ڪتاب جو نالو: حسن درس جو رسالو
مصنف: حسن درس
ڇپائيندڙ: ڪاڇو پبليڪيشن
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 08 نومبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 2791 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 1000 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
حسن درس جي شاعريءَ جي محبوبا ڀلي ڪينجهر ڍنڍ هجي پر سچ ته حَسن جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي سونهن جهلڪي ٿي. هو محبتن، مُرڪن ۽ عاشقن جو شاعر هو، جنهن جي شاعري هر دل کي جهومائي وجهندي هئي. اسان وٽ اهڙا گهٽ شاعر آهن جن جي سڃاڻ سندس ڪتاب کانسواءِ ئي شاعري بڻي هجي، انهن مان حسن درس جو مقام به مٿانهون آهي. اسان جي سنڌ سان سڀ کان وڏو الميو اهو رهيو آهي جو انقلابين ۽ عاشقن جي زندگي مختصر رهي آهي ۽ ايئن ئي حسن درس به اسان کان موڪلائي هليو ويو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حسن درس جو رسالو
  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • ڪمپوزر پاران
  • سنڌ سلامت پاران :
  • پروفائيل
  • محبت پائي من ۾
  • سھيڙيندڙ پاران
  • حَسن . . . حَسن . . . حَسن ! ! !
  • حمد ،نعت، بيت

  • ڪسيرو ڇا ڪڻي آھيان!
  • اسانجي روح جا راڻا
  • اندر جي آرسي اُجري
  • محمد صه من ۾ اٿئي ويٺو
  • مرسل سائين تنھنجا آھيون
  • اديون ھن ڄام آريءَ جو
  • تنھنجي پيرن مان فجر ھر ڪا ڦٽي مولا علي عه
  • ھن بغدادي جي بات وڏي
  • اُچارن ٿا پرين پنھنجو!
  • ننڊ جا ٻيڙا
  • بي بي رابعه بصري تولاءِ!
  • ڇپر ۽ ڇانوَ پنجتن جي
  • دوست الله ھُو!
  • ابجد عبدالطيف جو!
  • عبدالطيف جا اَبا !
  • بلڙيءَ وارا سائين !
  • بي خودي اختيار ٿي . . . .
  • بيت
  • غزل

  • ھِيءَ ھوا تنھنجي، حُسن جي ھاڪ ۾،
  • واءُ ۾ خوشبو گُھلي ويئي ھَلي،
  • ڪنديون لوڏ سان ھوڏ ڇا ھي ھوائون،
  • مٿان کان شھر، نظر جيئن ٿو اچي جانان،
  • رستا سوڙھا ۽ ٻيا وڻ،
  • آئون تو ساڻ، تون ڪٿي جانان!
  • جنھن به جوڙون آھن جوڙيون رات جُون،
  • طوفان جي ڪُلھي تي، ھڪ ڇوڪري چڙھيل آ،
  • سڻان جت روز ھڻڪارون، وڇيرن جو وطن آھي،
  • ھڪ ڏيک يادگيري، ھڪ شام جو تصور،
  • عمارت عشق جي توتي مون کي عجب آھي،
  • سِرن جيئن پچائي برھ جو بٺو،
  • شام جو تون تلڪ چاڙھي، مان اونھاري جي ھوا،
  • اک آلاڻ، مان ڏسان چھرو،
  • تڏھن بحر ۾ بوند ٿي پئي گھڻي،
  • صندل جون ٻرن ڪاٺيون، ائين دل به ٻري ٿي پئي،
  • اُڀو پنڌ پنھنجو، ھوا پير ھيٺان،
  • منھنجي حيات ۽ منھنجي ورسي،
  • اک ۾ پوڙھا ڳوڙھا آھن،
  • ڇا تو مون لاءِ ليئو ٿيندينءَ؟
  • سڄي رات بيٺي ڪَٽيون سين اکيون،
  • بي قراريءَ ۾ قرار ڇو آھي؟
  • رامڪي بازار ۾ ماٺڪي بيٺي رھي،
  • اڏاڻيون ڏور پئي آڙيون، سمو ڪنھن سار وانگي ھو،
  • پکي پرديس جا سورج پرن پويان لڙي ٿو پيو،
  • لھر ٿي جاڳي ڪري ٻي لھر ۾،
  • نانگ به سوچيو ھوندو دل ۾، ماڻھوءَ جي مڻ ڪھڙي آھي؟
  • دُڪو نيٺ داخل ڪيو مون به دل جو،
  • جوانيءَ جي جر تي اسين آھيون پھتا،
  • جيڪو جوڙي ٿو،
  • پٿر به مٿان وگھري، آواز ٿي پوي،
  • شامل حال ڪو ته ھوندو ھو،
  • گھر مٽيءَ جو گھاٽ گھٽيءَ ۾،
  • سڀ ڪجھه ھجي، ضرور مگر پيار ٿو کپي،
  • ھن عمر بي مثال ۾، بي باڪ محبتون،
  • سمنڊ خشڪيءَ ۾ فرق ٿئي، ڏسجانءَ
  • اڄ مسافر ماڪ جا پئي ڪانه آ،
  • ڏس اداس رات جو پويون پھر،
  • سونھن سان پنھنجو جڏھن سھڪار ٿي پيو،
  • زندگي تو بن ائين آ بي ثمر،
  • تو بنان جي وڃڻ،
  • تنھنجا لب سنڌوءَ جا ڪپ،
  • آئي ڪين اڄوڪي رات،
  • شاھڪار ۽ شھپارا ڄڻ،
  • جيڪي جيءَ منھنجي کي جوڙي ويا،
  • چنڊ به پورڻماسي آھي،
  • اسان ئي ڪوي ڪاڪ ڪوتا جا راڻا،
  • شعر ھي شعلا شبنم ڪھاڻيون،
  • رات سپني ۾ مون ٿي گُھمي ڪھڪشان،
  • باھ رڳو نه بن ۾ آھي،
  • پرھ ميرانجھڙي باک پيئي ڦٽي،
  • يار غم قريب ڪر،
  • تو ڪيو ھو پيار جو اڳ مون سان،
  • ھوا ۾ روح رخصت ٿيو، مٽيءَ ۾ دل دفن ٿي وئي،
  • تون ستارن جي جڙوات رھنما تنھنجون اکيون،
  • سج جھڙي سنڌ راڻي روشنائي نور بيبي،
  • اداس آدمي تنھنجو آ گھر گھٽائن ۾،
  • ھر سھارو آ ڌڪو،
  • محبت مير باگي جي، ڪنول جھڙي ڪھاڻي آ،
  • عشق ۾ ذات تصور کان مٿي ڇو ٿي ٿئي؟
  • ڪڪري ھئي جا بيٺي خالي ڪڻ ڪڻ ٿي نه سگھي،
  • ڪولھين سان گڏ ڪولھي ٿيان،
  • تمنا تاڪ ۾ آھي،
  • نئين کي پراڻو ڪجي، دل ڏجي،
  • پٻن تي اڀو ٿي ڏسان يار توکي،
  • ڄمارون گذاري، ملان يارَ توسان،
  • سڄي رات ساري، ٿي بيٺي رھي،
  • ھن عمر بيمثال ۾، بيباڪ محبتون،
  • پريمُو ڪولھيءَ کان پڇندين ته توکي ھُو ٻڌائيندو،
  • پُڪاري ننڊ مان ٿي ھُوءَ،
  • تُنھنجي پراڻي خط مان تون پاڻ پيو اچين ڄڻ
  • وقت کي نيٺ واڪ، ڏيڻو ھو،
  • ھٺيلا ھرڻ پاڻيءَ مان پئن ٿا سج جا ڪرڻا،
  • وڻ جي ھيٺان ويٺو آھيان، دور گگن آ دام پکين جو،
  • نظم

  • روميءَ جو رقص آھي
  • ادي ھي آجيان ڪھڙي؟
  • رقاصه
  • صنف نازڪ
  • ڪيلاش وادي
  • تنھنجي نرم ھٿڙن ۾
  • روحل لاءِ ھڪ نظم
  • ٽاپولي
  • احمد آ آغاز پرين جو!
  • کل جھڙا پيار پنھنجا
  • اڄ به منھنجي عاشقي ڄڻ آگ آھي
  • ڪانڊيرو
  • صدين جو سچ سامھون آ.
  • ڪراچي!
  • محبت ھيڪلي آھي!
  • اوچائي!!
  • پراڻو عشق پوڙھو ھو!
  • ھر گُلن سان گفتگو!
  • جاڳندڙ جواني!
  • اڌڙوٽ عمر جي عورت
  • ڌرتي
  • رات جي گھوڙي جڙي
  • سانجھيءَ جي ڪعبي ۾
  • ننگي سرمد جي حضور ۾
  • اُس جھڙو رنگ تُنھنجو!
  • ڄانڀي گُلن جيئن ڇوڪري!
  • ڪراچي تُون اسانجو سج آھين!
  • مس اسڪارپيو
  • شاعر جو وطن
  • تون ڪٿي آھين؟
  • ڪنگڻ
  • تون ته ڄڻ ٿي نازبو مھٽي وڃين
  • تون صفا تڪڙي تِکي!
  • ذوالفقار علي ڀٽو!
  • مونکان نه پڇ منھنجو حال
  • اسٽيفي گراف لاءِ!
  • چڱو جو اسانکي نه درزي مليو
  • خانه بدوش جيئن خُدا کي ياد ڪن ٿا!
  • نصرپور!
  • روحل، چيزل اکڙيون آگم!
  • جھرڪين کي خوار خراب نه ڪريو!
  • اڄ وري آ آئيني ۾!
  • ٻار وڃن ٿا اسڪول ڏي
  • اچ ته چئون ڪونج کي!
  • ھينسي ڪرونِيي لاءِ ھڪ نظم!
  • احمد فراز لاءِ ھڪ نظم!
  • تنھن کان پوءِ . . .
  • محقق
  • ماچيس جي تيلي!
  • مُصور!
  • اگھاڙيون ڪھاڻيون!
  • لڳي ٿو لوڪ موسيقي!
  • جر تي جواني!
  • ”ارم نما“ لطيف آباد ڇڏڻ تي ھڪ نظم!
  • کپئي گوليون، کپئي گل کڻ!
  • توکي پنھنجي ڪير لڳي ٿو!
  • نينھن نياپا اکيون!
  • گھاوَ ڪندا ڇا خالي گھر کي!
  • مُسلسل ماٺ ۾ ماڻڪ!
  • دنيا ڇا ھي!
  • سموري سنڌ سرندو!
  • سانگھڙ!
  • ھِن شھر جو به ڇا ٿيندو!
  • گھُمان ساڻ گھوڙي!
  • مُحبت سانڍبي آھي!
  • رُڳو جيئري جُدائي آ !
  • وڄي تن تار يڪتارو!
  • اسانجي ڏات ڏاڏاڻي!
  • اٌُھا ڇوڪري جا اکين مان لٿي!
  • مقتل کي نئون نياپو!
  • ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو
  • ملاح!
  • اڙي يار تنھنجا ھي ڪھڙا تماشا!
  • آئون فجر ويلي ايندس!
  • ائين بس ملياسين
  • جاڳ جي نِصاب ۾ !
  • جيون پنھنجو رستو موڙيو!
  • ڪائنات ڪيڏي وڏي آ
  • ننڊ جھڙي ڇوڪري !
  • رُوح منجھه ۾ رھين ٿي!
  • الوداعي رسم!
  • سردين جو ھڪ نظم
  • گِرين اسپاٽ ھوٽل!
  • ڳلن تي ڳوڙھا جوڙن جا!
  • تصور!
  • شاعري جي ديس ۾!
  • تُنھنجي ڳلي!
  • ننڊاکڙي سکي !
  • شانتي نڪيتن جي ھڪ شام!
  • ڪير به رستن کي ويڙھي نه سگھيو!
  • ھن عشق جي عجائب گھر ۾!
  • اُھا عورت اھا ناھي!
  • ننڊ قتل ٿي ويئي جن جي!
  • عشق حقيقت درد گلابي
  • عبادت عشق ئي آھي!
  • چئو ته تنھنجي چور کي سوگھو ڪريان!
  • ٽالِھي!
  • نِم!
  • چمپا!
  • ٻاٽ ۾ . . . .
  • آئون فقير پنڻ جو پيالو!
  • ادب سان ڇوڪريون گھُرجان!
  • چانڊوڪين جا چور!
  • ڪورٽ سان ڪر ڪچھري!
  • گيت ڌڻي جا گڏجي ڳايون!
  • کيڏارڻ !
  • امن جو نعرو!
  • فقيرياڻي!
  • لکنوء!
  • مُنھنجي اندر جي اڱڻ تي!
  • ڪارو ڪاري!
  • مغرور ستم جون انگڙايون!
  • وجودي اشتھار!
  • توکي ياد ٻڌايان ويٺو!
  • ڏسان ڪوھ ڏيڍو!
  • تو بن آئون ناھيان!
  • ملڪئه ترنم نورجھان!
  • منھنجي محبوبا!
  • ڇڏي ڏي ته ماڻھو مزي سان مرن!
  • ھي ڌرتي آ ڌڪاڻن جي!
  • غالب ڇو ته ٿيان ٿو آئون!
  • ميلو!
  • يار اوڏانھن ھلو!
  • حرم!
  • ڪُجھه به نه ڪجھه به نه!
  • ھِڪ ديس ويو دفن ٿي!
  • مُون کي الٽيون ٿيون اچن!
  • پاڇا ڪن پيڇو!
  • جھرڪيءَ جي چُھنب ۾
  • دِل وڃي ٿي ڦاسندي!
  • سنڌ ساز مان نڪتي!
  • درد جي ھُجومن ۾!
  • ڌُنڌ جي ھُن ڳوٺ ۾!
  • نار جي نِسر ۾ چاندي جو ڇلو!
  • گيت آھي ديس وٽ ھِڪ جيت جو!
  • گذر گاھ ھُن جي پُراڻي گھٽي!
  • سِڪي ٿو منھنجو موڳو من!
  • مان چانڊوڪي ٿو لکان!
  • دُکي ديس جي ھڪ ڪَوتا!
  • اھا رات توسان گذاريم جا سنگ سنگ!
  • ننڊ جي پرديس ۾!
  • آئيني ۾ سُور جاڳي!
  • ايڪٽيسي
  • شاعريءَ جي ديس ۾!
  • حواري (1) بومدين
  • محبوبا!
  • اسانجو عشق!
  • خانم گگوش
  • چئو ڀلا رات جي روبرو ٿيندينءَ!
  • مرڻو پرڻو ماڻھو سان آ!
  • تو سِواءِ آھي اجائي شاعري
  • اڪ جي ماکي نٿو لاھي سگھان!
  • جڏي ھي جواني!
  • سوين پيادا سپاھي قافيا!
  • ھي ديس مُون لاءِ آھي دُوربيني!
  • مُحبت!
  • جي تون منھنجي ڳالھه سمجھين!
  • صحرا جي دل ۾ آخر ڇا آھي!
  • دل تان چٿر ناھي چڱي!
  • عشق آ پکي وانگي!
  • عاشق ناھي نڪمو غالب!
  • اسانجي ننڊ قتل ٿي !
  • عشق جو نچي نڪتو!
  • منھنجي دُنيا
  • مُقدر!
  • عشق امانت لاءِ کڙو آ!
  • روئينا
  • سڄو سج لھندي لڱن ۾ لڏيو ھو!
  • شڪاري
  • دل ۽ دولت!
  • تُنھنجي صُورت صاحب سُھڻي!
  • وھيءَ کي وھاڻو کپي عشق جو!
  • رھجي ويل پن ڇڻ!
  • اکر ۾ ھڪ ڄڻو آھي!
  • الوداع الوداع!
  • گل گلابي تو جيان!
  • حامله عورت ڏي ھڪ خط!
  • درد جي ديوار تي!
  • روز منھنجي رُوح ۾!
  • پر ماڻھو تنھا ٽلڪي پيو!
  • ڪير ڪنھنجي لاءِ رُڪي!
  • مگر پاڻ کي لوھ لوھ چئو!
  • جوڳي بين بجاوي!
  • حسن حيرتن ۾ حياتي سموري!
  • ننڊ کي اونڌو ٽگيندو ٿو رھان
  • ڪا به ڪويتا اُجري ناھي
  • ھُن شخص جو ذڪر
  • بي مثل
  • تون جا پاڻ پکيءَ جھڙن آن
  • نياپو
  • لڪ لڪوٽي
  • فيصلو
  • ڪرين تون اشارو
  • تون نه آهين
  • ٽي منظر
  • ازل ابد
  • شھر مٺيءَ لاءِ ھڪ نظم
  • انڌي ديدَ تنھنجي آ عادت اِھاڍ
  • گُلن جا خريدار
  • اُلڪو
  • شاعر شعر نٿو لکي
  • ڪاٿو
  • الاءِ تون ڪٿي آھين؟
  • منھنجي من جي ساحلن تي
  • جڏھن تون وھنجندي آھين
  • تنھنجون ڳالھيون
  • گيت محڪوم ناھن اسانجا
  • وايون

  • سمنڊ ڪنھن جو ٿو پڇي؟
  • نگري نيٺ نچي وئي!
  • گيت

  • راتيون ڪاٽي نيڻن ۾
  • روز ٿي ڏانوڻ وجھين
  • چئوسٽا

  • ھتي موجود جي ناھن،
  • مون کي خلقي خواب ۾ جاڳايو جاني،
  • تنھنجي بدن جي ڏاڪڻ، چاڙھيون چڙھي سگھان،
  • سڏ تنھنجا ساز ڪھڙا ھي پرين،
  • موج ٿري جي مستي ۾،
  • گلاسن ۾ تازو ٺرو پئي ڀريو،
  • تو ساڻ عشق منھنجو بدنام ڇو ته ٿيو؟
  • لفظ لشڪر جيان اچن اُلري،
  • شھر کان دور دل جي صحرا ۾،
  • اونھاري جي اُڀ مان به تارا تڪن ٿا،
  • ديوار ۾ خدا ڇا تو در در ڪري وڌو،
  • اسانجي راھ مٿان روشني يڪي پوندي،
  • مقدر جا قصا ڪھڙا ۽ ڪھڙيون اڳڪٿيون آخر،
  • مان بيھان ٿو باھ تي ماتم ڪري،
  • اسين ٻئي وقت جي تيزاب ۾ ڳرون ٿا پيا،
  • ھيءَ جا محبوب جي آھي گھر جي گھٽي،
  • شام ٿينديئي خيال مٽجي ويو،
  • سانجھه جي ويلي سکيون، توکي ئي سارينديون رھيون،
  • گوڙ گھمسان ۾، ڏار وڻ وڻ رڳو،
  • ڄار ۾ ڦاسي سگھي ٿي ھر مڇي،
  • ھُن نديءَ سان جيڪا بيٺي ڳالھه ڪئي،
  • جيتن جا سرٻاٽ آھي سمجھندو،
  • اسان کي آھي خبر ماتمي ڪٽنب ڇاھي؟
  • اسان جا مقدر ندورا نماڻا،
  • مون جھڙو موت ڪونه ڏٺو ٻئي ٺڳ الا،
  • وڻن تي ويٺل پکي ٻولين پيا،
  • ھڪڙي حسن کي ڪين رڳو جام جم کپي،
  • ھو پکي، ھوءَ ڇوڪري زندگي ڀڙڪي جيان،
  • ڏي ڀلي تون ڏي ڀلي تون ٽھڪ ڏي،
  • ھوائن گلن کي خريدڻ گھرن ٿيون،
  • ملي ڪوڙ ماڻھن جي ھن ملڪ ۾،
  • سڏي سون مون کي جو گھوريو ڏسين،
  • ڇليل بادام جھڙي ڇوڪريءَ کي ڇا چوان،
  • ڪميتن تي چڙھي ايندڙ،
  • ملاقات جي مھل ايندي ڪڏھن؟
  • مون کي چاڙھي چِت، ڇو ٿو ڇوڪراڻيون ڪرين،
  • درد ھڪ ڏينھن وري ڀيڙ ڏئي ڪرندو مون تي،
  • پنج سٽا

  • مشڪل سان ھئي وڻن مان ممڪن ھوا لڳي
  • اُس مٿان ۽ ھيٺان ھنج ڪيئي ڏٺا مون،
  • ڇوڪرو ھوندي به ڄڻ پوڙھو ٿيندو پيو وڃان،
  • يونيورسٽي جي ڪلاسن ۾ حُسن،
  • ڇھه سٽا

  • رڳو باھ ٽمڪي رڳو باھڙي
  • بن ۾ ڳالھين آئون نه آھيان،
  • ڀاڪُر ڀاڪُر منجھه ورائي،
  • تون اڙي او سانوري!
  • نديءَ جي رُخ ڏي نھار وري ھليو ويندس!
  • ڦوھ جواني پئي ھوا ۾ تو مٿان ڇڪجي ڇڻي،
  • ھڪ حقيقت سو فسانا شھر ۾،
  • ڌنڌو ڪر وقت سارو وڻج ۽ واپار ڪر،
  • اوھان جي شھر ۾ ماڻھو اگر اچي نڪري،
  • پُڪاري ننڊ مان ٿي ھو
  • اُجھاءِ ٻيڙي نه ڪر بند، بات رستو آ،
  • ھر گل سان گفتگو ۾ گذرندي گھڙي آھي،
  • شراب جي دُڪان تي،
  • ڪنھن اصِيل نانگ جي،
  • دربدر ھوائن مان،
  • ڍنڍ جي ڪٺار تي
  • لفظ لفظ ۾ لھي،
  • متفرقه شعر

  • جيئنَ شال جڏيءَ کي جوڙيندا ٻيھار!
  • موسمون سُرن جون اُٿي بيٺيون،
  • پھر جو ٻُڪ آھيان مان،
  • گنگھار آھيان گنگھار آھيان،
  • خواب کي کوٽي ڪرڻ جي ڪم جي تعبير ٿي،
  • مقروض ٿي مري ويو آ ڪنھن جو نه ٿي سگھيو،
  • رات جون ڌاڳن جيان لڙڪن ڳليون،
  • محبت ۾ محنتون ۽ ماڻھو ڪري مزوري،
  • ساز ۾ سنيھو آ، سار ياد جي دُنيا،
  • اسان آسمانن ۾ ڌوڪيو گھڻو آ،
  • مجازي محبت ۾ مون جو ڏٺو آ،
  • اڌ اُگھاڙي عورت جي ڌيمي روشني،
  • ڏک مليس ٿي ڏاج اديون،
  •  -
  • مان ھتان وڃان ٿو پيو، ھوءَ ھتان ھلي ھوندي،
  • ٻنھپرن جو ٻگھه اڇا ٻئي،
  • دل وارن دل لڳي ۽ دل لڳي ويئي ھلي،
  • بت پرستي ڪيم، سُٺو سمجھيم،
  • عارضي آھن حُسن جون آرسيون،
  • اِھا باھ ٻي آ، ھُن باھ جي اڳيان،
  • گيتن ۾ آ واٽ وڙھن جي تارن ۾ آ تات اسانجو،
  • پرين پرين ته پري سندس نه پيرو آ،
  • او پرين تنھنجي ڪري مون کي،
  • مون جڏھن گھاٽيون گھٽائون پئي لکيون،
  • مرڪ جيڏي مختصر ٿي ھڪ ڇوڪري،
  • اسانجا ڪافراڻا ڪم، نه ئي پنھنجي نمازي دل،
  • طلمسي آئيني ۾ ترندڙ ننگيون نيگريون
  • نج ٻولي استعارو گيت جو،
  • تنھنجي چپن تي،
  • تنھنجي ڳل تي تر،
  • نانگ جوڳڻ جي اکين ۾ ٿو تڪي،
  • اڌ وھيءَ ۾ پھچي جڏھن ٿيون پيار ڪن،
  • ساھ منھنجي ۾ سھڪندي ٿي رھين،
  • فطرت جي فرزندي ھُن جو نصيب،

  • حسن درس جو رسالو

    حسن درس جو رسالو

    (سنواريل، سڌاريل ۽ وڌايل)



    سھيڙيندڙ : ارم محبوب


    سڌاريندڙ ۽ وڌائيندڙ
    محمد علي ماجد



    ڪاڇو پبلڪيشن، ڪراچي
    سنڌ


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2017ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    حق ۽ واسطا

    حق ۽ واسطا

    حسن درس جي شاعريءَ جا حق ۽ واسطا
    حسن درس جي ٽنهي ٻارن (ردم، روحل ۽ چيزل) وٽ محفوظ رهندا

    ڪتاب : حسن درس جو رسالو
    سهيڙيندڙ : ارم محبوب
    سڌاريندڙ ۽ وڌائيندڙ : محمد علي ماجد
    پهريون ڇاپو : 2011ع
    ٻيو ڇاپو : 2016ع
    لي آئوٽ : پيار گرافڪس
    ٽائيٽل : نعيم ديسوالي
    ڇپيندڙ : ذڪر سنز، ڪراچي
    ڇپائيندڙ : ڪاڇو پبليڪيشن، ڪراچي
    0300 2879794
    مُلھه : 480 روپيه






    ارپنا

    ارپنا

    روحل

    ردِم

    ۽

    چيزل

    جي نانءُ!






    ڪمپوزر پاران

    ڪمپوزر پاران
    ”انسان غلطين جو گھر آھي، ويسر سندس فطرت ۾ شامل آھي. اُن ڪري انسان جي لکت غلطين کان پاڪ ۽ صاف نه ٿيندي. وس آھر ڪوشش ڪبي آھي ته بھتر کان بھتر ڪيو وڃي. ڪٿي ڪا به غلطي ھجي ته ڪمپوزر پاران سمجهجو ۽ نشاندھي ڪجو.


    شاھنواز ٽالپر
    سنڌ سلامت ڪتاب گھر
    sntalpur@gmail.com



    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت پاران :


    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”حسن درس جو رسالو“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. حسن درس نوجوان دلين جو ترجمان شاعر هو جيڪو پنهنجي جوڀن ۾ ڪيترين ئي دلين کي روئندو ڇڏي ازل جي راهه جو راهي ٿيو. حسن درس جي شاعريءَ جي محبوبا ڀلي ڪينجهر ڍنڍ هجي پر سچ ته حَسن جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي سونهن جهلڪي ٿي. هو محبتن، مُرڪن ۽ عاشقن جو شاعر هو، جنهن جي شاعري هر دل کي جهومائي وجهندي هئي. اسان وٽ اهڙا گهٽ شاعر آهن جن جي سڃاڻ سندس ڪتاب کانسواءِ ئي شاعري بڻي هجي، انهن مان حسن درس جو مقام به مٿانهون آهي. اسان جي سنڌ سان سڀ کان وڏو الميو اهو رهيو آهي جو انقلابين ۽ عاشقن جي زندگي مختصر رهي آهي ۽ ايئن ئي حسن درس به اسان کان موڪلائي هليو ويو.
    حسن درس جو رسالو پهريون ڀيرو انڊس فائونڊيشن پاران 2011ع ۾ ڇپايو ويو جيڪو هٿئون هٿ وڪامجي ويو. مانواري محمد علي ماجد رهجي ويل خامين کي درست ڪري نئين شاعري شامل ڪري ڪاڇو پبليڪيشن، ڪراچي پاران 2016ع ۾ هڪ دفعو ٻيهر رسالو ڇپايو ويو آهي.
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر کي سڀ کان وڌيڪ فرمائش حسن درس جي شاعريءَ جي ٿي. تنهنڪري اهو فيصلو ڪيوسين ته رسالو ڪمپوز ڪري آنلائين رکون. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو. مهربانيون ڀيڻ ارم محبوب جون جنهن ڪتاب جي ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پروفائيل

    پروفائيل

    نالو: محمد حسن درس
    ادبي نالو: حسن درس
    والد: غلام رسول درس
    تعليم: ايم.اي سنڌي
    سڃاڻپ: پنھنجي ٽھيءَ جو نمائنده شاعر ھو ۽ اعلى نثر نگار پڻ ھو. ھن ڪيتريون ئي ٽي.وي ڊاڪيومينٽريز نه فقط لکيون. پر ھُن انھن لاءِ پنھنجي آواز ۾ ”وائس اوور“ به ڪيو ھو. گڏوگڏ ھن ڪاوش، عبرت، ۽ عبرت مئگزين ۾ ڪيترائي مضمون ۽ فيچر پڻ لکيا.
    گھر واري: ارم محبوب، جيڪا پڻ نامياري شاعره آھي.
    ٻارڙا: روحل حسن، چيزل حسن ۽ رڌم حسن
    ڇپيل ڪتاب: حسن جو ڪجھه ڪلام نوجوان شاعرن جي چونڊ مجموعي ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان“ ۾ 1992 ڌاري ڇپيو. جڏھن ته ھن جو ڪتاب ”حسن درس جو رسالو“ جي نالي سان سندس وفات کان پوءِ 2011ع ۾ شايع ٿيو آھي.

    منصب: حسن حيدرآباد مان نڪرندڙ ھڪ اخبار روزاني ”سوال“ جو ايڊيٽر، روزاني ”خلق“ جو جوائنٽ ايڊيٽر، پندرنھن روزه ”عبرت مئگزين“ جو ايڊيٽر، مشھور سنڌي ٽي وي چئنل ”سنڌ ٽي وي“ جو پروگرام مئنيجر ۽ پنھنجي جوڙيل اداري انڊس ميڊيا ڊيولپمينٽ جو ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر رھيو. حسن ھڪ ئي وقت گھڻ رخي شخصيت ھو. ھن سنڌ ٽي وي جا ڪجھه پروگرام ڪنڊڪٽ ڪيا ته ڪجھه اردو ڊرامن ۾ اداڪاري پڻ ڪئي.

    تدفين: مشائخ ھوٿيءَ وارو اباڻو قبرستان، اڳوڻو تعلقو ۽ ھاڻوڪو ضلعو ٽنڊوالھيار


    محبت پائي من ۾

    محبت پائي من ۾

    ھڪڙو ايڊيٽر طارق اشرف ھيو جيڪو اديبن جي لکڻين کي سڌاري ۽ سنواري ماھوار سھڻي رسالي ۾ ڇاپي اديبن کي شھرين جي بلندين تي پھچائي ڇڏيو. ھيڏانھن ٻيو ايڊيٽر حسن حسن درس جي رسالي جو آھي. جنھن حسن درس جي خوبصورت شاعري کي ايڊٽ ڪري حسن درس جي شھرت کي نقصان پھچايو آھي. حسن درس جي رسالي تي مير حسن آريسر جو تفصيلي تنقيدي مضمون سارنگا جو شمارو ٽيون/ چوٿون 2011 ۾ ڇپيل آھي، جنھن ۾ مير حسن آريسر ص 95 تي لکي ٿو ته ”حسن درس جھڙي خوبصورت شاعر جي لازوال شاعريءَ سان ھٿ چراند کي ڪيئن ٿو نظر انداز ڪري سگھجي، جنھن تحت ھن جا سھڻا گيت، گيت ناھن رھيا، غزل، غزل ناھن رھيا ۽ ڇھه سٽا ڇھه سٽا ناھن رھيا.
    ڇو ته حسن درس جي رسالي جي ايڊيٽر کي اھا خبر ڪانھي ته غزل، گيت، بيت، نظم ۽ چئوسٽو ڇاھي. اھو شخص حسن درس جي رسالي جو ايڊيٽر آھي؟ رسالي جي ص 23 ۽ ص 24 تي ھڪڙو ھڪڙو بيت ڏنل آھي. ص 41 تي ٽي بيت، ص 421 تي ٻه بيت، ص 423 تي ٽي بيت، ص 431 تي ٻه بيت ڏنل آھن. ايڊيٽر کي اھا خبر ڪانھي ته بيت، بيتن سان رکجن.
    نظمن وارو ڀاڱو جڏھن پڙھجي ٿو ته ان ۾ اسان کي غزل ۽ گيت ملن ٿا. جيئن ص 119 تي
    ڪولھين سان گڏ ڪولھي ٿيان،
    ھا ھا ھا، آئون ھولي ٿيان.
    ص 188
    تمنا تاڪ ۾ آھي
    لڪي توکي ڏسڻ چاھي
    مٿيان ٻئي غزل امرتا پبليڪش حيدرآباد 2012 ۾ حسن درس جو ڪتاب ”الاءِ تون ڪٿي آھين.“ مرتب فقير محمد ڍول وارن به نظمن ۾ ص 39 41 تي ٻئي غزل شامل ڪيا آھن. ص 248 تي
    روز ٿي ڏانوڻ وجھين،
    روز ٿو ڦاسي پوان

    ٻانھن تنھنجي جي ڊگھي،
    لچڪندڙ ٽاريءَ مٿان،
    روز لالائي لنوان،
    گيت آھي پر نظمن واري ڀاڱي ۾ ڇپيل آھي. اھا ساڳي غلطي امرتا پبليڪشن وارن ”الاءِ تون ڪٿي آھين“ ۾ ص 24 تي ورجائي آھي.
    رسالي جي ص 227 تي
    راتيون ڪاٽي نئين ۾
    ٿو واٽون نھاريان جاڳي،
    گيت آھي.
    ان کان سواءِ امرتا پبليڪشن وارن حسن درس جو ھڪ شاندار نظم ايڊٽ ڪري شايع ڪيو آھي. رسالي جي ص 317 تي نظم جو عنوان آھي ”حرم“ ۽ ”الاءِ تون ڪٿي آھين“ ڪتاب ۾ نظم جو عنوان آھي ”خليفو“. ان نظم جون ھيٺيون سٽون ايڊٽ ڪيون ويون آھن.
    خليفو ته ميلاپ جو متقي،
    حسين عورتن جون نرم ناز ڪيون پئي،
    باريڪ ڪپڙي جي پردي جي پويان،
    اجھاڻيون ٻريون،
    قطارن ۾ رقصان، ھوا جو پريون ھي،
    لڏيون ۽ لميون پئي،
    ننڍن دائرن ۾، ڪندي ناچ ڪيئي،
    خليفي جي سامھون،
    جھڪيون ۽ نميون پئي،
    پٺيان دڦ بيٺي غلامن وڄايا،
    سڀئي ساز آواز سان پئي ملايا،
    حسين عورتن جون حسين ٽوليون ھي،
    خليفي دنيا ۾ ڪئي ڳوليون ھي،
    فارس جي شھرن جون مدھوش مکڙيون،
    ترڪيءَ جي ٽامي جي رنگت جيان،
    ٻرندر اکين سان الھڙ اپسرائون،
    مصر جي بازار مان ڪئين خريديل قدآور.
    حسن درس جو نظم ڪنھن ايڊٽ ڪيو اھا خبر امرتا پبليڪشن وارن کي خبر ھوندي مونکي ان ڪتاب جي باري ۾ ٻڌايو ھو ته سؤ فيصد حسن جي شاعري صحيح ڇپيل آھي.
    اھڙي طرح ص 347 نظم ”اسان جو عشق“ کي ٻه اڌ ڪري، ٻئي حصي جو عنوان ”دريا جي ڪپر تي ڪوئي“ ص 376 تي ڇپيل آھي. نظم جي آخري ٽڪري جو عنوان ”درس فقير تو جاڳ رھا ھي“ ص 407 تي ڇپيل آھي.
    ان کان سواءِ متفرق واري ڀاڱي ۾ ڪابه ترتيب ناھي، ص 421 تي غزل جا ٻه بند کڻي ان کي ايڊيٽر صاحب چئوسٽو لکي ڇڏيو آھي.
    ڪنديون لوڏ سان ھوڏ ڇاھي ھوائون،
    تنھنجي ٽور تي گھور ٿي پيون گھٽائون،
    تنھنجي موھ جي ڊوھ جڪڙي وڌو،
    زنجيرن ۽ زلفن جون ارڏيون ادائون،
    اھو غزل رسالي جي ص 49 تي ڇپيل آھي.
    ايڊيٽر صاحب جي مھرباني سان حسن جي رسالي ۾ ايوب کوسي جو نظم ص 176 تي شامل ڪيو ويو آھي.
    ڱلي وڃ ٿا راز ڪورا،
    چريو زمانو چڙي پوي ٿو،
    اٿي پون ٿا عذاب وحشتي،
    وري ڪو ماتم مچي پوي ٿو،
    کسي وڃن ٿا شباب ڪورا!
    سُڪي وڃن ٿيون اکيون ڪنواريون،
    رلي وڃن ٿا ڪتاب ڪورا،
    گھٽي گھٽي ڪا خبر ٿئي ٿي،
    وفا وري دربدر ٿئي ٿي!
    انھي ساڳي نظم جون پھريون ٻه سٽون وري متفرق واري ڀاڱي ۾ ص 413 تي ڇپيل آھن. اھڙو غيرذميوار ۽ لاپرواھ ايڊيٽر مون اڳ ڪٿي به نه ڏٺو.
    ان کان سواءِ رسالي ۾ لاتعداد ننڍيون ننڍيون غلطيون ھيون، جن کي ٺيڪ ڪيو ويو آھي.
    حسن درس جي شاعري کي سڌو ڪرڻ لاءِ ۽ اضافي شاعري ھيٺين ڪتابن/ رسالن مان مدد ورتي.
    (1)ماھوار ”سھڻي“ نائون ڏھون پرچو ڊسمبر 1990.
    (2) ماھوار ”چانڊاڻ“ ڍورو نارو ڊسمبر 1991.
    (3) ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان سھيڙيندڙ: مظفر چانڊيو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 1992
    (4) سارنگا شمارو ٽيون/چوٿون 2011.
    (5) الاءِ تون ڪٿي آھين مرتب. فقير محمد ڍول، امرتا پبليڪشن حيدرآباد جولاءِ 2012
    رسالي ۾ نوان غزل ھي آھن؛
    ا.نئين کي پراڻو ڪيئن ڪجي
    2. پٻن تي اڀو ٿي ڏسان يار توکي
    3. ڄمارون گذاري، ملان يار توسان
    4. سڄي رات ساري، ٿي بيٺي رھي
    5. ھن عمر بيمثال۾، بيباڪ محبتون
    6. پريمُو ڪولھي کان پڇندين ته توکي ھُو ٻڌائيندو
    7. پُڪاري ننڊ مان ٿي ھُوءَ
    8. تُنھنجي پُراڻي خط مان تون پاڻ پيو اچين ڄڻ
    9. وقت کي نيٺ واڪ، ڏيڻو ھو
    10. ھٺيلا ھرڻ پاڻيءَ مان پئن ٿا سج جا ڪرڻا
    11. وڻ جي ھيٺان ويٺو آھيان، دور گگن آ دام پکين جو

    نوان نظم
    1.ڪابه ڪويتا اُجري ناھي
    2. ھُن شخص جو ذڪر
    3. ڌنڌ جي ھُن ڳوٺ ۾!
    4. بي مثل
    5. تون جا پاڻ پکيءَ جھڙن آن
    6. نياپو
    7. لڪ لڪوٽي
    8. فيصلو
    9. ڪرين تو اشارو
    10. تون نه آھين
    11. ٽي منظر
    12. ازل ابد
    13. شھر مٺيءَ لاءِ ھڪ نظم
    14. انڌي ديدَ تنھنجي آ عادت اِھا
    15. گُلن جا خريدار
    16. اُلڪو
    17. شاعر شعر نٿو لکي
    18. ڪاٿو
    19. الاءِ تون ڪٿي آھين؟
    20. منھنجي من جي ساحلن تي
    21. جڏھن تون وھنجدي آھين
    22. تنھنجيون ڳالھيون
    23. گيت محڪوم ناھن اسانجا

    تاج جويو ۽ نصير مرزا جي مھرباني جنن ”سارنگا“ ۽ ”الا تون ڪٿي آھين“ ڪتاب ڏياري موڪلي ڏنا. گھڻي مھرباني ميرحسن آريسر جي جنھن رسالي جا فائينل پروف پڙھي ڏنا، رسالي کي خوبصورت ڪرڻ لاءِ الاھي سارا مشورا به ڏنا. مھرباني انھن جي به جنن وٽ حسن جي شاعري موجود ھئي پر ڏيڻ کان انڪار ڪيائون. اھي پاڻ کي حسن درس جا ويجھا دوست سڏائين ٿا.
    يار سڏائي سڀڪو، جاني زباني،
    آھي آساني، ڪم پئي ٿي ڪل پوي
    .
    محمد علي ماجد



    سھيڙيندڙ پاران

    سھيڙيندڙ پاران

    حَسن بنا پنج سال، پنج صديون يا شايد پنج قيامتون گذاري، 2016 جي 16 جُون به آئي ڪي آئي، وري ھڪ صديءَ جيڏي دَرد جو انگ وڌائڻ لاءِ، مري مري، جيئڻ جي ايڪٽنگ ڪرڻ ڪيڏو ڏکيو ڪم آھي، اِھو سبق مونکي اِن ئي عرصي سيکاريو آھي. دعوائون ڪندڙ کوکلا رشتا ۽ نانگن کان به وڌيڪ زھريلا ماڻھو اسان سان ايئن گڏ گڏ رھند آھن جيئن انھن کان وَڌ، اسانجو ٻيو ڪوبه مُخلص، پنھنجو ۽ ھمدرد نه ھجي، حَسن واقعي سچ ئي ته چيو ھو، ”ھر انسان اڪيلو آھي.“
    مون حسن جا ڪي به پروگرام نه ڪرايا، فقط ٽينءَ سال تي ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۽ ادا نصير مرزا جي ساٿ سان ھڪ شاندار Tribute پروگرام ڪري اِھا روايت وجھڻ جي ڪوشش ڪئي ته تخليقڪار کي محبتن جي ڀيٽا ڏيڻ گھُرجي نه ڪي اُن جُون ورسيون ملھائجن. اِن پروگرام تي حسن جي ڳوٺ جي ”چڱن مُڙسن“ اھو Compliment ڏنو ته، ”مائي، حسن کي ڪيش پئي ڪرائي، تڏھن، ٽھڪ ۽ سُڏڪا منھنجي اندر جي کنڊر ۾ پاڙ ڪڍي رُنا ھئا. خالي ھٿِن حَسن مون لاءِ ساري ڪائنات ھو، بلينڪ چيڪ نه!
    کيس جي ڪيش ڪرائڻو ھجي ھا ته پنج سال کوڙ ھئا N.G.Os ۾ پير ڄمائڻ، پروجيڪٽ ڦٻائڻ، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ نمائندگيون ۽ نوڪريون پنڻ کان وٺي سندس دوستن جي پاور فُل سرڪل کان ذري پَرزي تي favor وٺڻ لاءِ ۽ مون ته اڄ ڏينھن تائين اُھي تعزيتي رجسٽر به ناھن ڏٺا جيڪي ”يقينا حسن جي ٻارن جي امانت ھئا. منھنجي خواھش ھئي ته انھن سمورن تاثرن کي انھن مضمونن سان گڏ ڇپايا ھا جيڪي حسن جي وڇوڙي تي دوستن ۽ پيار ڪندڙن پاران لکيا ويا، پر شايد انھن تي اسانجو ڪو حق نه ھو.
    ساري سنڌ جي پرين حسن درس جي رسالي جو پھريون ڇاپو 2010 ۾ انڊس فائونڊيشن پاران مسعود لوھار نھايت سھڻي انداز ۽ دل سان ڇپائي پڌرو ڪيو، جيڪو ڪيترين ئي تنقيدن ۽ اعتراضن جي باوجود ھٿون ھٿ کپي ويو، جنھن کان پوءِ ڪجھه ٻين دوستن به سندس چونڊ شاعري کي ڪتابي صورت ۾ آندو پر گڏوگڏ مڪمل رسالي کي پڌرو ڪرڻ واري گھُر جاري رھي، جيڪا يقينا منھنجي ذميداري ھئي ۽ اِن لاءِ مونکي ڪاڇو پبليڪشن ھر لحاظ کان بھتر لڳي. محمد علي ماجد رسالي جي ٻئي ايڊيشن کي بھتر بنائڻ ، ۽ ايڊيٽنگ وارين غلطين کي دُور ڪرڻ کان وٺي شاعري ڀيٽڻ ۽ حسن جا نوان غزل ۽ نوان نظم جيڪي پھرين ايڊيشن ۾ شامل نه ٿي سگھيا، انھن کي ھٿ ڪرڻ تائين جيڪا محنت ڪئي آھي، اُن لاءِ ڪي به stereotype جملا چئي سندس ڪيئي تي پاڻي ڦيرڻ برابر آھي، پڙھندڙ پاڻ ئي اِن جي گواھي ڏيندا، جن دوستن حسن جي شاعري ھٿ ڪري ڏيڻ ۾ سھڪار ڪيو تِن جا ٿورا.
    اُميد ته سيڪينڊ ايڊيشن ۾ انھن غلطين جو ورجاءَ نه ھوندو، جن جي نشاندھي پھرين ايڊيشن ۾ ڪئي وئي.
    ”حسن درس جو رسالو“ حسن ۽ اُن جي انوکن خيالن سان پيار ڪندڙن وٽ يقينا مانَ پائيندو.


    اِرم محبوب











    حَسن . . . حَسن . . . حَسن ! ! !

    حَسن . . . حَسن . . . حَسن ! ! !

    مون ڪڏھن به پنھنجي پُٽ مُرشد ۽ حَسن ۾ بنھه ڪو فرق نه سمجھيو ۽ ھُن به سدائين مونکي سڳي ماءُ جيان عزت، محبت ۽ پيار ڏنو، جنھن ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، چوندا آھن ته انسان کي سندس گفتگو مان پرکبو آھي. جيسين ھو وات نه کوليندو تيسين ھن جي سڀاءُ لاءِ ڪا راءِ قائم ڪرڻ مشڪل ھوندي آھي. . . . جتي وات کوليندو اُتي پَت وائکي ڪرائيندو يا پوءِ دل ۾ جڳھه بڻائيندو . . . . پر حسن جي سڀاءُ جو اَثر، ھُن جي ھڪ خاموش نظر وجھڻ سان ئي واضع طور محسوس ڪري سگھبو ھو، ته ھن ۾ انساني ھمدردي، قُرب، نيڪي ۽ نيت جي سچائي کان علاوه علميت ۽ روحانيت جو رنگ پيو جھلڪا ڏيندو ھو . . . پوءِ چاھي جنھن سان به ڳالھائيندو ته ڄڻ ان جي دل جي تخت جو وارث بڻجي ويندو . . . پوري سنڌ کي پرين جو پاڇو سڏيندڙ، ھُو آزاد منش انسان . . . . سدائين پيار ۽ پنجھائپ وارن رَوين ۾ مَست مگن رھيو . . . اصل معنى ۾ ھو عُمدگي سان تراشيل ھڪ اھڙو ھيرو ھو جنھن کي وڃائڻ کان پوءِ اڄ سڄي سنڌ حيران ۽ پريشان آھي.
    پياڪ ته گھڻا ئي پيا آھن دنيا ۾، پر ھر ڪنھن جو اندر اِن ھيري موتي . . . ماڻڪ حسن جيان اجرو ۽ معصوم نه ھوندو، ھُن جھڙي مٺڙي مُرڪ نه ھوندي . . . اھڙا املھه ماڻڪ ڪڏھن ڪڏھن دنيا کي پنھنجو ديدار ڪرائي، قدرت جو رنڱ ڏيکاري چوڌاري محبتن جا ڪڏھن نه اجھامندڙ مَچ مچائي ھڪدم ھليا ويندا آھن ۽ ھميشه لاءِ وڇوڙي ماريل دلين تي پنھنجي ڇاپ ڇڏي ويندا آھن . . . حسن ائين ھڪدم ھليو ويندو. . . اڄ به يقين نٿو اچي . . . ڪڏھن لڳندو آھي ته مشاخن مان اڃان ڪونھي موٽيو، اتي ئي آھي جتي کيس وڻن جي ڇانَو ۾ کٽ تي ليٽي ٿڌڙين ھيرن ۾ ڪوئل جي ڪوڪ ٻڌندي ڌونرا کائڻ، زور ڏياري گھري ننڊ ڪرڻ ۽ مِٽن مائٽن سان ڪچھريون ڪرڻ ڏاڍو وڻندو ھو . . . ڪڏھن لڳندو آھي ڪنھن ڪانفرنس ۾ دوستن وٽ اسلام آباد ۾ ھٿيڪو ھوندو . . . يا ڪنھن ڳوٺ ۾ محفلن جو مور بڻيو شاعري پيو ٻڌائيندو ھوندو، ڇو ته جمعيت سان ته ھو ويھي نه سگھندو ھو . . . ۽ ھاڻ جڏھن اوچتو ڪمري جو در کُلي ٿو ۽ ڊگھي پاڇي جي رڳو ڇَڙي اڃان جھلڪ ڏسبي ته دل ٽِڙي ٿي پئي ته ھو اچي ويو . .. .پر يڪدم نظرون مٿي کڄڻ تي پَتو پئجي وڃي ٿو ته اِھو حسن نه بلڪه روحل حسن آھي . . . ھُوبھو پنھنجي پيءَ جي قَد ڪاٺ تي ويل! ۽ ھڪ دفعو وري اسان طلسم مان نِڪري ايندا آھيون ته حسن ڪو ٻاھر ويل آھي . . . ھاڻي ته ھو اھڙي جھان ويل آھي، جتي رڳو خوابن ۾ ئي ساڻس ملي سگھجي ٿو . . . .
    ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته حسن پنھنجي دور جو تمام وڏو نالو آھي، ھر دل اندر گھر ڪندڙ . . . . ھُن سان اسان جي آخري ملاقات اھائي ھئي جنھن ۾ اسين ھن سان طارق عالم جي گھر وياسين، واپستي تي تعزيتي بوڪ تي نوٽ لکڻ کان پوءِ ڪار ۾ ويھندي ڏک سان چيائين، ”اسان چاٻي جي رانديڪي وانگر آھيون، چاٻي ختم ته زندگي به ختم“ ۽ پوءِ رات ساڍي نائين وڳي تائين اسان جو ھن سان ساٿ رھيو جنھن بعد رات جو ٽين وڳي ڌاري دوستن وٽان موٽندي نِدوريَ چنڊ گرھڻ کيس پونم پيٽرول پمپ وٽان اڳتي، زندگي جي رستي تي ھلڻ جي مھلت ئي نه ڏني . . . ۽ پوءِ

    صبح سان ساري سنڌ ۾
    حَسن حَسن حَسن !!!
    شال خدا اسان کي صبر سان ھِن بيوسيءَ کي برداشت ڪرڻ جي سگھه ڏي . . .


    ماھتاب محبوب
    18.7.2011


    حمد ،نعت، بيت

    ڪسيرو ڇا ڪڻي آھيان!

    ڪسيرو ڇا ڪڻي آھيان!

    ڪُڌي آھيان، صفا ڪمتر، ڪسيرو ڇا ڪڻي آھيان،
    مگر مُرسل مٺي نالي، وٺڻ جي لئهِ بڻي آھيان

    وٺي ويراڳ جا رستا، پڇايان پئي پنھون پنھنجو،
    ڪريان ڌم ڌم ڌمالون ٿي، ڪري ڇم ڇم ڇڻي آھيان.

    علي عه اولاد تنھنجي تي، ڪريان مان ساھ سر صدقي،
    فقيرن ۽ فراقن جي، مٿي جا مان ڦڻي آھيان.

    عجيبا اوڏڙو ڪر تون، ڏئي ڪا جاءِ پيرن ۾،
    مِلو مون سان مٺا مُرسل، وڇوڙن ڇو وڻي آھيان؟

    صفا ويران واٽن تي، آھيان ويٺي وڇوڙيل ٿي
    پرينءِ جو پيار جي ملندو، ته پوءِ مان پدمڻي آھيان.

    قلندر لال جو ڪِشتو، رڳن ۽ روح جو رشتو،
    وڌايان پئي وٽو تنھنجو، گھٽائڻ کان گھڻي آھيان.

    نظر ڪج نور جي نوري، اگھاڙي ۽ اَٻالي تي،
    گناھن ۾ گتل آھيان، ڀلي ڇا ڀي کڻي آھيان.

    سمورا تاج، تلوارون، ڪريان سڀ تخت تو صدقي،
    غلامن جي غلامن ۾، اگر جي مان ڳڻي آھيان.

    خدا جو سُنھن ته منھنجي دل، پئي ڦاٿي ٻڌڻ جي لاءِ،
    رڳو چئو ھن ڇوريءَ جو ، محمد صه مان ڌڻي آھيان.

    نماڻي ناز ۽ ناري، بندي تنھنجي آھيان باري،
    اڪيلي عشق ۾ احمد، ”حسن“ ھڪڙي ڄڻي آھيان.


    اسانجي روح جا راڻا

    اسانجي روح جا راڻا

    آيل ڙي اولاڻا، محمد مصطفى سائين
    اسانجي روح جار راڻا، محمد مصطفى سائين

    ٿئي آباد ھيءَ سنڌڙي، اسانجي جان ۽ جندڙي
    وسن ڀاڳين سندا ڀاڻا، محمد مصطفى سائين

    اگھائج عرض تون آري، قبولج قرب پنھنجي مان
    دُعا جا ھي ٻه ٽي داڻا، محمد مصطفى سائين

    رڳو نالو مٺو تنھنجو، ”حسن“ وٺندو رھي ھر ھر
    ٻيو ڪجھه ڪونه ٿو ڄاڻا، محمد مصطفى سائين







    اندر جي آرسي اُجري

    اندر جي آرسي اُجري

    شب فراق ۾ ديدار ٿئي محمد صه جو،
    مديني پاڪ ۾ ديدار ٿئي محمد صه جو.

    اندر جي آرسي اجري، پسون پنھنجو پرين پيارو
    ٿڪن کي ٿاڪ ۾ ديدار ٿئي محمد صه جو.

    ھوا ھلڪي ھلي ھوريان، سڳنڌون سر نوائن جت،
    گلن تي ماڪ ۾ ديدار ٿئي محمد صه جو.

    نماڻي ڏات منھنجيءَ جو، ڏيئو ٻرندو رھي ھر دم،
    تڪيي ۽ تاڪ ۾ ديدار ٿئي محمد صه جو.

    پڪاريان پيو پنھون پنھنجو، سڻي وٺ سڏڙا سائين،
    لڪن لولاڪ ۾ ديدار ٿئي محمد صه جو.

    صبح ۽ شام جو شامل، ۽ ڪاري رات جو ڪامل،
    ٻپھري ٽاڪ ۾ ديدار ٿئي محمد صه جو.


    محمد صه من ۾ اٿئي ويٺو

    محمد صه من ۾ اٿئي ويٺو

    محمد صه نور جو نالو، سڄو خود نور آ مُحمد صه،
    خُدا جو خيال آ محمد صه، پرين جو پور آ محمد صه.

    ڀريل پئمانو آ محمد صه، سڄو مئخانو آ محمد صه،
    خماريل نيڻ سھڻي جا، سڄوم مخمور آ محمد صه.

    پٿر تي ليڪ آ محم صه، سمندر ساھ آ محمد صه،
    جبل جي چوٽ آ محمد صه، ٻٻر جو ٻور آ محمد صه.

    ستارا چنڊ ۽ سورج، سدائين عشق جنھنجي ۾،
    صبح جو سحر آ سائين، سڄو محسور آ محمد صه.

    ڪجل ھُن جا تجل ھن جا، ازل آخر اوھوئي آ،
    نڪو آدم نڪو عيسى، نه موسى طور آ محمد صه.

    فقيرن جا پنڻ پيالا، سدائين ٿو ڪري پُرڪش،
    ڀلارو ڀرجھلو آھي، ڀلو ڀرڀور آ محمد صه.

    عليءَ جي ڳليءَ جو ڪُتڙو، مان تنھنجي شھر جو ڪتڙو،
    سدا سيوھڻ ڀٽائي ڀٽ، مون کي منظور آ محمد صه.

    عدالت عشق جي ۾ آ، محمد حسن شاھد،
    محمد صه من ۾ اٿئي ويٺو، چوين ٿو دُور آ محمد صه.


    مرسل سائين تنھنجا آھيون

    مرسل سائين تنھنجا آھيون

    رمتا جوڳي رامڪلي ۾، رانول سائين تنھنجا آھيون،
    مرليون سُرليون باجا بينون، سانول سائين تنھنجا آھيون.

    لمحا لمحا، لحظا لحظا، ساھ ته ڇا ويساھ به آھين،
    سارو جيون تن من تن من، پل پل سائين تنھنجا آھيون.

    ڇانو به تنھنجي تون ئي ڇپر، آ ڍڪ به تون ئي ڍول اسانجو،
    جھڙ ڦڙ بوندون ۽ برساتون، بادل سائين تنھنجا آھيون.

    ھيڻن کي ڪر ٻيڻو ٽيڻو، رھبر سبحان راھ ڊگھيءَ ۾،
    ڪمتر آھيون ڪوجھا آھيون، ڪامل سائين تنھنجا آھيون.

    درس حسن پڻ در تنھنجي جو، ٻانھون آھي نوڪر آھي،
    سنڌ سموري توتان صدقي، مرسل صه سائين تنھنجا آھيون.





    اديون ھن ڄام آريءَ جو

    اديون ھن ڄام آريءَ جو

    اچي ٿو واس وڻ وڻ مان اديون ھن ڄام آريءَ جو،
    کنيو آ جنھن ذمو پنھنجي ھٿن ۾ سنڌ ساري جو.

    ننڍا سڀ وڻ وڏا ٿيندا، ٻڌان ٿو ٽھڪ ٽاريءَ جو،
    ڪلن ۽ ڪارخانن ۾ حصو ٿيڻو آ ھاري جو.

    ٻنين ۾ گاھ گلزاريون سڻان ٿو ٻول پاريءَ جو،
    ٻُڍا ۽ ٻار ٿا مُرڪن وڻي پيو ويس ناريءَ جو.

    ڪجل جي ليڪ ڪاري مان ٿئي چمڪاٽ واري جو،
    ”حسن“ ھردم کنيو اچجان قصو بي باڪ باريءَ جو.






    تنھنجي پيرن مان فجر ھر ڪا ڦٽي مولا علي عه

    تنھنجي پيرن مان فجر ھر ڪا ڦٽي مولا علي عه

    تلوار ھر تنھنجي اڳيان، آھي ٽٽي مولا علي عه
    تنھنجي پيرن مان فجر، ھر ڪا ڦٽي مولا علي عه

    روشنين جا سڀئي رستا، پنجتن جي پيرن ۾
    ھر گھٽي گھمندي اچي، توتي کٽي مولا علي عه

    عشق جي اسڪول ۾، درس تنھنجو آ پڪو
    ٻارڙي ھر ڪنھن سندي، ٿيندي چُٽي مولا علي عه










    ھن بغدادي جي بات وڏي

    ھن بغدادي جي بات وڏي

    جتي سِر آھن سڀن جا تسليم خم، اتي پير آ پيران پير سندو،
    ھن بغدادي جي بات وڏي، مان نوڪر دستگير سندو.

    جا چائنٺ چمندي چاھ وڌي ۽ ماڻھوءَ جو ويساھ وڌي،
    سج چمڪي منير ماھ وڌي، مان عاشق تنھن ته امير سندو.

    جنھن کي محمد صه وٽ مڃتا به ملي، ڏسي قدرت جنھن لاءِ خوش ٿي کلي،
    جنھن لئه فطرت ٽڙندي ڇا ته ٽلي، وٺ نالو سبحان سفير سندو.

    جيڪو بنيادي بي شڪ آھي، جيڪو وحدت وائي حق آھي،
    جيڪو لافاني لاشڪ آھي، مان بندو تنھن بي نظير سندو.

    او جيلاني ڪم ڪار ڪجان، مون کي ڪين پيرن کان ڌار ڪجان،
    سنڌ سائي ۽ ٽمٽار ڪجان، سڻ عرض ڪو درس فقير سندو.




    اُچارن ٿا پرين پنھنجو!

    اُچارن ٿا پرين پنھنجو!

    حسن حامي حسيني ٿئي، قلندر لال مروندي،
    ڏھاڙي ڏات جو ڏيئو به ٻارن ٿا پرين پنھنجو!

    ٿئي ٿو روز ھي روشن، اڀارن ٿا پرين پنھنجو!
    چپن ۾ چپ ۾ چوندي، اچارن ٿا پرين پنھنجو!

    حياتي سج جي تنھنجي، لڪيءَ ۾ ٿي لھي اڀري،
    پھاڙن کان پڇي ڏسجان، پڪارن ٿا پرين پنھنجو!

    جڏھن کيسا ھجن خالي، ڪري ڏس ات خريداري،
    نقد ۾ نينھن نه ٿيندو، اڌارن ٿا پرين پنھنجو!

    ستارا پير جي ھيٺان، پيا آھن پنن وانگي،
    لنگھائي لھر تان لاحد، اڪارن ٿا پرين پنھنجو!

    ڏسڻ جي ڪا ڏسا ناھي، ڏسي ھونئن جاءَ ھر ڪنھن تي،
    اکيون ٻوٽي اندر ۾ ئي، نھارن ٿا پرين پنھنجو!

    ڪيو سرٻاٽ تو جيڪو، سڻن ٿا سڀ سجاڳيءَ سان،
    ڪيل ھر قول ۽ واعدو به پارن ٿا پرين پنھنجو!

    غلامن جي غلامن ۾، ڳڻين شل مون کي تون مُرسل صه،
    ڪتو ڪبريا سندو نزديڪ، ڌارن ٿا پرين پنھنجو!

    وري ھڪ مست ماڻھوءَ سان، ملڻ جو موقعو ملندئي،
    سخي شھباز گنبذ تان، اڏارن ٿا پرين پنھنجو!


    ننڊ جا ٻيڙا

    ننڊ جا ٻيڙا

    اسانجي ننڊ جا ٻيڙا، لھن ٿا جاڳ جي جر ۾،
    سنڌوءَ جي سير جا سپنا، ٺھن ٿا جاڳ جي جر ۾.

    دريا آ دادلو دائم، اسانجي ديس جو دلبر،
    مٽيءَ جا معجزا ٿيندا، ڪھن ٿا جاڳ جي جر ۾.

    اُڀا ٿي سڙھ سنڌوءَ ۾، قلندر کي ڪنائيندا،
    ڀٽائي عشق جا جلوا، رھن ٿا جاڳ جي جر ۾.

    ”حسن“ ھر دم حسيني رَھ عقابي آسماني ٿي،
    پنجن جا پار ۽ پيرا، وھن ٿا جاڳ جي جر ۾.







    بي بي رابعه بصري تولاءِ!

    بي بي رابعه بصري تولاءِ!

    جيءَ ۾ ويٺي جايون جوڙيان
    تون نه قلندر، مست قلندر،
    حيدر، حيدر، حيدر، حيدر،
    ”اڪ شمع جلتي ھي اپني نور سي،
    جو دکائي دي رھي ھي دُور سي،
    خاڪ پر اپنا بسيرا بن گيا،
    مونس اپنا تو تن اور من گيا،“
    ھاڻ اھڙي حال ۾ مان ڇا ڪريان؟
    مٽ مدھوشيءَ منجھان مئه جا ڀريان،
    او عاشقن جي عاشق سانئڻ!
    تن جي ترندڙ ٻيڙي ٻوڙيان،
    بي بي رابعه بصري تولاءِ!

    ”خلوت ڪا اڪ خاص خزانه ملتا ھي،
    جلوي ڪو اڪ نام نشانه ملتا ھي،
    دوري ڪي افڪار ڀي ڪتني پياري ھين،
    ھم جو جيت ڪي خود ھي خود سي ھاري ھين،“
    زندگيءَ ۾ زاھدي ڪجھه ڪين آ،
    شاھدن جي شاھدي ڪجھه ڪين آ،
    آب ڪوثر عام تو اسرار ڪيو،
    عشق جو اظھار ۽ اقرار ڪيو،
    بي بدل بختاوري جي مالڪڻ
    پنھنجو منھن مان توڏي موڙيان
    بي بي رابعه بصري تولاءِ!

    ”از چشم ھووي يار وه آنکين بدل نه دي،
    ميري روح ڪا ترنم سائين بدل نه دي،
    اڪ درس ڪي ھي دنيا، اڪ درس ڪي خدائي،
    اڪ درس جو ملا ٿا، اڪ درس ڪي جدائي،“
    آب ڪوثر عام تو اسرار ڪيو،
    عشق جو اظھار ۽ اقرار ڪيو،
    نام خدا نمناڪ نه ڪر تون،
    پنھنجو پاند ئي توسان جوڙيان.
    بي بي رابعه بصري تولاءِ!
    جيءَ ۾ ويٺو جايون جوڙيان.


    ڇپر ۽ ڇانوَ پنجتن جي

    ڇپر ۽ ڇانوَ پنجتن جي

    بندا بابا قريشي رح سان اچي جنھن باغ ۾ لھندا،
    سجايل سيج سيوھڻ جي تڪيا تن جا اتي ٺھندا.

    ڇپر ۽ ڇانوَ پنجتن جي وسيلا واھ جيئن وھندا،
    اسان جا اندر اورانگھي اتي رستا رمتا اچي رھندا.

    ھوا جي ھٿ تي ڏيئا اسان جا ٻاٽ ۾ ٻرندا،
    ڪُنن مان تون اُڪاريندين توانا تار ۾ ترندا.

    اسان جا ڇيڪ ٿي ڇيلا سدائين چاندني چرندا،
    اونداھي گُگھه مان گھوڙا اسان جا خير سان ورندا.

    قلندر قافلا تنھنجا پُڙي تو وٽ اچي ٺرندا،
    صدين جا پنڌ سوگھا ٿيا لڌائون لال لمحي ۾.


     سائين احمد علي قريشي، دورِ حاضر جو اويسي قلندري سلسلي جو بزرگ جن جي مزار لال باغ سيوھڻ شريف ۾ آھي.


    دوست الله ھُو!

    دوست الله ھُو!

    عشق الله ھو، مُشڪ الله ھُو!
    دم دم دلبر، دوست الله ھُو!

    جڳ مڳ جڳ مڳ جاما جوڙين،
    مئخاني جي مٽي تو ۾.

    بابا احمد بيٺو آھين،
    سيوھڻ جي ھڪ گھٽي تو ۾،

    تون ئي تونگر دوست الله ھُو!
    پٽ تي ڇير وڄائين ڇم ڇم،

    باغن ۾ بازارون ٺاھين،
    سڻندي روز سسئيءَ جا سڏڙا،

    ڪيچن ڪيچ قطارون ٺاھين،
    قابل ڪوثر دوست الله ھُو!

    دل جا چپ چمن ٿا جن کي،
    تنھنجا پير پَون من پرچي،

    تنھنجي در تي مفت وڪاسين،
    اسان خاص لئه خرچي،

    گھورون گھر گھر، دوست الله ھُو!
    لڪيءَ منجھه لڙيو جو سورج،

    درس حسن ديوانا ڄاڻج،
    تنھنجو پيالو پُر آ رھڻو،

    مئه ڄاڻج مئخانا ڄاڻج،
    جاني جر ٿر، دوست الله ھُو!


     سائين احمد علي قريشي رح


    ابجد عبدالطيف جو!

    ابجد عبدالطيف جو!

    شاھ ڪريم حبيب، ابجد عبدالطيف جو،
    پھريون سيد لال شاھ، ننڍڙو ناز نصيب،

    حضرت سيد عبدالرحيم، وحدت تن طبيب،
    حضرت سيد جلال شاھ، شھداءِ منجھه شَقيب،

    برھان شاھ بھادر، طاقتور نجيب،
    سيد الله مجذوب، قادر کي ئي قريب،

    دين محمد دوستو، عاشق عجب عجيب،
    سيد حسن سُرخرو، غربت منجھه غريب،

    اٺون عبدالقدوس شاھ، نامور نقيب،
    نائين ڏھين يارھين، نياڻين جو نصيب،

    حسن درس خدمتون، ڪندڙ خاص خطيب،
    حسن عيب حسيب، محمد صه تنھنجي ميم مان


    .


    عبدالطيف جا اَبا !

    عبدالطيف جا اَبا !

    پٻ تو جت کوڙيا، سڀني پٽن کي مان چمان،
    تو ورھايا جي وڏو ٿي، تن وٽن کي مان چمان.

    تنھنجي چوٽي جو به چوٿو، مون فقر ماني ملي،
    جي ڀريئي بلڙي ھٿن سان، تن مٽن کي مان چمان.

    تنھنجي چادر کي چمان، تنھنجي جتي چڪ ۾ کڻان،
    تنھنجي ليڙن ڌڳڙين، تنھنجي لٽن کي مان چمان.

    دين محمد دوستن جو، خيال رکندو آ گھڻو،
    عبدالطيف جا ابا، تنھنجي گھٽن کي مان چمان.







    بلڙيءَ وارا سائين !

    بلڙيءَ وارا سائين !

    بُلڙيءَ وارا سائين، شاھ ڪريم سدائين!

    مون کي پاڻ پسائين.
    ليڙون ليڙون لباس کلن جو،
    تو ته گھرڙو ٺاھيو ڪکن جو،
    پيار آ تو سان پٽ پکن جو،
    تن من ۾ ترسائين ،
    بُلڙيءَ وارا سائين، شاھ ڪريم سدائين!

    عاجز ايڏو عجز الله ھُو،
    توبھه تائب طرز الله ھُو،
    ڪارو، پيلو، سبز الله ھُو،
    لالڻ سان لنئون لائين،
    بُلڙيءَ وارا سائين، شاھ ڪريم سدائين!

    عبدالطيف ٿي ائين آخر،
    منھنجا مرشد، منھنجا رھبر،
    درس حسن آ تنھنجو نوڪر،
    ڀٽ ڌڻيءَ کي ڀانئين،
    بُلڙيءَ وارا سائين، شاھ ڪريم سدائين!


    بي خودي اختيار ٿي . . . .

    بي خودي اختيار ٿي . . . .

    خود خوديءَ مان جند ڇٽي ۽ بي خودي اختيار ٿي،
    بي فڪر مُرڪي فقيري، عاشقي سينگار ٿي.

    اي مُلان تنھنجي مغز ۾ مئه نٿي ماپي سگھي،
    ھر دفعي ھُل ۽ ھنگامي ۾ آ تنھنجي ھار ٿي.

    پاڻ لاھوتي لڪن مان روز ڇا ھر ھر لنگھون،
    غير سان ساڳئي جبل ۾ جُٺ ڇا ڇا ڪار ٿي.

    موج ھت اُلجھي نه ڪائي پاڻ سان مھراڻ ۾،
    بي خبر پنھنجي ته ڪشتي ھر دفعي آ پار ٿي.

    سج چنڊ تارا قلندر ھت کڻي ھلندا اٿئي،
    بي مُروت جي مٿي تي زندگي خود بار ٿي.

    عشق اھڙو واس واسيو، گل پريشان ٿي ويا،
    واءَ ۾ خوشبو گھُلي وئي ھر جڳھه ھٻڪار ٿي.

    تنھنجي چھري کي پسي پيو رقص ۾ رم جھم نچان،
    زندگي سرشار ٿي وئي دلبري ديدار ٿي.

    اھل دل، اھل نظر سڀ ڪجھه ٿو سمجھي ھي ”حسن“،
    آل جا دشمن اسان کان ٿي پري تون ڌار ٿي.


    بيت

    بيت

    اول نام الله جو، جنھن آ جوڙيو جڳ،
    مُرسل مير مھابي آھي، ساٿ سلامت سڳ،
    ٻيراڻيءَ جي ٻانھن تي، ويڙھيچن جو وڳ،
    ٽنڊو آدم ٽانڪبو، روح اسانجي رڳ،
    ڳوٺ مشائخ ھوٿي آھي، لال لطيف جي لڳ،
    درس حسن جو دائرو، دونھين پاسي دڳ،
    عشق ڏٺو جنھن اڳ، آب ڏٺائين اڃ ۾.



    اول نام الله جو، جنھن جوڙيو جنسار،
    ڌاڳا دل جا ڌرڪندڙ، ساھن جو سنسار،
    آڻي آدم عام ڪيو، وندر ۽ واپار،
    محبت اڳيان مامري، توبھه ڪئي تلوار،
    حسن درس حقيقتن، پنڌ پرين جو پار،
    گڏ رھي ٿو گونج ۾، درسن ڌارئون ڌار،
    طالب تارئون تار، آب ڏٺائين اڃ ۾.



    شاھ ڪريم شريف، ڪڇي پڇي ڪين ڪي،
    فضل سدا فيض جو، ڪتي، چيٽ خريف،
    دوست ڪارڻ دوستي، ھيڪاندي حريف،
    زبردست ظريف، مٺو ماکيءَ لار جيئن.
    بلڙي تنھنجي بوءِ، واسيو واس وطن کي،
    چمڪيو پيٽ پراڻ جو، جرڪي ساري جُوءِ،
    ھڪ روميءَ جي روءِ، ٻيو آسڻ عبدالطيف جو.


    بلڙي تنھنجا پير، اکيون عبدالطيف جون،
    تنھنجو نينگر تو منجھان، تو سواءِ ٻيو ڪير؟
    پنجين پيڙھي پيٽ مان، پٽ مٿان ڪيئي پير،
    دلبر تنھنجي دير، مون کي سگھو پڄائي سڄڻين.



    راڻي پُڄاڻا، ھنڌين ماڳين ھُو ٿيو،
    بتيون ساريون بند ٿيون ڏيئا اجھاڻا،
    پُسيل پاند ڳچيءَ ۾، آلا وَھاڻا،
    ڄاڻان ڪيئن ڄاڻان، راڻي ناھي راڄ ۾.



    بيٺل باھين وچ ۾، ڏيادار ڏاھي،
    فقيرن ۾ فرق ٿيو، ڦٿڪي پئي ڦاھي،
    ھڻي ھام اٿي ھلي، ڪُوڪي ۽ ڪاھي،
    راڻي ٿي راھي، پنھنجي ملڪ ملير ڏي.



    ڀيڄ ڀنيءَ جو ڀيڻ جلٿل جنازا،
    گلابن جي گود ۾، تن رھن تازا،
    اھڙيون عشق اڏاوتون رمزن جا رازا،
    دل جا دروازا، عشق اکين ۾ کوليا.



    نانگا نگر پارڪر ۾ آديسي آيا،
    ڳالھين سندا ڳوٺ ٻڌي ڳاراڻا ڳايا،
    نڪا طلب طعام جي موھيا نه مايا،
    نڪو ھنڌ حجاب ۽ کٽون نه پايا،
    ويڙھيل فرش فقيرن وري وڇايا،
    گفتا جن جا گودڙين، رمتن جا رايا،
    ڌڌڙ سرڙا ڌوپ ۾ نانگن نوايا،
    بکن بچايا، آب ڏنائون اڃ ۾.



    اندر منجھه اذان، ٻاھر ساز سُرود ۾،
    نڪو سجدو سٿ سان، نڪو نرڙ نشان،
    نڪو گھڙو گھاٽ ڪو، نڪو مڙھ مڪان،
    نڪو لشڪر لوھ جيئن، نڪو تير مڪان،
    نڪي نيت نماز جي، تار به پنھنجو تان،
    حسن تنھنجي حال تي کلندو رھندو خان،
    آدم ۽ انسان، گڏ ستا ھڪ گود ۾.



    ٻڌم فجر ٻانگ جيئن، اندر جو آواز،
    اسر ويل اٿي ڪري، جو ڇيڙيم صبح ساز،
    رات سمورو راز، اوندھ عشق اجاريو.


    سمجھو منجھيا سمجھه ۾، الجھيا اوجھڙ ۾ وڃي،
    ڳُجھه ڳجھاندڙ ڳالھڙي، پلين ڪانه ڀڃي،
    ماڳھيان آن مڃي، عقل اڳيان ھن عشق جي.



    گڏ سُتا ھڪ گود ۾، واھرو ۽ ويري،
    چورن کنيا چت ۾، پنھنجي لئِه پيري،
    اک اجاڙيو عشق کي، محبت ھئي ميري،
    فڪر جي ڦيري، ايندي آھي عقل کي.



    گڏ ستا ھڪ گود ۾، خادم ۽ مخدوم،
    ھڪڙي گرد گناھ جي، من ٻيو معصوم،
    ھڪڙو ظالم زبرو، ماڻھو ٻيو مطلوم،
    معنى ۽ مفھوم، سمجھو سمجھي ٿا سگھن.


    غزل

    ھِيءَ ھوا تنھنجي، حُسن جي ھاڪ ۾،

    ھِيءَ ھوا تنھنجي، حُسن جي ھاڪ ۾،
    پَئِي ڦِري ھر ٿام ۾ ۽ ٿاڪ ۾.

    تون وسِين خوشبوءَ ۾، سُرھاڻ ۾،
    باک ويلي، مھڪ گُھلندي ماڪ ۾.

    تون نه موٽئين، مون نه سُودي نِنڊ ڪا،
    نيڻ ڏِيئن جِيئن ٻَريا پئي تاڪ ۾.

    مان به ڪافر، بُت اچي تنھنجو رکيم،
    اڄ وري دل پنھنجي ڪعبي پاڪ ۾.

    سِج، سرمد ۽ ننڍڙا ٻارڙا،
    سڀ اگھاڙپ جي ڍڪيل پوشاڪ ۾.

    ھي ”حسن“ آواره گرد آدمي،
    تو ڏٺو آ ڇا ڀلا رولاڪ ۾؟




    واءُ ۾ خوشبو گُھلي ويئي ھَلي،

    واءُ ۾ خوشبو گُھلي ويئي ھَلي،
    واس وٺندڙ بن ۾ رُلي ويئي ھَلي.

    تون الائي ڪنھن ڪناري پَئي رُلين،
    ھوءَ اچي جُھولو جُھلي ويئي ھَلي.

    سڪ جو ھِي سمنڊ ماٺو ٿي ويو،
    ڇِڪ جي ڇولِي ڇُلي ويئي ھِلي.

    تو پڇيو يا ماٺ ۾ ئِي اوچتو،
    ڳنڍ ڳالھين جي گُلي ويئي ھَلي.

    مھڪ وانگي ٽھڪ وانگي وَکرندي،
    ھوءَ ته ڪمري ۾ ھُلي ويئي ھَلي.






    ڪنديون لوڏ سان ھوڏ ڇا ھي ھوائون،

    ڪنديون لوڏ سان ھوڏ ڇا ھي ھوائون،
    تنھنجي ٽور تي گھور ٿي پيون گھٽائون.

    تنھنجي موھ جي ڊوھ جڪڙي وڌو،
    زنجيرن ۽ زُلفن جون ارڏيون ادائون.

    اسين گس جي وس ۾ ئي نه رھياسين،
    اکين ئي اکين ۾ جو روڪيائون راھون.

    اھي مھڪ ۾ ٽھڪ پرتا اوھان کي،
    اوھان جا اوھان سان، اسان ساڻ آھيون.

    ڪنھن نار جي سار آليون اکيون ڪيون،
    ٿيو چاھ، ويو چَين، من ۾ چِتائون.

    وٺو رات ۽ ڏات ڪڙڪا ڪيا،
    گڏ ميت ۽ گيت جون گُذر گاھون.



    مٿان کان شھر، نظر جيئن ٿو اچي جانان،

    مٿان کان شھر، نظر جيئن ٿو اچي جانان،
    پکيءَ جي اک ۾ منظر اھو بچي جانان.

    ھجر جي ھانو تان پھرو پري ٿئي پياري،
    نصيب نينھن جو نڪري اچي نچي جانان.

    اکين ۾ عشق سڃاڻپ جو سوئيرو پائي،
    رڳن ۾ رنگ محبت سندو جچي جانان.

    سمورو سمنڊ سلامت خدا رکي ساحل،
    کنيو آ ٻڪ دعا لاءِ ٻچي ٻچي جانان.







    رستا سوڙھا ۽ ٻيا وڻ،

    رستا سوڙھا ۽ ٻيا وڻ،
    واھڻ پوڙھا ۽ ٻيا وڻ.

    بن ۾ مون سان بيٺا آھن،
    منھنجا ڳوڙھا ۽ ٻيا وڻ.

    ماڻھو مارِيئون ڪري اڪيلا،
    لانڍيون، لوڙھا ۽ ٻيا وڻ.

    ڌرتي ڪِيئن جُھڪن ھي تنھنجا،
    ارڏا گھوڙا ۽ ٻيا وڻ.

    تو سان گڏ ”حسن“ ھي پنڇي،
    جوڙا جوڙا ۽ ٻيا وڻ.






    آئون تو ساڻ، تون ڪٿي جانان!

    آئون تو ساڻ، تون ڪٿي جانان!
    ھن گھڙي ھاڻ، تون ڪٿي جانان!

    زندگي زلزلي ۾ ڦٿڪي پئي،
    ڪيڏي ڇڪتاڻ! تون ڪٿي جانان!

    ٿي سگھي جي ته مونکي ميڙي وٺ،
    زندگي واڻ، تون ڪٿي جانان!

    آئون تو منجھه مئو پيو آھيان،
    پاڻ تون پاڻ، تون ڪٿي جانان!

    چپ منھنجا نه سُڪن پيا ساگر تي،
    اک آلاڻ، تون ڪٿي جانان!

    ڪھڙي ڪُنڊ ڪائنات جي وڃي ورتئي؟
    پاڻ کي آڻ، تون ڪٿي جانان!

    ڪنھن گھڙيءَ منجھه تون گُھمين پيئي،
    ڪو سفر ساڻ، تون ڪٿي جانان!

    آئون رِڻ ۾ رَڙي سڙي ويندس،
    مان ٿيس پاڻ، تون ڪٿي جانان!

    منھنجي سيني ۾ تنھنجي سھڪي جو،
    آ لڳل ٻاڻ، تون ڪٿي جانان!

    جسم تنھنجي، جي گونجندڙ گرمي،
    ڪيڏي ڪوساڻ! تون ڪٿي جانان!


    جنھن به جوڙون آھن جوڙيون رات جُون،

    جنھن به جوڙون آھن جوڙيون رات جُون،
    تنھن ھوا ۾ ميخون کوڙيون رات جُون.

    ھن اَنڌاري، سمنڊ ڪاري ۾ وڃي،
    جاڳ آخر ٻيڙيون ٻوڙيون رات جُون.

    خواب پنھنجا ڪونه ٿو جڪڙي سگھي،
    ننڊ جا ڌاڳا، نه نوڙيون رات جُون.

    ڪير پيو پيڇو سِتارن جو ڪري،
    ڪھڪشائون ڪنھن ته روڙيون رات جون.

    راز سڀ چوري ڪريون سنسار جا،
    چئو ڀلا! ٽوڙيون ٽجوڙيون رات جون.

    بادلن جي رٿ تي بيھي ”حسن“
    روڪيون مُون نيٺ گھوڙيون رات جون.



    طوفان جي ڪُلھي تي، ھڪ ڇوڪري چڙھيل آ،

    طوفان جي ڪُلھي تي، ھڪ ڇوڪري چڙھيل آ،
    سڪ سوز ھوءَ سکيل آ، پنج پاس ھوءَ پڙھيل آ.

    مومل جيان مجازي، آ عشق ۾ اُڀي ھوءَ،
    من موج موھ ماريل، ڪنھن ڪاڪ جي ڪڙھيل آ.

    تصوير ڄڻ لڳل آ، دل جي فريم ۾ ھوءَ،
    نج ناز جو نگينو، منڊيءَ ۾ ڄڻ مڙھيل آ.

    منھنجي بدن پني تي، ھر ڪا لکيئين عبارت،
    پينسل جيان پياري، تازي صفا گھڙيل آ.

    ويجھو رھي به پرتي ۽ ڏور ھوندي اوڏي،
    ميلاپ ۽ جدائي ۾، جنھنجو جُسو جڙيل آ.

    ھن ”درس حسن“ آھي ڪھڙي ڪيس ڪچھري،
    ھيءَ ڇوڪري اُڀي ڇو ۽ عشق تي اڙيل آ.



    سڻان جت روز ھڻڪارون، وڇيرن جو وطن آھي،

    سڻان جت روز ھڻڪارون، وڇيرن جو وطن آھي،
    گھُمن جت گھوٽ ۽ گھوڙا، وڏيرن جو وطن آھي!

    ڀٽائي جت ھليو ھڪليو، ڏٺائين ڏيھه ساري کي،
    پرين جت پنڌ ڪيو، تنھنجي ئي پيرن جو وطن آھي!

    آھي مسرور(1) گڏ مون سان، سدائين سنڌ ساريءَ ۾،
    سمن (2) سيکاٽ انڙن ۽ ڏيرن جو وطن آھي!

    تپايو لوھ لوھارن، مڙي مسعود (3) سان گڏجي،
    دُنيا دينار ٽالپر (4) کان سويرن جو وطن آھي!

    علي قاضي (5) سڀئي گڏجي، ڪريون آباد بستين کي،
    توانائي ڪتب آڻيون مٿيرن جو وطن آھي!

    وسيلو ھٿ ڪريون پنھنجو، ٿئي ھر ڪو سکيو سھنجو،
    ڪڇي ٿي روز ھيءَ ڪينجھر، مڇيرن جو وطن آھي!

    تڌي ٽالھي، سٺي چمپا، وڏا بڙ واھ تي بيٺل،
    ٻٻر، نم، نازبو، موتيو ۽ ٻيرن جو وطن آھي!

    اسين ڪجھه آريا ۽ لوڪ اصلوڪا ڪنارن جا،
    دراوڙ دوست پنھنجن ۽ دليرن جو وطن آھي!

    ”حسن“ ھيءَ سنڌڙي سھڻي، اسانجي جند سان رھندي،
    نه ميرن جو نه ايرن جو نه غيرن جو وطن آھي!

    (1) مسرور سومرو
    (2) سيکاٽ جا سما، انڙ ۽ وڏيرا جيڪي سڌي گھوڙن جا وڏا شوقين ۽ شاعر ۽ ويجھا دوست آھن (3) مسعود لوھار
    (4) مسعود لوھار جو ڳوٺ
    (5) محمد علي قاضي (ايڊيٽر ڪاوش)








    ھڪ ڏيک يادگيري، ھڪ شام جو تصور،

    ھڪ ڏيک يادگيري، ھڪ شام جو تصور،
    کڙندڙ گلاب آھي، ھڪ نام جو تصور.

    کلندي خمار جيڪي، کيڪار ڪن خيالي،
    جُڙندو انھن اکين مان، آ جام جو تصور.

    نير نھار تائين، آھي لکيو پيو ڄڻ،
    پڃري سندو پکيءَ لئه، اڏام جو تصور.

    مُرڪي ملڻ جو ماڻو، کلندي رُسڻ جو کُٽڪو،
    آغاز جو انديشو، انجام جو تصور.

    ھي شھر، گھر مٽيءَ جا ۽ ديس دونھن جھڙو،
    منظر اداس، عورت ۽ گام جو تصور.

    شھرت ته ڪين گھرجي، ڇو پئي ڊُڪي پٺيان،
    مشھور ڪيڏو ٿيو آ، گمنام جو تصور.

    مون کي خدا ھو خلقيو، يا ما خدا کي خلقيان،
    بندي اڳيان آ بيٺو، بس رام جو تصور.

    ھر ٻج ٻار وانگي، ڌرتي ڄڻي پئي ٿي،
    ھر وڻ وڏو لڳي ٿو، ڪنھن لام جو تصور.

    ھئه ھئه ”حسن“ ھي، ڪيڏيون ڪرامتون،
    دک درد ڄڻ لڳي ٿو، آرام جو تصور.



    عمارت عشق جي توتي مون کي عجب آھي،

    عمارت عشق جي توتي مون کي عجب آھي،
    زمين دوز ٿيڻ جو نه ڪوئي سبب آھي.

    جڏو جھاز ھي جيون جو ڪيستائين ھلي،
    سمونڊ وقت ۾ ڪيڏو وڏو غضب آھي.

    فقير شعر حقيرن جا پيا پرين پڙھندا،
    ڪمائي ”ڪين“ جو به ڪونه ڪو ڪتب آھي.

    ڊگھي آ راھ مگر مختصر مسافر تون،
    اُداس آدمي تو لاءِ رڳو ادب آھي.

    اکيون اوھان جون نھارن پيون نظارن مان،
    لڳي ٿو رابطي ۾ رات ڏينھن رب آھي.

    اسان ته سج لھڻ جو به آ ڏٺو منظر،
    اڄوڪو جيڪو ٻڏو سو رڳو قلب آھي.

    اُھو ئي سور سَسُئي ۽ اُھو ئي پاڻ پنھون،
    اُھوئي ھاڙھو، اُھو ھوت، اُھو حب آھي.

    اصل نسل ۾ ملي عشق جي پتي ورثو،
    ”حسن“ اسانجو اِھوئي حسب نسب آھي.


    سِرن جيئن پچائي برھ جو بٺو،

    سِرن جيئن پچائي برھ جو بٺو،
    اسان جو ته سورن ۾ آھي سٺو.

    بندوقن جون باتيون بندوقون سڻن،
    اسان کي ته ڳالھين ڳچي ۾ ڳٽو.

    اھو درد پوشاڪ آھي پرين،
    لَکن کي لڪايو گھمي ٿو لٽو.

    ڇَڻِي خيال ۾ پن کڙڪو ڪيو،
    مٺي ماٺ جو مينھن آھي وَٺو.

    اھو سور جو ساٿ سونو اٿئي،
    مليل محب جو ڪين ڀائنج مَٺو.

    وري شھر جانان ۾ آيو ”حسن“،
    اوھين قاتلن کي ڪريو اڄ ڪٺو.



    شام جو تون تلڪ چاڙھي، مان اونھاري جي ھوا،

    شام جو تون تلڪ چاڙھي، مان اونھاري جي ھوا،
    تون اڏامين ڄڻ ته ساڙھي، مان اونھاري جي ھوا.

    تون نشي ۾ ٽٻ دنيا، مان اُڏامن جي اڳيان،
    تون گلاسن منجھه تاڙي، مان اونھاري جي ھوا.

    تون سجاول جي بدن تي عشق جو نالو لکيل،
    تون ٿڌيري رات لاڙي، مان اونھاري جي ھوا.

    تُنھنجي اکڙين ۾ اچي مون سمنڊ کي سوگھو ڪيو،
    منھنجي ٻانھن منجھه ٻاڙي، مان اونھاري جي ھوا.

    مان ته ڄڻ ڪنھن مينڌري وانگي اچان پيو تاڻبو،
    دور مومل تنھنجي ماڙي، مان اونھاري جي ھوا.







    اک آلاڻ، مان ڏسان چھرو،

    اک آلاڻ، مان ڏسان چھرو،
    آرسي آڻ! مان ڏسان چھرو.

    آمھون سامھون تون ھجين بيٺل،
    پنھنجي سر پاڻ، مان ڏسان چھرو.

    خشڪ واري ھجي يا ويرانو،
    موج مھراڻ، مان ڏسان چھرو.

    ڇو لڪائين ٿو مُنھن، لڪين ڇو ٿو؟
    ڇڏ ڇڪتاڻ، مان ڏسان چھرو.

    اڻ ڏٺل تون، عجيب اچ اوڏو،
    ٿو ڪڍان ڪاڻ، مان ڏسان چھرو.

    دلڪشي، شوخ، سُرخ، سينگاريل.
    لب لالاڻ، مان ڏسان چھرو.

    ڪو ذرو تِرُ، ڪو مُھڻو موھِيڙو،
    ڪا ڪڻي داڻ، مان ڏسان چھرو.

    تون حياتي پيو، ڇنڊ ڦوڪ ”حسن“،
    تون ڀلي ڇاڻ، مان ڏسان چھرو.



    تڏھن بحر ۾ بوند ٿي پئي گھڻي،

    تڏھن بحر ۾ بوند ٿي پئي گھڻي،
    جڏھن جز ۾ ڪُل ۾ سمائي ڪڻي.

    پرين موسمن جو پتو ٿو رکي،
    اسان حال پنھنجا وڃايا ڇڻي.

    اندر جون اُڏامون نه سمجھي سگھين،
    پکين جا ته پيرا نه سگھبا کڻي.

    سمونڊن سڏيو ته ھلي پيو ”حسن“،
    اِھا ڳالھه تنھنجي اسان کي وڻي.






    صندل جون ٻرن ڪاٺيون، ائين دل به ٻري ٿي پئي،

    صندل جون ٻرن ڪاٺيون، ائين دل به ٻري ٿي پئي،
    منھنجي ته سوا تنھنجي ڪا ساعت به سري ٿي پئي.

    واريءَ جي دڙن وانگي، آئون به اُڏامان پيو،
    ٿا نيڻ ٿڪن ٿر جا ۽ رات ٺري ٿي پئي.

    ميلاپ جُدائيءَ جو، ھي عجيب تماشو آ،
    جيڪا آ اندر ويٺي، سا ڇو ته پري ٿي پئي؟

    وارن ۾ وڇوڙي جي، پيو يار ڦڻي ڦيريان،
    چُپ چاپ اچي چاندي، ڪارن سان ڪري ٿي پئي.

    پيا پن ڇڻن پاڻھي، کڙڪن به ته نٿا خالي،
    ھڪ شخص جي ھڪ دنيا، خاموش مري ٿي پئي.

    مون سان جي ملين ھا تون، ته مان ٻڌايان ھا،
    ھاءِ وقت وڃي ٿو پيو، ۽ مھل ٽري ٿي پئي.

    ھڪ اک رھي آلي، کن پل نه رھي خالي،
    ھڪ ميڻ بتي آھي، ڏينھن رات ٻري ٿي پئي.

    ھڪ درس ”حسن“ آھي، چئي ٿو رڳو محبت ڏي،
    دنيا ته الاھي ڇا ڇا، ڪم ڪار ڪري ٿي پئي.



    اُڀو پنڌ پنھنجو، ھوا پير ھيٺان،

    اُڀو پنڌ پنھنجو، ھوا پير ھيٺان،
    سڀئي سير سٽبا، سوا سير ھيٺان.

    ڇڻي ڇانو آخر آ، پٽ تي سمھي پئي،
    وڻن جا وڏا بنڊ ڪاٺير ھيٺان.

    اسان ھر گھڙي کي گھمائي ڏٺو پئي،
    پري کان لنگھي ويو وري ڪير ھيٺان.

    جيئڻ جاڳندو آ، مرڻ ننڊ وانگي،
    عمارت ستي آ، وڏي ڍير ھيٺان.

    وري وڻ کي بيھي، تصور ۾ ڌوڻي،
    ننڍن ٻارڙن پئي کنيا ٻير ھيٺان.

    اھو ئي وڇاڻو اھو اوڍڻو آ،
    مٽي آ مٿان کان، اھا مير ھيٺان.

    ”حسن“ ھاءِ تنھنجون اکيون ٻئي عقابي،
    ڇڪي ڇوڪريءَ کي کڻو ڇير ھيٺان.



    منھنجي حيات ۽ منھنجي ورسي،

    منھنجي حيات ۽ منھنجي ورسي،
    توئي جيتيو تنھنجي سرسي.

    مُرڪ به مُنھڙو موڙيو تو جيئن،
    لڙڪن جي برسات به برسي.

    سج به سُوٽا ھڻي پيو جھومي،
    چنڊ به ٿي پيو آھي چرسي.

    واٽ وٺي مان ڪيئن وڃان ھا،
    تون نه آئينءَ، پيس ترسي.

    من جو مڪتب خالي ويران،
    ”حسن“ ڇڏائي وئي سڀ دَرسي!




    اک ۾ پوڙھا ڳوڙھا آھن،

    اک ۾ پوڙھا ڳوڙھا آھن،
    لوڙھا لوڙھا ڳوڙھا آھن.

    ترسن، ورسن، برسن بيٺا،
    گھوڙا گھوڙا ڳوڙھا آھن.

    ماٺ مُٺيءَ ۾ موڙھا آھن،
    گونگا ٻوڙا ڳوڙھا آھن.

    سھميل سھميل، ھيسيل، ھاريل،
    سوڙھا سوڙھا ڳوڙھا آھن.

    آئون اڪيلو، آھيان ڇاھي!
    جوڙا جوڙا ڳوڙھا آھن.

    مون وٽ ڇاھي؟ ڪجھه به ناھي،
    ھاءِ وڇوڙا ڳوڙھا آھن.



    ڇا تو مون لاءِ ليئو ٿيندينءَ؟

    ڇا تو مون لاءِ ليئو ٿيندينءَ؟
    ڇا تون مون کي ڏيئو ڏيندينءَ؟

    رڻ ۾ مون سان رات ڪٽيندينءَ،
    نانگن ڏانھن تون مونکي نيندينءَ؟

    ڪائي لانڍي، چونئرو جوڙيون،
    گڏجي سڏجي عشق اڏيندينءَ؟

    وارياسي ۾ ويندس آئون،
    پوءِ تون پويان منھنجي ايندينءَ؟

    دل جي صحرا ۾ جو پلبس،
    اھڙي رڻ کي ڪيئن روڪيندينءَ؟

    ٿڪجي پوندو آھيان ڏاڍو،
    مون سان گڏجي ساھ پٽيندينءَ؟

    مون سان گڏجي بيٺي ھوندينءَ؟
    مون سان گڏجي واپس ويندينءَ؟


    سڄي رات بيٺي ڪَٽيون سين اکيون،

    سڄي رات بيٺي ڪَٽيون سين اکيون،
    پرينءَ لاءِ پُوريون پٽيون سين اکيون.

    رڳو لڙڪ ھاري رُناسين لڪي،
    کٽڻ لاءِ ڪھڙيون کٽيون سين اکيون.

    نپُوڙي نُپوڙي نگاھون نچُوري،
    سُڪا لڙڪ پوءِ ڀي وٽيون سين اکيون.

    پرين پوک تنھنجي لئه پاڻي ٿياسين،
    گُٽا ٻج آخر ڇٽيون سين اکيون.

    ”حسن“ ھي اسان جو تو گذرڻ ڏٺو،
    گھٽيءَ مان گھيلجي مَٽيون سين اکيون.





    بي قراريءَ ۾ قرار ڇو آھي؟

    بي قراريءَ ۾ قرار ڇو آھي؟
    مون کي دشمن سان پيار ڇو آھي؟

    مون ته چاھيو پئي تو ھٿان ئي مران،
    تنھنجو خالي ھي وار ڇو آھي؟

    ڪجھه نه سمجھي نڪو سڻي ٿو پيو،
    پيار ننڍڙو ھي ٻار ڇو آھي؟

    مون ھي جسم ھو ڇڏيو اُڇلي،
    پاڻ تي ھاڻ بار ڇو آھي؟

    ھيءَ ”حسن درس“ آ چريو ماڻھو،
    پاڻ کان پاڻ ڌار ڇو آھي؟





    رامڪي بازار ۾ ماٺڪي بيٺي رھي،

    رامڪي بازار ۾ ماٺڪي بيٺي رھي،
    ڪونج جھڙي ڪولھياڻي ڪا ڪڪي بيٺي رھي.

    ڇو نٿو تنھنجي ھٿ مان، ٿو ڪري خنجر سمھي،
    زخم وانگي زندگي ھئي چِڪي بيٺي رھي.

    طاقتن تلوار کي، ھن وقت ڦيرايو گھڻو،
    اُن جڳھه اُن جاءِ تي، ھوءَ ٽڪي بيٺي رھي.

    ڏينھن جو تارا ڏسڻ جي آرزو ناھي کٽي،
    سوز سان ساري سڄڻ ۽ سڪي بيٺي رھي.

    صورتن جا سمنڊ ٿا ٻوڙي وجھن ھر ٻانھن کي،
    ڇولين کان ڇوڪري، ڇو ڇڪي بيٺي رھي.

    عشق ھڪ پردو به آ ۽ اگھاڙپ آ وڏي،
    لوڪ جي اڳيان به ھئي ۽ لڪي بيٺي رھي.

    ھا ڪرڻ جا ھوڪريا، مفت ۾ مردن ھنيا،
    انڪار مان آيل ھئي، سا نڪي بيٺي رھي.

    ”حسن“ ھي توحيد جو، درجو خدا ٿو ڇو کڻي،
    عشق ۾ ملحد اڪيلي ۽ اِڪي بيٺي رھي.


    اڏاڻيون ڏور پئي آڙيون، سمو ڪنھن سار وانگي ھو،

    اڏاڻيون ڏور پئي آڙيون، سمو ڪنھن سار وانگي ھو،
    لڙيو پئي لاڙ تان سورج، مُھاڻي ٻار وانگي ھو.

    ڳچيءَ ۾ مون ھيو پاتو ۽ سيني ساڻ ھو لاتو،
    منھنجو محبوب ڪلھه مونکي، ھٿن ۾ ھار وانگي ھو.

    ھُجومن ۽ ھُشامن، ھيڪلائيءَ کي جڏھن جنميو،
    ڏٺو مُون روح پنھنجي کي، انڌاري غار وانگي ھو.

    وڻن تي ڪانگ ھا ويٺل، ڳليءَ ۾ ڳئون پئي آيون،
    پراڻو ڳوٺ ھو ليڪن، پرينءَ جي پار وانگي ھو.

    جڏھن جھمپير ۾ منھنجي، جواني موٽ کائيندي،
    کِلي چوندين کجيءَ کي تون، تِکو تلوار وانگي ھو.

    ھوائن تي ھليس آئون، نظر ڪجھه ڪونه ٿي آيو،
    سڄڻ رستو سڄو تنھنجو، سنھي ڪنھن تار وانگي ھو.

    مڇيءَ جي اک مان ويٺي، ڏٺو مون ھر ڏھاڙي کي،
    لڙاٽيل وقت ۾ لمحو، لڳل ڪنھن ڄار وانگي ھو.

    صفا سُنسان مندر ۾، جڏھن سانجھي ملي مون سان،
    اُتي آواز عشق جو، سنھڙو ڪنھن آر وانگي ھو.


    پکي پرديس جا سورج پرن پويان لڙي ٿو پيو،

    پکي پرديس جا سورج پرن پويان لڙي ٿو پيو،
    ورڙ (1) ان واٽ تي ويٺل، اڳيان جت رِڻ رڙي ٿو پيو.

    لڳي وئي لاڙ سان آ لنئون، اوھان کي ٻيو ڀلا ڇا چئون،
    اسان کي عشق سارين جيئن، ڇنڊي ڦوڪي ڇڙي ٿو پيو.

    عمر جي آڱرين مان ڏس، ڦُلن وانگي ڇڻون ٿا پيا،
    سڄڻ سگريٽ سستي جيئن، سڄو ماڻھو سڙي ٿو پيو.

    پراڻي عشق پوڙھي جي، وڄت نڙ ڦُوڪ مان نڪتي،
    ملڻ ھي مير محمد (2) جو، جوانين کي جڙي ٿو پيو.

    اوھان مُرڪي ملي آخر، ھليا ويا شھر پنھنجي ڏانھن،
    اسان جي ڳالھه جي ڳل تان، اڃان ڳوڙھو ڳڙي ٿو پيو.

    وطن ۾ بي وطن معشوق، عاشق جو ملڻ ڪھڙو،
    زمانو زور تي تڙ تان، تماچين کي تڙي ٿو پيو.


    _______
    (1) ورڙ ذات آھي ۽ بدين ضلعي جي ڏاکڻي حصي ۾ سندن وڏا ڳوٺ آھن.
    (2) مير محمد لنڊ (1927 1997) بدين لڳ جو رھواسي ھو ۽ بوڙينڊي ۽ نڙ وڄائڻ ۾ خاص مھارت رکندو ھو. ھن بوڙينڊي مان ست سُر ڪڍي ان کي نئين صورت ڏني.


    لھر ٿي جاڳي ڪري ٻي لھر ۾،

    لھر ٿي جاڳي ڪري ٻي لھر ۾،
    ڇو سمندر ڇو ڀلا سمھين نٿو؟

    رات جي ڏيئي ۾ جاڳن ٿا جنم،
    گھنڊ مندر ڇو ڀلا سمھين نٿو؟

    زندگي، ڪيڏي ذلالت، شڪستون،
    تون سڪندر ڇو ڀلا سمھين نٿو؟

    ٻھر ڪيڏو اڄ مسافر مينھن آ،
    منھنجي اندر، ڇو ڀلا سمھين نٿو؟

    جاڳ جي ٻيڙي ته پرزا ٿي چُڪي،
    شاھ بندر ڇو ڀلا سمھين نٿو؟

    گھر ته ڀاتين سان سُتو آ ڀاڪرين،
    کڙڪندڙ در، ڇو ڀلا سمھين نٿو؟







    نانگ به سوچيو ھوندو دل ۾، ماڻھوءَ جي مڻ ڪھڙي آھي؟

    نانگ به سوچيو ھوندو دل ۾، ماڻھوءَ جي مڻ ڪھڙي آھي؟
    ماڻھوءَ سوچيو دل جي داڻي جھڙي ڪا ڪڻ ڪھڙي آھي؟

    ويھي گڏ وڙھين ٿو ويٺو، گھمندي گڏ چڙين ٿو چريا!
    عشق اسان سان تنھنجي آخر اھڙي اڻ بڻ ڪھڙي آھي؟

    مينھن اسان کي نينھن اڳيئي، آھي ڀڄايو برسي برسي،
    ھي ڏس من ۾ موتي آ من تنھنجي ڪڻ ڪڻ ڪھڙي آھي؟

    وڻ ٺوڙھا ٿيا، گھٽيون سوڙھيون، ”حسن درس“ اڳي پيا لوڙيون،
    تو بن تانگھه اسان جي تڙپي، ٻي ڪا پن ڇڻ ڪھڙي آھي؟


    دُڪو نيٺ داخل ڪيو مون به دل جو،

    دُڪو نيٺ داخل ڪيو مون به دل جو،
    لکين مڻ محبت ٻين جي ٻُڏي وئي.

    پکي وڻ جي ٽاريءَ ۾ تبديل ٿي ويو،
    اُھا وڻ جي ٽاري، اُتان کان اڏي وئي.

    رڳو ھن اُٿي ڪر موڙيو صبح جو،
    چون ٿا ته ڌرتي به ٿوري ڌڏي وئي.

    سوين پوپٽن جي محافظ جٿي سان،
    گلن سان ڪندي گفتگو ڪا گُڏي وئي.

    لڙيءَ رات لوڪن جا ليڪا لتاڙي،
    اچي پيار جي پينگھه ۾ ڪا لُڏي وئي.


    جوانيءَ جي جر تي اسين آھيون پھتا،

    جوانيءَ جي جر تي اسين آھيون پھتا،
    وري تنھنجي در تي اسين آھيون پھتا.

    محبت جي منزل جا ماريل مسافر،
    ڏني ۽ نه ورتي اسين آھيون پھتا.

    رُسن ٿا ته رڻ ۾ ئي رھجي وڃون ٿا،
    پرينءَ نيٺ پرتي اسين آھيون پھتا.

    ستارا ته اورئين وکن ۾ ڇڏيا سين،
    انھيءَ کان به پرتي اسين آھيون پھتا.

    ڀڄي نيٺ پاڻيءَ کي پياسو ڪيوسين،
    جڏھن کان ئي جر تي اسين آھيون پھتا.











    جيڪو جوڙي ٿو،

    جيڪو جوڙي ٿو،
    سو ئي ٽوڙي ٿو.

    پيار پُسائي پر،
    در نچوڙي ٿو.

    ڏينھن جي وڻ مان،
    راتيون روڙي ٿو.

    مون کي موٽائي،
    مون کي موڙي ٿو.

    بي حد بيٺو آ،
    ڪيڏو ڊوڙي ٿو.



    پٿر به مٿان وگھري، آواز ٿي پوي،

    پٿر به مٿان وگھري، آواز ٿي پوي،
    آواز نيٺ تبديل ٿي، ساز ٿي پوي.

    آئون جو عورتن سان ڪپڙا ڍڪي گھمان،
    ۽ ديوتا اُگھاڙو، ناراض ٿي پوي.

    انجام عشق تنھنجو ڪھڙو به ٿي سگھي ٿو،
    اکڙين سان ھڪ دفعو ٻيو، آغاز ٿي پوي.

    مون لاءِ ته ھر محبت مدفون شھر آ،
    مون لاءِ ته ھر مسئلو، ٿو راز ٿي پوي.

    ويٺي جو مان وڻڻ کي، ڀرسان وھاريان،
    بيھان ته ھوا جھوٽو، ٿو باز ٿي پوي.







    شامل حال ڪو ته ھوندو ھو،

    شامل حال ڪو ته ھوندو ھو،
    منھنجو دلدار موت ھوندو ھو.

    ھن حياتيءَ جي سَسُئي سيجي لُٽي،
    ڪنھن زماني ۾ ھوت ھوندو ھو.

    درد دائم اچي ڪيو ديرو،
    پھرين موٽيو ھو پو ته ھوندو ھو.

    منھنجو اندر پئي وڙھيو مون سان،
    مون کان ڏاڍو به ڇو ته ھوندو ھو.

    ٻيا ڀڳا، ھو نه پر ڀڳو ڀرسان،
    ھڪ ”حسن“ يار سو ته ھوندو ھو.










    گھر مٽيءَ جو گھاٽ گھٽيءَ ۾،

    گھر مٽيءَ جو گھاٽ گھٽيءَ ۾،
    تنھنجو ڪھڙو ڪم کٽيءَ ۾؟

    نيروٽيءَ جو نام نرالو،
    رنگ اُڀاري ڦُٽ پٽيءَ ۾،

    وڻ جيئن ڌوڻي ڌوڻي دل کي،
    من ڇُلڪائي ڏس مٽيءَ ۾.

    ھاڻ ”حسن“ ديوانو ناھي،
    چوندين چوندين نيٺ چٺيءَ ۾.











    سڀ ڪجھه ھجي، ضرور مگر پيار ٿو کپي،

    سڀ ڪجھه ھجي، ضرور مگر پيار ٿو کپي،
    مئه جو سٺو سرور، مگر پيار ٿو کپي.

    ايمان، دين ھوندو، دوزخ ۽ جنتون،
    خالص خدا جو نُور، مگر پيار ٿو کپي.

    اولاد، نوڪري ۽ وھنوار وقت جو،
    ھا ھا ھجي حضور، مگر پيار ٿو کپي.

    دانش عقل جي دنيا، آھي دليل سان،
    ۽ علم تي عبور، مگر پيار ٿو کپي.

    غم ٿو ڪجي غضب، يا افسوس ٿو ڪجي،
    غصو ڪجي غُرور، مگر پيار ٿو کپي.

    ڪنھن چنڊ تي ٺرون يا سورج مٿان ٻرون،
    دنيا کان وڃي دور، مگر پيار ٿو کپي.

    انسان سان محبت، انسان ٿو ڪري،
    گلمان ۽ نه حور، مگر پيار ٿو کپي.

    واپار، پيار ناھي، نقصان ۽ نفعو،
    پاڇي بچي نه مُور، مگر پيار ٿو کپي.

    ھڪڙي ”حسن“ حياتي، ويندي وڃائجي،
    ضايع ٿيان ضرور، مگر پيار ٿو کپي.


    ھن عمر بي مثال ۾، بي باڪ محبتون،

    ھن عمر بي مثال ۾، بي باڪ محبتون،
    ننگا نصيب منھنجا، ٿيون چاڪ محبتون.

    بيھي بدن مون به، کڻي ساھ تي رکيو،
    گھري گناھ نيٺ ڪيون پاڪ محبتون.

    ڪاڙھي تتي جو ديس ٿو آئون تڏھن گھمان،
    منجھند جيان ملي به وڃي ٽاڪ محبتون.

    مون ساڻ منھنجون موسمون گڏجيو پيو گھمن،
    رب جو قسم ته روح جون رولاڪ محبتون.

    مون لاءِ پرين پيار آ تنھنجو بناوَ ٿيو،
    منھنجيون ته ٿڪي نيٺ ٿيون ٿاڪ محبتون.

    پنج ئي شيون نصيب اٿم، پيو تڏھن تڳان،
    نرمي گلن جي، گيت، ھوا، ماڪ محبتون.


    سمنڊ خشڪيءَ ۾ فرق ٿئي، ڏسجانءَ

    سمنڊ خشڪيءَ ۾ فرق ٿئي، ڏسجانءَ
    دل جو ڪو غوراب غرق ٿئي، ڏسجانءَ

    ڪيئن ڪِري ڪرنفل مان قطرا ٿي،
    آدمي ڪيئن ٿو عرق ٿئي، ڏسجانءَ

    زندگيءَ جي ڪتاب ڦاٽل جو،
    ھر الڳ ورق ورق ٿئي ڏسجانءَ

    بي لباسيءَ ۾ ڇا ته ڏسي سگھندين،
    ھُوءَ جڏھن زرق برق ٿئي، ڏسجانءَ




    اڄ مسافر ماڪ جا پئي ڪانه آ،

    اڄ مسافر ماڪ جا پئي ڪانه آ،
    ھوءَ ملڻ محبوب سان وئي ڪانه آ.

    جا پرولي پيو پرينءَ کان تون پڇين،
    چنڊ توکي سا ته مون چئي ڪانه آ.

    عشق عشق جو، گھوڙي سوار ساڳيو،
    راھ تنھنجي ۾ اُھا رئي ڪانه آ.

    تون ڀلي توري تڪي وٺ ساھمي،
    مون اڃان محبت ڪڏھن مئي ڪانه آ.




    ڏس اداس رات جو پويون پھر،

    ڏس اداس رات جو پويون پھر،
    ويران تنھنجي دل جيئن سارو شھر.

    ٿڙندي ٿاٻڙجان ٿو تنھنجي گھر اڳيان،
    ننڊ جا جھوٽا اکين ۾ آ ڳھر.

    ڪيڏي پيڙا لوڙھ ۽ ٻيون ڪيفيتون،
    دک پيو ڀوڳي سمورو اڄ دھر.

    ڏات تنھنجي ڏک ۾ ويو ڏانءُ به،
    ڪين قافيو شعر ۾ ڪوبه بحر.

    سوڀ ماڻي ٿي سگھيس نه سرخرو،
    سونھن تنھنجيءَ ھو ڪيو سانئڻ سحر.

    وار وينگس وھنجندي ھئا ڇوڙيا،
    پئي سنڌوءَ جي سير ۾ اڀري لھر.

    ديد تنھنجيءَ ھو ”حسن“ ديوانو ڪيو،
    ڪن چيو ڪيڏو ڪرم، ڪن چيو ڪيڏو قھر.




    سونھن سان پنھنجو جڏھن سھڪار ٿي پيو،

    سونھن سان پنھنجو جڏھن سھڪار ٿي پيو،
    عقل کان بس نابري انڪار ٿي پيو.

    مرڪ ڪنھنجي موٽ ۾ مرڪيو ھو مون،
    اِئين پنھنجي عشق جو اظھار ٿي پيو.

    تو حويليءَ جي دريءَ مان پئي ڏٺو،
    مون سڪايل جو ته بس ديدار ٿي پيو.

    بند اکين ۾ سوين سپنا تنھنجا،
    اڻ ڏٺو توسان ته ڄڻ اقرار ٿي پيو.

    تو جڏھن سرگوشيءَ ۾ ڳالھايو،
    شرنائيءَ تي سر اُھو ملھار ٿي پيو.

    جنھن به تنھنجي سونھن جي ساراھ ڪئي،
    شاھ، سانگي، سو حمل، منٺار ٿي پيو.

    ڪنھن چيو ٿا ڪنڌ گھرجن قرب ۾،
    سر ”حَسن“ ھٿ تي رکي نروار ٿي پيو.





    زندگي تو بن ائين آ بي ثمر،

    زندگي تو بن ائين آ بي ثمر،
    ڄڻ بنان پاڻيءَ اڇو ڪوئي ڪڪر.

    پيار جو پنھنجي پھچ کان ٿيو پري،
    سار پر پوءِ به ڇڏي ڪين پچر.

    باھ پئي ساري بدن ۾ ڪا ٻري،
    دل به ڄڻ ميڙ ٽانڊن ۾ آڱر.

    سڀ ستارا سانت ۾ سمھيو پون،
    چنڊ به چپ ۾ ڪڇي ڪونه قمر.

    مان به ھڪ مجموعو ڇپائڻ ٿو گھران،
    ذات تنھنجيءَ تي ھجن شعر مختصر.

    لک ٿا لفظ اُھي سارا لھن،
    جي چيا آمد تنھنجيءَ تي مون اکر.

    ڇو لھي ڪين پئينءَ مون وٽ تڪي،
    ھت حيدرآباد مان تون ويندي سکر.

    تون نه ڪنھن محل منجھه ھونديءَ سُتي،
    ھيڪلو مان ۽ ھتي منھنجو ڇپر.

    جي به تنھنجي مون جدائيءَ تي لکيا،
    گيت سي سارا ”حسن“ آھن امر.



    تو بنان جي وڃڻ،

    تو بنان جي وڃڻ،
    آھي جيئري مرڻ.

    تون جھروڪو ٿڌو،
    مان اڃارو ھرڻ.

    ڇو اُجھامي ويو؟
    تنھنجو ٻھڪي ٻرڻ.

    پيار توسان پرين،
    ڄڻ عبادت ڪرڻ.

    منھنجو معمول توکي،
    کليا خط لکڻ.

    ياد تنھنجو اچي،
    ٽڪٽڪيءَ ۾ ڏسڻ.

    زندگي گھر منھنجو،
    آرزو آھي اڱڻ.

    شال تنھنجو ٿئي،
    ڪڏھن موٽي اچڻ.

    ھيڪلي ”حسن“ ۾،
    سور ڪونھن سھڻ.


    تنھنجا لب سنڌوءَ جا ڪپ،

    تنھنجا لب سنڌوءَ جا ڪپ،
    چمڻ ڏي تون پنھنجا چپ.

    جيڪا مايا چاھين واريان،
    مون کان وٺ تون موتين لپ.

    ويجھو آءُ، اوري ٿيءَ
    ٽھي ڪين پري ڏي ٽپ.

    دل وارن کان ڪھڙيون دوريون،
    ڪھڙا ڊيڄا، ڪھڙا ڊپ.

    ھاءِ ”حسن“ به ھٻڇي ڪھڙو،
    تنھنجي جواني منھنجا جھپ


    آئي ڪين اڄوڪي رات،

    آئي ڪين اڄوڪي رات،
    مون وٽ منھنجي ڏاھي ڏات.

    ھر ھر تنھنجي ھُر گُر دل ۾،
    ور ور تنھنجي وائي وات.

    سرجڻھار صبح ٿي ويو،
    خالي بتن سان پرڀات.

    سوچ به تنھنجي سار به تنھنجي،
    تار به تنھنجي، تنھنجي تات.

    ماريندي به موھي ٿو،
    ڪيڏو پيارو ڪوتا ڪات.

    جاڳي جاڳي نيٺ ته جڙندو،
    شعر اڌرو ماريءَ مات.







    شاھڪار ۽ شھپارا ڄڻ،

    شاھڪار ۽ شھپارا ڄڻ،
    چنڊ ستارا ڪارا ڄڻ.

    تنھنجو آ انصاف اڏي،
    دھليءَ جي در دارا ڄڻ.

    تنھنجو انڌ عدالت اونڌي،
    اورنگزيب جا آرا ڄڻ.

    تنھنجي مرڪ مڪاري ڏاڍي،
    مسڪينن تي مارا ڄڻ.

    تنھنجا لفظ لفنگا لوفر،
    ٿوھر ٿڪيل کارا ڄڻ.

    منھنجا مقصد موت مئا،
    وڇڙيا دلين وارا ڄڻ.

    ھاءِ حياتيءَ ھوش وڃايو،
    اونڌا ابتا ڍارا ڄڻ.

    بند ٿيا ھن بيت ”حسن“ جا،
    رستا راھون چارا ڄڻ.



     ضياءَ جي مارشل لا تي 1983 ۾ لکيل


    جيڪي جيءَ منھنجي کي جوڙي ويا،

    جيڪي جيءَ منھنجي کي جوڙي ويا،
    سي ئي تند تارون ٽوڙي ويا.

    ستي لوڪ سپنن ۾، ڏئي پير پير ۾،
    خوابن تي به خنجر کوڙي ويا.

    اُداسين جو آچار ويچار ته ڇڏ،
    ٻڏيءَ دل کي ويتر ٻوڙي ويا.

    اڳي رات ڪاري اماس انڌاري،
    مٿان وار ڪارا به ڇوڙي ويا.

    ڏئي ٻُٽ ٻاٽ جي منھن تي مڪاري،
    سدا چنڊ چھرا به روڙي ويا.

    جنين سنڱ پنھنجا نه سنڌي سڃاتا،
    لُڇي لڱ ڌن جا به لوڙي ويا.

    ھئا گڏ ھلندا جي ھر دم ”حسن“ سان،
    اھي به اڳين جيئن منھن موڙي ويا.





    چنڊ به پورڻماسي آھي،

    چنڊ به پورڻماسي آھي،
    پوءِ ڇو رات اداسي آھي.

    شبنم شبنم قطرا ڪريا،
    ڀونءَ تڏھن به پياسي آھي.

    منھنجي سوچ ستي ھئي توسان،
    تنھنجي وارن اوسي آھي.

    من جي مندر ۾ جا مورت،
    دل ئي تنھنجي داسي آھي.

    تنھنجي ته تصوير پرين مون،
    رت پنھنجي مان راسي آھي.

    تنھنجو جنھن ديدار ڪيو،
    اک اک سا آساسي آھي.

    جن به تو لئه اوجاڳا ڪيا،
    تن جي ننڊ اڻاسي آھي.




    اسان ئي ڪوي ڪاڪ ڪوتا جا راڻا،

    اسان ئي ڪوي ڪاڪ ڪوتا جا راڻا،
    اسان سان ئي مومل ڪيا موھ ماڻا.

    اسان ئي اوندھ سان الجھون ۽ اٽڪون،
    اسان جي نه ڏات جا ڏيئا اُجھاڻا.

    اسان کنڀ کوھي نه خيالن جا ڇڏيا،
    اسان جي اندر جا عقاب اُڏاڻا.

    اسان ته ڀٽائي ءَ سندا شعر ڳايا،
    اوھان ئي پڙھوپيا پرايا پراڻا.

    نڪي در ڌارئين ڪنھن جو جھليوسين،
    نڪو نوسياسين وڃي نام ناڻا.

    وساريا نه آھن اسان وڻ وطن جا،
    ڀُلياسين نه دودي ۽ ڀونگر جا ڀاڻا.

    نڪي لوڀ لالچ اسانکي نمايو،
    نڪي بيت دوھا اسانجا وڪاڻا.

    کڻي ٻاٽ ۾ لاٽ واٽن کي وؤڙي،
    اسان ئي پرھ جا ڪيا ھن پڇاڻا.

    سڀئي سنڌ تنھنجي تسبيح پڙھن پيا،
    ”حسن“ سي نه ھر دم آھن اياڻا.


    شعر ھي شعلا شبنم ڪھاڻيون،

    شعر ھي شعلا شبنم ڪھاڻيون،
    اسان جون ته سوچون سستيون وڪاڻيون.

    ڪينجھر تي ڪونجون آيون اتر کان،
    الائي ڇو ڇرڪي واپس اُڏاڻيون.

    ڪري عشق توسان اماوس اڙيس مان،
    ڏياٽيون به ڏمريون آڳون اُجھاڻيون.

    چاندي مٿي ۾ چمڪي پئي چوٽي،
    رحل، ڪوٽ، قرآن، عمريون سياڻيون.

    ڀورين ۽ معصوم اياڻين جا اُڌما،
    سمجھي نه سگھنديون ڏاھيون سياڻيون.

    مڙي ڪين موٽي ڏٺو تو ”حسن“ کي،
    سوا تنھنجي راتيون ويٺي وھاڻيون.







    رات سپني ۾ مون ٿي گُھمي ڪھڪشان،

    رات سپني ۾ مون ٿي گُھمي ڪھڪشان،
    چنڊ ماتم ڪيو ٿي مڪليءَ مٿان!

    تو اڀيچند سندا سيٺ ناھن ڏٺا،
    توکي ناھي خبر سُونھن ڇاھي مُلان!

    عشق سرمد جي پيرن جي خاڪ آ،
    تون ٺٺي جي گھٽين ۾ گھمي سوچچان!

    ورق انجيل جا سُونھن جي جوت آ،
    آئون قرآن کي ٿو اکين سان چُمان!














    باھ رڳو نه بن ۾ آھي،

    باھ رڳو نه بن ۾ آھي،
    منھنجي به ته تن ۾ آھي.

    ڇا ٿو سوچيان، ڇا ٿو سوچيان،
    جيڪي ڪجھه آ من ۾ آھي.

    جوءِ جبل وٽ سج سلامي،
    شايد سائين من ۾ آھي.

    مون به ته ڍوليا ڍال کنئي آ،
    ڪونج ڪھاڙي ڳن ۾ آھي.

    اوکي سوکي اگري عبادت،
    ايمان به ته ان ۾ آھي.

    پيار سڄو آ پاڪ ڀلارو،
    پاپ رڳو پل کن ۾ آھي.





    پرھ ميرانجھڙي باک پيئي ڦٽي،

    پرھ ميرانجھڙي باک پيئي ڦٽي،
    رات به رم جھم ٿي ڄاڻ کٽي.

    لب لب تان لھي ٿو ڪري الوداع،
    بس ھاڻ ٿو ٻانھن جو گھيرو ٽٽي.

    ڪو ته رات اڪيلي وھائي اُداس،
    ڪو ته شعلو شباب جواني لٽي.

    سرد ساھن تي سانئڻ وڃيو ٿئي ختم،
    جنگ جذبن پنھنجن جي ٿي جيڪا جٽي.



    يار غم قريب ڪر،

    يار غم قريب ڪر،
    درد مون نصيب ڪر.

    اُڃ آ علاج مون،
    تئونس کي طبيب ڪر.

    مان امير عشق ۾،
    غور سان غريب ڪر.

    جسم کان جدا ڪري،
    روح کي رقيب ڪر.

    آخر اچي اوڏڙو،
    حُسن کي حبيب ڪر.

    ڌُوڙ سڄي آ ڌونئڻي،
    رات اڄ رھي به ڪر.

    ھي ”حَسن“ حسين آ،
    اُٿ اُٿي عجيب ڪر!





    تو ڪيو ھو پيار جو اڳ مون سان،

    تو ڪيو ھو پيار جو اڳ مون سان،
    آئون تنھا، سمورو جڳ مون سان.

    مون کي خود ئي ڦريندو رھندو آھي،
    منھنجو پنھنجو اندر جو ٺڳ مون سان.

    دل کي ديوار ڪيئي ته ڊھي پوندئي،
    واءُ وانگي اچي تون لڳ مون سان.

    مون کي خود ئي وڻي نٿي منزل،
    ڪين دوکو ڪري ٿو دڳ مون سان.




    ھوا ۾ روح رخصت ٿيو، مٽيءَ ۾ دل دفن ٿي وئي،

    ھوا ۾ روح رخصت ٿيو، مٽيءَ ۾ دل دفن ٿي وئي،
    شھادت جي شفق ھيٺان، ڪَلي ھر ڪا ڪفن ٿي وئي.

    ائين ماڻھو بدلجي ملڪ ۽ ھڪ قوم ٿي ٿو پئي،
    وطن تان جان وئي واري وري سا خود وطن ٿي وئي.

    ھزارين درد لمحا ديس ۾ گذريو نٿا گذرن،
    گھڙي ھڪ گھاءُ ٿي بيٺي ڪٽڻ کان ئي ڪٺن ٿي وئي.

    حياتيءَ ائين سدا روشن رکڻ آ ڪم شھيدن جو،
    مرڻ جي واقعي مان ڏس جيئڻ جو نئون جتن ٿي وئي.




    تون ستارن جي جڙوات رھنما تنھنجون اکيون،

    تون ستارن جي جڙوات رھنما تنھنجون اکيون،
    تون ئي طاقت ۽ حرارت، رھنما تنھنجون اکيون.

    خون جي ھر بوند جو بدلو وٺڻ جو آ عزم،
    وقت آ اعلى عدالت، رھنما تنھنجون اکيون.

    ھاڻ ماڻھو پاڻ پنھنجا معجزا ڏيکاريندا،
    قوم جي پنھنجي ڪرامت، رھنما تنھنجون اکيون.

    لفظ تنھنجا ھاڻ ھيڻن لاءِ بڻبا طاقتون،
    قلم تنھنجو ۽ ڪتابت، رھنما تنھنجون اکيون.

    علم ۽ ادارڪ سان غدار سڀ سوڙھا ڪبا،
    چوڪ تي جلندي جھالت، رھنما تنھجون اکيون.

    بينظيرن ۽ فقيرن جا فڪر ۽ فلسفا،
    جاڳندي رھندي امامت، رھنما تنھنجون اکيون.

    ڪونج تنھنجي گونج پئي ڪُڻڪي دلين ۽ ديس ۾،
    تون ئي صدقي جي صداقت، رھنما تنھجون اکيون.

    ھر ڳليءَ ۽ چوڪ تي آھي عوامي ڪٽھڙو،
    سنڌ ۾ ٿيندي سماعت، رھنما تنھنجون اکيون.


    سج جھڙي سنڌ راڻي روشنائي نور بيبي،

    سج جھڙي سنڌ راڻي روشنائي نور بيبي،
    اڀرندڙ ۽ چمڪندڙ آ ھر صبح جو پور بيبي.

    جي جلي پيو ھن جدائيءَ جھير ڏيئي ماري وڌو،
    ھيٺ ڏس ھي ميڙ ماڻھو گھايلن کي گھور بيبي.

    ڪونج پنھنجي وطن واپس، ھئي وري ورھين پُنا،
    ويجھڙائيءَ جي وڳي ۾ ڏيھه ۾ ڄڻ ڏور بيبي.

    ھو شھزادي، ھو آزادي، ماڻھو جنھنجا متوالا،
    گيت بيبي، گل بيبي، ٻاجھه جھڙو ٻُور بيبي.

    زندگيءَ کي زخم آيو واءُ کي ڄڻ چھڪ پيا،
    ڄڻ ستارا پيا ٽٽي ۽ چنڊ چڪنا چور بيبي.

    مون نه ھي ڄاتو ته ٿيندي سنڌ ۾ ٻي ڪربلا،
    ماتمي ڪارو وڳو ٿيندو وري مشھور بيبي.

    سر ڏسڻ جي رسم، ريتون ۽ رواج ڪنھن وڌا،
    ڪڙم تنھنجي جي ڪھاڻي نسبتِ منصور بيبي.

    ماءُ منھنجي، ڀيڻ منھنجي، ڌيءَ منھنجي ڪيئن ڪُٺي،
    سنڌ آخر ڪيستائين! سھندي رھندي سور بيبي.




     شھيد بينظير ڀٽو لاءِ لکيل


    اداس آدمي تنھنجو آ گھر گھٽائن ۾،

    اداس آدمي تنھنجو آ گھر گھٽائن ۾،
    ملي سگھياسون نه ٻئي پاڻ پر گھٽائن ۾.

    ڀريا پيا آھن ھي بادلن سان گھر سارا،
    سٿيو پيو آھي تنھنجو ته ٿر گھٽائن ۾.

    ڀڄي ڊُڪي به ڪي بادل حسن بيھارين ٿا،
    ٿڪي ٽُٽي به ٿڌو ٿيو نه ٿر گھٽائن ۾.

    ڪڙو ڏئي آ سُتو ڪير اڄ ڪڪر پويان،
    گُلي کُلي نه سگھيو نيٺ در گھٽائن ۾.











    ھر سھارو آ ڌڪو،

    ھر سھارو آ ڌڪو،
    ٽھڪ به ٿي پيو ڦڪو.

    تون وڪامين ٿو وڃين،
    سوچ جي سامھون سُڪو.

    ڳالھيون ڦرنديون رھيون،
    ٻول به ھڪ نه ٻڪو.

    چڙھندڙ سج جو سلام،
    تلڪ يا ڪارو ٽڪو.

    منبر و محراب جو،
    مسند جو والي وڪو.

    ڦٽ نه اکڙي پئو،
    چاڪ نه ٻيلي چڪو.

    ھو اڳيئي پيا چون،
    ”حسن“ آ چريو ھڪو.


    محبت مير باگي جي، ڪنول جھڙي ڪھاڻي آ،

    محبت مير باگي جي، ڪنول جھڙي ڪھاڻي آ،
    لڳائي لاڙ جنھن سان لنئون، اُھائي سنڌ راڻي آ.

    حياتي عشق ٿو کوٽي، محبت ٿي مٽي ڳوھي،
    اسان ئي واٽ جا وارث، اسان ئي خاڪ ڇاڻي آ.

    ڀلي ڪيڏو کڻون کائون، محبت جا بکيا آھيون،
    ملڻ محبوب جو ماني، اسان لاءِ پيار پاڻي آ.

    ڪنارا ۽ ڍنڍون پنھنجون، ڪنڌيون قائم رھن دائم،
    پکين ۽ پيار جي ٽولي، اتان ھر ڪا اُڏاڻي آ.

    شھر جانان ۾ جت آھين، بيٺو تون ٽنڊي باگي،
    اُتي ئي محبتن جي دل، وڃي ھن مير ماڻي آ.



     مير باگو سنڌ جو ھڪ امر ڪردار، جنھن جي نالي پٺيان ٽنڊوباگو شھر قائم آباد آھي. مير باگي کي سنڌ راڻي سان محبت ھئي ۽ سندن پيار جي ڪھاڻي ھڪ امر داستان بڻجي وئي آھي.


    عشق ۾ ذات تصور کان مٿي ڇو ٿي ٿئي؟

    عشق ۾ ذات تصور کان مٿي ڇو ٿي ٿئي؟
    موت ۾ مات تصور کان مٿي ڇو ٿي ٿئي؟

    جو ڦري فڪر ته ڪنگال ڪري دُنيا ۾،
    جا ڏئي ڏات تصور کان مٿي ڇو ٿي ٿئي؟

    سوچ منھنجي به رڳو چند ستارن تائين،
    ڪل ڪائنات تصور کان مٿي ڇو ٿي ٿئي؟

    ھن بنان ڏينھن جو انت نه ڇيڙو ڪوئي،
    ھن سا گڏ رات تصور کان مٿي ڇو ٿي ٿئي؟

    مينھن ۾ نينھن ڀِٺي ٿو ته پُسي ٿي دل به،
    اھڙي برسات تصور کان مٿي ڇو ٿي ٿئي؟

    ھُن جي ڳالھين جي ڳلين منجھه وڃايل آھيان،
    ھن جي ھر بات تصور کان مٿي ڇو ٿي ٿئي؟!


    ڪڪري ھئي جا بيٺي خالي ڪڻ ڪڻ ٿي نه سگھي،

    ڪڪري ھئي جا بيٺي خالي ڪڻ ڪڻ ٿي نه سگھي،
    ويچاري وئي واپس آخر، سانوڻ ٿي نه سگھي.

    ڪاٺ ته آھي ڪاٺ، انھيءَ جي ماٺ به ٽوڙين تون،
    ٽيبل آخر ٽيبل ٿي، ڏاڪڻ ٿي نه سگھي.

    دنيا ساري، درد ھزارين، ملندي کڻي مرڪي،
    پياري آھي پياري رھندي پاپڻ ٿي نه سگھي.

    تو ته پٽيو ھو پاڙن کان جو ٻالڪپڻ ٻوٽو،
    جا نم ننڍي ھوندي ماريئي سا وڻ نه ٿي سگھي.

    دعوى ڪوڙي، ڪمتر ماڻھو، سنگتي ڪوھ ڪجن،
    ھلي ڪانه ”حسن“ سان گڏجي، سا ڄڻ ٿي نه سگھي.


    ڪولھين سان گڏ ڪولھي ٿيان،

    ڪولھين سان گڏ ڪولھي ٿيان،
    ھا ھا ھا، آئون ھولي ٿيان.

    تنھنجو اُڊڙيل عشق ھجان،
    پنھنجي ڦاٽل جھولي ٿيان.

    وڏڙن جو مان ورثو ٿيان،
    ٻارن جي مان ٻولي ٿيان.

    تون جو سمنڊ ھجين، مان تنھنجي،
    ڇو نه ڀلا پوءِ ڇولي ٿيان؟

    اوڀارو مان عشق ھجان،
    لھواري مان لولي ٿيان.

    اوڇنگارن جو انت ٿيان،
    ٽھڪن جي مان ٽولي ٿيان.

    مشڪل مشڪل مشڪل ٿيان،
    سؤلي سؤلي سؤلي ٿيان.

    لفظن جي مان لڄ رکان،
    گُفتي جي مان گولي ٿيان.

    يار حسن جو شعر ٿيان،
    يار حسن جي ٻولي ٿيان.


    تمنا تاڪ ۾ آھي،

    تمنا تاڪ ۾ آھي،
    لِڪي توکي ڏسڻ چاھي.

    مصور اُس مان آخر،
    تنھنجي تصوير ٿو ٺاھي.

    ڦڙين کي جُھڙ جھلي بيٺو،
    چوين جنھن وقت برسائي.

    ھوا تنھنجي اچڻ تائين،
    گلن تي ملڪ ترسائي.

    اگر آھين ”حسن“ آھي،
    سوا تنھنجي صفا ناھي.








    نئين کي پراڻو ڪجي، دل ڏجي،

    نئين کي پراڻو ڪجي، دل ڏجي،
    سندءِ دل کي ڄاڻو ڪجي، دل ڏجي.

    ملڻ کي رليءَ جيان مٿان اوڍجي،
    وڇوڙو وڇاڻو ڪجي، دل ڏجي.

    سڄڻ کان سوا جي سمھڻ سوچجي،
    پٿر جو وھاڻو ڪجي، دل ڏجي؟

    املھه دل جي قيمت ته ڪھڙي لڳي،
    ٽڪو تنھنجو ناڻو ڪجي، دل ڏجي

    فرشتي، خدا جي ضرورت نه ڪا،
    رڳو خود کي ماڻھو ڪجي، دل ڏجي.

    مجازن جي مومل رڳن ۾ رکي،
    رڳو راڻو راڻو ڪجي، دل ڏجي.

    اُڏامن کان اڳتي اُڪرندي ”حسن“
    پکين کان پڇاڻو ڪجي، دل ڏجي.


    پٻن تي اڀو ٿي ڏسان يار توکي،

    پٻن تي اڀو ٿي ڏسان يار توکي،
    مٿي مٿڀرو ٿي ڏسان يار توکي.

    ڪجل ڪارڙو ٿي ڏسان يار توکي،
    سجل سانورو ٿي ڏسان يار توکي.

    کڏون، کنڊ، کوٻو، دڙو ۽ دٻُو ٿي،
    ترائي ترو ٿي ڏسان يار توکي.

    صفا بي وزن ٿي ڏسان يار توکي،
    ۽ ڳوڙھو ڳرو ٿي ڏسان يار توکي.

    ڪِنو ۽ سُٺو ٿي ڏسان يار توکي،
    ڀلو ۽ ڍلو ٿي ڏسان يار توکي.

    چريو ۽ کريو ٿي ڏسان يار توکي،
    صفا ٺپ انڌو ٿي ڏسان يار توکي.

    ٻڍڙو ٻڍل ٿي ڏسان يار توکي،
    ”حسن“ ڇوڪرو ٿي ڏسان يار توکي.


    ڄمارون گذاري، ملان يارَ توسان،

    ڄمارون گذاري، ملان يارَ توسان،
    سڀئي وقت واري، ملان يارَ توسان.

    ڪَتين جي ڪناري، ملان يارَ توسان،
    ۽ سورج اڀاري، ملان يارَ توسان.

    سڄو ڏيھه مون وٽ جو ويٺو ھجي،
    سڀن کي اٿاري، ملان يارَ توسان.

    پکي جي پُڪاري، ملان يارَ توسان،
    ندي جي نھاري، ملان يارَ توسان.

    اکيون ٻئي اُجاري، ملان يارَ توسان،
    ۽ سپنن سھاري، ملان يارَ توسان.

    جبل تي، جُھڳيءَ ۾، ۽ غازن چُرن ۾،
    ۽ ڪھڙي سِتاري، ملان يارَ توسان.

    ”حسن“ جي ته حياتي، تولاءِ آھي،
    جياري ۽ ماري، ملان يارَ توسان.





    سڄي رات ساري، ٿي بيٺي رھي،

    سڄي رات ساري، ٿي بيٺي رھي،
    لڳي رات ڪاري، ٿي بيٺي رھي.

    صفا ساھ ٻوساٽجي ٿو پيو،
    وچو وچ واري، ٿي بيٺي رھي.

    حقيقت ۾ تصوير آھي لڳل،
    دريءَ منجھه ساري، ٿي بيٺي رھي.

    پٺيان ھو پشم جو نرم ڳوٺڙو،
    اڳيان ڪرٽ آري، ٿي بيٺي رھي.

    چپن مان پياسي، بکاري بڻي،
    اکين مان اُڃاري، ٿي بيٺي رھي.

    ھلي ڇو نه ٿي ھيءَ حياتي ”حسن“
    ٽُٽي پوءِ ساري، ٿي بيٺي رھي.







    ھن عمر بيمثال ۾، بيباڪ محبتون،

    ھن عمر بيمثال ۾، بيباڪ محبتون،
    ننگا نصيب منھنجا ٿيون، چاڪ محبتون.

    بيٺي بدن مون به کڻي باھ تي رکيو،
    گھري گناھ نيٺ ڪيون، پاڪ محبتون.

    ڪاڙھي تَتي جو ديس ٿو آئون تڏھن گھمان،
    منجھند جتان ملي به وڃن، ٽاڪ محبتون.

    مون ساڻ منھنجون موسمون گڏجيون پيون گھمن،
    رب جو قسم ته روح جون، رولاڪ محبتون.

    مون لئه پرين پيار آ تنھنجو پناھ ٿيو،
    منھنجون ته ٿڪي نيٺ ٿيون، ٿاڪ محبتون.

    پنج ئي شيون نصيب اٿم پيو تڏھن گھمان،
    نرمي گلن جي، گيت، ھوا ۽ ماڪ محبتون.


    پريمُو ڪولھيءَ کان پڇندين ته توکي ھُو ٻڌائيندو،

    پريمُو ڪولھيءَ کان پڇندين ته توکي ھُو ٻڌائيندو،
    اکيون ڪھڙيون، پرين ڪھڙا، سڄڻ! دل جو چِڪڻ ڪھڙو!

    سيارو ڦوھ جوانيءَ ۾، نه تو سوچيو ته ڪيئن لکجي،
    پيالو پُرُ، اکيون ڇُلڪن، اسان جو ٻيو سِڪڻ ڪھڙو!

    سِٽون اُڏرن، اٿن، ڌڙڪن، وڄن ٿيون ساز وانگي جي،
    لڄارا لفظ دامن ۾، ڀلا تن کان لِڪڻ ڪھڙو!



    پُڪاري ننڊ مان ٿي ھُوءَ،

    پُڪاري ننڊ مان ٿي ھُوءَ،
    اُٿاري ننڊ مان ٿي ھُوءَ.

    ڪِريَس مان جاڳ جي جَرَ ۾،
    اُڪاري ننڊ مان ٿي ھُوءَ.

    اڙي موتيا! اٿو جاڳو،
    اُچاري ننڊ مان ٿي ھُوءَ.

    اکين مان ڪيئن پکين وانگي،
    اُڏاري ننڊ مان ٿي ھُوءَ.

    کليل آ خواب جي کڙڪي،
    نھاري ننڊ مان ٿي ھُوءَ.



    تُنھنجي پراڻي خط مان تون پاڻ پيو اچين ڄڻ

    تُنھنجي پراڻي خط مان تون پاڻ پيو اچين ڄڻ
    ھر سِٽ سھڪندڙ آ، ھر لفظ ڌڙڪندڙ آ.

    ڪَمرو تنھنجي تصورن، سان ڀريو پيو آ،
    ڪا ياد پَر پئي کولي، ڪو خيال چَھڪندڙ آ.

    اڄ دُور تائين، ھر ديس دلبري آ،
    خوشبو آ ڄَڻ خدائي، ھر مُلڪ مھڪندڙ آ.



    وقت کي نيٺ واڪ، ڏيڻو ھو،

    وقت کي نيٺ واڪ، ڏيڻو ھو،
    ٿَڪ جو ڪو ته ٿاڪ، ٿيڻو ھو.

    تنھنجي خنجر جو وار ناھي، پر
    منھنجو سينو ته چاڪ، ٿيڻو ھو.

    ڇوڪراڻيءَ ۾ ڇيڳڙو ھوندو،
    اڌ وھيءَ ۾ عُشاق، ٿيڻو ھو.

    زندگيءَ جون نجاستون ڌُئندي،
    پيار ۾ نيٺ پاڪ، ٿيڻو ھو.




    ھٺيلا ھرڻ پاڻيءَ مان پئن ٿا سج جا ڪرڻا،

    ھٺيلا ھرڻ پاڻيءَ مان پئن ٿا سج جا ڪرڻا،
    جيئڻ جي لاءِ اڃا ڪئي جرڪندڙ ٿو جَر ڏٺا ناھن.

    سُگھڙ جي سٽ ۾ سوگھي حياتيءَ جي حقيقت آ،
    اڃا ان ديد تنھنجيءَ سڀ دُئارا دَر، ڏٺا ناھن.

    پري کان پاڻياريءَ جي پڙي ۽ گج جا گلڙا،
    گھڙي جي ئي رکڻ لئه پر تو گھايل گھر، ڏٺا ناھن.

    ننگر جون نينگريون ناسي، جبل جو رنگ ڪارو آ،
    مُصوَر مور ناچوءَ جا مِڙئي منظر، ڏٺا ناھن.













    وڻ جي ھيٺان ويٺو آھيان، دور گگن آ دام پکين جو،

    وڻ جي ھيٺان ويٺو آھيان، دور گگن آ دام پکين جو،
    ھڪڙو سھڻو يار سُجھي ٿو، جيڪو آھي نام پکين جو.

    پنھنجي دل ۾ دُعا جا داڻا، نار نديءَ ۾ پير پسائي،
    پنھنجو پيالو پاڻي ٿيندو جرڪي جرڪي جام پکين جو.

    ٻاھر جيڪي ٻوليون ٻولن سي آواز الستي آھن،
    ماٺ ڪري ئي سمجھي سگھبو منظر ھر ھڪ مام پکين جو.

    پيار صفت آ يار سڄڻ جي، جيڪو ملڪان ملڪ ملائي،
    گنج، گرنٿ ۽ راڳ جو رسالو، رب، رسول ۽ رام پکين جو.

    چپ اسان جا چھنب ھنن جي، چائنٺ، گنبذ چمڻو آھي،
    ماڻھن سان گڏ مدنيءَ وٽ ئي ٿيڻو آ انجام پکين جو.

    مون ۾ جيڪو ڦڙڪي ويٺو، اندر منجھه اُڏامي پيو ٿو،
    سوئي ڀڙڪو سمجھه سڄڻ تون! مون ۾ آھي قيام پکين جو.

    آئون وڻ جيئن ويٺل آھيان، پيڙھين تائين پاڙون منھنجون،
    اکين ۾ آکيرو آھي، اکين ۾ آرام پکين جو.

    ھڪڙي خاص جڳھه پڻ آھي ھجري ۾ ھن ”درس حسن“ جي،
    ھونءَ تي ھيءَ درگاھ کليل آ، آسڻ آھي عام پکين جو.


    نظم

    روميءَ جو رقص آھي

    روميءَ جو رقص آھي

    قونيا ۾ ڪيف وارو، روميءَ جو رقص آھي،
    ھن دل قلندريءَ ۾، ڌم ڌم ڌمال آھي!

    ھن پٽ کي وڇائي، ويڙھي سگھان ٿو آئون،
    ھر خيال جي خدائي، کيڙي سگھان ٿو آئون،
    مٽي مان ھر ڪو ماڻھو، ميڙي سگھان ٿو آئون.
    آواز مان اُٿڻ جي، ڪيفيت ڪمال آھي!

    مون ۾ ئي آڳ جرڪي، مون مان ئي گل بڻيو آ،
    مون ۾ ئي جُز ڦٽو آ، مون ۾ ئي ڪل ڇڻيو آ،
    مون کي ڄڻيو محبت، محبت کي مون ڄڻيو آ،
    جڳ مڳ ملال آھي، جھرمر جمال آھي!

    ھي رقص بي خودي آ، ديوانگي صدين جي،
    ھن ۾ روانگي آ، ساري رکيل ندين جي،
    دنيا نه اسان سامھون، بيھي سگھي بدين جي،
    ڇيرين جي ڇما ڇم، سمجھيم سوال آھي!








    ادي ھي آجيان ڪھڙي؟

    ادي ھي آجيان ڪھڙي؟

    اُھائي آجيان ٿي ھئي،
    اُھا ئي الوداع ٿي وئي.
    ادي ھي آجيان ڪھڙي،
    وئي جا موڪلاڻي ٿي!
    گڏيا تنھنجي جڳھه تي سئو،
    گلابن جا سٿا آھن.
    سڀن جا پاڪ ٿيا سينا،
    اُگھاڙا سڀ مٿا آھن.
    ڪُسڻ جي قول تي قائم،
    سڀئي پوتيون کٿا آھن.
    سموري واٽ تي واپس،
    وھيو آ خون پاڻي ٿي.
    ملڻ جون موسمون ماتم،
    نماڻين کي نصيبن ۾،
    تڏو دل ۾ وڇايل آ،
    عزيزن ۽ قريبن ۾.
    تلاشيون ٿا سڀئي توکي
    وري گڏجي غريبن ۾.
    سمورو سوڳ سمجھين ٿي،
    سمورو روڳ ڄاڻين ٿي.
    ادي ھي آجيان ڪھڙي،
    وئي جا موڪلاڻي ٿي!
    قضا جي ڪوٽ ڪاري جي.
    وري ساڳي ڪھاڻي ٿي.
    تون ئي ڌرتي جيان آھين.
    اسانجو ٻيو وطن ڪھڙو؟
    شھيدن ۽ گلابن کي،
    ڀلا ايندو ڪفن ڪھڙو؟
    سدائين جا ھجي جيئري،
    ڪبو تنھن کي دفن ڪھڙو.
    حسن ھر دم حُسيني ھئي.
    وڃي سا سنڌ راڻي ٿي.
    سڪايل سور وارن کي،
    وڌو آ وقت لوساٽي،
    اکين جي ڪربلا آخر،
    سموري رات ڪيئن ڪاٽي؟
    قضا جي ڪوٽ ڪاري جي.
    وري ساڳي ڪھاڻي ٿي.
    اچي حامي حسيني ٿي،
    سنڌين سان ڪربلا ٿي وئي
    اُھا ئي آجيان ٿي ھئي.
    اُھا ئي الوداع ٿي وئي.










    رقاصه

    رقاصه


    رقاصه قلندر تي بيٺي نچي،
    چوان ڪيئن ته مُجرو ڪري ٿي پئي
    نڪو نازيه جا نمونا نوان،
    نڪو نازيه جا اشارا نوان،
    ندي آ پراڻي، اھي وھڪرا،
    نڪو نازيه جا ڪنارا نوان.
    اُھي ئي پراڻا اٿس پيچرا،
    اُھي ئي پدمڙا سندس پيرڙا،
    اُھا ئي سندس ڇير آھي جتي،
    صدين کان جا ساڳي وڄي ٿي پئي
    مگر تون قلندر ويٺو ڏسين،
    منھنجي وک تو ڏانھن کڄي ٿي پئي،
    لڳي جنگ جيڏي، امن اوترو ھو،
    ايامن کان آئون اچان ٿو پيو.
    لڪيءَ ۾ لڪايم بدن جو ذرو
    جبل منجھه جھاتي به پائي ڏٺم،
    اندر منجھه ڪاتي وھائي ڏٺم،
    رڳو گرم چشمو به ڪافي نه آ،
    رڳو عورتن ۾ تلافي نه آ،
    گُھميس گھٽ سارا، گھمائي ڏٺم،
    چُميون ڏئي ۽ خود کي چُمائي ڏٺم،
    محبت جا مزدور وانگي ٿڪي،
    محبت جا جھيڻي ٿئي پئي جھڪي،
    ميان مروندي! توکي ڇا ڇا چوان
    سندءِ گس ناھن سڌا ۽ سنوان،
    صفا اُڀ ڪپيءَ تان اچان ٿو پيو،
    جڏھن آھي اوندھ وڪوڙي وئي
    بدن جي بتيءَ تي اچان ٿو پيو،
    وري سج ساڙي رکيو آ سڄو،
    تڏھن ڀي تتيءَ تي اچان ٿو پيو.
    سجائي رکان ٿو مان سيوھڻ سڄو،
    رقاصه قلندر تي بيٺي ڏسي،
    آئون قلندر تي بيٺو نچان،
    چوي ڪيئن ته مجرو ڪريان ٿو پيو



















    صنف نازڪ

    صنف نازڪ

    دلڪش بدن سمندر، انداز عورتن جا،
    چمڪن چٽا ڪنارا ديدار ۽ نظارا،
    پاڻي مٿان جسم جو ترندو رھي ترنم،
    چپڙن تي چاھتن جو ترسي پيل تبسم،
    مٺڙا مڌر ته آھن جي تون وڄائي ڄاڻين،
    سڀ ساز عورتن جا!

    ھي اُس ۾ اُگھاڙپ ڪيڏي حسين آھي!
    ڇولين جي ڦيڻ ڇورين ڇاتي نشين آھي
    عريان آسمان ۽ ھيٺان زمين آھي
    پل جو رھيو نه پردو، پاڻيءَ ڪيا پئي پڌرا
    رنگ راز عورتن جا!

    واري به واسجي پئي، ريتي به رنگجي پئي،
    جيڪا اچي ڇھي ٿي، ڇوليءَ سان ڏنگجي پئي،
    ھي زھر آ ضرورت، ڏاڍو نشو مٺو آ،
    جنھن جنھن به ھي ڏٺو سوئي سگھي ٿو سمجھي،
    ھي ناز عورتن جا!

    ناريل جي وڻن کي آھي ڏسڻ جي عادت
    ۽ مرد کي مصيبت آھي ڇھڻ جي عادت
    ڇوڪرين ڇتين کي، آھي ڪُھڻ جي عادت
    ڪنھن تي نه پون ڪڙڪي، سي مرد سڀ مري ويا،
    ناراض عورتن جا،


    ھي مياڻ جي وڳن مان، تلوار جسم نڪتا
    ۽ واءَ کي وڍڻ لاءِ، خنجر جا قسم نڪتا
    ننگي خزان به نڪتي، ۽ وڻ ٿيا اگھاڙا،
    اي بي لباس موسم ننگا ٻُڌا سئاسون،
    آواز عورتن جا!

    ھي جسم خود وڳو آ، پنھنجو اسان کي پاتل،
    ھي راز آھي پرکيل، ھيءَ راز آھي ڄاتل،
    ھي جسم خود پراڻو آھي لباس لاٿل
    پائي بدن جو بيٺيون، ساحل کي سمجھه آئي،
    انجام عشق تنھنجو، آغاز عورتن جا.

















    ڪيلاش وادي

    ڪيلاش وادي

    اڃان تائين اکروٽ جو وڻ اتي ئي،
    خيالن ۾ آھيون کڙا پاڻ ٻيئي،
    جدايُن وصالن جي ڪيلاش وادي
    اھا وَلِ ته ڪافر حسينا جي گھر جي،
    پٺيان ئي، انگوري شرابن جي مٽڪن ۾،
    مدفون آھي
    اھا دل ته اٽليءَ جي اڌڙوٽ عورت جي،
    سيني جي پويان به ناھي سلامت
    اھا دل ھوا جيئن،
    وڻن جي لڱن کي ٿي ھر ھر لڳي
    اھا دل پھاڙي نديءَ جي
    پيرن جي آھٽ جيان آ.
    اڃان تائين ساڳي ”اگلزا“ اُتي ئي،
    ڪوڏن سپين جي خريدار آھي،
    مگر خود سندس ئي جسم منجھه جايون،
    سياحن ٽڪڻ لاءِ سوچيو ته ھوندو
    اڃان تائين ساڳئي ٽرائوٽ مڇيءَ جي،
    مھانگي ھجڻ جو سبب سخت سردي،
    گرم بستري کي به وڪڻڻ گھري ٿي،
    اڃان تائين آڌي،
    ورانڊي ۾ ويٺل
    ڪي جرمن مسافر،
    چترال جو چرس پيئندا رھن ٿا
    سُڪل پن آھن ۽ ڌرتي پٿر جي
    خيالن ۾ کڙکڙ ٿيندي رھي ٿي
    ڀلي نانگ سونگھي سڀن جون قميصون،
    اندر منجھه بڙ بڙ ته ٿيندي رھي ٿي
    مگر ٻاھر خوش آھي خدائي


    تنھنجي نرم ھٿڙن ۾

    تنھنجي نرم ھٿڙن ۾

    اُس ۾ ساڙي ۾ وجھي ٿي سڀن لفظن کي،
    مينھن معنى به ڀڄائي ٿو وجھي گيتن جي،
    سمنڊ جي ڦيڻ سُڪي ٿي اچي ساحل تي،

    منھنجي بي چين اکين ۾ ٿي چنتا چمڪي،
    سڀ شيون پاڻ ۾ ڪيڏيون نه سلھاڙيل آھن!
    چنڊ جو عڪس ٿو پاڻيءَ ۾ اُٿلي پٿلي،

    ريشمي ڏور آ تنھنجي نرم ھٿڙن ۾.
    دل جي سونھري مڇي ڪيئن نه ڪنڍيءَ ۾ ٿي ڦٿڪي!
    ۽ وري خواب ۽ ساڀيان جي سڄي منڊل ۾،

    تنھنجي چوڙين جي انھي چپ جو حاصل مطلب،
    مون کي ٻيو ڀيرو تلوار جي ڌار مٿان،
    ٻئي پير رکي آھستي ھلڻو پوندو!
    ھيءَ جدائي به ڄڻ سوڪھڙي جي موسم آھي،
    آئون اڪيلو نه دانھين ٿيو بيٺو آھيان،
    وڻ وڻ جي ٻُٽي ٻانھن کنيل آ توڏي!
    وڻ وڻ جي ٻُٽي ٻانھن کنيل آ تو ڏي!!






    روحل لاءِ ھڪ نظم

    روحل لاءِ ھڪ نظم

    اسين ھُن کي آئينو چونداسين!
    ھڪ لفظ،
    گھڻيون معنائون،
    ۽ ججھي اُس،
    ھُن جو جسم اسان جي جسم مان جُڙندو!
    اکيون ۽ خواب،
    ھٿ ۽ مصوري،
    زبان ۽ گيت،
    ھي ڊگھا اوجاڳا،
    جيڪي صدين جي سوڙھين گلين ۾،
    ھُن جي پيرن ۾،
    پنھنجو سفر ڪندا،
    ٻه چھرا،
    ھڪ چھري ۾ گڏ نظر ايندا.
    ۽ اسان جو نالو اُڪرجي ويندو،
    وقت جي پٿر مٿان!
    سڀ شيءَ ساڳي آھي،
    روڊ رستا،
    صبح جو ٻار اسڪولي،
    آفيس ڏي ويندڙ ماڻھو،
    چپ چاپ غمگين وڻ،
    ۽ ٻپھرو،
    گرم جھولو،
    يونيورسٽيءَ مان موٽندڙ بسون،
    شام ساڳي،
    ڄامشورو،
    چؤطرف پٿرن تي ماٺ جو مسلسل مينھن وسندڙ،
    ۽ تنھنجو اڻ ڄاتل انتظار،
    گھر جي گھٽي،
    در ڪمري،
    تنھنجي ڪرسي،
    ۽ خاموشي،
    ڪيڏي آھي ڊگھي خاموشي!
    درد جدائيءَ جو ھي ڪيڏو،
    تنھنجي پتيءَ جي رات،
    منجھند جي ھيءَ ماني،
    تنھنجي پتي جو،
    ڪوپ چانھه جو،
    منھنجي پتيءَ جا پيار سمورا،
    ڀائر ڀينر،
    پيءُ ۽ ماءُ،
    گھر جي پويان پينگھه اڪيلي،
    انب جي وڻ جو ٻور اڪيلو،
    تون ھليو وئين دور اڪيلو،
    ڪالونيءَ ۾ دوست اڪيلا،
    پنھنجو قيدي ديس اڪيلو،
    جنھن ۾ ڪويل پئي ڪوڪي!
    تنھاين ۾ سئو تنھايون،
    تنھن کان به ٿورو پريان،
    ڪچن گھرن اندر،
    ھوءَ چلھه آ اُجھاڻل!
    دونھين جي لاٽ ڪائي ٻاھر نٿي اچي،
    نڪري نٿي پڄي،
    ڪائي حھريل آ جھوپي،
    ڪوئي پراڻو چونئرو،
    جنھن جي مٿان وري،
    ھوءَ ليڪ چنڊ جي آ،
    نالو لکي وئي،
    ھن ڏينھن عيد جو،
    واري وڇاڻو جن جو،
    وڻ اوٽ ٿيا جنين جا،
    تارن جي ڇپر ھيٺان،
    ڪجھه خواب خواب آھن،
    ڄڻ چوٽ ٿيا جنين جا،
    ۽ آ ھوا جو ھٿڙو،
    جن جي سردن مٿان،
    تن جون به حالتون،
    ڄاڻج وري خدا!
    تن کي ڪابه خوشي،
    اُماڻج وري خُدا!!









    ٽاپولي

    ٽاپولي

    ھر ماڻھو جي من ۾ ھڪڙي،
    گھوڙي جي ٽاپولي آھي.

    ھر ماڻھوءَ کي سمنڊ ذرو آ،
    ھر عاشق کي ساحل آھي،
    ھر ساحل کي اوسيئڙو آ،
    ۽ اوسيئڙي جي ليئڙي ۾،
    ڪائي ڇلندڙ ڇولي آھي.

    ھر ماڻھوءَ کي خيال اچن ٿا،
    سھڪي صديون سال اچن ٿا،
    ھولن پويان حال اچن ٿا،
    حالن ۽ احوالن پويان،
    ڪائي ٻرندڙ ٻولي آھي.

    ھر ماڻھوءَ ۾ مور نچي ٿو،
    ھر ماڻھوءَ ۾ چور نچي ٿو،
    تارونءَ ۾ تلوارون ترندڙ،
    ھڪڙو پورو دور نچي ٿو،
    ھر ڪو دور پرولي آھي.


    احمد آ آغاز پرين جو!

    احمد آ آغاز پرين جو!

    رم جھم رم جھم راز پرين جو،
    ناچ وندر آ ناز پرين جو!

    تڙگھٽ تڙگھٽ طبلي واري،
    ساز سرود نه دنياداري،
    تار ۽ ڦوڪ جي ترت تياري،
    سونھن سموري ساز پرين جو!

    ھٺ ھٺيليون ھرڻيون آھن،
    سير مڇيون ڪيئن ترڻيون آھن،
    جھڙيون ڪرڻيون ڀرڻيون آھن،
    مست قلندر باز پرين جو!

    مون ته ٻڌو ھو من ئي من ۾،
    اٺ ئي صديون ھڪڙي ڪن ۾،
    تند وڄائي پنھنجي تن ۾،
    اوريان ڪيئن آواز پرين جو!

    ھوٿيءَ ھيڪر حق سڃاتو،
    پنھنجو تر ۽ تڪ سڃاتو،
    لاکي لاھي لڪ سڃاتو،
    احمد آ آغاز پرين جو!

    محمد، حسن ٻئي گڏ آھن،
    حيدر مرمت جو سڏ آھن،
    پنجتن وڏڙن جو وڏ آھن،
    عجز، انڪ ۽ آز پرين جو!
    رم جھم رم جھم راز پرين جو،
    ناچ وندر آ ناز پرين جو!


    کل جھڙا پيار پنھنجا

    کل جھڙا پيار پنھنجا

    ٻار ڄڻ ٻيئي اسين،
    کل جھڙا پيار پنھنجا

    گفتگو ۾ گڏ آھيون،
    ھڪٻئي جو سڏ آھيون،
    پوءِ به ائين لڳي ٿو جانان،
    ڌار ڄڻ ٻيئي اسين

    نوجوانيءَ ٻور ڇاڻيو،
    پاڻ ھڪ ٻئي کي نه ماڻيو،
    انب ھڪڙي جا ڀڳل،
    ڏار ڄڻ ٻيئي اسين

    جيت ھڪ ٻئي جي مٿان،
    ڪين ٿي ڪنھن جي ھٿان،
    اوچتو محسوس ڪيوسين،
    ھار ڄڻ ٻيئي اسين

    ٻار ڄڻ ٻيئي اسين
    کل جھڙا پيار پنھنجا


    اڄ به منھنجي عاشقي ڄڻ آگ آھي

    اڄ به منھنجي عاشقي ڄڻ آگ آھي

    تون ته سمجھين ٿي ته
    منھنجا خواب سڀ نامرد ٿيا،
    ۽ ھجر جي شام ھر ڪا،
    ڄڻ ته کدڙن جي مڙھيءَ جي ماٺ آھي،
    تون ته سمجھين ٿي ته،
    منھنجي موھ جون مُرليون سڀيئي،
    بي سريون بيڪار ٿيون،
    ۽ درد جو ھو نانگ ڪارو،
    ڀٽ ۾ ڀٽڪي مئو،
    ۽ سندئي احساس جيڪو،
    ڄڻ ته گيڙو ويس آ،
    مون وڃائي آ ڇڏيو،
    تون ته سمجھين ٿي ته،
    منھنجي سمنڊ سان ياري پراڻي وئي ٽٽي
    ۽ ساحلن تي بي وفائي پيو بڪان،
    ۽ ھاڻ ڪائي يادگيري،
    ڪا ڪياماڙي نٿي مون کي ڇھي
    تون ته سمجھين ٿي ته،
    مون ڪيٽي بندر ۽
    تنھنجي سنيھي جيئن سجاول کي وساري آ ڇڏيو،
    ۽ سڀئي تاڙيون کجيون
    جھمپير جون،
    مون ۾ ويون آھن مري.
    تون الائي ڇا به سمجھين،
    پر ائين آھي برابر،
    خودڪشيءَ جي خيال وانگي،
    سنڌ کي مون سئو دفعا آ سوچيو،
    ھر دفعي مون موت کاڌي تو ھٿان،
    ھر دفعي ھن عاشقيءَ،
    مون کي بچائي آ وڌو.
    ھن ديس جو ھڪ ھڪ چپو،
    منھنجي چپن ۾ آ چُمي
    منھنجي ھٿن ۾ جام جيئن،
    منھنجي اندر جي آسمانن ۾ اڏامن جي شڪل،
    ھن ديس جي ھر ھڪ گھٽي،
    منھنجي رڳن ۾ ٿي لھي
    ھن ديس جي ھر ڪا دري،
    منھنجي اندر ۾ ٿي کلي،
    ڇا ڇا نه مون آھي ڏٺو ھن ديس ۾،
    ھوءَ سنڌو
    ڄڻ ڪا فرينچ ڇوڪري آھي ستل
    ۽ انھيءَ تي چاندني.
    ڄڻ سڻي پيئي لڙھي لھرن اندر
    ڄڻ ته ڪا ساڙھي اڇي،
    پئي اُڏامي اُڀ ۾،
    ۽ ھو سمورا ڳوٺ جيڪي،
    ڄڻ ته آھن ٽئگور جي شاعري،
    ۽ تنھنجي اکين مان اُس جي وسڪار جيڪا
    وڻن تي،
    اُن اکين جي اُس جو ادارڪ جيڪو مون ڪيو،
    ۽ سمندر جي گجيءَ مان،
    ڄڻ ته ٿو تنھنجو جسم مون ڏي اچي،
    ڇاڇا نه مون آھي ڏٺو ھن ديس ۾،
    ھا اڃان مون مان شرابن جي سڃاڻپ،
    ڪانه وئي آ،
    ۽ اکين جي گھور گھاتو،
    ڪين ٿي آھي مُڏي،
    اڄ به تنھنجي چاھتن جا،
    باغ ٿا مون ۾ لڏن
    اڄ به ڪائي کنوڻ ٿي مون ۾ کجي
    اڄ به ڄڻ ھالار ٿو مون ۾ گجي
    اڄ به تنھنجي درد ۾ سو دم آھي،
    ڄڻ ته تنھنجي چيلھه جو ڪو خم آھي
    اڄ به مون ۾ ڪا جيئڻ جي جاڳ آھي،
    اڄ به منھنجي عاشقي ڄڻ آڳ آھي.














    ڪانڊيرو

    ڪانڊيرو


    ڪانڊيرو نالي ھُو ھاري،
    ڪالھه مري ويو سيءَ تپ ۾
    ڪانڊيري جو ڏاندن جوڙو،
    پر سياري ۾ چورن ڪاھيو،
    جنھن تي ڪُتي ڪيڏو باھيو
    ھا پر رات به ڪاري آھي،
    جنھن کان توبھه زاري آھي،
    ڇا ڇا ٿي تاريخ ڦلھوري
    چورن جا ٿي پيرا ڊاھي
    ھُن جي زال ته رليون ٺاھيون،
    ڪيڏيون پياريون ڀليون ٺاھيون،
    جنھن ۾ ھن ھئي ننڊ به ٽانڪي،
    پنھنجو سارو نُور به ٽوپيو،
    اُڊڙيل ھر ھڪ سُور به ٽوپيو
    ڄڻ ھن سارو ديس سبيو ھو،
    پنھنجو ھر آسيس سبيو ھو،
    سي به وڏيرين کي ته وڻي ويون،
    جيڪي آخر مفت کڻي ويون
    ھن کي رئيس وڏي وٽ وھندي،
    پورو سال ھي نائون ٿيو ھو،
    ھيل فصل به ته ڍلو ٿيو ھو،
    ۽ ليکو به ته لائون ٿيو ھو
    ھن کي ڪڏھن خط نه آيو،
    ھن کي ڪڏھن تار نه آئي
    ھو جو ڪنھن کي ياد نه آيو،
    ھن جي ڪنھن کي سار نه آئي
    ھن جي ڪا ائڊريس نه آھي،
    ھن جو ڪو گھر نمبر ناھي
    ھن جو گھر آ واٽر ڪپ ۾،
    ڪالھه مري ويو سيءَ تپ ۾،
    ڪانڊيري نالي ھڪڙو ھاري.





















    صدين جو سچ سامھون آ.

    صدين جو سچ سامھون آ.

    وڏا وڻ ڳوٺ تُنھنجي جا،
    ڊگھا پاڇا مٽي چيڪي.
    ھوا سامھون سُٺي ساڳي،
    سريلي سينڍ تنھنجي آ

    ڳليون ڄڻ ڳَھر ۾ آھن،
    اکيون ڪنھن جواڻ عورت جون،
    ننڊاکو نم جو وڻ آ،
    نرالي نينڍ تنھنجي آ،

    پراڻيون پٽ تي پوندڙ ڀتيون،
    ڀرندي نه ڀڻڪن ٿيون،
    ٻُڌيون جيڪي اٿم ڳالھيون
    انھن جو ڳچ سامھون آ

    مُڙي ۽ مور جو ڪوئي،
    ڊُڪي ٿو ڊيل جي پويان،
    حياتيءَ جي حقيقت ۽،
    صدين جو سچ سامھون آ.






    ڪراچي!

    ڪراچي!


    مڇيءَ جي پيٽ مان ماڻھو،
    جتي جيئرو بچي نڪتو،
    اتي ان شھر ۾ اڄ،
    مورڙو رستي مٿان مئو آ !

    ڪلاچي ڳوٺ تنھنجي ۾،
    ڪڏھن نه سنڌ سوچيو ھو،
    اڪيلو آدمي تنھنجو،
    ھجومن جي ھٿان مئو آ.














    محبت ھيڪلي آھي!

    محبت ھيڪلي آھي!

    ڇڏڻ لاءِ ڇوڪريون ڇڏجن، مگر پوءِ ڇا ته ٻيو کڻجي،
    ڪرڻ لئه ڪم ڪيئي آھن ، محبت ھيڪلي آھي.

    اُڌاري زندگي آھي، نقد آ پيار ھُن جوئي،
    زماني ۾ زنجيرون ڪئي، وڻي ٿو ھار ھُن جو ئي،
    ٻه ٽي ٻُوٽا کڻي پوکيان، گُلن جا گنج ٿي پوندا.
    ڪريان ڪجھه ڍنڍ سان ڳالھيون، بتيلا ھنج ٿي پوندا.
    وڻن کي ڪوٺ ڏيئي ڪا، ملايان آبشارن سان.
    نمن جي ڳوٺ ۾ نئين سر، ڪيان مان راند ٻارن سان،
    پراڻا ٿانو ٽامي جا، قلعي ڪنھن کان ڪرايان مان
    ڪُنڍيءَ جو ڪم ٿيو پُورو، مڇي ساري ترايان مان،
    چڙھي مان ڏاند گاڏيءَ تي، اچان ڪجھه اوڏڙو ھُن کي،
    ھوائن جي ھندوري ۾، ڏيان مان لوڏڙو ھُن کي
    سمورو ھي تصور آھي، سمورا خواب ھي آھن،
    حياتيءَ جي ڪتابن جا، اڌورا باب ھي آھن
    رڳو آ رش روڊن تي، گھٽين ۾ بي دلي آھي،
    ڪريان ٿو پيار مان تنھا، محبت ھيڪلي آھي.


    اوچائي!!

    اوچائي!!

    آبشارن جا بدن بيھن نه ٿا،
    عورتون اوچائيءَ تان ڪيئن ٿيون ڪرن؟
    وقت جا ھٿ پيا پھاڙن کي گھڙن،
    ڪارائيءَ جا ڏند ڪاٺن کي ڪٽن،
    ريل گاڏيءَ ۾ مسافر پيا وڃن،
    آبشارن جا بدن بيھن نه ٿا،
    عورتون اوچائيءَ تان ڪيئن ٿيون ڪرن؟

    جسم جو جر ٿو جڏھن ڇاڇولجي،
    ڍنڍ ۾ جيئن ٿو مڇيءَ کي ڳولجي،
    لھر کي ڄڻ لھر ۾ ٿو ڳولجي،
    آبشارن جا بدن بيھن نه ٿا،
    عورتون اوچائيءَ تان ڪيئن ٿيون ڪرن؟

    رات کي ماڻھو رجائي ٿو سگھي،
    پٽ تي تارا گھرائي ٿو سگھي،
    ڪنھن کي ڪنھن کي پر پڌائي ٿو سگھي
    آبشارن جا بدن بيھن نٿا!
    عورتون اوچائيءَ تان ڪيئن ٿيون ڪرن؟


    پراڻو عشق پوڙھو ھو!

    پراڻو عشق پوڙھو ھو!

    محبت مال چاريندي،
    وڃي ويٺي وڻن ھيٺان،
    حقيقت خواب جي ڀرسان،
    سمھي پئي گيت ميڙيندي،
    دلين جي خشڪ پتن تي،
    رکي ٿي پير خاموشي،
    اسان جي زندگي گذري
    خود سان پاڻ جھيڙيندي
    اُداسي اڳ ڄائي ڀيڻ آھي،
    ھر جوانيءَ جي،
    ڇڻن ٿا پن ڇاتين تي،
    مٽي ۽ مائٽي ڪھڙي!
    پراڻو عشق پوڙھو ھو،
    سڀن جو ڄڻ ته تڙ ڏاڏو،
    اسان جو ڀاءُ ٻيو ڪھڙو،
    اسان جي ڀائٽي ڪھڙي.








    ھر گُلن سان گفتگو!

    ھر گُلن سان گفتگو!

    ھر گلن سان گفتگو ۾،
    گذرندي گھڙي آھي،

    تون ڏکڻ ڏي ڏس کڻي،
    ھوءَ اتي کڙي آھي،

    رُت جي رڪيبن ۾ تون،
    پير وجھه پڪا پنھنجا،
    واڳ وٺ وڇيڙيءَ جي،
    جا اڃان جڙي آھي.

    مان ازل کان آجيان جا،
    گيت پيو جنھن لئه لکان،
    سامھون سا پئي اچي،
    لاڙ کان لڙي آھي!


    جاڳندڙ جواني!

    جاڳندڙ جواني!


    آسمان اُجرو آ،
    رات جو ستارن جي،
    پاڻ ۾ ڪچھري آ،

    ھيٺ ھوءَ ستي آھي،
    جاڳندڙ جوانيءَ کي،
    ننڊ ڇا ته گھري آ!


    اڌڙوٽ عمر جي عورت

    اڌڙوٽ عمر جي عورت

    اڌڙوٽ عمر جي عورت کي
    مون خط لکيا، مون پيار ڪيو
    ھوءَ ھر ڀيري ئي مُرڪي پئي،
    ھُن ھر ڀيري انڪار ڪيو.

    ڪيئن ڀيرا ھُن کي گھوريندي،
    ھيءَ منھنجي اک ڏڪي ھوندي
    ھوءَ سمجھي ويندي ھئي پل ۾،
    ھُن مُرڪي ڍڪ ڍڪي ھوندي.

    ھوءَ جنھن جا ھٿ گلاب ھيا،
    ۽ منھن ۾ اُجرو جھرڻو ھئي
    ھوءَ جيڪا ساري اُس جيان،
    ۽ پاڻي ۾ ڪو ڪرڻو ھئي.

    اڄ سيارو آھي دُئاري تي،
    ھُوءَ ڪنھنجي چادر ٿي ھوندي،
    ھُوءَ جيڪا منھنجي ٿي نه سگھي،
    ٻي ڪنھن جي آخر ٿي ھوندي!


    ڌرتي

    ڌرتي


    ذڪر ڪرڻ جھڙي ھي ڌرتي،
    خدا جي تصور ڪرڻ جيتري پراڻي،
    عورت جي پيٽ جيان لسي،
    ته ڪٿي کاڄي جي کل جيان ڪڙڪ آھي
    نرم گاھ تي ھلندي،
    پيرن کي ڇا ٿو محسوس ٿئي
    مفاصلو ريشمي ڪپڙي وانگي ويڙھي سگھجي ٿي،
    ۽ ڌرتيءَ کي
    پوڙھي ماءُ جي ھٿن جيان،
    ڇُھي سگھجي ٿو.
    تڏھن ته وارياسيءَ تي چاندني
    ۽ ساحلن تي شام جو
    ھيءُ ڌرتي
    ھر ماڻھو کي پنھنجي آتم ڪٿا ٿي لڳي.









    رات جي گھوڙي جڙي

    رات جي گھوڙي جڙي

    رات جي گھوڙي جڙي،
    چاندني در تي کڙي،
    ھڻ جوانيءَ کي اڙي،
    ڪير ڪنھن جي لاءِ رُڪي؟
    ڪير ڪنھن جي لاءِ رُڪي؟

    رات جي گھوڙي تِکي،
    زندگي جنھن مان سِکي،
    ڪنھن مٽي ڪنھن جي لِکي،
    ڪير ڪنھن جي لاءِ رُڪي؟
    ڪير ڪنھن جي لاءِ رُڪي؟

    رات جي گھوڙي ڀڄي،
    وقت واچوڙو وڄي،
    پير پيو ھر ڪو کڄي،
    ڪير ڪنھن جي لاءِ رُڪي؟
    ڪير ڪنھن جي لاءِ رُڪي؟

    رات جي گھوڙي ڪُڏي،
    تخت ۽ تختو لُڏي،
    ڌوڙ ڌڙڪي ۽ اُڏي،
    ڪير ڪنھن جي لاءِ رُڪي؟
    ڪير ڪنھن جي لاءِ رُڪي؟


    سانجھيءَ جي ڪعبي ۾

    سانجھيءَ جي ڪعبي ۾

    سانجھي جي ڪعبي ۾،
    ھر ڪو درد حجرِ اَسود
    ھر ڪنھن جو آ پنھنجو قد،
    ھر ڪو پنھنجا درد چمي ٿو،
    پنھنجا دُک ۽ چميون لکي ٿو،
    سانجھيءَ جي ڪعبي ۾،
    سج لھي ويو ٽارين تان،
    ڪارو اُڀ غلاف لکي ٿو،
    ڪنھن ڪنھن جو آ ڪھڙو ڪلمو
    ھر ڪو تارو صاف لکي ٿو،
    ڪير ھوا اسان ڊوڙ پڄائي
    ھر ڪو پنھنجي منھن ڊوڙي ٿو،
    ڪير طواف ڪري ٿو ڪنھن لاءِ،
    ھر ڪو پنھنجي منھن لوڙي ٿو،
    تون مون پارا ڪھڙا ڪافر
    ڪالھوڪي ڏينھن جھڙا ڪافر
    ڪنھن جو آ ايمان لتاڙيل،
    ڪنھن جو اڄ ويساھُ ٽٽو آ
    ھر ڪنھن رڙ جو پنھنجو رب آ،
    جنھن کي ڪوبه نه بند گھٽو آ،
    منڪر شام ته چوندي پيرا،
    ڪنھن جو ڪنھن جو پنڌ کُٽو آ
    ڪھڙي مومن مات مڃي آ
    ڪھڙي ڪافر نانءُ لکيو آ
    موت سندي ديوار مٿان،
    ڪاري اُڀ اپار مٿان،
    سانجھيءَ جي ڪعبي ۾،
    سانجھيءَ جي ڪعبي ۾،


    ننگي سرمد جي حضور ۾

    ننگي سرمد جي حضور ۾

    مان تنھنجو ساڳيو اڀي چند
    تھمتن جي ديس ۾،
    ڌنڌلي شام جي ھن شھر ۾،
    تنھنجي عُرياني جي ڪتبخاني اڳيان،
    درد جا پيالا ڀري
    ۽ ڏوڪِيان ٿو،
    پاڻ کي ئي ٽوڪيان ٿو!
    ڪنھن اگھاڙي موھ جي اقرار ۾،
    پيار جو انجام ڪو،
    گھَگھُه اونداھين گھٽين جي ڀوڳنا ۾،
    بخت جون لڪيرون،
    تخت جي ھيٺان اچي دٻجي ويون
    ۽ وقت جيڪو
    رات جو سينو ڪُٽي پٽبو رھيو
    رُت پنھنجا روڳ روئي،
    تنھنجي پيرن مان جا ڦٽڻي ھئي پرھ،
    مان ته ٿو تنھنجا اھي پير روئان،
    تنھنجي دامن ۾ اجھاڻي جا صُبح،
    مان ته ٿو توسان اھي انڌير روئان
    مان ته ڪنھن اجڙي ويل ٻوٽي مثل،
    تون وڏو جھنگل،
    جنھن جي ماٺ به ايڏو وڏو آواز آ جو ڏار ڌڙڪن.
    مان ته ڪنھن وکري ويل جھوٽي مِثل،
    تون وڏو طوفان،
    ڪوئي ٿرٿلو،
    ڪوئي زلزلو،
    جو ھر گھر جي دل ڌُٻي،

    پوءِ به تنھنجي ھن وڏي دنيا اندر،
    نانوءُ پنھنجي جو ننڍو نذرانو ڏيان ٿو.
    درد جو تنھنجو بچيل،
    تنھنجي اوبر،
    ڏوڪيان ٿو
    مان تنھنجو ساڳيو اَڀي چند
    مان تنھنجو ساڳيو اَڀي چند



     اڀي چند: ٺٺي جو رھاڪو سرمد جو محبوب ھندو ڇوڪرو
















    اُس جھڙو رنگ تُنھنجو!

    اُس جھڙو رنگ تُنھنجو!


    اُس جھڙو رنگ تُنھنجو،
    مان ٻکيان ٻانھون مگر،
    اُڀ وانگي ٿو اٿي.
    اوچتو ھر انگ تُنھنجو،
    اُس جھڙو رنگ تُنھنجو.

    مون جيان منھنجي مٺي،
    دائرن ۾ قيد ناھين،
    ڪوبه ڪونھي دنگ تُنھنجو،
    اُس جھڙو رنگ تُنھنجو.


    ڄانڀي گُلن جيئن ڇوڪري!

    ڄانڀي گُلن جيئن ڇوڪري!

    ڇرڪندي مون ۾ ڇڻي،
    ڄانڀي گُلن جيئن ڇوڪري.

    ڳوٺ منھنجي جي ڳليءَ مان،
    سج ٿو سينو ڪڍي،
    ۽ انھيءَ جي تاءُ ۾،
    ڪيترو مون کي وڻي،
    ڄانڀي گُلن جيئن ڇوڪري.

    ماٺ ۾ ماڻي سدائين،
    لڱ مون ھنجا لکيا،
    ۽ ھِجر جي ھوءَ ھوا،
    کوڙ پيرا وئي کڻي،
    ڄانڀي گُلن جيئن ڇوڪري.

    ٻيون به ڪيئن چمپا جيان،
    منھنجي چپن ۾ ٿيون ڇڻن،
    ھن سموري پيار ۾،
    ھو مگر ھڪڙي ڄڻي،
    ڄانڀي گُلن جيئن ڇوڪري.


    ڪراچي تُون اسانجو سج آھين!

    ڪراچي تُون اسانجو سج آھين!


    ڪراچي تون اسانجو سج آھين،
    ۽ اسين سورج مکي آھيون،
    اسانجي پوئين پيڙھيءَ جا،
    سمورا سوز ۽ آواز،
    زخمي مور جي رڙين ۾ دفنايا ويا،
    اڌ صديءَ جو سُور،
    ۽ سجيل سنڌو سندس يادگيرين ۾،
    چاندنين ۽ سانوڻين ۾،
    اسانجي ڀرجي آيل آواز جي شاھدي آ،
    ۽ ٻھڪندڙ پيلي ٻٻر جو ٻُور،
    اسانجي درد جو پيو رنگ بنجي،
    سدا ڇڻندو رھيو آھي.
    ۽ اسانجي بيقراري جا اڃارو سمنڊ،
    تو ڏانھن روز واجھائي وري ٿو،
    اسانجي درد جون،
    ڪارن گلابن جيئن ٽڙي پوندڙ ڪٿائون،
    اسانجا ھي بدن ٻانھون،
    تنھنجي ئي ھوائن ۾ ٻوڪيون آھن،
    ۽ اسانجي ساھ جي نلين ۾،
    ٻرندڙ ساھ کي،
    ۽ اسانجي ھن،
    اڻ کٽ عاشقي جي آھ کي،
    تون وڏو اتساھ آھين،
    اسان ھي پنھنجي پيرن ۾،
    پرينءَ جي پار جا سڀ پنڌ،
    تنھنجي لاءِ رکيا آھن،
    اسين توکي پھرين پيار وانگي ٿا پسون،
    ۽ تون اسانجي روح ۾،
    مٺي محبوب جي اک وانگي ٿي لھين،
    ۽ تنھنجي ھر ڊگھي ڇوٽي ڳلي،
    اسانجي دک جي پوڙھين صدين کي،
    دونھين وانگي وٽ کائي،
    ويڙھجي ٿي وڃي،
    اسان پنھنجن ابن ڏاڏن،
    پنھنجي پيڙھين جي پيڙا جا سمورا سور،
    پنھنجي رڳن جي رت ۾ روڪي رکيا آھن،
    ۽ تنھنجي روئي پوندڙ روشنيءَ ۾،
    درد جو احساس،
    اسانجي نوجوانيءَ کي نمايان ٿو ڪري،
    ۽ اسين،
    پنھنجا چھرا ۽ ڇڻي ويل مک مھانڊا،
    تو ۾ پوکڻ ٿا گھرون،
    اسين تنھنجو اصل آھيون،
    اسين تنھنجو نسل آھيون،
    ڪراچي تون اسانجو سج آھين،
    ۽ اسين سورج مکي آھيون.






    مس اسڪارپيو

    مس اسڪارپيو

    ھوءَ اڃا تائين،
    اڀ ڏي آڱر کڻي،
    تارن لاھڻ جي تمنا ٿي ڪري،
    ۽ پنھنجي ٻانھن ۾،
    صبح جو سج ويڙھڻ ٿي گھري،
    ۽ بارش ۾،
    گھٽا جو ٽوپ پائڻ ٿي گُھري،
    ۽ ضدي ٻار وانگي،
    مون سان پيار ۾ وڙھندي رھندي آ،
    ڇو ته ھوءَ اڃا ٻار آھي
    شھر جي سڀني گھٽين کي،
    موت ويڙھجي ويو آ،
    ۽ ٻارن جي راند جي پويان،
    خاتمو ٿو ڏند ڪُرٽي،
    ۽ اداسيءَ جون ھوائون،
    ڀتين سان سر ٽڪرائين ٿيون،
    پوءِ به ھوءَ،
    دريءَ ۾ مُک رکي،
    مسلسل ٽھڪ ڏيندي رھي ٿي،
    ڇو ته ھوءَ اڃا ٻار آھي
    ھن کي خبر آھي ته،
    آئون جھنگلي ڪبوترن جي جُھنڊ کان وڇڙيو آھيان،
    ۽ سمنڊ سان منھنجي ياراڻي،
    منھنجو مقدر آھي
    ٻڏي ويل جھازن جھڙا پُور منھنجا،
    منھنجو پيڇو ڪندا ٿا وتن،
    ۽ نيٺ ھڪ ڏينھن ،
    آئون سڀ ڪنارا پاڻ ۾ ڳيھي ويندس،
    پوءِ به ھوءَ مون کي روڪڻ ٿي گھري،
    ڇو ته ھوءَ اڃا ٻار آھي
    ھُن جي اک ۾،
    چنڊ مرندو ۽ جيئندو ٿو رھي.
    ۽ ھُوءَ بالڪونيءَ جي ھنج مان،
    مون لاءِ ھڪڙو سڏ ٿي
    اڀ ۾ وڃائجي ٿي وڃي،
    ۽ وري اوچتو،
    مون مان ڦٽي ٿي،
    ۽ پنھنجي چمين جي اَلبم ۾،
    منھنجا چپ،
    سدائين لاءِ رکڻ ٿي گھري،
    ۽ منھنجي چپن ۾،
    ڪنھن به ٻئي جا چپ پوکڻ کان ڊڄي ٿي،
    ايترو ڊڄي ٿي جو،
    مون کي پنھنجو پاڻ ۾ مارڻ ٿي گھري،
    ڇو ته ھوءَ اڃا ٻار آھي.







    شاعر جو وطن

    شاعر جو وطن

    ھڪ شاعر جو وطن،
    ھن جون اکيون.
    ھو سُڪي تي،
    سمنڊ جھڙي سار ٿي ھن کي اچي
    ھو لکي ٿو لفظ،
    ڪيڏي خار ٿي ھن کي اچي
    ھو الائي ڇا ٿو چاھي
    سدائين ڳوٺ ٿو ڪاھي،
    ۽ اڄ به سوچي ٿو ته،
    ھن جي ڳوٺ جي سوڙھي ڳليءَ ۾،
    زندگي سٺي ھوندي،
    سنگ مرمر جي قبر تي،
    چاندني وُٺي ھوندي،
    ھو ته سوچي ٿو ته،
    ھن جي ڀاءُ بندوق جي نالي گرم ھوندي،
    ۽ ڍنڍ تي ڪيئن پکي ڦٿڪندا ھوندا،
    ۽ ھن جي ڀاءُ جي سرخ گھوڙي،
    بندوق جي فائر تي ھڻڪندي ھوندي،
    اوچتو ھو اڃان ان کان به اڳتي ٿو وڃي
    ”زندگي ڪنھن ٻي جاءَ تي آھي،“
    ھو ته ڄڻ ميلان ڪنڊيرا (1) جي ماٺ سان ٿو ملي،
    ھو پراگ (2) جي ھڪ گھر ۾ ڏسي ٿو،
    جتي ڪا چيڪ ڇوري،
    ڪنھن غير ملڪيءَ سان اگھاڙي آ ستل
    ۽ ڪُنڊيرا تون ته پئرس ۾ رھين ٿو،
    زندگيءَ ڪنھن ٻي جاءِ تي آھي.
    ھا جتان سولزي نٽسن (3) جي،
    ملڪ بدريءَ جي سورج اڀري ٿو.
    يا اڃان ان کان به اڳتي،
    جتي محمود درويش (4) جي ڏاڏاڻين کجين مان،
    ام ڪلثوم (5) جي مٺي آواز جھڙي،
    ھوا نغمه سرا آھي
    جيستائين ٿي وڃي سوچ ھن جي،
    تيستائين ٿو ڪھي ٿو،
    جيستائين ٿي، نھاري اک ھن جي،
    تيستائين ٿو رھي ھو،
    ھڪ شاعر جو وطن،
    ھن جون اکيون.

    ________

    1.چيڪو سلوايه جو ڪميونسٽ منحرف ناول نگار جيڪو پئرس ۾ جلاوطنيءَ جي زندگي گذاري رھيو آھي.
    2. چيڪو سلوايه جي گاديءَ جو ھنڌ.
    3. روس جو نوبل انعام کٽيندڙ ناول نگار جيڪو روس مان جلاوطن آھي.
    4.فلسطين جو مشھور شاعر.
    5. مصر جي مشھور ڳائڻي.






    تون ڪٿي آھين؟

    تون ڪٿي آھين؟

    آسمان تي چنڊ آھي،
    ۽ زمين تي گاھ آھي.
    تون ڪٿي آھين؟

    پرڀرو ھڪ ڳوٺ آھي،
    اورتي واريءَ دڙا،
    ۽ وچ ۾ ھڪ واھ آھي،
    تون ڪٿي آھين؟

    تو بنا خالي پڻو مان،
    پاڻ کي ڳوليان ڪٿي مان،
    تو ۾ منھنجو ساھ آھي،
    تون ڪٿي آھين؟

    دور تائين دلبري آ،
    چؤطرف چمڪاٽ جھڙو،
    تو سندو ئي چاھ آھي،
    تون ڪٿي آھين؟

    در دريون ڌڙڪن پيا،
    مان سمورو ڇرڪ آھيان،
    ۽ گھٽين ۾ ٽاھ آھي!
    تون ڪٿي آھين؟
    تون ڪٿي آھين؟


    ڪنگڻ

    ڪنگڻ


    ھن جي لاش کي،
    سپھه سالار جي خيمي ۾ آندو ويو،
    ۽ ھن جي گھوڙي تي،
    شاھي اصطبل جو در کوليو ويو،
    مشعلون ٻرنديون رھيون،
    ھن جي گھرن گھاون تي،
    ۽ ھن جي قيمتي تلوار،
    بنان خون خرابي جي،
    ھن جي ڀر ۾ ساري رات ستي رھي،
    ھا پر ھن جي کيسي ۾،
    ھن جي محبوبا جو جيڪو،
    ڪنگڻ ھو سو ڪيڏانھن ويو؟


    تون ته ڄڻ ٿي نازبو مھٽي وڃين

    تون ته ڄڻ ٿي نازبو مھٽي وڃين

    تون ته ڄڻ نازبو مھٽي وڃين،
    منھنجي لڱن ۾،

    دُور توکي ٿو ڏسان،
    تون ويجھڙي ٿيندي اچين،
    ۽ سڀ ٽاريون آليون،
    ڀاڪرن جون ٿي اچي مون ۾ ڀڃين،
    تون ته ڄڻ ٿي نازبو مھٽي وڃين،
    منھنجي لڱن ۾،

    ھن ٿڌيري واءُ ۾،
    ٿي اچي مون کي ڇھين،
    ۽ گلابي دائري ۾،
    ڪر موڙي ڇا ته ٿي مُرڪي مڃين،
    منھنجي لڱن ۾،
    تون ته ڄڻ ٿي نازبو مھٽي وڃين،
    منھنجي لڱن ۾!








    تون صفا تڪڙي تِکي!

    تون صفا تڪڙي تِکي!

    تو رڳو جواني سِکي،
    تون صفا تڪڙي تکي،
    ڄڻ پھاڙي ڪا ندي!
    مان مگر جھيڻو جھڪو،
    ھاءِ پنھنجو پاڻ ۾،
    پن وانگي پيو لڏان،
    ڪا خبر ڪانھي ته ڪيڏي مھل،
    پنھنجي درد ۾ پوندس ڇڻي،
    ۽ تون مٿان ويندينءَ وھي،
    ڄڻ پھاڙي ندي!
    تو نه ڄاتو آئون آھيان ڪڻڪ ۾،
    ٻاجھري ۾ ۽ ٺري جي ڍُڪ ۾،
    تو نه ڄاتو آئون آھيان سيءَ ۾،
    ۽ نڪو شمشان ڄاتو،
    ۽ نه سمجھيو،
    عشق جي چيڪي مٽيءَ کي،
    منھنجي ڳوٺاڻي گھٽيءَ کي،
    جت اڃان تائين چڙا پيا ٿا وڄن!
    توڙي جو آئون کڻي،
    ھيٺ اڄ آھيان ڪريو ھالار تان،
    ۽ مون ۾ خوشبو جو ديوتا پيو آ مري،
    ۽ منھنجي من جا فرشتا،
    اڄ گناھن تي گذارو ڪن پيا،
    پر تو نه ڄاتو،
    تو ته پاڻيءَ جو پيالو ڪين پرکيو،
    تو جَوَن جي سنگ کي ڪين ڄاتو،
    تو وڃايو ۽ نه ڪو ئي ڪجھه پاتو.


    ذوالفقار علي ڀٽو!

    ذوالفقار علي ڀٽو!


    اسين چئون ٿا ته،
    تنھنجي ساھ کي ايندڙ ڇڪون،
    ڦاسيءَ جي رسي ۾ رھجي ويون،
    ۽ ھوا درد ۾ ڦاٽي پيل ڌرتي جي ڳلي مان،
    ھر ويل تن کي ڳائي پئي،
    اسين چئون ٿا ته،
    تنھنجو موت،
    رستن تي ھارايل رت،
    ۽ گھاٽن وڻن ۾ ماريل ڳوٺاڻا،
    تنھنجي قاتلن جي ساھ ۾،
    سوڙھ ٿي پيا آھن،
    انھن جي نڙيءَ ۾ ڦاسي پيا آھن!
    انسانيت خلاف ھنن جي سازش ۾،
    نه ٽرندڙ رڪاوٽ بنجي پيا آھن،
    ۽ انھن جي خارشي ذھنيت،
    ۽ بي حواسي،
    اقتدار جي ايوانن ۾،
    ھنن جو ميڄالو کائي رھي آھي،
    اسين چئون ٿا ته،
    جنرل ضياءَ پنھنجي روپ ۾،
    زندگي کي منع نامو ھئو،
    موت جو ٻيو نانءُ ھئو،
    سموري نئين نسل جي،
    ڪونئري ڪپھه جھڙين جوانين تي،
    ڪري پيل پٿرن جو ڍڳ ھئو،
    ھو چانڊوڪين سان وير ھئو،
    صبح سان بي واجبي ھئو،
    ۽ ھن جو کڄندڙ ساھ،
    ھوا سان زيادتي ھئو،
    ۽ ھن جو وجود،
    ڌرتي تي اضافو ھئو،
    اجايو ھئو،
    ۽ ماڻھپي لاءِ شرم جھڙي ڳالھه ھو!
    ڪاري گلاب جھڙو اپريل جو مھينو،
    ڪئلينڊر جي ڪک ۾،
    گھرو زخم بنجي چڪو آ!
    ۽ اسان جي لوڪ گيتن جون سٽون،
    اسان سان ڪاوڙيل آھن،
    تنھنجي مرڻ جي موسم،
    ۽ اسانجون مجبوريون،
    ھوبھو ھڪجھڙيون ھيون!
    ۽ ھاڻ اھا موسم،
    اسان جي اکين ۾ اٿلي پئي آ،
    اسان جي رت ۾ آنڌ مانڌ ٿي اچي لٿي آ،
    ۽ اسين جيڪي مٽيءَ ۾،
    مسلسل ڌڙڪي رھيا آھيون.
    اسانجي سگھڙ ڀائرن،
    اسانجي نرڙ جي گھنج کي چمي ورتو آ،
    ۽ اسان جي جرئتمند ابن ڏاڏان،
    اڌ صديءَ جو ڏک،
    پنھنجي پٽڪن جي پلاندن ۾ ويڙھي رکيو آ.
    اسين ٻارن لاءِ پيار،
    ۽ محبوبائن سان وري ملڻ جي آس،
    پوئتي ڇڏيون ٿا،
    فاشي فوجن سان مُنھان منھن ويڙھ ۾،
    اسانجو اھو ارادو تمام اوچو آھي ته،
    اسين ملڻ کلڻ جون موسمون،
    ۽ معصوم ٻار مرڻ نه ڏينداسين،
    پنھنجي لڱن ۾،
    پنھنجي مائرن جو کير کرڻ نه ڏينداسين!



















    مونکان نه پڇ منھنجو حال

    مونکان نه پڇ منھنجو حال

    ڪالھُونڪر کان من موڳو،
    مُون کي آھي پاڻ ملال،
    مُون کان پُڇ نه منھنجو حال!

    ساري عمر ائين ڪٽي آ،
    ڄڻ ته ڪائي پري چٽي آ،
    ھيءَ به گذري ويندو سال،
    مُونکان پُڇ نه منھنجو حال!

    چانڊوڪيءَ ۾ چڪ وجھي پيو،
    ھينئڙو به ڪنھن ھَرڻ جيان آ،
    ڇرڪي آخر ڏيندو ڇال،
    مُونکان پُڇ نه منھنجو حال!

    جيئرو رھندي تُون ته جٿن ۾،
    رھجي ويا ٿئي ھار ھٿن ۾،
    سانڍي ڇڏ سڀ استقبال،
    مُونکان پُڇ نه منھنجو حال!

    ھيڻي تي ھر حملو ڪيو آ،
    سڀني کي ھي ڇا ته ٿيو آ،
    تون تلوارُون آئون ڍال،
    مُونکان پُڇ نه منھنجو حال!

    راند ۾ ھر ڪو راضي آھي،
    شطرنج جي ھي بازي آھي،
    ھر ڪو ھلندو پنھنجي چال،
    مونکان پُڇ نه منھنجو حال!


    اسٽيفي گراف لاءِ!

    اسٽيفي گراف لاءِ!

    تون دنيا کي ٽينِس ڪورٽ سمجھين ٿي،
    تون ڏاڍي تيز کيڏين ٿي،
    تنھنجي ھر ادا،
    ھر چُمي، ڀاڪر،
    رسڻ پرچڻ،
    تيز شاٽس جيان آھي.
    تاري کِڙڻ جيڏي آ تيزي،
    تنھنجي ھر عمل ۾،
    تون ڏاڍو تيز ٿي کيڏين!
    ڦھليل آسمان ھيٺان،
    ڌرتيءَ جي ھِن گولي تي،
    سمنڊ وانگي انھن تماشائين جو،
    تعداد تمام گھٽ آھي.
    جيڪي ھارائيندڙن سان گڏ ھجن،
    تون اھا پھرين ڇوڪري نه آھين،
    جيڪا پيار کي به،
    وِمبلڊن ٽرافي سمجھي ٿي،
    دِل جو ٻيو نالو به دل آھي،
    ۽ ھن نالي جو اعزاز ،
    ماڻھو وڃائڻ لاءِ حاصل نه ڪندو آھي.





    چڱو جو اسانکي نه درزي مليو

    چڱو جو اسانکي نه درزي مليو

    چڱو جو اسانکي نه درزي مليو
    نه ڪو ماپ من جي، نه ڪو ڪور ٿي،
    حياتي سندو ھرک ڦاڙي ھوا،
    قضا جي ڪَتر ساڻ ڪوري ڇڏيو،
    ھوا جي ھٿن ۾ پاڻ ڀوري ڇڏيو!
    نه ڪو ڪاڄ ڪوئي نه ٻيڙو لڳو!
    سڳي کانسواءِ ھي سُئي سوچ جي
    انڌيري ۾ بکيا اجايا ھڻي،
    پُراڻا پيا ٿيندا وڃون پاڻ ۾!
    لڱن جون ھي ليڙون لڪائي گھمون،
    ٽٽا ڦاٽندا ٿا وڃون پاڻ ۾!
    اڃان ٿا چئو ته بدن ٽانڪبو
    اسان کي ته سُورن سبي آ رکيو!
    چڱو جو اسانکي نه ڌوٻي مليو!

    صدين جي سفر ۾ ٿا ڇڪبا رھون
    وچو وچ واري ورائي وئي
    ڪٿي گھاٽ اھڙو نه ڪوئي گھڙيو،
    جتي اڄ اکين کي به اُجرو ڪريون،
    رڳو راھ ۾ آھ آھي اڀي،
    لکين لفظ آنڌي جيان اڄ اٿيا،
    وئي دز دل تي دُکن جي ڄمي،
    جتي جر اندر جيءُ نٿو ڌوپجي،
    اتي اڄ بنا آب جي دوستو!
    اسان کي ته آ ڌوڙ ڌوئي رکيو!


    خانه بدوش جيئن خُدا کي ياد ڪن ٿا!

    خانه بدوش جيئن خُدا کي ياد ڪن ٿا!


    روز ھي رولاڪ جيون جا جٿا،
    ڄڻ ته صحرا ۾ نگر آباد ڪن ٿا،
    خانه بدوش جيئن خدا کي ياد ڪن ٿا،
    تيئن ڪڏھن مون ياد توکي آ ڪيو!
    زندگي آوراه گرد جي مڏي،
    روز ٿي پٽجي کڄي ھر جاءِ تان،
    ڇو نه ٿيون ڍنڍون ڊڪن تن جي پٺيان!
    وڻ جھڪن پاڇارُڪن تن جي پٺيان!
    روز ٿي واري اُڏي اک ۾ پوي،
    ڄڻ ته ٿي لالي کڏي اک ۾ پوي،
    ڪنھن وطن جي آس آھي جستجو،
    ڪوته آھي آسرو ۽ آرزو،
    بس سدائين رات جا تارا ڳڻي،
    ۽ صبح جو سج سان گڏجي سڀئي،
    ڄڻ بدن مان ٿڪ جا سارا پکي،
    ھوريان ھوريان ڪري آزاد ڪن ٿا،
    روز ھي رولاڪ جيون جا جٿا،
    ڄڻ ته صحرا ۾ نگر آباد ڪن ٿا.







    نصرپور!

    نصرپور!

    نصرپور ناز آ توتي،
    جو مصريءَ سان ملائين ٿي،
    ھن روح منھنجي کي،
    خوشيءَ سان تون کلائين ٿي،
    اگھم مان جي گھُمي آيا،
    گھٽا جا گھڙي گذري سڀ،
    عقابن جا نه آشيانا،
    لنگھن ٿا لڪ اُڏري سڀ،
    حفظ حاصل ھجي جن کي،
    انھن جي آسري آھيان،
    ضرورت زندگي ناھي،
    لڱن سان پوءِ به لائين ٿي،
    ابابيلن اچي منھنجي،
    اندر ۾ ٺاھيا آکيرا،
    گداگر گردشون آھن،
    فڪر جا سئو طرف ڦيرا،
    ڪڙي ڪج قرب ۾ قابو،
    ھيڻيءَ جو حال ڪونھي ڪو،
    لڳي ٿي ڳالھه ڳوٺن جي،
    ڳنوارن سان ڳائين ٿي،
    مشائخ شاخ مان وھندڙ،
    سڄو پاڻي لکي وٺجان،
    وڄي پئي تند مون ۾،
    تون سڄي ساري سکي وٺجان،
    امانت عشق جي آئي،
    ته دلبر دادلو نڪتو،
    حسن ھن ڀورڙي جي ڀُل ، کي
    تون ڇا ته ڀانئين ٿي!


    روحل، چيزل اکڙيون آگم!

    روحل، چيزل اکڙيون آگم!

    دُنيا کي درگاھ نه ديکي،
    دنيا ني درگاھ کو ديکھا!
    درس حسن تو ايرا غيرا،
    ابن العربي عجب عجائب،
    سھر وردي سج سجائج،
    ذڪريا ويھي ناد وڄائج،
    سئو سماع، ڌمالون ڌم ڌم،
    رومي رقص ۽ ڇيريون ڇم ڇم،
    سيوھن والا سائين سرگرم،
    جام قريشي (1) جام جم جم،
    پنھنجو ٿيندو آھي ھر ڪم،
    نور نظر وه، نورچشم وه،
    روحل (2) ، چيزل (3) اکڙيون آگم،
    دُنيا ليکي دُنيا آھيان،
    ناھيان، آھيان، آھيان ناھيان،
    عزت دولت، شھرت کيسي!
    قادر تيري قدرت کيسي!
    ڪاڪي کو بختيار بنايا،
    نجام الدين کو کس ني ڳايا؟
    خسرو ڪو بي حال بڻھايا،
    مين بھي آيا، سرمد آيا،
    اپني پيرون اور آنگن مين،
    مولانا آزاد بڻھايا،
    مون جھڙو جي ٿيندين ڇا ٿيو؟
    بيبي رابعه بصري بن جا!
    بسم الله شھنائي بن جا!
    بلڙي ڪي تنھائي بن جا!
    شاھ لطيف ڪي وائي بن جا!
    جي توکي ڪجھه ٿيڻو آھي،
    جام محبت پيڻو آھي،
    مست بخاري ملکه بن جا!
    بابا يه رحمان ھي بيڻھا،
    امبر اس کي آنگن مين ھي،
    حسن، حسين کان حلقه بن جا!
    پنھنجا صاحب پير سڃاڻج!
    مھڪ مديني سي جو اُڻھتي ھئي،
    خوشبو سا ھر ھير سڃاڻج!
    عشق امانت لاءِ کڙو آ،
    منڪر، ناٿ، نڪير سڃاڻج!
    پنھنجي پٺ آ پيرن واري،
    پنھنجا اڳ امير سڃاڻج!
    پيان لاگون اس پاگل کو.
    حسن درس فقير سڃاڻج!
    ****



    1.قبلهءَ مُحترم ائين احمد علي قريشي، ”دور حاضر جا صاحبِ ولايت بُزرگ سندن مزار مبارڪ سيوھڻ شريف ۾ لال باغ لڳ آھي.
    2. روحل شاعر حسن درس جا وڏا فرزند
    3. چيزل شاعر حسن درس جا ننڍا فرزند


    جھرڪين کي خوار خراب نه ڪريو!

    جھرڪين کي خوار خراب نه ڪريو!

    جھرڪين کي خوار خراب نه ڪريو!
    پيار جو پرجيون ٺاھي،
    ڪُڻا نه ڪڍو!
    موسمن کي معافي ڏيو ته،
    ھو ماڻھن جون ٿي رھن،
    ڪُنن ۾ ڪاھي نه پئو!
    مس، قلم، پنن جو زيان نه ڪريو!
    پبلشر جي پُڇ مان ھٿ ڪڍو!
    بڪ اسٽالن تي اجائي جاءِ نه والاريو!
    پڙھندڙن کي منھن مٿو پٽڻ تي،
    مجبور نه ڪريو!
    اوھين جيڪي،
    داستان گوئي جو پٽڪو لاھي،
    قديم جا ڪَن ڪُتري،
    ھاڻ جديد جي نالي ۾ جک پيا ھڻو،
    اوھان جا ڪتاب اوھانجي ڏاڪڻ آھن،
    جن تي پير ڏيئي ،
    اوھين صرف ڪنھن ڪمزور ڪُرسي تي،
    چڙھي سگھو ٿا!
    ماڻھن جون سماعتون،
    ساروڻيون،
    حافظا،
    ۽ اوھانجا اسلوب،
    انداز ۽ اُرھ زورايون،
    وڃجي ته ڪيڏانھن وڃجي!
    شل خدا ھن ديس کي،
    اوھانجي ڌمڪچڪر کان محفوظ رکي،
    اوھين جيڪي شاعري جي،
    شھرت جا شھسوار ٿيڻ ٿا چاھيو،
    گليون گمنام آھن ۽ اوھين،
    مشھوريءَ جي منبر تي ويھڻ ٿا چاھيو،
    ديس جو نالو وٺي داڦڻ بند ڪريو،
    وطن لاءِ ويڙھ ۾ ڦوڪڻا ڦاڙڻ ڇڏيو!
    ٺلھا ٺڪاءَ.
    زوراٽ،
    زٽ ھڻڻ ڇڏيو!
    ھيڊ، ھريڙ، وڏا ڦوٽا،
    گوماندر، ڦودنا،
    او پنھنجي پساري واري پڙيءَ تي،
    پلٿي ھڻي ويٺل،
    نيڪ حڪيم نادانو!
    توھان جا تجويز ڪيل نسخا!
    مريضن کي مارين پيا !!












    اڄ وري آ آئيني ۾!

    اڄ وري آ آئيني ۾!

    آئيني ۾ پاڻ کي بيٺي ڏٺم،
    شڪ پيم!
    تنھن ڪري ٻيھر وري جانچي ڏٺم،
    پڪ ٿيم،
    ھي اُھو ئي شخص آھي،
    دير سان ھڪ رات جو،
    مون کي مليو اوندھ ۾،
    ماچيس جو مون کان پڇيئين،
    ھڪ عدد ٻيڙي گھريئين،
    اوچتو خنجر ڪڍي،
    منھنجي سيني تي رکيئين،
    جوڪجھه ھيو، سو سڀ ڦريئين،
    ھڪ رواجي گار سان،
    منھنجي وري تذليل ڪيئين،
    حملو ڪري خنجر ھنيئين،
    ھٿ کي ھوا ۾ کنيئين،
    پيٽ کي ڦاڙي ڇڏيئين،
    پوءِ دل ڪڍيئين،
    پنھنجي کيسي ۾ وڌئين،
    آئون اُتي ئي پيو ھئس،
    ھو اُتان ھليو ويو،
    اڄ وري آ آئيني ۾،
    مون اڳيان سامھون کڙو،
    ۽ سندس شرٽ جي کيسي اندر،
    منھنجي دل ڦٿڪي پئي،
    ڪنھن به سيني کانسواءِ!


    ٻار وڃن ٿا اسڪول ڏي

    ٻار وڃن ٿا اسڪول ڏي

    ٻار وڃن پيا اسڪول ڏي،
    وقت گلابي دروازو آ،
    گيت لنگھن پيا جنھن مان ننڍڙا،
    ٻاراڻا ھي ٻول ٻچن جا،
    ميزن تي ھو ماٺ نه ٿا ڪن،
    ڪُرسين کي ھُو ڪيرائين ٿا،
    راند به ڪن ٿا گڏجي سڏجي،
    ھڪٻئي کي ڄڻ ڦيرائين ٿا،
    استادن جي اک تکي آ،
    سھڻي مائي نَڪُ ڊگھو آ،
    آڱر چاڪ کڻي آ اڀري،
    بورڊ تي ڪا بات لکي آ،
    ڪاپين تي ھُو ڪونئرا ھٿڙا،
    پنڇين وانگي ڦڙ ڦڙ ڪن ٿا،
    سڀ ڪو پنھنجي منھن ٿو سوچي،
    سڀ ڪنھن پنھنجي سمجھه سکي آ،
    ٻارن جو ڪم ٻارن سان آ،
    پاڻ وڙھن ۽ پاڻ ئي پرچن،
    گھڙي رُسن ۽ ساڳيا سرچن،
    گيت پڙھن ٿا گڏجي جڏھن،
    پاڻ ئي گيت منجھان پيا گذرن،
    پاڻ ئي پاڻ گلن جا ٻوٽا،
    پاڻ ئي مور، تتر ۽ طوطا،
    پاڻ ئي گاھ، ھوا جا جھوٽا،
    ٽارين تي پيا جُھومن اُڏرن،
    گيت نه ڪنھن کان اھڙا وسرن،
    ٻارو ھاڻ اوھان کي موڪل،
    درس ڪتابن منجھه پڙھيو ويو،
    ٻار وڃن پيا اسڪولن مان!


    اچ ته چئون ڪونج کي!

    اچ ته چئون ڪونج کي!

    اچ ته چئون چنڊ کي ڀيڻ(1) کي ڀاڪر ڀري،
    ۽ ستارن ۾ رکي،
    اچ ته چئون ڪونج کي،
    ڀيڻ کي ڀاڪر ڀري ۽ ڪوھسارن ۾ رکي،
    اچ ته چئون مند کي،
    ڀيڻ کي ڀاڪر ڀري ۽ نظارن ۾ رکي،
    اچ ته چئون درياءَ کي،
    ڀيڻ کي ڀاڪر ڀري ۽ ڪنارن ۾ رکي،
    اچ ته چئون سنڌ کي،
    ڀيڻ کي ڀاڪر ڀري ۽ سھارن ۾ رکي.

    ______
    ڀيڻ: شھيد محترمه بينظير ڀٽو لاءِ لکيل






    ھينسي ڪرونِيي لاءِ ھڪ نظم!

    ھينسي ڪرونِيي لاءِ ھڪ نظم!

    بئٽ بنان آ بال اڌورو،
    بال بنان آ بئٽ اڌوري،
    تو سوا ڪرڪيٽ کيڏي پئي وڃي،
    زندگيءَ جي پچ کان آھين پري،
    مئلبورن، سڊني،
    يا ويسٽ انڊيز جا ميدان،
    تون ته بائونڊري کان ٻاھر به بيٺل ناھين،
    راند ته ٿيندي پئي،
    شرطون پيون لڳنديون،
    جوا ٿيندي پئي،
    پر تنھنجو ھٿ ھوا ۾ وڃايل آ،
    جيڪو راند وچ ۾،
    تاڙي ملائيندو ھو،
    تنھنجون تيز گھوريندڙ اکيون،
    بال کان بائونڊريءَ کان ڇڪي وٺنديون ھيون،
    ۽ ھاڻ بال ۽ بئٽ ٻئي ڪنڊ ۾ ويھي
    ڪنجھي رھيا آھن،
    ستارن جي ڌوڙ ته الائي
    ڪنھن جي اکين ۾ پوندي،
    ھڪڙي عورت جيڪا تولاءِ رُني،
    ساوڪن کي الائي ڪيئن ڏسي ٿي،
    ڏکڻ آفريڪا ۾،
    ڪارو سج،
    يعني نيلسن منڊيلا،
    اھڙو ماڻھو آھي،
    جنھن جي دل کير جھڙي اڇي آھي،
    اُنھي جنھن وقت توکي آٿٿ ڏني،
    تڏھن تنھنجو درد گھٽ ٿيو،
    ھوا ۾ ايڏو مٿي،
    موت ئي اھڙو رانديگر آ،
    جنھن توکي آخري دفعو آئوٽ ڪيو!




    ______
    ھينسي ڪرونيي؛ ڏکڻ آفريڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان جيڪو ھڪ ھوائي حادثي جو شڪار ٿيو.



    احمد فراز لاءِ ھڪ نظم!

    احمد فراز لاءِ ھڪ نظم!



    احمد فراز تنھنجو سامان ٿو اڇلجي،
    ميزون گلاش شيشا،
    نظمن جون عورتون ۽،
    نثري ڪتاب اڇليا!
    توکي مليا ھيا جي،
    اعزاز ڪئين،
    سي سڀ خطاب اُڇليا!
    ننڊون دريءَ دريءَ ۾،
    پردن تي ڳھر تنھنجي جا،
    جاڳيل گلاب اڇليا!
    توجي گناھ جھڙيون،
    راتيون اتي گذاريون،
    سارا ثواب اڇليا!
    پيارا پٺاڻ شاعر،
    اردو عجيب آھي،
    پشتو ۾ چؤ پنڊيءَ کي،
    دِلي قريب آھي!
    غالب سان مئه پيئڻ جي،
    سھڻي سزا ملي ٿئي!
    ۽ ڳالھه چئي ڏيڻ جي،
    سھڻي سزا ملي ٿئي!
    ايوان ھو سجايل،
    ڪوٺيون نه تنھن کي ڪوٺيو،
    ڪوٺو ته ڪنھن جو گھر آ!
    رنڊي ته مانواري،
    رنڊي ته معتبر آ!
    گاريون نه ڏيو ھنن کي،
    گاريون ته ٻولين جون،
    آھن شرير ڇوريون!
    لبريز لفظ گاريون،
    گاريون ته ساحلن تي،
    ننگيون حسين گوريون!
    تون جو فراز خود کي،
    روشن خيال سمجھيين!
    حاڪم حرام سمجھين!
    مئه کي حلال سمجھين!
    پر ھاڻ ڏس نوان ھي،
    روشن خيال جلوا،
    مولانا مئه پيئي ۽،
    سالار کائي حلوا!
    پنھنجو ته يار آھي،
    سامان عيش عشرت،
    سامان عشق بازي،
    سامان دلنوازي،
    سامان دل جي دنيا،
    سامان سرمدي ھي،
    سامان دلربائي،
    اڇلين، چئو انھن کي؟
    ھيءَ سونھن ۽ سچائي،
    اڇلين، چئو انھن کي؟
    شعرن جو خانقاھون،
    ديدار جا دئارا،
    دل جون ننديون نگاھون،
    ۽ خيال جي خدائي،
    ميلاپ ۽ جدائي،
    ھيءَ خيال جي خدائي!!

    احمد فراز، اردو جو انتھائي قدآور پٺاڻ شاعر، جنھن کي حاڪم وقت گھر مان ڪڍڻ واسطي سندس سامان رستي تي ڦٽو ڪرايو ھو.














    تنھن کان پوءِ . . .

    تنھن کان پوءِ . . .

    جُھڙ جا ديو اُٿيا،
    ڪارا باغ لُڏيا،
    تنھن کان پوءِ ٿيا، ميلا محبت جا!

    تلوارن کي ويو کنوڻين مان ٺاھيو،
    عورت جي جلوي، قلعي تي ڪاھيو،
    منظر مان گذري، گھوڙا خوب ڪڏيا،
    تنھن کان پوءِ ٿيا، ميلا محبت جا!

    مڇيون ٻيڙي ۾ ٻارن سٿيون پي،
    پريون پاڻيءَ تي ننگيون لٿيون پي،
    طلسم جي جر تان، ٻگھا نيٺ اڏيا،
    تنھن کان پوءِ ٿيا، ميلا محبت جا!

    ٽٽل وڻن کي واڍن وڍيو پي،
    ماڻھوءَ ماڻھوءَ کي ڌوٻين ڌوتو پئي،
    درزين سبيا جو سڀ ڪنھن جا ڪپڙا،
    تنھن کان پوءِ ٿيا، ميلا محبت جا!

    تارن تان ترندي، غارن منجھه ويا،
    صحرا مان ڊوڙي، پاڻيءَ منجھه پيا،
    جبل چوٽيءَ تان، آخر ھيٺ لٿا،
    تنھن کان پوءِ ٿيا، ميلا محبت جا!

    ساحل ساحل تي، سھڻا شھر اڏيا،
    گھر گھر دعوت ۾، در در دوست گڏيا،
    ھنڌن، ماڳن تي، شاعر عشق لکيا،
    تنھن کان پوءِ ٿيا، ميلا محبت جا!

    سپنا اکين جا ساڀيان لئه سھڪيا،
    نون خيالن سان، من وڃي مھڪيا،
    ھنر ھٿن جا فطرت سان ٺھڪيا،
    تنھن کان پوءِ ٿيا، ميلا محبت جا.




    محقق

    محقق

    قبر کوٽيائين،
    گھر کي کوٽائين،
    ھُن جي بيماريءَ جو،
    فائيل کوٽيائين،
    ھُن جي مرڻ جي،
    خبر کوٽيائين،
    آخر ماھر کي،
    مئل موسيقار جا،
    ھڏا ملي ويا،
    تحقيقاتي ٽيم کي،
    تُر تئون طلبيائين،
    مٿو ڪُٽيائين،
    پٿر لکيائين،
    مِٽي ڇنڊيائين،
    ٿورو سوچيائين،
    گھڻو سيکائين،
    مقالي جي مُڃ،
    ويٺي وٽيائين،
    نه ڪو سُر مليو ڪو،
    نه ڪو گُرمليو ڪو،
    نڪو راڳداري،
    نڪو ساز، سازندا،
    اچانڪ ھڏا سڀ کڙڪڻ لڳا،
    ٽيبل مٿان ڪمري اندر،
    اُڏامڻ لڳا،
    ھڏن پئي ھڏن کي،
    لوڏيو، وڄايو،
    ھڏن سازندن کي ڪيا پئي اشارا،
    اھا ماتمي ڌُن،
    ڪمري جي اندر،
    لامارا ڏيندي گھمندي رھي،
    اچانڪ ھڏا سڀ ٻاھر اڏاڻا،
    ھوائن کان ڪھڙا ھڏن جا پڇاڻا،
    پٺيان ماٺ ٿي وئي،
    صفا سانت ٿي وئي،
    مگر ميز تي جيڪو،
    ماھر آ ويٺو،
    اُنھيءَ جي ته ڄاڙي،
    اڃان پيئي کڙڪي.
















    ماچيس جي تيلي!

    ماچيس جي تيلي!

    ماچيس جي تيلي اِھا،
    گندرف جو ٽوپ پائي،
    آ اڃان تائين سُتي،
    وڻ وڍيو،
    چيريوويو،
    ڪاٺ کي ڪوريو ويو،
    ڪارخاني ۾ اچي،
    ھئي جڏھن تيلي جُڙي،
    گندرف جو ٽوپ پائي،
    ڪنھن دَٻيءَ ۾ بند ٿي،
    ماچيس جي تيلي اِھا،
    آھي ته ھر ڪنھن ھنڌ پئي،
    پر آ دٻيءَ ۾ بند پئي،
    جاڳندي تيلي جڏھن،
    ٿي سگھي سگريٽ جو،
    چاھ مان چھرو چمي،
    ۽ خود وسامي وڃي!
    چلھه کي ٻاري وجھي،
    جنھن مٿان کاڌو پچي،
    ٿي سگھي ٿو ڪا بتي روشن ڪري،
    ڌيمي ڌيمي روشنيءَ ۾،
    ٻارڙو ڪاپي لکي،
    گھُگھه اوندھ ۾ اچانڪ پئي ٻري،
    چور جو چھرو سڃاڻي ڪو وجھي،
    ٿي سگھي ٿو شھر کي ساڙي ڇڏي،
    مُلڪ، دُنيا کي، متان ٻاري وجھي!
    ڪا خبر ناھي الائي ڇا ڪندين؟
    ماچيس جي تيلي اِھا!
    گندرف جو ٽوپ پائي،
    آ اڃان تائين سُتي!!


    مُصور!

    مُصور!

    اڃان بُرش کي ھو وڌي وڻ به ٿيڻو،
    رنگن کي نديءَ ۾ ھيو ھيٺ وھڻو،
    ستاري کي تصوير ۾ ھو اُڇلڻو،
    جبل کي ھتان کان کڻي ھت رکڻو،
    ھُيو ڇوڪريءَ کي انڌيري مان اچڻو،
    ھوا جي منڊيءَ لئهِ ھيو ڏور وڃڻو،
    نديءَ جو پکيءَ سان سڀاڻي آ مڱڻو،
    الائي ٻيو به ڪيڏو ھيو ڪم ڪرڻو،
    چتر جي گھٽيءَ ۾، مصور مري ويو!

    شھر ھڪ زمين آھي ڳھي وئي،
    انھي جي بازار پڻ ڳولڻي ھئي،
    بازار پويان ھو رنگريز جو گھر،
    اتان کان ته چُنري وٺي اوڍڻي ھئي!
    ڏيئو پڻ پراڻو ھيو ھٿ ڪرڻو،
    صدين جي ته صندوق پڻ کولڻي ھئي!
    تصوير آھي اڌوري ٻنيءَ جي،
    انھيءَ ۾ ڪا پوک پڻ پوکڻي ھئي!
    الائي ٻيو ڪيڏو ھيو ڪم ڪرڻو،
    چتر جي گھٽيءَ ۾، مصور مري ويو!

    پراڻن شرابن جي ھئي جانچ ڪرڻي،
    ويل مُند واپس ھئي ھاڻ ورڻي،
    واري ڌڻيءَ کي ھو ھيٺ اچڻو،
    ڀلي کي رنگن ۾ ھيو ھاڻ پچڻو،
    ڪينواس کي ھو ڪناري تي نچڻو،
    سُرن کي مھانڊن ۾ ھو قيد ڪرڻو،
    درين کي ھوا ۾ اڃان کولڻو ھو،
    اڃان فطرتن کي گھڻو کوٽڻو ھو،
    اڃان زندگيءَ کي گھڻو ڳولڻو ھو،
    الائي ٻيو به ڪيڏو ھيو ڪم ڪرڻو!
    چتر جي گھٽي ۾، مصور مري ويو!!





    اگھاڙيون ڪھاڻيون!

    اگھاڙيون ڪھاڻيون!

    ڪارونجھر جبل ۾،
    اونڌيون ليٽل اُگھاڙيون عورتون،
    ڪجھه سڌيون ٿي ستل،
    جن جون ڇاتيون،
    آسمان سان مخاطب آھن!
    ھڪ اھڙي گفتگو ،
    جيڪي ٻڌي نه پر،
    صرف ڏسي سگھجي ٿي!
    ديوتائن جي کھرن شھوتي ھٿن،
    پٿرن کي عورتن ۾ تبديل ڪيو،
    يا عورتن کي پٿرن ۾ قيد ڪيو!
    ھي اُگھاڙيون ڪھاڻيون،
    وقت جي ھٿن مان چپٽين وانگي ڪري،
    پھاڙن تي پيل آھن،
    جابلو ٻڪريون،
    ھي ننگا جسم لتاڙين ٿيون،
    ۽ پکي پنھنجي چھنبن سان،
    انھن عورتن کي ٺونگا ھڻن ٿا!
    ڪڏھن ڪڏھن ڪارونجھر جبل ۾،
    انھن عورتن جا روح،
    ڪنجھندي گجگوڙون ڪن ٿا،
    دٻيل آواز جيڪي ڌرتيءَ ۾ دفن آھن،
    بس رڳو مينھوڳيءَ جي موسم ۾،
    اھي ليٽل اگھاڙيون عورتون،
    زارو قطار روئينديون آھن!


    لڳي ٿو لوڪ موسيقي!

    لڳي ٿو لوڪ موسيقي!

    لڳي ٿو لوڪ موسيقي،
    وڻن کي ويڙھجي وئي آ،
    ھوا ۾ مينڊ ۽ معنى،
    پن ۾ کِل جو کڙڪو،
    سُرن کي آسمانن مان،
    جھپڻ جي جستجو آھي!
    درد کي ڪير ڌڙڪائي،
    ڪڙن کي ڪير کڙڪائي!
    انڌيري کي ڏئي ويٺو،
    ڪوئي آلاپ جي تيلي!
    سڌا سرڙاٽ تارن ۾،
    مڙيا سڀ مچ تي آھن!
    مگر آ واٽ تارن ۾،
    ڊسمبر ويو ڊُڪي ڊوڙي،
    جيئن ھي جنوري آئي
    ٽڙن ٽيڙو، مچن ميڙا!
    ڪتين جي ڪچھري آھي!
    دکي ٻيو ساز جو سينو،
    اچي آواز پيو اوڏو،
    ڪٿي ڪو چنگ پيو چوري،
    ڏئي ٿو واءَ کي لوڏو،
    تو تندن ۾ تُران آئون!
    ۽ چپڙن ۾ چُران آئون!
    کڄان ٿو ساھ ۾ آئون!
    نڪري آھ ۾ آئون!
    وڃان ٿو ڌنڌ ۾ ڌوڪي،
    ھميشه ۾ ھُران آئون!
    ڏيان اوڌر حياتي کي،
    ۽ گيتن کان گھران آئون!
    اچڻ ۾ مان وڃان پٺتي،
    ۽ موٽڻ مان اچان آئون!
    لباسن ۽ لبادن تي،
    اگھاڙو ٿي نچان آئون!
    اتان ئي اک منھنجي پيار تي،
    پھرين وڃي پئي آ،
    لڳي ٿو لوڪ موسيقي،
    وڻن کي ويڙھجي وئي آ !!


    جر تي جواني!

    جر تي جواني!

    شينھن جي گجگوڙ ويڙھي ٿو گھمي،
    جھنگ کي ھُن جان ۾ آ پوکيو،
    تنھن ڪري سڀ ڪجھه سھيڙي ٿو گھُمي،
    وقت کي ھو طاقتن مان ٿو ڏسي،
    جر تي جواني ڀڳي ھئي آرسي،
    طلمسي آ ھت ھُن جو، جنھن وري،
    ڏيڏرن کي تارن ۾ تبديل ڪيو،
    ڍنڍ گھري پوءِ لڳي ھئي آرسي!
    خيال جو مضبوط خنجر ذھن ۾،
    عورتن جي آسمانن جو پکي،
    عشق جي ڪاري وڇيري تي چڙھيل،
    آزمائي ٿو ھوا جي ڪوڙڪي،
    داستانن مان کنيل ھُن جو جسم،
    قافلن جون واھر ھن جون اکيون،
    ھو سدا سرمست رھندڙ نغمگي،
    دائرن ۾ لفظ ھُن جا ٿا لڏن،
    ڌيان سان ٻڌندو رھي ٿو ماٺ کي،
    خواب کي گھاٽو ڪري ٿو اک ۾،
    ڍنڍ ھُن کي ماءُ وانگي آ مٺي،
    واءُ ھُن کي ڀاءُ وانگي ٿو لڳي!
    واچوڙن جا ٻارڙا ھُن جي پٺيان،
    بادلن جا رٿ ھُن جي ھٿ ۾
    سانوڻيءَ جا مينھن ھُن جي سٿ ۾،
    دل زمين ۾ ٻج وانگي ٿي ڦٽي!
    لفظ جو ٻوٽو ٻري ٿو اُس ۾،
    گيت لھوارو تري ٿو اُس ۾،
    فطرتن جي فرزندي ھُن جو نصيب،
    ڪائناتن کي رھي ٿو ھو قريب،
    ڪائناتن کي رھي ٿو ھو قريب!






    ”ارم نما“ لطيف آباد ڇڏڻ تي ھڪ نظم!

    ”ارم نما“ لطيف آباد ڇڏڻ تي ھڪ نظم!

    گُل نشتر جُون ڳالھيون ڇو ڪرين؟
    تون ھاڻ انھي گھر جو ڳالھيون ڇو ڪرين؟
    جو ھميشه لاءِ ٻوٽجي آ ويو،
    تون ھاڻ ان در جون ڳالھيون ڇو ڪرين؟
    ميڻ جھڙي ھي دل مڃي ئي نٿي،
    سنگ مرمر جون ڳالھيون ڇو ڪرين؟
    يار پنھنجا پکي پري ٿي ويا،
    سانجھه جو سَر جون ڳالھيون ڇو ڪرين؟
    آڳ آھي اڳي ئي آ ھُن ۾،
    ڄاڻندي ڄر جون ڳالھيون ڇو ڪرين؟


    _______________
    لساني فسادن ۾ ڇڏيل لطيف آباد واري گھر ”ارم نما“ جي حوالي سان لکيل نظم







    کپئي گوليون، کپئي گل کڻ!

    کپئي گوليون، کپئي گل کڻ!

    جو کيڙيندين سو ميڙيندين،
    کپئي گوليون کپئي گل کڻ،
    بٺيون، بارود جون پوکون،
    نه تنھنجي پوءِ لڻڻ جھڙيون،
    ورن ۾ نانگ ڪئين ڪارا،
    وجھي جي ميز تي ويھندين،
    نه ٻوليون پوءِ ٻڌڻ جھڙيون،
    نه ڳالھيون سي سڻڻ جھڙيون.








    توکي پنھنجي ڪير لڳي ٿو!

    توکي پنھنجي ڪير لڳي ٿو!

    دور پھاڙن جي دنيا مان،
    ڪالھو ڪو اڄ آيو آھين،
    لھجي لھجي منجھه لڄارو،
    توکي پنھنجو ڪير لڳي ٿو؟

    اوڏو ڪير اکين ۾ آھي،
    پرتي ڪير پکين ۾ آھي،
    ڪھڙي ڌرتي، ڪھڙو تارو،
    توکي پنھنجو ڪير لڳي ٿو؟

    لفظن جي ھيءَ دنيا داري،
    ڪڏھن ڀوري ڪڏھن ڪاري،
    مٺڙو ڪھڙو، ڪير آ کارو،
    توکي پنھنجو ڪير لڳي ٿو؟






    نينھن نياپا اکيون!

    نينھن نياپا اکيون!

    سانجھه جي ويلي سکيون،
    توکي ئي سارينديون رھيون،
    ڏيک ۾ ڏيئا مٽيءَ جا،
    ٻاٽ ٻارينديون رھيون،
    لفظ جيڪي ٿڌ ۾،
    ڪنھن کان به ڪوسا ڪين ٿيا،
    نينھن جا نياپا اکيون،
    آخر اچارينديون رھيون.






    گھاوَ ڪندا ڇا خالي گھر کي!

    گھاوَ ڪندا ڇا خالي گھر کي!

    ٻاٽ انڌيري منجھه ٻليءَ جي،
    اک ڏسي ٿي جيئن پکيءَ کي،
    تيئن تڪن ۽ تاڙن ٿا ھو،
    ھر پرديسي پاريھر کي،
    آڳ نه سمجھي ٻي ڪا ٻولي،
    گفتگو پرکي ڪا به نه گولي،
    ساڙڻ جي ساڙي ويندي،
    جي آھي ڪا ڀي ڄر کي.
    ڪونڊيءَ جا گل لت لڳڻ سان،
    ٻارن جيئن مرجھائجي ويندا.
    آٿٿ ڪانه اڱڻ کي ايندي،
    دل نه ڌتاري سگھندي در کي.
    ماڻھو آھي جيئرو مرڻو،
    ان کان پو ٻيو ڪجھه نه ورڻو،
    مرڻو پرڻو ماڻھوءَ سان آ.
    گھاوَ ڪندا ڇا خالي گھر کي.


    مُسلسل ماٺ ۾ ماڻڪ!

    مُسلسل ماٺ ۾ ماڻڪ!

    رڳو ئي درد،
    غم فراق جو فصل آھي،
    لڳن ٿا لفظ جدائي،
    چون وصل آھي،
    اڃا به لھر ۾ لڙھندڙ آ،
    ڳھر ۾ ڳالھايو،
    مسلسل ماٺ ۾ ماڻڪ
    نئون نسل آھي.
    اھم ته ررد صبح،
    سج جو نقل آھي،
    اداس شام ئي بچيو،
    سندن اصل آھي!

    ________
    ماڻڪ: سنڌيءَ جي ناليوارو ڪھاڻيڪار جنھن آمر ضياءَ الحق جي دور ۾ ”ساھ مُٺ ۾“ جھڙو شاھڪار ناول لکيو.



    دنيا ڇا ھي!

    دنيا ڇا ھي!

    سر تي سانجھي،
    دور پکيئڙا،
    دنيا ڇاھي؟

    ٽم ٽم تنھنجي،
    ٻرندڙ ڏيئڙا،
    دنيا ڇاھي؟

    رستي ايندي ايندي،
    ٿورو اوکي سوکي،
    گونگي گرمي،
    سرتا اوسيئڙا،
    دنيا ڇاھي؟

    جر تي تارا،
    بر ۾ باھيون ۽ تنھنجا،
    لمحي پويان ليئڙا،
    دنيا ڇاھي؟


    سموري سنڌ سرندو!

    سموري سنڌ سرندو!


    مَکي ڪنھن ھئي چکي چاڙھي،
    ڏٺو ڪنھن ھو ڏياچن کي!
    سموري سنڌ جون ويڙھيون،
    حڪايت ھر لڳي حُر جيئن،
    گليون گرنار وانگي جي،
    لڳيون پئي ڪالھه سانگھڙ جون،
    سموري سنڌ سُرندو،
    ۽ سورھيه سر پٺيان سُر جيئن.

    _________
    مَکي : سانگھڙ جي ڍنڍ، جتي حُرن انگريزن سان وڏو معرڪو ڪيو.








    سانگھڙ!

    سانگھڙ!

    ڏٺو سج ”سورھيه“
    صبح ساڻ سانگھڙ،
    رڱي راھ ڌرتيءَ،
    ڪٿان ڪاڻ سانگھڙ.

    ٻڏڻ جھڙي ٻيڙي،
    نه ڌرتي مسافر،
    نديءَ جو ڪنارو،
    پڳھه پاڻ سانگھڙ.

    نما شام جھڙيون،
    نگاھون ڏسن پيون،
    انڌيرو الائي ڇو،
    ٿيو ھاڻ سانگھڙ.

    _______
    پير صبغت الله شاھ راشدي المعروف ”سورھيه بادشاھ“ جنھن سنڌ جي آزاديءَ لاءِ وڙھندي انگريزن ھٿان جام شھادت نوش ڪيو.


    ھِن شھر جو به ڇا ٿيندو!

    ھِن شھر جو به ڇا ٿيندو!

    پڇو سمنڊ کان،
    ھن شھر جو به ڇا ٿيندو؟
    گھٽين ۾ گھم گاڏڙ ھوا
    ڪڏھن گھلندي؟
    اکيون اکين ۾ وجھي،
    مرڪندي ملڻ ٿيندو!
    دري دريءَ جي سامھون،
    ڏسڻ ۽ کِلڻ ٿيندو،
    سگھوئي صبح سمو،
    موٽ کي مٽائيندو،
    ڇڏائي ھٿ مان وري،
    زندگي جڏھن ڇلندي،
    اداس شام کڙي،
    خوشگوار ٿي پوندي،
    پراڻي پينگھه پيار جي،
    وري جڏھن جھلندي.


    گھُمان ساڻ گھوڙي!

    گھُمان ساڻ گھوڙي!

    گھُمان ساڻ گھوڙي، مان ننڍڙو ڪِڪِو،
    ڪڏھن ڪين کاوان ڪو ڌرتي ڌڪو.
    وري سَنج سونا جڙائي اچان،
    اکيون عشق ۾، ڪٿ اڙائي اچان،
    سنھي ڇوڪريءَ کي لڪڻ جيئن کڻان،
    مگر ڪين گھوڙي کي ھڪلي ھڻان،
    سڄو ڳوٺ مون کي پيو واھ واھ وڻي،
    سڄي ڳوٺ کي آئون پيو پڻ وڻان!
    صبح جو جڏھن سج چمڪي اٿي،
    گھٽين منجھه سنبن جا سٽڪا ھجن،
    گھُمان آئون گھوڙي تي نازن منجھان،
    ڏسڻ وارا بوسڪيءَ جا پٽڪا ھجن.
    جڏھن شام جا پنج وڄندا پيا!
    وڇيرا ھوائن ۾ ڀڄندا پيا!
    جڏھن سانجھه تارن کي سڏڙا ڪري،
    گھُمي مان به گھر ڏانھن موٽي اچان!


    مُحبت سانڍبي آھي!

    مُحبت سانڍبي آھي!

    ڪُتن کي پالبو آھي!
    محبت سانڍبي آھي!
    شين کي رکبو آھي!
    اکين سان ديد اٽڪائي،
    چپن کي چمبو آھي!
    بدن کي چکبو آھي!
    سمورو مُلڪ گھمبو آ،
    جسم کي جڪڙبو آھي!
    ڳلن سان ڳل لائيندي،
    ھٿڙن کي پڪڙبو آھي!









    رُڳو جيئري جُدائي آ !

    رُڳو جيئري جُدائي آ !

    ھزارين عورتون آھن،
    خدا جي ھي خدائيءَ آ!
    ملڻ آ موت ماڻھو جو،
    رڳو جيئري جدائي آ!
    ھزارين عورتون جي ھو،
    ڪري ٿو سڌ سھڻين جي،
    عدد ۾ ھڪ ڄڻو آھي،
    الائي ڇو گھڻو آھي!
    اگھاڙپ جي حوالي سان،
    ببن جي بادشاھي آ،
    ننگين جي راڄڌانيءَ ۾،
    ڦندو عشق ٺاھيو آ،
    جسم جي جستجو جانان،
    حقيقت کي ھلائي ٿي!
    ھزارين ياد ۾ قابو،
    ھزارن کي ڀلائي ٿي!
    اِھا ھڪ ابتدا آھي،
    اڳيان ھڪ انتھا آھي،
    پرين جت پک ساڙي ٿو،
    سدرت المنتھا آھي!
    اِھي سڀ پنڌ اوري جا،
    ناري جا ۽ ڍوري جا،
    اڃان اڳتي، اڃان پرتي،
    حسينا ھڪ حقيقت جي،
    خاموش کڙي آھي،
    جتي سج اڀرندو آھي،
    جتي سانجھي لڙي آھي،
    اُتي اُن جاءِ تي بيھي،
    ھزارين عورتن جي ھو،
    ڪري ٿو سڌ سھڻين جي!
    عدد ۾ ھڪ ڄڻو آھي،
    الائي ڇو گھڻو آھي.
    ٽنگن جي وچ مان ٻيھر،
    اچي سگھبو وڃي سگھبو،
    پُٺيءَ تي ھٿ ڦرائي،
    ڀروسو ھر ڪو ڀڃي سگھبو،
    جڏھن سمجھي به ٿو سڀ ڪجھه،
    اِھو خالي پڻو آھي!
    ھزارين عورتن جي ھو،
    ڪري ٿو سڌ سھڻين جي!
    مٺي ماکي به ٿيندي آ،
    مٺو آ موھ ڇاتين جو،
    چمڻ آ ڪرت چپڙن جي،
    ڪھڻ آ ڪم ڪاتين جو!
    حسن آ محبتن ماريل،
    اُڀي نيزي اڳيان وڃبو،
    ته ڇاتي نوڪ ٿي پوندي
    نھارين دل منجھان جيڪر،
    نظر پئي لوڪ تي پوندي،
    انھن اڻ ڄاڻ اھڃاڻن،
    سوين ڀيرا ته سمجھايسِ،
    ھزارين عورتن جي،
    ھو الائي ڇو نٿو سمجھي،
    ڪري ٿو سڌ سھڻين جي،
    اکر ۾ ھڪ ڄڻو آھي،
    الائي ڇو گھڻو آھي!!


    وڄي تن تار يڪتارو!

    وڄي تن تار يڪتارو!

    ھوا جي لھر مان لڏندي،
    جي لھنداسون ته تون ملندين،
    اُڇل ڏئي آبشارن مان،
    جي وھنداسون ته تون ملندين!
    نديءَ جا ٻئي ڪنارا ڏئي،
    وڃون پيا شھر جانان ڏي،
    سنجھا جو سج جي ڀرسان،
    جي رھنداسون ته تون ملندين!
    ڪچي جي ڳوٺ ۾ ٻارن،
    بلورن راند پي ڪئي،
    پڪي جوانيءَ منجھان نسري،
    ڄمي ڪھنداسون ته تون ملندين!
    پراڻي دور ۾ پيدا،
    ٿيڻ جو پڻ مزو ورتو،
    وري نئين سر ڄمي ڄاپي،
    جي ٺھنداسون ته تون ملندين!
    ندر کي سخت ڏي نيئي،
    ڪري وٺ قرب ۾ قابو،
    گلابن سان پھاڙن ۾،
    جي گھمنداسون ته تون ملندين!
    وڄي تن تار يڪتارو،
    عليءَ جو حيدري نارو،
    سڪون ۽ سوز سيني ۾،
    جي سھنداسون ته تون ملندين!
    حسن جي گودڙيءَ ۾، گُل،
    پکي، پھڻيون، وکر ٻيا ڪئين،
    مٽيءَ چپٽي جيان تو ۾،
    الھنداسون ته تون ملندين!


    اسانجي ڏات ڏاڏاڻي!

    اسانجي ڏات ڏاڏاڻي!

    اسانجي ذات آ ظاھر،
    اسانجي بات بيباڪي،
    اسانجا نج ناناڻا،
    اسانجي ڏات ڏاڏاڻي،
    ڪنول جي ڪن ۾ ويٺي،
    ڪيو سر ٻاٽ ڪنھن ڀونئري،
    اسانجي ڳالھه ڳاراڻو،
    اسانجو عشق آکاڻي،
    جنگين ۾ جيت جو جلوو،
    اگر پسڻو اٿو پيارا،
    اسانجي مياڻ کي تلوار،
    جرڪي ۽ جلائي ٿي،
    ڪڏھن ڪنھن قوم تي ڪڙڪون،
    ته اُن جو بڻ رُلايون ٿا،
    اسانجي ڌاڪ ۽ ٻي ڌار،
    جرڪي ۽ جلائي ٿي.



    اٌُھا ڇوڪري جا اکين مان لٿي!

    اٌُھا ڇوڪري جا اکين مان لٿي!

    اُھا ڇوڪري جا اکين مان لٿي،
    چپن جي ئي چائنٺ تي بيھي رھي،
    اُھا ڇوڪري جيڪا بيٺل رھي،
    وئي ڪانه ڪيڏانھن به ڪنواري ڪھي،
    اُھا ڇوڪري جي تکي چنھب ھئي،
    گھڙيل پينسل جي ئي گوري جيان،
    اُھا ڇوڪري جا جبل جي نه ھئي،
    لڳي ڇو پئي من کي ڪنھن موري جيان،
    اھا ڇوڪري جا ڍڪيل شال ھئي،
    اوھانجي ھٿن ۾ ڇو چادر پئي،
    وطن ليڙون ليڙون لباسن جيان،
    اُھا ڇوڪري آخر ڪيڏانھن وئي،
    اُھا ڇوڪري جنھن پئي رانديون ڪيون،
    اسان کي گُڏين سان گڏائي وئي،
    وري چيڪلي پير پائي نٿي،
    سڄي شھر کي ڄڻ لڏائي وئي!
    اُھا ڇوڪري جا اکين مان لٿي،
    چپن جي ئي چائنٺ تي بيھي رھي،
    ڪناري تي ڪپڙا ھا وکريا پيا،
    اُھا ڇوڪري جا نديءَ ۾ لٿي،
    وري وقت پٺتي ھو پلٽو ڏنو،
    لڳي ٿو ته سترھين صديءَ ۾ لٿي،
    اُھا ڇوڪري جا مزارن منجھان،
    پني پيءُ ۽ ماءُ ورتي ھئي،
    سندس ڀاءُ ڀَرون جو ڀيچي ھيو،
    مگر ھوءَ ته سھڻين جي سرتي ھئي،
    اُھا ڇوڪري جا رڳو اک ھئي،
    نھاري ته ٻوٽا جُھڪي ٿي پيا،
    ازل جي مسافر خاني اندر،
    سوين قافلا ڄڻ رُڪي ٿي پيا،
    اُھا ڇوڪري جا رڳو نڪ ھُئي،
    اُھا ڇوڪري جا رڳو ھٿ ھُئي،
    وڌي ٿي ته واٽون کلي ٿي پيون!
    سڀئي موسمون ميڙ آيون وٽس،
    ھوائون ھٿن ۾ گھلي ٿي پيون!
    اُھا ڇوڪري جا رڳو پير ھئي،
    ھلڻ سان حرڪت پذيري ھئي!
    اميرن جون عمريون سڪل گاھ وانگي،
    انھي ڇوڪري وٽ فقيري ھئي!
    اُھا ڇوڪري جا رڳو وار ھئُي،
    سڄي تيل سرمي سان واسيل ھئي،
    ملي شال محبوب مون کي مٺو،
    سندس باس سيوھڻ تي باسيل ھئي،
    اُھا ڇوڪري جا رڳو دل ھئي،
    جا ڌڙڪي ته دنيا به ڌڙڪي ھئي،
    انڌيري ۾ روشن رھي ڇوڪري،
    تکي واءِ سامھون به ڦڙڪي ھئي،
    اُھا ڇوڪري جا رڳو پيار ھئي،
    محبت کي کيتن ۾ ماپيون نٿا،
    اصل نام آھي رڳو عشق جو،
    سندس نام اخبار ۾ ڇاپيون نٿا،
    اُھا ڇوڪري جا قتل ٿي ويئي،
    رڳو رات ڪاريءَ کي ڇو پيا پٽيو؟
    اُھا ڇوڪري جا اگھُاڙي نه ھئي،
    اسان کيس ويڙھي رکيو آ وطن!
    مٽيءَ ۾ ته آھن مئا پوربا،
    اسان کيس دل ۾ ڪيو آ دفن!


    مقتل کي نئون نياپو!

    مقتل کي نئون نياپو!

    قديم دُنيا جديد ٿي وئي،
    اسانجي راڻي ته ھٿ لوڏي،
    وڏين وقارين شھيد ٿي وئي،
    اِھائي پڙ جي پُڪار آھي،
    ته سر ڏيڻ جي رسم ادا ٿئي،
    اھو ئي سرمد جو فلسفو آ،
    ته فڪر پنھنجي تي ڪو فدا ٿئي،
    ھي سِرَ کي گھورڻ ڏياچ وانگي،
    سڀن جي خواھش شديد ٿي وئي،
    اسانجي راڻي ته ھٿ لوڏي،
    وڏين وقارين شھيد ٿي وئي!

    اُھي ئي ڦاسيءَ جا جھولا جُھليا،
    اُنھن ئي بت تي سجايون گوليون،
    اُھوئي ھڪڙو آ گھر، ڪروڙين،
    اُنھن جون ڳالھيون انھن جون ٻوليون،
    اُھا قلندر سا مست ملنگي،
    نئين صُبح جي نويد ٿي وئي،
    اسانجي راڻي ته ھٿ لوڏي،
    وڏين وقارين شھيد ٿي وئي!

    حسن حُسين جي ھيءَ حڪايت،
    ھيءَ ڪربلا جي لکيل ڪھاڻي،
    ھي بيبي زينب جي پاڪ پوتي،
    ھي رت اجرڪ ۾ سنڌ راڻي،
    يزيد توسان آ جنگ جاري،
    ۽ ويڙھ ويتر شديد ٿي وئي!
    اسانجي راڻي ته ھٿ لوڏي
    وڏين وقارين شھيد ٿي وئي!


    ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو

    ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو

    ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو،
    جيڪو جر تي جاڳي ٿو!

    ٿڌ وسي ٿي واريءَ تي،
    ٿوھر ٿوھر ننڊ ڪري ٿو
    ھڪڙو خواب سھانو جيڪو
    روز اکين ۾ کيپ ڀري ٿو
    ڪارو نانگ مٿان چانڊوڪي
    ڪارونجھر تي مور نچي ٿو
    مونکي ھڪڙو خيال اچي ٿو
    ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو!

    ھوڏانھن لاڙ لکئي جو ليکو،
    ساريُن منجھه سھائي آھي،
    مون ۾ پاڻ اھا ئي آھي
    دل جي ڪيٽي بندر تي ڪا
    تنھنجي ٻيڙي لنگر ٿيندي،
    ٺٺي منجھه اگھاڙو ٿيندين
    مون نه ائين ڪو ڄاتو ھو.
    سڀ سجاول جو بازارون،
    تنھنجي خوشبوءَ ۾ کلنديون
    ماڃر ساري مھڪي پوندي،
    مون نه ائين ڪو ڄاتو ھو.
    مڪلي روز پوي ٿي مرڪي
    ڪنھن جي ڪاڻ ڪتاب جلايئون؟
    اوجاڳي جا خواب جلايئون!
    فاتح سڀ سُتا پيا آھن،
    سڀ مجاور چرس پيئن پيا
    دور مھاڻو پنھنجي پٽ کي
    اوڇي ڪم تي گاريون ڏئي ٿو،
    پاڻي ۾ ڪو شپڪو ٿئي ٿو،
    ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو!
    جيڪو جر تي جاڳي ٿو!

    ھوڏانھن لڪ جبل جو ڏاڪو
    شام پھاڙن منجھه رڙھي ٿي،
    پنھنجي خود سان پاڻ وڙھي ٿي،
    پٿر پٿر تنھا آھي،
    ھر نئن ننڍڙي نانگڻ آھي،
    واسينگن جو پنڌ پري آ
    جت ڌرتيءَ جي سختي آھي
    ڪيئن چئجي بدبختي آھي
    ماڻھوءَ ماڻھوءَ سان ملي ٿو،
    پٿر منجھه گلاب کلي ٿو
    لڪي شاھ صدر تي سانجھي،
    ڏيئي مان ھڪ ڏيک ڏسان ٿو
    ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو!
    جيڪو جر تي جاڳي ٿو!

    ڪَھندي، نيٺ ڪڇيندي ڪاڇو،
    پنھنجو پاڻ لتاڙي پاڇو،
    تو کان دور ٿياسين ڇا ٿيو
    ڇڻندڙ ٻور ٿياسين، ڇا ٿيو،
    پيلا گل بڻياسين ڇا ٿيو!
    سکر سون سريکو آھي
    روھڙي روح لتاڙي ايندينءَ،
    جي دريا تي ڀلجي ايندينءَ،
    پنھنجي خود کي پاڻ تڪيندينءَ،
    تنھنجي ذات ئي توسان ملندي
    تو مان روئي سامھون کلندي
    سچل عشق ٻڍا نه ٿيوي
    ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو!
    جيڪو جر تي جاڳي ٿو!


    ملاح!

    ملاح!

    ھن جي اندر ۾ ڪئين،
    ڦٿڪن مڇيون پيون،
    ھو جو ملاح ويٺو گھوري زمين کي،
    ھن ڄڻ اندر ۾ پنھنجو ڪو رڇ آ ھنيو،
    کوٽي زمين کي ۽ پوري زمين کي،
    ۽ دور ھوءَ مھاڻي گاريون بڪي پئي،
    ھوءَ جنھن ڪالھه ھڪڙو ٻار ڄڻيو آ!
    ھوءَ جا ھنن ڏينھن ۾ ماري نٿي مڇيون،
    ھا پر ھن مڇين لاءِ ھڪ ڄار آ ڄڻيو!
    پوڙھو اڪيلو ويٺو ٻيڙي ڇڪي پيو،
    دونھين سان گڏ ڪائي،
    ھن کي دعا اچي ٿي،
    درياءَ شاھ تون ئي آھين سندم ڌڻي،
    ھيءَ زندگي به آھي جادوگريءَ جيان،
    جنھن کي به ڇا ملي وئي،
    منھن تي وڻي وئي.


    اڙي يار تنھنجا ھي ڪھڙا تماشا!

    اڙي يار تنھنجا ھي ڪھڙا تماشا!

    وصل کي جو ويڙھي وڇوڙو وڇايئون،
    تڏھن ياد آيم ته ھي به ملڻ آ،
    اڙي يار تنھنجا ھي ڪھڙا تماشا!
    اِھو روڄ راڙو به کڙ کڙ کلڻ آ،
    تونگر اسان جيئن نه بي نياز ٿيندو،
    ڪڏھن ڪين وڄندو نڪو ساز ٿيندو،
    ٻاھر جي ته ٻچڪار ٻڌبي پئي پر،
    اندر مان رڳو آھي آواز ٿيندو.
    اُھي ساز سِرَ تي اوھين پنڌ پيارا،
    اُنھن جو ته ھر ھر ھوا تي ٽلڻ آ،
    اِھو ڪم جيڪو ڪرڻ سان نه ٿيندو،
    نڪو جيءَ جيئري مرڻ سان نه ٿيندو!
    اجھامڻ ٻرڻ جي ته ابجد آ اونڌي،
    نڪو ڪو ٻڏڻ ۽ ترڻ سان به ٿيندو،
    اِھو نه جي نگريءَ ۾ بي نام بابو،
    کڻي خيال ڪاتي خلاءَ کي ڇلڻ آ،
    وصل کي جو ويڙھي وِڇوڙو وڇايئون،
    تڏھن ياد آيم ته ھي به ملڻ آ !


    آئون فجر ويلي ايندس!

    آئون فجر ويلي ايندس!

    منھنجي ماءُ ڄڻيو ھو مون کي،
    ٻلي وانگي مون ٻوڪاريو،
    مون تي گھوڙيءَ ھو ڦونگاريو،
    منھنجي ناڙو ترت وڍيو ويو،
    مون کي مون مان ٻاھر ڪڍيو ويو،
    آئون اڱڻ ۾ کيڏيس ويٺي،
    منھنجي ماءُ ولوڙو ڪيو پئي،
    منھنجي ڀاءُ الائي ڇو ته؟!
    ياد ٻڪي جو کوڙو ڪيو پئي،
    منھنجو جسم جوانيءَ ڏانھن ھو،
    مون کي ڇورين ڇاڻيو ويٺي،
    منھنجا گيت جڏھن ھا ھڻڪيا،
    واقف ڪنھن واکاڻيو ويٺي،
    منھنجو پيءُ ھليو ويو مون کان،
    منھنجي جيءَ ھليو ويو مون کان!
    منھنجو سائيڪل تنھا تنھا،
    بسڪوٽن جون برنيون خالي،
    نم جي وڻ کي ڀاڪر پائي،
    راڄن وانگي مون نه رنو ھو!
    مون وٽ ھڪڙي خاموشي ھئي،
    جيڪا مون سان گڏجي بيٺي،
    اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾،
    ماڻھو ڪجھه نه سکندو آھي،
    مون به ھوا ۾ پنڌ ڪيا پئي،
    وڻ وڻ سان گفتار ڪئي مون،
    دور دڙن کي ديداريو مون،
    ٻاروچي کي ٻاڪاريو مون،
    نيٺ ھجومن پاڻ پسايو،
    مون کي ماڻھن شھر رسايو،
    ڊيل ڊڪڻ تي موڙ مڙي پيو،
    مون مان ھڪڙو گُل ٽڙي پيو!
    منھنجي ماءُ مري وئي آخر،
    جيڪا جلدي آئي واپس،
    آخر ۾ آ چيزل آيو،
    جيڪو مون کان آھي سوايو!
    منھنجي معنى منھنجو لھجو،
    ھن آ مون کان اڳتي ڳايو،
    لايو ٿيندو نيٺ سجايو،
    ھاءِ ھجومن منجھه اڪيلو!
    تنھائيءَ جو پنھنجو ميلو،
    وڻ تي ڪانگ ته ويٺا ھوندا،
    نيٺ وچينءَ جو ٿيندو ويلو،
    ھر ڪنھن جو ھت خير ھجي،
    آئون سج لٿي جو ويندس،
    مون سان گڏ ھزارين ھوندا،
    آئون پوءِ به اڪيلو ويندس!


    ائين بس ملياسين

    ائين بس ملياسين

    ائين بس ملياسين، جو وڇڙي وياسين،
    وڇڙي وڃي پوءِ وڻن ۾ ڦُٽاسين،
    ڪنارا به ڪيئي، ندين جا ڏٺاسين،
    گھٽا مينھن بڻجي، پٽن تي وُٺاسين،
    ائين بس ملياسين، جو وڇڙي وياسين،

    تمنا جي آڱر نه پڪڙي سگھياسين،
    پکين کي اکين سان نه جڪڙي سگھياسين،
    رڳو گنبذن تان نھاري سگھياسين،
    رڳو ڏاڪڻين تي چڙھياسين لٿاسين،
    ائين بس ملياسين، جو وڇڙي وياسين.

    ھوا گھر اسان جو ٻُھاري کڻي وئي،
    رڳو بس وحشت سھارو ٿي بيٺي،
    نديءَ کي دلي ۾ وجھي ڪو کڻي ويو،
    اڪيلائي پنھنجو ڪنارو ٿي بيٺي،
    صفا سڃ ۾ پئي ڇوليون ڇُلياسين،
    ائين بس ملياسين، جو وڇڙي وياسين.

    ڪتابن جون ڳالھيون ڪتابن ۾ آھن،
    مگر موسمون ته گلابن ۾ آھن،
    سوالن ۽ نه ساھي کڻڻ ڪا ڏني،
    جوانيون ته جملن جوابن ۾ آھن،
    سوال جواب نه سمجھي سگھياسين،
    ائين بس ملياسين، جو وڇڙي وياسين.


    جاڳ جي نِصاب ۾ !

    جاڳ جي نِصاب ۾ !

    جاڳ جي نِصاب ۾،
    سِٽ سِٽ باب ۾،
    تون لکيل پرِين،
    رات جو ٻين وڳي،
    دريءَ دريءَ منجھان لڳي،
    تنھنجي سَار جِي ھوا،
    تنھنجي پار جي ھوا،
    روشنيون ۽ رونقون،
    ڍرڪنديون ٿيون ڊھن،
    ۽ انڌيري جون نديُون،
    ھر فِليٽ ۾ وَھَن.
    ننڊ جون چريون پريون،
    ٿيون اکين ۾ لھن.
    مان به بَالَڪِني ڇڏي،
    ننڊ ۽ توکي سڏي
    ٿو اکيون اجھائيان،
    پاڻ ٿو وَسائيان،
    رات جو ٽِين وڳي،
    ھر صفحي جي خواب ۾،
    تون لکيل پرين.


    جيون پنھنجو رستو موڙيو!

    جيون پنھنجو رستو موڙيو!

    ڪوپ ڪري پيو ھٿ مان،
    محمد شاغ مري ويو،

    گرم جسم ويو ماٺو ٿي،
    صفا سُڪي ويو پاٺو ٿي،
    نبضن ۾ ويو خون ڄمي،
    ھڪڙو شخص ٺري ويو،

    مُني صدي مٿو کوڙيو،
    جيون پنھنجو رستو موڙيو،
    آيو پئي جو ساھ پساھ،
    واپس ڄڻ ته وري ويو،

    ڳوٺ مشائخ منجھه ڪرڻ،
    ۽ ٻيو ڪجھه به ڪين ڪرڻ،
    عزرائيل جي آمد ٿيندي،
    پُرزو پاڻ کري ويو،

    حسن ھر ڪنھن ھلڻو آھي،
    ڪنھن جو گھوڙو جھلڻو آھي،
    موت حياتي کي ملڻو آھي،
    وارو وٿيءَ تان ٽري ويو،
    محمد شاھ مري ويو.

    ________
    مشائخ جي محمد شاھ جي مرتئي تي لکيل نظم


    ڪائنات ڪيڏي وڏي آ

    ڪائنات ڪيڏي وڏي آ

    ڪائنات ڪيڏي وڏي آ،
    جا اسان سڀني سڏي آ،
    سا ته ڄڻ ڪا آرزو آ،
    سا ته ڄڻ ڪائي اڏيِ آ،
    ڪائنات ڪيڏي وڏي آ.

    رات پوئين پھر ۾،
    ھن ڪاري قھر ۾،
    جِندڙِي ڪمزور آھي،
    جندڙي ھيڪل جڏيِ آ،
    ڪائنات ڪيڏي وڏي آ.

    جنھن به ديس ۾ وياسين،
    جنھن به ويس ۾ وياسين،
    ٽھڪ تنھنجا ئي ٻڌاسين،
    گفتگو تنھنجي گڏيِ آ،
    ڪائنات ڪيڏي وڏي آ.

    چنڊ تارن جي خدائي،
    ھيءَ ملڻ جھڙي جدائِي،
    جيترو ويجھا ٿياسين،
    اوترِي پرتي ڇڏيِ آ،
    ڪائنات ڪيڏي وڏي آ.


    ننڊ جھڙي ڇوڪري !

    ننڊ جھڙي ڇوڪري !

    ننڊ جھڙي نينگري،
    ٿي اچي مون ۾ لھي،
    ڳاڙھ تنھنجي ڳَھَر جي،
    تون سمندر جي سَکِي،
    تنھنجي انگن ۾ ارڏائي،
    ڄڻ ته سونھري مڇي،
    لوچ اندر لَھر جي،
    ڄڻ ته صحرا ۾ گلاب،
    زندگيءَ جي سُڃ ۾،
    عرب جي خيمي جيان،
    شام تنھنجي شھر جي،
    دير تائين تون دريءَ تي،
    ننڊ شيشي جي مَٿان،
    مينھن وانگي ٿي وسين،
    مُرڪ تنھنجي مَھر جي.
    روز رات جو جانان،
    ٿو جڏھن ھيڪل ٿيان،
    ياد لوڏِيندي رھي ٿي،
    پينگھه پوئين پَھر جِي.


    رُوح منجھه ۾ رھين ٿي!

    رُوح منجھه ۾ رھين ٿي!

    تون ته جانان ٿي لڳين
    جوڳڻ جيان،

    ھو سندءِ يُونيورسٽي،
    روز تنھنجو گھر ڏسان،
    دور جُھولي مان سدائين،
    ڌُنڌ جھڙو در ڏسان،
    ٿو جڏھن گھنٽي وڄايان،
    ڦُوڪ ڏئي نڪري اچِين ٿي
    ڦَڻ جيان،

    مان پھاڙن تي پري،
    تون وڻن کي ويجھڙي،
    پوءِ به تون ناھين پري!
    مون اڳيان آھين ٽڙي،
    روُح منھنجي ۾ رھين ٿي،
    اصيل جي مٿي ۾
    مڻ جيان.


    الوداعي رسم!

    الوداعي رسم!

    مون ھن کي آخري ڀيرو ڏٺو،
    ھوءَ ٽِماڙ بلڊنگ جي پاڇي ۾ بيٺل ھئي،
    ھن نه ھٿ لوڏيو،
    نه ڪائي الوداعي رسم ادا ڪئي،
    ھوءَ نه رُنِي نه کلي،
    ھوءَ بس بيٺي رھي،
    مون سمجھيو ته وڇِڙي وڃڻ جو ڏک،
    ھن کي ميڻ بتي جيان ٻاري ڳاري ڇڏيندو،
    يا ھوءَ ڪنھن گمنام ستاري جيان کڙي پوندي،
    يا پيلي پن وانگي ڇَڻي پوندي،
    مگر ھوءَ چُپ چاپ بيٺي رھي!
    ھوءَ آسمان تائين رڙ به ٿي سگھي ٿي،
    منھنجي سيني ۾،
    ڪنھن گولي وانگي لڳي به سگھي ٿي،
    کنوڻ وانگي مون تي ڪري به سگھي ٿي،
    مگر ھوءَ چپ چاپ بيٺي رھي،
    مون مرڪڻ چاھيو،
    منھنجي مرڪ اڌو اڌ ٿي پيئي!
    مون روئڻ چاھيو،
    ته اوڇنگار منھنجي چھري ۾ ٽنگجي پيئي!
    ۽ منھنجي پيرن ھيٺان،
    جدائين جو جنڊ اٿلي پيو.
    واپسي ۾ مون محسوس ڪيو ته،
    منھنجا پير منھنجي سيني ۾ لٿل آھن.
    ۽ ڳچ ٽائيم،
    آئون پنھنجي ساھ جي ڳلي لتاڙيندو،
    ھن کان دور ٿي ويس.


    سردين جو ھڪ نظم

    سردين جو ھڪ نظم

    منھنجي من مان پيار جا،
    گرم چشما ٿا ڦُٽن،
    ھيل ڪيڏي ٿڌ آھي،
    ۽ اڳي کان وڌ آھي
    پاري پوڻ کانپوءِ به،
    منھنجي من ۾ پيار جا
    گرم چشما ڦٽن ٿا.
    سرد ملڪن جي پکين
    جھڙي حسين ڇوڪري،
    منھنجي ڏھ ئي آڱريون،
    ميڻ بتين وانگر ٻرن
    پوءِ به تنھنجي روح جون،
    سڀ ڳليون سنسان ڇو؟
    موت وانگي پيون ٺرن.
    تنھنجي بدن سان جا به آ،
    منھنجي ھٿن جي گفتگو،
    سا سموري آڳ آھي،
    پوءِ ڇو چپ چاپ آھين
    ھيل ڪوئي گيت ناھين،
    ۽ نه ڪو آلاپ آھين،
    ۽ انھيءَ کان اڳ جو،
    تون سڀئي خنقيون گلي.
    برف جي ڪنھن مجسمي
    وانگي وڃين گھر ۾ ڄمي،
    ھل ته دوزخ ۾ ھلون،
    ھل ته دوزخ ۾ ھلون.


    گِرين اسپاٽ ھوٽل!

    گِرين اسپاٽ ھوٽل!

    گِرين اسپاٽ ھوٽل،
    محبُوبا جي ڀَاڪر وانگي،
    جنھن ۾ اسانجي ساھ جا اڊندڙ ڌاڳا،
    ايترا سوڙھا ٿيندا پيا وڃن،
    ڄڻ وليُون پاڻ ۾،
    وِچرنديُون ٿيِون وڃن!
    ۽ اسين سڀ ھيڪلا ڇوڪرا،
    پنھنجي پنھنجي پيار جي،
    قِصن ڪھاڻين ۾،
    چانھه جي ھر ڪوپ ۾،
    چَپُ ٻوڙڻ کان اڳي،
    ڪيترا ڀيرا،
    پنھنجو پاڻ ٻوڙڻ جي،
    تمنا ٿا ڪريون!
    درد جيڪو،
    روز ٿو ڦوڪُون اسان کي ڏئي،
    اجھائڻ ٿو گھري،
    ۽ اسين ٽيبلن جي مٿان،
    وِکرندا ٿا رھون،
    محبوبا جي ڀاڪر ۾،
    پنھنجو پاڻ کان وسرندا ٿا رھون.

    _______
    ھي ھوٽل حيدرآباد جي تلڪ چاڙھيءَ جي ھيٺان ھوندي ھئي، جتي ڪنھن دؤر ۾ نوجوانڙا ويھي پنھنجا فراق ڦھلوريندا ھُئا، ھاڻي ھوٽل ناھي رھي.


    ڳلن تي ڳوڙھا جوڙن جا!

    ڳلن تي ڳوڙھا جوڙن جا!

    تون وري نئين رُت سَندو،
    نئون نام بنجي ٿو اچين،
    جو ستل اکڙين ۾ مستي موج آڻي،
    ۽ ڪجل جھڙين ڪنوارين راتين ۾،
    ڏئي اسانکي اڻ ميا ڪيئي خُمار،
    ۽ نيڻن مان اسانجي ننڊ ڇاڻي،
    جو اسانجو ھوش ۽ مدھوشي ڄاڻي،
    تون اھوئي جام بنجي ٿو اچين،
    نئين رُت سندو،
    نئون نام بنجي ٿو اچين،
    تون اسانجي يادگيرين جي ڪتاب ۾،
    ڳچ صفحن تي،
    پيار جي وڇڙي وڃڻ جھڙو لکيل آھين،
    ڪالھه بي ڪيئي اسان مان،
    جبل تان رڙ جيان،
    ھيٺ لھندا ٿي ويا،
    ۽ وڻن ۾،
    درد جا پاڇا بنجي پيا ڊھي،
    ۽ تنھنجي سخت زخمي سج تان،
    سڏ ۾ سڏ ڏيندا،
    ڳلن تي جوڙا ڳوڙھن جا سجائي،
    ھيٺ اونھائين ۾ ڍرڪي ويا،
    ۽ اڪيلي ٻار جي مارجڻ جھڙا،
    اسانجا ڏک،
    دل جي پينگھه ٽوڙي،
    ۽ منھن ڀَر ڪلھه پيا ڪري،
    تنھنجي صحن جا سُريلا سُر سڀئي،
    نڙي ۾ نوڙي وجھي گھُٽيا ويا،
    تنھنجي ڏينھن جو سمورو رقص جو،
    وچ رستي تي ھيو ماريو ويو،
    ۽ ٻنھپرن جي کليل ڇاتيءَ مٿان
    وڻن جا ڏار ڪيرائي،
    وچين ويلي واپسي جا،
    سڀ رستا روڪيا ويا،
    پوءِ به اسين،
    تنھنجي سار،
    ۽ يار جي يادگيري جو رکندي ڀرم،
    الجھندي الجھندي به،
    سُلجھائِيندا ٿا وَتُون،
    سِتم خاني جا رستا،
    شام جي ھر ڪا دري،
    ٿي لِکي ليئا اسان ڏي اڄ اماڻي،
    ۽ سانجھه جي بالڪني مان،
    اسانجي موھ جا منظر اھي،
    جن به ڏٺا،
    سي اسانجي عشق تي پيا فدا،
    ڇو ته اسين پنھنجي پيار جو انجام رکون ٿا،
    عشق توسان عشق سرعام رکون ٿا.


    تصور!

    تصور!

    مون چيو ته تون ناھين،
    تو جھڙي نظم ٺاھيان،
    اوچتو تصور ۾،
    تو چيو قلم کي رک،
    مان اچي وئي آھيان.












    شاعري جي ديس ۾!

    شاعري جي ديس ۾!

    زندگي جي ساز تي،
    موت جي گنڀير ڌن،
    سڀ سڻندا ٿا رھن،

    ۽ ازل خاني منجھان،
    موھ ۽ ماڻا مڙيئي،
    درد جا پيلا پکي،
    چاھ چڻندا ٿا رھن،

    شاعريءَ جي ديس ۾،
    وارتا جي ويس ۾،
    سارجا ساوا پکي،
    عِشق اڻندا ٿا رھن.






    تُنھنجي ڳلي!

    تُنھنجي ڳلي!

    ھي ڳَلِي
    ڪنھن پيرسن جي عمر جيڏي ڊگھي،
    ڪنھن سنياسيءَ جي يوگ جيڏي،
    زندگيءَ ۾ عاشقي جيڏي وڏي،
    ھيءَ ڳَلي!
    ھيءَ ڳلي!
    منھنجي من ۾ سدائين،
    ڪنھن سنھي تار جيئن،
    وڄندي رھي آھي،
    ڪنھن نظم جي سِٽ وانگي،
    ڪنھن چتر ڪنھن چٽ وانگي،
    مون کي سدائين ٿي لڳي،
    ھي ڳَلِي
    ۽ ڪنھن ستاري جي،
    پري کان ڏيک وانگي،
    منھنجي اک ۾ پوري لھي ٿي،
    ھي ڳَلِي
    تُنھنجي ڳَلِي!


    ننڊاکڙي سکي !

    ننڊاکڙي سکي !


    ننڊاکڙي سکي،
    پير پير ۾ ڏئي،
    پئي ھلي رکي رکي،

    اڱڻ مٿان اٻاڻڪو،
    چنڊ ڍرڪندو وڃي،
    ڏور ماٺ جون گھٽيون،
    سُڃ ۾ پيون ٺرن،
    نم جي وڻ منجھان،
    ھيڪلائي جي ھوا،
    پئي لڳي رکي رکي!
    ننڊاکڙي سکي،

    ڦول جي ھيا ڳُتيل،
    وار وار ۾ ستل،
    پنکڙيون پنکڙيون،
    ٿي ويا اڱڻ ۾ اڏامندا،
    پَور پَور ۾ ڀريل،
    انتظار جا نشا،
    بيقرار رات جي،
    آخري پھر ۾،
    لڙڪ لڙڪ ٿي ويا،
    ماڪ جو ٿيو سمو،
    ھو نه بيوفا وريو!
    آخر اچي ٻکي،
    ننڊاکڙي سکي!
    ۽ انتظار جي سرھاڻ،
    اڱڻ مان چنڊ جيئن وئي الھي،
    ۽ پير جي ڇير به،
    نيٺ ھئي سمھي پئي!
    نيٺ ھئي سمھي پئي!






    شانتي نڪيتن جي ھڪ شام!

    شانتي نڪيتن جي ھڪ شام!

    شام جو شانتي نڪيتن چپ،
    ڄڻ ته ٽئگور گھري سوچ ۾،
    روڊ تي سائيڪل سوار ڇوڪري،
    ھر گھڙي گھنٽي وڄائي،
    سھڪندي پوءِ ڀي مسلسل ٿي کلي،
    ھوءَ کلي ٿي،
    ھا مگر ھن جون اکيون،
    ٻار وانگي صرف مرڪڻ ٿيون لڳن،
    ريل تائين ھن جو رستو ٿيو ختم،
    الوداع کان پوءِ جي ساري سفر،
    ڪلڪتي کي سنڌ ۾ آڻي وڌو،
    بانورو بنگالي بابو چُپ آ،
    پر سندس ھيءَ شاعري،
    شانتي نڪيتن جي ھڪ شام!




    ڪير به رستن کي ويڙھي نه سگھيو!

    ڪير به رستن کي ويڙھي نه سگھيو!

    ھو اڄ واپس اچي رھيو آھي،
    چانڊني سمنڊ جي ڇولين ۾ اٿلي پيئي،
    ۽ جھوني جبل جي پاڙ ۾،
    مئل گاھ جي مُٺ،
    ٻيھر ساھ کڻي رھي آھي،
    ھو سوال جي نشاني جيان،
    ھر قطار جي آخر ۾ بيٺو رھيو،
    پھرين پھرين ھن کان جواني واپس ورتي وئي،
    مگر عورت جي شبيھه ھن وٽ سانڍيل رھي!
    ھن کي وچ رستي تي لٽيو ويو،
    مگر ڌرتي کيڙڻ جو ھنر ھن وٽ محفوظ رھيو!
    ھن ستارا ڏٺا ته سندس اکيون ڪڍيون ويون،
    ھُن گلاب پوکيو ته سندس ھٿ وڍيا ويا،
    ۽ پوءِ به ھن جڏھن شروع ڪيو ته،
    ڪير به رستن کي ويڙھي نه سگھيو!
    ۽ ھن جڏھن سوچڻ شروع ڪيو ته،
    ڪير به اوندھ ۾ ھن جو پيڇو نه ڪري سگھيو!
    ھن جي جسم ۾ تلوار،
    ۽ تلوار جي رھڻ جي جاءِ ڳولي لڌي وئي،
    ھن جي شراب ۾،
    زھر ملائڻ کي ممڪن بنايو ويو!
    ۽ ھن جي گھر کي،
    قبر کان به اونھون کوٽيو ويو،
    آخري دفعو،
    ھو جڏھن آسمان ڏانھن اڏاڻو ھو ته سڀني،
    ھن جي پاڇي تي حملو ڪيو ھو.


    ھن عشق جي عجائب گھر ۾!

    ھن عشق جي عجائب گھر ۾!

    ايڏا پراڻا آھيون،
    جيڏي ھو پراڻي،
    نئين سر وري ڄمياسون،
    ڪنھن ساڻ پيار خاطر!
    ھر ڪنھن جي گھر ۾ آھي،
    قسمت سندو ستارو،
    دنيا رُليا ڀلياسين،
    دلدار يار خاطر!
    اکروٽ جي وڻن مان،
    کارڪ پٽي نه سگھبي،
    پٽ تي ڪريل بازي،
    اڀ مان جھٽي نه سگھبي،
    پر عشق آھي الٽو، ابتا ٿو وڻ لڳائي،
    وڻ ٽڻ لڳي ٽڙي پيا،
    ڪنھن ڪوھسار خاطر!
    زلفن زنجيرون ٺاھي،
    سوگھو ڪيو صدين کان،
    تنھنجا پئي ڏس پڇياسين،
    نالا ڍنڍن ندين کان،
    ھي وھڪرن وڏن کان،
    ڇولين کان ڪيئن ڇڏايون،
    مسحور ماٺ ٿياسين،
    ھر وار وار خاطر!
    دُنيا ته حسن آھي سج چنڊ جي نقالي،
    دُنيا ته ڌوڙ آھي پر پيار آھي پالي،
    ھن عشق جي عجائب گھر ۾،
    وڃي رکياسون،
    ھن نينھن نيٺ نانگو ڪيو نار خاطر!


    اُھا عورت اھا ناھي!

    اُھا عورت اھا ناھي!

    اُھا عورت اھا ناھي،
    اُھا جا تو ھئي سمجھي!
    نگاھون نار جو ناسي،
    وئين تون جنھن اندر ڦاسي،
    اکين کي ٿو اکيون ارپين،
    چپن لئِه چپ چاھين ٿو،
    مصور ٿي حسينا جي،
    پني تي شڪل ٺاھين ٿو،
    ڪڏھن ڪارو ڪجل ليڪن،
    ڪڏھن لالي لڳائين ٿو،
    ڪرين ٿو پيار خود سان ئي،
    لڳئي ٿو ٻئي کي ڀانئين ٿو.
    اھا ھڪ آرزو آھي،
    ازل کان جا اڌوري آ،
    اُھا عورت اھا ناھي،
    اُھا جا تو ھئي سمجھي!

    سڀئي ساحل پني آئين،
    اُگھاڙيون عورتون تڪيئي،
    گھڻين جي دل ڇني آئين،
    مگر ھن سندريءَ جي سڪ،
    ھنيو توکي در آ چڪ،
    ٽُٽينءَ ڪنھن ٽار وانگي تون،
    وھاڻن تي وڇوڙي جو،
    مٿو ٽيڪي پيو آھين،
    ڀتين سان پيو ڪرين ڀڻڪا،
    ھيڏانھن ھوڏانھن ٿيو آھين.
    چوين پيو ھوءَ ھتي ناھي،
    اُھا عورت اھا ناھي،
    اُھا جا تو ھئي سمجھي!

    ڀلي وجھه چڪ چائنٺ ۾،
    دريون در ڀور پيو ڪر تون،
    رُلي وڃ اڄ پنھنجي ۾،
    وري پرگھور پيو ڪر تون،
    ڪڏھن مل ھڪ حسينا سان،
    ڪڏھن مل ٻي حسينا سان،
    ڪڏھن مل تانيه سان تون،
    ڪڏھن مل تون شڪيلا سان،
    مگر سڀ ڳالھه ساڳي آ،
    اُھا عورت اھا ناھي،
    اُھا جا تو ھئي سمجھي،

    وڇوڙو وڍ وجھندو آ،
    جدائي جھير ڏيندي آ،
    سمورو پيار پاڳل پڻ،
    چريائي چير ڏيندي آ،
    ڪٿي تنھنجا نوان ڪپڙا،
    ڪٿي سڀ ڪوٽ ۽ ٽايون،
    سڄو آھين ڀُريو پيو تون،
    وري توکي ڪٿان ٺاھيون،
    عجب آ عورتن جو ڀي،
    مٺا سڀ مرد مارن ٿيون،
    وڃائين ٿيون وجودن کان،
    وڏي ڪا باھ ٻارن ٿيون،
    حسن تنھنجي اِھا دلڙي،
    صفا ننڍڙي ھئي ٻلڙي،
    کپي وئي کاڄ ٿي ويئي،
    ڪوئن جا ڪاڄ ٿي ويئي،
    صفا ابتي وھي جدول،
    ھتان کان ھاڻ جلدي ھل،
    اُھا عورت اھا ناھي،
    اُھا جا تو ھئي سمجھي!











    ننڊ قتل ٿي ويئي جن جي!

    ننڊ قتل ٿي ويئي جن جي!

    ننڊ قتل ٿي ويئي جن جي،
    تن سان توکي ھلڻو پوندو!

    فردن جا درد ھزارين،
    ھڪٻئي سان اڄ، گڏجن پيا،
    ڌرتي ڦاٽي ڌوڙ اڏاڻي،
    ڪير ھوا ۾ سڏجن پيا؟
    ڳوٺن ڳنڍ ڇڏي جن ڏيئي،
    تن سان توکي ھلڻو پوندو!
    تن سان توکي ھلڻو پوندو!

    ساھ سسيءَ مان نڪتو يا نه،
    چُپ چوي پئي ٻئي اچڻا آھن،
    رت جي ليڪ لڪل جي ڀرسان،
    بيٺا آھن بچڻا آھن،
    ڳوڙھن ڳالھه ڪئي آ جن جي،
    تن سان توکي ھلڻو پوندو!
    تن سان توکي ھلڻو پوندو!

    موٽيا ناھن جيڪي ماڻھو،
    پنھنجي گھر ۽ گھاٽ وٽان،
    واپس ناھن ٿيڻا جيڪي،
    وقت وصل ۽ واٽ وٽان،
    ڀڙڪيل آڳ اڳيئي جن جي،
    تن سان توکي ھلڻو پوندو!
    تن سان توکي ھلڻو پوندو!

    ماڻھو جيڪي پنھنجي من جي،
    مٽيءَ ۾ مدفون ٿيا،
    جاڳ به جن جي جيئري ناھي،
    خواب به جن جا خون ٿيا،
    پريت ڦندي ۾ پيئي جن جي،
    تن سان توکي ھلڻو پوندو!
    ننڊ قتل ٿي ويئي جن جي!
    تن سان توکي ھلڻو پوندو!


    عشق حقيقت درد گلابي

    عشق حقيقت درد گلابي

    عشق حقيقت درد گلابي،
    ھاءِ ھجر ٿي ھر ھر ڀانيان،
    حق حڪومت نينھن نوابي،
    شمس قمر ٿي ھر ھر ڀانيان،
    عشق حقيقت درد گلابي،

    پل ۾ پيچ پيو جوکن ۾،
    ملڪ ڏٺو مون پنھنجي من ۾،
    ويڙھيچن سان گڏ وطن ۾،
    نيڻ ۽ نقشا عين ترابي،
    شاخ شجر ٿي ھر ھر ڀانيان!
    عشق حقيقت درد گلابي!

    بن ۾ٿي بازاري آيا،
    وجد منجھان واپاري آيا،
    آزي ۽ نيرازي آيا،
    ساٿ سوالي جام جوابي،
    سُچ سفر ٿي ھر ھر ڀانيان!
    عشق حقيقت درد گلابي!

    طعام طلب ۽ آب نه آڇن،
    ڪاڳر ڪو ڪتاب نه آڇن،
    تجلو ڪوئي تاب نه آڇن،
    شرڪت شيشو شوق شرابي،
    ڪيئي قصر ٿي ھر ھر ڀانيان!
    عشق حقيقت درد گلابي!

    بندر تي جي لھندا آھن.
    ڪوھ ۾ سي ئي ڪھندا آھن،
    ٺيڪ حسن ٿي ٺھندا آھن،
    شرم حيا ۾ حُسن حجابي،
    ناز نظر ٿي ھر ھر ڀانيان،
    عشق حقيقت درد گلابي!



    عبادت عشق ئي آھي!

    عبادت عشق ئي آھي!


    ٻکي ٿو ٻُور ٻٻرن کي،
    وڻن کي تون به ڀاڪر وجھه،
    چُميون ڀاڪر حياتي آ،
    اھائي زندگي آھي.

    حسن! محبوب ماڻھن جي،
    سدائين يار ڪر سيوا،
    عبادت عشق ئي آھي،
    اھائي زندگي آھي.








    چئو ته تنھنجي چور کي سوگھو ڪريان!

    چئو ته تنھنجي چور کي سوگھو ڪريان!

    روح کي ھن روڳ جو رنبو ھنيو،
    تنھن خيالن کي لڳي ويل کاٽ جو،
    تون اڃان تائين پيو پيرو کڻين،
    وڻن تي ويٺل پکين جي واٽ ۾،
    اس جي آھوڙ ساري ٿي ختم،
    سج لٿي جو سرنگون سورج مکي،
    او ورھاڙي کان وڃايل واھرو،
    ٿڪ کي آخر ٿميندين ڪيترو،
    عشق کان گھوڙي سواري گھُر کڻي،
    مان جتي اوڏانھن اڳتي چُر کڻي،
    آئون جيڪو ڪنھن سگھڙ جي سٽ جي،
    سوجھري ۾ ٿو ڪريان سوگھيون گھڙيون،
    چئو ته تولاءِ واٽ ھيءَ ويڙھي اچان،
    سڀ رستا تو اڳيان ريڙھي اچان،
    آئون جيڪو ھن انڌيري ۾ اٿي،
    روز ٿو تارن مٿان کارا وجھان،
    چئو ته تنھنجي چور کي سوگھو ڪريان.


    ٽالِھي!

    ٽالِھي!


    ڇانوَ ڇپر آ تنھنجي والي،
    وڻ ته وسيلو تنھنجي ٽالھي

    باغ به تنھنجو، تنھنجي خوشبو،
    تون ئي گل ۽ تون ئي مالھي

    درس حسن ھڪ پن جيان آ،
    ڇڪ ڏيڻ سان پٽجي پوندو،
    توئي محبت من ۾ پوکي،
    پاڻ ئي پريت آ پنھنجي پالي!








    نِم!

    نِم!


    نم جي وڻ کي ناچ نچائي،
    رنگ رھاڻيون، روح رچائي،
    من ۾ محفل مچ مچائي،
    مست قلندر ڇير وڄائي،
    مدنيءَ کي ٿي دُنيا ڳائي،
    درس حسن کي ڪڻو ڏجان تون،

    فقرائن کي گھڻو ڏجان تون،
    ھاءِ حسن پيو ھڏ وڄائي،
    تند تپائي تن کي تڻجان تون!







    چمپا!

    چمپا!

    چئو مان تولاءِ چمپا بڻجان،
    منھنجا گل پڌر مان کڻجان،

    مسرورن سان پيار ڪبو آ،
    ور ور ڏئي پيو مون کي وڻجان،

    منھنجي ٻولي، جھولي آھي،
    ڳالھه انھيءَ کي ڳوٺ ۾ ڳڻجان،

    شاھ پنجي ۾ شاعر آيو،
    ڦول نڇاور ڇم ڇم ڇڻجان.








    ٻاٽ ۾ . . . .

    ٻاٽ ۾ . . . .


    ٻريس پئي ٻاٽَ ۾ ٻَر ٻَر،
    اجھايو عورتن مون کي،
    وري ھن عشق مون کي آ،
    دکايو دوڳ منھنجي مان!

    ڪيم پئي من اندر ماتم،
    نه ڪوئي ڪم، رڳو غم غم،
    ڪري سينگار سھڻي جيئن،
    سنواريو سوڳ منھنجي مان!








    آئون فقير پنڻ جو پيالو!

    آئون فقير پنڻ جو پيالو!

    پھرين پھرين پاڻ آ ھوندو،
    آخر ۾ پڻ ايندو آھي،
    آئون فقير پنڻ جو پيالو،
    ڏيھه سڄي ھُو ڏيندو آھي.
    ھر ڪو پيٽ منجھان ٿي پڌرو،
    دلبر ٿو ديدار ڪرائي،
    ھر ڪو ھر ڏئي کيڙي،
    کائي واپس ويندو آھي،
    آئون اچان ٿو ڇيريون پائي،
    جھمريون ھڻندي ڳائي وڄائي،
    ناز منجھاران نڪري ناظر،
    نئين پاسي ڏي نيندو آھي،
    بڙ جي ھيٺان عشق ازل کان،
    بيٺو آھي ويٺو آھي،
    درس حسن آ ڪمتر ڪو جھو،
    ھي ڇا آخر ٿيندو آھي.


    ادب سان ڇوڪريون گھُرجان!

    ادب سان ڇوڪريون گھُرجان!

    ادب سان ڇوڪريون گھرجان،
    غضب سان ڇوڪريون گھرجان،
    نظر سان ڇوڪريون گھرجان،
    پلر کان ڇوڪريون گھرجان،
    ولر کان ڇوڪريون گھرجان،
    گُلن کان ڇوڪريون گھرجان،
    ولين کان ڇوڪريون گھرجان،
    ڳلين کان ڇوڪريون گھرجان،
    پکين کان ڇوڪريون گھرجان،
    تتر کان ڇوڪريون گھرجان،
    پتر کان ڇوڪريون گھرجان،
    بندي کان ڇوڪريون گھرجان،
    خُدا کان ڇوڪريون گھرجان،

    دريءَ مان ڇوڪريون ڏسجان،
    ڪپر تي ڇوڪريون ڏسجان،
    گھٽيءَ ۾ ڇوڪريون ڏسجان،
    ڇمر ۾ ڇوڪريون ڏسجان،
    سفر ۾ ڇوڪريون ڏسجان،
    نچن ٿيون ڇوڪريون ڏسجان،
    اچن ٿيون ڇوڪريون ڏسجان،
    وڃن ٿيون ڇوڪريون ڏسجان،
    ڊڪن ٿيون ڇوڪريون ڏسجان،
    بيھن ٿيون ڇوڪريون ڏسجان،
    ويھن ٿيون ڇوڪريون ڏسجان،
    لکن ٿيون ڇوڪريون ڏسجان،
    پڙھن ٿيون ڇوڪريون ڏسجان،
    ٽڙن ٿيون ڇوڪريون ڏسجان،
    ٿڙن ٿيون ڇوڪريون ڏسجان،
    مُڙن ٿيون ڇوڪريون ڏسجان،
    وڙھن ٿيون ڇوڪريون ڏسجان،
    ڏنڀن ٿيون ڇوڪريون ڏسجان،
    کلن ٿيون ڇوڪريون ڏسجان،
    ملن ٿيون ڇوڪريون ڏسجان،
    ٽلن ٿيون ڇوڪريون ڏسجان،
    سبن ٿيون ڇوڪريون ڏسجان،
    ڇنن ٿيون ڇوڪريون ڏسجان،
    ٻرن ٿيون ڇوڪريون ڏسجان،
    ھجن ٿيون ڇوڪريون ڏسجان،
    ٿين ٿيون ڇوڪريون ڏسجان،
    مرن ٿيون ڇوڪريون ڏسجان،
    جيئن ٿيون ڇوڪريون ڏسجان،
    ڏسن ٿيون ڇوڪريون ڏسجان،

    ھوائون ڇوڪريون آھن،
    گھٽائون ڇوڪريون آھن،
    فضائون ڇوڪريون آھن،
    نگاھون ڇوڪريون آھن،
    ادائون ڇوڪريون آھن،
    صدائون ڇوڪريون آھن،
    ڪٿائون ڇوڪريون آھن،
    سزائون ڇوڪريون آھن،
    جزائون ڇوڪريون آھن،
    اڃان ڪيئن ڇوڪريون آھن!؟


    چانڊوڪين جا چور!

    چانڊوڪين جا چور!


    رُنا مڙئي مور،
    ڪالھه به ڪارونجھر ڏي.

    اونداھين ۾ اسري آيا، چانڊوڪين جا چور،
    ڇرڪي پيو ڇاڇرو، ڇرڪي پئي ڇور،
    ٽوڙي ٽڪرا ڏھ ڪيائون ڍالون ڇالون روز،
    اڄ به منھنجي آزاديءَ تي دنيا تنھنجا روز،
    اڄ به تنھنجي اک آ اگري مٿان ڪينجھر ڪور،
    ڪالھه به ڪارونجھر ڏي.









    ڪورٽ سان ڪر ڪچھري!

    ڪورٽ سان ڪر ڪچھري!

    ھن مُلڪ جي رنڊين کي،
    بدنام ڪين ڪر تون،
    ڪو حال ھاڻ ڪونھي،
    ڪورٽ سان ڪر ڪچھري،

    ڪورٽ صفا آ سَستي،
    ھڪ رات لئهِ سھي پر،
    وٺ پاڻ وٽ گھرائي،
    ڪورٽ جا جام پيئندي،
    بدنام عام پيئندي،
    تنھنجي اڳيان پئي نچندي،
    مدھوش ٿي پئي ٿڙندي،
    بدمستي ۾ ٿورو وڙھندي،
    توسان سمھي جو پوندي،
    پوءِ ڪونه ڪجھه به چوندي،
    ڪورٽ سان ڪر ڪچھري،

    ڪورٽ آ صفا سَستي،
    تنھنجي صحت لئهِ ظالم،
    جو آھي اھو ضروري،
    آھي ته صفا اھڙي،
    سڏجي مگر سڳوري،
    ڀڙوو نه ڪوئي گھرجي،
    ناھي ڪُٽڻ ضروري،
    خود پاڻ ڌر ڌڃاڻي،
    اُن سان ملڻ ضروري،
    نمبر پتو نه ڪوئي،
    توکان لڪائيندو ھي،
    ھر ڪو ننڍو وڏو پيو،
    توکي ٻڌائيندو ھي،
    گفتار ۾ به گھري،
    ڪورٽ سان ڪر ڪچھري،

    ڪورٽ صفا آ سَستي،
    لاتل لبن تي لالي،
    اک ۾ ڪجل جي ڪاني،
    ٿي انگ الڳ وڪڻي،
    ڀرپور ھيءَ جواني،
    قانون جنھن جا انگڙا،
    آئين جنھننجو آئينو،
    ڇھندين ته وھي ھلندئي،
    پاڻيءَ جيان پسينو،
    ھن ملڪ جي رنڊين جو،
    ڪو حال ھاڻ ڪونھي،
    پنھنجي صحت لئهِ ظالم،
    جو آھي اِھو ضروري،
    ڪورٽ سان ڪر ڪچھري،

    ڪورٽ آ صفا سَستي،
    چڪلن جي ڏاڪڻين تي،
    حيرانگيون ڏسان ٿو،
    تھجد گذارن جي در تي،
    حيرانگيون ڏسان ٿو،
    وئشيائين جي وطن ۾،
    ھيءَ جا نئين سامائي،
    ڪوٺا اجاڙ آھن،
    ڀڙو اُداس آھن،
    پر توکي يار ڇاھي،
    تنھنجو ته ڪم پيو ھلندو،
    ھن ساڻ دل لڳيءَ جي،
    ڪوشش نه ڪا ڪجان تون،
    ھڪ رات جي ملڻ کي،
    جيون نه سوچجان تون،
    آھي اصل کان ظالم،
    پنھنجي ته پرورش ۾،
    پنھنجي نسل کان کان ظالم،
    ڪورٽ سان ڪر ڪچھري،

    ڪورٽ صفا آ سَستي!
    عاشق جا اصل اھڙا،
    کنڌا کڻيو ڇڏي ٿي،
    ھر حڪمران جي آ،
    سھڻي سدا سھاڳڻ،
    آھي ته صفا اھڙي،
    سڏجي مگر سڳوري،
    ڪورٽ سان ڪر ڪچھري،
    ڪورٽ آ صفا سَستي!


    گيت ڌڻي جا گڏجي ڳايون!

    گيت ڌڻي جا گڏجي ڳايون!

    آدرشي انجام به آھن،
    پنھنجي سونھن سڀيتا صورت،
    اکڙين ۾ آرام به آھي،
    جيڪو آھي اھڙو سھڻو،
    تنھن، سنڌوءَ کي سڀ ساراھيون،
    گيت ڌڻي جا گڏجي ڳايون،

    منھنجو درد به تون درمان به تون،
    منھنجوعشق به تون ارمان به تون،
    منھنجو ٻاروتڻ جي مُرڪ به تون،
    منھنجو سمنڊ به تون، منھنجي سُرڪ به تون،
    منھنجو سوڻ ساٺ ۽ گيت به تون،
    منھنجي رسم رواج ۽ ريت به تون،
    منھنجو دوست تون دلدار به تون،
    منھنجو من موھن ۽ ميت به تون،
    منھنجي جذبن جو اظھار به تون،
    منھنجو پيار به تون، منھنجي پريت به تون،
    منھنجي ننڊ به تون، منھنجي جاڳ به تون،
    منھنجي خوابن جي تعبير به تون،
    منھنجو مک مھانڊو شڪل به تون،
    منھنجي تاريخي تصوير به تون،
    منھنجي ساوڪ ۽ سرسبزي تون،
    منھنجو ڪوٽ برج تعمير به تون،
    منھنجو لمحو لمحو ساعت به تون،
    منھنجو روڳ به تون، منھنجي راحت به تون،
    منھنجو فن فڪر فنون به تون،
    منھنجو جوش جلال جنون به تون،
    منھنجو ٿانءُ به تون منھنجو ٻُڪ به تون،
    منھنجو دريا ھڪڙو ڍُڪ به تون،
    منھنجو قطرو قطرو جُز به تون،
    منھنجي بوند به تون، منھنجو ڪُل به تون،
    منھنجي مجبوري، منھنجي ماٺ به تون،
    منھنجي ڪاوڙ، غصو، ھُل به تون،
    منھنجو آئين ۽ اختيار به تون،
    منھنجي وڏڙن جو دستور به تون،
    منھنجو قلم، ڪتاب ۽ علم به تون،
    منھنجي نظر به تون، منھنجو نور به تون،
    منھنجو دولھه، عنايت ۽ ڀٽو،
    منھنجو شعر به تون ۽ شعور به تون،
    منھنجي لاءِ چمڻ جو چاھ به تون،
    منھنجو موتيو، مُگرو ۽ چمپا،
    منھنجو ٻٻر پيلو ٻور به تون،
    منھنجا لفظ لکت ۽ مس به تون!
    جيڪو جل ٿل جال وھي ٿو،
    عشق ايامن کان ته اچي پيو،
    سھڪي صديون سال وھي ٿو،
    ڊيل جيان ھو ٽِلندو ٽِلندو،
    ڪيڏي چنچل چال وھي ٿو،
    گڊ جيان ھو ڊوڙي ڊوڙي،
    ڇرڪي ڏيندو ڇال وھي ٿو،
    شينھن جيان گجگوڙ ڪندو،
    لاکيڻو لڄپال وھي ٿو،
    پھڻ پٿر ڪئين لٽائيندو،
    موتي مالا مال وھي ٿو،
    تنھنجو منھنجو ماضي آھي،
    حال ۽ استقبال وھي ٿو،
    مست قلندر اوجون موجون،
    ڌڪ ڌڪ ڌُوڪ ڌمال وھي ٿو،
    سيوھڻ سائين سج جيان آ،
    جڳ مڳ جاڳ جلال وھي ٿو،
    شاھ ڀٽائيءَ جي ڀاڻي تان،
    جھرمر جوت جمال وھي ٿو،
    ڏيئا ليئا ڏيک ڏسان ٿو،
    موجن منجھه مشال وھي ٿو،
    پنھنجي تيغ ترار به آھي،
    آڏو ٿي ھو ڍال وھي ٿو،
    ڪيڏا قرب ڪچھريون ڪندو،
    ڀورن لاءِ ٿي ڀال وھي ٿو،
    تنھن سنڌوءَ کي سڀ ساراھيون،
    گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون!

    دنيا ۾ ھي خاص به آھي،
    ۽ آدم لاءِ عام به آھي،
    پنھنجو ننگ ناموس به آھي،
    پنھنجي ذات ۽ نام به آھي،
    پنھنجي پريت ۽ پراڻو قصو،
    پنھنجو ھي پيغام به آھي،
    ويرين تي ھي وار به آھي،
    دشمن جي لاءِ دام به آھي،
    پنھنجو سارو ديس به آھي،
    ھڪڙو ننڍڙو گام به آھي،
    ميخاني جو مچ به آھي،
    ڇلڪي پوندڙ جام به آھي،
    پاڻ ڪريون ٿا پوڄا جنھن جي،
    پنھنجي لاءِ پرنام به آھي،
    پنھنجو ھي آغاز الستي،
    پنھنجو ھي انجام به آھي!
    منھنجي گفتگو تون، منھنجو گس به تون،
    منھنجي مُرلي، بين ۽ بوڙيندو،
    منھنجو راڳ به تون منھنجو رس به تون،
    منھنجي موسيقيءَ جو مام به تون،
    منھنجو سُر، سرھاڻ ۽ چسُ به تون،
    منھنجو لڪ جبل کان ڏيک به تون،
    منھنجو ڪارونجھر ۽ ڪسُ به تون،
    منھنجو رت به تون، منھنجو ست به تون،
    منھنجي نبض به تون، منھنجي نس به تون،
    منھنجو پني عاقل ۾ پھر به تون،
    منھنجو ماٿيلي وٽ مھر به تون،
    منھنجو ڪوٽڙيءَ وٽ ڪڙڪاٽ تون،
    منھنجي شاھ پنجي وٽ لھر به تون،
    منھنجي ٻولي تون منھنجي ڇولي به تون،
    منھنجي عيد به تون، منھنجي ھولي به تون،
    منھنجي ڪچي ۾ لس ليٽ به تون،
    منھنجي ٻيٽاري ۽ ٻيٽ به تون،
    منھنجو فصل به تون، منھنجو نسل به تون،
    ڪنھنجي ڪَتي تون، منھنجو چيٽ به تون،
    منھنجي کيڙي تون، منھنجو کيٽ به تون،
    منھنجي مستيءَ جو منشور به تون،
    منھنجي روھڙي سکر به تون،
    منھنجي سن مانجھند به تون،
    منھنجو شاھ بندر به تون،
    منھنجو خفت ۽ اڙل وڇيڙو به تون،
    منھنجي ڳوٺ مشائخ جو مور به تون،
    منھنجو طوطو، مينا، پاريھر،
    منھنجو سيوھڻ بحري باز به تون،
    منھنجو روحاني ڪو راز به تون،
    منھنجو روحل، ردم، چيزل به تون،
    منھنجو ڪاشي، جنڊي کير به تون،
    منھنجو ڪُڙم، قبيلو، قوم به تون،
    منھنجي ماکي، مکڻ، نير به تون،
    منھنجو پٽ به تون منھنجو پيءُ به تون،
    منھنجي واھر به تون، منھنجو وير به تون،
    منھنجو تخت به تون، منھنجو بخت به تون،
    منھنجو مرشد به تون منھنجو پير به تون،
    منھنجي ڇڪ تانگھه ۽ تنئوس به تون،
    منھنجي سڪ جو سوز سفير به تون،
    منھنجي عشق جو اڳ امام به تون،
    منھنجو حاڪم ۽ امير به تون،
    منھنجو ذلفي بينظير به تون،
    منھنجو ”حسن درس فقير“ به تون،
    جُڳ جُڳ اھڙو جاني آھين،
    لاشڪ تون لاثاني آھين،
    تنھن سنڌو کي سڀ ساراھيون،
    گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون.


    ______
    علي قاضيءَ جي سڏ تي 2009ع ۾ درياءُ ڊي تي لکيل!


    کيڏارڻ !

    کيڏارڻ !

    منھنجي قدمن جا خاموش آواز،
    جيڪي صرف تون ٻڌي سگھين ٿي،
    جڏُھن ٻڌين،
    منھنجي بدن جو اڻ ڏٺو پاڇو،
    جيڪو صرف تون ڏسي سگھين ٿي،
    جڏھن ڏسين،
    منھنجي گھر جي ڀرسان جڏھن لنگھين،
    جيڪو تنھنجي وڃڻ کان پوءِ اُجڙيل آ،
    مون کي ياد ضرور ڪجان،
    توسان محبت ۾ ديوانگيءَ کي،
    پاڪ چاھت کي،
    منھنجي دل جي حسرتن کي،
    جيڪي لفظن جو روپ ڌاري،
    ڳاڙھي مس ۾ وھنجي،
    ڪڏھن ڪنواريءَ ڇوريءَ وانگي،
    ڪاغذ جي بستري تي،
    پاسا پيون بدلائين،
    آرس پيو ڀڃن،
    راھون پيون ڏسن،
    ڇتڪائيءَ وارا ڇال ڏئي،
    تنھنجي پيار،
    جو بيڊرومن جي زينت بڻجي،
    ڪلبن جي انڌيءَ روشنيءَ ۾،
    نوٽن کي ٻاڏائي،
    ھاءِ! ھاءِ!
    مان ڇا چوان تنھنجي پيار کي،
    تنھنجو پيار،
    چونڪن تي چڙھيو،
    وڏي واڪ وڪامي،
    چڱي اگھه اگھامي،
    ۽ جڏھن رات وھامي،
    تڏھن تون چور چور،
    گھر کان ٿورو دور،
    گھٽيءَ جي اوندھ ۾،
    ڪار جي اڳينءَ سيٽ تان،
    اھليو لھين،
    وڃيو گھر ڪرين،
    مئل منھن سان منجي تي،
    تنھنجي بدن تي نيرا نشان،
    ڪنھن ظالم زھر ڀريل ڏندن سان،
    توکي چيٿاڙيو چٻاڙيو،
    ۽ تون پاروٿو گوشت،
    ڪپڙن ۾ ڍڪيل،
    گذري ويل فيشن،
    پراڻو ميڪ اپ،
    سينيما ھال جي،
    ٿرڊ ڪلاس ٽڪيٽ پئي لڳين،
    تنھنجي جوانيءَ جا،
    تنھنجي عزت جا،
    تنھنجن پنھنجن ھٿن جي لٽيرن وٽ لٽيل،
    ڪير ڪھڙو فرياد ڪري؟
    يا کڻي داد ڪري،
    مان جو سچي سنسار جو رھواسي،
    ھن تنھنجي ڪوڙي دنيا ۾،
    تنھنجي ديدن جي دولابن ۾،
    ڏاڍو دربدر ٿيس،
    ھر ڳالھه کان ويس،
    ۽ جڏھن ھوش سنڀاليم،
    توکي نه اتي پاتم،
    تڏھن سڀ سمجھي ويس،
    تون ته ھڪ کيڏارڻ ھئينءَ،
    جو پنھنجو کيل کيڏي وئينءَ،
    چند منٽن جو،
    چئن ساعتن جو سين،
    ڪنھن ڊرامي جو ھئينءَ،
    جو ڊراپ ٿي وئينءَ،
    مان ڇا چوان تنھنجي پيار کي.








    امن جو نعرو!

    امن جو نعرو!

    ڄڀ ڇڪي تارونءَ منجھان،
    ٻاھر ڪڍي اڇلي ڇڏيو،
    خيال تي ڪي خواب آور،
    گوريون ڇڻڪي ڇڏيو،
    سوچ کي سنگسار به،
    لوچ کي ڦاھي ڏي،
    بيت جو بازو ڀڃي،
    گيت کي گوليون ھڻو،
    مون ڪويءَ جي ڪنڌ کي،
    ڪات سان ڪوري ڇڏيو،
    رت منھنجي رنگ مان،
    آڱريون ٻوڙي وڃي،
    گڏيل قومن جي اداري،
    جي اُوچي عمارت مٿان،
    امن جو نعرو لکو،
    سوڀ جو سھرو ڪڇو،
    ڳالھه پر ھڪڙي ٻڌو ،
    ڄڀ ته ڪٽجي وڃين،
    ھٿ ته وڍجي وڃن،
    سوچ جا ساوا پکي،
    موت جي آغوش ۾،
    چڻڪي چڳي سمھي پون،
    مون ڪويءَ جي ڪنڌ تي،
    انت جا پاڇا لڙن،
    پر ڀلا ھي بيت باھيون،
    شعر جا شعلا آھن،
    ڪيئن ٿا ماڻھو مڙئي،
    ذھن تان ڀلجي سگھن،
    ڪنھن اداسي رات جو،
    ڪو کڻي چاھ مان،
    ٻول ٻه ٽي ڳائيندو،
    ڄڻ موت جي آغوش مان،
    مون کي پيو جاڳائيندو،
    وائيءَ جي ھن واڪي کي،
    وقت ئي وڃائيندو،
    ڪڏھن ڪويءَ جي ڪنڌ جو،
    رت به رنگ لائيندو.


    فقيرياڻي!

    فقيرياڻي!

    ڪنھن فقيرياڻيءَ جي ٽٽل چتين لڳل،
    چولي جي ڦاٽل حصي منجھان،
    نڪتل ارھ کي چھٽيل ٻار،
    ھڪ دفعو، ڇرڪ ڀري تو ڏي نھاري،
    وري ڪنڌ واري، چھٽي وڃي ٿو،
    ڄڻ پنھنجي مالڪيءَ جو حق جتائي ٿو،
    ڇا مان پنھنجو حق نه جتايان،
    ڪنھن نماڻي نار جا، ھٿ ٻئي اڳيان ٻڌل،
    فاتح جٿي جي، گھوڙن جي ٽاپولين ۾،
    سڏڪا ۽ ٻڙڪون ٻڏل،
    ڪنھن نمرود ۽ مردود جي درٻار ۾،
    ھيسيل ۽ ڏاڍو ڊنل،
    ڳلن جي ڳاڙھاڻ تي، لڙڪن جون لارون اجھل،
    پر ازل جي اک ۾، ڌوڙ وجھي،
    موھ سان به ڊوھ ڏيئي،
    ڳوھ ڳھندڙ قوم جي، ھڪ فرد کي،
    جنھن سندن دل جي،
    درد جو سامان ٺاھيو ھو،
    کل ۾ کرڙيون ھڻائي،
    خاموش ڪرائي،
    پنھنجي عزت نفس جو قرض چڪايو،
    ڇا مان پنھنجو قرض نه چڪايان؟


    لکنوء!

    لکنوء!

    لکنئو جي تھذيب،
    جنھن ۾ نوابن جون وڏھر ڏيئون،
    وھيءَ کان ھٽيل ککون،
    نوڪرن ۽ ڪوچوان،
    سان وڃي ڪوٺن تي،
    تبلي جي تانن تي،
    بي ڊولن جسمن جا،
    پول ھيون ٿڙڪائينديون،
    نوٽن تي نچائينديون ھيون،
    ننگ و ناموس کي،
    عزت کي بازار ۾،
    آدابن جي آڙ ۾،
    خاڪ در خاڪ،
    ڌوڙ، ڌوڙ، ڌوڙ،
    ساڳي مٽي ٻوٿ ۾،
    اگھاڙي ھٿ ۾ رومال،
    اھو حال!
    پر ھتي ويجھي وڌي،
    اڃان انھيءَ گند کي،
    پنھنجي پٺيان چنبڙائي،
    پنھنجي پاڻ کي لکنوي سڏائين ٿا،
    ڇا مان سنڌي نه سڏايان؟
    ڇا مان ڪنھن ڀيڙ جي ڀتر جيئن،
    بي موسمي ڪڪر جيئن،
    ڏور کان اُڏري آيل،
    پرڏيھي پکين جي ولر جيئن،
    انڌيءَ اک جي نظر جيئن،
    گم ٿي وڃان!
    ڇا مان،
    ڪنھن تنبوري جي ٽٽل تار جيئن،
    ڪوڙھ ورتل ڪلاڪار جيئن،
    مڙدي جي ماٺار جيئن،
    گونگي جي گفتار جيئن،
    چپ ٿي وڃان!
    نه اِئين نٿو ٿي سگھي،
    مان ته،
    وڇوڙي جي سڪل ٺوٺ پوٺي ۾،
    اسري ۽ اڀري آيل،
    وصل جي وڻڪار آھيان،
    مان ته،
    اميدن جي اک ۾،
    پھچ جو پاڻي تريل،
    آزادي اظھار آھيان،
    مان ته،
    ڀٽائيءَ جي بيتن ۾،
    شيخ اياز جي شعرن ۾،
    سنڌ جي لوڪ گيتن،
    ميلاپ جي سھرن ۾،
    ساميءَ جي سلوڪن پويان،
    سچل سان سھڪار آھيان،
    مان ته،
    دھليءَ جي دروازي تي،
    سرمد جي سنسار ۾،
    ڪنھن دار جو ديدار آھيان،
    مان ته،
    برھ جي بازارين ۾،
    سر جي سوداين لئه،
    وقتائتو واپار آھيان،
    مان جيڪي آھيان،
    جو به آھيان،
    اڻ مٽ آھيان،
    اڻ کٽ آھيان،
    جنم جنم جو جياپو ڪو،
    نئون نڪو نياپو آھيان.











    مُنھنجي اندر جي اڱڻ تي!

    مُنھنجي اندر جي اڱڻ تي!

    تون ڪيئن آھين، ڪير آھين،
    ڪٿي آھين!
    ڪجھه به ڪين ٿو ڄاڻان سانئڻ،
    پوءِ به دل جي وسيل گھر ۾،
    روزا چين ٿي،
    سوچن جي سرھاڻين ۾،
    خيالن جي خم کاڻين ۾،
    ھيرن موتين وانگي چمڪين،
    منھنجي اندر جي اجري اڱڻ تي،
    نٽھڻ اس يا اونداھين ۾،
    چوڏھين جي چانڊوڪين ۾،
    ننگن پيرن ساڻ نچين ٿي،
    ڪيئن اچين ٿي، ڪيئن وڃين ٿي،
    ڪجھه به ڪين ٿو ڄاڻان سانئڻ،
    تنھنجو ڏس پتو به نه ھڪڙو،
    روز ملي ٿو نئون نڪور،
    ڪڏھن ڪڪر ۾، بوند ابر ۾،
    ڪڏھن گلن جي سونھن نگر ۾،
    ڪڏھن ته ڪونجن جي به ولر ۾،
    نيري اُڀ ۾ اُڏندڙ پنڇي،
    ڪڏھن ستارن چنڊ چڪر ۾،
    نينھن اسانجو نستو نستو،
    نگر نگر ۾ ڀٽڪي ڀٽڪي،
    اڻ ڄاتل سان اٽڪي اٽڪي،
    ٿڪجي پيو آ،
    ھر رستو ھر راھ رلي،
    پنھنجي مون دلجاءِ ڪئي،
    ھاڻ تون ئي ٻڌاءِ تنھنجو رستو،
    توسان ملڻ لئه سولو سستو،
    ڇو ته آئون،
    ڪجھه به ڪين ٿو ڄاڻان سانئڻ.






    ڪارو ڪاري!

    ڪارو ڪاري!

    ڏور لڪن ۾ سج لٿو ٿي،
    ڏينھن ڪاري چادر ويڙھي،
    ساجھر سک سان سيج ستو ٿي،
    ڀيڄ ڀٽن تان ڦرڙا ڊوڙي،
    واڙن آيا ورچي ورچي،
    ٻار رُٺل جي ماءُ کان خرچيءَ،
    ڍوڊي ڊڳڙي پيڙا پرچي،
    ٿڪ لڱن ۾، کليل ٿلھا،
    ننڊ وڪاڻا چور ھاري،
    مست محبت نڪتي ناري،
    آس اندر ۾ ھيءَ اپائي،
    شال ملي اڄ موج بھاري،
    ڏور وڻن جي جھڳٽن ڀرسان،
    ٻه پاڇولا، ڳل ڳراٽي،
    وقت ورڻ جي ويل اساٽي،
    ٻاٽ ۾ گھاٽ گھڙيل ھو گھٽ تي،
    ڦاسي پئي ھئي ھرڻي اڃاري،
    ھاءِ ويچاري وچ وڍن ۾،
    ڌرتيءَ ڏانھن ڪين پڪاري،
    ڳاڙھي رت جي دور دڳن تي،
    ڍڪجي وئي ھئي پياسي واري،
    صبح وات کليا واچوڙا،
    اخبارن جون اڻڀيون سرخيون،
    ڪارو ڪاري، ڪارو ڪاري،
    ڪارو ڪاري، ڪارو ڪاري.


    مغرور ستم جون انگڙايون!

    مغرور ستم جون انگڙايون!

    تو بنان اوپرين،
    مئه جي ڍڪ ڍڪ جو قسم،
    پيئڻ به پيئڻ ڪونھي،
    جيئڻ به جيئڻ ڪونھي،
    تنھنجي ھٿ جو جام،
    اک جي اوت، چپن جو مڌ،
    تنھنجي جوانيءَ جو،
    ڇلڪندڙ رنگين شراب،
    مغرور جسم جون انگڙايون،
    جنھن ۾ شامل سؤ ادائون،
    جڳ جڳ جياريو ڇڏين،
    اڻ پيتو پياريو ڇڏين،
    ھونئن ته پيئندا پيا اچون،
    ھن مئڪدي جي ڇت ھيٺان،
    وقت کان،
    اڪيلائيءَ جي غم کان،
    تنھائيءَ جي ٻوسٽ کان،
    منھن موڙيو به،
    جيئندا پيا اچون،
    نه جيئندي به،
    پر توسان جيئڻ ئي جيئڻ آھي،
    توسان پيئڻ ئي پيئڻ آھي.


    وجودي اشتھار!

    وجودي اشتھار!

    اُنھن جي دل ڪٿي آھي؟
    اُنھن جي ديد ڪٿي آھي؟
    اُنھن جو سفر ڪٿي آھي؟
    اُنھن جي عيد ڪاٿي آ!

    ھجڻ جي نه ھجڻ جي،
    ھا ھيءَ ڪھڙي ڪٿا آھي!
    ”حسن“ ھيءَ شاعري تن جو،
    وجودي اشتھار آھي!








    توکي ياد ٻڌايان ويٺو!

    توکي ياد ٻڌايان ويٺو!

    توکي ياد ٻڌايان ويٺو،
    توکي ياد سُڻايان ويٺو،
    تون ئي لکي وٺ منھنجو لھجو،
    توکي ياد لکايان ويٺو،
    تون ئي ٻُڌي وٺ منھنجون ڳالھيون،
    توکي ياد ٻڌايان ويٺو.











    ڏسان ڪوھ ڏيڍو!

    ڏسان ڪوھ ڏيڍو!

    ڪڇان مان ڪُڄاڙو؟
    اگھاڙو اگھاڙو،

    دريا پار ديدون،
    لڪن ڏانھن لاڙو،

    ڏسان ڪوھ ڏيڍو،
    ٻڌان ڪوھ ٻاڙو!

    ھوا تي سفر جو،
    ڀريان روز ڀاڙو،

    مٽي مور سان ئي،
    پکين سان ئي پاڙو،

    ڦريل ۽ ڦٽيل سو،
    ھتان ڌوڙ ڌاڙو،

    رڳو درد دانھون،
    رڳو روڄ راڙو!


    تو بن آئون ناھيان!

    تو بن آئون ناھيان!

    توکي ته آئون ڀانيان،
    توکي ته آئون لاھيان،

    توسان پيو وڙھان ۽،
    توکي ئي آئون چاھيان،

    توکي ئي ويٺو ڊاھيان،
    توکي ئي ويٺو ٺاھيان،

    تُنھنجي ئي ھوندي آھيان،
    توبن ته آئون ناھيان





    ملڪئه ترنم نورجھان!

    ملڪئه ترنم نورجھان!


    ڪو نٿو سمجھي،
    ڪو نٿو ڄاڻي،
    ھوءَ ڪٿي آھي؟
    ڌُڌڙ جي ديس ۾ دونھين سامھون،
    ھُن اندر آئينو اجاري رکيو.
    گُرن سان گفتگو ھن جي ھئي ڄمار سڄي،
    سُرن سان روز ڀريائين پئي سندو سينو،
    ڌڌڙ جي ديس ۾، دونھين سامھون،
    ڪلا جي جر سان اجارئين پئي رڳو آئينو.
    حاڪمن حڪم ڪيا، بيھودي بڪواس ڪئي،
    انڌن ٻوڙن پئي عجيب انگ اجاڙي ڏٺا،
    قدرتن ڪيئن ته سُرن سان سلھاڙي ڏٺا.
    نور جي ڇانو ۽ ڇپر ھيٺان،
    جسم ھوا ۾ آواز به ٿو جڙي ھن جو،
    ھوءَ جا پنھنجي ئي آواز ۾ ويڙھي وئي،
    زندگي ھٿ جھلي ھلي اڳتي،
    واٽ پياري ڀلي ھلي اڳتي،
    آئون تنھنجو ئي ٿو رھڻ چاھيان،
    دُنيا مون کان ڀلي ھلي اڳتي،
    ڳالھه تنھنجي سڄي سُڻان ويٺو،
    بات تنھنجي ڀلي ھلي اڳتي،
    مھانڊي مھڪ جي، شعر جي شڪل وانگي،
    سرن جي صورت ڏئي پٽ تي پکيڙي وئي،
    ھُن نھاريو جو نون نغمن ڏي،
    گيت جي گود ڄڻ ته سائي ٿي،
    ھُن جو آواز پئي ڌڳيو ھُن ۾،
    ھُن جو آواز پئي پُسيو ھُن ۾،
    ھُن جو پئي ڀريو ھُن ۾،
    ھُن جو آواز پئي ٺريو ھُن ۾،
    ھُن جو آواز ھو وُٺو ڪيڏو!
    ھن جي آواز ڪُٺو ڪيڏو!
    ھوءَ جا آواز مان ئي جوڙي ويئي،
    ھوءَ جا آواز مان پکيڙي وئي،
    ھوءَ جا آواز مان ئي ميڙي وئي،
    ھوءَ جا آواز ۾ ئي ويڙھي وئي،
    اجاريو ھن پئي اکين سان،
    تار ۽ ڦوڪ کي ترنم سان،
    ٿاپ کي ڇا ته ھُن ڏني ٿڦڪي!
    پنھنجي ڀرڀور جوانيءَ جا ھن ڏيئا ٻاريا،
    ھوءَ ھجومن اڳيان نه ھُئي ڪڏھن ھٻڪي،
    ڌڌڙ جي ديس ۾ دونھين سامھون،
    ڪلا جي جَر سان اجاريائين پئي،
    رڳو آئينو اجاري رکيائين،
    گرن سان گفتگو ھن جي ھئي ڄمار سڄي،
    سُرن سان زور ڀريائين پئي سندو سينو،
    ھن نھاري جو نون نغمن ڏانھن ڏٺو،
    گيت جي گود ڄڻ ته سائي ٿي وئي!
    بي شڪل کي به ھن بخشيو چھرو،
    ھن سوا موسيقي تنھا ٿي ويئي،
    وقت فرھاد ھيو يا الائي پٿرھو،
    ڪئين نديون پنھنجي ھٿن منجھه کڻي بيٺي ھئي،
    ربطه ۽ ضبط کي رکي دل ۾،
    ھوءَ ته ڪومل ۽ تيور جي ھٿان تاتي ويئي،
    ھن جون ڳايون پئي زماني جون ڳالھيون،
    ھوءَ جا پاڻ زماني ۾ ڳاتي ويئي،
    بادشاھ ايندا ۽ گذري ويندا،
    ھن جي حڪمراني ته ھميشه قائم آھي،
    دشمنيون رسمن جون دٻجي وينديون،
    دلبري دوست سدائين لئه دائم آ،
    ام ڪلثوم ٻڌوسون ته ڪٿي ھوندي ھئي!
    ھن به صحرا جي سڄي سيج سجائي سُر سان!
    محل تخليق ٿي ۽ نوان سينگار جُڙيا،
    ڪلا جي ڪنوار ازل مان پئي آئي سُر سان،
    ھوءَ ته شيرين يقينن به بڻي بيٺي ھئي،
    نديءَ کي پنھنجي بدن منجھه کڻي بيٺي ھئي،
    اڄ به آلاپ مان جسم ٿو جڙي ھُن جو،
    ھن جي مستي جو نئون موڙ نئين منزل ھئي،
    ھن جي ڇاتيءَ جي اڇل ھاءِ خدا تو ڄاتو!
    ھوءَ جا مھڪي پئي سدا صندل جي ڪاٺي وانگي،
    گونجندڙ ھن جو غزل ھاءِ خدا تو ڄاتو!
    ٻج تي ٻاجھه بڻي موسيقيءَ ھن کي ماڻيو،
    وقت ويران ھيو آوازن آباد ڪيو،
    درد خوشبو کي اچي نيٺ ڳراٽي پاتي،
    شعلي شبنم کي اچي شوق ڏنو پيار ڪيو،
    ھاڻ آواز سندس آھي ۽ اسين آھيون،
    راڳ کي روڳ ڏئي ھا ھتان گذري ويئي،
    زندگيءَ ڀڙڪو ھو کاڌو اچي گنبذ تان،
    پنھنجي آواز مان پرواز ڪري اڏري ويئي،
    سدا ملڪ سدائين حسين ھيءَ عورت،
    مُلن جي گوڙ تي گونجي ته سج ٿي اڀري،
    مجاز مينھن ڀڄائي مٽي محبت جي،
    نياز نينھن ۾ نسري ۽ نج ٿي اڀري،
    جڏھن جوانيءَ جي جھولي ۾ ھن جھونگاريو،
    گل نھار وجھن، نيڻ ھن سان ٽڪرايا،
    ننڊ مکڙي جي وڃي کُلي آخر.


    _______
    ا.قصور ڄائي پنجاب جي عظيم گلوڪاره، جنھن دور حاضر ۾ ساز ۽ آواز جي دنيا تي حڪمراني ڪئي.
    2. فلسطين جي انقلابي گائڪا، جنھن فلسطين جي آزادي لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون.






    منھنجي محبوبا!

    منھنجي محبوبا!


    آڌي رات اُٿي، توکي دُعا ٿو ڪريان،
    توکي دعا ٿو ڪريان، پنھنجي موت مرين،
    طبعي موت مرين، منھنجي محبوبا،
    ساري رات ٻرين، منھنجي محبوبا،
    ۽ پوٺپ ٺرين، منھنجي محبوبا،
    ايندڙ ماڻھن کان وقت وصول ڪرين،
    ٻيو ڪجھه ڪين ڪرين، منھنجي محبوبا،
    لڙڪن کان به لڪي سارو شھر گھمين،
    ٽھڪن کان به ٽرين، منھنجي محبوبا،
    توکي ايندو ھي آخر ياد حسن،
    ڳالھين منجھه ڳرين، منھنجي محبوبا،
    آخر ھڪڙي ڏينھن ٿيندئي خاتمو،
    اوندھ منجھه ڍرين، منھنجي محبوبا.





    ڇڏي ڏي ته ماڻھو مزي سان مرن!

    ڇڏي ڏي ته ماڻھو مزي سان مرن!


    اکين جي ته ڏاڪڻ آ،
    جتان چڙھندو مٿي ماڻھو،
    انڌي ديد تنھنجي آ عادت اِھا،
    سدائين ڏسڻ جي ٿي ڪوشش ڪرين،
    ڇڏي ڏي ته ماڻھو مزي سان مرن،
    ڇڏي ڏي ھوا ۾ انھن کي ترن،
    ڪڏھن قافلن کي تون روڪيو ڇڏين،
    ڪڏھن تون ھوائن کي ٽوڪيو ڇڏين!









    ھي ڌرتي آ ڌڪاڻن جي!

    ھي ڌرتي آ ڌڪاڻن جي!

    ڏکن جون ڏاڪڻيون آھن،
    چون ٿا آسمانن ۾،
    ستارن مٿي وڃڻ وارا،
    ھي ڌرتي آ ڌڪاڻن جي،
    ھي لڙڪن جون رسيون آھن،
    گھڻئي مضبوط مون پڪڙيون،
    مگر مون کان ڇڏائي ويون،
    نڪو سر پير منھنجو آ،
    خبر ناھي ته ڇا پيو ٿئي،
    ڪران پيو ڇو ڀلا آئون،
    اُلٽو آسمانن ۾!







    غالب ڇو ته ٿيان ٿو آئون!

    غالب ڇو ته ٿيان ٿو آئون!

    اھڙا شعر لِکان ٿو پوءِ به،
    مون کي گاريون روز پون ٿيون،
    روز ملن ٿا ڀونڊا مون کي،
    ڇڙٻن جا ڪيئن ڪونڊا مون کي،
    روز شراب پيان ٿو آئون،
    غالب ڇو ته ٿيان ٿو آئون،
    مون کي ننڍڙا ٻار به آھن،
    مون کي ھڪڙي زال به آھي،
    ۽ ٻيا ڪيئي يار به آھن!
    ھوءَ جا منھنجي سنگتياڻي آ،
    پڙي کي ڦيرائي ويٺي،
    آئون ھن تي آھيان ھري ويو،
    ھوءَ مون کي ھيرائي ويٺي!






    ميلو!

    ميلو!

    ميلي جي نه اڳياڙي آھي،
    ميلي جي نه پڇاڙي آھي،
    ميلو ھر دم ھوندو آھي،
    ميلو پل پل ٿيندو آھي،
    ميلي ۾ ئي مست ملن ٿا،
    ميلو ڏاتر ڏيندو آھي!










    يار اوڏانھن ھلو!

    يار اوڏانھن ھلو!

    زندگي ۾ ضروري، جيت جي اوٽ ۾ آسرو،
    ٿي مٽيءَ جو ذرو، جيئن ٻج ان مان ڦٽي،
    سو ته ٿيندو سلو خوشي آھي جتي ۽ وڏو ولولو،
    يار اوڏانھن ھلو، يار اوڏانھن ھلو!

    سانجھي سامھون سا ته ناھي پري،
    شام دونھون، مھاڻي جي گھر ۾ ٻري،
    ٿا پچائن پکي، ٿا پچائن پلو،
    يار اوڏانھن ھلو، يار اوڏانھن ھلو!

    پيار ٿئي ٿو جتي، ڇوڪرن جو ڇپر،
    دل ٿئي ٿي جتي ڇوڪرين جو ڇلو،
    يار اوڏانھن ھلو، يار اوڏانھن ھلو!

    ھو حسين عورتون، جي نديءَ تي گھمن،
    رات جون جت چڳون، ٿيون ستارا چُمن،
    ۽ مھاڻيون ٿيون مُرڪي پچائن پلو،
    يار اوڏانھن ھلو، يار اوڏانھن ھلو!

    ماءُ جنھن جي کلي پئي ٽوپا ڏئي،
    جت سدائين حسن پيو جوان ٿئي،
    سا ته ساھيڙي ڀلي، ڀاءُ جنھن جو ڀلو،
    يار اوڏانھن ھلو، يار اوڏانھن ھلو!


    حرم!

    حرم!

    خليفو ته ميلاپ جو متقي،
    حسين عورتون جون نرم نازڪيون پئي،
    باريڪ ڪپڙي جي پردي پويان،
    اُجھاڻيون ٻريون،
    قطارن ۾ رقصان، ھوا جون پريون ھي،
    لڏيون ۽ لميون پئي،
    ننڍن دائرن ۾، ڪندي ناچ ڪيئي،
    خليفي جي سامھون،
    جھڪيون ۽ نميون پئي،
    پٺيان دڦ بيٺي غلامن وڄايا،
    سڀئي ساز آواز سان پئي ملايا،
    حسين عورتون جون حسين ٽوليون ھي،
    خليفي دنيا ۾ ڪئي ڳوليون ھي،
    فارس جي شھرن جون مدھوش مکڙيون،
    ترڪيءَ جي ٽامي جي رنگت جيان،
    ٻرندڙ اکين سان الھڙ اُپسرائون،
    مصر جي بازار مان ڪئين خريديل قدآور،
    خليفو، جو تاريخ جي،
    گھگھه تاريڪ سرنگن منجھان،
    مذھب جا موتي ٿو ميڙي سھيڙي،
    ۽ لبنان جي ڪنھن واري مان آندل،
    ھٿ جي ھنر جيئن اُڻيل تابڪاري،
    ۽ جھنگلي گلن جي خوشبو سان واسيل.
    حبشي حسينا جون بي باڪ لوڏون،
    خليفو خدا جو ھي نائب نمازي،
    حورون به جنھن سان آھن صحبت ۾،
    ملائڪ به جنھن پنھنجي خدائي ھئي خلقي،
    جيئري ئي جنت جنھن منجھه وڇايل،
    بلوري پيالن ۾ مئه ارغواني،
    سدائين پئي سجدا ڪيا آدميءَ کي،
    ھوائن پئي پر اُن کي ھوريان جُھلايو،
    خليفي گذريل گھڙين کي ڀلايو،
    نئين سر جوانيءَ جي جُڳن کي کوليو،
    نئين سر بدن جي بھارن کي ڳوليو،
    ھوائن پئي پردن کي ھوريان جھلايو،
    نوان ليما جيڪي نپوڙيا نه آھن،
    سدا مست صوفن جون سونيون قطارون،
    انگوري ولين جيئن چڙھندڙ جوانيون،
    خليفي خزاني جون چاٻيون گھمايون،
    سڀئي بند تالا کن ۾ کلي ويا،
    سڳي کي سُئي مان ٽپائي ڏٺائين،
    بدن ڪيئن اُڊيڙي سبائي ڏٺائين،
    خليفو ته ميلاپ جو متقي ھو،
    جبل تي پري ڪِٿ جلي پئي جدائي،
    حرم ۾ ته موسم ھلڻ جي گرم ھئي،
    رعيت سان گھٽين ۾ ھلي پئي جدائي،
    سڄي رات فانوس روشن رھيا،
    سڄي رات بيٺي حرم گنگايو،
    نشي ۾ خليفو سمھي نيٺ پيو آھي،
    حرم پر سجايل اڃان تائين آھي،
    خليفي جي خوابن جي تاريخ گھري،
    صفا گھگھه تاريڪ سرنگن منجھان،
    مذھب جا موتي ٿو ميڙي سھيڙي،
    خليفو جو خوابن سان جاڳي نٿو،
    خليفو خدا سان پيو جھنگ جھيڙي!!


    ڪُجھه به نه ڪجھه به نه!

    ڪُجھه به نه ڪجھه به نه!

    وڻ وڏا ايڏا وڏا،
    ھٿ کڻي توکان گھرن ٿا ڇا خدا؟
    ڪجھه به نه ڪجھه به نه!
    ھي پکي ايڏا پکي،
    اُڏرن سدائين ٿا مٿي،
    ايڏو مٿي توکان گھرن ٿا ڇا خدا؟
    ڪجھه به نه، ڪجھه به نه!
    ھيءَ ھوا، تڪڙي ھوا،
    نچڻي سدا، ڊوڙي ڊُڪي،
    ھيڏانھن ڀڄي، ھوڏانھن ڀڄي،
    توکان گھري ٿي ڇا خدا؟
    ڪجھه به نه، ڪجھه به نه!
    اي خدا توکي سدائين مون ٻڌو،
    ڇا ته آھين تون خدا!
    ڪجھه به نه، ڪجھه به نه!



    ھِڪ ديس ويو دفن ٿي!

    ھِڪ ديس ويو دفن ٿي!

    ھڪ ديس ويو دفن ٿي،
    اُن جون ڳليون ته ڳوليون،
    در جو ڪڙو وڄايون،
    دل جون دريون ته کوليون،
    ھڪ قوم وئي زمين ۾،
    جيڪا نه ڪڏھن موٽي،
    تو زندگي دفن ڪئي،
    تو پنھنجي قبر کوٽي،
    ماڻھو ڀلي مري پئي،
    تلوار آھي جيئري،
    تلوار جي تکائي،
    ۽ ڌار آھي جيئري،
    سوارن جي آسري تي
    گھوڙا ئي گھاٽجن ٿا،
    ماڻھو مري وڃن ٿا،
    نغمائي ڳائجن ٿا،
    پنھنجي ته سڄي طاقت،
    دل ۾ ئي دفن آھي،
    جيئري به مئل ماڻھو،
    ڪپڙو به ڪفن آھي،
    ھن ڍال جي ڍڪڻ ۾،
    ڪو ڍُڪ ئي ڀريون اڄ،
    بي شرم ڪڙم سارو،
    پوءِ خودڪشي ڪريون اڄ،
    دنيا ڪٿي آ پھتي!
    تو مون وطن وڃايو،
    جوتن جو ھار ٺاھيو،
    ۽ ڌوڙ منھن م پايو،
    ڪاوڙ ته جانور کي،
    ڪيڏي آ جلدي ايندي،
    توکي نه شرم ايندو،
    غيرت به ڪائي ٿيندي!
    ھڪڙو به ڪوئي ڪونھي،
    جيڪو خيال کوٽي،
    ھڪڙو به موتي ڪونھي،
    جنھن لاءِ قوم موٽي،
    مان ته مان به ڦاٽان،
    پنھنجو ئي گھر جلائين،
    پنھنجا ئي پير ڪاٽين،
    اُٿندين ڪڏھن انڌا،
    سڏين تڏھن سھائي،
    ھر ٻار ۽ ٻچو تو،
    آ قوم تو ڪھائي!!


    مُون کي الٽيون ٿيون اچن!

    مُون کي الٽيون ٿيون اچن!

    حڪومتي داٻي جي لانگ ھيٺان ليٽل،
    جنرلن جي جوتن کي چنبڙيل ۽ چھٽيل،
    ننڍي وڏي ملھه ۾ وڏي واڪ وِڪِل،
    پوڙھي وئيشا وانگيان کاڌل ۽ پيتل،
    ڌارين اڳيان ڌوڙ ۾ پائين ليٿڙيون،
    پنھنجن مٿان پر رھين سدائين سِيٽيل،
    سنڌي وڏيرا توتي سوچيندي،
    مون کي اُلٽيون ٿيون اچن!

    ڪھڙي گندي ناليءَ مان پئدا ٿيو آھين،
    مسڪين جي قوم کي ڳچي پيو آھين،
    ماڻھن لاءِ مصيبت جھنجھٽ ٿيو آھين،
    دشمنن جي ڀر وٺي بيھين ٿو ڀاڙيا!
    دشمنن سان ئي تون گڏجي ويو آھين،
    تنھنجو ته وير ھو ئي سڄو ويرين سان واڳيل،
    ڏھين ڏينھن کان پوءِ تون ستل اُٿيو آھين،
    سنڌي وڏيرا توتي سوچيندي،
    مون کي اُلٽيون ٿيون اچن!

    نديءَ جي نيلاميءَ ۾ بيٺي چپ چٽيئي،
    جنھن ڌرتي جو پاڻي پين سو پاڻي وڪڻين،
    جرڳن ۾ ٿو جک ھڻين ۽ نياڻي وڪڻين،
    وطن جي تون ٿو واڙي واڙي وڪڻين،
    شھر وڪڻين، ڳوٺ وڪڻين در جي خاڪ،
    وڻ ٽڻ ٻوٽو، پکي پکڻ ڌرتي پاڪ وڪڻين،
    سنڌي وڏيرا تو تي سوچيندي،
    مون کي اُلٽيون ٿيون اچن!


    پاڇا ڪن پيڇو!

    پاڇا ڪن پيڇو!

    ماڻھن جو ماڪ ۾،
    پاڇا ڪن پيڇو،
    پيڇو ڪندڙ پاڇي جو،
    ڪھڙو نالو آ؟
    پاڇو ماڻھوءَ مان گذري وڃي ٿو،
    پاڇو ماڻھو کي اڳيان ڦري ٿو،
    ماڻھو پنھنجي ڪمن ڪارين ۾ آھن،
    ماڻھو مصيبت ۾ خوارين ۾ آھن،
    پتن وانگي ھٿن ۾،
    ماڻھو جھليل ڄڻ جوارين ۾ آھن.







    جھرڪيءَ جي چُھنب ۾

    جھرڪيءَ جي چُھنب ۾

    جھرڪيءَ جي چُھنب ۾،
    ديس ھڪڙو داڻو ٿيو.

    راڻن کي ھارنگ ڪئين،
    موملن کي آ ماڻو ٿيو،

    وئي سسئي سھڪندي،
    پنھل کان پڇاڻو ٿيندو،

    موملن جي مھڪ ۾،
    نيٺ راڻو راڻو ٿيو.






    دِل وڃي ٿي ڦاسندي!

    دِل وڃي ٿي ڦاسندي!

    حُسن جون حڪايتون،
    عشق جون شڪايتون،
    زندگي گھڙي گھڙي،
    دل بُکي جون عادتون،
    حُسن جون وڪالتون،
    دل وڃي ٿي ڦاسندي،
    ڌوم ڌوم ڌڙڪندي!











    سنڌ ساز مان نڪتي!

    سنڌ ساز مان نڪتي!

    سنڌ آواز مان آئي،
    سنڌ ساز مان نڪتي،
    مٽيءَ جي ھي بوڙينڊو،
    ڪائنات ٻوليندو!
    راز ڪيئي کوليندو
    سنڌ ساز مان نڪتي،
    سنڌ راز مان نڪتي،
    سنڌ تي سلو اُڀري،
    ڪيترو ڀلو اُڀري!










    درد جي ھُجومن ۾!

    درد جي ھُجومن ۾!

    ھيءُ ڪھاڻيءَ ناھي سا،
    جا ڪتابن آ لکي،
    ھيءُ ڪٿا اُھا آھي،
    جا مٽيءَ آھي سکي،
    درد جي ھجومن ۾،
    دل اڳيان اڳيان آھي،
    عشق جي مسيحا تي،
    وقت ڇو پيو ڪاھي؟
    يار ٿو وڄي پٺتي،
    مان مگر اِتي آھيان!







    ڌُنڌ جي ھُن ڳوٺ ۾!

    ڌُنڌ جي ھُن ڳوٺ ۾!

    ڌنڌ جي ھُن ڳوٺ ۾،
    وقت مقرر آ،
    ھُن سان ملڻ جو،
    ھو گھوڙن ساڻ پئي گڏجي گھڙيو،
    چيچ ۾ تارو به پائي ٿو سگھي!
    سمنڊ جو پيانو وڄائي ٿو واھ جو،
    ھو ھوائن کي به ڳائي ٿو سگھي!
    سج جا ڪرڻا به پاڻيءَ ۾ پيا،
    چنڊ جو چوٿو به مانيءَ ۾ مليو،
    جيڪو ھن ڏاڏيءُ ۾ ڏٺو،
    ديس جيڪو ھن کي نانيءَ ۾ مليو!







    نار جي نِسر ۾ چاندي جو ڇلو!

    نار جي نِسر ۾ چاندي جو ڇلو!

    وقت جي رفتار ۾ آ زندگي،
    گڏ ھوندي ڌار ۾ آ زندگي،
    ھو اُڏامي ٿو پکيئڙن کان پڇي،
    ھيٺ ڇو ته ڄار ۾ آ زندگي،
    کنڊرن ۾ ھو اچي بيٺو جڏھن،
    جھنگ جا پئي جانور خوش ٿي کليا،
    رات جو ھُن گِدڙن سان ڪئي ڪچھري،
    ڏينھن جو ڪئين شينھن پئي ھن سان مليا،
    باغ ۾ ھُن گُل سان ڪئي گفتگو،
    مک ماکي جي مگر مصروف ھئي،
    ڀونئر پنھنجي منھن پئي ڀڻڪيو،
    ڏيڏرين پئي پاڻ ۾ سُس پس ڪئي،
    لڳ جي موسم وڻن کي ويڙھيو،
    بادلن جا ديو ڪاوڙجي ويا،
    ماڪوڙيون ٿي ميڙ آيون نم ڏي،
    مينھن پوءِ گھاٽا پھاڙن تي پيا،
    رُڃ جو تجلو پيالي ۾ پيو،
    پٽ واريءَ جي وني پرتي ڀڳي،
    وڻن ھلڪي ننڊ ڪئي رات تي،
    وقت جي ورھين پڄاڻان اک لڳي،
    نار جي نسر ۾ چاندي جو ڇلو،
    مُشڪ جي خوشبو ھرڻ جي دُن ۾،
    ڏاند گاڏيءَ تي چڙھي پئي زندگي،
    ھن ڄاتو نيٺ خود کي ھُن ۾!


    گيت آھي ديس وٽ ھِڪ جيت جو!

    گيت آھي ديس وٽ ھِڪ جيت جو!

    باھ ۾ اوزار پئي گرم ٿيا،
    ويڙھ ۾ ڪارا ڪنارا ٿي ويا،
    ماڻھو ماڻھو سان ڪئي پئي دشمني،
    ماڻھو ماڻھن جا سھارا ٿي ويا،
    ديس ۾ ڪوڪو ڪري ڪاشگيري،
    خواب ۾ رنگين رليون ٿو ڏسي،
    اجرڪن جي پٽ تي ٿاٻڙجي،
    جاڳ ۾ ويران ڳليون ٿو ڏسي،
    ڪوريئڙي جي ڪرت وانگي،
    ديس پنھنجي کي پيو اُڻندو رھي،
    گيت آھي ديس وٽ ھڪ جيت جو ،
    ٿئي شھپارو ڪو اگر سُڻندو رھي.






    گذر گاھ ھُن جي پُراڻي گھٽي!

    گذر گاھ ھُن جي پُراڻي گھٽي!

    ھوا مان لھي ٿو زمين تي اچي،
    گذر گاھ ھُن جي پراڻي گھٽي،
    ھوا تيل کي باھ ڏيندي ڏٺو،
    پراڻي قلف ۾ پئي چاٻي گھمي،
    قلعي جي فصيلن تي لڙڪيل رسي،
    قديمي ڪتابن جي ھڪ اڳڪٿي،
    صبح سان ڪنھن جي لھندڙ سسي،
    جيڪا رات ڪمري ۾ بيٺي ڏڪي،
    بلوري پيالي ۾ نڪتل اکيون،
    ٻڏل ڌنڌ ۾ انڌ جو آئينو،
    اندر منجھه ويران خانو وڌيل،
    رڳو جاءِ تلوار جي ھئي بچي،
    اڃا جسم ھڪڙو خالي رکيل!
    انڌيري ۾ تاريخ بيٺي بڪيو،
    ڪتن ۽ ٻلن وقت کي پئي چڪيو،
    مگر ھو اچانڪ اچي ٿو وڃي،
    مددگار ماڻھن جون ٽوليون اٿيون،
    ڏسجن سمنڊ ڇا ڇا نه ڇوليون رٿيون،
    اتان کان ڪھاڻي شروع پئي ٿئي،
    ھوا مان لھي ٿو زمين تي اچي،
    گذر گاھ ھُن جي پراڻي گھٽي!


    سِڪي ٿو منھنجو موڳو من!

    سِڪي ٿو منھنجو موڳو من!

    ڪُراڙو سُمنڊ ھي ڪيڏو،
    ڇِڪي ٿو منھنجو موڳو من.

    ڪراچي تون پري ناھين،
    گھِميل تنھنجي ھوائن ۾،
    ڪِياماڙي ڪِناري تي،
    لِڪي ٿو منھنجو موڳو من،

    سِرائڪي شاعري جھڙي،
    ھُوءَ جا ڇوڪري ھئي سا،
    ھلي ويئي ديس پنھنجي ڏي،
    سِڪي ٿو منھنجو موڳو من.

    سوين ڦيرن ۽ گھيرن مان،
    ٽُٽي ٻانھن منجھان آخر،
    سدائين سار ھُن جيءَ تي،
    ٽڪي ٿو منھنجو موڳو من.

    ڪراڙو سمنڊ ھي ڪيڏو،
    ڇِڪي ٿو منھنجو موڳو من.


    مان چانڊوڪي ٿو لکان!

    مان چانڊوڪي ٿو لکان!

    چمپا جي وڻ ھيٺان،
    مان چانڊوڪي ڪي ٿو لکان!
    ھن دکياري ديس جون،
    ھُو ھوائن جون پريُون،
    ڏُور ڪنھن پرديس جي،
    لوڪ موسيقيءَ جي ڌُن تي،
    پيون نچن،
    ڊوڙيو ھَر ھَر اچن،
    مان به تِن سان گڏ نچان،
    ۽ گِيت ڪئي ٿو رچيان،
    ۽ ڦُول ڇڻيل ٿو چِٽيان،
    ھن دکياري ديس جي،
    پيلي پيلي ويس تي،
    پيلي پيلي ويس تي!


    دُکي ديس جي ھڪ ڪَوتا!

    دُکي ديس جي ھڪ ڪَوتا!

    اُس ۽ عاشقي،
    مون ڪيتري آھي اُڻي،
    ھن ديس جي در در اڳيان،
    آئون واٽن تي جڏھن وکري ويس،
    سار تنھنجي جا سوين ساوا پکي،
    اوچتو آيا اُڏامي،
    ۽ اچي مونکي چُڳيا،
    ۽ عاشقي جي اگھاڙي اُڀ ۾،
    ڦڙ ڦڙ ڪندا ويا ڦھلجي،
    دور تائين ھن پٺيان پيڇو ڪري،
    ھوا جا پر ڪٽن ٿا،
    زندگي نوچن پٽن ٿا،
    ۽ منھنجي ھڪ جيڏن جي جوانين کي،
    ۽ انھن جي محبوبائن جي نشانين کي،
    شامُن جي ڳلن تي،
    ڦُٽي پوندڙ چپن کي،
    ھُو اُجاڙيندا اچن پيا،
    مُک مُھانڊا،
    پوسٽرن وانگي ڦاڙِيندا اچن پيا،
    ۽ منھنجي نئين نسل جون،
    مور جي رنگ جھڙيون،
    سڀ اميدون،
    ۽ ٻٻر جي ٻُور جھڙيون اَھنسائون،
    ٽھڪ ڏئي ٻارن پيا،
    وڻ، پکي، ماڻھو گڏي مارن پيا،
    ۽ منھنجو ديس ننڍڙو ٻار بنجي،
    روح منھنجي ۾ ڪري ٿو روڄ راڙو،
    ۽ آئون،
    پنھنجي پيڙھيءَ جي نِرڙ جو پگھر بنجي،
    در مٿان ٽپڪان پيو،
    ۽ پنھنجو پاڻ کي پيو پوکيان،
    ھن ديس جي در در اڳيان،
    ھن ديس جي گھر گھر اڳيان!



    اھا رات توسان گذاريم جا سنگ سنگ!

    اھا رات توسان گذاريم جا سنگ سنگ!

    اھا رات توسان گذاريم جا سنگ سنگ
    ھزارين قصا ھي، ھزارين ڪھاڻيون،
    رات سنڌو ڪنارو به ھئي،
    ڪنھن ڪن ڦاڙ جوڳيءَ،
    ڪنھن ساميءَ سندو،
    اُڇليل ادا ساڻ ڍارو به ھئي،
    ۽ اِشارو به ھُئي،
    رات رانجھو به ھُئي،
    رات راڻو به ھُئي،
    رات مومل به ھُئي،
    رات ماڻو به ھئي
    رات بينسر به ھُئِي،
    رات بولو به ھُئي،
    تون ھوا ۾ لڏئينءَ،
    رات جھولو به ھُئِي،
    اھا رات جانان جو،
    تنھنجي وڳي جون،
    زريون ۽ ستارا بنيا چنڊ تارا،
    ۽ تنھنجي اکين جي خمارن پٺيان،
    گلاب ٽڙيا ۽ ٻريون مشعلون،
    انھيءَ رات منجھه،
    تنھنجي جسم جي ڌيمن سُرن،
    جواني آلاپي،
    ڪنول گُنگُنايا،
    وڻن جي تَنبُورن سمورن ھيا،
    نوان راڳ ڇيڙيا ٻيون ڪافيون،
    نيون بي ڪسيون ۽ نيون عاشقيون،
    اھا رات جا ڪنھن شرابي جيان،
    کڙ کڙائي ٿَڪِي ٿيڙ کائي جڏھن،
    تنھنجي وارن جي ڪارين گھٽائن منجھه،
    گُم سُم ٿِي ويئي،
    رِل مِل ٿِي ويئي،
    اھا رات توسان گذاريم جا سنگ سنگ!!




    ننڊ جي پرديس ۾!

    ننڊ جي پرديس ۾!

    جاڳندي جانان سدائين،
    ڦول ٿو ڇاڻيان سندءِ!
    دلبري جي ديس ۾،
    ڳھر ايندي ئِي لڳو ھو،
    ڄڻ جلاوطن ٿيس،
    ننڊ جي پرديس ۾.


    آئيني ۾ سُور جاڳي!

    آئيني ۾ سُور جاڳي!

    رات جي راڻي دريءَ ۾،
    درد خوشبو کي سُڃاڻي،
    آئيني ۾ سور جاڳي،
    ۽ وڻن ۾ ٻور جاڳي،
    درد جي ڪاشيگريءَ ۾،
    مون ۾ توکي پاڻ ماڻي.




    ايڪٽيسي

    ايڪٽيسي

    سنجھا جو ھُو سڀئي ڪولھي،
    ٺري جا مٽ کولن ٿا،
    عمر ھُونئن اجائِي آ،
    مگر سُرڪي سَجائِي آ،
    سڀئي لمحا لُٽائي ھُو،
    گھڙين جا گھٽ کولن ٿا،
    سڄو ڏينھن ھُو ٻنيون ٻارا،
    وڏيرن جا ڦريل تارا،
    مگر پھچي پيالن وٽ،
    ڳچين مان ڳٽ کولن ٿا،
    صدين جا درد ڳائن ٿا،
    نشي ۾ سڀ ٻڌائين ٿا،
    پراڻا عشق اوري ھُو،
    فراقيل ڦٽ کولن ٿا،
    ۽ آڌيءَ جو سڀئي سُرندا،
    وڃي پنھنجي ڪکن ڪرندا.



    شاعريءَ جي ديس ۾!

    شاعريءَ جي ديس ۾!

    زندگي جي ساز تي،
    موت جي گنڀير ڌن،
    سڀ سڻندا ٿا رھن،
    ۽ ازل خاني منجھان،
    موھ ۽ ماڻا مڙيئي،
    درد جا پيلا پکي،
    چاھ چڻندا ٿا رھن،
    شاعريءَ جي ديس ۾،
    وارتا جي ويس ۾،
    سارجا ساوا پکي،
    عِشق اڻندا ٿا رھن.








    حواري (1) بومدين

    حواري (1) بومدين

    باغ جا درخت سمورا،
    ٽاري ٽاري بومدين،
    ڪير آھي ڪالھه جھڙو
    ڪير آ ڊيگال (2) جھڙو
    اڄ ته پئرس جي گھٽين ۾،
    سارتر (3) ڀي ڪونه آ،
    ڪير جو ساکي ٿئي،
    ۽ زھر ۾ ماکي ٿئي،
    الجزائر ايترو ناھي پري،
    جيترو تون دور آھين ديس کان،
    موت جي ھن آسماني ديس،
    ۽ سموري عرب ۾،
    اڄ ته موسى ۽ محمد
    ياسر (4) عرفات کي ڇا ٿا چون،
    وچ ۾ ڪنھنجي پون،
    ھر ڪنھن کي، پنھنجي پنھنجي درد جي نبوت ملي
    ڪير ٿو خالي وري خيما ڪري
    ڪير ٿو درويش (5) جون نظمون ٻُڌي
    ھُن قذافيءَ جون اکيون آھن ڀنل،
    سڄي تاريخ جي ڇاتي ڇنل،
    ڇا انھيءَ جو ٽوڙ آھي؟
    او حواري بومدين
    او حواري بومدين!

    _________
    ¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬1.الجزائر جو سابق صدر
    2. فرانس جو سابق صدر
    3. فرانس جو مشھور اديب
    4. فلسطين جو انقلابي اڳواڻ
    5. فلسطين جو مشھور شاعر


    محبوبا!

    محبوبا!

    تون ڪنھن لوڪ گيت جي سٽ جيئن،
    منھنجي چپن تي آئينءَ،
    مون ۾ وئينءَ گھلي،
    تون ڪنھن آبشار جيئن،
    مون ۾ روز ٿي ڪرندين رھين،
    رات جا تارا ڳڻيندي،
    مون موسم جا پير پڪڙيا،
    ۽ ان کي روڪيو،
    اوچتو آئينءَ ڪٿان تون،
    مون ۾ پاڻ کي پوکي وئينءَ!
    آئون اڌ سڪل وڻ تي،
    اڪيلي آکيري وانگي،
    ۽ سمورو ديس آھي،
    شام جھڙو غم،
    تون جھنگليءَ پکيءَ جھڙي،
    مون ۾ وئينءَ لڪي،
    تون زندگي جھڙي،
    مون کي ويجھڙي آھين،
    ۽ مون تي،
    موت جيان ڇانيل ٿي رھين.


    اسانجو عشق!

    اسانجو عشق!

    اسانجوعشق ھي آخر،
    غُلامي کي ٿڏي وجھندو،
    اسان کي چونڊ آ ڪرڻي ته،
    پنھنجو پيار ڪيئن ھوندو؟
    اسانجي محبتن جو،
    مُک مھانڊو ڪيئن ھجڻ گھرجي،
    اسان کي ھن ھوا تي،
    پير ڏئي ۽ ڪيئن ھلڻ گھرجي،
    اسانجو سور ڇا آھي،
    انھي کي ڪيئن سلڻ گھرجي،
    اسين پنھنجي وڇوڙن جي به،
    ڪريون وارثي ويھي،
    اسين پنھنجي ملڻ جي،
    مالڪي به خود ڪريون بيھي،
    اھا مرضي اسانجي آ،
    اسين ڪيئن ٿا ملڻ چاھيون،
    رُسڻ تي ڪيئن ٿا روئون،
    ۽ خوش ٿي ڪيئن کلڻ چاھيون،
    اسين پنھنجي محبت جي،
    سدا نرمل نشانين کي،
    ڀلي مھنگو ڪري ڀانيون،
    ڀلي سستو ڪري سمجھون،
    اسين پنھنجي حياتين جا،
    ڪريون ته فيصلا ڪھڙا،
    اسين پنھنجي ستارن جون،
    اکيون ڪيئن ٿا ڍڪڻ چاھيون،
    اسين پنھنجي اُداسين جون،
    ڳليون ڪيئن ٿا گھمڻ چاھيون.
    دريا جي ڪپر تي ڪوئي،
    ڪري ڪو دل لڳي،
    ڪٿي ڪنھن باغ ۾،
    ڪنھن بئنچ تي ويھي،
    ملائي ھٿ ٿو ٻئي،
    پريان بازار مان،
    محبوب کي ڀاڪر ۾ ڀري نڪري،
    ڪناري سمنڊ جي،
    پنھنجي سڄڻ جا زلف سلجھائي!
    انھيءَ جو حق اسان کي ھت
    سڄو حاصل ھجڻ گھرجي.


    خانم گگوش

    خانم گگوش

    خانم گگوش جي تصوير جي
    فريم ۾،
    جتي جي سرحدن ۾ جواني منع آھي.
    تاريخ جي سگريٽ کي،
    تيليءَ چميو ته،
    وقت دُکي پيو
    ۽ ھڪ ڊگھي ڪش ۾،
    درد جو سرمئي دونھون،
    ھوا ۾ اُڏرندو ويو،
    خميني تون ھڪ ڦلي وانگر،
    پنھنجي قبر جي ايش ٽري ۾،
    بي معنى ٿي ڇڻي پوندين
    گگوش جي اکين ۾،
    ھڪ ڪربلا ڇرڪ کائي جاڳي اٿي،
    ۽ خوابن جا حُسين،
    پنھنجي قتل جي بي واجبيءَ تي،
    ھر يزيد
    ھر خميني جو ابدي موت اورانگھي
    من جي نين موسمن جا،
    نوان عنوان بنجي ويا!
    درد جي ھن پراڻي ڍنڍ تي،
    ڏيھي ۽ پرڏيھي پکي،
    جڏھن گڏجي اُڏرندا،
    ۽ چٽي اُس ۾ به،
    پکين جو ھڪ ڪڪر،
    ڍنڍ تي ڇانورو ٿيندو.
    ته ڪروڙين ڇوڪرا ۽
    ڇوڪريون،
    جوانيءَ جي ٽاريءَ تي،
    زندگيءَ جي چيلھه ۾ ٻانھون
    وجھي،
    مسلسل ٽھڪ ڏيندا،
    ۽ انھن ٽھڪن ۾،
    گگوش سدائين جوان رھندي.



    چئو ڀلا رات جي روبرو ٿيندينءَ!

    چئو ڀلا رات جي روبرو ٿيندينءَ!

    شام جو تارو عروج تي آھي،
    تُون اڃان ڪنھن سان گفتگو ٿيندينءَ
    سانجھه جو ڪڏھن سرنگون ٿيندينءِ
    چئو ڀلا رات جي روبرو ٿيندينءِ!
    زندگيءَ ۾ زوال ھوندو آ،
    سامھون ھر ھر سوال ھوندو آ،
    جاڳندئين، جيئندئين ۽ جواب ٿيندئين،
    گفتگو ھن جي، تون گلاب ٿيندئين.









    مرڻو پرڻو ماڻھو سان آ!

    مرڻو پرڻو ماڻھو سان آ!

    ٻاٽ انڌيري منجھه ٻليءَ جي،
    اک ڏسي ٿي جيئن پکيءَ کي،
    تيئن تڪن ۽ تاڙن ٿا ھو،
    ھر پرديسي پاريھر کي،
    آڳ نه سمجھي ٻي ڪا ٻولي،
    گفتگو پر کي ڪا به نه گولي،
    ساڙن جي ساڙي ويندي،
    جي آھي ڪا ڀي ڄر کي،
    ڪونڊيءَ جا گُل لت لڳڻ سان.
    ٻارن جيئنءَ مرجھائي ويندا،
    آٿٿ ڪانه اڱڻ کي ايندي،
    دل نه ڌتاري سگھندي در کي،
    ماڻھو آھي جيئرو مرڻو،
    ان کان پوءِ ٻيو ڪجھه نه ورڻو،
    مرڻو پرڻو ماڻھوءَ سان آ،
    گھاءُ ڪندا ڇا خالي گھر کي!


    تو سِواءِ آھي اجائي شاعري

    تو سِواءِ آھي اجائي شاعري

    جھنگلن مان شھر ۾ اينديون اکيون،
    قيامتون ھر قوم تان گذري ويون،
    توکي لفظن ۾ گھڙي مون قيد ڪيو،
    وقت کان ڪيئن عورتون وسري ويون!
    کنڊرن مان مون کنئي ھئي زندگي،
    تون اُگھاڙي ٿيئنءَ ته مون دنيا ڏٺي،
    چاھتن جا باغ پيئي جھوميا لُڏيا،
    مون جڏھن توکي ڏني پھرين مٺي!
    ٿر سڄو آ ٿڪي مون ۾ ستو،
    مون پھاڙن تي سجائي شاعري،
    گيت پئي تنھنجي گليءَ ۾ ڪيئن رُنا،
    تو سواءِ آھي اجائي شاعري.







    اڪ جي ماکي نٿو لاھي سگھان!

    اڪ جي ماکي نٿو لاھي سگھان!

    اڪ جي ماکي نٿو لاھي سگھان،
    ڍنڍ تي آئون اڪيلو پيو گھمان،

    ديوتا ڇوريون ڀڄائي ٿو وڃي!
    نم جا پاوا ته ھا ٽڙڪي پيا،
    کٽ تي تنھا حياتي ھئي ستي،
    مون چيو مون ساڻ ھوءَ ملندي اچي،
    اڪ جي ماکي نٿو لاھي سگھان،
    ڍنڍ تي آئون اڪيلو پيو گھُمان،

    ديوتا ڇوڙيون ڀڄائي ٿو وڃي!
    طلمسي زندان ۾ جتي قيد ٿيون،
    جھنگلن مان ڊوڙنديون آيون ننگيون،
    ڏور شھرن ۾ وڃي آباد ٿيون،
    ھاڻ مان ڏيئي آسرو ڪنھن لاءِ اُٿان،
    ڍنڍ تي آئون اڪيلو پيو گھمان.


    جڏي ھي جواني!

    جڏي ھي جواني!


    نه ڪو رڪوع آ نڪو ڪوئي سجدو،
    اوھين بس پڙھو وڃي جنازي نمازون!
    ملان پنھنجي ماني آ تنھنجي ڳچيءَ ۾،
    جڏي ھيءَ جواني آ تنھنجي ڳچيءَ ۾،
    مدرسي ۾ ويھي وڏا کيڏ کيڏين،
    ۽ ريالن رواني آ تنھنجي ڳچيءَ ۾.











    سوين پيادا سپاھي قافيا!

    سوين پيادا سپاھي قافيا!


    پني جي پاڻي پٽ ميدان تي،
    تون پيو وڙھين،
    لفظن جو وڏو لشڪر لٿل آھي،
    سٿن ۾ صف بندي جن جي،
    سوين پيادا سپاھي قافيا،
    رت تي آھن رديف سڀ کڙا،
    تصور جون تلوارون ڪئين،
    خيالن جا خنجر جن وٽ،
    قلم ۾ مس ھيءَ آھي،
    مثل ڪنھن خون جي!







    ھي ديس مُون لاءِ آھي دُوربيني!

    ھي ديس مُون لاءِ آھي دُوربيني!

    شاعر! ھي ديس آھي مون لاءِ دوربيني،
    جنھن مان ڏسي سگھان ٿو دنيا سڄي سموري،
    ڪنھن جھنگ ۾ ھرڻ جي پويان ڊڪي پيو چيتو،
    ۽ وڻ مٿان پکيءَ جي خاموش آ خدائي،
    پئرس جي ڪنھن گھر ۾ ماڻھو ستو پيو آ،
    ۽ پراگ جي گھٽيءَ ۾ جاڳي پئي جدائي،
    جوئا گھرن ۾ جوئاري غمناڪ بي سبب ھا،
    بحري جھاز ھاڻي پرتي ھليو ويو ھو،
    تصوير کي برش سان تڪميل ڪنھن ڏني پئي،
    وائلن جي وڄي وڄي ۽ پاڻھي سمھي پيو ھو،
    ھڪ ڇوڪري صوفن جي باغ ۾ گھمي پئي،
    ھڪ شخص ٻار سان گڏ گرجا گھر ويو پئي،
    ھڪ ھنڌ مينھن گھاٽو جبلن مٿان وُٺو پئي.





    مُحبت!

    مُحبت!

    محبت، جانورن ۾ لڳ جي موسم جيان،
    انسان ۾ وحشي ايامن جا،
    سڀئي اُڌما اُٿاري ٿي،
    تو ڪئي مون سان محبت،
    مون ڪئي توسان محبت،
    پاڻ سا ڪئي ڪنھن محبت،
    پاڻ ڪئي ڪنھن سان محبت،
    اوڀر جي سامھون ٿو اولھه اچي،
    ڏکڻ جي سامھون آھي اُتر،
    اِھائي محبت،
    باھ جي گولي جيان،
    چئني طرف گھمندي رھي ٿي،
    چپ ڪارا،
    چاڪ دل ڄمندي رھي ٿي،
    مرد جي مرد سان،
    عورتن جي عورتن سان،
    ۽ عورت سان مرد جي،
    جبل جي غار کي ننگا جسم روشن رکن ٿا،
    جھنگ گھاٽي ۾، وڻن ھيٺان محبت، نسل انساني،
    ۽ پگھر ۾ شم ڪنھن مرد جيئن،
    محسوس ٿيندڙ ھيءَ محبت،
    ڊارون ۽ فرائيڊ جي فڪر جي روشنيءَ ۾،
    تنترا ۽ ڪاما سوترا جي ڪھاڻين ۽ قصن ۾،
    محبت حسن جي گھري سمندر ۾ تري،
    آخر ڪناري تي مزي سان آ سُتي،
    محبت ساحلن تي آ کڙي عورت جيان،
    اجنتا ۽ الورا جي مورتين ۾،
    مندرن جي مجسمن ۾،
    ڌرمي ڪتابن ۾،
    حور ۽ غلمان جي خود سپردگي،
    نانگ جي چپ تي رکيل،
    ڪڻڪ جي داڻي جيان،
    آدم ۽ حوا جي دلپذيري،
    گم ٿيل جنتن جي تلاش ۾،
    گھمن ٿا اڄ به جوڙا،
    ۽ چراغ جو ڊگھو ھڪ سلسلو ٻرندو رھي ٿو،
    محبت ٽامي جي اک مان ڳوڙھي جيان،
    ڳل تي اچي ڳالھيون ڪري ٿي،
    محبت تنھائيءَ جي ميز تي،
    ميڻ بتيءَ جيئن ٻري ٿي،
    چراغن جو ڊگھو لوڪ سلسلو ٻرندو رھي ٿو.
    ڪا ڪٿا ناھي مقدس،
    ھي ڪٿا پڻ عام آھي،
    زندگيءَ جي ذھن ۾،
    ٻارڙي جي خيال جھڙي،
    سادڙي صفا سولي،
    شھر جي ڪنھن چوڪ تي،
    ساحلن جي رش ۾،
    ڪنھن ڀري بازار ۾،
    يا ڪنھن اڪيلي ڪنڊ ۾،
    چئي ٿا سگھون،
    تو ڪئي مون سان محبت،
    مون ڪئي توسان محبت،
    ڪنھن ڪئي ڪنھن سان محبت،
    جنھن ڪئي جنھن سان محبت،
    تنھن ڪئي تنھن سان محبت!


    جي تون منھنجي ڳالھه سمجھين!

    جي تون منھنجي ڳالھه سمجھين!

    ھڪ ڪلو ماکيءَ لاءِ،
    چاليھه لک گلن کي،
    ماکيءَ جون مکيون،
    چمن چوسن ٿيون!
    ھڪ ڪلو ماکيءَ لاءِ،
    ماکيءَ جون مکيون،
    ايڏو اُڏامن ٿيون،
    چار چڪر دُنيا جا،
    ڏئي ٿا سگھجن!
    محنت محبت کي،
    چمي ۽ جرڪي،
    سورج مکڙين جون،
    اکڙيون ٿو کولي،
    واڍو کٽولي کي،
    ٺڪي ۽ ٺاھي،
    رازو سڌي پٽ تي،
    ڀتيون بيھاري،
    عورت ھڪڙي مرد سان،
    ويٺي عشق ڪري،
    ٽيبل تي ڪا ميڻ بتي،
    ٻارن لاءِ ٻري،
    دنيا سھڻي دنيا آ،
    جنھن ۾ ھر ڪو جيوَ ٿو،
    رھيل خيال ڀري،
    ھر ڪو پنھنجي ڪرت ۽
    ڪوشش ۾ آھي،
    ھر ڪو پنھنجي چرپر ۾،
    چانڊوڪي آھي،
    جي تون منھنجي سولي ھيءَ،
    ڳالھه سڄي سمجھين،
    مون سان پيار ڪرين،
    مون کي پيار ڪرين!




    صحرا جي دل ۾ آخر ڇا آھي!

    صحرا جي دل ۾ آخر ڇا آھي!

    صحرا جو سينو،
    صحرا جو ڌڙڪو،
    صحرا جي دل ۾،
    آخر ڇا آھي؟

    وڃايل قطارون،
    پراڻيون صندوقون،
    خيمي جو ڪپڙو،
    ماڻھوءَ جي ڄاڙي،
    لالچ جو موتي،
    صحرا جي دل ۾،
    آخر ڇا آھي؟

    ھڪڙو زمانو،
    اڳتي ۽ پٺتي،
    ڏينھن جو چوروُن،
    راتين جون ڀوروُن،
    لمحن جا سڙيل،
    سُڪي ويل ڳترا،
    خشڪيءَ جي ڪاوڙ،
    صحرا جي دل ۾،
    آخر ڇا آھي؟

    ھوا جون گھنڊڻيون،
    سرگوشيون پٽيون،
    طلسم جو پاڻي،
    ڳجھن جون چُنھبون،
    ڪارو لامارو،
    صحرا جي دل ۾،
    آخر ڇا آھي؟

    عورتن جون سارون ،
    ٻارن جي چنتا،
    باغن جون سوچون،
    پگھر جون نھرون،
    تتل تمنا،
    پيرن جو ورثو،
    صحرا جي دل ۾،
    آخر ڇا آھي؟

    صحرا تجليءَ جو ڀريل پيالو آ،
    صحرا سرابن جي ھڪ حقيقت آ،
    صحرا گرم رت کي چوسيندي آھي،
    صحرا ھڏن کي تحفظ ڏيندي آ،
    صحرا صبح ويلي سوچيندي آ،
    صحرا ٻنھپرن جو خدا جي اک آ،
    صحرا سڄي رات ھڪ عورت مِثل ھوندي آ،
    صحرا چوي ٿو مون کي ڪو سمجھي،
    صحرا جي دل ۾،
    آخر ڇا آھي؟





    دل تان چٿر ناھي چڱي!

    دل تان چٿر ناھي چڱي!

    ويڙھي لفافي ۾ وري،
    اڄ پان جو پن موڪليئي،
    دل تان چٿر ناھي چڱي،
    او سنگدل تنھنجي ڳلي،
    موتيي گلابن جي ڪلي،
    وسندي پٿر ناھي چڱي،
    سورج مکي چھرو ھجي،
    ۽ تو مٿان پھرو ھجي،
    اھڙي گھڙيءَ کي ڇا ڪجي؟
    ھن زھر کي ڪيئن اوتجي؟
    ھن وھ ڳڙيءَ کي ڇا ڪجي؟
    تنھنجيون ڪڪوريل ڪارڙيون،
    اکڙيون سڃاتيون ساحلن،
    سي گھنڊ گھورن ڪاوڙيل،
    ڪلھه رات ڳائيون ساحلن،
    سائي ٻٻر کي ٻک پئي،
    آئون وجھي دانھون ڪريان،
    پيلي ٻٻر جي ٻور مان،
    پيو ٻڪ مان ھاريان ڀريان،
    ھي شور ڇا جو آ ٿيو،
    تون ئي ته پئي مون ۾ چُڀين،
    دل جي ڪليسا گھنڊ ۾،
    اڌ رات جو ۽ اوچتو،
    اي درد ڪجھه ھٻڪي اچو،
    مٺڙي سُتي آ ننڊ ۾،
    اڄ به کڻي ھن راھ تي،
    ڏي لت منھنجي لڙڪ تي،
    رک پير منھنجي آھ تي،
    ھيئن ڪونه شل مرجھائجي،
    جيئن دل وڃائجي ڪومائجي،
    ٽڪرا ھزارين ٿي به پئي،
    تنھنجي ڳليءَ ۾ ڳائجي.




    عشق آ پکي وانگي!

    عشق آ پکي وانگي!

    سانوري اونھاري جو،
    رات جو قدم تنھنجا،
    لان ۾ لٿا آھن،
    سرنگون گلابن ۽،
    ٽيڪيا اڳيان تنھنجي،
    موتين مٿا آھن!
    آسمان اُجرو آ،
    رات جو ستارن جي،
    پاڻ ۾ ڪچھري آ،
    ھيٺ ھوءَ ستي آ،
    جاڳندڙ جوانيءَ کي،
    ننڊ ڇا ته گھري آ،
    تون ڏکڻ ڏي ڏس کڻي،
    سامھون اچي ٿي پئي،
    لاڙ کان لڙي آھي،
    واءَ جو ٿڌيڙو آ،
    گھم مان گھمي آيو،
    ھوءَ اُتي کڙي آھي،
    عشق آ پکيءَ وانگي،
    تو مٿان لٿو آھي!
    جسم لام وانگر آ،
    عشق پياڪ وانگر آ،
    پيار مئه پراڻي ڄڻ،
    جسم جام وانگر آ،
    تون کلي رھي آھين،
    چُڳھه ڳل تنھنجي ۾،
    مرڪندي پوي ٿو پيو،
    تون ملي رھين آھين،
    تون ته ماٺڪي آھين،
    چُڳھه ڇا چوي ٿو پيو؟
    سونھن جي ته معنى ڇا،
    سونھن جو مطلب ڇا،
    سونھن ڪين مقصد آ،
    سونھن نه مقامي آھي،
    سونھن عالمي آھي،
    عشق سونھن جو ڪم آ،
    عشق سونھن جو مطلب آ،
    عشق ئي مترجم آ،
    وِلھه آ در تي کڙي،
    زور سان سھڪي پئي،
    پاڻ پئي سھڪون پيا،
    صندل جون ڪاٺيون،
    باھ ۾ ٻرن پيون،
    پاڻ ٻئي مھڪون پيا،
    ھيل ڇا پوي پارو،
    ھيل تنھنجي ڀاڪرن،
    ۽ ٻکن جي دُنيا آ،
    ھيل ڇا ڳڙو وسندو،
    گرمي گذارڻ جي،
    دوزخن جي دُنيا آ،
    رات آ ڊسمبر جي،
    ۽ گلاس ۾ ووڊڪا،
    آڳ آ بخاري ۾،
    جسم تنھنجي جو ڪمبل،
    ڪيترو نه ڪوسو آ،
    سخت ھن سياري ۾،
    چاندني ڊسمبر جي،
    باغ ۾ ڏڪي ٿي پئي،
    تون مگر ڏکي ناھين،
    رات جا ٺري ٿي پئي،
    مان اڃان ٻران ٿو پيو،
    تون اڃان ٿڪي ناھين،
    تون اڱار سگريءَ ۾،
    جي نه جسم ٻاريندينءَ،
    ٺپ مان ٺري ويندس،
    آڳ ڀي حياتي آ،
    آڳ کان سواءِ جانان،
    مفت مان مري ويندس!
    شام جو لڙي پاڇا،
    اي تُلسي وڃن ٿا پيا،
    رات جو ستارن کي،
    مون ڍڪيو تڪيو آھي،
    ننڊ ڪانه آئي آ،
    آر جو تکو آواز،
    سُئيءَ جيئن ڇُپيو آھي،
    سانت ٿي سوائي آ،
    ساڳئي ھنڌان جانان،
    ھڪ مگ ڪافيءَ جو،
    پاڻ ٻيئي پيئون گڏجي،
    سيءَ ۾ ستل ڀرسان،
    ننڊ ۾ الڳ آھيون،
    جاڳندي جيئن گڏجي،
    حُسن ۾ وجھي ليمون،
    پاڻ ٻيئي پيون ٿا پيون،
    زندگي کٽي آھي،
    تون ڀلي اُھا ناھين،
    مان ڀلي اُھو ناھيان،
    زندگي ته ساڳي آ،
    رنگ جي بدلجي ويو،
    روپ جي ويو مٽجي،
    آرسي ته ساڳي آ،
    عشق ۾ ٿڪو ناھيان،
    واپسي به ممڪن ھئي،
    پيار به پليو ناھي،
    مان اڃان اُتي آھيان،
    سج کي نه گرھڻ آ،
    چند به جھيڻو ناھي،
    مون چيو “سڃاڻين ٿي؟”
    ھن چيو، “مليل آھين.”
    مون چيو، “ڀلي آھين”!
    ڇا اِھا حقيقت آ،
    مون چيو ، مجازن ۾،
    تون رڳو رُلي آھين.”
    سامھون آھيون ويٺا،
    فاصلو نٿو ڪٽجي،
    فاصلو ڪٿي آھي،
    جسم ۾ جواني آ،
    مان سڄو ڏسان ٿو پيو،
    زلزلو ڪٿي آھي،
    باغ ۾ ڏسي پوپٽ،
    مون چيو مجازن ۾،
    پيار کي وٺان پڪڙي،
    مھڪ آ وڌو ماري،
    گفتگو گلابن جي،
    جيءُ آ وڌو جڪڙي.


    عاشق ناھي نڪمو غالب!

    عاشق ناھي نڪمو غالب!

    عاشق ناھي نڪمو غالب!
    عشق نڪمو ناھي ڪندو،
    نمڪ حرام نڪما ڪيئي،
    سرڪاري ھت نوڪر آھن،
    ڪوڙا جيڪي تاش جا پتا،
    جوٺا آھن جوڪر آھن،
    جُوتي جي ھر نوڪ اڳيان،
    ھو نوڪر ٿيندا ٺوڪر آھن،
    عشق نه آيو تن جي واڙي،
    واڙي ڇا نه اوڙي پاڙي،
    ھڪڙا مھيني دار نڪما،
    ھڪڙا ڏوڪڙ کڻن ڏھاڙي،
    سي سڀ غالب عاشق ناھن،
    ھا پر سڀ نڪما آھن!




    اسانجي ننڊ قتل ٿي !

    اسانجي ننڊ قتل ٿي !

    اسانجي ننڊ قتل ٿي جنھن نموني وري،
    اسانجا خواب وري خون خون ٿيا آھن،
    وري سمھي نه سگھياسين صديون ٿيون آھن،
    اسانجا پيار مُئا اڌ ۾ پيا آھن.

    ڀڳا ويا ھڏ، متان ڪو اُٿي نچي جھومي،
    ڪپي زبان وئي جيئن نه ڪو ڪنجھي ڪُرڪي،
    زخم زخم جو بدن تي سھارو آھي بنيل،
    ٻڪن جا ٻُڪ متان، لوڻ ڪو پيو ٻُرڪي.

    رڳو سزا جي ھن سموري سفرنامي ۾،
    اسان سان آھي عقويت ۽ ٻي سختي آھي،
    ذلالتن جي ھن زندان جي اسيرن کي،
    ملي جي روشني ۾ ته بس رڳو بدبختي آھي.

    اسانجا لاش لڪي جبل ۾ ۾ ڳجھون کائن،
    ڀلي غسل نه ملي قيمتي ڪفن نه ٿئي،
    ڀلي نه آخري ديدار لاءِ اچي ڪوئي،
    ۽ اعزاز سان دُنيا ۾ ڀل دفن نه ٿئي.


    عشق جو نچي نڪتو!

    عشق جو نچي نڪتو!

    نامراد دُنيا جي،
    ھن ڪٺورڻ پٽ مان،
    عشق ئي بچي نڪتو.

    عشق جنھن ٻڌا گنگھرو،
    عشق جنھن ٻڌيون ڇيريون،
    عشق جو نچي نڪتو.

    ماٺ جي مينھوڳيءَ ۾،
    زندگي پُسي،
    آخر لفظ کي ڪيو سجدو،
    ھن زمين خاليءَ ٿي،
    وقت بيٺل جي مٿان،
    آدمي اچي نڪتو.

    شام جو شرابي دل،
    شام جي خرابي دل،
    شام جو بي تابي دل،
    سج پيالي ۾ لٿو،
    جوٽ ڪنھنجيءَ تي مٿو،
    ڪونه ڪو رچي نڪتو!


    منھنجي دُنيا

    منھنجي دُنيا

    منھنجي دنيا آ تنھنجي دل تائين،
    منھنجي دُنيا آ تنھنجيون ٻئي اکڙيون،
    تنھنجي اکڙين ۾ جي نھاريان ٿو،
    سمنڊ ساري تي آئون سوچيان ٿو،
    ھوندي سمنڊ ۾ پوي ٿي پئي،
    منھنجي ڀرسان اچي ٻولي ٿي پئي
    تون ته صحرا منجھان ڊڪيو آھين،
    چنڊ واريءَ اندر ستو ھوندو،
    تون ته واري مٿان جھڪيو آھين،
    ھي جو شيراز ٿو اچي آڏو،
    عشق ترڪي منجھان مٽيو آھي،
    روس جتي سخت برفباريءَ ۾،
    مون ڪٿي وقت ڪيئن ڪٽيو آھي،
    ڏينھن جو شينھن ڪيئن ستو ھوندو!
    شور لنڊن جو ٿيو جھڪو ھوندو،
    آئون پئرس جي ڪنھن ڪمري ۾،
    گگھه اوندھ ڪِري سُتو ھوندس،
    ننڊ جي نيٺ ايفل ٽاور تان،
    مان ستارن ڏي اُڏرندو ويندس،
    جت خدا خيال ٿو رکي پنھنجا،
    ۽ ازل جي سرد تھه خاني ۾.
    ساري ڪائنات جون پيل چاٻيون،
    تنھنجي دل جو بند به تالو ھي،
    خواب پنھنجي سان نيٺ کوليان ٿو،
    تنھنجيون اکڙيون ٻئي سڄي دُنيا،
    منھنجي دُنيا آ تنھنجون ٻئي اکڙيون،
    منھنجي دُنيا آ تنھنجي دل تائين.


    مُقدر!

    مُقدر!

    رات ساري ڪو،
    تنھنجي ڪُلھي مٿان،
    پنھنجو سرڙو رکي،
    رات ڪاري ڪٽي،
    پوءِ مقدر کٽي!


    عشق امانت لاءِ کڙو آ!

    عشق امانت لاءِ کڙو آ!

    خوشبو سا ھر ھير سڃاڻج،
    عشق امانت لاءِ کڙو آ،
    منڪر، ناٿ، نڪير سڃاڻج.

    پنھنجي پٺ آ پيرن واري،
    پنھنجا اڳ امير سڃاڻج.

    پيان لاگون اس پاگل کو،
    حسن درس فقير سڃاڻج.



    روئينا

    روئينا

    قبائلي تصور ۾،
    ھُن کي ڪنھن گھر ۾،
    سموري عمر لاءِ،
    لڪائي پيو سگھجي،
    قبائلي تصور ۾،
    وٺي نانءُ ھُن جو،
    وڙھي پيا سگھن،
    قبائلي تصور ۾،
    ھي جي حسن جي،
    بياني ڪتابن جا،
    سڀ سلسلا ھُوندا،
    ساڙيا وڃن ھا،
    اُھو ئي تصور،
    جو عورت کي پردي جي پويان بيھاري،
    دليري شجاعت جي،
    ڪاري ڪھاڻي،
    لکڻ لئهِ اُ ٿي ٿو!
    مگر ھوءَ حسينا،
    سڀئي سخت رستا،
    ڇڏي جوءِ جرڳا،
    پشاور ۾ پھتي ته،
    ازل جي ڪنھن آزاد سھڻي تصور،
    پھاڙي حسن کي،
    حقيقت ملي وئي،
    اسان ھن کي سمجھڻ گھريو،
    ۽ تصور ۾،
    اسان جي اڳيان ھوءَ،
    چشمي ۾ تبديل ٿيندي وئي،
    اسان پئي ڏٺو ۽،
    رڳو مُرڪ ھڪڙيءَ جي ننڍڙيءَ وٿي سان،
    وري چيل جي وڻ ۾ تبديل ٿي وئي،
    ڪڏھن صبح ٿي وئي،
    ڪڏھن شام ٿي وئي،
    ڪڏھن خاص ٿي وئي،
    ڪڏھن عام ٿي وئي!
    ڪڏھن ھُن ھوائن جون خشڪيون پئي آنديون،
    ڪڏھن ھن پھاڙن ۾ رستو پئي ٺاھيو،
    ڪڏھن ھن نديءَ کي وھڻ ۾ مدد ڪئي،
    ڪڏھن ٽھڪ ڏئي ھن پئي ٽاريون نمايون،
    ڪڏھن ھُن پئي بادام جو وڻ جھڪايو،
    اُھائي حسينا پھاڙي پٺاڻي،
    انھيءَ جي ڪھاڻي،
    نڪو ڇيھه جنھن جو،
    نه جنھن جي پڄاڻي،
    اُنھيءَ کان به اڳتي اسانجي تصور،
    پئي پوڄيو بُتن کي،
    انھيءَ کان به اڳتي اسان کي حقيقت ۾،
    ھُن جي اکين جو سڄو موھ گھرجي،
    جبل سڀ جھاڳي پھاڙن ۾ پھچون،
    ھن جي حُسن جو سڄو روھ گھرجي!


    سڄو سج لھندي لڱن ۾ لڏيو ھو!

    سڄو سج لھندي لڱن ۾ لڏيو ھو!

    اُھو جنھن کي اڌڙوٽ عورت اڳيئي،
    ليمي جيان ڄڻ نپوڙي وڌو ھو،
    وڍيل صوف وانگي بدن کي ورھائي،
    چئون ڪيئن ته سُھڻين سان ئي سڌو ھو،
    مگر اُس مان ھئي جُڙيل جا جواني،
    سڄو سج لھندي لڱن ۾ لڏيو ھو،
    کڻي پيار جا ڪيئي پيرا فضا ۾،
    پکيءَ جيئن ھو ساندھ ھوا ۾ اُڏيو ھو،
    رڳو عورتن کي ٻه ڇاتيون ناھن،
    رڳو عورتن جي ڳچي ناھي گوري،
    ھجڻ لاءِ ته محبت وري پوءِ به ٿوري،
    اھا ڳالھه جيڪا آ ساري حقيقت،
    تصور ۾ آئي ته طوفان ٿي وئي،
    جتي زندگيءَ خود به مھمان ٿي وئي،
    اُتي جت ھا ڳالھين، ڳليون ڳوٺ ٺاھيا،
    وڃي اُت وصالن جدائين سان جوٽيو،
    محبت جي گيتن جي سوڙھين گھٽين ۾،
    وڃي ھو جي نڪتو ته واپس نه موٽيو،
    چون ٿا ته اُن رات برسات پئي ھئي،
    کنوڻ جا به گھوڙا پئي ھڻڪيا ھوا ۾،
    ستل ٻار بستر ۾ پيشاپ ڪيو پئي،
    انڌيرو گھٽيءَ ۾ گھليو ويو پئي،
    اُنھيءَ رات ھن کي سوير ھو سمھڻو،
    ھوائن جي ڏاڪڻ مٿان پير ڏيئي،
    ستارن کي اوڏو ٿيڻ منجھه ڇاھي،
    اُھو جنھن کي ساحل به منزل لڳو ھو،
    ڪنارن تي بيھي ڀري ڍُڪ پُر ٿي،
    سڄو سمنڊ آخر پيئڻ منجھه ڇاھي،
    جسم جي ڪشش کي آ پنھنجو فسانو،
    ۽ جنسي مزي جي آ پنھنجي ڪھاڻي،
    سوين لذتن جي سڀن سلسلن جو،
    نڪو ڇيھه آھي، نه ڪائي پڄاڻي.





    شڪاري

    شڪاري

    دوناليون بندوقون ڀري ڇا سگھي ٿو،
    پکين کي شڪاري ڪري ڇا سگھي ٿو،
    ڀلي ھي وڏيرا ڪري چاپلوسي،
    شڪارن بھاني چٽن بوٽ ڪارا،
    ھي پنھنجن پيارن پکين لاءِ،
    ٻين ساڻ گڏجي ٿين مفت مارا،
    پر ھي پکين کي اُجھائي سگھن ٿا،
    تتر ڪيترن کي وسائي سگھن ٿا،
    مگر ھي وطن جا پيا وڻ وڍائن،
    ھوائن ۾ ڪيئن ڪو اڏي آشيانا!
    پکي پنھنجا آنا، نسل ڪيئن بچائن!
    پکين کي شڪاري نه سگھندو کٽائي،
    مگر وڻن جي اڻ ھوند ماري سگھي ٿي،





    دل ۽ دولت!

    دل ۽ دولت!

    جيءَ جو جوڀن، جيءَ جي جواني،
    پيريءَ ۾ ڇو ايندي آھي؟

    ڳاڙھي ڳالھه به ويڙھيل سيڙھيل،
    نيريءَ ۾ ڇو ايندي آھي؟

    عشق سندي آزادي ايڏي،
    اسيريءَ ۾ ڇو ايندي آھي؟

    درس حسن وٽ دل ۽ دولت،
    فقيريءَ ۾ ڇو ايندي آھي؟






    تُنھنجي صُورت صاحب سُھڻي!

    تُنھنجي صُورت صاحب سُھڻي!

    ويرانن ۾ وجھه وصل جو،
    جاني ڇو ته جدائي جاني!
    ھمدم ھي غم دل ۾ دھڪي،
    منھنجي سُر ۽ ساھ ۾ سھڪي،
    منھنجو من پيو مھڪي چھڪي،
    ھاءِ ھجر جي ڪڻڪ لڻي آ،
    حد حساب نه فيض فصل جو،
    تنھنجي خاص خدائي جاني،
    امرت ڌارا عشق الاھي،
    ھڪڙو سھڪو ۽ ٻي ساھي،
    من مندر ۾ مورت ٺاھي،
    تُنھنجي صورت صاحب سُھڻي،
    منھنجي عشق ته آھي اصل جو،
    توئي ڳالھه ٻڌائي جاني.




    وھيءَ کي وھاڻو کپي عشق جو!

    وھيءَ کي وھاڻو کپي عشق جو!

    وھيءَ کي وھاڻو کپي عشق جو،
    چڙھي ڄڻ جبل جي مان چوٽي اچان،
    پيان کير تازو ڏڌل مينھن جو،
    ڪراڙن سان ڪانڀون ڪچھري ڪريان،
    جيئڻ لاءِ جاڳڻ جا آھن جتن،
    پرينءَ سان گڏ ننڊ گھري ڪريان،
    سدا سيبتو منھنجو گھوڙو رھي،
    پرينءَ کان نه ڪڏھين وڇوڙو رھي.









    رھجي ويل پن ڇڻ!

    رھجي ويل پن ڇڻ!

    ڇا تنھنجي ڪک منجھان،
    ڪوئي موتيو مھڪندو،
    يا چنبيلي ول ڦٽي مھڪار ٿيندي،
    ڇا اھا رھجي ويل پن ڇڻ،
    اسانجي پيار سان سھڪار ٿيندي،
    چنبيلي پيلي رُت منجھان،
    ڪجھه پل،
    تنھنجي تڙپ ۾ رھجي ويا،
    ۽ تون منھنجي اکڙين ۾،
    بظاھر،
    ھزارين موسمن جا،
    رنگ سانڍي پئي ھلين!






    اکر ۾ ھڪ ڄڻو آھي!

    اکر ۾ ھڪ ڄڻو آھي!

    اُڀي نيري اڳيان وڃبو،
    ته ڇاتي نوڪ تي پوندي،
    نھارين دل منجھان جيڪر،
    نظر پئي لوڪ تي پوندي،
    انھن اڻ ڄاڻ اھڃاڻن،
    سوين ڀيرا ته سمجھايس،
    ھزارين عورتن جي،
    ھوالائي ڇو نٿو سمجھي،
    ڪري ٿو سڌ سھڻين جي،
    اکر ۾ ھڪ ڄڻو آھي،
    الائي ڇو گھڻو آھي.






    الوداع الوداع!

    الوداع الوداع!

    مان، شام غم، تنھا تنھا،
    ھن جي انتظار ۾،
    ٻڏندڙ سج ڏي،
    اُڏرندڙ پکي،
    لڏندڙ ھٿ،
    الوداع الوداع!
    اڪيلائيءَ جو ڪو نوحو،
    ڪو درديلو نغمو،
    ڀرجي آيل گلو،
    منھنجي اجھل جذبن ڪري،
    اکين ۾ تري آيل لڙڪ،
    ھن جي انتطار ۾،
    ڊگھا ٿي تاڻجي ويل پل،
    گذرندڙ لمحن ڏي،
    جدائيءَ جي سرحدن ڏي،
    خاموشيءَ ۾،
    مان ڦڪي مرڪ،
    ٽٽل ٽھڪ،
    ھوا جي آواره سيٽيءَ جيئن،
    منھنجي بي قرار من جي بانسري،
    اميد جي ڪا سرگوشي،
    منھنجي مضطرب روح جو آواز،
    ڪا رڙ، ڪائي ڪوڪ، ڪو پڙلاءُ،
    ھن جي واپس اچڻ تائين،
    مان، شام غم، تنھا تنھا،
    ھن جي انتظار ۾،
    ٻڏندڙ سج ڏي،
    اُڏرندڙ پکي،
    لڏندڙ ھٿ،
    الوداع الوداع!


    گل گلابي تو جيان!

    گل گلابي تو جيان!

    منھنجي رت ۾،
    گل گلابي تو جيان،
    مھڪندا ٿا رھن،
    سار تنھنجي، سندا سوجھرا،
    سُر سوين،
    ۽ جھنگلي سوئرن جھڙا،
    ڪئين نظم،
    منھنجي سيني ۾،
    سھڪندا ٿا رھن،
    منھنجي سپنن ۾ سمھي پوڻ کان پوءِ،
    منھنجي تن بدن ۾،
    ڪيترا وڻ ٿي ڦٽا،
    ۽ آئون پاڻ ۾،
    ڪيترو گھاٽو ٿيس!
    جنھنگل جيان!
    ڪيتريون پن ڇڻ،
    پنھنجا اگھاڙا پير،
    مون ۾ ڀلجي ويون،
    ۽ ڪيئن بھارون،
    پنھنجا ويس وڳا،
    مون ۾ لاھي ويون ھليون،
    ۽ اڄ به منھنجي ٻانھن جا،
    ڏار ٻٻرن جا،
    ٻھڪندا ٿا رھن.


    حامله عورت ڏي ھڪ خط!

    حامله عورت ڏي ھڪ خط!

    پيار منھنجي جون ھزارين بارشون،
    توتي وٺيون،
    ۽ تون،
    آلي مٽي جي سڳنڌ سرھاڻ ٿي،
    ساھ منھنجي کي پئي اُتساھ ڏين،
    پنھنجي ڏينھن جي ڀريل ڪٽليءَ منجھان،
    اُس جون ڪڙيون پياليون،
    مون ننڍيون سُرڪون ڀري پيتيون،
    ۽ پنھنجي بدن جي بي چين ٻپھرن ۾،
    مون پنھنجا جھڙ جھڙالا ھٿ،
    سدائين لاءِ رکيا،
    ڄمي ويل برف،
    ۽ اڪيلائيءَ ۾،
    پنھنجي ٻانھن ۾ ڀريل آڳ سان،
    تنھنجي دردن کي رھيس پگھرائيندو!



    درد جي ديوار تي!

    درد جي ديوار تي!

    تنھنجي منھنجي،
    ساري دنيا جي جواني،
    ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون،
    آھن دُکي،
    سج ٿورو سوچ تون!

    درد جي ديوار تي،
    ڪئين ڪروڙين مک مھانڊا،
    پيا ٽڙن ڪومائجن،
    ڦول ڄڻ سورج مکي،
    سمنڊ ٿورو سوچ تون!

    چپ لوساٽيل اسان جا،
    واءُ ٿورو سوچ تون!

    نوجوانيءَ جا بدن،
    ڪيترا آھن سگھا،
    ڪيترا لچڪن پيا،
    ميگھه ٿورو سوچ تون!


    روز منھنجي رُوح ۾!

    روز منھنجي رُوح ۾!

    روز منھنجي رُوح ۾،
    ڪيئن ڪبوتر ٿا لھن!
    روز ھنجي ڀاڪرن جي،
    سوڙھي ڄار ۾،
    ھنجي چپن جا رنگ،
    تنھنجي ڳاڙھي شراب سان گڏي،
    پي ٿو ڇڏيان،
    ۽ پوءِ منھنجي رت سان،
    ڪئي،
    چتر ٿا ٺھن!







    پر ماڻھو تنھا ٽلڪي پيو!

    پر ماڻھو تنھا ٽلڪي پيو!

    ھڪ شخص عمر ڀر سوچيندو،
    ھو گرم ھوائون صحرا جون،
    جي مون کي ساڙي ڪين سگھيون،
    اڄ آئون جلان پيو اوندھ ۾،
    ڄڻ سج لھي پيو سيني ۾،
    ھڪ شخص عمر ڀر سوچيندو،
    ھي ٻارنھن سال حياتيءَ جا،
    جي عمر قيد جيئن مون ڪاٽيا،
    ھو پيار به ڄڻ ڪو پٿر ھو،
    جنھن کي مون ھٿن سان ويھي گھڙيو،
    ۽ تنھن کي ويھي سجدو ڪيو،
    پر بُت ۾ آخر ساھ نه پيو،
    ھڪ شخص عمر ڀر سوچيندو رھيو،
    ھن غم جو ڪارڻ ڇا آھي؟
    ھيءَ دل جا مُور مڃي ئي نٿي،
    ھي ھر ھر سارڻ ڇا آھي؟
    ۽ خود کي ٻئي جي خيالن ۾،
    ھي ٻوڙڻ تارڻ ڇا آھي؟
    ھڪ شخص عمر ڀر سوچيندو رھيو،
    ھي ساحل ڇا ڇا چئي سگھندا،
    ھي جو به وڃايم وڻ وڻ ۾،
    سي منظر واپس ڏئي سگھندا،
    ھن غم جو ڪاٿو ڪو ڪونھي،
    ھي درد ندين ۾ ڇُلڪي پيو.
    ھن ساحل تي آ رش وڏي،
    پر ماڻھو تنھا ٽلڪي پيو.


    ڪير ڪنھنجي لاءِ رُڪي!

    ڪير ڪنھنجي لاءِ رُڪي!

    رات جي گھوڙي جڙي،
    چاندني در تي کڙي،
    ھڻ جوانيءَ کي اڙي،
    ڪير ڪنھن جي لاءِ رُڪي،

    رات جي گھوڙي تکي!
    زندگي جنھن مان سکي،
    ڪڏھن مٽي ڪنھن جي لکي،
    ڪير ڪنھن جي لاءِ رُڪي،

    رات جي گھوڙي ڪڏي!
    تخت ۽ تختو لڏي،
    ڌوڙ ڌڙڪي ۽ اُڏي،
    رات جي گھوڙي ڀڄي!
    وقت واڇوڙو وڄي،
    پير پيو ھر ڪو کڄي،
    ڪير ڪنھن جي لاءِ رُڪي!


    مگر پاڻ کي لوھ لوھ چئو!

    مگر پاڻ کي لوھ لوھ چئو!

    الڳ ٿي اندر کان ھلائج ھينئون،
    سنھي تند ساھن جي سوري ھري،
    اُڻي پٽ آخر قلب جو ڪينئون،
    الڳ ٿي اکين کي نھارج نظر،
    انڌيري ۾ اُتساھ ٿي، ٿي ھلي،
    اِھا ديد دل جي ته بيت البصر،
    ٻٽو ٿي ٻڌڻ ۾ ڪنائج ڪڙيون،
    مٺن جون مٺايون، زبانون زھر،
    تکائون تلسي دلاسا تڙيون،
    وڏو ٿي وڏن کان ننڍو واڪ ڏج،
    سڄڻ لاءِ سھايون سميٽي سڀئي،
    ڪڙي اُس ۾ ڇانوَ ٿڌڪار ٿج،
    ننڍو ٿي ننڍن کان صفا پٽ پئو،
    اچي نيٺ پارس اُجاري وڌئي،
    مگر پاڻ کي لوھ جو لوھ چئو.



    جوڳي بين بجاوي!

    جوڳي بين بجاوي!

    آنک پرنده، نيند پرون پر،
    جيون درو اُڙاوي،
    تيري گائون مين سانپ ھي سويا،
    جوگي بين بجاوي!
    تو آوي نا آوي سيان،
    جوگي بين بجاوي!

    تو آوي نا آوي ساجن،
    دور سُلگتي لکڙي صندل.
    خوشبو چپن چُر اوي،
    ڪُنوين پاس کڙي اڪ ناري،
    پايان پاني پاوي،
    تو آوي نا آوي پريتم،
    جوڳي بين بجاوي!
    تو آوي نا آوي گوتم،
    جوگي بين بجاوي!


    چندرما ڪو چين نھين ھئي،
    مورامن گھبراوي،
    ڀر ڀر روز ڪٽورا ڪِشته،
    ايڪ فقيري ڀي آوي،
    تو آوي نا آوي رانجھو،
    جوگي بين بجاوي،
    تو آوي نا آوي رمتا،
    جوگي بين بجاوي!

    دل ڪِي ڪُٽيا جاڳ رھي ٿي،
    اُسڪو ڪون سُلاوي!
    درس فقير تو جاڳ رھا ھي،
    دنيا آوي، جاوي!
    تو آوي نا آوي تلسي،
    جوگي بين بجاوي.




    حسن حيرتن ۾ حياتي سموري!

    حسن حيرتن ۾ حياتي سموري!

    جلڻ ڪاڻ جوڳين جٽائون وٽايون
    ۽ ڪيڏي ڪتر ساڻ چوٽيون ڪٽايون
    پرين ڪاڻ پنھنجون ٿي پاڙو پٽايون
    رڳن جي رسي ۾ ٻڌي جو رکيائون
    عدم آدمي ۾ وڌي جو رکيائون
    اتي نياز نئين سر طلب ٿي وڃي
    حسن حسرتن ۾ حياتي سموري
    سڄو قيد خانو قلب ٿي وڃي.









    ننڊ کي اونڌو ٽگيندو ٿو رھان

    ننڊ کي اونڌو ٽگيندو ٿو رھان

    تون نه ڄاڻين ٿي
    ته تنھنجي موھ جون مُرليون
    منھنجي تن بدن مان
    وٽ کائي
    ڪيئن ٿيون ورلاپ ڪن
    تون نه ڄاڻين ٿي
    ته منھنجي دل اندر
    دُک جو جھنگل ڪيترو گھاٽو ٿيندو پيو وڃي
    ۽ درد جون گھاٽيون وليون
    منھنجن رڳن ۾ ڪيئن نه وچڙن پيون
    ۽ تنھنجي گليءَ ۾
    پير منھنجا ڪيئن ڇڻن پيا
    رات ٿيندي ئي مان اکين ۾
    ننڊ کي اونڌو ٽگيندو ٿو رھان.



    ڪا به ڪويتا اُجري ناھي

    ڪا به ڪويتا اُجري ناھي

    ڪا به ڪويتا اُجري ناھي
    من به ھڪڙي گھٽي آھي،
    تنھن ۾ ڪجھه ميراڻ ته ھوندي،
    روز فرشتا، شيطانن جي ٻانھن ۾،
    گھَري ڄڻ ته گناھن جا ڪا ننڊ جتي
    اوجاڳيل مينار مٿان ڪنھن مسجد جا
    رکوالا گرجا گھر جا وڄندڙ گھنڊ جتي
    ھونئن به ميرو رنگ مٽيءَ جو
    پنھنجو گھر ۽ پنھنجي گھٽيءَ جو
    ۽ تنھن سوڙھي گھٽيءَ ۾
    لٽ چڙھي وئي آ لفظن تي
    گند گناھن جا ھن ڪيڏا اُڇلايل
    ڪير اُنھن کي ڦوڪي ٺاھي
    ڪا به ڪويتا اُجري ناھي.




    ھُن شخص جو ذڪر

    ھُن شخص جو ذڪر

    ھُن شخص جو ذڪر ضرور ڪجي
    جيڪو مري ويو آ.
    مگر سندس مُرڪَ
    اسان جي چپن تي جيئري آھي
    موھن جي دڙي کان وٺي
    توھان سڀني تائين.
    جيڪڏھن پيرا کڻبا ته شام ٿي ويندي
    ضروري آ ان پيار جو ذڪر به ڪجي
    جيڪو اڃان ٿيندو
    ۽ اھي وَڻَ به، جيڪي ڦُٽڻا آھن
    ڍوڍي جو ذڪر به ڪجي
    چنڊ جو به،
    ۽ اُن ڇوڪري جو به،
    جيڪا بيٺي بيٺي گُل ٿي وئي،
    سُھائي راتين ۾،
    ڪير ننڊ جي ٻيڙيءَ ۾ چڙھيو ھوندو!
    سپنا ڪھڙيءَ ڪنڌيءَ تي لٿا ھوندا!!
    ۽ ڪھڙي بدن جي مياڻ ۾
    تاريخ جي تلوار جاڳي ھوندي . . .
    ھا! انھن سڀني جو ذڪر به ڪجي . . .
    مگر آخر ۾!
    ھُن شخص جو ذڪر ضرور ڪجي
    جنھن کي زماني ٻاراڻي ڪتاب جيان
    وساري ڇڏيو آھي.
    جنھن ڌرتي کيڙي،
    تماڪ ڇڪيو،
    عورت سان ھمبستري ڪئي
    ۽ سڄو ڏينھن
    درياءَ ۾ مڇيون ماريون
    اُھو جيڪو مٽيءَ تي ڊُڪيو
    وڻن ۾ جھاتيون پاتائين
    ماڻھن جي اندر ۾
    ڪاھي پيو.
    ۽ آخر
    پنھنجي وطن ۾ وڃائجي ويو.


    بي مثل

    بي مثل

    توکي تاريخ جي تلوار جي تکي ڌار کي
    پنھنجي ھٿ سان ڇھڻ جي فرصت ناھي
    ھي ته ڄڻ عشق سان چرچو آ، ٺٺولي آھي
    توکي ماڻھن جي محبت سان محبت ناھي
    تون ته قاتل جي صفا اصل کان واقف ناھين
    تون جلادن جي نئين نسل کان واقف ناھين
    جن جا خَنجر ته سدائين کان اڃارا آھن
    جن جون پيڙھيون ئي رڳو خون جون پياسون آھن
    مون کي مڪليءَ ۾ مدفون شھيدن جو قسم
    وقت گمنام سپاھيءَ جي مُنڊي گم ٿيل آھي
    جيڪا ھر چور جي چيچ ۾ پوري ٿي اچي
    اڄ جو سرڪس ۾ ھنن سان وڃين پئي تون ڀي
    پنھنجي ھر ڀيري رَسِي اڌ ۾ ٽُٽي پئي آھي
    پاڻ ڪنھن ڀيري به ھُن پار نه پھتا آھيون
    پاڻ واڳن جي پٽيل واتن ۾ ڪريا آھيون
    اڄ جڏھن سڀ شڪستن ۾ دٻيا پيا آھيون
    تون ھنن جي ئي جشن فتح ۾ بيٺي آھين
    اڻ وڻيا گيت اُٻھرا پئي ٻُڌين ڪن لائي
    توکي مخدوم بلاول جي مٽي ياد پوي
    توکي شل پنھنجو وطن پنھنجي گھٽي ياد پوي


    تون جا پاڻ پکيءَ جھڙن آن

    تون جا پاڻ پکيءَ جھڙن آن

    تون جا پاڻ پکي جھڙن آن
    لڪي شاھ صدر تي لھندينءَ
    مُھراڻي جي ماٺ مَٽيندينءَ
    دونھين ڌنڌ منجھان ونءُ ويندينءَ
    گونگي شام جبل ۾ گڏبينءَ
    ٿڪي شاھ صدر تي لھندينءَ
    وارياسي جا وَٽَ اُڏامن
    تنھنجي پويان پَٽَ اُڏامن
    آخر ڪيڏانھن اڳتي ويندينءَ
    يڪي شاھ صدر تي لھندينءَ
    سارو ھي سنسار اڳيان آ
    ڪارو ڪارونڀار اڳيان آ
    دل ۾ خوف ورائي ويندينءَ
    ڏڪي شاھ صدر تي لھندينءَ
    نه ڪو سج سجاول لھندينءَ
    نه ڪو ٿَر ڏي ئي تون ٿيندينءَ
    نه ڪو ڪاڇي ڏي ڪَھندينءَ
    پڪي شاھ صدر تي لھندينءَ.


    نياپو

    نياپو

    ويڙھي لفافي ۾ وري
    اڄ پان جو پن موڪلئي
    دل تي چٿر ناھي چڱي
    او سنگدل تنھنجي ڳلي
    موتئي، گلابن جي ڪَلي
    وسندي پٿر ناھي چڱي.
    سورج مُکي چھرو ھجي
    ۽ سج وانگر مان ھجان
    ۽ تو مٿان پھرو ھجي
    اھڙيءَ گھڙي کي ڇا ڪجي
    تنھنجون ڪڪوريل ڪارڻيون
    اکڙيون سڃاتيون ساحلن
    سي گھُنڊ، گھورون ڪاوڙيل
    ڪلھه رات ڳاتيون ساحلن
    ھي سور ڇا جو آ ٿيو.
    تون ئي ته پئي مون ۾ وڄين
    دل جي ڪليسا گھنڊ ۾
    اڌ رات جو ۽ اوچتو
    اي درد ڪجھه ھَٻڪِي اچو
    مٺڙي سُتي آ ننڊ ۾
    ائين ڪونه شل مرجھائجي
    جيئن دل وڃي ڪومائِبي
    ٽڪرا ھزارين ٿي نه پئي
    تنھنجي ڳليءَ ۾ ڳائبي.


    لڪ لڪوٽي

    لڪ لڪوٽي

    دل ٿي چاھي تو مان کيڏون
    لڪ لڪوٽي.
    نم جي وڻ جي ڇانگ ٿئي ٿي
    ڏارن ھيٺان ٻار لڪن ٿا.
    ٻارن سان گڏ ٻاراڻا ھي
    پنھنجا ننڍڙا پيارا لڪن ٿا.
    لاٽون منھنجي ور ۾ آھي
    ڏور ته توکي ڦيرائي ڏي.
    ڪانگ وڻن تي ويٺا آھن
    جَھڪَ پنن کي ڪيرائي ٿي.
    ڪاڙھي ۾ سڀ ڇانوَ ڇُپايا
    اُس ڪڍي پئي اک پکين جي
    تون به ٻُڌين پئي ننڊ پکين جي
    تو لئه وڻ تان تُوت پٽيان ٿو
    جھوليءَ ۾ تون ھيٺ جھپين ٿي.
    آئون توکي ھٿ ڏيان ٿو
    ٽپ ڏئي تون اَڏَ ٽِپين ٿي.
    ٻنھپرن جو ٻَڳھه اڇا ٻه
    گڏ دُٻَي تي بيٺا آھن
    مالھي ويو آ ماني کائڻ
    تنھائي پئي باغ سنڀالي
    اچو ته گڏجي چِڪلِي پيون
    چِڪلِي پايون پير گسايون
    پير گسايون، ڦيريون پايون
    ڦيريون پايون، لڱ لسايون
    لڱ لسايون، ڀاڪر پايون.
    ھاڻي لڪ لڪوٽي ڪھڙي
    پيار ھٿان جو پڪڙيا آھيون
    وڻ جي ھيٺان ويٺا آھيون
    اچو ته ٻئي ٿا راند ڪريون
    اچو ته گڏڙيءَ کي پرڻايون.






    فيصلو

    فيصلو

    ننڊ قتل ٿي ويئي جن جي
    تن سان توکي ھلڻو پوندو
    ساھ سِسِيءَ مان نڪتو يا نه
    چُپُ چوي پئي اچڻا آھن
    رت جي ليڪ لڪل جي ڀرسان
    بيٺا آھن بچڻا آھن
    ڳوڙھن ڳالھه نه ڪيئي جن جي
    تن سان توکي ھلڻو پوندو
    ننڊ قتل ٿي ويئي جن جي . . .
    موٽيا ناھن جيڪي ماڻھو
    پنھنجي گھر ۽ گھاٽ وٽان
    واپس آھن ٿيڻا جيڪي
    وقت وصل ۽ واٽ وٽان
    ڀڙڪيل آڳ اڳي ئي جن جي
    تن سان توکي ھلڻو پوندو
    ماڻھو جيڪي پنھنجي من جي
    مٽيءَ ۾ مدفون ٿيا
    جاڳ به جن جي جيئري ناھي
    خواب به جن جا خُون ٿيا
    پريت ڦندي ۾ پيئي جن جي
    تن سان توکي ھلڻو پوندو
    ننڊ قتل ٿي ويئي جن جي
    تن سان توکي ھلڻو پوندو .


    ڪرين تون اشارو

    ڪرين تون اشارو

    ڪٿي ڪائنات جو آھي ڪنارو
    ڪرين تون اشارو
    ته آئون اچان.
    پھاڙن جو پاسو وڻن جي وچان
    جتي تون چوين آئون جانان اچان
    ستارن جي سُسُ پُس به سمجھان پيو
    مگر ننڊ ۾ آنديءَ جو ڪنارو
    ڪرين تون اشارو
    ته آئون اچان.
    تنھنجي بدن تي سِکيو مون نظم
    پکيءَ جي پرن تي لِکيو مون نظم
    ستم سرد موسم جيان ٿو اچي
    پوڻ ڪين گھر جي پني تي ڪو پارو
    ڪرين تون اشارو
    ته آئون اچان.
    جڏھن جنگ منھنجي جيءَ ۾ لڳي
    فڪر جي مگر فوج ناھي ڀڳي
    اڃان تائين آھي ارادو اٽل
    سُجھي ڪين مون کي محبت جو مارو
    ڪرين تون اشارو
    ته آئون اچان.


    تون نه آهين

    تون نه آهين

    تون نه آهين
    تون نه آھين
    تون ڪٿي ڀي ڪونه آھين
    تب اکيون پُوري پَٽي
    ماڪ مکڙين تي چُمي
    پرھ جي پاڳل ھوا
    ڪيئن نياپا ڪُنڊ ۾ آھن پيا.
    ۽ خطن جا لفظ ٽيبل تي پيا آھن ٽُٽا
    ڪاغذن تي
    معنويت
    بي معنويت جو بار آھي
    بستري تي ٿَڪُ آھي
    ڄڻ صدين جا ھڏ جيڪي
    پيا اُتي ساھي پَٽِن
    ۽ اکين ۾ گھر آھي.
    دور تائين ھڪ تاري کانسواءِ
    ٻيو ڪوبه ڪونھي
    تون نه آھين
    تون نه آھين
    تون ڪٿي ڀي ڪونه آھين.
    ٻنھپرن جي ٻَکن ۾ ڪير آھي
    “ھڪ” ڪونھي ڪو لکن ۾ ڪير آھي
    سج جي روشن گھٽيءَ ۾ رش آھي
    چھرو چھري تي پوي ٿو ڇانوَ ٿي
    “اچ ويجھو” ڪو چوي ٿو ڇانوَ ٿي
    پاڇو پاڇي کي ورايو پيو وڃي
    دور کي نزديڪ ٿيندا پيا وڃن
    ھڪ ٻئي مان پار ٿيندا پيا وڃن
    مان مگر محسوس ٿو پيو ڪجھه ڪريان
    خيال جو خنجر اچيو مون کي لڳي.
    تون نه آھين
    تون نه آھين
    تون ڪٿي ڀي ڪونه آھين.
    جام ۾ بدنام جِيوَن جو نشو
    راھ تي بي نام پيرن جا نشان
    منزلن تي ڪو مھانگو موھ آھي
    زندگيءَ ۾ آسرو ۽ ڊوھ آھي
    سمنڊ ۾ ڇولين سندي ڇڪتان آ
    ساحلن تي انتظاري، ڄاڻ آ
    چؤطرف خالي پڻو آھي کليل
    تون نه آھين
    تون نه آھين
    تون ڪٿي ڀي ڪونه آھين.


    ٽي منظر

    ٽي منظر

    ھُن جي اندر ۾ ڪئي ڦٿڪن مڇيون پيون
    ھُو جو ملاح ويٺو گھوري زمين کي
    ھُن جي اندر ۾ پنھنجي ڪو رَڇُ آ ھنيون.
    کوٽي زمين کي ۽ پُوري زمين کي
    ۽ دُور ھُو مھاڻي ھوريان ھلي پئي
    ھُوءَ ڪالھه جنھن ھڪڙو ٻار آ ڄڻيو
    ھُوءَ جا ھِنن ڏينھن ۾ ماري نه ٿي مڇيون
    ھا پر ھُن مڇين لاءِ ھڪ ڄار آ ڄڻيو
    سارين جي پوک مان اوٻر نه ٿي اچي.
    پاڻي دُٻي مٿان آڙي اڏي وئي
    مون سوچيو ته مون تي ڪو ئي پکي لٿو
    مون جي ڏٺو ته وڻ جي ٽاري لڏي وئي
    ھيءُ ديس به آ تنھنجي يادن جيان جڙيل
    ديدار تنھنجو ٿيو ۽ سانجھي ٻڏي وئي.




    ازل ابد

    ازل ابد

    جڏھن عشق پائي اچي اجرڪون
    جڏھن پيار پائي اچي ٻانڌڻو
    جڏھن ڀونءِ ڀريل رليءَ جيئن لڳي
    سڄو ديس تنھنجي ڳليءَ جيئن لڳي
    جڏھن چوٽ تان چند تارا تڪي
    دريا ساڻ گڏجي ڪنارا ڪَھن
    جڏھن گج سارو ڪري گفتگو
    چُنيءَ تي سمورا ستارا لھن
    جڏھن ماڪ مکڙيون چَپن جون چمي
    خدا جي خدائي ٿي خوشبو وڃي.
    جڏھن موتيو گھُورَ گھُورَي ڏسي
    پَٽي اک ۽ اک پُوري ڏسي
    تڏھن مان ٿو سمجھان ته منھنجي مٺي
    ازل کان اسين ٻئي گڏوگڏ آھيون
    وڃائجي نه جيڪو سگھي ٿو وطن ۾
    اسين ھڪٻئي لاءِ اھو سڏ آھيون.


    شھر مٺيءَ لاءِ ھڪ نظم

    شھر مٺيءَ لاءِ ھڪ نظم

    دڙي مٿان مان ھيٺ ڏسان ٿو
    شھر مٺيءَ کي
    شھر ڪتابن وانگر آھي
    ورقن بابن وانگر آھي
    گھٽيءَ گھٽيءَ جي سٽ الڳ آ
    گيتن جو ماحول به پنھنجو
    چانڊوڪي ۽ چيٽ الڳ آ
    ھر ماڻھو جو موھ الڳ آ
    رستو رستو ريت جدا آ
    ھر در پويان درد الڳ آ
    ھر پاڙي جي پريت جدا آ
    شھر ڪتابن وانگر آھن
    ورقن بابن وانگر آھن
    پني پني تي اٿلايو مون
    واپس تن کي ورجايو مون
    تن مان ھڪڙو نانءُ ڇُھان ٿو
    ڄڻ ته مٿي تي شام ڍِڪي مون
    ڄڻ ته ٿڌو ڪو ٿانءُ ڇُھان ٿو
    ڳولي ڳولي نيٺ ڏسان ٿو
    شھر مٺيءَ کي
    دڙي مٿان مان ھيٺ ڏسان ٿو
    شھر مٺيءَ کي.


    انڌي ديدَ تنھنجي آ عادت اِھاڍ

    انڌي ديدَ تنھنجي آ عادت اِھاڍ

    انڌي ديدَ تنھنجي آ عادت اِھا
    سدائين ڏسڻ جي ٿي ڪوشش ڪرين
    ڇڏي ڏي ته ماڻھو مزي سان مرن
    ڇڏي ڏي ھوا ۾ انھن کي ترن
    ڪڏھن قافلن کي تون روڪيو ڇڏين
    ڪڏھن تون ھوائن کي ٽوڪيو ڇڏين
    ماڻھن کي انسان ٿيڻو نه آ
    ماڻھو ڪرسچن ئي ٿيندا پيا
    ماڻھو مسلمان ٿيندا پيا
    ڪڏھن ڳئون ڦٻي آ ڪڏھن ڪوئي گابو
    سڀن صورتن ۾ اھو سوڳ آھي
    وڏي مشڪري آ وڏو ڦوڳ آھي
    انھيءَ ڀوڳ کي روڳ ڇو ٿي بنائين
    انڌي ديد تنھنجي آ عادت اھا
    سدائين ڏسڻ جي ٿي ڪوشش ڪرين.



    گُلن جا خريدار

    گُلن جا خريدار

    اھي جي گلن کي خريدڻ گھرن ٿا
    مگر پوپٽن جا پٽيشن وڌي آ
    پريشان آھن
    ۽ حيران آھن ته
    ماکيءَ مکيون ڇو
    جلوس ڪڍي ۽
    صفا سخت ڪاوڙ سان
    اظھار ڪن پيون
    ڀؤنرن جي بک ھڙتال کي اڄ
    اٺون ڏينھن آھي
    مٿان جيتن ننڍڙن جي ھڪڙي جٿي
    خودڪش حملن جي ڌمڪي ڏني آ
    پکين پڻ ڪرائي آھي خاطري
    ته مھڪ کي بچائڻ جي ھن مھم ۾
    اُھي پڻ سڀن سان گڏوگڏ آھن
    مگر ڇوڪريون ڇو پريشان ناھن
    انھن جي ئي وارن ۾ ھي گل لڳن ٿا،
    اھي ڇوڪرا ڇو پريشان ناھن
    کڻي گل ھٿن ۾
    محبوب پنھنجا مڃائي وٺن ٿا.
    اھي جي گلن کي خريدڻ گھرن ٿا
    انھن کي اسين به ٻُڌائي ڇڏيون ٿا
    گلن جون مالڪ ھوائون ئي آھن
    سڄو ڏينھن جيڪي
    گلن جي لڱن کي
    چُھٽن چُمن ٿيون
    گلن جي مالڪ رڳو ماڪ آھي
    اسُر ويل جيڪا
    پنن پنکڙين تي
    سندو ساٿ سونپي
    صبح کي سڏي ٿي
    گلن جو مالڪ ته رڳو سج آھي
    ادي اُس آھي
    سڄو ڏينھن جيڪا
    ٻجن جي اکين کي کولي رکي ٿي.
    سَلن کي سڌو ۽ ڀلو ٿي ڪري
    گلن جا مالڪ ته اھي ھٿ آھن
    ولين وانگيان جي
    وڌائين وڌن ٿا.
    گلن سان گلن جي ئي
    لھجي ۾ يارو
    ڪريو گفتگو
    گلن کي خريدي نٿو ڪو سگھي
    گلن سان ائين بس ملڻ آھي مھڪڻ
    جيئن مرد سان ڪائي عورت ملي.


    اُلڪو

    اُلڪو

    ڪھڙي ڏِس اڏاڻو پنڇي
    مون ۾ ڀڙڪو ٿيو
    تنھنجا پير پنن تي پيئڙا
    مون ۾ کڙڪو ٿيو
    ڏور نديءَ ۾ چنڊ ٻُڏاڻو
    مون ۾ ڇُلڪو ٿيو
    توکان تنھنجي پياري وڇڙي
    مونکي اُلڪو ٿيو.










    شاعر شعر نٿو لکي

    شاعر شعر نٿو لکي

    ھن جي اُڇليل ڪُنڍي
    مڇيءَ جي بدران
    درياءَ جي نڙگھٽ ۾ اٽڪي
    ھُن جا ڇڪ ڏني ته
    دريا ڦٿڪي پيو
    دل مان ھن مڇي مارڻ جو خيال لاھي ڇڏيو
    ھُن ڌرتي کي پئي کيڙيو
    ھُن کي سِٽَ سُجھي آئي
    ھُن پاڻي جو ڍُڪ پيتو
    ھُن ٻيڙيءَ جي ڦُوڪ ڀري
    ۽ مٽيءَ جي چپٽي کنئي
    ۽ لفظ “محبت” جي نرم کل کي مھٽڻ لڳي ويو
    ھُن گاڏي ۾ پيٽرول ڀرايو
    ھُن بوٽن کي پالش ڪيو
    ھُن سفر جو سعيو ڪيو
    ۽ وڃڻ کان اڳ موٽي آيو.
    ھاڻي ھو دوڪاندار سان رھجي ويل ڳالھه ۾ آھي
    ٽپاليءَ جي سامھون
    گوشت مارڪيٽ جي وچ ۾
    ٽيليفون جي ڀرسان
    يا نرم بستري ۾
    ھڪ خواھش ھن جي سيرانديءَ کان ساھ کڻي رھي آھي
    ھڪ الميو ھن جي پيرانديءَ کان چُپ چاپ کڙو آھي
    ھن جي پاسي ۾ پيل ڪورا ڪاغذ
    وجھه وٺي اڏامي اچي
    ھن جي ڇاتي سان چنبڙيا آھن.


    ڪاٿو

    ڪاٿو

    ھڪ شخص عمر ڀر سوچيندو
    ھُو گرم ھوائون صحرا جون
    جي مون کي ساڙي ڪين سگھيون
    اڄ آئون جلان پيو اوندھ ۾
    ڄڻ سج لھي پيو سيني ۾.

    ھڪ شخص عمر ڀر سوچيندو
    ھي ٻارنھن سال حياتيءَ جا
    جي قيدي بڻجي مون ڪاٽيا
    ھو پيار به ڄڻ ڪو پٿر ھو
    جنھن کي مون ھٿن سان ويھي گھڙيو
    تنھن کي پو ويھي سجدو ڪيو
    پر بُت ۾ آخر ساھ نه پيو.

    ھڪ شخص عمر ڀر سوچيندو
    ھن غم جو ڪارڻ ڇا آھي
    ھيءَ دل جا مُور نه مٽجي ٿي
    ھي ھر ھر سارڻ ڇا آھي
    ۽ خود کي ٻئي جي خيالن ۾
    ھي ٻوڙڻ تارڻ ڇا آھي؟

    ھڪ شخص عمر ڀر سوچيندو
    ھي ساحل ڇا ڇا چئي سگھندا
    ھي جو به وڃايم وڻ وڻ ۾
    سي منظر واپس ڏئي سگھندا
    ھن غم جو ڪاٿو ڪونھي ڪو
    ھي درد ندين ۾ ڇلڪي پيو
    ھن ساحل تي آ رش وڏي.


    الاءِ تون ڪٿي آھين؟

    الاءِ تون ڪٿي آھين؟

    ڪٿي آھين، ڪٿي آھين!
    الاءِ تون ڪٿي آھين!
    پکيءَ جي چھنب ۾ چوڳو
    مڇيءَ جي اک تي آھي
    لڙاٽيل ميرڙو منظر
    مٽيءَ تي نانگ جو ليڪو
    دلين تي درد جو پھرو
    پنن تي ماڪ جا قطرا
    وڻن تي ٻُورُ ٻاجھارو
    اڃان پرتي، اڃان پرتي
    ملڻ جو ماڳ ۽ مسڪن
    ڪٿي آھين، ڪٿي آھين
    الاءِ تون ڪٿي آھين؟

    جبل تي جنگ ۽ باھيون
    ھٿن ۾ ھار جون ليڪون
    سپھه سالار جون سوچون
    (۽ خيمي جي خُدائيءَ ۾)
    ننگي تلوار جون نظرون
    کُٽن تي سرد خاموشي
    ھوا ۾ رات جي راڻي
    ڪٿي دنيا لڳي ڀوري
    ڪٿي دنيا لڳي ڪاري
    ڪٿي ٿي واڱڻائي ڏي
    مون کي واپس اُھا ورندي
    ڪٿي ٿي سرمئي ساري
    مون کي تنھنجو سينھو ڏي
    مگر تنھنجو، پتو ناھي
    ڪٿي آھين، ڪٿي آھين؟
    الاءِ تون ڪٿي آھين؟

    شريعت شاھدي ھوندي
    طريقت طالبُو ھوندي
    معرفت ڪا ملڻ جھڙي
    حقيقت حُسن تنھنجي جي
    ثوابن جون سُڃيون واٽون
    گناھن جون گذرگاھون
    سزائن جون سماچارون
    نمازون نرت نيزاريون
    عبادت ۽ عذابن جي
    اڳيان، پويان اُداسيون ھي
    مگر ٿورو اڃان اڳتي
    اتي ڀر ۾
    ڇَلي ۾ من ٿيو قابو
    مُنڊيءَ ۾ ياد ٿي سوگھي
    اکين ۾ وقت پيو اٽڪي
    چيو ڪنھن ھو ته موتئي جو
    جڏھن ڪو ڦول ٽڙندو آ
    ته خوشبو تون ٿيو آھين
    چيو ڪنھن ھو ته گيتن ۾
    جتي سورج مکي ھوندو
    اُتي تون ئي تڪيندو آن
    اتي ئي ڪويلون آھن
    ڳلو مقتول جن جو آ
    مگر ڪونجار جيئري آ
    اتي ئي ڪونج ڪا آھي
    ڄمي وئي اُڀ ۾ آخر
    مگر تصوير ھُن جيءَ مان
    ھوا پئي ھُن کي ڪُر لائي
    اتي ئي مور ماٺيڻو
    مگر ھي عشق ئي آھي
    ٽُھوڪَي پيو صدين کان جو
    فجر جو سمنڊ ۾ بيٺل
    جھازن جا گُگُھو آھن
    پري کان پير جو ٺڙڪو
    اُجھامن ٿيون بتيون آخر
    ٻرن ٿا نيڻ ھر ڪنھن جا
    مئه خاني جي در تي
    صبح چُپ چاپ بيٺو آ
    سمُورا در کُلن ٿا پيا
    سموريون ٿيون دريون پَٽجن
    اندر ٿو آسمان ڌُوڪي
    سمورا آدمي ٻاھر
    ھَٽَن تي ھي ھجومن جي
    گھٽين ۾ ڌِڪ ڌِڪان آھي
    اُتي ئي آھي تنھائي
    اُھا جنھن جو نرم ھٿڙو
    ھجومن جي ھٿن ۾ آ
    اھوئي موت گاڏڙ محبتن جو
    معجزو آھي،
    اُھي جيڪي سڀئي گڏجي
    تلاشن روز ٿا توکي
    مگر تنھنجو پتو ناھي
    ڪٿي آھين، ڪٿي آھين؟
    الاءِ تون ڪٿي آھين!


    منھنجي من جي ساحلن تي

    منھنجي من جي ساحلن تي

    تو ڏٺو ھُن پار جو
    دور ٻئي ڪنھن ديس مان
    سمنڊ جي لھرن مٿان
    ٽھڪ ٽُلڪِي ٿو اچي
    منھنجي من جي ساحلن تي.

    پريت ڪيڏي آ پري
    پو به ويجھي ٿي لڳي
    سارَ ڀي آھي سفر
    جا ته ڇُلڪي ٿي اچي
    منھنجي من جي ساحلن تي.

    گھِم ۾ گھايل ھوا
    ساڻ آ مھمان سان
    گفتگو جنھن سان ڪندو
    غير ملڪي ٿو اچي
    منھنجي من جي ساحلن تي.


    جڏھن تون وھنجندي آھين

    جڏھن تون وھنجندي آھين

    جڏھن تون وھنجندي آھين
    ته پاڻي پٿرن وانگي
    فرش تي ڳِڙڪندو آھي
    ھوائون سَھڪنديون آھن
    ٻَرن ٿا آئينا جَرَ جا
    ۽ شيشو ٽڙڪندو آھي
    سموريون سختيون تن جون
    نرم ھٿ سان لسائين ٿي
    لڳي ٿو تون پھاڙن کي
    گُلابن سان گسائين ٿي
    ندين جا ڪَئي وڏا نالا
    سمونڊن ۾ وڃيو سٽجن
    بدن جون بيھڪون بيٺل
    ڪنارا ڪينَ ٿا ڪٽجن
    جُھڪي توتي مٿان پاڻي
    اُڇل آ آبشارن جي
    ڀڄن ٿا بادلن جا گھر
    پُسي ٿي ڪار وارن جي
    قديمي شھر جو قصو
    حسينا پئي تري جَر ۾
    اُھائي روشني اُن جي
    حصي تنھنجي ۾ آئي آ
    قديمي شھر جي قسمت
    جديدن جي جڳمڳائي آ
    ڳچيءَ ڪئي گفتگو جيڪا
    بدن جا بات ٿيندي آ
    ڍڪين ٿي تون جڏھن ڪپڙا
    اچانڪ رات ٿيندي آ
    اھو ئي سج سيني مان
    جڏھن اُلٽو اُڀارين ٿي
    لڳو اوڀر جي ڇاتيءَ کي
    تون اولھه مان اُٿارين ٿي

    جڏھن تون وھنجندي آھين
    ته موسم جا مٺا ميوا
    سمورا ڌوپندا آھن
    اھي پاڻيءَ ڦڙا آھن
    پون ٿا چنبڙي توکي
    الاھي ڇا ڪندا آھن
    قصو ھي مختصر آھي
    ڪھاڻي ھيءَ ڊگھي آھي
    پڇاڙيءَ تَڙ ڪندو ھر ڪو
    حياتي ھيءَ سِگھي آھي
    بدن تي بوند جا بيٺي
    ته موتي ويو مھانگو ٿي
    ننگيءَ جي نينھن ۾ نڪتو
    ويو ھڪ مرد نانگو ٿي.







    تنھنجون ڳالھيون

    تنھنجون ڳالھيون

    ڳوٺاڻيون ڳليون،
    تنھنجيون ڳالھيون ڪن ٿيون.

    رستا ڀُڻڪن ٿا
    چارا چُڻ چُڻ ڪن ٿا
    سورج مُکيءَ تي
    ڀؤنرا ڀُڻ ڀُڻ ڪن ٿا
    واڙين منجھه وليون
    تنھنجون ڳالھيون ڪن ٿيون

    ڌڻ ڌنارن سان
    مُٽي اچن ٿا
    دونھان ڌُڌڙ سان
    گڏجي نچن ٿا
    چڙا، چنگ ٽَليون،
    تنھنجون ڳالھيون ڪن ٿيون

    سُگھڙ ھٿن جا
    ٽوپا مُرڪن ٿا
    اکيون سُمھن ٿيون
    ڌاڳا جاڳن ٿا
    سڄي رات رليون
    تنھنجيون ڳالھيون ڪن ٿيون.


    گيت محڪوم ناھن اسانجا

    گيت محڪوم ناھن اسانجا

    گيت محڪوم ناھن اسان جا!
    اسين جي سھاري بنا دربدر،
    ڪا به ڇانو ڇپر نه اسان جو ڪو گھر،
    سڄو ڏينھن ويراڳ ڳايون گھٽين ۾،
    ٻنين جي ننڍن پيچرن تي گھمون،
    لڙيءَ شام جو
    اُٺن جون قطارون
    چڙا مال جا،
    ۽ چونڊي تان ايندڙ سڀيئي عورتون،
    ڌنار چميون ڏيندا بوڙيندن کي
    گھرن ڏي ورن،
    ۽ گھٽين ۾ ڌڌڙ جا گھاٽا ڪڪر،
    مٽيءَ جي مھڪ واسي ماحول کي
    اھو سڀ ڏسيو،
    ڪنھن وڻ جي ٿڙ کي ڏيو ٽيڪ،
    سوين گيت سرجيون،
    اُھي گيت محڪوم ناھن اسان جا!
    اُھي گيت جنھن ۾
    ڪنھن ڪنواريءَ جي چوڙين جي ڇڻ ڇڻ جو نغمو،
    ڪنھن مُٺيءَ ماءُ جا سوين لڙڪ آھن،
    ڪنھن پوڙھي پيءُ جي
    ڏڪندڙ ھٿن جا سوين احتجاج،
    ۽ معصوم ٻارن جي
    مرڪن جي قاتل ڏي اُٿندڙ اشارا،
    ۽ اکين مان وھي آيل
    ڪاري ڪجل جا
    ڳلن تي ليڪا،
    ۽ گلابي چپن جا اُڏامي ويل رنگ،
    اسين جي وڏيءَ ويل وڪڙيا وياسين،
    اسين جي زنجيرن ۾ جڪڙيا وياسين،
    مگر گيت جيڪي
    جھنگلي گھوڙن جيان ڊوڙندا،
    زنجيرون سموريون ٽوڙي ويا،
    اُھي گيت جيڪي
    مرليءَ جي سر ۾،
    بينن جي لھرن ۾،
    نپجي وڏا ٿيا،
    تنبورن جي ھٿ ۾ ڏئي ھٿ ھليا،
    اُھي گيت محڪوم ناھن اسان جا!
    اُھي گيت محڪوم ناھن اسان جا!


    وايون

    سمنڊ ڪنھن جو ٿو پڇي؟

    چاندني! روپي پري
    سمنڊ ڪنھن جو ٿو پڇي؟

    ساحلن تي پير کوڙي، ياد ڪنھن جي آ کڙي،
    ديس جھڙي دلبري، سمنڊ ڪنھن جو ٿو پڇي؟

    ننڊ جھڙي نير ۾، ھر سمي ھر وير ۾،
    جاڳندي جيئري مري، سمنڊ ڪنھن جو ٿو پڇي؟

    دائرن ۾ دُور ڪوئي، پيو پچائي پُور ڪوئي،
    سار ۾ ڪنھن جي سري، سمنڊ ڪنھن جو ٿو پڇي؟


    نگري نيٺ نچي وئي!

    ڦاسيءَ جي جھولي ۾،
    ھن کي ننڊ اچي وئي،

    شوخ ھوا جي شُوڪارن ۾،
    ڪنھن ته مروڙيو ڳل ڳچيءَ جو،
    خوشبو ڪا ته رچي وئي،

    اُس سمورا انگ ڦِٽا ڪيا،
    سجُ قتل ٿي ويو سنڌوءَ تي،
    ڪاري رات پچي وئي.

    موسم پنھنجو ماڻو ماڻيو،
    ھن به ڪائي معنى پاتي،
    نگري نيٺ نچي وئي.


    گيت

    راتيون ڪاٽي نيڻن ۾

    راتيون ڪاٽي نيڻن ۾،
    ٿو واٽون نھاريان جاڳي

    منھنجي من جي ڪنھن مھراڻ،
    پير نه پائي جھاڳي،

    سونھن ڏسڻ سان سمجھه نه،
    ڪا به سُرت رھي ساڳي،

    گيت وڇوڙن جا ٺاھيان،
    پاڻ ئي تن جو راڳي،
    مان ويراڳي.


    روز ٿي ڏانوڻ وجھين

    روز ٿي ڏانوڻ وجھين،
    روز ٿو ڦاسي پوان

    ٻانھن تنھنجي جي ڊگھي،
    لچڪندڙ ٽاريءَ مٿان،
    روز لالائي لنوان،
    روز ٿو ڦاسي پوان

    روز تنھنجو روپ نئون آ،
    روز مون کي ٿا لڳن،
    نينھن تنھنجا ڄڻ نوان،
    روز ٿو ڦاسي پوان

    سمنڊ ٿو مون کي سڏي،
    مان ھليو ويندس ھتان،
    روز ٿو سوچي چوان،
    روز ٿو ڦاسي پوان


    چئوسٽا

    ھتي موجود جي ناھن،

    ھتي موجود جي ناھن،
    اِھو آھي علم ڪھڙو؟
    اُھي گمنام ڇو آھن؟
    اِھو آھي عدم ڪھڙو؟


    مون کي خلقي خواب ۾ جاڳايو جاني،

    مون کي خلقي خواب ۾ جاڳايو جاني،
    آڻي اک جي آب ۾ جاڳايو جاني،
    لاحد جي من لڪ مان ھادي لنگھائي،
    بي حد جي ھن باب ۾ جاڳايو جاني.


    تنھنجي بدن جي ڏاڪڻ، چاڙھيون چڙھي سگھان،

    تنھنجي بدن جي ڏاڪڻ، چاڙھيون چڙھي سگھان،
    تنھنجي لڱن ۾ توکي ڳولھي پڙھي سگھان،
    ان کانسواءِ ڪيئن ٿو گھاري گھڙي سگھان،
    چپ چاپ ڀلا ڪيستائين ٿو ڪڙھي سگھان.


    سڏ تنھنجا ساز ڪھڙا ھي پرين،

    سڏ تنھنجا ساز ڪھڙا ھي پرين،
    اوچتا آواز ڪھڙا ھي پرين،
    جيت ۾ ڇو ھار ويئي آ رکي،
    پيار ۾ انداز ڪھڙا ھي پرين.


    موج ٿري جي مستي ۾،

    موج ٿري جي مستي ۾،
    مون تيئن حياتي آ ماڻي،
    جيئن ڪارونجھر جي ڪولھيءَ کي،
    ڪا ڪڇ ۾ ڪاري ڪولھياڻي.


    گلاسن ۾ تازو ٺرو پئي ڀريو،

    گلاسن ۾ تازو ٺرو پئي ڀريو،
    ٺرو ٿڌ ۾ پئي ٿڌو ٿيو ٺرو،
    ليڊر ھنئي پئي نشي ۾ جھڳي،
    وڏي لانگ لفظن جي پئي لڳي!


    تو ساڻ عشق منھنجو بدنام ڇو ته ٿيو؟

    تو ساڻ عشق منھنجو بدنام ڇو ته ٿيو؟
    ۽ پو صفا نه وسريو گمنام ڇو ته ٿيو؟
    توکي نه چئي سگھيس مان ھي داستانِ دل،
    الھام ٿي اُلھي ويو پر عام ڇو ته ٿيو؟


    لفظ لشڪر جيان اچن اُلري،

    لفظ لشڪر جيان اچن اُلري،
    دل جي ڪچي قلعي تي ڪاھن ٿيا،
    درد ورثي ۾ آ مليو تن کي،
    تنھنجا عشاق توکي چاھن ٿا.


    شھر کان دور دل جي صحرا ۾،

    شھر کان دور دل جي صحرا ۾،
    تنھنجو رولاڪ سان ملڻ ٿيندو،
    ڪجھه صديون پوءِ پر وڃي آخر،
    ڪنھن پرينءَ پاڪ سان ملڻ ٿيندو.


    اونھاري جي اُڀ مان به تارا تڪن ٿا،

    اونھاري جي اُڀ مان به تارا تڪن ٿا،
    توکي ڳوٺ تنھنجي جا چارا تڪن ٿا،
    لڙي چند جي ھوءَ اُٿي آ اڱڻ ۾،
    ونيءَ جي چُنيءَ جا ستارا تڪن ٿا.


    ديوار ۾ خدا ڇا تو در در ڪري وڌو،

    ديوار ۾ خدا ڇا تو در در ڪري وڌو،
    ھن ڇت بنان مڪان کي تو گھر ڪري وڌو،
    ناھيان اگر نمازي ته بت پرست به ناھيان،
    پوءِ پاڻ کي پرينءَ ڇو پٿر ڪري وڌو!


    اسانجي راھ مٿان روشني يڪي پوندي،

    اسانجي راھ مٿان روشني يڪي پوندي،
    ستارا! تنھنجي ٿڌي روشني ٿڪي پوندي،
    مجاز عشق حقيقت جي، ماٺ کي نيڪي،
    بديءَ بديءَ جي مٿان بيھندي بڪي پوندي.


    مقدر جا قصا ڪھڙا ۽ ڪھڙيون اڳڪٿيون آخر،

    مقدر جا قصا ڪھڙا ۽ ڪھڙيون اڳڪٿيون آخر،
    اجايا آسرا ڪھڙا ۽ ڪھڙيون آٿٿون آخر،
    ڪيائون حُسن کي ڍال ڀلي خزاني ۾،
    ھلائي ڪين سگھي جيئن سگھيا زماني ۾.


    مان بيھان ٿو باھ تي ماتم ڪري،

    مان بيھان ٿو باھ تي ماتم ڪري،
    تون ھوا جي سامھون ويندي نه ڪر!
    عشق ٿو مون کي ھلائي آڳ تي،
    تون تماشو ھي ڏسڻ ايندي نه ڪر.


    اسين ٻئي وقت جي تيزاب ۾ ڳرون ٿا پيا،

    اسين ٻئي وقت جي تيزاب ۾ ڳرون ٿا پيا،
    اسانجا روح جسم ٻئي رجي رھيا آھن!
    اسين جي ميڻ بتيون ٿي ٻرون ٿا پيا،
    اسين ھوائن ۾ تحليل پيا وڃون ٿيندا!


    ھيءَ جا محبوب جي آھي گھر جي گھٽي،

    ھيءَ جا محبوب جي آھي گھر جي گھٽي،
    ھن گھٽيءَ جي ته محبوب ساري مٽي!
    وقت مون کي ڏسي پيو ٿو شھپر وٽين،
    وقت مون کي لڳي آھي تنھنجي ڦٽي!


    شام ٿينديئي خيال مٽجي ويو،

    شام ٿينديئي خيال مٽجي ويو،
    درد ويتر وڌي به گھٽجي ويو،
    رات اوڙاھ ھئي سا گذري وئي،
    ڏينھن قاتل ڪڙو به ڪٽجي ويو.


    سانجھه جي ويلي سکيون، توکي ئي سارينديون رھيون،

    سانجھه جي ويلي سکيون، توکي ئي سارينديون رھيون،
    ڏيک ۾ ڏيئا مٽيءَ جا، ٻاٽ ٻارينديون رھيون،
    لفظ جيڪي ٿڌ ۾ ڪنھن کان به ڪوسا ڪين ٿيا،
    نينھن نياپا اکيون، آخر اچارينديون رھيون.


    گوڙ گھمسان ۾، ڏار وڻ وڻ رڳو،

    گوڙ گھمسان ۾، ڏار وڻ وڻ رڳو،
    رات طوفان جي ۽ اجھاڻل ڏيئو،
    ديس ھڪڙي دريءَ جي مثل دوستو،
    چنڊ جنھن مان لڪائي سگھيو نه ليئو.


    ڄار ۾ ڦاسي سگھي ٿي ھر مڇي،

    ڄار ۾ ڦاسي سگھي ٿي ھر مڇي،
    پيار ۾ پر دل رڳو ڦاسيو وڃي،
    تون اچين خوشبو جا چوراھا کڻي،
    ديس منھنجي تو منجھان واسيو وڃي.


    ھُن نديءَ سان جيڪا بيٺي ڳالھه ڪئي،

    ھُن نديءَ سان جيڪا بيٺي ڳالھه ڪئي،
    سا پکين جي ٽولي چورائي وئي،
    مور جو فن ھو ٽھوڪڻ جو سکيو،
    سا وري ھڪ ڇولي چورائي وئي.


    جيتن جا سرٻاٽ آھي سمجھندو،

    جيتن جا سرٻاٽ آھي سمجھندو،
    شيش نانگ جي ڦوڪ کيسي ۾ پيل،
    ھڪ ٻپھرو ھن لڪائي آ رکيو،
    ڪويلن جي ڪوڪ کيسي ۾ پيل.


    اسان کي آھي خبر ماتمي ڪٽنب ڇاھي؟

    اسان کي آھي خبر ماتمي ڪٽنب ڇاھي؟
    اسان جي خون کي ھي خنجرن جون کيڪارون،
    اسان کي آھي خبر مياڻ ڪٿ ڪٽنب ايندي،
    في الحال پنھنجي بدن ۾ ستل ھي تلوارون.


    اسان جا مقدر ندورا نماڻا،

    اسان جا مقدر ندورا نماڻا،
    روھين جون اکڙيون سدائين سدوريون،
    اسين پاڪ دامن ازل کان اُداسي،
    اسين جيءُ پنھنجو پيا روز جھوريون،


    مون جھڙو موت ڪونه ڏٺو ٻئي ٺڳ الا،

    مون جھڙو موت ڪونه ڏٺو ٻئي ٺڳ الا،
    جوٺي دُنيا، چاھيان نه جوٺو جڳ الا!
    ھيءُ ته رستو، سولو آھي سستو آ،
    دڳ ته آھي منھنجو دلبر دڳ آلا!


    وڻن تي ويٺل پکي ٻولين پيا،

    وڻن تي ويٺل پکي ٻولين پيا،
    راز ساري ديس جا کولين پيا،
    شھر پاڇن ساڻ آ ڀرجي ويو،
    راز ساري ديس جا کولين پيا.


    ھڪڙي حسن کي ڪين رڳو جام جم کپي،

    ھڪڙي حسن کي ڪين رڳو جام جم کپي،
    تولاءِ ماتمي مان زنجير جي ڇري،
    اي دوست منھنجي دل کي ڪارو عَلم کپي،
    جيئري پئي جنت جنھن منجھه جھلڪي.


    ھو پکي، ھوءَ ڇوڪري زندگي ڀڙڪي جيان،

    ھو پکي، ھوءَ ڇوڪري زندگي ڀڙڪي جيان،
    سڃ ۾ آواز وانگي پن جي کڙڪي جيان،
    مان اڳيئي ڪاوڙن ۾ قيد آھيان ڪالھه کان،
    ڪين اڄ مون ڏي اچو دوستو دڙڪي جيان.


    ڏي ڀلي تون ڏي ڀلي تون ٽھڪ ڏي،

    ڏي ڀلي تون ڏي ڀلي تون ٽھڪ ڏي،
    ۽ ھوائن جي بدن تي چھڪ ڏي،
    ڪين گھُرجي سون چاندي ۽ سڪا،
    گل ٽڙيا آھن اُتاري مھڪ ڏي.


    ھوائن گلن کي خريدڻ گھرن ٿيون،

    ھوائن گلن کي خريدڻ گھرن ٿيون،
    سڄڻ ھي ته سودو آ سستو سڀن کان،
    خريدڻ کان اڳ ۾ وڪيا سين اسين،
    اسانجو الڳ آھي رستو سڀن کان.


    ملي ڪوڙ ماڻھن جي ھن ملڪ ۾،

    ملي ڪوڙ ماڻھن جي ھن ملڪ ۾،
    وڏن جون وڏايون ساري ڏٺيون سين،
    خبر پئي ته ھڻڪن نه ھينگن پيا،
    اسان جن سان گھڙيون گذاري ڏٺيون سين!


    سڏي سون مون کي جو گھوريو ڏسين،

    سڏي سون مون کي جو گھوريو ڏسين،
    سڄڻ مان سڄوئي مٽي ٿيو وڃان،
    الائي ڪار ڪھڙي تون مون سان ڪندينءَ،
    الائي ڇا ته چوندينءَ تون اڳتي اڃان.


    ڇليل بادام جھڙي ڇوڪريءَ کي ڇا چوان،

    ڇليل بادام جھڙي ڇوڪريءَ کي ڇا چوان،
    خشڪ ميوي جي خدائي ٻي طرح!
    جسم جو ميلو، وڇوڙو آ الڳ،
    جيءَ جي جانان جدائي ٻي طرح


    ڪميتن تي چڙھي ايندڙ،

    ڪميتن تي چڙھي ايندڙ،
    سوارن جون سچيون ڳالھيون،
    مٺا ماڻھو مري ويندڙ،
    وڃي تن جون بچيون ڳالھيون!


    ملاقات جي مھل ايندي ڪڏھن؟



    ملاقات جي مھل ايندي ڪڏھن؟
    ڀلا بات جي مھل ايندي ڪڏھن؟
    تتي ڏينھن ۾ مان ته تڙپان پيو،
    رتي رات جي مھل ايندي ڪڏھن؟


    مون کي چاڙھي چِت، ڇو ٿو ڇوڪراڻيون ڪرين،

    مون کي چاڙھي چِت، ڇو ٿو ڇوڪراڻيون ڪرين،
    اوھي اوھي تو بن اوڏو، مُئيءَ جو ڪوبه نه مِٽ،
    سڏي سيني لائي، سيري ٻکي ڪري ٻٽ،
    ڇو ٿو ڇوڪراڻيون ڪرين، ڇو ٿو ڇوڪراڻيون ڪرين


    درد ھڪ ڏينھن وري ڀيڙ ڏئي ڪرندو مون تي،

    درد ھڪ ڏينھن وري ڀيڙ ڏئي ڪرندو مون تي،
    تنھنجي محبوب مٽيءَ منجھه مُئل ھوندس مان!
    شھر تنھنجي جي سڀ گمنامي سودي ايندس،
    تنھنجو ڄڻ ڪين ڏٺل ڪين سئل ھوندس مان!


    پنج سٽا

    مشڪل سان ھئي وڻن مان ممڪن ھوا لڳي

    مشڪل سان ھئي وڻن مان ممڪن ھوا لڳي،
    خالي سچي خدائي توکان سوا لڳي،
    ديدار جي ڊھڻن جي مون کي سزا لڳي،
    تنھنجو رسڻ به پياري پرچڻ جيان لڳو،
    سھڻي سدائين مون کي تنھنجي ادا لڳي.


    اُس مٿان ۽ ھيٺان ھنج ڪيئي ڏٺا مون،

    اُس مٿان ۽ ھيٺان ھنج ڪيئي ڏٺا مون،
    رات سڄي پئي روسامي جي برف وٺي،
    ۽ مچ جيان پئي تنھنجا رنج ڏٺا مون،
    چانڊوڪيءَ ۾ چمڪندا ويا پئي پري کان،
    ڪي سوار نه، ھن جا روپا سنج ڏٺا مون.


    ڇوڪرو ھوندي به ڄڻ پوڙھو ٿيندو پيو وڃان،

    ڇوڪرو ھوندي به ڄڻ پوڙھو ٿيندو پيو وڃان،
    جيترو مان ڦھلجان ٿو پيار تنھنجي ۾،
    تيترو ئي ساھ ۾ سوڙھو ٿيندو پيو وڃان،
    تون سموري آڳ بنجي شھر کي پيئي تڪين،
    مان وري تو مان ڪريل ڳوڙھو ٿيندو پيو وڃان.


    يونيورسٽي جي ڪلاسن ۾ حُسن،

    يونيورسٽي جي ڪلاسن ۾ حُسن،
    تنھنجي ڪاوڙ ۽ غُصي ۾ سُندرتا،
    تنھنجي دڙڪن ۽ دِلاسن ۾ حُسن،
    دير تائين لان ۾ پيئندا رھيا،
    چنڊ پلٽيو پِئي گِلاسن ۾ حُسن.


    ڇھه سٽا

    رڳو باھ ٽمڪي رڳو باھڙي

    رڳو باھ ٽمڪي رڳو باھڙي،
    اھائي اُھائي اٿس ساھڙي،
    ادا! ھُن اديءَ جو اٿم ڏک ڏاڍو،
    ڪئي وقت ويران ۽ وائڙي،
    تباھيءَ لئهِ تيلي به ڪافي ھئي،
    لڳائي اوھان ۽ اسان لائڙي.


    بن ۾ ڳالھين آئون نه آھيان،

    بن ۾ ڳالھين آئون نه آھيان،
    من ۾ ڳولھين، آئون نه آھيان،
    وڻ وڻ تي ويچارين ويٺو،
    پن ۾ ڳولھين، آئون نه آھيان،
    اُلران ڪوھ ڪھاڙيءَ وانگي،
    ڳن ۾ ڳولھين، آئون نه آھيان.


    ڀاڪُر ڀاڪُر منجھه ورائي،

    ڀاڪُر ڀاڪُر منجھه ورائي،
    منھنجي جوان جِسم تي جانان،
    ڄانڀي ڦُولن جيئن ڇڻين ٿي،
    تنھنجي جواني جو سُورج،
    ٻپھري جِي ٽاڪ جھڙو آ،
    مونکي تون ته پوءِ به وڻين ٿي.


    تون اڙي او سانوري!

    تون اڙي او سانوري!
    پنھنجو جوڀن سانوڻيءَ جو،
    ڪوئي ڀريل مَينھن آھين،
    ڄڻ گھٽا اوڍي اچي،
    مون مٿان آھين لٿِي،
    جُھڙ جُھڙالو ڏِينھن آھين.


    نديءَ جي رُخ ڏي نھار وري ھليو ويندس!

    نديءَ جي رُخ ڏي نھار وري ھليو ويندس!
    اوھان کي پار اُڪاري وري ھليو ويندس!
    سموري رات پُڪاري وري ھليو ويندس!
    صبح جو سج اُڀاري وري ھليو ويندس!
    وري آواره گرديءَ جا لکين نغما نوان ڪيئي،
    پکين جو جُھنڊ اُڏاري وري ھليو ويندس!


    ڦوھ جواني پئي ھوا ۾ تو مٿان ڇڪجي ڇڻي،

    ڦوھ جواني پئي ھوا ۾ تو مٿان ڇڪجي ڇڻي،
    ھر سمي ۾ تون رھين ٿي ھر سمو مون کي وڻي،
    ھر دائري جي پٺيان آ درد ساڳيو ڀيڪڙيل،
    ھر اڱڻ مان اک ساڳي رات جا تارا ڳڻي،
    ھر وياڪل ڇوڪرو ٿو موسمن ۾ مات کائي،
    ھر اڪيلي ڇوڪري ٿي درد ۽ ڏک کي ڄڻي.


    ھڪ حقيقت سو فسانا شھر ۾،

    ھڪ حقيقت سو فسانا شھر ۾،
    زندگي ڪھڙي! زمانا شھر ۾،
    ڳوٺ ۾ ڳالھيون ڳُڻن جون ڳائجن،
    نينھن وارن تي نشانا شھر ۾،
    ڪيئن پڄان ۽ ڪيستائين ٿا کٽن،
    بي وفا تنھنجا بھانا شھر ۾.


    ڌنڌو ڪر وقت سارو وڻج ۽ واپار ڪر،

    ڌنڌو ڪر وقت سارو وڻج ۽ واپار ڪر،
    نٿو ٿئي پيار توکان، ڪير چئي ٿو پيار ڪر!
    تونگر ڪير آھي ڪير آ سکڻو سڃو،
    نظر جي ڳالھه ڪر، دل کي به ڏس ديدار ڪر،
    اسان خالي ھٿن جي لڱن جو ليکو نه ڪر،
    اڃان تلوار تو وٽ آ اڃان ٻيو وار ڪر.


    اوھان جي شھر ۾ ماڻھو اگر اچي نڪري،

    اوھان جي شھر ۾ ماڻھو اگر اچي نڪري،
    گھري سو خير جي جانان ھتان بچي نڪري،
    پسائي پاند متان مينھن تي مياري ٿئي،
    پويس پيچ ڀلي پيار ڀِڄي نڪري،
    پراڻي درد جي آواز ۾ اثر آھي،
    صدين جي ساز منجھان راڳ ٿو رچي نڪري.


    پُڪاري ننڊ مان ٿي ھو

    پُڪاري ننڊ مان ٿي ھوءَ
    اُٿاري ننڊ مان ٿي ھوءَ.
    کليل آ خواب جي ڳڙکي،
    نھاري ننڊ مان ٿي ھوءَ،
    پکين وانگي اکين مان ڪيئن،
    اُڏاري ننڊ مان ٿي ھوءَ.


    اُجھاءِ ٻيڙي نه ڪر بند، بات رستو آ،

    اُجھاءِ ٻيڙي نه ڪر بند، بات رستو آ،
    حجاب ھونئن به ھٽائڻ لاءِ وات رستو آ،
    اسانجي ڳالھه ڳچيءَ مان به پيئي ڳالھائي،
    ڪري ٿو پنڌ، اُٿي ڪنڌ، ڪات رستو آ،
    عظيم عشق جو ورثو وٺڻ وڃون ٿا پيا،
    قديم قيد منجھان نئين نجات رستو آ.


    ھر گل سان گفتگو ۾ گذرندي گھڙي آھي،

    ھر گل سان گفتگو ۾ گذرندي گھڙي آھي،
    واءُ جو ٿڌيرو آ، گھم مان گھمي آيو،
    تون ڏکڻ ڏي ڏس کڻي ھوءَ اتي کڙي آھي،
    رُت جي رڪيبن ۾ تون پير وجھه پڪا پنھنجا،
    واڳ وٺ وڇيڙيءَ جي، جي اڃان جڙي آھي،
    مان ازل کان آجيان جا گيت پيو جنھن لاءِ لکان،
    سامھون سا پئي اچي، لاڙ کان لڙي آھي.


    شراب جي دُڪان تي،

    شراب جي دُڪان تي،
    رات ڏينھن رش آ،
    جو به جام جيئن جھلي،
    ٿو پنو پڙھي وٺي،
    سو پياڪ غش آ،
    اي اياز شاعري!


    ڪنھن اصِيل نانگ جي،

    ڪنھن اصِيل نانگ جي،
    ڦوڪ وانگيان لڳي،
    يا ته انب تي لٿل،
    ڪنھن دکي ڪويل جي،
    ڪوڪ وانگيان لڳي،
    اي اياز شاعري!


    دربدر ھوائن مان،

    دربدر ھوائن مان،
    ڇا ته روپ ماڻي ٿي،
    ڇا ته ٿي ٻٻر ٻکي،
    ڇا ته ٻور ٿي جھلي،
    ڇا ته ڦول ڇاڻي ٿي،
    اي اياز شاعري!


    ڍنڍ جي ڪٺار تي

    ڍنڍ جي ڪٺار تي،
    اڏرندڙ پکين جيان،
    اي اياز شاعري!
    ڪنھن حسين ڇوڪري جي،
    حسين اکين جيان،
    اي اياز شاعري!


    لفظ لفظ ۾ لھي،

    لفظ لفظ ۾ لھي،
    گيت گيت گونج آ،
    شام آسمان ۾،
    ڄڻ ته ڪا اڏام آ،
    سٽ سٽ ڪونج آ،
    اي اياز شاعري!


    متفرقه شعر

    جيئنَ شال جڏيءَ کي جوڙيندا ٻيھار!

    جيئنَ شال جڏيءَ کي جوڙيندا ٻيھار!
    جوڙي پنھنجي جان سان ٽوڙيندا ٻيھار!


    موسمون سُرن جون اُٿي بيٺيون،

    موسمون سُرن جون اُٿي بيٺيون،
    گل ھُٻڪار ٿي ھليا ھُن سان.


    پھر جو ٻُڪ آھيان مان،

    پھر جو ٻُڪ آھيان مان،
    زھر جو ڍُڪ آھيان مان.


    گنگھار آھيان گنگھار آھيان،

    گنگھار آھيان گنگھار آھيان،
    مگر پوءِ به معصوم ڪو ٻار آھيان.


    خواب کي کوٽي ڪرڻ جي ڪم جي تعبير ٿي،

    خواب کي کوٽي ڪرڻ جي ڪم جي تعبير ٿي،
    سوچ رنگن سان ملي ھئي سمنڊ جي تصوير ٿي.


    مقروض ٿي مري ويو آ ڪنھن جو نه ٿي سگھيو،

    مقروض ٿي مري ويو آ ڪنھن جو نه ٿي سگھيو،
    ھڪڙي حقير زندگي، جيئري نه جي سگھيو!


    رات جون ڌاڳن جيان لڙڪن ڳليون،

    رات جون ڌاڳن جيان لڙڪن ڳليون،
    ڀت تي اوندھ جون چڙھندڙ وليون!


    محبت ۾ محنتون ۽ ماڻھو ڪري مزوري،

    محبت ۾ محنتون ۽ ماڻھو ڪري مزوري،
    ھي پيار آھي پورھيو، پورھيو ڪرڻ ضروري.


    ساز ۾ سنيھو آ، سار ياد جي دُنيا،

    ساز ۾ سنيھو آ، سار ياد جي دُنيا،
    ڪوڪ ۾ ڪلا آھي، ڦوڪ تار جي دُنيا.


    اسان آسمانن ۾ ڌوڪيو گھڻو آ،

    اسان آسمانن ۾ ڌوڪيو گھڻو آ،
    چئون ٿا ايڏانھن به ڪا دري ٿي سگھي.


    مجازي محبت ۾ مون جو ڏٺو آ،

    مجازي محبت ۾ مون جو ڏٺو آ،
    حقيقت تصور ۾ تبديل ٿي وئي.


    اڌ اُگھاڙي عورت جي ڌيمي روشني،

    اڌ اُگھاڙي عورت جي ڌيمي روشني،
    رات پڇاڙي عورت جي ڌيمي روشني.


    ڏک مليس ٿي ڏاج اديون،

    ڏک مليس ٿي ڏاج اديون،
    سور ٿيا سامان سسئيءَ جو!



     -

    حُسن جي درٻار ۾ سجدو ڪيم توکي ڏٺم،
    سُڃ صحرا ۾ جڏھن ڪو گل لڌم توکي ڏٺم.


    مان ھتان وڃان ٿو پيو، ھوءَ ھتان ھلي ھوندي،

    مان ھتان وڃان ٿو پيو، ھوءَ ھتان ھلي ھوندي،
    زندگي ڊگھي ڪيڏي ڪيتري ڳلي ھوندي!


    ٻنھپرن جو ٻگھه اڇا ٻئي،

    ٻنھپرن جو ٻگھه اڇا ٻئي،
    گڏ دٻي تي بيٺا آھن.


    دل وارن دل لڳي ۽ دل لڳي ويئي ھلي،

    دل وارن دل لڳي ۽ دل لڳي ويئي ھلي،
    ياد ھئي اسڪول جي ڄڻ گھنٽي وڳي ويئي ھلي.


    بت پرستي ڪيم، سُٺو سمجھيم،

    بت پرستي ڪيم، سُٺو سمجھيم،
    پاڻ کي تو اڳيان ڪُٺم، سُٺو سمجھيم.


    عارضي آھن حُسن جون آرسيون،

    عارضي آھن حُسن جون آرسيون،
    دائمي ديدار آ درد جو!


    اِھا باھ ٻي آ، ھُن باھ جي اڳيان،

    اِھا باھ ٻي آ، ھُن باھ جي اڳيان،
    کنوڻيون کڻي گھُمي ٿو، اونداھ جي اڳيان!


    گيتن ۾ آ واٽ وڙھن جي تارن ۾ آ تات اسانجو،

    گيتن ۾ آ واٽ وڙھن جي تارن ۾ آ تات اسانجو،
    تنھنجا لڱ ٿڌا آھن يا منھنجا ھٿ گرم آھن!



    پرين پرين ته پري سندس نه پيرو آ،

    پرين پرين ته پري سندس نه پيرو آ،
    عجيب عشق عجيب آسرو اچڻ جو آ.


    او پرين تنھنجي ڪري مون کي،

    او پرين تنھنجي ڪري مون کي،
    زندگيءَ ۾ آ ملي وئي زاھدي.


    مون جڏھن گھاٽيون گھٽائون پئي لکيون،

    مون جڏھن گھاٽيون گھٽائون پئي لکيون،
    ڇوڪريون پئي پاڻ ۾ کيڏيون ڪُڏيون!


    مرڪ جيڏي مختصر ٿي ھڪ ڇوڪري،

    مرڪ جيڏي مختصر ٿي ھڪ ڇوڪري،
    منھنجي چپن ۾ وڃائجي ٿي وڃي!


    اسانجا ڪافراڻا ڪم، نه ئي پنھنجي نمازي دل،

    اسانجا ڪافراڻا ڪم، نه ئي پنھنجي نمازي دل،
    مڃايوسونس ڪيڏو پر ٿيئي ٿي ڪانه راضي دل،
    گلابن سوڳ ڪارو ڪيو عجب غمناڪ غازي دل.



    طلمسي آئيني ۾ ترندڙ ننگيون نيگريون

    طلمسي آئيني ۾ ترندڙ ننگيون نيگريون،
    ۽ گلابن پئي جڏھن مھٽيون اکيون،
    تنھنجي خوابن ۾ اکيون مون پئي رکيون!


    نج ٻولي استعارو گيت جو،

    نج ٻولي استعارو گيت جو،
    ڪورئيڙي وانگي مگن زندگي،
    ڪنڊ ۾ ڄڻ ته ڄارو گيت جو.


    تنھنجي چپن تي،

    تنھنجي چپن تي،
    پوپٽ ويٺو آ،
    مونکي پڪڙڻ ڏي.


    تنھنجي ڳل تي تر،

    تنھنجي ڳل تي تر،
    ڄڻ جھاز جي عرشي تي،
    حبشي مسافر!


    نانگ جوڳڻ جي اکين ۾ ٿو تڪي،

    نانگ جوڳڻ جي اکين ۾ ٿو تڪي،
    ڄڻ ايئن چوندو ھجي،
    “تون به ڪا نانگڻ آھين!”


    اڌ وھيءَ ۾ پھچي جڏھن ٿيون پيار ڪن،

    اڌ وھيءَ ۾ پھچي جڏھن ٿيون پيار ڪن،
    ڪنھن سان نٿيون انڪار ڪن،
    ڪنھن سان نٿيون اقرار ڪن!


    ساھ منھنجي ۾ سھڪندي ٿي رھين،

    ساھ منھنجي ۾ سھڪندي ٿي رھين،
    ڪيتري وقت کان ڪچي ٻور جيئن مون ڇڻين پئي،
    ۽ منھنجي من اندر مھڪندي ٿي رھين.


    فطرت جي فرزندي ھُن جو نصيب،

    فطرت جي فرزندي ھُن جو نصيب،
    گيت لھوارو تري ٿو اُس ۾،
    ڪائناتن کي اھو تت ھو قريب.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 533
    ڪتابن جو مشاهدو: 550719
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 212770
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ