ڪتاب جو نالو: سرڳ جي ڳولها
مصنف: موهن ڪلپنا
ڇپائيندڙ: ناري پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: ٻاراڻو ادب
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 30 آڪٽوبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 583 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 183 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌي ادب ۾ ٻارن لاءِ لکيل هن پهرين سنڌي ناول جو ليکڪ سدا حيات موهن ڪلپنا آهي. هي ناول پهريون دفعو 1958ع ۾ هند ۾ ڇپيو ان کانپوءِ 1981ع ۾ ان جو ٻيو ايڊيشن ڇپيو. سنڌ ۾ هي ناول 1989ع ۾ ڇپيو. هاڻي هي ڪتاب ناري پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2016ع ۾ ساحل پرنٽرز حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • منهنجي سوچ
  • باب پهريون : سرڳ جي ڳالهه
  • باب ٻيو : سرگم جي واقفيت
  • باب ٽيون : سرگم شايد جادوگر ٿئَي
  • باب چوٿون : سرگم جو ماءُ کي منجهائڻ
  • باب پنجون : سرگم روئڻ لاءِ پريشان
  • باب ڇهون : گهر مان ڀاڄ
  • باب ستون : سرڳ جي ڳولها
  • باب اٺون : هڪ ساڌوءَ سان ملاقات
  • باب نائون : ڪتي سان دوستي
  • باب ڏهون : سرڳ جي درشن
  • باب يارهون : ديوتائن سان لڙائي ۽ واپسي

  • حق ۽ واسطا

    ناري پبليڪيشن جو ڪتاب نمبر اٺونجاهون

    ڪتاب جو نالو: سرڳ جي ڳولها
    موضوع: ناول
    لکيڪ: موهن ڪلپنا
    ڇاپو پهريون: ميرج ساهت مالها، ڪلياڻ، بمبئي
    ڇاپو ٻيو: سنڌ ۾ 1989ع
    ڇاپو ٽيون: آڪٽوبر 2016ع
    ٽائٽل ڊزائن: مور ساگر
    لي آئوٽ: جهانزيب علي جوڻيجو
    ڇپيندڙ: ساحل پرنٽرز رابعه اسڪوائر حيدرآباد. 03332634650
    ڇپائيندڙ: نذير ناز
    پاران: ناري پبلڪيشن / ناري ميڊيا سينٽر 3/443
    صدر حيدرآباد سنڌ
    فون: 2731165
    قيمت: 50 روپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن: 2017ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    ”ايملي“ جي فرينچ ليکڪ جي روسو،
    ”شيڪر: ايڪ جيوني“ جي هندي ليکڪ اگييه
    ۽
    سنڌي ليکڪ ڪرشن راهيءَِ کي.

    موهن ڪلپنا


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سرڳ جي ڳولها“ اوهان اڳيان حاضر ڪجي ٿو. سنڌي ادب ۾ ٻارن لاءِ لکيل هن پهرين سنڌي ناول جو ليکڪ سدا حيات موهن ڪلپنا آهي.
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ ٻاراڻي ادب جي کوٽ کي محسوس ڪندي کوڙ ماڻهو اسان ڏانهن خط ۽ برقي نياپا موڪلي رهيا آهن ته ٻارن لاءِ وڌيڪ ڪتاب اپلوڊ ڪيو. موهن ڪلپنا جو هي ناول ان طرف هڪ وک آهي. ٻاراڻي ادب جو اسان جي لکڻ ۽ پڙهڻ سان گڏ شعوري سوچ جي اوسر ۾ اهم ڪردار رهي ٿو.
    هي ناول پهريون دفعو 1958ع ۾ هند ۾ ڇپيو ان کانپوءِ 1981ع ۾ ان جو ٻيو ايڊيشن ڇپيو. سنڌ ۾ هي ناول 1989ع ۾ ڇپيو. هاڻي هي ڪتاب ناري پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2016ع ۾ ساحل پرنٽرز حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو آهي. لک ٿورا پياري مور ساگر جا جنهن هن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي. مهربانيون ناري پبليڪيشن جي سائنڻ نذير ناز جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    منهنجي سوچ

    ٻارو! ناري پبليڪيشن طرفان اوهان لاءِ هند ۽ سنڌ جي برک ليکڪ موهن ڪلپنا جو ٻارن لاءِ لکيل ناول ”سرڳ جي ڳولها“ پيش ڪري رهيا آهيون، هي هڪ بهترين ناول آهي. پڪَ اوهان کي پسند ايندو.
    پيارا ٻارو! ناري پاران ٻارن لاءِ ان ڪري سنڌي ءَ ۾ ڪتاب شايع ڪري رهيا آهيون. جيئن اوهان کي پنهنجي ٻوليءَ سان پيار ٿئي، اوهان سنڌي ٻولي لکو، اهڙا ڪتاب پڙهڻ سان توهان ۾ ادبي ذوق پيدا ٿيندو، اوهان جي ذهني نشو نما ۾ بهتري ايندي، اوهان ۾ پنهنجو مقصد يا پنهنجا مطالبا پيش ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ٿيندي. ڳالهائڻ ۽ تقرير ڪرڻ جو انداز ايندو.
    ٻارو! پنهنجي ٻولي سان پيار ڪريو، استاد بخاري جيئن چيو آهي.
    سنڌي آهي تنهنجي ٻوليءَ،
    سنڌي آهي منهنجي ٻوليءَ،
    تنهنجي ٻوليءَ، منهنجي ٻوليءَ.
    ٻارو! مونکي اوهان جي خطن جو انتظار رهندو، خط پنهنجي امڙ جي ٻوليءَ ۾ لکو، اسين جواب ماءُ جي ٻولي ۾ ڏينداسين.

    اوهانجي پنهنجي

    نذير ناز
    حيدرآباد، 2016ع


    باب پهريون : سرڳ جي ڳالهه

    سرڳ جو نالو ڪنهن نه ٻڌو هوندو؟ چوندا آهن جو انسان هن دنيا ۾ چار چڱا ڪم ڪندو آهي، ڀڳوان ان کي سرڳ ۾ موڪليندو آهي. سرڳ جي باري ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته اتي کير ۽ ماکيءَ جون نديون آهن. شيشي جا رستا ۽ سنگ مرمر جا محل آهن. سونا پلنگ، سونيون پينگهون، ريشمي بستر ۽ ڪپڙا آهن، اُتي طرح طرح جا سُٺا ماڻهو ۽ قسمين قسمين جا پکي هوندا آهن. جانور ته اتي ٿين ئي ڪونه. شايد پاڻيءَ ۾ مڇيون به ڪا نه ٿين. ڪتا، جي مالڪ سان وفادار رهندا آهن، گهوڙا، جي گاڏيون هلائيندا آهن، جن تي چڙهي ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن لڙائي به ڪندا آهن، ڍڳا، جن سان هر ڪاهيو ويندو آهي، اُتي ٿين ئي ڪونه. رڇ، ڀولڙا، جن کي بازيگر گهٽين ۾ نچائي ٻارن کي خوش ڪندا آهن، اهي به اُتي ڪو نه ٿين. اُتي اَمرت جا تلاوَ هوندا آهن، جن ۾ هنس پکي ۽ ڳاڙها، پيلا ۽ اَڇا ڪنول گل هوندا آهن.
    اُتي هڪ عجيب وڻ آهي، جنهن جو نالو آهي ”ڪلپ وڻ“ يعني ان کان جو گهربو آهي سو ملندو آهي.
    هتي وانگر ماڻهو اُتي بک ڪو نه مرن. اَڌ اُگهاڙا ڪو نه گُهمن. بيمار ڪو نه ٿين. اتي ڪيترا به گناه يا پاپ ڪريئيءَ ڪو نه. ڀلاسرڳ جا ماڻهو گناه ڇو ڪندا... ماڻهوءَ کي کائڻ لاءِ ان، پهرڻ لاءِ ڪپڙا ۽ رهڻ لاءِ جڳهه ۽ حياتيءَ جون ٻيون ضروري شيون ملن ته گناهه ڇو ڪن. ماڻهو گناهه، بک جي ڪري، دک جي ڪري ڪندا آهن، سرڳ ۾ سڀني کي سک هوندو آهي. ان ڪري مزي جي ڳالهه اها آهي جو اتي جيل، ڪورٽون، پوليس وارا وغيره ٿين ئي ڪونه.
    جي ماڻهو سرڳ ۾ رهندا آهن، انهن کي ديوتا چئبو آهي ۽ ديوتا نه ڪوڙ ڳالهائيندا آهن، نه ڪنهن کي گاريون ڏيندا آهن. هر ڪو هڪ ٻئي جي عزت ڪندو آهي ۽ ان ڪري اُتي لڙايون جهڳڙا ٿين ئي ڪو نه. بس، جتي ڪٿي ناچه گانا، پاٺ پوڄائون، يگيه هون، راس ليلائون لڳيون پيون هونديون آهن.
    چوندا آهن ڀڳوان خود سرڳ جو راجا آهي.
    پر سرڳ ڪنهن ڏٺو آهي؟
    ها، هن آکاڻيءَ جي بهادر ٻار سرگم سرڳ ڏٺو آهي. پر اُهو سرڳ اهڙو ڪونهي، جو ڏاڏي پوٽي کي، ماءُ پٽ کي يا ڪتاب اسان کي ٻڌائيندا آهن. اُهو سرڳ گهڻو ڦريل آهي. جيئن ستي ساوتريءَ پنهنجي پتي ستيوان جي حياتي بچائڻ لاءِ ڪال ديوتا سان لڙائي ڪئي هئي، تيئن سرگم پنهنجي ڀيڻ بينا جي حياتي بچائڻ لاءِ، ڀڳوان وٽ سرڳ تائين ڪاهي ويو. متان ڀڳوان هن جي وينتي نه مڃي، ان ڪري چڊيءَ ۾ ڀاڄيون وڍڻ وارو ڪپ به کڻي ويو ته هو ڀڳوان کي ڏڪائي پنهنجي ڳالهه مڃائيندو.


    باب ٻيو : سرگم جي واقفيت

    سرگم کي سوچڻ جي عادت گهڻي هئي ۽ بينا کي کلڻ جي. سرگم جو ڪجهه سوچيندو، اُهو ڀيڻ بينا کي ٻڌائيندو هو ۽ بينبا ڀاءُ جون عجيب عجيب ڳالهيون ٻڌي زور سان ٽهڪ ڏيئي کلندي هئي. بينا جي عمر ڏهه سال هئي ۽ سرگم جي اَٺ. ٻئي نيتا جي اسڪول ۾ پڙهندا هئا، بينا چوٿين درجي ۾ هئي ۽ سرگم ٽئين ۾.
    سرگم ۽ بينا جو پيءُ هڪ ٻئي اسڪول ۾ ماستر هو. هن پنهنجي ٻنهي ٻارن کي هيڏانهن هوڏانهن گمڻ لاءِ آزادي ڏيئي ڇڏي هئي ۽ ٻنهي جي ماءُ به ڪڏهن هنن کي ڪجهه نه چوندي هئي. ماءُ پيءُ جي ان آزاديءَ سبب ٻئي گهمڻ جا ڏاڍا شوقين ٿي پيا. شهر ۾ جيڪڏهن ڪو جادوگر يا بازيگر آيل هوندو ته سرگم اسڪول مان بينا جا ڪتاب کڻي ڀڄندو ۽ بينا ”بيهه سرگم، بيهه سرگم،“ چوندي اُن جي پٺيان ڀڄندي ويندي هئي. ڪنهن کي به خبر ڪونه پوندي ته ٻئي ٻڌي ڪري ايئن ڀڄندا هئا.
    هڪ دفعي بينا جي ماستر سرگم کي پڪڙي ورتو. اکيون لال ڪندي چيائينس، ”ڇو، ري، ڪتاب کڻي ڇو ٿو ڀڄين.“
    سرگم ٻانهن ڇڏائي چيو: ”سائين، پنهنجي ڀيڻ جا ڪتاب ٿو کڻان، توهان جا نٿو کڻان.“
    کڙڪ جواب ٻڌي ماستر حيران ٿي ويو.
    اهو ڏسي بينا کلڻ لڳي.
    ماستر بينا ڏانهن منهن ڪري چيو: ”ڇو، ري، تون ڇو ٿي کلين؟“
    بينا مشڪي چيو: ”سائين توهان تي نٿي کلان. مون کي سرگم تي هيمشه کل ايندي آهي.“
    ٻارن جون اِهي ڳالهيون ٻڌي ماستر به کلڻ لڳو. پر پوءِ سرگم ڏانهن منهن ڪري چيائين: ”تڏهن به توهان کي ايئن ڪرڻ نه گهرجي.“
    سرگم عزت سان چيو: ”سائين، توهان کي خبر آهي ته اڄ شهر ۾ هاسانند جادوگر آيو آهي. وينس سئنيما ۾ هن جو پروگرام آهي.“
    ماستر گنڀير ٿي چيو: ”هاسانند جادوگر آيو آهي ته پوءِ مان ڇا ڪريان.“
    سرگم ماکيءَ کان به مٺي آواز ۾ چيو: ”سائين پوءِ جيڪڏهن هاسانند جادوگر کي اسڪول ۾ گهرايو ته اسين اسڪول مان ڇو ڀڄون.“
    ماستر چيو: ”ٻيو ڪجهه چوڻو اٿئي؟“
    سرگم چيو: ”توهين جيڪڏهن اسڪول ۾ جبل ٺهرايو ته اسين جبلن تي ڇو گهمڻ وڃون.“
    ماستر کلي چيو: ”تون ته صفا ڳهيلو آهين. ڀلا ڪڏهن اسڪول ۾ به جبل ٺهيا آهن.“
    سرگم ٺهه پهه وراڻيو: ”نه ته ڀلا توهين جبلن تي اسڪول ڇو نٿا ٺهرايو مٿي مٿي، سڀني کان مٿي. جيئن آسمان سان ڳالهيون ڪري سگهجن. پکين جون ڳالهيون ٻڌي سگهجن. سج کي لهندو ڏسي سگهجي.“
    ماستر اکيون ڦاڙي سرگم کي ڏسندو رهيو. سرگم جو حوصلو وڌي ويو. چيائين: ”سائين، اسڪول ۾ ته رڳو نقشا ئي نقشا آهن. نقشن ۾ صرف شهرن، جبلن ۽ ندين جا نالا آهن. نقشن ۾ شهر جبل يا نديون ته آهن ڪو نه مان نقشن ۾ اڌ اڌ ڪلاڪ نهاريندو آهيان پر مون کي ماڻهو ته ڇا پر هڪ پکي به نظر نه ايندو آهي.“
    ماستر چيو: ”تون ته عجيب آهين؟“
    سرگم کلي چيو: ”سائين، مون کي اها ڳالهه ته دادا ٻن سالن کان چوندو آهي.“
    ”ڪهڙي ڳالهه؟“ ماستر پڇيو.
    ”ته مان عجيب آهيان.“ سرگم چيو.
    هڪ منٽ جي اندر ماستر هڪ ڳالهه سوچي ورتي. سرگم جي ڪلهي تي هٿ رکي چيائين: ”ٻڌ سرگم، اسين جيڪڏهن اڄ سڄي ڪلاس سان هاسانند جادوگر جو جادو ڏسڻ هلون ته؟“
    ”ته ڇا!“ سرگم چيو: ”توهان جو ڪلاس ته چوٿين درجي جو آهي ۽ مان ته رڳو ٽيون درجو پڙهندو آهيان.“
    ماستر کيس ڳراٽڙي پائي چيو: ”چڱو، اڄ کان تون چوٿون پڙهندين؟“
    سرگم سوچڻ لڳو. پوءِ مشڪندي چيائين: ”نه سائين بينا مون کان ٻه سال وڏي آهي. اُن کي ته مون کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ درجو مٿي پڙهڻ گهرجي.“
    ماستر چيو: ”چڱو، توهان هاڻ پنهنجن ڪلاسن ۾ وڃو. مان سڌو هيڊ ماستر وٽ ٿو وڃان. اڄ هينئر ئي موڪل جو گهنڊ هڻايون پوءِ جن کي هاسانند جادوگر جو جادو ڏسڻو هجي اُهي مون وٽ اچن.“


    باب ٽيون : سرگم شايد جادوگر ٿئَي

    اُن ڏينهن وينس سئنيما ۾ هاسانند جادوگر پنهنجي جادوءَ سان ماڻهن کي عجب ۾ وجهي ڇڏيو. سرگم، بينا، ماستر ۽ ٻيا ڇوڪرا، جيڪي جادو ڏسڻ ويا هئا، اُهي گهڙي گهڙي تاڙيون وڄائي رهيا هئا.
    ٻئي ڏينهن ساڳي ماستر اسڪول جي هال ۾ سڀني ڇوڪرن کي گڏ ڪري چيو: ”ٻڌايو ته توهان وڏي هوندي ڇا ٿيندا.“
    هڪ وڏي ڇوڪري اُٿي بيهي چيو: ”سائين مان مهاتما گانڌي ٿيندس.“
    ماستر پڇيس: ”ڇو؟“
    ڇوڪري چيو: ”مهاتما گانڌيءَ لاءِ منهنجي پيءُ کي ڏاڍي عزت آهي، ان ڪري مان مهاتما گانڌي ٿيندس. جيئن ٻين ڇوڪرن جا پيئر منهنجي عزت ڪن.“
    سڀني کلي ڏنو.
    هڪ ٻئي ڇوڪري چيو: ”مان جواهر لعل نهرو ٿيندس.“
    ماستر پڇيو: ”ڇو؟“
    ڇوڪري چيو: ”ڇو جو مهاتما گانڌيءَ وانگر هن به دنيا جي شيوا ڪئي آهي. مان به شيوا ڪرڻ چاهيان ٿو.“
    ماستر هاڻ سرگم ڏانهن نهاريو. سرگم مشڪندي بينا ڏانهن نهاري رهيو. ماستر بينا کان پڇيو، ”بينا، تون ڇا ٿيندينءَ؟“
    بينا چيو: ”مان سباش چندر بوس ٿينديس.“
    ماستر ۽ هوشيار شاگردن ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. بينا سرگم ڏانهن نهاريو، ڏٺائين ته سرگم به کلي رهيو هو.
    ماستر چيو: ”بينا، سباش، چندر بوس ته مرد هو ۽ تون... تون ته ڇوڪري آهين.“
    وري به سڀني کليو.
    بينا ننڍو منهن ڪري چيو: ”پوءِ توهان جو اُن ڏينهن چيو ته جهانسيءَ جي راڻي لڪشمي ٻائي مردن جيان انگريزن سان لڙي هئي. سباش چندر بوس به ته انگريزن سان لڙيو هو. پوءِ مان به مرد بڻجي لڙي نٿي سگهان؟“
    اتي سرگم اٿي چيو: ”پر بينا، تون ڪنهن سان لڙندينءَ مونسان؟“
    وري به چوڌاري ٽهڪڙو مچي ويو.
    بينا روئڻ جهڙي شڪل ڪري ويهي رهي.
    هاڻ ماستر سرگم کان پڇيو: ”ٻڌاءِ، تون ڇا ٿيندين سرگم.“
    سرگم کلي چيو: ”سائين مان ته چريو آهيان.“
    وري به سڀ کلڻ لڳا.
    ماستر گنڀير ٿي پڇيس: ”اِهو توکي ڪنهن چيو؟“
    ”سائين، ڪلهه توهان ئي چيو هو.“
    وري به ٽهڪڙو مچي ويو. هاڻ بينا به کلي رهي هئي.
    ماستر چيو: ”نه، تون چريو ڪو نه آهين. تون سڀني کان سمجهندار آهين.“
    سرگم چيو: ”ته پوءِ ٻڌايان.“
    ماستر چيو: ”ٻڌاءِ.“
    سرگم چيو: ”سائين، مان هاسانند جادوگر ٿيندس.“
    هاڻ ڪير به ڪونه کليو.
    ”ڇو؟“ رپئي مان ٻه رپيا، ٻن رومالن مان هڪ رومال ڪندين ماڻهن کي بيوقوف بڻائيندين.“
    ”نه سائين.“ سرگم چيو: ”مان جادوءَ جي طاقت سان شهر جا پراڻا رستا نوان ڪندس. مان جادوءَ سان ماڻهون جي گهرن جون ڀڳل ڇتيون ٺيڪ ڪرائيندس. جيڪي ماڻهو گاريون ڪڍندا، مان جادوءَ سان انهن کي گونگو بڻائيندس ۽ مان جادوءَ جو غاليچو ٺاهي آسمان ۾ اُڏامندس. ڪڪرن کي وڃي پڪڙيندس. چنڊ سان مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪندس. جادوءَ سان ڪڏهن پکي بڻجي، پکين سان گڏ اُڏامندس. ڪڏهن ٻلي بڻجي گهر مان ڪوئن کي ٻاهر ڀڄائيندس. مان اسڪولن ۾ جبل ٺهرائيندس. مان نقشن ۾ ماڻهن کي وهاريندس... مان... مان... مان هاسانند جادوگر ٿيندس... مان جادوءَ جي طاقت سان سڀني کي نچائيندس. مان پاڻ به نچندس. مان سج کي چنڊ ۽ چنڊ کي سج بڻائي ڇڏيندس، پوءِ سج رات جو نڪرندو ۽ چنڊ ڏينهن جو...“
    سڀ ماستر کلي اونڌا ٿيڻ لڳا.
    وري به ماستر چيو: ”اِهي سڀ ڪم ته رڳو ڀڳوان ڪري سگهي ٿو.“
    ”ته پوءِ مان ڀڳوان ٿيندس.“ سرگم چيو.
    هاڻ ته ڇوڪرن به کليو، سرگم ڏٺو ته ڇوڪريون به کلي رهيون هيون. پر هاڻ بينا چپ هئي. هن ڏاڍي ڌيان سان پنهنجي ڀاءُ جون ڳالهيون ٿي ٻڌيون.
    ماستر پڇيس، ”پر تون ڀڳوان ٿيندين ڪيئن؟“
    سرگم چيو: ”اون تي مون اڃا سوچيو ٿورئي آهي.“
    ماستر چيو: ”ڀلا سوچي اسان کي ٻڌائيندين.“
    ”نه سائين.“ سرگم چيو: ”متان توهان ڀڳوان ٿي وڃو ته؟“
    ماستر ڪو به جواب نه ڏنو.
    ٿوري وقت کان پوءِ سرگم کي هڪ ڪتاب انعام ڏنو ويو. ڪتاب جو نالو هو: ستي ساوتري.


    باب چوٿون : سرگم جو ماءُ کي منجهائڻ

    ٻئي ڀاءُ ڀيڻ جڏهن گهر موٽيا، تڏهن کين خبر پيئي ته هنن جي پاسي ۾ رهندڙ گوڪل پيءُ گذاري ويو هو. گوڪل پيءُ ڇهن مهينن کان بيمار هو. هن جي گذاري وڃڻ ڪري هن جي گهر ۾ رودن پٽڪو مچي ويو هو.
    سرگم چيو: ”ماڻهو روئن ڇو ٿا؟“
    ”گوڪل پيءُ مري ويو آهي.“
    ”پوءِ ان ۾ روئڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“
    ”گوڪل پيءُ وري واپس ڪو نه ايندو.“ بينا چيو.
    سرگم ڀت تي ٽنگيل آرسيءَ ۾ شڪل ڏسندي چيو: ”پرو به ويو ڪيڏانهن آهي؟“
    بينا، جاري تان ڦڻوٽو کڻي هن جي سينڌ ڪڍندي چيو: ”چيم نه مري ويو آهي.“
    سرگم نرڙ ۾ گهنج ٺاهي ڪجهه سوچڻ لڳو. ٿوري وقت کان پوءِ يڪدم پاسي واري گهر ۾ ويو ۽ پوءِ يڪدم موٽي آيو. ڀيڻ کي چيائين: ”بينا، گوڪل پيءُ اکيون ٻوٽي مري ويو آهي. اسين اکيون کولي مرنداسين.“
    ”ڇو؟“ بينا پڇيو.
    ”جيئن اسين ٻين کي روئيندو ڏسي سگهون.“ سرگم چيو.
    ”چريو!“ ايئن چئي بينا کلڻ لڳي.

    سرگم جوش ۾ ٿورو لال ٿي چيو: ”ڇو، مان ڇو چريو آهيان. چريو ته گوڪل پيءُ آهي. هيترا ماڻهو روئن ٿا، تڏهن به اکيون نٿو کولي. مان روئان ته دادا مون کي کيل تي وٺي هلن. آئسڪريم کارائين. خرچي ڏين ۽ رات جو ڀاڪر پائي سمهارين. ڏس نه، گوڪل ڪيترو روئي ويٺو، پر هن جو پيءُ ته ڳالهائي به نٿو.“
    سرگم جي ماءُ پاسي واري گهر ۾ ويئي هئي. اُها جڏهن آئي تڏهن سرگم پڇيس: ”ڀاڀي“ ماڻهو مرڻ کان پوءِ ڪيڏانهن ويندو آهي؟“
    ”سرگ ۾.“
    ”سرڳ ڪٿي آهي؟“
    ”آسمان ۾.“ ڀاڀيءَ چيو.
    ”آسمان ۾ ته سج، چند، تارا آهن، ۽ ڪڪر آهن، سرڳ ڪهڙي هنڌ آهي؟“ سرگم پڇيو.
    ”مون ٿورئي سرڳ ڏٺو آهي.“ ڀاڀيءَ چيو: مون رڳو ٻڌو آهي ته سرڳ آسمان ۾ آهي؟“
    ”ڀلا سرڳ ۾ ڇا ڇا هوندو آهي؟“
    ”دنيا ۾ جيڪي سٺيون ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، اُهي سڀ اُتي ٿينديون آهن. اُتي ڪنهن کي دک روڳ ٿئي ئي ڪونه. اُتي آرام ئي آرام آهي. تون پاڻي گهرندين ته شربت ملندءِ ۽ پئسو گهرندين ته رپيو ملندءِ. اُتي اسڪول به ڪو نه ٿين. ماڻهو رڳو گهمن ڦرن، نچن ڳائين.“
    سرگم پڇيو: ”پوءِ ته گوڪل پيءُ مزي ۾ هوندو.“
    ”ها،“ ڀاڀيءَ جو.
    ”پوءِ جڏهن هو مزي ۾ آهي تڏهن هن جا مائٽ روئن ڇو ٿا؟“
    سرگم بيوقوفن جهڙي شڪل بڻائي چيو: ”ماڻهو دک ڇو ٿا ڪن؟ نه نه پاڻ سرڳ ۾ نٿا وڃن؟“
    ڀاڀيءَ ناراض ٿي چيو: ”سرگم تون ڏاڍو بڪبڪيو ٿي پيو آهين. ڀلا مان جيڪڏهن مري وڃان ته تون ڪو نه روئيندينءَ؟“
    ”ڀلا تون ڇو مرندينءَ ڀلا اڳ ۾ ڪڏهن تون مئي آهين جو هاڻ مرندينءَ.“ سرگم چيو: ”۽ ڀاڀي مون ٻڌو آهي ته سرڳ ۾ سونيون پينگهون به ٿينديون آهن، پر ان مان توکي ڪهڙو فائدو؟ پينگهن ۾ ته ٻار چڙهندا آهن، تون ته وڏي جيڪر گهر ۾ پينگهه ٺاهي نه لڏين؟، ۽ ڀاڀي ماڻهو سرڳ ۾ نچندا ڇو آهن. گوڪل، پيءُ ته ڪڏهن راڳ به ڪو نه ڳائيندو هو، اُهو ڪيئن اُتي نچندو.“
    ڀاڀي چپ چاپ هن جو منهن تڪڻ لڳي.
    سرگم چوندو رهيو، ”تون چوين ٿي اُتي اسڪول ڪو نه ٿين. اُن مان گوڪل پيءُ کي ڪهڙو فائدو؟
    گوڪل پيءُ ته نوڪري ڪندو هو. ضرور اتي به نوڪري ڪندو. پر ڀاڀي، گوڪل پيءُ نوڪري ڪري، پئسا ڪندو ڪيڏانهن؟ هن جا مائٽ ته هتي آهن؟“
    ڀاڀيءَ کيس ڇينڀ ڪڍي، ”چپ ڪر چريا.“
    ”مان چريو آهيان؟“ سرگم مشڪي چوڻ لڳو، ”ڀاڀي مان ته رڳو سرڳ جي باري ۾ پڇان ٿو“ ڪجهه هٻڪي چيائين، ”پر ڀاڀي جيڪي سرڳ ۾ ويندا آهن، اُهي ڪير هوندا آهن؟“
    ”تون ٻار آهين، اِنڪري ڪجهه سمجهي نٿو سگهين. جڏهن وڏو ٿيندين، تڏهن سمجهندين. هن دنيا ۾ جو ماڻهو چڱا ڪم ڪندو آهي، رڳو اُهو سرڳ ۾ ويندو آهي.“ ڀاڀيءَ چيو.
    ”ڀلا نرڳ ۾ ڪير ويندو آهي؟“
    ”لڱا ماڻهو!“
    ”ڀلا نرڳ ڇا آهي؟“ سرگم پڇيو.
    ”اُتي رڳو دک آهي. جيئن هتي گهوڙن کي چهبوڪ هڻبا آهن، تيئن اُتي ماڻهن کي چهبوڪ هڻبا آهن، جيئن اسين پاپڙ پچائيندا آهيون، تيئن اُتي ماڻهو کي پچائيندا آهن. مان سمجهان ٿو، گوڪل پيءُ شايد نرڳ ۾ ويو آهي، تڏهن ته هو روئن ٿا.“
    پنهنجي معصوم پٽ جون اِهي ڳالهيون ٻڌي، ماءُ کي روئڻ اچي ويو. هن ڀريل آواز ۾ چيو: ”چپ ڪري اندر ڀيڻ سان وڃي راند ڪر، وات ڦاٽوڙو نه ٿي؟.“
    سرگم ڪنڌ جهڪائي ٻئي ڪمري ۾ هليو ويو.


    باب پنجون : سرگم روئڻ لاءِ پريشان

    ٻئي ڪمري ۾ سرگم ڀيڻ کي سڏ ڪري چيو: ”بينا! اچ ته رئون“.
    بينا عجب وچان چيو: ”ڇو؟“
    ”ڀاڀي جو روئي ٿي“.
    ”ڀاڀي ڇو ٿي روئي؟“ بينا پڇيو.
    ”ٻڌايانءِ... گوڪل پيءُ جي ڪري ان جا مائٽ روئن ٿا. ان جي مائٽن ڪري ڀاڀي روئي ٿي. اچ ته ڀاڀيءَ ڪري اسين روئون.“
    ”چڱو“
    ”چڱو! ته پهرين تون روءُ، مان ٽي ڳڻيان پوءِ روئج پهرين سڌي ٿي بيهه“.
    بينا سڌي ٿي بيٺي.
    ”ڪنڌ ۾ ڪر“.
    بينا ڪنڌ مٿي ڪيو.
    ”هڪ... ٻه...“
    بينا کلڻ لڳي.
    ”کل نه... تون روءُ... وري هڪ... ٻه... ترس اڳ ۾ روئڻ جهڙي شڪل نه ڪر... مان جڏهن ٽي چوان تڏهن ڪج... وري... هڪ... ٻه... ٻه!... اڍائي... هوشيار!... ٽي!...“
    پر بينا کي روئڻ آيو ئي ڪونه.
    ”روءُ نه!“
    ”روئڻ نٿو اچي“.
    ”پوءِ مان ڇا ڪريان؟ ڀاڀيءَ کان مار کارايائينءِ، پوءِ روئيندينءَ؟... مان چيڙايانءَ، پوءِ روئندينءَ؟“ ايئن چئي سرگم کيس چيڙائڻ لڳو:
    ڇوڪري ري ڇوڪري
    گڏن جي نوڪري
    رات ڀريندي پاڻي
    صبح ڪندي سلام!
    بينا مشڪڻ لڳي.
    ”چري، روءُ نه... مان توکي اڄ ڪيئن به روئاريندس“. سرگم وري کيس چيڙائڻ لڳو:
    بينا بينا کي نه مار
    بينا ننڍڙي ڪنوار
    بينا دال رڌي
    سا به ڦڪي ڦڪي
    مڙس سان ڳالهائيندي لڪي لڪي.
    بينا ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي.
    سرگم چوندو رهيو:
    جاڳ جاڳ من ٽيڪم ٽوپڻ
    آيا اٿيئي ري چور
    ماڻهين پڻهي جا زيور وڃن ٿا
    او ڀڄ ري ميان، ڀڄ ري ميان
    اڙي پاڙيوارا ٻڌو ويٺا؟
    بينا اڃا به کلڻ لڳي، مگر سرگم بيحد گنڀير ٿي ويو. پاڙيوارن جو نالو ياد اچڻ سان پاڻ روئڻ جو فيصلو ڪيو. آهستي آهستي چيائين: ”چڱو مان ٿو روئي ڏيکاريانءِ.“
    ”ڀلا ڪيئن روئيندين؟.“
    ”پهرين مان ياد ڪندس ته مون حياتيءَ ۾ ڪل ڪيتريون مارون کاڌيون آهن. ڏس پوءِ روئڻ اچي ٿو نه...“ ائين چئي هو حياتيءَ ۾ کاڌل مارون ياد ڪرڻ لڳو.
    هڪ دفعي برسات ۾ نديءَ ڪناري ڏانهن ويو هو، نه، نديءَ ۾ سنان ڪرڻ ڪو نه ويو، صرف نظارو ڏسڻ ويو. جڏهن موٽيو تڏهن سندس ڪپڙا آلا هئا ۽ سيءَ سبب ڏڪي رهيو هو ۽ ماءُ جي پُڇڻ تي سچ به ڳالهائين، تڏهن به ماءُ مار ڏنس ته جيڪڏهن تون درياهه ۾ ٻڏي وڃين ها ته...
    ٻئي دفعي هن کي راڳ ڳائڻ تي ڏاڍي دل هئي. ماءُ چيس اسڪول وڃ. چيائين اسڪول ڪو نه ويندس، اڄ سڄو ڏينهن راڳ ڳائينديس. ماءُ زور ڪيس، پر هن نه مڃيو، ان ڪري اهڙي مار کاڌائين، جيئن اُٺ کائي پتڻ تي.
    هڪ دفعي ڏياريءَ جي ڏينهن ضد ڪيائين ته مان وشڻو چڪر ٻاريندس. ماءُ چويس نه، متان باهه لڳيئي سرگم چيس ڀلا ڪڏهن دادا کي باهه لڳي آهي؟ تڏهن ماءُ ان ڪري چماٽ هنئيس جو هن ريس ڪئي هئي. چيائينس: تون ته ڪو ريسارو گدڙ آهين.
    هڪ دفعي هن کي پتليءَ ماءُ به مار ڏني هئي. سرگم روز هن جي ننڍڙي باغيچي مان گلاب جا گل پٽي ايندو هو. پتليءَ ماءُ روز هن جي ماءُ وٽ دانهن کڻي ايندي هئي. هڪ دفعي جڏهن سرگم سڀ گلاب جا گل پٽي ۽ سنگهي، کائي ڇڏيا، تڏهن پتليءَ ماءُ هن کي پڪڙي ڏاڍي مار ڏني. سرگم، ماءُ جي مار تي هميشه روئيندو هو، پر پتليءَ ماءُ جي مار تي ڪو نه رنو. هن کي خبر هئي ته جيڪڏهن هو روئيندو به، تڏهن به پتليءَ ماءُ هن کي پنهنجي ماءُ جيان پرچائيندي ڪا نه. پيار ڪا نه ڪندي. ڇو ته ماءُ جڏهن کيس ماريندي هئي ته ماءُ جي شڪل به روئڻ جهڙي ٿي پوندي هئي، پر پتليءَ ماءُ ته جيئن وڃي ماريندي تيئن وڃي خوفناڪ ٿيندي.
    هڪ دفعي ماستر به هن کي مار ڏني هئي. ماستر چيس: راڳ ڳاءِ، سرگم چيو سائين روز روز مان... ماستر چيو: تڏهن مان ڳائيندس؟ سرگم تاڙيون وڄائي چيو: سائين ڏاڍو مزو ٿيندو. مان نئون راڳ ياد ڪندس ماستر چيو: پڻهين راڳ ڳائيندو آهي؟ سرگم چيو: ها سائين. مان ڌيان سان ٻڌندو آهيان، تڏهن ته راڳ ياد ڪري سگهندو آهيان. سائين توهان کي پٽ آهي؟ ماستر چيو ها. سرگم چيس: پوءِ اهو ته توهان جا راڳ ڌيان سان ٻڌندو هوندو. ماستر چيو نه، هو تو وانگر چريو ڪونهي. سرگم کلي چيو سائين مان چريو آهيان. پوءِ توهان مون چريي جو راڳ روز ڇو ٿا ٻڌو؟ ڪٿي توهان جو پٽ ته چريو ڪونهي. ۽ ماستر اها ڳالهه ٻڌي ڪاوڙ وچان کيس چاڪ ٺڪاءُ ڪيو. سرگم تڪڙ ۾ ڪنڌ هيٺ ڪيو ته چاڪ ٻئي ڇوڪر جي نڪ ۾ وڃي لڳو... اُن ڇوڪر يڪدم رڙيون ڪيون اَلاري!... بابا ري!... ۽ پوءِ روئڻ لڳو. تڏهن ماستر اڳيان وڌي سرگم جي وارن ۾ هٿ وجهي کيس بينچ کان ٻاهر ڌڪو ڏنو... سرگم ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته هو نه روئي، ڇو ته هن کي پڪ هئي ته اهو ماستر کيس ڪو نه پرچائيندو. سرگم جو پيءُ اسڪول ۾ ڪنهن کي به ڪو نه ماريندو هو، پر هيءُ ماستر... ۽ سرگم کي روئڻ اچي ويو. سرگم دل ئي دل ۾ چيو: جيڪڏهن ڪو توهان کان وڏو، توهان کان ائين وارن کان پڪڙي، پٽ تي ڦٽو ڪري ته... ته پوءِ جيڪر توهان کي خبر پوي ته مون کي بدن ۾ ڪيترو سور ٿي رهيو آهي...
    اِهي سڀ ڳالهيون ياد ڪرڻ بعد به سرگم کي روئڻ نه آيو. هو سوچڻ لڳو ته آخر ڪيئن روئي... ڪجهه سوچي ڀيڻ کي چيائين:
    ”بينا هڪ بصر کڻي آءُ“.
    ”ڇو؟“
    ”سوال جواب نه ڪر ڪپ به کڻي آءُ پوءِ تون منهنجي اڳيان بصر وڍ... ڏس ٻنهي کي روئڻ اچي ٿو نه...“ بينا عجب ۾ اکيون ڦاڙي بصر کڻڻ ويئي.
    هڪ ٻه منٽ سڄو رڌڻو ڏٺائين مگر بصر ڪو نه مليس ۽ پوءِ چپ چاپ اچي سرگم وٽ بيٺي. ايتري ۾ سرگرم هڪ ٻي ڳالهه سوچي ورتي.
    چيائين: ”بصر ڪو نه مليه... چڱو هڪ گلاس پاڻي ڀري اچ...“
    بينا پاڻيءَ جو گلاس ڀري کڻي آئي. سرگم يڪدم پاڻي پي ويو. پاڻي پي اکيون بند ڪيائين. وري اکيون کولي بينا کي ٻيو گلاس ڀري اچڻ لاءِ چيائين. اُهو به پي ويو ۽ ائين ٽيون گلاس به چيائين ۽ اُهو به پي ويو.
    ”پاڻي ڇو ٿو پينءَ سرگم.“ بينا پڇيس.
    ”ڀلا ڀيٽ ۾ پاڻي هوندو ڪو نه ته اکين ۾ ڪٿان ايندو. بينا اڄ ته ڪيئن به توکي روئي ڏيکاريندس.“
    ڀاءُ کي روئڻ لاءِ آتو ڏسي بينا جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. سرگم رڙ ڪري چيو: ”اڙي تون روئين ٿي.. پر تو ته اڌ گلاس پاڻيءَ جو به ڪو نه پيتو آهي.“
    بينا سچ پچ روئڻ لڳي ۽ سرگم جڏهن هن کي پرچائڻ ويٺو ته هن کي به روئڻ اچي ويو.


    باب ڇهون : گهر مان ڀاڄ

    سرگم ستي ساوتريءَ وارو ڪتاب پڙهي پورو ڪيو. سندس پيءُ هن لاءِ ٽي ڪتاب آندا هئا. 1. ٻال رامائڻ، 2. ٻال مها ڀارت، 3. ٻال سري ڪرشن. جي به هن پڙهي پورا ڪيا. هن جو يقين ٿي ويو ته هن دنيا ۾ انسان سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو. ستي ساوتريءَ ڪال ديوتا کي شڪست ڏني هئي. رام جو نالو وٺي پاڻيءَ ۾ پل ٺاهي ويئي هئي. هنومان پهاڙ کڻي اُڏاميو هو. سري ڪرشن، هاٿيءَ جي ڏند سان ڪڻس کي ماريو هو. تڏهن سرگم فيصلو ڪيو ته پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪا اهڙي ڳالهه ضرور ڪندو. جيئن سڄي دنيا عجب ۾ پئجي وڃي.
    سياري جي موسم ۽ آرتوار جو ڏينهن هو. سرگم ۽ بينا موڪل هئڻ سبب امرناٿ مندر ڏانهن هليا ويا. اُتي گهمي ڦري اڃا به اڳيان ويا، جو هڪ ننڍي باغ وٽ وڃي پهتا. باغ مان ڪجهه ميوو پٽي کاڌائون ۽ ڪجهه گل ڇني سنگهيائون. اتي هڪ ٻالڪ ويٺو هو جنهن هن کي ٻڌايو ته هتي پاسي ۾ هڪڙو کوهه آهي، جنهن جو پاڻي اونهاري ۾ ٿڌو ۽ سياري ۾ گرم هوندو آهي. اها ڳالهه ٻڌي سرگم ۽ بينا ٻئي ان کوهه ڏانهن ويا. کوهه جي ٻاهران هڪ نلڪو هو، جنهن مان کوهه جو پاڻي ٿي آيو. ٻنهي اٽڪل اڌ اڌ ڪلاڪ سنان ڪيو. پاڻي هو ته گرم، پر ٿڌ جي موسم هئي، ان ڪري گهر پهچڻ کان اڳ ئي بينا کي سيءُ تپ ٿي پيو. گهر آيا. ڌيءُ کي بيمار ڏسي سرگم پيءُ ڊاڪٽر کي وٺي آيو. ڊاڪٽر بينا کي سئي هڻي، دوا ڏيئي هليو ويو.
    پر بينا چاڪ ڪا نه ٿي.
    سرگم ڀيڻ جي پاسي ۾ ويهي هن جي منهن ۾ نهاريندو رهيو هو.
    بينا چيو: ”سرگم... مان جيڪڏهن مري وڃان ته؟“
    سرگم هن جي وات تي هٿ رکي چيو: ”وڌيڪ نه چئه تون اڪيلي مرندينءَ!“
    ”هرڪو اڪيلو ته مرندو آهي.“ بينا چيو.
    ”پر اسين گڏ مرنداسين. اسين اکيون کولي مرنداسين.“
    ”سرگم... تون سچ پچ چريو آهين.“
    ”ڀلا ڪيئن؟“ سرگم پڇيو.
    ”تون ڪيڏي نه بَڪ بَڪ ٿو ڪرين... ماڻهو ڪجهه وقت چپ رهي ته سٺو.“
    سرگم هن جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو: ”بينا... مان جيترو ڳالهائيندو آهيان ان کان وڌيڪ سوچيندو آهيان، پر توکي ڪهڙي خبر ته مان ڇا سوچيندو آهيان؟ ٻڌاءِ، تون ميران ٻائيءَ جي مورت مان ڀڄن ٻڌندينءَ؟“
    ”ڀلا مورت ڪيئن ڳائيندي؟“
    ”ڀلا فوني تي رڪارڊ ڪيئن ڳائيندو آهي، رڪارڊ ۾ ٿورو ئي ڪير ويٺو هوندو آهي. رڪارڊ ۾ ته رڳو ليڪون هونديون آهن. پوءِ ميران ٻائيءَ جي فوٽي ۾ ته هزارين رنگين ليڪون آهن. ميران نه رڳو ڳائيندي، پر تنبورو به وڄائيندي. ناچ به ڪندي.“
    ”سچ!“ بينا چيو، ”ڀلا ڏسان“.
    سرگم ڀت تي ٽنگيل ميران جي تصوير اڳيان وڄي بيٺو ۽ ان کي ٻئي هٿ جوڙي چيائين: ”ميران ڳاءِ!“
    ڪجهه نه ٿيو.
    ”ميران تون ڳاءِ نه... مان توکي هٿ ٿو جوڙيان... پيرين ٿو چوان... تون ڳاءِ! ميران... ميران... ميران... تون ڳاءِ... تون ڳاءِ... ميران، تون ڳاءِ... توکي قسم آهي، تنهنجي تنبوري جو...“
    ائين چئي سرگم اکيون بند ڪيون.
    ۽ اوڏي مهل سرگم کي معلوم ٿيو ڪوئي ڳائي رهيو هو. ها، ميران ٻائي ڳائي رهي هئي.
    تيري مئن تو پريم ديواني.
    ميرا درد نه جاني ڪوئي.
    سرگم رڙ ڪري چيو، ”بينا! بينا! ميران ڳائي ٿي، ميران ڳائي ٿي!“ ائين چئي هو خوشيءَ ۾ ناچ ڪرڻ لڳو.
    بينا چيو، ”اڙي بيوقوف اهو سر سوتيءَ جي گهر ريڊيو پيو وڄي.“
    سرگم يڪدم ناچ بند ڪري، پٿر وانگر هڪ هنڌ بيهي رهيو. پوءِ ڌيان سان ريڊئي وارو راڳ ٻڌائين. پوءِ ميران ٻائيءَ جي مورت ڏانهن منهن ڪري چيائين: ”چڱو تون ڀل اڄ نه ڳاءِ پر تون ويندينءَ ڪيڏانهن؟ مان پٽيءَ سان تنهنجي تنبوري جون سڀ تارون ڀڃي ڇڏيندس... پوءِ ته توکي ضرور روئڻ ايندو پوءِ ڏسجانءِ تنهنجي اکين مان ڪيئن نٿو پاڻي نڪري.“ ۽ پوءِ منهن سڄائي وڃي بينا جي پاسي ۾ ويٺو.
    ڏينهن گذرندا رهيا. بينا چاڪ نه ٿي، جو ڊاڪٽر چيو ته هن کي شروع کان ئي نمونيا ٿي پئي آهي. هيءَ اُها بيماري آهي، جنهن ۾ ماڻهو مري به ويندو آهي. بيماريءَ ۾ ماڻهو لڇندو ڦٿڪندو آهي. بينا به لڇڻ ڦٿڪڻ لڳي. ڊاڪٽر دوا ڪندو رهيو، پر فائدو ڪو نه ٿيو.
    هڪ ڏينهن سرگم ماءُ روئندي سرگم کي چيو ته بينا مري ويندي؟
    سرگم بحث ڪو نه ڪيو. چپ چاپ پوڄا واري ڪمري ۾ هليو ويو ۽ وڃي ڀڳوان جي مورتيءَ اڳيان بيٺو. چيائين: ”ڀڳوان مون کي خبر آهي ته سڀني کي جنم ڏيڻ وارو ۽ مارڻ وارو تون آهين پر تون اسان کي جنم ڏينءَ ئي ڇو ٿو جيڪڏهن مارڻو اٿئي؟ تو ڪڏهن خود کي ماري ڏٺو آهي؟ نڪر مورت کان ٻاهر!... مون کي سڀ خبر آهي ته دنيا ۾ جيڪو ٿئي ٿو، تنهنجي چوڻ تي ٿئي ٿو... پر تون ته چورن جيان مورت ۾ لڪو پيو آهين ۽ پاڻ کي سرڳ جو راجا پيو سڏائين... بينا تنهنجو ڇا بگاڙيو آهي، جو تون ان کي ماري رهيو آهين.. بينا تنهنجو ڇا بگاڙيو آهي، جو تون ان کي ماري رهيو آهين.. ڪريون.. اهو ڏوهه تنهنجو آهي ان جي مار توکي ملڻ گهرجي.“
    ٻئي ڪمري مان ماءُ پڇيس، ”پٽ ڪنهن سان ويٺو ڳالهائين.“
    ”ڀڳوان سان.“ سرگم چيو.
    ”چريو آهين ڇا؟“ ماءُ چيو.
    ”ڀڳوان سان رڳو چريا ڳالهائيندا آهن ڇا ڀاڀي؟“ سرگم چيو.
    ”چپ ڪر ڪتا!“ ماءُ چيو.
    ”مان ڪتو آهيان ڀاڀي؟ پر منهنجي شڪل ته ڪجهه ڪجهه ڀڳوان جهڙي آهي.“
    سرگم ماءُ ڪمري ۾ هن ڏانهن ڌوڪي آئي. ڪن کان پڪڙي چيائينس: ”ڀڳوان سان گستاخي.“
    ”ڀلا تو منهنجي گستاخي ڇو ڪئي.“ سرگم ڪن ڇڏائي پڇيس.
    ”تون ڪهري باغ جي موري آهين.“ ماڻس رڙ ڪئي.
    ”ڀاڀي ڪڏهن چوين ٿي ته مان ڪتو آهيان ۽ ڪڏهن چوين ٿي موري آهيان. ڪڏهن تون چوندي آهين ته مان گلاب جو گل آهيان تون ئي کڻي ٻڌاءِ ته مان آخر آهيان ڇا؟“
    ”گڏهه!“ ماڻهس چيو.
    ”گڏهه ٿوريئي اسڪول ويندا آهن پوءِ تون ڇو مون کي اسڪول موڪليندي آهين.“
    ”چپ ڪر... بينا بيمار آهي...“
    ڀيڻ جو نالو ٻڌي سرگم ڀڳوان جي مورت ڏانهن نهاريو. پوءِ ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو ۽ جڏهن ماڻهس به ٻاهر نڪري آئي، تڏهن هو وري ان ئي ڪمري ۾ گهڙي ويو. وري ڀڳوان کي چيائين: ”بينا کي بچاءِ.“
    جواب ڪو نه آيو.
    ”نه ته باهه ۾ جلائي ڇڏيندوساءِ.“
    وري به جواب ڪو نه مليو.
    سرگم ڀڳوان جي مورت کڻي رنڌڻي ۾ هلي ويو. چلهه تي رکيل ديگڙي لاهي هن ڀڳوان جي ان مورتيءَ کي باهه ۾ وجهي ڇڏيو ۽ پوءِ يڪ ٽڪ ان مورتيءَ ڏانهن ڏسندو رهيو. ڪجهه وقت بعد هو ماءُ وٽ ويو ۽ پڇيئاين، ”ڀاڀي تو ڀڳوان ڏٺو آهي؟“
    ”ڇو؟“ ماڻهس پڇيو.
    ”ڀلا ڀڳوان ۽ ڀڳوان جي مورت ۾ تفاوت آهي؟“
    ”مگر ڇو؟“
    ”ڀڳوان جي مورت ته ٽڪي به ملندي آهي، سچو ڀڳوان گهڻي ملندو آهي؟“
    ”تون صفا نادان ٿي پيو آهين.“
    ”ڀلا سچو ڀڳوان رهندو ڪٿي آهي.“
    ”سرڳ ۾.“ ماڻهس چيو.
    ”تڏهن هن دنيا جو مالڪ ڪير آهي.“
    ”اهو به ڀڳوان آهي.“
    ”يعني ڀڳوان رهندو هڪ هنڌ آهي ۽ راڄ ٻئي هنڌ ڪندو آهي.“
    ماءُ چپ چاپ هن جو منهن تڪيندي رهي.
    ”ڀلا بينا کي ڪير ٿو بچائي سگهي؟“
    ”ڀڳوان!“
    ”ته پوءِ ڊاڪٽر کي ڇو ٿا گهرايو؟“
    ”ڊاڪٽر جواب ڏيئي ويو آهي.“
    ”پر ڀڳوان کي ٻڌائيندو ڪير ته بينا بيمار آهي.“
    ”هن کي سڀ خبر آهي.“
    ”سڀ خبر اٿس، تڏهن به نٿو اچي، چڱو ڀاڀي ٻُڌ مون تنهنجي ڀڳوان کي جلائي ڇڏيو، هو ڪنن هوندي ڪجهه ٻڌي نه ٿو، اکين وندي ڪجهه ڏسي نه ٿو. رنڌڻي ۾ ڏسينس وڃين. جلڻ مهل الا به ڪو نه ڪيائين.“
    ماڻهس رنڏڻي ۾ ڌوڪي ويئي ۽ مورت کي جلندو ڏسي موٽي اچي سرگم کي ورتائين، چماٽون ۽ لتون هڻي، سٽي رکيائينس. سخت مار کائڻ بعد سرگم گهور گهور ڪري ماءُ ڏانهن نهاريو. اڄ ماءُ جي شڪل روئڻ جهڙي نه هئي. اڄ ماءُ جي شڪل پتليءَ ماءُ جهڙي هئي. پتليءَ ماءُ، جنهن هن کي گلن پٽڻ سبب سخت مار ڏني هئي. سرگم اٿي کڙو ٿيو. چيائين: ”ڀاڀي مون کي خبر ڪو نه هئي ته ماستر ۽ پتليءَ ماءُ وانگر تون به ظالم آهين!..
    ڀاڀي... مون کي ميران ٻائيءَ به ڪو نه ٻڌو ۽ ڀڳوان به ڪو نه ٻڌو... مان هن گهر ۾ هاڻ ڪو نه رهندس. منهنجي هن مار جو سبب ڀڳوان آهي. بيناجي بيماريءَ جو سبب به ڀڳوان آهي. مان هاڻ ڀڳوان وٽ ويندس. مان سڄي دنيا ۾ کيس ڳولهيندس، مان کيس مزو ڏيکاريندس، مون کي خبر آهي هو سرڳ ۾ رهندو آهي.“ ائين چئي هو وري رنڌڻي ۾ ويو. اُتان ڀاڄين وڍڻ وارو ڪپ کنيائين ته مان ڀڳوان کي ڏڪائي به بينا جي حياتي بچائيندس. ۽ پوءِ گهر مان ڀڄي ويو.
    ماڻهس زور سان رڙ ڪئي، ”سرگم!“
    سرگم ڊڪندي چوندو ويو، ”مان ڪتو آهيان؟ مون کي سڏ نه ڪر!“


    باب ستون : سرڳ جي ڳولها

    سرگم جو پيءُ جي ڀڄي وڃڻ جو ٻُڌي ڏاڍو دکي ٿيو. ڌيءَ اڳ ۾ ئي بيمار هئس. بينا ڀاءُ کي ڀڄندو ڏسي بيهوش ٿي ويئي. سرگم پيءُ سرگم کي ڳولڻ لاءِ پريشانيءَ وچان گهر کان ٻاهر نڪتو. هو سئنيما ۾ ويو، جبلن تي ويو، امرناٿ جي مندر ۾ ويو، نديءَ تي ويو، ايتري قدر جو ٽرين جي پٽن تي به ويو مگر سرگم ڪو نه مليس. آخر ۾ سرگم جي دوستن کان پڇيائين مگر اُتان به پتو ڪو نه مليس ۽ ائين پوليس چونڪيءَ تي وڃي رپورٽ ڪري آيو.
    سرگم ماءُ پڇتائڻ لڳي. هن فيصلو ڪيو ته اڳتي سر کي ڪڏهن ڪا نه ماريندي. ڇو ته مار، ٻار کي سنوارڻ بجاءِ بگاڙيندي آهي. ٻارن ۾ جيڪڏهن چڱا لڇڻ وجهجن ته، نه هو شرارتون ڪن، نه مار ڏيڻ جي نوبت اچي. ۽ نه هو گهر مان ڀڄن. شرارتون ته ڀڳوان به ڪندو هو. ڪرشڻ گوپين جا مٽڪا ڀڃندو هو. گوپين جي گهر وڃي مکڻ کائيندو هو. اڪيلو نه کائيندو هو، دوستن کي به کارائيندو هو. پر هن جون شرارتون وڻندڙ هونديون هيون. مگر سرگم جون؟ سرگم ماءُ سوچيندي رهي ته آخر سرگم ڪهڙو گناهه ڪيو هو. ڀڳوان جي مورتي جلائي هئائين نه؟ پر سوال آهي سرگم ائين ڇو ڪيو؟ پنهنجي ڀيڻ لاءِ ڪيائين... ۽ مون اهڙي ابهم کي مار ڏني... مان ماءُ نه، ڏائڻ آهيان... ماءُ جو ته فرض آهي ته ٻار کي سنڀال سان رکي. هن کي پيار ڪري. ڪڏهن اک به ڏيکاريس، پر ڪاساين جيان ماريس نه... منهنجو سرگم ڪٿي هوندو... اڄ ته هن هڪ پئسو به ڪو نه خرچيو آهي. بک لڳي هوندس. ويٺو ماڻهن جون شڪليون ڏسندو هوندو...
    بينا کي جڏهن هوش آيو، تڏهن هن پهريون سوال اهو ڪيو، ”ڀاڀي سرگم آيو.“
    ماءُ سوچڻ لڳي ته ڪهڙو جواب ڏئي، آخر ۾ چيائين ”آيو هو، کيس پڻهي ناناڻي گهر وٺي ويو آهي. سرگم پي چيو جڏهن تون چاڪ ٿي ناناڻي گهر ويندينءَ، تڏهن ئي پوءِ هو هتي ايندو.“
    بينا رڙ ڪري چيو، ”ڀاڀي تڏهن مان ضرور چاڪ ٿينديس. ڀاڀي مان ڪا نه مرنديس. ڀاڀي مان سرگم لاءِ جيئري رهنديس.“
    سرگم پيءُ جڏهن نراش ٿي موٽيو، سرگم ماءُ کيس ٻئي ڪمري ۾ وٺي ويئي. پڇيائين ”سرگم جو پتو پيو؟“
    ”نه!“
    تڏهن سرگم ماءُ کيس روئندي ٻڌايو ته هن بينا سان ڪهڙو ڪوڙ ڳالهايو هو. ٻئي ويچار پئجي ويا.
    ٻئي ڏينهن سرگم پيءُ سڄي سنڌو نگر جي خاڪ ڇاڻي، پر سرگم جو پتو ڪو نه پيو. بمبئي وڃي مائٽن وٽ جاچ ڪيائين، مگر تڏهن به کيس ڪجهه خبر نه پيئي.
    تڏهن سرگم ڪيڏانهن ويو؟
    سرگم گهر مان سڌو امرناٿ جي مندر ڏانهن ڀڳو.
    پر اتي پهچي اڃان به اڳيان ڀڳو. هن ائين پئي سمجهيو ته ڄڻ ڪو ئي هن جي پٺيان ڪاهي پيو آهي.
    هو روئندي ڊڪندو ٿي ويو ۽ ڊڪندي سوچيندو ٿي ويو، سڀ مون کي مارين ٿا! ڇو؟ ڇو جو مان ننڍو آهيان!
    ڇو جو مان ڊڄان نٿو ۽ جيڪا ڳالهه دل ۾ اچي ٿي، اها چئي ٿو ڏيان! ماڻهو مون تي کلندا آهن، چريو چوندا آهن.
    ۽ چاڪ به هڻندا آهن... ڇو ته مان روز روز راڳ ڳائڻ پسند نٿو ڪريان! ڇو ته مان گل پٽيندو آهيان... ڇو جو مان درياهه تي گهمڻ ويندو آهيان... ڇو ته مان ڀڳوان سان گستاخي ڪندو آهيان.
    ڀڳوان! ڀڳوان ڪٿي آهي؟ سرڳ ۾! سرڳ ڪٿي آهي؟ آسمان ۾! پر آسمان وڏو آهي مون کي کنڀ ته آهن ئي ڪو نه جو مان پکين جيان اُڏامي سگهان، هوائي جهاز به ڪو نه آهيان مان ته هڪ ٻار آهيان مگر مون کي سرڳَ جي رستي جي خبر ڪونهي. پر سرڳ هوندو ضرور سڀ جو چوندا...“
    اوچتو هو رستي تي بيهي رهيو. هن بابا حاجي ملنگ جي جبل ڏانهن نهاريو. جبل آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيو هو. هن سوچيو: هي جبل ته آسمان سان مليو پيو آهي. شايد اِن جبل جي چوٽيءَ تي ئي سرڳ ڏانهن وڃڻ جو رستو هوندو... ۽ پوءِ هو حاجي ملنگ جبل ڏانهن ڊڪڻ لڳو. سنجها ٿيڻ تائين هو جبل تائين پهچي ويو ۽ جڏهن اَڌ جبل چڙهي به ڏسڻ ۾ نه اچڻ لڳو.
    ٿورو مٿي، جبل تي هڪ ننڍو ڳوٺ ۽ هڪ بازار هئي. اُتان ڪجهه روشنيءَ کي ڏسي اڃا به مٿي چڙهڻ لڳو. بازار ۾ پهچي هن ڏٺو ته هتي به اهڙا ماڻهو هئا جهڙا سنڌو نگر ۾ هئا! هن کي بک لڳي هئي، پر هن وٽ هڪ پئسو به ڪو نه هو. هو ننڍڙو ٻار... دل ننڍي ڪري هڪ هوٽل جي سامهون وڃي بيٺو. هوٽل جي پاسي ۾ هڪ جهوپڙي هئي، جتي هڪ جوان زال ويٺي هئي. سرگم کي اڌ ڪلاڪ هڪ هنڌ بيٺل ڏسي هوءَ هن ڏانهن وڌي آئي ۽ کانئس پڇيائنس، ”تون ڪير آهين؟“
    ”مان! مان سرگم آهيان!“ سرگم آهستي ڇا تي تاڻيندي چيو.
    ”تون ڪيڏانهن تو وڃين!“ مائيءَ پڇيس.
    ”وڃان ڪونه ٿو هتي بيٺو آهيان!“ سرگم چيو.
    ”گهر.“
    ”تون هتي اڪيلو آيو آهين؟“ مائي پڇيس.
    ”ها!“ سرگم چيو.
    ”ڇو؟“
    ”مون کي ڀڳوان وٽ وڃڻو آهي.“
    مائي عجب ۾ چيس، ”ڀڳوان وٽ ڇو؟“
    سرگم ڪاوڙ مان چيس، ”تون منهنجي ماءُ ٿورو ئي آهين جو ايڏا سوال ٿي ڪرين؟“
    مائيءَ جي دل ڀرجي آئي. پڇيائينس، ”گهر مان ڀڄي آيو آهين؟“
    ”ها!“
    ”ڇا جي لاءِ؟“
    ”مون کي بک لڳي آهي...“ سرگم ڳالهه ڦيرائي ڇڏي.
    مائي کيس پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ وٺي وئي ۽ کيس پيٽ ڀري ماني کارايائين. سرگم ماني کائي اتي ئي سمهي پيو. صبح جو جڏهن ننڊ مان اٿيو، تڏهن اُٿڻ کان اڳ ئي چيائين، ”ڀاڀي چانهه تيار آهي.“ پر اکيون کولڻ بعد وائڙو ٿي ويو. کيس سڀ ڪجهه ياد اچي ويو. هن جهوپڙيءَ ۾ چوطرف نهاريو. هن مائي کي ننڊ هئي. ان مائيءَ جي کٽ تي هڪ مرد سمهيو پيو هو. شايد اهو هن جو مڙس هوندو. پر سرگم جو ان سان ڪهڙو واسطو... هو چپ چاپ جهوپڙيءَ مان ڀڄي نڪتو.
    ٻاهر تازي هوا لڳي رهي هئي ۽ روشنيءَ ۾ کيس خبر پيئي ته هو ڌرتيءَ کان ڪيڏو نه مٿي هلي آيو هو. پر هن کي ته اڃان مٿي وڃڻو هو ۽ هو مٿي وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو. هو ٿورو اڳيان وڌيو جو هڪ فقير چيس:
    ”پٽ، هڪ پئسو ڏي!“
    ”پئسو! پئسو تون ڇا ڪندين، پئسي مان توکي ڇا ملندو؟“ سرگم عجب وچان پڇيس.
    ”پئسو پئسو گڏ ڪري مان رپيو ڪندس. رپيو گڏ ڪري مان به ماني کائيندس ۽ منهنجي بيمار زال به ماني کائيندي.“
    سرگم چيس، ”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين! توکي جي حياتي پياري هجي ها ته پنين نه ها.“
    ”مان مجبور آهيان پٽ!“ فقير چيو.
    ”مجبور! مجبور جي معنيٰ لاچار آهي نه؟ ڏس مان ڪيڏو نه ننڍو آهيان، پر مان ڀڳوان سان وڙهي سگهان ٿو. تون به هل نه مونسان به ته ٻارهن ٿينداسين تون ڀڳوان کان پُڇج ته هن توکي فقير ڇو ڪيو آهي.“
    ”ڇوڪرا تون چريو آهين...“
    چريو! اهو ئي لفظ: چريو!!
    سرگم مٺي آواز ۾ چيو، ”مان ته تنهنجي ڀلائيءَ لاءِ چئي رهيو هئس، تون جيڪڏهن پنهنجي ڀلي لاءِ نه وڙهندين ته سڄي حياتي رڳو پيو پنندين.“ ائين چئي سرگم اڳيان وڌي ويو.
    سرگم سمجهي ويو ته ماڻهو هميشه دکي صرف تڏهن رهن ٿا، جڏهن هو دک سهڻ تي هري وڃن ٿا ۽ دک کان پاسو ڪرڻ جي ڪوشش نٿا ڪن! پر مان دک نه سهندس! مان لڙندس مان لڙندس مان ڀڳوان سان لڙندس!
    ۽ پوءِ هو مٿي وڃڻ لڳو. رستو ننڍو ٿيندو ويو. ايتري قدر جو جيڪڏهن ڪير اتان ڪري ته شايد هڪ هڏي به سلامت نه بچيس. پر هو چڙهندو رهيو ۽ ائين ٻن ڪلاڪن جي پنڌ بعد مٿي پهچي ويو.
    سياري سبب گرمي ڪو نه هئي. هو جبل تي پهچي عجب ۾ پئجي ويو. آسمان ته اڃا به مٿي هو. جبل تي ڏاڪڻ ته هئي ڪو نه. تڏهن سرڳ ۾ ڪيئن وڃبو؟ هن پنهنجون ٻئي ٻانهون مٿي ڪيون ۽ فيصلو ڪيو ته اڄ مان ضرور مٿي اُڏامندس. هنومان ڪو نه اُڏاميو هو! هن هوا ۾ ٽپو ڏنو، پر تڏهن به اُڏامي ڪو نه سگهيو. هن ٻه ٽي ٻيا به ٽپا ڏنا، پر وري به رڳو ڪري ئي پيو، هن جي دل ڀرجي آئي ۽ هو روئڻ لڳو.
    هن کي گهر جي ياد آئي... دادا مون کي ڳولهيندو هوندو... ڀاڀي روئندي هئي! ۽ بينا... بينا بيمار آهي ۽ مون کي بينا جي حياتي لاءِ ڀڳوان سان لڙڻو آهي.
    هو وري اُٿي بيٺو ۽ آسمان ڏي نهاريائين ۽ پوءِ کيسي مان ڪپ ڪڍي زور سان چيائين ”ڀڳوان مان توکي ڏسي رهندس. مان فقير وانگر ڊڄڻو ڪو نه آهيان! مان بهادر آهيان آخر تون ويندين ڪيڏانهن؟ نيلم پري، تون ڪٿي آهين؟ لال پري تون ته ٻارن کي پيار ڪندين آهين. توهان ڪٿي آهيو؟... مون کي ته هتي هڪ به ڀڳوان، هڪ به ديوتا، هڪ به پري ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي!... ڀاڀي آکاڻين ۾ پرين جون ڳالهيون ٻڌائيندي آهي. ڇا اهي آکاڻيون ڪوڙيون آهن؟ پر ڀڳوان ضرور هوندو. نه ته هيءَ دنيا ڪيئن ٺهي؟ ڀڳوان ڪلهه مون تنهنجي بي عزتي ڪئي هئي، مون کي معاف ڪر، مگر تون مون کي پنهنجي شڪل ڏيکار! نه، تنهن جو قسم توکي ڪپ ڪو نه ڏيکاريندس. اهو تڏهن ڏيکاريندس، جڏهن تون ڳالهه نه مڃيندس، پر تون اچ نه. اچ نه ڀڳوان؟ تون ڪٿي آهين مان توکي ڪٿي ڳولهيان، تنهنجي سرڳ جو رستو ته مون ڏٺو ڪونهي... پر مان ايندس... مان تو وٺ ضرور ايندس.“ ائين چئي هو جبل تان هيٺ لهڻ لڳو.


    باب اٺون : هڪ ساڌوءَ سان ملاقات

    سرگم اڌ ڪلاڪ ۾ جبل واري بازار ۾ پهچي ويو، بازار ۾ چڱي چهل پهل مچي پيئي هئي. هو بيحد ٿڪل هو، کيس اُڃ به هئي ته بک به هئي. هو هڪ هوٽل ۾ هليو ويو ۽ يڪدم پاڻيءَ جا ٻه گلاس پي ويو ۽ پوءِ وري ٻاهر اچي سوچڻ لڳو ته هاڻ هو ڇا ڪري.
    سامهون هڪ ڪنڊ تي، وڻ جي هيٺان هڪ ساڌو پلٿي ماري اکيون ٻُوٽي ويٺو هو. هن جي اڳيان ٿورو ميوو ۽ ڪجهه پئسا رکيا هئا. سرگم سوچيو: شايد مهاراج کي بک ڪونهي. پر هو اکيون پوري ڇا ٿو ڪري... چوندا آهن ته ڀڳوان پنهنجي ڀڳتن کي درشن ڏيندو آهي. ضرور هن کي به درشن ڏنو هوندائين.
    هو يڪدم ساڌوءَ جي ڀرسان وڃي ويٺو ۽ آهستي چيائين، ”مهاراج.“ ساڌوءَ اکيون کوليون. ننڍي ٻار کي سامهون ڏسي، مسڪي چيئاين، ”چئه پٽ.“
    ”تون اکيون بند ڪري ڇا پيو ڪرين.“
    ڀڳتي!
    ”ڪنهن جي ڀڳتي؟ ڀڳوان جي تو ڀڳوان ڏٺو آهي؟“
    ”ها پٽ، مون ڀڳوان ڏٺو آهي.“
    سرگم يڪدم اُٿي، نڪر جي ساڄي کيسي ۾ (جنهن ۾ ڪپ پيو هو) هٿ وجهي چيو، ”ڪٿي آهي ڀڳوان؟“
    ساڌو چيو، ”تون ئي ته ڀڳوان آهين“
    ”مان! مان! تون چريو آهين ڇا؟“ سرگم عجب مان چيو.
    ”مان به ڀڳوان آهيان. دنيا ۾ هر انسان، ڀڳوان جو هڪ روپ آهي.“
    ”تون ڏکي ٻولي ڇو ٿو ڳالهائين آخر دنيا ۾ گهڻا ڀڳوان آهن؟“
    ”جيترا ماڻهو آهن.“
    ”۽ سرڳ ڪٿي آهي؟“ سرگم پڇيو.
    ”اهو هر ڪنهن ماڻهوءَ جي گهر ۾ آهي. سرڳ به اتي آهي ۽ نرڳ به اُتي آهي. تون چاهين ته گهر کي سرڳ (بهشت) بڻائي سگهين ٿو، چاهين ته نرڳ (دوزخ).“
    ”ڀلا سرڳ ۾ ته رڳو کير، مکڻ، ماکي، سون، گل، ديوتا، امرت، ناچ گانا ۽ الائي ٻيو ڇا ڇا هوندو آهي ۽ نرڳ ۾ ته ماڻهو باهين ۾ جلندا آهن. اسان جي گهر ۾ سرڳ ۽ نرڳ ڪٿي آهي... تون نقلي مهاراج ته نه آهين!“
    ساڌوءَ کلي چيو، ”پٽ، ڳالهائڻ ۾ ڏاڍو هوشيار ٿو معلوم ٿينءَ پر تون اڃان ٻار آهين. تون اڃا هن سنسار کي ڪو نه سڃاتو آهي. مٺا اڄڪلهه ٻين کي ته ڇا پر پاڻ کي به سمجهڻ مشڪل ٿي پيو آهي.“
    سرگم کي ان جواب مان مزو نه آيو، چيائين، ”تون ميوو نٿو کائين!“
    ساڌوءَ چيو، ”بک ڪونهي“
    سرگم کيسي مان هٿ ڪڍي، هن جي پاسي ۾ ويهندي چيو ”ٿورو پنڌ ڪر بک لڳندءِ مون سان هلندين؟“
    ”ڪيڏانهن؟“
    ”سرڳ ۾.“ سرگم چيو.
    ساڌو عجب ۾ پئجي چيو، ”پر سرڳ ڪٿي آهي؟“
    ”مون کي خبر هجي ها ته مان تو وٽ ڇو اچان ها.“ سرگم چيو.
    سادو سرگم جو منهن تڪيندو رهيو.
    ”پر توکي ته خبر آهي... تون چوين ٿو ته مان خود ڀڳوان آهيان، پر منهنجو سرڳ ڪٿي آهي.. نه، تون ڪوڙو آهين.. مان وڃان ٿو.“ سرگم چيو.
    ”نه، ويهه... پهرين ٻڌاءِ تون ڪير آهين ۽ هتي ڇو آيو آهين. سچ ٻڌاءِ ڪٿي تون ڀڳوان ته ڪو نه آهين.. منهنجو امتحان وٺڻ ته، ڪو نه آيو آهين.“
    سرگم کلڻ لڳو. آهستي چيائين، ”هاڻ تون ننڍڙن ٻارن جيان پيو ڳالهائين.“
    ساڌوءَ کي شڪ پيو شايد سرگم ڀڳوان آهي، ڇو ته چوندا آهن ڪڏهن ڪڏهن ڀڳوان ويس بدلائي پنهنجي ڀڳتن جي سامهون ايندو آهي.
    هن چيو، ”نه تون سچ پچ ڀڳوان آهين، تون هڪ ٻالڪ جو روپ ڌاري مون وٽ آيو آهين. ٻڌاءِ مان تنهنجي ڪهڙي شيوا ڪريان. هي ڦل کائيندين.“
    سرگم ها ڪئي.
    ساڌو هن کي آهستي آهستي ڪري ميوو کارائڻ لڳو. سرگم مزي سان ميوو کائيندو رهيو. جڏهن ميوو کائي پورو ڪيائين، تڏهن ساڌوءَ کي مهرباني چيائين.
    ساڌوءَ چيس، ”ٻي ڪا آگيا ڀڳوان؟“
    ”مان ڀڳوان ڪو نه آهيان ڀائي!“
    ”نه، تون آهين.“
    ”چڱو آهيان.“ سرگم چيو، ”ٻڌاءِ توکي ڇا کپي؟ ڇا تنهنجي به ڀيڻ بيمار آهي؟“
    ساڌوءَ چيو، ”نه ڀڳوان، مون کي رڳو تنهنجو درشن ڪرڻو هو،سو ڪيم. ٻڌايو هاڻ مان ڇا ڪريان.“
    ”ٻڌ!“ سرگم به چئي ڏنو، ”هميشه سچ ڳالهاءِ. ڪنهن کان ڊڄ نه. جيڪا ڳالهه ٺيڪ سمجهين ڪندو رهه. دکين کي مدد ڪر ۽ ها... ٻارن سان هميشه پيار ڪر... ڪنهن ٻار کي چريو نه چئَه... ٻار به سمجهدار ٿيندا آهن.“
    ساڌو يڪدم اُٿي بيهي، سرگم کي هنج ۾ کڻي ناچ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ زور زور سان چلائڻ لڳو: مون کي ڀڳوان ملي ويو. مون کي ڀڳوان ملي ويو. هه هه هه هه ها... مون کي ڀڳوان ملي ويو...
    بازار جا ماڻهو هلندي هلندي هڪ هنڌ پهچي ويا ساڌوءَ ڏانهن عجب وچان نهاريائون ۽ پوءِ هن ڏانهن وڌيا. ساڌوءَ سرگم کي هنج مان هيٺ لاهي، پنهنجي ڏاڙهيءَ کي لوڏيندي چيو، ”ڀائرو ڇا توهان ڀڳوان کي ڏسڻ چاهيو ٿا.“
    سڀني زالن مردن هڪ ئي آواز ۾چيو، ”ها“
    ”پر اِن لاءِ هڪڙو شرط آهي.“ ساڌوءَ چيو.
    ”ڪهڙو!“ ماڻهن پڇيو.
    ”توهين سڄي حياتي سچ ڳالهائيندا. ڪنهن کان ڊڄندا ڪو نه. دکين کي مدد ۽ ٻارن کي پيار ڪندا.“
    ”ها.“ ڪيترن ئي ماڻهن چيو.
    پر ساڌو ڪجهه چوي، ان کان اڳئي سرگم ميڙ مان نڪري ويو. هن اوڏي مهل ان مائيءَ کي ڏٺو، جنهن کيس رات ماني کارائي هئي ۽ پنهنجي گهر سمهاريو هو. مائيءَ به کيس ڏٺو، پر اڳيان وڌي ڪا نه، جو کيس ساڌوءَ جي ڳالهه ٻڌڻي هئي. ۽ سرگم سوچڻ لڳو هي ساڌو بيوقوف آهي ماڻهو به بيوقوف آهن. ڪنهن به ڀڳوان کي ڏٺو ڪونهي ۽ تڏهن به ڀڳوان کي مڃين ٿا!
    ساڌو چيو، ”اجهو، هيءُ آهي ڀڳوان،“ ائين چئي هن هيٺ نهاريو. پر سرگم هو ئي ڪونه، ”اهو ڏسي سادو پريشان ٿي ويو ۽ ماڻهن چوڻ شروع ڪيو.“ ڪٿان جو پئسا ڪمائڻ جو نئون نمونو! ”هي ساڌو ڪونهي ڪوئي ٺڳ آهي.“
    ساڌو چيو، ”مون تي اعتبار ڪريو. اجهو اڃان هينئر هتي بيٺو هو.“
    اوڏي مهل هن مائيءَ ڳالهايو، ”اڙي هو ٻار ڇا، جنهن کي سرڳ وڃڻو هو.“
    ساڌوءَ رڙ ڪري چيو، ”ها، اهو ئي ڀلا هو ڇا اسان ماڻهن سان نرڳ ۾ رهندو؟“
    مائي به زور سان چيو، ”اڙي رات هو ڏاڍو بکايل هو. رات مون ماني کارائي مانس. کٽ تي ڪمبل وجهي سمهاريو مانس، پر صبح جو اکيون کولي ڏسان ته هئو ئي ڪونه. ڀلا ڀڳوان جو ٿيو. انتر ڌيان ٿي ويو هوندو. اڙي اڃان هينئر هتي بيٺو هو. ڏسو وري به انتر ڌيان ٿي ويو.“
    اُتي هو فقير به بيٺو هو. ان چيو، ”ها، هو مون وٽ به آيو هو. مون کي ڪيتريون صلاحون ڏنائين، مگر مون ٻڌومانس ئي ڪونه. مون پئسو گهريو مانس ته چيائين هڪ پئسي مان ڇا ڪندين. مون کان پڇيائين: سرڳ ۾ هلندين، مون چيومانس: نه... اڙي مان ته لٽجي ويس... برباد ٿي ويس...“ ائين چئي هو روئڻ لڳو.
    هاڻ ڪن ماڻهن زور سان چوڻ شروع ڪيو، ”اسين به اڀاڳا آهيون اسان جو ڀڳوان بکايل... اسين ته پاڻ بک مري به هن کي کارايون ها!“
    ۽ سرگم اتان ڀڳو. هن کي هنن ماڻهن کان ڪراهت اچي ويئي. چيائين: هي عقل جا دشمن آهن. اهو به ڪو نه ٿا سوچين ته جو خود ڀڳوان جي ڳولها ۾ آهي، اهو خود ڀڳوان ٿي ٿو سگهي... مان جيڪڏهن ڀڳوان هجان ها ته اُڏامي ڪو نه سگهان ها؟ پوءِ بينا بيمار ئي ڇو ٿئي ها... مان ته پنهنجي طاقت سان سڀني کي سُٺو، سکيو ۽ تندرست ڪري ڇڏيان ها... پر خير! جو ٿيو، سو ٿيو... هان اڃا به مون کي اڳيان وڃڻو آهي. پهرين هيٺ لهڻو آهي ۽ پوءِ وري اڳيان وڃڻو آهي. مون کي سرڳ کي ڳولهڻو آهي. منهنجي کيسي ۾ اڃا به ڪپ پيو آهي ۽ اهو مان ڀڳوان کي ڏيکاري چوندس: ڀڳوان بينا کي ٺيڪ ڪر. ماڻهن کي دُکي نه ڪر... انهن کي عقل ڏي ته هو توکي سڃاڻي سگهن!


    باب نائون : ڪتي سان دوستي

    سرگم سڄو ڏينهن ڀٽڪندو رهيو. پهرين هن کي جبل جي پٺيان وڃڻ جو خيال آيو. ڇو جو ڪنهن ٻُڌايس ته اتي هڪ شينهن کي رڳو کيلن ۾ ڏٺو هو، سو سوچيائين ته جيڪڏهن ڪنهن وڻ تي چڙهي لڪي لڪي ان کي ڏسان ته... پر پوءِ خيال آيس ته پهرين سرڳ کي ڳولهڻو آهي. شينهن کي ته پوءِ به ڏسي سگهندس.
    رستي تي هن کي هڪ ڪتو مليو. ڪتو هن ڏانهن چتائي نهاري رهيو هو. هو به ڪتي ڏانهن ٽڪٽڪي لڳائي ڏسڻ لڳو. ماءُ هن کي ڪتو چيو هو. پر ڪتي جي شڪل ڪيڏي نه ڦريل آهي. وڏا گندا ڏند... چار ٽنگو... پُڇ... ڀڳوان ڪتا ڇو پيدا ڪيا آهن... هو سوچڻ لڳو... ها، ڪتا چورن کي ڀڄائيندا آهن... ڀلا ڀڳوان چور ڇو پيدا ڪيا آهن... ڀلا چور چوري ڇو ڪندا آهن؟
    مون کي ته هڪ سوال جو جواب نه ٿو اچي. مان ٽيون سنڌي پڙهندو آهيان. مون کي ڪيترا بيت ياد آهن. سائين چيو، مان سڀني ٻارن ۾ سمجهدار آهيان، پر سائين کي اها ڪهڙي خبر ته مون کي اها به خبر ڪونهي ته ڀڳوان ڪتا ۽ چور ڇو پيدا ڪيا آهن...
    سرگم ڏٺو ته ڪتو هاڻ پڇ لوڏي رهيو هو. سرگم کي خبر هئي ته جيڪي ڪتا پڇ لوڏيندا آهن سي چڪ نه پائيندا آهن. سو هو ڪتي ڏانهن وڌيو. ڪتو ٿورو پٺيان هٽي آهستي ڪيڪڙائڻ لڳو... سرگم ڏٺو ته هن جي پوئين ٽنگ مان رت وهي رهيو هو. هن يڪدم قميص لاٿي. قميص لاهي گنجي لاٿي. اُها گنجي ڪتي جي ٽنگ کي ٻڌائين ۽ پوءِ قميص پائي مشڪي ڪتي ڏانهن نهاري اڳيان وڌڻ لڳو.
    سرگم اڳيان وڌي پويان نهاريو. ڏٺائين ڪتو به هن جي پويان اچي رهيو هو. سرگم بيهي رهيو ته ڪتو به بيهي رهيو. سرگم کي کل اچي ويئي. کلي هو اڳيان وڌيو ته ڪتو به وڌيو.
    سامهون هڪ جهوپڙيءَ جي ٻاهران هڪ ساڌو ٻيڙيءَ مان سوٽا هڻي رهيو هو. ان ساڌوءَ کي ڏسي، سرگم کي جبل واري ساڌوءَ جي ياد آئي، جنهن هن کي ڀڳوان سمجهيو هو. جنهن ساڌوءَ جو اهو خيال هو ته ڀڳوان ويس بدلائي پنهنجن ڀڳتن ڏانهن ايندو آهي. سرگم مشڪي، هڪ هنڌ بيهي، ڪتي ڏانهن نهاري چيو، ”ساڌو مهراج ڀل مون کي ڀڳوان سمجهي، مگر مان توکي ڀڳوان نٿو سمجهان. جيڪو ڀڳوان سرڳ ۾ ڪتن کي نه رکندو آهي، اُهو ڪتي جو ويس پائي نٿو سگهي.“
    هاڻ ڪتو هن جي گوڏن ۾ منهن لڪائڻ لڳو.
    سرگم وري به اڳيان وڌيو. ڪتو به وڌيو ۽ ائين ٻئي هلندا رهيا. سرگم کي هڪ رٿ سجهي آئي. اڳيان هلي هو هڪ وڻ تي چڙهي ويو. سمجهيائين ته ڪتو بيهي بيهي هليو ويندو، پر ڪتو بيٺو رهيو. سرگم وڻ تان هيٺ لهي آيو.
    ڪتي ڏانهن عجب وچان نهاري وري هو اڳيان وڌيو. ڪتو سندس اوٽ وٺندو رهيو. آخر ۾ سرگم کي ڪاوڙ لڳي. رڙ ڪري چيائين، ”تون ته سچ پچ ڪتو آهين! توکي خبر ڪونهي ته مان ڪيڏانهن ٿو وڃان ۽ پڇ لوڏيندو پيو منهنجي پٺيان اچين! عجب مان عجب مان منهنجو ٻوٿ ڇا ٿو تڪين. نه، مان ته وڃان ٿو سرڳ ۾! مان آهيان انسان، پنڌ ڪندو ويندس، پر تون ٿڪجي ڪو نه پوندين! ۽ ها، توکي سرڳ ۾ اچڻ به ڪو نه ڏيندا... تون ڪتو آهين نه... تون رڳو چورن لاءِ آهين ۽ چور رڳو نرڳ ۾ هوندا آهن... منهنجي جند ڇڏ...“
    ڪتو ڪجهه ڳالهائي نه سگهيو، پر سرگم کي عجب لڳو جو هن پهرين ته رڙيون ڪري ڳالهايو هو، پر پوءِ هن جو آواز ڍلو پوندو ويو. هن کي سوچڻ جي عادت هئي ۽ هو سوچڻ لڳو: ائين ڇو؟... پر هن دفعي هن کي ان جو جواب ملي ويو ته مون کي ڪتي سان همدردي آهي نه، اِن ڪري. ڀاڀي به جڏهن اڳي پهرين پهرين وڙهندي هئي ته رڙيون ڪندي هئي، پر پوءِ هن جو آواز گهٽجي ويندو هو. پر مان ته ڀاڀيءَ جو پُٽ آهيان، هيءُ ڪتو منهنجو ڪير ٿئي...
    هو هيٺ جهڪي ڪتي جو منهن پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ آڻي چوڻ لڳو، ”ٻڌاءِ، تون منهنجو ڪير آهين؟ ڀاڀي ڪڏهن ڪڏهن مون کي ڪتو چوندي آهي، ڇا منهنجي شڪل به ڪجهه ڪجهه تو جهڙي آهي... تنهنجو گهر آهي؟ تون ماني کائيندو آهين... پر تنهنجي شڪل روئڻ جهڙي ڇو آهي... توکي ٽنگ ۾ سور آهي نه... توکي ضرور ڪنهن پٿر هنيو هوندو... ائين ته مون به ڏاڍيون مارون کاڌيون آهن، پر مان هميشه ٿوروئي روئيندو آهيان. هميشه ڪوشش ڪندو آهيان ته نه روئان... ڀلا بهادر ڪو روئندا آهن... چريا، تون ته ڪتو آهين، تون ته ڄائي ڄم کان بهادر آهين، تون ڇو ٿو روئين... چڱو هل مون سان... تون سرڳ جي دروازي وٽ بيهي ڀڳوان کان رڙ ڪري پڇجانءِ ته ڀڳوان توکي ڪتو ڇو بڻايو آهي... مون فقير کي چيو ته تون ڀڳوان وٽ هل، پر هو هليو ئي ڪونه... ڀلي نه هلي. تون هل. رستي تي ڪو گڏهه مليو ته ان کي به وٺي هلنداسين. ڀاڀي مون کي گڏهه به چوندي آهي. رستي تي گلاب جا گل مليا اُنهن کي به پٽي کڻي هلنداسين... موريون ته اهي به پٽينداسين... مون کي عجيب خيال آيو آهي ڀڳوان کي چوندس: ڀڳوان! مون کي گلن جهڙي دل آهي ۽ مان ڪتي وانگر وفادار آهيان. مون کي گڏهه جهڙي طاقت آهي ۽ منهنجيون ڳالهيون مورين جيان ڪڙيون آهن. منهنجي هر ڳالهه تي ماڻهو پوسرندا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن کلندا آهن، ڇو ته مان ڪڏهن هنن کي گڏهه لڳندو آهيان ۽ ڪڏهن ڪتو ۽ ان ڪري سڀ مون کي چريو به چوندا آهن...“
    پوءِ هو اُٿي کڙو ٿيو. چيائين، ”مان آهيان ننڍو، پر مان وڏن جيان ڳالهايان ٿو. دادا چوندو آهي ته ٻار جيڪڏهن سٺا سٺا ڪتاب پڙهي ته پاڻ سٺو به ٿي پوندو ۽ سياڻو به. مون سٺا ڪتاب پڙهيا آهن. مون کي خبر آهي ته راوڻ سيتا کي لنڪا کڻي ويو ته رام ڀولڙن جي فوج وٺي لنڪا ڏانهن ڪاهي ويو. ڪنس ڪرشڻ کي مارن جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، مگر ڪرشن ڪنس جي درٻار ۾ ڌوڪي ويو ۽ سڀني ماڻهن جي اڳيان ڪنس کي هاٿيءَ جي ڏند سان ماري ڇڏيائين. اڀيمنيون، پاڻ ننڍو هو، پر هن کي طاقت هئي ۽ هو اڪيلو ئي مهاڀارت جي لڙائيءَ ۾ ڪاهي پيو ۽ ڪيترن کي ماري ڇڏيائين. ۽ ستي ساوتري... ڪال ديوتا سان اهڙو ته بحث ڪيائين جو ڪال ديوتا کي هار کائڻي پيئي. تڏهن مان سرڳ تائين نٿو وڃي سگهان؟ رام لنڪا ڏانهن ڀولڙن سان ڪاهي ويو. مگر مان سرڳ ۾ ويندس، ڪتن ۽ گڏهن سان. رام تير ڪمان کڻي ويو هو، مان گل ۽ موريون کڻي ويندس... پر توکي خبر آهي ته منهنجي کيسي ۾ ڀاڄين وڍڻ وارو ڪپ پيو آهي. هان، ڏس.“ ائين چئي هن ڪتي کي ڪپ ڏيکاريو.
    ڪتو ڊپ وچان ٿورو پويان هٽي ويو.
    سرگم چيس، ”تون ڇو ٿو ڏڪين، تون ڀڳوان ٿوريئي آهين. هيءُ ڪپ صرف ڀڳوان کي ڏيکارڻ لاءِ آهي. منهنجي ڀيڻ جي حياتي خطري ۾ آهي نه... پر مان هاڻ رڳو پنهنجي ڀيڻ لاءِ ڪو نه پُڇندوسانس، دنيا لاءِ پُڇندوسانس... پڇندوسانس: دنيا ۾ ماڻهو دکي ڇو آهن... سکي ڇو نه آهن!...“
    هن ڪپ کيسي ۾ وڌو. ڪتي کي چيائين، ”چڱو، هل مونسان.“ ۽ ائين چئي هو هلڻ لڳو.
    ڪتو به آهستي آهستي هن جي پٺيان هلندو رهيو.


    باب ڏهون : سرڳ جي درشن

    اڳيان سرگم پٺيان ڪتو، ٻئي هلندا هليا... هلندي هلندي ٻئي امرناٿ شهر وڃي پهتا. شهر ۾ ٽن وڏن ڪتن سرگم واري ڪتي کي اچي ورتو ۽ اهو ڪتو پنهنجو پڇ ٽنگن ۾ لڪائي ڀڄي ويو.
    سرگم دل ئي دل ۾ ڪتي کي پنهنجو دوست سمجهيو هو، ان ڪري هن جي ڀڄي وڃڻ جي ڪري هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هن کي ان وقت اها ڳالهه خيال ۾ آئي ته ماڻهن ۽ ڪتن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڳالهه ساڳي آهي ته: وڏا ننڍن کي مارين ٿا! پر ماڻهو ته ڪتا نه آهن، پوءِ ڇو ماڻهو ڪتن جهڙي هلت هلن ٿا؟ گل ته زمين مان نڪرندا آهن، پوءِ ڇو پتليءَ ماءُ اُنهن کي رڳو پنهنجا سمجهي ٿي ۽ ٻين کي حصو نٿي ڏئي؟ ڇو هوءَ مون کي ماري ٿي، جڏهن کيس خبر به آهي ته مون کي گل ڏاڍا پيارا لڳندا آهن؟ ڇو ته هوءَ وڏي آهي! ڇو جو گل هن جي گهر جي باغ ۾ پيدا ٿين ٿا... پر هن جو گهر ته زمين تي آهي ۽ زمين ته تمام وڏي آهي... ۽ زمين رڳو هن جي ٿوروئي آهي. اُها ته اسان سڀني جي آهي... دادا چوندو آهي ته ڌرتي اسان جي ماءُ آهي. اسين سڀ ان جا ٻار آهيون ۽ ماءُ جي نظر ۾ هر ٻار برابر آهي... پتليءَ ماءُ کي خبر ڪونهي؟ ضرور خبر هونديس. پر طاقت اٿس نه، ان ڪري لوڀ ٿيو هوندس... پر ننڍن کي مارڻ ته ڪتن جو ڪم آهي... چڱو، جڏهن به گهر ويندس ته پتليءَ ماءُ کي سمجهائيندس ته گل صرف انهن کي ملڻ گهرجن، جن کي گلن جي ضرورت آهي، توکي کپن ته تون به ٻه چار کڻ، پر هڪ ٻه مون کي، هڪ ٻه بينا کي، هڪ ٻه گوڪل ۽ هڪ ٻه سرسوتيءَ کي به ضرور ڏي... گوڪل منهنجو دوست آهي ۽ سرسوتي بينا جي ساهيڙي...
    بينا!...
    بينا بيمار آهي. ۽ مون کي سرڳ ۾ وڃڻو آهي. سرڳ ۾! ها، سرڳ ۾! مون کي سرڳ ۾ ڀڳوان وٽ وڃڻو آهي ۽ ان کان پڇڻو آهي ته دنيا ۾ دک ڇو آهي. ماڻهو بيمار ڇو ٿيا ٿين، ماڻهو فقير ڇو آهن، ماڻهو ڪتن جهڙا ڇو آهن... ۽ وري هن ۾ هڪ عجيب جوش پيدا ٿي ويو. هن جون مُٺيون ڀڪوڙجي ويون.
    سرگم جي قميص نڪر کان ٻاهر نڪري آئي هئي. سيند ته ڪڍي ڪو نه هئائين. سڄو بدن ميرو ۽ چمپل هڪ هنڌان ڇڄي پيو هئس. سياري سبب سيءُ وڌي رهيو هو. هو جوش ۾ هو، اُن ڪري پهرين سيءَ جو اثر ڪو نه ٿيس، پر پوءِ ٿڌ ۾ ڏڪڻ لڳو. کيس بُک لڳي هئي ۽ اُڃ به لڳي هئي...
    هو سڌو اسٽيشن تي آيو. اتي نلڪي مان پاڻي پيتائين. اُڃ ته لٿس پر بُک وڌي ويس. پيٽ ۾ ٿورو سور به پوڻ لڳس. هو اسٽيشن واري هوٽل وٽ وڃي بيٺو ۽ چلهه تي هٿ سيڪڻ لڳو. سيءُ گهٽ ٿيڻ لڳس، پر بک ويس وڌندي... کيس وري ڀيڻ جي يادگيري آئي. وري طاقت آيس.
    هن زور سان رڙ ڪئي، ”ڀڳوان، تون ڪٿي آهين. مون کي ڏاڍي بک لڳي آهي. بک جي ڪري مان چڱيءَ طرح ڪجهه ڏسي نه ٿو سگهان. ڀڳوان تون ڪٿي مون کي ماريندي ڇا؟ آهه...“ ائين چئي هو ڦيراٽي پائي اتيئي ڪري پيو.
    ماڻهو جمع ٿيندا رهيا.
    امرناٿ ۾ گهڻو ڪري مزودر رهندا آهن ۽ مزورن ۾ گهڻو ڪري ٻڌي هوندي آهي. ان ڪري مزور پنهنجي حياتيءَ ۾ دک گهڻو ڏسندا آهن. ان ڪري ٻين جي دک کي محسوس به ڪري سگهندا آهن. سرگم پٽ تي ڪريو ته ڪيترائي مزور اُتي گڏ ٿي ويا. هڪ ٻه پوليس وارا، ڪوئي صاحب، بابو، ماستر به آيو، پر اهي مزور هئا، جي هن کي شهر جي ٻاهر واري پنهنجي دفتر کڻي ويا هن کي گرم بستري تي سمهاري هن کي مالش ڪيائون ۽ جڏهن سرگم اکيون کوليون، تڏهن کيس کير به پياريائون.
    سرگم پڇيو، ”آخر توهان ڪير آهيو؟ توهان مون کي کير ڏيو ٿا، مان سمجهان ٿو، مان سرڳ ۾ آهيان، پر توهان جون شڪليون ته ڀوتن جهڙيون آهن. آخر مان ڪٿي آهيان؟ سرڳ ۾ يا نه نرڳ ۾...“
    سڀ عجب ۾ پئجي ويا. انهن ۾ هڪ زال به هئي، جنهن کي ڳاڙهيءَ ڪنار سان اڇي ساڙهي پيئي هئي. ساڙهيءَ جو پلئه مٿي تي ڪو نه هئس ۽ ڊگها ڊگها گول گول وار ڪلهن تي هيڏانهن هوڏانهن پکڙيا پيا هئس. رنگ جي گوري، بدن ۾ ڪجهه ڀريل ۽ قد جي پوري پُني هئي. انهن ڪارن ماڻهن جي وچ ۾ هوءَ ائين لڳي رهي هئي جيئن ڪارن ڪڪرن جي وچ ۾ چنڊ لڳندو آهي.
    سرگم هن کي ڏسي چيو، ”تون نيلم پري آهين؟“
    اُن استريءَ کليو.
    ”لال پري آهين؟“ سرگم وري پڇيس.
    هڪ مزور چيس، ”هوءَ اسان جي ليڊر آهي، اسين سڀ گڏجي سٺين ڳالهين لاءِ لڙندا آهيون، پر تون هن کي لال پري چئي سگهين ٿو. ڇو جو اسان سڀني جو خون لال آهي ۽ هوءَ ان خون کي هيمشه لال رکڻ لاءِ انهن ماڻهن سان لڙندي آهي، جي ظلم ڪندا آهن! ليڪن تون ته ننڍو ٻار آهين، تون منهنجون ڳالهيون سمجهين ٿو؟“
    سرگم کلي چيو، ”منهنجو پيءُ چوندو آهي ته تون سوچ به گهڻو ۽ ڳالهاءِ به گهڻو. پڙهه به گهڻو ۽ کل به گهڻو ۽ مان پڙهندو به گهڻو آهيان، ۽ کلندو به گهڻو آهيان. بينا مون کان وڌيڪ کلندي آهي، پر هوءَ سوچيندي گهٽ آهي.“
    ”... بينا!...“ سرگم رڙ ڪئي، ”ڀڳوان ڪٿي آهي؟“
    بينا!
    هاڻ هوءَ استري اڳيان وڌي. چيائين، ”ڪهڙو ڀڳوان؟“
    ”جنهن سڀني کي جنم ڏنو آهي.“
    ”اسان کي جنم ڌرتيءَ ڏنو آهي.“ استريءَ چيو.
    ”ڀلا جيڪو اسان کي ماريندو آهي.“
    ”ماريندي رڳو بيماري آهي. يا ڪڏهن دک ماريندو آهي، ڪڏهن حادثو ماريندو آهي ۽ ڪڏهن ٻڍاپو ماريندو آهي.“ استريءَ چيو.
    ”ڀلا سرڳ ڇا آهي؟“ هن پڇيو.
    ”سرڳ هڪ ڀرم آهي.“ هڪ مزور چيو.
    ”۽ ڀرم ڇا آهي؟“ سرگم پڇيو.
    ”ڀرم ڪنهن ڪوڙي اثر کي چئبو آهي.“
    ”۽ ڪوڙ ڇا آهي.“ سرگم پڇيو.
    ”اها چيز يا ڳالهه جنهن جو ڪوئي وجود نه هجي.“
    ”۽ وجود ڇا آهي؟“ سرگم پڇيو.
    ”ڪنهن چيز يا ڳالهه جي هئڻ جو ثبوت.“
    ”۽ ثبوت ڇا آهي؟“ سرگم پڇندو رهيو.
    ”ڪنهن چيز يا ڪنهن ڳالهه جي هئڻ جو وشواس.“
    ”۽ وشواس ڇا آهي؟“
    ”اسين پنهنجي حواسن معرفت پنهنجي هر ڪا ڳالهه دماغ تائين پهچايون ٿا ۽ دماغ جنهن کي ٺيڪ هئڻ جي قبوليت ٿو ڏئي. اها قبوليت وشواس آهي.“
    ”مون ڪجهه نه سمجهو.“
    ”تون اڃا ٻار آهين. توکي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته پنهنجي پيءُ کان پڇج. يا اسڪول ماستر کان يا ڪنهن ٻئي هوشيار ماڻهو کان پڇج.“
    ان گوري استريءَ اُن مزور جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو، ”ساٿي!“
    مزور چپ ٿي ويو.
    سرگم وائڙو ٿي ويو ته هيءَ ڪهري دنيا آهي، جنهن ۾ رڳو همدردي ۽ قرب آهي. جتي لفظ به نوان آهن ۽ ڳالهيون به نيون آهن.
    ان استري کان پڇيائين، ”ساٿيءَ جي معنيٰ ڀاءُ آهي نه؟“
    ”نه.“
    ”تڏهن ڪهڙي معنيٰ آهي.“ سرگم پڇيو.
    ”جيڪو ساٿ ڏئي، دک سک ۾ مدد ڏئي، ان کي ساٿي چئبو آهي.“ استريءَ چيو.
    ”ڏس ٻار، تون ڏاڍو ٿڪل آهين، ٿورو آرام ڪر. بُک لڳي اٿيئي؟“
    ۽ سرگم جڏهن ها ڪئي، تڏهن هن کي ماني کارائي ويئي. وري ٻيو دفعو کير پياريو ويس ۽ سرگم سوچڻ لڳو: هي ڪهرا ماڻهو آهن. وڏا آهن. تڏهن به مون کي مارين نٿا. پيار ڪن ٿا. گاريون نٿا ڏين. مون کي ڪتو، گڏهه، ڪجهه به نه نٿا چون... هو ساٿي آهن... هو مدد ڪندا آهن... واهه.... اڄ مون کي ڪيترو نه آنند اچي رهيو آهي. پر منهنجي ڀيڻ بينا...“
    هڪ مزدور ان استري کي چيو، ”سمترا ديوي گاڏي اچي ويئي آهي، ڳوٺ ويندا؟“
    سمترا ديوي بدلاپور پاسي هڪ ڳوٺ ۾ رهندي هئي. پڙهيل ڳڙهيل هئي. هن پنهنجي زندگي مزورن جي شيوا ۾ ارپڻ ڪئي هئي. هن جو مڙس به عوام جو شيواداري هو ۽ هو به جدا جدا بستين ۾ ڀٽڪندو هو. ٻنهي جي ملاقات يا دفتر ۾ ٿيندي هئي يا گهر ۾. هن جو مڙس ڪتاب لکندو هو ۽ ان مان جو ڪجهه ڪمائيندو هو، ان مان گهر هلائيندو هو.
    هاڻ دفتر جي ٻاهران ڍڳي گاڏي اچي بيٺي هئي. سمترا مزورن جي شيوا يا انهن سان ڳوٺ ڳوٺ ۾ گڏجڻ لاءِ اڪثر ڍڳي گاڏيءَ ۾ ئي ايندي ويندي هئي.
    سمترا ديويءَ سرگم کي شال اوڍي اچي ڍڳي گاڏيءَ ۾ وهاريو ۽ گاڏيءَ واري کي هلڻ لاءِ چيو.
    دروازي تي بيٺل ساٿين مان ڪن سمترا ديوي کي سلام ڪيو ۽ ڪن نمسڪار ۽ پوءِ سڀني مشڪي سرگم ڏانهن نهاريو. سمترا ديويءَ سرگم کان پڇيو، ”منهنجي گهر هلندين؟“
    سرگم ڪو به جواب نه ڏنو. هو گاڏيءَ ۾ ليٽي اکيون ٻوٽي سوچي رهيو هو. هوا ته ٿڌي لڳي رهي هئي، پر هن کي گرم شال اوڍيل هئي. ان ڪري ٿڌي هوا کيس بيحد وڻي رهي هئي. سندس پيٽ ڀريل هو ۽ چڱو کير پيتو هئائين ان ڪري بدن ۾ طاقت ۽ مغز ۾ فرحت محسوس ڪري رهيو هو.
    ڍڳن جي ڳچيءَ ۾ پيل گهنگرن ۽ گاڏيءَ جي ڦيٿن جي مٺن چيچاٽن هوا ۾ بيتن جهڙو مزو ٿي ڀري ڇڏيو ۽ سرگم ائين محسوس ڪرڻ لڳو ته هو ڪوئي گيت ٻڌي رهيو آهي. ته ڪوئي ڄڻ هن جي پاسي ۾ ڳائي ويٺو. ڳائي هن کي سمهارڻ جي ڪوشش ڪري ويٺو. هن کي ننڊ ته اچي ٿي، پر هو سوچي ويٺو ته ڀڳوان هڪ بيت ته ڪونهي... ٿڌي هوا هجي ۽ ڍڳن جي ڳچيءَ ۾ گهنگرون هجي... ڪجهه ننڊ هجي ۽ ڪجهه جاڳ هجي... ڪٿي ليٽيو پيو هججي ۽ ڪوئي اڳيان ڇڪيندو پيو وڃي... اهي سڀ جڏهن هڪ هنڌ ملن ٿا، تڏهن هڪ بيت ٺهي ٿو.. اُهو بيت جنهن ۾ سرڳ جهڙو مزو آهي... سرڳ ۾ ماکيءَ جون نديون! ته ماڻهو سنان به کير سان ڪندا هوندا ڇا؟ فائدو... سونيون پينگهون ڇا ڪبيون... هٿن ۾ ڳنن جا نشان ٿي ويندا... مزو ته ان ۾ آهي ته سڀ هڪٻئي جا مددگار هجن. ماني هجي. کير هجي. قرب هجي. مسافري هجي. هوا هجي ۽ سچ ڳالهائڻ جي آزادي هجي... هتي اهو سڀ آهي ۽ ان ڪري سچو سرڳ اهو ئي آهي...
    هن کي ننڊ اچڻ لڳي ۽ سمترا ديويءَ هن کي پنهنجي گود ۾ ليٽائي ڇڏيو. ٿوري دير بعد سمترا ديوي پڇيس، ”کيل تي هلندين؟ کيل جو نالو آهي ڀڳوان سري ڪرشن.“
    سرگم اٿي ويٺو چيائين، ”ڀڳوان ڀڳوان!! ڪٿي آهي ڀڳوان؟...“
    ”ڇو ڇا ٿيو؟“ سمترا ديويءَ پڇيو.
    ”سرگم ڪو به جواب نه ڏيئي سئنيما گهر جي ٻاهران لڳل ڪرشن جي فوٽي کي جاچي ڏسڻ لڳو. هن دل ۾ چيو: اڄ رات جو گهر مان ڀڄي نڪرندس. توکي مزو ڏيکاريندس. ڀڳوان.“
    ۽ پوءِ وري سمترا ديويءَ جي گود ۾ سمهي پيو.


    باب يارهون : ديوتائن سان لڙائي ۽ واپسي

    اڌ ڪلاڪ بعد سمترا پنهنجي ڳوٺ ۾ پهچي ويئي. سرگم کي ننڊ هئي. سمترا جو پتي جهوپڙيءَ جي ٻاهران بيٺو هو. سرگم کي ڏسي سمترا کان هڪ اڌ سوال ڪيائين، پر سمترا کيس ٻڌايو ته هو هڪ باغي ٻار آهي. هن جي دماغ ۾ هڪ عجيب غصو آهي. اسان کي اسٽيشن تي بيهوشيءَ جي حالت ۾ مليو.
    ڪجهه اڳڀرو درياهه هوهي رهيو هو. ان جي پاڻيءَ جي گهر گهراهٽ، وايومنڊل ۾ سنگيت ڀري ڇڏيو هو. سرگم کي الڳ کٽ تي سمهاريو ويو ۽ پوءِ پتي پتني هڪ ٻئي کي سڄي ڏينهن جو حال احوال ڏيڻ لڳا.
    وقت گذرندو رهيو. آڌي رات جو سرگم جي اک پنهنجو پاڻ کلي ويئي ۽ هو شال مٿان ڪمبل ويڙهي جهوپڙيءَ مان آهستي آهستي ٻاهر نڪتو. هو! بلڪل ٿڌي ۽ درياهه جو آواز بلڪل مٺو هو. چنڊ به شايد ان ئي وقت نڪتو هو. سرگم چنڊ ڏانهن نهاريو. هن جي نظر سڄي آسمان ڏانهن ڦهلجي ويئي ۽ هن محسوس ڪيو ته آسمان مان ڄڻ ڪوئي کيس نهاري رهيو هو.
    هو ٿورو پويان هٽي ويو.
    ”ڊپ؟ مون کي! ڪنهن کان؟“ هن سوچيو.
    هن کيسي مان ڪپ ڪڍيو ۽ آهستي چيو، ”اچ، لهي آءُ زمين تي.“
    ڄڻ ڪنهن نديءَ ڪناري تان چيو، ”مان هتي آهيان.“
    سرگم ڪپ کي قابو جهلي اوڏانهن وڌيو.
    ”ڪٿي آهين؟“ سرگم پڇيو.
    ”ڏسين نٿو!“
    ”نه.“
    ”مان تنهنجي دل ۾ آهيان.“
    ”پر تون ڪير آهين؟“
    ”جنهن کي تون ڪپ کولي ڳولهي رهيو آهين.“
    سرگم وائڙو ٿي ويو. هن اُن رات جي ريلي، ائين به محسوس ڪيو ته ٿڌي هوا، اڪيلائي ۽ چانڊوڪيءَ ۾ هو ڪجهه بدلجي ويو آهي.
    ”ته تون ڀڳوان آهين.“
    پر هاڻ کيس جواب نه مليو.
    سرگم درياهه ڏانهن نهاريو. درياهه وهي رهيو هو ۽ سرگم جي به خيالن جي ڌارا ڇٽي نڪتي. سرگم سوچڻ لڳو، ”ماڻهوءَ کي مرڻ کان پوءِ جلايو ويندو آهي. جلائي ان جي رک کي درياهه ۾ وڌو ويندو آهي. ڇا درياهه مان ئي سرڳ جو رستو آهي؟... پر سائين چوندو آهي ته سڀ نديون سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪنديون آهن... ته ڇا سرڳ سمنڊ ۾ آهي؟ سمنڊ ۾ ته جهاز هوندا آهن ۽ ٻيڙيون هونديون آهن. ڇا اهي جهاز ۽ ٻيڙيون سرڳ ڏانهن وينديون آهن... مان جيڪڏهن مڇي هجان ته ڪهڙو نه سُٺو... جيڪر سڌو سمنڊ ڏانهن لڙندو وڃان...
    سرگم کي ٿڌ لڳڻ لڳي. هن جو سڄو بدن برف جهڙو ٿڌو ٿيڻ لڳو. سرگم ڏٺو ته هو وڌيڪ سوچي نٿو سگهي ۽ سڄو ڏڪي رهيو آهي. پر ڏڪندي به هن فيصلو ڪيو ته مان اڃا وڌيڪ سوچيندس... ڀلا ٿڌ سبب مان مري وڃان ته؟... ته سرڳ جي ڳولها ڪير ڪندو ۽ مان ته ڀڳوان سان لڙندس. مان نٿو چاهيان ته ماڻهن کي دک ڏنو وڃي...پر نه، مان نه مرندس. مرڻ کان پوءِ ته هرڪو سرڳ يا نرڳ ۾ ويندو آهي، پر مان بنا مرڻ جي اوڏانهن ويندس. ڳالهه اهڙي ڪجي جهڙي ٻيو ڪير نه ڪري سگهندو هجي... هتي ٿڌ ۾ مرڻ مان ڪهڙو فائدو... مان جيڪڏهن مري ويندس ته بينا جي حياتيءَ لاءِ ٻين ماڻهن جي سک لاءِ ڀڳوان سان ڪير لڙندو؟...
    ۽ پوءِ هو واپس موٽيو، رستي تي کيس ڪتي جي ڏاڍي ياد آئي. جهوپڙيءَ ۾ پهچي هو کٽ تي وڃي ليٽيو ۽ کيس يڪدم ننڊ وٺي ويئي.
    ان رات هن خواب ڏٺو
    ڏٺائين، سندس دوست ڪتو، سو کن ٻين ڪتن ۽ گڏهن سان هن کي سڏ ويٺو ڪري ۽ سرگم جڏهن ڪتي وٽ ويو ته ڪتي چيس، ”اچ ته سرڳ تي ڪاهه ڪريون. ڏس گڏهن جي پٺين تي گلاب جا گل ۽ موريون آهن.“
    سرگم چيس، ”هل.“
    سرگم اڳيان ۽ ڪتا ۽ گڏهه هن جي پٺيان هلڻ لڳا. پهرين درياهه وٽ آيا ۽ پوءِ درياهه جو ڪپ وٺي اڳيان وڌيا. صبح ٿيڻ تائين هو سمنڊ تائين پهچي ويا ۽ پوءِ سڌو سمنڊ ۾ ڪاهي پيا.
    سمنڊ جي اندر هڪ سهڻو شهر هو. شهر ۾ سنگمرمر جون جڳهون ۽ شيشي جا رستا هئا. شهر ۾ ٻنهي پاسن کان ٻه نديون هيون. هڪ کير جي ندي هئي ۽ ٻي ماکيءَ جي. شهر ۾ مندر تمام گهڻا هئا، جن مان گهنڊن جا آواز اچي رهيا هئا. ڪٿي ناچ گانا هئا، ڪٿي بگيه هون، پاٺ پوڄائون ۽ ڪٿي راس ليلائون لڳيون پيون هيون...
    سرگم پنهنجي فوج کي حڪم ڏنو ته حملو شروع ڪريو.
    ڪتن ۽ گڏهن پنهنجي خوفناڪ آوازن سان سرڳواسين کي ڏڪائي ڇڏيو. ماڻهو ناچ گانا وغيره ڇڏي هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳا. سڄي سرڳ ۾ هاهاڪار مچي ويو. ڪي ديوتائون لٺيون کڻي سرگم جي فوج تي ڪاهي آيا. زبردست لڙائي لڳي. جيڪڏهن ڪنهن ديوتا ڪنهن ڪتي کي لٺ ٿي هنئين ته يڪدم ڪنهن گڏهه ان کي اِٽ ٿي هنئين ۽ جيڪڏهن ڪنهن ديوتا ڪنهن گڏهه کي لٺ ٿي هنئين ته يڪدم ڪنهن ڪتي ان کي ٽنگ ۾ چڪ ٿي پاتو. لڙائيءَ ۾ سرگم کٽيو. ديوتائون لڙائيءَ مان منڊڪائيندا ڀڄندا ويا. سرگم جي فوج مان ڪيترائي ڪتا ۽ گڏهه زخمي ٿيا. موريون ۽ گل پٽ تي ڪري پيا، جي گڏهه کائڻ لڳا.
    سرگم يڪدم سرڳ جي درٻار ۾ ڪاهي ويو. درٻار ۾ وشنو ڀڳوان، لڪشمي ديويءَ سان ويٺو هو. ٻين جڳهين تي شو مهراج، برهما، ٻڌ، گرونانڪ، مهاتما گانڌي ۽ دنيا جا ٻيا ڪيترا وڏا ماڻهو ويٺا هئا.
    سرگم کيسي مان ڪپ ڪڍي چيو، ”ڀڳوان ٻڌاءِ، بينا جي حياتي بچائين ٿو؟“
    ڀڳوان چيو، ”ڀائي، مون ته تنهنجو امتحان ٿي ورتو، تون سچ پچ بهادر آهين. جيڪو انسان بهادري ڏيکاريندو آهي، سچ ڳالهائيندو آهي ۽ غريبن جي مدد ڪندو آهي، مان ان کي پيار ڪندو آهيان. تون سچ پچ سچار آهين. بهادر آهين. وڃ، دنيا کي چئه وڃي ته منهنجي مورت جي پوڄا ڪرڻ جي بدران منهنجي صلاحن جي پوئواري ڪن. دک سک ۾ هڪ ٻئي کي مدد ڪن. ڪجهه تياڳ ڀاونا رکن. لڙائي جهڳڙي کان پري رهن. سرگم جڏهن اڄ رات جو تون ۽ ڍڳي گاڏيءَ ۾ آئين ٿي، تڏهن تو اهو ٿي سوچيو ته جيڪر دنيا ۾ هر ڪو هڪ ٻئي جو مددگار هجي. ماني هجي، کير هجي، هوا ۽ سچ ڳالهائڻ جي آزادي هجي... ها، جتي اهو سڀ آهي، صرف اتي سچو سرڳ آهي. تون وڃ واپس پنهنجي گهر وڃ. ڏس، بينا ٺيڪ آهي نه... پوءِ تون پنهنجي ڀيڻ سان گڏ، ٻيا به ڇوڪرا ڇوڪريون گڏ ڪري دنيا کي سرڳ بڻائڻ جي ڪوشش ڪج. سچو سرڳ اهو آهي، جتي ماڻهو ايمانداريءَ سان محنت ڪن ٿا ۽ محنت جو مٺو ڦل کائي حياتي سُک سان گذارين ٿا. وڃ سرگم تون واپس وڃ.“
    ۽ خواب پورو ٿي ويو. ائين ته رات به پوري ٿي ويئي. سرگم ننڊ مان اٿي سمترا ديوي ۽ هن جي گهوٽ کي پنهنجي سڄي حياتيءَ ۽ رات وارو سپنو ٻڌايو. ٻئي زال مڙس عجب ۾ پئجي ويا. ۽ سرگم جي چوڻ تي هو ڍڳي گاڏيءَ ۾ کيس گهر ڏانهن وٺي هلڻ لڳا. سرگم کي پڪ ٿي ويئي ته بينا ضرور زنده هوندي.
    رستي تي هن سمترا ديويءَ جي گهوٽ کان پڇيو، ”خواب سچا ٿيندا آهن؟“
    سمترا ديويءَ جي گهوٽ چيو، ”جهڙا ماڻهوءَ جا خيال هوندا آهن، ماڻهو خواب به اهڙا ڏسندو آهي. سٺن خيالن وارن کي سٺا خواب ايندا آهن. تون سچار آهين نه، تڏهن تنهنجو اِهو سپنو ضرور سچو نڪرندو.“
    ”توهان ڀڳوان کي مڃيندا آهيو؟“ سرگم ٻيو سوال ڪيس.
    ”ها“. سمترا ديويءَ جي پتيءَ چيو، ”مون کي خبر آهي ته ڀڳوان اُن شڪتيءَ جو نالو آهي. جنهن هن مخلوقات کي خلقيو آهي. هيءَ سڄي سرشٽي ڪن قائدن تي پيئي هلي. سشٽي کي هلائڻ واري ته هڪ ئي شڪتي آهي، پر اها اسان کي ڏسڻ ۾ نٿي اچي. ڪاٺيءَ ۾ باه هميشه هوندي آهي، پر ڏسن ۾ نه ايندي آهي کير ۾ مکڻ هميشه هوندو آهي، پر اهو به ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي. ان شڪتيءَ کي پائڻ کانپوءِ ئي سري رام ڀڳوان ٿي ويو. سري ڪرشن ڀڳوان ٿي ويو. تون گوتم ٻڌ، گرو نانڪ ۽ مهاتما گانڌيءَ کي به ڀڳوان چئي سگهين ٿو. تپسيا جي معنيٰ رڳو پلٿي ماري ويهڻ ڪونهي. سچ ڳالهائڻ ۽ ٻين جي فائدن لاءِ پنهنجن فائدن جو تياڳ ڪرڻ به تپسيا آهي. جيڪي ماڻهو ظلم ڪن ٿا، انهن کي جوڳي سزا ڏيڻ لاءِ ان شڪتيءَ کي پائڻ تمام ضروري آهي.“
    سرگم چپ چاپ ٻڌندو رهيو.
    آخر هن جو گهر اچي ويو. هو گاڏيءَ مان ٽپو ڏيئي سڌو پنهنجي گهر ڌوڪي ويو، يڪدم سوال ڪيائين، ”بينا جيئري آهي نه...“
    بينا مرڻ کان بچي ويئي هئي، الائي دوائن جو اثر هو، الائي ڪنهن جي دعائن جو. يا شايد اهو اثر هجيس جو جڏهن هن کي ماءُ چيو ته سرگم ناناڻي گهر ويو آهي ۽ جڏهن تون چاڪ ٿي اوڏانهن ويندينءَ تڏهن ئي سرگم هتي ايندو. تڏهن هن چيو هو: ڀاڀي مان ضرور چاڪ ٿينديس. ڀاڀي مان ڪا نه مرنديس. ڀاڀي مان سرگم لاءِ جيئري رهنديس. يا شايد دوائن، دعائن ۽ سندس پختي ارادي تنهن جو اثر ٿيو هجي.
    هوءَ اڃا ڪجهه بيمار هئي، هن چيو، ”ناناڻي گهر مان اچي وئين سرگم.“
    سرگم کلي چيو، ”ناناڻي گهر مان ويو ئي ڪٿي هئس.“
    سرگم ماءُ ۽ پيءُ، جي ٻئي اُٻاڻڪا ويٺا هئا، تن پٽ کي ڏسي اچي هنج ۾ کنيو. ماڻهس روئي چوڻ لڳي ”ڏسو ته، ٻن ڏينهن ۾ ڪيترو نه ڳري ويو آهي“.
    پاڙي جا ماڻهو جمع ٿيندا رهيا. سرگم پيءُ سمترا ديويءَ ۽ هن جي گهوٽ کي دروازي تي ڏسي کين اندر اچڻ لاءِ چيو.
    سرگم چي، ”دادا توهان هُنن کي سڃاڻو. هو ساٿي آهن.“
    سرگم پيءُ کلي چيو، ”ڀلا ماڻهو هميشه سڄي دنيا جا ساٿي ٿيندا آهن پٽ“.
    ۽ سرگم جڏهن پنهنجي آکاڻي ٻڌائڻ شروع ڪئي تڏهن هن جي ماءُ، هن کي هنج ۾ کڻي چيو، ”صدقي وڃان پنهنجي لال تان. پٽ هاڻ مان توکي ڪڏهن به ڪا نه مارينديس. ڪڏهن به ڪجهه نه چونديس.“
    سرگم سمترا ديويءَ ڏانهن منهن ڪري چيو، ”ديوي سرڳ ته اسان جي به گهر ۾ آهي. ڏس هتي رڳو پريم ئي پريم آهي.“
    سمترا ديويءَ مشڪي ڪنڌ لوڏيو ۽ هوءَ اُٿي وڃي بينا جي پاسي ۾ ويٺي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 533
    ڪتابن جو مشاهدو: 550739
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 212771
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ