ڪتاب جو نالو: هاريا ويڄ مُياس!
مصنف: هدايت منگي
ڇپائيندڙ: سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 14 نومبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 400 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 85 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هدايت منگي سنڌي ادب ۽ صحافت جو اهو چمڪندڙ ستارو آهي، جنهن جديد صحافت جا نه صرف بنياد رکيا پر صحافت جي تاريخ جا رخ ئي موڙي ڇڏيا. هن جون سنڌي ادب ۾ ترقي پسند ۽ عوام دوست لکڻيون پڻ املهه اثاثو آهن. هدايت منگي اهڙو بيباڪ لکاري هو، جنهن هميشه سچ تي اٽل تي بيهڻ کي ترجيح ڏني. هن جو قلم ڪڏهن درٻاري نه رهيو. هن پنهنجي شعور کي عوام ۽ عوامي مفادن اڳيان ذميوار سمجهيو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر جو نوٽ
  • صحافتي دنيا جو روشن ستارو: هدايت منگي
  • ڪهاڻيون

  • وَسُ، ته ورن سپرين
  • سوال
  • آٿت
  • دل جي مرڪ
  • علامتي ڪهاڻي بلئڪ هول جو انت
  • زرينه
  • اڻ پوري ڪهاڻي
  • هاريا ويڄ مُياس!
  • ڪمٽمينٽ
  • جان جيئين، تان جل!
  • سـارنـگ
  • مندو ڪَنين مَ سُڻان!
  • ڪُٺيس ڪويڄن
  • نقشو
  • پارٽنر
  • سمجهه
  • ورڪ ۽ وهڪ
  • منظوم ڪهاڻي
  • شاعري

  • بیت
  • قطعا
  • ترائيل
  • هائيڪا
  • غزل

  • زندگي وايو منڊل ۾ واڙيل
  • تنهنجي ضد اڳيان
  • منهنجو هٿ وڍي ڇڏ
  • هيکلي زندگي ۽ تون ڏمريل
  • نه اهڙا رنگ ڏٺاسون، نه اهڙا ڍنگ پرين!
  • آيا، وهوا آيا، ڪوپن ڪنڌ ڪپايا
  • جئرا ساهه، مگر پابند
  • مڌ گهاٽو پرين، ڏاڍو گهاٽو هيو
  • رت ٻڏا چهرا، وهوا، واهه وڙهيا.
  • نيڻ جڏهن اٽڪيا، روح ٻئي ڦٿڪيا.
  • لاس وهنجي وڌءِ،اڄ ته ونواهه آ!
  • نظم

  • وطن تان گهورجندڙ رت
  • سانوڻيءَ جي موج
  • جهنڊو
  • خواهش
  • ٽهڪندڙ ڏيئڙو
  • زندگي
  • پيار جو عنوان
  • ڪٿي آهين؟
  • پيار ساگر
  • وقت
  • تاريخ جو سوال
  • وجود
  • 1978 مئي ڊي
  • مُلتانڻ
  • ترجما

  • معين بسيسو تل الزعتر
  • ڀڳت ڪبير
  • ڌوڙ انهين جو ڌوپ....... جپسي گيت
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا

    هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا محفوظ.
    Book No. 21


    ڪتاب جو نالو: هاريا ويڄ مُياس!
    موضوع: ڪهاڻيون ۽ شاعري
    ليکڪ: هدايت منگي
    مرتب: عزيز منگي
    ڇاپو پهريون: اپريل 2017ع
    تعداد: هڪ هزار
    ڪمپوزنگ: عبدالمنان ميراڻي، عبدالغفار چانڊيو
    ٽائيٽل ۽ لي آئوٽ: مرتضيٰ ”مير“ ميمڻ (پلس ڪمپوزنگ سسٽم) لاڙڪاڻو
    ڇپائيندڙ: سرسوتي ساهت گھر ڏوڪري.
    مُلهه: 150 روپيه.


    رابطي لاءِ: عزيز منگي
    0331-3487818
    عيسيٰ ميمڻ

    0333-7555986

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    بابا جو هي تخليقي ڪم
    امڙ
    زهره بيگم
    جي نانءِ.

    - عزيز منگي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”هاريا ويڄ مياس“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب هدايت منگي صاحب جي ڪهاڻين ۽ شاعريءَ جو مجموعو آهي. هن ڪتاب جو مرتب عزيز منگي صاحب آهي.
    هدايت منگي سنڌي ادب ۽ صحافت جو اهو چمڪندڙ ستارو آهي، جنهن جديد صحافت جا نه صرف بنياد رکيا پر صحافت جي تاريخ جا رخ ئي موڙي ڇڏيا. هن جون سنڌي ادب ۾ ترقي پسند ۽ عوام دوست لکڻيون پڻ املهه اثاثو آهن. هدايت منگي اهڙو بيباڪ لکاري هو، جنهن هميشه سچ تي اٽل تي بيهڻ کي ترجيح ڏني. هن جو قلم ڪڏهن درٻاري نه رهيو. هن پنهنجي شعور کي عوام ۽ عوامي مفادن اڳيان ذميوار سمجهيو.
    هي ڪتاب سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون عيسا ميمڻ ۽ عزيز منگي صاحب جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر جو نوٽ

    سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪريءَ جو هيءُ ايڪيهون ڪتاب نامياري صحافي، اديب ۽ شاعر هدايت منگيءَ جي ڪهاڻين ۽ شاعريءَ تي مشتمل آهي. هدايت منگي سنڌي ادب ۽ صحافت جو اهو چمڪندڙ ستارو آهي، جنهن جديد صحافت جا نه صرف بنياد رکيا پر صحافت جي تاريخ جا رخ ئي موڙي ڇڏيا. هن جون سنڌي ادب ۾ ترقي پسند ۽ عوام دوست لکڻيون پڻ املهه اثاثو آهن. هدايت منگي اهڙو بيباڪ لکاري هو، جنهن هميشه سچ تي اٽل تي بيهڻ کي ترجيح ڏني. هن جو قلم ڪڏهن درٻاري نه رهيو. هن پنهنجي شعور کي عوام ۽ عوامي مفادن اڳيان ذميوار سمجهيو. اهو ئي سبب آهي جو هدايت منگي مختلف وقتن تي عتابن جو شڪار رهيو پر هن ڪڏهن به پنهنجي قلم ۽ ضمير کي مصلحتن ۽ مفادن جي ور نه چاڙهيو.
    جنهن ڪري اڄ به هدايت منگي ادب ۽ صحافت ۾ احترام سان سڃاتو وڃي ٿو، جنهن جو دامن ڪڏهن به داغدار نه رهيو. اسان کي خوشي آهي ته هن تاريخ جي املهه ڪردار جو پهريون ڪتاب اسان جي اداري پاران شايع ٿيو آهي. جنهن لاءِ اسان هدايت منگيءَ جي صالح ۽ باصلاحيت فرزند عزيز منگيءَ جا احسان مند آهيون جنهن اسان تي اعتماد ڪندي، مواد اسان جي حوالي ڪيو. اميد اٿؤن ته هي ڪتاب اوهان وٽ گهربل مان ضرور ماڻيندو. جيڪڏهن اوهان پڙهندڙن جي محبتن جو هي سلسلو جاري رهيو ته يقينن هدايت منگيءَ جا رهيل باقي سڀ ڪتاب جلد اوهان جي هٿن ۾ هوندا.

    ادارو
    سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو.
    تاريخ: 23 مارچ 2017


    صحافتي دنيا جو روشن ستارو: هدايت منگي

    ويھين صديءَ جي پھرئين ڏهاڪي ۾ جيڪا موت مار لوڙهه پئي، ان ۾ مُهين جي دڙي ڀرسان ڪچي جي هڪ ڳوٺ درگاهه سخي شاهه جمال ۾ رهندڙ منگي برادري جا سڀ ماڻھو اجل جو شڪار ٿي ويا. انھن مان فقط هڪ نوجوان نينگري، جنھن جو نالو ”سماهبي“ هو، سا بچي وئي. کيس حاجي لعل بخش پيرزادي پناهه ڏني. ڪجھه وقت کان پوءِ لاڙڪاڻي جي گھاڙ واهه ڀرسان هڪ ڳوٺ ”سواهي اگھم“ کان هڪ ڄڃ سکا کڻي درگاهه سخي شاهه جمال پھتي. ان ڄڃ سان گڏ هڪڙو ڳڀرو نوجوان محمد سومر منگي پڻ هو. ان جي چال چلت، اٿڻي ويھڻي توڙي سريلي سڀاءَ کي ڏسي حاجي لعل بخش (جيڪو نامياري صحافي، شاعر ۽ دانشور انور پيرزادي جو نانو هو) آڇ ڪيس ته، جيڪڏهن هو هميشه لاءِ هتي رهڻ چاهي ته کيس گھر ڏيڻ سان گڏ شادي پڻ ڪرائيندو. محمد سومر اهڙي آڇ قبولي ورتي ۽ کيس سماهبيءَ سان پرڻايو ويو. کين چار نياڻيون، حاجياڻي خاتون، حوُر خاتون، خير النساء ۽ خانزادي (عزيز جي ناني) ۽ ٻه پٽ ڄاوا.
    هڪڙي پٽ جو نالو غلام رسول ۽ ٻئي جو نالو غلام قادر رکيائون. غلام قادر کي قدرت اهڙي ته پُرسوز نڙي ڏني هئي جو، جڏهن ڳائڻ ويھندو هو ته آس پاس جي ماحول تي ماٺار ڇانئجي ويندي هئي. عمر جي پچاڙڪن سالن ۾ هو حمد، نعت ۽ مولود چوندو هو. سندس فن جي هاڪ پري پري تائين هوندي هئي.
    غلام رسول منگي پرائمري استاد هيو. نه رڳو هڪ اعليٰ ۽ عظيم پائي جو استاد هيو، پر ان سان گڏ شاعر، ڊراما نويس، ڊراما هدايتڪار، اداڪار ۽ آدرشي انسان پڻ هيو. سندس تخلص عزيز هيو. هن جا شاگرد سندس ادب ۽ احترام ان حد تائين ڪندا آهن جو، اڄ به سندس اولاد جي اچڻ وقت اٿي بيھندا آهن. پاڻ ڳوٺ حاجي لعل بخش (ٻلھڙيجي) ۾ پنهنجي شاگردن توڙي نوجوانن کي ٻيا علم سيکارڻ سان گڏ شيڪسپيئر جا ڊراما سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري اسٽيج تي پرفارم (Perform) ڪرائيندو هو. کيس تاريخ، جاگرافي، سماجيات، عربي، فارسي، گرامر، ثقافت ۽ ٻين علمن تي مڪمل عبور حاصل هو. هن سيپٽمبر 1968ع ۾ وفات ڪئي.
    هدايت منگي، ان غلام رسول منگيءَ جو ٻيو نمبر پٽ هو. پاڻ مھين جي دڙي ڀرسان ڳوٺ ٻلھڙيجيءَ ۾ 18 آڪٽوبر 1946ع تي ڄائو. هن شروعاتي تعليم پنهنجي والد صاحب کان حاصل ڪئي ۽ قرآن شريف، عربي، فارسي، سنڌي، جاگرافي توڙي تاريخ وغيره جي علمن تي ٻالڪپڻ ۾ ئي ڪافي دسترس حاصل ڪئي. هن سنڌي ورنيڪيولر فائنل 1963ع ۾ سيڪنڊ ڊويزن سان پنهنجي والد جي نگرانيءَ هيٺ خانگي طور پاس ڪئي. پوءِ فرسٽ اسٽئنڊرڊ ۾ هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ ۾ داخلا ورتائين. تنھن وقت روڊ رستا پڪا ٺھيل نه هئا ۽ اڪثر شاگرد ڪنھن خاص سواريءَ جي اڻھوند ڪري اسڪول پنڌ ويندا هئا. هدايت کي پنهنجي والد سائيڪل وٺي ڏني. جنھن تي هو اسڪول وڃڻ لڳو. اها ڳالهه ڳوٺ جي ٻين پنڌ ويندڙ شاگردن کي نه آئڙي، سو شروع ۾ کيس دڙڪا داٻ ڏئي سائيڪل نه ڪاهي اچڻ لاءِ چيائون. جڏهن هي نه مُڙيو ته سڀني ٻَڌي ڪري هن کي هڪ ڏينهن سائيڪل تان لاهي ڦيھ به ڪڍي ۽ سائيڪل به ڀڃي ڏني. هوگھر واپس اچي ٻيھر ڏوڪري اسڪول وڃڻ کان نابري واري بيٺو. والد کيس ٿرڙي محبت مڊل اسڪول ۾ داخل ڪرايو، جيڪو راڌڻ اسٽيشن کان ٻه ميل پرتي هو. هن اتي پنھنجي چاچي غلام قادر جي وڏي پٽ ۽ سوٽ محمد رمضان منگيءَ سان گڏ پڙهڻ شروع ڪيو. پوءِ مڊل اسڪول ٿرڙي محبت ۽ راڌڻ مان فرسٽ، سيڪنڊ ۽ ٿرڊ اسٽئنڊرڊ جا امتحان پاس ڪيائين ۽ اتان ئي 1963ع ۾ انٽر ڊرائنگ جو امتحان پڻ سيڪنڊ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين.
    هدايت منگي ۽ سندس وڏي ڀاءُ غلام اڪبر منگيءَ کي 23هين نومبر 1964ع تي پرائمري استاد طور آرڊر مليو. هدايت ساڳئي ڏينهن ئي وارهه تعلقي جي هڪڙي اسڪول ۾ جوائننگ ڪئي ۽ غلام اڪبر ٻئي ڏينهن 24 نومبر تي شھداد ڪوٽ جي ڳوٺ ”بيزاري“ ۾ جوائن ڪيو.
    هدايت نوڪريءَ دوران 67-1966ع ۾ گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن (مين) لاڙڪاڻي مان P.T.C جو امتحان پاس ڪيو. ان وقت سنڌ جي نامياري ٻولي ڄاڻڪ ۽ ماهر ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي صحبت ۽ سکيا پڻ هدايت جي پلئه پئي. ان کان پوءِ 1968ع ۾ شاهه لطيف اورينٽل ڪاليج قنبر مان ”اديب سنڌي“ ۽ ساڳئي هنڌان 1970ع ۾ ”اديب عالم سنڌي“ جا امتحان سيڪنڊ ڊويزن سان پاس ڪيا. مئٽرڪ 1970ع ۾ خانگي طور حيدر آباد بورڊ مان ۽ B.A سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان سيڪنڊ ڊويزن ۾ 1973ع ۾ پاس ڪيائين. M.A انگريزي ادب ۾ ڪرڻ لاءِ تياري ڪندي Syllabus تي رکيل 57 ڪتاب پڙهي پورا ڪيائين. پر، جڏهن امتحان ڏيڻ لاءِ وڃڻ وارو هيو ته کيس مدي جو سخت بخار ٿيو ۽ سفر لائق نه هو، تنهن ڪري والد صاحب امتحان جي لاءِ ڄامشوري وڃڻ جي اجازت نه ڏنس. هدايت منگي ننڍپڻ کان ئي تمام ذهين ۽ هوشيار شاگرد هو. هو پاڻ کان وڏن ۽ سينئر شاگردن کي ڪورسز پڙهڻ ۽ امتحانن جي تياري ڪرڻ ۾ مدد ڪندو هو.
    هن 1967ع واري اونھاري جي مند ۾ پنھنجي پڦاٽِ زهره بيگم سان شادي ڪئي، جيڪا بھارالدين منگيءَ جي ڌيءَ آهي. کيس چئن پٽن عبدالعزيز (ليکڪ)، عبدالحفيظ (صحافي)، عبدالسعيد، ۽ اسد علي (مرحوم) ۽ ٽن ڌيئرن شاهده، قرت العين ۽ عزيزه جي اولاد ٿي.
    هدايت جا وڏا پنجاهه جي ڏهاڪي ۾ ٻلھڙيجيءَ مان لڏي مُهين جي دڙي جي اولھه ۾ وَهندڙ دادو ڪئنال جي ساڄي ڪَڙ تي قائم ڳوٺ ”بگيءَ“ ۾ آباد ٿيا.
    هدايت، پرائمري استاد جي حيثيت ۾ ٿرڙي هاشم، محرابپور (ڏوڪري) برادي ساريا ۽ بگي ڳوٺ وغيره ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون. ماڻهو ۽ سندس شاگرد اڄ به کيس بھترين استاد سڏيندا آهن.
    1970ع ۾ هڪ بيٽ آفيسر سندس اسڪول جو تعليمي دورو ڪيو. اهو سندس علمي ۽ ادبي وَلوَلو ڏسي ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ کانئس ناول ۽ ڪھاڻين جا ڪتاب پڙهڻ واسطي گھريائين. مھيني ڏيڍ کانپوءِ اهو هن جي ڪتابن سان گڏ سندس بدليءَ جو آرڊر کڻي آيو ۽ چيائينس ته، ”وڃي لوور سيڪنڊري اسڪول موهن جو دڙو ۾ Deputation تي ڪم ڪر. هدايت منگي 23 نومبر 1964ع کان جون 1974ع تائين پرائمري استاد طور درس ۽ تدريس جي عمل سان سلھاڙيل رهيو.
    1974ع ۾ ”روزاني هلال پاڪستان“ اخبار حيدرآباد کان ڪراچيءَ منتقل ٿي چڪي هئي. ان ۾ هڪڙو اشتھار آيو، جنھن ۾ سب ايڊيٽر جي جاين لاءِ درخواستون موڪلڻ جي آڇ ڏنل هئي. هدايت منگيءَ ڪامريڊ سوڀي ۽ انور پيزادي جي اسرار تي اوڏانھن درخواست موڪلي ۽ کيس انٽرويوءَ لاءِ گھرايو ويو. تنھن وقت هلال پاڪستان جو ايڊيٽر سنڌ جو مشھور ڏاهو ۽ ناول نگار سراج الحق ميمڻ هو. هدايت منگيءَ سان گڏ نامياري صحافي ۽ مترجم سومار علي سومار پڻ انٽرويو ڏنو ۽ ٻئي ڄڻا پاس ڪري هلال پاڪستان اخبار ڪراچي جي عملي جو حصو بڻجي ويا. هدايت کان اول اقبال دل ۽ حسام سومرو سينيئر طور اتي موجود هئا. انھن کان پوءِ هي سينئر بڻيو. اتي کيس سب ايڊيٽر ڪم ٽرانسليٽر ۽ آرٽيڪل رائيٽر جو اضافي عھدو ڏئي مقرر ڪيو ويو. اها 16 جون 1974ع جي تاريخ هئي.
    هدايت منگي هلال پاڪستان ۾ ڪل 18 سال نوڪري ڪئي. ڪراچي هيڊ آفيس ۾ 08 سال سينئر سب ايڊيٽر، 04 سال نيوز ايڊيٽر ۽ 06 سال بيورو چيف طور حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. بيورو چيف طور 1984ع ۾ حيدر آباد ۾ رهيو ۽ 1987ع ۾ وري سکر بدلي ٿي آيو. جتان ان وقت جي مئنيجنگ ايڊيٽر عبدالحليم شيخ 25 جون 1988ع تي هڪ آرڊر جاري ڪري، کيس ڪراچي هيڊ آفيس ۾ سينئر سب ايڊيٽر طور مقرر ڪيو. جتي بدليءَ کان بعد 01 جولاءِ 1988ع کان رات واري شفٽ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. آخر ۾ 1989ع ۾ اپر سنڌ بيورو جي حيثيت ۾ کيس لاڙڪاڻي هيڊڪوارٽر شهر ۾ رکيو ويو. 09 اپريل 1990ع تي کيس ٽئين گريڊ مان ترقي ڏئي ٻئي گريڊ ۾ مقرر ڪيو ويو. جيڪو آڪٽوبر 1989ع کان عمل جوڳو هيو. ان وقت ناميارو صحافي ۽ شاعر شمشير الحيدري هلال پاڪستان جو مئنيجنگ ايڊيٽر هو.
    هدايت منگي اخبار لاءِ معمول جون خبرون موڪلڻ سان گڏ ڪيترائي آرٽيڪل ۽ فيچر پڻ لکندو رهيو. صحافتي ٻوليءَ ۾ نون لفظن جو واڌارو ڪرڻ سان گڏ و گڏ نيوز ليٽر ۽ ڊائريون لکڻ جو رواج پڻ سنڌي صحافت ۾ هدايت منگيءَ آندو. سندس ڊائريون ايتريون ته مشھور ٿيون جو اخبار جي سرڪيوليشن ۾ ته اضافو ٿيو پر ”هلال پاڪستان“ اخبار پڻ هدايت منگيءَ جي نالي ڪري سڃاپجڻ لڳي. سندس تخليق ”چڱو موڪلاڻي ڪانهي“ ۽ ”ساٿ سلامت“ وارا لفظ اخبارن، رسالن، توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اڄ تائين به اهم ضرورت بڻيل آهن. هلال ۾ ايڊيٽوريل، فيچر ۽ اهم آرٽيڪل پڻ لکندو هو. هن زندگيءَ جي مختلف پهلوئن ۽ موضوعن تي هزارن جي تعداد ۾ آرٽيڪل لکيا. هلال پاڪستان ۾ اقبال دل، حسام سومرو، عبدالڪريم سعدي، محمد هاشم ميمڻ، ممتاز مھر، نصير اعجاز، فقير محمد لاشاري، بدر ابڙو، شڪور نظاماڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي ساٿين سان گڏجي خدمت ڪيائين. هُو هلال پاڪستان ورڪرس يونين جو عھديدار پڻ رهيو. جڏهن شيخ سلطان ٽرسٽ وارن اخبار وڪرو ڪري ان جي ورڪرس حوالي ڪئي، تڏهن کيس 30هين جون 1992ع تي رٽائر ڪيو ويو.
    1991ع ۾ APNS پاران سنڌي زبان ۾ هلال پاڪستان اخبار ۾ بھترين فيچر رائيٽنگ تي کيس پنجويھه هزار رپيا ۽ ايوارڊ ڏنو ويو. اهو ايوارڊ اسلام آباد ۾ نواز شريف هٿان ملڻو هو، سو اوڏانھن نه ويو، تنھن ڪري کيس اهو ايوارڊ ۽ رقم لاڙڪاڻي ۾ پھچايا ويا.
    28 ڊسمبر 1989ع تي ڊائريڪٽوريٽ آف انفارميشن سکر ڊويزن پاران هن کي ڊويزنل ايڪريڊيشن ڪميٽي لاڙڪاڻو جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. 1992ع جي پڇاڙيءَ کان 1993ع جي آخر تائين ”روزاني عوامي آواز“ ڪراچيءَ جو لاڙڪاڻي ۾ بيورو چيف رهيو. ان ۾ ثقافتي ۽ تاريخي سلسلي جي ڪڙيءَ طور سنڌ جي مختلف قديمي ماڳن مڪانن تي مضمون ۽ آرٽيڪل لکيائين، جيڪي تمام گھڻا مشھور ٿيا. 1994ع ۾ اخبار جھان (هفتيوار اردو رسالي) جو لاڙڪاڻي ۾ نمائندو ٿيو ۽ اردوءَ ۾ پڻ بھترين ليکڪ ۽ صحافيءَ طور مشھور ٿيو ۽ ڪيترائي يادگار مراسلا لکيائين. 14 آگسٽ 1995ع کان جاري ٿيندڙ انگريزي اخبار Daily Sindh Tribune Karachi لاءِ لاڙڪاڻي ۾ بيورو چيف طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ اهو سلسلو ان جي مالڪ يوسف شاهين (ناميارو شاعر ۽ صحافي) جي گرفتاري ۽ اخبار بند ٿيڻ تائين جاري رهيو. هدايت منگي هلال پاڪستان ۽ عوامي آواز ۾ سنڌي زبان ۾ پاڻ مڃايو، اخبار جھان ۾ اردوءَ ۾ لکي اتي پاڻ ملھايو ۽ انگريزي اخبار ۾ ڪم ڪري چيده چيده آرٽيڪل ۽ خبرون لکي انگريزي صحافت ۾ پڻ ڌاڪو ڄمايو.
    ستر، اسيءَ وارن ڏهاڪن ۾ ڪراچي ريڊيو تي مختلف پروگرامن ۾ سماجي، ادبي، ثقافتي توڙي معلوماتي فيچر، تبصرا ۽ مباحثا وغيره ڪندو رهيو. جڏهن اتي نثار ميمڻ ادبي پروگرام ”رسالو“ شروع ڪيو ته اهو پروگرام سندن سڃاڻپ بڻجي ويو ۽ ريڊيو ٻڌندڙن تي ڇائنجي ويو. ان پروگرام جو ايڊيٽر عبدالرحمان نقاش هو ۽ هدايت منگي، فقير محمد لاشاري، انور پيرزادو، بدر ابڙو ۽ ٻيا سنگتي ان پروگرام جي سونھن بڻيا رهيا. بعد ۾ نثار ميمڻ جڏهن لاڙڪاڻي ريڊيو تي بدلي ٿي آيو ته هتي پڻ ”رسالو“ پروگرام شروع ڪيائين. جنھن جو وفات تائين هدايت پاڻ ڪمپيئر / ايڊيٽر رهيو. هن حيدرآباد ۾ رهڻ دوران ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پڻ پروگرامن ۾ ڪم ڪيو.
    1995ع ۾ جڏهن لاڙڪاڻي ۾ FM ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي، تڏهن اتي انائونسر، ڪمپيئر، ماڊريٽر ۽ انٽرويوئر توڙي اسڪرپٽ رائيٽر طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ وفات کان هڪ ڏينھن اول يعني 21هين ڊسمبر 1999ع تي پڻ پروگرام ڪري آيو ۽ ڀٽائيءَ جي ”سر سھڻي“ تي مضمون پيش ڪيائين، جيڪو سندس زندگيءَ جو آخري پروگرام ۽ مضمون ثابت ٿيو. لاڙڪاڻي ريڊيو تي سندس پروگرام رسالو، روبرو، عوامي آواز، ريڊيو هيلپ لائين، اديبن، شاعرن، دانشورن، فنڪارن، اداڪارن، ڊاڪٽرن ۽ سماجي ڪارڪنن کان ورتل انٽرويو ۽ ٻيا کوڙ پروگرام ڏاڍا مقبول ٿيا. هدايت کي 1996ع ۾ ريڊيو لاڙڪاڻي طرفان ”بھترين انٽرويوئر“ جو ايوارڊ به مليو.
    پنھنجي ڳوٺ بگيءَ ۾ ڳوٺ سڌار سنگت، سنڌي ادبي سنگت جي شاخ ۽ شاهه لطيف لائبريري قائم ڪرڻ ۾ سندس تمام وڏو حصو هو. هن لائبريريءَ لاءِ ڳوٺ واري گھر ۾رکيل سوين ڪتاب ارپڻ ڪري ڇڏيا.
    سندس جوانيءَ ۾ بگي ڳوٺ ۾ هڪ ڊراميٽڪ سوسائٽي قائم ٿي، جنھن جي قيام ۾ سندس والد صاحب جو وڏو هٿ هو. اها سوسائٽي اسٽريٽ ٿيئٽر جي طرز تي ڳوٺ ۾ ڊراما پيش ڪندي هئي. يعقوب دايو گھڻي قدر هدايتڪار، ليکڪ ۽ پروڊيوسر جون ذميواريون ادا ڪندو هو. ٻئي نمبر تي هدايت منگي خاڪا لکڻ، هدايتون ڏيڻ ۽ خاڪن ۾ اداڪاري ڪرڻ ۾ سڀني کان اڳتي هوندو هو. ان سوسائٽي ۾ هن سان گڏ پروفيسر عبدالقادر قريشي، غلام رسول قريشي، ممتاز قاضي، علي نواز منگي، علي شير ٿھيم، خان محمد منگي، الھورايو چنو، رمضان گوپانگ، بدر قاضي، سڪندر قاضي ۽ ٻيا شامل هئا.
    ڪراچيءَ مان ڳوٺ گھمڻ ايندو هو ته گھر وارن سان ملي پوءِ ڳوٺاڻن سنگتين سان ملڻ لاءِ ٻاهر نڪري ويندو هو، جيڪي کيس ڪنھن ٻنيءَ يا واڙيءَ تي يا وري سرون ڪاهيندي ۽ ڍوئيندي ملندا هئا. هدايت منگي انھن جي وچ ۾ ويھي دنيا جھان جون ڳالھيون آکاڻيءَ واري انداز ۾ ٻڌائيندو ويندو هو ۽ کين ڀٽائيءَ جو ڪلام پڙهي ٻڌائيندو هو. کين ڀٽائي پڙهڻ جو انداز ۽ لفظن جون معنائون ڏسيندو هو. سندس سنگتين مان انور ڏنگڙائي، مامو علي شير ٿھيم ۽ مامو ميھر ايترا ته ڪڙهي نڪتا آهن، جو ڀٽائيءَ تي انھن سان ڪو پي. ايڇ. ڊي ئي منھن ڏئي سگھي ٿو. ان سان گڏ هدايت سڀني کي انسان دوستي ۽ سچائيءَ جو درس ڏيندو هو. هڪ ڀيري پھرين مئي تي ڳوٺ موٽيو، اتي گھر جي جاءِ تي اڏاوتي ڪم هلي رهيو هو. هدايت پنھنجي ڀائرن سان ڀاڪر پائي ملڻ بجاءِ الٽو ساڻن ڪاوڙجي پيو ته، اهي پھرين مئي تي مزدورن کان ڪم ڇو وٺي رهيا آهن. ڀائرن ڪم بند ڪرائي مزدورن کي پورِي ڏهاڙي ادا ڪري فارغ ڪيو ۽ هدايت کي راضِي ڪيو.
    هدايت کي گھڻو ڪري سڀئي شاگرد ۽ ڳوٺاڻا ”استاد هدايت الله“ ڪري ڪوٺيندا هئا ۽ آهن. هدايت منگي وهيءَ ۾ والي بال راند ۽ ڪوڏي ڪوڏي راند کيڏي. والي بال ۾ تمام وڏي مھارت رکندو هو.
    هدايت منگي 70ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچي جو ميمبر ۽ جوائنٽ سيڪريٽري رهيو. 1983ع ۾ جڏهن مرڪزي سطح تي سنگت جمود جو شڪار هئي، تڏهن بقول انور پيرزادو، ”اهو هدايت هو، جنھن ڪوششون وٺي بيٺل پاڻي ۾ پٿر اڇليو ۽ سنگت اندر سرگرمي پيدا ڪئي. ان جي نتيجي ۾ نيون چونڊون ٿيون ۽ سنگت جمود ٽوڙي تحرڪ ۾ آئي.“
    ڊسمبر 1989ع کان 1990ع جي آخر تائين هدايت منگي نئين قائم ٿيل سنڌي ادبي سنگت شاخ مھين جو دڙو جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. هدايت منگي 1975ع دوران ”عوامي ادبي انجمن ڪراچيءَ“ جو پڻ ميمبر رهيو. لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو 1990ع ڌاري ميمبر ٿيو ۽ وفات تائين ان جو حصو رهيو.
    24 نومبر 1993ع تي مُھين جي دڙي جي پھرين کوٽائي ڪرائيندڙ انگريز آرڪيالاجسٽ سر جان مارشل جي گاڏيءَ جي مرمت بابت اڳڀرائي معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ سب ڪاميٽي تشڪيل ڏني وئي. جنھن جو پڻ هو ميمبر بڻيو. موهن جو دڙو آرڪيالاجيڪل، ڪلچرل ائنڊ سوشل ويلفيئر سوسائٽي لاڙڪاڻو قائم ٿي، جنھن جو هن کي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو، ان جو سرپرست اعليٰ اياز حسين گاد هو ۽ سرپرست منظور حسين بلوچ (منظور ڪوهيار) هو.
    هدايت منگي هلال پاڪستان ڪراچي، عوامي آواز ڪراچي، سنڌ حيدرآباد، عبرت حيدرآباد، نئون نياپو حيدرآباد، ڪچھري حيدرآباد، هفتيوار هدايت حيدرآباد، ۽ ٻين ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن لاءِ لکيو. ماهوار برسات ڪراچيءَ جو هڪ سال تائين اعزازي ايڊيٽر پڻ رهيو.
    هدايت منگي، سٺ واري ڏهاڪي کان ئي پڙهڻ سان گڏ ادب سرجڻ پڻ شروع ڪيو. سندس لکڻيون ستر جي شروعات ۾ ماهوار سوجھرو ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيڻ شروع ٿيون. پنجاهه کان وڌيڪ ڪھاڻيون ۽ شاعريءَ جون مختلف صنفون شايع ٿيل اٿس. جيڪي هلال پاڪستان اخبار توڙي ٻين مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون. ان کان علاوه، اٽڪل 200 کن مختصر (ننڍڙيون) ڪھاڻيون اصل توڙي ترجمو ٿيل ۽ ٻارڙن لاءِ شايع ٿيل اٿس. نيشنل بڪ فائونڊيشن پاران مشھور شاعر اڪبر الھه آباديءَ جي ٻارن لاءِ شاعريءَ جو منظوم ترجمو پڻ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيل اٿس. ادبي تنقيد ۽ اصلاح سندس پسنديده موضوع رهيا. هن شيخ اياز، محمد ابراهيم جويو، غلام علي الانا، حميد سنڌي، ظفر حسن، طارق اشرف، تنوير عباسي، قمر شھباز، عنايت بلوچ، تاجل بيوس، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، امداد حسيني ۽ ٻين کوڙ نالي وارن شاعرن ۽ اديبن جي لکڻين ۽ ڪتابن تي تنقيد ۽ تبصرا توڙي مضمون وغيره لکيا. پاڻ ڪيترو ئي عرصو هلال پاڪستان جي ادبي صفحي جو انچارج رهيو. سندس نگرانيءَ ۾ انتھائي اهم ۽ ڪارائتو مواد ان صفحي ۾ شايع ٿيو ۽ ڪيترائي اهم بحث مختلف اديبن جي قلمي تحريرن جي زينت بڻيا.
    هو راڳ ۽ موسيقيءَ بابت پڻ تمام سٺي ڄاڻ رکندو هو. ڀٽائيءَ جو تمام وڏو پارکو ۽ ڄاڻو هو. هن استاد منظور علي خان کان سنڌيءَ ۾ ”خيال“ ڳائرايو ۽ سندس پسنديده راڳي پڻ استاد منظور علي خان هو.
    هدايت منگيءَ جي واندڪائيءَ واري وندر ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تان خبرن واريون مختلف سروِسز ٻڌڻ ۽ ڏسڻ هئي. ان کان علاوه مختلف سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ شايع ٿيل خاص خبرون، مضمون ۽ مقالا وغيره، جن جا موضوع سائنس، ڪائنات، سنڌي ادب، ٻولي، آثارِ قديمه وغيره هوندا هئا، سي فائيل ڪندو ويندو هو.
    هن جي انگريزي سکڻ توڙي علم، ادب، آرٽ ۽ فنونِ لطيفه ۾ دلچسپي ۽ مھارت جي پٺيان ننڍي کنڊ جي ڏاهي ۽ سندس ڳوٺاڻي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي تربيت شامل آهي. سوڀي جي ڳوٺ ٻنڊيءَ واري لائبريري مطالعي لاءِ هن جي حوالي هوندي هئي. ان کان سواءِ شروع ۾ انور پيرزادي ۽ قربان پيرزادي جي رهنمائي ۽ همت افزائي به هن لاءِ مددگار ثابت ٿي جيڪي کيس ڪتاب ڏيڻ سان گڏ اخلاقي مدد به ڪندا هئا. صحافتي ميدان ۾ وري سراج الحق ميمڻ ۽ علي احمد بروهي سندس رهنما بڻيا ۽ ترجمي جي حوالي سان محمد ابراهيم جويو سندس سھڪاري رهنما ٿيو.
    هدايت منگيءَ جون هونءَ ته سنڌ دوستيءَ جون ڪيتريون ئي ثابتيون موجود آهن پر جڏهن سنڌ جو وزيراعليٰ سيد مظفر شاهه هيو ته ان جي دور ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف هڪ ڪيس فائيل تيار ڪري، ان وقت جي ڊپٽي اپوزيشن ليڊر نثار احمد کھڙي حوالي ڪيائين. ان ڪيس فائيل جي بنياد تي پھريون ڀيرو سنڌ اسيمبليءَ ۾ موجود هر سرڪاري توڙي مخالف ڌر جي ميمبر گڏيل مذمتي ٺھراءُ بحال ڪيو ۽ ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
    سال 1991ع ۾ هدايت کي منظم منصوبي تحت بگي ڳوٺ مان لڏرايو ويو. ان منصوبي موجب اول سندس وڏو ڀاءُ غلام اڪبر ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيو. ٿوري وقت بعد ان جو ٻيون نمبر پٽ غلام مصطفيٰ اغوا ٿيو. بعد ۾ هدايت کي سندس ۽ پٽن جي اغوا جي ڌمڪي ڏني وئي. هدايت ڳوٺ ڇڏڻ کان پوءِ به انڪار ڪيو، پر ڀائرن جي شديد اسرار تي لاڙڪاڻي شھر لڏي آيو. هدايت منگي ٻلھڙيجيءَ کان بگي ۽ بگي ڳوٺ کان لاڙڪاڻي تائين سخت ۽ ڪٺن مرحلن ۾ گذاريو. هن معاشري ۾ ٿيندڙ ويڌن، ايذائن، دردن ۽ پيڙائن کي ميڙي چونڊي پنھنجي ڪھاڻين، شاعري توڙي صحافتي لکڻين ۾ اوتيو. هو کوجنائي ۽ تخليقي رپورٽنگ جو خلقڻھار هو. هو گھڻ پاسائون ۽ هر فن مولا تخليقڪار هو. هن پنھنجي ذاتي محنت ۽ شخصي خيالن جي اپت سان پاڻ کي منظرِ عام تي آندو.
    هن جي جواني انتھائي غربت واري ماحول ۾ گذري، ايتري تائين جو ٿالھه ۾ ڪوئلا وجھي ڪپڙا پريس ڪندو هو. سندس وڏي ڀاءُ غلام اڪبر کي هڪڙي سال ته گرمين ۾ به ڪوٽ پاتل هوندو هو، ڇاڪاڻ ته ان جي قميص جون ٻانھون ڏورن هيٺان ڳري ويون هيون. ٻه ڀائر ڪمائڻ وارا اندازن 15 کان وڌيڪ ڀاتين کي پاليندا هئا. ڀينرن ۽ ڀائرن جون شاديون به ڪرايائون ۽ اولاد ٿيڻ کانپوءِ انھن جي پرورش به اضافي بڻين.
    هدايت منگيءَ جي عملي زندگي آڏو ڪجھه ظاهري عيب شايد ڪا به حيثيت نه ٿا رکن. هو دوستن کي کليل اجازت ڏيندو هو ته، هن تي دل کولي تنقيد ڪن. هو منافقي ۽ ڪرپشن کان سخت نفرت ڪندو هو. کيس صحافتي زندگيءَ ۾ انيڪ ڀيرا لکين رپين جون آڇون ٿيون، پر هن ڪڏهن به اهڙي ڪڌي ڪم ڏانھن تر جيترو به ڌيان نه ڏنو ۽ قلم نه وڪيو. کوڙ ڀيرا سندس لوندڙي لوهن اوزارن (هٿيارن) جو ڇھاءُ چکي چڪي هئي (هڪ واقعي جو اکين ڏٺو شاهد سرڪش سنڌي پڻ آهي) پر کيس هميشه سچائي ۽ ثابت قدميءَ تي ايمان هوندو هو.
    هن کي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ سنڌي ادبي سنگت جي هڪ پروگرام مان هزارين ماڻھن جي آڏو هٿيارن جي زور تي اغوا ڪيو ويو، پر ڪجھه ڪلاڪن کان پوءِ سچ جي ساٿ سان صحيح سلامت گھر موٽيو. هو پنھنجي لاءِ چوندو هو ته، ”مشھور ٿيڻ يا پذيرائي حاصل ڪرڻ ڪو اعزاز نه آهي. اعزاز اهو آهي ته مان ماڻھن جون تڪليفون گھٽائڻ ۾ ڪو ننڍڙو ڪم سرنجام ڏئي سگھان. مان تاريخ ۾ رهڻ نٿو چاهيان، ڇاڪاڻ ته تاريخ ۾ ذليل ۽ ڪميڻا ماڻھو به رهن ٿا.“
    انعام شيخ موجب ته، ”جيستائين هدايت منگيءَ جھڙا صحافي موجود آهن، تيستائين سنڌي صحافت جو ضمير زندهه رهندو. اهڙن صحافين کي سلام آهي، جيڪي پنھنجي ضمير کي چند ڏوڪڙن تي نٿا وڪڻن.“
    هدايت منگيءَ جون ڪچھريون ڏاڍايون مزيدار ۽ معلوماتي هونديون هيون. سندس لطيفا ۽ ٽوٽڪا ٻڌائڻ جو انداز ايترو ته اثرائتو هو جو بخيل ۾ بخيل ماڻھو به کل نه روڪي سگھندو هو.
    سندس سموري حياتي غربت جي چڪيءَ هيٺ پيسبي رهي، پر پاڻ ڪڏهن به خودداري نه ڇڏيائين. ايستائين جو رٽائرمينٽ بعد مختلف شخصن وٽ هزار پندرهن سئو جون معمولي نوڪريون ڪري يا انھن پاران مختلف ادارن ڏي لک پڙهه ڪري ڪمائيندو هو. آئون سندس وڏو پٽ آهيان پر هن هڪ ڀيرو به مون کان هڪ رپيو سڌو سنئون يا اڌارو نه گھريو.
    ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران نومبر 1988ع ۾ پھريون ڀيرو دل جو دورو ٿيس ۽ انھيءَ دل جي عارضي 22 ڊسمبر 1999ع تي رات جو ساڍي ڏهين وڳي سندس جان ورتي. سندس آخري آرامگاهه ڳوٺ بگيءَ جي پير حمل قبرستان ۾ آهي.
    قلم تازو ؛
    ايترو عرصو گذرڻ کان پوءِ هي ڪتاب اوهان جي هٿن تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون. شروع ۾ گهر جون ذميواريون، ابتر مالي حالت، ننڍي ڀاءُ اسد (زيد) جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿيڻ ۽ پوءِ سندس موڪلاڻي، ذاتي گهريلو ۽ پيشورانه ذميواريون بابا جا ڪتاب شايع ڪرائڻ ۾ رڪاوٽ بڻيا ته بعد ۾ ڪمپوزر جي سيکڙاٽ شاگرد جي ڪوتاهيءَ سمورو ڪمپوز ٿيل مواد ڪمپيوٽر مان اُڏائي ڇڏيو. ٻيهر ڪمپوز ٿيل مواد هارڊ ڊسڪ جي ڪرپٽ ٿيڻ سبب ٻه ٽي سال منجھيل سُٽ جيان گنجريل رهيو. تازو ئي ڪاتب پريس واري دوست غلام مرتضيٰ ميمڻ جي جاکوڙ سان سمورو مواد بحال ٿي ويو آهي ۽ هوريان هوريان اوهان جي هٿن تائين پهچائينداسين. هن ڪم ۾ مون سان سهڪاري ساٿي غلام مرتضيٰ ميمڻ، ڀاءُ حفيظ منگي ۽ عيسيٰ ميمڻ جا ٿورا هميشه ڳائبا رهبا.
    هن ۽ ٻين ڪتابن ۾ اهو مواد موجود آهي جيڪو مون وٽ ميسر آهي. هدايت منگيءَ جو گهر ۾ موجود مواد مسلسل لڏپلاڻ ۽ گهر شفٽ ڪرڻ سبب ضايع يا گم ٿيندو رهيو آهي. بهرحال مون هي باقي لکڻيون سنڀالي رکيون آهن، جيڪي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائبيون. اوهان جون صلاحون، مشورا ۽ رايا اسان لاءِ اتساه ۽ رهنمائيءَ جو وسيلو بڻبا.

    عزيز منگي
    لاڙڪاڻو.
    15 مارچ 2017ع.


    ڪهاڻيون

    وَسُ، ته ورن سپرين

    ”مئو ماستر خط پڙهڻ ۾ ڪو وڌاءُ ته نه ٿو ڪري؟ اکر ته ڪل پنج لکيل هوندا آهن ۽ هي مئو ته الائي ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون به پڙهي ٻڌائيندو آهي. هاڻي زال مڙس جون ڳالهيون به ڪي خط ۾ لکبيون هونديون ڇا؟ ڪهڙي خبر متان جهنگل ۾ جائي اهڙي ياد ايندي هجانس. مئو مڙي به ڪونه ٿو. چيومانس ته ڌاڙن مان ڪيترو کائيندين. مڙيو ئي ڪونه، مهيني ٻئي مهيني رات لڪندي لڪندي اچي هتي ٽڪيو ته وس ٿي پيو. هڪڙيءَ رات ۾ ڇا ٿو ٿئي؟ حياتيءَ جو مزو آهي جوانيءَ ۾، سا ائين گذرندي پئي وڃي. نوڪري نه مليس ته وڃي ڌاڙيلن سان مليو. هاڻي ته هتي مان چارئي پهر انتظارن ۾ ۽ پاڻ به جهنگ ۾ الائي ڪيئن گذاريندو هوندو. هنڌ ٽپڙ ته چيائين پئي ته گهڻو هوندو ٿن، پوبه جهنگ جي زندگي ڪهڙي. رڳو خطرا ئي خطرا. اسين ته گهرن ۾ ويٺي گدڙن جي اوناءِ کان پيا ڊڄون، الائي مئو ڇتو هوندو الائي ڇا. ڏاڙهي نه ڪنهن ڳوٺاڻي کي. ۽ هي ته رهن ئي جهنگ ۾، جتي جناورن جي ته ڳڻ ئي ڪانهي. ۽ چارئي پهر پوليس گهيري ۾.“
    ”ڪتي باهوڙ کڻي ٻڌي آ. الائي پاڻ آيو آ الائي ڪو مئو گهر ۾ گهڙڻ جي پيو ڪري. پسٽول مئو مان هلائي ڄاڻان ڪان. جي ڪو ڌاريو هجي ته ڇا ڪنديمانس. کڻي ته ويهان. پاڻ هجي هان ته ڪتو ايڏو ڇو باهي هان!“
    ”ڇن تي ڦڙ ڦڙ پئي پئي. چوٿون ڏينهاڪون مَليون بيٺو آهي. وسي ته ڪونه ٿو. چوندو آهي، مينهن وسي ته ٻيلي ۾ ترڪڻ ٿيو پوي. گپ ۾ پوليس جون گاڏيون هلن ڪونه ۽ هي ٻيڙين ۾ چڙهيو اچي ڳوٺ نڪرن. ٽي چار راتيون ٽڪندو به مينهن ۾ آهي، باقي ته جهڙو آيو تهڙو نه آيو. جيڪر اڄ ته ڳڙو وسي. ڍنگهر ڍورا سڀ تار ٿين ته ڪو اچي ۽ اوسيئڙو لهي. ڪڻ ڪڻ ته شروع ٿي آهي. مئو من ائين هارجي لهي پئي. اي منهنجا مالڪ! جي وسائڻو اٿئي ته هٿ کي ٿورو ڍرو ڪر“.


    سوال

    ”ڇو ٿي پنان؟ هرڪو ٿو اهو سوال پڇي. پنڻ کان بس ڪرائڻ جي ڳالهه ئي ڪو ڪونه ٿو ڪري. جوان آهيان، ماڻهو چاهين به ٿا، پوءِ به رڳو گهڙيءَ سواءِ جي ڪچهري کپين. ان کان پوءِ سوال به بس ته سوال ڪرڻ جو شونق به بس. تو وانگر اهو سوال هرڪو ڪندو آهي پر مان الائي ڇو هر ڀيري سوال مٿان سوال ڪرڻ جو سوچيندي به آهيان، پر وري کڻي بس ڪندي آهيان.“
    ”ڪهڙو سوال، جيڪو تون هميشه کائي ويندي آهين؟ اهڙو ڪو اصل وِيَل سوال ٺهي ايندو ٿئي ڇا؟“
    ”ها...“
    ”ڪهڙو...“
    ”مون سان شادي ڪندين. گهر هلي ويهاري کاراءِ ته پنڻ ڇڏيان...“
    ”هون...“
    خاموشي......
    ”چپ ٿي وئين...“
    ”ها... هڪڙو خيال اچي ويو...“
    ”تون پنهنجو خيال ته مون کي ڪونه ٻڌائيندين باقي آيو منهنجي ڳالهه تي ٿئي...“
    ”ها گهڻو ڪري... بهرحال.“
    ”هونئن، سچي به ته پنڻ ۾ مزو به اچي ٿو. ڄنگهون ٿڪجي چُور ٿي ٿيون پون، باقي مٺايون، انگور، صوف، ميوا، ڇولا، اصلي تو جهڙا ته طعام کارائي پوءِ ڇڏيندا آهن. سڄو ڏينهن پيو هر هر وات مٺو ٿيندو آهي.“
    ”وات مٺي ڪرڻ ڪان پئي ٿي سڄو ڏينهن پنين...“
    ”ڏس نه، من اهو ساڳيو سوال وري نه پڇ نه...!“
    ”ساري... ٺهيو...“
    ”هاڻي ڀلا خرچي ڏي ته وڃان نه!“
    ”گهڻي خرچي ڏيانءِ...؟“
    ”جيڪا ٺيڪ سمجهين...“
    ”ڀلا هيٺ لهندينءَ ته ڪاڏي ويندينءَ...؟“
    ”بس گهٽيون هڻنديس ٻيو ڪاڏي ويندس. ڇو؟“
    ”بس، مون چيو پئي ته جي شام جو گهمندي ڦرندي اي ڊي سي ڪالونيءَ ۾ اچي نڪرين ته ڪمشنر آفيس جي ڀر ۾ منهنجي جاءِ اٿئي. در تي هڪ پاسي کجي ۽ ٻئي پاسي نم بيٺل نظر ايندئي. رات جو اچي ٽڪ ته ڪچهري ڪيون. ڳالهيون به ٻڌاءِ ۽...“
    ”چڱو، پوءِ ڏسنديس. هاڻي هلان ٿي. اهي ڏهه ئي ڏي...“
    ”اڙي، جائي به کسي وئينءَ... چڱو پوءِ ڀلا اڄ شام...؟“
    ”ها...“
    ”ها پر اهو ٻار ڪنهن کي ڏيون اچجانءِ.
    ڪڪ ڪندو اجايو...“
    ”ڇو، تنهنجو پٽ هجي ته به نه آڻياس...؟“
    ............................................
    ”پگهر بيهي ئي نٿو. ڇورا پاڻي پيار. گلاس کي ڌوئجانءِ، رَن ڪِنو ڪري وئي. رات رن ايندي الائي نه. ڏهه رپيا به زيان ٿيا الائي ڇا... ڪنيون رنون...“


    آٿت

    تون هن کي هتي اچڻ کان روڪي نٿو سگهين. هر ڀيري جڏهن هوءَ تنهنجي گهران نڪرندي آهي، تون کيس چوندو رهيو آهين ته وري نه اچي. پر ٻئي ڏينهن در کولي اندر لنگهي ايندي آهي ته تون کيس روڪيندو ناهين.
    تنهن ڏينهن به تو فيصلو ڪيو هو ته کيس هميشه لاءِ روڪيندين، پر منجهند جو، جڏهن تو وٽ مهمان به ويٺل هئا، آئي ته توکي پنهنجي اڳئين فيصلي تي افسوس ٿيو هو. ٻنهي، سندس ۽ سندس ڪڪيءَ جون اکيون سُڳل هيون ۽ ڳل ڀنل. مهمانن سبب تون کانئس پڇي به نه سگهئين ته ساڻس ويڌن ڪهڙي هئي، پر پريشان ڪيڏو ٿيوهئين، کيس ڪو آٿت ڏيڻ لاءِ، اهو معلوم ڪرڻ لاءِ ته هيترن ڏينهن کانپوءِ وري ڇو روئي رهي هئي!
    ۽ ٻئي ڏينهن پيٽ جي شديد سور سان اچي ڪري ڀاڙو ڀري رڪشا ڪهرائي دوائون وٺي آيو هئين ته هوءَ هڪ به ٽڪي کائڻ لاءِ تيار نه هئي. ”چاڪ ڪنهنجي لاءِ ٿيان“. ۽ تو وٽ کيس قائل ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪو جواب نه هو، ”منهنجي لاءِ!“. ۽ هن گنڀيرتا ٽوڙي مرڪيو هو ۽ تنهنجي جواب ڪري توکي ٿيل پريشانيءَ کي نه جهاڙي هن بئرلجين جون ٻه ٽڪيون ڳڙڪائي ڇڏيون هيون.
    وڃڻ مهل رڳو ايترو سو توکي ٻڌايائين، ”جڙتُو مڙس وٽ نه ويندس. ڀيڻ وٽ ئي رهنديس، پر جي اتي به هو اچي ويو ته وري گهٽين ۾ هونديس. تون ڊيوٽيءَ تي وڃين ٿو ته جيستائين موٽين تيستائين ڪيڏانهن وڃان.“ ۽ تو وٽ سواءِ ان جي ڪو جواب نه هو ”ان ئي مڙس وٽ وڃي رهه“. جنهن وٽ هوءَ بنهه وڃڻ نه ٿي چاهي. توکي خبر آهي ته کيس دلال ڪوميلا بنگلاديش جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ مان ڀڄائي يا ڪٿان کڻي آيو آهي. هتي هوءَ اڃان وڪجي نه سگهي آهي. ٿي سگهي ٿو اهو سچ هجي ته دلال سندس وڏي ڀاءُ کي هڪ هزار ٽڪا ڏنا هجن پر هتي ٻه هزار رپين ۾هن کي ڪوبه ڪونه ٿو وٺي باوجود ان جي ته ههڙي ڪنوار لاءِ هزار سڪندا به هوندا. پر شايد ڏتڙيل طبقي جي ڏيک سبب، يا شايد بنگالڻ هجڻ ڪري، ته متان سندن سماج ۾ پاڻ سمائي نه سگهي ۽ ڀڄي نه وڃي. ڪنهن پنجابي، پٺاڻ سان هوءَ رهڻ نه ٿي چاهي.
    سنڌين جي کئونس کان ڊڄي ٿي. هرڪو مٿس مُڇون وٽيندو آهي. پرڻجڻ وري به ڪنهن سنڌيءَ سان ٿي چاهي. ٿي سگهي ٿو تنهنجي ڳالهين ڪري مانوس ٿي هجي.
    گار ڳالهؤ کان ڪيڏو ٿي لهرائي. هونئن به ڪو ماڻهو، تون به، ڪير به پنهنجي توهين برداشت ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟ نوري سان ڪيترو مانوس ٿي ويئي هئي. گهڙيءَ گهڙيءَ پئي پڇندي ”نور اڃا ڪونه آيو؟“ ۽ جڏهن پاڻ ئي تنهن ڏينهن نوري کي ڪتڪاڙيون ڪڍندي تنگ ڪري وڌائين ته ٽهڪ ڏيندي ڏيندي هن ڇڙٻيو هوس ”مادر... ڇڏ“. اهو ڏينهن هي ڏينهن، وري نه ڳالهايائينس، ”گار ڇو ڏنائين“. ڪراچيءَ جي اصلوڪي رهاڪو سنڌين مان، گهٽ ۾ گهٽ هن وچولي ۽ هيٺئين طبقي جي ڪنهن سنڌيءَ سان ته اصل نه پئيس.
    ڪراچيءَ جي وچ شهر ۾ هي سنڌي سڄو ڏينهن پن (پان) کائيندا وتن. ٻارن کي اسڪول ۾ ڇڏڻ ۾ ٻرو ٿو چڙهين. جنهن کي چئه ”ڇو (ڇا) ڪيندا پڙهي“ چيو جان ڇڏايو وڃن. هي اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ڄڻ سندن لاءِ ڪونهن. پر هي تنهنجي سمجهائڻ جا به ڪونهن. ڪيترن جون رنون روڳڙيون پراون بنگلن ۾ پورهيا ڪنديون وتن.
    جي ڪجهه چئه ته اٽلو فخر ڪندا ”بيگم صاحبه جو ڏاڍو راز اٿس. صاحب کي به وري هن جي ماني ٻوڙ ٿو وڻي. اصل ڇڏنس ئي نه ٿا. بيگم صاحبه چاٻيون ڏئي مارڪيٽ هلي ويندي ته فڪر نه هوندس. صاحب کي ماني ٽڪي کارائي شام جو هيءَ به واپس اچيو وڃي. لٽو ڪپڙو، عيد براد تي خرچيون، ٻارن جا نوان لٿل ڪپڙا. پاڻ کي نوڪري ملي ڪانه ٿي. ڇا ڪيون“. ۽ مٿن ٻارن پڙهائڻ تي تون زور به ڏئي ڪيئن سگهندين. اهي وڏا ٿي پن (پان) چٻاڙيندا، ڏند خراب ڪري هڪ ٻئي تي ڀونڊا ڪڇيندا ۽ انهن ئي جهوپڙين ۾ پيا هوندا. انهن مان ته ڪنهن سان هوءَ شادي ڪرڻ به نه چاهيندي. پاڻي به عورتون پراون گهرن مان ڀري اچن. اهڙي گهر ۾ ته هوءَ پنهنجي مڙس سان به ڪونه ٿي رهي.
    اکر ڪهڙا پڪا اٿس. نذرل ۽ ٽئگور جي ”بنگلا ڀاشا“ ڪيترو پڙهيل آهي، اهو ٻڌائڻ لاءِ توسان به تيار ڪانهي. سوال تي زور ڏنئه معنيٰ وئي.
    ”شونار“ ديش جي ڳالهه تي سندس اکيون ته ڀرجي اينديون آهن پر واپس وڃڻ لاءِ گاهين تيار ڪانهي. گيت چوي به پاڻ ۽ سمجهي به پاڻ، شايد خوابن جي معنيٰ وارا. اهي ته هر هنڌ ڳائجن پيا، سنڌ ۾ به. گيتن جي معنيٰ تي ٽوڪينس ته اٽلو پڇندي ”توهان ڪهڙي آزادي ماڻي آهي؟ توهان ته اسان کان گهڻو - گهڻو اڳي آزاد ٿيا آهيو. ڇا ڪيو اٿو هن مهل تائين؟ اسان کي سال ڳچ ٿيا آهن؟ ۽ پاڻ وٽ ڪنهن عام سماجي، اقتصادي تبديليءَ جو تون ڪو مثال به ڏئي نه سگهيو هئين! هن جي اچڻ ڪري ماڻهن جي طعنن ۽ گلا جو ڀؤ توکي ڇو ٿيڻ کپي. مڃجي کڻي ته ڀؤ ”ضرورت“ موافق آهي پر ڇا تنهنجو ذهن به ڏوهي آهي؟ مجرم ذهن اهڙا ئي سوال اٿاريندا آهن جهڙا توکان پڇجن ٿا. ٺيڪ آهي تون ماڻهن کان پاڻ کي بلند نه ٿو سمجهين پر جن پستين ڏانهن کين ڌڪيو پيو وڃي ڇا تون به ان جي اثر کان ڊڄين ٿو؟ باوجود ان جي ته ڀؤ رکڻ وري به چڱي ڳالهه ته آهي!
    ڪلهه گوڏن، ٺونٺين ۽ ٽڻين تي پلستر لڳل هوس. جڙتُو مڙس هڏ ڪُٽيا اٿس. وئشيا طور وهي هوءَ پئسا ڪمائي کيس آڻي ڏئي، ان لاءِ گانهين تيار ڪانهي. ٻهاري پوچيءَ جي ڪم کان ته اصل نفرت اٿس. ويٺي هوندي به توکان ڪڏهن ٻهاري نه ڦري اٿس.
    تو وري اڄ هن کي نه اچڻ لاءِ دڙڪا دهمان ڪيا آهن. پر شام جو هوءَ جڏهن چوڏنهن مهينن جي ڌيءُ تو وٽ رپئي خرچيءَ لاءِ کڻي آئي ته ڪجهه سمجهه ۾ آيئه پئي؟
    ٻئي رنل هيون. منهن سڳا پيا هئن. ڪجهه پڇڻ تي وات نه وريئه.
    هروڀرو دنيا جي ڀؤ ۾ آدرش ڦٽي نه ڪر. سڀاڻي اچئي ته سبب پڇجانس، ڇو پئي رني.
    من کيس ٺلهو آٿت ئي ملي!


    دل جي مرڪ

    ... گهڻي دير تائين سوچي سوچي، هاڻي هو صفا ٿڪجي پيو. هن محسوس پئي ڪيو ته جو ڪجهه هن ڪرڻ پئي چاهيو. سو، هنن حالتن هيٺ امڪان ۾ ئي نه هو.
    هاڻي هو ٻڏتر واري حالت ۾ به ڪونه هو. هو اهو فيصلو ته ڪري ئي چڪو هو ته، کيس ڪجهه ڪرڻو ئي آهي، اهو، جنهن سان سندس من شانت ٿئي. اهو ئي هن پنهنجي لاڀ لاءِ ڪافي ٿي ڄاتو.
    زمانو هئو به اهڙو ئي، جهڙو هن کي لڳي رهيو هو. بادشاهه به سلامت هو، ۽ نه ئي کيس کپر پئي کاڌو، ۽ نه منجو ئي پئي ڇڏيائين. سڄي رعيت اچي اڙي هئي منجهانئس. نه ملڪ ۾ ان پاڻيءَ جي جهجهائي هئي ۽ نه ئي پئسي پنجڙ جي. ماڻهو اصل حياتيءَ جي جنجال ۾ ڦاسجي پيا هئا.
    تڏهن اڃان رواج به اهڙو هو. هڪڙو ٻئي کي ماري، کانئس زور ٿي، وڃي بادشاهه ٿيندو. ڪمزور تي مارو سماج جو بنياد بڻجي پيو هو. هڪڙا ڏاڍا ٻين ڏاڍن جون تهبارون ڪڍي ڇڏيندا، جيستائين وڃي ڪٿي سندن مات ٿئي ۽ پوءِ وري وارو ورندو ٻئي ڏاڍي جو. اهو ته بدلي وٺڻ ۾ اصلي هاڃا ڪندو. مخالف ته ڇا، سڄي رعيت جا پٺاڙا رتورت لڳا پيا هوندا. قانون به پنهنجي مرضيءَ جا ٺاهيندو ۽ جنهن کي ڏوهي چوي تنهن جو جڻ ٻچو رڻ ۾ رليو ئي رليو. واڻ ڏور جا سمورا آرام ڏيندڙ ڪارج بدلجي موت گهاٽ - جا ڪارج ڏيڻ لڳندا. جيڪا ڳالهه چئي، تنهن کي رد ڏيڻ، معنيٰ وائکي زندگيءَ تان هٿ کڻڻ. نه وات کولڻ جي ڪا سگهه، نه ئي ايذاء تي دانهن جو حق. مٿان واري ڏاٺ مٺي ڪندڙ پنڊتن جا ٻوڪڙن تي ٻوڪڙ، ته ڀانءِ ههڙي شانت ۽ سکي حياتيءَ جو ڪنهن خيال به نه آندو هوندو.
    ... ۽ هاڻي ته هو بنهه ٿڪجي پيو هو. نه ماڻهن ۾ اهو رس ۽ چس رهيو ۽ نه زندگيءَ لاءِ ڪنهن کي موهه. ماڻهو پنهنجي جان مان اڙجي ويا. ٻين جي ڏک سور جو ته ڪنهن کي خيال ئي ڪونه. ۽ اهو هن کي لڳو پئي ته ان جڳ جو وڏي ۾ وڏو ڏک هو. سندس ڪکائين ڪچيءَ جاءِ جي ڀر ۾ ڀاڙي تي اچي ويٺل هڪڙا ماڻهو اها ئي زمين ڳنهي انهن تي ٻيا نوان ۽ ڀلا گهر ٺهرائي رهيا هئا. کيس انهن جي ڇانءَ ته ڇا نصيب هئي، مورڳوئي مزوريءَ کان به جواب مليو هوس. جواب به اهڙو جو ان گهڙي پيرن هيٺان ڌرتي نڪري وئي هئس. ناننگ ۽ ڏاڏنگ جي ٻين سڀني ماڻهن سان به ساڳي ويڌن ٿي جڏهن اهي پنهنجي ڳوٺ وارين هنن نين ٺهندڙ جاين تي مزدوري ڳولڻ ويا. تڏهن ته کيس محسوس ائين ٿيو ڄڻ رڳو زندگي به کيس ٿورائتي طور ۽ خيرات ڏئي موٽائي ڏني پئي وئي، نه ته ان ئي گهڙيءَ کسجيس ها. هن ان مهل ڌرتي ڌڏندي محسوس ڪئي هئي، يا آسمان ڪري رهيو هو شايد!
    ڳوٺ جا ٻيا ڪيترا ماڻهو ڀرپاسي توڙي ڏورانهن شهرن ڏي مزوريون ڳولڻ ويا ته بنهه ڏتڙجي، زندگيءَ جو موهه وڃائي واپس موٽي آيا.
    سوڪهڙو به سوڪهڙو ٿيو. هونئن درياهه شاهه گجگوڙيون ڪري سندن گهر ۽ جهوپا اُکين تي کڻي ڏيندو هو. هاڻي ته مينهون ڳئون چاڙهه جي مند ۾ به لاهونديون لهي ڍورن ۽ ڪنبن مان پاڻي پي ٿي سگهيون. کيس اها خبر ڪان پَئي پئي ته آخر هن درياهه کي ٿي ڇا ويو آهي. ٻنيون ٻارا سُڪي ٺوٺ ٿين ۽ دهشت وارو درياهه به ڪاڌم ڪانه لائي. الائي ته ڇا هو؟
    عيدون برادون به تڏهن اچن ۽ هليون وڃن، پر مجال جو ڪنهن ڳوٺ واري کي ڪو نئون وڳو ڏسجي. کٽيءَ وٽان ٻوڙايل بافتي جي نيري گوڏ به ڪو عيد تي پائڻ جهڙو لٽو ٿيو؟ اَن وڃي روز مهانگو ٿيندو ۽ گهر جهور ٿيندو اچي ڪرڻ کي پهچي! تڏهن وڃي هن محسوس ڪيو ته رڳو هڪ هُو ئي نه، پر سندس جهڙا سڀ ماڻهو اهڙي ئي حال ۾ هئا. ٻئي طرف ڏاڍن مڙسن جو اصل مڪو متل. کانئن اڳ وارا ڏاڍا ڳوليائي نه پئي لڌا.
    ۽ جڏهن اها سمجهه آيس، تڏهانڪر ئي هو ان فڪر ۾ هو ته ان نڀاڳ کي ڪهڙيءَ ريت تڙجي؟ هونئن هن جيڪو ڪجهه ڪرڻ پئي چاهيو، اهو امڪان ۾ ئي نظر نه پئي آيس. سوچي سوچي، اچي ٿڪو. بدن مان ٿڪَ ٽاٽون هڻي کيس خيرو ڪري وڌو هو. ائين ئي هو ميري وهاڻي تي ڪنڌ هڻي سمهي پيو...
    ......................................................
    ڪا گهڙي ته هو چوسول کي ڏسندو رهيو، جتان کٽيءَ جا ڌوتل عجيب ڪپڙا پايون ڪجهه ماڻهو الائي ڇا ڇا ڳالهائيندا لنگهي رهيا هئا. هڪ ته هو جن ويچارن ۾ هو، انهن کيس ٻيو ڪجهه سوچڻ سمجهڻ کان ڏڏ ڪري ڇڏيو هو، ٻيو ته هو، هنن ماڻهن جي ڳالهه ٻولہه کي چڱيءَ ريت سمجهي به ته ڪونه ٿي سگهيو. ائين بيٺي بيٺي کيس هڪڙو خيال آيو ۽ گهر واري گهٽيءَ ۾ هلڻ شروع ڪيائين. گهر پهچي هن سڄي گهر ۾ تڦيل وڌي. لٽن جي ڳنڍ گڏ ٿي وئي. هو اهي سڀ لٽا کڻي زمينن ڏانهن نڪري ويو. پلال جي ٻنڊن ۾ ويهي هن هڪ ڪانچ ۽ قميص ۾ پلال ڀرڻ شروع ڪيو، تان جو اهو سيٽجي هڪ بنا مُنڍيءَ ماڻهو ٺهي پيو. پلال جو گولو ٺاهي اهو قميص جي ڪالرن ۾ وجهي ڇڏيائين.
    سج ڪڏوهڪو لهي ويو هو. هن پلال جو ماڻهو کڻي ڳاهه واري صاف گول پٽ تي اچي رکيو. ڪالرن ۾ اٽڪيل پلال جي گولي تي هن هڪ ڏاڍي جي تصوير ڪاٺين سان چنبڙائي ويڙهيل پلال کي تيلي ڏئي ڇڏي.
    تيزيءَ سان ڇانئجندڙ اوندهه ۾ جڏهن باهه جي ڳاڙهاڻ اڀري ته سندس اکين ۾ به چمڪ اڀري آئي. هن تاڙي وڄائي، ڊوڙ پاتي ۽ ٻرندڙ پلال جي بت کي لت وهائي ڪڍيائين. اوچتو بيد جي لٺ سندس پٺيءَ تي کپي وئي. هن ڌڪ پچائي ڪنڌ ڦيرائي ڏٺو، جتي سندس وڏو ڀاءُ بيٺو هو. سندس وڏو ڀاءُ ڳوٺ جو ظالم شخص هو. جڏهن کيس هوش آيو ته هن ڏٺو، ڳوٺ جا ڪجهه ماڻهو، جن جا چهرا لٿل هئا ۽ اکين ۾ دهشت پکڙيل هئن کيس ٽنگوٽالي ڪري کنيو پئي ويا. تڏهن هن ڪنڌ ورائي سڙيل پلال کي ڏٺو، جنهن کي ٻيا ڳوٺ وارا لتون هڻي وسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. هن لت کي سيٽائي هوا ۾ ئي هڪ ٿُڏو هنيو. تڏهن سندس دل مان ڪڏڪي ڏئي هڪ مرڪ منهن تي وري آئي ۽ ان خوشيءَ ۾ هن اکيون ٻوٽي ڇڏيون.


    علامتي ڪهاڻي بلئڪ هول جو انت

    ... هيءُ ته ڪو ردي آهي. اصل صفا ردي ماڻهو. ۽ هي ماڻهو ئي وري کيس غلط نالن سان به سڏين ٿا. ڪو صحيح نالو ته اڃا مٿس ڪنهن رکيو ئي ناهي. ڪتو ٿا سڏينس، جيڪو وفادار آهي ۽ ٻچڪر تي پڇ لوڏيندو مالڪ جي پيرن ۾ اچي پوندو آهي. هيءُ به ائين ڪندو آهي، پر اهو منجهس اجهاڳ اوڳڻن مان فقط هڪ ئي آهي.
    گڏهه، مالڪ جا سمورا نه ته به پنهنجي وت کان وڌيڪ بار به گهليندو آهي. پر هي ته مالڪن جا سڀ بار ڪلهن تي کڻڻ کان پيو ڪيٻائي. گڏهه جهڙو به ته نه ٿيو.
    ۽ هونئن ته اهو مڪروهه پکي به سهڻين کنڀڙاٽين وارن پک - پکيئڙن سميت فضائن ۾ اڏامي سگهندو آهي، پر لهندو اچي گند جي ڍير تي، ان ڪري اهڙي ئي هن جي ٻي تشبيهه به ٺهي ٿي.
    اها خصلت به منجهس آهي، پر رڳو انهن نالن سان سندس تعارف ڪافي ڪونه ٿو ٿئي. جيڪر ڪائنات مان ڳولهي ڦولهي ڪنهن به مڪروهه شيءِ سان کيس مشابهه ڪجي پر اها ڳالهه هن جي اجگر جيڏي مڪروهه وجود کي، پوريءَ ريت بيان ڪرڻ لاءِ به ڪافي ٿيندي.
    هو ڳالهائي سگهي ٿو، ان ڪري کيس ماڻهو به ڪوٺيو وڃي ٿو. ڏاڙهي ٿو، ان ڪري ڪُتي واري وصف به منجهس پڪ سان ملي ٿي. بار جهلڻ کان ڳرو ٿي ٿو وڃينس ته پستيون هنيون، هينگون ٿو ڏئي، وري اچي ٿو ڪنهن بي گناهه جي غيبت تي ته اصل صفا الائي ڇا ڇا بڪيو وڃي.
    بم گولو سڄو وقت چيلهه سان ٻڌيون ٿو گهمي، ان ڪري کوڙ ساتري جيئري خلق کانئس ڊنل آهي. وري ساڳيون ئي وصفون رکندڙن چوڌاري ميڙاڪو به کڻي هنيو اٿس.
    هوڪرا پيا پون، اصل ڪن ٻنججي ويا آهن. ايڏي ڪوڙهيل بَڪَ جو سڀ حواس محسوس ڪن. ڪو حواس ان جي اثر کان آجو نه. وري عجب اهو ته سڄو وايومنڊل هن هڪ وائڙي جي ڪري وائڙو. رڳ رڳ تي سندس ڇڪ محسوس ٿيندڙ، ڄڻ ڪائنات، هيءُ وايو منڊل ڪنهن بلئڪ هول ۾ ڳيهجندو پيو وڃي. بلئڪ هول ڪائنات کي ڳهي فنا ڪندڙ عنصر.
    تخليق ۽ تعمير جي فنا جو پڙاڏو. ۽ ان جي لڳاتار گونج. پولارن جي هن گهري پور کي ته ڪائنات ڳڙڪائڻ ۾ اربين سال اڃان لڳندا، پر هي ته پاڻ واري ڪائنات ڳهي ويو آهي، هيترڙي ٿورڙي عرصي ۾، بس رڳي ڳيت کان معزور آهي.
    ۽ نڙيءَ ۾ ٽنبيل هن ڪانَ ڪڍڻ وارو، ڪو ڪونهيس. ماءُ کي سلام چئي. وڏ وڏاندرا واڳون، ۽ جيڪي سندس واهرو به آهن، اهي به اهو ڪنڊو نٿا ڪڍي سگهنس.
    - ۽ ڪتي جي وس جي ڳالهه ڪانهي جو سڄي شهر کي ڏاڙهي.
    - گڏهه نيٺ ڳوري ٻوجهي هيٺان اچي گذاري ويندو.
    - گنهنخور ڪنهن به وقت، کنڀن سوڌو، پنهنجي خوراڪ اندر ئي گپجي مرڻو آهي.
    ۽ بلئڪ هول ڪائنات جو هڪ ابهم جزو آهي، ڇا ڳڙڪائي، ڇا ڳڙڪائيندو؟ مات اچڻي اٿس، سا اچي مٿان ڪڙڪي اٿس...


    زرينه

    هو ڀت ۾ ٽنگيل آرسيءَ اڳيان اچي بيٺو آهي. ڦڻيءَ سان گڏ رکيل گاسليٽ جي چمني رات جو آرسيءَ جو ڳچ حصو دونهين سان ڪارو ڪري ڇڏيو آهي. ميرو ٽوال ڪئونري مان آلو ڪري آرسيءَ کي اگهي ٿو ۽ ڦڻي کڻي وار سنوارڻ لڳي ٿو.
    ”اڄ وري وڃانس ٿو. اڳئين ڀيري به ويو هومانس ته ڳاله ئي نه سمجهيائين. ڪجهه پڇيائين ئي ڪونه. ڏسي وٺي ”اچو، اچو“ ڪيائين. مان ساڻس ڀاڪر پائي ملڻ يا سندس ڪتابن تي تبصرو ڪرڻ ڪونه ويو هوس. لڳي ٿو ته وٽس وڃڻ وارن ۾ اڪثريت اهڙن جي آهي، جيڪي سندس ڪتابن جي تعريف لاءِ سيڙجي اچن ٿا. مان جيترا ڀيرا به وٽس آيو آهيان، ان مقصد سان نه ويو آهيان. مون واري ڳالهه کي واتئون نڪرڻ جو موقعو ئي نه مليو. جهٽ چانهه جو آرڊر ڏئي کڻي نئون ڪتاب اڳيان رکيائين ڄڻ منهنجي منظوريءَ جي محتاجي هجي ڪتاب کي. تعريف جو محتاج ڪتاب ئي ڪهڙو. گهٽ ۾ گهٽ ڇپائڻ کانپوءِ ته ڪتاب بابت راءِ ڪابه ٿي سگهي ٿي. ۽ هي ليکڪ رڳو هڪ ئي قسم جي تبصري جي اميد ڇو رکندا آهن؟
    صابڻ سان رکا ٿي ويل ڳٽا ڪريم سان آلا ڪري آخري ڀيرو آرسيءَ ۾ پنهنجي ڏيک جو جائزو وٺي ٿو ۽ ڪمري کي ڪلف ڏئي گهٽيءَ ۾ نڪري اچي ٿو.
    ... ۽ زرينه جو من گلاب وانگر ٽڙي پئي ٿو. در ٻاهران رکيل صندليءَ تي کير جي ٻاٽلي ۽ ٻيو ڪوبه ڪونه. سندس ميڇ ته هن گهٽيءَ ۾ سڌو ٿيڻ شرط ئي وصول ڪري ورتي هئي. هوءَ اهائي دروازي ۾ لڳل پردي وانگر لڙڪي رهي آهي. شام جي ڏوڀ جو کير وڪڻڻ لاءِ.
    ”ڀاڻي جا ٻار چڱا هوشيار آهن، پر گهر ۾ پڙهڻ تي ڪو زور جيستائين نٿو ڀرين، امتحان مڙئي ڏکيو پاس ڪري سگهندا.“
    ”۽ تو وٽ جو اچي ٿا ڪلاڪ ڪلاڪ پڙهن. تون هوشيار نه ڪندين ڇا؟ پاڻ ته ڪيئن ڳالهه ڳالهه ۾ ماڻهوءَ کي قابو ڪري ٿو وٺين، هنن کي اهڙو نه ڪندين؟“
    ”مون ڪنهن کي قابو ڪيو آهي، توکي نه، بس! ۽ ان جو سبب ته ٻيو آهي نه. مڙسنهن مان ته ٻار ڪونه پئي...“
    ”هاڻي ٺهيو. صفا ڪنو آهين... وڃ، وڃ. کير رڳو صبح جو ٿو وٺڻ اچين. شام جو ته تون هليو وڃي ڊيوٽيءَ تي. صبح جو ته سڀ ڪنهن کي ٿو کير کپي. جيڏيءَ مهل ماڻهن جا هجوم هجن ته تون به اچي گلاس جهلين. ماڻهن جي منهن تي ته توکان پئسا وٺڻا ٿا پون. ٿورو دير سان ايندو ڪر. ايمان سان تانگهه ته خوابن ۾ به هوندي آهي، پر ڳالهين ۾ مزو جيڪو اڪيلائيءَ ۾ ٿو اچي سو ٻين جي روبرو ڪٿي. شام جو کير وٺڻ وارو ڪونهي ته تون به هليو وڃين ڊيوٽيءَ تي.“
    ”مان توکي رڳو اڪيلائيءَ ۾ ٿو کپان تنهنجي اها مرضي آهي نه، پر مون سان به ته ويل آهي. زال زنب وارو ڪوبه ماڻهون ايترو وقت ته ڪنهن پرائي زائفان کي ڏئي نٿو سگهي، جيترو تون مونکان ٿي گهرين.“
    ”چڱو، چڱو - رات در کليل هوندءِ. هو مئو ته وات ڦاڙي سومهڻيءَ جو ئي سمهي ٿو پوي. سڄو جهان اڌ – اڌ رات تائين ريڊيا ٽيپيون پيو وڄائي ۽ هي آهي جو ماني کاڌي ناهي ۽ گڏهه وانگون ڪريو ناهي.“
    ”ويچارو ڪراڙو آهي. صبح شام ٿو سائيڪل تي کير وڪڻي. ٿڪبو ته هوندو.“
    ”چڱو جو سمهڻ مهل صفا مري ٿو وڃي. مهينو ٿي ويو اٿس جو کڻي، لڱ پڪڙي پاڻ ڏي ڇڪي. مان به هاڻي ٿُڪ هڻانس. ها، جائي! جي تنهنجو پٽ ڄمي ته نالو ڇا رکنديسانس؟“
    ”ڇا رکندينئس.“
    ”جيڪو تون ٻڌائين.“
    ”چڱو هاڻي ته دير ٿي ٿئي.“
    ۽ گهٽيءَ جي هن ڪنڊ واري در مان ڳاڙهي وڳي سان هوءَ صوبيدار جي زال آخري ليئو پائي لڪي ٿي وڃي.
    صوبيدار ته مون کي ڪڏهن هن گهٽيءَ ۾ مليو ناهي. جوڻس ئي در ۾ لڙڪي بيهندي آهي. لفٽ نٿو ڪرايانس تڏهن دانهن ڏني هوندائينس. ۽ نزلو وڃي ڪريو زرينه تي. صوبيدار تسنگجي اچي دٻايس ته، کٿي ٻڌايائينس، ”اسان ڪنهن گراڪ کي ڪيئن جهلينداسين ته نه اچي؟ جوڻهين اهڙي حور آهي ته جهلي ڇڏينس، سڄو ڏينهن سينگار ڪري در تي ٽنگجي نه بيهي. ڏوهه وري اسان جي گراڪن جو. فلاڻي کي ته جهليو، فلاڻو هروڀرو توهان وٽان کير ڇو ٿو وٺي. پنهنجي حورزاديءَ کي سوگهو ڪر. جيڪو ٿي بوٽ جو کڙڪو ٻڌي ته اچي ٿي در تي بيهي.“ ۽صوبيدا رڱيل مڇون ڦڙڪائيندو اهو ٿو وڃئي.
    مڙس ماڻهو آهي زرينه......................


    اڻ پوري ڪهاڻي

    ٽاڪ منجهند هئي ۽ تارونءَ تي پگهاريل رڪ هاريل محسوس ٿي رهيو هو. وايومنڊل تي ڇانيل گنڀير ماٺ اٻاڻڪن روحن کي ويتر گهيري ورتو هو. ”ايڪهين صديءَ جي سياست جا اهڃاڻ“ ڪتاب جا اڄ لکيل صفحا ٺپي هن نرڙ، پيٽ ۽ ٻانهن تان وري پگهر اگهيو ۽ کليل دروازي وٽ اچي بيٺو. هن پنهنجا حواس اڳ ڪڏهن به ايترا دٻيل محسوس نه ڪيا هئا، جيترا هينئر پئي لڳس. پاڻ ۾ ٿورڙي چٽائي آڻيندي وايومنڊل جو جائزو ورتائين. آسمان ته ڏسڻ کان ئي ناممڪن لڳس. تکي اس جا نيزا اکين تي الر ڪيو بيٺا هئا. اکين جي جوت ڏاڍي ڪندي هن گهر ٻاهران نظر ڊوڙائي ته هڪ گاڏير سڙڪ جي ڌوڙ مان ڏاندن جا پڇ وٽيندو کين هڪليندو پئي ويو. پريان هڪ ڪاسبيءَ جي اڱڻ مٿان ويٺل ڪانءُ اڄ به رڙيو پئي. ”جنهن گهر ۾ سرس ڳڀو ٽڪر نه پچندو آهي اتان صبح کان شام تائين مُنيءَ تي ويٺل بکئي ڪانءَ جون دانهون ٻرنديون رهنديون آهن،“ هن سوچيو. ”ڪانءُ اتان اٿي ڪنهن سڀري جي گهر مٿان ڇو نه ٿو وڃي ويهي؟ شايد ان ڪري جو پکي ڪائنات جا اڻ بدلجندڙ ساهوارا آهن“. هن سگريٽ ڪڍي دکايو. ٻريل تيليءَ جي گرمي هن سگريٽ دکائڻ وقت نرڙ تي به محسوس ڪئي.
    ”ايندڙ صديءَ جا ماڻهو ٽوڪيندا ته، چرئي سياست جي ڪتابن ۾ پکين جو ذڪر ڪيو آهي. چڱو ڪيو اٿم.“
    سگريٽ جي ڪوساڻ ڊوهه ڏيڻ سان ڇاتيءَ ۾ گهڙندي محسوس ڪيائين.
    ”عروضي ۽ سماوي شيون پنهنجو نج نظارو به پسائين ٿيون ۽ احساس به ڏيارين ٿيون.“
    نيٽ جي واڻيل ڪرسيءَ جي پٺ تان ٽوال کڻي پگهر سان آلا ٿيل هٿ اگهيائين ۽ٽوال ڪلهن ۽ مٿي تي پٿاري دروازي کان ٻاهر نڪري آيو. وايومنڊل جي ڄَر سندس وجود کي وڪوڙي وئي. هو سڙڪ واري لاڙي تي بيٺل اڪيلي ٻٻر ڏانهن وڌڻ لڳو جتي ڪو مسافر خالي مٿي سان نراس ٿيو، هيڏي هوڏي واجهائي رهيو هو.
    ”پاڻي ته مون به ساڻ ناهي کنيو، باقي هن ڏانهن وڃڻ جو ڪهڙو ڪارج...“ هو اتي ئي وراڪو ڏئي موٽيو. پلاسٽڪ جي ڪولر مان ٽي گلاس ٿڌو پاڻي جڳ ۾ وجهي هو وريو. سڙڪ ڏانهن ڏٺائين ته مسافر اتان وڃي چڪو هو.
    ”ڊوڙ پائي کيس ڳولڻ کپي...“ ۽ هن ڊوڙ پاتي. سڙڪ تي پهچي هن کاٻي ۽ ساڄي پاسي گهور ڪري نهاريو. ”ڪٿي آهين مسافر؟“ هن رڙ ڪئي. ٻٻر ۾ لڪي ويٺل جهرڪين ۾ هڪدم ماٺ اچي وئي. ۽ وايومنڊل ماٺ جي ڪن ۾ ٻڏندو لڳس.
    هو ٻٻر جي ڇانءَ ۾ اچي بيٺو. جهرڪين وري ماحول کي جئرو ڪري ڇڏيو. هن مٿي تان ٽوال سرڪائي ٻنوڙي تي رکيو ۽ جهاٻڪي هڻي ان تي چڙهي ويٺو.
    ”پاڻي گرم ٿي رهيو آهي، من ڪو ٻيو مسافر ئي پهچي. پر تڪڙو نه ايندو ته پوءِ ته بي سود آهي.
    مان ڪنهن مسافر کي سندس رفتار تان ٿيڙي پنهنجي دلپسند رفتار ته ڏئي نه ٿو سگهان. تاريخ به ته ائين ٿي ڪري. ڪنهن کي تڪڙو ريڙهڻ لاءِ جيستائين سبب پئدا نه ٿي ڪري تيسين...“


    هاريا ويڄ مُياس!

    چمنيءَ جي وٽ ٿو گهٽايان ته ڏسڻ ۾ ڪجهه به نه ايندو، لکندس ڪيئن؟ ۽ جيڪڏهن اتي ئي ٿو رهڻ ڏيانس ته پڪ سان صبح جو بيمار ٿي اٿندس. گاسليٽ جي ڌپ ته اڳي ئي ڪمري کي گهيري ورتو آهي. گهڙي سوا ڦوڪ ڏئي وسايانس. در ۽ دري به کوليان، ڌپ ۽ دونهون ڪجهه گهٽجن ته وري ٻاري پوءِ لکان. لکڻو به ضرور آهي نه ته مياري ٿبو ۽ جونئر ڊاڪٽر چوندا ته ٺڳ آهي ڊاڙ ٻٽاڪ تي پيو هلي. رڳو ڊاڪٽر ئي نه، سڄي سنگت به ائين سمجهندي. پر هن بتيءَ ته بنهه تنگ ڪري ڇڏيو. پارٽنر پنهنجي گنجي ٺوڙهه به سوڙ ۾ لڪائي ڇڏي آهي. ٻوٿ ٻاهر هوس ته دونهين تي کنگهه اچي ورايو هوس. ڪڇي ڪونه ٿو سگهي شريف ماڻهو آهي. ٻيو ڪو هجي ته سوڙ کي لوڏو ڏياري هوند بتي وسائي ڇڏي. خير... سگريٽ دکائي اڳ ۾ سوچڻ کپي. هون ن ن ن م... ڇا پيو چئي ڪڪري گرائونڊ وارو ٺوڙهو ڊاڪٽر؟
    ”توهان سنڌي سڀ جو سڀ ”Pirverted“ آهيو. منهنجي اسپتال ۾ سنڌي مرد آيو ته سڀ مريضياڻيون اگهاڙيون ڀاسڻ لڳنديون آهن. توهان سنڌين جي ڏسڻ جو انداز ئي اهڙو آهي جو جيئن بکيو شينهن ٻڪريءَ کي گهوريندو هجي.“ چيو هو مانس، ”اسان سنڌي ماڻهو ڀرپور زندگي گذارڻ کان ڏاڍا محروم آهيون. ڳوٺ، ملان جيڪي بهشت جون حورون ٻڌائيندا هئا، اهي هن شهر ۾ اکين سان ڏسي اهو ايترو عجب ۾ پوڻ ته اسانجو حق ٿيو نه ڊاڪٽر!“
    ”پوءِ به توهان سنڌي پرائي زال کي ڏائڻن وانگون گهوريندا آهيو. پنهنجين کي ڌيان سان هلايو ڪونه.“ ”ڊاڪٽر! پرائي ڀاڄي مٺي ٿيندي آهي. ٻيو ته اسان سنڌين کي اهڙا موقعا ئي ڪٿي آهن جن سان زندگيءَ کي زندگي طور گهاريون. توهان ڪلهه پڌرا ٿيو ۽ اڄ ڀلا گهر به اٿو ۽ روزگار به، توهان شايد ان تي نه سوچيندا هجو پر دنيا ۾ ماڻهن کي رلائي پنائي، گهرن کان ڪڍي ٻين ملڪن ۾ ورسائڻ لاءِ جيڪي سهوليتون مهيا ڪيون پيون وڃن، تن کي ڏسي ته هر ڪنهن جي دل ٿي چاهي ته مهاجر بڻجي.“
    ”توهان ڪاڏي لڏ پلاڻ ڪندؤ؟ پنهنجي گهران نڪري ويهن ميلن تي نوڪري ڪونه ٿا ڪيو/ ڪري ئي نه ٿا سگهو، سو توهان ۾ ته اها صلاحيت ئي ڪانهي.“
    ”ڊاڪٽر چيڙائڻ واري ٻولي نه ڳالهاءِ. مان به چڙي ويس ته معاملو حل ڪرڻ بدران وڌيڪ منجهي ويندو. مان توهان جو تاريخ جي ان عمل ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ چاهيان ٿو جنهن جي حققت معروضي آهي، ڪنهن کان ڪا ڳالهه لڪل ڪانهي. گهانا جا مهاجر جيستائين پنهنجي وطن کان پري نائجيريا ۾ هئا، تيستائين خوش راضي هئا. هاڻي نيڪالي ملي اٿن ته ڪيئن اچي ششدر ٿيا آهن. وطن موٽڻ ان ڪري نه ٿا چاهين ته اتي بهتر زندگيءَ جا موقعا ڏيندڙ سماجي ڍانچو ناهي. آفريڪي ته تمام ٿورا آهن جن کي پنهنجي ئي گهر ڀرسان روزگار ميسر آهي، نه ته ايشيا ۽ لاطيني آمريڪا جا مهاجر ته لڏ پلاڻ کي پنهنجو پيشو بنايون ويٺا آهن. ويٽنام آزاد ٿيو آهي ته به هجرتن جا مزا ماڻڻ لاءِ ڪيئن ڏور اولهه جا ڪنارا وڃي ٿا وسائين. جيتوڻيڪ سندن لڏڻ جو هاڻي ته ڪو سبب به ڪونهي. افغان ڏس، اسان هتي جا اصلوڪا رهواسي به ڪچن گهرن ۽ جهوپڙين ۾ پيا آهيون. توهان کي ته وري به ٽي ڏهاڪا ٿيا. هي ته ڪلهه هتي آيا ۽ ڪجهه ڏينهن لاءِ. ڪارون، بنگلا، کاڌو، دوائون. ڪهڙيون سهوليتون کين ميسر ناهن.“ خير، توکي خارش جهڪي آهي يا اڃان ستائي ٿي؟“
    ”ڊاڪٽر، ايلرجيءَ جا سبب ته تون ٻڌائين نه ٿو، ڇڏيندي ڪيئن؟ ڪا پرهيز اهڙي به هوندي جنهن کان توهان آگاهه ئي نه ٿا ڪريو.“
    ”ڀائي صاحب! توهان سنڌين کي خارش هجي نه هجي، ڪا زائفان گهٽيءَ ۾ اڃان ڏسندؤ ۽ اڳ کنهڻ شروع ڪندؤ. خير هي گوريون وڃي کاءُ. توسان ڪچهريءَ تي دل به چوي ٿي پر اسپتال جو وقت پورو ٿي ويو آهي. تون نڪرندين ته زال کي سڏيندس. اها به ڊاڪٽرياڻي آهي ۽ جڏهاڪون اسپتال کولي اٿم ۽ لي مارڪيٽ جا سنڌي اچڻ لڳا آهن ته، مون کي ڀتيون هڻي زال لاءِ اندر ڪمرو ٺاهڻو پيو آهي. توهان ڏائڻن جي گهورن کان بچائڻ لاءِ. چڱو، خدا حافظ“...
    ۽ هوءَ پارسي ڊاڪٽرياڻي! پٺاڻن جي ڪالونيءَ ۾ اچي هڪ اڪيلي ڪوٺيءَ ۾ ڪلينڪ کولي اٿائين. سمارٽ ڪيڏي آهي. منهن مهانڊي جي به واهه جي آهي. سياري ۾ به هاف سليوز جي شرٽ ۽ مٿان جينس جي پينٽ پائي ڪيئن مريض ۽ مريضياڻين وچ ۾ پئي ڦرندي ڦيريون پائيندي وتندي آهي. سگريٽ پاڻ به پيئندي آهي پر الائي ڪيڏيءَ مهل. ٻڌائيندي آهي ته ”پيئان ٿي“. مونسان ته هر ڀيري چڙيو پوي. سندس ڪلينڪ ۾ شايد مان ئي اڪيلو هوندس جو سندس جهلڻ کانپوءِ به سگريٽ دکائي پيئندو آهيان. بيزار ٿي پوندي آهي. ”تنهنجي اها هڪڙي ڳالهه مون کي اصل ڪانه ٿي وڻي مسٽر! سگريٽ هروڀرو ضروري ته ناهي ته منهنجي ڪلينڪ ۾ اچي پيئجي.“
    ”بهرحال ڊاڪٽر! ضد کي ڇڏيو. اهو ٻڌايو ته، توهان ڪتاب ڪهڙا ٿيون پڙهو.“
    ”فلاسافيءَ جا وڌيڪ.“
    ”ٻيا...“
    ”ٻيو تو وارو ڪتاب به پڙهيم، جيڪو تو آڻي ڏنو هو. انصاريءَ سنڌي معاشري جي اها ترتيب نه ٻڌائي آهي جيڪا ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ ڳولي ترتيب ڏئي سگهجي ٿي. ڀٽائيءَ وٽ ڇا معاشري جو ڪو آدرش نه هو؟ اها ڳالهه ته توهان جي ليکڪن کي اڳ اڳ ۾ کڻڻ کپي. توهان جي مفڪرن جو سماج بابت ڪهڙو رويو هو اهو نه توهان جا اڄوڪا دانشور ٻڌائين ٿا نه ئي لائبريرين ۾ ان تي ڪو اهڙو ڪتاب مليو آهي، جنهن ۾ توهان پاڻ ڪجهه دنيا کي ڏنو هجي.“
    ”ڊاڪٽر! اهو ڪم طبقاتي معاشري ۾ پاڻ تي ڪوبه پاڻمرادو ڪونه کڻڻدو آهي. هرڪو پنهنجي ذميداريءَ کان ڪنڌ ڪڍائڻ چاهيندو آهي. ان کي ته توهان مڃو ٿيون نه؟“
    ”ها، پر وڏا ماڻهو ته مون کوڙ سنڌي ڏٺا آهن، ڪنهن کي به اها ضرورت محسوس ڪانه ٿي ٿئي؟ ۽ اها ڳالهه ڪيڏي عجيب آهي؟ آهي نه! خير، تون ٻڌاءِ ڪهڙي تڪليف اٿئي. مٿي جو سور اڃا ستاوئي ٿو؟“
    ”نه، ڊاڪٽر! اڄ مان هتان لنگهندي توهان جي ڪلينڪ ۾ گهڙي آيس. مڙئي ڪچهري ڪرڻ لاءِ.“
    ”چڱو ٿيو، پر ڪو ٻيو اهڙو ڪتاب آڻي ڏي جنهن مان سنڌين کي چڱي نموني سمجهي سگهجي. مان ڄائو ڄمائو ڪراچيءَ جي آهيان، جيڪا به سنڌ آهي پر مان توهان سنڌين کي منهنجي معنيٰ ۾ سڃاڻان ڪونه ٿي. ويهجانءِ، مريضياڻيءَ کي ڊرپ لڳائي اٿم ڏسي وٺانس. ڏاڍي سهڻي آهي، پر مڙسس چرس جي ڪاروبار ۾ روز ٻَڌبو آهي ۽ هيءَ ڳڻتين ۾ ڳري وئي آهي. ڪا ڪا زال ڏسندي آهيان ته مڙس لاءِ ڳڻتيون ٿي ڪري، خاص ڪري اڻ پڙهيل زائفون، تو واري ڳالهه ته ويچارين لاءِ ٻيو ڪو چارو به ڪونهي.“
    ... ۽ هوءَ سياڻيءَ وارن جي ڇن تي وڄ ڪري هئي ته ميڊيڪل آفيسر سڄي ڳوٺ کي تنگ ڪري وڌو. چئي، ”فوتڻ جو پوسٽ مارٽم ضرور ڪرڻو آهي.“ ويچارا سياڻيءَ جا والدين اچي پريشان ٿيا هئا. نيٺ مئل نوجوان ڌيءُ کي اڪيلي مرد ڊاڪٽر جي حوالي ڪرڻ لاءِ به تيار ٿي ويا، پر ڊاڪٽر جي ٽن سؤ رپين جي خرچيءَ هڻي کين ڀڃي وڌو. اوڌر تي ڏوڪڙ وٺي ڏنائون. ڊاڪٽر مئل ماڻهوءَ تي به پئسا ٿا وٺن.
    ... ۽ هو مون وارو يار ڊاڪٽر... زال پئي ٻڌايو ته، ”مئو گهوري گهوري پيو ڏسي. سڀ دوائون اسٽور تان وتيونسين پر پوءِ به پڇا ڳاڇا ڪرڻ جا پنجٽيهه رپيا وٺي ڇڏيائين.“
    مون واري زال کي شايد اهو اندازو ناهي ته ڊاڪٽر ڊگريون ئي ان ڪري ٿا وٺن ته ان ۾ جهجهي ڪمائي آهي. گهٽ ۾ گهٽ ميڊيڪل ۾ داخلائن لاءِ ته ماڻهن کي ائين ڊڪندي ڊوڙندي ڏسبو آهي، ڄڻ ڪنهن حاصلات کان محروميءَ جو ڊپ هجين. ڪهڙي حاصلات؟ اها ظاهر ظهور ته رڳو ڏوڪڙ ڪمائڻ واري ٿي ڏسجي. سڄي ملڪ جو ڪو اهڙو ڊاڪٽر ڀلا سُجهي ٿو جيڪو ڪنهن کي علاج جو خرچ ڇڏي ڏيندو هجي؟ ۽ اڄڪلهه هي صحت جا وزير ته صفا ستي ڦڪيءَ واري علاج جي پويان اچي پيا آهن. شايد ڳوٺن ۾ علاج جي گهڻي کوٽ پئدا ڪرڻ ٿا چاهين. معاشرو قبل از تاريخ جهڙو ڏيک پيو ڏئي ۽ شهرن ۾ هنن ماڻهن جي ڀڄ ڊڪ وري ايڪيهين صديءَ جهڙي پئي ڀاسي. خير...
    هوءَ رضيه هن سال ڊاڪٽر بڻي آهي. رزلٽ نڪتي هئي ته پڻس خوشيءَ ۾ اسان جي دعوت ڪئي، جنهن ۾ هوءَ پاڻ شريڪ ڪانه ٿي. ڳوٺ جي پهرين زائفان جيڪا باقائدا پڙهي ڊاڪٽرياڻي بڻي آهي پر مون ته کيس هميشه ڳوٺ ۾ برقعي ۾ ئي ڏٺو آهي. اها علاج ڪيئن ڪندي. شايد شهر ۾ ڪا ڪلينڪ کولي ڏيندس يا نوڪري ڪرائيندس. ڳوٺ ۾ سک وري به ڪونه ٿيو. اشوڪ ٻن سالن کان هائوس جاب جي ڳولها ۾ آهي ۽ ڳوٺ ۾ به ڪونه ٿو ويهڻ چاهي. چئي، سنگت کان صفا ڇڄي وڃبو انڪري ڳوٺ ۾ اسپتال ڪانه کولبي.
    ..............................................................
    هاڻي ته ڪمري ۾ رڳو دونهون ٿو ڏسجي. چمنيءَ کي وسائي سمهي ٿو پوان. سيءُ به هارجي پيو آهي. ڪهاڻي لکڻي آهي سا کڻي سڀاڻي لکندس، ٻيو ڪو چارو به ڪونهي، پر انهن سڀني مان ڪهڙي ڊاڪٽر جي ڪردار کي کڻڻ گهرجي. اها ٽل مون کي هينئر کان ئي ڪرڻ گهرجي.


    ڪمٽمينٽ

    بس جي کاٻين سيٽن مان هڪ تي اچي ٿو ويهي. اڳيان ويٺل همراهه سگريٽ ائين ڇڪي رهيو آهي، ڄڻ وڏيرو پنهنجي زمين تي بيٺو هجي. ڦوڪ ڀري هن ڏي نهاريندي ئي دونهون سندس ٻوٿ ۾ هنيو ٿو وڃي. ۽ هن کي توهين جو احساس ٿيندي ٿيندي گم ٿي ٿو وڃي. پاڻ به سگريٽ دکائي ٿو ۽ پولارن ۾ گم ٿي ٿو وڃي.
    ”اڄ جي هوندو ته ڪنهن نه ڪنهن نموني پنهنجي دل جي ڳالهه ڪبي. ڪچهري پنهنجي جاءِ تي ۽نوڪري پنهنجي جاءِ تي. ماحول جي اثر ڪري مون منجهان به همٿ نڪرندي پئي وڃي. پورهيو ائين گهر ويٺي ڪنهن کي ڪونه ٿو ملي، ڳولڻو ٿو پوي، ۽ مون کي به ڳولڻو پوندو. کيس چوڻو پوندو.“
    بي دليو ڪش هڻي سگريٽ بس جي دريءَ مان ٻاهر اڇلي ٿو ڇڏي.
    پوئين دفعي هڪ اشارو ڏنو ته هئائين. ”اسان جي رسالي ۾ به لک ني يار. پيمينٽ اسان ڪنهين کي ڪونه ٿا ڪيون، هاڻي ته بنهه کوٽ ۾ آهيون.“ هاڻي ماڻهو اهڙي هجت جو ڪهڙو جواب ڏئي. لکڻ لاءِ منٿ، ۽ سابه ايڏي اتساهه ڏياريندڙ. پر ڳوري ڳالهه رڳو اها ته مفت ۾ ٿيندي. ان مفت پورهئي سان سندس ڪارج ته پورو ٿئي ٿو، پاڻ کي ڪهڙو ڇٽ ٿو لڳي. اسان ۾ اهڙو ڪوبه پبلشر اڃا پئدا ناهي ٿيو، جيڪو ليکڪ جي اڻٽر ضرورتن جيترو ئي ادا ڪري! محسوس هرڪو ڪري ٿو. ڳالهه ڪڍندئي ته جهٽ پٽ نماڻائيءَ سان اهو به چوندا ويندا ته ”في الحال پيمينٽ جو سلسلو ممڪن ڪونهي.“ انهي ”في الحال“ ماضيءَ جي ڪيترن ليکڪن کي نهوڙي نِيو آهي. علي، حيدري، ماڻڪ، بزمي، بدر ۽ هو مصور. ٽي بي سينٽوريم مان اخبارن، رسالن ڏي خط لکندو رهيو. مرڻ گهڙيءَ تائين هن لڏي کان ڇڄڻ پسند نه ڪيائين. سوال ئي پئدا نٿو ٿئي جو ڪو اها ڳالهه پسند ڪري. جئرو هجبو ته هجبو هن ئي لڏي سان گڏ.“
    بس مان لهي سمورن کيسن کي هٿ ٿو گهمائي ڏسي. ”خير آهي، جا شيءِ جتي هئي اتي ئي آهي.“ اطمينان ڪري هلڻ ٿو لڳي. بزار جي ٻنهي پاسن جي شاپنگ سينٽرن ۾ رکيل سڀ شيون سندس ضرورت جون آهن پر اهو محسوس ڪرڻ کانسواءِ هلندو ٿو وڃي. اونداهي ڏاڪڻ چڙهندي کيسي مان ڦڻي ڪڍي وارن کي اوندهه ۾ ئي سنواري ٿو، ”پنج بُج وڄي رهيا آهن پر ترتيب وري به چڱي آهي.“
    ڦڻي کيسي ۾ لڪائي رسالي جي آفيس ۾ گهڙي ٿو اچي. چيف ايڊيٽر آرام ڏيندڙ ڪنئري ليدر ويڙهيل ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏيو ويٺو آهي ۽ سامهون ويٺل پنهنجي اسسٽنٽ کي فلسفيءَ وانگر ڪنهن ڳالهه تي قائل ڪري رهيو آهي، ۽ هو سندس هر ڳالهه سان متفق ٿيندو پيو وڃي.
    ”اسلام عليڪم صاحبو!“
    ”وعليڪم سلام. اچو اچو، يار! چوڏهينءَ جا چنڊ ٿي پيا آهيو.“ کيس چوڏهينءَ جي چنڊ تي پنهنجو گنجو مٿو ياد ٿو اچي، پر تڪلف پسندي ڇڏي چيف ايڊيٽر جي ڀاڪر ۾ هليو ٿو وڃي.
    ”ويهو - ييس، هتي، منهنجي صفا سامهون. ويهه ته اڄ توکي تاريخ جو هڪڙو نئون باب ٿو ٻڌايان.“ چيف ايڊيٽر چانهه جو آرڊر ڏئي پٽيوالي کان پنهنجي نئين ڪتاب جو مسودو ٿو گهري. ۽ هن جي دل ٻڏندي ٿي وڃي.
    ”وري به پنهنجي ڳالهه شروع ڪيائين، خير- گهڙي کن ته ائين ٿيندو ئي.“ ۽ چپ چاپ ويهي ٿو رهي.
    ”ڪٿي آهين يار! اچين ئي ڪونه. ڪهاڻي به ڪانه ڏنئه، ڀلا ڇو اسان توکي ان جا اهل نه ٿا لڳون. اختلاف پنهنجي جاءِ تي. توکي پنهنجي ڪمٽمينٽ خدا بخشي ڏئي، پر تنهنجي ڪنهن لکڻيءَ تي ته پاڻ ڪڏهن هڪ سيڪڙو به اعتراض ڪونه ڪيو اٿئون، پوءِ به الائي ڇو وتين ٿو ڪترائيندو.“
    ”ائين ناهي،“ هو سادي سگريٽ جو پاڪيٽ کولي سگريٽ ڪڍڻ جي ٿو ڪري. تيستائين چيف ايڊيٽر گولڊليف جو پاڪيٽ اڳيانئس اڇلي ٿو ڇڏي.
    ”ماڻهو پنهنجي هر ضرورت پاڻ پوري ڪري سگهي، ان ۾ چڱائي آهي. اوهان پنهنجا سگريٽ پاڻ پيئو، اسان لاءِ هي ئي ٺيڪ آهن.“ ۽ ڪش هڻي چيف ايڊيٽر جي اکين ۾ چتائي نهاري ٿو، جيڪو نيڪ ٽاءِ کي هٿ لائي دن ڏانهن پيو ڇڪي.
    ”ها ادا!ٰ پوءِ اڄ ضرور ڪجهه نه ڪجهه آندو هوندءِ.“... ۽ هو ٻڏي ٿو وڃي، پنهنجي پاڻ ۾. ويچارن ۾ گم ٿي ٿو وڃي. ”آندو اٿم؟ ڇا، جنهن لاءِ ڪجهه به ملڻو نه اٿم. سوچي ٿو، پر لِکا نٿو ڏئي. جواب ضروري سمجهندي ڀڻڪي ٿو، ”هائو، آڻڻ لاءِ ته مان پاڻ هليو آئيو آهيان. اصل ۾ - اصل ۾ ڪا نوڪري پيو ڳوليان. ٿانئيڪو ٿي ويهي لکبو ته ڪجهه لکي به سگهبو... ۽....؟“
    ”ڇڏ يار! نوڪريون پيون ڳولبيون. خدا ڪندو ملي ويندي، تيستائين لکڻ ڇو بند ڪجي. تخليق ته ڪنهن به شيءِ جي محتاج ڪانهي نه. اڄ ڪهاڻي ضرور وٺبي توکان - ڇا سمجهئه...“
    ”صحيح آهي پر ڪهاڻي منهنجو ڪوبه معروضي ڪارج پورو ڪونه ٿي ڪري. ذاتي لاڀ وارو ڪارج، ان ڪري لکندو محفوظ ڪندو ويندو آهيان.“
    ”ته چئبو پنهنجي ريڊرشپ کي مايوس ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو اٿئي.“
    ”نه، ائين ناهي... ريڊرشپ ڪنهن مجبوريءَ سب مون کان پري، مون کان صفا جدا آهي، ۽ اها مجبوري تون سمجهين ٿو.“
    ”هيلو!“ فون وڄندي ئي چيف ايڊيٽر کي فرار ملي وڃي ٿو.“
    ”هائو سائين قبلا! مون رات به ساڳي ڳالهه ڪئي. گهٽ پيئڻ جي صلاح ته هو ٻڌي ڪونه سگهي. ۽ وري هن مٿان هئنگ – اوور به عجيب نموني جو ٿو ٿئي نه. هينئر اٿيو آهي؟ ٺيڪ آهي، آءٌ ڪلب اصل 10 منٽن ۾ پهچان ٿو. ٿئنڪس اي لاٽ!“
    رسيور رکي، ”پوءِ ڀلا ڪيڏانهن هلڻ جو ارادو اٿئي. واٽ تي ڊراپ ڪندو وڃانءِ. سنگت انتظار ۾ ويٺي آهي، سو وڃڻو ته پوندو.“
    هِي مايوسيءَ جي لِکا نه ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي جواب ۾ چئي ٿو، ”ٺيڪ آهي، سنگت سان ضرور ملو. مان وئن ۾ هليو ويندس. ۽ هي هُن جي اٿڻ کان اڳ ئي پراڻي ڊائري کڻي ڏاڪڻ لهي اچي ٿو. ٻاهر ”مجوهرات دهليءَ“ جو اکيون ڪڍندڙ ترورا پکڙيندڙ دڪان ۽ وسعتن ۾ پکڙيل ڪامرشل ايريا ۾ ڪاهي ٿو پئي ۽ گم ٿي ٿو وڃي.


    جان جيئين، تان جل!

    اڄ توکي منهنجي باري ۾ پريشانيءَ کان وڌيڪ مون تي ڪاوڙ اڀري اڀري ايندي هوندي. چوندي هوندينءَ ”اهڙي نوڪريءَ کي کڏ ۾ ڇو نه ٿو هڻي جنهن ۾ سر جو خطرو آهي ئي آهي.“
    اڄ توکي خبر پئي هوندي ته ٽي ويءَ تي خبرون به ٻڌڻ جي شيءِ ٿينديون آهن. ٽي ويءَ تي هونئن ته گهٽ ويهندي آهين. چوندي آهين ”کڏ ۾ وڃي پوي ڊرامو. اسان کي پنهنجا ڊراما ئي گهڻا لڳا پيا آهن“. ۽ انهن گهڻن ڊرامن مان هڪ به ٻڌائيندي ناهين. ڪراچيءَ ۾ ڪرفيوءَ جون تصويرون ٽي ويءَ تي ڏسڻ لاءِ ٻوڙ مانيون اڌ ۾ ڇڏي ڊوڙي هوندينءَ؟ ڇا نظر آيئه؟ وڏور پٽ کي چيو هوندءِ ”ريڊيو ته کول - من اهو مئو ڪا چڱي خبر ٻڌائي“. خبرون هونئن تو سڄي زندگيءَ ۾ ائين ڪن ڏئي نه ٻڌيون هونديون، جهڙيون ڪلهاڪون ڪَنَ سرلا ڪري ٻڌندي هوندينءَ. هر هر خبرون ٻڌي شديد رد عمل ڏيکاريو هوندءِ، ”اڃان اتي مزو ٿو اچيس. اسان جو هتي لڪيءَ ۾ اچي ساهه ڦاٿو آهي ۽ پاڻ بي پرواهه لڳو نپٽي ڪراچيءَ ۾ ويٺو آهي.“ اصلي آرام نه ايندو هوندءِ، ويٺي بيٺي، سمهئي. پاڻيءَ کان ٻاهر اڇليل مڇيءَ وانگر هوندينءَ. ٻارن کي دڙڪا ڏيندي هوندينءَ ۽ وري پوءِ انهن کي ڳراٺڙيون ڀري روئي ويهندي هوندينءَ ڄڻ مان ڪرفيوءَ جي هنگامن ۾ مري ويو هوندس. توکي ريڊيو ٽي ويءَ وارا اهو ته ٻڌائين ئي ڪونه ٿا ته مان ڪٿي آهيان، ڪهڙي حال ۾ آهيان ۽ ڳوٺ ڇو نه ٿو ڀڄي اچان، رڳو خط به نٿو لکان؟! واهه جون گاريون به ٺهي انديون هوندءِ پر اهي ڳهي ويندي هوندينءَ ۽ انهن سوچن تي وري پڇتائيندي هوندينءَ. ڪو شهر کان ڳوٺ موٽيو هوندو ته اڄ پهريون ڀيرو اخبارن جون خبرون به پڇندي هوندينءَ ته ”ادا ڪا خير جي خبر؟“.
    مون کي هن چڪر ۾ جيڪي تنهنجيون فرمائشون پوريون ڪري اچڻيون آهن، اهي به سڀ ڦٽي ڪري مون کي معاف ڪري ڇڏيون هوندءِ. پر جڏهن تون ائين چوڻ لاءِ به تيار آهين ته ”انهيءَ نوڪريءَ کي ڇڏي هليو نه ٿو اچي“، ته پڪ سان نتيجي ۾ سڄي ڪٽنب جي بک مرڻ لاءِ به ذهني طور تيار ٿي هوندينءَ.
    هائو، توکي اها ڳالهه ائين سمجهه ۾ ايندي پر، مان خوش آهيان، تون فڪر نه ڪر. ڪرفيو واقعي مون واري ضلعي ۾ ئي لڳو آهي ۽ ٻي سڄيءَ ڪراچيءَ ۾ نه. ۽ ڊيوٽي به ڪريان پيو. ٻيو سڄو شهر ڀلي ڪلف ڪڙي ۾ هليو وڃي، پر توکي اهو مون ٻڌايو ئي ڪونهي، ته متان وڌيڪ نه ڊڄين، ته اخبارون ته اهڙي مند ۾ وڌيڪ کپندين آهن ۽ ضرور ڇپجنديون آهن. اسان جو قدر به وڌندو آهي ته زندگيءَ جي رسڪ کڻي رڳو اهو غير جنگي ڪم جاري رکڻو پوندو آهي. ۽ تو کڻي پنهنجي دل سان جنگ شروع ڪئي هوندي. چري، ڪجهه سمجهه کان ڪم وٺ. بک ۽ بدحاليءَ کي قبول ڪرڻ ۾ انسان جي عظمت ڪانهي، موت سان سامهون ٿي بيهڻ ۾ ئي سڀ ڪجهه آهي. ائين انسان سڀئي جنگيون لڙي ٿو ڇڏي. مون کي ائين وڙهندو رهڻ ڏي. ٻارين ٻچين خوش هوندينءَ.
    باقي توسان جو ڪجهه روبرو ڳالهائبو اهو لکي ته موڪلي نٿو سگهجي. چڱو ڪرفيو نرم ٿيو آهي ۽ آفيس وڃڻو اٿم.


    سـارنـگ

    عجيب ماڻهو هو. گهر موجود هوندو هو ته سڄي پاڙي کي خبر هوندي هئي ته هو گهر ويٺو آهي. سندس گهر ويٺي مهل پاڙي جا ٻار واري وٽيءَ سان پيا ليئا پائي ڏسندا هئس.
    ڪلاسيڪي موسيقي ويٺو ٻڌندو، ۽ ڪونه ڪو ڪتاب هٿ ۾کليل هوندس ئي هوندس. ٻارن تي نظر پئجي ويس ته ٽافيون اڇلي ڏيندن، پر جي ڪنهن ڪو کڙڪو ڪري توجهه ڇڪڻ جي ڪا هجت ڪئي ته اٿي اچي کيس هٿ ۾ ٽافي ڏيندو، ۽ ڪن پڪري کيس ٻڌائيندو ته ٽافي کڙڪي کانسواءِ به ملي سگهي ته پوءِ هروڀرو کڙڪي ڪرڻ جو ضرور؟ تقريباَ سڀني ٻارن کي خبر پئجي چڪي هئي ته ٻارن سان پوندي اٿس، پر هو خلل انگيز ڳالهه کي اصل پسند نه ٿو ڪري.
    مهڙ ۾، جڏهن هو ٻه کٽون کڻي رلهيءَ وهاڻي سميت اچي پاڙي ۾ لٿو هو، ته پاڙي جي خاص ڪري زائفن چپ مروڙي سندس حيثيت تي چٿرون ڪيون هيون. گهٽيءَ ۾ پهريون ڀيرو نڪتو ته دڪان تي سڀ کان اڳ پن جون ٻيڙيون پڇيون هئائين. منهنجي دڪان تي ان وقت اسان جي پاڙيسرياڻي بچان بيٺي هئي، جيڪا گڏاپ کان آيل هئي. سندس لباس کي الائي ڪيئن هڪ ئي نظر ۾ مڪمل نموني ڏسي مون کي چتائي اکين ۾ ڏٺو هائين ۽ پن جون ٻيڙيون پڇيون هئائين. سندس اڌ گنجي مٿي جي نوعيت تي مون کي به عجب لڳو هو، جيڪو وارن جي ڇڊين چڳن مان چلڪيس پئي. ٻه بنگالڻيون به منهنجي دڪان تي ايمبسي سگريٽ وٺڻ آيون هيون. چيومانس ته ڪي.ٽو پن جي ٻيڙين واري لاءِ مناسب آهي، ته چيائين ڇاتي ٿا وٺن. بنگالڻين ڏانهن اشارو ڪري چيومانس ته هي ايمبسيءَ جي نيڪيءَ ۾ ڦاٽن ٿيون. ته چيائين، ڦاٽنديون هونديون. پر جهٽ وڪڙ کائي ڳالهه موٽايائين، ”ڦاٽن ٿيون؟!“ ۽ ايتريءَ دير ۾ ٻنهي بنگالڻين جي اڌ اگهاڙن جسمن کي جاچي پرکي ورتو هئائين. اٺ ٽافيون ورتائين، جن مان هڪ مون کي ڏنائين ٻه بنگالڻين کي، هڪ پاڻ کاڌائين ۽ هڪ منهنجي پاڙيسرياڻي بچان ڏانهن وڌائڻ تي هو، ته هوءَ کيس حيرت مان ڏسندي گهر ڏانهن مڙي چڪي هئي.
    بعد ۾ منهنجي پاڙيسرياڻي بچان گهر ۾ مون کان پڇيو ته اهو ڪير هو؟ مان ڄاڻندو ڪونه هومانس. البت ٻئي ڏينهن پڇيومانس. چيائين، ”شهر جي هڪ اشاعتي اداري سان لاڳاپيل آهيان“. نه مون ڳالهه سمجهي ۽ نه ئي مون واريءَ مائٽياڻيءَ، جيڪا سڄو ڏينهن الائي ڇو منهنجي دڪان تي بيهي ان گهٽيءَ ڏانهن ڏسندي رهي هئي، جنهن ۾ هڪ ڪوٺيءَ ۾ هو اچي رهيو هو. آمنه بنگالڻ ٻه ڀيرا پڇي وئي هئي ته ڪلهوڪو ٽافيءَ وارو آيو؟ هي زائفون نئين پاڙيسري ۾ الائي ڇو دلچسپي وڌائي ڇڏينديون آهن، اها ڳالهه مون کي اصل سمجهه ۾ نه ٿي اچي.
    حالتن مون کي محتاط ۽ خبردار رهڻ تي آماده ڪيو. هڪ هفتي جي رهائش ۾ مون کي سندس معمولات جي گهڻي قدر خبر پئجي چڪي هئي. پن جون ٻيڙيون ڇڪيندو هو، ٽافيون کيسي ۾ گهڻو ڪري ٻين کي کارائڻ لاءِ وجهندو هو. رات جي ڊيوٽي ڪندو هو ۽ ڏينهن گهڻو ڪري گهر ۾ ڪتاب پڙهڻ ۾ گذاريندو هو.
    هڪ ڀيرو ٻاٽلي کڻي وهنجڻ لاءِ پاڻي ڀرڻ ايندو هو ۽ جي نل تي مايون بيٺيون هونديون هيون ته هڪ منٽ ڏانهنِ التماس وارين نگاهن سان ڏسي، بس کڻي ڪندو ۽ ٻاٽلي نل جي ٿانون واري قطار ۾ رکي، منهنجي دڪان تي هليو ايندو ۽ ڪئپسٽن وٺي دکائيندو ۽ اتان بيهي پوئتي نل ڏانهن ڏسندو. اڳي مايون کيس بيهاري ڇڏينديون هيون، ”نه ڀاءُ، مان ڪلاڪ کان واري اچڻ لاءِ بيٺي آهيان. مان ڀريان ته پوءِ تون ڀلي ڀري وٺ.“ پر پوءِ انهن ئي ماين مان ڪا سندس سفارش ڪندي، ٻاٽلي ڀرائي ٻاهر رکي، سڏ ڪنديس ته کڻي وڃي. شڪرانا بجا آڻيندو ٻاٽلي کنيو، مون کان اکين ۾ موڪلائيندو هليو ويندو. پٺيان ڪي ڇوڪريون وات کي لٽو ڏيون پيون کلنديس ته ڪي کين ڀونڊو ڏئي چپ پيون ڪرائينديون. مهڙ ۾ ته مون محسوس ڪيو ته کيس ڪنهن ئي زائفان ۾ دلچسپي ڪانهي، پر پوءِ ڏٺم ته بهتر کان بهتر زائفان منجهس دلچسپي وڌائي رهي آهي. سندس سڌين اکين ۾ ڪشش ته ڪانه هئي، البته گهرائي ايڏي جو فورن ٻئي جي نگاهه غوطو کائي ڦري ويندي.
    ڳالهائڻ جو انداز نهايت سنجيدو. ڪا ڳالهه ٻيهر پڇڻ جي ضرورت ئي ڪانه پوندي. جواب اهڙو هوندو جو ان ۾ ڳالهه مڪمل. دل چوندي ته جيڪر کانئس گهڻي کان گهڻا سوال پڇجن، ڳالهيون ٻڌجن، پر هو ماڻهو اهڙي نموني جو هو، جو جيڪو جواب ڏنائين اهو الائي ڇو ڪافي پيو لڳندو هو، ان ڪري ڳالهه وڌائجي ته ڪيئن. هاڻي ته مان به اسڪول کان سڌو موٽي دڪان تي اچي ويهندو هوس ته من هو اچي ۽ ڪا گهڙي ڪچهري ٿي وڃي. مان اصل ۾ زائفن جي اندر کي سمجهي نه سگهيو آهيان، ان ڪري جيڪي ماستراڻيون مون سان گڏ اسڪول ۾ پڙهائينديون هيون، تن سان بزارن ۽ ڪلاٿ مارڪيٽن ۾ ٿاٻا کائي ٿڪجي شام جو اچي کٽ تي ٽٽندو هوس، ته مٿان وڏي ڀاءُ جي گار اچي ڦهڪو ڪندي هئي. ”ڀيڻيان، الائي ڪو... ٿو الائي ڇا. گهر ٿا موٽو ته اچي ٿا ڦانءِ ٿي ڪرو. ٿڪ پئيو جو کڻي دڪان تي خيال ڏيو. مڙس هليا آهن ڳوٺ مان پٽڪا ٻڌي ڪمائڻ. ٿڪ هجي اهڙي زندگيءَ تي، جيڪا ٿڪون ٿاٻا کائي گذري. هاڻي ڳوٺ وڃان ته چوان بابي کي، ته هنن ڀڙون کي اِتي سُڪ ٻڌي رک. ڌنڌي تي صفا دل نه ٿي ورين، رڳو ڪا زائفان سا سرخي لائي گهٽيءَ ۾ ٿي نڪري ته لڇ لڇ ڪندا وتنس پٺيان.“ ادا وڏي جو اهو ليڪچر ٻڌي ٻڌي هِري ويا هئاسون، پر جڏهانڪر هي همراهه پاڙي ۾ لڏي آيو هو ته دل الائي ڇو اڇلون پئي کائيندي هئي ته، جهٽ پل ۾ اسڪول ختم ٿئي ته دڪان تي وڃي ويهجي، جتي هو ايندو ته عجيب مزيدار ڳالهيون خود بخود ڇڙي پونديون.
    هائو، عجيب ۽ مزيدار ڳالهيون. سارنگ جي اچڻ کان اڳ پاڻي ڀرڻ تان سڄي پاڙي جون مايون ۽ مرد هڪ ٻئي کي گاريون ڏئي وڏا وڏا جهيڙا ڪندا هئا. هڪ ڀيري سارنگ اهڙي جهيڙي دوران باٽلي کڻي اچي نڪتو. ڪو کيس احوال ٻڌائي ئي ڪونه. مان به جهيڙي جي ڏي وٺ ٻڌي رهيو هوس. پر پوءِ جڏهن هن قدري ڪاوڙ منجهان مون کي جهنجهوڙ ڏئي پڇيو ته آخر مسئلو آهي ڪهڙو، جو سڀڪو پنهنجي ليکي پيو ٿو ڳالهائي ۽ وري ڪنهن جي به ڳالهه ٻڌي ڪانه ٿي وڃي؟ ٻڌايومانس ته چُچوءَ جي ڇوريءَ پاڻي ڀريندي هڪ بنگالڻ کي مٿي ۾ لوٽيون وهائي ڪڍيون آهن. بنگالڻ گوڙ ڪيو ته چُچوءَ جي جوءِ پنهنجي ٻن ڌيئن ۽ مڙس سوڌو نڪري آئي آهي ۽ هاڻي سڄي بنگال کي پيا ٿا پٽين. اڃان ايترو مس ٻڌائين ته سڌو نل ڏانهن وڌي ويو ۽ ســـڀني کي الائي ڪيئن ماٺ ڪرائي ڇڏيائين. اتي جو اتي طي ڪري ورتائين ته، پاڻي ته ڇا گهڻين ضرورتن کي کوٽ ۾ رکي اختياريون پيون ماڻهن کي هڪ ٻئي ۾ ويڙهائين. پاڻ ۾ نه وڙهڻ گهرجي ۽ ٻيو ته بنگالي به اسان جهڙا ئي انسان آهن. انهن جيڪڏهن ٽي ٽين پاڻيءَ جا ڀريا ته ضرورت ۾ هوندن. هاريندا ته ڪونه هوندا. چُچوءَ الائي ڪيئن سندس اڳيان کڻي هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ جوءِ کي اشارو ڪيائين ته اها گهر هلي وڃي. جهيڙو ئي ٽري ويو. پر جيئن ئي جهيڙو ختم ٿيو ته ڏٺم ته اوڙي پاڙي جي درن مان اڻ ڏٺيون صورتون ۽ مورتون به سارنگ کي تڪي رهيون هيون. آمنه بنگالڻ به منهنجي دڪان تي بيٺي هئي، تنهن وڌي وڃي ٻيءَ ڀرسان بيٺل بنگالڻ کي سس پس ڪري ڪجهه چيو. ٻنهي جي چهرن تي سرهائي هئي.
    ائين، هو گهران نڪرندو هو ته سڄي پاڙي جي توجهه جو مرڪز بڻجي ويندو هو. شڪل شبيهه به ڪا خاص ڪانه هئس، پر الائي ڇو، خاص ڪري مونکي ته ڏاڍو وڻڻ لڳو هو. اسان واري پاڙيسرياڻي بچان ڪڏوهڪو ڳوٺ سنڀريل هئي، پر اڃا اتي ٽڪيل هئي. بچان جنهن گهر ۾ آيل هئي، انهن ۽ اسان وچ ۾ ڪا وٿي ئي ڪانه هئي. سڄو ڏينهن زائفون اسان جي گهر کي گڏجي صاف ڪنديون هيون ۽ ڳنڍ ٽوپي لاءِ به اسان جو پکو چالو ڪري اچي ميڙ ڪنديون هيون. لباس، ڳالهؤ ٻولهؤ ۾ گڏاپ جون هيون، باقي لڳنديون اسان جون گهر ڀاتياڻيون هيون. مان گهر ويس ته بچان اتي گم سم ويٺي هئي.
    پڇيومانس ”بچان اڃا ڳوٺ ڪانه وئينءَ ڇا.“
    ڇرڪ ڀري چيائين، ”نه ادا، سڀان پرينهن ويندم.“
    ”ڇو طبيعت ته ٺيڪ ٿئي نه؟“
    ”ها، ادا“... ۽ پوءِ هوءَ صفا سست ٿي پئي هئي. مون ڏٺو ته هوءَ الائي ڪهڙي جهوريءَ ۾ جهڄي، اجهامي وئي هئي. حجت ڪري پڇيومانس ته به لهرائي وئي ۽ گهر اٿي وئي. شام جو مڙسس به گڏاپ کان اچي نڪتو. اڃان ٻار ٻچو ڪونه ٿيو هون، سو ڪا سوکڙي پاکڙي به ڪانه آندي هئائينس. بچان جو مڙس سڄو ڏينهن پان کائيندو هو. چاٻا ڏيندي مون کي صلاحيائين، ”ڪئپري ۾ فلم لڳو آهي. ڏاڍو ڀلو آهي. هلين ته هلون.“ مون نهڪر ڪئي مانس ته ٻه ٻيا ڇوڪرا ساڻ وٺيون هليو ويو. ان وچ ۾ منهنجو ننڍو ڀاءُ دڪان تي پهچي ويو ۽ مان کسڪي پاڙي وارن جي گهر هليو ويس. گهڻي گهڻي دير کانپوءِ به بچان کي نه ڏسي پڇا ڪرڻ تي هوس ته لوهي در وٽ ڪنهن سڏ ڪيو. مان اٿي ويس. سارنگ بيٺو هو. بچان جي چوٽيءَ ۾ هٿ هوس ۽ هوءَ صفا هيسيل. مان هڪو ٻڪو ٿي ويس. سارنگ چيو، ”هن کي مڙس جي توجهه جي سخت ضرورت آهي. منهنجي در کي اوچتو کولي اندر ته لنگهي آئي هئي، پر ڪجهه ڪڇي ڪانه سگهي. گهڻو ئي پڇيوٿيمانس پر رڳو پئي ٿي ڏڪي. هن کي ڪو حرف به نه چئي، ڪو به نه. هن جي مسئلن کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ جي ضرورت بهرحال آهي. هاڻي جيئن تون مناسب سمجهين. جاءِ ڪر ته گهر وڃين.“ مون جاءِ ڪئي ته هوءَ سڌي اندر هلي وئي. سارنگ منهنجي دڪان تي هليو ويو ته مان به گڏيو ويومانس. اتان مون کي پهريون ڀيرو گهر وٺي ويو. جتي بچان جي امالڪ هليو اچڻ جو ٻڌايائين. چيومانس، ”پاڻهئي هلي آئي هيئه پوءِ ڇا هو.“
    ”نه پر سوٽ! ائين ته مان هتي رهي ئي نه سگهندس. ٻيو ته سنڌياڻي آهي. ڀلي گڏاپ جي ئي ڇو نه هجي، پر پنهنجي دل ۾ ته هزار سوال ٿا اڀرن. افسوس جي ڳالهه آهي جو اسان جا سنڌي اڪثر پنهنجي زالن کي سنڀالڻ جي ذميواري پاڻ تي ڪانه ٿا کڻن. هن جي سڀني مسئلن جو حل سندس مڙس وٽ هجڻ کپي. تڏهن چئبو ته پرڻو واقعي سماجي ادارو آهي. تون پنهنجي منهن سمجهائي ڇڏجانس ته، ٻيهر ڪڏهن به ائين نه ڪري، ۽ ڏک به نه ڪري.“
    سارنگ جي هن ڳالهه مون کي سخت حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. اهڙي زائفان، جيڪا سڄي گڏاپ جو نڪ هئي، تنهن کي هن چانئٺ تان واپس موٽائي ڇڏيو هو! مون بچان جي ماساتِ ملوڪان کي اها ڳالهه ٻڌائي ته هوءَ به ٻٽجي وئي. سڀاڻي تي بچان هلي وئي ته گڏاپ جي زائفن، جيڪي هتي رهنديون آهن، عجيب نموني سارنگ کان ڪترائڻ شروع ڪيو. هو اڃان گهران نڪري مس ته سڀ گهرن ڏانهن هلنديون ٿين. باقي ڪا پنجاپڻ، پٺاڻي، بنگالڻ، نل تي يا دڪان تي بيٺي هوندي ۽ سارنگ اچي نڪتو، ته اڌ ۾ سودو وٺڻ ڇڏي ڏيندي ۽ بيهي کيس ڏسندي. مان نيٺ دڙڪا ڏئي زائفن کي ڪڍڻ لڳس. سارنگ وري جهليندو. ”يار، ڏس، ذائفان جي توهين نه ڪندو ڪر. ڪير به هجي، پر عزت سان ڳالهائيندينس ته ست خير ٿي ويندا. هي زائفون به صفا مردن جيتري ئي عزت لهڻن ٿيون.“
    ”نه سائين، هي اهڙيون ڪڃريون اٿئي جو توبهن.“ ”سئوٽ، پليز!“ اهي لفظ اهڙي نهٺائيءَ مان چيائين جو مان سُن ۾ پئجي ويس. ڇا واقعي هو زائفن جي ايتري عزت ٿو ڪري؟ مون سندس زندگيءَ جي ان پهلوءَ تي پهريون ڀيرو سوچڻ شروع ڪيو ته لڳو ته هيءُ واقعي ڪو عجيب غريب ماڻهو اسان وچ ۾ اچي نڪتو آهي.
    ڪالهوڪي بچان واري واقعي بابت سوچي، ته ڪيئن نه هن گنجي شخص کيس مجرم بڻائي، پاڻ کي صاف رکي، موٽائي ڪڍيو هو، اسڪول ۾ پڙهائي ڪونه سگهيس. منهنجي هڪ طرفين چاهتن جي مرڪز اسان سان گڏ اسڪول ۾ پڙهائيندڙ نوشيءَ اڄ مون کي الائي ڇو لفٽ پئي ڪرائي، پر مان گنجي جي ياد ۾ اهڙو ته محو هوس، جو اهو خيال ڏاڍو دير سان آيو، جڏهن موڪل ٿي چڪي هئي ۽ نوشي وڃي چڪي هئي. مون نوشيءَ کي رخ نه ڏنو هو، اهو ممڪن ڪين هئو. ان مهل مان پنهنجي ڪلاس جي هڪ شرارتي ڇوڪري جا لطيفا ٻڌي موڪل جي گهنٽيءَ کان گهڻو پوءِ ڪلاس مان نڪتو هوس ته نوشي ياد آئي هئي. دل ۾ ڏک به ٿيم ته نوشيءَ سان جيڪا به محنت ڪئي اٿم، اها اڄ ٻڏي نه وئي هجي. پر پوءِ ڇا ٿي ڪري سگهيس. بس ۾ جڏهن ايف.سي. ايريا پهتس ته دل ۾ آيم، سارنگ گهر هوندو، اڳ ۾ کيس ڏسندو ڇو نه وڃجي. اڳ مون اهو ڪڏهن به نه سوچيو هو ته ڪنهن ڇڙي ڇانڊي گهر جو در کڙڪائي به ڪو اندر گهڙبو آهي. پر جڏهن گنجي واري گهٽيءَ ۾ پهتس ته اوچتو دل مان نڪتو ته در کڙڪائي ڏسان.
    اندران آواز مليم ”هُو از ديئر...“
    مون ۾ امالڪ ڪنهن ٻيءَ ٻولي ۾ ڏنل جواب سمجهڻ جي سگهه ڪٿي. سچي ڳالهه ته اسين نوابشاهه وارا ماڻهو لاڙڪاڻي ۽ دادوءَ وارن جي گهڻو ڪري لهجي کان به اڻواقف آهيون. پر پوءِ اوچتو ذهن ۾ لفظ اڀري آيو ”سئوٽ“، ۽ مون جهٽ چيو، ”سئوٽ گهر آهي؟“
    ”اندر هليا اچو...،“ چٽي ۽ تيز آواز ۾ هن مون کي اندر سڏيو. آواز مون کي ائين لڳو ڄڻ ڪنهن چٽي اسپيڪر مان نڪري رهيو هجي. اندر ويس ته هو گوڏ پائي پيٽ اگهاڙو کٽ تي پاسيرو ڪريو پيو هو ۽ ڪو ڪتاب پڙهي رهيو هو. سڌو ٿي هٿ ڏنائين ۽ سامهون ٻيءَ کٽ تي ويهڻ جو اشارو ڪيائين. مُلي خيروءَ جو هي گهر مون اڳ به گهڻا ڀيرا ڏٺو هو، جڏهن مُلي خيروءَ پاران گراهڪن کي ڀڳل تالو کولي هي گهر ڏيکارڻ ايندو هوس. مُلو خيرو اٺن جهوپڙي نما ڪوٺڙن جو مالڪ هو، ماستر هو ۽ ڪنهن مسجد ۾ ڇوڪرين کي قرآن به پڙهائيندو هو. هن ڪوٺيءَ کي سيمينٽ جو مڙئي فرش هڻايو هئائين ۽ ٻاڙو سائو رنگ ڀتين تي گهمرائي ڇڏيو هئائين. هڪڙو در ۽ پاسي ۾ هڪڙي دري، جنهن ۾ سيخون هيون ئي ڪونه. ڏاڙهيءَ تي هٿ گهمائيندو، وارن کان بچيل ڳٽن تي ڪريم مکيندو، گهران نڪرندو هو ۽ روز پارت ڪري ويندو هو ته فلاڻي يا فلاڻي ڪوٺي خالي پئي آهي. مسواڙي اچي ته ان کي مان ئي کڻي ڏيکاري ڇڏيان. هيءَ ڪوٺي به ائين ئي منهنجي ڏٺل هئي، پر جڏهانڪر سارنگ اتي آيو هو، ٻه کٽون، جن تي پکڙيل سادڙين چادرن جي هيٺان رلهين ليئا پئي پاتا. ڪنڊ ۾ ٻه ننڍڙيون ميزون، جن مان هڪ تي ڪجهه ڪتاب، ٽرانزسٽر ۽ ائش ٽري ۽ ٻيءَ تي ٻه اڌوراڻا ٿيلها پيا هئا. ڪنڊ ۾ هڪ هنڌ ڪوڪي ۾ ڇٽي ٽنگيل هئي. بوٽ جا ٻه کوکا ٽرانزسٽر واري ٽيبل هيٺان پيل هئا.
    ”سئوٽ ڪهڙي خبر چار آهي. شهر ۾ امن امان هو...“ سارنگ جي سوال مون کي ڇرڪائي ڇڏيو. مون الائي ڇو پهريون ڀيرو محسوس ڪيو ته ڪنهن جي ذاتي حيثيت تي غور ڪرڻ ڄڻ ڪو ڏوهه هجي. جهٽ ڏانهس ڏسي جواب ڏنم، خير آهن سائين. اوهان گهران نڪتا ئي ناهيو ڇا؟“
    ”نڪتو هوس. ٻاٽلي ڀري اُس تي رکندو آهيان. سا ڀري آيو هوس. دوڪان تي توهان جو ننڍو ڀاءُ ويٺو هو، سو اوڙاپي سان ملوڪان جن کي جهلي رهيو هو ته، نونِ نونِ ماڻهن کي وارو پڇاڙي ۾، ڇو ته اهي پاڙي ۾ آيا ئي سڀني جي پڇاڙيءَ ۾ هِن... مون کي ته کل اچي رهي هئي ته اهو واهه جو انصاف ٿيو ته جيڪي اڳ آيل هجن تن جو حق اڳ ۾. هر انسان هڪ جهڙو ٿو ٿئي. هرڪنهن جي گهرج هڪ جهڙي ٿي ٿئي. ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ جي گهرج شدت واري ٿي سگهي ٿي، پر اهو ڪيئن انصاف ٿيندو جو ڍائو ته اڳ ۾ ڍايو ويٺو هجي پر بکيو اچي نڪري ته کيس مانيءَ ڀور پنهنجي واري اچڻ تي ملي! هاڻي مون کي پاڻيءَ جي شديد ضرورت ته ڪانه هئي، پر توهان جي ڀاءُ جو ريمارڪ ٻڌي الائي ڇو ههڙي ڪيفيت محسوس ڪيم. ملوڪان ته ٻاٽلي وٺي جهٽ ڀري ڏني، پر پاڻ سان بيگناهه ڇيڙ خاني سهڻي پئجي وئي.“
    مون کي پنهنجي ڀاءُ تي ڏاڍا خار آيا ۽ جهٽ چيم، ”هينئر ئي ٿو پادر ٺوڪيانس. ڀڙوو، ماڻهوءَ نه ماڻهوءَ جو خيال ئي ڪونهيس.“ سارنگ مون کي جهٽ روڪي وڌو ۽ وري مون کي کٽ تي ويهاري چيائين.
    ”مون هي ڪا دانهن ڪانه ڏني. اهو وايو منڊل منهنجي وجود جي اتي موجودگيءَ سبب پيدا ٿيو. متان ڪا مون ۾ ئي اهڙي کوٽ هجي، جيڪا ههڙين ڳالهين کي پيدا ڪري ٿي. مان پنهنجو جائزو وٺندو رهيو آهيان، ته آخر ڪهڙي ڳالهه آهي، جا مون ۾، سماج لاءِ اهڙي ڪشش پيدا نه ٿي ڪري جو، بنا ڄاڻ سڃاڻ جي به مون کي عزت وٺي ڏئي، جيڪا مان هر ڪنهن کي هڪ جيتري تعداد ۾ ڏيان ٿو. اوهان ڀاءُ کي ڪجهه نه چئجو. مون کي ڏک ڪونهي.“ مان وري اچرج ۾ پئجي ويس. سارنگ اٿي چانهه ٺاهي، جيڪا پي کائنس موڪلايم. ان دوران مون سندس ڳالهيون پئي ٻڌيون. سندس هر ڳالهه ڇرڪائيندڙ هئي.
    ”اصل ۾ اسين زندگيءَ بابت سنجيده ناهيون. ۽ خاص ڪري اسان جي نوجوانن کي ته سخت ڇيهو رسي رهيو آهي. وڏن جو ساڻن ورتاءُ ڄم کان وٺي، جدا ٿيڻ تائين وڏيرڪو آهي. پٽ سان پيءُ ائين ٿو هلي جو ڄڻ کيس رڳو حڪم ڏيڻ جا اختيار آهن ۽ پٽ کي هر صورت ۾ اهي مڃڻا آهن، نه ته هو نافرمان ۽ دنيا جو وڌ ۾ وڌ ڀٽڪيل ۽ قابل نفرت شخص آهي. وڏن ڀائن جو به لڳ ڀڳ ننڍن ڀائن سان ساڳيو ورتاءُ آهي. شايد ان جي ئي موٽ ۾ اسان جا نوجوان جيڪو ٻين غير واسطيدار ماڻهن سان ورتاءُ ڪن ٿا، اهو رد عمل آهي.“
    مون اڄ وري نئين ڳالهه سوچي. هن ماڻهوءَ سان بحث ڪرڻ ڪيڏو ڏکيو هوندو، جنهن جي ڳالهه تي رڳو هائو ڪر ڪري سگهجي ٿي.


    مندو ڪَنين مَ سُڻان!

    ڪالهه تائين تون مان اصل ٻک هنيو پئي گهمياسين. فلسفي کان جنس تائين اسان جي ذهني هم آهنگي، اسان ٻنهي لاءِ ته آدرش جهڙو ڏيک ڏئي رهي هئي. ايتري حد تائين موافقت ۽ مفاهمت سچ ته آهي به آدرش.
    توکي به ماڻهو پنهنجن الڳ حلقن ۾، جيڪڏهن تنهنجي منهنجي مڪمل الحاق تي تنهنجي واضع ۽ سڌي موقف سبب بحث نه ڪري سگهندا هئا، تڏهن به اشاري سان ٽوڪ هڻي ڪڍندا هئا، مون کي به اڪثر اهڙا مشاهدا ٿيا.
    ماڻهن ۾ اڄڪلهه ساڃهه جي ان حد تائين سوکت ٿي وئي آهي، جو تون مان اڪثر انهن ڳالهين ۽ انهن جي ڪري ٿيندڙ اخلاقي تباهيءَ جي المئي تي گهڻو ڪري هر واندي گهڙيءَ ۾ ڳالهائيندا به رهيا آهيون، روئندا به رهيا آهيون.
    ۽ ان ڳالهه تي به اسان ٻئي پڇتائيندا رهيا آهيون ته، اسين ان ايڏيءَ تباهيءَ کان بچڻ لاءِ ڀرپور هلچل ڇو نه ٿا هلايون.
    جرئتون ۽ همٿون هيئن ٻُڪ مان واريءَ وانگر وهائيندي، اسان مُٺين کي ڀڪوڙي جهلڻ ۽ ان کي ٺوس مادي جيان بنائڻ لاءِ به گڏجي جتن پئي ڪيا اٿئون. ائين اڄوڪي زماني ۾ اسين ترين ڀر وڃي ڪرون، اصل ايتري قدر جو پاڻ سنڀالي ئي نه سگهون؟
    تو، مون ڇهن ئي حواسن کي سجاڳ ڏٺو آهي، هر ڪنهن ماڻهوءَ ۾، پر هرڪو هيسيل، تون حالتن سان ٺاهه جي مُهڙ کان قائل پئي رهي آهين، ان ڪري تاريخ جي ڏهڪائيندڙ واقعن کان ڊڄي، تون البت ان ضد تي رهي آهين، ته ڪنهن نه ڪنهن حد تائين حالتن سان ٺهي وڃڻ گهرجي. پر تون ان تي هميشه جا ضد نه ٻڌا آهن. مان تاريخ کي انسان جي سدا روان ڪهاڻي ٿو سمجهان، جنهن ۾ ڪنهن به گڻ کي هٿان وڃائڻ نه ٿو چاهيان، تون سک طلبي ڪي اوگڻ به قبول ڪرڻ لاءِ تيار رهي آهين. پر ان جي باوجود تون مان اٿاهه مفاهمت سان جالي رهيا هئاسون.
    مون کي تنهنجي باري ۾ هر ڳالهه جي خبر آهي، اها به، ته تون هن مفاهمت کي ٽوڙڻ جو ڪو به سبب پئدا ڪرڻ کان سواءِ هڪ طرفي ۽ اڻموٽ تشدد اڳيان ڪيڏيءَ مهل به جهڪي سگهين ٿي. ان ڪري مون توکي ٻڌايو به هو، ته جڏهن به ائين ٿيو، تون مان وري گڏجي نه سگهنداسين.
    مان محسوس ٿو ڪريان ته مون توکي ائين ڪرڻ کان جڏهن به روڪيو هو، ته مون ورتاء – گڻن کي نه اورانگهيو هو. اها مون کي تسلي آهي، ته تون اقتدار ۾ ان وَٿ کي پاڻ سان شامل نه رکي سگهندينءَ.
    ٿي سگهي ٿو ته، تون پنهنجي هٿن کي بيجا مضبوط ڏسي اهي مون تي به کڻين، پر اهڙي ويڌن کان مان نه ڪلهه پئي ڊنس ۽ نه هاڻي، تنهنجي ڪري ئي ڊڄندس.
    توکي خبر آهي ته انسان چُڙي چُڙي، جنم جنم جا ڌڪ سَٺا آهن، ۽ اها سگهه تون ڏسين ٿي ۽ مڃين ٿي ته وڌيڪ سورن سهڻ جي سڌ نه رکندي آهين. ”منهنجي سُڌ سوائي“ آهي، ”هن جا ڌڪ اجايا“ آهن.
    ماڻهو مون کان هاڻي پڇندا ته هيڏي ذهني موافقت ۽ مفاهمت هوندي ٻنهي جو ڪردار الڳ الڳ ڇو ٿي ويو آهي، ته انهن لاءِ به منهنجو ساڳيو جواب هوندو...... نه بلڪل تنهنجي مخالفت ۾ ڪونه هوندو، ته، اصل ۾ آهي نمايان انسان جو ڪردار ئي، جيڪو ڪنهن کي سگهارو به بنائي ته اگهو به.
    اصل ڳالهه ماڻهن سمجهي ڪانه پئي، ته تون ۽ مان هڪ ٻئي سان سُٺي ورتاء سبب ويجهڙا رهيا آهيون، جنهن کي هنن ذهني هم آهنگي سمجهڻ بدران نظرياتي معنيٰ ۾ به پئي ڏٺو. خير ان سمجهه جي نقصن تي ته تون ۽ مان اڃا به ايترو ئي ڏکويل آهيون، جيترو هجڻ کپي.
    پر تون جدوجهد جي ابتدا جي مرحلي کي نئين سر کڻڻ ٿي چاهين، جڏهن ته ڪونڌرن جا ڪوس ايئن اڳيان آهن. تون ڀل اڃا ابتدا ڪر، مان البت درگذر کان ڪم وٺڻ نٿو چاهيان. ها، ڇا به هُجي، هيءَ ڳالهه سا اٽل آهي ته، اسان مان بچندو ڪوبه ڪونه...
    هر هڪ جو وارو ايندو، هر هڪ پنهنجي حصي جو حساب ڏيندو...
    بهانو هر ڪنهن لاءِ جدا ٿي سگهي ٿو، پر سزا يا کڻي انعام چئون، سو سڀني جي حصي ۾ ساڳيو ايندو. ڪردار سڀني جا سامهون هوندا، ڪي عزتن ۽ مان مرتبي وارا اعزاز ماڻيندا ته ڪي پنهنجي ڪرتوتن سبب زلت ۽ ڪُڌائيءَ جي ڪنڌيءَ تي هوندا.
    ..........................................................
    ..........................................................
    جکرا جيئو شال، تنهنجو مندو ڪَنين مَ سُڻان.


    ڪُٺيس ڪويڄن

    ماڻهن مان هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ جو ڏانءُ صفا نڪري ويو آهي.
    ۽ ان جو مون کي جيترو ڏک ٿئي ٿو ان کان گهڻي وڌيڪ، پريشاني وڌي ٿي.
    ..........................................
    ڪلهه هو اسان جي آفيس ۾ آيو هو.
    گاديءَ واري شهر جي هڪ وڏي سنڌي ماهوار رسالي جو ايڊيٽر آهي. طبيعت جو، دوستن ۾ وڻندڙ، ۽ ساڳي ئي وقت نهايت ڏکوئيندڙ. پرپٺ سنگتين کي ماءُ تي گاريون ڏيندو، اگهاڙن عضون سان سندن شبيهون ملائيندو.
    ۽ روبرو هوندو ته رک رکاء کان ڪم وٺندو. وڌ ۾ وڌ لئه رکڻ جي ڪندو ته ڪچي گار به روبرو واري شخص تي وهائي ڪڍندو. ۽ اڃان به جيڪڏهن اڳلي شخص وڌيڪ موقعو ڏنس، ته ڀونڊا ڇڪڻ لڳندو. ۽ ائين جيستائين ڪو شريف ماڻهو گهروڙي ڀونڊو ڏئي هيسائيندس نه تيستائين، اڳلي کي هيسائڻ جي پيو ڪندو. پرپٺ دوستن کي ماءُ تي گاريون ڏيڻ واري ڳالهه ائين ئي ناهي ڪئي وئي. هو ڪنهن کي به نه بخشيندو آهي. هيلتائين جيڪي به ماڻهو سندس واقف ٿيا آهن، سڀني کي لتاڙيندو رهيو آهي، سندن ڀيڻيون مائرون به لتاڙيندو آهي.
    اوهان ڪنهن ڏينهن کيس اشارو ڏيو ته اوهان مارڪس کي چڱو ماڻهو نه ٿا سمجهو.
    صدي ورائي، مارڪس کي اهڙو تنبيندو ڄڻ...
    وري اوهان کيس جيڪڏهن مذهب سان ناراضگيءَ جو تاثر ڏئي ويٺئو ته پو سوا لک، واڌو خلقڻهار سڀني کي صفا رد ڪري بيهي رهندو.
    اهو حال ان پڙهئي لکئي طبقي جي اٿيل ويٺل سنجيده ماڻهن جو آهي.
    پڙهيل لکيل ماڻهن جي ڳالهه به اتي ڪانه کٽي. هڪڙو ماڻهو اهڙو به آهي، جنهن کي اسان جهڙو ماڻهو پرفيڪٽ ۽ هر پهلوءَ کان مڪمل سمجهڻ لڳندو آهي. اهڙا ماڻهو آدرشن کي جوڙيندا آهن، اڻوسرندڙ آدرش بڻجي ويندا آهن، پر هن پنهنجي انهن ايڏن رتبن کي ڪيئن ٽوڙيو آهي اهو به ٻڌڻ کپي.
    هڪ ڏينهن اسان پئي سندس ئي شخصيت تي ڳالهايو. هئاسون رڳو ٻه ڄڻا. شايد ڪنهن خميس جو ڏينهن هو. وڪالت کان هڪ ڏينهن جي موڪل ڪري ڳوٺ پنهنجين ٻنين ۾ انبن جون چڪيون ڪڍرائڻ آيو هو، ڪنهن وڏيري کي باغن رکڻ تي آماده ڪري وڌو هئائين ۽ پٽن جي خرچ پکي جا 5 هزار به کپندا هئس. وڪالت واري ڪمائي ٻارن جا خرچ پورا ڪري ئي نه ٿي سگهيس. سياست، ۽ سندس واري سياست جا آدرش لڀڻ ۽ انهن جي حاصلات تان هٿ کڻي، جيل ڀوڳيندي ڀوڳيندي جهور ٿي پيو آهي ۽ حوصلن کي محض پاڻ تائين محدود رکي وڪيل بڻيو آهي. سو، منهنجي هڪ مائٽ جو قصو اڌ مان ئي کڻي شروع ڪيائين. منهنجو اهو مائٽ غريب ماڻهو آهي (مون وانگرئي) ۽ سنوارت جو دڪان اٿس ڳوٺ ۾. وٽس ڪو گهڙي کن ويهي آيو هو ۽ ان جي هڪ ادا نه وڻي هئس.
    حجام جي دڪان تي ڪو پڇي ڪونه ايندو آهي ته ”مان اڇوت آهيان، ڏاڙهي ڪوڙيندين؟“
    اهو مٿس آهي ته اوزار بدلائي سنوارتون ڪري. ان ڏينهن هي به اتي وار ڇنڊرائڻ ويو هو. حجم هو هڪ وڏين مڇن واري جي ڏاڙهيءَ ۾ ڦاٿل. جنهن دڙڪو ڏنو هوس ته مڇ جو هڪڙو به وار ڪريو ته افٽ مئو پيو هوندو. ويچارو حجم نه رڳو هن جي ڏاڙهي لاهي رهيو هو پر سندس ڊاڙون به ٻڌي رهيو هو. چئي ”ڪهاڙيءَ سان سسي لاهي وڌيمانس. لئه پيو ڪري ملاکڙي ۾. رپيو رپئي مٿان پئي وسايائين پنهنجي تر جي ملهن تي. پاڻ واري ڀوتار اشارو ڪيو ته وڃي جهليانس. اهڙو ڪو موت کنيو بيٺو هوس جو جيئن جهليانس تيئن وڃي ٽرڙو ٿيندو. ٺڪاءُ جو ڪرائيمانس ته مُنڍي ٿڪ وانگي پري وڃي پيس. ملاکڙي ٽٽڻ کان پوءِ اسان جي ڪتن رت چٽي لست ڪئي هوندي. ڀوتار کي الله وڏي حياتي ڏئي، ٻن هفتن ۾ ضامن ڪرائي ڇڏائي آيو. هونئن هن ڌر وٽ پئسا ڏاڍا آهن. ڇوڪرا ٻاڪرا نوڪرين ۾ هليا ويا اٿن ته جهيڙي جهٽي ۾ هٿ وجهڻ کان به ڪيٻائن ٿا. هاڻي ڳالهه آهي جج جي. ڏسون. ڀوتار آڙيڪاپ لڳو پيو آهي، الله چڱي ڪندو. ڪيئن ٿو سمجهين ڙي حجامڙا؟“
    ۽ حجم کڙين تي مٽ محسوس ڪندي کڻي جهٽ پٽ هائو ڪئي. ٻيءَ ڌر جو وڪيل هن گراهڪ کان پوءِ سندس ڪرسيءَ تي اچي ويهندو، جيڪو اڳ ئي ڪن لايون کين ڌيان سان ٻڌي رهيو هو. ڇُٽي جي ڏاڙهي لهي چڪي هئي ۽ ڦوهاري کانپوءِ حجم ٽوال سان سندس منهن اگهي رهيو هو. تبت ڪولڊ ڪريم ۽ پائوڊر جو ٿپڪو ڏئي هن ڇٽي کي ڪنڌ سان سنوارت مڪمل ٿيڻ جو اشارو ڏنو ته هن اٿندي سوال ڪيس، ”بچو...! جج ڇڏيندو، ڪونه ڇڏيندو.“
    ”بس سائين ڇاٿو چئي سگهجي. انصاف آهي ڪٿي. وڪيلن ويچارن جو به چاڙهو ڪونهي“.
    ۽ اها هڪڙي سٽ منهنجي هن استاد ۽ وڪيل لاءِ ناقابل برداشت هئي. ايڏو سمجهو ماڻهو، پوءِ به اهو ذات تي حملو سمجهي هر هر پئي ”حجم هلڪي ذات“ جو ورد ڪيائين.
    پنهنجي مورت کي، جا منهنجي من اندر مون تڪميل تائين اُڪيري هئي، ڊاهي، بيڊولو ڪري ڇڏيائين. صورتحال حجم جي دڪان واري ڏکي هئي، هن هڪڙي لاءِ نه.
    پوزيشن - پوزيشن جو فڪر رکندڙ ڪهڙو وڪيل معتبر يا قابل اعتماد ٿي سگهي ٿو. خير. ذات تي ڏات ۾ هو يقين رکندو هوندو. مان اجايو پٺيانئس هوس. اهڙن ئي هزارين، لکين ڪروڙين ماڻهن، جن کي ساڃهه هوندي، پاڻ کي ذميدار سڏائيندي ذات کان نڪرڻ واڪ نه ٿيو هوندو، شايد انهن کي ئي ڇڏي گوتم سڀ ڪجهه تياڳيو هو.
    مان اڃان ان ماڻهوءَ جي ڳالهه نٿو ڪريان جنهن ٿورڙي عرصي ۾ نوجوانن توڙي پڪن پيٺن ماڻهن ۾ ڏاڍو مانُ حاصل ڪري ورتو آهي. مانُ. ڇا پنهنجي شخصيت سبب؟ پئسي ڏوڪڙ سبب؟ اختيار سبب؟ نه، نه. ٽئي ڳالهيون منجهس ڪڏهن اچي ئي نه سگهنديون. اها منجهس سگهه ئي ڪانهي. اداڪاريءَ کي دل ۾ سانڍيندو آهي، ڪنهن کي ان لاءِ چئي، کڄي نه سگهندو آهي، البت مذاڪرا ننڍي اسڪرين تي ڪرائيندو آهي. سندس ڳالهيون سمجهڻ ۾ صفا آسان هونديون آهن. مثال طور هو دنيا جي هر جوان عورت کي پنهنجي زال وانگر تصور ۾ رکندو آهي. نه رڳو ايترو پر ”ذهني مشت“ کانسواءِ... سندن جسماني اُڀارن کي نطرن سان ڇُهڻ وارو تصور به ڪري وٺندو آهي. نجي ڪچهرين ۾ به سندس موضوع عورت جي مرد سان برابري هوندو آهي، البت اندر ئي اندر ۾ ان جي آزاديءَ (جنسي) جو قائل آهي. بظاهر عورتن جي حقن وارين سرگرمين ۾ انهن سان ڪُلهي ۾ ڪُلهو ملائي هلندو آهي، جڏهن ته من ئي من ۾ کانئن پري رهي نه سگهندو آهي.
    ۽ هو ڏاهو، صحافي، جنهن کي ماڻهو آدرشي انسان سمجهي مانُ ڏيندا آهن. اعتبار ئي نه ايندو آهي ته، اهو ڪڏهن سياست کي، ته ڪڏهن سماج کي گاريون ڏئي، لاتعلقيءَ جو اعلان ڪندو آهي. ماڻهن کي مٺڙيون ڳالهيون ٻڌائي حيرت ۾ وجهندو آهي. شراب گڏجي پيئڻ ۾ لذت ماڻيندو آهي، سو به جڏهن قوم ۽ ڌرتيءَ جي ڳالهه ڪندي، پنهنجي ماڻهن کي ئي ڄٽ ۽ اڻ سڌريل ڪوٺيندو آهي، تڏهن عجب وٺندو آهي. دل تي ان وقت مرشد جي هيءَ سٽ هُري ايندي آهي ته،
    ڪُٺيس ڪويڄن، تن طبيب نه گڏيا، ...........


    نقشو

    ”چاچا! مسجد جو نقشو ليڪرائي آيو آهيان.“
    ”چڱو ڪيئه پٽ! هيڏي ته ڪر ته ڏسان، پر بيهه ته وضو ساري اچان، ائين مسيت شريف جي نقشي کي هٿ لائڻ به صحي ڪونهي.“
    ”پر چاچا ...ٰ!
    ”ابا ٻه منٽ ڪل لڳندا وضوءَ سارڻ ۾، ڪهڙي اچي تڪڙ لڳي اٿئي؟“
    پنجن منٽن کان پوءِ؛
    ”ابا هي ته ڏاڍو ڀلو ڪم ڪيو اٿئي، واهه جي مسيت شريف ٺهندي. اصل ڳوٺ ۾ گلاب جي گل وانگر ٽڙي بيهندي.... پر هن نقشي ليڪائڻ تي ڏوڪڙ گھڻا لڳا اٿئي؟“
    ”چاچا، ڏوڪڙ وري ڪهڙا لڳندا. پنهنجو هڪ دوست انجنيئر هو، تنهن کان مفت ۾ ٺهرايو اٿم.....“
    ”ڪهڙو انجنيئر.....؟“
    ”چاچا، هو اشوڪ ڪونهي، ڌرمداس جو پٽ؟“
    آ............... خ........................ ٿو ......................“
    مسجد جو نقشو وڏيري نواب خان جي بوٽ هيٺان چيٿاڙجي رهيو آهي، ۽ وڏيرو نواب خان ورائي ورائي ان تي ٿڪون اڇلائي رهيو آهي. گڏو گڏ هو ڀائٽي کي به گاريون ڏئي رهيو آهي.

    (ڇپيل؛ ”جاڳرتا“ ڊسمبر 1977ع، اقبال هاسٽل سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو. سهيڙيندڙ؛ امداد چانڊيو، ٻانهن ٻيلي؛ نرجن ۽ ساغر سميجو.)


    پارٽنر

    ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي؛

    مان گرومندر ويجهو باغيچي ۾ هڪ کٽ، ٻه پراڻيون بئگون، کجيءَ جو هڪ ٿيلهو، ٽي رلهيون، گاديلو ۽ فراسي، ڪتابن جي هڪ بيڊڪ ۽ ٿورو ٻيو سامان ڀر ۾ رکيو، سوچي رهيو آهيان، منهنجي ذهن ۾ ٻُري رهيون آهن اڌ ڪلاڪ اڳ ڪيل اهي ڳالهيون جيڪي مون کان ڪڏهن نه وسرنديون.

    ڪهاڻيءَ جو منڍ؛

    ”انساني مسئلي جي ڳالهه ڪري تون اجايون مون کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪر.“
    ”نيٺ ان کي ڪهڙو مسئلو سڏيون؟ مان هونئن ته ڪيترو به ساڌُ سمجهيو ويندو هجان، پر اهو به فقط پاڙيسرين لاءِ نه؟ ٻاهر ته مان عورتن سان تعلقات بابت ايڏو سيريس ڪونه رهيو آهيان. پاڙي ۾ ڪڏهن اهڙو ڪم نه ڪيو اٿم، جنهن مان منهنجي شخصيت هرو ڀرو بدڪرداريءَ واري بکندي هجي..........“
    ” ۽ هي ڇا آهي؟ انڊر ويئر پائي ۽ ڪمرو ڇڏي اچي ٿو ڏاڪڻ ويجهو ٻاهر بيهين. هن ساڳي فلور توڙي مٿين فليٽن جون عورتون ته هتان ئي ٿيون لنگهن، پر تون جيئن جو تيئن اُڀو بيٺو هوندو آهين. ڪڏهن اهو به خيال ڪيو اٿئي ته، متان اُگهاڙو ته نٿو ٿيان...........؟“
    ” پر ان تي ڪڏهن ڪنهن اعتراض ئي نه ڪيو آهي. مون سان ته هي پاڙي واريون ڇوڪريون توڙي سندن مائرون گڏجي اچي بيهنديون آهن ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهي ڪچهريون ڪنديون آهن.
    ڪڏهن ڪنهن ٽوڪيو ئي ناهي. سندن مرد به اتي ئي مونسان بيهي ڪچهريون ڪندا آهن، هن ئي حالت ۾، ڪڏهن سياست ته ڪڏهن فائين آرٽس تي.“
    ته ان جو مطلب اهو ناهي ته تون ائين ئي حياتيءَ جا نِيم ٺاهي ڇڏين. ايلفيءَ جي سماجي اٿڻي ويهڻي هر هنڌ ته ڪانهي؟ تون ائين ئي بيٺو ڇوڪرين ۽ سندن سڻڀين مائرن سان ڪچهريون ڪرين ۽ ڪنهن توکي نه ٽوڪيو، ان ڪري توکي مباهه آهي.“
    ”هونئن نه ته ڇا؟ تون سمجهين ٿو ته اندر ۾ ضرور ڪنهن کي اعتراض هوندو پر چئي نٿا سگهن.“
    ”الائي ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين...........ميان، ائين نه آهي.........هي رنوٽيون ته اک ٽيٽ ڪري نهاري به وٺنديون آهن، بلڪه اڪثر هڪ ٻئي جي اک ٽيٽ پڪڙي به وٺنديون آهن ۽ پوءِ....“
    ”يار ڪڏهن ته سنجيده به ٿيندو ڪر......تو اسان پنهنجن گهرن ۾ حياتيءَ جو اڪثر حصو گذاريو آهي. اتي به ڪڏهن اهڙي آزاديءَ کي استعمال ڪيو اٿئون؟..............
    ڇا اتي به اهڙي حجت ۽ هوڙهيائي ڪئي اٿئون............؟“
    ”ڏس مسٽر! تون اجايو حجائتو ٿيندو پيو وڃين. نٿو چوانءِ ته مٿي تي چڙهندو ٿو وڃين. مان ڪڏهن تنهنجي ماءُ ڀيڻ آڏو ته ڪڇو پائي ڪونه اچي بيٺو آهيان جو گهر جا نانءَ ٿو وٺين.... ڀڙوا، ڪڃر، هليو وڃ هتان ته لاهيانءِ نه هاج....... حرامي، ذليل...... نه کپي توجهڙو ڪڃر پارٽنر........ رذيل..........“


    سمجهه

    او....هِيا، هوءَ اچي پئي. تکي جهڙي هرڻي، ۽ پنهنجي وايو منڊل بابت شڪي به ان وانگر. در در تي، ٻنهي پاسي، گهٽيءَ کُٽڻ تائين لئوڻا هڻندي، ڪِن کليل دروازن ۾ بيٺل سندس اوسيئڙو ڪڍندڙ نوجوانن جون ميڇون سهندي، ڪڏهن مُرڪندي ڪڏڪندي ته ڪڏهن بنهه ڊنل هرڻيءَ جان ڇال هڻي دروازا پوئتي ڇڏيندي پئي اچي.
    پنهنجي باري ۾ ايتري ته واچ فل جو ڀانءِ ته اجهو ٿو ڪو جَهٽي وٺيس. ڦِڙت...........ڦِڙت...........ڦڙت........... اسپنج جي چمپل کي ڦڙڪائيندي گهرن اندر ويٺلن کي محسوس ڪرائيندي، ته هوءَ وڃي پيئي، جهاٽڪي ۾ منهنجو در به لنگهي وئي آهي.
    منهنجي ميڇ تي مُرڪي ڇال ڏئي وٺي گهٽيءَ ۾ ڊوڙ پاتي اٿائين ۽ جيئند خاصخيليءَ واري جهوپڙيءَ جي وڪڙ ۾ لڙي وئي آهي. شايد مُرڪ سندس مَرَڪُ هجي، نه ته هيليتائين اچي ٺهڪو ڪري ها. ايئن ئي ٿي مرڪي. اڄ شايد ڪنهن شئمپوءَ سان وهنجاريو اٿس، جو وار وار پَئي ٻهڪيُس. ٻنهي لئونڻن کي اڇلون ڏيندي پئي وئي ته سڄي سينڌ به پئي جرڪيس.
    خير، پاڻ ويهي ٿا ميوزڪ ٻڌون، اچي ته سندس مهرباني، جي نه اچي ته به شال خوش رهي، آباد رهي.
    اهو آٿت ڪري اچي ريڊئي جو ٻيڙو کوليو اٿم. اڃا ڪانه کُلي آهي آڪاشواڻي. اڄ الائي ڇو وقت ئي نه ٿو پيو گذري. جونء پيرٿو گِڙڪي. هڪڙو انتظار ته لٿو. هيءَ ته اچي پاڙي وارين جهوپڙين ۾ پئي آهي. هاڻي شام تائين اتي ئي هوندي. ٻيڙي ماچيس لاءِ ضرور نڪرندي ته هتان لمڪوهڻندي ويندي. چمپل جا ٺڪاءَ ڪڍندي ويندي. باقي رهيو لتا جي سڳداسي گيت جو انتظار سو به اِجها آڪاشواڻي کُلي......
    مان مسواڙ جي ڪوٺيءَ ۾ موٽي اچي ٿو کٽ تي اڌ پاسيرو ليٽان. سوچيان ٿو، هو پاڙي ۾ جيڪو اخبار نويس اچي رهيو آهي، ان کان پڇان. عورت جي فطرت ڇا ٿيندي آهي، هيءَ ڪيئن ٿي لڳيس. سڄو ڏينهن، ۽ هر موضوع تي ٿو ڳالهائي. ڏسان هن جي باري ۾ ڇا ٿو چوي، لڳي ته تجربيڪار ٿو. مون وانگي ماستر به رهيو آهي. ڀوڳ جهڙا تجربا ٿو ٻڌائي ماستريءَ جا، متان هن مهل به ويٺو هجي. واندو ته هوندو آهي سڄو ڏينهن. ڏسانس، متان ڪچهري ٿي به وڃي.
    اٿان ٿو ۽ دروازو بند ڪري هن ئي گهٽيءَ ۾ سندس گهر لنگهي ٿو وڃان.
    ...........................................................
    ويٺو آهي. ڪو ڪتاب کوليون پڙهي پيو. در کلڻ جي آواز تي رڳو اکيون ڪتاب مان ڪڍي مون ڏي نهاريو اٿائين. هروڀرو ٽرڙي اٿ ويهه اصل ڪري ئي ڪانه ٿو.
    ”اچ، اچ...........“
    سڏيو اٿائين. ڪتاب لوڏي سامهون واري کٽ تي ويهڻ جو اشارو ڪيو اٿائين ۽ ”هڪ منٽ“ جي اجازت ورتي اٿائين. ڪتاب ۾ شايد ڪا اهڙي ڳالهه پيو پڙهي، جا ڇڏڻ نه ٿو چاهي، پوءِ به مان ته ويهندو مانس.
    اِجهو ڪتاب کي ٺپي مٿن کان رکي ڇڏيائين ۽ اتساهه مان مون ڏي ڏسي مرڪيو آهي.
    ”سئوٽ ڪهڙا حال احوال آهن؟“
    ”تنهنجي دعا ٿي کپي“ جواب ٿو ڏيانس.
    ”منهنجي دعا ٿي کپئي“ چئني لفظن کي الڳ الڳ زور ڏئي، چٽو ڪري اچاري ٿو.
    ”هائو...........“
    ”سئوٽ! هڪ ڳالهه ٻڌ. دعا تي هلندڙ مخلوق پنهنجي شان کي نه ٿي سڃاڻي. توکي ايترو خوار خراب نه ٿيڻ کپي. دعا گهرڻ سماجي لحاظ کان انتهائي قِسم جي ڪمزوري آهي ۽ مذهبي لحاظ کان ايمان جي ڪچائي.“
    ”بس سئوٽ تنهنجيون ڳالهيون سمجهڻ ۾ ڏکيون اينديون.“ پنهنجي دل جي سچي ڳالهه ٿو چوانس.
    ”انهن کي سمجهڻ لاءِ به وري ڪي استاد کپن.“ مون وري ڳالهايو.
    ”نه، ائين ڪونهي. پنهنجي زندگيءَ جي وسعتن ۾ ڀرپور نهارَ وِجهه، ان کي سمجهڻ ۽ پروڙڻ جي ڪوشش ڪر. پوءِ تون به اها ئي ڳالهه ڪندين جا مان ٿو ڪيان“.
    هونئن هن اخبار نويس جي اها عادت رهي آهي ته زندگيءَ کي گهرو ڏسندو ۽ انسان کي ڪل سمجهندو. سڀ ڪجھه ان مان ڳولڻ جي ڳالهه ڪندو. پاڻ کي ايڏي وڏي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ڪانه ٿي.
    سگريٽ ٿو ڀري. تماڪ ڪڍڻ لاءِ ان کي مهٽي ويٺو. چرس جي ذرڙي اڳ ۾ ئي ڪڍي ويهاڻي تي رکي اٿس. اها لونجهه مڙيوئي اٿس. سندس مصروفيت جو وجهه وٺي پڇانس ٿو، ”سؤٽ ڏي خبر زائفان ذات جي باري ۾ تنهنجو ڪهڙو خيال آهي.“
    ”ويچاري هر هنڌ ڏچي ۾ آهي. ڪجھه معاشرن کيس صحيح حيثيت بخشي آهي، باقي ڏوجهرن ۾ آهي. اتي به، جتي سندس زندگي ٻين جي عمل جي محتاج آهي، ۽ اتي به جتي هوءَ مختيار ڪل آهي. ٻنهي صورتن ۾ هارتي ۾ آهي. جنهن جنهن هنڌ اها نه گهٽ آهي ۽ نه وڌ، اتي مردن جهڙي آهي. جي سُکيا آهن ته هوءَ به سُکي آهي، جهڙا اهي آهن تهڙي هوءَ به آهي. جيئن مون چيو، نه گهٽ نه وڌ.“
    هاڻي هن سان ڪهڙو بحث کوليان. جواب ئي اهڙو ٿو ڏئي جو ماڻهو سُڪ ٿيو وڃي. پر وري به پڇانس ٿو، ”سؤٽ، هي فاحشائون گهمنديون ڦرنديون ٿيون وتن، انهن جي باري ۾ تون ڇا ٿو چئين.“
    ”ڪهڙيون فاحشائون؟“ معنيٰ خيزي ڀري، ساڳي ئي سوال جو اڌ جواب ته سوال پڇندڙ کان ئي وٺيو ڇڏي. هاڻي مون کي سندس سوال ٻڌي پنهنجو گهربل جواب به مليو ٿو وڃي ته اهي فاحشائون نه پر مجبور عورتون آهن، پر چوانس ٿو، ”هي بنگالڻيون“.
    ”هي جيڪي گهر گهر پورهيا ڪنديون ٿيون وتن نه، اهي ٿو پڇين. اهڙا پورهيا ته سنڌياڻيون، پنجاپڻيون مهاجرياڻيون، پٺاڻيون، بلوچياڻيون، سڀ پيون ڪن. تون ڪنهن ڪنهن کي فاحش ٿو سمجهين.
    هر پورهيت کي ٿو سمجهين ڇا؟“
    هاڻي پورهيتن جو ذڪر ڪري مون کي منجهائيندو. مان ته سڌو سنئون هن بنگالڻ بابت راءِ ٿو پڇڻ چاهيان. ڇو نه سڌو پڇانس.
    ”سؤٽ، تنهنجي ڳالهه پوري، پر هيءَ اسانجي پاڙي واري آمني ڪيئن آهي. سڃاڻيس نه، ايمبيسي سگريٽ پيئندي آهي.“
    ”هائو، هائو، اها ويچاري به عجيب نموني جئري اٿئي.“
    ”ڪيئن سؤٽ! تون سڃاڻينس ڇا ايترو؟“
    ”هائو، مون وٽ ايندي آهي. پورهئي جي ڳولها ۾ آهي“
    جيترو به ۽ جيڪو به مليس، ويچاري ڪري ٿي“.
    ”چئبو ته ايتري سڃاڻپ ٿي وئي اٿو ٻيو..............“
    مون کي ان تي حيرت به ٿئي ٿي ته خوشي به. ڇو ته جنهن مقصد سان وٽس آيو آهيان، ان بابت هو اڳ ئي واقف آهي. واقف ته هي هر ڳالهه کان ٿو لڳي، پر هڪ ڀيرو ملڻ سان ماڻهوءَ کي سمجهي ڪيئن ٿو وڃي، اهو هن کي انصاف آهي.


    ورڪ ۽ وهڪ

    ” اڙي! اها نرس اٿئي.....“
    ”خبر آهي........“ نجما ويهارو کن وکن تي بيٺل ڇوڪريءَ وٽان نهار موٽائيندي، ڦڪائيءَ سان چيو.
    ”اها ساڳي نرس ته آهي جنهن بابت اخبار لکيو هو ته پوئين اليڪشن ۾، قتل ٿي ويل اميدوار فياض عليءَ لاءِ اسپتال جي مريضن جون سهڻيون مائٽياڻون ڦاسائي، کيس سپلاءِ ڪندي هئي.“
    هن پيشورانه انداز ۾ نرس جو تعارف ڪرائيندي زيبيءَ کي معلومات ڏني.
    ” پر ڪالهه ته مولانا قريشيءَ جي ورڪ ڪندي پئي وتي.......“
    ” پوءِ توکي ڇو ٿو ساڙ ٿئي........مخالف پارٽيءَ جي ورڪر آهين، تڏهن؟“
    ” نه........ائين ته ناهي..........پر..............“
    ”پر ڇا.....سڌي سئين ڳالهه آهي. ٻئي پارٽيون ماڻهن کي جيڪا پڳ ٻڌائينديون، سابه خبر آهي.........هونهه.........لعنتي............پر تون مون کي ۽ هن نرس کي رڳو پيٽ ئي ته پالڻو آهي. پئيون ٿيون وهون.“
    ”پر“، زيبيءَ جي ذهن جي ڪنهن ڪنڊ مان ٿَڪَ ۽ بيزاريءَ جو روپ وٺي لفظ اٻڙڪي آيا. ”ڪيستائين...........آخر اسان کي ڪيستائين وَهڻو آهي.......؟“
    ”ايستائين، جيستائين پوڙهيون ٿي وڃون..........۽.............تيستائين شايد ڌيئون به سامائجي وينديون......“
    ”اهو تو پورو جواب ته ڪونه ڏنو.......“
    ”پورا جواب پيٽ جي آڳ ۾ سڙي ڀسم ٿي ويندا آهن......مسئلو قائم رهي ته پوءِ پورا جواب وري ڪهڙا..........؟“
    .................. ٻئي ڄڻيون مولانا مهرآباديءَ جي بنگلي ۾ گهري ويئون ۽ پٺيان چوڪيدار مڇ تي هٿ هڻندي، مرڪي، دروازو بند ڪري ڇڏيو.


    منظوم ڪهاڻي

    واقفيت
    هات پرديسي!
    ڀلي آئين........
    هائو، واليڪم سلام!
    تون ته خوش آن ني؟
    هائو، بس گذري پئي.
    تون ٻڌاٰءِ............
    ڪهڙيون ڳالهيون ٿو پڇين؟
    مڙس ويچارو رڳو پَٽ کوهه ۾
    اڌرات جو آ موٽڻدو
    ڳوٺ هوندو هو
    ته سومهڻي نه ٿي
    ۽ اچي کٽ تي ڪريو.
    کونگهرا، ٻرڙاٽ پيا پوندا هيس.
    ۽ هتي...........؟
    مڙس ٿڪجي، چور ٿي آ موٽندو.
    هونئن ئي اڌرات
    ويتر ٿڪ ۽ بُک کان نٻل
    آهلي پوندو ته ڄڻ آهي ئي ڪونه،
    مان اڪيلي پئي اجايو جاڳندس،
    (بس مڙيو ئي ڇا ڪجي)
    هاڻ موڪل ڀي جمعي جي ڏينهن ٿئي
    (پاڪ پوتر ڏينهن.........هنهه)
    يارهين تائين سمهيا پيا آهيون.
    نيرنيون پاڻي به ڪهڙا ٿو پڇين..........
    ڪائي موڪل
    ۽ نه ڪا تفريح آ.
    تون ڀلا-
    ڇو دير سان آن سنڀرندو.........؟
    دير سان آفيس ٿئي؟
    زال ڪانهئي؟
    هان، اٿئي؟
    ڇونه ٿو آڻيس هت،
    جاءِ ڪانهئي.............؟
    ها، برابر...............
    پر، چڱو جو ڳوٺ آ
    هت نه ڪا پاڙيسرڻ
    ۽ نه ماميون، ماسيون
    (سؤٽ ۽ ماسات ڀي ناهن هتي)
    سامهون وارن فلئٽن ۾
    ڪڏهن ڀنگوڙ ۽ چرسي
    ڪڏهن آواره
    ڦاٿل ڇوڪريون............
    ڪيهاٽ، منٿون، خنجرن جا ڊپ
    سُڏڪا، بي وسي...............!
    ۽ ڳوٺڙا............!
    بجلي نه هوندي
    تڏهن ڀي ڪا مونجهه ڪانه.........
    رات جي ماٺار
    لارين جو، نه رڪشائن جو گوڙ
    ڌپ، نه ڪو دونهون-
    گهگهه اوندهه
    پوءِ به
    تارن سان جهنجهيل
    سارو سڄو هي آسمان
    کٽ جي پاون تي ڄڻ
    ٽيڪيل پيو آ ڀاسندو!
    ۽ جي ٻارن جي رڙين ريهن
    وڏن جي دانهه ڪُوڪارن کان پوءِ
    ڏيهه پنهنجي جو ڏکڻ
    ڍنڍ ڍورن، کيت، مَنهن تان
    قلابازيون هڻي
    ننڊ جي ڪئونروءَ جو جادو کنيون
    جي اچي آنڪرندو
    سڀ لِيلائون
    ڏکڻ جي ٿڌ هاڻي جهول ۾
    آهن ڪري پونديون
    ۽ جوڀن رات
    سپنن ۾ ئي ويندي آ وهي.“
    ”ڇا هي،
    هر هر واچ کي پيو ٿو ڏسين؟
    ٺيڪ آهي.
    دير ٿيندي هوندئي.........
    بس وَس جي پڄندو هجي،
    نيرنيون پاڻي ڪرائي موڪليانءِ
    ديس جو آهين.
    دعا ڪيڏي ڪندين........!
    بس، چڱو وڃ
    هائو، واليڪم سلام...........!


    شاعري

    بیت

    ڌرتي سڙي دز ٿي، سُڪا ساوا گاهه،
    ڪڻڪن ديرا کڄيا، لٿا گاهه پراهه
    رونبا سارين جا ٿيا، وريو سانوڻ ماهه،
    هاري هاڻ ٻنين ۾، ڏسجن سنجهه صباح،
    ڪڪر پسي اڀ تي، کليا سنگهارن ساهه،
    ڏيڏر، ڏنڀرا کڏ ۾، ٿا ٽپا ڏين ٽاهه،
    پک پکيئڙن کوليا، ٿيون ٻوليون ٻڌجن واهه،
    آجا ٿيا ارواح، ميگهه سندي مهڪار سان.

    ***

    آئي اجهو ڄاڻ، جهڙ ڦڙ سانوڻ مند جي،
    لُڪن منهنجي لوڪ جا، منجهايا مانڊاڻ،
    گل ڦل، گاهه سڙي ويا، ڪوسي جهولي ساڻ،
    اوهيرا اهڃاڻ، آهن ميگهه ملهار جا.

    ***

    اڃا اُڃ اُساٽ، لٿي ناهي لوڪ تان،
    ٻنيون ڪنهن ڪنهن ماڳ تي، چٽن پيون ماٽ،
    سنڌوء ڀر ويهي به مان، ڀوڳيان ٿو لوساٽ،
    کاما، کٻڙ، ٻيريون، سڪي ٿيا ٻاٽ،
    ڇاڇر، ڇمر ڇاٽ، آڻ ته آجو روح ٿئي.

    ***


    قطعا

    هڪڙي همدرد جو رايو آهي،
    منهنجو جيئڻ ئي اجايو آهي،
    نظم ۽ ضبط انهيءَ ساٿيءَ ڪاڻ،
    سک جي لمحي کان سوايو آهي.

    ***

    منهنجي جذ بن جو اهو آهي قصور،
    ايڏو ويچارو ۽ آهيان مجبور،
    پر ڇا منهنجي ڪا تمنا ناهي،
    لوهه جي دل به رکي ڇا مزدور؟

    ***

    ڪو ليئو پاءِ، ڀلا ڪاٿي آن،
    ڪجهه ته ڳالهاءِ، وفا ڪاٿي آن،
    لبن دروازو ٽپي آئي آن،
    مهڪ، او بوءِ حنا ! ڪاٿي آن!

    (23 فيبروري 1978ع)

    ***


    ترائيل

    هي پهرا، هيڏي گهٻراهٽ،
    پوءِ به ماٺي،ناهي آهٽ.

    ڳاٽو ڳاٽي تي ڪريل آ،
    موکي پوءِ به ماڻهو ڳاهٽ.

    ڳڀرو ڳاٽ ڳڻيندينءَ ڪيڏا،
    ڇوري! تنهنجا ڄاڻ کُٽا مَٽ.

    هي پهرا هيڏي گهٻراهٽ،
    موکي! پوءِ به ماڻهو ڳاهٽ.


    هائيڪا

    ڇاهي؟
    سچ چڙهيو آ
    ڦاهي........!

    ***

    ڍلڙو چولو
    ها
    لاهڻ ۾ سولو........!

    ***

    ڍونڍ
    هو وڃئي ٿو
    آخوند.

    ***

    ائي آن ڇا آس؟
    خوشبو خوشبو
    ڄڻ مينديءَ جي لاس!

    ***

    سک!
    ماڻهن ڪان
    لک!

    ***

    ڪير؟
    تون آئي آن؟
    اهڙا ير نه ڀير!

    ***

    جنگ!
    گهوڙاڙي
    لُٽيا ڪنوارا ننگ!

    ***

    هيڏا مٺا چپ
    پي آئي آن
    ڇا ماکيءَ جي لپ؟

    ***

    ڪوسڙو هنڌ
    مٿان آ سيارو
    تنهنجي ٻانهن تي ڪنڌ...!

    ***

    آئينو
    تنهنجو هيءُ
    اگهاڙو سينو!

    (ماهوار سوجهرو ۾ آگسٽ 1974ع ۾ ڇپيل)


    غزل

    زندگي وايو منڊل ۾ واڙيل

    زندگي وايو منڊل ۾ واڙيل،
    ڍير ڪاڳر، جِند ان ۾ پوريل.

    ڄڀ هوندي سڀ ئي گونگا بڻيل،
    جند ويريءَ جي وڙان چيٿاڙيل.

    جيل مان نياپو وريتيءَ ڏي مڪل،
    بس، اجهو نڪتس، اڃا ڪو پل ٻه پل.

    چنڊ ڀڳي ٺوڙهي جي ٽڪرين ۾ لڙيل،
    ۽ اسان جي سيٽ اڳيان هوءَ ستل.

    آهه مڇرن جو بهانو بس بڻيل،
    وصل ساجهر ڪان مهارو آ ٽنگيل.

    وار مينديءَ لاس ۾ تنهنجا ڳُتيل،
    ۽ سڄي پاڙي ۾ خوشبوءِ واسيل.

    ٻک تنهنجا ٻاڙ جا ٻاتاڙيل،
    ۽ اسان جا لڱ لاڳيل، تاڻيل.

    ٻن مهينن جي جدائيءَ جا ڏڌيل،
    ور وريتي، ساهه ساهن ۾ ٻکيل.

    پرهه پونير ۽ اسين ٻيئي ٿڪل،
    رات جون لاتيون ائين ننڊا کيل.


    تنهنجي ضد اڳيان

    تنهنجي ضد اڳيان
    منهنجو ضد جڏو.

    تون موجود هجين،
    ٿيندو ڪم ڀڏو.

    ڪو ورلاپ نه آ،
    سڏ، نه ڪو سڏڪو!.

    ڏات رسي ويئي،
    ٿي پيو ذهن جڏو.

    پورهيو پيار بنا،
    هئه هئه هٿ ڏڏو.

    خلجيءَ ڪونه ڪيو،
    هو ته چنيسر هو.

    ڪنڌ هزار ڪريا،
    ٿيندو ڪات مڏو.

    مون جي شعر چيا،
    ويري وڍجي ويو.

    (ٻه مارچ 1978ع).


    منهنجو هٿ وڍي ڇڏ

    منهنجو هٿ وڍي ڇڏ،
    منهنجي ڄڀ ڪپي ڇڏ.

    جهڻ ڀڻ، سڏ پڙاڏا،
    ٻوڙا انڌ ! ٻڌي ڇڏ.

    پاڻ اجهي آياسين،
    پنهنجي ٿڪ ڳهي ڇڏ.

    ساٿ سدا ساريندو،
    منهنجي ڳنڍ وڍي ڇڏ.

    منهنجا تنهنجا ٻنڌڻ،
    قائم، ڀل ڇني ڇڏ.

    مان جهڙو ئي آهيان،
    پنهنجي دل ڌوئي ڇڏ.

    ڪاڪ ڪڪوريل آهي،
    راڻا ريب کٽي ڇڏ.

    ڳڀرو هيل نه موٽيا،
    موکي! مٽ ڀڃي ڇڏ.

    (مارچ 1980ع)


    هيکلي زندگي ۽ تون ڏمريل

    هيکلي زندگي ۽ تون ڏمريل،
    ڄڻ ڪٿي سُڃ ۾ هون اسان ترسيل.

    ها اها رات ڪانه وسري آ،
    بند ڪمرو، اسان ٻئي پگهريل.

    ڏينهن سارو تڪيندي دنگ ٿيو،
    اکڙين ۾ اڃا به آس ٽنگيل.

    باک جي ساک برقرار رهي،
    جاڳ جو ڀاڳ ، روشنيءَ جا پلَ.

    پنڌ کان ڪنڌ ڪين ڪڍرايو،
    هاڻي باقي پري ناهي منزل.

    ٻانهن ڏئي جيءَ کي جياري وڃ،
    ٻاجهه سان ڏي اسان جي دل کي ٻَلُ.


    (6 ڊسمبر 1998ع)


    نه اهڙا رنگ ڏٺاسون، نه اهڙا ڍنگ پرين!

    نه اهڙا رنگ ڏٺاسون، نه اهڙا ڍنگ پرين!
    اوهان جي سونهن ڏنا، اڄ نوان امنگ پرين!

    اڳيان لنگهيا ته لڳا ايئن جيئن گلدستا،
    حسين کيت ڦلاريا، سونهارا سنگ پرين!

    وجود ونگ وجهي، دل کي ايئن گرمايو،
    رڳن رباب ٻُريا ۽ چُري پيا چنگ پرين!

    اوهان جي سونهن مٿان، ڪائنات گهور ڪريان،
    اسان اڳيان جي اچو اڄ اُڀاري انگ پرين!

    ڪڏهن اسان جي اڱڻ پيرڙا ڀري اچجو،
    اسان اکين سان چميا، پيرڙا پتنگ پرين!

    (3ڊسمبر 1998ع)


    آيا، وهوا آيا، ڪوپن ڪنڌ ڪپايا

    (يمن ڪلياڻ)

    آيا، وهوا آيا،
    ڪوپن ڪنڌ ڪپايا.

    نانگيءَ نينهن نپايا،
    موکيءَ مٽ چڪايا.

    منهنجي سُڌ سوائي،
    تنهنجا ڌڪ اجايا.

    کنوڻيون، جهڙ، گجگوڙون،
    ٿاڪ ٿرين سانباهيا.

    تنهنجي روپ سروپن،
    جيءَ گهڻا گرمايا.

    ڦاسي گهاٽ تي چرپر،
    ڪنهن جا ساٺ سجايا؟

    راتيون ڄاڻ ته کُٽيون،
    ڏيئڙا ڏينهن به آيا!


    جئرا ساهه، مگر پابند

    جئرا ساهه، مگر پابند،
    نڙ گهٽ بند، ڀڪوڙيل ڏند.

    ڪوٽ ڪڙن کان ڇا بهتر آ،
    ٻاهر جو ماحول سڳنڌ؟

    ڇو، هي ڇاهي ماڻهوئڙو!
    ساهه سُڪل دروازا بند.

    در کوليو، ٻاهر ته نهاريو،
    ڪنڌ مٿان وڍجي پيو ڪنڌ.

    ڳڀرن واهه جا سڏ ورايا،
    ڳترا ٿيڻ سندو سوڳنڌ.

    پرهه ڦٽيءَ پاڻياريءَ پيرا،
    هاڻ جَهڪي چانڊاڻ، اوچنڊ!


    مڌ گهاٽو پرين، ڏاڍو گهاٽو هيو

    مڌ گهاٽو پرين، ڏاڍو گهاٽو هيو،
    تنهنجا هٿڙا هيا، منهنجو ڳاٽو هيو.

    رت جي راند ۾، کيت جا او ڌڻي،
    مون ڏٺو تنهنجي هٿ ۾ به ڏاٽو هيو.

    تنهنجي ڳلڙن تي لڙڪن جي آلاڻ ڇو؟
    جت مليا هاسين سپرين! ٻه واٽو هيو.

    رات، ٿڌڙي هوا، تنهنجي ٻانهن جا ٻَکَ،
    زندگيءَ جو عڪس سئون سنواٽو هيو.

    تنهنجي مرڪن سان مون شعر سينگاريا،
    منهنجو اتساهه، تنهنجو به آٽو هيو.


    رت ٻڏا چهرا، وهوا، واهه وڙهيا.

    رت ٻڏا چهرا،
    وهوا، واهه وڙهيا.

    تو منهنجا چهرا،
    چانڊوڪيءَ ڌوتا.

    ڪهڙا جُنگ هئا،
    ڦاهيءَ تي ٽهڪيا!

    ماٺ اجائي آ،
    آ، آ مونسان ڳاءِ!

    شايد آئي آ،
    هئه هئه بوءِ حنا!

    موکي جڏ مُئي،
    مٽ به خالي ها.


    نيڻ جڏهن اٽڪيا، روح ٻئي ڦٿڪيا.

    نيڻ جڏهن اٽڪيا،
    روح ٻئي ڦٿڪيا.

    منهنجو ديس الا،
    سومل جا دوکا.

    چنڊ به گُهوريو آ،
    ڇاتيون هاڻ لڪاءِ.

    پوپٽ رنگ هئا،
    مومل جا ماڻا.

    اسان ٻئي قبوليا،
    مڌ وٽي، ڦٽڪا.

    مينديءَ لاس الا!
    شايد آئي آ!

    ٿر بر آهي وٺو،
    ڇوڙي آ ڇيلا!


    لاس وهنجي وڌءِ،اڄ ته ونواهه آ!

    لاس وهنجي وڌءِ،
    اڄ ته ونواهه آ!

    تنهنجي موڳي مُرڪ،
    منهنجو سوداءُ آ!

    اچڻي آهين اوس،
    منهنجو ويساهه آ.

    ڀاڪرئين آڱريئين
    ڇا ته ڙي! ساءُ آ!


    نظم

    وطن تان گهورجندڙ رت

    رت حياتيءَ جو اهڃاڻ
    ۽ جي بدن ۾ گهمي،
    تازگي، تندرستي تواني، تنومند
    حيوان، انسان، پک پکيئڙي کي
    هلچل جي شڪتي ڏئي.
    ۽ جڏهن خشڪ ٿئي،
    منجمد ٿي وڃي
    ۽ رڳن ۾ ئي گم ٿي وڃي
    سڀ حياتيءَ جا اهڃاڻ
    لوڙهي وجهي موت جي وات ۾.
    رت، سوڀيا، حُسن، عزم، غيرت
    ۽ اتساهه جو هڪ مسلسل
    ۽ اڻ کٽ ذريعو به ٿئي
    جيستائين تحرڪ جو موجب هجي
    تيستائين تمدن ۽ تهذيب تعمير ٿئي.
    رت، ساڳيءَ گهڙيءَ
    ڪنهن به غيرت کان وانجهيل بدن ۾ ڊڪي
    تنهن ئي ويرم اُهو ويرين ور چڙهي
    زندگيءَ جي سموري ئي مانڊاڻ کي
    ڏوجهرن ۾ وجهي.
    پر اهو رت،
    پختي ارادي، عزم، اُتساهه سان
    وطن تان گهورجي،
    تنهن مهل
    عظمتن جي بُلندين جون
    سڀ سرحدون پار اُڪري
    اُتي ٿو نيئي
    جت وطن جي شهيدن جا سر
    زمان و مڪان جي فرق کان سواءِ
    تا ابد ڳاٽ اوچا ڪري
    زندگيءَ کي امرتا ٿا بخشي ڇڏن.
    رت حياتيءَ جو،
    ابدي حياتيءَ
    وطن جي حفاظت جو
    هڪ بيمثل، بي بها، اَمَرُ
    اهڃاڻ ڀي،
    ۽ ماءُ ڌرتيءَ لاءِ
    ابدي سُرهاڻ ڀي.


    سانوڻيءَ جي موج

    سانوڻيءَ جي موج هن ڀيري ته ڏس!
    دل چوي ٿي
    مائٽن کي چئي ڇڏيان،
    مُئي پڄاڻان
    سانوڻيون ٿينديون پيون ۽
    موج ڀي ايندي پئي.
    مان نه ڏسندس...............!
    ان ڪري،
    مون کي
    ڪنڌيءَ تي پور جو!................

    (آگسٽ 1976ع)


    جهنڊو

    مان ڏاٽو
    مان ئي هٿوڙو
    پريون ڏيک
    رڳو ئي رت.


    خواهش

    صاف، شفاف
    (عطرن کان گهڻو خوشبودار)
    ڍنڍ جو پاڻي نه هجي
    ڄڻ ته هجي موتيءَ کاڻ
    ۽ ڪنارن سان ڪئي باغ ڦٽل پيا ڀاسن
    جن جي خوشبوءَ سان معطر ٿي وڃي هي ماحول
    ۽ ڪپر تي.
    نياڻ هرڻي
    ڪنهين بي رحم شڪاريءَ جي
    لڪي، وار ڪرڻ کان بي اون
    سائڙي گاهه جا پئي لُڱ چري
    ۽ لڳي ائين جو ڄڻ
    نرتڪي هيڪلي پئي سير ڪري.
    صبح جي سج جون
    سونيون ۽ ڊگهيون آڱريون
    سُرڪنديون پيئون وڃن ڄڻ اڳتي
    پپل جي وڻ جو ڊگهو پاڇولو
    ڏور واديءَ کان پيو سُرندو اچي
    ڏور تائين ڪٿي
    ڪنهن ڏاڍ جو ڪو نانءُ به
    ڳوليو نه لڀي
    موت ڀي مات،
    نه مايوسي
    ۽ نه غم جو ڪو وجود
    نه ئي زنجير، ڪڙا ڪوٽ
    سزائون، ڦاسيون
    پيٽ جي نانگ جو ڪوڏنگ به ڪونه
    ۽ نه ڪا جنگ، رتوڇاڻ، ڪا ويساهه گهاتي
    ههڙو ڌرتيءَ کي ڪو آرام ملي
    امن جو راڄ هجي
    اهڙو هجي
    امن جو راڄ کپي
    اهڙو کپي!.

    (14 جنوري 1978ع)


    ٽهڪندڙ ڏيئڙو

    رات
    پنهنجي ٿڌڙي مٺي، مگر
    منحوس
    گهٽ، ٻوساٽ ذهن ڪند ڪندڙ
    پاپ جي پونءِ، رت ساڻ ٻڏل
    ظلم، وحشانيت جي ڀؤ- هاڻي
    پنهنجي ڪارنهن جو ويڪرو ڄار
    ڄڻ وڇائي وئي آڌرتيءَ تي.....!
    ۽..............
    منهنجي دل جي غفا جي ڪنهن ڪنڊ ۾
    ٽهڪندڙ ڏيئڙي زبان ڪڍي
    دائمي سوجهري
    ڇوٽڪاري ۽ انقلاب جي هڪڙي
    دائمي ليڪ ڀي پکيڙي آ!

    (1977ع جو سيارو، هلال پاڪستان ۾ ڇپيل)


    زندگي

    زندگي ڇا هي پرين!؟
    زندگيءَ بابت پڇيو اٿئي سوال
    تون چوين ٿي؛
    زندگي چانڊوڪين جو آهه سير
    ماڪ ڌوتل مکڙين جي آ سڳنڌ
    پر، ائين ناهي مٺي!
    زندگي ناهي سويرن جو سُرور
    ۽ نه بوندن ۾ پُسڻ جو نانءُ آ.
    زندگي؛
    موت کان پوءِ آ ڪُٺل مردار ڍور،
    زندگي گهاڻي ۾ پيڙيل کڙ جو ڀور
    زندگي؛
    آڪاس وادين ڏي اُڏاڻل
    هڪ اڪيلو آ پکي.
    زندگي بک ساڻ هڪڙي جنگ آهي
    زندگي توکان ڇڄي آ ڌار ٿيڻ.
    زندگي سنداڻ جو آهي مٿو،
    زهر جي پيالي تي ٺهڪيل خشڪ چپ،
    زندگي آباهه مان هڪ پيچرو
    آفريڪا جي اگهاڙن جي اُگهڙ
    زندگي ويهين صديءَ جي ايشيا،
    زندگي آهي جلاوطنيءَ جو نانءُ
    زندگي صاحب جي گهنٽيءَ جي ڇڙٻ
    رات جي پوئين پهرجي جاڳ آ.
    حامله وئشيا به آهي زندگي
    زندگي ڌاڙيل تي ڪلمو پڙهڻ
    زندگي پيڙا جو ڄڻ هڪ نانءُ آهي
    زندگي جيئري رهڻ جو ڏانءُ آهي.

    (12 آڪٽوبر 1977ع هلال پاڪستان ۾ ڇپيل)


    پيار جو عنوان

    تو
    وينس جي ڪاري بت کي
    در کان ٻاهر اڇلي
    منهنجي هانءَ تي
    ڄڻ ته ڪهاڙي هڻي ڪڍي آ.
    هائو،
    توکي وينس اڇي رنگ ۾ گهرجي،
    پر او پياري،
    ڪاري وينس!
    مون کي توجهڙي، هڪ ڪاري
    وينس جو بت وڻي ٿو
    ڇو جو مون لئه
    عورت
    بس هڪ پيار جو عنوان آهي.

    

    اوهان کي منٿ ڪئي سون، اڱڻ هلي اچجو،
    مبارڪن جو پهر، منهنجي گهر کڻي اچجو.


    ڪٿي آهين؟

    ڪٿي آهين؟
    نيري آڪاس تي ڪڪر ڇانيل
    آ لڙي هير، ٿڌڙيون ڇاٽون
    چو طرف اک کڻي نهاريان ٿو
    تون ئي ناهين پرين! ڪٿي آهين؟
    بوند ڪيڏي بهار لاتي آ
    تون هجين، مان ۽ هيءَ رُت هجي
    ڪيڏي ڪيڏيءَ مهل کلون مُرڪون
    هير وانگر گهلون ۽ پيار ونڊيون
    تنهنجي چپڙن تان بوندڙي چوسي
    آلڙا لڱ، رم جهمي اوندهه
    پنهنجي ڀاڪر ۾ آڻي موج ڪريون
    تنهنجي وارن مان ميندڙيءَ جي مهڪ
    هير ور ور ڪري پئي واسي
    پيٽ تان چولڙي کي سُرڪائي
    منهنجي پاسي ۾ آهلين سپرين!
    مند جي ماٺ جي وجهين ٽوڙي،
    ۽ جي پنهنجي ڪچيءَ وهيءَ وانگر
    مست ڇڙواڳ ڪوئي گيت چوين
    پنهنجي نيڻن مان مرڪ جي سرڪي،
    جي ڀرڻ ڏين ته ڪيڏو رنگ اچي!
    مند موٽي ايئن هلي ويندي
    آءُ سپرين ته تنهنجا چپ چمي
    پنهنجي ڀاڪر ۾ توکي سينگاري،
    رُت روڪي وجهان ڪٿي آهين؟
    آءُ پياري ته بوند جان برسي،
    هانءُ ٺاري وجهان، ڪٿي آهين؟

    (سوجهرو-آگسٽ 1973ع)


    پيار ساگر

    پيار جي پيچري تي منهنجو وجود
    ها، ڀلي ڪک جيترو ئي سهي.
    جيڪو، سنڌوءُ جي سير تان لڙهندو
    ڇولين جون ٿڦوُن جهليندو،
    لڙهندو وڃي، پر
    اها ڳالهه پوءِ به برحق آ،
    پيار ساگر جي اونهي ۽ عميق
    گهراين کي
    ڪک ڇهي ويندا هن.....!


    وقت

    وقت
    ۽ واچ جا ڪانٽا
    حال جي اقتدار جي دوران
    جي تون روڪڻ جون ڪوششون
    به ڪندين
    ڪين رُڪبا
    سدا روان رهندا.


    تاريخ جو سوال

    مهل: سومهڻي گذار
    هنڌ: رسول پاڪ جي روزي جو درُ
    هڪڙو مؤرخ
    ڪنڌ جهڪائي نياز سان
    دل ٻڌي، ٻُڏ تر جي ڪيفيت منجهان
    نڪرڻ جي، بي حد جتن سان
    ان ارادي ساڻ آيو آ هلي
    ”ڇا پُڇان، ڪنهن کان پڇان؟
    سڀ مديني پاڪ جون گهٽيون
    رڳو، هڪڙي خبر جون منتظر!
    هڪڙي آڪهه
    ابهمن، معصوم نياڻين ساڻ
    اهڙي سفر تي آ اُسهيل
    هر نياپو جنهن هنڌان غم ۾ ٻڏل
    ٽن ڏهاڙن کان
    نه ان پاڻي، نه ڪو جهوپو بچيل
    رات جي اندوهناڪي، ماٺ،
    سڀ موُڙهيل،
    ۽ روزي جي مٿان
    چند شرمناڪي کان
    ڌرتيءَ ڏي جهڪيل
    ڪربلا ۾ شاهه جو گهرڙو سڙيل
    ابهمن جا جسم
    جيجل جهول ۾
    رت ڳوڙهن سان ٻڏل
    ۽ هوا جي جهول ۾
    شام غريبان جي خبر.......!
    پير مؤرخ جا اڃا
    روزي جي دروازي تي کتل ۽ هٿ کنيل
    هاڻ ڪو اچڻو به ناهي
    ڇا پڇان ڪنهن کان پڇان؟!“
    .................................
    .....................!!!!!؟؟؟؟


    وجود

    منهنجو وجود جيڪڏهن چئين ٿو ته تنهنجي ئي آهي تخليق
    ته تون ڀليو آهين...........!
    مون ته توکي
    هزارين سال اڳي
    ڌنڌلي تصور ۾ جوڙي ٺاهي
    ۽ تخليق ڪري
    هيڏو مانائتو وجود ڏنو
    ۽ هاڻ
    تنهنجي وجود کي
    ڊاهي وڌو اٿم،
    ڇو ته، مان ئي ته،
    اصلي خالق آهيان...........!

    (2 نومبر 1976ع ڪراچي)


    1978 مئي ڊي

    اڄ 1978 جو ”مئي ڊي“ آهي.
    ۽ سڄي دنيا ۾
    سواءِ اسانجي پياري ملڪ جي
    شڪاگو جي پورهيتن تي
    خراج تحسين پيش ڪيو پيو وڃي.
    پر،
    اسان پاڪستان وارن کي
    چيو ويو آهي ته،
    ”دروازا ٻيڪڙي
    يوم مئي ملهائين......“
    مان نرڙ تان پگهر اگهي
    سوچيان ٿو:
    شڪاگو جا شهيدو!
    اوهان امر آهيو!
    اسين ٻيڪڙيل دروازا به
    کولي نه سگهيا آهيون.
    (پاڻ تي شرم.........شرم)


    مُلتانڻ

    ٿڌي سڙڪ جي
    وائکين، اندرين آفيسن ۾
    پٽيوالن جا اُڇليل
    پنا ميڙي، وڪڻي،
    اِهي پنا ۽ پنهنجي انا سميت
    پنهنجي عصمت
    پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جو
    گذر سفر ڪندڙ او ملتانڻ!
    هنن آفيسن جي ٻاهران
    توکي لڀندڙ پنن جو مقدار گهٽجي
    آفيس اندر
    اِهو مقدار وڌي ويو آهي.
    جتان توکي
    نئين سج نوان انگل سهڻ کانپوءِ
    پنن جي بُغِلي ڀرجي ٿي ملي.
    خاص طور
    جڏهانڪر هي وڪيل،
    آفيسر ۽ سندن ڪلارڪ
    تنهنجي بدن جو واس وٺڻ خاطر
    ساويلو آفيس ۾ اچڻ لڳا آهن.
    ۽ تون به
    هر ڪنهن کي هرکايو پئي وڃين
    پنهنجي مست وهيءَ جي جادوءَ سان.
    تڏهانڪر آفيسن اندر
    تنهنجي جهڙي تهڙي حيثيت کي
    مڃتا، بلڪه چاهت ملڻ پڄاڻان
    فوٽ پاٿ تي تنهنجو سمهاريل ٻارڙو
    گهڻي گهڻي دير تائين
    دڙها هڻي
    اوٻاڪيءَ ۾ پئجي ويندو آهي.
    جنهن کي تون،
    اڳي، گهڙيءَ گهڙيءَ اچي
    ٿڃ جي چڳڙ ڏئي
    ٿڦڪين سان سمهاري ويندي هئينءَ.
    ............... ۽ هِن شاعر جي آفيس مان،
    ٻاهران يا
    تنهنجي اندر ڌوڪي اچڻ کانپوءِ به
    فالتون پنا ۽ ڪتاب
    نه ٿا ملن
    ته ان تي ڦٽ لعنت واري
    شڪل نه بناءِ.
    اِهو ئي تنهنجي
    اندر جي سڏڪن جو
    اڌ ڀائيوار آهي.
    ۽ اهو ئي اٿئي
    جيڪو تنهنجي ٻالڪ تي
    هِن دريءَ مان بيهي
    پري کان ئي
    چميون نڇاور ڪندو آهي،
    ۽ پٽيوالي هٿان
    پاڻيءَ جون گلاسڙيون
    فوٽ پاٿ تي موڪلي ڏيندو آهي.
    جڏهن تون
    ڪنهن آفيس اندر
    پنا ڳنهڻ لاءِ
    پنهنجي انا
    ۽ عصمت جو سودو
    نبيري رهي هوندي آهين
    هن ڏڪاريل ڀونءِ تي
    گذران جي ڳولائو
    او ملتانِڻ!!

    (حيدرآباد-جهڙالو ۽ ڪڻ ڪڻ)
    صبح جا 10 وڳا
    01.04.1985


    ترجما

    معين بسيسو تل الزعتر

    تنهنجيون (رت جي لينگهن هڻيون) ديوارون،
    ماڻهن جون اخبارون بڻجي ويون آهن.
    تنهنجي هٿ وارو بم
    شعرن مان ڀنڀٽ ٻاري ڦاٽي ٿو.
    ڌرتيءَ تي سمورين عورتن جون (لواڙيل، وکريل) چڳون
    تنهنجو جهنڊو بنجڻ لاءِ
    آتيون آهن.
    شاعريءَ جا سمورا پُستڪ
    تنهنجي تهن هيٺان
    جُوالا بڻجي
    ڦاٽڻ وارا آهن!

    (فلسطيني نظم- سيپٽمبر 1976ع)


    ڀڳت ڪبير

    ساجن آیا میں سنیا کیسی جُگت کروں
    تہال بہروں گج موتیا،اوپر نین دہرون۔
    (بيراگ هندي)

    ترجمو
    ساڄن آيو مون سُئو، ڪهڙي جڳت ڪريان،
    ٿـالهه ڀري گج موتئين، مٿان نيڻ ڌريان.

    (آگسٽ 1976ع)


    ڌوڙ انهين جو ڌوپ....... جپسي گيت

    ڀٽ ڌڻيءَ جي سر رامڪلي ۾ هڪڙن ڪردارن جو ڌوپ ڌوڙ ٻڌايو ويو آهي. جپسي ٻوليءَ جو جائزو وٺندي پتو پيو ته جپسي لوڪ سمورن کنڊن ۾ رهن ٿا ۽ انهن ۾ اڪثر پاڻيءَ کي صفائي ۽ ڌوپ وغيره لاءِ استعمال ڪرڻ جو گهٽ رواج آهي. جيتوڻيڪ سڀ جپسي لوڪ رهن به ندين جي ڪنارن سان ٿا. انگريزي ٻوليءَ ۾ ڀٽائيءَ جي رامڪليءَ واري ڪردار وانگر جپسي ڪردار کي سندس فطري ماحول اندر ڏيکاريندي هڪ گيت رچيو ويو آهي. جيڪو جپسي زندگيءَ جي چوڌاري گهمي ٿو. ان جو روان نثري نظم ۾ ترجمو ڪجهه هن ريت بيهي ٿو. (مترجم)

    گهڻو گهڻو اڳي،
    جڏهن مان اڃا ٻالڪ هئس.
    سڻڪ ڏئي هيڏانهن کان
    هوڏانهن ويندي،
    سڀ شهر ۽ واهڻ سڀئي
    ڏسندو هئس.
    اوڀر کان اولهه ۽ ڏکڻ کان اتر
    پنهنجي گهوڙي گاڏيءَ تي
    گهمندي اهڙو هنڌ ڳوليندو هئس
    جتي پٽ هجي ۽ منهنجي گهوڙن لاءِ گاهه.
    ائين اسان لڏو لاهي،
    ڪاٺيون ڀانگو ميڙي
    باهه ٻاري، هٿ ۽ ماني سيڪيندا هئاسين.
    ڇا زندگي هئي!
    ٽيانگ تي ديڳڙي ڪِٽلو ٽنگي
    امڙ ڍوڍا پچائيندي هئي،
    اڄ اهي ڳالهيون رڳو
    ڪتابن ۾ وڃي رهيون آهن.
    ماني ڀت پچائي،
    امڙ سڏ ڪندي هئي، ۽ اسين سڀ
    ڀت ماني کائي
    وڃي سمهندا هئاسين.
    مٿان آسمان جي ڇت ۽ تارن جا ڏيئا
    صبح جو هنج جي ڪُوڪ تي
    سڀ وري پنڌ ۾-
    بابو چوندو هو، هلو، اتر هلو
    جتي ميلا لڳل آهن، نئون ان لٿو آهي.
    ملڪ سکيو ستابو آهي ۽
    گهوڙا ٻيڙا واهه جو وڪبا.
    ڌرتي چهچ سائي آهي ۽
    ننڍو وڏو باگڙي ان جو مالڪ آهي.
    ڪامنهن گاههُ جهنگ جو پاتشاهه ۽
    خاڪ اسان جي راڻي.
    ٻاٻيهي ۽ ڪوئل جا راڳ،
    زندگي مزا ئي مزا
    ڪنهن سڌي پٽ تي
    رات ٽڪي،
    ساون پٽن تي گهوڙا چاري
    شام جو موٽبو ته ٽيانگ تي ٽنگيل
    ديڳڙو ۽ ڪٽلو لاهي، امڙ ڀت پچائيندي.
    رات جو سڀ ڪجهه ڳائي ٻڌائبو
    جو ڪجهه سڄو ڏينهن ڏٺو ۽ ڪيوسين.
    بابي کي چنگ آڻي ڏبو ۽
    هو پنهنجا لوڪ گيت جهونگاريندو
    چنگ وڄائيندو.
    رات جي ماٺار، چنگ جي تنوار،
    تارا ڳڻيندي ننڊ ڳهي ويندي
    ۽ اکين ۾ چُرڻ پُرڻ لڳندا
    سڀان جا سهڻا سهڻا خواب!

    


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 533
    ڪتابن جو مشاهدو: 550741
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 212771
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ