ڪتاب جو نالو: عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)
مصنف: وسيم احمد ٽالپر / عاجز رحمت الله لاشاري
ڇپائيندڙ: سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) رجسٽرڊ سنڌ، پاڪستان
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 01 ڊسمبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 167 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 30 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”عشق جون آهون“ اوهان اڳيان پيش آهي. نعتيه شاعري، حمد، مولودن، مداحن ۽ ڪافين تي مشتمل هن ڪتاب جو ثناء گو صوفي شاعر وسيم احمد ٽالپر جڏهن ته سنواريندڙ عاجز رحمت الله لاشاري آهي. هي ڪتاب 2017ع ۾ سنڌ سُگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين عاجز رحمت الله لاشاريءَ جا جنهن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سمورا حق ۽ واسطا سلات وٽ سوگها
  • ڪتاب گهرائڻ لاءِ
  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران
  • تعارف
  • مهاڳ
  • پنهنجي پاران
  • اظهارِ خيال
  • عاجزانه گذارش
  • پبلشر پاران
  • ترتيب

  • حــمــد باري تعاليٰﷻ
  • هر جاءَ هلے برابر، حاڪم اَمُر اِلاهي،: حمد باري تعاليٰ ﷻ
  • آس منهنجي من سندي : نعت رسول مقبولﷺ
  • دنيا جي طلبن کان تنگ ٿياسون : نعت رسول مقبولﷺ
  • منهنجا محب مديني وارا : نعت رسول مقبولﷺ
  • اللهﷻ جو اڄ ڪيڏو نه احسان ٿيو آ : نعت رسول مقبولﷺ
  • سڏ ۾ سڄڻ ٿو سڏ ڏيئي : نعت رسول مقبولﷺ
  • محمدﷺ ڪئي نظر جن تي : نعت رسول مقبولﷺ
  • آيو عرس آهي اڄ عيد : مولود شريف
  • تنهنجي چهري کي چوان : نعت رسول مقبولﷺ
  • ٻڌي تنهنجو سڄڻ عاشق : نعت رسول مقبولﷺ
  • پکي پيغام منهنجي کي : نعت رسول مقبولﷺ
  • سڀ دنيا جا دنيادار : نعت رسول مقبولﷺ
  • تنهن کي لوڏي ڇا هوا : نعت رسول مقبولﷺ
  • مان وري، وري، وري، وڃان : نعت رسول مقبولﷺ
  • چنڊ ڇا چوان مان توتي : نعت رسول مقبولﷺ
  • ميلاد ڪبو : نعت رسول مقبولﷺ
  • يتيمن جو سهارو آ : نعت رسول مقبولﷺ
  • رَبَّﷻ پاڻ ملهايو آ : نعت رسول مقبولﷺ
  • قلم سان نه، دل سان : نعت رسول مقبولﷺ
  • محبوب تنهنجو : نعت رسول مقبولﷺ
  • مون گيت غزل هِت کوڙ لکيا : نعت رسول مقبولﷺ
  • “محمدﷺ” جي ڪيا ساوا : نعت رسول مقبولﷺ
  • منهنجا محب تنهنجو دنيا ۾ نه مٽ آ : نعت رسول مقبولﷺ
  • محبوبﷺ منهنجو ڪو گهٽ نه آهي : نعت رسول مقبولﷺ
  • سڄو نرمل نور : نعت رسول مقبولﷺ
  • ڪري دل “محمّدﷺ : نعت رسول مقبولﷺ
  • منهنجو سڀ ڪجھه : نعت رسول مقبولﷺ
  • يار جو اڄ يار کي : معراج النبيﷺ
  • هَل ادب سان : نعت رسول مقبولﷺ
  • ڏاتر مون کي جيئري ڏيکار : نعت رسول مقبولﷺ
  • “محمدي” در جنهين جو آ : نعت رسول مقبولﷺ
  • هڪ “محمّدﷺ” مٺو : نعت رسول مقبولﷺ
  • جنهن جي درشن لئه : نعت رسول مقبولﷺ
  • پرينءَ جي قدمن جي : نعت رسول مقبولﷺ
  • خداﷻ ڪرائي ڪري : نعت رسول مقبولﷺ
  • يتيمن سان محبت : نعت رسول مقبولﷺ
  • تو ڪيون باغ وبهاريون : نعت رسول مقبولﷺ
  • ڪئي جيڪا خدا هوندي : نعت رسول مقبولﷺ
  • منهنجو ورد ۽ وظيفو : نعت رسول مقبولﷺ
  • مور ماڻهون گهور سڀ : نعت رسول مقبولﷺ
  • ٻنهين عالم جو تون آقا : نعت رسول مقبولﷺ
  • پئي دل پڪاري : نعت رسول مقبولﷺ
  • تون ڇا سمجهين : نعت رسول مقبولﷺ
  • محتاج نه ٿيا ٿيندا مستانا : نعت رسول مقبولﷺ
  • اسم چميو آقا : نعت رسول مقبولﷺ
  • شل هيل وري قسمت وڃان : نعت رسول مقبولﷺ
  • ٿي آ آمد محب محمدﷺ جي : نعت رسول مقبولﷺ
  • اي حليمهi تو سر صدقي : نعت رسول مقبولﷺ
  • اي عرش ٻُڌاءَ ٿورو : معراج النبيﷺ
  • عاشق تڙپيو يار : نعت رسول مقبولﷺ
  • محمدﷺ نور نِرواري : نعت رسول مقبولﷺ
  • خداﷻ تنهنجو : نعت رسول مقبولﷺ
  • مان نٿو طلبان سدائين : نعت رسول مقبولﷺ
  • جڳ سڄو مالڪ مٺيﷻ : نعت رسول مقبولﷺ
  • ڀلو ربّﷻ ۽ ان جي خدائي : نعت رسول مقبولﷺ
  • ڏينهن رات هجي برسات هجي : نعت رسول مقبولﷺ
  • نادان اکيون پنهنجون کول : نعت رسول مقبولﷺ
  • اسان پڙهدے هون اسان : نعت رسول مقبولﷺ
  • جنهن پار سڄڻ ميڏا : نعت رسول مقبولﷺ
  • ملڪ چم چم پئے چاون : نعت رسول مقبولﷺ
  • اهو نور آيا جنهدے نور وچوں : مولود شريف
  • بن منگئے مِلي جڳ والياں ڪوں : نعت رسول مقبولﷺ
  • هر جاءَ وسي محمّدﷺ : نعت رسول مقبولﷺ
  • ويکھ کے پياري اعليٰ اِک : نعت رسول مقبولﷺ
  • قسمت ميڏي ڀاڳ نه ميڏا : نعت رسول مقبولﷺ
  • ڪُل دُکهاں دی دوا : نعت رسول مقبولﷺ
  • ڀر پير دل جاني : نعت رسول مقبولﷺ
  • ساڏے نبيﷺ دا، شان ويکهو : نعت رسول مقبولﷺ
  • تو محب ڪيا مستان الڳ : ڪافي
  • چنڊ چڙهيو اهڙو جنهين جي : ڪـافـي
  • مليو هر رنگ ۾ مونکي : ڪافي
  • اسان پنهنجو حالِ دل توکي : ڪافي
  • دلبر جي ڪندين در جو : ڪافي

  • سمورا حق ۽ واسطا سلات وٽ سوگها

    ڪتاب جو نالو: عشق جون آهون (نعتيه شاعري)
    شاعر: ثناءَخوانِ رسول، صوفي شاعر وسيم احمد ٽالپر
    سنواريندڙ: عاجز رحمت الله لاشاري نقشبندي طاهري 0301-3566707
    خطيب وامام جامع مسجدنورِ محمدي، ڳوٺ ڪَرن خان شورو، قاسم آباد، حيدرآباد
    ڪمپوزنگ: مولوي محمد رفيق بروهي نقشبندي طاهري سنّائي
    لي آئوٽ ۽ ڊزائن: محمد امين سولنگي 0315-3020869
    سهڪار: مڪتبه فيض طاهريه سن، ضلع ڄامشورو، سنڌ.
    شايع ڪندڙ: سنڌ سُگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) رجسٽرڊ
    ڇپيندڙ: ايڊوانس پرنٽنگ ايجنسي حيدرآباد 0300-0815982
    ڇاپو: پهريون
    سال اشاعت: جولاءِ 2017ع بمطابق شوال المڪرم 1438 هجري.
    تعداد: 1000
    محبت جي مٺائي: 100 روپيه


    ڪتاب گهرائڻ لاءِ

    عاجز رحمت الله لاشاري: باني، چيئرمين: سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات)
    مرڪزي آفيس سيد آباد ڪالوني، ڄامشورو: 0301-3566707 | 0346-3685474
    مولوي محفوظ علي نظاماڻي طاهري
    ڳوٺ گهلپور II، ٽنڊو غلام علي ضلعو بدين: 0301-5506225
    مولوي محمّد رفيق بروهي طاهري
    سن، ضلع ڄامشورو، سنڌ: 0347-9469096


    انتساب

    پنهنجي عظيم محسنن
    بابا سائين ۽ امڙ جيجل سميت
    تمام عاشقانِ رسول ﷺ
    جي نانءِ.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”عشق جون آهون“ اوهان اڳيان پيش آهي. نعتيه شاعري، حمد، مولودن، مداحن ۽ ڪافين تي مشتمل هن ڪتاب جو ثناء گو صوفي شاعر وسيم احمد ٽالپر جڏهن ته سنواريندڙ عاجز رحمت الله لاشاري آهي.
    هي ڪتاب 2017ع ۾ سنڌ سُگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين عاجز رحمت الله لاشاريءَ جا جنهن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanassan@gmail.com
    sindhsalamat.comwww.
    books.sindhsalamat.com


    تعارف

    نالو: وسيم احمد
    ولديت: حبيب احمد
    ذات: ٽالپر
    پيدائش: 28-10-1993
    تعليم: بي اي، زير تعليم درس نظاميءَ ۾ (مدرسه عربيه
    طاهريه گهلپورII نظاماڻي)
    استاد: مولانا محفوظ علي نظاماڻي طاهري
    ادبي شروعات: 2008ع
    پسنديده شاعر: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، حمل فقير لغاري
    سچل سرمست، بيدل بيڪس، حافظ محمّد نظاماڻي.
    گهڻو متاثر: حمل فقير لغاري
    صنفن تي ڪم ٿيل: حمديه، نعتيه، غزليات، وايون، ڪافيون، ڪلام ۽ بيت وغيره.
    ڇپايل ڪتاب: پهريون ڪتاب (عشق جون آهون)
    نظرثاني ۽ مشاورت: عاجز رحمت الله لاشاري طاهري


    مهاڳ

    عشاقن ٺار اکين جو
    سُر، ساز ۽ سنگيت کان وٺي شاعري جي الستي ڪيفيتن تائين، چچريل ڪچڙن خوابن جي حسرتن کان وٺي ڪنوارين جواڻين جي انگورجڻ تائين، مظلوم جسمن جي فريادن کان وٺي بي بس ڌڙن کي لاوارثي واري واٽ تي تڙپڻ تائين، ڌرتي جي دانهن کان وٺي گگن جي ڪهار تائين، جهڙيون آهون شاعري جي آغوش ۾ نه فقط ڪالهه پر اڄ به ساڳي ريت پلبيون رهيون آهن.
    خالقِ باري تعاليٰﷻ ۽ سندس محبوبِ عالمﷺ سان عشق اظهر من الشمس ۽ مڃيل هڪ حق آهي، پر سندس ڪائنات، جيڪا سندس ئي قدرت جو تصوري آئينو آهي، گويا سندس حُسن ۽ جمال توڙي قدرت و ڪمال جو سرچشمو آهي. ان ۾ خلقيل هر شيءِ خوبصورت ۽ سهڻي آهي، جيڪا سندس سونهن ۽ ساراھ جي قريب ڪندڙ ڪشش هوندي آهي.
    جهڙي ريت باري تعاليٰﷻ جو هئڻ حق آهي تهڙي طرح سندس جمال جو مڃڻ به حق آهي. جهڙي طرح هي ڪائنات به هڪ سچ آهي تهڙي ريت حُسن به هڪ ڪائناتي سچ آهي. جنهن جي جمالياتي شمع تي صدين کان هزارين پتنگ پنهنجون جواڻيون گهور ڪندا رهيا آهن.
    ائين به چئي سگهجي ٿو ته سچ هڪ اهڙو فلسفو به آهي جنهن سان ٿيندڙ عشق جي تشريح ازل کان اڄ تائين پوري ناهي ٿي سگهي.
    جمال! جيڪو پاڻمرادو عشق ۽ ان جو احساس آهي جنهن هن ڌرتي تي الاءِ ته ڪيترا منصور سولي تي.............. چاڙهايا آهن؟ هڪ اهڙو سچ آهي جنهن الاءِ ته ڪيترن سُقراطن کي زهر ڏيارايو آهي؟ هڪ اهڙو جذبو ۽ ايثار آهي جنهن الاءِ ته ڪيترن صديقن کي زهر جا ڏنگ.....سهايا آهن؟ هڪ اهڙو حق آهي جنهن الاءِ ته ڪيترن بلاولن کي گهاڻي ۾ پيڙهارايو آهي؟ ۽ ها هڪ اهڙو عشق به آهي جنهن الاءِ ته ڪيترن سرمدن کي دُرا هڻارايا آهن؟ اهو عشق جڏهن زرخيز ذهن تي انگورجڻ شروع ڪري ٿو ته ان جا سَلا شعرن جي گونچن ۾ ٽڙڻ لڳندا آهن، پوءِ اهڙي سر سبز آبادي کي شاعري ڪوٺيو وڃي ٿو.....
    شاعري جتي خيالن جو اظهار هوندي آهي، اُتي جذبن جي اڻ مندائتي مند به........ جنهن ۾ خيال بهار جيان شعور جي جواڻين کي لفظن جي پنکڙين ۾ امرت ڦوٽهڙو ارپين ٿا. نه فقط هي حافظ نظاماڻي جيڪو اها هاڪ هڻي ٿو پر دنيا جا عالمي نظريا ان ڳالهه تي متفق آهن ته “نثر سڀڪو لکي سگهي ٿو پر نظم هر ڪنهن جي وَس جي ڳالهه نه آهي” يعني زرخيز زمين ئي طاقتور سَلو پيدا ڪري ٿي، تيئن شعر به زرخيز ذهنن ۾ ئي سرجن ٿا.
    دوستو ! تتل روڊ تي تازي وڍيل جسم مان نڪرندڙ رت جي سيڙھ وانگر، اندر جي آنهه جڏهن دل ۽ دماغ کي جنجهوڙي ڀڙڪو کائي ٻاهر نڪرندي آهي ته ان جا ڪيترائي رنگ ۽ روپ وکري پوندا آهن. پوءِ اهي آلاپ ۽ آواز جي صورت ۾ هجن ٿا ته مصور جي تصوير ۾ به. اهي مفڪر جي فڪر ۾ ٿين ٿا ته شاعر جي شعر ۾ به......
    سنڌ ڌرتي جنهن پنهنجي امر گود ۾ هميشه امر چهرا ئي پالي رکيا آهن. ۽ اهي سپوت سندس آن ۽ شان جو ذريعو بڻبا رهيا آهن. اهي ئي سندس سرمائي جو دفاع ڪندا آهن. اها روايت نه صرف ماضيءَ جي پر حالَ ۾ به اهائي ساڳي ريت قائم آهي ۽ جيسين هي دنيا آهي تيسين امر رهندي.
    وڏڙن جي ريت تي رمتا، اڄ جي ننڍي ٽهي جا نوجوان به سڀاڻي جا ڪردار ضرور بڻبا.......اهڙن نوجوانن ۾ ٽنڊو غلام علي ويجهو ڳوٺ گهيلپور ۾ جنم وٺندڙ نوجوان شاعر وسيم احمد ٽالپر به اسان جي ميراث جي وارثي ڪندڙن ۾ برابر جو حقدار آهي.
    سندس هي نعتيه شاعري جو مجموعو منهنجي هٿ ۾ آهي جنهن کي پڙهي منهنجو روح خوش ٿي پيو آهي. ڇاڪاڻ ته سندس شاعري ۾ فني سهڻائپ کان وٺي احساساتي پختگي جي مهڪ وکيرڻ واري خوبي تائين هڪ ڪامياب حوصلو قوّي صورت ۾ ملي ٿو. هي ادو... تخليقي خوبصورت شاعر لڳي ٿو، جنهن وٽ شاعري حسين رنگ ۾ سرجي ٿي. سندس روح جي سَريس ۾ پيئي ويندڙ عشق، اظهار جي آرسي تي پلٽيل نظر اچي ٿو. جيئن ته.
    دنيا جي ماڻهن، دنيا آ طلبي،
    اسان پرينءَ جا پتنگ ٿياسون.
    يا وري جدّت جي واٽ تي، حسناڪي ۽ بيباڪي واري جرّئت سندس اعليٰ ذهنيّت کي ظاهر ڪري ٿي.
    سانوں ورد وظيفے ڏَس نه مُلاں، اِهو تون ڄاٹيں تيڏا ڪم ڄاٹے،
    ساڏي تسبيح داٹںد مٹکے سڀ، ساڏا ذڪر زبان محمدﷺ هے.

    سندس نعتيه شاعري جي هن مجموعي کي پڙهجي ٿو ته ان ۾ سندس نه فقط محبت، عشق، نعت خواني، ساراهه يا مجاز نظر اچي ٿو پر خود دار ۽ بي نياز طبيعت به اعليٰ پائي جي ملي ٿي......
    نڪي مال گُهرون ٿا وڏيرن کان،
    نه “وسيم” ٿا طلبون غيرن کان،
    نه فقط ايترو پر سندس روح محبوبﷺجي ثناءَ خواني ۾ ڪڏهن به نٿو ڍاپي.....
    آ زور حُسن چنڊ تارن تي، بلبل ۽ باغ بهارن تي،
    والّيل جي زلفن ڪارن تي، دستار جي ڳالھ الڳ شيءِ آ.

    يا
    پئي روز طلبي، هي دربار دلڙي،
    ويهان ڪيئن وساري، مدينو مدينو.

    حضورﷺ سان اظهارِ عقيدت ۽ شفاعت واري يقين کي هڪ منفرد انداز ۾ بيان ڪيو اٿس، ان همٿ سان هُن زماني کي مُٺيون ڀيڙي پوئتي ڌِڪي هڪ وڏي چئلينج کي مُنهن ڏنو اٿس.
    زمانا تون مونکي، نڌڻڪو نه ڄاڻج،
    اجهو ترس ايندو، سڏيان ٿو “محمدﷺ”.

    سندس هي نعتيه ڪلام سهڻي خاصيتن ۽ اصلوبن سان ٽمٽار آهي.....
    سوين صديون سڄڻ گذريون، حديثن ۾ پڙهي ڏس تون.
    هيا جيڪي ڪٽا ڪافر، ڀري ڪلمو فدا ٿي ويا.

    هتي آئون ضرور چوندس ته نوجوان شاعر وسيم احمد ٽالپر کي جدّت سان مهڪيل شاعري ڪرڻ واري خوبي کان پوءِ ڪنهن به تُڪبند شاعري يا عوامي شاعرن جي گهڙيل واٽ تي وکون کڻڻ جي ضرورت قطعي پيش نه اچڻ گهرجي.
    هُن جي شاعري ۾ متاثر ڪرڻ جون خوبيون انيڪ موجود آهن. هُن وٽ بهترين ڏات به آهي ته ڏانءُ به. بس هُن کي مسلسل شاعراڻي عمل جو ٿي اڳتي هلڻو آهي.
    انهي ويساهه سان هي ڀيٽا ان ساک تي هِت ٿي ڇڏجي ته ادي وسيم احمد ٽالپر صاحب جي هي محبوب ڪاوش هڪ هٿ کان ٻئي هَٿ جي سونهن ضرور بڻجي.....

    حافظ محمّد نظاماڻي
    ڪڙيو گهنور، ضلع بدين، سنڌ
    22-04-2017
    Cell: 0302-3922789


    پنهنجي پاران

    نَحۡمَدُهٗ وَنُصَلِّيۡ عَليٰ رَسُوۡلِهِ الۡکَرِيۡمِ الۡاَمِيۡنِ.
    بِسۡمِ اللهِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡمِ •ط
    نڪا ڪن فيڪون هُئي، نڪا مورت ماھ،
    نڪا سُڌ ثواب جي، نڪو غرض گناھ،
    هيڪائي هيڪ هئي، وحدانيت واھ،
    لکيائين “لطيف” چئي اُتِ ڳجھاندر ڳاھ،
    اکين ۽ ارواح، اِها ساڃاءِ سپرين.

    تخليقِ ڪائنات کان پهرين الله تبارڪ وتعاليٰﷻ پنهنجي نور مان پنهنجي حبيبﷺ جي نور کي نروار ڪيائين ۽ پنهنجي حبيبﷺ جي ذڪر ۽ مرتبي کي پنهنجي ذمي کڻي ڪري، مصطفيٰﷺ جي ذڪر ۽ مرتبي کي لازوال زندگي بخشيائين، اهڙي طرح دنيا جي ابتداءِ کان پهرين مصطفيٰﷺ جو ذڪر هو ۽ دنيا جي انتها کان پوءِ به مصطفيٰﷺ جو ذڪر هوندو.
    الله تبارڪ وتعاليٰﷻ پنهنجي حبيبﷺ جي ذڪر کي ڪنهن ذات يا ڪنهن شخص جو محتاج نه بڻايائين، بلڪه هر ذات ۽ هر شخص کي مصطفيٰﷺ جي ذڪر جو محتاج بڻايائين، اڄ به ڪو شاعر يا ثناءَ خوان اِهيو نه سمجهي ته مان حبيب خداﷺ جو ذڪر ڪري، الله تبارڪ وتعاليٰﷻ جي حبيب جي ذڪر کي وڌائي رهيو آهيان.
    اي عاجز عقل رکندڙ ائين ناهي!
    غلط آ تنهنجو گمان، بلڪه مصطفيٰﷺ جو ذڪر ئي تنهنجي ذات ۽ تنهنجي مرتبي کي وڌائي رهيو آهي ڇوته الله تبارڪ وتعاليٰﷻ اُها شيءَ ئي ناهي خلقي جيڪا حبيب خداﷺ جو ذڪر نه ڪري!
    سو مڪان تي به مصطفيٰﷺ جو ذڪر، ته لامڪان تي به مصطفيٰﷺ جو ذڪر، برن ۾ به مصطفيٰﷺ جو ذڪر ته بحرن ۾ به مصطفيٰﷺ جو ذڪر، مطلب جاڏي ڏس ته واکاڻِ واحد سان گڏ ثناءِ مصطفيٰﷺ جي تسبيح به جاري آهي.
    حضرت آدمmکان وٺي حضرت عيسيٰٰmتائين حضرت محمّد مصطفيٰﷺ جو چرچو هو، ته حضرت عيسيٰٰmکان وٺي قيامت تائين به سندن جي ذڪر جو سج ڌرتي جي گولي تي روشن رهندو، ۽ مصطفيٰ ڪريمﷺ جي ذڪر جي سورج مان اسان جهڙا بي سمجهه ۽ ڪابه حيثيت نه رکندڙ ۽ دنيا جي تختي تي چمڪندڙ ستارا به انهيءَ ذڪر جي سورج مان فيضياب ٿيندا رهن ٿا ۽ ٿيندا رهندا.
    جيڪڏهن تاريخ جي ورقن کي ورائينداسين ته الائي ڪيترا چوڏهينءَ جا چنڊ مصطفيٰﷺ جي ذڪر جي سورج مان فيضياب ٿي چمڪن پيا، جيڪڏهن انهن عشاقن جا اسم مبارڪ ويهي ورجائجن ته سج ۽ چنڊ پنهنجي سفر ۾ اڀرندي ۽ لهندي ٿڪجي پوندا، پر عشاقن جي اسمن جو انت نه ايندو. بس اِنهَن ئي عشاقن جي غلامن ۾ مون عاجز پنهنجو نالو درج ڪرائڻ جي لاءِ مصطفيٰﷺ جي ثناءَ ۾ حيثيت مطابق حصو ورتو آهي. پر اِها به منهنجي ربّﷻ جي عطا آهي، ته جنهن کان پنهنجي حبيبﷺجو ذڪر ڪرائي. مون ناقص مٿان منهنجي قادر جا ڪروڙين ڪرم جنهن منهنجي عاجز ذهن کي ايتري سگهه ڏني، جنهن محبوب پاڪﷺ جي ثناءَ جا ٻه ٻول ٻولي منهنجي اسم کي عشاقن جي اسمن سان منسوب ڪيو، ڇوته محبوب جي ثناءَ جو حق ادا ڪرڻ ڪنهن جي به وس جي ڳالھه ناهي اهڙي طرح مرزا غالب ڪهڙو نه خوب چيو آهي ته،
    جان دے دی ہوئی اسی کی تیر،
    حق تو یہ ہے، کہ حق ادا نہ ہوا۔
    مون ناچيز ناقص ۽ نڪمي انسان کي ان منزل تي پهچائڻ واري هڪ منهنجي ربّ جي ذات ۽ ٻي منهنجي محبوبﷺ جي نگاهِ ڪرم آهي ۽ ٽيون منهنجي ماءُ پيءُ جي انمول دعائن جو نتيجو آهي.
    جن جي دعائن سان ئي ربّ پنهنجي حمد ۽ پنهنجي محبوب ڪريمﷺ جي ثناءَ جي سند سان نوازيو آهي.
    دعا آهي الله تبارڪ وتعاليٰﷻ کان ته ربّ منهنجي ماءُ پيءُ کي صحت و عافيت واري خضري حياتي عطا فرمائي ۽ مون ننگي سر مٿان منهنجي ماءُ پيءُ جو سايو تا عمر سلامت رکي. “آمين”
    جيڪي مون پنهنجي محبوبﷺ جي ثناءَ جا ٻه ٻول ٻوليا تن کي اوهان عشاقن جي آڏو پيش ڪرڻ جي لاءِ جيڪي منهنجا ٻانهن ٻيلي ٿيا تن شخصيتن جا اسم مبارڪ هِن ڪتاب ۾ سونهري اکرن سان لکي رهيو آهيان جن مان اوّل اسان جو استادِ محترم سائين مولوي محمّد رفيق بروهي طاهري صاحب جنهن منهنجي ڪتاب جي ڪمپوزنگ ڪئي سائين جن جا قرب ڪاوشون ڪوششون محنتون بيان ڪرڻ جي لاءِ هڪ ته مون وٽ ايترا الفاظ ناهن ٻيو ته سائين جن جي ڪوششن ۽ ڪاوشن کي لکڻ کان منهنجو قلم قاصر آهي.
    ٻيو مون عاجز جو استادِ محترم سائين مولوي محفوظ علي نظاماڻي طاهري صاحب، سائين جن جا به اڻ ڳڻيا احسان ڇوته سندن جي ڪوششن ۽ ڪاوشن سان، هن منهنجي لکيل مواد کي اڳتي وڌڻ جو موقعو مليو، سائين جن جا وڙ به ورجائڻ جي لاءِ مون وٽ ايترا الفاظ ناهن جو سائين جن جي محنتن کي پيش ڪيان.
    ۽ منهنجي ڪتاب جي نظرثاني ڪندڙ سنڌ جي بي باڪ صوفي شاعر ۽ هر دلعزيز محترم سائين حافظ محمّد نظاماڻي صاحب جن جو به ٿورائتو آهيان، جو سائين جن پنهنجي همٿ افزاءَ دعائن جي الفاظن سان نوازي ڪري محبت و قرب جي گرمائش سان سيڪ ڏئي ڪري محبت و قرب ۽ عشق جي آويءَ کي تيار ٿيڻ لاءِ جوش و جذبي جي قربائتن الفاظن سان دل و جان کي راحت بخشيائون.
    ۽ محترم سائين عاجز رحمت الله لاشاري طاهري صاحب جن جو به تمام تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي ڪتاب کي، ڄڻ پنهنجو ڪتاب سمجهي شعرن جي نظر ثاني سان گڏ شاعري جي اصولن ۽ قاعدن، قانونن جو پورائو ڪرڻ توڙي ٻوليءَ جو نجپڻو قائم رکڻ بابت بهتر مشورا ۽ ڪارائتيون صلاحون ڏيئي بعد ۾ هن ڪتاب کي ڇپائڻ جي قابل بنائڻ لاءِ سينگاري، سنواري ۽ پنهنجي تنظيم طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو، سو سائين جن جا به تمام وڏا وڙ مون عاجز جي مٿان تا عمر ياد رهندا. الله تبارڪ وتعاليٰﷻ جي مدد، نبي ڪريمﷺ جي نگاهِ ڪرم ۽ ماءُ پيءُ جي دعائن ۽ انهن شخصيتن جي ڪوششن ۽ ڪاوشن سان هي مختصر حمد ۽ نعتن جو مجموعو ڪتاب جي صورت ۾ اڄ توهان عشاقن جي هٿن ۾ آهي.
    ڌڻيءَ در دعا آهي ته جن شخصيتن هن ڪتاب جي تياريءَ ۾ حصو ورتو الله تبارڪ وتعاليٰﷻ انهن جي رزق، عشق، عمر ۽ آبرو ۾ اضافو نصيب فرمائي ۽ الله تبارڪ وتعاليٰﷻ انهن سڄڻن کي صحتمند خضري حياتي نصيب فرمائي ته جيئن مصطفيٰﷺ جي ثناءَ کي ڪتابن جي صورت ڏيئي ڪري اوهان عشاقن جي آڏو پيش ڪندا رهن. آمّين ثمّ آمّين!
    جيڪڏهن هن مختصر مجموعي ۾ ڪابه ڪمي ڪوتاهي هجي ته مون فقير سان رابطو ڪري مون عاجز جي اصلاح ڪندا. مهرباني.

    فقير وسيم احمد ٽالپور
    گھلپور (ii)ٽنڊو غلام علي
    ضلع بدين سنڌ.
    0311-1307091 Cell:


    اظهارِ خيال

    نَحۡمَدُهٗ وَنُصَلِّيۡ عَليٰ رَسُوۡلِهِ الۡکَرِيۡمِ الۡاَمِيۡنِ.
    بِسۡمِ اللهِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡمِ •ط
    سڀ تعريفون الله تعاليٰﷻ جي لاءِ جيڪو سڀني جهانن جو پالڻهار آهي. جيڪو سڀني جهانن جو خالق ۽ مالڪ آهي. صلوٰة ۽ سلام، الله تبارڪ وتعاليٰﷻ جي پياري حبيب، نور مجسّم، سرڪارِ دوعالم، حضرت محمّد مصطفيٰ احمد مجتبيٰﷺ ۽ ان جي پاڪ آلU ۽ سڀني صحابه ڪرامU تي.
    الله تبارڪ وتعاليٰﷻ جا ڪروڙين ڪرم، بي انتها مهربانيون جنهن ذات مقدس مون گنهگار عاجز و ناقص جي هٿن کي اها طاقت بخشي جو انهن هٿن ۾ قلم کڻي ٻه ٽي اکر زير تحرير آڻي رهيو آهيان.
    ڄاڻڻ گهرجي ته حضور اڪرمﷺ جي تعريف سڀ کان پهرين الله تعاليٰﷻ ڪرڻ فرمائي جو الله تبارڪ وتعاليٰﷻ قرآن مجيد ۾ هن طرح ارشاد فرمايو ته: وَرَفَـعۡنَا لَکَ ذِکۡرَکَ. ترجمو: (اي پيارا محبوبﷺ) ۽ اسان بلند ڪيو اوهان لاءِ اوهان جي ذڪر کي. هن آيت مقدس مان اها ڳالهه معلوم ٿي ٿئي ته جڏهن کان وٺي الله تبارڪ وتعاليٰﷻ جي ذات اقدس آهي ۽ جيستائين الله تبارڪ وتعاليٰﷻ جي ذات اقدس هوندي تيستائين الله تعاليٰﷻ جي پياري حبيبﷺ جو ذڪر جاري و ساري رهندو.
    قرآن مجيد ۾ الله تعاليٰﷻ ٻئي جاءِ تي ارشاد فرمايو آهي ته:
    اِنَّ اللهَ وَمَلآئِکَتَهٗ يُصَلُّوۡنَ عَلَي النَّبِيِّط يٰاَيُّهَاالَّذِيۡنَ اٰمَنُـوۡا صَلُّـوۡاعَلَــيۡهِ وَسَلِّمُوۡا تَسۡلِـيۡمًا.
    “بيشڪ الله تعاليٰﷻ ۽ ان جافرشتا درود موڪلين ٿا نبيﷺ (غيب جون خبرون ٻڌائيندڙ) تي، اي ايمان وارؤ ! توهان به ان (محبوبﷺ) تي درود پڙهو ۽ خوب سلام موڪليو” (سورة الاحزاب آيت 56)
    هن آيت مان به معلوم اهو ٿئي ٿو ته ذڪر مصطفيٰﷺ کي فنائيت ناهي. جيئن شاعر چيو آهي ته:
    تون ڀي فاني، ۽ مان فاني، سڄو جڳ جوڙ آ فاني،
    مگر جنهن کي بقا هوندي، محمدﷺ جي ثناء هوندي.

    ربّ ڪريمﷻ پنهنجي پياري حبيب ڪريمﷺکي صورت ۽ سيرت ۾، ڪردار ۽ گفتار ۾ رحمت ۽ شفقت ۾ بيمثال ڪري پيدا ڪيو جو اهڙو نڪي ٿيو آهي ۽ نه ڪڏهن وري ٿيندو. خُلق عظيم جي مالڪ ٻنهين جهانن جي سردار محبوب ڪريمq جو ذڪر ۽ محبت سڀني مؤمنن جي مٿان لازم ۽ فرض آهي. بلڪ ايمان جو حصو آهي. ڇو ته الله تبارڪ وتعاليٰﷻ زبان، مصطفيٰ ڪريمq جي ذڪر ۽ دل، مصطفيٰ ڪريمq جي محبت لاءِ ڏني آهي. جيئن اردو واري شاعر چيو آهي ته:
    دی زباں حق نے ثنائے مصطفیٰﷺ کے واسطے،
    دل دیا حبّ حبیب کبریاءﷺ کے واسطے۔
    اهوئي سبب آهي جو صحابه ڪرامr پنهنجي جان ۽ مال الله تعاليٰﷻ جي راھ ۾ ۽ محبوبن جي قدمن تان قربان ڪندا هئا.
    جڏهن محبوب ڪريمﷺ جن هن دنيا تي تشريف وٺي آيا ته عاشقن سندن شان جا مولود ۽ نعت لکڻ ۽ پڙهڻ شروع ڪيا. مولود ۽ نعت لکڻ وارن صحابينr جو تعداد شاه عبدالحق محدث دهلوي& پنهنجي ڪتاب (روضة الاحباب) ۾ اهو ٻڌايو آهي ته محبوب ڪريمﷺ جي صحابه ڪرامr مان (160) مرد ۽ (12) صحابياڻيونo نعت ۽ مولود لکڻ وارا شاعر هئا.
    حضور ڪريمﷺ جي دربار اقدس ۾ صحابه ڪرامr عربي ٻولي ۾ نعت شريف ٺاهيندا، ٻڌائيندا رهيا ۽ حضور ڪريمﷺ نعت خوانن کي انعامن، اڪرامن ۽ دعائن سان نوازيندا رهيا انهن مان سندن ثناءَخواني ڪندڙ چاچو حضرت ابو طالب سائين ۽ ٻين صحابه ڪرامن مان چند شخصيتن جا نالا لکڻ مناسب سمجهان ٿو.
    (01) حضرت عباس رضه
    (02) حضرت حسّان بن ثابت رضه
    (03) حضرت ڪعب بن زهير رضه
    (04) حضرت ڪعب بن زبير رضه
    (05) حضرت ڪعب بن مالڪ رضه
    (06) حضرت عبدالله بن رواحه رضه
    حضرت حسّان بن ثابت u محبوب ڪريمﷺ جو مشهور درٻاري شاعر هو. هڪڙي ڀيري پاڻ ڪريمن عليه الصلوٰة والسلام پنهنجي چادر مبارڪ کيس انعام ۾ عطا فرمائي هئي. ۽ هي دعا فرمايائون ته:
    اَللّٰهُمَّ اَيِّدۡهُ بِرُوۡحِ الۡقُدُسِ.
    ترجمو؛ اي اللهﷻ ! حسان u جي جبرئيلm جي ذريعي مدد فرماءِ.
    حضرت حسّان بن ثابتu کي نبي ڪريمﷺ سان تمام گهڻي محبت هئي. پاڻ پنهنجي محبت جو اظهار هنن سهڻن لفظن سان ڪرڻ فرمايائون:
    وَاَحۡسَنُ مِنۡکَ لَمۡ تَرَ قَطُّ عَيۡنِيۡ. وَاَجۡمَلُ مِنۡکَ لَمۡ تَلِدِالنِّسَآءٗ.
    خُلِقۡتَ مُبَرَّءً مِّنۡ کُلِّ عَيۡبٍ. کَاَنَّکَ قَدۡ خُلِقۡتَ کَمَا تَشَآءٗ.
    ترجمو: ۽ اوهان کان وڌيڪ سهڻو منهنجي اکين ڏٺو ئي ناهي. ۽ اوهان کان وڌيڪ حسن و جمال وارو، عورتن ڄڻيو ئي ناهي. اوهان هر عيب کان پاڪ ڪري پيدا ڪيا ويا آهيو. ڄڻ ته جيئن اوهان پئي گهريو تيئن پيدا ڪيا ويا آهيو. (ديوان حسان بن ثابت)
    حضور عليه الصلوٰة والسلام جي اهلبيت عظام، صحابه ڪرام، تابعين، تبع تابعين کان علاوه اولياءِ عظام(، صوفين(، بزرگن( ۽ غلامن پنهنجي آقا محبوب ڪريمﷺ جي شان ۾ اهڙي ته دل کي موهيندڙ ۽ جاذب شاعري ڪئي آهي. جنهن جي پڙهڻ سان نبي ڪريمﷺ جي محبت جو سمنڊ ڇوليون هڻن لڳي ٿو. انهن شاعرن مان ڪجهه جا نالا هتي لکڻ مناسب سمجهان ٿو. جيئن:
    1. حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رحه
    2. حضرت عزيزان علي راميتني رحه
    3. حضرت فريد الدين عطار رحه
    4. حضرت عبدالرحمٰن جامي رحه
    5. حضرت مولانا رومي رحه
    6. حضرت شيخ معين الدين چشتي رحه
    7. حضرت محمد عثمان مروندي المعروف قلندر لعل شهباز رحه
    8. حضرت سچل سرمست رحه
    9. شاعرن جي سرتاج حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه
    10. پيرن جي پير سائين عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين رحه
    11. سنڌ جي سونهن حضرت الله بخش المعروف پير سهڻا سائين رحه
    12. حضرت خواجه محمّد طاهر المعروف محبوب سڄڻ سائين مدّظله العالي
    جهڙا ڪيترائي بيمثال شاعر ٿي گذريا آهن. جن نبي ڪريم عليه الصلوٰة والسلام سان محبت ۽ عقيدت جو اظهار شاعري جي ذريعي ڪيو آهي.
    الله تبارڪ وتعاليٰ هر هنڌ ۽ هر دؤر ۾ اهڙا برگزيده انسان پيدا ڪيا آهن جن کي ڏات ڏني اٿس تن پنهنجي عطا ٿيل ڏات کي ڏانءُ جي زيور سان سينگاري پاڻ مڃرايو آهي. سنڌ ڌرتي به پروردگارﷻ جي عطا سان اهڙن ڪيترن ئي انسانن کي جنم ڏنو آهي. اهڙن پروردگارﷻ جي ڏات ڏنلن مان سنڌ جي تاريخي شهر بدين ضلعي جي تعلقي ماتلي جي هڪ ننڍي شهر ٽنڊو غلام علي جي ڀرسان ڳوٺ گهلپور(II) نظاماڻي ۾ جنم وٺندڙ ڀاءُ وسيم احمد ٽالپر به هڪ آهي. جيڪو 28-10-1993 صدي جي آخري ڏهاڪي ۾ جنم وٺندڙ پنهنجي عمر جي 16 سالن جي سفر ۾ شاعري جي شروعات ڪئي، حالانڪه زمانه حال ۾ هيءَ عمر، نوجوانن جي اڪثريت راند روند، کيل تماشن، کيڏڻ ۾ گذاريو ڇڏي، پر هن عزيز دنيا جي راند روند واري فڪر کي ڇڏي ڪري عشق ۽ محبت جو فڪر شروع ڪيو.
    هن سائنسي دؤر ۾ پاڻ کي فتنن کان بچائي ۽ فساد کي ڏور ڇڏي عشقِ حقيقي جي ميدان ۾ قدم رکڻ هڪ قسم جو جهاد چئبو. پنهنجي زندگي کي قلم جي نوڪ ۾ قيد ڪري، لفظن جي ذريعي پنن جي مٿان پڌرو ڪرڻ، سا به ڪا معمولي ڳالهه ناهي. جيڪڏهن موصوف جي زندگي جي ڏينهَن کي آڱرين تي ڳڻڻ چاهيون ته ڳڻي سگهون ٿا، پر جيڪڏهن فقير جي عشق ۽ مستي جي سمنڊ جي اونهائيءَ جو انت ڪرڻ چاهيون ته انت نٿا ڪري سگهون، شب و روز واري زندگيءَ تي نظر ڪيون ته پاڻ تمام نيڪ دل انسان، ڪلفت و نفرت کان صاف خيال رکندڙ، دهشتگردي جي ماحول ۾ محبتن جو وکر ونڊيندڙ وڻجهارو ڀٽائي ۽ سچل جي راه جو پانڌيئڙو تمام گهڻي عاجزي رکندڙ هڪ انمول شخصيت جو مالڪ پڻ آهي. موصوف پنهنجي عشق ۽ عقيدي جو اظهار پنهنجي شاعري ۾ ڀرپور نموني سان ڪيو آهي.
    عزيز، فقيري رنگ ۾ ڪٿي پنهنجي محبوبﷺ جي ثناءَ ڪندي مڪان جي حد ۾ به نظر اچي ٿو ڪٿي لامڪان جي لاحد ۾ به نظر اچي ٿو.
    جنهن ڏٺو توکي برابر، ڄاڻ تنهن مونکي ڏٺو،
    “احد” “احمد” جو ادا، اسرار ٿيو اڄ روبرو.

    ڪٿي پنهنجي محبوبﷺ کي التجائون ڪندي ۽ ڪٿي پنهنجي محبوبﷺ جي وطن جي ديدار جي سڪ ۾ موت کي گهڙي کن ترسڻ جي لاءِ منٿون ڪندي به نظر اچي ٿو.
    آس منهنجي من سندي، پرور ڪا پهچائي سگهي،
    اي موت ترسي پئو، مديني ڏي سنبت آهي سگهي.
    ۽ ڪٿي معراج جي مام کي مخفي سمجهي ماٺ به ڪيو وڃي ۽ عشق جي غلبي جي ڪري پنهنجي يار کي قبلو ۽ ڪعبو به چيو وڃي.
    اسان پڙهندے هون اسان جهڪندے هون، ساڏا ڪعبه قرآن محمدﷺ هے،
    مينون قسم هے مولا دي يارو، اِنھ جڳ دي جان محمدﷺ هے.

    مطلب ته عشقِ حقيقيءَ جو رنگ ئي انوکو آهي ڇوته عاشقِ صادق هر وقت پنهنجي محبوبﷺ کي ئي طلبي ٿو. اهڙي طرح ڀٽ جي گهوٽ به پنهنجي عشق جو اظهار ڪندي فرمائي ٿو ته.
    ماڻهوگهرن مال آئون سڀ ڏينهن گهران سپرين،
    دنيا تنهن دوست تان فدا ڪيان في الحال،
    ڪيس نام نهال پسڻ تان پري رهيو.

    ڀاءُ تمام سٺو شاعر هوندي به پنهنجي پاڻ کي سُخن وَر شاعر ۽ ماهر نٿو چورائي. جيئن چيو اٿس:
    “وسيم” کي سُخنوَر ڪو شاعر نه سمجهو،
    سياڻو دنيا ۾ ڪو ماهر نه سمجهو،
    “فقير” کي فخر ناز بس ايترو آ،
    خدا نوڪري ڇا لڳائي ڇڏي آ.

    فقير پنهنجي خيالن ۾ جيڪي پنهنجي محبوب جي ثناءَ جا گل پوکيا اهي اڄ خوشبودار ٿي ڪري، حمدن، نعتن ۽ مولودن جي صورت ۾ اوهان عشاقن جي هٿن ۾ آهن. هي اهي گل آهن جيڪي ڪڏهن سُڪي ۽ مُرجهائجي نه ٿا سگهن ۽ انهن گلن جي خوشبوءَ مان پاڻ به سُڪون حاصل ڪيو ۽ پنهنجن ٻارن ۽ ٻچڙن کي به پنهنجي محبوب جي ثناءَ جا گل هٿن ۾ ڏيئي ڪري پنهنجي دلين ۽ گهرن کي خوشبودار بنايو. آخر ۾ هن عاجز جي فقير جي لاءِ دعا آهي ته الله تبارڪ وتعاليٰﷻ سندس زبان ۽ زندگي ۾ برڪت عطا فرمائي ته جيئن پنهنجي عشق ۽ محبت واري شاعري جي ذريعي عشاقن جي عشق ۽ محبت ۾ اضافو ڪندو رهي ۽ سنڌ وارن جي دلين کي سٻاجهي سنڌي ٻولي ۾ مولود ۽ نعتون ٺاهي، ڳائي پرين جي پيچري لڳائي.
    شل خدا تعاليٰﷻ ڀاءُ وسيم احمد جي هن سعي جميل کي پنهنجي بارگاهِ اقدس ۾ قبوليت جو شرف بخشي ۽ سندس واسطي بخشش جو باعث بڻائي.

    (آمِّيۡنَ بـِجَاهِ النَّبِـيِّ الۡاَمِيۡنَ)

    عاجز فقير
    محفوظ علي نظاماڻي طاهري
    ڳوٺ گهلپور(II)، ٽنڊوغلام علي، ضلع بدين
    30-04-2017
    Cell: 0301-5506225


    عاجزانه گذارش

    اَلۡحَمۡدِ لِلهِ رَبِّ الۡعٰلَمِيۡنَ وَالۡعَاقِبَةُ لِلۡمُتَّقِيۡنَ وَالصَّلوٰةُ والسَّلَامُ عَليٰ سَيِّدِ الۡاَنۡبِيَآءِ وَالۡمُرۡسَلِيۡنَ وَعَليٰ اٰلِهِ الطَّيِّبِيۡنَ الطَّاهِرِيۡنَ وَاَصۡحَابِهِ الۡهَادِيۡنَ الۡمَهۡدِيِّيۡنَ وَصُلَحَآءِ مِلَّتهٖ اَجۡمَعيۡنَ.
    بِسۡمِ اللهِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡمِ •ط
    هزار بار بشويم دهن زمشڪ وگلاب،
    ڪه نامِ تو گفتن ڪمالِ بي ادبي است.
    مذڪوره بالا شعر جي الفاظن ۾ عاشقِ صادق ڪيڏي نه ادب و احترام واري ڳالهه دهرائي آ، ته اي حبيبِ خداﷺ تنهنجو شان ڪيڏو نه بي بيان آ، ٻي شانِ ڪريمي جي ڳالهه ته الڳ آ، پر منهنجا حبيب مٺاﷺ تنهنجي صرف اسم پاڪ جو اهو شان آ، جو پنهنجي زبان کي هزارين ڀيرا دنيا جي مشڪ و عنبر سان ڌوئان تڏهن به توهان جي اسم پاڪ جي وٺڻ جو لائق نٿو سمجهان.
    هي آهن ان محبوبِ خداﷺ جي انهن عاشقن جا خيالات، جنهن حبيبِ ڪبريآءِﷺ جي اسم پاڪ جو اهو شان آ، جو سندن جي اسم پاڪ جي ادب ڪرڻ ۽ محبت سان چمڻ جي ڪري حضرت موسيٰ جي امّتيءَ جي سڄي زندگيءَ جا گناهه معاف ٿيو وڃن. سبحان اللهﷻ
    سڄي جهان جي دريائن ۽ سمنڊ جي پاڻي کي مس ۽ سڄي جهان جي وڻن کي قلم بنائي تعريفِ حبيبِ خداﷺ لکي وڃي ته سمنڊن ۽ دريائن جو پاڻي ۽ جهان جا وڻ کٽي وڃن پر محبوبِ ربِّ العٰلمينﷺ جو شان اڻ کٽ آهي. محبتِ رسول عليه التحية والتسليم ۽ نعت مصطفيٰﷺ جي نه ابتداء جي ۽ نه وري انتها جي ڪو علم و خبر ۽ پهچ رکي ٿو ۽ نه وري اصليت و حقيقتِ مصطفيٰ ڪريم جي ڪو خبر رکي ٿو. ڇوته هر تخليق خداﷻ جي آهي جنهن کي خداﷻ خلقيو آ، اهوئي تخليقن جو مالڪ پاڻ حبيب جي صفت، ثناء بيان ڪندي فرمائي ٿو:
    هُوَ الۡاَوَّلُ وَالۡاٰخِرُ وَالظَّاهِرُ وَالۡبَاطِنُ .
    قلندرِ لاهوري[ اظهار ٿو ڪري:
    نگاهِ عشق و مستی میں وہی اوّل وہی آخر،
    وہی قرآن وہی فرقان وہی یٰسین وہی طٰهٰ۔
    ها عاشقانِ رسول سنّتِ خداونديﷻ کي ادا ڪندي هر دؤر ۾ پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪندا رهيا آهن. ڪڏهن حضرت صديق اڪبر! عقيدت جا گل نڇاور ٿو فرمائي:
    يَا عَيۡنُ فَابۡکيٰ وَلَاتَسَامِيۡ.
    وَحَقِّ الۡبُکَآءِ عَلَي السَيِّدٖ.

    تون اي اک! خوب روءَ، هاڻ هي ڳوڙها نه رڪجن، قسم آهي سهڻي سردار تي روئڻ جي حق جي.
    عَليٰ خَيۡرِ خِنۡدَف” عِنۡدَ الۡبَلآ.
    اَمۡسيٰ يُغَيَّبُ فِيۡ الۡمَلۡحَدٖ.

    خندف جي بهترين فرزند پر ڳوڙها وهاءِ، جيڪو غم والم جي هجوم ۾ سرِ شام گوشئه عافيت ۾ ڍڪيو ويو.
    فَصَلَّي الۡـمَلِـيۡکُ وَلِيُّ الۡعِبَا.
    دِوَرَبُّ الۡعِبَادِ عَليٰ اَحۡـمَدٖ.

    مالک الملڪ بادشاه عالم، ٻانهن جي والي، ۽ پروردگار احمد مجتبيٰ تي سلام ۽ رحمت موڪلي.
    فَکَـيۡفَ الۡـحَيَاةُ لِفَقۡدَ الۡـحَبِيۡبِ.
    وَزَيۡنِ اَلۡـمَعَاشِرِ فِي الۡـمَشۡهَدٖ.

    هاڻ ڪهڙي زندگي، جو حبيب ئي وڇڙي ويو، ۽ اهو نه رهيو جيڪو زينت بخشيندڙ هڪ عالم هيو.


    فَلَـيۡتَ الۡـمَمَاتَ لَــنَا کُلَّــنَا.
    فَکُـنَّا جَـمِيۡعًا مَعَ الۡـمَهۡتَدِيۡ.

    ڪاش! موت اچي ها ته اسان سڀني کي گڏئي اچي ها، آخر اسين سڀ هن زندگيءَ ۾ به گڏ هياسين.
    ڊاڪٽر نور محمّد ربّاني (مقيم مدينه منوره) ڪشف العرفان، ص (31_43)
    ڪڏهن حضرت عمر فاروق! پنهنجي دل جي ٺار کي ياد ڪندي فرمائي ٿو:
    اَلَمۡ تَرَ اَنَّ اللهَ اَظۡهَـرَ دَيۡـنَهٗ.
    عَليٰ کُلِّ دِيۡنٍ قَـبۡلَ ذٰلِکَ حَائِدٖ
    .
    ڇا نه ڏٺو تو ته اللهﷻ پنهنجي دين کي غالب ڪري ڇڏيو، هر ان دين تي جيڪو ان کان پهرين هيو حق کان ڦريل.
    وَاَسۡلَـبَهٗ مِنۡ اَهۡلِ مَکَّةَ بَـعۡدَ مَا.
    تَدَ اعَـوۡا اِليٰ اَمۡرٍ مِنَ الۡـغَيِّ فَاسِدٖ.

    ۽ الله مڪي وارن کي محروم ڪيو حضور ﷺکان جڏهن، انهن گمراهي جي خيال فاسد يعني شهيد ڪرڻ تي سندرو ٻڌو.
    غَدَاةَ اَجَالَ الۡـخَيۡلُ فـِيۡ عَرَصَاتِهَا.
    مُسَوَّمَةً بَيۡنَ الزُّبَيۡرِ وَخَالِدٖ.

    پوءِ اهو صبح، جڏهن گهوڙا ان جي ميدانن ۾ نرا ڏيکارڻ لڳا، جن جا واڳ ننڍي هوندا هيا، زبير و خالد جي درميان.
    فَاَمۡسيٰ رَسُوۡلُ اللهِ قَدۡ عَزَّزَ نَصۡرُهٗ.
    وَاَمۡسيٰ عَدَاهُ مِنۡ قَتِيۡلٍ وَّشَارِهٖ.

    پوءِ رسول اللهﷺ کي الله ﷻجي نصرت غلبو بخشيو، ۽ سندن جا دشمن قتل ٿيا ۽ شڪست کائي ڀڳا.
    ڪڏهن حضرت عثمان غني ذوالنورين! پنهنجي حبيبﷺ جي فراق ۾ اکين جي ڳوڙهن سان گڏ پنهنجي مٺڙي زبان مان موتين جا مالها جڙي رهيا آهن:
    وَحَقُّ الۡبُکَآءُ عَلَي السَيِّدٖ.
    فَيَا عَـيۡنِيۡ اَبۡکيٰ وَلَاتَسَامِـيۡ.

    پنهنجي سردار تي ڳوڙها وهائڻ ته لازم ٿي چڪو، ته اي منهنجي اک ڳوڙها وهاءِ ۽ نه ٿڪج.
    ڪڏهن حضرت علي شير خدا! سراپا نور و هدايت نبيﷺ کي ياد ڪندي ۽ حضرت بلال! جي اذان جي آواز ٻُڌڻ تي محبت و عشق جي ڪيف و مستي ۾ فرمائن ٿا:
    وَکَانَ لَـــنَا کَالۡـحِصۡنِ مِنۡ دُوۡنِ اَهۡلِهٖ.
    لَهٗ مَـعۡـقِلٌ حِرۡزٌ حَرِيۡزٌ مِنَ الرَّويٰ.

    رسول اللهﷺ اسان لاءِ هڪ مضبوط قلعو هيا جو هر دشمن، کان پناه ۽ حفاظت حاصل هوندي هئي.
    وَکُنَّا بِمَرۡاٰهُ نَـرَي النـُّوۡرَ وَالۡـهُديٰ.
    صَبَاحًا مَسَاءً رَاحَ فِـيۡنَا اَوِاغۡـتَديٰ.

    اسين جڏهن سندن کي ڏسندا هئاسين ته سراپا نورو هدايت هئا، صبح وشام جڏهن پاڻ اسان ۾ گهمندا ڦرندا هئا يا صبح جو گهرمان تشريف ٿيندا هئا.
    وَفـِي کُلِّ وَقۡتٍ لِلـصَّلوٰةِ يَهِيۡجُهٗ.
    بِلَالٌ وَّيَدۡعُوۡا بِاِسۡـمِهٖ کُـلَّمَا دَعَا.

    ۽ هر نماز جي وقت حضرت بلال! هڪ نئين ڪيفيت پيدا ڪريو ڇڏي، جڏهن اهو سندن جو اسم مبارڪ وٺي پڪاري ٿو.
    ڪٿي حضرت امّان فاطمة الزهريٰiپنهنجي مٺڙي بابا کي ياد ڪندي فرمائن ٿيون:
    مَاذَا عَلـيٰ مَنۡ شَمَّ تُـرۡبَةَ اَحۡـمَدٖ.
    اَلَّا يَشُمَّ مُدَي الزَّمَانِ غَوَالِيَا.

    جنهن هڪ ڀيري به خاڪپاءِ مصطفيٰﷺ سونگهي ورتو، ڪهڙي تعجب جي ڳالهه آهي جيڪڏهن هو پوري عمر ڪوبه ٻيو خوشبوءِ نه سونگهي.
    صُبَّتۡ عَلَـيَّ مَصَائِبُ لَوۡ اَنَّـهَا.
    صُبَّتۡ عَلَـي الۡاَيَّامِ عُدۡنَ لَيَالِيَا.

    (حضورﷺجي جدائي ۾) اهي مصيبتون مون تي ٽٽيون آهن، هي مصيبتون ڏينهن تي ٽٽن ها ته ڏينهن راتين ۾ تبديل ٿي وڃن ها.
    يَا خَاتَمَ الرَّسُلِ الۡـمُبَارَکِ صِنۡوَةً.
    صَلّٰي عَلَـيۡکَ مُنَزِّلُ الۡقُـرۡاٰنٖ.

    اي آخري رسولﷺ توهان تي برڪت و سعادت جي وسڪار آهي، توهان تي ته قرآن نازل ڪرڻ واري به درود موڪليو آهي.
    ڪٿي حضرت امّان عائشه صديقهiپنهنجي سرتاج جي ثناءَ خواني ڪندي عقيدت جا گل پيش فرمائي ٿي:
    مَتيٰ يَــبۡدُ فـِي الدَّاجِي الۡبِهَـيۡمِ جَبِـيۡـنُهٗ.
    يَلُـحۡ مِثۡلَ مِصۡبَاحِ الدُّجَي الۡـمُتَوَقَّدٖ.

    اونداهي رات ۾ سندن جي پيشاني نظر اچي ٿي، ته ايئن چمڪي ٿي جيئن روشن ڏيئو.
    فَمَنۡ کَانَ اَوۡ مَنۡ قَدۡ يَکُـوۡنُ کَاَحۡـمَدٖ.
    نِظَامٌ لّـِحَـقٍّ اَوۡ نَکَالٌ لّـِمُلۡحَدٖ.

    احمد مجتبيٰﷺ جهڙو ڪير هيو ۽ ڪير ٿيندو؟ حق جو نظام قائم ڪرڻ وارو ۽ ملحدن کي سراپا عبرت بنائڻ وارو.
    ڇا حبيب ڪبريآء سان محبت و عقيدت جو حق صرف وڏي عمر وارن جو آهي يا ننڍي عمر وارن جو به؟ ڇا حبيب ڪبريآ تي صرف وڏي عمر وارن ايمان آندو يا ننڍي عمر وارن به؟
    ها، ها عزيزو! دوستو! محبوب خدا ﷺ جا عاشقؤ ۽ ديوانؤ!
    جتي سيدنا صديق اڪبر!، سيدنا عمر فاروق!، سيدنا عثمان غني! پنهنجي جان و مال ۽ وطن يعني سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو، اتي سيدنا حيدر ڪرار! به صغير سنّي ۾ قربانيون ڏيڻ لاءِ فدا ٿي ويا.
    جتي غلامن ۾ حضرت بلال! جهڙا عاشق به سختيون سهڻ لاءِ سندرا ٻَڌن ٿا، حضرت سلمان فارسي! جهڙا دلبر به سفر جا ڪشالا ڪڍڻ کان پوءِ غلامي به قبول ڪري محبوب ڪريمﷺ جي اچڻ جون آسون رکي، ديدار جون سِڪون لاهڻ لاءِ انتظار ڪن ٿا ۽ ٻانهڙيون صحابياڻيون به سر قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿيون، ته اتي معاذ ۽ مُعوّذt جهڙا معصوم ڀائر به محبوب ڪريمﷺ جي بي ادب دشمن ابو جهل سان دوبدو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا بلڪه هن امّت جي فرعون کي واصل جهنّم ڪيائون، پنهنجي گهر جا سڀ ڀاتي قربان ٿيندي ٻڌي به مٺڙي محبوب نبيﷺ جي سلامت هجڻ جي آرزو رکندڙ صحابياڻيون به هيون، يتيمن جي والي ۽ مسڪينن جي غمخوار نبيﷺ جي خدمت ۾ يتيم ڀائر پنهنجي زمين مسجد نبوي جي تعمير ۾ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا.
    اي محبوب مدنيءَﷺ جا عاشقؤ، ديوانؤ ۽ ثناءَ خوانؤ!
    توهان کي مبارڪون هجن جو توهان ڪنهن دنيا جي ايري غيري جا نه بلڪه رحمة اللعالمين نبي، محبوبِ ربّ العالمينﷺ جا عاشق، ثناءَ خوان آهيو.
    جڏهن حضرت شرف الدين بوصيري&پنهنجي علالت ۾ دنيا جي بادشاهن ۽ طبيبن ۽ حڪيمن کان نااميد ٿي ڪري، هر هڪ جون اميدون پوريون ڪرڻ واري ۽ پنهنجي در تان ڪنهن کي خالي نه موٽائڻ واري محبوب، مديني جي ميرﷺ کي سڏڙا ٿو ڪري ته، سندن جو سڏ قبول ڪري شافع يوم النشورﷺ تشريف فرما ٿين ٿا ۽ دنيا جي صحت سان گڏ ناموري، ناماچاري ۽ پنهنجي غلاميءَ ۾ قبوليت جو شرف به عطا فرمائن ٿا.
    حضرت امير حمزه بن عبدالمطلب بن هاشم! محبوب ڪريمﷺ جي ديوانن ۾ پنهنجو اسم مبارڪ سنهري ورقن ۾ ڳڻائيندي ۽ سندن جا احسان مڃيندي فرمائن ٿا:
    حَـمِدۡتُ اللهَ حِيۡنَ فُؤَادِيۡ.
    اِلَي الۡاِسۡلَامِ وَالدِّيۡنِ الۡـمُنِـيۡفٖ.

    مون خدا جو شڪر ادا ڪيو جڏهن ان منهنجي دل کي، اسلام ۽ بلند ترين دين جي توفيق بخشي.
    لِدِيۡن ٍ جَآءَ مِنۡ رَّبِّ عَزِيۡزٍ.
    خَبِيۡر ٍ بِالۡعِبَادِ بِهِمۡ لَطِـيۡفٖ.

    ان دين جي جيڪو عظمت و عزت واري پروردگار جي طرفان آيو آهي. جيڪو ٻانهن جي سڀني حسابن کان باخبر ۽ انهن تي وڏو مهربان آهي.
    وَاَحۡـمَدُ مُصۡطَفَيَ فِـيۡـنَا مُطَاعًا.
    فَلَا تَـفۡشُوۡهُ بِالۡقَـوۡلِ الۡعَنِيۡفٖ.

    ۽ احمد اسان ۾ برگزيده آهن جن جي اطاعت ڪئي وڃي ٿي، لهٰذا توهان سندن جي سامهون نه وڻندڙ لفظ به زبان مان نه ڪڍجؤ.
    فَلَا وَاللهِ نُسۡلِمُهٗ لِقَوۡم.
    وَلَـمَّا نَقۡضِ فِيۡهِمۡ بِالسُّيُـوۡفٖ.

    ته خداﷻ جو قسم اسين سندن کي ان قوم جي حوالي ڪڏهن نه ڪنداسين، جن جي باري ۾ اسان اڃان تائين تلوارن سان فيصلو نه ڪيو آهي.
    حضرت عباس بن عبدالمطلب! محبوب ڪريمﷺ جي اوّليت، محبوبيت ۽ اعجازيّت جو اظهار ڪندي محبوب ڪريمﷺجي تشريف آوريءَ يعني ميلاد جو تذڪرو ڪندي نورانيتِ مصطفيٰﷺ جو ثبوت عاشقانِ صادق کي مهيا ڪن ٿا:
    مِنۡ قَـبۡلِـهَا طِــبۡتَ فـِيۡ الظِّلَالِ وَ فـِيۡ.
    مُسۡتَـوۡدِعٌ حَيۡثُ يُـخۡـصَفُ الۡوَرَقٗ.
    توهان ان کان پهرين سايه خاص ۾ بسر ڪري رهيا هيا ۽، ان منزلِ محفوظ ۾ هيا جتي پنن سان بدن ڍڪيو ويو.
    ثُمَّ هَبَـطۡتَّ الۡبِلَادَ وَلَا بَشَرٌ.
    اَنۡتَ وَلَامُضۡغَةٌ وَّلَا عَلَقٗ.

    پوءِ توهان ڳوٺ ۾ لٿا، پر نه ته توهان اڃان بشر هيؤ، نه گوشت پوست ۽ نه رت جو دڳ.
    بَلۡ نُــطۡـفَةٌ تَـرۡکَبُ السَّفِيۡنَ وَقَدۡ.
    اَلۡـجَمَ نَسۡرًا وَ اَهۡلُهُ الۡـغَرِقٗ.

    بلڪه اهو آب صافي، جيڪو ٻيڙين تي سوار هيو، جڏهن سيلاب جون موجون چوٽي کي ڇُهي رهيون هيون ۽ ماڻهو ٻڏي رهيا هيا.
    تُــنۡـقَلُ مِنۡ صَالِبِ اِليٰ رِحَمِ.
    اِذَا مَضيٰ عَالَمٌ بَدَا طَـبَـقٗ.

    منتقل ٿيندو رهيو صُلب مان رحم جي طرف، پوءِ جڏهن هڪ عالم گذري چڪو مرتبه حال جو ظُهور ٿيو.
    وَرَدۡتَ نَارَالۡـخَلِـيۡلِ مُکۡـتَــتـِـمًا.
    فِـيۡ صُلۡبِهٖ اَنۡتَ کَـيۡفَ يَـحۡتَرِقٗ.

    توهان آتش خليل لٿا، ڳجهي طرح، توهان سندن جي صُلب ۾ هيا ته اهي ڪيئن سڙن ها.
    حَتَّي ا حۡتَويٰ بَـيۡتُکَ الۡـمُهَـيـۡمِنۡ مِنۡ.
    خِنۡدَفِ عَلۡيَاءَ تَـحۡتَـهَا الـنُّـطُـقٗ.

    ايستائين جو توهان جو محافظ اهو صاحبِ شوڪت گهراڻو ٿيو جو، خندف جهڙي رفيع المرتبت خاتون جو آهي جنهن جو دامن زمين تي پهچندو هيو.
    وَاَنۡتَ لَـمَّا وُلِدۡتَّ اَشۡرَقَتِ الۡاَرۡضُ.
    وَضَائَتۡ بِنُـوۡرِکَ الۡاُفُقٗ.

    ۽ توهان جڏهن پيدا ٿيا ته چمڪي اُٿيو زمين، ۽ روشن ٿي ويا آفاقِ سماوي توهان جي نور سان.
    فَـنَـحۡنُ فـِيۡ ذَالِکَ الضِّيَآءِ وَفـِيۡ النُّـوۡرِ.
    وَسُبُلَ الرَّشَادِ نَـخۡتَرِقٗ.

    ته هاڻ اسين ان روشني ۽ ان نور ۾ آهيون، ۽ هدايت و استقامت جون راهون ڪڍي رهيا آهيون.
    ها، اي مٺا حضرت حسان بن ثابت!! عاشقانِ محبوب جا سردار، نعت خوانن جا سرواڻ، ڇا ته تنهنجي محبت و الفت آ، ڇا ته تنهنجي محبوب جي در تي قبوليت آ، جو محبوب پاڻ پنهنجي مزّمّل واري چادر عطا فرمائي شرف قبوليت عطا فرمائن ٿا ۽ نعت خوانن جي سرداريءَ جو منبر عطا فرمائن ٿا. سُبۡحَانَ اللهِﷻ :
    اَلصُّبۡحُ بَدَا مِنۡ طَلۡـعَـتِهٖ.
    وَالَّـيۡلُ دَجيٰ مِنۡ وَّفۡرَتِهٖ.

    صبح (روشني)ظاهر ٿي سندن جي پيشاني مان، ۽ رات ٿي سندن جي زلفن سان.
    فَاقَ الرُّسُلَا فَـضۡلًا وَّ عُلَا.
    اَهۡلَاي السُبُلَا لِدَلَالَتِهٖ.

    پاڻ اڳ وٺي ويا سڀني پيغمبرن تي بزرگي ۽ بلنديءَ ۾، دين جا سڀ رستا روشن ٿي ويا سندن جي رهنمائي سان.
    کَنۡزُالۡکَرَمٖ مَـوۡلَي النِّـعَمٖ.
    هَادِي الۡاُمَمِ لِشَرِيۡعَتِهٖ.

    پاڻ بخشِش جي خزانن ۽ رحمت جا مالڪ آهن، تمام امتن کي راه هدايت ڏيکارڻ وارا پنهنجي شريعت جي ذريعي.
    اَزۡکَي النَّسَبِ اَعۡلَي الۡـحَسَبٖ.
    کُلُّ الۡـعَرَبِ فـِيۡ خِدۡمَتِهٖ.

    گهڻو پاڪيزه نسب وارا اعليٰ خاندان وارا، تمام عرب (ڪل جهان) سندن جي خدمت ۾ آهن.
    جِبۡرِيۡلُ اَتٰي لَـيۡلَةَ اَسۡرٰي.
    وَالرَّبُّ دَعٰي لِـحَـضۡرَتِهٖ.

    جبريل عليه السلام آيا معراج جي رات سندن وٽ، ۽ الله تعاليٰﷻ سڏايو سندن کي پنهنجي سامهون.
    ڇا شان آ عاشقان محبوب ۽ نعت خوانانِ محبوب جو، قربان وڃان انهن جي مٺڙن ٻولن، شيرين لهجن، سٺن ۽ پاڪيزه خيالن، وڻندڙ ۽ مسحور ڪندڙ پيغامن ۽ جود وسخا ۽ بخشش وعطا جي اميدن ڀريئي آرزوئن تان.
    حضرت ڪعب بن زهير! به محبوب جي سامهون حاضر ٿي ڪري پنهنجو سڀ ڪجهه سندنﷺ جي مٿان قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا:
    فَقَدۡ اَتَـيۡتُ رَسُوۡلَ اللهِ مُعۡتَذِرًا.
    وَالۡعَفۡوُ عِنۡدَ رَسُوۡلِ اللهِ مَقۡبُـوۡلٗ.

    مان اللهﷻ جي رسولﷺ جي خدمت ۾ عذرخواه ٿي ڪري پهتس، ۽ معافي ۽ درگذر ته اللهﷻ جي رسولﷺ وٽ پسنديده آهي.
    لَـقَدۡ اَقُـوۡمُ مَقَامًا لَـوۡ يَقُـوۡمُ بِهٖ.
    اَرٰي وَ اَسۡـمـَعُ مَا لَـوۡ يَسۡمَعُ الۡفِيۡلٗ.

    مان ان مقام تي بيٺل هيس جو جيڪڏهن اتي هاٿي به، بيٺل هجي ها ۽ هاٿي اهو ڏسي ها ۽ ٻڌي ها جيڪو مان ڏسي ۽ ٻڌي رهيو هيس.
    لَـظَلَّ يَـرۡعَدُ اِلَّا اَنۡ يَّکُـوۡنَ لَهٗ.
    مِنَ الرَّسُوۡلِ بِاِذۡنِ اللهِ تَــنۡوِيۡلٗ.

    ته يقينن ڏڪڻ لڳي ها جيڪڏهن اللهﷻ جي حڪم سان، رسول اللهﷺ جي طرفان جود و سخا ۽ بخشش و عطا نه هجي ها.
    پر، قربان وڃان حضرت عبدالله بن رواحه! جي شان تان جو پاڻ محبوب ڪريمﷺجي در تي قربان ٿيڻ لاءِ جيڪي گفتا زبانِ مبارڪ مان اچارين ٿا اهي سچ به ڪري ڏيکارين ٿا. سُبۡحَانَ اللهِﷻ
    رُوۡحِي الۡفِدَاءُ لـِمَنۡ اَخۡلَاقَهٗ شَهِدَتۡ.
    بِاَنَّهٗ خَيۡرُ مَـوۡلُـوۡدٍ مِنَ الۡـبَشَرٖ.

    منهنجي جان انهن تي فدا جن جا اخلاق شاهد آهن، ته اهي بني نوع انسان ۾ افضل ترين آهن.
    عَمَّتۡ فَضَائِلُهٗ کُلَّ الۡعِبَادِ کَمَا.
    عَمَّ الۡبَرِيَّةَ ضَوۡءُ الشَّمۡسِ وَالۡقَمَرٖ.

    انهن جا فضائل بلا امتياز سڀني ٻانهن لاءِ عام آهن، جيئن سج ۽ چنڊ پوري مخلوق لاءِ عام آهن.
    لَـوۡ لَمۡ يَکُـنۡ فِـيۡهِ اٰيَاتٌ مُّـبَـيّـِنَةٌ.
    کَانَتۡ بَدِيۡهـَتُهٗ عَنِ الۡـخَيۡرٖ.

    جيڪڏهن انهن جي صداقت تي مهر ثبت ڪرڻ واريون نشانيون نه هجن ها، ته خود انهن جي واضح شخصيّت انهن جي صداقت لاءِ ڪافي هئي.
    حضرت امام علي سجاد (المعروف) زين العابدين بن حسين! به محبوب ڪريمﷺ جن جي دربارِ عاليشان ۾ سلام جا نذرانه پيش ڪندي بادِ صبا کي پيغام رسان بنائيندي عرضگذار ٿين ٿا:
    اِنۡ نِلۡتَ يَا رَوۡحَ الصَّبَا يَـوۡمًا اِلٰي اَرۡضِ الۡـحَرَمٖ.
    بَـلِّـغۡ سَلَامِيۡ رَوۡضَةً فِيۡهَا النَّبِي‌ُّ الۡـمُحۡتَـرَمٖ.

    اي باد صبا! جيڪڏهن تنهنجو گذر سرزمينِ حرم تائين هجي، ته منهنجو سلام ان روضي کي پهچاءِ جنهن ۾ نبي محترمﷺ تشريف فرماءِ آهن.
    مَنۡ وَّجۡهُهٗ شَمۡسُ الضُّحٰي مَنۡ خَدُّهٗ بَدۡرُ الدُّجٰي.
    مَنۡ ذَاتُهٗ نُـوۡرُ الۡـهُدٰي مَنۡ کَفَّهٗ بَـحۡرُ الۡهِمَمۡ.

    اهو جنهن جو چهره انور مهر نيمروز آهي ۽ جن جي رخسارِ تابان ماه ڪامل، جن جي ذات نُورِ هدايت آهي، جن جو هٿ مبارڪ سخاوت ۾ درياءَ.
    اَکۡبَادُنَا مَـجۡرُوۡحَةٌ مِنۡ سَيۡفِ هِجۡرِ الۡـمُصۡطَفٰي.
    طُـوۡبـٰي لِاَهۡلِ بَلۡدَةٍ فِيۡهَا النَّبِيُّ الۡـمُحۡتَـشَمۡ.

    اسان جا جگر زخمي آهن فراق مصطفيٰ ﷺجي تلوار سان، خوشنصيبي ان شهر جي ماڻهن جي آهي جنهن ۾ نبي محتشمﷺ آهن.
    ثناءَ خوانانِ رسول اللهﷺ جي اها خوشنصيبي آهي جو چئن يارن، پنجتن پاڪ، اهل بيت عظام، صحابه ڪرام، تابعين ۽ تبع تابعين حضرات عليهم الرضوان محبوب مٺي جي ثناءَ خواني ڪري، سندن کي حق اليقين کان عين اليقين جي حد تائين، قبوليتِ بارگاهِ اِلٰهيﷻ و درِ مصطفويﷺ جو تصديق نامو عطا فرمايو آهي. مان قرب وسڪ مان ۽ دل جي گهراين سان مبارڪ باد ڏيندس گيهلپور(ii) نظاماڻي ڳوٺ وارن کي جو اتان عالمن ۽ حافظن سان گڏ هاڻ مستقبل جا معمار ثناءَ خوانانِ رحمة اللعالمينﷺ به ربّﷻ جي عطا سان پيدا ٿيندا. انشاءَ اللهﷻ!

    گيهلپوريؤَ! ڪيڏي نه خوشنصيبي آهي توهان جي، جو حضرت زين العابدين! جي نقش قدم جي پيروي ۾ گيهلپور(ii) مان به بادِ صبا ۾ اڏامندڙ پيغام رسان پکي لاءِ صدا نڪتي:
    پکي پيغام منهنجي کي، کڻي وڃ تون مديني ڏي.
    ادب سان پار ڏانهن پرڙا، هڻي وڃ تون مديني ڏي،
    حضرت بلال سهڻي! جي پاڪ خيالات جي ترجماني ٿيندي آواز آيو:

    هر هر بلال! آکهے، ٻڌدا رَهيا زمانا،
    ڏيوو جسم کوں با هیں، آقا اندر اندر وچ.


    جرّئت و همٿِ بلالي! جي للڪار گونجي:
    ڪافرن قهر پي ڪيا، چميو بلال! چوي،
    ظلم ڇا زهر ڪندا، جنهن تي هٿ “محمدﷺ” جو،


    تنهن کي تڪليف نه، تڪليف رسائي ٿي سگهي،
    درد ٿي پئي ٿو دوا، جنهن تي هٿ “محمدﷺ” جو،

    شال! هردم ربّ ڪريمﷻ جي رحمت جي وسڪار ۾ هجؤ ! ۽ ان رحمت مان فيضياب ٿيندا رهو!
    هٿ دعا جا کڻي مالڪ ومختار، لطيف و ڪريم ربّﷻ جي دربار ۾ دعا آهي مولاءِ ڪريمﷻ اسان جي هن عزيز کي اڃان وڌيڪ دل ۾ چاهتِ مصطفيٰﷺ، اکين ۾ ديدِ مصطفيٰﷺ ذهن ۾ فيض مصطفيٰﷺ، هٿن ۾ رضاءِ مصطفيٰﷺ، سوچ ۾ يادِ مصطفيٰﷺ، زبان ۾ ثناءِ مصطفيٰﷺ عطا فرمائي. آمين!
    آخر ۾ هي فقير و حقير پنهنجي ڪم علمي تي نظر رکندي صرف اهو عرض ٿو ڪري ته محبوب ڪريمﷺ جي عاشقن جو مثال ان قيمتي مالها جي مثل آهي جنهن جو هر موتي قيمتي، خوبصورت، وڻندڙ، دلين کي قيدِ محبت ۾ جڪڙيندڙ آهي. مان عاجز ڪهڙا، ڪهڙن جا ڳڻ ڳڻايان صرف ايترو عرض ڪندس ته ادي وسيم احمد ٽالپر کي مبارڪون هجن جو ربّ مٺڙي سندس کي ثناءَ خوانانِ محبوب ڪريمﷺ جي لسٽ ۾ شامل ٿيڻ جي جستجو ڪندڙ بنايو آهي. شال مولاءِ ڪريمﷻ سندن جي اها اميد، جستجو، ڪاوش جاري وساري ۽ قائم رکي:
    آمِّين بِجَاهِ النَّبيِ الاُمِّيِّ صَلَّي اللهُ تَعَاليٰ عَلَيۡکَ وَسَلَّمَ.

    گداءِ مدينه
    مولوي محمّد رفيق بروهي طاهري
    سن، ضلع ڄامشورو، سنڌ.
    01-07-2017، ‏السبت‏، 06‏ شوال‏، 1438
    Cell: 0347-9469096


    پبلشر پاران

    تاريخ اسلام جا ورق اٿلائيندي ڏٺو وڃي ته انسانيت جي هدايت لاءِ ربّ العالمينﷻ طرفان هر هڪ قوم ۽ قبيلي ڏانهن هدايت ۽ حق جو پيغام کڻي اچڻ لاءِ هڪ ٻئي پٺيان لڳاتار ڪيترائي پيغمبر سڳورا آيا جن باربار سندن ٻنهي جهانن جي ڀلائي جو سبق سيکاريو پر سواءِ ڪجھه ٿورڙن انسانن جي باقي سمورا پنهنجي ضد ۽ وڏائي سبب اونداهيءَ جي درياھ ۾ غوطا کائيندا رهيا.
    جڏهن آخري دؤر آيو ته مالڪ مٺي پنهنجي سڀ کان پياري حبيبﷺ کي مبعوث فرمايو ۽ توڙي جو سندن هر قول ۽ فعل سراپا سچ هو پر پوءِ به کانئن پيغام جي سچائي لاءِ پنهنجو سچو ڪلام قرآن ڪريم نازل فرمايو ۽ الله پاڪﷻ جنهن سر زمين کي قرآن پاڪ جي نزول لاءِ منتخب فرمايو اها سرزمين اهڙن ماڻهن سان آباد هئي جتي رهڻ وارا شڪل ۽ صورت ۾ ته انسان هئا پر حقيقي طور انسانيت سان انهن جو پري جو واسطو به نه رهيو هو. ڪُفر ۽ شرڪ، فسق ۽ فجور، ظلم ۽ ستم، وحشت ۽ بربريّت، جهالت ۽ اڻ ڄاڻائي سان گڏ سڃائي ۽ مسڪيني، مطلب ته ڪو عيب يا گمراهي اهڙي نه هئي جيڪا انهن ۾ موجود نه هجي، پر سڄي دنيا ڏٺو ته صاحبِ قرآن، نبيءِ آخر زمانﷺ جي صحبت، محبت ۽ نوري نگاھ سان اهي ڇا مان ڇا ٿي ويا. ان ڪري ڏٺو وڃي ته اسان جي آقا حضور نبي ڪريمﷺ جن جو شان تمام بلند ۽ بالا آهي ۽ سندن شخصيت ته ساراھ جي لائق به آهي.
    ساراھ جنهن جي به ڪئي ويندي آهي ان جا ٻه (2) سبب آهن.
    1. جنهن جي ساراھ ڪئي ٿي وڃي اهو خوبيءَ، حُسن ۽ ڪمال جو صاحب آهي. پوءِ ڪنهن تي ان جي ڀلائي ذاتي احسان هجي يا نه.
    2. اهو محسن ۽ مهربان آهي. ان جي احسان کي ڏسي ساراھ ڪئي وڃي.
    جيڪي به ساراھ ڪندڙ ساراھ ڪن ٿا، انسان، جنّ، بهشتي حورون، غلمان، پکي ۽ مڇيون، چوپايا حيوان، وڻ، پٿر سڀ ان جي ذاتِ عالي صفات لاءِ آهن.
    جيڪڏهن ڪو پُٽ پنهنجي پيءُ جي ساراھ ٿو ڪري ته اها به حقيقت ۾ الله تعاليٰﷻ جي ساراھ آهي. اهڙي طرح سهڻي رسول اللهﷺ جن جي صفت ۽ ساراھ، ثناء ڪرڻ به حقيقت ۾ الله تعاليٰﷻ جي ساراھ آهي، ڇوته حبيب ڪريمﷺ کي ڏاج ڏيندڙ به پاڻ آهي.
    اِها حقيقت آهي ته حضور پاڪﷺ جن جي تعليم انسان کي خود شناس ۽ خدا شناس بنائي ٿي. سندن نور جي تجليّات سان دنيا ۽ عقبيٰ ٻئي چمڪيا آهن سندن رسالت واري فيض هر اڃايل جي اڃ ختم ڪئي، نه رڳو ايترو پر سندن هر پيغام عقل ۽ دانائيءَ کي جستجو جي لذّت بخشي قلب ۽ روح کي عشق توڙي محبت سان مالامال ڪري ٿو. حضور پاڪﷺ جن جي هدايت وارن سبقن اها ڄاڻ ڏني ته انسان جو پنهنجي خالقﷻ سان ڪهڙو تعلق ۽ مخلوق سان ڪهڙو برتاؤُ هجي. جيڪڏهن اهو حاڪم آهي ته ان جون ذميواريون ڪهڙيون آهن ۽ جيڪڏهن رعيت آهي ته ان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ۽ ان جا ڪهڙا فرائض آهن؟ جيڪڏهن دولتمند آهي ته سندس طرز عمل ڇا هجي؟ پر جيڪڏهن فقير ۽ محتاج آهي ته اهو ڪهڙي طرح وقار ۽ عزّت سان زندگي گذاري؟ ايتريقدر جو عبادات، سياسيات، معاشيات، اخلاقي نظام، دارين جي سعادت، دنيا جي برڪت، ڀلائي، عزّت ۽ آخرت ۾ عذاب کان نجات ۽ جنّت ۾ انعامن جي نوازش وغيره سڀ ڪجهه سيکاريائون.
    سرڪارِ دوعالمﷺ جي عظمت ۽ رفعت بيان ڪرڻ لاءِ هر مخلوق سان گڏ انسانن به مدح بيان ڪرڻ لاءِ رنڍاروڙيا آهن جنهن بابت مرشد شاھ عبداللطيف ڀٽائي[ فرمايو ته:
    محبت پائي من ۾ رنڍاروڙياجن،
    تن جو صرافن، اڻ توريو اگهائيو.
    ادا وسيم به پنهنجي پرينءَ سان پيار جو پيچ پائي عشق جو اظهار ڪيو آهي، جنهن جي اندر جا آلاپ اکرن مان لفظن ۽ لفظن مان جملن جو منظوم سٽاءُ بڻجي شعرن جي شڪل ۾ اوهان جي آڏو آهن.
    سندس شعرن ۾ عقيدت جي پختگي، ڏات ۽ ڏاهپ جا گوهر، محبت جي مايا جون موجون ڇرَ ۾ ڇوليون هڻندي نظر اچن ٿيون. اميد ته ان سڪ ڀرئي ساگرمان مون جهڙا سائل ۽ سڌڙيا ضرور سيراب ٿيندا ۽ اندر جي اُڃ اجهائيندا.
    هن ڪتاب جي سنوار ۽ ٽيڪنيڪل سُڌار جي خدمت سان گڏ ڇپائيءَ جو اعزاز حاصل ٿيڻ تي تخليقڪار جو نهايت ٿورائتو آهيان. ڪنهن به قسم جي غلطي نظر اچي ته اصلاح جو اميدوار رهندس.


    محتاجِ دعا
    عاجز رحمت الله لاشاري
    باني، چيئرمين
    سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات)
    خطيب وامام جامع مسجد نورِمحمدي،
    ڳوٺ ڪَرن خان شورو، قاسم آباد، حيدرآباد
    6 جولاءِ، 2017ع، 11شوال المڪرم 1438ھ


    ترتيب

    حــمــد باري تعاليٰﷻ

    هوش تان حيرت حال ٿيوسے، ويکھ نظارا ربّﷻ دا،
    سڏ صداوان صاحب سڻدا، عرض اگهاوے سڀ دا،

    رنگ رزق دا عجب ڪيتوئي، جو جٿ وسدا، اُٿان ڏيتوئي،
    واپس گِهندَئي اجر نه ڪوئي، روز نڪي ڪنهن شب دا.

    سورج اڀرے،ذات ذڪر وچ، چنڊ ستارے، رات، ذڪر وچ،
    مقام، من، محلات ذڪر وچ، ذڪر ئي ڪوٽ قلب دا.

    ڪنهن نون حُسن، جمال، ڏيتوئي، ڪنهن نون ڪوجها حال، ڏيتوئي،
    ڪنهن نون خلقي خيال، ڏيتوئي، ڪنهن نون علم تاں اُڀ دا.

    موسيٰ نون ڪوھ طور، ڏيتوئي، وچ نيڻان دے، نور ڏيتوئي،
    هيڻياں نون حضور ڏيتوئي، جنهن مثل نه ڪوئي لڀ دا.

    “وسيم” نون ڪلمه پاڪ پڙهايئي، نال “محمدﷺ” انگ اڙايئي،
    ڇُڙاڪه جهيڙے، لوڪ لڙائي، ڏيتئي عشق عجب دا.


    هر جاءَ هلے برابر، حاڪم اَمُر اِلاهي،: حمد باري تعاليٰ ﷻ

    هر جاءَ هلے برابر، حاڪم اَمُر اِلاهي،
    اُنهدي عجيب قدرت، ڪيا ڪيا نه رنگ هے لائي،

    عرشاں تے انهدي قدرت، فرشاں تے اُنهدي قدرت،
    رازق هے رنگ ربّﷻ دا، رکهے خيال سڀ دا،
    انهدي سخا نرالي، سائل نه جاوے خالي،
    رحمت بڻا ڪڪر دي، رکهے او سُڌءَ بر دي،
    صحرا نوں جر ڏيتوني، پنچهي نوں پَر ڏيتوني،
    حاضر هوا فضا وچ، واحد تيڏي وڏائي،

    مادي بڻائے نر تو، جبل تے جهنگ جهر تو،
    سورج نوں روشنائي، بخشئي قمر سهائي،
    ستارے سڀ سفر وچ، رهندے تيڏے امر وچ،
    هر رنگ روپ دے وچ، سائے ۽ ڌوپ دے وچ،
    نروار نور تيڏا، ظاهر ظهور تيڏا،
    حيرت لڳــے نظر ڪوں، وھ واھ تيڏي خدائي.

    حيوان، جنّ، بشر سڀ، شمسُ، قمر، شجر سڀ،
    اوندے بهي تيڏے طرفون، ويندے بهي تيڏے طرفون،
    روح دي ھے خاڪ ماڙي، جهندي ڪونهي پڇاڙي،
    اول بهي توں هِي آخر، باطن بهي توں هِي ظاهر،
    مئيں زير توں زبر وچ، تون پاڪ مئيں تاں گر وچ،
    تيڪوں ھے سُڌءَ سموري، ميڪوں نه ڪَل ھے ڪائي.

    مئيں تاں جڏهاں بهي مُجهدا، تيڪوں هان ڪردا سجدا،
    ڪر ڏوھ ٿيم مئيں ڪالا، پر رحمت تيڏي ھے اعليٰ،
    توں مصطفيٰﷺ دے صدقے، اپڻي سخا دے صدقے،
    ڪُل انبيآءَ دے صدقے، سيدة النّسآءَ دے صدقے،
    سينا اے صاف ڪر توں، مدياں ڪوں معاف ڪر توں،
    “وسيم” معافي منگدا، سجدے چه سر نمائي.


    آس منهنجي من سندي : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: شل مديني پار ڏي...

    ٿلھ: آس منهنجي من سندي، پرور ڪا پهچائي سگهي،
    اي موت ترسي پئو، مديني ڏي سنبت آهي سگهي،

    پَر نه ٿيو، سڏڙو سڄڻ جو، هيل سڏ ساريان پيو،
    اڄ سڀاڻي ٿو وڃان، خوشين ۾ ڏينهن گهاريان پيو،
    قسمت ٽٽل منهنجي ڦٽل، مولا ڪا هي ٺاهي سگهي،

    کوڙ پيا عاشق وڃن، منهنجي پرين جي پار ڏي،
    مون گداگر کي ڪڏهن، دلبر دلي ديدارُ ڏي،
    سڪ منهنجي دل سندي، مولا ڪا مَن لاهي سگهي،

    شهر تنهنجي جي گهٽي، ها گهوٽ مان گهمندس گهڻي،
    چائٺ تنهنجي دَرَ سندي، چميون ڏيئي چمندس گهڻي،
    هڪ رات پنهنجي پار ڏي، دلبر ڪا ترسائي سگهي،

    شل مديني پار ڏي، منهنجو وڃڻ ويجهو هجي،
    “وسيم” شل مونکي سدا، منهنجو سڄڻ ويجهو هجي،
    موٽ تون مرسلَ حياتي، وقت پيو کائي سگهي،


    دنيا جي طلبن کان تنگ ٿياسون : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: دنيا کي ماکي مکڻ وڻي ٿو.

    ٿلھ: دنيا جي طلبن کان تنگ ٿياسون
    اسان “محمدي” ملنگ ٿياسون

    دنيا جون آهن اکيون اسان ۾
    اسان ته ايڪي جوانگ ٿياسون

    سجائي پنهنجي پرين جي محفل
    سڄي دنيا کان الڳ ٿياسون

    خدا جو جلوو جنهين ڏيکاريو
    انهن ولين سان سنگ ٿياسون

    دنيا جي ماڻهن دنيا آ طلبي،
    اسان پرينءَ جا پتنگ ٿياسون.

    نه “وسيم” رتبو دنيا جو گهربو
    اسان ته دلبر تي دنگ ٿياسون


    منهنجا محب مديني وارا : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: منهنجا جانب جلون وارا...

    منهنجا محب مديني وارا، تنهنجي نانوَ جا آهن نعرا.
    سڄو فرش ثنا تنهنجيءَ ۾، تنهنجاعرش مٿي اوطارا.

    تنهنجي چهري ۾ نور نوراني آ، تنهنجو قول ڪلامِ قرآني آ،
    ڪن ثابت ٽيھ سيپارا، تنهنجي نانوَ جا آهن نعرا۔

    تنهنجو تاج سڄڻ سلطاني آ، سچ چوان تان راز ربّاني آ،
    جنهن ۾ چمڪن سورج تارا، تنهنجي نانوَ جا آهن نعرا.

    ڪونين تي تنهنجو سايو آ، ڪري ڀال ڀلا تو ڀانيو آ،
    سڀئي قلب اجاريئي ڪارا، تنهنجي نانوَ جا آهن نعرا.

    تنهنجو دين دنيا ۾ دائم آ، تنهنجي اسم سان دنيا قائم آ،
    ٿيا گدا سڪندر دارا، تنهنجي نانوَ جا آهن نعرا.

    توکي شام صبح سي سارين ٿا، صلوٰت پڙهي دل ٺارين ٿا،
    هي “وسيم” جهڙا ويچارا، تنهنجي نانوَ جا آهن نعرا.


    اللهﷻ جو اڄ ڪيڏو نه احسان ٿيو آ : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: جا جا کے کہیں مِنت فریاد کروگے۔

    اللهﷻ جو اڄ ڪيڏو نه احسان ٿيو آ،
    محبوب اچي اڱڻ تي، مهمان ٿيو آ.

    گل ڦل مان ڇٽايان ۽ وڇايان هي اکيون ٻئي،
    اللهﷻ گنهگار تي اڄ، ايڏي عطا ڪئي،
    مالڪ کي ڪيان سجدا، مهربان ٿيو آ.

    چنڊ تارا جهڪيا، ۽ سڄو جڳ ساڻ جهڪي پيو،
    جبرئيل ٻڌي هٿ ادب ۾، پاڻ جهڪي پيو،
    ڏسي شان کي اُت، هر نبي حيران ٿيو آ.

    محبوب سندي شان تي، تڪرار ڪيو جنهن،
    نرمل نبي جي نور جو، انڪار ڪيو جنهن،
    ابليس تڙيل ڇا چوان، شيطان ٿيو آ.

    سج واپس يا ويل وقت ورائي سو “محمدﷺ”،
    چنڊ کي ڀي جي قدمن ۾، گهرائي سو “محمدﷺ”،
    محبوب جو جنهن شيءِ کي ڀي فرمان ٿيو آ.

    “وسيم” جي هر شعر جو آ شان “محمدﷺ”،
    عاشق جو آهي ڪعبو ۽ قرآن “محمدﷺ”،
    ثناگر چوان “سيّد” جو سبحان ٿيو آ.


    سڏ ۾ سڄڻ ٿو سڏ ڏيئي : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: اللہﷻ اللہﷻ کا مزا مرشد کے مخا نے میں ہے۔

    سڏ ۾ سڄڻ ٿو سڏ ڏيئي، دلبر هجي اهڙو هجي،
    سلطان ۽ صاحب سچو، سروَر هجي اهڙو هجي،

    صديق، عمر ۽ عثمان، حيدر قلندر ڪيترا،
    هن در ڪيا غوثُ قطب، جي در هجي اهڙو هجي،

    هڪ هڪ وٺي حاضر ٿيو، ڪامل سجائي ڪربلا،
    سي دين تان ڪُل گهور ٿيا، جي گهر هجي اهڙو هجي،

    بي زر کي تو با زرّ ڪيو،نابين کي نظرون ڏنئي،
    سي گهور ٿي چوندا ويا، گوهر هجي اهڙو هجي،

    “وسيم” ڏي محبوب جي، درجي غلامي ايتري،
    توکي ڏسي دنيا چوي، نوڪر هجي اهڙو هجي.


    محمدﷺ ڪئي نظر جن تي : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: مٺو نالو محمدﷺ جو وٺڻ سان دل ٺري ٿي پئي.

    محمدﷺ ڪئي نظر جن تي، سندن در جا گدا ٿي ويا،
    غلامي ۾ گذاريندڙ گدا سي ڇا مان ڇا ٿي ويا.

    سوين صديون سڄڻ گذريون، حديثن ۾ پڙهي ڏس تون.
    هيا جيڪي ڪٽا ڪافر، ڀري ڪلمو فدا ٿي ويا.

    مڪي ۾ مَن ملهاريون ٿيون، بَرَن ۾ ڀي بهاريون ٿيون.
    قلب جن جا هُيا ڪوجها، اُهي اُجري اڇا ٿي وِيا.

    ڏسيان مان معجزا ڪهڙا، رکي اکڙين مٿان اهڙا.
    ستارا چنڊ چوڏهينءَ جا، اشاري سان جدا ٿي ويا.

    مديني تون وڃي ڏسجان، تان وڻ وڻ کان پڇي ڏسجان.
    محمدﷺ جا ثناگر ٿي، سڀئي ڪک پن گواه ٿي ويا.

    در مرسل ويا جيڪِي، انهيءَ در تي پَيا جيڪي.
    “وسيم” ڇا چوان سي ڀي، حبيبِ ڪِبريآءَ ٿي ويا.


    آيو عرس آهي اڄ عيد : مولود شريف

    طرز: هزارين هليا ويا ڇڏي شهنشاهي...

    آيو عرس آهي اڄ عيد، ٿي وئي،
    دلبر اچي ويو، خوش ديد، ٿي وئي،

    خيرات خوشيون هر پار ٿي ويون،
    گهر گهر تان گهٽيون هٻڪار ٿي ويون،
    رحمت ربّي اڄ آ، مزيد، ٿي وئي،

    جلون جشن ۾، سارو هي جڳ آ،
    هي عيد عيدُن، کان ڀي الڳ آ،
    پوري منهنجي مَن جي، هر اميد، ٿي وئي،

    صورت سبحاني، ڏسندي حليمهi،
    محبوب جو مُک، پسندي حليمهi،
    کلندي خوشي مان ئي خريد ٿي وئي،

    صلوٰت سارا پڙهندا اچن پيا،
    سورج ستارا جهڪندا اچن پيا،
    دنيا سڄي هي آ جديد ٿي وئي،

    محبوب مولا اهڙو مُڪو آ،
    “وسيم” جنهن جو ثاني نه ڪو آ،
    تنهن جي عشق ۾ دل، آ شهيد ٿي وئي.


    تنهنجي چهري کي چوان : نعت رسول مقبولﷺ

    تنهنجي چهري کي چوان، ڇا چوان قرآن چوان،
    تنهنجي جلون تي سڄو پيو هلي جهان چوان،

    تنهنجو اسم جنهن زبان تي آيو ذڪر ٿي پيو،
    هو نه قطرو اهو صحرا مان، سمندر ٿي پيو،
    تنهنجي در جو، جو گدا، تنهن کي مان سلطان چوان،

    وسي هر جاءَ اِهو رک ياد “محمدﷺ” آهي،
    سڄي دنيا جوئي بنياد “محمدﷺ” آهي،
    رکي ايمان پڪو رَبَّ جي ٿو پهچان چوان،

    زندگي پنهنجي تنهنجي در تي گذاري، جنهن آ،
    پڙهي درود پنهنجي دلڙي اجاري، جنهن آ،
    تنهنجي محبت ۾ مڪمل، اهو انسان چوان،

    توتان صديق، عمر ۽ سڀئي اصحابr فدا،
    توتان ڪُل مسجدون، منبر مڙئي محراب فدا،
    تنهنجي ئي ذات تي، ڪعبي کي ٿو قربان چوان،

    توتان قربان هزارين هلي حبشي، ٿي ويا،
    تنهنجو ٻڌنديئي ڏيئي سر سي اويسي ٿي ويا،
    تنهنجي در جو آهي، جبرئيل ٿو دربان چوان،

    نڪي ڌن مال نڪي ظاهري ٿو زرّ گهرجي،
    مونکي محبوب “محمدﷺ” تنهنجوئي در گهرجي،
    ڪڏهن “وسيم” ٿئي در تنهنجي مهمان چوان،


    ٻڌي تنهنجو سڄڻ عاشق : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: مٺو نالو محمدﷺ جو وٺڻ سان دل ٺري ٿي پئي.

    ٻڌي تنهنجو سڄڻ عاشق، اويسي ڪَئين ٿيا هوندا،
    تنهنجي ديدار لئه دلبر، پياسا پنڌ پيا هوندا،

    تنهنجو نالو چپنَ چميو، ذڪر ظاهر زبانن ڪيو.
    صحابن ورد تن من ۾، تنهنجا نالا ڪيا هوندا.

    تنهنجي آمد جي منظر تي، مڪي جي عورتن مردن.
    گهٽين، محلن ۽ گهرڙن ۾، سڀن ٻاريا ڏيئا هوندا.

    مڪي ۾ ۽ مديني ۾، پرين توکي پسڻ خاطر.
    ستارن چنڊ چوڏهين جي، پڪا پاتا لِيا هوندا.

    سڄڻ ايندينء ڪڏهن ڪِنهن ڏينهن، اهيوئي آسرو آهي.
    “وسيم” جهڙا ڪئين هتڙي، اميدُن تي جياءَ هوندا.


    پکي پيغام منهنجي کي : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: ملي وڃ يار تون مونسان اچانڪ موت ايندو آ.

    پکي پيغام منهنجي کي، کڻي وڃ تون مديني ڏي.
    ادب سان پار ڏانهن پرڙا، هڻي وڃ تون مديني ڏي،

    کڻي گفتا غريبن جا، چڳي داڻان درودن جا.
    ڇڏي هي لاڙ جو پاسو، لڙي وڃ تون مديني ڏي.

    رکي نيڻن تي نعتن کي، سلامن ۽ صلوٰتن کي.
    “نبي” جي شان جي آيت، پڙهي وڃ تون مديني ڏي.

    ڪري سرڪار جون ڳالهيون، اکيون پنهنجون ڪجان آليون.
    منهنجي طرفان ڪري رڙيون رڙي، وڃ تون مديني ڏي.

    ڪريو سڏڙو ڪو سائل کي، گناهن جي ستايل کي.
    کڻي نياپو هوائن تي چڙهي، وڃ تون مديني ڏي.

    “وسيم” جون مڃي منٿون، وڃي ڦيرو ڪري اچ تون.
    گهڻو نه پر پکي هڪڙي گهڙي، وڃ تون مديني ڏي.


    سڀ دنيا جا دنيادار : نعت رسول مقبولﷺ

    سڀ دنيا جا دنيادار، مڃن حاڪم حڪم هزار،
    اسان جو صاحب ۽ سردار “محمدﷺ” مٿي مٿي.

    تاريخ ۾ڳولي ڏس تون، قرآن کي کولي ڏس تون،
    اصحاب سڳورا سار، ۽ يار چون ٿا چار “محمدﷺ” مٿي مٿي.

    آ مرسل نور نوراني، آواز آهي سبحاني،
    اهو عجب آهي اسرار، سڀ ٻڍاءِ چون ٿا ٻار “محمدﷺ” مٿي مٿي.

    گهر ٻار ڇڏيان مان گهوري، ست عرش اٿئي سڀ اوري،
    براق وارو هسوار، جبرئيل رُڪِي ويو يار “محمدﷺ” مٿي مٿي.

    وٺان نام ڪِنن جا ڪهڙا، ٿيا گستاخ جهنّم ڀيڙا،
    “وسيم” دائم آ دربار، اسان جي نور اکين جو ٺار “محمدﷺ” مٿي مٿي.


    تنهن کي لوڏي ڇا هوا : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: پيار درياه آ...

    تنهن کي لوڏي ڇا هوا، جنهن تي هٿ “محمدﷺ”جو،
    هٿ اچي ڏي ٿو خدا، جنهن تي هٿ “محمدﷺ” جو،

    ڪافرن قهر پي ڪيا، چميو بلال چوي،
    ظلم ڇا زهر ڪندا، جنهن تي هٿ “محمدﷺ” جو،

    تنهن کي تڪليف نه، تڪليف رسائي ٿي سگهي،
    درد ٿي پئي ٿو دوا، جنهن تي هٿ “محمدﷺ” جو،

    جن کي دنيا جو هو هٿ، سي گهڻا رلندي ڏٺم،
    سي نه ڏکيا مون ڏٺا، جنهن تي هٿ “محمدﷺ” جو،

    ڪيئي تارؤن ويا ٻڏي، دؤر درياءَ جي اندر،
    سي اڻ تريا ڀي ٿي تريا، جنهن تي هٿ “محمدﷺ” جو،

    وار ٿيندو نه وِنگو، توڙي دوزخ ۾ هجن،
    مچ ڪندا سي ئي ٿڌا، جنهن تي هٿ “محمدﷺ” جو،

    مون کي ڇڏ مان ته ٺهيو، عيسيٰ، آدم ٿو چوي،
    ڀاڳ ٿئي تن جا ڀلا، جنهن تي هٿ “محمدﷺ” جو،

    “وسيم” هٿ جنهين جا ٻئي اٿئي، پنهنجي حضور جي هٿ،
    هٿ نه تن جا ٿئي ٺهلاءَ، جنهن تي هٿ “محمدﷺ” جو.


    مان وري، وري، وري، وڃان : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: مصطفيٰ جو شان شان آ......

    مان وري، وري، وري، وڃان،
    مصطفيٰﷺ جي در، مري، وڃان،

    اي خدا لکين ته لِک اهو، مصطفيٰ جي در هجان ڏيئو،

    تيل کانسواءِ، ٻري وڃان.

    يار ۾ وجهي رکان اکيون، مرڻ گهڙي عمر سڄي يڪيون،

    ڏسندي ڏسندي مان ڳري وڃان.

    در “نبي” جي التجاءِ ڪجو، منهنجي لئه ڀي ڪا دعا ڪجو،

    ڀاڳ جي کُلي دري، وڃان.

    لوڪ کي ڏيئي مان چاهتون، روح جون ڏيئي مان راحتون،

    لوڪ جي اڳيان ٽري وڃان،

    تنهنجي نظر نگاه ٿي پوي، “وسيم” لوڪ کي به جهٽ چوي،

    اڄ سڀاڻي ٿو پرِينءَ وڃان.


    چنڊ ڇا چوان مان توتي : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: آئے ہو میرے زندگی میں۔۔۔

    چنڊ ڇا چوان مان توتي، اُڀري صلوٰة پڙهندي،
    سج ڀي تنهنجي ڳليءَ مان گذري صلوٰة پڙهندي،

    گل يا هجي ڪا بلبل، تنهنجا سڄڻ سلامي،
    پوپٽ پکي ادب مان، اڏري صلوٰة پڙهندي،

    تنهنجو مينار “مرسل”، سڪ مان چمن ستارا،
    سجدن سواءَ ڀي بادل، اُڪري صلوٰة پڙهندي،

    منهنجون ڀي مَن مديني، مولا ورائي واڳون،
    طالب هي طرف تنهنجي، سنبري صلوٰة پڙهندي،

    لبّيڪ “يا محمدﷺ” چپڙن سان چوندي چوندي،
    “وسيم” دم جسم مان، نڪري صلوٰة پڙهندي،


    ميلاد ڪبو : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: عيبدار اسين، بدڪار اسين...

    ميلاد ڪبو، نه فساد ڪبو،
    جيئن ياد ڪيئي تيئن ياد ڪبو،
    دنيا کي چئي ٿا ٻڌايون،
    تنهنجي در جا نوڪر آهيون،

    ڀل دنيا هجي ڪم ڪارن ۾،
    پنهنجي کيلن ۽ ته خسارن ۾،
    دنيا کي ڇڏي، ٻارن کي سڏي،
    چئي چنڊ کي ۽ تارن کي سڏي،
    ڳُڻ تنهنجا ويٺا ڳايون،

    شهرن ۽ هر ڳوٺن ۾،
    تنهنجو ذڪر هلي بر پوٺن ۾،
    ميزبان ٿا ڪن، مهمان ٿا ڪن،
    انسان سان گڏ حيوان ٿا ڪن،
    وڌ ساه کان توکي چاهيون،

    تو آئي مٺا رحمان مليو،
    رمضان مليو قرآن مليو،
    هيڏا خير مليا، ڍڳ ڍير مليا،
    رڳو پاءُ نه پر وڏا سير مليا،
    ويٺا صدقا تنهنجا کايون،

    تون واقف آهين حالن کان،
    اسان جي عملن اعمالن کان،
    توکي غيب مڃون، بي عيب مڃون،
    حاضر تون آهين ڳالهيون سي به مڃون،
    توکي پاڻ سان گڏ ٿا ڀايون،

    لڳيو باغ وڃن هِن سيني ۾،
    هر عُرس جي يار مهيني ۾،
    هيڻان حال سڪون سڄي سال سڪون،
    ڪيو هِن هُن سان تنهنجي ڳالھ سڪون،
    هن مهيني ۾ سِڪ ٿا لاهيون،

    نڪي مال گُهرون ٿا وڏيرن کان،
    نه “وسيم” ٿا طلبون غيرن کان،
    ولي گڏ ڪري، توکي سڏ ڪري،
    مولا آهي ڇڏيندو جهول ڀري،
    دنيا جي در ڇو دانهيون،


    يتيمن جو سهارو آ : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: مٺو نالو محمدﷺ جو وٺڻ سان دل ٺري ٿي پئي.

    يتيمن جو سهارو آ، اهو آهي “محمدﷺ” بس.
    پيارن کان پيارو آ، اهو آهي “محمدﷺ” بس.

    اٿس جلوو جهانن ۾، زمينن آسمانن ۾،
    طٰہٰ جي تاج وارو آ، اهو آهي “محمدﷺ” بس.

    سيّد جو شان شاهي آ، ثناء ۾ هي خدائي آ،
    فدا سنسار سارو آ، اهو آهي “محمدﷺ” بس.

    اچن چنڊ سج سلاميءَ ۾، ملڪ حورون غلاميءَ ۾،
    ڪندو آقا اشارو آ، اهو آهي “محمدﷺ” بس.

    نبي جي شان نعتن تي، درودن ۽ صلوٰتن تي،
    عشاقن جو گذارو آ، اهو آهي “محمدﷺ” بس.

    “وسيم” حاضر هو هر هنڌ آ، محمدﷺ ئي محمدﷺ آ،
    لڳو عرشن تي نعرو آ، اهو آهي “محمدﷺ” بس.


    رَبَّﷻ پاڻ ملهايو آ : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: خوش ٿي، خوش ٿي، خوش ٿي حبدار حبيبن جا.

    رَبَّﷻ پاڻ ملهايو آ، ميلاد “محمدﷺ” جو،
    قرآن ۾ آيو آ، ميلاد “محمدﷺ” جو،

    سڄو فرش آ رونق ۾، سڄو عرش آ رونق ۾،
    جبرئيل سجايو آ، ميلاد “محمدﷺ” جو،

    يثرب ۽ مڪو مُرڪيو، جڳ آهي سڄو جِرڪيو،
    ڪونين تي ڇايو آ، ميلاد “محمدﷺ” جو،

    خوش خوب هي ديدون ٿيون، محبوب سان عيدون ٿيون،
    رنگ واه جو لايو آ، ميلاد “محمدﷺ” جو،

    ٿر بر ۾ بهاريون ٿيون، گهر گهر ۾ بهاريون ٿيون،
    واحد ڇا وڌايو آ، ميلاد “محمدﷺ” جو،

    “وسيم” صلوٰتون پڙھ، ويهي نينهن مان نعتون پڙھ،
    توتي فرض سوايو آ، ميلاد “محمدﷺ” جو،


    قلم سان نه، دل سان : نعت رسول مقبولﷺ

    قلم سان نه، دل سان لکان ٿو “محمدﷺ”،
    انهيءَ وقت ڄڻ مان ڏسان ٿو “محمدﷺ”،

    جڏهن خيال منهنجو هي اڏامي هلي ٿو،
    تڏهن شهر تنهنجو گهمان ٿو “محمدﷺ”،

    جتي تنهنجو نالو مان ڏسان نور وارو،
    چميون ڏيئي اکين سان چمان ٿو “محمدﷺ”،

    زمانا تون مونکي نڌڻڪو نه ڄاڻج،
    اجهو ترس ايندو سڏيان ٿو “محمدﷺ”،

    انهيءَ دم هي دلڙي ٺريو باغ ٿي ٿِي،
    جڏهن عاشقن کان ٻڌان ٿو “محمدﷺ”،

    “وسيم” جو ته واهر وسيلو اهو آ،
    منهنجو دين سڀ ڪجھه چوان ٿو “محمدﷺ”،


    محبوب تنهنجو : نعت رسول مقبولﷺ

    محبوب تنهنجو ڇا شان چوان،
    واه راڄن کي رنگ لايا تو،
    باغن ۾ بوند بهاري ڪئي،
    رحمت جا مينهن وسايا تو،

    تو ٿر بر ۾ چانڊاڻ ڪئي،
    تو هر هنڌ آ سرهاڻ ڪئي،
    برباد چمن سو بهشت ٿيو،
    اچي پير پرين جت پايا تو،

    تو پکين کي آزاد ڪيو،
    تو هيڻن کي سائين ياد ڪيو،
    وڻ ٽڻ کي پلر وسڪار ڏنئي،
    پٿرن کي ڪلما پڙهايا تو،

    تنهنجو باري بلند ايڏو شان ڪيو،
    خود پاڻ خدا مهمان ڪيو،
    تنهنجي شان مٿان مان گهور ٿيان،
    عرشن تي پير گهمايا تو،

    تنهنجي جلون تي پيو جهان هلي،
    تنهنجي صدقي پيو انسان هلي،
    ڇو جو پيار ڏيئي تو “وسيم” جهڙا،
    بيڪار بندا ڳل لايا تو،


    مون گيت غزل هِت کوڙ لکيا : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: حيران هزارين مان نه رڳو...

    مون گيت غزل هِت کوڙ لکيا، سرڪار جي ڳالھ الڳ شيءِ آ.
    آدم ۽ عيسيٰ هڪ پاسي منهنجي يار جي ڳالھ الڳ شيءِ آ.

    ڪن مَلَڪَ ادب مهمانن جو، آقا جي در انسانن جو.
    اهو شان اٿئي دربانن جو، دربار جي ڳالھ الڳ شيءِ آ.

    مون سان ڳالھ نه ڪر تون حسينن جي، جنّت جي حور جبينن جي.
    منهنجي يار جي پير جي جتين جي، چمڪار جي ڳالھ الڳ شيءِ آ.

    آ زور حُسن چنڊ تارن تي، بلبل ۽ باغ بهارن تي.
    والّيل جي زلفن ڪارن تي، دستار جي ڳالھ الڳ شيءِ آ.

    ڪيون چاليھ چريون ٿي پيو ڇا جي، يوسف محبوب زليخاi جي.
    آ قسم حضور حليمهi جي، پڳدار جي ڳالھ الڳ شيءِ آ.

    مُنهن ڪِينَ لڳان دولتمند جي، ملي “وسيم” کي درشن جي ونڊ جي.
    جنّت کان وڌ محمدﷺ جي، ديدار جي ڳالھ الڳ شيءِ آ.


    “محمدﷺ” جي ڪيا ساوا : نعت رسول مقبولﷺ

    “محمدﷺ” جي ڪيا ساوا، اڃان تائين سُڪيا ناهن.
    انهيءَ در تي جهڪي پيا جي، سي ٻِئي در تي جُهڪيا ناهن.

    جِنهين کي “مصطفيٰﷺ” پنهنجي، محبت سان نوازيو آ.
    ڏٺا تن ڏينهن دنيا ۾، اڃان تائين ڏکيا ناهن.

    منهنجا محبوبﷺ تو جن جي، اچي آ دستگيري ڪئي.
    طوفانن زلزلن جي سي ته، لوڏڻ سان لڏيا ناهن.

    ڪِريل جيڪي هُيا ڪُن ۾، اشارن سان اُڀاريا تو.
    آهن سي رات ڏينهن روشن، اڃان تائين لٿا ناهن.

    جنهين تو در جهليون جهوليون، نه خالي خلق ۾ سي ٿيا.
    زمانو تن پٺيان آسي، زماني جي پٺيان ناهن.

    “وسيم” جن کي وڻي آهي، ثناءَ سرڪار جي سڀ کان.
    پيا ڳُڻ سي اڃان ڳائن، ڪنهن روڪڻ سان رُڪيا ناهن.


    منهنجا محب تنهنجو دنيا ۾ نه مٽ آ : نعت رسول مقبولﷺ

    منهنجا محب تنهنجو دنيا ۾ نه مٽ آ،
    خدا اهڙي صورت بڻائي ڇڏي آ،
    ذڪر فرش عرشن تي آهي اوهان جو،
    ڇا واکاڻ واحد وڌائي ڇڏي آ،

    زمين کي سنواريو نظارن سان مولا،
    رکيو عرش چنڊ ۽ ستارن سان مولا،
    سڄي دنيا تنهنجي ئي ڏِس ڪاڻ قادر،
    رنگن رونقن سان سجائي ڇڏي آ.

    صحابن جون ديدون هيون “مصطفيٰﷺ” ۾،
    ڪڍي ديد تو مان وجهن اک، هو ڇا ۾،
    تون ڪعبو، تون قبلو، تون قرآن آهين،
    تنهنجي ذات مولا ڇا ٺاهي ڇڏي آ.

    اوهان جي ته زلفن تي جگنون جيئن ٿا،
    اوهان جي اکين مان هي مئڪش پيئن ٿا،
    ڏٺو جن ادب سان اوهان جو آ چهرو،
    ها تنهن توتان دنيا لٽائي ڇڏي آ.

    ملي مونکي تنهنجو ننگر “مصطفيٰﷺ” جي،
    رکان سر مان سجدي ۾ اڳيان خدا جي،
    اسان تنهنجي درشن جي اڳيان قسم سان،
    ڀلي بهشت بيشڪ هٽائي ڇڏي آ.

    جتي شان تنهنجو زبانن تي آهي،
    انهن جو مڪان لامڪانن تي آهي،
    ٻڌن عرش وارا پيا نعتون نبيءَ جون،
    ڇا مدني تو محفل مچائي ڇڏي آ.

    “وسيم” کي سُخنوَر ڪو شاعر نه سمجهو،
    سياڻو دنيا ۾ ڪو ماهر نه سمجهو،
    “فقير” کي فخر ناز بس ايترو آ،
    خدا نوڪري ڇا لڳائي ڇڏي آ.


    محبوبﷺ منهنجو ڪو گهٽ نه آهي : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: دل وارو ماڻهو.....

    محبوبﷺ منهنجو ڪو گهٽ نه آهي،
    دل ساڻ جنهن کي ڏٺو آ حليمه$.
    ڇا چوان مان تنهنجو يوسف، زليخا$!
    سو به مٽ نه آهي.

    کڻي پنهنجون نظرون نرمل نهاري،
    ڪئين راه ويندڙ ڇڏي ٿو بيهاري.
    منهنجي محّب جهڙي، سونهن يار اهڙي،
    ڪنهن وٽ نه آهي.

    صدين کان سورن جي ڇڏيان ها ساڙي،
    هڪ ئي اشاري سان ڇڏئي چوٽ چاڙهي.
    منزل وِيو ماڻي ان کان پوءَ هاڻي،
    سو ڄٽ نه آهي.

    عالم سمورو اجري وڃي ٿو،
    گوهر جتان سو گذري وڃي ٿو.
    ان ڏينهن کانپوءَ اڄ تائين ٿيو سو،
    برپٽ نه آهي.

    دلبر جي در تان جيڪي ٿڙي وِيا،
    خوشحال دنيا ۾ نه مرندي گهڙي ٿيا.
    “وسيم” باه کان بچڻ لئه خداﷻ سان ملڻ لئه،
    ٻيو ڪو گهٽ نه آهي.


    سڄو نرمل نور : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: دامن لگي آن مولا....

    سڄو نرمل نور، منهنجو آهي حضورﷺ.
    ناهي دم هو دور، منهنجو آهي حضورﷺ.
    پاڻهي رکندو خيال، ٻئي جي ڪر نه تون ڳالھ.
    منهنجو آهي حضورﷺ.........

    سڄي لوڪ ڏٺو هان، مان ته عيب چٽو هان.
    منهنجو حاضر حال، ٻئي جي ڪر نه تون ڳالھ.
    منهنجو آهي حضورﷺ.........

    آ امام نبيّن جوﷺ، والي آهي سڀن جو.
    سو لهندو سار سنڀال، ٻئي جي ڪر نه تون ڳالھ.
    منهنجو آهي حضورﷺ.........

    ازلون دلڙي اڙي آ، اکر چار پڙهي آ.
    “ميم” “ح” “ميم” “دال”، ٻئي جي ڪرنه تون ڳالھ.
    منهنجو آهي حضورﷺ.........

    گوندر گهوٽ گهڙي آ، آيو موت چڙهي آ.
    لڙي اچ لڄپال، ٻئي جي ڪرنه تون ڳالھ.
    منهنجو آهي حضورﷺ.........


    ڳالھ جنهن جي ڳري آ، جنهن لئه خلق چري آ.
    تنهن جو ناهي مثال، ٻئي جي ڪر نه تون ڳالھ.
    منهنجو آهي حضورﷺ.........

    منهنجي محبوبن جي، “وسيم” تنهن جي حُسن جي.
    گهر گهر ڌوم ڌمال، ٻئي جي ڪر نه تون ڳالھ.
    منهنجو آهي حضورﷺ.........


    ڪري دل “محمّدﷺ : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: کھڑی نیم کے نیچے۔۔۔

    ڪري دل “محمّدﷺ” منهنجي، سدا دل جو دور آ.
    اٿس مٽ نه عرشن تي ڪو، زمينن تي زور آ.

    نور ٿيا سائين ڏينهن سمورا، روشن ٿيون سڀ راتون.
    گهٽي گهٽي ۽ گهر گهر تي ٿيون رحمت جون برساتون.
    درودن سلامن جو هر، جاءِ تي شور آ.

    گهور “محمّدﷺ” مٺڙي تان، سائين جڳ سمورو ٿي ويو.
    جنهن ڀي ٻُڌو سائين اسم پرين جو سو ڀي گهورو ٿي ويو.
    پرين تي پتنگ پروانا، چريو چڪور آ.

    لوڪ جي ليکي بستر تي، سائين پاڻ سڳورو سمهي پيو.
    پر بڻيو سو امام نبيّن جو عرش تي گهوٽ گهمي پيو.
    وقت جو بيٺو ڪانٽو، چُريو نه دؤر آ.

    وقت گذارين گهر ۾ پيا سي، آهن ڄاڻ مديني.
    جاءِ جيءَ ۾ ڏيئي جن آ سانڍيو يارکي سيني.
    ٻَڌل عشق وارن کي ڪا، پِرۡيَنۡ جي ڏور آ.

    “وسيم” کي آهي محبّ ملي ويو، جنّت طلبي ڇا جي.
    ڳائي ڳائي پيو ڳائيندو هي نعمت يار خدا جي.
    “عاجز” جو گهر سر سارو، سڄڻن تان گهور آ.


    منهنجو سڀ ڪجھه : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: خوش ٿي، خوش ٿي، خوش ٿي حبدار حبيبن جا.

    منهنجو سڀ ڪجھه ۽ منهنجي جند جان “محمّدﷺ” آ.
    اڄ منهنجي اڱڻ تي ٿيو، مهمان “محمّدﷺ” آ.

    هر آيت ۾ ڳائي، قرآن ذڪر هُن جو،
    پر مشتاقن لئه خود، قرآن “محمّدﷺ” آ.

    ڪري قرب پرين آئين، کڻي پير تڏي تون،
    هن امّت تي تنهنجو، احسان “محمّدﷺ” آ.

    هن خلقِ خدا ئي کي، ڪيو قربان خدا توتان،
    تو گهوٽ مٿان منهنجو، سر قربان “محمّدﷺ” آ.

    “وسيم” کي دنيا ۾، هر ڪوئي سڃاڻي ٿو،
    هر شعر ۾ “عاجز” جي، پهچان “محمّدﷺ” آ.


    يار جو اڄ يار کي : معراج النبيﷺ

    طرز: رفتہ رفتہ وہ میرے ہستی کا سامان ہوگیا۔

    يار جو اڄ يار کي، ديدار، ٿيو اڄ روبرو.
    هي ڏنس جڳ هُو ڏنس، وهنوار، ٿيو اڄ روبرو

    لک لک هُيو پردن اندر، پردن مان نڪري آ پيو،
    سو پرين پرور اچي پڳدار، ٿيو اڄ روبرو.

    جنهن جي تجلّي طور کي، سرمو ڪري ساڙي ڇڏيو،
    نور اڳيان نور اڄ نروار، ٿيو اڄ روبرو.

    ڳُجھ هيو اڄ ڳُجھ سندو، ڳُجھ ۾ ٿيون ڳالهيون ڳُجھ سنديون،
    عشق جو اڄ عرش تي اظهار، ٿيو اڄ روبرو.

    خاڪ جو چولو کڻي، ٿيو “عبد” جي اولي اندر،
    سِر کڻي سنسار ۾سردار، ٿيو اڄ روبرو.

    جنهن ڏٺو توکي برابر، ڄاڻ تنهن مونکي ڏٺو،
    “احد” “احمد” جو ادا اسرار، ٿيو اڄ روبرو.

    جنهن جهلي دامن دنيا ۾، دلربا دلدار جي،
    بخشجي ويندو اهو اقرار، ٿيو اڄ روبرو.

    “وسيم” ڄاڻي ڪونه ٿو، معراج مخفي مام کي،
    پي “ميم” جي ميخان مان مئخوار، ٿيو اڄ روبرو.


    هَل ادب سان : نعت رسول مقبولﷺ

    هَل ادب سان، هَل ادب سان، هي پار، ڪو هلڪو نه آ،
    انبياءِ ٿا سر جهڪائن منهنجو يار، ڪو هلڪو نه آ.

    اولياءَ هِت، انبياءِ هِت، ڇا چوان ڇا ڇا نه ڇا هِت،
    خلق هِت آهي خدا هِت، هي دربار، ڪو هلڪو نه آ.

    معراج واري رات ربّ ﷻ، جبرئيل کي چيڙو عجب،
    وڃ رکج پيرن تي لب، منٺار، ڪو هلڪو نه آ.

    يوسف فدا، موسيٰ فدا، آدم فدا، عيسيٰ فدا،
    محبوبﷺ ربّﷻ جو دلربا، دلدار، ڪو هلڪو نه آ.

    قرآن کي نازل ڪيو، منهنجي “مصطفيٰﷺ” کلندي کنيو،
    پرور پهاڙن کي چيو، هي بار، ڪو هلڪو نه آ.

    مان ۽ منهنجي، بات هلڪي، “وسيم” جي آ، ذات هلڪي،
    پر نه آهي نعت هلڪي، اشعار، ڪو هلڪو نه آ.


    ڏاتر مون کي جيئري ڏيکار : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: سهڻا ماڻهو........

    ڏاتر مون کي جيئري ڏيکار،
    محبوبن جو مُلڪ مدينو.

    نقص نڪي، نڪي آهي ڪمي ڪا،
    سون سڄو آهي سرڪار.

    راتيان ڏينهان شام صبح هُت،
    رحمت جي آهي وسڪار.

    ڏاڍي هُيڙم آس ازل کان،
    پسان جانب جلويدار.

    پر ڀي ڏٺڙن عرب جو والي،
    ڏسندا حاجي هيل هزار.

    محبوبن جي حسن جمال جي،
    اڄ ڀي هُت آهي هٻڪار.

    ڦاٿي آهيان سير سمنڊ ۾،
    ترت اچي ٻڏندڙ کي تار.

    “وسيم” دنيا دور ڪري سڀ،
    تنهنجو طلبيان پيو ديدار.


    “محمدي” در جنهين جو آ : نعت رسول مقبولﷺ

    “محمدي” در جنهين جو آ، تنهين جي پُٺ سگهي آهي.
    مدينو گهر جنهين جو آ، تنهين جي پُٺ سگهي آهي.

    “ربّي” جلوا ڏيکاريا پئي، لٿل سجڙا اڀاريا پئي،
    اهو گوهر جنهين جو آ، تنهين جي پُٺ سگهي آهي.

    ڪِريل ڪيئي اٿاري ٿو، ٻُڏل ٻيڙا اُڪاري ٿو،
    اِهيو ميهر جنهين جو آ، تنهين جي پُٺ سگهي آهي.

    سڏڻ سان سڏ ڏئي جيڪو، اچي حامي ٿئي جيڪو،
    اِهو رهبر جنهين جو آ، تنهين جي پُٺ سگهي آهي.

    ڏسي چهرو پيئن جيڪي، پسي جلوا جيئن جيڪي،
    ساقي ڪوثر جنهين جو آ، تنهين جي پُٺ سگهي آهي.

    “وسيم” هر هڪ فدا ٿي پيو ڏسي، عاشق خدا ٿي پيو،
    اِهو دلبر جنهين جو آ، تنهين جي پُٺ سگهي آهي.


    هڪ “محمّدﷺ” مٺو : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: سنڌ منهنجي امّان....

    هڪ “محمّدﷺ” مٺو، ڏيھ پنهنجي لٿو،
    ڀاڳ پنهنجا ڀلا، ڀاڳ پنهنجا ڀلا،
    ڌڻ جو آيو ڌڻي، پير عرشئون کڻي،
    ڀاڳ پنهنجا ڀلا، ڀاڳ پنهنجا ڀلا.

    ڪونه ملندو ڪروڙن ۾ اهڙو پرين،
    چنڊ سنبري نه ٿيندو آ جهڙو پرين،
    توکي مونکي وري مفت ۾ آ مليو،
    ڀاڳ پنهنجا ڀلا، ڀاڳ پنهنجا ڀلا.

    خاڪ تنهنجي چمن جي شفا مان چوان،
    اک جو سرمو ۽ دل جي دوا مان چوان،
    پير تنهنجا هجن ۽ اسان جو مٿو،
    ڀاڳ پنهنجا ڀلا، ڀاڳ پنهنجا ڀلا.

    لامڪانن تي مشهور پنهنجو سڄڻ،
    آ سراپا سڄو نور پنهنجو سڄڻ،
    ان کان وڌ پوءِ هوندو ڀاڳ ڪنهن جو ڀلو،
    ڀاڳ پنهنجا ڀلا، ڀاڳ پنهنجا ڀلا.

    “وسيم” درشن لئه دانهون ڪندي وڃ مِري،
    مَن قبر ۾ کُلي ديد جي ڪا دري،
    پوءِ تون مُرڪي چوين اڄ ته مون ڀي ڏٺو،
    ڀاڳ پنهنجا ڀلا، ڀاڳ پنهنجا ڀلا.


    جنهن جي درشن لئه : نعت رسول مقبولﷺ

    جنهن جي درشن لئه دنيا سڪي، ذات سا مصطفيٰ جي آ،
    تنهنجي منهنجي آ قسمت ڀلي، ملي نعمت خدا جي آ،

    جنهن جي آمد جون خبرون ادا، انبياءِ سڀ سي ڏيندا ويا،
    آدم کان وٺي عيسيٰ، ڪئي واکاڻ واھ جي آ.

    سر تي “ياسين” جو سهرو، منهن ۾ جلوو خدائي آ،
    ٿي حليمهi چوي هر هر، ڳالھ ڇا دلربا جي آ.

    منهنجي دردن جو دارون مٺا، ڪين دنيا ۾ آهي ادا،
    مان مريضِ “محمّدﷺ” هان، نه ضرورت دوا جي آ.

    “وسيم” عشقِ “محمّدﷺ” کي، سانڍي رک پنهنجي سيني ۾،
    تون ثناءِ “محمّدﷺ” ڪر، ٻي ته تبليغ ڇا جي آ.


    پرينءَ جي قدمن جي : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: نه جوڙ ٽوڙيو اسان ٻنهين جو...

    پرينءَ جي قدمن جي هيٺان ڪک تنهن ڪک جي قسمت ڀلي ڀلي آ،
    نبي جي نقشِ قدم تي هلندڙ صديق ٿيو ڪو علي علي آ،

    اسان کي آهي يقين يارو، اسان جو ٿيندو سڄڻ سهارو،
    اسان کي مدني سان آ محبت، اسان جو دلبر دلي دلي آ.

    گُهريو“محمّدﷺ” جڏهن جنهين کي، ملي ولايت تڏهن تنهين کي،
    جي بنا “محمّدِﷺ” خدا ڪرِين ٿو، اِها عبادت ٺلهي ٺلهي آ.

    سڄي دنيا کان منهڙو لاڙي، اڄ خيال پهتو اوهان جي پاڙي،
    منهنجي هٿن ۾ پرين آ ڪاسو، ڏسان پيو تنهنجي گلي گلي آ.

    درود دل سان “صلوٰة” پڙهندي سلام ڏينهن ۽ رات پڙهندي،
    فنا ٿي آقا جي عشق ۾ پوءَ، وڃي سو ٿيندو ولي ولي آ.

    “وسيم” جي اک ڀلا ڀني آ، سڄي دنيا هِن ڇڏيو ڇني آ،
    ادب ۾ عاجز جو عرض آهي، حضور هاڻي هلي هلي آ.


    خداﷻ ڪرائي ڪري : نعت رسول مقبولﷺ

    خداﷻ ڪرائي ڪري سو ثناء “محمّدﷺ” جي،
    مان نه ڪريان ٿو ڪري خود خدا “محمّدﷺ” جي.

    نوح، عيسيٰ اڳي هُئَي آدم کان،
    اڃان ڀي هلندي اچي ڏِس بقا “محمّدﷺ” جي.

    منهنجو ايمان تون مڃين نه مڃين،
    نڪي رد ٿي آ نه ٿيندي دعا “محمّدﷺ” جي.

    ٿيا صديقu، عمرu ۽ عثمانu، عليu،
    پئي جنهين تي جڏهن ڀي نگاه “محمّدﷺ” جي.

    ناهي اوقات علم ۽ نه هي آهي هنر،
    چوان جا نعت سا آهي عطا “محمّدﷺ” جي.

    “وسيم” بالا بلند مقام مرسل جو،
    خدا جي سائي رضا جا رضا “محمّدﷺ” جي.


    يتيمن سان محبت : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: محبت کی قیمت ادا ہم کرینگے۔

    يتيمن سان محبت، ڪرڻ، تون ٿو ڄاڻين،
    سوالين جون جهوليون، ڀرڻ، تون ٿو ڄاڻين.

    جنهين دشمني ڪئي رکي خار کوٽن،
    وڃي در تنهين جي، پڇڻ، تون ٿو ڄاڻين.

    مٺا ماھ رجب ۾ وڃي رات هڪڙي،
    سڀئي عرش آقا، گهمڻ، تون ٿو ڄاڻين.

    وڃي طور موسيٰ ڪلامي ٿيو پر،
    ٿي خدا سان ملاقي، ملڻ، تون ٿو ڄاڻين.

    امّت ساڻ شفقت شفاعت نظر ڀي،
    سڄو ڌيان پنهنجو، ڌرڻ، تون ٿو ڄاڻين.

    جنهين ڏيئي ڏکڙا ڏکايو ڏکن سان،
    تنهين کي دعائون، ڏيڻ، تون ٿو ڄاڻين.

    سدا سڏ صدائن کان اڳي منهنجا آقا،
    ڏکن ڏوجهرن ۾، اچڻ، تون ٿو ڄاڻين.

    “وسيم” ٿي ثناگر ڪري ٿو ثنائون،
    مديني جا مرسل، ٻُڌڻ، تون ٿو ڄاڻين.


    تو ڪيون باغ وبهاريون : نعت رسول مقبولﷺ

    تو ڪيون باغ وبهاريون، يا محمّد مصطفيٰﷺ،
    تو لئه سڪن اکڙيون اڃاريون يا محمّد مصطفيٰﷺ.

    ڇا سينگاريان ڇا سينگاريان، تنهنجي آمد تي عجيب،
    خود ڪيون مولا ملهاريون، يا محمّد مصطفيٰﷺ.

    مُلڪ تو مرسل سندو، ڇا چئي ڇا ڇا چوان،
    تو گليون گذري اجاريون، يا محمّد مصطفيٰﷺ.

    درٻار سهڻي آ سڄي، دربان تنهن جا دلربا،
    عمريون غلامي ۾ گذاريون، يا محمّد مصطفيٰﷺ.

    سنسار جي بيشڪ وڌي، تنهنجي اچڻ سان آبرو،
    ٿا پچر تنهنجي پچاريون، يا محمّد مصطفيٰﷺ.

    “وسيم” تي ڪر ڪا نظر، ڪنهن مهل محبوبِ خداﷺ،
    ترت ٿين تو ڏي تياريون، يا محمّد مصطفيٰﷺ.


    ڪئي جيڪا خدا هوندي : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: مٺو نالو محمدﷺ جو وٺڻ سان دل ٺري ٿي پئي.

    ڪئي جيڪا خدا هوندي، محمدﷺ جي ثناء هوندي،
    ۽ جيڪا جاءَ بجاءَ هوندي، محمدﷺ جي ثناء هوندي.

    تون ڀي فاني، ۽ مان فاني، سڄو جڳ جوڙ آ فاني،
    مگر جنهن کي بقا هوندي، محمدﷺ جي ثناء هوندي.

    دنيا ۾ ڪئي مٿي مونکان، دنيا ۾ ڪئي مٿي توکان،
    سڄي جڳ کان جدا هوندي، محمدﷺ جي ثناء هوندي.

    نه هِن جو انت تو تائين، نه هِن جو انت مون تائين،
    ذات جيسين خدا هوندي، محمدﷺ جي ثناء هوندي.

    “وسيم” هُن جو ثناگر ٿي، گذاريندو گداگر ٿي،
    هي دل جيسين زُبان هوندي، محمدﷺ جي ثناء هوندي.


    منهنجو ورد ۽ وظيفو : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: هر سال هيئن ٿي دل چئي، هن سال هل مديني.

    منهنجو ورد ۽ وظيفو، آهي مٺو محمّدﷺ،
    سدا دؤر منهنجي دل جو، آهي مٺو محمّدﷺ.

    ڀلا ڀاڳ تو حليمهi، صدقو عمر سڄي مان،
    ثابت سڄڻ ڏٺو تو، آهي مٺو محمّدﷺ.

    محسوس ٿيو آمن کي، ڪنهن آ ڇٽيو گلن کي،
    محفل ۾ ڄڻ اچي وِيو، آهي مٺو محمّدﷺ.

    اِهيو فرض ڪر ادا تون، صلوٰت پڙھ سدا تون،
    آدم کان ڀي ازل جو، آهي مٺو محمّدﷺ.

    حاضر اٿئي حياتي، چئجان نه تون مماتي،
    محبوب خود خدا جو، آهي مٺو محمّدﷺ.

    “وسيم” چئو ادب سان، ملڻو اٿئي جي ربّ سان،
    ته ظاهر ظهور رستو، آهي مٺو محمّدﷺ.


    مور ماڻهون گهور سڀ : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: شل مديني پار ڏي....

    مور ماڻهون گهور سڀ، محبوب تان ٿيندا رَهيا،
    در منجهان ديدون کڻي، سرڪار کي ڏسندا رهيا.

    محبوب منهنجي جو جڏهن، جنهن واٽ تان گذران ٿيو،
    پَر هڻي هر ڪو پکي، ڪلمو ڀري قربان ٿيو،
    چؤ طرف رحمت جا بادل، وسڪار ٿي وسندا رهيا.

    ڳالھ ڪامل جي قدم جي، لوڪ سان ڪهڙي ڪبي،
    سچ چوان آهي سراسر، راز هي يارو ربّي،
    حور پريون ۽ ملائڪ، پيرڙا پسندا رهيا.

    ڪو چئي چنڊ آ لٿو، ڪو چئي خدا جو نور آ،
    ڪنهن چيو چهرو چوان ڇا، تاب تجلو طور آ،
    والضّحيٰ، والّيل زلفن کي چئي چوندا رهيا.

    سونهن سهڻي جي سچي، سبحان ساراهي پيو،
    قرب ڪامل جو وري قرآن، ساراهي پيو،
    مرڪي ملائڪ محب تي، صلوٰت سڀ پڙهندا رهيا.

    ڪنهن کي نظرن سان نوازي، محب مستانو ڪيو،
    ڪنهن کي درشن ديد ڏيئي، داناھ ديوانو ڪيو،
    “وسيم” جهڙا جهول ۾، خيرات کي وٺندا رهيا.


    ٻنهين عالم جو تون آقا : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: مٺو نالو محمدﷺ جو وٺڻ سان دل ٺري ٿي پئي.

    ٻنهين عالم جو تون آقا، امام الانبياءِﷺ آهين،
    تنهنجو رتبو بلند بالا، تون محبوبِ خداﷺ آهين.

    صحابن# جو سهارو ۽ يتيمن ڀر جهلو تون ئي،
    عشاقن ٺار اکين جو، تون دردن جي دوا آهين.

    تنهنجا معراج شب پيرا، چميا افلاڪ اکين سان،
    قمر جو نور تجلو ۽، جهلڪ شمسُ شعاع آهين.

    ٿيو تنهنجي نور تي نازل، سڄو قرآن هي آقا،
    جهڪي جبرئيل ٿو جانب، خدا ڄاڻي تون ڇا آهين.

    “وسيم” صلوات سان ثابت ثناگر ٿيو خداﷻ خود ڀي،
    نه خدا تو کان جدا آهي، نه جانب تون جدا آهين.


    پئي دل پڪاري : نعت رسول مقبولﷺ

    پئي دل پڪاري، مدينو مدينو،
    خدا شل ڏيکاري مدينو مدينو.

    پئي روز طلبي، هي دربار دلڙي،
    ويهان ڪيئن وساري، مدينو مدينو،

    ادب ۾ شهر ٿا، سڀئي سر جهڪائن،
    ڇڏيو ربّﷻ اجاري مدينو مدينو.

    جيڪي ٿا مديني کي، سارين سدائين،
    تنهين کي ٿو ساري، مدينو مدينو،

    صبح شام خادم، آ جبرئيل جنهن جو،
    اکين سان ٻهاري، مدينو مدينو،

    خدا پاڻ تنهن کي، ڌڪاري ڇڏي ٿو،
    جنهين کي ڌڪاري، مدينو مدينو،

    ڏسان روبرو مَن، محمدﷺ جو روضو،
    يڪو دل کي ٺاري، مدينو مدينو،

    “وسيم” منهنجي سامهون، هجي تنهن گهڙي شل،
    جڏهن موت ماري، مدينو مدينو،


    تون ڇا سمجهين : نعت رسول مقبولﷺ

    تون ڇا سمجهين مان ڇا سمجهان،
    محبوب جو شان وڏو آهي،
    سرڪار جي ساراھ ۾ سارو، قرآن ڪريم لٿو آهي.

    جنهن تي مور پتنگ پروانا هَن،
    جنهن تي حور و ملّڪ مستانا هَن،
    پڙهندا روز شڪر شڪرانا هَن،
    محبوب جو اهڙو مِليو آهي.

    چهري کي ربّﷻ ساراهيو آ،
    زلفن کي ربّﷻ ساراهيو آ،
    جلون کي ربّﷻ ساراهيو آ،
    ڪيڏو ربّﷻ کي محب مٺو آهي.

    هِت سمجھ وارا نه سڃاڻِن ٿا،
    نڪي آب سي اکڙين آڻِن ٿا،
    بس عشق وارا ئي ڄاڻِن ٿا،
    جن دل سان محب ڏٺو آهي.

    هي سائل سُوال ڄمار ڪندو،
    غم دور سڀئي غمخوار ڪندو،
    سو “وسيم” جو ٻيڙو پار ڪندو،
    مون کي آسرو پيارا پڪو آهي.


    محتاج نه ٿيا ٿيندا مستانا : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: خوش ٿي، خوش ٿي، خوش ٿي حبدار حبيبن جا.


    محتاج نه ٿيا ٿيندا مستانا، محمدﷺ جا،
    دنيا ۾ ڏٺم اعليٰ ديوانا، محمدﷺ جا.

    جيئن جيئن ٿا سڙن سڪ ۾تيئن تيئن ٿا چٽا چمڪن،
    پدمن ۾ آهن پڌرا پروانا، محمدﷺ جا.

    مدهوش مديني جون پيئو مَئي ٿا گهمن گهٽيون،
    من ۾ ئي مليا تن کي ميخانا، محمدﷺ جا.

    اصحاب نبي نرمل سڄو فرش فدا ٿي ويو،
    ست عرش ملائڪ ڪن شڪرانا، محمدﷺ جا.

    “وسيم” ثناگر ٿي صلوات سدا پڙهندو،
    مولود پيو لکندو روزانا، محمدﷺ جا.


    اسم چميو آقا : نعت رسول مقبولﷺ

    اسم چميو آقا سندو اکڙين سان لائيندو وتان،
    اکڙين سان لائيندو وتان، صلوات ڳائيندو وتان.

    زر دنيا دولت نه ڏي مولا عشق ڏي آقا سندو،
    جهول تنهنجي در جهلي پرور پڪاريندو وتان.

    عرس آيو عيد ٿي وئي اڄ عشاقن جي ادا،
    ميلاد جا منظر ڏسي هِن دل کي ٺاريندو وتان.

    اڻ لکين احسان آقاﷺ، هِن غريبن تي ڪيا،
    ڳُڻ انهيءَ محبوب جا مان ڳايو ڳائيندو وتان.

    “وسيم” پنهنجي زندگي گهاريان پرين جي پار ڏي،
    شل واڳ مدني ڏي وري مان اِهو چاهيندو وتان.


    شل هيل وري قسمت وڃان : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: خوش ٿي، خوش ٿي، خوش ٿي حبدار حبيبن جا.


    شل هيل وري قسمت وڃان يار مديني ڏي،
    عاجز کي ڪجان سڏڙو سرڪار مديني ڏي،

    محبوب مديني جا مهمان هزارين ٿيا،
    مرسل جي در دل سان دربان هزارين ٿيا،
    روئي روئي ڏسن مؤمن ڀلي پار مديني ڏي.

    هِت منهنجي دوا ناهي دنيا جي دوائن ۾،
    مون نيڻ وڇايا ٻئي مدني جي راهن ۾،
    سگهو گهوٽ گهرايو هي بيمار مديني ڏي.

    تنهنجي در سان لڳو دم آ ڇڏي در هي وڃن ڪاڏي،
    پَر وارا پڄن پاڻهي بي پر هي وڃن ڪاڏي،
    سي ڪين لڇن جن جو منٺار مديني ڏي.

    اچي موت نه ٿو جيسين ڀلو پار پيو گهرندو،
    هي “وسيم” محمدﷺ جو ديدار پيو گهرندو،
    دم منهنجو وڃي مولا درٻار مديني ڏي.


    ٿي آ آمد محب محمدﷺ جي : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: ربّ ﷻ طاقت ۽ توفيق.....


    ٿي آ آمد محب محمدﷺ جي، اڄ عرب سڄو آباد ٿيو،
    ڪيون خوب خوشيون خيرات خداﷻ گهر گهر ۾ آ ميلاد ٿيو.

    هر پار سلام صلواتون هَن مولودِ نبيءَ جون نعتون هَنَ،
    سؤ سؤ تان شڪر خيراتون هَن ابليس ۽ بُت برباد ٿيو.

    اڄ عرش تي پيا اعلان ٿين پيا جنُّ مَلّڪ قربان ٿين،
    ۽ حورون پيون حيران ٿين خوش آدم جو اولاد ٿيو.

    محبوب ٿيو مهمان اچي جنهن جو شان چيو قرآن اچي،
    مِليو محشر جو سامان اچي هي “وسيم” شڪر دل شاد ٿيو.


    اي حليمهi تو سر صدقي : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: خوش ٿي، خوش ٿي، خوش ٿي حبدار حبيبن جا.


    اي حليمهi تو سر صدقي صدبار ڪيو هوندو،
    جنهن وقت محمدﷺ جو ديدار ڪيو هوندو،

    شڪراني سندا سجدا سؤ وار ڏنا هوندَئي،
    جنهن مهل محمدﷺ کي جهولي ۾ کنيو هوندو،

    نه ديد ڪئي هوندَئي چهري کان پري پنهنجي،
    اکين کي چميون ڏيئي تو پيار ڪيو هوندو.

    صلواتون پڙهيون هوندَئي ڪي نعتون پڙهيون هوندَئي،
    تو درود سان دل پنهنجو هٻڪار ڪيو هوندو.

    من ساڻ محمدﷺ جي دعوت کي قبولي تو،
    قربان ڀري ڪلمو گهر ٻار ڪيو هوندو.

    هر پار محمدﷺ جي ايندڙ جون چمان اکيون،
    تنهن روضي سندو درشن نروار ڪيو هوندو.

    آ “وسيم” محمدﷺ جي درشن جو سدا سائل،
    مون کي پڪ آ محمدﷺ کي پتو پهرين پيو هوندو.


    اي عرش ٻُڌاءَ ٿورو : معراج النبيﷺ

    طرز: خوش ٿي، خوش ٿي، خوش ٿي حبدار حبيبن جا.


    اي عرش ٻُڌاءَ ٿورو توتي گهوٽ گهميو ڪيئن هو؟
    تنهن ويل ادب مان تو نعلين چميو ڪيئن هو؟

    چهري کي تڪيو هوندئي نوڙت سان جهڪيو هوندين،
    سالن جون سِڪُون لاٿئي صدين کان سِڪَيو هوندين،
    پُر نور ٿي پلڪن سان پڳدار پسيو ڪيئن هو؟

    تو شڪر ڪيو هوندو صلواتون پڙهيون هونديون،
    تو شانِ محمدﷺ ۾ ڪي نعتون پڙهيون هونديون،
    سو ورد ڀلا ڏَس تون چپڙن سان چيو ڪيئن هو؟

    تو ۾ شمس و قمر تارا تنهنجو حال هيو هيڻو،
    سرڪار ڪيو ڦيرو تنهنجو نور ٿيو ٻيڻو،
    عبرت ۾ آهين اڄ ڀي اِهو ڀال ٿيو ڪيئن هو؟

    نه رات رجب وسري نه ماھ رجب وسري،
    آ “وسيم” محمدﷺ جو مون کان نه ادب وسري،
    هِن شمس و قمر سجدو شجرن ڀي ڪيو ڪيئن هو؟


    عاشق تڙپيو يار : نعت رسول مقبولﷺ

    عاشق تڙپيو يار، مرسل مرسل ڪن ٿا،
    ساري پرين جو پار، مرسل مرسل ڪن ٿا،

    تنهنجا طالب تخت نه طلبين،
    سڀ ڇڏيو تڪرار مرسل مرسل ڪن ٿا.

    سي نه دنيا جي دام ۾ ڦاٿا،
    کنيو برھ جو بار مرسل مرسل ڪن ٿا.

    روح اوهان لئه آتو آتو،
    ڌڙ سسي سڀ وار مرسل مرسل ڪن ٿا.

    من انهن جو ماڳ مدينو،
    دل ڪيو دربار مرسل مرسل ڪن ٿا.

    لوڪ سمهاري اُٿن ٿا عاشق،
    رويو زاروزار مرسل مرسل ڪن ٿا.

    “وسيم” صلواتٌ ساڻ سمورا،
    هٿ کنيو هي هزار مرسل مرسل ڪن ٿا.


    محمدﷺ نور نِرواري : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: مٺو نالو محمدﷺ جو وٺڻ سان دل ٺري ٿي پئي.


    محمدﷺ نور نِرواري، سبحان اللهﷻسبحان اللهﷻ،
    قيامت تائين هوندو جاري، سبحان اللهﷻ سبحان اللهﷻ،

    بلند رتبو الڳ تنهنجو، هجڻ آدم کان اڳ تنهنجو،
    چوان سردار سؤ واري، سبحان اللهﷻ سبحان اللهﷻ،

    خداﷻ قرآن کي لاٿو، پرين تنهنجي شان ۾ لاٿو،
    ٿيو چؤ طرف چوڌاري، سبحان اللهﷻ سبحان اللهﷻ،

    سڄڻ تنهنجي زندگي ڇا ڇا، بلند وري بندگي ڇا ڇا،
    يتيمن سان تنهنجي ياري، سبحان اللهﷻ سبحان اللهﷻ،

    پرين توکي پسڻ کان اڳ، اويسي ٿيا ڏسڻ کان اڳ،
    ڪيَن صدقو عمر ساري، سبحان اللهﷻ سبحان اللهﷻ،

    نبيءَ جون نور نعتون پڙھ، صبح سانجهي صلواتون پڙھ،
    “وسيم” رک ورد لک واري، سبحان اللهﷻ سبحان اللهﷻ،


    خداﷻ تنهنجو : نعت رسول مقبولﷺ

    خداﷻ تنهنجو ۽ تنهنجي آ مصطفائي يارسول اللهﷺ،
    دنيا جِي آبرو تو آ، وڌائي يارسول اللهﷺ،

    تنهنجي دربار تي پهچي، سڪندر کوڙ دنگ ٿي ويا،
    اي آقاﷺ بس اسم تنهنجو، سي ٻڌندي ئي ملنگ ٿي ويا،
    اسان ڀي ديد تو در تي، لڳائي يارسول اللهﷺ.

    خداﷻ پنهنجي اسم سان گڏ، اسم تنهنجو جَڙيو آهي،
    تنهنجي تعريف لاءِ هي، جڳٽ سارو بڻيو آهي،
    رکي آ ڪينَ ربّﷻ توسان، جدائي يارسول اللهﷺ.

    سخي سلطان ۽ سورھ، گذارين در گدا بڻجي،
    نبيj ۽ اولياءِ( توکي پڪارين، در گدا بڻجي،
    عطا مون کي به ڪر در جي، گدائي يارسول اللهﷺ.

    ثناء ۾ شل سدا گذري، عمر هي جيتري آهي،
    مدح جو حق ادا ڪريان، نه طاقت ايتري آهي،
    “وسيم” کي سدا رکجان، مداحي يارسول اللهﷺ.


    مان نٿو طلبان سدائين : نعت رسول مقبولﷺ

    مان نٿو طلبان سدائين، ويس ڳاڙهي ۾ هجان،
    ڀل هجان بکيو ڏکيو، پر تنهنجي پاڙي ۾ هجان،

    تنهنجي محبت کان سواءَ، کِل ۽ خوشيون ڪاڏي ڪبيون،
    هن دنيا جون دلبريون ۽ دوستيون ڪاڏي ڪبيون،
    تنهنجي الفت ۾ سدائين، روڄ راڙي ۾ هجان.

    لوڪ ڏيئي ڀل لتون، سي پيا لنگهن مسڪين تي،
    پر سدا قائم هوندس، مان دلبربا جي دِين تي،
    در اڳيان دربار جي، سامهون مان ڪاڙهي ۾ هجان.

    ايترو ناهي لکن ۽ پيارا پدمن، ۾ مزو،
    جيترو آ يار تو جتين ۽ قدمن، ۾ مزو،
    تنهنجي جتين کي چمي، مان چوٽ چاڙهي ۾ هجان.

    ديد ۾ ئي دم وڃي، اهڙي عنايت ٿي وڃي،
    “وسيم” موت کي ڏي مبارڪ، تنهنجي زيارت ٿي وڃي،
    اُت تون اچجان جڏ، قبر جي ڪوٽ واڙي ۾ هجان.


    جڳ سڄو مالڪ مٺيﷻ : نعت رسول مقبولﷺ

    جڳ سڄو مالڪ مٺيﷻ، ٺاهي ڇڏيو تنهنجي شان ۾،
    ربّﷻ سڄو قرآن ئي، لاهي ڇڏيو تنهنجي شان ۾،

    نور جو پورو جسم، تعريف ۾ ڪيئن ماپجي،
    تنهنجي مدحت ۾ پوءَ عاشق، ڪيئن ڀلا سو ڍاپجي،
    ڪنهن قسم ڪو قصر ناهي، ڇڏيو تنهنجي شان ۾.

    تنهنجي مدحت جا مداحي، مُلڪ ۾ وڌندا وڃن،
    هڪ ثناءَ پڙهندا اچن، ۽ ٻيا ثناءَ لکندا وڃن،
    “اللهﷻ” عشاقن کي ته بس آهي، ڇڏيو تنهنجي شان ۾.

    موت نه روڪي سگهي، آهي عشاقن کي ڪڏهن،
    نه دنيا روڪي سگهي آهي، ديوانن کي ڪڏهن،
    ڪيترن کلندي ڪفن پائي، ڇڏيو تنهنجي شان ۾.

    عشق جي ديدن سان ڏسجي، دلبر تون آهين دل اندر،
    دل جي ديدن سان جي ڏسجي، محب تون محفل اندر،
    “وسيم” تنهنجي نعت کي ڳائي، ڇڏيو تنهنجي شان ۾.


    ڀلو ربّﷻ ۽ ان جي خدائي : نعت رسول مقبولﷺ

    ڀلو ربّﷻ ۽ ان جي خدائي، ڀلي آ،
    محمّدﷺ جي در جي گدائي، ڀلي آ،

    دنيا کي اَلائي ڇو عهدا وڻن ٿا،
    سُڃو بار سِر تي اجايو کڻن ٿا،
    جهانن کان جيئري جدائي، ڀلي آ.

    زمانو نه سمجهي زماني جو ڪم آ،
    محمّدﷺ ريءَ دنيا اسان لئه عدم آ،
    چوڻ هر ڪنهن کي چڱائي، ڀلي آ.

    اجايو وئين اٽڪي جڳٽ جي انڌن سان،
    رکئي دل دنيا ۽ دنيا جي ڌنڌن سان،
    دل دلربا سان لڳائي، ڀلي آ.

    ڀلو بي خبر کان ادا باخبر آ،
    لڳي جو ڀي يارو، انهيءَ کي قدر آ،
    ڪئي تو دنيا هي اجائي، ڀلي آ.

    سڏي عرش تي ربّ ٿئي روبرو ٿو،
    محمّدﷺ کي درشن ٿئي دوبدو ٿو،
    ڳُجهي ڳالھ يارو لِڪائي، ڀلي آ.


    هلو محبتن جي ڪا پهراڻ پائي،
    ڇڏيو نفرتن جا وڏا ڪوٽ ڊاهي،
    ڪرڻ هر ڪنهن سان ڀلائي، ڀلي آ.

    سندن نوڪرن جو نظارو عجب آ،
    سونهاري سان ڏين پيا ٻهارو عجب آ،
    جي لڙڪن سان ڪن سا صفائي، ڀلي آ.

    سڏي شل ڪو آقاﷺ هلائي هٿن کي،
    چوي شل محمّدﷺ سو چوري چپن کي،
    “وسيم” مدح منهنجي تو ڳائي، ڀلي آ.


    ڏينهن رات هجي برسات هجي : نعت رسول مقبولﷺ

    ڏينهن رات هجي برسات هجي، ڀل ساھ تي سائين سڪرات هجي،
    واکاڻ ۾ واڌ ڪنداسون، پنهنجي يار کي ياد ڪنداسون.

    خوش يار ڪبو هر حال اندر، هر ماھ اندر، هر سال اندر،
    شوّال هجي، شعبان هجي، يا رجب وري رمضان هجي،
    هر ماھ ميلاد ڪنداسون، پنهنجي يار کي ياد ڪنداسون.

    هِت دعوت ڏيئي دل وارن کي، سرڪار جي پيارن پيارن کي،
    ڇڏي ذوقِ زرّ ڪڍي قلب ڪٽر، دنيا کي ڇڏي، دلدار جي در،
    گڏجي فرياد ڪنداسون، پنهنجي يار کي ياد ڪنداسون.

    دربار ۾ حاضر حال ڪبو، ملڪيت ۽ سمورو مال ڪبو،
    گهر گهور ڪري، سِر گهور ڪري، رهبو نه پرينءَ کان ڌار پري،
    قربان اولاد ڪنداسون، پنهنجي يار کي ياد ڪنداسون.

    گڏجي آقاﷺ جي غلامن سان، مولود درود سلامن سان،
    گلڙن سان ويهي خارن سان ويهي، وڏڙن سان ويهي ٻارن سان ويهي،
    دل کي آباد ڪنداسون، پنهنجي يار کي ياد ڪنداسون.

    “وسيم” پرينءَ جي ديد ڪبي، آقاﷺ جي خوشي سان عيد ڪبي،
    صبح شام ڪبا، تيار طعام ڪبا، اعلان دنيا ۾ به عام ڪبا،
    منڪر برباد ڪنداسون، پنهنجي يار کي ياد ڪنداسون.
    .


    نادان اکيون پنهنجون کول : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: لک درد ملن لڄپال محمّدﷺ ويٺو آ.

    نادان اکيون پنهنجون کول، محمّدﷺ دنگ آهي،
    اهڙو نه دنيا ۾ ڪو ڳول محمّدﷺ دنگ آهي،

    يوسف ۽ زليخا$ جهڙا، خيرات وٺن در ويهي،
    صبح شام جهليو بيٺا جهول، محمّدﷺ دنگ آهي.

    سڀ حُسن دنيا واري، ربّ پاڻ مُڪو سينگاري،
    اللهﷻ ڪيو انمول، محمّدﷺ دنگ آهي.

    محبوب حَسِين دنيا جا، مڃان لال هزارين ماءَ جا،
    پر قرني!، بلال! جو ڍول، محمّدﷺ دنگ آهي.

    هُيو وهم دنيا ۾ جِن کي، جهلي چنڊ چيو سو تِن کي،
    نه نيڻ اجايا رول، محمّدﷺ دنگ آهي.

    حق ڪينَ لڪائڻ گهرجي، سڀني کي ٻُڌائڻ گهرجي،
    “وسيم” سان ويهي ٻول، محمّدﷺ دنگ آهي.


    اسان پڙهدے هون اسان : نعت رسول مقبولﷺ

    اسان پڙهدے هون اسان جُهڪدے هون، ساڏا ڪعبه قرآن محمدﷺ هے،
    مينون قسم هے مولا دي يارو، اِنھ جڳ دي جان محمدﷺ هے.

    ميڏي، تيڏي، اِنهدي، اُنهدي پهچان محمدﷺ مرسل هے،
    هڪ ڳالھ اِها مئين آکھ ڏيوان خود ربّﷻ دي پهچان محمدﷺ هے.

    سانوں ورد وظيفے ڏَس نه مُلاں، اِهو تون ڄاٹيں تيڏا ڪم ڄاٹے،
    ساڏي تسبيح داٹںد مٹکے سڀ، ساڏا ذڪر زبان محمدﷺ هے.

    تينون وقت مِلے جا جا ويکهي، دنيا دے سمندرسحراں ڪوں،
    هرشيء وچ وسدا محب ميڏا،هر جاءَ سلطان محمدﷺ هے.

    ساڏا قلب قرار اے دؤر دنيا، ساڏا دلبر ٺار اکيان دا هين،
    ساڏا ڪلما جان جسم آقا، ساڏا دين ايمان محمدﷺ هے.

    موسيٰ جو تجلا نور ڏٺا، سڄا طورَ سڙيا موسيٰ بهي ڪِريا،
    ويکهو ربّﷻ دا معراج دي شب، ٿيندا مهمان محمدﷺ هے.

    “وسيم” هے خادم خدمت وچ، رَکھ محب اِهو احسان ڪَرو،
    ميڪوں ويکھ دنيا آکهے آکهے، ويکهو اے دربانِ محمدﷺ هے.


    جنهن پار سڄڻ ميڏا : نعت رسول مقبولﷺ

    جنهن پار سڄڻ ميڏا، سو پار عجب لڳدا،
    ميڏے محب محمدﷺ دا، دربار عجب لڳدا،

    جنهن دا شان قرآني هے، مُکھ ماھ نوراني هے،
    والّيل دے زلفان تے، دستار عجب لڳدا.

    گل باغ بهاران وچ، جيوين ماھ ستاران وچ،
    ايويں مسجدِ نبوي دا، مينار عجب لڳدا.

    اُنھ پار دا بر سهڻا، هر ٽار شجر سهڻا،
    هر شهر مديني دا، گل خار عجب لڳدا.

    آندا شجر سلامي وچ، جهڪا سر تان غلامي وچ،
    آقا دے اشارے نل، چنڊ ڌار عجب لڳدا.

    هے سلام صحابان نون، مرسل دے غلامان نون،
    سرڪار دا هر سهڻا، هر يار عجب لڳدا.

    نه “وسيم” اکر رکهدا، آقا هے نظر رکهندا،
    تڏهان نعت دا هر نقطا، اشعار عجب لڳدا.


    ملڪ چم چم پئے چاون : نعت رسول مقبولﷺ

    ملڪ چم چم پئے چاون، اسم هر هر محمدﷺ دا،
    عجب ھے شان ڪيا آکهاں، ذڪر گهر گهر محمدﷺ دا،

    سڄڻ دي ذات ھے اعليٰ، مٺا ماکي ڪنوں نالا،
    عشاقاں ڪوں پلاء پيالا، ڀلا بهر بهر محمدﷺ دا.

    وڏا او شان والا ھے، نبيﷺ نرمل نرالا ھے،
    ڏونهيں جڳ تے اُجالا ھے، گهوٽ گوهر محمدﷺ دا.

    چمي چاڙهياں پئے چڙهدے، ادب نل در تے آکهڙ دے،
    کُل کلما پئے پڙهدے، جهکئے پٿر محمدﷺ دا.

    اکهياں در تے ادا رکھ توں، لباں تے ايں صدا رکھ توں،
    “وسيم” ڪوں خدا رکھ توں، سدا نوڪر محمدﷺ دا.


    اهو نور آيا جنهدے نور وچوں : مولود شريف

    اهو نور آيا جنهدے نور وچوں، اے بڻي سڄي ڪائنات،
    حليمهi چا ڳئي سا ذات.
    نور دي وس وس پئي ھے وسدي، عالم تے برسات،
    حليمهi چا ڳئي سا ذات.

    ڏاچي جنهندي هيڻي هَئي، سا تيز تکهيري ٿي پئي،
    گهوٽ چڙهيا اڄ طاقت مِل پئي سڀ نوں سگهيري ٿي پئي،
    اُهدي ڳئي سا شان نبي دا، لب تے هَس صلوات،
    حليمهi چا ڳئي سا ذات.

    مالڪ ھے جهڙا دو جڳ دا، سو مفت حليمهi مِل پيا،
    قربان وڃان تيڏے قدمان تئوں، تيڏا بخت حليمهi کُهل پيا،
    خوشياں ڪر وڃ خوب حليمهi، ڪر توں وڃ خيرات،
    حليمهi چا ڳئي سا ذات.

    حال تيڏے تے کِهلدياں پياں سے، هٿڙي ملدے رَھ ڳياں،
    دائياں تيڏے چن ڪوں ويکهڻ، تيڏے ٻُھے تے ٻَھ ڳياں،
    انهدياں ٻيٺن روندياں ٻيٺن، اے وائي سڀنئي وات،
    حليمهi چا ڳئي سا ذات.

    گهر تيڏے وچ ويکھ حليمهi، نور خدا دا آيا،
    تيڏے چن دا چهرا ويکھ کے، چنڊ چوڏهين شرمايا،
    تيڏا جهوپا جهوپا نئي هُڻ، نور دي ھے محلات،
    حليمهi چا ڳئي سا ذات.

    جيئرے تيڪوں جنّت مِل پئي، دُکھ آرام وسر ڳـــئے،
    چم چم چمندي وَل هي چمندي، کاڌے طعام وسر ڳـــئے،
    اکهياں نال توں لوڏي ٻيٺي، پينگهان ساري رات،
    حليمهi چا ڳئي سا ذات.

    ملڪيت مال تے ڇوڙ مڏي ڪوں، ڇوڙ خيال توں ڌن دا،
    “وسيم” حليمهi دے در وڃ، متان مِلئي ذرا درشن دا،
    پڙهدا وڃ تون نعت نبي دي، جا ڏاتر ڏيتي ھے ڏات،
    حليمهi چا ڳئي سا ذات.


    بن منگئے مِلي جڳ والياں ڪوں : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: دن جيئري هوسان.....

    بن منگئے مِلي جڳ والياں ڪوں،
    اِها عادت اِنھ دربار دي هے،
    صديق!، فاروق! آ بڻندے هِن،
    ڪيا نيڪ نظر ميڏے يار دي هے،

    دنيا ڪوں هے دعوت شام صبح،
    اِٿاں هَلدي سخاوت شام صبح،
    اِٿاں ٿيندي تلاوت شام صبح،
    تيڪوں آکهاں رڳو رخسار دي هے.

    مکهڙے ڪوں پئي اڄ ماڪ چُمے،
    پيراں ڪوں پئي اي خاڪ چُمے،
    جتياں ڪوں پيا افلاڪ چُمے،
    آکهے جُتي ميڏے سرڪار دي هے.

    سڄي لوڪ دے وِچ هان يار ڏٺا،
    ڪو حڪيم نه سگهيا مرض مِٽا،
    مدني والا محبوب مِٺا،
    تيڏي ديد دوا بيمار دي هے.

    وچ خلق دے خوشبو هيڪاندي هے،
    اڄ مَن ڪوں صباح پئي ڀاندي هے،
    پڙھ پڙھ کے درود پئي آندي هے،
    لڳدا پئے هوا، اُنھ پار دي هے.

    ميڏا حال ته ڪوجها هے ڪالا،
    تيڏا رتبا هے اعليٰ نوں اعليٰ،
    ميڏا محب مٺا ڪملي والا،
    تيڪوں پارت اِنھ بيڪار دي هے.

    نه جنّت مئیں بد بخت گُهراں،
    نه “وسيم” مئين طلباں تخت گهراں،
    تيڏا درشن پيا هر وقت گهراں،
    ساں ڪوں تانگھ تيڏے ديدار دي هے.


    هر جاءَ وسي محمّدﷺ : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: هن وقت به حڪومت حضرت حضورﷺ جي آ.


    هر جاءَ وسي محمّدﷺ، ميڏي نظر نظر وچ،
    قرآن شان ڳاوے، سٽ سٽ اکر اکر وچ،

    سرڪار دے ئي صدقے، جڳ دا نظام هلدا،
    مدني دي ذات وسدي، اِٿ اُٿ ننگر ننگر وچ.

    ربّﷻ دے ئي نال حاضر، ميڏا نبي نبي هے،
    صحرا سمندراں وچ وسدا ڪڪر ڪڪر وچ.

    سورج ثناءَ خواني، ڪردے قمر ستارے،
    مرسل دا شان لڀسي پن پن شجر شجر وچ.

    هر هر بلال آکهے، ٻڌندا رَهيا زمانا،
    ڏيوو جسم کوں با هے، آقا اندر اندر وچ.

    “وسيم” ڪوں پيا ڏيوين، ڪر ڪر ڪرم نوازي،
    ديدار اپڻا آقا اِٿ اُٿ حشر حشر وچ.


    ويکھ کے پياري اعليٰ اِک : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: پاڻ خدا خود آ فرمايو مون سان اڄ محبوب ملايو.

    ويکھ کے پياري اعليٰ اِک، دربار، سوالي آياهے،
    سلطان سڪندر ٿي در تي، سنسار، سوالي آياهے،

    وقت دے غوث قطب ڪامل، پئي جهڪ جهڪ جهولياں جهلدے هِن،
    چنڊ، ستارے، سورج، تئيں گل خار، سوالي آيا هے.

    ڇوڙ زمانے ڪوں پَر تے، آ محب ٻيٺا تيڏے در تے،
    ڪُل مرض دنيا دے سرچاءَ ڪر، بيمار، سوالي آيا هے.

    پيغام هوا اے چاءَ وڃ توں، سرڪار ڪوں حال سڻاءَ وڃ توں،
    بد بخت کهڙا دربار اڳوں، بيڪار، سوالي آيا هے.

    ڀري جهول سڄا سنسار کهڙا، هے “وسيم” لٿا لاچار کهڙا،
    در کهول ڏيوو اِنھ سائل ڪوں، ديدار، سوالي آيا هے.


    قسمت ميڏي ڀاڳ نه ميڏا : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: آنے والوں یہ تو بتاؤ شہر مدینہ کیسا ہے۔

    قسمت ميڏي ڀاڳ نه ميڏا، روضا تيڏا اعليٰ هے،
    دل نال ويکهيا جس نے اُس نوں، اوشخص نصيباں والا هے،

    آدم، عيسيٰ، غوث، قلندر، تيڏے ٻُـھـے آ ٻهندے،
    ميڏا دلبر در تيڏے دا، ڪيا آکهاں رنگ نرالا هے.

    جهڙے هَن گستاخ تساڏے، آقا سے بدنام ٿـئـے،
    تيڏا رتبا اعليٰ اعليٰ، ڪافر دا مُنهن ڪالا هے.

    جنهندا جهڙا ها ورد وظيفا، سو اپڻا هے پڙھ ٻيٺا،
    ساڏا هر دم ورد وظيفا، آقا تيڏا نالا هے.

    لوڪي اَنهدے راھ اندهيري، اِس منزل وچ آندي هے،
    هر ڪنهن چاتي روشني اپڻي، میکنے عشق اُجالا هے.

    “وسيم” قبر وچ پڙھ صلواتان، مئيں تاں اُنۡهَاں ڪوں آکھ ڏيساں،
    مئيں تان پلّے اعمال نه آندا، آندا نبيﷺ دا نالا هے.


    ڪُل دُکهاں دی دوا : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: کو ن جلوا نُما آج کی رات ہے،

    ڪُل دُکهاں دی دوا، مصطفیٰﷺ، مصطفیٰ ﷺ۔
    خود پيا ڪردا خداﷻ، مصطفیٰﷺ، مصطفیٰ ﷺ۔

    لامکاں ایں مکاں، تے ذڪر يار دا،
    فرش اے آسمان، تے ذڪر يار دا،
    ھلدا ڏونھیں جھاں، تے ذڪر يار دا،
    ذات بيشڪ بقا، مصطفیٰﷺ، مصطفیٰ ﷺ۔

    ان کی گلیوں سے آئی، گھٹاءَ گهوم ڪر،
    ان کی چوکھٹ کو آئی صباح چوم ڪر،
    جھومتی جھومتی، آ گئی جهوم ڪر،
    کہتی کہتی ہوا، مصطفیٰﷺ، مصطفیٰ ﷺ۔

    جي وڌاوڻ گُهري، اپٹے درجات ڪوں،
    جي هٽاوڻ گُهري، رات سڪرات ڪوں،
    جي تون چاهي پيا، ربّﷻ دی ملاقات ڪوں،
    راستہ ھیں سِڌاءَ، مصطفیٰﷺ، مصطفیٰ ﷺ۔


    بڻ مالڪ آيا، زمانے مَٿوں،
    پير سروَر پايا، زمانے مٿوں،
    ڪالي ڪملي دا سايا، زماني مٿوں،
    وسدا هر اِک جگاءَ، مصطفیٰﷺ، مصطفیٰ ﷺ۔

    واسطا تينوں هر اِک سوالي دا ھے،
    جيڪا قائم ھے، تنهن ذات عالي دا ھے،
    واسطا تينوں قرني!، بلالي! دا ھے،
    “وسيم” ڪوں مکڙا وِکهاءَ،مصطفیٰﷺ، مصطفیٰ ﷺ۔


    ڀر پير دل جاني : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: گُهنڊ کهول ديدار وِکهاؤ...

    ڀر پير دل جاني،
    تے وھ واھ اِٿاں رنگ لڳ ڳئــے.

    توں شان والا، اسان شان تيڏي وچ،
    هِن گيت پڙهے قرآني،
    تے وھ واھ اِٿاں رنگ لڳ ڳئــے.

    ٿڪ پئي دنيا ڳول دنيا وچ،
    تيڏے لڀ نه سگهي ثاني،
    تے وھ واھ اِٿاں رنگ لڳ ڳئــے.

    تيڪوں ويکھ کے، آپ ڪوں ويکهداں،
    چڙهي هوش تے ھے حيراني،
    تے وھ واھ اِٿاں رنگ لڳ ڳئــے.

    تيڏا نور جو، پيا محفل تے،
    هر دل ٿي پئي نوراني،
    تے وھ واھ اِٿاں رنگ لڳ ڳئــے.

    ڪر قرب قبولِئي، عرض اساڏا،
    وِکھ چا آئیں، مهرباني،
    تے وھ واھ اِٿاں رنگ لڳ ڳئــے.

    “وسيم” آکھے تيڏي عرش تے آقا،
    ربّ آپ جهلي مهماني،
    تے وھ واھ اِٿاں رنگ لڳ ڳئــے.


    ساڏے نبيﷺ دا، شان ويکهو : نعت رسول مقبولﷺ

    طرز: اللهﷻ نبیﷺ دا نام ليئے...

    ساڏے نبيﷺ دا، شان ويکهو،
    ساڏے نبيﷺ دا، شان ويکهو،

    ويکهدے چهرا دلبر دا، اڄ چنڊ ستارے رِھ ڳئــے،
    محبوب نبيﷺ دے حُسن اڳوں ڪيئي پيارے پيارے رھ ڳئــے،
    “وسيم” زليخا$ يوسف جيھے، هارے هارے رھ ڳئــے.

    موسيٰ جيها طور اُتے پيا، رُڪ رُڪ ڊڄندا جاوے،
    هڪ تجلے نل طور جلے، ربّﷻ اپڻاں پردا چاوے،
    “وسيم” تاں ويکهو شان نبيﷺ دا، پيا عرش تے قدم گهماوے.

    حضورﷺ دے آوڻ نال دنيا تے، اللهﷻ هُو هُو ٿي ڳئــے،
    گُل ڪوں مِل پئي خوشبوء، گُل ڀي باغ تے بوء بوء ٿي ڳئــے،
    “وسيم” جنهاں پئي نظر نبيﷺ دي، اُنھے بُلھے باهو& ٿي ڳئــے.

    قسمت ويکھ حليمه$ دي، ساڏي قسمت ڀي شرماءَ ڳئي،
    ربّ ﷻ ٿيا راضي حليمه$، گهر ٻيٺــے منزل پاءَ ڳئي،
    محبوبﷺ دا مکڙا ويکهدے، ويکهدے، ويکهدے قرب ڪماءَ ڳئي،
    “وسيم” لکاں دا محب مٺاﷺ اڄ، مفت حليمه$ چاءَ ڳئي.

    آغوش دے وچ جڏهاں پيارے علي! دا دلبر سهڻاﷺ سوڳيا،
    ويکهدے وقت نماز دا، جڏهاں يار علي! نوں کهوءَ ڳيا،
    اکہياں علي! ديان وَسڻ شروع ٿيان روح علي! دا روءَ ڳيا،
    “وسيم” جڏهاں ٿيا حڪم حبيبﷺ دا، سج ڪون ولڻاں پوءَ ڳيا.

    مغرب تے مشرق والے، اڄ چرچا ويکھڻ چلدے،
    محبوب مٺــےﷺ دے ماڳ اُتے، اُٿاں ملڪ اکياں نل هلدے،
    يوسف جيھے اُنهاں گهٽياں دے، خاڪ پئے مُنهن تے ملدے،
    “وسيم” ولي ڪُل سڄڻ دے در تے، جهڪ جهڪ جهولياں جهلدے.


    تو محب ڪيا مستان الڳ : ڪافي

    طرز: لڙي محب مٺا ليئو پائي وڃ...

    تو محب ڪيا مستان الڳ،
    حيوان الڳ انسان الڳ.

    توکي شام صبح سي پڪارين ٿا،
    صلوٰت پڙهي سي سارين ٿا،
    تنهنجي در تي گدا ٿي گذارين ٿا،
    سردار سخي سلطان الڳ.

    تنهنجي در خوشيون خيرات ٿين،
    هر ڏينهن ٿين هر رات ٿين،
    ٿا تن جا بلند درجات ٿين،
    ڏين ٿو دين الڳ ۽ دان الڳ.

    تنهنجي چهري جي، چمڪار عجب،
    تنهنجي زلفن جي هٻڪار عجب،
    تنهنجي دلبر آ، دستار عجب،
    جنهن ۾ چمڪن چنڊ مرجان الڳ.

    ڇا پرکيان راز ربّاني آ،
    تنهنجي نالي ۾ نور نوراني آ،
    توتي محب دنيا ديواني آ،
    هي زمين الڳ آسمان الڳ.


    تنهنجي صاف ثناءَ سبحان ڪري،
    ۽ جنُّ ملڪ انسان ڪري،
    هي “وسيم” ڀلا ڇا بيان ڪري،
    توتي محب لٿو قرآن الڳ.


    چنڊ چڙهيو اهڙو جنهين جي : ڪـافـي

    چنڊ چڙهيو اهڙو جنهين جي، آ چمڪ، اڄ چؤ طرف،
    خوش ٿيا ڇا ڇا چوان، ماڻهو ملڪ، اڄ چؤ طرف،

    ڀاڳ ٿيا منهنجا ڀلا، منهنجي اڱڻ آيو، عجيب،
    آجيان لئه گڏ ٿيا، تارا فلڪ، اڄ چؤ طرف،

    هِن خاڪ جي قسمت ڀلي، جو پير پِريَنۡ جا پيا،
    ڇو نه پوءَ خوشيون ڪري، خاڪي خلق، اڄ چؤ طرف،

    شان مان ڪهڙو چوان، لٿو خود خدا جو نور آ،
    جڳ سڄو جرڪايو آ، جنهن جي جهلڪ، اڄ چؤ طرف،

    “وسيم” شڪ ۽ شرڪ جا، ڪوٽ پيا ڪنبندي ڪِري،
    جا ڪيان جاڏي نظر، حاضر آ حق، اڄ چؤ طرف،


    مليو هر رنگ ۾ مونکي : ڪافي

    طرز: روئان ٿو يار جي خاطر پنهنجي دلدار جي خاطر.

    مليو هر رنگ ۾ مونکي، آ منهنجي يار، جو جلوو،
    سدا سنسار ۾ ثابت سڄڻ سرڪار، جو جلوو.

    عيادت تو ڪئي جن جي، ٺهي تقدير وئي تن جي،
    ڏَسيان تنهن مهل ڇا هوندو، اُنهيءَ بيمار، جو جلوو.

    سونهري وار سڀ سهڻا، سندس سينگار سڀ سهڻا،
    کڻي دل کي ويو دلبر، تنهنجي دستار، جو جلوو.

    نڪي ڪو مُلڪ ٿيو مٽ آ، چوان جنّت تڏهن گهٽ آ،
    پسيو جنهين تنهين کان پڇ، پرين جي پار، جو جلوو.

    ادب ۾ التجاءَ آهي، اوهان جي هٿ عطاء آهي،
    “وسيم” دل سان نوازيو اڄ، ڏيئي ديدار، جو جلوو.


    اسان پنهنجو حالِ دل توکي : ڪافي

    اسان پنهنجو حالِ دل توکي، ٻُڌايوسين _ ته گنج ٿي ويا،
    کڻي دنيا تان دل توسان، لڳايوسين _ ته گنج ٿي ويا،

    ساري لڄپال پنهنجي کي، وساري حال پنهنجي کي،
    گهٽي ۾ خيال پنهنجي کي، گهمايوسين _ ته گنج ٿي ويا.

    ٻُڌوسين ڪنهن نه طعني کي، ڏيئي دعائون زماني کي،
    سو پنهنجي غريب خاني کي، سجايوسين _ ته گنج ٿي ويا.

    رکيوسين ذوق نه زرّ جو، اميراڻين نه ڪنهن گهر جو،
    ڪُتو تو دلبربا در جو، سڏايوسين _ ته گنج ٿي ويا.

    ناهي ڪو ڀروسو جڳ تي، اوهان جو آسرو اڳ تي،
    دل کي دلربا دڳ تي، وڇايوسين _ ته گنج ٿي ويا.

    نه هو آرام ڪو من ۾، لکن ۽ يار پدمن ۾،
    ڪنڌ تو يار قدمن ۾، جهڪايوسين _ ته گنج ٿي ويا.

    “وسيم” نه پاڪ پاڪن ۾، نڪي نالو اوطاقن ۾،
    اسم پنهنجو عشاقن ۾، لکايوسين _ ته گنج ٿي ويا.


    دلبر جي ڪندين در جو : ڪافي

    دلبر جي ڪندين در جو _ دربان مهرباني،
    عاجز تي ڪندين اهڙو _ احسان مهرباني،

    تحفو نه آهي اهڙو، تو وٽ کڻي اچان ڇا،
    تحفي جي طور وٺندين هي _ جان مهرباني.

    سنسار سمنڊ آهي، هيرا هزار ان ۾،
    منهنجي ته حيثيت ٿئي ڪا _ ڪانه مهرباني.

    گلزار چمن پهرين، گلڙن سان پيا ڀريا هَنَ،
    پيرا کڻي تون برڪر _ گلدان مهرباني.

    ايندين جي دلربا تون، بيمار بچي پَوَندو،
    درشن وارو جي ڏيندين _ درمان مهرباني.

    تنهنجي تڏي تي طالب، دلبر اچن وڃن پيا،
    “وسيم” کي ڪندين جي _ مهمان مهرباني


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 533
    ڪتابن جو مشاهدو: 550730
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 212771
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ