ڪتاب جو نالو: شهيد جي ماءُ
مصنف: يوسف سنڌي
ڇپائيندڙ: ناري پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: ٻاراڻو ادب
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 11 نومبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 335 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 96 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”شهيد جي ماءُ“ اوهان اڳيان پيش آهي. ٻارن لاءِ لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪهاڻين جي هن ڪتاب جو ليکڪ، پبلشر ۽ اديب يوسف سنڌي آهي.
هن ڪتاب ۾ هڪ ماءُ جي بي لوث محبت کي اُجاگر ڪيو ويو آهي. ماءُ هڪ مقدس هستي آهي. ماءُ جهڙي محبت ڪير به نٿو ڪري سگهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • بُزدل انسان موت کان اڳ مري چُڪو، هوندو آهي
  • سنڌ سلامت پاران
  • منهنجي سوچ : نذير ناز
  • پنهنجي پاران :يوسف سنڌي
  • ڪهاڻيون

  • ننڍڙا مجاهد
  • شهيد جي ماءُ
  • ڀوائتو سفر
  • سوري جنين سيج
  • عظيم سوکڙي
  • ماضي حال ۽ مستقبل
  • شرط
  • اجايو وهم
  • ڇوٽڪاري جي واٽ
  • وطن جي راهه ۾
  • سلڇڻي نينگري ۽ شرارتي ڪئو
  • انوکو بدلو

  • حق ۽ واسطا

    ناري پبليڪيشن جو ڪتاب نمبر ڇاونجاهون

    ڪتاب جو نالو: شهيد جي ماءُ
    موضوع: ڪهاڻيون
    لکيڪ: يوسف سنڌي
    ڇاپو پهريون: 1990ع
    ڇاپو ٻيون: آڪٽوبر 2016ع
    ٽائٽل ڊزائن: مور ساگر
    لي آئوٽ: جهانزيب علي جوڻيجو
    ڇپيندڙ: ساحل پرنٽرز رابعه اسڪوائر حيدرآباد. 03332634650
    ڇپائيندڙ: نذير ناز
    پاران: ناري پبلڪيشن / ناري ميڊيا سينٽر 3/443
    صدر حيدرآباد سنڌ
    فون: 2731165
    قيمت: 50 روپيا


    ارپنا

    سنڌ ڌرتيءَ جي ننڍڙن گُلڙن، ڦُلڙن، مستقبل جي معمار ٻارڙن
    جي نالي ...

    - يوسف


    بُزدل انسان موت کان اڳ مري چُڪو، هوندو آهي

    بُزدل انسان موت کان اڳ مري چُڪو، هوندو آهي، ليڪن بهادر انسان هڪ دفعو مرندو آهي.

    (وليم شيڪسپـيئر)


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”شهيد جي ماءُ“ اوهان اڳيان پيش آهي. ٻارن لاءِ لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪهاڻين جي هن ڪتاب جو ليکڪ، پبلشر ۽ اديب يوسف سنڌي آهي.
    هن ڪتاب ۾ هڪ ماءُ جي بي لوث محبت کي اُجاگر ڪيو ويو آهي. ماءُ هڪ مقدس هستي آهي. ماءُ جهڙي محبت ڪير به نٿو ڪري سگهي. يوسف سنڌي لکي ٿو:
    ”مون پنهنجي ادبي زندگيءَ جي شروعات ٻاراڻي ڪهاڻين لکڻ سان ڪئي. منهنجون اهي ٻاراڻيون ڪهاڻيون ’گل ڦل‘ ۽ ٻارن جي ٻين رسالن کان علاوه ’هلال پاڪستان‘ جي ٻاراڻي صفحي ”گلن جهڙا ٻارڙا“ ۾ ڇپيون ۽ ان صفحي جي انچارج محترم حسام سومري منهنجي هر لکت بنا ڪنهن ڦيرڦار جي ڇپي مون ۾ لکڻ جي معاملي ۾ خود اعتمادي پيدا ڪئي.
    مون لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب کان ڪئي ۽ اڃا به ٻارن لاءِ لکندو آهيان. جيتوڻيڪ هاڻ ٻارن لاءِ لکڻ جي معاملي ۾ ايترو تيز نه آهيان، پر ايترو ڏوهي به نه آهيان، جيترو ٻيا دب دوست آهن جيڪي ٻارن لاءِ بلڪل نه ٿا لکن.“
    هي ڪتاب پهريون دفعو 1990ع ۾ ڇپيو جڏهن ته ٻيو ڇاپو 2016ع ۾ ناري پبليڪيشن پاران ساحل پرنٽرز وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري مور ساگر جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي. مهربانيون سائنڻ نذير ناز ۽ مانواري يوسف سنڌيءَ جون جن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    منهنجي سوچ : نذير ناز

    ٻارو! هي ستاونجاهون نمبر ڪتاب يوسف سنڌي جو لکيل ”شهيد جي ماءُ“ آهي. هن ڪتاب ۾ هڪ ماءُ جي بي لوث محبت کي اُجاگر ڪيو ويو آهي. ماءُ هڪ مقدس هستي آهي. ماءُ جهڙي محبت ڪير به نٿو ڪري سگهي. ٻارو اوهانکي ماءُ پيءُ ٻنهي جي عزت ڪرڻ گهرجي.
    ٻيو ته اوهان کي پنهنجي ٻوليءَ مٺڙي ٻولي سان محبت ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اسان جي سڃاڻپ پنهنجي ٻولي سنڌي ٻولي سان آهي ۽ پنهنجي ٻولي لاءِ سنڌي ڪتاب پڙهڻ گهرجن، سنڌي ٻولي ۾ لکڻ گهرجي. بس توهان سنڌي ڪتاب پڙهي، آکاڻيون لکو، سنڌي اخبار پڙهو، ڇاڪاڻ ته اخبار ۽ ڪتاب پڙهڻ سان معلومات ۾ اضافو ٿيندو، الائي ڇو اسين انگريزي يا ٻي ٻولي ڳالهائڻ ۾ فخر محسوس ڪريون ٿا، هروڀرو پنهنجي ٻوليءَ ۾ انگريزي لفظ يا ٻي ٻولي جا لفظ شامل ڪريون ٿا. سنڌي ٻولي شاهوڪار ٻولي آهي. ٻيون ٻوليون ڀلي سِکو، ڳالهايو، پڙهو پر پنهنجي سنڌيءَ جي برابر ٻين ٻولين کي ايڏي اهميت نه ڏيو. سنڌي ٻوليءَ ڳالهائڻ ۾ فخر محسوس ڪريو، ڇاڪاڻ ته اسان جي سڃاڻپ سنڌي ٻولي سان آهي. وڌيڪ ڇا لکان.

    اوهانجي پنهنجي

    نذير ناز
    حيدرآباد، 2016ع


    پنهنجي پاران :يوسف سنڌي

    (پهرين ڇاپي جو)

    اڄ جڏهن آئون پنهنجي گذريل زندگيءَ تي نظر وجهان ٿو ته هڪ قسم جو سڪون ۽ اطمينان ٿو نصيب ٿيم. هوش سنڀالڻ کان وٺي اڄ سوڌي، مون پنهنجو گهڻو وقت لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ گذاريو آهي. مون هر وقت، هر ڏکي ۽ ڪٺن حالتن ۾ به لکڻ ۽ پڙهڻ جو ساٿ نه ڇڏيو آهي ۽ لکڻ ۽ پڙهڻ سان ان ساٿ نڀائڻ جي عيوض مون ڪافي ڀوڳيو آهي ۽ اهي ڀوڳنائون منهنجي زندگيءَ جو اڻ ميو ثمر رهيون آهن. اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ٻاراڻا ڪتاب گهراڻي پاڻ پڙهندو هئس ۽ ڪيترن هڪ جيڏن سنگتين ۽ ساٿين کي پڙهائيندو هئس ۽ منجهن سنڌي ٻولي ۽ ڪتابن سان چاهه پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هئس ۽ ان کي هڪ مشن سمجهي ڪم ڪندو هئس ۽ اڃان به ڪندو آهيان.
    منهنجو گهرو ماحول عام رواجي هو، گهر جي سڀني ڀاتين ۾ آئون پهريون فرد هئس جنهن مئٽرڪ پاس ڪئي. اڳ ۾ منهنجون ٻه ڀيڻون ٻه ٽي سنڌي درجا پڙهي گهر ۾ ويهي رهيون هيون. اهڙي ماحول ۾ رهڻ جتي ڪتابن يا علم جي پري جو به ڪو واسطو نه هجي اُتي ادب سان دلچسپي، سا به جنون جي حد تائين ٿيڻ، سچ ته ٻيو ڪو حيران نه به ٿئي پر آئون ضرور آهيان. پنهنجي امان ۽ بابا جو آئون اڪيلو پُٽ هئس، هنن مون کي پڙهائڻ ٿي چاهيو، منهنجي نانيءَ جو مون سان انتها پيار هو ۽ اڃا به آهي. هن جا اسڪول ۽ گهر تائين جا پنڌ مون کي اڃان تائين ياد آهن. هن جا مون کي پيار مان ڀاڪر وجهي ماترائي پرچائي اسڪول نيڻ جا جتن ياد ڪري منهنجو ڪنڌ تعظيم سبب جهڪيو وڃي، پر آئون نٺر، اسڪول وڃڻ جو نالو ئي نه وٺندو هئس. منهنجي مائٽن جو اهو شوق ڏسي منهنجي هڪ مائٽ، جيڪو منهنجو استاد به رهي چڪو آهي، تنهن بابا کي چيو ته ”ڇوڪرو پڙهندو هئين ڪو نه، کيس درزيءَ جي دڪان تي ويهاريو ته ڪم سکي.“ ڪجهه سال پوءِ جڏهن آئون نائين يا ڏهين ڪلاس ۾ هئس ان ساڳئي استاد هڪ سوالن جوابن جي چٽاڀيٽيءَ ۾ مون کي پهريون نمبر کڻندو ڏسي چيو، ”آئون دل ئي دل ۾ کلي رهيو هئس ته هي به ٿو مقابلو ڪري، پر هي ته ائين فر فر جواب ڏيڻ لڳو جو آئون حيران ٿي ويس.“ آئون اڄ به انهن لفظن مان اُتساهه وٺندو آهيان ۽ هر انهيءَ ڳالهه مان اُتساهه وٺندو آهيان جيڪا مخالف مون کي اڳيان وڌندو ڏسي ڪندا آهن ۽ پوءِ آئون اڃان به وڌيڪ محنت ڪرڻ لڳندو آهيان.
    ان وقت مون لکڻ جي ڪوشش ڪئي. مون پنهنجي ادبي زندگيءَ جي شروعات ٻاراڻي ڪهاڻين لکڻ سان ڪئي. منهنجون اهي ٻاراڻيون ڪهاڻيون ’گل ڦل‘ ۽ ٻارن جي ٻين رسالن کان علاوه ’هلال پاڪستان‘ جي ٻاراڻي صفحي ”گلن جهڙا ٻارڙا“ ۾ ڇپيون ۽ ان صفحي جي انچارج محترم حسام سومري منهنجي هر لکت بنا ڪنهن ڦيرڦار جي ڇپي مون ۾ لکڻ جي معاملي ۾ خود اعتمادي پيدا ڪئي.
    مون لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب کان ڪئي ۽ اڃا به ٻارن لاءِ لکندو آهيان. جيتوڻيڪ هاڻ ٻارن لاءِ لکڻ جي معاملي ۾ ايترو تيز نه آهيان، پر ايترو ڏوهي به نه آهيان، جيترو ٻيا دب دوست آهن جيڪي ٻارن لاءِ بلڪل نه ٿا لکن.
    هن ڪتاب ۾ منهنجون ٻارن لاءِ لکيل ڪجهه ڪهاڻيون شامل آهن. ڪجهه ڪهاڻيون ٻيون به آهن، جن ۾ منهنجي شروعاتي ڪهاڻي ’ظلم جي ديوار‘ به آهي. اڳتي هلي موقعو مليو ته اُهي به ڪتابي صورت ۾ شايع ڪندس.


    يوسف سنڌي


    ڪهاڻيون

    ننڍڙا مجاهد

    مرشي ۽ لوشي ٻئي ڀاءُ ڀيڻ ويٽنام جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ جي پاسي کان هڪ ٿلهي وڻ جي ڍڍر ۾ لڪا ويٺا هئا. هنن جي پيءُ کي ڪالهوڪي جنگ ۾ گولي لڳي هئي ۽ هو گهر ۾ زخمي ٿيو پيو هو. ان جي بندوق به اتي پئي هئي. هنن لڪ چوريءَ ۾ اها بندوق کنئي ۽ وڻ تي مٿي هڪ ٻئي کي چاڙهي اچي انهيءَ ڍڍر ۾ ويهي رهيا ته دشمن وري جيڪڏهن ڳوٺ تي حملو ڪري ته انهن تي گولي هلائجي.
    اهو ٻنپهرن جو ٽاڻو هو. اوچتو ٿوري دير کان پوءِ آمريڪي سپاهين وري ڳوٺ تي حملو ڪيو. ڳوٺ جي چوڌاري کاهين ۾ ڳوٺ جا مرد ۽ زالون اڳ ۾ ئي دشمن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ويٺا هئا. وڏي زبردست لڙائي شروع ٿي ويئي. ٻنهي پاسن کان گولين جو وسڪارو شروع ٿي ويو. لوشي ۽ مرشي به ڍڍر ۾ لڪي بندوق هٿ ۾ جهلي چوڪس ٿي ويهي رهيا. هنن جي ٻنهي پاسن کان گوليون سوساٽ ڪنديون لنگهنديون رهيون، اوچتو هڪڙي پاسي کان ٻه آمريڪي سپاهي ٿورو ئي اڳيان کين جهنگ ۾ ڏسڻ ۾ آيا. ٻئي سپاهي کَڏ ۾ ليٽي ڳوٺ ڏانهن بندوق هلائي رهيا هئا. مرشي ۽ لوشي زمين کان ڏهاڪو کن فوٽ مٿي هئا، تنهنڪري هنن کي اهي ٻئي سپاهي چڱي طرح ڏسڻ ۾ پئي آيا ۽ پوري ڌڪ ۾ هئا، بندوق ”مون کي ڏي آئون ٿي هلايان.“ مرشيءَ لوشيءَ کي چيو، ”نه تون ڇوڪري آهين، توکان بندوق ڪو نه ڇُٽندي، پاڻهي آئون ٿو هلايان.“ لوشي بندوق هٿ ۾ کنئي پر اها ڳري هئي ۽هن جا هٿ ڏڪڻ لڳا. نيٺ هڪڙي ترڪيب هنن کي سمجهه ۾ آئي. مرشي بندوق جي ناليءَ هيٺان ٿي ويٺي ۽ ناليءَ کي ڪلهي تي رکيائين ۽ لوشي هن جي پويان انهن سپاهين تي چست ٻڌي، جلدي هن بندوق مان اَٺ رائونڊ هلايا. جتي سپاهي ليٽيل هئا، اُتي ڌوڙ اڏاڻي، پوءِ خبر نه پئي ته انهن جو ڇا ٿيو؟
    شام تائين لڙائي هلندي رهي. ان کان پوءِ آمريڪي سپاهي پنهنجون گاڏيون ڪاهي هليا ويا. ڳوٺ ۾ جنگ بند ٿيڻ جو توتاڙو وڳو ۽ سڀ ڳوٺاڻا کاهين مان نڪري آيا. هي به ٻئي ننڍڙا سپاهي وڻ جي ڍڍر مان لهي هيٺ آيا ۽ بندوبق کڻي ڊوڙي اُن پاسي وڃڻ لڳا، جتي هنن سپاهين تي گوليون هلايون هيون. اُتي رت جا ٻه وڏا دٻا ٿيل هئا. انهن ٻئي ٻُڪ انهيءَ مٽيءَ سان ڀريا ۽ ڊوڙندا ڳوٺ وارن ڏانهن آيا، ”ويٽنام سدا جيئي“ جا نعرا به جوش مان هڻندا پي آيا ۽ سڀني کي اچي ٻڏايائون ته اسان هڪ اڇو ۽ هڪ ڪارو آمريڪي ڪتو ماريو. ڳوٺاڻا هنن کي ڪلهن تي چاڙهي نچائڻ ٽپائڻ لڳا.


    شهيد جي ماءُ

    جرمني ۽ ڊنمارڪ جي وچ ۾ ٿيل جنگ ۾ جرمني شڪست کاڌي ۽ ان جا ڪجهه علائقا ڊنمارڪ پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتا. انهن علائقن کي واپس وٺڻ لاءِ جرمن وارن هڪ دفعو زبردست ڪوشش ڪئي، پر هو ان ۾ ڪامياب ڪو نه ٿيا، ان شڪست جو ٻُڌي جرمن جو ٻچو ٻچو وطن تان سر گهورڻ لاءِ تيار ٿي ويو.
    والاريل علائقي کان ٽيهارو ڪلوميٽر پري هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو هو، جنهن ۾ هڪ ٻُڍي جيني به رهندي هئي. هوءَ ڳوٺ وارن جو ڪم ڪار ڪري پيٽ گذر ڪندي هئي.
    جنگ هڪ ڀيرو وري شروع ٿي، جرمنيءَ جو هر فرد محاذ تي وڃڻ لاءِ تيار هو. جرمن سرڪار جنگ ۾ پنهنجي سپاهين جي مدد ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ جي عوام کي اپيل ڪئي هئي، ۽ هر هنڌ اهڙيون آفيسون کوليون هيون، جتي امدادي سامان وصول ڪيو ويندو هو.
    پوڙهي جيني جڏهن امداد لاءِ پنهنجي حڪومت جي دردمندانه اپيل ٻُڌي ته هوءَ پنهنجو ڦاٽل ٽٽل ميرو ٿيلهو کڻي ڪنهن ويجهي امداد وصول ڪرڻ واري مرڪز جي ڳولا ۾ نڪتي، نيٺ هوءَ هڪ مرڪز ۾ پهتي، جيڪو اسپتال جي هڪ ڪمري ۾ قائم ڪيل هو. هوءَ اندر داخل ٿي، هن ڏٺو ته اُتي هڪ ڀورن وارن وارو جوان ميز تي جهڪيو ڪجهه لکي رهيو هو.
    ”امداد وصول ڪرڻ وارو مرڪز هي آهي؟“
    پوڙهيءَ پڇيو.
    ”هائو!...“ نوجوان اُٿندي هڪ ڪنڊ ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
    هن ڏٺو ته ڪنڊ ۾ ڪپڙن جو ڍڳ لڳو پيو هو.
    ”هون... ته مون کان به وٺ.“ ائين چئي پوڙهي ٿيلهي مان مٺ ريزگاريءَ جي ڀري ڳڻڻ لڳي.
    هڪ، ٻه، ٽي، چار... ڏهه مارڪ. پوڙهيءَ پئسن کي ميزي تي رکندي چيو. اهڙي طرح پوڙهي ڏاڍي تيز رفتاريءَ سان ڳڻيندي ويئي. هن جي ڳڻڻ جو انداز ڏسي آس پاس جا ماڻهو اهو تماشو ڏسڻ لاءِ گڏ ٿي ويا.
    ڏهه مارڪ، ويهه مارڪ، ٽيهه مارڪ... اهڙي طرح ڏهن ڏهن مارڪن جون ڏهه ڍڳيون بنائي چوڻ لڳي، ”منهنجي طرفان وطن جي سورمن لاءِ هيءَ حقير امداد.“
    ”اوهان جو نالو...“ ڀورن وارن واري نوجوان پڇيو.
    ”نالو... نالي جي ضرورت ڪانهي.“
    ”مون کي ائين پيو لڳي ته هن مائيءَ پنهنجي سڄي ڄمار جي پونجي امداد ۾ ڏيئي ڇڏي آهي. منهنجي خيال ۾ تون ڪجهه مارڪ هن کي موٽائي ڏي ته جيئن هيءَ ڪجهه ڏينهن آرام سان گذاري سگهي. اُتي بيٺل ماڻهن مان هڪ ڄڻي ڀورن وارن واري نوجوان کي چيو.“
    “هائو! امڙ ڪجهه پئسا تون کڻ.“
    ”نه بلڪل نه... ائون هنن مان هڪ ڪوڏي به ڪونه کڻنديس.“ ائين چئي هوءَ وڃڻ لاءِ مُڙي ته ڀورن وارن واري جوان پڇيس. ”امڙ تنهنجو نالو ۽ ڳوٺ ته ٻڌائي جيئن اسين داخلا رکي سگهون.“
    ”تون لک ڌرتيءَ جي هڪ غريب ڌيءَ پاران امداد.“ پوڙهيءَ وراڻيو.
    ”ڀلا تنهنجو ٻيو ڪير آهي.“ بيٺلن مان هڪ چيو، اهو ٻڌي پوڙهي ڍري ٿي ويئي ۽ چوڻ لڳي، ”ها! هڪ ٻچڙو هئم، نالو هئس جان، گذريل جنگ ۾ جڏهن ڳوٺ جا ٻيا نوجوان محاذ تي ويا ته منهنجو ٻچڙو به ويو ۽ هو اُتي ڌرتيءَ ماتا جي حفاظت جي جنگ ڪندي شهيد ٿي ويو... ان ڏينهن کان وٺي جڏهن کان جان جنگ تي ويو هو، مون پائي پائي ڪري هي پئسا ميڙيا هئا ته جڏهن منهنجو جان موٽندو ته انهن پئسن مان سندس پسند جون شيون وٺي کيس سوکڙي طور ڏينديس، پر جان جي شهيد ٿيڻ جو ٻڌي اها آس اندر ۾ رهجي ويم ۽ هاڻي جڏهن اسان جي بهادر سپاهين کي امداد جي گهرج آهي ته سوچيم ڇو نه انهن کي ڏيان جيئن جان جي روح کي، جيڪو وطن ۽ ويڙهيچن جي آزاديءَ لاءِ تڙپي رهيو آهي، ڪجهه سڪون ملي.“ اهو چئي پوڙهي خاموش ٿي ويئي ۽ سندس اکين مان لڙڪ بوندن وانگر ڳڙي رهيا هئا.
    ”افسوس...! اسان کي هن کي دوکي ۾ رکڻ نه گهرجي ۽ سڀ ڪجهه ٻڌائڻ گهرجي...“ بيٺلن مان هڪ چيو. ”هائو! مون کي سڀ خبر آهي، هن ڀيري به سوڀَ اسان جي حصي ۾ ڪو نه آئي آهي... هن ڀيري به دشمن سوڀارو ٿيو آهي... پر مونکي وشواس آهي ته اهو ڏينهن پري ڪونهي جڏهن اسان جو وطن آزاد ٿيندو، پوءِ اسان انهن سوين جانن جي قبرن تي گلن جي ورکا ڪنداسين، انهن جي شان ۾ گيت چونداسين... ان لاءِ آئون اڄ کان ئي ايندڙ جنگ جي تياريءَ لاءِ پيٽ تي پٿر ٻڌي پئسا گڏ ڪرڻ شروع ڪنديس.“ اهو چئي پوڙهي وڃڻ لڳي، پويان بيٺل همراهن مان ڪنهن چيو، ”بيشڪ اها ڌرتي ڪڏهن به غلام نه ٿي رهي سگهي، جنهن جي ٻار توڙي ٻڍي ۾ آزاد رهڻ جو جذبو آهي.“ (ماخوذ)


    ڀوائتو سفر

    ٽمبڪٽو اولهه آفريقا جي وڏي ريگستاني رڻ پٽ جو هڪ ناميارو شهر آهي. 1956ع ۾ هڪ آمريڪي سيلاني رابرٽ ڪرسٽوفر ان عظيم ريگستان جو سفر شروع ڪيو. جڏهن هو اڃا ننڍو ٻار هو ته سندس ماءُ کيس شرارتن کان باز رکڻ لاءِ کيس ڊيڄاريندي چوندي هئي ته هوءَ کيس ٽمبڪٽو موڪلي ڏيندي. پر ڊڄڻ بدران ڪرسٽوفر جي دل ۾ ان شهر کي ڏسڻ جو وڌيڪ شوق پيدا ٿيو، جڏهن هي وڏو ٿيو ته هن ٽمبڪٽو وڃڻ جو پڪو پهه ڪيو. ان لاءِ هن آفريقا جي هڪ ملڪ الجزائر مان پنهنجي مهم جي شروعات ڪئي. جتان کيس ٽمبڪٽو ڏانهن سفر ڪرڻو هو، هي شهر عظيم ريگستان جي ڏکڻ ۾ نائيجريا جي ويجهو آهي.
    هن اهو ڏکيو سفر الجزائر جي هڪ شهر ’بوسعده‘ مان شروع ڪيو. ڪرسٽوفر کي پتو پيو ته صحرا ڏانهن هڪ ٽرڪ وڃڻ لاءِ تيار بيٺي آهي. هن ڊرائيور سان ڳالهايو ۽ اهو طئي ڪيو ته جيستائين هو وڃي، تيستائين هن کي کڻي وڃي.
    حالت ڏاڍي خراب هئي، ٽرڪ جي اڳينءَ سيٽ تي ڊرائيور، ڪلينر ۽ ڪرسٽوفر ويٺل هئا، ٽرڪ جي رفتار ويهه ميل في ڪلاڪ هئي. سج هوريان هوريان اُڀري رهيو هو ۽ ريگستان ۾ تپش وڌندي رهي، ٿوري دير کان پوءِ گرمي ايتري ته وڌي ويئي، جو ڪرسٽوفر کي ٽرڪ ۾ مُنجهه ٿيڻ لڳي. ان وقت ڀرسان هڪ فوجي ٽرڪ اچي لنگهي. ڪرسٽوفر اشارو ڏيئي گاڏي بيهاري ۽ فوجي آفيسر کي التجا ڪندي چوڻ لڳو ته کيس هن مصيبت مان ڇڏائي، جنهن ۾ ويهه ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪندي موت جي منهن ۾ وڃي رهيو آهي. آفيسر هن کي چيو ته فوجي قانون موجب هي هڪ عام ماڻهوءَ کي فوجي گاڏيءَ ۾ نٿو ويهاري سگهي. خوشقسمتيءَ سان ڪرسٽوفر وٽ هڪ پراڻي سفارتخاني جو پراڻو سفري اجازت نامو هو. جيڪو هن آفيسر کي ڏيکاريو. ڪارڊ جي پٺيان ”ختم ٿيل“ جي مهر لڳل هئي، پر آفيسر ورائي ڪو نه ڏٺو، ۽ کيس پاڻ سان گڏ ٽرڪ ۾ ويهڻ جي اجازت ڏنائين، ان گاڏيءَ ۾ ڪرسٽوفر ڏاڍي آرام ۽ سڪون سان سفر ڪيو ۽ هڪ ريگستاني شهر ”غار دائيا“ ۾ لهي ويو. ان شهر ۾ ايتريون ته مکيون هيون، جو شايد ئي ٻئي ڪنهن علائقي ۾ هجن، مکيون هر شيءِ تي اهڙي طرح چهٽيل هيون، جو هر شيءِ ڪاري نظر اچي رهي هئي. اتي هي جيترو وقت ترسيو سخت مصيبت ۾ مبتلا هو، ٻئي ڏينهن کيس خبر پئي ته هڪ ٽرڪ ”الگوليٽا“ شهر وڃڻ لاءِ تيار بيٺي آهي. اها ٽرڪ نئين ۽ مضبوط هئي. ڪرسٽوفر ڊرائيور کي چيو ته کيس پاڻ سان گڏ وٺي هلي. ڊرائيور اها ڳالهه قبول ڪئي، شهر کان ڏهن ڪلوميٽرن تائين رستو پڪو هو، پوءِ ريگستان شروع ٿي ويو، هن کي رستو چوڻ بدران واريءَ جو سمنڊ چوڻ بهتر آهي. ڊرائيور ڏاڍي هوشياريءَ سان گاڏي هلائي رهيو هو، سفر ڏاڍو ڀوائتو هو، واري ايتري ته نرم هئي، جو گاڏيءَ جا ڦيٿا هر هر ڦاسي ٿي پيا، ڊرائيور وٽ ڏهه ڏهه فوٽ ڊگهيون پٽيون هيون، جن کي واريءَ تي خاص انداز سان رکي رستو ٺاهي گاڏي هلائڻي ٿي پئي. ڪرسٽوفر هن ڏکئي ڪم ۾ ڊرائيور جي ڏاڍي مدد ڪئي ڪرسٽوفر کي ڊرائيور ريگستان جي سفر جا ڪيترائي ڀوائتا قصا ٻڌائي وڌيڪ ڊيڄاري ڇڏيو ته ڪيئن ٽن انگريزن جي ڪار واريءَ ۾ پاسي پئي هئي ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ انهن جا لاش سُڪل ڪاٺين جي حالت ۾ مليا، هو ايتريقدر اُڃايل هئا، جو گهٻرائجي هر شيءِ کي پيئڻ جي ڪوشش ڪيائون، ايتريقدر جو ڪار جي ريڊي ايٽر مان به پاڻي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون، منجهائن هڪ ته پئٽرول پيئڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻئي ڏينهن صبح جو ڪرسٽوفر کي اها حقيقت درست نظر اچڻ لڳي، ڇو ته ڊرائيور کيس ٻڌايو ته سخت گرميءَ سبب پاڻيءَ جي هڪ مشڪ ڦاٽي چڪي آهي. جيڪڏهن ڪا تڪليف پيش نه به آئي، تڏهن به سفر خطري کان خالي ڪونهي. ڪرسٽوفر نقشي جي مدد سان معلوم ڪيو ته پاڻي ڪٿي ملي سگهي ٿو، پوءِ هي پنهنجو اصل مقصد ڇڏي اوڏانهن وڃڻ لڳا، اهو مفاصلو به تمام گهڻو هو، هڪ دفعي ڪرسٽوفر اُڃ کان بيحال ٿي پاڻ کي کڻي تتل واريءَ تي ڦٽو ڪيو، ان مهل کيس اها ڳالهه ذهن ۾ به ڪا نه هئي، ته واري ايتري گرم به ٿي سگهي ٿي. سو هي واريءَ تي ڪرندي شرط رڙ ڪري اُٿيو، هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ گرم ڪوئلن جي ڍڳ تي ڪريو هجي، ۽ هن کي ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ تپيل لوهه جي سيخ هن جو جگر ڦاڙي ڇڏيو هجي. هن جي مٿي ۾ چڪر اچڻ لڳا ۽ هي غش ٿي سيٽ تي ڪري پيو. آخر هي پاڻيءَ واري هنڌ پهتا، اُتي کوهه جو ٿڌو پاڻي ڏسي ڪرسٽوفر خوشيءَ منجهان ٻهڪي اُٿيو ۽ ڍؤ ڪري پاڻي پيتو ۽ خدا جو شڪر ادا ڪيو. درجو حرارت پنهنجي نقطي عروج تي هو. هڪ سئو ميلن جي سخت مشڪل مسافريءَ کان پوءِ هي ”الگوليٽا“ پهتا، جتي هنن سک جو ساهه کنيو. ٻئي ڏينهن هي هڪ ٽرڪ ذريعي ’ان ملاح‘ ڏانهن روانو ٿيو. اهو به هڪ ڏکيو سفر هو، ايتريقدر جو ڪرسٽوفر پاڻ کي مئل سمجهي ريگستان جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏنو، پر قسمت ڪا چڱي هيس جنهن کيس صحيح سلامت پهچايو، باقي سفر هن اُٺن جي قافلي سان گڏ ڪيو. هڪ ڏينهن اوچتو اوندهه ڇانئجي ويئي ۽ اهڙو ته زوردار طوفان شروع ٿي ويو جو خدا جي پناهه. ماڻهن اُٺن کي گول دائري ۾ بيهاري پناهه ورتي، اڌ ڪلاڪ کان پوءِ جڏهن طوفان ڍرو ٿيو ته هنن جو اڌ ڌڙ واريءَ ۾ ڦاسي چڪو هو، هاڻي هن کي پتو پيو ته ڪيئن قافلن جا قافلا صحرائن ۾ دٻجي وڃن ٿا، هڪ ڏينهن ڪرسٽوفر کي چانهه ٺاهڻي هئي، سو هن جيئن ئي هڪ پٿر کنيو ته ان جي هيٺان چار فوٽ ڊگهو نانگ نڪري آيو، هن ڦڙتيءَ سان ڀڄي جان بچائي، آخر هي ڏکيو سفر طئي ڪري ٽمبڪٽو پهتو. هاڻي هن کي خبر پئي ته ماڻهس کيس جيڪو ڊپ ڏياريندي هئي، اهو صحيح هو، ڇاڪاڻ ته اها هڪ خطرناڪ جاءِ هئي. (ترجمو)


    سوري جنين سيج

    هر طرف افراتفري لڳي پئي هئي، هر هنڌان باهه جا شعلا پي ڀڙڪيا، هر طرف راڙو ريهه لڳي پئي هئي، هرڪو پنهنجي جان بچائڻ جي فڪر ۾ هو، هي لبنان جو شهر سيدون هو، ڪجهه گهڙيون اڳ اسرائيلي جهاز بمباري ڪري هيڏي تباهي مچائي ويا هئا، ڪنهن کي به ڪنهن جي سُڌ ڪو نه هئي، گهٽيون ڪريل عمارتن ڪارڻ بند ٿي چڪيون هيون، هر طرف لاش پکڙيا پيا هئا، سوين، بلڪ هزارين ماڻهو ڪرندڙ عمارتن ۾ دٻجي اجل جو شڪار بنجي چڪا هئا.
    اوچتو سيدون جي گهٽين مان هڪ پنڌرهن سورهن سالن جو ٻالڪ ڪرندڙ عمارتن ۽ رستي تي پيل لاشن کان پاڻ بچائيندو ان طرف ڊڪڻ لڳو، جنهن طرف شهر کان ڪجهه پرڀرو اسرائيلي فوج جي ڪيمپ لڳل هئي، هو تکيون وکون کڻندو اوڏانهن ڀڄي رهيو هو. هن کي ظالم اسرائيلين تي ڏاڍا جکَ پي آيا، جن هن جي پياري کلندڙ ڪڏندڙ شهر کي کنڊراتن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو، جن هن جا ماءُ پيءُ هن کان کسي ورتا هئا ۽ سندس ننڍپڻ جو دوست منصور به کانئس کسي ورتو هو. اوچتو پريان هن کي هڪ جيپ ايندي نظر آئي، هي هڪدم گُهت هڻي پاسي ۾ ڪريل عمارتن ۾ گهڙي ويو ۽ سٽ ڏيئي کيسي مان ريوالور ڪڍيو، جيڪو بمباريءَ کان اڳ سندس ساٿي حباش کيس ڏنو هو ۽ چيو هئائينس، ”حبيب! هي وٺ هن ۾ ڇهه گوليون آهن ۽ هر گوليءَ سان هڪ اسرائيلي ڪُتو مارج... هڪ به گولي زيان نه ڪج.“ جيپ ويجهو ايندي ويئي ۽ شهر جي اولهندي پاسي کان ٺڪا ٺوڪي شروع ٿي ويئي. شايد رات جي اونداهيءَ جو فائدو وٺي فدائين اسرائيلي ڪئمپ تي حملو ڪري ڏنو هو، اوچتو جيپ هن کان ٿورو پرڀرو اچي بيٺي ۽ منجهانس ٽي فوجي لٿا ۽ لهندي ئي آسپاس گوليون هلائڻ لڳا. پر جواب ۾ ڪو به فائر ڪو نه ٿيو. اهو ڏسي هو مطمئن ٿي اڳتي وڌڻ لڳا. هاڻ هو حبيب کان فرلانگ کن پري هئا، اهو ڏسي هن جي دل سانداڻ وانگر سهڪڻ لڳي ۽ هن جا هٿ مضبوطيءَ سان پستول تي ڄمي ويا ۽ هن نشانو وٺي لڳاتار ٻه فائر ڪيا ۽ ان سان گڏ ٻه هانءُ ڪنبائيندڙ رڙيون بلند ٿيون ۽ ٻن جسمن اچي ڦهڪو ڪيو. هيءَ لوءَ ڏيئي ڀڳل دريءَ مان ٽپي ڪجهه وکون ڊوڙي ڀت جي ڀر ۾ ليٽي پيو. هاڻ اسرائيلي فوجين جيپ جي آڏ وٺي فائرنگ شروع ڪري ڏني. گوليون هن مٿان، پاسن کان زوزاٽ ڪنديون لنگهنديون ويون. هن جي پستول ۾ چار گوليون هيون ۽ فوجي به چار هئا، هن کي سندس ساٿي حباش جا چيل لفظ ذهن ۾ پڙاڏي وانگر گونجڻ لڳا، “هڪ گولي به زيان نه ڪج، هر گوليءَ سان هڪ اسرائيلي مارج.“ هن وري پستول سنئون ڪيو ۽ نشانو چٽي گهوڙو دٻايو، هڪ رڙ اُڀري ۽ هي سُري وڃي وڻ جي پويان ٿي بيٺو، هاڻ اسرائيلي انهن هنڌن تي گوليون چٽي رهيا هئا، جتي کين شڪ هو ۽ هنن کي ائين پي لڳو ته کنڊر اندر هڪ کان وڌيڪ فدائين لڪل آهن. هن نشانو وٺي گولي اڃا مٿس هلائي، تيسين هڪ گولي زوزاٽ ڪندي اچي هن جي ڪلهي ۾ لڳي ۽ هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ باهه سوراخ ڪري هن جي جسم ۾ گهڙندي ٿي وڃي، هن جو مٿو چڪرائڻ لڳو ۽ هي غش ٿي ڪري پيو.
    هن کي جڏهن هوس آيو ته هن پاڻ کي اسرائيلي ڪمانڊر آڏو ڏٺو، ”سر! هي اهو ڇوڪرو آهي جنهن اسان جا ٽي فوجي قتل ڪيا آهن.“ اهو سُڻي ڪمانڊر گهور ڪري هن ڏانهن نهاريو ۽ پڇيائين، ”ها ڇورا؟“ پر هن ڪا به ورندي ڪا نه ڏني، هن کي رڳو اهو افسوس هو ته هن ڇهه اسرائيلي ڪتا ڇو ڪو نه ماريا. ”هن کي وٺي وڃي فائرنگ اسڪواڊ جي حوالي ڪريو.“ اهو ٻڌي هن جوش مان نعرو هنيو، ”فلسطين سدا جيئي.“


    عظيم سوکڙي

    اڄ شازيه تمام گهڻي خوش هئي ۽ ڇو نه هجي، اڄ هن جي سالگرهه هئي، ٻين بجي کان مهمان اچڻ لڳا هئا ۽ پنجين تائين سڀ مهمان ۽ شازيه جون ساهيڙيون اچي چڪيون هيون، پر شازيه کي جنهن جو اوسيئڙو هو، سا اڃا تائين ڪو نه آئي هئي. اها زاهده هئي، شازيه هڪ سکر گهراڻي سان تعلق رکندي هئي، ان جي مقابلي ۾ زاهده جو پيءُ (سوئمنگ پول) ترڻ واري تلاءُ ۾ ترڻ سيکاريندو هو، جنهن مان ايتري آمدني ڪو نه ٿيندي هئي.
    پڻس ننڍي هوندي زاهده کي ترڻ سيکاري ڇڏيو هو. هڪ دفعي شازيه سڀني ساهيڙين سان تلاءَ جو سير ڪري رهي هئي ته اوچتو شازيه جو پير ٿڙي ويو ۽ ڌو وڃي تلاءُ ۾ ڪري. شازيه ٻڏڻ لڳي، پر زاهده جيڪا ترڻ ڄاڻندي هئي، تنهن شازيه کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو، ان واقعي کان پوءِ شازيه جي دل ۾ زاهده ڏانهن وڌيڪ محبت پيدا ٿي.
    سالگره جي ڏينهن شازيه جي نگاهه دروازي ۾ کتل هئي، اوچتو زاهده وڏي دروازي مان گهر ۾ داخل ٿي. زاهده جي هٿ ۾ هڪ خوبصورت پيڪٽ هو، شايد شازيه لاءِ ڪا سوکڙي آندي هئائين. زاهده جي ايندي ئي شازيه جو چهرو خوشيءَ مان ٻهڪڻ لڳو، پر هن زاهده سان شڪايت ڪئي ۽ چوڻ لڳي، ”وڃ مون سان نه ڳالهاءِ! خبر اٿئي ته ڪيڪ ٽين بجي ڪٽجي چڪو آهي ۽ تون چئين بجي آئي آهين، يعني پورو هڪ ڪلاڪ دير سان.“
    شازيه ڳالهه پوري ڪئي ته زاهده چيو، ”جيڪڏهن ٻُڌڻو اٿئي ته ٻُڌ، آئون دير سان ڇو آئي آهيان. مان توهان جي گهر اچي رهي هيس، ته خبر ناهي ڇا سوچي رهي هيس، اوچتو مون سان اچي ڪير ٽڪرايو ۽ تنهنجي لاءِ خريد ڪيل تحفو يعني سنگ مرمر جو تاج محل هٿ مان ڪري پرزا پرزا ٿي ويو، جڏهن مون مٿي نهاريو ته منهنجي سڄي ڪاوڙ ختم ٿي ويئي، اها هڪ انڌي عورت هئي، منهنجي پڇڻ تي ٻڌايائين: ”ڌي! آئون هڪ غريب ۽ انڌي عورت آهيان، منهنجي هڪ ڌيءَ آهي ۽ منهنجو گهر هتان گهڻو پري ڪونهي، آئون پنهنجي گهر وڃي رهي هيس، مون کي معاف ڪر، لڳيم ٿو ته منهنجي ٽڪرائجڻ سان تنهنجي ڪا شيءِ ڀڄي پئي آهي. مون ان پوڙهيءَ کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي ۽ چيم امان ڪا ڳالهه ڪانهي جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو. هاڻي هل ته توکي تنهنجي گهر ڇڏي اچان. اها عورت مون کي دعائون ڪرڻ لڳي ۽ آئون ان کي سندس گهر پهچائي واپس گهر آيس.
    منهنجي سمجهه ۾ ڪجهه به نه پي آيو ته تنهنجي لاءِ ڪهڙو تحفو وٺي وڃان. اوچتو منهنجي نظر گهر جي الماريءَ تي پئي جنهن ۾ ”شاهه جو رسالو“ رکيو هو، جيڪو اڃا ڪالهه منهنجي پيءُ منهنجي لاءِ آندو هو، اهو ئي سوچي شاعرن جي سرتاج جي ڪلام جو ڪتاب ”شاهه جو رسالو“ سوکڙي ۾ ڏيڻ لاءِ کڻي آئي آهيان.
    اهو سُڻي شازيه، زاهده سان چمبڙي ويئي ۽ چوڻ لڳي ”زاهده تون واقعي عظيم آهين.“ ان ڏينهن شازيه کي سڀ کان وڌيڪ اهو تحفو پسند آيو ۽ ڇو نه اچي! هي سوکڙي سندس عظيم ساهيڙيءَ جي هئي.


    ماضي حال ۽ مستقبل

    گوتم کي اڄ هڪ ضروري ڪانفرنس ۾ وڃڻو هو، ڇاڪاڻ ته کيس ان جي صدارت ڪرڻي هئي، پر اڄ هو ماضيءَ جي يادن ۾ گم هو ۽ کيس ورَ ورَ ڏيو اهي خيال پي آيا ته هو هيڏو وڏو ماڻهو ڪيئن ٿيو؟ جڏهن ته ننڍي هوندي کيس هڪ ويلي جي ماني به مشڪل سان نصيب ٿيندي هئي، هن جو پيءُ ننڍي هوندي هڪ روڊ حادثي ۾ مري ويو هو ۽ سندس ماءُ کيس پورهيو ڪري پڙهائيءَ جو خرچ پکو ڏيندي هئي. پهريون درجو پاس ڪرڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن استاد صاحب سڀني شاگردن کان پڇيو ته اوهين وڏا ٿي ڇا ٿيندا؟ ڪنهن وراڻيو انجنيئر ته ڪنهن چيو ڊاڪٽر، ڪنهن وري چيو پائلٽ مطلب ته هر ڪنهن پنهنجي خواهش ٻڌائي، جڏهن هن جو وارو آيو ته استاد هن کان پڇيو ”ڇورا تون وڏو ٿي ڇا ٿيندين؟“ گوتم اُٿي بيهي ورندي ڏني ”سائين، ڊي سي!“ اهو ٻڌي هن جا سڀ ڪلاسي هن تي کلڻ ۽ چٿرون ڪرڻ لڳا، اڙي ٻوٿ ته ڏسوس هي به ٿو ڊي سي ٿئي. اهي ڳالهيون اڄ به کيس ياد هيون، آخر سخت محنت کانپوءِ ۽ هن مئٽرڪ پاس ڪئي، پوءِ وٽس ايترو پئسو ڪو نه هو جو وڌيڪ پڙهي سگهي، مجبور ٿي ماڻس وڏيري وٽ ويئي ۽ کانئس پئسا اڌارا گهريا، پر هن پئسن ڏيڻ بدران هن کي ڌڪا ڏيئي گهر مان ڪڍيو. گوتم مجبور ٿي نوڪريءَ جي ڳولا ۾ نڪتو، ٻه ٽي مهينا درَ درَ جا ڌڪا ٿاٻا کائڻ کان پوءِ مس مس هڪ مل ۾ هن کي ٽي سو ماهوار پگهار تي نوڪري ملي پر سا به هن پنهنجي ايمانداري ڪري وڃائي جو هن مل مالڪ کي ملاوت کان منع ڪئي، اهڙي طرح هن پنهنجي ايمانداريءَ جي ڪري ڪيتريون ئي نوڪريون وڃايون. آخرڪار هڪ رحمدل شخص هن جي پڙهائيءَ جو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيو ۽ هن ڪاليج ۾ داخلا ورتي، هاڻ هي وڌيڪ سخت محنت ڪري پڙهڻ لڳو. هن جا امتحان ٿيا ۽ هي ڏاڍي سٺي گريڊ ۾ پاس ٿيو ۽ ان سان گڏ هن جي اسڪالرشپ به منظور ٿي. نيٺ هڪ ڏينهن هن جو سپنو ساڀيان ٿيو ۽ هي پڙهي ڊي سي ٿيو سڄو ڳوٺ اوڙو پاڙو هن کي مبارڪون ڏيڻ آيو، هرڪو خوشي مان جهومي رهيو هو، گوتم به ان ڏينهن ڏاڍو خوش هو پر ان ڏينهن سڀ کان گهڻي خوشي گوتم جي ماءُ کي هئي جيڪا ڪپڙن ۾ نه پي ماپي.
    ”سائين اوهين هت ويٺا آهيو هوڏانهن سڀ اوهان جي اوسيئڙي ۾ ويٺا آهن.“ پٽيوالي چيو.
    گوتم جي سوچ جو سلسلو ٽٽي پيو ۽ هو اٿي ڪانفرنس روم ڏانهن روانو ٿي ويو.


    شرط

    آرنسٽ پريشانيءَ مان پسار ڪري رهيو هو، هن ڪيترائي گهمرا مُڙي ميز تي پيل ان لفافي ڏانهن ڏٺو جيڪو سندس پريشاني جو ڪارڻ بڻيل هو، صبح جو سندس موڊ ڪافي حد تائين خوشگوار هو ۽ فلم تي وڃڻ جو پروگرام ٺاهي رهيو هو، پر ويٺي ويٺي سندس نوڪر وليم گويا هن لاءِ مصيبتن جو پيغام کڻي آيو، هن ڪيترائي گهمرا ڌيان سان ان جي تحرير پڙهي جنهن ۾ لکيل هو ته:
    ارنسٽ هيري!
    خوش هوندين
    تون ڀلي سڄي اسرائيلي فوج کي پنهنجي حفاظت لاءِ گهرائي وٺ پر سڀاڻيءَ جو سج نه ڏسي سگهندين“ هيٺ فلسطين تنظيم آزاديءَ جي مهر لڳل هئي جنهن کي ارنسٽ هزارين مهرن مان سڃاڻي سگهيو ٿي. هن کي اهڙي ڪا ڳالهه ياد نه پي آئي جنهن مان تنظيم آزادي فلسطين کي ناراض ٿيڻ جو موقعو مليو هجي، بهرحال ڇا به هو، هو ڏاڍو خوفزده هو، کيس اها خبر هئي ته فلسطيني فدائي جيڪي چون ٿا سو ڪري ڏيکارين ٿا. هڪ پوليس انسپيڪٽر جوزف سندس پراڻو واقفڪار هو، پاڻ ان کي مدد جي درخواست ڪيائين. جوزف کي جڏهن سڄي ڳالهه جي خبر پئي ته فوراً سوالن جي بوڇاڙ شروع ڪري ڏنائين.
    ”خط ڪنهن آندو.“ جوزف پڇيو.
    ”منهنجي نوڪر وليم...“ آرنسٽ وراڻيو.
    ”کيس گهراءِ“ جوزف چيو.
    ٿوري دير کان پوءِ وليم، جوزف جي سامهون اچي بيٺو.
    “خط توهان آندو آهي؟“ جوزف وليم کان پڇيو.
    “جي هائو ...“ وليم وراڻيو.
    ”تون خط ڏيندڙ جو مهانڊو ٻڌائي سگهين ٿو؟“
    ”مون کي افسوس آهي آئون نه ٿو ٻڌائي سگهان...!“
    ”ڇو؟“...
    ”ڇاڪاڻ ته خط ڏيندڙ پنهنجو ٽوپلو چهري تي ائين جهڪائي ڇڏيو هو جو آئون ان کي ڏسي نه سگهيس. مون اها ڪوشش به نه ڪئي، مون کي ڪهڙي خبر ته هي خط اسان جي لاءِ مصيبت بنجندو.“
    ”ڇا خيال آهي... تنهنجي ڪنهن دوست جي شرارت ته ڪونهي.“ جوزف پڇيو.
    ”ناممڪن... منهنجو ڪو به دوست اهڙي شرارت نه ٿو ڪري سگهي.“
    ”هون...“ جوزف سوچ ۾ ٻُڏي ويو، ٿوري دير کان پوءِ پوليس جي هڪ جٿي ارنسٽ جي بنگلي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن ارنسٽ جو رنگ خوف کان پيلو ٿيندو ويو.
    جوزف کيس تسلي ڏيئي چوڻ لڳو، ”تون ڪو به فڪر نه ڪر... فلسطيني فدائين جا ملائڪ به هتي نه ٿا اچي سگهن.“
    ”مم... مگر“ ارنسٽ ڏڪڻ لڳو.
    ”فڪر جي ڪا به ضرورت ڪانهي!“ جوزف تسلي ڏيندي چيو.
    ”هي فڪر ڪرڻ ۾ حق بجانب آهي.“ اوچتو هڪ آواز ٻنهي کي حيران ڪري ڇڏيو. ٻئي وڏي ڦڙتيءَ سان مُڙيا، ڏٺائون ته سامهون هڪ دراز قد نوجوان بيٺو هو، جيڪو ڏسڻ سان فلسطيني پي لڳو. سندس هٿ ۾ پستول هو جنهن جو منهن هنن ڏانهن هو. ”تون... تون... ڪير آهين؟“ جوزف همت ڪري پڇيو.
    ”اهو ئي جنهن جو اوهان کي انتظار هو.“ فلسطيني مجاهد جواب ڏنو.
    ”ين... يعني ته...“ هن حيرانيءَ مان پڇيو. ”تنهنجو خيال صحيح آهي. آئون فلسطيني مجاهد آهيان.“ ٻنهي مان ڪير به ڪو نه ڪڇيو، فلسطيني مجاهد چيو، ”منهنجو نالو آصف بن وجيهه آهي، غالباً اوهان مان هڪ انسپيڪٽر جوزف ۽ ٻيو ارنسٽ آهي.“
    ”پر اهڙي سخت پهري جي باوجود به تون اندر ڪيئن داخل ٿيو آهين...؟“ جوزف پڇيو.
    ”منهنجو خيال آهي ته ڪي اهڙيون به ڳالهيون هونديون آهن، جيڪي هر ڪنهن کي ڪونه ٻڌائبيون آهن.“ آصف بن وجيهه ٽهڪ ڏيندي چيو.
    ”آخر تون چاهين ڇا ٿو...؟“ جوزف پڇيو.
    ”اهو هرگز نه جيڪو ڌمڪيءَ ۾ لکيو اٿم.“
    ”ڇا... ڇا مطلب!!؟“ ٻنهي هڪ ئي وقت پڇيو.
    ”دراصل آئون تنظيم آزادي فلسطين ۾ شامل ٿيڻ چاهيان ٿو، ان لاءِ مون ٽريننگ به حاصل ڪئي آهي، گوريلا ٽرينگ ۾ هڪ اهو به شرط هو ته سخت پهري جي باوجود به دشمن کي زير ڪرڻ، هاڻي اوهين خود ڏسو آئون ڪيترو نه ڪامياب ويو آهيان.“
    ”پر منهنجو ڏوهه؟“ ارنسٽ هٻڪندي پڇيو.
    آصف بن وجيهه، ارنسٽ جو خوفزده آواز ٻڌي بي اختيار کلڻ لڳو.
    ”ته... ته... پوءِ؟“ ارنسٽ ڏڪندي چيو.
    ”ته پوءِ هن اقرارنامي تي صحيح ڪر، جنهن ۾ لکيل آهي ته سخت پهري جي باوجود به آئون تو وٽ پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهيان، انهيءَ صورت ۾ آئون تنظيم ۾ شامل ٿي سگهان ٿو.“ ارنسٽ هڪ ڊگهو ساهه کنيو ۽ بنا ڪنهن چون چوان جي اقرارنامي تي صحيح ڪري موٽائي ڏنو.
    ”هاڻي اوهين ديوار ڏانهن منهن ڪري بيهو، حڪم ته مڃڻ جي صورت ۾ پنهنجي انجام جا پاڻ ذميوار آهيو، مون وٽ پستول آهي، رانديڪو ناهي.
    حڪم تي عمل ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو به ڪو نه هو، ٿوري دير کان پوءِ ارنسٽ مڙي ڏٺو ته آصف بن وجيهه پنهنجي جاءِ تان غائب هو. هن جوزف ڏانهن ڏٺو جيڪو ائين سهڪي رهيو هو ڄڻ ڪنهن ڊگهي سفر تان موٽيو هجي. (ترجمو)


    اجايو وهم

    ”سارنگ او پٽ سارنگ ابا هيڏي دير ٿي ويئي آهي هينئر ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ ڦاپل پنهنجي ننڍڙي پُٽ سارنگ کي سڏيندي پڇيو.
    ”امان! آئون هتي ٻاهر ناند (راند) ڪرڻ پيو وڃان، ٻاهر آتر (آچر) بيٺو آهي نه!“ سارنگ پنهنجي ٻاتڙي زبان ۾ ٻاتائيندي چيو.
    ”ڇورا هيڏي مهل ٻاهر نه ويندو ڪر نه ته گيب گدڙي کڻي ويندي “ ڦاپل سارنگ کي ڀئو ڏياريندي چيو.
    گيب گدڙيءَ جو نالو ٻڌي سارنگ سڄو ڪنبي ويو ۽ ڀئو کان وٺي کٽ ڏانهن لوءُ پاتائين ۽ جلدي جلدي رلي ڪري ائين سسڪي ويو ڄڻ ته ڪنهن ويهاڻي مٿان رلي پيئي هجي ٿوري دير کانپوءِ ماڻس به اچي ڀر ۾ ليٽيس، ”امان او امان...“ سارنگ آهستي چيو، ”جي پُٽ...“، ”امان هتڙي (هڪڙي) ڳالهه پڇان“، ”ها پٽ پڇ“، ”امان اها ديب دڌڙي (گيب گدڙي) ڇا آهي.“، ”ڇورا ديجان! ماٺ نٿو ڪرينءَ، ڏاڍي زور آور اٿئي ڪو ننڍڙو ٻار رات جو گهر کان ٻاهر نڪرندو آهي ته ان جو ڳاٽو مروڙي ماري ڇڏيندي آهي.“ ماڻس هٿن جي اشارن سان سمجهائيندي چيس. ”چڱو هاڻ سمهي پئو نه ته بڇياني ٿي گيب گدڙي“، سارنگ اهو ٻڌي ماڻس جي ڪڇ ۾ سسڪي پيو ۽ سمهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، ڀئو کان سڄو پگهر ۾ شم ٿي چڪو هو. اوچتو وٺي ڪتي ڀونڪاٽ ڪيو ته سارنگ رڙ ڪري اُٿيو ۽ ماڻس کيس ٺپري سمهارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. سوچيندي سوچيندي الائجي ڪيڏي مهل ننڊ کڻي ويس صبح جو ماڻس کيس اٿاريو ۽ راتوڪو پاروٿو بچيل ڀت آڻي اڳيان رکيائينس. سارنگ ڀت کائي ٿيلهو کڻي اسڪول روانو ٿي ويو. اتي آچر کيس مهڻو ڏيندي چيو ”واهه يار واهه! آئون بيهي بيهي ٿڪجي پيس ۽ تون رات آئين ئي ڪونه.“
    ”آتر (آچر) مان چوي ٿي ته جيڪو به نماشام مهل گهر کان ٻاهر نڪرندو ان کي ديب دڌڙي (گيب گدڙي) کڻي ويندي ۽ ان جو ڳاٽو مروڙي ڇڏيندي.“ اها ڳالهه سارنگ تمام آهستي چئي، پر استاد ٻڌي ورتي ۽ سارنگ کي سڏي چيائين، ”سارنگ پٽ! تو ڪڏهن گيب گدڙي ڏٺي آهي.“ ته سارنگ وراڻيو ”نه سائين!“ اُستاد چيس، ”پُٽ اهي سڀ ماڻهن جا وهم ۽ ڏند ڪٿائون آهن، انهن ڳالهين جو حقيقت سان ڪو واسطو ڪونهي، اهو فقط ٻارن کي ڊيڄارڻ لاءِ مائٽ چوندا آهن.“ اتي سارنگ پڇيو، ”سائين ڇا گيب گدڙي ڪنڌ ڪونه مروڙيندي آهي؟“ ته استاد وراڻيو، ”نه پُٽ! جيڪي ٻار ڊڄڻا هوندا آهن سي گيب گدڙي جو نالو ٻڌي ڊڄي ويندا آهن ۽ پوءِ گيب گدڙيءَ جي ڀو کان هنن جو هينئون ڦاٽي پوندو آهي ۽ هو مري ويندا آهن.“
    ”سائين جيڪڏهن آئون ڊڄندس ته آئون به مري ويندس.“
    ”پٽ! ٻار کي ڪڏهن به ڪنهن کان ڊڄڻ نه کپي، جيڪڏهن تون به ڊڄندين ته تون به مري ويندين.“ اهو ٻڌي سارنگ چيو، ”سائين! هاڻ آئون گيب گدڙيءَ کان ڪو نه ڊڄندس، هاڻ آئون روز آچر جي گهر بجلي تي پڙهڻ ويندس ۽ انهن وٽ ٽي وي به آهي نه... ۽ آئون ٽي وي تان ٻارن جا پروگرام به ڏسندس.“
    اهو ٻڌي استاد چيو، ”شاباس پٽ! سٺا ۽ بهادر ڇوڪرا ڪڏهن به اجاين ڳالهين ۽ وهمن تي اعتبار ڪو نه ڪندا آهن.“ اهو ٻڌي سارنگ دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته آئيندي ڪڏهن به گيب گدڙي کان ڪو نه ڊڄندس.


    ڇوٽڪاري جي واٽ

    اريٽريا جي گاڌيءَ واري شهر ’اسمارا‘ کان اولهه طرف چاليهن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو آهي جيڪو ڪجهه غريب هارين جي جهوپڙين تي مشتمل آهي، اهي غريب شيدي هاري پهرين وڏي جنگ کان به اڳ جا اُتي آباد هئا ۽ شهرن ۾ رهندڙ وڏن وڏن زميندارن جون زمينون هارپ تي ڪندا هئا، فرق صرف اهو جو جنگ کان اڳ ۾ ان جا مالڪ يورپ کان آيل ڳورا ماڻهو هئا ۽ هاڻي ايٿوپيا جي سڀ کان وڏي شهر ۽ گاديءَ واري هنڌ عديس ابابا جو هڪ وڏو سيٺ هو. اهو سيٺ هر سال ان وقت ڳوٺ ايندو هو جڏهن هاري لابارا وجهي، نيرا سنگ لڻي، هلر هلائي، ڳاهه ڳاهي، ان جا انبار پيدا ڪندا هئا ۽ سڄي سال جا ڏک ڏولاڻا وسارڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، عين ان وقت اهو ظالم سيٺ ڪجهه ڇاڙتن سان ايندو هو ۽ هارين کي ماري مڃائي اهو سڀ اَن پاڻ ان آندل ٽرڪن ۾ وجهي کڻائي ويندو هو، اهڙي طرح اهو سلسلو سالن کان هلندو پي آيو.
    ان ڳوٺ ۾ ٻه دوست پوپو سلي ۽ سعيد بخت به رهندا هئا، گذريل سال جڏهن سيٺ اَن کڻڻ آيو هو ته پوپو سلي جي پيءَ اَن ڏيڻ کان نابري واري. ان تي سيٺ ڪاوڙجي پيو، کيس ۽ سندس چئن ساٿين کي جهلي گولي هڻي شهيد ڪري ڇڏيو ۽ ان کڻي ويو، جڏهن سيٺ ۽ سندس ڇاڙتن غريب هارين کي شهيد پي ڪيو ته ان وقت ٻين سان گڏ پوپو سلي ۽ سعيد بخت به بيٺا هئا. سيٺ اِهو رڳو ان ڪري ڪرايو جو آئيندي ڪنهن کي به همت نه ٿئي ته ڪو سندس سامهون ٿئي. هو اهو ڪوس ڏسندا رهيا ۽ دل ئي دل ۾ ڪڙهندا رهيا.
    رات جو ٻنهي ساٿين پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته ان ظالم کان بدلو ضرور وٺجي. ڇو ته هن نه فقطه کين ڦريو هو پر پنج خون به ڪيا اٿس“ کيس ان جي سزا ضرور ملڻ گهرجي. هو سڄي رات سوچيندا ۽ صلاحون ڪندا رهيا. آخر ان منزل تي پهتا ته ملڪ جي آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ وطن دوستن گوريلن کان ان ڏس ۾ مدد وٺجي.
    اڄ به سڄي سال جي محنت رنگ لاتو، غريب هارين پنهنجا پنهنجا پوتارا وڇايا ۽ خوشيءَ مان جهومي رهيا هئا ته ايتري ۾ سامهون ڪجهه موٽرون ۽ ٽرڪون اينديون نظر آيون، هو اِهي ڏسي هيسجي ويا. ان مهل شام ٿي رهي هئي، سج لهڻ جا سانباهه ڪري رهيو هو. لاريون زوزاٽ ڪنديون اينديون ويون، سڀ هاري ٽرڪون ڏسي هيسجي ويا. هو ڪجهه دير اڳي خوشيءَ کان جهومي رهيا هئا، تن جي منهن تان مرڪ غائب ٿي ويئي. هنن جي چهرن تي خوف ڇانئجي ويو.
    ”جلدي ڪريو اَن کڻي گاڏين ۾ رکو...“
    اوچتو موٽر مان لهندي سيٺ رنڀ ڪندي چيو، پر ڪير به سندس حڪم جي تعميل ڪرڻ لاءِ اڳيان نه وڌيو.
    ”جلدي ڪريو... ٻُڌان ڪو نه ڇا؟“ سيٺ وري هڪل ڪئي. پر هاري ان کڻڻ بدران هڪ ٻئي جي منهن ۾ ڏسڻ لڳا.
    ”ڇا پيا ڏسو، جلدي ڪريو“ سيٺ هڪ دفعو وري به چيو.
    ”سيٺ! اسين اَن ڪو نه ڏينداسين، هي اسان جي پگهر جو پورهيو آهي.“ اوچتو بيٺل هارين مان هڪ ڄڻي چيو.
    ”ڇا ڪتي جا... اوهان جي اها مجال جو انڪار ڪريو ۽ منهنجي سامهون ٿيو... هاڻ مرڻ لاءِ تيار ٿيو.“
    ”مرڻ لاءِ تون تيار ٿي سيٺ!“ اوچتو پويان آواز گونجيو. سيٺ جيئن ئي پويان نهاريو سندس هيٺيون هيٺ، مٿيون مٿي رهجي ويون. سندس جيپ جو ڊرائيور مٿس گن تاڻيو بيٺو هو.
    ”تنهن... تنهنجو مغز ته خراب ڪو نه ٿيو آهي.“ سيٺ هٻڪندي چيو.
    ڊرائيور جيڪو گن تاڻيو بيٺو هو، تنهن سيٺ کي جواب ڏيڻ بدران هارين کي چيو: ”بهادر هاريو! جلدي ڪريو وقت ڪونهي سيٺ تي ڪاهي پئو.“ اِهو ٻُڌي ٻه ٽي هاري اڳيان وڌيا ۽ وڏي هيجَ مان وڏيري کي ٻڌي سوگهو ڪيائون.
    ٻئي ڏينهن ملڪ جي اخبارن ۾ اها خبر وڏي سرخيءَ سان ڇپيل هئي ته ”ملڪ جو سڀ کان وڏو سرمائيدار سيٺ پيٽرڪ وطن دوست گوريلن هٿان مارجي ويو، سندس لاش شهر جي ٻاهران ويران علائقي مان هٿ آيو.“


    وطن جي راهه ۾

    ٻارو! آئون ڪو هي پهريون ڀيرو اوهان جي لاءِ ڪهاڻي لکي نه رهيو آهيان، پر اڳ ۾ به اوهان جي لاءِ ڪهاڻيون لکندو رهندو آهيان. مون وٽ جنن، ديون ۽ پرين جون آکاڻيون ناهن، آئون ته هن دنيا جون ڳالهيون ٿو ڄاڻان، جنهن ۾ پاڻ رهون ٿا ۽ آئون توهان کي اهڙي ئي هڪ ڪهاڻي ٻڌائيندس، جنهن کي پڙهي اوهين ڪجهه سوچيو ۽ جيڪو ڪجهه سوچيو اُن تي عمل به ڪريو. منهنجي ڪهاڻي روس جي هڪ بهادر نينگريءَ جي ڪهاڻي آهي، جنهن جو نالو ’زويا‘ هو. هو 1922ع ۾ پيدا ٿي ۽ 1941ع ۾ کيس ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو. اسان وٽ ته هتي شهرن ۾ ڇوڪريون چچين ۽ ڪوئن کي ڏسيو ڊڄيو وڃن ۽ وٺيو رڙيون ڪن، پر ٿورو پنهنجي مقابلي ۾ روس جي ڇوڪرين کي به ڏسو. جن لڙائيءَ ۾ ڏاڍي بهادري ڏيکاري هئي. روس جون ڇوڪريون پنهنجي ملڪ جو قدر ڪن ٿيون ۽ وقت اچڻ تي پنهنجو تن، من ۽ ڌن به قربان ڪريو ڇڏين. زويا به اهڙين بهادر ڇوڪرين مان هڪ هئي.
    اها انهن ڏينهن جي ڳالهه اُهي جڏهن جرمن فوجون تيزيءَ سان ماسڪو ڏانهن وڌي رهيون. سترهن سالن جي زويا به پنهنجي ڳوٺ جي ٻين ڇوڪرين وانگر هڪ ننڍي فوجي دستي ۾ پنهنجو نالو لکايو هو. اهو دستو ’دريا‘ ضلع ۾ ڪم ڪري رهيو هو، جنهن جي هڪ ڳوٺ ’پت ري شوف‘ ۾ جرمن سوار فوج جو جو هڪ وڏو دستو ترسيل هو.
    هڪ رات زويا پنهنجي ڪمانڊر جي حڪم تي ان ڳوٺ ۾ گهڙي ويئي ۽ اُتي وڃي جرمنن جون ڪيتريون جهوپڙيون، تنبو ۽ گهوڙن جو طنبيلو ساڙي ڇڏيو.
    ٻن ڏينهن کان پوءِ زويا پنهنجي دستي ۾ آئي، پر اڇا هن ٿڪ ئي نه ڀڳو هو، جو ڪمانڊر جو ٻيو حڪم اچي پهتو ۽ هيءَ هڪ دفعو وري لڪَ ڇپ ۾ دشمن جي ڪئمپ ۾ پهچي ويئي، جتي هن هڪ وڏي طنبيلي ۾ باهه لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ جرمنن جا اٽڪل ٻه سئو گهوڙا ٻڌل هئا. پر خبر اٿوَ ڇا ٿيو؟ زويا کي هڪ جرمن سپاهي گرفتار ڪري ورتو.
    اُن وقت روس ۾ جرمن فوجن جو ڪمانڊر ليفٽيننٽ ڪرنل روڊ هو جنهن زويا کان ڪيتريون ئي ڳالهيون پڇيون، پر هن همٿ واري ڇوڪريءَ وطن جي سپاهين جو راز دشمن کي نه ٻڌايو. ايستائين جو هن پنهنجو اصلي نالو به لڪايو ۽ تانيا جي فرضي نالي سان مشهور ٿي. خبر اٿوَ ان خاموشيءَ جي سزا هن کي ڪهڙي ملي؟ شايد اهو ٻڌي اوهين ڏڪي وڃو! ۽ ڪيترن جي اکين مان لڙڪ به وهي ايندا. زويا کي جرمن سپاهين چمڙي جي پٽن سان ڏاڍو ماريو ۽ هن جي پٺيءَ کي ڦٽڪن سان چيري ڇڏيو. برف جي ٿڌين نادين تي ليٽايو ۽ انهن تي اگهاڙي جسم سان گهيليو ويو. ان کان علاوه هن جي زبان کولائڻ لاءِ قسمين قسمين جون سزائون ڏنيون ويون. پر واهه ڙي زويا تنهنجي بهادري! هڪ لفظ به زبان مان نه ڪڍيائين ۽ چيائين:
    جي لوڻ لڱين لائينءَ، چيري چيري چم،
    مون ڪُر اڳي نه ڪيو، اهڙو ڪوجهو ڪم،
    جان جان دعويٰ دَم، تان تان پرت پنهوارن سين.
    ۽ پوءِ آخر اهو ڏينهن به اچي ويو، جڏهن زويا کي موت جي سزا جو حڪم ٻڌايو ويو. جرمن سپاهين ڳوٺ جي سڀني ماڻهن کي ڍورن وانگر هڪالي اُن طرف آندو، جتي ڦاسيءَ جي تختي تي وطن جي هيءَ سورمي بيٺي هئي. سندس ڳاٽ اوچو هو ۽ اکين ۾ وطن جي حب ۽ پيار جو سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو هو. اوچتو هن جسم کي حرڪت ڏني ۽ زور سان پنهنجي ساٿين کي چوڻ شروع ڪيو:
    ”ساٿيو! هي اڄ اوهان جي چهرن تي مايوسي ڇو آهي! منهنجي بهادر وطن جا بهادر سپوتو! همت ڪريو، اڳيان وڌو ۽ جرمن فوجين کي ماري ڀڄايو. انهن جي گودامن کي ساڙيو ۽ انهن کي ايترو ته ستايو، انهن کي ايترو ته پريشان ڪريو، جو هي اوهان جي سر زمين ڇڏي رڙيون ڪندا هتان ڀڄي وڃن، آئون موت کان نه ٿي ڊڄان، پنهنجي وطن جي لاءِ جان قربان ڪرڻ، ان کان وڌيڪ ٻي فطر جي ڪهڙي ڳالهه آهي ۽...“
    هوءَ وڌيڪ چئي نه سگهي، جلاد ڦندو هن ڳچيءَ ۾ وڌو. بهادر زويا ڦندي جي رسي کي هٿن سان جهلي ڍرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پيرن جي پٻن تي ٿي بيهي پوري زور سان چيائين:
    ”الوداع! ساٿيو، جنگ جاري رکجو، ڊڄو متان، سوڀ اسان جي ٿيندي، اسان جو محبوب اڳواڻ اسان جي مدد لاءِ ضرور ايندو... ضرور...“
    زويا مري ويئي، پر هن دنيا جي عورتن جو ڳاٽ ڪري ويئي، سترهن سالن جي هن ڇوڪريءَ جيڪا قرباني پيش ڪئي آهي، ان جو مثال دنيا ۾ ڏاڍو مشڪل ملندو.
    روس وارن زويا جو ڏاڍو قدر ڪيو ۽ کيس ”روس جي هيروئن“ جو خطاب ڏنو. عام ۽ خاص کيس روس جي ڌيءَ چئي ساڻس پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو، زويا هڪ ڇوڪري هئي، جيڪا دنيا ۾ ظلم ۽ ڏاڍ کي دور ڪرڻ جي لاءِ نمونو بنجي آئي هئي.
    اسان جي سنڌ ۾ به اهڙيون ڪيتريون ئي سورميون پيدا ٿيون آهن، جن ۾ ٻاگهل ٻائي ۽ مائي بختاور جو نالو سڀني کان مٿاهون آهي.


    سلڇڻي نينگري ۽ شرارتي ڪئو

    جميله جو گهر هڪ خوبصورت باغ جي وچ ۾ هو، چوڌاري رنگ برنگي گلن جون ٻاريون هيون، ان کانسواءِ باغ ۾ انبن، زيتون، ڪيلن، توتن ۽ صوفن جا وڻ هئا، جميله ڏاڍي سلڇڻي نينگري هئي، صبح جو سوير اُٿي هٿ منهن ڌوئي قرآن شريف جو دور ڪندي هئي، دور ڪرڻ کان پوءِ باغ جو سير ڪرڻ ويندي هئي، گهرموٽي گهرو ڪم ڪار ۾ ماڻس جو هٿ ونڊائيندي هئي ۽ پوءِ ٿيلهو کڻي اسڪول پڙهڻ ويندي هئي. ماسترياڻيون جميله کان ڏاڍيون خوش هونديون هيون، ڇو ته هوءَ ماءُ پيءُ وانگر هنن جو پڻ چوڻ مڃيندي هئي ۽ دل لڳائي پڙهندي هئي، جيمله جي گهر ۾ ڪتاب ڪٻٽن ۾ ڏاڍي سهڻي نموني رکيل هئا، واندڪائي جي وقت هوءَ اُهي ڪتاب پڙهندي هئي.
    سندس باغ جي هڪ ڪنڊ ۾ هڪ ڪُئو ۽ ڪئيءَ جو ٻر هوندو هو، هنن جا ننڍڙا ٻار به هئا، ننڍڙا ننڍڙا، چمڪدار اکين ۽ لسين کلن وارا اهي ٻار سڄو ڏينهن پيا پنهنجي ٻر اندر کيڏندا هئا، هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ابي امڙ سان گڏ ٻَر کان ٻاهر به نڪرندا هئا، پر اڪيلا ڪڏهن به نه ويندا هئا ڇو ته ماڻس کين ٻڌايو هو ته ٻاهر ڏينهن جو ٻلي ۽ رات جو چٻرو کين کائي سگهيو ٿي.
    انهن ٻارن مان هڪڙو ڏاڍو شرارتي هو، گهر ڀاتين کان نظر بچائي هو ٻر کان ٻاهر نڪري ويندو هو ۽ پوءِ ابي امڙ جا دڙڪا ٻڌي وري موٽي ايندو هو. هڪ شام جو موسم ڏاڍي وڻندڙ هئي، هي ٻار به پنهنجي ابي امڙ سان گڏ باغ ۾ گهڻي دير تائين نچندا ٽپندا رهيا ۽ جڏهن اوندهه ٿيڻ لڳي ته موٽي ٻَر ۾ آيا. ماڻس سڀني کي کاڌو کارايو ۽ کين آکاڻي ٻڌائڻ لڳي. ننڍڙو شرارتي ڪئو اڃا ٻاهر گهمڻ جو سوچي رهيو هو، آخر موقعو ملندي ئي هو ٻاهر نڪري آيو، ان وقت رات ٿي چڪي هئي، آسمان تي چنڊ چمڪي رهيو هو، ٿڌڙي هير گهلي رهي هئي ۽ ڪئو ٺينگ ٽپا ڏيندو ڊوڙي رهيو هو، ايتري ۾ جميله جي گهر مان گيتن ۽ موسيقي جو آواز ٻُڌائين، گيت جي ڌن تي ڪئو مست ٿي ويو ۽ گهر ڏانهن رخ رکيائين. جميله پنهنجي گهر جي ڀاتين سان ويٺي ٽي وي تان گيت ٻڌي رهي هئي. ڪئي هن کان اڳ ۾ ڪڏهن به اهڙو خوبصورت سينگاريل گهرنه ڏٺو هو، سو هو هر ڪمري جو جائزو وٺڻ لڳو، گهمندي گهمندي هو جيمله جي ڪمري ۾ گهڙي ويو. ڪٻٽن ۾ رکيل ڪتاب ۽ رانديڪا ڏسي حيران ٿي ويو، ايتري ۾ هن جي نظر فرش تي پيل هڪ ڪئي تي پئي هو ٽپ ڏيئي اچي ان جي ڀر ۾ ويٺو ۽ ساڻس کيڏڻ لڳو، اصل ۾ اهو چاٻيءَ وارو هٿرادو ڪئو هو، ان اٿل پٿل سان هن جا ڦيٿا ڦرڻ لڳا. آواز ٻڌي ڪئو ڊڄي ويو. گهڙو... گهڙو جا آواز ٻڌي جميله ڪمري م آئي ته هن شرارتي ڪئي کي هڪ ڪنڊ ۾ ويٺل ڏٺو، اهو ڏسي هن کي ڏاڍو رحم آيو، هن هڪدم کڻي ڪئي کي جهليو، ڪئو ڊپ وچان صفا مت کان نڪتل هو. جميله کيس هڪ پڃري ۾ بند ڪري ڇڏيو.
    هاڻي ته روزانو هوءَ کيس مزي مزي جون شيون کائڻ لاءِ ڏيندي هئي، پر هو ڪجهه به نه کائيندو هو. هو ته سڄو ڏينهن پنهنجي گهر، ابي امڙ ۽ ڀائرن کي ياد ڪري پيو روئندو هو. ٻن ٽن ڏينهن اندر هن جي حالت خراب ٿي ويئي. پريشان ٿي جميله کيس جانورن جي ڊاڪٽر ڏانهن کڻي ويئي. جيڪو سندس پيءُ جو دوست هو. هن ڪئي کي ڏسي چيو، ”ڌي! هي جهنگلي ڪئو آهي سو پڃري ۾ رهي نه ٿو سگهي وري ٻچو به آهي، هن کي پنهنجو گهر ياد ايندو هوندو تون هن کي ڇڏي ڏي.“
    جميله ڏاڍي ڏک سان ڪئو باغ ۾ آزاد ڪري ڇڏيو، ڪئي وٺي ڊوڙ پاتي ۽ پنهنجي ٻر ۾ گهڙي ويو. هن جا ماءُ پيءُ هن جي ياد ۾ روئي ڌوئي ويٺا هئا، هن کي ڏسي سڀئي ڏاڍا خوش ٿيا، هو سمجهي رهيا هئا ته ٻليءَ يا چٻري کيس ڳڙڪائي ڇڏيو هوندو. شرارتي ڪئو پنهنجي ماءُ سان ڀاڪر پائي ڏاڍو رنو ۽ پڪو انجام ڪيائين ته آئنده هو سدائين وڏن جو چيو مڃيندو.


    انوکو بدلو

    ارشد ۽ اسلم هڪ ئي ڪلاس ۾ پڙهندا هئا ۽ هڪ ئي پاڙي ۾ ر هندا هئا پر ان جي باوجود به الڳ الڳ رهندا هئا، ان جو ڪارڻ اهو هو ته ارشد ڏاڍو شرارتي ڇوڪرو هو. هو اڪثر ڇوڪرن سان وڙهندو هو، ڪڏهن ڪنهن کان ڪتاب ڦري وٺندو هو ته ڪڏهن ڪنهن کي گاريون ڏيندو هو ۽ ڪنهن کي هلندي چماٽ هڻي ڪڍندو هو، مطلب ته سڀ ڇوڪرا هن کان ڏاڍو ڊڄندا هئا. ارشد جي انهن شرارتن جي ڪري ڪيترائي دفعا اسڪول مان نالو ڪڍيو ويو هو، پر هو هر ڀيري اهو واعدو ڪري هيڊ ماستر کان معافي وٺي داخلا ڪرائيندو هو ته آئنده ڪنهن سان به ڪو نه وڙهندو، ڪجهه ڏينهن ته هو ڪنهن کي ڪجهه به نه چوندو هو، پر پوءِ ساڳيو ڳن ساڳيو ڪهاڙو.
    هڪ ڀيري هڪ ڇوڪر بسڪوٽ پي کاڌا ته ارشد هن کان بسڪوٽ ڦري کائي ڇڏيا ۽ هو ڇوڪرو روئندو هيڊ ماستر ڏانهن وڃڻ لڳو. ارشد به هن جي پويان وڃڻ لڳو، جيئن ئي ڇوڪرو آفيس ۾ داخل ٿيو ارشد ٺوڪي ٻاهران ڪڙو ڏيئي ڇڏيو ۽ ڇوڪرن ڏانهن مڙي چيائين ”جيڪو به ٻڌائيندو اُن جو خير ڪونهي.“
    سڀ ڇوڪرا ڊڄي ويا، ڪو به ڪو نه ڪڇيو، ٿوري دير کانپوءِ دروازو کڙڪائڻ جو آواز اچڻ لڳو. سڀ ڇوڪرا ڊڄيو بيٺا هئا، ڪنهن ۾ به ايتري همت ڪا نه هئي جو دروازو کولي.
    آواز بدستور وڌندو ويو، آخر مجبور ٿي اسلم اڳيان وڌڻ لڳو سڀ ڇوڪرا کيس روڪڻ ۽ ڊيڄارڻ لڳا، پر هن ڪنهن جي به پرواه نه ڪئي ۽ اڳيان وڌي ڪڙو کولي ڇڏيائين، سڀني ڇوڪرن جا منهن حيرت کان کلي ويا. هيڊ ماستر ٻاهر ايندي پڇيو ”ڪڙو ڪنهن ڏنو هو؟“
    ”سائين! ارشد ڏنو هو.“ اسلم وراڻيو.
    هيڊ ماستر ڪاوڙ مان ڳاڙهو ٿي ويو هو ۽ چوڻ لڳو ”ارشد ڪٿي آهي؟“ ”سائين گهر و يو هليو.“
    ”ڪيستائين ڀڄندو... اچڻ ڏينس ته خبروٺانس.“ اهو چئي هيڊ ماستر ڇوڪرن کي ڪلاسن ۾ وڃڻ لاءِ چيو ۽ سڀ ڇوڪرا ڪلاسن ۾ هليا ويا.
    ٻي ڏينهن جڏهن ارشد آيو ته ماستر صاحب ارشد، اسلم ۽ ان ڇوڪري کي گهرايو ۽ ارشد کان پڇيو.
    ”تون ڪلهه هن ڇوڪري کان بسڪوٽ ڦري ڇو کاڌا هئا.“
    ارشد چيو، ”مون ڦري ته ڪو نه کاڌا هئا پر مون پنهنجن پئسن تي ورتا هئا ۽ هن کي جهلڻ لاءِ ڏنا هئا، پر هي کائڻ لڳو ته مون کانئس ڦري ورتا، هي ڪوڙ پيو ڳالهائي، توهان منهنجي دوست کان پڇي ڏسو.“ ارشد لاپرواهيءَ مان جواب ڏنو.
    ”گهراءِ پنهنجي دوست کي“ ماستر صاحب حڪم ڏنو. ارشد پنهنجي دوست کي سکائي پڙهائي وٺي آيو جڏهن ٻئي ماستر وٽ پهتا ته ماستر ارشد جي دوست کان پڇيو، جنهن وراڻيو ته، ”سائين! ارشد منهنجي سامهون بسڪوٽ ورتا هئا.“ اهو ٻڌي ماستر ان ڇوڪري کي ڏاڍي مار ڏني، جيڪو شڪايت کڻي آيو هو. پوءِ ماستر وري ارشد کان پڇيو.
    ”تو ڪڙو ڇو ڏنو هو؟“
    ”مون ڪو نه ڏنو هو.“ ارشد وراڻيو.
    ”تون ڪوڙ پيو ڳالهائين ڪڙو تو ڏنو هو.“
    ”توهان کي ڪنهن ٻڌايو.“ ارشد پڇيو.
    ”مونکي اسلم ٻڌايو هو.“
    اهو ٻڌي ارشد ڪاوڙ مان اسلم ڏانهن ڏٺو، ڄڻ کين ڪچو ئي کائي ويندو. ماستر صاحب ڏنڊو کنيو ۽ ارشد کي چڱي سيکت ڏني.
    جڏهن اسڪول مان موڪل ملي ته ارشد رستي ۾ اسلم کي روڪيو ۽ مارڻ لڳو، پر اسلم به ڪنهن کان گهٽ ڪو نه هو، ڏسڻ ۾ هو ساڌو سوڌو پئي آيو، پر جيئن ئي ارشد مٿس پهريون وار ڪيو ته اسلم آسانيءَ سان گسائي ويو، پوءِ ته ارشد وار ڪندو رهيو، پر اسلم روڪيندو ۽ گسائيندو رهيو ارشد جڏهن وار ڪندي ڪندي ٿڪي پيو ته اسلم وجهه وٺي کيس ڏاڍي مار ڪڍي، ايتري ۾ ارشد جي نڪ مان رت وهڻ لڳو ته اسلم جي دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي ۽ هن هٿ روڪي ڇڏيو. ان کان پوءِ اسلم، ارشد کان معافي گهري، پر ارشد چيو ”ڪا ڳالهه ڪونهي غلطي منهنجي ئي هئي جو مون بدلي جي باهه ۾ توکي رستي ۾ روڪيو. معافي ته مونکي وٺڻ گهرجي، خير آئون توکي دوست بنائڻ ٿو چاهيان.“ اهو چئي ٻئي ڀاڪر پائي مليا ۽ پاڻ ۾ پرچي ويا، پر هن ڀيري ارشد اسلم کان انوکو بدلو وٺڻ جو سوچيو هو.
    هو ٻئي سٺا دوست بنجي ويا، هنن جي دوستي مثالي بنجي ويئي، هاڻي ارشد نه ڪنهن سان وڙهندو هو ۽ نه ئي ڪنهن کي ستائيندو هو. اسلم جي ڪري هاڻي ارشد ڪنهن کي ڪجهه به نه چوندو هو. ارشد ۽ اسلم گڏ اٿندا ۽ ويهندا هئا، اسلم جي اسڪول ۾ سٺي پوزيشن رهي هئي، پر ارشد ڪڏهن فيل ٿيندو هو ته ڪڏهن پاس، پر هاڻي ارشد به پڙهڻ شروع ڪيو هو، هن به اسلم وانگر ڪامياب ٿيڻ ٿي چاهيو ۽ ان سان گڏ هن اسلم کان بدلو به وٺڻ ٿي چاهيو.
    هو اسلم کي ڪڏهن ميلي ۾ وٺي ويندو هو ته ڪڏهن فلم تي ۽ ڪڏهن وري بي مقصد تفريح ڪرائيندو هو. مطلب ته هن پنهنجون عادتون اسلم کي ڏيئي ڇڏيون ۽ اسلم جون عادتون خود اختيار ڪري ورتيون.
    هاڻي اسلم فلمن جو شوقين ٿي ويو هو. اسلم جو وڌندڙ شوق ڏسي ارشد دل ئي دل ۾ خوش ٿيندو هو.
    هاڻي جيڪڏهن اسلم اچي چوندو هو ته فلم ڏسڻ هل ته ارشد ڪو نه ڪو بهانو ڪري لهرائي ويندو هو ۽ اسلم ٻين دوستن سان گڏ فلم تي هليو ويندو هو. اسلم جي وڃڻ کان پوءِ ارشد خوب پڙهندو هو. هيڏانهن اسلم جون عادتن بلڪل بدلجي ويون هيون.
    امتحان جا ڏينهن ويجها هئا، ٻه ڏينهن باقي هئا، جيڪي اک ڇنڀ ۾ گذري ويا.

    امتحان جو پهريون ڏينهن هو، ارشد جيڪو يادڪيو هو سو امتحان ۾ آيو هو ۽ هو دل کولي اطمينان سان لکي رهيو هو، پر اسلم خاموش ويٺو هيڏانهن هوڏانهن نظرون ڊوڙائي رهيو هو ته ڪٿان ڪو ڪاغذ جو ٽڪرو ملي يا ڪير ٻڌائي، پر اُتي ڪير ٿي ڪنهن کي ڪم آيو.
    هن هر هرارشد ڏانهن ٿي ڏٺو ۽ کيس هلڪا سڏ به ٿي ڪيائين، پر ارشد جو ته اهو انوکو بدلو هو ۽ هُن هِن ڏانهن ڏٺو به ڪو نه ٿي. اسلم کان بدلو وٺڻ لاءِ ارشد پنهنجون سموريون حرڪتون ڇڏي ڏنيون هيون.
    امتحان ختم ٿيا، رزلٽ نڪتي ته ارشد سڄي ڪلاس ۾ پهريون نمبر آيو هو، پر اسلم ناپاس ٿي پيو هو. سڀ اُن تبديليءَ تي حيران هئا، سڀ سوالي نگاهن سان اسلم ڏانهن ڏسي رهياهئا، اسلم ارشد ڏانهن ڏٺو ٿي پر شرم کان ڪنڌ جهڪائي ٿي ڇڏيائين.
    هيڏانهن ارشد ڏاڍو خوش هو ڇو ته هن پنهنجي خلاف ڪيل شڪايت ۽ موچڙن جو انوکو بدلو ورتو هو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 533
    ڪتابن جو مشاهدو: 550717
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 212768
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ