ڪتاب جو نالو: ائين چيو محمد ﷺ
مصنف: نور احمد ميمڻ
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 03 نومبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 394 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 92 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”ائين چيو محمد“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. پيغمبر انسانيت حضرت محمدﷺ جي حديثن تي مشتمل ڪتاب جنهن ۾ انساني سعادتن کان وٺي اخلاقيات تائين ۽ عبادتن کان وٺي سماجيات تائين حڪمت ڀريا قول ۽ رهنمايون موجود آهن. هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ نور احمد ميمڻ صاحب آهي.هن ڪتاب ۾ روزاني زندگيءَ جي مسئلن تي حديثن جو دلنشين انتخاب اوهان جي سامهون رکيو ويو آهي. ان کي پاڻ، پنهنجي گهر وارن، عزيزن، دوستن، پاڙيوارن ۽ پنهنجي چوڌاري عام مسلمانن تائين رسائڻ بحيثيت مسلمان جي اسان سڀني جو فرض آهي. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 1998ع ۾ ڇپيو ۽ ماڻهن ۾ ايترو مقبول ٿيو جو هر سال هزارن جي تعداد ۾ وري وري ڇپبو رهيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق، واسطا ۽ اسٽاڪسٽ
  • سنڌ سلامت پاران
  • فرمانِ خداوندي:
  • علم ۽ دانائي
  • پبلشر پاران
  • ڪتاب جا مضمون

  • ايمان جون ڳالهيون
  • ايمان جون علامتون
  • ايمان مڪمل ڪندڙ ڳالهيون
  • ايمان ۾ خرابي وجهندڙ اخلاق ۽ عمل
  • نفاق جون علامتون
  • وسوسا ۽ ايمان
  • تقدير کي مڃڻ
  • الله تعاليٰ جي ياد ۽ فرمانبرداري
  • قرآن مجيد سان نسبت
  • دعا گهرڻ
  • استغفار ۽ توبهه
  • پيءُ ماءُ تي اولاد جون ذميواريون
  • اولاد مٿان پيءُ ماءُ جا حق
  • ٻين رشيدارن جا حق ۽ مٽي مائٽي قائم رکڻ
  • زال مڙس جا هڪ ٻئي تي حق ۽ ذميواريون
  • پاڙيسرين جا حق
  • ڪمزور ۽ ضرورتمند طبقن جا حق
  • خادم ۽ زيردستن سان هلت
  • وڏن ۽ ننڍن جو پاڻ ۾ ورتاءٌ
  • اسلامي ڀائيچارو
  • انساني هڪجهڙائي
  • معاشرتي آداب
  • ذميدارانه زندگي
  • اٿڻ ويهڻ جا آداب
  • ڳالهه ٻولهه جا آداب
  • پيئڻ بابت حڪم
  • وصيت
  • تحفا تحائف
  • انصاف جو نظام
  • عملداري
  • ٻئي جو حق مارڻ
  • راڄ ۽ ڀاڳ
  • معاشي معاملا
  • حلال ۽ حرام
  • ڏيتي ليتي
  • وياج
  • خريد ۽ وڪرو
  • پورهيو ۽ پورهيت جي مزدوري
  • هاريءَ جا حق
  • اوڌاري شيءِ
  • ڏاڍائي ۽ ٻئي جو حق ڦٻائڻ
  • ذخيره اندوزي
  • کاڌي پيتي جا احڪام
  • لباس جا حڪم ۽ آداب
  • ستر ۽ پردو
  • نڪاح ۽ شادي
  • سعادت جون ڳالهيون
  • طلاق
  • دنيا جي هٻڇ کان بچڻ
  • مالداري ۽ فرمانبرداري
  • مالدار الله جي گرفت ۾
  • مسڪينن کي گهٽ نه سمجهو
  • سڌن تي ضابطو رکو
  • جامع ۽ اهم نصيحتون
  • اخلاقيات
  • رحمدلي
  • سخاوت ۽ بخيلي
  • حرص ۽ لالچ
  • ٻين جا عيب ڍڪڻ
  • ٻين جي لاءِ جيئڻ جو رتبو
  • الله لڳ محبت ۽ الله لڳ دشمني
  • ديني ڀائپي
  • فضيلتپڻي جي واٽ
  • پنهنجي غصي کي سنڀاليو
  • ڌيرج ۽ اطمينان
  • زبان جون چڱايون
  • چغلي ۽ غيبت
  • منافقت ۽ دوئي
  • سچائي ۽ امانت
  • ڪوڙ ۽ خيانت
  • نوڙت ۽ وڏائي
  • حياءُ ۽ خودداري
  • مراد ۽ ڪاميابي
  • لوڀ ۽ لالچ
  • ڌاڳو ڦيڻو
  • رزق جو معاملو
  • عمل جو دارومدار
  • مشرڪ جو حشر
  • نجات يا هلاڪت جو سودو
  • پاڪائي
  • نماز
  • جمعي نماز ۽ عيدون
  • مرتئي کان اڳ ۽ پوءِ
  • زڪوات ۽ خيرات
  • رمضان ۽ روزا
  • حج
  • الله تعاليٰ جي ياد ۽ پچار
  • شرڪ
  • مرڻ کانپوءِ جي زندگي
  • مالڪن ۽ ماتحتن جو حساب ڪتاب
  • راتين جي جاڳڻ وارن لاءِ آخرت ۾ انعام
  • حوض ڪوثر ۽ فرقي پرست
  • جنت ۾ الله جو ديدار
  • جنت ۽ دوزخ
  • خدا جو خوف ۽ آخرت جو فڪر
  • آخرت جي مقابلي ۾ دنيا جي حقيقت
  • مال ۽ معتبرائپ جون تباهيون
  • خطبه حجة الوداع
  • حوالا

  • حق، واسطا ۽ اسٽاڪسٽ

    نئون ڇاپو : 2016ع
    ڪتاب جو نالو : ائين چيو محمد ﷺ
    سهيڙيندڙ : نور احمد ميمڻ
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: عبيدالله ميمڻ
    ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
    ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
    قيمت : 120/- رپيا


    Eain Chayo Muhammad “Peace be upon him”
    (Selection from Prophet’s Hadith)
    Compiled & Translated by: Noor Ahmed Memon
    Published by: Sindhica Academy,
    B-24, National Auto Plaza, Marston Road, Karachi-74400

    اسٽاڪسٽ
    سنڌيڪا اڪيڊمي B-24 ، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي74400. فون: 32737290-021
    سنڌيڪا بوڪ شاپ: شاپ نمبر5، ميزنائين فلور، حيدرآباد ٽريڊ سينٽر، حيدر چوڪ ، -03133692150
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: -03352233803 03013431537
    العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
    ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، بخاري ڪتاب گهر، قادري بوڪ اسٽور، مهراڻ بوڪ اسٽور، مجاهد بوڪ اسٽور، سنڌ ڪتاب گهر نيم ڪي چاڙهي سکر- سلمان ڪتاب گهر پنوعاقل - ڀٽائي بوڪ هائوس حيدرآباد03223011560 - سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- مدني اسلامي ڪتبخانو، نئون چوڪ دادو- حافظ بوڪ اسٽور، خيرپور بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - مشعل ڪتاب گهر پڊعيدن 03063291657 - المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو، وسيم ڪتاب گهر لکي در. سعيد بوڪ اسٽور، شڪارپور. سومرا بوڪ اسٽور ميهڙ، ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ 8948535-0346 ، مڪتبه امام العصر گهوٽڪي، 03033695037

    لکپڙهه لاءِ
    سنڌيڪا اڪيڊمي

    B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي 74400
    فون: 021-32737290 ، ويب سائيٽ: www.sindhica.org
    اي ميل: sindhicaacademy@gmail.com


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ائين چيو محمد“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ نور احمد ميمڻ صاحب آهي.
    هن ڪتاب ۾ روزاني زندگيءَ جي مسئلن تي حديثن جو دلنشين انتخاب اوهان جي سامهون رکيو ويو آهي. ان کي پاڻ، پنهنجي گهر وارن، عزيزن، دوستن، پاڙيوارن ۽ پنهنجي چوڌاري عام مسلمانن تائين رسائڻ بحيثيت مسلمان جي اسان سڀني جو فرض آهي.
    هي ڪتاب پهريون ڀيرو 1998ع ۾ ڇپيو ۽ ماڻهن ۾ ايترو مقبول ٿيو جو هر سال هزارن جي تعداد ۾ وري وري چپبو رهيو آهي.
    هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي پاران 2016ع ۾ نئين سر ڇپيو آهي. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    فرمانِ خداوندي:

    اي پيغمبر!
    اسان توکي سچايون نکيڙي ٻڌائڻ وارو،
    ماڻهن کي انهن جي چڱاين تي خوشخبريون رسائڻ وارو،
    کين گمراهين ۽ بدڪارين کان خوف ڏيارڻ وارو،
    انهن کي الله جي فرمانبرداري ۽ ڪامرانين ڏانهن سڏڻ وارو،
    روشني پکيڙيندڙ شمعدان ڪري موڪليو آهي.
    (احزاب- ٤٦)


    علم ۽ دانائي

    آفاقي انساني ورثو آهي. اهو دنيا جي سڀني ماڻهن تائين پهچڻ گهرجي ۽ خاص ڪري پنهنجي عزيزن، دوستن ۽ واقفڪارن کي ان ورثي کان آگاهه نه ڪرڻ قومي ۽ اخلاقي جرم آهي. انساني ڀلائيءَ جو پيغام ٻين تائين نه رسائڻ خدا جي نافرماني به آهي.


    پبلشر پاران

    پيغمبر اسلام حضرت محمدﷺ خدا جي پاران انسانن جي لاءِ آخري نبي ڪري موڪليا ويا. ان وقت تائين انساني سوسائٽي جيئن ته بين الاقواميت ۾ داخل ٿي چڪي هئي. ان ڪري پاڻ انساني فطرت جي عالمگير اصولن تي قرآن مجيد جي هدايت جا عملي طريقا پڌرا ڪيائون. سڀ کان وڏو عملي طريقو اهڙي انساني معاشري جو قيام عمل ۾ آڻڻ هو جيڪو ايثار، انصاف، امن ۽ سڪون ۽ خلقڻهار جي فرمانبرداريءَ جي حوالي سان انساني تاريخ جو بي مثال ۽ شاهڪار معاشرو ليکيو وڃي ٿو. پيغمبر اسلام جي قولن کي قرآن مجيد جي ان تشريحي عمل ۾ سنت جي حيثيت حاصل ٿي، جيڪي سندس پيروڪارن وڏي محنت ۽ احتياط سان هڪ ٻئي کي منتقل ڪئي. ان سنت کي سيرت ۽ حديث جي ڪتابن ۾ سهيڙيو ويو.
    پيغمبر اسلامﷺ جي انهن قولن کي انساني فطرت، ضرورتن ۽ مقصدن جو پريڪٽيڪل ماپن تي ڏسون ٿا ته اهڙو مثال دنيا ۾ ڪنهن به شخص جو نٿو ملي جنهن انهن شين تي پهريائين پاڻ عمل ڪري پنهنجو مثال ٻين جي سامهون رکيو هجي. اهائي حقيقت ٻي دنيا سان گڏ يورپ جي دانائن کان اهو مڃرائي ويٺي آهي ته انساني تاريخ تي عملي طرح سڀ کان وڏو اثر ڇڏيندڙ حضرت محمدﷺ جي ذات آهي.
    پيغمبر اسلامﷺ جي قولن پڙهڻ کان پوءِ تصور ٿو ڪجي ته چوڏهن سئو سال اڳ ۾ جيڪي انسان جي نفسي، طبعي ۽ سماجي تقاضائن ۽ ضرورتن تي ايڏا واضح ۽ ٺوس اصول، قانون ۽ هدايتون ڏنيون ويون آهن جو ان جو مثال نه اڳ جي انساني سوسائٽي ۾ ملي ٿو نه هينئر جي دنيا ۾. ان ڪري ساڳيا اصول هينئر به موثر نموني انسانيت جي تقاضا ۽ ضرورت آهن.
    هڪ ڳالهه چڱي طرح ذهن نشين هئڻ گهرجي ته نبيءَ جي حوالي انسانن جي بگاڙيل فطرت کي سنوارڻ جو ڪم هوندو آهي، جنهن سان هو سماج جي لاءِ ڪارآمد فرد ثابت ٿين. ان ڪري نبي اصلاح جي لاءِ ڪن به دانشوراڻين تعبيرن تي زور ڏيڻ بجاءِ عام ماڻهن جي عقل ۽ علم جي لحاظ کان مخاطب ٿيندا آهن، تان ته ماڻهن جي اڪثريت ان مان فيض حاصل ڪري وٺي. ان جي باوجود نبين جي ان تعليم ۾ هر جاءِ تي گڏوگڏ اهڙا ناياب گوهر لفظ موجود هوندا آهن، جن سان ڳوڙهي حقيقت جي طرف اشارو هوندو آهي ۽ ان جا مخاطب خواص هوندا آهن. هاڻي اهو خواصن جو ڪم آهي ته اهي پنهنجي علم، حڪمت ۽ مشاهدي سان حقيقت جي گهراين تي غور ۽ فڪر ڪن.
    هن ڪتاب ۾ روزاني زندگيءَ جي مسئلن تي حديثن جو دلنشين انتخاب اوهان جي سامهون رکيو ويو آهي. ان کي پاڻ، پنهنجي گهر وارن، عزيزن، دوستن، پاڙيوارن ۽ پنهنجي چوڌاري عام مسلمانن تائين رسائڻ بحيثيت مسلمان جي اسان سڀني جو فرض آهي.
    هي ڪتاب پهريون ڀيرو 1998ع ۾ ڇپيو ۽ ماڻهن ۾ ايترو مقبول ٿيو جو هر سال هزارن جي تعداد ۾ وري وري چپبو رهيو آهي. اهڙي قبوليت جي لاءِ شڪراني طور تي اسان الله جي حضور ۾ سربسجود آهيون. ان شڪراني طور ٻين ادارن ۽ تنظيمن کي به هن ڪتاب جي اشاعت جي عام اجازت آهي.

    نور احمد ميمڻ
    چيئرمين
    سنڌيڪا اڪيڊمي


    ڪتاب جا مضمون

    ايمان جون ڳالهيون

    الله جو خوف ڏاهپ جو بنياد آهي (مشڪواة)

    الله تعاليٰ جو خوف ائين رکو ڄڻ کيس ڏسي رهيا آهيو. جيڪڏهن توهان ان کي نٿا ڏسو ته پوءِ هو ته اوهان کي پڪ سان ڏسي رهيو آهي. (مسلم)

    سڀني انساني عملن جو دارومدار نيتن تي آهي ۽ ماڻهوءَ کي سندس نيت مطابق ئي صلو ملي ٿو. (بخاري ۽ مسلم)

    جيڪو ماڻهو (سچائيءَ سان) مڃي وٺي ته الله کان سواءِ ڪو به عبادت ۽ فرمانبرداريءَ جي لائق ڪونهي ۽ محمد ﷺ ان جو رسول آهي ته الله انهيءَ شخص تي دوزخ جي باهه حرام ڪري ڇڏي آهي. (مسلم)

    ايمان جو لطف اهو ماڻيندو جيڪو ماڻهو الله کي پنهنجو پالڻهار مڃڻ تي مطمئن ۽ راضي رهيو، جيڪو اسلام کي پنهنجو دين بنائڻ تي مطمئن ۽ راضي رهيو ۽ جيڪو محمدﷺ کي پنهنجو رهبر ڪري وٺڻ تي مطمئن رهيو.
    (بخاري ۽ مسلم)
    الله جو حق سندس ٻانهن تي هي آهي ته ان جي عبادت ۽ ٻانهپ ۾ اچن. جڏهن ٻانها الله جو هي حق ادا ڪن ته پوءِ الله تي ٻانهن جو حق آهي ته انهن کي عذاب ۾ نه وجهي.
    (بخاري-مسلم)

    ٽي شيون اسلام جي اصولن ۾ داخل آهن. هڪ هي ته جيڪو ماڻهو لاالــٰھ الا الله کي مڃيندڙ هجي، ان جي باري ۾ زبان کي روڪيو وڃي يعني ڪنهن گناهه جي ڪري ان جي مٿان ڪفر جو ٺپو نه لڳايو وڃي ۽ ڪنهن بدعمليءَ ڪري ان کي اسلام کان خارج نه ليکيو وڃي. ٻي شيءِ جهاد آهي، جيڪو ان وقت کان جاري آهي. جڏهن الله مون کي رسول بڻائي موڪليو ۽ آخري زماني تائين جاري رهندو، ايستائين جو منهنجي امت جو آخري طبقو دجال سان جنگ ڪندو. ڪنهن ظالم حڪومت جو ظلم ۽ عادل حڪمران جو عدل ان کي ختم نه ڪري سگهندو. اسلامي اصولن جي ٽين شيءِ تقدير تي ايمان آڻڻ آهي. (ابودائود)

    ايمان جون ستر کان به وڌيڪ شاخون آهن، انهن ۾ سڀ کان اعليٰ افضل هي آهي جو ماڻهو هن ڳالهه جو قائل ٿئي ته الله کانسواءِ ڪو به عبادت ۽ فرمانبرداريءَ جي لائق ڪونهي ۽ ادنيٰ هي آهي جو، تڪليف ڏيندڙ شين کي رسي تان هٽايو وڃي. حياءُ به ايمان جي هڪ شاخ آهي. (بخاري ۽ مسلم)

    الله تعاليٰ کان حياءُ ڪيو جيئن ان کان حياءُ ڪرڻ گهرجي. ان کان حياءُ ڪرڻ جو حق هي آهي ته ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ (برن) خيالن کان به سنڀال رکو. (حرام ۽ ناجائز) غذا کان پيٽ کي حفاظت ۾ رکو ۽ موت کان پوءِ قبر ۾ توهان جي جيڪا حالت ٿيڻي آهي، ان کي ياد رکو. جنهن اهو سڀ ڪيو ته سمجهو ان الله کان حياءُ ڪرڻ جو حق ادا ڪيو. (ترمذي)


    ايمان جون علامتون

    جڏهن اوهان کي پنهنجي سٺي عمل تي خوشي حاصل ٿئي ۽ بري ڪم جو رنج پيدا ٿئي ته پوءِ اوهان ايمان وارا آهيو.
    (مسند احمد)

    جيڪو توهان مان ڪا برائي ڏسي ۽ طاقت رکندو هجي ته پنهنجي هٿ سان (يعني سگهه سان) ان کي مٽائڻ (درست ڪرڻ) جي ڪوشش ڪري. جيڪڏهن ان جي طاقت نه هجيس ته پنهنجي زبان سان اها ڪوشش ڪري ۽ جيڪڏهن اها به طاقت نه هجيس ته پنهنجي دل ۾ (ان خلاف نفرت ظاهر ڪري ان کي مٽائڻ جو عزم ڪري) ۽ اهو ايمان جو ضعيف ترين درجو آهي. (مسلم)


    ايمان مڪمل ڪندڙ ڳالهيون

    ايمان جو ميٺاج ان کي نصيب ٿيندو جنهن ۾ ٽي ڳالهيون هجن. هڪ، سڀني کان وڌيڪ الله ۽ ان جي رسول جي محبت هجيس. ٻيو، جنهن ماڻهوءَ سان به محبت هجيس صرف الله جي لاءِ هجيس. ٽيون، ايمان کان پوءِ ڪفر ڏي موٽڻ کان ايتري نفرت ۽ اذيت هجيس، جيتري باهه ۾ پوڻ سان ٿيندي آهي. (بخاري ۽ مسلم)

    توهان مان ڪو شخص مومن نٿو ٿي سگهي جيستائين مون سان پنهنجي ماءُ پيءُ، اولاد ۽ سڀني ماڻهن کان وڌيڪ محبت نه رکندو هجي. (بخاري ۽ مسلم)

    توهان مان ڪو به شخص تيستائين مومن نٿو ٿي سگهي جيستائين ان جون نفساني خواهشون منهنجي آندل هدايت جي پوئواريءَ ۾ نه اچن. (شرح السنه)

    توهان مان تيستائين ڪو به مومن نٿو ٿي سگهي جيستائين اهو پنهنجي ڀاءُ لاءِ به ساڳيو نه چاهي جيڪو پنهنجي لاءِ ٿو چاهي. (بخاري ۽ مسلم)

    توهان جنت ۾ نٿا وڃي سگهو، جيستائين ايمان وارا نٿا ٿيو ۽ توهان پورا مومن نٿا ٿي سگهو، جيستائين توهان کي هڪ ٻئي سان محبت ناهي. ڇا مان توهان کي اهڙي ڳالهه نه ٻڌايان جو ان تي عمل ڪريو ته اوهان کي هڪ ٻئي سان محبت پيدا ٿي وڃي. اها ڳالهه هي آهي ته پاڻ ۾ سلام جو رواج ڦهلايو ۽ ان کي عام ڪيو. (مسلم)

    مسلمان اهو آهي جنهن جي زبان ۽ هٿ کان ٻيا مسلمان محفوظ هجن. مومن اهو آهي جو ماڻهن کي پنهنجي جان ۽ مال جي لاءِ ان کان ڪو به خوف خطرو نه هجي. (ترمذي- نسائي)

    اهو ماڻهو هرگز مومن ناهي جنهن جا پاڙيسري سندس شرارتن کان خوف ۾ رهندا هجن. (بخاري)

    جيڪو ماڻهو الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکي ٿو (۽ پنهنجي لاءِ الله جو راضپو ۽ آخرت ۾ ڇوٽڪارو گهري ٿو) ته مٿس لازم آهي ته پنهنجي پاڙيسري کي نه ستائي. (بخاري ۽ مسلم)

    مسلمانن ۾ ڪامل ايمان ان جو آهي جنهن جا اخلاق وڌيڪ سٺا آهن. (ابو دائود، درامي)

    ماڻهوءَ جي اسلام جي خوبي ۽ ڪمال ۾ هي داخل آهي ته هو فضول ۽ غيرمفيد ڪمن ۽ ڳالهين کان پاسيرو هجي.
    (ابن ماجه، ترمذي، البيهقي في شعب الايمان)

    جنهن ۾ امانت جي خصلت ناهي ان ۾ ايمان ڪونهي ۽ جنهن ۾ عهد جي پابندي ناهي ان ۾ دين ڪونهي.
    (البيهقي في شعب الايمان)

    دين (ماڻهن سان) خيرخواهيءَ جو نالو آهي. (مسلم)


    ايمان ۾ خرابي وجهندڙ اخلاق ۽ عمل

    غصو ايمان کي ائين خراب ڪندو آهي، جيئن ايريو ماکيءَ کي خراب ڪندو آهي. (البيهقي في شعب الايمان)

    جيڪو ماڻهو ڪنهن ظالم جي مدد ۽ ان جو ساٿ ڏيڻ لاءِ نڪتو ۽ کيس اها ڄاڻ به هئي ته هو ظالم آهي، ته اهو ماڻهو اسلام مان نڪري ويو. (البيهقي في شعب الايمان)

    مومن لعنت ۽ ٽوڪ ٽانگر ڪرڻ وارو نه هوندو آهي ۽ نه گاريل ۽ بدڪار هوندو آهي. (ترمذي- البيهقي في شعب الايمان)

    مسلمان بزدل ۽ بخيل ٿي سگهي ٿو پر ڪوڙو ڪڏهن به ٿي نٿو سگهي. (رواه مالڪ- البيهقي في شعب الايمان)

    زاني جڏهن زنا ڪري ٿو، چور جڏهن چوري ڪري ٿو، شرابي جڏهن شراب پيئي ٿو، لُٽ مار ڪندڙ کي جڏهن ڪو خاموش تماشائي ٿي ڏسي ٿو، جڏهن ڪو قتل ڪرڻ وارو قتل ڪري ٿو ۽ جڏهن ڪو امانت ۾ خيانت ڪري ٿو ته اهي انوقت مومن نٿا رهن. پوءِ (اي ايمان وارؤ انهن ايمان جي منافي حرڪتن کان) پاڻ کي بچايو! بچايو! (بخاري-مسلم)


    نفاق جون علامتون

    چار عادتون اهڙيون آهن جو جنهن ۾ اهي چارئي جمع ٿي وڃن ته اهو خالص منافق آهي. جنهن ۾ انهن چئني مان ڪا هڪ خصلت هجي ته ان ۾ نفاق جي هڪ خصلت آهي ۽ هو جيستائين اها خصلت نه ڇڏيندو تيستائين ساڳي (نفاق واري) حال ۾ رهندو. اهي چار عادتون هي آهن: جڏهن ان کي ڪنهن امانت جو امين بڻايو وڃي ته ان ۾ خيانت ڪري، جڏهن ڳالهائي ته ڪوڙ ڳالهائي، جڏهن عهد معاهدو ڪري ته ان جي خلاف ورزي ڪري ۽ جڏهن ڪنهن سان جهڳڙو ڪري ته گاريون ڪڍي. (بخاري ۽ مسلم)

    جيڪو شخص انهيءَ حال ۾ مئو جو هن ڪڏهن به جهاد نه ڪيو هجي ۽ نه پنهنجي ذهن ۾ ان جون تجويزون سوچيون ۽ نه ان لاءِ تمنا ڪئي ته پوءِ اهو شخص نفاق جي هڪ صفت تي مئو. (مسلم)


    وسوسا ۽ ايمان

    الله تعاليٰ منهنجي امت کان دل ۾ اڀرندڙ برن خيالن ۽ وسوسن کي معاف ڪري ڇڏيو آهي. انهن تي ڪا پڪڙ ڪو نه ٿيندي جيستائين جو انهن تي عمل نه ٿئي ۽ زبان سان نه ورجائجن.
    (بخاري ۽ مسلم)

    ماڻهن ۾ هميشه فضول سوالن ۽ بيڪار بحثن جو سلسلو جاري رهندو، ايستائين جو هي احمقاڻو سوال به ڪيو ويندو ته الله جڏهن سڄي مخلوق کي پيدا ڪيو آهي ته پوءِ کيس پيدا ڪرڻ وارو ڪير آهي؟ پوءِ جنهن کي به اهڙي صورتحال سان واسطو پوي ته هو (بحث ۽ ڊيگهه ۾ پوڻ بجاءِ) يڪدم “الله ۽ ان جي رسول تي منهنجو ايمان آهي” چئي ڳالهه کي ختم ڪري. (بخاري ۽ مسلم)


    تقدير کي مڃڻ

    تقدير کي مڃڻ هي آهي ته (خدا جي اٽل قانونن تحت) جيڪو ڪجهه توهان کي پيش اچي ٿو، توهان ڪنهن طرح به ان کان بچي نه پئي سگهيا ۽ جيڪي حالتون اوهان تي نٿيون گذرن سي اوهان مٿان اچڻيون ئي نه هيون.
    (مسند- احمد- ابن ماجه- ابو دائود)

    هر هڪ کي انهيءَ جي توفيق ملندي آهي جنهن لاءِ هو جيئي ٿو. ان ڪري جيڪڏهن ڪو نيڪ بختن مان آهي ته ان کي چڱاين ۽ نيڪ بختيءَ جي ڪمن جي توفيق ملندي آهي ۽ جيڪڏهن ڪو بدبختن مان آهي ان کي مداين ۽ بدبختيءَ جي ڪمن جي توفيق ملندي آهي. (بخاري ۽ مسلم)

    توهان کان پهريون ڪجهه امتون انوقت هلاڪ ٿيون جڏهن انهن تقدير جي مسئلي ۾ حجت ۽ بحث کي پنهنجو معمول بڻائي ورتو. مان توهان کي قسم ٿو ڏيان ۽ توهان تي لازم ٿو ڪريان ته انهيءَ مسئلي تي هرگز حجت ۽ بحث نه ڪندا ڪريو. (ترمذي)


    الله تعاليٰ جي ياد ۽ فرمانبرداري

    جڏهن به ۽ جتي به الله جا ڪي ٻانها ويهي الله جي ياد ۽ ان جي فرمانبرداريءَ جون ڳالهيون ڪندا آهن ته لازمي طرح فرشتا سندن چوڌاري جمع ٿي ويندا آهن ۽ الله جي رحمت مٿن ڇائنجي ويندي آهي، مٿن سڪون ۽ تسلي نازل ٿيندي آهي ۽ الله پنهنجي ملائڪن ۾ سندن تذڪرو ڪندو آهي.
    (صحيح مسلم)

    الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته منهنجو معاملو ٻانهي سان سندس يقين مطابق هوندو آهي. جڏهن به مونکي ياد ڪندو آهي ته مان بلڪل گڏ هوندو آهيانس. جيڪڏهن هو مونکي پنهنجي دل ۾ اهڙي طرح ياد ڪري جو ڪنهن ٻئي کي خبر نه هجي ته مان به کيس ساڳي طرح ياد ڪندس ۽ جيڪڏهن هو ٻين ماڻهن جي سامهون مونکي ياد ڪري ته مان به ڀلي جماعت ۾ ان جو ذڪر ڪندس. (بخاري- مسلم)

    الله جي فرمانبرداري ايتري ۽ اهڙي طرح ڪيو جو ماڻهو چون ته هي ته ديوانو آهي. (مسند احمد)

    جيڪو شخص ڪٿي ويٺو ۽ انهيءَ نشست ۾ الله جي پچار نه ڪيائين ته اها نشست ان لاءِ وڏي حسرت ۽ خساري واري ٿي. اهڙي طرح جيڪو شخص ڪٿي سُتو ۽ ان وقت الله کي ياد نه ڪيائين ته سندس اهو سمهڻ ان لاءِ وڏي حسرت ۽ خساري جو ڪارڻ ٿيو. (سنن ابي دائود)


    قرآن مجيد سان نسبت

    الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته جنهن شخص کي قرآن منهنجي ياد ۾ مشغول رکيو ۽ مون کان سوال ۽ دعا ڪرڻ ۾ مشغول رکيو ته مان کيس ان کان ڀلو عطا ڪندس جيڪو سائلن ۽ دعا گهرڻ وارن کي عطا ڪندو آهيان. (جامع ترمذي- بيهقي)

    توهان جي وچ ۾ جيڪي مسئلا پيدا ٿين قرآن ۾ انهن جو حڪم ۽ فيصلو موجود آهي. (حق ۽ باطل ۽ صحيح يا غلط جي باري ۾) اهو آخري فيصلو آهي. اهو اجائي ڳالهه ناهي. جيڪو ڏاڍو ۽ سرڪش (پنهنجي غرور ۽ سرڪشيءَ جي ڪري) قرآن کان منهن موڙيندو، الله تعاليٰ کيس ڀڃي رکندو ۽ جيڪو هدايت کي قرآن کانسواءِ تلاش ڪندو ته ان جي حصي ۾ الله جي طرفان صرف گمراهي ايندي. قرآن ئي الله سان تعلق جي مضبوط رسي آهي ۽ پختو نصيحت نامو آهي. اهوئي صراط مستقيم ۽ چٽو حق آهي، جنهن جي پوئواريءَ سان خيال بگڙڻ کان محفوظ رهن ٿا. (ترمذي)

    توهان مان سڀ کان بهتر اهو آهي جيڪو قرآن جو علم حاصل ڪري ۽ ٻين کي ان جي تعليم ڏئي. (بخاري)

    صرف ٻه ماڻهو ريس ڪرڻ جهڙا آهن، هڪ اهو جنهن کي الله قرآن جي نعمت عطا ڪئي ۽ هو رات ڏينهن ان (کي سمجهڻ ۽ عام ڪرڻ) ۾ لڳو رهي ٿو ۽ ٻيو اهو خوش نصيب ماڻهو جنهن کي الله مال ۽ دولت ڏني ۽ هو رات ڏينهن الله جي رستي ۾ خرچ ڪندو رهي ٿو. (بخاري- مسلم)

    الله تعاليٰ هن ڪتاب (قرآن مجيد) جي ڪري ڪيترين قومن کي مٿاهون ڪندو ۽ ڪيترين کي هيٺاهون سٽيندو.
    (صحيح مسلم)

    بني آدم جي دلين تي اهڙي طرح ڪٽ چڙهي ويندي آهي جهڙي طرح آلاڻ سان لوهه تي. موت کي وڌيڪ ياد ڪرڻ ۽ قرآن مجيد جو پڙهڻ انهيءَ زنگ کي دور ڪرڻ جو ذريعو آهي. (بيهقي)


    دعا گهرڻ

    جيڪو الله تعاليٰ کان نه گهري ان تي الله تعاليٰ ناراض ٿيندو آهي. (جامع ترمذي)


    الله تعاليٰ کان سندن فضل ۽ مهرباني گهرو، ڇاڪاڻ ته الله کي اها ڳالهه ڏاڍي محبوب آهي جو سندن ٻانها کانئس گهرن.
    (جامع ترمذي)

    توهان جي پالڻهار ۾ حد درجي جو حياءُ ۽ مهربانيءَ واري صفت آهي، جڏهن ٻانهو ان جي اڳيان گهرڻ لاءِ هٿ ڦهلائي ٿو ته ان کي حياءُ ايندو آهي جو هٿن کي خالي واپس ڪري. (ڪجهه نه ڪجهه عطا ڪرڻ جو فيصلو ضرور ڪندو آهي.)
    (ترمذي- ابي دائود)

    جيڪو مؤمن ٻانهو ڪا دعا گهري ٿو، جنهن ۾ نه ڪا گناهه جي ڳالهه هجي نه ڪا قطع رحمي (لڳ لاڳاپا ٽوڙڻ جي ڳالهه) ته الله تعاليٰ جي طرفان ان کي ٽن شين مان ڪا به هڪ شيءِ ضرور عطا ٿئي ٿي:
    يا ته جيڪا شيءِ ان گهري آهي کيس ٿڏي تي ئي عطا ڪئي وڃي ٿي. يا ته ان جي دعا کي آخرت ۾ سندس لاءِ ذخيرو بڻايو وڃي ٿو. يا اچڻ واري ڪا مصيبت ۽ تڪليف انهيءَ دعا جي صلي ۾ ٽاري وڃي ٿي. (رواه احمد)

    جڏهن الله تعاليٰ کان گهرو ۽ دعا ڪريو ته انهيءَ يقين سان ڪريو ته هو ضرور قبول ڪندو ۽ عطا فرمائيندو. ياد رکو ته الله انهيءَ جي دعا قبول نه ڪندو آهي جنهن جي دل (دعا جي وقت) الله کان غافل ۽ بي پرواهه هجي. (جامع ترمذي)

    جيڪڏهن ڪو شخص چاهي ته پريشانين ۽ ڏکيائين جي وقت الله تعاليٰ سندس دعا قبول فرمائي ته کيس گهرجي ته عافيت ۽ خوشحاليءَ جي زماني ۾ به الله کان وڌيڪ دعا ڪندو رهي.
    (جامع ترمذي)

    ٽي دعائون خاص طرح قبول ٿينديون آهن ۽ انهن جي قبوليت ۾ شڪ ئي ناهي. هڪ: اولاد جي حق ۾ ماءُ پيءُ جي دعا، ٻيو: مسافر ۽ پرديسيءَ جي دعا، ٽيون: مظلوم جي دعا.
    (ترمذي- ابو دائود ۽ ابن ماجه)


    استغفار ۽ توبهه

    مؤمن ٻانهو جڏهن ڪو گناهه ڪندو آهي ته ان جي نتيجي ۾ سندس دل تي هڪ ڪارو داغ لڳي ويندو آهي. پوءِ جيڪڏهن هن انهيءَ گناهه کان توبهه ڪئي ۽ الله تعاليٰ کي معافي ۽ بخشش جي التجا ۽ عرض ڪيو ته اهو ڪارو داغ ميسارجي وڃي ٿو ۽ قلب صاف ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن انهيءَ گناهه کان پوءِ توبهه ۽ استغفار بجاءِ وڌيڪ گناهه ڪيائين ۽ گناهن جي واديءَ ۾ قدم وڌائيندو رهيو ته دل جي ڪاراڻ اڃان وڌي ٿي، ايستائين جو قلب تي ڇائنجي وڃي ٿي. اهائي ڪٽ ۽ ڪاراڻ آهي جنهن لاءِ الله تعاليٰ فرمايو: کلا بل ران عليٰ قلوبهم ما ڪانوا يکسبون. (مسند احمد- ترمذي ۽ ابن ماجه)

    هر ماڻهو خطاڪار آهي ۽ خطاڪارن مان اهي ڀلا آهن جيڪي دلئون توبهه ڪن ۽ الله ڏي موٽي اچن. (ترمذي- ابن ماجه)
    جيڪڏهن بالفرض توهان سڀ (ملائڪن وانگر) گناهن کان آجا ٿي وڃو جو توهان کان ڪو گناهه ئي نه ٿئي ته الله ٻي مخلوق پيدا ڪندو جنهن کان گناهه به ٿي ويندا هجن. پوءِ اُهي گناهن جي معافي گهرندا ته الله تعاليٰ انهن جي مغفرت جو فيصلو فرمائيندو (۽ اهڙي طرح سندس شان غفاريت جو ظهور ٿيندو رهندو.) (صحيح مسلم)

    الله تعاليٰ ٻانهي جي توبهه ان وقت تائين قبول ڪندو آهي جيستائين سڪرات جي ڪيفيت شروع نه ٿئي. (ترمذي- ابن ماجه)

    مون کي قرآن جي هن آيت جي مقابلي ۾ دنيا جي ڪا به نعمت وڌيڪ پسند ڪونهي ته ”اي منهنجا ٻانهؤ! جن (گناهه ڪري) پنهنجي نفسن سان زيادتي ڪئي آهي (۽ پاڻ کي تباهه ڪيو آهي) سو توهان الله جي رحمت کان نااميد نه ٿيو، الله سڀني گناهن کي بخشي ڇڏي ٿو، هو ڏاڍو بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي.“ ٻڌي ڇڏيو مشرڪن لاءِ به الله تعاليٰ جو ساڳيو ارشاد آهي. (مسند احمد)


    پيءُ ماءُ تي اولاد جون ذميواريون

    ٻار سان گڏ عقيقو آهي تنهن ڪري (ٻار ڄمڻ تي) ٻار جي طرفان قرباني ڪيو ۽ ان جو مٿو ڪوڙايو. (صحيح بخاري)


    پيءُ تي ٻار جو هي به حق آهي ته ان جو سٺو نالو رکي ۽ کيس سهڻي ادب ۽ فضليت سان سنواري. (بيهقي)

    ماڻهو پنهنجي ٻار کي سڀ کان پهريون تحفو نالي جو ڏئي ٿو انهيءَ ڪري گهرجي ته ان جو سٺو نالو رکي. (رواه ابو الشيخ)

    پنهنجي اولاد جو احترام ڪريو ۽ سٺي تربيت ذريعي کين ادب سان سينگاريو. (ابن ماجه)

    توهان جا ٻار جڏهن ستن سالن جا ٿي وڃن ته انهن کي نماز جو تاڪيد ڪيو ۽ جڏهن ڏهن سالن جا ٿي وڃن ته نماز ۾ ڪوتاهيءَ تي مٿن سختي ڪيو ۽ سندن بسترا به الڳ ڪيو.
    (سنن ابو دائود)

    جنهن شخص وٽ نياڻي پيدا ٿئي، پوءِ اهو نه کيس ايذاءُ رسائي نه سندس توهين ۽ ناقدري ڪري ۽ نه محبت توڙي هلت ۾ ڇوڪرن کي ان تي ترجيح ڏئي، (جيڪو ائين ڪندو) ته الله تعاليٰ نياڻي سان انهيءَ سهڻي سلوڪ جي صلي ۾، کيس جنت عطا فرمائيندو. (مسند احمد)

    جنهن شخص ٻن نياڻين جو بار کنيو ۽ انهن جي پرورش ڪئي، ايستائين جو اهي بلوغت کي پهتيون ته اهو ٻانهو ۽ مان قيامت جي ڏينهن ائين گڏ هونداسون ته جيئن هي ٻه آڱريون. (مسلم)

    جنهن کي الله اولاد ڏئي، کيس گهرجي ته ان جو سٺو نالو رکي، ان کي سٺي تربيت ڏئي ۽ جڏهن اها بلوغت کي پهچي ته سندس نڪاح جو بندوبست ڪري. جيڪڏهن (هُن انهيءَ سلسلي ۾ ڪوتاهي ڪئي ۽) شاديءَ جي عمر تي رسڻ جي باوجود به (پنهنجي غفلت ۽ بي پرواهيءَ سببان) سندس شاديءَ جو بندوبست نه ڪيو ۽ ان سبب جي ڪري اولاد حرام جي ور چڙهي وئي ته سندس پيءُ انهيءَ گناهه جو ذميدار هوندو. (بيهقي)

    پنهنجي ضرورت لاءِ، پنهنجي اولاد جي پالنا ۽ پنهنجي پيءُ ماءُ جي خدمت لاءِ ڪمائڻ الله تعاليٰ جي خوشنوديءَ جو سبب آهي. معتبري ۽ رياءَ جي لاءِ ڪمائڻ شيطان جي ڪمائي آهي.(طبراني)


    اولاد مٿان پيءُ ماءُ جا حق

    جنت ماءُ جي قدمن جي هيٺيان آهي. (رواه احمد- نسائي)

    الله جي رضامندي پيءُ جي رضامنديءَ ۾ آهي ۽ الله جي ناراضگي پيءُ جي ناراضگيءَ ۾ آهي. (جامع ترمذي)

    اهو ماڻهو خوار ۽ رسوا ٿيو جيڪو ماءُ ۽ پيءُ کي يا ٻنهي مان ڪنهن هڪ کي ڪراڙپ ۾ پسي وٺي پر انهن جي خدمت ڪري جنت حاصل نه ڪري. (صحيح مسلم)

    پيءُ جي خدمت ۽ سهڻي سلوڪ جو هڪ درجو هي به آهي ته سندس انتقال کان پوءِ ان جي دوستن سان (اڪرام ۽ احترام جو) تعلق رکيو وڃي ۽ پيءُ جي دوستي ۽ محبت جو حق ادا ڪيو وڃي. (صحيح مسلم)

    پنهنجي ماءُ پيءُ جي خدمت ۽ فرمانبرداري ڪريو توهان جي اولاد توهان جي فرمانبردار ۽ خدمت گذار ٿيندي، توهان پاڪدامنيءَ سان رهو توهان جون عورتون پاڪدامن رهنديون. (طبراني)

    خدا سان شرڪ ڪرڻ، ماءُ پيءُ جي نافرماني ۽ کين تڪليف ڏيڻ، ڪنهن ماڻهوءَ جو ناحق قتل ڪرڻ ۽ ڪوڙي شاهدي ڏيڻ ڪبيرا گناهه آهن. (صحيح بخاري)

    شرڪ، ماءُ پيءُ جي نافرماني ۽ جهاد جي ميدان مان ڀڄڻ اهڙا بڇڙا ڪم آهن جو انهن جي موجودگيءَ ۾ ڪو به نيڪ عمل قبول نه ٿيندو آهي. (طبراني)

    پنهنجي ماءُ پيءُ کي گار ڏيڻ به ڪبيرو گناهه آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي جي ماءُ پيءُ کي گار ڏئي پوءِ هو جواب ۾ سندس ماءُ پيءُ کي گار ڏئي ته اهو به ڄڻ پاڻ پنهنجي ماءُ پيءُ کي گار ڏيڻ آهي. (بخاري- مسلم)


    ٻين رشيدارن جا حق ۽ مٽي مائٽي قائم رکڻ

    الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته ”مان الله آهيان مان الرحمان آهيان مون مٽي مائٽيءَ کي پيدا ڪيو آهي ۽ پنهنجي نالي رحمان جي مادي مان ان کي رحم (مائٽيءَ) جو نالو ڏنو آهي پوءِ جيڪو مائٽين کي جوڙيندو مان انهيءَ کي جوڙيندس ۽ جيڪو مائٽين کي ٽوڙيندو مان انهن کي ٽوڙيندس.
    (سنن ابي دائود)

    جيڪڏهن ڪو هي گهري ته سندس رزق ۾ ڪشادگي ٿئي ۽ دنيا ۾ ڳچ ڏينهن دير تائين رهي (يعني سندس عمر ڊگهي ٿئي) ته هو پنهنجي مٽن مائٽن سان مهربانين وارو سلوڪ هلي.
    (بخاري- مسلم)

    مٽيون مائٽيون ڇنڻ وارو (ساڻن برو سلوڪ هلڻ وارو) جنت ۾ نه وڃي سگهندو. (بخاري- مسلم)

    اهو ماڻهو مٽي مائٽي نڀائڻ جو حق ادا نه ٿو ڪري جيڪو رڳو موٽ ۾ مهربانين جو سلوڪ ٿو ڪري. مهربانين جي سلوڪ جو حق ادا ڪرڻ وارو دراصل اهو آهي جيڪو اڳلن مائٽن پاران ناروا سلوڪ ۽ حق تلفيءَ جي باوجود به انهن سان مهربانين وارو سلوڪ قائم رکي. (صحيح بخاري)


    زال مڙس جا هڪ ٻئي تي حق ۽ ذميواريون

    عورت تي سڀ کان وڏو حق سندس مڙس جو آهي ۽ مرد تي سڀ کان وڏو حق سندس ماءُ جو آهي. (مستدرڪ حاڪم)

    عورت جڏهن پنجن وقتن جي نماز پڙهي، رمضان جا روزا رکي، پنهنجي عزت آبروءَ جي حفاظت ڪري ۽ مڙس جي فرمانبردار رهي ته پوءِ کيس حق آهي ته جنت جي ڪنهن به دروازي مان ان ۾ داخل ٿئي. (حليه ابو نعيم)

    ڪو به ايمان وارو مڙس پنهنجي ايمان واري گهر واريءَ کان نفرت نه ڪندو آهي ڇاڪاڻ ته ان جي مڙس کي ڪا هڪ عادت پسند نه هوندي ته ڪا ٻي عادت ضرور پسند هوندي.
    (صحيح مسلم)

    مسلمانن ۾ ان ماڻهوءَ جو ايمان وڌيڪ ڪامل آهي جنهن جو اخلاقي رويو سڀني سان بهتر هجي ۽ خاص ڪري گهر واريءَ سان ان جو رويو لطيف ۽ محبت وارو هجي. (جامع ترمذي)

    مان اوهان کي عورتن جي حق ۾ وصيت ڪريان ٿو ته انهن سان ڀلائيءَ واري هلت هلجو، ان ڪري جو اهي توهان جي هٿ وس ڪيل آهن. (ترمذي)

    جڏهن عورت پنهنجي مڙس جي اجازت سان ان جي مال مان خيرات ڪندي آهي ته عورت کي خيرات ڪرڻ جو اجر ملندو آهي ۽ مڙس کي ڪمائڻ جو اجر ملندو آهي ۽ نوڪر کي کڻي ڏيڻ جو اجر ملندو آهي. انهن ٽنهي جي حصي مان ڪنهن جو به اجر گهٽ نه ٿيندو. (بخاري مسلم)


    پاڙيسرين جا حق

    (الله جو خاص قاصد) جبرائيل پاڙيسرين جي حقن جي باري ۾ مون کي الله تعاليٰ جي طرف کان لڳاتار وصيت ۽ تاڪيد ڪندو رهيو، ايستائين جو مان خيال ڪرڻ لڳس ته جبرائيل انهن کي وارث ڳڻائيندو. (بخاري- مسلم)

    جنهن کي به هيءَ خوشي ۽ چاهت هجي ته کيس الله ۽ رسول سان محبت نصيب هجي يا هي ته ساڻس الله ۽ رسول کي محبت هجي ته کيس گهرجي ته ٽن ڳالهين کي پورو ڪري. هڪ: ڳالهائي ته سچ ڳالهائي، ٻيو: ڪا امانت کيس حوالي ٿئي ته امانتداريءَ سان ان کي ادا ڪري ۽ ٽيون: پنهنجي پاڙيسرين سان سهڻو رويو هلي. (بيهقي)

    خدا جو قسم اهو شخص مؤمن ناهي، خدا جو قسم اهو شخص مؤمن ناهي، خدا جو قسم اهو شخص مؤمن ناهي جنهن جا پاڙيسري سندس شرارتن ۽ ڏنگاين کان امن ۾ نه هجن. (بخاري- مسلم)

    ان ماڻهوءَ مون کي مڃيو ئي ڪونهي جيڪو اهڙيءَ حالت ۾ پنهنجو پيٽ ڀري رات جو بي فڪريءَ سان سمهي پوي جو سندس ڀر ۾ رهڻ وارو پاڙيسري بکايل هجي ۽ ان ماڻهوءَ کي پاڙيسريءَ جي بکيو رهڻ جي ڪا خبر به نه هجي. (طبراني)

    پاڙيسريءَ جا حق توهان تي هي آهن ته جيڪڏهن هو بيمار ٿي پوي ته سندس عيادت ڪيو ۽ خبر چار لهو. جيڪڏهن انتقال ڪري وڃي ته سندس جنازي سان گڏ وڃو (۽ تدفين جي ڪمن ۾ هٿ ونڊايو.) جيڪڏهن هو (پنهنجي ضرورت لاءِ) قرض گهري ته (طاقت آهر) کيس قرض ڏيو ۽ جيڪڏهن هو ڪو برو ڪم ڪري وجهي ته پرده پوشي ڪيوس. جيڪڏهن ڪا نعمت مليس ته مبارڪباد ڏيوس. جيڪڏهن ڪا مصيبت رسيس ته تعزيت ڪيوس. پنهنجي عمارت کي اهڙي طرح بلند نه ڪيو جو سندس گهر جي هوا بند ٿي وڃي. (جڏهن توهان جي گهر ۾ ڪو سٺو کاڌو رڌجي ته ڪوشش ڪيو جو) توهان جي رڌ پچاءَ جي بوءِ ان جي لاءِ (۽ سندس ٻارن لاءِ) اهنج نه بڻجي يا وري ان مان ڪجهه کاڌو ان جي گهر به موڪليو. (طبراني)

    ڇا ٿي ويو آهي انهن (عالم ۽ سمجهه وارن) ماڻهن کي جو اهي پنهنجي پاڙيسرين کي دين سيکارڻ ۽ تعليم ڏيڻ جي ڪوشش نٿا ڪن، نه چڱاين جو حڪم ٿا ڏين، نه براين کان روڪين ٿا ۽ ڇا ٿي ويو آهي انهن (بي علم ۽ پوئتي پيل) ماڻهن کي جو هو پنهنجي پاڙيسرين کان دين سمجهڻ ۽ تعليم پرائڻ جي ڪوشش نه ٿا ڪن، ۽ نه کانئن نصيحت ٿا وٺن. (جيڪڏهن هي ٻئي طبقا پنهنجو پنهنجو فرض ادا نه ڪندا ته) مان انهن کي دنيا ۾ ئي (سندن بي عمليءَ تي) سخت سزا ڏياريندس.
    (مسند اسحاق بن راهويه)


    ڪمزور ۽ ضرورتمند طبقن جا حق

    مسڪين رڳو اهو نه آهي جيڪو در در ته صدا هڻندو وتي. مسڪين اُهو به آهي جو اُن وٽ ايتري گنجائش نه هجي جو پنهنجون ضرورتون پوريون ڪري سگهي ۽ نه وري پنهنجي اهڙي حالت بنائي ڇڏي هجائين جو ماڻهو ان کي ضرورت مند سمجهي سندس مدد ڪن (يعني سفيد پوش خوددار ضرورتمند). (بخاري)

    الله جي جنهن ٻانهي مسلمانن مان ڪنهن يتيم کي پنهنجي ذمي ورتو ۽ پنهنجي کائڻ پيئڻ ۾ شريڪ ڪيو ته الله ان کي ضرور جنت ۾ داخل ڪندو سواءِ ان جي جو ڪو به اهڙو جرم نه ڪيو هجائين جيڪو ناقابل معافي هجي. (جامع ترمذي)

    جنهن به پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن يتيم ٻار سان بهتر سلوڪ ڪيو ته مان ۽اهو ماڻهو جنت ۾ ٻن آڱرين وانگر ويجهو هونداسون.
    (مسند احمد- جامع ترمذي)

    مسلمانن جي گهراڻن ۾ بهترين گهراڻو اهو آهي جنهن ۾ ڪو يتيم هجي ۽ ان سان سهڻو سلوڪ ٿيندو هجي ۽ مسلمانن جي گهرن ۾ بدترين گهر اهو آهي جنهن ۾ ڪو يتيم هجي ۽ ان سان برو سلوڪ ٿيندو هجي. (سنن ابن ماجه)

    جنهن قوم جي دسترخوان تي يتيم هوندو آهي ۽ کائڻ ۾ قوم ان جي کي شريڪ ڪندي آهي. شيطان ان قوم جي ويجهو نه ايندو آهي. (طبراني)

    هر مسلمان ٻئي مسلمان جو ڀاءُ آهي انهيءَ ڪري نه پاڻ ان تي ظلم ۽ زيادتي ڪري نه ٻين کان مظلوم بڻجڻ لاءِ ان کي هيڪلو ڇڏي. جيڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ جي ضرورت پوري ڪندو، الله ان جون ضرورتون به پوريون ڪندو، جيڪو ماڻهو ڪنهن مسلمان ڀاءُ جي تڪليف ۽ مصيبت کي پري ڪندو ته الله قيامت ڏينهن وارين مصيبتن مان سندس ڪنهن مصيبت کي پري ڪندو ۽ جيڪو ڪنهن مسلمان جي پرديداري ڪندو ته الله قيامت ڏينهن سندس پريداري ڪندو. (بخاري- مسلم)

    بکايل کي کاڌو کارايو، بيمارن جي خبر لهو (۽ سار سنڀال ڪريو) ۽ قيدين کي رهائي ڏيارڻ جي ڪوشش ڪريو. (بخاري)

    الله تعاليٰ قيامت ڏينهن هڪ شخص کي چوندو ته اي ابن آدم! مان بيمار هوس تو منهنجي سار سنڀال نه لڌي. ٻانهو عرض ڪندو اي منهنجا مالڪ ۽ پالڻهار! مان ڪيئن تنهنجي بيمار پرسي ڪري سگهان پيو، تون ته پاڻ جهانن جو سنڀاليندڙ آهين. الله تعاليٰ فرمائيندو ڇا توکي خبر نه پئي هئي ته منهنجو فلاڻو ٻانهو بيمار پيو آهي، تو ان جي عيادت نه ڪئي ۽ نه سار سنڀال ڪئي. جيڪڏهن تون ان جي عيادت ۽ سار سنڀال ڪرين ها ته مون کي اتي ئي پسين ها. اي ابن آدم! مان توکان کاو گهريو تو مون کي کاڌو نه کارايو. ٻانهو عرض ڪندو اي منهنجا مالڪ ۽ پالڻهار! مان توکي ڪيئن کاڌو کارائي سگهان پيو، تون ته پاڻ جهانن جو پالڻهار آهين. الله تعاليٰ فرمائيندو ڇا توکي معلوم ناهي ته منهنجي فلاڻي ٻانهي توکان کاڌو گهريو هو ۽ تون کيس کاڌو نه ڏنو. جيڪڏهن تون ان کي کاڌو کارائين ها ته مون کي ان وٽ پسي وٺين ها. اي ابن آدم! مان پيئڻ لاءِ توکان پاڻي گهريو هو تون مون کي پاڻ نه پيئاريو. ٻانهو عرض ڪندو، اي منهنجا مالڪ ۽ پالڻهار! تون ته پاڻ جهانن جو پالڻهار آهين، تنهنجو پاڻي پيئڻ سان ڪهڙو واسطو. الله تعاليٰ فرمائيندو ته منهنجي فلاڻي ٻانهي توکان پيئڻ لاءِ پاڻي گهريو تو کيس پاڻي نه پيئاريو. ٻڌ! جيڪڏهن تون کيس پاڻي پيئارين ها ته مون کي ان وٽ پسي وٺين ها.
    (صحيح مسلم)

    سائل جو حق آهي، توڙي جو اهو گهوڙي تي سوار ٿي اچي.
    (ابوداؤد)

    بنا ضرورت جي سوال ڪرڻ پنهنجي چهري کي کُرچڻ آهي. اهڙو شخص قيامت جي ڏينهن اهڙي حالت ۾ ايندو جو سڄو چهرو کُرچيل هوندس. هڏيون کُليل هوندس ۽ گوشت جي هڪ ٻوٽي به چهري تي نه هوندس. (بخاري)


    خادم ۽ زيردستن سان هلت

    توهان جا زيردست توهان جا ڀائر آهن. الله کين توهان جو زيردست بڻايو آهي، پوءِ اهو ماڻهو جنهن جي هٿ ۾ الله ماتحت ڏنا آهن کيس گهرجي ته انهن کي اهو ئي کارائي جيڪي پاڻ کائي ٿو. کين اهوئي پهرائي جيڪو پاڻ پهري ٿو. انهن کي اهڙي ڪم جو بار مٿان نه وجهي جيڪو ڳورو هجي ۽ جيڪڏهن ڪنهن اهڙي ڳوري بار سان لڳائي ته پوءِ پاڻ به ان ڪم ۾ سندن هٿ ونڊائي. (بخاري- مسلم)

    جڏهن توهان مان ڪنهن جو خادم کاڌو تيار ڪري اوهان وٽ کڻي اچي. انهيءَ خادم کاڌي پچائڻ ۽ تيار ڪرڻ ۾ گرمي ۽ ڄر جي تڪليف سٺي آهي ته مالڪ کي گهرجي ته کاڌي تيار ڪرڻ واري انهيءَ خادم کي به کاڌي کائڻ لاءِ پاڻ سان ويهاري. ڀلا جيڪڏهن ڪنهن وقت اهو کاڌو ٿورڙو هجي جو ٻنهي لاءِ ڪافي نه ٿي سگهي ته مالڪ کي گهرجي ته ان کاڌي مان ٻه ٽي گرهه ئي ان خادم کي ضرور کارائي. (صحيح مسلم)

    پنهنجي خادم جون غلطيون معاف ڪريو توڻي جو ستر دفعا ڏينهن ۾ هجن. (سنن ابي دائود)

    توهان پنهنجي خدمتگار کان ڪم وٺڻ ۾ جيتري نرمي ڪندؤ ان جو اجر قيامت جي ڏينهن اوهان جي پُڙ ۾ وڌو ويندو.
    (المنذري)
    پنهنجي نوڪرياڻين کي ٿانوَن ٽٽڻ تي سزا نه ڏيندا ڪريو، انهيءَ ڪري جو ٿانوَن جون به عمريون مقرر آهن، توهان جي عمرين وانگر. (ديلمي)


    وڏن ۽ ننڍن جو پاڻ ۾ ورتاءٌ

    جيڪو ماڻهو ننڍن سان شفقت جو رويو نه هلي ۽ وڏن جي عزت جو خيال نه ڪري اهو اسان مان ناهي.
    (جامع ترمذي- سنن ابي دائود)

    جيڪو جوان ڪنهن پوڙهي بزرگ جو سندس ڪراڙپ جي ڪري ادب ۽ احترام ڪندو ته الله تعاليٰ ان جوان جي پوڙهي ٿيڻ وقت اهڙا ٻانها اڳيان آڻيندو جيڪي ان وقت سندس ادب ۽ احترام ڪندا.


    اسلامي ڀائيچارو

    سڀ مسلمان هڪ ئي ماڻهوءَ (جي مختلف عضون) وانگر آهن جيڪڏهن ان جي اک ڏکي ٿي ته سندس سڄو جسم بيتابي محسوس ڪري ٿو. اهڙي طرح جيڪڏهن سندس مٿي ۾ سور پوي ٿو ته سڄو جسم تڪليف ۾ شريڪ ٿئي ٿو. (صحيح مسلم)

    قسم آهي ان ذات پاڪ جو جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي، ڪو به شخص ايستائين سچو مؤمن نه ٿو ٿي سگهي جيستائين هو پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي لاءِ به اهوئي چاهي جيڪو پنهنجي لاءِ چاهيندو هجي.(بخاري- مسلم)

    جيڪو مسلمان ٻئي مسلمان ڀاءُ کي اهڙي موقعي تي بي مدد ڇڏي جو سندس عزت ۽ آبرو تي حملو هجي ته الله تعاليٰ به کيس اهڙي هنڌ پنهنجي مدد کان محروم ڪندو جتي هو الله تعاليٰ جي مدد جو خواهشمند (۽ طلبگار) هوندو ۽ جيڪو مسلمان ڪنهن مسلمان ڀاءُ جي اهڙي موقعي تي مدد ۽ حمايت ڪندو جتي سندس عزت ۽ آبرو تي حملو هجي ته الله تعاليٰ سندس اهڙي موقعي تي مدد فرمائيندو جتي هو ان جي نصرت جو خواهشمند (۽ طلبگار) هوندو. (ابي دائود)

    جنهن شخص جي سامهون ڪنهن مسلمان ڀاءُ جي گلا ڪئي وڃي يا گهٽ وڌ ڳالهايو وڃي ته اهو ماڻهو مسلمان ڀاءُ جي نصرت ۽ حمايت ڪري سگهي ٿو ته ڪري (يعني گلا ۽ بدگوئي ڪرڻ واري کي انهيءَ کان روڪي يا ان جو جواب ڏئي ۽ بچاءُ ڪري) ته الله تعاليٰ دنيا ۽ آخرت ۾ سندس مدد فرمائيندو ۽ جيڪو قدرت حاصل هئڻ جي باوجود ائين نه ڪري ته الله تعاليٰ دنيا ۽ آخرت ۾ کيس انهيءَ ڪوتاهيءَ تي پڪڙيندو (۽ ان جي سزا ڏيندو.) (شرح السنه)

    هڪ مؤمن ٻئي مؤمن لاءِ آئينو آهي ۽ هڪ مؤمن ٻئي مؤمن جو ڀاءُ آهي جيڪو ان جي تڪليف کي هٽائي ٿو ۽ سندس پٺيان ان جي سار سنڀال ۽ نگراني ڪري ٿو. (ابي دائود-ترمذي)

    مؤمن مؤمن جو آئيني آهي، کيس ان ۾ عيب نظر اچي ته ان جي اصلاح ڪري. (بخاري)

    ماڻهوءَ جي بڇڙي هجڻ لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي جو هو پنهنجي مسلمان ڀاءُ کي حقير سمجهي. (مسلم).


    انساني هڪجهڙائي

    سڀئي ماڻهو انسانيت جي حقن ۾ برابر آهن. (مشڪوات)

    خدا توهان جي صورتن ۽ توهان جي مالن کي نٿو ڏسي، هو توهان جي دلين کي ڏسي ٿو ۽ توهان جي ڪمن کي. (مسلم شريف)

    هڪٻئي سان دشمني نه رکو، حسد نه ڪريو، خدا جا ٻانهؤ پاڻ ۾ ڀائر بڻجي وڃو. (مڪتوبات نبوي)

    قسم ان ذات جو جنهن جي هٿ ۾ منهنجي جان آهي ته ڪو به شخص تيستائين ايمان وارو نٿو ٿي سگهي جيستائين هو ٻين لاءِ ساڳي شيءِ پسند ڪري جيڪا پنهنجي لاءِ پسند ٿو ڪري. (مشڪوات)


    معاشرتي آداب

    هڪ ٻئي کي سلام ڪندا ڪريو انهيءَ سان توهان وچ ۾ محبت ۽ ڀائيچارو پيدا ٿيندو. (مسلم)

    ماڻهن ۾ اهو ٻانهو الله جي رحمت جو وڌيڪ مستحق آهي جيڪو سلام ڪرڻ ۾ اڳرائي ڪري.
    (مسند احمد- جامع ترمذي- ابي دائود)

    سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تڪبر کان بچيل آهي. (بيهقي)

    جڏهن توهان ڪنهن گهر ۾ وڃو ته گهر وارن کي سلام چئو ۽ جڏهن گهر مان نڪرڻ لڳو ته سلام ڪري نڪرو. (ترمذي)

    توهان پاڻ ۾ مصافحو ڪندا ڪريو، انهيءَ سان ڪينو صاف ٿيندو آهي ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي تحفا ڏيندا ڪريو، انهيءَ سان هڪ ٻئي جي وچ ۾ محبت پيدا ٿيندي آهي. (موطا امام مالڪ)


    ذميدارانه زندگي

    اوهان مان هر شخص ڌنار آهي ۽ هر هڪ کان سندس ڌڻ بابت پڇيو ويندو. حاڪم به رعيت جو هڪ ڌنار آهي، ان کان سندس ڌڻ بابت پڇيو ويندو. هر ماڻهو پنهنجي گهر وارن جو ڌنار آهي ۽ عورت پنهنجي مڙس (جي ناموس) ۽ پنهنجي (تربيت جي) ٻارن جي نگران آهي. پڪ ڄاڻو ته توهان مان هر هڪ ڌنار آهي ۽ هر هڪ کان سندس ڌڻ بابت پڇا ڪئي ويندي. (متفق عليه)

    الله جڏهن به ڪنهن ٻانهي جي ذميداريءَ ۾ ڪي ماڻهو آڻيندو آهي، پوءِ اهي ٿورا هجن يا گهڻا ته الله قيامت ڏينهن انهن ماڻهن بابت ضرور سوال پڇندو ته انهيءَ ٻانهي پنهنجي ذميداريءَ ۾ آيل ماڻهن جي وچ ۾ الله جي حڪم کي قائم ڪيو يا پاسيرو رکيو. ايستائين جو الله کانئس گهر وارن بابت به سوال پڇندو. (مسند احمد)


    اٿڻ ويهڻ جا آداب

    مسلمان جو هي حق آهي ته جڏهن ڪنهن ڀاءُ کي پاڻ وٽ ايندو ڏسي ته ان جي لاءِ پنهنجي جڳهه تان ڪجهه سُري (۽ پنهنجي ويجهو) ويهاريس. (بيهقي)

    ڪو به ماڻهو ائين نه ڪري جو ٻئي ماڻهوءَ کي سندس جڳهه تان اٿاري پاڻ ان هنڌ ويهي رهي. بلڪه ماڻهن کي گهرجي ته (اچڻ وارن لاءِ) ڪشادگي ۽ گنجائش پيدا ڪن. (بخاري-مسلم)

    جيڪو شخص پنهنجي جڳهه تان (ڪنهن ضرورت خاطر) اٿيو ۽ پوءِ واپس آيو ته ان جڳهه جو اهو شخص ئي وڌيڪ حقدار آهي. (صحيح مسلم)

    ٻن ماڻهن جي وچ ۾ انهن جي اجازت کان بغير نه ويهو.
    (سنن ابي دائود)

    جڏهن توهان مان ڪو ڇانوَ واري هنڌ تي ويٺل هجي پوءِ ان جي مٿان ڇانوَ هٽي وڃي ۽ سندس جسم جو ڪجهه حصو اس ۾ ۽ ڪجهه حصو ڇانوَ ۾ اچي وڃي ته کيس گهرجي ته هو ان هنڌ تان اٿي وڃي. (يعني اڌ اُس ۽ اڌ ڇانوَ ۾ ويهڻ نه گهرجي.) (سنن ابي دائود)

    رستن تي نه ويهندا ڪريو. پر ڪنهن وٽ جيڪڏهن ان کانسواءِ ڪو چارو نه هجي ته پوءِ رستي جا حق ادا ڪندا رهو. (يعني) پنهنجي نظر هيٺ رکو، ڪنهن کي به تڪليف نه ڏيو. سلام جو جواب ڏيو، سٺيون ڳالهيون ٻڌايو ۽ برين ڳالهين کان روڪيو. (بخاري)


    ڳالهه ٻولهه جا آداب

    مون کي الله تعاليٰ جي طرفان هڪ حڪم آهي ته “ڳالهه ڪرڻ ۾ اختصار کان ڪم وٺان ڇاڪاڻ ته ڳالهه ۾ اختصار ئي بهتر هوندو آهي.” (سنن ابي دائود)

    ماڻهوءَ جي زبان مان ڪڏهن خير ۽ چڱائيءَ جي ڪا اهڙي ڳالهه نڪري ويندي آهي جنهن جي برڪت ۽ قدر و قيمت هو پاڻ به ڄاڻندو ناهي مگر الله تعاليٰ انهيءَ هڪ ڳالهه جي ڪري پاڻ وٽ حاضريءَ تائين انهيءَ ٻانهي جي لاءِ پنهنجي رضا طئه ڪري ڇڏيندو آهي ۽ اهڙي طرح ڪڏهن ماڻهوءَ جي زبان مان شر جي ڪا اهڙي ڳالهه نڪري ويندي آهي جنهن جي بڇڙائي ۽ خطرناڪي جي حد کي هو پاڻ به نه ڄاڻندو آهي مگر الله تعاليٰ انهيءَ ڳالهه جي ڪري ان ماڻهوءَ تي آخرت جي پيشيءَ تائين پنهنجي ناراضگيءَ جو فيصلو ڪري ڇڏيندو آهي. (شرح السنه)

    جڏهن توهان خوشامندڙن کي ڏسو ته انهن جي منهن ۾ ڌوڙ وجهو. (صحيح مسلم)


    پيئڻ بابت حڪم

    جنهن شراب جو گهڻو مقدار نشو پيدا ڪري ان جو ٿورو مقدار به حرام آهي. (ابي دائود- ترمذي-ابن ماجه)

    هميشه شراب پيئڻ وارو جيڪڏهن انهيءَ حالت ۾ مئو ته خدا جي سامهون سندس پيشي مشرڪ ۽ بت پرست وانگر هوندي.
    (رواه احمد)

    شراب جي سلسلي ۾ ڏهن ماڻهن تي لعنت آهي.
    (١) شراب نچوڙيندڙ تي (جيڪو ٻئي لاءِ نچوڙي) (٢) پنهنجي لاءِ نچوڙيندڙ کي، (٣) ان جي پيئندڙ تي، (٤) پياريندڙ تي، (٥) رسائيندڙ تي، (٦) جنهن لاءِ ورتو وڃي، (٧) ان جي وڪرو ڪرڻ واري تي، (٨) خريد ڪندڙ تي، (٩) ان تي جيڪو ڪنهن ٻئي کي تحفي ۾ شراب ڏئي، (١٠) ان تي جيڪو وڪرو ڪري ان جي قيمت کائي. (جامع ترمذي)

    منهنجي امت مان ڪجهه ماڻهو شراب پيئندا ۽ (فريب وچان) ان جو ڪو ٻيو نالو رکندا. (سنن ابي دائود- سنن ابن ماجه)


    وصيت

    الله تعاليٰ (پنهنجي پاڪ ڪتاب ۾ وارثن مان) هر هڪ حقدار کي سندس حصو عطا ڪري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري هاڻي ڪنهن به وارث جي حق ۾ وصيت جائز ناهي.
    (سنن ادبي دائود- سنن ابي ماجه)

    ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو ڪو مرد يا ڪا عورت سٺ سالن تائين الله تعاليٰ جي فرمانبرداريءَ واري زندگي گذاريندا رهندا آهن، پوءِ جڏهن موت کي ويجها ٿيندا آهن ته وصيت ۾ حقدارن کي نقصان پهچائيندا آهن. (انهيءَ ظلم ۽ حقدار ٻانهن جي اهڙي حق تلفيءَ جي ڪري) انهن جي لاءِ دوزخ واجب ٿي ويندي آهي.
    (مسند احمد، جامع ترمذي، سنن ابي دائود، سنن ابن ماجه)


    تحفا تحائف

    پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي تحفا ڏيندا ڪريو انهيءَ سان دلين جي رنجش دور ٿيندي آهي. (جامع ترمذي)
    جنهن شخص پنهنجي مٿان احسان ڪرڻ واري شخص جو شڪريو ادا نه ڪيو، انهيءَ الله جو به شڪريو ادا نه ڪيو.
    (مسند احمد- جامع ترمذي)

    ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ اهو جائز ۽ درست ناهي ته هو ڪنهن کي ڪا شيءِ هديو ڪري ڏئي ۽ پوءِ ان کان واپس وٺي.
    (سنن ابي دائود- جامع ترمذي)

    اي مسلمان عورتو! ڪا به عورت پنهنجي پاڙيسري عورت لاءِ تحفي کي ننڍو نه سمجهي، توڻي جو اهو تحفو ٻڪريءَ جو پائو ئي ڇو نه هجي.


    انصاف جو نظام

    عدل ۽ انصاف ڪرڻ وارا ٻانها الله تعاليٰ وٽ (يعني آخرت ۾) نور جي منبرن تي الله جي نهايت قربت ۾ هوندا....هي اهي ماڻهو هوندا جيڪي پنهنجي فيصلن ۾، ۽ پنهنجي اهل عيال ۽ لاڳاپيل ماڻهن جي معاملن ۾، ۽ پنهنجي اختيارات جي استعمال جي باري ۾ عدل انصاف کان ڪم وٺندا آهن.
    (صحيح مسلم)

    عدل ۽ انصاف سان حڪومت ڪرڻ وارا حاڪم قيامت جي ڏينهن الله کي ٻين سڀني ماڻهن کان وڌيڪ محبوب ۽ پيارا هوندا ۽ کين الله جو سڀني کان وڌيڪ قرب حاصل ٿيندو ۽ بي انصافي سان حڪومت ڪندڙ قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ وٽ سڀني کان وڌيڪ ڏمر ۽ سخت ترين عذاب ۾ سوگها هوندا.
    (جامع ترمذي)

    ٽن شخص کي سڀني کان وڌيڪ عذاب ٿيندو. هڪ اهو جنهن ڪنهن نبيءَ کي قتل ڪيو. ٻيو اهو جيڪو ڪنهن نبيءَ جي هٿان قتل ٿيو. ٽيون ظالم حاڪم. (طبراني)

    الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته اي منهنجا ٻانهؤ! مان پنهنجي لاءِ ناانصافيءَ کي حرام ڪيو آهي، سو توهان تي به ناانصافي حرام آهي. ڏسو ڪنهن سان به ناانصافي نه ڪجو. (ترمذي- ابن ماجه)

    قاضي جيستائين عدل ۽ انصاف تي پابند هوندو آهي تيستائين الله تعاليٰ ساڻس گڏ هوندو آهي (يعني ان جي مدد ۽ توفيق ساڻس گڏ رهندي آهي.) پوءِ جڏهن هو (عدل ۽ انصاف جي پابندي ڇڏي) بي انصافيءَ جو رويو اختيار ڪندو آهي ته الله تعاليٰ ان کان الڳ ۽ بي تعلق ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ شيطان ان جو همدم ۽ رفيق ٿي ويندو آهي. (جامع ترمذي)

    حاڪم جيڪڏهن ڪنهن معاملي جو فيصلو ڪرڻ گهري ۽ حق جي مطابق صحيح فيصلو ڪرڻ لاءِ، غور و فڪر ۽ ڪوشش ڪري صحيح فيصلو ڪري وٺي ٿو ته کيس ٻيڻو اجر ملندو. (هڪ صحيح فيصلي ڪرڻ جي نيت ۽ ڪوشش جو ٻيو صحيح فيصلو ڪرڻ جو.) ۽ جيڪڏهن هن حقيقت کي ڄاڻڻ، سمجهڻ ۽ صحيح فيصلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان جي باوجود فيصلو غلط ڪري ويٺو ته به کيس هڪ اجر ملندو (يعني حق جي مطابق فيصلو ڪرڻ جي نيت جو.)
    (صحيح بخاري- صحيح مسلم)

    جيڪو شخص قاضي (فيصلي جو سرپنچ) بڻايو ويو تان ته ماڻهن جي جهڳڙن ۽ مقدمن جو فيصلو ڪري ته اهو بنا ڇريءَ جي ذبح ڪيو ويو. (يعني اهڙي ذميداريءَ ۾ پئجي ويو جو ان کي انصاف سان نباهڻ ۾ اذيت مان گذرڻو پوندو.)
    (مسند احمد، جامع ترمذي، ابي دائود)

    الله کي سڀ کان وڌيڪ عادل چڱو مڙس محبوب هوندو آهي. اهڙا ماڻهو الله جي ويجهو ويهڻ وارن مان هوندا. (ترمذي)

    اهڙو ڏينهن به ايندو جو توهان ماڻهو حڪومت ۽ ان جي عهدن جو حرص ڪندؤ ۽ اهي عهدا (انصاف سان نه نباهڻ ڪري) قيامت ڏينهن اوهان جي ندامت ۽ پشيمانيءَ جو ڪارڻ هوندا. (صحيح بخاري)

    ڪو به قاضي ۽ حاڪم ڪنهن معاملي جو فيصلو ان حالت ۾ هرگز نه ڪري جو هو غصي جي حالت به هجي.
    (صحيح بخاري- صحيح مسلم)


    عملداري

    جيڪو شخص مسلمانن جي ڪنهن معاملي جو عملدار مقرر ٿيو تنهن کي قيامت ڏينهن جهنم جي مٿان اڏيل پل تي بيهاريو ويندو. جيڪڏهن انصاف ڪيو هوندائين ته ڇوٽڪارو ٿي ويندس ۽ جيڪڏهن بي انصافيون ڪيل هوندس ته اها پل ٽٽي پوندي ۽ اهو شخص ستر سالن جي فاصلي جيترو هيٺ ڪيرايو ويندو. (طبراني)

    ڪو شخص جيڪڏهن ڏهن ماڻهن جو به عملدار مقرر ٿيو ته الله جي سامهون اهڙي طرح ايندو جو سندس هٿ ڪنڌ سان ٻڌل هوندس. ان وقت سندس خلق سان ڪيل نيڪيون يا ته کيس ڇوٽڪارو ڏياري ڇڏينديون يا سندس ناانصافين جي ڪري کيس هلاڪت ۾ وڌو ويندو. (احمد)


    ٻئي جو حق مارڻ

    جيڪو شخص ڪنهن اهڙي شيءِ تي دعويٰ ڪري جيڪا حقيقت ۾ ان جي ناهي ته اهو اسان مان ناهي ۽ کيس گهرجي ته پنهنجو جهڳو جهنم ۾ ٺاهي. (صحيح مسلم)

    جنهن شخص ڪوڙو قسم کڻي ڪنهن مسلمان جو حق ماريو (۽ عدالتي فيصلي سان ان جي ڪا شيءِ حاصل ڪئي) ته الله تعاليٰ ان ماڻهوءَ تي دوزخ واجب ۽ جنت حرام ڪري ڇڏي آهي.
    (صحيح مسلم)
    ڪوڙي شاهدي شرڪ جي برابر ڪئي وئي آهي.
    (سنن ابي دائود)

    حقيقي سڃو اهو آهي جيڪو قيامت ۾ روزي، نماز ۽ زڪوات جا ڍير کڻي ايندو پر ڇاڪاڻ جو دنيا ۾ ڪنهن تي ظلم ڪيو هوندائين، ڪنهن کي گار ڏني هوندائين ۽ ڪنهن تي تهمت لڳائي هوندائين، ڪنهن کي قتل ڪيو هوندائين يا ڪنهن ٻئي قسم جي تڪليف ڏني هوندائين ته قيامت ۾ ان جون سڀ نيڪيون ان مظلوم جا گناهه سندس گردن تي رکيا ويندا. پوءِ کيس جهنم ۾ ڌڪيو ويندو. (مسلم- ترمذي)


    راڄ ۽ ڀاڳ

    اوهان مان هر هڪ پنهنجي رعيت (راڄ ڀاڳ) جو مالڪ آهي ۽ هر شخص کان پنهنجي رعيت جي باري ۾ پڇا ڪئي ويندي.
    (مسلم)

    جيڪو امير ضرورتمندن ۽ ڪمزور ٻانهن جي لاءِ پنهنجو دروازو بند رکندو ته الله تعاليٰ ان جي پنهنجي ضرورت ۽ هيڻائي وقت آسمان جا دروازا بند ڪري ڇڏيندو. (جامع ترمذي)

    منهنجي امت مان جيڪڏهن ڪو شخص ماڻهن جي معاملن جو والي بڻيو ۽ هن انهن جي معاملن جي اهڙي طرح حفاظت نه ڪئي جهڙي طرح پنهنجي ۽ پنهنجي اهل عيال جي حفاظت ڪري ٿو، ته اهو جنت جي بوءِ نه سنگهي سگهندو. (طبراني)
    ظالم حڪمران جي سامهون حق جو ڪلمو چوڻ افضل جهاد آهي. (جامع ترمذي، سنن ابي دائود)

    جيڪو الله تعاليٰ جي فرمانبرداري نٿو ڪري ته مخلوق جي مٿان ان (امير) جي اطاعت باقي نٿي رهي. (رواه احمد)


    معاشي معاملا

    رزق حلال حاصل ڪرڻ جو فڪر ۽ ڪوشش ڪرڻ به فرائض مان آهي. (بيهقي)

    الله تعاليٰ پرهه ڦٽيءَ کان وٺي سج اڀرڻ تائين پنهنجي ٻانهن کي رزق تقسيم ڪندو آهي. (بيهقي)

    اي ماڻهؤ! الله تعاليٰ جو لحاظ رکو ۽ پنهنجي ڪمائيءَ ۾ شريعت (روءِ حلال ۽ حرام) جو خيال رکو. پڪ ڄاڻو ته ڪو به ماڻهو جيستائين پنهنجو پورو رزق ماڻي نه وٺندو تيستائين مٿس موت نه ايندو. (ابن ماجه)

    پوري سچائي ۽ ايمانداريءَ سان ڪاروبار ڪرڻ وارو تاجر، نبين، صديقن ۽ شهيدن سان گڏ هوندو. (جامع ترمذي)

    جيڪو مومن ٻانهو وڻ يا ٻوٽو پوکي، پوءِ ان مان پکي کائن يا ماڻهو يا ڪو جانور کائي ته اهو ان پوکڻ واري لاءِ خير جيان هوندو. (صحيح بخاري- صحيح مسلم)

    قيامت جي ڏينهن (جڏهن حساب ڪتاب جي لاءِ الله جي بارگاهه ۾ حاضري ٿيندي ته) ماڻهوءَ جا پير پنهنجي جڳهه تان سري نه سگهندا، جيستائين جو کانئس پنجن شين جي پڇا ڳاڇا نه ڪئي وڃي. هڪ سندس پوري زندگيءَ جي باري ۾ ته ڪهڙن ڪمن ۽ مشغلن ۾ ان کي گذاريائين. ٻيو خاص طرح سان جوانيءَ جي باري ۾ ته ڪهڙن مشغلن ۾ ان کي جهوري جهور ڪيائين. ٽيون ۽ چوٿون مال ۽ دولت جي باري ۾ ته ڪٿان ۽ ڪهڙن طريقن سان ان کي حاصل ڪيائين ۽ ڪهڙن ڪمن ۽ ڪهڙن واٽن ۾ ان کي کپايائين ۽ پنجون سوال هي هوندو ته جيڪو ڪجهه معلوم هيس، ان تي ڪيترو عمل ڪيائين. (جامع ترمذي)


    حلال ۽ حرام

    حلال جي ڪمائي سٺي ماڻهوءَ لاءِ بهترين سرمايو آهي.
    (مشڪوات)

    ائين ڪڏهن به نٿو ٿي سگهي جو ڪو شخص (ڪنهن ناجائز طريقي سان) حرام مال ڪمائي ۽ ان مان الله ڪارڻ خير ڪڍي ته ان جو اهو خير قبول ٿئي ۽ ان مان اهو سوچي خرچ ڪري ته الله پارؤن ان ۾ برڪت ٿئي. جيڪو شخص حرام مال مرڻ پڄاڻان پٺيان ڇڏيندو ته ان کي اهو مال جهنم ڏانهن گهليندو. پڪ ڄاڻو ته الله تعاليٰ بديءَ کي بديءَ سان نٿو مٽائي بلڪ بديءَ کي نيڪي مٽائيندي آهي، هيءَ حقيقت آهي ته گندگي گندگيءَ کي ڌوئي نٿي سگهي. (مسند احمد)

    الله تعاليٰ پاڪ آهي هو صرف پاڪ ئي قبول ڪري ٿو، هن باري ۾ جيڪو حڪم الله پنهنجي پيغمبرن کي ڏنو آهي سو پنهنجي مومن ٻانهن کي به ڏنو آهي. (رواه مسلم)

    اهو گوشت ۽ اهو جسم جنت ۾ نه وڃي سگهندو جنهن جي پالنا حرام مال مان ٿي هجي ۽ هر اهو گوشت ۽ جسم جيڪو حرام مال مان اسريو آهي دوزخ ئي ان جي وڌيڪ حقدار آهي. (مسند احمد- سنن درامي)

    ماڻهن جي مٿان اهڙو زمانو به ايندو جو ماڻهوءَ کي اها پرواهه نه هوندي ته هو جيڪو ڪجهه وٺي رهيو آهي سو حلال آهي يا حرام، جائز آهي يا ناجائز. (صحيح بخاري)

    جيڪا شيءِ توکي شڪ ۾ وجهي ان کي ڇڏي ڏي ۽ جنهن ڪم تي توکي اطمينان حاصل ٿئي اهو ڪم ڪندو ڪر.
    (ترمذي)

    جيڪو حلال آهي اهو واضح ۽ روشن آهي ۽ جيڪو حرام آهي سو به پڌرو ۽ چٽو آهي ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ ڪجهه شيون آهن جيڪي شبهي ۽ گمان واريون آهن. انهن کي (يعني انهن جي شرعي حڪم کي) ڪيترا ماڻهو نٿا ڄاڻن. پوءِ جيڪو شخص شبهي وارين شين کان به (احتياط خاطر) پرهيز ڪري ته ان پنهنجي دين ۽ پنهنجي آبروءَ کي بچائي ورتو ۽ جيڪو شخص شبهي وارين شين ۾ ڪريو ته اهو حرام جي حدن ۾ ڪريو. (صحيح بخاري- صحيح مسلم)


    ڏيتي ليتي

    الله جي رحمت انهيءَ ٻانهي تي جيڪو وڪڻڻ ۾، خريدڻ ۾ ۽ پنهنجي حق جي تقاضا ڪرڻ ۽ وصول ڪرڻ ۾ نرم ۽ فراخدل هجي. (صحيح بخاري)

    توهان مان ڪو به شخص ٻئي شخص جي سودي تي چڙهت نه ڪري. (مسلم)

    جنهن ٻانهي ڪنهن غريب تنگدست کي مهلت ڏني يا (پنهنجو لهڻو ليکو سمورو يا ڪو حصو) معاف ڪيو ته الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن جي تڪليفن ۽ پريشانين کان ان ٻانهي کي نجات عطا فرمائيندو. (صحيح مسلم)

    انهن ڪبيره گناهن کان بعد جن کان الله تعاليٰ سختيءَ سان منع فرمايو آهي (جيئن شرڪ ۽ زنا وغيره) سڀ کان وڏو گناهه هي آهي ته ماڻهو انهيءَ حال ۾ مري جو مٿس قرض هجي ۽ ان جي ادائگيءَ جو سامان نه ڇڏيو هجائين. (رواه الشافعي و احمد)

    قسم ان ذات پاڪ جو جنهن جي قبضي ۾ محمد جي جان آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو الله جي رستي ۾ يعني جهاد ۾ شهيد ٿيو ۽ هو شهادت کان پوءِ وري زندهه ٿيو، وري جهاد ۾ شهيد ٿيو ۽ وري زندهه ٿيو ۽ وري الله جي رستي ۾ شهيد ٿيو ۽ وري زندهه ٿيو ۽ مٿس قرض چڙهيل آهي ته اهو جنت ۾ ان وقت تائين نه وڃي سگهندو جيستائين ان جو قرض ادا نه ٿي وڃي. (رواه احمد)

    جيڪو ٻانهو قرض کڻي ۽ الله جي علم ۾ هجي ته سندس نيت ۽ ارادو ادا ڪرڻ جو آهي ته الله تعاليٰ ان جو اهو فرض دنيا ۾ ئي ادا (ڪرڻ جا اسباب مهيا) ڪري وٺندو. (سنن نسائي)


    وياج

    ستن تباهه ڪندڙ گناهن کان بچو: الله تعاليٰ سان (ان جي عبادت يا صفتن يا ڪمن ۾ ڪنهن کي) شريڪ ڪرڻ، جادو ڪرڻ، ناحق ڪنهن ماڻهوءَ کي قتل ڪرڻ، وياج کائڻ، يتيم جو مال کائڻ (پنهنجي جان بچائڻ خاطر) جهاد ۾ ساٿين کي ڇڏي ڀڄي وڃڻ ۽ الله جي پاڪدامن معصوم ٻانهين تي زبان جي تهمت لڳائڻ. (صحيح بخاري و صحيح مسلم)

    وياج سان مال توڻي جو ڪيترو ئي وڌي وڃي ليڪن ان جو آخري انجام قلت ۽ ڪمي آهي. (مسند احمد- سنن ابن ماجه)

    وياج خوريءَ جا ستر حصا آهن. انهن مان گهٽ ۽ هيٺيون درجو ائين آهي جو ماڻهو پنهنجي ماءُ سان نڪاح پيو ڪري.
    (سنن ابن ماجه)


    خريد ۽ وڪرو

    ميون جو ايستائين وڪرو نه ڪيو جيستائين انهن تي رونق اچي ۽ ان تي پچڻ جا آثار ظاهر ٿين. ٻڌايو ته جيڪڏهن الله تعاليٰ ميوا عطا نه ڪري (يعني خدائي حڪم سان ڪنهن آفت اچڻ ڪري ميوا تيار ٿيڻ کان اڳ ئي ضايع ٿي وڃن) ته وڪڻڻ وارو ڪهڙي شيءِ جي عيوض (خريد ڪرڻ واري) پنهنجي ڀاءُ کان معاوضو وصول ڪندو. (صحيح بخاري و مسلم)

    جيڪو شخص ان (وغيره) خريد ڪري ته جيستائين ان کي پنهنجي قبضي ۾ نه وٺي تيستائين ڪنهن ٻئي کي وڪرو نه ڪري. (صحيح بخاري و صحيح مسلم)

    جيڪو شخص ڪا عيب واري شيءِ ڪنهن جي هٿ وڪرو ڪري ۽ خريدار کي اهو عيب نه ٻڌائي ته ان تي هميشه خدا جو غضب رهندو. (سنن ابن ماجه)

    خريد فروخت ۾ قسم کائڻ کان بچو ڇاڪاڻ ته انهيءَ سان توڻي جو دوڪانداري ته هلي سگهندي ليڪن بعد ۾ برڪت اڻ لڀ ٿي وڃي ٿي. (صحيح مسلم)
    واپاري ماڻهو، سواءِ انهن جي جن پنهنجي واپار ۾ نيڪي ۽ سچائيءَ جو رويو اختيار ڪيو، قيامت ۾ فاجر ۽ بدڪار ٿيل اٿاريا ويندا. (رواه ترمذي- ابن ماجه)

    الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته جيڪي ٻه ماڻهو ڪاروبار ۾ ڀائيواري ڪن ٿا ته ٽيون مان انهن سان گڏ هوندو آهيان (يعني منهنجي رحمت ۽ برڪت انهن سان گڏ هوندي آهي) تيستائين جو انهن مان ڪو پنهنجي ڀائيوار جي حق ۾ خيانت ۽ بدديانتي ڪري وٺي. پوءِ جڏهن ائين ٿيندو آهي ته مان انهن کان الڳ ٿي ويندو آهيان (۽ اهي منهنجي ساٿ واري برڪت کان محروم ٿي ويندا آهن.) (سنن ابي دائود)


    پورهيو ۽ پورهيت جي مزدوري

    ڪو به شخص ڪا غذا ان کان بهتر نٿو کائي جيڪا هن پورهئي مان ڪمائي حاصل ڪئي هجي. (بخاري)

    مزدور جو پگهر خشڪ ٿيڻ کان اڳ ئي ان جي مزدوري ادا ڪندا ڪريو. (سنن ابن ماجه)

    الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته ٽن قسمن جي ماڻهن سان مان قيامت جي ڏينهن جهڳڙو ڪندس، هڪ اهو جنهن مون کي پنهنجو قول ڏنو ۽ پوءِ نه پاڙيو. ٻيو اهو جنهن هڪ آزاد ماڻهو کي غلام بڻائي ان کي وڪڻي ڇڏيو ۽ ٽيون ماڻهو جنهن ڪنهن شخص کان مزدوريءَ تي پورو ڪم ڪرايو مگر ان کي لهڻي ۽ واجبي مزدوري نه ڏنائين. (بخاري)


    هاريءَ جا حق

    جنهن شخص مئل زمين کي زندهه ڪيو اها ان جي زمين آهي. (مسند احمد)

    جنهن شخص اهڙي زمين کيڙي استعمال لائق بڻائي جيڪا ڪنهن جي ملڪيت ناهي ته اهو شخص ئي ان ملڪيت جو مستحق آهي. (مسند احمد-بخاري)

    حضرت رافع بن خديج فرمايو ته رسول اللهﷺ اسان کي هڪ اهڙي ڪم کان منع فرمايو جيڪو بظاهر اسان لاءِ نفعي بخش هو. اهو هي ته اسان مان جنهن شخص وٽ زمين هجي ته اها بٽئي تي نه ڏي نه روڪ ٺيڪي تي ۽ فرمايو ته جيڪڏهن توهان مان ڪنهن وٽ به زمين هجي ته اهو پاڻ ان کي کيڙي ۽ پوکي ڪري يا (جيڪڏهن پاڻ نه کيڙي سگهي ته) پنهنجي مسلمان ڀاءُ کي پوکيءَ لاءِ احسان جي طور مفت ۾ ڏئي. (ترمذي- بخاري)

    پنهنجي زمين ڪنهن ڀاءُ کي پوکيءَ لاءِ (بغير ڪنهن معاوضي جي) ڏئي ڇڏڻ انهيءَ کان بهتر آهي جو ان تي ڪو مقرر معاوضو وصول هجي. (صحيح بخاري- صحيح مسلم)


    اوڌاري شيءِ

    اوڌاري شيءِ لازماً واپس ڪيو. منحه (يعني جيڪا شيءِ جهڙي مقصد لاءِ ڏني وئي هجي اها ان مطابق فائدو وٺي مالڪ کي) موٽائي ڏيو. قرض طئه ٿيل طريقي تي ادا ڪيو ۽ پنهنجي مٿان ڪفالت جا پيل بار نڀايو. (جامع ترمذي- سنن ابي دائود)


    ڏاڍائي ۽ ٻئي جو حق ڦٻائڻ

    خبردار! ڪنهن تي ظلم ۽ زيادتي نه ڪيو، خبردار! ڪنهن ماڻهوءَ جي ملڪيت مان ڪا به شيءِ سندس دلي رضامنديءَ کانسواءِ وٺڻ حلال ۽ جائز ناهي. (بيهقي)

    جنهن شخص ڪنهن ٻئي جي ٿورڙي زمين به ناحق ڦٻائي ته قيامت ڏينهن انهيءَ زمين جي ڪري (ان جي سزا ۾) زمين جي ستن طبقن تائين دٻايو ويندو. (صحيح بخاري)

    جنهن ماڻهوءَ به ڪنهن جي شيءِ کسي وري يا ڦري ورتي اهو اسان مان ناهي. (جامع ترمذي)

    توهان مان ڪو پنهنجي ٻئي ڀاءُ جي لٺ به نه کسي نه مذاق ۾ ۽ نه ڦٻائڻ جي ارادي سان. پوءِ جيڪڏهن ائين وٺي چڪا آهيو ته ان کي واپس موٽايو. (جامع ترمذي- سنن ابي دائود)


    ذخيره اندوزي

    ذخيره اندوزي ڪرڻ وارو خطاڪار آهي ۽ انهيءَ جي مٿان خدا جي ڦٽڪار آهي. (طيبي شرح مشڪوات)


    کاڌي پيتي جا احڪام

    جڏهن توهان مان ڪو کاڌو کائڻ جو ارادو ڪري ته کيس گهرجي ته الله جو نالو وٺي (يعني پهريون بسم الله پڙهي) ۽ جيڪڏهن شروع ۾ بسم الله پڙهڻ وسري وڃي ته بعد ۾ چوي: بسم الله اولھ و آخره. (سنن ابو دائود-جامع ترمذي)

    جڏهن توهان مان ڪو کائي ته ساڄي هٿ سان کائي ۽ جڏهن ڪجهه پيئي ته ساڄي هٿ سان پيئي. (صحيح مسلم)

    جڏهن توهان جي سامهون کاڌو رکيو وڃي ته پنهنجا جوتا لاهي ڇڏيندا ڪريو. انهيءَ سان توهان جي پيرن کي راحت ملندي. (مسند درامي)

    کاڌو ڪجهه ٺاري کائڻ زياده برڪت جو باعث هوندو آهي.(مسند درامي)

    هڪ جو کاڌو ٻن لاءِ ڪافي ٿي ويندو آهي، ٻن جو کاڌو چئن لاءِ ۽ اهڙي طرح چئن جو کاڌو اٺن لاءِ ڪافي ٿي ويندو آهي.
    (صحيح بخاري)
    الله تعاليٰ کي اهو کاڌو ڏاڍو محبوب آهي جنهن ۾ گهڻا هٿ پون. (يعني گڏجي کائڻ ۽ آئي وئي کي شريڪ ڪرڻ.)
    (ابو يعليٰ)

    کاڌو پنهنجي پاسي کان کائو ۽ وچ ۾ هٿ نه وجهو، ڇاڪاڻ ته برڪت وچ ۾ نازل ٿيندي آهي. (جامع ترمذي)

    مان ٽيڪ ڏئي يا ڪنهن شيءِ جي سهاري تي ويهي کاڌو نه کائيندو آهيان. (صحيح بخاري)

    الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهي جي انهيءَ عمل کان بيحد خوش ٿيندو آهي جو هو ڪجهه کائي ته ان تي الله جو حمد ۽ شڪر ڪري يا ڪجهه پيئي ته ان جو حمد ۽ شڪر ڪري. (صحيح مسلم)


    لباس جا حڪم ۽ آداب

    عورت جڏهن بلوغت کي پهچي ته نه جڳائي جو سندس جسم جو ڪو حصو نظر اچي، سواءِ چهري ۽ هٿن جي. (سنن ابي دائود)

    جيڪو ماڻهو دنيا ۾ نمائش ۽ شهرت جي لاءِ ڪپڙا پهريندو، ان کي الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن ذلت ۽ رسوائيءَ جا ڪپڙا پهرائيندو. (مسند احمد، سنن ابي دائود)

    سون ۽ ريشمي ڪپڙي جو استعمال منهنجي امت جي عورتن لاءِ حلال ۽ مردن لاءِ حرام آهي.(جامع ترمذي)

    الله تعاليٰ ان ماڻهوءَ جي طرف نهاريندو به نه جيڪو تڪبر وچان پنهنجا پاچا يا پلاند گسڪائي هلندو.
    (سنن ابي دائود- سنن ابن ماجه)

    جيڪڏهن الله اوهان کي نوازيو آهي ته پوءِ الله جي انعام ۽ احسان ۽ ان جي فضل و ڪرم جو اثر توهان جي مٿان نظر اچڻ گهرجي. (مسند احمد- سنن نسائي)

    اجازت هي آهي ته ڀل کائو پيئو، ٻين کي به صدقا ڏيو ۽ سٺو پهريو، شرط هي آهي ته کپائڻ ۾ اسراف ۽ نيت ۾ آڪڙ ۽ تڪبر نه هجي. (مسند احمد- سنن نسائي)

    جنهن شخص حيثيت ۽ قدرت جي باوجود عاجزيءَ خاطر لباس ۾ سادگي اختيار ڪئي ته الله تعاليٰ قيامت جي ڀريل مجمعي ۾ ٻانهي کي اختيار ڏيندو ته يماني وڳن مان جيڪو وڻيس سو وڃي پهري. (ترمذي)

    ڪنهن مسلمان ٻئي غريب مسلمان ڀاءُ کي ڪپڙو پهرايو ته جيستائين غريب جي بدن تي اهو ڪپڙو پهريل رهندو تيستائين ان ڪپڙي جي پهرائڻ وارو الله تعاليٰ جي حفاظت ۾ رهندو. (ترمذي)


    ستر ۽ پردو

    جڳائي ته هڪ مرد ٻئي مرد ۽ هڪ عورت ٻئي عورت جي ستر طرف نه نهاري. (صحيح مسلم)

    اڪيلائيءَ جي حالت ۾ به اگهڙ کان پرهيز ڪيو (يعني بنا ضرورت جي اڪيلائيءَ ۾ به ستر نه کوليو) ڇاڪاڻ ته توهان سان گڏ فرشتا رهندا آهن جيڪي ڪڏهن به جدا نٿا ٿين. سواءِ قضا حاجت ۽ زال مڙس جي صحبت وقت، تنهن ڪري انهن (فرشتن) کان حيا رکو ۽ انهن جو احترام ڪريو. (جامع ترمذي)

    نامحرم تي توهان جي نظر (اوچتو) پئجي وڃي ته کيس ٻيهر نه نهاريو. (مسند احمد)

    ائين هرگز نٿو ٿي سگهي جو ڪو (نامحرم) ماڻهو ڪنهن عورت سان اڪيلائيءَ ۾ ملي ۽ اتي ٽيون شيطان موجود نه هجي. (جامع ترمذي)


    نڪاح ۽ شادي

    جڏهن الله تعاليٰ ڪنهن ماڻهوءَ جي دل ۾ ڪنهن عورت سان نڪاح واسطي پيغام جو خيال وجهي ته ان لاءِ هڪ نظر ان عورت کي ڏسڻ ۾ خطاب ناهي. (مسند احمد- سنن ابن ماجه)

    ڪو شخص ائين نه ڪري جو پنهنجي ٻئي ڀاءُ جي پاران چوايل مائٽيءَ جي مقابلي ۾ پنهنجو پيغام موڪلي، تان جو نڪاح ڪري يا اتي ئي ڇڏي ڏي ۽ اڳئين جي ڳالهه ختم ٿي وڃي. (صحيح بخاري- صحيح مسلم)

    عورت کي پنهنجي مڙس قبولڻ جي باري ۾ ان جي وليءَ (سنڀاليندڙ پيءُ يا وڏڙن) کان وڌيڪ حق ۽ اختيار آهي ۽ پيءُ کي به گهرجي ته ان جي نڪاح جي باري ۾ سندس اجازت حاصل ڪري. ان جي خاموشي به اجازت آهي. (صحيح مسلم)

    جنهن شخص ڪنهن عورت سان گهٽ يا وڌ مهر تي نڪاح ڪيو ۽ سندس دل ۾ ان حق مهر جي ادائگيءَ جو ارادو ئي ناهي ته اهو قيامت ۾ الله وٽ زناڪار جي حيثيت ۾ پيش ٿيندو. (معجم صغير طبراني)

    اهو نڪاح بيحد برڪت وارو آهي جنهن جو بار (طرفين تي) گهٽ کان گهٽ پوي. (البيهقي في شعب الايمان)

    انهيءَ وليمي جو کاڌو برو کاڌو آهي جنهن ۾ صرف اميرن کي سڏيو وڃي ۽ حاجتمند غريبن کي ڇڏيو وڃي.
    (صحيح بخاري- صحيح مسلم)


    سعادت جون ڳالهيون

    جنهن ماڻهوءَ ۾ ٽي خصلتون نه هونديون اهو ايمان جو لطف ماڻي نه سگهندو. هڪ بردباري، جنهن سان جاهلن جي جهالت کي ٽاري سگهجي. ٻيو نيڪوڪاري جنهن سان حرام کان بچي سگهي. ٽيون سهڻا اخلاق جنهن سان ماڻهن کي موهي سگهي. (بحواله تنبيه الغافلين)

    عقلمند شخص لاءِ لازم آهي ته ان تي ڪجهه گهڙيون گذرن: اهڙي گهڙي جڏهن هو پنهنجي پالڻهار سان ڳالهايون ڪري. اهڙي گهڙي جڏهن هو پنهنجي ذات جو محاسبو ڪري، اهڙي گهڙي جڏهن هو خدا جي تخليق ۾ غور ڪري رهيو هجي، ۽ اهڙي گهڙي جڏهن هو کاڌي پيتي جي ضرورتن لاءِ وقت ڪڍي. (حاڪم)

    چار ڳالهيون ماڻهوءَ جي نيڪ بختيءَ جي علامت آهن. هڪ گهرواري نيڪوڪار هجيس. ٻيو اولاد فرمانبردار ۽ صالح هجيس. ٽيون سنگت سٿ سريلو هجيس، چوٿون رزق پنهنجي وطن ۾ هجيس. (بحواله تنبيه الغافلين)

    جنهن مسافر کي ڳڻ ڳوت هوندي آهي ته اهو سوير سفر شروع ڪندو آهي ۽ جيڪو سوير سفر شروع ڪندو آهي اهو پنهنجي منزل تي پهچي پوندو آهي. (ترمذي)

    جيڪو شخص پنهنجي مال جي حفاظت ۾ ماريو وڃي سو شهيد آهي. جيڪو شخص پنهنجي جان جي حفاظت ۾ ماريو وڃي سو شهيد آهي. جيڪو شخص پنهنجي دين جي حفاظت ۾ ماريو وڃي سو شهيد آهي. جيڪو شخص پنهنجي گهروارن جي حفاظت ۾ ماريو وڃي سو شهيد آهي.
    (ترمذي، نسائي، ابودائود)

    جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ وٽ ٻه (يا وڌيڪ) گهر واريون هجن ۽ هو انهن سان عدل ۽ مساوات جي هلت نه هلي ته قيامت ڏينهن هو انهيءَ حالت ۾ ايندو جو سندس اڌ ڌڙ سڪل هوندو.
    (جامع ترمذي- سنن ابي دائود)

    برن دوستن جي صحبت ۾ رهڻ کان اڪيلائي بهتر آهي ۽ صالح دوستن جي صحبت ۾ رهڻ اڪيلائيءَ کان بهتر آهي.
    (بيهقي)

    منهنجي اڳيان منهنجي امت جا ڀلا ۽ برا عمل پيش ڪيا ويا. انهن عملن ۾ رستي تان ايذاءَ جي شيءِ هٽائڻ مون کي ڀلن عملن مان ٻڌايو ويو. (مسلم)

    واعدو به هڪ طرح جو فرض آهي. (جيڪو ادا ڪرڻ گهرجي)
    (طبراني)


    طلاق

    الله تعاليٰ زمين تي ڪا به اهڙي شيءِ پيدا ناهي ڪئي جيڪا طلاق ڏيڻ کان وڌيڪ الله تعاليٰ کي ناپسند هجي. (رواه دار قطني)

    جيڪا عورت پنهنجي مڙس کان ڪنهن تڪليف بنا طلاق جو مطالبو ڪري ته ان تي جنت جي خوشبوءِ حرام آهي.
    (رواه احمد و ترمذي)


    دنيا جي هٻڇ کان بچڻ

    دنيا جي (هٻڇ) کان پاڻ کي آجو رکيو ته الله توهان سان محبت ڪرڻ لڳندو ۽ جيڪو (مال ۽ مرتبو) ماڻهو وٽ آهي ان کان بي رغبتي ۽ بي رخي اختيار ڪيو ته ماڻهو توهان سان محبت ڪرڻ لڳندا. (ترمذي- ابن ماجه)

    جڏهن توهان ڪنهن ٻانهي کي انهيءَ حال ۾ ڏسو جو کيس دنيا جي هٻڇ کان بي رغبتي، بي رخي ۽ فضول ڳالهين کان بچڻ الله کيس نصيب ڪيو آهي ته ان جي صحبت ۾ رهندا ڪريو، ڇاڪاڻ ته جنهن ٻانهي جو اهو حال ٿي وڃي ته کيس الله تعاليٰ جي طرفان حڪمت (دانائيءَ) جو القاءُ ٿيندو آهي.
    (بيهقي)

    آرام طلبي ۽ عياشيءَ کان بچجو، الله جا خاص ٻانها آرام طلب ۽ عياش نه هوندا آهن. (مسند احمد)
    زهد هي ناهي جو حلال کي پنهنجي مٿان حرام ڪيو بلڪه زهد جو اصل معيار ۽ تقاضا هيءَ آهي ته جيڪو ڪجهه توهان وٽ توهان جي هٿ ۾ هجي، انهيءَ کان وڌيڪ اعتماد ۽ ڀروسو توهان کي انهيءَ تي هجي جيڪو الله جي هٿ ۾ آهي. (ترمذي- ابن ماجه)

    مون کي دنيا (جي سامان، راحتن ۽ لذتن) سان ڇا تعلق! منهنجو تعلق دنيا سان بس ايترو آهي جيئن ڪو سوار مسافر ٿورڙي دير ساهي پٽڻ لاءِ ڪنهن وڻ جي هيٺان ترسيو ۽ پوءِ پنهنجي انهيءَ جاءِ کي ڇڏي منزل ڏانهن اسهيو.
    (مسند احمد-ترمذي- ابن ماجه)


    مالداري ۽ فرمانبرداري

    جيڪو شخص الله تعاليٰ کان ڊڄي (۽ سندس حڪمن جي پابندي ڪري) ان جي لاءِ مالداريءَ ۾ ڪو حرج ڪونهي. صحتمند متقي ماڻهوءَ لاءِ دولتمنديءَ کان به بهتر آهي ۽ خوشدلي به الله تعاليٰ جي نعمتن مان آهي. (مسند احمد)

    جيڪو شخص الله تعاليٰ جي فرمانبرداريءَ ۾ ايندو آهي ته الله به ان جو ڪفيل بڻبو آهي ۽ ان کي اهڙي جاءِ تان رزق پهچائيندو آهي جتان ان جو گمان به نه هوندو آهي. (طبراني)

    جيڪو ماڻهو حلال طريقي سان دولت انهيءَ مقصد لاءِ حاصل ڪرڻ گهري ٿو ته کيس ٻين جي آڏو هٿ ٽنگڻو نه پوي ۽ پنهنجي عيال لاءِ رزق ۽ آرام جو سامان مهيا ڪري سگهي ۽ پنهنجي پاڙيسري سان به احسان جو سلوڪ ڪري سگهي (جو عيال جي خرچن کان وڌيڪ دولت انهن جي رزق ۽ ضرورتن تي خرچ ڪري) ته قيامت جي ڏينهن الله جي حضور ۾ پيش ٿيڻ وقت سندس چهرو چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر چمڪندڙ هوندو ۽ جيڪو شخص دنيا جي دولت ڀلي حلال ذريعي سان هن مقصد لاءِ حاصل ڪرڻ گهرندو هجي ته هو وڏو مالدار ٿي وڃي ۽ انهيءَ دولتمنديءَ جي ڪري هو معتبر ليکجڻ ۾ اچي ۽ ماڻهن جي نظرن ۾ معتبر بڻجڻ جا جتن ڪندو رهي ته قيامت جي ڏينهن الله جي حضور ۾ پيش ٿيڻ وقت الله مٿس سخت ڏمريل هوندو. (بيهقي)

    ٽن ڳالهين جو مان قسم ٿو کڻان. هڪ هي ته ڪنهن ٻانهي جو مال صدقي جي ڪري گهٽ نه ٿيندو آهي. (جنهن خدا جي رستي ۾ هو صدقو ڪندو اهو خدا پنهنجي غيب جي خزاني مان کيس ڏيندو رهندو.) ٻي ڳالهه ته جيڪو ٻانهو ڪنهن ظلم تي صبر ڪندو ته الله ان جي عيوض سندس عزت ۽ وقار دنيا ۾ وڌائيندو. ٽين ڳالهه ته جنهن ٻانهي پنهنجي لاءِ ٻين ماڻهن کان سوال جو دروازو کولي ڇڏيو ته الله ان جي لاءِ سڃائيءَ جو دروازو کولي ڇڏيندو. (ترمذي)


    مالدار الله جي گرفت ۾

    جڏهن توهان ڏسو ته الله تعاليٰ ڪنهن ٻانهي کي ان جي گناهن ۽ نافرمانيءَ جي باوجود کيس دنيا جون اهي نعمتون (مال ۽ دولت، راحت ۽ عزت وغيره) ڏئي رهيو آهي، جن جي اهو ٻانهو لُڇ ۽ هٻڇ رکي ٿو ته سمجهي وٺو اهو خدا جي گرفت ۾ سوگهو ٿيندو پيو وڃي. (رواه احمد)

    ڪافرن ۽ بدڪارن جي مالي آسودگيءَ تي ريس نه ڪريو: توهان ڪنهن بدڪار جي مٿان ڪنهن نعمت ۽ آسودگيءَ جي ڪري ڪڏهن به ريس نه ڪجو، توهان کي معلوم ناهي ته مرڻ کانپوءِ ان تي ڇا ڇا مصيبتون ڪڙڪڻ واريون آهن. (شرح السنه)


    مسڪينن کي گهٽ نه سمجهو

    ڪيترا وکريل وارن وارا مٽيءَ هاڻا ماڻهو جن کي دورازن تان ڌتڪاريو وڃي ٿو (الله وٽ انهن جو مرتبو هي هوندو آهي جو) جيڪڏهن اهي الله تي قسم کڻي وڃن ته الله سندن قسمن کي ضرور پورو ڪري. (مسلم)

    مون جنت ۾ ڏٺو، گهڻا ماڻهو اهي هئا جيڪي دنيا ۾ مسڪين هئا. (بخاري- مسلم)

    مسڪينن سان محبت ڪيو ۽ انهن وٽ اٿندا ويهندا ڪريو.
    (ابن حبان بطوله)

    قيامت ۾ جڏهن سڀ ماڻهو گڏ ٿيندا ته چيو ويندو ته هن امت جا فاقو ڪٽيندڙ ڪٿي آهن. ان سوال تي ماڻهن جي هڪ جماعت اڳيان ايندي. کانئن پڇيو ويندو ته عمل ڪهڙا کڻي آيا آهيو. اهي عرض ڪندا ته اسان مصيبتن ۾ آياسين ته انهن تي صبر ڪيوسين. تو دولت ۽ سلطاني ٻين کي ڏني پر اسان اف به نه ڪئي سين. ارشاد ٿيندو ته اوهان سچ ٿا چئو. پوءِ ان جماعت کي سڀ کان اڳ جنت ۾ داخل ڪيو ويندو ۽ دولت وارن جي حساب جي سختي جاري رهندي. (ابن حبان)

    الله تعاليٰ جي طرف کان توهان ماڻهن جي جيڪا مدد ٿئي ٿي ۽ توهان کي جيڪي نعمتون ملن ٿيون، توهان مان جيڪي ويچارا ڪمزور ۽ ڀُتي حال وارا آهن انهن جي برڪت ۽ دعائن جي ڪري ملن ٿيون. (ته جيئن دنيا ۾ انهن جي مدد جا اسباب پيدا ٿين.) (بخاري)


    سڌن تي ضابطو رکو

    جڏهن توهان مان ڪو به اهڙي شخص کي ڏسي جيڪو مال ۽ دولت ۽ شڪل صورت ۾ کانئس وڌيل آهي (۽ ان جي ڪري سندس دل ۾ حرص ۽ شڪايت پيدا ٿئي) ته کيس گهرجي ته ڪنهن اهڙي ٻانهي کي ڏسي جيڪو انهن شين ۾ کانئس به گهٽ درجي جو هجي (تان ته حرص، لالچ ۽ شڪايت جي بجاءِ صبر ۽ شڪر پيدا ٿئي). (بخاري- مسلم)


    جامع ۽ اهم نصيحتون

    اهڙي ڪابه ڳالهه زبان مان نه ڪڍو جنهن جي سڀاڻي توهان کي معذرت ۽ جوابدهي ڪرڻي پوي. (مسند احمد)
    ماڻهن وٽ ۽ انهن جي هٿن ۾ جيڪو ڪجهه نظر اچي ٿو ان کان پاڻ کي قطعاً بي نياز ڪري ڇڏيو (يعني توهان جي اميدن ۽ توجه جو مرڪز صرف رب العالمين هجي) (مسند احمد)

    ٽي شيون ڇوٽڪارو ڏياريندڙ آهن. هڪ، خدا جو خوف ظاهر ۾ توڙي باطن ۾. ٻيو، حق جي ڳالهه چوڻ، خوشيءَ ۾ توڙي غصي ۾. ٽيون، وچٿرائيءَ سان هلڻ، خوشحاليءَ ۾ توڙي تنگدستيءَ ۾. (بيهقي)

    ٽي شيون اڦٽ ماريندڙ آهن. پهريون، نفس جي اها خواهش جنهن جي پيروي ڪئي وڃي. ٻيو. اها ڪنجوسائي جنهن جي اطاعت ڪئي وڃي. ٽيون. ماڻهوءَ جي خودپسنديءَ واري عادت، اها ٽنهي ۾ بڇڙي آهي. (بيهقي)

    چار ڳالهيون ۽ چار خصلتون اهڙيون آهن، سي جيڪڏهن توهان کي نصيب ٿي وڃن ته پوءِ دنيا ۽ ان جي نعمتن رسي وڃڻ ۽ هٿ ۾ نه اچڻ جي پرواهه ناهي. هڪ، امانت جي حفاظت، ٻيو، ڳالهين ۾ سچائي. ٽيون، اخلاق ۾ سهڻائي. چوٿون، کائڻ ۾ احتياط ۽ پرهيزگاري. (مسند احمد- بيهقي)

    چار شيون اهڙيون آهن جنهن کي اهي مليون ته سمجهو دين ۽ دنيا جي ڀلائي ملي وئي. هڪ شڪر ڪندڙ دل، ٻيو الله کي ساريندڙ زبان، ٽيون صبر، چوٿون سعادتمند گهرواري جيڪا پنهنجي مال، نفس ۽ مڙس جو ڪو به گناهه نه ڪندي آهي. (طبراني)
    اهو شخص ڪامياب ۽ بامراد ٿيو جنهن جي دل کي الله تعاليٰ ايمان لاءِ خالص ڪري ڇڏيو ۽ ان جي دل کي (شڪ يا منافقت ۽ حسد يا ڪيني کان پاڪ ڪري) صحيح ۽ سالم بنايو. ان جي زبان کي سچائي ۽ سندس نفس کي اطمينان عطا ڪيو. ان جي طبيعت کي سڌو سنئون ۽ سندس ڪنن کي (حق هدايت) ٻڌڻ وارو ۽ اکين کي (شناس سان) ڏسڻ وارو بڻايو. اهي ڪن ۽ اکيون ئي ته آهن جيڪي ڳالهه دل تائين رسائين ٿا ۽ ڪامياب ۽ بامراد ٿيو اهو شخص جنهن جي دل کي الله تعاليٰ فرمانبرداريءَ وارو بڻايو. (مسند احمد- بيهقي)

    پنجن حالتن کي ٻين پنجن حالتن جي اچڻ کان اڳ غنيمت ڄاڻو ۽ انهن مان جيڪو فائدو وٺڻ گهرجي سو وٺو. هڪ، غنيمت ڄاڻو جوانيءَ کي ڪراڙپ اچڻ کان اڳ. ٻيو، غنيمت ڄاڻو تندرستيءَ کي بيمار ٿيڻ کان اڳ. ٽيون، غنيمت ڄاڻو خوشحالي کي تنگدستيءَ کان اڳ. چوٿون، غنيمت ڄاڻو فرصت ۽ فراغت کي مشغوليت کان اڳ. پنجون، غنيمت ڄاڻو زندگيءَ کي موت اچڻ کان اڳ. (جامع ترمذي)

    توهان عمل (۾ جنبي وڃڻ) جي لاءِ انتظار ڪريو ٿا ان خوشحاليءَ ۽ دولتمنديءَ جو، جيڪا ماڻهوءَ کي سرڪش ڪري ڇڏيندي آهي. (ترمذي- سنن سائي)

    ڪنهن جي احسان کي توهان حقير نه سمجهو. توهان پنهنجي ڀاءُ سان ٻهڪندڙ مُنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندا رهو. اهو به هڪ قسم جو احسان ۽ سهڻو سلوڪ آهي. (سنن ابي دائود)

    پنهنجن ڳالهين تي پاڻ ۾ عمل ڪريو ۽ ٻين عمل ڪرڻ وارن کي به ٻڌايو: هڪ، جيڪي شيون الله تعاليٰ حرام ٻڌايون آهن انهن کان بچو ۽ انهن کان پوري پرهيز ڪريو. جيڪڏهن توهان ائين ڪيو ته توهان وڏا عبادتگذار آهيو. ٻيو. الله جيڪو توهان کي عطا ڪيو آهي ان تي راضي ۽ مطمئن ٿي وڃو، جيڪڏهن ائين ڪندؤ ته توهان ماڻهن کان وڏا بي نياز ۽ غني ٿي ويندؤ. ٽيون، پنهنجي پاڙيسريءَ سان سٺو سلوڪ ڪريو، جيڪڏهن ائين ڪندؤ ته توهان ڪامل مؤمن ٿي ويندؤ. چوٿون، جيڪو توهان پنهنجي لاءِ چاهيو ۽ پسند ڪريو ٿا، اهڙو ئي ٻين ماڻهن لاءِ به چاهيو ۽ پسند ڪريو، جيڪڏهن توهان ائين ڪندؤ ته حقيقي ۽ پڪا مسلمان ٿي ويندؤ. پنجون، گهڻو نه کلندا ڪريو، ڇاڪاڻ ته گهڻو کلڻ دل کي مرده ڪري ڇڏيندو آهي. (مسند احمد-ترمذي)

    الله تعاليٰ کان مون کي نوَن ڳالهين جو خاص حڪم ٿيل آهي. هڪ، الله کان ڊڄڻ اڪيلائيءَ ۾ توڙي عام ۾. ٻيو، عدل ۽ انصاف جي ڳالهه چوڻ، ناراضگي توڙي رضامنديءَ ۾. ٽيون وچٿرائيءَ تي هلڻ، غريبي توڙي فراخيءَ ۾. چوٿون، انهن ماڻهن سان مائٽيون سنوارڻ جيڪي مائٽيون ٽوڙين يا بدسلوڪي ڪن. پنجون، انهن ماڻهن کي ڏيان جن مون کي محروم رکيو ۽ منهنجو حق مون کي نه ڏنو. ڇهون، انهن ماڻهن کي معاف ڪريان جن مون تي ظلم ڪيو ۽ مون کي ستايو. ستون، منهنجي خاموشيءَ ۾ فڪر ۽ ويچار ٿيندڙ هجي. اٺون، منهنجي گفتگوءَ ۾ ان جي حڪمن جي فرمانبرداري ۽ سنڀال هجي. نائون، منهنجي نظر عبرت واري نظر هجي (يعني جنهن شيءِ کي ڏسان ان مان سبق ۽ عبرت حاصل ڪريان) ۽ ماڻهن کي به انهن سهڻين ڳالهين جو ڏس ڏيان. (زرين)

    ٿورڙو رياءُ به شرڪ آهي، ۽ جنهن شخص الله جي ڪنهن دوست سان دشمني ڪئي ته ان خود-الله کي جنگ جي دعوت ڏني. بيشڪ الله تعاليٰ محبت ڪري ٿو انهن نيڪوڪار ۽ متقي ٻانهن سان جيڪي ائين لڪل ۽ نامعروف هجن، جو جڏهن غائب هجن ته ڪو انهن کي ڳولهي نه سگهي ۽ حاضر هجن ته ڪو انهن کي دعوت ڏئي پاڻ وٽ گهرائي نه سگهي. انهن جون دليون هدايت جا اهڙا روشن ڏيئا آهن جو انهن کي ڪاري آنڌي به وسائي نه ٿي سگهي. (ابن ماجه- بيهقي)

    توهان پنهنجي ذات جي باري ۾ جيڪو ڪجهه ڄاڻون ٿا ڇا اهو ڪافي ناهي ته اهو توهان کي ٻين جي عيبن جي پٺيان پوڻ کان روڪي ڇڏي؟ (بيهقي)

    جيڪو شخص ماڻهن جي خفا ٿيڻ جي پرواهه نه ڪري به الله کي راضي ڪرڻ گهري ته الله ان کي ماڻهن جي فڪر ۽ روءِ رعايت کان بي نياز ڪري ڇڏيندو ۽ پاڻ ان لاءِ ڪافي بڻبو ۽ جيڪو شخص الله کي ناراض ڪري به ماڻهن کي راضي ڪرڻ گهرندو، ته الله به ان کي ماڻهن جي ئي حوالي ڪري ڇڏيندو. (ترمذي)
    جڏهن ڪو شخص ڪنهن قوم سان معاهدو ڪري ته ان معاهدي جي ڳنڍ نه ٻڌي ۽ نه کولي (يعني ان تي ڦڏو نه ڪري ۽ ان کي پنهنجي حال تي قائم رهڻ ڏي) ايستائين جو صلح جي معاهدي واري مدت پوري ٿي وڃي يا پاڻ ۾ ٿيل معاهدي ٽوڙڻ جو پڌرو اعلان ڪيو وڃي. (مسلم)

    توهان ماڻهن کي مذهب کان متنفر ڪري رهيا آهيو. امام کي نماز مختصر ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته نماز ۾ مريض، ضعيف ۽ ڪاروباري هر قسم جا ماڻهو به هوندا آهن. (بخاري)


    اخلاقيات

    توهان مان سڀ کان سٺا ماڻهو اهي آهن جن جا اخلاق سٺا آهن. (بخاري- مسلم)

    قيامت جي ڏينهن مؤمن جي عملن واري تارازيءَ ۾ جيڪا سڀني کان وڌيڪ وزني ۽ ڳوري شيءِ رکي ويندي اهي سندس سٺا اخلاق هوندا. (ابو دائود- ترمذي)

    مؤمن ٻانهو پنهنجن سٺن اخلاقن جي ذريعي انهن ماڻهن جو درجو حاصل ڪري وٺندو آهي جيڪي سڄي رات نفلي نمازون پڙهندا هجن ۽ ڏينهن جو هميشه روزا رکندا هجن.
    (ابو دائود)

    مان انهيءَ واسطي موڪليو ويو آهيان ته اخلاقي خوبين کي ڪمال تائين پهچايان. (موطا امام مالڪ)

    توهان دوستن مان مون کي وڌيڪ پيارا اهي آهن جن جا اخلاق وڌيڪ سٺا آهن. (صحيح بخاري)

    الله تعاليٰ وٽ اُن شخص جي حيثيت بدترين آهي جنهن جي بدزباني ۽ بدخلقيءَ جي ڪري ماڻهن ان کان پاسو ڪري ڇڏيو هجي.(بخاري)

    توهان مان اهو شخص مون کي وڌيڪ محبوب آهي ۽ قيامت جي ڏينهن به مون کي وڌيڪ ويجهو هوندو، جنهن جا اخلاق بهتر آهن. اوهان مان اهو شخص مون کي ناپسند آهي ۽ قيامت ڏينهن به مون کان پري هوندو جيڪو ڳلو ڦاڙي ڳالهائي متڪبر هجي. (ترمذي)

    ڪنهن ماڻهوءَ جي وات مان رضا الاهي جو اهڙو ڪلمون نڪرندو آهي جو الله تعاليٰ قيامت تائين ان کان راضي ٿي ويندو آهي ۽ چوڻ واري کي ان وقت ان ڳالهه جو گمان به نه هوندو آهي (ته هو اهڙي غير معمولي ڳالهه ڪري ويو آهي.)
    (ترمذي)


    رحمدلي

    اهي ماڻهو الله تعاليٰ جي خاص رحمت کان محروم رهندا جن جي دلين ۾ ٻين ماڻهن لاءِ رحم ڪونهي ۽ جيڪي ٻين تي ترس نه ٿا کائين. (بخاري- مسلم)

    الله تعاليٰ نرمي ۽ سهنجائيءَ ڏيڻ کي پسند ڪندو آهي. نرميءَ تي جيڪو عطا ڪندو آهي، سو سختيءَ تي عطا نه ڪندو آهي. (طبراني)

    مظلوم جي بددعا قبول ٿيندي آهي، توڙي جو اهو ڪافر ۽ بدڪار ڇو نه هجي. ان لاءِ ڪا به رستي روڪ ڪونهي.
    (فتح وعمدو)

    اوهان زمين تي رهڻ وارن تي رحم ڪيو ته آسمان وارو توهان تي رحمت ڪندو. (ابي دائود- ترمذي)

    جيستائين توهان رحم نه ڪندؤ تيستائين توهان جو ايمان صحيح نه ٿي سگهندو. اها رحمت ناهي جو توهان ڪنهن هڪ سان سهڻو سلوڪ ڪيو، بلڪه رحمت خدا جي مخلوق تي عام هئڻ گهرجي. (طبراني)

    يتيم جي مٿي تي هٿ ڦيرائيندا ڪريو ۽ مسڪينن کي کاڌو کارائيندا ڪريو، توهان جي سخت دلي ختم ٿيندي.
    (مسند احمد)
    هر زندهه ۽ رطوبت رکڻ واري جانور جي تڪليف دور ڪرڻ ۾ ثواب آهي. (بخاري- مسلم)

    باهه پيدا ڪرڻ واري خدا کانسواءِ ڪنهن کي به هي حق نه ٿو پهچي ته هو ڪنهن به ساهه واري کي باهه جو عذاب ڏئي.
    (ابو دائود)

    هنن بي زبان جانورن جي باري ۾ الله تعاليٰ کان ڊڄو. سگهاري ۽ تندرست جانور تي سواري ڪندا ڪريو ۽ ان حالت ۾ انهن کي ڇڏيندا ڪريو. (ائين نه ٿئي جو جڏهن ٿڪائي هڻائي سواري ۽ بار برادريءَ جي قابل نه رهي ان وقت ان کي ڇڏيو.) (مشڪوات)

    هڪ بيدرد ۽ بي رحم عورت صرف انهيءَ لاءِ جهنم ۾ اڇلائي وئي جو هن هڪ ٻليءَ کي ٻڌي بک ماريو، نه پاڻ ان کي ڪجهه کائڻ لاءِ ڏنائين نه ان کي ڇڏيائين ته اها زمين جي ڪيڙن مان پنهنجي غذا حاصل ڪري سگهي. (بخاري- مسلم)


    سخاوت ۽ بخيلي

    سخي ٻانهو الله جي ويجهو آهي، الله جي ٻانهن جي ويجهو آهي، جنت جي ويجهو آهي ۽ دوزخ کان پري آهي. بخيل ۽ ڪنجوس ماڻهو الله کان پري، الله جي ٻانهن کان پري، جنت کان پري ۽ دوزخ جي ويجهو آهي. (بخاري- مسلم)

    پڪ ڄاڻو ته هڪ جاهل سخي الله تعاليٰ کي هڪ ڪنجوس عابد کان زياده پيارو هوندو آهي. (بخاري-مسلم)

    حرص، بخيلائي ۽ ايمان ڪڏهن به هڪ دل ۾ جمع نه ٿا ٿي سگهن. (سنن نسائي)

    ڌوڪيباز، بخيل ۽ احسان جتائڻ وارو ماڻهو جنت ۾ نه وڃي سگهندو. (ترمذي)

    جيڪو ماڻهو پنهنجي دولت وڌائڻ لاءِ سوال ۽ گداگريءَ جو دروازو کوليندو ته الله تعاليٰ ان جي مال کي اڃان به گهٽائي ڇڏيندو. (مسند احمد)

    توهان ٻين وانگر ريسالا نه ٿيو جو چوڻ لڳو ته جيڪڏهن ماڻهو احسان ڪندا ته اسان به احسان ڪنداسين ۽ جيڪڏهن ٻيا ماڻهو ظلم جو رويو هلندا ته اسان به ائين ڪنداسين. بلڪه پنهنجي دلين کي هن ڳالهه تي پڪو ڪريو ته جيڪڏهن ٻيا ماڻهو احسان نه ڪن تڏهن به توهان احسان ڪريو ۽ جيڪڏهن ٻيا ماڻهو برو سلوڪ ڪن تڏهن به توهان ظلم ۽ برائيءَ جو رويو اختيار نه ڪريو. (بلڪ احسان ئي ڪريو)(ترمذي)


    حرص ۽ لالچ

    ڪنهن ماڻهوءَ جي دل ۾ حرص ۽ ايمان ٻئي گڏ رهي نه ٿا سگهن.(نسائي)


    ٻين جا عيب ڍڪڻ

    جنهن ماڻهوءَ ڪنهن جو عيب لڪايو ۽ پردي پوشي ڪيائين، ان جو مثال ائين آهي ڄڻ ڪنهن سڪرات واري کي سامت ۾ آندائين. (ابن حبان)

    جنهن کي پنهنجي ڀاءُ جي ڪا برائي معلوم ٿئي ۽ هن برائيءَ جي تشهير نه ڪئي بلڪه ان کي لڪائي رکيو ته الله تعاليٰ قيامت ۾ ان ٻانهي جا گناهه ۽ برايون لڪائيندو. (طبراني)


    ٻين جي لاءِ جيئڻ جو رتبو

    سڄي مخلوق الله تعاليٰ جو عيال آهي، پوءِ الله کي پنهنجي سڄي مخلوق مان وڌيڪ محبت انهن ٻانهن سان آهي جيڪي سندس عيال سان ڀلايون ڪن.(بيهقي)

    ڪنهن بي سهارا رنڙ عورت يا ڪنهن مسڪين ضرورتمند جي لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪرڻ وارو ٻانهو (الله وٽ اجر ۽ ثواب ۾) الله جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ واري ٻانهي وانگر آهي. (بخاري- مسلم)

    جيڪو شخص ڪنهن مسلمان جي ڪم ۾ ڪوشش ڪندو آهي ته الله تعاليٰ ان جي ڪم ۾ سولايون ڪندو آهي. جيڪو شخص ڪنهن مسلمان جي تڪليف دور ڪندو آهي ته الله تعاليٰ ان جي تڪليف دور ڪندو آهي. (بخاري- مسلم)

    جيڪو شخص ڪنهن مظلوم سان هليو ۽ ان جي ڪم ۾ سولايون ڪندو آهي. جيڪو شخص ڪنهن مسلمان جي تڪليف دور ڪندو آهي ته الله تعاليٰ ان جي تڪليف دور ڪندو آهي.(بخاري- مسلم)

    جيڪو شخص ڪنهن مظلوم سان هليو ۽ ان جي معاملي ۾ ڪوشش ڪيائين، ايستائين جو ان جو حق ثابت ڪيائين ته الله تعاليٰ اهڙي ٻانهي کي قيامت جي ڏينهن پلصراط تي ثابت قدم رکندو. (رزين ابن ابي الدنيا)

    جيڪڏهن ڪنهن ٻانهي کي الله تعاليٰ ڪا نعمت عطا ڪئي ۽ ان جي طرف ٻين ٻانهن جي حاجتن کي لاتو ويو پر ان ٻانهي ٻين کي نفعي پهچائڻ کان پنهنجو هٿ روڪي رکيو ته ڄڻ هن پنهنجي نعمتن جي زائل ٿيڻ جا اسباب تيار ڪري ڇڏيا.
    (طبراني)

    ڪنهن مسلمان جي حاجت کي پورو ڪرڻ ڏهه سال اعتڪاف جي ثواب کان به وڌيڪ ثواب آهي. (طبراني)

    الله کي پنهنجي ان ٻانهي جو هميشه اونو هوندو آهي جيڪو ٻانهو ڪنهن ٻئي مسلمان جي ڪم سان لڳل رهندو آهي. (طبراني)

    توهان مان ڪو به، احسان جي ڪنهن به قسم ۽ صورت کي حقير نه سمجهي، بس جيڪڏهن پنهنجي ڀاءُ کي ڏيڻ جي لاءِ ڪجهه به نه هجيو ته ايترو ئي ڪريو جو منهن تي مرڪ آڻي ساڻس ملو. (ترمذي)

    مؤمن ته الفت ۽ محبت جو مرڪز هوندو آهي، اهو ماڻهو ڀلاين ۽ چڱاين کان خالي آهي جيڪو ٻين سان الفت نه ٿو رکي ۽ ٻيا به ان سان الفت نه ٿا رکن. (مسند احمد- بيهقي)


    الله لڳ محبت ۽ الله لڳ دشمني

    ٻانهي جي عملن ۾ الله تعاليٰ کي سڀ کان وڌيڪ محبوب اها محبت آهي جيڪا الله تعاليٰ جي لاءِ هجي ۽ بغض ۽ دشمني به اها جيڪا الله تعاليٰ جي ڪري هجي. (سنن ابي دائود)

    جنهن ماڻهوءَ الله لڳ محبت ڪئي، الله لڳ دشمني ڪئي ۽ الله لڳ ڏنو ۽ الله لڳ روڪيو ته ان ماڻهوءَ پنهنجو ايمان مڪمل ڪيو. (بخاري)

    جنهن ٻانهي به الله جي خاطر ڪنهن ٻانهي سان محبت ڪئي ته انهيءَ پنهنجي پالڻهار جي لڄ ۽ لحاظ رکيو.
    (مسند احمد)

    جيڪو ماڻهو جنهن سان محبت رکي ٿو قيامت جي ڏينهن انهيءَ سان گڏ ئي اٿاريو ويندو. (بخاري- مسلم)

    قيامت ڏينهن الله تعاليٰ فرمائيندو ته اهي ماڻهو ڪٿي آهن جيڪي صرف منهنجي لاءِ ماڻهن سان محبت ڪندا هئا. انهن کي اڄ مان پنهنجي ڇپر ۽ ڇانءَ ۾ آڻيندس. (مسلم بطوله)


    ديني ڀائپي

    اوهان ايمان وارن کي پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي رحم کائڻ، محبت ڪرڻ، شفقت ۽ مهرباني ڪرڻ ۾ انساني جسم وانگر ڏسندؤ، جو جڏهن به ان جي ڪنهن عضوي ۾ تڪليف ٿيندي آهي ته جسم جا باقي ٻيا سڀ حصا به ان جي درد کان بيتاب ٿيندا آهن.(بخاري ۽ مسلم)

    ايمان وارن جو تعلق ٻين ايمان وارن سان هڪ مضبوط عمارت جي جزن جو هجڻ کپي جو اهي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي مضبوطيءَ جو ذريعو بڻبا آهن.(بخاري- مسلم)

    توهان ٻين جي متعلق بدگمانيءَ کان بچو، ڇاڪاڻ ته بدگماني سڀ کان وڌيڪ ڪوڙي ڳالهه آهي. توهان ڪنهن جي ڪمزورين جي نوس نه ڪندا ڪريو ۽ جاسوسن وانگر رازداڻي طريقي سان ڪنهن جا عيب معلوم ڪرڻ جي ڪوشش به نه ڪندا ڪريو، نه هڪٻئي کان وڌڻ جي اجائي هوس ڪريو، نه پاڻ ۾ حسد ڪريو، نه بغض ۽ ڪينو رکو ۽ نه هڪ ٻئي کان منهن ڦيريو. بلڪه اي الله جا ٻانهؤ! الله جي حڪم مطابق ڀائر بڻجي رهو. (بخاري- مسلم)
    هر مسلمان ٻئي مسلمان جو ڀاءُ آهي ان تي ڪوبه ظلم ۽ زيادتي نه ڪري، ان کي بي مدد نه ڇڏي، ان کي حقير نه سمجهي، نه ان سان حقارت جو ورتاءُ ڪري. (ڪهڙي خبر اهو تقويٰ جي ڪري خدا وٽ محترم هجي.) تقويٰ ماڻهوءَ جي اندر ۾ هوندي آهي. (ٿي سگهي ٿو توهان ڪنهن جي ظاهري حال تي کيس معمولي ماڻهو سمجهو) ماڻهوءَ جي بري هجڻ لاءِ ايترو ڪافي آهي جو هو پنهنجي مسلمان ڀاءُ کي حقير سمجهي ۽ ساڻس حقارت سان پيش اچي. مسلمان جي هر شيءِ ٻئي مسلمان لاءِ احترام لائق آهي، سندس رت، سندس مال ۽ سندس آبرو به. (صحيح مسلم)

    اي اهي ماڻهوؤ! جيڪي زبان سان مسلمان ٿيا آهيو ۽ توهان جي دلين ۾ اڃان ايمان پوري طرح نه لٿو آهي، مسلمان ٻانهن کي ايذائڻ کان، انهن کي ميار ڏيڻ کان، کين شرمندو ڪرڻ کان ۽ سندن لڪل عيبن جي پٺيان پوڻ کان مڙي وڃو. ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ جو قانون آهي ته جيڪو شخص پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي لڪل عيبن جي پٺيان پوندو ۽ ان کي رسوا ڪرڻ گهرندو، ته الله تعاليٰ ان شخص جي عيبن پٺيان پئجي ويندو ۽ جنهن شخص جي عيبن پٺيان الله تعاليٰ پوندو ته کيس ضرور خوار ڪندو، توڻي جو پنهنجي گهر ۾ اندر ئي هجي. (ترمذي)

    توهان پنهنجي ڪنهن ڀاءُ جي مصيب تي خوشيءَ جو اظهار نه ڪندا ڪريو. جيڪڏهن ائين ڪندؤ ته ٿي سگهي ٿو جو الله کي مصيبت کان ڇوٽڪارو ڏئي ۽ توهان کي ان ۾ سوگهو ڪري. (ترمذي)

    مسلمان تي لعنت ڪرڻ اُن کي کي قتل ڪرڻ جي برابر آهي. جنهن به ڪنهن مسلمان تي ڪُفر جي تهمت هنئين ڄڻ کيس قتل ڪري ڇڏيو. (بخاري)


    فضيلتپڻي جي واٽ

    توهان حسد جي مرض کان گهڻو بچو. حسد ماڻهوءَ جي نيڪين کي ائين کائي ويندو آهي. جيئن باهه ڪاٺين کي. (ابي دائود)

    جيڪو ماڻهو نرميءَ جي صفت کان محروم ڪيو ويو، اهو سموري خير کان محروم ڪيو ويو. (مسلم)

    هر انهيءَ شخص تي، جيڪو مزاج جو تيز نه هجي، نرم هجي، ماڻهن سان قرب ونڊيندڙ هجي ۽ نرم ڳالهائيندڙ هجي. دوزخ جي باهه حرام آهي. (ابودائود- ترمذي)

    فضيلتپڻو ڌاريو، هڪٻئي سان محبت وڌايو ۽ ماڻهن کي خدا جي طرف کان خوشخبريون رسايو. رڳو عبادتون ته ڪنهن کي به جنت ۾ نه وٺي وينديون. (بخاري)


    پنهنجي غصي کي سنڀاليو

    پهلوان ۽ طاقتور اهو ناهي جيڪو مقابل کي ليٽائي ڇڏي، بلڪ پهلوان ۽ سگهارو حقيقت ۾ اهو آهي جيڪو غصي جي وقت پنهنجي نفس تي ضابطو رکي. (بخاري و مسلم)

    ماڻهن کي دين سيکاريو، دين جي تعليم ڏيو ۽ ان تعليم ۾ آساني پيدا ڪريو، ڏکيائي پيدا نه ڪريو ۽ جڏهن توهان مان ڪنهن کي غصو اچي وڃي ته ان کي گهرجي ته هو ان وقت خاموشي اختيار ڪري. (مسند احمد-طبراني)

    غصو شيطان جي اثر کان ايندو آهي، شيطان باهه جي پيدا آهي ۽ باهه پاڻيءَ سان وسامندي آهي. تنهن ڪري جڏهن به توهان مان ڪنهن کي غصو اچي ته ان کي گهرجي ته هو وضو ڪري. (سنن ابي دائود)

    توهان مان ڪنهن کي به غصو اچي ۽ اهو بيٺل هجي، کيس گهرجي ته ويهي رهي. پوءِ جيڪڏهن ويهڻ سان غصو ٽري وڃي ته ٺيڪ پر جيڪڏهن اڃان به باقي رهي ته پوءِ ليٽڻ گهرجي. (مسند احمد-ترمذي)

    توهان ۾ ٻه خلصتون اهڙيون آهن جيڪي الله تعاليٰ کي محبوب ۽ پياريون آهن هڪ بردباري (غصي جي اثر ۾ نه اچڻ) ۽ ٻيو جلدي نه ڪرڻ. (صحيح مسلم)


    ڌيرج ۽ اطمينان

    ڪمن کي ڌيرج ۽ اطمينان سان سرانجام ڏيڻ الله تعاليٰ جي طرفان آهي، ۽ جلدبازي ڪرڻ شيطان جي اثر کان هوندو آهي. (ترمذي)

    سهڻي سيرت، اطمينان ۽ وقار سان پنهنجو ڪم سرانجام ڏيڻ جي عادت ۽ ڪمن ۾ وچٿرائي نبوت جي چوويهن حصن مان هڪ حصو آهي. (ترمذي)


    زبان جون چڱايون

    مؤمن ٻانهو نه زبان سان حملو ڪرڻ وارو هوندو آهي، نه لعنت ڪرڻ وارو، نه بدشد ڳالهائيندڙ ۽ نه گاريون ڪڍندڙ. (ترمذي)

    سٺي ۽ مٺي ڳالهه به هڪ صدقو آهي (يعني نيڪيءَ جو هڪ قسم آهي جنهن تي ٻانهو اجر جو حقدار ٿئي ٿو.) (صحيح بخاري)

    ماڻهو جڏهن صبح پسندو آهي ته سمورا عضوا عاجزي ۽ نماڻائيءَ سان چوندا آهن ته (خدا جا ٻانها اسان تي رحم ڪر) اسان جي باري ۾ خدا کان ڊڄ، ڇاڪاڻ ته اسان توسان ئي ٻڌل آهيون، تون ٺيڪ رهين ته اسان به ٺيڪ رهنداسون ۽ جيڪڏهن غلط روي ڪئي ته اسان به غلط رويءَ جي ور چڙهنداسون. (ترمذي)
    جيڪو شخص هيءَ ذميداري کڻي ته پنهنجي ٻن ڳياڙين جي وچ ۽ ٻن ڄنگهن جي وچ جي حفاظت ڪندو ته مان ان لاءِ جنت جي ذميداري کڻان ٿو. (بخاري)

    ٻه خصلتون پٺيءَ تي ته ڏاڍيون هلڪيون آهن (انهن کي اختيار ڪرڻ ۾ ماڻهوءَ تي گهڻو بار نه ٿو پوي) ليڪن اهي ٻه ڳالهيون الله جي تارازيءَ ۾ ڏاڍيون ڳوريون هونديون: هڪ، گهڻو خاموش رهڻ جي عادت. ٻيو، سهڻا اخلاق. (بيهقي)

    ماڻهوءَ جي اسلاميت جي حسن ۽ ڪمال مان هي به آهي ته جيڪا ڳالهه هن لاءِ ضروري ۽ مفيد نه هجي، ان کي ڇڏي ڏئي. (ترمذي بيهقي)


    چغلي ۽ غيبت

    چغلخور ماڻهو جنت ۾ نه وڃي سگهندو. (بخاري- مسلم)

    الله جا بهترين ٻانها اهي آهي جن کي ڏسي الله ياد اچي ۽ بدترين ٻانها اهي آهي جيڪي چغليون هڻندڙ هجن، دوستن ۾ ڏڦيڙ وجهندڙ هجن ۽ اهي، جيڪي تاڙ ۾ هجن ته الله جي پاڪدامن ٻانهن کي ڪنهن گناهه، ڪنهن مصيبت ۽ پريشانيءَ ۾ مبتلا ڪن. (مسند احمد- بيهقي)

    غيبت (گلا) زنا کان به زياده سخت ۽ سنگين آهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهو جيڪڏهن بدبختيءَ سان زنا ڪري وٺي ته توبهه ڪرڻ سان سندس معافي ۽ مغفرت الله تعاليٰ جي طرفان ٿي سگهي ٿي. مگر غيبت ڪرڻ واري کي جيستائين خود اهو شخص معاف نه ڪندو جنهن جي غيبت ٿي آهي، ان وقت تائين غيبت ڪرڻ واري جي معافي ۽ بخشش الله تعاليٰ جي طرفان نه ٿيندي. (بيهقي)


    منافقت ۽ دوئي

    توهان قيامت جي ڏينهن سڀ کان بُري حال ۾ انهيءَ ماڻهوءَ کي ڏسندؤ جيڪو هڪڙن ماڻهن وٽ وڃي ٿو ته سندس الڳ رخ هوندو آهي ۽ ٻين وٽ ويندو آهي ته ٻيو رخ. (بخاري- مسلم)

    دنيا ۾ جيڪو شخص ٻه رخو هوندو آهي (۽ منافقن وانگر مختلف ماڻهن سان مختلف قسمن جون ڳالهيون ڪندو)، قيامت جي ڏينهن سندس وات ۾ باهه جون ٻه ڀڙڪندڙ ڄڀون هونديون. (سنن ابي دائود)

    مسلمان تي لعنت ڪرڻ ان جي قتل ڪرڻ جي برابر آهي.
    (بخاري- مسلم)

    جڏهن ڪو شخص مسلمان ڀاءُ کي ڪافر چوندو آهي ته انهن ٻنهي مان هڪ شخص يقيناً ڪافر ٿيندو آهي. جنهن کي ڪافر چيو ويندو آهي سو جيڪڏهن حقيقت ۾ ڪافر نه آهي ته اهو ڪفر غير ڪافر کي ڪافر چوڻ واري تي موٽندو آهي. (بخاري- مسلم)
    جنهن شخص تي لعنت ڪئي وڃي ۽ هو لعنت جي مستحق نه هجي ته لعنت الله جي خدمت ۾ عرض ڪندي آهي ته اي منهنجا پرودگار! جنهن شخص تي موڪلي وئي هيم، سو ته ان جو اهل نه آهي. پوءِ کيس حڪم ملندو آهي ته جتان آئي آهين ان تي موٽي وڃ. (احمد)


    سچائي ۽ امانت

    جنهن شخص جي هيءَ خوشي ۽ چاهت هجي ته کيس الله ۽ رسول سان حقيقي محبت هجي يا چاهي ته الله ۽ رسول ان سان محبت ڪن ته کيس گهرجي ته جڏهن به هو ڳالهائي ته هميشه سچ ڳالهائي ۽ جڏهن وٽس ڪا امانت رکي وڃي ته ڪا معمولي خيانت ڪرڻ کانسواءِ ئي ان کي ادا ڪري ۽ جنهن جي پاڙي ۾ رهي ٿو ان سان بهتر سلوڪ ڪري. (بيهقي)

    سچار ۽ امانتدار واپاري نبين، صديقن ۽ شهيدن سان گڏ هوندا. (ترمذي- مسند دارمي)

    جنهن ماڻهوءَ سان به ڪنهن معاملي ۾ مشورو ڪيو وڃي ته اهو ان ۾ امين آهي ۽ کيس امانت حوالي ٿي وڃي ٿي. (ترمذي)

    سڀ مجلسون امانت آهن سواءِ ٽن مجسلن جي. هڪ اها مجلس جنهن ۾ ناحق خون جي سازش سٽجي. ٻيو، اها مجلس جنهن ۾ ڪنهن جي عصمت ۽ عزت لٽڻ جو مشورو هجي. ٽيون، اها مجلس جنهن ۾ بغير ڪنهن حق جي ڪنهن جو مال ڦرڻ ۽ کسڻ جو مشورو هجي. (ابو دائود)


    ڪوڙ ۽ خيانت

    مؤمن جي طبيعت ۽ فطرت ۾ هر خصلت جي گنجائش آهي سواءِ خيانت ۽ ڪوڙ جي. (مسند احمد- بيهقي)

    هيءَ تمام وڏي خيانت آهي جو توهان پنهنجي ڀاءُ سان ڪا ڪوڙي ڳالهه بيان ڪيو ۽ ٻئي طرف هو توهان کي انهيءَ بيان ۾ سچو ۽ ايماندار سمجهندو هجي. (ابي دائود)

    جنهن ماڻهوءَ قسم کڻي ڪري ڪنهن مسلمان جو حق ناجائز ڦٻائي ورتو ته الله اهڙي ماڻهوءَ لاءِ دوزخ واجب ڪري مٿس جنت کي حرام ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ اها شيءِ ڇونه کبڙ جي ٽاري (ڏندڻ) هجي. (مسلم)

    ٽي ماڻهو اهڙا آهن جو قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ نه انهن سان ڳالهائيندو، نه انهن تي مهربانيءَ جي نظر ڪندو، نه گناهن ۽ گندن ڪمن کان کين پاڪ ڪندو، ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب هوندو. هڪ سٿڻ ڀيڏين کان هيٺ لڙڪائيندڙ (متڪبر ۽ مغرور). ٻيو احسان جتائڻ وارو. ٽيون ڪوڙا قسم کڻي پنهنجو سودو کپائيندڙ. (مسلم)

    ماڻهوءَ جي ڪوڙي هجڻ جي لاءِ اهوئي ڪافي آهي ته هو جيڪو ڪجهه ٻڌي اهو (تصديق ڪرڻ کان سواءِ) ٻين ماڻهن کي ٻڌائيندو وتي. (صحيح مسلم)

    منافق جون ٽي نشانيون آهن، جڏهن ڳالهائي ته ڪوڙ ڳالهائي. واعدو ڪري ته ان کي پورو نه ڪري ۽ جڏهن کيس ڪنهن شيءِ جو امين بڻائجي ته خيانت ڪري. (بخاري- مسلم)

    ڏسو! سڀ کان وڏو ڪبيرو گناهه ٻڌايانوَ ٿو. فريب ۽ دغابازيءَ جي ڳالهه ۽ ڪوڙي شاهدي. (بخاري)

    پڪ ڄاڻو ته ڪوڙ بدڪاريءَ جو رستو ٻڌائيندو آهي ۽ بدڪاري باهه ۾ پهچائي ڇڏيندي آهي. انسان مذاق طور ڪوڙ ڳالهائي ٿو پر آهستي آهستي الله وٽ عذاب لکبو وڃي ٿو. (بخاري)

    صلح جي لاءِ جيڪڏهن ڪا ڳالهه بڻائي ٻڌائي وڃي ته اهو ماڻهو ڪوڙ ڳالهائيندڙ نه ليکبو. (ابو دائود)


    نوڙت ۽ وڏائي

    جنهن شخص الله جي لاءِ (يعني الله جو حڪم سمجهي سندس رضا حاصل ڪرڻ لاءِ) نوڙت جو رويو اختيار ڪيو ته الله تعاليٰ کيس بلند ڪري ڇڏيندو، جنهن جو نتيجو هي نڪرندو ته هو پنهنجي خيال ۾ پنهنجي نظر ۾ ته هيٺاهون، ليڪن خدا جي عام ٻانهن جي نظر ۾ مٿانهون هوندو. ۽ جيڪو شخص تڪبر ۽ وڏائيءَ جو رويو اختيار ڪندو ته الله تعاليٰ ان کي زمين ڀر ڪيرائيندو، جنهن جو نتيجو هي ٿيندو جو هو عام ماڻهن جي نظرن ۾ ذليل ۽ حقير ٿي ويندو. ڀلي پنهنجي سر ۽ پنهنجي خيال ۾ پاڻ کي وڏو سمجهندو هجي. (بيهقي)

    ٽي ماڻهو اهڙا آهن جن سان الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن نه ڳالهائيندو، نه انهن جو تذڪرو ڪندو، نه انهن ڏانهن نظر کڻي ڏسندو ۽ انهن جي لاءِ آخرت ۾ دردناڪ عذاب آهي، هڪ، پوڙهو زاني، ٻيو، ڪوڙو حڪمران. ٽيون، سڃو وڏائي ڪندڙ. (صحيح مسلم)

    الله تعاليٰ جو چوڻ آهي ته عظمت ۽ وڏائي منهنجو ويس آهي. جيڪو شخص پاڻ معتبر بڻجي (آڪڙ ڪري) اُهو منهنجو ويس مون کان ڇنڻ گهرندو ته پوءِ مان به کيس عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندس. (مسلم)


    حياءُ ۽ خودداري

    هر دين جي ڪا نه ڪا نکريل وصف هوندي آهي ۽ دين اسلام جي نکريل وصف حياءُ آهي. (موطا امام مالڪ- ابن ماجه- بيهقي)

    حياءُ ۽ ايمان، ٻئي هميشه گڏ ئي رهندا آهن، جڏهن ٻنهي مان ڪو به هڪ کڄي ويو ته ٻيو به هٿان نڪري ويندو آهي.
    (بيهقي)

    اڳئين نبوت جي ڳالهين مان ماڻهن کي جيڪو ڪجهه مليو آهي، ان مان هڪ قول هي به آهي ته جڏهن توهان ۾ شرم ۽ حياءُ نه هجي، ته پوءِ جيڪو وڻيو سو ڪيو.(صحيح بخاري)

    توهان مان ڪنهن ضرورتمند ماڻهوءَ جو هي رويو جو هو رَسي کڻي جهنگ ۾ وڃي ڪاٺين جي ڀري کڻي اچي ۽ وڪرو ڪري، اهڙي طرح الله جي توفيق سان هو سوال جي ذلت کان پاڻ کي بچائي وٺي، انهيءَ کان گهڻو بهتر آهي جو هو ماڻهن جي سامهون سوال جو هٿ ٽنگي بيهي، پوءِ اهي ماڻهو کيس ڏين يا نه ڏين. (صحيح بخاري)

    جو شخص به خوددار بڻجڻ چاهي ٿو ۽ ٻين جي سامهون هٿ ٽنگڻ کان پاڻ کي بچائڻ گهري ٿو ته الله تعاليٰ سندس مدد ڪري ٿو ۽ سوال جي ذلت کان کيس بچائي ڇڏي ٿو ۽ جيڪو شخص ماڻهن جي سامهون پنهنجي محتاجي ظاهر ڪرڻ کان بچڻ گهرجي ٿو يعني پاڻ کي ماڻهن جو محتاج نه ٿو بڻائڻ گهري، ته الله تعاليٰ ان کي ماڻهن کان بي نياز ڪري ڇڏي ٿو. اهڙي طرح جو شخص به ڪنهن به ڏکئي موقعي تي پنهنجي طبيعت کي مضبوط ڪري صبر ڪرڻ گهري ٿو ته الله تعاليٰ کيس صبر جي توفيق ڏئي ڇڏي ٿو (۽ صبر جي حقيقت ان کي نصيب ٿي وڃي ٿي) ان صورت ۾ ڪنهن به ٻانهي کي صبر (استقامت) کان وڌيڪ ڪشادي نعمت ڪابه عطا ٿيل ناهي. (ابو دائود)


    مراد ۽ ڪاميابي

    ڪامياب ۽ مراد وارو ٿيو اهو ٻانهو جنهن کي اسلام جي حقيقت نصيب ٿي، کيس روزي به ڪفايت سان ملي ۽ الله تعاليٰ کيس انهيءَ ٿورڙي روزيءَ تي قناعت ڪندڙ به بنايو.
    (صحيح مسلم)

    اصل شاهوڪاري دل جي اندر هوندي آهي ۽ اصل محتاجي ۽ فقيري به دل جي ئي هوندي آهي. (طبراني)


    لوڀ ۽ لالچ

    لوڀ ۽ لالچ کان بچو، ڇاڪاڻ ته توهان کان اڳيون قومون انهيءَ لوڀ جي ڪري تباهه ٿيون. لوڀ کين بخيل ٿيڻ لاءِ چيو ته هنن بخل اختيار ڪيو. لوڀ کين مٽيون مائٽيون ڇنڻ تي پهچايو ته هنن اهو به ڪيو ۽ لوڀ کين بڇڙايون اپنائڻ لاءِ چيو ته هنن بڇڙايون به اختيار ڪيون. (سنن ابي دائود)

    انسان ۾ سڀ کان بري ڳالهه اٻرندڙ درجي تي پهتل لوڀ ۽ گهٻرائجي ويل درجي تي پهتل بزدلي آهي. (سنن ابي دائود)


    ڌاڳو ڦيڻو

    منهنجي امت مان ستر هزار بغير حساب جي جنت ۾ ويندا، سي اهي الله جا ٻانها هوندا جيڪي ڌاڳو ڦيڻو نه ٿا ڪرائين، ڍارو ۽ ڦار نه ٿا ڪڍرائن ۽ پنهنجي پالڻهار تي توڪل رکن ٿا.
    (بخاري- مسلم)


    رزق جو معاملو

    جيڪڏهن توهان الله تي اهڙي توڪل ۽ اعتماد ڪريو جيئن جو مٿس توڪل ڪرڻ جو حق آهي ته هو توهان کي اهڙي طرح روزي ڏئي جهڙي طرح پکين کي ڏيندو آهي، اهي صبح جو بکايل پنهنجي آکيرن مان نڪرندا آهن ۽ شام جو پيٽ ڀري واپس ايندا آهن.(ترمذي- ابن ماجه)

    ڪو به ساهوارو ان وقت تائين نه ٿو مري جيستائين پنهنجو رزق پورو نه وٺي (يعني هر جيوَ کي ان جي مرڻ کان پهريائين ان جو مقدر رزق کيس ضرور ملي وڃي ٿو، جيستائين رزق پورو نه ٿئي سندس موت اچي ئي نه ٿو سگهي) تنهن ڪري اي ماڻهوؤ ! خدا کان ڊڄو ۽ رزق جي ڳولا ۾ نيڪي ۽ پرهيزگاريءَ جو رويو اختيار ڪريو. روزيءَ ۾ ٿوري دير ٿيڻ جي ڳالهه توهان کي انهيءَ تي آماده نه ڪري ته توهان الله جي نافرمانين ۽ غيرشرعي طريقن سان ان کي حاصل ڪرڻ جو فڪر ۽ ڪوشش ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻ ته جيڪو ڪجهه الله جي قبضي ۾ آهي اهو سندس فرمانبرداري ۽ چيو مڃڻ جي ذريعي ئي کانئس حاصل ڪري سگهجي ٿو. (بيهقي)


    عمل جو دارومدار

    الله تعاليٰ توهان جي صورتن ۽ توهان جي مالن کي نه ٿو ڏسي، ليڪن توهان جي دلين ۽ توهان جي عملن کي ڏسي ٿو. (صحيح مسلم)

    جنهن ڏيکاءَ جي لاءِ نماز پڙهي ان شرڪ ڪيو، جنهن ڏيکاءَ لاءِ روزو رکيو ان شرڪ ڪيو، ۽ جنهن ڏيکاءَ لاءِ صدقو ۽ خيرات ڪئي ان شرڪ ڪيو. (مسند احمد)


    مشرڪ جو حشر

    جڏهن الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن، جنهن جي اچڻ ۾ ڪو به شڪ ناهي، سڀني ماڻهن کي جمع ڪندو ته هڪ اعلان ڪندڙ اعلان ڪندو ته جنهن شخص به پنهنجو ڪو اهڙو عمل جيڪو هن خدا لاءِ ڪيو ۽ تنهن ۾ ڪنهن ٻئي کي به شريڪ ڪيو هو، سو ان جو ثواب انهيءَ ٻئي کان وڃي طلب ڪري، ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ سڀني شريڪن جي پاسئون شراڪت کان وڏو بي نياز آهي. (مسند احمد)


    نجات يا هلاڪت جو سودو

    قرآن يا ته حجت آهي توهان جي حق ۾ يا حجت آهي توهان جي خلاف. هر ماڻهو جيڪا صبح پسي ٿو ان ۾ هو پنهنجي جان جو سودو ڪري ٿو، اهو سودو يا ته کيس نجات ڏياري ٿو يا کيس هلاڪ ڪري ڇڏي ٿو. (صحيح مسلم)


    پاڪائي

    پاڪائي ايمان جو حصو آهي. (صحيح مسلم)

    مان توهان ماڻهن لاءِ هڪ پيءُ وانگر آهيان. (پنهنجي اولاد جي خيرخواهيءَ لاءِ کين زندگيءَ جا اصول ۽ ادب سيکارڻ جهڙيءَ طرح هر پيءُ جي ذميداري آهي اهڙي طرح) توهان جي تعليم ۽ تربيت منهنجو ڪم آهي، انهيءَ ڪري مان توهان کي ٻڌايان ٿو ته جڏهن قضاءَ حاجت لاءِ وڃو ته نه ڪعبي ڏي منهن ڪري ويهجو نه پٺ ڪري. استنجي لاءِ سڄو هٿ استعمال نه ڪريو (پاڻي نه هجي ته ٽي پٿر استعمال ڪريو) هڏي ۽ لڏ کي استنجي لاءِ استعمال نه ڪريو. (مسلم)

    لعنت جو سبب بڻجڻ وارين ٻن ڳالهين کان بچو. هڪ هي ته ماڻهن جي رستي ۾ قضا حاجت نه ڪريو ۽ ٻيو هي ته انهيءَ لاءِ ڇانوري جي هنڌ تي ائين نه ڪريو. (صحيح مسلم)

    منهنجا امتي قيامت ڏينهن سڏيا ويندا ته وضوءَ جي اثر کان سندن چهرا، هٿ ۽ پير ٻهڪندڙ هوندا. پوءِ توهان مان جيڪو شخص اهڙي نورانيت وڌائڻ گهري ته ائين ضرور ڪري.
    (بخاري- مسلم)

    ڏندڻ وات کي تمام گهڻو پاڪ ۽ صاف ڪرڻ واري، الله تعاليٰ کي تمام گهڻو خوش ڪرڻ واري شيءِ آهي. (مسند احمد)
    جيڪڏهن هي الڪو نه هجي ها ته منهنجي امت تي گهڻي مشقت وڌي ويندي ته مان کين هر نماز وقت ڏندڻ ڪرڻ جو حتمي حڪم ڏيان ها. (بخاري- مسلم)

    چار شيون پيغمبرن جي سنت مان آهن هڪ حياءُ، ٻيو خوشبوءِ لڳائڻ، ٽيون ڏندڻ ڪرڻ ۽ چوٿون نڪاح ڪرڻ. (ترمذي)

    ڪابه نماز پاڪائيءَ کان سواءِ قبول نٿي ٿي سگهي ۽ نڪي اهڙو صدقو قبول ٿي سگهي ٿو جيڪو ناجائز طريقي سان حاصل ڪيل مال مان ڪيو وڃي. (صحيح مسلم)

    وضوءَ ۾ پاڻيءَ جو اسراف نه ڪيو توڻي جو ڪنهن وهندڙ نهر جي ڪناري تي ئي ڇو نه هجو. (مسند احمد- ابن ماجه)

    جسم جي هر وار جي هيٺان جنابت جو اثر هوندو آهي، انهيءَ ڪري جڏهن غسل ڪريو ته وارن کي چڱيءَ طرح ڌوئو (تان ته جسم جو وارن سان لڪل حصو به پاڪ صاف ٿي وڃي) ۽ کل جو ظاهر حصو (جنهن تي وار ناهن) ان جي به چڱي طرح صفائي ڪرڻ گهرجي. (ابو دائود)

    جڏهن جمعي جو ڏينهن اچي ته اوهان غسل ڪري نماز تي ايندا ڪريو. (صحيح بخاري)

    پاڪ مٽي مسلمان جي لاءِ طهارت جو سامان آهي. توڻي جو ڏهن سالن تائين به پاڻي نه ملي. پر جڏهن پاڻي ملي وڃي ته ان کي بدن تي پيٽيو يعني ان سان وضو يا غسل ڪري ڇڏيو انهيءَ ۾ اوهان لاءِ بهتري آهي.
    (مسند احمد- جامع ترمذي ۽ سنن ابي دائود)


    نماز

    اسان جي ۽ اسلام قبول ڪرڻ وارن عام ماڻهن جي وچ ۾ نماز جو عهد ۽ ميثاق آهي. (يعني هر اسلام آڻڻ واري کان اسان نماز جو عهد وٺندا آهيون جيڪا ايمان جي خاص نشاني ۽ اسلام جو شعار آهي) ان ڪري جنهن به نماز ڇڏي ته ڄڻ هن اسلام جي واٽ ڇڏي ڪافراڻو طريقو اختيار ڪيو.
    (رواه احمد- ترمذي- نسائي- ابن ماجه)

    جنهن ڄاڻي واڻي نماز ڇڏي ڏني ته اهو اسان جي ملت مان خارج ٿي ويو. (طبراني)

    پنج نمازون الله تعاليٰ فرض ڪيون آهن جنهن ۾ انهن نمازن لاءِ چڱي طرح سعيو ڪيو، ٺيڪ وقت تي انهن کي پڙهيو ۽ رڪوع سجدا به جيئن ڪرڻ گهرجن تيئن خوشيءَ سان ادا ڪيا ته اهڙي شخص لاءِ الله تعاليٰ جو پڪو واعدو آهي ته هو کيس بخشي ڇڏيندو ۽ جنهن ائين نه ڪيو ته ان لاءِ الله تعاليٰ جو ڪو به واعدو ڪونهي، چاهيندو ته کيس بخشيندو ۽ چاهيندو ته کيس سزا ڏيندو. (مسند احمد-سنن ابي دائود)

    ديني عملن ۾ الله تعاليٰ کي سڀ کان وڌيڪ محبوب عمل وقت تي نماز پڙهڻ، پيءُ ماءُ جي خدمت ڪرڻ ۽ الله تعاليٰ جي رستي ۾ جهاد ڪرڻ آهي. (بخاري- مسلم)

    ست ماڻهو آهن جن کي قيامت ڏينهن الله تعاليٰ پنهنجي رحمت جي ڇپر ۾ جاءِ ڏيندو، جنهن ڏينهن ان جي رحمت واري ڇپر کانسواءِ ٻي ڪا به ڇانوَ نه هوندي. هڪ: عدل ۽ انصاف سان حڪمراني ڪرڻ وارو حڪمران. ٻيو: اهو جوان ماڻهو جنهن جي جواني الله جي عبادت ۾ گذري. ٽيون: اهو مؤمن ماڻهو جنهن جي مسجد سان دل ڳنڍيل رهي. چوٿون: اهي ٻه ماڻهو جن الله تعاليٰ جي لاءِ پاڻ ۾ محبت ڪئي ان تي ئي جڙيل رهيا ۽ ان تي ئي جدا ٿيا. پنجون: الله جو اهو ٻانهو جنهن اڪيلائيءَ ۾ الله کي ياد ڪيو ته سندس ڳوڙها وهي پيا، ڇهون: اهو مرد جنهن کي خوبصورت ۽ حسين عورت اڪيلائيءَ ۾ حرام جي دعوت ڏني ته اهو خدا جي خوف وچان پٺتي هٽي ويو. ستون: اهو ماڻهو جنهن الله جي رستي ۾ سڄي هٿ سان خرچ ڪيو ته سندس کاٻي هٿ کي به خبر نه پئي ته ڇا خرچ ڪري رهيو آهي ۽ ڪنهن کي ڏئي رهيو آهي. (بخاري- مسلم)

    مسجدون الله جو گهر آهن. ان ۾ حاضر ٿيڻ وارا مؤمن الله تعاليٰ جا ملاقاتي ۽ مهمان آهن ۽ جنهن جي ملاقات لاءِ ڪوئي ايندو آهي ته مٿس حق آهي ته هو اڱڻ تي ايندڙ ملاقاتيءَ جو اڪرام ۽ ان جي خاطرداري ڪري. (ڪنزالعمال)


    جمعي نماز ۽ عيدون

    جيڪو شخص بنا عذر جي ٽي جمعا سستي ۽ لاپرواهيءَ جي ڪري ڇڏي ڏئي ته الله تعاليٰ سندس دل تي مهر لڳائي ڇڏيندو (پوءِ هو نيڪ عمل جي توفيق کان محروم رهجي ويندو.) (سنن ابي دائود- ترمذي ۽ نسائي)

    الله تعاليٰ توهان جي لاءِ ٻه ڏڻ مقرر ڪيا آهن هڪ عيدالضحيٰ جو ڏينهن ۽ ٻيو عيدالفطر جو ڏينهن. (سنن ابي دائود)


    مرتئي کان اڳ ۽ پوءِ

    جنهن کي الله سان ملڻ ۽ سندس حضور ۾ حاضر ٿيڻ محبوب آهي، الله کي به ان سان ملڻ محبوب آهي. جنهن کي الله سان ملڻ ناگوار آهي ته الله کي به ساڻس ملڻ ناگوار آهي.
    (بخاري مسلم)

    توهان مان ڪو به موت جي تمنا نه ڪري توڻي جو هو نيڪوڪار هجي. ڇاڪاڻ ته جيستائين هو زندهه آهي ته پنهنجي نيڪين واري ذخيري ۾ اضافو ڪندو رهندو ۽ جيڪڏهن سندس عمل خراب آهن ته ٿي سگهي ٿو جو آئنده زندگيءَ ۾ توبهه وغيره جي ذريعي الله تعاليٰ کي راضي ڪري وٺي. (بخاري)

    توهان مان ڪو به ڪنهن ڏک ۽ تڪليف جي ڪري موت جي تمنا ۽ دعا نه ڪري جيڪڏهن بلڪل لاچاري هجي ته هيئن دعا ڪجي “اي الله منهنجي لاءِ جيستائين زندگي بهتر هجي ان وقت تائين مون کي زندهه رک ۽ جڏهن منهنجي لاءِ موت بهتر هجي ان وقت مون کي دنيا مان کڻي وٺ.” (بخاري- مسلم)

    ڪنهن مؤمن ٻانهي جي لاءِ الله تعاليٰ جي طرفان اهڙو مٿاهون مقام طئي ٿي ويندو آهي جنهن کي هو پنهنجي عمل جي ذريعي نه ٿو ماڻي سگهي ته الله تعاليٰ کيس ڪنهن جسماني يا مالي تڪليف ۾ يا اولاد جي طرفان ڪنهن صدمي ۽ پريشانيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو آهي. پوءِ کيس صبر جي توفيق ڏئي ڇڏيندو آهي. ايستائين جو (انهن مصيبتن ۽ تڪليفن تي صبر جي ڪري) کيس انهيءَ مٿاهين مقام تي پهچايو ويندو آهي جيڪو ان جي لاءِ پهريائين طئي ٿي چڪو هو. (مسند احمد-ابي دائود)

    بکين کي کاڌو کارايو، بيمارن جي عيادت ڪريو ۽ جيڪي ماڻهو ناحق قيد ڪيل آهن انهيءَ جي رهائيءَ جي ڪوشش ڪريو. (اهي عمل آخرت جو ثمر آهن). (صحيح بخاري)

    جنهن ماڻهوءَ ڪنهن مريض جي عيادت ڪئي ته الله جو منادي آسمان کان پڪاريندو آهي ته تون ڀاڳن وارو ۽ عبادت لاءِ تنهنجو هلڻ ڀاڳن وارو ۽ تون هي عمل ڪري جنت ۾ پنهنجو گهر ٺاهي ورتو. (سنن ابن ماجه)
    اوهان مان هر هڪ کي گهرجي ته هن کي اهڙي حالت ۾ موت اچي جو کيس الله تعاليٰ جي باري ۾ سٺو گمان هجي.
    (صحيح مسلم)

    ڪنهن مسلمان جي ميت لاءِ مناسب ناهي ته اهو گهر وارن جي وچ ۾ دير تائين پيو رهي. (سنن ابي دائود)

    چڱي طرح ٻڌي ۽ سمجهي وٺو ته الله تعاليٰ اک جي ڳوڙهن ۽ دل جي رنج و غم تي سزا نه ٿو ڏئي (ڇاڪاڻ ته ان تي ٻانهي جو اختيار ۽ قابو ناهي) ليڪن زبان جي غلط رويءَ تي (يعني زبان سان هاءِ گهوڙا مچائڻ تي) سزا ڏئي ٿو. اهڙي طرح (انا الله پڙهڻ ۽ دعا ۽ مغفرت گهرڻ تي) رحمت به فرمائي ٿو ۽ هي به حقيقت آهي ته ميت جي گهر وارن پاران روئڻ پٽڻ سان هن کي عذاب به ٿئي ٿو. (بخاري- مسلم)

    جيڪو (غمي ۽ موت جي موقعي تي) پنهنجو منهن مٿو پٽي ۽ گربيان ڦاڙي ۽ جاهليت جي طريقن جهڙي واويلا ڪري ته اهو اسان مان ناهي. (بخاري- مسلم)

    توهان سفيد ڪپڙا پهريندا ڪريو جو توهان لاءِ سٺا ڪپڙا آهن ۽ انهيءَ ۾ ئي پنهنجي مرڻ وارن کي ڪفن ڏيندا ڪريو.
    (سنن ابي دائود)

    جڏهن توهان ڪنهن ميت جي جنازي نماز پڙهو ته پوري خلوص سان ان جي لاءِ دعا ڪريو. (ابي دائود)

    اوهان لاءِ ممانعت آهي جو قبر کي پختو بڻايو يا ان تي عمارت ٺاهيو يا ان تي ويٺا رهو.(صحيح مسلم)


    زڪوات ۽ خيرات

    الله پاڪ زڪوات انهيءَ لاءِ فرض ڪئي آهي جو ان جي ادائگيءَ کانپوءِ جيڪو مال باقي بچي سو پاڪ ٿي وڃي ۽ اهڙي طرح ورثي جو قانون انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي جو توهان جي پونئرن لاءِ سهارو بڻجي. (سنن ابي دائود)

    زڪوات جو مال جڏهن ٻئي مال ۾ مخلوط ٿيندو ته ضرور ان کي تباهه ڪندو. (مسند شافعي)

    هر مسلمان تي صدقو (خير) لازم آهي. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ وٽ خير ڪرڻ جيترو نه هجي ته هو پنهنجي هٿن جي محنت ڪري ڪمائي پوءِ پاڻ به ان جو فائدو وٺي ۽ خير به ڪري. جيڪڏهن ائين نه ڪري سگهو ته ڪنهن پريشان حال محتاج جو ڪم ڪري ان جي مدد ڪريو. ائين به نه ڪري سگهو ته پنهنجي زبان سان ماڻهن کي ڀلائي ۽ نيڪيءَ لاءِ چئو. ائين به نه ڪري سگهو ته (گهٽ ۾ گهٽ) بڇڙاين کان پاڻ کي بچيل رکو (جو ان سان ڪنهن کي تڪليف ۽ ايذاءُ نه پهچي) اهو به ان ماڻهوءَ جي طرفان هڪ طرح جو خيرآهي.
    (بخاري مسلم)
    هر ٻانهي کي الله تعاليٰ جو پيغام آهي ته اي آدم جا فرزند! منهنجي ضرورتمند ٻانهن تي پنهنجي ڪمائيءَ مان خرچ ڪر، مان پنهنجي خزاني مان توکي ڏيندو رهندس.
    (بخاري- مسلم)

    اي آدم جي اولاد! الله جي ڏنل دولت جيڪا توهان جي ضرورتن کان وڌيڪ هجي ان کي خدا جي راهه ۾ کپائي ڇڏڻ توهان جي لاءِ بهتر آهي ۽ ان جو روڪڻ توهان جي لاءِ برو آهي. گذاري جيترو رکڻ تي ڪا ملامت ڪونهي ۽ سڀ کان پهريائين انهن تي خرچ ڪيو جن جي توهان تي ذميداري آهي. (صحيح مسلم)

    جيڪڏهن مون وٽ احد پهاڙ جي برابر به سون هجي ته مان اهو پسند ڪندس ته ٽي راتيون گذرڻ کان پهريائين ان کي خدا جي رستي ۾ خرچ ڪري ڇڏيان ۽ مون وٽ ان مان ڪجهه به باقي نه رهي، سواءِ ان جي جو قرض ادا ڪرڻ جيترو بچايان. (صحيح بخاري)

    ڪعبي جي رب جو قسم اهي ماڻهو وڏي خساري ۾ آهن جيڪي وڏا دولتمند ۽ سرمائيدار آهن. انهن مان سي ماڻهو خساري کان محفوظ آهن جيڪي پنهنجي اڳيان پٺيان ۽ ساجي کاٻي (هر طرف خير جي ڪمن ۾) پنهنجي دولت هٿ کولي خرچ ڪندا آهن مگر دولتمندن ۽ سرمائيدارن ۾ اهڙا ٻانها تمام گهٽ آهن. (بخاري-مسلم)
    صدقو الله جي غضب کي ٿڌو ڪندو آهي ۽ بڇڙي موت کان بچائيندو آهي. (جامع ترمذي)

    قيامت جي ڏينهن مؤمن جي مٿان سندس ڪيل خير جو سايو هوندو. (مسند احمد)

    خيرات سان مال ۾ گهٽتائي نه ايندي آهي. (بلڪه اضافو ٿيندو آهي ) ۽ قصور معاف ڪرڻ سان ماڻهو هيٺاهون نه ٿيندو آهي. بلڪ الله کيس مٿاهون ڪري ڇڏيندو آهي ۽ سندس عزت ۾ اضافو ٿي ويندو آهي. ۽ جيڪو ٻانهو الله ڪارڻ نوڙت ۽ نيازمنديءَ جو رويو اختيار ڪندو ته الله کيس بلندي ۽ مانُ بخشيندو. (صحيح مسلم)

    هر حساس جانور (جن کي بک ۽ اڃ جي تڪليف ٿيندي هجي) تن کي کارائڻ پيارڻ ۾ اجر ۽ ثواب آهي. (بخاري- مسلم)

    زياده ثواب جي صورت هيءَ آهي جو توهان اهڙي حالت ۾ خير ڪيو جڏهن توهان جي تندرستي قائم هجي ۽ توهان جي اندر ۾ دولت جي چاهت ۽ ان کي پاڻ وٽ رکڻ جي حرص هجي. ان حالت ۾ خدا جي راهه ۾ مال خرچ ڪرڻ کان توهان کي سڃي ٿيڻ جو خطرو هجي ۽ دولتمنديءَ جي دل ۾ آرزو هجي. (اهڙي وقت ۾ الله جي رضا لاءِ پنهنجو مال خرچ ڪرڻ سچي خدا پرستي ۽ خطا طلبيءَ جو دليل آهي.)
    (بخاري- مسلم)
    جڏهن ڪوئي مؤمن ٻانهو پنهنجي اهل ۽ عيال تي ثواب جي نيت سان خرچ ڪري ته اهو سندس حق ۾ خير ليکبو. (ابو دائود)

    ڪنهن اجنبي مسڪين کي الله جي لاءِ ڪجهه ڏيڻ صرف خير آهي ۽ پنهنجي ڪنهن عزيز قريب (ضرورتمند) کي الله جي لاءِ ڪجهه ڏيڻ ۾ ٻه پهلو ۽ ٻه ثواب آهن. هڪ هي ته اهو خير آهي ٻيو هي ته اهو صلئه رحمي (يعني قرابت جي حقن جي ادائگي) آهي، جيڪا پنهنجي جاءِ تي پڻ وڏي نيڪي آهي.
    (مسند احمد- جامع ترمذي)


    رمضان ۽ روزا

    جڏهن رمضان جو مهينيو ايندو آهي ته جنت جا دروازا کوليا ويندا آهن، دوزخ جا دروازا بند ڪيا ويندا آهن ۽ شيطانن کي سوگهو ڪيو ويندو آهي.
    (صحيح بخاري- صحيح مسلم)

    رمضان صبر جو مهينو آهي ۽ صبر جو بدلو جنت آهي. هي همدردي ۽ غمخواريءَ جو مهينو آهي ۽ اهو مهينو آهي جنهن ۾ مؤمن ٻانهن جي رزق ۾ اضافو ڪيو ويندو. (بيهقي)

    الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته “روزو اجر جي عام قانونن کان مستثنيٰ ۽ بالاتر آهي، اهو ٻانهي جي طرفان خاص منهنجي لاءِ هڪ تحفو آهي ۽ مان جيئن چاهيندس اُن جو اجر ۽ ثواب ڏيندس، منهنجو ٻانهو منهنجي رضا لاءِ پنهنجي نفس جي خواهشن ۽ پنهنجي کاڌي پيتي کي ڇڏي ڏئي ٿو.”
    (بخاري- صحيح مسلم)

    جيڪي ماڻهو رمضان جا روزا ايمان ۽ احتساب سان رکندا ته سندن گذريل گناهه معاف ڪيا ويندا ۽ اهڙا ئي ماڻهو ايمان ۽ احتساب سان رمضان جي راتين ۾ نفل (تراويح، تهجد) پڙهندا ته انهن جا به پويان گناهه معاف ڪيا ويندا ۽ اهڙي طرح جيڪي ماڻهو قدر واري رات ايمان ۽ احتساب سان نوافل پڙهندا تن جا به پويان گناهه معاف ڪيا ويندا. (بخاري- مسلم)

    جنهن به ڪنهن روزيدار جو روزو کولرايو يا ڪنهن مجاهد کي جهاد جو سامان ڏنو ته ان کي روزيدار ۽ مجاهد جهڙو ئي ۽ ثواب ملندو. (بيهقي)

    جيڪو ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ ڪوڙ تي عمل ڪرڻ نه ڇڏي ته ان جي کائڻ پيئڻ ڇڏڻ جي الله کي ڪائي ضرورت نه آهي.
    (بخاري، ابوداؤد، ترمذي)


    حج

    جنهن ماڻهوءَ وٽ حج جي سفر جو ضروري سامان هجي ۽ کيس بيت الله تائين پهچائڻ واري سواري به ميسر هجي، پوءِ هو حج نه ڪري ته ڪو فرق نه ٿو پوي ته هو يهودي ٿي مري يا نصراني. (ترمذي)

    الله جو جيڪو ٻانهو حج، عمري جي نيت سان يا الله جي راهه ۾ جهاد لاءِ نڪتو پوءِ رستي ۾ کيس موت اچي ويو ته الله تعاليٰ جي طرفان ان لاءِ ساڳيو اجر ۽ ثواب لکيو وڃي ٿو جيڪو حج ۽ عمري ڪرڻ وارن لاءِ ۽ خدا جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ وارن لاءِ مقرر آهي. (بيهقي)

    حج ۽ عمري ڪرڻ وارا الله تعاليٰ جا مهمان آهن، جيڪڏهن اهي الله کان دعا ڪن ته سندن دعا قبول فرمائي ۽ اهي جيڪڏهن ان کان بخشش گهرن ته کين بخشي ڇڏي.
    (سنن ابن ماجه)

    جنهن حج ڪيو ۽ ان کان پوءِ منهنجي قبر جي زيارت ڪئي منهنجي وفات کانپوءِ، ته اهو (زيارت جي سعادت حاصل ڪرڻ ۾) ان ماڻهوءَ وانگر آهي جنهن منهنجي حياتيءَ ۾ منهنجي زيارت ڪئي. (بيهقي)


    الله تعاليٰ جي ياد ۽ پچار

    جڏهن به ۽ جتي به الله جا ڪي ٻانها ويهي الله جي پچار ۽ ان جي فرمانبرداريءَ جون ڳالهيون ڪندا آهن ته لازمي طرح فرشتا سندن چوڌاري جمع ٿي ويندا آهن ۽ الله جي رحمت مٿن ڇائنجي ويندي آهي ۽ مٿن سڪون ۽ تسلي نازل ٿيندي آهي ۽ الله به پنهنجي ملائڪن ۾ سندن تذڪرو ڪندو آهي.
    (صحيح مسلم)

    الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته منهنجو معاملو ٻانهي سان سندس يقين مطابق هوندو آهي جڏهن به مون کي ياد ڪندو آهي ته بلڪل گڏ هوندو آهيانس. جيڪڏهن هو مون کي پنهنجي دل ۾ اهڙي طرح ياد ڪري جو ڪنهن ٻئي کي خبر به نه هجي ته مان به کيس ساڳي طرح ياد ڪندس ۽ جيڪڏهن هو ٻين ماڻهن جي سامهون مون کي ياد ڪري ته مان به ڀلي جماعت ۾ ان جو ذڪر ڪندس. (بخاري- مسلم)

    ڇا مان توهان کي اهو عمل ٻڌايان جيڪو توهان جي سڀني عملن ۾ بهتر ۽ توهان جي مالڪ جي نظر ۾ بيحد پاڪيزه آهي ۽ توهان جي درجن کي سڀني عملن کان وڌيڪ مٿاهون ڪرڻ وارو آهي ۽ خدا جي راهه ۾ سون ۽ چاندي خرچ ڪرڻ کان به وڌيڪ ان ۾ خير آهي ۽ انهيءَ جهاد کان به وڌيڪ توهان جي لاءِ ان ۾خير آهي جنهن ۾ توهان پنهنجي دشمنن ۽ خدا جي دشمنن کي موت جي منهن وجهي ڇڏيو ۽ هو توهان کي ذبح ڪن يا شهيد ڪن، اها الله جي ياد آهي.
    (مسند احمد- ترمذي ۽ ابن ماجه)

    الله جي پچار ايتري ۽ اهڙي طرح ڪيو جو ماڻهو چون ته هي ته ديوانو آهي. (مسند احمد)

    جيڪو شخص ڪٿي ويٺو ۽ انهيءَ نشست ۾ الله جي پچار نه ڪيائين ته اها نشست ان لاءِ وڏي حسرت ۽ خساري واري ٿي. اهڙي طرح جيڪو شخص جڏهن سُتو ۽ ان وقت الله کي ياد نه ڪيائين ته سندس اهو سمهڻ ان لاءِ وڏي حسرت ۽ خساري جو ڪارڻ ٿيو. (سنن ابي دائود)


    شرڪ

    ٻه شيون اهڙيون آهن جيڪي ٻن شين کي واجب ڪري ڇڏينديون آهن. هڪ، ماڻهو ان حالت ۾ مري جو الله سان گڏ ڪنهن ذات کي شريڪ ليکيندو هجي ته اهو ڄرڪندڙ باهه ۾ داخل ٿيندو ۽ جيڪو شخص هن حالت ۾ مري جو الله سان ڪنهن ذات کي به شريڪ نه ليکيندو هجي ته اهو جنت ۾ داخل ٿي ويندو. (مسلم)

    هن امت ۾ شرڪ هن ڳالهه کان وڌيڪ لڪل صورت ۾ ايندو آهي، جهڙي طرح اونداهي ۾ ڪنهن ڪاري پٿر تي ڪاري ڪولي هلڻ جي صورت ۾ هجي. (مشڪوات)


    مرڻ کانپوءِ جي زندگي

    قبر آخرت جي منزل مان پهرين منزل آهي، پوءِ جيڪڏهن ٻانهي انهيءَ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ورتو ته پوءِ اڳي جون منزلون هُن لاءِ وڌيڪ سوليون آهن. پر جيڪڏهن ٻانهو قبر جي منزل کان ڇوٽڪارو نه حاصل ڪري سگهيو ته پوءِ جون منزلون ان کان وڌيڪ سخت ۽ ڏکيون آهن.
    (ترمذي- ابن ماجه)

    ماڻهوءَ کي جڏهن قبر ۾ لاهي سندس پونير واپس ٿيندا آهن ته ستت ئي وٽس ٻه ملائڪ اچي کانئس پڇن ٿا ته تنهنجو رب ڪير آهي؟ تنهنجو دين ڪهڙو آهي؟ تنهنجو رسول جي باري ۾ ڪهڙو خيال آهي؟ ۽ توکي اها ڳالهه ڪهڙي (ڪتاب جي) ذريعي معلوم ٿي؟ جڏهن مومن ٻانهو فرشتن جي پڇيل سوالن جا ٺيڪ جواب ڏئي ٿو ته آسمان مان آواز اچي ٿو ته منهنجي ٻانهي صحيح ڳالهه چئي تنهن ڪري ان لاءِ جنت جو دروازو کولي ڇڏيو. جيڪڏهن (زندگيءَ ۾ انهن تعلقن کان وانجهو رهيو ۽) انهن سوالن جا جواب نه ڏئي سگهيو ته پوءِ آواز ايندو ته ان لاءِ دوزخ جو هڪ دروازو کولي ڇڏيو. پوءِ ان جي لاءِ سندس قبر کي ڀيڪوڙيو وڃي ٿو ۽ هڪ ملائڪ مٿس مسلسل عذاب مسلط ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو وڃي ٿو.
    (مسند احمد- ابو دائود- اختصار سان)

    جهڙي طرح ساوڪ کان خالي ۽ خشڪ زمين تي پاڻيءَ جي وسڪاري سان شادابي اچي وڃي ٿي، پڪ ڄاڻو ته موت کان پوءِ حياتي به ائين ئي موٽڻي آهي. (زرين)

    قيامت جي ڏينهن هر مرد ۽ عورت متعلق زمين شاهدي ڏيندي ته هن فلاڻي ڏينهن منهنجي مٿان فلاڻو ڪم ڪيو هو ۽ فلاڻي ڏينهن فلاڻو عمل ڪيو ويو. (مسند احمد ۽ ترمذي)

    جيڪو شخص به مرندو ان کي (مرڻ کان پوءِ پنهنجي زندگيءَ تي) ندامت ۽ پشيماني ضرور ٿيندي. جيڪڏهن اهو مرڻ وارو نيڪوڪار هوندو ته ان کي ندامت ۽ حسرت هوندي ته جيڪر هو ان نيڪو ڪاريءَ ۾ اڃان وڌيڪ ترقي ڪري ها ۽ بدڪار کي ندامت ۽ حسرت هوندي ته جيڪر هو بدڪارين کان پاسيرو رهي ها. (ترمذي)

    اي ماڻهوؤ! دوزخ جي باهه کان بچو، توڙي جو سڪل کارڪ جي خشڪ ٽڪر ذريعي ان کان بچڻ جو فڪر ڪريو.
    (بخاري ۽ مسلم)

    قيامت جي ڏينهن حقدار کي ان جي حق ڏياريو ويندو، ايستائين جو سنڱن واري ٻڪريءَ کان ٺوڙهي ٻڪريءَ کان بدلو ڏياريو ويندو. (مسلم ۽ ترمذي)


    مالڪن ۽ ماتحتن جو حساب ڪتاب

    توهان جي ماتحتن (نوڪرن) توهان جي جيڪا خيانت ۽ نافرماني ڪئي هوندي، توهان سان جيڪي ڪوڙ ڳالهايا هوندا ۽ توهان جيڪي انهن کي سزائون ڏنيون هونديون، قيامت جي ڏينهن انهن سڀني جو پورو پورو حساب ڪيو ويندو. (ترمذي)


    راتين جي جاڳڻ وارن لاءِ آخرت ۾ انعام

    قيامت جي ڏينهن سڀني ماڻهن کي (زندهه اٿارڻ کانپوءِ) هڪ وڏي ميدان ۾ جمع ڪيو ويندو، پوءِ الله جو آواز سڏيندو ته ڪهڙا آهن اهي ٻانها جن جا پٺا رات جو بسترن کان پري رهندا هئا (يعني پنهنجا بسترا ڇڏي الله جي عبادت ۾ رڌل رهندا هئا) پوءِ اهي انهيءَ سڏ تي اڀا ٿي ويندا، سندن تعداد وڌيڪ نه هوندو. پوءِ الله جي حڪم سان بنا حساب ڪتاب جي جنت ۾ هليا ويندا. (شعب الايمان للبيهقي)


    حوض ڪوثر ۽ فرقي پرست

    مان حوض ڪوثر تي اوهان جو سالار هوندس، جيڪو مون وٽ پهچندو سو آب ڪوثر پيئندو ۽ جيڪو ان کي پيئندو سو ڪڏهن به اڃائبو نه. ڪجهه ماڻهو جن کي مان سڃاڻيندس ۽ هو مون کي سڃاڻيندا، مونڏانهن وڌندا ليڪن منهنجي ۽ انهن جي وچ ۾ رڪاوٽ وڌي ويندي (۽ انهن کي مونڏانهن اچڻ کان روڪيو ويندو) مان چوندس ته هي ته منهنجا ماڻهو آهن پوءِ مون کي جواب ملندو ته توکي خبر ناهي، انهن توکان پوءِ دين ۾ نيون نيون ڳالهيون ڪڍيون. مان چوندس ته بربادي ۽ ڦٽڪار هجي انهن لاءِ جن مون کان پوءِ دين ۾ فرقا وڌا ۽ ان کي گڙ ٻڙ ڪيو. (بخاري ۽ مسلم)


    جنت ۾ الله جو ديدار

    جڏهن جنتي جنت ۾ پهچي ويندا ته الله تعاليٰ انهن کي ارشاد فرمائيندو ته ڇا توهان چاهيو ٿا ته اوهان کي هڪ وڌيڪ شيءِ عطا ڪيان. ٻانها عرض ڪندا ته تو اسان جا چهرا ٻهڪايا ۽ دوزخ کان بچائي جنت ۾ داخل ڪيو (هاڻي انهيءَ کان وڌيڪ ڪهڙي شيءِ ٿي سگهي ٿي، جنهن جي اسان خواهش ڪريون.) انهن ٻانهن جي هن جواب کان پوءِ هڪدم حجاب کڄي ويندو (يعني انهن جي اکين کان پردو هٽايو ويندو) پوءِ هو الله جي جمال کي پسي وٺندا، ان وقت هو محسوس ڪندا ته جيڪو ڪجهه هيستائين کين مليو هو. انهن سڀني کان وڌيڪ محبوب ۽ پياري شيءِ اهائي ديدار واري نعمت آهي. (مسلم)


    جنت ۽ دوزخ

    دوزخ نفساني خواهش ۽ لذتن سان گهيريل آهي ۽ جنت سختين ۽ مشقتن سان گهيريل آهي. (بخاري ۽ مسلم)

    جهنم ۾ سڀني کان هلڪو عذاب ان شخص جو هوندو جنهن جي ٻنهي پيرن جي هيٺان ٻه چڻنگون رکيل هونديون. انهيءَ سان ان شخص جو ميڄالو اهڙي طرح ٻڙڪندو جيئن چلهه تي ڪنو ٻڙڪندو آهي. (بخاري ۽ مسلم)

    توهان جي هن دنيا جي باهه دوزخ جي باهه جي ستر حصن مان هڪ حصو آهي. (بخاري ۽ مسلم)


    خدا جو خوف ۽ آخرت جو فڪر

    قسم انهيءَ ذات پاڪ جو جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي ته جيڪڏهن (مرڻ کان پوءِ وارين حالتن جو) توهان کي اهو سڀ ڪجهه معلوم ٿي وڃي جيڪو مون کي معلوم آهي، ته توهان جو کلڻ ٿورڙو ٿي وڃي ۽ روئڻ گهڻو وڌي وڃي. (بخاري)
    جيڪي موت کي وڌيڪ ياد ڪن ٿا ۽ موت جي لاءِ وڌ کان وڌ تياري ڪن ٿا اهڙا ماڻهو ئي دانشمند آهن. انهن دنيا جي عزت به حاصل ڪئي ۽ آخرت جو اعزاز ۽ اڪرام به. (طبراني)

    برجستو ۽ سگهارو اهو آهي جيڪو پنهنجي نفس کي قابو ۾ رکي ۽ موت کان پوءِ لاءِ (يعني آخرت جي نجات ۽ ڪاميابيءَ لاءِ) عمل ڪري. نادان ۽ ڪمزور اهو آهي جيڪو پنهنجي نفس جي خواهشن جي ڪڍ هلي ۽ پوءِ به الله ۾ آسرا رکندو وتي. (ترمذي- ابن ماجه)

    پنهنجو پاڻ کي انهن گناهن کان بچائڻ جي به خاص طرح ڪوشش ۽ فڪر ڪريو جن کي پتڪڙو ۽ معمولي سمجهيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ جي طرفان انهن جي پڇا به ٿيڻي آهي. (ابن ماجه- دارمي-بيهقي)

    الله جي خوف ۽ هيبت کان جنهن مؤمن ٻانهي جي اکين مان ڪجهه ڳوڙها نڪتا ۽ پوءِ وهي ان جي چهري تي پهتا ته الله تعاليٰ انهيءَ چهري مٿان دوزخ جي باهه حرام ڪري ڇڏيندو.
    (ابن ماجه)

    مون کي گهڻو ويجها ۽ مون سان وڌيڪ تعلق رکڻ وارا اهي ماڻهو آهن جيڪي خدا کان ڊڄن ٿا ۽ نيڪوڪاريءَ جي زندگي گذارن ٿا، اهي ڪير به هجن ۽ ڪٿي به هجن.
    (مسند احمد)


    آخرت جي مقابلي ۾ دنيا جي حقيقت

    دنيا جو مثال آخرت جي مقابلي ۾ ائين آهي جو توهان مان ڪو به پنهنجي هڪ آڱر درياءَ ۾ ٻوڙي ڪڍي وٺي ۽ پوءِ ڏسي ته پاڻيءَ جو ڪيترو مقدار ان آڱر کي لڳي آيو آهي.
    (صحيح مسلم)

    جيڪو شخص دنيا کي پنهنجو محبوب ۽ مطلوب بڻائيندو سو ضرور آخرت جو نقصان کڻندو ۽ جيڪو شخص آخرت کي محبوب بڻائيندو سو ضرور دنيا جو نقصان کڻندو. سو توهان فنا ٿيڻ واري دنيا جي مقابلي ۾ باقي رهڻ واري آخرت اختيار ڪيو. (مسند احمد- بيهقي)

    خدا جي ياد ۽ اهي شيون جن جو خدا سان ڪو تعلق ۽ واسطو آهي ۽ عالم ۽ متعلم- انهيءَ کانسواءِ دنيا ۽ دنيا ۾ جيڪو ڪجهه آهي انهيءَ تي خدا جي ڦٽڪار ۽ ان جي رحمت کان محروم آهي. (ترمذي- ابن ماجه)

    ڪو اهڙو آهي جو پاڻيءَ تي هلي ۽ ان جا پير نه ڀڄن؟ ساڳئي طرح دنيادار به گناهن کان محفوظ نه ٿو رهي سگهي.(بيهقي)

    دنيا ۾ ائين رهه جيئن تون پرديسي آهين يا واٽ ويندو مسافر.
    (صحيح بخاري)

    سياڻو اهو آهي جيڪو پنهنجي نفس کي قابو ۾ رکي ۽ موت کان بعد واري زندگيءَ لاءِ ڪمائي ڪري ۽ اياڻو اهو آهي جنهن پاڻ کي پنهنجي خواهش ۽ مرضيءَ جي تابع ڪري ڇڏيو ۽ (ان جي باوجود) الله سان غلط اميد جوڙي ڇڏيائين.
    (ترمذي)

    مان پنهنجي امت تي جن مصيبتن جي ڪڙڪڻ کان ڊڄان ٿو انهن مان وڌيڪ ڊڄڻ جون شيون به آهن هڪ ”هويٰ“ (يعني دين ۽ مذهب جي باري ۾ پنهنجي نفس جي رجحانن ۽ خيالن جي پيروي ڪرڻ) ٻيو ”طول امل“ (يعني دنياوي زندگي جي باري ۾ وڏيون وڏيون خواهشون دل ۾ پالڻ). هويٰ ماڻهوءَ کي حق قبول ڪرڻ کان روڪيندي آهي ۽ طول امل آخرت کي وساري ان جي لاءِ تياريءَ کان غافل ڪري ڇڏيندو آهي. (بيهقي)

    مان توهان جي مٿان غريبي اچڻ کان نه ٿو ڊڄان، ليڪن ڊڄان انهيءَ ڳالهه لاءِ ٿو ته متان دنيا توهان تي وڌيڪ ڪشادي ڪئي وڃي جيئن توهان کان پهريون ماڻهن تي ڪشادي ڪئي وئي هئي، پوءِ توهان ان کي تمام گهڻو چاهڻ لڳو جيئن اڳين انهيءَ کي تمام گهڻو چاهيو هو (۽ انهيءَ جا ديوانا ٿي ويا هئا) ۽ پوءِ اها توهان کي برباد ڪري جيئن انهيءَ اڳلن کي برباد ڪيو هو. (بخاري- مسلم


    مال ۽ معتبرائپ جون تباهيون

    هر امت جي لاءِ ڪا خاص آزمائش هوندي آهي ۽ منهنجي امت لاءِ خاص آزمائش مال آهي. (ترمذي)

    ٻه بکيا بگهڙ ٻڪرين جي ڌڻ ۾ ڇڏيا وڃن ته اهي ٻڪرين کي انهيءَ کان وڌيڪ تباهه نه ٿا ڪري سگهن جيترو ماڻهوءَ جي دين کي دولت، عزت ۽ مرتبي جو حرص تباهه ڪندو آهي.
    (ترمذي- دارمي)

    ڪراڙي ماڻهوءَ جي دل ۾ ٻن شين جي خواهش هميشه جوان رهندي آهي، هڪ دنيا جي محبت، ۽ ٻيو ڊگهيون ڊگهيون سڌون. (بخاري- مسلم)

    جنهن شخص هڪ گراٺ زمين به ناحق ذريعي سان ڦٻائي ته قيامت جي ڏينهن ستن زمينن جو طوق ان جي ڳچيءَ ۾ وڌو ويندو. (بخاري ۽ مسلم)

    جنهن ماڻهوءَ جي نيت ۽ سندس مقصد پنهنجي ڪوششن ۽ عمل ذريعي آخرت جي طلب هجي ته الله تعاليٰ قلبي اطمينان ۽ مخلوق جي نامحتاجيءَ جي ڪيفيت ان جي دل کي نصيب فرمائيندو. سندس حيران حال کي درست رکندو ۽ دنيا پاڻهي نيچ بڻجي وٽس ايندي ۽ جنهن شخص جي نيت ۽ سندس مقصد پنهنجي ڪوششن ۽ عمل سان دنيا جي طلب هجي، الله تعاليٰ محتاجيءَجا آثار ان جي نرڙ تي پيدا ڪري ڇڏيندو، سندس حال پريشان ڪري ڇڏيندو (جنهن ڪري اطمينان ۽ راحت ڪڏهن به نصيب نه ٿيندس) ۽ سڄي هڻ هڻان کانپوءِ به دنيا کيس اوترو ئي ملندي جيتري پهريان ئي سندس مقدر بڻجي چڪي هوندي. (ترمذي- دارمي)

    ماڻهوءَ جو مال بس ايترو ئي آهي جيترو هن اڳتي لاءِ موڪلي ڇڏيو ۽ جيترو به هن بعد لاءِ رکيو سو ان جو ناهي بلڪه سندس وارثن جو آهي. (تنهن ڪري دانشمندي هيءَ آهي ته وارثن لاءِ ڇڏڻ کان وڌيڪ فڪر پنهنجي آخرت لاءِ سرمايو محفوظ ڪرڻ جو ڪري) (صحيح بخاري)

    الله تعاليٰ منهنجي سامهون هيءَ ڳالهه رکي ته منهنجي لاءِ مڪي جي وادي کي سون سان ڀري ڇڏي مون عرض ڪيو منهنجا پالڻهار مان پنهنجي لاءِ اهو نٿو گهران بلڪه مان (قناعت جي اهڙي حالت ۾ رهڻ پسند ڪريان ٿو جو) هڪ ڏينهن پيٽ ڀري کاوان ۽ هڪ ڏينهن بکيو رهان، جڏهن مون کي بک لڳي ته توکي ياد ڪريان، تنهنجي سامهون نوڙت ۽ عاضي ڪريان ۽ جڏهن تنهنجي طرفان مون کي کاڌو ملي ۽ کائي وٽان ته مان تنهنجو حمد ۽ شڪر ڪريان. (مسند احمد- ترمذي)

    الله تعاليٰ فرمائي ٿو:
    اي آدم جا پٽ! مان هر شيءِ کي تنهنجي لاءِ خلقيو ۽ توکي پنهنجي لاءِ پيدا ڪيم، سو منهنجو تو مٿان هي حق آهي ته جيڪي شيون مان تنهنجي لاءِ ذريعو ۽ اسباب ڪري خلقيون، سي توکي منهنجي عبادت، فرمانبرداري ۽ محبت کان غافل نه ڪن. (طبراني)

    توهان مان ڪو به شخص تيستائين مومن نٿو ٿي سگهي جيستائين جو ان جون خواهشون ان ڳالهه جي تابع ٿي وڃن جيڪي آءٌ کڻي آيو آهيان. (صحيحين)


    خطبه حجة الوداع

    “الله کان سواءِ ٻيو ڪو به معبود ڪونهي، هو اڪيلو آهي ڪو به سندس مٽ نه آهي، خدا پنهنجو واعدو پورو ڪيو. هن پنهنجي ٻانهي (رسول) جي مدد فرمائي ۽ سندس اڪيلي ذات باطل جي سمورين گڏيل قوتن کي زير ڪيو.
    اي انسانؤ! منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌو، مان نٿو سمجهان ته هن سال کان بعد ڪڏهن حج جي هن اجتماع ۾ آءٌ ۽ توهان سڀ گڏ ٿي سگهنداسين.
    اي انسانؤ! الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته، انسانؤ! مون توهان سڀني کي هڪ مرد ۽ عورت مان پيدا ڪيو آهي ۽ توهان کي قومن ۽ قبيلن ۾ ورهايم ته جيئن توهان الڳ الڳ سڃاڻجي سگهو. خدا جي نظر ۾ توهان مان وڌيڪ عزت وارو اهو آهي، جيڪو خدا کان وڌيڪ ڊڄي ٿو. هاڻي نه ڪنهن عرب کي عجميءَ تي ڪا فوقيت حاصل آهي، نه ڪنهن عجميءَ کي عرب تي، نه ڪارو ڀوري کان افضل آهي، نه ڀورو ڪاري کان. هائو، بزرگيءَ ۾ فضيلت جو جيڪڏهن ڪو معيار آهي ته اها صرف نيڪوڪاري آهي.
    سڀ انسان آدم جو اولاد آهن ۽ آدم جي حقيقت انهيءَ کانسواءِ ڇا آهي ته هو مٽي مان بڻايو ويو. هاڻي فضيلت ۽ برتريءَ جون سموريون دعوائون خون ۽ مال جا سڀ مطالبا ۽ سمورا بدلا مون پنهنجي پيرن هيٺان چيڀاٽي ڇڏيا آهن. بس بيت الله جي انتظام ۽ حاجين کي پاڻي پيارڻ جون خدمتون پنهنجي حال تي باقي آهن.
    “اي قريشؤ! ائين نه ٿئي جو خدا جي سامهون اهڙي طرح اچو جو توهان جا ڪنڌ جهڪيل هجن، يعني توهان جي ڪلهن تي دنياداريءَ جو بار سٿيل هجي ۽ ٻيا ماڻهو آخرت جو سامان کڻي پهچن. ڏسو جيڪڏهن ائين ٿيو ته آءٌ خدا جي اڳيان توهان جي ڪا به مدد ڪري نه سگهندس.”
    قريشؤ! الله سائينءَ توهان جي (معتبرائب ۽ اميريءَ جي) ڪوڙي ڏيکاءُ کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ابن ڏاڏن جي ڪارنامن تي توهان جي فخر ۽ وڏائي جي ڪا به گنجائش ناهي.
    اي نسانؤ! توهان جا خون توهان جا مال ۽ توهان جون عزتون هڪ ٻئي تي حرام ڪيون ويون آهن. هميشه هميشه لاءِ توهان جي جان، مال ۽ آبروءَ جي اهميت هڪٻئي لاءِ ائين آهي جيئن، توهان جي هن محترم ڏينهن يعني يوم حج جي ۽ هن مبارڪ مهيني يعني ذوالحج جي ۽ هن شهر يعني مڪي شريف جي حرمت آهي. توهان سڀ خدا جي اڳيان ويندؤ ته هو توهان کان توهان جي عملن جي باري ۾ پڇندو.
    ڏسو! مون کان پوءِ هرگز گمراهه نه ٿجو، جو هڪ ٻئي جون سسيون وڍڻ لڳو.
    توهان مان جيڪڏهن ڪنهن وٽ امانت رکي وڃي ٿي ته انهيءَ تي لازمي آهي ته اها انهيءَ جي مستحق کي صحيح سلامت پهچائي.
    اي انسانؤ! هر مسلمان ٻئي مسلمان جو ڀاءُ آهي ۽ سڀ مسلمان هڪٻئي جا ڀائر آهن، پنهنجي ماتحتن جو خيال رکو. هائو پارت اٿوَ خيال رکو، انهن کي اهوئي کارايو جو پاڻ کائو ٿا ۽ اهڙو ئي پهرايو جهڙو پاڻ پهريو ٿا.
    دور جهالت جون سڀ رسمون مون پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيون آهن. دور جاهليت جي خونن جا سمورا پلاند اڄ رد ڪيا ويا آهن. پهريون پلاند جنهن کي مان رد ڪريان ٿو ته سو منهنجي پنهنجي خاندان جو آهي. ربيعه بن الحارث جي (بنو سعد وٽ) کير پيتل پٽ جو خون جنهن کي بنو هذيل ماريو هو، آءٌ معاف ڪريان ٿو. جاهليت جي زماني وارو وياج هاڻي ڪا به حيثيت ڪو نه ٿو رکي. پهريون وياج جيڪو مان ڇڏيان ٿو، اهو عباس بن عبدالمطلب جي خاندان جو وياج آهي، هاڻي اهو ختم ٿيو.
    اي انسانؤ! خدا هر وارث حقدار کي ان جو حق (ورثو) خود ڏئي ڇڏيو آهي. هاڻي ڪو به ڪنهن وارث جي حق ۾ وصيت نه ڪري.
    ٻار انهيءَ جي طرف منسوب ڪيو ويندو، جنهن بستري تي ڄائو هوندو. جنهن تي حرام ڪاري ثابت هجي، انهيءَ جي سزا رجم آهي. حساب ڪتاب خدا وٽ ٿيندو.
    جيڪو پنهنجو نسب مٽائيندو. يا ڪو ماتحت جيڪو پنهنجي آقا جي مقابلي ۾ ڪنهن ٻئي کي پنهنجو آقا ظاهر ڪري انهن تي خدا جي ڦٽڪار آهي!
    قرض قابل ادائي آهي اوڌر ورتل شيءِ واپس ڪرڻ گهرجي. تحفي جو بدلو ڏيڻ گهرجي ۽ ڪو ڪنهن جو ضامن پوي ته اهو (ضامن مرڻ جي حالت ۾) ڏنڊ ادا ڪري.
    ڪنهن لاءِ به اهو جائز نه آهي ته هو پنهنجي ڀاءُ کان ڪجهه وٺي، سواءِ ان جي ته جنهن تي سندس ڀاءُ راضي هجي ۽ خوشي سان ڏئي. پاڻ تي ۽ هڪ ٻئي تي زيادتي نه ڪريو.
    عورت لاءِ اهو جائز ناهي ته هوءَ پنهنجي مڙس جو مال کانئس اجازت وٺڻ بنا ڪنهن کي ڏئي.
    ڏسو! توهان تي توهان جي عورتن جا ڪجهه حق آهن، اهڙي طرح انهن تي به توهان جا حق واجب آهن. عورتن تي توهان جو هي حق آهي ته هو پنهنجي گهرن ۾ ڪنهن اهڙي شخص کي نه اچڻ ڏين جنهن کي توهان پسند نه ٿا ڪريو ۽ اهي خيانت جو ڪو به ڪم نه ڪن. ڪو به ڪم کليل بي حيائيءَ وارو نه ڪن، پر جيڪڏهن اهي ائين ڪن ته خدا جي طرف کان توهان کي ايتري اجازت آهي ته ان کي معمولي ڇنڊ ڪڍو ته جيئن اهي باز اچي وڃن، ان کانپوءِ معمول مطابق کين سنڀاليو ۽ ساڻن سٺو ورتاءُ ڪيو.
    عورتن سان سٺو سلوڪ ڪريو، ڇو ته اُهي رڳو توهان جي جيءَ سان آهن ۽ خود پنهنجي سر ڪجهه نه ٿيون ڪري سگهن. انهن جي باري ۾ خدا کان ڊڄندا رهو جو توهان انهن کي خد اجي نالي سان حاصل ڪيو آهي ۽ ان جي ئي نالي سان توهان لاءِ حلال ٿيون آهن.
    اي انسانؤ! منهنجي ڳالهه سمجهي وٺو، مون تبليغ جو حق ادا ڪري ڇڏيو آهي.
    مان توهان وٽ هڪ اهڙي شيءِ ڇڏي ٿو وڃان جو توهان ڪڏهن به گمراهه نه ٿيندؤ، جيڪڏهن انهيءَ تي قائم رهيؤ! اهو آهي خدا جو ڪتاب. دين جي باري ۾ هٿ ٺوڪئي واڌاري کان بچجو. ڇو ته توهان کان اڳ وارا ماڻهو به اهڙين ڳالهين ڪري ختم ڪيا ويا هئا.
    شيطان کي هاڻي هن ڳالهه جي ڪا به اميد ڪانهي ته ڪا هاڻي هن شهر ۾ سندس عبادت وري ٿي سگهندي، پر ان جو امڪان آهي ته اهڙن معاملن ۾ جن کي توهان گهٽ اهميت ڏيو ٿا، انهيءَ جي شيطان گيريءَ کي اهميت ملي وڃي. تنهن ڪري توهان پنهنجي دين ۽ ايمان جي حفاظت ڪندا رهجو.
    اي انسانؤ! پنهنجي پالڻهار جي عبادت ڪريو، پنج وقت نماز ادا ڪريو، رمضان مهيني جا روزا رکو، پنهنجي مال جي زڪوات خوش دليءَ سان ڏيندا رهو، پنهنجي پالڻهار جي گهر جو حج ڪيو ۽ پنهنجي اهل امر جي اطاعت ڪندا رهو ته پنهنجي رب جي جنت ۾ داخل ٿي ويندؤ.
    هاڻي ڏوهاري خود ئي پنهنجي ڏوهه جو ذميوار هوندو. نه پيءُ جي بدلي ۾ پُٽ پڪڙيو ويندو، نه پٽ جو بدلو پيءُ کان ورتو ويندو.
    ٻڌو! جيڪي ماڻهو هتي موجود آهن، انهن کي گهرجي ته هي هدايتون ۽ ڳالهيون انهن ماڻهن کي ٻڌائين جيڪي هتي موجود ناهن. ٿي سگهي ٿو ته ڪو غيرموجود توهان کان وڌيڪ سمجهڻ ۽ محفوظ رکڻ وارو هجي.
    اي انسانؤ! توهان کان منهنجي باري ۾ خدا وٽ سوال ڪيو ويندو، ٻڌايو ته ڪهڙو جواب ڏيندؤ؟
    ماڻهن جواب ڏنو ته، اسين انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ڏينداسين ته توهان دين جي امانت پهچائي، رسالت جو حق ادا فرمايو ۽ اسان جي خيرخواهي فرمائي.
    اهو ٻڌي پاڻ سڳورنﷺ پنهنجي اشهد آڱر آسمان ڏانهن اُڀي ڪري، ماڻهن ڏانهن اشارو ڪندي ٽي ڀيرا ارشاد فرمايائون ته، “يا خدا شاهد رهجانءِ، يا خدا شاهد رهجانءِ، يا خدا شاهد رهجانءِ.”


    حوالا

    ١- مشڪوات شريف
    ٢- معارف الحديث (5 جلد)- مولانا محمد منظور نعماني
    ٣- الاسلام- مولانا محمد ميان
    ٤- رسول رحمت- مولانا ابوالڪلام آزاد
    ٥- اسلام ڪا اقتصادي نظام- مولانا حفظ الرحمان سيوهاروي
    ٦- مڪتوبات نبوي- مولانا محبوب احمد رضوي


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 533
    ڪتابن جو مشاهدو: 550744
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 212771
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ