ڪتاب جو نالو: مرگهه اُڃارا نيڻ
مصنف: شاهد حميد
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 24 ڊسمبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 369 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 115 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب شاهد حميد جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي. ساجد سنڌي لکي ٿو:”جڏهن شاهد حميد جي ڪوتائن کي پڙهجي ٿو ته سندس شاعري جو هڪ وسيع جهان مختلف صنفن جي روپ ۾ اسان کي اسان جي اندرجو آئينو پسائي جتي نٽهڻ اس ۾ گهاٽي ڇانوري جو احساس ڏياري ٿو، اتي زندگيءَ جي غيرمعنويت رمزن جا راز پڻ سلجهائي ٿو. نهايت سادي ۽ ماٺيڻي طبيعت جي مالڪ شاهد حميد جي شاعري ۾ موجود احساسن جي پختگي سندس تڙپ ۽ اندر ۾ آيل ولوڙ کي اڀاري ٿي. جنهن ۾ سندس داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن جي اپٽار جابجا جهلڪندي نظر اچي ٿي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • شاعر پاران
  • مهاڳ: آ ڏات رڳو ڏُک!
  • بیت

  • شال نه ٿڪن پنڌ ۾، منهنجون ڪوتائون
  • چانڊوڪيءَ ۾ جهنگ ٿو، لهڪي لَيِنَ ساڻ
  • ايڏا وڻن ڏارڙا، ڪنهن لئه ڦولِن ٿا؟
  • ڇو ٿو ڇڪين پنڌ ۾، ڪاموريءَ جا ڪن؟!
  • سونيون مڇيون جهول ۾، ڪاري مهاڻي
  • ڏات نه آهي ڏک، جيئن تو سوچيو وائڙا!
  • منهنجا ڦٽ فراق! چڪيا پَلُرَ پيءَ ڪري،
  • ائين اُڏري سانجهه جو، انبن تان طوطا
  • ڇوڪر ! هيءَ گُليل، هاڻ نه ماريندي وهيو
  • اجهو اڏريا ڄاڻ، ڪانئيرا ڪنهن ڪُنڊ تان
  • تنهن کي ساهه سمائيان، ڳچيءَ ڳر لائي
  • سوچي روڪيان پير، آئون ائين پنڌ ۾
  • ميان! ڪڏهن تو ڏٺيون، ٻُوهل ۾ ٻيريون؟!
  • لُڏي پئي لام، اڄ به تو لئه واءُ ۾
  • ڪيڏا بيت بسنت ۾، تولئه سرجيا مون
  • ناهي ڏيا ڏيل ۾، هينئڙو هرڻ جيئن
  • ان کي ايئن نه ٽار، منگتو جيڪو ماٺ ۾
  • ميان! ٻُنڀي ٻاهران، ايڏي سڏو سڏ!
  • وسي اُڪاڻا، ڪڪر ڪارونڀار جا
  • امڙ ڇا تان ڪاوڙي؟ دڙي ٿي دڙڪا
  • ايئن نه تن کي ٿيڙ، کڙو هڻي کيت مان
  • ميان! ايڏي ماٺ! توکي ڇو ويڙهي وئي؟
  • سکي ٻکي ٻک ۾، هيرون هٻڪارون
  • تڙ سارو ويران، پاڻياريون ڪاڏي ويون؟
  • ان جا سپنا ٽاڪئان، ان جي ڪڍ نه پئو
  • ڪيڏو نه ڀرجي، برسيو آهي مينهڙو
  • ساري تنهنجون ڳالهڙيون، ديد وڌم در ۾
  • آيا هري هانوَ تي، مينديءَ رتا هٿ
  • موهيو سارو منڊ، ان جي صورت سانوري
  • هيءَ جا عورت پنڌ ۾، ڇاتيون ماسيريون
  • ساڳيا ڌوتل مينهن ۾، تنهنجا ڳل هئا!
  • هاڻي سي الائي، هوندا ڪهڙي ماڳ تي؟
  • جيئن ئي وهائُو، اُڀري ٿو آڪاش ۾
  • ايڏا ڀاڪر موهه مان، ڪنهن کي پاتئي نار؟
  • غزل

  • لهي ٿو سورج وڻن جي پويان، گهُلي ٿي دڳ تي هوا اُتر جي
  • سڏي پئي سونهن ڪا مونکي، وڄن ٿيون سارنگيون مون ۾
  • سکيءَ جو بدن جو هٿن ۾ هيو
  • تنهنجي سار ۾ اڄ به آليون اکيون
  • پيار جي احساس جهڙي ڇوڪري
  • ڀنڀرڪي جو ٻکجي ٻکن ۾ لُڏي
  • ڇا ڇا هوندا رنگ مصور! ست رنگي تنهن منظر جا
  • بند سڀئي در هوا ۾
  • زندگيءَ جي اُجاڙ راهن ۾
  • سانجهيءَ ٽاڻا، تنهنجون راهون
  • نه ئي ڪنهن اپسرا ساريو، نه ڪوئي ڪي پريون آيون
  • نظم

  • نتاشا
  • اچ ڏس! ساري شام ڀڄي ٿي
  • نابين وينگس جو نوحو
  • اڳ ائين هئي زندگي
  • اهو ڪير ؟
  • ڪنهن گهڙي آءُ ڏات، مينهن وانگر
  • اکين کي روڪ او نينگر!
  • سکيءَ کي مون نه آ سمجهيو
  • “ث” جي نالي
  • هوشوءَ جي حضور ۾
  • اسان کي عشق ساريو آ
  • هن ذات جي ڪُنڍيءَ ۾
  • آسمان جي ڳلين ۾
  • ماني اهو کائي
  • فرق
  • Not waiting
  • نئين تهذيب
  • امان ڪلثوم لاءِ
  • نجيءَ کي جنم ڏينهن مبارڪ
  • آءُ اي وڇڙيل مسافر !
  • آ ڳجهارت جهڙي جئين هيءَ ڪائنات
  • وايون

  • آهن ڪيڏا هُل!
  • ڪيڏا سج لهي ويا!
  • شاهد جاڳي ٿو
  • گُم ٿي ويا آهن
  • نيري ڪينجهر جي مٿان
  • سانجهيءَ جي ويلي
  • گهوري رهيو آهي
  • شاعر سوچي ٿو
  • ڇا ٿي سوچي ڳائڻي!؟
  • هن جي نيڻن ۾
  • ڪيڏا رنگ ڀري ويو!
  • آڻ هن کي اوڏڙو
  • ڪنهن گهڙي تو کي ڏسان
  • روح روڙيندو رهيو
  • هائيڪا، دوها، ڏيڍ سٽا، سوايون، پنجڪڙا

  • هائيڪا
  • ڏيڍ سٽا
  • دوها
  • سوايون
  • پنجڪڙا

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا

    ڪتاب نمبر 49
    هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: مرگهه اُڃارا نيڻ
    موضوع: شاعري
    شاعر: شاهد حميد، ٽنڊوباگو (بدين)
    ڇاپو پهريون: اپريل 2017ع
    تعداد: هڪ هزار
    ڇپائيندڙ: “مسافر” پبليڪيشن، ٽنڊوباگو، ضلعو بدين
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    سيد آرڪيڊ آفيس نمبر 8 عبرت گهٽي گاڏي کاتو حيدرآباد
    03003513966

    مُلهه: 250/=


    MIRGH UNJARA NEN
    (Poetry)
    Poet By: Shahid Hameed
    Sambara Publication Hyderabad
    0300351


    ارپنا

    ٽڙڻ جي ڏينهن ۾ ڇڻي ويل
    پنهنجي ان ننڍي ڀيڻ جي نالي
    جنهن کي ساري آئون هميشه
    لطيف جي هي سِٽ ٿي ويندو آهيان

    “ويرو تار ڏکن سڄڻ ڀڳي هڏ جيئن



    اڪ اُڃارا ٻوهه اڃارا، مرگهه اڃارا نيڻ.
    (حليم باغي)


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”مرگہہ اڃارا نيڻ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب شاهد حميد جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي. ساجد سنڌي لکي ٿو:
    ”جڏهن شاهد حميد جي ڪوتائن کي پڙهجي ٿو ته سندس شاعري جو هڪ وسيع جهان مختلف صنفن جي روپ ۾ اسان کي اسان جي اندرجو آئينو پسائي جتي نٽهڻ اس ۾ گهاٽي ڇانوري جو احساس ڏياري ٿو، اتي زندگيءَ جي غيرمعنويت رمزن جا راز پڻ سلجهائي ٿو. نهايت سادي ۽ ماٺيڻي طبيعت جي مالڪ شاهد حميد جي شاعري ۾ موجود احساسن جي پختگي سندس تڙپ ۽ اندر ۾ آيل ولوڙ کي اڀاري ٿي. جنهن ۾ سندس داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن جي اپٽار جابجا جهلڪندي نظر اچي ٿي.“
    هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن حيدر آباد پاران اپريل 2017ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري دوست ۽ سنڌ سلامت جي سڄڻ ساجد سنڌيءَ جا جنهن سمبارا پبليڪيشن پاران ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني..

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    جتي سنڌ ۾ سنڌي شاعريءَ جا ججهي انگ ۾ ڪتاب ڇپجي رهيا آهن، اتي اڪثريت اهڙن شاعرن جي آهي جن جي شاعريءَ ۾ ضابطن جي ڀڃڪڙي، فڪر جي اڻاٺ، خيالن جي لتاڙ ۽ مشاهداتي گهرائي جي کوٽ ليئاڪا پائيندي نظر اچي ٿي، پر ”اڃان ڪي آهين، ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي جيان“ جڏهن شاهد حميد جي ڪوتائن کي پڙهجي ٿو ته سندس شاعري جو هڪ وسيع جهان مختلف صنفن جي روپ ۾ اسان کي اسان جي اندرجو آئينو پسائي جتي نٽهڻ اس ۾ گهاٽي ڇانوري جو احساس ڏياري ٿو، اتي زندگيءَ جي غيرمعنويت رمزن جا راز پڻ سلجهائي ٿو. نهايت سادي ۽ ماٺيڻي طبيعت جي مالڪ شاهد حميد جي شاعري ۾ موجود احساسن جي پختگي سندس تڙپ ۽ اندر ۾ آيل ولوڙ کي اڀاري ٿي. جنهن ۾ سندس داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن جي اپٽار جابجا جهلڪندي نظر اچي ٿي.
    شاهد حميد جو هي پهريون شعري مجموعو ”مرگهه اڃارا نيڻ“ به نه فقط سندس اڌوري پياس جو اولڙو آهي پر اڻ ڇهيل سپنن جو اهڙو الجهيل ڄار به آهي، جنهن کي سلجهائڻ لاءِ گهڻا جتن ڪرڻ جي به ضرورت ناهي، بس رڳو پيار جي سڳي کي پوئڻ جو ڍنگ اچڻ گهرجي.صوفياڻي مزاج جي هن ڪوي وٽ لکڻ جو ڏانءَ به انوکو آهي،شاهد جنهن به صنف ۾ هٿ وڌو آهي ان سان ڀرپور نڀاءُ ڪيو آهي، سندس بيت، غزل، وايون، نظم ،هائيڪا، ڏيڍ سٽآ، دوها، سوايون توڙي پنجڪڙا پرينءَ جا پار پڇائيندي به نظر اچن ٿا ته لطيفي راهه جو رستو به ٻڌائين ٿا، محبتي مايا جو موهه سندس سٽ سٽ ۾ اڀري اندر جي اونهائين کي ڇهي ٿو.جنهن لاءِ پڙهندڙ جون اکيون هميشه اتاوليون رهن ٿيون. اميد ته سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ”مرگهه اڃارا نيڻ“ جي اشاعت پڻ شاعراڻو ذوق رکندڙ پڙهندڙن لاءِ هيئين سان هنڊائڻ جو سبب بڻبي.

    ساجد سنڌي
    سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
    03003513966


    شاعر پاران

    منهنجو تعلق ان ذات سان آهي جنهن لاءِ محمد صديق مسافر پنهنجي ڪتاب “غلامي ۽ آزادي جا عبرتناڪ نظارا” ۾ لکيو آهي ته انهن کي آفريڪا جي ملڪ زنجبار مان غلام بنائي هتي آندو ويو ۽ وڪرو ڪيو ويو. منهنجو ننڍپڻ ٻهراڙي ۾ گذريو آهي جيڪو سنڌ جي ٻين ڳوٺن جيان هڪ ڳوٺڙو هو، جتي مادي وسيلا خيرڪا هئا ها ان ۾ پلس پوائنٽ اها هئي ته بابا وٽ وڏڙن پاران ڇڏيل ڪجهه زمين جو ٽڪرو هو جنهن ڪري اسان جو گذر سفر ٺيڪ هيو. اهو ئي سبب آهي جو بابا مونکي ٻڌائيندو هو ته جڏهن تون ڄائو هئين ته مون باواني شگر مل تان کنڊ جو سڄو ڪٽو آڻي ڳوٺ جي سڀني گهرن ۾ ورهايو هو. مونکي فطرت سان پيار آهي. ڳوٺاڻي فطري زندگي مون کي اڄ به وڻندي آهي ۽ شهرن جو مشيني ۽ غير فطري ماحول مونکي بيچين ڪندو آهي. شهرن جا گهر خوبصورت ۽ ڪشادا ڀلي هجن پر انهن ۾ رهندڙن جون دليون مونکي سوڙهيون محسوس ٿينديون آهن، اهو ئي سبب آهي جو شهر ۾ رهندي به آئون اڄ به پاڻ کي ڳوٺاڻو تصور ڪندو آهيان. هڪ اهڙو ڳوٺاڻو جيڪو واهن، ڪڙين، ڪَسين، ٻنين، ڪڙن، ڪڙمين، ڳوٺ جي ڇڙواڳ هوائن ۽ اتي جي لين، لاڻن، ڊڀن، ڀتر جي گلن ۽ ڏِير جي گلن جي سونهن اڄ به وساري نه سگهيو آهي. ڳوٺ جا اهي پکي، اهي وروڪڙ پيچرا، اهي ٻينن جا هموار ۽ ناهموار ٻارا، اهي ڪڙون ۽ انهن ڪڙن تي ڪوڏار پاسي ۾ رکي گهران آيل گهاٽي لسي ۽ مکڻ ۽ چانورن جي ماني سان نيرن ڪندڙ اهي هاري مونکي اڄ به ياد ايندا آهن. فطرت سان اهو لڳاءُ ۽ اُنسيت منهنجي بيتن ۾ بار بار اڀري آيو آهي. مونکي ياد آهي جڏهن پرائمري ۾ پڙهندو هئس ته گرمين جي موڪلن ۾ ڳوٺ جي هڪجيڏن سان گڏ پنهنجو مال ڪاهي جهنگ ۾ چارڻ ويندو هئس ۽ جڏهن بنپهرن جو مال چري چئنل واهه جي ڀر ۾ بيٺل انبن ۽ ٻٻرن جي ڇانوَ ۾ ويهندو هو ته اسين سڀ هڪ جيڏا چئنل ۾ وهنجندا هئاسين ۽ واهه ۾ ڪُندرُو راند کيڏندا هئاسين. جيستائين موڪلون هونديون هيون تيستائين اهو اسان جو روز جو معمول هوندو هو. ڪڏهن تَري واهه جي ٻئي ڪناري بيٺل آمري جي وڻ مان پڪل آمرا پٽي ايندا هئاسين يا انبن جي وڻن مان شاخون ڏنل انبڙيون پٽي ايندا هئاسين اهي وڻ جوڻيجن جا هوندا هئا جن جو راکو ڪڏهن ڪڏهن اسان جي پويان به لڳندو هو پر اسين تَري اورئين ڪپ تي ايندا هئاسين. وهنجڻ دوران اڪثر ڪناري تان بيهي پاڻي ۾ ٽِپ ڏيندا هئاسين. مونکي ياد ٿو اچي ايئن ڪرڻ دوران هڪ دفعي آئون پاڻي ۾ چڱو هيٺ هليو ويو هئس ۽ واپس مٿي اچڻ تائين مونکي ڪافي وقت لڳو هو ۽ منهنجو ساهه ڀرجي پيو هو. آئون سٺو تارُو هئس پر منهنجو دوست ڪنهيو مونکان به سٺو تارُو هو . هُو هڪ ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين هڪ ساهي ۾ ٽُٻي هڻي هليو ويندو هو. ڪنهيو مون سان سارو ڏينهن پاڇَي وانگر گڏ هوندو هو ۽ اسين جهنگ ۾ رُلندا وتندا هئاسين. ڪنهيو مُرلي منوهر وانگر سانورو هوندو هو. مونکي خبر ناهي ته هُن کي هُن جي راڌا ملي يا نه يا هُو اڃان به بنسري کڻي ڀٽڪندو ٿو وتي! هُن کي ڪا ئي گوپي ڪنهن گهاٽ تي گڏي يا نه. پر زندگي جي سفر ۾ ڪيئي گوپيون مونکي ضرور مليون جن کي ساري مون هڪ نثري ٽڪرو لکيو هو ته:
    “ڪرشن! توکي اهو ٻُڌي حسد نٿو ٿئي ته مونکي به تو وانگر ڪيئي گوپيون آهن.”
    آرٽ سان محبت مونکي ورثي ۾ ملي آهي. منهنجو بابا جواني ۾ ڳائيندو به هيو ۽ ڍولڪ به وڄائيندو هيو. آئون جڏهن يارهن ٻارهن سالن جو هئس ته ان وقت بابا محرم جا ڏهه ئي ڏينهن ڳوٺ ۾ ئي هڪ پِڙ (جنهن کي هو پاڻ ئي وڏن کان وٺي سنڀاليندو هو) ۾ نغارا وڄائيندو هو ۽ هُن حيدرآباد مان منهنجي لاءِ به ننڍڙا نغارا آندا هئا، جيڪي آئون سندس ڀر ۾ ويهي وڄائيندو هئس. منهنجي نانا جو ڀاءُ جمال به جواني ۾ ڳائيندو هيو. شايد اهو ئي ڪارڻ آهي جو منهنجي شاعري ۾ جيڪو ٿورو گهڻو ردم آهي اهو ورثي ۾ مليل موسيقي جي ڪري ئي آهي. شاعري مون 1987 يا 1988 ۾ شروع ڪئي هئي جڏهن چوٿين يا پنجين ڪلاس ۾ پڙهندو هئس ان وقت جي اها شاعري هن ڪتاب ۾ موجود نه آهي ڇاڪاڻ جو اهو سمورو مواد جيڪو ٽن ڊائرين تي اتاريل هو، گُم ٿي چڪو آهي. هن ڪتاب ۾ ڏنل مواد 1990ع کان پوءِ جي ڪيل شاعري آهي. آئون شاعري ۾ بيت کي پنهنجي اظهار جو مؤثر ذريعو سمجهان ٿو. هونئن ته سانيٽ کي ڇڏي ڪري مون تقريباَ هر صنف ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر بيت مونکي ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وڻندو آهي. پرائمري پڙهڻ دوران ئي هُو مونکي ملي هئي جيڪا منهنجي ڏات جي پَٽ راڻي آهي. هُن کي ساري مونکي فارسي جو هيٺيون شعر ٿو ياد اچي.
    صبا بہ لطف بگو آں غزال رعنارا
    کہ سر بہ کوہ بیاباں دادہ مارا
    ترجمو: اي اُتر هير! هُن من موهڻي هرڻي کي پيار سان چئجانءِ ته مونکي ٿرن ۽ برن ۾ ڀٽڪائي ماريو اٿائين.
    هن جي سوداءُ مونکي ڪيترو وقت ڏاڍو ڀٽڪايو. ڪنهن ڪنهن وقت جڏهن آئون اسان جي ٻني ۾ بيٺل هوندو هئس ۽ هُن جو آواز ٻڌندو هئس ته گهر ڏانهن سِراڙو پائي ڊوڙندو هئس. جڏهن هو پاسي واري گهر وٽان بيهي امان سان ڳالهائيندڙ هوندي هئي. هڪ ڀيرو انبن ۾ پڪل شاخن سان جهول ڀري ان کي ڏيڻ ٿي ويس پر ڪافي وقت گومگو واري ڪيفيت ۾ رهڻ کانپوءِ به هن کي شاخون ڏيئي نه سگهيس ۽ گهر ڏانهن موٽي ويس. هن جي گهرن جي پُٺ کان منهنجي ٻني هئي ۽ هن جي گهر جي پويان جر جو نلڪو لڳل هو، جتي هُوءَ ٿانو وغيره ڌوئندا هئا يا پيئڻ جو پاڻي ڀريندا هئا. منهنجي ٻني ۾ ٻٻر جو هڪ وڻ هوندو هو جنهن تان هن جي گهر جي پُٺ ۽ اهو نلڪو چِٽا نظر ايندا هئا. آئون ڪو نه ڪو ڪتاب کڻي روز ان ٻٻر جي وڻ تي چڙهي ويهندو هئس ۽ هن کي ڏسندو هئس. آسڪر وائلڊ چيو آهي “سونهن لاءِ ضروري ناهي ته ان سان گفتگو ڪئي وڃي، ڪي عورتون تنهنجي ياد ۾ رهجي وڃن ٿيون جن سان تون فقط گهٽي جي ڇيڙي تائين گهميو آهين.”
    زندگي ۾ ڪيترائي چهرا اسان جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائين ٿا پر انهن مان ڪجهه پٿر تي ليڪ جيان ياد رهجي وڃن ٿا. هُوءَ مون سان ڪنهن اين جي او جي ورڪشاپن دوران ملي هئي. ورڪشاپ دوران ويهندي مون سان گڏ هئي ۽ چانهه جي وقفي دوران ڪو نه ڪو گيت ٻڌائڻ جي فرمائش ڪندي هئي جڏهن مون هڪ غزل جون هيٺيون سٽون لکيون هيون ته منهنجي ڌيان جي آرسي تي هن جو ئي دهو پئجي رهيو هو.
    “حَسين يادن جا مينهن کڻي اچ، هجر جي ڪاڙهن چِٿي ڇڏيو آ،
    هزار سپنا اکين ۾ پوئي اسان ڏٺي ڪنڊ ڪڪر ڪڪر جي.”
    ائين ئي هُوءَ جيڪا پڪل ڊاک جهڙي هوندي هئي جنهن ڏانهن آئون فجر کان ٿورو اڳ ۾ جڏهن ويندو هئس ته هُوءَ دروازو کولي ٻاهر نڪري ايندي هئي ۽ سندس در جي اوٽ وٽ بيهي ڳالهائيندا هئاسين. ان کي ساري مونکي فارسي جو هيٺيون شعر ياد ايندو آهي.
    علی الصباح کہ مرداں، بہ کار کار روند
    بلا کشان محبت بہ کوئے یار روند
    ترجمو:
    صبح سويري جڏهن ماڻهو پنهنجي جدا جدا ڪمن لاءِ نڪرن ٿا ته پريت ڪرڻ وارا پنهنجي پرينءَ جي گهٽي ڏانهن وڃن ٿا.
    شيخ اياز ڪنهن هنڌ لکيو آهي ته جواني جا دوست ڏاڍا پيارا ٿيندا آهن. مون لاءِ منهنجا دوست هر وقت گهاٽي ڇانوَ جيان رهيا آهن جن ڪڏهن به مونکي هن تتل آرهڙ جهڙي حياتيءَ ۾ اُس لڳڻ جو احساس نه ڏياريو آهي. امين ميمڻ، جنهن سان گڏ حياتيءَ جو هڪڙو لااُبالي دؤر گذريو. جڏهن ڪنهن جي اچڻ جي آس ۾ سج لهي ويندو هو ۽ ان جي پيرن جا نشان ڪٿان به نظر نه ايندا هئا ته آئون امين جي جهولي ۾ ڪنڌ رکي ٻارن جيان سُڏڪا ڀري روئندو هئس يا ڪڏهن هو ڪنهن جي سار جي سارنگي وڄائيندو هو ته منهنجو سڄو وجود ڪن ٿي ان کي ٻڌندو هو. اسين ڏينهن جا ڏينهن ۽ راتين جون راتيون گڏ هوندا هئاسين ۽ وقت اسان کان وِٿي ڏيئي گذرندو هو.
    ڀيشم ڪمار “آزاد”، اهو دوست جنهن مونکي پاڻ سڃاڻڻ ۾ مدد ڪئي. جڏهن 1992-93ع ۾ ادبي سنگت جا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ شروع ڪيم ته اتي چند اهڙا دوست مليا جن کي پنهنجو چوندي اڄ به فخر محسوس ٿيندو آهي. منصور کٽي، سليمان “امر” سمون، ڀيشم ڪمار “آزاد” (جنهنجو ذڪر مٿي ڪيم)، اهڙا دوست آهن جيڪي اڄ به لطيف جي لفظن ۾ هينئين لاءِ ٿوڻيون آهن.
    اسڪول جا دوست امتياز کٽي، حبيب ميمڻ، عرس بڪاري، عمران خواجه، ارسلان خواجه، آصف ڀرڳڙي، اسڪول کانپوءِ جا دوست ساجد جوکيو، جي ايم لغاري، جي ايم سومرو، مُريد جلباڻي، شير زمان شاهه قريشي، عرفان قمبراڻي، اڪبر ملاح، نجيب کٽي، شاهنواز هاليپوٽو، اِشو لوهاڻو، شاهجهان سمون، نذرل شرما ۽ منهنجا اديب دوست حبيب ملاح، نور احمد سمون، پير بخش “صابر” شيدي، مبشر“امر” کتري، منظور سمون، فراق هاليپوٽو، اقبال هاليپوٽو، مقبول هاليپوٽو، منور هاليپوٽو جن وقت به وقت هن ڪتاب جي ڇپائي جي سلسلي ۾ پنهنجي قيمتي راءِ پئي ڏني آهي. خاص طور تي وفا مولا بخش قمبراڻي ۽ پير بخش “صابر” جي محبتن جو دل سان اعتراف ٿو ڪريان جنهن هن ڪتاب ڇپائڻ ۾ منهنجو ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ وڏا وڙ ڪمپوزر دوست جا جنهن مواد ليٽ ٿيڻ جي باوجود ڪڏهن به منهن نه گهنجايو.
    آئون خاص طور ٿورائتو آهيان سنڌ جي سريلي شاعر آسي زمينيءَ جو جنهن منهنجي شارٽ نوٽيس تي پنهنجو قيمتي وقت سيڙائي مهاڳ لکي ڏنو، آخر ۾ آئون پنهنجي شاعر دوست ساجد سنڌيءَ جو پڻ ٿورائتو آهيان جنهن پنهنجي اداري سمبارا پبليڪيشن طرفان منهنجو ڪتاب ڇپرائي اوهان جي هٿن تائين رسايو.

    شاهد حميد
    ٽنڊوباگو
    28 ڊسمبر 2016


    مهاڳ: آ ڏات رڳو ڏُک!

    مانواري پياري شاهد حميد جو پهريون شعري مسودو، ”مِرگهه اڃارا نيڻ“ منهنجي سامهون آهي، ۽ سندس سندر، من موهيندڙ توڙي جيءُ جهوريندڙ ڪَوِتائون ڪجهه ڏينهن کان مون سان روح ــ رهاڻ ۾ مصروف آهن. ڇا ته محفل آهي! دل چاهي پئي ته اهو مانڊاڻ متل ئي رهي ــ روح رچندين جي پُڄاڻي ئي نه ٿي! بيت، دوها، وايون، سُوايون، هائيڪا، پنجڪڙا، غزل، نظم، آزاد نظم، نثري نظم ۽ مرشد اياز جي جنميل صنف ڏيڍ سٽا من کي پنهنجي ٻانهن ۾ ڀري، پنهنجي پنهنجي رنگ ۽ ڍ نگ سان حال ڇا اوري رهيا آهن، ڄڻ معصوم فرشتن جي وچ ۾ آئون حُورن ۽ غلمانن جي ٻانهن ۾ هجان!

    سڀ وَس سرجڻهار جي، ٺاهي يا ڊاهي:
    ماڻهوءَ وس ڇاهي؟ ماڻهو، جيڪو آ مِٽي!

    ها! هيءُ ڇا!؟ بيت جو ڀـُڻڪو نه هو، ڄڻ روح کي رُهنڊون هيون! ذهن تي ضربون هيون ــ پر گڏوگڏ اهو منهنجي پنهنجي اندر جو آواز به ته هو! واقع! سچ به ته سمورا سرجڻهار هڪ ئي انداز ۾ سوچين ۽ ڀوڳين ٿا! اها منجهن فطري هم آهنگي آهي. اڃا ان حقيقت تي ويچاريم پئي، ته پريان ڀڳت ڪبير جو آواز آيو:

    جو ڪُڇ ڪِيا سو تم ڪيا، مين ڪُڇ ڪيا ناهِين:
    ڪَهو ڪَهِي جو مين ڪيا، تُم هِي ٿي مُجهه ماهِين!
    ــ مٿان وري لطيف سرڪار شاهدي ڏني:

    واڳ ڌڻي! تنهنجي وَس، آءٌ ڪا پاڻ وهيڻين!؟
    هلايو تا هلي وڃان، بيهاريو تا بس ــ آءٌ ڪا پاڻ وهيڻين!؟

    اصل ۾ سمورا تخليقڪار مزاجاً ساڳي فطرت جا ڌڻي هجن ٿا، ان ڪري انهن جي رچنائن توڙي ڀوڳنائن ۾ هڪجھڙائي عين فطري عمل آهي. اُن ۾ زمان ۽ مڪان جي دخل اندازي فقط ماحول جي حد تائين هوندي آهي. ماحول! جيڪو فطرتاً سدا ساڳي حال ۾ نٿو رهي. ان ڪري ماحول مطابق ئي مختلف سرجڻهار، پنهنجي مشاهداتي صلاحيت تحت ڪنهن حد تائين ڪالهه ۽ اڄ جي عڪاسي قدرِ مختلف طور ڪندا آهن. باقي جيستائين تخليقي پِيڙا جو سوال آهي، ته اُها هر حال ۾ زمان و مڪان کان ماوريٰ هوندي آهي، تڏهن ته ادو شاهد حميد برحق چوي ٿو ته:

    متان سمجهو ماڻهوو! ڪَوِتا گلن هار!
    ڪائي تيز ڪٽار، آهي ڪَوِيءَ ڪنڌ تي!!

    ڪَوِتا واقع به ٻيجل جي صدا آهي، ۽ ڪوي ڏياچ جو وچن! سِر ڏيڻ سان ئي سٽ جُڙي ٿي! ڪيڏو اؤکو سودو آهي، ڪويءَ ڪَوِتا وچ ۾! پوءِ به سرجڻهار پنهنجي فطرت پٽاندر ڪڏهن به ڪيٻائين نٿا! هڪ بي لوث ۽ حساس تخليقڪار پنهنجي ڪُڌي ڪرتوتن واري سماج اندر، سماج سُڌارڻ جي ڏِس ۾ پنهنجون تخليقي صلاحيتون ڪتب آڻيندي، جيڪي ٻهڳڻ ٻول ٻولي، ۽ راول سندو رول ادا ڪندي، موٽ ۾ جو ڪجهه ماڻي ٿو، ان تي حيرت ٿي وٺي! چيو ته وڃي ٿو ته ”جو پوکبو، سوئي لُڻبو ــ“ پر اسان وٽ قصو ئي اُبتو آهي! بقول شاهد حميد:
    پتو پوندو ڪيئن؟ توکي تن جي ڊوهه جو!
    ماڻهو مانگر جيئن، ڳُڻ ڳِڙڪائي ٿا وڃن!!

    مٿين بيت اندر بيان ڪيل حقيقت جو ٿورو گهڻو تجربو اسان مان هر ڪنهن کي اَوس هوندو. اها ڳُڻ ڳڙڪائڻ واري حرڪت ــ اسان جي سماج اندر ته ڄڻ ماڻهوءَ جي جبلت بڻجي چُڪي آهي! پر پوءِ به بقول لطيف، ”جو وَڙ جُڙي جن سين، سو وَڙ سي ئي ڪن!“
    هاڻ اڳتي وڌي شاهد حميد جي غزل سان مُکاميل ٿيون ٿا:
    هزار سجدا عقيدتن جا، ڪري ڏٺاسين، جُهڪي ڏِٺوسين:
    مگر نه هُن جو مزاج بدليو، اکين ۾ ساڳي ڄِڀي ڏمر جي!

    اها ئي آهي اڄ جي انسان جي عمومي روَيي جي شاندار اُپٽار! ۽ اصل ۾ اها هڪ حساس ۽ نظر شناس شاعر جي حقيقي خوبي پڻ آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته اهڙي خوبي پنهنجي اندر هڪ وڏو درد پڻ رکي ٿي، جنهن کي هر تخليقڪار، پنهنجي تخليقي ڪيفيت مان گذرندي ڪيئن ٿو برداشت ڪري؟ ان جي عام ماڻهوءَ کي ڪابه سُڌ ناهي. ڏات ڪيئن ٿي ڏنگي؟ ان جي سُڌ فقط ڏات ڌڻيءَ کي ئي آهي:
    ڄاڻان ٿو آ ڏات رڳو ڏُک!
    پوءِ به ويٺو گيت ورهايان!!

    مٿيون سٽون هڪ ڏات ڌڻيءَ جي فطرت جو حقيقي اظهار آهن. فطرت کان مجبور شاعر، ڏات جا ڏُک برداشت ڪندي به عام کي املهه رچنائون ارپن ڪندو رهي ٿو، ۽ ان دوران ڪڏهن به دکن کان دل برداشته ٿي، ورچي نٿو ويهي. ويتر ان مان اتساهه ماڻي، اڳي کان اڳرو، ۽ وکون وتريون وڌائيندو منزل ڏانهن روان دوان رهي ٿو. اها ئي هڪ ڏات ڌڻيءَ جي سڃاڻپ آهي.
    هڪ شاعر، خارجي لقائن سان گڏ داخلي وارتائن تي به هر وقت ويچاريندو ۽ کين اظهاريندو رهي ٿو؛ جيئن هيٺين سٽن کي ڏِسو ته منجهن داخلي پيڙا سان گڏ ڪيڏو نه اُتم آفاقي پيغام سمايل آهي!

    مون مان وقت وڃي ٿو ڇڻندو:
    لمحا پوڙها ٿي ويا آهن!

    تيزيءَ سان گذرندڙ عمر جي ڪيڏي نه شاندار عڪاسي آهي، ۽ جنهن کي وقت جي تيز رفتاريءَ سان گذرڻ جو احساس هوندو، اهو هروڀرو اجايو وقت نه وڃائيندو. اهڙو شخص عمر جي هر پل جو حساب رکي ڄاڻندو، ۽ ڪوشش ڪندو ته هر گذرندڙ لمحي کي ايندڙ وقت لاءِ يادگار بڻايان. ايئين شاهد حميد پڻ ههڙين شاندار تخليقن وسيلي پنهنجي جيون کي بجا طور سڦل بڻايو آهي. ايندڙ وقت کيس ڪڏهن به وساري نه سگهندو، هو پنهنجين امر تخليقن ۾ سدا حيات رهندو.
    شاهد حميد پنهنجين تخليقن ۾ جديديت، توڙي ڪلاسيڪيت سان گڏ گڏ هلندي نظر اچي ٿو. هُن فني توڙي فڪري حوالي سان ان طرزِ فڪر کي نه رڳو پنهنجو ڪيو آهي، پر ان سان نڀايو به خوب آهي:
    مون لاءِ گهاٽا وڻ،
    ڀٽائي، باهوءَ هجي ــ
    يا هو فريدڻ!

    مٿئين هائيڪو جھڙي جديد صنف سان جِتي هو فني طور خوب نڀاءُ ڪندي نظر اچي ٿو، اُتي پنهنجي ڪلاسيڪل ورثي ڀٽائي، باهو ۽ بابا فريد جي فني توڙي فڪري سرمايي کي به ساڻ کڻي هلندو رهي ٿو، ۽ جنهن شخص کي مذڪوره ٽنهي گهاٽن وڻن جو ڇانورو ملي وڃي ٿو، اهو ڀاڳوند پاڻ کي هر وقت ترو تازه ڀائيندو، ۽ بنا ڪنهن ٿڪاوٽ جي منزل طرف تيز کان تيز تر وکن کڻڻ جي قابل هوندو. شاهد حميد جون وِکون پڻ بلاشڪ سنڌي شاعريءَ جي هر صنف ڏانهن نهايت تيزيءَ ڀريون نظر اچن ٿيون. اُن ڏِس ۾ مٿي ڪجهه جديد صنفن جا نمونا پيش ڪيا ويا، هاڻي اچو ته هڪ نظر سندس وائيءَ تي وجهون. وائي، جيڪا نِج سنڌي ڪلاسيڪل صنف آهي، جنهن کي ڪافيءَ مان وائيءَ جو روپ ته ڀٽ ڌڻيءَ ڏنو، پر مرشد اياز فڪري توڙي فنيءَ طور ان کي جديد رنگ ۽ ڍنگ ڏيندي، جتي خيالن ۾ نواڻ آندي، اُتي رائج فني انداز ڇند وديا سان گڏ عروض تي به ڪامياب وايون لکيون. ساڳيءَ طرح شاهد حميد وٽ به اياز وارو انداز ملي ٿو، يعني ڇند وديا کان علاوه علم عروض تي پڻ هن بهتر انداز ۾ وايون تخليق ڪيون آهن، جن ۾ خيال جي ندرت کان وٺي فني طور عروضي تجربا به ملن ٿا ــ مثال طور:

    عمر ڀر ساڳيو ملال، روح روڙيندو رهيو آ!
    (فاعلاتن فاعلات، فاعلاتن فاعلاتن!)

    مٿين سِٽ هتي رڳو نموني طور پڙهندڙن اڳيان رکي وئي آهي. زيرِ نظر مجموعي اندر ان طرح جا کوڙ سارا عروضي بحر آهن، جن تي پاڻ ڀرپور نموني خيالن جي اڏام ڪندي نظر اچي ٿو.
    شاهد حميد پنهنجي هن شعري مجموعي، ”مِرگهه اڃارا نيڻ!“ ۾ غزل، نظم ۽ وائيءَ کان سواءِ مرشد اياز جي متعارف ڪرايل صنف ”ڏيڍ سٽو“ کي به عروض جي مختلف بحري ارڪان اندر پيش ڪيو آهي، سو به نهايت ڪامياب نموني! مثال طور هيٺ مختلف عروضي ارڪان تحت لکيل، سندس ڏيڍ سٽا پيش ڪجن ٿا، جن جي فني نڀاءُ توڙي فڪري بلنديءَ کي ڏسندي، يقيني طور پڙهندڙ هن لاءِ سٺي راءِ قائم ڪندا:

    جي نٿا پيئن ماڻهو،
    مڌ پيار جو ڪنهن کان ــ جک ٿا جيئن ماڻهو!
    -
    حال ۾ نه هستي آ،
    ڇا ڪجي پرين پيارا! بي وڙن جي بستي آ!
    -
    تاريخ عجب ڌارا!
    اورنگ ته اجهامي ويو، ٿو اڄ به ٻَري دارا!
    -
    تو وقت ڇڏيو ٽاري!
    وئي ايئن وَهي گذري ــ ڄڻ مڌ ڇڏيئي هاري!

    مٿيان پهريان ٻه ڏيڍ سٽا الڳ وزن تي آهن، ۽ آخري ٻه الڳ وزن تي؛ پر نڀاءُ ڪمال جو آهي! اصل طيءِ ٿيل وزن، جنهن تي اڄڪلهه ڏيڍ سٽا لکيا وڃن ٿا، اهي آخري ٻه آهن، يعني ”مفعول مفاعيلن!“
    فني توڙي فڪري حوالي سان انتهائي خوبصورت! جن تي ڳالهائڻ لاءِ وقت جي کوٽ اڳيان اچي ٿي ــ هر پڙهندڙ پاڻ پڙهي لطف اندوز ٿئي ته بهتر!
    اهڙيءَ طرح ادي شاهد حميد جي هر تخليق داد لهڻي، ۽ اختصار کان ڪم وٺندي آخر ۾ ايترو چوڻ مناسب ٿو لڳي، ته موجوده نئين ٽهيءَ جي شاعرن ۾ زيرِ نظر شعري مجموعو ”مرگهه اڃارا نيڻ!“ يقينن نه رڳو پنهنجي الڳ جاءِ والاريندو، پر هميشه لاءِ پنهنجي ڇاپ پڻ ڇڏيندو.

    ــ آسي زميني
    ٽنڊو قيصر،
    4-اپريل، 2017ع


    بیت

    شال نه ٿڪن پنڌ ۾، منهنجون ڪوتائون

    شال نه ٿڪن پنڌ ۾، منهنجون ڪوتائون،
    انهن بن آئون، ڪوئي مانَ نه ٿو لهان.

    لاهيارن جون نينگريون، ڀريون مٿن تي،
    ميندي هٿن تي، ڇيرون ڇم ڇم واءُ ۾.

    مون ۾ ڄڻ اسرار جون، ڳنڍيون کولين ٿي،
    جڏهن ٻولين ٿي، مون ۾ منهنجي شاعري.

    متان سمجهو ماڻهوؤ، ڪوتا گلن هار!
    ڪائي تيز ڪٽار، آهي ڪويءَ جي ڪنڌ تي.

    ڳاڙهو پڙو باهه جيئن، ڪولهڻ سونا انگ،
    *هڻندي ڪنهن کي ڏنگ، ويهي چؤنري چانٺ تي.

    ڊاٻو ڪرهت اُٺ سان، موڙي کٻڙ ڏار،
    اداڙي اوٺار! ڪيڏي لُوءَ لڳي پئي!



    * اصل لفظ چانئٺ آهي پر ٻهراڙيءَ ۾ عام طور چانٺ ئي استعمال ٿيندو آهي ۽ هتي مون وزن جي ڪري چانٺ استعمال ڪيو آهي.


    چانڊوڪيءَ ۾ جهنگ ٿو، لهڪي لَيِنَ ساڻ

    *چانڊوڪيءَ ۾ جهنگ ٿو، لهڪي لَيِنَ ساڻ،
    ڄڻ سارو مانڊاڻ، آهي اُڀ جي شاعري.

    ڏئي ٿو ڏاتار، سڀ کي ڀري جهوليون،
    ميان مڱڻهار! ڪيڏا هٿ کنيا اٿئي!

    ڪهڙي چنتا چِتَ ۾، رکي اڏاڻا؟
    پکي اڏاڻا، ڪُهه ڄاڻان ڪنهن پار ڏي!؟

    *ڪٿي اهڙيون ڪيتڪيون، جهڙا هن جا ڳل!
    جيءَ نه اچي جهل، اُڏامي آڪاش ۾.

    هاڻ نه اچي جهپ، سوچي سياري رات ۾،
    مُرڪي آڇيئي چپ، ڀيڄ ڀنيءَ جو ڀاڪرين.

    ڪيڏا ڌڪ ڌراڙ، هنيا ڳاڙهي گانءِ کي!
    پوءِ به ڪونهي راڙ، آئي هن جي وات تي!



    *ڪيتڪي= هڪ گُل
    *لَئي= جهنگ ۾ ٿيندڙ هڪ ننڍي قد جو وڻ


    ايڏا وڻن ڏارڙا، ڪنهن لئه ڦولِن ٿا؟

    ايڏا وڻن ڏارڙا، ڪنهن لئه ڦولِن ٿا؟
    *ڪنهن کي ڳولن ٿا، هيءَ سُوٽاڙيا سُڃ ۾؟

    هيءَ جو جهنگ ڪڪڙ، آيو تنهنجي اوهه ۾،
    تنهن کي ائين نه تڙ، سانجهيءَ ويلي سيءَ ۾.

    ڪويل ڪوڪي انب تي، سارون سَوَ ڏيئي،
    ۽ اڏري ويئي، ڪُهه ڄاڻان ڪنهن پار ڏي؟

    توکي ڳاراڻا، ڪُهه ڄاڻان ڪنهن ڳالهه جا؟
    *ملان موراڻا، پُڇ وڃي ڪنهن پار تي!

    *مُنڌ ڪڍيا ائين رنگ، جيئن سانوڻ ۾ ڏانگڙو،
    شال انهي جي سنگ، گهاريان ٻه ٽي ڏينهڙا.



    *سوٽاڙيو= ڪاٺ ڪُٽو
    *جهنگ ڪڪڙ= هڪ پکي جيڪو اڪثر ڪري زمين تي هلندو رهندو آهي.
    *ڏانگڙو= ٿر ۾ انڊلٺ کي چوندا آهن.
    *ملان موراڻا= ٻهراڙيءَ جا ماڻهو تعويذ ڦيڻو ڪرڻ وارن لاءِ اهو اصطلاح ڪم آڻيندا آهن.


    ڇو ٿو ڇڪين پنڌ ۾، ڪاموريءَ جا ڪن؟!

    *ڇو ٿو ڇڪين پنڌ ۾، ڪاموريءَ جا ڪن؟!
    ڏس ته پپر پن، ڪيڏا ڪريا واٽ تي!

    *ڏس ته ڪنڊيءَ لام تي، ڊانڍيئڙي جي ڍار،
    ڄڻ سارو سنسار، آهي هن جي لوڏ ۾!

    لتا جيئن ڇتا، ڇوڙي ڇڏيا واءُ ۾،
    ڪيئي رنگ رتا، پوپٽ آهن پنڌ ۾.

    ڪڏهن لڙي آءُ، سارا سانگ ڦٽا ڪري،
    رُکي سُڪي کاءُ، ويهي مون سان مانڙي.

    هر ڪنهن لوڏيا هٿ، توکي ائين ويندو ڏسي،
    منهنجو سارو سٿ، تنهنجي لاءِ روئندو رهيو.

    پيس بوند پلاند تي، ڀڳي لانڍيءَ ڏانهن،
    ڪانڌ ورائي ٻانهن، ڀريو هن کي ڀاڪرين.



    *ڊانڍيئڙو= هڪ پکي جيڪو وڻن ۾ ڊگها آکيرا ٺاهيندو آهي.
    *ڪاموري= ٻڪريءَ جو قسم


    سونيون مڇيون جهول ۾، ڪاري مهاڻي

    سونيون مڇيون جهول ۾، ڪاري مهاڻي،
    *ڪيڏا جهنگ پاڻي، ڏٺا هن جي چاکڙي.

    اڄ ته وسندو مينهڙو، مون ائين ڀانئيو آهي،
    ڇمر ڇانئيو آهي، آرهڙ جي آڪاش ۾.

    تون جا منهنجي ڀاڪرين، آئين ڀنيءَ ساڻ،
    گلابن سان هاڻ، مهڪي ٿو منهنجو هينئون.

    اچڻي آهين جي، اچ اچ مون وٽ مينهن ۾،
    موهيو آ مون کي، سانوڻ اوهيرا ڪري.

    *ور ور اُتر واءُ ۾، ڪڻڇيءَ کنڀ لُڏن،
    *ڪامون پن ڪُڏن، تن سان ريجهي راندڙيون.

    اڱڻ ڪيئي ڳيچ، وک وک ناريون موهڻيون،
    تون ڇا ڄاڻين هيچ، لاڏا منهنجي لوءِ جا؟!



    *چاکڙي= ڪاٺ جي جُتي
    * ڪڻڇي= هڪ ڪاري رنگ جو پکي
    * ڪامون= هڪ وڻ جنهن ۾ ڪارا ناسي پيرون ٿيندا آهن.


    ڏات نه آهي ڏک، جيئن تو سوچيو وائڙا!

    ڏات نه آهي ڏک، جيئن تو سوچيو وائڙا!
    مون ته سڀئي سُک، گهوريا هڪڙي گيت تان.

    هُن جيئن ڦيري ڄڀ، ڦڙي جهٽي چپ تان،
    *مُرڪي پيو نڀ، وڄ سان ڪڪر ڪنڊ ۾.

    ڪُهه ڄاڻان ڪنهن ويل، وڄ وراڪا ٿي وئي؟
    هيءَ جا ڦٽ اُکيل، تنهنجي پهرئين پيار جي.

    راتوڪا سڀ سانگ، هُيا هڪڙي ڪنوار لئه،
    هاڻي ڪيڏا ڪانگ، اُڏرن شاديءَ ڀَت تي!

    ماٺ بُري آ موت کان، تو ڪيئن پوريا چپ؟
    *هونئن به ايڏي جهپ، چڱي ناهي چاهه لئه.

    مون کي تنهنجي سار، اڄڪلهه ايئن ولوڙيو،
    ٽهه ٽهه ٽُٽا ٽار، جيئن ڪالهوڪي مينهن ۾.



    *نڀ= آسمان
    *جهپ= ننڊ


    منهنجا ڦٽ فراق! چڪيا پَلُرَ پيءَ ڪري،

    *منهنجا ڦٽ فراق! چڪيا پَلُرَ پيءَ ڪري،
    ڪيو آهي مذاق، مون سان هيل به مينهڙي!

    پيرن هيٺان ڌرتتي، منزل ڏاڍي ڏور،
    *مون سان گڏ منظور، آهي ڪوتا ـــ پنڌ ۾.

    سرجڻهار غريب، ڏسي بنان ڏوهه ڀي،
    *ڪيڏا هٿ حبيب! مون تي لوڪ کڻي کنيا!

    واهڻ، ڪاڙهو چيٽ جو، ڇوري پيرونءَ پاٽ،
    وسري مون کي واٽ، الئه ڪٿي پنڌ هو؟!

    توکي ڪائي سُڌ آ، او نيرا آڪاش!
    ماڻهن ڪيڏا لاش، پوريا تنهنجي ڇانوَ ۾.

    گهُوري هن کي رات جو، چنڊ جهلي چؤسُول،
    چئو ڪو اهڙو ڦول، ڏٺو آ تو ڏيهه ۾؟



    *فراق= شاعر دوست فراق هاليپوٽو
    *منظور= شاعر دوست منظور سمون
    *حبيب = حبيب ملاح منهنجو شاعر دوست


    ائين اُڏري سانجهه جو، انبن تان طوطا

    ائين اُڏري سانجهه جو، انبن تان طوطا،
    هوا ۾ غوطا، ڇو ٿا کائن ڇرڪجي!؟

    *کڳا، ٿيريون، پوپريون، مُنڍيون، سينڱاريون،
    مهاڻيءَ ساريون، ڇا ڇا بڊي بُک ۾!

    لٿو هو جو ڪالهه، اُڀريو ساڳيو آهي ميان!
    چئو ٿا نئون سال، آيو آهي ڏيهه ۾؟!

    مينهن ڪري جي پيهه، پاڻياريءَ جي واٽ تي،
    آئون ڪنهن هنڌ بيهه، چولي چٽ ڳڻي وٺان.

    ويٺا آهن ڌار، ولر کان ٻي ٽار تي،
    *چئو سي وهيا چار، ماري سگهندين نينگرا!

    اُڏري ويندا ڇوڪري، ڳالهين جا ڳيرا،
    لهجي ۾ ڇيرا، تو جي آندا اوچتو!



    *مڇين جا قسم
    *وهيو= هڪ پکي


    ڇوڪر ! هيءَ گُليل، هاڻ نه ماريندي وهيو

    ڇوڪر ! هيءَ گُليل، هاڻ نه ماريندي وهيو،
    ڪائي ڪائي ويل، هوندي آهي ڀاڳ جي!

    مٽي هاڻا پيرڙا، ٻيٽاريءَ تي ٻگهه،
    اهڙي ڪهڙي سگهه، ڊوڙي مڇيءَ پوئتان؟!

    ڄاريون ڪاريون اُس ۾، ڪيڏا تتا ڏينهن!
    ڀرجي گرجي مينهن، ڪُهه ڄاڻان وسندا ڪڏهن؟

    ڪنڊا، سُڪل ٻيريون، ڪڪا پن، نمون،
    ڳالهيون پن ڇڻ جون، وڻن اوريون واءُ سان.

    *سانجهيءَ ويلي سوجهرا، جاڙيءَ مٿان شام،
    اهڙي ڪهڙي مام؟ جا مون سمجهي ڪونه آ!

    سانجهي ڳاڙهي رنگ ۾، جهلڪي ٿي جاڙي،
    ڄڻ ڪائي ساڙهي، مُنڌ اُڇلي مانڊاڻ تي.



    *جاڙي= منهنجي ڳوٺ ۾ هڪ ڍنڍ


    اجهو اڏريا ڄاڻ، ڪانئيرا ڪنهن ڪُنڊ تان

    *اجهو اڏريا ڄاڻ، ڪانئيرا ڪنهن ڪُنڊ تان،
    جاڙي! تو وٽ هاڻ، آڙيون اڳ وانگي ڪٿي؟!

    ڏمريو سورج ڏيهه تي، سارو اُڀ اُماڙ،
    ان کان وڌ ٻي جاڙ، ڪهڙي ٿيندي لوڪ سان؟!

    ڇا ٿا ڏسين سيج تي، هاڻي ڦڪا ڦُل؟
    ڪيئي هنگاما هُل، ٻهه ٻهه رات سُهاڳ جي.

    ڪوئي ڊپ نه ڊاءُ، هاڻي پٿر ـــ پنڌ جو،
    مونکي منهنجي ماءُ، ڏونگر آڇيا ڏيج ۾.

    ڌرتي! تنهنجي جهول ۾، هيءَ جو گُل ڪريو،
    ڪڏهن ڪونه ڦريو، ان جو رُخ طوفان ۾.

    کاڏيءَ هيٺان ٻانهن ڏئي، سوچي ٿي ويٺي،
    چريي شاعر کي، مون ڇو ڏنيون محبتون.



    *ڪانئيرو= ڍنڍ جو هڪ ڪاري رنگ جو پکي


    تنهن کي ساهه سمائيان، ڳچيءَ ڳر لائي

    تنهن کي ساهه سمائيان، ڳچيءَ ڳر لائي،
    جنهن کي مون چاهي، ڀوڳيو ساري زندگي.

    ڪٿي آهين تون؟ ڪيڏي مون کي اُڃ آ!
    ڀُليون گهڙي گهير تي، ڪيئي وار اکيون،
    سڀ تڙ ڍونڍيا مون، پاڻياري! تو پوئتان.

    هُوءَ جا کِل ۾ ويڙهجي، ٻري ڏي جو تون،
    تنهن تان واريا مون، ڪيئي ڏياري ڏيئڙا.

    ايڏي اُتر واءُ ۾، ڪٿي ويندين تون؟
    دکي ٿيندين تون، هيڪل پسي پاڻ کي!

    اڳ نه اهڙي پيهه، مون تي ڪويتا ڪئي،
    واٽون ٺاهي ويهه، آيون سٽون اُڀ مان.

    بوندون آڻين تون، ڇانئي ڪڪر ڪارڙا،
    او شل ڄاڻين تون، مٺي منهنجي اُڃ کي.


    سوچي روڪيان پير، آئون ائين پنڌ ۾

    سوچي روڪيان پير، آئون ائين پنڌ ۾،
    تو جيئن هوندو ڪير؟ هاڻي مون لئه ڳوٺ ۾؟

    ناري آري رُڪ جي، ان وٽ ڪيئي وڍ،
    ويندي ان جي ڪڍ، ڇو ٿو سارين ڏيل کي.

    *جنهن ۾ منهنجي ڏات ٿي، ڪُوڻيءَ گُل تري،
    او شل وير وري، اهڙي تنهنجي ياد جي.

    توڙي هن جون نه هيون، تو وٽ ڪي سارون،
    ايڏيون اوڇنگارون، پوءِ ڪيئن هن جي موت تي؟

    سڀ وس سرجڻهار جي، ٺاهي يا ڊاهي،
    ماڻهوءَ وس ڇاهي؟ ماڻهو جيڪو آ مٽي!

    ڀيرو ڀڃ ته ڪنهن گهڙي، چُڪي گڏ پيئون،
    ڪيئي سال جيئون، هڪڙي گهڙيءَ ۾ وري.



    *ڪوڻي= ڪنول جو گل


    ميان! ڪڏهن تو ڏٺيون، ٻُوهل ۾ ٻيريون؟!

    *ميان! ڪڏهن تو ڏٺيون، ٻُوهل ۾ ٻيريون؟!
    ۽ تنهن ۾ ڦيريون، ٻهراڙيءَ جا ٻارڙا !

    هيءَ جو ڊنگهري ٻير جي، ڦاڙي ڇڏيو هاڻ،
    ويچاري پهراڻ، ڌوتو ڪيڏي موهه مان.

    تو سان پيچ پريت جا، ٽُٽي نه ٽُٽندا،
    ڦٽي پيا ڦُٽندا، هر هر ٽانگر ٽار جيئن.

    *ملاح، ٻيڙي ڊونڊڙي، سج لٿي سانا،
    جيئڻ جي معنى، لٽو، اجهو مانڙي.

    پکين ڪرڳل واءُ ۾، “اڙي الاڙي!”،
    جڏهن ڪهاڙي، ڪپيو کٻڙ ڏار کي.

    امڙ! منهنجي جندڙي، ڪيڏا ڏکن ڏار،
    چوين ٿي ٻيهار، وري موٽان ماڳ تي.



    *ٻُوهل= سنهون تيز مينهن
    *ڊونڊي ٻيڙي= ٻيڙيءَ جو قسم


    لُڏي پئي لام، اڄ به تو لئه واءُ ۾

    لُڏي پئي لام، اڄ به تو لئه واءُ ۾،
    اچي ڪر وسرام، پکيئڙا پرڏيهه جا!

    پکيئڙا پرڏيهه جا، لامي وسرامي،
    ويندا اُڏامي، ڏينهن ٺاري ڪنهن ڏيهه تي.

    *سامي! هيءَ سنسار، ناهي مايا ڪوڙڪي،
    اهڙو سندر ڄار، ٻيهر ملندئي ڪينڪي!

    اکڙيون جن جي ديد لئه، ٻريون ٿي سامي،
    ويا وسامي، هاڻي اهڙا ڏيئڙا.

    ڪيڏيون کڙيون ڪيتڪيون، واڙيءَ ڦل ته ڏس!
    تن تي هُل ته ڏس، ڀؤنرا ڪيڏا بانورا!



    *سامي= سنڌي ٻوليءَ جو وڏو شاعر


    ڪيڏا بيت بسنت ۾، تولئه سرجيا مون

    ڪيڏا بيت بسنت ۾، تولئه سرجيا مون،
    او شل تن کي تون، پڙهي مونکي ساريئين.

    آيا اُڀري رات جو، سُپني جهڙا چپ،
    *هاڻي ڪهڙي جهپ، هاڻي ڪٿ مان هيکلو؟!

    ڏاها! منهنجي ڏيهه جا، تون ڇو ايئن اڻڄاڻ؟
    سنڌ گهري ٿي سوجهرو ۽ تون اوندهه ساڻ!
    ڪڏهن منهنجي ڀاڻ، ڦُٽندي باک بسنت جي؟

    چورائي ويو ننڊڙي، چنڊ هُيو يا چور،
    پوئين رات چڪور، سوچي سُڏڪيو ماٺ ۾.

    ان کي ڏسي ڇو؟ اُڏريا هنج تلاءُ مان!
    ننيگر لاٿو جو، چولو پنهنجي چت تان!



    * جهپ = ننڊ


    ناهي ڏيا ڏيل ۾، هينئڙو هرڻ جيئن

    *ناهي ڏيا ڏيل ۾، هينئڙو هرڻ جيئن،
    سنڀاليندو ڪيئن، وڇڙي ايڏا ڏُکڙا؟!

    هيءَ جو ڍرڪي ڊٻ تي، ڪريو پکيئڙو،
    ان جو اوسيئڙو، ڪري ڪائي ڪُوڪ ٿي.

    ڏاها! انهي سوال جو، هوندَوَ اُتر ڪو؟!
    ماڻهو ماڻهوءَ ڇو، جلائي ٿو جهوپڙي؟

    ڪريان مٽ نه ڪنهن به پر، انهيءَ جي گلاب،
    ڀڃي جا حجاب، جهوليءَ منجهه جهُلي پئي.

    آيل! ڏاڍا ڏينهن ٿيا، ڏٺي سي ڏيهي،
    پرانهان پيهي، ويا جن جا سڏڙا!



    * ڏيل = بدن


    ان کي ايئن نه ٽار، منگتو جيڪو ماٺ ۾

    ان کي ايئن نه ٽار، منگتو جيڪو ماٺ ۾،
    ٻهڪي ٻانهون وار، ان تان پنهنجي ٻاجهه جون.

    *ڪيڏيون تکيون پنڌ ۾، ٻرانگهون ٻيئي،
    “ويئي ڙي ويئي”، وينگس تنهنجي وس مان.

    هيءَ جي اَسُر ويل جو، تتر ٻولِن ٿا،
    چتر کولِن ٿا، ڪهڙي سرجڻهار جو؟

    امڙ اگهي کٽ تي، ڀرسان بُکيا ٻار،
    ڪهڙو چترڪار، آهي هن تصوير جو؟

    *ڪانگ پيري ڪالهه کان، جنهن لاءِ پيو واڻين،
    ڇا تون سڃاڻين، ان کي آد جڳاد کان؟



    * ٻرانگهون = وِکون
    * ڪانگ پيري = کٽ جو قسم


    ميان! ٻُنڀي ٻاهران، ايڏي سڏو سڏ!

    ميان! ٻُنڀي ٻاهران، ايڏي سڏو سڏ!
    ٿوري دير ته ڇڏ، پرين پرچائي وٺان.

    ڏنگيل کجي چهنب ۾، چتون ٽاريءَ تي،
    گهُوري ٿو ڇا کي، پرانهين پولار ۾؟

    *رُهي واري مينهن، گهر ۾ سڀ سوڙها ڪيا،
    هاڻي نڪرن ڪيئن، ڪمري منجهان ٻارڙا؟

    هيءَ سُهاڳڻ ڪير؟ وڄون جنهن جي ون ۾!
    پاڻيءَ وڌئين پير، گونجيا گيت تلاءُ ۾.

    اچي پيو آواز، ڪٿان مُگرمانَ جو،
    ٻيو ڪو ايئن ساز، وڄندو ناهي واءُ ۾.



    * رُهي وارو مينهن = اهو مينهن جيڪو بنان وقفي وسندو رهي.


    وسي اُڪاڻا، ڪڪر ڪارونڀار جا

    وسي اُڪاڻا، ڪڪر ڪارونڀار جا،
    ساهه ٿيا ساڻا، ساري ڪنهن جي ساٿ کي.

    ڪنڊيءَ ڏار لڳن، ٻاجهارين ٻانهن جيان،
    پکي جيئن اچن، تن سان پون ڀاڪرين.

    ڪيڏا ڪونجن گس، هن نيري آڪاش ۾!
    ڪيڏا بادل ڪس، ڪامڻ ڪَتيءَ ڏينهڙا.

    نه ڪو ڏيئو ڏيهه ۾، چوڏس اُڀ ڪارو،
    چنڊ نه ڪو چارو، مون سان تنهنجي پنڌ ۾.

    ڀِٽ مٿي هي ڀيلڻيون، چهڪي چڪر ڏين،
    کنڀيون ٿيون ڳولين، ڳالهيون ڪندي ڳُجهه جون.


    امڙ ڇا تان ڪاوڙي؟ دڙي ٿي دڙڪا

    امڙ ڇا تان ڪاوڙي؟ دڙي ٿي دڙڪا،
    ڪيڏا ڏس ڪڙڪا! اوڙو پاڙو ماٺ ۾.

    ڳڀي ڳولا ۾، سارو ڏينهن اُداس،
    رکي مانيءَ آس، سمهي رهيا ٻارڙا.

    ڄڻ ڪو داڻو ان، ننڍڙي ڪڪري روڊ جي،
    پوري اک پل کن، نينگر ڏٺو خواب ۾.

    اڃان ڪهڙا آئينا، ڏيکاريندين تون،
    ڳالهيون ڪلهه تنهنجون، مونکي ماٺ ڏئي ويون.

    ڇوڪر! ڇڪي انب جي، لوڏ نه ايئن ٽاري،
    *متان مالهاري اويرو اڏري وڃي.



    * مالهاري = هڪ پکي


    ايئن نه تن کي ٿيڙ، کڙو هڻي کيت مان

    ايئن نه تن کي ٿيڙ، کڙو هڻي کيت مان،
    مالهارين جو ميڙ، آيو جيڪو ان تي.

    اڄ تائين تنهن کي، پون وڍ وجود ۾،
    پَسايئي جنهنکي، آريءَ جهڙا انگڙا.

    هر پل ٿڌو هانوَ، هن جي نيڻ نهار سان،
    ساري گهر لئه ڇانوَ، هڪڙي نار ننڊاکڙي.

    هيءَ جو پيو واٽ تي، جهنگ ڪڪڙ وڙڪي،
    ڪاريهر ڪڙڪي، شال نه ان جي ڪنڌ تي.

    ناهي ڇلر ڇٽ، هيءَ ناري جي نينگري،
    کلندي جنهن جي کٽ، ان جو ويڙهو واسبو.


    ميان! ايڏي ماٺ! توکي ڇو ويڙهي وئي؟

    ميان! ايڏي ماٺ! توکي ڇو ويڙهي وئي؟
    ڇا تو ڏٺي ڏاٺ، آهي ملڪ الموت جي!

    ڏاڍا ڏنگا ڏار، کارو کٻڙ واٽ تي،
    لنگهي جيڪا نار، چُمن ان جي چڳ کي.

    ريتي ساري رت، پکي ڪريو پٽ تي،
    پڌري ٿي پئي پت، آدم جي اولاد جي.

    سکي ٻکي ٻک ۾، مٿان جهُڙ ڇانئيو،
    ڪوڙ متان ڀانئيو، هن مايا جي موهه کي.

    سکي ٻکي ٻک ۾، سونا سانوڻ ڏينهن،
    چمڪن چانديءَ جيئن، رُسامي جون راتڙيون.


    سکي ٻکي ٻک ۾، هيرون هٻڪارون

    سکي ٻکي ٻک ۾، هيرون هٻڪارون،
    ٿوري دوري ديد جي، ميهڻا ميارون،
    سارون، پچارون، جڳ مڳ جوڀن ڏينهڙا.

    سکي ٻکي ٻک ۾، ڪڪر ڪارونڀار،
    *کائي ڪيڏا خار، وڄ وري وئي اُٻ ۾!

    سکي ٻکي ٻک ۾، ڇاتي وِکريا وار،
    ڪيڏا ٽانگر ٽار، مهڪيا منهنجي من ۾!

    ڪنهن کان هاڻ پڇان، ڪو به ته ڏَسي ڪو نه ٿو،
    چميون چپن تان، ڪُهه ڄاڻان ڪاڏي ويون!؟

    ناهن پيارا جُوءَ ۾، توکان وڌ رابيل،
    تون جيڪا مس هيل، نسري آهين نينگري.



    * اُٻ= مينهن جا ڪڪر


    تڙ سارو ويران، پاڻياريون ڪاڏي ويون؟

    تڙ سارو ويران، پاڻياريون ڪاڏي ويون؟
    سانجهيءَ سج حيران، بيٺو سوچي ماٺ ۾.

    شال نه ڪري ٻولڙيون، پرين پرايون،
    سدائين سايون، جنهن سان ڪوتا ٽارڙيون.

    سدا تنهنجي سونهن کي، منهنجي ڪوتا واڙ ،
    ڪري نه جيئن جاڙ، سمئه ساڙولو ڪڏهن.

    ان جا سپنا ٽاڪئان، ان جي ڪڍ نه لڳ،
    نينگر جيڪا دڳ، وٺيو وڃي وڄ جان.

    ان جا سپنا ٽاڪئان، ان جي ڪڍ نه وڃ،
    ڪائي ڳالهه ته مڃ، دُکي ٿيندين هينئڙا.


    ان جا سپنا ٽاڪئان، ان جي ڪڍ نه پئو

    ان جا سپنا ٽاڪئان، ان جي ڪڍ نه پئو،
    ڀانءِ ڪجهه ته ڀئو، ناري آري رُڪَ جي.

    ان سان ڪهڙو فرق پيو، اڄ ويو يا ڪالهه،
    آهي اصل ڳالهه، ماڻهو تنهنجي انت جي.

    نه ٿي ڇو ساريئه، سي اڄ سانوڻ مينهن ۾،
    گهڙيون جي گهاريئه، مون سان منهنجي مورڻي!

    ڀنا جڏهن مينهن ۾، تنهنجا ڀنڀا وار،
    ڪيڏو تو تي پيار، آيو منهنجي مورڻي!

    هر هر اکيون آگميون، ڇا ڇا مينهن ڏنئي!
    ڇا ڇا ڏينهن ڏنئي، مونکي منهنجي مورڻي!


    ڪيڏو نه ڀرجي، برسيو آهي مينهڙو

    ڪيڏو نه ڀرجي، برسيو آهي مينهڙو،
    جنهن ۾ بانورجي، پک پُسايا مورڻين.

    اڏيان جڏهن اوڏڙو، پکو پرينءَ ساڻ،
    سانوڻ تڏهن آڻ، ڪيئي بادل مينهن جا.

    سمجهين ٿو ايئن وقت جون، گهڙيون ٿيون گذرن،
    ليڪن پيا اُڏرن، پل پاريهر وانگيان.

    ڪيڏو آهي انبوهه، ڪيڏي ڀيڙ بزار ۾،
    ليڪن سڀ سان ڊوهه، سارا اجل اک ۾.

    مونکي ايئن نه ڏي، منهڙو موڙي ميهڻا!
    سارو لوڪ ڇڏي، ڳاتم تنهنجون ڳالهڙيون.


    ساري تنهنجون ڳالهڙيون، ديد وڌم در ۾

    ساري تنهنجون ڳالهڙيون، ديد وڌم در ۾،
    اڄ جو اتر ۾، ڏٺم ڪڪر مينهن جا.

    آءُ ڪڏهن تون مينهن جيئن، اکيون اُڃ لاهين،
    رڳو ٿيون ٺاهين، خالي ڪڪر آس جا.

    تارا تارا راتڙي، چنڊ ته ڪنهن ٻي جاءِ،
    ڪوئي ڪيئن ٻڌاءِ، هوندو ڪنهن جي هنج ۾.

    جوڀن ڀريل ٿانو جيئن، هاري نه ڇڏجانءِ،
    ڳولي ڪو ٿر ٿانءِ، پيئجان وٽيون مڌ جون.

    ساري سکيءَ ساٿ اڄ، ڇُلي ٿي ڇاتي،
    ڪڏهن جنهن پاتي، مُرڪي ڳل ڳراٽڙي.


    آيا هري هانوَ تي، مينديءَ رتا هٿ

    آيا هري هانوَ تي، مينديءَ رتا هٿ،
    ٻهه ٻهه سوني نٿ، ڇڻ ڇڻ چوڙا ٻانهن ۾.

    روڪ نه سکيءَ راهه، ڇڏ ته گڏجي ميت سان،
    متان ڪائي آهه، ڊاهي تنهنجي ڊوهه کي.

    ايئن نه آڌيءَ رُل، چارا ڀيٽي چنڊ سان،
    ڇاتي لڳي ڇُل، سارا ڳُجهه پرينءَ سان.

    چپن ٿڌا ساهه، هر هر اکين مينهن،
    امڙ! مونکي نينهن، ڪيڏا ڏولاوا ڏنا.

    آهي هاڻي ياد ۾، رڳو مٽيءَ مر،
    *ڪنهن جي بُٺيءَ ڀر، مون ٿي سوچيو ماٺ ۾.



    * بُٺيءَ _ قبر.


    موهيو سارو منڊ، ان جي صورت سانوري

    موهيو سارو منڊ، ان جي صورت سانوري،
    چِکَ هٽائي چنڊ، جنهن ٿي ڏٺو اُڀ ۾.

    وارو وار وجود تي، جندڙي تنهنجا ڌڪ،
    پوءِ به ڪونهي ڪڪ، اڳي وانگر آدمي.

    ناهي ماٺ مجاز، چُڻ ڀُڻ ڪيڏي چِت ۾!
    هُري آيو هانوَ تي، ڪڪوريل آواز،
    سکي! ڪيڏا ساز، سُرڻ لڳا ساهه ۾.

    ڪڙ تي بيٺل ڪولهڻيون، ٻارو ٻنيءَ جو،
    سورج ڪنيءَ جو، ڄڻ ڪو پهريون ترورو.

    تون جيڪا رابيل جيئن، تو مان گُل پٽيان،
    ۽ پوءِ سڀ ڪٽيان، راتيون تن جي واس ۾.


    هيءَ جا عورت پنڌ ۾، ڇاتيون ماسيريون

    هيءَ جا عورت پنڌ ۾، ڇاتيون ماسيريون،
    ڪينجهر ۾ ٿيريون، ڪيڏا ٽپا بود ۾!

    پتو پوندو ڪيئن، توکي تن جي ڊوهه جو؟
    ماڻهو مانگر جيئن، ڳُڻ ڳڙڪائي ٿا وڃن!

    *ڪوئي نه هن کي ڀئو، آهي ڏوئل ڏاٺ جو،
    *سيڱاري کي سئو، آهن گس تلاءُ ۾!

    مُور نه ڪوئي مٽ، پل انهي جو پانڌيا!
    پرين سوري کٽ، آيو جڏهن اوڏڙو.

    آيو جُهڙ جهمي، جڏهن سانوڻ مينهن جو،
    پيا نيڻ ٽمي، ساري تنهنجون ڳالهڙيون.



    * ڏوئل _ هڪ پکي
    * سيڱاري _ هڪ مڇي.


    ساڳيا ڌوتل مينهن ۾، تنهنجا ڳل هئا!

    ساڳيا ڌوتل مينهن ۾، تنهنجا ڳل هئا!
    *حُسي! پُسيءَ جا، گُل ڏٺا تو ماڪ ۾.

    ڪوڏر، گنجي، گوڏ، ديهي ساري ڌوڙ ۾،
    کاٽي آڙي اوڏ، ويٺا آهن واٽ تي.

    *ٻاهر ڪيڏو سيانڊڙو، جهُڳيءَ اندر ڪير؟
    سيڪي ويٺو پير، پنهنجا ڳاڙهي مچ تي!

    *اڃان ڪٿي جندڙي، آهو پلي ٿي؟
    اڃان هلي ٿي، ڪچهري اوطاق تي.

    گهر ۾ ڳيچ وهانوَ جا، در تي دُهلاري،
    امڙ! اڄ واري، آهي تنهنجي نرت جي.



    *حُسي= ڪويءَ جي ڪلاس فيلو ، جنهن کيس شاعري لاءِ اُتساهيو.
    *سيانڊڙو= چڀندڙ سيءَ
    * آهو پلڻ= هٿ کڻي ڇڏڻ، ٿڪجي پوڻ


    هاڻي سي الائي، هوندا ڪهڙي ماڳ تي؟

    هاڻي سي الائي، هوندا ڪهڙي ماڳ تي؟
    ڇڪي ڇاتيءَ لائي، جنين ڏوراپا ڏنا.

    هوا ٻانهن_هار، توڙي ڦهلايا گهڻا،
    لوڏي ليارن ڏار، وهيا اُڏري ويا هليا.

    ڪپجي ويندي جڙ، ڇا ايئن هستيءَ _ وڻ جي؟
    وسرندا سڀ وڙ، جيڪي تو مون سان ڪيا؟

    هاڻ ته سانوڻ مينهڙا، بادل بس نه ڪن،
    ساري رات وسن، اکڙيون اوهيرا ڪري.

    ڇا سانوڻ جي مند ۾، جڏهن جهُڙ ٿيندا،
    مونکي سڏيندا، ڪوٺي ڪڪر ڇانوَ ۾؟


    جيئن ئي وهائُو، اُڀري ٿو آڪاش ۾

    *جيئن ئي وهائُو، اُڀري ٿو آڪاش ۾،
    لڏا لاڏائو، کڻن ٿا ٻئي ماڳ ڏانهن.

    *لُڇي ڪُڇي ڪينڪي، ڪُنڍي مُنڍي وات،
    ڪيڏي چپ چپات، سامهون موت ڏسي ڪري!

    ڪيڏا ٺاهيئي ڇوڪري، مٽيءَ منجهان ٿانوَ،
    پر تو منهنجو هانوَ، ڪڏهن جوڙيو ڪينڪي!

    *آهُو جيئن اکيون، تنهنجون هيون ڪامڻي!
    ساري رات بَکيون، سارون آرهڙ سج جيئن.

    وڍ به ايڏا وڍ، ويڄن پٽيون نه ڪيون،
    اسان تنهنجي ڪڍ، ڇا ڇا سَٺو سانوري!



    *وهائو _ اهو تارو جيڪو صبح ٿيڻ کان پهرين اُڀرندو آهي
    * مُنڍي _ مڇي
    * آهُو _ هرڻ


    ايڏا ڀاڪر موهه مان، ڪنهن کي پاتئي نار؟

    ايڏا ڀاڪر موهه مان، ڪنهن کي پاتئي نار؟
    جو هيءَ ويڙهيل وار، هاڻي اُڏرن واءَ ۾.

    جهولي کڻي پٽ کي، ٽهه ٽهه ٽڙي ٿي،
    ڪيڏو کڙي ٿي، ناري پونم چنڊ جيئن!

    *آهي ڦاٿو آدمي، پرڪرتيءَ ۾ ڄڻ،
    ڪيڏا هرڻ ڌڻ، آجا گهُمن جهنگ ۾.

    جتي اَسُر ويل ٿي، ماڪ ڌُئاري مُک،
    ڇڏي سارا سُک، اتي اڏجي ڳوٺڙو.

    *کنڀ کنڊيري واءُ ۾، ڪينگر ڪنڊيءَ تي،
    گهوري مڇيءَ کي، سانجهي وير تلاءُ ۾.

    وڍي ويرو تار، سارا انگ عُشاق جا،
    آ ڪنهن ڪنهن جي سار، تِکي ڪاتيءَ وانگيان.

    ڪهڙي ڪهاڻي، ان سان وابسته هئي؟
    راڄوخاناڻي، ڇو ٿو هُري هانوَ ۾!



    * پرڪرتي= ڪائنات
    * ڪينگر _ هڪ پکي (King Fisher) جيڪو هوا ۾ غوطو لڳائي مڇي پڪڙيندو آهي.


    غزل

    لهي ٿو سورج وڻن جي پويان، گهُلي ٿي دڳ تي هوا اُتر جي

    لهي ٿو سورج وڻن جي پويان، گهُلي ٿي دڳ تي هوا اُتر جي،
    سکي! الاءِ ڪڏهن تون ايندين؟ ڪُنڊي مون کولي رکي آ در جي.

    جنم_جليءَ جا سُپن گلابي! هن مُند ڪهڙو ڏهاڳ آندو؟
    نه نيڻ ساڳيا نه ننڊ ساڳي، ڇو ديد بنجي وئي پٿرجي!

    هزار سجدا عقيدتن جا، ڪري ڏٺاسين، جهڪي ڏٺوسين،
    مگر نه هن جو مزاج بدليو، اکين ۾ ساڳي ڄڀي ڏمر جي.

    ڪٿي آن سنبري نفيس نينگر! جو واٽ ڦلڙيون وئي آ بڻجي؟
    گهٽي گهٽيءَ ۾ بکي ٿو سانوڻ، قدم قدم تي کنوڻ نظر جي.

    بدن سکيءَ جو نسوري ڪوتا، ڪوي ڏٺو آ لڇي رهيو آ،
    نظر نظر ٿي سوال سرجي، پڇي پئي اک بشر بشر جي.

    حَسِين يادن جا مِينهن کڻي اچ، هجر جي ڪاڙهن چٿي ڇڏيو آ،
    هزار سپنا اکين ۾ پوئي، اسان ڏٺي ڪُنڊ ڪڪر ڪڪر جي.

    گلاب جهوميا، نچن ٿا پوپٽ، قدم رکيا هُن، ٽڙي ٿو مالهي،
    نماڻي نينگر هزار جلوا، کلي پئي اک شجر شجر جي.


    سڏي پئي سونهن ڪا مونکي، وڄن ٿيون سارنگيون مون ۾

    سڏي پئي سونهن ڪا مونکي، وڄن ٿيون سارنگيون مون ۾،
    ملڻ جا خيال سڀ کٽڙا، ڦُٽيون ڄڻ نارنگيون مون ۾،

    ڇڄڻ جو ڇيڄ ڪو ڳائي، جهرئين ڇو جهوڪ وانگي تون،
    ڳچي ۾ ٻانهڙيون ٻيئي، ورائي تو ونگيون مون ۾،

    کٻڙ جي مڪ ماڪيل تي، مڪڙ ڪنهن مام جيئن ويٺل،
    رتون سڀ لاڙ جون رنگريز وانگر ڪنهن رنگيون مون ۾،

    پراڻي پڊ تان بيهي، پکين سان ڳوٺ ڳالهايو،
    وساري ڪير وئي آهي، سڳيون، والا، ڪنگيون مون ۾،

    رليءَ جي رنگ ۾ ويڙهي، ميارون هن مُڪيون آهن،
    *کَني وانگر کُپايون تو، نهارون ڇو ننگيون مون ۾،



    کَنُو= تلوار


    سکيءَ جو بدن جو هٿن ۾ هيو


    سکيءَ جو بدن جو هٿن ۾ هيو،
    سمورو گگن ڄڻ هٿن ۾ هيو

    کلي گهر مان نڪتي الهڙ نينگري،
    مسافر سندو من هٿن ۾ هيو

    وئي تيز آنڌي سڄو وڻ کڻي،
    پکيءَ جي رڳو پن هٿن ۾ هيو

    الائي ته ڪنهن لئه تياڳي ڇڏيئين،
    چريءَ جي جوڀن هٿن ۾ هيو

    ٺريو ڏيهه سانوڻ ۾ سارو مگر،
    اسان جي تتل تن هٿن ۾ هيو


    تنهنجي سار ۾ اڄ به آليون اکيون

    تنهنجي سار ۾ اڄ به آليون اکيون،
    سڄي جڳ کان نڪتيون نراليون اکيون

    تنهنجي صاف مُک تان ٿڙيون، ٿي ڪريون،
    الئه ڪيئن مون هن سنڀاليون اکيون

    وري دل جي ٿر کي، وسائي ويون،
    سدا يار تنهنجون جهڙاليون اکيون

    پرين! او پرين! شال جُڳ جُڳ جيئين
    الئه ڪيئن تو اهڙيون پاليون اکيون

    پرينءَ کي به “شاهد” ڏٺي ڏينهن ٿيا،
    تڏهن ئي ته تنهنجون اٻاليون اکيون


    پيار جي احساس جهڙي ڇوڪري

    پيار جي احساس جهڙي ڇوڪري،
    مڌ جهڙي پياس جهڙي ڇوڪري

    مهڪ جيئن واسي وئي منهنجو وجود،
    هُوءَ گُلن جي واس جهڙي ڇوڪري

    هن جي آئي گهر ٿي ويو روشنيون،
    ڄڻ ته پورنماس جهڙي ڇوڪري

    نا اميدي جهڙي ڪاري ٻاٽ ۾،
    ڏينهن جي وشواس جهڙي ڇوڪري

    سرد سوچون، موت جهڙي ماٺ ۾،
    زندگيءَ جي آس جهڙي ڇوڪري


    ڀنڀرڪي جو ٻکجي ٻکن ۾ لُڏي

    ڀنڀرڪي جو ٻکجي ٻکن ۾ لُڏي
    اُها ڪير هئي؟ جا هٿن ۾ لڏي!

    تنهنجا پير چانئٺ نه اُڪري سگهيا،
    بتي رات ساري ڪکن ۾ لڏي

    پري تائين تنهنجو نه پيرو هيو،
    مگر ديد ڪيڏو دڳن ۾ لڏي

    ڪنايو مڙي تو نه ڪنهن موڙ تي،
    صدا دور تائين چپن ۾ لڏي


    ڇا ڇا هوندا رنگ مصور! ست رنگي تنهن منظر جا

    ڇا ڇا هوندا رنگ مصور! ست رنگي تنهن منظر جا،
    پايل جي آواز تي ٿي ويا، نيڻ پروليون شاعر جا

    سج لٿي جو لڪ اڪيلو، واءُ گهُلي ٿو واريءَ تي،
    پٿر نيڻ، ڀِٽن جو چارو، چپ اُڃارا ٿوهر جا.

    الزامن جون آنڌيون آيون، سنگ وٺا ٿي بوندن جا،
    شهر ۾ قصا عام ويا ٿي، ڪالهه اوهان جي ڪافر جا.

    آيو ڪير اويلو آهي، سانجهه ۾ سُرمئي شال ڍڪي؟
    جنهن جي آجيان لاءِ ويا ٿي، جهيڻا سُرهي جانجهر جا

    لهرون آيون، لهرون موٽيون، ڪوڏکڙو هو ڪنڌيءَ تي،
    سِپ اڪيلي موٽي ويئي، سڏ ڪنائي ساگر جا.

    ڪهڙي نگري آيو آهين؟ شيشي جا احساس کڻي!
    جلادن جو ڳوٺ آ سارو، ماڻهو سارا پٿر جا.


    بند سڀئي در هوا ۾

    بند سڀئي در هوا ۾
    ڀُلجي ويو ڪو گهر هوا ۾

    باز ڏنو ڦيرو ۽ اُڏريا
    پاريهر جا پر هوا ۾

    ڪيڏا مورک آهن ماڻهو!
    جوڙِن ويٺا گهر هوا ۾

    ٿورو وقت ڪڍي جي سوچين،
    تنهنجو سارو تر هوا ۾

    پن ڇڻيل جيئن اڏري ويندو،
    ڪوڙ کنيو جي ڪر هوا ۾

    ڪڪرن تنهنجا لڙڪ چورايا،
    ۽ پکڙي ويو جر هوا ۾


    زندگيءَ جي اُجاڙ راهن ۾

    زندگيءَ جي اُجاڙ راهن ۾،
    دُک، سوچون، پهاڙ راهن ۾

    ڄيٺ ڪاڙهو آ، آءُ وڻ ڳوليون،
    پير پنهنجا نه ساڙ راهن ۾

    پنڌ تنهنجو به ڏور پرڏيهي!
    سج اُڇلي اُماڙ راهن ۾

    ڳوٺ جي شام، ڇڪيندڙ منظر،
    ڌوڙ، دانهون، ڌراڙ راهن ۾

    او چري! سوچ، ڳوٺ ڇا چوندو؟!
    خطن کي ايئن نه ڦاڙ راهن ۾


    سانجهيءَ ٽاڻا، تنهنجون راهون

    سانجهيءَ ٽاڻا، تنهنجون راهون
    نيڻ نماڻا، تنهنجون راهون

    تنهنجو اُلڪو، ڳل اسان جا،
    ڳوڙهن هاڻا، تنهنجون راهون

    اڄ به ساڳيا آهن پنهنجا،
    پنڌ پراڻا، تنهنجون راهون

    قدم قدم تي پيڙا سانئڻ!
    وِک وِک گهاڻا، تنهنجون راهون

    تو به وڃي پرديس وسايو،
    آئون نه ڄاڻان، تنهنجون راهون


    نه ئي ڪنهن اپسرا ساريو، نه ڪوئي ڪي پريون آيون

    نه ئي ڪنهن اپسرا ساريو، نه ڪوئي ڪي پريون آيون،
    اجارڻ شاعري پنهنجي، ٻه ٽي بس ڇوڪريون آيون

    صبح سان سانوري وهنجي، ڇتا جيئن واءُ ۾ ڇوڙيا،
    ڇڳا رابيل جا آيا، گلابن جون ڀريون آيون

    لڳو ٿي جيترو هلڪو اوهان جو ساٿ سيني تي،
    انهي جي پار جون يادون، پهاڙن کان ڳريون آيون

    جڏهن پئي ڌيان ۾ پوڄيو، اسان ڪافر بدن ڪنهنجو،
    گناهن جي گهٽيءَ مان پئي، ثوابن جون سريون آيون

    چيوسين ويون لنگهي، ليڪن اسان تي درد جون نظرون،
    پيون ٻيهر ۽ لحظي ۾ مڙيون، بيٺيون، وريون، آيون


    نظم

    نتاشا

    آئون اتي ئي بيٺو آهيان،
    منهنجي ڌيءَ وڏي ٿي وئي آ.
    ٻاروتڻ جا سارا اوڇڻ
    هن کي سوڙها ٿي ويا آهن
    مون مان وقت وڃي ٿو ڇڻندو
    لمحا پوڙها ٿي ويا آهن
    هن جي سائيڪل، بستا، پينون
    هاڻي هڪڙي ڪنڊ والاري
    خاموشيءَ ۾ ڍڪجي ويا هن
    هُوءَ جا هاڻ وڏي ٿي وئي آ.
    گڏڙين وارا هٿ انهيءَ جا
    ڪمپيوٽر تي ٽِڪ ٽِڪ ڪن ٿا
    ۽ هن جا گڏڙا ۽ گڏڙيون
    مون کان هڪڙو سوال پڇن ٿا
    ڪير اسان سان ڪُڏندو هاڻي؟
    پوڙهاپي جي سرحد ويجهو
    پنهنجي خالي گهر جو سوچي
    نيڻ هيءَ ڳوڙها ٿي ويا آهن
    آئون اتي ئي بيٺو آهيان،
    منهنجي ڌيءَ وڏي ٿي وئي آ



    *نتاشا= منهنجي وڏور ڌيءَ


    اچ ڏس! ساري شام ڀڄي ٿي

    اچ ڏس! ساري شام ڀڄي ٿي
    سارا وڻ اشنان ڪرن ٿا،
    تن جي هر ڪا لام ڀڄي ٿي

    ڄڀ ڪڍي ٿي وڄ ڪڪر مان،
    ڄڻ ڪو ڪاريهر ڏمريو آ
    ڦوڪ اچي ٿي ڏهر ڏهر مان

    تون ته اڪيلو ناهين نگر ۾
    مان به ته توسان بيٺو آهيان
    نفرت جي هن هيڏي ڄر ۾

    مون ڪٿ توکي ٽوڪيو آهي
    نيٺ ته وڃڻو آهي توکي
    ڪنهن ته هوا کي روڪيو آهي؟

    اچ ڏس، سارا کيت کڙيا هن،
    جو ٿو بادل وانگي مرڪي
    تنهن جي من ۾ ڦول ٽڙيا هن

    اچ ڏس، آئون اهو ئي آهيان،
    ڄاڻان ٿو آ ڏات رڳو ڏک
    پوءِ به ويٺو گيت ورهايان.


    نابين وينگس جو نوحو

    هُوءَ جا بي نور آهي
    درد جو صحرا لڳي ٿي
    جنهن جو ڪوئي نام ناهي
    جنهن جو ڪوئي صبح ناهي
    جنهن جي ڪائي شام ناهي
    ڦوُهه آرهڙ جي لُڪن ۾
    هن کي پئي گرمي ڏنگي ٿي
    هن مٿان ڪا ڇانوَ ناهي
    آسمان هن کي پناهه ناهي ڏني
    ڌرتي جنهن لئه ڌرتتي آ
    هُوءَ جيڪا ڪلهه ڏسي سگهندي هئي
    هن کي ڀي ٻه نيڻ هئا
    جيڪي هن جا سيڻ هئا
    چنڊ هن جو رازدان هو
    ۽ هوا هن جي سکي هئي
    هُوءَ جيڪا نَوَ لکي هئي
    هُوءَ جيڪا ڪالهه جوڀن تار ۾ هئي
    پوپٽن جي ديس جي ڄڻ هُوءَ پري هئي

    ۽ جواني جي نشي ۾
    ڪالهه سچ پچ هُوءَ چري هئي
    تارڙن جي سيج هن کي موهيندي هئي
    انڊلٺي هن جي چُنر جو رنگ هو
    وقت هن جي سنگ هو
    “موسمن جو ڦير هن جي
    چوڙين ۾ هو لڪل”
    هن جي وارن جا وراڪا
    وڄ سان تشبيهه هئا
    هاڻ سا بي نور آهي
    درد ۾ ڄڻ چور آهي
    ڄڻ حياتيءَ ۾ ئي زندهه لاش آهي
    درد جو آڪاش آهي
    پوءِ به هو مايوس ناهي
    جي اکيون ناهن ته ڇاهي؟
    دل ۾ جيڪي نيڻ آهن
    هاڻ سي ئي سيڻ آهن،
    هاڻ سي ئي سيڻ آهن.


    اڳ ائين هئي زندگي

    اڳ ائين هئي زندگي
    روز تنهنجي مُک جو
    آئينو پسبو هئو
    ۽ ڪنهن سرمئي شام ويلي،
    چانهه چُسڪيون، ٽهڪڙا، هلڪي شرارت
    ڪتڪتائي
    ۽ اکين ۾
    نينهن جو گهرو نشو
    رات جو
    خواب ۾ توسان ڪچهريون
    ۽ صبح ان خواب کي
    شاعريءَ جي ويس ۾
    ڊائريءَ ۾
    بس ائين لاهي ڇڏڻ
    ڏينهن جو آواره گردي
    رات تنهنجو انتظار
    تيز واءُ، سرگوشيون
    چنڊ کي نياپا ڏيڻ
    ۽ ائين ئي راهه ۾ ويٺو رهڻ

    ۽ ڪنهن گهري ڏک ملڻ تي
    جلدي ننڍڙي ٻار جان
    تنهنجي ڪلهي ڪنڌ رکي روئي پوڻ
    ۽ رڳو سڏڪا ڀرڻ
    پر پرين ! تنهنجي پڄاڻان
    هاڻ ايئن آ زندگي
    روئندو هاڻي به آهيان
    ۽ اهي سڏڪا به آهن
    پر پرين! تنهنجو ڪلهو هاڻي نه آهي
    رات ساڳي ئي ٿئي ٿي پر پرين!
    هاڻ ساڳيو چنڊ ناهي
    موهه ناهي منڊ ناهي
    جي رڳو آهن ته جاني
    تنهنجون يادون، اڪيلائي
    هاڻ سي شامون نه آهن
    نم جون لامون نه آهن
    تو پڄاڻان بس اندر ۾
    ڄيٺ جا ڪاڙها ڪڙهن ٿا
    من جي ويران رڻ ۾
    مور يادن جا رڙن ٿا
    مور يادن جا رڙن ٿا


    اهو ڪير ؟

    اهو ڪير ؟
    شاهد
    وڃي پيو ڪيڏانهن؟
    ڏسي پئي هُوءَ گهر جي
    لڪي در وٽان
    ٻيو هٿ ۾ اٿس ڇا؟
    ڪتاب ۽ پنا!
    چوي پئي سهيليءَ کي
    هُوءَ خار مان
    سڄو ڏينهن الاءِ ته ڇا ٿو لکي؟
    ٻڌو آ ته هو شاعري ٿو ڪري !
    “مگر مان ته هن سان ـــــ
    نه ملنديس ڪڏهن”
    چريو آ، ٿو چنڊ جي تمنا ڪري،
    سُٺو ٿس ته ٻيءَ لئه ئي آهون ڀري
    ستارن ڪڏهن آهي ڌرتي ڇُهي؟
    ڪڏهن سمنڊ واهُڙ ڏانهن اک آ کنئي؟
    نه ڪي رات ڏينهن کي چُمي آ ڏني
    نه ڪي شام صبح لئه سپنا ڏٺا
    نه ڪي تيز اُس ۾ ڪڪر ئي وٺا
    انهي لاءِ چئجوس هيءَ ساک سان
    ته ڏينهن ۾ ستارا ڏسڻ ڏي ڇڏي
    اجايا ڪنهن ڏي خط لکڻ ڏي ڇڏي
    اجايا ڪنهن ڏي خط لکڻ ڏي ڇڏي

    کلي ٿي کينچلي کٽ تي
    ٽڙن ٿا ٽار ٽانگر جا
    ٿڙن ٿا پڳ مسافر جا
    هوا مس پير کوڙي ٿي
    ته هُوءَ وارن کي ڇنڊڪو ڏئي
    وري ڪو ٽهڪ ڇوڙي ٿي
    وڃي سمجهائي ڪو هُن کي
    بخيا ٿا اُڀ جا اُڊڙن
    پون ٿا ڏار ڏيهن ۾
    اُڀي ٿي آئيني سامهون
    ائين آرس جو موڙي ٿي
    پئي اڄ ديد جو هُن تي
    اتي ئي نيڻ رهجي ويا
    ڏنو هن چيلهه کي موڙو
    هينئين ۾ هٿ پئجي ويا
    وڃي سمجهائي ڪو هن کي
    سنجها جو سينڌ جي ڪڍندئين
    ستارا سُن ٿي ويندا
    اجايو ڪائناتن ۾
    قهر جا ڪُن ٿي ويندا
    مگر هُوءَ هوڏ تي آهي
    دلين جا ڪيترا ململ
    نگاهن سان نپوڙي ٿي
    سڀين جا هٺ شاهاڻا
    ملائي ڌوڙ ۾، پٽ تي
    کلي ٿي کينچلي کٽ تي


    ڪنهن گهڙي آءُ ڏات، مينهن وانگر

    ڪنهن گهڙي آءُ ڏات، مينهن وانگر
    ۽ ٻنا ٻوڙ ٿي لهو مون تي
    زندگي آهي ڄيٺ ڏينهن وانگر
    ڪنهن ڪڪر ڇانوَ جيئن رهو مون تي


    اکين کي روڪ او نينگر!

    اکين کي روڪ او نينگر!
    صفا رولاڪ پوپٽ جيئن
    وهيءَ جون واس ٿيون ڳولِن
    چڪوري جيئن ڪڏهن چريون
    نه چهرو ـــ چنڊ جي پسجي
    ته پوءِ آڪاس ٿيون ڳولِن
    مڃون ٿا ! خواب جي آهن
    انهن جو ڪوبه مُل ناهي
    اکين ۾ جيئن ٽڙن ٿا هُوءَ
    سندن مٽ ڪو به گل ناهي
    مگر هيءَ جڳ جيڪو آ
    انهي وٽ عشق جو ماپو
    دماغن جو خلل آهي
    تڏهن ٿا چئون ته اي نينگر !
    اکيون ڪنهن چنڊ چهري کي
    ڏسي آيون ته روئينديون
    (۽ پوءِ ميگهه جي موسم ــــــ
    ۾ پنهنجا درد ڌوئينديون)
    (۽ پوءِ ميگهه جي موسم ــــــ
    ۾ پنهنجا درد ڌوئينديون)


    سکيءَ کي مون نه آ سمجهيو

    سکيءَ کي مون نه آ سمجهيو،
    پراڻي ڪا پرولي آ !؟
    الئه ڪا اڳ ڪٿي آهي؟!
    صبح هن منهن پئي ڌوتو
    ائين پئي وقت مهڪيو ڄڻ
    گلابن جي سٿي آهي
    رکيا هن پير ڌرتيءَ تي
    مٽيءَ مان مهڪ ائين نڪتي
    فرشتن جي پرن تان ڄڻ لٿي آهي.


    “ث” جي نالي

    عشق منهنجي جي هٿن ۾
    تون ستارن جو ڀريل ڄڻ ٿالهه آهين
    اڄ به تنهنجي آرزوءَ کي
    مون ته دل جي پاند ۾ پائي رکيو
    تون سڀاڻي سج جيئن پئي جرڪندين
    تون ئي منهنجو ڪالهه آهين
    تو اڃان ڄاتو ڪٿي منهنجي مٺي!
    آ اکين ۾ اُس ڪيڏي !
    ڇانورا تنهنجي ڇهائن جا پري ڏاڍو پري
    ٿي ڌڳي مون ۾محبت ٻاٻرن ٽانڊن جيان
    ٿو ڏسان توکي ته ٿو هيءَ ديد جو دوزخ ٺري.


    هوشوءَ جي حضور ۾

    توڙي هاڻ مياڻيءَ ڀرسان
    ناهي ڪوئي ڪنڌ ڪڪوريل
    پر هيءَ ڪهڙي دهشت آ جو
    اڄ تائين ڏهڪاءُ انهن ۾
    هر رهزن جا لڱ ٿا لرزن
    ڪالهه جيان ڄڻ اڄ به تازا
    ڄڻ ته چِڪن ٿا گهاءُ انهن ۾ !
    تو جا ڪالهه ڪئي هئي، ساڳي
    ويريءَ لئه للڪار هوا ۾
    هر ويڪو ڄڻ واريءَ تي وڻ
    جنهن کي ڌوڻ هوا جي ڌوڏي
    پاڙان ائين اُکيڙي ويندي
    ۽ ان جا سڀ پتا، پاڙون
    ٽاري ٽاري ٽيڙي ويندي
    “مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون”
    اڄ به انهن لئه نانگ جيان هيءَ
    تنهنجو نعرو لهرائي ٿو
    جنهن کان ڇرڪي هر ڪو ويري
    پنهنجو گس ئي بدلائي ٿو.


    اسان کي عشق ساريو آ

    اسان کي عشق ساريو آ
    وڄن ٿا ساز سوچن جا
    *نچن ٿا نيگرا بيخود
    ڌمالون ديد جون آهن
    اسان جو نينهن نيارو آ
    *اسان جي بُت جي مٽي
    سراسر عشق مان ڳوهيل
    ڳچين ۾ ڳٽ وانگي آ
    وفا جو واعدو پويل
    سڀاڻي ڪو متان ائين چئي
    نڀائڻ ويو هُئن وسري
    اها ئي ڳالهه ڳرلائي
    سدائين پريت پاريون ٿا
    گهنگهر ۾ پيا گذاريون ٿا
    اکين جي ماڻڪين پويان
    لڪيل آ لار لڙڪن جي
    چپن تي آ مگر ساڳي

    چٽي چانڊاڻ ٽهڪن جي
    دلين جو ديس هيءَ پنهنجو
    رهيو آباد ۽ رهندو
    پٺيان جيڪو پڇي ان کي
    وڏي واڪي چئي ڇڏجو
    اسان جو ديپ ٻاريو آ
    انهيءَ کي روشنيءَ خاطر
    اسان جو ٿو لهو گهرجي
    انهيءَ لئه پنڌ پيا آهيون
    ڪنڊن جي ڪائناتن ۾
    پٿون هيءَ پير ٿيندا پر
    اسان هر دؤر جي دڳ تي
    ائين ئي يار ! گهاريو آ
    وڃون ٿا واءُ سان گڏجي
    اسان کي عشق ساريو آ
    اسان کي عشق ساريو آ



    *نيگرو= انگريزي ٻوليءَ جو لفظ Negro شيدي
    *بُت= بدن


    هن ذات جي ڪُنڍيءَ ۾

    هن ذات جي ڪُنڍيءَ ۾
    ڦاٿو مڇيءَ جيئن ماڻهو
    اڻ ڄاڻ سڀ هيءَ ڄاڻو
    ڪوئي نه ٿو ٻڌائي
    آ ڇا ته سو الائي
    هيءَ وار يار ڪُنڍڙا
    تاريخ جن ۾ ويڙهيل
    چمڙيءَ جي دڳ دڳ تي
    ڪيڏا صفحا سهيڙيل
    هُوءَ لوڏ جا لکن جي
    جنهن کي جهُڳي ڪکن جي
    آهي هليو حبش کان
    هينئر به پنڌ ۾ آ
    ڪيڏو وڏو تسلسل !
    اڄ تائين رند ۾ آ
    سڀ مات جيت هن سان

    وڙڪن ٿا واءُ وانگر
    هن جا سڀئي تصور
    هلڪي هڳاءُ وانگر
    ڊاهي سگهيو نه ڪوئي
    هيءَ ذات بس ايئن آ
    سَوَ ساز سارنگيون ڄڻ
    هيءَ لات بس ائين آ
    ڪا ٻاٽ ڪونه رهندي
    ڏيئن جيئن ڏيل آهن
    اي رات روشنيون ڏس
    ڪيڏا قنديل آهن.


    آسمان جي ڳلين ۾

    آسمان جي ڳلين ۾
    چنڊ رُلي رهيو آهي
    تارا پٿر ٿي ويا آهن
    شهر ۾
    ڀاڳين جي گهرن ۾
    چور سُتل آهن
    ۽ ڀاڳيا چورن جا پير ڳولي رهيا آهن
    ڪتا گدڙن جو آواز ٻڌي
    شهر ٻاهران وڃي لڪا آهن
    شهر جي ڀاڳين
    مينهون پالڻ بدران
    سُوئر پالڻ شروع ڪيا آهن
    ۽ آسمان جي سوڙهين ڳلين ۾
    چنڊ وڃائجي ويو آهي.


    ماني اهو کائي

    ماني اهو کائي
    جنهن کي هٿ نه هجن
    سٺُن وڳن پائڻ لاءِ ضروري آهي
    ته پنهنجا جسم گروي رکو
    ۽ دماغن کي
    بئنڪن جي لاڪرن ۾
    قيد ڪري ڇڏيو
    ته جيئن
    توهان جو مستقبل
    وڌيڪ روشن ۽ تابناڪ ٿي سگهي.


    فرق

    منهنجي ڪمري جي دري
    سمنڊ ڏانهن کلي ٿي
    ۽ آئون روز
    جل پرين کي
    وار سنواريندي به ڏسان ٿو
    پر پوءِ به
    شاعريءَ جا ناسي بادل
    منهنجي تخيل جي آسمان کان
    پاسو ڪري گذري ويندا آهن
    ۽ هُوءَ ڇوڪري
    جنهن جو گهر
    شهر جي آخري ڇيڙي تي آهي
    روز الاءِ ڪيترا اڻ لکيل نظم
    پنهنجي پوتيءَ جي پَلَوَ مان ڇنڊي
    انٽرنيٽ ڪيفي ۾ هلي ويندي آهي.


    Not waiting

    گهڙيال جي ڪانٽن تي
    تڪڙ سوار آهي
    هر گذرندڙ گهڙي
    ڄڻ ته ريس ڪورس
    جو گهوڙو آهي
    جنهن جا تيز ۽ کُهرا سُنب
    اسان جي خواهشن کي
    ڦٽيندا ۽ لتاڙيندا گذري رهيا آهن
    پر آئون
    اهي سڀ ڳالهيون
    تو سان ڇو پيو ڪريان؟
    تو ته پنهنجي دروازي تي
    Not waiting جي تختي لڳائي ڇڏي آهي.


    نئين تهذيب

    منهنجي شهر جي ماڻهن
    سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو آهي
    هو روز
    شهر ٻاهران گڏ ٿي
    لهندڙ سج کي ڀونڊا ڏيندا آهن
    ۽ شهر ۾ رهندڙ
    شاعرن کي پٿر هڻندا آهن
    ۽ گاريون ڏيندا آهن
    ۽ سال جي آخر ۾
    پنهنجي سموري ڪارڪردگيءَ جو
    جشن ملهائيندا آهن.


    امان ڪلثوم لاءِ

    ماءُ منهنجي!
    آ تتي آرهڙ جيان هيءَ زندگي
    ڇانوَ جيئن تنهنجو وجود
    روز اولهه ۾ جڏهن ڀي سج لٿو
    مامتا تنهنجي اڳيان
    مون جهڪي ٽيڪيو مٿو
    ٻيو ڪٿي منهنجا سجود ؟!
    آس هڪڙي ئي اندر جي آرسيءَ ۾
    ٿي بکي هر هر گهڙي
    شال منهنجو هٿ جهلي
    زندگيءَ جي ڏوجهرن ۾
    تون هجين مون سان کڙي
    جيڪڏهن ٻيهر جنم منهنجو ٿئي
    آئون تنهنجي ڪُک مان ئي شل ڄمان
    آئون تنهنجي ڪُک مان ئي شل ڄمان


    نجيءَ کي جنم ڏينهن مبارڪ

    تنهنجون راتيون ڏينهن جهڙيون
    سڀ سويرا سون
    شال سدائين تنهنجون شامون
    ڏاڙهونءَ ڪڻ جيئن هون
    تو لئه وقت هندورو بڻجي
    لوڏِن توکي ڀاڳ
    شال سدائين مرڪين
    ماڻين موتين جهڙو ماڳ
    تو لئه لفظ پڇائون منهنجا
    اُلڪا اُلڪا گيت
    اڄ جو تنهنجو ڏينهن جنم جو
    مون نه ڀُليو ڪنهن ريت.


    آءُ اي وڇڙيل مسافر !

    آءُ اي وڇڙيل مسافر !
    ڳنڍ کوليون ڏک جي
    سال ٿيا سيني مٿان
    هڙ جيڪا هجر جي آهي پيل
    سا هٽي ئي ڪانه ٿي
    موسمون آيون، ويون، اينديون مگر،
    دک جي موسم مٽي ئي ڪا نه ٿي.


    آ ڳجهارت جهڙي جئين هيءَ ڪائنات

    آ ڳجهارت جهڙي جئين هيءَ ڪائنات
    تون به ان جو ڳُجهه آهين
    ڪيترا ڀيرا ڀڃڻ چاهيم مگر
    آ ڏکي تنهنجي پرولي
    پاڻ پيو وچڙيو وڃان ٿو بار بار
    تون سکي آهين نه سولي
    ذات تنهنجي دائرن ۾ ۽ ڪُنڊن ۾
    ايترو ورڇي پئي آ،
    وٽ کوليندي انهي جا
    زندگي ورچي پئي آ
    روز ٿو سوچيان سکي !
    سمجهه لئه ڪنهن سُٽ وانگي
    ايتري ڇو آن منجهيل؟
    ايتري ڇو آن ڳُجهي؟
    جو سدا تو لاءِ سوچي
    روح پئي ٿو ضربجي
    عشق منهنجو ئي هميشه
    ڪٽ ۾ ڇو آ رهيو؟
    ۽ حسن تنهنجي جي ساري ڪائنات
    آ پئي پاڇِيءَ جيان
    جسم پنهنجي جي ڏکي جاميٽري
    چئو: پڙهائينديئين ڪڏهن ؟
    من جي مڪتب ۾ ڪنهن معلم جيان
    تون مٺي ! اينديئين ڪڏهن؟


    وايون

    آهن ڪيڏا هُل!

    آهن ڪيڏا هُل!
    سانجهيءَ جي آڪاش ۾

    ٻرڻ لڳا ٻاٽ ۾،
    *تارا ڀَترــ گُل
    سانجهيءَ جي آڪاش ۾

    چنڊ نه کڙيو چيٽ جو،
    ڀُل به ايڏي ڀُل!
    سانجهيءَ جي آڪاش ۾

    ڪڪر ڪارونڀار جا!
    *ڇُوهو بڻجي ڇُل
    سانجهيءَ جي آڪاش ۾



    *ڀَتر= جهنگ جو هڪ ٻوٽو جنهن ۾ هئڊا گل ٿيندا آهن.
    *ڇُوهو= تيز مينهن


    ڪيڏا سج لهي ويا!

    ڪنهن به ته ڄاتو ڪينڪي!
    ماتم هيءَ من جو
    ڪيڏا سج لهي ويا!

    پن ڇڻ لئه ڪجهه ڪو نه هو،
    پاراتو پن جو
    ڪيڏا سج لهي ويا!

    بُکين اجايو ڪيو،
    اوسيئڙو اَن جو
    ڪيڏا سج لهي ويا!

    تو کي پتو ڪونه پيو،
    تتل هن تن جو
    ڪيڏا سج لهي ويا!


    شاهد جاڳي ٿو

    آڌيءَ جو گهر ۾
    شاهد جاڳي ٿو

    اهڙو ڪير آهي؟
    جنهن جي گوندر ۾!
    شاهد جاڳي ٿو

    نيل گگن هيٺان،
    کٽ تي، آڳر ۾
    شاهد جاڳي ٿو

    تون ناهين، ڇا هي؟
    يادن ـــ ڀاڪر ۾
    شاهد جاڳي ٿو


    گُم ٿي ويا آهن

    نيڻ اسان جا،
    تنهنجي شهر ۾
    گُم ٿي ويا آهن

    بوندن جا قطرا
    نيري ساگر ۾
    گُم ٿي ويا آهن

    تنهنجو پويون خط
    ڳوڙها ڪاڳر ۾
    گُم ٿي ويا آهن

    رُلي رُلي سپنا
    نيڻن جي بر ۾
    گُم ٿي ويا آهن

    دوريءَ جا سڏڪا،
    پهرئين ڀاڪر ۾
    گُم ٿي ويا آهن

    ڏسندي ٻه تارا،
    هڪڙي ڪڪر ۾
    گُم ٿي ويا آهن


    نيري ڪينجهر جي مٿان

    ٻه ٻه ٿي جاڙيون،
    اُڏرن ٿيون آڙيون
    نيري ڪينجهر جي مٿان

    برکا جا ڪارا ڪڪر،
    ٺاهن ٿا ماڙيون
    نيري ڪينجهر جي مٿان

    اُڇلي پيو سج ٿو،
    ڪيڏيون اُماڙيون!
    نيري ڪينجهر جي مٿان

    شام صنوبر وڻ جيئن،
    لامون هن لاڙيون
    نيري ڪينجهر جي مٿان

    شام گلابي، ٻيڙيون،
    ست رنگيون ساڙهيون
    نيري ڪينجهر جي مٿان


    سانجهيءَ جي ويلي

    اوندهه آهي لٿي
    ٻاري ڇڏ بتي!
    سانجهيءَ جي ويلي

    آئي من جي دوار تي،
    ڪوتا رنگ رتي
    سانجهيءَ جي ويلي

    کولي منهنجي ڊائري،
    ويئي گُل رکي
    سانجهيءَ جي ويلي

    ڏيئا ٻاريم گهر ۾،
    تنهنجو نانءُ وٺي
    سانجهيءَ جي ويلي


    گهوري رهيو آهي

    ڪڪرن اوٽ منجهان
    توکي چندرمان
    گهوري رهيو آهي

    ڪُڏندڙ ٻارن کي،
    فوجي وحشيت مان
    گهوري رهيو آهي

    ويندڙ وينگس کي،
    ڪوئي در وٽان
    گهوري رهيو آهي

    ناهي ڄاڻ سُڃاڻ،
    پوءِ به هو ڇا کان؟
    گهوري رهيو آهي

    ڪانوَ لولَي کي،
    گهر جي چوٽيءَ تان
    گهوري رهيو آهي


    شاعر سوچي ٿو

    ڇا پئي هلندي شاعري
    ايئن مُدامي
    شاعر سوچي ٿو

    ڪوتا پوئين رات جو،
    ايندي اُڏامي
    شاعر سوچي ٿو

    شل نه ڏيئا ڏات جا،
    وڃن وسامي
    شاعر سوچي ٿو

    لکندي لکندي رات ڀي،
    ويئي وهامي
    شاعر سوچي ٿو

    ڪڏهن ويندي ديس مان،
    بُک ۽ غلامي
    شاعر سوچي ٿو


    ڇا ٿي سوچي ڳائڻي!؟

    تنبوري ڀر ۾
    ڇا ٿي سوچي ڳائڻي!؟

    سوچون گهري سمنڊ جان،
    ايڏيءَ ٻُڏتر ۾
    ڇا ٿي سوچي ڳائڻي!؟

    چوڌاري ميڙو متل
    ماڻهن _ ساگر ۾
    ڇا ٿي سوچي ڳائڻي!؟

    سارون سَوَ سرير ۾،
    يادن ـــ ڀاڪر ۾
    ڇا ٿي سوچي ڳائڻي!؟


    هن جي نيڻن ۾

    ڪيئي پورب پنڌ
    هن جي نيڻن ۾

    تنهنجي سندر تڙپنا، ڪيئي ڪرايا ڪنڌ،
    مٿان وڳهه ڪوٽ جي، آهي کڙيو چنڊ،
    چنبيلي جي واس ۾، ڪيڏا مهڪن منڊ!
    مٿان سرءُ راتڙي، تنهنجي آهي اُڪنڊ
    ويٺي ويٺي سارجي، ڳهلا! کول نه ڳنڍ،
    مونکي تنهنجي موهه جي، موهي ويئي سُڳنڌ
    آهي تنهنجي آس ۾، ساڻو ساڻو سَنڌ،
    آءُ ته گذري نه وڃي، مهڪارن جي مُند.
    ڪيئي پورب پنڌ
    هن جي نيڻن ۾


    ڪيڏا رنگ ڀري ويو!

    گوري! تنهنجو گج
    منهنجي جيون ۾
    ڪيڏا رنگ ڀري ويو!

    پيڙائون ڀوڳي،
    ڪوي لفظن ۾
    ڪيڏا رنگ ڀري ويو!

    سج جو هڪ ڪِرڻو،
    دريءَ شيشن ۾
    ڪيڏا رنگ ڀري ويو!

    تنهنجو ڏنل درد
    بي رنگ جوڀن ۾
    ڪيڏا رنگ ڀري ويو!

    سندريءَ جو سپنو
    منهنجي نيڻن ۾
    ڪيڏا رنگ ڀري ويو!

    *علڻ جو آواز
    شاهه جي بيتن ۾
    ڪيڏا رنگ ڀري ويو!


    *علڻ= سنڌ جو يگانو راڳي مرحوم علڻ فقير


    آڻ هن کي اوڏڙو

    تڙپندي تارا نه ڳڻ،
    آڻ هن کي اوڏڙو

    روز ٿو سڏڪي چوي،
    ڏک مان مونکي ڏکڻ
    آڻ هن کي اوڏڙو

    دُک کي پاسي ڪري،
    سُک جا پيرا ته کَڻ
    آڻ هن کي اوڏڙو

    سِڪ کي سائو ته رک
    ڇڪ ۾ ايڏو نه ڇڻ
    آڻ هن کي اوڏڙو


    ڪنهن گهڙي تو کي ڏسان

    اڄ به ساڳي آرزو
    ڪنهن گهڙي تو کي ڏسان

    واءُ سان گڏ وڙڪندي
    يا گُلن سان مُشڪبو
    ڪنهن گهڙي تو کي ڏسان

    ٿو ڪويتا سان ڪيان،
    رو ز ساڳي گفتگو
    ڪنهن گهڙي تو کي ڏسان

    خواب جو خيمو ٽپي،
    دل چوي ٿي روبرو
    ڪنهن گهڙي تو کي ڏسان


    روح روڙيندو رهيو

    عمر ڀر ساڳيو ملال
    روح روڙيندو رهيو

    ڇو نه مون تنهنجا چتايا
    ڳل ڪاوڙ ۾ گلال
    عمر ڀر ساڳيو ملال
    روح روڙيندو رهيو

    ڇو نه مون تنهنجا ڪنايا،
    سڏ هيءَ جلدي ڪلال
    عمر ڀر ساڳيو ملال
    روح روڙيندو رهيو

    ڇو نه مون تو تي لُٽايا،
    هاءِ جوڀن جا جلال
    عمر ڀر ساڳيو ملال
    روح روڙيندو رهيو


    هائيڪا، دوها، ڏيڍ سٽا، سوايون، پنجڪڙا

    هائيڪا

    اوندهه ٽاريو ڙي!
    سانجهي آڳر ۾
    بتي ٻاريو ڙي



    ڏهرن منجهه ڏيئا،
    ڪنهن جي لاءِ ٿي وئي؟
    ساري ڀٽ ليئا!



    ڏينهن پيو ٽهڪي
    *گندڻ، گوجون جهول ۾
    مهاڻي مهڪي.

    *مڇيءَ جا قسم



    ڇا ڇا سمنڊ چيو
    ڪوڏ پوءِ به ڪپ تي
    چُپ ئي ويٺو هو.



    جهُڙ ڏئي آڏو
    رُناسين ٻئي ڀاڪرين
    *آئون ۽ کاڏو


    * کاڏو= منهنجو ڳوٺ



    *هيءَ تنهنجو راڄو
    سدا سانوڻ ڏينهڙا
    وڄن جو واڄو


    * راڄو= راڄوخاناڻي (اتي ڪنهن جي هجڻ ڏانهن اشارو)



    سانوڻ کنوڻ ساڻ
    جيڏلون جوانڙيون
    پڌر منجهه رهاڻ



    جيئري ڪوتا ڄڻ،
    هُوءَ جا ملي پنڌ ۾
    ڪڻڪ رنگي ڪولهڻ.



    پاڻياريءَ جي پريت
    وڌا جيون جهول ۾
    گهاگهر جهڙا گيت



    ڇو نه لڪن ٿا؟
    پاڻيءَ منجهان رڇ کي
    *ڏنڀرا ڏسن ٿا.


    *ڏنڀرا = مڇي



    ڪنهن لئه ڪيهن ٿا؟
    ڇا کي سوچي واٽ تي
    *برڙا بيهن ٿا!


    *برڙا= ڇيلا



    لاريءَ جا لوڏا،
    ڇرڪي نينگر ڇال سان
    گسيا جيئن گوڏا.



    امڙ اڄ ويئي،
    رُنا ويٺي ٻارڙا
    *بُٺيءَ ڀر ڏيئي.


    * بُٺي = قبر



    شال ڇمر ڇُلڪن
    اونهاري جي اُس ۾
    *ٽيٽا ٿا ٽُلڪن


    * ٽيٽا = هڪ پکي



    مون تي جهُل نه جهُل
    ٽانگر ٽاري ! واءُ ۾
    ڇڻندا تنهنجا گل



    ٻانهون ڳچيءَ هار
    پاڇا پپر اوٽ ۾
    هيرون ۽ هٻڪار



    ڊهي نه ڊهندا
    منهنجا پيرا تو پٺيان،
    راهن تي رهندا



    *گهگهه ڪيا گهيرا
    سارا پکي واءُ ۾
    خالي آکيرا


    *گهگهه= چٻ



    سارا رد دليل
    ڄڻيا هڪڙي ڪُک جا
    *آئون ۽ عديل


    *عديل= عديل خواجه منهنجو دوست



    اُڀ سڄو ئي اڇ،
    ڪنڀر سوچيو مينهن ۾
    *ڪٿي پچندا رڇ؟

    *رڇ= ٿانوَ



    مون مس سوچيو هو
    تنهنجا چپ چمي وٺان
    اکيون آڇيون تو



    واهوندا ورندا
    ڪيسين آرهڙ اُس ۾؟
    ڏينهن پيا ٻرندا!



    آئون نه ڪو افسوس
    آندا مٽ مجاز جا
    *منهنجي لاءِ بڪوس

    *بڪوس= شراب جو ديوتا



    مون لئه گهاٽا وڻ،
    ڀٽائي، باهُو هجي
    يا هُو فريدڻ



    اتي ٽيڪ مٿو
    جتي ٿڪجي جهنگ ۾
    سانجهيءَ سج لٿو



    نڪتو نوريئڙو
    ۽ ان تي مرڪي وڌو
    سانجهيءَ سج ليئڙو



    *ڪاڪينڊا هيءَ ڪير؟
    جنهن کي پڙو پٽ جو
    مينديءَ رتا پير


    *ڪاڪينڊو= هڪ جيت



    ٻپهريءَ ڌاري
    ڀاڳيو ليٽيو جهنگ ۾
    وڇن کي واري



    وهيءَ ولوڙا
    مُرڪن بيٺيون نينگريون
    ساڻا ٻه پوڙها



    مينهن مٿان ۽ ماگهه
    پنڌ پرينءَ جي پار جو،
    *واٽون جهڙا واگهه !


    *واگهه= شينهن



    چنڊ به اُجهاڻو
    پنڌ پرينءَ جي پار جو
    مان ۽ ٽانڊاڻو



    سُتو ڪيئن سڄڻ؟
    آيو چنڊ چؤنري مٿان
    جنهن جي ننڊ پسڻ



    بادل! ڇا ايڏانهن؟!
    *ڇايا جهڙيون ڇوڪريون
    سڀ ويون ڪيڏانهن؟

    * ڇايا= پاڇو



    ڪونجڙيون ڪيٽي،
    او شل پسان مند جون
    لڳهه وٽ ليٽي



    *اِشو لوهاڻو
    سانڍيو هُن سڀاءُ ۾
    سنجها جو ٽاڻو

    *ايشور لوهاڻو= منهنجو خوابن جهڙو دوست


    ڏيڍ سٽا

    زندگي ڪلهه کان ڀلي،
    واٽڙيون به ڪيئي پر، اڄ ڪٿي تنهنجي ڳلي.



    ڇو هيٺ ڪيئي نظرون؟
    اڄ ٽوڙ حجابن کي، ڪر ڪالهه جيان خبرون.



    تو وقت ڇڏيو ٽاري،
    وئي ايئن وهي گذري، ڄڻ مڌ ڇڏيئي هاري.



    جي تار هيا بادل!
    ڇو ڪونه وٺا بُٺ تي، بيڪار هيا بادل.



    چوڙيون ته ڀڳيون آهن،
    پر رقص ۾ هيءَ گوري ! ڪنهن ڪاڻ سڳيون آهن؟



    اي هير! ٻڌين پيئي،
    آ وقت ٺڳيو مون کي، سارن جا سڪا ڏيئي.



    تو ڪونه ڪڏهن ڄاتو،
    هيءَ نانءَ سدا تنهنجو، مون هار ڪري پاتو.



    آ نينهن ڪچي ڏوري،
    ڪنهن وقت ڇڄي پوندو، ڏين ڇڪ متان ڇوري !



    ڪير ائين ڳائيندئي؟
    جي نه مان رهيس تو وٽ، ڪير ائين چتائيندئي.



    تو ڀلي رٿي آهي،
    پر ڪڏهن تو ڄاتو آ، ايتري وٿي آهي!؟



    ڪنهن کي ته وڻي وڃجان،
    خالي نه ڏئي خوشبوءَ، اي نار ! ڇڻي وڃجان!



    اي شباب ۾ ويڙهيل !
    وائکي نه ٿيندين ڇا؟ اي نقاب ۾ ويڙهيل !



    ڳجهه ڪو سلي ڪنهن سان،
    آ چڱو ته ڇڏجي اڄ، روح کي رلي ڪنهن سان.



    *اڄ ڪڻيون ڪٿي آهن !
    مور گنگنائن ٿا، مورڻيون ڪٿي آهن؟

    *ڪڻيون: ٻهراڙيءَ جا ماڻهو اهو اصطلاح هلڪي برسات لاءِ ڪم آڻيندا آهن.



    مورڻي جيان آهين،
    اي لڏڻ ! جوانيءَ ۾، راڳڻيءَ جيان آهين.



    جي نه ٿا پيئن ماڻهو،
    مڌ پيار جو ڪنهن کان، جک ٿا جيئن ماڻهو.



    حال ۾ نه هستي آ،
    ڇا ڪجي پرين پيارا ! بي وڙن جي بستي آ.



    آءُ تون گهٽا وانگي،
    ٿا ٻرن محبت ۾، چپ هيءَ چتا وانگي.



    ڇوڪرو ڀُلو آهي،
    ڇوڪري ته ناهي هُوءَ، آڳ آ، اُلو آهي.



    اڄ ڏڍ نه آ ڪوئي،
    ٿو سيءَ پوي ڏاڍو، اچ لال ! ڍڪي لوئي !



    سنسار نه آ هُن جيئن،
    مون ڪالهه پئي سوچيو، هر نار نه آ هن جيئن.



    چنڊ رات ڪٿي هونديئين،
    جي آئون سڏيان توکي، اي ڏات ڪٿي هونديئين؟



    *هو ويئي هلي منوا !
    ڇو ائين ڪري ڇورو، تو مام سلي منوا ؟!

    * منوا= اي من!



    آ ڏنگ کجيءَ جهڙو،
    *ٻيو آهي مٺو ڪاٿي؟ ڪو نانءُ نجيءَ جهڙو.

    * نجيءَ= منهنجي هڪ دوست.



    اڄ رات جدائيءَ ۾،
    تو ڪيئن ڪٽي هوندي، برسات جدائيءَ ۾؟!



    گلنار ڏٺا ها تو،
    ڪلهه هُن جا ڪاوڙ ۾، رخسار ڏٺا ها تو؟!



    *تو ڳالهه ٻڌي ڀنڀرا !
    ٿي ايئن ڇُليون ڇاتيون، ٿي ڄڻ ته ٽپيا ڏنڀرا.

    * هڪ دوست ڏانهن اشارو



    *نيرو ئي ٻڌائيندو،
    سڀ راز سکي توکي، هو روئي ٻڌائيندو.

    *سنڌ جو هڪ قديم وهڪرو



    آهن ته ڪٿي مرڻيون،
    پر ڪونه پتو تن کي، ٿيون ڇال ڏين هرڻيون.



    برسات اُڪامي وئي،
    مون ڪالهه پئي سوچيو، ڪيئن عمر وهامي وئي؟



    سنسار ڇڏي ويو سو،
    جنهن گيت چيا تنهنجا، فنڪار لڏي ويو سو.



    تاريخ عجب ڌارا،
    *اورنگ ته اجهامي ويو، ٿو اڄ به ٻري دارا.

    *اورنگ= ارونگ زيب، جنهن پنهنجي ڀاءُ دارا شڪوهه کي مارايو.
    *دارا= دارا شڪوهه



    مون لاءِ لتا تنهنجا
    اڄ ڪالهه ويا گُم ٿي، سڀ پار پتا تنهنجا.


    ان ويل اڏامي ويا
    جنهن ويل ڇڙيا ڇيرا، پاريل اڏامي ويا.



    پينار به ساڳيو آ
    جيئن هُوءَ پِني لولو، زردار به ساڳيو آ.



    پِرڪار اهي ساڳيا
    دنيا ته بدلجي وئي، پر يار اهي ساڳيا.


    دوها

    ناوَ نديءَ ۾، تڙ تي نينگر، سونهري سانجهي،
    ڇا ڇا ديد_دريءَ مان پسندين، او ويندا مانجهي؟!



    اهڙي ڪهڙي صورت تن جي، اهڙا ڪهڙا سيڻ؟
    جن کي ساري ڀرجي آيا، نيروليءَ جا نيڻ!



    جيئن ڏسي شرمائي ڀڳي هُوءَ، پڪڙي پوتيءَ پاند،
    ٻوڙان ٻوڙ لهي ٿي ڪوتا، هاڻ ڪٿي ويساند!؟



    هيڏيون سارون، هيڏا سپنا ۽ هيڪلڙو من،
    ڪيسيتائين تن سان وڙهندو، تنهنجو هيءَ ساجن؟!



    چنڊ نديءَ جي ٻک ۾ آهي، ليئا ليئا لهريون آهن،
    تون ته پري آن پوءِ ڇو منهنجون، ٻانهون هينئن اُٻهريون آهن؟



    پنهنجو جيون اهڙو، جهڙو ڪو پاڻيءَ تي پن،
    آئي لهر لڙهي وينداسين، سچ آ ڙي ساجن!



    سالن کان پوءِ ياد هو آيو، آهي اڄ اچانگ،
    من_اڱڻ تي اُتريون آهن، سارون ڪانگل وانگ.



    تن تي ميرا ڪپڙا جنهن کي، ليڙون ليڙون پوت،
    پر ڪا اهڙي جوت نه جڳ ۾، جهڙي هن جي جوت.


    سوايون

    هُن جا ميرا پير به ڄڻ
    هلڪي دز گلابن تي.



    ٿڙندي نڪري وئي دور
    ڪنهن تي وڄ جي اک پئي؟



    مڌ مٺو آ ماکيءَ کان،
    تنهنجي ڄڀ ڪڙي آهي.



    سَوَ سَوَ سانگ ڪري ٿي ڪوتا،
    ڄڻ ڪو تنهنجو پاند لڳس.



    آئي ته سارا ڇنندي ڇيهه
    ڇوليءَ لاءِ نه ڪپ تي ويهه.



    ستارا ڇير ۾ پوئي، ٽلي ٿي واهه جو وينگس،
    سڄو ئي پنڌ پاڳل آ، رڳو هيءَ لڪ ڪونهي ڪو.



    صليب جاڳ جا گيهلي، اکيون پهتيون اوهان تائين،
    مسيحا ننڊ جا ! تو وٽ، مگر ڪو خواب ئي ڪونهي.



    ميگهه الائي ساريو ڪير؟!
    ساري رات رُنا بادل.



    سدا روپ تنهنجو وسيو مينهن ٿي،
    اسان جي اٻالي ڪويتا مٿان.



    وينگس آهي دريا جو آر،
    جنهن کي چاهي تنهن کي پائي.


    پنجڪڙا

    رات ڪنهن رابيل وانگر آ ٽڙي،
    چنڊ منهنجا تون ڪٿي آهين اڃان؟
    ٿو سبب ڪهڙي کان تڙپائين اڃان؟
    اڀ تي ڪيڏا ستارا پيا کڙي،
    رات ڪنهن رابيل وانگر آ ٽڙي.



    موت واچوڙي جيان آهي مٺا،
    ڪيترا جيون لَٽي ويو ڌوڙ ۾،
    سچ پر ڪاٿي لڪيو آ ڪوڙ ۾،
    هڪ قصي ڪوڙي جيان آهي مٺا،
    موت واچوڙي جيان آهي مٺا.



    هُوءَ ندي ۾ عڪس پنهنجو ٿي ڏسي،
    چنڊ کيڏي ٿو پپر جي ڏار سان،
    رات ريجهي وئي چڙن جي لار سان،
    چاندني هُن جي بدن تي ٿي وسي،
    هُوءَ ندي ۾ عڪس پنهنجو ٿي ڏسي.



    اهو چنڊ هن جي اڱڻ جو گلاب،
    اها رات هن جي اکين جو ڪجل،
    اها شام هن جي چُني مڌ ڀنل،
    اها مرڪ هن جي پراڻو شراب،
    اهو چنڊ هن جي اڱڻ جو گلاب.



    آئون تو وٽ هجان هجان نه هجان،
    منهنجا هي گيت زندگي آهن،
    تنهنجي هڪڙي ڏنل چمي آهن،
    ڪنهن گهڙي ياد ستائي ته شاعري پڙهجان،
    آئون تو وٽ هجان هجان نه هجان.



    اهو چنڊ توکي ڏَسيندو سکي،
    اسان جا ڀنل نيڻ ان ئي ڏٺا،
    سدائين گهٽائن جيان جي وٺا،
    ٻيو ڪير توکي سليندو سکي،
    اهو چنڊ توکي ڏَسيندو سکي.



    هُوءَ هوائن جي چُنيءَ ۾ بادلن جهڙو بدن،
    چنڊ سان ور ور ٻکي ٿو،
    منڊ ساري کي ڪکي ٿو،
    تنهنڪري ئي رِيس ۾ آهي گگن.
    هُوءَ هوائن جي چُنيءَ ۾ بادلن جهڙو بدن.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 558
    ڪتابن جو مشاهدو: 658104
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 231285
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ