، هن فقير منش جي ڳالهين کي مختلف ليکڪن کان لکرائي، بھترين ڪتاب ڇپرائي، سنڌ وارن کي پڙهڻ لاءِ آڇيو. پاڻ مرتب بڻيو. اهڙي نموني درويش وتايي جي سينه به سينه سفر ڪندڙ ماڻڪن ۽ موتين جھڙين ڳالهين کي ڇنڊي، ڦوڪي، تراشي ۽ صاف ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي خزاني ۾ اضافو ڪرڻ سان گڏ ٻين لاءِ مثال ڇڏيائين ۽ دعوت ڏنائين ته ”سنڌ جو انمول خزانو“ اڃا گهڻو آهي، اچو ته گڏجي ان کي سنڀاليون. هي سندس ٻيو ڪارنامو هو.
    هن جون ڪوششون ڏسي، ٻيا آفيسر به سندس نقش قدم تي هلڻ لڳا، ۽ ساڳي طرز تي ڪوششون وٺڻ لڳا. ائين بيوروڪريسي ۾ ڪيترا ئي آفيسر ڏسندي ئي ڏسندي دانشور بڻجي ويا. عام کوجنا ڪندڙ بجاءِ آفيسرن، سھولتون ھئڻ ڪري هنڌ هنڌ وڃي سنڌي ادب ۽ تاريخ لاءِ ڪافي ڪم ڪيو آهي. ضرورت آهي وتائي فقير وارو ڪتاب انگريزي ٻوليءَ ۾ شايع ڪرائي فقير جا ماڻڪ، موتي ۽ لال جھڙا گفتا دنيا تائين پھچائجن.
    آفيسرن ۾ وڏيون اميدون ڪو نه رکبيون آهن. کين ”ييس سر“ آفيسر سمجهبو آهي. جيڪي هر وقت حڪمرانن کي خوش رکڻ جي چڪر ۾ هوندا آھن ۽ ائين پروموشن وٺندا رهندا آهن.
    آفيسر هجڻ ڪري، عبدالقادر منگي صاحب کي، ڪجهه نقصان به رسيو آهي. پر هن جيڪا عزت ۽ مڃتا ماڻي آهي، ان سان هر ڪنھن کي ريس ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ سان پيار ڪري ان جي نقشِ قدم تي هلڻ گهرجي.
    هر سال هر ضلعي جو آفيسر، هڪ ڪتاب سنڌين ۽ سنڌي ٻوليءَ سان محبت جي ثبوت طور پاڻ لکي يا ٻين کان لکرائي ته جيڪر آساني ٿي پوي. سڀني جو قرض لھي پوي ۽ سنڌ جو پوشيده خزانو سامھون اچي وڃي.
    محترمه جي سال ۱۹۸۸ع واري دور حڪومت ۾، لاڙڪاڻي اندر ايڊيشنل ڪمشنر طور ڪم ڪيائين. ان وقت لاڙڪاڻي ڊويزن جو ڪمشنر، ڪي بي رند صاحب هو. فطرت ۽ قدرت جا به عجيب ڪرشما آهن. محمد بچل ننڍو هو ته والد وفات ڪري ويس. ڪيريئر جي سونھري سفر جي ابتدا ۾ گهر واري اوچتو بيمار ٿي راهِ اجل ڏانھن هلي ويس. اهو سال ۱۹۹۱ع هو.
    لڳ لاڳاپا، ڊاڪٽر، دوائون ۽ دولت وغيره ڪجهه ڪو نه ڪري سگهيا. قضا آڏو ھر ڪو لاچار ٿي پيو. جنھن نقطي تان، ننڍي هوندي کان سفر شروع ڪيو ھيائين، ان سرڪل جو نڪتو وري اُتي اچي بيھي رهيو هو. هڪ پٽ، ٻه جوان نياڻيون، جن کي پيءُ سان گڏ ماءُ جي گهڻي ضرورت هئي. هنن چئن فردن جو ڪٽنب رضا تي راضي هو. صبر ڪيائون ۽ هڪٻئي جا اَپل ۽ آسرو بڻجي پيا. مِٽ مائٽ ۽ لوڪ؛ تماشائي. ھر ڪو ڀت کائڻ وارو، ڪجهه آٿت ڏيڻ وارو ۽ ڪجھ چوڻ بعد، گهر هليو وڃڻ وارو.
    قدرت جا ڪرشما، ماڻهوءَ کي مجبور ڪندا آهن ته هو سوچي، پنھنجي مالڪ ۽ ڏکويل انسانيت تي توجهه ڏئي ۽ انھن جي بھتريءَ لاءِ جاکوڙ ڪري. هيءَ دنيا؛ مايا يا رُڃ آهي. جيڪو ڪجهه سامھون آهي؛ سو سڀ عارضي آهي. دائمي نه آهي بلڪ هر شيءِ فاني آهي. ذهني خلفشار ۽ پيڙا ۾، دردن ۽ سورن جي پينگهي مان لڏندي، ڳوڙها لڪائيندي اولاد کي وڌيڪ قرب ڏيندي، همت ڪندي جيئڻ لڳو.
    سال ۱۹۹۲ع ڌاري ٿر جو ڊپٽي ڪمشنر مقرر ٿيو. لاڙڪاڻو وقتي طور کائڻ لڳس. جلدي تياري ڪري، پنھنجي معصوم ۽ ڏکويل ٻارن سان گڏ ”مٺيءَ“ پھتو. وهمن ۾ سوچيندي باٿ روم ۾ ضرور ڳوڙها ڳاڙيا هوندائين ۽ من ئي من ۾ اھو ضرور ڀڻڪيو ھوندائين؛ ”يا خدا! هيءُ ڪھڙو امتحان آهي؟“
    مٺيءَ پھتو ته هو حاڪم نه بلڪ ھڪ دردوند انسان هو. کيس سمورا ٿري، ”يتيم“ ۽ ”بي واها“ لڳا. سندس درد جي دوا اھا شيءِ بڻي ته هو سندن همدرد ۽ خيرخواهه ٿي پوي. ائين برابر ڪيائين ۽ ان ۾ ئي هو سڪون ماڻڻ لڳو. ھو پنھنجي وجود جي ذري ذري کي، ائين ڪرڻ سان، Re-build ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
    ٿر جا مارو ماڻهو؛ حڪمرانن، روينيو، پوليس، رينجرس ۽ فوج کان ڊڄندا ۽ پري ڀڄندا هئا پر منگي عبدالقادر جي رويي، کين تبديل ڪري ڇڏيو. بغير ڪنھن پروٽوڪول جي ڏينھن رات وٽس اچي پنھنجا ڏک سور ونڊيندا ھيا. موٽ ۾ ٿرين، کيس ايترو ته قرب ڏنو جو زخم ته ڀرجي ويس پر سندن فلاح ۽ بھبود لاءِ ۱۹۹۲ع ڌاري ”ٿر سيمينار“ سڏرايائين. ٿر تي بنيادي ڪتاب اڳ ۾ ئي موجود هئا، جيڪي انگريزن جا لکيل ھيا. اردوءَ ۾ پڻ کوڙ ڪتاب لکيل ھيا. سنڌيءَ ۾ پڻ تاريخ ريگستان ۽ سيرِ ريگستان وغيره موجود هئا. تنھن هوندي به گهڻو ڪجهه رهيل هو. منگي صاحب سڄي سنڌ جي محققن ۽ دانشورن کي سنڌ جي ڏکي، ڏکويل ۽ مفلس مارن جي ديس ۾ اچڻ جي نينڍ ڏني. ڏاھن پنھنجي محنت، ڪاوش ۽ جاکوڙ سان اھا موٽ ڏنس جو سنڌ جي نقشي تي ٿر ڄڻ نمايان ٿي پيو.
    ٿر جي مسئلن جي حل بابت آيل تجويزن ۽ تحقيقي مقالن کي گڏ ڪري، ”ٿر“ نالي نئين ڪتاب جو مرتب بڻيو. هٿ ۾ ڪو الادين جو چراغ نه ھيس پر خلوص ۽ سچائيءَ سان سڀني کي مجبور ڪيائين، جنھن سان سڀني ساڻس تعاون ڪيو. پاڻ ڄڻ ٿرين لاءِ Devoted هو.
    ٿر؛ سنڌ جو آخري حصو، دردن ۽ ڏکن جو ديس آهي. وسڪاري جي موسم ته بھار جي موسم وانگر گذري ويندي آهي. ان وسڪاري ۾ ٿر جنت بڻبو آهي. تڏهن به ڏسڻ وٽان آهي. پر ڏڪار ۾ هي خطو ”دوزخ جو ٽڪرو“ بڻجي پوندو آهي. اهو درد ٽي وي تي ڏسڻ ۽ ڪتابن ۾ پڙهڻ بجاءِ، اکين سان ڏسجي ٿو ته احساس وڌي ٿو وڃي. دل مان بي اختيار نڪريو وڃي؛ ”اڃا اسان تاريخ کان اڳ واري دور ۾ رهون ٿا.“
    هڪ انگريز مئجسٽريٽ جو لکيل دستاويز، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، ڇپائي ورتائين. مٿس نالو ڏنائين؛ ”ٿر ۽ پارڪر“.
    ٿر سيمينار ۾، مردن سان گڏ عورتون به شريڪ ٿيون هيون. کين اهو اعتماد هو ته؛ ”ڀاءُ عبدالقادر، ميزبان آهي. اسان کي ڪا ڏکيائي نه ٿيندي.“ تنھن وقت ٿر جو سفر، ڏاڍو ڏکيو ھوندو ھيو. هاڻي واريون، روڊن رستن ۽ پاڻيءَ ڪانجھيءَ جون سھوليتون ميسر نه هيون.
    غريب ٿري ماڻھن کي زندگيءَ ۾، مال متاع ته پري رهيو، ٻه مٺا ٻول به آفيسرن نه ڏنا ھوندا. جڏهن پاڻ وٽ، پاڻ جھڙي دل رکندڙ آفيسر ڏٺائون ته چوڻ لڳا؛ ”منگي صاحب جو هيليڪاپٽر به اسان جو آهي. اچو ته ان تي چڙهي گھمون.“ ائين منگي صاحب، پنھنجائپ ۽ قرب واري ڌاڳي ۾، کين جڪڙي ڇڏيو.
    منجھس ڪوتاهيون به آهن. اھڙيون ڪميون ڪوتاھيون، ٻين آفيسرن ۾ به هونديون. نه ملان آھي، نه وري موالي آهي. سي سڀ مزا ماڻيا اٿائين، جيڪي مزا ماڻڻ، مڙيئي آفيسر پنھنجو حق سمجهندا آهن. سندس طبيعت جي انفراديت اها آهي ته هر طبقي ۽ خوءِ جي ماڻهوءَ سان ڏاڍي خوش اسلوبيءَ سان نڀائيندو ايندو آهي. نفسيات جو ماهر آهي. ڳالھائيندي ڳالھائيندي خاموش ٿي ويندو آهي. جوانيءَ سان گڏ ڪاوڙ کي الوداع چيو اٿائين. موسيقيءَ کي ضرورت سمجهندو آهي. تنھنڪري سندس باري ۾ ٻن راين مان ھڪ رايو رکي سگهجي ٿو؛ يا ”ھو حُسن جو دلداده آهي“ يا ”ھو حسن کي پنھنجي ضرورت سمجهي ٿو.“
    نوڪريءَ دوران هميشه پنھنجي ٽيبل تي انگلش ڊڪشنري ضرور رکندو هو، جيتوڻيڪ انگريزي سُٺي ۽ ڊڪٽيشن پڪي ھيس.
    نواب شاهه، خيرپور ۽ سکر ضلعن اندر، ضلعي آفيسر طور ڊيوٽي ڪيائين. خيرپور ۾ وڏي نياڻيءَ جي شادي ڪرايائين. پنھنجي پٽ ڊاڪٽر انيس جو گهر وسايائين. آخر پاڻ به شادي ڪيائين. سنڌ جي مشھور، زميندار علمي ۽ ادبي گهراڻي ”کرل ڪٽنب“ مان شادي ڪيائين. نسيم کرل سنڌ جو مشھور ڪھاڻيڪار هو. فھيم کرل صاحب سندس پراڻو واقفڪار ۽ دوست هو. ائين ٻنھي ڪٽنبن پنھنجا لاڳاپا قائم ڪيا ۽ شادي ارينج مئريج ٿي.
    سندس ٻي يا موجودھ گهر واري ”مسلم هسٽري“ جي پروفيسر آهي. ان کان علاوھ گھرو معاملن ۾ ايتري ته ذميواري محسوس ڪندي آھي جو پنھنجي ٻنھي پٽن؛ علي ۽ عريض کي، هوم ورڪ ڪرائڻ ۾ سندن هٿ پڻ ونڊائيندي آهي.
    سنڌ جي سمنڊ ڪناري، ڪراچي شھر جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ رهي ٿو. سُٺن ڪتابن سان ڀريل لائبريري، ترتيب سان سانڍي اٿائين. اُتان، ڪمري جي دالان يا ڊرائينگ روم منجھان لھرون ھڻندڙ سمنڊ ۽ تارن ڀريي آسمان جو نظارو پسي سگھجي ٿو.
    حيدرآباد جي ايامڪاريءَ دوران، آخري نياڻيءَ جي شادي ڪرايائين. روايت پسند آهي. ٻئي نياڻيون خيروديرو جي منگين وٽ پرڻايون اٿائين. پٽس ڊاڪٽر انيس جي شادي، پنھنجي ماروٽ سان ٿيل آهي. ننھن ڊاڪٽرياڻي اٿس.
    سنڌ ڪلچر ۽ ٽوئرزم کاتي جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان ڪافي عملي منصوبا جوڙيائين. رقم مختص ڪرائي انھن جون پي سي ون وغيرھ منظور ڪرايائين.
    سال ۲۰۰۷ع ۾ رٽائر ٿيڻ کان اڳ، عمرڪوٽ ۾ ٻيو اوپن عوامي ٿر سيمينار سڏرايائين. ڪافي ماڻهو شريڪ ٿيا. مقامي رانديون، اسٽال، راڳ رنگ وغيره ۾، خاص سان گڏ عام ماڻهن پڻ مزو ماڻيو.
    ايم ڪيو ايم جو وزير رئوف صديقي هن سان ڪو نه ٺھندو هو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ”گورک هل“ اسٽيشن جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ٿيو. تيستائين عھدي تي ڪم ڪندو رهيو جيستائين سپريم ڪورٽ سال ۲۰۱۱ع ۾ رٽائر آفيسرن جو، ڏنل واڌ وارو مدو ختم ڪري، کين عھدن تان هٽائڻ جو آرڊر جاري نه ڪيو.
    ڪي ٽي بندر جي اوريان، روڊ جي لڳ، پنھنجي زرعي فارم تي پنھنجي پيءُ مرحوم جي نالي ”علي شير خان منگي“ ڳوٺ ٻڌرايو اٿائين. رهائش، بجلي، وڻراهه، فصل؛ چَڪوءَ ۽ ناريل جا وڻ، هاري ۽ سندن صلاحيتن کي ڏسي حيرت ۾ پوڻ لازمي آهي. چوڌاري ۽ وچ مان رستا جوڙايا اٿائين. فارم کي گهمي ۽ ڏسي، هارين کي صلاحون ڏيندو آهي. روايتي زميندار نه آهي. هاري هن سان پيار ڪندا آهن، ڇو ته هو هنن جي ضرورتن جو خيال رکندو آهي.
    سال ۲۰۱۴ع جي شروع ۾ فارم تي (ڳوٺ ۾) ٻه پرائمري استاد، تعليم کاتي کان مقرر ڪرايائين. اسڪول کولرايو اٿائين. هڪ سؤ کان وڌيڪ ٻار پڙهن ٿا.
    سندس چوڻ آھي؛ ”ٿورڙن ماڻهن کي خبر آهي ته خير جي ڪمن ۾ ڪيترو روحاني سُڪون ملي ٿو.“

    قلم تازو:
    ڏھ اپريل ۲۰۱۵ع تي منگي صاحب سان لاڙڪاڻي رهيل هيس. عنايت ميمڻ صاحب کي فون ڪري گذارش ڪئي ته ڪچھريءَ لاءِ اچو. هُن مھرباني ڪئي. رات جو دير تائين ادبي، سياسي ۽ معاشرتي اورون اوريندا رهياسين. منگي صاحب خيرپور مان آيو هو ۽ بھتر موڊ ۾ هو. خيرپور ۾ قربان منگيءَ ”ٿر“ بابت منگي صاحب جو مرتب ڪيل ڪتاب جو ٽيون ايڊيشن شايع ڪرايو هو. ان جي مھورت جو ساراهه جوڳو پروگرام ٿيو هو.
    صبح جو تيار ٿي رتيديري لاءِ روانا ٿياسي. تقريباً ۱۱ وڳي ڌاري ”لطيف لئبريري“ رتيديري پھتاسين. محترم شمس الدين ڪلهوڙو (سر شاهنواز لائبريري لاڙڪاڻه جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر)، محمد يوسف چنه ۽ ٻين اسٽاف ميمبرن سان اچي مليو.
    اصل ۾ منگي صاحب پنھنجا گڏ ڪيل نوان ۽ پراڻا ڪتاب، رسالا جيڪي هزارن ۾ ٿيندا، اُهي لطيف لئبريريءَ کي ڏنا آهن. گهٽ ۾ گهٽ چئن پنجن مھينن جي محنت سان، ڪلھوڙو صاحب، شيشن جا ڪٻٽ هٿ ڪري ”عبدالقادر منگي ڪارنر“ سجائي، منگي صاحب کان افتتاح ڪرايو. بلڪل سادي، مختصر ۽ منفرد تـقريب هئي. سُٺي ريفريشمينٽ جو بندوبست ٿيل هو. مون کي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي رهي هئي. کوٽ محمد حسن ڪٽپر جي محسوس ڪيم، خبر پئي ته اهو ڪراچيءَ ويل هو.
    ڪلھوڙو صاحب ڏاڍو ذميوار ۽ منفرد آفيسر لڳو. منگي صاحب سان هلندي الائي ڪيترن ماڻهن سان ملڻ ٿيو آهي پر هِن جھڙو ماڻهو جيڪو ”سنڌ ڌرتيءَ جو ڪلھوڙو ۽ سنڌي هجڻ“ تي فخر ڪندو هجي، مون سان ڪو نه مليو آهي. مون کي لڳو، سنڌين ۽ ڌرتيءَ سان وابستگي، هن جي جهول ۾ هميشه عزت ۽ عافيت آڻيندي رهندي.
    بعد ۾ مائٽن ۽ منگي صاحب جي دوستن سان وقت گذري ويو. رات جو ۱۱-اپريل ۲۰۱۵ع تي ”سنڌي ادبي سنگت شاخ رتيديري“ جي پليٽفارم تان ”سيد وريل شاهه“ ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب ۽ مشاعري جو بندوبست ٿيل هو. سائين ديدار حسين شاهه، ملھار سنڌي ۽ راجا شاهه جن پنھنجي ساٿ سان آيل مھمانن جي آجيان ڪئي. مھمان ماني کائڻ کان فارغ ٿيا ته جلسي جي ڪاروائي شروع ٿي. عبدالقادر منگي، جيئل اوڏ، بشير منگيءَ سان گڏ ۳۰-۴۰ اديبن، شاعرن، سماجي ورڪرن ۽ پريس وارن کي ”سيد وريل شاهه ايوارڊ“ ڏنا ويا. مرحوم وريل شاهه جي زندگيءَ جي سڀني پاسن تي روشني وڌي وئي. ڊاڪٽر مشتاق ڦل، ناياب سرڪش سنڌي ۽ ٻيا ڪافي ٻاهران آيل مھمان هئا. مون کي رتيديري جو ادبي لڏو ڏاڍو وڻيو. نوجوانن جو وڏو تعداد ڏاڍو سنجيده لڳو. ٽيم ورڪ جو ڪم ساراهه جوڳو هو. منھنجي اندرِ جا آتش ماٺي ٿي چُڪي هئي، سالن کان پوءِ سُڪون سان ڪجهه ٻُڌو ۽ ڏٺو هيم. سائين ديدار حسين شاهه آخر تائين اسٽيج تي ويٺو رهيو. رات جو ۲ وڳي پروگرام پڄاڻيءَ تي پھتو. هر ڪنھن مسڪرايو. منگي صاحب، منظور علي سومري ۽ مون پوءِ به ڪافي ٽائيم ڪچھري ڪئي. اندر ۾ سُڪون آ ته پوءِ ننڊ ڇا جي؟
    مھينن گذرڻ کان پوءِ احوال لکيو اٿم. اکيون ٻوٽي سڄي منظر کي Recall ڪيان ٿو ته سرتاج جاگيراڻيءَ جي ايندي شاعري ڪَرُ کڻي سامھون اچي ٿي. مان سوچيان ٿو: سرتاج وٽ ايڏو درد ڇو آهي؟ هي صرف بحر وزن جي هيرا-ڦيري آهي يا مرد ۽ انسانيت جي ازلي تذليل جو اولڙو. مون يڪدم چئي ڏنو، ”مصنوعيت“ کي ايڏو اثر نه هوندو آهي. سرتاج ڪير آهي؟ ادي ناياب کان پڇي سگهو ٿا. مون کي لڳي ٿو اڃا ڪنھن جو حق رهي ٿو. معذرت! ڇو جو سَڀُ ڳالهيون سَلڻ جھڙيون به نه هونديون. پرين جي پيار جي به ڪا مَھل ٿيندي آهي. وري ٻئي دفعي اوري وٺبي ڪا ڳالهه! ڪا ڳالهڙي!!
    ***

    نوٽ: مٿيون آرٽيڪل ”سوجهرو“ نومبر ۲۰۱۴ع ڌاري ”عبدالقادر منگي ڪارنر“ ۾ شايع ٿيل آهي.


    7. قاضي مقصود ”گُل“(فقيرمنش ۽ ڏاھو انسان)

    هر ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ ڪي اهڙا ماڻهو ضرور ايندا آهن، جن جي ياد موسيقيءَ ۽ سنڌ جي لوڪ گيتن وانگر ڪنن ۾ ٻُرندي رهندي آهي. وڃڻ وارا وڃي ماڳ رسندا آهن پر سندن ڪي ڳالهيون ۽ خوبيون، ڪي وَڙَ ۽ پيغام، جيئرن لاءِ جيئرا مثال بڻجي پوندا آهن. پروفيسر نذير احمد سومري ۽ بزرگ دوست محمد ايوب قادريءَ کان پوءِ قاضي مقصود ”گُل“ (1) (۱۹۵۰ع کان ۲۰۱۵ع تائين) جو وڇڙي وڃڻ، نه صرف مون لاءِ ڏکوئيندڙ آهي پر علم ۽ ادب لاءِ به وڏو نقصان آهي.
    قاضي صاحب مسلسل لکندو ۽ ڇپجندو رهندو هو. مان کيس عقيدت مان ”پورهيت اديب ۽ دانشور“ سڏيندو هوس. اٿڻ ويھڻ ۾ ڊپلوميسي، مصنوعيت يا تيري ميري نه هوندي ھيس. معصوم ٻار جھڙو سڀاءُ ھيس.
    هاءِ اسڪول مان شاگردن سان مَٿاڪُٽ (پڙهائي) ڪري محمد خان سيال ڪپڙي واري جي دوڪان (سوناري جَڳو مل، هاڻي ڀاڳچند) وٽان گذرندو هوس ته دوڪان ۾ قاضي صاحب جي ”ادبي چوياري“ مَتل هوندي هئي. مرحوم مختار گهمرو هميشه ساڻس گڏ هوندو هو. ٻه-چار ٻيا شھر جا نوجوان محفل ۾ هوندا هئس. محمد خان سيال ۽ قاضي صاحب، شھر جي اديبن ۽ شاعرن جا استاد آهن. وٽانئن ئي هنن ”علم عروض“ يا شاعريءَ جو علم سکيو. منٺار سولنگي مرحوم، منظور منگي، ابراهيم خليل ۽ اياز جاني مرحوم وغيره علم ادب جا مشھور نالا آهن. مون کي محبت ۽ جھيڙي کان سواءِ ڪجهه ڪو نه اچي، سو صرف ماستر ئي رهيس. شاعر ۽ دانشور ٿي نه سگهيس.
    منجهند جي ماني کائي، ٿورو آرام ڪري، ڪڏهن ڪڏهن سائينءَ سان ڪچھريءَ لاءِ دوڪان تي اچي ويھندو هوس. سيال ۽ قاضي صاحب سان خوب رهاڻيون ٿينديون هيون. محمد خان جو دوڪان ته نالي ۾ هو، پر ھيو ”علم ادب جي اوطاق“. وڃڻ ۾ ”ناغو“ ٿيندو هو ته محمد خان سيال چئي ڏيندو هو ته ”عاشق! محبوبن کي ته نه وسار!“
    هڪ دفعي ”فاضل راهوءَ“ جي چاليھي تان، مقصود ”گُل“ قاضي صاحب واپس آيو ته کانئس حال احوال ورتم. سربستو احوال ڏنائين. هڪ ڏکوئيندڙ خبر ڏنائين ته ”شگرمل جو آفيسر آهيان، پنھنجي ٻولي ۽ علم ادب جي واڌاري لاءِ، پنھنجي دل ۽ دماغ جي هٿان مجبور ٿي، تڏڙو وڇائي، راهوڪيءَ ۾ پنڊال ۾ ٻئي ڇوڪري سان ڪتاب رکي، اسٽال هنيو. اسان کي ڪمائڻو ته ڪو نه هو پر اُتان جي شريڪ سنگت اجنبيت جو اظھار ڪيو. مون کيس عرض ڪيو ته؛ ”بس سائين! حضرت عشق، عاشقن سان ائين ڪندو آهي. وري اهڙو ڪم نه ڪجانءِ ۽ نه وري ڪنھن کي ٻُڌائجانءِ. اسان سڀ، ڳالهين جا ڳھير آهيون. هتي رُڳي رُڃ آهي، سائين رُڃ!“
    ”ها ادا سچ ٿو چوين، پڇتاءُ نه آهي. پنھنجو سفر جاري رهندو. مَٽجڻ ۽ اعتبار ڇڏڻ به ڏاڍو ڏکيو آهي.“
    سو سائين! سنڌي اهڙا عالم ۽ دانشور هجن پوءِ ڏسون ته ”سنڌي ٻولي، قومي ٻولي“ ڪيئن نه ٿي ٿئي؟ هتي اڪثريت بدبودار ڪردار، پاڻ پڏائڻ وارن ۽ گلاخور ڏاهن جي آهي. پوءِ سنڌي ٻوليءَ جا مسئلا ڇو حل ٿيندا؟ شگرمل نئون ديرو جي آفيسري تان استعفى ڏئي، پنھنجا پرائيويٽ اسڪول کوليائين. اغوا ٿيو، وري موٽي آيو. ساڳي طبيعت، ساڳي مرڪ، ساڳيو وهنوار. سائينءَ سان ڏيٺ ويٺ ته تڏهن کان ھئي جڏهن کان مان پرائمري اسڪول مسوديري ۾ پڙهندو هوس. سندس والد مرحوم ”سائين عبدالحي ’قائل‘ منھنجو اُستاد آهي.
    سائين قاضي صاحب وڏو (عبدالحي قائل) منھنجن وڏڙن بزرگن سان واسطو رکندڙ هو. ٽانگي تي چڙهي مسوديري ايندو هو. هڪ دفعي اسان ٻارَ بيٺا هئاسون ته سائينءَ پنھنجو لَڪڻ (Stick) اسان جي وڏي کي کولي ڏيکاريو هو. هٿ وجهڻ وارو ”مُٺيو“ کوليائين ته ان ۾ ”خنجر“ يا ”ننڍي تلوار يا نيزو“ لڳل هو. اسان سڀ ٻار حيرت ۾ پئجي وياسين. لڪڻ جو هيٺيون ڪاٺ جو حصو پورو هو.
    سائين قاضي صاحب وڏو، رتيديري هاءِ اسڪول جو اُستاد، پر رتيديري سان گڏ آسپاس جي شاگردن جو ”محسن“ هو. ڏاڍو سخت گير هو. اصل ۾ سنڌي چوڻي ”ٻار ۽ مُڇ جو وار“ کي مروڙيو نه ته اصل سِڌا نه ٿيندا. مرحوم جمال ابڙي به پنھنجي سوانح حيات ۾ پڻ ٻارن کي پڙهائي ۽ اخلاق بابت ڪا رعايت ڏيڻ جي خلاف لکيو آهي. مھذب دنيا ۾ اڄ به اسڪولن ۽ هاسٽلن ۾ شاگردن جي سکيا لاءِ سخت ضابطا آهن. اصل ۾ ۲۴ ڪلاڪن جو شيڊول ڪنھن ڪيڊٽ ڪاليج جي شاگردن سان رهاڻ ڪري ڏسو.
    اسان جي اسڪول پڙهڻ دوران، ميڊيڪل ۽ انجنيئرگ ۾ انٽر کان پوءِ سليڪٽ ٿيڻ، شاگردن لاءِ سُٺو سنئوڻ هوندو هو. والدين جي نيڪ-ناميءَ ۽ عزت جو سبب اهڙو اولاد بڻبا هئا. قاضي مقصود گل جو وڏو ڀاءُ قاضي اختر حيات ۽ سائين غلام الله لاشاري (لاشاري ڳوٺ) جو وڏو پٽ محمد صالح لاشاري ميڊيڪل ۾ سليڪٽ ٿيا هئا. مقصد آهي ته؛ گهر جي تربيت، ذهانت کي هٿي ڏئي ٿي.
    جڏهن مان ڏڪندڙ هٿن سان لکڻ شروع ڪيو ته ٿورا ماڻهو هئا جن همٿايو هو. ”گُل“ صاحب انھن ۾ نمايان هو. هميشه چوندو هو؛ ”لکندو رهه! ڇپجڻ، بعد جو قصو آهي. جنون جَهڪو ٿيڻ کان اڳ، لکي وَٺُ!“ منھنجين يادن جون ٻه سيريز پڙهي، مفصل تبصرو ڪيائين. صلاحون ڏنائين. اخبارن ۾ ڪالم لکڻ لاءِ چيائين. پنھنجن دوستن (ايڊيٽرن) ڏانھن خط ۽ فون وغيره ڪرڻ لاءِ پڻ چيائين. مون پنھنجي زندگيءَ ۾ دوستن جو دوستن سان ورتاءُ ائين محسوس ڪيو آھي، جيئن مارڻي مينھن جو ڪاسائيءَ سان ھجي. هُنن جا نفرت ڀريل نيڻ ڏٺا آهن، ڏاڍا ڏکوئيندڙ جملا سَٺا آهن. قاضي صاحب جي ايڏي پنھنجائپ، مون کي قبر تائين ياد رهندي. منھنجي هڪ دوست ”لارين“ آهي. هُن جو منھنجي لکڻين ۾ وڏو هٿ آهي. ان جو به مون تي حق آهي ته هُنَ جي احسانن کي به عام ڪيان. احسان جو بدلو احسان ئي ته آهي! پر بدلي ۾ جيڪو احسان ڪجي ٿو ان جي اهميت نه آهي. بغير مفاد جي ”احسان“ جو هجڻ هميشه مٿانھون رهي ٿو. ڏيندڙ هٿ مٿانھون ۽ وٺندڙ هٿ هميشه هيٺانھون رهي ٿو.
    تعزيتي ميڙاڪي ۾ جڏهن منظور منگيءَ ڳالھائڻ لاءِ سڏيو هو ته مان پاڻ کي ضابطي اندر رکڻ ۾ ناڪام ٿيو هيس. پرائي محفل ۾ مان پنھنجو پاڻ لاءِ تماشو بڻجي پيو هوس. منھنجي اکين ڳوڙها ڏٺا ئي ڪو نه آهن. اهڙي ڪيفيت زندگيءَ ۾ ٻه چار دفعا پَسي اٿم. دنيا تي ڪنھن جو وَسُ ڪو نه ٿو ٿئي، پر پنھنجو پاڻُ اوپرو ٿي وڃي ته ٻين تي ميارون ڪھڙيون. ڪڏهن ڪڏهن پٿر به پاڻي ٿي پوندا آهن. اندرَ جِهڄي پوندو آهي.
    قاضي مقصود گل، بُلند اخلاق جو مالڪ هو. مون کيس سڀني جو همدرد ڏٺو. ڪنھن جي گلا ڪرڻ وارو نه هو. بردبار ۽ سنجيده هو. سيد احمد شاھ عرف ”اُستاد“ بخاري، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ عطا محمد ”حامي“ جو پروانو هو. دادوءَ ۾ استاد بخاريءَ سان رهاڻ هئي. پروفيسر نذير سومرو ۽ قاضي صاحب، ڳالھائڻ لاءِ چيو هيو پر مون پاڻ ۾ همت نه ڀانئي هئي.
    مون کي سووينيئر ۽ فوٽو اسٽيٽ مواد هميشه موڪليندو رهندو هو. سڄيءَ سنڌ ۾ هلندو هو. ملندا هئاسون ته سڀ احوال اوري وٺندو هو. اسان جي وچ ۾ رابطي لاءِ خط، موبائيل ۽ قاضي خالد هوندو هو. خالد کي اسان محبت مان ”قاضي جاڙو“ سڏيندا آهيون.
    هڪ دفعي قاضي صاحب فون ڪري چيو؛ ”فلاڻي ماڻهوءَ کي فلاڻو مئٽر ڏيو.“ مان ڪمري جي رپيئر ڪرائي رهيو هيس، جنھنڪري سڀ ڪتاب ۽ فائيل مڪس ٿي ويا. يارهن مھينن کان پوءِ مئٽر مليو ته فوٽو اسٽيٽ ڪرائي ان دوست تائين پھچايا هيم. ائين پاڻ تان ذهني بوجھ ھٽائي هلڪو ٿيو هيم. زندگيءَ ۾ ڪجهه گهريائين، سو به ٻئي ماڻهوءَ لاءِ. هو مون لاءِ شاهه جي ”جکرو“ وانگر هو.
    هڪ خط ۾ وڏي قاضي صاحب جي اسٽڪ جو ذڪر ڪيم. وڌيڪ کيس لکيو هيم ته اسان جي ويڙهي ۾ ادا بشير جن وٽ به تلوار هوندي هئي جيڪا ايوب خان جي مارشل لا ۾ گم ٿي وئي. جواب، خط ۾ ئي لکيائين. ان ۾ نشاندھي ڪيائين؛ ”اُها تلوار گم ٿيل نه آهي. بلڪ تنھنجي ويڙهي جي هڪ مرد هَٿان، فلاڻن ماڻهن تائين پھتل آهي.“ هُن اها معلومات ادا بشير کان ورتي هوندي. ان مان چٽائي ٿئي ته ڏاڍو سَپورنج ماڻھو ھيو.
    سال ۲۰۱۵ع، شروع کان ئي سنڌ لاءِ ڏاڍو ڳَرو سال ثابت ٿيو آهي. خالد محمود سومري جي شھادت، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي موڪلاڻي (ديھانت)، نئين ديري جي ڪامريڊ عبدالحميد سومري جي وفات ۽ قاضي مقصود جو وڇوڙو. رڳو تعزيتي پروگرام ٿيا آهن. اللهج رھندن جو خير ڪري.
    قاضي مقصود گل جي وفات سندس خاندان ۽ دوستن، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب لاءِ وڏو نقصان آهي. شاعريءَ ۽ نثر ۾، وڏو مطالعو ھيس. بين الاقوامي مزاحمتي ادب مان ”محمود درويش“ تي آرٽيڪل ٽه-ماهي ”مھراڻ“ ۾ شايع ڪرايو ھيائين. مون اهو پڙهي، کيس داد ڏنو هو. پاڻ انھن ڪتابن جا نالا لکرايا هئائين.
    هو ڏاڍو ذميوار ماڻهو هو، ڊپريشن هوندي به مسلسل پڙهندو ۽ لکندو رهندو هو. هميشه ۲۴ ڪلاڪن جي شيڊول تي ڪاربند رهيو. آرام وقت فون ڪندو هيومانس ته اٿڻ کان پوءِ پاڻ بيڪ رنگ ڪندو هو. اهڙو وفادار انسان هليو ويو.
    ”گل“ مرحوم، نئين ديري ۽ رتيديري ۾ ڪافي ادب دوست شاعر ۽ اديب پيدا ڪيا. پنھنجين لکڻين ۾ هو هميشه ياد رهندو.
    فارسي شعر جو مفھوم آهي: ”گل کي ڪنھن چيو ته تنھنجو حُسن ۽ خوشبو ڪمال جي آهي.“
    گل جواب ۾ چيو هيس؛ ”اِهو ڪمال ته هُن مِٽيءَ جو آهي، جنھن مون کي ساراهه جوڳو بڻايو آهي.“
    ”او ڌرتي! مان تنھنجي رکت ڏيندي ڏيندي، رهندو مان قرضي ٿيندو وڃان.“ (تبسم)
    قاضي ”گُل“ جي سنڌ ۽ سنڌ جي پورهيت ماڻهن سان وابستگيءَ کيس نرم دل، ذميوار ۽ اڻ ٿڪ ليکڪ، شاعر ۽ دانشور بڻايو. تقريرن ڪرڻ سان گڏ، عملي زندگيءَ کي پڻ، ادب لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ھيائين.
    آخر کيس مڃتا ڏيڻ لاءِ شاهه جو شعر عرض رکندس:
    ”کـرڪڻـا لاهـي، سُک نه سُتا ڪـڏهين،
    اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.“
    (مرشد لطيف رح)
    ”هُن جي مِٽي، مِٽيءَ سان ملي، پرين پسڻ لاءِ.“
    اڃا به پنڌ ۾ هوندي، هو ٿڪجڻ ۽ آرام ڪرڻ وارن مان نه هو.
    ***

    _______
    (1) سنڌ جي قاضين جو مختصر کان مختصر تعارف: سنه ۷۵ هجري (۶۹۳ عيسوي) ۾ محمد علافي، پنھنجي ماڻهن سان ”عمان“ ڇڏي مڪران پھتو هو. اُتي جي گورنر ڪُلابيءَ کي قتل ڪري، ڀڄي اچي ڏاهر کان پناهه ورتائين. خراسان ۽ مڪران حضرت عثمان غني ؓ جي وقت ۾ فتح ٿيو هو. ياد رهي ته ”ايران“ حضرت عمر ؓ جي دور ۾ فتح ٿيو هو.
    ڪلابيءَ جي قتل کان پوءِ، مُجاءُ بن سعيد تميمي، مڪران جو گورنر ٿي آيو. سال ۷۱۵ع ڌاري، محمد بن قاسم سنڌ کي تاراج ڪيو. ڀنڀور (ديبل)، اروڙ، بکر، سيوهڻ ۽ ملتان ۾ گورنر ۽ قاضي مقرر ٿيا. تميمي قبيلي کي اوليت ملي ۽ ٻين عرب قبيلن مان به انتظاميه ۽ عدليه لاءِ گورنر ۽ قاضي مقرر ڪيا ويا هئا. قاضي معنى عدل ڏيندڙ. قاضي، شريعت جي علم و فقھ جي ڄاڻ رکڻ وارا ۽ وڏي همت رکڻ وارا ماڻھو مقرر ٿيندا هئا. معاشري جو اهم سِتون ”انصاف“ سڏيو وڃي ٿو. اڄوڪي دور ۾ کين ”جج يا جسٽس“ سڏجي ٿو.
    سنڌ اندر آباد فاروقي، صديقي، انصاري ۽ سيد وغيره سڀ عرب آهن. پاٽ جي قاضين مان علامه آءِ آءِ قاضيءَ کي ڀلا ڪير وساري سگهي ٿو. هو اصل ۾ ذات جو انصاري هو.
    مختصر اهو چئبو ته؛ قاضي، علم ۽ شريعت سان گڏ، بلند اخلاق جا مالڪ هوندا هئا. خانواهه ۽ آباد جا قاضي به پڙهيل لکيل صديقي آهن.
    نئين ديري ۾ قاضي قمر الدين وارن جو وڏو ويڙهو ۽ قاضي غلام حسين جن وارو ٻيو ويڙهو ۽ ٽيون مرحوم قاضي منظور وارن جو ڪٽنب آهي.
    سائين عبدالحي ’قائل‘ صاحب اصل خيري ديري جو هو. سندس شادي مشھور ڳوٺ وارث ڏنو ماڇيءَ جي گراماڻي چانڊين مان ٿي هئي. قاضي مقصود گل ۱۵-اپريل ۱۹۵۰ع ۾ ڄائو، ۱۹۶۶ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. وفات فيبروري ۲۰۱۵ع تي ڪراچيءَ ۾ ڪيائين. کيس رتيديري ۾ دفن ڪيو ويو.
    هڪ دفعي قاضي صاحب کان سندس ذات بابت پڇيو هيم. ڏاڍو مزيدار جواب ڏنو ھيائين. وڏا ٽھڪ ڏنا هئاسين. سنڌي ڪم ڪندڙ ۽ پورهيت ذاتين تي اهڙا غليظ ٽوٽڪا ۽ چوڻيون ٺاهي عام ڪيون ويون آهن جو الله ڏئي پناهه. ھتي ۽ ھن ئي ڌرتيءَ ڌڻين کي لوئيو ويو آهي. دنيا جي هر حصي ۾ فاتحن، مفتوحن سان ڏاڍون جُٺيون ڪيون آهن. ناقابلِ برداشت ٽوٽڪا ۽ چوڻيون مشھور ڪيون ويون آهن. پورهيت ذاتين، ڊپريشن کان بچڻ لاءِ ذاتيون مٽائڻ شروع ڪيون آهن. هنن بلوچ، عرب سڏائڻ شروع ڪيو آهي. ٿورا ماڻهو آهن جيڪي مايوس نه ٿيندا آهن. ضرورت آهي ته حجمن، ڊکڻن، کٽين، ڪورين، ڪنڀرن، داين، ميربحرن ۽ ماڇين وغيره کي پورهيت ۽ شريف هجڻ تي فخر ڪرڻ گهرجي ۽ وڏي آواز سان چوڻ گهرجي؛ ”هيءَ ڌرتي اسان جي آهي. اسان جي پورهئي ڪري هي وطن دائم ۽ قائم آهي ۽ رهندو. پورهيت کان وڌيڪ ٻيو ڪير عزت وارو آهي؟“
    سرڪار، سيتا اسٽيشن واري شھر سيتا روڊ کي ته ”رحماني نگر“ چئي، مشرف به اسلام ڪيو، پر وارث ڏنو ماڇي، جاڙي حجم جو ڳوٺ، ڪوري ڇاڻ، حجامڙو ڇاڻ، ٻانڀڻ ڳوٺ، راجپوت، کتري ڳوٺ ۽ ذاتين وارا ڏاهري (ڏاهر ڏانھن منسوب) ۽ مھتاڻي وغيره ذاتين ۽ ڳوٺن کي ڪيئن مسلمان ڪندا. هو سڀ مسلمان ۽ ڪلمو ڀرڻ وارا ئي ته آهن. جڏھن ته ڪنھن به صورت ۾، پنھنجن وڏڙن کان مسلسل ڪوٺجندڙ ذات مٽائڻ لاءِ تيار نه آهن. حيدرآباد وارا قاضي، سڀ کان وڌيڪ مشھور آهن. جرنلزم، اخبارون ۽ ڪي ٽي اين، اسان سنڌ وارن لاءِ سندن ڏنل تحفا آهن.


    ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپرايل ڪتاب

    ۱. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا .......................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
    ۲. ماڻهو ۽ ماڻهپو .......................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
    ۳. آبشار ............................ جبران خليل جبران/انجنيئر شفقت حسين وڌو (ختم)
    ۴. يادون ۽ سُڪونُ ......................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
    ۵. ٻوليءَ جو بڻ .............................................................. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
    ۶. سائنسي ڄاڻ ....................................................................... اجمل هديٰ ڀٽو (ختم)
    ۷. ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي؟ ............................ شفقت حسين وڌو (ختم)
    ۸. سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت ............................. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۵۰)
    ۹. رانديڪو ................................................................................... ملهار سنڌي (ختم)
    ۱۰. ٻه ٽي جام پيئڻ کان پوءِ ....................... عمر خيام/ شفقت حسين وڌو (ختم)
    ۱۱. گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ڪالا باغ ڊيم .................... محمد ادريس راجپوت (ختم)
    ۱۲. شعور ......................................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (ختم)
    ۱۳. شام جي هوا ........................................................................ رياضت ٻرڙو (ختم)
    ۱۴. هوا ۾ ٻرياسين ...................................................................... بيخود بلوچ (ختم)
    ۱۵. تقريرون .............................................................................. غلام علي چنه (ختم)
    ۱۶. موسيٰ کان مارڪس تائين ............... سِبطِ حسن/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۰۰)
    ۱۷. پنج ڏينهن .............................................. سعادت حسن منٽو/رضوان گل (ختم)
    ۱۸. وکر ڌارو ڌار ...................................................................... غلام علي چنه (ختم)
    ۱۹. ڪونج .................................................................................. غلام علي چنه (ختم)
    ۲۰. ديوانِ رياضت ....................................................................... رياضت ٻرڙو (-/۶۰)
    ۲۱. تحفو .............................................................................. حسن علي هڪڙو (-/۴۰)
    ۲۲. جيون تنهنجي نانءِ ............................................................ وفا اسلم شيخ (-/۵۰)
    ۲۳. ساحل ۽ سمنڊ ................. جبران خليل جبران/پروفيسر عطاءُ اللھ ابڙو (-/۴۰)
    ۲۴. سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام .... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۹۰)
    ۲۵. قنبر: هڪ اڀياس ............................ ايڊيٽر ۽ سهيڙيندڙ: رياضت ٻرڙو (ختم)
    ۲۶. قنبر تعلقو: مختصر ڄاڻ سڃاڻ ............... مرتب: دين محمد ڪلهوڙو (ختم)
    ۲۷. گرهن جي کوجنا ................................. جيقئلن مٽن/ جاويد حسين وڌو (ختم)
    ۲۸. ٻول جو بڻ ............................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۰۰)
    ۲۹. ڳولا .................................................... ٽيلر ڪالڊويل/ شفقت حسين وڌو (-/۸۰)
    ۳۰. چانڊوڻا چمڪن ...................................................... مرتب: رياضت ٻرڙو (ختم)
    ۳۱. سڄڻ ماکيءَ ميٺ ....................................................................... اسد چاچڙ (-/۴۰)
    ۳۲. ڌرتي: منهنجو گھر ................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۴۰)
    ۳۳. آڳاٽي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي ............ ايم ايڇ پنهور/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۲۰)
    ۳۴. فلسفو: هڪ مطالعو ............................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۰۰)
    ۳۵. ضميري پڇاڙيون .................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۰۰)
    ۳۶. سنڌي ٻوليءَ جون حسناڪيون ........................ ڊاڪٽر بشير احمد شاد (-/۱۲۰)
    ۳۷. پيرل قنبر .......................................................................... ڪوڙل قربدار (-/۱۶۰)
    ۳۸. اهنجي ڌرتي ............................................................ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۳۰)
    ۳۹. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (شخصيت، فڪر ۽ فن) ................ رياضت ٻرڙو (-/۲۰۰)
    ۴۰. ابتدائي سائنس (ٽئين درجي لاءِ) ................................ جاويد حسين وڌو (ختم)
    ۴۱. ابتدائي سائنس (چوٿين درجي لاءِ) ............................ جاويد حسين وڌو (ختم)
    ۴۲. ابتدائي سائنس (پنجين درجي لاءِ) ............................. جاويد حسين وڌو (ختم)
    ۴۳. فطرت، سائنس ۽ سماج .......................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۵۰)
    ۴۴. پهاڪن ۽ چوڻين بابت تنقيدي مقالا ........ انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۱۲۰)
    ۴۵. لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون ............................... انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۱۲۰)
    ۴۶. ڳوٺاڻو ڳُــڙ ............ ڄاڃي لال ڊي آهوجا ۽ انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۱۴۰)
    ۴۷. محبت جا خط ........................................................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۲۰۰)
    ۴۸. ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون...انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۱۵۰)
    ۴۹. طبي پهاڪا ۽ چوڻيون ................................ انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۱۲۰)
    ۵۰. معلوماتي مالها .......................... واحد بخش تونيه ۽ عابد حسين تونيه (-/۲۰۰)
    ۵۱. چونڊ سنڌي چوڻيون ... ڪيرت مهرچنداڻي ۽ انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۱۴۰)
    ۵۲. معلوماتي مالها (ٻيو ڇاپو) ....... واحد بخش تونيه ۽ عابد حسين تونيه (-/۲۲۰)
    ۵۳. ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون .................................... انجنيئر عبدالوهاب سهتو (-/۶۰۰)
    ۵۴. محبت جن جي من ................................ ترتيب ۽ تدوين: رياضت ٻرڙو (-/۴۰۰)
    ۵۵. ڌرتي: منهنجو گهر (ٻيو ڇاپو) ............................... ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (-/۱۰۰)
    ۵۶. اکئين ڏٺم جو ....................................................................... عاشق منگي (-/۱۴۰)

    ***


    بئڪ ٽائيٽل


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 533
    ڪتابن جو مشاهدو: 550731
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 212771
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ