ڪتاب جو نالو: هو جي وڻ ولات جا
مصنف: عبدالحئي پليجو
ڇپائيندڙ: ارباب نور محمد پليجو پبليڪيشن
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 1984
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 06 نومبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 294 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 83 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھن ڪتاب ۾ ھانگ ڪانگ ۽ فلپائن ويندڙن لاءِ تفصيلي معلومات ڏنل آھي جنھن ۾ ھر ملڪ جي ٿوري گھڻي تواريخي ۽ سياسي پس منظر ڏيڻ سان گڏوگڏ سماجي، معاشي ۽ اقتصادي پھلوئن تي پڻ سٺي ۽ وڻندڙ انداز ۾ روشني وڌل آھي.
پليجو صاحب بنيادي طرح ھڪ حساس دل جو مالڪ آھي اھوئي سبب آھي ته سفرنامي ۾ دل ڇھيندڙ احساسن سان گڏ sentimental Touches به آھن.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • مھاڳ
  • بئنڪاڪ کان ھانگ ڪانگ
  • هانگ ڪانگ

  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • فلپائن

  • 1
  • 2
  • 3
  • 4

  • ارپنا

    ارپيان ٿو سنڌ جي انھيءَ سچار غيرتمند ۽ مھان انسان آخوند محمد صالح کي، جنھن ارغونن جي ڏاڍ ڏمر اڳيان سينو ساھيندي، ٺٽي جي چوڪ تي پنھنجي زبان ڪپجڻ ۽ ٽياس تي ٽنگڻ قبول ڪيو، پر سنڌي ٻوليءَ بجاءِ فارسي پڙھائڻ جي ارغوني حڪم کي مڃڻ کان انڪار ڪيو.
    قوم سا زندھ رھي جنھن جي زبان زندھ آھي.

    عبدالحئي پليجو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”هو جي وڻ لات جا“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب هانگ ڪانگ ۽ فلپائن بابت سفرنامون آهي جنهن جو ليکڪ ناميارو سفرناما نگار عبدالحئي پليجو آهي. مهتاب محبوب لکي ٿي:
    ھن ڪتاب ۾ ھانگ ڪانگ ۽ فلپائن ويندڙن لاءِ تفصيلي معلومات ڏنل آھي جنھن ۾ ھر ملڪ جي ٿوري گھڻي تواريخي ۽ سياسي پس منظر ڏيڻ سان گڏوگڏ سماجي، معاشي ۽ اقتصادي پھلوئن تي پڻ سٺي ۽ وڻندڙ انداز ۾ روشني وڌل آھي.
    پليجو صاحب بنيادي طرح ھڪ حساس دل جو مالڪ آھي اھوئي سبب آھي ته سفرنامي ۾ دل ڇھيندڙ احساسن سان گڏ sentimental Touches به آھن.“
    ياد رهي ته هي سفرنامو 1984ع ۾ ارباب نور محمد پليجو پبليڪيشن پاران سهڻي پرنٽرز وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين عبدالحئي پليجي صاحب جا جنهن سنڌ سلامت تي اعتماد ڪندي پنهنجا سمورا ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي. مهرباني سنڌ سلامت سٿ جي دوستن شاهنواز ٽالپر، عبيد الله ٿهيم، ذيشان عابد، گل حسن لاکو، عبد الحفيظ لغاري ۽ راشد شر جي جن گڏجي ڪتاب ڪمپوز ڪري ڏنو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مھاڳ

    سنڌي ادب ۾ رسول بخش پليجو ۽ عبدالرحمان پليجو جا نالا اِن ”پليجاڻي“ ھڪجھڙائي سبب اڳ ئي منھنجي لاءِ ڪنفيوشن جو باعث رھيا آھن، عبدالحئي پليجي کي ان ميدان ۾ وکون وڌائيندي ڏسي ته تنھائين توائي ٿي پئي آھي ڇو ته فورن ئي اِھو فيصلو ڪرڻ مشڪل ٿيو پئيم ته اِنھن ”ٽرپل پليجاز“ يا ”پليجا بريدرز“ مان ڪھڙو پليجو؛ ڪھڙو پليجو آھي!
    عبدالحئي پليجي سان پرپٺ واقفيت ”دي ٽائيمز“ جي روح روان نورمحمد ڪرائي، جنھن ٻڌايو ته پليجي صاحب کي ھِند ۾ شري گوبند جي ائڊريس گھربل آھي. جنھن معرفت ھو پنھنجي والد محترم ارباب نور محمد پليجو جي دوست سان ملڻ جو خواھشمند ھو ويجھڙائي ۾ جڏھن ھِند جي دوري تان موٽيو، تڏھن ساڻس روبرو ملاقات به ٿي. ھو ڀاءُ نور محمد سان گڏجي اسان وٽ آيو ۽ اُتان موڪليل سِڪ جون سوکڙيون ۽ سلام آڻي ڏنائين. جلد ئي ساڻس ٻئي گڏجاڻي به ٿي، جنھن ۾ ھن پنھنجي سفرنامي تي مون کان ماڳ لکرائڻ جي خواھش ظاھر ڪئي . . . .!
    جيئن ته پاڻ تازو ھِند جي سفر تان موٽيو ھو تنھن ڪري مون کي سورنھن آنا خاطري ھئي ته پڪ ئي پڪ اِھو ھِند جو سفرنامو لکيو ھوندائين – پر منھنجي اندازي تان ان مھل پاڻي ڦري ويو جڏھن ٻڌايائين ته ھن ھِند جو سفرنامو نه لکيو آھي!
    الائي ڇو؟ پليجو صاحب جي ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۾ جيڪا شاستگي ۽ شيريني ھئي، تنھن ڊمي پڙھڻ کان اڳ ئي سندس لکڻي جي ڄڻ جھلڪ ڏيکاري ورتي جنھن سان ڪي قدر آٿٿ ملي ته ڪتاب تي مھاڳ لکڻ وقت مشاق ”مھاڳ نويسن“ جيان ڪرتب ڏيکارڻ جي بنھه ضرورت نه پوندم جيڪي باز کي ڳيرو ۽ ڳيري کي جھرڪي ڪري ڏيکارڻ پنھنجي ڏائي ھٿ جو کيل سمجھندا آھن. ڄاڻان ٿي ته مھاڳ نويسي به اخبار نويسي، افسانا نويسي، عريضي نويسي ۽ ٻين ڪيترن ئي نويسن جيان باقاعدي ھڪ فن آھي، جنھن ۾ منھنجي حيثيث اڃا شاگرد جي آھي، جي وجھه مليو ته مھاڳ نويسي ۾ پي ايڇ ڊي ڪري، مھاڳيالاجسٽ جو معتبر درجو ماڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ کان وسئون ڪين گھٽائيندس. بھرحال، ادب جي ھڪ پانڌيئڙي جي حيثيث ۾ ھي سفرنامو پڙھي پورو ڪيم. ٻولي سٺي سادي ۽ روان توڙي جو اردو جا ٻه چار اکر به شامل آھن. جيئن ته : ڦوار، لحاظا ۽ حُليو وغيره پر اھا ڪا اھڙي ڳري ڳالھه نه آھي.
    پليجو صاحب بنيادي طرح ھڪ حساس دل جو مالڪ آھي اھوئي سبب آھي ته سفرنامي ۾ دل ڇھيندڙ احساسن سان گڏ sentimental Touches به آھن بئنڪاڪ ايئرپورٽ تي سنڌ يونيورسٽي جي بنگالي استاد پروفيسر ڊاڪٽر مصطفى سان اوچتو ملڻ بعد جا جيڪي احساسات ۽ جذبات آھن، اھي ليکڪ جي پنھنجي وطن ۽ ان جي ماڻھن سان اٿاھ محبت جا ترجمان آھن ايتري قدر جو محض وطن واسين سان مشابھت رکندڙن کي به پنھنجي جيءَ ۾ جايون ٿو ڏئي. جيڪي ڄاڻي ٻجھي ڌرتيءَ سان پنھنجي جنمن جو ناتو ڇني ٿا ڇڏين تن لاءِ ھو لکي ٿو:
    ” اھڙا ماڻھو ڪھڙي به ڌرتي تي وڃي واسو ڪن ڌرتيءَ تي بار ھوندا آھن سندن وجود ۾ ٽوھ جي ڪڙاڻ، ٿوھر جا ڪنڊا ۽ وڻ ويڙھي جھڙي تباھي رچيل ھوندي آھي.“
    سفرنامي ۾ ھوٽل جي ٿائي ريسپشنسٽ ڪيسرينا کي ڏسڻ بعد ان ۾ گھڻي دلچسپي ڏيکاري اٿس، جيڪا صاحب ڪتاب جي اندر جي گھُر، بي وسي يا ڪمزوري چئبي جا پنھنجي تمام تر رنگيني ۽ شگفته مزاجي سان ظاھر ٿي پئي آھي. جتي ھن ھانگ ڪانگ جي واپاڙ وڙي ۽ اتان جي ماڻھن تي روشني وڌي آھي، اتي ھن پنھنجي اھڙن حسن پرست ۽ رومينٽڪ جذبن جو به بي باقيءَ سان اظھار ڪيو آھي جنھن ۾ سونھن طرف ڪشش ڏيکاري اٿس. ان سلسلي ۾ ھڪ ھنڌ حسرت مان لکي ٿو:
    ”ڪاش مان شاعر ھجان ھا ته سندس سونھن جي واکاڻ ۾ قصيدا لکي ڇڏيان ھا.“
    جڏھن ته ڪيترن ئي شاعرن جي ڪنڌ تي بندوق رکي پنھنجو اِھو ارمان پورو به ڪيو اٿس ۽ پنھنجي دلي ڪيفيت شدمد سان بيان ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي اٿس اڃا به جي شاعر ھجي ھا ته پوءِ خبر ناھي ٿائي حسينه جي شان ۾ قصيدن پڙھڻ سان ڪھڙا قھر ڪري ھا. پليجو صاحب شاعر کڻي ڪونھي، پر ڪتاب ۾ ڄاڻايل مشھور شاعرن جي شاعري جو جيڪو اڀياس ڪيو اٿس سو اِن ڳالھه جو ضامن آھي ته منجھس ھڪ سٺي شاعر ٿيڻ جا گُڻ گھڻي قدر موجود آھن.
    سمنڊ جي ڪناري، چنڊ جي چانڊاڻ جي جنھن دلڪشي سان ھن منظر ڪشي ڪئي آھي ۽ گڏوگڏ ورڊس ورٿ ۽ چيني شاعر (جيڪو پاڻي ۾ چنڊ جي عڪس کي چمڻ ڪاڻ ٻڏي مئو) جا اھڙن حسين نظارن بابت جيڪي خيال ظاھر ڪيا آھن، ۽ جنھن انداز سان ظاھر ڪيا آھن، اُھي سندس جمالياتي ذوق جو سھڻو مثال آھن. سموري سفرنامي ۾ ڪيترائي اھڙا واقعا ملندا جنھن ۾ اھڙن دلفريب نظارن جو ذڪر ڪندي ھن پنھنجي ديس جي چانڊوڪين، ٿڌين ھيرن مان ايندڙ پريم جي خوشبوءَ جي مدھوشين کي به محسوس ڪيو آھي، پرديس ۾ عبدالله جھڙا اھپاپي ۽ حڪم جا بندا ملڻ به وڏي نعمت آھي، جنھن وٽ پليجو صاحب ۽ سندس دوست گھمي ڦري، وري اچي ھائو جھلو ڪندا ھئا عبدالله نه ٿيوڄڻ منڊيءَ جو جن ٿيو. حئي صاحب ۽ سندس دوست جي خاطرداري لاءِ پوڙھو مڙس پيرين ڀر اوڀو بيٺو ھوندو ھو. سگھڙ ۽ فرمانبدار وري اھڙو جو پليجو صاحب جي ان فرمائش تي ته اڄ مغز پچائي کارائي، اڳيئي ڊزن کن مغز وٺي آڻي ڊيپ فريزر ۾ سنڌيائين اھي سمورا مغز کين اوستائين کارائڻ جو پھه ڪيو ويٺو ھو، جيترا ڏينھن ھو شھر ۾ ترسيل ھئا. شايد ته کيس خبر نه ھئي ته سنڌ جي جانٺن لاءِ ھڪ ئي وقت ۾ ٻارنھن مغز کائڻ ائين آھي جيئن ٻارنھن ڀڳڙا!
    عبدالله جا الوداعي گفتا، سندس عظمت کي سلام ٿا ڪرائين سفرنامي ۾ ڪي ننڍڙا جملا، پنھنجي اندر گھري معنى ٿا رکن ته گڏوگڏ ليکڪ جي اعلى سوچ جي ترجماني به ڪن ٿا! جيئن ته:
    ”ٽڪرين جون چوٽيون ڪر کنيو سينو تاڻيو بيٺيون ھيون ڄڻ ته انسان کي مضبوط پيرن سان ڳاٽ اوچو ڪري جيئڻ جو سبق سيکاري رھيون ھجن.“
    ”مون ھانگ ڪانگ جي اوچين ۽ بلند عمارتن ڏانھن نھاريو ته اھي مونکي اسان جي ريتن رسمن اڳيان پتڪڙيون نظر آيون.“
    ”ھانگ ڪانگ ۾ ٻاھريون روشنيون ايتريون ان ڪري ڪيون ويون آھن ته جيئن اندر جي اوندھ کي لڪائي سگھن.“
    ”ڪاش ماڻھو جي من ۾ به سمنڊ جھڙي وسعت ۽ گھرائي ھجي.“
    ”بي ايمان ۽ ٺڳن کي ھانگ ڪانگ يا عرب رياستن ۾ وڃڻ جي ڪھڙي ضرورت بي ايمانن ۽ ٺڳن جي لاءِ ته اسانجو ملڪ ئي ھانگ ڪانگ آھي.“
    ھن ڪتاب ۾ ھانگ ڪانگ ۽ فلپائن ويندڙن لاءِ تفصيلي معلومات ڏنل آھي جنھن ۾ ھر ملڪ جي ٿوري گھڻي تواريخي ۽ سياسي پس منظر ڏيڻ سان گڏوگڏ سماجي، معاشي ۽ اقتصادي پھلوئن تي پڻ سٺي ۽ وڻندڙ انداز ۾ روشني وڌل آھي.
    مان اميد ٿي ڪريان ته پڙھندڙ ھي ڪتاب پڙھي ضرور خوش ٿيندا ۽ خوش ٿي خوشيالاجي ۾ ايم اي (M.A) نه ته آنرز (honur’s) ڪرڻ کان پوءِ فلپائن ۽ ھانگ ڪانگ ضرور گھمڻ ويندا.

    ماھتاب محبوب


    بئنڪاڪ کان ھانگ ڪانگ

    اڄ رات اسان کي بئنڪاڪ کان ھانگ ڪانگ اُسھڻو ھو. فلائٽ رات جو اٽڪل ٻه وڳي وڃڻي ھئي. اسان اڳواٽ ھوٽل مينيجر کي فون ڪري چئي ڇڏيو ھو ته اسان کي رات جو 12 وڳي ڌاري ھوائي اڏي لاءِ گاڏي کپي. ڀاڙي جو به پڇيومانس جنھن تي وراڻيائين ڀاڙو اڍائي سو ڀات ٿيندو. اِھو ڀاڙو عام ٽيڪسين کان اٽڪل ھڪ سؤ ڀات زياده ھو پر جيئن ته عام ٽيڪسين جون ڊگيون ننڍيون ھونديون ۽ منجھن سامان گھٽ ايندو آھي ۽ ھوٽل جون ڪارون وڏيون ھونديون آھن ۽ سندن ڊگيون به وڏيون ھونديون آھن جنھن ڪري منجھن سامان گھڻو سامائجي سگھندو آھي. لھاذا اِنھي سھولت جي پيش نظر ھڪ سؤ ڀات وڌيڪ ڏيڻ قبولياسين.
    منھنجو ھي بئنڪاڪ تان چوٿون ڀيرو ھو. انھي ڪري مڙني معاملن کان واقفيت ٿي وئي ھئي. سچ پچ ته بئنڪاڪ ته ھاڻي ڪراچي وانگي ڄاتل سڃاتل لڳندو آھي. بئنڪاڪ اميگريشن وارا ٿائلينڊ اميگريشن جا ڳچ سارا ٺپا ڏسي مسڪرائي وڌيڪ ھڪ ٺپي جو اضافو ڪري کڻي پاسپورٽ ھٿ ۾ ڏيندا آھن. انھي مسڪراھٽ جي پردي پٺيان ڪا معنى جي مام ته ضرور ھوندي! ٿي سگھي ٿو ته اُھي اندر ئي اندر اسانجي ھيڏي فضول خرچي تي کلندا ھجن يا وري سندن وطن لاءِ اسانجي چاھت تي مسڪرائيندا ھجن. بھرحال مسڪراھٽ کي وڏي معنى ھوندي آھي. اِھا طنز به ھوندي آھي ته تحسين به. اسان ھڪ ٻه ڪلاڪ سامان ٺيڪ ڪرڻ ۾ گذاريا. جيڪو سامان پلاسٽڪ جي ٿيلھين ۽ پئڪيٽن ۾ بند ھو سو سڀ کولي ٻاھر ڪڍيوسين ۽ پوءِ بئگن ۽ ٿيلھن جي حوالي ڪيوسين. بئنڪاڪ مان خريد ڪيل بُوٽ ھميشه مون لاءِ مسئلو رھندا آھن، آئون پنھنجي ۽ گھر وارن لاءِ بُوٽ ھميشه بئنڪاڪ مان وٺندو آھيان، ھن دفعي ته ويتر بار اِنھي ڪري وڌي ويو جو ڀاءٌ غلام رسول ۽ عبدالڪريم جي فرمائش به ھئي ته اسان لاءِ بئنڪاڪ کان بوٽ آڻجو. سو سائين ھيترن سارن بُوٽن خريد ڪرڻ کان پوءِ اُنھن جي گِرگران ھڻي مسئلو پيدا ڪري وڌو. سندم ساٿي عبدالحڪيم شاھ چيو، ”عبدالحئي، ھڪڙو مفت مشورو ڏيائين.“ مُون وراڻيو ”بلاشڪ“ ته چيائين جُوتا کڻي پوسٽ ۾ پارسل ڪر.“ مون کان ٽھڪ نڪري ويو ۽ کلي کڻي سامان مان ھٿ ڪڍيوسين ۽ بيري کي چيم ته جلدي چانھه کڻي اچ ته پي ڪو تازه دم ٿيون. چانھه پي سامان کي پئڪ ڪرڻ ۾ جنبي وياسين. سامان پئڪ ڪري ھوٽل رسيپشن واري کي فون ڪئي سين ته گاڏي ايئرپورٽ لاءِ تيار رکو اسان ھيٺ اچون پيا. ھوٽل بواءِ کي چيوسين ته سامان کڻي ھلي ھيٺ گاڏيءَ ڀيڙو ڪر. ھوٽل جو بِل اڳي ئي ادا ڪري ڇڏيو ھئوسين، باقي گاڏي جو ڀاڙو ھو سو ادا ڪري اچي گاڏيءَ ۾ ويٺاسين. گاڏي تيز رفتاريءَ سان بئنڪاڪ جي رستن تان زوزاٽ ڪندي اچي ايئرپورٽ پھتي.
    اسانکي بئنڪاڪ کان ھانگ ڪانگ، سينگارپور ايئرلائنز جي ذريعي وڃڻو ھو جنھن جي بورڊنگ شروع ٿي چڪي ھئي. اسان سينگارپور ايئرلائنز جي ڪائونٽر اڳيان پنھنجو سامان اچي رکيو. اسان پنھنجو سامان ھميشه خود ٽرالي ۾ وجھي کڻندا آھيون ڇاڪاڻ ته پورٽر کان سامان کڻائڻ مھانگو پوي ٿو. ھُونئن به ٽرالي ذريعي سامان کڻڻ جو طريقه ڪار ايترو ئي سھنجو آھي جو توھانکي پورٽر جي ڪا به ضرورت محسوس نه ٿيندي. جيڏي مھل ٽيڪسي وارو سامان لاھي ھيٺ رکي ته ھڪ ڄڻو سامان وٽ بيھي ۽ ٻيو جي ٽرالي ٻاھر پيل نه آھي، ته وڃي اندران گھلي اچي. سڀ سامان ٽرالي ۾ سٿي وڃي ڪائونٽر تي پيش ڪري اسان جڏھن سينگارپور ايئر لائنز جي ڪائونٽر تي پنھنجو سامان لاٿو ته ڪُجھه ڊناسين ته متان گھڻي سامان ھئڻ ڪري ڀاڙو نه پئجي وڃي، ڇاڪاڻ ته ھڪ مسافر کي صرف 20 ڪلو سامان ۽ ٻيو ٿورڙو ھٿ ۾ کڻڻ جيترو سامان کڻڻ جي اجازت ھوندي آھي ۽ اُنھي تي ڀاڙو وصول نه ڪيو ويندو آھي (ٽڪيٽ تي سامان جو سمورو تفصيل ڄاڻايل ھوندو آھي ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي مفيد ڳالھيون لکيل ھونديون آھن. ھوائي جھاز ۾ سفر ڪرڻ واري ماڻھو کي ٽڪيٽ تي لکيل ھدايتون چڱي پر پڙھڻ گھرجن. اھڙي ريت سندس سٺي رھنمائي ٿيندي .) جيڪڏھن سامان مقرر وزن کان وڌي ويو ته اضافي ڀاڙو وٺي ڇڏيندا ۽ اھڙي طرح ڏيساور ۾ اجائي پئسي خرچ ٿي وڃڻ تي پاڻھي پاڻ تي پئي چڙ ايندي. ھڪ کان وڌيڪ ماڻھو سفر ۾ گڏ ھوندا ته پوءِ ھڪ ٻئي جي سامان کي ونڊي ورڇي کڻڻ سان ڪم نڪري ويندو آھي. مثلاً ھڪ وٽ 25 ڪلو سامان آھي ۽ ٻي وٽ 15 ڪلو ته جملي ٿيو 40 ڪلو، گڏ ھئڻ جي حالت ۾ سامان گڏ ھوندو جنھن ڪري اضافي ڀاڙي جي چٽي کان بچي وڃبو.
    جڏھن وارو آيو ته اسان پنھنجو سامان ڪنوير بيلٽ تي رکيو. سامان گڏ رکيوسين، توراڻا تُريا ته پتو پيو ته وزن 5 ڪلو وڌيڪ آھي. عبدالحڪيم شاھ معنى خيز نگاھن سان مون ڏانھن ڏٺو، ڄڻ اکين ئي اکين سان چوندو ھجي ٻچا، سامان گھڻو تنھنجو آھي. ڏي منھن! مون به سندس خاموش پيغام سمجھي ورتو سو مشڪي چيومانس ”حاضر سائين، برابر سامان منھنجو آھي ، چَٽي به آئون ڀريان ٿو.“
    پر ايتري ۾ سنگارپور ايئر لائين جي ڪائونٽر تي ويٺل محترمه ڪنوير بيلٽ تي بيٺل ڪُولي کي چيو “All right All right” جنھن تي اسان Thanks چئي سندس ٿورو مڃيو. ھن ٽڪيٽ تي نمبر ھڻي ٻئي ٽڪيٽون کڻي اسانجي حوالي ڪيون. اسان ٽڪيٽون وٺي کسڪياسين ته محترمه جو خيال بدلجي نه وڃي ۽ ڪنھن ڳري چٽي ۾ نه پئجي وڃون.
    اميگريشن ۽ ڪسٽم وارن کان ٿي سڌا لائونچ ڀيڙا ٿياسين، جتان باقي بچيل ٿائي ڪرنسي مان ڊيوٽي فري شاپس تان ڪجھه شيون ورتوسين واندا ٿي ڪرسين تي ويٺاسين ۽ فلائيٽ جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. ذري ذري پي ٽي وي تي فلائٽ پروگرام ڏٺوسين ته متان اسان جي فلائيٽ ليٽ نه ٿئي ۽ ويٺا سڄي رات اوٻاسيون ڏيون. ايتري ۾ منھنجي نظر سامھون ويٺل ھڪ بزرگ تي وڃي پئي. چھرو ڪجھه ڄاتل سڃاتل لڳم. وڌي وڃي پڇيومانس ”سائين! توھان ڊاڪٽر مصطفى ته نه آھيو؟“ پاڻ وراڻيائين ”جي ھائو! پر توھان پنھنجو تعارف ڪرايو. مون پنھنجو تعارف ڪرائيندي چيو، ”مونکي عبدالحئي پليجو چون ٿا ۽ آئون جڏھن سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم اي (پوليٽيڪل سائنس) ڪندو ھئس تنھن وقت توھان ڪيميسٽري دپارٽمينٽ ۾ استاد ھئا. توھان سان اڪثر اُتي ملاقات ٿيندي ھئي.“ پوءِ پاڻ يڪدم مونکي سڃاڻي ورتائين. مونکي ساڻس ھن اوچتي ملاقات تي ڏاڍي خوشي ٿي. پاڻ بنگال جي سونھري ڌرتي سان لاڳاپيل ھو پر سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملازمت ڪندو ھو. پوءِ جڏھن بنگال يعني اوڀر پاڪستان بنگلاديش بڻيو ته پاڻ پنھنجي جنم ڀومُي ھليو ويو. انسان جو پنھنجي ڌرتيءَ سان رشتو اٽوٽ ھوندو آھي. ھيءٌ ناتو ڏاڍو پختو ۽ لطيف ھوندو آھي. جيڪي ماڻھو پنھنجو رشتو پنھنجي جنم ڀومي سان ٽوڙي وساري ويھي رھندا آھن سي گراھ جا گولا ۽ مطلب جا غلام ھوندا آھن. اھڙا ماڻھو ڪھڙي به ڌرتي تي وڃي واسوڪن ڌرتيءَ تي بار ھوندا آھن. سندن وجود ۾ ٽوھ جي ڪڙاڻ، ٿوھر جا ڪنڊا ۽ وڻ ويڙھي جھڙي تباھي رچيل ھوندي آھي. بنگالين ۽ سنڌين ۾ ڪيتريون ئي ڳالھيون مشترڪه آھن. اِھي دريائن جي ديس جا ماڻھو مڇي ۽ چانورن سان چاھ رکندڙ آھن. سنڌو درياءَ، منڇر ۽ ڪينجھر جي ڪنڌين تي آباد سنڌي لوڪ به مڇي ۽ چانورن جا چاھيندڙ آھن. بنگالي ماڻھو به ھميشه غيرن جي غلامي کي للڪاريندا رھيا آھن. آزادي ۽ عزت جي زندگي مرڻ لاءِ ھنن جي فطرت جو نقطه عروج آھي. سنڌي ماڻھو به ھميشه غيرن جي غلامي کي للڪاريندو وڙھندو، مرندو ۽ ماريندو زندگي گذاريندو رھيو آھي. آزاديءَ کان پوءِ بنگال ۽ سنڌ ھڪ ئي نموني استحصال جو شڪار رھيا، بنگال جي اڪثريت کي اولھه پاڪستان جي اقليت برابر ڪرڻ لاءِ پئرٽي (parity) جو سانگ رچايو ويو ھيڏانھن سنڌ ، بلوچستان ۽ سرحد جي علائقائي حيثيث کي مٽائي ون يونٽ جي ڪوڙڪي ۾ قابو ڪيو ويو. مطلب ته ٻئي ھڪ ئي تيغ ستم جا ڪُٺل ھئا. ھِن ملڪ ٺاھڻ ۾ ٻنھي سڀ کان وڏو ڪردار ادا ڪيو. مسلم ليگ کي جنم بنگالين ڏنو ۽ پاڪستان لاءِ پھريون ٺھراءُ سنڌ اسيمبلي پاس ڪيو پر
    ”منزل اُنھي ملي جو شريڪ سفر نه ٿئي.“
    غالبن اِھو ئي سبب ھو جو ھڪڙي بنگالي اُستاد سان جنھن جو اسانجي پوليٽيڪل سائنس ڊپارٽمينٽ سان واسطو به نه ھو، اسان اُتساھ سان ملندا ھئاسين . مونکي اُستاد مصطفى سان اِنھي ڪري به لڳاءُ ھو جو ھو رابندر ناٿ ٽئگور جھڙي مھا ڪوي ۽ نذرالاسلام جھڙي باغي شاعر جي وطن جو سپوت ھو. اسان جي ته درميان ٻيو وڏو رشتو اُھو درد جو رشتو ھو. جيڪو اسان کي پنهنجن کان ئي مليو آهي.
    ڌريان ئي ڌاريان مِٽ مُئي جا نه ٿيا،
    مدي ڏيرن من ۾ آءٌ کليو کيڪاريان،
    صبح ٿي ساريان، ته اٺ نه اوطاقن ۾.
    استاد مصطفى سڄي ملاقات دوران مونکان سنڌ يونيورسٽي ۽ يونيورسٽيءَ جي استادن بابت پڇندو رهيو. سندس پڇا ڳاڇا ۾ سنڌ يونيورسٽي لاءِ بي انت اڪير هئي. پاڻ ٻڌايائين ته هو هينئر وزارت تعليم ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري آهي ۽ جپان ۾ ٿيندڙ ڪنهن بين الاقوامي تعليمي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ٽوڪيو وڃي رهيو آهي. سندس جهاز جي انائونسمينٽ ٿي رهي هئي، انهيءَ ڪري موڪلائيندي موڪلائيندي ور ور ڏيئي سندس پراڻن ساٿين لاءِ سلام چيائين.
    ڪجهه دير کانپوءِ اسان جي جهاز جي به انائونسمينٽ ٿي ته سنگاپور ايئر لائين جي هانگ ڪانگ لاءِ فلائيٽ تيار آهي، ۽ مسافر گيٽ نمبر 5 تي پهچي وڃن. اسان گيٽ نمبر 5 اڳيان لڳل قطار ۾ وڃي بيٺاسين. پنهنجي واري اچڻ تي خود کي ۽ هٿ ۾ کنيل سامان کي چيڪ ڪرائي اچي بس ڀيڙا ٿياسين. ٻاهر رن وي تي هلڪي هلڪي ڦوار وسي رهي هئي. اسان بس ۾ سوار ٿي اچي هوائي جهاز ڀيڙا ٿياسين. جهاز پنهنجا پر ساهي ٺيڪ رات جو ٻين وڳي اڏاڻو. هوائي جهاز ميزبانڻ (ايئر هوسٽس) پنهنجي مڌر ۽ سريلي آواز ۾ انگريزيءَ ۾ ڪئپٽن ۽ ٻين ڪريوز Crews طرفان سڀني مسافرن جي آجيان ڪئي. اهو اڻڄاتل مٺڙو آواز ڪيتري دير تائين جلترنگ جي سُرن وانگي ڪنن ۾ پڙاڏو پائيندو رهيو. اِنهيءَ آجيان جي تان هِنن ٻولن تي اچي ٽُٽي__
    ”توهان جون هي گهڙيون تمام سهڻي نموني اسان سان گڏ گذرنديون.“
    بئنڪاڪ کان هانگ ڪانگ اٽڪل چئن ڪلاڪن جي فلائيٽ آهي، پر موسم جي خرابي جي ڪري زياده وقت به لڳي سگهي ٿو. برسات، طوفان، ڪوهيڙو، مخالف هوا ۽ ايئر پاڪيٽس (Air Pockets) جهاز کي اڏام دوران تنگ ڪندا آهن. جنهن ڪري ليٽ سيٽ ٿي ويندي آهي. هونئن به بمبئي کان وٺي ٽوڪيو تائين جون کان سيپٽمبر تائين مانسون جي موسم هوندي آهي ۽ انهيءَ موسم دوران سڄي ڏور اوڀر ۾ سخت برساتون وسنديون آهن. اهو موسمي ۽ هوائي وايو منڊل جهازن جي ليٽ سيٽ ٿيڻ کان علاوه ڪڏهن ڪڏهن جانڪاهه حادثن جو باعث به بنبو آهي.


    هانگ ڪانگ

    1

    جهاز کي اڏامندي اٽڪل اڌ ڪلاڪ ٿي ويو هئو. اسانجون مهربان هوائي ميزبانڻيون (Air Hostess) پنهنجا سامان سيڙهي اسان ڏانهن خرامان خرامان اچي رهيون هيون. پهريائين بهترين قسمن جي ڊرنڪس آڇيون ويون. هر مسافر پنهنجي پسند جي ڊرنڪ وٺندو رهيو. انهيءَ کانپوءِ بهترين قسم جي ماني کارائي ويئي ۽ ماني کانپوءِ لائيٽ وسائي سامهون اسڪرين تي انگريزي فلم شروع ڪئي ويئي. جهازن ۾ سائونڊ سسٽم ايئر فون ذريعي هوندو آهي ته جيئن ڪو مسافر ننڊ ڪرڻ چاهي ته آرام سان سمهي پوي ۽ جيڪو فلم ڏسڻ چاهي سو ويٺو فلم جو حِظ حاصل ڪري. مونکي ته ڪنهن به سفر دوران چاهي اهو ڪار، ٽرين يا هوائي جهاز جو سفر هجي ننڊ بلڪل نه ايندي آهي. انهيءَ ڪري خوشيءَ سان نه ته مجبوريءَ سان ويٺي فلم ڏٺم. فلم نئين هئي پر ڪا خاص دلچسپ نه هئي. نيٺ پڪچر پوري ٿي ۽ مون شڪر ادا ڪيو.
    ٿورڙي دير کانپوءِ تمام ننڍا پرفيومائيزڊ (معطر) ٽوال نما رومال آڻي ايئر هوسٽس ڏنا ته جيئن ماڻهو اهي منهن هٿ ۽ ڪنڌ تي رکي پاڻ کي ٿورو فريش (تازو) محسوس ڪري. انهيءَ کانپوءِ جوس (رَس) ڏنائون. اڄڪلهه گهڻو ڪري سڀني ايئر لائينز ۾ ڊگهي مسافري دوران جهاز اڏامڻ جي منڍ ۾ ۽ پڇاڙي ۾ اهڙا ٿڌا معطر رومال ڏنا ويندا آهن. ٿوري دير کانپوءِ انائونسمينٽ ٿي ته ”پاڻ جلد هانگ ڪانگ جي (Kaitak) انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لهڻ وارا آهيون. توهان جي وڏي مهرباني جو اسان جي ايئر لائنز ۾ توهان سفر ڪيو. اميد ته توهان جو سفر خوشگوار گذريو هوندو. آس ٿا ڪريون ته توهان ٻيهر به اسانجي ائير لائين ۾ سفر ڪندا.“
    ان کانپوءِ هدايت ڏنائون ته پنهنجا بيلٽ ٻڌي ڇڏيو ۽ سگريٽ نوشي بند ڪرڻ فرمايو. انهيءَ سان گڏوگڏ ايئر هوسٽس اخبارون، ايئر فون ۽ ٻيو رهيل سامان آهستي آهستي ميڙيندي سيڙيندي ويئي. اسان به مختصر نموني پنهنجو حليو درست ڪيو، ڇاڪاڻ ته سڄي رات جو اوجاڳو هو. اسان بئنڪاڪ مان ٻي بجي نڪتا هئاسين ۽ چئن ڪلاڪن جي سفر کانپوءِ هتي ڇهه هئڻ کپندا هئا پر هتي صبح جا اٺ ٿيا هئا، ڇاڪاڻ ته ٿائيلينڊ ۽ هانگ ڪانگ جي وقت ۾ ٻن ڪلاڪن جو تفاوت آهي، انهيءَ ڪري اسان پنهنجين واچن جو وقت ٺيڪ ڪري بيلٽ ٻڌي جهاز جي لهڻ جي انتظار ۾ ويهي رهياسين. پائليٽ اهڙي ته سهڻي نموني جهاز کي رن وي تي لاٿو جو اسان کي محسوس ئي نه ٿيو ته جهاز جي ڦيٿن زمين کي ڇهي ورتو آهي. ٿورڙي دير رن وي تي ڊوڙڻ کانپوءِ جهاز پنهنجي ڄاڻايل بي (Bay) تي بلڊنگ سان لڳي بيٺو. مسافر هٿ وارو سامان کڻي هيٺ لٿا ۽ ٽرمينل بلڊنگ ۾ داخل ٿيا. هانگ ڪانگ جو هوائي اڏو تمام خوبصورت ايئرپورٽ آهي.
    سڄي ايشيا ۾ جپان جي ناريتا ايئرپورٽ ۽ سنگاپور جي ڇانگي انٽرنيشنل ايئرپورٽ کانپوءِ هيءُ نهايت سهڻو ايئرپورٽ آهي. هن ايئرپورٽ تي منشيات جي سمگلنگ کي روڪڻ لاءِ ڪسٽم وارا تمام گهڻي چيڪنگ ڪندا آهن. جيئن ته هانگ ڪانگ هڪ وڏو کليل تجارتي مرڪز آهي ۽ ڏيساورن کان ماڻهو ڪهي اچي هتي واپار ڪندا آهن، پهريائين ته خود هانگ ڪانگ جي حڪومت ٻاهرين سرمايه جي سيڙپ کي همٿائيندي هئي، پر هاڻي اُتي واپار ڪرڻ لاءِ ڪوٺي کولڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. انهي ڪري به هانگ ڪانگ اميگريشن وارا ڏاڍي پُڇ پُڇان ڪندا آهن.
    اسان ڪسٽم ۽ اميگريشن جا لَڪ لتاڙي ٽوئرسٽ انفرميشن ڪائونٽر تي آياسين ۽ اُتان هانگ ڪانگ متعلق ڪجهه معلوماتي ڪتابڙا وٺي هوٽل رزرويشن ڪائونٽر تي پهتاسين. ڪائونٽر واري کان لسٽ وٺي چڪاسين، ۽ پوءِ چيوسين ته هوٽل بئنڪاڪ تي ٽيليفون ڪري معلوم ڪري ته ڪمرو خالي آهي يا نه. جيڪڏهين خالي هجي ته اسان لاءِ ڊبل بيڊ وارو ڪمرو مخصوص ڪن. وراڻي ملي ته ڪمرو خالي آهي توهان ڀلي پهچي وڃو. اسان بئنڪ مان ڪجهه ڪرنسي به مٽائي ورتي ته جيئن ڏيتي ليتي ۾ ڪا رنڊڪ نه پوي.
    هانگ ڪانگ ايندي هانگ ڪانگ جي ماضي، حال ۽ مستقبل بابت ڪئين ويچارَ منهنجي ذهن کي ويڙهي ويا هئا. هانگ ڪانگ جتي آزاد تجارت جو مرڪز ۽ رنگينين جو محور آهي اُ تي پرڏيهي غلاميءَ جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ پاتل درد وندو ديس به آهي.
    انساني ذهن جڏهن کان وٺي پنهنجي مفاد کي پنهنجي فڪر ۽ فعل جو مرڪزي نقطو بنايو آهي، تڏهن کان وٺي هن انفرادي توڙي اجتماعي سطح تي پاڻ جهڙن ٻين انسانن جي حقن، حصن ۽ ضرورتن کي پنهنجي حرص جو نشانو بڻايو آهي. هن نهايت چالاڪيءَ ۽ حرفت سان پنهنجي سگهه جو استعمال ڪري پاڻ کان ننڍي هيڻي ۽ ڪمزور جو استحصال پي ڪيو آهي. ماڻهوءَ هٿان ماڻهوءَ جي استحصال ۽ پرماريت جي تاريخ اوتروئي پراڻي آهي جيتري انسان جي طبقاتي تاريخ.
    انساني فطرت جي ڪابه مقرر ۽ متعين خاصيت ۽ وصف نه آهي. هنجي فطرت ۾ پست کان پست تر غير اخلاقي ۽ غير انساني اهڃاڻ به آهن ته بلند کان بلند گُڻ به آهن. مگر انسان جي پست ترين فطرت جو اظهار اهو آهي ته هو پنهنجي غرضن جي پورائي لاءِ ٻين جا حق پامال ڪري ٿو، پنهنجي جياپي لاءِ ٻين جو جيئڻ جنجال ڪري ٿو، پنهنجي فرحت ۽ آرام لاءِ ٻين جا سک ڦٽائي ٿو ۽ ائين ڪندي هن کي ڪابه لڄ ۽ ڪوبه شرم محسوس نٿو ٿئي.
    هن پنهنجي انهيءَ ظلم، زوراوري، ڦرلٽ ۽ ڪميني پڻ کي جائز، حقي ۽ صحيح قرار ڏيڻ لاءِ ڪيئي ڦند ڦير، اٽڪلون ۽ نظرياتي ڏٽا ٺاهي ڇڏيا آهن. هن پنهنجي مستقبل مفادن جي بچاءَ لاءِ اهڙا ته دلفريب نظريا ۽ تعبير گهڙيا ۽ ڦهلايا آهن جو ڦريل لٽيل ۽ پيڙيل انسانَ سندن حالت جي اصل سبب کي محسوس ئي نه ڪري سگهيا آهن، بلڪه ڪي ته اهڙا مدهوش ٿي ويا آهن جو پنهنجي فاتحن، ڦريندڙن ۽ استحصال ڪندڙ گروهن ۽ قومن جا قصيدا ڳائيندي نٿا ٿڪجن. مون کي هڪڙي انگريز سچار جا هي لفظ اڃان ياد آهن ته ___
    “An Englishman will cut your throat and make you feel as if he doing you a favour.”
    ”انگريز توهان جو ڳلو ڪٽيندو پر اوهان کي ائين محسوس ڪرائيندو ته توهان سان ڀلائي ڪري رهيو آهي.“
    ڀلائي جا اهي ڀال ڀلائڻ لاءِ هي انگريز بهادر دنيا جي ٻين سڀني قومن جي دکن دردن جا نجات ڏياريندڙ بڻجي سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙي پيا. سندن زبان تي انساني قدرن جا درس ۽ مسيح جي عالمگير محبت جا گيت هئا پر در پرده هنن جا ڪاروباري مفاد هئا، جن کي پوري ڪرڻ لاءِ هنن هڪ هٿ ۾ بندوق ۽ ٻي هٿ ۾ بائبل کنيا هئا. هو منهن ۾ موسا، اندر ۾ ابليس هئا. هنن دنيا جي دور دراز علائقن کي انتهائي عياري ۽ مڪر و فريب سان مطيع بنائڻ شروع ڪيو. واپارين جي ويس ۾ ڪاروباري ڪوٺيون کولي هُنن پراين زرخيز زمينن ۽ معدني ذخيرن جي سموري ڪچي مال تي قبضو ڄمائي ورتو ۽ ڏسندي ڏسندي هو پوري آمريڪا کنڊ، آسٽريليا، آفريڪا ۽ ايشيا تي ڇائنجي ويا. هنن جي هاڪ ڌاڪ جو اهو عالم هئو جو اها چوڻي عام ٿي ويئي ته انگريزن جي سلطنت تان سج لهي ئي ڪونه.
    قبضي هيٺ آيل هر ملڪ جي بهترين پيداواري جنس پهرين انگلينڊ پهچندي هئي ۽ ان جو لطف پهريائين انگريز قوم وٺندي هئي. اهڙي ريت دنيا جي هيءَ وڏي ۾ وڏي استعماري ۽ سامراجي قوت پنهنجي ننڍڙي قوم کي ٻين جي پگهر پورهئي جي ڪمائي تي خوشحال بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي. پهرين ٻن مهاڀاري لڙاين جو مکيه سبب به اهوئي هو. ڪِن ٻين ننڍين سامراجي قوتن انگريزن جي انهيءَ هيڏي ساري ڪامياب ڦرلٽ کي ڏاڍي رشڪ ۽ حسرت جي نگاهه سان ڏسڻ شروع ڪيو. هنن به دنيا ۾ بيٺڪن لاءِ ٽنگ پکيڙ شروع ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ انهن قوتن درميان تضادات پيدا ٿيا، وڌيا ۽ وڃي وڏين جنگين جي صورت ڏنائون. انهن جنگين ۾ لکها انسان بارود جو بک بنيا، ملڪيتون تباهه ٿيون ۽ وڏين وڏين سلطنتن جا بخيا اُڊڙي ويا. انگريزي سلطنت جي چيلهه چٻي ٿي پئي ۽ هن جو ٺاهيل سارو کِرمٽ ٽٽي ڀور ڀور ٿي ويو. جنهن جي نتيجي ۾ آفريڪا ۽ ايشيا جا ڪيترائي ملڪ غلاميءَ جا ڳٽ ڳچين مان لاهي آزادي ماڻي ويٺا. هن وقت انگريزن جون سڄي دنيا ۾ صرف ٻه بيٺڪون وڃي بچيون آهن.
    هڪ اترين آمريڪا ۾ فاڪ لئنڊ ٻيٽ ۽ ٻيو ايشيا ۾ هانگ ڪانگ. فاڪ لئنڊ تي ارجنٽائن جي دعوي آهي ۽ ان جي فوجن اُن تي قبضو به ڪري ورتو هو پر انگلينڊ ٻيهر حملو ڪري اُن تي پنهنجو قبضو ڄمائي ورتو. باقي رهيو هانگ ڪانگ تنهن جي لِيز (مقاطعو) 1997ع ۾ پوري ٿيڻ واري آهي.
    هن علائقي کي تڏهن جي چيني سرڪار کان برطانيه 99 سالن جي مقاطعي تي ورتو هو. چين هانگ ڪانگ کي پنهنجو علائقو قرار ڏيندي 1997ع ۾ ان کي موٽائڻ جي گُهر ڪري رهيو آهي ۽ هوڏانهن برطانيه آمريڪا جي مدد سان انهيءَ لِيز جي مُدي کي وڌائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي، چين لِيز جي مدي وڌائي ڏيڻ لاءِ بلڪل تيار نٿو ڏسجي.
    هانگ ڪانگ جي ڪل ايراضي 365 چورس ميل آهي ۽ هيءَ انتظاميه جي لحاظ کان ڇهن ضلعن ۾ ورهايل آهي.
    1. Tsimstatsni
    2. .Central
    3. Wanchai
    4. Causeiwaybay
    5. Mangkak
    6. Yaumati
    هانگ ڪانگ ۾ 55 لک ماڻهو آباد آهن، جن ۾ اٽڪل ويهه هزار سنڌي هندو آهن، جيڪي ڊگهي عرصي کان هتي آباد آهن ۽ وڏي ڪاروباري حيثيت جا مالڪ آهن. پر جيئن ته 1997ع ۾ هيءَ بيٺڪ ختم ٿي رهي آهي، تنهنڪري ٻين واپارين وانگر سنڌي واپاري به تمام گهڻو مُنجهيل ۽ پريشان آهن. جيتڻيڪ چين اِها به پڌرائي ڪئي آهي ته هانگ ڪانگ کي پنهنجي ساڳئي حالت ۾ رکيو ويندو پر تڏهن به هانگ ڪانگ جو سرمائيدار ڏاڍو سراپيل ۽ پريشان آهي. اِنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو هانگ ڪانگ جي ڪرنسي، جيڪا بين الاقومي مارڪيٽ ۾ تمام سٺي پوزيشن رکندي هئي، سا ڏينهون ڏينهن ڪرندي پئي وڃي. برطانيه خود هانگ ڪانگ جي ملڪيت کي ميڙي سيڙي پاڻ ڏانهن منتقل ڪري رهيو آهي. هندستان ۽ ٻين ايشيائي، آفريڪي بيٺڪن کي خالي ڪرڻ وقت به هنن ائين ڪيو هئو.
    هن وقت هانگ ڪانگ جو برطانيه طرفان ٿاڦيل گورنر سر ايڊورڊ يوڊي (Sir Edward youde) آهي. ٻيا عملدار ۽ سيڪريٽري وغيره سڀ جا سڀ انگريز آهن. هانگ ڪانگ ۾ برطانوي آرمي جو ڪمانڊر ميجر جنرل جان چئپل ( John Chapple) آهي. هتي آمريڪن آرمي فليٽ به هميشه موجود رهندي آهي. بي.بي.سي جيڪا ايشيا ۾ ٻڌڻ ۾ ايندي آهي، تنهن جي رلي اسٽيشن به هانگ ڪانگ ۾ آهي. انهيءَ کانسواءِ يورپ ۽ آمريڪا جا وڏا اقتصادي ۽ تجارتي مفادَ هِن علائقي سان وابسته آهن. برطانيه ۽ آمريڪا انهن مفادن کي بچائڻ لاءِ وڏا هٿ پير هڻي هڻندا ۽ مشڪل سان هِتان ٽپڙ گول ڪن.


    2

    هانگ ڪانگ ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ هانگ ڪانگ ۽ ٻيو ڪولون (Kow Loon) جن جي وچ ۾ سمنڊ وهندو آهي، جيڪو ويڪر ۾ اٽڪل ٻه يا ٽي ميل کن ٿيندو. هانگ ڪانگ حڪومت سمنڊ جي هيٺان تمام گهڻي خرچ سان خشڪي ۽ ريل جو رستو ٺهرايو آهي. جديد سائنسي طرز تعمير جو هي عجيب نمونو ڏسڻ وٽان آهي. مٿان ننڍا ۽ وڏا جهاز پيا پاڻيءَ تي تَرن ۽ هيٺان ڪارون ۽ موٽرون پيون ڊوڙن. اها ٽريفڪ ڪولون کان هانگ ڪانگ ڏانهن چوويهه ڪلاڪ چالو آهي. ريل جو رستو وري الڳ ٺهرايل آهي. اهو به سمنڊ جي هيٺان آهي. هن سمنڊ جي هيٺان واري رستي کي هانگ ڪانگ ۾ چون Tunnel.
    هانگ ڪانگ توهان کي ايشيا جي اندر هڪ ننڍو يورپ لڳندو. هتي جا ماڻهو ڏاڍا تيز ۽ حرفتي آهن، چاهي اهي چينائي هجن يا ڪي ٻيا. هتي ڪيترن ئي ڏينهن جا لوڪَ روزگار سانگي اچي ڪٺا ٿيا آهن. هڪ ٻئي کان گوءِ کڻي وڃڻ جي خواهش ۽ ڊُڪ ڊوڙ جي ڪري هو بنهه چالاڪ ۽ ڦڙتي باز ٿي پيا آهن، اهڙا جو اصل وٺ ئي نه ڏين. سڄي دنيا جي شين جو نقل هتي ٺهي. نقل به اهڙو جو ڏيک ويک ۾ اصل کان به ٻه قدم اڳتي پر جٽاءُ جي ڪا به خاطري ڪونهي. اسانجي ملڪ ۾ جپاني _ چيني ۽ آمريڪي شين جا ٺهيل نقل عام جام وڪرو ٿين ٿا ۽ خريدار سولائيءَ سان دوکو کايو اصلي شئي جي قيمت ۾ نقلي وٺيو وڃن.
    ڀلا ٺڳجي به ڪيئن نه! هڪ ته اها نقلي شئي ڏسڻ ۾ هوبهو اصل جهڙي ۽ مٿس لکيو به پيو آهي ‘Made in Japan’ ۽ مٿان وري دڪاندارن جا قَسَم ۽ يقين دهانيون، اهڙي حالت ۾ خريدار لاءِ باقي ڪهڙي واٽ بچي ٿي جتان جند ڇڏائي. نقلي شيون ٺاهيندڙ ٺڳ ڪڏهن ڪڏهن ٿورڙي ايمانداري جو مظاهرو ڪندا آهن ته وري لکي ڇڏيندا آهن Made as Japan ڏسندڙ هڪ نظر جپان جو نالو ڏسي دوکو کائي ويندو ته اها شئي جپاني آهي. هانگ ڪانگ جي ٺڳن سان جو وري پاڪستاني ٺڳن جو واپاري ٽولو ملي وڃي ته پوءِ سوني تي سهاڳو. هو ٺاهڻ جا ماهر ۽ هي نيڪال ڪرڻ جا هوشيار.
    ننڍي هوندي پاسي وارن شهرن سجاول، بٺوري، ٽنڊي محمد خان يا حيدرآباد ويندا هئاسين ته پئسا پنجڙ سنڀالي کڻندا هئاسين ته متان ڪو شاهينگ ڀينگ نه ڪري وڃي. حيدرآباد پڙهڻ ويس ته ڪڏهن ڪڏهن ڪراچي گهمڻ ڦرڻ لاءِ وڃڻ ٿيندو هئو ۽ اُتي ته تمام گهڻي خبرداري ڪرڻي پوندي هئي ته متان ڪو جيب ڪترو کيسي جي صفائي نه ڪري وڃي يا ڪو واپاري ٽڪي واري شئي ٽن روپين ۾ نه ڦاسائي ڇڏي. جڏهن پهريون ڀيرو ملڪ کان ٻاهر نڪتاسين ته به ساڳيو ڊپ دامنگير هئو. هاڻي جڏهين پرڏيهه جا پنڌ گهڻا ڀيٽي چڪو آهيان ۽ مُلڪ مُلڪ جي ماڻهن کي ڏسي چڪو آهيان ته انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته ڀلي پيا سڄي دنيا گهمو پر هانگ ڪانگ ۽ پاڪستان جهڙا حرفتي، اٽڪل باز ۽ ٺڳ ماڻهو توهانکي ڪٿي ڏسڻ ۾ ڪونه ايندا.
    هاڻي اسان ايئرپورٽ بلڊنگ کان ٻاهر نڪري ٽيڪسي ۾ اچي ويٺاسين ۽ ٽيڪسي ڊرائيور کي هوٽل بئنڪاڪ ڏانهن هلڻ لاءِ چيوسين، جيڪا ناٿان روڊ (Nathan) تي لڊن ٿئيٽر جي پٺيان آهي ۽ ڪولون (Kowloon) واري پاسي آهي. ٽوئرسٽن (سياحن) لاءِ وڏيون سپر مارڪيٽون ۽ هوٽلون به گهڻو ڪري اُتي ئي آهن. ٽيڪسي هوٽل ڏانهن ڊوڙڻ لڳي. صبح جو ٽاڻو هئو، انهي ڪري رستي تي ٽرئفڪ جي ڪا خاص رَش ڪانه هئي ۽ نه وري ماڻهن جا ميڙ ئي ڏسڻ ۾ آيا. هانگ ڪانگ ۾ شام ويلي جيڪا رش ۽ پاڻهن جي پيهه ٿئي. اسان جي بازارن ۾ جيڪڏهن ڪنهن جي ڪلهي سان ڪلهو ٽڪرائجي وڃي ته ڏچو ٿي پوي پر هتي هانگ ڪانگ جي بازارن ۾ اهڙي گس گسان کي ماڻهو ليکين ئي ڪونه. اسان جهڙا ماڻهو ٻن ٽن ڏينهن ۾ اِنهيءَ تي هِريو وڃن.
    هانگ ڪانگ جا رستا ڪافي ويڪرا آهن پر سنگاپور ۽ جاپان جيترا نه. انهن رستن تي صفائي به قدري گهٽ نطر آئي. اسان جي ٽيڪسي به اچي هوٽل تي وٽ بيٺي. اسان رسيپشن تي پهچي ايئر پورٽ تان ورتل ڪوپن ڪڍي رسيپشن تي ويٺل هڪ ٿائي ڇوڪري کي ڏنو. اها ڇوڪري بي حد سهڻي، سيڊول ۽ وڻندڙ هئي. مونکي ته هڪ نظر اهڙي وڻي جو سمجهيم ته سونهن جو لاثاني ماڊل آهي يا عمر خيام جي رُبائي. شاعر هجان ها ته سندس سونهن جي واکاڻ ۾ ڪيئي قصيدا لکي ڇڏيان ها. سچ پچ اهڙي هئي جو اکين ۾ ويهاري ڇپر ڍڪي ڇڏجي. هن جو وات ته ايترو ننڍڙو ۽ چَپَ ته اهڙا گلابي پنکڙين جهڙا هئا جو رودڪي جو هي شهر ذهن ۾ ڦرڻ لڳم.
    از د ھن تنگ گویا کسے ـ دانککے انار بدو نیم کرد
    (تنهنجو وات ايترو ته ننڍڙو آهي جو ڄڻ ته ڪنهن ڏاڙهونءَ جي داڻي کي ٻه حصا ڪري ڇڏيو آهي.)
    شايد اهڙي ئي ڪنهن نوخيز، نشيلي نيڻن واري سراپا سهڻي صورت کي ڏسي حافظ شيرازي چئي ڏنو هئو _
    گرچه پيرم، تو تنگ در آغوش گير
    ڪه صبح گاهي زڪنار تو جوان برخيزم
    ( ترجمو:_ جيتوڻيڪ پوڙهو آهيان پر جي تون رات ڀر پنهنجي آغوش ۾ ويهاريم ته جيڪر صبح تائين تنهنجي محبت جي ڪري جوان ٿي اٿان.)
    اسان ڪيترائي ڀيرا ٿائيلينڊ ويا آهيون پر اهڙي خوبصورت ڇوڪري اسان اُتي ڪڏهن نه ڏٺي. آئون ۽ عبدالحڪيم شاهه جڏهن به گڏيا آهيون ته انهيءَ سهڻي سرڪار جو ذڪر ضرور ڪندا آهيون. هن جي ذڪر سان هيءُ شعر خود بخود پچن تي اچي ويندو آهي.
    زندگی میں ایسے بھی لوگ ملتے ہیں،
    دیکھتے ہی آنکھوں کو اچھے لگتے ہیں۔
    پاڻ اسانجو ڪوپن ڏسي اسان کان اسان جا پاسپورٽ گهريائين. اسان پاسپورٽ سندس حوالي ڪيا ۽ پاڻ وٺي رجسٽر ۾ ضروري داخلا ڪري شڪريه سان پاسپورٽ واپس ڪيائين. پاسپورٽ وٺندي سندس نرم ۽ نازڪ آڱرين جي ڇُهاءَ سندم سَرير ۾ سيسڙاٽ اُڀاري ڇڏيا ڄڻ ته ڪنهن دلربا جي آڱرين جي ڇُهاءُ سان سر منڊل جو تارون وڄي اٿيون هجن. رسيپشن تي بيٺل همراهه سامان کنيو ۽ اسان لفٽ ڏانهن وڌياسين. اسان جو ڪمرو ٻي ماڙ تي هو. هوٽل تمام سهڻي ڊيڪوريٽيڊ (سينگاريل) هئي، پر ڪمرا ڪي قدر ننڍا هئس. پر اِها ڪمي رڳو هتي نه هئي پر سڄي هانگ ڪانگ جي اها حالت آهي.
    اسانکي سڄي رات جي بي آرامي ۽ ٿڪاوٽ جي ڪري ننڊ جا گهيرٽ چڙهي رهيا هئا سو بنا دير جي پلنگ جي پان تي ڪري پياسين. ڪرڻ سان ننڊ اچي ننڊ جا کيپ چڙهي ويا. سجاڳي ٿي ته گهڙيءَ ۾ ڏٺم ته ساڍا ست ٿيا هئا. يعني سڄو ڏينهن سمهڻ جي حوالي. ڀر واري پلنگ ڏانهن نهاريم ته عبدالحڪيم شاهه نظر نه آيم. سمجهيم ته باٿ روم ويو هوندو، پر اُتي به نه هو. ٿوريءَ دير کان پوءِ ٻاهران آيو، پڇيو مانس ته ڪيڏانهن ويو هئين ته سوال ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ٽاري ڇڏيائين. وري پڇيومانس ته سرڪار ڪيڏانهن ويا هئا ته جواب ڏنئي ته هيٺ سگريٽ وٺڻ ويو هئس. سگريٽ ته توهان روم سروس واري کي ٽيليفون ڪري گهرائي سگهيا ٿي___ هيٺ وڃڻ جو مطلب ڪو ٻيو ئي هوندو.
    ”نه، نه، اهڙي ڳالهه نه آهي.“ هُن وراڻيو.
    پر مون چيس __ يَر ڳالهه کڻي سچي ڪر ته هيٺ واري همراهه جي درشن تي ويو هئس.“ تنهن تي پاڻ وراڻيائين _ ”توهان جو اشارو غالبن رسيپشن واري همراهه ڏانهن آهي، پر رسيپشن گرل ته چئين وڳي پنهنجي ڊيوٽي ختم ڪري وئي هلي، هاڻي وري سڀاڻي شام جو چئين وڳي ايندي. اِها نينگري اصل ٿائي اٿئي. هتي نوڪري سانگي آيل آهي. ڇو ته هن هوٽل وارو به ٿائي نيشنل آهي، جنهن ڪري هن جو اڪثر اسٽاف ٿائي آهي. هِن نينگريءَ جو نالو ڪيسرا سئنگڪسم (Kesra Saigkesm) آهي.“ آخر ۾ شاهه صاحب ٿڌو ساهه ڀريو. سمجهيم ته همراهه ورتو پيو آهي. چيومانس ته:
    ”چئبو ته مون کي ننڊ ۾ ڇڏي توهان وڃي انهي ڪم سان لڳا هئا ۽ هيستائين پي درشن ڪيان ۽ احوال ميڙيان. ٿائيلينڊ ۾ ٿائين سان دل نه ڀري سو هتي هانگ ڪانگ ۾ به اچي ٿائين جي حوالي ٿيا.“
    اسان تيار ٿي هيٺ اچي رسيپشن واري کان انڊين هوٽلن جو پتو پڇيو ته جيئن مسلم فوڊ کائي سگهون. پاڻ اسان کي ڏس ڏيندي ٻڌائين ته هانگ ڪانگ ۾ انڊين ريسٽوران گهڻا آهن پر هتان ٿوري پنڌ تي ناٿان روڊ ( Nathan) تي هاليڊي اِن هوٽل کان ٿورو اڳيان هڪ عمارت چونگ ڪنگ سينٽر آهي، جنهن ۾ ڪافي انڊين هوٽلون آهن، جتي توهان کي مسلم فوڊ ملي سگهندي. اسان به پنڌ ئي پنڌ ناٿان روڊ تي چڪر هڻندا مختلف دڪانن تي بيهندا، سامان ڏسندا، اگهه پڇندا هلندا رهياسين. دڪانن تي سامان ڏسندي ڏسندي اٺ کن واچون خريد ڪري ورتم، ڇو ته واچون تمام سستيون مليون ۽ اُنهن لاءِ فرمائشون به گهڻيون هيون. جن ۾ ڊرائيور دينو، منشي جمعي ۽ ڪمدار عبدالله جون فرمائشون ته ڏاڍيون زوردار هيون. انهن همراهن اڳي به ڪيترا ڀيرا واچن لاءِ چيو هو، پر هر واري ويسر سبب آڻي نه سگهيس سو هن ڀيري سوچيم ته پهرين ئي اهو ڪم لاهي ڇڏيان متان مياري ٿيان.


    3

    واچون وٺي رڙندا رسندا اچي چونگ ڪنگ سينٽر وٽ پهتاسين، جيڪو تقريباَ ناٿان روڊ جي ڇيڙي تي هو ۽ ان کان ٿورو اڳيان هي روڊ ختم ٿي ٿيو. چونگ ڪنگ سينٽر هڪ تمام وڏو گهڻ ماڙ واپاري سينٽر آهي.، جنهن ۾ ڪئي دڪان ۽ هوٽلون آهن. هن جي آخري منزل تي رهائش جي هوٽل به آهي، جنهن ۾ ڪيترائي هندستاني ۽ پاڪستاني سياح اچي رهندا آهن. هيءَ هوٽل ٻين جي ڀيٽ ۾ سستي آهي. هن سينٽر جا گهڻا دڪان هندستانين جا آهن جن ۾ ڪيئي دڪان سنڌي هندوئن جا به آهن. مشهور هندستاني فلمن جا ڪيسٽ ٺاهيندڙ ڪمپني اسڪوائر ( Esquire) جنهن جا ڪيسيٽ سڄي دنيا ۾ وڪامن ٿا، تنهن جا ٻه دڪان هن سينٽر ۾ آهن. هن ڪمپني جا ٻيا به ڪيترائي دڪان توهان کي هانگ ڪانگ جي مختلف سپر مارڪيٽن ۾ نظر ايندا. هيءَ ڪمپني پڻ هڪ سنڌو هندوءَ جي آهي جنهن تي توهان کي سيلزمين گهڻو ڪري سنڌي نظر ايندا. سنگاپور جيان هتي به سنڌي هندو واپاري وڏي تعداد ۾ آباد آهن. هتي هندن جا وڏا وڏا ڪاروبار آهن. هانگ ڪانگ جي مشهور فئيو اسٽار هوٽل هاليڊي اِن جو مالڪ هڪ سنڌي هندو آهي. اڃا به وڏن ڪاروبارن ۾ توهان کي سنڌي هندو نظر ايندا. هانگ ڪانگ جي درآمدي ۽ برآمدي واپار تي به سنڌي هندو ڇانيل آهي. هانگ ڪانگ جو سنڌي واپاري سنگاپور جي سنڌي واپاري کان وڌيڪ حيثيت وارو ۽ مالدار آهي. ڇاڪاڻ ته سنگاپور جو حاڪم اُتي جو مقامي رهاڪو آهي انهيءَ ڪري هو ٻاهرين جي ڀيٽ ۾ پنهنجن کي وڌيڪ سهولتون ڏئي ٿو. پر ان جي برعڪس هانگ ڪانگ ۾ حالتون مختلف آهن. هتي جو حاڪم خود ٻاهر جو آهي، انهي ڪري هو آبادڪارن کي وڌيڪ ترجيح ڏئي ٿو. جيئن ته سنڌي هندو هانگ ڪانگ ۾ آبادڪار (Settler) جي حيثيت ۾ آهي ۽ ٻين آبادڪارن جي نسبت وڌيڪ واپاري ڏانءَ ۽ ذهن رکندڙ آهي. انهيءَ ڪري سنگاپور جي ڀيٽ ۾ هو هتي وڌيڪ سکيو شاهوڪار ۽ مراعات يافته آهي. اهو عمل صرف هانگ ڪانگ تائين محدود نه آهي، پر دنيا ۾ ٻين ڪيترن هنڌن تي به انهن جو رواج آهي.
    اسان هن سينٽر ۾ گهمندي اسڪوائر (Espuire) وارن جي دڪان تي آياسين ۽ هنن کان پڇيوسين ته ڇا توهان وٽ سنڌي فلمن جون ڪئسٽون آهن، ته چيائون اسان وٽ نه رڳو سنڌي فلمن جون ڪئسٽون آهن پر هندستان ۾ ڏيکاريل سنڌي ڊرامن جا رنگين وڊيو ڪيسٽ به آهن. اسان هن کان ٻه وڊيو ڪيسٽ خريد ڪيا ۽ هانگ ڪانگ جي سير لاءِ وڌيڪ معلومات به ورتي. ازانسواءِ گفتگو دوران مون کائنس هن ملڪ ۾ سندن مادري زبان ۾ پڙهائي متعلق ۽ ثقافتي زندگي بابت پڇا ڳاڇا ڪئي، هن جي چوڻ مطابق هت هڪ به سنڌي اسڪول نه آهي. ڪجھه وقت اڳ اسان سنڌين جي پنهنجي ايسوسيئيشن طرفان سنڌي اسڪول هلائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي پر اُهو اسڪول گھڻو وقت نه هليو. هتي سنڌي ڪٽنبن جا ٻار انگريزي اسڪول ۾ پڙهن پيا، اسان سڀ گھرن ۾ ٺيٺ سنڌي ڳالهايون ۽ نئين ٽهي جا نينگرا جيڪي انگريزي پڙهن سي به گھرن ۾ صفا نج سنڌي ڳالهائن ۽ پوشاڪ به سنڌي پائين. ڪي مائٽ پنهنجي ليکي ٻارن کي گھرن ۾ سنڌي پڙهائين ۽ ڪي وري سنڌي جي ٽيوشن ڏيارين. اسان هتي پنهنجا ڏهاڙا به خالص سنڌي ثقافتي نموني ملهايون، اِنهي سلسلي ۾ ٻين ملڪن خاص ڪري هندستان مان سنڌي فنڪار گھرائي راڳ رنگ جون محفلون ڪيون ۽ فنڪارن کي وڏا وڏا معاوضا ڏيون ته جيئن هنن جي قدرداني ۽ حوصله افزائي ٿئي.
    مون کي هتي جي سنڌي هندوئن جي اِنهي سنڌ دوستيءَ تي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ سوچيم ته وطن کان هيترو دور رهي به هي ماڻهو ڌرتيءَ سان پنهنجو رشتو ٽوڙي نه سگھيا آهن. پنهنجي ٻولي، رسم رواج، پوشاڪ، رهڻي ڪهڻي ۽ ثقافت کي هٿان نه وڃايو اٿن. مٽيءَ جي محبت ۾ ڪيڏي نه مضبوطي آهي.!
    اسان کانئس پڇيو ته ڇا هن بلڊنگ ۾ هندستاني هوٽلون آهن ته پاڻ وراڻيائين هن بلڊنگ ۾ چار پنج هندستاني کاڌي جون هوٽلون آهن، جن ۾ هوٽل ملتان، ڪشمير ۽ عبدالله جا نالا قابلِ ذڪر آهن. هن اِهو به ٻڌايو ته هوٽل عبدالله جو مالڪ ڪراچيءَ جو هڪ سنڌي مسلمان آهي، جيڪا ٽين ماڙ تي پهچندي ساڄي طرف ڏسڻ ۾ ايندي اسان لفٽ ۾ سڌا ٽين ماڙ تي پهتاسين ۽ دڪاندار کان انگريزي ۾ اُنهيءَ هوٽل بابت پڇيوسين جنهن يڪدم اسان جي شڪلين مان اندازو لڳائي اسان کان پڇيو ته انڊين ۽ اسان کيس چيو ته اسان پاڪستاني آهيون. جنهن تي يڪدم وري پڇيائين ته سنڌي آهيو؟ اسان کيس هائوڪار ۾ جواب ڏنو، انهيءَ تي پاڻ چيائين ته آئون به سنڌي آهيان ۽ هن ئي ماڙ تي منهنجا ٽي دڪان آهن. توهان کي ڪنهن به قسم جي شئي جي ضرورت پوي ته مونکان وٺجو ۽ جيڪڏهن ڪا شئي پنهنجي ملڪ لاءِ بُڪ ڪرائڻي پوي ته به آئون توهان جي مدد ڪري سگھان ٿو. همراه ڏاڍو تيز ٿي ڏٺو، اسان جي پڇڻ تي پاڻ ٻڌايائين ته منهنجو تعلق سنڌ جي ڳوٺ ٻيراڻي سان آهي، اسان ورهاڱي کان گھڻو اڳ هتي آيل آهيون ۽ مستقل طرح هتي آباد آهيون. هندستان ۽ پاڪستان سان ڪوبه واسطو نه اٿئون. اسان جا ڪي مائٽ هندستان ۾ ته ڪي انڊونيشيا ۽ ڪي پاڪستان ۾ رهندڙ آهن. پر اسانجو ڪوبه ويجھو رشتيدار اُتي نه آهي ۽ وري هتي اچڻ کانپوءِ آئون ڪڏهن به پاڪستان نه ويو آهيان. منهنجي پڇڻ تي پاڻ ٻڌايائين ته آئون تمام ننڍو هئس جڏهن پنهنجن مائٽن سان گڏ هتي آيو هئس. انهي ڳالهه کي به اٽڪل 52 سال گذري ويا آهن. ايڏي ڊگھي عرصي گذرڻ کانپوءِ به سندس سنڌي لهجي ۾ ڪو فرق نه آيو هو. صاف سنڌي ڳالهايائين ٿي. پاڻ اسان کي هٿ جو اشارو ڪري ڏيکاريائين ته اجھو هُو جنهن دڪان تي ”عبدالله فاسٽ فوڊ“ لکيو پيو آهي اِهائي هوٽل عبدالله آهي. اسان سندس شڪريو ادا ڪري ۽ ٻيهر اچڻ جو وعدو ڪري هوٽل ڏانهن روانا ٿياسين. هوٽل صرف هڪ وڏي ڪمري تي مشتمل هُئي جنهن ۾ پارٽيشن ڪري ٻه حصا ٺاهي هڪ ۾ رڌڻو يعني ڪچن ۽ باٿ روم ۽ ٻاهرئين حصي ۾ ٽيبلون ۽ اسٽول رکيل هُئا، جنهن تي گراهڪ ٿي ويٺا. هوٽل هئي ته بنهه مختصر پر منجھس سامان ڪافي قسمن جا هئا. جنهن ڪُڪنگ (رڌپچاءُ) جا ماڊرن ساز و سامان، فرج ۽ ڊيپ فريزر اچي ٿي ويا. اِنهي مختصر هوٽل ۾ به فون لڳل هُئا، اڪثر شام جي وقت هوٽل ۾ ڪافي رش ٿيندي هُئي، شام ٽاڻي ڀرپاسي وارا دڪان بند ٿي ويندا هئا اِنهي ڪري رش کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻاهر به ڪرسيون لڳائي ڇڏيندا هُئا. هوٽل جو کاڌو تمام سٺو ۽ لذيذ هئو ۽ اسان کي پنهنجي مزاج مطابق لڳو. هوٽل ۾ ٻه پارٽنر هُئا، هڪ ڪراچي جو مهاجر ۽ ٻيو ڪراچيءَ جو بلوچ عبدالله هو جنهن جي نالي پٺيان هيءَ هوٽل هئي. عبدالله سان پوءِ اڪثر ڪچهري ٿيندي رهندي هئي. پاڻ بنهه حضور شرم، نيڪ ۽ سٺو هو. هن ٻڌايو ته هو ڪافي وقت کان هتي رهندڙ آهي پر هوٽل هينئر ٻن سالن کان شروع ڪئي اٿس. پاڻ ٻڌايائين ته هتي هانگ ڪانگ ۾ رهڻ جي باوجود به هو ڪا ملڪيت نه ٺاهي سگھيو آهي. هن جي چوڻ مطابق ته آئون ٺڳي، فريب، ڪوش ۽ بي ايماني اصل ڄاڻان ئي ڪونه سو ڀلا پئسا ڪٿي ٿو ميڙي سگھان. بهرحال سچ ۽ ڪوڙ جو الله کي علم پر همراهه چال چلت ۽ ڳالهه ٻولهه مان واقعي سادو ۽ سچو ٿي لڳو. عام طرح اسان جا ماڻهو هانگ ڪانگ يا عرب رياستن کي سون جي کاڻ سمجھندا آهن. سمجھندا آهن ته اُتي جيڪو ويو ڍاپي ايندو. اها ڳالهه ڪنهن حد تائين درست به آهي. هڪ ته اِهي فري پورٽ آهن جنهن ڪري اُتي سامان سستا ملن ٿا، ٻيو ته اُتي مزدوري جو اگھه اسانجي ملڪ کان گھڻو وڏو آهي. جنهن ڪري پورهيت ماڻهو به اتان چڱو چوکو ڪمايو اچن. جڏهن سنڌ جو آڳاٽي زماني ۾ انڊونيشيا، جاوا، سوماترا وغيره سان ريشم، سُٽ ۽ گرم مصالحي جو واپار هلندو هو تڏهن سنڌ جا واپاري لوڪ اڻ مهيون دولتون ميڙي اچي سنڌ کي سنواريندا هُئا. سنڌ جي هندوئن مان سنڌ ورڪي واڻيا ته انهي پرڏيهي واپار ڪري ملڪان ملڪ مشهور هئا. لطيف سائينءَ جي رسالي جو سُر سامونڊي ته آهي ئي اِنهن ٻيڙياتن، وڻجارن ۽ کنڊ کيڙائون جي داستانن سان ڀريل. اِنن ولايتن سان واپار وڻج ۽ اٿاهه ناڻي ڪمائڻ ڪري ته هيءَ چوڻي عام ٿي ويئي ته :
    جو جائي جاوي سو ول نهين آوي
    جي ول آوي ته ٻال ٻچي ڍاوي.
    اها حقيقت آهي ته ڏيساورن مان ماڻهو گھڻو ڪجھه ڪمائي اچي سگھي ٿو پر اُنهي ۾ به چالاڪي، حرفت، ٺڳي ۽ بي ايماني کان ڪم وٺندو ته پوءِ پئون ٻارنهن اٿس، نه ته ٺلهي ايمانداريءَ تي عبدالله بلوچ وانگي ڪمايو، کايو ۽ ٻه ٽي ڏوڪڙ بچت جا مائٽن ڏانهن موڪليو ويٺو اوٻاسيون ڏيندو. آءٌ سوچيندو آهيان ته بي ايمان ۽ ٺڳن کي هانگ ڪانگ يا عرب رياستن ۾ وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، بي ايمانن ۽ ٺڳن لاءِ ته اسان جو ملڪ ئي هانگ ڪانگ آهي.
    اسان پوءِ اڪثر هن هوٽل تي ئي ماني کائيندا هئاسين. عبدالله بلوچ اڪثر پنهنجن هٿن سان اسانکي شام جو سيخ ڪباب پچائي ڏيندو هو جيڪي ڏاڍا لذيذ هئا. اسان رات جي ماني کائي پنڌ ئي پنڌ واپس پنهنجي هوٽل تي پهتاسين. واپسيءَ ۾ عبدالحڪيم شاهه ڪُجھه دوائون ميڊيڪل اسٽورن تان ورتيون ۽ ايندي ايندي ناٿان روڊ تي هڪ وڏي مسجد به ڏٺيسين جيڪا هتان جي مسلم ايسوسيئيشن طرفان ٺهرائي پئي وڃي. هن جي اڏاوت تي وڏو ناڻو خرچ ڪيو پيو وڃي. مسجد سان گڏ مدرسو ۽ ڪتبخانو به آهي. پنهنجي رهائش واري هوٽل جي ڪمري تي پهچي رکيل ٽي وي کوليسين مختصر پروگرام ڏسي، اخبارون پڙهي وڃي بسترن ڀيڙا ٿياسين.
    ٻي ڏينهن صبح جو تيار ٿي ڪمرو ڇڏي هيٺ شهر گھمڻ نڪتاسين. اسان فيصلو ڪيو هئو ته اڄ پنهنجي ليکي گھمنداسين، باقي سڀاڻ ڪنهن ٽوئر ڪمپني جي معرفت شهر يا شهر کان ٻاهر جو واءُ سواءُ وٺنداسين يا وري خيال اچي ويو ته سوشلسٽ چائنا جي ٽوئر تي وينداسين، جنهن ۾ ٽن قسمن جا ٽوئر هوندا آهن.
    1. هڪ ڏينهن جو ٽوئر، جنهن ۾ توهانکي چيني سرحد جي ويجھو هڪ قديمي شهر شيزن (Shenzen) ڏيکاريندا.
    2. ٽن ڏينهن جو ٽوئر.. هن ٽوئر دوران سياحن کي گانزهو (Guanhou) صوبي جو مشهور شهر ڪئنون ۽ ٻيا ڪيترائي ننڍا وڏا شهر ڏيکاريا ويندا آهن.
    3. ڇهن ڏينهن جو ٽوئر .. هن ٽوئر دوران توهان کي چين جي گاديءَ وارو جڳ مشهور شهر پيڪنگ جنهن کي هاڻي بيجنگ سڏجي ٿو، ڏيکاريو ويندو ۽ اُنهيءَ سان گڏ ٻيون به ڪافي تفريح گاهون ۽ ٻيا شهر ڏيکاريا ويندا.


    4

    هانگ ڪانگ ۽ چين وچ ۾ سياحن جو اچڻ وڃڻ ٽيهن سالن کان پوءِ جيئن چين آزاد ٿيو آهي پهريون دفعو شروع ٿيو آهي. مائوزيتنگ جي مرڻ کان پوءِ چيني قيادت ۾ وڏيون تبديليون آيون. انهيءَ تبديليءَ ۽ وٺ پڪڙ جو مثال چين جي ٽولي خلاف هلايل پروپئگنڊه ۽ انهن جي گرفتاري آهي جنهن ۾ خود مائوزيتنگ جي زال به ملوث ڪئي وئي آهي. انهيءَ قيادتي تبديليءَ جي ڪري چين ۽ آمريڪا جي درميان سفارتي تعلقات قائم ٿيا. سوشلسٽ بلاڪ جي عظيم قوت روس جنهن مان چين جا ناٽا مائو جي دور ۾ به خراب هئا تن ۾ ڪوبه سڌارو نه آيو ۽ چين ڏينهون ڏينهن آمريڪا ڏانهن جھڪندو ويو آهي. جهن ڪري چين مغربي سرمائيدارن جي هڪ واپاري منڊي بنجي ويو آهي. انهيءَ اثر هيٺ چائنا پنهنجون سرحدون هانگ ڪانگ سان کولي پنهنجو ناتو سڌيءَ طرح سرمائيدار دنيا سان قائم ڪري ڇڏيو آهي. سو توهان هاڻي جڏهن به چاهيو چين وڃي هڪ سوشلسٽ ملڪ جي معاشي، ثقافتي ۽ سياسي زندگيءَ جو مشاهدو پنهنجين اکين سان ڪري سگھو ٿا. بهرحال اهو فيصلو پوءِ ڪرڻو هئو ته ٻئي ڏينهن لاءِ ڪهڙو ٽوئر منتخب ڪجي سو اڄ سڄو ڏينهن اسان پنهنجي ليکي شهر گھمڻ جو پروگرام رٿيو هو. اسان ناٿان روڊ کان ٿيندا آهسته آهسته اچي ڊائون ٽائون پهتاسين، جتي عبدالحڪيم ۽ آفتاب لاءِ ڪجھه جين جون پينٽون خريد ڪيون. ٿوري پنڌ تي اڳيان ڏٺوسين ته هڪ دڪان تي لکيو پيو هو (Duty free shop) ڊيوٽي فري شاپ. مونکي اهو پڙهي ڏاڍو تعجب ٿيو ته هانگ ڪانگ ڊيوٽي فري پورٽ پوءِ وري خود هانگ ڪانگ ۾ ڊيوٽي فري جو ڪهڙو مطلب. سو شاپ اندر وڃي هيڏانهن هوڏانهن نهاري اچي مئنيجر کان پڇيوسين ته هيءَ ڪهڙي ماجرا آهي جو هانگ ڪانگ اندر ڊيوٽي فري شاپ ! تنهن تي پاڻ ٻڌايائين ته هانگ ڪانگ ۾ مقامي انتظاميه ڪن شين تي مختصر ڪسٽم ڊيوٽي لڳائيندي آهي. سو ان ڪري حڪومت سياحت جي سهولت لاءِ شهر ۾ اهڙي نموني جا ڪجھه دڪان کوليا آهن جتي سياح پنهنجا پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ ڏيکاري هتان پنهنجي مرضيءَ جو سامان وٺي سگھن. عبدالحڪيم شاهه اتان هڪ واچ ۾ لڳل ريڊيو جيڪو ٻانهن ۾ ٻڌڻ لاءِ هئو سو خريد ڪيو. اتان ٽيڪسي ڪري سڌو P.I.A جي آفيس ۾ آياسين جتي اسان کي پنهنجو ڪم به هو ۽ هڪ دوست سان ملڻو به هو، وياسين ته سهي پر نه ڪم ٿيو ۽ نه دوست مليو. P.I.A جي آفيس ڇڏي، وري رستن تي وڙڪندا هڪ ريلوي اسٽيشن جي دروازي تي اچي بيٺاسين. هانگ ڪانگ جو ريلوي نظام دنيا جي سڌريل ملڪن جهڙو بهترين ۽ جديد نوعيت جو آهي. هانگ ڪانگ ۾ انهي کي چون سب_وي ٽيوب (Subway Tube) جيڪو ڪمپيوٽر وسيلي ڪنٽرول ٿئي ٿو ۽ سڄي هانگ ڪانگ ۾ پکڙيل آهي. ريل ۾ چڙهڻ لاءِ صرف ٻن قسمن جا ٽڪيٽ ٿين. هڪ سينٽرل ڊسٽرڪٽ کان (Tsimshatsui) تسمشتوئي تائين جنهن جي رقم ٿئي ٻه هانگ ڪانگي ڊالر ۽ هڪ پنجاھه سينٽ، ٻيو ڀاڙو ٿئي هانگ ڪانگي ٽي ڊالر ۽ پنجاھه سينٽ جيڪو سڄي لائين لاءِ آهي. هانگ ڪانگ ۾ مسافريءَ جو تيز کان تيز ذريعو به اهو ئي آهي. اسان به خيال ڪيو ته ڇو نه ٽڪيٽ وٺي انهيءَ ٽرين جي سواريءَ جو مزو ماڻجي. سو ٽڪيٽ وٺي هيڏانهن هوڏانهن چڪر هڻندا اچي مرڳئين صفا ٻاهر روڊ تي نڪتاسين. سڌ ئي نه پئيسون ته هي ڇا ٿي ويو، پنهنجي اڻڄاڻائي تي لڄي به ٿياسين پر پڪو پهه ڪيوسين ته انهيءَ انڊر گرائونڊر (زير زمين) ٽرين ۾ سفر ضرور ڪبو سو وري هيٺ لهي ٽڪيٽ وٺي اطمينان سان (هر اڌ ڪلاڪ ۾ هر اسٽيشن تي ٽرين اچي) معلوماتي بورڊ پڙهيوسين ۽ ٻين ٽن مسافرن کان به پڇا ڳاڇا ڪئيسون جن اسان کي صحيح ڏس پتو ڏنو. اسان اندر داخل ٿيڻ واري گيٽ ۾ ٽڪيٽ وڌي ته سامهون اٽڪيل لوهي ڏنڊا کلي ويا ۽ اسان واري واري سان اندر داخل ٿياسين. ٿوري دير ۾ ٽرين به اچي ويئي ۽ اسان ڌوڪي منجھس چڙهي پياسين. اها خبر ڪانه هئي ته ڪٿي ڪهڙي اسٽيشن آهي ۽ ڪاٿي لهڻ مناسب ٿيندو سو فيصلو ڪيوسين ته هڪڙي اسٽيشن ڇڏي ٻي تي لهي پونداسين. تمام سٺي ٽرين هئي. جيتوڻيڪ جپان جي بليٽ ٽرين ۽ هاڪاري ٽرين کان گھٽ معياري هئي پر تڏهن به لاجواب هئي. هانگ ڪانگ جو هي ريلوي نظام به جپان جو ئي ٺهيل آهي. ٻي ريلوي اسٽيشن اچي ويئي ۽ اسان تڪڙا تڪڙا هيٺ پليٽ فارم تي لٿاسين ۽ ٻاهر روڊ تي نڪري آياسين. ريلوي ڪولون سائڊ ڇڏي سرنگ (Tunnel) پار ڪري هانگ ڪانگ سائيڊ پهچي چڪي هئي. اسان هتي اچڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو هن پاسي آيا هئاسين. ڪولون سائيڊ جي ڀيٽ ۾ هانگ ڪانگ سائيڊ ۾ سياحن جي گھماگھمي ۽ پيهه گھٽ آهي. اسان ڪجھه وقت هتي چڪر هڻي پوءِ ٽيڪسي ڪري ڪولون سائيڊ آياسين. جڏهن ٽيڪسي سرنگ مان لنگھي رهي هئي ته عجيب ڪيفيت محسوس ٿي رهئي هئي. سرنگ مٿان وشال سمنڊ لهرون هڻي رهيو هو ۽ ڪئين جهاز مٿس تري رهيا هئا ۽ اسان ٽيڪسي ۾ ويٺا آرام سان ڪولون طرف وڌي رهيا هئاسين، نه هيٺين کي پتو ته مٿي ڇا پيو وهي واپري ۽ نه وري مٿين کي سڌ ته هيٺ ڇا پيو ٿئي. جديد انجنيئرنگ جو واقعي هيءَ هڪ وڏو فني ڪمال آهي. سائنس جي نون انڪشافن، ايجادن ۽ ڪارنامن دنيا کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو آهي. ماضيءَ ۾ جيڪي ڳالهيون قصن ۽ ڪهاڻين ۾ تصوراتي طرح زيب داستان هونديون هيون سي هاڻي حقيقت جو روپ وٺي چڪيون آهن. اڳي الف ليلوي داستانن جا ديو ۽ پريون هوا ۾ اڏامندا هئا ۽ هاڻي ته انسان چنڊ تائين وڃي پهتو آهي. اڳي ايراني بادشاھ جو جام جم ٻڌبو هو اڄ ته هر گھر ۾ جام جم يعني ٽيليويزن موجود آهي. اهڙيءَ ريت وائرليس، راڊار، ڪمپيوٽر، روبوٽ ۽ جديد اليڪٽرانڪ سسٽم ته دنيا کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو آهي، آئون اِنهن ويچارن جي وهڪري ۾ ئي لڙهي رهيو هئس ته ٽيڪسي اچي چونگ ڪونگ سينٽر جي اڳيان بيٺي جتي اسان کي عبدالله هوٽل ۾ ماني کائڻي هئي. عبدالله اسان کي ڏسي چيو ته توهان رات مغز جي فرمائش ڪئي هئي سو اڄ آئون خود مارڪيٽ مان سامان وٺڻ ويو هئس ۽ ڊزن کن مغز وٺي آيو آهيان ۽ ڊيپ فريزر ۾ رکي ڇڏيا اٿم. هاڻي رڳو توهان جي حڪم جي دير آهي. اميد ته جيستائين توهان هانگ ڪانگ ۾ هوندا تيستائين اِهي ڪم ڏيئي ويندا. اسان کان پڇيائين ته ڇا آڻيان، اسان کيس چيو ته سڄو هانگ ڪانگ پيرين پنڌ هليا آهيون سو صفا چُور ٿيا پيا آهيون ۽ بک به ايتري لڳي اٿئون جو پيٽ ۾ وٽ پيا پون سو پڇڻ جي ڪابه گنجائش نه آهي، جيڪي وڻئي سو آڻ پر آڻجئين ڳچ ته پيٽ ڀري کائون. پاڻ کلي چيائين ته پرواهه نه ڪريو اجھو ٿو سڄي هوٽل توهان جي ٽيبل تي لڳائي ڇڏيان. بس هو آڻيندو ويو ۽ اسين کائيندا وياسين. ڍؤ ڪري اٿياسين ۽ فيصلو ڪيوسين ته وري ڪڏهن ايترو پنڌ نه ڪبو، ماني کائي بل ڏيئي ٽيڪسي پڪڙي اچي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. رسيپشن تان چاٻي کڻي ڪمري تي آياسين، ڪپڙا بدلائي هٿ منهن ڌوئڻ کان سواءِ پلنگ تي ڦان ٿي ڪري پياسين. ننڊ جا گھيرٽ چڙهي ويا سو وري وڃي رات جو سواءِ نوين وڳي سار ٿيسون. ننڊ اسان لاءِ مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو هو، ڏاڍو افسوس ٿيوسين ته اسان گھمڻ آيا آهيون يا رڳيون ننڊون ڪرڻ ! ننڍي هوندي اويرا اٿندا هئاسين ته مائٽ چوندا هئا، ”ابا اجائي ننڊ نڀاڳ جي نشاني آهي. سوير سمهندا وڃو ۽ سوير اٿندا وڃو.“ ننڍي لاڪر مائٽن جو رلي ڇڪي سوير اٿارڻ ڏاڍو ڏکيو لڳندو هو پر اڳتي هلي احساس ٿيوسين ته مائٽن جي نصيحت صحيح هُئي. ننڊ انفرادي هجي يا قومي هڪ ڏينهن نهوڙي نينري، جيڪي قومون صدين تائين خواب غفلت ۾ پيون هونديون آهن تن جا ڀاڳ به سمهي پوندا آهن ۽ چور، رهزن، کاٽڙيا ۽ ڦورو سندن جھڳو جھڻ ڪري ويندا آهن. جيڪڏهن ڪو سياڻو ۽ خيرخواه کين ڌونڌاڙي جاڳائيندو به آهي ته به اکيون پٽي وري به سمهي پوندا آهن. اهڙي ريت وقت جو قافلو اڳيان نڪري ويندو آهي، سجاڳ قومون پنهنجون منزل مراد تي پهچي وينديون آهن ۽ ننڊ جون نهوڙيل قومون حال کان بيحال ٿي صديون پوئتي رهجي وينديون. نڀاڳي ننڊ سبب بک ڏک پسماندگي ۽ غلامي سندن مقدر بنجي ويندي آهي. ياد اٿم ته ننڍي هوندي بابا سائين (مرحوم) اڪثر لطيف سائينءَ جا هي بيت ٻڌائيندو هو ۽ اجائي ننڊ ڪرڻ کان روڪيندو هو.

    سُتي نه سرندياءِ، ڪر پچار پرينءَ جي،
    وهامي ويندياءِ، گھڻا هڻندين هٿڙا.
    *
    ستا اُٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري،
    تو جو ساڻيهه ڀانيو، سو مانجھاندي جو ماڳ،
    سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ملي.

    سو بهرحال هتي ايتري ننڊ اسان لاءِ آزار ٿي پئي هئي. يڪدم تيار ٿي هيٺ لٿاسين ۽ ٽيڪسي ۾ چڙهي پياسين، ٽيڪسي واري پڇيو ته سائين ڪيڏانهن هلون. اسان چيس ته تون پيو هل، اسان پاڻهي ٿا توکي ٻڌايون ته ڪيڏانهن هلڻو آهي. ڇاڪاڻ ته اسان تڙ تڪڙ ۾ اهو فيصلو نه ڪري سگھياسين ته ڪيڏانهن هلڻو آهي. مون عبدالحڪيم شاهه کان پڇيو ته ڪيڏانهن هلون ته پاڻ وراڻيائين اهو پورٽفوليو تنهنجي حوالي آهي. مونکي رڳو ٻڌائج ته فلاڻي جڳهه تي پهچي ويا آهيون. مون کيس چيو ته اڄ هن روشنين جي شهر ۾ آسمان ڏانهن ڏس ڪا چانڊان نظر اچي ٿي ته پاڻ چيائين واه! شايد چوڏهين جو سهائو آهي.
    چيومانس ڀلا هن چانڊوڪيءَ ۾ سمنڊ جو ڪنارو ڪيئن لڳندو؟ پاڻ وراڻيائين، واه جو مزو ٿيندو! مون ٽيڪسي واري کي هاربر ڪروز بيچ (Harbour cruise beach) هلڻ لاءِ چيو. ٽيڪسي واري چيو ته ”سائين اها بيچ ڪافي پري آهي.“ مون چيس، ”پرواه نه ڪر، اسان هتي ڪمائڻ نه پر کپائڻ آيا آهيون“ ٽيڪسيءَ وارو ماٺ ٿي ويو ۽ ڌوڪيندو اڳيان وڌندو رهيو. اسان هن جڳمڳ جڳمڳ جرڪندڙ شهر جي رنگينين کي ڏسندا اڳتي وڌي رهيا هئاسين. فاصلي جي گذري وڃڻ جو احساس ئي نه ٿيو جو وڃي بيچ تي پهتاسين. مست هاٿي جيئن ماريندڙ هيءَ وشال سمنڊ کليل ڪتاب جيئن اسان جي اڳيان ڦهليو پيو هو. چنڊ جا سونهري ڪرڻا سمنڊ جي سطح تي رقص ڪري رهيا هئا. چنڊ جو اولڙو لهرن ۾ لڏي رهيو هئو. ۽ هڪ مسرور ڪندڙ منظر اکين اڳيان هئو. جمالياتي ذوق رکندڙ ماڻهوءَ لاءِ ههڙي منظر ۾ بلا جي ڪشش هوندي آهي. احساس ۽ صاحب ذوق رکندڙ ماڻهو ته ههڙن منظرن ۾ کوئجي ويندا آهن ۽ سندن ذهن ۽ ضمير تي الهامي ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي. سمنڊ جي لهرن، چنڊ جي اڇوت چانڊاڻ ۽ ٿڌين ٿڌين هوائن جي جھونڪن ۾ سرمدي نغمن جا آلاپ هوندا آهن. وليم ورڊس ورٿ ڍنڍ جي ڪناري ڊئفوڊلس جي منظر کي ڏسي اهڙو ته کوئجي ويو جو اهو منظر پيو سندس تخيل ۾ ڦرندو هئو ۽ هن لاءِ (Bliss of solitude) هئو يعني تنهائيءَ جي مسرت.
    پر چين جي هڪڙي شاعر لاءِ چيو وڃي ٿو ته هڪ ڀيري هو چوڏهين جي چانڊاڻ ۾ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي درياهه جي سير تي نڪتو. جَر تي چنڊ جي نور ورکا هن جو اهڙو ته من موهيو جو مست ۽ بي خبر ٿي پاڻيءَ ۾ چنڊ جي اولڙي کي چمي ڏنائي ته لهرن ۾ لڙهي ويو. اها سرمستي ۽ بيخوديءَ جي ڪيفيت هرَڪس و ناڪس جي ميراث نه آهي.
    اسان ٽيڪسي تان لهي ڪي گھڙيون هڪ ئي هنڌ هن نظاري جي رنگينين ۾ گم سم بيٺا رهياسين. ٿوريءَ دير کانپوءِ اڳيان وڌي ماحول جو وڌيڪ جائزو ورتوسين. سمنڊ جي وشالتا ۽ گهرائي تي ويچاريندي. مون کي ماڻھوءَ جي من جي تنگي ۽ سوڙه تي ڏاڍي بڇان محسوس ٿيڻ لڳي. ڪاش ماڻھوءَ جي من ۾ به سمنڊ جيڏي وسعت ۽ گهرائي هجي ها.
    دل دريا سمندر تانگھا ٿاهه پسائي،
    ٻول ته اُن جي ٻانهڙي آهيان.
    هانگ ڪانگ ئي دنيا ۾ شايد هڪ اهڙو ملڪ آهي جو اُن ۾ توهان ڪٿي به ويندا ته توهان کي ماڻهن جي ڀيڙ ڏسڻ ۾ ايندي پوءِ کڻي ڇو نه رات جا 2 وڳا هجن. رستا ته خاص طرح پانڌيئڙن سان ڀريل هوندا آهن. سو هتي به رات هئڻ باوجود ماڻهن جا وڏا ميڙ نظر اچي رهيا هئا. اسان هلندي هلندي ڪجھه ٿڪ ڀڃڻ لاءِ هڪ بينچ تي ويهي رهياسين ۽ ڪافي دير هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ کان سواءِ چپ چپات ويٺا رهياسين. نيٺ اُٿياسين ۽ هڪ دڪان تان ٻه چڪن رول وٺي کاڌاسين. رات جي ماني کائڻ جو ڪوبه پروگرام نه هئو، ڇاڪاڻ ته ماني دير سان ۽ سابه ڍؤ سان کاڌي هئيسين. هي چڪن رول به جيئن تيئن ڪري ڳڙڪاياسين. سمنڊ جي ساحل تي وڙڪندي ۽ سهڻا نظارا پسندي عبدالحڪيم شاهه کي چيم : ”يار! هتي سونهن پنهنجن سورهن سينگارن سان جرڪا پيئي ڏي، پر يقين ڪر اسان جي منڇر، ڪينجھر ۽ منهوڙو ڪنهن به پر هنن کان گھٽ نه آهن. جيترو ناڻو هتي خرچ ڪيو ويو آهي ۽ جيڪي انتظام هتي ڪيا ويا آهن سي جيڪڏهن منڇر، ڪينجھر ۽ منهوڙي تي ڪيا وڃن ته دنيا جا سياح انهن کي ڏسي دنگ رهجي وڃن.“ شاھه صاحب چيو، ”واه واه واه جي ڳالھه ڪئي اٿئي. سچ پچ اِهي هنڌ بي مثال اسپاٽ ٿي وڃن.“
    شاهه صاحب ته آهي ئي ڪينجھر جي ڪپ جو واسي سو ڪينجھر جي دلفريب نظارن مان دل ڀري پئي اٿس. ڪينجھر تي مون به ڪيئي راتيون بسر ڪيون آهن. ڪينجھر مٿان جڏهن چنڊ سونهري نور ورکا ڪري ٿو ته اُن جي سونهن سَرس ٿيو وڃي. گرميءَ ۾ به رات جون ٿڌيون هيرون بنهه مدهوش پيون ڪنديون آهن. هتي جي هوائن ۾ کٿوريءَ جي خوشبو ۽ پريم جي مهڪ آهي. ڄام به ته اِتي ئي شڪار ڪرڻ آيو هئو ۽ خود نوريءَ جي نينهن جي ڪنڊيءَ ۾ ڦاسي پيو. خبر نه آهي ته انهن ڪپن تي ڪيترا ڄام ۽ ڪيتريون نوريون محبتن جا ميلا مچائي ويا هوندا. ڏينهن هجي يا رات اتر گھلي يا واهوندي ڪينجھر هميشه هندوري جيئن پئي جھولندي آهي. لطيف سائين به هن نينهن ڀرئي نظاري کي پسي بي اختيار چئي ويٺو :
    هيٺ جر مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراه،
    اچي وڃي وچ ۾ تماچيءَ جي ساءِ،
    لڳي اُتر واءُ، ته ڪينجھر هندورو ٿيئي.
    **
    هيٺ جر مٿي مڃر ڪنڌيءَ ڪوَنر ترن،
    لڳي واهوندن، ته ڪينجھر کٿوري ٿئي.

    هتي هانگ ڪانگ جي هن سامونڊي ساحل جي سونهن پسي وطن جا نظارا ياد آيا ۽ يادن جو سلسلو پري پري تائين ڦهلجندو ويو. سونهن ڪٿي به هجي، من کي موهيندي آهي. بهرحال دل ته نٿي چاهيو ته اهڙي منظر کي ڇڏجي پر مجبوراً واپس به ورڻو هو سو ٽيڪسي ڀاڙي هوٽل ڏانهن روانا ٿياسين. هانگ ڪانگ توهان کي رات جو ڏينهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ حسين لڳندو. هتي هر ڏس روشنيون ئي روشنيون نظر اينديون، اوندهه جو ته نالو نشان ئي نه آهي. شايد غلام هانگ ڪانگ ۾ ٻاهريون روشنيون ايتريون انهي ڪري ڪيون ويون آهن ته جيئن اندر جي اونده کي لڪائي سگھجي. ٽين دنيا جي پسمانده ملڪن کي اونداهيءَ جو ديوَ ڳڙڪايو ويٺو آهي ۽ هي رستن ۽ عمارتن جون روشنيون ته رڳيون ڏيکاءَ جون آهن. ٽيڪسي رمندي اچي هوٽل اڳيان بيٺي، اسان کيس پئسا ڏيئي رسيپشن تان چاٻيون کڻي ڪمري ڀيڙا ٿياسين ۽ تمام گھڻي دير تائين منهوڙي، ڪينجھر ۽ منڇر کي جديد نموني آراسته ڪرڻ لاءِ ويچار ونڊيندا رهياسين. اِهي ويچار ونڊيندي وڃي رات جا اڍائي ٿيا. ننڊ نيڻن کان رسي ويئي هئي، پلنگن تي پاسا ورائيندي رات وهامي ويئي ۽ صبح جو سوير سار ٿيسين پريزيڊنٽ ٽوئر لميٽيڊ وارن سان ڪالھه ئي ڳالهائي ڇڏيو هئوسين. اسان کي اوشين پارڪ (Ocean Park) لاءِ صبح جو 9 بجي اسهڻو هئو.


    5

    ٽوئر ڪمپني وارن جي اٽڪل سواءِ نوين ڌاري گاڏي اچڻي هئي. اسان تيار ٿي ڪمري تي ئي نيرن ڪري نوين وڳي ڌاري اچي لائونج ۾ ويٺاسين. هن هوٽل مان هڪ ٻيو به مسافر اسان سان گڏ ٽوئر جي گاڏيءَ ۾ سوار ٿيو. هو شايد جرمن نيشنل هئو. گاڏيءَ ۾ 14 ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش هئي پر اسان صرف اَٺ ڄڻا هئاسين. اسان جي سونهين (Guide) اسانکي ٻڌايو ته باقي پئسينجر هن کي ٻين هوٽلن مان کڻڻا آهن. اسان کي اٽڪل ڪلاڪ کن هوٽلن مان پئسينجر کڻندي گذري ويو. مني ڪلاڪ جي سفر کان پوءِ اسان اچي اوشين پارڪ ٻاهران پهتاسين. اسان جي گائيڊ اسان کي چيو ته توهان هتي بيهو ته آئون ٽڪيٽون وٺي ٿي اچان. پاڻ اسان سڀني جون ٽڪيٽون وٺي آئي ۽ اسان کي پارڪ بابت ڪي سمجھاڻيون ڏيئي اندر هلڻ لاءِ چيائين اسان کيس چيو ته ٿورو ترس، اسان گيٽ وٽ رکيل آئسڪريم وٺي اچون. ترت ئي اسان موٽي اچي ساٿ ڀيڙا ٿي گڏجي اندر داخل ٿياسين. اسان پنهنجي ڪئمرائن ۾ رول اڳ ۾ ئي وجھرائي ڇڏيا هئا. اوشين پارڪ هانگ ڪانگ جو تمام سهڻو پارڪ آهي، جنهن ۾ عام تفريح جون ڪيتريون ئي جڳهيون آه. مثلاً :
    1. ڪئبل ڪار ٽرمينل (Cable Car Terminal)
    2. چلڊرين زُو (Children Zoo)
    3. گارڊن ٿيئٽر (Garden Theatre)
    4. واٽرفال گارجن (Waterfall Gargen)
    5. سوئیمنگ برج (Swimming Bridge)
    6. فش ٿئيٽر (Fish Theatre)

    هي گارڊن ٻن حصل ۾ ورهايل آهي ۽ ٻئي حصا ڪئبل ڪار ذريعي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. اسان پهريائين گارڊن ٿيٽر وياسين جتي شام جو هڪ شو ٿئي ٿو جنهن ۾ ناٽڪ ۽ جادوءَ جا ڪرتب ڏيکاريا ويندا آهن، جيئن ته اڃا شام نه ٿي هئي، اِنهيءَ ڪري وڙڪڻ لاءِ اُتان نڪري ٻي ڏانهن وياسين، پر ڏٺم ته ڪيترائي همراهه اِهو شو ڏسڻ لاءِ اڳ ۾ اچي ڳاهٽ ٿيا هئا. سوچيم ته واندا رڳو اسان وٽ ڪونه آهن، پر هتي به ساڳئي ويڌن آهي. فلم اسان وٽ شروع ٿيڻي هوندي ٽين وڳي ته واندا جوان 12 بجي کان ئي لائين ۾ لڳي ويندا آهن سو هتي به همراهه گھڻو اڳ پهچي ويا هئا. اسان اتان نڪري چلڊرين زُو (ٻاراڻو چڙيا گھر) ۾ وياسين، جتي ٻار بنهه ٿورا ڏسڻ ۾ آيا ڇاڪاڻ ته اِهو وقت اسڪول جو هئو. جيڪي ٻار نظر پي آيا، سي شايد ٻي شفٽ ۾ پڙهندڙ هئا. هيءَ چڙهيا گھر هئو ته ٻارڙن لاءِ پر سچ پچ منجھس وڏن جي وندر جو به خاصو بندوبست هئو. اُتان اسان واٽرفار گارجين کان ٿيندا ٽهلندا اچي سوئمنگ برج تي پهتاسين ۽ اتي ڪافي دير ڇٻر (Lawn) تي ويهي رهياسين. هتي چڱي دير ساهي پٽي پوءِ ڪئبل ڪار ٽرمينل تي پهتاسين، جتي ڪئبل ڪار ۾ ويهي ٻي طرف يعني جتي فش ٿيئٽر آهي اُتي پهتاسين. هتي هڪ طرف توهان ننڍين ۽ وڏين مڇين کي کليل نموني پاڻيءَ ۾ ترندو ڏسي سگھو ٿا ۽ ٻئي طرف وري ننڍڙين مڇين کي گلاس ذريعي پاڻيءَ ۾ ڏسي سگهو ٿا. اتي جيڪي کليل نموني سان وڏيون مڇيون ڏسڻ ۾ آيون تن رڙيون ڏاڍيون ڪيون ٿي. جڏهن انهن سڀني رانڀاٽ ٿي ڪيا ته ڪنن جا پردا ٿي ڦاٽا. ٻئي طرف وري مڇين جو ٿيٽر هئو جنهن ۾ پاليل مڇين عجيب و غريب ڪرتب ٿي ڏيکاريا ۽ ماڻهن تاڙيون وڄائي خوب داد ٿي ڏنو. اهي مڇيون هيٺ هڪ وڏي تلاءَ مان ٿي آيون جتي سندن سکيا ڏيندڙ هنن کي ڪيترائي ڪرتب ٿي ڪرايا. هتي ماڻهن جي ويهڻ جو تمام سٺو بندوبست هئو. هتي ريسٽورنٽس به گھڻيون هيون جتي هر شيءِ مهيا هئي. تقريباً ٻن ڪلاڪن جي هن شو کانپوءِ ٽوئر ڪمپني وارن کي، اسان کي پنهنجي جاءِ تي واپس پهچائڻو هئو. واپسيءَ دوران اسان جي گائيڊ اسان کي نظر ايندڙ خاص خاص جڳهين بابت ٻڌائيندي آئي. ٿوري دير کانپوءِ اسان پنهنجي هوٽل تي پهتاسين ۽ هاڻي اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو هئو ته آيا سڀاڻي چائنا هلجي يا نه. سو ڪافي سوچ ۽ ويچار بعد فيصلو ڪيوسين ته اسان جو سفر اڳ ۾ ئي ڊگھو آهي جنهن ۾ ٿائلينڊ، سنگاپور، هانگ ڪانگ، جپان ۽ منيلا ٿا اچي وڃن، سو جي چائنا وياسين ته ڪافي دير ٿي ويندي ۽ عيد تي ڳوٺ ورڻ نه ٿي سگھندو. انهي ڪري چائنا جي ٽوئر کي ڪاٽا ڪري هانگ ڪانگ جي ڀر واري ٻيٽ مڪائو گھمڻ جي سٽا سٽيسون. هن ٻيٽ تي دنيا جا بهترين ڪسينو (Casino) آهن. مڪائو هتان کان اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ جي سفر تي آهي. هينئر اٽڪل 5 وڳا هئا سو اسان تڙ تڪڙ ۾ چانهه پي تيار ٿي پنهنجا پاسپورٽ کڻي ڪمري تان هيٺ لهي ٽيڪسي ڀاڙيسين. ٽيڪسي واري کي سمجھايوسين ته اسان کي مڪائو وڃڻو آهي. انهي ڪري تون اسان کي انهيءَ هنڌ تائين پهچاءِ جتان ننڍا جهاز مڪائو وڃن ٿا. ٽيڪسي واري ڳالهه کي سمجهي چيو ته حاضر سائين اجهو ٿو پهچايان. جيئن ته اها جڳهه هانگ ڪانگ سائيڊ ڏانهن هئي سو اسان وري به سرنگ (Tunnel) مان گذرندا اچي انهيءَ ننڍي پورٽ تائين پهتاسين جتان مڪائو لاءِ ٻيڙيون ۽ ننڍا جهاز جام ملندا آهن. اسان مڪائو وڃڻ لاءِ جهاز ڪمپني کان ٻه ٽڪيٽ ورتا. هتي ڪيترن ئي جهاز ڪمپنين جون آفيسون آهن ۽ توهان جي مرضي تي ڇڏيل آهي ته توهان ڪهڙي به ڪمپني جي جهاز جي ٽڪيٽ ٿا وٺو. جيئن ته مڪائو لزبن جي هڪ علحيده ڪالوني آهي تنهنڪري هانگ ڪانگ کان مڪائو وڃڻ لاءِ توهان کي اميگريشن ۽ ڪسٽم چيڪنگ به ضرور ڪرائڻي پوندي. اسان پهريائين پنهنجي پنهنجي واري اچڻ تي اميگريشن وارن کي پاسپورٽ ڏنو ۽ تنهن کانپوءِ ڪسٽم ڪائونٽر تي ڪسٽم چيڪنگ لاءِ وياسين. اسان وٽ جيئن ته سامان وغيره ڪجهه به نه هو. انهي ڪري چيائون ته ٺيڪ آهي. هونئن به هانگ ڪانگ ۽ مڪائو جي وچ ۾ اميگريشن ۽ ڪسٽم چيڪنگ اها نه هئي جيڪا ٻين انٽرنيشنل هوائي اڏن تي ۽ سامونڊي بندرگاهن تي ٿئي. هتي ته اها چيڪنگ صرف رسم جو پورائو آهي. هتي ڪنهن به قسم جي وٺ پڪڙ ان ڪري ناهي جو مڪائو اچڻ لاءِ سواءِ انهيءَ رستي جي ڪو ٻيو رستو ناهي ۽ نه ئي مڪائو کي ڪو ننڍو يا وڏو هوائي اڏو آهي ۽ نه ئي وري ڪو سڌو سامونڊي بندرگاهه اٿس جو ماڻهو سڌي طرح مڪائو وڃن. مڪائو وارن جو هن سامونڊي رستي کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ئي ڪونهي. سو وري ڪن اميگريشن تي سختي ته حرام ڪو هڪ پئسينجر به هتي اچي يا پهچي. هونءَ به مڪائو جي سڄي معيشت جو مدار سياحت تي آهي ۽ سندس اڌ آمدني سڌي يا اڻ سڌي طرح سياحن مان وصول ٿئي ٿي. اسان ڪسٽم ۽ اميگريشن مان واندا ٿي پنهنجي (boat) جو انتظار ڪرڻ لڳاسين، جيڪا بيٺي ته بندر تي هئي پر شايد کيس ٺيڪ ٺاڪ پئي ڪيائون.
    ٿوري دير کانپوءِ اسان کي ٻڌايائون ته توهان جي بوٽ تيار آهي، توهان ڀلي قطار ٺاهي هڪ هڪ ٿي اندر اچو. جيئن ته بوٽ خاص هن پتڻ (Ferry) لاءِ ٺاهي ويئي هئي، جمبو جيٽ جيان هيٺ مٿي مسافرن جي ويهڻ لاءِ سيٽون ٺهيل هيون. مسافر آهسته آهسته ٿيندا اندر پهچي ويا. جڏهن سڀ پئسينجر اندر پهچي ويا ته دورازا بند ڪري ڇڏيائون. منهنجو اندازو آهي ته اٽڪل هڪ سئو کن ماڻهن جي ويهڻ جو بندوبست هو. جڏهن سڀ ٿانيڪا ٿيا ته هوائي جهاز جي سفر وانگي اسان کي کيڪارڻ کانپوءِ چيائون ته توهان پنهنجا سيفٽي بيلٽ ڪشي ٻڌي ڇڏيو ته جيئن شروعاتي هلڻ وقت جھٽڪو محسوس نه ٿئي. اسان پنهنجا پنهنجا بيلٽ (پٽا) درست ڪري ڇڏيا. اها ڳالهه وهم ۽ گمان ۾ به نه هئي ته بوٽ ۾ به سيفٽي بيلٽ ٻڌڻا پوندا. ٿوري دير کانپوءِ هڪ خاتون جنهن کي توهان بوٽ هوسٽس به چئي سگهو ٿا، تازيون اخبارون ۽ رسالا کڻي اچي اسان کي ڏنا. ان کانپوءِ ٽراليءَ ۾ رکيل چاڪليٽ، چيگم ۽ ڊرنڪس کڻي آئي. هر هڪ مسافر اڳيان ٽرالي بيهاريندي ۽ پوءِ اڳيان وڌندي وئي. بوٽ ايئرڪنڊيشنڊ هئي ۽ سيٽ تي ايئر فون به لڳل هئي. هر پئسينجر گھرج ۽ خواهش مطابق سيٽ ۾ لڳل ڪنيڪشن سان وائر لڳائي موسيقي ٻڌي سگھيو ٿي.
    اسان هانگ ڪانگ جي روشنين کي ڇڏي جڏهن اڳتي وڌياسين ته چنڊ جي روشني سمنڊ جي سيني تي پري پري تائين پکڙيل نطر اچي رهي هئي. هڪ روح پرور نظارو هو جو من کي موهي رهيو هو. اسان جي بوٽ پاڻيءَ ۾ ڇر ڇر ڪندي تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهي هئي. پس منظر ۾ پهاڙيون پري پري تائين ڏيکائي ڏئي رهيون هيون. چنڊ جي چانڊاڻ جي ڪري ڪٿي ڪٿي پهاڙين تي ڪا جڳهه به نظر اچي رهي هئي. اسان کي هاڻي مڪائون جون روشنيون به ٽمڪنديون نظر آئيون پئي. ٿوريءَ دير کانپوءِ اسان مڪائوءَ جي ننڍي پورٽ تي پهچي چڪا هئاسين. هتي به نالي ماتر اميگريشن ۽ ڪسٽم فارملٽيز پوريون ٿيون. اسان پورٽ جي هن مختصر عمارت کان ٻاهر نڪري ٽيڪسين جي اڏي تي بيٺاسين. هتي ٽيڪسي واري هنڌ تي هڪ هڪ ٿي پهچڻو هو ۽ واري واري سان هڪ هڪ ٿي قطار ۾ اڳيان وڌڻو هو. منهنجي اڳيان ٻه ٽي ماڻهو مس هئا ۽ مون پٺيان مڙي ڏٺو ته اٽڪل ڏيڍ سئو کن ٽيڪسيون هڪ ئي رنگ جون هڪ ئي ماڊل جون هڪ ئي قطار ۾ قطاريون بيٺيون هيون ۽ ڏاڍيون سهڻيون پئي لڳيون. اسان پنهنجي واري اچڻ تي ٽيڪسين ۾ وڃي ويٺاسين. ٽيڪسي اهڙي ڪشادي، خوبصورت ۽ اندران فُلي لوڊيڊ (Fully Loaded) هئي جو اهڙيون ٽيڪسيون توهان کي سنگاپور ۽ ۽ هانگ ڪانگ ۽ جپان ۾ ملنديون. اسان کان ٽيڪسي واري پڇيو ته ڪيڏانهن هلبو. اسان کي سمجهه ۾ نه آيو ته ڪيڏانهن هلڻ لاءِ چئونس، ڇاڪاڻ ته مڪائو جو ڪو به پتو نه هئوسين. بهرحال ڪجهه سوچي چيوسين ته ڪسينو ڏانهن هل ته پاڻ وراڻيائين ڪهڙي ڪسينو ڏانهن هلون. اسان جان ڇڏائڻ لاءِ چيس ته مڪائو ۾ جهڙو به سٺي ۾ سٺو ڪسينو هجي اتي هل. يعني آئون هن ڳالهه جو ذڪر ضروري ٿو سمجهان ته مڪائو جو هڪ احوال ٻڌائيندو هلان.
    مڪائو وارو هي علائقو سن 1557ع ۾ پورچوگيزن واپاري مقصدن لاءِ چين کان مسواڙ يا ٺيڪي تي ورتو ۽ اهو سلسلو ڳچ وقت تائين هلندو رهيو ۽ پورچوگيز چين کي مسواڙ ادا ڪندا رهيا. اڳتي هلي 1849ع ۾ پورچوگيزن هن علائقي تي پنهنجو قبضو ڄمائي چين کي مسواڙ ڏيڻ کان نابري واري ڇڏي. مغرب جي بيٺڪي قوتن ايشيا ۽ آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن تي انهيءَ ريت قبضو ڄمائي انهن جو استحصال ڪيو. هندوستان ان جو وڏو مثال آهي جتي ايسٽ انڊيا ڪمپني مغل بادشاهن کان واپاري ڪوٺين کولڻ جي اجازت ورتي ۽ پوءِ آهسته آهسته انگريزي تاج جي حمايت هيٺ پنهنجو اثر رسوخ وڌائيندي سڄي هندوستان تي قبضو ڄمائي ويهي رهيا. ڪلهه جا اهي انگريز واپاري جيڪي جهانگير جي درٻار ۾ ادب جا هٿ ٻڌيو ڪوٺين کولڻ جا اجازت ناما طلب ڪري رهيا هئا سي هندوستان جي سياهه ۽ سفيد جا مالڪ بڻجي ويهي رهيا ۽ آخري مغل تاجدار بهادر شاهه ”ظفر“ رنگون ۾ قيد جا ڏينهن ڪاٽي رهيو هو. هندوستان جي انهيءَ طرح قبضي هيٺ اچڻ جو ”باري پنهنجي ڪتاب ”ڪمپني ڪي حڪومت“ ۾ تمام سٺو تجزيو ڪيو آهي“. مڪائو جي اها صورتحال تيستائين قائم رهي جڏهن پرتگال ۾ 1974ع ۾ سوشلسٽ انقلاب آيو ۽ پرتگال پنهنجيون سڀ بيٺڪون آزاد ڪري ڇڏيون جنهن ۾ آفريڪا ۾ موزمبيق ۽ انگولا به اچي وڃن ٿا.
    موزمبيق ۽ انگولا جي آزادي صرف پرتگال جي داخلي حالتن جي تبديليءَ جو نتيجو نه هئي پر موزمبيق ۽ انگولا پنهنجيءَ آزاديءَ لاءِ وڏي ويڙهاند ڪئي ۽ دنيا جي سوشلسٽ ملڪن خاص طرح ڪيوبا ۽ روس انهن جي وڏي مدد ڪئي. غرض ته اها آزادي ٻانهن ٻل سان حاصل ڪيل آزادي هئي. دنيا ۾ غلام ۽ پڙهيل قومون محڪومي ۽ محرومي جي آفت کان ڇوٽڪارو پائڻ لاءِ سگھ جو مقابلو سگھ سان ڪنديون آهن. اها فڪر ۽ عمل جي سگھ رڪ کي به رجائي ڇڏيندي آهي. ڪنهن به قوم کي نجات ۽ آزادي بيک ۾ نه ملندي آهي.

    در در دان نه پن، ماني ڪانهي مڱ جي
    بک نه مٽجي بيک مان اڀري الري ڇن
    ڪيئن ڪيئه ڪن، دڀش لڄائيه داسڙا.
    (اياز)

    ها ته ڳالهه پئي ڪيم پرتگال جي سوشلسٽ (سماجوادي) انقلاب جي ته پرتگالي سياست جي انهيءَ تبديليءَ جي ڪري اهو ٿيو جو پرتگال ۽ چين جي وچ ۾ نئين سر معاهدو ٿيو ۽ انهيءَ معاهدي تحت فيصلو ٿيو ته مڪائو چين جو حصو آهي ۽ رهندو پر صرف مڪائو جي انتظاميه پرتگال جي ماتحت رهندي ۽ اهڙي ريت هن چار لک آدمشماري جي ٻيٽ ۾ پهريون ڀيرو چونڊون ڪرائي پارليمينٽ قائم ڪئي وئي آهي. مڪائو ۾ پورچوگيزن طرفان مقرر ڪيل گورنر جو نالو آهي واسڪو ڊي الميڊا ڪوسٽا (Vasco de Almedia costa). هتي جي حڪومت جي سڀني اهم کاتن جا سربراهه به پورچوگيز آهن. مڪائو جي ڪرنسيءَ جو نالو آهي پٽاڪا (Pataca). ٽيڪسيءَ واري هڪ تمام وڏي عمارت جيڪا ڇهه ست ماڙ لڳي ٿي. تنهن جي دروازي وٽ پورچ هيٺيان ٽيڪسي اچي بيهاري. ڪسينو جي ٻاهران بيٺل بارودي ڪسينو ملازمن اسان جي ڪار جو دروازو کوليو ۽ نوڙي کيڪاريائون. اسان پاڻ کي ڪجهه درست ڪري پوءِ ڪسينو اندر گھڙياسين. ڪسينو جي اندر جنهن جي مختلف فلورن تي مختلف پروگرام هئا، جن ۾ ڪئبري نائٽ ڪلب، يارون ريسٽورنٽس، ڪافي شاپس ۽ خود ڪسينو جا پنهنجا مخصوص آئٽم جن کي توهان هڪ شريفاڻي جوا به چئي سگهو ٿا. تنهن جا پڻ سوين قسم موجود هئا. انهن کي پهريائين سمجهو ۽ پوءِ انهن ۾ حصو وٺو. سو اسان کي ايترو وقت ئي ڪٿي هو جو پهريان هفتو کن انهن کي سمجهڻ ۾ وڃايون ۽ پوءِ انهن ۾ حصو وٺون. ڏٺو پير پني مراد وانگي اسان رڳو انهن کي ڏسندا واسندا اچي نيٺ نائٽ ڪلب جي حوالي ٿياسين. هتي پنج ڇهه ڪلاڪ ويهي رهياسين. اصل ٻاهر نڪرڻ تي روح ئي نٿي ٿيو. سچ پچ جيڪو ماڻهو هانگ ڪانگ اچي ۽ مڪائو نه ڏسي ته پوءِ چئبو ته هن ڪجهه به نه ڏٺو. رات جي ٽاڻي هته هانگ ڪانگ کان به وڌيڪ لطف لڳو پيو هوندو آهي. ڪافي دير کانپوءِ ٻاهر نڪتاسين ۽ خيال ڪيوسين ته هن ٿورڙي وقت ۾ سڄو مڪائو گھمڻ ته محال آهي پر جيڪو ڪجهه ڏسي سگهون سو ڏسي وٺون ته بهتر. سو اسان فيصلو ڪيو ته ٽيڪسي ڀاڙي تي ڪري انهيءَ ڊگھي پل تان هلون جيڪا سمنڊ مٿان ٺاهي وئي آهي ۽ پوءِ ان کي پار ڪري تيپا ٻيٽ طرف هلون. ٻاهر نڪري ٽيڪسي واري کي چيوسين ته اسان کي پل تان گھمائيندو پوءِ تيپا ٻيٽ وٺي هل.
    همراهه اسان کي اٽڪل ٻه ڪلاڪ کن گھمائيندو ڦيرائيندو رهيو. اسان به ٽيڪسي ۾ ويٺي ويٺي سڄي آس پاس جو مشاهدو ڪندا رهياسين. ايستائين صبح به ٿي چڪو هو ۽ واپس به ورڻو هو سو ٽيڪسي واري کي چيوسين ته پورٽ جي ويجهو ڪنهن هوٽل تي هل ته ناشتو ڪري پوءِ هانگ ڪانگ ورڻ واري ڪريون. پاڻ چيائين ته پورٽ جي ويجهو ته ڪا به هوٽل ڪانه آهي البته پورٽ جي اندر ڪافي هوٽلون آهن. توهان اتي ناشتو ڪري پوءِ پنهنجي بوٽ ۾ چڙهي هانگ ڪانگ روانا ٿي وڃو. اسان جيئن ته رٽرن ٽڪيٽ ورتي هئي انهي ڪري انهي فڪر کان آجا هياسين سو اتي ئي هڪ ريسٽارنٽ تي ناشتو ڪيوسين. انهيءَ کانپوءِ پنهنجا پاسپورٽ اميگريشن وارن جي حوالي ڪياسين جن پاسپورٽن تي ٺپا هڻي اسان کي موٽائي ڏنا. اسان اڳتي هلي بوٽ لاءِ پڇا ڪئي. اسان کي ٻڌايو ويو ته بوٽ تيار آهي يڪدم سوار ٿيو. اسان بوٽ ۾ داخل ٿياسين ته ڏٺوسين ته اڃا ڪافي سيٽون خالي پيون هيون ۽ بوٽ وارا مسافرن جو انتظار ڪري رهيا هئا. اٽڪل مني ڪلاڪ جي انتظار کانپوءِ سواءِ چند سيٽن جي بوٽ ڀرجي وئي ۽ رواني ٿي. بوٽ جا سفري آداب اڳوڻي جيان بجا آندا پئي ويا ته پنهنجا بيلٽ ڪشي ٻڌو، ڦلاڻي وقت روانگي ٿي آهي ۽ ڦلاڻي وقت منزل تي پهچنداسين وغيره. اچڻ وقت رات هئڻ ڪري ويجهيون ويجهيون پهاڙيون ته نظر آيون هيون پر دور دور جو ڪو به درشن نه پئي ٿيو هو. هينئر ڏينهن هو انهي ڪري دور دور تائين هر شيءِ صاف نظر اچي رهي هئي. ٽڪرن جون چوٽيون ڪر کنيو سينو تاڻيو بيٺيو هيون ڄڻ ته انسان کي مضبوط پيرن سان ڳاٽ اوچو ڪري جيئن جو سبق سيکاري رهيون هجن. سج جا ڪرڻا انهن جي چوٽين کي جرڪائي رهيا هئا. وچ ۾ هڪ پهاڙي جي چوٽي تي بوسٽر لڳل هو جو پري کان صاف نظر اچي رهيو هو. ٻاهر سج جي روشني تمام تيز محسوس ٿي رهي هئي. اسان جو جهاز اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ جي سانده سفر کانپوءِ هانگ ڪانگ سهڙيو. اسان جهاز مان لهي سڌو اميگريشن ڊيسڪ تي پهتاسين ۽ پنهنجا پاسپورٽ ڏيکارياسين. رسمي پڻي بازي کانپوءِ پاسپورٽ اسان کي موٽايا ويا. اسان بلڊنگ کان ٻاهر نڪري ٽيڪسي ڀاڙي سڌا هوٽل پهتاسين. ان وقت ڏينهن جو اٽڪل هڪ وڳو هو. اسان جلدي وهنجي سهنجي تيار ٿياسين ۽ رسيپشن وارن کي ٽيليفون ڪئيسين ته اسان ڏاڍا ٿڪل آهيون. انهي ڪري ماني ڪمري تي ئي ڏياري موڪليو. اسان لنچ ڪري ڪجهه ساهي پٽڻ خاطر آرام ڪيو ۽ پوءِ وري اٿي تيار ٿي شهر ڏانهن رخ رکيوسين، جيئن ته اسان کي صبح سوير جپان روانو ٿيڻو هو. انهي ڪري چاهيوسين ته هانگ ڪانگ کي باقي وقت ۾ جيترو گھمي سگهون سو گھمي وٺون، وري يا نصيب هانگ ڪانگ اچڻ ٿئي يا نه. عبدالحڪيم شاهه کي سندس چشمي ٺهرائڻ جي ڏاڍي اڻ تڻ هئي سو سوچيوسين ته گھمندي ڦرندي اهو ڪم به لاهي وٺون. اهو چشمون ٿائلينڊ ۽ هانگ ڪانگ جي ڊزن کن دڪاندار کي ڏيکاري چڪا هياسين پر دوڪانن تي چڙهندي ٺپ جواب مليو ته اسان اهو ڪم ڪريون ئي ڪونه. اسان به ڇڏڻ وارا نه هياسين ۽ دڪاندار کي ڏاڍا ايلاز ڪياسين ته ٻيلي مهرباني ڪري هي ڪم ڪري ڏيو پر هر هنڌان ساڳي وراڻي ملي ته اسان وٽ اهو ڪم ڪو نه ٿئي. پر هانگ ڪانگ ۾ توهان کي شايد ئي ڪو اهڙو دوڪان ملي جو چشمي جي مرمت ڪري ڏئي. عبدالحڪيم شاهه کي به جوش اچي ويو سو چيائين کڏ ۾ پوي مرمت نئون چشمون ٿا وٺون. ايئن مس مس وڃي هي مسئلو حل ٿيو. چشمن جي دوڪان تان لهي چڪر ڪاٽيندا اچي چنگ ڪنگ مينشن وٽ اچي پهتاسين. جتي هڪ سنڌي دوڪاندار کان ڪجهه ڪپڙو خريد ڪيوسين. اتان ٿي عبدالله هوٽل واري وٽ آياسين ۽ چيوسين ميان اسان سڀاڻي سوير جپان اسهنداسين انهي ڪري جيڪا خدمت ڪرڻي اٿئي سا ڪري وٺ. همراهه ڏاڍي همدردي واري لهجي ۾ پڇيو ته ڇا واقعي توهان صبح سوير جپان روانا ٿي ويندا. مون چيس ته بلڪل وينداسين هليا. اسان کي چيائين هن مختصر وقت ۾ توهان هانگ ڪانگ سٺي طرح نه گھمي سگھيا هوندا. اڃا ڪجهه ڏهاڙا ترسو ته اسين به اوهان کي ڪجهه هانگ ڪانگ گھمايون. ڳالهيون ڪندي ڪندي مانيءَ جو آرڊر به وٺندو ويو ۽ واري واري سان مال به ٽيبل تي لڳائيندو ويو. عبدالله جي ماني ته اڳي به ڏاڍي لذيذ هوندي هئي پر اڄ ته ان جي شيريني سرس هئي. شايد خاص حب سان ٺاهي هيائين. اسان ماني کائي ڍئو ڪري عبدالله کي چيو ته بل آڻ ته ادائگي ڪري وڃي هوٽل ڀيڙا ٿيون. هن ٻاجھاري مرڪ سان مشڪي چيو ته اڄوڪي ماني منهنجي طرفان مهماني طور هئي، انهي ڪري ڏوڪڙ ڪونه وٺبا. اسان گھڻئي سمجهايس ته ميان هي تنهنجو گھر نه آهي پر هانگ ڪانگ جهڙي شهر جي هوٽل آهي. جنهن جا مسواڙ کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي خرچ آهن انهي ڪري پئسا وٺ. انهيءَ تي پاڻ جيڪو جواب ڏنائين تنهن هڻي لاجواب ڪري ڇڏيو. چيائين ته سائين پنهنجي انهي مهمان نوازي ڪري ته پاڻ پهاڙن جيڏا سور سٺا آهن ۽ اهي سور هاڻي ايڏا پيارا ٿي ويا آهن جو ڪٿي ٿا اهي عادتون ڇڏيون. پنهنجي مهمان نوازي ته ٻيءَ دنيا تائين به جاري رهندي. سوچيم عبدالله ته ٿورڙن لفظن ۾ وڏي ڳالهه ڪري ويو. واقعي صديون گذري ويون آهن انهي مهمان نوازي جي ريت نڀائيندي ۽ اگرا نتيجا ڀوڳيندي پر اڄ به انهي ريت سان اسان جو نباهه سر ساهه سڌو سلهاڙيل آهي.
    مون هانگ ڪانگ جي اوچين ۽ بلند عمارتن ڏانهن نهاريو ته اهي مون کي اسان جي ريتن رسمن اڳيان پتڪڙيون نظر آيون. عبدالله جو جواب ٻڌي مون کڻي بس ڪئي ۽ موڪلائي هوٽل روانا ٿياسين.


    فلپائن

    1

    سير و تفريح جتي روح ريجهائيندڙ وندر آهي اتي ڄاڻ ۽ علم پرائڻ جو به وڏو وسيلو آهي. هن دور ۾ ته هر ڪا شئي موجود ملي ٿي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جا احوال هڪيا حاضر مليو وڃن. ڪتاب، اخبارون، رسالا ۽ فلمون وغيره بنهه ڏوراهن ڏينهن جا احوال به ايئن ٻڌائين ڄڻ ته سڀ شيءِ اکين پئي ڏسجي. پر پراڻي دور ۾ ته ملڪن جا حال احوال ميڙڻ لاءِ تمام ڊگھا ۽ اڙانگا سفر ڪرڻا پوندا هئا. ڪي مهم جو ماڻهو ئي اهڙا ڪشالا ڪڍي دنيا جي گولي جا چڪر ڪاٽيندا هئا.
    هن دور جي مواصلاتي تيز رفتاريءَ سفر کي اهڙو ته سهنجو ڪيو آهي جو ملڪن جا ملڪ ڏينهن ۾ گھمي اچجن. گھمڻ ڦرڻ ۽ سير سفر ڪرڻ اهڙو دلچسپ ۽ ڪارگر مشغلو آهي جو جنهن جي به پهچ هجي سو ضرور دنيا ڏسي. سير و سفر سان ملڪن جي جاگرافيائي بيهڪ، قومن جي عروج ۽ زوال، تهذيب ۽ ثقافت، خوشحال ۽ غربت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيڪل ترقي جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. مختلف قومن جي سماجي، سياسي ۽ اقتصادي اوسر کي اکين سان ڏسي علم ۾ به اضافو ڪري سگھجي ۽ عبرت به حاصل ڪري سگھجي ٿي. سير و سياحت جو شوق آهي ته واقعي مهانگو پر ان مان جيڪو لطف حاصل ٿئي ٿو ۽ جيڪا ڄاڻ پلئه پوي ٿي سا خرچ کان وڌيڪ لاڀائتي آهي. اسان جي سرنديءَ وارن سنڌي ماڻهن کي ميلن، ملاکڙن، رڇن ۽ ڪتن ۽ ڪڪڙن جي ويڙهن تي پئسن وڃائڻ کان سير و سياحت تي توجهه ڪرڻ گھرجي ته جيئن کين سڌ پوي ته ڌرتيءَ جي هن گولي تي ڇا ڇا پيو وهي واپري ۽ انسان جي ذهن ڪهڙا رنگ رچايا آهن. مون ته سير و سياحت کي وندر کان وڌيڪ ڄاڻ پرائڻ جو وسيلو سمجهيو آهي ۽ سمجهان ٿو جيڪو خرچ ڪيو اٿم ان کان وڌيڪ لاڀ پرايو اٿم. جپان کي گھمندي جپاني ماڻهن جي رهڻي ڪرڻي، اٿڻي ويهڻي ۽ تيز تر صنعتي ترقي کي ويجھڙائي سان ڏسڻ جو موقعو مليم. سچ پچ ته هيءَ قوم عجيب و غريب صلاحيتن جي مالڪ آهي. فونيڪس پکيءَ وانگي پنهنجي رک مان نئون جنم ماڻيندڙ هيءَ قوم ڏسڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ وٽان آهي.
    اسان جپان جي سهڻي ڌرتيءَ کي ڇڏي فلپائن جي گادي واري شهر منيلا لاءِ اڏام شروع ڪئي. جهاز پنهنجي ٺيڪ وقت تي اڏاڻو. ٽوڪيو کان منيلا تائين اٽڪل ساڍا چار ڪلاڪ جو هوائي سفر هوندو آهي. جيئن ته هي سڄو سفر ڏينهن جي وقت جو هو انهي ڪري دريءَ مان دور دور جا نتيجا ڏسندا رهياسين. هوائي سفر ۾ رات جو سواءِ اونداهه انڌوڪار جي ٻيو ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي. ٽوڪيو کان منيلا ويندي صرف هڪ ملڪ تائيوان هيٺ ڏسڻ ۾ ايندو آهي ۽ باقي سمنڊ ئي سمنڊ ڦهليل هوندو آهي. اسان جڏهن تائيوان جي گاديءَ واري شهر تائپي (Taipie) مٿان اڏامي رهيا هياسين ته اسان کي انائونسمنٽ ڪري ٻڌايو ويو ته توهان هاڻي تائيوان جي مشهور شهر تائپي مٿان پرواز ڪري رهيا آهيو. جهاز جي اڏام کانپوءِ جڏهن اسان ماني کائي لاٿي ته مون ۽ عبدالحڪيم شاهه ويٺي پاڻ ۾ اوراڙ پراڙ جون پچارون ڪيون. ايتري ۾ پنهنجي ٻوليءَ جا ٻول ڪن پيا. اسان محسوس ڪيو ته پوئين سيٽ تي ويٺل همراهه سنڌيءَ ۾ ڳالهائي رهيا هئا. دل ڏاڍي گد گد ٿي ته هوائن ۾ به اوچتو سنڌين سان ملاقات ٿي وئي سو ڄاڻ نه سڃاڻ جي باوجود دل ڇڪي کاڌي ته همراهن سان عليڪ سليڪ ڪجي. مون سلام ڪري کانئن پڇيو ته سائين ڪٿان پيا اچو ۽ ڪيڏانهن پيا وڃو، ته پاڻ سلام جو جواب ڏئي چيائون اسان پاڪستان کان هتي ٽوڪيو ۾ ٺٽه سيمنٽ فيڪٽري طرفان انجينئرنگ جو ڪورس ڪرڻ آيا هئاسين. جيڪو ختم ڪري واپس پاڪستان پيا وڃون. هڪڙي همراهه ٻڌايو ته هن جو تعلق خيرپور سان آهي. پنهنجو نالو به ٻڌايائين پر وسري ويو اٿم. ٻي همراهه ٻڌايو ته ”آئون ميمڻ آهيان. اصل جھرڪ شهر جي ڀرسان ڳوٺ ”راڄ جي ڳوٺ“ جو ويٺل آهيان پر هاڻي حيدرآباد رهون پيا. سندس پيءُ حبيب الله ميمڻ حيدرآباد ريجن جو ڊائريڪٽر آف ايجوڪيشن به رهي چڪو آهي. عبدالحڪيم شاهه سندس والد صاحب کي گھڻو سڃاڻندو هو. عبدالحڪيم شاهه ڳوٺ سونڊا ۽ ”راڄ جو ڳوٺ“ هڪ ٻئي کان چند ميلن جي مفاصلي تي آهن انهي ڪري سندن سڃاڻپ پراڻي آهي. پوءِ سڄو وقت جيستائين جهاز ۾ هياسين ويٺي ڪچهري ڪئيسين. اسان کي منيلا ۾ لهڻو هو ۽ هن کي وايا بينڪاڪ ڪراچي وڃڻو هو. سو جڏهن منيلا پهتاسين ته همراهن کان موڪلائي جهاز تان لهي ايئرپورٽ جي عمارت ۾ داخل ٿياسين. منيلا جو هي هوائي اڏو هينئر تازو ٺهي راس ٿيو آهي. هي تمام سٺو ۽ ڪشادو ايئرپورٽ آهي. اسان اميگريشن هيلٿ ۽ ڪسٽم ڪليئرنس کان واندا ٿي ٻاهر نڪتاسين ۽ بينڪ ڪائونٽر تي ڪجهه ڪرنسي مٽائيسين. فلپائين جي ڪرنسي جو نالو آهي (Peso) پيسو جنهن جو ملهه هڪ آمريڪي ڊالر جي بدلي م 6080 پيسو آهي. ان کانپوءِ اسان هوٽل رزرويشن ڪائونٽر تي آياسين. هتي جو معاملو ٻين ايئرپورٽن کان ڪجهه مختلف محسوس ڪيوسين. هتي هر هڪ هوٽل جو عيوضي گاڏي سميت موجود هو. جنهن لسٽ جو ڄاڻايل اگھن کان به گھٽ اگھ ٿي ٻڌايا انهيءَ مان اندازو لڳايوسين ته هتي چٽاڀيٽي جو رجحان تيز هو سو اسان به انهيءَ مان فائدي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪافي حد تائين فائدي ۾ رهياسين. اسان جي هوٽل لاس پالماس (Las palmas) شهر ۾ سمنڊ جي ڪناري تي هئي. اسان هوٽل جي ايئرڪنڊيشن پڪ اپ ۾ چڙهي شهر ڏانهن روانا ٿياسين. نئون ايئرپورٽ شهر کان ڪافي پري آهي. منيلا شهر دنيا جي وڏن شهرن مان هڪ آهي ۽ سندس آدمشماري اٽڪل 80 لک آهي. ميٽرو منيلا جي گورنر فلپائني صدر فرنيننڊ مارڪوس جي اهليه آهي جيڪا هيومن سيٽلمينٽ (انساني آبادڪاري) جي وزير پڻ آهي ۽ حڪومت ۾ تمام وڏي اثر ۽ مرتبي جي مالڪ آهي. سندس نالو الميڊا مارڪوس آهي. پاڻ اڌڙوٽ عمر جي آهي ۽ سندس مڙس اٽڪل ستر سالن جو پوڙهو آهي جنهن جو گھڻو وقت هاڻي اسپتال ۾ گذري ٿو. هينئر فلپائن تي حڪمراني الميڊا جي ئي هلي ٿي. الميڊا تازو آمريڪا جي دوري تي ويئي هئي ۽ اڪثر ٻاهرين ملڪن جي سرڪاري دورن تي اڪيلي سر ويندي رهندي آهي. پاڻ ڏاڍي خوش پوش ۽ شوقين آهي. سندس انهي حيثيت تي مارڪوس جي نقادن راءِ زني ڪندي چيو ته اهي سڀ اڳواٽ تياريون آهن الميڊا کي مارڪوس جي جاءِ نشين بنائڻ جون.
    فلپائن ۾ مارڪوس جي جاءِ نشيني جو مسئلو گهڻي وقت کان بحث هيٺ رهندو آيو آهي. مارڪوس جي جاءِ نشيني جي سلسلي ۾ شڪوڪ و شبهات کي دور ڪرڻ لاءِ حڪمران جماعت کي هدايت جاري ڪئي ته انهي سلسلي ۾ عليحده قانون پاس ڪرڻ کان اڳ معاملي تي بحث مباحثو ڪيو وڃي. هن قومي اسيمبلي کي اهو چتاءُ به ڏنو ته جيڪڏهن هن جي آمريڪا روانگي کان اڳ انهي معاملي کي نه نبيريو ويو ته هو پنهنجا حتمي اختيار استعمال ڪندو. بهرحال اهو مسئلو اڃان تائين گهوٽالي جو شڪار آهي ۽ مارڪوس پنهنجي فوجي قوت سان ملڪ کي رت چوسيندڙ ڄرن وانگر چهٽو پيو آهي.
    فلپائن جو ملڪ پئسفڪ سمنڊ ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ جي وچ ۾ اٽڪل 7107 ننڍن وڏن ٻيٽن تي مشتمل آهي. انهن ٻيٽن مان 4334 ٻيٽن جو ڪو نالو ئي نه آهي. اهي ٻيٽ نه پر ٻيٽاريون چئجن ڇاڪاڻ ته اهي ايترا ته ننڍا آهن جو هڪ هنڌ تي ته هڪ ميل جي چورس ايراضي ۾ 466 ننڍا ٻيٽ آهن. مطلب ته سڄو ملڪ ٻيٽ ٿيو پيو آهي. فلپائن کي 1521ع ۾ مئگيلان (Magellan) ڳولي لڌو. سن 1565ع ۾ اسپين ان تي حملو ڪري قبضو ڄمايو ۽ اهڙيءَ ريت 1896ع تائين فلپائن اسپين جي بيٺڪ رهي. فلپائن کي 12 جون 1898ع تي خود مختياري حاصل ٿي پر ترت ئي هو عظيم سامراجي قوت آمريڪا جي بيٺڪ بنجي ويو. ٻي مهاڀاري لڙائي شروع ٿيڻ کان پوءِ فلپائن 1941ع کان وٺي 1945ع تائين جپان جي قبضي ۾ رهيو. جنگ جي خاتمي ۽ جپان جي شڪست کان پوءِ 4 جون 1946ع تي فلپائن ٻيهر خودمختياري ماڻي ۽ مينيوئل روڪساس (Mannel Roxas) ان جو پهريون صدر بڻيو. فلپائن ۾ 1940ع کان 1950ع دوران ترقي پسندن ۽ قوم پرستن جي اڳواڻي ۽ اثر هيٺ هاري هلچل ڪافي زور ورتو ۽ قريب هو ته اهي اقتدار تي قبضو ڪري وٺن پر مئگسيسي (Magsasay) جيڪو بعد ۾ فلپائن جو صدر به ٿيو، آمريڪا جي مدد سان ايندڙ انقلاب کي ڪچلي ڇڏيو. آمريڪا پنهنجن سامراجي مفادن جي تحفظ لاءِ پسمانده ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ پنهنجن ڇاڙتن ذريعي ڪيئي خوني ڊراما کيڏي چڪو آهي ۽ اڄ به سندس سازشي ڄار ڪيترن ملڪن ۾ ڦهليو پيو آهي. دنيا جا ڪيترا ترقي پسند، جمهوريت پسند ۽ انساني حقن لاءِ وڙهندڙ جوڌا جوان ۽ مهان انسان آمريڪا جي انسانيت دشمن سازشن جو بک ٿي چڪا آهن. ايران ۾ ڊاڪٽر مصدق، انڊونيشيا ۾ سوئيڪارنو، ڪانگو ۾ لوممبا ۽ چلي ۾ آلندي ۽ انهن جي ساٿين جي وهيل رت سان آمريڪي دامن اڄ به داغدار نظر اچي ٿو. وچ مشرق ۾ اسرائيل جي قيام ۽ فلسطينن جي بي دخلي ۽ لبنان جي خانه جنگي آمريڪي سي-آئي-اي جو ئي ڪارنامو آهي. جنهن به ملڪ ۾ بک، بيروزگاري، رشوت خوري ۽ ڪامورا شاهي چوٽ چڙهندي آهي تنهن ۾ سياسي اُٿل پُٿل لاءِ عوام دوست قوتون به زور وٺنديون آهن. انهن عوامي قوتن جو اُڀار مقامي سطح تي استحصالي ٽولن ۽ عالمي سطح تي سامراجي قوتن لاءِ هڪجهڙو خطرو هوندو آهي، انهي ڪري آمريڪا پنهنجن پاليل دلالن جي وسيلي وڏيون خونريزيون ڪرائي هٿ ٺوڪيا عوامي ۽ فوجي آمر ملڪن تي مڙهي ڇڏيندو آهي. بلڪل ساڳيو ويل فلپائن ۾ به وهايو ويو ۽ اڄ به اهو سلسو جاري آهي. فلپائن جي گادي واري شهر منيلا ۾ ملڪ جي مکيه مخالف اڳواڻ بينگنو اڪيونو کي ملڪ ۾ داخل ٿيندي ئي هوائي اڏي تي گولي هڻي ماريو ويو. اخباري رپورٽن ۾ ٻُڌايو ويو ته هوائي جهاز ۾ سوار ٿيڻ کان اڳ اڪيونو بليٽ پروف فولادي زردو اوڍي ۽ چيائين ”ته هاڻي هو مون کي فقط مغز ۾ گوليون هڻي ئي ماري سگهندا.“ غالبن اڪيونو جا قاتل آمريڪا مان سندس جهاز ۾ سوار ٿيڻ واري وقت کان ئي ساڻس گڏ هئا. ڇاڪاڻ ته جيئن ئي هو پنهنجي ملڪ جي هوائي اڏي تي لٿو ته کيس مغز ۾ گوليون هڻي ماريو ويو. حالانڪه اڪيونو کي انهي انت جو اڳواٽ علم هو پر تڏهن به هن پنهنجي وطن ورڻ جو خيال ترڪ نه ڪيو. هن چيو ته ”حالتن جي سنگيني کي ڄاڻان ٿو، پر منهنجو وطن مون کي پڪاري رهيو آهي.“ وطن جي پڪار تي اڪيونو سر جو سانگو لاهي واپس وريو. سندس لکها چاهيندڙ هن جي استقبال لاءِ اڳواٽ ايئرپورٽ تي اچي ڳاهٽ ٿيا پر هنن جون سڀ خوشيون مسمار ٿي ويون ۽ ٻهڪندڙ چهڪندڙ چهرا اکين ۾ ڳوڙها کڻي واپس وريا. ڏکويل انسانن جا انبوهه ٻرندڙ جبل جيان ڦاٽي پيا. منيلا جي رستن ۽ چوڪن تي هشام ماڻهن جا احتجاجي آواز اٿاريندا مارڪوس جي ڏاڍ کي للڪاريندا رهيا. اڪيونو جي خون جو ذميدار مارڪوس کي قرار ڏنو ويو. حڪومت پاڻ بچائڻ لاءِ تحقيقاتي ڪميشنن مان به ڪو به کڙتيل نه نڪرندو آهي. قاتل به اهو ته منصف به اهو ته پوءِ انصاف ڪهڙو پلئه پوندو. سياسي مخالفن کي مارائي منظر تان هٽائي پوءِ انهن جي خون جي تحقيقات ڪرائڻ جو ڍونگ رچائڻ فاشي سياست جو محبوب مشغلو آهي. پر اهي فاشي حڪمران اقتدار جي گهمنڊ ۾ انهي حقيقت کي سمجهڻ کان قاصر هوندا آهن ته لهندڙ سج جا پاڇا اصل شين کان به وڏا ٿي ويندا آهن. جيڪي جيئري فاشي حڪمرانن لاءِ چئلينج هوندا آهن سي مارجي ويل پوءِ زياده مٿي جو سور ٿي پوندا آهن. اڪيونو قتل ٿيڻ کانپوءِ مارڪوس لاءِ ويتر وڏي للڪار بنجي ويو آهي. حڪومت جي هزار ڏاڍاين جي باوجود به احتجاجن ۽ تشدد گاڏڙ مظاهرن جو سلسلو جاري هو. هر فاشي حڪمران ماڻهن جي مسيحائي جو دم ڀري اقتدار ۾ ايندو آهي ۽ پوءِ ملڪ کي پنهنجي جاگير بنائي ويهي رهندو آهي. هو اعلان ڪندو آهي ته هن جي دم سان ئي ماڻهن جو دين ايمان ۽ ملڪ جي سلامتي قائم آهي. هن کي هٽايو ويو ته ملڪ ڪپهه جي پوڻين وانگي پرزا پرزا ٿي هوا ۾ اڏامي ويندو انهي ڪري هو پنهنجي اقتدار کي پختي ڪرڻ لاءِ مخالف سياسي قوتن تي پابنديون عائد ڪري جمهوريت جو گلو گهٽيندو آهي. اظهار راءِ جي ذريعن يعني اخبار، ريڊيو ۽ ٽي-وي سخت سينسر لاڳو ڪري لکڻ پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جون راهون بند ڪري ڇڏيندو آهي. اختيارن کي وڌ ۾ وڌ پنهنجي ذات ۾ مرڪوز ڪري ڇڏيندو آهي. مارڪوس به پنهنجي ملڪ ۾ ساڳئي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي هئي. ملڪ اقتصادي طرح مغربي ملڪن ۽ عالمي بينڪ جي قرضن ۾ ڳهيو پيو هو. ڪامورا شاهي جي پٽ کو ۽ ڏاڍائي عروج تي هئي. بک ۽ بيروزگاري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو پر مسٽر مارڪوس پنهنجن اختيارن ۾ تر جي گهٽتائي به ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. عوام جي سخت احتجاج جي باوجود هن پنهنجي فوج ۽ ڪامورا شاهي جي ٽيڪ سان جعلي طريقا استعمال ڪري پاڻ کي وڌيڪ ڇهن سالن لاءِ صدر چونڊرايو. ملڪ ۾ مارشل لا جي مڙهجڻ، انساني حقن جي مٽي پليت ٿيڻ، سياسي ۽ سماجي سرگرمين کي پابند ڪرڻ جي مسلسل عمل کي بنهه بيزار ۽ حڪومت کان متنفر ڪري ڇڏيو. هاڻي اهي دٻيل نفرت جي اظهار لاءِ زير زمين سرگرمين ۾ مصروف ٿي ويا. جنهن به ملڪ ۾ سياسي بغاوتون پليون ۽ وقت اچڻ تي اهي ڦاٽ کائي آمريت جي اوچن ڪوٽن کي ڪيرائي وجهنديون. ڪروڙها عوام جي سگهه کان چند لک فوجين جي سگهه ڪنهن به حالت ۾ وڌيڪ نه آهي. فلپائن جي سياسي صورتحال اها هئي ته عوام جي وڏي اڪثريت مارڪوس جي مخالف هئي. مارڪوس جو اقتدار صرف فوج ۽ ڪامورا شاهي جي ظالمانه ڪارواين سان قائم هو. حڪومت جي جمهوريت دشمن رويي جي ڪري عوام به مقابلي لاءِ غير جمهوري واٽون اختيار ڪيون. هنن حڪومت جي تشدد کي عوامي تشدد سان ٽڪرائڻ لاءِ پنهنجون نيم فوجي تنظيمون ٺاهيون آهن، هنن خفيه تحريڪن، هٿيار بند جدوجهد ۽ ڇاپه مار سرگرمين ذريعي حڪومت جي گماشتن، ڪارندن ۽ غدارن کي نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو آهي. عوامي هلچل ۾ عوا جي سڀني طبقن جا محب وطن ماڻهو شامل آهن. انهن ۾ شاگرد، واپاري، مذهبي پيشوا، هاري، مزدور، ڪميونسٽ ۽ روشن دماغ ترقي پسند سڀ اچي وڃن ٿا. فلپائن ۾ ڪم ڪندڙ اهڙين تنظيمن مان هڪ مشهور تنظيم آهي NPA يعني نيو پيپلز آرمي. گذريل سال جي انگن اکرن مطابق هن تنظيم جي جانبازن جو تعداد ڏهه هزار آهي، جيڪي سڀ هٿياربند آهن. انهن مان اڍائي هزار ڪارڪنن کي گوريلا تربيت مليل آهي جيڪي هاڻ مستقل گوريلا سرگرمين ۾ مصروف آهن. NPA جي پڌراين مطابق سال 1979ع کان 1980ع دوران کين نمايان سوڀون حاصل ٿيون آهن. خاص طرح سرڪاري فوجين سان چڪرين دوران ڪافي هٿيار سندن قبضي ۾ آيا آهن. لڳاتار گوريلا ڪارواين ۽ ڪاميابين ڪري ماڻهن جو عوامي سگهه تي اعتماد قائم ۽ پختو ٿيو آهي ۽ ٻي طرف عوام دشمن قوتن کي نفسياتي اُلجهن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسڻو پيو آهي. انهن تنظيمن جو وڏو اثر ٻهراڙي وارين ايراضين ۾ آهي جتي ماڻهن سان رابطي ۽ فڪري پرچار جي ڪري کين ڪافي حمايت ۽ همدردي حاصل ٿي آهي. خود حڪومت جي هڪ اداري نيشنل ڊفينس ڪاليج انهي ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته NPA تنظيم ٽن سالن کان ساڍن ٽن هزار هٿيار بند ڪارڪنن تي مشتمل آهي ۽ سندس غير مسلح ڪارڪن هڪ لک 80 هزار آهن. هن اداري اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته سڄي ٻهراڙي واري ايراضيءَ جي ويهه سيڪڙو عوام NPA جي ماڻهن جي اثر هيٺ آهي. انهي کان سواءِ فلپائن ڪانسٽبلري جي چيف ليفٽينينٽ جنرل فيڊرل راموس به انهي حقيقت جو اعتراف ڪيو آهي ته NPA جا اٽڪل ٽيهه مضبوط مورچا آهن جتان سندن گوريلا ڇاپه مار سرگرميون هلنديون رهن ٿيون. هنن جون انقلابي ڪميٽيون تقريباً ملڪ جي سڀني صوبن ۾ قائم ٿيل آهن. انهيءَ کان سواءِ فوج کي هڪ ٻي ڳجهي تنظيم جو پتو پيو آهي جنهن ۾ سندن چوڻ موجب ڪميونسٽ، سوشلسٽ، مذهبي بنياد پرست ۽ مورو نيشنل لبريشن فرنٽ (MNLF) جا آزادي پسند اجتماعي طور تي شامل آهن. ملٽري نيشنل ڊفينس ڪاليج جي سراغ رساني جي حوالي سان انهي ڳالهه جو انڪشاف ڪيو ويو آهي ۽ خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته NPA (نيشنل لبريشن پيپلز آرمي، MNLF مورو نيشنل لبريشن فرنٽ) ۽ لقمان بنگسا مورو لبريشن آرگنائزيشن جيڪا رشيد لقمان جي اڳواڻي هيٺ عمل ۾ آئي آهي ۽ ٻين ننڍين وڏين قومن جمهوري قوتن جو عظيم تر اتحاد جڏهن گڏجي رٿابندي تحت گوريلا سرگرمين ۾ حصو وٺندو ته هو آساني سان سرڪاري فوج کي گهڻن محاذن تي رنڊائي، ورهائي ۽ ڪمزور ڪري سگهندو. جيتوڻيڪ MNLF جي اڳواڻيءَ ۾ ڪجهه اختلاف به پيدا ٿي پيا آهن ۽ اختلافي گروهن جو اڳواڻيون نور مصري ۽ هاشم سلامت ڪري رهيا آهن پر تنهن هوندي به MNLF جون ڪاروايون مارڪوس جي لاءِ مٿي جو سور بنيل آهن. MNLF هاڻي وڌ ۾ وڌ خودمختياري جي جاءِ تي علحدگي ۽ مڪمل خودمختياري جي دعويدار آهي. اهي قومون ۽ قوميتون جيڪي ڪنهن وفاق جو حصو هونديون آهن ۽ طئي ٿيل عهدنامه مطابق مليل پنهنجن حقن کان محروم ڪيون وينديون آهن سي پنهنجي حقن جي حصول جي جدوجهد وڌ ۾ وڌ صوبائي يا قومي اختيارن جي گهر سان ڪنديون آهن پر حڪمران ۽ غاصب ٽولو يا قوم جڏهن ڀئي ٿيل عهدنامي کي ڪنهن به پر پوري ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندو آهي ته پوءِ انهن جي جدوجهد جو رخ عليحدگي ۽ مڪمل قومي خودمختياري ڏانهن مڙي ويندو آهي. حڪمران جيئن جيئن پنهنجي پڪڙ کي مضبوط بنائڻ لاءِ ڏاڍ ۽ ظلم جي ريت اختيار ڪندو آهي تيئن تيئن قومي آزادي پنهنجي فڪري ۽ عملي پهلو ۾ وڌيڪ وسيع، پختي ۽ گهري ٿيندي ويندي آهي. جمهوري سماجوادي رياستن ۾ دستوري طرح وفاق شامل رياستن ۽ صوبن کي وفاق کان علحدگي اختيار ڪرڻ جو حق به مليل هوندو آهي. جيئن روس جي دستور ۾ رياستن کي علحدگي جو حق Right of Secassion مليل آهي. پاڪستان ۽ هندستان کي جنهن انڊپينڊينس (Inidan Independence Act) تحت خود مختياري ڏني ويندي هئي ۽ انهي ائڪٽ تحت پاڪستان جي حڪومت 1956ع تائين هلندي رهي انهي ائڪٽ ۾ به وفاق ۾ شامل رياستن/صوبن کي علحدگي جو حق مليل هو. اهو فقرو پاڪستان جي 1956ع واري دستور ۾ شامل نه ڪيو ويو هو.


    2

    مورو نيشنل لبريشن فرنٽ فلپائني سرڪار لاءِ ايتري قدر مٿي جو سور بنجي پئي جو فوجي ڪاروايون به ان جو انت نه آڻي سگهيون، انهي ڪري مارڪوس کي ڊپلوميٽڪ چال اختيار ڪري سعودي عرب جا دورا ڪرڻا پيا ته جيئن سعودي حڪمران شاهه خالد جي معرفت MNLF جي اڳواڻن کي انتها پسندي جي پاليسي اختيار ڪرڻ کان پاسي رکي سگهجي. بهرحال ڪجهه وقت لاءِ مارڪوس MNLF جي حلقن ۾ رشوتن ۽ رعايتن جي پاليسي ذريعي ڪي قدر ڏڦيڙ وجهڻ ۾ ڪجهه ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن جنهن ۾ سندس آقا آمريڪا ۽ سعودي عرب جي امداد به شامل رهي آهي. مگر هنن جان نثارن جي حقي ويڙهه جاري آهي. فلپائن جا آزادي ۽ جمهوريت پسند ماڻهو هاڻي هيءُ به سوچڻ لڳا آهن ته جڏهن حڪومت غير ملڪن کان هٿيارن جي امداد حاصل ڪري قومي ۽ جمهوري حقن کي دٻائڻ کان نٿي ڪيٻائي ته هنن کي به مخالف قوتن کان مدد حاصل ڪري پنهنجي آزادي ۽ جمهوري حقن لاءِ وڙهڻ جو پورو حق آهي. بهرحال عوام ۾ ڪافي سياسي سجاڳي آهي ۽ اهي هر طريقي سان پنهنجي حقن جي حصول جي جنگ جاري رکڻ گهرن ٿا. مطلب ته NDA, MNLF, NDF (NDF تنظيم 1973ع ۾ وجود ۾ آئي. اها تنظيم ڪمينسٽن ۽ ٻين محب وطن گروهن جي اتحاد تي مبني آهي. هن تنظيم جي ڪيترن اڳواڻن کي جيلن ۾ بند رکي کين اذيتون ڏنيون ويون آهن) ۽ ٻيون ڪيئي سياسي، سماجي ۽ نيم فوجي تنظيمون آهن جيڪي اورچائي سان انساني حقن جي بحالي لاءِ پاڻ پتوڙي رهيون آهن. مارڪوس سرڪاري ظلم جي هر ريت روا رکي رهي آهي پر هن جدوجهد جي سچائي ۽ سورهيائي مظلوم عوام کي ضرور سوڀارو ڪندي.
    جيئن ته اسان اڳ ۾ ذڪر ڪري چڪا آهيون ته مارڪوس سرڪار سگهه جي استعمال کان علاوه سياسي ۽ ڊپلوميٽڪ چالون به چلندي رهي آهي. انهي سلسلي ۾ سعودي عرب سرڪار MNLF جي اڳواڻن کي ڪافي لالچون ۽ رعايتون آڇيون ويون آهن ته اهي پنهنجي مڪمل خودمختياري جي گهر تان هٿ کڻن. سعودي عرب سرڪار انهي سلسلي ۾ مارڪوس حڪومت کان ضمانت طلب ڪئي آهي، ته فلپائني مسلمانن کي وڌ ۾ وڌ آزاديون ۽ اقليتي حق ڏنا ويندا. بهرحال سئي سڳي کي سيري پئي ڏسجي ته ڪهڙو ڀرت ٿو ڀرجي. آزادي ۽ جمهوري حقن جي انهي جدوجهد دوران ڪي حلقا اجائي ٽوڙ ڦوڙ ، چوري چڪاري، رهزني ۽ ڦرلٽ ۾ مصروف ٿي ويا آهن. حڪومت انهن ڌاڙن ۽ ڦر لٽ ۾ مصروف ٿي ويا آهن. حڪومت انهن ڌاڙن ۽ ڦُرن جي ذميداري آزادي پسند قوتن تي عائد ڪري انهن کي بدنام ڪري رهي آهي. انهيءَ صورتحال جو تجزيو ڪندي ڪن عوامي حلقن جو خيال آهي ته اهي حرڪتون اُهي پيشه ور لفنگا ڪري رهيا آهن جيڪي اهڙن موقعن جي تلاش ۾ رهندا آهن. آزادي ۽ جمهوريت پسند تنظيمن جو انهي ۾ ڪو به هٿ نه آهي. ڪن عوامي حلقن جو خيال آهي ته خود مارڪوس سرڪار پنهنجن ڀاڙيتن ماڻهن هٿان اهي بدانتظاميون ۽ ڌاڙا ڦريون ڪرائي رهي آهي ته جيئن انهن عوام دشمن ڪارواين جو الزام جدوجهد ڪندڙ تنظيمن تي مڙهي کين عوام جي نظر ۾ ڪيرائي سگهجي، اسان جي خيال ۾ اهي ٻئي خيال درست ٿي سگهن ٿا. جنهن به قوم کي پنهنجي جمهوري حقن کان وانجهو رکيو ويندو آهي. هن جي آزادين کي پامال ڪيو ويندو آهي. زور ۽ زبردستي جي ماحول ۾ ماڻهن جو ڪڇڻ پڇڻ بند ڪيو ويندو آهي ته ماڻهو ظلم ڪندڙن خلاف نفرتن جي باهه اندر ئي اندر سانڍيو وتندا آهن. پوءِ اُها باهه سياسي شعور جي پختگي جي ڪري انقلاب جي نظرياتي واٽ وٺي ڀڙڪي اٿندي آهي يا ڪن حالتن ۾ سياسي شعور جي اڻاٺ سبب چورين چڪارين، ڌاڙن ۽ قتلن جو رخ وٺندي آهي. اها غلامي جي نفسيات آهي. هن سلسلي ۾ فرانسز فينن جو ڪتاب Wretched of Earth جنهن جو سنڌي ترجمو مسٽر عبداواحد آريسر ”مٽيءَ هاڻا ماڻهو“ جي نالي سان ڪيو آهي، پڙهڻ لائق ڪتاب آهي. هيءَ ڪتاب آفريقي قومن جي غلامي جي نفسيات جو اهڙو واضع تجزيو پيش ڪري ٿو جو هر غلام قوم کي ان ۾ پنهنجي نفسيات جو اولڙو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هيءَ ڪتاب جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ڇپجي چڪو آهي ۽ اردو ۾ ”افتادگان خاک“ جي نالي سان پڻ ڇپيل آهي.
    دنيا جي هر فاشي ۽ آمر حڪومت وانگي مارڪوس سرڪار عوامي آواز کي دٻائڻ لاءِ پنهنجي وحشي سگهه کي ڀرپور نموني استعمال ڪيو آهي. ائمينسٽي انٽرنيشنل پنهنجي 28 نومبر 1981ع واري رپورٽ ۾ جيڪا سيپٽمبر 1982ع ۾ ڇپجي پڌري ٿي ٻڌايو آهي ته 1980ع دوران فلپائن ۾ سرڪار مخالف 200 ماڻهن (جيڪي مختلف تنظيمن جا ڪارڪن هئا) کي غائب ڪيو ويو جن جو ڪو به پتو اڃا تائين پئجي نه سگهيو آهي. ڪم از ڪم 16 ڄڻن کي ماريو ويو آهي جن مان ٻارهن ڄڻن کي موت کان اڳ سخت اذيتون ڏنيون ويون. مليل شهادتن مطابق 32 اهڙا ٻيا به ڪيس آهن جن کي سخت جسماني اذيتون ڏيئي پورو ڪيو ويو. پئراملٽري فورسز ”آخري حڪم“ جي بدنام نالي هيٺ ملڪ جي اترئين علائقي جي ڪالنگا جبلن ۽ اڀرندي حصي ۾ عام ڪوس ڪيو آهي. جنهن ۾ مري ويلن جو صحيح تعداد معلوم نه ٿي سگهيو آهي، انهي بدنام ”آخري حڪم“ (Last Command) جي ڪمانڊر ڪرنل ڪارلوس چارلي لئڊيمورا پنهنجي 200 تربيت آفته قاتلن جي جٿي سان مختلف علائقن ۾ ايڏو ڪهرام مچايو جو ڏينهن جا ڏينهن انهن علائقن ۾ هراس ڇانيل رهيو. بلڪل ايئن جيئن سنڌ ۾ مدد خان ۽ ارغونن هتان جي ماڻهن کي ڏهڪائڻ لاءِ عام ڪوس ڪيو ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ ساڙائي ڦلهيار ڪري ڇڏيا. بهرحال ملڪ جي سياسي صورتحال اهڙي ڏڦيڙ ۽ انتشاري واري آهي جو آمريڪي صدر ريگن کي پنهنجو فلپائن وارو دورو منسوخ ڪرڻو پيو. فلپائن جو موجوده صدر مارڪوس جيڪو 1965ع ۾ اقتدار ۾ آيو سو ڏاڍ ۽ ڏنڊي جي زور تي پاڻ کي ماڻهن مٿان مڙهيو ويٺو آهي. هن پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ ڪيترا ڀيرا ملڪ سان مارشل لا به لاڳو ڪئي آهي. فلپائن ۾ مسلمانن جي آدمشماري اٽڪل چاليهه سيڪڙو آهي پر انهن کي حڪومت ۾ ڪا به سياسي حيثيت حاصل نه آهي. ايتري قدر جو مرڪزي حڪومت ۾ مسلمانن لاءِ هڪ الڳ وزارت جنهن کي Muslim affairs جي وزارت سڏبو آهي قائم آهي پر ان جو وزير هڪ غير مسلم آهي جنهن جو نالو آهي رميليو ايسپلڊان (Romulo Espalsm). فلپائن جا مسلمان حڪومت سان بلڪل ويڙهه جي صورتحال ۾ آهن ۽ ائين وڙهي رهيا آهن جيئن لبنان جا مسلمان پٺڀرائي سان قائم ٿيل لبناني حڪومت، اسرائيلي، آمريڪي ۽ فرانسيسي فوجين سان وڙهي رهيا آهن. لبيا جي صدر معمر قذافي جي ڪوششن سان لبيا جي گادي واري هنڌ ٽريپولي ۾ فلپائني حڪومت ۽ فلپائني مسلمانن جي لڙاڪو تنظيم مورو لبريشن فرنٽ جي وچ ۾ 1967 ۾ هڪ ٺاھ ٿيو ۽ عارضي طرح جنگ بندي ٿي پر اهو ٺاھ ديرپا ثابت نه ٿيو ۽ ٻيهر ڌرين ۾ ويڙھ شروع ٿي وئي، جيڪا اڃان تائين جاري آهي.
    فلپائن ڏور اوڀر ۾ آمريڪا لاءِ جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا کان به وڌيڪ ڀروسي جهڙو اتحادي آهي. ڏور اوڀر جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ فلپائن ۾ آمريڪا جا تمام وڏا فوجي اهميت جا اڏا آهن، جيڪي فلپائن ۽ آمريڪا جي وچ ۾ 1947ع جي فوجي معاهدي تحت قائم آهن. ڪلارڪ ائيربيس (Calrk Air base) ۽ سيوبِڪ نيول بيس (Subic Naval Base) آمريڪا جي دنيا ۾ قائم ڪيل تمام وڏن فوجي اڏن ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا. هنن اڏن تي آمريڪا جا جديد ترين ائٽمي هٿيار به موجود آهن. سڄي فلپائن ۾ انهن هٿيارن خلاف هڪ گهري نفرت به موجود آهي.
    آمريڪا جي ٻين حاشيه بردار ملڪن وانگر جن ۾ لاطيني آمريڪا جا برازيل، ارجنٽائن، ميڪسيڪو ۽ ايشيا آفريقا جا به ڪيترائي ملڪ اچي وڃن ٿا تن جي معاشي حالت انتهائي ابتر آهي. آمريڪي هٿيار ڪنهن ملڪ جي تباهي جو ته باعث بڻجي سگهن ٿا پر خوشحالي جو نه. هٿيارن پنهوارن جو وڏو ذخيرو ماڻهن جي بک ۽ بيروزگاري جو مسئلو نٿو نبيري سگهي. جيڪي ترقي پذير ملڪ پنهنجي داخلي معاشي صورتحال کي تباھ ڪري، سڄي ملڪ جي سامراجين وٽ ڳهه رکي هٿيارن جي انڌي ڊوڙ ۾ ڌوڪي پيا آهن سي عوام جا وچتر ويري آهن. اسرائيل جهڙو ملڪ جنهن کي آمريڪا جي ڀرپور امداد حاصل آهي سو به اقتصادي گهوٽالي جو شڪار آهي. اتي به اقتصادي گهوٽالي اهڙي سنگين صورتحال اختيار ڪئي جو وزيراعظم بيگن کي مجبور ٿي استعيفيٰ ڏيڻي پئي. نئين وزيراعظم شمير سندس حڪومت جي بنهه مختصر عرصي ۾ هيستائين ٻه ڀيرا اسرائيلي سڪي جي قيمت ۾ ڪمي آندي آهي. 1982ع ۾ اسرائيل ۾ افراط زر 15365 هو ۽ هن وقت هر هڪ اسرائيلي ٻاهرين قرضن جي ڪري اٽڪل پنج هزار آمريڪي ڊالرن ۾ ڳهيل آهي. اِنهيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته آمريڪا جي سڀ کان سڪيلڌي ساٿيءَ جي اها حالت آهي ته باقي اتحادين جو ڪهڙو حال هوندو يا ڪهڙو حال ٿيندو، فلپائن جي حالت به انهي کان مختلف ناهي. فلپائن جي معاشي بدحاليءَ جو اندازو هن ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو ته مختلف ملڪن ۽ انٽرنيشنل ادارن کان کنيل چئن قسطن جي قرض جي ڪابه واپسي نه ڪري سگهيو آهي، جنهن ڪري سندس ساک کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي ۽ ڪيترن قرض ڏيندڙ ادارن سندس پئسا روڪي ڇڏيا آهن. هاڻي ڊُڪ ڊوڙ ۾ آهي ته آمريڪا جي معرفت ڪو قرض حاصل ڪري اڳئين قرض جون قسطون ادا ڪري ته جيئن روڪيل قرض جا پئسا حاصل ٿين. اڃا اهو مسئلو حل ئي نه ٿيو هئو ته مخالف اڳواڻ اڪيونو جي قتل سبب ملڪ سياسي گهوٽالي ۾ گرفتار ٿي پيو. انهي گھوٽالي جي ڪري ملڪ جو ڪاروبار ايترو متاثر ٿيو آهي جو سڄي ملڪ جو ڪم ڪار ٺپ ٿي ويو آهي. حالتن جو زائچو ٻڌائي ٿو ته فلپائن شايد ئي معاشي گھوٽالي جي ڌٻڻ مان صحيح سلامت نڪري پار ٿئي.


    3

    اسان جي گاڏي اچي هوٽل جي پورچ هيٺان بيٺي، ڊرائيور گاڏيءَ جي ڊگي کولي ۽ هوٽل وارن اسانجو سامان کڻي اچي لائونج ۾ رکيو. رسيپشن تي ويٺل ڇوڪري اسان کان پاسپورٽ گھريا ۽ ضروري خانا پريون ڪري پاسپورٽ واپس ڪيائين. اسان سامان کڻائي ڪمري تي آياسين ۽ وهنجي سهنجي ڪپڙا تبديل ڪري چانهه پي تيار ٿي هيٺ لٿاسين. اسان هيٺ رسيپشن تي ويٺل ڇوڪريءَ کان معلوم ڪيو ته انڊين ريسٽورانٽس ڪهڙي علائقي ۾ آهن ته پاڻ ٻڌائين ته سنيلا ۾ توهان کي ڪافي تعداد ۾ انڊين ريسٽورانٽس ملنديون. اسانجي هوٽل جي نزديڪ به ڪيتريون انڊين هوٽلون آهن جن ۾ الشمس، تاج ۽ انڊيا هائوس ته هتان ٿورڙي پنڌ تي آهن. اسان هوٽل کان ٻاهر نڪري ٿورو اڳتي هلياسين ته پري کان هوٽل الشمس جو بورڊ ڏٺوسين جنهن تي لکيل هو ته هتي توهان کي انگلش، انڊين ۽ پاڪستاني کاڌو هر وقت ملي سگھي ٿو. اسان شهر مان پنڌ ئي پنڌ گھمندا ڦرندا وڙڪندا اچي بيچ (سامونڊي ڪناري) تي پهتاسين. اسان اتي بينچ تي ويهي رهياسين ۽ ريسٽورانٽ واري کي سڏ ڪري چيوسين ته چڪن سئنڊوچ ۽ پائن ايپل جوس کڻي اچ. منيلا کي تمام کليل ۽ ڪشادو سمنڊ آهي جنهن ڪري منيلا جي سامونڊي طرف کان توهان کي تمام گھڻا ۽ وڏا جھاز بيٺل نظر ايندا. اسان اتي تازيون اخبارون وٺي مٿن سرسري نظر وڌي. اسان بيچ تان اٿي گھمندا ڦرندا هوٽل ڏانهن اچي رهيا هئاسين ته اسان کي ٻه ٽي همراهه اچي مليا ۽ اسان کي چيائون ته سامهون هوءَ اسان جي نائٽ ڪلب آهي. هن ۾ داخلا جي ڪابه في نه آهي صرف هڪ ڊرنڪ وٺڻ لازمي آهي، جنهن جي قيمت به مڙيئي نالي ماتر آهي. توهان ڏاڍو Enjoy ڪندا.
    انهي سمنڊ جي ڪناري واري رستي تي ڪئين نائٽ ڪلبون، مساج هائوس ۽ سٺيون سٺيون هوٽلون آهن، اسان به سوچيو ته ڪجهه Enjoyment ٿي ويندي انهي ڪري انهن همراهن جي دعوت تي اندر هليا وياسين، جتي ڪيترائي بديسي جوڙا فلور تي محو رقص هئا ۽ ڪي پرڏيهي وري ڏيهي ڇوڪرين سان جوڙ ڪري ڊانس ڪري رهيا هئا. اسان کي به ڪيترين خوبصورت ڇوڪرين پاڻ سان گڏ ڊانس ڪرڻ جي نينڊ ڏني پر اسان ٿئنڪس (Thanks) چوندا جان ڇڏائيندا وياسين. هتي پروگرام به هڪ ٻئي کان وڌ هئا، پر اسان رڳو نظر جي اڃ اجھائي اتان نڪري اچي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. هوٽل رسيپشن واري ڇوڪريءَ چاٻي کڻڻ وقت اسان کي پاڻمرادو ٻڌايو ته اسان توهان جي ڪنهن به گيسٽ (مهمان) جي ترسڻ لاءِ توهان کان ڪابه اضافي رقم نه وٺنداسين، ۽ پڻ توهان جي اسپيشل آرڊر تي انڊين فوڊ به تيار ڪري ڏينداسين. پوءِ هن اسان کي فلپائن جي باري ۾ ڪافي معلوماتي چوپڙيون به ڏنيون ۽ چيائين ته توهان کي سڄي فلپائن ۾ ڪٿي به وڃڻو هجي اسان توهان کي ٽوئر ڪمپني جي معرفت هرهنڌ گھمائي سگھون ٿا. مون سندس شڪريو ادا ڪري چاٻي کنئي ۽ اچي ڪمري ڀيڙا ٿياسين. وقت ڪافي گذري چڪو هو، پر ٽيليويزن تي پروگرام اڃا به اچي رهيو هو. منيلا ٽيليويزن جي چئني چئنلن تي هڪ وقت پروگرام ڏسڻ ۾ اچن. منيلا کانسواءِ ڪوريا ۽ ويٽنام ٽي – وي جا پروگرام به بلڪل صاف ڏسڻ ۾ اچن. اسان ڪجهه دير پروگرام ڏسي پوءِ سمهي پياسين. فلپائن به سياحن لاءِ ايتروئي پرڪشش آهي جيترو بئنڪاڪ. هتي صرف لائيو شو نه ٿين باقي هر شئي ۾ منيلا بئنڪاڪ کان گوءِ کڻيو بيٺو آهي. مساج هائوس، ٽرڪش باٿ، بارون ۽ نائٽ ڪلبس ته هتي بئنڪاڪ کان به گھڻيون آهن. فلپائني لوڪ تائين کان ڪي قدر وڌيڪ قد آور ۽ حسين آهن ۽ هتي بئنڪاڪ جي ڀيٽ ۾ سياحن لاءِ وڌيڪ سلامتي محسوس ٿئي ٿي.
    جيڪڏهن ڪو مهمان توهان سان ملڻ لاءِ ايندو ته هوٽل وارا کائنس شناختي ڪارڊ وٺي پاڻ وٽ جمع ڪندا ۽ پوءِ کيس ڪمري ڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏيندا. وري جڏهن ساڳيو مهمان موٽندو ته پهريان توهان سان ٽيليفون تي ڳالهائي تسلي ڪري پوءِ کيس ڪارڊ واپس ڪندا. جيڪڏهن توهان ڪارڊ واپس ڪرڻ کان منع ڪئي ته ڪنهن به حالت ۾ واپس نه ڪندا انهيءَ کانسواءِ منيلا جي هر سٺي هوٽل جي اڳيان هوٽل وارن طرفان هڪ باوردي ماڻهو 24 ڪلاڪ اسٽول تي ويٺل هوندو آهي، جنهن جو ڪم هيءُ هوندو آهي ته هوٽل ۾ رهندڙ سياح جنهن به ٽيڪسيءَ ۾ چڙهي واپس اچي ته انهي سياح جو نالو، ڪمرو نمبر ۽ ٽيڪسي جو نمبر، ڊرائيور جو نالو نوٽ ڪري. سياحن جي حفاظت ۽ سلامتي لاءِ اهو طريقو تمام سٺو آهي. انهي ڪري نه صرف سياح جي ذات جوکم کان محفوظ رهي ٿي پر سندس ڪا شئي جيڪڏهن ٽيڪسيءَ ۾ رهجي وڃي ته اها به گم نٿي ٿي سگهي.
    انهيءَ اڳواٽ انتظامن جي ڪري ٽيڪسي، جنهن ۾ سامان رهجي ويو هجي، يا ملاقاتين کي ڪٿان به ڳولي هٿ ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ ڪري ئي سياح پاڻ کي محفوظ سمجهن ٿا. فلپائن ۾ رهائش دوران مون فلپائني ماڻهن جي نفسيات ۽ معاشرتي زندگيءَ جو جائزو ورتو، جنهن مان اندازو لڳايم ته هتان جا ماڻهو ڏاڍا امن پسند آهن. هتي عيسائي مذهب وارن جي وڏي گھڻائي آهي ڇاڪاڻ ته هن ملڪ تي يورپي حاڪمن جو راڄ ڳچ عرقي تائين قائم رهيو آهي. ڏور اوڀر جي ملڪن مان هتي ئي توهان کي گھڻي ۾ گھڻا عيسائي نظر ايندا. جيتوڻيڪ نسلي اعتبار کان هتي جا ماڻهو منگولائڊ نسل سان تعلق رکندڙ آهن پر ڊگهي عرصي جي ڌارين جي غلامي هنن جي نسل کي به متاثر ڪيو آهي.
    منيلا بئنڪاڪ کان هر ڳالهه ۾ سستو آهي جنهن ۾ هوٽلون، کاڌو، ٽيڪسيون، نائٽ ڪلبون، مساج پارلر، ٽرڪش باٿ ۽ ٻيا مشغلا اچي وڃن ٿا. انهيءَ هوندي به عجيب ڳالهه هيءق آهي ته منيلا ۾ بئنڪاڪ جي ڀيٽ ۾ سياح گھٽ اچن ٿا. شايد انهيءَ جو هڪ سبب هيءُ هجي بئنڪاڪ سياحت جي لحاظ کان دنيا ۾ ڪافي مشهوري ماڻي چُڪو آهي ۽ ٻيو سبب هيءُ ته منيلا بئنڪاڪ جي ڀيٽ ۾ گهڻو پري آهي يعني بئنڪاڪ کان به منيلا چئن ڪلاڪن جي هوائي سفر تي واقع آهي. انهيءَ ڪري منيلا واري سستائيءَ جي ڪسر ڀاڙي ۾ نڪريو وڃي ۽ ڳالهه وڃيو برابر بيهي. انهيءَ ڪري به ويجهڙائيءَ واري ملڪ کي زياده ترجيح ڏني وڃي ٿي. جيڪڏهن ٽڪيٽ روٽ جي ڪري ڪا گنجائش هجي ته منيلا ضرور گهمجي. ڏاڍو وڻندڙ ملڪ آهي. جيڪڏهن ڪو سياح سنڌ جو باشندو آهي ۽ سندس واسطو زراعت سان آهي ته پوءِ ان لاءِ فلپائن ۾ پرائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي. مثلاً اسان وٽ اڄڪلهه حڪومت ڪراچي، ٺٽي ۽ بدين ضلعن ۾ ناريل پوکڻ تي ڪافي زور ڏيئي رهي آهي ۽ اها پوک آب هوائي مناسبت ۽ موزونيت جي ڪري سٺي ٿي سگهي ٿي. انهي سلسلي ۾ فلپائن جي فارمن مان ڪافي سٺي معلومات ملي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته هتي ناريل جي پوک تمام گهڻي ۽ سٺي ٿئي ٿي. اسان وٽ ناريل جي پوک جي سلسلي ۾ ملائيشيا ۽ فلپائن مان جيڪا جنس درآمد ڪئي وئي آهي سا دير سان فصل ڏئي ٿي پر فلپائن ۽ سريلنڪا ۾ اهڙيون به جنسون آهن جيڪي جلدي فصل ڏين ٿيون ۽ ڏاڍيون لاڀائتيون آهن. ٻيو ته فلپائن ۾ چانورن جي تحقيق متعلق دنيا جو وڏي ۾ وڏو ريسرچ انسٽيٽيوٽ آهي، جتان ئي سڄي دنيا ۾ چانورن جون نيون جنسون گهرايون وڃن ٿيون. اسان وٽ سنڌ ۾ چانورن جون جيڪي نيون جنسون آهن سي به اسان فلپائن کان گھرايون آهن. جيڪي هاڻي ڪافي پراڻيون يا کڻي ائين چئجي ته مدي خارج ٿي چڪيون آهن. انهن ۾ اري ڇهه ۽ اري اٺ خاص طرح ذڪر لائق آهن. هينئر فلپائن ۾ اري چوويهه جو گھڻو چرچو آهي، جنهن کي اتي سڏين مريڪل رائس (Miracle Rice) جيڪا هڪ ئي سال ۾ ٽي چار ڀيرا پوکي سگھجي ٿي ۽ جنهن تي سردي ۽ گرميءَ جو اثر بلڪل ڪونه ٿئي. لفظ ”اري“ دراصل فلپائن ۾ چانورن جي تحقيقاتي انسٽيٽيوٽ جي نسبت سان مشهور آهي. انهي اداره جو مڪمل نالو آهي انٽرنيشنل رائس ريسرچ انسٽيٽيوٽ ائٽ منيلا. ۽ انهن جو مخفف آهي اري (IRRI) انهي ڪري سارين/چانورن جي انهي جنس کي چون اري.


    4

    اسان صبح سوير تيار ٿي اچي هيٺ رسيپشن تي ويٺاسين. اسان اڳواٽ پروگرام تحت ڪلهه ئي (Swire Travel) سوائر ٽريول وارن سان ڳالهائي ڇڏيو هئو ته اسان سڀاڻي (Tagay tay) تگئي تئي هل اسٽيشن تي هلنداسين. هيءُ ٽوئر هڪ ڏينهن جو هو جنهن ۾ ٻنپهرن جي لنچ ٽوئر وارن کي کارائڻي هئي. ٺيڪ پوڻين نائين وڳي ڌاري ٽريول سروس وارن جي گاڏي آئي جنهن مان هڪ گائيڊ ڇوڪري تڪڙي تڪڙي اچي هوٽل رسيپشن وارن سان ڪجهه ڳالهايو. جنهن کيس اسان ڏانهن اشارو ڪيو ۽ پوءِ پاڻ سڌي اسان ڏانهن آئي ۽ نالو وٺي اسان کي چيائين ته ”اچو گاڏي ٻاهر بيٺي آهي، ٻين سياحن کي پنهنجي پنهنجي هوٽلن مان کڻي آئي آهيان پر صرف هڪ هوٽل مان هڪ فرينچ جوڙي کي کڻڻو آهي، جيڪي ڪلهه به اسان سان ٽوئر ۾ گڏ هئا. پاڻ جلدي منيلا مان روانا ٿي وينداسين.“ فلپائني لوڪ به ايترا بندرا آهن ۽ نه ايترا ڪارا پر اسانجي هيءَ گائيڊ قد جي بندري به هئي ته رنگ به ايترو اڇو نه هئس. ڳالهائڻ جي اهڙي چالاڪ ۽ جل ڦٽاڪي لڳي پئي هئي جو اسان سان ائين ڳالهائڻ ۾ جنبي ويئي جو ڄڻ ته اسان سان اڳم ئي واقف هجي. اسان گاڏيءَ ۾ چڙهي انهي فرينچ جوڙي کي کڻندا منيلا شهر کان ٻاهر روانا ٿي وياسين. پهريائين اسان کي منيلا کان ٿورو پري جيپن جي باڊي ٺاهيندڙ هڪ فيڪٽري ۾ وٺي ويا ۽ اسان کي ٻڌايون ته منيلا شهر ۾ جيڪي جيپ نما ٽيڪسيون ماڻهن کي کڻڻ لاءِ استعمال ٿي رهيون آهن تن جون باڊيون هتي ٺهنديون آهن ۽ جپان مان هنن جا صرف چيسز گھرايا ويندا آهن. پر هيءَ جڳهه اهڙي اهميت واري ڪانه هئي جو سياحن کي وٺي اچي گھمائجي. اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ ته رستن تي ڪاريگر ويٺا اهڙيون باڊيون ٺاهيندا آهن.
    تگئي تئي منيلا کان اٽڪل سٺ ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي آهي. هتي پهچڻ کان اڳ اسان کي هڪ پراڻي چرچ (Las penas) لاس پيناس ۾ وٺي هليا. هيءُ چرچ تمام جھونو ٿي لڳو ۽ هن جي اڏاوت پڻ تمام سٺي ٿيل هئي ۽ چرچ جي اندر ڪاٺ جو بهترين ڪم ٿيل هئو. يورپ جي عيسائي سياحن هن چرچ کي ڏاڍي دلچسپي سان ٿي ڏٺو. اسان جي گائيڊ کان هنن چرچ بابت ڪافي پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ چرچ ۾ ويٺل پادرين کان چرچ بابت معلوماتي ڪتابڙا ۽ ٻيا ڪتاب به ورتا، منيلا کان وٺي تگئي تئي تائين سڄو رستو وڻڪار سان جھنجھيو پيو آهي. اها وڻڪار ۽ ساوڪ ڏسي اکين کي راحت پي آئي. اسان جي گائيڊ سمورو وقت پنهنجي سهڻي انگريزي ۾ رستي تي ايندڙ هر شئي بابت ٻڌائيندي هلي. ڪيتريون ڳالهيون ته مون کي ناقابل اعتبار پي لڳيون پر بهرحال هن جي مترنم آواز تي ڪن لڳايو ويٺا هئاسين. اسان نيٺ پنهنجي منزل تگئي تئي هل اسٽيشن تي پهتائين، جيڪا واقعي تمام بهترين هل اسٽيشن هئي. هتي هڪ سٺي قسم جي هوٽل به هئي جنهن جو نالو هو ”هوٽل سن ويو“ (Hotel Sun View) سڀئي سياح پنهنجون ڪئمرائون تيار ڪري تصويرون ڇڪڻ لاءِ مختلف ڏسن ڏانهن روانا ٿيا ۽ اسان به پنهنجي ڪئميرا کڻي هيٺ وڏي ڍنڍ ڏانهن وياسين پر جيئن ته موسم جھڙالي هئي انهي ڪري ڊگھي رينج جي فوٽوئن جي سٺي رزلٽ جي اميد تمام گھٽ هئي انهي ڪري اسان ڪوشش ڪري شارٽ رينج جا فوٽو ڪڍيا. نظارا ڏاڍا من موهيندڙ ۽ دلفريب هئا. جڏهن گھمي ڦري فطرت جي حسن جي مشاهدي مان ڍؤ ڪري ورتوسين تڏهن موٽي هوٽل ”سن ويو“ تي آياسين، جتي ٽوئر وارن طرفان اسان کي لنچ ڪرائڻ جو بندوبست هو. اسان جي گروپ ٽوئر وارن لاءِ هوٽل وارن هڪ ڪنڊ تي علحده نموني سان ماني کارائڻ جو بندوبست ڪيو هئو، جڏهن سڀ سياح وڙڪي سڙڪي اچي گڏ ٿيا ته ماني کارائي ويئي. ماني انگريزي قسم جي هئي. آخر ۾ ڪچي ناريل جي اڌ ۾ آئس ڪريم ڏنائون جيڪا ڏاڍي لذيذ هئي. مانيءَ کانپوءِ اسان کي ٻڌايو ويو ته پاڻ هتان هڪ ڪلاڪ کن کان پوءِ روانا ٿينداسين. جيڪو به سياح وڌيڪ چڪر لڳائڻ چاهي سو ڀلي گھمي ڦري وٺي. اسان اتي ئي ويهي رهياسين ۽ بيري کي ڪافي آڻڻ لاءِ چيوسين. هيءَ جڳهه تمام سهڻي ۽ وڻندڙ هئي پر هتي ميڙاڪو (رش) بنهه گھٽ هو. ڪلاڪ کن کانپوءِ اسان جي روانگي ٿي. واپسيءَ ۾ اسان کي ناريلن جي فارمن ۾ وٺي ويا، جتي هڪ طرف سياحن جي خريداري لاءِ حڪومت جي طرفان دستڪاري جا بهترين نمونا هڪ وڏي هال جي دڪان ۾ رکيل هئا ۽ ٻئي پاسي وري ڪاٺين جو هڪ ننڍو گھر ٺهيل هو، جنهن ۾ هڪ ننڍو ڪمرو، اڱڻ ۽ بورچيخانو هو. هيءُ گھر حڪومت طرفان ماڊل طور ٺهرائي رکيو ويو هو. اسان کي پنهنجي گائيڊ ٻڌايو ته هيءَ هڪ عام فلپينو جو گھر آهي. ٻهراڙيءَ جي عوام جو وڏو تعداد اهڙن گھرن ۾ رهي ٿو. پاڻ اسان کي گھر جي ڪمري جي دريءَ ڏانهن اشارو ڪري ٻڌايائين ته اسان وٽ هيءَ عام رسم آهي ته جيڪڏهن گھر ۾ ڪا ڪنواري ڇوڪري هوندي ۽ انهي سان شادي ڪرڻ لاءِ جيڪو به ڇوڪرو ايندو سو انهي دريءَ جي هيٺان اچي بيهندو. جيڪڏهن ڇوڪري کيس پسند ڪيو ته پوءِ اها ڇوڪري کيس گلن جو هار پهرائيندي انهي جو مطلب اهو ٿيو ته ٻنهي هڪ ٻئي کي پسند ڪيو آهي ۽ پوءِ ٻنهي جو وهانءُ ٿي ويندو پر جيڪڏهن ڇوڪريءَ هار نه وڌو ته سمجھبو ته ڇوڪريءَ جو راضپو ڪونه آهي. هيءَ رسم ڏاڍي رومانٽڪ به آهي ته سياڻپ ڀري به. سڄي حياتي جي ڳانڍاپي لاءِ ٻنهي ڌرين جي پسند ۽ رضامندي ضروري آهي. اسان وٽ سنڌ ۾ خاص طرح ٻهراڙين ۾ ته نياڻيون گگدام بي زبان سمجھي مائٽن جي مرضي تي چکيا چاڙهيون وينديون آهن. اهڙا اڻ ڏٺي جا سڱ اڳتي هلي نياڻين جي حياتين ۾ زهر ڀري ڇڏيندا آهن ۽ سڄا خاندان پيا ورهن تائين لوڙيندا آهن.
    اسان هتي گھمي ڦري سڌا منيلا روانا ٿياسين ۽ اٽڪل شام جو ڇهين وڳي ڌاري اچي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. ڪجهه وقت ٿڪ ڀڃي ساهي پٽي تيار ٿي وري ٻاهر نڪتاسين. فلپائن ۾ هر نائٽ ڪلب جي ٻاهران نائٽ ڪلب جا ماڻهو توهان کي ملندا ۽ منٿو ڪندا ته اسان جي ڪلب ۾ هلو، بلڪل ائين جيئن حيدرآباد ۾ اسٽيشن ويجھو رات جي هوٽلن وارا هنڌ کٽولي جو هوڪو ڏيئي ايندڙ ويندڙ کي پيا سڏيندا آهن.
    غرض ته هڪڙن پٺيان ٻيا ڪڍ لڳا ٿي وتا، مرڳئين جند ئي نه ڇڏين. هڪڙن کان جند ڇڏايون ته ٻيا واٽ جھليو بيٺا آهن. ڪئين ايلاز ۽ منٿون ته اسان جي ڪلب ۾ هلو. بهرحال اسان به هلندي هلندي هڪ نائٽ ڪلب ۾ داخل ٿياسين فلپائن جي هر نائٽ ڪلب وانگر هن نائٽ ڪلب ۾ پڻ داخلا جي ڪابه في نه هئي، صرف هڪ ڊرنڪ وٺڻ لازمي هو. هن نائٽ ڪلب جي ڇت سڄي ڪاٺ جي ٺهيل هئي ۽ اسٽيج به ڪاٺ جي ٺهيل هئي جيڪا ڏاڍي خوبصورت جڙيل هئي. ڪلب ۾ تمام گھڻي رش هئي جنهن ۾ اڪثريت عرب سڳورن جي هئي. اسٽيج تي نر ۽ ناريون هيٺئين ماحول کان بي نياز رقص ۾ محو هئا ۽ رکيو رکيو پي ڪيڪون ڪيائون. گھڻي ناچ نچڻ ڪري ڪي همراهه ته مرين سوڌا پگهر ۾ شم هئا. جيڪي ٿڪجي ٿي پيا سي هيٺ لهي ٿي آيا ۽ ساهه پٽي وري اسٽيج تي ٿي آيا. اسٽيج تي به گھڻائي عرب سڳورن جي هئي. انهي گڏيل ناچ کانپوءِ هڪ عورت عربي لباس ۾ اسٽيج تي آئي ۽ يا حبيبي چئي رڙ ڪيائين ۽ دفلي تي زوردار هٿ هڻي هڪ بهترين قسم جي عربي ڊانس پيش ڪيائين. انهي ناچڻيءَ کي پوشاڪ به عربي پهريل هئي انهي کي ڏسي هت ويٺل عرب سڳورا ڏاڍا گد گد پي ٿيا ۽ ذري ذري عربيءَ ۾ واه واه پي ڪيائون. هڪ ٻه همراه اهڙا ته جذباتي ٿي ويا جو اسٽيج تي چڙهي آيا ۽ ناچڻي سان گڏ رقص ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون پر منتظمين شايد اسان جي استاد بخاري جو ٻول ”ايڏو نه ٿي جذباتي“ نيهن نشين ڪراين ۽ اسٽيج تان هيٺ لاٿن. انهي ڊانس کانپوءِ ٻيا به ڪيترا ائٽم پيش ڪيا ويا پر انهن ۾ اهو رنگ ۽ ترنگ نه هو جيڪو عربي ڊانس ۾ هو.
    رات وهامندي ويئي پر رش ويتر ويئي وڌندي. اسان اهو ميلو متل ڇڏي هوٽل ڏانهن ورياسين. جيئن ته دير تمام گھڻي ٿي چڪي هئي انهي ڪري ڏٺل ڏيک تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ کانسواءِ بسترن ڀيڙا ٿياسين. صبح جو ڪجهه اويرا اٿياسين ۽ ناشتو پاڻي ڪري شهر جي شيل تي نڪتاسين. اسان ڪيترين ئي سپر مارڪيٽن ۾ وياسين جيڪي تمام وڏيون ۽ سٺيون هيون. هتان ٻارڙن لاءِ ڪجهه ڪپڙا ۽ ڪي انگريزي دوائون جيڪي هتي نٿيون ملن خريد ڪيم. اسان ٽيڪسي ۾ شهر جو ڪافي وقت چڪر ڪاٽيندا رهياسين. هڪ هنڌ ميوي واري تي نظر پيئي، ڏٺم ته انب رکيا هئا. کيس چيم ته چار داڻا سٺا ڪڍي ڏي. پاڻ اسان کان جيڪا رقم ورتئين سا پنهنجي حساب موجب في انب پنج روپيا ٿي ٿئي. انب ننڍڙا به هئا ته ڦڪا به. حالانڪ مون دڪاندار کي چيو هو ته سٺي ۾ سٺي جنس جا انب ڏج. خدا کي خبر ته هن وٽ سٺي ۾ سٺي جنس اها هئي يا خراب ۾ خراب. بهرحال پنهنجي ملڪ جو ميوو هو انهي ڪري سنڌڙي کي ياد ڪندا کائيندا وياسين. مون ڪيترن ئي ملڪن جا انب کاڌا آهن پر پنهنجي ملڪ جي سنڌڙي انب جو ڪو مٽ ۽ ثاني نه آهي. هندوستان جو انب آفو به ڏاڍو مٺو ٿيندو آهي پر آئون يقين سان چوان ٿو ته سنڌ جي انبن جو مزو ئي ٻيو آهي. اسان تازيون اخبارون وٺي گھمندا ڦرندا هوٽل الشمس آياسين جتي اڪثر ماني کائيندا هئاسين. هوٽل اندران سٺي نموني سينگاريل هئي. خاص طرح ننڍين مڇين لاءِ جيڪو شوڪيس رکيل هو سو ڏاڍو سهڻو هو. فلپائن ۾ P.I.A جا آفيسر به اڪثر هتي ماني کائڻ ايندا هئا. اسان پيٽ پوڄا ڪري موٽي هوٽل آياسين ۽ ڪجهه دير آرام ڪري وري ٻاهر نڪتاسين. هيءَ شام جا ٽاڻو هو سو وري به ساڳئي نائٽ ڪلب وڃڻ جو پروگرام رٿي پنڌ پياسين. پيرين پيادا ڪهندا اچي هن ڪاڪ رسياسين. ڪلب وارن سڃاتو ته همراهه ڪالهوڪا ساڳيا آهن سو سندن هڪڙي ڪارندي کي اماڻيائون جنهن اچي اسانجي آجيان ڪئي ۽ شڪريو ادا ڪيو ته توهانجا وڏا وڙ جو اڄ به اسان جي ڪلب آيا آهيو. اسان توهانجي پسند کي داد به ٿا ڏيون ۽ ٿورا به ٿا مڃيون. هنن اسان کي هيءُ به ٻڌايو ته هر آچر رات اسان جي نائٽ ڪلب ۾ تمام سٺا ۽ وڻندڙ پروگرام پيش ڪيا ويندا آهن جن ۾ پرڏيهي سياحن سان گڏ اعليٰ سفارتي عملدار به شرڪت ڪرڻ لاءِ ايندا آهن. اسان کي اميد آهي ته توهان انهي شو ۾ ضرور شريڪ ٿيندا. اسان کين چيو ته بلڪل ضرور اچبو.
    ڪالهه جيئن ته پهريون ڏينهن هو انهي ڪري وڌيڪ مزو آيو. اڄ ائٽم ساڳيا هئا تڏهن به ڪجهه لطف آيو. اڄ اسان ٿورو سوير اٿياسين ڇاڪاڻ ته ٻئي ڏينهن اسان کي منيلا کان بئنڪاڪ وڃڻو هو. اسانجي فلائٽ شام جي هئي پر تڏهن به سوير اٿي وڃي هوٽل رسياسين ۽ رات جو ڳچ دير تائين ٻئي ڏينهن جي اسهڻ بابت ويچار ونڊيندا ۽ رهاڻ ڪندا رهياسين.
    رهاڻ ڪندي ڪندي ننڊ ۾ نيڻ خمارجڻ لڳا سو سمهي پياسين. صبح سوير اٿي اسهڻ جو سانباهو ڪيوسين ۽ ماني به ڪمري ۾ گھرائي کاڌي سين. اسانجي فلائٽ اٽڪل چئين وڳي ڌاري هئي پر جيئن ته منيلا ايئرپورٽ شهر کان ڳچ پري آهي سو اسان اٽڪل هڪ وڳي ”الميڊا مارڪوس“ جي هن ميٽرو منيلا کي الوداع چئي ايئرپورٽ ڏانهن راهي ٿياسين.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 533
    ڪتابن جو مشاهدو: 550723
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 212771
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ