ڪتاب جو نالو: اڌ مهينو ايران ۾
مصنف: يوسف سنڌي
ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 17 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 786 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 334 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي سفرنامون ايران جي سڀني صدين جي سفر جو ڪتاب پڻ آهي. پنهنجي معلومات ۽ تحقيق ۽ تخليقي جرئت سان هن سڀني زمانن جو ايران آڻي اسان جي اڳيان بيهاريو آهي، سفر ۾ موجود وقت کان هزارين سال پوئتي تائين نهار وجهي هن ڄڻ هرحال ۾ تاريخ ۾ سفر ڪيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپــنـا
  • شخص ۽ ڪتاب سان تعلق (مهاڳ) : غلام نبي سومرو
  • • آئون به هلان ٿو ايران
  • • سب ڪام چلتا اي بابا
  • • ايران ڪيئن وڃجي...؟
  • • چڱا ايراني به ڪونهن
  • • زاهدان ڪجهه ڪوهه
  • • چلتي ڪا نام گاڙي
  • • قم ۾ چار ڏينهن
  • • تنهنجي ‘سنڌو’ پڙهي ڪير ٿو؟
  • • خميني ۽ بيت خميني
  • • بيبي معصومه جي مزار جي زيارت
  • • قم جون زيارتون ۽ مسجد جمڪران
  • • قم ۾ گانڌي مارڪيٽ
  • • گگوش ممنوع ايران است
  • • اصفهان واقعي به نصف جهان
  • • زائنده رود جو سُڪل پيٽ
  • • اصفهان ۾ مير معصوم بکريءَ جو ڪتبو
  • • شيراز ۽ تخت جمشيد
  • • سائرس اعظم ۽ دارايوش جي وصيت
  • • جشن نوروز ۽ ايراني سال
  • • جنهن شهر ۾ سعدي هجي!
  • • ذڪر حافظ شيرازيءَ جو
  • • محمد علي ‘باب’ ۽ بابيت / بهائيت
  • • چهره به چهره روبرو
  • • مڙس ته ڪو منصور هيو...
  • • عظيم انقلابي مزدڪ
  • • مرگ بَرشاهه جلاد
  • • شاهه ۽ آمريڪا
  • • شاهه رفت ... فرح ديبا پهلويءَ جي زباني
  • • ايران جو صدر احمدي نجاد...
  • • نڀاڳا پرائي ملڪ ۾ نه مارائينءَ !
  • • تهران ۾ ڪجهه ڪلاڪَ
  • • تهران ۾ بي بي شهربانو ۽ شاهه عبدالعظيم جون زيارتون
  • • ايستگاهه راهه آهن تهران .... خوب است!
  • • فردوسي ۽ شاهنامون
  • • فرودسيءَ جي شهر ۾
  • • حبذا شهر نشابور...
  • • مون سان گڏ فوٽو ڪڍائيندينءَ...؟
  • • بر خيز که پُر کنيم پيمانه زمي....
  • • اوهان يوسف سنڌي ته نه آهيو!؟
  • • سوئيت آ پاز تمان عقلمه عرف هوٽل ماسي مصيبتي!
  • • نادر شاهه افشار ... جنهن جي هٻڇ جي حد ئي نه هئي
  • • نادر شاهه جي شخصيت جا ڪجهه دلچسپ پهلو
  • • مشهد ۾ امام رضا عه جي زيارت
  • • مشهد جون ڪجهه ڳالهيون....
  • • اوهين ڪهڙي قسم جا مسلمان آهيو؟
  • • ايرانين کي سمجهڻ لاءِ ....؟
  • رودڪي
  • انوري
  • مولانا جامي
  • خاقاني
  • رابعه خضداري
  • • ڪجهه جديد ايراني ليکڪ
  • پروين اعتصامي
  • احمد شاملو
  • صادق هدايت
  • جلال آل احمد
  • هوشنگ گلشيري
  • فروخ فرخ زاد
  • مرضيه احمدي اسڪوئي
  • فرخي يزدي
  • سيمين دانشور
  • • الوداع!........ اي شاعريءَ جا ديس

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (117) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “اڌ مهينو ايران ۾” نامياري ليکڪ يوسف سنڌيءَ جو لکيل سفرنامو آهي. يوسف سنڌي جي خاصيت اها آهي ته هو هر فن مولا آهي. سندس ترجما، ڪتابن جي سهيڙ، تاريخ ۽ سياست تي لکيل ڪتاب، شخصيتن تي لکيل ڪتاب سڀ اهم آهن. اميد ته سندس هي سفرنامو به دوستن کي پسند ايندو.
    هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر دڙو پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون ليکڪ ۽ پياري دوست يوسف سنڌيءَ جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ارپــنـا

    پنهنجي عظيم ۽ مهربان اُستادن جي نالي

    • محترم سائين شفيع محمد ميمڻ
    (جنهن مونکي پرائمريءَ کان وٺي ٻي ڪلاس تائين پڙهايو.)

    • محترم سائين ڪريم بخش ‘پياسي’ مڱڻهار مرحوم
    (جنهن مونکي ٽيون، چوٿون ۽ پنجون پڙهائڻ سان گڏ شعر و شاعري ڏانهن پڻ راغب ڪيو.)

    • محترم سائين غلام مصطفيٰ پليجو
    (جنهن مئٽرڪ جي ڪلاس ٽيچر جي حيثيت سان ٻاجهه، محبت ۽ محنت جي ڦرهي پڙهائي.)

    • محترم سائين غلام حسين رنگريز
    (جيڪو نه رڳو ٽريننگ ڪاليج ۾ اُستاد رهيو، پر سندس صحبت منهنجي ادبي، فڪري ۽ نظرياتي تربيت به ڪئي.)

    - اوهان جي پيرن جي مٽي منهنجي لاءِ سُرمي برابر آهي.
    تون سمون ۽ آئون گندري مون ۾ عيبن لک،
    ڪارڻ ربّ الکّ متان ماڱر مٽينءَ.

    يوسف سنڌي
    (15 نومبر 2012ع حيدرآباد)


    شخص ۽ ڪتاب سان تعلق (مهاڳ) : غلام نبي سومرو

    هن سفرنامي جي ليکڪ محترم يوسف سنڌيءَ سان منهنجي پهرين ملاقات، جيئن هن پاڻ ياد ڏياريو: شاعر علي اظهار جي شاديءَ ۾ ٿي هئي. اها پهرين جنوري 2005ع جي ٿڌيرڙي ٻپهري هئي، آٽو ڀان روڊ حيدرآباد جي ‘النور شادي هال’ ۾ دوستن جو ميڙ، جتي يوسف سنڌي به موجود هو ۽ امين قريشي صاحب به، امين جيڪو تڏهن نوجوانن ۾ کاٻي ڌر جو هڪ متحرڪ شخص هو. هو مارڪسي لينني فلسفي جو چڱو ڄاڻو آهي، پڻ موجود هو. شاعر علي اظهار وانگي هو به نرم مزاج ۽ نفيس شخصيت جو مالڪ آهي.
    شاديءَ جي تقريب مختصر پر گهڻي باوقار هئي، هتي پيش ڪيل دعوت جي ماني جا اسم موزون ۽ سوادي هئا، ۽ انهيءَ کي خوبصورت ترتيب سان مهمانن جي اڳيان پيش ڪيو ويو هو. وڏي ڳالهه انهيءَ شاديءَ جي اها هئي ته شاعر علي اظهار روپئي پئسي جي ڏيتي ليتي جيڪو اسان وٽ شادين ۾ عام رواج آهي. انهيءَ رواج کان انڪار ڪيو ۽ پُئي جي صورت ۾ هڪ روپيو به قبولڻ کان انڪار ڪيو، شاديءَ جي انهيءَ محفل کانپوءِ آءٌ ۽ يوسف سنڌي گاڏي کاتي آياسين، چائينيز هوٽل ۾ چانهه پيتيسين. اهڙائي لمحا هئا، جڏهن اسان جي دوستي جو آغاز ٿي ويو. گاڏي کاتي مان ئي ڪتاب خريد ڪياسين. اندازو نه هو ته شاديءَ جي اها تقريب منهنجي ۽ يوسف جي وچ ۾ هڪ گهري لاڳاپي کي جنم ڏيندي. هڪ بي پايان دوستي جو آغاز انهيءَ ڏينهن کان ٿي چڪو هو. جيتوڻيڪ آءٌ هن کان گهڻو اڳ واقف هئس. سندس ‘سچائي اشاعت گهر دڙو’ جي شايع ٿيل ڪتابن جي ڪري هن لاءِ منهنجي دل ۾ هميشه گهڻو قدر ۽ مڃوتي موجود رهي هئي.
    يوسف سنڌي تنهن بعد ننگر ٺٽي ۽ سجاول شهر ۾ ملندو رهيو، جتي آءٌ پنهنجي نوڪري ۽ پنهنجي منصبي فرض جي تحت زندگي جا ماهه وسال گذاري رهيو هوس، ملاقاتون ڪڏهن ٺٽي ۾ منصور ٿلهو وٽ. جيڪو اُتي ڪو آپريٽو بئنڪ ۾ مئنيجر هو، ته ڪڏهن سجاول ۾ فاروق جعفراڻي صاحب وٽ، جو محترم عزيز جعفراڻي صاحب جو لائق فرزند آهي، ۽ ڪڏهن سجاول جي تعلقي لائبريري ۾ عزيز منڌرو صاحب وٽ يوسف مون کي پنهنجي ويس ورن چهري جي آرکاڻن ۾ بنهه سادو لڳندو هو، پر هن جڏهن به جتي به ڳالهايو ٿي ته هن جي ڳالهه علمي به هئي ته مدلل به، انهيءَ ۾ زمانه سازي ۽ ڪمپرومائيز ته ڪونه هو، پر سچ جي لهس ۽ لپڪ هئي. پر جيئن مون اڳ ڳالهه ڪئي ته آءٌ هن سان گهڻو اڳ واقف هوس اهم ۽ چونڊ ڪتابن جي ذريعي جيڪي هن لکيا ۽ ڇاپيا هئا. ڪتاب کان وڌيڪ معتبر ڇا آهي. جنهن جو اعتبار ڪيو وڃي.
    نسيم نگر حيدرآباد جي هڪ سهاوڻي صبح ڄڻ اڃا پنهنجي شروعات ئي مس ڪئي هئي، ستين وڳي ڌاري آءٌ پنهنجي نوڪري تي روانو ٿيڻ وارو هوس، مون کي پنهنجي منزل ڏانهن هڪ مختصر سفر درپيش هو. اهو تاريخ 28 اپريل 2008ع جو ڏينهن هو، تڏهن کيس ڪجهه وقت جي وقفي کان پوءِ نسيم نگر چوڪ جي واڌو واهه جي ڪپر تي جيڪو اخبارن جو اسٽال آهي. اُتي مون ڏٺو ته اوجاڳيل لڳو، ڄڻ هن گهڻن ڏينهن کان پوري ننڊ نه ڪئي هجي، يوسف سنڌي بيٺو هو. هن ڳچ اخبارون خريد ڪيون هيون. مون کيس سلام ڪيو، حال احوال کان پوءِ هن اهو ٻڌائي مونکي حيران ڪري ڇڏيو ته پاڻ ڪالهه ‘سنڌي ادبي سنگت سنڌ’ جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو آهي. آءٌ هن شخص جي سادگي ۽ ملنسار طبعيت کي ياد ڪري وڌيڪ حيران ٿيس ته هاڻ هن کي سنڌي ادبي سنگت جهڙي اهم تنظيم جي اڳواڻي ڪرڻي آهي. منصب اهم هو ۽ مقصد عظيم ترين، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻي منهنجي نظر ۾ سنڌي ٻولي ۽ انهيءَ جي جيئڻ ۽ ابدل آباد تائين جيئري رهڻ جي ڳالهه آهي. منصب به وڏو هو. ۽ مقصد به، مون کيس دعا ڏني ۽ موڪلايو. اڳتي هلي ويجهڙ ۾ غزل جي اهم شاعر مشتاق گبول سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدرآباد جي دستوري گڏجاڻيءَ ۾ بنا ڪنهن گهٽ وڌاءُ جي اهو چيو ته “هڪ وقت اهڙو به آيو جو سنڌي ادبي سنگت پنهنجي تنظيم ۾ بلڪل ختم ٿي وئي هئي انهيءَ جو انت اچي ويو هو. سنڌي ادبي سنگت جي سکيا جيڪي اديب پيدا ڪيا هئا. انهن لاءِ اهو ڪنهن سانحي کان گهٽ ڪو نه هو. تڏهن يوسف سنڌي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل ٿيو ۽ هن جي ليڊر شپ ۾ ادبي سنگت پنهنجو ڪفن لاهي ڦٽو ڪيو، وري جي پئي ۽ فعال ٿي وئي”.
    سڪي ويل باغ کي سائو ڪرڻ هڪ ڏاهي باغبان جو ئي ڪم هجي ٿو. يوسف، سنڌي ادبي سنگت جي باغ کي نئين سر ترتيب ڏنو. انهيءَ ۾ ٻوٽا، وڻ، شاخون ۽ پن ڦٽا. بهارون موٽي آيون ۽ ادب جي گلابن جي خوشبوءِ سنڌي ادب جي نوجوان جهان ۾ مهڪي پئي.
    سندس تنظيمي اڳواڻيءَ جي صلاحيت جو هڪ روپ سروپ مون پاڻ اکئين ڏٺو، جيڪو هڪ وڌيڪ ملاقات جو سبب پڻ اهو بڻيو ته سر موڙ ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ نثر نويس اڪبر سومري جي ڪهاڻين جي ڪتاب “بوتيڪ کان بيڊروم تائين” کي سنڌي ادبي سنگت پاران سال 2008ع جي بهترين ڪهاڻين جي ڪتاب جو ايوارڊ مليو. اڪبر کي تنهن ڏينهن حيدرآباد مان ڪيڏانهن ٻاهر وڃڻو هو. دوستي ۽ ڀائپي جي موهه مان هن مون تي فرض رکيو ته آءٌ سندس معصوم پٽ عباد الله سومرو سان ايوارڊ جي تقريب ۾ ساڻ وڃان، جيئن عباد، ايوارڊ جي ٽرافي / شيلڊ وٺي سگهي.
    مون کي اندازو ڪونه هو ته اها هڪ شاندار تقريب هوندي، سنڌي لينگويج اٿارٽي جي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان منسوب هال ماڻهن سان Jam Pack هو. هتي محترم امر جليل صاحب ۽ الطاف شيخ صاحب جي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو روبرو زيارت نصيب ٿي. اهو هڪ بختاور ڏينهن هو، ۽ اها هڪ پُر وقار منظم تقريب هئي. سائين گل حسن ڪلمتي “ڪراچي سنڌ جي مارئي” جهڙي شهپاري جي ليکڪ کي پڻ ويجهي کان ڏسڻ جو موقعو مليو. جيڪو پڻ اُتي موجود هو. جنهن ڪراچي جي تاريخ، جاگرافي کي نئين، انوکي، سماجي، سياسي ۽ ثقافتي زاوئي سان بيان ڪيو آهي. سڄي سنڌ مان ڪهي آيل قابل احترام اديب، شاعر ۽ نثر نويس. بلاشڪ اديبن ۽ ساڃاهه وندن جو اهو هڪ نمايان ميڙ هو. سنڌي ادبي سنگت نه صرف وري جيئي پئي هئي، پر نکري به پئي هئي، ۽ يوسف سنڌي انهيءَ تقريب کي پنهنجي اڳواڻي ۾ انتهائي باوقار طريقي سان ترتيب ڏنو هو.
    گهڻو ويجهڙ ۾ اهو هڪ مهربان صبح هو. حيدرآباد جي انهيءَ من موهيندڙ صبح جو، جڏهن آءٌ دفتر وڃي رهيو هوس ته نسيم نگر فيز3 جي اسٽريٽ نمبر 14 تي اوچتو بنا ڪنهن اڳواٽ رٿيل ملاقات جي يوسف سنڌي مليو. ٻڌايائين ته پاڻ هاڻ هتي ئي رهڻ لڳو آهي. يوسف جيئن ته دوست آهي ۽ ويجهو پاڙيسري به ته، هاڻ روز جي رهاڻ آهي. هن جي صحبت جي اثر جي ڪري مون کي گهڻ طرفي مطالعي جو موقعو مليو آهي. هاڻ هو منهنجي اسٽڊيءَ کي ڪتابن کان خالي ڪرڻ ڪو نه ٿو ڏئي. سندس قربت ۽ همسفري جي ڪري آءٌ پنهنجي نوڪري ۽ گوشه نشيني جي عافيت مان وقت ڪڍي اڪيچار ادبي تقريبن ۽ پروگرامن ۾ وڃي سگهيو آهيان. سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ ۾ پڻ سرگرم ٿيو آهيان. سڀ کان اهم اهو ته لکڻ جيڪو ڄڻ مون کان وسري ويو هو، آءٌ وري لکڻ لڳو آهيان. يوسف جي شخصيت مُنهنجي پراڻي ذوق کي نئون شوق بخشيو آهي.
    تازو هن مون کي سندس شايع ٿيل ٻه اهم ڪتاب نيلسن منڊيلا جي آتم ڪهاڻي “آزادي جو ڊگهو سفر” جيڪا پاڻ ترجمو ڪئي اٿائين ۽ مشهور ليکڪ پرويز جي آتم ڪهاڻي “پيهي جان پاڻ ۾” پڙهڻ لاءِ ڏنا. نيلسن منڊيلا وارو ڪتاب مون ته پڙهيو، پر وڌيڪ منهنجي ننڍي پٽ علي حسنين پڙهيو ۽ پسند ڪيو. شايد کيس ۽ سنڌ جي نوجوان نسل کي نيلسن منڊيلا جي ضرورت آهي. اسان ته وهي چڙهي آيا آهيون. منڊيلا جي بدران مارڪوس اسان جي مقابل آهن. افسوس اهو به آهي ته سنڌ جا ساڃاهه وند اديب ۽صحافي مارڪوس جا گيت ڳائي رهيا آهن.
    پرويز جي آتم ڪهاڻي “پيهي جان پاڻ ۾” ۾ سچ چوڻ جي جيڪا غيرمعمولي طاقت آهي. انهيءَ جو سبب پاڻ سان گذريل حقيقتن جو سادگيءَ سان بيان آهي. سچ هميشه سادو هجي ٿو ۽ قطعي به، اها سادگي ۽ قطعيت مون کي گهٽ ليکڪن ۾ نظر آئي آهي. جن کي مون سون جي تعداد ۾ ڪتابن ۾ پڙهيو ۽ پَرکيو آهي. ڪتابَ پڙهندي ليکڪ پرويز تي جيڪي لقاءُ گذريا آهن، زندگي جنهن شدت سان هن تان گذري آهي. ڄڻ ماڻهو ساندهه حالت جنگ ۾ هجي. جنگ جيڪا خسيس، جاهل ۽ ظالم رياستي، سياسي ۽ سماجي ڍانچو معصوم ماڻهن جي مٿان مڙهيو ڇڏي. اها آتم ڪٿا هڪ اهڙي جبر جي گهاڻي کي بيان ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آهي. جنهن ۾ سنڌ جا مظلوم ماڻهو اڃا تائين پيڙجي رهيا آهن ۽ اها ڏکوئيندڙ صورت حال هڪ اهڙي باغي نسل جي انتظار ۾ آهي، جيڪو انهي رياستي، سياسي ۽ سماجي گهاڻي کي پاڙؤن پٽي اڇلائي ڇڏيندو، اهو ئي ڪتاب جو مقصد آهي، ۽ اسان جو انتظار جيتوڻيڪ طويل آهي، پر اجايو ڪونهي.
    رياست ۽ اسان جو هي سماج غريب ۽ بي گناهه ماڻهن سان ڪيئن ٿو پيش اچي، ڪتاب ۾ انهن لقائن ۽ واقعن جو بيان منهنجي اڳيان به وطن عزيز جي تاريخ وانگر گذريو آهي. منهنجي ۽ پرويز جي عهد ۾ جيئن ته ٿورو فرق آهي. مون کي به اهو ستم گر زمانو ياد آهي 70، 80 ۽ 90 ۽ نئين صدي جو زمانو. مون کي انهيءَ جو ڪجهه قدر مطالعو ۽ مشاهدو پڻ آهي، ليکڪ جي وطن پرستي، انياءَ سان اٽڪاءُ، سورن ناسورن جي خلاف سچ لاءِ سندس جدوجهد جو آءٌ پڻ ساکي آهيان. ڇاڪاڻ جو آءٌ به هن سان گڏ ساڳئي سماج ۾ وڏو ٿي رهيو هوس. هڪ مختلف رستي تي ئي سهي، ساڳئي ايذائيندڙ زندگي گذاري رهيو هوس. سچ ۽ سماج لاءِ جدوجهد جي، سرخ پرچمَ، ڄڻ اسان تي سايو ڪري ڇڏيو هو. پرويز جو اهو ڪتاب ڇاپي يوسف سنڌيءَ ڄڻ مون سميت سڀني پڙهندڙن تي عظيم احسان ڪيو آهي، دراصل اها آتم ڪٿا لکي پڻ يوسف جي اسرار ۽ اشتياق تي وئي آهي. پرويز جو سچ “سچائي اشاعت گهر” ڇاپيو آهي. جيڪو انهيءَ اداري جو سچ ۽ سنڌ سان وابستگي جو علي لااعلان اظهار آهي. پرويز جي آتم ڪهاڻي هڪ ليکڪ هيٺئين طبقي جي فرد، هڪ وطن پرست سياسي ڪارڪن جي زندگيءَ جو اهڙو تُز بيان آهي. جو پڙهندي دل لرزي پوي ٿي، ممتاز مرزا آڊيٽوريم جي هال ۾ ويجهڙ ۾ جنهن شام غلام حسين رنگريز جي ڪتاب “ورق ورق زندگي” جو مهورت ٿي رهيو هو. آءٌ، يوسف ۽ محترم مٺو مهيري صاحب هال جي ٻاهران پڌر تي بيٺل هئاسين ته مٺو مهيري صاحب پرويز جي انهيءَ ڪتاب تي بنهه اهم راءِ ڏيندي چيو ته “پرويز جي آتم ڪٿا مون اهڙي دل جي حضور سان پڙهي آهي، جو مون کي سڄو ڪتاب ياد ٿي ويو آهي.”
    پرويز جي لکڻ جي ڏات هن ڪتاب ۾ ڪمال تي پهتل آهي، انهيءَ جي پويان جيڪو محرڪ جذبو آهي. اهو سچ آهي، جنهن کيس لکڻ جو اهڙو هنر ڏنو آهي. سدائين وڏن ماڻهن، بادشاهن، ۽ راڻين جون ڪٿائون پڙهيون اٿئون. پر هڪ غريب جي آتم ڪٿا سڀ کان افضل هجي ٿي يا ٿي سگهي ٿي. انهيءَ جو مثال پرويز جي لکيل اها آتم ڪٿا آهي.
    يوسف سنڌيءَ کي جيئن مون اڳ ٻڌايو آهي ته مون کي ويجهڙائي کان ڏسڻ جو موقعو مليو آهي ۽ هميشه پئي سوچيو آهي، ته هن شخص ۾ هي ڇڪ ۽ طاقت، عزم ۽ عمل ڪٿان آيو آهي. جنهن کائونس سچائي اشاعت گهر دڙو جهڙو معياري پبلشنگ هائوس قائم ڪرايو. جتان هيستائين هڪ سئو کان به وڌيڪ ڪتاب شايع ٿي چُڪا آهن، جن مان ڳپل جو مترجم مرتب ۽ ليکڪ پاڻ آهي ۽ ڪجهه طبعزاد ڪتاب لکيا اٿائين. اهو نوجوان ايترو گهڻو ۽ شاندار ڪم ڪيئن ڪري سگهيو آهي. ڪتابن جي تخليق ۽ ترجمي، اشاعت گهر جا جهنجهٽ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻي جو اهم، ڏکيو ۽ وقت گهرندڙ ڪم، هيءَ اڪيلو شخص ڪيئن ڪري سگهيو آهي. ڇا هن وٽ ڪو جادو آهي؟
    مون کيس ويجهو ڏٺو آهي. سوچيو ۽ فڪر ڪيو آهي، ۽ انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته هن ۾ سَت وڏيون خوبيون آهن.
    1. دعويٰ نه صرف عمل تي يقين ڪرڻ.
    2. اورچ ۽ محنتي گهربل نشاني کي چٽڻ جي بهترين صلاحيت ۽ منزل جي نشان تي پهچڻ جو عزم.
    3. حضور شرمي، پر اندر ۾ ارادي جي پختگي.
    4. پنهنجي سادگي ۽ غريب حال هوندي به پنهنجي وقار تي حرف نه اچڻ ڏيڻ.
    5. بي پناهه مطالعو، مشاهدو، غير معمولي ياد داشت جي خوبي ۽ تخليقي جوهر.
    6. سير ۽ سفر جي ڏکيائين کي منهن ڏيڻ جي همت.
    7. ٿورو ڳالهائڻ ۽ گهڻو ٻُڌڻ.
    جيئن مون ڏٺو آهي يوسف سنڌي پنهنجي طبيعت ۾ آزاد شخص آهي انهيءَ معنيٰ ۾ ته هن گهڻين غلامين کي پاڻ کان پري ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي، علم، دانش ۽ ذهني آجپائي جي مشعل کڻي هو پنهنجي آزاد ارادي سان هڪ علم جي وڏي ويڙهه جو آغاز ڪري چڪو آهي. وطن جو عوام نيٺ اها مها ويڙهه کٽي ويندو. اهڙو منهن جو يقين آهي ۽ يوسف جو مقصد پڻ، انسان ذات جي بهتري لاءِ جدوجهد جا گهڻا ئي ميدان آهن، پر سڀ جي بهتري لاءِ جدوجهد، سڀ رستا ارتقا جي طرف نڪرن ٿا. ڪتاب جو ئي ته رستو آهي.
    يوسف هڪ اشاعت گهر هلائي رهيو آهي، دنيا جي بهترين ڪتابن کي سنڌيءَ ۾ ڇپي پڌرو ڪري رهيو آهي، پاڻ به لکي رهيو آهي. هن ڪتابن جو هڪ پورو شيلف لکيو ۽ ڇپيو آهي. تمام ٿورا ماڻهو هجن ٿا ڪنهن سماج جيڪي پنهنجي پويان علم، دانش ۽ يادگيري جي جهان سان ڪتابن جو هڪ پورو شيلف پٺيان ڇڏي وڃن. ڪتاب دوستيءَ جو اڙانگو رستو جيڪو هن اختيار ڪيو آهي. شايد انهيءَ ڪري ته ڪتاب ئي آهي. جنهن ۾ انسان دشمن جي سوچ جي هلاڪت جي آرزو به آهي ته ارادو به آهي.
    دڙو محمود واهه جي ڪپر تي هڪ ننڍڙو پر خوبصورت شهر آهي ۽ شينهن ندي ‘سنڌوءَ’ جي ويجهو هن شهر سان ٻيا شهر، ٻيلو، ٻنون، لاکا، ميرپور بٺورو به گڏ آهن. يوسف سنڌي جي جنم جو اهو خوبصورت ۽ خاموش پُر امن شهر جنهن جي امن کي وقت بوقت رياست، وڏيرڪي دهشت گردي ۽ ڌاڙيل گرديءَ نشانو پئي بنايو آهي ۽ ڪڏهن ته ساهه کڻڻ کي به مشڪل بنايو ويو آهي. ائين جيئن سڄي سنڌ جو ساهه گُهٽي، انهيءَ جي امن کي حالت جنگ ۾ ڌڪيو ويو آهي. نتيجي ۾ سنڌ جي انهيءَ ڏاکڻي علائقي ۾ 70 ۽ 80 جي ڏهاڪن ۾ جيڪي يوسف جي حياتيءَ جا For mative سال پڻ آهن. هتي سماج واد ۽ قومپرستي جي لهر بي پناهه طاقت سان اُڀري آئي، جنهن جي اڳواڻي محترم رسول بخش پليجو ۽ محترم محمد فاضل راهو ڪري رهيا هئا. جنهن رياست ۽ وڏيرڪي جبر جي ڳٺ جوڙ سان پنهنجي طبقاتي ويڙهه جو آغاز ڪيو. اهي اهڙا ڏينهن هئا ۽ اهڙو ماحول هو جو ائين لڳي رهيو هو ته سماج وادي انقلاب اسان جي دروازن تي دستڪ ڏئي رهيو آهي. انهيءَ ماحول ۽ انهيءَ آواز يقينن يوسف جي دل و ذهن تي به دستڪ ڏني آهي. استحصالي نظام خلاف اها جدوجهد هن جي مزاج وٽان هئي. انهيءَ اختلاف ئي دراصل انهيءَ ارادي کي جنم ڏنو ۽ کيس سوشلزم جي نظرئي سان هم آهنگي ۽ نظرياتي Deter mination ڏني. سنڌ جي انهيءَ خطي ۾ علم ۽ دانش ۽ نظرياتي جدوجهد جا هزارين داستان موجود آهن. انهيءَ سڄي جهان کي سمجهڻ لاءِ هڪ ڪتاب گهربو هو. جيڪو به يوسف ڇپي ڇڏيو آهي. ليکڪ پرويز جي آتم ڪٿا جي صورت ۾، انهيءَ سموري ماحول ۾ خود يوسف ۽ هن جي چوڌاري موجود ڏکين ۽ سنگين حالتن کي سمجهڻ لاءِ اهو دستاويز هر دل ۽ اهل علم دوست کي پڙهڻ گهرجي.
    هڪ طرف اهڙو سماجي جبر ۽ رياستي تسلط هو ۽ ٻئي طرف سماج واد جي نظريي جي بنياد تي هلندڙ هلچل، هر پڙهيل ۽ پيڙهيل کي پاڻ سان سلهاڙي ڇڏيو ۽ انهن ۾ جيئڻ لاءِ نوان اُمنگ ۽ نيون راهون پيدا ڪيون. عوامي انقلاب ته اڃا نه اچي سگهيو آهي. پر اهي ماڻهو گهڻين ذهني غلامين مان آجا ٿي ويا آهن، اها به وڏي حاصلات آهي. يوسف سنڌي به هاڻ هڪ آزاد شخص آهي، انهيءَ معنيٰ ۾ ته هن تمام گهڻين غلامين کي جيڪي ماڻهوءَ کي چُهٽيون پيون هونديون آهن، انهيءَ سڀني کان هن پاڻ کي آجو ڪري ڇڏيو آهي.
    مٿي يوسف جو جيڪي ست خوبيون بيان ٿيل آهن، اِهي ڦُٽن ٿيون اندر جي انهيءَ سرچشمي مان، جتي آسمان کي زمين تي لاهي وٺڻ جا ارادا آهن. من ۾ انتظار ۽ ذهن ۾ اٽل ارادي جي موجودگي هر ناممڪن کي ممڪن بنائي ٿي. جڏهن ماڻهوءَ جي من ۾ بي پناهه انتظار ڪرڻ جي خوبي هجي ۽ ذهن ۾ عمل جو ارادو پنهنجو گهر جوڙي وٺي ته پوءِ شروع ٿئي ٿي جدوجهد ۽ تخليق جي بي ڪنار دنيا. انهيءَ دنيا ۾ رهي مون کي لڳي ٿو ته يوسف خوش به آهي ۽ پُرجو ش به آهي. ڄاڻ ۽ ڪتاب کي انساني زندگيءَ مان نيڪالي جي اجازت ڏجي ته هيءُ سڄي دنيا پٿر جي دور ۾ واپس هلي ويندي. ڄاڻ آهي ته ماڻهوءَ جي وجود ڪا معنيٰ به آهي. اها Intellect ئي آهي. جيڪا ماڻهوءَ کي دنيا جي ٻين جاندارن کان ممتاز ڪري ٿي. فطرت ۽ دانش گڏجي انساني ارتقا جي رهبري ۽ رهنمائي ڪئي آهي. يوسف اسان جي سنڌ جي ارتقا پذير جهان جي رهبرن مان هڪ آهي. رهبريءَ جي فضيلت ڪنهن بختاور کي ئي ملندي آهي. نه ته پورن پچائڻ وارا شخص دڳ ڀٽڪائي ڇڏيندا آهن پر يوسف ماڻهپي لاءِ ڄاڻ جي راهه تي پنهنجي خونِ دل سان ڏيئا ٻاريا آهن، اسان سنڌي ماڻهن جي منزل ڏانهن ويندڙ گس کي روشن ڪيو آهي. گس جيڪو اسان جي تڪميل جي طرف وڃي رهيو آهي. منزل جيتوڻيڪ دور آهي، پر اسان جو سفر انهيءَ تي پُڄاڻي ڪندو. ڪتاب ۽ ڏاهپ رستي جي ڏکيائين کي ختم ڪندي ۽ اسين منزل تي پهچي دم پٽينداسين. انهيءَ ۾ ٻه ڳالهيون ۽ ٻه رايا نه ٿا ٿي سگهن. روشني ۽ منزل جي رستي تي آهيون. يقين انهي ڪري به آهي ته اڻ ورچ دوست يوسف جهڙن هزارين ماڻهن جي موجودگي انهيءَ اعتبار کي اعتماد بخشي ٿي ۽ يقين کي تيقن.
    يوسف کي سير و سفر جو شوق آهي، هو دنيا کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ چاهي ٿو. هن هيءَ جيڪو ايران جي سفر جو احوال لکيو آهي. هڪ سفرنامون آهي. سنڌي ادب ۾ سفرنامون جيئن ته هڪ مقبول صنف سخن آهي. عام جام لکيو ۽ ڇپيو پيو وڃي. تڏهن سفرنگار تي اهڙو فرض عائد ٿئي ٿو ته سندس تحرير جو گلاب خاص ڪيئن مهڪي اُٿي ۽ انهيءَ جي تحرير ۽ خوشبو جو اثر پڙهندڙ کي ڪيئن ٿو واسي ڇڏي.
    يوسف اها خوشبوءِ ڦهلائي سگهيو آهي. پنهنجي لاڳيتو لکڻ جي رياض ۽ ڪتابن سان سنگت جي ڪري Rich ۽ رچيل نثر لکي سگهيو آهي.
    ايران جي هن سفر ۾ جنهن ۾ منهنجو دوست ۽ ڳوٺائي سيد آفتاب احمد شاهه به ساڻس اچي مليو. خيرن سان انهن ايران جو خوب سير ۽ سفر ڪيو. سفر کان پوءِ ئي سفرنامون سرجي ٿو، ليکڪ پنهنجي ياد جي آڌار تي پنهنجي سفر جي جزئيات ۽ عموميت کان وٺي ايران جو جيڪو شاهوڪار ادب آهي. ۽ ثقافت آهي. انهيءَ کي بيان ڪيو آهي. سڀ کان اهم ايران جي پُراثر قدامت ۽ سياسي، سماجي تاريخ آهي، جيڪا هزارين سالن تائين ڦهليل آهي. ايران جتي علم ۽ فن جو سرچشمو رهيو آهي اُتي انهيءَ جي تاريخ تي جليل القدر حڪمرانن جو به اثر آهي. اهو مختلف زمانن ۾ نون عقيدن، مثالي باغي تحريڪن جو مرڪز پڻ رهيو آهي. ايران، بابل، سنڌ ۽ هند انساني تاريخ جي اهم معرڪن ۽ مامرن جا مرڪز رهيا آهن.
    يوسف ڪمال ڪاريگريءَ سان سڄي ايران جي موجوده صورتحال جنهن مان هو هڪ مسافر جيان گذريو آهي. موجوده وقت ۾ بيهي هن ايران جي حال کي جيئن ڏٺو آهي، تيئن بيان ڪيو آهي ۽ اُتان ئي بيهي هن ماضيءَ ۾ به سفر ڪيو آهي. هي سفرنامون ايران جي سڀني صدين جي سفر جو ڪتاب پڻ آهي. پنهنجي معلومات ۽ تحقيق ۽ تخليقي جرئت سان هن سڀني زمانن جو ايران آڻي اسان جي اڳيان بيهاريو آهي، سفر ۾ موجود وقت کان هزارين سال پوئتي تائين نهار وجهي هن ڄڻ هرحال ۾ تاريخ ۾ سفر ڪيو آهي. يوسف هن ڪتاب ۾ جيڪو چئن سون کان به وڌيڪ صفحن تي ڦهليل آهي. موضوع جي وسعت کي نظر ۾ رکندي هن ڄڻ درياهه کي ڪوزي ۾ بند ڪيو آهي. سادي ٻولي، خيال ۽ بيان جو اختصار ڪنهن به ليکڪ جون اهم خوبيون هجن ٿيون. ڪتاب ۾ ايران جي سفر جي ياد آهي ته ساڳئي وقت اهو ايران جي عتيق عهد جو هڪ دلپذير داستان پڻ آهي. هڪ سفر ضروري ڪونهي ته هڪ ڪتاب جي تخليق جو سبب بنجي. شاعر امين لاکي، سيد آفتاب احمد شاهه، آپا مهرالنساءِ لاڙڪ ۽ سفري قافلي جي ٻين ساٿين سان گڏ انهيءَ مسافريءَ ۾ صاحب ڪتاب يوسف جي اک ۽ ياداشت ڄڻ انهيءَ سفر کي فوٽو گراف ڪندي وئي آهي. تڏهن ته ڪجهه مهينن ۾ پنهنجي Photo Graphic memory جي آڌار تي، جنهن کي سندس اونهي علمي مطالعي، هڪ تاريخي تخليقيت جو رنگ ڏنو آهي.
    ايران جيڪو اسان جي خطي جي اهم رياست آهي. جنهن کي گهڻو قديم ۽ شاندار ماضي آهي، جيتوڻيڪ سندس حال ۽ حالات نازڪ ٿيندا پيا وڃن. انهن سڄي ماضي ۽ حال کي هن ڪتاب ۾ يوسف جيئن بيان ڪيو آهي. اهو يوسف جو هنر آهي. سندس نثر سادو ۽ روان آهي، ۽ سفرنامي جي ترتيب بلڪل ائين جيئن مسافر سفر ۽ وطن ڏانهن واپسي اختيار ڪئي. ڪتاب ۾ انقلاب کان پوءِ جي ايران کي سڌو سنئون بيان ڪندي ليکڪ نتيجو پڙهندڙ تي ڇڏي ڏنو آهي. ته انقلاب ايران کي ڇا ڏنو ۽ ڇا ڦري ورتو آهي. ايران جي صدر احمدي نجاد وارو باب پڙهبو ته حقيقت ڏانهن ڪيل اشارو واضح ٿي ويندو. انسان کي هميشه ماضيءَ جي سار رهي ٿي. ايران لاءِ اسان جي Nostalgia اسان کي ايران جي تاريخ شاهن ۽ شهنشاهيت ڏانهن وٺي وڃي ٿي. جتي ايران جا بادشاهه وڏي جاهه و جلال سان رهيا آهن. ويندي آخري شهنشاهه رضا شاهه پهلوي تائين، ايران جي حاڪميت جا داستان جيتوڻيڪ گهڻو رنگين ۽ پُرڪشش آهن. پر انهيءَ شاهي جبروت جي سامهون ايران جا عوام، شاعر، اديب، مصور، صوفي، باغي ۽ انقلابي جن سان اسان جو جيءُ جڙيل آهي. منهنجو اشارو خاص طور حسين ابن منصور حلاج ڏانهن آهي. عمر جي تعليم پرائڻ واري دور کان آءٌ جڏهن ساڻس ڪتابن جي ذريعي واقف ٿيس. مون کان اها سخي شخصيت وري وسري نه سگهي آهي. زندگيءَ ۾ علم جي حصول کان وٺي جان ڏئي ڇڏڻ واري سخا تائين ڪتاب جو حلاج وارو حصو گهڻو اهم آهي ۽ محبت سان لکيو ويو آهي، يوسف انهيءَ تحقيق لاءِ داد جو مستحق آهي.
    هاءِ اسڪول جي شاگرديءَ واري زماني ۾ محترم رسول بخش پليجي جو ڪتاب “انڌا ونڌا ويڄ” پڙهيم، ڪتاب کي ذهن ۾ طوفان برپا ڪرڻ جي طاقت هئي. انهيءَ ڪتاب سنڌي ادب ۾ هلندڙ رجعت پسنديءَ ۽ ترقي پسنديءَ جي اٽڪاءَ ۾ فيصله ڪن ڪردار ادا ڪيو ۽ تڏهن اسين شاگرد به ترقي پسنديءَ جي توانا سوچ ۽ فڪر ڏانهن مائل ٿياسين. آءٌ انهيءَ ڪتاب جي ذريعي فارسيءَ ۽ عربي شاعريءَ کان پهريون دفعو واقف ٿيس، پليجي صاحب جو اهو ڪتاب سنڌي ادب تي آيل مشڪل گهڙي کي آسان ڪري ويو. ڪي ڪتاب حالتن کي بدلائي ڇڏين ٿا. ‘انڌا اونڌا ويج’ اهڙو ئي هڪ ڪتاب آهي. شاعريءَ کي ڪيترو فڪري آدرش هوندو آهي، اها ذهن کي ڪيئن متاثر ۽ دلين کي ڪيئن گهائل ڪندي آهي. فارسي شاعري انهيءَ جو مثال آهي. فارسي شاعري جي عظمت جي دنيا معترف آهي. ايران جتي عظيم الشان شهنشاهه پيدا ڪيا آهن. ۽ انهن سان ٽڪرائيندڙ اڻ موٽ باغي به پيدا ڪيا آهن. جن شاهن جي فرمانن جو انڪار ڪيو ۽ غير معمولي سياسي تحريڪن کي جنم ڏنو. انهيءَ سڄي تاريخي روداد جو هي غير معمولي ڪتاب شاهد ۽ ساکي آهي. پر ايران جو انسان ذات لاءِ وڏو سرمايو انهيءَ جا شاعر آهن، تنهن بعد هڪ ڊگهي قطار قدآور، نثر نگارن ۽ مصورن، موسيقارن، خوش گلو ۽ پري رو گلو ڪارن جي به آهي، فن جي سڀني ماڌيم ۾ فارسي شاعري جو پُڙ ڳرو آهي ۽ سڄو برِ صغير پنهنجي شاعريءَ ۾ فارسي شاعريءَ کان متاثر آهي. انهيءَ جي غير معمولي مواد، هئيت، خيال، فڪر، اثر، اهميت ۽ معنيٰ آفريني جو اندازو يوسف کي به خوب آهي، هن فردوسي، حافظ شيرازي کان قرت العين طاهره ۽ فروغ فروغ زاد ۽ ٻين Legend شاعر جو ذڪر تفصيل سان ڪيو آهي، هونئن به ايران جو حقيقي تعارف فارسي شاعري جي بي مثال صنعت گري آهي. جيڪا ماضي جي ڪئين صدين تي مشتمل مختلف ماحول ۾ تخليق ٿي آهي، پر انهيءَ شاعريءَ هر دور جي انسان کي متاثر ڪرڻ ۽ سندس جذبن جي نمائندگي ڪرڻ جي صلاحيت پئي رکي آهي غزل ۾ فارسي شاعري جو نقش ڪارگر آهي. منجهس حُسن ۽ عشق جي دلربائين جو هڪ اهڙو جهان آهي، جنهن جو مثال دنيا جي ٻين ٻولين ۾ شايد ئي هجي. يوسف انهيءَ جو تعارف موهه ۽ حب ۽ اُڪير سان ڪيو آهي.
    مختصر ته هي ڪتاب ايران جي سفر جي رنگا رنگيءَ سان گڏ انهيءَ جي ماضيءَ جي غير معمولي تاريخ جو بيان پڻ آهي. سنڌيءَ ۾ اهڙي علمي ۽ فڪري تحرير جنهن اسان کي عام فهم ٻولي ۽ روان نثر ۾ ايران جي تاريخي اُٿل پٿل جي جزن کان واقف ڪيو آهي، هيءَ ايران شناسي تي پنهنجي نوعيت جو هڪ خوب ڪتاب آهي ۽ سنڌي ءَ ۾ اڳتي هلي هڪ يادگار ڪتاب جي جاءِ والاريندو.

    غلام نبي سومرو
    حيدرآباد
    2012-7-14


    • آئون به هلان ٿو ايران

    ٿيلهو ڳچيءَ ۾ پائي “جهان گردي” ڪرڻ جو خواب ڏسڻ کي ته ڪير روڪي نٿو سگهي، پر اُن خواب کي حقيقت ۾ بدلائڻ لاءِ حالتن جي هٿان نه موقعا پي فراهم ٿيا ۽ نه ئي وري کيسي اهڙي بوجهه کي برداشت ڪرڻ جي سگهه ٿي رکي، پاڻ مولائي مڙس، جيڪي اٺ ئي پهر اٽي جي سَٽن ۾، گهر جو گاڏو گهيلڻ لاءِ به حيران..... ڇا پريشان، نه ڪا باپ ڪمائي ۽ نه ئي وري ايتري آپ ڪمائي، نه هيٺين ڪمائي، نه مٿين ڪمائي، جو ڪجهه پاڇي ڪري، اهڙي خواب کي عملي ساڀيان ڏجي - باقي خواب ڏسڻ تي ته دنيا جو ڪوبه آمر ۽ جابر به پابندي هڻي نٿو سگهي.
    پاڻ ته وري اهڙا مولائي مڙس جو اسلام آباد تائين به پنهنجي خرچ سان وڃڻ اڻ ٿيڻي ڳالهه.... سو ڪٿي ٿا ٿيلهو ڳچيءَ ۾ پائي نڪرون ‘جهان گردي’ ڪرڻ.
    پر، جڏهن به ڪو دوست ڪيڏانهن ٻاهر ويندو هو، يا وڃڻ جي سنڀت ڪندو هو ته اندر ۾ اها آس پيدا ٿيندي هئي ته ڪاش، هن دوست سان آئون به ڪر هجان ها گڏ..... پر هر ڪنهن جو ڀاڳ ساڳئي قلم سان ۽ نه ئي وري ساڳئي نموني لکيو ويو آهي.
    وري جو هڪ ڀيري منهنجي ماسات رياض احمد مونکي صلاح هنئي ته “عمري تي هلندين” جواب ۾ چيومانس “ادا وٺي هلندين ته ڇو نه هلندس” ته هڪدم چيائين “ته پوءِ وارو ڪر... ارجنٽ پاسپورٽ ٺهرائي وٺ هفتي کن ۾.”
    سندس چوڻ جي دير هئي، مون به اڳ پُٺ ڏسڻ کانسواءِ ئي، نه ڪئي هم، نه تم..... بس ارجنٽ پاسپورٽ ٺهرائي وڃي سندس تريءَ تي رکيم، مونکي ايڏو تڪڙو ڏسي هو حيران ته ضرور ٿيو، پاسپورٽ وٺي پاڻ وٽ رکيائين ۽ عمري جو پروگرام سو جڏهن مالڪ گهرائيندو ته هلي نڪرنداسين. آسرن ئي آسرن ۾، پوءِ ٻُڌم ته مالڪ کيس گهرائي ورتو، سچ ڪي الائي ڪوڙ..... باقي مالڪ وٽ شايد منهنجي درخواست اڃا پينڊنگ ۾ پيل آهي، جڏهن پُکو نڪري.... نيٺ هڪ ڏينهن پاسپورٽ کانئس وٺي اچي پاڻ وٽ هٿيڪو ڪيم ته ڪيڏانهن وڃان نه وڃان، پر ڏسيو ويٺو خوش ته ٿيندس ۽ گَري گنجي کي داٻو به پيو ڏيندس، ته ‘بابا پنهنجو ته پاسپورٽ ٺهيو پيو آهي.’
    ايئن پوءِ هڪ ڏينهن جاويد قاضيءَ فون ڪري چيو ته لنڊن ۾ منور لغاريءَ پاران، ‘سنڌ ڪانفرنس’ ڪوٺائي پيئي وڃي. هل ته هلئون، چيومانس “يار پنهنجا کيسا صفا خالي ابن خالي اٿئي.” دلداري ڏنائين- پوءِ گڏجي لنڊن وڃڻ لاءِ ويزا لاءِ اپلاءِ ڪيوسين، اُن ڀڄ ڊڪ ۾ منهنجي خالي کيسي اڃا به وڃي تر ورتو. هِتان هُتان.... پَٽ سَٽ ڪري جيڪي پندرهن سورهن هزار هٿ ڪيا هئم، سي ويزا في، فوٽن ۽ ڀاڙن ڀُتن ۾ ٿيا پورا، ۽ وري اسانجن اڳوڻن حاڪمن انگريز ماءِ باپ اهو چئي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته، “تنهنجو بئنڪ بئلنس ئي مشڪل سان 135 پائونڊ آهي. سو اسانجي ملڪ ۽ خاص ڪري لنڊن جهڙي شهر ۾ ڪيئن گذارو ڪري سگهندين، تنهڪري ماٺڙي ڪري ويهي راڳ مارئي ڳاءِ!” اُن مهل نيپولين جي چوڻي ياد اچي ويم ته ‘اها انگريز قوم واپاري آهي، ان جو سڄو ڌيان کيسن تي هوندو آهي.’
    سچي ڳالهه اها آهي ته هينئر جڏهن پاڪستان ڇڏي، ايران جي سرحد ۾ گهڙيو آهيان ته مالڪ سائينءَ جي مهرباني نه مڃڻ سراسر ناشڪري ٿيندي.
    گذريل هفتي جڏهن اها ڳالهه هڪ دوست سان ڪيم ته “ايران ٿو وڃان” ته هڪدم چيائين ته، “حرامي! ڪٿان پئسن جي ڌن لڌي اٿئي، جو هن ئي سال فيبروري - مارچ ۾ هندستان وين ۽ هاڻ وري ايران...”
    “ڌن ته اهائي آهي، جيڪا کيسي ۾ اٿم... بس مالڪ سائينءَ جي نظرِ ڪرم آهي، نه ته پاڻ سنڌيءَ ۾ الطاف شيخ ۽ اردوءَ ۾ مستنصر حسين تارڙ جا سفر ناما پڙهي دل خوش ڪرڻ وارن مان آهيون.”
    ايران اچڻ جو قصو به عجيب آهي، بس رڳو ايترو چئي سگهان ٿو ته قسمت ۾ هيءَ سفر لکيل هو. هڪ ڏينهن آپا مهر النساءَ لاڙڪ کي فون ڪري ڪا ڳالهه پُڇيم ته ڳالهين ئي ڳالهين ۾ چيائين، “ادا ايران پئي وڃان.” دل ۾ آيم ته چوانس، “آپا مونکي به وٺي هلو ها.” پر چئي نه سگهيس.
    آپا مهرالنساءَ سان منهنجو رشتو هڪ پُٽ سان ماءُ جو، هڪ ڀيڻ سان ڀاءُ جهڙو آهي، آپا مهرو سدائين پيار، شفقت ۽ احترام سان پيش ايندي رهي آهي، آپا ٻڌايو ته هوءَ هڪ زيارتي قافلي سان 3 جولاءِ تي باءِ روڊ ايران پئي وڃي ۽ امين لاکو به گڏ آهي. امين لاکو، جيڪو آپا کي “امي” ڪري سڏي، تنهن جو ڀاءُ محمد خان “مسافر” لاکو ته اسان جهڙن دوستن تي ٻلهار ٻلهار پيو ٿيندو آهي.
    “وڏو لاهه آهين امين، لڪي لڪي پيو ايران وڃين، توکي ڪو ايئن لڪي لڪي وڃڻ ڏبو ڇا؟” امين کي چيم.
    “ته پوءِ تون به هَل ڪير ٿو روڪي توکي.” امين رکائيءَ مان وراڻيو.
    “هاڻ ته مشڪل آهي، تون ٿي اچ، وري ڪنهن ٻي ڀيري....” مون چيس ڳالهه آئي ويئي ٿي ويئي.
    آپا مهرالنساءَ وارن جي پروگرام ۾ ڪجهه ڏينهن دير ٿي ويئي، هڪ ڏينهن ويٺي ويٺي الائجي ڪهڙي خيال کان آپا مهر کي ايس ايم ايس ڪيم، “آپا مونکي به ايران وٺي هلو نه...!”
    ٿوري دير کانپوءِ جواب آيو، “ادا ڀلي هلو.... سدا هلو.”
    “پر ڪيئن آپا؟” پُڇيم،
    آپا مهر سڄو طريقي ڪار لکي موڪليو ۽ مون به کڻي ها ڪئي. ٻي ڏينهن آپا ٻڌايو ته هُن قافلي جي سالار وسيم ڏهراج کي منهنجو فون نمبر ڏيئي ڇڏيو آهي، هو اوهان سان رابطي ۾ ايندو.
    ان وچ ۾ منهنجو ايران وڃڻ جو ارادو ‘ها’ ۽ ‘نه’ جي وچ ۾ لڏندو رهيو، ۽ آپا کي چيم، “آپا منهنجو ذهن ٻڏتر جو شڪار آهي.”
    “ادا، ٻڏتر جو شڪار نه ٿيو.... بس ذهن ٺاهيو ۽ هلو.”
    “ٺيڪ آهي آپا.... يا بِسم الله.”
    تيسين وسيم ڏهراج جي به فون اچي ويئي، مون کانئس سفر بابت سڄي خبر چار پُڇي، ساڻس طئي ڪري، فوٽو ڪڍائي، پاسپورٽ ۽ ٻيا ضروري ڪاغذ سندس حوالي ڪيم ۽ ٻي ڏينهن دڙي هليو آيس، جتي ڪتابن کي ڦلهوريندي ڪافي سال اڳ ڪٿان هٿ آيل گورنمنٽ آف ايران جي “عالمي سياحتي اداره وزارت فرهنگ و ارشاد اسلامي” پاران اردوءَ ۾ ڇپرايل هڪ “ايران جي سياحتي گائيڊ” تي نظر پيم، جنهن ۾ مختصر پر جامع نموني ايران جي سياحت بابت نقشي سان سمجهايل هو، اها گائيڊ پڙهيم ته وڌيڪ سَهنجائي ٿي ۽ نقشو سامهون رکي ايران جي سياحت جو هڪ ننڍو خاڪو ذهن ۾ ٺاهي ورتم.
    هونهن ته ماضيءَ ۾ ايران منهنجي سڀني حواسن تي نه به سهي، پر ڪجهه حواسن تي حاوي ضرور رهيو آهي.
    مرزا قليچ بيگ جو فردوسيءَ جي شاهنامي تان آڌاريل قصو ‘رستم’... ان ۾ رستم پهلوان جي بهادريءَ جا قصا... سندس زال تهمينه ۽ پُٽ سهراب ۽ ٻنهي پيءُ ۽ پٽن جي وچ ۾ جنگ ڇا ته دلچسپ قصو هو، زابل، مازندران، ايران ۽ توران.... ۽ مرزا صاحب جي شيرين زبان....
    شيرين ۽ فرهان جو عشقيه داستان!
    فرهاد جو، شيرين جي عشق ۾ جبلن ۾ نهر کوٽڻ...
    عربن ۽ ايرانين جي وچ ۾ ٿيل جنگيون.... جنگ قادسيه جي ڪهاڻي دلچسپيءَ سان پڙهڻ. تاريخ سان دلچسپيءَ نه رڳو ايران جي تاريخ پڙهائي، پر اسلامي تاريخ به ازبر ڪري ڇڏيم.
    فردوسيءَ جي شاهنامي بابت ننڍي هوندي چوٿين يا پنجين ڪلاس ۾ اُستاد ڪريم بخش “پياسي” مڱڻهار... جيڪو خود به هڪ شاعر هو، ٻڌايو ته سلطان محمود غزنويءَ، فردوسيءَ کان شاهنامون ان وعدي تي لکرايو ته هو کيس اُن جي هڪ لفظ جي بدلي ۾ هڪ سوني اشرفي ڏيندو... پوءِ جڏهن فردوسيءَ شاهنامون مڪمل ڪيو ته، سلطان محمود غزنوي ، وعدي خلافي ڪندي، فردوسيءَ کي سونين اشرفين جي بدران، چاندي جا سڪا موڪليا، ۽ فردوسيءَ سلطان جي ان وعدي خلافيءَ تي ڏکوئجي درٻار مان هليو ويو ۽ پوءِ جڏهن محمود غزنويءَ کي احساس ٿيو ته هن فردوسيءَ کي سونين اشرفين جون خرزينون ڀرائي موڪليون.... ۽ طوس شهر جي هڪ دروازي مان خچر اهي اشرفيون کڻي اندر پي داخل ٿيا ته ٻي دروازي مان فردوسيءَ جو جنازو دفنائجڻ جي لاءِ کڄيو پي ويو... محمود بُت شڪن جي وعدي شڪنيءَ ۽ نا قدريءَ فردوسيءَ کي دل شڪستو ڪري ماري ڇڏيو.
    خبر ڪونهي ته اهو اتفاق چئجي يا قدرت پاران ڪو اشارو ته سفر جي پروگرام ٺهڻ کان اڳ منهنجي دوست ۽ پاڙيسري غلام نبي سومري، انقلاب ايران جو اکين ڏٺو احوال “لوح ايام” اوچتوئي اوچتو مونکي پڙهڻ جي لاءِ ڏنو، ڇا ته خوبصورت ڪتاب آهي ۽ ان جو مائيدار نثر... چئن سئو صفحن جو ڪتاب ٽن چئن ڏينهن ۾ ايئن پڙهي پورو ڪيم.... جيئن ڪا پسند جي ڊش سامهون اچي ۽ هُجي به هڪ ۽ کائڻ وارا هجن گهڻا، ۽ جلدي جلدي چمچا ڀري کائيندو وڃجي. “لوح ايام” جي ذريعي مون مختيار مسعود کي بهترين نثر نويس طور دريافت ڪيو ۽ “آواز دوست” کي آواز ڏيڻ لڳس ته جلد هٿ ۾ اچ ته توکي به پڙهي وٺان، جيڪو ڪيتري ئي عرصي کان منهنجي لئبرريءَ ۾ مونکي تڪيندو رهيو آهي ته مونکي به ته پڙهي ڏس....!” باقي ‘آواز دوست’ جي جواب ۾ نسيم انصاري جو لکيل ڪتاب “جواب دوست” ته ڪيترائي سال اڳ مون پڙهيو هو.
    اهو به عجيب اتفاق آهي ته جون جي آخرڌاري جڏهن ڪنڌڪوٽ کان ٿيندو لاڙڪاڻي پهتس ته هڪ ڪتاب گهر تي ڪتابن کي ڦلهوريندي جي پي فيريز ۽ هيڊن جي 1845ع ۽ 1885ع ۾ ڪيل ايران جي سفر جو داستان رڳو ان ڪري خريد ڪيم ته حيدرآباد تائين سفر دوران پڙهي سگهان... وقت جي گذاري طور.
    ايران، جنهن جي قدامت ۽ اهميت ان ڳالهه مان ظاهر آهي ته قبل ازسلام ان سرزمين تي ٽن مذهبن جنم ورتو. زرتشي (Zoroastrain) ماني ۽ مزدڪ ازم، جن مان هاڻ فقط زرتشي مذهب جا پوئلڳ، جن کي پاڻ مجوسي يا پارسي چئون هندستان، ۽ ايران ۾ موجود آهن. ڪجهه پاڪستان ۾ به ۽ سڄي دنيا ۾ ڏيڍ ٻن لکن جي لڳ ڀڳ مس ٿيندا.
    تشعيت جي جنم جي سرزمين به ايران ئي ته آهي، نه رڳو اهل تشعيت، پر سُني مذهب سان واسطو رکندڙ چئني وڏن فقهن حنفي، حنبلي، مالڪي ۽ شافعي مسلڪن جا امام پڻ ايران سان واسطو رکن ٿا.
    بهائي يا بابي مذهب به، جنهن جي باني محمد علي ‘باب’ پهرين ته امام مهدي هئڻ جي دعويٰ ڪئي ۽ اهل تشعيت سان ئي واسطو رکندڙ هو، پوءِ هن ڌار بهائي/بابي مذهب جو بنياد رکيو، ايران جي سرزمين تي ئي ته جنم ورتو. قرتھ العين طاهرا، ان ئي ‘بهائي’ مذهب سان لاڳاپيل هئي، ڇا ته خوبصورت شاعرا هئي. قرتھ العين تي جميله هاشمي جو خوبصورت غنائيه “چهره به چهر روبرو” ڪو پڙهي ته ڏسي.
    آئون بيٺو آهيان ايران جي سرحد تي، جنهن جي سڃاڻپ گگوش به آهي. ايران جي عظيم فنڪارا، جنهن حافظ، خيام، سعدي ۽ شيرازي کي پنهجي مترنم آواز ۾ نئين رنگ ۾ پيش ڪري دوام کي دوام بخشي ڇڏيو، جيڪا جوانيءَ ۾ ئي ايران ۾ گم ٿي گم نان ٿي ويئي ۽ ٻاويهن سالن کانپوءِ پئرس ۾ ظاهر ٿي. پنهنجي حياتي ۽ فن بچائڻ جي لاءِ يڪي ٻاويهن سالن جي ٽُٻي... گگوش، جنهن بابت ايئن سمجهيو ويو هو ته هوءَ به ايراني انقلاب جي طوفاني لهرن ۾ لڙهي ويئي. دنيا سمجهيو هو ته کيس به ايراني انقلاب ٻي دنيا جي ٽڪيٽ وٺرائي ڇڏي آهي.
    آئون خانم گگوش جي ان ملڪ ۾ داخل ٿي رهيو آهيان، جنهن لاءِ اسانجي سنڌ جي البيلي شاعر ‘حسن درس’ لکيو هو.
    خانم گگوش جي تصوير جي
    فريم ۾
    هڪ ملڪ بند آهي
    جتي جي سرحدن ۾
    جواني منع آهي
    تاريخ جي سگريٽ کي
    تيليءَ چميو ته
    وقت دُکي پيو
    ۽ هڪ ڊگهي ڪشش ۾
    درد جو سُرمئي دونهون
    هوا ۾ اُڏرندو ويو
    تون هڪ ڦُلي وانگي
    پنهنجي قبر جي ايش ٽري ۾
    بي معنيٰ ٿي ڇڻي پوندين.
    گگوش جي اکين ۾
    هڪ ڪربلا ڇرڪ کائي جاڳي اُٿي
    ۽ خوابن جا حُسين
    پنهنجي قتل جي بي واجبيءَ تي
    هر يزيد جو ابدي موت اورانگهي
    من جي نيڻ موسمن جا
    نوان عنوان بنجي ويا
    درد جي هن پراڻي ڍنڍ تي
    ڏيهي ۽ پرڏيهي پکي
    جڏهن گڏجي اُڏرندا
    ۽ چٽي اُس ۾ به
    پکين جو هڪ ڪڪر
    ڍنڍ تي ڇانورو ٿيندو
    ته ڪروڙين ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون
    جواني جي ٽاريءَ تي
    زندگيءَ جي چيلهه ۾ ٻانهون وجهي
    مسلسل ٽهڪ ڏيندا
    ۽ انهن ٽهڪن ۾
    گگوش سدائين جوان رهندي.

    حسن درس جي ان نظم لاءِ شيخ اياز تبصرو ڪندي لکيو ته ‘سبط حسن، اهو نظم پڙهي ها ته پنهنجي ڪتاب ‘انقلاب ايران’ ۾ ترميمون آڻي ها.’
    منهنجي ذهن ۾ ڪيترائي سوال آهن، ڇا واقعي هڪ سڄي ساري ملڪ ۾ جوانيءَ تي پابندي وڌل آهي، مونکي تجسس آهي ان ڳالهه جو ته ڇا هڪ اهڙي ملڪ ۾ جتي جو شاعر ‘حافظ شيرازي’ محبوب جي ڳل جي ڪاري تر تان سمرقند ۽ بخارا جا شهر قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار هو . تنهن ۾ محبوبيت تي پابندي وڌل آهي.
    سوچيان ٿو ته افسوس جو حسن درس هن دنيا ۾ ڪونهي، جنهن گِگوش جي موت جي خبر ٻُڌي ٻاويهه سال اڳ ‘هُنَ’ شخص جي مذمت ڪندي، کيس تاريخ جي ڊسٽ بن ۾ “سگريٽ جي ڦلي” جيان ڇنڊجڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي.... افسوس جو آئون ايران مان واپس وري حسن درس سان سندس مٿين نظم جي پسمنظر تي ڳالهائي نه سگهندس ۽ کيس اهو ٻُڌائي نه سگهندس ته مون ‘خانم گِگوش جي تصوير جي فريم ۾ بند هڪ ملڪ کي ڪيئن ڏٺو’.
    شاعر جو پنهنجو تخيل آهي ۽ وقت!
    جيڪو تخيل کي حقيقت جو روپ ڏيندي دير ئي نٿو ڪري.
    آئون وِک وڌايان ٿو ۽ ٻي گهڙي فردوسي، عمر خيام، حافظ شيرازي، قرتھ العين طاهره، رودڪي، انوري، جامي، شيخ سعدي، صادق هدايت ۽ گِگوش جي ملڪ ايران ۾ داخل ٿي وڃان ٿو، جن جي سڃاڻپ هر سرحد ۽ ٻولي، فڪر، نظام ۽ ازم کان مٿاهين آهي.
    *

    اگر آن ترڪ شيرازي بدست آرد دلِ مارا
    بخالِ هندوش بخشم سمرقندو بخارا را.
    (حافظ شيرازي)


    • سب ڪام چلتا اي بابا

    صبح جو جنهن مهل اسين تفتان پهتاسين، جتي پاڪستان ختم ٿي ايران شروع ٿو ٿئي، ان مهل صبح جا چار ٿيا هئا. آگسٽ جي ٻي تاريخ هئي ۽ رمضان شريف جو پهريون روزو هو، بس مان سامان لاهي هيٺ رکيوسين ته اُن ۾ ٻه ٿيلها کُٽل هئا. هڪ آفتاب شاهه ۽ صفدر شاهه وارن جو ۽ ٻيو فقير زوهيب مڱڻهار ۽ حاجي عيسيٰ شوري جو. انهن ۾ ٻنهي جا ڪپڙا هئا. ٿوري دير جي لاءِ ته آئون به ڊڄي ويس ته جي منهنجو ٿيلهو به گم ٿي وڃي ها ته پوءِ؟ ڇا... مونکي اُتان ئي واپس ورڻون پوي ها، جو منهنجي پئسن جي ننڍڙي هڙ به اُن ٿيلهي ۾ هئي ۽ منهنجي کيسي ۾ هئا ئي ڪي ٻه چار سئو روپيا. پوءِ ايران وڃڻ ته پنهنجي جاءِ تي، پر واپس ڳوٺ ورڻ جو ڀاڙو به نه هجي ها.
    اهي ٿيلها ڪيئن گم ٿيا؟ آفتاب شاهه وارن چيو ته اسان سنڀالي رکيا هئا. زوهيب ٻڌايو ته تفتان ۾ جنهن مهل بس بيٺي ۽ هو مٿي چڙهيو ته ان مهل ٻڌل سامان جا رسا کليل هئا. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهي يا ته اڌ ۾ ڪٿي ڪير مٿان ئي مٿان اُڏائي ويو يا وري رسن کُلڻ سبب ڪٿي ڪري پيا. اسانجي سالار وسيم ڏهراج گهڻيءَ فونون گهمايون، پر مڙيئي ٿيو خير.
    “سائين! ٿيلهي ۾ ڪو خاص سامان ته نه هو؟” مون آفتاب شاهه کان پڇيو.
    “نه، رڳو منهنجا ۽ صفدر شاهه جا ڪپڙا هئا.” آفتاب شاهه وراڻيو.
    “بس ته پوءِ سمجهو خير ٿيو.” مون چيو.
    “هائو! ڪپڙا ٻيا وٺي وٺنداسين.” صفدر شاهه چيو.
    “باقي سائين هڪ ڳالهه اٿوَ” مون کلندي چيو، “اوهين اهل بيت ۽ سادات آهيو، اوهانتي سختيون ۽ آزمائشون هردور ۾ اينديون رهيون آهن. اوهانجي ڪپڙن جو ٿيلهو گم ٿيڻ به هڪ امتحان ۽ آزمائش سمجهو. اوهين جن جي زيارت ڪرڻ پيا هلو، انهن جي به ته سڄي زندگي سختين، آزمائشن ۽ امتحانن ۾ گذري....”
    “ايئن ته آهي.” صفدر شاهه ۽ آفتاب شاهه وراڻيو.
    “تنهنڪري اوهين انهيءَ ٿيلهي جو وڃائجڻ به هڪ آزمائش ئي سمجهو، ۽ اهو ٿيلهو ويو اهڙو ويو، جو هميشه جي لاءِ هليو ويو... هاڻ ڪلمو پڙهي روح تي وجهو ۽ اچو ته اڳتي وڌي قطار ۾ بيهون، جيئن اٺين بجي اميگريشن جي عملي جي اچڻ شرط ئي پاڻ پاسپورٽن تي ٺپا هڻائي، سرحد ٽپي سگهون... جو هڪ ته رمضان جو پهريون روزو آهي ۽ ٻيو اڳتي اڃا ڊگهو سفر... متان ڪي ٻيون آزمائشون ۽ امتحان اڃا پنڌ ۾ هجن.” مون چيو.
    “ٺيڪ آهي هلو.” هنن چيو، ۽ اسان پنهنجو سامان هٿن ۾ کڻي ۽ ننڍا ٿيلها ڪلهن ۾ وجهي اڳتي وڌڻ لڳاسين.
    آفتاب شاهه ۽ سيد صفدر علي شاهه شيرازي، اسانجي چوويهن ڄڻن تي مشتمل قافلي پنهنجي گهر وارين جيجائن ۽ ٻن ننڍڙن پٽڙن سان گڏ شامل هئا. آفتاب شاهه ٽنڊي محمد خان جو رهاڪو ۽ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊي محمد خان ۾ ليڪچرار آهي. صفدر شاهه ٺٽي جو شيرازي آهي ۽ پاڪستان اسٽيل مل ۾ آفيسر. ٻئي پاڻ ۾ مائٽ ٿين. اسانجي پوءِ پاڻ ۾ خوب لڳي. سڄي سفر ۾ اسين چارئي يعني صفدر شاهه، آفتاب شاهه، امين لاکو ۽ آئون وس آهر خوب گهمياسين. واپسيءَ تي آفتاب شاهه مونکي چيو ته، “جي تون هن سفر ۾ گڏ نه هجين ها ته اسين رڳو زيارتون ڪري ۽ هوٽلن ۾ ننڍون ڪري موٽي اچون ها. تنهنجي ڪري اسان ٻيو به گهڻو ڪجهه ڏسي سگهياسين.”
    ٿورو اڳيان وڃي نظر ڪئيسين ته مار ڀيڻان... اسان کان اڳ ۾ ئي ٽيهارو کن پٺاڻن اميگريشن آفيس جي دريءَ جي ٻاهران قطار ۾ ويٺل نظر آيا. ايئن لڳو ڄڻ اهي همراهه ڪلهه شام کان ئي اتي جايون والاريو ويٺا هجن ته جيئن ئي دري کلي ته ٺپو هڻائي ڀڄون ٻي پار- اسان سامان سوري انهن جي پويان قطار لڳائڻ شروع ڪئي. اسان سان گڏ آيل زائفائن کي هڪ ٽين جي ٺهيل ڇپري هيٺان پٿر جي ٺهيل بئنچن تي ويهڻ جو چيو ويو، ۽ هو ٻارن سميت اُتي وڃي ويٺيون، علائقو ايترو ته سنسان هو جو ڊپ پي لڳو ته جيڪڏهن ڪي شاهينگ ڦُرڻ چاهين ها ته کين روڪڻ وارو ڪير به نه هو. ڪو فوجي يا سرحدي محافظ به نظر نه پي آيو، سامهون جبلن جون قطارون هيون، جن لاءِ ٻڌايو ويو ته اهو سلسلو افغانستان تائين هليو ٿي ويو، انهن جابلو ٽڪرين جي ڀڪَ ۾ ڪافي لوهي ڪٻاڙو پيل نظر آيو، جنهن ۾ صبح جو ايندڙ ٽرڪن وڌيڪ واڌارو ڪرڻ شروع ڪيو.
    پاڪستان سرحدي چوڪي ڪنهن لُٽيل ۽ ڦريل بي واهه جهڙي اُجاڙ لڳي، اتي موجود همراهن ٻڌايو ته عورتن ۽ ٻارن جي ويهڻ جي لاءِ ڇپرا به هاڻ ٺاهيا اٿن، اهي به اڻ پورا. جتي عورتون ۽ ٻار ويهي پنهنجي واري اچڻ تي پاسپورٽ ۽ ويزا چيڪ ڪرائي ايران واري پاسي روانا ٿين ٿا، يا ايران مان ايندڙ مسافر واپسيءَ جو ٺپو هڻائي، پنهنجي ماڳن ڏانهن موٽن ٿا. اهو به چڱو جو اهي ڇپرا ٺاهي عورتن تي مڙيئي ٿڌو ٿورو ڪيو اٿن، باقي مرد سي کليل ميدان ۾ سردي توڙي گرميءَ ۾ اُڀين پير بيهي بيهي جيستائين سندن وارو اچي، تيستائين اڌ مئا ٿيو پون. اها حالت ڏسي مونکي ايئن لڳو ته پاڪستان گورنمنٽ ڄاڻي واڻي اُتي ڪا ڍنگ جي اميگريشن آفيس نٿي ٺهرائي، الائجي ڇو-؟ اتي پهچڻ سان اسان جهڙن جو ئي تاثر غلط ٿو بيهي، سو ٻاهران يا ايران مان ايندڙ مسافرن يا پاڪستان مان باءِ روڊ ايران ويندڙ پرڏيهين جو تاثر ڪهڙو هوندو، ان جو اندازو لڳائڻ ڏکيو ڪونهي. ايران سان لڳندڙ سرحد جي ڀيٽ ۾ هندستان سان ملندڙ “واهگا” بارڊر تي بَر ۾ بازاريون ٿيل آهن، واهه جو خرچ ڪيو اٿن. سهڻيون عمارتون، روشنيون، پريڊ لاءِ ميدان، ڪشادو رستو، جهنڊا ۽ چاڪ وچو بند فوجي/ پوليس جا دستا نظر اچن ٿا.جيڪي هر دم سرحد پار جي ڪافرن کي اکيون ڏيکاري پنهنجي اسلامي ۽ ايماني جوش ۽ جذبي جو مظاهرو پيا ڪندا آهن. ان جو هڪ سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته “واهگا” پنجاب ۾، سو به لاهور جي نڪ وَٽ آهي، جتي سڄي ملڪ جو پئسو خرچڻ ۽ ان کي ترقي وٺرائڻ عين اسلام، عين ايمان ۽ سچي پاڪستاني هئڻ جو ثبوت ڏيڻ لاءِ ضروري آهي، ۽ هيڏانهن هي ويچارو تفتان، جيڪو بلوچستان ۾ آهي ۽ جنهن کي هر حڪومت ڏنڊي جي زور تي دٻائي، ماري ڪُٽي، آپريشنون ڪري پئي هلائي، سو اهڙي سرزمين تي موجود سرحدي چوڪيءَ کي ترقي وٺرائڻ مان ڀلا فائدو به ڪهڙو؟
    آسپاس جو جائزو وٺڻ کانپوءِ مون کي ان ڳالهه تي سخت حيرت ٿي ته پاڪستاني اميگريشن آفيس يا آسپاس ڪٿي به پاڪستاني جهنڊو نظر نه آيو. جڏهن ته سامهون ئي لوهي گيٽ ۽ تارن واري ڀت جي ٻي پاسي ايراني اميگريشن آفيس “مير جاوا” جي مٿان ايراني جهنڊو ڦڙڪندو نظر آيو ۽ اندر بلڪل سامهون آيت الله خميني ۽ آيت الله خامنه اي جون وڏيون تصويرون لڳل نظر آيون. پرپاڻ واري پاسي ته “پياري پاڪستان” نالي ڪنهن به شئي جو وجود نظر نه آيو، سواءِ ان جي ته ايراني سرحد ٽپي پاڪستان ۾ داخل ٿيندڙ جي نظر سامهون چُن سان پوچي ڪيل ڀت تي لکيل لفظن جي ته: “هم آپ کو پاڪستان آني پر خوش آمديد کهتي هين”.
    شايد بلوچستان جون حالتون هاڻ ان حد تي پهچي ويو آهن، جو اُتي سرحدي محافظ به پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪائي پنهنجي جان جوکي ۾ وجهڻ نٿا چاهين.
    ٻي طرف ايراني بارڊر “ميرجاوا” جي ڇا ڳالهه ڪجي، هڪ وڏي ۽ شاندار عمارت کڙي ڪري ڇڏي اٿن. جنهن ۾ مسافرن توڙي، پنهنجي عملي لاءِ سڀ سهولتون موجود آهن، ڪاغذي ڪاروائي مڪمل ڪرائي ٻاهر نڪر ته زاهدان وڃڻ جي لاءِ بسون تيار بيٺل نظر اينديون، سامهون هڪ ننڍو پارڪ، جيڪو ڏاڍو سٺو لڳي رهيو هو. ان سان گڏ مسجد، خوبصورت رستا، دست شوئي يعني واش روم، هروڀرو مسافرن کي گرمي توڙي سردي، مينهن واءُ ۾ پريشان ٿيڻ جي ضرورت ڪونهي، ڇو ته اميگريشن آفيس ۾ ئي ڪافي ڪرسيون، بئنچون، پاڻي لاءِ واٽر ڪولر وغيره موجود آهن، جتي آرام سان ويهي گهربل وقت گذاري سگهجي ٿو.
    اُتي ميڙو ڪري ويٺل پٺاڻن بابت معلوم ٿيو ته اهي ايران جي ويزا وٺي يا ته ايران جي سرحدي شهر زاهدان يا وري ٻين شهرن جهڙوڪ تهران وغيره ۾ نوڪريون، مزدوريون ۽ ٻيا ڌنڌا ڪندا آهن، ۽ ويزا پوري ٿيڻ کانپوءِ وري ٺڪ پاڪستان ۽ ٻه ٽي هفتا پاڪستان ۾ گذاري وري ويزا وٺيو ايران پهچي ڌنڌا ۽ مزدوريون شروع ڪريو ڏين، اتي ويٺل پٺاڻن ۾ ڪافي افغاني، به هئا، جن جي هٿن ۾ افغانستان جا پاسپورٽ هئا ۽ اهي چمن کان ٿيندا، تفتان وٽان ايران وڃي رهيا هئا.
    ٻيا وري اهڙا هئا، جيڪي واپاري هئا، هِتان جو مال هُتي ۽ هُتان جو هِتي، ٻنهي پاسن جي سرحدي محافظن سان ڪجهه ملي ڀڳت ۽ ڪجهه ڏيتي ليتي کان پوءِ انهن جي اک ٻوٽ... “سب کام چلتا اي بابا.” هڪ پٺاڻ منهنجي سوال جي جواب ۾ مرڪندي وراڻيو.
    مٿين ڳالهه جي تصديق پوءِ ايران مان واپس ورندي به ٿي، اسين تفتان مان ڪوئٽا وڃڻ جي لاءِ جنهن بس ۾ سوار ٿياسين، ان ۾ زاهدان مان واپس ايندڙ هڪ بلوچ سان ملاقات ٿي، جيڪو بلڪل منهنجي سيٽ جي ڀرسان لڳايل اسٽول تي ويٺو هو، هو اصل ‘دالبدين’ جو رهواسي هو ۽ هر ٽي مهيني ويزا وٺي زاهدان ويندو هو، جتي هو درزڪو ڪم ڪندو هو. هُن ٻڌايو ته زاهدان ۾ کيس هڪ وڳي سُبڻ جي مزدوري گهٽ ۾ گهٽ تيرهن هزار تومان يعني لڳ ڀڳ هڪ هزار روپيا پاڪستاني ملندا آهن، ۽ هن جهڙا ڪيترائي پورهيت آهن، جيڪي زاهدان ۽ ايران جي ٻين شهرن ۾ ڪونه ڪو ڌنڌو ڪري سُٺا پئسا ڪمائين ٿا. اهڙي ئي ڳالهه مشهد ۾ هڪ پاڪستاني صابر حسين کوسي به ڪئي ته تهران ۾ هڪ عام مزدور کي ڏيهاڙي 25 هزار تومان يعني لڳ ڀڳ ٻه هزار روپيا پاڪستاني مزدوري ملي ٿي، جيڪا پاڪستان جي ڀيٽ ۾ تمام ججهي مزدوري آهي، پاڪستان ۾ هڪ مزدور کي عام طور تي ٻه سئو کان ٽي سئو روپيا روز جي مزدوري ملي ٿي.


    • ايران ڪيئن وڃجي...؟

    پاڪستان کان ايران وڃڻ لاءِ ٽي رستا آهن، پهريون باءِ ايئر، جنهن ذريعي ڪراچي کان سڌو تهران ٽن يا ساڍن ٽن ڪلاڪن جي اُڏام وسيلي پهچي سگهجي ٿو. ڪراچي کان تهران جي لاءِ هفتي ۾ هڪ ڀيرو فلائيٽ ويندي آهي، جهاز جي ذريعي وڃڻ سان تڪليف گهٽ ٿئي ٿي، البت پئسو وڌيڪ خرچ ٿئي ٿو. جهاز جي ذريعي ڪراچي کان سڌو تهران ٽن يا ساڍن ٽن ڪلاڪن جي اُڏام وسيلي پهچي سگهجي ٿو. هن وقت جهاز جي ذريعي ڪراچي کان تهران اوٽ موٽ ڪرايو 45 هزار روپيا آهي، جهاز جي ذريعي سُکيا ستابا ماڻهو ته وڃي سگهن ٿا، پر عام غريب غربو زائر وڃڻ جي سگهه ساري نٿو سگهي، جو هو ايترن کان به گهٽ پئسن ۾ ته باءِ روڊ يا باءِ ٽرين ڳوٺ کان وٺي ايران تائين گهميو ڦريو، خريداريون ڪريو موٽيو اچي.
    ٻيو رستو ڪوئيٽا کان ريل جي رستي وڃڻ جو آهي، اهو سستو ته ضرور آهي، پر تڪليف ۽ اهنجن سان ڀريل آهي، ڪوئٽا کان تفتان پهچندي ڪڏهن ڪڏهن ته ريل کي چوويهه ڪلاڪ به لڳيو وڃن، رستو ويران ۽ ڊگهو هئڻ ۽ واري جي دڙن ۽ جبلن مان لنگهڻ سبب ڪڏهن ڪڏهن پٽڙي فرلانگن جا فرلانگ واريءَ ۾ دٻجيو وڃي ۽ پوءِ ريلوي ملازمن سان گڏ مسافر به پيا پٽڙي صاف ڪندا آهن، ۽ وري جي اتفاق سان ويرانيءَ ۾ انجڻ فيل ٿي پوءِ ته سر ئي ويو. ان ريلوي لائين کي ‘سپزنڊا زاهدان’ سيڪشن چوندا آهن.
    اها ريلوي لائين مير جاوا تائين وڃي ٿي. فيلڊ مارشل ايوب خان جي دور حڪومت ۾ تفتان کان اڳيان ‘مير جاوا’ تائين جو علائقو ايران کي دوستيءَ ۾ سوکڙي طور ڏنو ويو. 613 ڪلوميٽر ڊگهي اها ريلوي لائين ريگستانن، سنگلاخ پهاڙن، دشت ۽ صحرائن ۾ واري اڏائيندڙ، هوا سان گڏ پنهنجي جاءِ بدلائيندڙ واريءَ جي دڙن سان گڏ “اتران” تائين وڃي ٿي ۽ اها دنيا جي سڀ کان وڌيڪ اڪيلي بين الاقوامي ريلوي لائين آهي. ان ٽريڪ تي ڪوئٽا کان دالبدين تائين پندرهن اسٽيشنون آهن، جن جا نالا هن ريت آهن: ڪوئٽا، سرياب، سپزنڊا، ولي خان (مستونگ روڊ)، ڪانڪ، شيخ وال، ڪردگاب، گلنڪور، ڪيشنڪي، نوشڪي، احمد وال، پائين مل، پدگ روڊ، ڪچاهه ۽ دالبدين. ۽ وري دالبدين کان زاهدان تائين 388 ڪلوميٽرن جي ريلوي ٽريڪ تي تيرهن اسٽيشنون آهن، جن جا نالا هن ريت آهن. دالبدين، يڪ مچ، گيت، آزات، نوڪنڊي، علم ريگ، تزگي، وارچاهه، ڪوهه تفتان، بائونڊري پلر نمبر72، مير جاوا، خان محمد چاهه ۽ زاهدان. ڪجهه وقت اڳ ايران ريلوي جي اعليٰ عملدارن ۽ پاڪستان جي اعليٰ عملدارن جي وچ ۾ زاهدان کي ڪرمان ريلوي اسٽيشن سان گڏڻ جي رٿا تي ڳالهيون ٻولهيون ٿيون هيون.
    اها ريلوي لائين پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جي دوران وڇائي ويئي، ان کان اڳ اهو ڏکيو سفر اُٺن جي ذريعي ڪيو ويندو هو. اُٺ هونئن به ريگستان جو بادشاهه، سو واريءَ جو اهو رڻ جهاڳي وڃي پار پوندو هو.... پر پهرين مهاڀاري جنگ کان ٿورو اڳ اُٺن کي ڪا نظر کائي ويئي ۽ اهڙي ڪا بيماري اچي لڳين، جو اُن رستي تي هلندڙ ٽي هزار جا ٽي هزار اُٺ مري ويا. ۽ اهو رستو اُٺن جو قبرستان بنجي ويو، ۽ رستي تي اُٺن جا ايترا ته ڍانچا پکڙيا پيا هوندا هئا جو ماڻهو چوندا هئا ته انهن ڍانچن جي مٿان هلي ئي ايران وڃي سگهجي ٿو.
    ان ريلوي لائين وڇائڻ جي لاءِ آگسٽ 1916ع ۾ سڄي رستي جو سروي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ڪم اهڙي ته تيزيءَ سان شروع ٿيو، جو پنجن مهينن جي اندر ئي ٻه سئو ڪلوميٽر ريلوي پٽڙي وڇائجي ويئي. هاڻ اڳيان اهڙو ته ڀيانڪ ريگستان هو جو ماڻهو اڄ به ان کان ڪنبن ٿا. تنهنڪري باقي چار سئو ڪلوميٽرن جي اها لائين هڪ سال ۾ وڇائي ويئي، ۽ 1918ع ۾ اهو ڪم پورو ٿيو.
    ڪتابن ۾ لکيل آهي ته ان رستي تي سال جا هڪ سئو ويهه ڏينهن لڳاتار هوائون هلنديون آهن ۽ واري ايتري ته تيزيءَ سان اُڏندي آهي، جو جسم ۾ گهڙي ويندي آهي، مينهن اول ته پوندو ئي ڪونهي، پر جي وسندو اهي ته پهاڙن تان پٿر به پاڻ سان وهائي کڻي ايندو آهي، جيڪي سڄي دشت ۾ پکڙجي ويند اآهن، پر هوائون پاڻ سان گڏ هڪ ٻيو به تحفو کڻي اينديون آهن، جنهن کي ماڻهو “دوريگ” چوندا آهن، يعني هلندڙ ڦرندڙ پهاڙ، نئين چنڊ جي شڪل جا اهي ڍڳ ڪنهن هڪ هنڌ نه رهندا آهن، پر سِرڪندا رهند اآهن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ريلوي لائين جي مٿان به ڄمي ويهي رهندا آهن. انجنيئر انهن ڍڳن جو ڪجهه به بگاڙي نٿا سگهن، تنهنڪري هو ان جي پاسي کان نئين لائين ڪڍندا آهن.
    شروع ۾ ته اها لائين فقط فوج جي ڪم ايندي هئي، پوءِ جڏهن فوج ڪتب آڻڻ بند ڪئي ته اها ڇڏي ڏني ويئي، ايستائين جو نوڪنڊي ۽ زاهدان جي وچ ۾ لائين بند ڪري ٻن سئو ڪلوميٽرن کان به وڌيڪ پٽڙي اُکاڙي ويئي. پر جڏهن ٻي مهاڀاري جنگ شروع ٿي ته لائين ٻيهر وڇائي ويئي ۽ سڄي لائين جو معائنو ڪري اها لائين استعمال جوڳي قرار ڏني ويئي ۽ 20 اپريل 1942ع تي زاهدان تائين اها لائين ٻيهر کلي، اڳ ۾ هفتي ۾ ٻه مسافر گاڏيون هلنديون هيون، پر هينئر ڪوئٽا کان ايران ويندڙ ٽرين بند ڪئي ويئي آهي، پاڻ واري ريلوي کاتي جا ته هاڻ ٽپڙ ئي ٽيشن تي آهن.
    ٽيو رستو اهو آهي، جيڪو اسان اختيار ڪيو يعني باءِ روڊ. اسين ڪالهه پهرين آگسٽ تي شام جو ساڍي چئين بجي ڌاري ڪوئٽا مان تفتان جي لاءِ نڪتاسين ۽ اڄ صبح جو چئين سوا چئين بجي ڌاري تفتان پهتاسين، وچ ۾ رات جي مانيءَ لاءِ بس هڪ ويران هنڌ تي جبلن جي ڀڪَ ۾ ٺهيل هوٽل تي بيٺي ۽ اسين به بنا ڪجهه چوڻ پُڇڻ جي لهي پياسين ۽ پٿريلي پَٽ تي وڇايل تڏن تي ويهي دال مانيءَ جو آرڊر ڏيئي، کائي پي، اوڳرايون ڏيئي، جڏهن بل جو پڇيوسين ته ڍڍر ئي ڍرا ٿي پيا. ڦنگي ۽ بي ذائقي دال جي في پليٽ هڪ سئو روپيا. ڪُڇڻ پڇڻ جي جاءِ ڪانه هئي، ماٺ مٺيءَ ۾ هڪٻئي سان مهانگي هئڻ جا سور اوريندي، بل ڏيئي، منهن ڀيلو ڪري اچي بس ۾ چڙهياسين. سوَلا وري به صفدر شاهه ۽ آفتاب شاهه وارا ٿيا، جيڪي ڪوئٽا مان ئي ماني خريد ڪري پاڻ سان کڻي آيا هئا. ان تجربي جي آڌار تي ڪوئٽا کان تفتان تائين سفر ڪندڙ مسافرن کي اهائي صلاح آهي ته هو ڪوئٽا مان ئي ماني وغيرهه وٺي پاڻ سان کڻن، جيئن رستي ۾ ٻاکڙا هوٽل وارن هٿان ڦرجڻ کان بچي سگهن.
    ڪجهه سال اڳ اهو روڊ ايترو ته خراب هو، جو مسافري ڪندڙ همراهه تفتان پهچندي پهچندي اڌمئو ٿي پوندو هو، ۽ ڪوئٽا کان تفتان تائين ويهه ٻاويهه ڪلاڪ لڳندا هئا. پر هاڻ ٻن ٽن سالن کان اهو روڊ ٺهي وڃڻ جي ڪري مسافري ڪندڙ لاءِ ڪافي سهوليت پيدا ٿي پيئي آهي. البت هاڻ امن امان جو مسئلو پيدا ٿيڻ شروع ٿيو آهي. ويجهڙ ۾ جولاءِ 2011ع جي آخر ڌاري ايران ويندڙ زائرين جي بسين تي فائرنگ جا واقعا ٿيا، جنهن ۾ ڪجهه مسافر مري به ويا. اهي حملا، خاص ڪري زائرين تي وڌيڪ ڪيا وڃن ٿا ۽ انهن جي پويان هڪ مذهبي تنظيم جو هٿ ٻڌايو وڃي ٿو. اسانجي قافلي جي سالار وسيم پڻ اسانکي ان ڳالهه جي سختيءَ سان منع ڪئي هئي ته جيڪڏهن ڪير اوهان کان پڇي ته ڪيڏانهن پيا وڃو ته کيس ايران وڃڻ جو قطعي نه ٻڌائجو، جو متان اهو ڪنهن تنظيم جو جوڻيت نه هجي. اها ساڳئي ڳالهه ڪوئٽا ۾ مونکي منهنجي دوست محمود ابڙي به چئي. هن ٻُڌايو ته هتي هر چوٿون ماڻهو يا ته ڪنهن ايجنسيءَ جو يا وري مٿي ذڪر ڪيل مذهبي تنظيم جو جاسوس آهي، ۽ ڪوئٽا جي حالتن کي خراب ڪرڻ ۾ مٿين عنصرن جو وڏو هٿ آهي. ٻي پاسي ڪوئٽا ۾ مذهبي عنصر به گهڻو حاوي آهي، جنهن جو تجربو مونکي به بس اسٽينڊ تي پيپسي بوتل خريد ڪندي ٿيو. مون جڏهن هڪ مولوي دڪاندار کان پيپسي گهري ته هن چيو، “اها ته يهودين جي ٺاهيل آهي، ۽ آئون نه رکندو آهيان.” پوءِ هن ڪوڪ کڻي ڏني ته چيومانس، “ڳالهه ته مڙيئي ساڳئي ٿي... هيءَ به ته آمريڪا جي پروڊڪٽ آهي.” ته وراڻيائين، “آمريڪا وارا ته وري به عيسائي ۽ اهل ڪتاب آهن.” چيو مانس، “يهودي به ته اهل ڪتاب آهن ۽ آمريڪا جي معيشيت تي به ته هنن جو ئي قبضو آهي.” ته وراڻيائين، “عيسائي تو پهر ڀي يهوديون سي بهتر هي.” ايئن چئي ڦڪي مُرڪَ مرڪيو ۽ مون وڌيڪ ڪجهه ڳالهائڻ بدران ڪوڪ وٺي کيس پئسا ڏنا.
    تفتان پهچي، قافلي جي سالار وسيم ڏهراج جي هدايت تي عمل ڪندي پاڪستاني اميگريشن آفيس جي ٻاهران لڳل پٺاڻن جي قطار جي پويان بيهندا وياسين. اميگريشن آفيس اٺين بجي کلڻي هئي ۽ ان مهل صبح جا ساڍا چار ٿي رهيا هئا. هڪڙو ڊگهو سفر ۽ ان جو ٿڪ ۽ مٿان وري چئن پنجن ڪلاڪن جو انتظار... مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ... ٿوري دير بيهڻ کانپوءِ قطار ۾ ئي شولڊر بئگ پٽ تي رکي پٿرن تي ايئن اوڪڙون ٿي ويهي رهياسين، جيئن گذريل سال آيل ٻوڏ جي دوران سنڌ ۾ ماڻهو سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارن کان امداد ملڻ جي آسري ۾ انهن ادارن جي آفيسن جي ٻاهران بيهي بيهي ٿڪي پوڻ کانپوءِ اوڪڙون ويهي امداد ملڻ جو اوسيئڙو ڪندا هئا.اسين انهن پٿرن تي ويهي وقت گذارڻ جي لاءِ هڪٻئي سان ڪچهري ڪرڻ ۽ کل ڀوڳ ڪرڻ لڳاسين. ٿوري دير کانپوءِ وسيم ٿيلهو ڳچيءَ ۾ لڙڪائيندو آيو ۽ سڀني کي پاسپورٽ ڏيندي چيائين ته پاسپورٽ قابو ڪجو، قطار اصل نه ڇڏجو، البت ضروري حاجت ۽ چانهه چُڪي پيئڻ لاءِ، واري واري سان پنهنجي جاءِ پنهنجي ئي ڪنهن دوست کي سنڀالڻ لاءِ چئي، پاسي ۾ ٺهيل هڪ ننڍي گهر ۾ هلندڙ هوٽل ۾ وڃي سگهو ٿا. ۽ چاهيو ته اتان ڪرنسي به مٽائي سگهو ٿا. ماڻهو ساکائتو آهي، ڪرنسيءَ جو ريٽ صحيح ٿو ڏي.
    ايئن واري واري سان اسان ڊسيپلين ۾ رهندڙ سپاهيءَ جيان وسيم جي هدايتن تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو، ضروري حاجتن کان به فارغ ٿياسين ته چانهه چڪو پي، ڪرنسي مٽائي، کيسا سنڀاليندا واپس اچي پنهنجي جاءِ والارڻ لڳاسين. منهنجو تجربو آهي ته بارڊر تي ڪرنسي مٽائڻ سان اگهه صحيح ٿو ملي، جڏهن ته ملڪ جي اندر گهٽ ٿو ملي. اهڙو تجربو مونکي هندستان ويندي، “واهگا” بارڊر تي به ٿيو ته تفتان ۾ به، جتي اسانکي هڪ هزار پاڪستاني روپين جا تيرهن هزار ٻه سئو ريال مليا، جڏهن ته قم ۽ ٻين شهرن ۾ وڌ ۾ وڌ ريٽ ٻارهن هزار اٺ سئو ايراني ريال مليا. البت مشهد ۾ اسانکي ريٽ ڪافي صحيح مليو، جتي پهرين هڪ هزار پاڪستاني روپين جا تيرهن هزار ريال ۽ پوءِ ساڳئي دڪاندار ٿوري حجت ڪرڻ تي تيرهن هزار هڪ سئو ريال ڏنا، پر تفتان جهڙو ريت يعني تيرهن هزار ٻه سئو ريال ڪٿي به نه مليو.
    ايران ۾ ڪرنسيءَ جي مٽا سٽا هر هنڌ عام آهي، بازارن ۾، مزارن تي ۽ گهٽين ۾ اڪثر همراهه بيٺا ڪرنسيءَ جي مٽا سٽا ڪندا آهن، پوءِ جيڪو جتي ڦاسي. جيڪڏهن پاڪستان ۾ ڪٿي ائين بازارن ۽ گهٽين ۾ بيهي ڪرنسي جي مٽا سٽا ڪن ته شاهينگ کين لپاٽون ئي ٻه هڻن. پر ايران ۾ امن امان آهي، تنهنڪري هر هنڌ همراهه نهايت اطمينان سان هٿن ۾ مختلف ملڪن جي ڪرنسين جا ٿها کڻيو، ڪاروبار ڪندا نظر ايندا، ٻيو ته مون اُتي ڏٺو ته ايراني بئنڪون پاڻ سڌيءَ ريت ڪرنسيءَ جي مٽا سٽا نٿيون ڪن ۽ اهي به ماڻهن کي انهن ايجنٽن ڏانهن ئي موڪلين ٿا. قم ۾ آپا مهرالنساءِ هڪ بئنڪ ۾ پئسا مٽائڻ ويئي ته بئنڪ عملي کيس چيو ته “هوءَ انهن ايجنٽن کان ئي چينج ڪرائي وٺي.”
    هتي هڪ ڳالهه لکڻ دلچسپيءَ کان خالي ڪونهي ته ايران جو سڪو ته ريال آهي، پر اتي سڄو ڪاروبار ۽ ڏيتي ليتي “تومان” ۾ ٿئي. ريال ته مڙيئي نالي ۾ آهي. جهڙوڪ اوهان وٽ 5000 ريالن جو نوٽ آهي، ته اوهين انهيءَ مان هڪ ٻُڙي ڪاٽو ڪندا ته اهي ٿيندا 500 تومان. 10,000 ريال آهن ته ٻُڙي ڪاٽو ڪرڻ سان اهي ٿيندا هڪ هزار تومان. هزار ريالن جو نوٽ اٿوَ ته ٻڙي ڪَٽ ڪرڻ سان اهي ٿيندا، هڪ سئو تومان، پهرين ته ماڻهو ڏاڍو ٿو مُنجهي، پرپوءِ ڳالهه سمجهه ۾ اچيو وڃي. ايران ۾ هينئر ‘تومان’ کي عام طور ‘خميني’ به چون. ايران جي اڪثر وڏن انگن وارن نوٽن تي آيت الله خمينيءَ جي تصوير ڇپيل آهي، مثال طور، اوهين دوڪاندار کان ڪنهن شئي جو اگهه پُڇو ۽ هو اوهان کي چئي، “سئو خميني” ته ائين سمجهو ته هو هڪ سئو تومان ٿو چوي، شاهه ايران جي دور ۾ ايران جي ڪرنسيءَ تي اڪثر رضا شاهه پهلويءَ جي تصوير ڇپيل هوندي هئي ۽ ايراني سڪي کي “پهلوي” به چيو ويندو هو. هونئن به ايراني قوم سدائين شخصيت پرست رهي آهي ۽ شخصيتن جي پويان ئي هلندي رهي آهي ۽ شخصيت پرستي ايرانين جي نس نس ۾ شامل آهي.
    اسين جڏهن تفتان مان پاڪستاني ڪرنسي مٽائي، ايراني ڪرنسي وٺي، پوءِ پاڻ ۾ ڪچهري ڪرڻ ۽ ڪرنسيءَ جي اگهه تي ڳالهائڻ لڳاسين ته مون امين لاکي کي چيو، “امين تو ڪڏهن خواب ۾ به نه سوچيو هوندو ته تون هڪ ڏينهن صبح جو ايئن ڪجهه ئي گهڙين ۾ لک پتي بنجي ويندين.” ان مهل اسان مان هرهڪ جي کيسي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هڪ لک ريال ته ضرور موجود هئا.


    • چڱا ايراني به ڪونهن

    اميگريشن جي جنجهٽ مان وانڌا ٿي ٻاهر نڪتاسين ته ڪوسٽر اسانکي زاهدان کڻي وڃڻ جي لاءِ تيار بيٺي هئي. پاڪستان واري پاسي آفيس کلڻ جو ٽائيم اٺ هو، پر عملو پوڻين اٺين بجي ئي پهچي ويو ته پٺاڻن وٺي رومڙ ڪئي، جنهن جي جواب ۾ عملي سان آيل گارڊن ٻن ٽن پٺاڻن کي گلي مان جهلي سندن منهن ۾ ٺاهوڪا ٺونشا هڻي سندن ٻوٿ سُڄائي ڇڏيا ۽ کين قطار ۾ بيهڻ جي لاءِ چيو. موچڙن ۾ وڏي ڪرامت آهي، پوءِ وري پٺاڻن قطار نه ٽوڙي، ٻي پاسي پاڪستاني اميگريشن جي عملي به دير نه ڪئي ۽ جلدي جلدي پاسپورٽن تي ٺپا هڻڻ شروع ڪيا، ڄڻ هو اسان مان بيزار هجن ته نڪرو هِتان. کائي کڻي کُٽايو اٿوَ، وڃي ايران تي ڪجهه ڏينهن چٽي ٿيو. واري اچڻ تي آئون اندر گهڙيس ته آفيس ۾ ڪمپوٽرن جي اڳيان ويٺل ٽن چئن همراهن مان هڪ کي سنڌي ٽوپي پاتل ڏسي، ان ڏانهن وڌي ويس ۽ پاسپورٽ کولي ڏانهنس وڌايم، پاسپورٽ وٺي ان کي ڏسندي پڇائين، “ٺٽي جو آهين؟”
    “جي هائو”
    “ڪهڙي پاسي جو؟”
    “دڙي تعلقي ميرپور بٺوري جو.”
    “ٺٽي جا ماڻهو ڏاڍا شريف هوندا آهن.” ايئن چئي هن وڌيڪ ڪڇڻ پُڇڻ کانسواءِ پاسپورٽ تي ٺپو هڻي منهنجي حوالي ڪيو، مون سندس مهرباني مڃي ۽ ٻاهر نڪري آيس. هاڻ آئون پاڪستان گورنمنٽ جي رڪارڊ ۾ پاڪستان مان ٻاهر وڃي چڪو هوس، تيسين قافلي جي ٻين دوستن به پاسپورٽ تي ٺپا هڻائي، ٻاهر نڪري هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ شروع ڪيو، البت آپا مهرالنساءِ جو پاسپورٽ روڪي ڇڏين ته هن وٽ ملڪ ڇڏڻ جو، پنهنجي کاتي پاران موڪل نامو ڪونهي، ٿوري دير کانپوءِ گهربل ڪاغذ پيش ڪرڻ تي کيس به پاسپورٽ تي ٺپو هڻي ڏنائون ۽ اسانجي چهرن تي ٿوري دير اڳ جيڪي فِڪر منديءَ جون ريکائون پيدا ٿيون هيون، اهي اطمينان ۾ بدلجي ويون ۽ اسين سڀ پنهنجو سامان سوري اچي ايراني سرحد ‘ميرجاوا’ جي سامهون بند ٿيل گيٽ جي اڳيان قطار ٺاهي بيٺاسين، بلڪل ايئن جيئن صبح جو سوير اسڪول پهچڻ تي ٻارڙا قطارون ٺاهي، قومي ترانو پڙهي، جهنڊي کي سلامي ڏيئي، پوءِ ڪلاس رومن ۾ گهڙندا آهن. ايراني سرحد نوين بجي کُلڻي هئي، ان مهل صبح جو ساڍا اٺ ٿيا هئا ۽سج جي مٿي چڙهڻ سان گرمي به وڌڻ لڳي هئي. اُتي اسانجي قطار کان اڳ ئي هڪ وڏي قطار لڳل هئي، جن اسانجي سامهون ئي ستين بجي کان اتي قطار ٺاهڻ شروع ڪئي هئي، هنن شايد ڪالهه ئي پاڪستاني اميگريشن وارن کان ملڪ ڇڏڻ جو ٺپو هڻائي ڇڏيو هو، يا شايد اڃا ڪا ٻي ڳالهه هئي.
    ايراني سرحد کلڻ جو انتظار جيئن پوءِ تيئن شديد ٿيندو ويو، نوين بجي کان ٿورو اڳ هڪ ايراني فوجي ظاهر ٿيو، عمر اهائي ڪا ارڙهن اوڻيهه سال هيس. پر چال ۾ وڏي مستي، اندران ئي سڀني بيٺلن تي هڪ نظر وڌائين ۽ گيٽ سان لڳ بيٺل همراهن کي ڌڙڪي واري انداز ۾ “قطار.....قطار” چئي وري هليو ويو، ايران ۾ اسين جت به وياسين اُت مون ڏٺو ته اڪثر پوليس، فوج ۽ پاسداران انقلاب جا سپاهي، ٽريفڪ پوليس، ڊرائيور، ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن ۾ نوجوانن جي گهڻائي نظر آئي، انهن جون عمريون ٻاويهن کان ٽيهن سالن جي وچ ۾ هيون. ان جو هڪ سبب ايران، عراق جنگ ۽ ٻين ڦڏن ۽ فسادن ۾ مردن جي گهڻائي جي مارجي وڃڻ جي ڪري افرادي قوت جي کوٽ آهي ۽ ڇوڪرو جيئن ئي بالغ ٿي ڪم ڪار جي لائق ٿئي ٿو، تيئن کيس ڪنهن نه ڪنهن شعبي ۾ ڀرتي ڪيو وڃي ٿو. ايئن هڪ ته نوجوانن کي هڪدم نوڪري ملڻ سبب، انهن جو ٻين سرگرمين، خاص ڪري سياسي سرگرمين ڏانهن ڌيان نٿو وڃي، ٻيو ته وانڌي ۽ بيروزگار ويهڻ سان جيڪي شيطان گيريون ذهنن ۾ اچن ٿيون، اهي به نٿيون اچن، تنهن کانسواءِ فوج ۾ ارڙهن، ويهن سالن جي عمر وارن جي گهڻائي جو هڪ سبب اهو به آهي ته ايران ۾ هر بالغ ٿيندڙ نوجوان لاءِ ٻن سالن لاءِ لازمي فوجي ڀرتيءَ جو قانون لاڳو آهي، جنهن تحت نوجوانن کي ڀرتي ڪيو وڃي ٿو، ٻن سالن تائين فوج ۾ رهڻ کانپوءِ وڻين ته پنهنجي ڪئريئر کي جاري رکن يا ٻي هنڌ وڃي نوڪري ڪن.
    انتظار جي شدت ۽ وڌندڙ اُس هاڻ بيزار ڪرڻ شروع ڪيو هو ۽ ماڻهن جي رش جيئن پوءِ تيئن وڌندي ويئي، پاڪستاني اميگريشن آفيس هاڻ خالي ٿي چڪي هئي، هنن تيزيءَ سان پنهنجو ڪم اُڪلايو هو ۽ هاڻ وانڌا ٿي سگريٽَ جا سوٽا هڻڻ ۽ چانهه جون چسڪيون ڀرڻ لڳا هئا. اسان، جن اهو سمجهيو هو ته اهي پاڪستاني يار اسانکي بيهاري بيهاري، ٿڪائي پوءِ ئي ڪاغذي ڪاروائي کان فارغ ڪندا، تن ته اصل دير ئي نه ڪئي هئي.
    نيٺ خدا خدا ڪري ساڍي نوين بجي گيٽ کليو ۽ ماڻهن وٺي رومڙ ڪئي، پر اڳيان به ايراني هئا ۽ اڳ آيل فوجي، هڪ ٻي فوجيءَ سان گڏ گيٽ تي بيٺو “قطار.... قطار” ڪندو، چئن چئن، پنجن پنجن ماڻهن کي اندر ڇڏڻ لڳو، اسان واري سالار وسيم مڙيئي انڌي منڊي فارسيءَ ۾ کين ان ڳالهه تي راضي ڪري ورتو ته اسانجي سڄي قافلي کي هڪئي مهل اندر ڇڏي، ايئن اسين قافلي ۾ شامل سڀيئي مرد، زائفائون ۽ ٻار پنهنجو سامان کڻي قطار ۾ ليفٽ رائيٽ، ليفٽ رائيٽ ڪندا، ايراني سرحد ۾ داخل ٿياسين، جتي سرسري نموني اسانجي سامان جي چيڪنگ ڪري، اسانکي اندر وڃڻ جي موڪل ڏني ويئي. اسين هڪ ڪاريڊورمان لنگهي آفيس ۾ گهڙياسين، ۽ وري قطار در قطار- پاڻ پاڪستاني پاسپورٽ رکندڙ جيڪي قطار ۾ بيهڻ ۽ نظم و ضبط ۾ رهڻ سکيا ئي نه آهيون، تن لاءِ ايئن مهذب بنجي قطار ۾ بيهي پنهنجي واريءَ جو اوسيئڙو ڪرڻ، پنهنجي گهٽتائي هئي، جو پاڻ ته ٺونٺيون هڻي، هوڪرا ڪري، “جيڪو ڏاڍو سو سوگابو” جي چوڻيءَ تي سئو، ڇا ٻه سئو سيڪڙو عمل ڪرڻ وارا- تن لاءِ ٻري سور سان، ايراني عملدارن جي ڌڙڪن کان بچڻ لاءِ قطار ۾ بيهڻ کانسواءِ ٻي ڪابه واهه نه هئي. البت ٻي پاسي بيٺل زائفائن ۽ ٻارن کان پاسپورٽ وٺي کين جلدي فارغ ڪيو ويو. ۽ هيڏانهن اسان واري پاسي جي قطار جونءَ جي رفتار سان اڳتي وڌڻ لڳي، البت ايترو هو جو بلڊنگ جي ٿڌي ڇانوَ ۾ هئاسين، ۽ پاسي ۾ ٿڌي پاڻيءَ جو ڪولر به لڳل هو، سو هڪ ته پاڪستان واري پاسي کان جيڪا اُڃ کڻي آيا هئاسين، اها لاٿي سين ۽ ٻيو اڳتي جي سفر لاءِ بوتلون ڀري کنيوسين.
    عام طور تي اهو ٻڌو ويندو آهي ته عرب سڳورا وڏا کر دماغ ۽ مٿي جا ڦريل آهن، هو ٻين ملڪن مان سعودي عرب ايندڙ مسافرن، خاص ڪري اسان پارن غريب ملڪن مان ايندڙ مسافرن کي انسان ئي نه سمجهندا آهن، ۽ ايئرپورٽ تي انهن سان وڏيون جٺيون ڪندا آهن، خاص ڪري جدي جي ايئرپورٽ تي عرب عملي پاران ‘عازمين حج يا عمري’ سان ڪيل جٺين جا ڪيترائي احوال ٻُڌل ۽ سُئل آهن، پر ‘ميرجاوا’ پهچي محسوس ٿيو ته گهٽ ايراني به ڪونهن، سچ ته ايرانين جو پهريون تاثر ڪو سٺو ڪونه پيو. ڪمپيوٽر جي سامهون ويٺل همراهه ٻه چار پاسپورٽ اُڪلايو، وري پنجن ستن منٽن جي لاءِ اُٿي ڪيڏانهن هليو ٿي ويو، شايد پيٽ ۾ مروڙ هيس يا ڪو ٻيو سبب، ۽ پاسپورٽ وٺي، چڪاس ڪري، انٽريءَ جو ٺپو هڻي نهايت لاپرواهيءَ مان ايئن ٿي اڇلي ڏنائين، جيئن ڪنهن سامهون پُڇ لوڏيندڙ جانور کي اُتان ڀڄائڻ يا پري ڪرڻ جي لاءِ ماني ٽڪر پري اڇلائي ڏبو آهي، پوءِ هو اهو ٽڪر جتي به ڪري، اتي هو پُڇ لوڏيندو ڊوڙندو وڃي کڻي.
    ايئن خدا خدا ڪري، پيرن تي پَڙ وجهندي، نيٺ اسان واري قافلي جي زائرين جي پاسپورٽن وارا ٺپا لڳڻ شروع ٿيا. هاڻ اسين باقاعدي، ايران سرڪار جي رڪارڊ ۾، ايران جي سرزمين تي داخل ٿي چڪا هئاسين، ۽ سامان سنڀاليندا اچي ڪرسين تي ويٺاسين، ۽ اسان جي قافلي جو سالار وسيم اسانکي زاهدان کڻي وڃڻ جي لاءِ هُن پاران اڳواٽ بوڪ ڪيل ڪوسٽر جي جانچ لهڻ جي لاءِ ٻاهر نڪري ويو.


    • زاهدان ڪجهه ڪوهه

    ڪوسٽر زاهدان ڏانهن روان دوان هئي. آئون ٿڪل هئڻ جي باوجود به ڪوسٽر ۾ دريءَ واري سيٽ تي ويهي، پردا هٽائي ٻاهر جو نظارو ڪرڻ لڳس، نه ته هڪ اڌ کانسواءِ ٻيا سڀ جهوٽا کائي رهئا هئا. رستو سٺو ۽ ڪشادو هو، ايران ۾ سفر جي دوران جنهن به رستي تان لنگهياسين ته اهو نهايت سهڻو ۽ اهڙو ته لس ٺهيل هو، جو ان مٿان هلندڙ گاڏي ڄڻ ترڪندي هجي، پاڻ وارن قديمي رستن جيان نه لوڏا نه جهٽڪا، نه اوچتوئي اوچتو ڪنهن کڏي اچڻ سبب گاڏيءَ جو غيرمتوازن ٿيڻ ۽ پوءِ دل ئي دل ۾ الله کي ٻاڏائڻ ته ‘مولاسائين خيرسان سفر پورو ڪج.’ ايران جا رستا ڪشادا ۽ صاف سٿرا هئڻ سان گڏ اچڻ لاءِ هڪ پاسو ته وڃڻ جي لاءِ ٻيو پاسو، ايئن حادثن جو امڪان به صفا گهٽ ۽ رفتار به مخصوص ۽ مسافري به بنا ڊپ جي آرام دهه- ايران جو هر وي، موٽر وي لڳو، پاڪستان ۾، ميان نواز شريف جي دور ۾ اسلام آباد کان لاهور تائين هڪ موٽروي ٺاهيو ويو ۽ سڄي ملڪ جي دولت ميڙي چونڊي ان ۾ هنيائين، ٻين صوبن رڙيون ڪيون ته “ميان صاحب! اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟” پر حرام جو ميان صاحب جي ڪن تي ڪا جونءِ به سُري- ۽ هاڻ مهل، بي مهل اهوئي رينگٽ ته “هم نه موٽروي بڻايا... گهورا ڙي هم نه موٽروي بنايا.” هاڻ ميان صاحب کي ڪير چوي ته، “ميان نواز شريف صاحب! تو واقعي به موٽروي ٺاهي وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو. پر ان موٽروي ٺاهڻ لاءِ جن من پسند ملڪي ۽ غير ملڪي ڪمپنين کي اربين روپين جا ٺيڪا ڏيئي، جيڪي ڪروڙين روپيا ڪميشنون حاصل ڪري، کيسا ڀريا ويا ۽ بئنڪ بئلنس ٺاهيا ويا، اها قوم جي ڪهڙي خذمت ٿي، ۽ هيڏانهن تون ايران ۾ اچي ڏس ته ملڪ وڏن وڏن بحرانن مان گذرڻ، اٺن سالن تائين عراق سان جنگ وڙهڻ- آمريڪا ۽ يو- اين- اي جي پابندين ۽ ٻين ملڪن پاران، ايران سان واپار وڙي ۽ ڏيتي ليتي جي هٿ روڪ جي باوجود به هنن ٻي جيڪا ترقي ڪئي آهي، اها پنهنجي جاءِ تي، پر رڳو جيڪي روڊ ۽ رستا ٺاهيا اٿن، انهن جي ڇا ڳالهه ڪجي؟
    مير جاوا کان وٺي قم تائين، پوءِ اصفهان وغيره، اسين جيڏانهن به وياسين، اُتي گهڻو جابلو علائقو نظر آيو، ايران جي جاگرافي ڏسبي ته رڳو جبل ئي جبل نظر ايندا. اُتر ۾ البرز جا وڏا جبل، اولهه ۽ اولهه اوڀر واري حصي ۾ زاگرس جا مٿانهان علائقا ۽ ساڳئي نموني اوڀر واري حصي ۾ وڏا ۽ سڌا جبل آهن، جيڪي ڄڻ ايران کي پنهنجن ڀاڪرن جي گهيري ۾ وٺيو بيٺا آهن، اُتر ۽ ڏکڻ ۾ وري وڏا ۽ هموار ساحلي ميدان آهن، جيڪي ملڪ جا سرسبز ۽ شاداب علائقا آهن. ايران جي ڪن جبلن جون چوٽيون چئن هزار ميٽرن کان به اوچيون آهن. انهن جبلن مان اهم جبل “دماوند جبل”، جيڪو تهران جي اُتر اوڀر ۾ آهي، جنهن جي اوچائي 5671 ميٽر آهي. ‘سَبلان’ جبل، جيڪو اردبيل جي اولهه ۾ آهي ۽ اوچائي 4850 ميٽر اَٿس. ‘تخت سليمان جبل’ جيڪو تهران جي اُتر اوڀر ۽ تنڪابن جي ڏکڻ ۾ آهي ۽ اوچائي 4820 ميٽر اٿس. “زرد جبل”، بختياري علائقي ۾ آهي ۽ اوچائي 4550 ميٽر اٿس. ‘دنا جبل’ ياسوج جي اُتر ۾ آهي ۽ اوچائي 4309 ميٽر ۽ “تفتان جبل”، زاهدان جي ڏکڻ ۾ آهي، جنهن جي اوچائي 2042 ميٽر آهي.
    ايران جا ور وڪڙ کائيندڙ پهاڙ، جيڪي پنهنجي بناوت جي لحاظ کان ٽين (جاگرافيائي) دور سان واسطو رکن ٿا، انهن مان ڪن اندر ٻرندڙ مادو به موجود آهي، جيڪي، معدني پاڻيءَ جي گرم چشمن جو سبب بنجن ٿا. ايران ۾ گرم ۽ خشڪ آبهوا ۽ جابلو علائقن جي ڪري تمام گهٽ اهڙي زمين آهي، جنهن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو. ايران جي مجموعي پکيڙ 160 ملين هيڪٽرن (لڳ ڀڳ 40 ڪروڙ ايڪڙن) مان 20 ڏهائي ست سيڪڙو ريگستاني ۽ استعمال جي لائق ڪونهي، جڏهن ته 54 ڏهائي نوَ سيڪڙو قدرتي چراگاهون ۽ ساوڪ، 7 ڏهائي ڇهه سيڪڙو ٻيلا ۽ 14 ڏهائي چار سيڪڙو زمين پوکي راهيءَ جي قابل آهي،جنهن مان 11 ڏهائي 6 ملين هيڪٽر(28 ملين ايڪڙ) نهري ۽ باقي زمين ٻن سالن ۾ فقط هڪ ڀيرو پوکيءَ هيٺ آندي وڃي ٿي.
    اها ٿي جاگرافيائي صورتحال، پر ڏسجي ته ايران جي تاريخ ڏاڍي قديم آهي، اڍائي ٽي هزار سال اڳ روس جي ڏاکڻين علائقن مان ‘آريا’ قوم، ٻين علائقن جي ڳولا ۾ نڪتي، اهو سلسلو ڊگهي عرصي تائين جاري رهيو. ڪجهه قبيلا هندستان هليا ويا ته ڪجهه وري ايران ۾ رهي پيا. ايراني آريا ٻن شاخن ۾ ورهائجي ويا. هڪ شاخ ‘ميڊيا’ ۾ آباد ٿي، ميڊيا اهو علائقو آهي، جتي هينئر آذربائيجان، عراق ۽ ڪردستان آهن.... ميڊيا جي نسبت سان اهي ماڻهو “ماد” سڏجڻ لڳا. ٻي شاخ ايران جي خوزستان ۽ فارس ۾ رهي پئي. اهي پارسي سڏجڻ لڳا. ماد ۽ پارسي، ٻنهي جو واسطو آريه قوم سان آهي.
    پراچين ايران جي ان تاريخ کي جيڪا قصن ۽ ڪهاڻين ۽ ڏند ڪٿائن طور مشهور آهي، اها ‘پيش دادي’ دور جي تاريخ سڏجي ٿي، جنهن موجب سڀ کان پهريون بادشاهه ‘ڪيومرث’ هو، جنهن ديون سان جنگ ڪئي ۽ مٿن سوڀ ماڻي، هن ئي سڀ کان پهرين ماڻهن کي لباس پهرڻ سيکاريو. ان کانپوءِ ‘طهورث’ جو نالو اچي ٿو، هن به ديون سان جنگ جاري رکي، انهن کانپوءِ سڀني کان مشهور بادشاهه جمشيد آهي، چون ٿا ته وٽس هڪ اهڙو جام (پيالو) هو، جنهن ۾ کيس دنيا جون حالتون نظر اينديون هيون. فارسي شعر وَ ادب ۾ ان کي ‘جام جمشيد’ چيو وڃي ٿو. فردوسيءَ جي شاهنامي موجب جمشيد ديون، پرين ۽ پکين تي به حڪومت ڪئي. هن ڪپڙو اُڻڻ ۽ هٿيارن ٺاهڻ جو فن، خوشبوئن ۽ دوائون ايجاد ڪيون. هيرن کي سونهن جي لاءِ استعمال ڪيو، ٻيڙيون ٺاهيون. نيٺ طاقت کيس گهمراهه ڪيو ۽ هن خدائي جي دعويٰ ڪئي ۽ هڪ ظالم شخص ضحاڪ کانئس تخت ۽ تاج کسي ورتو. ضحاڪ جي ڪلهن تي نانگ جيان ٻه گوشت جا لوٿرا نڪري آيا هئا، جن کي روزانو ٻن نوجوانن جا مغز کارايا ويندا هئا. ايئن هزارين نوجوان مارجي ويا. نيٺ هڪ ڏينهن هڪ لوهار، جنهن کي “ڪاوه” سڏيندا هئا، ضحاڪ جي خلاف اُٿي کڙو ٿيو. هن جا ٻه پُٽ به مري چڪا هئا، ماڻهون هن سان گڏجي پيا، هنپنهنجي ڌنوڻيءَ جو جهنڊو ٺاهي اوچو ڪيو، کيس “درخشي ڪاوياني” چون ٿا. “ڪاوه” فوج جي ٻي ڪمان فريدون جي حوالي ڪئي، جيڪو “ڪيومرث” جي نسل مان هو، جنگ ٿي، جنهن ۾ ضحاڪ مارجي ويو ۽ حڪومت فريدون جي حوالي ٿي. فريدون جا ٽي پُٽ هئا، سلم، تور ۽ ايرج. هن پنهنجي سلطنت ٽنهي پُٽن ۾ ورهائي ڇڏي، ننڍي پُٽ ايرج کي ايران ۽ باقي ٻن پُٽن کي ڏورانهان علائقا ڏنا. جنهن تي ٻنهي ڀائرن کي سخت شڪايت ٿي ۽ هنن دوکي سان ايرج کي قتل ڪري ڇڏيو، ايرج جي راڻي ‘ماه آفريد’ هڪ پُٽ ڄائو، جنهن جو نالو ‘منوچهر’ هو، جنهن جوان ٿي ٻنهي چاچن کي قتل ڪيو.
    تور جو گهراڻو ‘توارني’ ۽ ايرج جو گهراڻو ‘ايراني’ سڏيو ويو، تورانين جي بادشاهه ‘افراسياب’ ۽ ايرانين جي بادشاهه ڪيقباد، ڪيخسرو ۽ ڪيڪائوس هڪٻئي جي پويان تخت تي ويٺا ۽ ايرانين جي جنگين جا ٽي پهلوان نريمال، زال ۽ رستم مشهور آهن... جن جو فرودسيءَ پنهنجي ‘شاهنامي’ ۾ سٺي نموني ذڪر ڪيو آهي.
    اسانجي ڪوسٽر پنهنجي مخصوص رفتار سان ‘زاهدان’ ڏانهن وڌي رهي هئي ۽ آئون مسلسل دريءَ مان ٻاهر ڀڙڀانگ جبلن کي ڏسندو پي ويس. ڪٿي ڪٿي ڪنهن سُڪل وڻ جو ڪو بيٺل ٿُڙ نظر ٿي آيو نه ته رڳو الله الله، جبلن جون قطارون. ‘زاهدان’ جو نالو سنڌ توڙي پاڪستان جي عام ماڻهن جو به ٻُڌل آهي، جڏهن اڃا ڊش ۽ ايف ايم ريڊيا نه آيا هئا، ته زاهدان ريڊيو جي اردو سروس ٻهراڙين ۾ بي بي سي کانپوءِ وڌ ۾ وڌ ٻڌي ويندي هئي. زاهدان ريڊيو جي اردو سروس جو معيار به ان وقت جي ريڊيو ماسڪو ۽ ريڊيو هنوئي جي اردو سروسن جيان ڪافي معياري ۽ حقيقت پسند هوندو هو. بي بي سي ته سامراجي پروپيگنڊا مشنري جو اهم هٿيار آهي، جيڪا شعوري طور تي اسان جي مٿان مسلط ڪئي ويئي آهي ۽ اهو باور ڪرايو ويو آهي ته اها سچيون ۽ مستند خبرون ٿي ڏي. هاڻ ته سال ٿي ويا آهن، جو ريڊيو جي ويجهوئي نه ويو آهيان، تنهنڪري زاهدان ريڊيو جي اردو سروس يا ماسڪو ۽ هنوئي (ويٽنام) ريڊيو جي اردو سروس بابت ڪا به خبر نه اٿم.
    زاهدان، ميرجاوا کان 84 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي ۽ ايران جي ٻي نمبر وڏي صوبي ‘بلوچستان وسيستان’ جي گاڌيءَ جو هنڌ آهي. زاهدان ڪو ايترو پراڻو شهر به ڪونهي. اهو 1920ع ڌاري آباد ٿيڻ شروع ٿيو. پهرين هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو هو، جنهن جي آبادي ڪجهه سئو ماڻهن تي مشتمل هئي. صحرا جي اندر موجود اُن آباديءَ ۾ زندگيءَ جون ڪي به بنيادي سهولتون موجود نه هيون. سبزي ۽ ميوات وغيره ‘بيرجند’ يا ‘ڪوئٽا’ مان اينديون هيون، جيڪي ڏاڍيون مهانگيون پونديون هيون. پيئڻ جو پاڻي به کوهن مان حاصل ڪيو ويندو هو. زاهدان ۾ اڪثريت بلوچن جي آهي، هت ٿورا گهڻي اردو به هلندي آهي، ايرانين جي آبادي به صفا گهٽ آهي، اڳ ۾ ڪا ريل وغيره ايندي هئي ته وقتي طور تي چهل پهل ٿي ويندي هئي. هاڻ ته شهر ڪافي پکڙجي چڪو آهي، بس ۾ زاهدان کان قم ڏانهن ويندي مون ڏٺو ته زاهدان شهر ۾ رستن جي ڀر ۾ ڪيترائي گهڻ ماڙ فليٽ اڏجي رهيا هئا.
    اسان وسيم کي چيو ته حيدرآباد کان وٺي زاهدان تائين جي يڪي سفر اسانکي سخت ٿڪائي وڌو آهي، تنهڪري اسان کي هڪ رات زاهدان ۾ اسٽي ڪرائي، پرهن اهو عذر ڏيئي انڪار ڪيو ته زاهدان ۾ امن امان جو مسئلو آهي، تنهڪري، ٽرمينل تي ئي ڪلاڪ سوا ترسي، قم جي لاءِ روانا ٿينداسين، ان ڪلاڪ سوا ۾ اوهين ماني وغيره کائجو ۽ ضروري حاجتن کان فارغ ٿجو.
    ڪلاڪ سوا جي مسافريءَ کانپوءِ اسين زاهدان پهتاسين، ڪوسٽر اسانکي سڌو اچي بس ٽرمينل تي لاٿو، جيڪو شهر کان ٿورو ٻاهر هو. ڪوسٽر مان لهي جڏهن بس ٽرمينل کي ڏٺوسين ته اسين حيران ٿي وياسين. وڏي ايراضيءَ تي ٺهيل اهو ٽرمينل هڪ ننڍي ايئرپورٽ جو ڏيک ڏيئي رهيو هو. صاف سٿرو، گندگيءَ کان آجو، نه گاڏن وارا، نه ريڙهين وارا، ۽ نه ئي وري هٿن ۾ شيون کڻي ماڻهن کي چهٽي ويندڙ ڇوڪرا- نه فقير نه ڪي فقير جي ذات. آسپاس نظر ڊوڙائيسين ته واش رومس، مسجد، ۽ هڪ ٻه ماڙ مني سپر مارڪيٽ کليل نظر آئي، مطلب ته پهرينءَ ئي نظر ۾ وات مان واهه واهه نڪري ويئي. واهه واهه ته پوءِ ٻين شهرن خاص ڪري ‘مشهد’ ۽ ‘نيشاپور’ جا بس ٽرمينل ڏسي به ٿي. زاهدان بس ٽرمينل تان ايران جي مختلف شهرن جهڙوڪ تهران، قم، اصفهان، شيراز، مشهد، ڪرمان شاهه، لم ۽ زابل وغيرهه ڏانهن ويندڙ بسون بيٺل نظر آيون. بسون به وري نهايت شاندار ۽ واهه جون، جو ڏسڻ سان ئي دل خوش ٿيو وڃي. ‘زابل’ جي لفظ تي نظرپوڻ سان مونکي فردوسي جي شاهنامي تان آڌاريل رستم پهلوان وارو قصو ياد اچي ويو. جيڪو مرزا قليچ بيگ جي قلم مان نڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپيو ۽ مون ننڍي هوندي پڙهيو هو. زابل يا زابلستان جا ماڻهو سهڻا، قدآور ۽ بهادر هوندا هئا. تيمور لنگ به پنهنجي “توزڪ تيموريءَ” ۾ زابل جي ماڻهن جي مٿين گُڻن جي واکاڻ ڪئي آهي، زابل جو شهر هينئر افغانستان جي سرحد سان لڳ آهي، واپسيءَ تي تفتان کان ڪوئٽا ورندي، منهنجي پاسي ۾ ويٺل بلوچ درزيءَ کان جڏهن حال احوال پڇيم ۽ زابل جي احوال نڪرڻ تي مون پنهنجي ٻي سفر ۾ اوڏانهن وڃڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ڪئي ته هن چيو ‘زابل وڃڻ خطري کان خالي نه آهي، اتي ٻاهران ايندڙ ماڻهن کي ماري ڇڏيندا آهن.’ “ڇو ماريندا آهن؟” ان سوال جو هوڪو مطمئن ڪندڙ جواب ڏيئي نه سگهيو، پرمون اندازو لڳايو ته زابل ۾، سرحدي شهر هئڻ جي ڪري امن امان جو ڪافي مسئلو هوندو. ان بلوچ اهو به ٻڌايو ته “زابل مان افغانستان جي سرحد بلڪل سامهون نظر ٿي اچي.”


    • چلتي ڪا نام گاڙي

    زاهدان جي بس ٽرمينل تي لهي سڌو سامهون ٺهيل مني سپر مارڪيٽ ۾ داخل ٿياسين، ان مهل ڏينهن جو هڪ ٿيو هو. راتوڪي مانيءَ تي هئڻ سبب پيٽ ۾ بُک چڪَ هڻي هڻي پيٽ ئي پَٽي ڇڏيو هو. تنهنڪري تڙ تڪڙ ۾ واش روم مان ٿي، سڌو مني سپرمارڪيٽ جي ٻي ماڙ تي ٺهيل هڪ ننڍي پرصاف سُٿري ريسٽورانٽ ۾ اچي ويٺاسين، مون ۽ امين به هڪ ميز اچي والاري، پوءِ اڳتي جي ماني ٽڪيءَ جا معاملا امين جي حوالي ڪري، کيس پنهنجو حصو پتي ڏيئي ٿانيڪو ٿي ويهي رهيس. امين اُٿي هوٽل جي ڪائونٽر تي ويو ۽ وري اچي ٻڌايائين ته “هڪ نان، هڪ چانورن جي پليٽ، دال ۽ هڪ بوتل جا ساڍا چار هزار تومان...”
    “هل ڙي.... ساڍا چار هزار....” مون وراڻيس. پوءِ کلي پياسين، جو اهي پاڪستاني روپين ۾ ساڍا ٽي سئو روپيا کن ٿي ٿيا. ماني آئي ته اندازو لڳايوسين ته پاڪستان ۾ ههڙي هوٽل تي هيتري ماني جا وڌ ۾ وڌ ڏيڍ يا ٻه سئو روپيا، عام طور اسانجي ذهنن ۾ اها ڳالهه ويٺل آهي ته ايران ڪافي سستو آهي، پرپوءِ مون سڄي سفر ۾ اندازو لڳايو ته ايران بهرحال ايترو سستو به ڪونهي.... پر ايترو مهانگو به چئي نٿو سگهجي، پاڪستاني اگهن وغيرهه سان ڀيٽ ڪبي ته وري به ايران مناسب آهي، اڳتي جي سفر ۾ اهو معلوم ٿيو ته اها مهانگائي گذريل ڇهن ستن مهينن کان تڏهن وڌي آهي، جڏهن حڪومت شين تي ڏنل سبسڊي ختم ڪري ڇڏي آهي. اهو سڀ آمريڪا ۽ يو اين او پاران لڳايل پابندين سبب ڪيو ويو آهي ۽ ايراني گورنمنٽ ان سبسڊي ختم ڪرڻ جي عيوض ازالي طور عام ماڻهن کي في فرد جي حساب سان ماهوار 45000 تومان ڏيندي آهي، جيئن پاڻ وٽ ‘بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام’ يا ‘وطن ڪارڊ’ جاري ڪري ماڻهن جي مدد ڪئي ويئي آهي، ان حساب سان ايراني ته وري به موجن ۾ آهن، پر ان مهانگائيءَ جو سڄو نزلو ٻاهران ايندڙ اسان پارن مسافرن جي کيسن تي پوي ٿو.
    امين آرڊر ڏيئي واپس اچي ميز تي ويٺو ته ٿوري دير ۾ ماني به پهچي ويئي، هڪ ننڍو نان، چانورن جي پليٽ ۽ دال اسان ٻن ڪنڌار مڙسن کي ڇا ڪري ها، پر بک ۾ اسانکي واهه جو وڻيا... ۽ انهن مان هڪ نان بچيو ته اهو مون ڪاغذ ۾ ويڙهي کنيو. امين چيو: ‘ڇڏ يار’...، ‘نه ڇڏبو، پئسا ڀريا اٿئون.’ اهو نان جڏهن مون ٻن چئن ڪلاڪن کانپوءِ هئنڊ بئگ مان ڪڍي کائڻ شروع ڪيو ته امين مونکي آڏي اک سان ڏسندو رهيو. “کائيندين!” مون کيس پاڻ ڏانهن ڏسندي پڇيو، هن ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪئي ته مرڪي اڌ سندس حوالي ڪيم، پوءِ امين به چَٻ چَٻ ڪرڻ لڳو.
    ماني کائي هوٽل مان لهي هيٺ آياسين. جيسين وسيم ‘قم’ تائين ڪنهن سواريءَ جو بندوبست ڪري، تيسين اسين مني سپرمارڪيٽ جي دوڪانن ۾ جهاتيون پائيندا، انهن ۾ رکيل هر شئي جا اگهه ڏسندا رهياسين “يار هت ته هر شئي هزارن ۾ آهي،” ڪنهن دوست ريمارڪ ڏنو.
    “هائو..... پر اهي هزار ڪئلڪيوليٽر هلائڻ سان ڪجهه روپين يا سوَن روپين ۾ بدلجيو وڃن.” مون وراڻيو مانس.
    اسان ڪچهري ڪندا، ونڊو شاپنگ ۽ فوٽو گرافي ڪندا رهياسين، تيسين وسيم سڏ ڪيو ته “قم هلڻ جي لاءِ گاڏي تيار آهي.”
    اسين سامان کڻي ٻاهر نڪتاسين، وسيم اسانکي ٿورو پرڀرو بيٺل هڪ وڏي بس ڏانهن وٺي ويو، جيڪا هن اسانکي ‘قم’ تائين کڻي وڃڻ لاءِ ڪرائي تي ڪئي هئي. بس ڏاڍي سهڻي ۽ ڪشادي هئي، ان جو هيٺيون حصو سامان رکڻ جي لاءِ هئو، جنهن ۾ اسان پنهنجو سامان رکيو ۽ هڪ هڪ ٿي چڙهي اچي بس ۾ ويٺاسين. پاڻ وٽ پاڪستان ۾ هلندڙ بسن مان ‘ڊائيوو ڪمپنيءَ’ جون بسون ڪافي سٺيون ۽ آرامده آهن، پر ايران ۾ هلندڙ اڪثر بسون پاڪستان جي ‘ڊائيوو ڪمپني’ جي بسن کان به سٺيون ۽ جديد آهن، اسين بس ۾ چڙهي ويٺاسين ته بس به پنهنجو سفر شروع ڪيو.
    زاهدان کان قم تائين جو اهو سفر ارڙهن اوڻيهن ڪلاڪن جو هو، ۽ سچي ڳالهه اها آهي ته اهو سفر اسانجي لاءِ ڪنهن سزا کان گهٽ نه هو، وسيم اسانکي بس ۾ چڙهڻ مهل ٻڌايو ته بس هر پنجن ڪلاڪن کانپوءِ اڌ ڪلاڪ جي لاءِ اسٽاپ ڪندي، جيئن چانهه پاڻي سان گڏ ضروري حاجتن کان به فارغ ٿي سگهجي. پر بس هلي ته ڄڻ نان اسٽاپ هجي ۽ ڪٿي بيهڻ جو نالو ئي نه وٺي، ڄڻ ڪٿي بيهڻ سندس شيڊول ۾ ئي نه هجي.... پنج... ڇهه... پوءِ ست ڪلاڪ... “ابا وسيم بس کي ڪٿي بيهار... هاڻ ته مرڳي ڪانچ ٿا خراب ڪريون...” اسان مان ڪنهن چيو، پر وسيم ٻُڌو اڻ ٻُڌو ڪري ڇڏيو.
    وري ٻين يارن وٺ وٺان ڪئي ته، “اسين مرد ته پنهنجي جاءِ تي، پر زائفائون ۽ ٻارڙا...”
    زائفائون واقعي به اسان کان وڌيڪ صابرين ثابت ٿيون هيون، نيٺ وسيم اُٿيو ۽ ڊرائيور کي “حاجي... آغا... آقا” چئي ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر ڊرائيور ڄڻ ٻوڙو هجي... وسيم کي گاهه ئي نه وڌائين. “يار هي ايراني وڏا واهيات آهن... پنهجي مرضيءَ وارا...” وسيم چيو. “هن ۾ واهيات ۽ مرضيءَ جي ڪهڙي ڳالهه آهي وسيم! تو بس ڪرائي تي ڪئي آهي. يا هو اسانکي مفت ۾ کڻي پيا هلن... جو هو نه ٿا ڪا ڳالهه ٻُڌن ۽ نه ٿا سمجهن...” آفتاب شاهه، وسيم جي ڳالهه تي چڙندي چيو.
    نيٺ گهڻي وٺ وٺان ۽ وسيم جي ڊرائيور کي منٿن کانپوءِ مس مس ڊرائيور بس بيهاري. پهرين ته مون سمجهيو ته واقعي به اها بس وارن جي بدمعاشي آهي، پر ايران ۾ ڪلاڪن جي حساب سان به گاڏيون ڪبيون آهن، وسيم به شايد مقرر ڪلاڪن اندر بس کي قم پهچائڻ لاءِ چيو هو، سو بس وارو ڇو بيهي؟ وسيم اُن قسم جون الائجي ڪيتريون جُٺيون اسان سان سڄي سفر ۾ ڪيون، جيڪي اسان صبر ۽ شڪر سان برداشت ڪيون.
    بس بيٺي ته اسين تڙ تڪڙ ۾ هيٺ لٿاسين ۽ واش رومن جي ٻاهران قطار لڳائڻ شروع ڪئيسين، جهڙو ديس تهڙو طريقو... هجون ها پياري پاڪستان ۾ ته واش رومن بدران هڪٻئي جي پويان قطار لڳايون ها. ايئن پندرهن ويهن منٽن اندر وانڌا ٿي ٽنگون سا ٽاري وري اچي بس ۾ ويٺاسين.
    ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ وري به ساڳئي ڪار... هاڻ پيشاب ته اچي ڀيڙيو، پر بک به ڪتڪتايون ڪرڻ شروع ڪيون هيون. وري به بس جي عملي کي “آغا حاجي!” جي هونگار... ڊرائيو ۽ بس جو عملو بلوچ هئا، هونئن ته بلوچ ڏاڍا بڻيادا ۽ سُٺا آهن، پر هي صفا ڪي بي بڻيادا ۽ بدمعاش هئا. هو نه اسانجي سمجهن، نه اسين هنن جي ٻولي... اشارن جي زبان به عقل وارو سمجهندو آهي، هنن جي کوپڙي ۾رڳو فلوس (پئسا) سمايل هئا. تن کي اشارن سان به ڪيئن سمجهائجي. اصل نه بيهن، البت کين جيڪڏهن ڪٿي ڪنهن شئي جي گهرج ٿي پيئي ته بيهي ٿي رهيا ۽ اسانکي اشارن سان ٿي چيائون ته گاڏي مان اصل نه لهجو، ڄڻ سندن قيدي هجون، هڪ هنڌ ته اهو به خيال آيم ته ڪٿي نڀاڳا اسانکي کڻي ڪنهن هائيءَ ۾ ته وڃي نه هڻندا؟
    نيٺ هڪ هنڌ بس کي زوري بيهاريوسين، مون ۽ امين منهن ۾ سونڍ وجهي چين، “اڙي حرامزادئو! اسين ڪو اوهانجي “زندان” ۾ “اسير” آهيون ڇا؟” ايئن پوءِ هو هڪٻئي کي “زندان” ۽ “اسير” چئي ڪجهه چوڻ لڳا، وسيم ته ڄڻ رڍ لڳو پيو هو. اسانکي چيائين ته هنن سان نه اٽڪو هي وڙهندي ديرئي نه ڪندا.
    “هھڙي حشر کان ته وڙهيو ڀلو آهي.” مون وراڻيس، “پوءِ جيڪو قسمت ۾ هوندو، اُن کي منهن ڏبو.”
    ٻارهين وڳي ڌاري رستي جي ڀر ۾ هڪ هوٽل وٽ بيٺا، هوٽل ننڍي، پر ڏاڍي صاف سٿري هئي، پاڻ وٽ اڪثر روڊن جي ڀر ۾ ٺهيل هوٽلون گندگي جي ڍيرن سان ڀريل هونديون آهن، پر هت ائين نه هو. ان هوٽل تان اسان پنج هزار تومانن ۾ ‘چلو ڪبابن’ يعني چانور ۽ ڪبانن جي ڊش کائي پيٽ ڀريو. چلو ڪباب ايران جي مشهور ڊش آهي، خشڪا چانور ۽ ڪباب. ايران ۾ اها ڊش مختلف شهرن ۾ مختلف ذائقن سان ٺاهي ويندي آهي ۽ ايران جي جنهن به سفر نامي ۾ پڙهه ته همراهه “چلو ڪباب... چلو ڪباب” چئي پيو اسان جهڙن پڙهندڙن کي ساڙي، چڱو ٿيو جو کاڌيسين، ائين رعب ته لٿو ميان چلو ڪباب جو!.
    زاهدان کان قم تائين، خاص ڪري ايراني بلوچستان واري ايراضيءَ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي پوليس گاڏين کي نهايت سختيءَ سان چيڪ ٿي ڪيو. اسان اڃا ننڍ جي گهيرٽ ۾ مَس وڃون، تيسين بس جي عملي جو ڪو همراهه “پُلس... پُلس” ڪريو اچيو اسانکي اُٿاري ۽ درين جا پردا سيري شيشي کي انهن کان آجو ڪري، پوءِ پاسپورٽ سڀني جي هٿن ۾ ۽ اسين الرٽ... هڪ هنڌ ڪرمان شاهه ۾ ته اسان سڀني کي بس مان هيٺ لاهي قطار ۾ بيهاري پاسپورٽ ڏٺائون ۽ دستي سامان پاڻ سان کڻي ويهارو کن وال اڳيان وڃي بيهڻ لاءِ چيائون. ۽ بس جي هيٺين حصي ۾ رکيل سامان کي ڪتن کان چيڪ ڪرائي، پوءِ ڪتن کي بس جي اندران به گهمايائون.
    ڪرمان شاهه ۾ لهڻ سان ايئن محسوس ٿيو ته اسين ڪنهن سخت ٿڌي علائقي ۾ اچي ويا هجون، اتي ڪافي ٿڌ هئي. زاهدان کان قم تائين ويندي وچ ۾ جيڪي وڏا ننڍا شهر اچن ٿا، انهن ۾ ڪرمان شاهه، بم، ڪاشان ۽ يزد اهم شهر آهن، ڪرمان جو علائقو غاليچن جي صنعت جي ڪري ڪافي مشهور آهي. ايران ۾ غاليچن ٺاهڻ جي صنعت ڪافي پراڻي ۽ تاريخي آهي، ايراني غاليچا پنهنجي بناوت ۽ جاذبيت جي لحاظ کان گهڻا مشهورآهن. ايراني غاليچن جي رنگن ۽ نقشن جي ڌار سڃاڻپ آهي ۽ اهي ايراني ذوق ۽ هنر جو نمونو آهي، دنيا ۾ قالين فروشي جي سخت چٽا ڀيٽيءَ جي باوجود به ايراني غاليچا (قالين) پنهنجي برتري قائم رکيو اچن. پاڻ جهڙن ملڪن ۾ جيڪڏهن ڪنهن گهر ۾ ايراني غاليچو موجود آهي ته اهو اعليٰ ذوق جي نشاني سمجهيو ويندو آهي. ڪرمان کانسواءِ ڪاشان، نائين، تبريز، اصفهان، بختياري، ترڪمن ۽ بيجارا بهترين غاليچا ٺاهڻ جي ڪري به مشهور آهن. ايراني غاليچن جي سونهن، سوڀيا ۽ نفاست جي حوالي سان هڪ قصو مشهور آهي ته اولهه جي مستشرقين مان هڪ ايران جو “گلستان عجائب گهر” ڏسڻ ويو ته هن جي نظر ورانڊي ۾ وڇايل ايراني غاليچن تي پيئي. ٿوري دير ته هو انهن غاليچن جي سونهن ۾ کويل رهيو ۽ پوءِ چيائين. “ڪيتري نه عجيب ڳالهه آهي ته سڄي دنيا ۾ عجائب گهرن ۾ ڪنڌ مٿي ڪري، ڀتين يا الماڙين ۾ رکيل شيون ڏسڻيون پون ٿيون. پر ايران ۾ پنهنجون نظرون هيٺ رکڻيون پون ٿيون.”
    ايراني هنر تي فردوسيءَ به هيئن چيو آهي.
    هنر نزد ايرانيان است و بس،
    ندادند شيرزيان رابه کس.
    ان سفر ۾ مون محسوس ڪيو ته بس جو اهو عملو پوليس کان ڏاڍو لنوائي رهيو هو، ايران ۾ پوليس کي عام طور “پُلس” چون، ان جو سبب شايد اهو هو ته ايراني پُلس قانون تي عمل ڪرائڻ جي معاملي ۾ ڏاڍو سخت هئي، البت مون ڪٿي به عام ماڻهن کي پُلس کان لنوائيندي نه ڏٺو، جيئن پاڻ پاڪستان ۾ پوليس ته ڇا پر پوليس جي پاڇي کان به لنوائيندا آهيون.


    • قم ۾ چار ڏينهن

    ايراني ٽائيم موجب، صبح جو ستين بجي اسين قم پهتاسين، ايران جو ٽائيم پاڪستاني ٽائيم کان هڪ ڪلاڪ اڳتي آهي، يعني ان مهل پاڪستان ۾ اٺ ٿيا هئا. سج ڪافي مٿي چڙهي آيو هو، قم اسانجي سفر جي پهرين منزل هئي، جتي اسانکي چار ڏينهن رهڻون هو.
    بس اسانکي شهر کان ٻاهر ٽول پلازا ٽائپ هڪ هنڌ تي لاٿو. جتان پوءِ اسانکي هڪ ننڍي ڪوسٽر کڻي شهر پهچايو. اسانجي رهائش جو بندوبست “حرم” جي بلڪل سامهون ‘پل آهنچي’ جي ٻي پاسي مکيه روڊ جي ڀرسان هڪ ننڍي هوٽل ‘مسافر خانه سعدي’ ۾ ڪيو ويو هو. ان هوٽل جي آسپاس ٻيون به ڪيتريون ئي ننڍيون ۽ وچولي قسم جون هوٽلون هيون. انهن هوٽلن مان اڪثر ۾ باٿ روم، وهنجڻ خانا ۽ بورچي خانا ڪامن هئا. جنهن ڪري ڪنهن ڪنهن مهل پنهنجي واري جو انتظار به ڪرڻون ٿي پيو، ان ڪري مونکي صبح جو جيئن ئي ننڍ مان جاڳ ٿيندي هئي ته ٽوال کڻي وهنجڻ جي لاءِ هيٺ هليو ويندو هئس، جيئن نه رڳو ٻين کان اڳ تيار ٿي سگهان، پر هروڀرو پنهنجي واري اچڻ جي اوسيئڙي کان بچي سگهان.
    چاٻي وٺي اچي ڪمرن ڀيڙا ٿياسين، ڪمرا ننڍا پر چڱي حالت ۾ هئا، سامان ڦٽو ڪري بسترن تي ڊهي پياسين، گذريل ٽن راتين جي مسافري، اڌ ننڍ اڌ جاڳ جي حالت ۾ رهڻ ڪري ٿڪاوٽ اسانجي بُت کي اصل ڪنهن ڄؤر جيان چُهٽي ويئي هئي، پر ان هوندي به مون بستري تي ليٽندي امين کان پڇيو، “هاڻ ڇا پروگرام اٿئي.؟”
    “جيئن چئو.....”
    “منهنجي خيال ۾ ڪلاڪ ٻه ليٽي چيلهه سڌي ڪري، فريش ٿي نڪري پئون، پوءِ جيڏانهن ڪنڌ اوڏانهن پنڌ....”
    “ٺيڪ آهي...” امين وراڻيو.
    ڪلاڪ سوا ليٽي چيلهه سڌي ڪري امين هيٺ هليو ويو، جيئن آپا مهرالنساءِ وارين جي خبرچار وٺجي ۽ جيڪڏهن کين ڪنهن شئي شغل جي ضرورت هجي ته اها به کين وٺي ڏجي ۽ چانهه جو به بندوبست ڪجي.
    ايران جي سڄي سفر جي دوران، امين آپا وارن جو تمام گهڻو خيال رکيو ۽ ڪافي هنڌن تي ته پنهنجي گهمڻ ڦرڻ جي پروگرام ۾ آپا وارن جي ڪري ڪٽ سَٽ به ڪئي. سچي ڳالهه اها آهي ته امين لاکو نيڪ، اشراف، نياڻين جهڙو پُٽ ۽ خذمت گذار بندو آهي. پر ٿورو اتڙو، چيڙاڪ، زود رنج جلدي ردعمل ڏيکارڻ وارو به. منهجي ساڻس سالن کان دوستي آهي... صفا بي ضرر انسان، هروڀرو ڪنهن کي نقصان رسائڻ يا تنگ ڪرڻ سندس سرشت ۾ شامل ڪونهي. سفر دوران هڪ ڀيري منهنجي چيل هڪ بنهه ننڍڙي ۽ خسيس ڳالهه جي ڪري ردعمل ۾ اچي بنا اطلاع جي منهنجي هَنڊي ڪُني ئي ڌار ڪري ڇڏيائين. نتيجي ۾ تهران کان وٺي مشهد تائين جي سڄي ريلوي سفر ۾ ۽ ورندي ٻيو سڄو ڏينهن ۽ رات مونکي بُک تي گذارڻون پيو. پوءِ امين، آپا وارن سان هنڊي ڪنيءَ ۾ گڏ ۽ آئون پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ دل چاهيو ٿي ته “نان ما است” (دهي مانيءَ) تي گذارو ٿي ڪيم يا “نان شير” تي.
    سندس اُن ردعمل ۽ حرڪت تي پهرين ته مون به سوچيو ته ڏيکاريان پنهجي وڏيرپ... پر سندس ان حرڪت کي جذباتي ۽ ٻاراڻي سمجهي درگذر ڪري ڇڏيم، پوءِ کيس به پنهنجي ان ردعمل جو احساس ٿيو ۽ معذرت به ڪيائين... پوءِ مون باقي سڄي سفر ۾ “يار تو ته مونکي بُک ماريو... پر....” چئي کيس چيڙائيندو ۽ انجواءِ ڪندو رهيس.
    ايران ويندڙ زائرين اڪثر پاڻ سان گڏ کنڊ، چانهه، مرچ مسالا، چانور ۽ ٻيو سيڌو سامان کڻي ويندا آهن. وسيم مونکي به چيو هو ته “ٽي بئگس وغيرهه کڻجو” پر مون ان ڳالهه تي ڌيان نه ڏنو، ان جو هڪ سبب اهو به هو ته آئون چانهه جو عادي ڪونه آهيان، ملي ته واهه، نه ملي ته وڃي ٿيا ست خير... ٻين يارن وانگي “چانهه کانسواءِ اصل مٿو ٿو ڦاٽي” جو ورد نه ڪندو آهيان، امين، آپا مهرالنساءِ جي چوڻ تي ڪجهه سامان خريد ڪيو هو، ڪجهه سامان وري آپا وارن وٽ به هو، ايران جي سفر کانپوءِ منهنجي تجربي موجب زائرين يا جيڪي دوست گروپ جي صورت ۾ ايران جي سياحت تي وڃن ٿا، تن لاءِ بهتر اهو آهي ته هو پاڻ سان چانهه، کنڊ، چانور، ڪلو اڌ دال ۽ ٿورا گهڻا مسالا۽ پائوڊر وارو کير ضرور کڻن، ڇاڪاڻ جو هڪ ته ايراني کاڌا کين مزو ئي نه ڏيندا ۽ پنهنجي ذائقي جي حساب سان پنهنجي مزاج وٽان ناهن. پنهنجي رڌ پچاءُ ڪرڻ سان ڪافي بچت به ٿئي ٿي ۽ هڪ ٽوئرسٽ يا زيارتيءَ لاءِ سڀني کان سُٺي ڳالهه اها آهي ته هو ٿوري خرچ ۾ گهڻو گهمي، ٻيو ته ايران جي هوٽلن ۾ رڌ پچاءُ جون سهولتون به موجود آهن، جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو آهي. ايران ۾ چانهه جي نالي ۾ جيڪو قهوو ملي ٿو، اهو بنا کير ۽ کنڊ جي هوندو آهي. پيئڻ مهل تروڙين جيتريون کنڊ جون ڳڙيون، هڪ هڪ ڪندا وات ۾ وجهندا مٿان قهووي جا ڍڪ ڀريندا آهن. پاڻ جهڙن ماڻهن لاءِ اهو پيئڻ به وڏي مشڪري بنجيو وڃي. اسين به رونشي خاطر ڪنهن ڪنهن مهل پيئندا هئاسين، پوءِ جڏهن ايراني طريقي سان پي نه سگهندا هئاسين ته اهي “قند” جون ڳڙيون (ايران ۾ کنڊ کي قند چون) قهوي ۾ وجهي ڳاري ڪم ٽپائيندا هئاسين، ۽ وري امين لاکي جهڙا چانهه ۽ سگريٽ جا موالي، تن کي دوڌ پتي چانهه نه ملي ته سندن سڄو ڏينهن ڄڻ مُردار بنجيو وڃي، تنهنڪري ٽي بئگس ۽ خشڪ کير هئڻ سان اهو مسئلو حل ٿيو وڃي.
    اڌ مُني ڪلاڪ کانپوءِ امين هيٺان بسڪوٽ ۽ چانهه جا ٻه وڏا مگ کڻي آيو، اسين هتان پاڻ سان پليٽ، مگ، گلاس ۽ چمچو گڏ کڻي ويا هئاسين، جنهن مهل گهران اهي شيون کنيم پي ته عجيب پي لڳو ته ايران ۾ انهن شين جي ڪا ايڏي کوٽ آهي ڇا؟،جو ٿانوَ به هتان کڻيو پيا وڃون. پر ايران پهچڻ کانپوءِ احساس ٿيو ته هڪ زائريا سياح لاءِ ايران ۾ انهن شين جي ڪيڏي نه اهميت ٿئي ٿي. پهريون تجربو ته زاهدان ۾ ئي ٿيو، جڏهن بس ٽرمينل تي هوٽل ۾ ماني کائيندي، هوٽل واري ٻيو گلاس ۽ واڌو چمچو ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته هڪ ڊش سان فقط هڪ گلاس ۽ چمچو ملندو.... ٿورو حيران ته ٿياسين، پر پوءِ امين کي چيم، “وڃي ڌوڙ پائين... ڀلي نه ڏين... پاڻ وٽ ڪو گلاسن ۽ چمچن جي کوٽ آهي ڇا؟” ايئن چئي مون ٿيلهو کولي پليٽ، گلاس ۽ چمچو ڪڍي ٻاهر رکيو ۽ هوٽل وارو ڏسندو ئي رهجي ويو. هن سمجهو ته اسين کيس ٻي گلاس يا چمچي لاءِ منٿ ڪنداسين، يا هو اسان کان ڪجهه تومان وٺي اسانکي اهي واڌو شيون مهيا ڪندو، پر جڏهن هن جي انڪار تي مون بنا دير جي اهي شيون ٿيلهي مان ڪڍي ٻاهر رکيون ته هن پنهنجو ڌڪ گُسندي محسوس ڪيو هوندو.... هاڻ هو اهو ته چئي نٿي سگهيو ته “هن هوٽل ۾ ٻاهرين ٿانوَن جي استعمال جي منع آهي.” وري هو نڀاڳو بي رحم به اهڙو، جو جڏهن اسان بوتلن ۾ پاڻي ڀرڻ شروع ڪيو ته اسانکي پاڻي ڀرڻ کان به منع ڪيائين، صفا ڪو يزيد ۽ شمر جي نسل جو هو.
    سو هاڻ قم ۾ انهن ٿانوَن يعني پليٽ، مگ، گلاس ۽ چمچي اسانکي وڏو ڪم ڏنو.
    ڪلاڪ سوا چيلهه سڌي ڪري، چانهه جو وڏو مگ پي ٿورو سامت ۾ آياسين ته ٻاهر نڪرڻ جي لاءِ تياري ڪرڻ لڳاسين، جيئن ‘قم’ جو چڪر لڳائي واءُ سواءُ وٺي سگهجي. (ايراني قم جو اُچار غُم ڪڍن، يعني ق جي جاءِ تي غ جو آواز ڪڍن جيئن آقا کي آغا چون.)
    قم شهر تهران کان 135 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي بلڪل ايران جي مرڪز ۾ آهي. هيءَ شهر 23 هجريءَ ۾ ابو موسيٰ اشعريءَ جي هٿان فتح ٿي اسلامي سلطنت ۾ شامل ٿيو، قم جي اهميت تڏهن وڌي جڏهن شيعن جي ستين امام حضرت موسيٰ ڪاظم رضا جي باعظمت نياڻي حضرت بيبي فاطمھ معصومه 210 هجريءَ ۾ پنهنجي ڀاءُ حضرت امام رضا سان ملڻ جي لاءِ خراسان رواني ٿي ۽ رستي ۾ هڪ شهر “سدوهه” ۾ بيمار ٿي پيئي، بيماريءَ جي دوران ئي کيس پنهنجي ڀاءُ امام رضا جي شهادت جي خبر ملي ۽ بيبي صاحبه دل ۾ ڀاءُ سان ملڻ جي حسرت سانڍي، اهو صدمون سهي نه سگهي ۽ ‘قم’ ۾ هن فاني جهان مان موڪلائي ويئي ۽ کيس جتي هينئر سندس مقبرو آهي، اُتي دفنايو ويو. سندس اهو ‘آستانه قدس رضوي’حضرت امام رضا جي مرقد کانپوءِ ايران جي ماڻهن توڙي سڄي دنيا جي شيعن ۽ اهل بيت سان محبت رکندڙن جي لاءِ وڏي ۽ سڳوري زيارت آهي. جيتوڻيڪ قم جي مکيه اهميت ته حضرت معصومه جي مزار مبارڪ جي ڪري آهي، پر ڪجهه ٻيون ڳالهيون به هن شهر جي قدامت ۽ مشهوريءَ جو سبب پڻ آهن. انهن مان هڪ اها آهي ته هي شهر سدائين اهل بيت جي مڃيندڙن لاءِ پُرامن جاءِ ۽ پناهه گاهه رهڻ سان گڏوگڏ شيعن جو علمي ۽ ديني مرڪز به رهيوآهي، تنهن کان اسلامي صدين جي شروعات ۾ جڏهن به ڪو مظلوم، ظالم ۽ جابر سلطان جي ظلم کان سر لڪائي ڀڄندو هو ته هن ئي شهر ۾ اچي پناهه وٺندو هو، ان جي ڪري به هن شهر کي “عشس آل محمّد صلعم” يعني آشيانه اهل بيت ۽ انهن جي پوئلڳن جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.
    ايران ۾ صفوي حڪومت جي قيام کانپوءِ شاهه اسماعيل صفويءَ ‘شيعت’ کي ايران جو سرڪاري مذهب قرار ڏنو ته قم جي اهميت اڃا به وڌي ويئي. جيتوڻيڪ افغانن جي حملي سبب قم ويران به ٿيو، پر قاچارين جي دور ۾ شهر جون رونقون موٽي آيون ۽ شهر ۾ ٻيهر اڏاوتون ڪيون ويون.
    ڏٺو وڃي ته نجف اشرف ۽ قم ٻيئي شهر شيعن جا اهم علمي ۽ فقهي مرڪز رهيا آهن، پر عراق جي سياسي حالتن سبب نجف اشرف جي فعاليت ۾ ڪمي اچي ويئي، پر قم شهر جي اهميت نه رڳو قائم رهي، پر دنيا ۾ شيعي فعاليت جو وڏو ۽ اهم مرڪز رهيو. قم سدائين علم جو گهوارو ۽ مرڪز پي رهيو آهي. قم شهر ۾ شيعي تعليم جا وڏا مرڪز ۽ مدرسا آهن، انهن ۾ نه رڳو ايران، پر سڄي دنيا مان ايندڙ شاگردن کي پڙهايو ويندو آهي. ۽ اهي عالم ۽ فاضل بنجي پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن وڃي، پنهنجا فرض ادا ڪندا آهن.
    هتي آئون قم جي باري ۾ هڪ ڪتابڙي ۾ لکيل هي لفظ ورجائيندس ته، “هن شهر ۾ زندگي بي مقصد ۽ روز مره جيان نٿي گذري، هتي جا مدرسا ۽ درس گاهون رڳو علم ۽ درس جا قيد خانه ڪونهن، هن جون گهٽيون ۽ بازاريون فقط اچ ۽ وڃ ۽ گشت جي لاءِ ڪونهن، پر هي ‘قم’ آهي يعني علم جو مرڪز، جهاد جو ميدان ۽ عرصه اجتهاد.”
    مٿي ذڪر ٿيو آهي ته قم شهر مدرسن ۽ علم جي ڦهلاءُ جو مرڪز رهيو آهي، هونئن ته هتي ڪيترائي ننڍا وڏا مدرسه آهن، پر آستانه حرم معصومه جي اڱڻ ۾ موجود ٻه مدرسا “مدرسه فيضيه” ۽ “مدرسه دارالشفا” اهم آهن.

    مدرسه فيضيه
    فيضيه مدرسو، آستانه حرم جي اڱڻ ۾ ‘صحن عتيق’ سان لڳ آهي، جنهن جي سامهون بيبي معصومه جي ضريح مبارڪ آهي، هن مدرسي جي باري ۾ عام طور چيو وڃي ٿو ته “مدرسو فيضيه ايران ۾ سڀ کان وڏو ديني مدرسو ۽ هن ملڪ ۾ اسلامي انقلاب جو وڏو نمونو آهي.” نجف اشرف کانپوءِ هي مدرسو شيعه روحانيت جو سڀ کان وڏو مرڪز رهيو آهي، هي تاريخي مدرسو جيڪو حضرت معصومه جي مزار جي اڱڻ ۾ آهي، سو گذريل صديءَ ۾ ڪيترن ئي حادثن ۽ انقلابن سان دو چار رهيو آهي، نه رڳو اهو پر پهلوي شهنشاهيت جي خلاف هلندڙ هلچل ۾ هن مدرسي کي مرڪز جي حيثيت حاصل رهي، هن ئي مدرسي ۾ آيت الله خميني پنهنجي شاگرديءَ جو وڏو عرصو گذاريو ۽ هتي ئي درس و تدريس به اختيار ڪيائين.
    هن مدرسي جي اڏاوت به عام طور تي صفوي دور ڏانهن منسوب ڪئي وڃي ٿي، پر جديد رونق ۽ آب تاب هڪ دين جي عالم مرحوم شيخ عبدالڪريم حائري جي همت ۽ اٽل ارادن جو نتيجو آهي... هو اصل ‘اراڪ’ جو رهاڪو هو ۽ پوءِ قم اچي هن مدرسي کي سنڀاليائين ۽ وڌيڪ اڏاوتون ڪرايائين، ۽ 1930ع ڌاري هڪ وڏي لئبرري به قائم ڪيائين... ائين پوءِ مدرسي ۾ وقت بوقت اڏاوتون ۽ واڌارا ٿيندا رهيا، هن وقت فيضيه مدرسي جي ڪمرن جو تعداد هڪ سئو آهي، چئن ايوانن تي ٻڌل هي مدرسو ڪاشي، خطاطي، نقش نگاري ۽ ٻين قديم فن جو شاندار نمونو آهي.
    مدرسه دارالشفا
    مدرسي فيضيه جيان هي مدرسو پڻ ايران جي ديني ۽ سياسي اجتماعي انقلاب ۾ هڪ خاص اهميت جو حامل رهيو آهي، صفوي دور حڪومت ۾ هي مدرسو “شاهه قلي صحن” جي نالي سان مشهور هو ۽ قاچارين جي دور ۾ “مدرسه فتح شاهه” جي نالي سان منسوب هو. 1928ع ۾ جڏهن مدرسي جي ٻيهر اڏاوت ٿي ته اسپتال ۾ تبديل ٿي ويو ۽ “دارالشفا” جي نالي سان سڏجڻ لڳو.
    1922ع ۾ جڏهن امام خميني قم آيو ته ڪجهه وقت فيضيه مدرسي ۾ رهڻ کانپوءِ ‘دارالشفا’ منتقل ٿي ويو، جيئن پُر سڪون ۽ اڪيلائي جي ماحول ۾ رهي سگهي، امام خميني هتي 1929ع تائين رهيو، دارالشفا جي جديد اڏاوت ۾ سندس رهائش وارو اهو ڪمرو محفوظ رکيو ويو آهي، ۽ “حجره امام خميني” جي نالي سان اُن جي دروازي تي تختي پڻ لڳل آهي.


    • تنهنجي ‘سنڌو’ پڙهي ڪير ٿو؟

    تيار ٿي هيٺ لهي اچي مين روڊ وٽ بيٺاسين، سامهون روڊ جي ٻي پاسي “پل آهنچي” هئي، جيڪا ختم ٿيڻ تي “حرم مطهر” يعني “بي بي معصومه” جو مقبرو شروع ٿي ٿيو. اهو ئي سبب آهي، جو ‘پل آهنچي’ جي آسپاس جي هوٽلن ۾ زائرين جي چڱي رش رهي ٿي ۽ اتي رهڻ جي صورت ۾ هو نهايت سولائي سان زيارت واسطي رڳو روڊ ڪراس ڪري مقبري تائين پهچيو وڃن.
    اسين جنهن هنڌ يعني ‘خيابان اميرڪبير’ ڪوچه صفا وٽ بيٺا هئاسين، ان جي آسپاس “سوهان” يعني قم جي مشهور حلوي جا ڪيترائي دوڪان هئا، جتي قم جو اهومشهور حلوه (سوهان) خوبصورت دٻن ۾ پئڪ ٿيو رکيو هو ۽ انهن جي مٿان قيمتن جون چٽڪيون لڳل هيون، هڪ هزار تومان، ٻه هزار تومان، اڍائي هزار تومان، قم جو اهو سوهان ڏاڍو مشهور ۽ لذيذ آهي، جيڪو مختلف ذائقن ۽ ويرائيٽز ۾ ٺاهيو وڃي ٿو ۽ زائرين اهو خريد ڪري تبرڪ طور پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.
    “هاڻ ......؟” امين بيٺي بيٺي پڇيو،
    “جيڏانهن ڪنڌ... تيڏانهن پنڌ.” وراڻيم.
    “هلو!”
    پوءِ اسانجو جنهن پاسي ڪنڌ هو، اُن پاسي ئي پنڌ پياسين. قافلي جي ٻين ساٿين سان اهو پروگرام ٺهيو هو ته شام جو پنجين وڳي سڀ گڏجي هلي زيارت ڪنداسين، هاڻ هو سڀ آرامي هئا ۽ اسين قم جي رستن تي رولاڪي ڪندا پي وياسين.
    هوريان هوريان هلندا، آسپاس جو جائزو وٺندا پي وياسين، رمضان شريف جي روزي هئڻ سبب ڪجهه دوڪان کليل هئا ته ڪجهه بند، کليل دوڪانن جي اندر به همراهه يا ته تسبيحن جي داڻن جي ٽڪ ٽڪ لڳايو ويٺا هئا يا وري قرآن پاڪ جو دور پي ڪيائون. ٻه فرلانگ کن هلڻ کانپوءِ اسانکي سامهون هڪ پارڪ نظر آيو، جنهن ۾ ڪاٺ جون بئنچون کتل هيون.
    “هل ته پارڪ ۾ هلي ٿا ويهون...” امين کي چيم.
    “ڀلي”.
    اسين روڊ اُڪري پارڪ ۾ گهڙي آياسين، جتي اڳ ۾ ئي ڪجهه نوجوان جوڙا ۽ هڪ ٻه ايراني فئمليز موجود هيون ۽ جن سان گڏ ننڍا ٻار به هئا، ايئن پي لڳو ته اهي فيمليز پارڪ ۾ پِڪ نِڪ ملهائڻ يا روزي کي وندرائڻ آيون هيون. اُتي ويٺل نوجوان جوڙن جون عمريون ٻاويهن چوويهين سالن جي لڳ ڀڳ هيون، اهي يا ته شادي شده هوندا يا ڪنهن ٻي رشتي ۾ ڳنڍيل، ڇو ته ايران ۾ هروڀرو جوڙن جو بنا ڪنهن رشتي جي ائين عام جام هڪٻئي سان ملڻ قانون جي پڪڙ ۾ اچي ٿو. پوليس يا پاسداران انقلاب ڪنهن به وقت کانئن سندن وچ ۾ رشتي بابت پڇا ڳاڇا ڪري سگهن ٿا. جيتوڻيڪ هاڻ ڪنهن حد تائين نرمي ۽ ڪن لاٽار ڪئي وڃي ٿي، پر ڏهه پندرهن سال اڳ ته اهڙي سختي هئي جو پوليس يا پاسداران کانئن نڪاح نامون به طلبيندا هئا ۽ جيڪڏهن هو مطمئن نه ٿي سگهيا ته پوءِ همراهه وڏي ڏچي ۾ اچي ويندا هئا. پارڪ ۾ ويٺل اهي جوڙا پنهنجي ڪچهريءَ ۾ مگن هئا، هڪ نوجوان جي هٿ ۾ سگريٽ به هو. ڇوڪرين کي ڪاري چادر ويڙهيل ۽ مٿي تي اسڪارف ٻڌل هو. مون سڄي ايران ۾ ڪٿ به عورت کي مٿي اگهاڙو نه ڏٺو، ايران ۾ حجاب يعني مٿو ۽ بدن ڍڪڻ جي قانون تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي ٿو ۽ هنڌ هنڌ تي پردي بابت شرعي احڪامن ۽ امامن (خميني ۽ خامنه اي) جا قول پڻ مختلف هنڌن تي بورڊن تي آويزان نظر آيا.
    ٿوري دير پارڪ ۾ ويهي خبرون چارون ڪندا رهياسين ۽ امين پنهنجي ٻاڙ يعني سگريٽ جا سوٽا هڻڻ لڳو. امين جي سگريٽن جو مسئلو سائين صفدر شاهه حل ڪري ڇڏيو هو. هو پاڻ سان گولڊ ليف سگريٽن جي چڱي موچاري ڪوٽا کڻي آيو هو. صفدر شاهه جي به اسان سان واهه جي لڳي. قم ۾ يا مشهد ۾ هوٽل تي هوندا هئاسين ته پاڻ اسانجي ڪمري ۾ هليو ايندو هو ۽ پوءِ اسانجي ڪچهري واهه جي مچندي هئي ۽ مٿان وري صفدر شاهه ۽ امين سگريٽن جا هيراڪ ۽ صفدر شاهه اهو چئي امين جي سگريٽن جو مسئلو حل ڪري ڇڏيو ته “مون پاڻ سان ڪافي سگريٽ آندا آهن، جيڪي سڄو ايران جي سفر ۾ پاڻ ٻنهي جي ڪوٽا کان مٿي آهن... سو بي حجاب ٿي پي...”
    ۽ امين کي وري ڇا گهرجي، کيس هرهر چانهه ملڻ ته مشڪل هئي، سو سڀ ڪسرون سگريٽن مان.... هڪ ڀيري مذاق ڪندي چيومانس “امين ڀائي! اهل بيتن تي ڪجهه ته رحم ڪر... هو اڳ ۾ ئي ويچارا ستايل آهن، جو سندن ڪپڙن جا ٿيلها گم ٿي چڪا آهن. تنهنڪري تون سگريٽن جي ڪوٽا ڪجهه گهٽائي... نه ته ڳوٺ هلي توتي هڪ مضمون لکندس... اُن جو عنوان هوندو... امين لاکي جو سفر گولڊ فليڪ کان گولڊ ليف تائين....”
    “آئون وري لکندس ماما جوسو اِن ايران....” امين وراڻيو.
    “ڀلي لک....” مون وڌيڪ چيڙائيندي چيس، “اڳ ۾ ڪهڙو لکيو اٿئي.. جو هاڻ لکندين.. ۽ ڀلا جي تو کڻي لکيو به ته اهو ڇپيندين “هفتيوار سنڌوءَ” ۾.. ۽ تو وارو اهو ‘سنڌو’ وري پڙهي ڪير ٿو سڄي سنڌ ۾... انعام ٽکڙائي.... شڪارپور ۾ نياز مسرور بدوي ..... خيرپور ۾ حزب الله سومرو ۽ انور پرديسي... ڪو پنجون ته نالو ٻُڌائي سڄي سنڌ ۾...”
    “چڱو چڱو.... پاڻهي خبر پوندئي ته سنڌو آهي ڇا....؟” امين وراڻيو، ايئن آئون امين کي چيڙائيندو رهندو هوس، هونئن به امين مولائي مڙس، صبح کان وٺي شام تائين اخبار جي ڪم جي بلي.... رات جو دير سان اچي گهر مٿان ٿي ڪري، سو کيس فرصت هجي ته ڪجهه لکي، ايئن هو اسانکي ڌڙڪا ڏيو پيو وقت ڪڍندو آهي ۽ اسين به کيس چيڙائي پيا خوش ٿيندا آهيون.
    “اُٿ ته اڳيان هلون.... سڄو ڏينهن هن پارڪ ۾ ويهندين ڇا؟” امين کي يڪو ويهندو ڏسي چيم، جنهن پهريون سگريٽ پورو ڪري ٻيو دُکايو هو، “بس سگريٽ پورو ڪري اُٿئون ٿا.؟”
    امين سگريٽ پورو ڪيو ته اُٿياسين ۽ پارڪ جو ٻيو پاسو ڏيئي، هڪ پُل اُڪري ٻي پاسي آياسين ته هڪ تيرواري بورڊ تي نظر پيئي، “بيت امام آيت الله خميني.”
    مون امين جو ان پاسي ڌيان ڇڪرائيندين چيو.” ڇو نه خمينيءَ جو گهر هلي ڏسجي.”
    “هل.... دير ڇاجي!” امين وراڻيو.
    ايران ۾ مونکي هڪ سُٺي ڳالهه اها به نظر آئي ته جتي ڪٿي تيروارن نشانن سان تختين تي رهنمائي جي لاءِ نالا لکيل نظر آيا. جنهن ڪري ماڻهوءَ کي نه رڳو اهو پتو رهي ٿو ته هو ڪهڙي هنڌ تي آهي، پر گهربل روڊ، رستي، پاڙي ۽ بلڊنگ وغيره تائين سولائيءَ سان پهچي وڃي ٿو، نه رڳو قم، پر ٻين شهرن تهران، اصفهان، نيشاپور، مشهد، طوس وغيره، اسين جتي به وياسين وک وک تي فارسيءَ ۾ اهڙا ننڍا ننڍا رهنمائي وارا بورڊ کُتل نظر آيا.
    ٿورو اڳيان وڌياسين ته هڪ جنرل اسٽور نظر آيو. اچڻ مهل امين چيو ته واپسيءَ ۾ آئل به وٺي اينداسين. جيئن رڌ پچاءُ جي ڪم اچي، اسان اندر گهڙي ٻن هزار تومانن ۾ ٻه ڪلي ڪلي واريون آئل جون بوتلون ورتيون، هڪ پاڻ لاءِ ۽ ٻي صفدر شاهه وارن لاءِ... اتي اسانکي ڪائونٽر تي هڪ عالم سڳورو بيٺل آيو، اسان کيس ‘بيت امام خميني’ چئي اشارن ۾ پڇيو ته ڪيترو پري آهي ته جواب ۾ هن مرڪندي، اردو ۾ اسان کي ڏس ڏنو ته هتان ٿورو سڌو وڃي پوءِ ٻيو نمبرگهڻي ۾ گهڙو، ٻه چوڪ ڇڏي اڳيان اوهانکي ‘بيمارستان’ نظر ايندي، ان جي سامهون “امام جو گهر” آهي. اسان سندس مهرباني مڃي ۽ سندس ڏسيل رستي تي هلندا اچي “ميدان روح الله” جي سامهون “بيمارستان” وٽ بيٺاسين، فارسيءَ ۾ اسپتال کي “بيمارستان” ۽ چوڪ کي “ميدان” چون. قم توڙي ٻين شهرن ۾ هر فرلانگ ٻن تي اوهانکي اهڙا ننڍا ننڍا ‘ميدان’ نظر ايندا، ۽ اهي ميدان يا پارڪ وري ڪنهن نه ڪنهن شخصيت جي نالي سان منسوب جيئن ميدان امام خميني، ميدان شهيد منتظري، ميدان شهيد بهشتي، ميدان شريعتي وغيره. چوڪن تي ٺهيل انهن ننڍن ننڍن پارڪن ۾ سهڻا گل ٻوٽا ۽ ڦوهارا لڳل آهن، جيڪي نه رڳو انهن ميدانن، پر شهرن جي سونهن به وڌائي رهيا آهن، جن کي ڏسڻ سان اکيون ئي ٺريو پون. چوڪن تي ٺهيل اهڙن ننڍن وڏن پارڪن کانسواءِ رستن تي هنڌ هنڌ تي ڊسٽ بن به کُتا پيا آهن، جيئن ماڻهو هلڪو ڦلڪو ڪاغذ، سگريٽ جو ٽوٽو وغيره هيٺ پٽ تي اڇلائڻ جي بدران ان ۾ وجهن ۽ ايراني ان تي عمل به ڪن، پاڻ وانگر ڪونهن جو ڊسٽ بن هوندي به هِت هُت اڇليندا وتن، جنهن ڪري روڊ رستا ۽ گهٽيون صاف لڳيون پيون هيون، صفائي جو اهڙو بندوبست ڏسي، سچ ته حيراني پي ٿي، مشهد ۾ هڪ رات آئون صبح جو اثر مهل ساڍا ٽي يا چار ٿيا هئا، اُٿي آفتاب شاهه سان امام رضا جي جي مزار تي ويس، بازار مان لنگهياسين ته ڏٺوسين ته صفائي وارو عملو انهن ڊسٽ بنن مان ڪچرو ڪڍي گاڏين ۾ لَڏي رهيو هو، پر روڊن جي صفائي به ڪري رهيو هو. صبح جو واپس ورياسين ته روڊ ائين پي چمڪيا جو بس کڻي.
    بيمارستان جي سامهون ميدان روح الله وٽ بيهي اسان ڪيترائي فوٽو ڪڍيا ۽ پوءِ هڪ واٽهڙوءَ کان “بيت امام خميني” جو پڇيوسين، جنهن مرڪي سامهون اشارو ڪيو، سامهون ئي ‘بيت خميني’ هو. امام خميني جو گهر ‘بلوار معلم غربي’ جي گهٽي نمبر يازدهم (يارهين) جي بلڪل مهڙ وٽ آهي، گهر جي سامهون بيهي، اسين ٻاهران لڳل اسٽيل جي بورڊ تي فارسيءَ ۾ لکيل خمينيءَ جي ان گهر بابت ڄاڻ جو ڪتبو پڙهڻ لڳاسين.


    • خميني ۽ بيت خميني

    مون سامهون دروازي تي نظر وڌي، ڪاٺ جو ٺهيل عام قسم جو دروازو، جهڙا پاڻ وٽ اڪٿر ٻهراڙين ۾ لڳل هوندا آهن. ان دروازي مان هڪئي وقت فقط هڪ ئي ماڻهو اندر گهڙي سگهيو ٿي. ‘بيت امام خميني’، اهو گهر هاڻ اهڙي يادگار جي حيثيت اختيار ڪري ويو آهي، جيڪو ڏسڻ سان ايران ۾ شهنشاهيت جي خلاف هڪ ڊگهي ۽ قربانين سان ڀريل جدوجهد جا عڪس نظر اچن ٿا، اها جدوجهد، جنهن جي پهرين ڪاميابي ڊاڪٽر مصدق جي اقتدار ۾ اچڻ، شهنشاهه جي جلاوطن ٿيڻ ۽ تيل کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ جي اعلان سان ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا ۽ سرمائيدار ملڪن ۾ ٻڙدڪ مچي ويو. سي آءِ اي جي هٿان ڊاڪٽر مصدق جي حڪومت جي خاتمي ۽ شهنشاهه جي واپسي ۽ پوءِ هڪ اونداهي ۽ ظالمانه دور جي شروعات ٿي. ان سان گڏ ايران جي سيڪيولر، قومپرست ۽ مذهبي قوتن جي شهنشاهيت جي خلاف نئين سر جدوجهد جي پڻ شروعات ٿي.
    هن گهر ۾ خميني جي 1963ع ۾ شاهه پاران کيس زوري ترڪي جلاوطن ڪرڻ تائين رهائش رهي.
    اڳتي وڌي گهر جو دروازو لنگهي اندر ٿا گهڙون، جت هڪ ننڍو استقباليه ڪمرو هو، جنهن ۾ هڪ نوجوان اخبار پڙهي رهيو هو، اسانکي ڏسي هن ڪنڌ مٿي کنيو ته اسان کانئس اندر وڃڻ جي اجازت گهري، هن مرڪي اسانکي اندر وڃڻ جو اشارو ڪيو ته اسين اڳتي وڌي هڪ اڱڻ ۾ اچي بيٺاسين، آئون چئني طرفن تجسس مان ڏسڻ ٿو لڳان. هن گهر جون ڀتيون، اڱڻ ۽ درو ديوار ڪيترن ئي تاريخي واقعن جون شاهد آهن، هن گهر ۾ ڪيترن نه تاريخي واقعن جنم ورتو ۽ هاڻ اهو گهر، ان جي هر سر تاريخ جو حصو بنجي ويئي آهي. ايراني ته هونئن به پنهنجي تاريخي ورثي سان پيار ڪندڙ ۽ ان کي سنڀاليندڙ آهن. هنن نه رڳو سائرس اعظم(ڪيخسرو) جي تخت جمشيد کان وٺي، قاچارين جي دور ۽ ان کانپوءِ جي تاريخي ورثي کي سنڀاليو آهي، پر دنيا تي وقت بوقت انهن جي اهميت به اجاگر ڪندا رهيا... ۽ هي گهر ۽ هن گهر ۾ رهندڙ شخصيت ته ڄڻ ڪلهه جي ڳالهه آهي.
    اڱڻ ۾ لڳل گلن ۽ انهن گلن جي وچ ۾ ٺهيل ننڍڙي حوض کي ڏسندا سامهون وڌون ٿا. جت اندر ڪمرن ۾ گهڙڻ لاءِ دروازو هو. ٻه ٽي ڏاڪا چڙهي اندر گهڙياسين، ۽ بوٽ لاهيون ٿا، جتي اڳ ۾ ئي ڪجهه بوٽ موجود هئا. اڱڻ ۾ ته ڪير به ڪونه هو، اندر گهڙياسين ته فرشي نشست نظر آئي، جتي سامهون ٽي عالم سڳورا ويٺا هئا، هنن جي اڳيان فارسي اخبارون کليون پيون هيون، هو پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا. اسانجي سلام جي جواب ۾ هنن بي رخيءَ مان جواب ڏنو ۽ سامهون وڃڻ جو اشارو ڪيو. ايئن هڪ ڪمري مان ٻي ڪمري ۾ گهڙياسين، جت دروازي وٽ هڪ ڏاڙهيءَ سان اڌڙوٽ عمر جو همراهه ميز تي جهڪيو ڪجهه پڙهي رهيو هو، اسانجي سلام تي هن مرڪي اُٿي بيهي اسان سان هٿ ملايو، اسان کيس ٻڌايو ته پاڪستان مان آيا آهيون، ته هن “برادر” چئي وڌيڪ گرمجوشي ڏيکاري ۽ اسانکي ڀرواري ڪمري ۾ وٺي هليو، جنهن ۾ ڪجهه الماڙيون قطار ۾ رکيون هيون ۽ انهن ۾ ترتيب سان ڪتاب رکيا هئا. هن اسانکي ٽٽل ڦٽل انگريزيءَ ۾ ٻڌايو ته هي ننڍو ڪمرو امام خميني جي مطالعي ڪرڻ جي ڪم ڏيندوهو. اتي بيهي اسان ڪجهه فوٽو ڪڍيا.
    خميني صاحب، جڏهن 1922ع ۾ “خمين” مان قم منتقل ٿيو ته پهرين هو ‘مدرسه فيضيه’ ۾ رهيو، پوءِ ڪجهه ٻين مسواڙي جاين ۾، سندس هي گهر جيڪو “بخچال قاضي” نالي علائقي ۾ آهي، پاڻ 1956ع ۾ خريد ڪيائين، ان کان اڳ ‘قم’ ۾ سندس نالي ڪابه ملڪيت نه هئي، ان وقت هن گهر جي قيمت تيرهن هزار تومان هئي، جيڪو خميني صاحب “خمين” ۾ پنهنجي اباڻي ملڪيت جي وڪري مان ملندڙ پنهنجي پتيءَ مان ورتو. خميني کي 1963ع ۾ جڏهن جلاوطن ڪيو ويو ته هن گهر ۾ سندس گهر ڀاتي ئي رهيل هئا، جن جي ‘نجف اشرف’ وڃڻ کانپوءِ هي گهر خمينيءَ جي ڀاءُ آيت الله پسنديدهه جي استعمال ۾ رهيو. 1979ع ۾ جڏهن خميني واپس ايران موٽيو ته هن گهر ۾ رهڻ جي بدران “پل حجتيه” جي ويجهو پنهنجي ناٺي آيت الله اشراقي جي گهر ۾ رهيو، ڇاڪاڻ ته هي گهر ننڍو ۽ سوڙهين گهٽين ۾ هئڻ سبب ايندڙ ويندڙ ۽ ملاقاتين جي گنجائش کي پورو ڪري نٿي سگهيو.
    “قم هڪ ننڍو، سڌو، بي ڪشش شهر آهي، جيڪو تهران کان هڪ سئو ميل ڏکڻ ۾ هڪ خالي ٿڪائيندڙ، تپندڙ صحرا ۾ واقع آهي، بظاهر اُن ماريندڙ ڏکي آب هوا ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه ڪونهي، جيڪا سوچ ويچار ۽ مراقبي جي لاءِ سازگار هجي، ان جي باوجود به قم مذهبي جوش ۽ خروش، حد کان وڌيڪ راسخ العقيدگي، تصوف ۽ جنگجو ايمان جو مرڪز رهيو آهي. هن شهر ۾ پنج سئو مسجدون ۽ ملڪ جا وڏا وڏا مدرسا قائم آهن، قرآن جا عالم ۽ روايت جا نگهبان قم ۾ ئي بحث مباحثو ڪن ٿا. عالم ۽ آيت الله هن ئي شهر ۾ پاڻ ۾ صلاح ۽ مصلحت ڪن ٿا. خميني سڄي ملڪ تي هن ئي هنڌ تان حڪومت ڪريٿو. هو سدائين قم ۾ رهي ٿو، گاڌي جي هنڌ ڪڏهن به نٿو وڃي، هو پنهنجي زال ۽ پنجن ٻارن سان هن ئي شهر جي هڪ مٽيءَ سان ڀڀوت، ناهموار ۽ سوڙهي گهٽيءَ ۾ جنهن جي وچ مان هڪ ننڍي نهر وهندي هئي، هڪ ننڍي گهر ۾ رهندو هو. هاڻ هو پنهنجي ڌيءَ جي گهر منتقل ٿي چڪو آهي. جنهن جي بالڪونيءَ مان هو هيٺ بيٺل ميڙ جي سامهون ظاهر ٿئي ٿو (اهو ماڻهن جو ميڙ عام طور تي شهر جي مسجدن ۽ انهن سڀني کان وڌيڪ اهم اٺين امام رضا جي ڀيڻ فاطمه (معصومه) جي مزار جي زيارت لاءِ ايندڙن جو هوندو آهي.) خمينيءَ جي زندگي گذارڻ جو طريقو بي حد سادو آهي، هن جي غذا چانورن، ڌنئري ۽ ميوات تي مشتمل آهي، ۽ هن جو وقت خالي ڀتين ۽ فرنيچر کانسواءِ هڪ ڪمري ۾ گذري ٿو. جنهن جي فرش تي فقط هڪ بسترو ۽ ڪتابن جو ڍڳ پيل آهي، هتي ئي هو ڀت سان ٽيڪ ڏيئي مهمانن سان ملاقاتون ڪندو آهي، جن ۾ پرڏيهي ملڪن جا نهايت رسمي سفارتي وفد به شامل آهن، دريءَ مان هو مسجدن جا گنبذ ۽ مدرسي جو وڏو اڱڻ ڏسي سگهي ٿو، جيڪو فيروزي موزائڪ، آبي مائل سبز مينارن، سڪون سايي جي ديوارن سان گهيريل دنيا آهي، ان ڪمري مان سڄو ڏينهن ملاقاتين ۽ درخواست گذارن جي هڪ ڊگهي قطار لنگهندي رهي ٿي، جڏهن ان ۾ وٿي اچي ٿي ته خميني نماز پڙهڻ جي لاءِ هليو وڃي ٿو يا ان ئي ڪمري ۾ ليٽي پوي ٿو ۽ اهو وقت سوچ ويچار يا جيئن هر وڏي عمر جي شخص جي لاءِ فطري ڳالهه آهي، ننڍ ڪرڻ جي لاءِ هجي ٿو. هن تائين، جنهن شخص جي وڌ کان وڌ پهچ آهي، اهو سندس ننڍو پُٽ احمد آهي، جيڪو پنهنجي پيءُ جيان هڪ مذهبي عالم آهي، ٻيو پُٽ جيڪو وڏو هئس ۽ پنهجي پيءُ جي سڄي زندگي جي اميدن جو مرڪز هو، اهو پراسرار حالتن ۾ گذاري ويو... ماڻهو چون ٿا ته شاهه جي ڳجهي پوليس “ساواڪ” جي هٿان فريب ڪاري جي هٿان قتل ڪيو ويو.
    ريشارد ڪاپو شنسڪي. (شهنشاهه)
    سرن ۽ سيمنٽ سان ٺهيل هيءَ گهر لڳ ڀڳ هڪ سئو سال پراڻون آهي ۽ هن جا ٻه طبقا آهن، هڪ “سرداب” ۽ ٻيو “هم ڪف” جيڪو گهٽيءَ سان لڳ ۽ عمارت جي اڱڻ جي ڏکڻ ۾ آهي، اتر اولهه ۽ اوڀر واري پاسي سائبان آهي، ۽ ان جي وچ ۾ هڪ ڏاڪڻ وارو رستو، جيڪو عمارت کي ٻاهرينءَ ۽ اندرين حصن ۾ ورهائي ٿو. عمارت جي ٻاهرينءَ حصي ۾ هڪ وڏو ڪمرو آهي، جيڪو سالن تائين خمينيءَ جي شاگردن ۽ چاهيندڙن جي مزماني ۽ ملاقاتن جو مرڪز رهيو، اُن ئي ڪمري مان لنگهي اسين هت اچي بيٺا آهيون.
    ان عالم سڳوري کان جنهن جو نالو هينئر مون کان وسري ويو آهي، مون پڇيو ته “خميني صاحب جي آرام وارو ڪمرو ڪهڙو آهي؟” ته وراڻيائين “آرام، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ..... هت...” ٻين لفظن ۾ خميني صاحب جنهن مهل به ڪم ڪار ۽ لکڻ پڙهڻ کان واڌو ٿيو ٿي ته جتي ويٺل هوندو هو، اتي ئي ويهاڻون سِري کان ڏيئي سُمهي پوندو هو.
    اُن ڪمري جي بلڪل سامهون هڪ ٻيو ڪمرو هو، جنهن ۾ پڻ الماڙين ۾ ڪتاب سهڻي ترتيب سان رکيا هئا. اتي پڻ هڪ عالم سڳورو، ميز تي جهڪيو ڪجهه پڙهي رهيو هو. اسان اوڏانهن ڏٺو، کيس ڪارو پٽڪو ٻڌل هو، جڏهن ته ٻين عالمن کي اڇا پٽڪا پهريل هئا، جنهن جو سبب معلوم ڪرڻ تي خبر پيئي ته جيڪي اهل بيت آهن يا ٻين لفظن ۾ ‘سيد’ اهي ڪارو پٽڪو ٻڌندا آهن،ڪارو پٽڪو شايد دائمي سوڳ جي نشانيءَ طور ۽ باقي ٻيا عالم اڇو پٽڪو ٻڌندا آهن. اسان سان بيٺل همراهه اشاري سان اسانکي اوڏانهن وڃڻ کان روڪيو.
    موڪلائڻ مهل هن اسانکي اردوءَ ۾ ڇپيل هڪ ننڍڙو پر سهڻو ڇپيل ڪتاب “شهر قم ۾ امام خميني ڪي همراهه” ڏنو، جنهن لاءِ اسان سندس ٿورو مڃيو، جواب ۾ هن ان ڳالهه تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته اسين سيڙجي “بيت امام خمينيءَ ڏسڻ آيا آهيون، ڳالهين ڳالهين ۾ اسان جڏهن کيس ٻڌايو ته اسانجو واسطو لکڻ ۽ پڙهڻ سان آهي ته هن گرمجوشيءَ سان هٿ ملائي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
    افسوس جو خميني جي گهر ۾ ۽ ڪجهه ٻين جاين تي ڪڍيل فوٽو، جنهن ڪئميرا ۾ ڪڍياسين، ان جو ميموري ڪارڊ لاڪ هئڻ سبب نڪري نه سگهيا، جنهن جي اسانکي دير سان خبر پيئي، ٻاهر نڪري، دروازي وٽ ڪوٺڙيءَ ۾ ويٺل نوجوان کان موڪلايو سين، جنهن جو نالو به اتفاق سان يوسف هو.
    *
    آيت الله خميني 24 آڪٽومبر 1902ع تي ايران جي شهر “خمين” ۾ هڪ عالم دين سيد مصطفيٰ موسويٰ جي گهر ۾ جنم ورتو، هڪ روايت موجب سندس ڏاڏي سيد احمد موسويٰءَ جو واسطو سيد مير حامد حسين نيشاپوري جي ڪٽنب سان هو، جيڪو هندستان جي شهر لکنوءَ مان لڏي اچي اُتي آباد ٿيو هو. “خمين” جو هئڻ ڪري، آيت الله کي خميني سڏيو وڃي ٿو، جيئن پاڻ سرويچ سجاولي کي سجاول جو هئڻ يا راشد مورائي کي موري جو هئڻ سبب، سندس نالن جي پويان شهر جو نالو لڳائي سڏيندا آهيون.
    خميني اڃا پنجن مهينن جو هو ته سندس پيءُ کي قتل ڪيو ويو، تنهن کانپوءِ سندس پالنا سندس امڙ ۽ پُڦيءَ ڪئي. پندرهن سالن جي عمر ۾ سندس پڦي به لاڏاڻو ڪري ويئي، جنهن سندس پرورش ۽ تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، جلدئي سندس سندس امڙ به گذاري ويئي. خميني ننڍي هوندي ئي ڏاڍو ذهين هو، هن شروعاتي تعليم گهر ۾ حاصل ڪئي، صرف ونحو ۽ منطق جي تعليم پنهنجي وڏي ڀاءُ آيت الله سيد مرتضيٰ کان حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم جي لاءِ هو ‘اراڪ’ ويو. جتي هن الحاج شيخ عبدالڪريم حائري يزدي جي مشهور درسگاهه ۾ حاصل ڪئي. ڪجهه سالن کانپوءِ جڏهن شيخ عبدالڪريم، قم آيو ته آيت الله خميني به ‘قم’ هليو آيو، اهو 1922ع جو زمانو هو، جتي پاڻ پهرين مدرسه فيضيه ۾ رهائش اختيار ڪري درس ۽ تدريس جو سلسلو شروع ڪيو ۽ اتي ئي هو اجتهاد جي درجي تي پهتو.
    1963ع ۾ جڏهن شاهه جي حڪومت آمريڪي شهرين کي ايراني قانونن کان آجو قرار ڏنو ته آيت الله خمينيءَ ان فيصلي جي سخت مخالفت ڪئي، ڇو ته ڪنهن به آزاد ملڪ ۾ سفارتي عملي کانسواءِ ڪوبه شخص ملڪي قانونن کان مٿاهون نه هوندو آهي، شاهه جي ان فيصلي جي خلاف ملڪ ۾ سخت هنگاما شروع ٿي ويا، جواب ۾ حڪومتي تشدد ۾ سوين هزارين ماڻهو مارجي ويا، ڪيترن کي جيلن ۾ وڌو ويو ۽ ڪيترن کي ڦاسيون ڏنيو ويون، آيت الله خمينيءَ کي به گرفتار ڪيو ويو، عام تاثر اهو ته شاهه کيس جيئرو نه ڇڏيندو ۽ ڦاسي ڏيئي ڇڏيندو، ڇو ته شاهه پنهنجي ڪنهن مخالفت کي بخش ڪرڻ وارن مان نه هو.
    خمينيءَ جي گرفتار ٿيندي ئي عالمن کيس ڦاسيءَ کان بچائڻ لاءِ هڪ ترڪيب ڪڍي، آيت الله شريعت مدار، ماٺ مٺيءَ ۾ ‘قم’ مان اچي ‘ري’ شهر ۾ شاهه عبدالعزيز جي مزار تي ويٺو. اتي ڪيترائي عالم گڏ ٿيا، جن پاڻ ۾ صلاح کانپوءِ اعلان ڪيو ته “خميني آيت الله ۽ مجتهد ۽ مرصع تقليد آهي”، هاڻ ڦاسي ته هڪ طرف، پر ان اعلان کانپوءِ آيت الله خمينيءَ کي ڪا معمولي سزا ڏيڻ جي به ڪا گنجائش نه بچي، جو ايران جي پراڻي آئين جي فقري نمبر2 ۾ علماءِ دين جي ذڪر سان گڏ اهو ذڪر به هو ته ‘الله کين وڏي عمر عطا ڪري،’ جنهن گروهه جي لاءِ آئين ۾ وڏي عمر جي لاءِ دعا ڪيل هجي، ان جي ڪنهن فرد کي سزا ڏيڻ، ڪيس هلائڻ ۽ موت جي سزا ڏيڻ هڪ غير آئيني عمل هجي ها، تنهنڪري مجبور ٿي آيت الله خمينيءَ کي آزاد ڪري جلاوطن ڪيو ويو. هو پهرين ترڪي ويو ۽ پوءِ اتان نجف اشرف (عراق) هليو ويو. جتي هو چوڏهن سال رهيو، 1978ع ۾ جڏهن ايران ۾ قومي تحريڪ زور ورتو ته شاهه عراق تي دٻاءُ وڌو، ايئن آيت الله کي عراق مان نڪرڻون پيو ۽ هن پنهنجي جلاوطنيءَ جا آخري مهينا پئرس جي آسپاس گذاريا.
    شاهه جي خلاف تحريڪ ايترو ته زور ورتو، جو هو نيٺ 16 جنوري 1979ع تي ايران ڇڏي ماٺ مٺيءَ ۾ قاهرا هليو ويو ۽ هن جي وڃڻ سان 53 سالن کان قائم پهلوي شهنشاهيت ڊهي اچي پٽ پيئي. شاهه جي وڃڻ کانپوءِ پهرين فيبروري 1979ع تي خميني پئرس مان تهران پهتو ته ڏهن لکن کان به وڌيڪ ماڻهن سندس آجيان ڪئي.
    آيت الله خمينيءَ 3 جون 1989ع تي وفات ڪئي، کيس تهران ۾ دفنايو ويو، ۽ سندس مٿان شاندار مقبرو تعمير ڪرايو ويو آهي، جيڪو به ڏسڻ وٽان آهي.
    خمينيءَ پنهنجي سڄي زندگي نهايت نظم و ضبط ۽ وقت جي پابنديءَ سان گذاري، هن جي هر ڪم جو شيڊول مقرر هوندو هو ته ڪيڏي مهل سمهڻون آهي، ڪيڏي مهل ننڍ مان اُٿڻو آهي، گهر وارن کي ڪيترو وقت ڏجي ۽ سماجي توڙي سياسي سرگرمين جي سلسلي ۾ پڻ وڏي پابندي ڪندو هو. ماڻهو، هن جي ننڍ مان اُٿڻ، سمهڻ، درس جي لاءِ مسجد ڏانهن وڃڻ، پسار ڪرڻ ۽ مطالعي شروع ڪرڻ ۽ ختم ڪرڻ مان وقت جو اندازو لڳائي وٺندا هئا.
    جڳ مشهور جرمن فلاسافر ‘فريد رڪ نٽشي’ جي باري ۾ به مشهور هو ته هو وقت جو ايترو ته پابند هو، جو جنهن مهل گهران واڪ ڪرڻ جي لاءِ نڪرندو هو ته ماڻهو پنهنجون گهڙيون درست ڪندا هئا.
    آيت الله خمينيءَ جا ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، جن ۾ قرآن پاڪ جو تفسير به شامل آهي، تنهن کانسواءِ آيت الله خميني شعر تي به طبع آزمائي ڪئي. سندس چونڊ شعر جو سنڌي ترجمو پڻ ٿيل آهي، جيڪو “راههِ عشق” جي نالي سان 1993ع ۾ “خانه فرهنگ جمهوري اسلامي ايران حيدرآباد” پاران ڇپرايو ويو، آيت الله خميني جي ان عارفاڻي ڪلام جو سنڌي ترجمو سنڌي ٻولي جي مشهور شاعر “نياز همايونيءَ” ڪيو آهي، ان ڪتاب مان سندس هڪ غزل جو منظوم ترجمو پڙهندڙن جي خذمت ۾ پيش ڪجي ٿو.

    عمر ٿي پوري مگر، دلبر اچڻ جي ڪانه ڪئي،
    آخري دم تي به هن ڪاوڙ ڇڏڻ جي ڪانه ڪئي.

    موت جو پيالو رسيو، پر هٿ نه آيو جام مَئي،
    سال ٿيا پر مَهر سان سهڻي ملڻ جي ڪانه ڪئي.

    جان منهنجي جو پکي، پڃري اندر ڦاٿل رهيو،
    ڪنهن به هن مَنهنجان اُن کي ڪڍڻ جي ڪانه ڪئي.

    يار جا عاشق مڙئي گمنام ٿا گهارين پيا،
    نامدارن اُن طرف مُڙندي ڏسڻ جي ڪانه ڪئي.

    قافلا اوسيئڙن ۾ عشق وارن جا رهيا،
    ڪنهن کي چئجي دلربا ڇاليءَ رسڻ جي ڪانه ڪئي.

    روح مئلن ۾ وجهي ۽ عاشق کي موت ڏي،
    جاهلن اهڙي پرولي سَلڻ جي ڪانه ڪئي.


    • بيبي معصومه جي مزار جي زيارت

    طئي اهو ڪيو هوسين ته شام جو سڀ گڏجي هلي زيارت ڪنداسين، پر گهڻا اڳ ۾ ئي هليا ويا ۽ پننهنجي منهن زيارت ڪري آيا. آپا مهرالنساءِ واريون به اڳ ۾ زيارت لاءِ هليون ويون هيون، باقي اسين يعني آفتاب شاهه، صفدر شاهه، امين لاکو، حاجي عيسيٰ شورو، زوهيب مڱڻهار، رضوان ڏهراج، ۽ وسيم گڏجي نڪتاسين، هوٽل مان هيٺ لهي “پل آهنچي” ٽپي ٻي پاسي ٿياسين ته “حرم مطهر” جي دروازي تي وڃي بيٺاسين، پل آهنچي هاڻ ڏيڊ ٻه سال اڳ ٺاهي ويئي آهي. انهي جي هيٺان برساتي نالو وهي ٿو ۽ ان نالي کي ڇت وجهي مٿان فرش ٺاهيو ويو آهي، جتي پڻ مجلسون وغيره ٿين، ان جي بلڪل پاسي ۾ پُل وٽ روزانو رات جو بازار لڳندي آهي، جيڪا رات جو ڏهين وڳي کان پوءِ مچندي ويندي آهي، ۽ سحري جو همراهه سامان ويڙهڻ شروع ڪندا آهن ان ‘پَٽ بازار’ ۾ ڪيترائي نوجوان پڙيون لڳايو مُٺ ۾ سگريٽ دٻايو پيا واپار ڪندا آهن. ان بازار مان ڪافي سٺيون ۽سستيون شيون ملي وڃن ٿيون.
    مزار جي اندر گهڙي ٿورو اڳتي وڌياسين ته سامهون وضو جي لاءِ هڪ حوض نظر آيو، جنهن ۾ نلڪا لڳل هئا ۽ ماڻهو اُن مان وضو ڪري رهيا هئا. اسين هوٽل مان ئي وضو ڪري آيا هئاسين، تنهنڪري اڳتي وڌي وياسين، جتي پلاسٽڪ جون ٿيلهيون رکيون هُيون، جيڪي سڀڪو کڻندو، بوٽ لاهيندو ان ۾ وجهندو، اڳيان “ڪشفداريءَ” تي ڏيندو ٽوڪن وٺندو ويو. ڪي ته همراهه ۽ زائفائون ٿيلهيءَ سميت اندر هليا پي ويا، ڪا روڪ ٽوڪ نه هئي، اندر وڌي اڱڻ ۾ پهچي عورتن لاءِ ڌار “راهداري خواهر” هئي، جتان هو ڌار بي بي معصومه جي مزار ڏانهن پي ويون ۽ مرد وري “راهداري برادران” ڏيئي مختلف اڱڻ ٽپندا “ضريح مبارڪ” ڏانهن پي ويا. اسين به وسيم جي اڳواڻيءَ ۾ اچي “ضريح” وٽ پهتاسين. بيبي معصومه جي قبر جي چوڌاري لڳل جنگهلي کي “ضريح مبارڪ” چون. ضريح مبارڪ وٽ عقيدت مندن جو وڏو هجوم هو، جيڪي ضريح کي هٿ لائيندا، چمندا، لڙڪ ڳاڙيندا، درود ۽ سلام پڙهي رهيا هئا، ڪي ته اُڀن پيرن قرآن پاڪ ۽ زيارت به پڙهي رهيا هئا. جيڪي سڄي ‘حرم’ ۾ مختلف هنڌن تي ٺهيل سهڻن طاقن ۾ رکيا هئا. بي بي صاحب جي مرقد وٽ عجيب غم، عقيدت ۽ احترام واري ڪيفيت طاري هئي. عقيدت مند ساداتن جي تڪليفن کي ياد ڪري کين عقيدت ۽ لڙڪن جا نذرانا پيش ڪري رهيا هئا. ‘ضريح مبارڪ’ کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، وچان ديوار کڙي ڪري هڪ حصو مردن ۽ ٻيو حصو عورتن جي لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي، سڄي ايران ۾ امامزادن جي مزارن تي ايئن ِئي آهي، هڪ لحاظ کان اهو ٺيڪ به آهي، جو ان سان هرڪو سولائي سان زيارت ڪري سگهي ٿو، پرديدار عورتون به بنا حجاب جي اُتي ويهي زيارت ڪري درود ۽ سلام پڙهي سگهن ٿيون.
    اندر گهڙندي ئي رش سبب اسين ٽڙي پکڙي وياسين، البت آئون ۽ امين گڏ رهياسين... اسان بي بي صاحبه کي درود ۽ سلام پيش ڪيو ۽ دعا گهري، پوءِ ٻاهر نڪري آياسين، ٻاهر نڪرڻ مهل هڪ طاق تي رکيل قرآن شريفن مان هڪ قرآن کڻي کولي ڏٺم، خوبصورت آرٽ پيپر تي نهايت سهڻي نموني ڇپيل هو. ان عربي متن جي هيٺان فارسي ترجمو پڻ ڏنل هو. مون ايران ۾ مختلف مزارن تي يا ڪتاب گهرن تي جيڪي به قرآن شريف ڏٺا، انهن مان اڪثر فارسيءَ ترجمي سان ڇپيل هئا، ايرانين جو اهو خيال آهي ته قرآن شريف رڳو پڙهڻ نه پر سمجهڻ به گهرجي ۽ سمجهڻ لاءِ ان جو ترجمو پڙهڻ گهرجي، قرآن شريف ايترا ته خوبصورت هئا، جو منهنجي دل چاهيو ته اُتان هڪ تبرڪ طور پاڻ سان کڻي “سنڌ” اچان. اهو خيال ايندي ئي آئون سامهون هڪ ننڍي ڪوٺيءَ ۾ رهنمائي لاءِ ويٺل مولوي صاحب ڏانهن هليو ويس، هن مرڪي منهنجي آجيان ڪئي ۽ مون اشارن ۾ کانئس پڇيو، “آغا، ڇا آئون هتان هڪ قرآن شريف کڻي وڃي سگهان ٿو” هن منهنجي ڳالهه ٻُڌي ساڳئي ئي مرڪ ساڻ ڪنڌ ڌوڻي نهڪار ڪئي. مون سندس مهرباني مڃي ۽ قرآن شريف واپس اچي طاق تي رکيم، پر سچي ڳالهه اها آهي ته منهنجي ذهن مان قرآن شريف تبرڪ طور پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ جو خيال آخر تائين نڪري نه سگهيو.
    بي بي صاحب جو روضو مبارڪ ڏاڍو خوبصورت نقش و نگارن سان ٺهيل آهي ۽ ان تي نهايت نفيس ڪم ٿيل آهي ۽ سندس خوبصورتي تي ڏسڻ وٽان آهي، ‘ضريح مبارڪ’ ۽ ان جو گنبذ سڄو سون سان ٺهيل آهي، ۽ اهو گنبذ قم ۾ پري کان چڪمندو نظر ٿو اچي، رات جو ته بجليءَ جي بلبن ۾ اُن جي خوبصورتي ۽ چمڪ ڏسڻ وٽان هوندي آهي، ضريح مبارڪ تي نهايت سهڻي ميناڪاري ڪيل آهي، هنڌ هنڌ تي خوبصورت ۽ وڏا فانوس لڳل آهن، جن جي اڇي کير جهڙي روشني اکيون ئي کيريون ڪريو ڇڏي، روضي جو سڄو انتظام هلائڻ جي لاءِ اتي عملو مقرر ٿيل آهي، جن جي آفيس مان اوهان ڪابه معلومات ۽ رهنمائي حاصل ڪري سگهو ٿا. ضريح مبارڪ جي اندر ڪيترائي خادم سنهي تند وارا جاڙو کنيو بيٺا هئا، جيڪي زائرين تي نظر رکڻ سان گڏ فليش ڪئميرائن سان فوٽو ڪڍڻ کان روڪي رهيا هئا. البت موبائيل سان فوٽو ڪڍڻ تي روڪ ٽوڪ ڪانه هئي، پُڇڻ تي معلوم ٿيو ته فليش جي چمڪ سان ضريح مبارڪ ۽ روضي تي ٿيل خوبصورت ڪم جي چمڪ تي اثر ٿو پوي.
    ‘بيبي فاطمه معصومه’ جو روضو مبارڪ ۽ ان سان لاڳاپيل ٻيون عمارتون وڏي ايراضيءَ تي پکڙيل آهن، روضي جي هڪ پاسي ٻاهر وڃڻ جي لاءِ هڪ وڏو اڱڻ آهي، جنهن جي چئني پاسن کان ٻاهر وڃڻ ۽ اندر گهڙڻ جي لاءِ دروازا آهن، ان ئي اڱڻ ۾ مشهور مدرسه فيضيه ۽ ‘آستان مقدس ميوزم’ پڻ آهي، انهن جي سامهون هڪ حوض پڻ ٺهيل آهي، جنهن ۾ مڇيءَ جي مجسمي وارا ڦوهارا لڳل آهن.
    روضي مبارڪ جي مٿينءَ پاسي، ‘پل آهنچي’ وٽان جتان اسين روضي ۾ گهڙِيا هئاسين، ان جي لڳ مسجد آهي، جت پوءِ ٻي ڏينهن مون جماعت سان گڏجي نماز پڙهي. شيعه مذهب ۾ سانجهي ۽ سومهاڻي نماز گڏ سانجهي جي وقت پڙهي وڃي ٿي ۽ نماز هٿ ڇوڙي پڙهي وڃي ٿي، نماز پڙهڻ جي لاءِ هرڪو خاڪ شفا جي ٽڪري نرڙ جي اڳيان رکي ٿو، جيڪي سڄي حرم ۾ ڪافي هنڌن تي ڪاٺ جي سهڻن کوکن ۾ رکيون هيون ۽ هرڪو نماز لاءِ ايندي کڻندو ۽ ويندي اتي رکندو ويو. مونکي ته شيعي طريقي موجب نماز پڙهڻ نٿي آئي، سو مون جماعت سان پاڻ واري نماز پڙهي ۽ مشهد ۾ امام رضا جي مزار تي وري جماعت سان شيعي طريقي موجب نماز پڙهيم، سٺو ٿيو جو مون اهي نمازون پڙهيون، ائين ڪافي سکڻ ۽ ڏسڻ جو موقعو مليو. هونئن به پاڻ کي ان ڳالهه سان دلچسپي ڪونهي ته ڪنهن جو مذهب ۽ فرقو ڪهڙو آهي، يا ڪير ڪيئن ٿو عبادت ڪري يا نماز پڙهي، خدا جي عبادت ٿو ڪري يا ايشور جي پرارٿنا، گاڊ کي ٿو ريجهائي يا ڀڳوان جي اڳيان ٿو ڀڄن ڳائي، پاڻ لاءِ ڳالهه مڙيئي هيڪڙي، هر شئي ۾ خدا جو جلوه آهي.
    وحدت تا ڪثرت ٿي ڪثرت وحدت ڪُل،
    هي هلاچو هل، با الله سندو سڄڻين.
    مولانا وحيدالدين خان هندستان جو وڏو عالمِ دين آهي، هو سيڪيولر ازم کي صحيح ٿو سمجهي، دهليءَ ۾ “بستي نظام الدين” ۾ هن هڪ “مرڪز اسلامي” قائم ڪيو آهي، جتان هو ڪيترو ئي ديني لٽريچر شايع ڪرڻ سان گڏ اردو ۽ انگريزيءَ ۾ “الرساله” جي نالي سان هڪ رسالو به ڇپيندو آهي، آئون ڪيترو ئي عرصو ان رسالي جو باقاعده خريدار ۽ پڙهندڙ رهيو آهيان. آئون جڏهن هن سال جي شروع ۾ دهلي ويو هوس ته منهنجي خواهش هئي ته اهو مرڪز ڏسان، پر وقت جي تنگيءَ سبب اوڏانهن وڃي ۽ اهو ڏسي نه سگهيس، سو “الرساله” ۾ مولانا صاحب کان ڪنهن سوال ڪيو ته “اسلام جا مختلف فرقا مختلف طريقن سان نماز پڙهن ٿا، ڪي هٿ ڇوڙي ته ڪي هٿ ٻڌي.... ڪي هٿ سيني تي رکي ته ڪي ڌن کان هيٺ ڪري.... ڪهڙي نماز درست آهي؟” سندس ڏنل جواب اڃا تائين مونکي ياد آهي ته، “رسولِ خداصه مختلف وقتن ۽ ڪيفيتن ۾ مختلف طريقن سان نماز پڙهي هئي، ڪن حالتن ۾ هٿ ڇوڙي به نماز پڙهي اٿائين، اهي سڀ الله جي محبوب جا طريقا هئا... جيڪي خدا محفوظ ڪري ڇڏيا آهن. الله جي عبادت ڪريو، باقي طريقن کي نه ڏسو.”
    قم ۾ آخري ڏينهن حاجي عيسيٰ شوري مونکي پاسيرو وٺي چيو، “سائين! ڳوٺ آئون پنج ئي وقت نماز پڙهندو هوس، جماعت سان، هت ڪيئن ڪريان.... مونکي ته هنن جي نماز ڪونه ٿي اچي...”
    “خير آهي تون پنهنجي نماز پڙهه... جيئن توکي اچي.” مون چيس،
    “سائين، ڊپ ٿو ٿيئم... وڙهندا ته ڪونه...؟” حاجي عيسيٰ چيو.
    “نه وڙهندا...” مون چيس، “مون به پنهنجي طريقي سان نماز پڙهي، پر مونکي ته ڪجهه به نه چين.” مون کيس مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اوڏي مهل ته حاجي عيسيٰ ماٺ رهيو، پر شايد هو مطمئن نه ٿيو ۽ نماز نه پڙهيائين.
    ڪمري ۾ ويٺا پاڻ ۾ ڪچهري ڪري رهيا هئاسين، جو اوچتو زوهيب مون کان پڇيو، “سائين اوهان شيعا آهيو...؟”
    “نه.....” مون وراڻيو.
    “پوءِ..... سُني؟”
    “نه.....!”
    “ته پوءِ وچ جي مُني...” زوهيب طنزيه مُرڪ سان چيو، مون سندس منهن ڏانهن ڏٺو ۽ خاموش ٿي ويس.
    ايران جو مشهور اديب جلال آل احمد حج ڪرڻ ويو، مديني ۾ هڪ همراهه پڇيس، “ڪهڙي مذهب سان واسطو اٿئي...؟” سوال پڇندڙ جو مالڪي مذهب سان واسطو هو، جواب ۾ جلال پڇيس، “تنهنجي حساب موجب اسلام ۾ ڪُل گهڻا مذهب آهن؟” جواب مليس “چار” جلال چيس، “اسانجي ملڪ ۾ چئن بدران اسلام کي ٻاهتر فرقن جو مذهب سمجهيو وڃي ٿو، آئون انهن مان هڪ سان واسطو ٿو رکان...” جواب ٻُڌي پڇڻ وارو چلتو ٿي ويو.... مڪي ۾ به اهائي صورتحال پيش آيس، ڪنهن سوال پڇيس ته “تنهنجو مذهب ڪهڙو آهي؟” جلال وراڻيو، “دل چويٿي ته منهنجو مذهب اهوئي آهي، جيڪو اسلام جي شروعات ۾ مسلمانن جو هوندو هو.” سوال پڇندڙ کي تعجب ٿيو، ۽ چيائينس ته “پوءِ مڪي ۾ ڇا وٺڻ آيو آهين؟” پوءِ صلاح ڏيندي چيائينس، “انهن ٻاهتر فرقن مان ڪنهن هڪ کي اختيار ڪري وٺ..... نه ته ايئن وچ ۾ لڙڪندو رهندين.”
    مرزا قليچ بيگ هڪ هنڌ لکيو، “ماڻهو مون کان پُڇندا آهن ته تنهنجو ڪهڙو مذهب آهي؟ سُني آهين يا شيعو؟ يا وچئون ڪو ٻيو مذهب اٿيئي؟ تنهنجو پير يا مرشد ڪير آهي ۽ اهڙن وقتن تي آءُ مُنجهي پوندو آهيان، آءٌ سُني آهيان، شيعو به آهيان، بلڪه سڀني مذهبن جو آهيان، سڀني مذهبن جا احوال ڄاڻان ۽ انهن تي ڪتاب به لکيا اٿم ۽ سڀني سان تعصب کانسواءِ گذاريندو آهيان.”
    ڪيو تعصب ڌار ٻاهر، هندو ۽ مسلم جو ٿانءُ
    نه ته اندر ميخاني ۾ ساقي به هڪ- ساغر به هڪ.
    (قليچ)
    يک صورت بَر دوگونه همي آيدت بگوش
    گاهي نِداهمي نهيش نام گه صدر.
    (هڪڙو ئي آواز توکي ڪَن ۾ ٻن نمونن ۾ ٿو ٻُري، ڪڏهن اُن کي سڏ ٿو ڪوٺينءَ ته ڪڏهين پڙاڏو)
    (جامي)
    *
    اسين “حرم” مان ٻاهر نڪتاسين ته امين چيو، “يا رآئون ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان..... هل ته هوٽل هلئون....”
    “ٺيڪ آهي.... تون هلي آرام ڪر آئون ٿورو وڙڪي ٿو اچان....” مون وراڻيس. ائين امين هوٽل ڏانهن روانو ٿيو ته آئون پوئين پير اڱڻ مان ٿيندو، ٻي پاسي هليو آيس ۽ ‘آستانه مقدس ميوزم’ جي سامهون بيهي ڀرپاسي جو جائزو وٺڻ لڳس، ‘حرم’ جي آسپاس ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون مارڪيٽون ۽ دوڪان آهن، جتي ڪپڙي لَٽي کان وٺي ٿيلها، بئگون، چادرون، تسبيحون، چاندي ۽ سون جا زيور، مختلف پٿر وغيرهه وڪري لاءِ موجود آهن. زائرين اُتان اڪثر خريداري ڪندي نظر ايندا آهن، بارگيننگ ته جت ڪٿ هلي، پر ايران ۾ اگهن تي ڇڏپ ڇوٽ لاءِ هڪ ٻئي کي اشارن جي زبان سمجهائيندي ماڻهو پاڻ به کلي ته دوڪاندار به کلي ۽ وري ٻڌائيندا هزار تومان ته لهي اچي پنجن سئو تومانن تي بيهندا. آئون به انهن دوڪانن جي اڳيان وڙڪندو، هزارن ۾ اگهه پڙهندو هڪ هنڌ بيهي رهيس، منهنجي اڳيان ڪتابن جا ٻه دوڪان هئا، ڪتاب سڀ فارسيءَ ۾ هئا، ڇپيل به ڏاڍا سهڻا ته قيمتون به هزارن ۾. مذهبي ڪتابن سان گڏ ٻين موضوعن تي به ڪافي ڪتاب رکيل هئا، ايراني اديبن جي ڪتابن کانسواءِ ڪيترن ئي ٻاهرين ليکڪن جي ڪتابن جا فارسي ترجما به هئا. انهن ۾ وڪٽرهيوگو، ڊيل ڪارنيگي وغيرهه سان گڏ مشهور ليکڪ پائيلهو ڪوهيلو جي به ڪيترن ئي ڪتابن جا فارسيءَ ۾ ترجما موجود هئا. هت اها ڳالهه ڪرڻ دلچسپيءَ کان خالي ڪونهي ته پائيلهو ڪوهيلو جي ناول “الظاهر” جو پهريون پرڏيهي ايڊيشن فارسيءَ ۾ ‘ايران’ ۾ ڇپيو ۽ ڪوهيلو، صدر خاتمي جي دعوت تي ايران به ويو. ان ناول جي اشاعت تي ايران جي اخلاقي پوليس ٿورو ڏچو به ڪيو، پر پوءِ معاملو رفع دفع ٿي ويو. رپورٽن موجب پائيلهو ڪوهيلو اهڙو پهريون غير مسلم ليکڪ هو، جنهن کي 1979ع جي انقلاب ۽ آيت الله جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ايران ۾ خوش آمديد چيو ويو هو. ٻين ڪتابن ۾ ڪوروش اعظم، جنهن کي پاڻ سائرس اعظم چئون، رضاخان ڪبير، ملڪه ثريا ۽ نادر شاهه تي لکيل ڪتابن کانسواءِ تيمور تي لکيل هيرلڊيم جو مشهور ڪتابن ۽ امير تيمور جي آتم ڪهاڻي “توزڪ تيموري” ۽ فردوسيءَ جي شاهنامي جي مختلف داستانن ۽ قصن جا ڌار ڌار نثري ڪتاب، حافظ، سعدي، فريدالدين عطار وغيرهه جا ديوان به نظر آيا. اُتي هڪ ٻيو ڪتاب، ايران جي آخري راڻي فرح ديبا پهلويءَ جي آتم ڪهاڻي جيڪا انگريزيءَ ۾ ڇپي هئي، ان جو فارسيءَ ترجمو “پروفشنرين ڪتاب تارخ معاصر، من فرح پهلوي” به نظر آيو، جنهن جي ٽائيٽل تي راڻيءَ جي ايران ڇڏڻ وقت ايئرپورٽ تي نڪتل تصوير ڏنل هئي، جنهن ۾ هوءَ روئي رهي هئي.
    اُتي ئي مون فردوسيءَ جو ‘شاهنامو’ به ڏٺو ۽ هٿ ۾ کڻي ڏٺم، دل ۾ آيم ته وٺان!؟ “وٺي ڇا ڪندين.... فارسي ته توکي اچي ئي ڪانه ٿي.”
    ته ڇا ٿي پيو، سکي به سگهجي ٿي.
    سکندي سال گذري ويندا، تنهن ڪري نه وٺ!
    وٺڻ ۾ حرج به ڪهڙو آهي.... اهو ڪتاب ايران جي سفر جو يادگار رهندو، انهيءَ ٻڏتر ۾ دڪاندار کان قيمت پڇيم.
    “35000 هزار ريال....” دوڪاندار وراڻيو.
    “ڊسڪائونٽ.....؟” چيم
    “ڊسڪائونت.....” دوڪاندار وائڙن وانگر ورجايو.
    مون کيس ڪافي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو نه سمجهي سگهيو، اسان جو حال ان مهل ايئن هو، جيئن لطيف سرڪار فرمايو آهي.
    پيم پٺاڻن سين، ٻولي جي نه ٻُجهن،
    آءٌ سنڌيءَ جو سعيوڪيان، هو پارسيون پُڇن.
    اها حالت ڏسي، مونکي مولانا رومي جي شعر جون سٽون ذهن ۾ تري آيون:
    هر کسي را اصطلاحي داد ايم،
    هر کسي را سِر تي بنهاد ايم،
    هنديان را اصطلاح هند مدح،
    سنڌيان را اصطلاح سند مدح،
    (هر ڪنهن کي جدا جدا ٻولي مليل آهي ۽ هر ڪنهن جي هڪ جدا طرز زندگي آهي. هند وارن کي هنڌ جي ٻولي جڳائي ۽ سنڌ وارن کي سنڌي ٻولي ٿي سونهين.)
    هاڻ هڪ ٻي جي چهرن ۾ ڏسي رڳو مرڪڻ لڳاسين، تيسين واهرو اچي پهتو، منهنجي پاسي ۾ بيٺل هڪ ايراني جوڙي مُرڪي پنهجائپ مان مون ڏي ڏٺو، پوءِ انهن مان مرد جيڪو منهنجي ئي عمر جو هو، مرڪي دوڪاندار کي چيو، “تخفيف”، “هاها... تخفيف...تخفيف...” مون به تڪڙ ۾ چيو ته، اچي ٽهڪن ۾ پياسين، فارسيءَ ۾ ‘تخفيف’ جي معنيٰ آهي، “رعايت ڪر”، “گران /گراني” معنيٰ مهنگو/مهنگي آهي.
    دوڪاندار ڳالهه سمجهي، پين ڪڍي پني تي لکيو، “30،000 تومان”
    مون نهڪار ڪندي لکيو. “20،000” تومان.... نيٺ دوڪاندار 25،000 هزار تومانن تي اچي پڙ ڪڍي بيهي رهيو، جيڪي مونکي به مناسب لڳا، پر اوڏي مهل دل من هڻڻ سبب ڇڏي آيس، هوٽل پهچي جڏهن امين سان ڳالهه ڪڍيم ته چيائين، “جي تنهنجي دل چويٿي ته وٺي لائي... نه ته ڳوٺ هلي پڇتائيندين ته نه ورتم....”
    مونکي امين جي ڳالهه دل سان لڳي ۽ ٻي ڏينهن 25000 هزار تومان ڏيئي شاهنامي جو اهو خوبصورت، ديده زيب ۽ مصور ايڊيشن خريد ڪري آيس، جيڪو هاڻ ايندڙ ويندڙ دوستن کي ڏيکاري مٿن پنهنجي ادب دوستيءَ جي پيو لئه ڄمائيندو آهيان.


    • قم جون زيارتون ۽ مسجد جمڪران

    پروگرام اهو ٺاهيو هوسين ته ٻي ڏينهن اصفهان هلنداسين، پر قم پهچي ڪلهوڪي ڏينهن بي بي فاطمھ معصومه جي روضي مبارڪ جي حاضري ۽ ان کان اڳين سڄي رات ڊگهي سفر دوستن کي اهڙو ته ٿڪائي ڇڏيو هو، جو رات همراهه صفا پڙ ڪڍي بيهي رهيا ته اڄ اصفهان نه هلنداسين، مٿان وري رات وسيم ڏهراج اهو چيو ته اڄ قم جي ٻين زيارتن کانسواءِ “مسجد جمڪران” به هلبو، جيڪا قم کان ٿوري مفاصلي تي آهي، ته مون به ٿڌائي اختيار ڪئي، ۽ اصفهان جو پروگرام ٻي ڏينهن تائين ملتوي ڪري، پنهنجن پنهنجن ڪمرن ۾ آرامي رهياسين. آئون صبح جو ڏهين ڌاري اُٿي تيار ٿي ٻاهران چڪرڙو هڻي آيس ۽ پوءِ هوٽل جي بستري تي ليٽي پاسا ورائڻ لڳس. ايران ايندي مون کان هڪ غلطيءَ ٿي ويئي ته پاڻ سان گڏ ڪو ڪتاب نه آندم، نه ته نه رڳو اڄوڪو وانڌڪائيءَ جو هي وقت، پر ٽيو ڏينهن زاهدان کان قم ايندي ڊگهي سفر سبب بس ۾ ويهي جهوٽا کائڻ بدران ڪجهه نه ڪجهه پڙهندو رهان ها. ايران اُسهڻ کان ٻه ڏينهن اڳ مون روسو جي آتم ڪهاڻي “اعترافات” پڙهڻ شروع ڪئي هئي، پر اچڻ مهل ان ڊپ سبب پاڻ سان نه کنيم ته متان ايراني سرحد ڪراس ڪرڻ مهل روڪين ۽ ڪتاب نه وڃائڻون پوي، پر سرحد تي ڪا اهڙي خاص چيڪنگ نه ٿي، هاڻ جو وانڌو هئس ته وقت گذارڻ لاءِ ڪالهه خميني جي گهر ڏسڻ دوران جيڪو ڪتابڙو “قم ۾ امام خميني ڪي ساٿ” مليو هوم، سو پڙهڻ لڳس.
    ٽين بجي ڌاري سڀ تيار ٿي هيٺ لهي آياسين، جيئن رٿيل زيارتن لاءِ وڃي سگهون. هڪ ننڍي ڪوسٽر ٽائپ گاڏي جيڪا ايران جي ئي ٺهيل هئي، ‘پل آهنچيءَ’ جي اڳيان اسانجي انتظار ۾ هئي، اسين سڀ ان ۾ چڙهي ويٺاسين، زيارتن جو پروگرام هيئن هو ته پهرين شهر ۾ ڪجهه امام زادن جي مزارن جون زيارتون ڪرڻ کانپوءِ، آخر ۾ شام جو مسجد جمڪران هلڻون هو، اسانجي گائيڊ وسيم چيو هو ته سانجهي نماز به اُتي پڙهبي ته روزو به اُتي کولينداسين، اها ٻي ڳالهه هئي ته اسان مان ڪير به روزائتو نه هو.
    جيئن ئي ڪوسٽر هلي ته صفدر شاهه زور سان نعرو هنيو “يڪ نعري حيدري!” “يا علي!” سڀني نعري جو زوردار جواب ڏنو.
    نعري ۽ جواب تي ڊرائيور مرڪيو، ۽ پوءِ جهڪي پاسي ۾ رکيل قهوي جو ٿرماس کڻي هڪ ننڍي گلاس ۾ قهوو اوتڻ لڳو ۽ پوءِ هيٺ رکيل ننڍي پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ مان کنڊ جون ننڍيون ڳڙيون کڻي اڳيان ڊئش بورڊ تي رکيل پياليءَ ۾ وڌائين ۽ پوءِ کنڊ جي هڪ ڳڙي کڻي وات ۾ ڦَڪي مٿان قهوي جو ڍڪ ڀريائين. اهو ايرانين جو چانهه پيئڻ جو پنهنجو طريقو آهي. رات مون ۽ امين به ماني کائڻ کانپوءِ واڪ ڪندي اهو قهوو پيتو ۽ ايرانين واري طريقي سان پيئڻ جي ڪوشش ڪئي، پر نه رڳو گرم گرم قهوي سبب وات ساڙيوسين، پر مرڳو اُٽڙي پياسين، پوءِ ته ڪوپ ۾ “قند” جون ڳڙيون وجهي ڳاري پنهنجي طريقي سان پيتوسين.
    ٿوري دير کانپوءِ وري امين نعرو هنيو، “نعري حيدري”
    جواب ۾ مولائين جو آواز ٻُريو “يا علي!” ته ڊرائيور ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو. ڄڻ هو يارن جي ان نعري بازي تي کلندو هجي، پوءِ وري پاڻ ئي چيائين. “قلندر مست” ۽ وري اچي ٽهڪن ۾ پيو. سندس نالو “مهدي” هو، شايد هو پاڪستاني زائرين کي اڳ ۾ ئي وٺي وڃي زيارتون ڪرائيندو ۽ انهن جي نعرن “يا علي مدد” ۽ “قلندر مست” کان واقف هو. پوءِ ته اسين سڀ گڏجي کلڻ لڳاسين. وري فري ٿيو ته اسانجي يارن به وٺي سندس “قند” تي مارو ڪيو. ۽ هڪ هڪ ٻه ٻه ڳڙيون کڻندا ڦڪيندا وياسين. مفت ڪا مال کلسون به ته کاسون به.... امين ۽ وسيم ته سندس قهوي پيئڻ کان به نه مڙيا.
    گاڏي قم جا رستا لتاڙڻ لڳي ۽ منهنجو ڌيان هاڻ اندر بدران ٻاهر ٿي ويو. رستن تي گاڏين جي روايتي نموني اچ وڃ جاري هئي. رمضان شريف هئڻ جي باوجود پاڪستان جيان ماڻهن جيان ڀڄ ڀڄان نه هئي ۽ نه ئي وري ڪٿي مون پاڪستان جيان ماڻهن کي ڊنبلا ڪندي افطاريءَ جو سامان خريد ڪندي ڏٺو. رستي تي ڪٿي ڪٿي ڇانهين ۽ سردن جون ڊاٽسنون ڀريل بيٺيون هيون. جتان ڪجهه ماڻهو اهي خريد ڪري رهيا هئا. البت ڪافي ماڻهن کي هٿن ۾ نان خريد ڪندي ويندي ڏٺم، جنهن مان مون اندازو لڳايو ته ايراني ٻوڙ ته گهرن ۾ رڌيندا آهن، باقي نان بازار مان خريد ڪندا آهن.
    صفدر شاهه جي نعري منهنجو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو ۽ گڏوگڏ ڊرائيور جي موبائيل جي رنگ به وڳي، فون ڪڍي نمبر ڏٺائين ۽ پوءِ مرڪي اسانکي ماٺ ڪرڻ جو اشارو ڪندي چيائين، “خانم... خانم”
    سندس گهر واريءَ جي فون هئي، هو فون تي ڳالهائيندو رهيو ۽ اسين سڀ مُرڪندي مٿس تبصرا ڪندا رهياسين. ڪنهن جملو هنيو، “مڙس زال جي اڳيان مجبور آ ڀل ڪيڏو ڀي ڪنڌار هجي....” ته ٻين سان گڏ بس ۾ ويٺل زائفائون به کلي پيون.
    “خانم.... خانم...!” ڊرائيور فون بند ڪندي مرڪندي چيو ۽ اسين مٿس کلڻ لڳاسين ته هو به اسان سان گڏ کلڻ لڳو.
    قم ۾ اسانکي ٽي زيارتون ڪرڻيون هيون... امام زاده سيّد جمالدين، امام زاده ابراهيم ۽ امام زاده موسيٰ مبروق جي.
    اسين واري واري سان سڀني امام زادن جي مزارن تي وياسين، درود ۽ سلام پيش ڪري دعا گهريسين، الله جا هي نيڪ ٻانها اهڙا ته باڪردار ۽ باسيرت هئا، جن وٽ سندن زندگيءَ ۾ ته سوين ماڻهو فيض پرائڻ ايندا هئا، پر هاڻ به پري پري کان ڪهيو اچيو سندن در جي سلامي ڀرين.
    ڪوڙين ڪن سلام، اچيو آڳنڌ انين جي
    ايران سڄو امام زادن جي مزارن سان ڀريو پيو آهي، ۽ انهن امام زادن جي مقبرن تي اڪثر گنبذ ۽ بارگاهون آهن، جتي خاص ڪري خميس جي ڏينهن ۽ جمع واري رات هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو اچيوانهن جون زيارتون ڪن. ايران ۾ ڪن امام زادن جي مقبرن ايتري ته وسعت ۽ اهميت اختيار ڪري ورتي آهي، جو انهن جي ڪري اتي شهر ۽ وسنديون آباد ٿي ويون، اڪثر امام زادن جي مقبرن جي آسپاس واپاري مرڪز به قائم ٿي ويا، ۽ زائرين جي گهڻائي جي ڪري اهي مرڪز ڪافي پکڙجي ويا آهن، اهو ئي سبب آهي، جو اڄڪلهه انهن جون مزارون شهرن جي وچ ۾ آهن.
    ايران ۾ امام زادن جي مقبرن جو ڪردار ماڻهن جي وانڌڪائي ۽ تفريح زندگيءَ ۾ وڏي اهميت ٿو رکي، ڇو ته اهي زيارتي مرڪز سياحت جي واڌاري ۾ پڻ اثرائتو ڪم سرانجام ڏيئي رهيا آهن. مشهد ۽ قم جي اجتماعي ۽ اقتصادي زندگيءَ ۾ حضرت امام رضا ۽ حضرت فاطمھ معصومه جي مقبرن جي وڏي اهميت آهي.
    قم ۾ هونئن ته اهڙا ڪيترائي مقبرا ۽ مدرسا آهن، جن جي پنهنجي اهميت آهي، پر جن امام زادن جي مزارن جو مون مٿي ذڪر ڪيو، عام زائرين حضرت معصومه جي مقبري جي زيارت کانپوءِ انهن جي زيارت لاءِ ضرور اچن.
    قم ۾ امام زادن جي مقبرن جي زيارتن دوران هڪ ڳالهه مونکي ڏاڍي عجيب ۽ نئين لڳي، انهن مزارن جي اڳيان ۽ آسپاس فرش تي ڪيترن ئي نالن وارا ڪتبا لڳل هئا. انهن تي فارسيءَ ۾ نالا ۽ سن وغيرهه پڻ لکيل هئا. ڪن تي ته فوٽو به اُڪريل هئا. پهرين ته بي خياليءَ ۾ انهن جي مٿان لنگهي پي وياسين ۽ مون ايئن سمجهيو، جيئن سنڌ ۾ اڳي سنڌي هنڌو درمشالا ۽ مندر ٺهرائيندا هئا ۽ پوءِ انهن جي دورازن وٽ فرش تي پنهنجا نالا لکرائي ڇڏيندا هئا، جيئن هرڪو ايندڙ ويندڙ پيو انهن کي لتاڙي، هو ان عمل کي پنهنجي انا کي چٿڻ ۽ پنهنجي نجات جو ذريعو سمجهندا هئا. سو، هتي به مون ايئن سمجهيو ته شايد انهن امام زادن جي مزارن جي اڳيان فرش تي پنهنجا نالا ۽ فوٽو اُڪرائي ڇڏيا آهن ته پيا لتاڙجن. پوءِ خبر پيئي ته اهي قبرون آهن ۽ ڌيان سان ڏٺم ته هڪ هڪ قبر جي مٿان ٽي ٽي نالا، يعني هڪئي قبر ۾ ٽي ٽي ڄڻا هڪ ٻئي جي مٿان دفن ٿيل آهن. ڪي جوان ته ڪي ٻڍا، ڪي نهايت خوبصورت چهرا، سڀ مٽيءَ ۾ مدفون، ڌڱ لٽيل ڌوڙ ۾... ۽ زائرين انهن جي مٿان هلندا پي ويا. خبر پوڻ تي پهرين ته مون احتياط ڪرڻ شروع ڪيو ته انهن جي اندر الائجي ڪنهن جا ڪنهن جا پيارا پوريل آهن، انهن جو احترام مون تي واجب آهي، پر قبرن جا اهي نشانا ايترا ته گهڻا هئا، جو احتياط ڪرڻ جي باوجود به انهن جي مٿان ئي هلڻو پيو، اڳيان وڃي ڏٺم ته هڪ ڪُنڊ ۾ هڪ زائفان پنهنجي ڪنهن پياري جي اهڙي ئي نشاني جي مٿان ويٺي قرآن پڙهي رهي هئي.
    امام زادن جي مزارن جي زيارتن کانپوءِ اسين مسجد جمڪران روانا ٿياسين، جيڪا قم شهر سان لڳ ئي جبلن جي ڀڪَ ۾ آهي، ايران جي سرڪاري طور تي مرتب ڪيل تاريخ موجب 984هه ۾ ڪنهن اڱاري جي رات جمڪران جي ڳوٺ ۾ امام مهدي جي هڪ جهلڪ نظر آئي، جنهن ۾ هو هڪ 31 سالن جي نوجوان جي شڪل ۾ هڪ تخت تي ويٺل نظر آيو، جنهن تي غاليچو وڇايل هو، امام مهدي ڳوٺ جي هڪ عالم دين ‘شيخ حسن بن مصلح جمڪاراني’ کي ان ڳوٺ جي ٻنين جي ڪناري تي هڪ مسجد اڏرائڻ جو حڪم ڏنو. هاڻ ان مسجد جي زيارت لاءِ هر اڱاري جي رات هزارين ماڻهو اچن ٿا، مسجد جمڪران جي باري ۾ ڪيتريون ئي ڏند ڪٿائي ڪهاڻيون به مشهور آهن.
    ايران جي هاڻوڪي صدر احمدي نجاد جي ڪابينا جي شروعاتي فيصلن مان هڪ اهو به هو ته ان مسجد کي ترقي وٺرائڻ ۽ اوستائين ريل جي پٽي وڇائڻ لاءِ بجيٽ ۾ رقم رکي وڃي ۽ احمدي نجاد مسجد جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ڏهه ڪروڙ ڊالرن جو اعلان ڪيو.
    اسانجي ڪوسٽر هلندي اچي هڪ هنڌ بيٺي ته اسين سڀ هيٺ لٿاسين ۽ هوريان هوريان هيڏانهن هوڏانهن ڏسندا مسجد اندر وڃڻ لڳاسين. دروازي وٽ ڪيترا ئي حجاب / چادرون پڻ رکيون هيون، جيئن عورتون ان ۾ جسم ويڙهي پوءِ اندر وڃن. ايران ۾ اڪثر مون ائين ڏٺو ته عورتون ڪارين ۽ وڏين چادرن ۾ ويڙهيل نظر آيون، پر سندس لباس اهوئي جينز، پينٽ ۽ شرٽ. مولوي وري وڏن ڪارن جبن ۾ نظر آيا، پر هيٺ پهراڻ ۽ پتلون پاتل. پينٽ شرٽ هاڻ ايران جو عام لباس يا قومي لباس بنجي ويو آهي. اندر گهڙياسين ته عورتون عورتن واري پاسي ويون ۽ مرد، مردن واري پاسي. جيئن اڳيان لکي آيو آهيان ته ايران ۾ امام زادن جي زيارت واسطي عورتن ۽ مردن لاءِ ڌار ڌار حصا ٺاهيا ويا آهن. تيئن نماز پڙهڻ جي لاءِ به امام زادن جي درگاهن ۽ مسجدن ۾ عورتن لاءِ ڌار ڌار هنڌ مقرر ٿيل آهن، ايئن عورتون به جماعت سان ساڳئي امام جي امامت ۾ با جماعت نماز پڙهنديون آهن، پاڻ وٽ پاڪستان ۾ شايد ڪٿي، به ايئن ڪونهي، هتي ته ملان عورتن جي گهرن کان ٻاهر نڪرڻ تي به راضي ناهن، سو کين مسجدن ۾ با جماعت نماز پڙهڻ جي اجازت ڪيئن ٿا ڏيئي سگهن ۽ عورتن لاءِ مسجد ۾ نماز پڙهڻ تي پابندي وڌل آهي، عورتون ته ڇا، پاڻ وٽ ته مسجدن ۾ ٻي فرقي وارن جي داخلا تي به پابندي وڌل آهي ۽ ٻاهران بورڊن تي لکيل هوندو آهي، ‘هيءَ مسجد فلاڻي مسلڪ وارن جي آهي.’
    مسجد جمڪران جي توسيع ۽ اڏاوت جو ڪم جاري هو، ايران ۾ اڏاوتي ڪم به نئين ۽ جديد طريقي سان ٿيندي ڏٺم، اڪثر شهرن ۽ هنڌن تي وڏين وڏين جاين ۽ پلازائن جا لوهي اسٽرڪچر کڙا ٿيل ڏٺاسين. پڇڻ تي پتو پيو ته بنياد وجهڻ کانپوءِ لوهه جا ٺهيل وڏا وڏا گارڊر ڳنڍي بلڊنگ جو اسٽرڪچر کڙو ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ مشينن جي ذريعي ڇت وجهي، ڀتيون کنيون وڃن ٿيون. ايئن سال، اٺين مهيني ۾ ست ماڙ، اٺ ماڙ بلڊنگ تيار. اهو زلزلي پروف طريقو چيو وڃي ٿو، جو ايران ۾ زلزلا جام اچن.
    مسجد جمڪران جي اندر گهڙياسين ته ان مهل وچين نماز پڙهجي چڪي هئي، سو آئون به ٻه رڪعتون سفري نماز ۽ ٻه رڪعتون نفل پڙهي هڪ هنڌ گوڏا ڀڃي ويهي رهيس. منهنجي اڳيان پويان ۽ پاسن کان ڪو قرآن پڙهي رهيو هو ته ڪو نماز. ۽ آئون انهن کي ڏسندو پاڻ سان گڏ ٻين زيارتين جي ڳالهين تي ويچارڻ لڳس. صفدر شاهه ۽ وسيم ڏهراج چيو ته هر خميس جي رات مولا سائين (مولا مان مراد امام مهدي آهي) پاڻ اچي غائبانه طور تي نماز جي پيش امامت ڪندا آهن، اهي ٻيا زيارتي ان سان ملندڙ جلندڙ ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪندا رهيا ۽ آئون تجسس مان ٻڌندو، رهيس، هر ڪنهن جو پنهنجو عقيدو آهي، انهن ڳالهين تي تبصرو ڪرڻ يا انهن بابت سوال پُڇڻ جي گنجائش نه هئي. سوچيم ته ڪارل مارڪس ڪيڏو نه صحيح چيو آهي، ته “مذهب آفيم جي حيثيت رکي ٿو.” ۽ ماڻهن جي سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيتن تي پردا وجهي ٿو ڇڏي، عقيدي ۽ عقل جي پاڻ ۾ سدائين جنگ رهي آهي، مارڪس جي ان چوڻ جو مطلب اهوئي هوندو يا ان جي تشريح هيئن به ڪري سگهجي ٿي ته مذهبي پيشوائن، مذهب جي نالي تي اٻوجهه عوام کي سدائين پي بيوقوف بنايو آهي ۽ کانئن سوال پڇڻ يا پنهنجن عقيدن جي باري ۾ عقلي بنيادن تي سوچڻ تي پابندي وجهي ڇڏي آهي. الغ بيگ، تيمور لنگ جو پوٽو هو، هو وڏو سائنسدان هو. هن سائنسي تجربن واسطي سمرقند جي ڀرسان هڪ تجربي گاهه بنائي هئي. سندس هڪ چوڻي آهي ته “سائنس سچ آهي، ۽ مذهب ڌنڌ..... جڏهن سج نڪري ٿو ته ڌنڌ پاڻ دور ٿيو وڃي....” الغ بيگ جي سائنسي کوجنائن تي مُلان مٿس ڪاوڙجي پيا ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيائون.... هو تيمور لنگ سان گڏ ئي “مقبره گور” ۾ دفن ٿيل آهي.
    مسجد جمڪران جي پويان هڪ کوهه آهي، جنهن تي هڪ ننڍو لوهي جنگهلو لڳل آهي، ان ۾ عريضيون لکي وڌيون وڃن ٿيون، جنهن بابت ماڻهن جو عقيدو آهي ته اهي عريضيون (گذارشون) سڌو امام مهدي تائين پهچن ٿيون ۽ هو، ماڻهن جي انهن مرادن بابت الله کان دعا گهري ٿو ۽ اهي ضرور پوريون ٿين ٿيون.
    اسين سڀ مسجد جمڪران مان ٻاهر نڪري آياسين ۽ هڪ ڪئبن نما جاءِ ويٺل عملي کان هڪ هڪ سئو تومان ڏيئي هڪ هڪ عريضي خريد ڪئيسين، اهي عريضيون فارسيءَ ۾ ڇپيل هُيون ۽ وچ ۾ ڇهن ستن لائينن جيتري جڳهه ڇڏيل هئي. جنهن تي دلي مراد لکي ذڪر ڪيل کوهه ۾ وجهڻي هئي، هر ڪنهن ان عريضيءَ تي پنهنجي پنهنجي دلي مراد لکي کوهه ۾ وڌي... مون ڏٺو ته ان مهل هنن جي چهرن جا تاثرات شدت جذبات سبب ڏسڻ وٽان هئا، هنن کي پڪَ هئي ته سندن دلي مراد ضرور پوري ٿيندي. مون به پنهنجي دلي مراد لکي کوهه ۾ وڌي.

    آئي هاتهه اڻهائين هم بهي
    هم جنهين رسم دعا ياد نهين
    هم جنهين سوز محبت ڪي سوا
    کوئي بُت کوئي خدا ياد نهين.
    (فيض)
    جيئن قم ۾ مسجد جمڪران ۾ اهو کوهه آهي، تيئن اصفهان ۾ پڻ ‘مسجد لنبان’ آهي، جيڪا اٺين صدي هجريءَ ۾ ٺهي، ان جي هال جي هيٺان هڪ نهروهي ٿي، جنهن ۾ پڻ حاجت مند پنهنجو دلي مرادن ۽ خواهشن جا عريضا لکي لوڙهي ڇڏيندا آهن، انهن جو عقيدو آهي ته سندن مرادون پوريون ٿي وڃن ٿيون.


    • قم ۾ گانڌي مارڪيٽ

    ٻي ڏينهن اسانجو اصفهان وڃڻ جو پروگرام هو. ان لاءِ اسان، وسيم کي چيو ته اسان کي ڪا سُٺي گاڏي ڀاڙي / ڪرائي تي ڪرائي ڏي، ڇو ته اسان سان گڏ اصفهان هلڻ جي لاءِ آپا مهرالنساءِ، سندس ٻئي نياڻيون، صفدر شاهه ۽ آفتاب شاهه جي گهروارين ۽ ٻارڙن کي به هلڻون هو. وسيم هڪ ننڍي ويگن ڏيڍ لک تومانن ۾ بوڪ ڪرائي ڇڏي، پر دوستن جي ٿڪاوت سبب اسان اصفهان وڃڻ جو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ اهو ڏينهن اسان قم ۾ امام زادن جي مزارن ۽ مسجد جمڪران جي زيارتن ۾ گذاريو، جنهن جو پوين صفحن ۾ ذڪر ڪري آيو آهيان، رات زيارتن تان واپس موٽڻ کانپوءِ اسان وسيم کي چيو هو ته اڄ اسانکي گاڏي بوڪ ڪرائي ڏي، پر هُن اسان جي ڳالهه تي اهو چئي ڌيان نه ڏنو ته “يار اوهان ڪالهه به پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري مونکي بوڪ ڪرايل گاڏي ڪئنسل ڪرائڻ ۾ وڏي تڪليف ٿي ۽ منهنجي ڪچي ٿي. پهرين پروگرام فائنل ڪريو ته پوءِ گاڏي بوڪ ڪرائبي.” اسان کيس پڪ ڏني ته پروگرام پڪو اٿئون، پر اڄ صبح جو چيائين ته “گاڏي بوڪ ٿي نه سگهي.” جنهن تي اسان فيصلو ڪيو ته “اصفهان سڀاڻي هلنداسين، اڄ تهران ٿا هلئون...” جيتوڻيڪ تهران اسان جي زيارتن واري شيڊول ۾ هو، پر ان ۾ فقط “ري” شهر ۾ بيبي شهربانو ۽ شاهه عبدالعزيز جون مزارون هيون، تنهن ڪري اسان تهران پنهنجي منهن به ڏسڻ ٿي چاهيو، خاص ڪري منهنجي ذهن ۾ آزادي مينار، ڪاخ گلستان، نمائش گاهه تهران ، برج ميلاد ۽ سدا آباد (سعد آباد) جو محل هو، جيڪو شهنشاهه ايران جي رهائش گاهه هو ۽ هاڻ ميوزم ۾ بدلايو ويو آهي.
    چارئي ڄڻا تيار ٿي هيٺ لهي اچي ‘پل آهنچي’ جي اڳيان بيٺل ٽئڪسين وارن سان تهران هلڻ جي لاءِ ڳالهائڻ لڳاسين، ساڻن بارگيننگ ڪندي اچي ٻارهن ٿيا. مقامي ماڻهو ته ٽئڪسي وارن جي بدمعاشين ۽ ڀاڙن کان واقف آهن، پر اسان جهڙا خارجي (ٻاهريان) انهن جي هٿان مُڏي ڪاتيءَ سان ڪُسجن، نيٺ هڪ ٽئڪسي وارو سترهزار تومانن ۾ تهران کڻي هلڻ ۽ وري موٽائي آڻڻ جي لاءِ تيار ٿيو، ان وچ ۾ مون ڏٺو ته هڪ همراهه بيٺو اسانکي ٽئڪسي وارن سان ڳالهائيندي ڏسندو رهيو، اهو به سُري اچي ويجهو ٿيو ۽ اسان کان اردوءَ ۾ حال احوال ورتائين، اسان کيس ٻڌايو ته اسين تهران وڃڻ ۽ گهمڻ ٿا چاهيون، حال احوال وٺڻ کانپوءِ هن چيو، “سترهزار تومان تمام گهڻا آهن، هتان کان تهران تائين اوٽ موٽ وڌ ۾ وڌ چاليهه پنجيتاليهه هزار تومان ڀاڙو آهي.” پوءِ هن اسان پاران ٽئڪسي وارن سان فارسيءَ ۾ ڳالهايو، اوچتو پڇيائين، “اوهين تهران ۾ ڇاڇا ٿا ڏسڻ چاهيو؟” مون کيس جايون ٻڌايون ته هن ٿوري دير سوچي اسانکي چيو، “منهنجي صلاح مڃو ته اڄ تهران نه وڃو... رمضان شريف جي ڪري ڪاخ گلستان، نمائش گاهه ۽ سعد آباد محل هڪ بجي تائين بند ٿي ويندا، ۽ اوهانجو وڃڻ اجايو ٿيندو.... بهتر آهي ته سڀاڻي وڃجو.... ٻارهن ته هت اچي ٿيا آهن..... اوهين اهي ڏسي نه سگهندا.....”
    “سڀاڻي ته اسين اصفهان وينداسين” مون وراڻيو.
    “ٺيڪ آهي ته پوءِ پرهينءَ وڃجو، ٿورو سوير ڀرو نڪرجو.... جيئن اوهين اهي سڀ هنڌ آرام سان ڏسي سگهو.”
    “پرهينءَ ته اسين هونئن به تهران وينداسين.”
    اُن همراهه جو نالو عباس هو ۽ هندستان جي شهر لکنوءَ جو هو، هو قم ۾ تعليم پرائي رهيو هو. هن جي صلاح دل سان لڳي. عباس ڏاڍو سٺو ماڻهو هو. هن اسانجي ڪافي رهنمائي ڪئي. ان مهل هو مشهد وڃي رهيو هو ۽ کيس ڏاڍي تڪڙ به هئي ۽ کيس هرَ هرَ هڪ دوست جي فون به اچي رهي هئي، پر هن فون تي کيس چيو، “يار ٿورو صبر ڪر ملئون ٿا... هنن مسافرن جي رهنمائي ڪرڻ ضروري آهي، اهو به ثواب جو ڪم آهي.”
    عباس جي ان جذبي مونکي ڪافي متاثر ڪيو، هن پنهنجو فون نمبر به اسانکي ڏنو ته مشهد ۾ جي ڪو مسئلو ٿئي يا ڪم ڪار هجي ته رابطو ڪري وٺجو، افسوس جو اسين مشهد ۾ ساڻس ڪو رابطو ڪري نه سگهياسين. موڪلائڻ مهل عباس کان پڇيم ته “آستانه مقدس ميوزم” ڪٿي آهي ته هن ٻڌايو ته معصومه جي مزار جي بلڪل اڳيان مدرسه فيضيه جي ڀرسان آهي.
    اسان عباس جي صلاح تي عمل ڪندي تهران نه وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ميوزم ڏسڻ جي لاءِ روانا ٿياسين.
    “موزه آستان مقدس” جي دروازي تي پهچي پنج پنج سئو تومان في ماڻهو ٽڪيٽ وٺي اندر گهڙياسين، فارسيءَ ۾ ميوزم کي موزه چون. ٽڪيٽ واري دريءَ وٽ هڪ عورت ويٺي هئي، جيڪا پئسا وٺي ٽڪيٽون ڏيئي رهي هئي. فقط چهرو کليل هوس، ميوزم اندر به پوري وچ تي هڪ عورت ڪاري چادر ويڙهي، هٿ ۾ تسبيح جا داڻا ڦيريندي ويٺل نظر آئي. هوءَ هر ايندڙ توڙي ويندڙ تي نظر رکي رهي هئي ته متان ڪير ڪو فوٽو ڪڍي يا ڪنهن شئي کي نقصان پهچائي.
    ‘موزه آستانه مقدس’ ننڍو پر ڏاڍو سهڻو ٺهيل آهي ۽ منجهس رکيل نواردات به ڏاڍي قريني ۽ صفائيءَ سان رکيل نظر آيا. اندر گهڙندي ئي اسانجي پهرين جنهن شئي تي نظر پئي، اهي قاچار دور جي بادشاهن فتح شاهه قاچار، محمّد شاهه قاچار ۽ مظفر شاهه قاچار جي شبيهن وارا سنگ مرمر جا ٺهيل نهايت سهڻا سنگ خيز يعني مزارن جا ڪتبا نظر آيا. انهن تي انهن بادشاهن جي حشمت ۽ ڏيا وارين شبيهن سان گڏ قرآن شريف جي آيتن جي به نهايت سهڻي اُڪر ٿيل هئي. ميوزم ۾ گهڻيون شيون قاچار ۽ صفوي دورن جون هيو، ڪجهه نوادرات تيموري دور جا به هئا. تنهن کانسواءِ ڪجهه نوادرات قبل از اسلام يعني ساساني دور جا به رکيل نظر آيا. اتي مٿين ٽن بادشاهن کانسواءِ ڪيترن ئي ٻين قاچاري بادشاهن جون روغني تصويرون پڻ رکيل هيون، قرآن شريف جا به ڪيترائي نهايت خوبصورت قلمي نسخا، مختلف سائيزن ۽ خطن ۾ لکيل رکيل هئا.
    ميوزم جو خاص حصو هيٺ هو، اسين ڏاڪڻيون لهي هيٺ آيا سين، ان حصي ۾ جن شين اسانجو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪرايو، اهي حضرت عليرضه، امام حسين، ۽ ٻين امام زادن ۽ ڪيترن ئي اصحابي سڳورن جون تصويرون هيون، اهي مصور تصويرون گهڻيون تڻيون قاچار دور جون ٺهيل هيون، مون قم ۽ مشهد ۾ ڪيترن ئي دوڪانن تي حضرت عليرضه، امام حسينرضه ۽ ٻين جون تصويرون مختلف سائيزن ۾ عام جام وڪري لاءِ رکيل ڏٺيون، حضرت عليرضه جو اهو پورٽريٽ جيڪو فقط سندس شبيهه هئي، پُڇڻ تي خبر پيئي ته حضرت عليرضه، جو اهو پورٽريٽ هڪ تخيلاتي تصوير آهي، جيڪو گذريل صدي جي پهرين اڌ ۾ ايران جي هڪ خاتون آرٽسٽ ٺاهيو هو. اهو پورٽريٽ ڪنهن ميوزم ۾ رکرايو ويو ۽ هي ان پورٽريٽ جون ڪاپيون آهن ۽ وقت گذرڻ سان گڏ ماڻهن ذهني طور تي اهو قبولي ورتو ۽ حضرت عليرضه سان عقيدت ۽ محبت جي اظهار طور اها تصوير پنهنجن گهرن ۾ هڻڻ برڪت جو باعث سمجهن ٿا، جيتوڻيڪ اهو هڪ فنڪار جو تخيل آهي. حقيقي شبيهه کي ڪينوس تي منتقل ڪرڻ ته ممڪن ڪونهي. اسلامي تاريخ جي مقدس شخصيتن جون تصويرون اڃا تائين منظرعام تي نه آيون آهن، جيتوڻيڪ پڙهيو اٿئون ته، ان دور ۾ به وڏا وڏا سنگتراش ۽ مصور موجود هئا، پر شايد ڪنهن به ان پاسي ڌيان نه ڌريو، يا وري ڪو اهڙي همت ڪري نه سگهيو. اڄ ڏينهن تائين حضرت ابراهيم عليھ السلام ۽ حضرت عيسيٰ عليھ السلام کان وٺي، اسلامي تاريخ جي جن سپهه سالارن جون تصويرون پاڻ تائين پهتيون آهن، اهي سڀ مصورن جو پنهنجو تخيل آهن. البت چيو وڃي ٿو ته حضرت عيسيٰ جي تصوير حيقيقت جي گهڻي ويجهي آهي.
    گهڻن پڙهندڙن کي اهو ياد هوندو ته ڪجهه سال اڳ تائين ۽ هاڻ به ڪٿ ڪٿ سنڌ ۾ امام بارگاهن ۽ ڪجهه ٻين هنڌن تي حضرت علي عليھ السلام جي ٺهيل هڪ خيالي تصوير نظر ايندي آهي، جنهن ۾ حضرت عليرضه جو هڪ پير شينهن تي رکيل ۽ هڪ هٿ ۾ اُڀي تلوار ڏيکاريل آهي.
    ميوزم ۾ رکيل هڪ ٻي تصوير به ڏاڍي پرڪشش ۽ پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندڙ هئي. جنهن ۾ ڪيترن ئي صحابي سڳورن کي هڪ ميڙ جي صورت ۾ ڏيکاريو ويو هو. انهن جي ڇاتين تي انهن جا نالا به لکيل هئا، حضرت ابوبڪر، حضرت عثمان، حضرت عمر، حضرت علي، ابوسفيان، معاويه، سعد بن ابي وقاص وغيره، ان تصوير ۾ اهي سڀ صحابي سڳورا ڏاڍي ڌيان سان پاڻ سڳورن جو خطبو ٻڌي رهيا هئا. جيڪو سامهون بيٺل ڏيکاريل هو. جنهن ۾ پاڻ سڳورن جي شبيهه مبارڪ ڏيکاريل نه هئي.
    ڪٿي پڙهيو هوم ته عثماني ترڪن سورهين صديءَ عيسويءَ ۾ حيات نبوي جو سڄو البم مصور ڪرايو هو. اهو البم هينئر “توپ ڪپي ميوزم استنبول” ۾ موجود آهي، ايراني تصويرن ۾ انهن ترڪي تصويرن ۾ فرق اهو آهي ته پوين ۾ رسول الله جي شبيهه مبارڪ جي بدران، چهري مبارڪ تي نقاب ڏيکاريو ويو آهي. ڪٿي پڙهيو ته اسرائيل ۾ يروشلم جي “ميوزم آف يروشلم” ۾ حضرت ابراهيم جي هڪ تصوير رکيل آهي، جنهن ۾ هن جي ساڄي هٿ ۾ ڇري جهليل آهي ۽ کاٻي هٿ ۾ پنهنجي ننڍڙي پُٽ جي مٿي جي وارن کي جهلي رکيو اٿس، پٽ جي اکين تي پٽي ٻڌل آهي ۽ هن جو ڪنڌ قربان گاهه تي رکيل آهي، جڏهن ته هن جو بدن کاٻي پاسي فلورتي 45 ڊگري جي زاويي تي ليٽيل آهي، جي بدن تي ڪو به ڪپڙو ڪونهي، فقط شرم گاهه تي هڪ ننڍي لنگوتي ٻڌل اٿس.
    اسين ننڍي هوندي کان اهو پڙهندا ۽ مولوي سڳورن کان ٻڌندا پيا اچون ته اسلام ۾ تصوير ڪشيءَ جي منع آهي. پر هت يڪيون هيتريون ساريون تصويرون ڏسي نه رڳو سخت حيرت ٿي، پر ٿوري دير جي لاءِ پاڪستان ۾، يورپ ۾ حضور صلعم جي ٺهندڙ خيالي ۽ عڪسي تصويرن تي ٿيل هنگامن ۽ احتجاجن جو منظر به اکين آڳيان ڦري ويو.
    اهي تصويرون منهنجي لاءِ هڪ نئون تجربو هو، ۽ انهن کي غور سان ڏسندو رهيس، پر پوءِ منهنجا احساس انتظار حسين جي هنن لفظن جو روپ وٺڻ لڳا ته، “اهي چهرا، اِهي نقش، اُهي سراپا نه آهن، جيڪي منهنجي تصور ۾ جڳ مڳائي رهيا آهن، اسان وٽ انهن شخصيتن جو جيڪو تصور آهي، اهو هنن سان متصادم آهي.”
    ميوزم ڏسي ٻاهر نڪتاسين ته ساڳئي نوجوان مرڪي آڌر ڀاءُ ڪيو ته مون کانئس ميوزم بابت ڪو سووينئر گهريو.
    “ڪٿان آيا آهيون؟” هن پڇيو.
    “پاڪستان کان!”
    هن مرڪي ڪنڌ ڌوڻيو ۽ ٻه خوبصورت سووينئر کڻي اسانکي ڏنا. هن ڪجهه ڪتاب به ڏيکاريا، جيڪي ايراني ڪلچر جي باري ۾ هئا. پر اسان اهي خريد ڪرڻ جي بدران چيو، “يار اسين تنهنجا مسلمان ڀائر آهيون، هي ته اوهانکي اسانکي گفٽ طور ڏيڻ گهرجن.”
    جواب ۾ هن افسوس جو اظهار ڪيو ته هنن جي قيمت آهي.
    اسين ٻاهر نڪري آياسين ۽ ڀرسان ئي آئسڪريم جي دوڪان تان آئسڪريم وٺڻ لڳاسين، تيسين ان نوجوان کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏٺوسين، هن اسان وٽ پهچي ٻه سي ڊيز اسان ڏانهن وڌائيندي چيو، “گفٽ فار .... ويلڪم اَور ڪنتري” اسان سندس مهرباني مڃي، انهن سي ڊيز ۾ قم جي زيارتن جي حوالي سان وڊيو فلمون هيون.
    هاڻ اسان وٽ وقت ئي وقت هو، آفتاب شاهه جو خيال هو ته ايئن پنڌ ئي پنڌ گهمجي، اسانکي ڀلا ڪهڙو اعتراض ٿي پي سگهيو. سو اسين اتان هلندا، سامهون خيابان ارم (روڊ) تي اچي بيٺاسين، هونئن به جيڪو پنڌ گهمڻ ۾ مزو آهي، اهو گاڏين ۽ موٽرن ۾ ڪٿي....! روڊ ٽپي ٻي پاسي آياسين ۽ سامهون هڪ مارڪيٽ ۾ گهڙي وياسين. جيڪا ڏاڪڻ جي ذريعي هيٺ به هئي ته دوڪانن جون قطارون مٿي به هيون، اندر گهڙندي ئي اسانجي نظر سامهون مهاتما گانڌي جي هڪ ننڍي پتلي تي پيئي، جيڪو ڀت ۾ کُتل هو، ان جي هيٺان لکيل هو “گانڌي مارڪيٽ” اسان سڀني جون نظرون هڪ ئي وقت ان پتلي ڏانهن کڄي ويون ۽ اسانجي زبانن مان بي اختيار “واهه واهه” نڪري ويئي.
    “هيءَ ته حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي ته قم ۾ گانڌيءَ جو پتلو ۽ گانڌي مارڪيٽ...” امين چيو.
    “واقعي به!” صفدر شاهه چيو.
    “منهنجي خيال ۾ ان ۾ حيرت ۾ پوڻ جي ته ڪا ڳالهه ڪونهي.” مون چيو، “گانڌي ايڏي وڏي شخصيت آهي، جو ايران ۾ سندس نالي سان مارڪيٽ منسوب ڪئي وڃي.... پر منهنجي خيال ۾ ته ان ۾ گانڌي جي شخصيت جي ڪمال کان وڌيڪ هندستان جي پرڏيهي پاليسيءَ جو عنصر به شامل آهي.”
    “هائو، هندستان جي پرڏيهي پاليسي، پاڪستان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ جاندار ۽ حالتن کي سامهون رکي مستقل بنيادن تي جوڙي وڃي ٿي.” آفتاب شاهه وراڻيو.
    “هائو، اوهين صحيح ٿا چئو.” مون چيو، “هندستان آمريڪا جو ڳيجهو ڪونهي ۽ هندستان جا حڪمران اهڙا به ڪونهن جو آمريڪا مان ايندڙ هڪ فون تي پنهنجي ملڪ جي سڄي خارجه پاليسي بدلائي، سندس پويان ليفٽ رائٽ ڪندا رهن.... هاڻ ته هو ڪڏهن ڪڏهن آمريڪا کي به پيا اکيون ڏيکاريندا آهن ۽ هيڏانهن وري پاڻ پاڪستاني آهيون، جيڪي جيئن ٿو آمريڪا چوي، تيئن ٿا ڪريون، ان جو هڪ ننڍو مثال ايران کان هندستان تائين وڇائجندڙ گئس جي لائن بابت پاڪستان جي فيصلي بابت آهي، پاڪستان پاران ٻن پاڙيسري ملڪن جي مفادن ۽ پنهنجي فائدي بابت سوچڻ بدران آمريڪي مفادن کي ترجيح ڏيڻ آهي.....”
    “ويجهڙ ۾ سنڌ ۾ ڪنهن اخبار ۾ ان پائيپ لائين بابت هڪ مضمون ڇپيو هو، جيڪو منهنجي نظرمان گذريو هو.” آفتاب شاهه چيو.
    “سائين ٿورو ان بابت ٻڌايو؟” صفدرشاهه پڇيو.
    “قصو هيئن آهي، سائين!” مون صفدر شاهه جي سوال جي جواب ۾ چيو، “هندستان ايران کان گئس خريد ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن ۾ اهڙو ٺاهه به ٿي ويو آهي، ۽ هندستان تائين اها گئس جنهن پائپ لائين جي ذريعي ويندي اها پاڪستان مان گذارڻ چاهي ٿي ۽ پاڪستان کي ان جي عيوض اربين ڊالر سالياني مسواڙ يا رائلٽي جي صورت ۾ ملندا، پرپاڪستان آمريڪا جي دٻاءُ ۽ اعتراضن سبب اڃا تائين ها يا نه بابت ڪو فيصلو ڪري نه سگهيو آهي....”
    “اهو ته سٺو ٿيندو.... پاڪستان کي ته وڏو فائدو ٿيندو.... پر آمريڪا کي ان تي اعتراض ڇو آهي؟” صفدر شاهه پڇيو.
    “سائين ڏسو نه، آمريڪا ايران تي سَڙيو ويٺو آهي، ۽ ايران پاران ائٽمي توانائي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪيل ڪوششن نه رڳو آمريڪا کي ڪاوڙائي وڌو آهي، پر هو هر طريقي سان ايران کي اقتصادي نقصان رسائڻ ٿو چاهي آمريڪا پاران يو اين او جي هٿان ايران متان پابنديون لڳرائڻ ۽ اها پائپ لائين وڇائڻ تي اعتراض جو وڏو سبب اهو آهي ته اُن مان ايران کي ته وڏو اقتصادي فائدو ٿيندو، پر هندستان به ايران کان خريد ڪيل ان سستي گئس سبب اقتصادي ميدان ۾ اڃا به سگهارو ٿيندو، ۽ پاڪستان کي جيڪا رائلٽي ملندي، ان سان پاڪستان کي ڪافي مدن ۾ اڳتي وڌڻ جا موقعا ملندا، پر آمريڪي امداد تان ڪنهن حد تائين انحصار به گهٽبس..... ۽ آمريڪا اهو سڀ ڪجهه ٿيندو ڏسڻ نٿو چاهي، جو ايئن ٿيڻ سان هن خطي مان آمريڪا جو اثر گهٽبو”
    “اهو ته نسورو ظلم ٿو ڪري آمريڪا.” صفدرشاهه چيو.
    اسين چارئي “گانڌي مارڪيٽ” ۾ ڦرندا، پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا ۽ ونڊو شاپنگ ڪندا ٻاهر روڊ تي نڪري آياسين ۽ خيابان ارم ڏيئي اڳتي “شبستان ارم” ڏانهن وڌڻ لڳاسين، جو صفدر شاهه ۽ آفتاب شاهه جو خيال هو ته “بيت خميني” ڏسجي، جيڪو ٻه ڏينهن اڳ اسين ڏسي آيا هئاسين.


    • گگوش ممنوع ايران است

    خيابان ارم تي هلندي آئون هڪ ميوزڪ سينٽر ۾ گهڙي ويس ۽ دوڪاندار کان پڇيم ته “گگوش جي ڪا سي ڊي اٿئي.”
    “نيست! گگوش ممنوع ايران است...!” دوڪاندار مرڪي وراڻيو،
    “گگوش ممنوع ايران؟” مون سواليا انداز ۾ ورجايو،
    “گگوش.... آمريڪا!” دوڪاندار اشارن سان چيو، جنهن جو مطلب اهو هو ته هوءَ هاڻ آمريڪا ۾ آهي.
    گگوش ايران جي وڏي فنڪارا ۽ اداڪارا آهي، جنهن بابت پاڻ شروعاتي صفحن ۾ حسن درس جي نظم جي حوالي سان ذڪر ڪري آيا آهيون، گگوش 1950ع ۾ تهران ۾ هڪ مزاحيه ايراني اداڪار صابر جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو Faegheh Atashin آهي. گگوش سندس پيار جو نالو يا کڻي چئجي ته Nikname آهي، هن پنهنجي پيءُ جي همت افزائيءَ تي فن جي دنيا ۾ قدم رکيو، سندس پهرين فلم 1960ع ۾ Hope and fear جي نالي سان رليز ٿي، جڏهن هوءَ اڃا ڏهن سالن جي هئي، اڳتي هلي هن موسيقي ۽ ادا ڪاريءَ ۾ وڏو نالو ڪڍيو، ۽ ايران جي صفِ اول جي فنڪارائن ۽ اداڪارائن ۾ ڳڻجڻ لڳي. 1979ع ۾ شهنشاهيت جي خاتمي ۽ اسلامي انقلاب کانپوءِ، جڏهن نئين حڪومت اظهار جي آزادي، فن ۽ ادب تي نون قانونن جي ذريعي پابندي مڙهڻ شروع ڪئي ته ان جي نتيجي ۾ ڪيترائي فنڪار، اداڪار ۽ ليکڪ ته ايران ڇڏي ٻاهرين ملڪن ڏانهن هليا ويا، ڪي وري قتل ڪيا ويا ته ڪن حالتن هٿان مجبور ٿي خاموشي اختيار ڪري ورتي، گگوش دوستن جي زور ڀرڻ جي باوجود به ٻاهر وڃڻ بدران ملڪ ۾ رهڻ پسند ڪيو ۽ مڪمل خاموشي اختيار ڪري ورتي ۽ گمناميءَ جي زندگي گذارڻ لڳي، جنهن مان دنيا اهو نتيجو ڪڍيو ته شايد کيس به ايران ۾ قتل ڪيو ويو آهي، گگوش لڳاتار 22 سال خاموش ۽ گمنام رهڻ کانپوءِ ٻيهر اوچتو ظاهر ٿي ته ماڻهن سندس شاندار پذيرائي ڪئي. سندس ٻيهر فن جي دنيا ۾ موٽي اچڻ کانپوءِ پهريون ڪنسرٽ پئرس ۾ ٿيو، جنهن کي سڄي دنيا ۾ وڏي پذيرائي ملي، اهو ايران ۾ محمد خاتمي جو صدارتي دور هو.
    گگوش هينئر آمريڪا جي ‘لاس اينجلس’ شهر ۾ رهي ٿي، پڙهندڙن مان جيڪڏهن ڪنهن کي گگوش بابت وڌيڪ ڄاڻ گهربل آهي، يا هو گگوش جا پراڻا ۽ نوان گيت Songs ٻڌڻ ٿا چاهين ته هو نيٽ تي گوگل ۾ وڃي Googoosh سرچ ڪري پنهنجي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪري سگهن ٿا.
    حسن درس کانسواءِ نئين ٽهيءَ جي هڪ ٻي شاعر ‘اياز امر شيخ’ به ايران جي هڪ اداڪار ‘گل شيفته فراحاني’ تي هڪ سٺو نظم لکيو آهي، جنهن ۾ گگوش جو به ذڪر ڪيو اٿس. اهو نظم هن ريت آهي:

    خانم گگوش تنهنجو...
    ڄڻ اڌ ڪُٺل اڌورو، ڪو خواب پيو آ ڀٽڪي
    هڪ رقص بيخوديءَ مان سارو بدن ڀڄائي
    سوچن جو سينو چيري
    احساس جي اڱڻ تي نئين سر نچڻ لڳو آ
    هر فڪر کي فنا ڏئي
    گُل شيفته جي گنگهرن سان گڏ رچڻ لڳو آ
    سڀ دؤر جون ديوارون پرزا پيون ٿي آهن
    تقويٰ جون ڀي ترارون
    اڄ مياڻ ۾ مُئل هئا
    هڪ وقت جو .... خاموش ٿي سُمهي پيو
    ٻيو ننڊ مان نجادي نشتر جيان اُٿيو آ
    تاريخ جي دريءَ تي
    ساڳي آ دز چڙهيل
    ايران جي اُداسي مُرڪن ۾ ناهي ماپي
    جوڀن جي جرئتن ۾ ڪيڏو جمال آهي
    ڄڻ حُسن جي هيئن مان نکريو ڪمال آهي
    تو سمنڊ ۾ مڇيءَ جان
    خود کي ڇڏيو سمائي
    هر سوڪ جي سيني تي تنهنجو مثال آهي
    سرحد جا هي سپاهي توکي ڇا سگهندا روڪي
    تنهنجي نهار ۾ ڪئين
    مون عشق جا ڪبوتر
    هر صُبح جي سفر تي ها اُڏرندي ڏٺا هن
    تون خيام جي رُباعيءَ جو ڪو رواج آهين
    پنهنجي ئي پاڻ ۾ هڪ جڙيل سماج آهين
    تنهنجي جسم جي پيالي
    جا کيپ ٿا خُمارين
    پابند روايتن جا سارا وضوع ٿا هارين
    مفلوج ماڻهن جي لفظن جا لاش توکي
    سمجهن ڪفر، گُناهه ٿا
    تون اڄ ثواب وانگي ظاهر جو ٿي پئي آن
    بد ذوقيون سموريون ڀرڪيو اُٿن اُگهاڙيون
    وحشت سان وِک کڻن ٿيون
    اکين ۾ ڀي اُماڙيون
    تن کي خبر ئي ڪهڙِي تنهنجي نزاڪتن جي
    ناپاڪ نظرين کان تُنهنجي اُڏار اڳتي
    تون روح جي رُتن ۾
    وهنجڻ لڳي جو آهين
    سڀ پيار جا پيغمبر تنهنجي پڇاءَ ۾ آهن
    هڪ سُرڪ سونهن لاءِ
    نڪتل صدا ۾ آهن
    تنهنجي کلڻ سان ڪيئي خاموشيون ٽُٽن ٿيون
    ۽ رات جي اکين ۾ روشن بتيون ٻرن ٿيون....

    گل شيفته ڪجهه مهينا اڳ يورپ جي دوري دوران جڏهن هڪ فيشن پريڊ ۾ حصو ورتو ته ايراني حڪومت مٿس ڏمرجي پيئي هئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته هوءَ جيئن ئي تهران موٽندي، تيئن کيس گرفتار ڪيو يوندو. ان تي گل شيفته ايران موٽڻ جو ارادو ختم ڪري پئرس ۾ ئي رهي پيئي ۽ ايراني حڪومت جي خلاف احتجاج ڪندي Nude Shoot ڪرائيندي رهي ۽ فوٽو انٽرنيٽ تي Up Load ڪرائي ڇڏيا هئائين، جنهن کانپوءِ هن جي ايران موٽڻ جو رستو في الحال ته بند ٿي ويو آهي.


    • اصفهان واقعي به نصف جهان

    نيٺ اسين نصف جهان کي ڏسڻ جي لاءِ اصفهان روانا ٿياسين، اسانجي ويگن پوري رفتار سان اصفهان ڏانهن وڌي رهي هئي، ۽ آئون ويگن جي اڳين سيٽ تي ويٺو نه رڳو ڊرائيور جا ڪن کائي رهيو هوس، پر سندس سگريٽن تي به هٿ صاف ڪري رهيو هوس، هونئن آئون سگريٽ نه پيئندو آهيان، پر اُن ڏينهن الائجي ڇو سگريٽ پيئڻ جو مزو ئي اور هو ۽ اصفهان تائين پهچندي مون ڊرائيور جا سڄا سارا ٽي سگريٽ ڦوڪي ڇڏيا. هي ايراني به عجيب آهن، سندن حڪومت ته آمريڪا سان اصل نٿي ٺهي، پر ايرانين کي آمريڪا جي هر شئي وڻي ٿي، پيپسي، ڪوڪ..... وغيره ته پنهنجي جاءِ تي پرايران ۾ مقامي طور تي ٺهندڙ سگريٽن جي پاڪيٽن تي به آمريڪن Taste لکيل نظر آيو.
    وين وارو اهو ڊرائيور، جنهن جو نالو ‘محمد’ هو، ڏاڍو دلچسپ ماڻهو هو، کيس ڪم ٽپائو انگريزي آئي ٿي ۽ ايئن منهنجي ۽ هن جي ڪم ٽپائو انگريزيءَ واهه جو ڪم ٽپايو.... اسين هڪٻئي جي ڳالهه سمجهي ٿي وياسين، اسانکي ڪچهريءَ ۾ محو ڏسي امين پٺيان رڙ ڪئي، “ماما! بس ڪر ڀلا.... ڪٿي تنهنجي ڪچهري اسان جو سر نه نيئي ۽ ڊرائيور وين هڻي نه ڪنهن جبل ۾ يا ڪيرائي نه ڪنهن کڏ۾.”
    “رک مولا تي محمد امين لاکا.... ڪنهن کڏ ۾ ڪرڻ قسمت ۾ لکيل هوندو ته اهو منهنجي چپ ڪرڻ سان نه مٽبو... باقي تون ماٺ ڪر ته همراهه کان خبرون چارون پُڇان.”
    “تنهنجي مرضي ماما! پر يار اسين نه اڃا ڦُٽا آهيون نه ڦاٽا.... سو رحم جي نظر ڪج.” امين ساڳئي ٽون ۾ چيو ته وين ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.
    اصفهان قم کان 280 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، روڊ سٺو هئڻ سبب اصفهان پهچڻ ۾ اسانکي ساڍا ٽي ڪلاڪ لڳا، اصفهان ويندڙ اهو رستو به ايران جي ٻين رستن وانگر ڊبل ۽ سٺو ٺهيل هو، وين هلي ڪونه پي ڄڻ ترڪي رهي هئي. قم کان اصفهان تائين اسانکي راهر جرد، بروجرد، دِلي جان، ميمه،اراڪ ۽ سلفچگان جا شهر نظر آيا. سلفچگان ايران جو چڱو خاشو صنعتي شهر پڻ آهي.
    اصفهان ويندي، ڊرائيور سان ڪچهري ڪندي، ڊئش بورڊ تي رکيل سندس سگريٽن جي پاڪيٽ مان هڪ منٿول سگريٽ ڪڍندي کانئس سوال ڪيم، “آغا، ڏي خبر شاهه جي دور ۽ هاڻوڪي دور ۾ ڪهڙو فرق هو...”
    ڊرائيور جنهن جي عمر پنجاهه سالن کان مٿي هئي، تنهن سگريٽ جو ڊگهو ڪش هڻندي وراڻيو، “ڪجهه شيون شاهه جي دور جون سٺيون هيون ۽ ڪجهه هن حڪومت جون... شاهه جي دور ۾ ڪجهه خرابيون هيون ته هن دور ۾ به آهن...”
    “مثال طور شاهه جي دور ۾ ڪهڙي وڏي خرابي هئي؟” وري پڇيو مانس. “شاهه جي دور ۾ فحاشي ‘شراب’ قحبه خانا، ڪلب، ڊانس وغيره عام جام هئا، جنهن ڪري بي راهه روي وڌي ويئي هئي، هاڻ ايئن ڪونهي.”
    “ڀلا هن حڪومت جي ڪا خرابي.....؟” وري پڇيو مانس.
    “هن حڪومت ۾ مهنگائي تمام گهڻي وڌي ويئي آهي.” هن وراڻيو، “اڳ ۾ هڪ نان پنجاهه تومانن ۾ ملندو هو، هاڻ ٻه سئو تومانن ۾ ٿو ملي هرشئي جي گراني (مهنگي) ٿي ويئي آهي.”
    “هونهه!”
    “جيستائين خميني هو تيستائين معاملا ٺيڪ هئا. هاڻ ڏينهون ڏينهن مسئلا وڌندا پيا وڃن.”
    “ڀلا احمدي نجاد ڪيئن آهي؟” پڇيومانس.
    نجاد جي ذڪر تي سندس چهري جي تاثراتن مان لڳم ته هو شايد کيس پسند نٿو ڪري.
    “ڀلا نجاد ۽ مير حسن موسويءَ مان وڌيڪ سٺو ڪير آهي.”
    “موسوي وڌيڪ سٺو آهي.” هن هڪدم وراڻيو،
    مير حسن موسوي اصلاح پسند اڳواڻ آهي، هن 2007ع ۾ ايران ۾ ٿيل صدارتي چونڊن ۾ احمدي نجاد سان مقابلو ڪيو هو، انهن چونڊن جا نتيجا تڪراري بنجي ويا هئا، جنهن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ مظاهرن ۾ هزارين ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ هنگامن ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي پڻ ويا هئا. تجزيي نگار چون ٿا ته انهن چونڊن جي نتيجن کي للڪاريندڙ اهي مظاهرا ملڪ ۾ اسلامي انقلاب کانپوءِ سڀ کان وڏا مظاهرا هئا، انهن صدارتي چونڊن ۾ احمدي نحاد کي ڪامياب قرار ڏنو ويو هو ۽ مخالف ڌر جي اهم اڳواڻن ۽ صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوار مير حسن موسوي، مهدي ڪروبي ۽ اڳوڻو اصلاح پسند صدر محمد خاتمي چونڊ نتيجن کي رد ڪندي، ڌانڌلين جي خلاف عوام سان گڏ رستن تي نڪري آيا، پر ايران جي روحاني پيشوا آيت الله خامنه اي انهن چونڊن کي درست قرار ڏيندي،مخالفت ڌر جي احتجاجي تحريڪ کي سختيءَ سان ڪچلڻ جو حڪم ڏنو. مهدي ڪروبيءَ ته اهو به الزام هنيو ته چونڊن کانپوءِ ڪجهه گرفتار ٿيل مظاهرين کي قيد ۾ تشدد جو نشانو بنائي ماريو ويو ۽ ڪن سان جنسي زيادتي پڻ ڪئي ويئي، انهن مظاهرن جي نتيجي ۾ مير حسن موسوي کي نظربند ڪيو ويو.
    سڄي سفر ۾ وين ڊرائيو آغاءِ محمد اهو واحد ايراني هو، جنهن سياسي موضوع تي کُلي ڳالهايو، نه ته جنهن سان به اهڙي ڳالهه ڪڍبي هئي ته هو مرڪي گول مول جواب ڏيندو هو، مثال طور: سٺايون ۽ خرابيون ته هر انسان ۾ هونديون آهن، هر ماڻهو جي پسند ۽ ناپسند جا معيار پنهنجا آهن، اسانکي دعا گهرڻ گهرجي ته هر ڪنهن کي صراط مستقيم (سڌي رستي) تي هلائي. وغيرهه. اهڙن گول مول جوابن مان مون اندازو لڳايو يا ته ايراني ڪنهن خارجي (پرڏيهيءَ) سان پنهنجي ملڪي سياست تي نه ٿا ڳالهائين، جيئن گهر جون ڳالهيون گهر ۾ رهن يا وري جاسوسيءَ جو نظام ايترو ته سخت آهي، جو هو ان فارسيءَ چوڻيءَ کي ذهن ۾ رکن ٿا ته “ديوار گوش دارد” (ڀتين کي به ڪن آهن)، سياست يا سياسي موضوع تي کلي ڳالهائڻ کان ڊڄن ٿا. اسانجي ڊرائيور آقاءِ محمد مون سان ان ڪري کُلي ڳالهايو، جو کيس خبر هئي ته وين ۾ ڪوبه ايراني ويٺل ڪونهي... يا هو، هوئي وات ڦاٽو!.
    اصفهان جي ثقافتي ۽ تمدني تاريخ تمام گهڻي پراڻي آهي، هن شهر جو بنياد ‘هخامنشي’ دور ۾ رکيو ويو، اردوان پنجين جي زماني (222-224 ق-م) ۾ سپاهان يا اسپهان صوبي جو مرڪز هو. ساسانين جي زماني ۾ اصفهان هڪ فوجي مرڪز رهيو، مسلمانن (عربن) 19 هه ۾ هي شهر فتح ڪيو. 1000 هه ۾ صفوين پنهنجي گاڌيءَ جو هنڌ ‘قزوين’ کان اصفهان منتقل ڪيو ته هن شهر جي اهميت گهڻي وڌي ويئي.
    هڪ اولهه جي مورخ هينري اسٽرلين چواڻي، “اصفهان جي اهميت جو اصل سبب اُن جي جاگرافيائي بيهڪ آهي، ايران جي بيابانن ۽ ريگستانن جي بلڪل وچ ۾ جابلو چوٽين ۾ گهيريل هي نخلستان پراچين دور کان انسانن جو مسڪن رهيو آهي. ‘زائنده رود دريا’ اصفهان جي سرسبزي ۽ شادابي جو اهم ذريعو رهيو آهي، جنهن ان کي دلڪش منظرن سان سينگاري رکيو آهي، هزارين سال اڳ ۾ به هن خطي جا سرسبز وڻ، قافلن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائيندا هئا، کين پنهنجي ڇانوَ ۾ آرام مهيا ڪندا هئا، ايران جي وچ ۾ ساموندي سطح کان 1500 ميٽرن جي مٿاهين تي مو جود هي دلڪش ۽ جاذب نظر هنڌ وقت جي بادشاهن جي ڌيان جو مرڪز رهيو ۽ انهن هن شهر کي پنهنجي گاڌي جو هنڌ قرار ڏنو.”
    اصفهان نه رڳو صفوين، پر سلجوقين ۽ ديلمين جي دور ۾ به دارالسلطنت رهيو. جيتوڻيڪ هن شهر کي ٽن شاهي گهراڻن جي سرپرستي حاصل رهي، پر اصفهان کي صحيح عروج ‘صفوين’ جي دور ۾ مليو، ان زماني ۾ هن شهر جي آبادي ڏهن لکن کان به مٿي هئي، راوي روايت ٿا ڪن ته “اصفهان - نصف جهان” جي چوڻي ان ئي دور ۾ عام ٿي.
    قاچاري گهراڻي جي حڪومت قائم ٿي ته هنن گاڌي جو هنڌ اصفهان کان تهران منتقل ڪيو. مشهور سيلاني ابن بطوطه پنهنجي سفرنامي ۾ هن شهر جي رهاڪن جي باري ۾ لکيو آهي:
    “اصفهان جا رهاڪو نهايت سهڻا ۽ رنگ جا ڳورا ۽ ڳاڙهسرا، نهايت نفيس ۽ اڪثر هڪ ٻئي کي هنن لفظن ۾ دعوت ڏيندا آهن، اسان وٽ تشريف کڻي اچو ۽ اسان سان گڏجي “نان ماست” نوش فرمايو. (جيئن پاڻ چئون ته اسانجو لولو پاڻي کائو يا دال روٽي گڏجي کائينداسين) سندن زبان ۾ نان، ماني کي چوندا آهن. ۽ ماست، دهي يا ڌنئري کي چوند آهن، جيڪو به وٽن ماني کائڻ ايندو آهي، اُن جي دل کولي خذمت چاڪري ڪندا آهن.”
    اڄڪلهه اصفهان جو شهر صوبائي گاڌي جو هنڌ هئڻ سان گڏ هڪ وڏو صنعتي مرڪز به ڳڻيو وڃي ٿو. تنهن کانسواءِ اصفهان قالينن جي صنعت ۾ پڻ مشهور آهي، اصفهان جا ٺهيل غاليچا پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن.
    اسين اصفهان ۾ داخل ٿي چڪا هئاسين، نصف جهان ۾.. ان جي پهرينءَ لُڪ ئي اسانکي ڏاڍومتاثر ڪيو، اصفهان ڄڻ گلستا و بوستان (باغن ۽ باغيچن) جو شهر هو ۽ اصفهان هڪ اهڙو شهر آهي، جيڪو کليل اکين، کليل دماغ سان ڏسڻ جهڙو شهر آهي، هيءَ جيڪا سچي دنيا نصف جهان... اڌ جهان پيئي ڪري، سا هروڀرو ته چري به ڪو نه ٿي آهي. اصفهان سچ ته ماڻهو جي حواسن تي ڇانئجي وڃي ٿو، پير حسام الدين راشدي چواڻي، “اصفهان هڪ اهڙو ماڳ آهي، جتي پهچڻ بعد حيرانيءَ ۾ ماڻهو سڀ ڪجهه ڀُلايو ڇڏي... ڪڏهن ڪڏهن انساني عقل ايترو ته خطا ٿيو وڃي، جو پنهنجو پاڻ به وسري وڃي ٿو.”
    ڊرائيور پڇيو، “پهرين ڪٿي هلئون..؟”
    “جتي تنهنجي مرضي...” وراڻيم.
    “پهرين بيبي زينب جي زيارت ٿا ڪريون....” اهو چئي ڊرائيور درود ۽ سلام پڙهڻ شروع ڪيو.
    “ٺيڪ آهي پهرين سانئڻ جي زيارت...” اسان ڄڻ يڪ آواز ٿي چيس.
    ڊرائيور وين سڌو ‘بيبي زينب’ جي مزار تي ڪاهي آيو، ۽ اسان سڀني هيٺ لهي نصف جهان جي سرزمين تي قدم رکيو، ايران جي لڳ ڀڳ هر شهر ۾ ڪونه ڪو زيارتي هنڌ يا مزار آهي، ڪي ته قم، تهران ۽ شهر جي زيارتن جيان مشهور آهن، ته ڪي وري غير معروف. زيارتي اڪثر مٿين شهرن ۾ زيارتون ڪن ٿا، باقي ٻيون زيارتون ڏورانهن هنڌن تي ۽ غير معروف هئڻ سبب نٿا ڪن يا کين قافلن جي صورت ۾ آڻيندڙ پري هئڻ سبب اوڏانهن وٺي نٿا وڃن.
    ٻين مزارن جيان بيبي زينب جي مزار به ڏاڍي ڪشادي ۽ خوبصورت ٺهيل هئي، اڏاوتي ڪم هلندڙ هو، اسين آسپاس جو سرسري چڪر هڻي، دعا گهري ٻاهر نڪري اچي وين ۾ ويٺاسين.
    “هاڻ ڪيڏانهن ٿا هلئون؟” وين جو دروازو بند ڪري ڊرائيور کان پڇيم.
    “ميدان امام.” ڊرائيور وراڻيو.
    “پر اسين پل خواجو، جلفاءِ جو چرچ ۽ ڪاخ عالي قاپو، ڪاخ چهل ستون ڏسڻ ٿا چاهيون..” مون گائيڊ بوڪ کولي نالا پڙهندي چيو. هن ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪئي ۽ وين اصفهان جي رستن تي روان دوان هئي، ٿورو اڳيان وڌياسين ته هڪ بازار نظر آئي ۽ خواتين جو روح رسڪي پيو.
    “ادا، ٿورو گاڏي ته بيهاريو.... جيئن بازار مان چڪر هڻجي...” آپا مهرالنساءِ پويان آواز ڏنو.
    “هائو ادا.....” منهنجي جواب کان اڳ ئي ٻين خواتين به آپا جي ڳالهه جي تائيد ڪئي. “ٺيڪ آهي آپا” مون وراڻيو، “پر منهنجي خيال ۾ ‘ميدان امام’ هلجي، اتي به هڪ وڏي ۽ تاريخي بازار آهي.”
    دل ۾ خيال آيم ته جي ٿي هت وين بيهارجي ته سڄو پروگرام ڊانوال ڊول ٿي ويندو. پوءِ اسان به اصفهان گهمي سا گهمي... خواتين کي خريداريءَ جي لاءِ بازار موڪلي، پوءِ ٻانهن سري کان ڏيئي سمهي رهجي.
    “جنهن کي ٿي اڳين سيٽ ملي سو رڳو پنهنجي ٿو هلائي” منهنجي جواب تي پويان رمارڪ آيو. حقيقت ۾ هن سفر ۾ اسانجي سالار وسيم ڏهراج اسان سان جيڪا جُٺ ڪئي هئي، پويان ايندڙ جملو اُن جو رد عمل هو.
    پويان ايندڙ ان رمارڪ کي ٻُڌو اڻ ٻڌو ڪري آئون مرڪي ماٺ ٿي ويس، وين شهرجي مختلف رستن تان ڊوڙندي اچي ‘ميدان امام’ پهتي، ميدان امام وڏو، مستطيل ۽ فرش جو ٺهيل آهي، جنهن ۾ هڪ پاسي خوبصورت پارڪ ۽ وچ ۾ حوض ٺهيل آهي، جنهن ۾ لڳل ڦوهارو وڻندڙ ڏيک ڏي ٿو. هن ميدان جي چئني پاسن ڪيتريون ئي تاريخي عمارتون يعني ڪاخ عالي قاپو، مسجد امام، مسجد شيخ لطف الله، ڪاخ چهل ستون وغيرهه آهن، اهو ميدان صديون اڳ شاهه عباس صفويءَ جي دور ۾ ٺهيو هو ۽ ان جي ڪري “ميدان شاهه” جي نالي سان مشهور هو، پر انقلاب کانپوءِ جتي شاهه جو نالو ۽ نشان مٽايو ويو، اُتي شهنشاهيت سان منسوب سڀني عمارتن جا نالا به مٽايا ويا. هن ميدان جو نالو بدلائڻ جي پويان به اهو ئي سبب هو، اهو ميدان جيڪو ڪنهن زماني ۾ اصفهان جي مرڪز ۾ هو، پولو، گهوڙي سواري ۽ نيزي بازيءَ جي ڪم ايندو هو، هاڻ تفريح گاهه جو ڪم ٿو ڏي.
    وين مان لهي هيٺ بيٺاسين، ميدان (باغ) جي من موهيندر نظاري اکيون ئي ٿڌيون ڪري ڇڏيون، خواتين کي جڏهن خبر پيئي ته بازار سامهون آهي ته هو بازار وڃڻ جي لاءِ آتيون نظر اچڻ لڳيون، هاڻ اسين ٽن ٽولين ۾ ورهائجي وياسين، يعني صفدر شاهه، آفتاب شاهه ۽ سندن ڪٽنب. آپا مهرالنسا ۽ سندس نياڻيون ۽ اسين ٻئي يعني آئون ۽ امين لاکو. طئي اهو ڪيوسين ته ٻين بجي هن ئي هنڌ تي وري گڏباسين، پروگرام طئي ٿيو ته جنهن جو جيڏانهن ڪنڌ، تيڏانهن پنڌ.
    ‘ميدان امام’ جي چوڌاري هڪ بند بازار آهي، جيڪا تاريخي اهميت واري آهي، اصفهان جي اها بازار، اصفهان جي ڏسڻ جهڙن هنڌن مان آهي. آئون ۽ امين ان بازار ۾ گهڙي پياسين، جمع جو ڏينهن ۽ جمع جي نماز جو وقت هئڻ سبب بازار جا ڪيترائي دوڪان بند هئا ۽ رش نه هئڻ جي برابر هئي. انهن دوڪانن تي ايراني دستڪاريءَ جا ڏاڍا سهڻا نمونا ۽ مني ايچز وڪري لاءِ موجود هئا، جيڪي رڳو ڏسڻ سان ئي دل خوش ٿيو ٿي ويئي. انهن مني ايچز ۾ شيشي، چاندي، ٽامي ۽ پتل جا منقش ظروف، ننڍا ننڍا دستي قالين، ڪڙا، پينٽنگز، ٻيو الائجي ڇاڇا هو، جيڪڏهن آئون ان بازار کي خوبصورت شين جو عجائب گهر چوان ته وڌاءُ نه ٿيندو. هڪ دوڪان تي هڪ بي حد سهڻي تصوير فريم ٿيل نظر آئي، جنهن ۾ حضرت عيسيٰ عليھ السلام پنهنجن ٻارهن حوارين سان گڏ آخري ماني کائي رهيو هو، ان دعوت کانپوءِ حضرت عيسيٰ کي رومين گرفتار ڪيو ۽ مٿس ڪيس هلائي کيس صليب تي چاڙهيو. واهه جي تصوير هئي، آرٽسٽ ٺاهڻ ۾ وڏو ڪمال ڪيو هو. قيمت پڇيسين ته ٻارهن هزار تومان، يعني لڳ ڀڳ هڪ هزار روپيا، دل هرکي ته وٺان، پر کڻجي ڪيئن؟ سنڀالجي به ته ڪيئن؟ دوڪاندار کان اجازت وٺي ان پينٽنگز جي تصوير ڪڍيسين ۽ واپس سنڌ اچي، جنهن به دوست کي ڏيکاريم اهو واهه واهه ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهيو. مون اها تصوير ۽ فردوسي جي مزار جي تصوير وڏي ٺهرائي فريم ڪرائي گهر ۾ هڻي ڇڏيون آهن.
    اُتي ڪافي دوڪانن تي اسان کي سيلز گرلز طور ڇوڪريون به ويٺل نظرآيون. اسڪارف پاتل، رنگ جون ڳوريون چٽيون، ڄڻ سنگ مرمر جون ٺهيل ڪي گُڏيون هجن. هر ايندر ويندڙ جو مُرڪي آڌر ڀاءُ ڪري رهيون هيون. دوڪاندار جي مُرڪ، گراهڪ کي ڦاسائڻ جي پهرين ڪوڙڪي هوندي آهي، ۽ اها مُرڪ وري ڪنهن ڇوڪريءَ جي هجي ۽ ان مُرڪ مان اهو تاثر ملي ته اها رڳو اوهانجي لاءِ ئي مرڪي رهي آهي، ته پوءِ شڪار ته ڦاٿو نه...؟ اسان به ڦاسندي، پوءِ ڦٿڪندي جند ٿي ڇڏائي، پر هڪ دوڪان تي نيٺ ڦاسي پياسين ۽ ٻارهن هزار تومان ڏيئي ڪوروش اعظم (سائرس اعظم) واراٽي فريم ٿيل نقش خريد ڪياسين، ٻه مون ۽ هڪ امين، اصل ۾ انهن دوڪانن تي رکيل مني ايچز ايترا ته دلڪش ۽ جاذب نظر هئا، جو انهن کان بچي اڳتي وڌڻ سچ پڇو ته ڏاڍو ڏکيو هو. منهنجي خيال ۾ اصفهان جي ان بزار ۾ ڪو ٻاهريون سياح اچي ۽ ڪجهه به نه خريدڻ کانسواءِ خالي هٿين ٻاهر نڪري اچي، سواءِ بي ذوقي جي، ٻيو ڪو لفظ چوڻ مناسب ڪونهي.
    بازار مان نڪري وري ميدان ۾ آياسين، جيئن ‘ڪاخ عالي قاپو’ ڏسي سگهون. ڪاخ عالي قاپو، يارهين صدي هجريءَ جي شروعات ۾ شاهه عباس صفويءَ ٺهرائي، ان محل هڪ دروازي جو ڪم ٿي ڏنو، هتان ئي ٽن ميلن تي پکڙيل شاهي محلاتن طرف رستو ويندو هو. “ڪاخ چهل ستون” پڻ هن ئي محل جو ڀاڱو هو، عالي قاپو سان گڏ باغ، بادشاهه جي بيٺڪ ۽ ديوان پڻ هئا. صفوي بادشاهه هتي غير ملڪي مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪندا هئا ۽ هتي ئي ويهي پولو راند ڏسندا هئا، هن عمارت جو ست منزلون آهن، عالي قاپو نالي پوڻ جي سبب جي ته خبر ڪونهي، پر مشهور اهو آهي ته اهو نالو ‘علي’، مان ڦري “عالي” ٿيو هوندو.
    شاهه عباس صفويءَ لڳ ڀڳ اڌ صدي ايران تي حڪومت ڪئي، هن بادشاهه پنهنجي حڪومت کي قائم رکڻ جي لاءِ ڇاڇا نه ڪيو، پنهنجي هڪ پُٽ کي رڳو ان ڪري مارائي ڇڏيائين، جو کيس شڪ هو ته هُن جي نظر سندس تخت تي آهي، ٻي پُٽ جي اکين ۾ گرم ڪاني ڦيرائي کيس انڌو ڪري سڄي عمر کيس پنهنجي حال تي روئڻ جي لاءِ ڇڏي ڏنائين. ايران توڙي هندستان يا ٻين اسلامي سلطنتن ۾ وقت جي سلطانن تخت ۽ تاج لاءِ پنهنجن رشتيدارن، مٽن مائٽن سان ڇاڇا نه ڪيو.؟ هندستان جي مغل بادشاهن، خاص ڪري اورنگزيب پنهنجي پيءُ کي قيد ڪيو، پنهنجي جگرجي ٽڪرن کي به نه بخش ڪيو... اهڙا ٻيا به ڪيترائي مثال آهن، اقتدار سدائين رت جو درياءَ اُڪري پوءِ حاصل ٿئي ٿو.... پوءِ ان اقتدار کي ڪهڙو به سهڻو نالو ڏجي يا انقلاب چئجي.
    ڪتابن ۾ لکيل آهي ته شاهه عباس صفوي هڪ زبردست منتظم به هو، هن ڪيترائي علائقا فتح ڪيا... سلطنت ۾ امن امان بحال ڪيو، نيون اڏاوتون ڪرايون، کيس شاهه عباس اعظم به چيو وڃي ٿو.
    ڪاخ عالي قاپو ۾ گهڙياسين ته سامهون دريءَ ۾ ٻه نوجوان ٽنگ ٽنگ تي چاڙهيو، سگريٽن جي دم لڳايو ويٺا هئا. عمريون ڪي ويهه ٻاويهه سال ڳورا چٽا... هنن اسانکي ايندي ڏٺو ته دوستاڻي مرڪ مُرڪيا، اسان به دوستاڻي مرڪ جو تبادلو ڪيو، پوءِ هيلو چئي هٿ ملايوسين، ٻئي افغانستان جا هئا، موڪلن هئڻ سبب ايران گهمڻ آيا هئا.
    “ڇورا افغانستان جا آهيو... طالبان ته ڪونه آهيو؟” تعارف ٿيو ته کلندي پڇيو مان... جنهن تي هنن زور دار ٽهڪ ڏنو، زندگيءَ سان ڀرپور ٽهڪ، ڄڻ طالبانن جي خاتمي سان گڏ هنن کي زندگيءَ جون رعنائيون به موٽي مليون هجن “نونو! طالبانز از ويري ڊينجرس” هنن کلندي وراڻيو.
    ٿوري دير هيلو هاءِ ڪري، اسان هنن سان ۽ هنن اسان سان هڪٻئي جي ڪلهن تي ٻانهون رکي پنهنجي پنهنجي ڪئميرائن سان فوٽو ڪڍيا. پوءِ مرڪندي هڪ ٻئي کان موڪلايوسين.
    امين لاکي کي پاتل سنڌي ٽوپي ۽ سلوار قميص هر ڪنهن جي نظرن جو مرڪز ٿي رهي ۽ هر هنڌ ايندڙ ويندر مرڪي امين ڏانهن ٿي ڏٺو ۽ امين وري هُش ۾ خوش، “ڪيئن ماما.... ڏسين پيو منهنجي ٽوپي ۽ سلوار قميص جو ڪمال....” جڏهن به ڪنهن امين کي مرڪي ٿي ڏٺو ته امين خوش ٿي مونکي ٿي چيو.
    “هائو يار! وڏي لئه اٿئي....!” جواب ۾ چيومانس ٿي، پر امين جي ان ٽوپيءَ سبب اُتي هڪ مسئلو پيدا ٿيندي ٿيندي بچي ويو، ٿيو هيئن جو ‘بند بازار’ ۾ گهمندي هڪ دوڪان تي ويٺل نوجوان کي ڏٺم ته. سندس ڪائونٽر تي ‘صادق هدايت’ جو ڪو ڪتاب رکيو هو، جيڪو شايد سندس مطالعي هيٺ هو، مون هٿ وڌائي اهو ڪتاب کڻي ڏٺو، تعارف ٿيو ته همراهه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مونکي اشارن ۾ چيائين ته “ڀلي تون ڪتاب پاڻ سان کڻي وڃ.” مون سندس مهرباني مڃي، پر ڪتاب نه کنيو، جو اهو فارسيءَ ۾ هئڻ سبب منهنجي ڪم جو نه هو، ٿوري دير هيلو هاءِ ڪري ساڻن فوٽو ڪڍائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي جو کڻي سامهون ڏسان ته امين ٺهي ئي ڪونه، کيس ڳولهيندي ڳولهيندي بيزار ٿي ٻاهر نڪتس ته ڏٺم، امين هڪ ننڍي وڻ جي ڇانوَ ۾ ويٺو سگريٽ پي رهيو هو ۽ ٻه مختلف ورديون پاتل همراهه ساڻس گڏ ويٺا هئا. الائجي ڇو منهنجي ذهن ۾ گهنٽي وڳي، امين ڪافي بي احتياطو يار آهي، خيال ٿيم ته ائين امين کي سگريٽ پيئندي همراهه ڦري آيا هوندا. ويجهو وڃي سلام ڪيومان. پوءِ خبر پئي هو ٻئي پوليس جي مختلف کاتن سان واسطو رکندڙ هئا ۽ امين کي ائين اڪيلو ڦرندي سگريٽ پيئندي ڏسي. کائنس خبرچار ڪرڻ لڳا، انهن موڪلايو ته امين چيو “ڏٺئي ماما! منهنجي ٽوپيءَ جو ڪمال.”
    مون مرڪي وراڻيو مانس “واقعي به...!” پر کيس پنهنجن خدشن کان آگاهه نه ڪيم.
    جڏهن هو ويا ته امين مونکي چيو، “ماما تون ٻي جو خيال نٿو ڪرين... جتي ڪٿي بيهي ٿو رهين.... لڳي ٿو پاڪستان مان جيڪو ٽارگيٽ کڻي آيو آهين، اهو پورو ڪرڻ ٿو چاهين.”
    “واقعي به تون صحيح ٿو چوين، مونکي هر هنڌ بيهڻ بدران، ڪنهن به پاسي نهارڻ يا ڏسڻ بدران نڪ جي سُڌ ۾ هلندو رهڻ گهرجي.” مون سندس ڳالهه کي غير سنجيدگيءَ سان وٺندي چيو، “پر لاکا صاحب اهو ته ٻڌايو ته آئون ٻين جو خيال ڪيئن نٿو رکان... ۽ منهنجا ڪهڙا ٽارگيٽ آهن.”
    “ڏس! مئڊم توکي بازار ۾ گاڏي بيهارڻ جي لاءِ چيو، پر تو گاڏي نه بيهاري ۽ هينئر به بيهي رهين.”
    “ها صحيح ٿو چوين يار... اسين ته آيا ئي گهمڻ آهيون. سمهڻ يا ويهي، هلي وقت گذارڻ نه.... بهرحال آئندهه خيال رکندس.” مون امين سان وڌيڪ بحث نه ڪند ي چيو.
    *
    جيتوڻيڪ اصفهان جي اهم تاريخي هنڌن مان گهڻائي هڪ ئي هنڌ ۽ ان جي آسپاس آهي، پر اصفهان جي گهٽي گهٽي، ڪوچو ڪوچو تاريخي مسجدن ۽ جاين سان ڀريو پيو آهي، اصفهان جو هي “ميدان امام” جيڪو ڪنهن وقت شهر جو مرڪزي هنڌ هو، سو اڄ به مرڪزي حيثيت رکي ٿو. اسين “عالي قاپو” مان ٻاهر نڪري آياسين، جمع جي ڏينهن هئڻ سبب ‘مسجد امام’ ۾ نمازين جي وڏي رش هئي. اسان ڏٺو ته ماڻهو پري پري کان، آسپاس جي ٻين شهرن مان به بسون ۽ ويگنون ڀري جٿن جي صورت ۾ نماز جي ادائيگي جي لاءِ اُتي اچي رهيا هئا. سندن گاڏيون “ميدان امام خميني” ۾ پارڪ ٿيل هيون. اُتي رش ڏسي سوچيم، ميدان امام جيڪو هينئر تفريح جو مقام ۽ ايترو مصروف علائقو آهي، تنهن جو صفوي دور ۾ ڪهڙو شان هوندو.... اهو رڳو تصور ئي ڪري سگهجي ٿو.
    سامهون پاڻي جي حوض ۾ هلندڙ ڦوهارو ڏاڍو سهڻو لڳي رهيو هو ۽ ان جي صاف شفاف ۽ ٿڌي پاڻيءَ ۾ ڪيترائي ٻار وهنجي انجواءِ ڪري رهيا هئا، حوض جي ننڍين ڀتين تي ڪيترائي مرد ۽ عورتون ويٺا انهن ٻارن کي تڙڳندا ڏسي رهيا هئا. مٿن ڦوهاري مان نڪرندڙ پاڻيءَ جا ڇنڊا پئجي رهيا هئا. اُتي بيٺل گلن ۽ ساو ڪ جو هڳاءُ ماحول کي وڌيڪ خوبصورت بنائي رهيو هو. اسانجي سامهون ‘مسجد امام’ هئي. اها مسجد به عباس شاهه صفوي جي دور جي يادگار آهي. اڳ ۾ ان جو نالو بادشاهي مسجد يا مسجد شاهه هو، پر انقلاب کانپوءِ اهو نالو بدلائي مسجد امام خميني رکيو ويو آهي. ان مسجد جو شمار دنيا جي سهڻين مسجدن ۾ ٿئي ٿو. ان جي اڏاوت جو ڪم ارڙهن سالن جي عرصي ۾ مڪمل ٿيو ۽ ان جي ٺاهيندڙ جو نالو استاد علي اڪبر اصفهاني هو ۽ اندر جيڪا خطاطي ۽ ٽائلسن جي گلڪاري آهي، اهو ڪم علي رضا عباسي نالي ڪاريگر جو ڪيل آهي.
    ان مسجد ۾ انجنيئرنگ جو هڪ ڪمال اهو به آهي ته خطيب ان جي گنبذ جي هيٺان بيهي نماز پڙهائي ٿو يا خطبو ڏي ٿو ته اهو آواز هزارين نمازين کي صاف ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، پاڻ وٽ ٺٽي ۾ ٺهيل “شاهجان مسجد” جنهن کي ٺٽي جا ماڻهو “سئو قبن واري مسجد” چون، ان ۾ پڻ اهڙي خوبي رکيل آهي. مسجد جي هڪ خاص ڳالهه اها به آهي ته ان ۾ هڪ پٿر جي اهڙي سر آهي، جنهن تي عين ان وقت پاڇولو پويٿو، جڏهن ڏينهن جا ٻارهن وڄندا آهن، سال جي 365 ڏينهن ۾ فقط ڏينهن جو ٻارهين بجي ئي پاڇو اُن پٿر تي اچي ٿو.
    مسجد جي اڳيان پٿر جو هڪ وڏو پيالو به رکيل آهي، جنهن لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته نماز جي وقت اهو شربت سان ڀريو ويندو هو، جيئن نمازي نماز پڙهڻ سان گڏ شربت مان به لطف اندوز ٿين... هاڻ ته نه اهي بادشاهه رهيا آهن، جو اهو پيالو شربت سان ڀرين ۽ نه ئي اهي نمازي....
    مسجد امام سان گڏ ‘مسجد شيخ لطف الله’ به آهي، جيڪا پڻ عباس شاهه صفوي جوڙائي، ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته شيخ لطف الله، عباس شاهه جو خسر هو، شيخ لبنان جو رهاڪو هو ۽ واپس لبنان وڃڻ جو خواهشمند هو، پر عباس شاهه جي خواهش هئي ته هو اصفهان ۾ ئي رهي پوي، هن کيس آڇ ڪئي ته جيڪڏهن هو هت رهي پوي ته اها مسجد سندس نالي سان ‘منسوب’ ڪئي ويندي اِيئن هو اصفهان ۾ رهي پيو ۽ هيءَ مسجد سندس نالي سان منسوب ڪئي ويئي.
    ٻي روايت آهي ته شيخ لطف الله هڪ عالم دين هو، جيڪو ڊگهي عرصي تائين هت امامت ۽ خطابت جا فرض ادا ڪندو رهيو هو ۽ پنهنجي علم سبب آسپاس جي مدرسن ۾ پڻ پڙهائڻ ويندو هو. ان مسجد کي سندس نالو ڏيئي سندس اُن مقام جو اعتراف ڪيو ويو آهي، ان مسجد جي انفراديت اها آهي ته ان ۾ نه ڪو مينار آهي ۽ نه ئي ڪو اڱڻ. چيو وڃي ٿو ته اها مسجد شاهي گهراڻي جي عورتن لاءِ مخصوص هئي، پوءِ جيڪي حالتون پيدا ٿيون ۽ پردي جي سختيءَ جي ڪري ‘ڪاخ عالي قاپو’ کان مسجد تائين هڪ سرنگ کوٽي ويئي ته جيئن زائفائون سولائي ۽ آزادي سان مسجد تائين اچي وڃي سگهن.
    “ڪاخ چهل ستون” به شاهي محلاتن جي ڪڙي آهي، اهو ڪاخ (محل) به شاهه عباس ئي ٺهرايو هو، ان محل جا ويهه ٿنڀا آهن، فارسيءَ ۾ چهل جي معنيءَ چاليهه آهي، ‘ڪاخ چهل ستون’ معنيٰ ‘چالهين ٿنڀن وارو محل.’ اوهين سوچيندا هوندا ته جڏهن ٿنڀا ويهه آهن ته پوءِ ‘چهل ستون’ ڇو؟ اصل ۾ ان عمارت جي اڏاوت ۾ به وڏي ٽيڪنڪ رکي ويئي آهي، ان محل جي اڱڻ ۾ هڪ تلاءُ آهي ۽ انهيءَ ٽيڪنڪ تحت انهن ويهن ئي ستونن (ٿنڀن) جو عڪس انهيءَ تلاءُ ۾ پويٿو، يعني اهي ٿيا چاليهه (چهل) ستون، ان نسبت سان اها سڏجي ‘ڪاخ چهل ستون.’
    اصفهان هڪ عجيب جهان آهي، ميدان امام جي آسپاس ٻيون به ڪيتريون ئي تاريخي عمارتون ۽ ميوزم جن ۾ موزه چهل ستون، موزه قرآن، موزه حيوانات وغيرهه آهن. اهي سڀ ڏسڻ جي لاءِ به ڏينهنَ کپن ۽ ڪلاڪن جي ته ڳالهه ئي ڪونه هئي.


    • زائنده رود جو سُڪل پيٽ

    اصفهان وڃجي ۽ پُل خواجو ۽ زائنده رود نه ڏسجي ته اهو ايئن آهي ته سُٺي ماني کائجي، پر لوڻ اُن ۾ هجي ئي نه.
    ۽ اسان جي وين هاڻ پُل خواجو ڏانهن ڊوڙي رهي هئي ۽ اسانجون اکيون اصفهان جي رستن، گلن ۽ پارڪن کي ڏسنديون، انهن جي سونهن کي اکين جي ماڻڪين ۾ محفوظ ڪنديون رهيون... اصفهان ۾ اسين کليل اکين سان هر شئي جي عڪس بندي ڪري رهيا هئاسين.
    ڊرائيور روڊن جو واقف هو ۽ هو مختلف رستن تان شارٽ ڪٽ ڪندو اچي پُل خواجو جي ڪناري سان لڳ هڪ پارڪ وٽ بيٺو ۽ گاڏي بيهاري سامهون اشارو ڪندي چيائين، “پل خواجو... زائنده رود...”
    اصفهان جي تاريخي ۽ مشهور پُل خواجو اسانجي سامهون هئي..... ۽ زائنده رود اهو درياهه آهي، جنهن جي مٿان اها پُل اڏيل آهي، درياهه جي تصور سان... ڪو وڏو پاڻيءَ جو اٿاهه سمنڊ ذهن ۾ تري ٿو اچي.... پر هي ته هڪ ننڍي ندي هئي، جهڙي ڦليلي يا پيچاري واهه. “زائنده رود” اصفهان جي بلڪل وچ مان ٿو وهي، زائنده رود جي معنيٰ آهي، “جيئرو درياهه”، پر ان واقف اهو زائنده بدران “مرده رود” هو، مئل حالت ۾، منجهس پاڻي ڪونه هو، صفا سڪو ٺوٺ ٿيو پيو هو، سندس پيٽ ۾ واري پي اُڏامي.
    وين مان لهي خرامان خرامان ‘زائنده رود’ جي سُڪل پيٽ کي ڏسندا سامهون پُل خواجو ڏانهن وڌڻ ٿا لڳون. ٽيٽيهن دروازن تي مشتمل هيءَ تاريخي پُل شاهه عباس ٺهرائي هئي. اصفهان ۾ هر هنڌ شاهه عباس صفويءَ جي جهلڪ موجود هئي، هيءَ پل خواجو’ هو عالي قاپو، ڪاخ چهل ستون، ميدان امام ۽ هو جلفاءِ جو ديول... هيءَ مسجد.... زائنده رود تي پُل خواجو کانسواءِ ٻه ٻيون به پليون ٺاهيون ويون، الهه وردي خان پُل ۽ پُل شهرستان. اهي پليون اصفهان جي ٻنهي ڪنارن تي آباد شهر کي ڳنڍين ٿيون. زائنده رود جي پراڻي شاخ تي هڪ ٻي به تاريخي ۽ قديمي پُل آهي. جنهن تان هرڪو فاتح لنگهي اصفهان پهتو، آخري دور ۾ افغانن اُن پُل مٿان قبضو ڪيو ۽ پوءِ نادر شاهه اها پُل اُڪري پٺاڻن / افغانن کي ماري، ان کي پُل تان ڀڄائي ڪڍيو.
    پل تي پهچي اسين ٽن ٽولين ۾ ورهائجي وياسين، صفدر شاهه ۽ آفتاب شاهه پنهنجي ڪٽنب سان، آپا مهرالنساءِ ۽ سندس نياڻيون، ساڻن گڏ امين، ۽ آئون اڪيلو اڪيلو. هر ڪو پنهنجي منهن وڙڪڻ لڳو. زائنده رود جي ٻنهي ڪنڌين تي پري پري تائين ڏاڍا سهڻا ۽ ڪشادا پارڪ ٺهيل هئا، انهن پارڪن ۾ ڪاٺ ۽ سيمينٽ جون ڪرسيون ۽ ڪيترائي مجسما کُتل هئا. پل خواجو جي ٻنهي پاسن پارڪ ٺهيل هو، ۽ اتي ڪجهه نوجوان پڻ موجود هئا، اهي پارڪ ۽ پل خواجو اصفهان جي پڪنڪ پوائنٽس به آهن. پل خواجو جون تصويرون مون گائيڊ بوڪ ۾ ڏٺيون هيون، انهن ۾ وهندڙ درياهه جي ڏاڪڻين تي جگمڳ ڪندڙ روشنين ۾ ڪيترن ئي ٽوئرسٽن، مردن توڙي عورتن کي ويٺل ڏٺو هو.
    ڏينهن هئڻ سبب جڳ مڳ ڪندڙ روشنيون نه هيون نه وري پاڻي.... آئون اڪيلو ئي پل جي ڏاڪڻين تي ويهي سامهون زائنده رود جي سڪل پيٽ کي ڏسڻ لڳس. پل جي ٻنهي ڪنارن تي شينهن جا مجسما کتل هئا. پُل جي مٿان هڪ هنڌ ٻه جوڙا به موجود هئا، زندگي سان ڀرپور، ڇوڪرين کي مٿن تي فقط اسڪارف ٻڌل هئا، باقي جيئن قم ۾ عورتن کي ڪاريون چادريون ويڙهيل هيون، تيئن نه هو، جوانڙيون اڇيون اڇيون جهڙيون کير.... نصف جهان جون پريون... محسوس ٿيو ته شايد هاڻ ايران ۾ ايتري سختي ڪونهي، جيتري انقلاب جي شروع وارن سالن ۾ هئي.
    آئون پل جي ڏاڪڻين تان اُٿي پل جي هڪ پاسي ٺهيل شينهن جي مجسمي کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيس، هجي ها جيئرو ته ڌپ به نه ڀريانس ها... پر پٿرجي شينهن کان ڪهڙو ڊپ!
    اسان ڪلاڪ سوا اُن پل تي گذاريو، پوءِ هوريان هوريان ويگن جي ويجهو ٿيندا وياسين. اسانجي ايندڙ منزل آرميني چرچ جلفاءِ هئي. وين مختلف رستن تان ڊوڙندي اچي جلفاءِ يا وانڪ جي ديول جي اڳيان بيٺي اهو ديول جلفاءِ نالي عيسائين جي پاڙي ۾ آهي. جلفاءِ جي اها ديول به سترهين صدي جي شروع ۾ 1606ع ڌاري ‘شاهه عباس ڪبير’ پنهنجي آرميني عيسائي رعيت جي لاءِ ٺهرائي هئي. هن وقت ان ديول ۾ هڪ شاندار لئبرري، پبلشنگ هائوس ۽ عجائب گهر قائم آهي. اهو وچ اوڀر ۾ سڀ کان پهريون اشاعت گهر آهي ۽ هن خطي ۾ آرمينائي زبان ۾ سڀ کان پهريون ڪتاب 1938ع ۾ ڇپيو ويو. انهن ماڻهن کي پنهنجو لٽريچر ڇپڻ جي مڪمل آزادي آهي. آرمينيا جي رسم الخط ڏهين صدي عيسويٰ ۾ ايجاد ٿي. ديول جي کاٻي پاسي ميوزم هال جي ٻاهران آرميناجي مشهرو شاعر Golden Poet جو مجسمو کتل آهي، جتي بيهي مون هڪ يادگار فوٽو ڪڍرايو.
    جمعي جي ڏينهن هئڻ ۽ ڪجهه دير ٿي وڃڻ سبب ديول ۽ ميوزم بند ٿي چڪا هئا. جنهن جو ڪافي افسوس به ٿيو، بهرحال ٻاهران ئي ٻاهران بيهي آسپاس نظرون ڊوڙائي واپس ورياسين.
    هن وقت اصفهان ۾ لڳ ڀڳ پندرهن سورهن هزار آرمينائي عيسائي رهن ٿا، ايران جي آبادي جو لڳ ڀڳ 98 سيڪڙو مسلمان آهي، جڏهن ته اقليتن ۾ عيسائي، زرتشي، يهودي، آشوري ۽ ڪلداني شامل آهن، ايران جي مجلس شوريٰ يا پارليامينٽ ۾ ٻين اقليتن سان گڏ عيسائي نمائندا به موجود آهن.
    ديول جي بروشر مان معلوم ٿيو ته ان جي هڪ ڪُنڊ ۾ هڪ يادگار ٺاهيو ويو آهي، اهو يادگار 1914ع ۾ پهرين عالمي جنگ جي “آرمينا جي شهيدن” جي نالي سان منسوب آهي... چرچ جي ميوزم ۾ بائيبل جا ڪيترائي قديم نسخا، حضرت عيسيٰ عليھ السلام سان منسوب ڪيتريون ئي شيون، حضرت عيسيٰ ۽ بي بي مريم جون تصويرون ۽ آرمينيائي بادشاهن جا خط ۽ ڪپڙا سجائي رکيا ويا آهن. انهن ۾ هڪ ناياب شئي حضرت ابراهيم جو تصويري خاڪو آهي، جيڪو سترهين صدي ۾ مشهور مصور ريمبرانٽ Reambrant ٺاهيو هو، شيشي ۾ محفوظ آهي، تنهن کانسواءِ حضرت عيسيٰ، ۽ آرمينيائي حڪمرانن جا مجسما به ميوزم ۾ رکيل آهن. ميوزم جي ٻاهر ڪائونٽر تي هڪ خوردبيني رکيل آهي، جنهن ۾ وار تي لکيل آرمينيائي زبان ڏسي سگهجي ٿي. ميوزم ڪافي وڏو ۽ نوادرات سان ڀرپور آهي، آرمينيا جي دنيا جي پهرين عيسائي سلطنت هئڻ جي ناتي انهن شين جي وڏي تاريخي اهميت آهي.
    جلفاء جي ديول کان اسين ‘مينار جُنبان’ يعني لُڏندڙ مينارن ڏانهن روانا ٿياسين، جيتوڻيڪ هنن ٻن مينارن جي اڏاوت جي تاريخي بابت ڪا حتمي خبر ڪونهي، پر عام طور تي مشهور آهي ته ‘سلطان محمد خده بنده’ جي زماني ۾ هڪ بزرگ ‘عمو عبدالله’ جي وفات کانپوءِ کيس هت دفنايو ويو ۽ عقيدت مندن سندس مزار تي مينار جوڙايا. مشهور آهي ته اهي مينار ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا لڏندا آهن، هڪ ڀيرو صبح جو ۽ ٻيو ڀيرو شام جو، جڏهن هڪ مينار لُڏندو آهي ته ٻيو به لڏڻ شروع ڪندو آهي. مينار ننڍا ۽ عمارت عام قسم جي آهي، عام طور انهن مينارن جي لڏڻ جي ڪرامت اتي دفن ٿيل بزرگ سان منسوب ڪئي وڃي ٿي، پر حقيقت اها آهي ته سڄو ڪمال انهن فني اصولن جو آهي، جن تي اهي مينار اڏيا ويا آهن.
    سوچيان ٿو ته هيءَ دنيا به عجائبات سان ڀري پيئي آهي، هڪڙا اهي عجائبات آهن، جيڪي قدرت جو ڪرشمون آهن، جيئن نياگرا آبشار آفريقا جو صحرا، ايورسٽ جي چوٽي، اميزن ٻيلو وغيره، ٻيا وري اهي جيڪي انساني ذهن ۽ هٿن جي فني ڪمال جو نمونو آهن جهڙوڪ مصر جا اهرام، رني ڪوٽ، اجنتا جون غارون، تاج محل، ديوار چين ۽ ٻيا ڪيترائي، جن کي ڏسيو دنگ رهجيو وڃجي. ۽ اسان جهڙا سياح پري پري کان هزارين ميلن تان ڪهي اچيو انهن کي ڏسن ۽ قدرت جي ڪاريگريءَ سان گڏ انساني ذهن ۽ انهن جي فنڪاري جي واکاڻ به ڪن.
    مينار جُنبان کان روانا ٿي اچي آتشڪدي پهتاسين، آتشگاهه يا آتش ڪدو زرتشي مذهب جي عبادت گاهه آهي، زرتشتي مذهب جنهن کي پاڻ عام طور تي مجوسيت چئون، ايران جو قديم مذهب هو، زرتشت ان مذهب جو پيغمبر ۽ پرچارڪ هو، زرتشت جي نظر ۾ باهه خدائي نور جو بهترين مثال آهي، ۽ زرتشت ان باهه کي پنهنجي عبادت گاهن ۾ قبلي طور استعمال ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ڇو ته سندس خيال ۾ باهه خدا جي نور جو لقاءُ آهي، باهه سڀني اونداهين کي ختم ٿي ڪري.
    “آتشڪدي وٽ پهتاسين ته ان جي ٻاهران وڏي بورڊ تي لکيل هو.” “بنائي تاريخي آتشگاهه دز ماربين”
    اهو هڪ ٽڪريءَ تي هو، هن آتشڪدي جي لاءِ مشهور آهي، ته اهو مجوسين جي عبادت گاهه هو ۽ ساسانين جي دور ۾ اڏيو ويو هو، ٻي روايت آهي ته اهو ‘ٽاور آف سائلنس’ آهي، يعني مجوسين جو قبرستان، مجوسي يا زرتشي پنهنجا مُردا دفنائڻ جي بدران اُن ٽاور ۾ رکي ڇڏيندا هئا ۽ اُتي پکي خاص ڪري ڳجهون، انهن کي کائي وينديون هيون، زرتشتي مذهب ۾ مردا دفنائڻ جي بدران پکين ۽ جانورن جي کائڻ لاءِ ڇڏيا ويندا آهن، ۽ هي آتشڪدو به شايد ان ڪم لاءِ هو ۽ جڏهن ساساني دور حڪومت هو ته آئون تصور ٿو ڪريان ته هن آتشڪدي ۾ ٻرندڙ سڳوري باهه سڄي اصفهان جي رهاڪن کي نظر ايندي هوندي ۽ هو پاڻ کي سڳوري باهه جي پاڇي ۾ محفوظ محسوس ڪندا هوندا.
    اُتي پهچي گهڻا دوست ته هيٺان ئي بيهي ڏسڻ لڳا، پر آئون، امين لاکو، فرات شاهه ۽ آپا مهرالنساءَ مٿي چڙهڻ لڳاسين، آپا مهرالنساءَ ٿورو مٿي چڙهي، هڪ پٿر تي ٿڪي پير پساري ويهي رهي، پر اسين مختلف طرفن کان ورن وڪڙن تان ٿيندا، اُڀن ۽ ترڪڻن پٿرن کي جلهيندا، پاڻ کي ڇڪيندا، ويساهيون کائيندا مٿي چڙهندا ويا. نيٺ مٿي آتشڪدي تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين، سڄا ساهه مان ڀرجي ۽ پگهر ۾ شم ٿي وياسين، مٿان کان هيٺ لهڻ سولي ڳالهه آهي، پر مٿي چڙهڻ وڏو ٿڪائي ٿو وجهي، ڪجهه سال اڳ جڏهن اسين ڪجهه دوست سائين پرويز، اصغر گگو ۽ رشيد آزاد نوراني جي مزار تي لاهوت لامڪان ويا هئاسين ۽ کٽ جبل تي چڙهڻ لڳا هئاسين ته آئون اڌ ۾ ئي گوڏا ڀڃي ويهي رهيو هوس. جيتوڻيڪ آتشڪدو ايترو، مٿي نه هو، جيتري کٽ جبل جي چوٽي هئي، پر اهڙو ته ٿڪائي وڌائين، جو دل چيو ته پَر هجن ته اُڏامي هيٺ لهان. آتشڪدي جا باقي ڪي آثار وڃي بچيا هئا، لڳو ائين پي ته انهن آثارن جي ڪا سار سنڀال نٿي ڪئي وڃي يا انهن ڏانهن گهڻو ڌيان نٿو ڏنو وڃي.
    آئون آتشڪدي جي اڳيان بيهي سامهون ڏسڻ لڳس، اصفهان جو شهر ڪنهن سمنڊ جيان منهنجي اڳيان هو ۽ ڏاڍو خوبصورت نظارو هو، اصفهان جي اُن هوائي نظاري سچ ته من موهي وڌو ۽ سوچڻ لڳس ته صديون اڳ جڏهن زرتشي مذهب ايران جو سرڪاري ۽ اڪثريتي مذهب هو، تڏهن هن آتشڪدي ۽ آسپاس ڪيتري نه چهل پهل هوندي، زرتشي مُلان ڪيڏي نه ٺٺ سان پنهنجي پوئلڳن کي هدايتون ۽ نصيحتون ڪندا هوندا ۽ اهي پوئلڳ نهايت عزت، احترام، نياز ۽ نوڙت سان سڳوري باهه جي اڳيان سر بسجود ٿيندا ۽ نذر ۽ نياز ڏيندا هوندا، ۽ هاڻ زرتشين جو اهو سڳورو هنڌ صفا ڦٽل حالت ۾ پيو لتاڙجي ۽ ايندڙ ويندڙن کي حسرت سان پيو ڏسي. آتشڪدي جون بچيل ڀتيون خاموش زبان سان پنهنجي شاندار ماضي کي ياد ڪري، حال تي خاموش ڳوڙها ڳاڙهينديون هونديون. عربن جي فتح کانپوءِ، جڏهن ساساني سلطنت جو خاتمو ٿيو ته وقت گذرڻ سان گڏ گهڻا ايراني ته مسلمان ٿي ويا، باقي، ٻين ملڪن ڏانهن هليا ويا، انهن مان ڪي ممبئي ۽ ڪراچي ۾ پهتا، ۽ مقامي ماڻهن سان رلي ملي ويا. ورهاڱي کان اڳ ڪراچي جو ميئر جمشيد نسروانجي به زرتشي مذهب سان واسطو رکندڙ هو، سندس وڏا يقينن ايران کان ئي آيا هوندا. جمشيد نسروانجي جي سنڌ ۾ توڙي ننڍي کنڊ ۾ پنهنجي سماجي خذمتن جي ڪري وڏي عزت ۽ احترام ڪيو وڃي ٿو. جسٽس دوراب پٽيل ۽ ارد شير ڪائوسجي به زرتشي مذهب سان واسطو رکن ٿا (زرتشتين کي عام طور تي پارسي يا مجوسي به چيو وڃي ٿو)، ذوالفقار علي ڀٽي جو دوست ۽ مٿس مشهور ڪتاب “ذلفي ماءِ فرينڊ” جو ليکڪ پيلو مودي به پارسي هو. هن وقت ايران ۾ پارسي ٿوري تعداد ۾ موجود آهن، جڏهن ته ڪراچي ۽ ممبئي ۾ پڻ پارسي رهن ٿا، ڪراچيءَ ۾ صدر واري علائقي ۾ پڻ پارسين جي آخري رسمن جي ادائيگي لاءِ ‘ٽاور آن سائلنس’ (خاموشيءَ جو مُنارو) ٺهيل آهي. آتش پرستي دنيا جو قديم ترين مذهب آهي، آتش پرست مڙهه /لاش کي “خاموشي جي مينار” جي مٿينءَ حصي ۾ فطري عمل تحت ڳرڻ ۽ سڙڻ جي لاءِ ڇڏي ڏيندا آهن، ڳجهون به ان عمل جو خاص حصو آهن، ۽ گهڻا تڻا لاش ڳجهن جي ئي خوراڪ بنبا آهن، آتش پرست اهو عمل زمين (ڌرتي) جي احترام ۾ ادا ڪن ٿا، ڇو ته آتش پرستن وٽ زمين کي پوَتر ۽ سڳورو تصور ڪيو ويندو آهي. هنن جي نظر ۾ اهو عمل لاش کي ساڙڻ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ماحول دوست آهي.
    هڪ پارسي مذهبي پيشوا موجب سندن عقيدن ۾ موت جو ذميدار Angra Mainyu کي سمجهيو ويندو آهي، جيڪو اونداهيءَ جو ديوتا آهي. موت شر (بدي) جو مادي شڪل ۾ اظهار آهي، ڌرتي خوبصورت آهي ۽ اها خدا جي مڙني تخليقن ۾ نبار (خالص) آهي. تنهن ڪري اُن کي مئل جسمن کان پاڪ رکڻ گهرجي.
    ايران ۾ پارسين جي مرڪزي پيشوا موجب مري ويندڙ جي آخري رسمن جو شمار سندن بنيادي مذهبي عقيدن ۾ ٿئي ٿو. جن جي ادائيگي هر آتش پرست پارسيءَ تي لازمي آهي، سندس چوڻ آهي ته اُن سڳوري رسم جي شروعات تي هزار سال اڳ هن ئي سرزمين تان شروع ٿي، پر هاڻ ايران ۾ پارسين جو تعداد تمام گهٽ وڃي بچيو آهي.
    ڪنهن زماني ۾ زرتشيت کي رومانيا ۽ يونان کان وٺي روس تائين هڪ وڏي مذهب جي حيثيت حاصل هئي، پر هاڻ هڪ اندازي موجب هن وقت دنيا ۾ پارسين جو تعداد اڻويهن لکن جي لڳ ڀڳ آهي، پر ڪن مورخن موجب اهو تعداد فقط ٻارهن لک چاليهه هزار آهي.
    جيتوڻيڪ اڄ پارسين جو تعداد ڪو ايترو ڪونهي، پر محققن چواڻي ان مذهب جي توحيد پرست يا وحدانيت جي تصور ٻين مذهبن تي گهرا اثر ڇڏيا. ڪجهه مورخن جو اهو به چوڻ آهي ته توحيد پرستي جي شروعات جو چٽو تصور “زرتشتين” وٽ ملي ٿو. وحدانيت کانسواءِ هن مذهب ۾ خير ۽ شر ۽ آخرت جو تصور به موجود آهي، جيڪو موجوده دور جي ٽن وڏن مذهبن جو نه رڳو حصو، پربنيادي جُز پڻ آهي.
    تهران ۾ پارسين جي مذهبي پيشو ‘مهربان فيروز گري’ جي چوڻ موجب انسان کي اهڙي نموني تخليق ڪيو ويو آهي جو هو طهارت ۽ پاڪائيءَ طرف مائل ٿئي ٿو، ۽ اها اختيار ڪري ٿو. پر بديءَ جي سگهه ناڪاري جذبن، جهڙوڪ نفرت، لالچ ۽ شهوانيت جي ڪري انسان تي غالب ٿئي ٿي، پارسي عقيدي موجب بديءَ جي قوت تي هڪ صاف، ذهن جي ذريعي غالب اچي سگهجي ٿو، ۽ هڪ پاڪيزه ذهن، هاڪاري خيالن، لفظن ۽ افعالن جي ذريعي تخليق ڪري سگهجي ٿو.
    پنهنجي گهٽ تعداد جي باوجود به ايراني پارسي ٻن گروهن ۾ ورهايل آهن، هڪ گروهه فقط انهن آتش پرستن کي قبول ڪري ٿو، جيڪي نسل در نسل مذهب جو حصو آهن، جڏهن ته ٻي گروهه موجب بعد ۾ پارسيت قبوليندڙن جي آمد لاءِ به قبوليت موجود آهي. ڏهين صديءَ ۾ مسلمانن حمله آورن کانپوءِ ايران مان پارسين جي لڏپلاڻ ٿي، انهن مان گهڻن هندستان جو رخ ڪيو.
    ممبئي ۾ موجود پارسين جي مذهبي اسڪول جو پرنسيپال ‘رميارپي ڪرنجي’ ان ڳالهه تي زور ٿو ڏي ته وٽن مذهب جي تبديليءَ جي ڪنهن به لحاظ کان اجازت ڪونهي، ان جي باوجود به هندستان ۾، جيڪو هينئر پارسين جو سڀ کان وڏو مرڪز آهي، پارسين جو تعداد تيزيءَ سان گهٽبو پيو وڃي، يونيسڪو جي رپورٽ موجب انهن ۾ هر ڏهن سالن ۾ ڏهه سيڪڙو ڪمي رڪارڊ ڪئي ويئي آهي، اڄ پارسي ڪميونٽي سخت گير اصولن موجب زندگي گذاري رهي آهي ۽ ان ڪميونٽي جي فردن کي رڳو پنهنجي عقيدي جي حامل گهراڻن ۾ شادي ڪرڻ جي موڪل آهي.
    هتي هڪ ڳالهه دلچسپيءَ کان خالي ڪونهي ته پاڪستان جي باني محمد علي جناح ممبئي ۾ جنهن ڇوڪري “رتي” سان شادي ڪئي، ان جو واسطو به پارسي ڪميونٽيءَ سان هو، جناح رتيءَ سان اها شادي پيار جي ڪئي. رتيءَ، جناح سان مسلمان ٿي پوءِ شادي ڪئي، دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته رتي جناح جي پيٽان جنم وٺندڙ جناح صاحب جي اڪيلي نياڻي “دينا جناح” هڪ پارسي نوجوان سان پيار جو پرڻون ڪيو ۽ هوءَ “دينا جناح” مان “دينا واڊيا” بنجي ويئي “دينا، واڊيا” سان شادي کانپوءِ پارسي مذهب اختيار ڪيو.
    ايران ۾ هن وقت پارسين جو سڀ کان وڏو مرڪز “يزد” جو شهر آهي. مورخن چواڻي ته “يزد” ئي اهو علائقو آهي، جتي هن مذهب جنم ورتو، پر اڄ شهر جي چئن لکن جي آباديءَ ۾ ان مذهب جي پوئلڳن جو تعداد فقط ٻه سوا ٻه سئو آهي، ۽ ‘يزد’ ۾ ئي پارسين جو آتشڪدو (مينار) آهي، جنهن ۾ گذريل ڏيڊ سئو سالن کان سڳوري باهه ٻري رهي آهي ۽ ان عرصي ۾ اها هڪ ڀيرو به نه وسامي آهي.
    ايران ۾ اڄ به پارسين کي قبوليت حاصل آهي، تهران يونيورسٽيءَ جي هڪ پارسي شاگردياڻي ‘پاروانيمرانيا’ جو چوڻ آهي ته ‘پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکڻ جي لاءِ سندن ڪميونٽي (خاص ڪري نوجوان) شاهنامي جي فارسيءَ شاعري جو مطالعو ڪري رهي آهي ۽ قديم فارسي سکڻ جي لاءِ تربيت به حاصل ڪئي ويندي آهي، گڏوگڏ مذهبي تقريبن ۽ تبليغي ڪلاسن ۾ باقاعدگي سان شرڪت ڪئي ويندي آهي.’
    ايران ۾ پارسين کي قبوليت جي پويان اهو جذبو به آهي ته هو عظيم ايراني تاريخ ۽ تهذيب جي نمائندگي ڪن ٿا، ۽ ايراني رهاڪو ان عظيم تهذيب تي فخر محسوس ڪندا آهن، ۽ ايران جا رهاڪو بنا ڪنهن مذهبي فرق جي پارسين جي نئين سال “نوروز” کي قومي ڏڻ طور ملهائين ٿا ۽ اُن ڏينهن تي فخر ڪن ٿا.
    آئون ڪافي دير آتشڪدي تي بيهي، ڀر پاسي جو نظارو ڪندو رهيس پوءِ هيٺ لهي آيس، ٻي سڄي سنگت آفتاب شاهه، صفدر شاهه، ۽ زائفائون، سامهون پارڪ ۾ ويٺل هيون. مٿي چڙهڻ ۽ هيٺ لهڻ سبب بدن ٿڪي چڪو هو، پارڪ ۾ ٿوري دير ويهي هٿ منهن ڌوئي واپس اچي وين ۾ ويٺاسين، مون هڪدم گاڏيءَ جي ڊئش بورڊ تي ڊرائيور جي رکيل سگريٽن جي پاڪيٽ مان هڪ سگريٽ ڪڍي دکائڻ شروع ڪيو ته پويان امين رڙ ڪئي “ماما!... مسڪين تي رحم ڪر، مفت جا سمجهي نه پي... ڊرائيور اُن تي پئسا خرچ ڪيا آهن، ايئن نه ٿئي جو تنهنجي پيتل سگريٽن جا پئسا به ڊرائيور اسان مان ڪڍي.”


    • اصفهان ۾ مير معصوم بکريءَ جو ڪتبو

    اصفهان، جيڪو سڏجي ئي ‘نصف جهان’، سو ڏسڻ جي لاءِ هڪ هفتو به گهٽ آهي، ۽ اسين ڪجهه ڪلاڪن جي ٽوئر ۾ ڇا ٿي ڏسي سگهياسين. هڪ ننڍو ٽريلر هو، جيڪو اسان اصفهان جو ڏٺو. وين جي ڊرائيور ٻڌايو ته اڄ جمعي جي ڏينهن هئڻ سبب بازاريون به بند آهن ته ماڻهن جي به رش ڪونهي... ڪو جمع جي نماز جي خيال کان ته ڪي وري رمضان شريف هئڻ سبب گهرن ۾ موجود رهن ٿا، هونئن عام ڏينهن ۾ اصفهان جي روڊن تي به گاڏين جي وڏي رش هوندي آهي، پر بازارين ۽ ٻين تفريحي هنڌن تي به وڏي گهما گهمي هوندي آهي.
    “ان جو مطلب اهو ٿيو ته جمعي جي ڏينهن به اصفهان نه گهمجي.” سندس ڳالهه ٻُڌي سَرٻاٽ ڪيم، پوءِ وري پڇيومانس ته “اصفهان ۾ بس اهي ئي ڏسڻ جهڙا هنڌ آهن ڇا جيڪي پاڻ ڏٺا،....؟”
    “نه...!” هن منهن تي عجيب تاثرات پيدا ڪندي، پنهنجو هٿ مٿي کڻي ايئن گهمايو، ڄڻ چوندو هجي “اهي ته ڪجهه ئي هنڌ آهن، نه ته سڄو اصفهان گهمڻ جهڙو آهي.”
    اصفهان ۾ مٿين تاريخي جڳهين کانسواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي جايون ۽ هنڌ آهن، جيڪي ڏسڻ ۽ گهمڻ وٽان آهن، واپس سنڌ اچي جڏهن مرحوم پير حسام الدين راشديءَ جو اصفهان تي لکيل هڪ مضمون پڙهيم ته هنن لفظن تي اکيون اٽڪي بيهي رهيون، “اصفهان حقيقت ۾ پورو جهان نه تڏهن به “نصف جهان” واقعي آهي، موٽي اچي جڏهن پڙهندو آهيان ته هي آثار هئا، هي مقبرا هئا، هي تاريخي ڪتبا هئا، جي ڏسڻ کان رهجي ويا ۽ اڃا ته گهڻو ڪجهه آهي، جنهن کي ڏسڻ ضروري آهي.”
    اصفهان ۾ ٻيون جيڪي ڏسڻ جهڙيون جايون آهن، انهن ۾ نظام الملڪ طوسيءَ جي مزار، ملڪ شاهه سلجوقي ۽ ان جي خاندان جو مدفن، مسجد لنبان، مسجد علي، جي ۽ سڄو اصفهان.....
    ڪنهن زماني ۾ اصفهان جي ٻاهر ۽ آسپاس جيڪي هنڌ شهر جي حيثيت رکندا هئا، انهن مان هڪ “جي” به آهي. “هخا منشي” دور ۾ ان جو نالو “گي” يا “گا” هو. جي ڦٽو ته ڀرسان ٻيو شهر آباد ٿيو ۽ هوريان هوريان اُن جو نالو “اصفهان” ٿيو. حقيقت ۾ “جي” اصفهان جو پهريون نالو چئي سگهجي ٿو. عربن جڏهن اُن تي قبضو ڪيو ته “گاف” ڦري “جيم” ٿيو ۽ “گي” جي بدران “جي” ٿيو. “جي” قديم پهلوي اکر آهي، جنهن جي معنيٰ، فتح نصرت ۽ زندگي آهي.
    “جي” جا ڪجهه آثار اڃا به موجود آهن.
    اصفهان جي “مسجد علي” جو ذڪر ان ڪري به ضروري ٿو سمجهان، جو اُن ۾ سنڌ جي هڪ شخصيت ‘مير معصوم بکري’ جو يادگار ڪتبو لڳل آهي، جيڪو سنڌ جي هاڪاري عالم پير حسام الدين راشديءَ 1974ع يا 1975ع ۾ اصفهان جي سير جي دوران نه رڳو پاڻ وڃي ڏٺو، پر اُن تاريخي ڪتبي جي عبارت لکي ۽ تصويرون ڪڍي اچي سنڌ واسين کي اُن کان واقف ڪيو.
    مير معصوم بکري سنڌ جو هڪ وڏو هاڪاري عالم، اديب، شاعر، مورخ، امير، سفير، سياح ۽ سياستدان هو. جنهن جا سنڌ تي وڏا احسان آهن، مير معصوم بکريءَ جي لکيل “تاريخ سنڌ” جيڪا “تاريخي معصومي” جي نالي سان سنڌيءَ ۾ به ڇپجي چڪي آهي، پير حسام الدين راشديءَ چواڻي، “جيڪڏهن مير معصوم پنهنجين اکين ڏٺيون ۽ اهي ڪنن ٻڌيون ڪهاڻيون ۽ روايتون نه لکي وڃي ها ته هوند سنڌ مٿان پوري هڪ صدي، ڌارين جيڪي ڌاڙا هنيا، جيڪي ظلم ۽ زبردستيون ۽ من مستيون ڪيون، انهن جو اهو سمورو ڪارو باب علمي دنيا جي ڄاڻ کان رهجي وڃي ها.”
    مير معصوم ڊسمبر 1602ع ۾ اڪبر بادشاهه طرفان سفير ٿي ايران جي بادشاهه شاهه عباس صفويءَ جي درٻار جي لاءِ روانو ٿيو ۽ 1603ع ۾ ايران پهتو، مير معصوم جڏهن ايران پهتو ته ان وقت بادشاهه ايران جي سرحد تي جنگ ۾ رڌل هو. جنهن ڪري مير معصوم کي ڪيترائي مهينا انتظار ڪرڻون پيو. انهيءَ واندڪائي جو فائدو وٺي مير معصوم ايران ۾ گهميو ڦريو، عالمن ۽ اديبن سان ڪچهريون ڪيائين ۽ ساڻن دوستيون ڳنڍيائين، جڏهن مير معصوم، شاهه عباس سان ملاقات کانپوءِ اصفهان پهتو ته هن اصفهان ۾ پنهنجي ان قيام جو هڪ يادگار ڪتبو ڇڏيو.
    مير محمد معصوم بکري هڪ تاريخي ذوق ۽ ذهن رکندڙ هو. هن جي عادت هئي ته رستي ويندي جتي به ڪا سٺي جاءِ، مسجد، عمارت يا ڪو ٻيو هنڌ ڏسندو هو ته اُن تي تاريخي لکت ۽ ڪجهه شعرن جو ڪتبو هڻي ڇڏيندو هو. جيئن ايندڙ نسلن کي ڄاڻ پوي. هندستان، افغانستان ۽ پاڪستان جي ڪيترن ئي هنڌن تي عمارتن ۽ مسجدن تي اهڙا ڪتبا اڄ ڏينهن تائين سندس روشن دماغي، علمي ذوق ۽ تاريخي ذهين جي عظمت جي ڄاڻ ڏيئي رهيا آهن.
    ساڳئي نموني اصفهان ۾ پڻ هن پنهنجي ذوق خاطر “مسجد عليءَ” ۾ ڪتبو هنيو. ‘مسجد علي’ ۽ ‘گنبذ هارون ولايت’ ٻه گڏيل تاريخي عمارتون اصفهان جي پراڻي حصي ۾ موجود آهن. اهو پاڙو سلجوقي دور جو يادگار آهي، گنبذ هارون ولايت ۾ امام زادو هارون بن علي دفن ٿيل آهي، جيڪو امام علي نقي جو اولاد هو، گنبذ يا آسپاس واري عمارت شاهه اسماعيل صفويءَ جي دور ۾ 918هجريءَ ۾ اَڏي ويئي.
    مسجد علي، ان ئي درگاهه سان لڳ آهي، جيڪا سلجوقي دور جي يادگار آهي، هن مسجد تي پهرين “مسجد سنجريه” نالو رکيو ويو، پر پوءِ مٿس “مسجد علي” نالو پئجي ويو.
    افسوس جو وقت جي تنگي ۽ ان وقت خبر نه هئڻ سبب نه اها مسجد ڏسي سگهياسين ۽ نه مير معصوم بکري جو اهو ڪتبو. نه ته اهو ڏسڻ منهنجي لاءِ ڪنهن علمي سعادت کان گهٽ نه هجي ها. خير! پر اسانجي پير صاحب ته اهو ڏٺو. ان جو ذڪر ڪندي لکي ٿو، “هي سنگ مر مر جو ڪتبو مشرق واري ايوان سان لاڳيتي ديوار تي لڳل آهي، ڊيگهه ۾ 1x16 ميٽر ۽ چوڙائيءَ 95 سينٽي ميٽر اٿس. مٿانس مثنوين جا مختلف اشعار آهن ۽ آخر ۾ سال ۽ سندس نالو، اهو ئي مير صاحب جي ٻين ڪتبن جو انداز ۽ نمونو آهي.”
    پير صاحب اُن ڪتبي جي تصوير ۽ عبارت به ڏني آهي.
    پير حسام الدين راشديءَ ‘مير معصوم بکري’ جي زندگي ۽ خذمتن تي هڪ شاندار ڪتاب “مير محمّد معصوم بکري” جي نالي سان لکيو. اهو ڪتاب لکڻ ۾ پير صاحب کي چاليهن سان کان به وڌيڪ عرصو لڳو. سچ ته اهو ڪتاب نه رڳو مير معصوم جي زندگيءَ تي نهايت اهم ڪتاب آهي، پر پير صاحب جو، هڪ وڏو علمي ڪارنامو پڻ آهي.
    پير صاحب جي علمي ۽ ادبي خذمتن جي مڃتا نه رڳو ملڪ ۾، ملڪ کان ٻاهر به ٿي. حڪومت ايران فارسي ادب ۽ زبان جي خذمت جو قدر ڪندي کيس سڄي دنيا مان انهن چونڊ ڏهن عالمن ۽ فارسي ادبيات جي ماهرن ۾ شامل ڪيو، جن کي سندن سڄي عمر جي علمي خذمتن جي اعتراف طور مارچ 1974ع ۾ تهران يونيورسٽيءَ پاران ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني ويئي. تنهن کانسواءِ ايراني حڪومت 1965ع ۾ کيس ايران جو سڀ کان وڏو اعزاز “نشان سپاس درجه اول” ڏنو، خود شهنشاهه ايران پڻ سندس علمي ۽ ادبي خذمتن جو معترف ٿيو.
    سنڌ کي پنهنجي هنن ٻنهي عالمن، اديبن ۽ مورخن تي سدائين ناز رهندو.


    • شيراز ۽ تخت جمشيد

    ايران ويندڙ هم سفر ساٿين سان جڏهن اصفهان ۽ شيراز جو ذڪر نڪتو ۽ مون دوستن کي چيو ته، “اصفهان ۽ شيراز ضرور ڏسڻ گهرجي.... شيراز جي ويجهو تخت جمشيد آهي ۽ منهنجي دلي خواهش آهي ته اهوضرور ڏسجي.”
    منهنجي ڳالهه ٿي صفدر شاهه ۽ آفتاب شاهه هائوڪار ڪئي ۽ چيو، “ضرور ڏسڻ گهرجي..... اسين به هلنداسين.”
    تيسين صفدر شاهه جي گهرواريءَ جيجيءَ چيو، “شيراز اسانجو اصل وطن آهي، اهو ته اسين ضرور ڏسنداسين.”
    صفدرشاهه ٺٽي جي شيرازي فئملي سان واسطو ٿو رکي، پاڻ پاڪستان اسٽيل ملز ۾ آفيسر آهي، پر طبيعت ۾ صفا مولائي مڙس آهي، جڏهن اسين سفر جي پهرين ڏينهن ملياسين ۽ ڪوئيٽا ۾ واقفيت ۽ حالن احوالن دوران کيس ٻڌايم ته آئون به ٺٽي جي دڙي شهر جو آهيان، ته ڏاڍو خوش ٿيو. پوءِ ته اسان چئني جي سنگت ٺهي ويئي ۽ خوب گهمياسين ڦرياسين. هڪ ڀيري ته صفدر شاهه چيو، “تون اسانجو فئملي ميمبر آهين.” اها ڳالهه صفدر شاهه ٻن ٽن هنڌن تي ورجائي، اها صفدر شاهه جي مهرباني ۽ وڏائي هئي. جو هن مونکي پنهنجي ڪٽنب جي ڀاتيءَ جي حيثيت ڏني. پاڻ سنڌي ماڻهو هونئن به سيدن، اهل بيتن ۽ عورت ذات جي وڏي عزت ڪندا آهيون، صفدر شاهه جي انهن خلوص وارن جملن منهنجي دل ۾ سندس لاءِ تهائين عزت ۽ احترام جو جذبو وڌايو.
    جڏهن اصفهان کان ‘قم’ واپس موٽياسين پي ته مون وين جي ڊرائيور کان پڇيو، “هتان کان شيراز تائين گهڻو وقت لڳندو؟”
    “شش ساعت” (يعني ڇهه ڪلاڪ) هن وراڻيو.
    شيراز، ايران جو تاريخي شهر آهي، ماضيءَ ۾ سنڌ ۽ ايران جي لاڳاپن سبب، شيراز ۽ايران جي ٻين ڪيترن ئي شهرن مان ڪيترن ئي علمي ۽ ادبي گهراڻن کانسواءِ، مختلف سببن جي ڪري ڪيترائي اهل بيت گهراڻا سنڌ آيا، انهن مان ڪي ته اڳتي هندستان جي ٻين شهرن ڏانهن هليا ويا، ڪن وري سنڌ کي پنهنجو دائمي مسڪن بنايو. صفدر شاهه جا وڏا به شيراز مان آيا هئا ۽ ٺٽي ۾ اچي رهيا. شيرازي فئملي ٺٽي ۾ وڏو سياسي اثر ۽ رسوخ رکي ٿي، گذريل ويهن پنجويهن سالن کان ايم پي ايز، ايم اين ايز، سينيٽر، وزير، صلاحڪار، چيئرمن ۽ ناظم وغيرهه، ‘شيرازي’ ئي ٿيندا رهيا آهن. ٺٽي جي اها شيرازي فئملي عوامي خذمتن ۾ مشهور هئڻ سان گڏ، رات وچ ۾ سياسي وفاداريون بدلائڻ ۽ پنهنجي مخالفن کي انتقام جو نشانو بنائڻ ۾ به تيز آهي. صفدر شاهه مونکي ٻڌايو ته هو شيرازي فئملي سان واسطو رکڻ جي باوجود به سدائين پي پي پي سان رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هو خود به شيرازي ڀائرن جي سياسي انتقام جو نشانو بنجندو رهيو آهي.
    ‘شيراز’ جي سڃاڻپ ۽ مشهوريءَ جا ڪيترائي ‘حوالا’ آهن. پر شيخ سعدي ۽ حافظ شيرازي جي ڪري ‘شيراز’ کي دائمي شهرت حاصل ِآهي، ٻنهي جون مزارون به ‘شيراز’ ۾ ئي آهن.
    شيرازين يعني شيراز جي رهاڪن ۾ هڪ چوڻي مشهور آهي ته “جڏهن شيراز جو شهر پنهنجي جوڀن تي هو ته مصر جي شهر قاهرا جي حيثيت شيراز جي ڀرپاسي واري ڪنهن عام ڳوٺڙي جهڙي هئي.” شيراز جي جاگرافيائي بيهڪ سبب ماضيءَ ۾ شيراز کي تاريخي حيثيت حاصل رهي آهي.
    ايران جي آڳاٽي تاريخ جي شاهي گهراڻي کي جنهن ۾ جميشد وغيرهه جو نالو به آهي، ‘پيش دادي” چيو ويندو آهي، چيو وڃي ٿو ته “پيش دادي” شاهي گهراڻي جي ٻي بادشاهه “طهمورث ديوبند” جي پُٽ “شيراز” هن شهر جو بنياد رکيو.
    قبل مسيح دور ۾ خاص ڪري 550 ق-م ۾ ۽ 230 ق-م جي دوران ايران دنيا جي هڪ وڏي طاقت هو. بعد ۾ يونان مان سڪندر اعظم اُٿيو، جنهن 331 ق-م ۾ ‘اربيل’ جي هنڌ تي ايران جي بادشاهه دارا کي شڪست ڏني. دارا اُن جنگ ۾ مارجي ويو. سڪندر اعظم جي موت کانپوءِ فرات کان وٺي پنجاب تائين جو علائقو سڪندر جي هڪ سپهه سالار ‘سليوڪس’ جي حصي ۾ آيو. 316 ق-م ۾ سليوڪس پنهنجي بادشاهه هئڻ جو اعلان ڪيو، يوناني ڪمزور ٿيا. (245 ق-م، 224 ق-م) ته ڪيسپيئن سمنڊ کان وٺي خراسان تائين، اُترين علائقي ۾ ‘پارٿي قوم’ سگهه حاصل ڪئي. اهي خانه بدوش، تيراندازي ۽ گهوڙي سواريءَ جا ماهر هئا، جڏهن دشمن سندن وٺ ۾ ايندو هو ته هو ڊوڙندڙ گهوڙن تان ئي مٿن تيرن جو وسڪارو لاهي ڏيندا هئا ۽ جڏهن دشمن کي پاڻ کان سگهارو ڏسندا هئا ته ڀڄڻ ۾ اصل دير ئي نه ڪندا هئا. پنهنجي عروج جي زماني ۾ پارٿين، شيراز جي علائقي ۾ گهڻو ٻائيتال مچايو. ان کانپوءِ ايران تي ساساني گهراڻي جي حڪومت شروع ٿي. ان گهراڻي جي بادشاهن جو تعداد لڳ ڀڳ 25 آهي. جن مان ڪن مشهور بادشاهن جا نالا آهن، اردشير، شاهپور ٻيو، يزدگرد پهريون، قباد پهريون، خسرو پهريون، خسرو ٻيو. خسرو پهرينءَ کي ئي نوشيروان سڏيو وڃي ٿو يعني لاثاني روح، ان کي ايران جو سڀ کان وڏو بادشاهه مڃيو وڃي ٿو. هن محصولن ۾ سڌارا آندا هئا ۽ نوشيروان جي زماني ۾ ئي مزدڪ کي قتل ڪيو ويو ۽ زرتشتي مذهب بحال ڪيو ويو.
    يزدگرد ٽيو، ان گهراڻي جو آخري بادشاهه هو، جيڪو 16 جون 632، تي تخت تي ويٺو، ايران جو جلالي ڪئلينڊر به ان ئي تاريخ کان شروع ٿئي ٿو. عرب فوج حضرت عمر رضه جي خلافت دوران، حضرت سعد بن ابي وقاص جي اڳواڻيءَ ۾ ايراني فوج کي 637 ۾ جنگ قادسيه ۾ ۽ 641ع ۾ نهاوند ۾ شڪست ڏني. انهيءَ جنگ ۾ يزد گرد به مارجي ويو. شيراز کي حضرت عمر فاروق جي آخري زماني ۾ ابو موسيٰ اشعري ۽ عثمان بن ابي وقاص فتح ڪيو.
    ايران ۾ 867ع کان وٺي 903ع تائين ‘آل بويا’ جي حڪومت قائم رهي. جيتوڻيڪ بغداد جي عباسي خلافت سفاري دور ۾ به قائم هئي ۽ ‘آل بويا’ جي دور ۾ به، پر اها نالي ماتر هئي. اڇي ڪاري جا ڌڻي ‘آل بويا’ ئي هئا. ان گهراڻي جو باني ‘ابو شجاع بويا’ هو. هن جي پٽن جا نالا علي، حسن ۽ احمد هئا. هنن اصفهان، ڪازرون، شيراز، ڪرمان ۽ ايتريقدر جو بغداد تي به قبضو ڪري ورتو. هن گهراڻي جي بادشاهن معز الدوله، عمادلدوله ۽ رڪن الدوله جا لقب اختيار ڪيا. ان ئي گهراڻي جي هڪ حڪمران سلطان الدوله شيراز کي ڀت ڏياري ۽ ان ۾ ٻارهن دروازا رکرايا. چيو وڃي و ته اهي ڀتيون ڇهن هزار وکن تي ٻڌل هيون، ان کانپوءِ ‘فارس’ تي ‘اتابڪ’ گهراڻي جي حڪومت قائم ٿي. ابوبڪر بن سعد بن زنگي 1226ع کان 1259ع تائين فارس جو حڪمران رهيو. ان کانپوءِ سعد بن ابوبڪر زنگيءَ جي حڪومت آئي، شيخ سعدي اُن ئي بادشاهه جي نسبت سان پنهنجو تخلص “سعدي” رکيو هو. سعد زنگيءَ به سفاري گهراڻي جي بادشاهه عمرو بن ليث جي جامع مسجد جي مقابلي ۾ هڪ “مسجد نو” اڏرائي.
    اُن کانپوءِ تاتارين جو زمانو اچي ٿو. امير تيمور شيراز کي ٻه ڀيرا فتح ڪيو، پهريون ڀيرو 1387ع ۾ ۽ ٻيو ڀيرو، 1393ع ۾. جڏهن پهريون ڀيرو هن شيراز فتح ڪيو ته، هُن حافظ شيرازي سان به ملاقات ڪئي، جنهن جو ذڪر امير تيمور پنهجي ‘توزڪ’ ۾ پڻ ڪيو آهي.
    تاتارين کانپوءِ ايران تي صفوي گهراڻي (1502ع) جي حڪومت قائم ٿي، شاهه اسماعيل ۽ شاهه عباس، هن گهراڻي جا مشهور بادشاهه ٿي گذريا آهن، انهن ۾ خاص طور تي شاهه عباس صفويءَ، ازبڪن ۽ ترڪن کي شڪست ڏيئي ايران مان هڪالي ڪڍيو، شاهه عباس جو هڪ گورنر ‘شيراز’ ۾ رهندو هو، هن شيراز کان اصفهان ويندڙ رستي جي مرمت ڪرائي ۽ ڪجهه فاصلي تائين رستي جي ٻنهي پاسن وڻ به لڳرايا، ان ئي زماني ۾ شيراز ۾ عيسائين جو هڪ مشن پڻ قائم ٿو.
    1668ع ۾ برسات جي ڪري ايندڙ ٻوڏ ‘شيراز’ کي سخت نقصان رسايو 1724ع تي ‘شيراز’ تي افغانن قبضو ڪيو ۽ ڪريم خان زند اُن کي پنهنجي گاڌي جو هنڌ بنايو. ان زماني ۾ ڀتين جي مرمت ڪرائي ويئي، شهر جي چوڌاري خندقون کوٽايون ويون، بازارين جي فرش بندي ٿي، خوبصورت عمارتون اڏرايون ويون، باغ لڳايا ويا ۽ ان ئي زماني جي ‘بازار وڪيل’ گهڻي مشهور آهي، شيراز جي خوبصورتي جي لاءِ ان بادشاهه جون خذمتون سدائين ياد رکيون وينديون. 1831ع ۽ 1824ع ۾ زلزلن سبب هڪ ڀيرو شهر ويران ٿيو، پوءِ نيٺ هوريان هوريان، شهر جون رونقون بحال ٿيون.
    پراڻي زماني ۾ شيراز ۽ اُن جي آسپاس شراب ٺاهيو ويندو هو، جنهن جي شهرت پري پري تائين هوندي هئي، تنهن کانسواءِ هن شهر جي ماکي ۽ چڪين جا پٿر مشهور هئا. هن شهر ۾ پچي ڪاري/ميناڪاري جو ڪم به ٿئي ٿو، پر هتي جي پچي ڪاري /ميناڪاري هڪ خاص قسم جي آهي، جنهن کي ‘خاتم ڪاري’ چيو وڃي ٿو. ڪپڙو، تار جون ٺهيل سنهيون ڄاريون، زربخت ۽ ڪچو ريشم به هت ٺهي ٿو.
    هي شهر ڪيترين ئي اهم شخصيتن جو وطن به رهيو آهي، ماني مت جو داعي ۽ مصور ‘ماني’ ۽ بابي/ بهائي مذهب جو باني محمّد علي باب به شيراز جا ئي هئا. هن شهر جي مشهور شاعرن ۾ حافظ، سعدي، اهلي، عرفي، بابا افغاني ۽ همگر مشهور آهن.
    شيراز جي مشهور ۽ ڏسڻ جهڙين جاين ۾ عمرو بن ليث جي جامع مسجد، سعد زنگي جي ‘مسجد نو’، خاتون قيامت جو مقبرو، بي بي دختران جو مقبرو، مدرسو خان، حضرت امام موسيٰ ڪاظم جي پوٽي حضرت احمد جو مقبرو، سعدي ۽ حافظ شيرازيءَ جون مزارون، مسجد وڪيل، مدرسو وڪيل بازار وڪيل، قلعو، باغ دلڪش، شاهه چراغ جي مسجد، هفت تن باغ شامل آهن.
    فارس جو پراڻو نالو ‘ميڊيا’ ۽ ان جي گاڌي جو هنڌ ‘شيراز’ هو. ان جا رهاڪو نائين صدي قبل مسيح ۾ اشورين (ايريا) جا ڏن ڀرو رهيا. 250 ق-م ۾ سائرس اعظم جي قيادت ۾ اشورين جي خلاف بغاوت ٿي، سائرس کي ايراني ڪوروش اعظم يا پاڻ سنڌيءَ ۾ ڪيخسرو به لکندا آهيون، دارا يوش پهريون هخا منشي گهراڻي جو پهريون حڪمران هو، جنهن جي سلطنت ‘ايشياءِ ڪو چڪ’ کان وٺي پنجاب ۽ سنڌ تائين هئي. دارايوش، زرتشتي مذهب کي مڃيندڙ هو.ايران جي سلطنت، دارا جي وقت ۾ پنجين صدي قبل مسيح ۾ سنڌ فتح ڪئي ۽ ان وقت بلوچستان سان گڏ سنڌ به ايران جي ساساني سلطنت جو حصو بنجي ويئي، سڪندر اعظم، دارا کي شڪست ڏيئي سنڌ کي پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪيو.
    هخا منشي گهراڻون، ‘هخا منش’ جي نالي سان شروع ٿيو، جيڪو “پاسرگاد” قبيلي جو شهزادو هو. هخا منشين جو پهريون گاڌي جو هنڌ “پسار دگان” هو، دارا يوش پهرينءَ ئي 513 ق-م جي لڳ ڀڳ ان محل جو بنياد رکيو، جيڪو “ڪوهه رحمت” جي پهاڙي جي لاهيءَ تي هو، شروع ۾ اُن جو نالو پُرسا. (PARSA) هو، جيڪو پوءِ يونانين جي اثر هيٺ ڦري “پرسي پولس” ٿيو. اهو هڪ شاندار محل هو، جنهن جي چوڌاري هڪ وڏي ڀت هئي،جنهن ۾ پوءِ ايندڙ بادشاهن واڌارا ڪيا، هاڻ نه اها ڀت آهي ۽ نه اهو محل.
    تخت جمشيد جي ڀتين ۽ ٿنڀن تي جيڪي چٽ گل ٺاهيا ويا آهن، انهن جي باري ۾ ڪن محققن جو خيال آهي ته اهي يوناني آرٽ کان متاثر ٿي ٺاهيا ويا آهن، پر حقيقت ۾ اڏاوت جا نمونا ‘پاسرگاد’ جي محلن کان متاثر ٿي ٺاهيا ويا آهن. جيڪي تخت جمشيد کان ڪجهه سال اڳ اڏيا ويا هئا، ان وقت ايران ۽ يونان جي وچ ۾ دوستاڻا واسطا نه هئا.
    سائرس اعظم (549 - 529 ق-م) پنهنجي ناني استياڪس کي شڪست ڏيئي، ايراني سلطنت تي قابض ٿيو، هن ليڊيا (ايشاءِ ڪو چڪ) ۽ يونان کي به شڪست ڏني، پوءِ هو باختر، افغانستان ۽ مڪران تي به قابض ٿيو، هن اشورين کي به شڪست ڏني، هن بادشاهه ئي بخت نصر جي جلاوطن يهودين کي جيڪي بابل ۾ قيد هئا، واپس يروشلم وڃڻ جي موڪل ڏني. اُن ئي سائرس اعظم شيراز کان چاليهه ميل اُتر اولهه ۾ “پرسي پولس” (تخت جمشيد) جو بنياد رکيو.
    ايرانين، يونانين تي سوڀ ماڻڻ کانپوءِ ‘اٿينس’ کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو. يونانين اُن شڪست کي ڪڏهن به نه وساريو، جڏهن يونانين کي سڪندراعظم جي روپ ۾ هڪ اڳواڻ مليو ته هنن به ايرانين کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ ‘پرسي پولس’ سان اهو ئي سلوڪ ڪيو، جيڪو ايرانين ‘اٿينس’ سان ڪيو هو. چون ٿا ته هن ‘پرسي پولس’ کي تباهه ڪرڻ جو قسم کنيو هو، تنهنڪري موقعو ملندي ئي سڪندر شهر کي ساڙي ٻاري ڇڏيو.
    سڪندر واپس ورڻ کان اڳ “سوس” جي هنڌ تي پنهنجن ڏهن هزار فوجي آفيسرن ۽ جوانن جون ايراني دوشيزائن سان اجتماعي شاديون ڪرايون، اُن تقريب کانپوءِ جڏهن سڪندر بابل پهتو ته اوچتو بيمار ٿي مري ويو.
    جنهن جاءِ کي تخت جمشيد چيو وڃي ٿو، ان بابت مختلف روايتون آهن، ڪجهه ماڻهن جي راءِ موجب اهو ايراني عوام جي تخيل جو ڪرشمون آهي، هو مشهور تاريخي عمارتون ڪنهن نه ڪنهن افسانوي بادشاهه جي نالي منسوب ڪري ڇڏيندا هئا، ۽ تخت جمشيد ان جو هڪ مثال آهي.
    تخت جمشيد جي پس منظر ۾ موجود ٽڪريءَ تي ٽن ايراني بادشاهن اردشير ٻيو، ارد شير ٽيو ۽ دارايوش ٻئي جا مقبرا موجود آهن، تخت جشيد جي ڀرسان ئي ڇهن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي ‘نقش رستم’ آهي. نقش رستم ۾ چئن ناليوارن ايراني بادشاهن ايڪسر ڪسير (XER XES) ارد شير پهرينءَ (ARTAXERXEXT) دارايوش پهرينءَ (DARIOUS THE GRAOAT) ۽ دارايوش ٻي (DARIOUS-II) جا مدفن آهن.
    تخت جمشيد جي ويجهو ئي “مردشت” ۾ ‘شاهه چراغ’ جي مزار آهي، شاهه چراغ جو اصل نالو احمد بن موسيٰ الڪاظم آهي. پاڻ حضرت امام رضا جو ڀاءُ هو، عام روايت آهي ته هو پنهنجي ڀاءُ سان ملڻ جي لاءِ “خراسان” روانو ٿيو ته ‘شيراز’ جي حاڪم کيس روڪيو، ان تڪرار جو نتيجو نيٺ سندس شهادت جي صورت ۾ نڪتو، مٿس شاهه چراغ جو نالو ڪيئن پيو؟ ان حوالي سان چيو وڃي ٿو ته هتي رکيل چراغ (ڏيئا) پاڻ مرادو ٻرڻ ٿا لڳن. واعليٰ عالم...
    عالمي نشرياتي ذريعن ۾ هاڻ تخت جمشيد ڪنهن به تعارف جو محتاج ڪونهي. هي اهو ئي هنڌ آهي، جتي شهنشاهه ايران آريه مهر محمد رضا شاهه پهلويءَ، سائرس اعظم (ڪوروش اعظم) جي هٿان قائم ٿيندڙ عظيم ايراني سلطنت جو اڍائي هزار ساله جشن ملهايو هو.
    پئسو وڏا ٺٺ ٿو ڪرائي ۽ اهو پئسو وري ڪنهن حڪمران کي هٿ چڙهي ته هو پنهجي ٺٺ ٺانگر، شان ۽ شوڪت کي وڌائڻ جي لاءِ خرچ ته ڪندو، جڏهن ايران وٽ پئٽرو ڊالر آيو ته شهنشاهه ايران جي نه رڳو آمريڪا وٽ، پر ڀرپاسي جي ملڪن وٽ به اهميت وڌي. هن پهرين 1967ع ۾ ‘جشن تاجپوشي’ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ۽ ايران جي آئين ۾ ترميم ڪري راڻي فرح ديبا پهلويءَ جي به تاجپوشي ڪئي ويئي. ۽ پوءِ 1971ع ۾ شهنشاهه، ايراني بادشاهت جي قيام جو اڍائي هزار ساله جشن ملهايو، اهو به ايئن ملهايو ويو، جيئن چار سال اڳ جشن تاجپوشي ملهايو ويو. پر هي جشن هر لحاظ کان شاهاڻو هو. جشن تاجپوشي ته خرچن ۽ ٺٺ ٺانگر جي حساب سان هڪ ٽريلر هو، ان جشن ۾ پنجاهه کان به وڌيڪ ملڪن جي سربراهن ۽ انهن جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ انهن سربراهن جي رهائش لاءِ تخت جمشيد جي کنڊرن ۾ خيمن تي ٻَڌل باقاعده شهر اڏيو ويو، اها خيمه بستي، ٽن ڏينهن جي استعمال کانپوءِ بيڪار ۽ بي مصرف ٿي ويئي، ان جشن تي خرچ ٿيندڙ دولت جو اندازو 700 کان 800 ملين ڊالر آهي.
    15 آڪٽومبر تي ان جشن جون سرگرميون پنهنجي عروج تي پهچي ويون، جڏهن شهنشاهه ايران هيلي ڪاپٽر مان لهي سڄي دنيا مان ايندڙ سربراهن ۽ انهن جي نمائندن ڏانهن پُٺ ۽ سائرس اعظم جي قبر جي سري ڏانهن منهن ڪري پنهنجي سپاسنامي جي انتهائي فخر سان هنن لفظن سان پُڄاڻي ڪيئي هئي “ڪوروش آسوده بخواب زيراڪه ما بيداريم” (ڪوروش! آرام سان سُمهيو پيو هج، ڇو ته مابدولت جاڳي پيو). تنهن کانپوءِ شهنشاهه تخت جمشيد تي ويهي سائرس (ڪوروش) کان وٺي رضاخان تائين مختلف دورن ۾ ايراني حڪمران گهراڻن هخا منشي، پارٿي، ساساني، سلجوقي، منگول، ديالمي، صفوي، افغان، زند ۽ قاچار گهراڻن کانپوءِ پهلوي دور تائين جي ڊريس پاتل فوجين ۽ متروڪ ٿيل هٿيارن سان فوج جي سلامي ورتي هئي.
    ان جشن جي دوران پهلوي دور جي ترقياتي ڪمن، خاص ڪري رضا شاهه پهلوي جي ‘سفيد انقلاب’ ۽ ان جي ذريعي ٿيندڙ ترقيءَ جي وڏي پئماني تي تشهير ڪئي ويئي، ان جشن کي عالمي سطح تي وڏي پئماني تي مشهوري ملي ۽ ان حوالي سان تخت جمشيد جو به هر هنڌ ذڪر ٿيڻ لڳو.
    شاهه ايران جي دور ۾ اُتي سائونڊ ۽ لائٽ شو جي ذريعي انگريزي، فرانسيسي ۽ فارسي، ٽنهي ٻولين ۾ ‘تخت جمشيد’ جي تاريخ بيان ڪئي ويندي هئي. ان شو جو اسڪرپٽ هڪ مشهور فرانسيسي تاريخ دان لکيو هو ۽ ايران جا ماهر موسيقار شو جي دوران پنهنجي سازن جو جادو جاڳائيندا هئا، شهنشاهيت جي خاتمي کانپوءِ اهو سلسلو بند ڪيو ويو.
    شهنشاهيت جي ان اڍائي هزار ساله جشن ۾ پاڪستان جي نمائندگي صدر جنرل يحيٰ خان ڪئي هئي، ۽ هن جي حوالي ڪيترين ئي دلچسپ ڪهاڻين جنم ورتو، هڪ ڪهاڻي صدر يحيٰ خان ۽ مناڪو جي شهزادي گريس جي حوالي سان پکڙي. آجيان واري تقريب ۾ ٻيئي هڪ ئي صوفا تي ويٺا هئا، ۽ جنرل يحيٰ خان جيڪو نشي ۾ ٻُڏل هو، تنهن سفارتي آدابن جو خيال نه ڪندي شهزادي گريس تي هڪ نظر وڌي ۽ پوءِ سندس جسم کي ڇُهي ورتو، جنهن جي نتيجي ۾ شهزادي گريس بدظن ٿي، شال پنهنجن ڪلهن تي اوڍي، اتان اُٿي وڃي ٻي صوفي تي ويٺي.
    ٻي ڪهاڻي اها هئي ته اُتي ڪيترن ئي ملڪي سربراهه موجود هئا، جن اوڀر پاڪستان جي باري ۾ صدر يحيٰ خان کي صلاحون ڏيڻ ٿي چاهيون، پر يحيٰ خان جي نشي ۾ حالت خراب هئي، نه هن جو دماغ صحيح هو ۽ نه مثانو.... ميزبانن ساڻس ڳالهائڻ چاهيو، پر کيس سنگل ئي نه ڏنائين، روسي صدر پوڊگونيءَ کيس ڌمڪي ڏني ته اها شراب جو ڍُڪ سمجهي پي ويو. يوگو سلاويه جو صدر مارشل ٽيٽو ساڻس ملاقات ڪرڻ جي لاءِ اوسيئڙو ڪندو رهيو، پر جنرل صاحب وقت تي ڪپڙا پائي تيار ٿي نه سگهيو، ٻُڌڻ ۾ آيو ته هو تيار ته ٿي ويو، پر کانئس پيشاب جهلجي نه سگهيو ۽ پتلون پُسي ويس ۽ صدر ٽيٽو انتظار ڪري واپس هليو ويو.
    اها ڳالهه به مشهور آهي ته شاهي ضيافت جي دوران به صدر پاڪستان جو پيشاب وهي ويو هو.
    يحيٰ خان جي پيشاب وهڻ ۽ جهلي نه سگهڻ جي لاءِ اهو به مشهور ٿيو ته هو هڪ تنبوءَ جي ٻاهران سرعام پتلون جا بٽڻ کولي ننڍن ٻارن جيان پيشاب ڪرڻ لڳو ته اُتي بيٺل معزز مهمانَ يحيٰ خان جي ان حرڪت تي هڪا ٻَڪا ٿي ويا ۽ هنن منهن ٻي پاسي ڦيري ڇڏيا.
    اها ڳالهه به مشهور آهي ته ان جشن ۾ يحيٰ خان جڏهن ايران ويو ته هن جهاز ۾ ايترو ته شراب پيتو، جو سندس پير ئي نه پي جهليا ۽ جهاز جو پائلٽ اڌ مُني ڪلاڪ تائين جهاز کي ايئن ئي ايئرپورٽ جي مٿان اڏائيندو رهيو، جيئن يحيٰ خان جو نشو گهٽجي ۽ هو پير جلهي جهاز مان ايئرپورٽ تي لهڻ جهڙو ٿئي.
    پاڪستان تي ڪهڙن ڪهڙن نه مشڪرن حڪومت ڪئي آهي.


    • سائرس اعظم ۽ دارايوش جي وصيت

    گذريل صفحن ۾ پاڻ شهنشاهه ايران پاران ملهايل ‘ايراني شهنشاهيت جي قيام جي اڍائي هزار ساله جشن’ جي حوالي سان سائرس اعظم جو ذڪر ڪري آيا آهيون، جنهن کي ايران ۾ ‘ڪوروش اعظم’ چيو وڃي ٿو، سائرس کي ايران جي عظيم شهنشاهيت جو باني چيو وڃي ٿو.
    سائرس اعظم ‘هخا منشي’ گهراڻي ۾ 590 ق-م ۾ پيدا ٿيو، اهو گهراڻو هڪ ننڍي رياست تي حڪمراني ڪندو هو، جنهن جو نالو ‘پساگرد’ (PERSIS) هو. اها رياست ‘ماد جي سلطنت’ جو حصو هئي. سائرس جي پيءُ جو نالو ‘ڪمبي سيس پهريون’ (Camby Ses-I) هو. سائرس يا ڪوروش جي شروعاتي زندگيءَ بابت هڪ قصو مشهور آهي، جيڪو مشهور تاريخ دان ‘هيرو ڊوٽس’ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي. جنهن موجب سائرس جي ماءُ جو نالو ‘مانڊين’ (MANDANE) هو، جيڪا ‘ماد سلطنت’ جي شهنشاهي گهراڻي جي هڪ شهزادي هئي، اڃا سائرس پيدا ئي نه ٿيو هو ته هڪ نجوميءَ اڳ ڪٿي ڪئي ته هن شهزاديءَ جي پيٽان جيڪو ٻارڙو ڄمندو، اهو سڄي دنيا تي حڪمراني ڪندو. جڏهن اها اڳ ڪٿي مشهور ٿي ته ‘ماد’ جي هڪ معزز شخص ‘هر پاگس (HAR PAGUS) جي حوالي اهو ڪم ڪيو ويو ته پيدا ٿيندڙ انهيءَ ٻارڙي کي ڄمندي ئي ماري ڇڏي. پر ‘هرپاگس’ ٻارڙي کي مارڻ جي بدران هڪ ڌراڙ جي حوالي ڪيو ۽ ايئن سائرس يا ڪوروش اُن ڌراڙ جي ڪٽنب ۾ وڌي وڏو ٿيڻ لڳو. جڏهن هو ڏهن سالن جو ٿيو ته هڪ واقعي ۾ ملوث هئڻ جي ڪري هو ‘ماد’ جي بادشاهه استيگس (Asty gas) جي سامهون پيش ٿيو، بادشاهه پنهنجي ڏهٽي کي سُڃاڻي ورتو ۽ هو ‘هر پاگس’ جي ان حرڪت تي ڏاڍو ناراض ٿيو، پر هن سائرس کي ڪو نقصان رسائڻ جي بدران کيس سندس اصلي والدين تائين پهچائي ڇڏيو. هڪ ٻئي قصي موجب ‘سائرس’ کي ٻاراڻي وهيءَ ۾ ئي سندس والدين جنگهل ۾ ڇڏي ڏنو، جيئن هو وحشي درندن جو کاڄ بنجي وڃي، پر هو بچي ويو ۽ سندس پالنا بگهڙن جي هڪ جوڙي ڪئي، ۽ هو انهن سان گڏ پلجي جوان ٿيو. انهن قصن مان هڪ ڳالهه ثابت آهي ته سائرس کي شروع کان ئي ‘ماد سلطنت’ جو دشمن تصور ڪيو ويندو هو. ۽ ايندڙ وقت ان ڳالهه کي ثابت به ڪيو. سڀئي يوناني ۽ بابلي دستاويز اُن ڳالهه تي سهمت آهن ته سائرس ٽن سالن تائين ‘ماد سلطنت’ سان وڙهندو رهيو. شروع ۾ کيس شڪستن کي منهن ڏيڻو پيو، پر پوءِ جي جنگين ۾ “پساگرد” جي ماڻهن کي سوڀ نصيب ٿي ۽ نيٺ 550 ق-م ۾ ‘ماد سلطنت’ جي گاڌي جو هنڌ “اڪباطنا” سائرس جي قبضي ۾ اچي ويو ۽ ‘ماد’ جي بادشاهه “استيگس” کي گرفتار ڪري سائرس جي سامهون پيش ڪيو ويو. سائرس، ساڻس سٺي نموني پيش آيو ۽ سندس جان بخشي ڇڏيائين، هيروڊٽس جي لکڻ موجب ‘ماد سلطنت’ جي شڪست جو سبب “هرپاگس” جي بي وفائي هئي، جيڪو ان تاڙ ۾ هو ته ڪيئن هو بادشاهه کان پنهنجي ذلت جو بدلو وٺي سگهي.
    ‘ماد’ کي شڪست کانپوءِ ‘سائرس’ سڄي ايران جو بادشاهه بنجي ويو ۽ ان کانپوءِ هن ‘ايشياءِ ڪو چڪ’ جي شاهوڪار سلطنت ‘ليڊيا’ ڏانهن ڌيان ڏنو. ڪوروسس (CROESUS) جيڪو ليڊيا جو بادشاهه هو، تنهن بابل ۽ مصري بادشاهن کان پارسين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ مدد گهري، پرسائرس ان جي لاءِ تيار هو ۽ هن ‘پيٽريا’ تي اوچتو حملو ڪري اهو فتح ڪري ورتو ۽ ڪروسس جي سرمائي گاڌي جي هنڌ ‘سارڊس’ تي حملو ڪري ڏنو، جڏهن ڪروسس ڏٺو ته ڳالهه هٿن مان نڪتي پيئي وڃي ته هن ٻيهر بابلي بادشاهه کان مدد گهري، تنهن کانسواءِ هن اسپارٽن کي به پنهنجي مدد جي لاءِ سڏيو، پر اُن کان اڳ جو اسپارٽن سندس مدد لاءِ پهچي، سائرس 546ق-م ۾ ‘سارڊس’ تي قبضو ڪري ورتو، ، يوناني تاريخ نويسن جي لکڻ موجب ‘سائرس’ ليڊيا جي بادشاهه سان رحمدليءَ سان پيش آيو ۽ سندس جان بخش ڪري ڇڏي، ٻين هنڌن تي لکيل آهي ته کيس قتل ڪري ڇڏيو.
    سارڊس جي فتح کانپوءِ يوناني شهري رياستن به سائرس جي آڻ مڃي ۽ سائرس جي شرطن تي ٺاهه ڪيائون، تنهن کانپوءِ’ڪاريا’ ۽ ‘ليسا’ به سائرس جي هٿان فتح ٿي، ايراني سلطنت جو حصو بنجي ويا. اولهه کان وانڌو ٿي سائرس، ايران جي اُڀرندين سرحدن طرف ڌيان ڏنو ۽ 546 ق-م کان 540 ق-م تائين ‘فارس’ جون اڀرنديون سرحدون به پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪيائين اُن کانپوءِ سائرس پنهنجو سڄو ڌيان ‘عظيم بابلي سلطنت’ طرف ڏنو، بابلي بادشاهه نبونيڊس (Nabo nidus) جيڪو پنهنجي ظلم ۽ ڏاڍ جي ڪري بابلي رعيت ۾ ڪافي بدنام هو. سائرس کيس 539 ق-م ۾ شڪست ڏني. ماڻهن خوشيءَ ۾ بي قابو ٿي شهر جا دروازا فاتح فوج جي لاءِ کولي ڇڏيا، سائرس يهودين کي بابلي غلاميءَ مان آزاد ڪرائي کين سندن اباڻي ملڪ ‘يروشلم’ ۾ ٻيهر آباد ڪرايو ۽ کين سندن هيڪل ٻيهر اڏڻ جي موڪل ڏني.
    سائرس جي دور ۾ ئي زرتشست (Zarathustra) جو ظهور ٿيو.
    سائرس (ڪوروش اعظم) 530 ق-م ۾ وفات ڪئي ، ان وقت هو وچ ايشيا ۾ خان بدوشن سان ويڙهه ۾ رڌل هو، سندس لاش ‘پساگرد’ آندو ويو ۽ وڏي عزت ۽ احترام سان دفنايو ويو. يوناني مورخن موجب سندس قبر تي لکيو ويو، “هتي ڪوروش سُتل آهي... بادشاهن جو بادشاهه.” مولانا ابو الڪلام آزاد جي خيال ۾ ته قرآن پاڪ ۾ جنهن شخص جو ذوالقرنين جي نالي سان ذڪر ڪيل آهي، اهو ‘سائرس’ ئي هو.
    سائرس نهايت ڏاهو، بهادر ۽ قابل بادشاهه هو. سندس ڏاهپ جون به ڪيتريون ئي ڳالهيون مشهور آهن. ايران جي وڪيل ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ايراني خاتون ‘شيرين عباديءَ’ کي جڏهن 2003ع ۾ نوبيل ايوارڊ ڏنو ويو ته هن اهو ايوارڊ وٺڻ مهل ناروي جي گاڌي جي هنڌ ‘اوسلو’ ۾ ايوارڊن ورهائڻ واري شاندار تقريب ۾ ايوارڊ وصول ڪرڻ کان اڳ پنهنجي مختصر تقرير جي شروعات هنن لفظن سان ڪئي هئي:
    “منهنجي نسل جو سلسلو سائرس اعظم سان ملي ٿو، اڄ کان اڍائي هزار سال اڳ، وقت جو اهو عظيم شهنشاهه پنهنجي اقتدار ۽ اختيار جي عروج تي هو. ان وقت سائرس اهو تاريخي اعلان ڪيو ته، “جڏهن رعيت مون کان نفرت ڪرڻ لڳندي ته آئون تخت ۽ تاج ٺڪرائي زندگيءَ جا باقي ڏينهن گمناميءَ جي گوشي ۾ گذاري ڇڏيندس. سندس اهي لفظ ٺڪر جي هڪ ٿانوَ تي نقش ٿيل آهن، جيڪي دنيا جي هڪ وڏي عجائب گهر ۾ ڏسي سگهجن ٿا. سائرس اعظم اهو اعلان به ڪيو ته هو پنهنجي رعيت جي ڪنهن هڪ فرد کي به پنهنجي مذهب بدلائڻ تي مجبور نه ڪندو.”
    ببلونيا (بابل) جي بادشاهه اڪاڊائين (جنهن کي سائرس تخت تان لاهي ڇڏيو هو) جو خيال هو ته سائرس اهو اعلان رڳو پنهنجي خدا “مردوڪ” جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪيو هو. پنهنجي حڪومت جا ڪارناما بيان ڪندي ‘اڪاڊائين’ ٻڌائي ٿو ته، سندس فيصلي جي نتيجي ۾ بابل جي شهرين جي زندگيءَ جو معيار بهتر ٿيو، لڏي ويندڙن کي ٻيهر سندن گهرن ۾ آباد ڪيو ويو، بت خانن ۽ عبادت گاهن کي بحال ڪيو ويو.
    هاڻ پاڻ سائرس اعظم جي دور کان اڳتي هلندي، سندس ئي نسل جي شهنشاهه دارايوش (Dorious) جي دور ۾ داخل ٿيون ٿا. اهو دور 522 ق-م کان 486 ق-م تي مشتمل آهي، اهو سائرس اعظم جي سلسلي جو چوٿون شهنشاهه هو. سندس باري ۾ ڪيترائي واقعا مشهور آهن، انهن مان ڪن جي اڃا تائين تاريخي طور تي تصديق ٿي نه سگهي آهي، اهڙن واقعن مان هڪ واقعي موجب دارايوش جڏهن پوين پساهن ۾ هو ته هن ايندڙ نسل جي لاءِ پنهنجي پُٽ ‘ايرڪس’ کي ڪجهه نصيحتون ڪيون، جن مان سندس عقل، ڏاهپ ۽ دورانديشيءَ جو ثبوت ملي ٿو. انهن مان ڪجهه ته اهڙيون به آهن، جيڪي اڄوڪي دور ۾ به انهن ماڻهن لاءِ لاڀائتيون آهن، جيڪي دنيا جي ڪنهن به ملڪ تي حڪومت ڪرڻ جي خواهش ۽ تمنا رکن ٿا. دارايوش پنهجي وليعهد ‘ايرڪس’ کي مخاطب ٿي چيو:
    “آئون پنهنجي زندگيءَ جي اُن ڏاڪي تي پهچي چڪو آهيان، جتي موت جي قدمن جو کُڙڪو ٻڌڻ ۾ پيو اچي، هن فاني جهان مان موڪلائڻ مهل منهنجي سلطنت فارس پنجويهن ملڪن تي پکڙيل آهي.... تون مون جيان انهن جي نگهباني ۽ حفاظت جي ڀرپور ڪوشش ڪج، تنهن ڪري لازمي آهي ته تون اُنهن ملڪن جي اندرين معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ڪج ۽ انهن جي رهاڪن جي مذهبن ۽ ثقافتن جو دل سان احترام ڪج.... پنهنجن دوستن ۽ ذاتي ملازمن کي ڪڏهن به سرڪاري عهدن تي مقرر نه ڪج، ڇو ته تنهنجي دوستي ئي انهن جي عزت ۽ وقار جي لاءِ ڪافي آهي. جيڪڏهن تو انهن کي ڪو سرڪاري عهدو ڏنو ۽ هنن پنهنجي اختيارن جو ناجائز فائدو وٺندي ماڻهن سان ناانصافي ڪئي يا سرڪاري خزاني کي لُٽڻ شروع ڪيو ته تون دوستيءَ جي ڪري انهن کي ڪا سزا ڏيئي نه سگهندين، ۽ اُن جو سبب اهو آهي ته هو تنهنجا دوست آهن ۽ چاهيندين يا نه چاهيندين به دوستيءَ جي اُن رشتي کي برقرار رکڻ تي مجبور هوندين. منهنجي توکي ٻي نصيحت اها آهي ته خوشامدڙين ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙن کان سدائين پاڻ کي پري رکج ۽ انهن کي ڪڏهن به پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏج... ڪوڙن ۽ مڪارن کي انتهائي بي رحميءَ سان پري ڪري ڇڏج، تنهنجا وزير عوام جا خادم بنجي رهن، حاڪم بنجڻ جي ڪوشش نه ڪن. مون عوام کان ٽئڪس جي وصوليءَ جو جيڪو طريقو لاڳو ڪيو آهي، ان ۾ وزيرن ۽ عوام کي هڪٻئي کان ڌار رکيو ويو آهي، مون جيڪو تعليمي پروگرام شروع ڪيو آهي، اهو جاري رکج، ڇو ته علم جي واڌاري جي لاءِ ضروري آهي، ته رياست جو هر فرد لکڻ ۽ پڙهڻ ڄاڻندو هجي، تنهڪري سڀني جي لاءِ معياري تعليم جا موقعا فراهم ڪرڻ تنهنجي ذميداري آهي. ماڻهو جيڪڏهن پڙهيل ڳڙهيل ۽ باشعور هوندا ته تون وڌيڪ ڀروسي سان مٿن حڪومت ڪري سگهندين، عوام تي پنهنجو مذهب ٿاڦڻ جي هرگز ڪوشش نه ڪج، اها ڳالهه هميشه ذهن ۾ رکج ته هر فرد پنهنجي پسند جو مذهب اختيار ڪرڻ ۽ اُن موجب زندگي گذارڻ جي لاءِ آزاد آهي. تون هڪئي وقت مدعي (فريادي) ۽ منصف (انصاف ڪندڙ /جج) بنجي فيصلو متان ڪجئين. جيڪڏهن توکي ڪنهن کان شڪايت هجي ته فيصلي جي لاءِ ڪنهن ٽي شخص کي امين مقرر ڪجئين. جيڪو مڪمل طور تي اڻ ڌريو ۽ تعصب کان آجو هجي. جيڪڏهن دعويٰ ڪندڙ پاڻ ئي جج بنجي وڃي ته فيصلو ڪڏهن به انصاف تي ٻڌل نه هوندو.... سخاوت ۽ معاف ڪري ڇڏڻ جو حوصلو رکڻ بادشاهت جو سڀ کان اهم گُڻ آهي. پر توکي معاف ڪرڻ جو اختيار رڳو انهن جي لاءِ حاصل آهي، جن توسان زيادتي ڪئي آهي، پر جيڪڏهن تون انهن کي به معاف ڪندين ، جن ٻين سان زيادتي ڪئي آهي ته اها کليل نا انصافي هوندي. منهنجي موت کانپوءِ منهنجي لاش کي غسل ڏيئي هڪ ڪپڙي ۾ ويڙهج، جيڪو ڪپڙو مون اڳواٽ تيار ڪري پٿر مان ٺهيل هڪ تابوت ۾ محفوظ ڪري رکيو آهي. ان تابوت کي قبر ۾ لاهج... پر قبر جو منهن کُليل ڇڏج ته جيئن جڏهن به تون منهنجي قبر تي اچين ته فقط اهو احساس ڪري سگهين ۽ پنهنجي اکين سان ڏسي سگهين ته منهنجو پيءُ جيڪو پنجويهن ملڪن تي حڪمراني ڪندو هو، اهو به مري چڪو آهي، هر ساهواري جو آخري انجام اهو ئي ٿيڻون آهي، آئون توکي هيءَ وصيت پنهنجي وزيرن جي سامهون پيو ڪريان ته جيئن هو شاهد رهن ته مرڻ کان اڳ مون توکي ڪهڙي وصيت ڪئي هئي.”
    افسوس جو ‘ايرڪس’ پنهنجي پيءَ جي نصيحت تي عمل ڪرڻ جي بدران اُن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو ۽ ‘دارايوش’ جي اکيون بند ٿيندي ئي هو جنگ تي لهي آيو ۽ 465 ق-م ۾ هڪ معرڪي دوران مخالف لشڪر جي هڪ معمولي سپاهي تلوار جي هڪ ڌڪ سان سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيو.


    • جشن نوروز ۽ ايراني سال

    اڳين صفحن ۾ پاڻ ايران جي نئين سال ‘جشن نوروز’ جو ذڪر ڪري آيا آهيون، نوروز جي معنيٰ آهي ‘نئون ڏينهن’ ۽ اهو هر سال ايراني مهيني ‘فرودين’ جي پهرين ڏينهن تي يعني 21 مارچ تي ملهايو ويندو آهي. ايراني شمسي سال هر سال 21 مارچ کان شروع ٿيندو آهي. ان جشن ملهائڻ جي لاءِ ايراني وڏو اهتمام ڪند اآهن. نوان ڪپڙا پائيندا آهن، کاڌا تيار ڪندا آهن ۽ هڪٻئي کي سوکڙيون پاکڙيون ڏيندا آهن.
    دنيا جي قومن جي گهڻائي هر سال پنهنجي ثقافتي، قومي ۽ مذهبي روايتن موجب عيدون ۽ ڏڻ ملهائين ٿيون. عيدالفطر ۽ عيدالحضيٰ نج مذهبي عيدون يا ڏڻ آهن، جيڪي هر سال سڄي دنيا جا مسلمان وڏي اهتمام، جوش ۽ خروش سان ملهائيندا آهن. ايراني به پنهنجي قديم قومي روايتن موجب مٿين عيدن کانسواءِ ڪي ڏينهن وڏي اهتمام سان ملهائيندا آهن، جهڙوڪ جشن نوروز، جشن مهرگان، جشن سده ۽ گاهنبارها شامل آهن، پر انهن ‘جشن نوروز’ جي وڏي اهميت آهي. ٻي نمبر تي ‘جشن مهرگان’ آهي، جيڪو ايراني مهيني ‘مهر’ جي سورهين تاريخ تي ملهايو ويندو آهي. جشن نوروز کان پوءِ اهو سڀ کان وڏو ڏڻ آهي. جشن سده، ايراني مهيني “بهمن” جو ڏهون ڏينهن آهي، ان ڏينهن تي اهل فارس عيد ۽ جشن ملهائين ٿا ۽ تمام گهڻي باهه ٻاريندا آهن. گاهنبار ۽ گاهه بار، ٻارهن ڏينهن جي هڪ ئي معنيٰ آهي. ۽ اهي ڇهه ڏينهن هوندا آهن، جن بابت اها روايت آهي ته انهن ڏينهن ۾ خدا تعاليٰ دنيا کي پيدا ڪيو، ايراني انهن ڏينهن جو وڏو احترام ڪندا آهن.
    اسلامي لشڪر پاران، ايران جي فتح کانپوءِ، ڪيترين ئي ايراني قومي روايتن جو خاتمو ٿي ويو ۽ انهن جي جاءِ (عرب) اسلامي روايتن اچي والاري، پر ‘جشن نوروز’ جي اهميت ۽ عظمت پنهنجي جاءِ تي برقرار رهي، ابو ريحان البيروني پنهنجي ڪتاب “قانون مسعودي” ۾ ‘نوروز’ بابت لِکي ٿو.
    “نوروز يا نئون ڏينهن، پارسين جي سال جو پهريون ڏينهن هوندو آهي ۽ اهو سال جو سڀ کان وڏو ڏينهن هوندو آهي ۽ جمشيد جو يادگار آهي، اُن چونڊ جا ٻه سبب آهن، هڪ ته فطري سبب آهي، جهڙوڪ: ڏينهن جو وڏو هئڻ ۽ ظهر جي وقت ڌاري انساني پاڇي جو وڌي وڃڻ، جنهن جي سڃاڻپ لاءِ ڪنهن هيئت يا رصد جي گهرج نه آهي ۽ ٻيو معاشرتي سبب-چون ٿا ته جمشيد (بادشاهه) اهڙي ئي هڪ ڏينهن جنگ تي ويو ۽ پنجين ڏينهن سوڀارو ٿي واپس وريو. تنهنڪري ان ڏينهن کي “عظيم نوروز” جي نالي سان منسوب ڪيو ويو ۽ هڪٻئي تي پاڻي اڇلائڻ جي روايت پئجي ويئي، انهن (پارسين) جي عقيدي موجب پنجين ڏينهن جو نالو اسفندارند يعني پاڻيءَ تي فرشتو هو.”
    ايران جي پراچين تاريخ مان ان ڳالهه جي خبر پويٿي ته قديم ايراني سال ‘فرس’ جا ٻارهن مهينا هئا ۽ هر ڏينهن جو خاص نالو هو. جڏهن سال جي شروعات ٿيندي هئي ته پهرين مهيني کي فرودين ۽ پهرينءَ ڏينهن کي ‘نوروز’ چيو ويندو هو، اُن سلسلي ۾ فردوسيءَ جو شعر آهي.
    چنين روز فرخ از آن روزگار،
    بمانده از آن خسروان يادگار.
    اسلام جي ظهور کان اڳ به حضرت ابراهيم عليھ اسلام جي قرباني جي ياد ۾ حج ڪيو ويندو هو، قرباني جي عيد ڪئي ويندي هئي، اسلام جي ظهور کانپوءِ، اسلام ٿوري گهڻي تبديليءَ سان عيد ۽ حج جي روايت کي برقرار رکي.
    ايران جي فتح کانپوءِ، ايران جي رهاڪن جي اڪثريت اسلام قبول ڪيو، وقت گذرڻ سان گڏ جڏهن عربن جي اهڙن علائقن تان گرفت ڍري ٿي جيڪي اسلامي سلطنت ۾ شامل هئا ته انهن پنهنجي دٻيل قومي روايتن کي اهميت ڏني ۽ اڳتي وڌايو، ان سلسلي ۾ ‘تاريخ يعقوبي’ ۾ اچي ٿو.
    “رسول خدا ۽ ٽن خليفن جي زماني ۾ نوروز جو وجود نه هو، فقط حضرت عليءَ جي خلافت جي زماني ۾ هڪ روايت نقل ڪئي ويئي آهي، پر اموين ۽ عباسي خليفن ۾ ان جو رواج هو، جيئن ته ‘جشن نوروز’ جي تقريبن ۾ بادشاهن ۽ حڪمرانن کي سوکڙيون پاکڙيون پيش ڪيون وينديون هيون. تنهن کانسواءِ ان جو هڪ سياسي رنگ به هو. ڇاڪاڻ ته عباسي خليفن جا حامي ۽ طرفدار نه فقط ايراني نسل جي ‘برامڪه گهراڻي’ سان وسطو رکندا هئا، پر مؤبدان به هئا. جيڪي نوروز جا حامي ۽ مهر گان شمار ڪيا ويندا هئا.”
    تازو، ڪتاب ڦلهوريندي سه ماهي “پيغام آشنا” جنوري-مارچ 2009ع جي شماري ۾ هڪ ايراني عالم “محمد باقر شريعتي سبزواري” جو فارسيءَ مان ارودءَ ۾ ترجمو ٿيل هڪ ننڍو مضمون “نوروز تاريخ جي آئيني ۾” نظر مان گذريو، جنهن ۾ نوروز جي حوالي سان اسلامي روايتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، مضمون ڏاڍو دلچسپ آهي، هيٺ اُن مان هڪ ٽڪرو “نوروز اسلامي روايات ۾ “ جو ترجمو ڏيان ٿو، ليکڪ لکي ٿو:
    “1. اهل سنت جي روايتن ۾ نوروز جي باري ۾ ڪا حديث نٿي ملي، ‘آلوسي بلوغ الارب’ ۾ حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم کان روايت ڪئي ويئي آهي ته، “خدا وند تعاليٰ ان کان سٺيون عيدون (فطر ۽ عيدالعضيٰ) مونکي عطا ڪيون آهن.” ان ئي حديث وانگر هڪ ٻئي روايت حضر امام موسيٰ جعفر طرفان آهي، جڏهن (خليفي) منصور کيس ‘عيد نوروز’ ۾ اچڻ جي دعوت ڏني ته امام صاحب فرمايو، “مون رسول خدا جون حديثون ڳولهيون، پر ان عيد بابت مونکي ڪا به روايت نه ملي، آئون ان ڳالهه کان خدا جي پناهه ٿو گهران، جنهن شئي کي منهنجي رهبر محو ڪري ڇڏيو، ۽ آئون ان کي جيئرو ڪريان.” پر خليفي منصور جي زور ڀرڻ تي پاڻ تشريف فرما ٿيا.
    2. شيعه روايتن ۾ معديٰ بن خنيس، امام جعفر صادق جي حوالي سان ڪيتريون ئي روايتون نقل ڪيون آهن. انهن روايتن ۾ ‘عيد نوروز’ جو تقدس بيان ڪيو ويوآهي، انهن مان ڪن روايتن ۾ ان ڏينهن غسل ڪرڻ، نوان ڪپڙا پائڻ، خوشبو هڻڻ، روزو رکڻ ۽ نماز ۽ دعا جي هدايت ڪئي ويئي آهي، اهي ٽي روايتون، ان ڳالهه جو سبب بنيون آهن ته ڪيترائي فقيهه عيد نوروز واري ڏينهن غسل، روزي ۽ نماز جي مستحب هئڻ جي تائيد ڪن ٿا.
    3. مرحوم علامه مجلسي ‘بحارالانوار’ ۾ فرمائي ٿو، ... امام فرمايو ته... ‘بيت عتيق جو قسم نوروز اهو ڏينهن آهي، جڏهن خدا وند تعاليٰ پنهنجن ٻانهن کان ‘عهدو ميثاق’ ورتو. نوح نبي جي ٻيڙي کي استقرا نصيب ٿيو. علي عليھ السلام کي مقام غدير ۾ منصب خلافت تي ڪيو ويو.....
    4. احمد بن فهد ڪتاب “المهذب” ۾ لکي ٿو، امام جعفر صادق فرمايو، “نوروز ئي اهو ڏينهن آهي، جڏهن پيغمبر اڪرم، حضرت عليعه جي سلسلي ۾ ماڻهن کان عهدو پيمان ورتو ته هو امير المومنين بنجڻ جي سلسلي ۾ سندس بيعت ڪن، تنهن کانسواءِ اهو حضرت علي جي اصحاب نهروان تي فتح ۽ ذوالثديه جي قتل ٿيڻ جو ڏينهن آهي.
    5. مفصل بن عمر کان امام صادق جي هڪ ٻڌايل هڪ حديث پهتي آهي، جيڪا معليٰ بن خنيس جي روايت جي ويجهي آهي ۽ جنهن ۾ فرمائي ٿو ته، “پيغمبر حضرت خرقيل کي خدا وحي ڪئي ته منهنجي ويجهو هي هڪ شريف ۽ قدر جوڳو ڏينهن آهي، مون قسم کنيو آهي ته ان ڏينهن جيڪو به مون کان ڪا حاجت گهرندو، ان ۾ حاجت روائي ڪندس.”
    ساڳئي مضمون ۾ مضمون نگار ‘محمّد باقر شريعتي’ مٿيون حديثون لکڻ کانپوءِ لکي ٿو: “بهر صورت دين اسلام جي نقطه نظر موجب نوروز جي هڪ خاص اهميت ۽ تقدس آهي، ڇو ته اهو ضرورتمندن، يتيمن، بي واهن کي ڪپڙا ڏيڻ، بزرگن، عالمن سان ميل ملاقاتون ڪرڻ، ميٺ ۽ محبت پيدا ڪرڻ ۽ بغض ۽ ڪدورت جي خاتمي جو سبب بنجي ٿو. گهر جي صفائي ڪرڻ، نوان ڪپڙا پائڻ، غسل ڪرڻ ۽ دعا محول الحول ولا حوال جو پڙهڻ نوروز جي محاسن ۽ ان جي خوبين مان آهي.”
    - هونئن ته سڄي دنيا جي مختلف خطن ۾ مذهبي توڙي قومي روايتن جي حوالي سان سن رائج آهن، جهڙوڪ: عيسوي سن، هجري سن، بڪر ماجيت سن وغيرهه، تيئن ايراني سال کي ‘هجري شمسي’ سال چيو وڃي ٿو. جيئن عيسوي سال، سج جي گردش تي آهي ۽ هجري سال چنڊ جي ڏسڻ سان آهي، تيئن ايراني سال جيڪو مختصر طور تي ‘هه-ش’ ڪري لکيو وڃي ٿو. اهو به سج جي گردش تي آهي، ايراني سال جو پهريون مهينو فرودين آهي ۽ ايراني سال، هر سال 21 مارچ کان شروع ٿئي ٿو ۽ جنهن ڏينهن ‘نوروز’ ملهايو ويندو آهي، ۽ 20 مارچ تي ختم ٿئي ٿو، جيئن عيسوي ۽ هجري مهينن جا نالا آهن، تيئن ايراني شمسي سال جي ٻارهن مهينن جا نالا هن ريت آهن: فرودين، اردين بهشت، خردار، تير، مرداد، شهريور، مهر، آبان، آذر، دي، بهمن ۽ اسفندِ. ان سال جا پهريان ڇهه مهينا فرودين کان شهريور تائين 31هن ڏينهن جا ٿين، پويان پنج مهينا مهر کان بهمن تائين ٽيهن ڏينهن جا ٿين ۽ آخري ٻارهون مهينو اسفند 29 ڏينهن جو ٿئي ۽ هر چوٿين سال عيسوي سن ۾ فيبروري جيڪو 28 بدران 29 ڏينهن جو اچي، ان کي ‘سال ڪبيسه’ چون، هي ايراني سال 21 مارچ 2011ع کان 20 مارچ 2012ع تائين 1390 هه-ش سال آهي.


    • جنهن شهر ۾ سعدي هجي!

    شهرن جي به پنهنجي سڃاڻپ آهي، ۽ هر شهر جي سڃاڻپ جو پنهنجو حوالو آهي، شهر، شخصيتن جي حوالي سان به سُڃاتا وڃن ٿا ته تاريخي جاين، مزارن، مقبرن، دريائن وغيرهه جي نسبت سان به. مثال طور: مشهد مان ‘امام رضا’ جو حوالو ڪڍي ڇڏجي ته اهو فقط عام شهرن جهڙو شهر ‘سناآباد’ ئي رهي ۽ ڪير اُن ڏانهن منهن به نه ڪري.
    ايئن شيراز جو حوالو به ‘شيخ سعدي’ ۽ ‘حافط شيرازي’ آهن، جيڪڏهن انهن ٻنهي جا نالا ‘شيراز’ مان ڪڍي ڇڏجن ته شيراز جي کڻي ڪيڏي به تاريخي حيثيت ۽ هاڪَ هجي، پر هجي ته عام شهرن جهڙو شهر ها.
    اديب، عالم، شاعر، فنڪار ۽ مصور شهرن جي وڏي سڃاڻپ هوندا آهن. شيراز جي سڃاڻپ به شيخ سعدي ۽ حافظ شيرازي ئي آهن.
    فارسي ادب جا چار ڪتاب، ٻين ڪتابن جي ڀيٽ ۾ گهڻو مشهور ۽ مقبول آهن، يعني شاهنامه فردوسي، ديوان حافظ، مثنوي مولانا رومي ۽ گلستان سعدي. فارسي ادب جو هر شاگرد انهن ڪتابن کي پهرين پڙهڻ چاهيندو آهي، پر انهن سڀني کان وڌيڪ مشهوري ۽ مقبوليت “گلستان سعدي” کي ملي.
    “گلستان” جي خالق شيخ سعدي جو جنم ‘شيراز’ ۾ ٿيو. سندس جنم جي تاريخ ۽ سال بابت ڪا پڪي راءِ قائم ڪرڻ مشڪل آهي، پر ڪجهه دليلن جي روشنيءَ ۾ اها 1189ع (585هه) ۾ متعين ٿئي ٿي.
    شيخ سعدي جي اصل نالي بابت به اختلاف آهن: مشرف بن مصلح، مشرف الدين مصلح ۽ مشرف الدين بن مصلح الدين لکيو ويندو رهيو آهي. سندس پيءُ عبدالله اتابڪ زنگي، شيراز جي حاڪم جي ملازمت ۾ هو، ان نسبت جي آڌار تي شيخ پنهنجو تخلص ‘سعدي’ رکيو.
    شيخ سعدي کي سندس پيءُ پڙهڻ جي لاءِ مڪتب ۾ ويهاريو ته کيس ڪتابن، ڪاغذن ۽ ٻين گهربل شين سان گڏ هڪ سوني منڊي به خريد ڪري ڏني، پر شيخ سعدي ايترو ته ننڍڙو ۽ معصوم هو، جو ڪو همراهه کيس شئي شغل ڏيئي اها منڊي اُڏائي ويو، ان ڳالهه جو ذڪر شيخ پنهنجي ڪجهه شعرن ۾ پڻ ڪيو آهي.
    شيخ سعدي جو ننڍپڻ وڏي لاڏ ۽ ڪوڏَ سان گذريو، ۽ شيراز ۾ ئي گذريو ۽ شروعاتي تعليم به اُتي ئي حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ بغداد ويو، جتي هن “جامعه نظاميه” ۾ حديث، فقه، فلسفي، ادب ۽ ٻين علمن تي عبور حاصل ڪيو ۽ پنهنجي زماني جو وڏو عالم ۽ اديب ٿي اُتان نڪتو.
    تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هن سير ۽ سياحت شروع ڪئي. سندس هڪ نظم مان خبر پوي ٿي ته پاڻ هندستان به ويو هو. ڪن ڪتابن ۾ اهو به لکيل آهي، شيخ سعدي ‘سنڌ’ به آيو هو، پر ان بابت نه ڪا مستند روايت نه ٿي ملي ۽ نه ئي وري شيخ سعديءَ جي ڪنهن شعر مان اهڙو اشارو ملي ٿو، تنهنڪري شيخ سعدي جي سنڌ اچڻ جي ڳالهه کي مڃي نٿو سگهجي. جيتوڻيڪ شيخ سعديءَ پنهنجي آتم ڪهاڻي نه لکي، پر سندس ڪتابن پڙهڻ سان سندس ڪافي حالتون معلوم ٿي وڃن ٿيون.
    شيخ سعدي نهايت با اخلاق ۽ صاف سٿرو بزرگ هو، انساني ڪمزورين تي سندس وڏي نظر هئي، هو ڪنهن جي دل آزاريءَ کي وڏو گناهه سمجهندو هو ۽ انسانن سان محبت ۽ همدردي کي عبادت سمجهندو هو.
    دل بدست آ ور ڪه حج اڪبر است،
    از هزار ڪعبه يڪ دل بهتر است.
    (دلين کي رضامند ڪر، جو اهو ڪم حج اڪبر جي برابر آهي، هزار حجن کان هڪ دل راضي ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي.)
    شيخ سعدي جي مزاج ۾ تمام گهڻي ظرافت به هئي، ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته شيخ سعدي وڏو ڀوڳائي به هو، هڪ ڀيري هن مسواڙ تي هڪ گهر وٺڻ ٿي چاهيو، پاڙي ۾ هڪ همراهه رهندو هو، هن چيس، “سائين! هيءَ گهر ڏاڍو سٺو اٿوَ، هن ۾ ڪا به خرابي ڪونهي، پاڙي ۾ رهڻ جي ڪري مونکي خبر آهي ته هن گهر ۾ ڪا به خرابي ڪونهي.”
    شيخ ٺهه پهه وراڻيس، “سواءِ ان خرابي جي ته تون پاڙي ۾ ٿو رهين!” اهو ٻڌي اهو همراهه سڄو هَڄي ويو.
    جيئن مٿي ذڪر ڪيو اٿم ته تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ ‘شيخ سعدي’ دنيا جي سير ۽ سفر جي لاءِ نڪري پيو ۽ لڳاتار ٽيهه سال هو مختلف ملڪن، جهڙوڪ: شام، عراق، فلسطين، مصر، آفريقا، روم، عربستان وغيرهه کان ٿيندو هندستان پهتو، ان سفر ۾ پاڻ خوب مشاهدا ماڻيائين ۽ تجربا حاصل ٿيس، قومن جي رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن، ثقافت ۽ تهذيب جو ويجهڙائي کان مشاهدو ڪيائين، ۽ مختلف ماڻهن، قومن ۽ قبيلن سان اُٿيو ويٺو، سختيون سٺائين، قيد به ٿيو، غلام بنجي وڪرو به ٿيو. نيٺ ٽيهن سالن جي سير ۽ سياحت کانپوءِ واپس وطن وريو، جنهن جو ذڪر ڪندي هڪ شعر ۾ چيو اٿس:
    بيا اي ڪه عمرت بهفتاد رفت،
    مگر خفته بودي ڪه برباد رفت.
    (اي سعدي! هاڻ ته موٽ ڪر... تنهنجي وهي ستر کان ٽپي ويئي، شايد تون سُتل هئين،... جو وهي ائين گذري ويئي.)
    شيراز واپس موٽي اچڻ کانپوءِ کيس خيال ٿيو ته ڇو نه پنهنجي زندگيءَ جي تجربن ۽ مشاهدن کي لکجي ۽ ڪائنات جي وسيع مطالعي کي ٻين تائين پهچائجي، اها ڳالهه سوچي اچي لکڻ ويٺو، پهرين “بوستان” ۽ پوءِ “گلستان” لکيائين. انهن ٻنهي ڪتابن نه رڳو کيس شهرت جي اتاهين تي پهچائين ڇڏيو، پر سندس عظمت ۽ شان کي به وڌايو.
    “بوستان” نظم ۾ ۽ “گلستان” نثر ۾ لکيل ڪتاب آهن. انهن ٻنهي ڪتابن ۾ اهڙيون ته نصحيت آموز ڳالهيون آهن، جيڪي انسان جي تربيت ۾ گهڻيون مددگار ٿين ٿيون ۽ انهن سان اخلاقي قدرن جو به گهرو شعور ٿئي ٿو.
    شيخ سعديءَ جي وڏي خوبي اها هئي ته هو نهايت سرسري ۽ ننڍن واقعن مان به گهرا نقطا پيدا ڪندو هو. “بوستان” ۾ هن هڪ واقعو لکيو آهي ته هڪ درويش کي هڪ ڪتي چڪ هنيو ۽ زخم جي ڪري اهو درويش سڄي رات سور سبب ڪنجهندو رهيو. اهو ڏسي درويش جي ڌيءَ چيس، “بابا اوهان به ڪتي کي چڪ وجهو ها، ائين معاملو برابر ٿي وڃي ها.” درويش وراڻيس، “ڌيئڙي! منهنجا ڏند ڪتي کي چڪ وجهڻ جي قابل نه هئا.” اهو واقعو بيان ڪرڻ کانپوءِ شيخ لکي ٿو، اوهان کي جيڪڏهن ڪو نااهل، خراب چوي ٿو اوهين کيس برو نه چئو. ڇاڪاڻ ته جي اوهين به کين بڇڙو چوندا ته پوءِ اوهان ۾ ۽ هن ۾ ڪو به فرق نه بچندو، اهو ته ايئن آهي ته ڪتو جيڪڏهن ماڻهوءَ کي چڪ وجهي ته جواب ۾ ماڻهو به ڪتي کي چڪ وجهي.
    شيخ سعديءَ هڪ ظالم بادشاهه جي حڪايت لکي آهي، جيڪو ماڻهن جا زوري وهٽ جلهي انهن کي بيگر ۾ وهائيندو هو، اتفاق سان هڪ ڏينهن بادشاهه شڪار ڪندي فوج کان وڇڙي ويو ۽ رات هڪ ڳوٺ ۾ گذارڻي پيس، هن ڏٺو ته هڪ شخص گڏهه کي ايئن ماري رهيو هو، جيئن هن جا هٿ ۽ پير ڀڄي پون، بادشاهه جهليس ته هن کي ايئن ڇو ٿو مارينءَ ته همراهه وراڻيس، “آئون هن کي ان ڪري بيڪار ڪرڻ ٿو چاهيان، جيئن اسانجي ملڪ جو بادشاهه هن کي بيگر ۾ نه جهلي.” اهو چئي هن بادشاهه کي به گهڻو ئي گهٽ وڌ ڳالهايو، صبح جو فوج جا سپاهي بادشاهه کي ڳولهيندا ڳولهيندا اچي اُن ڳوٺ ۾ پهتا ۽ بادشاهه کي پاڻ سان گڏ تخت گاهه ڏانهن وٺي ويا. بادشاهه اُتي پهچي ڳوٺاڻي کي گهرايو، جيئن کيس راتوڪي گستاخيءَ تي سزا ڏيئي سگهي. جنهن تي ڳوٺاڻي وراڻيس، “مون تي ڇو ٿو ڪاوڙجين.... توکي ته سڀ گهٽ وڌ ٿا ڳالهائين، فرق رڳو آهي ته ماڻهو توکي پَرپُٺ ٿا گهٽ وڌ ڳالهائين ۽ مون سڀ ڪجهه تنهنجي سامهون چيو، مناسب ته اهو آهي ته تون ظلم کان پاسو ڪر، نه ڪي هڪ بي گناهه کي قتل ڪرائي ڇڏ.”
    شيخ سعديءَ جون ٻه ٻيون به دلچسپ حڪايتون هن ريت آهن.
    هڪ درويش جهنگل جي هڪ ڪنڊ ۾ اڪيلو ويٺو هو، وقت جو بادشاهه اُتان لنگهيو، پر درويش ڏانهنس ڪوبه ڌيان نه ڏنو، بادشاهه جيڪو وڏي سلطنت ۽ ٺٺ ٺانگر جو مالڪ هو، تنهن کي اها ڳالهه صفا نه وڻي ۽ هن چيو، “هي درويش صفا جانورن وانگر آهي ۽ انسانيت ته هن کي ڇُهيو به ڪونهي.”
    بادشاهه جو وزير ان درويش وٽ ويو ۽ چيائينس، “اي ادا! بادشاهه سلامت تنهنجي ڀرسان لنگهيو، پر تو نه کيس سلام ڪيو ۽ نه ئي سندس ڪا خذمت چاڪري ڪئي.”
    درويش چيس، “بادشاهه کي چئو ته پنهنجي خذمت جي توَقع ان مان رکي، جنهن کي انعام ۽ اڪرام جي لالچ هجي... ٻي ڳالهه اها ته بادشاهه ته پنهنجي رعيت جي نگراني جي لاءِ آهي، نه ڪي رعيت سندس خذمت جي لاءِ...”
    ٻي حڪايت هن ريت لکي اٿس:
    هڪ شهر جو حاڪم وڏو ظالم ۽ ڏاڍو مڙس هو، هو غريبن کان ٻارڻ جون ڪاٺيون يا ته کسي وٺندو هو، يا وري ٿورن پئسن ۾ خريد ڪري وٺندو هو ۽ پوءِ اهي اميرن کي وڪڻي ڇڏيندو هو، هڪ ڏينهن هڪ الله وارو وٽس ويو ۽ کيس چوڻ لڳو ته، “تون اهو ظلم نه ڪر، ايئن نه ٿئي، ته مظلومن جون بد دعائون توکي نقصان رسائين... تون نانگ ته ڪونه آهين، جو جنهن کي ڏسين ڏنگي وجهين، ۽ نه ئي وري چُٻرو آهين، جيڪو جتي ويهي ٿو ان جو ٻيڙو ٻوڙيو ڇڏي.”
    حاڪم کي الله واري جي نصيحت ٻُڌي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ کيس دڙڪا ڏنائين، خدا جي ڪرڻي اها ٿي ته ڪجهه ئي ڏينهن کانپوءِ بادشاهه ان حاڪم کي سندس عهدي تان هٽائي ڇڏيو ۽ کانئس سڄو مال ۽ ملڪيت به کسي ورتائين.
    اتفاق سان اهو الله وارو ٻيهر اتان لنگهيو... هن ڏٺو ته اهو شخص جيڪو ماڻهن تي ظلم ڪندو هو پنهنجن دوستن کي چئي رهيو هو، “الائجي ڪيئن منهنجي گهر کي هيءَ باهه لڳي ويئي؟”
    الله واري وراڻيس، “غريبن جي دل جي دانهن سان!”
    شيخ سعدي جي حڪايتن جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته قومن جي عزت ۽ آزاديءَ جي حفاظت هٿيارن سان گڏوگڏ انهن جي اعليٰ گُڻن جي ڪري به آهي، اخلاق کان ڪريل قومون دير سوير دنياوي شان ۽ شوڪت کان محروم ٿي وينديون آهن.
    “گلستان” جي مشهوري ۽ مقبوليت کي ڏسي، ڪيترن ئي عالمن ان طرز تي ڪتاب لکيا. مولانا جاميءَ “بهارستان” لکيو. امير خسروءَ “شڪرستان” لکيو. مجدالدين خوافي، “فارستان” لکيو. حبيب قاآني “پريشان” لکيو. پر اهي ڪتاب گلستان جيتري سعادت حاصل ڪري نه سگهيا ۽ ڄڻ نوان نالا ٿا لڳن.
    گلستان ۽ بوستان جا دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن ۽ ٿيندا ٿا رهن. هن وقت تائين انگريزي، عربي، ترڪي، اردو، پشتو، پنجابي، لاطيني، فرينچ، جرمن، ڊچ، اطالوي، رومانيائي، روسي، لهستاني ۽ البانوي زبانن ۾ هڪ کان به وڌيڪ ترجما ٿي ڇپجي چڪا آهن ۽ انهن ترجمن بي حد مقبوليت ماڻي آهي.
    سنڌي ٻولي ۾ به گلستان ۽ بوستان جا ڪيترائي ترجما ٿيا آهن. تازو ترجمو مولانا محمد قاسم سومري ڪيو آهي، اهو ترجمو ڏاڍو سليس ۽ با محاوره آهي. مولانا صاحب جي ان ترجمي جي ديباچي ۾ گلستان ۽ بوستان جي ڇهن ٻين سنڌي ترجمن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي، انهن ۾ غلام محمد شاهواڻي جي ترجمن ‘گلستان بهار’ ۽ ‘ادبي خزانو’ کانسواءِ باقي هڙئي ترجما اڻ پورا ٿيل آهن.
    ڪو وقت هو جڏهن ننڍي کنڊ ۾ فارسيءَ جو بول بالا هو ته شيخ سعدي جا ڪتاب “ڪريما”، “گلستان” ۽ “بوستان” عام جام پڙهايا ويندا هئا. اڄ به ديني مدرسن ۾ پهرين ٻه چار فارسي ڪتاب. “پهلي فارسي”، “ڪريما”، “نامه حق”، “پند نامه”، “ گلستان”، “بوستان” پڙهايا وڃن ٿا.
    شيخ سعدي لڳ ڀڳ 110 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي، سندس وفات جو سن 1291ع لکيو ويو آهي، کيس “شيراز” ۾ ئي دفنايو ويو، اهو هنڌ هينئر “سعديه” جي نالي سان مشهور آهي.
    شيخ سعديءَ جو ڪتاب “گلستان” اولهه ۾ به وڏو مقبول رهيو ۽ اُن جي مقبوليت جو سهرو اٽلي جي هڪ مترجم تي آهي، جنهن 1651ع ۾ گلستان جو لاطيني زبان ۾ ترجمو ڪيو، ۽ لاطيني زبان مان وري هڪ انگريز پادريءَ “جيريمي ٽيلر” ‘بوستان’ جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو. بوستان جي حوالي سان آمريڪي دانشور ‘بنجامن فرينڪلن’ جي ڪيل هڪ مزيدار چرچي جو هت ذڪر به مناسب آهي. هن کي هڪ حڪايت ڏاڍي وڻي، جنهن ۾ رواداري ۽ ٻين سان مروت ڪرڻ جي نصيحت ڪيل آهي، سو هن وٺي اعلان ڪيو ته مونکي انجيل جي هڪ اصلوڪي گم ٿيل ‘آيت’ ملي آهي! ان زماني جي آزاد خيال ماڻهن کي اها حڪايت اهڙي ته وڻي، جو سڀ وسهي ويا ته برابر هيءَ ڪا انجيل جي سڳوري آيت آهي، سالن کانپوءِ وڃي اها ڳالهه کلي ته هيءَ فارسيءَ جي حڪايت آهي.


    • ذڪر حافظ شيرازيءَ جو

    ذڪر شيراز جو ٿئي ۽ اُن ۾ حافظ شيرازي ۽ شيخ سعديءَ کي ياد ئي نه ڪجي ته ڄڻ شيراز جو ذڪر ئي ٻُسو ٻُسو پيو لڳندو.
    پر اُن کان اڳ جو پاڻ ڳالهه کي اڳتي وڌايون، مناسب اهو آهي ته حافظ شيرازيءَ سان تيمورلنگ جي ملاقات جو احوال پڙهجي، جيڪو تيمور لنگ پنهنجي آتم ڪهاڻي “تزڪ تيموريءَ” ۾ بيان ڪيو آهي.
    تيمورلنگ لکي ٿو:
    “جڏهن مون شيراز فتح ڪيو ته ٻين عالمن سان ملاقات کان اڳ مون اهو حڪم ڏنو ته حڪيم شمس الدين محمد (حافظ شيرازي) کي منهنجي سامهون پيش ڪيو وڃي، جڏهن کيس پيش ڪيو ويو ته هن جي اک مان پاڻي پي ڳڙهيو، مون پڇيس، “شمس الدين تون آهين...؟”
    ڪراڙي وراڻيو، “هائو امير جهانگير... شمس الدين آئون ئي آهيان.”
    مون پڇيس، ڇا هيءَ شهر تنهنجو آهي.
    خدايا محتسب مارا با آواز دف دني بخس،
    که ساز شرع زين افسانه هي قانون خواهد شد.
    (خداوند! محتسب کي به ساز ۽ آواز جو سليقو بخشي ڇڏ، جيڪڏهن ايئن ٿي پيو ته تنهنجي دين جو ڪجهه به نه بگڙندو.)
    پوڙهي شاعر وراڻيو، “هائو امير... اهو شعر منهنجو ئي آهي.”
    “بي شرمائيءَ جي به حد هوندي آهي.” اوچتو مونکي ڪاوڙ اچي ويئي ۽ مون جواب طلبي ڪندي پڇيو، “ڇا توکي خبر آهي ته تنهنجو اهو شعر دين ۽ مذهب جي باري ۾ توهين آهي.”
    پوڙهي شاعر سڪون سان وراڻيو، “منهنجو مقصد هرگز توهين ڪرڻ نه هو، انهيءَ شعر ۾ ‘افسانه’ مان منهنجو مطلب اهوئي ‘دف دني’ آهي ۽ آئون اهو چوڻ ٿو چاهيان ته ‘دف دني’ جو آواز ايترو ته غير اهم آهي، جو انهيءَ سان دين جي ارڪانن ۾ ڪو به خلل پئجي نٿو سگهجي.”
    پر مون سندس صفائي رد ڪري ڇڏي ۽ ڪاوڙ ۾ اچي چيو، “ائين هرگز ڪونهي شمس الدين! بلڪه انهيءَ شعر ۾ تنهنجي دين ۽ مذهب جي باري ۾ توهين چٽي پيئي آهي، تنهنڪري....
    پر اوچتو مونکي پنهنجو خواب ۽ ان خواب جي نصيحت ياد اچي ويئي، مون پنهنجو پاڻ تي قابو پائيندي ۽ ڳالهه جو رخ مـٽائيندي نرم لهجي ۾ پڇيو. “اي جهونا شاعر! توکي سمرقند ۽ بخارا ڏسڻ جي سڌ ڪونهي، جنهن جو تو بار بار پنهنجي شعرن ۾ ذڪر ڪيو آهي...؟”
    شاعر شيرازيءَ ڦڪي کل کلندي وراڻيو، “اي امير! جوان هجان ها ته بخارا ۽ سمرقند ضرور ڏسان ها، پر هاڻ ايترو ته پوڙهو ٿي ويو آهيان، جو جيڪڏهن سفر تي نڪتس ته منزل تي پهچي ڪين سگهندس... پر جي پُڄي به ويس ته واپس موٽي نه سگهندس...”
    “چڱو اهو ته ٻڌاءِ” مون وڌيڪ ڳالهه ٻولهه جو بهانو ڳولهيو، “ڇا هيءَ شعر تنهنجو آهي.”
    اگر آن ترڪ شيرازي بدست آرد دلِ مارا،
    بخال هندويش بخشم سمرقند و بخارا را.
    (جيڪڏهن هو ترڪ شيرازي اسانجي دل وندرائي ته سندس ڳل جي ترتان “هائو امير....” سمرقند ۽ بخارا کي بخشي ڇڏيان.)
    “حد ٿي ويئي!” مون نرڙ ۾ گهنج وجهندي چيو، “مون هزارين جانين جي قرباني ڏيئي ۽ رت جا درياهه جهاڳي سمرقند ۽ بخارا حاصل ڪيا آهن ۽ تون آهين جو هتي ويٺي ويٺي فقط هڪ ڪاري ترجي صدقي اهي ٻيئي شهر نڇاور پيو ڪرين.”
    جواب ۾ شمس الدين شيروانيءَ جا بٽڻ کوليا ۽ پنهنجي ميري ۽ ڦاٽل قميص ڏانهن اشارو ڪندي چيائين، “اسانجي انهيءَ بخشش ته هي ڏينهن ڏيکاريا آهن.”
    *
    آئون سوچيندو آهيان ته ايراني جيڪو هي پاڻ کي ايترو پڏائين ٿا ۽ ڪنهن تي فلڪ ئي نٿا آڻين، سي اُن ڳالهه ۾ حق بجانب به آهن... ايران عظيم تاريخي ورثي جو وارث ته آهي ئي، پر ڪيڏا نه وڏا ماڻهو، شاعر، اديب، مصور وغيرهه ايران جي سرزمين تي پيدا ٿيا آهن.... ۽ بنا شڪ جي فارسي زبان شعري ورثي ۾ دنيا جي ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ نهايت فخر سان ڳاٽ اوچو ڪريو بيٺي آهي.
    “عالمن فارسي شاعريءَ جا چار زمانا مقرر ڪيا آهن. جن مان پهرئين دور ۾ رودڪي، اسدي طوسي، عنصري، فرخي ۽ فردوسي با ڪمال شاعر هئا، جن ۾ رودڪيءَ کي اوليت جو فخر حاصل آهي ۽ فردوسيءَ کي خاتميت جو.
    ٻئي دور ۾ خاقاني، انوري، نظامي، حڪيم سنائي، مولانا روم، عمر خيام وغيره آهن.
    پهرئين ۽ ٻئي دور جي شاعريءَ ۾ هيءَ فرق آهي ته پهرئين دور جا شعر قدرتي طبيعت کان شعر چوندا هئا، آسپاس جي شين جون تشبيهون آڻيندا هئا، ۽ اکين آڏو آيل شين مان استعاره وٺندا هئا، ٻئي دور جي شاعرن زياده غور ڪيو ۽ انهن تي عرب جي عالمن جو اثر پوڻ ڪري فصاحت ۽ بلاغت جا شعر پيدا ڪيا، پهرئينءَ دور ۾ سادگي هئي ته ٻئي دور ۾ رنگيني ۽ لطافت.
    ٽئين دور ۾ سعدي، امير خسرو ۽ حافظ شيرازي بهترين شعر هئا، هن زماني ۾ غزل خوانيءَ جو چرچو وڌيو، بادشاهن ۽ اميرن جي خوشامد ۽ قصيدا چيا ويا، عاشقا نه مثنويون وجود ۾ آيون ۽ دلين کي خوش ڪرڻ جا قصيدا ۽ غزل فراوانيءَ سان چيا ويا.
    چوٿين دور ۾ فيضي، عرضي، نظيري، مرزا صاحب وغيرهه پيدا ٿيا. هن زماني ۾ شاعريءَ جي سڀني قسمن جو وڏو ذخيرو موجود ٿيو ۽ شعر جي مضمونن ۾ زياده باريڪي ۽ پيچيدگي پيدا ڪئي ويئي. در حقيقت هن دور جي ختم ٿيڻ سان ايران ۾ شاعري به ختم ٿي ويئي، البت ان کانپوءِ ايران ۾، هندستان ۾ فارسي شاعريءَ جا ڪي شاعر پيدا ٿيا، مگر انهن جي ڪا نئين شاعري نه هئي، ۽ اهوئي سعدي ۽ حافظ جو اندازو هو. “
    فارسي ادب جو هر شاگرد فارسيءَ جا ڪجهه مشهورڪتاب پڙهڻ جو خواهشمند هوندو آهي. انهن ۾ هڪ “ديوان حافظ” به آهي.
    خواجه حافظ شيرازيءَ جي پيءُ جو نالو بهاءُ الدين هو، هو واپاري هو ۽ هن واپار مان ايترو ته ڌن ڪمايو، جو سندس شمار شاهوڪارن ۾ ٿيڻ لڳو، ۽ جڏهن وفات ڪيائين ته پويان ڪافي ڌن دولت ۽ ٽي پُٽ ڇڏيائين، پٽن کي جيتوڻيڪ ورثي ۾ گهڻو ئي ڪجهه مليو، پر افعالن نه هئڻ سبب سڄي ڌن دولت ڪجهه ئي ڏينهن ۾ دڦ ڪري ڇڏيائون. جڏهن بک اچي وراين ته ٻه پُٽ ته پريشان ٿي گذر سفر سانگي هيڏانهن هوڏانهن هليا ويا، پر شمس الدين ننڍي هئڻ سبب پنهنجي ماءُ وٽ رهڻ لڳو. سندس امڙ کيس پاڙي جي هڪ شخص وٽ ڇڏيو ته هو کيس پنهنجي خذمت ۾ رکي ۽ ان جي عيوض سندس کاڌي پيتي جو ذمون کڻي، پر ٿورو سمجهه ڀريو ٿيڻ کانپوءِ خواجه شمس الدين ان شخص کي ڇڏي اٽي ڳوهڻ جو ڌنڌو شروع ڪيو، هو اڌ رات جو اٿي اَلل وهاڻيءَ تائين اٽو ڳوهيندو هو، اُتي پاڙي ۾ ئي هڪ مدرسو هو، جتان لنگهندي کيس علم حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو، نيٺ ان مدرسي ۾ داخل ٿيو.
    مدرسي ۾ هن سڀ کان پهرين قرآن شريف حفظ ڪيو، ان صفت جي ڪري هو ‘حافظ’ سڏجڻ لڳو. ان زماني ۾ شاعريءَ جو تماشو عام هو، پاڙي ۾ هڪ ڪپڙي جو دوڪان هو، جنهن جي مالڪ کي شعر ۽ شاعريءَ سان دلچسپي هئي، وٽس دوڪان تي ڪيترائي شاعر ايندا هئا ۽ شاعريءَ جي محفل مچندي هئي، جن کي ڏسي ‘حافظ’ به گهڻو متاثر ٿيو ۽ شاعري ڪرڻ لڳو. شروع ۾ ته ڏاڍو بي ڍنگو شعر چوندو هو. هوريان هوريان مزاحيه ۽ لغو شاعر بنجي ويو، ماڻهو کيس رونشي خاطر گهرائيندا هئا. ۽ سندس شاعريءَ مان لطف وٺندا هئا، ماڻهن کيس وندر ۽ مسخريءَ جو کڻي مرڪز بنايو، پر قدرت کي هن کان ٻيو ڪم وٺڻون هو، جڏهن کيس ماڻهن جي ان ذهنيت جي خبر پيئي ته کيس سخت ڪاوڙ سان گڏ ڏک به ٿيو، ان ئي حالت ۾ هڪ ڏينهن صبح جو اُٿي هن هي غزل لکيو:
    دوش وقتِ سحر از غصه نجاتم دادند،
    وندران ظلمتِ شب آب حياتم دادند.
    (معنيٰ: ڪالهه صبح جو مونکي ڪاوڙ کان ڇوٽڪارو ڏنائون ۽ رات جي اونداهيءَ ۾ مونکي آب حيات عطا ڪيائون.)
    شهر ۾ آيو ته ماڻهن عادت موجب کيس شعر پڙهڻ جي لاءِ چيو، هن اهوئي شعر پڙهيو، سڀئي حيران ٿي ويا ۽ اهو ئي سمجهيائون ته شايد ڪٿان لکائي کڻي آيو آهي، تنهنڪري امتحان طور کيس هڪڙي طرح ڏنائون، هن اُن تي بهترين غزل لکيو، پوءِ ته سندس واهه واهه ٿي ويئي ۽ جيئن جيئن سندس مشهوري وڌندي ويئي، تيئن کيس پري پري کان اميرن وٽان دعوتون اچڻ لڳيون. دکن جو بادشاهه سلطان محمود، جيڪو پاڻ به عربي ۽ فارسيءَ جو شاعر ۽ شاعرن جو وڏو قدر دان هو، تنهن جي هاڪَ ٻُڌي حافظ دکن جي سفر جو ارادو ڪيو، محمود جي درٻار جي وزير مير فضل الله کي جڏهن حافظ جي ارادي جي خبر پئي ته هن کيس اچڻ جي دعوت ڏيڻ سان گڏ سفر جو خرچ به موڪلي ڏنو. حافظ، شيراز کان هندستان جي سفر جي لاءِ نڪتو ۽ هرمز جي بندرگاهه تي آيو ۽ اچي جهاز ۾ چڙهيو، پر اتفاق اهڙو ٿيو، جو جهاز اڃا لنگر نه کنيو هو، جو طوفان آيو. ‘حافظ’ هڪدم جهاز تان لٿو ۽ هڪ غزل لکي مير فضل الله کي موڪلي ڏنو. مير فضل الله اهو غزل سلطان جي خذمت ۾ پيش ڪيو ۽ سڄو واقعو بيان ڪيو، سلطان متاثر ٿي کيس چانديءَ جا هڪ هزار سِڪا موڪليا. حافظ جي پنهنجي زماني ۾ ڪافي عزت ڪئي ويندي هئي، شيراز جي اينجو ۽ آل مظفر جي بادشاهن به سندس گهڻي قدرداني ڪئي.
    ايران ۾ ماڻهو “ديوان حافظ” مان اڪثر فال ڪڍندا آهن، قم ۾ بي بي معصومه جي روضي مبارڪ جي سامهون “پل آهنچي” تي ڪيترائي ڇوڪرا هڪ ننڍي ولايتي جهرڪي کڻي ماڻهن کي ٻه سئو تومانن جي عيوض “فال” ڪڍرائڻ لاءِ چوندا رهيا، بلڪل ائين جيئن صدر ڪراچيءَ ۾ فوٽ پاٿن تي همراهه طوطو کڻيو ويٺا فالون ڪڍندا آهن. قم ۽ مشهد جي ڪتاب گهرن تي “ديوان حافظ” جا جيڪي نسخا مون وڪري لاءِ موجود ڏٺا، انهن مان اڪثر تي “فالنامه ديوان حافظ” لکيل هو، جنهن مان محسوس ٿيو ته ‘ديوان حافظ’ مان فال ڪڍي ايراني پنهنجي قسمت جو حال به معلوم ڪندا آهن.تنهنڪري انکي حافظ کي “لسان الغيب” چيو ويندو آهي.
    حافظ ۾ اخلاقي جرئت گهڻي هئي، کيس رياڪاري ۽ فريب کان ايتري ته نفرت هوندي هئي، جو جيڪڏهن ڪنهن وڏي ماڻهوءَ کي اها برائي ڪندي ڏسندو هو ته کيس ٽوڪڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو هو.
    شاهه شجاع جي زماني ۾ هڪ ناليوارو عالم، ‘خواجه عماد’ هوندو هو. هن هڪ ٻلي پالي هئي ۽ ان کي اهڙي ته سکيا ڏني هئائين، جو جڏهن پاڻ نماز پڙهندو هو ته ٻلي به نماز پڙهڻ جي انداز ۾ جهڪندي ۽ پوءِ ڪنڌ مٿي کڻندي هئي، حافظ ان کي “خواجه عماد” جي رياڪاري ۽ ماڻهن کي فريب ڏيڻ سمجهندو هو، هن پنهنجي هڪ شعر ۾ ان ڳالهه ڏانهن هيئن اشارو ڪيو آهي.
    اي کبک خوش خرام کجا مي روي بائيست،
    غره مشوڪه گربهء عابد نماز ڪرل.
    (اي خوش ٿيندڙ! ڪيڏانهن ٿو وڃين، ان دوکي ۾ متان اچين ته عابد جي ٻليءَ نماز پڙهڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.)
    حافظ شيرازيءَ 791هه / 1389ع تي وفات ڪئي، کيس ‘خاڪ مصليٰ’ ۾ دفنايو ويو، جيڪا سندس نهايت پياري جاءِ هئي، ‘سلطان باز بهادر’ جي دور ۾ سندس وزيراعظم محمد معمائي وڏي خرچ سان سندس شاندار مقبرو اڏرايو، جنهن کي سندس نالي جي نسبت سان “حافظيه’ سڏيو وڃي ٿو، هفتي ۾ هڪ خاص ڏينهن مقرر آهي، جنهن تي ماڻهو سندس قبر جي زيارت لاءِ ويندا آهن.
    حافظ جي شهرت ته سندس غزلن جي ڪري آهي، پر هن قصيدا، مثنويون ۽ رباعيون وغيرهه به چيون آهن، پر اهي سندس غزلن جي ڀيٽ ۾ گهٽ حيثيت ٿيون رکن، اهو بلڪل صحيح آهي، ته غزلَ ۾ حافظ جو ڪو مَٽ ئي ڪونهي، هن غزل کي اُن مقام تي پهچايو جنهن جو اڳ تصور به نه هو، سندس ٻولي ايتري ته شسته آهي، جو اڄ ڏينهن سوڌي هڪ لفظ به متروڪ نه مڃيو ويو آهي.
    ديوان حافظ جا دنيا جي ڪيترين ئي زبانن ۾ ترجما ٿي چڪا آهن، سنڌي ۾ ديوان حافظ جي غزلن جو هڪ ننڍو ترجمو مرحوم محمد يعقوب “نياز” ڪيو، جيڪو 1983ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپيو، نياز صاحب سنڌي ٻولي جي مشهور اديبن سائين سراج ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين جو والد هو، جناب نياز صاحب اهو ترجمو نوجواني ۾ ڪيو هو، جيڪو سندس لکڻ موجب ته سندس نياڻيءَ سندس پراڻن ڪاغذن مان ڪڍي صاف ڪري ڇپايو آهي.
    هيٺ حافظ جي ڪجهه شعرن جا ترجما ڏيان ٿو، جيڪي ‘جناب محمد يعقوب ‘نياز’ جي اُن ڪتاب تان ورتا ويا آهن.
    همه کس طالب يار اندچه هوشيار چه مست،
    هم جا خانهء عشق است چه مسجد چه کنشت.
    (سڀئي يار جا طالب آهن، ڇا هوشيار ۽ ڇا مست ۽ سڀئي جايون عشق جو گهر آهن، ڇا مسجد هجي، ڇا بت خانو.)
    واعظان کن جلوه بر محراب و منبر مي کنند،
    چُون خلوت مي روند آن کار ديگرمي کنند.
    (هي نصحيت ڪندڙ جي، محراب ۽ منبر تي جلوه گري ڪن ٿا اهي جڏهن خلوت (اڪيلائيءَ) ۾ وڃن ٿا ته ٻيو ڪم ڪن ٿا.)
    خوشتراز فڪر مئي و جام چه خواهد بودن،
    چو خبر نيست کي انجام چه خواهد بودن.
    (شراب ۽ جام جي خيال کان ٻي ڪهڙي چڱي شئي هوندي، جڏهن خبر آهي ئي ڪانه، ته پڇاڙي ڪهڙي ٿيندي.)
    شراب لعل کش وروئي مه جبينان بين،
    خلاف مذهب آنان جمال اينان بين.
    (ڳاڙهو شراب پي سهڻن جي منهن ڏانهن ڏس (ناصحن جي) مذهب جي خلاف هنن جو حُسن ڏس.)
    ميکند حافظ دعائي بشنو آسيني بگو
    روزي ما بار لعل شکرا فشان شما.
    (حافظ دعا ٿو گهري (اي محبوب) ٻُڌ! آمين چئو! خدا تعاليٰ شال اسانکي توهان جا مٺڙا ۽ ڳاڙها چپ نصيب ڪري.)
    مادر پياله عڪس رخ يار ديده ايم
    اي بي خبر لذت شراب مدام ما.
    (اسان محبوب جي منهن جو عڪس پيالي (شراب) ۾ ڏٺو آهي، اسان جي هميشه شراب پيئڻ جي راز کان اي اڻ واقف. اسانکي بڇڙو نه چئو.)
    هيٺ حافظ جي شعرن جا ڪجهه ٻيا ترجما به پرهندڙن جي دلچسپي لاءِ حاضر آهن، جيڪي محترم رسول بخش پليجي جي ڪتاب “اوهانجي پڄاڻان” تان ورتا ويا آهن.
    • بزرگ سڳورا! اهو دور ويو، جو تون مونکي وري عبادت خاني ۾ ڏسين، هاڻ اسانجو ڪم ساقيءَ جي چهري ۽ جام جي چپن ۾ پئجي ويو آهي.
    • ميخاني ۾ اچي پنهنجو منهن ڳاڙهو ڪري سرخرو ٿي، عبادت خاني ۾ متان وڃين، جو اُتي سياهڪار ۽ بدڪار آهن.
    • جاهل، جاهه جلال وارا اٿي ستين آسمان تي پهچي ويا آهن، عالمن ۽ فاضلن جي رڳو آهه ۽ دانهن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به مٿي نٿو وڃي سگهي.
    • جيڪو، عشق جي ڪري زندهه نه آهي، تنهن جي، منهنجي فتويٰ سان جنازي نماز پڙهي ڇڏيو.
    • هڪڙو مسئلو اٿم، محفل جي ڏاهن کان وري پُڇو، ته ٻين کان توبهه جون فرمائشون ڪندڙ، پاڻ توبهه ڇو گهٽ ڪندا آهن.؟
    • ڀانيان ٿو ته محشر جي ڏينهن، بزرگ جي تسبيح ۽ شرابي مست جي گودڙي، ٻيئي واڳ سان واڳ ملائي هلندا.
    • جيڪو، مايوسيءَ جي غم کان ڊڄي ٿو، ان جو عشق حلال نه آهي.
    • يا اسانجي سسي محبوب جي پيرن تي هوندي، يا اسان جا چپَ سندس وات مٿان هوندا.
    • مون واٽ تي ويٺل سان گڏجي، ميخاني ته هلي ڏس، ته ان محفل وارن ۾ منهنجو ڪهڙو نه شان آهي.
    • ساقيءَ شايد حافظ کي شراب مان سندس حصو ڏنو آهي، جو مولويءَ جي دستار جو طرو ٿرٿلي ۾ پئجي ويو آهي.
    • پنهنجي سهڻي کي رزيلن جي هٿن ۾ ڏسان ٿو، آسمان مون جهڙي ماڻهوءَ جي خذمت جو حق، اجهو اهو ادا ڪيو آهي.


    • محمد علي ‘باب’ ۽ بابيت / بهائيت

    مون ڪافي هنڌن تي ذڪر ڪيو آهي ته ايران جي سرزمين سدائين تحريڪن، مذهبي پرچارڪن ۽ انقلابن جي سرزمين رهي آهي، ايران جا قديم رهاڪو بُت پرست هئا، يونانين جي حملي “هخا منشي” دور جو خاتمو ڪيو، جيڪي زرتشت جي دين جا پوئلڳ هئا. اشڪانين جي شان ۽ شوڪت ساسانين جي اڳيان جهڪي ٿي، جن زرتشتي عقيدن کي گڏي هڪ نئون دين پيش ڪيو. عربن جي حملي ساساني اقتدار جي پُڄاڻي ڪري ڇڏي ۽ ايران اسلامي سلطنت جو حصو بنجي ويو. اسلامي دور ۾ ايراني مذهبي عقيدن تي معتزله عقيدن، الاشعري تعليم، اخوان لصفا، شعوبيه تحريڪ، شيعان علي ۽ اسماعيلي فرقي پنهجا اثر مرتب ڪيا ۽ تصوف جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿي، معروف ڪرفي، ذوالنون مصري، ۽ حسن بن منصور جي اثر هيٺ فنا، توحيد، حال، مقام، اتحاد ۽ رجعت جهڙن اصلاحات، عشق ۽ علم باطن تي زور ڏنو ويو، بايزيد بسطاميءَ “آئون حق آهيان” ۽ “آئون وحدت الوجود آهيان.” جو نعرو هنيو.
    ابو مسلم خراسانيءَ چيو، “خدا مون ۾ حلول ڪري ويو آهي.” ۽ المقنع پاڻ کي خدا جو جلوه قرار ڏنو، جڏهن ته سرمد “لا اِلا” کان اڳيان ڪلمو پڙهڻ کان انڪار ڪندي شهادت ماڻي.
    ان ئي ايران جي سرزمين تي اڻويهين صديءَ جي آخر ۾ هڪ نئين تحريڪ جنم ورتو، ان تحريڪ جي پٺيان شيعن جو اهو عقيدو هو ته اسانجي ڇوٽڪاري جو وسيلو “امام مهدي” آهي، امام مهدي “اثنا عشري” فرقي جو ٻارهون امام آهي، جنهن لاءِ روايت آهي ته هو 873ع ۾ “سامره” جي هڪ غار ۾ غائب ٿي ويو آهي، هن وفات نه ڪئي آهي، پر جيئرو آهي ۽ هن دنيا ۾ جڏهن ظلم، ڏاڍ، فتنو. فساد ۽ نا انصافي وڌندي ته هن جو ظهور ٿيندو ۽ هو هر هنڌ عدل ۽ انصاف جي حڪومت قائم ڪندو.
    ان پسمنظر ۾ سيد محمد علي شيرازيءَ پنهجي ‘باب’ هئڻ جو اعلان ڪيو (باب معنيٰ دروازو)، سيد محمد عليٰ شيرازي جي بابي تحريڪ مذهبي تحريڪ ضرور هئي. پر اُن جي اقتصادي ۽ سياسي سببن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. محمد علي ‘باب’ جو شيراز جي واپاري ڪٽنب سان واسطو هو. شيراز، يزد ۽ ڪرمان جي واپارين کي اها شڪايت هئي ته حڪومت اُترين علائقن جي واپارين جي ڀَر ٿي کڻي ۽ ڏکڻ جي واپارين سان ريا وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. ٻيو سبب اهو هو ته قاچارين، شيراز ۽ ڪرمان جي ماڻهن تي وڏا ظلم ڪيا هئا، پر تهران جي شيعه مجتهدن انهن ظلمن جي خلاف آواز اُٿارڻ بدران، قاچارين جي حمايت ڪئي هئي. تنهنڪري ڏکڻ ايران جا شيعا، مجتهدن کي پسند ڪونه ڪندا هئا. بابي تحريڪ دراصل انهن شهرن جي پڙهيل لکيل ۽ وچينءَ طبقي جي مايوسي ۽ شڪست خوردگيءَ جي احساس خلاف هڪ ردعمل هو.
    محمد علي باب پنهنجي تقريرن ۾ سلطنت جي اميرن ۽ وزيرن جي عياشين، ظلمن، پر ماريت ۽ بدعنوانين تي سخت تنقيد ڪندو هو. ۽ ماڻهن کي ڏڍ ڏيندي چوندو هو ته، “گهٻرايو نه، جلد اهو وقت اچڻ وارو اهي، جڏهن نه ڪو امير رهندو ۽ نه ڪو غريب، نه ڪو محتاج نه ڪو آقا هوندو نه ڪو غلام، سڀني کي هڪ جهڙا حق حاصل هوندا، ظلم ۽ پرماريت جو خاتمو ٿي ويندو.” هن پنهنجي خيالن جي تشريح لاءِ هڪ ڪتاب به لکيو، جنهن جو نالو “بيان” هو.
    محمد علي باب جي انهن ڳالهين جو عام ماڻهن، خاص ڪري واپارين، هنرمندن، ڪاريگرن ۽ هيٺيئن طبقي جي مولوين تي وڏو اثر پيو ۽ هو باب جا مريد ٿيڻ لڳا. پر، شيعه مجتهدن محمد علي باب جي ان ڳالهين کي پنهنجي حيثيت لاءِ سخت خطرو محسوس ڪيو ۽ محمد علي باب جي سخت مخالفت ڪئي، مٿس ڪفر جي فتويٰ جاري ڪئي ۽ حڪومت کان گهر ڪئي ته محمد علي باب ۽ سندس مريدن کي قتل ڪيو وڃي. حڪومت به ‘باب’ جي سياسي نظرين کي پنهنجي لاءِ خطرو تصور ڪري رهي هئي. تنهنڪري ‘محمد علي باب’ کي قيد ڪيو ويو، پر اُن هوندي به بابين جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو.
    1848ع ۾ جڏهن ناصر الدين شاهه قاچار وفات ڪئي ته بابين هٿيار بند بغاوت جو ارادو ڪيو، تنهنڪري ست سئو بابي، “مازندران صوبي” جي ‘بروفروش’ شهر جي ويجهو هڪ قلعي ۾ اچي گڏ ٿيا ۽ بغاوت جي تياري ڪرڻ لڳا، جلدئي سندن تعداد ٻن هزارن کان به ٽپي ويو، ۽ ڀرپاسي جا ڪمي ڪاسبي ۽ هنرمند به اچي ساڻن گڏيا. انهن جي اڳواڻن جو نالو محمد علي برفروش هو. هن “عدل ۽ انصاف” جي حڪومت جو اعلان ڪيو. سموري جائيداد گڏيل ملڪيت قرار ڏني ويئي ۽ هر شخص کي ان ڳالهه جو پابند بنايو ويو، ته هو اجتماعي اصولن موجب محنت ڪري ۽ روزي روٽي ڪمائي.
    مقامي عملدارن ان بغاوت کي چٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام رهيا ته بغاوت کي ڪچلڻ جي لاءِ شاهي فوجي موڪلي ويئي، پر بابين ان کي به ڊوڙائي ڪڍيو. برفروش جيان شيخ طبريس، يزد، نيريز، تبريز ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ بغاوتن منهن ڪڍيو.
    اُن تحريڪ جي بنيادي خامي اها هئي ته محمد علي ‘باب’ ماڻهن کي ڪنهن واضح سياسي ۽ اقتصادي منصوبي تحت منظم ڪرڻ جي بدران “امام مهدي” هئڻ جي دعويٰ ڪري ماڻهن کي روحاني فضيلتن ۽ ڪرامتن جي طلسم ۾ ڦاسائي، پنهنجي ذات جو گرويدو بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾ بابي تحريڪ، شاهي جبر جي خلاف هڪ تحريڪ بنجڻ جي بدران هڪ مذهبي گروهه بنجي رهجي ويئي، ان گروهه جا عقيدا به عام ايرانين جي عقيدن کان مختلف هئا. محمد علي باب جا مريد وڏي قرباني ڏيڻ کان به نه ڪيٻائيندا هئا. پر هو ڪا اهڙي مرڪزي تنظيم قائم نه ڪري سگهيا، جيڪا بغاوتن جي رهنمائي ڪري سگهي.
    بابي بغاوت کي سختيءَ سان دٻايو ويو ۽ محمد علي باب کي 1850ع ۾ قتل ڪيو ويو، بابي هر هنڌ بهادري سان وڙهيا، نيٺ کين يقين ڏياريو ويو ته هو هٿيار ڦٽا ڪندا ته کين معاف ڪيو ويندو. جڏهن هنن ان وعدي تي هٿيار ڦٽا ڪيا ته فوج جوانن، پوڙهن، عورتن ۽ ٻارن کي بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو. باقي جيڪي بابي بچيا، سي جان بچائڻ جي لاءِ روپوش ٿي ويا. 1852ع ۾ هڪ مٿي ڦريل بابيءَ سلطان ناصرالدين قاچار تي قاتلاڻو حملو ڪيو ته بابين تي ٻيهر تشدد شروع ٿيو ۽ انهن کي چونڊي چونڊي گرفتار ڪري سخت اذيتون ڏيئي ماريو ويو، چون ٿا ته فقط تهران ۾ هڪ ڏينهن ۾ اسي بابين کي سخت جسماني اذيتون ڏيئي قتل ڪيو ويو، انهن مقتولين ۾ ايران جي شعله نفس شاعرا قرة العين طاهرا به شامل هئي.
    هن وقت بابي يا بهائي سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهن، ۽ هو گهڻو ڪري ‘بهائي’ طور مشهور آهن، کين بهائي ان ڪري چيو وڃي ٿو، جو محمد علي باب جي قتل کانپوءِ سندس خليفي ‘بها الله’ نه رڳو ٽڙيل پکڙيِل بابين کي گڏ ڪيو، پر بابيت جا اصول مقرر ڪيا، جن تي اڳتي هلي بهائين / بابين پاڻ کي منظم ڪيو ۽ تبليغ ڪئي. تنهن کانپوءِ “عبدالبهاء” خليفي طور ڪم کي اڳتي وڌايو. هن وقت بابين / بهائين جا سڄي دنيا ۾ ست وڏا ‘هائوس آف ورشپ’ آهن، جيڪي دهلي (هندستان) اپيا (ويسٽرن ساموئا) سڊني (آسٽريليا) ڪمپالا (يوگنڊا) پانامه سٽي (پانامه) فرينڪفرٽ (جرمني) ولميٽ (آمريڪا) ۾ آهن، سندن مرڪز اسرائيل جي شهر “حيفه” ۾ آهي، جيڪو ‘يونيورسل هائوس آف جسٽس’ يعني “بيت العدل” جي نالي سان مشهور آهي. حيفه ۾ ئي محمد علي باب جو مقبرو پڻ آهي، جڏهن ته بها الله جو مقبرو اسرائيل جي هڪ ٻي شهر “عڪره” ۾ آهي.
    بهائي پنهنجن عقيدن جي ڪري ايران ۾ ناپسند ڪيا ويندا آهن، جيئن پاڻ وٽ قاديانين کي پنهنجن عقيدن سبب ناپسند ڪيو ويندو آهي. 1979ع ۾ ايراني انقلاب جي دوران مذهبي شدت پسنديءَ کان ڊڄي ڪيترن ئي بهائين پنهنجو مذهب ڇڏي اسلام قبول ڪيو ۽ ٻيا ملڪ ڇڏيا ويا. ان هوندي به ايران ۾ ڪافي بهائي رهن ٿا، ايران جي پارليامينٽ ۾ ٻين اقليتي گروهن لاءِ سيٽون ته مخصوص آهن. پر بهائين لاءِ ڪا به سيٽ مخصوص نه آهي، هن وقت بهائي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ رهن ٿا، خود پاڪستان ۾، ڪراچي ۾ پڻ ڪافي بهائي رهن ٿا، گرو مندر جي ڀرسان سندن سينٽر به آهي، بهائي سياسي معاملن کان پري، علم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ڪافي اڳڀرا آهن، هنن جي دعويٰ آهي ته سندن ڪميونٽي جو ڪو به فرد اڻ پڙهيل ڪونهي.


    • چهره به چهره روبرو

    جڏهن ايران جي شاعرن، اديبن، فنڪارن جو ذڪر اچي، اتي قرة العين طاهره کي ڪيئن ٿو وساري سگهجي.
    طاهره به، حسين بن منصور، ۽ سرمد شهيد جيان ان سرزمين ايران ۾ جنم ورتو، جيڪا سدائين تحريڪن ۽ تهذيبن جو گهوارو رهي آهي.
    طاهرا پنهنجي وقت جي با ڪمال شاعرا، عالم ۽ فاضل ۽ سونهن جي ديوي، جنهن جي اڳيان سونهن ديوي ‘ايفروڊ ائيٽ’ به شرمائجي، جنهن لاءِ علامه اقبال چيو.
    غالب و حلاج و خاتون عجم،
    شور ها افگنده در جان حرم.
    (غالب، منصور ۽ خاتون عجم، حرم جي جان ۾ هنگامون برپا ڪري ڇڏيو آهي.)
    قرة العين طاهرا، باڪمال شاعرا، جيڪا عشق جي نشي جي سگهه سان نئين ڪائنات کي جنم ٿي ڏي. جنهن جو غير محدود عشق جڏهن حجابن جي پردي کي چاڪ ڪندي، قدامت پرستيءَ کي منظر تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ته موت کيس محبوب جي هنج مان دور وٺي وڃي ٿو. پر موت کانپوءِ به ان جو چهرو دل جي گرميءَ سان چمڪندو رهي ٿو، هوءَ مري وڃي ٿي، پر پنهنجي دور ڇا، هر دور جي خمير ۾ لڪي وڃي ٿي ۽ ميران ٻائيءَ جيان پنهنجي گيتن جي روشنيءَ ۾ مست ٿي رهي.
    گرتبو افتدم نظر چهره به چهره روبرو،
    شرح دهم غم تو نکته به نکته روبرو.
    (جيڪڏهن مونکي تنهنجي روبرو ٿيڻ ۽ سامهون اچڻ جو موقعو ملي ته آئون تنهنجو غم نقطو نقطي سان گڏي، جيئن جو تيئن بيان ڪريان.)
    ايران ۾ پنهنجن عقيدن جي ڪري ناصر الدين قاچار جي ظلمن ۽ مُلن جي فتوائن جو شڪار ٿيل بابين ۾ قرة العين طاهرا جهڙي اعليٰ شاعره ۽ عالم به شامل هئي، جنهن جي حسن جي هاڪَ ۽ عالمانه گفتگو، گهڻن جو پتو پاڻي ڪري ڇڏيندي هئي. ۽ وقت جو بادشاهه ناصرالدين قاچار به اُن کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ رهي نه سگهيو، هُن کيس چورائي موڪليو ته، جي تون پنهنجو عقيدو ڇڏي ٻيهر مومنياڻي بنجي وڃين ته توکي پنهنجي پَٽ راڻي بڻايان، پر طاهرا جي لاءِ پنهنجو عقيدو، پنهنجو ايمان، پنهنجو ڪلام، پنهنجو شاعراڻو اظهار، پنهنجي درويشي، ڪنهن وقت جي حاڪم جي پَٽ راڻي بڻجڻ کان وڌيڪ هئي. هن وقت جي تخت نشين حاڪم کي سندس انهيءَ آڇ جي جواب ۾ لکي موڪليو.
    تو و ملڪ و جاه سڪندري، من رسم و راه قلندري،
    اگر آن خوش است، تو در خودي، وگر اين بداست مرا سزا.
    (هڪڙو تون آهين، تنهنجو ڀاڳ ۽ سڪندر جهڙو ملڪ آهي، هڪ آئون آهيان، منهنجو ڀاڳ درويشياڻون طور طريقو آهي، جيڪڏهن اهو سٺو آهي ته توکي مبارڪ هجي ۽ جيڪڏهن هي خراب آهي ته آئون ان جي ئي حقدار آهيان.)
    طاهرا، جيڪا تنگ نظر مُلن جي فتوائن ۽ تنگ نظريءَ جو شڪار ٿي ويئي، ۽ اهي مُلان، جن جو ايمان ايترو ته ڪمزور هوندو هو، جو هوءَ مناظرن دوران جڏهن چهري تان نقاب هٽائيندي هئي ته هو بحث جا نقطا وسارڻ سان گڏ پنهنجو ايمان به وڃائي ويهندا هئا، ۽ سڀني جي نظرن جو مرڪز بنجي ويندي هئي ۽ سڀ اکيون ڇنڀڻ به وساري ويهندا هئا، جنهن جي زبان مان لفظ جهرڻا بنجي نڪرندا هئا.
    هن جي مست اکڙين، دنيا کي مست ۽ مخمور ڪري ڇڏيو آهي.
    جنهن به کيس ڏٺو، سو بي چين ٿي ويو
    هُن جي اک جو ڦيرو،
    هڪ ئي نظر سان سڀني عقلمندن جون دليون کسي ٿو وٺي
    چئو، هن جي سراپا مجنون دل ڇا ٿي ٺاهي سگهي
    هُن ليليٰ جي تنبوءَ اندر گنبذ ٺاهي ورتو
    آتش نشينن جي خيمن تي باهه جون چڻنگون ڪرنديون آهن،
    اها اهڙي باهه هوندي آهي،
    جيڪا هر حجاب کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي آهي.
    جيڪڏهن ان ڏسڻ ۾ نارموسي ڪونهي ته
    ماڻهون ڪنهن ۾ محو آهي، بي چين آهي.
    آئون ساقيءَ کان شراب جي هڪ جري ٿي چاهيان،
    جيئن توسان اهو راز سَلي سگهان، جيڪو ڪنهن به نه ٻڌايو آهي.
    اسانکي ڏسندڙ اک سان ڏس، ته جيئن
    چهرو بي حجاب ڏسي سگهي
    اهو چهرو غيب جي جهان مان لهي آيو آهي،
    جيڪو سج جهڙي تجلي رکي ٿو.
    قرة العين طاهرا عربي ۽ فارسي ٻنهي زبانن جي بي نظير ۽ خوبصورت شاعرا هئي، سندس گهڻو تڻو ڪلام مخالفن جي هٿان زيان ٿي ويو، پر جيترو به ڪلام موجود آهي، اهو فصاحت ۽ بلاغت جو بهترين نمونو آهي، هن جي شاعري احساسن، جذبن، ۽ عشق جي جوش جو پرتوو آهي ۽ سندس هر شعر ۾ داخليت ۽ ذاتيت چٽي آهي.
    طاهرا بي شڪ هڪ نئين لهجي ۽ نئين انداز جي شاعرا هئي ۽ گيتن جي حوالي سان کيس جديد فارسيءَ جي باني به چئي سگهجي ٿو، جنهن کي پوءِ جي شاعرن، ‘مشروطيت’ جي دور ۾ پنهنجي جوڀن تي پهچايو، هوءَ شاعريءَ ۾ نون تجربن ۽ تبديلين جي قائل هئي.
    از پي ديدن رخت همچوصبا فتاده ام،
    خانه بخانه در بدر، کوچه به کوچه کو بکو.
    (تنهنجي منهن ڏسڻ لاءِ، پرهه جي هير وانگر ڀٽڪندي رهي آهيان، گهر گهر، در در، گهٽي گهٽِي، ڳلي ڳلي.)
    طاهرا، ارڙهين صديءَ ۾ عقيدي جي اختلاف جو شڪار ٿي ويئي، ۽ عجيب اتفاق آهي ته حسين بن منصور حلاج ۽ سرمد شهيد به ايران جي سرزمين تي ئي جنم ورتو هو، ۽ هو ٻيئي به عقيدي ۽ خدا جي محبت ۾ رچي راس ٿيڻ سبب وقت جي حاڪمن جي ڏمر ۽ مُلن جي فتوائن سبب ماريا ويا.
    سوچيان ٿو، جڏهن ناصرالدين قاچار سياسي مصلحتن ۽ وقت جي فتويٰ فروش مُلن جي فتوائن کان مجبور ٿي، طاهره جي موت جي پرواني تي صحيح ڪئي هوندي ته ڇا سندس هٿ نه ڏڪيا هوندا. ڇا هن جي ننڍ نه ڦٽي هوندي، ڇا هن راتين جون راتيون بستري تي پاسا ورائي نه گذاريون هونديون، ڇا هن جو ذهن انتشار جو شڪار نه ٿيو هوندو؟ هن جي اڳيان طاهرا جو چهرو نه ڦريو هوندو.
    چشم مستش کرده عالم را خراب،
    هر که ديد افتاد اندر پيچ و تاب.
    (هن جي مست اکڙين هڪ جهان کي مست ۽ مخمور ڪري ڇڏيو، جنهن به کيس ڏٺو، تنهن جو سُک ئي ڦٽي پيو.)
    از رخ و زلف اي صنم روز هن است همچو شب،
    وائي بروزگار من روز يڪه وشام دو.
    (اي منهنجا محبوب! تنهنجي چهري تي لڙڪندڙ وارن جي ٻن چڳن سبب، منهنجو ڏينهن، رات بنجي ويو آهي، منهنجي روزگار تي حيف آهي، جو ڏينهن هڪ ۽ شامون ٻه آهن.)
    قرة العين طاهرا کي 15 سيپٽمبر 1852ع تي ماريو ويو، کيس هڪ باغ ۾ نيو ويو... ۽ جلاد سندس گَلو گهٽي ڇڏيو، پڪ ئي پڪ اُن وقت جي تارا مسيح جلاد جا هٿ ازل ۽ ابد جي باهه ۾ سڙندا هوندا، جنهن طاهرا جهڙي با ڪمال شاعرا، عالم، درويش، باغي ۽ سونهن جي ديويءَ جو گَلو گهٽيو هوندو. پوءِ سندس لاش کي هڪ کوهه ۾ ڦٽو ڪيو ويو ۽ کوهه کي مٽيءَ سان لٽيو ويو، ۽ هن وري اهو موت ڪيئن قبوليو، خوشيءَ سان عروسي جوڙو پائي مرڪندي مرڪندي.
    اها بازي، عشق جي بازي هئي، جنهن طاهرا کي مرڪي موت قبول ڪرايو.... اها وقت جي ‘باغيءَ’ جي پنهنجن آدرشن ۽ مقصد سان سچائي هئي. هن پنهنجي موت کي “محبوب” سان ملڻ جو وسيلو ڄاتو.... اهو موت، جيڪو سقراط کان وٺي طاهرا تائين پنهنجي مقصد سان سچائي، آدرشن جي اظهار جي آزادي، پراڻ پسندي جي خلاف جنگ، ۽ پنهنجي وقت جي انقلابي للڪار هئي.
    نه بازي است رفتن به ميدان عشق،
    که از صد هزار کر ديکي پا فشرد.
    (عشق جي ميدان ۾ ڪُڏي پوڻ ڪا راند ته ڪونهي... هزارن لکن مان ڪو هڪ ئي ان جي لاءِ تيار ٿيندو آهي.)
    قرة العين طاهرا جي زندگي هڪ غنائيه آهي ۽ اردوءَ جي مشهور ليکڪا جميله هاشميءَ، اهو غنائيو “چهره به چهره روبرو” ۾ واهه جو گنگنايو آهي.
    جيئن گگوش کي ‘حسن درس’ ڀيٽا ڏني، تيئن ‘طاهرا’ تي احمد سولنگي نظم لکي هن ‘باغي’ عورت کي سنڌي شاعريءَ جو دائمي موضوع بنائي ڇڏيو آهي:

    قرة العين...
    ڪالهه خوشبوءِ جي مدفن ۾ جيئن ئي سُتي
    اڄ به اُن جي مٽي،
    ڄڻ گلابن ۾ آهي رکي
    ۽، گُل لالا وانگر سندس چهرو ٻهڪي پيو.
    طاهرا جو بدن باغ ۾
    کوڙ سارن گلن جي آ هيٺان رکيو
    وار ڄڻ ياسمين سان مهڪن پيا
    ۽ اکيون ڄڻ ته نرگس ۾ رهجي ويون
    چپ مکڙين ۾ پيا مُرڪن
    ڪنهن به پوشاڪ پردي ۾ ڇا هي رکيو
    حُسن جو هر حوالو آ وکريو پيو
    سبز سُرهي هوا ٿي گلن مان لنگهي
    جاڳ جلاد جي
    ننڊ منصور جي
    موت آڏو الڳ ٿي ڪا معنيٰ رکي؟
    ڪالهه جيئن ڊيل جي چال سان
    سونهن ساگر کڻي
    رنگ پوپٽ جا هوءَ پهري نڪتي گهران
    ماڪ شيشا جلهيا ڄڻ ته اُن جي اڳيان
    نور وسندو رهيو، صبح تاري منجهان
    ۽ اکين خواب جا کنڀ کولي ڇڏيا..
    ڪنهن پکيءَ جي پرن جي اُڏارن جيان
    عشق پنهنجون جبينون جهڪائي رکيون
    جهڙ جي جهالر منجهان
    چنڊ جهاتيون وجهي
    سمنڊ کي ڪيئن نديءَ ڀوَ ۾ ڀاڪيون وجهي
    آبشارن، پهاڙن، زمينن، اُڀن
    ريگزارن سان ڪنهن جو رهي ربط ٿو
    ڪنهن نه آهي ڏٺو
    سج صد برگ کي ٿو نوڙي چمي
    وقت تاريخ جي ڄڻ ته تسبيح
    ملڪ، موتيءَ جيان ٿو هٿن ۾ گهمي،
    طاهره جي ڳچيءَ ۾ چُنيءَ کي وجهي جن ڇڪيو
    ننهن نڙيءَ تي ڏئي ۽ گهٽو جيئن ڏنو
    وقت گهوگهو ڏنو ڄڻ ته ايران کي.


    • مڙس ته ڪو منصور هيو...

    اصفهان مان موٽندي، منهنجي نظر شيراز ويندر روڊ تي پويٿي... شيراز، جتي حافظ شيرازيءَ جنم ورتو، جنهن چيو هو، ‘منهنجي محبوب جي ڳل جي ڪاري تر تان ثمر قند ۽ بخارا جا شهر قربان.’
    جتي شيخ سعديءَ جي مزار پڻ آهي.
    پر منهنجي ذهن ۾ جنهن نالي جي وڄ کڙي.... اهو نالو صدين کان دلين کي گرمائيندو رهي ٿو، اهو نالو، جيڪو ڪائنات جيڏو وشال ۽ همه گير آهي، جيڪو ازل ۽ ابد جي ڪنارن تائين آهي... ازل ۽ ابد... جنهن جي انت جي ڪنهن کي به خبر ڪونهي.... انت بحر جي خبر نه ڪائي.....
    ۽ سچل سرمست تي وري اُن منصوري صدا “انا الحق” ايترو ته اثر ڪيو، جو هن چئي ڏنو.
    سو ئي ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي،
    مار نعارا “انا الحق” دا، سولي سر چڙهيجي،
    اندر ٻاهر هڪ هويون، ‘موتو قبل’ مريجي،
    ‘سبحاني ما اعظم شاني’، سچل سر سڻيجي.
    البيضاء... منهنجي ذهن ۾ نالو اُڀري ٿو... ‘مدينتھ البيضاء’ جيڪو اُن ئي روڊ تي هو.. جيڪو هاڻ ‘طل بيضا’ سڏجي ٿو. جت اڄ کان صديون اڳ هڪ اهڙي شخص جنم ورتو، جنهن جي منصوري نعري ‘انا الحق’ جو پڙاڏو اڄ به وشال ڪائنات ۾ ٻُرائجي پيو ۽ جيڪو ابد تائين گونجندو رهندو. ‘انا الحق’ جو اهو نعرو هڻندڙ، جنهن جو نالو ‘حسين’ رکيو ويو. حسينِ - حسينيت، هر دور جي يزيديتِ - ملوڪيت کي للڪاريندي رهندي آهي. ۽ هر دور ۾ حسينيت جا پروانا، وقت جي يزيديتِ - ملوڪيت سان مهاڏو اٽڪائيندي، پنهنجي سرن جا نذرانا پيش ڪندا ٿا رهن. پر وقت جي يزيدن لاءِ انهن منصورن جي هلندڙ قطار کٽڻ ۾ ئي نٿي اچي.... همه منصور هزار ڪهي ڪُهندين ڪيترا.
    ايران جي سر زمين ڇا ته شاندار تهذيب ۽ تمدن جي مالڪ آهي... ڇا ڇا نه وابسته آهي، هن سرزمين سان، شاعري، تصوف، مذهب، ثقافت، اشتراڪيت... ۽ ايران جي سرزمين تان ته تصوف جي ڪيترن ئي سلسلن جا سرچشما ڦٽي نڪتا ۽ جهرڻن جيان ايران جي سرزمين کي سيراب ڪندا، چؤ ڏس پکڙجي ويا....
    ان ئي سرزمين تي، 544هه / 857ع ۾ هڪ پيڃاري، منصور جي گهر ۾ ‘حُسين’ جنم ورتو ۽ هڪ اهڙي جوت ٻري، جنهن تي پتنگ پنهنجي جان واريندا ٿا رهن. پيڃاري کي عربيءَ ۾ “الحلاج” چئبو آهي، يعني ڪپهه ٽاڻيندڙ يا ڪپهه کي پيڃارڻ-ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته دنيا جنهن شخص کي حلاج جي نالي سان سڃاڻي / سڏي ٿي ۽ جنهن جي معنيٰ آهي ئي پيڃارڻ يعني ‘جز ۾ ڪل کي گڏي ڇڏڻ’. پنهنجي نظر ۾ پنهنجي وجود کي مٽائي ڇڏڻ، وڏن ڪارنامن مان سڀ کان مٿاهون آهي... اڳتي هلي، وقت جي وهڪري، حسين-منصور ۽ حلاج کي گڏي،، “حسين بن منصور الحلاج” بنائي ڇڏيو.
    فريد الدين ‘عطار’ پنهنجي ڪتاب “تذڪرتھُ الاولياءَ” ۾ منصور جو ذڪر ڪندي لکي ٿو.
    “هڪ ويهن ورهين جو نوجوان، جنهن جو پيءُ فرات نديءَ جي ساحلي علائقن ۾ ڪپهه ٽاڻڻ جو ڪم ڪندو هو، ۽ ايئن مٿس سندس ڌندي جي ڪري “الحلاج” نالو پئجي ويو، بصري مان ٿيندو، بغداد پهتو ۽ جنيد بغداديءَ جي خذمت ۾ حاضر ٿيو. ۽ ڪجهه مسئلن بابت پڇيائين.. پر جنيد بغداديءَ ڪو به جواب نه ڏنس، فقط هڪ ننڍڙي ڳالهه ڪيائين، اهو ڏينهن جلد اچڻ وارو آهي، جڏهن تون ڪاٺ جي هڪ ٽڪر کي رت جي ڳاڙهي رنگ سان رڱي ڇڏيندين.”
    “جنهن ڏينهن آئون ڪاٺ جي ان ٽڪر کي ڳاڙهاڻ سان ڀري ڇڏيندس” نوجوان بنا ڪنهن دير جي وراڻيو، “ان ڏينهن تنهنجي جسم تي اهل اصول جي قبا هوندي.”
    خبر ڪونهي ته فريد الدين عطار جي اُن لکيل داستان ۾ ڪيتري سچائي آهي، پر حلاج جي شخصيت، تاريخ جي حدن مان نڪري هڪ اهڙي علامت ۽ تمثيل بنجي ويئي، ۽ ان جو ادبي ۽ فڪري تمدن تي ايترو ته گهرو اثر آهي، جو ان کي سمجهڻ لاءِ، تاريخي حقيقتن ۽ واقعن تي نظر وجهڻ ضروري آهي.
    ديوان منصور حلاج جي مهاڳ ۾ هڪ مورخ سيد نعمان الحق لکي ٿو ته:
    تاريخي روايتن، ڳالهين ۽ داستانن جي ابتڙ، تاريخي حقيقت اها آهي ته حلاج کي رڳو اُن ڪري ڦاسي تي نه لڙڪايو ويو، جو هن پنهنجو پاڻ کي “الحق” چيو. حلاج کان اڳ با يزيد بسطاميءَ جو مثال اسان جي سامهون آهي. با يزيد “حالتِ سِڪر” ۾ ڇا ڇا نه چيو، هن ‘سبحان الله’ جي بدران ‘سبحاني’ ۽ ان کان وڌيڪ ڪعبي جي طواف ڪرڻ جي بدران پنهنجي چوڌاري ‘طواف’ ڪرڻ جي ترغيب ڏني، هن جو نعرو هو ته:
    کعبه را يک “بيتي” گفت يار،
    گفت “يا عبدي” مرا هفتاد بار.
    سوچڻ اهو گهرجي ته با يزيد جي گرفت ڇو نه ٿي؟
    ٻي تاريخي حقيقت عام روايتن ۽ ڪن صوفين جي الزامن جي ابتڙ آهي، حلاج ڪڏهن به “الوهيت” (خدائيءَ) جي دعويٰ نه ڪئي هئي. هن خالق ۽ مخلوق جي باهمي “حلول” جي ڳالهه ڪڏهن به نه ڪئي هئي، نه ئي وري هن پنهنجي ذات کي خدا جي ذات ۾ گم ٿي وڃڻ جو اعلان ڪيو. حلاج عبد / ٻانهون ئي رهيو ۽ معبود، معبود، قطرو، پنهنجي ذات ۾ قطرو ئي رهيو ۽ درياهه، دريائي رهيو.”
    ته پوءِ اها ڪهڙي شئي هئي، جنهن “حلاج” جي خلاف وقت جي سياستدانن کي، مڇرايو، کيس قيد ڪرايو ۽ طرح طرح جون تڪليفون ڏيئي، عضوو، عضوو وڍي، دنيا لاءِ عبرت بنائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جو نقشو شاهه لطيف جي هن بيت ۾ هوبهو چٽجي ٿو اچي:
    سر ڍنڍيان ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍونڍيان سر ناهه،
    هٿ ڪرايون آڱريون، ويا ڪپجي ڪانهه
    وحدت جي وهانءَ، جي ويا سي وڍيا.
    حقيقت اها آهي حلاج جي خلاف جيڪو ‘ڪيس’ داخل ڪيو ويو، ان جي پردي پٺيان منجهيل سياسي سازشن جو عمل دخل هو. حلاج جڏهن پنهنجو ٽيو ۽ آخري حج ڪري واپس بغداد پهتو ته هڪ طرف عباسي درٻار ۾ انتشار پکڙيل هو ته ٻي طرف هن جي ڪيفيت به عجيب ٿي ويئي هئي، هو بغداد جي گهٽين ۾ سرمستي ۽ سرشاريءَ جي حالت ۾ ڊوڙندو وتندو هو ۽ ذات باري تعاليٰ سان پنهنجي عشق جو اظهار ڪندو رهندو هو. سندس زبان مان نڪتل لفظن ۾ عجيب خواهشن جو اظهار هوندو هو:
    - آئون توکي سڏيان پيو، پر تون مونکي پاڻ طرف گهرائينءَ پيو،
    اهو تو ئي سڏيو، “تون ئي تون آهين.”
    يا تو چيو، “آئون، آئون ئي آهيان.”

    - هُن جي محبت، منهنجي دل جي شوق کي داغي ٿي
    ۽ اهو ڪهڙو داغ آهي’
    منهنجي ذات جو شهود، مون کان اوجهل ٿي ويو آهي،
    اُن پريم سان، جنهن مونکي پنهنجو نالو وسارائي ڇڏيو آهي.

    - عشق جي اُن گرميءَ ۾ موت جي خواهش حد کان وڌيڪ هئي،
    منهنجو موت، منهنجي حيات ۾ آهي
    ۽ منهنجي حيات منهنجي موت ۾ آهي.
    هن اهو به چئي ڏنو ته:
    “انا الحق والحق، لِلحق، حق”
    (آئون حق آهيان ۽ حق، حق سان گڏ آهي.)
    بغداد ۾، جيڪو ‘عباسي خلافت’ جو مرڪز هو، تنهن ۾ شديد سياسي بي چيني پکڙيل هئي، سياسي بدامني، چور بازاري، رشوت خوريءَ جي ڪري بغداد ۾ عام کاپي ۽ کاڌ خوراڪ جي شين جون قيمتون آسمانن تي پهچي ماڻهن جي خريد قوت کان مٿي چڙهي، ويون هيون. نتيجي ۾ ماڻهن مجبور ٿي مظاهرا ڪيا ۽ عوام کي جيئڻ جو حق ڏيڻ، راشي ڪامورن، ذخيره اندوزن ۽ بدمعاش عملدارن کي سزائون ڏيڻ جي گهر ڪئي.
    هڪ پاسي اها سياسي بي چيني پکڙيل هئي، ٻي پاسي قرمطين جون حڪومت جي خلاف خوني ڪاروايون جاري هيون، ٽي پاسي ڏڪار، مهنگائي ۽ معاشي بدحالي ۽ مٿان وري ماڻهن جو حسين بن منصور حلاج ڏانهن وڌندڙ لاڙو، انهن حالتن سبب ٻڍي ۽ سخت گير وزير حامد کي هر وقت اهو انديشو رهندو هو ته ڪنهن به وقت ڪو انقلاب برپا ٿي سگهيو ٿي، ان ڪري سياسي نقطه نگاهه کان منصور حلاج کي ڪچلڻ ضروري سمجهيو ويو. عالم ۽ محدث اڳ ۾ ئي منصور جي “انا الحق” جي نعري سبب سندس مخالف هئا، صوفي درويشن جو هڪ طبقو به کيس رد ڪري چڪو هو. تنهنڪري خلافت جي وزير حامد کي سندس خلاف مناسب قدم کڻڻ جو موقعو ملي ويو. منصور جي خلاف قدم کڻڻ اُن ڪري به ضروري سمجهيو ويو ته سندس اثر هيٺ بغداد ۾ اخلاقي ۽ سياسي سڌارن جي تحريڪ ڪَر کڻڻ شروع ڪيو هو.انهن حالتن ۾ 614 هجري ۾ ڪجهه اڳواڻن حڪومت جو تختو اونڌوڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هڪ ڏينهن جي لاءِ اقتدار ‘ابن المعتز” کي مليو. پر اها ڪوشش چٿي ويئي ۽ چوڏهن سالن جي نا بالغ “المقتدر” کي ٻيهر خليفو بنايو ويو، ۽ هاڻ جيڪو عتاب نازل ٿيو، ان جي وڪڙ ۾ حلاج به اچي ويو. ڇو ته حڪومت جي تبديليءَ جي ان ڪوشش ۾ سندس ڪيترا مريد به شامل هئا. ان کانپوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو سڀ درٻاري سياست جي ٽوڙ جوڙ ۽ عباسي وزيرن جي پاڻ ۾ حسد ۽ وير جي هڪ ڊگهي ڪهاڻي آهي.
    درٻاري گروهه بندين ۾ نابالغ خليفي جا ڪجهه وزير حلاج جي خلاف هئا، ته ڪجهه وري حمايتي.جيتوڻيڪ حلاج کي ان درٻاري سياست ۽ سازشن سان ڪا به دلچسپي نه هئي، پر هو هڪ اهڙي ‘رسي’ بنايو ويو، جنهن کي هڪ گروهه پاڻ ڏانهن ٿي ڇڪيو ته ٻي گروهه وري پنهنجي پاسي ٿي ڇڪيو. سياست جي ان اونداهيءَ ۾ حلاج رڳو باهمي دشمنين جي اظهار جو هڪ آلو ۽ وسيلو هو. حالتن کي ڏسي “حلاج” سوس ۾ اچي پناهه ورتي. جتان کيس 301هجريءَ ۾ گرفتار ڪري بغداد نيو ويو، ۽ زنجيرن ۾ جڪڙي وچ بازار ۾ آندو ويو، ۽ سندس ڳچيءَ ۾ هڪ تختي لڙڪائي ويئي، جنهن تي “قرامطي ايجنٽ” لکيل هو.
    اُتي ويچارڻ جي اها ڳالهه آهي ته هتي نه ته ڪو ذڪر “انا الحق” جو هو ۽ نه ئي وري خدائيءَ جي دعويٰ جو الزام هو. الزام جي نوعيت سراسر سياسي هئي.
    ڪيس جي ڪاروائي جي دروان سندس صوفياڻن قولن ۽ نقطن کي سياسي رنگ ڏنو ويو. جهڙوڪ: هن بايزيد جيان اهو چئي ڏنو هو ته اندر جو ڪعبو، سرن ۽ پٿرن جي ڪعبي کان افضل آهي، پنهنجي ذات جي چوڌاري طواف جي ڀيٽ ۾ حق کي وڻندڙ ۽ مرغوب آهي. مٿس اهو به الزام هنيو ويو ته هو ڪعبي شريف تي حملي جي سازش ۾ شريڪ هو، هتي اها ڳالهه ذهن ۾ رهي ته انهن ڏينهن قرمطي باغين ‘ڪعبي شريف’ تي ڪيترائي حملا ڪيا هئا ۽ انهن باغين هزارين حاجين کي قتل ڪري ڇڏيو. ايتريقدر جوڪجهه سالن کان اهي سرڪش قرامطي ‘بيت الله’ تي حملو ڪري، “حجرا اسود” ڪڍي پاڻ سان بحرين کڻي ويا هئا ۽ لڳ ڀڳ ٻاويهن سالن تائين اهو قرامطين جي قبضي ۾ رهيو. پر ان ڳالهه جي ڪابه شاهدي ڪونهي ته حلاج جو اُن واقعي سان واسطو هو.
    ساڳئي نموني “حلاج” جي سنڌ جي سفر کي به ‘الزام’ بنايو ويو. انهن ڏينهن ڪيترائي قرامطي ايجنٽ (داعي) ملتان کان ديبل تائين پکڙيل هئا، پر سنڌ جي پاڪ ۽ والها نه تصوف تي حلاج جو جيڪو گهرو اثر آهي، اهو خود اُن ڳالهه جو کليل دليل آهي، ته ان سفر جو مقصد سياست گري نه هو.
    قرامطي ڪير هئا؟
    جيئن هن ڪتاب جي شروع ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي ته سرزمين ايران ڪيترن ئي مذهبن، فرقن، انقلابن ۽ تحريڪن جو مرڪز پي رهي آهي. انهن مان هڪ تحريڪ/مذهب “شعيت” به آهي. وقت گذرڻ سان گڏ شيعه فرقو وڌيڪ گروهن ۾ ورهائبو ويو، انهن مان هڪ ‘اسماعيلي’ به آهي، جنهن فرقي حضرت اسماعيل بن امام جعفر صادق کانپوءِ سندس فرزند حضرت محمّدرضه جي بيعت ڪئي، ان نسبت سان کين اسماعيلي سڏيو وڃي ٿو. ‘اسماعيلي شيعن’ جو عقيدو آهي ته هر دور ۾ هڪ حاضر امام هوندو آهي، جيڪو اُمت جي رهنمائي ڪندو آهي، پرنس ڪريم آغا خان هن وقت اسماعيلي فرقي جو حاضر امام آهي.
    اسماعيلي شيعن جون وري ڪيتريون ئي شاخون آهن، جهڙوڪ:
    فاطمي، قرامطه، دروزي، مستعلي، نزاري وغيره. اسماعيلين کان پوءِ هن فرقي جي ٻي اهم شاخ قرامطه (يا، قرمطه) آهي، جنهن جو باني حمدان ابن اشعث هو. جيڪو قد جو ننڍو هئڻ سبب ننڍيون ننڍيون وکيون کڻندو هو. عربيءَ ۾ ويجها ويجها يا ننڍا ننڍا قدم کڻندڙ کي پڻ “قرمطه” چيو ويندو آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي ته حمدان بن اشعث، قرمطه جي لقب سان مشهور ٿي ويو ۽ سندس پوئلڳن کي “قرامطي” سڏيو ويو.
    سن 242 هه -856ع ۾ حمدان بن اشعث، اهو بهانو ڪري اسماعيلي فرقي کان بغاوت ڪئي ته هنن امام محمد بن اسماعيل بن امام جعفر صادق جي پيروي ۽ تعليم ڇڏي ڏني آهي، حمدان اسماعيلي مرڪز ‘سليمه’ سان لاڳاپا ختم ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي ڌار دعوت جو سلسلو جاري ڪيو، اهڙي طرح نئين اسماعيلي فرقي “قرامطه” جي شروعات ٿي.
    قرامطن، فاطمي حڪومت جي قائم ٿيڻ کان پهريائين بحرين ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪري ورتي، ۽ مذهبي ۽ سياسي طور تي فاطمين جا عباسين وانگر سخت دشمن ٿي پيا.
    حمدان بن اشعث جي جماعت ۾ هارين جو وڏو تعداد شامل ٿي ويو، جن لاءِ نماز جا پنجاهه وقت مقرر ڪيا ويا، جنهن ڪري پوکي راهي (زراعت) جي ڌنڌي ۾ کوٽ اچي ويئي ۽ ملڪي پيداوار ڪافي متاثر ٿي، ڪوفي جي گورنر هيشم، جڏهن کوٽ جا سبب معلوم ڪيا ته هن نئين فرقي جو اطلاع مليس، (هاري نمازون پڙهڻ جي پويان.... پوکي راهي ڪير ڪري.) تنهن حمدان بن اشعث قرامطه کي جلهي جيل ۾ وجهي ڇڏيو. جتان هو گورنر جي هڪ ٻانهيءَ جي مدد سان شام طرف ڀڄي ويو.
    “قرامطن، هڪ نئين شريعت ۽ آسماني ڪتاب جي دعويٰ ڪئي هئي قرامطن جي ديني ڪتاب ۾ نماز جي ترڪيب هن طرح لکي ويئي آهي.
    “نماز جون چار رڪعتون آهن، ٻه رڪعتون سج اُڀرڻ کان اڳ ۽ ٻه رڪعتون سج لهڻ کان اڳ، هر نماز لاءِ اذان (ٻانگ) ضروري قرار ڏني ويئي.” ٻانگ هن طرح ڏيندا هئا.
    “الله اڪبر (چار ڀيرا) اَشهد اَن لااِلله اِلالله (ٻه ڀيرا) اَشهد اَن آدم رسول الله، اَشهد اَن نوحا رسول الله، اَشهد اَن ابراهيم رسول الله، اَشهد اَن موسيٰ رسول الله، اَشهد اَن عيسيٰ رسول الله، وَ اَشهد اَن محمّد الرسول الله وَ اَشهد اَن محمّد بن احمّد الحنيفيه رسول الله” تنهن کانپوءِ بِسمِ الله پڙهي ويندي آهي.
    (حوالو: مقالات سرفراز: صفحو 63. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر سنڌ يونيورسٽي 2011ع)
    قرامطن سال ۾ ٻن روزن رکڻ جو حڪم ڏنو، هڪ روزو “يوم مهر گان” ۽ ٻيو “نوروز”. جيڪي ٻئي “ايرانين جي عيد جا ڏينهن آهن.” هنن تاڙي ‘حرام’ ۽ شراب ‘حلال’ قرار ڏنو. جنابت جي دور ڪرڻ لاءِ صرف وضو ڪافي ٻڌايو. پنجن وارا ۽ گوشت خور جانور حرام قرار ڏنا. ‘ڪعبته الله’ جي بدران ‘بيت المقدس’ کي قبلو مقرر ڪيو. حج لاءِ به ‘بيت المقدس’ کي مقرر ڪيو، هفتي ۾ ٻن ڏينهن يعني جمع ۽ آچر تي ڪم ڪار ڪرڻ کان منع ڪئي ويئي هئي.
    قرامطن، هر انهيءَ شخص کي ‘واجب القتل’ قرار ڏنو، جيڪو سندن مذهب جي مخالفت ڪندو هجي، يا هنن سان جنگ ۽ جهيڙو ڪري، باقي جيڪي ساڻن جنگ ۾ شريڪ نه ٿين، تن کان ‘جزيو’ وصول ڪيو ويندو هو. قرامطي تعليمات مان اهو پڻ ثابت ٿئي ٿو ته اطاعت جي ڪنهن خاص حد تائين پهچڻ کانپوءِ ظاهري شريعت تي عمل ڪرڻ جي ضرورت باقي نٿي رهي. ۽ نه وري ڪا صوم صلات جي گهرج آهي، فقط امام مهدي آخر الزمان يعني محمّد بن اسماعيل ابن امام جعفر الصادق جي اطاعت ۽ معرفت ڪافي آهي، اهو ئي خاتم الائمه قائم منتظر ۽ مهدي موعود آهي، تنهن ڪري ڪنهن به گناهه کان ڊپ ڪرڻ نه گهرجي. امام زنده آهي، جيڪڏهن هو زندهه نه هجي ها ته خلقت هلاڪت ۾ مبتلا ٿي وڃي ها ۽ هدايت معدوم ٿئي ها، وغيره.
    قرامطن سن 317هجري ۾ ابو ظاهر قرامطي جي اڳواڻيءَ ۾ ڪعبته الله جي بي حرمتي ڪري ‘حجر اسود’ پٽي کڻي ويا هئا، جيڪو ٻاويهن سالن تائين سندن قبضي ۾ رهيو. قرامطن ‘بيت الله’ تي اهو حملو حلاج جي شهادت کان هڪ سال پوءِ ڪيو.
    شروعاتي ڪاروائيءَ کانپوءِ حلاج کي نظربند ڪيو ويو ۽ هو اٺن سالن کان به وڌيڪ عرصو ‘محل’ جي جيل ۾ قيد رهيو، ان کانپوءِ وزير ‘حامد’ جي بغض ۽ عناد سبب ‘ڪيس’ جي ٻيهر ڪاروائي شروع ٿي، درٻار جي پگهاردار عالمن ۽ سرڪاري قاضي کان فتويٰ ورتي ويئي ۽ حلاج سوليءَ جي ڪاٺ کي پنهنجي رت سان واقعي به ڳاڙهو ڪري ڇڏيو.
    ڪيس جي ڪاروائي شروع ٿي ته وزير جي حڪم سان حسين بن منصور کي روزانو سندس درٻار ۾ آندو ويندو هو. جتي قانوندان، قاضي، عالم ۽ امير موجود هوندا هئا، اُتي ٻين ڳالهين سان گڏ سندس گرفتاريءَ وقت ۽ ان کانپوءِ هٿ آيل سندس لکڻين کي پيش ڪيو ويندو هو. هڪ ڏينهن وزير حامد وٽ هڪ لکت پيش ڪئي ويئي، هن ڪاتب کي حڪم ڏنو ته اها سڀني جي سامهون پڙهي ٻڌاءِ. ان مهل بغداد جو قاضي ابو عمر پڻ موجود هو، انهيءَ لکت ۾ حلاج لکيو هو ته. “جيڪڏهن ڪو ماڻهو حج جو ارادو ڪري، پر اوڏانهن وڃي نه سگهي، ته پوءِ کيس گُهرجي ته پنهنجي گهر ۾ هڪ ڪمرو مخصوص ڪري ۽ ڪنهن کي به ان ۾ وڃڻ نه ڏي، جڏهن حج جي موسم اچي ته هو ڪعبته الله وانگر انهيءَ ڪمري جو طواف ڪري ۽ ٻيا حج جا رڪنَ ادا ڪري، ان کانپوءِ ٽيهه يتيم گڏ ڪري، کين ان ڪمري ۾ کاڌو کارائي ۽ پاڻ سندس هٿ ڌوئاري، بعد ۾ کين ڪپڙا پهرائي ۽ هر هڪ کي ٽي درهم خيرات ڏئي، ايئن ماڻهوءَ جو حج ٿي ويندو.”
    ڪاتب لکت پڙهي ختم ڪئي ته قاضي ابو عمر، حلاج کان سوال ڪيو، “هيءَ مُسئلو ڪٿان آندءِ..؟”
    حلاج وراڻيس: “حسن بصريءَ جي ڪتاب “الاخلاص” تان ورتو اٿم”. ان تي قاضيءَ ڪاوڙ ۾ چيس، “تون ڪوڙو آهين، تنهنجو رت وهائڻ جائز آهي،” وزير حامد کي ٻيو ڇا گهربو هو، هن ته ڪنهن به حيلي ۽ بهاني سان ‘حلاج’ جي جان وٺڻ ٿي چاهي، هن جوقاضي ابو عمر جي واتان اهو ٻُڌو ته ڄڻ کيس رستو ملي ويو ۽ حڪم ڏنائينس ته تو جيڪي لفظ چيا آهن، اهي هن ڪاغذ تي لکو. قاضيءَ گهڻي ئي لنوايو، پر حامد سندس پچر نه ڇڏي ايئن ڪاغذ تي لکيو ويو ته، “هن شخص جو رت وهائڻ جائز آهي.” هڪدم انهيءَ لکت تي ٻين عالمن ۽ فقيهن کان صحيحون ورتيون ويون ۽ مجلس برخواست ڪري، سزا جي منظوري لاءِ خليفي ڏانهن موڪلي ويئي.
    جواب ۾ خليفي فرمان جاري ڪيو ته، “جيئن ته قاضين، حسين بن منصور جي قتل کي جائز قرار ڏنو آهي تنهنڪري آئون حڪم ٿو ڏيان ته هن کي پوليس جي اعليٰ عملدار جي حوالي ڪيو وڃي، جيڪو کيس هڪ هزار درا هڻندو، جيڪڏهن ان هوندي به هو جيئرو بچي وڃي ته سندس گردن ڪاٽي وڃي.”
    وقت جي وزيرن، اميرن ۽ صاحبان شريعت، بظاهر ته حسن بصريءَ جي ان لکت کي بهانو بنائي ابن منصور جي قتل جو فرمان جاري ڪيو، وقت جي حاڪمن، جابرن ۽ آمرن کي پنهنجو تخت ۽ تاج بچائڻ لاءِ، ڪنهن اتفاق بدران، بهانن جي گهرج هوندي آهي، سرمد شهيد تي به جيڪي الزام مڙهيا ويا هئا، تن جي پٺيان وقت جي سياست جو ئي عمل دخل هو. ظلم، جبر، بي واجبين جي خلاف اٿندڙ آواز کي دٻائڻون هو، ان جو گلو گهٽڻو ن هو ۽ ماڻهن جي اڳيان عبرت جو نشان بنائڻون هو ته وري ڪوبه عوام جي حقن، ظالم جي ظلمن، آمر جي آمريت، بدمعاشن جي بدماشين، نا انصاف جي نا انصافين خلاف ڪنڌ مٿي کڻي نه سگهي.
    ابن منصور به اُن ئي سياست جو شڪار ٿي ويو.
    خليفي سزا جي توثيق ڪئي ته وزير حامد ان جي هڪدم لاڳو ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا، هن پوليس جي سربراهه محمّد بن عبدالحمد کي پاڻ وٽ گهرائي کيس خليفي جي فرمان کان واقف ڪيو، هوڏانهن بغداد ۾ پڙهو گهمايو ويو ته سڀاڻي اڱاري جي ڏينهن 24 ذي العقد تي، حسين ابن منصور کي، وقت جي خليفي جي حڪم موجب “باب خراسان” وٽ ‘دجله دريا’ جي ڪناري جي سامهون واري ميدان تي ڏنل سزا تي عمل ڪيو ويندو.
    مورخن جو بيان آهي ته حلاج ڪنهن به خوف جو اظهار نه ڪيو ۽ هو سڄي رات نهايت پُرسڪون نموني عبادت ڪندو ۽ مناجاتون ڪندو رهيو.
    صبح جو قتل گاهه جي ميدان ۾ ماڻهن جا ميڙ گڏ ٿي ويا ۽ عوام جو ايڏو ته وڏو هجوم هو، جيڪو ڳاڻيٽي کان ٻاهر هو. مورخن چواڻي انهن ماڻهن جو تعداد هڪ لک کان به وڌيڪ هو.
    صبح سان منصور کي قتل گاهه ۾ آندو ويو... ان وقت سندس عجيب ڪيفيت هئي، درويشانه خرقو پاتل هئس، مٿي تي فخروچان هڪ تاج پهري رکيو هئائين، هن جو سڄو جسم ڳرين لوهي زنجيرن ۾ جڪڙيل هو، سندس جسم ڳري ڪنڊا ٿي ويل هو، پر اُن هوندي به هو ميدان ۾ اچڻ وقت، ائين خوشي وچان جهومي رهيو هو، جيئن عاشق، پنهنجي معشوق جو ديدار ڪرڻ جي لاءِ سرشاريءَ مان پيو ويندو آهي، ڄڻ هو ڦاسي چڙهڻ نه پر گهوٽ ٿيڻ جي لاءِ اچي رهيو هو.
    سوريءَ چڙهڻ سيج، پسڻ اي ڪم عاشقن،
    پانهون ڪين پَسن، عاشق وڃن سامهان.
    هن جي منهن تي ڏيا هڻي، سندس ڪنڌ مٿي کنيل هو ۽ اکين ۾ عشق جو خمار هو، ميڙ مان ڪن هن تي پٿر اُڇلايا ته ڪي ڀنل اکين سان هن کي ڏسي رهيا هئا، پر هي انهن کان لاپرواهه، هڪ جذبن ۽ نشي جي حالت ۾ نعرا هڻي رهيو هو.
    “حق.... حق..... حق.... انا الحق...”
    ان کانپوءِ کيس جهونگاريندي ٻڌو ويو، “منهنجو سڄڻ هرعيب کان آجو آهي، هن مونکي پنهنجي هٿن سان عشق جي شراب جو جام پياريو آهي، جڏهن جام گردش ۾ آيو ته هُن حڪم ڏنو ته جلاد تلوار سان اچي حاضر ٿيو، جيڪو ماڻهو سخت گرميءَ ۾ ڪنهن ارڙ بلا سان گڏ شراب پيئندو، تنهن جو حال اهوئي ٿيندو.”
    ماڻهن پڇيس، “ان خوشي، سرشاري ۽ نخري سان هلڻ جو سبب؟”
    وراڻيائين، “قربان گاهه ڏانهن پيو وڃان، وطن ڏانهن ورندي خوش نه ٿيان ته ٻيو ڇا ٿيان.”
    کيس ٽنگڻ لاءِ سامهون سوري / صليب کُتل هئي، انهن ڪاٺن ۾ ميخن کي ڏٺائين ته خوشيءَ ۾ ايترو ته کليو، جو سندس اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا، ان کانپوءِ ڳنڀير ٿي چيائين، “اهو ئي بهترين وجد آهي ته هڪ خدا جي هيڪڙائي پَسجي.”
    آزمائش جي اُن ميدان ۾ آيل عالمن ۽ درويشن مان ڪنهن هن سان ڪلام ڪيو. هڪ درويش پُڇيس، “ابن منصور! ٻُڌاءِ ته عشق ڇا آهي.” جواب ڏنائين، “عشق اهو ئي آهي، جيڪو اڄ، سڀاڻي ۽ پرينهنءَ ڏسندين.”
    ان کانپوءِ هو خاموش ٿي ويو، هوڏانهن جلاد اڳتي وڌيو ۽ هن تي درا وسائڻ لڳو ۽ هن هر دري (ڦٽڪي) تي “احد....احد” جو ورد ٿي ڪيو. پوءِ هن جا ٻئي هٿ ڪاٽيا ويا، ان تي به هو مشڪڻ لڳو، پڇائونس ته، “ان حال ۾ به خوش پيو ڏسجين؟” جواب ڏنائين ته “مرد اهو آهي، جيڪو منهنجو اهو هٿ وڍي ڏيکاري، جنهن سان مون عرش تان همت جو ڪلام لاهي پنهنجي مٿي تي رکيو آهي.” ٻيو ڀيرو تلوار چمڪي ۽ سندس ٻيئي پير وڃي پري پيس.
    ان ڏينهن هن کي نهايت سخت اذيتون ڏيئي قتل ڪيو ويو، ٻي ڏينهن سندس لاش کي ساڙيو ويو ۽ ٽي ڏينهن سندس رک کي هوا ۾ اُڏايو ويو.
    منصور ب آن خواجه ڪه در راه خدا،
    از پنبئه تن جامئه جان ڪرد جُدا،
    منصور ڪجا گفت اناالحق ميگفت،
    منصور ڪجا بود خدا بود خدا.
    (رومي)
    (جنهن حق جي راه ۾ منصور هو، تنهن سندس ڌڙ کي تن کان جُدا ڪري ڇڏيو، منصور ڪڏهن انالحق چيو هو؟ منصور ڪٿي هو اهو ته خود خدا هو).
    حسين بن منصور حلاج 301هه (922ع) ۾ سوريءَ تي چڙهيو، پروفيسر يوسف سليم چشتي پنهنجي مشهور ڪتاب “تصوف جي تاريخ” ۾ لکي ٿو ته: “حلاج انهن ماڻهن مان آهي، جن جي شخصيت انهن جي وفات کانپوءِ جڳهڙي جو سبب بنجي ويئي، ۽ زماني گذرڻ سبب حلاج جي پراسرار شخصيت ڏاڍي دلڪش بڻجي ويئي آهي، ۽ اڄ هر شخص ان سان همدردي ڪريٿو ۽ ان جي حق ۾ خير جو ڪلمو ئي چويٿو.” (ص 237)
    حلاج جي شهادت کانپوءِ جيڪي به تاريخون لکيون ويون، طبري، الفهرست، تاريخ بغداد، الڪامل في التاريخ، وفيات الاعيان، الفخري، البدايه و النهايه، وغيرهه انهن سڀني ۾ منصور کي چالاڪ، زنديق، ملحد، جادوگر،اٽڪل باز ڪري لکيو ويو آهي ۽ سندس مذمت ڪئي ويئي آهي، انهن جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته اهي تاريخون وقت جي حاڪمن جي خوشنودي ۾ ۽ سندن درٻاري مورخن ئي لکيو آهن، طبري جي باري ۾ مشهور آهي، ته هن پنهنجي تاريخ ۾ اهڙا ته ڪوڙ ۽ ٻٽاڪ گهڙي هنيا آهن، جو رب ڏي پناهه.!
    انهن تاريخن ۾، يا سڄي دنيا جي درباري مورخن، وقت جي حڪمرانن جي حڪومتن کي للڪاريندڙن کي پنهنجي لکيل تاريخن ۾ باغي، فسادي، مرتد، ڪافر وغيره ئي لکيو ويو آهي.
    حلاج جي قتل جي سلسلي ۾ سيد سليمان ندوي لکي ٿو، “حلاج شهيد اناالحق نه هو، پر سياست جي راهه ۾ قتل ٿيو، هن جي حيثيت مذهبي گناهگار جي ايتري نه هئي، جيتري هڪ سياسي ڏوهاري جي هئي.”
    حلاج هڪ زبردست عالم، فاضل هئڻ سان گڏ، زبردست شاعر به هو، سندس لکيل ڪتابن جي موجود فهرست موجب، انهن جو تعداد 47 آهي، سندس شعري ديوان سچ پچ ته “مظفر اقبال” جي لفظن ۾ “اهو هڪ ولوله انگيز، حرارت سان ڀرپور، ۽ محبت الاهيءَ ۾ نوڙت سان ڀرپور ۽ هڪ اهڙي زاهد جي تخليق آهي، جيڪو فنا جي درجي تي موجود هئڻ جو شرف رکندو هو. اُن جو ڪوبه بدل ٿي نٿو سگهي.”


    ______
    4 منصو حلاج ”ديوان“ - اردو ترجمه ”مظفر اقبال“، مڪتبه دانيال 1996ع.


    • عظيم انقلابي مزدڪ

    ايران ڪيترن ئي انقلابي، فڪري ۽ مذهبي تحريڪن جو مرڪز رهيو آهي، هن سرزمين تي جن ٽن مذهبن ۽ مذهبي تحريڪن جنم ورتو، انهن مان هڪ “مزدڪيت” به آهي. مزدڪ جي تحريڪ جي باري ۾ مؤرخ ان ڳالهه تي بهرحال متفق آهن ته هن جي تحريڪ کي غريب طبقن جي حمايت حاصل هئي.
    مزدڪ اهو بدنصيب انقلابي آهي، جنهن جون حالتون ۽ فڪر اسان تائين سندس مخالفن جي ذريعي پهتو، جنهن به مؤرخ، پوءِ ڀلي اهو زرتشتي هجي يا يهودي، عيسائي هجي يا مسلمان، مزدڪ جو ذڪر ڪيو آهي، تنهن سندس تعليم کي مسخ ڪري پيش ڪيو آهي ۽ مٿس لعنت ۽ ملامت جا تير وسايا آهن، اهو سلسلو ارڙهين صديءَ تائين جاري رهيو... البت اڻويهين صديءَ ۾ جڏهن اوڀر جي مورخن قديم ايران جي اڻ ڌري تاريخ سهيڙڻ شروع ڪئي ته هنن تعصب جي ان ڍڳَ کي صاف ڪيو، جنهن ۾ مزدڪ جون صحيح حالتون دٻيل هيون.
    مزدڪ، جنهن نموني منتشر زندگي گذاري، ان مان اها توَقع رکڻ صحيح ڪونهي ته هن پنهنجي نظرين کي سهيڙيو هجي، پر جي ڪجهه گهڙين جي لاءِ کڻي ايئن سمجهجي به، ته به هن جي اهڙي هر لکڻي زرتشتي تعصب جي نذر ٿي ويئي، تنهنڪري هنن مزدڪ جي دشمنن جي لکڻين مان ئي اصل حقيقت جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي.
    مزدڪ جو فارسي شاعريءَ ۾ سڀ کان پهرين تذڪرو فردوسيءَ (1010ع) ڪيو، جنهن ايران جي هن انقلابي شخصيت جي عروج ۽ زوال جو داستان افسانوي انداز ۾ بيان ڪيو آهي، هن مزدڪ کي “سخن گوئي با دانش درائي د کام” (يعني هڪ شخص (مزدڪ) پيدا ٿيو، جيڪو عقل ۽ فهم جون ڳالهيون ڪندو هو.) جي لقبن سان ياد ڪيوآهي.
    مزدڪ جو جنم “مادرايا” شهر ۾ ٿيو، جيڪو دجله نديءَ جي ڪناري آباد هو، سندس پيءُ جو نالو ‘بامدان’ هو، هن جي جنم جي سال جي خبر ڪونهي ۽ نه ئي اهو پتو پئجي سگهيو آهي، ته هن جو يا سندس پيءُ جو ايران جي ڪهڙي طبقي سان واسطو هو، البت هن پاران قباد (488ع- 531ع) کي سندس تخت نشينيءَ کان اڳ هم خيال بنائي وٺڻ مان اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته مزدڪ 460ع ڌاري پيدا ٿيو.
    مزدڪي تحريڪ کي سمجهڻ جي لاءِ ايران جي ‘ساساني دور’ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو مطالعو ڪرڻو پوندو. تاريخ جي مطالعي مان اسين ان نتيجي تي پهتا آهيون ته ايران جي ساساني حڪومتن هڪ اهڙي سماج کي پيدا ڪيو، جنهن ۾ سياست، جابريت جي شڪل اختيار ڪري ورتي هئي، وقت جي اشرافيه، انساني زندگيءَ جا هڙئي دروازا بند ڪري ڇڏيا هئا، ان دور جي طبقاتي نظام ۾ درد ناڪ حد تائين خاندانيت، ٻانهپ ۽ جاگيرداريت جا خوني چنبا مضبوطيءَ سان کُتل هئا.
    ساساني دور ۾ ست اشرافيه خاندان ئي اڇي ڪاري جا ڌڻي هئا ۽ سدائين پنهنجو اثر ۽ رسوخ وڌائڻ جي چڪر ۾ دائمي رقابت ۾ مبتلا هوندا هئا، تنهن کانسواءِ ايران ۾ طبقاتي فرق جا بنياد ايترا ته سگهارا هئا ۽ انهن جون حدون مقرر ٿيل هيون، خواص ۽ عوام جي وچ ۾ موجود اُن فرق کي ڪير به ختم نٿي ڪري سگهيو. عام ماڻهن کي اميرن جهڙا ڪپڙا پائڻ، انهن جهڙا طور طريقا اختيار ڪرڻ ۽ انهن جهڙا شوقيه مشغلا اختيار ڪرڻ جي به موڪل نه هئي. انهن کان به وڌيڪ سخت قانون اهو هو ته ڪو به شخص پنهنجو اباڻو ڌنڌو ڇڏي نٿي سگهيو، جيڪڏهن ڪو شخص هاريءَ جي گهر جنميو هو ته هو سڄي وهي ٻني ٻارو ۽ پوکي راهيءَ جو ڪم ڪرڻ تي مجبور هو ۽ جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن امير گهراڻي ۾ جنميو هو ته کيس ڪا به طاقت پنهنجي خانداني مرتبي کان محروم ڪري نٿي سگهي، ۽ امير ۽ شاهوڪارن جو حسب نسب ۽ انهن جي ملڪيتن جو تحفظ قانون جي ذمي هو، وڏ گهراڻن جا نالا سرڪاري رجسٽرن ۾ لکيل هوندا هئا. عوام کي وڏ گهراڻن جي ملڪيت خريدڻ جي موڪل نه هئي، جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجي اباڻي زرتشتي مذهب کان ڦرندو هو ته ان جي ملڪيت ضبط ڪري سندس ويجهن مٽن مائٽن ۾ ورهائي ويندي هئي.
    هارين جي حالت ته عام شهرين کان به خراب هئي، انهن کان هر قسم جي ڇيڙ، بيگر ۽ خذمت چاڪري ورتي ويندي هئي، پر کين زمين رکڻ جو حق حاصل نه هو، جنگ جي موقعي تي کين زوري زبردستي فوج ۾ ڀرتي ڪيو ويندو هو. پر کين ڪو به اُجورو يا پگهار نه ملندي هئي، هڪ مؤرخ لکي ٿو. “انهن مسڪين هارين جا وڏا وڏا جٿا فوج جي پويان پنڌ هلندا هئا، ڄڻ ابدي غلامي هنن جي ڀاڳ ۾ لکيل هئي، ڪنهن به قسم جي پگهار يا اُجرت سان سندن حوصلي افزائي نه ڪئي ويندي هئي.”
    مال ۽ دولت جي حرص کانسواءِ ايراني اشرافيه جو عورتن جي معاملي ۾ رويو به صفا غير انساني هو. ساساني دور جو بادشاهه خسرو پرويز، جيڪو “مزدڪي انقلاب” کانپوءِ تخت تي ويٺو ۽ پنهنجي ٺٺ ۽ ٺانگر، مال ۽ دولت، شان ۽ شوڪت جي حوالي سان وڏو نالو ڪڍيو، تنهن جي باري ۾ فردوسي پنهنجي “شاهنامي” ۾ هيئن ٿو بيان ڪري:
    غلام د پرشنده از هر دري، ذُ در وز ياقوت دهر گوهري،
    ز دنيا گنجش ڪرانه نبود، چنو خسرو اندر زمانه نبود.
    (بادشاهه جي هر دورازي تي ٻانها ۽ پرستار (پنهنجي سونهن ۽ سوڀيان ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ) گوهر ۽ يا قوت وانگيان هئا، هن جي خزاني جي ته ڪا حد ئي نه هئي، هن جهڙو بادشاهه سڄي زماني ۾ نه هو.)
    فردوسي وڌيڪ چوي ٿو:

    به مشڪوئي زرين ده و دو هزار،
    ڪنيزڪ بڪردار خرم بهار.
    (هن جون هزارين ٻانهيون هيون، جيڪي بهار جي فصل جيان صحت مند ۽ سنهري پٽين سان سَجيل هيون.)
    فردوسيءَ اهيءَ شعر بادشاهه جي خزاني ۽ زالن جي تعداد کي نظر ۾ رکندي چيا هوندا.
    جڏهن بادشاهه جا اهي حال هجن ته پوءِ سندس درٻاري، امير، وزير ۽ وڏ گهراڻا ڪيئن ٿي پٺتي رهي سگهيا، عام خيال اهو ڪيو وڃي ٿو ته انهن درٻارين، اميرن، وزيرن، ۽ وڏ گهراڻن ايتري ته ڦرلٽ ڪئي، مال، ملڪيتن تي قبضا ۽ عورتن کي پنهنجي حرمن جي زينت بنايو، ۽ انهن طبقن اناج وغيره جا ذخيرا به فقط پنهنجي ذاتي استعمال جي لاءِ محفوظ ڪري ورتا ۽ خلق خدا کي بُکن وگهي مرڻ جي لاءِ ڇڏيو ويو، جيئن فردوسيءَ شاهنامي ۾ لکيو آهي.
    ز خشڪي “خورش” تنگ شد درجهان
    (يعني: ذخيري اندوزيءَ جي ڪري اُن دور ۾ ڏڪار پئجي ويو)
    ڏڪار منهن ڪڍيو ته ماڻهن ۾ بي چيني پيدا ٿي ۽ رڙو ريهه مچي ويئي، هو بُکن وگهي پاهه ٿيڻ ۽ مرڻ لڳا، ايتريقدر جو خود شهنشاهه جي درٻارين جي وات مان به ماني ۽ پاڻيءَ کانسواءِ ٻيو ڪو لفظ ئي نٿي اُڪليو، ڏڪار پوندي ئي ‘مزدڪ’ جي صبر جوپيالو ڇلڪي پيو ۽ هن انقلاب جو جهنڊو اُڀو ڪيو، نيٺ مزدڪ وڏي رمز سان ماڻهن کي چيو، “بادشاهه جلدئي اوهانجي لاءِ اُميد جو راهون کولي ڇڏيندو.”
    پوءِ هو ڀڄندو بادشاهه وٽ ويو ۽ عرض ڪيائين، “سائين! آئون اوهانکي هڪ گذارش ڪرڻ ٿو چاهيان، پر ڀلائي ڪري مونکي ان جو جواب ضرور ڏجو.” بادشاهه موڪل ڏنيس ته مزدڪ پڇيو، “جيڪڏهن ڪنهن شخص کي نانگ ڏنگهي وجهي ۽ هو مري رهيو هجي ۽ ٻي شخص وٽ اُن جو ترياق هجي، پر هو ڏيڻ کان انڪار ڪندو هجي ته اهڙي شخص کي ڪهڙي سزا ملڻ گهرجي؟” بادشاهه قباد وراڻيو، “ترياق جو مالڪ قاتل آهي، اُن کي شهر جي وڏي دروازي تي ڦاسي ڏيڻ گهرجي.”
    اهو جواب ٻُڌي مزدڪ اُٿيو ۽ فريادين وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو، “مون بادشاهه سلامت کي گذارش ڪري ڇڏي آهي.... اوهين سڀاڻي صبح تائين انتظار ڪريو، ان وقت آئون اوهانکي اهو رستو ڏيکاريندس، جنهن تي هلي اوهين پنهنجا حق حاصل ڪري سگهو ٿا.” ماڻهو فڪرمنديءَ ۽ پريشانيءَ مان واپس هليا ويا ۽ مزدڪ پري کان انهن جي ڪاوڙيل انداز کي ڏسندو رهيو، تنهن کانپوءِ هو ٻيهر بادشاهه وٽ ويو ۽ عرض ڪيائين، “ڪالهه مون اوهانجي سامهون هڪ ڪيس پيش ڪيو هو ۽ اوهان جيڪا ورندي ڏني هئي، تنهن سان مون تي بند ٿيل دروازو کلي ويو هو، جيڪڏهن اوهين موڪل ڏيو ته هڪ ٻيو ڪيس اوهانجي اڳيان پيش ڪريان؟” قباد اجازت ڏيندي چيس ته، “ڀلي پيش ڪر... تنهنجون ڳالهيون منهنجي لاءِ فائدي واريون هونديون آهن.” مزدڪ عرض ڪيو، “جيئندا قبلا! جيڪڏهن ڪنهن شخص جا هٿ ۽ پير ٻڌا وڃن ۽ کيس کائڻ لاءِ ڪجهه به نه ڏجي، ايستائين جو هو مري وڃي... جڏهن ته ٻي شخص وٽ کاڌو هجي، پر اهو شخص هٿ پير ٻڌل شخص کي کائڻ لاءِ نه ڏي... حضور جن رهنمائي فرمائين ته جنهن شخص وٽ خوراڪ آهي، سو خدا ترس آهي يا نه؟” بادشاهه وراڻيس، “اهڙي شخص جو ته خون به معاف آهي.” اهو ٻُڌي مزدڪ زمين کي چمي ڏني ۽ ٻاهر نڪري ويو، ۽ ڏڪاريلن وٽ اچي کين چيائين، “وڃو، اوهان کي جتي به ڪڻڪ جا لڪيل ذخيرا ملن ته انهن تي قبضو ڪريو ۽ اهي ڪتب آڻيو.. البت ذخيري اندوز جيڪڏهن ان جو ملهه گهرن ته اهو کين ڏجو.”
    پوءِ ته بکايل ۽ ڏڪاريل اناج جي گودامن تي ڪڙڪي پيا، ايتريقدر جو قباد جا ذخيرا به نه بچيا، شاهي محافظن بادشاهه کي سڄي صورتحال کان واقف ڪيو ۽ ان ڦر لٽ جو سڄو ذميدار مزدڪ کي قرار ڏنو، قباد، مزدڪ کي گهرايو ۽ پُڇيس، “تو هي ڪهري حرڪت ڪئي، ۽ ماڻهن کي ڦر لٽ تي هشڪاريو،” مزدڪ عرض ڪيو “جيئندا قبلا! مون ته فقط اوهان کان جيڪو ڪجهه ٻُڌو، اهو وڃي ماڻهن کي ٻڌايو.” قباد لاجواب ٿي ويو، مزدڪ جو عذر معقول هو.
    ان واقعي کانپوءِ ماڻهو هزارن جي تعداد ۾ مزدڪيت جا پوئلڳ بنجڻ لڳا، سلطنت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ماڻهو ڇُلنگين جون ڇُلنگيون مزدڪيت اختيار ڪرڻ لڳيون، مزدڪ چيو ته دنياوي ملڪيت مان سڀني کي هڪ جهڙو حصو ملڻ گهرجي. مزدڪين سماجي براين جي خلاف کلي عام جدوجهد جو اعلان ڪيو، هنن گهر ڪئي ته وڏيرن ۽ رئيسن کان ضرورت کان وڌيڪ ملڪيت کسي وڃي، مزدڪ جي نظر ۾ جوف، حرص ۽ خود غرضي ئي سڀني براين جي جڙ آهي.
    مزدڪ، مذهبي رسمن جي اهميت گهٽائي. هن جو نظريو هو ته اصل مذهبي ماڻهو اهو هوندو آهي، جيڪو ڪائنات جي اصول کي سمجهي ۽ انهيءَ موجب هلي، هن نفس ڪشيءَ تي زور ڏنو، ڇاڪاڻ ته نفسياتي خواهشون ئي لالچ کي جنم ڏين ٿيون، جيڪا ٻين جي پرماريت تي هرکائي ٿي، هو، زرتشتي مُلن جي سگهاري پوزيشن تي سخت تنقيد ڪندو هو، هن جي خيال موجب انهن زرتشتي ملن ئي عوام کي محڪوم بنائي رکيو آهي، ۽ انهن جي غربت وڌائي آهي، مزدڪ جي نظر ۾ خدا شروع ۾ هن زمين تي گذران لاءِ ڪافي ڪجهه مهيا ڪيو، پر سگهارن ماڻهن، ڪمزورن کي گمراهه ڪري، بالادستي قائم ڪري اڻ برابري پيدا ڪئي، ان بدبختيءَ جو علاج فقط انصاف جي بحالي آهي ۽ هر شخص ضرورت کان وڌيڪ شين ۾ هڪ جيترو حقدار آهي، ان مقصد جي لاءِ سڀني شين کي گڏيل بنائڻ گهرجي.
    بادشاهه جي پٺڀرائيءَ ۾ ‘مزدڪ’ سڌارن جا پروگرام جاري رکيا، جن ۾ زرتشتي ملن جي مخالفت ۽ غريبن جي لاءِ امدادي پروگرام وغيرهه شامل هئا. زرتشتي مُلن ۽ وڏيرن جي طاقت تمام گهڻي وڌي چڪي هئي ۽ بادشاهه انهن جي سگهه کي ڪمزور ڪرڻ ٿي چاهيو، تنهن ڪري قباد اول، ان نئين نظريي جي حمايت ڪئي ۽ مزدڪي مذهب ۾ شامل ٿي ويو. هن مزدڪ جي تعليم موجب معاشي سڌارا ڪيا، جنهن سان زرتشتي مُلان ۽ وڏيرا سندس خلاف اُٿي کڙا ٿيا ۽ رد انقلاب ۾ 496ع ۾ قباد کي تخت تان لاهي، سندس ڀاءُ ‘جما سپ’ کي تخت تي ويهاريو، تخت ۽ تاج ايئن هٿن مان ويندو ڏسي قباد سڄي صورت حال جو جائزو ورتو ۽ هڪدم پاسو بدلايو، ٽن سالن کانپوءِ هن ٻيهر زرتشتي مذهب اختيار ڪيو ۽ تخت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هاڻ هو سمجهي چڪو هو ته مزدڪيت هڪ اهڙو انقلاب آهي، جيڪو هن جي بادشاهت جو خاتمو ڪري ئي دم پٽيندو، تنهنڪري هن ئي مزدڪين جو قتل عام شروع ڪيو، جنهن جي اڳواڻي سندس پُٽ خسرو اول ڪئي، جنهن کي پوءِ نوشيروان جو خطاب مليو.
    نوشيروان وڏيرن ۽ مُلن جي اڳواڻي ڪري مزدڪيت قبول ڪرڻ جو ڍونگ رچايو، ان لاءِ هن هڪ جشن منعقد ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪئي، جنهن ۾ کيس باقاعده مزدڪيت قبول ڪرڻ جو اعلان ڪرڻون هو. هن شاهي باغ ۾ جشن ملهائڻ جي لاءِ سڀني مزدڪين کي دعوت ناما جاري ڪيا، مقرر ڏينهن تي جڏهن مزدڪين جو هر گروپ باغ ۾ داخل ٿيندو ويو ته اڳواٽ لڪيل فوجي کين جلهي ماري پوءِ مٿي ڀر ائين زمين ۾ کوڙي ٿي ڇڏيو. جو سندن ٽنگون هوا ۾ ڪنهن وڻ جيان نظر ٿي آيون، جڏهن سڀ قتل ڪيا ويا ته نوشيروان مزدڪ کي دعوت ڏيڻ ۽ پاڻ هلي وڃي مکيه دروازي تي سندس آجيان ڪئي ۽ پوءِ کيس باغ جو سير ڪرڻ جي دعوت ڏني، اندر وڃي نوشيروان رڙ ڪري هٿين خالي مزدڪ کي چيو، “بيهي رهو.” پوءِ هن زمين ۾ کتل لاشن ڏانهن اشارو ڪندي چيو، “هي اهو فصل آهي، جيڪو تو پنهنجي شيطاني نظريي سان پوکيو هو.” هن اشارو ڪيو ۽ فوجين مزدڪ کي کڻي جهليو ۽ کيس ٻڌي باغ جي وچ ۾ ان مقصد جي لاءِ خاص طور تي تيار ڪيل هڪ مٿاهين هنڌ تي جيئرو ئي زمين ۾ کوڙي ڇڏيو ۽ پوءِ سندس جسم تي تيرن جو وسڪارو لاهي ڏنو، اهو واقعو 528ع يا 529ع جي شروع ۾ پيش آيو.
    مزدڪين جي ان قتل عام جي باري ۾ تاريخن ۾ آهي ته نوشيروان جي حڪم سان مزدڪي فرقي جي ننڍن وڏن ٽيهن هزارن کان به وڌيڪ ماڻهن کي هڪ ئي ڏينهن ۾ تلوارن جو کاڄ بنايو ويو، جنهن جو تفصيل فردوسيءَ، شاهنامي ۾ هن انداز ۾ بيان ڪيو آهي.
    بدان راه بد نامور سه هزار،
    بفر زندگفت آن زمان شهريار.

    ڪه بادين سراف هرچه خواهي بڪن،
    و زين پس مزدڪ مگر سخت دان.
    (مزدڪ جا نالي وارا پوئلڳ) ٽي هزار هئا، (جنهن تي) بادشاهه پنهنجي پُٽ کي چيو، انهن سردارن سان جيڪو وڻئي سو سلوڪ ڪر، ان کان پوءِ وري مزدڪ جو ذڪر ٻُڌڻ ۾ نه اچي.)
    بدرگاهه ڪسريٰ يڪي باغ بود،
    ڪه ديوار از برتراز داغ بود،
    همه گرد برگرد آن ڪنده ڪرد،
    مراين مردمان را پرڪنده ڪرد.
    (ڪسريٰ جي محل ۾ هڪ باغ هو، جنهن جون ڀتيون اوچيون هيون، بادشاهه جي حڪم سان اندرينءَ حصي ۾ کڏا کوٽيا ويا، ته جيئن انهن کڏن ۾ سڀني ماڻهن کي دفن ڪيو وڃي.)
    بڪ شتند شان هم بسان درخت،
    ز بَر پائي وسر زير آ ڪنده سخت.
    (انهن کڏن ۾ مزدڪين کي ايئن کوڙيو ويو، جو انهن جا پير مٿي ۽ مٿو زمين ۾ گَتل هو.)
    اها ته هئي مزدڪي سردارن جي ڪهاڻي، هاڻ مزدڪ جي قتل جو منظر فردوسيءَ جي انداز ۾ پڙهو.
    يڪي دار فرمود ڪسريٰ بلند،
    فرد هشت ار دار پهچان کمند،
    نگون بخت رازنده بردار کرد،
    سر مرد بي دين نگو سار کرد.
    (ڪسريٰ جي حڪم سان هڪ وڏو ٽياس کوڙيو ويو، جنهن تي هڪ پيچدار رسو لڙڪايو ويو (ڦاسي جي شڪل جو) مزدڪ بد بخت کي جيئرو ٽياس تي لڙڪايو ويو ۽ ايئن ان بي دين کي نگهوسار ڪيو ويو.)
    پوءِ فردوسي “مزدڪ” جي انجام کي نظر ۾ رکندي پڙهندڙن کي تنبيهه ٿو ڪري.
    و زان پس بڪ شتش به باران تير،
    نوگر با هُشي زه ‘مزدک’ گير.
    (ان کانپوءِ تيرن جي وسڪاري سان کيس ماريو ويو، سو جيڪڏهن تون عقلمند آهين ته هرگز مزدڪي واٽ نه وٺ)
    شاهنامي ۾ هڪ ٻه شعر اهڙا به آهن، جن جي مفهوم تي سنجيدگيءَ سان ويچاري سگهجي ٿو.
    همين بود با شرم چندي قباد،
    به نفرين را مزدک همين کرد يال،
    به درويش بخشيد پسيار چيز،
    بر آ تشکده خلصت افگند نيز.
    (ان صورتحال تي قباد کي ندامت به ٿي، پر پوءِ به هو مزدڪ کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو رهيو، البت هن غريبن کي نوازڻ شروع ڪيو ۽ مذهبي آتش ڪدن تي نذر ۽ نياز ڏيندو رهيو.)
    مزدڪي انقلاب حاڪم طبقن، وقت جي وڏيرن ۽ مُلاشاهيءَ جي خلاف هو، جن عوام کي پيڙهي، انهن جي سسئيءَ ۾ رڳو ايترو ساهه ڇڏيو هو، جو هو جيئرو رهي، سندن بزگيري ڪندو رهي، اهو ئي سبب آهي جو مزدڪ ۽ سندس پوئلڳن جي قتل عام کانپوءِ نه رڳو مزدڪي تعليم جي هر حرف کي مٽائي ڇڏيو ويو، پر ماڻهن ۾ هن لاءِ نفرت پيدا ڪرڻ جي لاءِ مٿس طرح طرح جا الزام هڻي، مٿس ملامتن جا تير به وسايا ويا، سندس تعليم کي مسخ ڪندي مٿس سڀ کان وڏو الزام اهو هنيو ويو ته، “مزدڪ عورتن کي گڏيل ملڪيت ۽ گڏيل استعمال جي شئي سمجهندو هو.”
    حقيقت ۾ اهو الزام مزدڪ جي انقلابي تحريڪ کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ حاڪمن طبقن ۽ مُلاشاهيءَ جي سازش هئي، ان الزام جو جواب ڏيندي مشهور ايراني مؤرخ محمد علي جمال زاده لکي ٿو:
    “مزدڪ بي حد ڏاهو، تدبر وارو، خيرانديش ۽ خدا جي مخلوق جو همدرد هو، اُن جي باوجود به مزدڪ تي اهو الزام ته هو، “عورت” کي گڏيل ملڪيت سمجهندو هو، انتهائي حيرت ۾ وجهندڙ آهي. اسان به دنيا جي تاريخ جو مطالعو ڪيو آهي، ۽ مختلف قومن جي زندگي گذارڻ جي طور طريقن جي باري ۾ تاريخي روايتن جو سهارو به ورتو آهي، داستان به پڙهيا آهن، فلمن ۽ ٽيلي ويزنن تي به مرد ۽ عورت جي ميلاپ جي منظرن جو مشاهدو ڪندا رهيا آهيون، تنهن کانسواءِ اسانکي به خبر آهي ته دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ هڪ عورت جا ڪيترائي مڙس به آهن، پر ڪيترن ئي هنڌن تي زالن جي تعداد جو به باقاعده رواج رهيو آهي، پر اسان اهو ڪڏهن به نه ٻڌو يا پڙهيو (گهٽ ۾ گهٽ مون نه ٻڌو ۽ نه پڙهيو آهي.) ته مزدڪ جهڙو ڪو روحاني پيشوا ظاهر ٿيو هو، جنهن ماڻهن کي اها ترغيب ڏني ته جيڪو به مرد چاهي، اهو هر عورت پوءِ ڀلي ڀيڻ هجي يا ماءُ، ان سان ميلاپ جو مجاز آهي، اسان اهڙي ڳالهه ته ڪنهن انار ڪسٽ ۽ نيهلسٽ کان به نه ٻُڌي، ان لحاظ کان ۽ ان بحث جي پيش نظر گهٽ ۾ گهٽ آئون ته مزدڪ جي سلسلي ۾ ائين سوچي نٿو سگهان. البت ان سلسلي ۾ آئون ٻي قسم جي تاويل پيش ڪري سگهان ٿو ته مزدڪ پنهنجي “هم وطنن” کي چيو هوندو ته اي ماڻهؤ! يزدان پاڪ جي نظر ۾ اها ڳالهه پسنديدهه ڪونهي ته سڀئي سهڻيون عورتون سرمائيدارن جي حرمن جي زينت بنيل رهن ۽ ٻين جي لاءِ مناسب ۽ موزون عورتون ئي نه بچن، تنهنڪري جيستائين ممڪن ٿي سگهي (قانون جي حدن ۾) شادي ڪريو ۽ ڪٽنب ٺاهيو، اولاد پيدا ڪريو ۽ دنيا جي نعمتن مان فائدو وٺو، آئون ته اهائي تاويل ڪري سگهان ٿو ۽ ان کي مڃي به سگهجي ٿو. “
    نوشيرون جي هٿان مزدڪ ۽مزدڪين جي قتل عام جي باوجود به ظاهر آهي ته هيڏي وڏي نظريي کي هڪ ڏينهن ۾ ته ختم ڪرڻ ممڪن نه هو، پر اهو نظريو / فلسفو ته مزدڪ جي شهادت کانپوءِ به صدين تائين جاري رهيو، بنا شڪ جي مزدڪ جي انقلابي تحريڪ اسانجي خطي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي طبقاتي تحريڪ هئي، ڪميونزم ۽ مزدڪيت ۾ سواءِ اُن جي ٻيو ڪو به فرق ڪونهي ته مزدڪيت مذهبي خصوصيت ٿي رکي.


    ____
    5 ايران کا عظيم انقلابي: مزدڪ (حالات وافڪار) ڊاڪٽر خيال امر و هوي... ڪلاسيڪ لاهور 1987ع.


    • مرگ بَرشاهه جلاد

    قم ۾ اسين جنهن هوٽل ۾ رهيا پيا هئاسين، ان جي گهٽي بلڪل سامهون مکيه روڊ تي ‘خيابان امير ڪبير’ تي ختم ٿي ٿِي، روڊ ڪراس ڪرڻ سان ‘پل آهنچي’ تائين چئن پنجن سيڪنڊن ۾ پهچي وڃبو هو. ٻي ڏينهن جڏهن هوٽل مان ٻاهر نڪري بي - بي - جي مزار طرف وڃي رهيو هوس ته منهنجي نظر کاٻي پاسي واري ڀت تي پيئي، جنهن تي وڏن اکرن ۾ لکيل هو. مرگ برشاهه جلاد (جلاد شاهه مري / مرده باد)، اهو ڏسي آئون ٿوري دير جي لاءِ بيهي رهيس ۽ انهن کي ڌيان سان ڏسڻ لڳس، ايران مان شهنشاهيت جو خاتمو ٿيندي به 32 سال اچي ٿيا آهن، پر قم جي ان ڀت تي اهو نعرو ايئن لکيل نظر آيو، ڄڻ ڪلهه لکيو ويو هجي ۽ شاهه ايران جي خلاف عوام جي جدوجهد اڃا به جاري هجي، ايران ۾ جن به شهرن ۾ آئون ويس، اتي مونکي سياسي مخالفت جي حوالي سان فقط ٻن هنڌن تي نعرا لکيل نظر آيا، هڪ قم جي ان ڀت تي لکيل اهو نعرو ‘مرگ برشاهه جلاد’ ۽ ٻيو اصفهان جي ڪاخ چهل ستون جي دستشوئيءَ (ڪاڪوس خاني) جي اندر.... جيڪو ايران جي هاڻوڪي رهبر ‘خامنه اي’ جي خلاف لکيل هو. ۽ ان جي اڳيان لکيل “مرگ بر” ڪنهن ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر مارڪر سان لکيل اهو لفظ ڊاهڻ واري کان ڊهي ته نه سگهيو هو، پر ڌنڌلو ضرور ٿي ويو هو، پر قم ۾ لکيل ڀت تي اهو نعرو ايترو ته وڏو ۽ صاف هو، جو اسان جهڙن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي رهيو هو، مٿين ٻن هنڌن تي لکيل نعرن کانسواءِ باقي مونکي ڪٿي به پاڻ وانگر مرده باد، زنده باد جا نعرا يا چاڪنگ ٿيل نظر نه آئي، ٿي سگهي ٿو ته ڪٿي ڪٿي حڪومت جي مخالفت يا حمايت ۾ ڪو نعرو لکيل هجي.
    مٿين نعرن کانسواءِ مونکي، جتي جتي به اسين وياسين نه ڪنهن سياسي اڳواڻ جي ڪا تصوير نظر آئي ۽ نه ئي وري پارٽين جا جهنڊا وغيره. البت ايران جو جهنڊو جتي ڪٿي ڦڙڪندو نظر آيو، ايئن به ڪونهي ته ڪو ايران ۾ ڪٿي به فوٽو وغيره نظر نه آيا، اڪثر شهرن جي چوڪن، ريلوي اسٽيشنن، بس ٽرمينلن، درگاهن، رستن ۽ مختلف هنڌن تي ايران جي روحاني رهبرن امام خميني ۽ خامنه اي جا وڏا وڏا فوٽو ۽ انهن جي هيٺان سندن لکيل قول لڳل نظر آيا. تنهن کان سواءِ عراق سان ٿيل جنگ ۾ شهيد ٿيل سپاهين جا فوٽو به جتي ڪٿي ۽ هر شهر ۾ نظر آيا. عراق سان هلندڙ انهيءَ اٺن سالن جي جنگ ۾ ايران جو شايد ئي ڪو شهر، ڳوٺ، واهڻ ۽ وستي ۽ گهر رهيل هجي، جنهن ۾ ڪنهن شهيد جو لاش نه پهتو هجي. اندازي موجب عراق سان ان جنگ ۾ اٽڪل ڏهه لک ايراني مرد شهيد ٿيا يا محاذ جنگ تي گم ٿيا. زخمين جو ته ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي. مٿين تصويرن کانسواءِ ٻي ڪا به تصوير، ايتريقدر جو هاڻوڪي ايراني صدر احمدي نجاد جي به سواءِ هڪ هنڌ تي تصوير نظر اچڻ جي ٻيو ڪٿي به نظر نه آئي. نجاد جي اها واحد تصوير مشهد جي ان هوٽل جي ٻاهرينءَ دروازي جي شيشي تي لڳل هڪ ننڍي اسٽيڪر ۾ نظر آئي، جنهن ۾ اسين رهيل هئاسين. جيڪو به ڪافي پراڻو هو، شايد اهو اسٽيڪر چونڊن جي دوران هنيو ويو هو، ايران ۾ فقط اهي تصويرون هر هنڌ نظر آيون. آيت الله خميني ۽ آيت الله خامنه اي.... انهن تصويرن کي ڏسي ڪنهن دوست چيو، “انقلاب کان اڳ هرهنڌ شاهه ايران ۽ راڻي فرح ديبا جون تصويرون ۽ مجسما هر هنڌ کتل نظر ايندا هئا ۽ انقلاب کانپوءِ خميني ۽ خامنه اي جون تصويرون هرهنڌ ٿيون نظر اچن... ايراني قوم به عجيب آهي... سدائين شخصيت پرستيءَ جي سحر ۾.”
    انقلاب کان اڳ واري ايران ۾ شاهه ۽ راڻي جي حيثيت سڀني کان مٿاهين هئي، هنن جو تصور ايراني عوام جي ماءُ ۽ پيءُ جهڙو هو، مٿن تنقيد ڪرڻ قانوني ۽ آئيني طور تي ڏوهه هو، ۽ شاهه ايران جي خلاف ڳالهائيندڙ يا سندس حڪومت تي تنقيد ڪندڙ ايئن گم ٿي ويندو هو، ڄڻ ڄميوئي نه هو. ڪير رڳو بي خيالي ۾ اهو چوندو هو ته “اُف ڪيڏي نه گرمي آهي.” يا “رات ڏاڍي اونداهي آهي.” ته اُن تي به شڪ ڪيو ويندو هو ته ڪٿي انهن لفظن جي پويان شاهه جي خلاف ڪا سازش ته لڪيل ڪونهي ۽ پوءِ ساواڪ جا ڪارندا حرڪت ۾ اچي ويندا هئا. ساواڪ جا ايجنٽ هر هنڌ موجود هوندا هئا، ۽ انهن جي ماڻهن تي نظر هوندي هئي. ‘ساواڪ’ شاهه ايران جي ڳجهي پوليس “سازمان اطلاعت و امينيت ڪشور” جو مخفف هو.
    ساواڪ جي دهشت ۽ ظلمن جو اهو حال هو، جو ماڻهو سندس نالي کان ئي ڪنبدا هئا ۽ ان جي باري ۾ ڪيترائي لطيفا مشهور هئا، هڪ لطيفو هن ريت آهي ته: هڪ ايراني وفات ڪري ويو، قبر ۾ منڪر ۽ نڪير پُڇاڻون ڪرڻ آيس، نالو، ولديت، عمر، ڏس پتو ۽ ڌنڌو وغيره جوجواب ته درست ملين. ان کانپوءِ پنهنجي دين، ڪتاب ۽ پيغمبر جو نالو ٻڌائڻ لاءِ چيائونس ان شخص وراڻيو، منهنجو دين پهلوي، منهنجو سڳورو ڪتاب سفيد انقلاب ۽ منهنجي پيغمبر عاليشان جو نالو آريه مهر محمّد رضا شاهه پهلوي آهي. اهو ٻڌي منڪر ۽ نڪير حيران ٿي ويا، کيس هڪ ٻي فرشتي وٽ وٺي ويا، اُن به ساڳيا سوال ڪيس ۽ ايرانيءَ به ساڳيا جواب ڏنس، جنهن تي اُن فرشتي پڇيس، “هي ڪهڙو ڍونگ رچايو اٿئي-؟” ايراني هٿ ٻڌي وراڻيس “قبلا! جان جي امان ملي ته عرض ڪريان” جڏهن فرشتي يقين ڏياريس ته توکي حقيقت بيان ڪرڻ تي ڪجهه به نه چيو ويندو ته همراهه وراڻيو، “آئون ساواڪ جي آسماني شاخ جي ڊپ سبب اهي جواب ڏيڻ تي مجبور آهيان، اميد اٿم ته اوهان منهنجي مجبوري جو خيال ڪندا.”
    ساواڪ جي ظلمن ۽ دهشت بابت ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن، اهڙي هڪ ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ به ترجمو “لڱ منهنجا لوهه” جي نالي سان ٿيل آهي. اهو ڪتاب ‘اشرف دهقاني’ نالي هڪ ايرانڻ جو داستان آهي، جنهن کي ‘ساواڪ’ شاهه جي خلاف سرگرمين ۾ حصو وٺڻ تي گرفتار ڪري، سخت تشدد جو نشانو بڻايو هو، ان ڪتاب جو سنڌي ترجمو محبوب علي راهو جي ڪيو آهي.
    قم جي ان ڀت تي لکيل اهو نعرو.... ماضي ۾ شهنشاهه ايران جي خلاف هليل عوامي تحريڪ جي ياد تازي ڪرائي رهيو هو... ان تحريڪ ۾ ويهن هزارن کان به وڌيڪ ايرانين پنهنجي جانين جون قربانيون ڏنيون، تهران جو قبرستان “بهشت زهرا” ان تحريڪ جو يادگار آهي، جتي ان تحريڪ ۾ شهيد ٿيندڙن کي دفنايو ويندو هو... اڳتي هلي قم ان تحريڪ جو مرڪز بنجي ويو.
    ايران ۾ پهلوي شهنشاهيت جي شروعات ان وقت ٿي، جڏهن دنيا مان ملوڪيت جودور خاتمي جي ويجهو هو،ان وقت ايران تي قاچار گهراڻي جي حڪومت هئي، ۽ ملڪ جون سياسي حالتون ايتريون ته خراب ٿي چڪيون هيون، جو نيٺ فوج جي سپهه سالار رضا خان سپهه دار 1921ع ۾ تهران ۾ شاهي محل جو گهيرو ڪري قاچاري بادشاهه احمد شاهه کي اقتدار ڇڏڻ تي مجبور ڪيو، ۽ ان جي جاءِ تي پارليماني حڪومت جي قيام جو اعلان ڪيو ويو. تهران جي هڪ صحافي ‘سيد ضياء الدين طباطبائي’ کي ايران جو وزيراعظم مقرر ڪيو ويو ۽ ڪمانڊر انچيف رضا خان وزير جنگ ٿيو. ڪجهه وقت کانپوءِ طباطبائي جي جاءِ تي رضا خان پاڻ وزيراعظم ٿيو، رضا خان ڪمال اتا ترڪ کان گهڻو متاثر هو. رضا خان ملڪ ۾ ڪمال اتا ترڪ جي طرز تي ڪافي سڌارا ڪيا، هن ملڪي قانون کي اولهائين طرز جي سانچي ۾ وڌو، اولهائين تعليم جو رواج وڌو، رياستي معاملن ۾ مولوين جي مداخلت کي روڪيو. عورتن کي مردن جي برابر حق ڏنا ۽ پردي تي پابندي وڌي ويئي، ماڻهن کي زوري اولهائون لباس پائڻ تي مجبور ڪيو ويو، تنهن کانسواءِ رضا خان نون رستن ۽ نون بندرگاهن جي اڏاوت شروع ڪرائي. ملڪ ۾ يونيورسٽيون قائم ڪيون، ان سان گڏ هن ملڪ ۾ صنعتي ترقياتي پروگرامن جي شروعات ڪئي، ڪيترائي نوان ڪارخانا قائم ڪيا ۽ اڳ ۾ جيڪي موجود هئا تن ۾ سڌارا ۽ واڌارا ڪيا ويا، رضا خان جي دور ۾ جيڪو سڀ کان وڏي ۽ اهم رٿا مڪمل ٿي، اها ‘ٽرانس ايرانين ريلوي سسٽم’ هئي، اها رٿا 1927ع ۾ شروع ڪئي ويئي، ان رٿا تحت چوڏهن سئو ڪلوميٽر ڊگهي ريلوي لائن وڇائي ويئي، جنهن تي ان زماني ۾ نوَ ڪروڙ ڊالر لاڳت آئي.
    رضا خان کي 31 آڪٽومبر 1925ع تي پارليامينٽ ايران جو بادشاهه قرار ڏنو. ان پارليامينٽ جي فقط چئن ميمبرن رضا خان کي بادشاهه بنائڻ جي مخالفت ڪئي ۽ ريپلڪ بنائڻ جي رٿ ڏني، انهن ۾ ڊاڪٽر مصدق به شامل هو، جيڪو پوءِ ايران جو وزيراعظم ٿيو ۽ هن تيل کي قومي ملڪيت ۾ ورتو.
    رضا خان کي خبر هئي ته ساساني گهراڻي جو باني به هڪ معمولي سپاهي جو پُٽ هو، ۽ عثماني سلطانن جو وڏو به هڪ سپاهي هو، صفوي بادشاهن جو مورث اعليٰ مازندران جو هڪ هٿين خالي فقير هو. رضا خان کي به ان ڳالهه تي فخر هو ته هو هڪ سپاهي آهي. بادشاهه بنجڻ کانپوءِ رضا شاهه پاڻ کي “پهلوي” سڏرايو، اهو لفظ پراچين ايراني تاريخ مان اخذ ڪيو ويو، ساسانين جي دور ۾ ايران جي شهنشاهن جي سرڪاري زبان به “پهلوي” سڏبي هئي ۽ انهن جي لکڻين ۽ حڪمن کي “پهلوي” چيو ويندو هو. 1935ع ۾ “فارس” مان بدلائي ملڪ جو نالو “ايران” رکيو ويو، نه ته ان کان اڳ صدين کان وٺي ايران کي فارس سڏيو ويندو هو. هينئر فارس، ايران جي هڪ صوبي جو نالو آهي.
    رضا شاهه جي انهن سڌارن ۽ ايران کي جديد بنائڻ جي ڪوشش جي ڪري ئي ايران جديد دنيا ۾ داخل ٿيو. انقلاب کانپوءِ سڄي ايران ۾ رضا شاهه جي مجسمن کي ٽوڙي، سندس يادگار مٽايا ويا. پر سندس ڪمن کي پوءِ به حوالي طور استعمال ڪيو ويو، 2005ع جي ايراني چونڊن ۾ هڪ صدارتي اميدوار ‘محمد باقر قليباف’ اعلان ڪيو ته هو اڄ جي دور جو رضا خان بنجڻ ٿو چاهي. هن چيو ته، “هن وقت ملڪ کي هڪ رضا خان جي ضرورت آهي ۽ آئون حزب الاهي رضا خان آهيان.”
    “ايرانين کي پنهنجي تاريخ، تهذيب زبان ۽ پنهجي ادب تي سدائين فخر رهيو آهي، تنهن سان گڏ عربن ۽ ترڪن کان سندن نفرت جي روايت به ڪافي پراڻي آهي، هو عربن کي حقارت مان ‘گوهه خور’ ۽ ترڪن کي ‘خوڪار’ سڏيندا هئا.۽ انهن جي اقتداري دور کي ايران جي تاريخ جو اونداهو دور سمجهندا هئا. ۽ ‘مشروطه تحريڪ’ جي زماني ۾ اهو رجحان اڃا به وڌيو ۽ جڏهن رضا خان تخت تي قابض ٿيو ته هن انهيءَ قومي فخر جي رجحانن مان وڏو فائدو ورتو.
    رضا خان کي پنهنجي رياست ۽ بادشاهت جي جواز ۽ استحڪام واسطي ايراني قومپرستيءَ جي نظرييءَ جي گهرج هئي، رضا شاهه سپهه دار، رضا شاهه پهلوي بنجي ويو، ۽ ايران جو جديد رشتو ساساني دور سان جوڙيو ويو ته اهو ئي ايراني تاريخ جو سونهري دور هو. وحشي عربن کي ايراني معاشري جي سڀني براين ۽ خرابين جو ذميدار قرار ڏنو ويو ۽ ايران جي اڳوڻي عظمت جو سڄو سهرو ايران جي اڳوڻن بادشاهن جي مٿن تي ٻڌو ويو ته جيئن ماڻهن جي ذهنن ۾ اها ڳالهه ويهي رهي ته ايران، بادشاهه جي ڪوشش سان ئي ٻيهر وڏي طاقت بنجي سگهي ٿو. تاريخ جا ڪتاب اُن ئي نقطه نظر سان لکجڻ لڳا. درسي ڪتابن ۾ اسلام کان اڳ جي ڪارنامن کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو ويو، تاريخي افسانن، ڊرامن ۽ ناولن ۾ انهن ايرانين کي هيرو بنائي پيش ڪيو ويو، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن دور ۾ عربن سان وڙهيا هئا، قديم آثارن جي کوٽائيءَ تي ڌيان ڏنو ويو ۽ قديم فارسي ادب ۽ زبان سيکارڻ لاءِ بندوبست ڪيو ويو، اُن شاعريءَ جي حوصلي افزائي ڪئي ويئي، جنهن مان شاهه پرستيءَ جو پهلو ٿي نڪتو يا جنهن ۾ اطاعت ۽ بندگي جي تلقين ڪئي ٿي ويئي. فوجين جي تربيت ۾ ‘شاهنامي’ جي حصن کي نمايان جاءِ ڏني ويئي، فردوسيءَ کي ايران جو سڀ کان وڏو ۽ قومي شاعر قرار ڏنو ويو، 1936ع ۾ ايران جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ فردوسيءَ جو جشن ملهايو ويو ۽ ان جي يادگار قائم ڪئي ويئي. “
    رضا شاهه، جنهن کي ‘رضا شاهه ڪبير’ به سڏيو وڃي ٿو، طبيعت جو ڏاڍو سخت ۽ درشت هو، ان سلسلي ۾ هڪ واقعو تمام گهڻو مشهور ٿيو، اهو هيئن آهي ته ايران جي راڻي، تهران کان ڪجهه ميل ٻاهر موجود امام زادن جي مزارن تي جيڪي ابو المعالي ۾ هئا، فاتح خوانيءَ جي لاءِ ويئي، پر اُتان جو متولي جيڪو سخت پراڻ پسند هو، تنهن راڻيءَ کي نقاب يا برقعي کانسواءِ مزار ۾ گهڙڻ جي موڪل نه ڏني، راڻي واپس تهران موٽي آئي ۽ جڏهن رضا شاهه کي ان قصي جي خبر پيئي ته هو اُن ئي مهل جيپ ۾ چڙهي ‘ابو المعالي’ پهتو ۽ متوليءَ کي هنٽرن سان ڪُٽيائين.
    ايران ۾ تيل ته ڪجهه سال اڳ قاچاري دور ۾ نڪري چڪو هو، پر انهيءَ جي آمدنيءَ مان ايران کي مناسب حصو نه پي مليو. رضا شاهه ڪبير جي دور جو هڪ اهم واقعو ايران جي تيل جي صنعت کي قومي بنائڻ به هو. اهو بل 1929ع ۾ پاس ٿيو. جنهن ايران مان انگريزن جي اقتدار کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ کين ملڪ مان واپس وڃڻو پيو، اُن قدم جي نتيجي ۾ دنيا جي ڪيترين ئي تيل ڪمپنين، ايران سان تيل جي خريداريءَ جا ٺاهه ڪيا ۽ ايئن ايران جي اُپت وڌي، اُن سلسلي ۾ هڪ واقعو ڏاڍو مشهور ۽ رضا شاهه جي ڏاهپ جو دليل آهي، هڪ ڀيري رضا شاهه ڏکڻ اولهه ايران جي تيل واري ريگستاني علائقي ۾ هرڻن جو شڪار ڪرڻ ويو، شاهه جي تنبن جي ڪئمپ ايراني تيل جي اُن پائپ لائين جي ڀرسان لڳل هئي، جيڪا ‘ابادان’ جي تيل صاف ڪرڻ جي ڪارخانن ڏانهن ٿي ويئي، هڪ ڏينهن صبح جو جيئن ئي شاهه شڪار لاءِ روانو ٿيو ته سندس نظر تيل جي ان پائپ لائين تي پيئي ته سندس نرڙ ۾ گُهنج پئجي ويا، صلاحڪارن کي هڪدم اندازو ٿي ويو ته شاهه جي ذهن ۽ دل ۾ ڪا اهڙي ڳالهه ضرور اچي ويئي آهي، جنهن کيس فڪرمند ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي، شاهه ‘وزير دربار’ ڏانهن ڏٺو ۽ کيس حڪم ڏنو ته جيڪڏهن هت آسپاس “اينگلو ايرانين آئل ڪمپنيءَ” جو ڪو وڏو آفيسر هجي ته کيس هڪدم گهرايو وڃي، شاهه اُن ڏينهن شڪار ملتوي ڪري ڇڏيو، ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ جڏهن ڪمپنيءَ جو انگريز آفيسر حاضر ٿيو ته کيس حڪم ٿيو ته، “تيل جي هيءَ پائپ لائين هتان ٽوڙائي ڇڏ، آئون تيل جو ڦوهارو بلند ٿيندي ڏسڻ ٿو چاهيان... هڪدم عملو گهرائي ۽ لائين ٽوڙائي... اصل دير نه ڪر...”
    انگريز آفيسر سمجهيو ته اوڀر جو حڪمران آهي ۽ اوڀر جي حڪمرانن جو دماغ سدائين خراب هوندو آهي، ۽ سندن شوق به اُبتا سُبتا هوندا آهن، هن شاهه کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته پائپ لائين ٽوڙڻ سان تمام گهڻو تيل ذيان ٿيندو ۽ ڪمپنيءَ کي نقصان ٿيندو. پر کيس حڪم مليو ته “اُلڪو نه ڪر... اسين ذيان ٿيل تيل جي پائي پائي ادا ڪنداسين.” هاڻ انگريز آفيسر جي لاءِ ٻيو ڪو بهانو نه بچيو هو. تنهن ڪري گهربل عملو گهرائي پائپ لائين ٽوڙي ويئي، پائپ لائين جي ٽٽڻ سان تيل جو ڦوهارو بُلند ٿيو ۽ تيل وهي واريءَ ۾ جذب ٿيڻ لڳو. رضا شاهه اُتي ئي ڪرسي گهرائي ويهي رهيو ۽ حڪم ٿيو ته تيل جو اهو ڦوهارو پورو هڪ ڪلاڪ جاري رهي، اسين پوري هڪ ڪلاڪ تائين اهو تماشو ڏسنداسين... پنهنجي ڪمپنيءَ کي چئو ته جيترو به تيل وهي انهيءَ جو بل منهنجي نالي موڪلي ڏي.”
    ايران جو بادشاهه شيل ۽ شڪار مان وانڌو ٿي واپس تهران پهچي چڪو هو، ۽ هن جي چريائپ ۽ جنون جا قصا نه رڳو تهران، پر پرڏيهي سفارتخانن ۽ پرڏيهي رهاڪن جي ڪلبن ۽ پرڏيهي اخبارن ۾ مرچ مسالن سان بيان ٿيڻ لڳا. هيڏانهن ايراني به پنهنجي بادشاهه جي اُن حرڪت کي چريائپ سمجهي دل ئي دل ۾ مٿس ناراض ٿيڻ لڳا.
    “اينگلو ايراني آئل ڪمپنيءَ” هڪ ڪلاڪ تيل وهڻ جو بل شاهه کي موڪلي ڏنو، ڪمپنيءَ جا ڊئريڪٽر اهو سوچي رهيا هئا ته شايد ايراني حڪومت اهو بل روڪڙ جي صورت ۾ ادا نه ڪري سگهي ۽ کين ذيان ٿيل تيل جي قيمت ايراني حڪومت کي ملندڙ سالياني رائلٽي مان ڪٽڻي پوي، پر اوچتو رضا شاهه پهلويءَ اهڙو ته بم ڇڏيو، جنهن نه رڳوڪمپني کي پر برطانوي حڪومت کي به بدحواس ڪري ڇڏيو، ڇو ته ايراني حڪومت، شاهه جي نالي وهيل تيل جو بل ملندي ئي ‘اينگلو ايراني ڪمپنيءَ’ کي نوٽس ڏنو ته هُن ايراني حڪومت سان تيل ڪڍڻ جو جيڪو 99 سالن جو ٺاهه ڪيو آهي، ان ۾ وڏو فراڊ ڪيو ويو آهي، ڇو ته ايراني حڪومت کي رائلٽي ادا ڪرڻ جي لاءِ تيل نڪرڻ جي ‘في ڪلاڪ’ جيڪا رفتار ٻڌائي ويئي آهي، اها وصول ٿيل بل موجب هڪ ڪلاڪ ۾ ذيان ٿيندڙ تيل جي مقدار کان گهڻي گهٽ آهي، ان موجب ڪمپني جيترو تيل ڪڍي رهي آهي، اُن جي چوٿين يا پنجين حصي جي مشڪل سان رائلٽي ادا ٿي ڪئي ويئي وڃي. تنهنڪري گذريل سڀني سالن جي ان طريقي سان هضم ڪيل سڄي رائلٽي ادا ڪئي وڃي نه ته اينگلو ايرانين آئل ڪمپني۽ ايران جي وچ ۾ ٿيل 99 سالن جو تيل ڪڍڻ جو ٺاهه رد ڪري، ڪمپنيءَ جا هڙئي ڪارخانا، پائپ لائينون ۽ ٻيون سڀ شيون ضبط ڪيون وينديون.
    انگريز ڪمپني سياڻي ڪانگ وانگر ٻه ٽنگي ڦاسي چڪي هئي، ڇو ته اها پنهنجي ٺڳيءَ جو انڪشاف پاڻ ئي ڪري چڪي هئي. تنهن ڪري سندس ڪو به حيلو بهانو نه هليو ۽ کيس ان مد ۾ ڪروڙين اسٽرلنگ پائونڊ ادا ڪرڻا پئجي ويا، جنهن سان ايران جي خزاني ۾ ايترا ته پئسا اچي ويا ، جو ملڪ جي ترقي ۽ اڏاوت لاءِ ڪيتريون ئي نيون رٿائون شروع ڪيون ويون، جن پرڏيهي اخبارن ۽ حلقن شاهه جي چريائپ جو مذاق اڏايو هو، اهي سڀ حيران ٿي ويا، هاڻ هو نه رڳو شاهه جي ڏاهپ ۽ عقلمنديءَ کي داد ڏيڻ لڳا، پر اينگلو ايرانين ڪمپنيءَ جي مذمت ڪرڻ ۽ ايران سان همدري ڪرڻ لڳا.
    رضا شاهه به هٽلر جيان آرين جي نسلي مٿڀرائپ جو علم بردار ۽ جمهوريت کي ناپسند ڪندو هو. اها ڳالهه هٽلر ۽ رضا شاهه جي وچ ۾ سهڪار جو سبب بني. هٽلر، ايرانين کي نج آريائي نسل قرار ڏيئي، انهن کي ‘نور مبرگ’ جي نسلي قانون کان آجو ڪري ڇڏيو (ان قانون موجب ڪا به جرمن عورت، ڪنهن غير جرمن سان شادي ڪري نٿي سگهي) 1936ع ۾ هٽلر جي ماليات واري وزير ‘ڊاڪٽر شاخت’ تهران جو دورو ڪيو، ان کانپوءِ جرمنن جون ايران ۾ سرگرميون وڌي ويون ۽ جرمن صلاحڪارن جو تعداد به وڌي ويو، ٻي مهاڀاري جنگ شروع ٿي ته ان وقت هٽلر سان همدردي رکندڙن جي گهڻائي ايران جي سڀني اهم عهدن تي مقرر هئي، جيڪا ڳالهه اتحادين جي مفادن وٽان نه هئي، نتيجي ۾ اتحادي فوجون ايران ۾ داخل ٿي ويون ۽ ايران تي ٽن طاقتن، هڪ حصي تي روس، ٻي تي آمريڪا ۽ ٽي تي برطانيا جو قبضو قائم ٿي ويو، ۽ تهران به ٽن حصن ۾ ورهايو ويو ۽ ٽن وڏن يعني اسٽالن، روز ويلٽ ۽ چرچل جي هڪ ڪانفرنس به ان ئي سال تهران ۾ برطانوي سفارتخاني ۾ ٿي.
    ايران تي اتحادي ملڪن جي قبضي جي نتيجي ۾ رضا خان پهلوي کي پنهنجي پُٽ محمد رضا جي حق ۾ تخت تان دستبردار ٿي، ڏکڻ آفريقا ۾ پناهه وٺڻي پيئي، جتي هن 1944ع ۾ وفات ڪئي. سندس دستبرداري کانپوءِ 17 سيپٽمبر 1941ع تي محمد رضا، آريه مهر محمد رضا شاهه پهلوي جي لقب سان تخت تي ويٺو.
    رضا خان پهلويءَ جي معزول ٿيڻ جو واقعو به ڏاڍو دلچسپ آهي. ايراني فوج اتحادين جو مشڪل سان چوويهن ڪلاڪن تائين مقابلو ڪري سگهي. ان وقت تهران ۾ برطانيا جو سفير ‘سر ريڊر بلرڊ’ هو. جنهن پنهنجي سياست سان نازي جرمنيءَ جي سفير “فان پين” کي شڪست ڏيئي وچ اوڀر جي ان حصي ۾ جرمن اثر رسوخ کي ختم ڪري ڇڏيو، ايراني فوج هٿيار ڦٽا ڪري چڪي هئي ۽ رضاشاهه پهلويءَ ڪابينا جو هنگامي اجلاس گهرائي ورتو ته جيئن ان صورتحال تي ويچاري سگهجي، ڪابينا جي اجلاس هلندي ئي شاهه کي اطلاع ڏنو ويو ته برطانوي سفير ‘سر ريڊر بلرڊ’ ساڻس ملاقات جي لاءِ آيو آهي. ايران شڪست کائي چڪو هو، تنهن ڪري برطانوي سفير سان ملڻ کان انڪار جو ته سوال ئي پيدا نٿي ٿيو. تنهن ڪري هڪدم حڪم ٿيو ته کيس پيش ڪيو وڃي، جڏهن سر ريڊر بلرڊ، تعظيم جي لاءِ جهڪڻ واسطي شاهه ڏانهن وڌي رهيو هو ته شاهه فارسيءَ ۾ مٿس گارين جو ڌوڙيو لايو بيٺو هو، هن وزيراعظم آقاءِ سهيل ڏانهن ڪاوڙ مان منهن ڪري چيو، “اين پدر سوخته جا چرا آمده است؟” (هي ڪتي جو پُٽ هينئر وري ڇو آيو آهي؟)
    ۽ ان کان اڳ جو وزيراعظم کيس ڪا وراڻي ڏي، سرريڊ بلرد، تعظيم کانپوءِ پنهنجي ڪوٽ جي کيسي مان اهو فرمان ڪڍي وڏي آواز ۾ پڙهڻ شروع ڪيو، جنهن تحت رضا شاهه پهلويءَ کي پنهنجي پُٽ وليعهد محمد رضا پهلويءَ جي حق ۾ تخت تان دستبردار ڪيو ويو هو ۽ فرمان فارسي زبان ۾ هو ۽ اڳوڻي شاهه ۽ وزيرن کي اُن وقت خبر پيئي ته برطانوي سفير فارسي زبان جو ڄاڻون به آهي.
    آريه مهر محمد رضا شاهه پهلويءَ جي تخت تي ويهڻ سان ايران ۾ آمريڪا جي اثر و رسوخ جي شروعات ٿي، آمريڪا جي عالمگير سامراجي حڪمت عمليءَ جي لاءِ وچ اوڀر ۽ ايران جي اهميت ڪنهن کان به ڳجهي نه آهي، محمد رضا شاهه پهلوي سدائين آمريڪا جي مرضي جي تابع رهيو ۽ هن جيڪي به قدم کنيا ۽ پاليسيون ٺاهيون، تن ۾ آمريڪا جي مرضي شامل هئي، پوءِ جڏهن شاهه ايران ڪم جو نه رهيو ته آمريڪا منجهائنس هٿ ڪڍي ڇڏيا، هاڻ اها ڳالهه لڪيل ڇپيل ڪانه رهي آهي ته خود شاهه ايران جي زوال ۾ به آمريڪا جو هٿ هو، جنهن جو ذڪر خود اڳوڻي شهنشاهه ايران پنهنجي ‘آتم ڪهاڻيءَ’ ۾ به ڪيو آهي.
    آريه مهر محمد رضا شاهه پهلوي جڏهن ٺهي جڙي تخت تي ويٺو ۽ حالتن تي ڪنٽرول ڪيائين ته هن ملڪ ۾ ترقياتي رٿائن شروع ڪرڻ سان گڏ، ملڪ کي زبردست فوجي طاقت به بنائڻ شروع ڪيو. ايران کي ترقي، خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪري هڪ جديد مملڪت بنائڻ لاءِ شاهه جيڪو پروگرام شروع ڪيو، ان کي “سفيد انقلاب” جو نالو ڏنو ويو، ان سان گڏ شاهه هن خطي ۾ آمريڪا مفادن جي رکوالي لاءِ پوليس مين جو ڪردار به ادا ڪرڻ شروع ڪيو. هڪ اندازي موجب ايران رڳو هڪ سال ۾ لڳ ڀڳ ساڍن ٽن ارب ڊالرن جو جنگي سامان آمريڪا کان خريد ڪيو، شاهه ايران جيترو جنگي فوجي سامان خريد ڪيو، ان جو مثال ڏکڻ ويٽنام ۾ آمريڪا جي هٿياربند مداخلت کانسواءِ ٻيو ڪٿي به نٿو ملي.
    اپريل 1951ع ۾ ڊاڪٽر مصدق ايران جو وزيراعظم ٿيو ته هن تيل جي صنعت کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ جو اعلان ڪيو ۽ شاهه ايران کي به پارليامينٽ جي منظور ڪيل ان بل تي صحيح ڪرڻي پيئي، ايراني حڪومت جي ان قدم سان خطي ۾ نئون تڪرار شروع ٿيو، ايراني حڪومت جي ان قدم جي جواب ۾ ‘اينگلو ايرانين ڪمپنيءَ” آڪٽومبر 1951ع ۾ تيل جي کوهن ۽ ‘ابادان’ جي آئل ريفائنري کي بند ڪري، ملازمن کي واپس وطن روانوڪري ڇڏيو. نه رڳو اهو، پر آمريڪي ڪمپنين جي تيل ڍوئيندڙ جهازن انتقام طور ايراني تيل کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جنهن ڪري ايران ۾ وڏ اقتصادي گهوٽالو منهن ڪڍڻ لڳو. سوويت يونين مصدق حڪومت کي صنعت بحال ڪرڻ جي لاءِ روسي ماهرن جون خدمتون آڇيون ۽ گڏ ٿيل تيل خريدڻ جو به وعدو ڪيو، پر ڊاڪٽر مصدق ٻيئي رٿون رد ڪري ڇڏيون، ڊاڪٽر مصدق ايران جو پاپولر ليڊر هو، جيئن پاڻ وٽ ذوالفقار علي ڀٽو، پر ڊاڪٽر مصدق هڪ جذباتي انسان هو، منجهس ترت فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت جي کوٽ هئي، سندس اهڙين جذباتي پاليسين جي ڪري ايران کي وڏو نقصان ٿيو، اهڙي صورتحال ۾ رضا شاهه ايران ڇڏي اٽلي هليو ويو. هوڏانهن آمريڪي سي . آءِ . اي به حرڪت ۾ اچي ويئي، شاهه جي ايران ڇڏڻ جي ٽن ڏينهن کانپوءِ ڊاڪٽر مصدق جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو ۽ کيس گرفتار ڪري نظر بند ڪيو ويو، هن جي باقي عمر قيد ۾ ئي گذري ۽ قيد ۾ ئي وفات ڪيائين، شاهه ٻيهر اقتدار ۾ اچي ويو، شاهه کي واپس اقتدار ۾ آڻڻ جي پويان آمريڪا جي اها پاليسي هئي ته محمد رضا شاهه جي غير موجودگيءَ ۾ متان ايران سوويت يونين جي اثر ۾ نه هليو وڃي.
    1979ع ۾ ايران ۾ شهنشاهيت جي خاتمي جي پويان، جنهن دوران قم جي ڀت تي اهو نعرو لکيو ويو هو، ايران جي محنت ڪشن، پورهيتن ۽ وطن دوستن جي جدوجهد جي هڪ ڊگهي ڪهاڻي آهي، مختيار مسعود چواڻي، “انقلاب ڀلي ڪيترو به پراڻو ڇو نه ٿي وڃي، پر ان جو داستان سدائين تازو رهندو آهي، اميد ۽ عمل، بيداري ۽ خود شناسي، جنون ۽ لهوءَ جو داستان به ڪڏهن پراڻو ٿي سگهي ٿو.؟” اُن ايراني انقلاب جي اسرڻ، نسرڻ ۽ اُڀرڻ ۾ ايران جي حزب توده (ڪميونسٽ پارٽي) جيڪا ڊاڪٽر مصدق جي گرفتاري کانپوءِ انڊر گرائونڊ هلي ويئي، جو اهم ڪردار آهي، ايراني عالمن ۽ مذهبي ڌرين به عبادت گاهن ۾ آمريڪي سامراج ۽ شهنشاهيت جي خلاف عوام کي منظم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
    شاهه جي خلاف جدوجهد ڪرڻ تي حزب توده ۽ ايراني عالم سدائين حڪومت جي نشاني تي رهيا، 1958ع ۾ ڪيترن ئي ڪميونسٽ اڳواڻن کي موت جون سزائون ڏنيون ويون ۽ ڪيترن کي جيلن ۾ واڙيو ويو، جيڪي سالن جا سال جيلن ۾ سڙندا رهيا، حقيقت ۾ ايران ۾ 1979ع واري انقلاب جو بنياد ‘حزب توده’ رکيو، هنن ايران جي ڪيترن ئي شهرن ۾ هڙتالون منظم ڪيون ۽ عوام کي سامراجيت ۽ شهنشاهيت جي خلاف ويڙهه جي لاءِ تيار ڪيو ۽ هنن پنهنجي جانين جي نذرانن سان انقلاب جي آبياري ڪئي. پر ايراني سماج تي عالمن جي اثر سبب انقلاب جو سڄو فائدو عالمن کي مليو ۽ آيت الله خميني ايران جو سياسي، روحاني ۽ مذهبي سربراهه بنجي ويو. بعد ۾ کيس امام جو درجو ڏنو ويو ۽ سندس حيثيت شهنشاهه کان به مٿاهين بنجي ويئي. توده پارٽي ايران جي قديم مارڪسٽ پارٽي آهي، جيڪا 1920ع ۾ قائم ٿي، ۽ 1942ع ۾ ‘حزب توده’ (توده پارٽي) جي نالي سان پنهنجون سرگرميون شروع ڪيائين، 1979ع جي انقلاب جي دوران توده پارٽيءَ جي سڄي قيادت مشرقي جرمني جي شهر ‘لائپزيڪ’ ۾ موجود هئي، انقلاب کانپوءِ پارٽي ايران ۾ پنهنجون سرگرميون شروع ڪيون ۽ خود انهن ڏينهن جون اخبارون ۽ تجزيا نظر مان ڪڍبا ته انقلاب کي اندروني طور تي سگهارو ڪرڻ جي لاءِ سوويت يونين جو به وڏو ڪردار ٿو نظر اچي. 1983ع ۾ اقتدار جي جنگ اندروني جهيڙي ۾ مذهبي عنصر حاوي ٿي ويو، ۽ توده پارٽيءَ جي اڳواڻن تي سوويت جي جاسوسي تنظيم ڪي. جي. بي ۽ فوجي اطلاعات جي اداري سان رابطن جو الزام لڳائي، گرفتار ڪري، کين موت جون سزائون ڏنيو ويون.
    حزب توده جي ان جدوجهد کي شهنشاهه ايران پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي، “ايران جي ٻاهر اهو ئي سمجهيو وڃي ٿو ته اهو “مُلن” جو آندل انقلاب آهي، يعني شيعه مولوين جو آندل انقلاب... ان ۾ ڪابه سچائي ڪونهي... اها هڪ وڏي غلط فهمي آهي... فساد جي اصل جڙ ته ڪميونسٽ پارٽي آهي.”
    شاهه جي جلاوطني ۽ انقلاب کانپوءِ آيت الله خميني، مهدي بازرگان کي ايران جو وزيراعظم نامزد ڪيو ۽ ڪيترائي لبرل عنصر حڪومت ۾ شامل هئا. پرپوءِ جيئن سدائين ٿيندو آهي، لبرل ۽ مذهبي قوتن ۾ اختيارن ۽ اقتدارن جي اندروني جنگ شروع ٿي ويئي. مهدي بازرگان جي استعفيٰ کانپوءِ ابوالحسن بني صدر وزيراعظم ٿيو. عراق مان نڪرڻ کانپوءِ پئرس ۾ جلاوطني جي دوران آيت الله خميني، بني صدر وٽ ئي رهيو هو. اندروني تضادن جي ڪري بني صدر کي جان ڀڄائي لڪي وڃڻون پيو، بني صدر جي ڀاڄ سان ايران ۾ لبرل قوتن جي خلاف مذهبي ڌرين هڪ نئين مهم شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ مهدي بازرگان ۽ بني صدر جي ڪابينا جي ڪيترن ئي لبرل وزيرن سان گڏ انيڪ ماڻهن کي يا ته ملڪ مان ڀڄڻون پيو يا فائرنگ اسڪواڊ ۽ مذهبي دهشتگردي جو نشانو بنجڻون پيو، خود ابو الحسن بني صدر ۽ فدائين خلق جي سربراهه مسعود رجاويءَ ملڪ ڇڏي اچي پئرس ۾ پناهه ورتي، جيڪڏهن اهي ايران مان نه ڀڄن ها ته سندن لاش به ايران ۾ نه لڀجن ها. حزب توده (ڪميونسٽ پارٽي) جي سيڪريٽري جنرل نورالدين ڪيانوريءَ کي گرفتار ڪري، مٿس روس لاءِ جاسوسي ڪرڻ جو الزام هڻي سخت تشدد کانپوءِ موت جي سزا ڏني ويئي. ۽ ايران ۾ اقتدار جي هڪ نئين جنگ شروع ٿي ويئي، جنهن ۾ فدائين حڪومت جي خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر هٿيار کنيا، انهي جنگ ۾ ٻنهي ڌرين وڏي قيمت ادا ڪئي ۽ خود تهران ۾ هڪ اجلاس دوران بم ڌماڪي ۾ ايران جو صدر جواد باهنر ۽ وزيراعظم محمد علي رجائي، ڪيترائي وزير ۽ پارليامينٽ جا ميمبر مارجي ويا، ان صورتحال جو فائدو وٺي عراق، آمريڪا جي هشيءَ تي ايران تي حملو ڪري ڏنو، اٺن سالن تائين هلندڙ اُن جنگ سبب ڪيتري تباهي ٿي هوندي ۽ ايراني عوام ڇا ڇا نه سَٺو هوندو، ان جو فقط تصور ئي ڪري سگهجي ٿو.
    هن وقت ايران ۾ حزب توده سميت لبرل ۽ سيڪيولر پارٽين تي پابندي آهي، پر انهن جو اثر ته ضرور هوندو ۽ هو ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ سرگرم ۽ عوام سان رابطي ۾ هونديون، پر رياست جي ڪڙي نظر سبب گهڻا محتاط به هوندا، حزب توده جي ذڪر تي مونکي ياد آيو ته اصفهان جي “ميدان امام” واري تاريخي بازار ۾ وڙڪندي جڏهن مون هڪ دڪاندار وٽ ‘صادق هدايت’ جو ڪتاب ڏٺو، جنهن جو ذڪر آئون اڳيان ڪري آيو آهيان ته انهن ڪجهه نوجوان نهايت احترام سان مونکي چيو، ‘اوهين چاهيو ته هي ڪتاب کڻي وڃي سگهو ٿا.’ هنن صادق هدايت کي توده (ڪميونسٽ) ليکڪ چيو ۽ اهو به چيو، “توده ممنوع ايران است” انهن نوجوانن سان ملي ڪجهه ئي گهڙين ۾ مونکي احساس ٿيو ته توده پارٽي جي جدوجهد هينئر به ايراني نوجوانن کي ياد آهي.
    تازو ‘ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان’ جي اپريل 2011ع ۾ حيدرآباد ۾ ڪانگريس ٿي، جنهن ۾ هنن جي شايع ٿيل ‘سرخ پرچم’ ۾ حزب توده پاران موڪليل پيغام پڻ ڇپيل آهي، هن وقت ‘حزب توده’ جو هيڊ ڪواٽر پئرس ۾ آهي، ان پيغام ۾ چيو ويو آهي:
    “اسان جو ملڪ ايران انتهائي حساس دور ۾ داخل آهي، جنهن ۾ عوامي تحريڪون جيڪي جمهوريت، سماجي انصاف ۽ انساني حقن جي لاءِ وڙهن پيون، اهم موڙ تي پهتيون آهن، جيئن ته اوهين ڄاڻو ٿا ته 12 جون 2009ع کان ايران وڏي مقبول عوامي جدوجهد ۾ گهيريل آهي، جيڪا امن، جمهوريت، سماجي انصاف جي لاءِ ڪئي پئي وڃي، جنهن جو مثال گذريل ٽن ڏهاڪن کان نٿو ملي، ايراني حڪومت جيڪا وڏن آفيسر شاهي ۽ بورزوا ۽ فوج جي نمائندا آهي، جيڪا ايران جي معاشي وسلين تي قبضو ڄمائي رکڻ چاهي ٿي، موجوده سرڪار ان جدوجهد کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سڀئي هٿ ڪنڊا استعمال ڪري رهي آهي، هيءَ حڪومت اهڙيون معاشي پاليسيون اختيار ڪري رهي آهي، جن کي نيو لبرل سوشو اڪنامڪ جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو. جنهن جو مطلب سڄي ملڪ ۾ نجڪاري جي عمل جي ذريعي پورهيتن جا حق ڦٻائڻ آهي.”
    قم جي ڀت تي لکيل ‘مرگ بر شاهه جلاد’ جي ان نعري، شاهه جي حڪومت جي خلاف، ايراني عوام جي ڊگهي جدوجهد جي ياد تازي ڪرائي ڇڏي ۽ مون فهد عباسي کي سندس ڪئميرا سان اهو فوٽو ڪڍڻ جي گذارش ڪئي، جو مون چاهيو ٿي ته ٻٽيهه ٽيٽيهه سال اڳ ‘قم’ جي ڀت تي لکيل اهو نعرو، ايراني عوام جي شاندار جدوجهد جي ياد طور مون وٽ محفوظ رهي.


    • شاهه ۽ آمريڪا

    شهنشاهه ايران جي خلاف هليل تحريڪ ۾ “مرگ برشاهه” سان گڏ هڪ ٻيو نعرو “مرگ بر آمريڪا” به عام هو، پر هاڻ وقت گذرڻ سان گڏ اهو نعرو منظر تان گم ٿي يا هلڪو ٿي چڪو آهي، جيتوڻيڪ هينئر به ايران سان آمريڪا جا لاڳاپا ڇڪتاڻ وارا آهن، خاص ڪري ايران پاران ائٽمي سگهه حاصل ڪرڻ جي ڪوشش آمريڪا کي صفا نٿي وڻي ۽ هن ايران کي اها صلاحيت حاصل ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ، طرح طرح جا حربا هلايا آهن، ۽ ايران تي پابنديون مڙهيون آهن، ٻن حڪومتن جو اهو جهيڙو پنهنجي جاءِ تي، پر مون محسوس ڪيو ته عام ايراني اُن ڇڪتاڻ کي سٺو نٿا سمجهن، هنن وٽ آمريڪا جي مصنوعات کان وٺي آمريڪين جهڙي زندگي گذارڻ، دلچسپيءَ جو سبب بنيل آهن. ايران ۾ آمريڪن مصنوعات پيپسي، ڪوڪ وغيرهه عام هئڻ سان گڏ، مقامي طور تي ٺهيل سگريٽن تي به ‘آمريڪن ٽيسٽ’ لکيل نظر ايندو.
    شاهه ايران جي خلاف هليل ان تحريڪ جي پويان، آمريڪا جو به هٿ هو. آهي ته عجيب ڳالهه، پر جڏهن ڳالهيون کلي سامهون اچن ٿيون ۽ گهر جا ماڻهو ئي شاهد ٿي بيهو رهن ته پوءِ ڳالهه کان لنوائڻ ممڪن نٿو رهي، آمريڪا هر ان حڪمران مان هٿ ڪڍي ڇڏيندو آهي، جنهن جي خلاف عوامي اُڀار اُٿندو آهي، جنهن جو تازو مثال مصر جو آهي، جتي آمريڪا جي دادلي حڪمران حسني مبارڪ جي خلاف عوامي اُڀار اُٿيو ته آمريڪا منجهائس هٿ ئي ڪڍي ڇڏيا. اهي حڪمران جيستائين آمريڪا جي مفادن وٽان ڪم ڪندا آهن، تيستائين آمريڪا سندن هر قسم جي مدد ڪندو آهي ۽ پوءِ جڏهن هو يا ته عوامي نفرت جو نشانو بنبا آهن يا آمريڪا جي سامهون ڪنڌ کڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته کين نه رڳو اقتدار تان لاهي ڦٽو ڪندو آهي، پر عبرت جو نشانو به بنائي ڇڏيندو آهي، اسامه بن لادن، صدام حسين ۽ پانامه جو جنرل نوريگا وغيرهه ان جا وڏا مثال آهن، آمريڪا جي حوالي سان اهو تاثر به عام آهي ته جڏهن به هو ڪٿي تبديلي آڻڻ چاهيندو آهي، ته مختلف طريقن سان اڳواٽ ئي اهڙو تاثر عام ڪرڻ شروع ڪندو آهي.
    آمريڪي سي - آءِ - اي جن طريقن سان اڳواٽ حالتن جي تبديل ٿيڻ جا اشارا ڪرڻ شروع ڪندي آهي، انهن ۾ فڪشن به هڪ اهم ذريعو آهي، ويهين صدي جي ستر واري ڏاڪي ۾ جڏهن شهنشاهه ايران جي ڀل ڀائي هئي، بادشاهت جا اڍائي هزار ساله جشن ملهايا پي ويا، هرڪو شاهه ايران جي ساراهه جا ڍُڪ ڀري رهيو هو، ته هڪ ناول نگار CRASH-79 جي نالي سان هڪ ناول لکيو، اهو ناول ايران جي بي چين مستقل جي باري ۾ هڪ فرضي ڪهاڻيءَ تي ٻڌل هو، لکڻ واري وڏي محنت ۽ تحقيق کانپوءِ اهو ناول لکيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته 1979ع ۾ ايران ۾ شاهه جو دور ختم ٿي ويندو.
    حڪيم محمد سعيد، جيڪو سدائين، ملوڪيت جو حامي ۽ جمهوريت جو مخالف رهيو هو، تنهن پنهنجي سفرنامي “سعيد سياح تهران ۾” شاهه ايران جي زوال جي حوالي سان جيڪو تجزيو ڪيو آهي، اهو به پڙهڻ وٽان آهي هو لکي ٿو:
    “شاهه ايران پنهنجي ملڪ کي صنعتي ۽ ترقي يافته ملڪ بنائڻ ٿي چاهيو، کيس اُن حقيقت جي خبر هئي ته تيل جا کوهه هڪ ڏينهن سُڪي ويندا، تنهن کانپوءِ ايران جو ڇا ٿيندو؟ تيل جو متبادل لڀجي سگهي ٿو. هن مستقل جي ايران کي عظمت جي آغوش ۾ ڏيڻ ٿي چاهيو، شهنشاهه ايران جي ذهن جي هر ڪُنڊ ۾ اها ڳالهه هئي ته ايران کي وچ اوڀر جي هڪ وڏي طاقت بنايو وڃي، شهنشاهه ايران جا ارادا بُلند هئا، جيڪڏهن کانئس سياسي غلطيون نه ٿين ها ته هو پنهنجن ارادن کي پورو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ها، حيرت انگيز طور تي شهنشاهه ايران پنهنجي حڪومت جو رشتو ٽي هزار سال اڳ جي ايراني سلطنت سان جوڙڻ جو خواهشمند هو. ‘آريه مهر’ جي اها غير مبارڪ تقاضا سُٺا نتيجا ڏيئي نه سگهي. هن جي هڪ ٻي سياسي غلطي محترم امام خمينيءَ سان اختلاف هو، امام خميني کي هن ايران مان جلاوطن ڪري شايد سڀ کان وڏي غلطي ڪئي هئي ۽ پوءِ امام خميني جي پيروڪارن کي ايران ۾ جيلن ۾ وجهي تڪليفون ڏيڻ هو، جيڪا ڳالهه انتقام جو جذبو ڀڙڪائڻ جو سبب بنجندي رهي، پوءِ ايراني شاگردن جي مظاهرن کي محبت سان منهن ڏيڻ جي بدران طاقت ۽ ٽئڪن سان هنن جي “مزاج پرسي” شهنشاهه کي سنگين نتيجن سان دوچار ڪري ڇڏيو.
    اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته حضرت امام خميني جي وطن واپسيءَ ۾ آمريڪي سهڪار کي دخل هو. آمريڪا کي شهنشاهه ايران جي “جسارت” سبب ناراضگي ٿي ۽ آمريڪا ۽ سندس ساٿارين کي ايران جو صنعتي ملڪ بنجي مدِ مقابل ٿي بيهڻ گوارا نه هو، تنهن کانسواءِ شهنشاهه ايران جنهن انداز سان وچ ايشيا ۾ پنهنجا اثر وڌائي رهيو هو، اهي نه روس کي پسند هئا، نه آمريڪا کي، روس کي. ايران کان سڀ کان وڏي شڪايت اها هئي ته ايران مان تاجڪستان کي فارسي لٽريچر فراهم ڪيو پيو وڃي، جنهن سان تاجڪستان ۾ بغاوت جا جراثيم پکڙجڻ شروع ويا هئا، روس، ايران کي افغانستان جي لپيٽ ۽ جهڙپ ۾ آڻڻ ضرور ٿي چاهيو، پر اُن کان اڳ ئي آمريڪا پنهنجي دوست ۽ حليف شاهه ايران کي ٻوڙي ڇڏيو.”
    اها ڳالهه شهنشاهه ايران به سمجهي ويو هو ته آمريڪا سندس سڄڻ ڪونهي ۽ هو سندس ملڪ کي سندس مرضيءَ موجب ترقي يافته ۽ صنعتي ملڪ بنجندو ڏسڻ نٿو چاهي، جنهن جو ذڪر ڪندي هو پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکي ٿو.
    “اسان چاهيو ٿي ته جيتري دير تيل جي دولت آهي، ايران کي ايترو ته سگهارو ۽ طاقتور بنائي ڇڏجي، جو جڏهن تيل جا ذخيرا ختم ٿي وڃن ته ملڪ پنهنجي پيرن تي بيٺل رهي، ان جو حل اهو هو ته اسين وڌ ۾ وڌ فائدو کڻون / حاصل ڪيون، ۽ وڌ ۾ وڌ تيز رفتاريءَ سان هلون، اسان وٽ هڪ ته وقت گهٽ هو، ٻيو، اسانکي تمام گهڻو تيز هلڻون هو، ٽيو، اهي ماڻهو،جيڪي اسانجي تيل مان وڌ ۾ وڌ فائدو وٺندا پي آيا، تن به اسانجي زوال ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتو.”
    شهنشاهه ايران جي اها آتم ڪهاڻي سندس وفات کانپوءِ ڇپي، جيڪا هن اها ايران مان جلاوطن ٿيڻ کانپوءِ لکي. شاهه ايران 27 جولاءِ 1980ع ۾ قاهرا- مصر ۾ وفات ڪئي.
    شهنشاهه ايران جي اها آتم ڪهاڻي ڏاڍي دلچسپ هئڻ سان گڏ عبرت انگيز به آهي، آمريڪا ۽ اولهه هڪ شخص کي پنهنجي مفادن جي لاءِ استعمال ڪرڻ کانپوءِ، سڄي دنيا ۾ دربدر ۽ ڌڪا کائڻ جي لاءِ ڇڏي ڏنو، آمريڪا پنهنجي سڄي تاريخ ۾ پنهنجي سڀني دوست حڪمرانن ۽ ملڪن سان ايئن ئي ڪيو آهي.
    آمريڪا شاهه ايران سان ڪيئن پيش آيو، اهو سڄو داستان، شهنشاهه ايران پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکيو آهي، هيٺ ان آتم ڪهاڻيءَ جا ڪجهه دلچسپ ٽڪرا پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ ڏجن ٿا:
    • مون سان بين الاقوامي تيل ڪمپنين جي عداوت ڪافي عرصي کان هلندي پي آئي، ڊاڪٽر مصدق جي شڪست کانپوءِ اسان اٽلي جي صنعت ڪار ‘انريڪو ماتي’ سان معاهدو ڪيو ته انهن جي مون تي ڪاوڙ اڃا به وڌي ويئي، هن دنيا جي وڏين تيل ڪمپنين جي اجارا داري ٽوڙڻ جي لاءِ ‘اٽالين آئل ڪمپني’ ٺاهي هئي. ۽ ان جا سڀ شرط چٽا هئا، نفعي ۾ اڌو اڌ جي بدران ان ٺاهه تحت 25 سيڪڙو نفعو کين ۽ 75 سيڪڙو ايران کي ملڻون هو، بعد ۾ انهن ئي شرطن تي اسان ‘اسٽينڊرڊ آئل ڪمپنيءَ’ سان معاهدو ڪيو. جنهن سان نفعي ۾ برابر - برابر جو اصول ٽٽي پيو ۽ ان ڏوهه جي لاءِ وڏين وڏين اجارا دار ڪمپنين اسانکي ڪڏهن به معاف نه ڪيو. 1959ع ۾ يعني ان معاهدي کان ٻه سال پوءِ آمريڪا جي هر وڏي شهر ۾ شاهه جي خلاف شاگردن جا مظاهرا ڪرايا ويا، اسانکي شڪ ٿيو ته انهن مظاهرن جي پٺيان مخالف ڪمپنين ۽ سي - آءِ - اي جو هٿ آهي، منهنجو اهو تجزيو متضاد ۽ رڳو الزام تراشي نظر ايندو هوندو، ڇو ته مفاد پرست ادارن، اسانجي حڪومت ۾ اسانجي تائيد ڪئي هئي. پر هاڻ آئون پوري پڪَ سان چئي سگهان ٿو ته اولهه اسانجي خلاف هڪ محاذ منظم ڪري ورتو هو، ته جيئن اسين جڏهن به هنن جي مفادن کان منهن موڙيون ته هو يا ته اسانکي پنهنجي مرضي موجب هلائڻ جي ڪوشش ڪن يا وري اسانکي ختم ڪري ڇڏين، اسانکي ان ڳالهه تي ويهه سال اڳ اُن وقت يقين ڪري وٺڻ گهرجي ها، جڏهن وزيراعظم شريف اماميءَ اسانکي خبردار ڪيو هو ته شاگردن جي انهن مظاهرن جي پٺيان آمريڪا جو هٿ آهي ۽ اهو به ته آمريڪا ڪن ٻين طريقن سان به ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر اسانجي لاءِ مسئلا پيدا ڪري رهيو آهي.
    • 1976ع ۾ آمريڪا جي تيل جي دنيا جون ٻه اهم شخصيتون مسلسل اهو اعلان ڪري رهيون هيون ته “ٻن سالن جي اندر ئي شاهه جو خاتمو ٿيڻ وارو آهي.” هنن اهو نه ڏٺو ته ان سان گڏوگڏ تيل پيدا ڪندڙ ملڪن جي معيشت به ته ويهي رهندي.
    • آڪٽومبر ۾، علاج جي لاءِ آمريڪا وڃڻ جو فيصلو ٿيو، بيماري ايتري ته وڌي چڪي هئي، جو نيٺ اسانکي اهو فيصلو قبول ڪرڻون پيو، 22 آڪٽومبر تي اسين ‘ميڪسيڪو سٽي’ جي ايئرپورٽ تي پهتاسين، هڪ وڏو جيٽ جهاز اسانجي انتظار ۾ هو، آمريڪا جي قونصل جنرل، داخلا جي ضروري ڪاغذن کي مڪمل ڪرايو، ان وقت جي جيڪا خاص ڳالهه مونکي ياد ٿي اچي، سا اها ته قونصل جنرل مونکي ڌيان سان ڏٺو ته حيران ٿي ويو، هن جي ذهن ۾ شهنشاهه جو تصور ڪجهه ٻيو هو، جيڪو بنيادي انساني حقن جو غاصب هو، وڏو ظالم ۽ جابر هو، مطلق العنان حڪمران هو، جنهن پنهنجي قوم کي دٻائي رکيو هو (يعني ذرائع ابلاغ جي مهرباني سان) پر هن ڏٺو ته هي شهنشاهه ته اڪيلو، بيمار، ڪمزور هو، جنهن لاءِ هاڻ هلڻ به ڏکيو هو، هو ان جا ڪاغذ مڪمل ڪرائي رهيو هو.
    • نيويارڪ جي اسپتال ۾ قيام جي دوران آمريڪي انتظاميا، اسان سان ڪو به تعلق قائم نه ڪيو، صدر ڪارٽريا ڪنهن ٻي عهديدار نه ڪا ٽيلي فون ڪئي ۽ نه ئي ڪو پيغام موڪليو.
    • ارادو اهو هوسين ته ايران مان نڪرڻ کانپوءِ پهرين آمريڪا وينداسين، پر اسين اڃا مراڪش ۾ ئي هئاسين، جو آمريڪا مان ڪن ويجهن دوستن جا عجيب و غريب نياپا ملڻ لڳا، انهن دوستن مان ڪي اهي به هئا، جيڪي جمي ڪارٽر جي انتظاميا سان واسطو رکندا هئا، اهي پيغام غير دوستاڻا ۽ همدرديءَ وارا ته نه هئا، پر پوءِ به اسانکي محتاط رهڻ جي ضرورت جو احساس ڏياريندا هئا، يعني اهو ته في الحال اوهين نه اچو ته چڱا ئي ٿيندي، پوءِ ڪنهن مناسب وقت تي اچو ته بهتر ٿيندو، ٿورو انتظار ڪريو، هڪ مهيني کانپوءِ اهي پيغام ڪجهه نرم ٿيا ۽ چيو وڃڻ لڳو ته اچڻ چاهيو ته بيشڪ هليا اچو، پر هاڻ اسانجي طبيعت اهو گوارا نٿي ڪيو ۽ اسان جي اوڏانهن وڃڻ جي خواهش نه رهي هئي. اسان هڪ اهڙي ملڪ ۾ وڃڻ ڪيئن ٿي گوارا ڪري سگهياسين، جنهن اسانجو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو، هوريان هوريان اسانکي پڪ ٿيندي ويئي ته اسانجي زوال جو اصل ۽ وڏو سبب آمريڪا ئي آهي.
    • اولهه جا ملڪ ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان اسان جي خلاف مظاهرا منظم ڪندا رهندا هئا. اڳ ۾ اهي مظاهرا ايڪڙ ٻيڪڙ ٿيندا هئا. پر 1973ع ۾ جڏهن اسان تيل جون قيمتون وڌايون ته اهي پوري قوت ۽ جوش و خروش سان ٿيڻ لڳا، چئن سالن جي اندر مسلسل اختلاف ۽ احتجاج ڀنڀٽ بنجي ويا، دراصل تيل جي وڏين وڏين ڪمپنين آمريڪا ۽ برطانيا جي نشرو اشاعت جي ادارن، اسانجي ملڪ جي رجعت پرست مُلن، ۽ سدا دشمن ڪميونسٽن جي وچ ۾ اسانکي تباهه ڪرڻ جو هڪ اڻ لکيل ناپاڪ معاهدو ٿي چڪو هو. انهن مان هر اداري ۽ هر تنظيم کي اسانجي ذات ۽ خذمتن تي ڌار ڌار ڪاوڙ هئي. 1978ع جي سڄي سال جي دوران بين الاقوامي ڪنسورشيم، ايران سان تيل جي نئين خريداري تي صحيحون نه ڪيون، اهو عمل يا بي عملي، غير معمولي اهميت جي حامل آهي، اڄ اسين پوري پڪ سان چئي سگهئون ٿا ته کين اڳواٽ خبر پئجي ويئي هئي ته ڪجهه مهينن جي اندر ايران ۾ ڪهڙا ڪهڙا واقعا ٿيڻ وارا آهن.
    • جڏهن تخريب ڪارن برطانوي سفارت خاني کي باهه لڳائي ته هڪ جنرل معذرت جي لاءِ برطانوي فوجي اتاشيءَ سان مليو، جنهن ڪاوڙ مان رڙ ڪري چيو، “ان مسئلي جو واحد نبيرو سياسي آهي.” ڊسمبر جي آخر ۾ سينيٽر محمد علي مسعوديءَ اسانکي ٻڌايو ته آمريڪي سفارت خاني جي فرسٽ سيڪريٽري جارج ليمبارڪس کيس رازداريءَ مان ٻڌايو ته “ايران ۾ هاڻ جلدئي نئون دور شروع ٿيڻ وارو آهي.”
    • جنوري 1979ع ۾ اسان اهو ٻڌي حيران ٿي وياسين ته جنرل هوسار ڪيترن ئي ڏينهن کان ڳجهي نموني تهران ۾ موجود آهي، پر گذريل ڪجهه هفتن کان جيڪي واقعا ٿيا هئا، تن مان اسان سبق سکيو ته هر شئي ممڪن آهي، ‘جنرل هوسار’ ڪو معمولي ماڻهو نه هو. هو نيٽو جي ڊپٽي ڊئريڪٽر جي حيثيت سان ڪيترائي ڀيرا تهران آيو هو ۽ هو جڏهن به ايندو هو ته وقت مقرر ڪري اسان سان ملاقات ڪندو هو، اها ملاقات رڳو رسمي نه هوندي هئي، پر “ضرورت” هوندي هئي، ڇو ته اسين ايران جي هٿياربند فوج جا سربراهه هئاسين ۽ ايران سينٽو جو باقاعده مستقل ميمبر هو. اسان پنهنجن جنرلن کان پُڇيو ته هي ڪهڙو قصو آهي، هوسار جي آمد ڳجهي ۽ پراسرار سرگرمي ڇو آهي، پر هنن به مون جيان ڪجهه نه ٿي ڄاتو، جنرل هوسار اسان جي تهران مان روانگي کانپوءِ به ڪيترائي ڏينهن تهران ۾ موجود رهيو، خبر ڪونهي ڇو؟ فقط ايتري خبر اٿم ته ايراني هوائي فوج جي ڪمانڊر انچيف تي ڪيس هلايو ويو ۽ عدالت شنوائي جي هڪ ڏينهن جي اندر ئي کيس موت جي سزا ڏيئي ڇڏي. ڪمانڊر انچيف عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو هو، “جنرل هوسار، شاهه کي مُئل ڪُئي جيان ملڪ مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو.”
    • ماضي جي واقعن جي تجزيي ۽ يرغمالين جي گرفتاريءَ کانپوءِ جيڪي واقعا ظاهر ٿيا آهن، تن جي تجربن مان اسانجي ان خيال جي تصديق ٿئي ٿي ته اسانجي زوال جي پويان آمريڪا ۽ برطانيا جو هٿ آهي.
    • گذريل ڏيڊ سال کان آمريڪي وعدا ۽ دلاسا رڳو ڏٽا ۽ بهانا ثابت ٿي رهيا آهن، سندن رويي جي ڪري ئي اسانکي تخت ۽ تاج کان محروم ٿيڻون پيو، هاڻ مٿس وڌيڪ ڀروسي جو مطلب اهو ٿئي ها ته اسين پنهنجي جان تان به هٿ کڻون.”

    شاهه ايران جي مٿين آتم ڪهاڻي کانسواءِ هڪ ٻيو ڪتاب “THE RISE AND FALL OF PAHLAVI DYNASTY” به پڙهڻ وٽان آهي، جيڪو ليفيٽنٽ جنرل محمّد حسين فردوست جو لکيل آهي، جنرل فردوست، شاهه ايران جو ننڍي هوندي جو دوست ۽ ڳجهي ايراني پوليس “ساواڪ” جو سربراهه به رهي چڪو هو. اهو ڪتاب پڻ شاهه ايران جي عروج ۽ زوال جي باري ۾ اهم ڄاڻ فراهم ڪري ٿو.
    شاهه جي قسمت سٺي هئي، جو هن وزيراعظم منصور جي قتل کانپوءِ امير عباس هويدا کي وزيراعظم مقرر ڪيو. منصور کي 21 جنوري 1965ع تي قتل ڪيو ويو. جنهن جو الزام خمينيءَ جي گروپ جي عالمن تي هنيو ويو ۽ ان الزام ۾ ڇهن ڄڻن کي موت جي سزا ۽ ٻين ڪيترن کي قيد جون سزائون ڏنيون ويون. امير عباس هويدا هڪ تجربيڪار سفارتڪار ۽ ايراني تيل ڪمپني جو قابل منتظم هو. هومنصور جي ڪابينا ۾ ناڻي وارو وزير به رهيو هو. هويدا، ٻارهن سال ايران جو وزيراعظم رهيو ۽ هن جي ئي قابليت سبب ايران وڏي اقتصادي ترقي ڪئي، سياسي استحڪام حاصل ڪيو ۽ پرڏيهي سفارتڪاري جو مثال بنجي ويو. هن اندروني ملڪي انتظامي مشينري کي سڌاريو، انقلابي تعليمي پاليسيون جاري ڪيون. قابل نوجوان اعليٰ عهدن تي ڀرتي ڪيا، روس ۽ ٻين پاڙيسر ملڪن سان لاڳاپا سڌاريا ۽ نار وان ملڪن ۾ ايران جو وقار وڌايو، نئون سول سروس ڪوڊ، نوان ٽئڪس لاڳو ڪيا ۽ اعليٰ تعليم جا ادارا قائم ڪيا. شاهه پنهنجي هن قابل وزيراعظم کي آگسٽ 1977ع تي هٽائي ڇڏيو. امير عباس هويدا کي شاهه نومبر 1978ع ۾ جيل ۾ وجهي ڇڏيو. فيبروري 1979ع ۾ هويدا پاڻ کي آيت الله خمينيءَ جي قائم ٿيل انقلابي حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏيو. بعد ۾ امام خميني جي هڪ ‘اسلامي انقلابي عدالت’ ٻن مهينن بعد عباس هويدا کي موت جي سزا ٻُڌائي ۽ کيس بروقت گولين سان اُڏايو ويو. خمينيءَ سان لاڳاپيل ماڻهن شايد شاهه جي حڪومت ۾ عباس هويدا جي وزيراعظمي جي دوران ماڻهن ۽ سياسي ڪارڪنن تي جيلن ۾ ٿيل تشدد نه وساريو هو. امير عباس مارجڻ کان اڳ هڪ مهيني جي مهلت گهري، جنهن ۾ هن پنهنجون يادگيريون لکڻ گهريون ٿي. جنهن لاءِ هن خمينيءَ جي حڪومت کي وڏا پئسا به آڇيا، پر هن جي آڇ رد ڪئي ويئي.... انقلاب ڪڏهن به ڪنهن کي مهلت نه ڏني آهي. عباس هويدا کي چيو ويو ته هو چاهي پنهنجي ماءُ سان ملي سگهي ٿو، پر عباس، اهو چئي حڪومت جي آڇ رد ڪري ڇڏي ته.... “منهنجي ماءُ جي ذهن ۾ منهنجو جيل وڃڻ کان اڳ وارو جيڪو تصور آهي، آئون چاهيان ٿو ته اهو برقرار رهي، مونکي هن حالت ۾ ڏسي کيس صدمون رسندو.”
    شاهه ايران، عباس هويدا کي مليل موت جي سزا واري ڏينهن کي ايران جي لاءِ ڪارو ڏينهن قرار ڏنو.
    شهنشاهيت جي خاتمي کانپوءِ امام خمينيءَ جي ‘اسلامي انقلابي عدالت’ ڪيترن ئي ماڻهن کي موت جون سزائون ڏنيون، جن ۾ جنرل، ڪرنل، فوج جا سربراهه، اڳوڻا وزير، آفيسر، صحافي، سياستدان وغيرهه شامل هئا. انهن سزائن جو نقشو ‘حڪيم محمد سعيد’ هنن لفظن ۾ چٽيو آهي.
    “هن وقت ايران ۾ جيڪا صورتحال آهي، اها ڪا گهٽ ڏکوئيندڙ ڪونهي، شاهه جي ماڻهن (خاصان) سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو رحم ۽ انصاف تي ٻڌل ڪونهي، اهڙن ڊزنين ماڻهن کي ڦاسيون ڏنيون پيون وڃن، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن عهدي تي فائز هئا ۽ شاهي حڪمن جي تابع هئا، شاهي حڪومت جي اطاعت سندن فرضن ۾ شامل هئي، پر اڄ اهو ئي سندن ڏوهه ٿي پيو آهي، ۽ ان کين ڦاسي جي تختي تي چاڙهي ڇڏيو آهي، اڃا ايران ۾ الائجي ڪيترن ٻين ماڻهن سان اهو سلوڪ ڪيو ويندو.
    مون هن ڪتاب ۾ بار بار ‘انقلاب’ جو ذڪر ڪيو آهي، تاريخ سان دلچسپي هئڻ سبب مونکي ايراني انقلاب سان ايتري ئي دلچسپي آهي، جيتري تاريخ جي هڪ شاگرد جي هجڻ کپي، منهنجي اُن دلچسپيءَ جي پويان اهو ‘سوال’ به آهي ته هڪ آزاد (سياسي طور تي نه) سماج، ڪيئن پاڻ کي مذهبي اڳواڻن جي قيادت ۾ انقلاب لاءِ تيار ڪيو؟
    ايراني انقلاب کي ٻٽيهه سال گذري چڪا آهن، انهن ٻٽيهن سالن ۾ ايران ۽ ايران ۽ ايراني عوام گهڻو ڪجهه ڏٺو ۽ سَٺو آهي، شاهه جي دور ۾ ايران ايترو ته ماڊرن هو، جو جيڪڏهن پئرس ۾ هڪ ڏينهن فئشن شروع ٿيندو هو، ته ٻي ڏينهن اهو ايران ۾ ۽ ٽي ڏينهن لنڊن ۾ ظاهر ٿيندو هو، ايران تيزيءَ سان صنعتي ترقي ڪري رهيو هو. معاشرو به ڪافي ايڊوانس هو، ايران يورپ جي ڏِک ڏيندو هو، شاهه جي آخري دور ۾ رڳو تهران ۾ شراب ٺاهڻ جا چاليهه ڪارخانا هئا ۽ ٻه سئو مئه خانا ۽ ڇهه سئو اهڙيون جڳهيون هيون، جتي پيئڻ ۽ پيارڻ جو بندوبست ڪيو ويندو هو. بيئر جي روزانو کپت چار لک بوتلون هيون، جسم فروشيءَ جا هڪ سئو ست وڏا مرڪز ۽ هزار کان به وڌيڪ ننڍا مرڪز رڳو تهران ۾ هئا.
    وڏن مرڪزن کي ڪيسينو ۽ ڪلبن جو نالو ڏنو ويندو هو ۽ننڍا “مهمان سراءِ” سڏيا ويندا هئا. هڪ مرڪز جي رڪارڊ موجب فقط ان هڪ عيش ڪدي مان چوڏهن هزار ماڻهون فيض ياب ٿيا هئا.
    شاهه جي دور ۾ ايران جي شهرن وڏي ترقي ڪئي. پرڪرپشن جي به انتها هئي، جنهن ڪري هڪ مخصوص حاڪمن، جرنلن ۽ وزيرن جو طبقو جيئن پوءِ تيئن ويو پي امير ٿيندو. زبان بندي ۽ سياسي سرگرمين تي پابنديءَ سبب ماڻهن جي اندر دٻيل نفرت هڪ ڏينهن جوالا بنجي پئي ۽ ان ۾ هرشئي سڙي ويئي، عوام جي نفرت جي اڳيان بند ٻڌڻ ممڪن ئي ڪونهي.
    شاهه ايران کانپوءِ گهڻو ڪجهه بدلجي ويو، ملڪ کي اسلامي جمهوريه قرار ڏنو ويو، ۽ ايراني سماج هڪدم مذهبي عنصرن جي بند گهٽي ۾ داخل ٿي ويو، جيتوڻيڪ هاڻ ڪافي آزاديون ڏنيون ويون آهن، ۽ انقلاب کانپوءِ وارن سالن جهڙي سختي ته ڪا نه رهي آهي. پر پوءِ به ماڻهو هن دور کي ۽ اڳين دور کي ڪيئن ٿا ڏسن؟ اهو سوال مون مشهد ۾ پنهنجي دوست امان شاد بخاريءَ کان پڇيو، جيڪو ايران ايندو ويندو رهندو آهي، ۽ فارسي به سٺي ٿو ڳالهائي، امان شاد ٻڌايو ته “وڏي عمر جا ايراني اڄ به شاهه جي دور کي ياد ڪري ٿڌا شوڪارا ڀريندا آهن.”
    جواب ۾ مون پُڇيس، “هن وقت جيڪي ايراني وڏي عمر وارا آهن، اهي انقلاب وقت ٽيهن پنجٽيهن يا وڌ ۾ وڌ کڻي چاليهن سالن جا هوندا، هو شاهه جي دور جي ڪهڙي ڳالهه کي ياد ڪري ٿڌا شوڪارا ڀريندا آهن، ترقيءَ کي يا عياشين کي؟”
    ان موضوع تي منهنجي ۽ امان شاد جي وچ ۾ ڪافي ڪچهري ٿي، پر شاهه جي حوالي سان ايرانين کي ٿڌا شوڪارا ڀريندي مون به ڏٺو، مشهد ۾ امام رضا جي مزار جي احاطي ۾ قائم “موزه آستانه قدس رضوي” ڏسي رهيو هوس. اُن ۾ مختلف ملڪن ۽ ايران جي مختلف دورن جي سِڪن ۽ ڪرنسي نوٽن واري حصي ۾ پهتس، هڪ هنڌ جتي ايران جي مختلف دورن، خاص ڪري قاچار دور کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، مختلف ڪرنسي نوٽ رکيل هئا، ڏسي رهيو هوس، جو منهنجي ڀر ۾ بيٺل هڪ ايراني شهنشاهه ايران جي تصوير واري ڪرنسي نوٽ کي ڏسي ٿڌو شوڪارو ڀري چيو، “افسوس!” جنهن تي منهنجو ڌيان ڏانهس ويو، مرڪندي پُڇيومانس “ڪهڙي ڳالهه تي ٿو افسوس ڪرين!؟” ته کلي پيو ۽ وري نوٽ ڏانهن اشارو ڪري مُرڪي وراڻيائين، “افسوس!” هن يار کي مون جيتري به انگريزي نٿي آئي، نه ئي وري مونکي فارسي، سو وڌيڪ ڪجهه معلوم نه ڪري سگهيس.
    انقلاب کانپوءِ ايران ۾ تبديليءَ جي ٿوري گهڻي شروعات ‘محمد خاتميءَ’ جي دور کان شروع ٿي، جيڪو اصلاح پسندي جي پروگرام تي، قدامت پرست اميدوار، ناطق نوريءَ کي شڪست ڏيئي، ايران جو صدر چونڊيو هو، جيتوڻيڪ محمد خاتمي به مُلئون ئي هو، پر هن ڪافي سڌارا آندا ۽ ماڻهن کي آزاديون ڏنيون، جنهن لاءِ کيس قدامت پسندن جي سخت مخالفت کي به منهن ڏيڻون پيو، محمد خاتمي ايران جي نئين نسل، خاص ڪري انقلاب کانپوءِ جنم وٺندڙ جنريشن جي ووٽن تي کٽيو، خاتمي لڳاتار ٻه ڀيرا ايران جو صدر رهيو، خاتمي کانپوءِ احمدي نجاد، ايران جو صدر ٿيو. جيڪو قدامت پسند آهي.
    ڏٺو وڃي ته هاڻ ايران تيزيءَ سان تبديلين ڏانهن وڌي رهيو آهي، هينئر ايران ٻن مختلف ڌارائن ۾ سفر ڪري رهيو آهي، سوسائٽي جا اندروني تضاد جيئن پوءِ تيئن وڌندا پيا وڃن. اسٽيبلشمنٽ تي مُلان قابض آهن، جن جي هٿن ۾ وڏي طاقت آهي، ايران ۾ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت مذهبي عالمن تي ٻڌل “گارڊين ڪائونسل” ٿي ڏي، گارڊين ڪائونسل جا اختيار لامحدود آهن. خاتمي جي مدي پوري ٿيڻ کانپوءِ ٿيندڙ چونڊن کي ڪافي تڪراري قرار ڏنو پي ويو. اهي اميدوار جيڪي مذهبي اداري (اسٽيبلشمينٽ) کان ٻاهر هئا، تن کي آئين تي عمل ڪرائيندڙ نگران اداري “گارڊين ڪائونسل” اهو چئي، چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان روڪي ڇڏيو ته هو هڪ ‘صالح مسلمان’ جي معيار تي پورا نٿا لهن. گارڊين ڪائونسل اهڙن اٺن اميدوارن کي صدارتي چونڊ وڙهڻ جي موڪل ڏني، انهن مان ٻه اصلاح پسند هئا، انهن ٻن کي به تڏهن موڪل ڏني ويئي، جڏهن اصلاح پسندن سڄي چونڊ عمل جي بائيڪاٽ جي ڌمڪي ڏني هئي، ان هوندي به مذهبي اداري کان ٻاهر ڪجهه ايرانين انهن چونڊن جو بائيڪاٽ به ڪيو هو، انهن ۾ هڪ ايراني. نوبيل انعام يافته وڪيل “شيرين عبادي” به هئي، جنهن جو چوڻ هو ته ‘چونڊن لاءِ جيڪو طريقو اختيار ڪيو وڃي ٿو، اهو گهڻين خامين سان ڀريل آهي، ڇوته ان ۾ اهو فيصلو ڪرڻ جو اختيار ته چونڊن ۾ ڪير ٿو حصو وٺي سگهي ۽ ڪير نه، هڪ اهڙو ادارو ٿو ڪري، جيڪو خود به اڻ چونڊيل آهي.’ سندس چوڻ هو، “منهنجي نظر ۾ ته بس هڪ ئي رستو آهي، سول نافرماني .... ان کان گهٽ ڪم نٿو هلي سگهي، ڇو ته ڪا به راءِ تيستائين صحيح نه ٿي ٿي سگهي، جيستائين اها آزاديءَ سان نه ڏني وڃي.”
    اهڙي صورتحال ۾، ايران ۾ لبرل يا سيڪيولر قوتن جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ ۽ کٽڻ جو ته سوال ئي اجايو آهي، منهنجي تجزيي موجب خاتمي يا رفسنحانيءَ کي ماڻهن چوائس نه پر ٻين کان بهتر اميدوار سمجهي ووٽ ڏنا هئا. اها ڳالهه موسوي تي به لاڳو ڪري سگهجي ٿي، جنهن 2009ع جي چونڊن ۾ هارايو هو ۽ ايران ۾ وڏي پئماني تي احتجاج ٿيو هو.
    مشهد ۾ آخري ڏينهن تي اسانکي هڪ سنڌي همراهه صابر حسين مليو، جيڪو اصل مٽيارين جو هو ۽ هاڻ پڙهڻ جي خيال کان ايران آيل هو، کيس فارسي به ڏاڍي سُٺي ٿي آئي، ساڻس ڳالهين ڪندي جڏهن ايران ۾ تبديلين بابت پُڇيو مانس ۽ مون جيڪو ڪجهه ڏٺو ۽ محسوس ڪيو هو، تنهن کان آگاهه ڪيو مانس ته وراڻيائين، “اوهان اڃا تهران ته صحيح معنيٰ ۾ ڏٺو ئي ڪونه، اُتي نوجوان هاڻ مولوين کي مڃين ئي ڪونه ٿا. انهن مان بيزار آهن، تهران ۾ ته هاڻ اسڪارف کانسواءِ باقي عورتن ۾ وڏين چادرن اوڍڻ جو رواج به گهٽجي ويو آهي... پردو ڄڻ ته رهيو ئي ڪونهي، اها صورتحال بيٺي ته ستن اٺن سالن ۾ ايران ۾ وڏين تبديلين جا امڪان آهن.”
    مون ايران ۾ حالتن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ اندازو لڳايو هو ته ايندڙ ڏهن ٻارهن سالن ۾ خمينيءَ جو ايران فقط نالي ۾ وڃي رهندو، صابر حسين ته مرڳي ستن اٺن سالن جي ڳالهه ڪئي. جيئن اجائي آزادي نقصان ڪار هوندي آهي، تيئن اجايون پابنديون به نقصانڪار هونديون آهن. هر شئي ۾ اعتدال جو هئڻ ضروري آهي.
    مون صابر حسين کان پڇيو، “ايران ۾ تقرير ۽ تحرير جي آزادي جي ڇا صورتحال آهي؟” وراڻيائين، “ڪافي بهتر آهي... البت امام خميني ۽ سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي تي تنقيد نٿي ڪري سگهجي”
    “اسٽيبلشمنٽ جي لوهي هٿ “گارڊين ڪائونسل” ۽ رهبر خامنه اي جي حيثيت کي سامهون رکندي ايران ۾ تبديلي ڪيئن ايندي؟ ڇو ته گارڊين ڪائونسل ڪنهن اهڙي اميدوار کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ئي نه ڏيندي، جيڪو لبرل يا وڌيڪ سڌار پسند هجي... هنن شايد خاتمي کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي موڪل ڏيئي پنهنجي وڏي غلطي محسوس ڪئي هوندي، خود هاڻوڪي صدر احمدي نجاد جي ٻنهي چونڊن ۾ کٽڻ جي حوالي سان به ڪئين ڪهاڻيون مشهور آهن، نجاد جي حوالي سان عام تاثر اهو هو ته مقابلي ۾ ئي نه هو، سو ڪيئن کٽي آيو، ان ۾ اسٽبلشمنٽ جي وڏي پئماني تي مداخلت چئي وڃي ٿي، نجاد پهريون ڀيرو اڳوڻي صدر هاشمي رفنبحاني ۽ ٻيو ڀيرو موسوي کي هارائي صدر چونڊيو. پنهنجي غيريقيني هار تي رفسنجاني فقط ايترو چئي ماٺ ٿي ويو هو ته، “مون پنهنجو فيصلو الله تي ڇڏي ڏنو آهي.” جڏهن ته گذريل چونڊن ۾ موسويءَ چونڊ نتيجن کي للڪاريندي احتجاج به ڪيو هو ۽ اخبارن لکيو هو ته “اهي انقلاب کانپوءِ ايران ۾ سڀ کان وڏا مظاهرا هئا.” ايران ۾ هاڻ بادشاهت موٽڻ جو ڪوبه امڪان ڪونهي، پر ايران ۾ سماج جا داخلي تضاد جيئن پوءِ تيئن وڌي رهيا آهن، ۽ ايران جون ايندڙ صدارتي چونڊون انهن تضادن جي وچ ۾ وڏو دنگل ثابت ٿينديون.


    • شاهه رفت ... فرح ديبا پهلويءَ جي زباني

    اڳين صفحن ۾ پاڻ شهنشاهه ايران محمد رضا شاهه پهلويءَ جي آتم ڪهاڻي جو ذڪر ڪري آيا آهيون، جيڪا هُن جلاوطنيءَ ۾ لکي ۽ سندس وفات کانپوءِ ڇپي، اڳتي وڌڻ کان اڳ پاڻ هڪ ٻي ڪتاب جو به ذڪر ڪنداسين، جيڪو شاهه جي گهرواري ۽ ايران جي آخري راڻي فرح ديبا پهلويءَ جي آتم ڪهاڻي An Enduring Love (My Life with Shah) آهي. اهو ڪتاب پهريون ڀيرو 2003ع ۾ فرينچ زبان ۾ ڇپيو، ڇو ته ايران ۾ اعليٰ طبقن ۾ فرينچ زبان ۽ ثقافت کي اِهائي حيثيت حاصل هئي، جيڪا پاڪستاني اعليٰ طبقن ۾ انگريزي زبان ۽ ثقافت کي آهي. ڪتاب جو فرانسيسي مان انگريزي ۾ ترجمو پيٽريشيا ڪلينسڪي (Patricia Clancy) ڪيو.
    راڻي فرح ديبا، شاهه ايران جي ٽين زال هئي، جنهن جي شاهه سان 21 سالن جي عمر ۾ شادي ٿي، ايران جي راڻي جي حيثيت سان سندس تاجپوشيءَ کي عالمي اخبارن وڏي طمطراق سان ڇپيو. ايئن هؤَ رات وچ ۾ بين الاقوامي شخصيت بنجي ويئي. راڻي فرح مان شاهه کي چار ٻار محمد رضا، علي رضا، فرح ناز ۽ ليليٰ پيدا ٿيا. (ليليٰ جنهن پوءِ پئرس ۾ حالتن کان مايوس ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي). راڻي فرح کان اڳ شاهه جي پهرين شادي مصر جي بادشاهه شاهه فاروق جي ڀيڻ شهزادي فوزيه سان ٿي ۽ پوءِ ٻي شادي هڪ ايراني قبيلي مان ثريا بختياريءَ سان ڪيائين، پر وليعهد جو اولاد نه ٿيڻ سبب شاهه ٻنهي کي طلاق ڏيئي ڇڏي.
    هن ڪتاب ۾ راڻي فرح ديبا، شاهه سان پنهنجي تعلق جو داستان بيان ڪيو آهي، پر اُن سان گڏ پنهنجي انفرادي محبت ۽ پريشانين جو ذڪر به ڪيو آهي ۽ گڏوگڏ ڪجهه ٻين معاملن تائين پکيڙڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي، جڏهن ڪتاب ڇپيو ته اهو تاثر به عام ٿيو ته راڻي فرح جو مقصد ايراني عوام ۽ ٻين مسلمان ملڪن جي عوام ۾ پنهنجي پُٽ اڳوڻي وليعهد محمد رضا جي لاءِ همدردي پيدا ڪرڻ به آهي. ڪتاب ڏاڍو دلچسپ آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ته اهو ڄڻ پرين جو داستان پيو لڳي.
    قم ۾ مون بيبي معصومه (س) جي مزار جي ٻاهران اُن ڪتاب جو فارسيءَ ۾ ترجمو وڪري لاءِ ڏٺو. جنهن جو نالو “پروفشنرين ڪتاب تاريخ معاصر: من فرح پهلوي” هو. جنهن تي مونکي بهرحال ڪافي حيرت پڻ ٿي، پوءِ سوچيم يا ته اهو ڪتاب ڪاٽ ڪوٽ ڪري ڇپيو ويو هوندو، يا ايران ۾ سنسر شپ نرم ڪئي ويئي آهي، جو فرح ديبا پهلويءَ جو ڪتاب ايران ۾ فارسي ۾ ڇپيو آهي. ان ڪتاب جو پهريون باب ايران مان شاهه ۽ راڻيءَ جي روانگي بابت آهي، جيڪو راڻي فرح ديبا ڏاڍي دلچسپ نموني بيان ڪيو آهي، هيٺ ان باب جو اختصاريل ترجمو پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ پيش ڪجي ٿو.

    “آئون 16 جنوري 1979ع جي اها تڪليف ڀري صبح ياد ٿي ڪريان ته اڄ به ان جي شدت ۽ غم تازو ٿو لڳي. تهران ڪيترن ئي مهينن کان گهيرن ۽ شديد حملن جي مُنهن ۾ هو. پر هاڻ شهر تي هڪ تڪليف ڏيندڙ ماٺار ڇانئجي چڪي هئي. 16 جنوريءَ تي اسين سڀ ملڪ ڇڏڻ جي تياري ڪري چڪا هئاسين. اسانجو خيال هو ته ڪجهه وقت جي لاءِ شاهه جو ملڪ کان ٻاهر رهڻ حالتن کي پُر سڪون ڪرڻ جي لاءِ ڪافي هوندو.
    نيٺ اسين روانا ٿي وياسين، روانگي جو فيصلو ته ڏهه ڏينهن اڳ ٿي چڪو هو، سرڪاري اعلان موجب اسين “موڪلون” گذارڻ جي لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃي رهيا هئاسين. ڇو ته شاهه اهو ئي پيغام ڏيڻ ٿي چاهيو، پر ڇا هُن خود به اهو سمجهيو ٿي؟ هُن جي اکين مان جهلڪندڙ شديد مايوسيءَ مونکي ٻُڌائي ڇڏيو هو ته هن ايئن نه ٿي سمجهيو. مون پاڻ به اهو ٿي سمجهيو ته اسين رڳو آرام ڪرڻ جي لاءِ پرڏيهه وڃي رهيا آهيون، پر آئون به ان ڳالهه سان سهمت نه ٿي سگهي هيس.
    مونکي ان وقت تائين ان ڳالهه جو يقين اچي نه سگهيو هو ته جنهن شخص 37 سالن تائين پنهنجي عوام جي خذمت ڪئي هئي، اهو هڪ ڏينهن ايئن پنهنجي اعتماد کان محروم ٿي ويندو. شاهه جي دور ۾ ايران وڏي ترقي ڪئي هئي ۽ جڏهن امن امان بحال ٿي ويندو ته هرڪو اها حقيقت سمجهي ويندو. مونکي اها ئي اُميد هئي.
    برف باري ٿي رهي هئي، ‘البرز’ جي چوٽين تان انتهائي سرد هوائون هلي رهيون . رات ڏاڍي پُرسڪون گذري هئي، حيرت انگيز طور پُرسڪون. ان رات شاهه به آرام سان ڪجهه ڪلاڪن جي ننڍ پوري ڪري سگهيو هو. حالتن جي خرابي ۽ علالت سبب هو ڏاڍو ڪمزور ٿي ويو هو، گذريل هڪ سال جي دوران سندس وزن به گهٽجي ويو هو. ملڪ ۾ مارشلا جي اعلان جي باوجود مظاهرين اسانجي محل جي محافظن کي دوکو ڏيئي محل جي اندر گهڙي ڇتين تي چڙهي ويندا هئا ۽ اسين انهن جا نفرت وارا نعرا چڱي طرح ٻُڌي وٺندا هئاسين.
    “الله اڪبر ..... مرگ برشاه” (الله اڪبر ... شاهه مرده باد)
    ٻارڙا انهن ڏينهن اسان وٽ نه هئا. منهنجي ننڍڙي ليليٰ جيڪا اڪثر ڪري شاهه يعني پنهنجي پيءُ وٽ هلي ايندي هئي، ائين فرح ناز به جيڪا ڏاڍي شرميلي هئي، پنهنجي محبت ڀريل نظرن سان شاهه کي ڏسندي رهندي هئي، علي رضا جي بي فڪريءَ سان ڀرپور ٽهڪن جي گونج، اهي سڀ آواز هاڻ محل ۾ ٻُڌڻ ۾ نه ايندا هئا.
    اسانجو سڀ کان وڏو پُٽ رضا آمريڪا ۾ فائٽر پائلٽ بنجڻ جي سکيا وٺي رهيو هو. هو انهن ڏينهن سترهن سالن جو ٿي چڪو هو. هو اسانکي هر روز فون ڪري اسانجي خيريت ۽ حال احوال پُڇندو هو. ايران جي باري ۾ آمريڪي ٽي وي تي خبرون ٻُڌي هو ڪافي پريشان هو. آئون کيس چوندي هيس ته هو پنهنجي فڪر مندي اُلڪن ۽ پريشانين کي وساري پاڻ کي مضبوط بنائي رکي ۽ پنهنجي اُميد نه ڇڏي، آئون کيس اهي سڀ ڳالهيون اهو ڄاڻندي به چوندي هيس، جو ملڪ ۾ انتشار وڌنڌو پي ويو.
    لڳ ڀڳ سڄي ملڪ ۾ ڪم بند ٿي چڪو هو. ريفائنريون بند ٿي چڪيون هيون. سرڪاري خزانو لڳ ڀڳ خالي ٿي چڪو هو. روز مظاهرا ٿيندا هئا ۽ نفرت وڌندي پي ويئي. شاهه پنهنجي وڏي پُٽ سان مختصر گفتگو ڪندو هو. هو ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ چاهيندو هو ته سندس اُلڪي کي ٽيلي فون تي ڪو ٻيو ٻُڌي نه سگهي. هر طرف کان ماڻهون اسانکي ڇڏيندا پي ويا. واپاري، اڳواڻ، انجنيئرز، محقق ۽ مختلف منتظمين ملڪ ڇڏيندا پي ويا. جيئن ٻڏندڙ جهاز ۾ آخري منتظم وڃي رهي ٿو، تيئن اسين هڪ ڏينهن اڪيلا ٿيڻ وارا هئاسين.
    ٻارن جي روانگي کان اڳ به صورتحال خراب هئي، پر ٻارن جي روانگي ڏاڍي تڪليف ڏيندڙ هئي، اٺن سالن جي ليليٰ کي انهن حالتن جي سنگينيءَ جو ڪو به اندازو نه هو ته اسين ڪهڙين حالتن کي پيا منهن ڏيون. البت فرح ناز ۽ علي رضا جن جون عمريون پندرهن ۽ ٻارهن سال هيون، سي وڃڻ مهل پنهنجي بي چيني کي لڪائي نه سگهيا. مونکي ياد آهي ته منهنجي وڏي ڌيءَ باغ جي ڦاٽڪ جي لوهي سيخن کي جلهي، سامهون خالي رستي کي تڪيندي رهندي هئي. اوچتو ٻي پاسي هاڻ اهي ٻارڙا نظر نه ٿي آيا، جن سان منهنجي ڌيءَ ڳالهيون ڪندي هئي، اهي ٻارڙا الائجي ڪيڏانهن هليا ويا هئا؟
    هنگامن سان ڀريل ان دور ۾ مختلف جنرل، سياستدان، يونيورسٽي جا پروفيسر ۽ مختلف عالم محل اچي منهنجي مڙس کي صلاحون ڏيندا هئا. ڪجهه همراهه پُرامن سياسي نبيري تي زور ڀريندا هئا، ته ڪجهه وري شاهه کي اها گذارش ڪندا هئا ته فوج کي مظاهرين تي گولي هلائڻ جي موڪل ڏني وڃي. پر شاهه جو چوڻ هو ته ‘هڪ بادشاهه پنهنجي تاج کي عوام جي رت جو ريج ڏيئي بچائي نٿو سگهي.’
    “اهڙو ڪم ته هڪ به ڊڪٽيٽر ئي ڪري سگهي ٿو. بادشاهه نه!” شاهه جواب ڏيندو هو. جڏهن شاهه تي اها ڳالهه چٽي ٿي ته انهن حالتن جو بهتر حل اهوئي آهي ته ملڪ مان نڪري وڃجي ته اسان سڀ کان پهرين ٻارڙن کي ملڪ مان روانو ڪيو. فرح ناز ڊسمبر 1978ع ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ وٽ آمريڪا وڃي چڪي هئي. پوءِ ليليٰ ۽ علي رضا منهنجي ماءُ سان گڏ آمريڪا هليا ويا هئا.
    مونکي ياد آهي ته علي رضا، شاهي جهنڊو ۽ ان يونيفارم کي به پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ جي لاءِ اصرار ڪيو هو، جيڪو سندس جي لاءِ ٺهرايو ويو هو. مسئلو اهو هو ته هاڻ اسين پنهنجن ٻارڙن سان ڪڏهن ملي سگهنداسين. آمريڪا ۾ پنهنجي شروعاتي استقبال کانپوءِ اسانکي اندازو ٿي چڪو هو ته اسين اُتي گهڻو وقت رهي نه سگهنداسين. مصر اسانجي پهرين منزل هئي، پر اها اسانجي ٻارن کان ڪافي پري هئي.
    ان ڏينهن صبح جو اسان ڌار ڌار ناشتو ڪيو، ان ڏينهن شاهه به معمول موجب جلد اُٿي پنهنجي آفيس هليو ويو هو. ڇا کيس اندازو هو ته سندس پياري ملڪ ۾ هاڻ هو رڳو ڪجهه ڪلاڪ ئي آهي، ڇا کيس اهو اندازو ٿي چڪو هو ته هو هاڻ ڪڏهن به پنهنجي ملڪ ۾ واپس اچي نه سگهندو؟ انهن سوالن جي باري ۾ سوچيان ٿي ته اڄ به منهنجي دل ڦاٽڻ ٿي لڳي.
    اُن ڏينهن صبح جو مونکي تمام گهڻا ڪم ڪرڻا هئا، مونکي ٻارن جون تصويرون ۽ پنهنجو فيملي البم گڏ ڪرڻون هو. مونکي انهن سڀني تصويرن کي هڪئي هنڌ گڏ ڪرڻو هو، ڇو ته اسانجي ماضي جون سڀئي خوشگوار يادگيريون انهن البمن ۾ محفوظ هيون، ان کانپوءِ مونکي پنهنجا بوٽ ياد آيا، ڇو ته انهن بوٽن کي منهنجو ساٿي بنجڻون هو، ان ڊگهي سفر ۾ انهن جو هئڻ تمام ضروري هو.
    لائبرريءَ مان لنگهندي مون هڪ شيلف مان پنهنجي پسند جا ڪجهه ڪتاب ڪڍيا، محل جي اسٽاف مان هڪ ڄڻي اڳتي وڌي منهنجي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چوڻ لڳو، “راڻي صاحبه! هي ڪتاب اوهانجا ئي آهن.... پاڻ سان کڻي وڃو.” مون ڏانهس اُداسيءَ مان ڏٺو ۽ پوءِ چيو، “نه، بلڪل نه... هر شئي هتي رهڻ گهرجي.”
    آئون حالتن جي خرابي سبب ٽُٽي چڪي هيس، مونکي خوفناڪ مظاهرن جا منظر ياد اچي رهيا هئا. مونکي ائين پي لڳو ته مظاهرين محل ۾ گهڙي آيا هجن ۽ هنن اسانجي الماڙين ۽ دورازن کي ڪيرائي ڇڏيو هجي... مون ڪنهن کي به اهو تاثر ڏيڻ نٿي چاهيو ته اسين پنهنجو سمورو سامان کڻي محل مان وڃي رهيا آهيون. وڃڻ مهل به اسانجو ڳاٽ اوچو رهڻ گهرجي، ڇو ته اسان بنا ڪٿي بيهڻ جي ملڪ جي مفاد ۾ ڪم ڪيو هو.
    مون هڪ ڏينهن اڳ ئي محل جي ميوزم جي نگران کي سڏي تاڪيد ڪئي هئي ته جن به پرڏيهي سربراهن اسانکي قيمتي تحفا ۽ سامان ڏنو آهي، اهو ڌار ڪيو وڃي، باقي سڀني شين جي باري ۾ منهنجو خيال هو ته اهو محل ۾ ئي رهڻ گهرجي. آئون پنهنجون ذاتي شيون، تصويرون، ڪپڙن ۽ غاليچن کي ڄاڻي واڻي ڇڏي پي ويس، مونکي ائين پي لڳو ته آئون پنهنجو روح هتي ڇڏي وڃي رهي آهيان. مون ٽي وي وارن کي گهرائي محل جي اندرين حصن جي فلم ٺاهڻ جي لاءِ چيو، جنهن ۾ ايراني ۽ پرڏيهي صحافين کي به مدعو ڪيو ويو. مونکي ان ڳالهه تي فخر آهي ته اسانجون سڀئي ذاتي شيون ڪڏهن به ملڪ کان ٻاهر نه ويون.
    آخري ڪلاڪ ڏاڍي تيزيءَ سان گذريا. آئون باغ ۾ لڳل وڻن کي وڏي ڌيان سان ڏسندي رهيس. مونکي پنهنجي ڌيءَ فرح ناز ياد اچي رهي هئي، جيڪا هڪ مهينو اڳ آمريڪا ويئي هئي، کيس اُن ڳالهه جو يقين هو ته هڪ ڏينهن هوءَ محل ۾ واپس اچي پنهنجي ڪمري ۾ پنهنجي خوشگوار يادن سان دل وندرائيندي. کيس ان ڳالهه جو يقين ڪيئن ايندو ته هاڻ هوءَ ايران ڏسي نه سگهندي. آئون هن جي لاءِ هتان ڇا کڻي وڃان؟
    مون آمريڪا فون ڪري فرح ناز کان پڇيو هو ته آئون سندس ڪهڙي پسند جي شئي محل مان کڻي اچان. هن هڪ گلوڪار “ستار” جو پوسٽر آڻڻ جي لاءِ چيو. اهو گلوڪار ايران ۾ تمام گهڻو مشهور هو، فرح ناز ان جو پوسٽر پنهنجي ڪمري ۾ لڳائي رکيو هو، هن چاهيو ٿي ته آئون ‘ستار’ جو پوسٽر ضرور آمريڪا کڻي اچان.
    رضا محل جي ڌار حصي ۾ رهندو هو، ڪجهه مهينا اڳ هن جي پرڏيهه روانگي کانپوءِ هن جو رهائشي حصو به بند پيو هو، مون سندس ننڍپڻ جا ڪپڙا به سنڀالي رکيا هئا. هن جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته مون سندس شروعاتي لفظ هڪ ڪيسٽ ۾ رڪارڊ ڪري رکيا هئا. سندس رهائشي حصي ۾ سندس تصويرون ۽ سندس يادون موجود هيون، مون سڀ ڪجهه اُتي ئي ڇڏي ڏنو، اڄ جيڪڏهن مونکي اهو خزانو ملي وڃي ته منهنجي خوشيءَ جي ڪا حد ئي نه رهي.
    ڏينهن چڙهڻ لڳو هو، شاهه بدستور پنهنجي آفيس ۾ هو، پر محل جي اندرين فضا ڏکوئيندڙ بنجي چڪي هئي. آئون محل جي مرد ۽ خواتين اسٽاف جي بي چيني چڱي طرح محسوس ڪري پي سگهيس. ان جو سينئر اسٽاف ته منهنجي سهري رضا شاهه جي به خذمت ڪري چڪو هو. جڏهن ته ان اسٽاف جا ڪجهه همراهه ته ويهه سال اڳ اسانجي شادي جي تقريب ۾ پڻ موجود هئا. محل ۾ غير معمولي ماٺار ڇانيل هئي، محل جو سڄو اسٽاف اسانجي روانگي جي ڪري سخت بي چين هو. انهن جي مايوسيءَ مان مونکي اندازو ٿي رهيو هو ته کين اميد جو پلئه هٿن مان نڪرندو پي محسوس ٿيو.
    هو سڀ هڪ گروپ جي شڪل ۾ اسانکي الوداع چوڻ آيا هئا. مون کين ٻڌايو ته اسين به ايران جي تاريخ ۾ ايندڙ افسوسناڪ گهڙين جي تجربن مان لنگهي رهيا آهيون، پر اسين جلدئي شاهه جي واپسيءَ جي صورت ۾ انهن سڀني سان ٻيهر اچي ملنداسين، ڪنهن کي يقين هو ته اسانجو ملڪ هڪ ڀوائتي خواب ۾ ڦاسي ويندو.
    اسان سڀني ڏاڍي ڏکيائي سان پنهنجن لڙڪن کي روڪي رکيو هو، اسان مان ڪن مُرڪڻ جي ڪوشش به ڪئي. مون سڀني کي ڪجهه رقم ڏني، ايتري ۾ شاهه به پنهنجي ڪمري مان ٻاهر نڪري آيو، محل جو اسٽاف شاهه کي ڏسي روئڻ لڳو. شاهه پنهنجن جذبن تي ڪنٽرول رکندڙ شخص هو، پر اُن مهل هو به پنهنجن جذبن تي قابو رکڻ ۾ سخت تڪليف محسوس ڪري رهيو هو. هرڪو شاهه کي چئي رهيو هو ته هو کين ڇڏي ٻاهر نه وڃي.
    ايتري ۾ اسانکي ٻڌايو ويو ته اسانکي ‘مهر آباد ايئرپورٽ’ تائين پهچائڻ لاءِ ٻه هيلي ڪاپٽر تيار آهن، محل جو سڄو اسٽاف ڏاڪڻين وٽ گڏ ٿي چڪو هو هاڻ اسانجي جدائي جي گهڙي اچي پهتي هئي. اسانجون بئگون وغيرهه اڳ ۾ ئي هيلي ڪاپٽر ۾ رکيون ويون هيون، محل جو اسٽاف اسانکي ڏسي هٿ لوڏي رهيو هو، شاهه به کين ڏسي هٿ لوڏيو، منهنجي ڀرسان جيڪي عورتون هيون، مون کين پيار ڪيو، هيلي ڪاپٽر جي انتهائي ڪرخت آواز ۾ مون پنهنجي محل کي تهران جي عمارتن جي وچ ۾ غائب ٿيندي ڏٺو.
    ٿوري دير کانپوءِ هيلي ڪاپٽر ‘شاهي پويلين’ تي اچي لٿا. هڪ هيلي ڪاپٽر ۾ آئون، شاهه سان گڏ هيس ۽ ٻي ۾ سيڪيورٽي اهلڪار موجود هئا. ايئرپورٽ تي ڪجهه ماڻهون اسانجي اوسيئڙي ۾ هئا. انهن ۾ ڪجهه سرڪاري آفيسر هئا، جڏهن ته ڪجهه سويلين همراهه به هئا، ان مهل هڏين ۾ گهڙي ويندڙ هوا هلي رهي هئي، شاهه انهن ماڻهن کي چيو ته هو پنهنجي پنهنجي جڳهين تي ذميواريون نباهيندا رهن.
    هڙتال جي ڪري هوائي جهاز گرائونڊ ٿي چڪا هئا، ‘مهر آباد’ جو هوائي اڏو نهايت مصروف هوندو هو، جتي هر وقت ڪونه ڪو جهاز اُڏام ڪندو يا لهندو نظر ايندو هو، ايئرپورٽ جي ٽارمڪ تي ماٺار هئي ۽ رڳو البرز جي چوٽين تان هلندڙ ٿڌين هوائن جا تيز آواز ٻُڌڻ ۾ پي آيا.
    شاهه بلڪل سڌو بيٺو هو، هن اُتي موجود پنهنجي ڪجهه دوستن ۽ وفادار ساٿين سان الوداعي جملن جو تبادلو ڪيو. ايتري ۾ شاهي گارڊ جو هڪ آفيسر شاهه جي پيرن تي ڪري پيو ۽ درخواست ڪرڻ لڳو ته شاهه وطن ڇڏي نه وڃي، شاهه جهڪي کيس اُٿاريو، مون ڏٺو ته ان آفيسر جي اکين مان لڙڪ وهي رهيا هئا، اُتي موجود ٻيا آفيسر به پنهنجا جذبا لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا هئا، انهن جو به اهو چوڻ هو ته شاهه کين ڇڏي نه وڃي. شاهه کين دلاسو ڏنو، پوءِ هن خاص طور تي فوج جي چيف آف اسٽاف کي ڪجهه چيو.
    ‘مهر آباد’ ايئرپورٽ تي ڪجهه ايراني اخباري خاطو به موجود هئا. اسانجي روانگي جي ڪري هو حيرانيءَ جو شڪار هئا. پرڏيهي صحافين کي اُت نه گهرايو ويو هو. شاهه جڏهن صحافين کي ڏٺو ته انهن ڏانهن وڌيو. شاهه، شاهپور بختيار کي حڪومت جو سربراهه مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. ان وقت ايران جو نئون وزيراعظم شاهپور بختيار پارليامينٽ ۾ پنهنجي عهدي جي توثيقي تقريب جو منتظر هو. شاهه جي خواهش هئي ته جڏهن هو ملڪ مان روانو ٿئي ته پارليامينٽ سندس فيصلي جي توثيق ڪري چڪي هجي. شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو، ايران ۾ مختلف وقتن تي گهوٽالا ڪَر کڻندا رهيا آهن، پر هو (شاهه) سدائين پراعتماد رهيو ته ايراني ثقافت ۽ ان جي سڃاڻپ برقرار رهندي. شاهه اهو به چيو ته هو پرڏيهي دوري تي پيو وڃي، ته جيئن آرام ڪري سگهي.
    “دوري” تي اسانجي روانگي جو مقصد اهو هو ته ڪاوڙيل همراهن جا جذبا ٿڌا ٿين ۽ سندن ڪاوڙ گهٽجي.
    تڪليف واريون گهڙيون گذرنديون رهيون. ايتري ۾ شاهه کي ٻُڌايو ويو ته مجلس (ايراني پارليامينٽ) شاهپور بختيار کي وزيراعظم چونڊي ورتو آهي. هاڻ هو ڪنهن به گهڙيءَ ‘مهر آباد ايئرپورٽ’ تي هيلي ڪاپٽر جي ذريعي پهچڻ وارو آهي. ايتري ۾ شاهپور بختيار به هڪ هيلي ڪاپٽر ۾ اُتي اچي پهتو، هيلي ڪاپٽر مان لهندي ئي هو جهڪيو ۽ پنهنجي مُڇين کي وٽي، پنهنجي لباس کي درست ڪندي، اسان ڏانهن وڌيو، ساڻس گڏ پارليامينٽ جو صدر مسٽر جاويد سعيد به گڏ هو. ٻنهي ڄڻن ايندي ئي اڳيان وڌي اسانکي شاهي سلام ڪيو. “هاڻ سڀ ڪجهه تنهنجي هٿ ۾ آهي مونکي اميد آهي ته تون ڪامياب رهندين، آئون ايران کي تنهنجي ۽ خدا جي حوالي ڪري پيو وڃان.” شاهه، شاهپور بختيار کي مخاطب ٿي چيو. حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته اسانجي روانگيءَ کان رڳو 37 ڏينهن پوءِ شاهپور بختيار کي پنهنجي جان بچائڻ جي لاءِ ملڪ مان ڀڄڻون پيو. آيت الله خمينيءَ جي اسلامي حڪومت، سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو هو.
    اسين ٿڌين هوائن سان مُنهان منهن ٿيندا جهاز تائين پهتاسين، نيري ۽ اڇي رنگ جو بوئنگ 707 اسانجي سرڪاري دورن لاءِ مخصوص هو. ان کي ‘فيلڪن’ چيو ويندو هو. جهاز جي ڏاڪڻين تي قدم رکندي ئي شاهه مُڙيو. اهي گهڙيون مونکي اڃا تائين ياد آهن ۽ منهنجي سهپ کان ٻاهر آهن. اُتي جيڪي ماڻهون موجود هئا، انهن ۾ سرڪاري آفيسر، پائلٽ، شاهي درٻار جا ميمبر ۽ شاهي محافظ شامل هئا. انهن سڀني واري واري سان شاهه جي هٿ کي چميو، انهن جا چهرا لڙڪن ۾ آلا ٿي چڪا هئا. خود شاهپور بختيار جي اکين ۾ لڙڪ هئا. جيڪو اسانجي ملڪ مان ٻاهر وڃڻ جو حامي هو.
    نيٺ اسين جهاز ۾ سوار ٿي وياسين، اسان سان گڏ ٻيا ماڻهو به شامل هئا، جن ۾ عامر ارسلان، افشار چيف، پروٽوڪول آفيسر ڪميز ڪتابي به شامل هئا. ڪتابي جي والد ابو الفتح ڪتابي احمد شاهه ۽ رضا شاهه جي لاءِ به خذمتون سرانجام ڏيئي چڪو هو. تنهن کانسواءِ ڪرنل ڪيومرث جهان بيتي ۽ يزدان نفيسي به هو. نفيسي اسانجي محافظ عملي جو انچارج هو. جن ماڻهن ڊگهي عرصي تائين اسانجي خذمت ڪئي هئي، اهي به اسان سان گڏ هئا.
    آخري گهڙين ۾ مون پنهنجي چئني ٻارن جو علاج ڪندڙ ‘ڊاڪٽر ليوسا پيرنيا’ کان پُڇيو ته ڇا هوءَ به اسان سان گڏ ٻاهر وڃڻ جي خواهشمند آهي ته هن هڪدم ها ڪئي ۽ پنهنجي گهروارن کي ڇڏي، فقط هڪ سوٽ ڪيس ۾ پنهنجا ڪپڙا کڻي اسان وٽ پهچي چڪي هئي، اسانجو بورچي به اسان سان گڏ هو، هو پاڻ سان گڏ مختلف ٿانوَ، چانور، داليون ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه کڻي آيو هو.
    جهاز ۾ سوار ٿيندي ئي شاهه، ڪاڪ پٽ ۾ وڃي ويٺو. هوابازي سندس لاءِ سدائين خوشيءَ جو ڪارڻ رهي هئي. هونئن به پنهنجي وطن ۽ عوام کان پري ويندي سندس خواهش هئي ته هو جهاز جي ڪنٽرول تي موجود رهي. مون کي جهاز جي اُڏام وقت پنهنجي رڳو اها ڪيفيت ياد آهي ته آئون اندر ۾ ٽٽڻ ڦٽڻ کان محفوظ رهي هيس.
    اسانجو جهاز جيستائين ايران جي مٿان اُڏام ڪندو رهيو، شاهه ان جي پائلٽ جا فرض ادا ڪندو رهيو. جڏهن اسين پنهنجي ملڪ جي فضائي حدن مان نڪري وياسين ته هن جهاز جو ڪنٽرول ٻي پائلٽ جي حوالي ڪيو ۽ اسان وٽ ڪيبن ۾ هليو آيو.
    اسان کي خبر هئي ته اسانجي پويان وطن ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو رهجي ويا آهن، جيڪي اُتي جاري هنگامي جا مخالف آهن، اهو ضروري هو ته فوري طورتي مختلف ملڪن جي سربراهن کي پيغام موڪليو وڃي ته هو انهن ماڻهن جي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. مون شاهه کي چيو ته هو مونکي اهڙو پيغام روانو ڪرڻ جي موڪل ڏي، شاهه ڪجهه گهڙين جي لاءِ مونکي ڏٺو ۽ پوءِ راضي ٿي ويو. اسوان (مصر) ڏانهن اُڏام ڪندي، مون هڪ نوٽ بوڪ ۾ پيغام لکيو، مون اهو نوٽ بڪ شاهه جي وفات تائين سنڀالي رکيو هو.


    • ايران جو صدر احمدي نجاد...

    ايراني آئين ۾ صدر جي عهدي کان به مٿاهون عهدو آهي، جيڪو ‘ولايت فقيه’ يا ‘رهبر انقلاب’ جو آهي. آئين موجب ‘ولايت فقيه’ اهڙو شخص بنجي سگهي ٿو، جيڪو متقي هجي، فقيه هجي، کيس ديني ۽ دنياوي علمن تي عبور هجي، سياسي شعور ۽ انتظامي معاملن کي هلائڻ جي صلاحيت هجيس ۽ ‘اخلاق حسنه’ جو مالڪ هجي. انهي جي چونڊ “مجلس خبر گان” (يعني ماهرن جي مجلس) ڪندي آهي، جيڪڏهن ڪو هڪ شخص چونڊجڻ جي لائق نه هجي ته ٽن کان پنجن ڄڻن جي ‘مجلس’، ‘چونڊي’ سگهجي ٿي، جيڪا ‘ولايت فقيه’ جا فرض سر انجام ڏيندي. ولايت فقيه جي حڪمن کي مڃڻ مذهبي فرض آهي، البت هو معصوم ڪونهي ۽ قانون جي سامهون سندس حيثيت عام ماڻهوءَ جهڙي آهي، ايران ۾ هينئر ان عهدي تي ‘آيت الله سيّد علي خامنه اي’ مقرر آهي.
    سيّد علي خامنه اي، 1939ع ۾ ‘مشهد’ ۾ جنم ورتو، سندس گهراڻون مذهبي هو. ابتدائي تعليم کانپوءِ ٻن سالن جي لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ 1947ع ۾ ‘نجف’ ويو. تنهن کانپوءِ وڌيڪ تعليم جي لاءِ 1958ع ۾ ‘قم’ ويو، جتي هن ڇهن سالن تائين تعليم حاصل ڪئي. تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ هو ‘قم’ ۽ ‘مشهد’ ۾ تعليم ۽ تدريس ۾ مشغول رهيو، 1962ع ۾ هو آيت الله خمينيءَ سان جدوجهد ۾ سلهاڙجي ويو. جنهن جي نتيجي ۾ هن قيد ۾ بند جون تڪليفون به سَٺيون. شاهه جي خلاف جدوجهد جي دوران هو اهم ذميداريون نباهيند رهيو. انقلاب کانپوءِ هو ٻه ڀيرا ايران جو صدر چونڊيو ويو. آيت الله خمينيءَ جي وفات کانپوءِ، چوٿين جون 1989ع تي ‘مجلس خبرگان’ کيس گڏيل راءِ سان “ولايت فقيه” يا “رهبر انقلاب” چونڊيو ويو.
    ‘ولايت فقيه’ جا اختيار به تمام وڏا آهن، ملڪ جي عام پاليسي هو ئي جوڙي ٿو ۽ ان پاليسيءَ تي عمل جي نگراني به هوئي ڪري ٿو. هو فوج جو سپريم ڪمانڊر هوندو آهي، جنگ ۽ امن جو اعلان به هوئي ڪندو آهي، کيس صدر کي هٽائڻ جو به اختيار آهي، البت هو اهو قدم تڏهن کڻي سگهي ٿو، جڏهن سپريم ڪورٽ يا مجلس شوريٰ سندس نا اهليءَ جو فيصلو ڪري، هو فوج جي ڪمانڊرن جي مقرري ۽ کين هٽائڻ سان گڏ، چيف جسٽس، ريڊيو ۽ ٽي وي جي مقرري ۽ هٽائڻ جواختيار به رکي ٿو.
    ولايت فقيه کانپوءِ، ٻيو سڀ کان وڏو عهدو صدر جو آهي، صدر جي عهدي جي مدت چار سال آهي، جنهن جي چونڊ سڌي ريت عوام ڪري ٿو، صدر لڳاتار فقط ٻه ڀيرا چونڊجي سگهجي ٿو. اڄڪلهه ايران جو صدر ڊاڪٽر احمدي نجاد آهي.
    ايراني آئين جو هڪ مخصوص پهلو “مجلس خبرگان” آهي، جنهن جا 74 ميمبر آهن، اهي فقط عالم ۽ فقيه ئي ٿي سگهن ٿا. تنهن کانسواءِ هڪ ‘گارڊين ڪائونسل’ يا ‘شوريٰ نگهبان’ به آهي، جيڪا ٻارهن ميمبرن تي ٻَڌل هجي ٿي، جنهن جا ڇهه ميمبر ولايت فقيه مقرر ڪندو آهي، جيڪي عالم هوندا آهن ۽ باقي ڇهن ميمبرن جي مقرري، جيڪي قانوني ماهر هوندا آهن، مجلس شوريٰ ڪندي آهي، مجلس شوريٰ “گارجين ڪائونسل يا شوريٰ نگهبان” جي منظوريءَ کانسواءِ ڪو به قانون جوڙي نٿي سگهي، اها ڪائونسل هر ان قانون کي رد به ڪري سگهي ٿي، جيڪو اسلام جي ابتڙ هجي.
    ايراني آئين ۾ ترميمن جو اختيار ٻين ملڪن جيان پارليامينٽ يا فيڊرل ڪائونسل کي ڪونهي، پر اُن لاءِ هڪ ڌار مجلس آهي، جنهن ۾ هيٺيان ميمبر شامل آهن، (1) شوريٰ نگهبان جا سڀ ميمبر، (2) حڪومت جي ٽنهي شعبن پارليامينٽ، انتظاميا ۽ عدليه جا سربراهه، (3) قومي سلامتي ڪائونسل جا مستقل ميمبر، (4) مجلس خبرگان جا پنج ميمبر، (5) رهبر انقلاب جا چونڊيل ڏهه ميمبر، (6) وزيرن جي ڪائونسل جا ٽي نمائندا، (7) عدالت جا ٽي نمائندا، (8) مجلس شوريٰ جي ميمبرن جا ڏهه نمائندا، (9) يونيورسٽي پروفيسرن جا ٽي نمائندا، ترميمي ڪائونسل جو فيصلو ‘ولايت فقيه’ ‘يا رهبر انقلاب’ جي منظوري ۽ صحيحن کانپوءِ جيڪڏهن قومي ريفرينڊم ۾ اڪثريت توثيق ڪري ته عمل جوڳو ٿيندو.
    ايران جو هاڻوڪو صدر ڊاڪٽر احمد نجاد، پهريون ڀيرو 2005ع ۾ ايران جو صدر چونڊيو، کانئس اڳ ايران جو صدر محمد خاتمي هو. جيڪو اصلاح پسند هو ۽ نجاد قدامت پسند خيال رکندڙ آهي. نجاد جي صدر چونڊجڻ تي، سندس هڪ سوانح نگار “ڪسريٰ ناجي” پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو: “2005ع تهران جي ميئر احمدي نجاد جي صدر چونڊجڻ سان ئي ڪيترن ئي ايرانين ۾ چونڊن جي تپ جي جاءِ هڪ بي چيني اچي والاري، هو اهو سوچي بي چين هئا ته هو اُن ٿلهي ڪنڌ واري ڪٽر بنياد پرست لوهار جي پُٽ جو ڇا ڪندا، جنهن هيڌي وڏي اڪثريت سان چونڊون کٽي سڀني ماهرن ۽ غير ماهرن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.”
    احمد نجاد 28 آڪٽومبر 1956ع هڪ لوهار “احمد” جي گهر ۾ جنم ورتو، هو پنهنجن ستن ڀائرن ۽ ڀيڻن مان ستين نمبر تي هو. سندس ڳوٺ “ارادان”، وچ ايران جو هڪ ڏورانهون ڳوٺ آهي، پنهنجي جنم جي حوالي سان نجاد ڳالهائيندي چيو. “اسانجي ڪٽنب لاءِ زندگي اڳ ۾ ئي ڪافي ڏکي هئي، ۽ منهنجي پئدائش اها اڃا به وڌيڪ ڏکي بنائي ڇڏي.” “ارادان”، تهران جي ڏکڻ اوڀر ۾ ٻن ڪلاڪن جي مسافري تي خشڪ جبلن جي ڀڪَ ۾ هڪ ننڍو پر پُرسڪون ڳوٺ آهي، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته اهو اڄ به اهڙو پٺتي پيل آهي، 2005ع جي صدارتي چونڊن ۾ لڳ ڀڳ سڄي ڳوٺ هاشمي رفسنجانيءَ جي مقابلي ۾ احمدي نجاد کي ووٽ ڏنو هو. هنن سمجهيو ٿي ته هي سندن پنهنجو همراهه آهي. نجاد جي کٽڻ تي سڄي ڳوٺ ۾ چراغان ڪيو ويو ۽ سڄي رات جشن ملهائبو رهيو. هنن هاڻ پنهنجي ڳوٺ جي حالت بدلجڻ جا سپنا ڏسڻ شروع ڪيا ۽ سمجهيائون ٿي ته هاڻ هتان غربت ۽ بي روزگاري ختم ٿي ويندي.”
    پر ٿيو ڇا؟ ٽين دنيا جي ملڪن جي اڪثر اڳواڻن جو اهو ڪيڏو نه وڏو الميو آهي، ته سڄي دنيا ۾ سامراج دشمني جي ڪري مشهور هوندا آهن، دنيا جي ميڊيا سندن عملن ۽ بيانن جا تجزيا پيئي ڪندي آهي، پر هو پنهنجي ملڪ جي عوام جي خواهشن کي پورو ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه هوندا آهن.
    “ارادان وارا اڃا به انهيءَ انتظار ۾ آهن ته ڪڏهن ٿو سندن گهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪيو وڃي. اسپتال جنهن جي عمارت هڪ مقامي انسان دوست شخص عطئي طور ڏني هئي، اڃا سوڌي خالي هڪ ڍانچو آهي، ڳوٺ وارا پنهنجي اها گذارش ته ڳوٺ جي اسپتال جي اڏاوت ٻيهر شروع ڪرائي وڃي، صدر احمدي نجاد تائين، سندس ڀاءُ دائود جي ذريعي پهچائي چڪا آهن، جيڪو سندس حڪومت ۾ اهم وڏو عهديدار آهي، پر اڃا تائين اُن تي ڪوبه عمل نه ٿيو آهي، هو اهو جواب ٿو ڏي ته حڪومت جي نظر ۾، سڄي ملڪ جي اندر ڪرڻ جي لاءِ ٻيا به ڪيترائي ڪم آهن، جن کي حڪومت ترجيحي بنيادن تي ڪرڻ ٿي چاهي، فقط ڏهن هزارن جي آباديءَ جي لاءِ هڪ اسپتال جي اڏاوت جو نمبر پوءِ ايندو ۽ جڏهن ايندو ته اهو ڪم ٿي ويندو.”
    احمدي نجاد، شروعاتي تعليم ‘نرماڪ’ ۾ حاصل ڪئي. اهو اسڪول سندس پيءُ جي لوهارڪي دوڪان جي بلڪل ويجهو هو. هو هڪ هوشيار ۽ دل لڳائي پڙهندڙ شاگرد هو ۽ گڏوگڏ راند روند جو به شوقين هو. اسڪول کانپوءِ هن جو گهڻو وقت فوٽ بال کيڏندي گذرندو هو. هاءِ اسڪول ۾ ڇهن سالن تائين تعيلم جي دوران هو سدائين پنهنجي ڪلاس ۾ پهريون نمبر آيو.
    احمدي نجاد جي سياسي زندگي جي شروعات 1975ع ۾ ان وقت ٿي، جڏهن هو يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو. اها انقلاب کان چار سال اڳ جي ڳالهه آهي، هن يونيورسٽيءَ ۾ داخلا واري ٽيسٽ ڏاڍي سُٺي نموني پاس ڪئي. هو يونيورسٽيءَ جي ڏهن هزار داخلا جي سيٽن تي ٿيل انٽري ٽيسٽ ۾ شريڪ ٿيندڙ ٻن لکن شاگردن مان 132 هين نمبر تي آيو.
    ان زماني ۾ يونيورسٽي ۾ بي چينيءَ جو زمانو هو، اتي کاٻي ڌر ۽ شاهه جي اسلامي مخالفن جون تنظيمون، انڊر گرائونڊ ڪم ڪري رهيون هيون. 1973ع ۾ تيل جي قيمتن جي واڌاري سبب ايران هاڻ غربت کي پٺتي ڇڏڻ شروع ڪيو هو، شاهه پنهنجي خواهشن کي عملي جامون پهرائڻ جي لاءِ ترقياتي رٿائن جي شروعات ڪئي، جنهن تحت ايران کي هڪ صنعتي ملڪ ٺاهڻ جا خواب ڏٺا پي ويا. پر ايران جنهن تيزي سان معاشي ميدان ۾ اڳتي وڌي رهيو هو، ان ئي تيزيءَ سان سياسي بي چيني جو شڪار هو، ڪنهن به قسم جي مخالفت کي نه سَٺو ويندو هو، سياسي جبر، ملڪ جي ترقيءَ سان گڏ وڌي رهيو هو.
    يونيورسٽيءَ ۾ احمدي نجاد کي هڪ ايراني اسڪالر ڊاڪٽر علي شريعتي جا ليڪچر ٻڌڻ ۽ لکڻين پڙهڻ جو موقعو مليو. ڊاڪٽر علي شريعتي نوجوانن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو ۽ نوجوانن کي انقلاب لاءِ تيار ڪيو، ڊاڪٽر علي شريعتي اولهائين جمهوريت جو وڏو نقاد هو، سندس نظر ۾ اولهائين جمهوريت ۾ ووٽر نه پر دولت فيصلو ڪندڙ حيثيت ٿي رکي. اتان کان ئي هڪ مذهبي پسمنظر رکندڙ يونيورسٽيءَ جي شاگرد جي ذهني تربيت جي شروعات ٿي، جنهن ملڪ ۾ تبديلي ٿي چاهي. ڊاڪٽر علي شريعتيءَ کي گرفتار ڪيو ويو. ڇو ته هن جون سرگرميون شاهه جي ڳجهي پوليس “ساواڪ” لاءِ قابل قبول نه هُيون يا ان جي نظر ۾ بغاوت جي راهه هموار ڪري رهيون هيون. کيس جيل ۾ وڌو ويو، اتان پوءِ کيس پئرس جلاوطن ڪيو ويو، جتي 1977ع ۾ کيس “ساواڪ” قتل ڪرائي ڇڏيو. پر هن جي لکڻين جي مقبوليت کي گهٽائڻ يا پڙهندڙن کي پڙهڻ کان روڪڻ “ساواڪ” جي وَس ۾ نه هو. احمدي نجاد به اهڙن نوجوانن مان هو. انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندي نجاد جو هڪ دوست ‘سعيد هادي’ چوي ٿو. “اسين ٻيئي (احمدي نجاد ۽ آئون) هڪ ڏينهن لڪي پنهنجي گاڏيءَ ۾ “امول” پهتاسين، جيڪو تهران کان پنجن ڪلاڪن جي مسافري تي آهي، جيئن اسين اتان هڪ دوست کان ڊاڪٽر علي شريعتي جو ڪتاب “علم السلام” پڙهڻ جي لاءِ اُڌارو وٺي اچي سگهون.”
    انقلاب جي دوران احمدي نجاد کي پنهنجي تعليم اڌ ۾ ڇڏڻي پيئي. ايئن نجاد کي پنهنجي تعليمي ڊگري ۽ پوءِ پي . ايڇ . ڊي ڪرڻ ۾ ويهه سال لڳي ويا. نجاد پنهنجي يونيورسٽي ۾ خمينيءَ جي نظرين جي حامي شاگردن جي هڪ سرگرم اڳواڻ طور اُڀرڻ لڳو، اڳتي هلي جڏهن ملڪ جي سڀني يونيورسٽين جي اسلام پسند شاگردن جي تنظيمن کي هڪ تنظيم “آرگنائيزيشن فارڪنسوليڊيٽنگ يونٽيءَ (O.C.U)” جي شڪل ڏني ويئي ته کيس پنهنجي اڳواڻي وارين صلاحيتن کي مڃائڻ ۾ ڪاميابي ملي، ايئن هڪ معمولي پسمنظر رکندڙ نجاد هاڻ انقلاب جي مُهڙين حصن ۾ پهچي ويو، جتي سندس لڳ لاڳاپا خمينيءَ جي ويجهي حلقي جي ماڻهن سان ٿيا.
    احمدي نجاد جي انقلاب کانپوءِ ڪنهن پهرينءَ عهدي تي مقرري 1980ع ۾ ٿي. ان وقت سندس عمر 24 سال هئي. کيس آذربائيجان جي هڪ ضلعي “ماڪو” جو گورنر مقرر ڪيو ويو. تنهن کانپوءِ کيس 1993ع ۾ انتظامي طور نئين ٺاهيل صوبي “اردابل” جو پهريون گورنر مقرر ڪيو ويو. سندس گورنريءَ جي دوران ايران ۾ ٿيل صدارتي چونڊن ۾ هن قدامت پسند اميدوار ناطق نوريءَ جي مدد ڪئي هئي، جيڪو اصلاح پسند اميدوار محمد خاتميءَ جي هٿان چونڊون هارائي ويو.
    احمدي نجاد فيبروري 1999ع ۾ تهران جي بلدياتي چونڊن ۾، شهري ڪائونسل جي ميمبريءَ لاءِ اميدوار بيٺو، پر هو کٽي نه سگهيو. ڪائونسل جي پندرهن سٽن مان، ووٽن جي تناسب سان احمدي نجاد 23 هين نمبر تي رهيو. جنهن جي نتيجي ۾ پهريان پندرهن اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا. ائين هو انتخابي سياست جي پهرينءَ ئي مرحلي ۾ ناڪام رهيو. ٻيو سال 2000ع ۾ هن پارلياميٽ جي چونڊن ۾ تهران مان بيهڻ جو فيصلو ڪيو. ۽ قدامت پرستن پاران پارليامينٽ جي تهران مان ٽيهن سيٽن لاءِ جن اميدوارن جي لاءِ نالن جو اعلان ڪيو ويو، احمدي نجاد جو نالو انهن ۾ پهرين نمبر تي هو. پر چونڊن جا نتيجا نڪتا ته هو ملندڙ ووٽن جي حساب سان 29 هين نمبر تي آيو ۽ مشڪل سان پارليامينٽ ۾ پهچي سگهيو. چونڊن جو اهو ميدان اصلاح پسند اميدوارن کٽي ورتو.
    احمدي نجاد 2003ع ۾ تهران جو ميئر چونڊيو ويو. احمدي نجاد هڪ اهڙو ميئر هو جنهن جي، بنياد پرست اسلام جي سڄي ملڪ ۾ عملداري قائم ڪرڻ جي هڪ ايجنڊا هئي. ميئر هئڻ جي دوران مٿس پنهنجا نوازڻ ۽ غير ضروري طور خرچ ڪرڻ جي سلسلي ۾ بدعنوانين جا الزام پڻ لڳندا رهيا، پر احمدي نجاد انهن جي ڪڏهن به پرواهه نه ڪئي.
    احمدي نجاد جڏهن 2005ع جي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ پنهنجي مهم شروع ڪئي ته سندس سوانح نگار ‘ڪسريٰ ناجي’ جي لکڻ موجب: “49 سالن جي احمدي نجاد جو سياسي قد ڪاٺ ايترو ته ننڍو هو، جو تهران، جنهن جو هو گذريل ٻن سالن کان ميئر هو، تنهن جي گهڻائي به کيس رڳو سندس ان تڪراري رٿ جي ڪري سڃاڻندي هئي، جيڪا شهيدن جي مڙهن کي سندن پراڻين قبرن مان ڪڍي، تهران جي مصروف چوڪن ۾ ٺهيل پارڪن ۾ دفن ڪرڻ جي باري ۾ هئي. احمدي نجاد جي چونڊ مهم ايتري ته بي جان ۽ سندس جيتڻ جا امڪان ايترا ته گهٽ هئا، جو ڪن مقامي ۽ بين الاقوامي صحافين جيڪي اُن چونڊ مهم جي رپورٽنگ ڪري رهيا هئا، انهن پنهنجي رپورٽن ۾ هن جو ذڪر ڪرڻ به مناسب نه سمجهيو.”
    ان وقت جيڪي اميدوار ميدان ۾ هئا، انهن ۾ ايران جو اڳوڻو صدر هاشمي رفسنجاني به هو، جيڪو ٻه ڀيرا اڳ 1989ع کان 1997ع تائين ايران جو صدر رهي چڪو هو. سڀني تجزيي نگار کيس ئي ايران جي صدر طور ڏسي رهيا هئا ۽ سڀئي جي اها راءِ هئي ته احمدي نجاد جي کٽڻ جا ڪي به امڪان نه آهن. پر جيترو هن جي کٽڻ جي ناممڪن هئڻ جو ذڪر ڪيو ويندو هو، اهو، اوترو نجاد جي ارادن کي سگهارو ڪندو هئو. اليڪشن جا نتيجا نڪتا ته هو ٻي نمبر تي هو. جنهن تي حيران ٿيڻ فطري ڳالهه هئي. ايراني آئين موجب جيڪڏهن ڪنهن اميدوار گهربل تعداد ۾ ووٽ نه کنيا هوندا آهن ته چونڊن جو ٻيو مرحلو ٿيندو آهي، جنهن ۾ ويجهو رهندڙن اميدوارن جي وچ ۾ مقابلو ٿيو ۽ ٻي مرحلي ۾ احمد نجاد وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ايران جو صدر چونڊجي ويو. ايڏي تبديلي ڪيئن آئي، مبصر انهيءَ تي حيران ٿي ويا، پر عام تاثر اهو هو ته نجاد کي ايراني سياست تي اثر انداز ٿيندڙ ڪيترين ئي شخصيتن جي ڳجهي حمايت حاصل هئي. اليڪشن جا نتيجا اچڻ کانپوءِ هارايل اميدوار هاشمي رفسنجانيءَ چيو “آئون پنهنجو معاملو خدا تي ٿو ڇڏيان.”
    احمدي نجاد جي صدارت جي ٻنهي دورن ۾ ايران ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار رهيو آهي، ايران ۾ مهنگائي وڌي آهي، جنهن سبب بي چيني به وڌي آهي. عالمي طور تي ايران وڌيڪ اڪيلو ٿيو آهي، خاص ڪري پنهنجي ائٽمي پروگرام جي حوالي سان.
    ٻي پاسي ذاتي زندگيءَ ۾ نجاد نهايت سادگي پسند آهي، هو پنهنجي سادي ۽ ننڍي گهر ۾ رهي ٿو، پنهنجي پراڻي ڪار استعمال ڪري ٿو ۽ پنهنجي يونيورسٽي واري پروفيسريءَ جو پگهار کڻي ٿو وغيره، جيڪو دنيا جي اڳواڻن لاءِ هڪ مثال آهي.


    ___
    8 احمدي نجاد: ڪسريٰ ناجي. تخليقات لاهور 2009ع.


    • نڀاڳا پرائي ملڪ ۾ نه مارائينءَ !

    هتان پاڪستان مان روانگيءَ کان اڳ وسيم ڏهراج سان اهو طئي ڪيو هوسين ته قم کانپوءِ صبح جو سوير تهران هلبو، اتان جون زيارتون ڪري، جيڪي اڌ ڏينهن جو مس ٿينديون، پوءِ هو باقي اڌ ڏينهن اسانکي پنهنجي منهن تهران ۾ وڙڪڻ جي لاءِ ڏيندو ۽ رات جو وري تهران جي ريلوي اسٽيشن (راهه آهن تهران) تي گڏباسين ۽ پوءِ اتان رات واري ٽرين ۾ “مشهد” روانا ٿينداسين... قم پهچڻ جي ٻي ڏينهن وسيم اسانکي ٻڌايو ته تهران مان مشهد ويندڙ ٽرين بند ڪئي ويئي آهي، تنهنڪري هاڻ قم کان تهران ۽ اتان جون زيارتون ڪرڻ کانپوءِ بس ۾ مشهد هلنداسين، وسيم جي ان ڳالهه تي اسانکي گهڻي حيرت ٿي، اسان چيس ته اهو ته ٿي ئي نٿو سگهي ته تهران کان مشهد ويندڙ ٽرين بند ڪئي ويئي هجي، هي پاڪستان ته ڪونهي، جتي هر ٻي چوٿين ڏينهن ڪانه ڪا ٽرين بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويندو آهي. هونئن اسانکي تهران کان مشهد تائين بس ۾ سفر ڪرڻ تي ڪو عذر ڪونه هو، پر زاهدان کان قم تائين جي ۾ بس جي سفر، خاص ڪري، اُن جي عملي، اسان سان جيڪو حشر ڇڏايو، تنهن بس جي سفر تان ارواح ئي کڻائي ڇڏيو هو، ٻيو ته پئڪيج ۾ وسيم اهو ئي ٻڌايو هو ته تهران کان مشهد تائين ٽرين ۾ ئي سفر ڪبو. ايئن هڪڙيءَ تي وسيم ۽ ٻيءَ تي اسين، ٻين زيارتين کي ته ڪنهن به ڳالهه سان دلچسپي نه هئي، ته وسيم کين ڇا ۾ ٿو سفر ڪرائي، پر مون آفتاب شاهه، صفدر شاهه ۽ امين پنهنجي ڳالهه تان هٿ نه کنيو.وسيم وڏا وڏا قسم کڻڻ لڳو ته ٽرين بند ٿي چڪي آهي.
    پوءِ جڏهن ‘پل آهنچيءَ’ وٽ، اسانکي انڊيا جو همراهه عباس مليو ۽ هن وسيم جي سامهون ئي اسانکي چيو ته “تهران کان مشهد تائين ٽرين سروس بند نه ڪئي ويئي آهي.” ته وسيم جو اهڙو ته منهن لهي ويو، جو مٿس قياس اچڻ لڳو. پوءِ آفتاب شاهه ۽ صفدر شاهه جي دٻَ تي نيٺ وسيم ان ڳالهه تي راضي ٿي ويو ته هو اسانکي پئڪيج موجب تهران کان مشهد تائين ٽرين ۾ ئي وٺي هلندو، ٻي ڏينهن وري وسيم چيو ته “مونکي ان ٽرين لاءِ في ماڻهو ساڍا پنج هزار تومان وڌيڪ ادائيگي ڪرڻي پيئي آهي. تنهنڪري هاڻ هو اسانجي مرضي تي هلڻ بدران پنهنجي مرضيءَ تي هلندو.” ان وقت ته اسان سندس ان ڳالهه تي ڪو ڌيان نه ڌريو، پر رات جڏهن چيائين ته سڀاڻي ٻارهين بجي تهران لاءِ نڪرنداسين ته اسانجي احتجاج جي باوجود به هن پنهنجي پروگرام تي عمل ڪيو، حقيقت ۾ وسيم ڏهراج جو ان سڄي سفر ۾ اسان سان رويو ڪو سٺو ڪونه رهيو، پاڻ ٻڌايائين ته سندس والد بشير ڏهراج به زيارتي قافلا وٺي ايران، عراق ۽ شام ويندو آهي، هن ٻڌايو ته اسان وارو قافلو سندن “سنڌ پلگرمس سوسائٽي” جو 86 هون قافلو آهي، مون ڏٺو ته قافلي جا ڪافي ماڻهو، جن ۾ آپا مهرالنساءَ لاڙڪ به هئي، وسيم جي پيءُ بشير ڏهراج جي ڪافي واکاڻ ڪري رهيا هئا، آپا مهرالنساءَ ته بشير ڏهراج سان گڏ ڪجهه سال اڳ ايران، شام ۽ عراق جون زيارتون به ڪري آئي هئي، پر هو سڀ وسيم جي رويي مان ڪافي خائف هئا. حقيقت ۾ وسيم گهڻو لالچي هو، هن جي اها ئي ڪوشش هئي ته وڌ کان وڌ پئسا بچائجن، فائدي جي حساب سان ته هو حق بجانب هو، پر سندس اهو رويو بزنيس جي اصول جي به اُبتڙ هو، بزنيس جو اصول اهو آهي، ته ٿوري فائدي تي پنهنجي گراهڪن کي وڌ ۾ وڌ سهولتون ۽ فائدا ڏجن، ايئن نه رڳو سندن گراهڪي وڌندي، پر ساک به، مونکي وسيم جي رويي ۽ طريقي تي سخت حيرت ٿي، هو هر وقت ان چڪر ۾ به رهندو هو ته ڪنهن نه ڪنهن نموني ۽ طريقي سان زيارتين مان پئسا ڪڍي، وسيم جي ان طريقي تي مون کيس چئي ڏنو، “يار! ڪهڙي قسم جو مومن آهين..... جيڪو ويٺو زيارتين کي رنجائينءَ.”
    ٻارهين بجي اسين ‘مسافر خانه سعدي’ خالي ڪري اچي ‘پل آهنچي’ جي سامهون ڪوسٽر جي اوسيئڙي ۾ بيٺاسين، وسيم چيو بس اجهو ٿي ڏهن منٽن ۾ ڪوسٽر اچي، ايئن اُتي بيٺي بيٺي ڪلاڪ سوا اچي ٿيو، پر ڪوسٽر جو نالو نيشان به نه هو ۽ اسان جي وسيم تي وٺ وٺان ... نيٺ خدا خدا ڪري ڪوسٽر آئي، سامان سنڀالي رکيوسين ۽ سڀني اچي سيٽون سنڀاليون... اسين هئاسين ڪُل چوويهه ڄڻا ۽ ڪوسٽر ۾ هيون ٻاويهه سيٽون... اها ڪوسٽر ايران جي ٺهيل هئي، بلڪل وين جهڙي... سخت ڪوفت ۽ تڪليف جو احساس ٿيو، پر ڇا ٿي ڪري سگهياسين.... وسيم گهڻي بچت جي چڪر ۾ هو. هن وڏي ‘آتوبس’ ڀاڙڻ جي بدران هيءَ ننڍي وين ٽائپ گاڏي ڪئي هئي، نتيجي ۾ سوڙهه سنگهوڙهه ۾ ويٺاسين، وسيم ۽ سندس سئوٽ رضوان بيٺا رهيا.
    گاڏي قم کان تهران رواني ٿي ته وين جي انتظار ۾ بيهي بيهي خراب ٿيل موڊ کي صحيح ڪري ٻاهر ڏسڻ لڳس.... قم جي شهر مان گاڏي نڪري مکيه شاهراهه تي آئي... وين جو ڊرائيور هڪ نوجوان، پنجويهن ڇوويهن سالن جي عمر جو هو، صفا لاپرواهه.... وين مکيه شاهراهه تي چڙهي ته همراهه موبائيل فون تي شروع ٿي ويو ۽ وين جي رفتار وري اهڙي رکيائين جو لڳو ايئن ٿي ته تهران پڄندي پڄندي سانجهي ٿي ويندي، هونئن قم کان تهران جو مفاصلو عام طور تي ڏيڊ پوڻن ٻن ڪلاڪن جو آهي، همراهه جي فون ڊسڪنيڪٽ ٿي ٿي ته وري اڳيان ڊئش بورڊ تي رکيل ننڍو ڪتابڙو کڻي پڙهڻ ٿي لڳو. اهو ڏسي وسيم کي چيم ته ‘ٻيلي يار کي سمجهائي ته ايئن نه ڪري ۽ وين جي رفتار کي تيز ڪري.’ وسيم کيس چيو ته هن هلڪي مرڪ مرڪي، پر پنهنجي ڪرت کان نه مُڙيو.
    ايئن وين ڊرائيور، جي موڊ جي رفتار سان تهران ڏانهن وڌندي رهي، گاڏيءَ جي رفتار ۾ ڪو فرق نه ايندو ڏسي، آئون دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ لڳس، رستي جي ٻنهي پاسن جبل ئي جبل هئا... ڪٿي ڪٿي ڪا هلڪي ساوڪ نظر ٿي آئي، نه ته باقي الله هي الله.... روڊ تي ٽريفڪ به جام هئي، پر روڊ جي ويڪري ۽ اچڻ ۽ وڃڻ لاءِ ڌار ڌار رستن سبب هرڪو پنهنجي ڌن ۾ روان دوان... هڪ هنڌ رستي کان ميل اڌ پري نيڻ نهار تائين اڇاڻ نظر آئي ته ڊرائيور کان پڇيوسين ته هيءَ ڪهڙي ماجرا آهي ته چيائين، “اها سالٽ ليڪ يعني لوڻ جي ڍنڍ آهي ۽ هتي جو لوڻ ڏاڍو عمدو ۽ اعليٰ قسم جو آهي.”
    ڊرائيور جي لاپرواهي سان موبائيل تي ڳالهائيندي گاڏي هلائڻ تي هتي اسين مٿس خار کائيندا رهياسين، اتي اسانجي وچ ۾ جملي بازي به جاري هئي. “صفا ڪو نود آهي.... اصل ٻُڌي ئي نٿو...” ڪنهن چيو.
    “سڀاڳا پُٽ پينگهي ۾ پڌرا.... صفا ڪو مائٽن جو پٽيل ٿو لڳي.” ڪٿان آواز آيو.
    “نڀاڳو ڪو موڙ مڙندي گاڏي هڻي نه ڪنهن کاهيءَ ۾... پاڻ ته هونئن به مرندو پر نڀاڳو اسانکي به مارائيندو.”
    ڊرائيور جو نالو مرتضيٰ هو، سو مون مخاطب ٿي چيومانس، “آقاءِ مرتضيٰ! وڏو ڪو نڀاڳو آهين... تنهنجا جي اهي پرڪار ته لڳي ٿو ته تون پرائي ملڪ ۾ اسانجو سر رُلائيندين....”
    منهنجي ان جملي تي سڀ دوست کلڻ لڳا... پنهنجي نالي ٻُڌڻ تي مون ڏانهن ڏٺائين.. ۽ ٻين کي کلندو ڏسي پاڻ به کلڻ لڳو.....
    ايئن خدا خدا ڪري تهران پهتاسين.
    پوءِ ته مرتضيٰ اصل دوست ٿي ويو... هڪ هنڌ گاڏي بيٺي ۽ هيٺ لٿاسين ته هن پنهنجي موبائيل ۾ سيوَ ٿيل فوٽو ڏيکاريا... الامان الحفيظ... اهڙا فوٽو ته پاڻ وٽ نوجوان به شايد نه رکندا هجن... صفا مادر پدر آزاد... هڪ فوٽو مختلف انداز ۾ نڪتل هو... ٻڌايائين ته “سندس ڪاليج جي زماني جي دوست آهي ۽ فون تي ساڻس ئي ڳالهائيندو ٿو رهان، اسين پاڻ ۾ دوست آهيون...”
    “خانم اٿئي...!”
    “نه... تو به توبه...” زال هئڻ جو ٻڌي کلندي چيائين ۽ پوءِ اشارن سان چيائين ‘جي ڪم ايئن ئي هلندو هجي ته شادي ڪير ڪري’ جنهن تي اسان وڏو ماحول کي ٻُرائيندڙ ٽهڪ ڏنو.
    مرتضيٰ عام ڊرائيور حضرات کان ٿورو مختلف هو، مهذب پڙهيل ڳڙهيل، سمجهدار ۽ صفا عاشق جيوڙو... پاڻ سندس محبوبه جي ذڪر تي اصل ٽڙي ٿي پيو. سندس شڪل شبيهه ۽ هڏ ڪاٺ انڊين ادڪار سلمان خان جهڙو هو. جنهن ڪري اسان کيس مرتضيٰ بدران ‘سلمان خان’ سڏڻ شروع ڪيو، جنهن تي پاڻ ٻُڌايائين ته پاڪستاني ۽ انڊين زائرين به کيس سلمان خان جهڙو چوندا آهن ۽ سلمان خان جي اداڪاري کيس وڻندي آهي.
    مرتضيٰ، پنهنجي ڊرائيونگ جي ان سُستي جي اها ڪسر ڪڍي، جو هو تهران ۾ اسانکي هڪ وڌيڪ زيارت لاءِ وٺي ويو، جيڪا اسانجي شيڊول ۾ نه هئي... تهران جي ريلوي اسٽيشن تي هن اسان سڀني سان ڀاڪر پائي موڪلايو ۽ خدا حافظ چئي روانو ٿي ويو، رواني ٿيڻ کان اڳ اسان ساڻس ۽ هن اسان سان گڏ فوٽو ڪڍيا.


    • تهران ۾ ڪجهه ڪلاڪَ

    تهران، ايران جي گاڌيءَ جو هنڌ آهي، جيڪو البرز جبلن جي ڀڪَ ۾ آباد آهي. انهن جبلن جي وچ ۾ تهران جي بيهڪ هڪ پيالي جهڙي آهي، تهران ڪيسپيئن سمنڊ جي ڏکڻ ۾ هڪ سئو ڪلوميٽرن جي فاصلي تي، دريا ججرون ۽ ڪرات جي وچ ۾ اُن هنڌ تي آباد آهي، جتي ڪنهن زماني ۾ پراڻو ۽ تاريخي ‘شهر ري’ آباد هو. انهن ڏينهن ‘تهران’ ‘ري’ جي ڀرسان هڪ ننڍو ڳوٺ هو ۽ هاڻ شهر ايترو ته پکڙيو آهي جو ‘شهر ري’ تهران جو هڪ پاڙو يا سيڪٽر بنجي ويو آهي. ‘شهر ري’ کي منگولن پنهنجن حملن ۾ تباهه ڪري ڇڏيو هو، حقيقت ۾ ‘تهران’، ري تي منگولن جي حملي ۽ انهن جي مچايل تباهي کانپوءِ ترقي ڪندو، نيٺ ان اوج تي پهتو جو وقت جي حاڪمن، سندس اهميت محسوس ڪندي، شهر کي ايران جي گاڌي جو هنڌ بنايو.
    تهران، 1785ع ۾ ان وقت ايران جي گاڌي جو هنڌ بنيو، جڏهن آغا محمد خان اُن تي قبضو ڪيو ۽ قاچار گهراڻي جو بنياد رکيو... جيڪو گهراڻو 1925ع تائين ايران تي حڪمران رهيو... پوءِ جنرل رضا خان، حڪومت تي قبضو ڪري ورتو ۽ پهلوي گهراڻي جو بنياد رکيو. 1935ع کان اڳ ايران کي فارس يا پريشيا چيو ويندو هو.
    تهران کي ايران جي گاڌي جي هنڌ جي حيثيت سان پهريون ڀيرو اهميت ۽ شهرت 1943ع ۾ ٻي مهاڀاري لڙائي جي دوران ملي، ان وقت تهران ۾ ٽن وڏن جو اجلاس ٿيو، اهي ٽي اتحادي جوزف اسٽالن، سر ونسٽن چرچل ۽ فرينڪلن روزويلٽ هئا.
    1970ع واري ڏهاڪي ۾ ايران کي تيل جي ٿيندڙ آمدني سبب تهران ترقي ڪندو يورپين طرز جو شهر بنجي ويو، شهنشاهه ايران جي زماني ۾ تهران يورپي طرز جو عيش ڪدو هو. جنهن ۾ ڪيترائي نائٽ ڪلب، جوا خانا ۽ شراب خانا وغيره هئا، جيڪي انقلاب کانپوءِ بند ڪيا ويا.
    تهران اقتصادي لحاظ کان به اهم شهر آهي، ايراني مصنوعات جو لڳ ڀڳ اڌ هتي تيار ٿئي ٿو، هتي ڪيترائي اهم تعليمي ادارا ۽ يونيورسٽيون پڻ آهن، تهران شهر جيتوڻيڪ 1200ع ڌاري آباد ٿيڻ شروع ٿيو، پر پراڻو شهر ٽي هزار قبل مسيح ۾ به آباد هو.
    جيئن مٿي ذڪر ڪيو اٿم ته ‘شهر ري’ جي کنڊرن تي تهران جي اڏاوت ٿي آهي، ماضي ۾ ‘شهر ري’ وڏو علمي ۽ ادبي مرڪز به رهيو آهي، شاهه عبدالعزيز ۽ بي بي شهربانو جون مزارون به ‘شهر ري’ ۾ ئي آهن. ‘شهر ري’ ۾ ماضيءَ ۾ ڪيترن ئي عالمن اديبن ۽ سائنسدانن جنم ورتو، محمد بن ذڪريا الرازيءَ کي ‘رازي’ ان ڪري چيو وڃي ٿو ته هو ‘ري’ جو رهاڪو هو. رازي حقيقي معنيٰ ۾ جينئسن هو، هو اعليٰ پايي جو فلسفي، طبيب ۽ سائنسدان، سڀ ڪجهه هو، کيس عرب جو جالينوس چيو ويندو هو... هن ئي ارڙي ۽ ماتا جهڙين بيمارين تي دنيا جو پهريون ڪتاب لکيو. رازي طب کانسواءِ ‘ڪيميا’ جو به نهايت ڌيان سان مطالعو ڪيو ۽ ان موضوع تي “ڪتاب الاسرار” لکيو، جيڪو ڊگهي عرصي تائين يورپ جي درسگاهن ۾ پڙهايو ويندو هو. ‘ري’ جو هڪ ٻيو نالي وارو عالم ‘‘علامه فخر الدين ابو عبدالله محمد بن رازي آهي، جنهن مشهور “تفسير ڪبير” لکيو.
    قم کان تهران ايندي، اسانجي شيڊول ۾ پهرين انقلاب ايران جي باني امام خمينيءَ جي مقبري تي هلڻ هو، خمينيءَ جي اها مزار شهر کان ٿورو ٻاهر قم - تهران شاهراهه تي هڪ وڏي ايراضي تي پکڙيل آهي... اسان جي وين روڊ ڪراس ڪري مزار ڏانهن لڙ ته مون ڊرائيور کان پڇيو، “بهشت زهريٰ؟”
    “نِيست.” هن اشارو ڪندي چيو ته “بهشت زهريٰ ڪجهه پريان آهي.”
    بهشت زهريٰ اهو قبرستان آهي، جنهن ۾ انقلاب جي دوران پوليس ۽ فوج جي فائرنگ ۾ مرندڙ مظاهرين کي دفنايو ويو آهي، آيت الله خميني جڏهن، پئرس کان واپس تهران پهتو ته هن سڀ کان پهرين “بهشت زهريٰ” وڃي انهن شهيدن جي لاءِ دعا گهري... تنهن کانسواءِ عراق. ايران جنگ ۾ شهيد ٿيندڙن کي به “بهشت زهريٰ” ۾ ئي دفنايو ويو.
    “بهشت زهريٰ” ايران ۾ انقلاب جي علامت کي.
    وين مختلف ڦاٽڪ ڪراس ڪري، امام خميني جي مزار جي احاطي ۾ هڪ هنڌ اسٽاپ ڪيو، اسين سڀ هيٺ لٿاسين، سامهون خمينيءَ جو شاندار مقبرو هو ۽ ان جي لڳ ٻيون عمارتون، جهڙوڪ لئبرري، آڊيٽوريم وغيرهه. مزار جي چوڌاري هڪ وڏو ۽ خوبصورت پارڪ ٺهيل هو، جنهن ۾ ماڻهن جي ويهڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪرسيون کُتل هيون، جن جي مٿان وري قبي نما ننڍي ڇٽي ٺهيل هئي، باغ جي خوبصورتي، صفائي سٿرائي دل کي موهيندڙ هئي ۽ اهڙو ئي پرڪشش ۽ شاندار ٺهيل هو خميني صاحب جو مقبرو...
    مون قم ۾ خميني صاحب جو گهر ڏٺو هو... نهايت سادو سوڌو، جنهن جو ذڪر آئون اڳيان ڪري آيو آهيان.. 1963ع ۾ جڏهن شهنشاهه ايران، آيت الله خميني کي جلاوطن ڪيو هو ته ڇاکيس اهو وهم ۽ گمان ۾ هو ته هڪ ڏينهن خمينيءَ ايران موٽي ايندو ۽ پاڻ ايران مان جلاوطن هوندو ۽ سڄي دنيا ۾ کيس ڪٿي به سڪون سان رهڻ نصيب نه ٿيندو... سندس سڀ کان وڏو ۽ عظيم دوست آمريڪا به منجهائنس هٿ ڪڍي ويندو ۽ آمريڪا هٿ ڪڍيا ته يورپ ڄڻ کيس سڃاڻندو ئي نه هو ۽ کيس موت به بي وطنيءَ ۾ نصيب ٿيو ۽ دفن ٿيڻ جي لاءِ به پنهنجي ملڪ بدران پرائي ملڪ جي مٽي نصيب ٿيس... هر آمر ۽ عوام جي خواهش جي ابتڙ ڏنڊي ۽ طاقت جي زور تي حڪمراني ڪندڙ جڏهن عوام جي نفرت جو نشانو بنبو آهي ته سندس اهو ئي حشر ٿيندو آهي، جهڙو شاهه ايران جو ٿيو. شاهه ايران 27 جولاءِ 1980ع ۾ مصر ۾ وفات ڪئي ۽ کيس قاهرا ۾ دفنايو ويو. حڪيم محمد سعيد لکي ٿو:
    “ اهو ته مصر جي صدر انور السادات مٿس رحم کاڌو ۽ شهنشاهه ايران مصر جي سرزمين ۾ دفن ٿيو، مون خاص اجازت وٺي وڃي سندس قبر ڏٺي آهي. مرڪزي عمارت جي وچ ۾ هڪ وڏو هال آهي، هال جي بلڪل وچ ۾ سندس قبر آهي، ان تي هڪ وڏي سائيز جو ايراني غاليچو پيل هو، غاليچي جي چئني ڪنڊن تي خوبصورت گُل رکيل هئا. “
    آئون هوريان هوريان خمينيءَ جي مقبري طرف وڌان ٿو، اندر ڪئميرا کڻي وڃڻ جي موڪل ڪونهي، امين ۽ آپا مهرالنساءَ ٻاهر پارڪ ۾ ئي کتل ڇٽيءَوارين ڪرسين تي ويهي رهيا، هو اندر نه هليا.. مقبري واري هال ۾ نهايت سهڻا ۽ قيمتي ايراني غاليچا وڇايل هئا. هال جي وچ ۾ هڪ جنگهلو لڳل هو، ۽ ان جنگهلي جي وچ ۾ محو خواب هو آيت الله روح الله خميني... جنگهلي جي ٻاهران، خميني جي قبر جي پيراندي وٽ ٻه ٻيون به قبرون هيون، جن مان هڪ سندس ناٺيءَ جي هئي، جنگهلي جي اندر ڪيترائي ڪرنسي نوٽ پيل هئا، ايران ۾ لڳ ڀڳ سڀني مزارن ۾ زيارتي جنگهلن جي اندر نذراني طور پئسا وجهي ويندا آهن، آئون ڪجهه دير اُتي بيهي خمينيءَ جي قبر کي ڏسندو رهيس ۽ پوءِ ٻاهر نڪرڻ جي لاءِ مڙيس.
    ڪڏهن ڪڏهن ننڍي چڻنگ اوچتو ئي اوچتو ڀنڀٽ بنجي ويندي آهي، ۽ انقلاب جي لاءِ به هڪ چڻنگ جي گهرج هوندي آهي، بظاهر ته هڪ چڻنگ... شايد ڪنهن جو پاڻ ڏانهن ڌيان نه ڇڪائي.... اها ته کن پل لاءِ هوندي آهي، پر جڏهن اها چڻنگ ڀنڀٽ بڻبي آهي ته پهرين ڌيان ان ئي چڻنگ ڏانهن ويندو آهي ته ڪٿان دُکي...
    اهڙي ئي هڪ چڻنگ 8 جنوري 1978ع تي لڳي، هڪ مضمون جي صورت ۾. جيڪو ايران جي سرڪاري روزاني اخبار “اطلاعات” ۾ ڇپيو، جنهن ۾ خميني جي شخصيت تي انتهائي ڪريل ۽ غليظ نموني سان حملو ڪيل هو، انهن ڏينهن خميني عراق ۾ جلاوطنيءَ جي زندگي گذاري رهيو هو.
    “جڏهن اهو مضمون قم پهتو ته ماڻهو پڙهي غضبناڪ ٿي ويا، ۽ هو رستن ۽ چوڪن تي گڏ ٿيڻ لڳا، جن ماڻهن کي پڙهڻ آيو ٿي، انهن، ٻين کي پڙهي ٻڌايو، ان ڪاوڙ ۽ بي چينيءَ جي اثر هيٺ ماڻهن جو ميڙ وڌندو ويو، ۽ هو وڏي آواز سان ڳالهائڻ لڳا، لڳاتار بحث ڪرڻ جو هونئن به ايرانين کي وڏو شوق آهي، ڪٿي، ڪنهن به مهل، ڏينهن هجي يا رات، ان بحث سان گرمايل ٽولين چقمق جو ڪم ڏنو، ٻُڌڻ وارا انهن جي چوڌاري گڏ ٿيندا ويا. ايستائين جو شهر جي مرڪزي چوڪ ۾ هڪ وڏو ميڙ ڪَٺو ٿي ويو، ۽ اها ئي شئي پوليس کي سڀني کان وڌيڪ ناپسند هوندي آهي، اُن ميڙ جي موڪل ڪنهن ڏني؟ ڪنهن به نه، ڪا به موڪل نه ڏني ويئي آهي ۽ ماڻهن کي رڙيون ڪرڻ ۽ هٿن اُڇلڻ جي موڪل ڪنهن ڏني؟ پوليس کي خبر هئي ته اهي بي معنيٰ سوال آهن ۽ هاڻ چوڪ ۾ گڏ ٿيندر ماڻهن کي منهن ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي.”
    (ڪاپوشنسڪي: شهنشاهه)
    اهائي گهڙي اهم گهڙي هئي، جنهن دوران اُڀريل چڻنگ کي ڀنڀٽ بنجڻون هو، اِهائي اُها گهڙي هئي، جيڪا ملڪ جي، شاهه جي ۽ انقلاب جي تقدير جو فيصلو ڪرڻ واري هئي... هڪ گهڙي... اک ڇنڀ... تاريخ جو وهڪرو بدلائي ٿي ڇڏي...
    پوليس ميڙ تي گولي هلائي... گوليءَ جي ٻولي سدائين رت جون نديون وهائيندي آهي... پوليس جي ان هلايل گوليءَ بي گناهه ماڻهن جا لاش ته ڪيرايا، پر انهن لاشن مان وهندڙ ان رتَ شاهه جي تخت جي کتل پاين ۾ وڃي زمين کي پُورو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ جيئن جيئن لاش ڪرندا ويا، انهن جو رت، اڳ وهيل رت سان ٿي مليو ته شاهه جو تخت به رت سان نرم ٿيندڙ زمين ۾ گهڙڻ لڳو... ايئن جيئن ڌُٻڻ ڪنهن شئي کي ڳيهڻ شروع ڪندي آهي... زمين تي شاهه پنهنجو تخت بچائڻ لاءِ ماڻهن جي رت جو ريج ڏيڻ شروع ڪيو ۽ اُن رت زمين اندر وڃي شاهه جي تخت کي پاتال ۾ ڇڪڻ شروع ڪيو، اڍائي هزارن سالن جي شهنشاهيت کي ايئن زمين ڳڙڪائڻ لڳي، ڄڻ ان جو وجود زمين جي مٿان بار بنجي ويو هجي، ۽ هيڏانهن سڄو ايران ان تخت کي پاتال ۾ دفنائڻ لاءِ “مرگ بر شاهه... رود برخميني ۽ مرگ بر آمريڪا” جي نعرن سان ٻُرائجڻ لڳو.
    11 فيبروري جو ڏينهن ايران جي تاريخ ۾ سنگ ميل جي حيثيت ٿو رکي، اڍائي هزار ساله شهنشاهيت ڊهي اچي پٽ پيئي، واري جي گهروندڙي جيان ۽ شهنشاهيت ايراني عوام جي دائمي نفرت نشانو بنجي ويئي.
    آئون خميني جي شاندار ٺهيل مقبري تي هڪ نظر وجهان ٿو ۽ منهنجي ذهن جي اسڪرين تي هڪ پراڻي فلم هلڻ لڳي ٿي. جنهن ۾ عوام جي نفرت جو اظهار آهي... عوام جي نفرت... روسي انقلاب جي شروعاتي ڏينهن ۾ زار جي شاهي فوج جي هڪ ڪرنل جو جنازو هڪ ديول ۾ آندو ويو. اڃا آخري رسمون شروع نه ٿيون هُيون ته ‘سرخ فوج’ جي جيالن جو هڪ دستو اُت پهتو... هو تابوت وٽان لنگهيا، هر سپاهيءَ لاش جي منهن تي ٿڪڻ کانپوءِ Eyes Front جو اندازو اختيار ڪري ٿي ورتو، ڪاري ماتمي لباس ۾ ڪرنل جي بيوهه لڙڪ اگهڻ جي لاءِ مُٺ ۾ دٻايل رومال سان پنهنجي مرهيات مڙس جو منهن صاف ڪندي رهي، نيٺ آخري سپاهي آيو ۽ هن لت هڻي تابوت اونڌو ڪري ڇڏيو.
    انقلاب کانپوءِ ايراني اڪثر اچي ‘رضا شاهه ڪبير’ جي مقبري تي ٿُڪون اڇلائيندا هئا.
    ايراني انقلاب کانپوءِ، ايراني بلوچستان جي هڪ همراهه، جنهن کي غربت وقت کان اڳ پوڙهو ڪري ڇڏيو هو، هڪ ٽي وي پروگرام ۾ شاهه ايران کي فارسيءَ ۾ گهٽ وڌ ڳالهايو، پوءِ ان ئي روانيءَ سان بنا ساهي پٽڻ جي کيس اردؤ ۾ ماءُ ڀيڻ تي گاريون ڏيڻ شروع ڪيون، اهو پروگرام ٽي چار ڀيرا ٽي ويءَ تي ڏيکاريو ويو، تڏهن وڃي ايراني ٽي وي وارن کي خبر پئي ته همراهه ڇا پيو فرمائي.
    هن ئي تهران ۾ ‘سعد آباد’ جي محلاتن ۾ شهنشاهه ايران وڏي ٺٺ سان رهندو هو... سعد آباد جي محلات کي هاڻ عجائب گهر ۾ بدلايو ويو آهي. ته جيئن دنيا ڏسي ۽ عبرت حاصل ڪري ته هڪ شهنشاهه عوام کي دٻائي ڪيئن نه سُکي زندگي گذاريندو هو... ۽ خميني ‘قم’ جي هڪ ننڍي ۽ عام قسم جي گهر ۾ رهندو هو، جيڪو پڻ هر ڪو ڏسي سگهي ٿو. هينئر شاهه به هن دنيا ۾ ڪونهي ته خميني به نه آهي... شاهه قاهرا ۾ دفنايل آهي ۽ سندس قبر ڪنهن کي ياد به ڪونهي ۽ خميني هن وڏي ۽ شاندار مقبري جي اندر دفن ٿيل آهي، جنهن جي سامهون هينئر آئون بيٺو آهيان.
    انقلاب کانپوءِ، تهران ۾ ‘رضا شاهه ڪبير’ جو مقبرو ڊاهڻ لاءِ جيترو وقت صرف ٿيو، اوترو وقت ڪنهن ٻي شاهي يادگار جي ڊاهڻ ۾ نه لڳو. آئون واپس مُڙان ٿو ۽ سوچيان ٿو، انقلاب سدائين انڌي گهوڙي تي سوار ٿي ايندو آهي ۽ پهرين جيڪو به سامهون ايندو آهي، اهو ان جي سنبن هيٺان لتاڙجي ويندو آهي، نه پنهنجي جي سڃاڻپ ۽ نه پرائي جي، فرانس جي انقلاب ۾ به ايئن ٿيو ته روسي ۽ چيني انقلاب ۾ به... ۽ ايران جو انقلاب به ته انهن کان ڪو گهٽ هو ڇا؟
    وين جي ويجهو وڃي ڊرائيور مرتضيٰ کان اشارو ڪري پُڇان ٿو ته “خميني ڪيئن هو.؟”
    هن موبائيل جي اسڪرين تي جهڪيل نظرون مٿي کڻڻ کانسواءِ ئي ڌيمي لهجي ۾ وراڻيو، “بدنيست” (خراب ڪونهي)
    وين ۾ ويهي خميني جي مقبري تي نظر وجهان ٿو... منهنجي تصور ۾ هڪ وڏو هجوم تهران ۾ “مرگ برشاهه” جا نعرا هڻندو رضا شاهه ڪبير جو مقبرو ڊاهيندي نظر اچڻ لڳو.
    وين واپس وڃڻ لاءِ مُڙي منهنجون نظرون خمينيءَ جي مقبري تي کتل هيون ۽ تصور ۾ ماڻهن جو هڪ وڏو هجوم نعرا هڻندو خميني جي مقبري ڏانهن وڌندي نظر اچڻ لڳو ۽ ذهن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ هڪ جملو اُڀريو “مستقل جي تاريخ جي پيٽ ۾ ڇا آهي... ڪهڙي خبر؟”


    • تهران ۾ بي بي شهربانو ۽ شاهه عبدالعظيم جون زيارتون

    هاڻ اسانجي ايندڙ منزل ‘بي . بي شهر بانؤ’ جي مزار هئي ۽ اسانجي وين اوڏانهن هلڻ لڳي. هونئن ته ايران ۾ سٺ کان به وڌيڪ زيارتون آهن، پر اڪثر زيارتي جن هنڌن جي زيارت ڪندا آهن، انهن ۾ ‘شهرري’ ۾ بي . بي شهر بانو ۽ شاهه عبدالعظيم جي مزارن تي ضرور وڃن. بي .بي شهر بانو جي مزار هڪ جبل جي ٽڪريءَ جي ڀِڪ ۾ آهي، ان جبل کي هاڻ ‘ڪوهه شهر بانو’ چيو وڃي ٿو. اوڏانهن ويندڙ روڊ عام روڊن جهڙو آهي ۽ وين ور وڪڙ ڏيئي مٿي چڙهي رهي هئي، ۽ سامهون مزار نظر اچي رهي هئي، آئون ساڄي پاسي ڏسان ٿو، ري / تهران جو شهر پري پري تائين پکڙيل نظر اچي رهيو هو. چڙهائي جي ڪري سڀني جي اندر ۾ هڪ اڻڄاتل ڊپ ۽ اُن ڊپ سڀني کي اُڀو ٿي ويهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو.
    مزار جي سامهون پهچي وين ‘پارڪنگ ايريا’ ۾ اسٽاپ ڪيو ۽ اسين سڀ هيٺ لٿاسين ۽ سامهون ٺهيل ڏاڪڻيون چڙهي مزار جي اڱڻ ۾ پهتاسين، سڀ ٽولين ٽولين جي صورت ۾، سامهون ٻي ڏاڪڻ چڙهي زيارت جي لاءِ مٿي هليا ويا ۽ آئون هڪ لوهي گرل کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيس.
    بي. بي شهربانو، حضرت امام حسين جي گهر واري هئي، سندس باري ۾ ڪتابن ۾ اچي ٿو ته بي. بي صاحبه ايران جي آخري ساساني بادشاهه ‘يزدگرد’ جي وڏي نياڻي هئي، ايران تي ساساني گهراڻي جي ساڍا چار سئو سال حڪومت رهي، جڏهن عربن ايران تي ڪاهيو ۽ يزدگرد کي شڪست ملي ۽ هو قتل ٿيو ته بي . بي شهربانو، جنهن جو نالو “دختر شاهه جهان” هو، اها به ڪيترن ئي ايرانين سان گڏ غلام بنجي مديني شريف پهتي ۽ امام حسين جي نڪاح ۾ آئي . بي . بي شهر بانو جي بطن مان امام علي زين العابدين ڄائو، جيڪو شيعن جو چوٿون امام سڏيو وڃي ٿو.
    بي بي شهر بانو جي هت اچڻ جي حوالي سان عام طور تي اها ڳالهه چئي وڃي ٿي، ته ڪربلا جي جنگ ۾ بي بي صاحبه موجود هئي ۽ جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ امام حسين، کيس سلامتيءَ جي خيال کان پنهنجي وطن ايران موڪليو، بي بي صاحبه ڪشالا ڪاٽيندي نيٺ “شهر ري” پهتي ۽ دشمن سندس پويان لڳل هو، نيٺ هن هنڌ تي زمين ڦاٽي پيئي ۽ بي بي شهر بانو اندر هلي ويئي. اُتي هڪ غار به آهي، جنهن جو منهن اُن وقت بند هو، لوهي جنگهلي واري دروازي کي ٻاهران تالو لڳل هو. روايت آهي ته ڪربلا مان جڏهن بي بي شهربانو هت پهتي ته پاڻ جنهن گهوڙي تي سوار هئي اهو هوا جي دوش تي اُڏامندو هت هن ئي ٽڪريءَ تي بيٺو ۽ ان غار جي اندر اُن گهوڙي جي سنبن جا نشان آهن.
    جيتوڻيڪ مٿيون ڳالهيون مختلف ڪتابن ۾ اچن ٿيون ۽ ڪافي ماڻهو انهن تي يقين به رکن ٿا، پر اُن تي اختلاف به ڪافي آهن. خود ايران جا وڏا عالم، جن ۾ ايراني انقلاب جو فڪري باني ڊاڪٽر علي شريعتي به شامل آهي. بي بي شهر بانو جو هت اچڻ به ڏند ڪٿائي قصو ٿو لڳي، ان دور جا ڪيترائي عالم بي بي صاحبه جي شهزادي هجڻ جوڪوبه اشارو نٿا ڪن، دراصل اها ڳالهه سڀ کان پهرين جنهن اسڪالر لکي ته بي بي شهربانو جو لاڳاپو ‘ساساني گهراڻي’ سان هو، اهو نائين صديءَ جو علامه ‘زبان موبارد’ هو.
    تاريخن ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون آيل آهن، جيڪي ليکڪن هِتان هُتان ٻُڌي سُڻي، بنا ڪنهن تصديق ڪرڻ جي لکي ڇڏيون، ڪن وري عقيدي ۽ محبت ۾ اچي اسلام جي ناليوارين هستين ڏانهن اهڙا ته عقل چرخ ڪندڙ قصا منسوب ڪري ڇڏيا، جو اصل دنگ رهجيو وڃجي، ‘تاريخ طبريءَ’ کي مستند تاريخ مڃيو وڃي ٿو، پر ان ۾ به اهڙيون ته ڳالهيون لکيل آهن، جو عقل دنگ رهجيو وڃي، ان دور جي تاريخ نويسين، طبريءَ سميت، سندن وقت کان ٻه اڍائي سئو سال اڳ ٿيل واقعن ۽ جنگين جا ايئن ويهي احوال لکيا آهن، ڄڻ سندن سامهون جنگين جي مووي (Movi) هلندي هجي، ۽ هو ان تان ڏسي پل پل جو احوال لکندا هجن.
    ڪجهه وقت اڳ مونکي ڪنهن دوست وٽان ڊاڪٽر سيد شبير هاشمي جو هڪ ڪتاب “ڪربلا ڪي حقيقت” پڙهڻ جي لاءِ مليو، جنهن ۾ هن تاريخ طبري ۽ ٻين مستند مڃيو ويندڙ ڪتابن مان ساڳئي واقعن بابت اهڙا ته متضاد بيان ڪوٽ ڪيا آهن، جو کيس شابس ڏيڻ کانسواءِ نٿو رهي سگهجي، تاريخ سان دلچسپي رکندڙن کي اهو ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي، اهو انگريزي ۾ به ڇپيل آهي ته اردوءَ ۾ پڻ.
    ٻيا زائرين هيٺ لهڻ لڳا ۽ آئون مٿي مزار ڏانهن. ايران ۾ اڪثر امام زادن ۽ شهزادين جون مزارون نهايت شاندار ۽ وڏي خرچ سان ٺهيل آهن، اُتي بي بي شهربانوءَ جي هيءَ مزار نهايت عام نوعيت جي هئي.
    زيارتي هاڻ هوريان هوريان هيٺ لهي پارڪنگ ۾ وين وٽ گڏ ٿيڻ لڳا، جتان اسانکي ‘شاهه عبدالعظيم’ جي زيارت لاءِ وڃڻون هو، شاهه عبدالعظيم، ‘امام رضا’ جو ڀاءُ هو، ايران ۾ امام زادن ۽ شهزادين جون ٺهيل مزارون به ڏسڻ وٽان آهن. مشهد ۾ امام رضا جي مزار جي ڇا ڳالهه ڪجي، سڄي ايران ۾ شايد پهريون نمبر سهڻي ۽ وڏي مزار آهي... تنهن کانپوءِ قم ۾ بي بي معصومه جي، پر شاهه عبدالعظيم جي ٺهيل هيءَ مزار به گهٽ ڪانه هئي. سون جو گنبذ، اندر مزار ۾ نهايت سهڻو، جا ذب نظر ڪم، ۽ قيمتي سامان ۽ ڪاشي جو استعمال به گهڻو ڪيل هو. شاهه عبدالعظيم جي مزار تي هر وقت غريب ماڻهن ۽ زيارتين جا هجوم هوندا آهن. شاهه عبدالعظيم جي ڀر ۾ ئي ‘امام زادي حمزه’ ۽ ‘امام زادي طاهر’ جون به مزارون آهن. شاهه عبدالعظيم جي مزار جي اڱڻ ۾ ڇت وجهڻ جو ڪم هلي رهيو هو. ايران ۾ امام رضا جي مزار سميت اڪثر مزارن تي تعميري ڪم ڪار هلندڙ هو، پر نهايت صفائي ۽ سٿرائيءَ سان، نه ڪن نه ڪچرو ، نه سيمينٽ نه گاري جو گند. ايران ۾ مزارن تي زيارتن جي دوران ٻه ٻيون شيون به مون نوٽ ڪيون، هڪ اها ته اُتي ڪٿي به ‘پيٽ پرست مجاورن’ جي مخلوق نظر نه آئي ۽ نه ئي فقيرن جي لوڌ. پاڻ وٽ پاڪستان ۾ ڪنهن به مزار تي وڃ، پوءِ اها ننڍي هجي يا وڏي اُف اهي مجاور...هندستان ۾ به ائين مجاور ئي مجاور... ڇا چئجي انهن مجاورن جي باري ۾، لطيف سرڪار ئي گهڻوڪجهه چئي ويو اٿن.
    ملان مجاور، چوهڙي، ٽيئي اوڇي ذات،
    هَڏي مٿي وات، گِرندي وينِ گُذري.
    ۽ ٻيا اهي فقير، جيڪي اصل ڪپڙا ئي ڦاڙيو ڇڏين، هاڻ مزارون ته پنهنجي جاءِ تي، سنڌ ۾ پنندڙن جا به قبيلا ٺهي ويا آهن. ڪنهن به هنڌ رڳو ٻه ٽي منٽ بيهي ڏسو، ڪو نه ڪو فقير اچي اوهانجو پاسو وٺندو. جوان، پوڙها، عورتون ۽ ٻار سڀ پنڻ جي پويان. مون ته اهڙن اهڙن ڏٽن مٽن کي پنندو ڏٺو آهي، جن کي ست ڪتا کائن ته به نه کٽي... هاڻ ته حڪومتن جي پاليسين، اٽي جي ٿيلهي، وطن ڪارڊ، يا ٻي ڪنهن الف بي سپورٽ پروگرام جي نالي ۾، ماڻهن کي خيراتن ۽ زڪواتن تي اهڙو ته هيرائي ڇڏيو اٿن، جو وتن سڄو ڏينهن سونگهيندا ته ڪيئن بنا ڪم ڪار جي خيرات جي نالي ۾ پئسا هٿ ڪجن. جيئن اسانجي هڪ شاعر ‘عبد سنڌيءَ’ چيو آهي.
    نه عزت نه دولت، نه صحت سلامت،
    اسين پوءِ به آهيون سلامن جي پويان،
    بکئي پيٽ اهڙو ڪيو تنگ آهي،
    سنڌي سڀ آهن زڪواتن جي پويان.
    ايران ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ هنڌن تي اوچتو ئي اوچتو ڪنهن زائفان منهن ڀلڙو ڪري اچي ٿي خيرات لاءِ پاسو ڏنو، سو به هَڄيل ۽ ڊنل، جي ڪجهه ڏنوَ ته ٺيڪ نه ته ايئن هٽي پري ٿي بيهندي، ڄڻ ڏينڀوءَ ڏنگ هنيو هجيس، ان جو سبب شايد اهو آهي ته ايران ۾ پنڻ تي سرڪاري طور تي پابندي آهي.
    اسين شاهه عبدالعظيم ۽ ٻين امام زادن جي زيارت ڪري اچي ٻاهر بيٺاسين، زنده ماڻهن مان مردن جي دنيا ۾، مُردن ماڻهن مان وري جيئرن جي جهان ۾ موٽڻ جو اهو سلسلو آخر تائين جاري رهيو. اسان ايران ۾ ايترين ته مزارن، مقبرن ۽ قبرن تي وياسين، جو جڏهن نيشاپور ۾ ٽئڪسي وارو اسانکي ‘بي بي شطيطه’ جي مزار تي وٺي ويو ته مون سنگت کي چيو، “يارو! هاڻ ته قبرن کي ڇڏيو، ڪجهه جيئرن جي دنيا به ڏسو.”
    شاهه عبدالعظيم جي مزار جي ٻاهران بيٺي مونکي ياد آيو ته ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هوم ته، شاهه عبدالعظيم جي مقبري جي ويجهو ئي ‘رضا خان ڪبير’ جو مقبرو هو، جنهن کي جوهانسرگ (ڏکڻ آفريقا) ۾وفات کانپوءِ پهرين قاهرا ۾ دفنايو ويو هو ۽ پوءِ سندس پُٽ شهنشاهه محمد رضا شاهه سندس لاش گهرائي کيس هتي دفن ڪرايو ۽ مقبرو اڏرايو، جيڪو انقلاب کانپوءِ ڊاٺو ويو. تاريخ ۾ مقبرن ۽ قبرن جي بي حرمتيءَ جا ڪيترائي احوال ملن ٿا. جڏهن عباسين، اموين کي شڪست ڏيئي، سندس خلافت ختم ڪئي ته پهرينءَ عباسي خليفي ‘ابو السفاح’ دشمني ۽ انتقامي جذبي طور اموي خليفن جون قبرون کوٽرائي، انهن جي لاشن جا هڏا ڪڍرائي ساڙائي ڇڏيا ۽ خليفي هشام جو لاش سالم حالت ۾ قبر مان نڪتو ته اُن کي ڦاسيءَ تي لڙڪايائين.
    شهنشاهه ايران پنهنجي جلا وطن پيءُ جو مڙهه قاهرا مان گهرائي ايران جي سرزمين ۾ دفن ڪرايو، پر پاڻ جلا وطنيءَ جي حالت ۾ قاهره ۾ گذاري ويو، کيس وطن جي مٽي به نصيب نه ٿي.
    دو گز زمين بهي نه ملي ڪوئي يار مين.
    شاهه عبدالعظيم جي مزار تان روانا ٿياسين ته ڊرائيور مرتضيٰ اسانکي هڪ ٻي زيارت ڪرائڻ جي لاءِ وٺي هليو، پر هاڻ ٿڪاوٽ ايترو ته غلبو حاصل ڪري ويئي هئي، جو آئون جلدي اندران ٿي، ٻاهر اچي هڪ بئنچ تي ويهي رهيس، جڏهن سڀ موٽي اچي وين ۾ ويٺا ته آئون به اُٿي اچي وين ۾ چڙهيس، مرتضيٰ اسان کي تهران جي مختلف رستن تان ڦيرائيندو “راهه آهن تهران” (ريلوي اسٽيشن تهران) تي ڇڏيو، جتان اسانکي ساڍي ڏهين وڳي واري ٽرين ۾ “مشهد” روانو ٿيڻو هو.


    • ايستگاهه راهه آهن تهران .... خوب است!

    سڄيءَ دنيا ۾ ريلوي جو نظام ماڻهن کي سستي ۽ محفوظ سفر جي سهوليت مهيا ڪري ٿو. پر پاڻ وٽ پياري پاڪستان ۾ ڪرپشن ۽ درست رٿا بندي نه هئڻ سبب جيئن پوءِ تيئن وڃي پيو زواليت جو شڪار ٿيندو ۽ پؤڻون پوندو. هاڻ ته ريلوي انجڻين جي خراب هئڻ جو بهانو بنائي ڪيتريون ئي ريلون بند ڪيون ويون آهن. ۽ جيڪي هلن ٿيون، سي به ڏاڍي خراب حالت ۾ آهن، هونئن ڏسبو ته ڪنهن به ريل ۾ پير رکڻ جي به جڳهه نه ملندي. سرڪاري رپورٽن ۾ اهو ئي ٻڌايو ٿو وڃي ته ريلوي کاتو نقصان ۾ پيو وڃي... مطلب ته ريلوي کاتو وڏي گهوٽالي ۽ ڪرپشن جو شڪار آهي، پر ٻين ملڪن ۾ ايئن ڪونهي، مون هندستان ۾ ريلوي جو شاندار نظام ڏٺو آهي، ۽ هينئر جڏهن تهران مان ريل جي ذريعي ‘مشهد’ پهتا آهيون ته ايران جي ريلوي نظام جي ڳالهه نه ڪرڻ ۽ ان جي واکاڻ نه ڪرڻ سراسر زيادتي ٿيندي.
    اسين تهران جون زيارتون ڪري ستين بجي ڌاري اچي تهران ريلوي اسٽيشن تي پهتاسين ۽ انتظار گاهه ڏانهن وڌياسين، اسانجي ٽرين ساڍي ڏهين بجي ‘مشهد’ جي لاءِ رواني ٿيڻي هئي. ۽ اهي ساڍا ٽي ڪلاڪ اسانکي ايستگاهه راهه آهن تهران (يعني ريلوي اسٽيشن تهران جي انتظار گاهه) ۾ گذارڻا هئا. ريلوي اسٽيشن ۾ گهڙياسين ته پهرين جنهن شئي تي نظر پيئي، اهو دروازي جي بلڪل سامهون، قرآن شريف جو هڪ وڏو ۽ خوبصورت ماڊل هو. اهو ماڊل ايترو ته سهڻو هو، جو اڳتي وڌڻ کان اڳ گهڙي کن اُتي بيهي رهياسين، تنهن کانپوءِ ساڄي پاسي مڙي سامهون رکيل ڪرسين تي وڃي ويٺاسين، تهران جي ريلوي اسٽيشن ايئرپورٽ جو ڏيک ڏيئي رهي هئي، اندر ننڍا ننڍا شاپس، ريسٽورانٽ، ڪافي شاپس، بوڪ شاپ وغيرهه هئا. اسين هلندا اچي ڪرسين تي ويٺاسين ۽ سامهون کليل ٽي وي کي ڏسڻ لڳاسين، فارسيءَ ۾ ڪا فلم هلي رهي هئي، ايڊونچر قسم جي هئي. سامان رکي ٿانيڪا ٿياسين ته ڀر پاسي جو جائزو وٺڻ لڳس، ڪجهه دوست ٿورو پريان ريسٽورانٽ ۾ هليا ويا، جيئن رستي ۾ کائڻ جي لاءِ ڪجهه وٺي سگهجي... فهد عباسي انهن ۾ سڀني کان اڳرو... ‘واٽ مني ڪيا ماڙي گو’ ٽائپ فارسي ڳالهائي، دوڪاندارن جو مٿو کائي ڪم ٽپائي ٿي ويو، هو اڳ ۾ به ايران اچي چڪو هو.
    ڏهين بجي ڌاري وسيم اسانکي هلڻ جي لاءِ چيو، ان وچ ۾ هو ٽڪيٽن تي پوليس انٽري به ڪرائي آيو، هن ٻڌايو ته ٻاهرين ماڻهن تي لازمي آهي ته هو “راهه آهن پُلس” وٽ ٽڪيٽن جي انٽري ڪرائين، “راهه آهن پُلس” جي اُتي ئي آفيس هئي. اسان اُتان اُٿي گيٽ ٽپي اندر ٿياسين، جيئن ايئر پورٽ تي هوندو آهي، ٿوري دير اُتي ويهڻ کانپوءِ سوا ڏهين بجي، ‘مشهد’ ويندڙ ٽرين جي انائوسمينٽ ٿي ته اسين پنهنجو سامان سيڙي وسيم جي رهنمائيءَ ۾ اچي ريل جي بوگيءَ ۾ گهڙياسين ۽ پنهنجون سيٽون سنڀاليوسين، ريلوي جي بوگي ڏاڍي سٺي هئي، مون سان گڏ فرات شاهه جي سيٽ هئي ۽ سامهون چاچي مبارڪ شيدي ۽ سندس گهرواريءَ جون سيٽون هيون.
    اڳيان ذڪر ڪري آيو آهيان ته اسانجي قافلي ۾ ڪُل ملائي مرد، زائفائون ۽ ٻار چوويهه ڄڻا هئا، انهن ۾ مبارڪ شيدي ۽ سندس گهرواري به هئا، پاڻ اصل ڪوٽڙيءَ جا هئا، ٻڌايائين ته پاڻ واڍڪو ڪم ڪندو آهي، سندس وڏو پُٽ ميل نرس اسٽاف ۾ شامل آهي، هن ‘ڪاميٽي’رکي هئي، جيڪا کُلي ته هن انهن پئسن مان کين هن زيارتي سفر تي روانو ڪيو ته “وڃو، مولا رضا جي زيارت ڪري زوار بنجي اچو.”
    اسين جڏهن حيدرآباد مان ڪراچيءَ لاءِ روانا ٿيا هئاسين ته مبارڪ شيدي ۽ سندس گهرواريءَ کي سندس پُٽ ۽ ٻي آڪهه سڄي سوزوڪي ڀري، گلن جا هار پارائي، وين تي ڇڏڻ آئي هئي، بلڪل ايئن جيئن حاجين کي حج تي روانو ڪبو آهي.
    اسانجي قافلي ۾ هڪ ٻي ميرپور خاص جي فئملي هئي، ذات جا لغاري هئا، انهن جو سريال، سندس پُٽ، ننهن ۽ ٻه ٻار به اسان سان هن سفر ۾ شامل هئا. چاچو لغاري اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا ايران، عراق ۽ شام زيارتن تي وڃي چڪو هو. خبرون چارون ڪندي معلوم ٿيو ته زيارتن تي نڪرڻ کان اڳ پاڻ پنهنجي ڳوٺ ۾ “مولا جو نياز”ڪيو هئائين، جنهن ۾ لک روپيا خرچ ڪيو هئائين.
    ٽرين جو اهو سفر ڏاڍو آرامده هو، اندر ٽي وي هلي رهي هئي، اي سي هئڻ سبب، ٻاهر جيڪا ٿوري ٿڪي گرمي محسوس پي ٿي، اها به نه رهي هئي، اسين سڀ پاڻ ۾ ڪچهري ڪندا، نيٺ ٻارهين سوا ٻارهين ڌاري، ڪي سيٽن تي ته ڪي پَٽ تي سمهي پياسين، صبح جو جڏهن جاڳياسين ته ست ٿيا هئا، ٽرين ۾ اهڙي ته سُٺي ننڊ آئي، جو ٿڪ جو نالو نيشان به نه هو، ضروري حاجتن مان وانڌا ٿياسين ته ٽرين جي عملي پاران چانهه ۽ بسڪوٽن جا پئڪٽ ناشتي طور ‘سرو’ ڪيا ويا.
    ريل مختلف اسٽيشن تان لنگهندي، ڪن تي بيهندي ‘مشهد’ ڏانهن وڌڻ لڳي، وچ ۾ جڏهن “نيشاپور” جي اسٽيشن آئي ۽ ٽرين اسٽاپ ڪيو ته منهنجو ڌيان ٻاهر هليو ويو. نيشاپور جي پنهنجي تاريخي حيثيت ته آهي، پر هن شهر جي وڏي سڃاڻپ اها آهي ته عمر خيام، شيخ فريد الدين عطار ۽ مشهور مصور استاد ڪمال الملڪ جون مزارون هت آهن، ان حوالي سان شعرو ادب سان لاڳاپو يا دلچسپي رکندڙن لاءِ نيشاپور ڪشش جو سبب بنجي ٿو.
    مشهد شهر جي وڏي تاريخي حيثيت آهي، ٻي صدي هجري يعني نائين صدي عيسويءَ تائين هي شهر هڪ ننڍو ڳوٺ هو، جنهن جو نالو “سنا باد” هو. حضرت امام رضا جي هتي شهادت ٿيڻ ۽ پوءِ مدفن سبب شهر جو نالو “سنا باد” مان ڦري ‘مشهد مقدس’ يعني “شهيد جي آرام گاهه” پئجي ويو. ان کانپوءِ امام رضا عليھ السلام جي مزار سبب نه رڳو سڄي ايران، پر سڄي دنيا جي شيعن جي لاءِ ‘مشهد’ زيارت گاهه بنجي ويو، ۽ وقت گذرڻ سان گڏ هي شهر ترقي ڪندو ويو، هن وقت مشهد ايران جي صوبي خراسان جي گاڌي جو هنڌ آهي، ماضيءَ ۾ مشهد سڄي ايران جي گاڌي جو هنڌ پڻ رهيو، هي شهر ٻن جبلن “بنا لود” ۽ “هزر مسجد” جي وچ ۾ ‘ڪشف ندي’ واري ماٿريءَ ۾ آهي، هن وقت تهران کانپوءِ مشهد ايران جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي، ۽ امام رضا جي روضي هئڻ سبب هر سال هزارين لکين ماڻهو زيارت واسطي هت اچن ٿا. جيئن سڄي دنيا جا مسلمان حج ڪرڻ جي لاءِ ذوالحج جي مهيني ۾ مڪي شريف ۾ اچي گڏ ٿيندا آهن، ۽ نائين ذوالحج منيٰ جي ميدان م گذارڻ سان ‘حاجي’ سڏرائڻ جا حقدار بنجي ويندا آهن. تيئن شيعه ايران ۾ حضرت امام رضا، نجف ۾ حضرت عليرضه ۽ ڪربلا ۾ امام حسينعه جي مزارن جي زيارتن کانپوءِ “زوار” سڏرائيندا آهن. زواريت جي لاءِ ڪي مخصوص ڏينهن يا مهينا مقرر ڪونهن، جيئن حج لاءِ مقرر آهي.. سال جي ڪهڙي به ڏينهن يا مهيني، زواريت لاءِ وڃي سگهجي ٿو، ۽ هر مومن جي اها خواهش هجي ٿي ته هو مشهد، قم، ڪربلا ۽ نجف جي زيارت ڪري، تنهن کانسواءِ عام طور تي، ٻين ملڪن جي ته مون کي خبر ڪونهي، پر سنڌ جي اڪثر مومنن جي اها خواهش هوندي آهي ته کين ڪربلا يا مشهد ۾ دفنايو وڃي، جيتوڻيڪ هر مومن جي اها خواهش پوري ٿيڻ ته ممڪن ڪونهي، پر اڪثر سرنديءَ وارن کي، سندن وصيت موجب، دفنائڻ جي لاءِ اوڏانهن نيو ويندو آهي، سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن مان به ڪن اها وصيت ڪئي هئي، مير عبدالحسين سانگيءَ کي به سندس وصيت موجب پهرين امانت طور سنڌ ۾ ۽ پوءِ ڪربلا معليٰ ۾ دفنايو ويو. منهنجي هڪ دوست مير پور بٺوري جي اعجاز خواجه جي والده کي به سندس خواهش موجب ڪربليٰ ۾ دفنايو ويو.
    صبح جو ساڍي ڏهين بجي ٽرين ‘مشهد’ پهتي ته اسين پنهنجو سامان سنڀاري ٽرين مان لٿاسين، مومنن جي مشهد پهچڻ تي عجيب ڪيفيت هئي، هنن جي زندگيءَ جي وڏي خواهش پوري ٿي هئي، ‘راهه آهن مشهد’ به ڏاڍي سُٺي ٺهيل هئي، پر راهه آهن تهران ... خوب است. ٻاهر نڪتاسين ته وسيم هڪ بنا هڊ جي ڊاٽسن ڪري آيو، سڀني جو سامان اُن ۾ رکيو ويو ۽ زوهيب، فهد، حاجي عيسيٰ، آفتاب شاهه، امين لاکو، رضوان ڏهراج ۽ آئون اُن ۾ چڙهياسين، جيئن سامان جي حفاظت ڪري سگهون، ٻي چڪر ۾ زائفائون ۽ ٻار اچڻا هئا. وسيم به اسان سان گڏ هو، جيئن اسان جي رهائش لاءِ هوٽل جو بندوبست ڪري سگهي، سندس چوڻ هو ته هن اڳواٽ ئي اسانجي لاءِ هوٽل بوڪ ڪرائي ڇڏي آهي. اسٽيشن تي وسيم سان هڪ ايراني اچي مليو، جنهن جو نالو ‘مهدي’ هو، اها کليل هڊ واري ڊاٽسن به مهديءَ جي هئي، مهدي کي ڏاڍي سٺي اردو پي آئي، پوءِ خبر پيئي ته هو اڪثر پاڪستان مان ايندڙ زيارتين جي لاءِ ٽرانسپورٽ ۽ رهائش وغيرهه جو بندوبست ڪندو آهي.


    • فردوسي ۽ شاهنامون

    مشهد پهچي هوٽل تي سامان سڙو رکي ٿانيڪا ٿياسين ته مون امين کي چيو، “طوس جو پروگرام ڪڏهن ٺاهجي؟”
    “سڀاڻي بهتر رهندو.” امين هڪ ڊگهي اوٻاسي ڏيندي وراڻيو.
    “ پر قم جهڙو حشر نه ٿئي، جو ٻين جي آسري ۾ پروگرام ٺاهيندي ٺاهيندي سڄا سارا ٻه ڏينهن ذيان ٿي وڃن... نه ته تهران جو سٺو چڪر ٿي وڃي ها.” مون چيس.
    شام جو آفتاب شاهه ۽ صفدر شاهه سان ڳالهه ٿي ته هنن به هلڻ لاءِ خوشيءَ سان راضپو ڏيکاريو.
    ٻي ڏينهن صبح جو تيار ٿي هوٽل مان ٻاهر نڪتاسين ۽ سڌو امام رضا جي روضي جي اڳيان ‘ايستگاهه تاڪسي’ وٽ آياسين. فارسيءَ ۾ ايستگاهه اسٽاپ يا انتظارگاهه کي ۽ تاڪسي، ٽئڪسيءَ کي چئبو آهي. اسين پهتاسين ته ٽئڪسين وارا اسانکي ورائي ويا، نيٺ هڪ ٽئڪسي واري سان ‘چوڏهن هزار’ تومانن ۾ ‘طوس’ هلڻ طئي ٿيو. ان مهل آئون ۽ آفتاب شاهه ‘طوس’ وڃڻ جي خوشيءَ جي نشي ۾ سرشار هئاسين، سو چوڏهن هزارن ۾ ئي کڻي ٽئڪسي ٻوليسين. پر پوءِ واپس اچي خبر ورتيسين ته پتو پيو ته اسين ٽئڪسي واري جي هٿان ڦرجي ويا هئاسين، ٻن ڏينهن کانپوءِ امين، آپا مهرالنساءِ سان گڏجي ٻيهر ‘طوس’ ويو ته هنن ڏهن هزار تومانن ۾ ٽئڪسي ڀاڙي تي ڪئي، ٽئڪسي وارا جتي ڪٿي بي ايمان ۽ بشني، پوءِ پاڪستان هجي يا هندستان يا ايران... سندن ڪو به دين ايمان ڪونهي.
    طوس، مشهد کان 28 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ ‘خراسان’ جي وڏن شهرن، تهذيبي ۽ تمدني مرڪزن ۾ ڳڻيو ويندو هو. پر هاڻ کنڊرن، قديم قلعي جي ڪجهه حصن کانسواءِ اُت ٻيو ڪجهه به ڪونهي... هينئر طوس جي مشهوريءَ جو سبب “فردوسيءَ” جي مزار آهي...
    جڏهن ايران جو پروگرام ٺهيو ۽ ايران بابت پڙهڻ شروع ڪيم ته اهو معلوم ڪري، خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ نه پي ماپيس ته طوس، مشهد جي بلڪل ويجهو آهي، جتي فردوسيءَ جي مزار آهي.
    فردوسيءَ بابت ننڍي هوندي پرائمري اسڪول پڙهڻ واري زماني ۾ ڪافي ڪجهه ٻُڌو هو. منهنجو عظيم اُستاد سائين ڪريم بخش ‘پياسي’ مڱڻهار جيڪو پاڻ به سُٺو شاعر هو ۽ جنهن اسان شاگردن کي ڪورس پڙهائڻ سان گڏ، شاعري ۽ شاعرن سان به شناسائي ڪرائي. هو اسانکي ٻين ڳالهين سان گڏ فردوسيءَ سان لاڳاپيل مشهور واقعو به ٻُڌائيندو هو ته ڪيئنءَ، محمود غزنوي، فردوسيءَ سان ‘شاهنامي’ لکڻ جي عيوض “سٺ هزار سونيون اشرفيون” ڏيڻ اوري پنهنجي واعدي تان ڦري ويو هو.
    اسين چارئي يار “ٽئڪسيءَ” ۾ چڙهي ‘طوس’ روانا ٿياسين، ٽئڪسي مشهد مان جتان به ٿي گذري، اسين ڌوڏا ڦاڙي مشهد کي ڏسندا وياسين، هنڌ هنڌ تي وڻڪاري، خوبصورت پارڪ، مختلف شخصيتن جا مجسما ۽ صفائي سٿرائي ڏسي امين هر هر پيو چوي، “يار واپسيءَ تي شام جو هت اينداسين، چڪر هڻي، اکيون به ٿڌيون ڪبيون ۽ فوٽو به ڪڍنداسين.”
    ٽئڪسي، شهر کان ٻاهر نڪري “شيروان-گرگان روڊ” ڏانهن لڙي، طوس ان ئي روڊ تي آهي...
    فردوسيءَ جو سڄو نالو ‘ابوالقاسم منصور بن حسين’ هو. هن جو جنم طوس جي هڪ ننڍي ڳوٺ’باز’ ۾ 329هه ۾ ٿيو. هو پنهنجي ڳوٺ ۾ زمينداري ڪندو هو.
    فرودسيءَ غزنوي دور جو شاعر هو، غزنوي دور کي فارسي شاعريءَ جو سونهري دور سڏيو وڃي ٿو. “شاهنامه فردوسي”، فارسي شاعريءَ جو ايڏوته وڏو شاهڪار آهي، جو اُن دور کي ‘فردوسيءَ’ جي نالي سان ئي منسوب ڪري سگهجي ٿو. تنهن کانسواءِ فرخي ۽ عنصريءَ جا قصيدا فارسي شاعريءَ ۾ وڏي اهميت رکن ٿا.
    هونئن ته “درٻار غزنيءَ” ۾ چار سئو کن شاعر موجود هئا، پر انهن مان جيڪا شهرت ۽ عظمت شاهنامي جي خالق، فردوسيءَ جي حصي ۾ آئي، اها ڪنهن ٻي شاعر کي نصيب نه ٿي. ايتري عظمت ۽ شهرت جي باوجود به فردوسيءَ جي زندگيءَ جي باري ۾ ڪا گهڻي معلومات نٿي ملي. فردوسيءَ جي شاهنامي لکڻ جي حوالي سان ٻه روايتون ملن ٿيون، جن موجب فردوسيءَ 370هه ڌاري ڪنهن جي فرمائش کانسواءِ، پنهنجي اندر جي اُڇل ۽ دلي جذبي تحت “شاهنامو” لکڻ شروع ڪيو ۽ ٽيهن سالن جي محنت ۽ ڪاوشن جي نتيجي ۾ اهو لکي پورو ڪيائين، جيئن پاڻ به لکيو اٿس.
    بسي رنج بردم - درين سال سي،
    عجم زنده کردم – بدين پارسي.
    (مون ٽيهن سالن ۾ تمام گهڻيون تڪليفون سٺيون ۽ هن فارسي زبان جي ذريعي عجم (ايران) کي جيئرو ڪري ڇڏيو اٿم.)
    پر اڃا اهو مڪمل نه ٿيو هو، جو هو تنگدستي ۽ پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويو، سنگت ساٿ جي صلاح تي هو، سلطان محمود غزنويءَ جي درٻار ۾ پهتو ۽ سلطان جي شان ۾ ڪجهه شعر لکي هُن “شاهنامي” ۾ شامل ڪيا، فردوسي 394 يا 395هه ڌاري ‘غزني درٻار’ ۾ پهتو، ان جو مطلب اهو ٿيو ته فردوسيءَ، شاهنامون، محمود غزنويءَ جي فرمائش تي لکڻ شروع نه ڪيو هو ۽ نه ئي محمود ساڻس في شعر جي بدلي هڪ اشرفي ڏيڻ جو وعدو ڪيو.
    ٻي روايت موجب “شاهنامي” کي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ، فردوسيءَ کي سندس توَقع جي ابتڙ سٺ هزار اشرفين جي بدران “ويهه هزار” درهم مليا. جنهن تي هو دل شڪستو ٿي ‘غزنيءَ’ مان نڪري ويو ۽ هن محمود جي ‘هجو’ لکي ۽ گم ٿي ويو. ڪافي عرصي کانپوءِ، محمود پنهنجي وزير خواجه حسن جي سفارش تي فردوسيءَ کي سٺ هزار اشرفيون ڏياري موڪليون، جنهن لاءِ عام طور تي مشهور آهي ته جڏهن سلطان جا ماڻهو اشرفيون کڻي “طوس” پهتا ته فردوسي وفات ڪري چڪو هو ۽ شهر جي هڪ دروازي مان اشرفين سان ڀريل خچر داخل ٿي رهيا هئا ته ٻي دروازي مان فردوسيءَ جو جنازو دفنائڻ جي لاءِ نيو پي ويو، پوءِ اهي اشرفيون، فردوسيءَ جي ڌيءَ کي پيش ڪيون ويون، پر هن وٺڻ کان انڪار ڪيو، فردوسي جي وفات جو سال 411 يا 412 هجري آهي.
    انعام جي سلسلي ۾ فردوسيءَ جي محروميءَ جا ڪيترائي سبب بيان ڪيا وڃن ٿا. جهڙوڪ: (1) فردوسي شيعو هو ۽ محمود سُني هو، (2) شاهنامون، ايران جي قديم بادشاهن جي ڪارنامن تي ٻڌل آهي، ان جو قدر ته ڪو ايراني نسل جو بادشاهه ئي ڪري سگهيو ٿي. (3) شاهنامي جي پيشڪش وقت محمود جي درٻار ۾ فردوسيءَ جو ڪو به حامي وزير موجود نه هو. (4) اهو به چيو وڃي ٿو ته شاهنامي جي ڪجهه حصن، جهڙوڪ حسب نسب جي اهميت يا رستم جي بهادريءَ جي حد کان وڌيڪ واکاڻ محمود کي پسند نه هئي.
    مٿين سببن سان اتفاق ته نه ٿو ڪري سگهجي، پر فردوسي جي محروميءَ جي واقعي کي رد ڪرڻ جي لاءِ جن ٺوس دليلن جي گهرج آهي، اهي به اڃا تائين ميسر ٿي نه سگهيا آهن.
    البت اُن ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته محمود، فردوسيءَ جو سندس حيثيت آهر قدر نه ڪيو، جنهن جو ثبوت فردوسيءَ جو هي شعر آهي.
    محمود غزنويءَ جي سڀاڳي درٻار اهڙي درياهه وانگر آهي
    جنهن جو ڪو به ڪنارو ڪونهي.
    اُن ۾ ٽُٻيون هنيم ۽ هڪڙوبه موتي نه مليم
    ڏوهه بخت جو آهي، درياهه جو ڪونهي.
    شاهنامي جي لکجڻ جي حوالي سان هڪ ٻي روايت به ملي ٿي ته هن نظم جي لاءِ دنيا سلطان محمود غزنويءَ جي ٿورائتي ڪونهي، پر هڪ نا معلوم عورت جي ٿورائتي آهي، جيڪا فرودسيءَ جي گهرواري هئي.
    ڪڏهن ڪڏهن ڪن ننڍين ننڍين ڳالهين سان وڏن ڪمن جي شروعات ٿيندي آهي، شاهنامي جي سرجڻ جي سلسلي ۾ هڪ ننڍڙو واقعو هيئن به بيان ڪيو وڃي ٿو ته هڪ رات جو مهيني جي شروعاتي ڏينهن ۾ جڏهن چنڊ ٻُڏي چڪو هو ۽ چؤڏس اوندهه انڌوڪار پکڙيل هئي، فردوسي پنهنجي گهرجي باغ ۾ اڪيلو ليٽيو پيو هو. کيس ننڍ نه پي آئي ۽ هو پاساورائي رهيو هو، جڏهن اوندهه ۽ گهٻراهٽ وڌي ته هن پنهنجي زال کي سڏ ڪيو، جيڪا گهرجي اندر سُتل هئي، زالهنس سجاڳ ٿي باغ ۾ آئي. اسانجي شاعر کيس ڏيئو آڻڻ جي لاءِ چيو. هن حيرت مان پُڇيس، “اڄ توکي ننڊ جو نٿي اچي” جواب مليس، “ننڊ ئي نٿي اچي ته ڪيئن سمهان.” بهرحال ڏيئو آيو ۽ ان سان گڏ ڪجهه ميوو ۽ جام به هو. شراب ۽ موسيقي سان دل وندرائي ويئي. ان کانپوءِ زالهنس اسانجي شاعر کي چيو جيڪڏهن تون ان ڳالهه ۾ خوش ٿيئن ته آئون توکي ‘دفتر يا ستان’ مان هڪ اهڙو داستان ٻُڌايان جيڪو رزم، ٺرو، فريب ۽ محبت جي واقعن ۽ سنجيدهه ۽ ساڃاهه وند ماڻهن جي ذڪر سان ڀريل آهي، جنهن کي ٻُڌندي ئي توکي آسمان جي نيرنگين تي حيرت ٿيندي. اهو ٻڌي فردوسيءَ زور ڀريس ته تون مونکي اهو داستان ضرور ٻُڌائي، ان سان منهنجي پريشان طبيعت کي سڪون ملندو. زالهنس چيس، “آئون اهو داستان ٻُڌائڻ جي لاءِ تيار آهيان، پر تون مونسان وچن ڪر ته ٻُڌڻ کانپوءِ تون ان کي شعر ۾ آڻيندين.” فردوسيءَ وراڻيس “ٺيڪ آهي... مونکي اها ڳالهه منظور آهي، اهو قصو آئون توکان جيئن ٻُڌندس تيئن ان کي شعر جي شڪل ۾ آڻيندس.”
    ان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ اهو داستان ٻُڌايو ويو، اهو خوشقسمت داستان جيڪو ان ران فردوسيءَ پنهنجي زال کان ٻُڌو، اهو ‘داستان بيزن’ هو. ائين پوءِ فردوسيءَ شاهنامي لکڻ جي شروعات ڪئي.
    هتي اها ڳالهه به چوڻ مناسب رهندي ته فردوسيءَ پهريون شاعر ڪونه هو، جنهن “شاهنامون” لکيو. ساساني دور جو شاعر “مسعودي مروزي” فارسيءَ جو پهريون شاعر هو، جنهن ‘شاهنامون’ لکيو. ان ئي دور جي هڪ ٻي شاعر “دقيقيءَ” به اُن طرف ڌيان ڏنو، ايئن فردوسيءَ جي عظيم شاهڪار “شاهنامي” جو بنياد ان ئي دور ۾ رکيو ويو، اهو ايئن آهي، جيئن عمر مارئي، سسئي پنهون، سهڻي ميهار، نوري ڄام تماچيءَ جي داستانن کي اڳ به شاعرن ڳايو هو، پر جڏهن شاهه لطيف اهي داستان پنهنجي رنگ ۾ رچيا ته اهي نه رڳو شاهڪار بنجي ويا، پر هر زبان تي عام به ٿي ويا، يا جيئن پنجاب ۾ هير رانجهي جو قصو ته ٻين شاعرن به منظوم ڪيو هو، پر جڏهن وارث شاهه اهو منظوم ڪيو ته ڳالهه ئي ٻي ٿي ويئي.
    فرودسيءَ جو ‘شاهنامون’ سٺ هزار شعرن تي ٻڌل آهي، شاهنامي ۾ پنجاهه باب آهن ۽ هر باب ۾ هڪ بادشاهه جو احوال بيان ڪيو ويو آهي. ان جي شروعات الله تعاليٰ جي ثنا ۽ ساراهه سان ٿئي ٿي. تنهن کانپوءِ عقل ۽ ڏاهپ ۽ پوءِ نبي ڪريم جن جو ذڪر آهي، ان کانپوءِ ايران جي پهرينءَ داستاني بادشاهه ‘ڪيو مرث’ کان وٺي جمشيد، فريدون، نوشيروان ۽ آخري ساساني بادشاهه يزد گرد تائين پنجاهه بادشاهن جو قصو منظوم ڪيل آهي، اُن جو سڀ کان اهم حصو ڪياني بادشاهه “ڪيڪائوس” جي باري ۾ آهي، رستم اُن ئي دور ۾ پيدا ٿيو، اهو ئي ڪردار ۽ ان جون روايتون شاهنامي جي جان آهن، واقعن لکڻ وقت فردوسيءَ ڀروسن جوڳن ماخذن کان ڪم ورتو آهي.
    شاهنامي ۾ جيتوڻيڪ ڪيترائي خيالي داستان به بيان ڪيل آهن، پر اُن سان گڏوگڏ ڪيترن ئي ملڪن جي تهذيب ۽ ثقافت، قومن جي عادتن ۽ اخلاق جي به نشاندهي ڪئي ويئي آهي، ۽ انهن جي ذهني ۽ فڪري رجحانن کي به اُجاگر ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ فردوسيءَ شاهنامي جي نظمن ۾ ان ڳالهه جو به خاص خيال رکيو ويو آهي ته وطن دوستي ۽ ايران پرستيءَ جو ڪوبه موقعو هٿان وڃڻ نه ڏي.
    “فارسي ادب ڪي مختصر ترين تاريخ”، (اردو، ليکڪ: ڊاڪٽر محمد رياض ۽ ڊاڪٽر صديق شبلي) ۾ ‘شاهنامي’ جي هيٺين خاصيتن جو خاص طور تي ذڪر ڪيو ويو آهي: (1) فردوسيءَ قومي روايتن کي ڏاڍي ديانتداري ۽ احتياط سان شاهنامي ۾ شامل ڪيو آهي. (2) شاهنامي ۾ فطرت جا منظر، جنگ جي ميدان، پهلوانن جي ڪردارن ۽ انهن جي مقابلن جي ڪڙين کي وڏي مهارت سان منظوم ڪيو ويو آهي. (3) شاهنامي جي تمهيد ۽ هر داستان جي شروعات حمد ۽ نعت، ڏاهپ ۽ دانائي ۽ عبرت جي ڳالهين سان ڪئي ويئي آهي. (4) شاهنامون، بيان جي سادگيءَ ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي. جو هيترا سئو سال گذري وڃڻ جي باوجود اڄ به اهو لڳ ڀڳ هر ايرانيءَ جي لاءِ سمجهه جو ڳو آهي.”
    شاهنامو رڳو ايراني بادشاهن جي منظوم تاريخ ڪونهي، پر پنهنجي سڀني خوبين سان گڏ هڪ ‘رزميه’ به آهي. جنهن کي دنيا جي عظيم ‘رزمين’ ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. جيڪو مافوق الفطرت واقعن، سورهيائيءَ جي وڌايل چڙهايل ڪارنامن، حسد ۽ بدلي جي حڪايتن سان ڀريو پيو آهي، ان سان گڏ هڪ اهڙو نگار خانو به آهي، جنهن ۾ قديم ايراني تمدن ۽ ثقافت پنهنجي سڀني تفصيلن سان موجود آهي، شاهنامي ۾ فردوسي، واقعي نگاري، منظرڪشي، جذبات نگاري ۽ ڪٿي ڪٿي ته ايجاد ۽ اختصار جو حق ادا ڪري ڇڏيو آهي.
    هڪ محقق ‘برائون’ جي خيال ۾ سٺ هزار شعرن جي هن ڪتاب جو هڪ ئي بحر ۾ هئڻ بيزاريءَ جو باعث آهي، پر اهو هڪ ذوقي مسئلو آهي ۽ ان ۾ برائون جي راءِ لحاظ جوڳي ڪونهي. هڪ ٻئي محقق هادي حسن جي نظر ۾ فردوسيءَ جنگ جي ميدان ۽ جنگ جي منظر ڪشيءَ ۾ ڏاڍي مهارت جو ثبوت ڏنو آهي. پر جنگ جي ميدان جي آوازن ڏانهن سندس ڌيان نٿو وڃي، انهن صوتي اثرن جي کوٽ سبب جنگ جو نقشو اڻ پورو رهجي ٿو وڃي. هن جو اهو پڻ خيال آهي ته فردوسيءَ زنانن ۽ مرداڻن احساسن کي هڪئي نموني پيش ڪري ٿو، سهراب جي موت تي رستم ۽ تهمينه (سهراب جي ماءُ) هڪ ئي نموني ماتم ڪن ٿا.
    فردوسيءَ کي پنهنجي شاهه نامي تي وڏو ناز هو، هڪ هنڌ هو چوي ٿو:
    هر آنڪس که شهنامه خواني ڪُند،
    اگر زن بود، پهلواني ڪُند.
    (جيڪڏهن عورت شاهنامو پڙهي ته بهادري ڪرڻ لڳندي.)
    شاهنامون فردوسيءَ هڪ شاهڪار ڪتاب آهي، ان جي عظمت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته يونيسڪو 1990ع کي فردوسيءَ ۽ شاهنامي جو سال قرار ڏنو هو.
    شاهنامي ۾ فردوسيءَ سنڌ ۽ سنڌين جو ذڪر به ڪيو آهي، ۽ اهو فارسي شاعريءَ ۾ ‘سنڌ’ جو قديم ترين حوالو آهي:
    همان مادرم دخت همهران بود،
    بدو کشور سند شاداب بود.

    سر سنديا بود بنداد نام،
    سواري سرافراز باران و کام.


    • فرودسيءَ جي شهر ۾

    اڌ مُني ڪلاڪ جي سفر کانپوءِ ٽئڪسيءَ اسانکي ‘طوس’ ۾ فردوسيءَ جي مزار جي ٻاهران اچي لاٿو ۽ اسان گيٽ وٽان پنج سئو تومان في ماڻهو ٽڪيٽ وٺي اندر فردوسي پارڪ ۾ گهڙياسين، ٽڪيٽ تي تخت جمشيد جي آثارن جي تصوير ڇپيل هئي. اهائي ٽڪيٽ اسانکي هر هنڌ، هر ميوزم ۽ تاريخي جاءِ ۾ گهڙڻ مهل ملي. جنهن مان اهو سمجهيوسين ته ايراني حڪومت نه رڳو پنهنجي ماضيءَ جي تاريخي ورثي تي فخر ٿي ڪري، پر انهن کي اُڀاري به ٿي ۽ سياحن کي سياحت واسطي ايران اچڻ تي آماده به ڪري ٿي. ان سلسلي ۾ منهنجي سامهون ايران جي “عالمي سياحتي اداره، وزارت وارشاد اسلامي” پاران ڇپايل هڪ ڪتابڙو “ايران جي سياحتي گائيڊ” پيو آهي، جنهن ۾ سياحن کي ايران جي سياحت واسطي آماده ڪندي لکيو ويو آهي، “ايران پنهنجي تاريخي قدامت ۽ دائم اجتماعي ۽ ثقافتي ڪوششن جي ڪري، مختلف قسم جون ڏسڻ جهڙيون شيون ۽ هنڌ رکي ٿو، جيڪي سياحت جي خواهش رکندڙن جي هڪ وڏي تعداد جي توقعات کي پورو ڪري سگهن ٿا. هر مسافر، جيڪو ڪنهن به نظرييءَ يا مقصد تحت ايران جو سفر ڪري ٿو، پنهنجي مقصد، منصوبن ۽ ذوق موجب ايران ۾ پنهنجي پسند جي شين کي ڏسي سگهي ٿو.”
    سامهون ئي فردوسيءَ جو مقبرو هو، اڇي رنگ جي سنگ مرمر سان ٺهيل اهو مقبرو ڏاڍو پروقار ۽ سهڻو آهي، جنهن جي ٻاهرين ڀتين تي شاهنامي جي چونڊ حصن جي سنگ مر مر تي اُڪر ڪئي ويئي آهي. فردوسيءَ جو اهو مقبرو شهنشاهه ايران محمد رضا شاهه پهلويءَ، ايران ۾ شهنشاهيت جي اڍائي هزار ساله جشن ملهائڻ جي موقعي تي ٺهرايو هو، هن نه رڳو فردوسي، پر عمر خيام، شيخ فريد الدين عطار، ڪمال الملڪ، شيخ سعدي ۽ حافظ شيرازي جي مزارن کي به اڏرايو ۽ انهن جي تزئين وَ آرايش ڪرائي، ايراني ثقافت ۽ تمدن کي اُڀاريو. شاهه ايران سان ڪير ڪيڏو به اختلاف ڪري، سياست، تخت ۽ تاج جون ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي، پر هن ايراني قومپرستيءَ جي جذبي تحت “ايران شناسيءَ” جي حوالي سان ساراهه جوڳا ڪم ڪيا، ۽ انقلاب کانپوءِ جي حڪومتن کي به داد ڏيڻ کانسواءِ نٿو رهي سگهجي ته اُن شهنشاهي دور ۾ ٺهيل يادگارن يا قديم دور جي ورثي کي سنڀاليو آهي. انقلاب دوران، ايراني عوام جتي شاهه ايران جي مجسمن کي جوتن جا هار پارائي، ڊاهي پَٽ ڪري ڇڏيو، ۽ شاهه ايران جي نالي منسوب هر شئي ٽوڙي ڦوڙي ڇڏي، اُتي هنن فردوسي، خيام ۽ ٻين مشاهيرن جي مجسمن يا مقبرن يا اسلام کان اڳ جي پنهنجي قديم ورثي کي هٿ به نه لڳايو، پر پاڻ سنڀاليو، جيڪا ڳالهه ايراني عوام جي پنهنجي تاريخ، ثقافت ۽ تاريخي ورثي سان دلي لڳاءُ جو چٽو ثبوت آهي. ايراني حڪومت، افغانستان جي طالبانن جيان تخت جمشيد ۽ ٻين هنڌن تي ٺهيل مجسمن کي غير اسلامي چئي ڊاهي پٽ نه ڪيو، جيئن نڀاڳن طالبانن “باميان” ۾ هزارين سال اڳ ٺهيل ۽ عالمي ورثو قرار ڏنل گوتم ٻُڌ جي مجسمن کي ٽئنڪن جي ذريعي تباهه ڪري، پاڻ تان ته جڳ کلايو، پر پنهنجي تاريخي ورثي کي به تباهه ڪيو.
    اسين اڳتي وڌي هڪ ننڍي پاڻيءَ جي حوض جي اڳيان ٿا بيهون، جنهن جي وچ ۾ فردوسيءَ جو مجسمو کتل هو. هن جي هڪ هٿ ۾ قلم ۽ گوڏي تي ڪو ڪتاب رکيل، ڳوڙهي سوچ ۾ ٻُڏل نظر آيو، ڄڻ شاهنامي جي تخليق ڪري رهيو هجي.
    “يار منهنجو فردوسيءَ سان فوٽو ته ڪڍ!” مون فردوسيءَ جي مجسمي جي اڳيان حوض جي ڪناري تي ويهندي امين کي چيو، پوءِ سڀني دوستن واري واري سان فردوسيءَ سان فوٽو ڪڍرايا، مون فردوسيءَ کي مخاطب ٿي چيو:
    “فردوسي! آئون شاهه لطيف جي ڌرتي سنڌ ۽ ان جي پيغام جو وارث توکي، تنهنجي عظمت، وڏائي ۽ قومپرستيءَ کي سلام ٿو ڪريان، جيتوڻيڪ تو پنهنجي شاهنامي ۾ جن بادشاهن جي جنگي ڪارنامن کي واکاڻيو آهي، انهن مان ڪن منهنجي ڌرتي ‘سنڌ’ کي پنهنجو غلام بنايو ۽ انهن جي فوجن منهنجن ابن ڏاڏن جو رت وهايو... تون جي ‘شاهنامو’ نه لکين ها ته انهن بادشاهن جي ڪارنامن کي ڪير پُڇي به نه ها... آئون توکي ان ڪري به سلام ٿو ڪريان ته توکي پنهنجي ديس ايران سان وڏي محبت هئي، تون اول ايراني هئين ۽ پوءِ ٻيو ڪجهه. تو ٻاهرين حملي آورن کي ننديو ۽ شاهنامي ۾ لکيو.
    ز شيرو شتر خوردن سو سمار،
    عرب رابجاءِ رسيده است ڪار،
    ڪه تخت ڪيان راڪنده آرزو؟
    تفو برتو اي چرخ گردان تفو.
    (اٺڻين جو کير پيئندڙ ۽ ڳوهون کائيندڙ (عربن) کي اهڙي جرئت ٿي آهي، جو ڪيان جي شهنشاهيت جي تخت تي (قابض ٿيڻ جا) خواب ٿا ڏسن، اي گردش زمانه (آسمان) توکي حيف هجي.)
    تنهنجي اُن ادا کي سلام، پر اي فردوسي! اسان سنڌين، ڪڏهن به ڪنهن ٻي ڌرتيءَ تي هلان نه ڪئي، اسانجي شاهه لطيف ته سنڌ سان گڏ سڄي عالم جي آسودي هئڻ جي دعا گهري آهي. جڏهن تنهنجي ڌرتيءَ تي اي فردوسي انهن اُٺڻين جي کير پيئندڙن حملو ڪيو ته منهنجي ڌرتيءَ جا سوين هزارين سپاهي يزدگرد جي فوج ۾ شامل هئا ۽ انهن سنڌي سپاهين مان ڪيترن ئي تنهنجي ڌرتيءَ جي بچاءُ واسطي جنگ ڪندي پنهنجون جانيون قربان ڪيون. اي فردوسي! منهنجو توکي سلام آهي... پر تو ۽ منهنجي شاهه لطيف ۾ اهو فرق آهي ته هُن ڪڏهن به ڪنهن بادشاهه يا حاڪم جي ڪارنامن کي نه واکاڻيو ۽ نه منظوم ڪيو... هُن پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجي ديس جي مارو ماڻهن کي ڳايو آهي... پنهنجي ديس جي لاڻن، لين، ليارن، ڪُمن ۽ ڪوڻين، ڍنڍن ۽ ڍورن، وڻن ۽ وستين جي واکاڻ ڪئي آهي، هن ‘جيهاجي تيها مون مارو مڃيا.’ چئي، پنهنجي ڌرتي ڌڻين سان اٿاهه پيار جو اظهار ڪيو آهي.”
    آئون هڪ نظر فردوسيءَ جي ڳنڀير چهري تي وجهان ٿو ۽ پوءِ کيس ڪنهن اونهيءَ سوچ ۾ غلطان ڇڏي، اڳتي وڌي وڃي پنهنجن ساٿين سان گڏجان ٿو، هو هڪ فنڪار جي گٽار مان نڪتل سُرن ۽ سندس وات مان نڪتل لفظن تي مست ٿي هُن ڏانهن وڌي رهيا هئا. اسين سندس ويجهو ٿياسين ته هن جو آواز تيز ٿي ويو، هن جي اڳيان ٽوپي رکي هئي، جنهن ۾ ڪجهه نوٽ پيا هئا، صفدر شاهه به اڳتي وڌي وڃي سندس ٽوپيءَ ۾ هڪ نوٽ وڌو ۽ امين هن جي گٽار جي سُرن تي هٿڙا کڻي نچڻ لڳو... اتان لنگهندڙ ايراني مرڪندا اڳتي وڌندا ويا... مون امين جي کنيل انهن اُبتن سبتن هٿڙن کي ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ڪري ورتو.
    فردوسيءَ جي خوبصورت مزار جي چوڌاري ڦرندي اسان اچي ان جي در اڳيان بيٺاسين. سچ ته هڪ عجيب خوشي، سرشاري ۽ پنهنجائپ جو احساس ٿي رهيو هو، هڪ عظيم شاعر جي در جي حاضري ڀريندي مون سوچيو ته، “اهڙي خوشي، سرشاري ۽ پنهنجائپ جو احساس ڪنهن حاڪم جي مزار تي وڃڻ سان نٿو ٿئي.” مون پاڪستان، دهلي، تهران، مشهد ۽ مڪليءَ ۾ ماضي جي حاڪمن جي مزارن جا چڪر ڏنا آهن، پر اُتي سواءِ ويرانيءَ ۽ عبرت جي ٻيو ڪجهه به نظر نه آيو.
    فردوسيءَ جو مقبرو زير زمين آهي ۽ مقبري جي اندر ڀتين تي سنگتراشيءَ جي ذريعي شاهنامي جي ڪن داستانن جي منظرن کي ڏيکاريو ويو آهي، هاڻ فردوسيءَ جي مقبري جي احاطي جي ٻاهران هڪ ٻي باغ ۾ “مقبره الشعراءَ” ٺاهيو ويو آهي، جنهن ۾ خراسان جي نالي وارن شاعرن کي دفنايو وڃي ٿو.
    اُتي ئي بيٺا هئاسين ٻه ٽي ايراني ڇوڪريون، هڪ اڌڙوٽ ايرانڻ سان گڏ اچي لنگهيون، صفا ماڊرن، جينز پاتل ۽ مٿي تي دوپٽو، اسانکي ڏسي بيهي رهيون.
    “ڪٿي جا آهيو؟” انهن مان هڪ پُڇيو، جيڪا ڄڻ ته سنگ مر مر جي ٺهيل هجي.
    “سنڌ... پاڪستان جا.”
    “فردوسي ايترو مشهور آهي ڇا؟” پُڇيائين.
    “نه رڳو فردوسي... پر حافظ... خيام... سعدي... عطار...”
    “جامي...”
    “انوري....” وراڻيم
    “گڊ...” وراڻيائين
    “اوهانجي ٻولي....؟”
    “سنڌي....”
    “سِنڊي....”
    “پاڪستان ۾ چار وڏيون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، سنڌي پنجابي، پشتو ۽ بلوچي...”
    “اوهه بلوچي...” وري چيائين، “بلوچي... .اَور سيم ڪلچر... بلوچي ايران ۾ به ڳالهائي وڃي ٿي...”
    “ييس اَور سيم ڪلچر.... فارسي اٺ سئو سالن تائين ننڍي کنڊ سان گڏ سنڌ جي به سرڪاري زبان رهي آهي... فارسي ٻولي ۽ ايراني ڪلچر جا سنڌ تي وڏا اثر رهيا آهن.”
    “واقعي....” هن حيرت مان چيو.
    “يس...”
    “اوهان پاڪستان ۾ ڇا ڪندا آهيو....؟”
    “هي جنرلسٽ آهي ۽ آئون رائيٽر...” مون امين ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
    “اوهه گڊ! اوهان ڇا لکندا آهيو....”
    “آءِ ايم فڪشن رائيٽر...”
    اسان جي انڌي منڊي انگريزي ۾ ڳالهه ٻولهه جاري هئي جو امين وچ ۾ چيو.” اوهان اجازت ڏيو ته اوهان سان هڪ فوٽو ڪڍرايون..”
    “نو...” ان کان اڳ جو هوءَ ڪو جواب ڏي، ساڻس گڏ وڏي عمر واري ايرانڻ ٿوريءَ شوخيءَ مان جواب ڏنو.
    “اوڪي...” مون وراڻيس.
    “نائيس ٽُ ميٽ يو...” ان پوپريءَ وراڻيو.
    “يو . آر ويلڪم....” اسان وراڻيو ۽ اها پوپري پنهنجي ساهيڙين سان گڏ اڳتي وڌي ويئي... کيس ويندي ڏسي منهنجي ذهن ۾ شيخ اياز جو شعر تري آيو.
    کن پل تنهنجو منهنجو ميلو
    روح گهڙي لاءِ ڏيندو ريلو
    سڀ اتفاقي
    ڪجهه به نه باقي
    تون به اڪيلي، مان به اڪليو.
    هنن کي ويندو ڏسي اسين به هوريان هوريان اڳتي وڌڻ لڳاسين ۽ ‘فردوسي گلستان’ واري هوٽل وٽان ٿيندا ميوزم ڏانهن وڌڻ لڳاسين ته اسانجن ڪنن تي هلڪن سُرن ۾ سامهون هڪ ٿنڀي ۾ لڳل ننڍڙي ايڪو ٽائپ سائونڊ مان فردوسيءَ جو ‘شاهه نامون’ ڪنهن خوبصورت فنڪار جي آواز ۾ ٻُڌڻ ۾ آيو. اهو آواز ايترو ته مِٺو هو، جو دل چاهيو ته بيهي ٻڌندو رهان. اهو فنڪار ضرور فردوسيءَ کي بهترين انداز ۾ ڳائڻ وارو مشهور فنڪار هوندو. هن جي گائيڪي ۾ ايترو ته سوز ۽ گداز هو، جو فارسي نه سمجهندي به لفظ ڄڻ اندر ۾ پيهي ٿي ويا.
    ميوزم ۾ گهڙياسين ته اها پوپري ۽ سندس ساهيڙيون ٻاهر نڪرندي نظر آيون... ڪنڌ ڌوڻي ۽ مُرڪي ٻيهر هڪ ٻئي کي سلام ڪيوسين.
    ميوزم ڏاڍو سهڻو ٺاهيو ويو آهي، جنهن ۾ شاهنامي سان لاڳاپيل قصن ۽ داستانن کي مشهور مصورن جي ٺاهيل پينٽنگس سان سجايو ويو آهي، اُتي ٻيا به ڪيترائي تاريخي نوادرات، قرآن شريف ۽ شاهنامي جا قلمي نسخا رکيل هئا.
    پاسي ۾ هڪ ننڍڙو گفٽ شاپ به هو، جتي ڪيترن ئي نوادرات جا ماڊل وڪري لاءِ رکيل هئا، پر انهن جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ هيون. مونکي اهڙين شين سان سدائين دلچسپي رهي آهي، پر کيسي ان ڳالهه جي اجازت نه پي ڏني ته وٺجن. هونئن به اهي ساڳيون شيون عام دوڪانن تي ڪافي سستيون پونديون آهن، ههڙا گفٽ شاپس ته رڳو سياحن کي ڦرڻ جي لاءِ هوندا آهن. ان ئي گفٽ شاپ تي شاهنامي جا ڪجهه خوبصورت ايڊيشن به رکيل هئا ۽ مون عادت موجب انهن کي ڏسڻ شروع ڪيو، ايران ۾ مون گهٽ ۾ گهٽ سورهن يا سترهن مختلف سائيزن ۾ ڇپيل ‘شاهنامه’ ڪتاب گهرن تي ڏٺا، جيئن پاڻ وٽ سنڌ۾ “شاهه جي رسالي” جا مختلف سائيزن ۾، سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن پاران ڇاپا ڇپايا ويا آهن، تيئن ايران ۾ به فردوسيءَ جو شاهنامو ايئن ڇپجي ۽ ايئن ئي وڪرو ٿئي. قم مان مون رعايتي اگهه سان 25000 هزار تومان ڏيئي “شاهنامي” جو مصور ايڊيشن ورتو هو. قم ۾ مونکي ان کان وڌيڪ سهڻو ٻيو ڪو ڇا پو نظر نه آيو هو، پر هت هي مصور ايڊيشن ڏسي دل ۾ آيم ته قم ۾ مون وٺڻ ۾ تڪڙ ڪئي.. نه ته هي ڇاپو وٺان ها، جنهن جو ملهه 45000 هزار تومان هو.
    ميوزم مان ٻاهر نڪري سامهون فردوسي جي مزار ۽ پوءِ فردوسيءَ جي مجسمي تي الوداعي نطر وڌم ۽ اهو سوچيندو هلڻ لڳس ته فارسي اٺ سئو سالن تائين ننڍي کنڊ جي حاڪم طبقي جي زبان ۽ سرڪاري سرپرستيءَ ۾ رهي، فارسي پڙهڻ، سکڻ ۽ ان ۾ مهارت ترقيءَ جي نشاني سمجهي ويندي هئي، ۽ ان وقت اها چوڻي مشهور هئي ته فارسي گهوڙي چاڙهسي. ساڳي نموني سنڌ به صدين کان فارسيءَ جو مرڪز رهي ۽ سنڌ ۾ اڪثر تصنيف، تاليف ۽ شعر گوئي فارسي زبان ۾ ٿيندي هئي... سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن فارسيءَ ۾ “ديوان” لکيا. جن مان ڪجهه سنڌي ادبي بورڊ ۽ ٻين ادارن ڇپايا به آهن، تنهن کانسواءِ عام ماڻهن تي پڻ فارسيءَ جو گهڻو اثر رهيو آهي. سنڌ ۾ فردوسي، رومي، حافظ، خيام ۽ عطار وغيرهه جو وڏو اثر ۽ رتبو رهيو آهي، ڪو دور هو جڏهن سنڌ جي مڪتبن ۾ سعدي جو گلستان وبوستان ۽ ڪريما وغيرهه پڙهايا ويندا هئا. انگريزن جي سنڌ تي قبضي کانپوءِ 1857ع ۾ سنڌ ۾ فارسي جي جاءِ تي سنڌيءَ کي سرڪاري ۽ دفتري حيثيت ڏني ويئي، پر پوءِ به لڳ ڀڳ اڌ صديءَ تائين اهي شاعر ۽ سندن ڪلام سنڌ جي محفلن جو سينگار رهيا.
    شاهنامي جي سنڌ ۾ وڏي حيثيت رهي آهي، ۽ اهل سُخن شاهنامي جا اڪثر حصا ياد ڪندا ۽ محفلن ۾ پڙهندا هئا، سخندان ته سڄو فارسي شاهنامون ياد ڪندا هئا. انهن کي “شاهنامي جو حافظ” سڏيو ويندو هو، ٺٽي جي هڪ فارسي گو شاعر “لالا آسارام” کي ته سڄو شاهنامو ياد هو. پير حسام الدين راشديءَ چواڻي، “سنڌ جي علمي، ادبي ۽ شخصي محفلن جي رونق وڌائڻ ۽ مجلسن مچائڻ ۾ شاهنامي جو مکيه ڪردار آهي... ٽالپر حڪمرانن جون محفلون ته گهڻو ڪري شاهنامي سان ئي آباد هيون.”
    شاهنامي جي اثرن جي حوالي سان پير صاحب وڌيڪ لکي ٿو. “سنڌ جي شاعرن فردوسيءَ جي نموني ۽تتبح تي گهڻيون ئي مثنويون چيون آهن، جي گهڻو ڪري ڪلهوڙن جي دور کان انگريزن جي اوائلي زماني تائين جون آهن، هن ئي دور ۾ هت فارسيءَ جو گهڻو رواج هو. جيتوڻيڪ گهڻيون مثنويون زماني جي ڏاڍاين کان محفوظ نه رهيون آهن. پر ڪجهه تائين اسانجي رسائي ٿي سگهي آهي.”
    پير حسام الدين راشدي پنهنجي هڪ مضمون “فردوسي ۽ شاهنامي جو سنڌ تي اثر” ۾ اهڙين ارڙهن مثنوين جو ذڪر ۽ مختصر تعارف ڏنو آهي. جنهن مان فردوسي ۽ شاهنامي جي سنڌ تي اثرن جي خبر پوي ٿي.
    ان سلسلي ۾ جن دوستن کي وڌيڪ تفصيل ڄاڻڻ جو شوق هجي ته هو پير حسام الدين راشدي جو ڪتاب “ڳالهيون منهنجي سنڌ جون” ۾ پير صاحب جومٿينءَ عنوان وارو مضمون پڙهن، اهو ڪتاب ڊاڪٽر غلام محمد لاکي ترتيب ڏنو آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپرايو ويو آهي.

    اچو ته دنيا کي بڇڙن جي حوالي نه ڪريون
    سعيو ڪري نيڪيءَ کي زور وٺايون
    جيڪا ماڪوڙي داڻو کڻيو پئي وڃي
    تنهن کي نه آزار
    اُها به نهايت پياري، وڻندڙ ساهه واري آهي
    جيڪو اُن کي ستائڻ چاهيندو
    اُن جو اندر ڪارو هوندو
    ۽ دل پٿر جي ٺهيل هوندي.(1)
    (فردوسي)
    فردوسيءَ جي مزار تان واپس ورياسين ته ٽئڪسي اچي ‘هارونيه’ جي اڳيان بيٺي، جيڪو اسان فردوسيءَ جي مزار ڏانهن ويندي ڏٺو هو، ۽ واپسيءَ مهل ڏسڻ جو فيصلو ڪيو هوسين..... ‘هارونيه’ هڪ عمارت آهي، جيڪا نهايت سٺي ٺهيل آهي. عمارت جي اڳيان هڪ خوبصورت باغ رکيل آهي. ‘هارونيه’ ۾ هاڻ هڪ ننڍڙو ميوزم قائم ڪيو ويو آهي. اندر گهڙياسين ته صفدر شاهه چيو ته “هن عمارت ۾ وقت جي خليفي، “مولا رضا” کي قيد ڪري رکيو هو... ۽ هيءَ عمارت خليفي هارون رشيد ٺهرائي هئي...”
    مشهد ۾ به ‘هارونيه’ جي حوالي سان اهڙيون ڳالهيون ٻُڌڻ ۾ آيون... پر حقيقت اها آهي ته اها عمارت ڇا جي لاءِ استعمال ڪئي ويندي هئي، تنهن بابت صحيح خبر ڪونهي. طوس مان فردوسي جي مزار تان اسانکي ‘طوس’ بابت هڪ ننڍو سووينيئر مليو، ان ۾ هارونيه بابت هيئن لکيل آهي.
    Its Usag is not clear but mentioned at diaries, Too’s Mosque, Tomb, and Qazzali and Ferdowsis School Mosque. what ever is clear is that architecture, decorations and Constructing period of this building is not related to Haroon Al Rashid, the king of Abbasi – and merely attributed to this Usage because of people’s interest to Imam Reza and oral narration of natives….
    ‘هارونيه’ جي اها عمارت ڪڏهن جڙي، تنهن بابت اندازو آهي ته اها اٺين صدي عيسوي جي شروع ۾ Ilkhanian دور ۾ ٺهي هئي.
    اندران چڪر هڻي ٻاهر نڪتاسين ته عمارت جي اڳيان هڪ پٿر جي ٺهيل قبر تي نظر پيئي، ويجهو وڃي ڏٺوسين ته اها قبر ‘امام غزالي’ جي هئي. جيتوڻيڪ قبرجي مٿان چٽن لفظن ۾ ‘امام غزالي’ لکيو پيو هو، پر پوءِ به پڪ ڪرڻ جي لاءِ اتي موجود هڪ همراهه کان پڇيم ته “هيءَ امام غزالي جي قبر آهي...؟”
    ايران پنهنجي قديم علمي، ادبي ۽ تاريخي ورثي کي سنڀاليو آهي، ۽ عالمن ۽ شاعرن جي آخري آرام گاهن کي سٺي حالت ۾ رکيو آهي. ايتريقدر جو مشهد ۾ “نادر شاهه افشار” جو مقبرو به نهايت شاندار نموني ٺهرايو ويو آهي. جنهن ايران کان وٺي سنڌ تائين ۽ سنڌ کان دهليءَ تائين هزارين لکين ماڻهن کي جن مان گهڻائي مسلمانن جي هئي، پنهنجي لشڪر جي تلوارن جو بَک بنايو، اُتي امام غزالي جهڙي عالم جي قبر کي ايئن ننڌڻڪي حالت ۾ پيل ڏسي، جنهن مٿان ڪکَ پنَ پيا هئا ۽ صفائي جو به ڪو بندوبست نه هو. حيرت سان گڏ ڏک به ٿيو. مسلڪي ۽ فڪري اختلاف پنهنجي جاءِ تي، پر غزالي اسلامي دنيا جو وڏو عالم ۽ مفڪر هو... سندس تعليم ۽ ڪتابن جو اسلامي دنيا جي هڪ وڏي حصي تي اثر رهيو ۽ رهندو پيو اچي. هندستان جي هڪ تمام وڏي علام مولانا وحيدا لدين خان ته امام غزالي کي اسلام دنيا جي ڪيترن ئي مسئلن جو ذميدار به سمجهي ٿو. هن پنهنجي ڪيترن ئي ڪتابن ۾ اهو ذڪر به ڪيو آهي... اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي، پر غزالي جي قبر کي هيئن ڇڏي ڏيڻ، نه صفائي جو بندوبست نه ڪا ٻي سار سنڀال... ايراني حڪومت جي مسلڪي بي حسي ئي چئي سگهجي ٿي...اهي منهنجا خيال آهن. ضروري ڪونهي ته ڪو ٻيو به مون سان سهمت هجي، البت ايران ۾ مختلف ڪتاب گهرن تي امام غزاليءَ جي شعرن جو مجموعو “ديوان غزالي” ۽ سندس مشهور ڪتاب “ڪيميائي سعادت” سهڻي نموني ڇپيل رکيل نظر آيا.
    امام غزاليءَ جو اصل نالو محمد بن محمد الغزالي آهي، پاڻ ‘غزاله’ ضلع طوس ۾ پيدا ٿيو، ڪن مورخن لکيو آهي غزالي سندس عرفيت آهي، ۽ هو 445هه خراسان جي علائقي ‘طاهران’ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد محمد ‘ڪپهه’ وڪڻدو هو. ان نسبت سان سندس ڪٽنب ‘غزالي’ سڏجڻ لڳو، ڇو ته عربي ۾ ٽاڻيندڙ کي ‘غزالي’ چئبو آهي، غزاليءَ علامه ابو اسحاق شيرازي کان تعليم حاصل ڪئي، ابو اسحاق جي گذاري وڃڻ کانپوءِ هو نيشاپور مان نڪتو. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا.
    امام غزالي ۾ اجتهاد جو وڏو جذبو هو، جتي به مذهب تي بحث مباحثا ٿيندا هئا، امام غزالي اُتي ويندو هو. هن ڪيترا ئي وڏا مناظرا ڪيا، امام غزالي، نظام الملڪ جي درٻار ۾ آيو، جتي سندس وڏو قدر ڪيو ويو. هن جي علم ۽ فضل جي هر هنڌ ڌاڪ ويهجي ويئي. 427هه ۾ خليفي مقتدربا الله جي وفات کانپوءِ جڏهن مسطهربالله خليفو ٿيو ته هن جي بيعت ۾ ٻين سان گڏ امام غزالي به شامل هو. امام غزالي کي مدرسن جو اعليٰ آفيسر مقرر ڪيو ويو ۽ هن جا 300 مدرسا هئا. هن وٽ امير ۽ رئيس باقاعده حاضري ڏيندا هئا ۽ علمي بحثن ۾ حصو وٺندا هئا.
    امام غزاليءَ جا سوين ڪتاب لکيل آهن، سندس ڪتابن تي ڪيترن ئي عالمن حاشيا (نوٽ) لکيا. هو تقليد جو سخت دشمن هو ۽ عقيدن جي اصلاح ۾ مصروف رهيو.
    امام غزالي 505هه ۾ 55 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي ۽ هتي ئي “طاهران” ۾ دفنايو ويو، جتي اسين بيٺا هئاسين.
    امام غزالي جي ڪيترن ئي ڪتابن جا سنڌي ۾ ترجما پڻ ٿي چڪا آهن، سندس مشهور ڪتاب “ڪيميائي سعادت” جو ترجمو شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ ڪيو ۽ سندس هڪ ٻي ڪتاب “ڇوٽڪاري” جو ترجمو مرحوم غلام حسين جلباڻي ڪيو. سندس هڪ ٻي ڪتاب ‘السلام’ جو اختصاريل ترجمو “اندر تون اجارت” جي نالي سان دين محمد اديب فيروز شاهي ڪيو آهي.
    اسين هوريان هوريان وڙڪندا واپس اچي ٽئڪسي ۾ ويٺاسين ۽ ٽئڪسي واپس مشهد رواني ٿي ويئي.


    • حبذا شهر نشابور...

    ڪالهه ‘طوس’ مان واپس ورياسين ته هوٽل جي در وٽ وسيم سان ملاقات ٿي، جنهن سان گڏ اهو ايراني ‘مهدي’ به هو. اسانکي ايندو ڏسي وسيم پڇيو. “ڪٿان ٿي وريا آهيو؟”
    “طوس ويا هئاسين، فردوسيءَ جي سلامي ڀرڻ.”
    “ڏاڍو سٺو....” وسيم وراڻيو.
    “يار وسيم سڀاڻي نيشاپور وڃڻ جو اردو اٿئون.... ڪا سُٺي ۽ سستي ٽئڪسي ته ڪرائي ڏي.” امين چيس.
    “ڇو نه....” وسيم وراڻيو، پوءِ مهديءَ ڏانهن منهن ڪري چيائين، “دوست سڀاڻي نيشاپور وڃڻ چاهين ٿا... کين ڪنهن ٽئڪسيءَ جو بندوبست ڪري ڏي.”
    “ٽئڪسي ته اوهان کي حرم جي اڳيان ملي ويندي...” مهدي اسان ڏانهن منهن ڪري چيو. کن ترسي چيائين، “پر ٽئڪسي ڇو ٿا ڪريو... بس ۾ وڃو... ڪافي سستي پوندوَ.”
    “پر ڪيئن وڃون... ڪا رهنمائي ته ڪر.” سندس ڳالهه ٻُڌي چيم.
    “تمام سولو طريقو آهي... حرم وٽان جيڪا گاڏي ٽرمينل ڏانهن وڃي اُن ۾ چڙهي وڃي ٽرمينل لهو... ٽرمينل تان نيشاپور لاءِ بسيون وڃن ٿيون.”
    “ٺيڪ آهي ته پوءِ سڀاڻي بس ۾ نيشاپور وينداسين.”
    “بس ۾ وڃو ته پاڪيٽ جو خيال ڪجو.” مهديءَ چيو.
    “معنيٰ ته بشني ۽ جيب ڪترا ايران ۾ به آهن.” چيم
    “بد معاش ته هر هنڌ آهن.” مهديءَ وراڻيو.
    اسان طوس مان موٽياسين ته ساڳئي ٽئڪسي واري سان اڄ نيشاپور هلڻ جي لاءِ ڳالهايوسين. هن اوٽ موٽ جو ڪرايو پنجاهه هزار تومان ٻڌايو، جيڪو مونکي گهڻو لڳو. سنگت چيو ته ‘ڊن’ ٿا ڪريون، پر مون چين ‘يار ٽئڪسيون کوڙ... سڀاڻي هلڻ مهل ڳالهائينداسين.”
    اسان نيشاپور هلڻ جي لاءِ ٻين همراهن کي به صلاح هنئي، پر هنن انڪار ڪيو. مون ڏٺو ته ٻين زيارتين کي اسان وانگر گهمڻ ڦرڻ جو ڪو به شوق نه هو، هنن جو شوق فقط زيارتن ۽ خريداري ڪرڻ تائين محدود هو.
    اسين ‘حرم’ جي اڳيان اچي بيٺاسين ۽ بس ٽرمينل ڏانهن ويندڙ بس ۾ چڙهي پياسين، ‘امام رضا’ جو روضو شهر جي مرڪز ۾ هئڻ ڪري هر ايندڙ ويندڙ بس هتان لنگهي. حرم جي اڳيان ڪرائي تي ٽئڪسيون به ملي وينديون آهن. اسين بس ۾ چڙهي خالي سيٽن تي ويٺاسين. بس ايئرڪنڊيشن ۽ آرام دهه هئي. هتي هلندڙ لوڪلي بسيون به سهڻيون، آرام دهه ۽ اي سي واريون آهن. بس شهر مان ڦرندي، مختلف هنڌن تي اسٽاپ ڪندي، ٽرمينل ڏانهن وڌڻ لڳي. پر بس ۾ ڀاڙي وٺڻ جي لاءِ ڪو به ڪنڊيڪٽر نظر نه آيو. مون لهندڙ ۽ چڙهندڙ مسافرن کي ڌيان سان ڏسڻ شروع ڪيو، لهڻ مهل يا چڙهڻ مهل هر مسافر ڊرائيور کي پئسا ڏيندو ويو. ۽ ڊرائيور في مسافر ٻه سئو تومان ڪٽي باقي پئسا واپس ڪندو ويو. ڪجهه مسافر وري اهڙا به ٿي چڙهيا، جن جي هٿن ۾ هڪ ڪارڊ هو، جيڪو هنن بس جي دروازي وٽ لڳل ڪمپيوٽر تي ٽچ ٿي ڪيو. پوءِ معلوم ٿيو ته بس ڪمپينون پندرهن روز ۽ ماهوار بنياد تي اڳواٽ پئسا وٺي اهڙا رعايتي ڪارڊ جاري ڪن ٿيون. جيڪي ٽچ ڪرڻ سان انهن مان پئسا ڪٽجي ويندا آهن.
    بس ٽرمينل تي پهتي ته لهڻ مهل اسين ڇهه سئو تومان ڏيئي هيٺ لٿاسين. مشهد ۾ هلندڙ بسين ۾ اوهان جتان، چڙهو ۽ ڪٿي به لهو، ڪرايو ٻه سئو تومان يعني پندرهن سورهن روپيا. مشهد جو بس ٽرمينل به ڏاڍو سهڻو، صاف سٿرو ۽ ڪافي وڏو هو. اُتي ڪيتريون ئي بسيون مختلف شهرن ڏانهن وڃڻ جي لاءِ تيار بيٺيون هيون. اسان نيشاپور، جنهن کي فارسيءَ ۾ نشابور چون، جي بس جي پڇا ڪري هڪ بس وٽ پهتاسين، خبر پيئي ته ويهن منٽن کانپوءِ بس رواني ٿيندي. آئون ۽ آفتاب شاهه، صفدر شاهه ۽ امين لاکي کي اتي بيهاري ٽڪيٽ وٺڻ جي لاءِ ٽرمينل جي آفيس هليا وياسين، اندر ڪيترائي ڪائونٽر ٺهيل هئا، اسان نيشاپور واري ڪائونٽر تان نيشاپور لاءِ چار ٽڪيٽون ورتيون... في ماڻهو ساڍا يارهن سئو تومان ٽڪيٽ، واهه ايتري سستي، اسان کان ته رڙ نڪري ويئي. ڪٿي ٽئڪسيءَ ۾ ساڍا ٻارهن هزار تومان في ماڻهو ۽ ڪٿي هن بس جي في مسافر ساڍا يارهن سئو تومان ٽڪيٽ. اسين ٽڪيٽون وٺي خوش خوش ٿي موٽياسين... اها ڳالهه صفدر شاهه ۽ امين ٻڌي ته هو به ڏاڍا خوش ٿيا، ايتري سستائي جو سبب اهو آهي ته ايران ۾ تيل سستو هئڻ سبب بسين جا ڀاڙا به سستا آهن.
    اسين ٽڪيٽون وٺي اچي بس ۾ ويٺاسين ته ٿوري دير کانپوءِ بس به رواني ٿي. نيشاپور، مشهد کان 128 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ‘سبزوار’ شاهراه تي تاريخي اهميت جو شهر آهي. ‘سبزوار’ خود به هڪ پراڻو ۽ تاريخي شهر آهي... نيشاپور ايران جي اهم شهرن مان آهي، پنجين صدي هجري يا يارهين صدي عيسويءَ ۾ نشاپور ڪجهه عرصو سلجوقي سلطانن جي گاڌي جو هنڌ به رهيو. پر هاڻ اها اڳوڻي عظمت نه رهي اٿس ۽ اڳوڻي عظمت جا ڪي ٿورا ئي آثار ان شهر جي پراڻي حصي ۾ وڃي بچيا آهن. هينئر نيشاپور جي سڃاڻپ حڪيم عمر خيام، شيخ فريدالدين عطار ۽ اُستاد ڪمال ملڪ جي مزارن جي ڪري آهي. جن تي اسان جهڙا علم ۽ ادب جا پياسا اچيو حاضري ڀرين ۽ کين خراج تحسين پيش ڪن.
    نيشاپور تائين بس جو اهو سفر جيڪو ڏيڊ پوڻن ٻن ڪلاڪن جو هو، نهايت سُٺي نموني گذريو، بس ۾ اسانجي بلڪل ڀرواري سيٽ تي هڪ نوجوان ايراني جوڙو ويٺو هو. بس شهر مان ٻاهر نڪري ‘سبزوار’ شاهراهه تي روان دوان ٿي ته نوجوان، جا هٿ به ڪنهن ماهر ڊرائيور جيان پنهنجي جوڙيوال جي چادر مان ٿيندا پنهنجي ڪرت کي لڳي ويا. ڏاڍي حيرت ٿي... معنيٰ ته هاڻ ايران انقلاب کانپوءِ وارو ايران نه رهيو آهي... جتي گس هلندي ‘پاسداران انقلاب’ عورتن کي بيهاري، سندن چپن تي لڳل لپ اسٽڪ اُگهرائيندا هئا، يا کين حجاب (پردي) ۾ رهڻ جي تنبيهه ڪندا هئا.. گس هلندڙ جوڙن کان نڪاح نامه طلب ڪندا هئا. نه هئڻ جي صورت ۾ کين جيل اُماڻيندا هئا، جيستائين هو يا ته زال مڙس هئڻ جي پڪي ثابتي پيش ڪن يا وري شرعي سزا جا حقدار ٿين.
    مون ڀرپاسي جو جائزو ورتو ته هر ايراني پنهنجي منهن ويٺل نظر آيو. هونئن به ايراني سفر خاموشيءَ سان ڪن... سو اُن ايراني جوڙي جي هلڪي ڦلڪي ڪار گذاريءَ ڏانهن ڪنهن جو به ڌيان نه هو. اسان به ڪنهن ڪنهن مهل اک ٽيٽ ڪري پنهنجي پڪي پاڪستاني هئڻ (يعني ٻين جي معاملن ۾ هرو ڀرو ٽنگ اڙائڻ) جي ثابتي ٿي ڏني، نه ته زوري مهذب پڻي جو مظاهرو ڪندي هلڪي آواز ۾ پاڻ ۾ ڪچهري ڪرڻ ٿي لڳاسين يا وري ٻاهر ڏسڻ ٿي لڳاسين، جتي نيڻ نهار تائين جبل ئي جبل هئا.
    نيشاپور بس ٽرمينل تي لٿاسين ته ٽئڪسين وارا ڦري آيا، اسانکي خارجي (ٻاهريون) ڏسي هنن ٽيڻ چوڻ تي ڪرايا ٻڌايا. نيٺ گهڻي ريڙهه پيڙهه کانپوءِ هڪ ٽئڪسي ڊرائيور ساڍن ستن هزار تومانن ۾ اسان سان هلڻ جي لاءِ راضي ٿيو، سو به ٻن ڪلاڪن جي لاءِ...
    نشاپور ۾ اسانجي پهرين منزل شيخ فريدالدين عطار ۽ اُستاد ڪمال الملڪ جون مزارون هيون. پر ان کان اڳ ٽئڪسي وارو اسانکي گهمائيندو ڦيرائيندو بي بي شطيطه جي مزار تي وٺي ويو، جتي اسان ڪجهه گهڙيون لهي دعا گهري واپس اچي ٽئڪسي ۾ ويٺاسين ۽ مٿين مزارن ڏانهن روان دوان ٿياسين.
    نيشاپور به ٻين ايراني شهرن جيان سهڻو شهر آهي، ڪنهن شاعر نشاپور لاءِ چيو آهي.
    حبذا شهر نشابور ڪه در روي زمين است،
    گر بهشت است و گرني خود نيست.
    (نيشاپور شهر جي ڇا ڳالهه ڪجي... جيڪڏهن زمين تي ڪو بهشت آهي ته اِهوئي آهي، نه ته ڪو ٻيو ڪونهي.)
    نيشاپور شهر جي روڊن تان لنگهندي شيخ فريد الدين عطار جي مزار ڏانهن ويندي مون کي نه رڳو مٿيئن شعر جي حوالي سان نيشاپور جو عروج، شان ۽ شوڪت ياد اچڻ لڳي، پر ٻارهين صدي عيسويءَ ۾ نيشاپور تي منگولن جي حملن ۽ انهن پاران آندل تباهيءَ جا عڪس به اُڀري ٿي آيا.
    ايران تي منگولن جو حملو هن سرزمين جي تاريخ جي اهم ۽ ڀوائتن حادثن مان هڪ آهي، جنهن ايراني سماج جي هر پهلوءَ تي پنهنجا اثر ڇڏيا... چنگيز خان هڪ الاهي آفت بنجي اچي ڪڙڪيو، جنهن ملڪن جا ملڪ، قومن جون قومون، ۽ انهن جون تهذيبون صفحه هستيءَ تان مٽائي ڇڏيون، هن فتح ڪيل ملڪن جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي ڍانچي کي اهڙو ته اُڊيڙي ۽ تباهه ڪري ڇڏيو، جو اِهي هڪ ڊگهي عرصي تائين پنهنجي تاريخي سڃاڻپ وڃائي ويٺيون، اهڙين حالتن ۾ تعليم ۽ تدريس، مڪتبن ۽ ڪتابن، ادب ۽ شاعريءَ پنهنجو قديم مقام وڃائي ڇڏيو.عالمن، اديبن ۽ اُستادن کي تلوارن جو کاڄ بنايو ويو ۽ قيمتي ڪتاب مٽيءَ جي ڍڳن جيان منگولن جي گهوڙن جي سنبن هيٺان لتاڙجي ويا. اوچتو نازل ٿيندڙ اها مصيبت ايڏي ته وڏي ۽ ڀوائتي هئي، جو ان دور جا اهل علم ۽ ادب ان جي شدت کان حيران ٿي ويا ۽ جن ماڻهن ان قتل ۽ رتو ڇاڻ کي اکين سان ڏٺو هو، سي سوچڻ ۽ ماتم ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪري نه سگهيا. هڪ عالم ‘ابن اثير’ جيڪو پڻ انهن ماڻهن ۾ شامل هو، ان تباهيءَ بابت لکي ٿو. “جيڪڏهن ڪو ائين چوي ته خدا پاڪ جڏهن کان هن ڌرتيءَ تي آدم جي تخليق ڪئي آهي، ان وقت کان وٺي اڄ سوڌي ڪڏهن به ههڙي مصيبت برپا نه ٿي آهي ته اهو لفظ به لفظ سچ هوندو.”
    هڪ ٻي تاريخ نويس جويني (منگول)جيڪو فاتحن لاءِ نرم گوشو رکندو هو، تنهن ان تباهيءَ جو نقشو هنن لفظن ۾ چٽيو آهي:
    “زماني جي تبديليءَ ۽ گردش آسمان سبب درس ۽ تدريس ۾ مشغول مدرسا گم ۽ انهن ۾ علم جي آبياري ڪندڙ اُستاد غائب ٿي ويا ۽ انهن جا شاگرد زماني جي حادثي سبب ٽڙي پکڙي ويا. ماڻهو ڏکن ۽ تڪليفن ۾ مبتلا ٿي، پريشاني ۽تباهيءَ جو شڪار ٿي تيرن ۽ تلوارن جو کاڄ ٿي مٽيءَ ۾ مِٽي ٿي ويا.”
    هنر اڪنون همه در خاڪ طلب بايد ڪرد،
    زانڪه اندر دل ما ڪند همه با هنران.
    (هاڻ هنر ۽ فن کي مٽيءَ ۾ ڳولهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهل هنر مٽيءَ جي اندر ئي آهن.)
    نيشاپور جيڪو ڪنهن زماني ۾ خراسان جو نگينو (مرڪز) ڳڻيو ويندو هو، ڪيترا ئي ڀيرا منگولن جي حملن جو شڪار ٿيو، پهريون ڀيرو نشاپوري دور انديشيءَ کان ڪم وٺي منگولن سان صلح ڪري، سندن آڻ مڃي قتل ۽ رتو ڇاڻ کان بچي ويا ۽ منگول مال ۽ ملڪيت هٿ ڪري اڳتي وڌي ويا. ڪجهه مهينن کانپوءِ هنن منگولن سان ڪيل ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ تنبيهه جي باوجود به نه مُڙيا ۽ چنگيز خان کي جڏهن شهر جي باغي هئڻ جي خبر پيئي ته هن پنهنجي ننڍي پُٽ تولي خان (تولائي) کي کين سيکت ڏيڻ جي لاءِ روانو ڪيو. هو جڏهن خراسان جا ٻيا شهر فتح ڪندو نيشاپور پهتو ته شهري سمجهي ويا ته هن ڀيري صلح يا جنگ، ٻنهي جو نتيجو هڪئي نڪرندو. تنهنڪري هنن وڙهڻ جو فيصلو ڪيو. زبردست جنگ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ منگولن کي پٺتي هٽڻون پئجي ويو ۽ منگول فوج جو سپهه سالار ‘تغاجار گورڪان’ جيڪو چنگيز خان جو ناٺي هو، سو به مارجي ويو. چنگيز خان ان جو بدلو وٺڻ جي لاءِ سڄي سگهه سان نيشاپور تي حملو ڪيو، هن ڀيري نيشاپور ان حملي جي سٽ سهي نه سگهيو، پر ان هوندي به ايڏي ته ويڙهه هلي جو منگولن کي شهر تي مڪمل قبضي ڪرڻ ۾ ٽي ڏينهن لڳي ويا، چنگيز خان پاران ‘تغاچار گورڪان’ جي قتل جو بدلو وٺڻ جي لاءِ حڪم جاري ٿيو ته شهر کي اهڙي طرح ڀيلي برباد ڪيو وڃي جو اُتي ڪا پوک به ٿي نه سگهي ۽ بدلي طور اتي ڪو ڪتو ۽ ٻلو به جيئرو نه ڇڏيو وڃي...
    منگول شهر ۾ داخل ٿي ويا ۽ قتل عام شروع ڪري ڏنائون... چنگيز خان جي ڌيءَ به پنهنجي مڙس جو بدلو وٺڻ جي لاءِ هڪ گروهه سان شهر ۾ ڪاهي پيئي ۽ بچيل ماڻهن کي قتل ڪرڻ لڳي، شهر ۾ انساني سرن جا مينار ٺاهيا ويا. ان قتل عام ۾ اٽڪل سترهن لک ماڻهو قتل ڪيا ويا، وڏي قتل عام کانپوءِ تولوئي ‘هرات’ روانو ٿيو ۽ ويندي ويندي حڪم ڏيئي ويو ته، “شهر کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو” ايئن جيڪي ماڻهو سرنگن يا ڪن ڳجهن هنڌن تي لڪل هئا، اهي جيئري ئي دفن ٿي ويا... منگولن اهو حملو 1221ع ۾ ڪيو هو.
    اڳتي هلي امير تيمور به منگولن جي ياد تازي ڪري ڇڏي. هڪ سٽ ۾ هيئن خلاصو بيان ڪري سگهجي ٿو ته ‘نيشاپور وري منگولن کان اڳ واري اهميت ۽ عظمت ماڻي نه سگهيو.’
    شيخ فريدالدين عطار به منگولن جي ان حملي ۾ هڪ منگول سپاهيءَ جي تلوار جو کاڄ بنجي ويو، منهنجي اکين جي اڳيان عطار جي قتل جو نظارو ڦري ويو ۽ اسانجي ٽئڪسي تيزي سان شيخ فريدالدين عطار جي مزار طرف وڌي رهي هئي.


    • مون سان گڏ فوٽو ڪڍائيندينءَ...؟

    ٽئڪسي مان لهي هيٺ بيٺاسين ته اسانجي نظر سامهون عطار جي ٺهيل مجسمي تي پيئي، جيڪو نهايت سهڻو ٺهيل هو. آسپاس جو ماحو ل به ڏاڍو وڻندڙ ۽ متاثر ڪندڙ هو. ٽئڪسي ايستگاهه وٽ هڪ گهوڙي سان جوٽيل بگي بيٺي هئي، جيڪا سياحن کي آس پاس جو سير سپاٽو ڪرائيندي هوندي، اڳتي وڌياسين ته خبر پيئي ته عطار جي مزار کان اڳ استاد ڪما الملڪ جي مزار آهي، جيڪا چئني پاسن کان کليل ۽ ڇت ڍڪيل، ننڍي پر ڏاڍي سهڻي ۽ متاثر ڪندڙ آهي. ڪمال الملڪ جي سنگ لحد تي سندس نالي سان گڏ سندس تصوير جي به اُڪر ٿيل هئي، مزار جو سڄو ڪم ڪاشيءَ جو ۽ نهايت نفاست سان ٿيل هو. ڪمال الملڪ وڏو آرٽسٽ ٿي گذريو آهي. سندس اصل نالو محمد غفاري هو ۽ سندس جنم 1847ع ۾ ايران جي شهر ‘ڪاشان’ ۾ ٿيو. ۽ جڏهن وڏو ٿيو ۽ مصوريءَ جي فن ۾ نالو ڪڍيائين ته ارڙهن سالن جي عمر ۾ کيس ان وقت جي حاڪم نصيرالدين شاهه جي درٻار ۾ شاهي چترڪار مقرر ڪيو ويو، ان وقت ايران تي قاچار گهراڻي جي حڪومت هئي، ڪمال الملڪ ڪيتريون ئي شاهڪار تصويرون ٺاهيون. هن 1939ع ۾ وفات ڪئي، کيس هتي نيشاپور ۾ ‘شيخ عطار’ جي مزار جي آڳنڌ ۾ دفنايو ويو.
    ڪمال الملڪ جي مزار جي ٻاهران ٽيبل ڪرسيءَ تي هڪ ايراني ڇوڪري ويٺي هئي. هن جي اڳيان اُستاد ڪمال الملڪ جي مصوري بابت، ڇپيل انگريزي ۾ ڪتاب کليو رکيو هو، جنهن ۾ ڪمال الملڪ جون ڪيتريون ئي تصويرون پڻ ڇپيل هيون. اهو ڪتاب ڪنهن ٻاهرينءَ ملڪ ۾ ڇپيو هو، ساڻس خبرون چارون ڪندي خبر پيئي ته سندس نالو ‘مريم’ آهي ۽ هتي سرڪاري طور تي مقرر ٿيل آهي، جيئن ايندڙ ٽوئرسٽن کي گائيڊ ڪرڻ سان گڏ کين اُستاد ڪما الملڪ بابت به ٻڌائي سگهي.
    “مريم ڌوڙ سياحن کي گائيڊ ڪندي يا ڪما الملڪ بابت ٻڌائيندي هوندي.” مريم سان حالن احوالن کانپوءِ ڪمال الملڪ جي قبر ڏانهن وڌندي چيم.
    “ڪيئن...؟” آفتاب شاهه پڇيو.
    “ايراني سياح ته خير شايد ئي کائنس ڪمال الملڪ بابت پُڇن، جو کين ڪمال بابت ٿورا گهڻي ڄاڻ ته هوندي... پر پاڻ جهڙن خارجي سياحن کي جيڪا واٽ مني ڪيا ماڙي گو جيتري انگريزي اچي ٿي... هن سڳوريءَ کي ته ايتري به نٿي اچي... سو اڳلو ڳالهه سمجهي به ته ڪيئن؟”
    منهنجي ڳالهه تي آفتاب شاهه ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪئي.
    “البت...” مون ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو، “مريم جو مهذب پڻو ۽ رنگت خود سياحن لاءِ ڪشش جو سبب آهي... تنهنڪري اها ٻولي نه اچڻ واري خامي درگذر آهي.”
    منهنجي ڳالهه تي آفتاب شاهه کان ٽهڪ نڪري ويو.
    “اوهان ايراني آهيو....؟” امين مڙيئي مريم کان پڇيو، جيئن ڳالهه ٻولهه جو وڌيڪ موقعو پيدا ٿي سگهي.
    “نه... آئون نشاپوري آهيان.” مريم وراڻيو.
    “بلي بلي.... چئبو ته پنهنجي شهر سان وڏي محبت اٿس...”
    همراهڻ چڱڙي هئي، سو اسانجو شاعر دوست امين لاکو رهي نه سگهيو، هڪدم کڻي درخواست دَٻيائين ته “عسڪ بندي” ٻين لفظن ۾ مون سان فوٽو ڪڍائيندينءَ...؟
    “مري وياسين سائين...!” مون امين جي ڳالهه تي آفتاب شاهه کي چيو، مونکي ڪالهه فردوسي جي مزار تي هڪ همراهڻ سان گڏ ڪراڙي جي فوٽو ڪڍڻ جي درخواست جي جواب ۾ ‘نو’ ياد اچي ويئي... پر امين جا ڀاڳ ڀلا هئا، جو مريم ‘نو’ ڪرڻ بدران مرڪي راضپو ڏيکاريو ۽ مون به دير نه ڪئي، امين سندس ڀر ۾ بيٺو ته سندن فوٽو ڪڍي ورتم، پوءِ ته سائين امين جا ٻليءَ وارا ٽپ هجن، داد حاصل ڪرڻ لاءِ، ‘ڪيئن ماما گُر اچي ٿو نه اسان کي.’
    “هائو هائو ابا... هائو...گُر ته ڪو توکان سکي...” کلندي چيومانس، “جي سنڌ ۾ ڪنهن کي پاڻ سان ايئن فوٽو ڪڍائڻ لاءِ چوين ها ته ڪهاڙين سان ڪارو، نه ته به سئنڊلن سان ڳاڙهو يا گارين سان هئڊو ضرور ٿيئن ها... ميان محمد امين لاکا...”
    ۽ امين جي مريم سان فوٽو ڪڍائڻ سبب خوشيءَ ۾ واڇ گودو هئي.
    ڪمال الملڪ جي قبر جي سيراندي ۽ پيراندي کان بيهي، کيس خراج تحسين پيش ڪري، ڪئميرا جا ٻه چار فليش هڻي، عطار جي مزار طرف وڌياسين، جيڪا بلڪل سامهون هئي، ويهارو کن وکن تي...
    شيخ فريد الدين عطار جو نالو سنڌي پڙهندڙن لاءِ ڪو نئون نه آهي، ڪو وقت هو جڏهن هندستان سميت سنڌ ۾ فارسيءَ جي بَلي بَلي هئي ۽ “فارسي گهوڙي چاڙهسي” چوڻي مشهور هئي، تڏهن مدرسن ۾ شيخ سعدي شيرازيءَ جي ڪتابن “گلستان و بوستان” ۽ “ڪريما” سان گڏ، عطار جو ‘پند نامو’ به پڙهايو ويندو هو. انگريزن سنڌ تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ جڏهن 1857ع ۾ سنڌ ۾ فارسيءَ بدران ‘سنڌي’ کي دفتري زبان قرار ڏنو ۽ ان جي واڌ ويج لاءِ قدم کنيا ته هوريان هوريان فارسي به ويئي پنهنجي اهميت وڃائيندي، جيتوڻيڪ سنڌ جي ڪجهه مدرسن ۾ ڪورس طور اڃا به ‘گلستان’، ‘بوستان’، ‘ڪريما’ ۽ ‘پند نامو’ پڙهايا ٿا وڃن، پر هاڻ اڳوڻو سوجهرو ڪونهي. ‘پند نامي’ جو هاڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو به ٿي چڪو آهي، جيڪو جناب محمد ادريس السندي’ ڪيو آهي، محمد ادريس السندي، پند نامي جي ان منظوم سنڌي ترجمي کانسواءِ “گلستان” ۽ “بوستان” جا به سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا آهن.
    شيخ عطار جي مزار اندر گهڙياسين ته اندر سانت لڳي پيئي هئي. هڪ جوڙو عطار جي قبر جي پيرانديءَ کان ڀت سان ٽيڪ لڳائي ويٺو هو، سندن دلين ۾ ٻرندڙ عشق ۽ محبت جا دونهان سندن چهرن مان ئي پڌرا هئا... عطار جهڙن شاعرن جون مزارون عاشقن جون آستان گاهون ۽ پناهه گاهون ۽ سندن ملڻ جي لاءِ مناسب هنڌ هوندا آهن، شاعر ته هوندا ئي عشق جا امام آهن... ايران ۾ اڪثر مزارن تي اهڙا جوڙا نظر اچن....
    عطار جي مزار سندس خوبصورت شعرن سان سينگاريل هئي ۽ اندر ٿيل ڪاشيءَ جو ڪم نهايت سهڻو ۽ جاذب نظر هو، فرش تي ايراني غاليچو وڇايل هو.
    شيخ فريد الدين محمد ‘عطار’ ڇهين صدي هجري جي وچ ڌاري نيشاپور ۾ ئي پيدا ٿيو.. سندس پيءُ ابوبڪر محمد، عطار (دوا فروش) هو. فريدالدين به اهوئي پيشو اختيار ڪيو. هن پنهنجي جواني جو وقت تعليم حاصل ڪرڻ ۾ گذاريو، گهميو ۽ ڦريو به ۽ ان دوران وقت جي مشهور صوفين سان ملاقاتون به ڪيائين.
    عطار دوا فروشي سان گڏ حڪمت جو ڪم به ڪندو هو، سندس حڪمت ڏاڍي سُٺي هلندي هئي ۽ هو ڏينهن ۾ پنج پنج سئو ماڻهن جي نبض به ڏسندو هو. ۽ سندس وقت ڏاڍو سکيو ۽ مزي سان پي گذريو، هڪ ڏينهن هوجيئن ئي پنهنجي دوڪان تي ڌنڌي ۾ مشغول هو ته اُتان هڪ فقير اچي لنگهيو ۽ عطار جي دوڪان تي بيهي صدا هنيائين، “بابا الله جي نالي ڏي...” پر شيخ فريد ٻُڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي.... هوڏانهن فقير صدا مٿان صدا هڻندو رهيو. پر عطار پنهنجي ڌنڌي ۾ رڌل رهيو، نيٺ بيزار ٿي فقير چيس، “ايترو مصروف آهين ته پوءِ آخر مرندين ڪيئن؟” عطار جواب ڏنس، “جيئن تون!” فقير به دير نه ڪئي، پاڻ وٽ اڳ ۾ ئي موجود ڪاٺ جو پيالو پنهنجي مٿي کان رکي سمهي پيو ۽ زور سان “الله” جو نعرو هڻي وڃي پنهنجي رب کي پرتو. فريد الدين عطار تي ان ڳالهه وڏو اثر ڇڏيو، سڀ ڪجهه خيرات ڪري دوڪان کي تالو هڻي، دنيا کي ترڪ ڪري ٻاهر نڪري پيو ۽ فقيريءَ واري رنگ ۾ اچي ويو.
    مزار اندر ٿوري دير بيهي، پوءِ ٻاهر نڪري آياسين. مزار جي چوڌاري ڏاڍو سهڻو باغ رکيل هو ۽ ان ۾ بئنچون پڻ، جيئن ڪو ويهڻ چاهي ته ويهي گلن جو واس وٺي ۽ سوچ ويچار ڪري. باغ جو چڪر هڻي هوريان هوريان ٻاهر نڪرڻ لڳاسين. “بيشڪ ايراني مهذب قوم آهي، جنهن پنهنجن عالمن ۽ اديبن جي آثارن کي سنڀاليو آهي، نه ڪي پاڻ وانگر ڦٽايو آهي.” صفدر شاهه ماحول کان متاثر ٿي چيو.
    اُن مهل منهنجي ذهن ۾ عطار جي شهادت جو واقعو اُڀري آيو... نيشاپور تي جڏهن منگولن حملو ڪيو ته هڪ منگول سپاهيءَ شيخ عطار کي قتل ڪرڻ جي لاءِ جلهيو، پر ٻئي منگول رڙ ڪري چيس، “مارينس نه! مونکي هڪ هزار ۾ وڪڻي ڏي...!” اتي عطار چيس “نه ادا نه! منهنجي قيمت اڃا گهڻي آهي... ايتري ٿوري ملهه ۾ متان وڪڻيم... ٿوري دير کانپوءِ هڪ ٻيو منگول اتان اچي لنگهيو، جنهن سپاهيءَ کي چيو اهو غلام هن گاهه جي ڀريءَ عيوض وڪڻندين؟ عطار اهو ٻڌي سپاهيءَ کي چيو. “انهي اگهه ۾ مونکي وڪڻي ڇڏ.... حقيقت ۾ ته آئون ايترو به نه لهان..”
    انهيءَ ظاهري تضاد بياني تي منگول سپاهي مڇر جي پيو ۽ شيخ فريد الدين کي قتل ڪري ڇڏيائين. فريد الدين جي ان ڳالهه ۾ به هڪ سبق هو ته “انسان جهڙي ملهائتي شئي ٻي ڪا به نه آهي. پر جيڪڏهن انسانيت کان هيٺ لهي اچجي ته پوءِ ان جهڙي بي ملهي شئي ٻي ڪا به نه آهي.”
    عطار جو شمار فارسي زبان جي عظيم شاعرن ۾ ٿئي ٿو.. .سندس تصنفين جو تعداد 114 ٻڌايو وڃي ٿو. پر اهو وڌاءُ ٿو لڳي، سندس ڪتابن ۾ تذ ڪرتھ الاولياءَ (نثر)، اسرار نامه، جو اهر نامه، ديوان عطار ۽ منطق الطير مشهور آهن. “عطار جي قصيدن جو موضوع، ساراهه جي بدران الفت، پندو موعظمت آهي. تشيس ۽ تغزل کانسواءِ ڪن نقادن سوز ۽ دلڪشيءَ ۾ عطار جي غزل کي ‘سنائي’ جي غزل تي ترجيح ڏني آهي.”
    عطار جو مشهور ڪتاب “منظق الطير” 4600 شعرن 48 مضمونن تي ٻڌل هڪ تمثلي مثنوي آهي، جنهن ۾ پکي هڪ خيالي پکي سيمرغ جي ڳولا ۾ نڪرن ٿا. هو ان ڳولا ۾ طلب، عشق، معرفت، استصنيٰ، توحيد، حيرت ۽ فنا جي ستن ماٿرين مان گذرن ٿا. پڇاڙي جي منزل تي فقط ٽيهه پکي پهچن ٿا، اهو ئي سيمرغ جو مسڪن آهي، جتي پهچي پکين تي اهو راز کلي ٿو ته سيمرغ نالي ڪنهن پکي جو حقيقي طور تي ڪو به وجود ڪونهي ۽ منزل تي پهچڻ معنيٰ حقيقت کي پائڻ، جيڪا خود سندن اندر موجود آهي. منطق الطير ۾، “عطار صوفاڻون مطلب بيان ڪرڻ ۾ حڪايتن ۽ تمثيلن کان ڪم ٿو وٺي... عطار جي ان طريقي کي مولانا روم ڪمال تائين پهچايو. رومي عطار جونالو وڏي عقيدت سان وٺي ٿو. عطار بنهه ساڌي سوڌي ٻوليءَ ۾ تصوف جون منزلون بيان ٿو ڪري وڃي، جيڪا سهولت ۽ سادگي ڪنهن ٻي شاعر جي حصي ۾ نه آئي آهي عطار جو ڪلام سادگي سان گڏ سوز ۽ مستي، شوق ۽ ذوق سان ڀرپور آهي.” 2
    خود عطار پنهنجي شعر جي حوالي سان ‘منطق الطير’ ۾ لکي ٿو، “اڙي سالڪ! تون منهنجي ڪتاب ۽ شعر کي درد (۽ عاجزيءَ) جي نظر سان ڏس ته جيئن توکي منهنجي درد جو يقين ٿي وڃي…. جنهن به منهنجي ڪتاب کي پڙهيو، سو ڪم وارو ماڻهو ٿيو ۽ جنهن ان کي سمجهيو ۽ ان جي رنگ ۾ رڱجي ويو، سو ڪامياب ۽ فائز ٿيو. منهنجي نظم (شعر) جي هڪ خاصيت هيءَ آهي ته ان کي جيترو گهڻو پڙهجي ٿو، تيترو وڌيڪ فائدو پهچائي ٿو.”
    “منطق الطير” جو سنڌي ترجمو “پکين جي پارليامينٽ” جي نالي سان پهريون ڀيرو 1962ع ۾ “سنڌي ادبي بورڊ” پاران ڇپرايو ويو، اهو ترجمو سنڌ يونيورسٽي جي عربي شعبي جي هيڊ مرحوم غلام حسين جلباڻيءَ ڪيو. جنهن ٻيا به ڪيترائي اهم ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪيا ۽ لکيا. “پکين جي پارليامينٽ” جا هيستائين ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن.
    شيخ عطار جي هڪ ٻي ڪتاب “تذڪرتھ اولياءَ” جا سنڌيءَ ۾ ٻه ترجما ٿيل آهن، اهي محترم محمد صالح کهڙي ۽ محترمه حڪيم عبدالمجيد چانڊيو جا ڪيل آهن، ائين عطار هاڻ سنڌي پڙهندڙن لاءِ ڪو نئون نالو نه آهي.


    • بر خيز که پُر کنيم پيمانه زمي....

    عمر خيام جي مقبري جي ٻاهران ٽئڪسيءَ مان لهي اڳتي وڌياسين، گيٽ وٽ پهتاسين ته خبر پيئي ته اندر وڃڻ جي لاءِ ٽي هزار ريالن (يعني ٽي سئو تومان) جي ٽڪيٽ وٺڻي پوندي... پاڻ وارا پاڪستاني اهي ڪي ويهه ٻاويهه روپيا ٿيا. ٽڪيٽون وٺي اندر گهڙياسين ته فرلانگ مُنو اڳيان عمر خيام جي مزار نظر آئي، مزار تي نظر پوندي ئي عجيب بي خوديءَ جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي عمر خيام جنهن جي رباعين هڪ دنيا کي مست ڪري ڇڏيو...
    بر خيز بتا بيار بهر دلِ ما
    حل کن بجمال خويشتن مشڪل ما
    يک گوزه شراب تابهم نوش کنيم
    زان پيش که کوزه ها کنند از گُل ما.
    (اي مِٺا! اُٿ اسان جي لاءِ مَئي جو پيالو آڻ، اسانجي مشڪل پنهنجي سونهن سان حل ڪر. شراب جي هڪ گهگهي کڻي آءُ ته گڏجي پيون. ان کان اڳ جو ماڻهو اسانجي مٽيءَ مان گهگهيون بڻائن)
    عمر خيام جي مزار بلڪل خيمي وانگر ٺاهي ويئي آهي... خيام جي اها مزار ‘امام زاده محروق’ جي اڱڻ ۾، باغ جي هڪ پاسي آهي.. اوستائين وڃڻ جي لاءِ ڳاڙهين سرن سان رستو ٺهيل آهي. جنهن جي ٻنهي پاسن وڏا وڻ وڻڪار ڪريو بيٺا آهن. ۽ وچ ۾ ‘امام زاده محروق’ جي مزار طرف ويندڙ رستو ڪٽي ٿو. اسين ان رستي تي اڳتي وڌڻ لڳاسين.. ٿورو اڳيان کاٻي پاسي هڪ وڏي سهڻي تختي لڳل هئي، جنهن جي مٿان وڏن اکرن ۾ ‘حڪيم عمر خيام’ لکيل هو ۽ ان جي هيٺان فارسيءَ ۾ مختصر لفظن ۾ خيام بابت ڄاڻايل هو.
    اسين پهتاسين ته خيام جي قبر وٽ هڪ ايراني فئملي پنهجن ننڍڙن ٻارن سان موجود هئي ۽ هو انهن ٻارن کي خيام جي سنگ مر مر سان ٺهيل قبر تي گيلاٽيون کارائي رهيا هئا. ان ڳالهه مونکي ڏاڍو حيران ڪيو. پاڻ وٽ قبرن جو وڏو احترام ڪيو ويندو آهي، ۽ اوچتو ڪنهن قبر تي پير به اچي ويندو آهي ته توبه توبه پيا ڪندا آهيون.. ۽ هتي خيام جهڙي عظيم شاعر جي قبر تي ايراني ٻارن کي گيلاٽيون کارائي وندرائي خوش ٿي رهيا هئا.
    عمر خيال پنهنجي شاگرد خواجه نظاميءَ کي چيو هوته ‘منهنجي قبر اُت هوندي، جتي اُتر جي هوا گلاب جا گُل منهنجي قبر جي مٿان پکيڙي ڇڏيندي.’ خواجه نظامي چوي ٿو ته سالن کانپوءِ آئون نيشاپور ويس ته منهنجي حيرت جي ڪا حد ئي نه رهي، جڏهن مون ڏٺو ته سندس قبر باغ جي بلڪل ڀرسان هئي. انهن جي ڀرسان ميون جا وڻ گلن سان جنجهيا پيا هئا ۽ سندس قبر مٿان انهن جا گُل ڪرندا ٿي رهيا.. ايتريقدر سندس قبر گلن سان ڍڪيل هئي، جو ڪتبو به انهن ۾ ڍڪجي ويو هو.”
    افسوس ٿيم ته اُن وقت خيام جي قبر مٿان گلن وجهڻ بدران اهي پنهنجن ٻارن کي گيلاٽيون کارائي، خوش ٿي رهيا هئا.
    منهنجي ذهن ۾ خيام جي رباعي تري آئي:
    آمد سحري صدا از ميخانئه ما
    کي رند خراباتيءَ ديوانئه ما
    بر خيز که پُر کنيم پيمانه زمي
    زان پيش که پُر کنند پيمانئه ما.
    (صبح جو مئخاني مان صدا آئي ته اي منهنجا رند خراباتي، اي منهنجا ديوانا، اُٿ ته شراب سان پيالو ڀريون، ان کان اڳ جو اسانجي زندگيءَ جو پيالو ڀري ڇڏين.)

    عمر خيام نيشاپور ۾ پيدا ٿيو ۽ نيشاپور جي مٽيءَ ۾ ئي مدفون آهي. سندس پيءُ جو نالو ابراهيم هو، خيام، سندس قبيلي ‘خيامي’ جي پٺيان سڏجڻ لڳو. جيڪو خيمن سبڻ جو ڌنڌو ڪندو هو، خود عمر خيام به پنهنجي هڪ رباعيءَ ۾ خيما ٺاهڻ جو ذڪر ڪيو آهي.
    خيام، جيڪو سائنس جا خيما ٺاهيندو هو،
    پاڻ ڏک جي اوڙاهه ۾ ڪرندو ويو ۽ سڙي ويو.
    قسمت جي ڇڪ سندس زندگيءَ جي خيمي جا رسا ڪپي ڇڏيا.
    ۽ اُميد جي دلال هن کي بنا مُلهه جي وڪڻي ڇڏيو.
    عمر خيام جو سڄو نالو ‘غياث الدين ابو الفتح عمر بن ابراهيم خيام’ آهي. سندس جنم اڱاري جي ڏينهن 18 مئي 1048ع تي ٿيو. هن ڏاڍو ذهين هو ۽ ناليواري عالم ابو حامد نا صرالدين محمد بن منصور کان تعليم پرائي ۽ سترهن سالن جي عمر ۾ ئي ڪافي علمن ۾ ڀڙ ٿي ويو. جيتوڻيڪ عمر خيام جي مشهوري هڪ شاعر جي حيثيت سان آهي، ۽ کيس شاعريءَ ئي لازوال شهرت ۽ عظمت عطا ڪئي، پر هو هڪ وڏو سائنسدان پڻ هو. کيس علم نجوم، فلڪيات کانسواءِ قرآن، حديث، تاريخ ۽ لسانيات ۾ پڻ وڏي مهارت حاصل هئي. شيخ اياز جي لفظن ۾ “شاعريءَ ۾ انهن رباعين جو مقام ايترو بلند ِآهي ۽ هن کي شاعر جي حيثيت ۾ اهڙي لازوال شهرت حاصل آهي، جو شعر ۽ ادب جي محفل ۾ جيڪڏهن عمر خيام جو ذڪر هڪ سائنسدان جي طور ڪيو ويندو آهي ته ٻڌندڙن کي حيرت وٺي ويندي آهي.”
    عمر خيام، زندگيءَ جو شروعاتي حصو بلخ ۾ گذاريو، ارڙهن سالن جي عمر ۾ پيءُ جي گذاري وڃڻ کانپوءِ هن ڪافي تڪليفون سٺيون ۽ تعليم جو سلسلو به اڌ ۾ رُڪجي ويس، انهن ڏينهن عمر خيام “رساله الجبرا” لکيو ۽ رياضي جي علم تي پڻ ڪجهه تحقيق ڪئي. ان تحقيق جو ذڪر جڏهن سمرقند جي قاضي ابو طاهر عبدالرحمٰن وٽ ٿيو، جيڪو پاڻ به هڪ عالم ۽ علم وارن جو سرپرست هو ته هن خيام کي پاڻ وٽ سمرقند گهرايو ۽ پنهنجي سرپرستيءَ ۾ وٺي، تحقيق جاري رکڻ جي فرمائش ڪيائين... ان همت افزائي جي ٿوري طور خيام پنهنجو رسالو “حل المساوات والجبر والمقابله” پنهنجي سرپرست جي نالي منسوب ڪيو. اُن ڪتاب کيس گمناميءَ مان ڪڍي مشهور ڪيو.
    قاضي ابو طاهر عبدالرحمٰن ئي خيام کي “بخارا” جي حاڪم خاقان شمس الملڪ سان متعارف ڪرايو، جيڪو پڇاڙيءَ تائين عمر خيام جي قدرداني ڪندو رهيو. خاقان شمس الملڪ جي وسيلي ئي عمر خيام کي ملڪ شاهه سلجوق جي درٻار ۾ باريابي حاصل ٿي ۽ کيس 1074ع ۾ ملڪ شاهه سلجوق، شاهي نجوميءَ جي حيثيت سان اصفهان ۾ شاهي رصدگاهه جو سربراهه مقرر ڪيو. ان وقت خيام جي عمر 26 سال هئي، عمر خيام پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا. پر کيس مشهوري رباعين جي ڪري ملي، جيڪي هو وانڌڪائي جي وقت ۾ وقت گذارڻ جي لاءِ لکندو هو. عمر خيام جي رباعين جو انگريزي مترجم ‘فٽز جيرالڊ’ لکي ٿو، “خبر ناهي ته ڇو عمر پنهنجي ملڪ ۾ ڪڏهن به مشهور نه رهيو، ان ڪري ئي شايد هن جو سمورو علم ٻين ملڪن ڏانهن منتقل ٿي ويو، سندس شعرن سان مشرق جي ٻي ادب کان وڌيڪ جُٺ ٿي، اهي ايترا ته ناياب ٿي چڪا هئا، جو اولهه جي انهن تائين پهچ سڄي سائنس ۽ وٺ پڪڙ جي باوجود به ڏاڍي ڏکي هئي.”
    عمر خيام جي انهن رباعين اوڀرجي ڀيٽ ۾، اولهه ۾ وڏي مقبوليت ماڻي، ۽ شايد ئي ڪا اهڙي اولهائين زبان هوندي، جنهن ۾ انهن جو ترجمو نه ٿيو هجي، انگريزي ۾ جڏهن اوڻهين صديءَ ۾ فٽز جيرالڊ (Fitz Gerald) انهن رباعين جو ترجمو ڪيو ته اولهه ۾ انهن جي ايتري ته هاڪَ مچي ويئي، جو خود سندس وطن ايران ۾ به اٺ سئو سالن ۾ کيس ايتري شهرت نه ملي.
    عمر خيام جي رباعين جي سڀ کان پراڻي نسخي جي اشاعت 1258ع ۾ ٿي. فٽز جيرالڊ، 1859ع جي ترجمي ۾ جن ٻن نسخن تان استعفادو ڪيو، انهن مان سڀ کان پراڻو نسخو 1460ع ۾ لکيو ويو هو. فٽز جيرالڊ ٽين ايڊيشن ۾ ڪافي تبديلي ڪئي ۽ پهرين ڇاپي ۾ رباعين جو تعداد 75 هو، پر تيرهن سالن کانپوءِ ڇپيل ٽي ڇاپي ۾ رباعين جو تعداد 101 آهي. 26 رباعين جي وڌيڪ اشاعت سان فٽز جيرالڊ، حڪيم عمر خيام جي شعري ۽ فڪري شخصيت کي نه رڳو وسعت ڏني، پر خيام جي خيال کي وڌيڪ وضاحت سان پيش ڪيو، اهو ڇاپو 1872ع ۾ ڇپيو، ۽ وڌيڪ معياري ڇاپو آهي.
    عمر خيام جي انهن رباعين اولهه وارن کي ايترو ته متاثر ڪيو، جو انگلنڊ ۽ آمريڪا ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي خيام جي نالي سان ڪلبون قائم ٿي ويون. رباعين جا ڪيترائي رنگين ايڊيشن ڇپيا، هڪ ايڊيشن جنهن تي مشهور آمريڪي آرٽسٽ “ايلهو ويدز” مصوري ڪئي هئي، تنهن جو وزن اٺ سير هو. “رباعيات” جو هڪ ايڊيشن اهڙو به ڇپيو، جنهن جي ڊيگهه هڪ ڀاڱي چار انچ ۽ ويڪر ٽي ڀاڱي چوڏهن انچ آهي. هڪ ٻي ايڊيشن جي نسخي تي هيرن جواهرن سان جڙت ٿيل هئي، تنهن جي قيمت هڪ لک روپيا هئي، اهو ڪتاب 1912ع ۾ ٽائيٽنڪ جهاز سان گڏ ٻڏي ويو. 1920ع ۾ جڏهن آمريڪا ۾ شراب تي پابندي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته اُن جي مخالفت ۾ زور شور سان عمر خيام جون شراب جي ساراهه ۾ چيل رباعيون دليل طور پيش ڪيون ويون. خيام جي هڪ مغربي پرستار جو چوڻ آهي ته، “عمر خيام جون رباعيون ثابت ڪن ٿيون ته انساني پڪار قوميت جي ٻنڌڻ کان مٿاهين آهي.” رباعين جو انگريزي مترجم فٽز جيرالڊ لکي ٿو، “هي رباعيون هڪ عجيب لفظن جي موسيقي ۾ جُڙيل آهن.”
    عام طور لکيو ويو آهي ته عمر خيام، حسن بن صباح ۽ نصيرالدين طوسي پاڻ ۾ ننڍپڻ جا دوست هئا ۽ هڪٻئي سان وعدو ڪيو هئائون ته وڏو ٿي جيڪو به وڏي منصب تي پهچندو ته هو ٻين کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪندو. اها غلطي چڱا ڀلا عمر خيام جا سوانح نگار ڪري ويا آهن. عمر خيام تي افسانوي انداز ۾ ناول لکندڙ ‘هيرلڊيم’ به اها غلطي ڪري ويو آهي. حقيقت ۾ اهو تاريخ جو غلط مفروضو آهي، ٽنهي جي زندگي، دور ۽ ڪارنامن ۾ صديءَ جو فرق آهي.عمر خيام جو هڪ ڪارنامو ‘جلالي ڪئلينڊر’ ٺاهڻ به هو، عمر خيام ۽سندس ساٿين وڏي محنت ۽ تحقيق سان هڪ ڪئلينڊر جوڙيو، جيڪو 1079ع ۾ سلطان ملڪ شاهه سلجوق، ايران جي سرڪاري ڪئلينڊر طور لاڳو ڪيو ۽ پنهنجي نالي پٺيان ان جو نالو “جلالي ڪئلينڊر” رکيو. جيڪو ان وقت جي جيولين ڪئلينڊر کان تمام گهڻو Aecurate ۽ اڄ جي گريگورين ڪئلينڊر سان ملندڙ جلندڙ هو.
    عمر خيام جي زندگي ۽ فڪر تي اولهه توڙي اوڀر ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن. آمريڪي ليکڪ هيرلڊيم، افسانوي انداز ۾ ‘عمر خيام’ جي نالي سان ناول لکيو. هيرلڊيم جي ڪٿا به عجيب آهي. هن 1892ع ۾ آمريڪي رياست “نيوجرسيءَ” جي “الپائن” علائقي ۾ جنم ورتو ۽ پئدائشي ئي معذور هو. سندس ڪنن، اکين ۽ زبان ۾ فطري نقص هئا، هو نه صحيح نموني ڳالهائي سگهندو هو ۽ نه ئي وري صحيح نموني ٻُڌي ۽ ڏسي سگهندو هو. سندس ننڍپڻ جو زمانو ڏاڍو ڪٺن هو. هن جيئن تيئن ڪري تعليم پرائي، قدرتي جسماني نقصن کيس تنهائي پسند بنائي ڇڏيو هو ۽ هو پنهنجو گهڻو وقت لئبررين ۾ وڃي ڪتابن پڙهڻ ۾ گذاريندو هو. ويهن سالن جي عمر تائين پهچندي پهچندي سندس جسماني نقص هوريان هوريان دور ٿيڻ لڳا.
    شروع ۾ هيرلڊيم کي ايشيائي ماڻهن جي تاريخ جي اڀياس جو شوق هو، پاڻ انهن ملڪن بابت ياداشتن جو گهڻو ذخيرو گڏ ڪيائين، گڏوگڏ پنهنجي ذاتي ڪتب خاني ۾ ايران، وچ اوڀر، روس ۽ چين وغيره جي باري ۾ ڪيتريون ئي تاريخون گڏ ڪيائين، ٻي مهاڀاري جنگ دوران کيس اوڀر جي ڪيترن ئي ملڪن جي سفر جو به موقعو مليو. هيرلڊيم، عمر خيام تي اهو ناول 1934ع ۾ لکيو، جيڪو ڪافي مشهور ٿيو ۽ افسانوي انداز ۾ لکيل ان ناول جو دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. هيرلڊيم، عمر خيام کانسواءِ ٻين به ڪيترين ئي تاريخي شخصيتن ۽ واقعن تي ناول لکيا، جهڙوڪ: چنگيز خان، صلاح الدين ايوبي، تيمور لنگ، سڪندر اعظم، نور محل، تاتارين جي يلغار، صليبي جنگيون وغيرهه.
    ٻين ٻولين سان گڏ سنڌيءَ ۾ پڻ ‘رباعيات’ جو ترجمو ٿي چڪو آهي. پهريون ڀيرو اهو ترجمو نظم ۾، شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ “موتين جي دٻلي” جي نالي سان ڪيو، جيڪو 1904ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپيو. ان جو مهاڳ ديوان ڏيارام گدومل شاهاڻيءَ لکيو ۽ اهو ڪتاب ڇپرايو به ديوان ڏيارام ئي هو، مرزا قليچ بيگ جي ترجمو ڪيل هڪ رباعي هن ريت آهي:
    ٿا چوَن اڳيان بهشت آهي ۽ حور،
    ماکي اُتي، کير ۽ شراب آهي طهور،
    معشوق ۽ مئي پرست ٿياسين جي هتي،
    جائز آهي جو نيٺ ائين ٿيو مامور.
    خيام جي رباعين جو نثري ترجمو جناب بشير سيتائيءَ جو ڪيل آهي، جيڪو ‘رباعيون عمر خيام جون’ جي نالي سان 2007ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپيو، سيتائي صاحب ڪتاب ۾ سنڌي سان گڏ سندس ڪيل انهن رباعين جو انگريزي ترجمو به ڇپيو آهي.
    خيام جي رباعين جو هڪ ٻيو نثري ترجمو “ٻه ٽي جام پيئڻ کانپوءِ” جي نالي سان انجينئر شفقت حسين وڌي ڪيو، جيڪو 2004ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپيو. تنهن کانسواءِ سنڌي ٻوليءَ جي مشهور مزاح نگار مرحوم حليم بروهيءَ، 2003ع ۾ رباعيات جو سنڌي ترجمو ‘رومن اسڪرپٽ سنڌيءَ’ ۾ ڪيو، جنهن جا پاڻ ٻه ايڊيشن ڇپرائي دوست يارن ۾ ورهائي ڇڏيائين. ۽ هاڻ تازو عطا الله ابڙي جو به رباعيات جو ڪيل ترجمو ڪتابي صورت ۾ ڇپجي چڪو آهي.
    مٿين ترجمن کانسواءِ محترم رسول بخش پليجي به ڪجهه رباعين جو نثري ترجمو ڪيو، جيڪي سندس ڪتاب “اوهانجي پڄاڻان” ۾ ڏنل آهن، عمر خيام جي رباعين جو هڪ ٻيو منظوم ترجمو مرحوم حڪيم غلام محمد ‘عرشي’ سومري ڀرين واري جو به ڪيل آهي، جيڪو قلمي صورت ۾ آهي، گهڻا سال اڳ جڏهن آئون “ڀرياسٽي” ويو هوس ته پاڻ مرحوم پنهنجن ٻين ڪيترن ئي قلمي ڪتابن سان گڏ اهو به مونکي ڏيکاريو هو. ڪٿي پڙهيم ته پروفيسر عطا محمد حاميءَ به رباعيات جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو هو. باقي اها خبر نه اٿم ته اهو ڪتابي صورت ۾ ڇپيو هو يا نه.
    ممڪن آهي ته رباعيات عمر خيام جا ٻيا به ڪي سنڌي ترجما ٿيا هجن، جيڪي منهنجي نظر مان نه گذريا آهن.
    عمر خيام 1131ع ۾ وفات ڪئي.
    *

    عمر خيام وٽان ٿي اسين ‘امام زاده محروق’ جي مزار ڏانهن وياسين، جتي ساڳيو ئي ايران جي ٻين زيارتن جهڙو ماحول هو، زيارت ڪري واپس موٽياسين ۽ باغ مان وڙڪندا، گلن ۽ ٻوٽن جو واس وٺندا، هڪ ڀيرو ٻيهر خيام جي قبر تي نظر وجهي، ٻه چار ڏاڪڻيون چڙهي سامهون “گفٽ شاپ” ڏانهن وڌي وياسين، جتي ايراني غاليچا وڇايل هالن جي جهنڊي جهڙا، پر ٿورا ويڪرا، ننڍين کٽن ٽائپ صندل رکيا هئا، انهن تي طول ويهاڻا به رکيل هئا، جيڪڏهن ڪو سياح چاهي ته انهن تي ويهي ڪولڊڊرنڪ يا ايراني قهوو به پي سگهيو ٿي.
    گفٽ شاپ تي ڪيترن ئي شين سان گڏ عمر خيام جي مقبري جا ننڊا توڙي وڏا سهڻا ماڊل به رکيل هئا. خيام، فرودسي، رودڪي، حافظ وغيره، جي Songs جون سي ڊيز ۽ ٻين ڪتابن سان گڏ عمر خيام جي رباعين جو هڪ خوبصورت مصور ايڊيشن به رکيل هو. The Robaiyat of Omar Khyyam ۽ منهنجي نظر انتخاب به ان تي وڃي پيئي، سڄو چئن رنگن ۽ آرٽ پيپر تي ڇپيل اهو ڪتاب چئن ٻولين فارسي، انگريزي، جرمن ۽ فرينچ زبانن ۾ هو. ان جي هر صفحي تي چئن ئي ٻولين ۾ رباعيءَ سان گڏ ان جي سامهون واري صفحي تي ان رباعي جي عڪاسي ڪندڙ پورٽريٽ ڏنل هو اها سڄي مصوري هڪ اُستاد ‘حسين بهزاد’ جي ڪيل آهي، ۽ ان ۾ انگريزي ترجمو ‘فٽز جيرالڊ’ جو ڪيل ڏنل آهي. اهو مصور ايڊيشن ايترو ته سهڻو هو، جو هٿ ڪڍڻ تي دل ئي نٿي چيو، نيٺ اهو ڏهه هزار تومان ڏيئي خريد ڪيم... جڏهن مون اهو خريد ڪيو ته ايئن محسوس ٿيم ته مونکي عمر خيام جي مزار تان ڪو اُملهه خزانو هٿ چڙهي ويو هجي.
    ان مصور ايڊيشن مان هڪ فارسي ۽ فٽز جيرالڊ جو ڪيل انگريزي ترجمو هن ريت آهي.
    آن قصر که جمشيد در او جام گرفت
    آهو بچه کرده و شير آرام گرفت
    بهرام که گور ميگرفتي همه عمر
    ديدي که چگو نه گور بهرام گرفت.
    They say the Lion the lizard keep
    The Courts where Jamshyd gloried and drink deep
    And Bahram, that great Hunter- the wild Ass
    Stamps O’er his Head, and he lies fast asleep.
    (اهو محل جنهن ۾ جمشيد جام پيئندو هو، هاڻ اُت شينهن ٻچو ڪيو آهي ۽ لومڙ آرامي آهي. بهرام جتي گور (جانور) سڄي ڄمار وڙڪندو پئي رهيو، ڏٺئه ته گور (قبر) به ڪيئن نه بهرام کي ورتو.)


    • اوهان يوسف سنڌي ته نه آهيو!؟

    مشهد پهچڻ جي پهرين ڏينهن شام جو روزي کولڻ کان ٿورو اڳ امام رضا جي روضي جي زيارت لاءِ آئون، امين لاکو ۽ آفتاب شاهه روانا ٿياسين، واپس ورندي آفتاب شاهه رش ۾ ڪٿي رهجي ويو، آئون ۽ امين لاکو واپس هوٽل ڏانهن وڃڻ لاءِ اڳتي وڌياسين ته آپا مهرالنساءَ ۽ سندس نياڻيون به روضي مان ٻاهر ايندي نظر آيون، ۽ پوءِ امين لاکو هنن سان گڏ روانو ٿيو ۽ آئون بازار جي مهڙ وٽ پاسي ۾ پيل هڪ وڏي پٿر تي ويهي بوٽ جون ڪَهيون ٻڌڻ لڳس. ڪَهيون ٻڌي ڪنڌ مٿي کنيم ته مون کان ڏهاڪو کن فوٽ پرڀرو روڊ جي بلڪل وچ ۾، بُت ۾ ٿورو ڀريل، اڇي رنگ جي سلوار قميص پاتل هڪ جوان کي پاڻ ڏانهن غور سان ڏسندي ڏٺم... . ساڻس گڏ هڪ ٻيو همراهه به هو... کيس پاڻ ڏانهن ايئن ڏسندو ڏسي ٿورو مونجهاري جو شڪار ٿي ويس، ۽ پوءِ کيس ڏسڻ ۽ سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس، اسانجون نظرون پاڻ ۾ مليون ته جوان ٿورو اڳيان وڌيو ۽ پڇيائين، “اوهان يوسف سنڌي ته نه آهيو...؟”
    هڪ اوپري شخص جي واتان، پنهنجو نالو، سو به پرڏيهه ۾ ٻُڌي حيران ٿي ويس، “جي هائو! مونکي يوسف سنڌي ئي چوندا آهن.” وراڻيم.
    “مونکي سڃاڻو ٿا...؟” پڇيائين.
    سندس سوال تي، کيس هڪ ڀيرو ٻيهر غور سان ڏٺم ۽ ذهن تي زور ڏنم، پر ڪجهه به ياد نه آيو، سو هٿيار ڦٽا ڪندي چيم، “نه يار! نالو ته ياد نٿو اچي.... پر خير پنهنجو ئي هوندين....”

    منهنجي جواب تي وڏو ٽهڪ ڏنائين، پوءِ وراڻيائين، “ڀائو، آئون امان شاد بخاري آهيان.”
    “واهه!” مون ڄڻ زوردار نعرو هنيو ۽ پوءِ بازار جي وچ ۾ ڀاڪرين پئجي وياسين.”مان به چوان ته لڳي ته ڀائو يوسف سنڌي ٿو....” امان شاد ڀاڪرن مان ڌار ٿيندي چيو.
    امان شاد سان منهنجي آخري ملاقات 1997ع ۾ حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي چونڊن ۾ ٿي هئي، ان وقت پاڻ س . ا . س ڪوٽ بنگلي جو ڪائونسلر يا سيڪريٽري هو، ۽ چونڊن ۾ اسانجي پينل جي اميدوار منٺار سولنگي جي ووٽر طور، کيس ووٽ ڪرڻ آيو هو. امان شاد سان ته اڳ ۾ به ڪافي ملاقاتون، ڪچهريون ۽ خط و ڪتابت رهي هئي.
    امان شاد بخاري، منهنجي هڪ دوست سيد الطاف ‘عاصي’ جو ويجهو عزيز پڻ آهي. الطاف عاصي ۽ اسان 92 – 1991ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سرگرمين ۾ گڏ هوندا هئاسين، سنڌي ادبي سنگت ۾ هڪ ڌر يا ڪجهه فردن جي اجاري ڌاري ختم ڪرڻ جي جدوجهد ۾ مرحوم منٺار سولنگي، غلام نبي ناشاد ۽ مون سان جيڪو دوست سڀ کان پهرين سلهاڙيو، اهو سيد الطاف عاصي هو، جيڪو اُن وقت سنگت ضلع خيرپور جو رابطا سيڪريٽري ۽ شاخ ڪوٽ بنگلو جو سيڪريٽري هو. الطاف عاصيءَ ڪافي شاعري به ڪئي ۽ ڪجهه ڪهاڻيون به لکيون... اڳتي هلي هڪ ماهوار رسالو “چانڊوڪي” به ڪڍيائين، سنگت ۾ پوءِ ائين دوست ايندا ويا ۽ “ڪاروانِ سنگت” پنهنجي سفر تي اڳتي وڌندو ويو.. نعيم شيخ، ايس جي ڀاڳيا، سارنگ سهتو،محمد علي ماجد، شبير سيال، ستار نظاماڻي صفر ڪلهوڙو، امان شاد بخاري هڪ وڏي فهرست آهي...
    وقت گذرڻ سان گڏ، هرڪو پنهنجن ڪمن ڪارين ۾ لڳي ويو، ۽ الطاف عاصيءَ سان به رابطا ڪٽجي ويا، هو روزگار سانگي ڪراچي شفٽ ٿي ويو، پوءِ امان شاد بخاريءَ سان به رابطو نه رهيو. الطاف عاصي بابت البت ايتري سا خبر هيم ته هو ڪراچيءَ جي ڪنهن ڪاليج ۾ ليڪچرار آهي (امان سان ملاقات ٿي ته الطاف بابت به خبرون چارون پيون). البت، امان شاد بابت ڪا خبر چار ملي نه سگهي. سنگت جي سيڪريٽري جنرل واري دور ۾ ٻه چار ڀيرا خيرپور وڃڻ ٿيو ته ڪوٽ بنگلي جي دوستن کان امان شاد بخاريءَ بابت پڇا ڪيم، پر ڪا به خبر پئجي نه سگهي.
    ۽ اڄ جو هيئن اوچتو امان شاد سان ملاقات ٿي ته منهنجي خوشيءَ جي حد ئي نه رهي. جنهن جو ذڪر ‘امان’ سان ڪيم ته هن کلندي چيو،”شايد پنهنجي ملاقات ‘مولا رضا’ جي نگريءَ ۾ ئي ٿيڻي هئي... ڏسو نه ڀائو!” هن ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو، “اسان سدائين پرينءَ پاسي واري گهٽيءَ مان هوٽل طرف ويندا آهيون، جتان اسانکي هوٽل به ويجهي پوندي آهي ته رش به گهٽ هوندي آهي، پر اڄ روضي مبارڪ مان ٻاهر نڪتاسين ته ڄڻ ڪير بنا ارادي جي مونکي ڇڪي هن پاسي وٺي آيو... ۽ جڏهن اوهانکي سامهون ويٺل ڏٺم ته ٿورو شڪ پيم ته ڀائو يوسف ته ڪونهي.... بس پاڻ کي مولا جي نگريءَ ۾ ملڻو هو..”
    امان شاد سان پوءِ مشهد ۾ رهائش وارا باقي سڀ ڏينهن سٺي ڪمپني رهي... ۽ آئون روزانو شام جو روضي جي مسجد ۾ سانجهي نماز پڙهي، سڌو امان شاد ڏانهن هليو ويندو هوس ۽ ساڻس ڪلاڪ ٻه ڪچهري ڪري پنهنجي ٺڪاڻي تي موٽي ايندو هوس.
    امان سان ڪچهريءَ ۾ خبر پيئي ته هو اڪثر سال ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا، ايران ايندو آهي، ڪڏهن ته مهينن جا مهينا رهندو آهي. ان اچ وڃ سبب هو فارسي به سکي ويو، جيڪا هو ڏاڍي سُٺي ڳالهائي رهيو هو، امان جي ان اچ وڃ جو سبب اهو آهي ته هو سنڌ مان اڪثر زيارتي قافلا ايران ته ڪڏهن عراق وٺي ويندو رهيو آهي. ۽ هي 26 هون ڀيرو هو، جو هو ايران آيو هو، امان سان گڏ سندس رهائش واري هوٽل تي، ساڻس آيل ٻن ٻين دوستن ڊاڪٽر مغل ۽ مولوي محمد اياز قميءَ سان به ملاقات ٿي، مولوي محمد اياز قمي، قم ۾ اٺ سال رهي ديني تعليم حاصل ڪئي. هو اصل لاڙڪاڻي جو ۽ دستار بند عالم آهي، پاڻ ٻڌايائين ته جڏهن هن تعليم پوري ڪئي ته کيس ‘سند’ قم ۾ ايران جي روحاني اڳواڻ سيد علي خامنه اي هڪ تقريب ۾ هٿن سان ڏني.
    انهن ڏينهن امان شاد بخاري شاعري به ڪندو هو، سندس ڪجهه شعر مون “هزار داستان” ۾ ڇپيا هئا، جنهن جو انهن ڏينهن آئون ايڊيٽر هوس.
    “امان! ڀلا شاعري هلي پيئي؟” ڪچهريءَ دوران پڇيو مانس.
    “نه ڀائو! لکڻ آهي ماحول سان.... اسين ته ادبي ماحول کان ئي ڪٽجي ويا آهيون... سو لکجي به ته ڪيئن .... بس ڪڏهن ڪڏهن ڪتاب پڙهي وٺندو آهيان.” امان وراڻيو.
    اُتي ئي پراڻيون ساروڻيون ساريندي، ڪافي دوستن يارن جو ذڪر نڪتو ته منٺار سولنگي جو به ذڪر نڪتو. امان کي خبر ئي نه هئي ته ڪو منٺار سولنگي هاڻ هن جهان ۾ نه رهيو آهي. مون کيس ٻڌايو ته منٺار سولنگي هن ئي سال 2011ع جي ارڙهين جنوريءَ تي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪئي. منٺار جي وفات جو ٻڌي امان کي ڏاڍو ڏک ٿيو، “جنوريءَ ۾ مان ايران هئس....” امان چيو “منٺار به مولائي هو... آئون مولا رضا جي مزار تي سندس دعا گهرندس.....”
    امان اهو چئي ٿوري دير ماٺ ٿي ويو ۽ مون منٺار سولنگي سان پنهنجي ڊگهي رفاقت دوران محبتن، روسامن، مخالفتن، سنگت جي چونڊن ۽ منٺار جي خوبين ۽ خامين تي سوچڻ شروع ڪيو ۽ گڏوگڏ دنيا جي بي ثباتي تي پڻ. حافظ شيرازيءَ ڪيڏو نه صحيح چيو آهي. “هن بي بقا دنيا جي واعدي جي پختائيءَ تي ڀروسو نه ڪر... ڇاڪاڻ ته هيءَ پوڙهي هزار ناٺين جي ڪنوار ٿي رهي آهي....”
    وڃڻ وارو هليو ٿو وڃي.... بس هن دنيا ۾ سندس ڳالهيون ئي رهن ٿيون.
    دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس...
    امان شاد وارن جي به اُن ئي ڏينهن پاڪستان واپسي هئي، جنهن ڏينهن اسانجي هئي... اتفاق اهڙو ٿيو، جو واپسيءَ مهل تفتان کان ڪوئٽا ايندي، وچ ۾ ڪنهن اسٽاپ تي امان وارن جي بس خراب ٿي پيئي هئي ۽ اسان واري بس به اچي اُن اسٽاپ تي بيٺي ته سامهون ويٺل امان شاد بخاري ۽ سندس قافلي وارن تي نظر پيئي، پاڻ ۾ ملياسين ته چيومانس، “الله سائين رڳو ايران ۾ نه پر هت پاڪستان ۾ به اسانجي ملاقات جو بندوبست ڪيو... جيئن اسين هڪٻئي کي وساري نه ڇڏيون.”
    واپسيءَ ۾ وسيم اسان سان وڏي جُٺ ڪئي، مشهد کان زاهدان ۽ زاهدان کانپوءِ مير جاوا ۽ تفتان کان سڌو ڪوئٽا ۽ ڪوئٽا ۾ رات جو ٻين بجي پهتاسين ته بس جي اڏي تي صبح تائين ويهي گذاريوسين ۽ صبح جو سوير پنجين بجي کڻي ڪراچيءَ لاءِ بس ۾ سَٿيائين، ننڍ، آرام سڀ حرام... ڪراچي پهتاسين ته ڄڻ ڪنهن لٺيون هڻي ايران مان ڀڄايو هجي... سَنڌ سَنڌ سور هو... وسيم اسانجي آرام ۽ ٿڪاوٽ جو ڪو به خيال نه رکيو هو ته واپاري ۽ پئسي جو پُٽ هو.
    واپسيءَ ۾ ڪراچي جي ويجهو پهتاسين ته امان شاد فون ڪئي ۽ پڇيو ته “ڪوئٽا ۾ ڪٿي ٽڪيل آهيو.” کيس ٻڌايم ته وسيم ڏهراج اسانکي ڊوڙائي ڊوڙائي ڪراچي اچي پهچايو آهي.
    “اهو وري ڪيئن؟ هيڏي ڊگهي سفر اوهانجا ته لاهه ڪڍي ڇڏيا هوندا.” امان چيو.
    “هائو ادا...” وراڻيو مانس “اوهين ٻڌايو ڪٿي پهتا...”
    “ڪوئٽا آهيون... قافلي وارا سخت ٿڪل آهن، کين مارڻو ته ڪونه اٿم... سو اڄ ڪوئٽا ۾ ئي رهي پيا آهيون، رات جو روانا ٿينداسين...”
    اهو ٻڌي مونکي وسيم تي ويتر ڪاوڙ چڙهي ويئي، جنهن قافلي وارن جو ڪو به خيال نه رکيو هو ۽ اسانکي ڪوئٽا ۾ اڌ رات سيءَ ۾ ٺاريو.
    مشهد ۾ ‘امام رضا’ جي حرم جي بلڪل اڳيان امان شاد بخاريءَ سان اها اوچتو ملاقات ۽ ساڻس ٻيهر رابطي ٿيڻ تي مونکي ڪا خوشي ٿي ڇا، ايئن لڳم ته ڄڻ سالن کانپوءِ منهنجي ڪا وڃايل قيمتي شئي ٻيهر هٿ چڙهي ويئي هجي.


    • سوئيت آ پاز تمان عقلمه عرف هوٽل ماسي مصيبتي!

    اڳيان ذڪر ڪري آيو آهيان ته ‘مشهد’ پهچي اسان واري سالار وسيم اسانکي سامان سميت هڪ همراهه سان ‘پڪ اپ’ ۾ روانو ڪيو، پڪ اپ اسان کي اچي ‘حرم’ جي ڀرسان هڪ بازار جي دنگ وٽ لاٿو ۽ زائفائون ۽ پويان رهيل باقي زيارتين کي کڻڻ جي لاءِ پڪ اپ واپس اسٽيشن ڏانهن رواني ٿي، وسيم اهو چئي ڪيڏانهن هليو ويو ته، “اوهين هت بيهو اوهانجي لاءِ هوٽل جو بندوبست ڪري ٿو اچان.”
    اڌ مُني ڪلاڪ کانپوءِ جڏهن وسيم واپس موٽيو ته اسين به سامان کڻي سندس پٺيان روانا ٿياسين، هو اسانکي ٻي گهٽي ۾ بازار جي بلڪل وچ ۾ هڪ هوٽل وٽ وٺي آيو، اسين ساڻس مٿي چڙهي ڪائونٽر تي پهتاسين، وسيم سڀني کي مختلف ڪمرن جو چاٻيون ڏنيون، اسانکي ٽي ماڙ جي هڪ ڪمري جي چاٻي ڏنائين، قم ۾ ڪمري ۾ آئون ۽ امين هئاسين ۽ هت اسانجي پُکي ۾ فهد نڪتو. اسين سامان ڇڪي پاڻ گهليندا مٿي پهچي روم کوليوسين ۽ اندر گهڙياسين ته ڪمري جي حالت ڏسي صفا اندر ئي سڙي ويو. ڀتين جو رنگ روغن اُکڙيل، ڇت ۾ لڳل پنکو ڏاڏي آدم جي واري جو .... کوليوسين ته ڊڙ... ڊڙ.. پر ٿڪاوٽ ايتري ته طاري هئي، جو سامان اتي ئي ڦٽو ڪري ٿيلهو کولي، ٽوال ۽ صابڻ ڪڍي واش روم ۾ گهڙي ويس، ۽ فريش ٿي بستري تي اچي ڊهي پيس، جيئن ٿورو ٿڪ لاهي سگهجي.
    گهڙي سوا مس گذري جوآفتاب شاهه ۽ صفدر شاهه به امين سان گڏ ڪمري تي آيا، هنن چيو “يار! اسين هن هوٽل ۾ رهڻ نٿا چاهيون.” سندن ڪمرا مٿي چوٿين ماڙ تي هئا.
    “ڇو سائين .. خير ته آهي ؟” پُڇيو مان.
    “ يار! هڪ ته ڪمرن جي حالت صفا خراب آهي نه اٿن پنکو.. نه ايئر ڪولر.. ٻيو ته ڪمرن جي ٻاهران ڇورا چڊا پايو ويٺا تاش ڪن ۽ سندن هُل پيو پوي، ان صورتحال ۾ پنج ڇهه ڏينهن رهڻ ممڪن ڪونهي.”
    ڳالهه ته واقعي مناسب هئي.
    اسين صلاح ڪري هيٺ لٿاسين، جيئن وسيم کي چئون ته هيءَ هوٽل فئملي سان گڏ رهائش لاءِ مناسب ڪونهي، هيٺ لٿاسين ته وسيم اڃا ڪائونٽر وٽ ئي موجود هو، کيس سڄي ڳالهه سمجهائيسين، پهرين ته هُن ٽال مٽول ڪئي ته هوٽل ۾ ٻيا ڪمرا ڪونهن، رمضان شريف ۾ زيارتين جي رش سبب هوٽلون ڀريون پيون آهن، پر جڏهن ٻنهي سيدن سيداڻون جلال ڏيکاريو ته همراهه جا ڍڍر ڍري پيا ۽ چيائين پوءِ جيئن اوهين چئو.
    “هيٺيان ڪمرا ڪافي بهتر ۽ فئمليءَ وارن لاءِ مناسب رهندا.” مون سامهون ڪمري ۾ نظر وجهندي چيو، جيڪو خالي پي نظر آيو ۽ در به کليل هئس.
    آفتاب شاهه به هڪ نظر ڏسي چيو ، “ٺيڪ رهندو.”
    وسيم مئنيجر سان ڳالهايو، فارسيءَ ۾ ڳٽ مٽ ڪيائون، جيڪا اسان ته نه سمجهي، پوءِ اسانکي ٻڌايائين ته ‘هيٺ ڪمرا خالي ڪونهن’.
    “هاڻ ..!؟”
    “بهر حال اسين هن هوٽل ۾ ته نه رهنداسين.” سڀني آخري فيصلو ٻڌايو ته مون ۽ امين به سندن تائيد ڪئي.
    “پوءِ اچو ته ڪا ٻي هوٽل ڳولهيون.” وسيم چيو، ايئن امين، آفتاب شاهه ۽ ڪجهه ٻيا همراهه، وسيم سان ٻي ڪنهن ٺڪاڻي جي ڳولا ۾ ٻاهر نڪري ويا ۽ اسين اُتي ئي بيهي هِتان هُتان جون خبرون ڪرڻ لڳاسين. پوءِ خبر پئي ته وسيم ڄاڻي ٻُجهي هوٽل ۾ ڪمرا مٿي ورتي هئا، جو هيٺ جي ڀيٽ ۾ مٿي ڪمرن جي مسواڙ ڪافي گهٽ هئي.
    ڪلاڪ مُنو اُتي ئي بيٺا رهياسين، تيسين امين، آفتاب ۽ وسيم به موٽي آيا، امين ٻڌايو ته واهه جي هوٽل هٿ ڪئي اٿئون جهڙوڪر گهر .. ٽي وي به آهي ته فرج به آهي.. هر ڪمري ۾.
    “خدا اوهانکي چاليهه ٻَچا ڏيندو..... زبردست !” ايئن چئي سامان سنڀالي کڻي امين جي پويان روانا ٿياسين، ٻي سنگت به اسانجي پويان پويان،
    گهٽيون لتاڙيندا جڏهن اسين ‘سوئيت آپاز تمان عقلمه’ پهتاسين ته اُت هڪ ٿلهي متاري ماسيءَ اسانجو آڌر ڀاءَ ڪيو. آڌر ڀاءَ ڇا ڪيو؟ بس يا ته هوءَ اسانجي گلي ۾ يا اسين سندس ڳچيءَ ۾ پئجي وياسين. نالو ته الائجي “ڪُڄاڙو” هوس، پر پهرين ته اسان کيس ‘خانم’ چئي سڏڻ شروع ڪيو، پر پوءِ سندس افعال ڏسي مون سندس نالو کڻي “ماسي مصيبتي” رکيو. پوءِ ته هوٽل کي به “سوئيت آپاز تمان عرف هوٽل ماسي مصيبتي” چوڻ شروع ڪيوسين. ماسي مصيبتي ڪنهن زماني ۾ پي ٽي وي تان ٻارن جي لاءِ هلندڙ هڪ پروگرام “انڪل سرگرم” جو هڪ ڪردار هئي، جيڪو پرگرام ٻار وڏي شوق سان ڏسندا هئا ۽ ساڻس ٻيو جيڪو جهونو ڪنهن ڪنهن مهل نظر ايندو هو، اهو ڄڻ “نوني پا” هو. اسين سوئيت پهتاسين ته ماسي مصيبتي ورَکُنجيو سوئيت جي صفائي کي لڳي پيئي هئي، سوئيت جي ٻاهران هڪ قافلو پنهنجا ٽپڙ رکيو ويٺو هو، ان تازو ئي سوئيت خالي ڪئي هئي. پوءِ پتو پيو ته سوئيت ۾ سندن رهائش جو مدو ختم ٿيو ۽ اسانجا همراهه سوئيت بوڪ ڪرائي آيا ته ماسي مصيبتي کين سڱن تي کڻي ٻاهر ڪڍيو هو، ان مهل ڏينهن جا ساڍا ٻارهن کن ٿيا هئا، آخري ڏينهن ماسي مصيبتي اسان سان به ايئن ئي ڪيو، ٻارهين بجي کانپوءِ هن قافلو ٿو اچي ... قافلو ٿو اچي، چئي ايئن ئي سامان کڻي اسانکي ٻاهر رکرايو.
    ماسي مصيبتي ستر سالن کان وڏي ڄمار جي هئي، کيس مٿي تي اسڪارف ۽ گهير وارو وڏو پڙو پاتل هو، هن صفائي پوري ڪئي ته اسان به وڃي ڪمرن ڀيڙا ٿياسين، جيڪي بهر حال ڪافي بهتر ۽ رهڻ جي لائق هئا. واش روم سان گڏ اندر ننڍڙو ڪچن به هو، گرم ۽ ٿڌي پاڻيءَ جون نلڪيون به هُيون، اسانجي حساب موجب ٺيڪ هئا، اندر پنکو لڳل نه هو، باقي ايئر ڪولر لڳل هو. جنهن کي هلائڻ جو بٽڻ ماسي مصيبتي جي هٿ ۾ هو ۽ هوءَ اڪثر اهو بند ڪري ڇڏيندي هئي، جيڪو کولرائڻ لاءِ بار بار هيٺ لهي کيس منٿون ڪرڻيون پونديون هُيون، جڏهن ڪولر بند ڪندي هئي ته دوست چوندا هئا “خانم واقعي به ماسي مصيبتي آهي.”
    سوئيت ‘هوٽل’ ته ڪنهن ٻي جي هئي، پر ماسي مصيبتي ان جي سنڀاليندڙ هئي ۽ سوئيت جي آسپاس ڪيتريون ئي جايون ڊٺيون پيون هيون ۽ ڪجهه ڊاٺيون پي ويون، وسيم ٻڌايو ته اهي سڀ اڳ ۾ ننڍيون ننڍيون هوٽلون يا سراءِ هيون، هاڻ انهن جي طبعي عمر پوري ٿي وڃڻ سبب حڪومت انهن جي مالڪن کي معاوضا ڏيئي کين نئين سر اڏاوت لاءِ چيو آهي، ان حساب سان اسان واري ‘سوئيت آپاز تمان عقلمه’ به باقي ڪجهه ڏينهن جي مزمان هئي ۽ سوئيت جي بلڪل ڀرسان سڄو ڏينهن ٻي جڳهه کي ڊاهڻ جي لاءِ مزدورن جي ٺڪا ٺوڪي پيئي پوندي هئي، هڪ ڏينهن صبح جو ايڏو ته وڏو ٺڪاءَ ٿيو، جو اسان سمجهيو ته اسان واري سوئيت ويئي زمين دوز ٿي.
    اسين ‘حرم’ مان ٿي يا چڪر چاڙهي هڻي واپس سوئيت ۾ گهڙندا هئاسين ته ماسي مصيبتي ڪائونٽر تي ويٺي اکيون ڦيرائي “ٻر ٻر” ڪري اسانکي ڏسندي هئي، هڪ ڀيري امين کي چيم ته يار ماسي مصيبتي جو ڪو يادگار فوٽو ته ڪڍ ته امين ڪئميرا کولي چيو “ خانم عڪسبندي!” ته اکيون ڦوٽاري “نِيست” چئي کڻي انڪار ڪيائين ۽ اسين به وٺي ڀڳاسين.
    آخري ڏينهن جڏهن اسان واپس ورڻ لاءِ ڪمرن مان سامان لاهي هيٺ رکيو ته ڪائونٽر وٽ اسانکي اصل ويهڻ ئي نه ڏي، امين سندس اهڙي رويي تي کيس سزا ڏيڻ جو سوچيو ۽ ڪمري ۾ موجود هڪ ڪمبل ويڙهي سيڙهي کڻي ٿيلهي ۾ وڌائين، پر اسان منٿون ڪري کيس ان ڪمبل مان هٿ ڪڍايا، پر امين ان ڪمبل جي ڪسر واپسيءَ ۾ بس مان ڪڍي ۽ سيءُ کان بچاءَ لاءِ ڪنڊيڪٽر جو کڻي ڪوٽ پاتائين ۽ ان ڪوٽ سميت اچي حيدرآباد کان نڪتو.
    ڪائونٽر تي ويٺي ويٺي ڇوڪرا ماسي مصيبتي تان کلڻ لڳا ته ملاقات جي لاءِ آيل مٽياريءَ هڪ دوست قربان کوسي کين منع ڪندي احتياط ڪرڻ جي لاءِ چيو ته “جي خانم ڪاوڙ جي پوليس کي اوهانجي شڪايت ڪئي ته اها اوهانکي ايئن کڻي ويندي جو خبر ئي نه پوندي ته اوهين ڪيڏانهن ويا، جيسين وڃي انڪوائريون ٿين.” ايران ۾ عورتن کي تنگ ڪندڙن جي خلاف سخت قدم کنيا ويندا آهن، قربان جي اها ڳالهه ٻڌي خانم تان کلندڙ همراهن جي ڄڻ ٽٽ ڦوس بند ٿي ويئي.
    اُتي ويٺي ويٺي صابر حسين کي چيم ته يار پڇيس “ڀلا خميني سٺو هو يا رضا شاهه؟” صابر حسين، ڳالهين ڳالهين ۽ پڇيس ته وراڻيائين “خميني”.
    “خميني ڇو سٺو هو خانم.؟”
    “خميني امام هو سادات هو.” وراڻيائين.
    “سادات ته شاهه بانو به هئي.”
    جواب ۾ مرڪي پيئي ۽ ڪوبه جواب نه ڏنائين. گذريل ڇهن ڏينهن ۾ ماسي مصيبتي جي اها پهرين مُرڪ هئي، نه ته اصل منهن تي ڄڻ ست سوئر چهٽيل هوندا هئس.
    جنهن وقت شاهه خلاف تحريڪ هلي هئي، ان وقت خانم ماسي مصيبتي جي عمر چاليهارو کن سال هوندي، هاڻ ستر کان مٿي هئي، پر اڃا به کڙي تڙي هئي ۽ آثارن ٻڌايو ٿي ته عمارت عظيم هئي.
    اسانجا مشهد ۾ جيڪي ڇهه ڏينهن گذريا، ان ۾ خانم جي ڪِر ڪِر اسانجي بحث جو موضوع هوندي هئي ۽ اسين سندس ان ڪر ڪر کي به خوب انجواءِ ڪندا هئاسين.
    هاڻ ته ‘شايد سوئيت آپاز تمان عقلمه عرف ماسي مصيبتي’ به نه رهي هجي ۽ خانم به شايد ڪنهن ٻي هنڌ نوڪري ڪرڻ لڳي هجي يا سوئيت جي ٻيهر اڏاوت جي اوسيئڙي ۾ ..؟


    • نادر شاهه افشار ... جنهن جي هٻڇ جي حد ئي نه هئي

    مشهد ۽ ان جي آسپاس، تاريخ سان دلچسپي رکندڙن جي لاءِ گهڻو ڪجهه آهي، هونئن به ماضيءَ ۾ اهو علائقو تاريخي ۽ جاگرافيائي اهميت جو حامل رهيو آهي، مشهد جو شهر به ايران جي گاڌي جو هنڌ رهيو آهي، جيتوڻيڪ مشهد مقدس جي اهميت ‘امام رضا’ جي مزار جي ڪري ئي آهي، پر ٻين تاريخي اهميت جي حامل شين کي به نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.
    مشهد ۾ مون جيڪي جايون ڏسڻ جو پروگرام جوڙيو، انهن ۾ نادر شاهه جو مقبرو به هو، جنهن بابت ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هئم ته اهو امام رضا جي روضي کان ڏيڍ ٻن فرلانگن جي فاصلي تي آهي، حرم وٽان ئي نظر اچي ٿو. پر هاڻ حرم جي آسپاس ايتريون ته بلند و بالا عمارتون اڏجي ويون آهن. جو اهو نظر نٿو اچي.
    اسان جي قافلي ۾ جيڪي زائرين هئا، تن مان گهڻن کي گهمڻ ڦرڻ سان ڪابه دلچسپي نه هئي، باقي اسان چئن جو سلهٽ ته ٺهيل هو، آفتاب شاهه به مون وانگر گهومو... ۽ صفدر شاهه اسانجي پويان، جيئن چئونس، جيڏانهن چئونس وٽس انڪار نيست، هڪدم تيار، امين لاکو ٻن ٻيڙين ۾ سوار، ادي مهرالنساءَ لاڙڪ وارن جو به خيال رکي ته اسان سان به گڏ. پر بهر حال اڄ صورتحال اهڙي بيٺي جو مون اڪيلي کي ئي رولاڪي ڪرڻي پيئي، هونئن به اڪيلو گهمڻ ۽ هلڻ جو به پنهنجو مزو آهي.
    آئون حرم مان ٿي ٻاهر نڪتس ۽ ڪنهن کان “نادر شاهه افشار” جي مقبري جي پُڇيم.
    “سامهون سڌو شيرازي اسٽريٽ تي هلندو وڃ... اڳيان چوڪ ايندو ان جي سامهون مقبرو آهي.”
    بس پوءِ ته مون به رکيو پيرن تي زور ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو واڪڙ واڪڙ ڪندو شيرازي اسٽريٽ لتاڙيندو اچي نادر شاهه جي مقبري جي اڳيان بيٺس، سامهون ئي هُشڪاريل اُڀين پير گهوڙي ۽ ان جي مٿان جنگ جي حالت ۾ ويٺل نادر شاهه جو اسٽيجو نادر شاهه جي مقبري جي مٿان کتل نظر آيو ، رستو اُڪري وڃي مقبري جي ٻاهرين احاطي وٽ بيٺس ۽ پنج سئو تومان ڏيئي ٽڪيٽ وٺي اندر داخل ٿيس. منهنجي سامهون ئي ٺهيل پڌر جي هڪ پاسي پنهنجي دور جي انتهائي ظالم، جابر، بي رحم، چالاڪ، اڻ پڙهيل ۽ ايران جي تاريخ تي اڻ مٽ نقش ڇڏيندڙ بادشاهه نادر شاهه جي قبر جو تعويذ موجود هو، جنهن کي هڪ مورخ ‘ويمبري’ پنهنجي ڪتاب “هسٽري آف بخارا” ۾ “آخري عظيم ايشيائي فاتح “ قرار ڏنو آهي.
    نادر شاهه جا ظلم ۽ آندل تباهيون نظر انداز ڪرڻ ۽ انهن جو ڪو جواز پيش ڪرڻ ته ڏکيو آهي، پر اُن جي باوجود به اهو مڃڻون پوندو ته هو هڪ وڏو ماڻهو هو... هن جو هڪ عام ماڻهوءَ يعني ريڊار مان بادشاهه بنجي وڃڻ، بنا ڪنهن شڪ جي هڪ حيرت ۾ وجهندڙ ڪاميابي چئبي. پر نادر شاهه جي حوالي سان اها ڳالهه به اهم آهي ته هن ايران کي سگهارن دشمنن کان آجو ڪرائي، ذلت جي تري مان ڪڍي ايشيا جي هڪ فخر جوڳي طاقت بنائي ڇڏيو. جنهن وقت نادر شاهه منظر تي اُڀريو، ان وقت ايران انتهائي زبون حاليءَ جو شڪار هو،
    احاطي ۾ گهڙيس ته سامهون رکيل هڪ ميز تي هڪ همراهه نادر شاهه دور جا زنگيل هٿيار، خود، گرز، زرهه وغيره رکيو ويٺو هو ۽ ڪجهه همراهه اهي پايو فوٽو ڪڍرائي رهيا هئا ۽ همراهه ان جي عيوض کانئن تومان وٺندو رهيو، اهو ڏسي خيال آيم ته ان خود،گرز ۽ زرهه تي الائجي ڪيترن انسانن جي رت جا ڇنڊا پيل هوندا ۽ اهي ڇنڊا رڙيون ڪري نادر شاهه جي بي رحم سپاهه جي هٿان پنهنجي قتلن جا قصا ٻڌائيندا هوندا.
    نادر شاهه جي قبرسنگ مرمر سان ٺهيل هڪ خوبصورت پڌر ۾ هئي، جنهن جي چوڌاري ڪجهه تصويرون به لڳل هيون، پاسي ۾ هڪ حال ٺهيل هو، جيڪو ميوزم هو، اندر گهڙي ويس، جتي نادر شاهه ۽ سندس سپاهه ۽ اهم ماڻهن جي استعمال ۾ ايندڙ هٿيار، ڪجهه پورٽريٽ، قرآن پاڪ جا نسخا، ڪپڙا وغيره سٺي نموني سجائي رکيا ويا هئا، سڀني شين تي نظرون وجهندي، نادر شاهه جي ظلمن ۽ فتحن بابت سوچيندي ٻاهر نڪري آيس. نادر شاهه ايڏو ته شڪي ۽ ظالم هو جو هن پنهنجي پُٽ ‘رضا قلي خان’ کي به بخش نه ڪيو ۽ سندس اکيون ڪڍرائي کيس انڌو ڪرائي ڇڏيو.
    نادر شاهه جي قبر جي سري کان هڪ ٻيو ننڍو هال به هو، جيڪو پڻ ميوزم جو حصو هو، جيڪو ڏسي ٻاهر نڪتس ۽ ٻه گهڙيون بيهي نادر شاهه جي قبر تي نظر وڌم ۽ سوچيم “ڇا هي ماڻهون ان جي لائق آهي ته مٿس فاتح پڙهجي؟”
    نادر شاهه جي مقبري جي چوڌاريءَ چڱي خاشي ايراضيءَ ۾ سهڻو باغ به رکيل آهي ۽ اُت ئي سامهون بوڪ شاپ ۽ گفٽ شاپ پڻ. ايران ۾ هر مزار تي بوڪ شاپس ۽ گفٽ شاپس ضرور نظر ٿي آيا. جيڪا ڳالهه مون سميت سڀني دوستن کي سٺي لڳي، انهن بوڪس شاپس تي مذهبي نه پر هر قسم جا ڪتاب موجود هوندا هئا. ادب، شاعري، فقه ۽ ٻين موضوعن تي پڻ، مون جيڪو “ديوان فريد الدين عطار” جو هڪ خوبصورت فارسيءَ ۾ نسخو خريد ڪيو، اهو پڻ ‘امام رضا’ جي مزار جي آڳنڌ ۾ موجود ڪتاب گهر تان ئي ورتم. ڇا اسان وٽ ٻين هنڌن تي ته ٺهيو، پر لطيف، سچل، شاهه عنايت وغيره جي درگاهن تي اهڙا بوڪ شاپ کلي نٿا سگهن ڇا؟
    ڪتاب گهر تي مونکي “محمد باقر” جو لکيل ڪتاب “شاهه و انقلاب” نظر آيو، ڪتاب جي ڪور تي شاهه جي تصوير ڇپيل هئي. مشهد ۾ “موزه آستانه قدس” ۾ ڪرنسي نوٽن واري حصي ۾، شاهه جي دور جي ڪرنسي نوٽن تي شاهه جي تصوير کانسواءِ ٻيو هتي هن ڪتاب تي شاهه جي تصوير نظر آئي، خيال آيم ته شايد اهو اتفاق ئي آهي ته شاهه جي تصوير به نادر شاهه جي مقبري تي نظر آئي. نادر شاهه جو هاڻوڪو مقبرو به شاهه ايران ئي ايراني شهنشاهيت جي اڍائي هزار ساله جشن جي موقعي تي ٺهرايو هو، نه ته اڳ اتي هڪ ننڍو مقبرائي ٺهيل هو، جيتوڻيڪ نادر شاهه پنهنجي جيئري ئي ‘خيابان بالا’ ۾ پنهنجو مقبرو اڏرايو هو. نادر شاهه جي قتل کانپوءِ سندس مڙهه آڻي ان ئي مقبري ۾ دفنايو ويو. پر ڪجهه وقت کانپوءِ آغا محمد شاهه اقتدار ۾ اچي نادر شاهه جي باقيات کي اتان ڪڍرائي تهران ۾ پنهنجي محل جي چائنٺ وٽ دفن ڪرايو ته جيئن محل ۾ ايندي ويندي هو اُن شخص جي لاش کي لتاڙيندو رهي، جنهن کيس ۽ سندس گهراڻي کي وڌ کان وڌ اذيتيون ڏنيون هيون.
    هڪ مورخ ‘لارنس لاڪ هاٽ’ نادر شاهه جي مقبري کي ڊاهڻ جي حوالي سان لکي ٿو، “نادر شاهه جو مقبرو مشهد جي مجتهدن 1802ع ۾ ڊهرايو، هنن اهو قدم نادر مرزا کي قتل ڪرڻ کانپوءِ کنيو، نادر مرزا، شاهه رخ جو هڪ پُٽ ۽ نادر شاهه جو پوٽو هو، نادر مرزا پنهنجي ڀاءُ نصرالله سان گڏجي ‘امام رضا’ جي مزار جي بي حرمتي ڪئي هئي (هنن مزار تي قبضي کانپوءِ قيمتي شيون لٽڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ هڪ مجتهد کي قتل ڪيو)، جنهن تي مذهبي اڳواڻ ۽ مجتهدين مشتعل ٿي ويا، هنن پهرين ٻنهي ڀائرن کي قتل ڪيو ۽ پوءِ نادر شاهه جو مقبرو ڊاهي ڇڏيو.”
    ايراني تاريخ جي هن وڏي ڪردار جي باقيات سان بي حد ذلت وارو سلوڪ روا رکيو ويو، ڪجهه وقت کانپوءِ نادر شاهه جي ياد ۾ احترام جو ڳو طريقو اختيار ڪندي ان شهر ۾ ڪجهه قدم کنيا ويا، جنهن شهر کي هن گاڌي جو هنڌ بنايو هو، نادر شاهه جي مقبري ڊهڻ کانپوءِ ماڻهن اتي رهائشي گهر اڏي ڇڏيا، پر پوءِ شهزادي افشار جي دلچسپيءَ سان انهن گهرن کي ڪيرائي پراڻي مقبري ۾ استعمال ٿيل سامان هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ۽ هڪ ننڍو مقبروٺهرائي، ان جي چوڌاري باغ رکيو ويو.
    هاڻوڪو مقبرو شاهه ايران جي دور ۾ ڊيزائن ڪري ٺاهيو ويو، اهو شاهه ايران جنهن ايراني بادشاهت جي هر آثار کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سو پنهنجي ملڪ مان عوام جي غيض و غضب جي ڪري ايئن تڙجي نڪتو، جو دوگز زمين بهي نه ملڪي ڪوئي يار ۾. ايران ۾ انقلاب کانپوءِ سندس نالي سان منسوب هر شئي کي ڊاٺو ويو يا ان جو نالو بدلايو ويو. مختيار مسعود “(شاهه جا) اهي سڀ مجسما جيڪي تهران ۾ هر هنڌ کتل هئا، باهه جو ٻارڻ ثابت ٿيا ۽ ڌاتو جو ڪو به اهڙو ذرو به نه نڪتو، جيڪو انقلاب جي گرمائش سهي سگهيو ۽ سلامت رهيو.” ڪتاب گهر تي هڪ ٻيو ڪتاب به نظر آيو، شاهه ايران جي جاڙي ڀيڻ ‘اشرف رضا پهلويءَ’ جي باري ۾ هو، اشرف پهلوي به ايراني تاريخ جي عجيب ڪردار رهي، سندس رنگين مزاجيءَ جي باري ۾ شهنشاهيت واري دور ۾ ڪيترائي الف ليلوي قصا ۽ داستان عام هوندا هئا، حيرت ٿي ٿئي ته وقت گذرڻ سان اهي افسانوي ڪردار ڪيئن نه بد ناميءَ کانپوءِ گمناميءَ جي غفائن ۾ گم ٿيو وڃن.
    اهي ٻيئي ڪتاب پنجاهه سيڪڙي رعايت سان پنهنجي صفحن ۾ گهڻو ڪجهه سمايو وڪري لاءِ موجود هئا، پر پاڻ فارسي کان اڻ ڄاڻ. ڪتاب گهر مان ٻاهر نڪري ٿو اچان ۽ نادر شاهي مقبري جي باغ ۾ وڙڪڻ سان گڏ نادر شاهه جي سنڌ تي ڪيل ڪاهه بابت به سوچڻ ٿو لڳان. نادر شاهه جڏهن دهلي کي ڦري لٽي تاراج ڪري واپس ايران وڃڻ جي لاءِ روانو ٿيو ته هن سنڌ کي به نه بخشيو، هن سنڌ جي والي ‘ميان نور محمد ڪلهوڙي خدا يار خان’ کي پاڻ وٽ ڪابل طلب ڪيو ته هو اچي آڻ مڃي ۽ ڏن ڀري. ميان نور محمد ڪلهوڙي، نادر شاهه جو حڪم ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو ۽ اها ڳالهه ته نادر شاهه جي سرشت ۾ ئي نه هئي ته جيڪو سندس حاڪميت کي نه مڃي ۽ هو وري ان کي معاف ڪري، سو هن ميان نور محمد ڪلهوڙي کي حڪم عدولي تي سيکت ڏيڻ جي لاءِ سخت سردي ۽ خراب موسم جي باوجود به سنڌ ڏانهن واڳ واري ۽ ديري اسماعيل خان پهچي هڪ ڀيرو ٻيهر ميان نور محمد ڪلهوڙي کي پاڻ وٽ طلب ڪيو، پر ميان نور محمد ڪوبه جواب نه ڏنو، جنهن تي نادر شاهه لشڪر جو رخ سنڌ ڏانهن ڪيو ۽ منزلون هڻندو 12 فيبروري 1740ع تي لاڙڪاڻي پهتو، پر اسان وارو حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙو ساڻس مقابلو ڪرڻ جي بدران وٺي گجرات ڏانهن ڀڳو ته نادر شاهه به سندس پويان روانو ٿيو، شهدادپور پهچڻ تي ‘خدا يار’ پاران نادر شاهه کي سوکڙين پاکڙين سان گڏ پناهه جي درخواست به پهتي، پرپاڻ ڀڄي وڃي عمر ڪوٽ جي قلعي ۾ لڪو، جتي هن پاڻ کي نادر شاهه کي محفوظ تصور ٿي ڪيو، پر هيڏانهن نادر شاهه به کيس ڇڏڻ وارن مان نه هو، 26 فيبروري تي شهداد پور مان نڪتو ۽ تيزيءَ سان عمر ڪوٽ روانو ٿي ويو. هن ٽيهن فرسخ جو اهو فاصلو ايتري ته تيزيءَ سان طئي ڪيو جو هو ٻي ڏينهن وڃي عمر ڪوٽ کان نڪتو، جتي نور محمد ڪلهوڙي پنهنجا خزانا لڪائي نئين ڀاڄ جي تياري پي ڪئي، پر هاڻ دير ٿي چڪي هئي، تنهنڪري هن پنهنجي ۽ پنهنجي ڪٽنب جي جان بخشيءَ جي شرط تي آڻ مڃي. نادر به هڪدم اها ڳالهه قبولي، جو هن هاڻ وڌيڪ مهم جو ئيءَ ۾ وقفو ٿي چاهيو، سندس سپاهه پاڻي ۽ خوراڪ لاءِ آتا هئا.
    نادر شاهه ۽ سنڌ جي ڪلهوڙي حاڪم ‘ميان نور محمد خدا يار خان’ جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۽ خدا يار پاران پنهنجي خزاني پيش ڪرڻ جي باري ۾ ڪيترائي داستان مشهور آهن، هڪ هندستاني مورخ عبدالڪريم موجب “خدا يار خان جڏهن مجبور ٿي پنهنجا لڪيل خزانا نادر کي پيش ڪيا ته انهي ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون شيون هيون، جن جو تعلق ايران جي صفوي گهراڻي سان هو، خدا يار خان ٻڌايو ته جڏهن غلزئي افغانن کي نادر شاهه جي هٿان شڪست ملي ته هنن ڦريل شاهي خزانو مختلف علائقن ۾ موڪلي ڏنو هو، سنڌ ڏانهن آيل سامان ميان نور محمد ڪلهوڙي ڀاڄوڪڙ غلزئين کان خريد ڪيو. ميان نور محمد جيڪو خزانو نادر شاهه کي پيش ڪرڻ تي مجبور ٿيو، ان جي ماليت هڪ ڪروڙ روپين کان وڌيڪ هئي.
    نادر شاهه جي سنڌ تي ڪاهه ۽ سندس ڦرلٽ جو ذڪر ڪندي تاريخ نويس سيد محمد بلگرامي پنهنجي تصنيف “تبصره الناظرين” ۾ لکي ٿو:
    “جڏهن (نادري لشڪر) مغل سنڌ ۾ رهيا ته هر شهر ۽ لشڪر تي ڪاهه ۽ قهر ڏاڍ ۽ ڏمر جاري رکيائون، جتي ڪو ڀلو گهوڙو ٿي ٻُڌائون، اتي پهچي ان کان اهو گهوڙو کسيائون ٿي، ويچارو گهوڙي جو ڌڻي بيوس انهن سان ڪنهن به طرح پُڄي نه ٿي سگهيو، اهڙي ريت ڪنهن وٽ ڪا چڱي تلوار، شال يا چانور ۽ سُٺو ڪپڙو هو ته اهي به زوري ٿي ڦريائون.”
    ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ڀاڄ ۽ نادر شاهه سان نه وڙهڻ جي حوالي سان ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو.
    “ميان نور محمد وڏو داناءَ ماڻهو هو، جڏهن نادر شاهه سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته ميان صاحب هڪ منصوبو ٺاهيو ته نادر شاهه سان مقابلو معنيٰ سنڌ کي باهه ڏيڻ برابر آهي، نادر شاهه سان لڙائي ڪرڻ معنيٰ پاڻ کي برباد ۽ تباهه ڪرڻ آهي، تنهن ڪري هن سوچيو ته نادر شاهه کي رلائي رلائي ڊوڙائي ڊوڙائي ٿڪائجي، هن اناج جا سمورا خزانا لڪائي ڇڏيا، نتيجو اهو نڪتو جو نادر شاهه پويان، ميان صاحب اڳيان. ميان صاحب ٿر منهن ڪيو ۽ عمر ڪوٽ وڃي پهتو. مگر نادر به نادر هو، جيڪو ميان صاحب جي پٺيان هلندو عمر ڪوٽ پهتو، عمر ڪوٽ ۾ ميان صاحب نادر وٽ پيش پيو، ميان صاحب ۽ نادر شاهه جي پاڻ ۽ جيڪو گفتگو ٿي، تنهن ۾ نادر، ميان صاحب کي پُڇيو ٻڌو اٿم ته تو وٽ قيمتي لعل آهن؟ ميان صاحب چيو ته مون وٽ ٻه لعل آهن هڪ اٽو ۽ ٻيو گيهه، جنهن وٽ اهي ٻه شيون هونديون آهن، تن وٽ ڪابه کوٽ نه هوندي آهي نادر شاهه ڏاڍ متاثر ٿيو، جيڪو ٿيڻ کپندو هو، اهو نه ٿيو، بلڪ تمام گهٽ نقصان ٿيو.
    ڪجهه ڏينهن عمر ڪوٽ ۾ گذارڻ کانپو ۽ نادر شاهه واپس لاڙڪاڻي موٽيو ته ساڻس گڏ زنجيرن ۾ جڪڙيل خدا يار خان به هو. آڻ مڃڻ کانپوءِ خدا يار خان جو طور طريقو ٺيڪ رهيو هو، تنهنڪري نادر شاهه کيس معاف ڪري ڇڏيو ۽ کيس ٺٽي ۽ ڪڇ جي علائقن جو حاڪم مقرر ڪيو، هاڻ خدا يار خان جي عملداري ماضيءَ جي ابتڙ ٿوري علائقي تائين محدود هئي، نادر کيس شاهه قلي خان جو خطاب به ڏنو، جواب ۾ خدا يار خان کي هر سال ڏهه لک روپيا ڏن ۽ پنهنجن پٽن مان ڪنهن هڪ جي قيادت ۾ ٻه هزار گهوڙي سوارن جي فوج به فراهم ڪرڻي هئي، نادر شاهه سنڌ جو باقي علائقو، جيڪو بلوچستان سان لڳ هو، جهان خان حوالي ڪيو. مهابت خان بلوچستان ۾ نادر شاهه جو گورنر هو، شڪارپور ۽ باقي ٻيو اتريون علائقو دائود پوٽي قبيلي جي سردار صادق خان کي ڏنو ويو.
    تاريخ جي انهن واقعن تي سوچي آئون مقبري مان ٻاهر نڪري ٿو اچان، ان مهل خيال آيم ته سنڌ جي ڪلهوڙي حاڪم ميان نور محمد خدا يار خان، نادر شاهه سان ته ڪا جنگ نه ڪئي ۽ ڀاڙيو ٿي وٺي ڀڳو، جنهن جي نتيجي ۾ عزت به وڃايائين ته ملڪيت به ته ملڪ جو وڏو حصو به. پر ساڳئي حاڪم مغلن سان گڏجي، مقامي دلالن جي هُشين تي شاهه عنايت شهيد سان جهيڙو جوٽيو ۽ کيس شهيد ڪرايو، افسوس صد افسوس سنڌ تي سدائين نادر شاهي ڪاهون جاري رهيون آهن، مختلف روپن، ۾ اهي يلغارون هينئر به جاري آهن ۽ انهن کي منهن ڏيڻ جو اهو طريقو ڪونهي ته خدا يار خان وانگي پُڇ پائي ڀڄجي، پر ان جو اڪيلو حل اهو ئي آهي جيڪو شاعر چيو آهي.
    سوين آيا سنڌ ۾ نوان نادر شاهه
    ڪانهي ڪا تاريخ ۾ ويڙهه سوا ٻي واهه
    متان سوچو هان، متان موٽو ماڳ تي.


    • نادر شاهه جي شخصيت جا ڪجهه دلچسپ پهلو

    ايراني تاريخ جي هيءَ اهم شخصيت نادر شاهه، هڪ اهڙو ڪردار رهيو آهي، جنهن جي شخصيت ۽ ڪردار جا ڪيترائي دلچسپ ۽ متضاد پهلو رهيا آهن، جن تي راءِ زني ۽ کوجنا ڪرڻ تاريخ نويسن جو مرغوب مشغلو رهيو آهي.
    نادر هڪ غريب شخص ‘امام قلي بيگ’ جو پُٽ هو، امام قلي بيگ جو باري ۾ ڪا گهڻي ڄاڻ نٿي ملي، ڪنهن کيس ريڊار لکيو آهي ته ڪنهن کيس هاري. جيتوڻيڪ نادر شاهه پنهنجي تر ڪمان هئڻ تي فخر ڪندو هو ۽ پنهنجي نسبت تيمور سان ڳنڍيندو هو، پر هن ڪڏهن به پنهنجن والدين ۽ ابن ڏاڏن جي مرتبي کي وڌائي چڙهائي پيش نه ڪيو، هو پاڻ کي ابن شمشير (تلوار جو پٽ چئي سڏيندو هو.
    دهلي جي فتح کانپوءِ نادر شاهه جي هڪ پُٽ نصرالله جي شادي هڪ مغل شهزاديءَ سان ٿي ته مغلن جي رواج موجب رشتو گهرندڙ کان نڪاح مهل ستن پيڙهين جو شاهي شجرو پڇيو ويندو هو، ان موقعي تي نادر شاهه رڙ ڪري پٽهنس کي چيو: “ کين ٻڌائي نصرالله نادر شاهه جو پُٽ آهي ۽ نادر شاهه تلوار جو پُٽ تلوار جو پوٽو، تلوار جو پڙ پوٽو .... شمشيرابن شمشير.” ايئن ستن بدران ستر پيڙهين جو شجرو ٻڌايو ويو.
    نادر شاهه جو واسطو ‘افشار’ قبيلي سان هو، جيڪو پهرين ‘اوشار’ هو ۽ وقت گذرڻ سان گڏ بگڙجندو ‘افشار’ پنجي ويو، جنهن جي معنيٰ آهي ‘اهو جيڪو تيزي سان معاملو ختم ڪري ڇڏي.’

    هڪ يورپي مؤرخ هينوي نادر شاهه جي شروعاتي زندگي بابت لکيو آهي ته نادر جي عمر جڏهن پندرهن سال هئي ته ازبڪن 1704ع ۾ خراسان تي چڙهائي ڪئي جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ وڏي تعداد ۾ ماڻهن کي غلام بنائي پاڻ سان گڏ وٺي ويا، جن ۾ نادر ۽ سندس ماءَ به هئي، نادر اٽڪل سَٽڪل ڪري 1708ع ۾ قيد مان ڀڄي نڪتو، پر ماڻهنس قيد ۾ ئي گذاري ويئي.
    نادر اڃا جوان هو، جو هن هڪ اهڙو قدم کنيو جيڪو کيس مستقل ۾ بلندين ڏانهن وٺي ويو، هن پنهنجو اباڻو ڌنڌو اختيار ڪرڻ جي بدران ‘بابا علي احمد قوسالو’ جي فوج ۾ شامل ٿيو، بابا علي بيگ “ابي ورد” شهر جي افشارن جو سردار ۽ علائقي جو گورنر به هو، جلد ئي نادر پنهنجي بهادري ۽ ٻين خوبين جي ڪري نه رڳو بابا علي بيگ جي محافظن جي دستي جو ڪمانڊر، پر سندس ناٺي به بنجي ويو.
    نادر شاهه پنهنجي طبعيت ۾ انتهائي بي رحم، حرفتي، لالچي ۽ چالاڪ هو. پر ان سان گڏ مضبوط ارادن جو مالڪ به هو. شروعاتي دور ۾ هن جيڪي جنگيون ڪيون، انهن ۾ هڪ نيشاپور تي قبضي جي جنگ به هئي، جنهن ۾ کيس وڏي شڪست ملي ۽ جڏهن هو واپس ‘قلعه قلات’ ڏانهن ويو ته چيو وڃي ٿو ته ان موقعي تي ساڻس فقط ٻه ماڻهو گڏ هئا.
    نادر شاهه جي تاجپوشي 1736ع جي مارچ مهيني ۾ ٿي ۽ ان کان اڳ طاقت حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن پهرين صفوي بادشاهه ‘طهما سپ’ جي نائب جي حيثيت سان ڪم ڪيو ۽ ايران جي سڀني دشمنن کي ماري مڃايو، هن پهرين شاهه طهماسپ کي تخت تان معزول ڪر ي، سندس اٺن سالن جي پُٽ شاهه عباس کي تخت تي ويهاريو ۽ سندس ‘نائب السلطنت’ ٿي حڪومت ڪرڻ لڳو، نيٺ 1736ع ۾ وڏي حرفت ۽ سفا ڪي سان پنهنجي سلطنت جي سڀني فوجي ڪمانڊرن، صوبن جي گورنرن، شهرن جي حاڪمن، قاضين، عالمن ۽ ناليواري شخصيتن کي “ميدان مغان” ۾ گڏ ڪيو، جنهن کي قرولطائي (نيشنل ڪائونسل) جو نالو ڏنو ويو، قرولطائي گهرائڻ جو مقصد اهڙي مناسب فرد جي چونڊ ڪرڻي هئي، جنهن جي مٿي تي شاهي تاج رکيو وڃي ۽ سندس ڪوٺايل قرولطائي جي نظر ۾ کانئس وڌيڪ ٻيو ڪير لائق فرد هو، جنهن کي ان منصب لاءِ چونڊيو وڃي ها.
    نادر شاهه جي ڪاميابين جا مختلف واقعا چٽي نموني ۾ واضع ٿا ڪن ته هو هڪ ملٽري جينئس هو، جيتوڻيڪ سندس واسطو ڪنهن جنگجو گهراڻي سان نه هو ۽ صفا اڻ پڙهيل هو. پر سندس جنگي علم کان آگاهي حيرت ۾ وجهندڙ حد تائين متاثر ڪندڙ آهي، تنهنڪري سندس جنگي حڪمت عملين ۽ فوجي سمجهه جي باري ۾ اهو چوڻون ٿو پوي ته اهو سڀ ڪجهه سندس جبلت ۾ شامل هو، هن جي پرورش “ابي ورد” ۽ “درازگا” جي سورش پسند ضلعن ۾ ٿي هئي، جتي قبائلي لڙايون ۽ تر ڪمانن جا اوچتا حملا روز مرهه جي ڳالهه هئي، ان ماحول ۾ هو جلد ئي جنگي مشغلن ڏانهن مائل ٿيو، هڪ سپاهي جي حيثيت سان سندس صلاحيتن کيس جلد ئي ترقي جي راهه تي چاڙهي ڇڏيو، کيس جڏهن مٿاهين حيثيت حاصل ٿي ته هن ڪيترين ئي جنگين ۽ ڪاروائين ۾ ان بنيادي صلاحيت ۽ مهارت جو ڀرپور مظاهرو ڪيو ۽ ڪجهه ئي سالن ۾ هن جنهن انداز سان پنهنجي ملڪ جي تقدير بدلائي، اهو ڪنهن معجزي کان گهٽ ڪونهي، ٻي پاسي نادر شاهه ڪجهه موقعن کانسواءِ پنهنجي عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪو به قدم نه کنيو، هن پنهنجي سڄي اقتداري دور ۾ عوام جي اقتصادي خوشحاليءَ جي لاءِ ڪوبه سنجيده قدم نه کنيو، ان جي ابتڙ هو پنهنجي جنگي مهمن جي لاءِ غربت جي ماريل عوام تي زور ۽ زبردستي ٽئڪس مڙهيندو ۽ وصول ڪندو رهيو. هن جي نظر ۾ عوام انسان نه پر سندس فوج جي لاءِ افرادي قوت ۽ مالي وسيلا مهيا ڪرڻ جو ذريعو هو. هڪ مورخ لکي ٿو ته “ماڻهن تي روزانو نت نوان ٽئڪس لاڳو ٿي رهيا هئا، اڃا هڪ ٽئڪس گڏ ٿي مس دنگ ڪندو هو ته نئون ٽئڪس لاڳو ڪيو ويندو هو.”
    نادر شاهه لالچي به حد درجي جو هو. هو ٿورن ٿورن پئسن جي عيوض ۾ قتل ڪرڻ کان نه مڙندو هو ۽ انتهائي بي رحمي ۽ سنگدلي جو مظاهرو ڪندو هو، هندستان تي حملي کانپوءِ هن جڏهن دهلي فتح ڪئي ته کيس شهنشاهه، اميرن ۽ دهلي جي عوام کان ڦرلٽ ۾ جيڪو مال ۽ ملڪيت هٿ چڙهيو اهو گهٽ ۾ گهٽ سترڪروڙ روپين جو هو. هڪ مورخ آنند رام لکي ٿو ته “ٽي سؤ اٺيتاليهن سالن جي عرصي ۾ گڏ ڪيل دولت جا مالڪ ڪجهه ئي گهڙين ۾ ڪنگال ٿي ويا.” ان سڄي دولت کانسواءِ نادر شاهه کي دهلي مان تخت طائوس ۽ قيمتي هيرو ڪو هنور به هٿ چڙهيو، جيڪو هن ٺڳي سان محمد شاهه کان حاصل ڪيو، اهو هيرو راڻا وڪر ماجيت بابر بادشاهه جي وڏي پٽ همايون کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي ٿوري طور 1526ع ۾ ڏنو هو، 1747ع ۾ نادر شاهه جي قتل کانپوءِ اهو هيرو احمد شاهه ابدالي جي قبضي ۾ آيو، جيڪو پوءِ پنجاب جي راجا رنجيت سنگهه ابدالي جي پوٽي شاهه شجاع کان زوري کسيو، جڏهن انگريزن پنجاب تي قبضو ڪيو ته اهو هيرو سندن قبضي ۾ آيو، جيڪو ٻي سال 1850ع ۾ راڻي وڪٽوريه کي پيش ڪيو ويو.
    نادر شاهه جيتوڻيڪ ڳالهه ڳالهه تي ڪاوڙ ۾ اچي ڀڙڪي سخت سزائون ڏيڻ ۾ دير ئي نه ڪندو هو، پر منجهس نرمي ۽ محبت جي هڪ انداز به پاتو ويندو هو، هو پنهنجي ماءَ جو ذڪر وڏي محبت سان ڪندو هو.
    هو سڄي ڏينهن ڪم ڪار جي ٿڪاوٽ کانپوءِ اڪيلائيءَ ۾ هليو ويندو هو ۽ پنهنجو پاڻ کي ملڪي ۽ جنگي مامرن کان بلڪل ڌار ڪري ڇڏيندو هو ۽ پنهنجن ٽن ڄڻن خاص مقربين سان رات جي ماني کائيندو هو ۽ شراب جو هڪ جام پيئندو، ساڻن بي تڪلف ٿي کل ڀوڳ ۽ مذاق به ڪندو هو، دوستن جي ان محفل ۾ ڪنهن کي به اندر اچڻ جي موڪل نه هوندي هئي، سندس انهن مقربين ۽ دوستن کي ان مخصوص وقت کانسوءِ باقي نادر شاهه سان بي تڪلف ٿيڻ جي موڪل نه هوندي هئي، هڪ ڀيري نادر شاهه جي ٻن سنگتين درٻار جي وقت ۾ بي تڪلفيءَ ۾ ڪنهن معاملي ۾ صلاح ڏيڻ جي همت ڪري وڌي، جنهن تي نادر شاهه سخت ڪاوڙ جي پيو ۽ کين ڦاسيءَ جي سزا ڏيندي چيائين “هنن احمقن کي جيئڻ جو ڪو به حق ڪونهي، ڇو ته کين نادر شاهه ۽ نادر قلي جي وچ ۾ فرق رکڻ جو به شعور ڪونهي.”
    نادر شاهه پنهنجي پُٽ کي به بخش نه ڪيو ۽ سزا طور سندس اکيون ڪڍرائي کيس انڌو ڪري ڇڏيو، سزا تي نادر شاهه ۽ سندس اميرن جي سامهون ئي عمل ڪيو ويو، تنهن کانپوءِ هن اتي موجود ڪيترن ئي اميرن کي رڳو ان ڪري مارائي ڇڏيو، جو هنن شهزادي جي جاءِ تي پنهنجو پاڻ کي سزا جي لاءِ پيش ڇو نه ڪيو.
    جيتوڻيڪ نادر شاهه پاڻ کي هيبت ناڪ بنائي رکڻ جو عادي هو، پر ڪڏهن ڪڏهن هو پنهنجي مزاحيه حس جو مظاهرو به ڪندو هو، سندس هڪ امير ‘طهما سپ خان جالزي’ ننڍي قد، ڪاري ۽ ٿلهي جسم جو مالڪ هو، هڪ حادثي ۾ جنگهلي سوئر کيس زخمي ڪري وڌو ۽ هو مرندي مرندي بچيو، جڏهن نادر شاهه اهو واقعو ٻڌو ته دل کولي کليو، پوءِ چوڻ لڳو، “ننڍو ڀاءُ وڏي ڀاءُ سان دل لڳي ڪري رهيو هو.... نه نه بلڪه گستاخي ڪري رهيو هو.”
    چيو وڃي ٿو ته جڏهن نادر شاهه دهلي ۾ هو ته کيس ٻڌايو ته قمرالدين خان اعتماد الدوله جي حرم ۾ گهٽ ۾ گهٽ 850 عورتون آهن، اهو ٻڌي هو ڏاڍو کليو ۽ پوءِ حڪم ڏنائين وڌيڪ ڏيڍ سؤ سندس حرم ۾ داخل ڪيون وڃن ته جيئن هو عسڪري منصب ميم باشي يا چيليارچ (هڪ هزار نفري جو ڪمانڊر) جي برابر ٿي وڃي.
    نادر شاهه جي جنگي جنونيت جي سَڌ ان ڳالهه مان به پوي ٿي ته هڪ ڀيري نادر جي هڪ مذهبي ماڻهوءَ سان جنت جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي، مذهبي شخصيت جڏهن جنت جي نعمتن جو ذڪر ڪيو ته نادر شاهه پڇيو “ڇا اُتي جنگ ۽ جنگ جي ذريعي پنهنجي دشمن تي غالب اچڻ جهڙا واقعا هوندا” مذهبي شخصيت جواب ڏنو ته “نه” ته نادر وراڻيو “پوءِ اتي خوشي جي ڪهڙي ڳالهه آهي.؟”


    • مشهد ۾ امام رضا عه جي زيارت

    ڪافي سال اڳ هڪ ڪتاب پڙهيو هوم، فقير امداد علي سرائيءَ جو ‘ڪستي منجهه ڪڻا’، ان ڪتاب ۾ فقير امداد علي سرائي جي ٻين ڪيترن ئي مضمونن ۽ سفر نامن سان گڏ ايران جي سفر بابت به هڪ مضمون شامل هو، جنهن ۾ هن مشهد ۾ امام رضا جي روضي جي زيارت جو احوال ڏاڍي دلپذير نموني لکيو هو، ان ۾ هن لکيو هو ته هن امام صاحب جي روضي مبارڪ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم تي درود وسلام پڙهيو ۽ امام صاحب کي سلام پيش ڪيو، اهو احوال پڙهندي منهنجي من ۾ هڪ ڇڪ پيدا ٿي هئي ته ‘ڪاش مونکي به ڪو اهڙو موقعو ملي ته جيئن آئون به امام رضا جي مزار جي نه رڳو زيارت ڪري سگهان، پر پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم تي درود ۽ آل نبي جي هن معصوم امام کي سلام پيش ڪري سگهان.’
    جيتوڻيڪ آئون ڪو ايترو مذهبي ماڻهو ناهيان، مذهب سان منهنجو عام رواجي واسطو آهي، فڪري طور تي ترقي پسند سوچ ۽ فڪر سان لاڳاپيل رهيو آهيان ۽ مذهب کي هر ماڻهوءَ جو ذاتي معاملو سمجهندو آهيان ۽ منهنجي اُٿي ويٺي به کاٻي ڌر جي ماڻهن سان رهي آهي ۽ آئون اهو ضروري نه سمجهندو آهيان ته سوشلزم جي اقتصادي پروگرام کي قبول ڪندي، هروڀرو دهريت کي به قبول ڪجي ۽ آئون ڪڏهن به دهريو نه رهيو آهيان، جيتوڻيڪ مونکي سدائين لا مذهب ۽ دهريو ئي سمجهيو ويندو رهيو آهي، سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي چيئرمن نور احمد ميمڻ جڏهن منهنجو ترجمو ڪيل ڊاڪٽر محمد حميد الله خان جو سيرت تي لکيل ڪتاب “محمد رسول الله” ڇپرايو ته ان مونکي ‘نو مسلم’ ڪري لکيو، جنهن تي مون وٽس احتجاج ڪيو.
    منهنجو مذهب اهوئي آهي جيڪو ڀٽائي سائينءَ جو آهي .
    هڪڙي ڀيري ڀٽائي سائين کان ڪنهن پُڇيو “اوهين سني آهيو يا شيعا؟” ته پاڻ وراڻيائون، “آئون ٻنهي جي وچ ۾ آهيان.”
    چيائونس ته “انهن ٻنهي جي وچ ۾ ته ڪي به ڪينهي،” تنهن تي پاڻ جواب ڏنائون “آئون آهيان به ڪي ڪين.”
    گفتم بدير در تو رَسم يا بڪعبه
    گفت مارا بهر مقام ڪ جوئيد حاظريم
    (پڇيم: تنهنجي در تي مندر جي وسيلي پهچندس يا ڪعبي جي وسيلي،
    چيائين: اسانکي ڪنهن به جاءِ تي ڳولهيندين اسين اُتي موجود آهيون.)

    وڃائي وجود کي پاڻان پاسي ٿيءَ
    هڏهن ڪونهي هيءَ، هو پڻ ڪينهي هِن ري .
    وڌيڪ دلين جا راز ته خدا ٿو ڄاڻي.
    جڏهن قم ۾ هئاسين ته مونکي باربار مشهد جي ڇڪ ٿي محسوس ٿي، جنهن تي مونکي عجيب پي لڳو.
    ۽ اڄ جڏهن منهنجي اها خواهش پوري ٿي رهي هئي، ته نه رڳو اطمينان پي محسوس ڪيم، پر پنهنجي خواهش جي ايئن پوري ٿيڻ تي حيرت سان گڏ خوشي پڻ محسوس پي ٿي.
    مشهد پهچي هوٽل جي شري کان وانڌا ٿي پاڻ ۾ فيصلو ڪيوسين ته زيارت جي لاءِ شام جو هلنداسين، تيستائين آرام ڪجي ۽ پوءِ ليٽي پياسين. شام جو تيار ٿي روضي مبارڪ ڏانهن روانا ٿياسين، جيڪو اسان واري هوٽل کان پنجن ستن منٽن جي فاصلي تي هو. اسين روضي جي احاطي ۾ پهتاسين ته سانجهيءَ جي ٻانگ شروع ٿي ويئي ۽ نمازي تيزيءَ سان اندر وڃڻ لڳا، رش ايتري ته گهڻي هئي جو ڪلها گس پي پئي. اسين اندر گهڙي تکا تکا ضريح مبارڪ ڏانهن وڌڻ لڳاسين. امام رضا عه جي روضي مبارڪ کي ‘حرم’ چون ۽ حرم ايترو ته وڏو ۽ منجهس ايترا ته صحن آهن جو ماڻهو مُنجهيو پوي، آئون به ڪيترائي ڀيرا وڃڻ جي باوجود به مُنجهي ٿي پيس ۽ واپسي ۾ ۽ اندر ويندي ڪڏهن ڪٿان ته ڪڏهن ڪٿان وڃي ٿي نڪتس. اسين هلندا حرم جي مختلف حصن مان لنگهي پُڇائيندا اچي ضريح مبارڪ جي ويجهو پهتاسين، ان وقت نماز جي لاءِ صفون ٻڌجي رهيون هيون، نمازين جو ته ڪو ڪاٿوئي ڪونه هو، مردن لاءِ الڳ دريون وڇايل هيون ته عورتن لاءِ ڌار. فقه جعفريه ۾ سانجهي ۽ سُمهاڻي نماز گڏ پڙهي وڃي ٿي، مونکي به جيترا ڀيرا نماز پڙهڻ جو موقعو مليو ته مون به جماعتين سان گڏ جي سانجهي ۽ سمهاڻي نماز گڏ ٿي پڙهي، البت خاڪ شفا جي ٽڪلي کانسواءِ جيڪا مونکي کڻڻ وسري ويندي هئي، سجدو پٽ تي ٿي ڪيم.
    اندر پهتاسين ته سڀ ٽڙي پکڙي ويا، البت آئون، آفتاب شاهه ۽ امين گڏ رهيا سين، اسان جلدي جلدي ٽي ٽي رڪعتون پنهنجي منهن سانجهيءَ جون پڙهي اچن ضريح مبارڪ جي ٻاهر پهتاسين ۽ درود ۽ سلام پڙهندا اندر گهڙياسين، سبحان الله ڇا ڳالهه ڪجي رڳو اسين ٽي ئي هئاسين، ڄڻ اها عنايت خصوصي طور تي اسانجي لاءِ ئي هئي، اسان جي لاءِ ضريح مبارڪ ٻين زائرين کان خالي ڪرائي ويئي هجي. اسين دل جي حضور سان اندر گهڙياسين. اطمينان سان زيارت ڪئيسين، درود ۽ سلام پيش ڪيوسين ۽ پوءِ ٿورو پريان هٽي روضي جي ڀت سان ٽيڪ لڳائي ويهي رهياسين. گهڙي ئي نه گذري، شايد هڪ گهڙي، جو ماڻهن جو هڪ سيلاب هو، جيڪو اندر ڌوڪي آيو، ڌڪ ڌڪان، سلام ۽ دور آهون ۽ سڏڪا لڙڪ ۽ گريه زاري.
    ضريح مبارڪ ۾ چوويهه ئي ڪلاڪ اها ئي رش هوندي آهي، جيڏي مهل به وڃ ڏينهن جو يا رات جي ڪهڙي به پهر ۾ ماڻهن جو سيلاب، تر ڇٽڻ جي جاءِ به نه هوندي هئي، ماڻهو بيٺي بيٺي زيارت ڪندا، پوءِ ٻاهر نڪري صحن ۾ قرآن شريف کڻي ويهي پڙهندا هئا، ۽ اسانکي وري اهڙي نويڪلي ۽ اطمينان سان زيارت نصيب نه ٿي، مون پوءِ ڪافي ڀيرا، هڪ ٻه ڀيرو ته فجر جو به اُٿي وڃي زيارت ڪئي، پر اها ئي ماڻهن جي رش، بس اهي ڪجهه گهڙيون هيون، جيڪي اسانجي نصيب ۾ لکيل هيون.
    ‘حرم’ مبارڪ ڏاڍو سهڻو ٺهيل آهي، ڀتين توڙي ڇتين تي ڪاشي جو ڏاڍو سهڻو ڪم ۽ مينا ڪاري ٿيل آهي، جو ماڻهو ڪر ويٺو ڏسي. روضي مبارڪ جو گبنذ جيڪو سڄو سون جو ٺهيل آهي، پري کان ئي چمڪندو نظر ٿو اچي ۽ رات جو وري بجلي جي روشنين ۾ جڳمڳائيندو ٿو رهي. ضريح مبارڪ به سون جي ٺهيل آهي. ايران ۾ ٻين مزارن جيان هتي به روضي کي وچان ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، عورتن لاءِ الڳ هو ته مردن لاءِ الڳ. جيئن مرد ۽ عورتون اطمينان ۽ بنا ڪنهن تڪليف جي زيارت ڪري سگهن.
    امام صاحب جي روضي مبارڪ جي زيارت ڪندڙن لاءِ مشهور آهي ته اُتي پهرين گهريل چئن دعائن کي قبوليت جو شرف ملي ٿو، اسين ٿوري دير روضي مبارڪ ۾ ويهي رش کي نظر ۾ رکندي ٻاهر نڪري آياسين، اندر ۾ هڪ سُڪون ۽ اطمينان کڻي.
    حضرت علي بن موسيٰ الرضا ڪاظم جيڪو عام طور تي ‘امام رضا’ يا ‘مولا رضا’ جي نالي سان سڏجي، شيعن جون اٺون امام آهي. امام رضا انتهائي عالم فاضل ۽ بهترين استاد هو، سندن علمي فيض مان لکين انسان فيضياب ٿيا. امام رضا جو والد بزرگوار حضرت امام موسيٰ رضا ڪاظمرضه اهل تشعيع جو ستون امام هو.
    اهل بيت، يعني پاڻ سڳورن جي نسل سان واسطو رکندڙ بي بي فاطمه ۽ حضرت علي ڪرم الله وجه جي اولاد کي چيو وڃي ٿو، پاڻ سڳورن جي هن دنيا مان برقعو مٽائڻ کان پوءِ فوري طورتي خلافت تي حضرت ابوبڪر جي فائز ٿيڻ سان اختلافن جي شروعات ٿي، تاريخ ۾ آهي ته جيسين بي بي فاطمه هن جهان ۾ هئي، تيسين سندس حضرت ابوبڪررضه سان ڪجهه رنجشون رهيون. بي بي صاحبه جي وفات کانپوءِ حضرت علي عليه السلام وقت جي خليفي سان گڏجي ڪم ڪيو. حضرت عمر رضه پنهنجي شديد زخمي ٿيڻ کانپوءِ ڇهن ڄڻن جي ڪميٽي ٺاهي ۽ وصيت ڪئي ته سندس سندس وفات کانپوءِ انهن مان خليفو چونڊيو وڃي، انهن ڇهن ڄڻن ۾ حضرت عثمان ۽ حضرت علي به هئا. حضرت عمر جي وفات کانپوءِ باقي چئن ڄڻن ته رضا ڪارانه طور تي خلافت جي اُميدواريءَ تان دستبرداري جو اعلان ڪيو، باقي حضرت عثمان ۽ حضرت علي اميدوار بچيا، جن ٻنهي مان ڪنهن هڪ کي چونڊڻ لاءِ امين طور ‘عبدالرحمٰن بن عوف’ کي مقرر ڪيو ويو، جنهن حضرت عثمان جي حق ۾ فيصلو ڏنو. حضرت عثمان جي شهادت کانپوءِ 35 هجري ۾ اسلامي خلافت جو منصب حضرت علي عليه السلام کي پيش ڪيو ويو، پهرين ته پاڻ انڪار ڪيائون، پر پوءِ مسلمانن جي جي زور ڀرڻ تي منظور ڪيائون. حضرت علي عليه السلام کي رمضان 40 هجري ۾ ڪوفي ۾ شهادت جو رتبو مليو. تنهن کانپوءِ حضرت امام حسين عليه السلام جي خلافت تسليم ڪئي ويئي، پر حالتن اهڙو رخ اختيار. جو نيٺ پاڻ 41 هجري ۾ صلح جي ٺاهه تحت شام جي حاڪم امير معاويه جي حق ۾ دستبردار ٿي ويا ۽ ائين اسلامي خلافت اموي ملوڪيت ۾ تبديل ٿي ويئي ۽ اموين جو اهو سڄو دور جيڪو نوي سالن تي ٻڌل آهي، سواءِ عمر بن عبدالعزيز جي اڍائي ٽن سالن جي باقي آل رسول سان زيادتين جو سلسلو جاري رهيو. جيڪو ڏاڍو ڏکوئيندڙ آهي. آل رسول سان زيادتين جو سلسلو ڪن ڌارين يا ڪافرن نه، پر مسلمان حاڪمن پاران ئي روا رکيو ويو. امام حسين کي ساٿين سميت ڪربلا جي پڙ ۾ شهيد ڪيو ويو ۽ سندس گهراڻي کي قيد ڪري سخت تڪليفون رسايون ويون، اهو سلسلو اُموين کانپوءِ عباسين جي خلافت ۾ به جاري رهيو، جن خلافت حاصل ئي ‘آل رسول’ کي حق ڏيارڻ واسطي ڪئي هئي.
    امام علي رضا جي والد، امام موسيٰ ڪاظم کي انگورن ۾ زهر ڏيئي شهيد ڪيو ويو، اهو هارون رشيد جو دور هو، جنهن امام موسيٰ ڪاظم کي قيد ڪري طرح طرح جون تڪليفون رسايون هيون، امام موسيٰ ڪاظم جي والد بزرگوار امام جعفر صادق کي به زهر ڏيئي شهيد ڪيو ويو.
    ڏٺو وڃي ته عباسين، اموين جي خلاف جيڪا سوڀ ماڻي، ان جي پويان اصل محرڪ جذبو يا نعرو اهل بيتن کي سندن حق ڏيارڻ ۽ امام حسين جي قاتلن کان بدلو وٺڻ هو، پر جيڪڏهن ٿورو گهرائيءَ سان جائزو وٺنداسين ته اُموين جو زوال ۽ عباسين جو عروج، عجمين جو عربن جي خلاف رد انقلاب هو، جنهن جي اڳواڻي خراساني عجمين ڪئي. عباسين جي دور ۾ عجمين کي فوج ۽ اقتدار تي غلبو حاصل ٿيو ۽ هنن عربن کان گذريل هڪ سؤ سالن جي محڪومي جو خوب بدلو ورتو.
    عباسين ڇاڪاڻ ته خلافت اُهل بيت کي حق ڏيارڻ جي نعري هيٺ حاصل ڪئي هئي ۽ کين جيڪا حمايت ملي هئي، انهي ۾ اموين جي عوام سان ڪيل زيادتين ۽ انهن پاران عجمي علائقن جي پر ماريت جو ردعمل ۽ عباسين پاران معاشي انصاف جا وعدا به شامل هئا، تنهنڪري هنن به خلافت حاصل ڪرڻ کانپوءِ ‘اهل بيتن’ سان اهوئي سختي وارو سلوڪ روا رکيو، ڇو ته کين ڊپ هو ته جيڪڏهن سندس خلاف به ڪا بغاوت ٿي يا رد عمل ٿيو ته اُن جو بنيادي نعرو وري به اهوئي هوندو، يعني اهل بيتن کي سندن حق ڏيارڻ. نتيجي ۾ اهو تضاد ڪيترين ئي جنگين جو سبب بنيو، حسيني ساداتن ٻه ڀيرا حجاز ۾ ۽ هڪ ڀيرو عراق ۾ بغاوت ڀڙڪائي، پهرين ٻن بغاوتن ۾ محمد نفس ذڪيه، ابراهيم، سندس پُٽ حسين بن علي ۽ سندن اولاد ۽ ٽي بغاوت ۾ ابن طفاطبا ۽ ابو سران پنهنجن سوين ساٿين سان گڏ قتل ٿي ويا. حرم ڪعبه جي بي حرمتي ڪئي ويئي. زيد شهيد بن علي جي مڃيندڙ زيدي فرقي پهرين طالقان ۽ پوءِ ڪوفي ۾ بغاوت ڪئي، جنهن ۾ بغاوت جي اڳواڻي ڪندڙ ابو الحسن يحيٰ قتل ٿيو، امام جعفر صادق مديني ۾ نظر بند رهيو. خليفي توڪل انتقام حضرت عليرضه ۽ حضرت امام حسينرضه جي روضن کي شهيد ڪرائي پَٽ ڪرائي ۽ انهن جي مٿان هر هلرايو. امام علي نقي ۽ امام حسين عسڪريءَ جي قيد جي حالت ۾ چالاڻون ٿيو.
    خليفي هارون رشيد جو آخري زمانو پنهنجن ٻن پٽن امين ۽ مامون جي اڻ بڻت سبب ڪو سٺو ڪونه گذريو، امين پهرينءَ زال مان هئس، جيڪا بادشاهي گهراڻي مان هئي، ان ڪري عرب سردار سندس حمايتي هئا ۽ مامون وري هڪ عجمي ٻانهي مان هو، ان ڪري درٻار جو عجمي طبقو سندس طرفدار هو، ٻنهي جي ڇڪتاڻ هارون رشيد جي لاءِ جنجال بنيل رهي، هن پنهنجي خيال ۾ ان جو حل ملڪن جي ورهاست سان هيئن ڪيو ته دارالسطنت بغداد ۽ ان جي چئني پاسن جا عرب حصا جهڙوڪ شام، حجاز، مصر، يمن وغيره امين جي نالي ڪيا ۽ اوڀر وارا ملڪ جهڙوڪ ايران، خراسان، ترڪستان وغيره مامون جي لاءِ مقرر ڪيا. پر هارون جي اک پورڻ سان ئي ٻنهي ڀائرن ۾ گهرو ويڙهه جا شعلا ڀڙڪي اُٿيا، نيٺ چئن سالن جي ڊگهي رتو ڇاڻ کانپوءِ مامون کي ڪاميابي ملي ۽ سندس ڀاءَ امين الرشيد قتل ٿي ويو ۽ بني عباس سلطنت جي سڀني حصن ۾ مامون جي خلافت قائم ٿي ويئي.
    امين جي قتل ٿيڻ کانپوءِ سلطنت ته مامون جي نالي سان قائم ٿي ويئي، پر جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته امين ناناڻن طرفان عربي نسل جو هو ۽ مامون عجمي نسل جو ۽ امين جي قتل کانپوءِ عراق جي عرب قوم ۽ عملدارن جو دليون به مامون طرف صاف نه رهيون هيون، بلڪه ڏک ۽ ڪاوڙ جي ڪيفيت محسوس ڪنديون هيون، ٻي پاسي بني عباس مان به هڪ وڏي جماعت جيڪا امين جي طرفدار هئي، تنهن کان به مامون کي هر وقت خطرو رهندو هو، اهل بيتن جي اولاد مان به ڪيترائي ماڻهو جيڪي وقت بوقت بني عباس جي مقابلي ۾ ايندا رهيا هئا، جن مان ڪي قتل ڪيا ويا ته ڪن کي ڏيهه نيڪالي ڏني ويئي هئي يا قيد ڪيا ويا هئا، انهن جي حمايت ۾ به هڪ جماعت موجود هئي ۽ انهن مان به هر وقت بغاوت جو خطرو نظر ايندو هو، تنهنڪري مامون الرشيد کي سياسي مصلحت اُن ۾ نظر آئي ته عرب خلاف عجم ۽ بني عباس خلاف بني فاطمه کي پنهنجو بڻايو وڃي ۽ ڪنهن اهڙي شخصيت کي سلطنت جو وليعهد بنايو وڃي، جنهن جي فضيلت ۽ افضليت مٿاهين هجي، تنهنڪري هن جي نظر حضرت امام علي رضا تي پيئي ۽ هن کيس وليعهد مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اهو طئي ڪري هن 200 هجريءَ ۾ سڀني ملڪن ۾ فرمان موڪليو ته جتي به عباسي گهراڻي جا ماڻهو هجن، اهي خلافت جي آستاني تي حاضر ٿين. ان وقت سڀني ملڪن ۾ بنو عباس جا 33 هزار مرد ۽ عورتون پکڙيل هئا. مامون انهن سڀني سان سُٺي نموني پيش آيو، عباسي نسل سڄو سال خلافت جو مهمان رهيو، علامه شبلي نعماني پنهنجي ڪتاب “المامون” ۾ لکي ٿو.”
    “ان دوران مامون پنهنجي خاندان جي هر شخص کي تجربي جي نظر سان ڏٺو ۽ اها قطعي راءِ قائم ڪري ورتي ته ان وڏي گروهه ۾ ڪوبه اهڙو شخص ڪونهي، جيڪو خلافت جو بار پنهنجن ڪلهن تي کڻي سگهي.”
    نيٺ مامون الرشيد 201هه ۾ هڪ درٻار ڪوٺائي، جنهن ۾ سڀئي عباسي ۽ سلطنت جا عهديدار موجود هئا ۽ هن انهن کي خطاب ڪندي چيو ‘اڄ دنيا ۾ جيترا به آل عباسي موجود آهن، آئون انهن جي اهليت ۽ لياقت جو اندازو ڪري چڪو آهيان، تنهن ڪري نه آئون ۽ نه ئي وري آل نبيءَ ۾ ڪو اهڙو شخص موجود آهي، جيڪو خلافت جو حقدار هجي سواءِ حضرت علي رضا جي!’ تنهن کانپوءِ هن سڀني حاضرين کان حضرت علي رضا جي بيعت ورتي ۽ سڄي ملڪ ۾ شاهي احڪام لاڳو ڪيو ويو ته امير المومنين مامون الرشيد کانپوءِ حضرت علي رضا خلافت جون واڳو سنڀاليندو ۽ کيس وليعهد سلطنت مقرر ڪيو ويو.
    بظاهر ته مامون جي ڊپ سببان اُن حڪم جي تعميل شروع ڪئي ويئي، پر اندر ئي اندر سازشون شروع ٿي ويون ۽ اهي صدائون اُڀرڻ لڳيون ته “خلافت عباسي خاندان جي دائري مان ٻاهر نٿي وڃي سگهي.”
    اندروني سازشن جو نتيجو اهو نڪتو، جو نيٺ سازشي امام رضاعه جي جان وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ کيس انگورن ۾ زهر ڏنو ويو. جنهن سبب امام صاحب 17 صفر 203هه ۾ وفات ڪئي،
    علام شبلي نعماني پنهنجي ڪتاب “المامون” ۾ لکي ٿو:
    “حضرت علي رضا وفات ڪئي ته مامون حڪم ڏنو ته هارون الرشيد جي قبر اُکيڙي حضرت امام رضا کي به ان ۾ دفن ڪيو وڃي، جنهن جو مقصد اهو هو ته رشيد به حضرت امام رضا جي برڪت مان مستفيض ٿئي. مامون کي حضرت علي رضا جي وفات جو سخت صدمو ٿيو، هو جنازي سان اگهاڙي، مٿي سان ويو ۽ رئندو چوندو ويو... ‘اي ابو الحسين توکان پوءِ آئون ڪيڏانهن وڃان’، هو ٽن ڏينهن تائين قبر تي ويٺو رهيو ۽ روزاني فقط هڪ ماني ۽ لوڻ تي هن جو گذران هوندو هو....
    اُن تي دعبل نالي هڪ شاعر جيڪو اهل بيت جو مداح ۽ عباسين جو دشمن هو، هڪ هجو لکي جنهن جو هڪ شعر آهي.
    ماينفع الرجسس من ترب الذڪي ولا
    علي الذڪي بقرب الرُس من ضرر،
    (پليت ماڻهوءَ کي پاڪ جي قربت جو ڪوبه فائدو نٿو رسي، ۽ نه پاڪ کي هن جي قرب سان نقصان ٿو ٿئي.)
    هڪ تاريخي سوال اهو آهي ته حضرت علي رضا کي ڪنهن جي هشيءَ تي زهر ڏنو ويو. شيعه ان ڳالهه سهمت تي آهن ته خود مامون ئي زهر ڏياريو، افسوس جو اسانکي شيعن جون تاريخي تصنيفون ملي نه سگهيون آهن، نه ته اسين ان بحث کي ٻنهي ڌرين جي روايتن سان ڀيٽي ڪو فيصلو ڪري سگهون ها، اهي سڀ وڏيون وڏيون تاريخون، جن کي دنيا “اسلامي تاريخن” جو لقب ڏنو آهي، اهي سڀ سُنين جون تصنيفون آهن ۽ بظاهر انهن ۾ مذهبي حيثيت جو ڪو خاص خيال نه رکيو ويو آهي، تاريخ واقعن جي نسبت اسان کي خبر آهي ته ڪنهن مورخ به مامون تي اهو الزام هڻڻ جي جرئت نه ڪئي آهي، بلڪه علامه ابن اثير ته چٽن لفظن ۾ ان خيال تي تعجب ظاهر ڪيو آهي، مامون الرشيد جي دور جي نهايت ويجهي تاريخ، جيڪا هينئر موجود آهي اها، ابن واضع عباسي، جي تاريخ آهي، اهو ليکڪ مامون جي دور جي واقعن کي انهن ماڻهن جي زباني ٿو بيان ڪري، جيڪي خود مامون جي دور ۾ موجود هئا، انهيءَ تاريخ ۾ شيعت جا اثر به ڏسي سگهجن ٿا، پر هن مامون جي بدران اها بدگماني علي بن هشام جي نسبت ڪئي آهي. (المامون صفحو 87- 88)
    ان بابت وڌيڪ ڳالهيون ته تاريخ جي ڪتابن ۾ موجود آهن، پاڻ ته رڳو امام رضا جي حوالي سان ڪي تاريخي ڳالهيون بيان ڪيون آهن، پر وقت جي حڪمرانن کان اهڙين سازشن ٺاهڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ هشڪارڻ جا داستان ڀريا پيا آهن، ان سلسلي ۾ مسلمانن حاڪمن جي دامنن تي جيڪي داغ آهن، انهن سان تاريخ جا صفحا ڀريا پيا آهن، هنن اقتدار جي هٻڇ ۽ جوف ۾، انهيءَ جي حاصلات لاءِ پنهنجا ڪٽنب ته پنهنجي جاءِ تي، پنهنجا ٻچا به ڪهارائي ڇڏيا.
    مامون ۽ امين، هارون رشيد جي فيصلي ۽ وصيت هوندي به پاڻ ۾ جنگ ڪئي، جنهن ۾ امين قتل ٿيو، خود عباسي حڪمرانن جي اندروني تضادن تي هڪ نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته ابو جعفر منصور پنهنجي چاچي عبدالله بن عليءَ کي قتل ڪيو، جو هو سندس مخالف هو. خليفي هاديءَ کي سندس ماءُ ‘خيزران’ قتل ڪرائي ڇڏيو، جيئن هوءَ پنهنجي ننڍي پُٽ هارون کي خليفو بنائي سگهي، خليفي مستعڪم عباسي مان بغاوت جو انديشو هو، خليفي متوڪل کي سندس پُٽ منتصر قتل ڪيو ۽ خليفو بنجي ويو. خليفي مڪتفي جي وفات تي ٻن چاچن جي پٽن جي وچ ۾ تخت نشيني جي جنگ ۾ هڪ کي خصيا وڍرائي مارايو ويو ۽ ٻيو خليفو بنجي ويو، جنهن کي مقتدر باالله سڏيو ويو، پوءِ مقتدر پنهنجي ڀاءُ سان جنگ ۾ مارجي ويو، جيڪو قاهر بالله جي نالي سان خليفو بنيو.
    عثماني سلطنت جي حالت اها هئي ته جڏهن به ڪو جانشين تخت تي ويهندو هو ته سڀ کان پهرين پنهنجن سڀني ڀائرن کي قتل ڪرائي ڇڏيندو هو. ‘مراد پهرينءَ’ پنهنجي پُٽ ‘صاروجي’ کي بغاوت جي ڏوهه ۾ انڌو ڪيو هو ۽ بايزيد پنهنجي ڀاءُ علاؤ الدين کي ۽ مراد ثاني پنهنجي، مصطفيٰ چلپيءَ کي قتل ڪيو هو، پر ان جو قاعده رواج مراد ثالث جي تخت نشيني سان ٿيو، جنهن تخت تي ويهندي ئي پنهنجن اڻويهن ڀائرن کي قتل ڪرائي پنهنجي پيءَ سان گڏ دفن ڪرائي ڇڏيو ۽ اُن رواج کي باقاعده تسليم ڪيو ويو ۽ ڪنهن به ‘شيخ الاسلام’ ان رواج کي اسلام جي خلاف قرار نه ڏنو، ڪيترن سئو سالن کانپوءِ ان ۾ فقط اها تبديلي ڪئي ويئي ته مارڻ جي بدران سڀني ڀائرن کي قيد ۾ وڌو ويندو هو.
    ايران ۾ عباس شاهه صفويءَ خود پنهنجن پُٽ کي قتل ڪرائي ڇڏيو ته متان هو کيس تخت تان نه لاهي ڇڏي.
    هيڏانهن ننڍي کنڊ ۾ ڇا ٿيو؟ حڪمران گهراڻن جي اندر پيءَ جي خلاف پُٽ، ڀاءُ جي خلاف ڀاءُ وڙهندو ۽ هڪٻئي کي ڪُهندي نظر ٿو اچي.
    سو اها ڳالهه سمجهڻ ۾ دير نه ٿي لڳي ته اقتدار جي جنگ ۾ وقت جي حڪمرانن ۽ سندن گهراڻن، اقتدار جي حاصلات لاءِ هر جائز ۽ ناجائز حربو آزمايو ۽ اسين جنهن تاريخ کي ‘اسلامي تاريخ’ يا ‘تاريخ اسلام’ چئون ٿا ۽ اُن تاريخ کي مذهبي لٽريچر طور پڙهون ۽ لکون ٿا، اها حقيقت ۾ مختلف گروهن جي وچ ۾ اقتدار جي ويڙهه، سياسي ڇڪتاڻ، سازشن، حڪومتن جي ٺهڻ، ڊهڻ ۽ بگڙڻ جو داستان ٿي بيان ڪري.


    • مشهد جون ڪجهه ڳالهيون....

    امام رضا عه جي روضي يا ‘حرم مطهر’ ۾ وڃڻ جي لاءِ اسانکي ويجهو رستو بست شيخ طبرسي وٽان ئي هو، جيڪو نه رڳو اسان واري رهائش جي بلڪل ويجهو هو، ۽ اهوئي حرم جو مکيه رستو پڻ آهي، جنهن جي سامهون بس جو اسٽاپ ۽ ٽئڪسي اسٽينڊ پڻ آهن، حرم شهر جي مرڪز ۾ هئڻ سبب شهر ۾ هلندڙ سڀ بسون ڦري گهري هتان ضرور لنگهن ٿيون، ان جي سامهون ٿورو هيٺاهين واري حصي ۾ هڪ ننڍڙو پر سهڻو باغيچو رکيل آهي، هونئن ته سڄي حرم پاڪ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ننڍا ننڍا باغيچا رکيل آهن ۽ ڪونڊين ۾ وڻڪاري ڪئي ويئي آهي. حرم ۾ شيخ طوسي جي مقبري جي ٻنهي پاسي سهڻا باغيچا رکيل آهن، جن تي ويهي زائرين حرم جو نظارو ڪرڻ سان گڏ، ٿڪ به ڀڃندا آهن، ڪجهه سال اڳ وڏو خرچ ڪري گورنمنٽ پاران حرم جي هيٺان زير زمين رستو ڪڍيو ويو آهي، جيڪو طبرسي روڊ تان هلندو هيٺ هليو ٿو وڃي ۽ ٻي پاسان ميدان ‘بيت المقدس’ جي سامهون نڪري ٿو ٻنهي پاسن کان بس جڏهن به اندر گهڙندي هئي ۽ هيٺان گذرڻ لڳندي هئي ته ڪنهن نه ڪنهن ايراني زور سان ‘جيو ٿي “درود آل رسول صلعم تي” پوءِ سڄي بس ۾ ويٺل زور سان درود پڙهڻ ٿي لڳا.
    شيخ طوسي واري رستي کان سواءِ ڪجهه ٻيا رستا به حرم ۾ داخل ٿيڻ جا آهن، جهڙوڪ دروازو ‘شيرازي روڊ’، جيڪو شيرازي روڊ جي سامهون آهي، شهيد نواب صفوي روڊ، جيڪو، نواب صفوي روڊ جي سامهون آهي. تنهن کانسواءِ پوئين پاسي ايوان ولي عصر مان ٻه دروازا ‘باب الجواد’ ۽ ‘باب الرضا’ به آهن، باب الرضا ميدان بيت المقدس جي سامهون آهي، مٿين دروازن کانسواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي گذر گاهون آهن، جهڙوڪ: گذر گاهه مغربي صحن جامع رضوي ۽ گذر گاهه مشرقي صحن جامع رضوي، جيڪي صحن جامع رضوي جي ٻنهي پاسن کان آهن. صحن جامع رضوي حرم جو وڏي ۾ وڏو صحن (اڱڻ) آهي. ‘حرم’ ۾ ٻيا به ڪافي صحن آهن، جهڙوڪ: صحن انقلاب، صحن جمهوريه اسلاميه، صحن غدير، صحن آزادي، صحن ڪوثر، صحن قدس، صحن مسجد گوهر شاد. انهن ٻنهي (اڱڻن) جي وچ ۾ مسجد گوهر شاد آهي، جيڪا مسجد نادر شاهه جي گهر واري گوهر شاد ٺهرائي، راڻي گوهر نه رڳو امام رضا جي مزار وٽ اها مسجد ٺهرائي، پر هن حضرت علي ڪرم الله وجه جي روضي جي ڀتين جي مرمت ۽ ٽائل ورڪ جي لاءِ هڪ لک نادري سڪا ۽ جواهرن سان جڙيل اگر دان ۽ سون جو ‘عود دان’ به عطيو ڪيو.
    گذر گاهه شيخ طوسي مان گهڙڻ مهل سيڪيورٽي مان گذرڻو ٿو پوي ۽ جيڪڏهن ڪئميرا وغيره آهي ته اتي موجود ‘امور امانتداري’ ۾ جمع ڪرائي ٽوڪن وٺڻون ٿي پيو، حرم ۾ فوٽو ڪڍڻ جي منع آهي ۽ هنڌ هنڌ تي لکيل آهي عڪس بندي ممنوع است (فوٽو گرافي جي منع آهي) البت موبائيل اندر کڻي وڃڻ جي نه رڳو اجازت آهي، پر ان سان فوٽو به ڪڍي سگهجن ٿا، ان هوندي به ڪي همراهه اٽڪل سان ڪئميرائون اندر کڻي ٿي ويا، هڪ ٻه ڀيرا اسين به کڻي وياسين، پر جنهن ڪئميرا سان فوٽو ڪڍياسين، ان جو ميمري ڪارڊ لاڪ هئڻ سبب فوٽو نڪري نه سگهيا ۽ اسانجي محنت زيان ٿي ويئي، البت اسان ڏسندا هئاسين ته فهد عباسي، قانون جي پاسداري ڪندي، هر ڀيري ڪئميرا ‘امور امانتداري’ وٽ جمع ڪرائي رسيد/ٽوڪن وٺندو هو.
    حرم ۾ مکيه دروازن جي اڳيان زائرين جي رهنمائي لاءِ ننڍيون ننڍيون ڪئبينون ٺهيل آهن، هونئن به حرم ايترو ته وڏو آهي، جو بار بار اچڻ ۽ وڃڻ جي باوجود به ماڻهون مُنجهي ٿو پوي ۽ رهنمائي وٺڻي ٿي پوي، انهن رهنمائي وارين ڪئبنن تان فارسي، عربي ۽ اردوءَ ۾ مشهد ۽ حرم جي باري ۾ نقشا ۽ ٻيو معلوماتي لٽريچر ڏنو وڃي ٿو، البت انگريزي ۾ ڪوبه لٽريچر نه هو. ايران ۾ انگريزي جي حوالي سان هڪ دوست مذاق ڪندي چيو ته سڄي ايران ۾ کيس انگريزي جا فقط ٻه لفظ W.C جتي ڪٿي نظر آيا ۽ ايرانين واقعي به انگريزيءَ کي پنهنجو صحيح مقام ڏنو آهي.
    آئون به اڪثر مُنجهڻ جي صورت ۾ انهن ڪئبن مان هڪ وٽ هليو ويندو هوس ۽ انهن کان ڏس پتو پُڇڻ سان گڏ اُتي جيڪو فارسي، عربي ۽ اردو ۾ لٽريچر موجود هوندو هو، سو به کڻيو ايندو هوس، جنهن تي اسانجي قافلي جو هڪ همراهه حاجي عيسيٰ چوندو هو ‘سائين يوسف ته حرم مان جيڪو ڪاڳر ٿو ملي سو سنڀاليو کڻيو اچي.’ جواب ۾ آئون کلندي چوندو هوسانس ‘چرين جا ڪهڙا ڪم هوندا آهن، رڳو ڪاڳر ميڙڻ.’ جنهن تي اڪثر دوست مرڪي پوندا هئا.
    اهو لٽريچر نهايت سهڻي نموني ۽ آرٽ پيپر تي ڇپيل ملندو هو، اهڙي ئي هڪ ننڍي فولڊر ۾ زائرين لاءِ حرم جي زيارت لاءِ هن ريت هدايتون لکيل هيون.
    • زيارت جي قصد لاءِ قربت هجي.
    • امام رضاعه جي باري ۾ هڪ حد تائين سڃاڻپ ۽ معرفت جو هجڻ.
    • حلال مال مان ورتل پاڪ لباس پائڻ ۽ ان تي خوشبو هڻڻ.
    • ٻين زائرين جو خيال رکڻ، خاص ڪري، جيڪي وڏي عمر وارا ۽ ڪمزور هجن.
    • زيارت جي دوران طهارت يعني وضو يا غسل سان اچڻ ۽ رهڻ.
    • معنوي ۽ ظاهري انداز ۾ حرم سڳوري ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت حاصل ڪرڻ.
    • معتبر ۽ معروف زيارت نامه پڙهڻ، جهڙوڪ زيارت امين الله، زيارت جامع وغيره.
    • نماز زيارت پڙهڻ.
    • قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ ۽ اُن جو ثواب امام رضا کي هديو ڪرڻ.
    • امام رضا جي حضور تو به ڪرڻ، ڇو ته امام رضا کان شفاعت ڪرڻ جي تمام گهڻي تاڪيد ڪئي ويئي آهي.
    • امام زمانه عه جي سلامتي ۽ اُن جي ظهور جي لاءِ دعا گهرڻ. اها افضل دعائن ۾ شامل آهي. اها دعا هر حالت ۾ ڪندو رهڻ گهرجي، خاص ڪري تڏهن، جڏهن آئمه جي حضور، انهن جي مطهر(پاڪ) روضن ۾ حاضر هجي.
    *
    امام رضاعه جي ‘روضي اطهر’ جو انتظام هڪ ادارو “آستان قدس رضوي” سنڀالي ٿو، اُن اداري جو شمار تمام وڏن نجي ادارن ۾ ٿئي ٿو، جيڪو سڌو سنئون ايران جي روحاني پيشوا سيد علي خامنه اي جي سرپرستي ۽ سندس پاران مقرر ڪيل هڪ خدمت گار عالم ۽ فقيه جي نگراني ۾ ڪم ڪريٿو، هن اداري کي روضه مقدس رضويه سان لاڳاپيل ملڪ جي علمي، فڪري ۽ ثقافي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪليدي حيثيت حاصل آهي ۽ ان جا وري پندرهن ذيلي شعبا آهن، جيڪي ثقافتي ۽ تحقيقاتي شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏين ٿا.
    انهن مان ٽي شعبا اهڙا آهن، جن جو هت ٿورو ٿورو ذڪر مناسب رهندو. آستان قدس رضوي جي مرڪزي لئبرري، جيڪا گذر گاهه شيخ طبرسي واري پاسي، حرم جي احاطي ۾ آهي، اها پنهنجي نوعيت جي شاندار لئبرري آهي، جنهن جو شمار نه رڳو ايران، پر وچ اوڀر جي اهم لئبررين ۾ ٿئي ٿو، هن لئبرري جي قدامت يارهن سئو سال پراڻي آهي، هن وقت، هن لئبرريءَ ۾ 35 لک ڇپيل ڪتاب، 75 هزار مخطوطا ۽ 35 هزار ناياب ۽ سنگي ڪتابن جو ذخيرو موجود آهي. لئبرري جي هاڻوڪي عمارت جي پکيڙ 11000 اسڪوائر ميٽر ۽ ڪورڊ ايريا 28800 اسڪوائر ميٽر آهي، جيڪا ٽن طبقن تي ٻڌل آهي.
    لئبرريءَ جي شروعات جي باري ۾ جيڪا معلومات موجود آهي، ان موجب، لئبرريءَ جي شروعات ڪن گمنام علم دوستن پاران هديو ڪيل ڪتابن سان ٿي، ۽ پوءِ هوريان هوريان اُن ۾ واڌارو ٿيندو ويو، ڪن محققن جو رايو آهي ته هن لئبرري جي شروعات قديم ترين قرآني نسخن يا مخطوطن جي وقف ڪرڻ سان ٿي، جيڪي اصفهان جي حاڪم ‘ڪشواد بن املاس’ پاران هديو ڪيا ويا هئا، ان بنياد تي 327هه کي هن لئبرري جي بنياد جو سال تصور ڪيو وڃي ٿو، مٿيئن حڪمران کانسواءِ نادر شاهه افشار پڻ هن لئبرري کي 400 مخطوطا عطا ڪيا. تنهن کانسواءِ حرم جي احاطي ۾ هڪ ٻي لئبرري مسجد گوهر شاد پڻ آهي.
    مشهد پهچڻ جي ٽي ڏينهن آئون سهي سنڀري لئبرري ڏسڻ جي لاءِ ويس، پر منتظمين ٻڌايو ته رمضان شريف هئڻ سبب لئبرري بند آهي، جنهن جو ڪافي افسوس ٿيو. بهرحال، جديد بنياد تي ٺهيل هيءَ لئبرري مشهد ايندڙ عالمن ۽ محققن جي ڌيان جو مرڪزي رهندي آهي.
    حرم جي احاطي ۾ موجود ‘موزه آستان مقدس’ به ڏسڻ وٽان آهي، اهو صحن ڪوثر سان لڳ آهي. هي عجائب گهر يارهن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ هر حصي ۾ نهايت قيمتي ۽ نادر شيون رکيون ويون آهن، عجائب گهرجي شعبن جو تفصيل هن ريت آهي 1. قرآن ميوزم 2. سيد علي خامنه اي کي ملندڙ سوکڙين جو ميوزم 3. نفيس غاليچن جو ميوزم 4. مشهد مقدس جي تاريخ جو ميوزم 5. ميڊلن ۽ تمغن جو ميوزم 6. پراڻن ۽ اسلامي سڪن جو ميوزم 7. ڪوڏن ۽ سامونڊي شين جو ميوزم 8. نقاشي ۽ مصوريءَ جو ميوزم 9. جنگي ساز سامان ۽ هٿيارن جو ميوزم 10. علم نجوم ۽ فلڪيات جو ميوزم 11. ٽين، چيني ۽ ڪرسٽل جي ٿانون جو ميوزم.
    منهنجي خيال ۾ مشهد ايندڙن کي هي عجائب گهر ضرور ڏسڻ گهرجي، جو هن جي ڏسڻ سان ججهي ڄاڻ ملي ٿي، پر اڪثر زيارتين جو ڌيان هن پاسي نه هوندو آهي.
    آئون جڏهن پنج سئو تو مانن جي ٽڪيٽ وٺي اندر گهڙيس ۽ ڏيڍ ٻن ڪلاڪن کانپوءِ جڏهن سرسري طور تي ڏسي ٻاهر نڪتس ته پاڻ کي خوشنصيب تصور ڪرڻ لڳس، جو هي ميوزم ڏٺم، ڇو ته هن ميوزم ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون شيون ۽ نوادرات رکيل هئا، جن منهنجي معلومات ۾ واڌارو ڪيو ۽ مونکي ڪافي متاثر ڪيو. ‘موزه’ جي ٻن شعبن کي مون وڏي شوق ۽ ڌيان سان ڏٺو، هڪڙو نقاشي ۽ مصوريءَ وارو ۽ ٻيو قديم ۽ اسلامي سڪن وارو. نقاشي ۽ مصوري واري شعبي ۾ ڪيترن ئي نالي وارن ايراني مصورن جون ناياب ۽ خوبصورت مصور ڪيل تصويرون رکيل هيون جيڪي آرٽسٽن جي آرٽ جو ڪمال هيون، هت اُستاد ڪمال الملڪ جون ٻه نهايت شاندار ۽ اصلوڪيون پينٽنگس به رکيل نظر آيون، انهن کانسواءِ هڪ ٻي تصوير جنهن منهنجو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪرايو، اها هڪ مصور ‘دهقان زادة’ جي ٺاهيل حضرت نوح نبي عه جي ٻيڙي جي تصوير هئي، آئون ڪافي دير تائين بيٺو اها تصوير ڏسندو رهيس، تصوير جي وچ ۾ هڪ وڏي ٻه طبق ٻيڙي بيهاريل ڏيکاريل هئي، جنهن جي مٿان چئني ڏسائن کان پکين جا جوڙا اُڏامندا لهندا نظر اچن ٿا ۽ هيٺ ٻيڙي جي چئني پاسن مختلف جانور ٻيڙي تي چڙهڻ جي لاءِ ٻيڙي ڏانهن وڌندا نظر اچن ٿا ۽ ٻيڙي جي اڳيان حضرت نوح نبي عليه السلام هٿ ۾ لٺ کڻيو وڏي غور سان ٻيڙيءَ کي ڏسندي نظر اچي ٿو.
    مصور ‘دهقان زادة’ ان تصوير ۾ طوفان نوح شروع ٿيڻ کان اڳ وارين گهڙين جي عڪاسي ڪئي آهي، جڏهن الله پاڪ طرفان حضرت نوح عليه السلام کي حڪم فرمايو ويو هو ته ڌرتيءَ تي جيڪي به جانور ۽ پکي آهن، تن جي هڪ هڪ جوڙي ٻيڙي ۾ پاڻ سان گڏ کڻي.
    پراڻن سڪن واري حصي ۾ پراچين دور کان وٺي جن ۾ هخا منشي، يوناني ۽ ساساني دورن سان گڏ عرب دور ۽ ان کانپوءِ جي دورن ويندي پهلوي دور جا سڪا ۽ ڪرنسي نوٽ سجائي رکيا ويا آهن، تنهن کان سواءِ لڳ ڀڳ سڀني اسلامي ملڪن جا مختلف ڪرنسي نوٽ به سجائي رکيا ويا آهن. انهن ۾ پياري پاڪستان جي ڪرنسي هڪ سئو وارو ڳاڙهو نوٽ، جنهن تي حضرت قائداعظم جي تصوير ڇپيل هئي، نظر آيو.
    عجائب گهر جي تمغن ۽ ميڊلن واري ڀاڱي ۾ ڪيترن ئي مشهور ايراني رانديگرن جا اولمپڪ ۽ ٻين راندين ۾ کٽيل تمغا رکيل نظر آيا، جيڪي انهن رانديگرن ميوزم ۾ رکڻ جي لاءِ ڏنا هئا، جيڪي سندن نالن، تصويرن ۽ مختصر احوال سميت رکيا ويا هئا.
    حرم جي احاطي ۾ ئي گذر گاهه مغربي صحن جامع رضوي جي پاسي ۾ هڪ ٻيو ‘عجائب گهر مردم شناسي’ به آهي، جيڪو آئون ڏسي نه سگهيس.
    *
    امام رضا عليه السلام جي روضي جي ‘زيارت’ لاءِ ايندڙ زيارتين جي هڪ وڏي خواهش اها به هوندي آهي ته هو ‘امام رضا’ جي دستر خوان جي تبرڪ مان مستفيض ٿين، جنهن جا دعوتي ٽوڪن حاصل ڪرڻ جي لاءِ اُتي خاص شعبو قائم ٿيل آهي ۽ اها ماني، جنهن کي زائرين ‘مولا رضا جي مزماني’ چئي رهيا هئا، ان لاءِ دعوتي ٽوڪن فقط پر ڏيهي زائرين کي ڏناوڃن ٿا، ايراني شهرين کي اهي نه ڏنا ويندا آهن ۽ اهي ٽوڪن پاسپورٽ ڏيکاري حاصل ڪري سگهجن ٿا، عام ڏينهن ۾ اها ماني منجهند جو ۽ رمضان شريف ۾ رات جو يعني روزي کولڻ مهل کارائي ويندي آهي ۽ روزانو اٽڪل ٻن سون کان هڪ هزار تائين دعوتي ٽوڪ غير ايراني زائرين کي ڏنا وڃن ٿا.
    مشهد پهچي اسان وسيم کي چيو ته ڪوشش ڪر ته اهي ٽوڪن ملن، جيئن اُن متبرڪ نعمت مان مستفيض ٿي سگهون. هن ها ڪئي ۽ اسان کان پاسپورٽ ته ورتا، پر سندس انداز مان لڳو ته اهو ڪم کانئس نه پُڄندو. آفتاب شاهه ۽ صفدر شاهه به مٿس زور ڀريو، پر ٻي ڏينهن هن ٻڌايو ٽوڪن ته ملن ٿا پر پندرهن ڏينهن پوءِ جا، اڳ ۾ ملڻ جو ڪوبه امڪان ڪونهي، جنهن ڪري ڪافي مايوسي ٿي، پر آپا مهرالنساءِ مايوس ٿيڻ بدران ڪوشش جاري رکي ۽ نيٺ سندس ڪوشش رنگ لاٿو ۽ سڄي قافلي کي ٽوڪن ملي ويا.
    حضرت امام رضا جو مهمان خانو ‘رضوي اسلامي علوم يونيورسٽي’ جي ڀر ۾ آهي، اهو خميس جو ڏينهن ۽ مشهد ۾ اسانجو آخري ڏينهن هو. ٻي ڏينهن اسانجي واپس پاڪستان روانگي هئي، صبح جو آئون آفتاب شاهه ۽ صفدر شاهه ‘شانديز’ گهمڻ وياسين، ان سان گڏ ويجهي هڪ ٻي علائقي ‘اتو براهه’ به وياسين، شانديز مشهد کان اولهه طرف ٽيهن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي هڪ خوبصورت تفريحي هنڌ آهي. سياري ۾ اُتي گهڻي برف پڻ وسندي آهي، شانديز ۾ سٺو هنري ڪم پڻ ٿئي ٿو. اسين شانديز جو چڪر هڻي جلدي واپس ورياسين، امين اسان سان شانديز هلي نه سگهيو، هو آپا مهرالنساءِ سان گڏجي ‘طوس’ ويو هو. آپا مهرالنساءِ کي جڏهن اسان فردوسيءَ جي مقبري تي وڃڻ جو ٻڌايو ته کيس اهو ڏسڻ جو ڪافي شوق ٿيو ۽ اڄ هوءَ امين کي ساڻ ڪري طوس ويئي.

    شانديز مان موٽي جلد جلدي تيار ٿي ويٺاسين، ٿوري دير کانپوءِ وسيم اسان سڀني کي هيٺ اچڻ لاءِ چيو، جيئن سڀ گڏجي هلئون، ٿوري ئي دير ۾ سڀ هيٺ گڏ ٿي مولا رضا جي مزماني کائڻ جي لاءِ روانا ٿياسين، مهمان خاني جي گيٽ تي ٽوڪن ڏسي سڀني کي اندر ڇڏيو ويو، اندر هڪ هال ۾ پهتاسين، جتي ڪيتريون ئي ميزون ۽ ڪرسيون لڳل هيون ۽ اسين وڃي انهن ڪرسين تي ويٺاسين. مون، امين سان اهو طئي ڪيو ته ٻئي هڪ ٽوڪن تي ماني کائينداسين ۽ باقي ٻي ٽوڪن تي ماني پئڪ ڪرائي کڻي اينداسين، جنهن جي اُت سهوليت هئي، پر امين اندر گهڙڻ کانپوءِ مون سان گڏ ويهڻ بدران وڃي آپا مهرالنساءِ وارن سان ويٺو ۽ آئون کيس ڏسندو ئي رهجي ويس.
    سڀ کان پهرين سوپ آندو ويو، پوءِ ماني آندي ويئي. ماني ۾ نان، دال، ڌنئرو، چانور، سلاد هو، ان سان گڏ کجور به پيش ڪئي ويئي، پر مون ڏٺو ته ڪيترائي زائرين، ٻانگ ملڻ ۽ روزي کلڻ جي انتظار کانسواءِ ئي ماني کائڻ لڳا، پر اتي جي خادمن مان ڪنهن به کين روضي جي احترام يا ٻانگ اچڻ تائين صبر ڪرڻ جو نه چيو. مانيءَ کانپوءِ قهوو ڏنو ويو، سچي پڇوته ماني سادي پر بيحد لذيذ هئي، مون سان گڏ ميز تي چاچو مبارڪ شيدي ۽ سندس زال ويٺا ۽ خالي پيل هڪ ڪرسي تي هڪ پٺاڻ اچي ويٺو، اسان ماني کائي بس ڪئي ته ڏٺم هڪ همراهه سڀني کان دعوتي ٽوڪن وٺندو ويو، مون اڃان کيسي مان ٽوڪن ڪڍيو، تيسين آپا مهرالنساءِ مونکي پاڻ ڏانهن سڏيو، آئون سندس ڳالهه ٻڌڻ جي لاءِ ڪرسيءَ تان اُٿيس ۽ سندس ڳالهه ٻڌي واپس وريس، تيسين ٽوڪن وٺڻ وارو اڳتي نڪري ويو، مون ان کي غنيمت ڄاتو ۽ اُٿي ٽوڪن ڏيئي ماني پارسل ڪرائي کڻي آيس، جيڪا پوءِ رات جو دير سان مون امين گڏجي کاڌي ۽ ماني کائيندي امين کي ٽوڪون به هڻندو ويس ته، ‘تو سڄي سفر ۾ مونکي بُک مارڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر مولا جي مهر سان مونکي ماني ئي ماني پيئي ملي.’
    ماني کائي ٻاهر نڪتاسين ته ٻاهر ڪيترائي ايراني بيٺا هئا، هو اندران نڪرندڙ کي اشارن سان چئي رهيا هئا ته مولا جي مانيءَ مان ڪو ٽڪر ڀور کين به ڏيندا وڃو. امام رضا جي اها ماني ايران ۾ وڏي متبرڪ ليکي ويندي آهي، ايراني وڏي ڪوشش ڪندا آهن ته کين ان جو ڪو ٽڪر ڀور ملي پوي، ڪنهن مونکي ٻڌايو ته هو اُن مانيءَ لاءِ زائرين کي پئسا ڏيڻ جي لاءِ به تيار هوندا آهن، ان مهل ته مون ٻاهر بيٺل ماڻهن جي اشارن ۽ منٿن جو مطلب نه سمجهيو، پر پوءِ جڏهن ڪافي اڳڀرا ٿياسين ۽ ڪنهن مٿين ڳالهه ٻڌائي ته مونکي افسوس ٿيڻ لڳو ته ‘ڪاش اُن مهل مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ها ۽ آئون پارسل ڪرايل ماني پاڻ سان گڏ هوٽل کڻي اچڻ بدران انهن ۾ ورهائي ڇڏيان ها.’
    *
    ايران ۾ سر علامه محمد اقبال کي وڏي اهميت حاصل آهي، اسين جڏهن مشهد ۾ ‘اعتراف’ جون زيارتون ڪرڻ جي لاءِ امام زادن ‘ياسرو ناصر’ جي مزار ڏانهن پي وياسين ته ‘وڪيل آباد’ وٽ منهنجي هڪ روڊ تي نظر پيئي جنهن جي نالي واري تختيءَ تي لکيل هو ‘خيابان اقبال لاهوري’ ۽ اڄ وري جڏهن شانديز کان موٽياسين پي تي وڪيل آباد وٽ ئي ملت پارڪ وٽ هڪ سنگ مرمر جو مجسمو کتل نظر آيو، جيڪو ‘علامه اقبال’ جو هو.
    ايران ۾ سنگتراشي ۽ مجسمي سازيءَ تي شايد پابندي ڪونهي اسانکي ڪيترن ئي هنڌن تي روڊن، پارڪن ۽ دانشگاهن جي اڳيان ننڍا ننڍا سنگر مرمر جا مجمسا / اسٽيچو کُتل نظر آيا. اهي اسٽيچو انهن شخصيتن جي مڃتا ۾ يادگار طور لڳايا ويا هئا، جنهن تي اسانکي ڪافي حيرت به پي ٿي، پاڪستان ۾ ائين مجسما کتل هجن ها ته ڪفر جي فتوائن جاري ٿيڻ کي ڪير به روڪي نه سگهي ها.
    قم ۽ مشهد جي بوڪ شاپس تي مونکي علام اقبال تي فارسيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب پڻ رکيل نظر آيا، جيڪي ايراني عالمن جا لکيل هئا. ڪجهه وري علامه اقبال جي ڪتابن جا فارسي ترجما پڻ هئا، جن ۾ ‘جاويد نامه’ ڪافي هنڌن تي نظر آيو.
    ايراني علامه اقبال کان پهريون ڀيرو 1938ع ۾ علامه ‘محيط طبا طبائي’ جي ڇپيل هڪ مضمون کانپوءِ واقف ٿيا.
    ننڍي کنڊ جي ڪيترن ئي شاعرن فارسيءَ ۾ شاعري ڪئي، ڪي ته فارسيءَ جا صاحب ديوان شاعر به آهن، پر ايران ۾ ننڍي کنڊ جي ٻين فارسي شاعرن کي اها اهميت ڪونهي، جيتري اقبال کي آهي. ايتريقدر جو مرزا غالب کي به نه، جنهن جي فارسي شاعري لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان جي اڳيان سندس اردو شاعر جي ڪابه حيثيت ڪونهي، ‘پرتو رو هليه’ جنهن مرزا غالب تي ڪافي تحقيقي ڪم ڪيو آهي، تنهن هڪ هنڌ لکيو آهي ته ‘غالب جي فارسي شاعر اهو اونداهو کنڊ آهي جنهن تائين اڄ سوڌي ڪوبه کوجنا ڪندڙ نه پهتو آهي.’
    علامه اقبال جي شاعري پڙهجي ٿي ته ان ۾ ڪيترائي رنگ نظر اچن ٿا، وقت گذرڻ سان گڏ جيئن جيئن علامه اقبال جي ذهني ارتقا ٿيندي ويئي، تيئن هن جي شاعريءَ ۾ ان جو اثر چٽو نظر ايندو ويو، ڪن هنڌن تي ته اقبال جي خيالن ۾ تضاد نظر اچڻ سان گڏ، هو فاشزم جي سرواڻن جي ساراهه ڪندو نظر اچي ٿو. هن ڪارل مارڪس کي ‘نيست پيغمبر و ليکن در بغل ڪتاب دارد’ قرار ڏنو آهي ۽ لينن جي ساراهه ۾ شعر چيو آهي، اتي هن مسوليني جي ساراهه ۾ به ‘شعر ندرت فڪر و عمل کيا سي هي ذوق انقلاب’ لکيو آهي.
    وقت گذرڻ سان گڏ اقبال ۾ جيڪا ذهني ارتقا ٿي، تنهن سبب هن پاڻ ئي پنهنجن ڪيترن ئي خيالن کي رد ڪري ڇڏيو، جيئن هن پنهنجي ڪتاب ‘فلسفئه عجم’ ۾ حسن بن منصور الحلاج تي تنقيد ڪئي هئي، پر پوءِ جڏهن پاڻ حلاج جو ڪتاب ‘الطواسين’ پڙهيائين ته حلاج جي باري ۾ سندس راءِ بدلجي ويئي ۽ مٿس حلاج جو ايترو ته گهرو اثر ٿيو جو مورخن جو چوڻ آهي ته جاويد نامه ۾ ته سراسر حلاج جي طرز فڪر ۽ حلاج جي خيالن جو پرتوو ٿو محسوس ٿئي، ۽ هو سندس پيروي ڪندو ٿو نظر اچي. پاڻ وٽ علامه اقبال کي پاڪستان جو تصور ڏيندڙ چيو وڃي ٿو ۽ شاعر حريت چيو وڃي ٿو، اتي به ڪافي تضاد آهن، هاڻ اها ڳالهه ڪيترن ئي مورخن لکي آهي ته اقبال خود ان ڳالهه جي ترديد ڪئي هئي ته ڪو هن پاڪستان جو تصور ڏنو هو. نه رڳو اهو پر اقبال انگريز شهنشاهه جي شان ۾ قصيدو به لکيو ۽ تاريخ ۾ اهو به اچي ٿو ته ‘جليا نواله باغ’ ۾ هندستانين جو قتل عام ڪرائيندڙ ‘جنرل ڊائر’ جي شان ۾ ٿيل جلسي ۾ انگريز حڪومت جي اقبال هونئن ڪنهن به ان ڳالهه تي غور نه ڪيو آهي ته برٽش سرڪار ‘سر’ جو خطاب انهن کي عطا ڪندي هئي، جيڪي برٽش سرڪاري جي خدمت ۾ وسان نه گهٽائيندا هئا.
    علامه اقبال جي ان ذهني ۽ فڪري ارتقا ۽ تضاد بابت اهوئي چئي سگهجي ٿو ته هر وڏي شاعر وٽ اهڙا جهول موجود آهن.
    ايران ۾ علامه اقبال تي ڪيترو ئي تحقيقي ڪم ٿيو آهي، مارچ 1986ع ۾ تهران، ۾ علامه اقبال تي هڪ عالمي ڪانگريس به ڪوٺائي ويئي هئي، جنهن کي ايران جي روحاني رهبر سيد علي خامنه اي اي پڻ خطاب ڪيو، جيڪو ان وقت ايران جو صدر هو. خود ايراني انقلاب جي فڪري رهبر علي شريعتي پاران سر اقبال تي ڏنل ليڪچرن جي سيريز ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهي.

    مشهد پهچي مون سوچيو هو ته “امام رضا” جي مقبري ۾ سندس مرقد سان لڳ، عباسي خليفي هارون رشيد جي قبر به ڏسندس، جنهن لاءِ ڪتابن ۾ پڙهيو هوم ته اڪثر زائرين قبر کي نفرت وچان ٿڏو هڻي، پوءِ ‘امام رضا’ جي مرقد ڏانهن وڌندا آهن. ابن بطوطه به لکيو آهي ته، “ان (امام جي) مزار سان لڳ هارون رشيد جي قبر آهي، جڏهن به ڪو زيارت جي لاءِ اندر گهڙندو آهي ته الرشيد جي قبر کي ٿڏو هڻندو آهي ۽ الرضي کي سلام ڪندو آهي.”
    مون پنهنجي حساب سان ڪوشش ڪئي، پر مونکي نظر نه آئي، ٿي سگهي ٿو ته امام رضا جي مرقد جي پيراندي وٽان هجي، جيڪو حصو ‘خواهران’ (عورتن) لاءِ محفوظ ڪيل آهي، يا وري امام صاحب جي اصل قبر وٽ هجي، جيڪا، هيٺ هئي، اتي عام خاص کي وڃڻ جي موڪل نه هئي. ٻيو ته وري ڪنهن کان پڇا به نه ڪيم، جو اهو خيال ذهن ۾ هئم ته متان جنهن کان پڇان اهو ناراض نه ٿي پوي ۽ چوي، “عجيب قسم جو ماڻهو آهين، پيو امام صاحب جي دشمن جي قبر پُڇائينءَ.”


    • اوهين ڪهڙي قسم جا مسلمان آهيو؟

    مشهد ۽ ان جي ڀرپاسي، امام رضا جي زيارت کانسواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي زيارتون ۽ ڏسڻ جهڙا تاريخي هنڌ آهن، انهن مان زائرين گهڻو ڪري امام زادن ياسر ۽ ناصر جي مزار، خواجه مراد جي مزار، جيڪا مشهد کان پندرهن ڪلو ميٽر پري نيشاپور روڊ تي آهي، خواجه با اصلت جي مزار جيڪا پڻ مشهد کان ٻارهن ڪلو ميٽر ٻاهر نيشا پور روڊ تي آهي ۽ خواجه ربيع جي مزار، جيڪا مشهد ۾ ئي ‘ميدان امام حسين’ وٽ، خواجه ربيع روڊ تي آهي. اڪثر زيارتي ان جون زيارتون ڪرڻ ويندا آهن. اسين پڻ هڪ ڏينهن قافلي جي صورت ۾ انهن جي زيارتن تي نڪتاسين انهن زيارتن کي عام طور تي ‘اعتراف’ جون زيارتون چيو وڃي ٿو.
    مشهد ۽ ان جي آسپاس ٻيون جيڪي زيارتون ۽ تاريخي هنڌ آهن ۽ زيارتين ۾ سيلانين کي پاڻ ڏانهن ڇڪينديون رهن ٿيون ‘انهن مان طوس ۾ فرودسي، هارونيه ۽ باغ الشعراء ۽ نيشاپور ۽ عمر خيام، شيخ فريدالدين عطار ۽ استاد ڪمال الملڪ ۽ امام زادي محروق جي مقبرن ۽ مزارن جو ذڪر ته پاڻ پوين صفحن ۾ ڪري آيا آهيون. نيشاپور مشهد روڊ تي هڪ زيارت قدم گاهه پڻ آهي، جيڪا مشهد کان 94 ڪلو ميٽر پري آهي ۽ اڪثر قافلن وارا ان جي زيارت پڻ ڪرڻ ويندا آهن.’
    مشهد ۾ پوين صفحن ۾ ذڪر ڪيل هنڌن کانسواءِ ٻيون جيڪي ڏسڻ جهڙيون جايون ۽ هنڌ آهن، انهن ۾ طبرسي روڊ تي گنبذ خشتي، آخوند خراساني روڊ تي سبز گنبذ، مصلي روڊ تي مصلائي مشهد، ڪوهه سنگي واري علائقي ۾ ڪوهه سنگي تفريحي سينٽر، ملت پارڪ ۽ وڪيل آباد واري علائقي ۾ باغ حيوانات (Zoo) ڏسڻ وٽان آهن، مشهد کان 165 ڪلو ميٽر پري ‘شهر ڪالات’ آهي، جتي خورشيد محل ۽ ٻيون تاريخي جڳهيون آهن، مشهد سرخس روڊ تي 53 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي امام زادي يحيٰ بن زيد (ميامي) جي مزار ۽ ساڳئي روڊ تي188 ڪلو ميٽر پري ‘زرباط شرف’ جي نالي سان هڪ ڪاروان سراءِ آهي، تنهن کانسواءِ مشهد قوچان روڊ تي 65 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ‘اخلمند ڦوهارو’ آهي، تنهن کانسواءِ مشهد جي ويجهو طرقبه ۽ شانديز جا علائقا به ڏسڻ وٽان آهن.
    مشهد ۾ اسين ڪل پنج ڏينهن رهياسين ۽ ڇهين ڏينهن واپس پاڪستان جي لاءِ روانا ٿياسين، انهن ڏينهن ۾ اڪثر هيئن ٿيندو هو جيئن پويان ذڪر ڪري آيو آهيان ته آئون هوٽل ۾ ويهي سمهڻ يا هِتان هُتان جي ڪرڻ جي بدران اڪيلي سرئي نڪري ويندو هوس ۽ پيو وڙ ڪندو هوس، ڪڏهن ڪڏهن امين به ساٿ ڏيندو هو، سانجهي نماز کان ٿورو اڳ اڪثر ڪري آئون، فهد عباسي يا هڪ اڌ ٻيو دوست وضو ڪري ‘حرم’ هليا ويندا هئاسين، جتي نماز به پڙهندا هئاسين ته اندر وڃي امام صاحب جي روضي جي زيارت به ڪندا هئاسين. نماز مان وانڌا ٿيندا هئاسين ته ‘آستان قدس’ جا خدمتگار روزي کولڻ جي لاءِ سڀني جي اڳيان هڪ هڪ پئڪٽ رکي ويندا هئا. نه رش، نه وٺ پڪڙ، هر ڪو آرام سان پئڪٽ کڻي اتي بيهي يا ويهي کائي، ڊسپوزل گلاس کڻي ٿڌو پاڻي پي هليو ويندو هو، آئون به اڪثر اهو کائي ڪنهن نه ڪنهن پاسي پنڌئي پنڌ نڪري ويندو هوس ۽ ڊگهو واڪ ڪري واپسي ۾ هڪ عدد آئسڪريم، جنهن کي ايران ۾ ‘بستني’ چون، وٺي کائي، يا ته هوٽل يا وري امان شاد سان بخاريءَ ڪچهري ڪرڻ جي لاءِ سندس رهائش واري هوٽل هليو ويندو هوس.
    هڪ ڏينهن آئون ۽ امين ڊگهو چڪر هڻي، بستني کائي، جيئن ئي بازار ۾ گهڙياسين ته امين چيو، “يار مونکي امڙ لاءِ هڪ ڪپڙن جو جوڙو وٺڻون آهي.” ايئن اسين هڪ ڪپڙي جي دوڪان تي چڙهي وياسين، اُن مهل دوڪان تي دڪاندار ڇوڪري کانسواءِ ٻيو ڪو به گراهڪ نه هو، اسان ڪپڙو ڏسندي، هڪ ڪپڙو پسند ڪيو، جنهن تي 6500 تو مان في ميٽر جي چٽڪي لڳل هئي، بارگيننگ ڪندي ڪندي نيٺ اسان آخري اگهه 3000 تومان چيس ته دوڪاندار ڇوڪرو صفا بر ٿي ويو ۽ اسان تي ڪاوڙجي پيو ۽ چيائين “مسلمان آهيون؟”
    اسان به ڪنڌ ڌوڻي وڏي مخرج مان وراڻيو، “الحمدالله!”
    اهو ٻُڌي همراهه صفا جذباتي ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو، ‘اوهين ڪهڙي قدم جا مسلمان آهيو، جو ايڏي ريڙهه پيڙهه ٿا ڪريو.’
    اهو چئي هو تاڪيا ويڙهڻ لڳو، ته مون به منهن ۾ گُهنڊ وجهي وراڻيو مانس “ڙي ڇورا! اُن ۾ مسلماني ۽ غير مسلمانيءَ جي وري ڪهڙي ڳالهه آهي ۽ تون وري ڪو اسان کان سٺو مسلمان آهين ڇا؟ حرم جي سامهون ويهي اسان مسلمين ۽ پاڪستاني ڀائرن کي ٻنهي هٿن سان ڦرڻ ٿو چاهين ۽ مٿان وري جذباتي به پيو ٿيئن.... هل هل هجين ها پاڪستان ۾ ته ان طعني تي اهڙي ته ترائي وٺاني ها ۽ تنهنجي خلاف جلوس ڪڍرايان ها ته آئون به پاڪستاني مسلمان نه هجان ها، پر هت مجبور آهيان..”
    ڇوري کي چڙندو ڏسي، آئون به شروع ٿي ويس، هڪ پاسي هو فارسيءَ ۾ ته ٻي پاسي آئون سنڌي ۾. زبان فارسي من فارسي نمي دانم.
    اسان ٻاهر پي نڪتاسين، جو هڪ اڌڙوٽ همراهه دوڪان ۾ اندر گهڙيو ۽ ڇوري کان ڪجهه پُڇيائين ته ڇورو تڪڙو تڪڙو کيس الائجي ڪُڄا ٻڌائڻ لڳو. اهو ٻڌي همراهه اسان ڏانهن مڙيو ۽ اسانکي سڏ ڪيائين ۽ ٿورو اڳتي وڌي آيو، پهرين سمجهيوسين ته واهه جو ڦاٿاسين. اسين موٽياسين ته هن اسانکي اشارن سان چيو، “ٺيڪ آهي ڪڍو پئسا.”
    ايئن اسين پئسا ڏيئي ڪپڙو کڻي ٻاهر نڪتاسين.
    پوءِ ته مون امين کي هر هر اهو چئي پي چيڙايو “ڇورا تون ڪهڙي قسم جو مسلمان آهين.؟”
    اهڙو هڪ ٻيو واقعو به ٿيو، امين کي سگريٽ تي کَتا، سو هڪ ڪئبن ٽائپ دوڪان تي وياسين ۽ سگريٽن جو پڇيوسين.
    “يڪ تو مان يڪ سگار...” (هڪ تو مان في سگريٽ)، دوڪاندار چيو پوءِ هڪدم پڇيائين، “خارجي؟”
    “بلي !” (هائو) وراڻيوسين.
    “انڊين... عراقي...؟” وري پڇيائين.
    “پاڪستاني...” امين وراڻيو.
    اهو ٻڌي هڪدم چيائين: “ٻه سئو تومان في سگريٽ”.
    “پهرين ته تو هڪ سئو تو مان چيو” امين چيس.
    پر همراهه ايئن ٻُڌو اڻ ڪري ڇڏيو، ڄڻ چوندو هجي وٺڻا اٿوَ ته وٺو نه ته رمندا ٿيو.
    مون امين کي ٺونٺ هڻندي چيو، “هل ته هلي ٻيو ڪو دوڪان ڏسون، همراهه خارجي (ٻاهريون) سمجهي ڦرڻ جي موڊ ۾ آهي.”
    اهڙي قسم جو هڪ واقعو امان شاد بخاري به ٻڌايو ته اڪثر واپاري زائرين کي ٻاهريون هئڻ سبب ٻنهي هٿن سان ڦرين ٿا،
    مون چيس، “رڳو، ايران ۾ ايئن ڪونهي، جت ڪٿ اها صورتحال رهي ٿي. پاڻ وٽ پاڪستان ۾ به دوڪاندار پرڏيهن سان گهٽ ته نه ٿا ڪن؟”
    مشهد جو شهر واپاري مرڪز پڻ آهي ۽ ان جون بازارون هر قسم جي سامان سان سَٿيون پيون آهن، اڪثر سامان چين، ڪوريا، انڊيا ۽ تائيوان جو آهي. امام رضا جي روضي هئڻ سبب ايران کانسواءِ ڪيترائي ٻاهريان ماڻهو پڻ زيارت واسطي اچن ٿا، هڪ اندازي موجب هر سال لکين ماڻهو زيارت لاءِ اچن ٿا.
    هونئن ته مشهد ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون بازارون آهن، انهن مان هڪ ‘رضا بازار’ به آهي، جيڪا حرم جي گذر گاهه ‘باب الرضا’ جي سامهون ميدان ‘بيت المقدس’ جي کاٻي طرف آهي، اها نهايت قديمي بازار آهي ۽ ان جي طرز تعمير به ۽ سڄي بازار ڍڪيل آهي، جيئن پاڻ وٽ شڪارپور ۾ “ڍڪ بازار” آهي. “ڍڪ بازار” ڪافي سوڙهي آهي، پر ‘رضا بازار’ ويڪري ۽ سهڻي آهي ۽ ڇت تي قبا ٺهيل اٿس، ٻنهي پاسي دوڪانن جون قطارون آهن، جن ۾ هر وڙ رکيل ملي ٿو، پر مونکي ٿورو مَهنگي لڳي.
    هڪ ڏينهن سانجهي نماز کانپوءِ اسين ڇهه ست ڄڻا ڊنبلو ڪري بازار روانا ٿياسين ۽ هروڀرو به اگهه پُڇائيندا ۽ دڪان وارن سان نه وٺڻ واري بارگيننگ ڪندا رهياسين، اسانجي يار فهد عباسيءَ ته واٽ مني ڪيا ماڙي گو ٽائپ فارسي ڳالهائي ڳالهائي دڪاندارن جا دماغ ئي خراب ڪري ڇڏيا، پر نه هنن ٿي ڪجهه سمجهيو ۽ نه وري فهد جي ٿي ڪجهه پلئه پيو .


    • ايرانين کي سمجهڻ لاءِ ....؟

    (جنهن شئي فارس جي ماڻهن کي گذريل اڍائي هزار سالن کان پنهنجي رنگ تي قائم رکيو آهي، اها آهي شاعري. اسان دنيا کي ڇا ڏنو آهي؟ شاعري ! جنهن ذريعي اسين پنهنجي اصل وجود جو اظهار ڪريون ٿا.) (شهنشاهه: ريشارڊ ڪاپوشنسڪي.)

    (ايرانين کي سمجهڻ لاءِ انهن جي شاعري کي سمجهڻ ضروري آهي، هو خيالي محبوبا جي ياد ۾ شعر پڙهندا ۽ موقعو ملندي ئي پنهنجي زال کي به ڪٽڪو به ڏيئي ڇڏيندا آهن، (مختيار مسعود: لوح ايام)

    فارسي ادب جي تاريخ پڙهڻ سان خبر پئي ٿي ته دنيا جي اڪثر زبانن جيان فارسيءَ ۾ به پهرين شاعري ڪئي ويئي، پوءِ نثر لکيو ويو.
    ۽ دنيا جي اڪثر زبانن جيان فارسيءَ ۾ به اهو موضوع سدائين بحث هيٺ رهيو آهي ته پهريون فارسي شاعر ڪير هو؟ باقي جيستائين فارسيءَ ۾ شاعراڻيون روايتون ملن ٿيون ته ان سلسلي ۾ ساساني بادشاهه بهرام پنجين، حڪيم ابو حفص سعدي، عباس مروزي، حنطله باد غيسي، ۽ محمد بن وصيف جا نالا ملن ٿا. فارسيءَ جا قديم ترين شعر اهي آهن جيڪي عربي شاعر يزيدبن مخرج، سيستان جي حاڪم عباد بن زياد جي ‘هجو ‘۾ لکيا. اهي 65- 64 هه جي وچ ۾ لکيا ويا هئا... تنهن کانسواءِ فارسيءَ جي ڪجهه اهڙن شعرن جو حوالو پڻ ملي ٿو، جيڪي 108هه ۾ خراسان جي عام ماڻهن جي زبانن تي هئا، پر اهي شعر ڪنهن چيا يا شاعر ڪير هو يا هئا، انهي بابت ڪابه خبر ڪونهي. هڪ ٻي شاعر ‘بهرام گور’ جا به شعر ملن ٿا، پر هڪ ايراني عالم ڊاڪٽر زبيع الله صفا جي چوڻ موجب اهي فارسيءَ بدران پهلوي زبان ۾ هوندا ۽ تذڪري نويسن انهن ۾ ڳنڍ ٽوپ ڪري اهي فارسي شعر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تنهنڪري بهرام گور فارسي زبان جو شاعر ٿي نٿو سگهي، هڪ ٻي محقق لکيو آهي ته جڏهن خليفو هارون رشيد پهريون ڀيرو ‘مرو’ ۾ آيو ته ابو العباس مروزي سندس شان ۾ هڪ فارسي قصيدو لکيو ۽ انعام حاصل ڪيو. پر محققن کيس به فارسي زبان جو پهريون شاعر قرار ڏيڻ کان انڪار ڪيو، ان لاءِ هنن وٽ پنهنجا پنهنجا دليل آهن.
    هڪ محقق جلال الدين هماني لکيو آهي ته ‘فارسي زبان جو سڀ کان پهريون شاعر محمد بن وصيف سيستاني آهي، جنهن يعقوب بن ليث جفاري جي شان ۾ 251هه ۾ هڪ فارسي قصيدو لکيو. هڪ ٻي محقق حنظله باد غيسي جو نالو فارسي جي قديم ترين شاعرن ۾ ورتو آهي، پر وري هڪ ٻي محقق جو چوڻ اهو آهي ته حنظله جو زمانو، محمد بن وصيف کان اڳ جو آهي ۽ هن حنظله سان منسوب شعرن جي صحت تي پڻ شڪ جو اظهار ڪيو آهي، بهر حال فارسيءَ جي شروعاتي شاعرن ۾ محمد بن وصيف ۽ حنظله جو نالو وٺي سگهجي ٿو.
    جيتوڻيڪ ٽين صدي هجريءَ جي پهرينءَ اڌ کي فارسي شاعريءَ جو شروعاتي دور چئي سگهجي ٿو، پر فارسي شاعريءَ جو پهريون دور طاهر ۽ صفاري دورن کي چئي سگهي ٿو، باقي فارسي شاعريءَ کي جيڪا ساماني دور ۾ اهميت ملي ۽ ساماني درٻار ۾ فارسي شاعرن ۽ شاعريءَ کي جيڪا اهميت حاصل هئي، ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته فارسي شاعريءَ جي اقتدار سان گڏ فارسي شاعري جو به سج اُڀريو.
    ايران ۽ فارسي شاعريءَ جو تذڪرو، ڪجهه اهم فارسي شاعرن جي ذڪر کانسواءِ اڻ پورو ۽ ٻُسو ٻُسو لڳندو، تنهنڪري هيٺ پاڻ ڪجهه اهڙن فارسي شاعرن جو مختصر ذڪر ڪريون ٿا، جيڪي اڪثر پاڻ وٽ حوالي طور استعمال به ڪيا وڃن ٿا.


    رودڪي

    رودڪي، ٽين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري ‘سمر قند’ جي هڪ علائقي “پنج رودڪ” ۾ پيدا ٿيو، سندس اصل نالو ‘استاد ابو عبدالله جعفربن محمد’ هو، پر پنهنجي علائقي “رودڪ” جي نسبت سان “رودڪي “ تخلص اختيار ڪيائين. اڪثر شاعرن ۽ تذڪري نويسن لکيو آهي ته رودڪي به يونان جي مشهور شاعر ‘هو مر’ وانگر انڌو هو، ان سلسلي ۾ ڪن جو خيال آهي ته رودڪي ڄائي ڄم انڌو هو، پر ٻين ان ڳالهه سان اتفاق نه ڪيو آهي، هنن جو چوڻ ته رودڪي پنهنجي ڪلام ۾ اهڙيون تشبيهون استعمال ڪيون آهن، جيڪي ڪو ڄائي ڄم انڌو استعمال نٿو ڪري سگهي، مثال طور : هڪ نظم ۾ رودڪي لکيو آهي ته هن ‘هد هد’ پکي ڏٺو ۽ ان جو رنگ ھھڙو هو، پر هڪ مشهور مورخ ‘استاد بديع الزمان فروز انفر’ ان دليل سان اتفاق نه ڪيو. هن عربيءَ جي هڪ ڄائي ڄم کان انڌي شاعر “بشار بن يرد” جي ديوان مان ڪيترائي اهڙا مثال ڏنا آهن، جن جو واسطو نظر / ڏسڻ سان آهي، هن جي خيال ۾ ڄائي ڄم کان انڌو شاعر پنهنجي تخيل جي زور ۽ طرز بيان جي عام طريقن کي استعمال ڪري اهڙيون ڳالهيون چئي سگهي ٿو. ‘هو مر’ جي باري ۾ به اها ڳالهه چئي وڃي ٿي ته هن پنهنجي مشهور نظمن ‘ايليڊ’ ۽ ‘اوڊيسي’ ۾ اهڙا ته نظارا پيش ڪيا آهن. جن مان اهو شڪ ٿو پيدا ٿئي ته هو ڪو ڄائي ڄم کان انڌو هو، ڪن محققن جو رايو آهي ته هو مر پهرين “سَڄو” هو ۽ پوءِ ڪنهن بيماريءَ سبب نظر وڃائي ويٺو هو.
    رود ڪي لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن اٺن سالن جي عمر ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪري ورتو هو، سندس آواز به سُٺو هو، موسيقي ۾ مهارت سان گڏ شعر به واهه جا چوندو هو، انهن گُڻن جي آڌار تي کيس امير نصر بن احمد ساماني سان ويجهڙائپ ٿي ۽ سندس مزاج ۾ رودڪي جو ايترو ته دخل هو، جو هو سندس هيٺيون قصيدو ٻُڌي هرات ۾ پنهنجو ڊگهو قيام ختم ڪري بخارا اچڻ تي مجبور ٿيو. روايتون آهن ته ان قصيدي امير جي دل تي اهڙو ته اثر ڪيو، جو هو ڄميل محفل ڇڏي ان مهل ئي اتي کڙو ٿيو ۽ جوراب پائڻ کانسواءِ ئي گهوڙي تي چڙهي لشڪر سان گڏ بخارا روانو ٿي ويو ۽ ڏهن ڪوهن تي وڃي پهرين منزل ڪيائين.
    شاعريءَ جي تاريخ ۾ اهو شاعراڻو معجزو ذڪر جوڳو آهي.

    بوئي جوئي موليان آيد همي ياد يار مهربان آيد همي
    ريگ آموئي دور شتيهائي هوئي – پائي مارا پرنيان آيد همي
    آب جيحون وشگر فيهائي او – ننگ مارا تاميان آيد همي
    اي بخارا شاد باش وشاذ دي – شاه سويت ميهمان آيد همي
    شاهه ما است و بخارا آسمان – ماه سوئي آسمان آيد همي
    شاه سردست بخار بوستان – مردسوئي بوستان آيد همي.
    رودڪي جي شمار فارسيءَ جي عظيم شاعرن ۾ ٿئي ٿو، پوءِ جي شاعرن کيس استاد شاعر يا ‘سلطان الشعراءَ’ جي نالي سان ياد ڪيو آهي، رودڪي فارسي جو پهريون شاعر آهي جنهن فارسي شاعري جي وسيع امڪانن جي نشاندهي ڪئي، هن مثنوي، قصيدي، غزل ۽ رباعي ۾ پنهنجي ڪلام جا بهترين نمونا ڇڏيا آهن، رودڪيءَ تمام گهڻي شاعري ڪئي، هڪ محقق ‘رشيدي سمر قندي’ جي لکڻ موجب هن هڪ لک ٽيهه هزار شعر چيا. هن پنهنجي جوانيءَ جو مرثيو به لکيو، پر بد قسمتي سان رودڪي جا هڪ هزار جي لڳ ڀڳ شعر محفوظ رهي سگهيا آهن، رودڪي ‘ڪليله دمنه’ جو فارسيءَ ۾ منظوم ترجمو به ڪيو هو. تنهن کانسواءِ هن مختلف وزنن تي چار ٻيون مثنويون، هزل ۽ مرثيا به لکيا.
    سامانين جي دور ۾ رودڪي کي عزت، دولت سڀ ڪجهه مليو، پر هن جي ڪلام مان خبر پوي ٿي ته عمر جو آخري حصو پريشانيءَ ۾ گذريس. رودڪي 329هه بمطابق 873ع ۾ وفات ڪئي، کيس پنهنجي ڳوٺ “پنج رودڪ” ۾ ئي دفنايو ويو رودڪي جي هڪ شعر جو ترجمو:
    خوش گذار
    ڪارين اکين وارن سان، خوش گذار
    هي جهان سواءِ قصن ڪهاڻين جي
    ٻيو ڪجهه به ڪونهي (ترجمو: رسول بخش پليجو)


    انوري

    انوريءَ جو شمار فارسيءَ جي پهرينءَ جوڙ جي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هن جي عظمت نه رڳو سندس دور ۾ مڃي ويئي، پر اُن کانپوءِ به سندس نالو ڳائبو رهيو. انوريءَ جو نالو فارسيءَ جي ‘پيغمبران سخن’ ۾ فردوسيءَ ۽ سعدي کانپوءِ ورتو وڃي ٿو.
    انوريءَ کي فارسي شاعرن مان ‘ابو الفلاج روفيءَ’ سان وڏو دلي لڳاءَ هو ۽ هو سندس ديوان سدائين پاڻ سان رکندو هو. جيئن پاڻ وٽ شاهه لطيف بابت روايت آهي ته هو مثنوي رومي سدائين پاڻ سان گڏ رکندو هو، تنهن ڪري انوري جي قصيدي گوئيءَ تي روفيءَ جا وڏا اثر هئا، قصيدي ۾ انوريءَ جو سڀ کان وڏو ڪمال اهو آهي ته هو انتهائي ڏکيو موضوع به ڏاڍي سادي ۽ سُولي زبان ۾ بيان ڪري ڇڏيندو هو، هن جي شاعريءَ ۾ فلسفي ۽ نجوم جون رمزون به سمايل آهن، پر هن زبان ڳالهه ٻولهه واري استعمال ڪئي آهي.
    انوريءَ جي ديوان ۾ غزلن جو تعداد وڌيڪ آهي. وٽس سادي ۽ روان زبان ۾ غنائي خيال غزل بنجي وڃي ٿو، قطعه لکڻ ۾ به انوريءَ جو ڪو جواب ئي ڪونهي، هن پنهنجي قطعن ۾ ساراهه ۽ هجو کان ويندي ڏاهپ ۽ اجتماعي تنقيد کان وٺي هر قسم جي موضوعن کي اختيار ڪيو آهي، هن ‘سلطان سنجر’ جي قيد ٿيڻ تي ‘اشڪ هائي خراسان’ جي عنوان سان جيڪو قصيدو لکيو، اهو جذبات نگاريءَ جو اعليٰ مثال آهي.
    انوريءَ جو سڄو نالو ‘اوحدالدين محمد بن محمد انوري’ هو هو ‘ايبورو’ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ‘بدنا’ ۾ پيدا ٿيو. هن جوانيءَ جو زمانون طوس ۾ علم حاصل ڪرڻ ۾ گذاريو ۽ منطق، فلسفي، هيئت، موسيقي ۽ علم نجوم ۾ مهارت حاصل ڪئي. انوري کي ‘ابن سينا’ سان ايتري ته عقيدت هئي جو هن ابن سينا جي ڪجهه ڪتابن کي پنهنجي هٿن سان لکيو. علم حاصل ڪرڻ سان گڏ هن شعر گوئيءَ جي فن ۾ پڻ ڪمال حاصل ڪري ورتو. هن هڪ درٻاري شاعر کي وڏي ٺٺ ۽ ٺانگر سان ويندي ڏٺو ته ايترو متاثر ٿيو جو پڙهڻ لکڻ ڇڏي ڏنائين ۽ رات وچ ۾ هڪ شاندار قصيدو لکي صبح جو ‘سلطان سنجر’ جي حضور ۾ پيش ڪيو، سلطان کيس انعام ڏيڻ سان گڏ درٻاري شاعرن ۾ پڻ شامل ڪري ورتو، ان سلسلي ۾ جنهن قصيدي جو حوالو ڏنو وڃي ٿو، اهو فارسيءَ جي شاهڪار قصيدن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، ڪن مؤرخن جو چوڻ آهي ته اهو واقعو صحيح ڪونهي، ڇو ته ڪنهن به شاعر جي شروعاتي شاعري ايتري شاندار ٿي نه ٿي سگهي.
    انوريءَ جو جنم هنڌ ‘بدنا’ ايبورو ‘دشت خاران’ جي علائقي ۾ آهي، تنهن ڪري شروع ۾ هن ‘خاوري’ تخلص استعمال ڪيو، پوءِ پنهنجي استاد جي چوڻ تي اهو تخلص ڇڏي ڏنائين، چيو وڃي ٿو ته انوري جو لقب هن پاڻ اختيار نه ڪيو هو، پر ماڻهن کيس ان لقب سان سڏيو ۽ پوءِ هن اهو تخلص طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيو، هن سلطان سنجر کانسواءِ خراسان جي ٻين به ڪيترين ئي نالي وارين شخصيتن جا قصيدا لکيا.
    انوريءَ کي بلخ جي رهاڪن هٿان وڏا ڏک به ڏسڻا پيا، ان جو سبب اهو بيان ٿو ڪيو وڃي ته هڪ ڀيري هن زبردست طوفان جي اڳ ڪٿي ڪئي هئي، جنهن سبب ماڻهو ڏاڍا ڊنا، پر اها اڳ ڪٿي غلط ثابت ٿي ۽ ڪجهه به نه ٿيو، جنهن تي بلخ جي رهاڪن کيس ڏاڍو ذليل ڪيو، پر تاريخي لحاظ کان اهو واقعو درست ڪونهي، پر اصل ڳالهه هيءَ هئي ته ڪنهن ٻي شاعر “بلخ” جي “هجو” لکي، پر اها انوريءَ جي نالي سان مشهور ٿي، پوءِ جڏهن انوري بلخ ويو ته بلخ جي رهواسين کيس ڏاڍو تنگ ڪيو، پر هڪ دوست قاضي حميد الدين جي مداخلت سان سندس جان بچي. انوريءَ قاضي حميد جي واکاڻ ۾ جيڪو قصيدو لکيو آهي، ان ۾ پڻ ان واقعي ڏانهن اشارو ڪيو اٿس. انوري جي وفات جي باري ۾ پڻ اختلاف موجود آهن. بهرحال هن جي وفات 581- 587هه جي وچ ۾ ٿي.


    مولانا جامي

    مولانا نور الدين عبدالرحمٰن جامي 7 نومبر 1414ع ۾ ‘خراسان’ جي هڪ ننڍي شهر ‘جام’ ۾ ڄائو، هن پنهنجو تخلص جامي به انهي ڪري اختيار ڪيو. جامي ننڍپڻ کان ئي ذهين ۽ تيز فهم هو ۽ جڏهن وڏو ٿيو. تڏهن بحث مباحثي ۾ پنهنجي اُستادن کي به مات ڏيئي ڇڏيندو هو. هو خود پنهنجي ساراهه ۾ چويٿو ‘مون ڪوبه اهڙو استاد نه ڏٺو، جيڪو مون کان افضل هو، آئون نه ته ڪنهن جو شاگرد آهيان ۽ نه ڪنهن جو ٿورائتو ۽ شاگرد آهيان ته پنهنجي والد جو آهيان، جنهن مونکي زبان سيکاري.’ اُن وقت جي شاعرن جي ابتڙ جامي شاهوڪارن ۽ اميرن جي خوشامند ڪرڻ کي ڌڪاريندو هو ۽ هن پاڻ کي ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان نه جهڪايو، سندس هي خصوصيت ان زماني جي ٻين شاعرن ۾ نٿي ڏٺي وڃي ، هو نفس جي عزت، فڪر جي آزادي ۽ بي غرضيءَ کان گهڻو مشهور هو. اجائي خوشامند کان پاسو ڪرڻ سبب هن گهڻي عزت ماڻي.
    انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته جامي نائين صدي جو هڪ وڏي ۾ وڏو شاعر ۽ اديب هو ۽ پنهنجو زماني ۾ يگانو ۽ وڏن صوفي شاعرن ۾ آخري شاعر ٿي گذريو آهي، جن جو نالو فردوسي، رومي، سعدي، حافظ، خيام ۽ انوريءَ سان گڏ وٺي سگهجي ٿو. جاميءَ کانپوءِ ايران ۾ اهڙو وڏو ڪو شاعر وري پيدا نه ٿيو، تنهنڪري کيس “خاتم الشعراءِ” به چيو وڃي ٿو.
    مولانا جاميءَ جا تمام گهڻا ڪتاب لکيل آهن، ڪن جو خيال آهي ته انهن جو تعداد ڇائيتاليهه آهي، ۽ ڪن جي راءِ آهي ته اهي سندس تخلص ‘جاميءَ’ مطابق چوونجهاهه آهن، ڪن وري انهن جو تعداد نوي لکيو آهي، سندس اهي ڪتاب مختلف علمن ۽ فنن سان واسطو رکن ٿا. هن جون مثنويون ستن ڊگهن نظمن تي ٻڌل آهن ۽ سندس غنائي شعر ٽن ديوانن ۾ گڏ ٿيل آهن، اها هڪ حقيقت آهي ته شاعر هجڻ کانسواءِ هن ٻين علمن ۽ فنن جهڙوڪ : ديني، ادبي ۽ تاريخ جي ميدانن ۾ جيڪا ترقي ۽ فوقيت حاصل ڪئي، سا کانئس پوءِ ٻي ڪنهن کي حاصل ٿي نه سگهي. صوفي ۽ الاهي فڪر کي چٽائي ۽ وضاحت سان بيان ڪرڻ ۾ هو ايران اندر سڀني کان گوءِ کڻي ويو آهي.
    مولانا جامي ڏاڍو مزاحيه، ظريف ۽ حاضر جواب هو، کيس في البدبهه شعر چوڻ تي وڏو مَلڪو حاصل هو، هڪ ڀيري موج ۽ مستيءَ ۾ محبوب سان مخاطب ٿيندي هيٺيون شعر جهو نگاري رهيو هو.
    يڪ در جان فگار چشم بيدارم تُوئي
    هرکه پيدا مي شو داز دور پندارم تُوئي.
    (منهنجي ڦٽيل جان ۽ سجاڳ اکڙين ۾ تون اهڙو ٿو وسين، جو ڪجهه به ظاهر ٿئي، پري کان پرکيو وڃان ته تون آهين.)

    ته سندس ڀر ۾ بيٺل ڪنهن ٽرڙي شخص کيس ٽوڪيو ۽ طنز واري انداز ۾ کائنس پڇيو:
    گر خري پيدا شوي
    (جيڪڏهن ڪو گڏهه ظاهر ٿئي ته؟)
    جاميءَ سندس طنز کي محسوس ڪندي حاضر جوابيءَ سان ڏانهنس اشارو ڪري چيو:
    من باز ڀنڊارم تُوئي
    (آئون پوءِ به ڄاڻي وٺندس ته “تون” آهين.)
    جاميءَ جو هڪ ڪتاب “سلامان ۽ ابسال” سنڌي ۾ ترجمو ٿيل آهي، جيڪو محترم غلام حسين جلباڻي ڪيو. جلباڻي مرحوم پاڻ به هڪ وڏو عالم اديب ۽ اُستاد هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائين، هن شاهه ولي الله جي سوانح ۽ فلسفي تي پڻ ڪتاب لکيا. ۽ سنڌي عربي ڊڪشنري پڻ ترتيب ڏنائين، جيڪا سنڌ الاجي پاران ڇپرائي ويئي آهي.
    مرحوم غلام حسين جلباڻي “سلامان ۽ ابسال” جي تعارف ۾ لکي ٿو:
    “سلامان ۽ ابسال” مثنوي، حڪمت ۽ عرفان جو هڪ مستقل خزانو آهي ۽ اُن جو هر صفحو جاميءَ جي روشن خياليءَ سان پُر آهي، جاميءَ جي شعر جي اها هڪ خاص خوبي آهي، جو اهو رواني، بي تڪلف ۽ جاذبيت سان لبريز آهي ۽ سندس بيت هڪ ٻئي جي پويان پلٽبا اچن ٿا، جي پڙهندڙن کي واقعي موهي وجهن ٿا ۽ انهن جي لطافت، ميٺاج ۽ معنيٰ سان ملي هلي ٿي. جامي، اخلاقي بحثن کي باريڪ عبارت سان اهڙي طرح ملائي ٿو، جو جاهلن ۽ موڳن کي به متاثر ڪيو ٿو ڇڏي.”
    مولانا جاميءَ 9 نومبر 1492ع ۾ هرات ۾ وفات ڪئي.


    خاقاني

    ايران ۾ سلجوقي حڪومت جو عرصو سئو سالن کان مٿي ڪونهي، پر اُن عرصي دوران فارسي زبان ۽ ادب کي تمام گهڻي ترقي حاصل ٿي. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته سلجوقين جي زبردست حڪومت ۾ فارسي ادب کي سازگار ماحول مليو. ان دور ۾ ادب پروري، شعر دوستي ۽ علم نوازي رياست ۽ سلطنت جي لاءِ لازمي سمجهي ويندي هئي. تنهنڪري سلجوقي بادشاهه، وزير، امير ۽ سپهه سالار شاعرن ۽ اديبن جي قدرداني ڪندا هئا. سلجوقين جي وڏي سلطنت ۾ فارسي ادب جي سر پرستيءَ جا اڻ ڳڻيا موقعا موجود هئا. ان دور ۾ فارسي شاعريءَ کي خانقاهن ۾ به باريابي حاصل ٿي ويئي، جنهن سان نه رڳو خانقاهن جي رونق وڌي، پر شاعريءَ کي به فروغ مليو.
    سلجوقي دور ۾ ئي انوري، ظهير فاريابي ۽ خاقانيءَ جهڙا ڪمال جا قصيدي گو شاعر پيدا ٿيا.
    خاقاني جو نالو ‘بديل’ ۽ لقب ‘افضل الدين’ هو. سندس جنم 515هه جي لڳ ڀڳ ٿيو. سندس پيءُ ‘واڍڪو’ ڪم ڪندو هو. سندس امڙ عيسائي ٻانهي هئي. جيڪا پوءِ مسلمان ٿي ويئي. خاقاني اڃا ٻارڙو ئي هو، جو سندس پيءُ وفات ڪري ويو، تنهن ڪري زندگي ڏاڍي ڏکي گذريس، پر سندس چاچي هن جي تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏنو. هن پڙهڻ سان گڏ شاعري به شروع ڪئي، جنهن جي ‘اصلاح ابوالعصلا گنجويءَ’ کان ڪرائيندو هو. گنجويءَ پهرين کيس شاگرديءَ ۾ پوءِ فرزنديءَ ۾ قبول ڪيو. خاقاني، گنجوي جي ذريعي ئي خاقان اڪبر منوچهربن فريدون شيروانشاهه جي دربار ۾ پهتو، ان ئي نسبت هن پنهنجو پهريون لقب “حقائقي” ڇڏي “خاقاني” اختيار ڪيو، دربار ۾ کيس وڏي عزت نصيب ٿي. پر اُستاد گنجوي ۽ شاگرد ۾ گهڻو عرصو سٺا لاڳاپا قائم رهي نه سگهيا ۽ ٻنهي هڪ ٻئي جي “هجو “ ڪئي، خاقاني جيڪو سلوڪ پنهنجي اُستاد سان ڪيو، اهو ئي کيس پنهنجي شاگرد “مجير بيلقاني” جي هٿان سُهڻو پيو، جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي!
    خاقاني کي گهمڻ ڦرڻ جو به وڏو شوق هو. پر خاقان کيس ان ڳالهه جي اجازت نه ڏيندو هو، جنهن جو اظهار هن جي ڪيترن ئي قصيدن ۾ ملي ٿو. هڪ ڀيري سفر جي موڪل مليس ۽ هو اڃا ‘ري’ شهر تائين مس پهتو، جو خراسان تي غورين جي حملي جي خبر ٻُڌي واپس وريو، ٻي ڀيري خاقاني حج بيت الله جي لاءِ ويو، واپسيءَ تي هن حج جي تاثراتي ٻڌل فارسيءَ ۾ پهريون ‘منظوم سفرنامو’ لکيو. ان سفر جي دوران هو قديم ايراني شهر ‘مدائن’ جي کنڊرن وٽان لنگهيو ۽ انهن کان متاثرثي ‘ايوان مدائن’ جي نالي سان هڪ قصيدو لکيائين، جنهن جو شمار فارسي شاعري جي شاهڪارن ۾ ٿئي ٿو، اهو قصيدو خاقاني جي قديم ايران سان عقيدت جو اظهار آهي. ان ئي سفر جي دوران خاقاني اصفهان به ويو، جتي هڪ “هجوءَ” جي ڪري ماڻهن جي هٿان ذليل ٿيڻون پيس، اصل ۾ اها ‘هجو’ سندس هڪ شاگرد ‘بيلقاني’ لکي، خاقاني جي نالي سان مشهور ڪري ڇڏي هئي.
    سفر تان موٽڻ کانپوءِ درٻاري سازشن جي ڪري خاقاني کي قيد ۽ بند جون تڪليفون به برداشت ڪرڻيون پيون. قيد خاني ۾ خاقانيءَ اعليٰ پائي جا قصيدا لکيا. خاقاني جي سڄي زندگي تلخين ۾ گذري. هو اُن درٻار مان مطمئن نه هئڻ جي باوجود به اُتي رهڻ تي مجبور هو. هن خوازرم شاهه وٽ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اُن جو درٻاري شاعر ‘رشيد اغواط’ سندس اچڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل رهيو.... سلجوقين جي درٻار ۾ وڃڻ جي تمنا ڪيائين، پر سلجوقين جي سلطنت غورين جي هٿان تباهه ٿي ويئي، ‘خاقان شيروانشاهه’ وٽ رهندي به هو مختلف بادشاهن کي قصيدا موڪليندو رهيو، پر سندس خواهش موجب کيس ڪٿان به سرپرستي نه ملي، ان وچ ۾ سندس جوان پُٽ ۽ زال به گذاري ويئي، انهن صدمن سبب خاقاني گوشئه نشين ٿي ويو، هن 595هه ۾ تبريز ۾ وفات ڪئي.
    خاقاني کي فارسيءَ جي پهرينءَ جوڙ جي شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، هن جو ڪمال اهو آهي ته هن حڪمت جي گهرائين کي شعر جي دلڪشيءَ ۾ وڏي خوبيءَ سان سموئي ڇڏيو آهي. پنهجي عيسائي امڙ جي ڪري هو مسيحي روايتن کان به واقف ٿيو، سندس ڪلام ۾ ان جي فضيلت جي جهلڪ نظر اچي ٿي. هن جي قصيدن ۾ مسيحي روايتن سان گڏ، اسلامي تعليم جا حوالا به عام ملن ٿا.
    خاقانيءَ پنهنجي ڪلام ۾ مختلف علمن جي اصطلاحن کي ڏاڍي بي تڪلفيءَ سان استعمال ڪيو آهي ۽ انهن علمن کان واقف ٿيڻ کانسواءِ سندس ڪلام کي سمجهڻ سولوڪونهي، پر ان جي باوجود به سندس ديوان ۾ سادا ۽ روان قصيدا پڻ وجود آهن. جيڪي سندس دلي وارتائن جو عڪس آهن. ڪي قصيدا ته وري واقع نگاريءَ جو عملي نمونو آهن. ڪجهه قصيدن ۾ رديف ته آهن، پر قافيا نه آهن ۽ انهن جا رديف به ڪافي ڏکيا آهن، ڪن قصيدن ۾ هن فطرتي منظرن کي به ڏاڍي خوبصورتي سان پيش ڪيو آهي.


    رابعه خضداري

    رابعه خضداري، فارسيءَ جي پهرين عورت شاعرا هئي، جيڪا “رابعه بلخي” جي نالي سان به مشهور آهي. رابعه بلوچستان علائقي خضدار/قزدار ۾ جنم ورتو. رابعه جا وڏا عربستان مان لڏي اچي خراسان ۾ آباد ٿيا هئا. هاڻوڪي پاڪستاني بلوچستان جو وڏو حصو، قديم زماني ۾ ايراني صوبي “خراسان” ۾ شامل هو، هي اهوئي زمانو هو، جڏهن ايران ۾ “ساماني گهراڻي” جي حڪومت هئي ۽ شعر و ادب جي تخت تي رودڪي براجمان هو.
    رابعه جو پيءُ پنهنجي وقت جي اهم ماڻهن ۾ ڳڻبو هو ۽ ساماني دور ۾ سيستان، قندار ۽ بلخ جو حاڪم به رهي چڪو هو. جيتوڻيڪ تاريخ رابعه جي جنم جي باري ۾ خاموش آهي، پر اها ڳالهه مستند آهي ته هوءَ مشهور شاعر رودڪيءَ جي همعصر هئي. رابعه جو پيءُ سندس تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏيندو هو. جنهن جي نتيجي ۾ هن فارسي (دري) زبان ۾ ادب تي دسترس حاصل ڪري ورتي ۽ فارسيءَ ۾ خوبصورت شعر چوڻ لڳي، هوءَ فارسيءَ کانسواءِ عربي به ڄاڻندي هئي ۽ ان ۾ پڻ شعر چوندي هئي، ان آڌار تي سندس پيءُ کيس “زين العرب” جو لقب ڏنو.
    چون ٿا ته هڪ ڏينهن هوءَ باغ جو سير ڪري رهي هئي ته سندس ڀاءُ حارث جو غلام بڪتاش اُتي اچي ويو. ٻنهي هڪٻئي کي ڏٺو ۽ پهرينءَ ئي نظر ۾ هڪٻئي تي اڪن ڇڪن ٿي پيا.... سندن اهو عشق حرص ۽ هوس کان پري ۽ پوَتر هو. پهڻنس جي وفات کانپوءِ ‘حارث’ بلغ جو حاڪم ٿيو، اتفاق سان هڪ ڏينهن حارث جي غلام ‘بڪتاش’ جي چوري ڪئي. اتان کيس هڪ صندوق به ملي، جيڪا هو هيرن ۽ جواهرن جي دوکي ۾ کڻي اُٿي ڀڳو. پر ان مان هيرن ۽ جواهرن جي بدران رابعه جا “بڪتاش” جي لاءِ چيل عشقيه شعر نڪتا. غلام انعام جي جوف ۾ اچي اهي شعر “حارث” کي ڏنا ۽ اهي ئي شعر رابعه جي موت جو سبب بنجي ويا. ڇو ته حارث کي انهيءَ واقعي جي خبر پئي ته هن رابعه جي پاڪيزگيءَ تي ڀروسو ڪرڻ جي باوجود به سندس قتل جو حڪم ڏنو. چون ٿا ته کيس غسل ڪندي قتل ڪيو ويو. رابعه زندگي جي آخري گهڙين ۾ پنهنجي رت سان حمام جي ڀت تي هي شعر لکيو.
    مرا به عشق متهم ڪني به جبل
    چه حجت آري پيش خداي عزوجل
    محققن جي لاءِ اها ڳالهه دلچسپيءَ جو سبب آهي ته رابعه کي قتل ڪرڻ جو سبب رڳو اهو عشق هو يا حارث جو حسد ۽ اقتدار جي هٻچ؟. ٿي سگهي ٿو ته هو رابعه جي سمجهه ۽ ساڃاهه عقل ۽ ڏاهپ کان ڊنل هجي.
    افسوس جو رابعه جي گهڻي شاعري زماني جي هٿان محفوظ رهي نه سگهي. پر مختلف تذڪرن ۾ ملندڙ سندس شاعري سگهاري حيثيت رکي ٿي. مولانا جاميءَ پنهنجي تذڪري ‘نفحات الانس’ ۾ رابعه کي فارسيءَ جي پهرين ۽ غير معمولي شاعرا طور متعارف ڪرائيندي کيس زهاد ۽ صوفيه جي لقب سان ياد ڪيو آهي. جاميءَ، رابعه جي عشق کي به عشق حقيقي قرار ڏنو آهي، جيڪو مجاز جي راهه کي طئي ڪري حقيقت جي منزل حاصل ڪري ويو. ان حوالي هن ابو سعيد ابو الخير جو هيءَ قول به نقل ڪيو آهي.
    “دختر ڪعب عاشق بود بر غلامي اماعشق اواز قبيل عشق هاي مجازي نبود.”
    جاميءَ، بڪتاش ۽ رابعه جي عشق تي هڪ مثنوي “گلستان ارم” جي عنوان سان لکي آهي. ‘خواجه فريدالدين عطار’ پنهنجي مشهور مثنوي “الهامي نامه” ۾ رابعه جو ذڪر پنج سئو شعرن ۾ ڪيو آهي. هن ته رابعه خضداريءَ کي رابعه بصريءَ سان ڀيٽي، کيس صوفي شاعرائن ۾ ڳڻيو آهي.
    رابعه جي ڪلام تي عشق جو جذبو غالب نظر اچي ٿو ۽ سندس هر شعر ۾ عشق جو رنگ چٽو آهي.
    عشق او باز اندر آوردم به بند
    ڪوشش بسيار نامد سود مند.
    (عشق اهو پکي (باز) آهي جيڪو اندر ۾ بند آهي، گهڻي ڪوشش جي باوجود به ٻاهر نٿو نڪري.)


    • ڪجهه جديد ايراني ليکڪ

    اڳيان آئون ڪافي هنڌن تي ايراني ادب، اديبن ۽ ڪتابن جو ذڪر ڪندو آيو آهيان، قم ۽ مشهد ۾ ايندي ۽ ويندي، مونکي جيڪڏهن ڪو ڪتاب گهر نظر ٿي آيو ته آئون ان ۾ گهڙي ٿي ويس، فارسي نه اچڻ سبب رڳو انهن کي کولي اٿلائي پٿلائي ڏسڻ ۽ انهن جي ليکڪن جي نالن وغيرهه پڙهڻ کانسواءِ ٻي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي آئي. انهن ڪتاب گهرن تي ڪيترن ئي اهڙن ايراني ليکڪن جا ڪتاب پڻ نظر آيا، جن جا نالا اڳ ۾ ٻُڌل هئا ۽ انهن مان ڪن جا ڪتاب يا ڪجهه لکڻيون ترجمن جي صورت ۾ منهنجون پڙهيل هيون. جهڙوڪ صادق هدايت، جلال آل احمد، احمد شاملو، فروغ فرخ زاد وغيرهه. البت اهو چاهيندي به معلوم نه ڪري سگهيس ته هن وقت ايران ۾ ڪهڙا نوان لکندڙ آهن، جيڪي لکي رهيا آهن يا انهن جا ڪهڙا ڪتاب ڇپيل آهن. جيڪڏهن فارسيءَ جي ٿوري به ڄاڻ هجيم ها ته اها معلومات ملي وڃي ها.... ٻيو ته ايراني فارسيءَ کانسواءِ ٻي ٻولي ڳالهائين ئي ڪو نه... ٿوري گهڻي انگريزي سي به ڪي ڪي ڄاڻن... ۽ وري انهن ڪتاب گهرن تي فارسيءَ کانسواءِ ٻي ڪنهن به ٻولي جو ڪتاب نظر نٿي آيو. جيتوڻيڪ ايران جي سرڪاري انگن اکرن موجب ايراني 20 سيڪڙو آذر بائيجاني ۽ ان جي مختلف لهجن ۾ ڳالهائين ٿا. جڏهن ته 6 سيڪڙو گيلڪي (گيلاني) 7 . 5 لري (لرستاني) ۽ مختياريءَ ۾ 6 . 5 ڪردي ۽ 5 سيڪڙو پازندراني ۽ باقي عربي ۽ بلوچي وغيرهه ڳالهائين ٿا. پر صورتحال مان لڳو ته فارسيءَ کي سرڪاري سرپرستي هئڻ سبب غلبو هو، باقي ٻولين جي ترقي ڏانهن حڪومت جو ڪو به ڌيان نه آهي ۽ نه ئي وري سرڪاري طور تي انهن ٻولين کي ڪا سرپرستي حاصل آهي، اهو به سبب ٿي سگهي ٿو، جو فارسي کانسواءِ ٻي ڪنهن به ايراني ٻولي جو ڪتاب نظر نه آيو. هيٺ آئون ڪجهه اهڙن ناميارن ايراني ليکڪن جي واقفيت ڏيئي رهيو آهيان، جن نه رڳو ايراني ادب تي وڏا ادب ڇڏيا. پر انهن جا ٻين ٻولين ۾ پڻ ترجما ٿي چڪا آهن ۽ ڄاتل سڃاتل آهن.


    پروين اعتصامي

    پروين اعتصامي، ايران جي جديد دور جي سڀ کان مشهور شاعرا هئي. هوءَ 15 مارچ 1906ع ۾ تبريز ۾ پيدا ٿي، پر ننڍي وهيءَ ۾ ئي پنهنجي پيءُ يوسف اعتصام الملڪ سان گڏ تهران آئي ۽ باقي زندگي اُتي ئي گذريس. پروين جي والده قاچاري دور جي شاعرا هئي، ۽ پڻهنس اعتصام الملڪ جو شمار ايران جي مشهور شاعرن ۽ اديبن ۾ ٿيندو هو. پروين عربي ۽ فارسي جي تعليم پنهنجي پيءُ کان حاصل ڪئي... پروين جو بهترين اُستاد سندس پيءُ ئي هو. پروين 1924ع ۾ آمريڪي ڪاليج مان تعليم مڪمل ڪئي. 1934ع ۾ شادي ٿيس، پر سندس ازدواجي زندگي ناڪام رهي ۽ نون مهينن کانپوءِ مڙس کان عليحدگي ٿي ويس، جيڪو رشتي ۾ سندس سئوٽ به هو. پروين جي شاعريءَ تي ناصر خسرو، حڪيم سنائي، سعدي ۽ حافظ جو گهڻو اثر نظر اچي ٿو. هن جا اخلاقي قطعا به ڏاڍا اثر انگيز آهن.
    پروين به پهلوي دور جي ٻين شاعرن وانگر پنهنجي ڳالهه استعارن ۽ علامتن ۾ بيان ڪئي آهي. “رت جي ٻن ڦڙن جي وچ ۾ مناظرو” سندس ان قسم جو نظم آهي، جنهن ۾ بادشاهه جي رت جو ڦڙو، مزدور جي رت جي ڦڙي سان ڳالهائي ٿو:
    هڪ ڦڙي ٻي ڦڙي کان پڇيو: تون ڪنهن جو رت آهين؟. آئون ته بادشاهه جي هٿ مان وهيو آهيان.
    ٻي ڦڙي وراڻيو: آئون هڪ ڪاٺير جي پير مان وهيو آهيان اُن ڪنڊي لڳڻ جي تڪليف سبب، جيڪو پير ۾ سُئيءَ جيان چڀي ٿو.
    شاهي ڦڙي وراڻيو: اُن سان ڪهڙو ٿو فرق پوي، رت جي سڀني ڦڙن جو رنگ ته ڳاڙهو هوندو آهي، پوءِ اهو ڪنهن جي به بدن مان وهي، نس مان ڳڙي / نڪري يا شريان مان وهي. اچ ته اسين ٻئي گڏجي هڪ ڦڙو بنجي وڃون ۽ گڏجي عمل جي راهه تي هلئون. جيئن رستي جي خطرن کان محفوظ رهي سگهون، ننڍين ڪَسين کان بچي، ڪنهن وڏي درياهه ۾ سمائجي وڃون.
    ان تي ڪاٺير جو ڦڙو کليو.
    به خنده گفت، ميان مِن و تو فرق سي ست
    توئي زد ست شهي، من زپا ئي کار گري.
    (هُن کلي چيس ته تو ۾ ۽ مون ۾ وڏو فرق آهي، تون شاهه جي هٿ مان وهيو آهين، ۽ آئون مزدور جي پير مان)
    (ترجمو): منهنجي همراهيءَ ۽ دوستيءَ جي لاءِ ته يتيم جا لڙڪ ۽ محنت ڪندڙ جو رت ئي مناسب رهندو.
    تون عيش ۽ آرام جي پيداوار آهين، جڏهن ته آئون پٺيءَ تي رکيل بار سبب جُهڪيل چيلهه مان جنميو آهيان.
    تنهنجي پالنا شاهه جي رڌڻي ۾ رڌيل ست رڇي کاڌن سان ٿي آهي. ۽ منهنجي پالنا آهن ۽ دانهن جي باهه ۾ ڀنل اکين جي پاڻيءَ سان. تو ۾ آيل لالائي، ڳاڙهي رنگ جي شراب سان آئي آهي ۽ مون ۾ ڪنڊي جي چڀڻ ۽ جگر جي جلن سان.
    منهنجو داغ تقدير ۽ حادثي سان مَٽجي نٿو سگهي، اهو گُڻ ڪنهن ٻي جي رت جي ڦڙي ۾ آهي.
    ان خوني علامت ۾ ٻه سئو درياهه لڪيل آهن، انهن جي ڪنڌيءَ تان سوڀَ جي ٻيڙي ظاهر ٿئي ٿي.
    ز قيد بندگي اين بستگان شوند آزاد
    اگر به شوق رنائي زنند بال د پري.
    (اطاعت ۽ غلاميءَ جي قيد ۾ ڦاٿل ماڻهو، جيڪڏهن پنهنجي آزاديءَ جي لاءِ پنهنجون ٻانهون ۽ پَر هلائين ته آزاد ٿي سگهن ٿا.)
    پروين چٽن لفظن ۾ ٻڌائي ٿي ته حاڪم ۽ پورهيت طبقن جي وچ ۾ اتحاد ٿيڻ ممڪن ئي ڪونهي. ٻڌي ته پورهيتن جي وچ ۾ ئي ٿي سگهي ٿي، نه ڪي ڦريندڙ ۽ ڦرجندڙن جي وچ ۾. تنهنڪري عوام کي لازمي طور تي گڏ ٿيڻ گهرجي ۽ غلامي ۽ بندگيءَ جو ڳٽ پنهجي ڳچيءَ مان لاهي ڦٽو ڪرڻ ۽ آزادي جي لاءِ پنهنجي هٿن ۽ پيرن کي چرپر ۾ آڻڻ گهرجي.
    پروين جي ڦوهه جوانيءَ ۾ وفات تي مشهور شاعر ‘بهار’ هڪ زبردست مرثيو لکيو، جنهن جو آخري بند هن ريت آهي.
    شگفت و عطر بيفشاندد خنده کردد برفت
    نتيجه گل افسرده عاقبت اين بود.
    (هڪ گُل ٽڙيو هو، خوشيون پکيڙي، ٽڙيو ۽ موڪلائي ويو، مرجهايل گُلن جو انجام اهوئي ٿيڻو آهي.)
    مشهد ۾ مون امام رضا جي مزار جي احاطي اندر قائم ڪتاب گهرن ۾ “پروين اعتصامي” جو شعري ديوان نهايت سهڻي ڇپائي، جلد بندي ۽ شاهه جي رسالي واري سائيز ۾ ڇپيل ڏٺو، ان جي ڪوَر تي پروين جو خوبصورت فوٽو ڇپيل هو. پروين جو اهو ديوان 248 شعرن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ 65 قطعه مناظري جي صورت ۾ آهن. جن ۾ نهايت خوبصورتي سان پنهنجي ڳالهه کي بيان ڪيو ويو آهي، پروين بي عمل عالمن کي به تنقيد جو نشانو بنائي ٿي. ‘ملڪ الشعراءَ بهار’ ديوان پروين جي مهاڳ ۾ لکي ٿو..... “هي ديوان لفظي ۽ معنوي ٻنهي اسلوبن جي لحاظ کان اهم آهي. هڪ خراسان جي شاعرن جو اسلوب، جيڪو ناصر خسرو جو انداز آهي ۽ ٻيو عراق ۽ فارسي جي شاعرن، خاص ڪري سعدي شيرازي جو اسلوب آهي.”
    پروين جي قصيدن ۾ ناصر خسرو جي قصيدن جي خوشبو اچي ٿي ۽ ان سان گڏوگڏ سعدي ۽ حافظ جي شيرين شعرن جي جهلڪ به ملي ٿي، پروين جو ڪمال اُتي نظر اچي ٿو، جتي هو شين کي زبان ٿي ڏي، جنهن جي ذريعي هوءَ پڙهندڙن جي ننڍپڻ، جواني ۽ ٻڍاپڻ جون اندريون ۽ ٻاهريون ڪيفيتون بيان ٿي ڪري، پروين اعتصامي هڪ سادي ۽ سچي شاعرا هئي، ۽ دل ۽ جان سان حق جي طرفداري ڪرڻ تي ايمان رکندي هئي. ۽ هن ‘حرف حق’ کي هر قيمت تي پنهنجو شعار بنايو.
    وقت سخن مترس و بگو آنچه گفتي اسبت
    شمشير زور معرڪه زشت است در نيام.
    پروين 35 سالن جي عمر ۾ 5 اپريل 1942 ع تي وفات ڪئي، کيس قم ۾ حضرت معصومه (س) جي حرم مطهر ۾ پنهنجي پيءُ جي ڀرسان دفنايو ويو. پروين پنهنجي مزار جي لاءِ ڏاڍو خوبصورت ۽ غمناڪ ‘قطعه’ لکيو هو، جيڪو سندس قبرجي ڪتبي تي لکيل آهي. جنهن جو ترجمو هن ريت آهي:
    آسمان تي ادب جو هي ستارو پروين!
    مٽي، جنهن جو اڄ سمهڻ جو هنڌ آهي
    هن زندگيءَ مان تلخين کانسواءِ ڪجهه به حاصل نه ڪيو
    پر، سندس شاعري زندگي سان ڀرپور آهي
    هوءَ ٻولَ جي ماهراڄ ‘فاتحه’ ۽ ‘ياسين’ جي خيرات ٿي گهري،
    ساهيڙيون، کيس ياد ڪريو،
    ڇو ته جنهن جو ڪو ساٿي نه هجي،
    اها دل غم سان ڀريل آهي
    اڄ سيني تي پٿر ڪيترو نه ڳرو آهي
    جنهن کي دنيا حقيقت ڀريون اکيون ڏنيون آهن،
    هو اُن سمجهڻ جي بستري کي ڏسي ۽ حيرت ۾ پويٿو
    ته ڪير ڪجهه به ڇو نه هجي
    ڪٿي جو به رهاڪو ڇو نه هجي
    تُنهنجي هستيءَ جي آخري منزل اها ئي آهي
    ماڻهو ڪيترو کڻي مالدار ڇو نه هجي
    هن منزل تي پهچي فقيرن کان به فقير آهي
    جڏهن تقدير پنهنجي تلوار ڇڪي وٺي
    ته ان جي اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ کانسواءِ
    ٻي ڪا به ڪنڌي ڪونهي، جنم ڏيڻ ۽ مارڻ
    ۽ زمين جي تهه ۾ لڪائي ڇڏڻ
    زماني جي پراڻي رسم آهي
    ڀاڳوان اهو آهي، جيڪو اُن غم جي جهان ۾
    ڪنهن جي دل لاءِ ڏڍ بنجي وڃي.


    احمد شاملو

    احمد شاملي 12 ڊسمبر 1925ع تي تهران ۾ جنم ورتو، جتي سندس پيءُ هڪ فوجي آفيسر هو. شاملي جو ننڍپڻ ننڍن ننڍن شهرن ۾ گذريو. احمد شاملي جو پهريون شعري ڳٽڪو، “ترانه هايي فراموش” 1947ع ۾ ۽ ٻيو مجموعو ‘ميني تافيتو’ 1948ع ۾ ڇپيو. 1948ع ۾ هن “سُخن نو” جي نالي سان هڪ رسالو شايع ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪو پنجن پرچن کانپوءِ بند ٿي ويو. 1950ع ۾ هن “روزانه” جي نالي سان هڪ ٻيو رسالو شايع ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن جا ست پرچا شايع ٿيا. سندس 1953ع ۾ ڇپجندڙ شعري مجموعي “آهن هو احساس” کي پوليس پريس تي ڇاپو هڻي ساڙي ڇڏيو ۽ ان مجموعي جي فقط هڪئي ڪاپي بچي سگهي.
    1954ع ۾ سي . آءِ . اي هٿان ڊاڪٽر مصدق جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ شاملو ڇهن مهينن تائين روپوش رهيو، تنهن بعد کيس گرفتار ڪيو ويو. هن تيرهن مهينا قيد ڪاٽيو. 1956ع ۾ هو هڪ رسالي جو ايڊيٽر مقر ٿيو. 1957ع ۾ سندس اهم شعري مجمو “هواي تازه” ڇپيو، ۽ ان سان گڏ شاملو جا مرتب ڪيل حافظ، ابو سعيد ابوالخيري، عمر خيام، بابا طاهري ۽ نظامي جي ديوانن جا نوان ڇاپا به ڇپيا. ان دوران هو ترقي پسند فڪر جي ڪيترن ئي ناول نگارن کي ترجمن جي ذريعي ايراني پڙهندڙن سان متعارف ڪرائيندو رهيو.
    1977ع ۾ هن سياسي جبر جي خلاف احتجاج ڪندي جلاوطني اختيار ڪئي ۽ لندن ۾ هو هڪ هفتيوار رسالي جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. ٻارهن پرچن کانپوءِ ناشر جڏهن سندس ‘اداريو’ شامل ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته هن استعفيٰ ڏيئي ڇڏي. ان اداريي ۾ مستقل جي حڪمرانن جي رويي تي تنقيد ڪئي ويئي هئي.
    1979ع ۾ ايران ۾ بادشاهت جي خاتمي ۽ اسلامي انقلاب کانپوءِ شاملو واپس وطن موٽي آيو. پر سندس بي چيني ۽ تشويش ۾ ڪمي نه ٿي. تنهن کانپوءِ سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيا، پر سندس نون ڪتابن تي پابندي هنئي ويئي ۽ هن جي ڪتابن کي ڪتب خانن مان ڪڍيو ويو.
    احمد شاملو ايران ۾ اظهار جي آزاديءَ جو نمايان مجاهد هو. هن ايراني اديبن کي منظم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جيئن هو شاهه جي حڪومت ۽ پوءِ جي حڪومتن جي لاڳو ڪيل سنسرشپ جي خلاف وڙهي سگهن. ٻن سالن جي جلاوطنيءَ کانپوءِ هو واپس آيو ته کيس اندازو ٿيو ته نئين حڪومت جو موڊ به جارحاڻون آهي. سخت رويي جون حامل اخبارون کيس مستقل طور تي تنقيد جو نشانو بنائينديون رهنديون رهيون ۽ مٿس پرڏيهي طاقتن سان رابطا رکڻ جا الزام هڻنديون رهيون. نئين حڪومت جڏهن سنسرشپ جي قانون ۾ سختي ڪئي ته سندس ڇپجندڙ مشهور نظم ۾ هن لکيو، “هو تنهنجو وات سونگهين ٿا، اهو معلوم ڪرڻ جي لاءِ ته ڪٿي تو اهو ته نه چيو آهي ته: مونکي توسان محبت آهي، اسانکي پنهنجي محبت آهي، اسانکي پنهنجي محبت اونداهن تهه خانن ۾ لڪائي رکڻي پوندي.”
    1988ع ۾ احمد شاملوءَ سوئيڊن ۽ جرمنيءَ جو دورو ڪيو ۽ اتي مختلف تقريبن ۾ پنهنجو ڪلام ٻڌايو. 1990ع ۾ هن آمريڪا جو سفر ڪيو، جنهن کانپوءِ هن طنزيه سفر نامو لکڻ شروع ڪيو.
    احمد شاملي جي شاعريءَ جا دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. شاملو جي ادبي ڪئريئر جي باري ۾ فقط ايترو چئي سگهجي ٿو ته هو گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ هو. هن شاعريءَ سان گڏ ترجما ڪيا، ٻارن لاءِ ڪهاڻيون لکيون ۽ ڪلاسيڪي ادب جي تدوين ۽ اشاعت سان گڏ، لوڪ موسيقي تي تحقيقي ۽ تدويني ڪم پڻ ڪيو، ايئن ٿو لڳي ته هن هڪئي وقت ڪيتريون ئي ادبي زندگيون گذاريون، سياست ۽ صحافت جي لاءِ عملي جاکوڙ هن جي ادبي ڪم کان ڌار ڪونهي، اهو ئي سبب آهي جو کيس ‘ايران جو ثقافتي هيرو’ قرار ڏنو ويندو هو.
    احمد شاملي، 75 سالن جي عمر ۾ 2000ع ۾ تهران ۾ وفات ڪئي. سندس ڪجهه نظمن جا ترجما هيٺ ڏجن ٿا.
    آئون، عقيق، سبزو ۽ آئينو کڻي
    نئين چنڊ کي ڀليڪار چوڻ جي لاءِ
    ڇت تي ويس
    آسمان تي هڪ ٿڌو ڏانٽو چمڪيو
    ته: ڪبوترن جي اُڏار تي پابندي آهي
    صنوبرن جي وڻن ‘سرٻاٽ’ ڪندي ڪجهه چيو
    ۽ سپاهين
    رڙيون ڪري پکين تي تلوارون هلائڻ شروع ڪيون،
    چنڊ
    نه اُڀريو.
    *
    رات، هڪ ڊگهو اعتراف آهي
    هڪ ڊگهو اعتراف
    رات، آزاديءَ جي هڪ پُڪار
    آزاديءَ جي پُڪار
    ۽ زنجيرن جي پڪار
    رات هڪ ڊگهو فرياد آهي
    جيڪڏهن اها بنديخاني جي پهرين رات آهي
    يا وري آخري
    ان وقت تائين ٻيو سج
    توکي چوڪ تي ياد اچي
    يا تون پاڻ ئي کيس وساري ڇڏينءَ.
    *
    تون ڪير آهين؟
    جو، آئون توتي ايترو ڀروسو ٿو ڪريان
    آئون توکي پنهنجو نالو پيو ٻُڌايان
    تنهنجي هٿ ۾
    پنهنجي گهر جي چاٻي پيو ڏيان
    توکي
    پنهنجي خوشين جي مانين مان حصو پتي پيو ڏيان،
    توسان گڏ ويهي
    تنهنجي جهوٽن تي هوريان هوريان
    سُمهڻ جي ڪوشش پيو ڪريان
    تون ڪير آهين؟
    جو آئون ايتري سنجيدگيءَ سان
    پنهنجن سَپنن جي سرزمين ۾
    توسان گڏ ترسان ٿو.


    صادق هدايت

    صادق هدايت 1903ع ۾ تهران ۾ جنم ورتو، شروعاتي تعليم تهران ۾ حاصل ڪيائين ۽ وڌيڪ تعليم پرائڻ جي لاءِ فرانس ويو، پر ڪا خاص تعليم حاصل نه ڪري سگهيو، البت اُتي هو اولهائين ۽جديد فڪر سان روشناس ٿيو. فرانس ۾ رهائش جي دوران هن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون، جيڪي پوءِ “زنده بگور” ۽ “سد قطره خون” جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيون. صادق هدايت جو شمار جديد ايراني ادب جي ڪجهه وڏن ۽ اهم لکندڙن ۾ ٿئي ٿو. سياسي طور تي هو پهرين حزب توده (ڪميونسٽ پارٽيءَ) سان لاڳاپيل رهيو ۽ پوءِ ان کان عليحدگي اختيار ڪيائين. صادق هدايت جو مشهور ناول ‘بوف ڪور’ (انڌو چٻرو) دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. ان کانسواءِ هن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون پڻ لکيون. “بوف ڪور” جيڪو موضوع جي لحاظ کان هڪ زنده دستاويز ۽ فني معيار کان هڪ مڪمل شاهڪار آهي، ۽ جديد ايراني ادب کي ادب جي عالمي ڌارا سان جوڙي ٿو، اهو ناول ‘پهلوي دور’ جي ايراني اديبن جي ذهني ۽ جذباتي ڪيفيت جي وڏي سچي تصوير آهي. صادق هدايت مختلف ملڪن جا دورا پڻ ڪيا. جنهن جو فائدو اهو ٿيس ته اتي جي علمي ۽ادبي روايتن کان واقف ٿيو، هن ڪجهه وقت تاشقند ۾ پڻ گذاريو ۽ اتي جي يونيورسٽي ۾ قلمي ڪتابن جو مطالعو ڪيائين.
    صادق هدايت جي زندگي ۾ سندس منشيات سان رغبت هڪ خاص حوالو ٿي رکي، هن زندگي جي پريشان گهڙين ۾ منشيات ۽ شراب نوشيءَ جي سهاري پنهنجو غم غلط ڪرڻ چاهيو، تنهن کانسواءِ هو هوٽلن ۽ جوا خانن ۾ وڃڻ جو پڻ شوقين هو. جيتري قدر صادق هدايت جي ذاتي زندگي جو لاڳاپو آهي ته هن ڏاڍي سادي زندگي گذاري. هن جي ڪٽنب جا ڪيترائي ڀاتي حڪومتي اعليٰ عهدن تي رهيا، خود صادق به واپار۽ پرڏيهي کاتن جي وزارتن سان لاڳاپيل رهيو هو، پر سندس طبيعت ۾ ڏيکاءُ ۽ شوبازيءَ جا لاڙا نه هئا، هن ٻه ڀيرا عشق به ڪيو، پر ناڪام رهيو.
    صادق هدايت انسانن کان بيزار ٿي جانورن سان دل لڳائي، هن گهر ۾ هڪ ٻلي پالي هئي، جنهن سان کيس وڏي اُنسيت هئي. هوءَ سندس اڪيلائيءَ جي ساٿڻ ۽ غمگسار هئي. هڪ ڏينهن هو گهر آيو ته ٻلي نه هئي، هوءَ پاڙي ۾ هڪ نر ٻديءَ جو آواز ٻُڌي پاڻ کي روڪي نه سگهي ۽ گهر ڇڏي اُن سان هلي ويئي، جڏهن ڊگهي غير حاضريءَ کانپوءِ واپس وري ته صادق کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ته هيءَ به بي وفا نڪتي. هن پستول کنيو ۽ ٻليءَ کي اُتي ئي ماري ڇڏيائين.
    صادق جي زندگي ۾ دنيا کان بيزاري ۽ انساني قدرن ۽ روين ۾ بداعتماديءَ جو پهلو گهڻو نمايان آهي، جيڪو پوءِ شدت سان سندس خودڪشي جو سبب به بنجي ٿو. صادق پنهنجي زندگي جي آخري سالن ۾ گهڻو بيزار رهيو، هن 1948ع ۾ هڪ دوست کي لکيو، “هاڻ آئون زندگيءَ کان مات کائي چڪو آهيان، مونکي اُن سان ڪا به دلچسپي نه رهي آهي، هاڻ آئون پاڻ کي وڌيڪ دوکو ڏيئي نٿو سگهان ۽ نه ئي مونکي خود ڪشيءَ جي غيرت آهي.”.
    صادق هدايت ڪافڪا، سارتر وغيرهه جا فارسيءَ ۾ ترجما ڪيا. کيس صحيح معنيٰ ۾ ايراني فڪشن جي عهد ساز شخصيت چئي سگهجي ٿو. صادق هدايت جي شخصيت جنون جي حد تائين غير معتدل ۽ نفسياتي مونجهارن سان ڀريل هئي. هن ڪيترائي ڀيرا خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪئي ۽ نيٺ 1951ع ۾ پئرس ۾ گئس سان پنهنجو ساهه گهٽڻ سبب مري ويو. صادق جو ائين ستيتاليهن اٺيتاليهن سالن جي عمر ۾ گذاري وڃڻ ايراني ادب جو وڏو سانحو هو. پر هو پنهنجي زبان کي فڪشن جو جيڪو معيار ڏيئي ويو، ان جي اثر سان ايران ۾ سُٺن ڪهاڻيڪارن جي هڪ سڄي کيپ تيار ٿي.


    جلال آل احمد

    جلال آل احمد کي جديد فارسي ادب جي اهم ترين ليکڪن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، سندس جنم 1923ع ۾ ‘گيلان’ صوبي جي ڳوٺ ‘اورازان’ سان واسطو رکندڙ هڪ مذهبي گهراڻي ۾ ٿيو. سندس ننڍپڻ پيءُ جي سخت گيري، گهري مذهبيت ۽ سُکئي ماحول ۾ گذريو. شروعاتي اسڪول جي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ کيس پيءُ جي پاران وڌيڪ تعليم جاري رکڻ جي موڪل نه ملي ۽ کيس ڪو هنر سکڻ ۽ ڌنڌو ڌاڙي ڪرڻ جي لاءِ بازار موڪليو ويو. جلال گهڙين جي مرمت ۽ بجليءَ جو ڪم سکيو ۽ انهن ڪمن مان ملندڙ وانڌڪائي کانپوءِ هن باقي وقت تهران جي “دارلفنون ثانوي اسڪول” ۾ رات جي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ گذاريو. 1943ع ۾ جڏهن هو تعليم پوري ڪري اسڪول مان نڪتو ته ٻي مهاڀاري لڙائي جاري هئي. جنهن جي پُڄاڻي کانپوءِ جلال ‘ادب’ پڙهائڻ جو پيشو اختيار ڪيو. ان وقت تائين هو پنهنجي ڪٽنب کان ڌار ۽ حزب توده (ڪميونسٽ پارٽيءَ) ۾ شامل ٿي چڪو هو. جلال جي پهرين ڪهاڻي “زيارت” جي نالي سان 1945ع ۾ ڇپي. 1947ع، جلال اُن ڌڙي سان شامل هو، جنهن ‘حزب توده’ کان ڌار ٿي ‘سوشلسٽ پارٽي’ قائم ڪئي، پر اها پارٽي گهڻو عرصو هلي نه سگهي ۽ جلال عملي سياست کان ڪنارا ڪش ٿي لکڻ، پڙهڻ ۽ پرڏيهي ادب جا فارسيءَ ۾ ترجما ڪرڻ جو ڪم جاري رکيو.
    جلال آل احمد جي سڄي تخليقي ۽ سياسي زندگي شاهي آمريت ۽ پرڏيهي سامراج جي دور ۾ گذري ۽ سندس لکڻين تي ان ماحول جو اهڙو ئي اثر محسوس ڪري سگهجي ٿو، جهڙو سندس ڪٽنب جي مذهبي پس منظر جو. هن ان دور جون سياسي علامتون به ڏٺيون، جڏهن تيل جي پيداوار کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ جي ڏوهه ۾ سي – آءِ – اي ڊاڪٽر مصدق جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري کيس قيد ڪري ڇڏيو ۽ رضا شاهه پهلويءَ ٻيهر تخت ۽ تاج سنڀاليو.
    جلال آل احمد کي شاهه جي پوليس ساواڪ 1968ع ۾ سندس گهر ۾ قتل ڪري ڇڏيو ۽ ساواڪ ظلم جي انتها ڪندي سندس گهراڻي کي سندس ڪفن دفن جي موڪل به نه ڏني. زندگيءَ جي پوين سالن ۾ جلال آل احمد ‘حج’ به ادا ڪيو ۽ ان حج ڪرڻ جا تجربا ۽ مشاهدا نهايت دلپذير انداز ۾ لکيا اٿس.
    ايران ۾ قم ۽ مشهد جي ڪتاب گهرن تي مون جيترا ڪتاب جلال آل احمد جا ڏٺا، ايترا مونکي ٻي ڪنهن ايراني اديب جا نظر نه آيا، جنهن مان مون اندازو لڳايو ته جلال کي ايران ۾ نه رڳو گهڻو پڙهيو، پر پسند به ڪيو وڃي ٿو.
    جلال آل احمد ‘ليکڪن لاءِ جيڪو پيغام’ لکيو، اهو ڏاڍو با مقصد ۽ معنيٰ خيز آهي، اهو هن ريت آهي:
    “ليکڪ ساٿي! تنهنجو قلم گُل جيان هئڻ گهرجي، جڏهن اهو ٽڙي ته اهو سُنگهيو وڃي ۽ پنهنجا عاشق پيدا ڪري، پر جڏهن اهو مرجهائجي وڃي ته پنهنجن باقي ٻجن کي چؤڏس وکيري ڇڏي.
    تنهنجو قلم ڪَنڊي جيان نه هئڻ گهرجي، جيڪو ماڻهن جي پيرن ۾ چُڀي وڃي، ۽ (ياد رکو) جيڪڏهن اوهين اهو پاڙؤن پٽي ڦٽو ڪندا ته اُن جو نالو نشان به مٽجي ويندو.
    جيڪڏهن اوهان ۾ اهڙي همت ڪونهي ته “گاهه” کان سبق سکو. جيئن سڀني ناهموارين جي هوندي به ماڻهن جي چُلهين کي ٻاري سگهو.
    اوهان مان هر ڪنهن کي “کوهه” جيان هئڻ گهرجي، جنهن ۾ جيترا به ڏول وڌا وڃن، سڀ پاڻيءَ سان ڀرجي نڪرن ۽ ڪو هڪ به خالي نه نڪري ۽ جيڪڏهن هزارين پاڻيءَ جا ڏول اُن ۾ وڌا وڃن ته به اهو مُنهان منهن ڀرجي نه سگهي.
    اوهانکي ‘جام’ جي صورت ۾ به نه هئڻ گهرجي، جيڪو هڪ ئي تڪ ۾ پيتو وڃي ۽ ڪجهه ڦڙن جي صورت ۾ هارجي ختم ٿي وڃي.
    خبردار! پنهنجي ‘ڪلام’ کي هڪ ماني جي عيوض متان وڪڻين. روح کي پنهنجي جسم جي خذمت واسطي هرگز استعمال نه ڪجئين، ڪنهن به قيمت تي ڪنهن انسان جو ٻڌو ٻانهون نه ٿجئين، پوءِ اها قيمت ڀلي قارون جي خزاني جيتري ڇو نه هجي.
    جيڪڏهن وڪڻڻون ئي اٿئي ته چڱائي ان ۾ اٿئي ته پنهنجون ٻانهون وڪڻي ڇڏج، پر قلم ڪڏهن به نه وڪڻج. جيڪڏهن وڪڻڻ چاهين ٿو ته پنهنجو تن (بدن) وڪڻج، پر پنهنجو ‘ڪلام’ ڪڏهن به نه وڪڻج.
    ياد رک! آسمان جيڏي اُتاهين لفظ ۾ نه پر محبت ۾ آهي، ڪتابن ۾ نه پر دلين ۾ آهي، طومارن ۾ نه پر پکين جي ٻولين ۾ آهي.
    ڏس! ڪلام اهڙي ءَ لوح تي لک، جيڪو سدائين باقي رهي، تون سخت پٿر تي لکندين ته به اهو ذيان ٿي ويندو. لکڻو اٿئي ته دل جي انهيءَ لوح تي لک، جيڪا پٿر مان نه پر گوشت ۽ رت مان ٺهي آهي ۽ جنهن جي روشني رنگدار نه، پر اهو روح آهي، جنهن جو ڪو به رنگ ڪونهي.”


    هوشنگ گلشيري

    هو شنگ گلشيري 1937ع ۾ ‘اصفهان’ جي هڪ اهڙي ڪٽنب ۾ جنم ورتو، جنهن ۾ ڀاتين جي گهڻائي ۽ وسيلن جي کوٽ هئي... هن جي پالنا ڏکڻ ايران جي گرم موسم ۽ تيل جي مرڪز ‘ابادان شهر’ ۾ ٿي. جتي سندس پيءُ ‘اينگلو ايرانين ڪمپنيءَ’ ۾ ڪلارڪ طور ڪم ڪندو هو. 1955ع ۾ گلشيري اصفهان موٽي آيو، جتي هن اصفهان يونيورسٽيءَ مان فارسي ادب ۾ گريجويشن ڪرڻ کانپوءِ شهر ۽ ان جي آسپاس جي ڳوٺن ۾ پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن م پڙهائڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ ڪجهه سنگتين سان گڏجي “جنگ اصفهان” جي نالي سان هڪ ادبي مخزن ڪڍيو. جيڪو تهران کان ٻاهر جو اهم ادبي رسالو بنجي ويو. گلشيريءَ جي ڪهاڻين جو پهريون ڳٽڪو “مثل هميشه” 1968ع ۾ ڇپيو. انهيءَ دور ۾ هن ادب تي پابندين ۽ سنسرشپ جي اخلاقي تحريڪ ۽ ايراني اديبن جي ‘سنگت’ جي قيام ۾ حصو ورتو.
    سندس پهريون ناول ‘شازده احتجاب’ 1969ع ۾ ڇپيو، جلدئي ان ناول کي هڪ شاهڪار جو درجو حاصل ٿي ويو. ناول جي انگريزي مترجم ‘جيمز بوچن’ چواڻي، “ان ناول ثابت ڪيو ته ايراني لکندڙ نه رڳو يورپ ۽ آمريڪا، پر آمريڪا جي جديد فڪشن جون ٽيڪنڪس به سکي ورتيون آهن، پر انهن ۾ پنهنجي پاران به ڪجهه واڌارا ڪيا آهن.”
    1974ع ۾ اُن ناول تان ‘بهمن فرمان آرا’ ، ساڳئي نالي سان فلم ٺاهي ته جابر شاهي حڪومت تي اها تنقيد چٽي ٿي. سامهون آئي جيڪا دراصل ان ناول جي جان آهي، فلم جي مڪمل ٿيندي ئي گلشيريءَ کي ڇهن مهينن جي لاءِ جيل ۾ وڌو ويو. ان کان اڳ 1960ع واري ڏاڪي جي شروع جي سياسي هلچل جي زماني ۾ به جڏهن محمد رضا شاهه پهلوي پنهنجي شخصي اقتدار کي سگهارو بنائڻ ۾ رڌل هو، گلشيري کي ڪجهه عرصي جي لاءِ جيل جي هوا کائڻي پيئي.
    گلشيريءَ جو ٻيو ناول ‘ڪريستن وڪيد’ 1971ع ۾ ڇپيو.
    1979ع ۾ يعني انقلاب واري سال گلشيريءَ ناليواري نقاد ۽ مترجم “فرزانه طاهريءَ” سان شادي ڪئي، جيڪا گڏيل ادبي سرگرمين جي شروعات ثابت ٿي. انقلاب جي نتيجي ۾ وجود ۾ ايندڙ حڪومت به سنسرشپ جي پراڻي شاهي روايت جي تهه ۾ واڌارو ڪرڻ شروع ڪيو ته گلشيريءَ جو گهر ادب جي اڀياس ۽ تدريس جومرڪز بنجي ويو. ان دوران کيس پنهنجون ڪهاڻيون ۽ ناول ڇپرائڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻون پيو. سندس ڪتابن ۾ “نماز خانهءَ ڪوچڪ من”. “بره گمشده راعي”، “معصومه پنجم”، ۽ “پنج گنج” شامل آهن، پويون ڪتاب ايران ۾ نه پر سويڊن ۾ ڇپيو. جنهن مان اُنهن ڏينهن جي ملڪي حالتن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هڪ ٻيو ناول جيڪو پنهنجي ڊڪشن سبب گلشيري ڏانهن منسوب ڪيو وڃي ٿو. ‘شاهه سياهه پوشان’ آهي، جيڪو مسودي جي صورت ۾ ايران مان ٽپال رستي، سان فرانسسڪو ۾ رهندڙ هڪ ايراني اسڪالر کي اچي مليو هو. اهو ناول انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري King of the Benightd جي عنوان سان ڇپيو ويو. جنهن جي ٽائيٽل تي “منوچهر ايرانيءَ” جو فرضي نالو ڇپيل هو. 1990ع واري ڏاڪي ۾ گلشيريءَ پنهنجي لکڻين جي اشاعت جو ڪم لڳ ڀڳ بند ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجو سڄو ڌيان فڪر ۽ اظهار جي آزاديءَ تي لڳايل پابندين جي خاتمي واري تحريڪ تي ڏنو، جنهن جي رد عمل ۾ سرڪاري ٽي ويءَ تي گلشيريءَ جي بي عزتي به ڪئي ويئي ۽ ساڄي ڌر جي اخبارن مٿس پرڏيهي طاقتن سان لڳ لاڳاپا رکڻ جا الزام هنيا. گلشيريءَ جو شمار اهم ۽ وڏن فڪشن نگارن ۾ ڪيو ويندو هو، جنهن جو هڪ مطلب اهو به هو ته ڇپجڻ کان اڳ سندس لکڻين جي سينسرجي دوران سختيءَ سان جانچ پڙتال ڪئي ويندي هئي. ان اڻ وڻندڙ عمل کان بچڻ جي لاءِ هن پنهنجو آخري ناول “جن نامه” به اسٽاڪ هوم مان ڇپرايو. هي اهي ڏينهن هئا، جڏهن ايران ۾ سيڪيولر دانشورن جي قتل جون وارداتون تسلسل سان جاري هيون، قتلن جي ان ڀوائتي لهر جي شڪار ٿيندڙن ۾ ڪيترائي ئي اديب جهڙوڪ: محمد مختياري، محمد جعفر بوينده ۽ مجيد شريف به شامل هئا. انٽيلي جنس جي وزارت جي ڇاڙتن جي هلايل ان مهم ايراني راءِ عامه کي سخت چيڙائي وڌو هو (بعد ۾ عدليا اسلاميءَ پاران ڪرايل جانچ کانپوءِ اعلان ڪيو ويو ته انهن وارداتن جي پٺيان ڏوهاري عنصر ملوث هئا، جن جو اڳواڻي هڪ سينيئر اهلڪار سعيد امامي هو، جيڪو ڪجهه وقت اڳ جيل ۾ پراسرار حالتن ۾ مري چڪو هو.) 15 سيپٽمبر 1988ع تي محمد بختياريءَ جي تدفين جي موقعي تي گلشيريءَ جيڪا تقرير ڪئي، اها بي بي سيءَ جي فارسي سروس ايران ۽ ايران کان ٻاهر رهندڙ ايرانين جي لاءِ نشر ڪئي. اها تقرير انتشار جو شڪار ٿيل حڪومت جي خلاف سرڪشي ۽ رهيل کهيل ۽ گهيري هيٺ آيل ايراني ثقافت جي حق ۾ هڪ پُڪار جي حيثيت ٿي رکي، ان دوران گلشيريءَ جي صحت ڪِري چڪي هئي. هن 5 جون 2005ع تي وفات ڪئي.


    فروخ فرخ زاد

    فروخ فرخ زاد، 1934ع ۾ تهران ۾ هڪ فوجي ڪرنل جي گهر ۾ ڄائي، سترهن سالن جي عمر ۾ سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو. “قيدي” شايع ٿيو. ان کانپوءِ “ديوار” ۽ “باغي” جي نالي سان مجموعا ڇپيا. 32 سالن جي عمر ۾ 1966ع ۾ ڪار جي حادثي ۾ وفات ڪيائين. مرڻ کانپوءِ سندس رهيل شاعري “تولدي ديگر” جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپي. سندس شاعريءَ جا موضوع عورت ۽ مرد جي برابري ۽ عورتن جي حمايت آهي. فروخ فرخ زاد جي سورهن سالن جي عمر ۾ شادي ٿي. هڪ پُٽ به ٿيس، پر ٽن سالن کانپوءِ مڙس کان عليحدگي ٿي ويس. هن جي شاعري جي موضوع ۽ شخصي زندگيءَ جي غيرروايتي انداز سبب دقيانوسي سماج هن کي خراب شهرت ڏياري... هن هڪ فلم ٺاهڻ ۾ به حصو ورتو ۽ ڪوڙهين جي هڪ ڪالونيءَ جي باري ۾ دستاويزي فلم به ٺاهيائين، جتي هوءَ ڪجهه وقت وڃي رهي ۽ اُتان هڪ ٻار به وٺي نپايو هئائين. فروخ فرخ زاد جي شاعريءَ جا ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. نيشاپور ۾ عمر خيام جي مزار وٽ قائم “ڪتاب گهر” تي مونکي فرخ فروخ زاده جا ڇپيل ٻه شعري مجموعا نظر آيا... سندس هڪ نظم جو ترجمو هيٺ ڏجي ٿو.

    راتاهو
    پوءِ
    سج ٿڌو ٿي ويو
    ۽ دنيا مان
    برڪت هلي ويئي
    ميدانن مان گاهه سُڪي ويو
    سمنڊن ۾ مڇيون خشڪ ٿي ويون
    ۽ زمين پنهنجن لاشن کي
    ٻاهر اُڇلائي ڇڏيو.

    رات هئڊين درين ۾
    لاڳيتي ڌنڌ وڌندي ويئي
    پکڙجي ويئي
    هڪ شڪي خيال جيان
    ڊگهيون ۽ ڪشاديون سڙڪون
    اوندهه ۾ ٻڏي ويون
    گم ٿي ويون.

    هيڪلائي ۽ نويڪلائي جي غفائن ۾
    بيڪاريءَ جنم ورتو
    رتَ مان ڀُنگ ۽ آفيم جي
    بدبو پئي آئي
    ڳورهارين عورتن
    منڍيون لٿل ٻارڙن کي جنم ڏنو
    پينگهن شرم وچان
    قبرن ۾ پناهه ورتي.

    ۽ انهيءَ خاموش ۽ مرده ٽوليءَ ۾
    جڏهن ڪا چڻنگ
    معمولي ۽ بيڪار چڻنگ
    اوچتو ئي اوچتو
    ڀَڄي ڀُري، پرزاه پرزا ٿي وئي
    تڏهن هنن هڪ ٻئي تي حملا ڪيا
    هنن ڇرين ۽ ڪاتين سان
    هڪ ٻي جا ڪنڌ ڪپيا
    پوءِ هو وڃي
    اڻ سامايل ڇوڪرين سان
    رت هاڻي بستري ۾ سُمهيا.

    (ترجمو: ولي رام ولڀ)


    مرضيه احمدي اسڪوئي

    مرضيه اسڪوئي ايران جي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ 1945ع ۾ هڪ غريب هاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هوءَ ننڍپڻ کان ئي ٻني ٻاري جي ڪم ۾ پنهنجي پيءُ جو هٿ ونڊائيندي هئي، کيس ڳوٺاڻي زندگيءَ جي سختين ۽ هارين جي ڏکن توڙي حياتيءَ جي پوري ڄاڻ هئي. ڇاڪاڻ ته هوءَ پاڻ به هارين جي اڌ بکايل زندگي ۽ ان جي لاهين چاڙهين مان گذري چڪي هئي.
    هاءِ اسڪول جي تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ هن ڇوڪرين جي هڪ اسڪول ۾ ماستريءَ جو پيشو اختيار ڪيو ۽ دل ۽ جان سان نياڻين کي پڙهائڻ لڳي. اڳتي هلي هن محسوس ڪيو ته رڳو اهو ڪافي ناهي ته فقط اسڪول يا ڪاليج جي دائري اندر پاڻ کي محدود رکجي، هن جي اندر جي آواز ۽ ضمير جي پڪار کيس مجبور ڪيو ته هوءَ سرڪاري نوڪري ڇڏي ڏي. هن محسوس ڪيو ته ايراني عوام ۽ خاص ڪري غريب طبقي جي ڀلائي ۽ ڇوٽڪاري لاءِ عوامي انقلاب کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ئي ڪونهي. انهيءَ نتيجي تي پهچڻ کانپوءِ هن سرڪاري نوڪري تان استعفيٰ ڏيئي ڇڏي. نوڪري ڇڏڻ کانپوءِ هوءَ 1970ع ۾ واري انقلابي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويئي ۽ “چيرڪ فداي خلق” (گوريلا جماعت) ۾ شامل ٿي. هن ايران جي عوام سان ٿيندڙ زيادتين جي، پوءِ اُهي آمريڪي سامراج جي طرفان هجن يا اُن جي ڇاڙتن يا خود شهنشاهه ايران يا هن جي جاسوسي کاتي “ساواڪ” طرفان هجن. مقابلي ڪرڻ کي پنهنجي حياتي جو اولين مقصد قرار ڏنو ۽ پوءِ سامراجي ظلم خلاف پنهنجو سينو تاڻي بيٺي، ايئن هن پنهنجي انقلابي مهم کي جاري رکڻ جي لاءِ سرڌڙ جي بازي لڳائي ڇڏي. عورت هوندي به هن ڏاڍي سورهيائي. سان پنهنجي مقصد سان وفاداريءَ جو ثبوت ڏنو ۽ نيٺ 1973ع ۾ هوءَ شاهه ايران جي پوليس جو مقابلو ڪندي پنهنجي جان ڏيئي پنهنجي عزم تي ثابت قدم رهي.
    مرضيه شاعرا ۽ ڪهاڻيڪارا هئي. پر هوءَ سدائين چوندي هئي ته “آءٌ نه رڳو پنهنجي قلم سان، پر پنهنجي ريٽي رت سان آزادي جي تاريخ لکي وينديس.” هن ايئن ئي ڪري ڏيکاريو.
    سندس ڪجهه چونڊ شعرن جو ترجمو هيٺ ڏجي ٿو:
    - آءُ ٻُڌي رهي آهيان هن قيد تنهائيءَ ۾،
    ڪن کڙا اٿم
    هينئر پري کان آزادي جي متوالن جو شور ۽
    “انقلاب زنده باد” جا نعرا ٻُڌڻ ۾ پيا اچن.
    هن بعد منهنجي دماغ ۾ فقط آزاديءَ جو ئي جنون سمايل آهي،
    فقط آزاديءَ جو.
    *

    آءٌ پنهنجي وطن جي هڪ پاڪباز نياڻي آهيان
    نفرت ڏياريندڙ ‘قصر شاهي’ جيل خانو ۽ هٿڪڙيون ۽ ڏنڊا ٻيڙيون.
    هي مضبوط لوهي سيخون ۽ زخمن جا نشان ۽،
    هي گرم گرم رت،
    هي دانهون، ڪو ڪون ۽ فرياد،
    هي راتين ۽ ڏينهن جا ظلم ۽ ستم
    منهنجي عشق جي پکيئڙي کي،
    ۽ سندس ازلي پرواز کي هرگز روڪي نٿا سگهن.
    هيءَ عشق جي بٺي، جا منهنجي اندر ۾ دُکي رهي آهي.
    اُن کي ڪو به ٿڌو ڪري نٿو سگهي.


    فرخي يزدي

    فرخي يزديءَ جو اصل نالو “مرزا محمد” ۽ سندس پيءُ جو نالو محمد ابراهيم هو. فرخي شروعاتي تعليم جي لاءِ انگريزي مدرسي ۾ داخل ٿيو. پندرهن سالن جي عمر ۾ هن مدرسي جي مذهبي تعليم جي خلاف هڪ نظم لکيو، جنهن تي ڪاوڙجي کيس اسڪول مان ڪڍيو ويو. پنهنجي مخصوص باغياڻي رويي ۽ آزاد خياليءَ جي حوالي سان مدرسي مان يزديءَ کي نيڪالي ملڻ اهو ثابت ٿو ڪري ته هو پنهجي مرضي جي خلاف ماحول ۽ حالتن سان جلدي ٺاهه ڪرڻ وارن مان نه هو. هن جي اندر هڪ انقلابي سوچ هئي، جيڪا کيس زندگي ۽ اُن جي نون تجربن ڏانهن راغب رکندي هئي. مدرسي مان نيڪاليءَ کانپوءِ هو محنت ڪري روزي ڪمائڻ لڳو. ان سان گڏ هو بي باڪي، همت ۽ آزاديءَ سان شاعري به ڪندو رهيو. جڏهن ‘ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ’ جو بنياد رکيو ويو ته هو اُن ۾ شامل ٿي ويو. هو وقت جي بادشاهه کي پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي صلاحون ڏيندو رهيو، پر شعر و ادب جي اشارن جي پويان يزديءَ جو وقت جي حڪومت جي لاءِ جيڪو پيغام هو، اهو گهڻو عرصو ڳجهو رهي نه سگهيو ۽ هڪ نظم تي ڪاوڙجي حڪومت يزدي کي جيل موڪلي ڇڏيو ۽ سخت تشدد ڪرڻ سان گڏ سندس چپ به سُبيا ويا. ٽن مهينن کانپوءِ يزدي جيل مان ڀڄي تهران پهتو ۽ نه رڳو پنهنجي شاعري جي ذريعي قوم جي دلين ۾ جوش ۽ وِلولو پيدا ڪندو رهيو، پر هن سجاڳي پيدا ڪرڻ جي لاءِ هڪ روزاني اخبار “طوفان” پڻ جاري ڪئي. پهرين مهاڀاري جنگ جي دوران هو عراق ۽ جرمني ويو. مخالفن کيس قتل ڪرڻ جي لاءِ مٿس گوليون هلايون، جنهن مان هو ڏاڍي ڏکيائي سان بچي سگهيو.
    يزديءَ، ‘يزد’ شهر ۾ ‘مشروطه تحريڪ’ ۽ اظهار جي آزادي لاءِ پاڻ پتوڙيو. هڪ غزل ۾ هو چويٿو:
    قسم به عزت و قدر و مقام آزادي
    که روح بخش جهان است نام آزادي
    هزار بار بود به صبح استبداد
    براي دسته پابسته، شام آزادي.
    (قسم اٿم ته آزادي عزت ۽ قدر جو هنڌ آهي، دنيا ۾ روح ريجهائيندڙ آزادي جو نالو آهي.)
    پهرين مهاڀاري جنگ جي دوران قاچار بادشاهت جي وطن فروشانه پاليسين جي خلاف لکڻ تي کيس هڪ ڀيرو ٻيهر جيل موڪليو ويو. هو پنهنجي هڪ رباعيءَ ۾ چويٿو:
    هرگز دلِ مارخصم نشد
    در بيم ز صاحبان ديهيم نشد
    اي جان به فداي آنکه پيش دشمن
    تسليم نمود جان و تسليم نشد.
    يزدي وقت جي حڪومت تي تنقيد ڪرڻ کان ڪڏهن به نه مُڙيو، جنهن جي نتيجي ۾ کيس ‘رضاخان پهلويءَ’ جي دور ۾ به تڪليفن کي منهن ڏيڻون پيو.
    يزدي ايران جي ‘مجلس شوريٰ’ جو به ميمبر هو. پر انهن سڀني سرگرمين جي هوندي به کيس ڪٿي به دلي سڪون ۽ چين نصيب نه ٿيو. ڪڏهن ڪڏهن ته هو ذلت ۽ رسوائيءَ جي هٿان تنهائي ۾ به هليو ويندو هو. معاشي تنگدستي به کيس پريشان ڪندي هئي. پر هو لڳاتار حڪومت جي خلاف لکندو رهيو.
    هڪ رات مجبور ٿي هن ججهي مقدار ۾ آفيم کائي خودڪشي ڪرڻ چاهي، پر کيس بچايو ويو ۽ اُن ڏوهه ۾ کيس جيل موڪليو ويو، جيل ۾ هن ٻين قيدين سان گڏجي حڪومت جي خلاف نعري بازي ڪئي ۽ تقريرون ڪيون، حڪومت هن جي باغي روح کي هر ممڪن طريقي سان چٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو مستقل مزاجيءَ سان پنهنجي محاذ تي ڄميو رهيو، نيٺ حڪومت پاران کيس زهر ڏيئي قتل ڪيو ويو. فرخي يزدي 1939ع ۾ وفات ڪئي.


    سيمين دانشور

    جديد ايراني ادب ۾ جلال آل احمد ۽ سيمين دانشور جي ادبي جوڙيءَ جيڪو ڪم ڪيو، ان جي ذڪر کانسواءِ، جديد ايراني ادب جو تذڪرو اڻ پورو ٿيندو. سيمين دانشور، جنهن کي پهرين ايراني ڪهاڻيڪارا هئڻ جو اعزاز به حاصل آهي. تنهن 1950ع ۾ جلال آل احمد سان پيار جو پرڻون ڪيون.
    سيمين دانشور 1921ع ۾، شيراز ۾ جنم ورتو. سندس ڪٽنب پڙهيل ڳڙهيل هو. سندس امڙ مصوره ۽ پيءُ ڊاڪٽر هو. سندس پيءُ جو شمار پنهنجي وقت جي ناليوارن حڪيمن ۾ ٿيندو هو. هن طب جي حوالي سان ڪجهه ڪتاب پڻ لکيا. سيمين پنهنجي پيءُ کان گهڻي متاثر هئي. جيڪو طب کانسواءِ ادب سان به دلچسپي رکندو هو. ۽ مطالعي جو به وڏو شوقين هو. هو گهڻو رحمدل هو ۽ غريبن جو مفت ۾ علاج ڪندو هو ۽ نهايت روشن خيال انسان هو. هو پنهنجي ڌيءَ سيمين کي محروم ۽ غريب طبقي جي باري ۾ لکڻ جي لاءِ چوندو هو.
    اهو ئي سبب آهي، جو سيمين جي ڪهاڻين ۽ ناولن جا اڪثر ڪردار ان ئي طبقي سان واسطو رکن ٿا. سيمين شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ‘شيراز’ يونيورسٽيءَ مان ‘فارسي ادب’ ۾ ڊگري حاصل ڪئي ۽ اڳتي هلي تهران يونيورسٽي مان فارسي ادب ۾ ئي ‘پي . ايڇ . ڊي’ ڪيائين. سيمين پهرين “تهران ريڊيو” تي ‘شيرازي بي نام’ جي نالي سان مضمونن لکڻ جي شروعات ڪئي. ريڊيو تي ڪم ڪرڻ کانپوءِ هوءَ ايران جي مشهور روزاني اخبار “ايران” سان واڳجي ويئي، سيمين جو پهريون افسانوي مجموعو 1948ع ۾ ڇپيو.
    1953ع ۾ آمريڪا جي “اسٽينفورڊ يونيورسٽي” ۾ ٻن سالن جي اسڪالر شپ ملي ۽ هوءَ آمريڪا هلي ويئي. جتي رهڻ جي دوران هن انگريزيءَ ۾ ٻه ڪهاڻيون شايع ڪرايون.
    سيمين دانشور پهرين ايراني اديبه آهي، جنهن هڪئي وقت ڪهاڻي ۽ ناول تي طبع آزمائي ڪئي. جنهن ۾ سندس منفرد اسلوب ئي سندس مشهوريءَ جو سبب بڻيو. هن جو مزاج شاعراڻون هو، اُن حوالي سان سندس چوڻ آهي ته مونکي شاعرا بنجڻ کپي ها، پر پنهنجي گهڻي ڳالهائڻ جي ڪري، شاعري نٿي ڪري سگهان. شاعر کي اختصار کان ڪم وٺڻون پوندو آهي ۽ هو گهڻو ڪري مختصر انداز اختيار ڪندي، پنهجي خيالن ۽ فڪر جو نچوڙ پيش ڪريٿو.
    سيمين دانشور، دنيا جي خوبصورتين کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي، تنهن ڪري هن جي هر ڪهاڻي ۽ لکڻيءَ ۾ اميد پرستي نظر اچي ٿي، ان حوالي سان سندس ڪردار به مايوسيءَ جو شڪار نه آهن... ان اميد پرستيءَ جو اظهار ڪندي هوءَ چويٿي، “آئون چاهيان ٿي ته جن گهڙين ۾ دنيا جا سڀ ماڻهو مايوسيءَ جو شڪار هوندا آهن. آئون پُراميد زندگي گذاريان.”
    اُن خيال جي بنياد تي هن جي ڪنهن به افساني ۾ مايوسي نظر نٿي اچي.
    چيو ويندو آهي ته فنڪار جو، فنپارو، سندس شخصيت جي ترجماني ڪندو آهي. ‘سيمين دانشور’ جي لکڻين ۾ سندس ذاتي گُڻن ۽ فڪر جون جهلڪيون نظر ٿيون اچن. مجموعي طور تي اسين اهو چئي سگهون ٿا ته ‘سيمين دانشور’ فارسي ادب ۾ هڪ نئين تحريڪ جي باني آهي. هن اهڙي دور ۾ لکڻ شروع ڪيو. جڏهن فارسي ادب ۾ مرداڻي برتري جي فضا هئي، سيمين ڪهاڻين ۾ مختلف واقعن جي پسمنظر ۾ پيڙهيل عورتن جي بي وسيءَ کي قلمبند ڪريٿي، پر عورت کي بذات خود ڪمزور ۽ مظلوم شمار ٿي ڪري. هوءَ پنهنجن افسانن ۾ ناولن ۽ عورتن جي لاءِ فيصلو ڪرڻ ۽ سوچڻ سمجهڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي.
    سيمين دانشور جي ڪهاڻين ڪتابن ۽ ناولن جو وچور هن ريت آهي.
    (1) آتش خاموش (ڪهاڻيون. 1948ع). (2) شهري چون بهشت (ڪهاڻيون 1961ع). (3) به ڪي سلام ڪنم (ڪهاڻيون 1980ع). (4) از پرندگان مهاجر بپرس (1997ع). (5) سو وشون (ناول 1949ع). (6) جزيره سرگرداني (ناول 1993ع) ساربان سردگردان (ناول 2001ع).


    • الوداع!........ اي شاعريءَ جا ديس

    لڳ ڀڳ ٻه اڍائي ڪلاڪ، ڊگهي قطار ۾ ڪنهن مهل هڪ ٽنگ تي ته ڪنهن مهل ٻي ٽنگ تي بيهندي، يا وري سامهون بئنچ تي ويهندي، اک سامان ۾، ڌيان قطار تي.... يا وري ايراني اميگريشن پوليس جي سپاهيءَ تي، يا وري ماڻهن جي آندل سامان جي ڍڳن تي، جنهن ۾ ججهي اليڪٽرانڪ جي سامان سان گڏ، جوسن ۽ ايراني لسيءَ جي بوتلن جا کوکا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه هو. ‘ايران مان سامان کڻي اچڻ تي ڪا به جهل پل ڪونهي’. ڪنهن چيو هو. “آمريڪا پاران لڳايل واپاري پابندين سبب ايران مان سياح ۽ زيارتي جيتري به خريداري ڪندا، اُن جو فائدو ته لازمي طور تي ايران جي معيشيت کي ٿيندو...”
    اسانجي قافلي مان گهڻن وٽ ڪو خاص سامان نه هو. زائفائن جيتوڻيڪ دل کولي خريداري ڪئي هئي، پر انهيءَ ۾ ڪا خاص شئي نه هئي. البت هنن ڪپڙي جي خريداري خوب ڪئي هئي... جنهن مهل به ڏس ته سندن هٿن ۾ ڪا نه ڪا شاپر... پر مون ڇا ورتو ايران مان...؟ ايران جيڪو شاندار تهذيب سان گڏ شاعريءَ جو به ديس آهي. ۽ اُن شاعريءَ جي ديس مان مون سڀ کان قيمتي شئي خريد ڪئي هئي شاعري... فردوسي، خيام ۽ فريدالدين عطار جي شاعري... سنڌ به ته شاعري ۽ شاعرن جو ديس آهي... هڪ شاعريءَ جي ديس جو رهواسي، ٻي شاعريءَ جي ديس مان سُٺي خريداري شاعريءَ جي ئي ته ڪري سگهيو ٿي.
    ٻن اڍائي ڪلاڪن کانپوءِ جڏهن قطار کٽي ۽ پاسپورٽ تي واپس پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جو ٺپو لڳي مليو ته آئون ٻاهر نڪري ويس ۽ تفتان واري پاسي پُٺ ڏيئي، مير جاوا جي ايراني علائقي تي هڪ ڀرپور نظر وڌم، منهنجون نظرون سامهون اُس ۾ وهنتل جبلن تان ترڪنديون ايئن هيٺ لهڻ لڳيون، جيئن منهنجي من ۾ فردوسي، سعدي، خيام، رومي، عطار، انوري ۽ طاهرا جي شاعري جهرڻا بنجي پيهي رهي هئي.
    ٻه هفتا اڳ، جڏهن ايران اُسهڻ جي لاءِ ڪوئٽا پهتس ۽ ڊاڪٽر شاهه محمد مريءَ سان مليس ته هن چيو، “عجيب ماڻهون آهين... مُلن جي ملڪ ۾ وڃي پيو... سو به رمضان جي مهيني ۾...” ٻين لفظن ۾ ڊاڪٽر شاهه محمد چيو ته “مُلن جي ملڪ ۾ ڪهڙو مزو ايندئي...؟”
    ۽ اڄ جڏهن واپس وران پيو ته سوچيان پيو، “واهه جو مزو آيو... شاعريءَ جي ديس ۾...” جيڪڏهن مَن ملئون ڪونهي ته پوءِ حسن درس جي لفظن ۾:
    زندگيءَ جي ساز تي
    موت جي گنڀير ڌُن
    سڀ سُڻندا ٿا رهن
    ۽ ازل خاني منجهان
    موهه ۽ ماڻا مڙيئي
    درد جا پيلا پکي
    چاهه چُڻندا ٿا رهن
    شاعري جي ديس ۾
    وارتا جي ويس ۾
    ساز جا ساوا پکي
    عشق اُڻندا ٿا رهن.
    *
    ڪلهه منجهند ڌاري ‘مشهد مقدس’ مان نڪتاسين ۽ هڪ ڊگهو سفر ڪري، اڄ يارهين ڌاري ‘مير جاوا’ پهتاسين. صبح جو سوير زاهدان جي ويجهو بس خراب ٿي پيئي، ايئن ٻه اڍائي ڪلاڪ وچ روڊ تي بيٺي جبلن کي تڪيندي چَٽ ٿي ويا. ساڳئي بس نه ٺهي ته ٻي بس ۾ چڙهياسين ۽ زاهدان کان ڦرندا سڌو مير جاوا ۽ هاڻ سرحد اُڪري پاڪستان ۾ داخل ٿي رهيا آهيون. ڪلهوڪي ۽ راتو ڪي سفر ٿڪائي به خوب ڇڏيو هو. رستي ۾ هڪ ٻن هنڌن تي ايراني شهرن جي ٻاهران بس ٿوري دير جي لاءِ اسٽاپ به ڪيو. ‘آراين’ شهر جي ٻاهران هڪ ريسٽورانٽ تي ويهي اسان پيٽ پوڄا ڪئي. رستي ۾ ڪجهه ٻيا ڇڊا پاڊا ايراني شهر به آيا. خاش . بم... وغيرهه پر اسانجو سفر شهرن جي ٻاهران ئي ٻاهران... بس پري کان روشنين جي جهرمر ڏسي وري وري نانگ جيان، جبلن جي وچ ۾ رستي تي روان دوان...
    ڪالهه صبح جو سوير اُٿي ‘حرم’ ويس، جيئن الوداعي حاضري ڀري ۽ واپسيءَ جي سفر جي لاءِ ڪجهه سامان خريد ڪري سگهان. اڌ مُنو ڪلاڪ ‘حرم’ ۾ ويهي الوداعي درود ۽ سلام پڙهي ٻاهر نڪري آيس، ۽ سڌو ‘شيرازي اسٽريٽ’ هليو ويس. ارادو اهو به هو ته ان روڊ تي موجود اخباري اسٽال تان ايراني اخبارن جا نالا نوٽ ڪرڻ سان گڏ يادگيريءَ طور ڪا هڪ اڌ اخبار به خريد ڪري اچان. ايران جي مختلف شهرن ۾ ڪوشش جي هوندي به مونکي ڪا انگريزي اخبار نظر نه آئي. البت فارسيءَ ۾ اخبارون جام هيون. خراسان، القدس، ڪيهان، اطلاعات وغيرهه. پر افسوس جو سوا ڏهين بجي تائين به اسٽال بند هو. شايد ايراني اسٽالن تان اسان وانگر سوير اخبارون خريد ڪرڻ جا عادي نه آهن، يا رمضان شريف جي ڪري اخبارن لاءِ جلدي نٿا ڪن، رات جو عبادت سبب اهو وقت سمهڻ جو هوندو اٿن.؟
    اخباري اسٽال بند ڏسي آئون ٿورو اڳتي نڪري ويس ۽ نادر شاهه افشار جي مقبري واري چوڪ وٽ بيهي ايندڙ ويندڙ گاڏين کي ڏسڻ لڳس ۽ پوءِ نادر شاهه جي مقبري تي لڳل گهوڙي ۽ ان تي ويٺل نادر شاهه جي مجسمي تي سرسري نظر وجهي واپس ‘سوئيت ماسي مصيبيتي’ ڏانهن ورڻ ٿو لڳان. وچ ۾ هڪ بيڪري تان 500 تومان ڏيئي اڍائي کن نان به خريد ڪيم، جيڪي پوءِ اڄ صبح تائين منهنجي ۽ امين جي پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪافي رهيا. اهو سفر اسان ‘نان ماست نوش’ ڪندي گذاريو.
    وسيم جي وٺ وٺ تي اسين سامان گهيلي پاڪستان ڏانهن وڌڻ ٿا لڳون ۽ گيٽ ڪراس ڪري پاڪستان ۾ داخل ٿي ٿا وڃون. سامهون افغاني پٺاڻن جو هجوم ڌوڪيندو پي آيو ايران وڃڻ جي لاءِ.... منهنجي سامهون پاڪستاني سرحد جا ڀڙ ڀانگ جبل اُس ۾ تپي رهيا هئا. مون مُڙي هڪ نظر ٻيهر ايراني آسمان طرف وڌي هڪ ڀيرو ٻيهر ايران اچڻ جي آس سان.... پوءِ نظر وڌم سامهون کتل ايراني جهندي تي ۽ پوءِ ان جي هيٺان لڳل آيت الله خميني ۽ خامنه اي جي تصويرن تي... پوءِ هوريان هوريان منهنجي ذهن تان ايران جو اهو تصور ڌنڌلائجڻ لڳو ۽ منهنجي ذهن ۾ اُڀرڻ لڳو شاعري جي ديس جي خوبصورت شاعريءَ جو تصور ۽ آئون فردوسيءَ جو شعر جهونگارڻ لڳس.
    که ايران بھشت است يا بوستان،
    همي بويءَ مشک آيد ازدوستان.
    (ايران عدن آهي يا باغن جو بھشت، جنهن جي خوشبوءِ دوستن ۽ ساٿين کي ملي ٿي.)
    ۽ اُن سان گڏ وڌڻ ٿو لڳان پاڪستاني اميگريشن چوڪيءَ ڏانهن، جيئن پنهنجي پاڪستان ۾ ٻيهر موٽي اچڻ جي انٽري ڪرائي، پنهنجي ‘سنڌ’ ديس ڏانهن سفر کي جاري رکي سگهان.
    فرض کردم ڪه خراسان و بخارا نه شوي
    ڪ نه باسم مگر از هنڌ، زپنجاب، اي سنڌ.
    (فرض ٿو ڪريان ته اي سنڌ! تون خراسان يا بخارا نه آهين، پر هِنڌ ۽ پنجاب کان ته گهٽ ڪونه آهين.)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 467
    ڪتابن جو مشاهدو: 397335
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 160522
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ