ڪتاب جو نالو: ڪنول ٻڪ ۾ چنڊ
مصنف: مير محمد پيرزادو
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 04 نومبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 371 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 126 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”ڪنول ٻُڪ ۾ چنڊ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سينيئر شاعر مير محمد پيرزادي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. سائين ميرمحمد پيرزادو بيماريءَ جي بستري تي رهندي ”ڪنول ٻڪ ۾ چنڊ“ جو سپنو سجائيندي جيڪا سحر انگيز شاعري سرجي آهي، سچ ته هيئين سان هنڊائڻ جهڙي آهي، حساس دلين جي ترجماني ڪندڙ سندس ڪوتائن جا انڊلٺي رنگ مختلف صنفن جي روپ ۾ انساني صحيفن جو اهڙو اولڙو پسائين ٿا،
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • اداري پاران
  • پنهنجي پاران
  • هو جيڪو ڪاغان جو قصاگو آهي
  • غزل

  • رُئڻ ڇو روڪي وري پوءِ لڙڪ لڪندي هارجي،
  • تنهنجو مرڪڻ ڪير وِساري، تُنهنجي سڏڪن ساڙيو آهي،
  • اهي ڦوهه جوانيءَ جون رنگين شامون، ڏسڻ سان بهارن ٿڌا ساهه ڀريا،
  • سونهن جا سنسار ۾ آهي سکيون!
  • سچ آ ٽوهه جي ڳر، ڪڙي زهر جيان،
  • رات جو ننڊ ۾ اچي سپنا توهان جو ٿا پڇن،
  • رات ڪئي ڄڻ اُڀ مٿان ڪا تارن ميناڪاري آهي،
  • مون کي تنهنجا سَوَ سينگار به اکڙين ۾،
  • ڪوئل جي آ ڪوڪ ڀلي، پر هجي خوشيءَ جِي جي،
  • نگاهون کڻي نيڻ اولار سان،
  • گلابن جي جھرمٽ ۾ ڀَئونرو ٺهي نئون،
  • اداس لمحا، اداس چارا، سوال بنجي اڳيان اچن ٿا،
  • مينهوڳيءَ ۾ در کڙڪايو وَر وَر ڪنهن ته اويرو آهي،
  • جيئن پرهه کڻي پير،ڪَلي رقص ڪري،
  • پٽ جھڙا پير، تپندڙ ڌر تتي،
  • چوچڙيون ڏئي چاهتن جا چنگ آ چوري وئي،
  • هر نظر ۾ ڄڻ ته اوڳاڇن اُماڙيون ٿيون پيون،
  • ڪو به رايو ڪو نه رَکِيُئيِ ڪا رعايت ڇو نه ڪِيَئيِ،
  • ڇڏيو جن جيءُ گرمائي اڱڻ ساڳيا اُهي ناهن،
  • اڃا چهچ ساوڪ نه آ ٿوهرن ۾،
  • ڏيو وارن کي ٿا ڇنڊڪو، ته پئي ٿي وڄ ڄڻ چمڪي،
  • سانوريءَ ڪنهن شام جيان ويڙهي وئي،
  • ڪُنگُوٽارن ڪئي ڪا چَههِ، نه ٻوٽو ٻوهَه ٻاريو آ،
  • اک نٿو ڪو ٻيو ڀري، جو اک اٽڪي يار ۾،
  • توهان جي ئي اچڻ سان سج، توهان سان چنڊ ۽ تارا،
  • ڪيهَه ڪڪرن جي ٻُڌي ٿو واءُ ڀي واڪا ڪري،
  • ويو سڱر اُڪري ڪنڊيءَ جو، پيو مڃر باقي ڇَڻي،
  • ڊهي پيرا ويا آخر، ڳليون ڀي نيٺ مٽجي وِيُون،
  • لھي اڀري توهان تي ٿي، مٿان جوڀن نکار آهي،
  • اسان ڏي هلي تون اچين اوءِ جي،
  • سپون ۽ ڪوڏ پيرن ۾ سمندر جو ڪنارو آ،
  • وجھي ٻانهن ۾ ڪولابا، اجھي ها جھومندا آيا،
  • گھڙي تي چِٽ ڪنڀر ڪڍيا نه اُلڪو هوس آويءَ جو،
  • گلن جي نيڪي وزن ۾ ناهي اهو ته خوشبوءِ جو ڪم آ سارو،
  • چوين ٿو، اچان ٿو، اچين ڪو نه ٿو،
  • اُڏن ائين ابابيل آڪاس ۾،
  • ڪڙي اُڊيڙي ڦٽن مٿان تون ڀلي ڪري ڏس شوق پورو،
  • رِڻ اندر رابيل ڦٽندي تو ڪڏهن آهي ڏٺو،
  • ڏونگرن جا ڏاڍ ڪيسين هي ڏکيون سهنديون پيون،
  • ايترا هي روشنيءَ ۾ رنگ لڪي ڪاڏي ويا،
  • جِئين ڪاٺ چيري ۽ ڏاري ڇڏيُئي،
  • رهي راند ڪيئن جنهن کي پنهنجي اِٽي نه آ،
  • ڏسو مرڪ ڄڻ پئي آ ٽانگر ٽڙي،
  • اسان ڏي اچين ڇو نه ٿو تون اڙي!
  • سمنڊ-وير ڇاهي ڏٺو چاندنيءَ ۾،
  • مور موٽڻ جي ڪري هوءَ ڇيڳري ڇوري نه ٿي،
  • ڪري چهل قدمي اندر چِت چُري ٿي،
  • تو ته چيو هو، هُوءَ به ايندي ڇو نه اڃا پو آئي آهي،
  • سانوڻين ۾ ناءُ سنڌوءَ تي، پور مٿان ٻيو پور هيو،
  • اچڻ جا جيئن ئي هليا هواڻا اکين ۾ تيئن ئي خمار ايندو،
  • ڦري دنيا وئي آ پر نه آيو ڦير جانِيءَ ۾،
  • رنگ شفق سان ڀيٽڻ جھڙو، چپن مٿان جو پان هيو،
  • رهياسين پل دنيا ۾ جي، اَجايا يا سَجايا ٿيا،
  • دير ٿي ته به ڇا هه پو جي گس هٿن مان ناهه ويو،
  • ياد جا تحفا رکيا ٿم ‘لڙڪ، لاڪر’ ۾ پرين!
  • ڪنگڻ ٻانهن ۾،ڄڻ ته قيِديءَ ڪڙي آ،
  • ڏسو ڪيئن ته منهنجي چِڙِي ٿِي لڳي،
  • ائين ڇو آن ٿي پئي اڪن ۽ ڇڪن،
  • سامهون تنهنجو ائين گھرُ ٿو اچي،
  • ڪو گھڙو، سِيڻَهَه، سندارو ۽ نه ڪو ڪُنَڀُر پڇي،
  • گیت

  • ساري تنهنجو ساءُ،
  • اسان لاٽ ٻاري، ڇڏي رات ڀر،
  • جُھڙاليون فضائون به ٿيندين ته ڇا،
  • جڳ سمورو جيءَ ۾ آهي،
  • مينهن ڪڻين لاءِ،
  • تو بن ڪهڙي، عيد ڏياري،
  • رات لَڙِيءَ رابيل رُنا ها،
  • جيءُ جدائي جھٽيو آهي،
  • جنهن جي ڪنهن کي اُونءَ نه پُونءَ،
  • ڳيچ مون تنهنجي اچڻ لاءِ ڳوٺ ۾ ڳاتا پرين!
  • هُرَلا هلندا نار،
  • ڳاءِ وري اڄ ڳاءِ،
  • سڪ ساڻ اچي ٿي ساڻِي _
  • ته خوشبوءِ خوب هوا ڦهلائي !
  • پوهه سُڪايا پَنَ اَڪَنِ جا، جيءُ پيو آ جھورو،
  • ائين هِيءَ چاندني چوڏس،
  • جو سلھاڙي ساهه کي،
  • آءُ بسنتي رُت انهيءَ ۾،
  • وئي آهه مدت لنگھي پوءِ مس مس،
  • خوشبوءِ ڦوڪي ساهه وجھي وڃ،
  • نه مٽ ڪو به جنهن جو، نه تشبيهه ڪا_
  • تنهنجي ڳولا ڪارڻ رڻ پٽ جذبن سان مون جھاڳيا،
  • وَيُسِ ڳالھه سمجھي اها پوءِ پرين !
  • ٻيرن ۾ ڀي ٻير پڪا ٿي،
  • سونهن پسائي لونءَ لڳائي،
  • لڙڪن جي، جو ٻولي سمجھي،
  • باهه وڇوڙا شال لَڳيئي، جان جدائي کائي،
  • لنوءَ توهان سان ساجن لائِي،
  • موسم ميڙ مُڪي ٿئي مٺڙا! ٻير اچي ٻيرين جا ڇاڻ،
  • ساهه وري اڄ تو کي ساريو،
  • ايڏيون گھاريون وجھو نه گھوٽ،
  • تو کي پڪاري پيار ٿو هاڻي ته ڪر اچڻ جي !
  • ڏک ۾ ٿي ڏيل ڏاريان _نيڻن جا ديپ ٻاريان!
  • هنجون دل پڇي ٿي ته هاريان به ڪيئن،
  • جھين تي سوين سج اڀري لٿا،
  • بسنت اندر جيئن هر شيءَ ٻُوري،
  • ڳائي ڪوئي راڳ بِهاڳ،
  • مون کان مور نٿي وسري ئي مند اها مڌ ماتي،
  • چنڊ دريءَ مان هاڻ نهاري ڳالھه ڪئي آ، تنهنجي ڪن ۾،
  • جئين سانگ ساوڻ ڪري ٿا نچن،
  • ملڻ سان موٽ محبت جي، اهي رائل ۽ مائل ٿيا،
  • توسوا آ، تات تايو، تَرُ کڻي،
  • اهو وقت ايندو، نه هئي سوچ ڌارا،
  • هي ٿوهر گلن جو رتو رنگ ڏسي _ پيو من ڦسي آ سڄڻ تو سوا،
  • رُتيون رات ڪوئل جئين ڳاتڙيون،
  • روپ جا جلوا جھٽڻ جي مشق آ لفظن ڪئي،
  • ڪَڙِيءَ انهيءَ تي جوڀن تنهنجو آهه رسيو جو، تو کي،
  • وڃي پاڻي ڀريو تڙ تان، مٿي تي ٻن گھڙن ٽُٻڪا،
  • نه ٻي آڌر سهارو ڪو _رڳو هڪ ٻئي مٿان ڀاڙي،
  • وري دل مٿان اوچتو بوجھه ٿيو،
  • ڏٺو حال سڀ ڪنهن جو تنهنجي بنا،
  • نظم ۽ دوها

  • دوها
  • ڪجلا سَرُ “ دوها ”
  • نظم
  • ويجھڙائيءَ تو سنديءَ کي، مون ڪيو محسوس ايئن :
  • ڪاش
  • سڀ ٺهي ٿو هوند سان، اڻ هوند سان ڇا ٿو ٺهي !؟
  • ديس مالھا موتِيُنِ جي
  • مِجازيِ عشق کي معنيٰ!
  • راڳ پيالا، مڌ اندر پيا پائجن،
  • ڪيڏانهن هليو آنهن ويو،
  • سڀيتا جي سُونهن
  • ڳجھارت آهه بڻيو سنسار
  • نظارن مٿان بحث ٿيو آ گھڻو _
  • جوانيءَ تي جذبو پيو هاري هرک،
  • دُکي ٿي ڪڏهن ڪو به راڻو نه رهندو،
  • ڊاڪٽر احمد علي رند جي پٽ جي ناگھاني موت تي چيل.
  • جڏهن مند تي مينهن موٽيو پون،
  • وطن سان عشق آ جنهن جو ۽ مون سان پيار جو پرڻو،
  • ڦٽائي ننڊ وستين جي،
  • ته تون هليو وئين،
  • پشم جنهن جا پير، اسان سان ڪانه هلي،
  • آزاد نظم

  • ڪڏهن ڪڏهن تنهنجو مرڪڻ،
  • بيخودي
  • اڄڪلھه جو ماڻهو!
  • ته يادن ۾ گڏ!
  • ڇتارا
  • پنجڪڙا

  • ٽار ٽانگر جي مٿان پوپٽ ٽِلن،
  • مند تي ٿا ميگھه جھومن ۽ جھلَنِ،
  • در، تنوارن ساڻ تاڙي جي کُلَنِ،
  • مور جا ڪيئي ٽهوڪا پيا رُلَنِ،
  • لڙڪ نيڻن ۾ ڇمر جيئن پيا ڇُلَن،
  • آ طبيعت کي تپايو پير جي ڦُلڻِن ڦُلَنِ،
  • وائي
  • سمبارا پبليڪيشن پاران شايع ٿيل ڪتاب

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب نمبر 57
    حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: ڪنول ٻڪ ۾ چنڊ
    موضوع: شاعري
    شاعر: مير محمد پيرزادو
    ڇاپو پهريون: اپريل 2017ع
    ڪمپوزنگ: شاهده سائل
    ٽائيٽل: شاهزيب ميمڻ
    ڪيليگرافي: احمد نواز ڏاهري
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    سيد آرڪيڊ، آفيس نمبر 8، عبرت گھٽي، گاڏي کاتو، حيدرآباد
    03003513966

    مُلھه: 300/=





    KANWAL BUKA MAIN CHANDU
    (Poetry)
    Poet : Mir Mohammad Pirzado
    Sambara Publication Hyderabad
    03003513966


    ارپنا

    سنڌ جي صدين جي ساڃاهه سائين محمد ابراهيم جويي کي ارپيان ٿو، جنهن کان علم ادب جي ساڃاهه حاصل ڪيم.


    مير محمد پيرزادو


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڪنول ٻُڪ ۾ چنڊ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سينيئر شاعر مير محمد پيرزادي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
    سائين ميرمحمد پيرزادو بيماريءَ جي بستري تي رهندي ”ڪنول ٻڪ ۾ چنڊ“ جو سپنو سجائيندي جيڪا سحر انگيز شاعري سرجي آهي، سچ ته هيئين سان هنڊائڻ جهڙي آهي، حساس دلين جي ترجماني ڪندڙ سندس ڪوتائن جا انڊلٺي رنگ مختلف صنفن جي روپ ۾ انساني صحيفن جو اهڙو اولڙو پسائين ٿا، جنهن ۾ فني ۽ فڪري گوهر افشانيءَ جا انوکا نمونا ڄڻ ته زندگيءَ جي بي معنويت کي آسان معنيٰ جو ويس اوڍڻ وارو رستو هموار ڪن ٿا. سنڌيت ۽ رومانيت جي پرچارڪ ۾ جيون جا حسين لمحا وڃائيندي ميرمحمد پيرزادو جو قلم اڃان ٿڪيو ناهي، اهڙو حوصلو ۽ جوان جذبو سندس ڪوتاڪاري جيان قابل داد آهي.
    هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن حيدر آباد پاران اپريل 2017ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري دوست ۽ سنڌ سلامت جي سڄڻ ساجد سنڌيءَ جا جنهن سمبارا پبليڪيشن پاران ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    موجوده سنڌي شاعريءَ جي ڪاروان ۾ شامل ڪي ڪوتا ڪار جتي پنهنجا نوان گس جوڙي مڃتا جي رڃ ۾ جلد منزل رسائي لاءِ ڪوشان رهن ٿا، اتي پنهنجي انفرداري راهه جي سرواڻي ڪندڙ سائين ميرمحمد پيرزادي جهڙا ڪردار اڄ به پنهنجي ڏانءَ جي لاٽ کي گهڻن لاءِ مشعل راهه جو ذريعو بڻائي نه فقط مسلسل لکي رهيا آهن پر نوجوان ليکڪن جي حوصلا افزائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙڻ واري ڪرت کي به جيئن جو تيئن برقرار رکندا پيا اچن، اهڙا امر ڪردار ئي سنڌي ادب جو اصل سرمايو آهن. هونئن به ميرمحمد پيرزادي جي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جي دانهن جو پڙاڏو، محبت جو طلسمي جهان ۽ سماجي اڻبرابريءَ جا انيڪ داستان جهلڪندي نظر ايندا، سندس الڳ رنگ ڍنگ ۽ اسلوب سان رچيل ڪوتائن ۾سائين ميرمحمد پيرزادي جي گهڻ پاسائي شخصيت جا مختلف پهلو پاڻمرداو پڙهندڙن وٽان پيار ۽ ڀليڪار جي لفظن جي مالها پوئڻ تي مجبور ٿين ٿا.
    سائين ميرمحمد پيرزادو بيماريءَ جي بستري تي رهندي ”ڪنول ٻڪ ۾ چنڊ“ جو سپنو سجائيندي جيڪا سحر انگيز شاعري سرجي آهي، سچ ته هيئين سان هنڊائڻ جهڙي آهي، حساس دلين جي ترجماني ڪندڙ سندس ڪوتائن جا انڊلٺي رنگ مختلف صنفن جي روپ ۾ انساني صحيفن جو اهڙو اولڙو پسائين ٿا، جنهن ۾ فني ۽ فڪري گوهر افشانيءَ جا انوکا نمونا ڄڻ ته زندگيءَ جي بي معنويت کي آسان معنيٰ جو ويس اوڍڻ وارو رستو هموار ڪن ٿا. سنڌيت ۽ رومانيت جي پرچارڪ ۾ جيون جا حسين لمحا وڃائيندي ميرمحمد پيرزادو جو قلم اڃان ٿڪيو ناهي، اهڙو حوصلو ۽ جوان جذبو سندس ڪوتاڪاري جيان قابل داد آهي، سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ”ڪنول ٻڪ ۾ چنڊ“ جي اشاعت پڻ پنهنجي لاءِ هڪ اعزاز سمجهون ٿا، اميد ته پڙهندڙن لاءِ هيءَ ڪارائتي سوکڙي ضرور لاڀائتي ثابت ٿيندي.

    ساجد سنڌي
    سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
    03003513966


    پنهنجي پاران

    خدا جي خلقيل جيئَن مان انسان وڌ ۾ وڌ حساس آهي، ڪن خوشيءَ ڏياريندڙ شين تي وڌيڪ ۽ جلدي خوش ٿيندو ۽ ڪن ڏکوئيندڙ ڳالھين تي اوتروئي ڏکوئيندڙ اثر وٺندو. ٻيو ته هي واحد جيوُ آهي، جيڪو خوشين توڙي غمين کي اظهار ڪرڻ جو عادي آهي، ته جيئن هو پنهنجا همخيال ساٿي پيدا ڪري سگھي، جن سان هو خوشيون ڏياريندڙ ڳالھين جي اپٽار ڪندو ۽ آڏو وارا ان سان سهمت ٿيندا ته هو وڌيڪ خوش ٿيندو ۽ غمگينيءَ ۾ اگر اُهي ساڻس متفق ٿيندا ته سندس غم ۾ گھٽتائي ايندي.
    ان ۾ جيڪا ڳالھه طئه شده آهي، اُها اِها آهي ته انهن خوشين ۽ غمين جي اظهار جو فقط هڪ ئي ذريعو آهي ته ڪنهن ٻوليءَ رستي ئي انهن جو اظهار ممڪن آهي. پوءِ اگر سڌو سنئون بيان ٿيل هوندو ته اهو نثر سڏبو ۽ جيڪڏهن ان کي هٿ سان جاذب بنائي، ڳائڻ لائق ڪري پيش ڪبو ته ان کي شاعري چئبو.
    شاعريءَ لاءِ اُن جو ڳائڻ لائق هئڻ ضروري آهي، جيئن خوشيءَ جا ڳيچ ته ۽ غم جا نوحا ڳائڻ لائق بنجڻن شاعريءَ لاءِ ضروري آهي ته ان ۾ لَئي، ترنم، ردم يا موسيقيءَ هجي. ان لاءِ ان کي مترنم يا ردمڪ بنائڻ لاءِ چند گھاڙيٽا ۽ اصول بنايل آهن. جيئن هنديءَ ۾ ماترڪ_ ڇند وديا، ۽ عربيءَ توڙِي فارسيءَ ۾ علم عروض جا قاعدا ۽ ضابطا موجود آهن، پر جڏهن ته اسان ڏٺو ته انهن قاعدن ۽ ضابطن جا ڏاها، ڄاڻو ۽ عالم جيڪي شاگردن کي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ اِهي قاعدا ۽ ضابطا پڙهائيندڙ پروفيسر هئا، پر اهي پاڻ شاعر ڪو نه هئا. ان مان ثابت ٿيو ته شاعر ٿيڻ لاءِ رڳو انهن قاعدن جو ڄاڻو ٿيڻ به ضروري ناهي پر حساس هئڻ به ضروري آهن.
    اُهو عام رواجي ماحول، جنهن جو عام ماڻهوءَ تي ڪو خاص اثر به نه پوندو آهي، پر ان سماج ۾ ئي ڪي اهڙا سَپورنج ماڻهو به رهندڙ هوندا آهن، جيڪي ان ماحول مان به حد درجي تائين متاثر ٿي ۽ ان تي شاعراڻي راءِ ڏيندا آهن. اهڙا ماڻهو اسان جي سماج ۾ شاعر ٿي اڀرندا آهن. مٿي بيان ڪيل شاعراڻن قاعدن ۽ اصولن کي ڪم آڻيندي، پنهنجي شاعري سرجيندا آهن. توڙي جو حالتون ساڳيون هونديون آهن؛ شاعريءَ لاءِ ڪم ايندڙ ٻولي ساڳي هوندي آهي؛ شاعريءَ جا قاعدا ۽ اصول پڻ ساڳيا هوندا آهن، پر پوءِ به هرهڪ شاعر جي شاعريءَ جو پنهنجو ۽ منفرد انداز هوندو آهي، جنهن کي ڊڪشن Diction چئبو آهي.ان جو دارومدار شاعر جي مزاج،طبيعت ۽ سڀاءَ تي هوندو آهي.
    مٿي بيان ڪيل اصولن ۽ قاعدن کان علاوه لفظن جي استعمال جو ڏانءُ به ان ۾ وڏو ڪم ڪندو آهي، تشبيهون ۽ استعارا پڻ ان جي سونهن جو ڪارڻ بنجندا آهن. مثال: وڻندڙ نظارو يا خوش ڪندڙ ماحول، جنهن ۾ سندس دل گھريو گڏ آهي ته ان لاءِ چوڻ “ چنڊ پينگھي ۾ سُتَلُ” يا گھڻي وڇوڙي واري صورتحال ۾ چوڻ ته “ ڄڻ جبل آ ڪو-ڪِرِي پيو مون مٿان ”
    جيئن ته شاعري پڙهندڙ ان ماحول کان واقف نه هوندا آهن، جنهن کان متاثر ٿي شاعر ڪو شعر لکيو هوندو آهي. ان لاءِ پڙهندڙن تي به اگر اُهڙو اثر پيدا ڪرڻو آهي، جيڪو شاعر ان وقت محسوس ڪري رهيو آهي ته ان لاءِ وڏي محنت ۽ جاکوڙ ڪرڻي پوندي، تڏهن وڃي شاعري پڙهندڙ به ائين محسوس ڪندو. اگر پڙهندڙ بلڪل ائين محسوس ڪري ويو ته سمجھبو ته اهو شاعر، ڪامياب شاعر آهي، ورنه سندس شاعريءَ ۾ اڃا وڌيڪ رنگ ڏيڻا پوندا.
    مون پنهنجي شاعريءَ جي شروعات 1962ع کان ڪئي هئي. منهنجي شاعريءَ جو پهريون مجموعو “ مکڙيون ماڪ ڦڙا ” 1981ع ۾ ڇپجي ميدان تي آيو، ۽ ٻيو شاعريءَ جو مجموعو “ ليار نيڻن ۾ ڦُٽا ” 1999ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ان کان پوءِ جو شعر هن موجوده مجموعي “ ڪنول ٻُڪ ۾ چنڊ ” نالي سان 2017ع ۾ سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپجي توهان جي هٿن ۾ آيو آهي.
    اهو ہاںی پڙهندڙن تي چ-یل آهي ته اُهي موازنو ڪري ڏسن ته اڳين شعري مجموعن ۾ آيل شاعريءَ ۽ هن مجموعي ۾ آيل شاعريءَ ۾ اگر ڪا معياري تبديلي آهي، ته پوءِ آءٌ سمجھندس ته منهنجي هيءَ محنت ۽ عرق ريزي سجائي ٿي.
    مير محمد پيرزادو
    سڪرنڊ
    25.02.2017
    03013899123


    هو جيڪو ڪاغان جو قصاگو آهي

    هو جنهن جي سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي، ۽ جنهن کي گيت جو شاعر سڏيو وڃي ٿو ۽ مون وٽ به جنهنجو پهريون ۽ آخري تعارف هڪ شاعر جي حوالي سان آهي پر الائي ڇو، هو منهنجي حواسن ۾ هڪ شاعر کان وڌيڪ هڪ قصاگو طور شامل رهيو آهي !
    اهڙو قصاگو جنهن جي اندر جي آڪاس ۾ هزارين قصن جا ستارا جرڪندا ٿا رهن !
    اهڙو قصاگو جيڪو اڻٽيهين اونداهيءَ رات ۾ قصو کڻندو آهي ته هوائن جي زبان تي تالا لڳي ويندا آهن ۽ ٻڌندڙ پنهنجي وجود کان بي خبر بڻجي قصي جو حصو ٿي ويندا آهن، ممڪن آهي ته هن ڪڏهن به ڪا ڪهاڻي/ قصو نه لکيو هجي پر فطري شاعر، گائڪ، قصاگو ۽ آرٽسٽ اضافي Instruments جا محتاج نه هوندا آهن اُهي پنهنجي روح ۾ پنهنجو سنسار هوندا آهن . ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي . ڪويل ڪوئي گيت نه لکندي آهي ته ڇا اُها سريلي نه آهي ؟ درياهه جي لھر ڪائي ڌُن ڪمپوز نه ڪندي آهي ته ڇا اُها رڌم کان محروم سڏبي ؟ جولئٽ جي عاشق روميو ڪوئي شعر نه لکيو ته ڇا هن جي دل شاعريءَ کان خالي هئي ؟ احساس جي آڏو سَنَدنِ ۽ لقبن جا ٺپابنهه بي معنيٰ هوندا آهن .
    هو منهنجي لاءِ ڪاغان جي انهن قصاگو پوڙهن جئان حسين ۽ دلنشين قصاگو آهي جيڪي ٻاهران ايندڙ مسافرن کي ڍنڍ سيف الملوڪ جي ڪنارن وٽ ويهي پنهنجي مخصوص مٺي لھجي ۽ سيف الملوڪ ڍنڍ سان منسوب قصو ٻڌائيندا آهن ته ڪنهن سهڻيءَ عورت جي سلوڻيءَ اک جھڙي ڍنڍ برفاني جبلن مان قطرو قطرو ٿي وهندڙ پاڻيءَ سان ڀرجندي آهي لڙڪ لڙڪ ٿي خالي ٿيندي آهي ....... جنهنجو پاڻي چانڊوڪيءَ جھڙو اُجرو آهي، جنهن ۾ چنڊ پنهنجو عڪس ڏسي مُرڪندو آهي ۽ جنهن جي اوجل پاڻيءَ ۾ هر چوڏهينءَ جي رات پريون وهنجڻ اينديون آهن ڪاغان جي انهن قصاگو پوڙهن جي ڪهاڻيءَ ۾ ايڏو ڪجھه آهي جو دور دراز جا Tourist ڪجھه معاوضو ادا ڪري بار بار اهو ساڳيو قصو پيا ٻڌندا آهن ! ۽ قصي جي مڌ مان ڍاپي نه ڍاپندا آهن . بلڪل بلڪل بلڪل ائين آهي اسان جو هي قصاگو جنهن کي اسين ۽ اوهين مير محمد پيرزادو سڏيون ٿا . هو جڏهن اڪثر ادبي محفل ۾ ڳالھائيندو آهي ته محسوس ٿيندو آهي ڄڻ مان ڪنهن ادبي محفل ۾ نه ويٺو آهيان پر ڪنهن عظيم عبادت گاهه ۾ ويٺو آهيان، مقدس مريم جي اداس مُرڪ جي گھيري ۾ آهيان ۽ مصلوب عيسيٰ جي آڏو آهيان . هو ڳالھائيندو آهي ته لڳندو آهي ڄڻ فطرت پنهنجي آس پاس سان مخاطب آهي سچ ته کيس ٻڌندي ماڻهو سراپا سماعت بڻجي ويندو آهي ! پنڊ پاهڻ ٿي ويندو آهي .
    دراصل دوستو!
    ڪجھه ماڻهو پنهنجي ڳالھين جي هيٺان هوندا آهن ۽ ڪجھه ماڻهو پنهنجي ڳالھين جي مٿان هوندا آهن ! جيڪي پنهنجي ڳالھين جي هيٺان پوريل هوندا آهن اُهي ڳالھيون ته وڏيون، گھڻيون، رنگين ۽ دلڪش ڪندا آهن پر نه ڪو انهن جي ڳالھين ۾ ڪوئي اثر هوندو آهي ۽ نه سندن لھجي ۾ ڪو درد هوندو آهي انهن وٽ فنڪاراڻي ٺاهه ٺوهه ۽ ادائگيءَ جو ڍنگ ته هوندو آهي پر انهن وٽ جيءَ جو اهو جنون نه هوندو آهي جيڪو ڳالھين ۾ ڳهر پيدا ڪندو آهي ۽ لھجي ۾ لھوءَ جھڙي گرمي ڀريندو آهي ! ۽ اهو اعزاز فقط انهن وٽ هوندو آهي جيڪي پنهنجي ڳالھين جي هيٺان نه پر مٿان هوندا آهن .
    1. اُهي ماڻهو هوندا آهن جن جي ڳالھه ۽ عمل ۾ وٿي (Space) نه هوندي آهي . اهو ئي سبب آهي جو جڏهن اهي ماڻهو ڳالھائيندا آهن ته لڳندو آهي وقت جي پيرن ۾ ڏانوڻ پئجي ويا آهن ۽ تاريخ جي رفتار ڌيمي ٿي وئي آهي .
    هونءَ ته اسان وٽ وات راڌن جي ڪائي ڪمي ڪانهي ! ( ايک ڍهونڍهو هزار ملتي هين ) واري حالت آهي .
    سنڌ جي کوڙ الميئن مان هڪ وڏو الميئو اها اجائي ڄاڙي بازي به آهي . منهنجو خيال آهي ته گھڻو ڳالھائڻ جو حق فقط ٻن قسمن جي ماڻهن کي هجڻ گھرجي .
    هڪ : ڪلاس روم ۾ بيٺل استاد کي .
    ۽ ٻيو : دل جي ڳالھه ڪندڙ ديواني کي .
    ۽ مير محمد پيرزادو دل جي ڳالھه ڪندڙ اُهو ديوانو آهي جنهن جي ديوانگي سوين سياڻپن کان مٿاهين آهي . ڇو ته اها ديوانگي درد جي دين آهي . اها ديوانگي عشق جي عطا آهي . ان ديوانگي کان محروم ماڻهو مُڏو ۽ مردار ٿي پوندو آهي، ان ديوانگي کان وانجھيل ماڻهو Pleasing culture جو ڦلترو خوشامد جو کودو Status Quo جو انڌو پيلپائو ۽ پنهنجي مخصوص ڪلاس جو نمائيندو ٿي رهجي ويندو آهي هو ته ديوانگيءَ جي دهليز تي بيٺل اُهو عاشق آهي جيڪو گھر ٻاري روشني ڪندو آهي ۽ سَوَ وڃائي ساءُ بچائيندو آهي . ڪاغان جي انهن پوڙهن قصاگوئن جي قبيلي جو اهڙو قصاگو آهي جنهن جي خوابن، خيالن، يادگيرن ۽ احساسن ۾ هڪڙي اداس سيف الملوڪ ڍنڍ موجود آهي ۽ هن جي اها اداس سيف الملوڪ ڍنڍ سنڌ آهي . سنڌ جيڪا هن قصاگو جي سيني ۾ ڌڙڪندڙ دل جئان ڏکاري آهي ...... سنڌ جيڪا ڪنهن اداس ۽ زخمي عورت جي اک مان وهندڙ لڙڪن ۾ آلي آهي جيڪا سيف الملوڪ جئان مانسرور مان قطرو قطرو ٿي سيراب ٿئي ٿي ۽ لڙڪ لڙڪ ٿي لاڙ جئان بنجر ٿئي ٿي ٿر جئان ريگستان ٿئي ٿي ! هن جو ڏک هر حالت ۾ Justified آهي .
    هُو ڪنهن ازل جي اداس قصاگو جئان اسان جھڙن Tourists کي بنا معاوضي هن ديس جي هڪ هڪ زخم جي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو، ڪهاڻي جنهن ۾ سچ آهي، سونهن آهي، درد آهي، آرٽ آهي، محبت آهي، Wisdoms آهي .
    هو اهڙو قصاگو آهي جنهن لاءِ سنڌ سياستدان جئان محظ هڪڙو ڪارڊ ناهي ......... سوڪالڊ دانشورن جئان ڄاڙي ٺوڪڻ جو موضوع ناهي، اسان جھڙن اديبن جئان آڱر وڍائي شهيدن جي قطار ۾ شامل ٿيڻ جي سيڙهي ناهي، صحافين ۽ ڪالم نگارن جئان “ خبرن جو خاص Issue ” ناهي، پر هُن لاءِ سنڌ عبادت گاهه آهي ........ ڪعبه قبلو آهي...... دين ايمان آهي هن لاءِ سنڌ فيشن طور ڳالھائڻ، فيشن طور نه ڳالھائڻ، فيشن طور ڏکارو ٿيڻ، فيشن طور طنز ڪرڻ ۽ فيشن طور ان جو دفاع ۽ وڪالت ڪرڻ جو معاملو نه آهي پر سنڌ هن جي لاءِ سر جو سودو ڪرڻ جھڙي وٿ آهي، وقار آهي، اعزاز آهي عشق آهي ۽ درد جو دائرو آهي ......
    دائرو جنهن ۾ سڄي سنڌ ئي سنڌ آهي ۽ سنڌ جي مٿان آڪاس ۾ چمڪندڙ سنڌ جو هڪڙو جھونو عاشق چنڊ به آهي، چنڊ جيڪو زخمي زخمي آهي ان زخمي چنڊ جو نالو “ جي ايم سيد ” آهي جنهن کي پَراوَنِ گھٽ پنهنجن گھڻو گھايو. انهن پنهنجن ويندي ويندي سندس پٺيءَ ۾ اهڙو خنجر کوڙيو جو ان مان اڄ تائين رت ٽمي رهيو آهي ۽ ساري سنڌ جي ڇاتي لھو لھو ٿي وئي آهي . مير محمد پيرزادي جون اکيون انهيءَ پٺيءَ ۾ کتل خنجر جون جاڙيون شاهد آهن.
    سو سندس اکين جي نمناڪي ۽ لھجي جي اداسي بي وجھ ناهي . درد جي انهيءَ دائري ۾ سمجھه ۽ سُرت جون اُهي ڳالھيون به ولين جئان ڦهليون پيون آهن جھڙيون ڳالھيون زهر جي پيالي لاءِ منتظر ارسطو اٿينس جي ڳلين ۾ ڪندو هو . ڳالھيون جيڪي ڳليءَ ڳليءَ ۾ هوائون بڻجي هُلنديون هيون ۽ نوجوانن جا نيڻ روشن ڪنديون هيون ته مير محمد جون ڳالھيون سمجھه جون اهي سُرڪون آهن جن جو سواد ماڻي سڪرنڊ سميت سنڌ جي انيڪ ذهنن تان زنگ لھي ويا ۽ سندن اکيون اجريون ٿي ويون، جڏهن کين ڀٽائيءَ جي ڀر ۾ ويهاري ٻڌايو ته : سُرمو سفيديءَ جو جڏهن پاتو جن، تڏهن ڏٺي تن اڇائي عالم جي .
    هي قصاگو جنهن مهل دل جي سمفني تي ڀٽائيءَ جو ذڪر ڇيڙيندو آهي ته سندس سينو سمنڊ ٿي ويندو آهي ۽ اکيون لھرون لھرون ٿي وينديون اٿس هو جنهن پل وجدان جھڙي ڪيفيت ۾ اچي اسان پرهه جي پياڪن کي ان شاعر جا اهڙا بيت ٻڌائيندو آهي.
    هڪ ڌرتتي ماءِ، ٻي سندي سڄڻئين،
    هلي ۽ واجھاءِ، ٻنهين ڄيرن وچ ۾ .
    ۽ :
    “لڙيو سج لڪن ۾، راسيون رتائين،
    مون کي ماريائين، اديون اونداهو ڪري.”
    ۽ پنهنجيءَ دل جي ردم تي انهن بيتن جي حسناڪيءَ تي ڳالھائيندو آهي ته اسان جي لاءِ احساسن ۽ معنائن جا نوان در کلي پوندا آهن، ۽ ڀٽائيءَ سان اسان جي عشق جي تجديد ٿيڻ لڳندي آهي .... ۽ اسين پرهه جا پياڪ، ڀٽائيءَ جي قدمن ۾ سربسجود ٿي ويندا آهيون .
    هو اهڙو قصاگو آهي، جيڪو مون کي اڪثر پنهنجيءَ خاموشيءَ ۾ هڪ ڳالھه ۽ پنهنجيءَ ڳالھه ۾ هڪ خاموشي ڀاسندو آهي . اهڙي خاموشي، جيڪا پنهنجي پاڻ ۾ هڪ عظيم عبادت آهي، هن جو پنهنجو به ته هڪ شعر آهي ته :
    سانت به ڪڏهين ڳائيندي آ،
    ماڻهوءَ من پِرِڀائيندي آ.
    هو جنهن جي ڳالھه ۾ انور پيرزادي کي پاتل گلابي سنڌي ٽوپيءَ ۾ پويل ٽڪن جي روشن حسناڪي به آهي، ته موهن جي دڙي جي ماڻهوءَ سوڀي جي سوچ جو سواد به آهي !
    هو، جنهن جي قصي ۾ جمال ابڙي جي ڪهاڻين جي خوشبو به آهي ته مهاڪوي اياز جي شعرن جو رڌم ۽ مٺاڻ به آهي !
    هو، جنهن جي تربيت ۾ رسول حمزه توف واري ديس سان دلبريءَ جي سُتي به شامل آهي، ته گرو رجنيش جي گفتگوءَ جو رنگ به آهي؛ سو منهنجي لاءِ هڪڙو اهڙو منفرد ماڻهو آهي، جنهن سان منهنجو ان ڳالھه ۾ اعتبار پختو ٿي ويندو آهي ته عقل، مطق، دليل ۽ بحث ثانوي سطح جيPhenomena آهي، جڏهن ته عشق ادراڪ، جذبو ۽ وجدان اول درجي واري Phenomena آهي، هن سان ملي مون ڄاتو آهي ته عشق جن جو ايمان نه آهي، انهن جي عقل جا سڀ سرٽيفيڪيٽ ڪوڙا هوندا آهن .
    دوستو! هُو جيڪو هڪ ئي وقت پنهنجي ذات ۾ هڪ محفل آهي، هڪ ميلو آهي، جھميلو آهي، سو پنهنجي اندر ۾ اڪيلو به آهي. هو هڪڙو شفيق پيءُ هئڻ سان گڏ هڪڙو اداس مسافر پيءُ به آهي ... ڀيڻ جو اڪيلو ڀايڙو به آهي. تنها پٽ به آهي، پنهنجي ابي امان جو ! کوڙ سارن دوستن ساٿين کان محروم رهجي ويل دوست آهي، انيڪ حادثن جو اڪيلو شاهد پنهنجي ديس جئان زخمي زخمي، وياڪل وياڪل!
    پر پوءِ به هن جي چپن تي سدائين معصوم ٻار جي مُرڪ محوِ رقص هوندي آهي، اهڙي مُرڪ جيڪا ڪنهن فاتح سپهه سالار جي نيڻن ۾ هوندي آهي، ڇو جو هو هن ديس جو اهڙو قصاگو آهي، جنهن جي سيني ۾ سوين ستارن جھڙا قصا جرڪندا ٿا رهن ۽ هو ڄاڻي ٿو ته قصو لازوال هوندو آهي، قصو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو آهي، قصو سدائين قائم دائم رهندو آهي. قصو قائم آهي ته پوءِ ڏک ڪهڙو؟ هو پنهنجي لاءِ ڄڻ ڪاغان جو قصو آهي !!
    (سائين مير محمد پيرزادي سان ملھايل شام لاءِ لکيل تاثر )

    منور سراج
    نوابشاهه


    غزل

    رُئڻ ڇو روڪي وري پوءِ لڙڪ لڪندي هارجي،

    رُئڻ ڇو روڪي وري پوءِ لڙڪ لڪندي هارجي،
    واعدو تڪڙو ڪجي ڇو، پر ڪجي، جي پارجي.

    مانُ محبت کي ملي ۽ پيار- پانڌيئڙا پڄن،
    عشق جي طوفان مان، ٻيڙو ڪنهين جو تارجي.

    سڀ ستارا اُڀ اڱڻ تي رات جا رابيل ٿيا،
    چاندنيءَ سان مڌ چڪو، ڪوري ٺڪر ۾ ٺارجي.

    ڊيل کان وڌ وِک سُريلي، لوڏ ڄڻ لائون لھي،
    اَڻَ ڳڻيو جو دک دنيا جو ٽورَ ان سان ٽارجي.

    آهه محفل مڌ وهوڙيل چاندني جھيڻي نه آ،
    هڪ نگھه سان نيڻ جي قنديل ئي اڄ ٻارجي.

    هن جدائيءَ جي جبل کي مدتن کان پوءِ ملي،
    ڪي ته ڳرهي يار ڳالھيون، ڳڻ ڪري ئي ڳارجي.

    مرڪ عيوض لڙڪ مليا پيار ۾ پونجي اٿم،
    ڏک وجھي جو ڏيل ڏاري، ڏک انهيءَ کي ڏارجي.

    هير ۾ ڦوهارَ، خوشبو رات جي راڻي ڪري،
    نيڻ نگرن ۾ نِديا جي ڊيل ڊوڙي ڍارجي.

    چاندني پئي چنگ وڄائي راڳ رابيلن چيا،
    هن سمي سهڻي اندر پو ڪيئن نه ساجن سارجي.


    تنهنجو مرڪڻ ڪير وِساري، تُنهنجي سڏڪن ساڙيو آهي،

    تنهنجو مرڪڻ ڪير وِساري، تُنهنجي سڏڪن ساڙيو آهي،
    هيري موتيءَ کان به وڌڪ آ، تو جو لڙڪ به لاڙيو آهي.

    مينهن ڪڻين جا مهڪ مٽيءَ مان مهڪائيِ، سا، مايوسي آ،
    اُڀ اسان جي ڏک کي ڏسندي، ڳوڙهو ڳل تان ڳاڙيو آهي.

    اوشا جي ونَ ويس اندر هو آيو منهنجي اڱڻ مٿان آ،
    قول اچڻ جو جيڪو ڪيائين، پرهه اچي سو پاڙيو آهي.

    پڪ نه آ ڪو رات اويلي مُنڌ اڪيلي تو وٽ پڄندي،
    تو ڏي ايندي توڙي لِڪِيسِ، تاڪنُ پوءِ به تاڙيو آهي.

    من جا ورهه ولوڙا آتا، خوابُن تو بن کورا لاتا،
    سورن هيءُ جياپو ساڙيو، پورن جيءُ پَڇاڙيو آهي.

    رات بسنتي، هير ٿڌيري، جوڀن ونتي جاڙ جئي ٿي،
    چورا کورا چانڊوڪيءَ جي، چيِئن مٿان من چاڙهيو آهي.

    ڪوئل موسيقي ٿي ڇيڙي، وڻ ٽڻ جھومي راڳ چون ٿا،
    ساجن هن ۾ سرنهن سندي ڄڻ ڦول اندر کي ڦاڙيو آهي.

    پنهنجي ملڻ مٿان سَوَ پهرا ۽ پابنديون توڙي آهن،
    تنهنجي خوشبو هير پُڄائي، واءُ ڀلا ڪنهن واڙيو آهي!


    اهي ڦوهه جوانيءَ جون رنگين شامون، ڏسڻ سان بهارن ٿڌا ساهه ڀريا،

    اهي ڦوهه جوانيءَ جون رنگين شامون، ڏسڻ سان بهارن ٿڌا ساهه ڀريا،
    ۽ سوچن جي نيڻن اُگھي لڙڪ ڇڏيا، تڏهن اوڇنگارن ٿڌا ساهه ڀريا.

    نه سياري ۾ سارن ڇڏيو هو توهان جي، نه سڏڪا هي ساوڻ ۾ بند ٿي سگھيا هئا،
    ڇِڙيِ ذڪر تنهنجو جڏهن پيو انهن ۾، ته ميگھن ملھارن ٿڌا ساهه ڀريا.

    ڏسڻ ڪاڻ جن جي ٿي رابيل رڙيا ۽ ڀئونرن جي گونجار ڀٽڪي رهي هئي،
    ڇِڙيا رات جا سُر ستارن منجھان جو ته سڏڪي پيارن ٿڌا ساهه ڀريا.

    هي سُر جي لھر تي جو سرگم سجائي ۽ پولار پايل جي جھنڪار ڪئي هئي،
    ٿي ساعت وئي سُن جو سارن وڪوڙيو، ته تڙپي ستارن ٿڌا ساهه ڀريا.

    نه ڏينهن جو ڏَڍُ ۽ نه راتين جي ننڊ آ، هي مهلنُ تي مارن ٿيون يادون اوهان جون،
    صبح شام سارن ڇڏيا ساهَه ساڙي، نظر ۽ نظارن ٿڌا ساهه ڀريا.

    ڏسي دل جي حالت سگھي ڪين موسم، ٽمي نيڻ جنهن جا وسي سانوڻي ٿيا،
    توهان جن کي پارت ڪئي هئي اسان جي، انهن خود سهارن ٿڌا ساهه ڀريا.

    ڪڍيا گونچ يادن بهارن اچڻ تي، اوهان جي اچڻ جون لڳائي ڪي آسون،
    وڇائي رکيا نيڻ دڳ تي جنين ها، تنين دوست يارن ٿڌا ساهه ڀريا .

    جھڪيو ڪنڌ تنهنجو انهن کي جو پائڻ، جھڪي ڪائناتن به سجدا ڪيا ها،
    صراحِيءَ جھڪي ڄڻ ته هو پيگ پيٽيو گلابن ۽ هارن ٿڌا ساهه ڀريا.


    سونهن جا سنسار ۾ آهي سکيون!

    سونهن جا سنسار ۾ آهي سکيون!
    ڇو ڏسن ٿيون ڪين سا آن جون اکيون،

    سوچ کي تو ڏي مُنجي مون هي اکيون،
    راهه تنهنجيءَ ۾ کڻي آهن رکيون.

    تڙپندي، لڇندي پيون طعنا سهن،
    نيڻ واري نانگ جي آهن ڪَکيون.

    ماڪ ۽ خوشبوءِ رابيلن سندي،
    چاندنيءَ ۾ ٻهڪندي آهن ٻکيون.

    مُک نِکاري، رات آڳنڌ تي سُتيِنءَ،
    ڪي چُڪيون چُوسي چپن مان چنڊ چَکيون.

    سار جون سڳنڌون سوين سنسار مان،
    ماڪ اوتي موتئي جي منهن مکيون.

    رات سپنن ۾ هيون جي سُڏِڪِيُون،
    باک جا ڪرڻا بڻي ڄڻ سي بکيون.


    سچ آ ٽوهه جي ڳر، ڪڙي زهر جيان،

    سچ آ ٽوهه جي ڳر، ڪڙي زهر جيان،
    چاهه مان ٿا چکن پو به ڪي چهر جيان.

    نيڻ نرگس نما، ڏند رابيل جيان،
    ڳل ڳاڱين رَتا، چپ گل مهر جيان.

    چنڊ وانگر ٿڪل، مُک ماڪن اندر،
    لڳن ڄڻ ته پوئين ڀنل پهر جيان.

    ڀانءِ بوڙيا اُهي ٿا مٿانئس ترن،
    هي ستارن ڀريو اُڀ سڄو بحر جيان.

    آ اندر جي دنيا جو رهاڪو اهو،
    جو ڪڏهن ڪين سوچي سگھي ٻَهَرِ جيان.

    ٿو جڏهن پيار لوڏي دليون پينگھه ٿي،
    ٿو ڏئي سونهن کي تازگي سحر جيان.

    آ وري سوچ ۾ يار واسو ڪري،
    تون تڪيو ڪر اکين ۾ ننڊن _ ڳهر جيان.

    عڪس هي کُڙ کٻيتن سندا ان اندر،
    ٿي لڳي اُڀ مٿان ڪهڪشان لھر جيان.

    هي سندر ڇا ته سورجَ_نَدي صبح جو،
    ٿي نچائي پئي ترورا نهر جيان.


    رات جو ننڊ ۾ اچي سپنا توهان جو ٿا پڇن،

    رات جو ننڊ ۾ اچي سپنا توهان جو ٿا پڇن،
    ماڪ سان منهنڙو ڌوئي رستا توهان جو ٿا پڇن.

    لڙڪ روڪي ٽهڪ ڏيان ٿو دل مٿان پٿر رکي،
    پوءِ به مايوسي کڻي لمحا توهان جو ٿا پڇن.

    هانوءَ جو ڏڍُ ڀي ڀلا تن کي ڏيان مان ڪيترو،
    ياد جي اذيت سهي، جذبا توهان جو ٿا پڇن.

    تون ته ناهين پاڻ پر، ويو پاڻُ ڀي ڪيڏانهن آ؟
    هيڪلائن هيسيل اُڌما توهان جو ٿا پڇن.

    ڪانه ڪا نعمت سواءِ توخوش ڪري سگھندي ڪڏهن،
    ڪامرانيون هڪ طرف، تمغا توهان جو ٿا پڇن.

    راڳ راحت روح کي ناهي ڪري ميُسر سگھيو،
    ساز ٿا سارون ڏين، نغما توهان جو ٿا پڇن.

    مان ته تن کي مڌ ملائي لڙڪ ڀي آڇيان پيو،
    پر اُڪيرن جا اُلا من جا توهان جو ٿا پڇن.

    موسمن ۾ موهه ناهي، واءُ واڪا پيو ڪري،
    ڀوئنر ڀٽڪي باغ ۾ ڇا ڇا توهان جو ٿا پڇن.


    رات ڪئي ڄڻ اُڀ مٿان ڪا تارن ميناڪاري آهي،

    رات ڪئي ڄڻ اُڀ مٿان ڪا تارن ميناڪاري آهي،
    مندر اندر ڏيئا ٻريا، ڄڻ ڪا رات ڏياري آهي.

    هن ۾ گھاٽي واڌي جي ڪا ڪٿ به ٿيندي ناهي سائين،
    هن ۾ ليکو ٿيندو ناهي عشق نه دنيا داري آهي.

    پيرن جي ڪا ڇير ڇڄي پئي، گھنگھرو وکري تارا بڻيا،
    نيل گگن ۾ چندرما ڄڻ نچندڙ ڪا ئي ناري آهي.

    سون اڱارن منجھه سڙي جئن بنبو سارو ڪُندن آهي،
    ساروڻين ۾سڙي سڙي تيئن گھڙي گھڙي مون گھاري آهي.

    تن پچائي، من مڇائي،، لونءَ لُڇائي لمحي اندر،
    هَري هَري هيءَ ماس ڪپي ڄڻ انگ سڄي ۾ آري آهي.

    ڌنڌ وهوڙيل وستيءَ ۾ ڄڻ ڌيمو چنڊ لڳي جا پَريان،
    گھر جي ڀاتين سيءَ ٽرڻ لئه باهه ڀُنگِيءَ ۾ ٻاري آهي.

    خوشبوئن جا کيپ ڏياري چوڏس چانڊوڪي ٿي لڳي ڄڻ،
    رات جي راڻيءَ رابيلن سان چڙندي ڪا مڌ هاري آهي.

    چندرما جو عڪس چڙهي ٿو ڏاڪڻ ڇَرَ جي ڇولين جي،
    ناکئي ڄڻ ڪا ناوَ نکاري ڪينجھر ڇر تي تاري آهي،

    پوڙهي مک جا گھنجَ لڳن ٿا تاريخن جون ڌارائون،
    ٻيٽ سنڌوءَ تي ٻهه ٻهه ٻهڪي ور ور ٿي جا واري آهي.


    مون کي تنهنجا سَوَ سينگار به اکڙين ۾،

    مون کي تنهنجا سَوَ سينگار به اکڙين ۾،
    اڻ ڳالھايل ڳالھين جا انبار به اکڙين ۾.

    تنهنجي آجيان جي لئه مون وٽ آهه ٻيو ڪي ڇا،
    هيرن مَنجھه هڳاوَ ته آهن هار به اکڙين ۾ .

    ساهه ٿڌا هي هير اصل ۾ اڪير اوهان جي ئي،
    ڪِرڙن جا ڪي ڏيلھنِ ڏَٽَيُل ڏار به اکڙين ۾ .

    لڙڪ نه آهن، نيڻ ڪڪر جي ڪنڊ مان لڙندڙ هيءُ،
    نينهن سندي هي مينهن سندا ڪي نار به اکڙين ۾ .

    آئينو هي تنهنجي اڳيان خيالن ۾ ڀي هوندو،
    تنهنجو چهرو چمڪيو ڪيئي بار به اکڙين ۾.

    هونءَ ته ڪا ئي جاءِ نه ايڏي ڏَسجِي ٿي ڪا تن ۾،
    ڪيئن سمائي لڙڪن جي هيءَ لار به اکڙين ۾.

    مُکڙو سَوَ ميارون ڏئي ٿو سور سلڻ ريءَ جئن،
    صاف ڏسڻ ۾ ايندي آ تئن سار به اکڙين ۾.

    تن کي ڪين کپن ٿا پهچڻ ڪارڻ ڪيئي رستا،
    پنهنجي سونهن سموريءَ سان هيءُ يار به اکڙين ۾.


    ڪوئل جي آ ڪوڪ ڀلي، پر هجي خوشيءَ جِي جي،

    ڪوئل جي آ ڪوڪ ڀلي، پر هجي خوشيءَ جِي جي،
    پوپٽ کي ٿو ڪير ٻڌائي جيئن ئي رابيل کڙي .

    آڌيءَ ويلي هير گھلي ۽ کيپ خماري ٿي،
    ڪنول بنائي ٻُڪ پيو ٿو، ڄڻ ڪو چنڊ جھپي.

    راتو ڪو هو بکيو سُمهي پيو بکيو اٿندي ئي،
    سج جو ڪرڻو ڪرڻو ويٺو چيهو ڄڻ ته چُڳي.

    ماڪوڙن جو جھرمٽ ڇا تي،ڇا تي ڪِوِلين ميڙاڪا،
    ماناري مان مٿان مٿان ٿي ماکيءَ لار ڳڙي.

    اوٽ ڪڪر مان وڄ جو چمڪو مون ڏي گھوري ايئن،
    دريءَ وٿيءَ مان جيئن ڪو مکڙو سُندر ميڇ ڏئي.

    نفرت کان هئي،نفرت جن کي، ماريا نفرت ۾،
    دنيا جي آ ريت عجب جو پنهنجن سان نه ٺهي.

    لڙڪ به پاڻي، ماڪ به پاڻي، بوند به پاڻي آ،
    فرق آ پيڙا هر ڪنهن جيءَ ۾، هونئن ته پاڻي سي.


    نگاهون کڻي نيڻ اولار سان،

    نگاهون کڻي نيڻ اولار سان،
    نهاريو اسان ڏي وري پيار سان.

    ڪبو پيار آهي فقط پيار لئه،
    نه آ واسطو جيت ۽ هار سان.

    ڏني ۽ وتي جو نه آهي پتو،
    ڪڏهن ناهه ليکو ڪيو يار سان.

    اها دل نه جيڪا ڪپي ڪات ڀي،
    ٽٽي ٿورڙيءَ ويڻ يلغار سان.

    عُقِيقا اوهان جي ائين هار سان،
    لڏن لال موتي جئين ليار سان.


    تڏهن شرم ٻوٽي ٿي ڪومائجي،
    وٿي ڪا نه رهندي جڏهن وار سان.

    تڏهن کان سڦل ٿيو هي جيون سڄو،
    پرينءَ جي مليا سون جڏهن پيار سان.


    وٺي مند جو جي ڪو جھونڪو گھلي،
    سلھاڙي بدن ويو سڄو سار سان.

    هَڻي ياد جھمريون، لڙيءَ رات ۾،
    اُڪِيرُون اٿن پيون چڙيءَ لار سان.

    ٻنيون چهچ سايون فصل ڦوهه ۾،
    ڪيا سانگ ساوڻ نچي نار سان.


    گلابن جي جھرمٽ ۾ ڀَئونرو ٺهي نئون،

    گلابن جي جھرمٽ ۾ ڀَئونرو ٺهي نئون،
    وٺي تي ٿو جيئن ٿر ۾ چئونرو ٺهي.

    اهو سُوارَ جي سونهن جو ڪرشمو،
    گلابي جھلُنِ ساڻ گئونرو ٺهي.

    ٺهڻ لاءِ موزون ڪا ڪا جڳهه،
    نڪوري ٺڪر ۾ ٿو ڌئونرو ٺهي،

    سڄي بر کي سهڻو بنائي ڇڏي،
    گلن سان جھنجيَل خوب ڏئونرو ٺهي.

    ٺهي ايئن جوڀن ٿو جلوا ڪري،
    ڪنڊيءَ ۾ جئين ٻُور ڪئونرو ٺهي.

    اکين جي اوتارن ۾ ٺهجي ائين،
    پيو جيئن پاڻي ۾ پَئُونرو ٺهي.


    اداس لمحا، اداس چارا، سوال بنجي اڳيان اچن ٿا،

    اداس لمحا، اداس چارا، سوال بنجي اڳيان اچن ٿا،
    وشال آڪاس مان ستارا، سوال بنجي اڳيان اچن ٿا.

    اسان جون سوچون اجاڙ بنجي، شهر بدر ٿي ڀلي پيون ڀٽڪن،
    بتيون ٻريل ۽ توهان جا جارا، سوال بنجي اڳيان اچن ٿا.

    اسان جا سپنا جلاوطن ٿي، تڪن ٿا نيڻن سندي شهر ڏي،
    اُجاڙ جن جا سڀئي اوتارا، سوال بنجي اڳيان اچن ٿا.

    پِيا ملڻ تي انيڪ پهرا ۽ سخت رويو سماج جو ٿيو،
    سمنڊ ڪناري ٻه پاڇا ڪارا، سوال بنجي اڳيان اچن ٿا.

    اننت سورن انبار سِر تي، ڪٽڪ ڪيو ٿا اچن جي ڪاهيو،
    ڪنڌي نه تن، نه ڪي ڪنارا، سوال بنجي اڳيان اچن ٿا.


    سُڪون ميهر ملڻ کان وڌ آ ته سير ۾ ئي هليو وڃي سِرُ،
    اتي جي ساگر ڏئي اِشارا، سوال بنجي اڳيان اچن ٿا.

    رُتيون اوهان سان وڃن ٿيون رڱجي، مندن توهان جا چميا قدم ٿي،
    توهان پڄاڻا پرين نظارا، سوال بنجي اڳيان اچن ٿا.

    توهان سان گھاريل گھڙيون گُھٽين ٿيون، توهان سان گھاريل انيڪ لمحا،
    وڌائي تنهنجي پياس پيارا! سوال بنجي اڳيان اچن ٿا.

    سماج جا هو سڀئي ڌڪاريل، وڃي گڏيا مئڪدي ۾ آهن،
    اُٿن ٿا جي ميڪدي مان نعرا، سوال بنجي اڳيان اچن ٿا.

    توهان جي قدمن سندا نشانا، سجائي رکيا جنين سِرن تي،
    چمي پيو چنڊ سي ئي چارا، سوال بنجي اڳيان اچن ٿا.


    مينهوڳيءَ ۾ در کڙڪايو وَر وَر ڪنهن ته اويرو آهي،

    مينهوڳيءَ ۾ در کڙڪايو وَر وَر ڪنهن ته اويرو آهي،
    آءٌ ڏسان ٿو واءَ جو جھوٽو، آيو ٻيو هي ڀيرو آهي.

    سرو ڀريل آ سار اندر ڀي يار توهان جي اهڙو ڪو،
    ياد اچڻ سان پنهنجو ٿي ويو خيال به کيرو ويرو آهي.

    تنهنجي من آڳنڌ تي آهي آ دابن جو اوج وڏو ڪو،
    ان تي پهچي ڪيئن ڀلا جو منڙو ميرو سيرو آهي.

    دل جي تڙپ وڌي ويندي آ دلڙي ڏسندي آهي جڏهين،
    تنهنجي چاهَتَ _ چوکنڊ هيٺان ايندو ايرو غيرو آهي.

    بُرقعي مان کسڪي ۽ تنهنجو مکڙو ٻاهر نڪتو ايِئن،
    جھڙ مان نڪتو سج چٽو ڄڻ جنهن جو تاب تکيرو آهي .


    چوڏهينءَ جو چنڊ چٽو نه آ ڇا، اصل حقيقت منجھه ائين ئي،
    بلڪل اڳ جيان آهه چٽو، گھنگھور گھٽا جو گھيرو آهي.

    ڳولا ان جي ڪهڙي جنهن کان ويڇو تِر جو ناهي ڪوئي،
    پر جي نيڪ نظر سان ڏسبو دل ۾ ان جو ديرو آهي.

    تارا تارن کي اٽڪايو ان ڏي ڏسندي پاڻ ۾ ڀڻڪيا،
    مينهن اوڪاڻڻ کان پوءِ هو ڏس ڪيڏو اُڀ اڇيرو آهي.

    پکي بچايو ڌڪ لڳڻ سان جيڪو گھايل ٿي پيو آهي،
    جان مٿان جو ڏکي اچي ويس جلندي پوءِ به جيئرو آهي.

    توڙي پَرَ اٿس ويا ڪٽجي سنڌ اُڏامي ڪين سگھي ٿي،
    پوءِ به همت جياري ويندي، ساهس لاءِ سويرو آهي.


    جيئن پرهه کڻي پير،ڪَلي رقص ڪري،

    جيئن پرهه کڻي پير،ڪَلي رقص ڪري،
    تيئن لان مٿان هوءَ هَلي رقص ڪري.

    هي نيڻ ڪڪرَ ڇانو ڪري جيئن اچن،
    من مور بڻي پوءِ ڀلي رقص ڪري،

    موتئي جي مهڪ ڇير جيان جڏهن وڄي،
    جھرڻي جي مٿان رات ڍلي رقص ڪري.

    سازن مان سُرن جا ٿا ابابيل اڏامن،
    هيرن جي هِلورن تي ٽَلِي رقص ڪري.

    وک ساڻ سڄو وايو منڊل ڄڻ ته وِهاٽي،
    پيرن جي پوڻ ساڻ ڳلي رقص ڪري.

    پرين کان مليل پيار ۽ محبت جي مچن تي،
    جند جان وئي آهه جلي رقص ڪري.

    مد مست بڻي ملنگ اچي ڀير مٿان اڄ،
    سڌ سور سندي آهِه سلي رقص ڪري.

    وهه واهه ڪري ويس وَنڊِيُئي ونڊ حسن جو،
    جوڳِيُنِ به اچي جھول جھلي رقص ڪري .


    پٽ جھڙا پير، تپندڙ ڌر تتي،

    پٽ جھڙا پير، تپندڙ ڌر تتي،
    ڌُن پنهنجي ۾ مگن گھمندي وتي.

    واٽ جا واسينگ جھڙا ور وڪڙ،
    پو به پٺيان پئي وڃي جنهن جي گتي.

    رات جھومڪ ماڪ جا ڇِمڪائيا،
    ڌوم تارن ناچ جي آهي متي،

    جوت جگنو جگمگائي ايئن ٿو،
    ڪو اچي پريان کنيو ڄڻ هَٿَ_بَتي.

    پوءِ ڪاٿي کان مٿي قيمت ٿيس،
    رنگ پرين جي ۾ وڃي جَڏَهين رتي،

    سا وصالن ۽ وڇوڙن کان مٿي،
    يار جي خيالن ۾ پئي آ جا کتي.

    ٿئي متان ڪا پيار جي پت وائکي،
    اُن ڪري چت تي هنئين چاهت چتي،

    عشق ۾ ايثار بن ڪم جي نه آ،
    جا سَتي، توڙي کڻي آهي جَتي .


    چوچڙيون ڏئي چاهتن جا چنگ آ چوري وئي،

    چوچڙيون ڏئي چاهتن جا چنگ آ چوري وئي،
    قيد جي زنجير جون سڀئي ڪڙيون ڀوري وئي.

    وقت کان پو منهن مقابل ٿي وَئي جو اوچتو،
    حال سڀئي چپ اندر تفصيل سان اوري وئي.

    رَوَش مان ئي رونما ٿي پيار هيس پڌرو پيو،
    ماپ ۽ ماڻن بنا هوءَ محبتون توري وئي.

    ٻاڻ ٻيجَلَ جا اکين مان جيئن نڪتس اوچتا،
    قرب واري ڪات سان هوءَ ڪنڌ ڪلھن ڪوري وئي.

    موٽڻو جو هوس جلدي منهن ڏيکاري ڄڻ وئي،
    جيءُ جھوراڻي جھريل ويتر گھڻو جھوري وئي.


    ڏکّ جو ڏونگر اَڻانگو جسم نازڪ ڇا ڪري،
    ڏيل جي ڏَڍَ تي ڏکيون ڏونگر ڀٽون ڏوري وئي.

    جنهن بچائي پاڻ پاسي پيار کان ڪيو پر اها،
    گُھورَ هڪ جي گھاءَ تان گھر، تڙ، سسي گھوري ئي.

    چوڏهين جي چنڊ هيٺان چندن لائي جيئن سُتي،
    چاندني چادر وجھي ان جي مٿان هوري وئي .

    جان تنهن جي ڪانه ڇٽندي وَسَ کڻي ڪيڏا ڪري،
    ڳوپ ڳنڍجي ڳالھه جي جا ڳڙهه ڪَهين ڳوري وئي.

    مند موٽائي وِجھئَيِ شل، هيل ايئن هٻڪار ۾،
    سَنڍ ٽاريون، ساوڻيءَ رُتِ، هيل جيئن موري وئي.


    هر نظر ۾ ڄڻ ته اوڳاڇن اُماڙيون ٿيون پيون،

    هر نظر ۾ ڄڻ ته اوڳاڇن اُماڙيون ٿيون پيون،
    چُوچڙيِءَ وانگي چُڀندڙ منهن مقابل تو چيون.

    ڄڻ ته ڪاٺيون سِيرجن ٿيون، باهه ۾ يادن سنديون،
    پوءِ ڀي اينديون رهن هيءُ نينهن ۾ نت نت نيون.

    بِينَ جُون لھروُن هوا ۾ جو ويون تحليل ٿي،
    خوب ڏوراپا توهان جا واءَ مان ڏينديون ويون.

    مون ٻَڌيِ پايل ته هر انگ ناچ ۾ ٿي مَحَوُ ويو،
    نينهن نورا هئا اکين ۾، تو خماري جيئن کنيون.

    قسمتن جو يار ميلو، ڪَرڻ کان ڳالھيون گھڻيون،
    ڪين ٻيو موقعو مليو ته به ڄڻ چُميَءَ سان سڀ چيون.

    راڳ بڻجي ريٽ سارا ڄڻ سنڌوءَ کي پيا سڏن،
    واءَ واسن ساڻ گڏ هيءُ جي، ڪُنگوءَ لھرا لَيُون.

    ڪا نه سهڻي ۽ نه ڪي ڪنگ ڪالھه جي ڪانڌي ٿيا،
    ڇا ته الميو آ سنڌوءَ جي ريٽ مان اُڏندڙ رَيون.

    آءٌ تن ڳالھين سهاري اڄ به جيان ٿو جڳ اندر،
    ڪالھه لِڪ چوريءَ ڪنن ۾ ڪانڌ جي مون سين ڪَيُون.

    هونءَ ته سبتي ڳالھه ڀي سمجھڻ ڏکي لڳندي آ پر،
    پيار ۾ ڳالھيون سڀئي اُبتيون به لڳنديون پيون سَيون.


    ڪو به رايو ڪو نه رَکِيُئيِ ڪا رعايت ڇو نه ڪِيَئيِ،

    ڪو به رايو ڪو نه رَکِيُئيِ ڪا رعايت ڇو نه ڪِيَئيِ،
    موٽ ۾ مارڻ پڄاڻا تعزيت ڀي ڪو نه ڪِيَئيِ.

    رات هو رهڙيو بدن ۽ ڏينهن ان تي ڏنگ هنيا،
    جو ڪرڻ تو کي جڳائي، ڇو الا جي سو نه ڪيئي.

    بيقراري ڀَڀَڙَ جيان ڀڙڪا ڏئي تو ۾ اُٿيِ،
    ٻئي نه تو کي ڪجھه ڪيو ان جي رڳو ئي اون ڪِيَئيِ.

    حال ڇوري ٻار جھڙو، رونقون جنهن کان رُٺيون،
    دل ڌُتاري هٿ ڪري پَرَگھور ان جي پو نه ڪِيَئيِ.

    ايئن دشمن ساڻ ڀي ويڌن ڪئي ڪنهن ڪا نه آ،
    جيءُ جانڊهه ۾ وجھي ۽ خيال ان جو هو نه ڪِيَئيِ.


    ڌوپ ساهن جا ڏئي لڙڪن سان ڌوئي جا رکيم،
    پوءِ به ڇو هن دل سَڙيءَ کي چاهه ڇو چَئُونرو نه ڪِيَئيِ.

    ياد آويءَ جي ڄِڀِيُنِ جيان هر وِٿيءَ مان پئي دُکي،
    پوءِ به تپندڙ تن مٿان ڇو گوش ڪو گھرو نه ڪِيَئيِ.

    ڍور ٽاهڙ جيان ڇِنايَئيِ پئي رسا جوڀن جڏهن،
    پنهنجي نظرن ساڻ ان تي پاڻ ئي پهرو نه ڪِيَئيِ.

    مُندَ بهاري ملڻ سان ڄڻ وقت کان اَڳُ وَئيِ اچي،
    کَٽَڻَهارَنَ جي کلڻ جيان چاهه مان چهرو نه ڪِيَئيِ.

    پياس لئه پاڻي جتي ڪٿ، پيار لئه هر هنڌ پرين،
    گل کڙيو مکڙو دريءَ مان، ذهن کي ڀَئُونرو نه ڪِيَئيِ.

    پنڌ پري هوندي پرينءَ جو، جي پڄڻ جي آس آ،
    پاڻ کي ٺاهي پلڻ ۽ خيال کي گئونرو نه ڪِيَئيِ.


    ڇڏيو جن جيءُ گرمائي اڱڻ ساڳيا اُهي ناهن،

    ڇڏيو جن جيءُ گرمائي اڱڻ ساڳيا اُهي ناهن،
    انهن ريءَ هي گھٽيون ۽ گس، ڪري هُرُکُرُ هنئون کائن.

    امن جا نيڻ ڳيرا ويا اڏامي دور ديسن تي،
    پِرِههَ جا پار هوندا هئا ته ڳُٽُ ڳُٽُ هي ڪيو ڳائن.

    جلن ٿا جيءَ جا جذبا اڏامي خاڪ يادن جي،
    بَڻيِ ماتمڪدا لمحا اسان جو چين ٿا چائن.

    رئڻ جو ڪو سبب باقي، سُجھي ٿو ڪين ڪي تَنِ کي،
    اسان جا نيڻ سودائي جڏهن تو کي نه ٿا پائن.

    عجب عادت آ لڙڪن جي ٻُڌڻ آمد پرينءَ جي سان،
    وهي نيڻن جي پِڇڙِيُنِ جي وِٿِيِنُ مان ڄڻ ته واجھائن.

    ملھارن جيان آ مَهَڪِيلُ مُک جھين جي سڪ سالن کان،
    وري آگم بڻي مند جا اوهان جا نيڻ ٻئي گھائن.

    نه ڪو سيِنگار واري بيت سان ڀيٽي تنين سگھجي،
    جنين جي ڀيٽ ڪا ناهي نه ٿو ڄاڻان الئه ڇا هن!؟

    رڳو آ ڪيفيت طاري، سمورو ذهن سوگھو آ،
    ڪڏهن ڄڻ ڪو نه ٿا ڀانئن، ڪڏهن ڪيڏو ته ٿا ڀانئن.


    اڃا چهچ ساوڪ نه آ ٿوهرن ۾،

    اڃا چهچ ساوڪ نه آ ٿوهرن ۾،
    ٿريليون وريون ڪين پنهنجي گھرن ۾ .

    ڀَليِ گھر اُجَڙُ ٿيا، هليا ويا هتان هو،
    اُها ديد رهندي انهن ئي درن ۾ .

    سکن جي نه ساعت جي سانڀر اٿئون،
    توهان جي رهون يار ٿا گوندرن ۾ .

    ٻيا عيد جو چنڊ پيا ٿا تڪن،
    کُتَلَ ديد ڪن جي آ پنهنجي ورن ۾ .

    رهيِ سونهن فطري ٿي معصوميت ۾،
    نه ڪا سونهن ڪپڙن، نه ڪا زيورن ۾.


    نه ڪو انگ اوڇڻ، نه ڪا اونَ ڪنهن جي،
    انهن پيڙ اوتي ڇڏي آ هَرَنِ ۾.

    سڪڻ ۽ سڄا لڱ، ايئن ڪيئن ٿيندو،
    ڇڏيندو نه آ عشق، ڪنهن کي اَرَنِ ۾.

    اسان جي اها جھد جي آهه ساکي،
    پنڌن پيڙ جيڪا ڇڏي پيچرن ۾ .

    ڏيو ڪانگ آٿت ته سانڍيون اَٿَوَ،
    پِرِيَنِ پار جون ڪي پچارون پَرن ۾.

    اڃا ڪو نه ڪڻڇيءَ اڏاريا ٻچا،
    اڃا ٿي نه نيسر سچن آ سَرن ۾.


    ڏيو وارن کي ٿا ڇنڊڪو، ته پئي ٿي وڄ ڄڻ چمڪي،

    ڏيو وارن کي ٿا ڇنڊڪو، ته پئي ٿي وڄ ڄڻ چمڪي،
    کِلي کوليو ٿا جي مُکڙو،ته پئي ٿي وڄ ڄڻ چمڪي.

    ڪڏهن ا يندو ڏسي چئين ٿي، اشارن ساڻ سرتين کي،
    اچي پيو ٿو، اڙي اوهيو! ته پئي ٿي وڄ ڄڻ چمڪي.

    کُلي ٿي ڳالھه جي ڪائي انهن سان عشق پنهنجي جي،
    ڀڃي ٿا ۽ اک جيئن کوليو ته پئي ٿي وڄ ڄڻ چمڪي.

    پَيُئيِ جيئن پير ترڪي تيئن ڪري رَڙُ ۽ سنڀالي جو،
    ڏندن وچ ۾ ڪئي ڄڀ تو، ته پئي ٿي وڄ ڄڻ چمڪي.

    ڏئي کاڏيءَ جي هيٺان هٿ، نهاري ڏور انبر ۾،
    جڏهن تو گيت جھونگاريو، ته پئي ٿي وڄ ڄڻ چمڪي.

    پرهه سان ئي اٿي آرس، ڀڃي جيئن کوليئي اکيون،
    اٿينءَ ڌوئي جئين مکڙو ته پئي ٿي وڄ ڄڻ چمڪي.

    نوائِيءَ رات ۾ کٽ تي، تون گم سُم خواب جي هنج ۾،
    مٿان مُنهَن چاندنيِءَ چمڪو، ته پئي ٿي وڄ ڄڻ چمڪي.

    اماوس رات جو اُڀ ۾، متل تارن سندو ميڙو،
    ڪئي هي لاٽ تاري جو، ته پئي ٿي وڄ ڄڻ چمڪي.


    سانوريءَ ڪنهن شام جيان ويڙهي وئي،

    سانوريءَ ڪنهن شام جيان ويڙهي وئي،
    جي سُتل ها سور سي ڇيڙي وئي.

    موقعو تاڙي جئين پهتس پتڻ،
    ڪين ترسي، ٻئي هلي ٻيڙي وئي.

    رات جي پوئين پهر۾، ڪونج ڪا ڪُر لاءَ سان،
    سانت ٽوڙي، خيال کي کيڙي وئي.

    خواب اڻپورا ويا رهجي جڏهن،
    پرهه ڦٽندي رات کي ريڙهي وئي.

    ويو سڪون آهي ڦٽي جنهن ڏينهن کان،
    پيار ڏئي، جيءَ ساڻ آ جھيڙي وئي.

    جا هنئي بندوق ماريءَ، سا پکي،
    ڍنڍ تان سڀ ٽاههُ ڏئي ٽيڙي وئي.

    ڳالھين جي ڳنڍ ٻڌي سوگھيون ڪري،
    لڙڪ سڀئي پاند ۾ ويڙهي وئي.

    ڪين پهتس ڪا چڱائي ٻي ته پوءِ،
    ياد پنهنجي ذهن مان ٿيڙي وئي.


    ڪُنگُوٽارن ڪئي ڪا چَههِ، نه ٻوٽو ٻوهَه ٻاريو آ،

    ڪُنگُوٽارن ڪئي ڪا چَههِ، نه ٻوٽو ٻوهَه ٻاريو آ،
    توهان جي پار کي ڏاڍو ڪلھانڪر ساهه ساريو آ.

    بڻي سو رات جي راڻي ويو واسي سڄيون راتيون،
    اسان جو، لڙڪ اکڙين مان توهان جي لاءِ هاريو آ.

    ٽَرڻ تي آ پُڳو ٽاڻو، نه ٿيندو ڪانگ ڪوڙو شل!
    اُماوس ۾ اکين سان گڏ اسان ڏيئو به ٻاريو آ.

    پَڙڻ گھرجي وچن جيڪو ڪيو هُوَ پيار ۾ پهريون،
    گلن سان يار موسم جو ڪيو وعدو سو پاريو آ.

    اُهو ئي ڪرشمو آهي مسلسل جھد جو جنهن سان،
    ڪنين کان ويا ٻڏي پَنَ ڀي، ڪنين پاهڻ به تاريو آ.

    سڪون ان سان، امن ان سان جياپي لاءِ پيون هڪ ڍُڪُ،
    ٺَرو جو پريم جي رس جو ٺڪر ۾ پاڻ ٺاريو آ.

    اوهان جي ڇو، اچڻ جي ويل، ويجھو ٿي وڃي خالي،
    نڪي موسم، نه ڪو مينهنِ، ڪڏهن ٽاڻو ئي ٽاريو آ.

    اسان کان ڪو پڇي پيڙا سندو، ان کي ٻڌايون ٿا،
    اسان پاهڻ هجر جو ڪيئن، ڳوڙهن ساڻ ڳاريو آ.

    اڱڻ جي مينڌرو آندو مَيي آهي ته پوءِ مومل،
    اَلاچي اڻ ميا ان کي ۽ چندن خوب چاريو آ.


    اک نٿو ڪو ٻيو ڀري، جو اک اٽڪي يار ۾،

    اک نٿو ڪو ٻيو ڀري، جو اک اٽڪي يار ۾،
    پار پنهنجا وسري ويا، ان جي ڏٺم جو پار ۾.

    وٽ گنديءَ جي واهه سونهي ڀرت ۾ آهي نکار،
    سونهن ڳوٽن ۾ سمائي، آ ڀريندڙ آر ۾.

    زندگيءَ جي ڀي پڇاڙي پيڙ _ پيڙان ڳهه _ڳهان،
    ڇا ڪمائي موٽيو، چِنگھندو اچي جو بار ۾.

    زندگيءَ سان پيار ٿي ويو، بس انهيءَ لمحي اندر،
    جيئن ڏٺي معصوميت مون، مرڪندڙ ڪنهن ٻار ۾.


    تو انهيءَ کي ڪَٽِڻَ کان اڳ، ڇو نه سوچيو هو اهو،
    ڇا ته موسم ۾ ها ٿيندا گل انهي ئي ڏار ۾ .

    ڪين اوچائيءَ ڪڏهن، پاتو پرينءَ جو پار آ،
    ڍول هيٺاهينءَ جي ڍلندو آ سدائين ڍار ۾.

    عشق جي ٻولي عجب سهڻيءَ سِکي هي ڄڀ بنا،
    سڏ ميهر جا سڃاڻي ٿي چڙن جي لار ۾.

    عشق کي آهي شهيدن ساڻ ڪا چاهت گھڻي،
    يار جي سا تار ۾ آ ديد جنهن جي دار ۾ .

    ڪير ڪو تن کان لنوائي ۽ ڇڏائي جان ڪير،
    پوپريون لالچ سنديون چمڪن دنيا جي ڄار ۾.

    عشق ۾ احتياط ڪهڙو، منهن چڙهڻ آ موت جي،
    وِيو بَچيِ تَوڪَلِ جي تُرَهي، هونئن سڌو هو مار ۾.


    توهان جي ئي اچڻ سان سج، توهان سان چنڊ ۽ تارا،

    توهان جي ئي اچڻ سان سج، توهان سان چنڊ ۽ تارا،
    توهان ريءَ ڪئين دنيا هوندي ۽ هوندا ڪئين اسان پارا.

    نه جي آگم مندن ۾ ٿيا، ته پوءِ مِينهَنِ سندي موسم،
    وسائي مينهن ڪئين سگھندي، پُڇَنِ چوسُولُ ۽ چارا.

    نه ٿي ساوڪ پٽن تي جي، ته نچندا مور ڪئين آخر؟
    ڊڪي ڪا ڊيل تن سامهون، ڪندي ڪئين چاڳ ۽ چارا.

    نه ڪا ڍولڪ نه ڪا چَپڙي، نه ڪو موهن مَڌُرِتا سان،
    ته پوءِ جھومي ملنگ ڇاتيِ، هڻن ڪي نينهن جا نعرا.

    اسان جو عشق آتڻ ۾ بڻي پئي بحث جو موضوع،
    اسان جا نيڻ لڙڪن سان، ڪجانءِ اُتِ پيش تاسارا.

    ڀرم جيئن سونهن جو رهجي، امانت عشق جي ئيءَ سان،
    اسان جي يار محبت کي، مڃيندا ڪي مڃڻ وارا.

    علڻُ، آ سا، سندي سُرَ ۾، ڀري ويو سونهن سانڀرجي،
    نچن ڪي-نرتڪيون تنهن سان ڪري آلاپ ۾ آرا.

    اڃا ڍولڪ مٿي هٿڙا، هنيان عارب هئا مس ئي،
    ته واڪا واءَ مان اُڀِريا، وڃو گڏجي برهه وارا.

    ويو چارو گھڙي سرمد، ڪڍڻ ريءَ ڪاڻ ٻئي ڪنهن جي،
    انهن ئي مست ماڻهن ها سجايا عشق اوتارا.


    ڪيهَه ڪڪرن جي ٻُڌي ٿو واءُ ڀي واڪا ڪري،

    ڪيهَه ڪڪرن جي ٻُڌي ٿو واءُ ڀي واڪا ڪري،
    ڪانه برپٽ جي انهي مند ۾ سوا بادل سري.

    آهه ساوڻ سڪ ڦولاري مينهن جي مند بي چئي،
    ڪين دوريءَ کي ڏسي، دل جي دري کولي هَري.

    ٻُوهه ۾ آ رنگ ڀريو، ڀُرٽ ۾ ڪي گل ڦٽا،
    موڪ مانڌاڻي ڦُٽيِ هَر ڏهر کي ڇڏيو ڀري.

    بَرَسَ بادل ڪئي بڊاڻي، ڍورن ڍِڪي ڪئي آجيان،
    وئي وڪوڙي سار تنهنجي، جا پئي ذهنن تري.

    سال ٿيا ساجن رُٺي، ۽ ڪال ٿيا ساوڻ وٺي،
    جوءِ ۾ ڪا جان ناهي، ڏيهه پيو ٿيو ڏک ڏَري.

    انگ تي ڦاٽل لٽا، ڄڻ نانگَ هر ڪو جيءُ سِنگھيو،
    ڏِکَ ڏوگاهي ڏني آ، مال پيو ٿو بک مري.

    مينهن اوڪاڻي ڏٽي ويو، ڏهر آهي پوڄ سان،
    جنهن مٿان ڏيئو پري کان، چنڊ جو پاڇو ٻري.

    مَڪَ سندا ڪانڀا ڀري، هر ڪا سُهاڳڻ ٿي پَکين،
    مال ٽاڏون ڏئي مکڻو، چاهه مان پيو ٿو چري .

    تانگھه جنهن جي سان حياتي آهه واڳيل اصل کان،
    سانوِڻِيءَ ۾ سو نه موٽيو، شال واهُوندَنِ وري.

    • علڻ = علڻ فقير، مشهور راڳي.
    • عارب = عارب چانڊيو، مشهور ڍولڪ نواز.


    ويو سڱر اُڪري ڪنڊيءَ جو، پيو مڃر باقي ڇَڻي،

    ويو سڱر اُڪري ڪنڊيءَ جو، پيو مڃر باقي ڇَڻي،
    ڀل نه ڪو ٻيو ئي ڳڻي، شل هو فقط منهنجي ڳَڻي.

    باهه جي حاصل ڪرڻ لئه، پاڻُ ساڙن ڪَکَ ڪنڊا،
    ساهه سان جي سڪ نه هوندي، ڪيئن ڪو ڪنهن جو بڻي.

    منزلون ڌوڪا نٿيون ڏين، جھد جي ايمان سان،
    ڪيترا منزل رسيا واپس ڪيا ڪئي آءٌ_پڻي.

    بودلو من هو اڳئي، موسم ڪيو سو بانوِرو،
    حاج ٻي ناهي هنئين کي، تانگھه مان توڏي تڻي.


    يار جي سامهون سڀئي، منظر بڻي پيا مُڌُ-وَتا،
    کيپ چاڙهيو کيپ چاڙهن، نيڻ جيڏنهن ٿو کڻي.

    سُرت ۾ سولو ڪڏهن موٽي نه ڪو سگھندو، توهان،
    آهي گھوماٽي وڌو جو، گھاوَ ڪنهن گھري گھڻي.

    پيڙ کان پو تيل نڪري، مينهن آڙنگ جي پٺيان،
    پِيسجِي ۽ مانُ پاتو، ڏس ته ڪيڏو آ ڪڻي.

    بانسريون ڀونئرن سنديون ۽ ناچ پوپٽ جا هَڙئي،
    ڦول ۽ ڦولار ڪا چهه ڇا ته ڪئي آهي چڻي.

    ماءُ هڪ جو وِياءُ سارو، هر ڪهين پنهنجا لڇڻ،
    مارئيءَ جھڙي ستي ڪا، ماءُ قسمت سان ڄڻي.

    رات تارا سڀ سنڀاري خُنڪ سان ٺاري ڇڏي،
    واءَ جو جھوٽو توهان جو جسم ڇُهَندي پيو وڻي.


    ڊهي پيرا ويا آخر، ڳليون ڀي نيٺ مٽجي وِيُون،

    ڊهي پيرا ويا آخر، ڳليون ڀي نيٺ مٽجي وِيُون،
    نه هو، جيئڻو بنا هڪ ٻئي، تڏهن ڀي ڏس اڃا پيا جِيُون.

    ٽڙيا هئا گل گلابن ۾ متل ها پوپٽن ميڙا،
    ڇڻيا جئن پن، خبر پئي ڪا نه، ايڏو جلد دوريون ٿِيُون.

    پها، ڪي پيار جا رکندي، رکيون هُئم مس وڃي سالم،
    جدائيءَ جي جبل آسون نِگھو ساري سموريون نِيُون.

    حقيقت هيءَ رهي ناهي ته آهيون پاڻ پنهنجا ٻئي،
    گذاريل گڏ گھڙين، يادون وڃي پالڻ رُڳو ئي پِيُون.

    چوڻ ڪارڻ اسان ڪا ڳالھه، پٺتي ئي ڇڏي ڪانهي،
    چوڻ سُونهنِ نه جي منهن تي، اسان سي ڀي اڳيان تو چِيُون.

    ڦٽيل پنهنجن هٿان ڏِئي چئه مُهَڙِ پو ڪيئن ڌارين ڏي،
    اسان سان ڪنهن ڪئي گھٽ آ، ميارون ڏِيُون ته ڪنهن کي ڏيون.

    اسان اغيار جي آڏو توهان بابت چيو واضح،
    ڀلاين جي به ڀيڻي نه آ، ڳڻيون هڪڙيون، ٻيون يا ٽيون.

    وسارڻ جي به وٿ ناهين، جلايُئي، پوءِ به جاني آن،
    اسان ٿا پاڻ ۾ ويهي، توهان جون روز ڳالھيون ڪِيُون.

    اسان واپس ورائي ڇا، وٺون تو کان ڏنل تحفا،
    اسان جا لڙڪ، سڏڪا ها، نه ڪي ها ويڙهه ۽ واليون.


    لھي اڀري توهان تي ٿي، مٿان جوڀن نکار آهي،

    لھي اڀري توهان تي ٿي، مٿان جوڀن نکار آهي،
    گلن ۾ ساهه پوندو ئي جڏهن هوندو بهار آهي.

    چڙهي جئن ويرسامونڊي ڏسي چوڏهينءَ سندي چنڊ کي،
    تئين منهنجو جياپو آ، توهان سان ڇو ته پيار آهي!

    ڪنين جا درد ڀي دارون، ته ڪن جا سور سک کان وڌ،
    ملي جي ٽياس مقصد لئه، گلن جو سو به هارُ آهي .

    جھين لئه جھد ۾ گذري، سموري عمر آ پنهنجي،
    اسان جي موهه جي منزل، پرينءَ جو ئي ته پار آهي.

    وڃن ٿا ٺينگ ٽپ ڏيندا، الڙهه جوانيءَ مَڳِيءَ واري،
    نچي هي نينگرا نڪتا، پچي ويو جو ليار آهي.

    فقط تون مان مليا ناهيون، وچان هن ولر ساري جي،
    ڀلي جھمريون هڻن، آيو جنين جو جيءَ جيار آهي.

    توهان جي ڪين پهچڻ تي، ڏَئيِ مند کي ويو معنيٰ،
    اسان جي تانگھه جو تُرَهو، توهان ڏي ٿيو تيار آهي.

    جسم اچڻي ۽ وڃڻي وٿ، انهي جي وس پڄڻ ناهي،
    فقط ٿو خيال پهچي اُت، جتي دل جو ديار آهي.

    چندرما کي ڪري پيالو اَڳِينءَ جو رات پيتوسين،
    اسان کي هاڻ ڀي ان رات جو ساڳيو خمار آهي.


    اسان ڏي هلي تون اچين اوءِ جي،

    اسان ڏي هلي تون اچين اوءِ جي،
    ته ڇو روز جاڳي پيو روئجي.

    ٻِٽِي سونهن ان جي ٿي نکري تڏهن،
    مڻيو هار ۾ ٿو جڏهن پوئجي.

    جي چاهين ته پنهنجي وَلر سان اُڏي،
    ته پوءِ ڇو پکيءَ جي کنڀن کوئجي.

    گھرين خير پنهنجي جي ريشم سندو،
    کٿي ڪين ٻئي ڪنهن سندي لوئجي.

    غلاميءَ ۾ جيئي اِئين آدمي،
    ڪلھن لاش پنهنجو جِئين ڍوئجي.

    حياتيءَ نه آئين ته ڇا ايڇپو،
    اچي تون پڳين مون مٿان پوءِ جي.

    ڏني ۽ وتي داغ پيا ڌوپجن،
    دلين داغ مورئون نه ٿو ڌوئجي.

    اسان کي توهان آ ڪيو ايئن صفا،
    ڇڙي جيئن ٿو سارين ڪڻو سوئجي.


    سپون ۽ ڪوڏ پيرن ۾ سمندر جو ڪنارو آ،

    سپون ۽ ڪوڏ پيرن ۾ سمندر جو ڪنارو آ،
    مٿان جھڙ جا ڪڪر جھومن عجب جھڙو نظارو آ.

    هڻن جھمريون پيون لھرون بحر آڇي ٿو خوشبو پيو،
    صبح ساجھر پتڻ هن تان مٽيو شايد هو پيارو آ.

    انهن ڪوٽن ۽ ڪنگرن تي هزارين توبچين پَهَرا،
    پڄي ويو سونهن جي نگريءَ، ذهن ڀي ڄڻ طيارو آ.

    سنڀارن آهه ساڙيو ائين، اڪن پن جئين سڙن پاري،
    سڄڻ جي سار جئن سرتيون، ٽٽي پيو هيل سيارو آ.

    جھٽي ٿو باز ڪئن جھرڪي، جھٽڻ ان کي سڀئي ڄاڻن،
    کنيو جئن نينهن ناڀن سان،کَنڀِڻُ ان جو نيارو آ.

    تڏهن جھاتيون آهي وجھندو اسان جي ڏِيلَ مان منڙو،
    اچي ويندو اڱڻ تي جي ڪڏهن ڪو جيءَ جيارو آ.

    پشم کان وڌ اهي ڪُنئرا نرم نازڪ نٻل جيڪي،
    پِٿوُن ٿي پير سي پوندا، پَهَڻُ جت چوٽيارو آ.

    پيا ٿا ياد ڪن اُن کي، وطن سان ڪيل وفا خاطر،
    نه ڪو ڪنهن جو ڏٺل وائٺل نه ڪو ئي ناميارو آ.


    وجھي ٻانهن ۾ ڪولابا، اجھي ها جھومندا آيا،

    وجھي ٻانهن ۾ ڪولابا، اجھي ها جھومندا آيا،
    جنين رشتا ڇڏيا ناتا، اجھي ها جھومندا آيا.

    وَڻَ ويڙهِي وَئِي ويڙهي سڄو هي جسم سورن جي،
    اسان جي دل سندا اُڌما، اجھي ها جھو مندا آيا.

    تڪيو آ خاڪ جن جو ۽، اَجھو اوڇڻ انبر سمجھن،
    نه جي کٽ ۽ گھرن هنڌ ٿا، اِجھي ها جھومندا آيا.

    ڪيو آجيان سڀئي گڏجي، انهن جي اڱڻ آمد تي،
    مٽائي جن ڇڏيا ويڇا، اِجھي ها جھومندا آيا.

    اڏيءَ ڪئي آڇ ڪهڙا ٿا، مرڻ مارڳ مٿي چاهن،
    پُڳا هڪڙا ته پويان ٻيا، اِجھي ها جھومندا آيا.


    ڪئي ڪلھه پاڻ ۾ پتنگن، هئي چُڻُ ڀُڻُ پچڻ خاطر،
    جئين ڏياريءَ ڏيئا ٻريا، اجھي ها جھومندا آيا.

    سُنَتَ سهڻيءَ سندي پارڻ، نسنگ نروار ٿي بيٺا،
    نه ڪا سيڻهه نه ساندارا، اجھي ها جھومندا آيا.

    ملنگ اظهار محبت جو، نچي نِرِتَئون ڪندا آهن،
    لڳا جيئن ڀير تي ڏَئونڪا، اجھي ها جھومندا آيا.

    کُلي جيئن ڳالھه محفل ۾،توهان جي ئي اچڻ جي هئي،
    اکين مان اڻ چيا ڳوڙها، اجھي ها جھومندا آيا.

    جڏهن ميدان ۾ مردن، ڪئي هوڪار ايندو ڪو،
    ڪُڏائي چاهه مان چانگا، اجھي ها جھومندا آيا.

    پيا ها پَئِنڌ چانگي کي، ۽ راڻي کي وڃڻ جي جھلَ،
    جھلئي ها ڪين سي جھليِا، اجھي ها جھومندا آيا.


    گھڙي تي چِٽ ڪنڀر ڪڍيا نه اُلڪو هوس آويءَ جو،

    گھڙي تي چِٽ ڪنڀر ڪڍيا نه اُلڪو هوس آويءَ جو،
    جَنڊِيءَ پاڳا گھڙيا واڍي، نه کٽڪو جنهن کي ٻانهينءَ جو.

    وفا عيوض جفا تو وٽ، هلي قانون ڪورٽ جو،
    جتي منصف آ خود ماري، ٿئي ڪيئن داد دانهينءَ جو.

    پيالو خوبصورت آ، وڌائي ٿو نشو مڌ جو،
    ائين ٿيندو، جھين چکيو، مزو هوندو نهائينءَ جو.

    چِٽيءَ چانڊاڻ سان گڏجي وڌائي سونهن آ گلڙن،
    سندءِ آمد وڌائيندِي، مزو منظر تِهائينءَ جو.

    ڪتين کي پَئِندَ پائيندي ۽ ٽيڙن کي رهائيندي،
    اچڻ جي وقت کُٽُڪو آهه، رهندو رات وهائينءَ جو.

    ولر چاهِيُنِ جيان اُڏري، ڪڪر ڊوڙن پيا اُڀ ۾،
    ڏِئيِ چنڊ کي ٿو ڄڻ اوڍر، پلئه چادر ڪو چاهِينءَ جو.

    ڳلن تيِ پُيون ڦُٽيِ ڳاڱيون، اکيون هرڻيءَ ڏنيون تحفو،
    چپن تي رس ۽ رنگ گڏيل، لڳي ٿو ڪپيل ڇاهِينءَ جو.

    جڏهن کان تو چيو آدم، اصل ۾ ڳجھه آ تنهنجو،
    تڏهن کان پيو ٽٽي جھڳڙو، سندءِ آهينءَ ۽ ناهينءَ جو.

    1. چاهِينُ: نيري رنگ جو پکي جنهن کي چانهه ڪري پوڪاريو ويندو آهي.


    گلن جي نيڪي وزن ۾ ناهي اهو ته خوشبوءِ جو ڪم آ سارو،

    گلن جي نيڪي وزن ۾ ناهي اهو ته خوشبوءِ جو ڪم آ سارو،
    ائين ئي آدميءَ سندي عمل تي آهه دارو مدارو.

    ڪڪر جي رونق به پنهنجي پر ۾ڪا گھٽ ته ناهي، رکي ٿي معنيٰ،
    مگر انهيءَ جو قدر تڏهن آ بُٺن مٿان جيئن ڪري ڦوهارو.

    وڻن کي گُڏ ۽ ڏئي هو پاڻي ڇڏي ٿو اوتي پساهه ان ۾،
    پگھر آ مالھيءَ سندو ۽ رت جو ڏسو ته ميوو آ ڪيڏو پيارو.

    چتائي ڏس هي چُنِيءَ جي چِٽَ ۾ آ ڪيئن ڪوريءَ ڀري سندرتا،
    سوسيءَ، لونگيءَ، کي انهي جي سوچن ڏنو سندرتا سندو سهارو.

    لڳي ويو جنهن کي آ نينهن ناتو، ٻڌائي سگھندو ڇا رنگ انهيءَ جو،
    نه ڪو انهيءَ کي ڪو ماس هڏ آ، نه ڪو ئي ان جو ٿئي نظارو.


    تَري جو تالاب ۾ پيو ٿو، چندرما بال آهه ڄڻ ڪو،
    رَچايُون ان سان اسين به رانديون، ٻه ٽي گھڙيون ڪي اچو ته ٻارو!

    ڪٿي وڪاڻو پگھار تي آ، ڪٿي ته ڏاڍن سندي ڏمر کان،
    شهيد ٿي جو وڃي وطن لئه، انهيءَ جو دل سان لڳي ٿو نعرو.

    اسان جا احساس اَنَ ڪڻن جيان، ڇنڊي ڇڙي تو رکيا اکين تي،
    اڃا نه جنڊ جي خبر هي تو کي جسم سمورو ڪيو ٿي ڏارو.

    ڏٽيل آ يادن سندن گلن سان، ڇڪي ٿو چقمق جيان بدن کي،
    چون ٿا جنهن کي جنت جو رستو، توهان جي گھر جو لڳي ٿو چارو.

    اڃا ته واڍوڙڪي منهه تي سڏيو نه ڪو ئي ٻيو ويو آ،
    اڃا به تاريخ جي گسن تي فقط ڇا رهندو اسان جو وارو.


    چوين ٿو، اچان ٿو، اچين ڪو نه ٿو،

    چوين ٿو، اچان ٿو، اچين ڪو نه ٿو،
    ‘نه ايندس’، ايئن چئي ڇڏين ڇو نه ٿو.

    اسان پاڻ ماري به سگھئون نه ٿا،
    ڪيون ڇا ڀلا ڏين جئڻ جو نه ٿو.

    جڏهن پاڻ پاڻهين ڇڏي تو ڏنو،
    پڇان آءٌ تو کان تڏهن پو نه ٿو.

    سُڪي بٺ ٿيا وڻ ڇڻيو ٻور تن،
    لڳي توڙي ڪو ئي به جھولو نه ٿو.

    انهن جي لَڌِي سار ڇو ڪنهن به ناهه،
    لڀي جن کي اوڇڻ ۽ اولو نه ٿو.

    پنهونءَ کي سا،ماڻي نه سگھندي ڪڏهن،
    پُڄي رڻ اندر جنهن کان رولو نه ٿو.

    سڄي جڳ کي ڏيندو رهي روشني،
    ڍڪي چنڊ ڪڏهين به چولو نه ٿو.

    ڪُپت پاڻ ڪڏهين ڪئي ڪا نه جنهن،
    ٿئي ان جي ليکي ۾ ڀولو نه ٿو .

    جھين تي اڪن ۽ ڇڪن ٿو ٿئي،
    ڏِسي عيب تنهن جا به ڍولو نه ٿو.


    اُڏن ائين ابابيل آڪاس ۾،

    اُڏن ائين ابابيل آڪاس ۾،
    وڃن ڄڻ ته ڀڪشو ٿا بنواس ۾.

    اچي روز توڙي ڪچهريون ڪري،
    تڏهن ڀي رهون ٿا سندس پياس ۾.

    چنبيليءَ جي خوشبو اڳي کان به اڳري،
    سمايو بدن ڄڻ سندءِ واس ۾ .

    ڪندو نيٺ تڪيو اسان جي تڏي،
    اڃا ٿا پيا جيئون انهي آس ۾.

    سچي فال ٿي ڪا نه ڇو آ سگھي،
    رهي ڪا ڪسر ڇا اڃا باس ۾.


    ڇُٽي جند پئي جيئن جدائيءَ منجھان،
    ڪريو يار تڪيو کڻي سواس ۾.

    چندر جي رڪارڊن سان يادن سنديون،
    کُپي ڄڻ ته ميخون ويون ماس ۾.

    ائين ئي گذر ٿي وئي زندگي،
    يڪو ئي اسان جي پرين ياس ۾.

    اذيت جو عادي جڏهن کان بڻيو،
    تڏهن کان ڪمي آ سندس قياس ۾.

    نه منزل ملي ٿي سگھي جي تڏهن به،
    نه گھٽتائي گھرجي ٿيڻ تاس ۾ .


    ڪڙي اُڊيڙي ڦٽن مٿان تون ڀلي ڪري ڏس شوق پورو،

    ڪڙي اُڊيڙي ڦٽن مٿان تون ڀلي ڪري ڏس شوق پورو،
    اسان انهن ئي ڦٽن کي ارپي پنهنجو جيون ڇڏيو سمورو.

    رڳو عمل ئي ڪري ٿو ڪٿ ۽ لڳائي ڪاٿو ٿو شخصيتن جو،
    انهيءَ جي اڳيان اُتم نه آهي، هجي جي ڪارو کڻي يا ڀورو.

    سڪت سموري لڳائي پنهنجي مسين پڳا هون قبول پئي شل،
    وڃي رهيو آ رڳن ۾ باقي پساهُ پنهنجو به پورو سورو.

    انهيءَ ڏي گھوريو سڀن ستارن انبر منجھان آهه رات جاڳي،
    ستل چاندنيءَ ۾ جا ولھه تي، چڳن ۾ ڏٽيل چندن جو چورو.

    اسان جي وس هو ڦُٽائي گل ڦل سندر بنائي ڇڏيون ها ان کي،
    مگر هي ڌرتي، هٿن مان نڪري، صفا ئي بنجي وئي آ کورو.

    امن ۽ سُک جو کڻي فريضو، جھد ۾ ڪي ئي ڪٽيون حياتيون،
    انيڪ جنهن لئه شهيد ڀي ٿيا تڏهن به رهجي ويو اڌورو.

    ائين ته موهت اوهان تي پوپٽ اوهان جي رس لئه تڪن پيا ڀئونرا،
    ڏِٺوَ ڇا هن جا جو هٿ ڪُومل، تڏهن ولين مان ڇڻيؤ انگورو.

    سڄي رتوڇاڻ ٿي آ ڌرتي اڃا اُجھي ناهه اڃ جنهن جي،
    اوهان جو ڪيسين هي راڄ رهندو، سچي ٻڌائي ڇڏيو ڪلورو.


    رِڻ اندر رابيل ڦٽندي تو ڪڏهن آهي ڏٺو،

    رِڻ اندر رابيل ڦٽندي تو ڪڏهن آهي ڏٺو،
    وِک کڻڻ ريءَ پنڌ کٽندو، ائن ڪڏهن آهي ٿيو.

    هونئن ته مک چک ساڻ سڀئي مڙس ماڻهو پيا لڳن،
    پئي خبر تڏهين جڏهن ڪو واهپي ۾ آئيو.

    رات ڇيڙي تار تارن جي ته جھوميا وڻ به ها،
    راڳ سينڍن ۾ سمائي واءُ ڳائيندو ويو.

    چنڊ جي اوڍر بڻيو آ ميگھه جيڪو ٿا ڏسو،
    ‘رات’ ڏاڍا وس ڪري هي چنڊ جو چولو سِبيِو.

    جيئن پريميءَ، پريميڪا کي، رڻ اندر رولي ڇڏيو،
    تيئن چنبيليءَ چنگھه ڪئي، رابيل ڀي روئندو رهيو.


    اتر جي اوتن تي نسريل پاند نچيا سرن جا،
    ٺيڪ گذريل مند انهيءَ ۾ ساڻ مون ساجن هيو.

    چاندنيءَ چوڏس اندر هو دور تائين گس چٽو،
    چنڊ ڏي ڊوڙيو چڪورو، مون پئي تو لئه تڪيو.

    ڪالھه تو کي ننڊ اندر جو چنڊ ڏي چوريءَ چُمي،
    تاڙ جو تاڪُن ڪئي، گِرَهَڻِ انهيءَ کي اڄ جھليو.

    چاندنيءَ ۾ وڻ پپر جي ٽارچون ڏاڍيون هنيون،
    تانگھه جنهن جي هو تپايو سو نه پر پائي سگھيو.

    سج لٿي سيٽيون هڻي جيئن ريل گذري هئي پريان،
    وڻن مان ڀڙڪو ڏئي ۽ ولر پکين جو اُڏيو.


    ڏونگرن جا ڏاڍ ڪيسين هي ڏکيون سهنديون پيون،

    ڏونگرن جا ڏاڍ ڪيسين هي ڏکيون سهنديون پيون،
    پوءِ به گھرِجائون فقط هون، وندر واڪينديون ويون.

    سوڪ سنڌوءَ جي بنائيندي هئي منظر عجيب،
    ٻيٽ تي جھومن چَها، ڪپ تي لھن لائون ليون.

    ناوَ پٺتان ناوَ خيالن جي اچي سوچون کنيون،
    ذهن جي ساحل مٿان لنگر پيون ڪن نت نيون.

    اڌ ڪُٺل ڪو جيءُ جئين جيئي نه ڪو ئي ٿو مري،
    اڄ جو ماڻهو ايئن ٿو ڀوڳي، ڀوڳنائون اڻ ميون.

    اڄ به منهنجي جيئڻ جو ڪارڻ وڃي آهن بچيون،
    جي تکيون توڙي مٺيون تو منهن مقابل ٿِي چيون.


    چنگ چڙن چونگار پنهنجي ڌار سان پئي گونججي،
    مال موٽي ويو ڇڏي آ گس مٿان رائو، ريون.

    ويل هر ڪنهن چوچڙيون يادن سنديون ساڙين ٿيون،
    ڇو ڪمهلو ائين هليو وئين ڏيل تي هي ڏنڀ ڏيون.

    ڇا ته ميخون محبتن جون مرڪندي پنهنجي هٿان،
    ڪين نڪرن ٿيون ڪهين کان جي هنئين ۾ تو هنيون.

    ڇو ته مهڻن جو ملڻ، دستور آهي پيار ۾،
    تنهنڪري طعنن سنديون کلندي وتان کاريون کنيون.

    منهن منجھان ويئي اڏامي مرڪ، ڳل پيلا ڪري،
    چيڙهه ۾ ٿيون چِڪَ چَڳُون ۽ رت وَيُون چوسي ڄيون.

    ديس جي آ عشق جو جن تئهُ چکيو هڪڙو دفعو،
    ڇا ڪندي ٻي باهه تن کي تاب تنهنجي جي تيون.


    ايترا هي روشنيءَ ۾ رنگ لڪي ڪاڏي ويا،

    ايترا هي روشنيءَ ۾ رنگ لڪي ڪاڏي ويا،
    هيڏڙي شيشي وري ڪيئن ڌار سي ان مان ڪيا.

    ماڪ جا ڪترا گڏي مون مٺ ڀري هئي مَس اڃا،
    ڪو نه پٺتي ڪو بچيو، ها مٺ منجھان سڀئي وهيا.

    پيار جا پل قسمتن سان، ڪنهن جي آسڻ تي اچن،
    ڪين ڪنهن جا اڳ ڏٺل ها رات جي مون وٽ رهيا.

    ناٿ سان جن نينهن لاتو دوارڪا کي دل ڏني،
    ويا وري هنگلاج کان، ڪابول ڏي ڪن_ڪٽ ڪهيا.

    سچ چوڻ کان جو نه مڙيا، ڪوڙ تي ڪٽڪيا تڏهن،
    ٺامَ ڦاسيءَ جي مٿان، هر دور ۾ آهن ٺهيا.

    لفظ لڙڪن کي بنائي، ساهه سان سٽ سرججي،
    منهنجي اُڌمن جي عڪاسي، شعر ڪن جي مون چيا.

    تون ڀلي پنجوڙ پائي، وَس ڪري اوندهه رهاءِ،
    پر نه اوندهه ساڻ ٺهندا، هي ڪڏهن ٻرندڙ ڏيا.

    صبح جو سورج مکي، سج کي سلامي ٿا ڏين،
    شام جو گڏجي ٿا پائن، سج لھندڙ ڏي ليا.


    جِئين ڪاٺ چيري ۽ ڏاري ڇڏيُئي،

    جِئين ڪاٺ چيري ۽ ڏاري ڇڏيُئي،
    ائين يار مون کي به ماري ڇڏيئي .

    ڪري ڪار پاڻي جِئين لوڻ سان،
    تِئين ماس سارو ئي ڳاري ڇڏيئي.

    پَٽي جيئن ميٽي ۽ ميسارجي،
    ذهنَ مان اِئين نانءُ واري ڇڏيئي.

    ڪٿان جو رهيو ناهه جيون هي هاڻي،
    ائين زندگي ڄڻ ته کاري ڇڏيئي.

    نگاهون ملائي ۽ کيڪار سان،
    ڏئي ٽول ٻارن جان ٽاري ڇَڏِيُئيِ.

    وڳا ويس پائي پٻن تي هلي،
    ڪري بتُ اسان کي بيهاري ڇڏيئي.

    ڏنو ڄڻ ته موکيءَ مٽن مان ڀري،
    نگاهن منجھان پيگ پياري ڇڏيئي .

    مڳي ڏئي جوانيءَ سندو مڌ ويو،
    کڻي نيڻ جئن ئي نهاري ڇڏيئي.

    اسان کي ڇڏئي سال ٿيا، پوءِ ڇو؟
    اٿي جئن ويس، پيگ هاري ڇڏيئي.


    رهي راند ڪيئن جنهن کي پنهنجي اِٽي نه آ،

    رهي راند ڪيئن جنهن کي پنهنجي اِٽي نه آ،
    جھين راند جي سِٽَ اڃا ڀي سِٽيِ نه آ.

    رَڱِي هونئن ته ڪيئي، رڱي ڪو ته هيئن ڀي،
    رَڱيِ جيڪا هالار، ڦاٽيِ، ڦِٽيِ نه آ.

    جھين ۾ اسان جو حوالو ڪو ناهي،
    اها هن جي گھر جي يقيناً گھٽي نه آ.

    وڻيو جنهن ذهن کي ڪنڀر جو هئو ڪم،
    لَڳيِ ڇو انهي جي هٿن تي مٽي نه آ.

    اها شعر جي سٽ صفحي تي لکيل آ،
    هڏن ماس جي ڪائي ڪوري ڳِٽيِ نه آ.


    کنيون روشنيون سَوَ ڀلي ڪا اچي پئي،
    سچائي کان وڌ ڪا به ٻي شئي چِٽيِ نه آ.

    سڀن لاءِ قانون ساڳيو ٿو سونهين،
    هَليِ رَوَشَ ڪنهن سان به سگھندي ٻِٽيِ نه آ.

    انهي ساڻ نظرياتي ناتو رڳو آ،
    انهيءَ کان سوا ٻي ڪا مائِٽيِ مِٽيِ نه آ.

    فقط نقش مورت آ هڪ ئي ذهن تي،
    ڪيم وس پر ٻي اڃا ڪا چِٽيِ نه آ.

    اسان جو نه مذهب محبت سواءِ ٻيو،
    ڪئي زندگيءَ ڀر ڪنهين سان ڪِٽي نه آ.


    ڏسو مرڪ ڄڻ پئي آ ٽانگر ٽڙي،

    ڏسو مرڪ ڄڻ پئي آ ٽانگر ٽڙي،
    ٿئي گل جئين ڪا ئي مکڙي کڙي.

    پري کان جو چادر ٿي اوڙهيو اچي،
    لڳي چنڊ هڻي آ ڇڏي ڄڻ پِڙيِ.

    سڄو جسم جرڪيس ابرڪ جيان،
    لڪائي نه پاڻي ٿي پِئندي نڙِي.

    اسان جو انهي سان رويو ائين،
    هڻي دم نه شهباز سان جئن چڙِي.

    اهو معجزو آ مِهر جو سڄو،
    جو کِڙندڙُ به ڦر تي پوي ٿي مِڙيِ.

    تڏهن سي ٿيون گھوري ۽ مون ڏي تَڪِن،
    جڏهن ڳالھه تنهنجي پوي ٿي ڇِڙيِ.

    وسامي ويس جو اچانڪ ڏٺم،
    گھڙي ساڻ پنهنجي ئي گھر ۾ گھڙِي.

    وري هيل ساوَڻُ وڏي وَسَ ڪندو،
    ڇَپَرَ کي ڇَمَرَ کان سَٻَرَ ڏي ڪِڙِي.

    چون ٿا اُهو پيار ٽُٽَندو نه پوءِ،
    جڏهن ڪنهن سان ٺهبو وري آ وِڙهِي.


    اسان ڏي اچين ڇو نه ٿو تون اڙي!

    اسان ڏي اچين ڇو نه ٿو تون اڙي!
    وئين جيءَ ۾ جادو ڀلا ڇو جڙي.

    هوا تي سڄي راتِ لڏندو رهيو،
    ڦٽائي ڇڏي ننڊ کِڙِڪِي ڪڙي.

    ڀڄين ڀيرويءَ کان ٿو ڇا لئه ڀلا؟
    چيو چنگ کي چَهَڙ ڏيئي چَڙي.

    نه ڏُڀَندي آ جيڪا به ڦر کان سواءِ،
    انهيءَ کي وڃي پوءِ ڪبو آ کَڙي.

    ٻين ڀي ها پاتا، مگر پائي هُنَ،
    ڏني سونهن ڇا پولڪي ۽ پڙي.


    پکي گھور ان جي مٿان پيا ٿين،
    ڇنڊي هوءَ ساريون پئي جيئن ڇَڙي.

    گڏا گاهه جا مال لئه سِرَ تي ڍوئي،
    پئي نَنهَن کان چوٽيءَ پگھر ۾ ڳڙي.

    سڄو ڏينهن ائين تندهيءَ سان ڏسي،
    تڪي پوک تان، جھار جيئن ڪو تڙي.

    پُڇن هَرڻَ هِرِکي ته ڳهڻي جيان اک،
    خبر ناهه ڪهڙي آ گھاڙوءَ گھڙي.

    ائين جيءُ ساڙي پئي جھوري جِئن،
    دُکيِ يار ڪاٺي ڪا آلي سَڙي.

    پَٽي واءُ ڇو وار سُڏڪا ڀري،
    اُٻاڪُون ڪري سانت ڇو پئي رڙي.

    ڏهاڳڻ وِڌو وهم جو ڪنهن انهي کي،
    نه ڪوئي گھرائي، نه ڪو ٿي لڙي.


    سمنڊ-وير ڇاهي ڏٺو چاندنيءَ ۾،

    سمنڊ-وير ڇاهي ڏٺو چاندنيءَ ۾،
    ضروري نه آ ڪو سبب دل لڳيءَ ۾.

    چون ٿا ته دانگيءَ مٿان رت وري ٿو،
    سچائي ڀلا ڪا رهي آ انهي ۾!؟

    ڳنڍي کوڙ ڀيرا لَٽي کي آ سگھبو،
    ڳنڍڻ جو ذريعو نه پر دل ڀڳيءَ ۾.

    رڱيا لعل موتي ها رنگين ڳوٽن،
    لُڏِي ٽور تي ٽَئُونرُ سونهين سڳيءَ ۾.

    ڇَڏِينِ ننگ آرڻ جي ڪارڻ، ورن شل،
    ڀنڀرڪي مهل جي هليا ويا ڀِنيِءَ ۾.


    اهو هڪ ئي منظر آ حاصل عمر جو،
    نهاري، نظر تِرِڇِي موڙيئين مڳيءَ ۾.

    امن لاءِ ايڪو کپي ٿو دنيا کي،
    ڳنڍڻ ۾ جڙي ڳالھه، ڇا هي ڇِنِيءَ ۾.

    ائين قوم جي فرد کي گھرجي ڀانئڻ،
    جئين ننگ جي ساڃَهَه آ هوندي نَنگيِءَ ۾.

    بهادر ۾ آزاد جيئن روح جو گھر،
    غلامي ڪندي گھر تئين آ ڊنيءَ ۾.

    هي فنڪار جي ڦوڪ جو ئي اثر آ،
    بَڻيِ درد جو بين پيو آ، وَڳيِءَ ۾.


    مور موٽڻ جي ڪري هوءَ ڇيڳري ڇوري نه ٿي،

    مور موٽڻ جي ڪري هوءَ ڇيڳري ڇوري نه ٿي،
    سينڌ جو جنهن سُنهنُ ڏنو بلڪل مُڙي ڀوري نه ٿي.

    مون کُٽايا سڀ سڪا ۽ ماڻ جي ماپڻ سندا،
    پريت، محبت سچ پڇو، مون کان ٿِئي توري نه ٿي.

    موتئي مهڪار ۾، ٿي رات ڪلھه مون کان پڇيو،
    پير ۾ گجدي وجھي گھر ڏي اچي گوري نه ٿي.

    آ ڪَتي آٿت ڏئي وئي، وس ٽيڙن ڪيا وڏا،
    چين پائڻ مورڳو ڏئِي لونءَ سندي لورِي نه ٿي.

    جنهن جي پائڻ لئه پَريون، جِن مَلڪ ڀي ڪوشان ٿيا،
    سنڱ اهڙي لاءِ تو کان جان ڀي گھوري نه ٿي.


    نينهن وارو نَپُ انوکو ٿو رهي جکندو سدا،
    مون ته ڪوشش ڪئي، وڃي پر جان مان جھوري نه ٿي.

    هڪ طرف چوگان چاريِ، ٻئي طرف هو ٿا سڏن،
    من متو مانڌاڻ، نِبِري ڳالھه هيءَ ڳوري نه ٿي.

    مون ڪُنڍي ڪلين اَنَدر آهي کُپائي خُوش ٿي،
    ڪيئن ساهي چئه کڻان، ساهي ڏئيءَ ڏوري نه ٿي.

    واءُ پيو هَرِ سُو گھلي، جھونڪو کنيون ويندئي کنڀي،
    ٿي پٿر جيان پاڻ ڀيڙو، ڪپهه جي ڦوري نه ٿي.

    ڪو ته گفتو ريءَ ملھو آ، ڪو ڪٿڻ کان ڀي وڏو،
    ڪو وچن جو رک وزن، هلڪي رڳو هوري نه ٿي.


    ڪري چهل قدمي اندر چِت چُري ٿي،

    ڪري چهل قدمي اندر چِت چُري ٿي،
    ته ٿي ذهن ۾ حَل، هِينئن ۾ هُري ٿي.

    ڪري گيت جي گونج ان ۾ سندس ئي،
    ته ٻولن جي آڳنڌ تي، آهٽ ٻُري ٿي.

    چَهي جيئن نرم آ، سڌي هڏ ۽ ڪاٺ،
    لڳي ٿو گلن پاوَ ۾ ڄڻ تُري ٿي.

    چنبيلي جي خوشبوءِ صبح هير ۾ جيئن،
    تئين ساهه ۾ هوءَ صَرِيحَاً سُري ٿي.

    اهو فن اٿس جو سندس سارا جذبا،
    ڀري پور هڪ ۾ ڇڏي ڄڻ ڇُري ٿي.


    جڏهن بوند برسي ٿي ۽ بس ڪري ٿي،
    ته پوءِ پور هر هڪ ۾ هوءَ ئي پُري ٿي.

    تڏهن ڊيل کي ناچ جي آس جاڳي،
    جڏهن پيگ پي ٽُن ٿي ٽِلَندي ٽُري ٿي.

    فقط ڏيڻ ڄاڻي ٿي، ننگري سنڌوءَ جي،
    نه توکان گھري ڪجھه، نه مون کان گھري ٿي.

    امن جي پکيءَ کي هو ڳولي ٿو ماري،
    انهيءَ تي ڪڏهن دل به ڪنهن جي ڪُري ٿي.

    تڏهن آنءُ بي گھر ٿو بنجي پوان جو،
    جھڳيِ جھڻ ٿيل ڪا ڪٿي جي جھري ٿي.

    چون ڪوڙ کي سچ، ڏٺل وائٺل جو،
    اها ڳالھه پو ڄڻ اسان کي ڦُري ٿي.


    تو ته چيو هو، هُوءَ به ايندي ڇو نه اڃا پو آئي آهي،

    تو ته چيو هو، هُوءَ به ايندي ڇو نه اڃا پو آئي آهي،
    ‘سوچن ۾ موجود،’ نه هوندي، سئو فيصد ڪا جائي آهي.

    حالت هر هڪ ماڻهوءَ سان آ، هن سماج ڪئي جو ٿي پيو،
    ڏِٺِ، پرولي جيون ان جو، تئونر سندي ڄڻ تائي آهي.

    جھد پٽي ۽ ماڻهوءَ جنهن لئه آهه سڪون وڃايو تنهن،
    سانڀر مون کي آ ته حياتيءَ ڪنهن سان ڪا نه نڀائي آهي.

    ٻيو ته وڪامي پيو ٿو سڀ ڪجھه محبت ويڪو مال نه سمجھو،
    آ بي لوث اهو لاڳاپو پريت نه پئسو پائي آهي.

    نڌڻڪي دُنيا بيوَس ماڻهو، قدرن جي پئمال ٿيڻ تي،
    اوچيئڙي جيان مايوسي ئي هر ڪنهن من تي ڇائي آهي.


    اوڌر جي نه ماءُ مُئي پر واپس ڪيئن به ڪرڻي پوندي،
    ٿورو لاهڻ گھرجي جيڪا ڌرتيءَ جي ٿڃ ڌائي آهي.

    ڪا نه مڃي احسان ڪهين جو ڪم پوڻ تي ڪاڻياري آ،
    اهڙو رويو ان کان پڄندو ڇو ته اها پوڊائي آهي.

    گم ٿي ڪا ڏي گڻ ويا جو، سئو ڪوهي ڄڻ سُڃُ لڳي ٿي،
    مارئيءَ، مومل، سهڻيءَ جھڙي، ڪا نه وري ڪا ڄائي آهي.

    آهه حياتي هڪڙو ڀيرو، جيڪي ڪرڻو آهه انهي ۾،
    بي حس ان کان وڌ ٻي ڪهڙي گھورنه ڪنهن جا گھائي آهي،

    قومي سوچ ۽ جيئڻ جو حق، پنهنجو آ منشور اهو ئي.
    سچ فقط هي هڪ ٿو سمجھان باقي ڌوڙ ۽ ڇائي آهي.


    سانوڻين ۾ ناءُ سنڌوءَ تي، پور مٿان ٻيو پور هيو،

    سانوڻين ۾ ناءُ سنڌوءَ تي، پور مٿان ٻيو پور هيو،
    تون وقت وڃائي آيو آن، ڪلھه ساري ٻيلي ٻُور هيو.

    جاٽ جو ميڙو ماري موٽيو، قادو مڙس ڪو انٽ هئو ڪو،
    جھڙي چوڏس ساک هي سنڌ جي، تهڙُو ان جو تُورُ هُيو.

    سُن ٿي سوچڻ بيٺو گذريل ڄڻ ته وهيءَ جا ڏينهن هيو،
    پُورُ ٻياني ساڻ ڪُلھي تي، پيو ڪو اُنَ کي پُورُ هيو.

    ڌپ ڪري ۽ کٽ تي مرندي، ماڻهو هن کي ڪو نه وڻيا،
    پُرزا ٿي پيو ڪالھه پٽيءَ تي مڙڻ نه جنهن ۾ مُور هيو.

    ويسهه گھاتي، پيار ۾ ڌوڪو، هن هو سوچيو ڪين ڪڏهن ڀي،
    ڳل ٿي رڦيس، چپ ٿي ڦڙڪيس، چت اندر هُو چُورُ هُيو.


    ڄڻ ته اڏيهي جسم سڄي کي پورو پئي ڪيو ڪاٺ جيان،
    آراڻي جيان اندران اندران سُرندو آيو سور هيو.

    نيڻ ڏَرا ڏئي حال ٿا اورن، مکَ جا گھنج سَلِنِ ٿا سڀ ڪجھه،
    ڄڻ ته جُڳن جي لڳي نشاني، هي جو پوڙهو جھورُ هُيو.

    نيڻ اولاري هوءَ نهاري، دَڳ مَٽائي وئي ائين هئي،
    ڇال ڏئي ڄڻ ڪالھه ڪَکي ويو، نانگ جئين سَنگِچُورُ هيو.

    وڻن ٽڻن هي تال ملائي، واءَ به چوري سازَ ڇڏيا،
    ڪوئل جي هن ڪوڪ ۾ ڳايل، ڀيرو سُر ڀَرِپُورُ هُيو.

    مصور خيالن ۾ هو گم سم،ڪاري بادل جي هو هيٺان،
    نيري ويس سان نار سرنهن ۾، ڄانڀي منجھه تَلوُرُ هُيو.


    اچڻ جا جيئن ئي هليا هواڻا اکين ۾ تيئن ئي خمار ايندو،

    اچڻ جا جيئن ئي هليا هواڻا اکين ۾ تيئن ئي خمار ايندو،
    بسنت رُت جو آ اُهڃاڻ جِيئَن ئيِ گلن ڦلن تي نِکار ايندو.

    جيئن ڪنڊيءَ تي اچي ۽ ڪانگل خبر ڏئي ۽ مٺائي گھرندو،
    سواءِ موسم هلي اڱڻ تي تيئن ئي پاڻهين بهار ايندو.

    جڏهن به سوچيو سين پنهنجو ننڍپڻ،کلڻ ڪڏڻ ۽ وِنُدرَ وِرُونهُون،
    تڏهن ته تصور منجھه ضروري، پڪل اسان کي لِيارُ ايندو.

    ڪڏهن به معصوم مرڪي ڏسندو، مٽول مکڙو کڻي ڪهين ڏي،
    ڀلي هجي ڪُندُ ذهن ڪيڏو، تڏهن به ان کي پيار ايندو.

    وهيءَ رسڻ تي مڻئين سان چاهت اُڪنڍ جيئن ڪا اُڪير ٿيندئي،
    سروبدر تيئن، دِليون مَڻِيُنِ سان، مِٽڻُ سَٽِڻَ ڪو مِڻيارُ ايندو.


    اسان جا اوسيئڙا اداسيون، کنيون ٿا نيڻَن جا دِيپَ ٻارن،
    اُماس راتيون تڏهن چون ٿيون، ته نيٺ جيءَ جو جِيارُ ايندو.

    اسان جو منڙو چڪور تنهنجي چنڊ چهري ڏِئي چڙهايون،
    وڏي رُڪاوٽَ وِڌيِ جي ويِندِي، تڏهن به تو ڏي تيار ايندو.

    وڻن ۽ ماڻهن،گلن ڦلن جون گونگيون اُٻاڪون گُھرَنِ ٿيون آگم،
    ٻُڌي ڍنڍن ۽ برن پٽن جا، اواڪ واڪا وَلھارُ ايندو.

    اُڪنڍ اڌوري ڪري جو پڇندو، انهيءَ کان ڪوهين پري وسي ٿو،
    اُڪنڍ اثرائتي ڪبي جيئن ڀِري تِئين ئِي ڀتار ايندو.

    قدر ۽ قيمت عمل ڪٿيندو، توهان کي پٺِ تي آ، واس ڇڏڻو،
    خبر انهيءَ جي اچڻ جي خوشبو، بنا آ، هو ڪي عطار ايندو.


    ڦري دنيا وئي آ پر نه آيو ڦير جانِيءَ ۾،

    ڦري دنيا وئي آ پر نه آيو ڦير جانِيءَ ۾،
    پلن پيون پيار جون ڳالھيون، ڳچيءَ جي اونئن ئي ڳانيءَ ۾.

    اِئين خيالن ذخيرو پيو رهي ٿو ذهن پنهنجي ۾،
    پلا بي انت پلجن پيا، پلي جي جيئن آنِيءَ ۾.

    اسان جِيوَن ڇڏيو ارپي مگر پوءِ ڀي الا جي ڇو،
    اسان سان ٿي ۽ گذري آ، توهان جي نگھبانيءَ ۾ .

    ٻُنڀي جي ٻاهران هي پير تنهنجا موٽندڙ ڏسندي،
    اچي هِيءَ دل وَئِي آ حادثي ڪنهن ناگھانيءَ ۾.

    ويو ٿي سنڍ عملن کان، رهيو جذبو نه آ جنهن ۾،
    پيو سو آجپو ڳولي ڪرامت ۾ ۽ ڪانِيءَ ۾.


    بقا مشروط آ تو سان اسان جي ايئن بلڪل جئن،
    جياپي جو سڄو هي رازُ سمايل آهه مانِيءَ ۾.

    صفا آ تانگھه ۾ تايل ۽ بيوس ياد تنهنجيءَ ۾،
    ائين هِي خيال آ ٽنگيل، ڍينگر جيئن ڪو ٻِيانِيءَ ۾.

    پَهِيءَ هي پارَ تنهنجي کان ڏني جا ڪالھه آ مون کي،
    سمورو پيار پنهنجو ڄڻ، سَمايل اُنَ نِشانِيءَ ۾.

    ٺهيو هي عشق جو اوڇڻ، وڏي ڪنهن جھد سان پوءِ ئي،
    جڏهن پيٽو ڪري دل کي اُ ڻيوسين خيال تانِيءَ ۾.

    ننگو چوڏس ڏسي چنڊ کي، چڪوري سوچيو شايد،
    عرياني حسن ۾ آ يا، حسن آهي عُرِيانِيءَ ۾.


    رنگ شفق سان ڀيٽڻ جھڙو، چپن مٿان جو پان هيو،

    رنگ شفق سان ڀيٽڻ جھڙو، چپن مٿان جو پان هيو،
    ڄڻ ته ڇڳو هو گل مهر جو، ڳاڱين جو گُلِدانُ هيو.

    ابرڪ جي ڪڻ جسم سڄي تي چنڊ ويو هو ڇٽڪاري،
    يا ڪو کليل چانڊوڪيءَ ۾ هرک جو ڪورو ٿانُ هيو.

    چريا به جن سان سڏجن سياڻا،اُن جي اهميت اِن مان پڌري،
    ڇو ته گنديءَ ۾ اَنَ سان گڏ، هيِ، رکيل ڄڻ ايمانُ هيو.

    هونئن ته ڇيهه ڀلئون ڀَل ڪونهي،ڪو به اُتم نه آ ڪنهن کان پر،
    احسن ٿيو هر چيز کان وڌ پوءِ، اُنس سان گڏ پوءِ آن هيو.

    آرس ڀڃندي، اڌ ننڊاکو، منهنڙو مهٽي مُرِڪِيو جو،
    چَنڊَ بِنا هي، چوڏهينءَ وانگي، چَمِڪيِ پيو چوگان هيو.


    لڳن ستارا، ان کي چمڪي، دانگيءَ_ کل جُون چِڻِگُون ٿا،
    ۽ هن پيٽ بُکئي ستل لئه، چنڊ به ڄڻ ڪو نانُ هيو.

    اُڀ جي ڀير مٿان ڄڻ ڏونڪو گجڻ سندو آواز لڳي ٿو،
    انبر- بر ۾ ويس ڀڀوتيءَ، بادل ڀي ڄڻ ڀانُ هيو.

    ڪوبه سِڪو ٿو، ڪو نه قبولي، اکين_ڪشتي جو به عجب آ،
    جنهن لئه ڪو نه قبولڻ جھڙو، ديد بنا ٻيو دان هيو.

    متيون منجھائي نينهن ڇڏي ٿو، ماڻهو بيوس بنجي پئي،
    وِيرُ هُيو جو هُونءَ عَقُلَ جو، نينهن ڪيو نادانُ هيو.

    پنهنجي رُوءِ سُوءِ ڪا نه سُڪت آ،چرڻ پرڻ جي جنهن ۾ باقي،
    ڪيڏو بيوس هاءَ بَنِيَلُ، هن ڀونءِ مٿان ڀَڳِوانُ هيو.


    رهياسين پل دنيا ۾ جي، اَجايا يا سَجايا ٿيا،

    رهياسين پل دنيا ۾ جي، اَجايا يا سَجايا ٿيا،
    ويا ڪي ڪارگر ڪم ۾، الائي سڀ اَجايا وِيا.

    وري ڪڻڪن ڪيا آڀُون، وري پيا ڏينهن موٽڻ جا،
    اُهي پاڙج،وڃڻ جي ويل، جيڪي تو وَچَنَ ها ڪِيا.

    نباهيو نينهن ساوڻ آ وڏي ڪا وَس ڪري ڀِٽَ تي،
    کُنڀِيُن جا ڏيک ڏوران ڄڻ، لٿا هي ڍنڍ تي ٻَگھلا.

    ڪَٽيِ ايِئَن انتظارن جي، اَذِيتَ جاڳندي نيڻن،
    سِناٽو رات پوئين ڄڻ ٻريا مندر اندر ڏيئا.

    ستارا نيڻ پٽيو، رات ڳولي ڀونءِ تي جنهن کي،
    اچڻ سان تنهن ئي اوشا جي، شرم کان ٻوٽجي ها ويا.


    رُلائي رڻ اندر جواني هليو وئين اڻ ڏٺن ڏيهن،
    رلن ڇورا ڇِنا سُڏِڪا، ڇُلن پِنبِڻيُنِ منجھان ڳوڙها.

    پڇي دل ٿي، ائين ڪيسين، ڏُنگا هن ڏيهه جا سهبا؟
    عمر جا پل پکين وانگي، لڳي تاڙي ڏين ڀڙڪا.

    اسان ڏي ڪالھه ڀٽ تان ڪنهن پَهِيءَ آندا سنيها هي،
    مُڪِيُون نينڍون ڪيئي ڳانن، کَٿي جا رنگ سڏن ٿا پيا.

    علڻ آلاپ آسا جا،ڪڇيا ڪينر منجھان جيئن ئي،
    چمي نيلون ڀٽائي جون، وِيا ويٺل وڄائي ها.

    تڪي راهون تماچيءَ جون، لَڙِي نيڻن منجھان جي پيا،
    بڻي سي لڙڪ نوريءَ جا، ڪنول ڪينجھر مٿان جھوميا.


    دير ٿي ته به ڇا هه پو جي گس هٿن مان ناهه ويو،

    دير ٿي ته به ڇا هه پو جي گس هٿن مان ناهه ويو،
    ان تڪڙ کي ڇا ڪبو، جنهن دورِ مَنزل کان ڪيو.

    ٻول هڪ تي گھول سِر کي، پاڻ ڄاتو آ ڪرڻ،
    مون نه سو اڄ ڀي وساريو،ڪن اندر جو تو چيو.

    ٽيٽ اک سان هو نهاري، موڪلائڻ تو سندو،
    پاڻ کي سو، ڇيت وانگي، من اندر هُرَندو رهيو.

    تيز آيو واءُ گھر ۾ ياد جون پرچيون کنيو،
    موٽندي ٻَئي زور سان ويو تاڪ در جا هو ڏَيو.

    پاري کي آرام نه آ جيئن پاڻ ۾ ڦٿڪي پيَو،
    تيئن آپي ۾ نه من آ تاب تنهنجي جو تَيو.

    چنڊ اڻٽيهينءَ اندر جيئن، تيئن اکيون ڳولي ٿڪيون،
    تون هليو ويندين ائين، هِينئڙو مڃي ڪيئن اَڻَ چَيو.

    تنهنجي آمد جوٻڌي، ڪيئن روڪيان من رقص کان،
    پنهنجي وس ۾، تون ئي چئه ڦولار ۾ ٿئي ڪئن مَيو.

    چُڻڪندو رهيو اندر چِتَ،ڪونج جي جيئن روهه آ،
    رات جي پوئين پهر ۾ پَورُ تنهنجو تئن پَيو.

    حسرتون ويڙهي ويس جڏهين چڪوري هو ڏِٺو،
    وِيرَ رستي سمنڊ پئي پيو چاندِنيءَ_ مڌُ اَڻَ مَيو.


    ياد جا تحفا رکيا ٿم ‘لڙڪ، لاڪر’ ۾ پرين!

    ياد جا تحفا رکيا ٿم ‘لڙڪ، لاڪر’ ۾ پرين!
    پيار جا پل، دل جا اُڌما، لفظ ڪاڳر ۾ پرين!

    پيار جي هر پل اندر، ڇا ڇا نه گذريو دل مٿان،
    سي سمورا سور ها، جي گيت ظاهر ۾ پرين!

    ڇو ته سپنا ان ۾ سبندڙ پنِهنجا ها ٽانڪي ڇڏيا،
    ڇو نه اُڀِرَنِ پوءِ اُڌما، ڇُرِيَلَ چادر ۾ پرين!

    دل هئي نازڪ اڳيئي، پيار پيڙيِ پوءِ ڀي،
    رُعُبَ پڌرا ڏِيلَ جا، جيئن نِگھه ناهَرَ ۾ پرين!

    نيڻ نِينڍُون ٿي اٿن ٿا، جئن جھڪائي ٿا کَڄَنِ،
    سَوَ سنيها ٿا ملن تيئن، مرڪ ماهِر ۾ پرين!


    روشينن جا روپ ڌاري، اک ڀڃڻ آهن لڳا،
    چنڊ جا ڪرڻا رهن جي راند ساگِرَ ۾ پرين!

    ڪاڪ کان رهندا پري پوءِ ڪيئن تون چئه سي ميا؟
    جن چريا، چندن الاچي، روز آهُرَ ۾ پرين!

    وسَ پڄاڻا، واءُ ولين، ڇانئجي هَر سُو وِيو،
    بود ۾ ڀرجي اباڻا، کلِن کائر ۾ پرين!

    آجيان تنهنجي اچڻ جي، ان کان وڌ ڪهڙي ڪجي،
    وارَ ويرانڊي وِڇايان، نيڻ آڳر ۾ پرين!


    ڪنگڻ ٻانهن ۾،ڄڻ ته قيِديءَ ڪڙي آ،

    ڪنگڻ ٻانهن ۾،ڄڻ ته قيِديءَ ڪڙي آ،
    هنن سان الئه ڇو ائين دل اڙي آ.

    اها نينڍ نيڻن سندي جيئن سُڻا ڪا،
    ٻه ٽي منٽ منهنجي ٻنڀي تي ٻَڙِي آ.

    جي گھرجن ته ڪئين سال ڀي ٿورڙا پر،
    گھڻي گھورَ تنهنجي سندي هڪ گھڙِي آ.

    سڄي رات راڻو نه ڳائي ٿڪي هيءَ،
    ڳچيءَ ۾ ڳئونءَ جي چُريِ جا چَڙيِ آ.

    نه ايڏو ٿي مائل انهيءَ ڏي اِئين ئي،
    نه جا آزمائي ڇَنڊيِ ۽ ڇَڙيِ آ.

    سڄي سِڪَ آ، ٽِڪَ مان صاف ظاهر،
    اها ڪنهن ته موتيءَ سان پوتيءَ جَڙيِ آ.


    انهيءَ کي نه ٿو سچ چئي ڪو به جنهن کي،
    اچي اڄ به آڌيِ ڏسو وَئِي لَڙيِ آ.

    اسان ٿي وهيءَ ۾ ئي پوڙها وِياسين،
    سندرتا سڄي سڪ اندر وئي سَڙِي آ.

    اِها جَنڊَ تان آ اُٿي هاڻ آئيِ،
    وئي جان جنهن جي پگھر ۾ ڳَڙِي آ.

    اچي جيئن ٿو اٺ تي، سڄي جوءِ ٻَهَڪي،
    وَڻيِ مون کي پَڳَ اُنَ سَنديِ وَئِي وڙي آ.

    ڪٿي سِڪَ_وَنديِ انتظارن ۾ آ ڇا،
    الائي رات اڄ ڇو، رُڳو پئي رَڙِي آ.

    اِنهي ڪانڌ ڪيئي ڪُنِيائُون روئاريون،
    اها ان کي ڀِچَنديِ، جا ڏاڍي ڏڙِي آ.

    ميارون کڻي هو ويو سر تي پنهنجي،
    وئي پرت جنهن ساڻ پنهنجي پَڙيِ آ.

    اچو هاڻ، ڏَئيِ ۽ وَٺِي يار پِيا هُون،
    اسان جھار جوڀن مٿان پَئي تَڙِي آ!


    ڏسو ڪيئن ته منهنجي چِڙِي ٿِي لڳي،

    ڏسو ڪيئن ته منهنجي چِڙِي ٿِي لڳي،
    صفا منهنجي مون سان وِڙِهي ٿي لڳي.

    چُرڻ جي نه مون ۾ ٿي طاقت رهي،
    اڻي هن جي اک جي ٿِڙِي ٿي لڳي.

    وڳي سبز سان سوچ ۾ گم صفا،
    ڀِنيِءَ ويل مکڙي کڙي ٿي لڳي.

    ڪري ياد چئي گيت جيئن ٿي سندس،
    سُرن ۾ لتا جي نڙي ٿي لڳي.

    کُلي واءُ تي در ته ٿو سوچيان،
    ته هوءَ گھر اندر ڄڻ گھڙي ٿي لڳي.


    سهيلين سندي سٿ اندر جو کِلي،
    ته ٽانگر جيان ڄڻ ٽِڙِي ٿي لڳي.

    سنهي ڏاٻ سان هوءَ رئي جي اندر،
    صفا چنڊ هَئِين ڄڻ پِڙيِ ٿي لڳي.

    مزو گھورَ اُن جي ۾ آهي مڌم،
    سنڌي ڀيروي ڄڻ ڇِڙي، ٿي لڳي.

    ڀنڀن ڀِيِر واَرنَ جي منهنجي مٿان ڄڻ،
    ڇپر ڇانوَ واري ڪِڙيِ ٿي لڳي.

    وڃايل ولر سان، ملي ڪونج جئين ٿي،
    سکين ميڙ سان تيئن مِڙِي ٿي لڳي.


    ائين ڇو آن ٿي پئي اڪن ۽ ڇڪن،

    ائين ڇو آن ٿي پئي اڪن ۽ ڇڪن،
    اسان جو اڳيئي وڃايل آ من،

    هلي رات اڻٽهينءَ ۾ جو اچين،
    ته چِمِڪيِ اسان جو پئي ٿو صحن.

    پلئُه سونهن تان سيرڙي جو کنوڻ،
    اُگھي ڪير ڳوڙها روئي ٿو گگن.

    ڪيو گيان ۾ گمُ تو گوتم جيان،
    اسان جو هو ڪيڏو اڳي من مگن.

    ٽِلي ڊيل جيئن ٿي، ڏِسِي مور کي،
    انهيءَ ٽورَ تي ڪيرَ چَلَنديِ چَلَنُ.


    ڳچي ۾ ٿي ڳيري جي ڳاني ٺهي،
    ڪرائيءَ ۾ تنهنجي ٺهي جيئن ڪَنگَنُ.

    ڪَئي ڪائناتون ٿيون جھومن نچن،
    اچن جي ٿا جوڳي تهَ ڀڙِڪي ٿو بَنُ.

    ڪلھي ڪونڌرن جي ٺهي ڏس ته ٿي،
    بگيءَ جنهن ڪهاڙيءَ جو ڪارو آ ڳن.

    لڇڻ سونهن جي ڄڻ ته آهن سِراڻِ،
    ٺهي واس سهڻو، جي سهڻو وَرَنُ.

    ڇنُنِ مان ٿي ٻڌجي لَڙِيءَ جو ڇَنَنِ،
    ڀَڄَنَ ڀانئهِ ڳائي پيو ٿو مَدَنُ.


    سامهون تنهنجو ائين گھرُ ٿو اچي،

    سامهون تنهنجو ائين گھرُ ٿو اچي،
    ڄڻ ته آڙيءَ جي اڳيان سَرُ ٿو اچي.

    بودلو بيوس ڦِري بَسِتِيءَ اندر،
    ڏيو پتو ڪڏهين قلندر ٿو اچي.

    سڀ حسين هيلا ٿا ڪن، ان کي ڏسون،
    تاءَ مان ڪو ڀانءِ تَوَنگَرُ ٿو اچي.

    سونهن جون ڪَئيِ رياستون ٿيون فتح ٿِيَنِ،
    عشق ٿي جڳ ۾ سڪندر ٿو اچي.

    هو اچي ڀڳوان جي جيئن روپ ۾،
    ان جي پويان ڄڻ ته مندر ٿو اچي.

    سڀ سچيون ئي هيڪلائيِءَ ۾ ڪري،
    آدميءَ سان پنهنجو اندر ٿو اچي.

    ڏس ته وڻجارِي ٿِي جِت واڪا ڪري،
    جھٽَ پلڪ اُت بيهه، بندر ٿو اچي.

    سڀ سڀيتا جو ائين آ انت ڇا؟
    کنڊ، کنڊ ۾ جيئن کنڊر ٿو اچي.

    ڄڻ ته سندر مُک اڳيان پردو هجي،
    چهچ ميوي جي اڳيان جھر ٿو اچي.


    ڪو گھڙو، سِيڻَهَه، سندارو ۽ نه ڪو ڪُنَڀُر پڇي،

    ڪو گھڙو، سِيڻَهَه، سندارو ۽ نه ڪو ڪُنَڀُر پڇي،
    خيال سُهڻيءَ جو سنڌوءَ جو ٿو سدائين جَرُ پڇي.

    ڇو رُسي مون کان ويو، ڏِئي ڪو پتو اڄ ان سندو،
    روز هي ڀڳوان لئه مون کان پيو مندر پڇي.

    هُئڻَ پنهنجي جو پَتو ۽ اهميت ڪجھه ڀي نه آ،
    سبب مايوسيءَ سندو هر هر ائين اندرُ پڇي.

    ڏينهن توکي ٿيا ڏٺي ۽ ڏينهن شايد ٿين اڃا،
    سڪ لڳي آ، تون ڪٿي آن، مون کان پنهنجو گھر پڇي.

    جنهن سان گھارڻ ٿي پوي ساري عمر هڪ گھر اندر،
    ان جي دل ۾ جاءِ ٺاهيان، ڪيئن ونيءَ کان وَرُ پڇي.


    ڇا مليو ٿي مانُ اُنَ جو ۽ ڇا اهميت ٿِئي ملي،
    ڪيئي پيڙهيون، پيڙجين پيو، هيل مون کان هَرُ پڇي.

    بودلو ٿي گم ويو آ ڀيڙ پئسن جي اندرِ،
    ڪيئن سو ملندو ڪٿي، ڳڻتيءَ وچان قلندرُ پڇي.

    ڇا هيو گئونرو ڪَلنڀر، اڄ پئي ڪانُڀوءَ پڇيو،
    پاڻ گڏجي جاٽ تي، جيڪو ڏٺو هو پَرُ، پڇي،

    ڀل ڀليءَ جو ڇيهه ڪونهي، پر هي پيڪر حسن جو،
    پيار ۾ جھلبو نه ڪنهن کي،ڀل وڃي ڪو تَرُ پڇي.

    ڪو نه راڻو ڪو به ڍَٽَ ۾ ۽ نه ڪو سوڍو سُجھي،
    ڪاڪِ جا ڪو تَڙَ پُڇي، يا مُومَلُون ڪو مَرُ پڇي.


    گیت

    ساري تنهنجو ساءُ،

    ساري تنهنجو ساءُ،
    وري اڄ،
    جيءُ چوي ٿو آءُ!

    ٻگھلا پر اڇا ڦڙڪائي،
    “ياد” دريچي کي کڙڪائي،
    ڍنڍ تي ترندي،
    ڦيرا ڏيندي،
    ڄڻ ته لڳن ٿا ناءُ،
    وري اڄ،
    جيءُ چوي ٿو آءُ!

    ڪنول ملن ٿا ڀاڪر پائي،
    ڀئونرا ڳائن بين وڄائي،
    هيرن گھُلندي،
    ڇولين ڇلندي،
    چو ڏس چمڪي چاءُ،
    وري اڄ،
    جيءُ چوي ٿو آءُ!

    گُل گُل مان ٿو واس گھُلائي،
    ننڊ اندر ڀي راڳ ٻڌائي،
    ساري سپنا،
    ور ور وينا،
    ڄڻ ته وڄائي واءُ،
    وري اڄ،
    جيءُ چوي ٿو آءُ!


    اسان لاٽ ٻاري، ڇڏي رات ڀر،

    اسان لاٽ ٻاري، ڇڏي رات ڀر،
    گلي ڪا نهاري، ڇڏي رات ڀر !

    وڳي ڪا ستارن سندي جھانءِ آ،
    ڀني ڀونءَ ان تي نچي ڀانءَ آ،
    ائين سونهن ساري، ڇڏي رات ڀر،
    گلي ڪا نهاري، ڇڏي رات ڀر !


    رُنا رات رابيل ريهون ڪري،
    ڳلن تي گلابن سندا رنگ ڀري،
    سندءِ تات تاري، ڇڏي رات ڀر،
    گلي ڪا نهاري، ڇڏي رات ڀر !

    رڻن ۽ پٽن تي ڪري رِمجھميُون،
    سوين سوال سانڍي ۽ ننڍڙيون ڦڙيون،
    هوا ماڪ هاري، ڇڏي رات ڀر،
    گلي ڪا نهاري، ڇڏي رات ڀر !

    نه سپنا، نه ساڀيا، نه يادون ڇڏن،
    ڪيان ننڊ، هوائن منجھان پيا سڏن،
    ايئن پريت پاري، ڇڏي رات ڀر،
    گلي ڪا نهاري، ڇڏي رات ڀر !


    جُھڙاليون فضائون به ٿيندين ته ڇا،

    جُھڙاليون فضائون به ٿيندين ته ڇا،
    نه ايندين، نه ايندين، نه ايندين ته ڇا!

    ڪري ميگھه مند تي وسن تال سان،
    اچين ڪو نه پَلَ ڀَرَ انهيءَ حال سان،
    سوين سور پيو يار ڏيندين ته ڇا،
    نه ايندين، نه ايندين، نه ايندين ته ڇا!

    لڏي لام، لنوندڙ اُڏي ڪانگ ويا،
    وري ڪين موٽيا، سڄڻ سانگ ويا،
    نهوڙي ننڊون ساڻ نيندين ته ڇا،
    نه ايندين، نه ايندين، نه ايندين ته ڇا!

    ڳِراٽيون وجھي ڳُوپ ڳالھيون ڪري،
    وري ايترو ڇو هليو وَئين پري،
    ڏئي پيار پوءِ منهن مٽيندين ته ڇا،
    نه ايندين، نه ايندين، نه ايندين ته ڇا!

    وئي رات جيان جي حياتي کُٽي،
    لٿو جي وِهائو اُنهيءَ جو ڦُٽي،
    پرهه ساڻ پوءِ اک پٽيندين ته ڇا،
    نه ايندين، نه ايندين، نه ايندين ته ڇا!


    جڳ سمورو جيءَ ۾ آهي،

    جڳ سمورو جيءَ ۾ آهي،
    ڇا هي رکيو ٻهر ۾!

    ياد اوهان جي اڳي کان گھاٽي،
    جنهن جي ڪيفيت مڌ جي ماٽي،
    پن پن پيالو پياري ٿو،
    چانڊوڪيءَ سان گھاري ٿو،
    منظر گھوماٽي ٿو سڀ کي، پنهنجي آڻي سحر ۾،
    ڇا هي رکيو ٻهر ۾!

    سانت اندر ٿيون ڇوليون ڳائن،
    سِڙَهه پري کان ٻگھلا آهن،
    شفق نديءَ تي ايئن پئي آ،
    ڄڻ ته بڻي تحليل وئي آ،
    سهڻيءَ جي جا سونهن سموري، بي خود بنجي بحر ۾،
    ڇا هي رکيو ٻهر ۾!


    تلڪ نرڙ تي، اُڀ ۾ ڪڪري،
    ڊيل جيان ڪارونجھر ٽڪري،
    ڪُونڀٽ تُوتِيا وَرِکا ڪن ٿا،
    ڇا ته سُريلي بَرِکا ڪن ٿا،
    سار سندا هي سُر ٿو بنجي، ڏيئو ٽمڪي ڏهر ۾،
    ڇا هي رکيو ٻهر ۾!

    ماڪ چمپا جي تلڪ ڳلن تي،
    رات چمي ٿي رابيلن کي،
    چانڊوڪي ٿي چنگ وڄائي،
    برکا رُت ٿي باهه لڳائي،
    چنڊ ڪرڻ لئه ننڊ نديءَ جي، لوڏ لُڏي ٿو لھر ۾،
    ڇا هي رکيو ٻهر ۾!


    مينهن ڪڻين لاءِ،

    مينهن ڪڻين لاءِ،
    ٿر جي واري،
    ڪيڏو ٿي واجھائي پيئي،
    هاءِ اُڃاري ٿر جي واري!

    برکا رت ۾،
    سونهن سُرت ۾،
    جندڙي ساري،
    مور ٽهوڪن، جيئن سڏئي ٿي،
    بِرِهَنِ ماري،
    هاءِ اُڃاري ٿر جي واري!

    ڪوڪ فضا ۾،
    پکي هوا ۾،
    جھومي ٽاري،
    بنا گَھروندي، ڪوئل رُلَندي،
    عمر گذاري،
    هاءِ اُڃاري، ٿر جي واري!

    تَرندڙ آڙي،
    ماري تاڙي،
    ڪنهن ته اُڏاري،
    عڪس جھين جو ڀاڪر ۾ ڍنڍ،
    سانڍي ساري،
    هاءِ اُڃاري، ٿر جي واري!

    مند مٽي آ،
    وِهَه وٽي آ،
    پريت پياري،
    منهنجي جواني، تو ئي جاني،
    کلندي کاري،
    هاءِ اُڃاري، ٿر جي واري!


    تو بن ڪهڙي، عيد ڏياري،

    تو بن ڪهڙي، عيد ڏياري،
    ڪيئن ملھايان، مند ملھاري!

    جھڙ ڦڙ جھانِجھه وڄائن بادل، گوڙ گَجي ڄڻ چيتا گھايل،
    هير اُٺي جي پيرن پايل، تو بن کائي سيج سجايل،
    روئيندي مون آ، رات گذاري،
    ڪيِئن ملھايان، مند ملھاري!

    ساٺَ نه سينڌن ساڻ ڪيم ڪي، سهرا جھومي ڪين چيم ڪي،
    وهم وڪوڙي يار ويم ڪي، پيار سندا پڙلاءَ پِيَمِ ڪي،
    تو سان نبهي آئي ياري،
    ڪيِئن ملھايان، مند ملھاري!

    ڪوهه بنا جيئن ڪونجون ڪَرِڪَنِ، يادون تيئن ٿيون من ۾ هُرکَنِ،
    لوڻ ڦٽن تي ٻڪ ٿيون ٻُرِڪِنِ،ساهه اندر ساروڻِيُون سُرڪَن .
    ڳڻتين ساري، جندڙي ڳاري،
    ڪيِئن ملھايان، مند ملھاري!

    جاڳي ڪاٽيم راتيون ساريون، ڏِيئڙا نيڻن جا هِي ٻاريون،
    روز روئان پئي واٽ نهاريون، سهڻ ڪنا هي گھڻيون گھاريون،
    گھايل دلڙي صدمن ماري،
    ڪيِئن ملھايان، مند ملھاري!

    توريءَ ڪنگڻ ڪراينُ ڪَڙِيُون، ٻول ٻيڇاٽي آهيان ٻڙِيُون،
    چُڻِڪَنِ چِتَ ۾ چاهت چڙيون، راهن ۾ هي اکڙيون اڙيون،
    هُرُکُرُ هرِدي ۾ هيڪاري،
    ڪيِئن ملھايان، مند ملھاري!


    رات لَڙِيءَ رابيل رُنا ها،

    رات لَڙِيءَ رابيل رُنا ها،
    پُورَ پِيا ها !

    چانڊوڪيءَ جيئن جھمريون پاتيون، ڇير وڳي هئي،
    سانت هي سُڏِڪِي،
    هِيَر گھلي هئيِ،
    پن پپر جا،
    چندرما ٿيا!
    چانڊوڪي ۽ چڪور چِڙيا ها،
    پُورَ پِيا ها !

    گل ۽ پوپٽ ميت _ ملن مان ڄڻ هئي ٺاهي،
    بوگن وِيلا،
    هيٺان ماکي،
    ڏسندي ٻارن،
    آندا دونهان !
    مانارن تي مَکا مِڙِيا ها،
    پُورَ پِيا ها !

    موسم ايندي سڀ ڪا ساري مِيتُ پئي ٿي،
    مند ملھاري،
    ايندي سان ئي،
    گُلَ ۽ ٻوٽا،
    خوب کِڙيا ها !
    ٽانگر ٽهڪي جيئن ٽڙيا ها،
    پُورَ پِيا ها !


    جيءُ جدائي جھٽيو آهي،

    جيءُ جدائي جھٽيو آهي،
    پاڙَئُون منڙو پَٽِيو آهي !

    تاڙي ماري يار اُڏاري، خواب ڇڏياسين نِنڊڙِيءَ مان،
    هاڻ نه ڪائي آس رهي آ، بيگانيءَ هن جِندڙِيءَ مان،
    جنهن جي نالي، سڏبا هُئاسين،
    تن جو منهنڙو مٽيو آهي،
    پاڙَئُون منڙو پَٽِيو آهي !

    راهَه تَڪِڻَ سان، سانگُ سڄِڻ جو، ڀاڳَ وَنَدنِ لَئِه ٿيندو آهه،
    ڪوبه حياتيِ ڪنهن لَئهِ اَرِپي ڪو نه اجايو ڏيندو آهه،
    آءُ مسيحا! ٻول ته جي پئي،
    لوڙهه اڃا تَه نهَ لِٽَيو آهي،
    پاڙَئُون منڙو پَٽِيو آهي !


    ماٺِ وَنَدنِ سان موهه مَٽي ۽ ماڳَهِين ماڳ به مَٽِيُئيِ ڇو؟
    آءٌ ته ولَ ڇَلَ کان اڻ واقف، ڏُهاڳَ سندو ڏَنءُ آهه ڏِنو تو،
    ڪالھه ڪليجو ڪوريُئي جيڪو،
    گھاءُ اڃا ته نه گھٽيو آهي،
    پاڙَئُون منڙو پَٽِيو آهي !

    مُکُ نهاري، تنهنجي مُکُ ۾، مون کي پنهنجو مُکُ وڻيو آ،
    تنهنجي قرب جو لمحو مون لاءِ، جياپي جوتي جيءَ جڻيو آ،
    پهرين گھيري ٻانُهن جي سان،
    ڪنڌ ڪُلھنِ کان ڪَٽِيو آهي،
    پاڙَئُون منڙو پَٽِيو آهي !

    ڇا ٿو ڳولي چانڊوڪيءَ ڪرڻو، پوئينءَ رات ڏهر ۾،
    مارئيءَ جو ڪو ساهه ٿڌو يا پيرو ان جو پرهَهِ پَهَرَ ۾،
    منظر ان ۾ پَنهنجو من ڪنهن،
    ماڪ بَنائي سَٽِيو آهي،
    پاڙَئُون منڙو پَٽِيو آهي !


    جنهن جي ڪنهن کي اُونءَ نه پُونءَ،

    جنهن جي ڪنهن کي اُونءَ نه پُونءَ،
    نچي ٿي شايد ان لاءِ ڀُونءَ !

    آڌيءَ ويلي ساڌ ٻيلي ۾، ڪنهن لئه مور مچائي گونج،
    ڪوهه ڪنان ڪا وڇڙي آيل اُڀ ۾ ڪرڪي ڪنهن لئه ڪونج،
    سڏجي ان کي راڳ ڀلا يا سڏجي ان کي سانت،
    ماٺ سڄو ماحول هئو پر لنئي پکين جا لات،
    انهي سان ڪانڊاري آ لُونءَ،
    نچي ٿي شايد ان لاءِ ڀونءَ !

    بوند پوڻ سان سار سڄڻ جي هِردو هِرِکائيندي آهي،
    جنهن رِيءَ موسم ڄڻ ته ميارون ڏيندي رَهندِي آهي،
    نچيو هو جھرڻي ۾ جيئن چنڊ، نچيو هوا ۾ وڻ،
    سڀ ڪنهن ان کي پئي اچڻ لئه آهه ريجھايو ڄڻ،
    ڪنديس آءٌ به بلڪل اُونءَ،
    نچي ٿي شايد ان لاءِ ڀُونءَ !


    بهار اچڻ سان، ٽار وڻن جي، پيار ڪري ٿي گُلِڙن سان،
    لوڏون لُڏندي، گھيرا ٺاهي، ٻار ڊڪن ٿا هُلِڙنِ سان،
    ماڪ ڪنول جي پنکڙنِ تي، چَپَ رکيو پئي آهي،
    مون لئه ڏيئي پيارَ _ پِتُرِ ڪو ڪانويلي وئي آهي؟
    اچان هان تو وٽ ڇا لئه هُونءَ
    نچي ٿي شايد ان لاءِ ڀُونءَ !

    رات ۾ ڌرتي ٽانڊاڻن سان جھڄِي ڏِئي ٿي اُڀ جو ڏيک،
    جنهن ۾ چمپا، چندن، چنبيلي خوشبوئن جا ڦهلن تيکِ،
    سينڌ سِنڌُر سان ڪهڪشان جيئن مُنڊي آ بيٺي مَنڊ،
    اڱڻ مٿان جو آهه گھميو هو سمجھي ويٺا چنڊ!
    ڪئي ايئن تارن چَونءَ پَچُونءَ،
    نچي ٿي شايد ان لاءِ ڀُونءَ !


    ڳيچ مون تنهنجي اچڻ لاءِ ڳوٺ ۾ ڳاتا پرين!

    ڳيچ مون تنهنجي اچڻ لاءِ ڳوٺ ۾ ڳاتا پرين!
    نيڻ تو کي تيئن پائڻ لاءِ هي آتا پرين !

    مينهن ڪڻين ڄڻ ته پايل آهه ٽارين کي ٻڌي،
    چاندني ساڙهي ڪري چنڊ، ڄڻ ته ٽارين کي ٻڌي،
    ساوڪن ٿي چهچ آهي سونهن سارين کي ٻڌي،
    ميگھه مرڪي ڄڻ ته مالھا ماهه پارن کي ٻڌي،
    ڏيک ساري ڏيل ڏاوڻ ڏات جا پاتا پرين!
    نيڻ تو کي تيئن پائڻ لاءِ هي آتا پرين !

    چنگ جي آواز تي ٻڌ چنڊ ڳائي ٿو پيو،
    واءُ پوئين رات جي وينا وڄائي ٿو پيو،
    ۽ ڪتيءَ جي ڪانڍ تي ڪو گُنُگُنُائي ٿو پيو،
    سانت ۾ سارو سمو هي ڄڻ ته گھائي ٿو پيو،
    راز ساريءَ رات جا مون ڄڻ ته ڪي ڄاتا پرين!
    نيڻ تو کي تيئن پائڻ لاءِ هي آتا پرين !


    پرهه ڦٽندي ولر واري ڄڻ پکي موٽيا اچن،
    پيار مان پرڙا هڻي ۽ چنھب چنھنبن تي رکن،
    ڄڻ اکين جا ٿا اشارا باک مان تنهنجا بکن،
    ٻول ٻهگڻ لوڪ گيتن جيان توهان جا ٿا لَکَنِ،
    مون کڻي اکين رکيا ۽ لونءَ سان لاتا پرين!
    نيڻ تو کي تيئن پائڻ لاءِ هي آتا پرين !

    پوپٽن جا رنگ فضا ۾ ڄڻ چنيءَ جا چٽ لڳن،
    سڀ ٿڌا ٿا ساهه توريءَ سارنگين جي سٽ لڳن،
    خيال تنهنجي خيال سان ڄڻ ٿا ڪبوتر ٻٽ لڳن،
    يا تنبوري تانَ سان گڏ شاهه جي ٿا ڀٽ لڳن،
    ڇير سان ٿي جيئن نڀائي نرتڪي ناتا پرين!
    نيڻ تو کي تيئن پائڻ لاءِ هي آتا پرين !

    هي ڀنڀا جي وار ڪارا ٿي ويا چاندِيءَ جيان،
    آ جھنجھوڙي جان جذبن دانهن هيءَ ڪنهن کي ڏيان،
    آءٌ توريءَ پلڪ هڪڙو جڳ اندر ڇا لاءِ جيان،
    ويلُ آ جو وَرَ به هوندي آءٌ وَڌِواء ليکجان !
    ڏينهن ايڏا ڏور مون کان تو وڃي لاتا پرين!
    نيڻ تو کي تيئن پائڻ لاءِ هي آتا پرين !


    هُرَلا هلندا نار،

    هُرَلا هلندا نار،
    ٻنين ۾،
    هُرِلا هلندا نار!

    جھر جھنگ ڪٽبا، ٻيجا ڇٽبا، هڪلي ويندي جھارِ،
    ڪيچ ڪڻي مان ٿي ئي پوندا جنهن مان جُڙندي ٻارِ،
    ڳانڌيءَ تان هو، ڳائيندا پيا، ٻيلھون ٺاهي ٻار،
    ٻنين ۾،
    هُرِلا هلندا نار!

    آڀُونءَ نيسر پوک به ٿيندي، هوءَ به وهِيءَ جو پُورُ،
    پورهئي مان به نه پانڌ ڇڏائي، چاهت ۾ ڀي چور،
    سَنڌَ سَنڌَ منجھه سرائت ٿيندي، ساجن جي ڄڻ سار،
    ٻنين ۾،
    هُرِلا هلندا نار!


    پکي پکڻ پيا لاتيون لنوندا چوڏس ڄڻ ڪي چنگ،
    تازي آيل پاڻيءَ تي پيا ٽپندا ڪڏندا ڪنگ،
    لھندڙ سج جي لام منجھان ڪا، وڄندي ڄڻ ته ستار،
    ٻنين ۾،
    هُرِلا هلندا نار!

    ٻاڦ ٻنين جي ٻارن تي جو ڪڻڪن تي ٿيا پهريان پاڻي،
    جن مان چونڊڻ جيتن ڪارڻ پُڄي پَکِي کٽياڻي،
    جنهن جو ٻولڻ ساز وڄي ڄڻ،جڏهن ڪري تنوار،
    ٻنين ۾،
    هُرِلا هلندا نار!

    مند به موٽي ماڳُ پُڳيِ آ، ساجن موٽي آءُ !
    هيڏا سيءَ نه هيکل ڪٽبا، لڳي اتر جو واءُ،
    پَرِوُسِ پريتم!، بي وس بنجي، ڏُٻرا ڪيان آچار،
    ٻنين ۾، هُرِلا هلندا نار!


    ڳاءِ وري اڄ ڳاءِ،

    ڳاءِ وري اڄ ڳاءِ،
    او راڳي!
    ڳاءِ وري اڄ ڳاءِ،
    تنهنجي ڳائڻ ريءَ نه سرندي، هِيءُ هِئين سين لاءِ !

    جھونگاري اُٿُ ڳائج مانجھه، هير وڄائي جنهن سان جانجھه،
    ڪندا سوا گت جنهن جي سانجھه، بيراڳي_من، دلڙي بانجھه،
    کٽ بڻي آ خاڪ جنين جي، تن کي جوڳ جُڳاءِ،
    او راڳي!
    ڳاءِ وري اڄ ڳاءِ،
    تنهنجي ڳائڻ ريءَ نه سرندي هيءُ هئين سين لاءِ !


    جوڀن آ ڄڻ سُڳنڌ گلن جي پن ڇڻ کان سا رَکجانءِ وانجھي،
    سار نه ڪنهن جي صبح ۽ سانجھي، تو کي هير کپي ٿي تازي،
    پيار ننگر آ پيڙائن جو،پير نه اُنَ ۾ پاءِ،
    او راڳي!
    ڳاءِ وري اڄ ڳاءِ،
    تنهنجي ڳائڻ ريءَ نه سرندي، هيءُ هِنئين سين لاءِ !

    ٽهڪن جي موسقي ڇيڙي، سُرَ نڙِيءَ ۾ ميڙي سيڙي،
    آءُ اسان جي هيڪر ويڙهي، پوپٽ سُر جا ڇڏج پکيڙي،
    جوڳ چَئِي پوءِ ڳاءِ پهاڙِي، پُورِيا منجھه پُڄاءِ،
    او راڳي!
    ڳاءِ وري اڄ ڳاءِ،
    تنهنجي ڳائڻ ريءَ نه سرندي هيءُ هئين سين لاءِ !

    وقت پڄاڻا ملڻ ٿيو آ، مون نه ڪُڇِيو ڪجھه تو نه ڪُڇِيو آ،
    حال ته دل جو پو به ڪيو آ، پاڻ به وسري هاڻ وَيو آ،
    سڏڪن جي سنگيت مٿان تون نيڻن نِيرَ نه ناءِ،
    او راڳي!
    ڳاءِ وري اڄ ڳاءِ،
    تنهنجي ڳائڻ ريءَ نه سرندي هيءُ هنئين سين لاءِ !


    سڪ ساڻ اچي ٿي ساڻِي _

    سڪ ساڻ اچي ٿي ساڻِي _
    او شال جواني ماڻِين!

    اَڻَ کُٽُ پِيلا گُلَ سَرِنهن جا، جنهن سان جھومِي اٿيا کيٽ،
    تن تي چٽ تلوريءَ جا ڪي چانڊوڪيءَ ۾ چٽيا چيٽ،
    مَڌُ اچي پِيءُ ماڪُن هاڻي _
    او شال جواني ماڻين!

    واٽ وهائوءَ آهه وتي جا تنهن جي ٿيندي پرهه پڄاڻي،
    پولارن ۾ گلڙن جيِ آ ساري سُتل خوشبوءِ ساڻي،
    رُس نه رسي جيئن رات جي راڻي _
    او شال جواني ماڻين!

    مکڙيون ڏين ٿيون جنم گلن کي، ماڪ چمين نيشاني،
    هوا لڏائي لام وڻن جي لوڏي پينگھا جاني !
    ڇپر وِٿِيُنِ چانڊوڪِي ڇاڻي _
    او شال جواني ماڻين!


    آرس ڀڃندي ٽار وڻن جا هير پئي جھولائي،
    وڻ تي ويٺل پکي انبر جي سُر سان سُر ملائي،
    پٿر ڪري جو پاڻي _
    او شال جواني ماڻين!

    سورجَ _گُلَ ۾ ساهه پئي جيئن، اوشا ديويءَ آئي،
    منهنجي من کي تنهنجي مٺڙا تيئن پئي ياد ستائي،
    اڄ به نه ٿئي ايئن پريت پُڄاڻي _
    او شال جواني ماڻين!

    پوءِ به سُڪِي ۽ ماڪ ڇڏي وئي پنهنجا پيرا ڌنڌ ۾،
    رات بنا جيئن رات جي راڻي آءٌ توهان رِيءَ پنڌ ۾،
    کامي آهيءَ دلڙي کاڻي _
    او شال جواني ماڻين!

    وهي ملڻ ريءَ وهي وئي جي پنهنجو پلھءُ ڇڏائي،
    ڪهڙي ڪَل آ پوءِ اسان جي ڳائي ڪو به نه ڳائي،
    اسان پڄاڻا پريم ڪهاڻي،
    او شال جواني ماڻين!


    ته خوشبوءِ خوب هوا ڦهلائي !

    ته خوشبوءِ خوب هوا ڦهلائي !

    وسي ٿي چانڊوڪيءَ ڦوهار، ٽڙيل هن ڦٽيون ڀي چوڌار،
    جنين تي ٽانڊاڻي چمڪار، ڪَري ٿي اُڀ سان اکيون چار،
    ته خوشبوءِ خوب هوا ڦهلائي !

    ٿيا چپ ڄڻ ته ڪُنگُوءَ جي لام، سڏن پيا پاڻ ڏي پوپٽ جام،
    ورهائن رنگ صبح ۽ شام، ڏين پيا پيار سندا پيغام،
    ته خوشبوءِ خوب هوا ڦهلائي !

    ٺڪر جا ڄڻ ته ٺريل ڪي ٿانوَ، توهان جي پلڪن جوِ ڪئي ڇانو،
    ٿيا هي لمحا تنهنجي نانوَ، اسان جا هيج ڀريا ٿيا هانوَ،
    ته خوشبوءِ خوب هوا ڦهلائي !


    اڪن جون ڦلڙيون ڌوتيون ماڪ ته اڀري رنگ پيا بي باڪ،
    چِڪايا ياد توهان جي چاڪ، پڳي آ هر هنڌ تنهنجي هاڪ،
    ته خوشبوءِ خوب هوا ڦهلائي !

    نڪورا نهٺا تنهنجا نيڻ، ڏين ٿا ماٺ اندر ڀي ويڻ،
    اسان جا روز ازل جا سيڻ، ڀلي پو ڀيٽي ڏس تون ڀيڻ،
    ته خوشبوءِ خوب هوا ڦهلائي !

    ڏسڻ سان تنهنجي سنڌ جي سونهن، مگر هي حملا هن تي هونءَ،
    ڀريل ڄڻ برٿ سان جنهن جي ڀونءِ، ڪري ٿي جڏهن به ڪنهن سان وِرُونهنءَ
    ته خوشبوءِ خوب هوا ڦهلائي !

    اچڻ جا آگم ٿيندا ايئن، ته يادن مينهن به وسندا تيئن،
    اَڇِلِ ڪي آرسَ انڊلٺ جيئن، پيارج پوڄ به اکڙيُن سيئن،
    ته خوشبوءِ خوب هوا ڦهلائي !


    پوهه سُڪايا پَنَ اَڪَنِ جا، جيءُ پيو آ جھورو،

    پوهه سُڪايا پَنَ اَڪَنِ جا، جيءُ پيو آ جھورو،
    تو کي پتو نه کورو!

    توريءَ ساڳ نه ساءُ ڏئي ٿو، ڪنهن سان گڏجي کاوان،
    رائِي ڏيندي پَليِ پُڇي ٿي، ڪنهن جي لئه ٿي ٺاهيان؟
    چِههِ تي سيڪِيَلَ سوڪ ٽڪر کي سيني هوند لڳايان،
    پر، ڇا ڪريان جو تنهنجي ويجھو هاءِ نڀاڳي ناهيان.
    پلال سنديءَ هن پاٿاريءَ تي، پوههَ ڇڏي ڪِيُئي هيڪل ڇورو،
    تو کي پتو نه کورو!

    جنڊ هڻي آ جندڙي لوڏي، ٿي هان پورهيت ٻيلپياڻي،
    آءٌ ٻهاريدار به سونهان، پر جي سڏ سان ٿي پئين ساڻي،
    انگ ڍڪڻ لئه لوئيءَ جو اڌ، اَڌَ اُگھاڙِي آهه نياڻي،
    ڪُڪِڙِ وانگي ڪوڙيِءَ ٻچڙا، سيءَ به ڪئي هان ساڻي،
    لِيڙَ ڪَتيڙي ڇو ٿي آهيان؟ جانيءَ ريءَ نه جُڳائي جورو،
    تو کي پتو نه کورو!


    ڳيڌ به مودي هاڻ نه ڏئي ٿو جھڻ، مکڻ ۾ کوٽ پئي،
    ڏوگاهي جا ڏينهن گذاري، گاهه گسن تي ريٽ رَئي،
    ويلا بک تي اوڙاپاڙا، تن کي سگھبو ڪجھه نه چئي،
    هاءِ جواني! واٽون ڏسندي وارِيءَ مُٺ جيئن وهي وئي،
    ڦالون پاتم، ڪانگ اُڏايم، موٽج تو لئه ڳاتم مورو،
    تو کي پتو نه کورو!

    هڏڪي ڪُوڙي، اک ڦرڻَ ڀي، اڄ ڇو ساک وڃائي ويٺي!
    تو لئه سانڍيم جواني جاني! ڏينهن ازل کان تو سان ڏيٺي!
    مکڙيءَ مان ٿي گل پَئيِ هان پيار اندر جيئن تنهنجي پيٺي!
    اڄ به اچڻ جي اوسيئڙي ۾ چَندَنِ سان مون جندڙي چيٺي !
    چووينهينءَ چَنڊُ چانجوهُيو آ ڳَهَرِيلُ ڳاٽُ لڳي ٿو ڳورو،
    تو کي پتو نه کورو!


    ائين هِيءَ چاندني چوڏس،

    ائين هِيءَ چاندني چوڏس،
    چندرما جي ڇَڻي آئي!

    اڃا ساهن جي سرگم تي، ترانو جھوميو مس هو،
    اڃا سنگيت سڏڪن جي سُرن کي ئي چميو مس هو،
    ته جھمريون خوب پائيندي،
    هوا خوشبوءِ کَڻي آئي!
    ائين هيءَ چاندني چوڏس،
    چندرما جي ڇڻي آئي!

    وکيريل وار سُلجھائي، پَسائي مُکَ پرهه جھڙو،
    نماڻو ڄڻ ته نرمل آ، وڏي ڪُهُني وِرِههَ جھڙو،
    ننڊاکا نيڻ کوليندي،
    وري مون کي وَڻي آئي!
    ائين هيءَ چاندني چوڏس،
    چندرما جي ڇڻي آئي!


    ڏيارن ياد ڏند رابيل، گلابن گھورَ ڳلڙن مان،
    لياڪا سِڪَ پئي پاتا، اسان جي چِيچَ ڇلڙن مان،
    هوا جيئن رات_راڻيءَ مان،
    گھُلي ويتر گھڻي آئي!
    ائين هيءَ چاندني چوڏس،
    چندرما جي ڇڻي آئي!

    نگاهون چنڊ جون ڍنڍ ۾، ڏسن جئن عڪس پنهنجوئي،
    سندءِ سوچون خيالن ۾، ڏسن تئن عڪس پنهنجوئي،
    هوا ڇهندي جسم سارو،
    توهان جي بوءِ بَڻي آئي!
    ائين هيءَ چاندني چوڏس،
    چندرما جي ڇڻي آئي!


    جو سلھاڙي ساهه کي،

    جو سلھاڙي ساهه کي،
    سڪ ساڻ تنهن کي سارجي !

    مدتون مانوس جنهن سان پوءِ ٿي دوري وڃي،
    سا وڌائي سڪ، جنهن سان پريت ٿي پوري وڃي،
    ملڻ ٿئي جي ڪنهن بهاني، حال اوريو ڀي نه ٿئي،
    ٻيو نه جي ڪو وَڙُ ڪجي،
    کلندي رڳو کيڪارجي!

    جي نه قابو آهه ٿيڻو نينهن جي ناتي اندر،
    ڪنهن کي هرکائي ڪجي ڇو دوبدو پوءِ دربدر،
    “ڇو نه آيو ڇا ٿيو ٿس؟” ڪانگ کي دڙڪا ڏجن،
    ڳُوپ ڳالھيون پوءِ ڪري ڇو،
    ڳڻن سان پيو ڳارجي !

    ڇو سواگت صبح صادق جي ٿڌن ساهن سان ٿئي،
    ڇو ڀلا هيءَ ننڊ نيڻن جي نهوڙي ڪو نئي،
    يا ته منهن تي دل لڳيءَ جو حال اوري روئجي،
    رُئڻ روڪي روبرو ڇو،
    لڙڪ لِڪَندي هارجي!

    آ حياتي مختصر ڪهڙي خبر ڪهڙيءَ مهل،
    رَٿُ روانو ٿي وڃي، جنهن کي نه ڪائي جھل نه پل،
    پير پائي پاڻ اچ يا خود گھرائج پاڻ ڏي،
    سڪ_سڙيل کي هيئن نه سونهين،
    منهن_چڙهڻ ريءَ مارجي!


    آءُ بسنتي رُت انهيءَ ۾،

    آءُ بسنتي رُت انهيءَ ۾،
    ماڻيئون هُوندَ اَمُلَ !
    پايل جھڙا پل!

    ٻُور انبن تي ڀئونرن ڀون ڀون، پوپٽ پَرَڄڻ ڇُرَ ڇُرِيَلَ،
    گئونچ وڻن تي پکين ٽوليون، ڄڻ ته ٽنگيل ڪي گجَ ڀريل،
    هير بسنتي هوريان هوريان،
    ڇيڙي گيت غزل!
    پايل جھڙا پل !

    ٿُڙَ انبن جا، ٻگھه اڇيرا پاڻيءَ پاڇو، پوياڙِيءَ مان،
    تاري لاٽ ڪئي آ، وينگس گھوريو اُڀ ڏي واڙِيءَ مان،
    سانگ سڀيئي ڄڻ ته سڏينئي،
    هئه هئه هِن مهل !
    پايل جھڙا پل !

    ٽٽل پکيئڙو ڳولي پنهنجا، ساٿي وڇڙيل ولرمان ڄڻ،
    جنهن کي تو لئه اوڙو پاڙو ڄڻ ته پيو آ واجھائڻ،
    ويرون وچنن واريون وريون،
    ڪريو ڪا ته ڪهل،
    پايل جھڙا پل !

    چيٽي چنڊ جي چادر ويڙهي، وڻ ٽڻ جھومي ڳائن ٿا،
    هير سندي سڀ گل ۽ ٻوٽا پير ۾ پايل پائن ٿا،
    ڇيڄ وجھيو ٿيون ڇيريون ڇمڪن،
    توڏي جيءَ اُٿَلَ !
    پايل جھڙا پل !


    وئي آهه مدت لنگھي پوءِ مس مس،

    وئي آهه مدت لنگھي پوءِ مس مس،
    وري آهه برکا،
    جليا پوءِ به اڌما !

    گلابي مهارن تي رابيل ڏندڙا، گلن هار مکڙي مان جھلڪار ڏين ٿا،
    ۽ گفتار جا هارمونيم ٿي ڇيڙي، ته گفتا سرن جي به ٻهڪار ڏين ٿا،
    انهي سحر ۾ يار راتيون رڱيون سي،
    برهه ۾ ڪي بيباڪ باتيون ڪيون سي،
    مليا پوءِ به صدما،
    جليا پوءِ به اڌما !

    ڀري نيڻ_وٽيون جو مڌ ٿا ورهائن، ته پياڪن جا ڪي ئي ولر پيا اچن،
    سروپي ۽ ساڃهه وٺي سونهن جي، ننگا نينهن نعرا هنيو پيا نچن،
    قدر تن کي قيمت سري سونهن جي،
    جنين ٿَڃُ پيتي ڀليءَ ڀونءِ جي،
    امر ٿيا سي لمحا،
    جليا پوءِ به اڌما !


    نگاهون نگاهن سان ٻکجي وڃن ٿيون،ائين ڄڻ ڪُنڍِيءَ مينهن جي پُورَ ۾،
    ملن ٿيون ميارون ڏکن جا ڏوراپا، ۽ سوَ سوَ سنيها نگھه گھور ۾،
    توهان مڌ پياري، اسان ئي مڃوسون،
    توهان جا مياري، اسان ئي مڃوسون،
    مگر هاءِ جذبا،
    جليا پوءِ به اڌما،

    نه آ پيار جي پوءِ اسان جي وڃڻ سان، اُداسي اوهان تي وڃي ڇانئجي ڇو،
    هو ڪٺور بادل پياسِن بُٺَنِ جي ڏسي زار حالت وڃي رانئجِيِ ٿو،
    اهو پاڻ تي ۽ اسان تي پيارا!
    نه سونهين جبر ٿو اڃا جيءَ جيارا
    سلياسون نه ڏکڙا،
    جليا پوءِ به اڌما،


    خوشبوءِ ڦوڪي ساهه وجھي وڃ،

    خوشبوءِ ڦوڪي ساهه وجھي وڃ،
    ور ور چئي ٿو واءُ،
    ڀلا پوءِ،
    توريءَ ڪهڙو ساءُ .

    ڪوٺاريءَ ۾ سون تپي ٿو ياد ڏياري ڳلڙن جي،
    ڪڪريءَ پاڇي ۾ هيءُ ڪنگو ياد ڏياري چپڙن جي،
    واءُ اتر جو،
    ڦوڪون ڏئي ٿو،
    سوڻ ته چَوَنَئي آءُ،
    ڀلا پوءِ،
    توريءَ ڪهڙو ساءُ .

    پوئين رات ۾ تيرهينءَ جو چنڊ لال سفيدي ٿو ڇاڻي،
    ڄڻ ته چٽائي تنهنجي تن جي مَلِمَلِ چادر وئي تاڻي،
    پکين چهڪا،
    تتر ٽهوڪا،
    تنهنجو آڌرُ ڀاءُ،
    ڀلا پوءِ،
    توريءَ ڪهڙو ساءُ،


    ڏينهن تتيءَ ۾ ڪانگ ڪنڊيءَ تي لاتيون خوب لئين،
    ڪاش سچو ٿي پئي هو جو اڄ تون به اچي جي پئين،
    گھرڙو چمڪي،
    پير جي پائي،
    سامي سج وڙاءُ،
    ڀلا پوءِ،
    توريءَ ڪهڙو ساءُ .

    چوڏس رات جي چانڊوڪيءَ ۾ وڻ ٽڻ جھومي ٿا گھائن،
    پوءِ به تو کي يار ڏسڻ لاءِ ور ور جھاتيون پائن،
    هاءِ چِٽو ٿي،
    جنهن سان پئي هي،
    چوڏهين چنڊ چٽاءُ،
    ڀلا پوءِ،
    توريءَ ڪهڙو ساءُ .


    نه مٽ ڪو به جنهن جو، نه تشبيهه ڪا_

    نه مٽ ڪو به جنهن جو، نه تشبيهه ڪا_
    اها جھلڪ هڪڙِي پريِنءَ جي ته آ .

    سندس منهن پسڻ جو به اعزاز آ،
    ڏِئي ٽهڪ، ڇڙيو ڪوئي ساز آ،
    ۽ مُکَ تي گلن کي به ٿيو ناز آ _
    اها جھلڪ هڪڙي پرينءَ جي ته آ .

    وڻن سان چندرما ٿو رانديون رَهي،
    هوا خوب نياپا کنيون پئي ڪَهِي،
    جھين سان گلن جي ٿي خوشبوءِ ٺهي_
    اها جھلڪ هڪڙي پرينءَ جي ته آ .

    وري چنڊ ڪنهن لئه هنئين آ پڙي،
    اها ڦول مالھا آ ڪنهن لئه کِڙِي،
    پرينءَ پير چمندي رمي راتڙِي _
    اها جھلڪ هڪڙي پرينءَ جي ته آ .


    اهو پاڻ سامهون نظر ٿو اَچي،
    سندس رنگ ۾ جو به رمتو رَچي،
    اهو ٿي ڀڀوتي نگر ۾ نَچي _
    اها جھلڪ هڪڙي پرينءَ جي ته آ.

    نڪو پاڻَ آهي، نه ڪو پاڻَ ناهي،
    نڪو ساڻ آهي، نه ڪو ساڻ ناهي،
    ته پو پاڻُ ڇاهي، ته پو ساڻُ ڇاهي _
    سليندي اهو رازُ ڪي جُڳ ٿيا_
    اها جھلڪ هڪڙي پرينءَ جي ته آ.


    تنهنجي ڳولا ڪارڻ رڻ پٽ جذبن سان مون جھاڳيا،

    تنهنجي ڳولا ڪارڻ رڻ پٽ جذبن سان مون جھاڳيا،
    نيڻ توهان لئه جاڳيا !

    سينهونءَ تي هيءُ گھڙن جا ڇُلڪا،
    من ۾ تنهنجي اچڻ جا اُلڪا،
    سير سڀئي اڄ يار سنوان ٿئي، سؤڻَ به آهن ساڳيا،
    نيڻ توهان لئه جاڳيا !

    ڪانگ مُنِيءَ تي لاتيون لنوندي،
    ساريون تنهنجون ڳالھيون چوندي،
    ياد ڏيارِي تنهنجي جنهن سان، پاڻ به آهيون واڳيا،
    نيڻ توهان لئه جاڳيا !

    کِنوِڻِنِ کِلَندي ڀاڪر پاتا،
    تو لئه نيڻ اسان جا آتا،
    پهرين بُوندَ بَسَنتيِ پئي آ،جذبا جنهن سان جاڳيا،
    نيڻ توهان لئه جاڳيا !

    سانگ اچڻ جا جو ٿيا سارا،
    پنهنجو پاڻ ۾ ناهيان پيارا!
    لڙڪَ_گُلَنِ جي واٽِن ورکا، جن سان رستا راڳيا،
    نيڻ توهان لئه جاڳيا !


    وَيُسِ ڳالھه سمجھي اها پوءِ پرين !

    وَيُسِ ڳالھه سمجھي اها پوءِ پرين !
    سوا تنهنجي جيئڻ جو ناهي سوال !

    ڪڏهن ٽار گل جو ڏٺو ٿئي سُٻَنڌُ،
    مڇيءَ جي رهڻ جو آ پاڻي ئي هنڌ،
    جئين جان ريءَ ڪنهن نه ڪم جو آ ڪنڌ،
    ائين منهنجو تو ساڻ جِياپو پرين !
    سوا تنهنجي جيئڻ جو ناهي سوال !

    هوائن هٿان مون سنيها مُڪَئيِ،
    گھٽائن سان تنهنجي گِلا مون ڪئي،
    ائين گھر مان پيادل ئي نڪران پئي،
    جيئن ئي پڳو تنهنجو نِياپو پرين!
    سوا تنهنجي جيئڻ جو ناهي سوال !

    ڇڏيم جوءِ جاني جدائي ڏِسي،
    پيا نيڻ توريءَ هي بيوس ڦِسيِ،
    سگھان ڪين مائٽن مٽن ڏي چِسي،
    سوا تنهنجي نه آ سڱ ۽ سِياپو پرين !
    سوا تنهنجي جيئڻ جو ناهي سوال !

    ملي مڌ ڏسڻ ساڻ ڄڻ اڻ مئي ڪا،
    يا ساڀيان ها ماڻي ويا سندر سپنا،
    يا رابيل، نرگس ۽ موتيا کڙيا،
    ڏسڻ ساڻ سڀ سور وِيا پو پرين !
    سوا تنهنجي جيئڻ جو ناهي سوال !


    ٻيرن ۾ ڀي ٻير پڪا ٿي،

    ٻيرن ۾ ڀي ٻير پڪا ٿي،
    ڪيڏا ڏينهن وڌا ٿي !

    رُت بسنتي، جوڀن ونتي، ڦوهه جواني ڦاٽي ٿي،
    تو بن قيد ڪڙن کان ڀي وڌ ڏينهن ڏکيرا ڪاٽي ٿي،
    شال جدائي _ دشمن کي ڀي،
    پلئه نه پئي ڪا هِيئَن ساٿي !
    ڪيڏا ڏينهن وڌا ٿي !

    صبح سويرو، سمو ٿڌيرو، ڳُٽُ ڳُٽُ ڳيرو ڳائي ٿو،
    مال وندي هَٿ ڏڌ جي چاڏيِ گھو گھو گھيرو لائي ٿو،
    ڄاڻ مکڻ جا _ چاڻا نڪتا،
    گڏجي کاڌي ڏينهن ٿيا ٿي،
    ڪيڏا ڏينهن وڌا ٿي !

    پنهنجو پاڻ به ڪين وڻي ٿو، ڪرٽون پئي ٿي کاوان ڙي!
    تو ڏي پهچي ڪين سگھان ٿي، اچڻ به توڙي چاهيان ڙي!
    هِيئَن نه ساڙج _ تن کي پاڙج،
    واعدا جيڪي پاڻ ڪيا ٿي،
    ڪيڏا ڏينهن وڌا ٿي !

    مانگ سنڌوريان، سانگ ڪري جي، تانگھه مٽائين تن جي تون،
    واري واڳ وصل جي جيڪر مونجھه گھٽائين من جي تون،
    تن من تاڻي _ اچ هن ڀاڻي،
    پريت سڏي ئي پاڻ پيا ٿي !
    ڪيڏا ڏينهن وڌا ٿي !


    سونهن پسائي لونءَ لڳائي،

    سونهن پسائي لونءَ لڳائي،
    نيڻن نيڻ ملايا !
    وعدا تو نه نڀايا!

    جيءَ کي آٿٿ جاني گھرجي جيتر يار جئان،
    پت رکي وڃ پاڙي اوڙي، مهڻي هاب نه ٿيان،
    توريِءَ ڀوريءَ جھوريِءَ ماريو،
    ساوڻ کائڻ آيا،
    واعدا تو نه نڀايا!

    جانيءَ هوندي جوءِ جياري، تنهن کي ساري ساهه،
    موسم ۾ مهڪار نٿي ٿئي، ناهه چمن ۾ چاهه،
    ڪو به نه ناتو هوتَ بنا تو،
    لايا ٿيا نه سجايا،
    واعدا تو نه نڀايا!

    رُوءِ نه تنهنجي جاني جڳ ۾، ڪنهن سان دل بهلايان .
    چيز نه ڪائي چين ڏئي ٿي، ڪنهن سان حال ونڊايان،
    سار مَنجھاران يار اسان ها،
    نير به نيڻن نايا !
    واعدا تو نه نڀايا!

    موٽ ڪيو ڪا گھوٽ اڱڻ ٿي، چوٽ سهڻ ڀي ناهه،
    وس ڪري ۽ رَسُ اچي پَئيِ گَسَ نهاريان هاءِ،
    آتي جھاتي پاتي تو لئه،
    وڻ ٽڻ مون واجھايا !
    واعدا تو نه نڀايا!


    لڙڪن جي، جو ٻولي سمجھي،

    لڙڪن جي، جو ٻولي سمجھي،
    سڏڪن مان جو ڳالھه ڪڍي،
    ان جي اڳيان ڪهڙي ڳالھه،
    باقي اوريون ڪهڙو حالُ !

    ڪڪر ٿيڻ مان سڀڪو سمجھي مينهن وسڻ ٿو چاهي،
    انڊلٺ معنيٰ مينهن وسي ۽ اوڪاڻي ويو آهي،
    موجون ماڻن ماڻهو مالُ !
    باقي اوريون ڪهڙو حالُ !

    ڪانگ لنوڻ سان سانگ سڄڻ جو ٿيڻو سمجھه ته آهي،
    اڻ تڻ سرجي ڄڻ ته اچڻ جا ڏس ڏئي جو چاهي،
    نيٺ ڀلائي ٿيندو ڀالُ !
    باقي اوريون ڪهڙو حالُ !

    هِڏڪيءَ ياد ڏياريو هاڻي، ياد ڪيو ٿن ڀانءِ،
    ڪانگ لنوڻ تي، ياد به تو کي ايندي هوندي مانءِ،
    ڄاڻ لٿو هي جيءُ جنجالُ !
    باقي اوريون ڪهڙو حالُ !

    اک ڦرڻ تي آس لڳائي ساهه اُڪَنڊَ جو ٿئي ٿي،
    پوءِ هي ساهيڙين جي آٿٿ تسلي ڪا نه ڏئي ٿي،
    پورو ٿيڻ تي ٿيو آ سالُ !
    باقي اوريون ڪهڙو حالُ !


    باهه وڇوڙا شال لَڳيئي، جان جدائي کائي،

    باهه وڇوڙا شال لَڳيئي، جان جدائي کائي،
    ساجن !
    تو ريءَ سارَ ستائي !

    هوءَ ڇُڳي انگورن جي جيان ڪتي کِڙيِ آ اُڀ مٿان،
    جھرڻي ۾ ٿيون کيڏن مڇيون عڪس جنهن جي سان،
    ڪنول کڙي ۽ وچ ٻنهي ۾ جھمِرِيون ٿو پائي،
    ساجن !
    تو ريءَ سارَ ستائي !

    پکي وڃي ٿو پر ڦڙڪايون پنهنجي ساٿين پويان،
    آءٌ به تنهنجي ڳولا ۾ ئي خيال پئي ٿي کويان،
    گھر پرائو پئي ٿي ڀانيان، کٽ به پئي ٿي کائي،
    ساجن !
    تو ريءَ سارَ ستائي !

    پهريان دَسَ هنيا جو ڪڪڙن ساهه ٿڌا ٿي ڀريان،
    سپنن سان سڀ موجون ماڻن ڪارون آءٌ ڪريان،
    گھيرٽ پويان گھيرٽ ۾ ڪو گھايل دلڙي گھائي،
    ساجن !
    تو ريءَ سارَ ستائي !

    چيهي چُڻڪي تانگھه وڌائي، رَٿ پرهه تي آءُ،
    ماڪ منجھان را منهنڙو ڌوئي گلڙن مان وٺ ساءُ،
    اُلڪا، اُڊڪا، اوسيئڙا ڏئي، چين وئين چورائي،
    ساجن !
    تو ريءَ سارَ ستائي !


    لنوءَ توهان سان ساجن لائِي،

    لنوءَ توهان سان ساجن لائِي،
    ساهن ۾ سرهاڻ سمائيِ !

    ڪينجھر ۾ جيئن ڪنول ٺهي ٿو،
    ڪو به نه ان جو بدل ٿئي ٿو،
    ڏوران اهڙو ڏيک ڏئي ٿو،
    مئي جو پيالو جھمريون پائي!
    ساهن ۾ سرهاڻ سمائي !

    ناوءَ پري کان آڙي ڀاسي،
    آب کجيءَ جي تاڙي ڀاسي،
    تنهن تي جھڙ جي ساڙهي ڀاسي،
    منظر من ۾ موج مَچائي !
    ساهن ۾ سرهاڻ سمائي !


    ڇال مڇين جا پاڻيءَ ڇر تي،
    تجلا ڏين ٿيون ساري سَرَ تي،
    کوڙ ميارون آهن وَرَ تي،
    ڪهل نه جنهن کي تِرجي آئي !
    ساهن ۾ سرهاڻ سمائي !

    ڇا ته گھڙيليون ڪينجھر ڪپ تي،
    ڳالھه ملڻ جي تو سان چپ تي،
    گھڙا رکي ۽ ويهي گپ تي،
    سُر ۾ سينڍ وڄائي !
    ساهن ۾ سرهاڻ سمائي !

    اهڙي تو لئه ٿي هان آتي،
    جو نه وڻي ٿي هاڻ حياتي،
    تنهنجي قرب جي ڪنڌ تي ڪاتي،
    مون آ پيڙا پل پل پائي !
    ساهن ۾ سرهاڻ سمائي !


    موسم ميڙ مُڪي ٿئي مٺڙا! ٻير اچي ٻيرين جا ڇاڻ،

    موسم ميڙ مُڪي ٿئي مٺڙا! ٻير اچي ٻيرين جا ڇاڻ،
    ته پوءِ جيئن ٿئي ڪا روح رهاڻ !

    ڪڪري اڀ ۾ جھمريون هڻندي،
    خوب ٺهي ٿي وکڙون کڻندي،
    اوسيئڙو ٿي بٺَ کي ويندو آهي مينهن وسڻ جي ڪاڻ،
    ته پوءِ جيئن ٿئي ڪا روح رهاڻ !

    مينهن ڪڻين ڦوهار ڪئي جي،
    واهوندن ولھار ڪئي جي،
    پوءِ ته پسگردائي پهچي ڪانڀ ڪچهرين موجون ماڻ،
    ته پوءِ جيئن ٿئي ڪا روح رهاڻ !

    آزيون نيازيون هاڻ ڪريان ٿي،
    من جون موجون ماڻ چوان ٿي،
    معاف انهي کي يار کڻي ڪر مون ۾ جيڪا آهي ڪاڻ،
    ته پوءِ جيئن ٿئي ڪا روح رهاڻ !

    هيل بسنتي رُت ۾ سرچي،
    موٽي پئين جي پاڻ ئي پرچي،
    پارت ٿئي جو پرچائي ۽ پريت پرينءَ کي ڪوٺي آڻ،
    ته پوءِ جيئن ٿئي ڪا روح رهاڻ !

    ساهه مٿان ڪو ناهه ڀروسو،
    ڪهڙي ڪل ڪو ڪيسين جيئندو،
    دير گھڻي ٿي وئي آ جاني! هاڻي پنهنجي پار پلاڻ،
    ته پوءِ جيئن ٿئي ڪا روح رهاڻ !


    ساهه وري اڄ تو کي ساريو،

    ساهه وري اڄ تو کي ساريو،
    ساجن وعدا هيل ته پاريو !

    ڄانڀي جي ڦولار مٿان آ چانڊوڪيءَ ۾ تلور نچيو،
    ڄاڻي واڻي ڄڀيءَ مٿان آ پاڻهي ڄاڻهين پتنگ پچيو،
    ٽار وڻن سان ڀاڪر پائي پيار ڪري ٿي هير اچيو،
    کوٽ نظاري ان ۾ تنهنجي هاءِ وجھي ٿي ماريو،
    ساجن وعدا هيل ته پاريو !

    ڪڻڪون آڀونءَ جي لئه آتيون، جھار پئي ٿي جھوتون پائي،
    ان تي سر سهائي آئي کانڀاڻيءَ جو ڌڪ لَنوائي،
    سانگ سڀئي پيا يار سڏينئي ور ور سان واجھائي،
    سمي انهيءَ ۾ سچ پو سائين ٽاڻو هيئن نه ٽاريو،
    ساجن وعدا هيل ته پاريو !

    موسم جو ڪو قدر ڪيو ۽ وهيءَ مٿان ويچار ڪيو،
    پيار پڪارئي پريتم ان کان هيئن نه ڪن لاٽار ڪيو،
    جنهن جو جيئڻ تو سان سونهين، ڇني نه تنهن کي ڌار ڪيو،
    ڪَتِيءَ نه ملئين، چيٽ اندر ئي چار گھڙيون گڏ گھاريو،
    ساجن وعدا هيل ته پاريو !

    ويڙهو منهنجو وري وسائج دير نه ڪر ۽ ساجھر آءُ،
    پاڻ ئي ڀرجي ويندو جيڪو دل کي رسيو آ هي گھاءُ،
    ٻُنڀو وَڃُ ٻهڪائي منهنجو ڪري چئونري ۾ ڪو چاءُ،
    ڏينهن کان جو آهه اُجھاڻل، ڏيئو هاڻ ته ٻاريو،
    ساجن وعدا هيل ته پاريو !


    ايڏيون گھاريون وجھو نه گھوٽ،

    ايڏيون گھاريون وجھو نه گھوٽ،
    او ساجن !
    هاڻ سگھو ڪر موٽ !

    سائو آهي فصل ڪڻڪ جو ٽڪون مٿانئس ٽانڊاڻا،
    ماکيءَ مکيون، ڀونئرا، پوپٽ ان ڏي اچن اُڏاڻا،
    محبت جي ماحول انهي ۾ تنهنجي کائي کوٽ،
    او ساجن !
    هاڻ سگھو ڪر موٽ !

    اکين اڻيون موتين ڪڻيون ڏند ته ڄڻ رابيل کڙن،
    گھوري گھائن جيئن ئي تن سان مدت پڄاڻا ميل ٿين،
    بيوس ساهه بدن ڇڏي ويو، چريو ڪيو آ چوٽ،
    او ساجن !
    هاڻ سگھو ڪر موٽ !

    ٻير، ڦريون ۽ ڦوٽا اُڪِريا، ڪڻڪن آڀون تو کي سارن،
    ڦالون پايان مورو ڳايان، نيڻ وڇايان تنهنجي چارن،
    ور ور ڪانگ اڏايم تو ڏي، ملي نه ڪا ئي موٽ،
    او ساجن !
    هاڻ سگھو ڪر موٽ !

    جاني تو سان جيءُ لڳائي ڪڏهن نه سنڀران سک جو ساهه،
    موسم ڦرندي تنهنجي ملڻ لئه پيو پڪاري پل پل چاهه،
    موٽيون اکڙيون ماڳ ڏسي ۽ ڪنڌيون نهاري ڪوٽ،
    او ساجن !
    هاڻ سگھو ڪر موٽ !


    تو کي پڪاري پيار ٿو هاڻي ته ڪر اچڻ جي !

    تو کي پڪاري پيار ٿو هاڻي ته ڪر اچڻ جي !

    تنهنجي وئي پڄاڻان، مون سان ته ٿي آ ڏاڍي،
    هاڻي رهي نه طاقت، صدما اڃا سهڻ جي،
    ٻيرين آ مند پچڻ جي،
    هاڻي ته ڪر اچڻ جي !

    ڳڻتين جا ڳوٺ بڻيا، اُڌمن جا اٺسٺا ٿيا،
    سورن جا سو بهانا، تياري آ مچ مچڻ جي،
    سگھه نه آ رهي بچڻ جي،
    هاڻي ته ڪر اچڻ جي !

    تنهنجي ٻڌي اچڻ جو ماپان نه پاڻ ۾ ٿي،
    ڪر ماڙ هن مُٺيءَ تي، جيڪا به ٿئي جچڻ جي،
    نورا ٻڌي نچڻ جي،
    هاڻي ته ڪر اچڻ جي !

    منڙو اداس آهي، ان کي نه آزمايو،
    رهي سُڪت ناهه مون ۾، گوندر اندر گچڻ جي،
    رنگ ۾ اِئين رچڻ جي،
    هاڻي ته ڪر اچڻ جي !


    ڏک ۾ ٿي ڏيل ڏاريان _نيڻن جا ديپ ٻاريان!

    ڏک ۾ ٿي ڏيل ڏاريان _نيڻن جا ديپ ٻاريان!

    تنهنجون نهاري واٽون، نيڻن سان دڳ ٻهاريان،
    ان آس تي ته ايندين،
    ۽ منٿ تون مڃيندين،
    توکي پئي ٿي ساريان _نيڻن جا ديپ ٻاريان!

    ويسهه ڪري وچن جو، واٽون پئي نهاريان،
    ڪنڊين ۾ ٻور کڙيا،
    جن تي مکا به مڙيا،
    تو تان وجود واريان _نيڻن جا ديپ ٻاريان!

    توريءَ ٿيو سال پورو، گھر ۾ مان ڪِيئن گھاريان،
    اُلڪا اندر ٿا کائن،
    تنهنجا وچن ستائن،
    هئه هئه هنجون ٿي هاريان _نيڻن جا ديپ ٻاريان!

    ڪنهن کي نه ڪَلَ ته ڪيئن مان ٽَرسِڪي ۽ ٽاڻا ٽاريان،
    منڙو نه ٿو مڃي ڙي !
    ساکون ڏيان ٿي توڙي،
    پرين کي پئي پڪاريان _نيڻن جا ديپ ٻاريان!

    نت نت توهان کي نئين سِر سڪ سان پئي سنڀاريان،
    جيءُ جاءِ ناهي تو ري،
    گس گس تان پاڻ گھوري،
    واٽن تي آءٌ ٿي واريان _نيڻن جا ديپ ٻاريان!


    هنجون دل پڇي ٿي ته هاريان به ڪيئن،

    هنجون دل پڇي ٿي ته هاريان به ڪيئن،
    هتي تو بنا چئه گذاريان به ڪيئن !

    سهيلين ڪيو آ اچڻ جو انگل،
    جواني کڙي ۽ ڪيو آهه ڀَلُ،
    نچي ٿو پيو پيار ۾ پل پل،
    مگر آهه منڙو هي تو ريءَ ٿڪل _ انهيءَ کي ڀلا مان ڌُتاريان به ڪيئن،
    هتي تو بنا چئه گذاريان به ڪيئن !

    رهي تو طرف ٿو سدا ساهه تنگُ،
    اُڻھئي اندر مان اٿي ٿو اُمنگ،
    جيئڻ جو نه مون ۾ رهيو آهي ڍنگ،
    تڏهن ڀي ته تنهنجو ئي آهيان مان ننگ _ اڳيان ٻين تو کي سنڀاريان به ڪيئن،
    هتي تو بنا چئه گذاريان به ڪيئن !

    چيو چِتُ به منهنجو نه ٿو هي ڪري،
    جڏهن کان ٿيو آهين ان کان پري،
    جيئڻ جنهنجو تو سان ۽ تو سان مري،
    انهي کي ڪڏهن يار لايو ڳري _ نه ٿو جيڪو ريجھي، روئاريان به ڪيئن،
    هتي تو بنا چئه گذاريان به ڪيئن !

    ڪري ڏاڍ مڙسي نه منٿون مڃي،
    ٿي وَهَلُوُر هيئنڙو هٿن مان وڃي،
    رکيو ساهه آرو آ تو ڏي سڃين،
    هنيون ناهي ٻالڪ جو ڀيرو ڀڃي _ انهي کي ڏئي ٽول ٽاريان به ڪيئن،
    هتي تو بنا چئه گذاريان به ڪيئن !


    جھين تي سوين سج اڀري لٿا،

    جھين تي سوين سج اڀري لٿا،
    انهيءَ تي ته ساري خدائي کُٽِيِ !

    پئي ٻانهن جي لوڏ ڪيڏيِ ٺهي،
    جھين ساڻ ساعت به پئي لک لھي،
    اُڪنڍ ٿي اندر ۾ جھين جي رهي،
    تهين ساڻ ليکا به ڪهڙا ڪبا،
    انهيءَ تي ته ساري خدائي کُٽِيِ !

    اندر ۾ وجھي جھير ٿي سڪ سوين،
    پرين کان اچي ڪانگ جڏهين لنوين،
    مٺا! منٿ تي ڀي جي پرچي پوين،
    ٻُڏِيءَ جا به ٻيڻا ٿي ڄڻ ڪي پيا،
    انهيءَ تي ته ساري خدائي کُٽِيِ !

    نه ماڻهو مُڪُئيءُ ۽ نه ڪو پاڻ آئين،
    اڃا ڇو اسان کي پيو آزمائين،
    نه ڪو ئي ڇڏينءِ ٿو، نه ڪوئي نڀائين،
    اسان توکي ارپي ڇڏي زندگي آ،
    انهيءَ تي ته ساري خدائي کُٽِيِ !

    ٻنين مان وئي پوک سايون نه ٿيون،
    توهان ريءَ ڪنهن ڪم جون مايون نه ٿيون،
    ڀٽائيءَ جون وايون به ڳايون نه ٿيون،
    رهياسي نه روحن نه جسمن سندا،
    انهيءَ تي ته ساري خدائي کُٽِيِ !


    بسنت اندر جيئن هر شيءَ ٻُوري،

    بسنت اندر جيئن هر شيءَ ٻُوري،
    ياد توهان جي ائين اچي ٿي !

    کلڻ نه ٿو ڏئي خيال توهان ريءَ،
    مونجھو من، ملال توهان ريءَ،
    ڪو نه رهيو آ حال توهان ريءَ،
    پريت جي پيڙا سڪ جي سوري، جان جلائي جذبن کوري،
    ياد توهان جي ائين اچي ٿي !

    ايڏو ڇا لئه دور هليو وئين،
    ڪڪرن رٿ جي پور هليو وئين،
    جيءُ ڪري وهلور هليو وئين،
    رهجي ويئي ڳالھه اڌوري، جا نه اڃا ڪئي هئي سين پوري،
    ياد توهان جي ائين اچي ٿي !

    ڄڻ ته مليو هئين خوابن ۾ ئي،
    ڌنڌلي ياد اچي ٿي پيئي،
    ڏکين گھڙيُنِ ۾ ساٿ ڏنيئي،
    پر ڇو کيڏئين اکر نه ڀوري، رهجي ويئي سڪ سموري،
    ياد توهان جي ائين اچي ٿي !

    ملڻ نه ٿو ٿئي، تون ته هجين هان،
    جنهن جي دم سان جيئان پئي مان،
    تو کان پو، هت ڪنهن جي سڏجان !؟
    دل کي ڀانءِ نه پئي ٿي دوري، سهپ اڳيئي پوري سوري،
    ياد توهان جي ائين اچي ٿي !


    ڳائي ڪوئي راڳ بِهاڳ،

    ڳائي ڪوئي راڳ بِهاڳ،
    من کي آڇي ڄڻ ويراڳ !

    ڪاٿي هوندين، ڪنهن جو هوندين، منهنجي ياد ته هُرَندي هوندئي،
    سُڏڪا ڏيندي، ڦٿڪيون پائي، دل جي ڪُنڊ ۾ ڪُرَندي هوندئي،
    جذبن جي جھنجھوڙ ٿيڻ تي جان به جاني جھرَندي هوندئي،
    تڏهين دل ڀي گھرَندي هوندئي،
    مون سان چانڊوڪيءَ ۾ چاڳ !

    ماڪ ڊُڪي ۽ موتِئي مُکَ تي چاهه چمين جي چوٽ ڪري ٿي،
    منهنجي من ريءَ ايڏو پرتي تنهنجي پوءِ ڪيئن ساهه سري ٿي،
    راتيون جاڳي ننڊ ڦٽايم، ٽيهين رات به هاڻ ٽري ٿي،
    دل ۾ ان لئه باهه ٻري ٿي،
    ڇو نه آلاپيَئين روڳن راڳ !

    ساوا تارا، ڍور ڊُڪي ۽ چمي ٿو ڦر کي اچي جئين،
    ماناري تي ماکيءَ جي مک اُڏندي ڪڏندي هاءِ نچي جئين،
    ساز سُرن ۾ ڳائيندڙ جو آواز وڃي ٿو رچي جئين،
    مون کان پڇين ٿو سچي جئين،
    تو سان واڳيل ائين آ ڀاڳ !

    مند تي جھولا، مند تي پارا، مند تي مهڪي ماڳ پوي ٿو،
    مند مَٽي نه آ ڪنهن به انهن مان، مند تي موٽي ساڳ پوي ٿو،
    مند تي چيٽ، ڪَتِي ٻئي موٽيا، مند تي ڦڳڻ، ڦاڳ پوي ٿو،
    تو سان موٽي ڀاڳ پوي ٿو،
    تون به ته مند سان جاڳ !


    مون کان مور نٿي وسري ئي مند اها مڌ ماتي،

    مون کان مور نٿي وسري ئي مند اها مڌ ماتي،
    تو سان آهه حياتي !

    لال ڳٽول ڳلن مان ڇو اڄ هُڙٻاٺيون بنجي آهن ويئون،
    ابرڪ تجلا اڳ ها تن ۾ ڇا لئه ڇالون پيئون،
    جواني تنهن آ ڪاڏي نيئي، جنهن لئه دلڙي آتي،
    تو سان آهه حياتي !

    ڳُنڌيل وار ڳٽيِوِن ٿي پيا هن جن ۾ چمڪ نه ڌمڪ رهي آ،
    ٻُسن ڪنن ۽ نڪ ٻُسي سان وِهه وئي بنجي ڄڻ ته وهي آ،
    پار نهاريان تنهنجي پيئي، هر هر پائي جھاتي،
    تو سان آهه حياتي !

    مسڪينيءَ کي موت لڳي شل جنهن هي ويڌن ويل ڪيا هن،
    اڻپورا ارمان ۽ آسون، ويا ڪل بنجي هيل پيا هن،
    وِڄا سموري مون کان ويئي، طلب هئي مون تاتي،
    تو سان آهه حياتي !

    پوءِ به سورَ توهان جا سانڍي دانُ گھرڻ تو در تان چاهيان،
    آءُ ازالو ڪرڻ انهي جو تنهنجي در تي آئي آهيان،
    ڳالھيون هلنديون هونءَ گھڻيئي، ڳالھه توهان جي ڳاتي،
    تو سان آهه حياتي !

    تنهنجون ساڳيون جولانيون مان آڻڻ جي لئه آهيان آتو،
    پوءِ ڪشالا سارا ڪڍندس جيڪي منهن ۾ آيا ماتو،
    قرب ڪري تو مون سان ڪيئن، لونءَ آ ساجن لاتي،
    تو سان آهه حياتي !


    چنڊ دريءَ مان هاڻ نهاري ڳالھه ڪئي آ، تنهنجي ڪن ۾،

    چنڊ دريءَ مان هاڻ نهاري ڳالھه ڪئي آ، تنهنجي ڪن ۾،
    تڙپ وڌي ٿي تن ۾ !

    ڌڻ ورائي واڙي اندر کَڙَهُون ٻُوٽي ڇڏيون سي،
    پاڙي اوڙي پهون ملائي ڇيڪ چرڻ لاءِ گڏيون سي،
    ڦرڙن ڇوڙي ڇانگون ڇن ۾،
    تڙپ وڌي ٿي تن ۾ !

    موسم مهڻا مون کي ڏئي ٿي،لوڪ به مهڻا ڏيندو،
    ڌوم مچائي واءَ ڇڏي آ، شايد اڄ هو ايندو،
    موج اچي وئي آهي من ۾،
    تڙپ وڌي ٿي تن ۾ !

    آپي ۾ من ڪين اچي ٿو پاڻ به گھوري ور تان،
    جڏهن تياري اکين ڏٺائين گھمَندي ان جي گھر تان،
    کوءِ ۾ ڀرجي ويئي کن ۾،
    تڙپ وڌي ٿي تن ۾ !

    واءَ نياپا اهڙا آندا جوءِ بڻي پئي مستاني،
    سانگ سجايا سارا ٿيندا،آءُ ته هلي او جاني!
    پريت پچارون پيئون پن ۾،
    تڙپ وڌي ٿي تن ۾ !

    توسان رشتو، تو سان ناتو، تو سان سنڱ ۽ سياڪا،
    تنهنجي ڳولا، تنهنجون ڳالھيون، واءَ مان سڏنئين واڪا،
    هوءَ جا بين وڄي ٿي بن ۾،
    تڙپ وڌي ٿي تن ۾ !


    جئين سانگ ساوڻ ڪري ٿا نچن،

    جئين سانگ ساوڻ ڪري ٿا نچن،
    اڪيرون اوهيرا ڪري ٿيون اچن!

    پکي لام تان پيو پڪارون ڪري، جھين جي نه ساجن سوا ڄڻ سري،
    ڏريو ڏيل جنهن جو پيو ٿو ڏري. ٿڌا ساهه پيو ٿو هوا ۾ ڀري،
    اڪيرون اوهيرا ڪري ٿيون اچن!

    ڪڪرُ لڙڪ لاڙي ۽ ڀٽڪي پيو، وَسيِ بر مٿان ۽ وسونءَ ڏي ويو،
    چيو دل جو شايد، انهي جي نه ڪيو، سڄي رات رڻ ۾ ئي رُلندو رهيو،
    اڪيرون اوهيرا ڪري ٿيون اچن!
    جٽائون ڇڏيون رات ڇوڙي ائين ، ڀڀوتي بدن کي جئين ناهن نئين،
    اڃا ڀي پيو ڏک انهن کي ڏئين، خبر ناهه خوش ڇا منجھان ٿو ٿئين،
    اڪيرون اوهيرا ڪري ٿيون اچن!

    اسان جي اڱڻ تي ڪڏهن يار ايندين، خوشيءَ سان کڻي پاڻ سان گڏ گڏيندين،
    گڏڻ جي پڄاڻان نه ڪڏهن ڇڏيندين. اها منٿ هڪڙي ئي منهنجي منڃيندين،
    اڪيرون اوهيرا ڪري ٿيون اچن!

    پتڻ پار پوڪار پولار ۾ آ، سڄو ڏيهه واڳيو سندءِ سار ۾ آ،
    اڃان سج به ٿيو مس ئي اوڀار ۾ آ، اسان جو ٽنگيو من سندءِ پار ۾ آ،
    اڪيرون اوهيرا ڪري ٿيون اچن!
    ڪئي شام رنگت ڪُنگوُءَ لام آ، وٺي بوند هر ڪنهن گسين گام آ،
    هوا جي نشيلو ڪيو جام آ، توهان جي اچڻ جي ملي مام آ،
    اڪيرون اوهيرا ڪري ٿيون اچن!


    ملڻ سان موٽ محبت جي، اهي رائل ۽ مائل ٿيا،

    ملڻ سان موٽ محبت جي، اهي رائل ۽ مائل ٿيا،
    انهيءَ کان پوءِ هي اڌما وري، ٻيهر به گھائل ٿيا!

    ٻڌي آمد سندا افواهه، ٽڙيا رابيل راهن سان،
    نڇاور سج ڪيا ڪرڻا، مٿان نازڪ نگاهن سان،
    اسان ڀي آجيان جي لئه، اچي پهتاسين آهُن سان،
    ملي نه آ موٽ موچاري، نه ڪو ئي منهن مقابل ٿيا،
    انهيءَ کان پوءِ هي اڌما وري، ٻيهر به گھائل ٿيا!

    نگھه جي گھور هڪڙيءَ سان نشا سڀ ويا سَرُ ٿي،
    اسان سان پيار ۾ پيارا وئي اهڙي ته آ پَر ٿي،
    وتان تنهنجي اڳيان ڦرندي گھمان توڙي پنهنجي گھر ٿي،
    توهان جي پيار کي پوڄي ۽ جذبا تو ڏي مائل ٿيا،
    انهيءَ کان پوءِ هي اڌما وري، ٻيهر به گھائل ٿيا!

    جڏهن کان يار جلون کي، ڪري ماٺو هليو آن ويو،
    تڏهن کان تڙپ پيدا ٿي، پسڻ خاطر ٿيو جياپو،
    مرڻ جيئڻ جي وچ وارو، اسان جو حال آهي ٿيو،
    پچي پِڙَ مان، ڪرب ڪاٽي، توهان جي قرب قابل ٿيا،
    انهي کان پوءِ هي اڌما وري، ٻيهر به گھائل ٿيا!

    ٿيو جي پيار، پو ڇا هي، پري رهندي به جيئبو پيو،
    وري مينهن جي مند ۾ گڏ، ڀري ۽ پوڄ پيئبو پيو،
    ڪري ٿاڪن مٿان ٿاڻا، وري ويجھو به ٿيئبو پيو،
    سڄي هن بحث کان پو مس، وڃي توساڻ قائل ٿيا،
    انهيءَ کان پوءِ هي اڌما وري ٻيهر نه گھائل ٿيا!


    توسوا آ، تات تايو، تَرُ کڻي،

    توسوا آ، تات تايو، تَرُ کڻي،
    هاڻ، ساجن وَرُ کڻي !

    ڊيل جي هيءَ دانهن، مورن ناچ ٿو ساري سمون،
    مينهن جي سا مند ساري ڏٿ ۽ ڏونرا، ڄمون،
    تئين تنهنجي يار موٽڻ جو ٿيو آ تن تمو،
    پنڌ تنهنجا پئي نهاريان ڪَرُ کڻي،
    هاڻ ساجن ور کڻي !

    ڪوڪ ڪوئل جي لڳي واڪو اوهان جي ووڙ ۾،
    جيئن پاڻيءَ گھرج بکندي آ، هرڻ جي ڊوڙ ۾،
    تانگھه تاڙي جي تنوارن جي گگن جي گوڙ ۾،
    آءُ ته تو تان، هوند گھوريان، گھر کڻي،
    هاڻ ساجن ور کڻي !

    مند گلابي ويس پاتا، سڳند جي سينگار سان،
    ڳهه ٻڌا ٽيڙوءَ ڪتيءَ ڀي، انبر جي رخسار سان،
    تازگي تن ۾ ڀري آ، ماڪ جي ڇٽڪار سان،
    پرهه ڇيڙيا سُرَ سمورا، پَرُ کڻي،
    هاڻ ساجن ور کڻي !

    چاندنيءَ ڪرڻن ڪئي ورکا پئي واٽن مٿان،
    موٽ مينديءَ ڏار کي، آهي ملي ان جي هٿان،
    ساٿ ۾ سينگاريل هر شئي ٺهي ٿي پئي سٿان،
    تنهنجي واسيو آ، سڳندين سَرُ کڻي،
    هاڻ ساجن ور کڻي !


    اهو وقت ايندو، نه هئي سوچ ڌارا،

    اهو وقت ايندو، نه هئي سوچ ڌارا،
    اهو وقت ايندو!

    اڃا مور ٽهڪن، اهو ڪيئن ٿيندو،
    اڃا ٻول ٻهڪن، اهو ڪيئن ٿيندو،
    اڃا مُکَ مهڪن، اهو ڪيئن ٿيندو،
    اهو ڪيئن ٿيندو، توهان بن او پيارا!
    اهو ڪيئن ٿيندو!

    جياپو توهان رِيءَ پيو ڏُک ئي ڏيندو،
    سڄڻ، ساهه ساري پيو ڏک ئي ڏيندو،
    هنجون هيئنڙو هاري پيو ڏک ئي ڏيندو،
    پيو ڏک ئي ڏيندو، ڏسي من نظارا،
    پيو ڏک ئي ڏيندو!

    ڦٽائي سڄو ڀاڳ پوءِ ننڊ نيندو،
    اسان جي اهو راڳ پوءِ ننڊ نيندو،
    توهان ريءَ مٺا ماڳ پوءِ ننڊ نيندو،
    پوءِ ننڊ به نيندو، ڏسي چاهه چارا،
    پوءِ ننڊ نيندو !

    هليو يار توري ائين ساهه ويندو،
    ڪوئي چنگ چوري ائين ساهه ويندو،
    مٿان تنهنجي گھوري ائين ساهه ويندو،
    ائين ساهه ويندو، جئين صبح تارا،
    ائين ساهه ويندو !


    هي ٿوهر گلن جو رتو رنگ ڏسي _ پيو من ڦسي آ سڄڻ تو سوا،

    هي ٿوهر گلن جو رتو رنگ ڏسي _ پيو من ڦسي آ سڄڻ تو سوا،
    سو تنهنجي اچڻ جا پِروُن ٿي پيا !

    سَنِدي ماڪ ورکا آ، موتين جيان _ بڻي، جنهن سان برکا آ، جوتيُنِ جيان،
    جھين کي ڏسي، سڀ ڪو سمجھي سگھي، تنهنجي آمد سندي،آهه موسم اها،
    سو تنهنجي اچڻ جا پِروُن ٿي پيا !

    هي ويسهه وِسُوڙل هنيئون پيو ڀَڄيِ _ ويس آءٌ واٽون نهاري وَڄيِ،
    نه ڪي اڄ به آئين اڱڻ هي ٺلھا، اندر پيا ايذائن وڌي وِسِوِسا،
    سو تنهنجي اچڻ جا پِروُن ٿي پيا !

    لنوين ڪانگ لاتيون وڄايو ڇڏي _ هي تاڙنِ تنوارون اسان جي تڏي،
    ڪيا سانگ سارنگ ۽ کنوڻيون کِنوَن _ ٿيا سال ڪيئي جو،تو کان سوا،
    سو تنهنجي اچڻ جا پِروُن ٿي پيا !

    ٿي هڏڪي ٿئي ۽ ڦَرِيو اک ڦَري _ ٽُڪَرَ ڀور کانوان ته، هٿ مان ڪري،
    ڏئي کڙهه کڙڪو پرينءَ جو پتو، ڪريان ننڊ خوابن مان ڇرڪي اٿان،
    سو تنهنجي اچڻ جا پِروُن ٿي پيا !

    سڱر سوڪ سيڪي ٿي تو لئه رکان _ ذرو جھڻ نه تو ريءَ ٿي مورئون چکان،
    دلن ۾ ڀري جيڪو پاڻي رکيم، اهو يَخ ٺري ڳڱ ٿي پيو مٺا !
    سو تنهنجي اچڻ جا پِروُن ٿي پيا !


    رُتيون رات ڪوئل جئين ڳاتڙيون،

    رُتيون رات ڪوئل جئين ڳاتڙيون،
    مون کي سانڀر ۾ پهريون هُريون باتڙيون!

    ڪُنگُوءَ جيئن لڏن پيا لَيُنِ لامَ ۾،
    تِئين سار گذري ويل شامَ ۾،
    نگاهون سڏن پاڻ ڏي جام ۾،
    ڇا ته آهي مزو ان تَڙَپَ، کام ۾،
    مان به ڪنهن لاءِ جاڳي تڪيان راتڙيون،
    مون کي سانڀر ۾ پهريون هُريون باتڙيون!

    اڃا هاڻ ساوڻ وسي مس پُنو،
    اڃا ڪو نه پرتو ئي هيئنڙو رُنو،
    اڃا ڪو نه چڙهيو ڪو ڪونڀٽ ڪُنو،
    ڇو پنهنجو به منڙو پيو ٿي ڀنو،
    لڳيون ڏيلَ ۾ ياد جون ڪاتڙيون،
    مون کي سانڀر ۾ پهريون هُريون باتڙيون!


    اندر جي اڃا چِههِ ٺري ڪا نه آ،
    چُلھي باهه ڪنهن ۾ ٻري ڪا نه آ،
    اچڻ جي اڃا مند وري ڪا نه آ،
    مڃي هيءَ سگھي دل چري ڪا نه آ،
    وجھي جيءَ جھروڪي منجھان جھاتڙيون،
    مون کي سانڀر ۾ پهريون هُريون باتڙيون!

    نِٺَرُ نيهنَ ناتو نه ٿو ڪجھه مڃي،
    ٿو وهلور ويرم پوڻ ۾ وڃي،
    سڄو خيال تو ڏي رکيو جنهن سڃي،
    هٿن آڱريون ۽ ڪَرايون ڀڃي،
    رُڳو لونءَ لڳيءَ جون لنوين لاتڙيون،
    مون کي سانڀر ۾ پهريون هُريون باتڙيون!


    روپ جا جلوا جھٽڻ جي مشق آ لفظن ڪئي،

    روپ جا جلوا جھٽڻ جي مشق آ لفظن ڪئي،
    ڪيتري سا سودمند ٿي، ڪيتري بيسود وَئِي !

    خيال تنهنجا گل گلابي، سوچ ڄڻ سورج مکي،
    ماڪ موهيڙن مٿان موتين جيان دل کي بکي،
    مرڪ سان مهڪي چٽاءَ ٿيا چُگھه ڳلن جا ايئن ٻئي،
    ڄڻ ته صوفن جي وڻن مان آ ٽٽي جوڙي پئي !

    وار گھاٽا ٻوههَ ڪارا ڄڻ گھنڊيون ٺاهن ڇلا،
    نيڻ هرڻيءَ ڇرڪيل جيان، ڪرت ۾ ڄڻ ڪا ڪلا،
    اڻ چئي ڪا ڳالھه آهي نظر هڪ سان تو ڪئي،
    جنهن پڄاڻان جان هيءَ آهي هٿن مان ڄڻ وئي !

    سارنگي ٿي ٻول ٻولي راز پئي کولي ڇڏي،
    چاهه جي ڪا چڻنگ چولي ۾ تڦولي پئي گڏي،
    ڏور هوندي ڏور ناهي من اندر ٻولي پئي،
    جي نه اڳ سليا ڪهين سي راز نِتُ کولي پئي !

    ٿي هوا جھوٽو سگھي ٿي ڏکڻ جي ڏوليءَ اندر،
    ماءُ جي جھوليءَ جيان لوليءَ سندي ٻوليءَ اندر،
    جيل جي کوليءَ اندر جا چنڊ کِڙِي قيديءَ کي چئي،
    ڳالھه سا ئي تو بنا ساوڻ منهنجي ڪن ۾ ڪئي !

    جيئن ويو هو مينهن اوڪاڻي ته انڊلٺ ٿي پَئِينءَ،
    يا اُٺي جي هير ۾ ئي جذب ٿي پوري وئيِئن،
    يا ڪنگوءَ ٽارن سان گڏ لُڏندڙ لڳين ٿي پئي لَئي،
    يا اُنهيِءَ ئيِ ڌُنَ مٿان آ سُرِمنڊل وائي چئي !


    ڪَڙِيءَ انهيءَ تي جوڀن تنهنجو آهه رسيو جو، تو کي،

    ڪَڙِيءَ انهيءَ تي جوڀن تنهنجو آهه رسيو جو، تو کي،
    بلڪل ناهي اونَ _
    ته ڪنهن جي ڪيئن حياتي گذري !

    واٽون واجھائيندي ٿڪيس، تو ريءَ خوابن سان ئي ٻکيس،
    چاهت چيتاري ۽ ڪکيس، دل کي آٿٿ ڏيئي رکيس،
    ويل اچڻ جي يار گُسي وئي، پاڻ پڇاڙيان آءٌ رڳو ئي،
    تون ٿو ڄاڻين ڇو نهَ _
    ته ڪنهن جي ڪيئن حياتي گذري !

    آءٌ گھڙي ۾ پاڻي اوتي، ڳُوڙهو، گھرو سوچيان تو تي،
    باهه ڏئي هن ساڙيان بوتي، جو نه قبولِيُئيءَ ڌوتي پوتي،
    ساهه لُڪيءَ ۾ جان تي سڪتو، سُنُ ٿي جيءُ بدن ۾ آ ويو،
    ڪهڪاءُ پيو ٿي ڪو نهَ _
    ته ڪنهن جي ڪيئن حياتي گذري !

    گوڙ گگن ۾ رَعد ڪري ٿو، وس وڏيءَ سان تَسَ ڀري ٿو،
    وڻن گلن جو هانءُ ٺري ٿو، چاههُ ٿڌا ڪي ساههُ ڀري ٿو،
    هر ڪا پرينءَ جي اوسي پاسي، پيار ونڊيندي مکڙي ڀاسي،
    مون وٽ آهي هو نهَ _
    ته مُنهِن جِي ڪيئن حياتي گذري !

    ڇو نه انهي کان پاڻُ جَلائي، گھات ڪجي هن من کي گھائي،
    هاڻي باقي رهيو ڇاهي!؟ ڇو نه ڇڏيون لاڳاپا لاهي،
    هوندن سان ئي لاڳاپن جو، لاڳو آهي رشتو ناتو،
    مون کي چئجان پو نَه _
    ته منهنجيِ ڪيئن حياتي گذري !


    وڃي پاڻي ڀريو تڙ تان، مٿي تي ٻن گھڙن ٽُٻڪا،

    وڃي پاڻي ڀريو تڙ تان، مٿي تي ٻن گھڙن ٽُٻڪا،
    گھڙو ٿو ڊاڪ تي ڇلڪي،
    اسان جا نيڻ آلا ٿيا !

    ٽلا سَرتين سندا ٽهه ٽهه، ڪندا ٿا کوهه ڏي ڪاهن،
    مگر ٿا نيڻ واجھائن، تنين ڏي جي پيا چاهن،
    ڀري سي تير نظرن جا، کڻي سڪندن اڳيان ساهن،
    مگر هو پاڻ وارا، ساڻ ڇو تن ساڻ اڄ ناهن!
    وڄائي آ ڇڏيو اُلڪي،
    اسان جا نيڻ آلا ٿيا !

    وري مصريءَ سنگن جي ۽ الاچن آڇ ٿي پئي ٿئي،
    سنيها سڪ سندا سڀ ڪا سندس سينڌيُنِ اڳيان پئي نئي،
    ولر کان ڪونج جا وڇڙي، انهيءَ جا ڏَسَ نه ٿي ڪا ڏئي،
    ڇڏيو جھوري وريِ موٽيِ اسان کي ڄڻ ته خالي لِئي،
    ڏکائي ان وڌو کُٽڪي،
    اسان جا نيڻ آلا ٿيا !


    ٻين جا منهن پيا ٻهڪن، نگھه سڀ ڪنهن جي ناريءَ ۾،
    اسان جي اک پئي ڳولي انهيءَ کي سونهن ساريءَ ۾،
    کِلن خوش ٿي سڀئي پر هوءَ ٻُري ڇو ڪين ٻاريءَ ۾،
    سڄو ايئن ڏينهن گذري ويو اسان جو انتظاريءَ ۾،
    سوا ڪنهن کاڌ ۽ ڦُلِڪي،
    اسان جا نيڻ آلا ٿيا !

    اُها جو ڪنوار ٿي ويئي ته ٿي ويا کوهه ڀي کارا،
    نه ڪا آ ڀيڙَ سا ڀَرِ تي، نه ڪو شوقين لامارا،
    نه ڪا رونق نه ڪي رَمزون، نه ڪو، ڪي نينهن جا نعرا،
    ٽِڙي پکڙي ويو سڀ ڪو رڳو روئن ٿا مُون پارا،
    پيو ٿو سور چِتَ چُڻِڪي،
    اسان جا نيڻ آلا ٿيا !


    نه ٻي آڌر سهارو ڪو _رڳو هڪ ٻئي مٿان ڀاڙي،

    نه ٻي آڌر سهارو ڪو _رڳو هڪ ٻئي مٿان ڀاڙي،
    اٿيئي ياد او ساجن !
    ته گڏجي هئا پٽيا پيرون !

    اٿي اوشا نه هي ننڊ مان، پرهه ها پاند مس سويا،
    صبح جي هير تي ترندا، پئي آيا پکين چهڪا،
    ستل جي خواب جي هنج ۾، اٿڻ جي ڪانه ٿن آشا،
    تڏهن ٻيئي ڏئي ٺيگون پٽڻ پيرون هليا هئاسين،
    کبڙ جي لام کي لاڙي،
    اَٿيئيِ ياد او ساجن !
    ته گڏجي هئا پٽيا پيرون !

    اسان جو پيارٻاراڻيءَ اڃا مند ۾ هئو پيارا!
    اڃا معصوميت سان پاڻ ڏنا هڪ ٻئي کي اشارا،
    اڃا هو راند جو رئونشو، اڃا ڊوڙڻ ڊڪڻ سارا،
    وري گڏجي منجھند جي مهل هڪ ٻئي سان مليا هئاسين،
    سموري لوڪ کي تاڙي،
    اٿيئي ياد او ساجن !
    ته گڏجي هئا پٽيا پيرون !


    اويلن ۽ سويلن جي بنا پرواهه هليا هئاسين،
    ذري جي ڳالھه تي روئندا، ذري جي تي کليا هئاسين،
    بنا ٻي ڪنهن ضرورت جي رُڳو راندين ۾ مليا هئاسين،
    ڪڏهن خوشين سندون کيرون، ڪڏهن سور به سليا هئاسين،
    پتو پئي جيئن نه ڪو پاڙي،
    اٿيئي ياد او ساجن !
    ته گڏجي هئا پٽيا پيرون !

    مٿان نڪرڻ بندش منهنجي پوڻ سان تو ڇڏيون رانديون،
    رڳو آرس اڪيلائي، رڳو راتيون ڪٽيون وانديون،
    جلي سارا ويا جذبا، دليون مٽجي ٿيون مانديون،
    منجھان قسمت، وٺي وجھه ڪو، ڏئي ڌوڪو هليا هئاسين،
    سڄون ساڙيليون ساڙي،
    اٿيئي ياد او ساجن !
    ته گڏجي هئا پٽيا پيرون !


    وري دل مٿان اوچتو بوجھه ٿيو،

    وري دل مٿان اوچتو بوجھه ٿيو،
    ڏُکيءَ کي اچي ڏَڍُ ڪو ئي ڏيو !

    ٻَڌيِوُن ڇپر ڇيريون ڪڻين مينهن جون،
    ملھائن مندون پيا نچي نينهن جون،
    رکئون پاڻ آسون انهيءَ ڏينهن جون،
    مُکا جڏهن تو ساڻ ميلو ٿيو!
    ڏکيءَ کي اچي ڏَڍُ ڪو ئي ڏيو !

    وڳو بوسڪيءَ جو ڪو پائي سڄڻ!
    ٻَڌي ٻُٽَ اجرڪ اچو ها پڇڻ،
    گھمائي وڃو پيرڙا ها اڱڻ،
    جتي پاڻ هٿ ساڻ پيا پوڄ پيو!
    ڏکيءَ کي اچي ڏَڍُ ڪو ئي ڏيو !

    ڪنڊيءَ تي لنوي ڪانگ ڪوڙو نه آ،
    اجايو ڪِريو هٿ مان چوڙو نه آ،
    انهيءَ ڳالھه جو ڳَرُ ڪو ڳُوڙهو نه آ،
    چون پار ٿا ڄڻ اچين تون پيو!
    ڏکيءَ کي اچي ڏَڍُ ڪو ئي ڏيو !

    ڇِڙيا جنڊ، واڙن ۾ ڏوڀو هلي،
    ڏين مال کي گاهه ڀاڳيا ملي،
    اچڻ جي ڇڏيم آس اڄ ڀي پلي،
    چُڪيِ چنڊ چوٿون هي تو کي ويو!
    ڏکيءَ کي اچي ڏَڍُ ڪو ئي ڏيو !


    ڏٺو حال سڀ ڪنهن جو تنهنجي بنا،

    ڏٺو حال سڀ ڪنهن جو تنهنجي بنا،
    ڀلي ڪار هر ڪو چوي دل وچان !

    لُڏي ڏيِر ۾ جيئن ڪو ڍانڍي پَکي،
    نڙيءَ ۾ ڇڏي بينَ جنهن آ رَکي،
    لڏون لوڏ گڏجي انهيءَ سان سَکي،
    وڃون پينگھه سان ايئن ٻهڪي ٻَکي،
    سڄو جڳ ڀي جھومي اٿي پاڻ سان،
    ڀلي ڪار هر ڪو چوي دل وچان !

    هڻي ڇاڙپون ٻيرَ ٻيرِيُنِ پَٽِيُون،
    جھڙالن مان کنوڻين جا جھومر جھٽيون،
    ڀري ڇو نه ماکي مکڻ جون وَٽيون،
    ورهائي ۽ ڪينو، ڪدورت ڪَٽيون،
    جھنڊو ٿئي امن جو مٿي عرش کان،
    ڀلي ڪار هر ڪو چوي دل وچان !


    ستارن جو جھرمٽ هي ٽيڙو ڪَتي،
    ڀُلَيلَ ڪنهن مسافر لئه بر ۾ بَتي،
    ڇِنَلَ اُڀ جي چادر مٿان ڄڻ چَتي،
    ڪيم وس تن سان جو پنهنجي گَتي،
    مگر ڪو نه ترسيا هليا ويا هتان،
    ڀلي ڪار هر ڪو چوي دل وچان !

    بتيءَ ميڻ ۾ جيئن ڌاڳو ٻَري،
    اوجاڳو اکين سان اِها پَرِ ڪَري،
    وري پوءِ به هو ڪين ٿو جي وَري،
    ته اُڌمن، اوجاڳن سندي ڪيئن سَري،
    نِپوڙي ڇڏي ساهه ٿو جسم مان،
    ڀلي ڪار هر ڪو چوي دل وچان !


    اڏاميو ابابيل ڪاڏي ڪَهن،
    ڪيان وينتون لک نه مورئون مڃن،
    وٺيو ساڻ مون کي نه ٿا ڇو وڃن،
    وري ڪَل آ ڪهڙي ته ڀيرو ڀڃن،
    چئي جيءُ هتان هاڻ هلي آءٌ وڃان،
    ڀلي ڪار هر ڪو چوي دل وچان !


    نظم ۽ دوها

    دوها

    دوها

    سيڱ ڇڪي ڪو تير نظر جا، هڻندو آهي جيئن،
    چنڊ ڏٺو ڄڻ عيد جو، ڀِرون توهان جا ايئَن .

    ڳالھه ڳالھه تي مرڪ توهان جي، منهن تي اڀري ايئن،
    چنڊ گھٽا مان جھاتي پائي، اَکِ ڀَڃي ٿو جيئن .

    گھورين پنهنجو ساهه ٿي، وڙهندي ڀي تون واهه،
    واڳي بيوس آ ڪيو، تو کي اهڙو چاههَ .

    ڏيهه ڏنگي کي ڪيئن سمجھايان، محبت جو هي ماڻ،
    سِڪ پوءِ لھندي، جڏهن سمائي، ان ۾ وينديئن پاڻ .

    جڏهن ڇڏي آ محبت پاتو، ماڻهن ملڪيت چاهُه،
    مزو هليو ويو ملڪ منجھان ۽ ماڻهو بک ۾ پاههُ.


    رشتا ناتا واءُ ويا ٿي، پاڙو پاڙئون ڌار،
    گھوري مرندڙ انسانيت کي ڏٺو پالڻهار.

    محبت ڪارڻ ماڻهوءَ وٽ اڄ، وقت رهيو ئي ناهه،
    هر ڪنهن کي اڄ حِرص سندي آ، ويڙهي ويئي باهه.

    امن هليو ويو پَرَ ڪري ۽ ستَ سمندر پار،
    ٻارن تان ٿا جھيڙا ِٿيَنِ ۽ خَسِيسُ شين تان خار.

    ڪي ڪي ماڻهو شاهه جا، شِڪرا ٿا سڏجن،
    ڇو ته ڪُڪڙ هي گھر جا، گھڙيءَ گھڙيءَ مارِنِ .

    ڪي ڪي ماڻهو، جان به ڏين ٿا، امن ورائڻ لاءِ،
    پر ڪي ماڻهو، راتو ڏينهان“ڀُر ڀُر ڇيڻا جنگ مچاءِ.”


    ڪجلا سَرُ “ دوها ”

    ڪجلا سَرُ “ دوها ”

    ڪجلا سر جون ڪامڻيون، ڏيڍيءَ اک ڏسن،
    ساري چاهت چت جي، پرکيو پوءِ به وڃن .

    ڪجلا سر جون ڪامڻيون، اوچي ڳاٽ اچن،
    چڳن ڦيرا چوطرف، پهرا واسينگن .

    ڪجلا سر جون ڪامڻيون، جھمرِيُنِ جھول هلن،
    ڊيلون ڊُسِڙِ تي ڊول سان، چِيهي چال چلن .

    ڪجلا سر جون ڪامڻيون، سڌو سڏ نه ڏِينِ،
    حال سمورا ميِڇَ سان، ساعت منجھه سَلِينِ .

    ڪجلا سر جي ڪپ تي، چوليءَ ٽِڪُوُن چمڪن،
    ايندڙ ويندڙ کي لڳي، اکيون ڄڻ ته هَڻنُ .

    ڪجلا سر جي ڪپ تي، جھمِرِين سندي جھوڙِ،
    انڊلٺ چُمڻ ڀونءِ جي، چاهي ڄڻ ٿي ڌُوڙِ .

    ڪُومل ڪُنيان ڪپ تي، ڪجلا سر مانڌاڻُ،
    ڪوري تِرِڇِيَلَ جسم سان، اجھو مِلان ٿو ڄاڻ .


    ڪجلا سر جي جر جِي، آڻي هان جي بوند،
    منهنجو هيئنڙو هيئن جَليِ، خاڪ نه ٿئي ها هوند .

    ڪجلا سر تي ڪامڻي، تو جو ڪيو پنڌ،
    واري پيرن کي چُمي، ليٽي پئي، پِي مَنَڌُ.

    ڪجلا سر تي ڪامڻي، وهنجي اَسر ويل،
    پنهنجي بوءِ بدن سان ڇڏيا، راتو ڪا رابيل.

    لانڍ ڪُنيائون سَرَ تي، بولين جي گڏ جھومَ،
    سج جي تجلن ڄڻ ته ڪا، جَرَ تي لائِي ڌومَ .

    ٽلن پيون اِئين ٽوليون، ڪونجن جيئن ڪرڳلَ،
    ڀونءِ ٿيان ان جُوءِ جي، ٿئي مٿان چِهِلَ پَهَلَ .

    ڪجلا سَرَ جي جَرَ کي، رات چميو پئي چنڊ،
    وائکا سڀ ٿي ويا هئا، رات سندا جي منڊَ .

    ڪجلا سَرَ جي جل تي، تارن جو تُڙڳڻ،
    ٻالڪ ڳولي ماءُ جو، ننڊ ۾ پيو ڄڻ ٿَڻُ .

    ڪجلا سر کي ڪاش ڪو، ڏيان ڏوراپو آنءُ،
    سال ٿيا هن سوڪ ۾، سوکو ڪر ڪو هانءُ .


    نظم

    نظم

    ساهه جيان نڪري وئين موٽين نه ٿو،
    درد تازو هي اڄوڪو ٿو سڏئي،
    ڪور ڪارونجھر مٿان سڏڪو ته ٻڌ،
    مور جو هر ڪو ٽهوڪو ٿو سڏئي !

    ڪونڀٽن واڪا ڪيا پر ڪو ورين،
    رات پوئين ۾ فضا روئي ڏنو،
    نيڻ سپنن ساڻ ئي اُ لجھيا رهيا،
    ڀنڀرڪي ۾ ماڪ سان ٿر بر ڀِنو!

    چنڊ ۾ ڳوليم گھڻو پر ڪو نه هُئين،
    سڀ ستارا ميڙ ٿي تو لئه تڪن،
    پير تنهنجا چنڊ ڪَتيِ گڏجي چُمَنِ،
    ڇانوُ خاطر،وڻ گلن سان گسَ ڍڪن!


    هيءَ چمپا گل ڄڻ چمڻ لئه چپ کڄن،
    رات جي راڻيءَ سندي خوشبوءِ ندي،
    ٻڌ ڪَتيءَ جي ڇير جا گھنگھرو وڄن،
    سانت جھمريون پئي هڻي ٿي سڪ وَندِي!

    تو چيو هو ساڻ توسان آهيان،
    اڄ به سُوٽُون سُورَ جُون چُڀنديون رهيون،
    موٽ محبت واسطي منهنجا پرين !
    سڀ پَوَنِ ٿيون ياد جيڪي تو ڪيون .

    واعدو پنهنجو پروڪو ٿو سڏئي !
    مور جو هر ڪو ٽهوڪو ٿو سڏئي!


    ويجھڙائيءَ تو سنديءَ کي، مون ڪيو محسوس ايئن :

    ويجھڙائيءَ تو سنديءَ کي، مون ڪيو محسوس ايئن :
    ڄڻ ته ڪينجھر ڪنٺ تي ڪوُمل ڪنول،
    ڄڻ اڪيلو چنڊ پينگھي ۾ سُتل،
    ميگھه _ وَرِنِي ا ک ۾ پاتل ڪجل،
    سينڌ فطرت جي مٿان سِندُرُ لڳل،
    تون پُڇين ٿو مون ڪئي محسوس ڪيئن!؟

    تو سندي دُوريءَ کي هو مون ڪيو محسوس ايئن :
    ڄڻ ته ڏونگر هو ڪري پيو مون مٿان،
    يا ويو ڪوئي ڦري ويو دل هٿان،
    اوپري ٿي ڄڻ ته وئي ساري دنيا،
    ڄڻ ته آويءَ ۾ سڙيا جذبا ٺڪر جي ٿانوَ جيان،
    تون پُڇين ٿو مون ڪئي محسوس ڪيئن!؟

    پريت تنهنجيءَ کي پرين هو مون ڪيو محسوس ايئن :
    ڄڻ ته هان محفوظ جھوليءَ ماءُ ۾،
    ڄڻ ڏسان ٿو پاڻ کي ٻئي ڀاءُ ۾،
    مور نچندڙ بادلن جي ڇانوَ ۾،
    راڳ وڻجارو چوي پيو ناوَ ۾،
    تون پُڇين ٿو مون ڪئي محسوس ڪيئن!؟

    مون وِڇوڙي جي گھڙيءَ کي هو ڪيو محسوس ايئن :
    ساهه ريءَ ڄڻ ڪو هئس بوتو بنيل،
    يا ته مون کان پاڻ پنهنجو هو رُٺل،
    اوپرو دنيا سڄيءَ کان ڄڻ بنيل،
    وڻ، بهارن ۾ هئس پاڙئون ڪپيل،
    تون پُڇين ٿو مون ڪئي محسوس ڪيئن!؟


    ڪاش

    ڪاش

    تون ته هونئن واقف به ناهين پوءِ به هنئين ۾ ڇو هُرين،
    ديد پهرينءَ سان سڃاڻي چاهتن ۾ ٿو چُرين،
    ذهن تي قبضو ڪري ٿو ڪنڊ ڪنڊ هِنئين جي ۾ هُرين،
    مان وڃان جا ڏي به ٿو منهنجي پٺيان پيو ٿو پُرين،
    ڪر خبر تون ڪير آهين ؟
    چئه کڻي ڇا ٿو تون چاهين!؟

    جي رُڪان ٿو مان ڪٿي، تون ڀي رُڪين ڇو ٿو ڀلا،
    ماٺ مان ڇا ٿو مِلَئيِ ڪڇُ ڀي کڻي ڪجھه برملا،
    آ ته سُلجھايون سڀئي پاڻ گڏجي معاملا،
    ڪر کڻي هاڻي سچي، جي پيار جا ٿئي مسئلا،
    ڳالھه جو حل پاڻ آهيون،
    هڪ ٻئي سان ساڻ آهيون !


    رات ڪاٿي ٿو ٽِڪين ۽ صبح سان مون ڏي ورين،
    ڳالھه ٿئي جا دل اندر سا ڇو نه ٿو مون سان ڪرين،
    ڇانوَ وڻ جيءَ جي اچڻ سان ڇو ڀلا مون کان ڏرين،
    مان سڙا جيڏو ٿو اُس ۾ مون ساڻ گڏ تون ڪو نه هين،
    دشمنو ڪهڙو اٿئي !
    واسطو ڪهڙو اٿئي !

    آءٌ بي ساهو هان پاڇو ٿو ڪريان پيڇو ائين،
    اُس ۾ چر پر ڪندو رهندو تون بلڪل آهن جئين،
    آءٌ تنهنجي وس آهيان تون جتي چاهين نِئين،
    رات جو ٿي گم وڃان ٿو جو نه ٿو تِڙ ڪو ڏئين،
    فڪر مند ٿي ڪين مون کان !
    زندگي تو ساڻ آهيان !

    ڪاش هو ماڻهو به پاڇو ٿي پئي !
    پاڻ سان گڏجي رَهَڻَ جوايئن چئي !


    سڀ ٺهي ٿو هوند سان، اڻ هوند سان ڇا ٿو ٺهي !؟

    سڀ ٺهي ٿو هوند سان، اڻ هوند سان ڇا ٿو ٺهي !؟
    پوءِ به ٿو پَرَ گھور هيئنڙو پيو لھي !

    هن وڄائي ڇير چپڙي ڍولڪِيءَ جي تال سان،
    واڳجي ويندو آ جيئن ڪو ڳڻن واريءَ ڳالھه سان،
    روح ئي رَلَبو تڏهن جي خيال ملندو خيال سان،
    قبل ماضيءَ کي ڇڏي حاضر جي رهبو حال سان،
    ڪِرتِ ۾ آيل ڪلا ڪيئن روڪبي !
    پرِتِ ۾ گھايل ڀلا ڪيئن روڪبي !


    ميل ميلاپن مندن ۾ سونهن ڏس ڪيڏي ڀري،
    ڪيتري آسان گذري زندگي جيڏي ڳري،
    جيتري تو جيءُ چئي دلڙي به هئي تيڏي ٺري،
    ڪيئن چئه پو تو سوا ويندي هتي هيڏي سري،
    چيچَ ۾ پورو ڇلو ايڏو ٺهي !
    پيچ ۾ پورو سَلو جيڏو ٺهي !

    سر منڊل جا سُرَ ٿڌا ڄڻ ساهه آهن ساز جا،
    سُرَ سڀئي سڏڪا ڀرن ٿا هوبهو آواز جا،
    ناز پرور جو پکيڙيا گُرَ سمورا ناز جا،
    سي سڀئي پردا ٿا کولن ڪنهن الستيءَ راز جا،
    گونج جو ڦهلاءُ اهڙو ٿو لڳي !
    ڪونج جي ڪرلاءُ جھڙو ٿو لڳي!

    پَرَ_کُٿَلُ جيڪو پکي آ، سو ڪري پرواز ڪيئن،
    اَڌَ رَنگو جن آڱرين تي، سي وَڄائن ساز ڪيئن،
    دل گھريو جي ناهه سامهون، ڪو ڪري پوءِ ناز ڪيئن،
    جنهن سُڪي ويو آ هه گلو، سو چَئهُ ڪڍي آواز ڪيئن،
    تاءُ ان جو تير وانگي ٿو لڳي !
    گھاءُ ان جو سِيرَ وانگي ٿو لڳي!


    ديس مالھا موتِيُنِ جي

    ديس مالھا موتِيُنِ جي

    ديس منهنجو هن دنيا جي سونهن ۽ سينگار آ،
    ڄڻ ته مالھا موتين جي يا گلن جو هار آ !

    چنڊ جي چانڊاڻ ۾ سرگوشيون ڪن پيا ڪنول،
    هير جن جو منهن ڌوئي ٿي ماڪ سان بنجي ڀنل،
    رات ڪينجھر جي مٿان ليٽي پئي آهي ٿڪل،
    جنهن سندو سپنو سڄو سنسار آ،
    ڄڻ ته مالھا موتين جي يا گلن جو هار آ !

    پرهه ويلي هي پکين چهڪا به ڄڻ ڪو راڳ آ،
    پيار جو جنهن ۾ سنيهو، محبتن جو ماڳ آ،
    چئو ڏِسا جنهن ۾ چَتُونءَ جو صاف پڌرو چاڳ آ،
    پاڻ ۾ ڪيڏو پکين جو پيار آ،
    ڄڻ ته مالھا موتين جي يا گلن جو هار آ!

    مهڪندڙ موسم جي ٻولي هي لڳن مکڙِيون پيون،
    جي وري جھٽ پلڪ ۾ ئي ٿي اجھو گلڙا ويون،
    هار ٽارين جي هٿن ۾، پير اکڙين کي ڪيون،
    ٿيون وڃن جو وِرِهَه جو وهنوار آ،
    ڄڻ ته مالھا موتين جي يا گلن جو هار آ!

    ٻي ته ٿڌ ڪاٿي به ناهي، آ ٿڌن ساهن اندر،
    هونءَ ته آ ماحول مهڪيل ٿڌ نه ان ۾ آهه پر،
    پاڻ کي ڇو خيال ان جو آهه رڳو پهچڻ جي ڍَرَ،
    هو ڇپر ۽ هوت هيئنڙي ٺار آ،
    ڄڻ ته مالھا موتين جي يا گلن جو هار آ!


    مِجازيِ عشق کي معنيٰ!

    مِجازيِ عشق کي معنيٰ!

    ڪا راهه به جن کي ڪانه ملي ٿي رستن ۾ ۽ چارن ۾،
    ڪيڏي نه تڙپ وئي آهه وڌي اڄ ماڻهوئڙن ويچارن ۾ !

    ڪنهن هنڌ به رهي جو ناهه سگھيو، تنهن پنڇيءَ پويان ڪير ڀڄي،
    سو ريت به ڪنهن ٿو ڪين رهي ۽ ڪين ڪنهين سان روح رڄي،
    جو واڪا واڪا واءَ اندر ٿو بنجي ڪائي بِين وڄي،
    سو ساهه وڃي اڄ آهه سُتو سورهن ئي سينگارن ۾ !

    تون پئند ڀلي وجھه زنجيرون هي منڙو قابو ڪين ڪندين،
    هي تاريخي آ آوارهه اوباش نه ڪنهن جي آ وس ۾،
    هي جيلن ۾ به نه قابو ٿئي ۽ لائون آ لھندو ڦاسيءَ سين،
    قابو ٿي هي فقط سگھي ٿو ڀنڀن ڪارن وارن ۾ !


    ماڻهو سڀ بي هوش ڦرن پيا ڳليءَ ڳليءَ جا موڙ مَٽي،
    ڳولا جاري آهه سڀن کي، ساهي ٿو ڪو ڪو نه پٽي،
    ڪنهن جي گذري ڀاڪر ۾ وئي، ڪو پيو ڏُسڪي رات ڪٽي،
    ڪنهن جي اڳيان نيڻ ننڊاکا، ڪنهن جون نظرون تارن ۾!

    هو ڳولن مسجد مندرن ۾، پر چين نه آهه ڪليسا ۾،
    ڊومهڙا کائي خلق سڄيءَ ڳوليو نه انهيءَ کي ڇا ڇا ۾،
    پر نه سڪون مليو ڪنهن کي بي سود انهيءَ آ ڳولا ۾،
    پوءِ ورتي تن پناهه وڃي آ ميخانن ۽ اوتارن ۾ !

    جي آهي مجازي بي معنيٰ پوءِ ڇا هي رهيو بازيءَ ۾،
    جي مرڪي سامهون هو نه ڏسي پوءِ باقي ڇا هي راضيءَ ۾،
    جي حال هليو ويو هٿن منجھان پوءِ ڇاهي قِبِلَ ۽ ماضيءَ ۾،
    هي اکيون آهن ڏيئا جيڪي ٻرن پيون ٿيون جارن ۾!

    ڪيف سندو آ راز سمايل سَري سوا هن ساقيءَ ۾،
    مڌ اندر سو ناهه مزو جو هن جي در جي تاڪيءَ ۾،
    جي جسم اهو ڪو ڪوڙ چوي پوءِ رهيو ڇا هي باقيءَ ۾،
    اکين سواءِ ٻيو رکيو ڇا هي پيمانن تاسيارن ۾ !


    راڳ پيالا، مڌ اندر پيا پائجن،

    راڳ پيالا، مڌ اندر پيا پائجن،
    ڪو پيئڻ وارو پئي!

    گيت جي گونجار گونگي رنگ پوپٽ جا ٿيا،
    جن سندا آلاپ اکين ساڻ ٿا ٻڌجن پيا،
    رنگَ پرن جا گيت بنجي ڳائجن،
    ڪو ڏسڻ وارو ڏسي !

    سَوَ سُرَنِ جا سر مٿان ٿا، سانت ۾ گونجن پيا،
    ماٺ موسيقي وڄائي راڳ چُپ آهن چيا،
    تند مان ٿا سور پيا ڪي تائجن،
    ڪُو ٻڌڻ وارو ٻُڌي !

    جھڙُ وڄائي ناد اڀ مان، کنوڻ جي ٿو تال سان،
    پوءِ ڦُڙيِ هر هڪ ڪري ٿي، جھانجھه جي گُونجار جيان،
    ڇير جا ڇمڪار ڌرَ ٿي ڇائجن،
    ڪو پسڻ وارو پسي !

    رات بنجي ساز ٿي ۽ چاندني ڄڻ راڳ آ،
    نِکَٽُ نورا پير ۾ ۽ ماڪ واسيو ماڳ آ،
    ڀيروين جا ڀال ڀونءِ تي ڀانئجن،
    ڪو سڻڻ وارو سُڻي!

    راڳ آ ساري فضا ۽ راڳ ٿو هر هنڌ ٻُري،
    واءَ ۾ وينا وڄي ٿي چنگ ٿو چوڏس چُري،
    تار سان ٿا راڳ ڪن تي لائجن،
    ڪو چوڻ وارو چوي !


    ڪيڏانهن هليو آنهن ويو،

    ڪيڏانهن هليو آنهن ويو،
    آوازڏي ! آواز ڏي !
    آءٌ ٿو ڳوليان پيو،
    آوازڏي ! آواز ڏي !

    هوند ۾ ناهين مليو، اڻ هوند ۾ ڳوليانءِ پيو،
    ڪڪرن نه تنهنجو ڏس سَليو، هر بُوند ۾ ڳوليانءِ پيو،
    پولار مان وائي ڪري،
    ۽ سڏ وَرِنائي ڪري،
    اڄ راز ڏي !
    آواز ڏي !

    سوچَ ڪئي آ دل جلي، وَرَ وَ رَ نهاريان ٿو پيو،
    آ بند سامهون هر ڳلي،دَرَ دَرَ نهاريان ٿو پيو،
    اوندههَ اُجارائي ڪري،
    ۽ پيار پورائي ڪري،
    سو ساز ڏي !
    آواز ڏي !


    مبهم نظر ايندو رهين، شفق جي ڪرڻن منجھان،
    جلوا پسائيندو رهين، جيئن جھانجھهَ ۽ جھرڻن منجھان،
    مورت رنگن سان جيئن ٻري،
    اهڙو ڀلائي ڪا، ڪري،
    رنگسازي ڏي !
    آواز ڏي !

    منهنجي پرينءَ کي مون سندي، تڪڙي خبر ڪا ڪانگ ڪر،
    سهڻ کان آ وڌ وِٿِي، “يا تونءُ پڄڻ جا سانگ ڪر”،
    يا مڌ ڏٽي مٽ ۾ اچي .
    تو ڏي جھٽي جھٽ ۾ اچي،
    سو باز ڏي !
    آواز ڏي !

    ڪيڏانهن هليو آنهن ويو،
    آواز ڏي ! آواز ڏي !
    آءٌ ٿو ڳوليان پيو،
    آواز ڏي ! آواز ڏي !


    سڀيتا جي سُونهن

    سڀيتا جي سُونهن

    وار سنواري چَنَدنَ واسي، ڪين سگھان ٿي پوءِ،
    ڪريان آءٌ ابوءِ _
    تو ريءَ ڪهڙو تيلُ ڦليلُ !

    آرائينءَ جو جھول ڏسان يا پاٽوليءَ جا هَٿَ،
    سوناري جا هٿ ڏسان يا نڪ ۾ ٺهندڙ نَٿَ،
    ڪهڙي ٿيندي ڪَٿَ _
    اهو سڀ فَنَ جو آهي کيلُ !

    سُوسيِءَ جا سڀ رنگ ڏين ٿا ڏيک به ڪاتيارن،
    اجرڪ جي هر ڦلڙيءَ مان ٿا تارا رم جھم ڪن،
    تهڙي منهنجي تن _
    ڪئي تو کِڙِي پئين رابيلُ !

    ڪاشيگر جو من ٿو اُڀري، ڪاشيءَ مان خود ايئن،
    تنهنجي هٿ ڇُهڻ سان منهنجي لونءَ ڪانڊاري جيئن،
    تو ريءَ آءٌ به تِيئَن _
    ڪڙهي ٿو ڄڻ ته ڪڙهائي تيلُ!

    جنڊيءَ جي هر واري ۾ آ، واڍي جو ڄڻ من،
    هن جي احساسن جي دنيا، جنڊيءَ جو آ فن،
    تهڙو واس وَرَنُ _
    تنهنجو منهنجو آهي ميلُ!


    ڳجھارت آهه بڻيو سنسار

    ڳجھارت آهه بڻيو سنسار
    ڪڏهين آهي خيال بنايو، ڪوريئڙي جو ڄار _
    ڳجھارت آهه بنيو سنسار !

    ڪاٿَئَون گل ۾ خوشبو آئي،
    ڪاٿَئَون خنڪ هوا ۾ ڇائي،
    سانت لڳي ڄڻ شاهه جي وائي،
    سارو منظر ڪاٿئون آيو،جنهن جو آر نه پار !
    ڳجھارت آهه بنيو سنسار !

    ماڪ ڦُڙِيءَ جو پاڻي ڇا هي ؟
    رات سندي هيءَ راڻي ڇا هي ؟
    پنهنجي پيار ڪهاڻي ڇا هي ؟
    ڳجھه انهي جو پتو لڳايو، مُنجھيو پئي هوشيار !
    ڳجھارت آهه بنيو سنسار !

    خوابن ۾ جو ايندو آهي،
    ان جي اچڻ جو رستو ڇا هي،
    پوءِ هليو ڪيئن ويندو آهي،
    ان کي جھٽ پلُ پوءِ به رهايو،سچ پچ جي آ يار !
    ڳجھارت آهه بنيو سنسار !

    منهنجي هوندي تون ئي آهين،
    مون کي مون ۾ ڪيئن سمائين،
    پيار جو چوغو پوءِ ڍڪائين،
    هيءُ رڳو ٿئي سانگ رچايو، وائکو ٿِيُئي وهنوار!
    ڳجھارت ناهه رهيو سنسار !


    نظارن مٿان بحث ٿيو آ گھڻو _

    نظارن مٿان بحث ٿيو آ گھڻو _
    توهان جي آ مرضي ته جنهن کي کڻو !

    ڪري رنگن تي مور نچندي گھمنڊ،
    سڪل آهه ٽاري جي ڀاڪر ۾ چنڊ،
    منڊي ڄڻ نظارن ڇڏيو آهه مَنڊُ،
    ٿا سُونهنِ اهي سڀ گھڻو ۽ تڻو _
    توهان جي آ مرضي ته جنهن کي کڻو !

    کبڙ لال پيرُنِ ڇُرِنِ جيئن رڱيان،
    ڦڙا ماڪ رابيل اُڀ کان مڱيان،
    جھين کي به چيتي ۽ ڏسندين چڱيان،
    اهو سونهن جو آهه موتيءَ ڪَڻو _
    توهان جي آ مرضي ته جنهن کي کڻو !


    هي پوپٽ گلن تي ڇُريل ڄڻ ته پوتي،
    ۽ رابيل مُکڙي پرهه ماڪ ڌوتي،
    سڄي رات چانڊاڻ ڄڻ مَئه ٿي اوتي،
    نه ڪنهن ۾ وڏائي نه ڪو آنءُ پَڻو _
    توهان جي آ مرضي ته جنهن کي کڻو !

    انبن ٻور تي ڀئونر ڦيرا ڏين،
    گڏي ماڪ مڌ ساڻ موتيا پِيِن،
    صفا ٽار ٽانگر جا ٽُنُ ٿي نچن،
    سڀئي سُونُ آهن نه ڪو هڪ ڄَڻو _
    توهان جي آ مرضي ته جنهن کي کڻو !

    جڏهن ڪا ڳلن تي چُميِ ٿي اچي،
    ته دل جي اڱڻ تان گھميِ ٿي اچي،
    ۽ ساهن جي سُر تي سُمهِي ٿي اچي،
    انهيءَ کان به وڌ يار پيا ٿا وَڻو _
    توهان جي آ مرضي ته جنهن کي کڻو !


    جوانيءَ تي جذبو پيو هاري هرک،

    جوانيءَ تي جذبو پيو هاري هرک،
    جنهين کان سواءِ ڏات آهي اڌوري!

    سِنگھڻُ، جي ٿو چاهين ته ڀئونرن جيان ٿي،
    ڏسڻ لاءِ پوپٽ سندي دل رکي،
    لکڻ جي ٿو چاهين ته ڏي هَڏن مِکُ _
    جنهين کان سواءِ ڏات آهي اڌوري !

    ٽُٻي ڏيئي پاتال مان آڻ موتي،
    ڪڏهن تو هي ڌرتي اکين ساڻ ڌوتي،
    لکين ٿو ته خود پاڻ واري منجھس لکُ _
    جنهين کان سواءِ ڏات آهي اڌوري !

    پني تي نَچي سٽ پئي ناچُ مورن،
    ڳلي کي بنايو جئين هسَ _هَلورن،
    ائين ئي روانيءَ جو اوڀار تِکُ _
    جنهين کان سواءِ ڏات آهي اڌوري !

    بهارون اچڻ سان ٽڙن گل جئين،
    ملھارن سان مارو مڙن ڪل تئين،
    جھٽڻ اهڙا منظر سَمي کان ئي سِکُ!
    جنهين کان سواءِ ڏات آهي اڌوري !


    دُکي ٿي ڪڏهن ڪو به راڻو نه رهندو،

    دُکي ٿي ڪڏهن ڪو به راڻو نه رهندو،
    چلھو گھر انهيءَ جو اُجھاڻو نه رهندو!

    چون ٿا ته ڦيرو وري رُت ۾ ايندو،
    ڪپيل وڻ سندو ڇا ڀلا پوءِ ٿيندو،
    اچي وصل نياپو دُکيءَ کي ڪو ڏيندو،
    کڙي گل پوندا،
    ڇڙي هل پوندا .
    تڏهن ڀي سمو ايئن اٻاڻو ئي رهندو،
    چلھو گھر انهيءَ جو اجھاڻوئي رهندو!

    چون ٿا ته مورن ٽهوڪا به ٿيندا،
    لنوين ڪانگ نياپا پرين جا به ڏيندا،
    نهاري کڻي نيڻ ۽ ساڻ نيندا،
    کُٿل کنڀ جن جا،
    لُڏيل ٿنڀ جن جا،
    تنين جو ائين ٿاڪ ٿا ڻوئي رهندو،
    چلھو گھر انهيءَ جواجھاڻو ئي رهندو!


    چون ٿا ته پوءِ جام سان جام ٽڪرائبو،
    نئون پريت جو گيت ڀي ڳائبو،
    ڪري هار ٻانهون ڳچيءَ پائبو،
    ڪُڏِي ڪوڏ سان پوءِ،
    لُڏِي لوڏ سان پوءِ،
    سُتايل تڏهن ڀي ٽڪاڻو ئي رهندو !
    چلھه گھر انهيءَ جواجھاڻو ئي رهندو!

    چون ٿا مئا سڀ وري يارَ جيئندا،
    وري پريت پيالا ڀري پاڻ پيئندا،
    ته پوءِ کيڻ هڪ ٻئي سان گڏجي ۽ کِيئندا،
    مُکا ميل ٿيندا،
    خوشيون کيل ٿيندا،
    ڀُليءَ جو وري بند ڀاڻو نه رهندو!
    چلھو گھر انهيءَ جواجھاڻو نه رهندو!


    ڊاڪٽر احمد علي رند جي پٽ جي ناگھاني موت تي چيل.

    ڊاڪٽر احمد علي رند جي پٽ جي ناگھاني موت تي چيل.

    نئين گت ڪا جڏهن سِرِجيِ، نَيئن سِرِ گِيانَ ۾ آئي،
    توهان جي يار آمد ڀي تڏهن امڪان ۾ آئي !

    ٽمائي ماڪ نيڻن مان وري ٽيڙو ويا گم ٿي،
    اها ڳولا نه کُٽڻي آ ستارا ويا سڀئي سُنُ ٿي،
    پرهه تنهن کي لڳائي گس ملھي ميدان ۾ آئي،
    توهان جي يار آمد ڀي تڏهن امڪان ۾ آئي !

    ورائڻ ڪاڻ وَسَ ڪياسون، هٿن مان پر ڇڏائي وئين،
    اسان ڳوليو انبر تو کي مگر ڌَرَ سان گڏائي وئين،
    اها مورت وري سهڻي جڏهن انسان ۾ آئي،
    توهان جي يار آمد ڀي تڏهن امڪان ۾ آئي !

    ڇڏيوساروڻين ساڙي، رڳو آ روح ۾ راڙو،
    پيو ڌَڙِڪِي سڄو ڌڙ آ، دلين ۾ آ لڳو ڌاڙو،
    ڳڙي ڪا ڳالھه ڳوڙهن مان جڏهن ارمان ۾ آئي،
    توهان جي يار آمد ڀي تڏهن امڪان ۾ آئي !

    ستائي ياد تنهنجي ٿي ته سڏڪن ساز ٿا ڇيڙيون،
    رُٺَل جذبن کي پرچائي، ٽٽل ارمان ٿا ميڙيون،
    جلڻ ڪارڻ سندم اَرِٿِي جڏهن شمشان ۾ آئي،
    توهان جي يار آمد ڀي تڏهن امڪان ۾ آئي !

    گھڙي ڪا ڪا عمر ساريءَ مٿان ڀاري پوي بنجي،
    جنم کان جو منجھيل سُٽُ آ وڃي سو ايئن ٿو سُلجھي،
    نئين ڪنهن راز جي ڀڃَ _گھڙَ هلي اوسان ۾ آئي،
    توهان جي يار آمد ڀي تڏهن امڪان ۾ آئي !


    جڏهن مند تي مينهن موٽيو پون،

    جڏهن مند تي مينهن موٽيو پون،
    ٻچا ٻار جھومن ۽ ناريون نچن !

    ڪڻيون مينهن ڏي فصل ڪومائجن،
    وسي يا ته وڻ ٽڻ ڀي جھومائجن،
    اُٺي جون هوائون ٿي اوڙڪ اچن،
    ٻچا ٻار جھومن ۽ ناريون نچن !

    ٻڌِي ٽِڪ ولھارن مٿان وَسَ ڪجي،
    سڄيءَ جوءِ ۾ گاهه گس گس ڪجي،
    جتان مال مارن جا ڍاپيو ورن،
    ٻچا ٻار جھومن ۽ ناريون نچن !

    ڪري گوڙ گجگوڙ کنوڻيون کِلن،
    وڻن ڏار ڦُڙِيُنِ سان نوڙي پون،
    اتر کان اوهرا هوائون گھلن،
    ٻچا ٻار جھومن ۽ ناريون نچن !

    سڳند ڀونءِ جي مينهن وسڪار مان،
    سلھاڙي اچي يار جي سار سان،
    گڏي پوڄ سان پيار ڀل پيا پين،
    ٻچا ٻار جھومن ۽ ناريون نچن !

    ڏيو مال ٽاڏون وٿاڻن ورن،
    سَڄِيِ چاهه سان وَسَ جيڪي چرن،
    ڀري ٿڻ ڀٽاريون ڏين جيئن ڦرن،
    ٻچا ٻار جھومن ۽ ناريون نچن !


    وطن سان عشق آ جنهن جو ۽ مون سان پيار جو پرڻو،

    وطن سان عشق آ جنهن جو ۽ مون سان پيار جو پرڻو،
    سندس نيبَهُه ٻئي ڳائن !

    ڀنڀيون ڏاڙهيون، اڇيون ڪهاڙيون هئا جي وَرَ به چاڙهيون ويا،
    جھين سان روح جون رمزون، پنا سي پريت پاڙهيون ويا،
    ڪري سوگھيون دليون ساجھرُ وري قربن ۾ ڪاڙهيون ويا،
    بنا ڪنهن باهه ٻارڻ جي بدن سارو ئي ساڙيون ويا،
    انهن جا ٻول ٿا کائن !

    ويا آرڻ ڇڏي اُلڪو، نماڻيءَ نار وٽ آهن،
    وٿاڻن تان ڍڪِي ۽ ڍور ڀي جن لاءِ واجھائن،
    ٻُنڀو ٿي وي ٻُسو جن ريءَ، کٽون خالي پيون کائن،
    پوڻ پيرن جنهين جي لئه سڀيئي دڳ پيا دانهن،
    ڏنل هي گھاوَ ٿا گھائن!


    ٻچن تي ٻاجھه هئن ڪيڏي، انهن ريءَ ڪيئن سَري هوندي،
    وطن سان شال پت تن جي، وئي آخر پَرِي هوندي،
    ٻڌي شل سوڀ جا سندرا، اها ٽولي وري هوندي،
    اجھي آيا، وسيا ويڙها، چئي پئي دل، چري هوندي،
    ڀلي ڀائن نه مون ڀائن !

    اُمالڪ آس پئي اڀري، گھليِ اهڙي هوا ڏسندي،
    ڪئي ڦوهار موسم پڻ، وريا ها ٻار سڀ پسندي،
    ڪرائيءَ مان ڪِريو چوڙو، گھڻو ئي گھرِگھلو گَسَندي،
    تڏهن ڦيريون ڏيو گھوريان، سنڀاليان من پئي ڦِسندي،
    اچڻ وارا ٿيا آهن !

    ڪري مالھا ۽ لڙڪن جا بنايا هار مون ڪيئي،
    ورهايان پاٽِ پيرن جي سڄي ئي ڳوٺ کي ڏيئي،
    وِڇايان وار واٽن تي، ڏيان پيرن پِنبڻَ پيئي،
    وڃان قربان سَوَ ڀيرا مٿان ساجن اَچي جيئي،
    اچي جيئن ئي ليئو پائن!


    ڦٽائي ننڊ وستين جي،

    ڦٽائي ننڊ وستين جي،
    اُڏائي ڌوڙ رستن جي،
    اچن پيا چاهه مان چانگا !

    وَڙِيءَ سان جن ٻڌل پٽڪا،
    ڏئي ڏاٻن سندا جھٽڪا،
    ڏنائون وهَٽَ کي سٽڪا،
    ڇڏي سڀ ساهه جا سانگا،
    اچن پيا چاهه مان چانگا !

    لڳا هانبار ٿي آيا،
    پريان هن پار جي آيا،
    کنيون ٿي يار سي آيا،
    اڃا مَس ها اُڏيا ڪانگا،
    اچن پيا چاهه مان چانگا !


    نه ڪا ئي لِڪَ_لِڪوٽي آ،
    پڌر پئي جن جي چوٽي آ،
    نيت تن جي نه کوٽي آ،
    نِسَنگ نروار ٿي نانگا،
    اچن پيا چاهه مان چانگا !

    ملڻ ميلاپ جي مند آ،
    اُنهن جي ئي اچڻ جو ٿا،
    مڙئي گڏجي پڇن مون کان،
    ڀُنگيون جن ريءَ بڻيون ڀانگا،
    اچن پيا چاهه مان چانگا !

    ملڻ جي هير تي مڪڙا،
    لتاڙيندا اچن لڪڙا،
    اسان جي تانگھه ۾ تڪڙا،
    لنگھي ويا لَڪ، لڪيون، لانگھا،
    اچن پيا چاهه مان چانگا !

    ڪجي ڇا ڳالھه مستن جي،
    اڏائي ڌوڙ رستن جي _
    اچن پيا چاهه مان چانگا !
    اچن پيا چاهه مان چانگا !


    ته تون هليو وئين،

    ته تون هليو وئين،
    ته تون هليو وئين !

    اڃا ته آگميو نه آ،
    اڃا ڇَمَرَ جي ڇاٽ نه آ،
    اڃا اڃيو اڃيو رهيو،
    اُساٽ ئي اساٽ آ،
    اڃا کُٽي نه رات ئي،
    اڃا ته ٻاٽ ٻاٽ آ،
    ته تون هليو وئين، ته تون هليو وئين!

    اڃا ضمير زنگ ۾،
    ڪسيو رهيو ڪٽيو رهيو،
    اڃا ته لاهه سچ جو آ،
    پاڙ کان پٽيو رهيو،
    اڃا ته حق جو پرين،
    آواز آ گھٽيو رهيو،
    ته تون هليو وئين، ته تون هليو وئين!

    ڀري نه ڪا سگھي ٺَلھيِ،
    ماءُ جي هي جھولڙي،
    اڃا ته لڙڪ پئي اُگھي،
    ڏسي هيءَ لال چولڙي،
    اڃا به ڇرڪَ پئي ڀري،
    ٻڌي هي ٻاتي ٻولڙي،
    ته تون هليو وئين، ته تون هليو وئين!

    اڃا ته ڪنهن نه پورهيتن،
    ڍڪيو اُگھاڙو انگ آ،
    اڃا ته هت انهن سندو،
    بچي سگھيو نه ننگ آ،
    مرن بکيا فصل لٿي،
    بچيو نه ڪو به سنگ آ،
    ته تون هليو وئين، ته تون هليو وئين !

    اڃا مزور مل ۾،
    سڙي مري سڙي مري،
    تڏهن به سيءَ، اُس ۾،
    ٺري مري، ٻري مري،
    زبان مان ڪڇي نه ٿو،
    نه دانهن ڪوُڪ ڪا ڪري،
    ته تون هليو وئين، ته تون هليو وئين!

    اڃا ڏکيو هي ديس آ،
    اڃا بکيو هي ديس آ،
    رهي نه سا زبان آ،
    نه وَنُ آ، نه ويس آ،
    لونگيون سموريون لال ٿيون،
    رتو رهيو به کيس آ،
    ته تون هليو وئين، ته تون هليو وئين!

    اسان جو پيار نئون پرين!
    اڃا نئين پريت آ،
    انياءَ ساڻ اٽڪڻو،
    نئين نسل جي نيت آ،
    اڃا انهيءَ جنگ ۾،
    نه هار آ، نه جيت آ،
    ته تون هليو وئين، ته تون هليو وئين!

    اڙي او موت حيف ٿئي!
    پرين اسان کان تو ڇنو،
    هليو سدائين حق تي،
    ڪڏهن نه تو ڪنا ڊِنو،
    ڪڏهن نه دل تان ميٽبو،
    جو داغ تو اهو ڏنو،
    ته تون هليو وئين، ته تون هليو وئين!

    اڃا ته ويڙهه ٿي هلي،
    ڪني ڪُڌي سماج سان،
    اسان جو ٽڪر آهه ان،
    تخت سان ۽ تاج سان،
    اڃا ته ويڙهه ٿي هلي،
    اسان جي سامراج سان،
    ته تون هليو وئين، ته تون هليو وئين!

    انت ٿيو انياءُ جو،
    اسان جي جند جڏهن ڇُٽيِ،
    اها انڌاري رات ڀي،
    اجھا کُٽي، اجھا کُٽي،
    لڳائي لاک لالڙي،
    اها پرهه جڏهن ڦُٽِي،
    ته تون ڪٿي ملين، ته تون ڪٿي ملين!


    پشم جنهن جا پير، اسان سان ڪانه هلي،

    پشم جنهن جا پير، اسان سان ڪانه هلي،
    ڪانئر، ڪاهل، ڪير، اسان سان ڪا نه هلي!

    پاڻ هلون ٿا پاپُ_نَگر تي، ڪاهيو ڪاهيو هاڻ،
    پوءِ جي سوچ کان پهرين موٽي ڀل تون موجون ماڻ،
    ڦيريون کائي ڦير، اسان سان ڪا نه هلي،
    ڪانئر، ڪاهل، ڪير، اسان سان ڪا نه هلي!

    پيار، ديار پرين جو پَوَتَرَ ماڪ ڦڙن جو هار،
    تنهن ۾ سائي پير ڌَري آ جنهن جو سڀ سان پيار،
    جنهن جي من ۾ مير، اسان سان ڪا نه هلي،
    ڪانئر، ڪاهل، ڪير، اسان سان ڪا نه هلي!

    اَن ڪڻو ۽ پاڻيءَ پيالو، پنڌ ۾ ملندو ناهه،
    سوچي سوچي ساٿ ڀلي ڏئي باقي جنهن کي آهه،
    هنڌ کٽن جي هير، اسان سان ڪا نه هلي،
    ڪانئر، ڪاهل، ڪير، اسان سان ڪا نه هلي!

    گھر ۾ نانگ نپائي جيڪا سمجھي ساٿي پئي،
    پاڻ ته مرندي پر هي سارو ٽولو ٿيندو رَئي،
    جا نه سڃاڻي ڏير، اسان سان ڪا نه هلي،
    ڪانئر، ڪاهل، ڪير، اسان سان ڪا نه هلي!

    ننڍڙا، وڏڙا دليون درياءَ اندر اُجرا ماڻهو،
    سادا سودا آهيون سائين، اصلي پاڻ ته ڄاڻُو،
    اير نه ڪو ئي ڀيرَ، اسان سان ڪا نه هلي،
    ڪانئر، ڪاهل، ڪير، اسان سان ڪا نه هلي!


    واٽ ٿڪي جا، ويهي ڀل سا، اَڳتي هلبو پوءِ به،
    ٿڪي پيو جي هڪڙو ساٿي، ايندو رهندو ٻيو به،
    سُڃا نه آهن سير، اسان سان ڪا نه هلي،
    ڪانئر، ڪاهل، ڪير، اسان سان ڪا نه هلي!

    هانوَ کپن ٿا هيڏا هيڏا، جيڏا هي جبل،
    ميدانن ۾ مڙسن جي آ پاڻهِين پوندي ڪَلَ،
    شوريا آهن شير، اسان سان ڪا نه هلي،
    ڪانئر، ڪاهل، ڪير، اسان سان ڪا نه هلي!

    جيڪا ڄائي، مرندي سائي، جندڙي هونءَ به جھانءِ،
    پر جي ديس جي ڪم ۾ آئي پو ته ڀلاري ڀانءِ،
    لاش ڀلي ٿين ڍير، اسان سان ڪا نه هلي،
    ڪانئر، ڪاهل، ڪير، اسان سان ڪا نه هلي!

    آءٌ وڃان ٿي ويڙهه وطن ڏي، جان وئي ته به ڇا،
    منهنجا مارو مَرِڪي چوندا سچڙي سِچڙِي آ،
    پُچيِ ويا هت ٻير، اسان سان ڪا نه هلي،
    ڪانئر، ڪاهل، ڪير، اسان سان ڪا نه هلي!

    وڃڻو آهي، مڃڻو ناهي گھر گھر گھاوءَ رسيا،
    ڪن جا سڙيا جھڳا سمورا، ڪن کان ٻار کسيا،
    ڇاتيءَ ڇاتيءَ ڇير، اسان سان ڪا نه هلي،
    ڪانئر، ڪاهل، ڪير، اسان سان ڪا نه هلي!


    آزاد نظم

    ڪڏهن ڪڏهن تنهنجو مرڪڻ،

    ڪڏهن ڪڏهن تنهنجو مرڪڻ،
    مند ملھاري ٿي ويندو آهي،
    جنهن جو هر لمحو مُگرو بنجي،
    خوشبوءِ سان ڄڻ وستي واسي،
    مهڪار اُٺي جي ڏيندو آهي،
    ڪهڪشان جي واٽ وٺيو ۽،
    يادُنِ جو رَٿُ ڄڻ ته ستارن جي جھاڪي تي ترسي،
    اڻ چين ارمانن جا ڪي لڙڪ لڪائي ماڪ اندر،
    آڌيءَ جو آڇيندو آهي!
    چنڊ ٽُٻي ڏئي ويهين جو، آڪاس نديءَ مان سِسُ ڪڍي،
    ۽ ننڊ نهوڙي نيندو آهي،


    مُدت کان پو گھيرٽ ۾ ئي،
    تو تي اک جيئن پوندي آهي،
    ننڊ جو ساٿ ٽُٽي پوندو آهي،
    ۽ سندر سپنو ڀٽڪي ويندو آهي،
    پوءِ اُڊڪا، اُلڪا، اوراڻا،
    وک وکَ رات جي وِکَ سان کڻندي ۽،
    ٽيڙو، ڪتيون، سڀ نکٽ، هڪ هڪ ٿي ڪنهن نانهن طرف،
    تڪڙي وِکَ وڌائيندا آهن،
    تنهنجي اچڻ جي آس ٽٽل تان پڙدو سيري،
    تترُ ٻوِلِي،
    پکي لنون ۽،
    باک سندا هي،
    تيرن ڪرڻا،
    اوجاڳيل اکين ۾ چڀندا آهن،
    هر روز صبح ايئن ٿيندو آهي.


    بيخودي

    بيخودي

    اکين جا هي ايوان ماتم ڪُدا ٿيا،
    ۽ ارٿيون جلي رک ارمان ٿي ويا.
    اوهان جي نهارَنِ سندي آس لايون،
    اکين ماڻڪيون ڄڻ ته پٿرائجي ويون!
    سناٽي کي چيري ۽ سڏڪن پُڪاريو،
    وري ساهه ساجن اوهان کي سنڀاريو!
    اسان لڙڪ نيڻن منجھان جوبه هاريو،
    انھي ماٺ سان ڄڻ ته ڏونگر ٿي ڏاريو.
    سڄي رات سِياهِيءَ سان تارا وڙهيا ها،
    وري ڄڻ ته رابيل کيتن کڙيا ها،
    جنهين تي مٿو چاندنيءَ رات ٽيڪيو،
    ۽ طواف جگنن سڄي رات پئي ڪيو،
    وري حسرتن گيت ۾ ياس ڳايون،
    بدن جي بهارن سندي پياس لايون،
    اوهان جي نهارن سندي آس لايون،
    اکين ماڻڪيون ڄڻ ته پٿرائجي ويون!
    جڏهن ديوتائن جي تقدس جيان تو،
    کڻي نيڻ گھوريو ته تن ۾ پرين !
    فقط آءٌ ئي هوس، هئو ڪين ٻيو،
    ائين پاڻَ کان پاڻُ وسري ويو!


    اڄڪلھه جو ماڻهو!

    اڄڪلھه جو ماڻهو!

    ڏاند چاڪيءَ جو مُٺيءَ ڪنهن ماٺ ۾،
    ٿو رڳو ڳَهَندو رهي،
    وَهَندو رهي،
    ڪا به منزل ماڳ جي جنهن کي خبر ئي ڪا نه آ،
    پر انهيءَ جي وس ۾ ٻيو ته ڇا نهڪر به نه آ،
    بلڪل ايئن ئي چُپُ چُپات،
    اکين تي جنهن کي اکياڙيون،
    ۽ مٿس چهبُڪ جو سٽڪو،
    گاَر جي آهي ڳَئَيِ،
    هو مگر ڪنهن ڀي عُذُرَ کان سواءِ،
    ماٺ ۾ وهندو رهي ٿو.
    ان سموريءَ جُٺُ هوندي،
    ان جي من ۾ آس آ،
    پنڌ جو سٽڪو ڪري جيڪو وِيَسُ،
    سو سندم هئڻ جو آهي دليل !
    هئڻ ۽ نه هئڻ ۾ هونءَ به ٿورڙي آهي وٿي،
    ڏاند جو ڪو حق نه آ،
    جو گھڙيءَ پَل لئه،
    اکياڙيون سيرڙي ۽ ڏسي ڪجھه ڀي سگھي!
    ته پنڌ آ هُن ڪيڏو ڪيو ؟


    پنڌ جيڪو هئڻ هن جي جو دليل!
    سج لٿي وقت جڏهن ٿيون لھن ان جون اکياڙيون،
    ڇوڙجي گھاڻي منجھان،
    ڇرڪ کائي ٿو چوي :
    پنڌ سڌو ٿيو ڪي نه ڪي، ماري وڌو ڦيري ولي،
    جان پٽي اکيون ڏسان بيٺو آهيان ساڳئي ڪلي!
    پوءِ اهو جو وقت ڪٽيو،
    وانجھيل آ جو مفاصلي جي ماپ کان،
    ڏاند جي هوندي به ڄڻ،
    سندس اڻ هوند جو آهي ثبوت .
    ڏاند جِي جي دل ڏسي ڪو ان مهل،
    ڪانه اهڙي دل رهي جا،
    ان تي نه کائي ڪهل،
    پر ڏسي ٿو ڏاند جڏهين،
    ماڻهو اڄوڪي دور جو،
    جنهن جي اکين تي اکياڙِيون به بظاهر ڪو نه آهن،
    سو به ائين هڪ دائري ۾،
    بي سود ڦِرَندو سِرَندو ٿو رهي،
    عمر ساري ايئن ڪٽي،
    ڪو نه پُرجھي ڪنهن مهل.
    دور هن جي آدميءَ تي،
    ڏاند کي آئي ڪَهل !!


    ته يادن ۾ گڏ!

    ته يادن ۾ گڏ!
    اِنهيءَ جي ته سائين اِها ٿي پُڄاڻي،
    ته يادن ۾ گڏ!
    سڄي زندگاني وئي ايئن وکري،
    گھڙي ڪانه ڪائي چڱي آهه سنڀري،
    وئي آهه ويٺي اکين ۾ ئي گذري،
    ونڊي سور سارا وئي رات نبري،
    وڃڻ ويل چيائين چڱو موڪلاڻي .
    ته يادن ۾ گڏ!
    کسي رات هڪڙي وتي زندگيءَ کان،
    وئي سا به گذري گھڙي پل وانگيان،
    پڇا ڪَن اندر آئي هورڙيان آئي دل کان،
    ته مون ڏي ڏسي هُن وڏي ڪنهن عجب مان،
    ٽهڪ ئي ڏنائين ۽ کلندي وراڻي .
    ته يادن ۾ گڏ!
    اَسر ويل ٻولي پکي جيئن اٿيا،
    وري دَس ڪُڪڙن هنيان پوئيان،
    گُھلي هير خاموش نياپا ڏنا،
    جڏهن نيڻ روئندي ۽ لڙڪن ڀنِا،
    اکين سان سليائين سا گونگي ڪهاڻي .
    ته يادن ۾ گڏ!
    ڪڏهن گھر اندر ڄڻ ته ساڳيو آ مقتل،
    فقط هوءَ ۽ آئون، ٽيون ساڻ گھر،
    ڏسڻ مان نه ٿو ڍءُ ٿئي سر بسر،
    اهو خيال ساڀيان نه آهي مگر،
    وري ياد آئين ڪئي هڪَ هڪاڻي .
    ته يادن ۾ گڏ!


    ڇتارا

    ڇتارا

    مينهن ڪڻين جي پايل ڇمڪي لَڳَهَه به ڳائن ميگھه،
    هير اُٺي جي ڄڻ ته هندورو، ڪر ڪا اچڻ ۾ سيگھه.
    ڪر ڪا اچڻ ۾ سيگھه، وري جو جواني وَرَنديِ ناهِه،
    آشا ئُنِ جي پيڙا ساجن پاڻهين ٺرندي ناهه،
    اوسئڙي جي اوجاڳن ۾ ننڊون ڦٽائي نينهن،
    منهنجي منشا آهه ته موٽج تون ئي خود ٿي مينهن .
    *
    سوڳ اندر ويو سارو جِيَونُ جنهن جا لمحا سونَ،
    پوءِ به من مان، ڪڍي نه سگھياسون ساجن تنهنجي اونَ.
    ساجن تنهنجي اون، نه گھٽبي، انڊلٺ بنجي آءُ،
    جيئن الوڻي جيون هن ۾ وڃي ڪو ڀرجي ساءُ،
    جان وجھي وڃ جذبن ۾ ۽ روح تان روڙج روڳ،
    ڏيج جِلاڪا، جوانيءَ کي، جا بنجي وئي آ سوڳ !
    *
    ماڻهوءَ جو من موتيءَ مان ٿيو مٽجي آهي مَٺُ،
    محبت جا تون موٽائي ڪي ماڻ وري اڄ وَٺُ .
    ماڻ وري اڄ وَٺُ، ته جھومي جندڙي ٿئي ڀل جھانءِ،
    ان عمل جي عيوض مان دل تحفو ڏيندو سانءِ .
    آءٌ ڪري ايئن ناهيان سگھيو، ست به ٿيو آ ساڻو،
    آس لڳائي ويٺس اهڙو، نيٺ ڪو ايندو ماڻهو !


    پنجڪڙا

    ٽار ٽانگر جي مٿان پوپٽ ٽِلن،

    ٽار ٽانگر جي مٿان پوپٽ ٽِلن،
    ٿي هوا سِينڍون ڏَئِي تن کي سڏي،
    خنڪ سان خوشبوءِ ڀي گوڏو گڏي،
    چاڳ مان جھمِريون وِڌُيِون هِنِ چَنچَلَنِ،
    ٽار ٽانگر جي مٿان پوپٽ ٽِلن !


    مند تي ٿا ميگھه جھومن ۽ جھلَنِ،

    مند تي ٿا ميگھه جھومن ۽ جھلَنِ،
    کنوڻ تجلا واءَ ۾ وايو منڊل،
    ڳل گلابي، بوند ۾ ڳاڱيون ڀنل،
    ڀَئونر ڀُلِجِي، جنهن مٿان پيا ٿا ڀُلَنِ.
    مند تي ٿا ميگھه جھومن ۽ جھلَنِ!


    در، تنوارن ساڻ تاڙي جي کُلَنِ،

    در، تنوارن ساڻ تاڙي جي کُلَنِ،
    بوند هر ڪا لڙڪ جيئن پئي ٿي لڙي،
    ايتريون ديريون اچڻ ۾ او اڙي !
    آ جيان لئه هير جا جھوٽا گھلَنِ،
    در، تنوارن ساڻ تاڙي جي کُلَنِ!


    مور جا ڪيئي ٽهوڪا پيا رُلَنِ،

    مور جا ڪيئي ٽهوڪا پيا رُلَنِ،
    ڪين ٿو آٿت تنين کي ڪو ڏِئي،
    ٿو جڏو هي جيءُ ڀي جن لئه جِئي،
    هُل تن جي اچڻ جا پيا ٿا هُلَنِ،
    مور جا ڪيئي ٽهوڪا پيا رُلَنِ !


    لڙڪ نيڻن ۾ ڇمر جيئن پيا ڇُلَن،

    لڙڪ نيڻن ۾ ڇمر جيئن پيا ڇُلَن،
    تنهنجي ورکا لاءِ هِي موزُون گُلَ،
    موتيا، مُگرا، چنبيلون ۽ سُنبلَ،
    پر انهن کان مانُ وڌ لڙڪن_گلن،
    لڙڪ نيڻن ۾ ڇمر جيئن پيا ڇُلَنِ!


    آ طبيعت کي تپايو پير جي ڦُلڻِن ڦُلَنِ،

    آ طبيعت کي تپايو پير جي ڦُلڻِن ڦُلَنِ،
    وِک کڻڻ جي ناهه طاقت هاڻ تون خود اچ هلي!
    آخري دم تو کي ارپيان، توسوا ناهي ڳلي .
    نيڻ تنهنجي ڏسڻ جي لئه، موت کان پوءِ ڀي کُلَنِ،
    آ طبيعت کي تپايو پير جي ڦلڻِن ڦُلَنِ !


    وائي

    وائي

    پاهڻ، پاٺا، ڪِٺَ، ڪَٺُورَ_
    پير ته ڇا ها سسئيءَ جا !

    پوئين هِڏڪِيءَ سان به رِڙهي پئي،
    ساري چِڪِنا چُورُ_
    پير ته ڇا ها سسئيءَ جا !

    کِرکنا هُئس ساري جندڙي،
    سنڌَ سنڌَ جُکئَسِ سُورَ_
    پير ته ڇا ها سسئيءَ جا !

    سوچي ڏونگر سُن ويو ٿي،
    ڇا پرٽياڻي، ڇا پُور_
    پير ته ڇا ها سسئيءَ جا !


    گھُٻُون، ڇالا، ڇِيرَون، ڇَتِيُون،
    نرم پشم کان نُوَرَ_
    پير ته ڇا ها سسئيءَ جا !

    لھندڙ سج ڀي لال اکين سان،
    گھايل ڏي ڪَئيِ گھور_
    پير ته ڇا ها سسئيءَ جا !

    اهڙا عمر سڄيءَ نه ڏٺا ها،
    تاريخ سندي ڪنهن توُرَ_
    پير ته ڇا ها سسئيءَ جا !

    پنڇي آکيرن مان گھوري،
    واهيري وهلُورَ_
    پير ته ڇا ها سسئيءَ جا !


    سمبارا پبليڪيشن پاران شايع ٿيل ڪتاب

    1. هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم (مضمون/تاثر) ساجد سنڌي -/200
    2. سمنڊ ۾ سپ (شاعري) سرڪش سنڌي (ختم ٿيل)
    3. اڌوري رچنا (شاعري) منظور سمون -/50
    4. ٻاراڻي ادب جو مسيحا (مضمون/تاثر) هاشم لطيفي -/300
    5. شاهه عبداللطيف ڀٽائي (مضمون/معلومات) غلام شبير پيراهين (ختم ٿيل)
    6. هوائن جي هندوري ۾ (شاعري) وفا عظيم جلباڻي -/200
    7. اوجاڳيل آڱريون (شاعري) امر منصور چوهاڻ (ختم ٿيل)
    8. مُرڪون محبوبن جون (شاعري) ”شاد“ جلباڻي -/150
    9. رڻ رڙيون ٿو ڪري (شاعري) نسرين الطاف -/200
    10. غلطي معاف (مضمون) جاويد جوکيو -/200
    11. شاهه لطيف جا شيدائي (تحقيق) راهب لاڙڪ -/250
    12. ڪٺيس ڪويڄن (تنقيد/تحقيق) مبارڪ علي لاشاري -/200
    13. دادلوءِ: تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيق) پروفيسر فدا حسين”فدا“ (ختم ٿيل)
    14. سويرن جا اُلڪا (شاعري) ملزم سومرو -/200
    15. لفظ هوا ۾ خوشبوءِ (ريڊيو اسڪرپٽ) جبار آزاد منگي (ختم ٿيل)
    16. مٽيءَ جو آسمان (شاعري) علي اظهار -/150
    17. ڇا؟ (شاعري) منظور سمون -/50
    18. سار جا رستا (شاعري) فرحان اڄڻ -/200
    19. اکين ۾ مند مينهوڳي (شاعري) سائل پيرزادو -/200
    20. سُڌِ سچل جي (تحقيق) علي حسن سرڪي -/200
    21. بچهڙي آنکهه کا ماتم (اردو ناول) ساجد سومرو -/150
    22. ٻانڌي جي تاريخ (تحقيق) شبير احمد عباسي -/300
    23. پياسيءَ جون پڪارون (شاعري) شاهن ”پياسي“ گبول -/400
    24. هينئڙي منجهه هڳاءُ (شاعري) مخمور رضا -/200
    25. اُماس راتيون اداس رستا (شاعري) فهميده شرف بلوچ -/300
    26. دل صحرا، سمنڊ اکيون (شاعري) شاد جلباڻي -/150
    27. ٻهه ٻهه ڪندڙ ٻالڪ (ٻاراڻي شاعري) اويس ڀٽو -/50
    28. انگلش گرامر (گرامر) علي رضا سيال -/150
    29. فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا (آتم ڪٿا) غلام علي کوساڻي -/400
    30. جانورن جو واڙو (پرڏيهي ناول) اياز ڀٽو (ختم ٿيل)
    31. گيڙوءَ رتا خواب (شاعري) واحد سوز ملاح -/250
    32. من گهريو مشتاق بخاري (مضمون/تاثرات) احسان راهوجو -/150
    33. مُنهنجي مُئي کانپوءِ (شاعري) زخمي چانڊيو -/400
    34. جيئڻ جنين ڪاڻ (ڪهاڻيون) اقبال بلوچ -/200
    35. شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعر (تحقيق) شبير پيراهين -/300
    36. تاريخ گبول بلوچ (تحقيق) شبير حسن گبول -/600
    37. ڪوي ڪشمور جا (شاعري) ساحر سليم اوڳاهي -/250
    38. افضل عورت (اسلامي معلومات) ربڏنو خاصخيلي (ختم ٿيل)
    39. روح جون رولاڪيون (شاعري) صالح عباسي -/200
    40. سنڌ جي مزاحمتي شاعري (شاعري) پاويل جوڻيجو -/300
    41. اوڻويهه عالمي ڪهاڻيون (عالمي ڪهاڻيون) عبدالخالق سنديلو -/150
    42. ڪوهيڙي جي چُمي (شاعري) ماڻڪ ملاح -/150
    43. چانهونءَ مٿان چنڊ (شاعري) علي نواز ڏاهري -/250
    44. آس جا گل ٽياس تي (شاعري) ملهار سنڌي -/200
    45. عشق اياڻو (شاعري) جاويد جوکيو -/100
    46. تيري ياد (اردو شاعري) ساون وگهيو -/150
    47. Speeches طاهر حسين رانداڻي ۽ محمد عمران شيخ -/100
    48. جاڳ ازل جي (شاعري) جاويد سوز هالائي -/200
    49. مرگهه اڃارا نيڻ (شاعري) شاهد حميد -/250
    50. سمبارا (شاعري) ساجد سنڌي -/200
    51. پارسائي جون حدون (شاعري) امداد سولنگي -/250
    52. اوسيئرو ۽ آس (شاعري) جبار تاثير سومرو -/250
    53. دمِ ديدار مي رقصم (شاعري) حفي الحفيظ “الحفن” -/300
    54. شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيق) حسيب ناياب منگي -/300
    55. حسن سرڪار (شاعري) صوفي حقداد “نوشاد” بهلڪاڻي -/400
    56. گيت منهنجا غزل (شاعري) بهر الدين بهر شنڀاڻي -/130
    57. ڪنول ٻُڪ ۾ چنڊ (شاعري) مير محمد پيرزادو -/300
    58. اندر ڪارو ڪانءُ (ڪهاڻيون جبار آزاد منگي -/250


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 533
    ڪتابن جو مشاهدو: 550706
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 212765
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ