ڪتاب جو نالو: دُنگي منجهه درياهه
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 17 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 693 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 363 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
دنگي منجهه درياهه، جيڪو هئڻ ته دنگي وچ درياهه کپندو هو، ڪيترن قومن، قبيلن، معاشرن جي مزاجن ۽ روين جو مجموعو ۽ مختلف ملڪن جي ترقيءَ جي ليول جي دري آهي جا سٺي اسٽائيل ۾ قلمبند ڪيل آهي.
مظهر الحق صديقي
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب
  • پيش لفظ
  • ماڊرن ملاح
  • اُلهاس نگر سنڌي ايسوسيئيشن
  • بئنڪاڪ ڪيئن هلجي...
  • زيبوءَ سان پيار
  • تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا
  • جھوني جڳ جا جهاز.....
  • جهاز مان ٽپ ڏيڻ مهل
  • جل پريءَ جو پاراتو
  • پارواڻيءَ سان ملاقات
  • ڄامشوري جي رات......
  • ڪراچيءَ جي سواري
  • بئنڪاڪ جي سئنٽرل مسجد
  • پئسفڪ سمنڊ جو فجي ٻيٽ
  • گڏيل هندستان ۽ برما جي اهميت شخصيت
  • اڻ واقف کان واقفڪار شيطان ڀلو
  • شام سلطنت جو ڪهڙو بادشاهه......
  • پلاسٽڪ سرجري
  • پڳ وارو پير
  • هز ماسٽرس وائيس
  • سنگاپور جا سُکَ حال سِکَ
  • پهريون مئرين انجنيئر ـــ شايد
  • سڄي عمر چانهه بنا رهندڙ
  • پنهنجن ۽ ڌارين ۾ پيارو....
  • عورتن ۾ پوڙهي.....
  • دور باش خوش باش
  • ٻڌ بکشو ۽ سک قانون کان آجا
  • ڪبوتر جي ڊوڙ جو نتيجو
  • ڏيڏر حلال يا حرام؟
  • دنيا جي ڊگهي سرنگهه
  • آمريڪا ۾ سواريءَ جو مسئلو
  • Not Born in U.S.A
  • فوٽو سيل ۽ ٻوڙ گرم ڪرڻ
  • نئون آيل ريڊيو آفيسر

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ جا سڄڻو سلام ..........

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر ستونجاهه (57) سفرنامو دُنگي منجهه درياهه اوهان اڳيان پيش آهي. هي سفرنامو ناليواري سفرناما نگار ۽ سنڌ سلامت جي محسن سائين الطاف شيخ جو لکيل آهي.

    هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ خيرپور سان تعلق رکندڙ پياري دوست ۽ ادب سان چاهه رکندڙ آصف رضا نظاماڻي جي ڪاوشن جو ثمر آهي. لک ٿورا سائين الطاف شيخ صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلڻ سان گڏ سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    انتساب

    پيٽارو جي ايڪس ڪئڊٽ ذوالقدر نالي
    قاضي ذوالقدر صديقي عمر ۾ مون کان اٺ سالَ ننڍو آهي. يعني پيٽارو ۾ پنج سال رهي 1962ع ۾ جڏهن ڇڏيم ته پورا ٽي سالَ رکي ذوالقدر پيٽارو ۾ آيو. منهنجي ساڻس ملاقات هاڻ ڪي اٺ سال کن اڳ 1997ع ۾ۡ ٿي. جڏهن پاڻ 1969ع ۾ پيٽارو ڇڏڻ بعد هڪ وڏو عرصو ترڪي، سعودي عرب، آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ تعليم ۽ پوءِ نوڪري خاطر رهي ڪراچيءَ ۾ ڪيوپولا انفارميشن سروسز (جيڪا ان کان اڳ Zelin Information Service سڏبي هئي) جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر ٿي آيو. مون کيس اُنَ پهرين ملاقات ۾ ئي “PETARIAN” (ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي اولڊ بوائز ايسوسيئيشن) جو ميمبر ٿيڻ لاءِ چيو ۽ هي نه فقط ميمبر ٿيو پر اسان جي هن ايسوسيئيشن لاءِ هن ايترو ته ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ۽ اڄ ڏينهن تائين ڪندو رهي ٿو جو هو هر هڪ لاءِ نمايان ٿي پيو. پيٽارو مان پڙهي ويل ست هزار کن ڪئڊٽن جي ڊائريڪٽري ٺاهڻ، ڪاليج لاءِ مختلف شين (اسڪوائش گرائونڊ، ڪئنٽين ۽ ٻين عمارتن) کان وٺي ضرورتمند شاگردن جي مالي مدد لاءِ چندا گڏ ڪرڻ، پيٽارو جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ پيٽارين جي مونجھارن جا حل ڳولڻ...... وغيره وغيره سندس روزمرهه جا ڪم ٿي پيا. سندس ڄاڻَ به ته سڄي دنيا ۾ آهي ۽ هر ڪو کيس ڪاليج جي ڏينهن کان وٺي پسند ڪري ٿو ۽ سندس انسان ذات لاءِ خدمت ۽ نيڪ نيتيءَ کي ساراهي ٿو.
    ذوالقدر بنيادي طرح ڪيميڪل انجنيئر آهي پر پوءِ اڳتي هلي ڪئناڊا ۽ آمريڪا مان اسلامي تعليم ۾ پي. ايڇ ڊي ڪيائين. توهان هن کي PTV ۽ GEO ٽيليويزن چئنل تان اسلام تي ليڪچر ڏيندي يا CNN ۽ BBC چئنل تي فلسطين جي مظلوم عوام ۽ ايشيا جي عورتن سان ٿيندڙ زوراورين تي انگريزن ۽ يورپين سان بحث ڪندي ضرور ٻڌو ۽ ڏٺو هوندو. پاڻ اڄڪلهه اسلام آباد ۾ رهي ٿو ۽ پنهنجي پرائيويٽ ڪمپني Techcrop Holding جو CEO آهي. اها هڪ انجنيئرنگ ڪمپني آهي جيڪا مختلف سول ۽ اليڪٽرومڪينيڪل ڪمن۽ ٽيليڪام انفرا اسٽرڪچر جي جوڙجڪ ۾ مدد ۽ رهنمائي ڪري ٿي.
    بهرحال پنهنجي پرائيوٽ ڪمپني توڙي ترڪي، آمريڪا جي فيلپس ڊاج ۽ سعودي عرب جي آوڊان جهڙين ڪميونيڪيشن ۽ انجنيئرنگ ادارن ۾ جِتي به ذوالقدر 1976ع کان 1998ع تائين ٻاويهه سالَ ڪم ڪيو ان ۾ هن کي ڪاميابي نصيب ٿي ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪَ جو نالو روشن ڪيو. ان ڪاميابيءَ پٺيان، آئون اهو ضرور چوندس ته هن جي محنت، ٽيڪنيڪل ڄاڻَ ۽ ايمانداري آهي.
    هن وقت آئون سندس وڌندڙ بزنيس ۽ ولائتي فرمن ۾ وڏيو ن پوسٽون ماڻڻ مان ايترو Impress نه آهيان جيترو سندس مذهبي ڄاڻَ ۽ اسلام جي خدمت ڪرڻ مان آهيان. ذوالقدر جي زندگيءَ جو جيتوڻيڪ وڏو عرصو آمريڪا ۽ ڪئناڊا جهڙن مغربي ملڪن جي وڏن شهرن ۾ گذريو آهي، هو اعليٰ کان اعليٰ ٽائي سوٽ پائي ٿو، هو سٺي انگريزي ڳالهائي ٿو پر سندس ڪم ۽ ڳالهيون هڪ اهڙي پڪي مسلمان جون آهن جيڪو هر هڪ جو امن ۽ ڀلو چاهي ٿو ۽ جنهن مان غير مسلم به متاثر ٿين ٿا.
    ذوالقدر پنهنجي انجنيئرنگ بزنيس کي منهن ڏيڻ کان علاوه PTV ٽيليويزن ۽ مختلف ڪاليجن ۽ تعليمي ادارن ۾ اسلام تي ليڪچر پڻ ڏئي ٿو. هو اسلام آباد جي ”شفا ڪاليج آف ميڊيسن“ جو Islamic & Medical Ethics جو پروفيسر آهي. اسلام آباد جي هڪ ٻئي تعليمي اداري WISH (وومين انسٽيٽيوٽ آف سائنس ائنڊ هيومئنٽيز) جو پروفيسر ۽ اسلامڪ اسٽڊيز جو ”هيڊ آف ڊپارٽمينٽ“ آهي. ان کان علاوه اسلام آباد جي همدرد يونيورسٽيءَ جو اسلامڪ هسٽري جو پروفيسر رهي چڪو آهي ۽ ڪئناڊا جي Mc Gill يونيورسٽي، مانٽريل ۽ جارجيا آمريڪا جي ”ورلڊ ڪميونٽي آف اسلام“ وارن کي ڪيترا سال اسلام تي ليڪچر ۽ مختلف ديني ڪورس ڪرائي چڪو آهي.
    ذوالقدر جا وقت بوقت ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ مضمون ڇپبا رهن ٿا. اسان جي سماهي ”پيٽارين نيوز“ کان علاوه هو ڪيترن ملڪي ۽ غير ملڪي رسالن جو ايڊيٽر آهي يا ان جي ايڊيٽوريل بورڊ تي آهي جن مان ڪجهه هن ريت آهن: اسلامڪ ريسرچ انسٽيٽيوٽ، اسلام آباد جي سماهي مخزن “Islamic Studies” ، ڪيوبڪ (ڪئناڊا) جي مسلم ڪميونٽي جو ماهوار رسالو “Muslim Quebec” مانٽريل (ڪئناڊا) جي مسلم اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن جي ماهوار مئگزين “Monteral Islamic Bulletin” ڪئمبرج (USA) جي MiT وارن جي پندرهن روزه اشاعت ”بوستان“ وغيره وغيره.
    ذوالقدر ننڍي هوندي کان انگريزي لکڻ توڙي انگريزي ڳالهائڻ ۾ ماشاءَ الله سٺو ۽ چٽو رهيو آهي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو وارن ڏينهن ۾ به آخري ٽي سالَ ڪاليج مخزن جي انگريزي سيڪشن جو ايڊيٽر ٿي رهيو. اڄڪلهه ذوالقدر جو تقريباً روزانو فجر محل PTV تان اسلام تي انگريزيءَ ۾ واعظ اچي ٿو ۽ هو ناظرين جي پڇيل سوالن جا انگريزيءَ ۾ جواب ڏئي ٿو. جن کيس ٻڌو هوندو اهي سندس صاف، سٺي، سمجهه ۾ ايندڙ ۽ اثرائتي انگريزي ۽ لهجي جي ضرور واکاڻ ڪندا هوندا جيڪا بيشڪ هڪ وڏي نعمت آهي ڇو جو اڻ چٽو آواز، منجھيل لهجو ۽ نقطي کان هٽيل ڳالهه ٻڌندڙن ۾ بيزاري پيدا ڪري ٿي ۽ ليڪچر ٺاهڻ ۽ ڊليور ڪرڻ جي سڄي محنت ضايع ٿيو وڃي. ترڪي، ڪئاڊآ (جِتي جي قومي زبان انگريزيءَ کان علاوه فرينچ آهي) ۽ سعودي عرب ۾ رهڻ ڪري ۽ فارسي ادب سان ننڍي هوندي کان وٺي ذوالقدر کي دلچسپي هجڻ ڪري هن کي انگريزيءَ کان علاوه ترڪش، فرينچ، عربي ۽ فارسي به سٺي ڳالهائڻ ۽ لکڻ اچي ٿي.
    ذوالقدر پڙهائيءَ ۾ ننڍي هوندي کان نالو پيدا ڪيو ۽ هر هنڌ انعامون ۽ ايوارڊ حاصل ڪيا. کيس نه فقط انٽر سائنس ۾ پوزيشن کڻڻ ڪري اسڪالر شپ ملي پر انقره (ترڪي) جي M.E.T.U يونيورسٽيءَ ۾ پوزيشن کڻڻ ڪري سيٽو اسڪالرشپ، سعودي عرب جي ڪنگ فيصل فائونڊيشن جي اسڪالرشپ ۽ ڪئناڊا جي Mc Gill يونيورسٽيءَ طرفان فيلوشپ ملي. پاڻ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل ۽ آمريڪا جي انسٽيٽيوشن آف اليڪٽريڪل ۽ اليڪٽرانيڪل انجنيئرس (USA) IEE کان وٺي ميڊيڪل ايٿڪس ريسرچ ڪائونسل ۽ انسٽرومينٽ سوسائٽي آف آمريڪا (USA) ISA جهڙن ڪيترن ئي پروفيشنل ادارن جو ميمبر آهي.
    ذوالقدر جي زندگي لڳاتار محنت، پورهئي، ايماندار ۽ سچي مسلمان جي زندگيءَ آهي، جنهن مان اسان کي سبق وٺڻ کپي ۽ ان کي فالو ڪرڻ کپي. هو هڪ سٺو پيءُ آهي (کيس چار ٻارَ آهن ــ ۽ هاڻ نانو به ٿيڻ وارو آهي.) هو هڪ سٺو مڙس آهي. سٺو پاڙيسري، سٺو ڪلاس ميٽ، سٺو دوست ۽ سٺو باس آهي. وڏي ڳالهه ته سٺو انسان آهي. رب پاڪ کيس وڏي حياتي ڏئي جيئن هو ملڪ ۽ ماڻهن جي اڃا به وڌيڪَ خدمت ڪندو رهي. سندس ڄَمَ جي تاريخَ 21 جون 1952ع آهي ۽ اي ميل ائڊريس هن ريت آهي.

    Kazi@techcropholding.com

    الطاف شيخ


    پيش لفظ

    دنگيَ وچ درياههَ ، ڪي ٻڏي ڪي اُپڙي
    هو جي واڍي واڻيا، سي سونهن سڀ سڙيا
    معلم ماڳ نه اڳئين، فرنگ منجهه ڦرِيا
    ملاح تنهنجي مڪڙيءَ، اچي چور چڙهيا
    جِتي ڍينگ ڍَريا، تتي تاري تنهنجي

    (شاهه لطيف)
    ”دنگي منجهه درياهه“ الطاف شيخ جي مضمونن جو انتخاب بنيادي طور سفرنامن سان گڏ معاشرتي مشاهدن ۽ فڪري تحريرن (Reflective Writings) جو سهڻو امتزاج آهي. سندس تحت الشعور جو مرڪز ۽ محور سنڌ، سنڌي ماڻهو ۽ سنڌيت آهي. جنهن وقت به ٻين ماڻهن، معاشرن ۽ ملڪن سان سندس ڏيٺ ويٺ ٿئي ٿي ته سندس خيال ۾ فوراً سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو اچن ٿا. باوجود سنڌي زاوئي جي سندس نظر جي پهچ پراهين ۽ گهري آهي ـــ گويا سنڌيت سندس اسلوب ۽ سڃاڻ آهي. سندس لکڻي ۾ ڪيترن هنڌن تي مزاح جون دل لڀائيندڙ جھلڪيون نظر اينديون جيڪا سامونڊي زندگي ۽ ادب جي خصوصيت آهي. اسان جي ٻوليءَ ۾ سامونڊي سفرناما انطاف کان اڳ ڪنهن لکڻ جي سنجيدگيءَ سان جسارت نه ڪئي ـــ پر انگلينڊ ۾ سامونڊي ڪهاڻيون ۽ سفرناما ڪافي لکيا ويا آهن منجھن مزاح جو عنصر بيساخته نظر ايندو آهي ـــ چيو ويندو آهي ته خلاصي خوب مزا ٿا ڪن.
    چند مضمون جي منهنجي ياد تي گهرا نقش ڇڏيا آهن تن جو ذڪر ضرور ڪندو هلندس:
    اُلهاس نگر سنڌي ايسوسيئشن
    هن مضمون جو عنوان بظاهر اهو تاثر ٿو ڏئي ته مضمون جو اڪثر حصو اُلهاس نگر جي باشندن ۽ اتي جي سنڌين جي ايسوسيئيشن جي Activities جي باري ۾ هوندو، جو دراصل مضمون ۾ صرف جزوي ۽ ثانوي حيثيت رکي ٿو. پر انهيءَ کي اهو عنوان ڏئي الطاف پنهنجي سنڌي عڪس سان لڳاءَ جو اعاده ڪيو آهي. خاص پيغام جيڪو قاريءَ کي ملي ٿو سو هي آهي ته ضرورت ۽ تڪليف ايجاد جي ماءُ آهي. پر هوشيار هنرمند سنڌي هندو، هندستان ۾ شرنارٿي يعني پناهه گزين ٿي ويا پر هنن ضرورت ۽ تڪليف جو مقابلو ڪندي، ضرورت ۽ تڪليف کي وساري مقالو چٽاڀيٽي ڪرڻ کي ئي مقصد بنائي ڇڏيو، تنهن ڪري ضرورت پوري ٿيڻ ۽ تڪليف دور ٿيڻ باوجود مقابلي ۽ چٽاڀيٽيءَ جي ڪلچر ۾ ٻين مقامي ماڻهن کان اڳڀرا نڪري و يا ـــ هِتي به ائين ٿيو. سرحد پار آيل مسلمان مهاجر پنهنجي هوشيار چالاڪي ۽ محنت ڪري مڳقامي باشندن کان اڳڀرا آهن.

    زيبو سان پيار (مالاگاسي ٻيٽ راداما بادشاهه يا سردار جو قصو)
    ظرافت ۽ صحيح سفرنامي واري خصوصيت سان ڀرپور آهي، جنهن ۾ ڪنهن جاگرافي دان ۽ جاگرافي جي شاگرد لاءِ بيحد دلچسپ مواد موجود آهي. سطحي طبعي حقيقتن کان علاوه ثقافتي ۽ معاشرتي اوسر جي مختصر تاريخ ۽ معاشري تي تبصرو آهي.
    زيبو جنهن سان پيار معاشري جو تعارف آهي، عورت نه پر ڍڳيون آهن ــ ڪيترو ته دلفريب عنوان آهي پڙهو ته گُونگي گانءِ.

    تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا....
    جپاني زبان ۾ محاورا ۽ اُنهن جا سنڌي محاورن ۾ مثال ڳولي تمام دلچسپ مضمون پيش ڪيو اٿس ـــ سنڌي ٻوليءَ کي پهاڪن ۽ محاورن شاهوڪار بڻايو آهي ۽ الطاف اها دولت مثالن سان جپاني پهاڪن سان ڀيٽي سهڻي نموني پڙهندڙن جي سامهون آندي آهي۽ پنهنجي ٻوليءَ لاءِ محبت جو بي ساخته ثبوت ڏنو آهي.

    پارواڻيءَ سان ملاقات
    هي مضمون ڪيترن ئي خوبين جو حامل آهي. الطاف هڪ ڪامياب پرديسي سنڌيءَ جو انٽرويو بغير کيس احساس ڏيارڻ جي ورتو آهي ۽ ملاقات ختم ٿيڻ وقت پارواڻيءَ جي فلسفه حيات جو پورو تت اسان جي اڳيان خوبصورت طريقي سان بيان ڪيو آهي. مونکي پارواڻيءَ جي ڪردار ۾ هڪ راسخ نيڪ ڪردار آزمودگار جهان شناس، مردم شناس ۽ ايماندار ڪاروباري شخصيت نظر آئي جنهن کي زماني جي گردش، وطن ۽ زبان سان محبت هئڻ جي باوجود ملاڪا جي نواحي شهر سنگائي اڊانگ ۾ شڪر ۽ قناعت سان مصروف ۽ مطمئن رکيو آهي. الطاف جو بيان هن شخص لاءِ پڙهندڙن جي دل ۾ هن لاءِ ملڻ جي چاهت پيدا ٿي ڪري.
    مونکي پارواڻي جي فلسفي حيات سان منطقي طور اختلاف ڪرڻ مشڪل نظر آيو ــــ پارواڻي مونکي اهڙو ماڻهو نظر آيو جنهن جا پير زمين تي ايترا ته مستحڪم هوندا آهن جو کين ڀلجي اُڏامڻ جو شوق نه ٿيندو آهي ــ اُڏام کي هو پکين جو ڪم سمجھندا آهن. انسانن کي سڌو زمين تي هلڻ ۽ رهڻ کپي آدرشي اُڏارڀل من موهيندڙ هجي پر پنهنجي وسعت کان ٻاهر سمجھڻ ئي عملي ماڻهوءَ جي طرز آهي ـــ حب الوطني، ڪلچر سان لڳاءُ ۽ انهيءَ لاءِ پراهين پنڌ تي جاکوڙ ڪرڻ، جڏهن ته لاوطنيءَ واري حالت ۾ جِتي ٻيون کوڙ ساريون سهولتون ميسر هجن، قاعدي قانون جو احترام ۽ عدل ۽ انصاف جو پرکيل يقين دل ۾ هجي، بيسود عياشي آهي. حب الوطني کي ڌوئي دکي ۾ رکو ته تڪليف گهٽ محسوس ٿيندي ـــ پارواڻيءَ سوچي سمجھي پاڻ کي انهيءَ قدر تي ڇڪ کي وسارڻ لاءِ مجبور ٿو ڪري ۽ مجبوري جي باوجود انهيءَ فيصلي تي رضامند آهي ــ ڪامياب ۽ پريڪٽيڪل ماڻهو وٽ ٻئي طرف دل ۾ دليل آهن: Heart has its reason that reason would not know
    پارواڻي جي ملاقات وارو مضمون بيشڪ سٺو مضمون آهي.

    شام سلطنت جو ڪهڙو بادشاهه.....؟
    هي مضمون بنگالي زبان جي لهجي ۾ اردو ڳالهائڻ ڪري مضحڪه خيز صورتحال تي مبني آهي ــ هڪ بنگالي خلاصي اردو ڳالهائڻ جي ڪوشس ڪري ٿو پر سندس ناقص اُچارن يا تلفظ جي ڪري عجيب کلائيندڙ situation پيدا ٿي وڃي ٿي ـــ هو چاهي ٿو ته دوستن کي ٻُڌائي ته ”چڙيا ڪا بچه مرگيا“ سندس بنگالي لهجي ۽ تلفظ جي ڪري ائين ٿو لڳي ته ”سريا کا باچا مرگيا“ ۽ اسان جا سنڌي ۽ اردو ڳالهائڻ وارا ائين ٿا سمجھڻ ته ”سيريا جو بادشآهه مري ويو“ ۽ کين حيرت ٿئي ته شام سلطنت جو ڪهڙو بادشاهه الله کي پيارو ٿي ويو. اهڙا ڀوڳَ انگريز به جڏهن سنڌي يا اردو ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ته اسان جي سنڌي ڳالهائڻ وارن کي ڪچيون گاريون سمجهه ۾ اينديون هيون. هاڻي انهن مزن کان محروم ٿي ويا آهيون. انگريز جي وڃڻ ڪري جيڪي نقصان اسان کي ٿيا آهن تنهن ۾ اهڙي مزي جي محرومي کي ضرور شامل ڪرڻ کپي.
    نئون ريڊيو آفيسر
    الطاف جي سفرنامن ۾ خطري جو رومانس جيڪو پراڻي وقت جي جهازرانيءَ سان وابسته هو اُهو گهڻي ڀاڱي ختم ٿيو آهي. سڙهن وارا جهاز جيڪي هوائن ۽ طوفانن جي رحم وڪرم تي هوندا هئا تنهن کان پوءِ شروع وارا آگبوٽ جيڪي ڪنهن حد تائين سڙهن وارن جهازن کان بهتر هوندا هئا ۽ سامونڊي سيلانين جي جوانمردي ۽ همت جي عڪاسي ڪندا هئا، تن جو سمنڊ جي سطح تان گم ٿيڻ منهنجي خيالَ ۾ جوکمي جاکوڙ جي دور جي دروازن جي بندش بڻيا.
    پر نئون ريڊيو آفيسر واري مضمون پڙهڻ بعد مونکي احساس ٿيو ته خطري وارو رومانس جيڪو سامونڊي سفر سان وابسته هو اڃا ختم نه ٿيو آهي ـــ نئين ٽيڪنالاجي نه فقط سامونڊي سفر جر پَر خطري جي رومانس جو انت آندو آهي پر انهيءَ سان گڏ ڪيترين ٻين خوبصورت خطرن جو پڻ. فطرت فوق الانسان آهي. ذهين ۽ بهادر اُهو شخص آهي جيڪو فطرت جي قوت جو اعتراف ڪندو آهي ۽ اهڙي حرفت صنعت ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال ڪندو آهي جو اهڙن خطرن کان ڪني ڪترائي سگهڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي.
    نئون ريڊيو آفيسر هڪ ڪوڙ جي ڀري آهي جو اونڌا اُبتا سگنل به نه ٿو ڏئي سگهي ۽ طوفان جي صورت ۾ آيل پيغام سمجھي نٿو سگهي. هڪ خسيس نما غير ذميوار قسم جي لياقت جي پرکَ بغير رکيل آفيسر آهي جنهن جي حرڪت کلائيندڙ ۽ احمقانه آهي ـــ سندس ڪردار جي الطاف چڱي طرح عڪاسي ڪئي آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهم ذميوارين وارين آسامين تي بيپرواهي سان تقرري ڪرڻ انساني زندگي ۽ پبلڪ جي ملڪيت لاءِ ڪيترو هاڃيڪار ٿي سگهي ٿو.
    دنگي منجهه درياهه، جيڪو هئڻ ته دنگي وچ درياهه کپندو هو، ڪيترن قومن، قبيلن، معاشرن جي مزاجن ۽ روين جو مجموعو ۽ مختلف ملڪن جي ترقيءَ جي ليول جي دري آهي جا سٺي اسٽائيل ۾ قلمبند ڪيل آهي.
    مظهر الحق صديقي
    وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي


    ماڊرن ملاح

    (پهرئين ڇاپي جو مهاڳُ)

    آگم پبلشنگ ايجنسيءَ جي ڪرسيءَ تان اُٿي، ريڊيو پروڊيوسر جي ڪرسيءَ تي اچي ويهڻ کان پوءِ روز ساڳيو منظر اکين اڳيان: ماڻهو سامهون ويٺا آهن ۽ ڪوڙ پيا ڳالهائين. يا وري ڳالهائين پيا ۽ آواز غائب. رڳو رٻڙ جا چپ مومينٽ ۾ ۽ انهيءَ زندگيءَ سان ڀرپور سرڪل ۾، حقيقت بس ايتري ته Iam alive شايد ڪنهن اهڙي منظر جي فريم ۾ الطاف منهنجي ڪرسيءَ جي پرئين پار اچي بيٺو. ساڻس هينڊ شيڪ کان اڳ، هن سان منهنجي واقفيت بس ايتري ته هو منهنجو پاٺڪ ۽ مان سندس فين..... ۽ پوءِ ڳالهين جا ڪفلنگس کلندا ويا ته لڳو اسان هڪ ٻئي کي هڪ عرصي کان سڃاڻون ۽ پري پري تائين اسان جي ملاقات جو دائرو پکڙيل آهي. (اما بعد) الطاف، مون وٽ پندرهن منٽ ويٺو ۽ پوري اڌ ڪلاڪ جيترو ڳالهايائين، لڳو ته هُنَ وٽ ويهڻ لاءِ وقت گهٽ هو (پر جي وقت گهٽ آهي ته ايڏا سفرناما، هو لکي ڪيئن ٿو؟ ) ۽ ان جو جواب به هن عزيز دوست ڪٿي ڏنو آهي ته ”مان اهي سفرناما ڪو ٽيبل ڪرسيءَ تي ٺهي جڙي ويهي ٿورئي لکيا آهن!“ ڪو باب جهاز جي ڊيڪ تي. ڪو لنگر جي رسي کي ٽيڪ ڏئي. ڪو جهاز جي ڪاريڊار ۾. ڪو ڪنهن بندرگاهه وٽ ڌريل سامان مٿان قلم ڪاڳر رکي، ڪو چيپٽر ڪنهن پوسٽ جي دٻي وٽ بيهي. ڪو جهاز جي اوپن ايئر لائونج ۾..... ته ڇا الطاف جا سڀ سفرناما تڙ تڪڙ ۾ لکيل آهن..... جي ها! ته باوجود اهي سفرناما تڙ تڪڙ ۾ لکڻ جي انهن کي سنڌي ادب ۽ ادب جي تاريخ جو اهم ۽ شاهڪار حصو شمار ڪري سگهجي ٿو ۽ اطلاعن عرض آهي ته تڙ تڪڙ ۾ لکيل انهن سفرنامن جو به ايڏو سٺو امپيڪٽ آهي جو سڄو سنڌي ادب ان جي لپيٽ ۾ اچي ويو آهي ۽ انهن سنڌي پڙهندڙن کي ايترو ته موهيو آهي جو سفرنامي جي چُوسَ تي، ڪنهن افساني وغيره جو ڪِتاب ته ڇا، پڙهندڙ جنتريون ۽ ٽپڻا وٺي به پڙهڻ شروع ڪيا آهن ته متان اهي به سفرناما ئي هجن.
    (اما بعد) اُٿڻ کان ٻه گهڙيون اڳ، الطاف، بريف ڪيس مان پنهنجي نئين سفرنامي جو اسڪرپٽ منهنجي آڏو رکيو ۽ اُٿي، هٿ ملائيندي چيو: ”مهاڳ لکي فيروز کي پهچائيندا ته لک ٿورا ٿيندا“ ۽ ان کانپوءِ، ويو. مون بي ڌياني سان کليل دريءَ مان سامهون پئي ڏٺو ته هوٻاهر ويندي نظر آيو. هن کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي خوبصورت لان ڀرسان لنگهندي، پام جي وڻن وٽ ڪنهن سلام ڪيو ۽ پوءِ هوريان هوريان هن جي وڃڻ جو اهو منظر به گم ٿي ويو. لان جي گرينري ۽ الطاف جي اسٽيمپس جي ميلاپ ۾ مونکي لڳو: ڄڻ الطاف ملاڪا جي ڪنهن باغ ڀرسان لنگهي ٻاهر وڃي رهيو آهي. ان کانپوءِ مون الطاف جو نئون سفرنامون پڙهڻ شروع ڪيو ۽ اوچتو ڪنٽرول روم مان موسيقار نياز حسين فون ڪيو ۽ چيائين: اندر اسٽوڊيو ۾ اچو ته پيانو ته امداد حسينيءَ جي هڪ گيت جي طرز ٺاهي اٿم. اچي ٻڌو. ۽ ان ڳالهه کي جڏهن ٻه مهينا گذري چڪا ته اوچتو ملاڪا مان الطاف جو خط پهتو ــ ”مهاڳ“؟! يا الله!
    مون پشيماني مان جلدي جلدي سفرنامي جو اسڪرپٽ ڪٻٽ مان ڪڍيو ۽ پڙهڻ لڳس. ملاڪا جي منظرن، ماڻهن ۽ موسمن جي پَس منظر ۽ منظر ۾ ويهي الطاف جو لکيل هي سفرنامو مونکي سندس ٻين سفرنامن کان ائين مختلف لڳو جيئن ٻن راڳن جا سرگَم، آرويون امروهيون هڪ ٻئي کان مختلف لڳنديون آهن. سفرنامو ته هي بيشڪ آهي پر اسٽائيل وائيز جهڙو ڪوئي سلسليوار داستان..... جهڙي آٽوبايوگرافي ۽ ٽيڪنڪ به نئين انداز وارو اهڙو جهڙي ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي وڃي ۽ واقعا ڪنهن تسلسل جي رنگين ڏور ۾ وڃن پيا پوئبا. سنڌ يونيورسٽيءَ جي هاسٽل واري پراسرار بيان، ملائيشيا، نيويارڪ جي بندرگاهن کان آمريڪا جي بندرگاهه بالٽيمور تائين ننڍڙا ننڍڙا تجربا ۽ واقعا، وڻندڙ ڏانءِ سان هن ائين لکي تيار ڪيا آهن جيئن ڪا سگهڙ عورت مختلف رنگ ورنگي ٽڪرن مان رلهي جوڙي راس ڪندي آهي.
    اڇا، دنيا جي گلوب ۾، سفرنامي جي اهميت ۽ پاپولرٽي ڪيڏي آهي؟ خبر ناهي مون کي. ها، سنڌ جي حوايل سان قسم کڻي ڳالهه ڪري سگهجي ٿي ته ان جو سرواڻ الطاف آهي. جيتوڻيڪ هو ابن بطوطه جو ”پنر جنم“ ڪونهي ۽ نه ئي سنڌباد سيلاني سان ڪو هن جو سڱ سياپو آهي پر ايترو سو آهي جو هو پهريون مسلمان سياح آهي جنهن سفرنامن جو تعداد سڄي دنيا جي پروفيشنل سياحن کان به وڌيڪَ آهي سڄي دنيا جي ڪهاڻي جي ڪامپيٽشن ۾ ڪئي اهڙيون صنفون آهن جيڪي گڏوگڏ ريس ڪورس ۾ ڊوڙن پيون، انهن ۾ به سفرنامي جي ريڊينگ وڌيڪَ سمجھي وڃي ٿي. سبب؟ شايد اِهو ته، فڪشن جي ٻين صنفن جي ڀيتَ ۾ سفرنامو حقيَتن ۽ سچاين جي واضح اپٽار پيش ڪري ٿو. الطاف پنهنجي سفرنامي ۾ سچاين جي اپٽار ڪيتري قدر ڪري ٿو؟ جواب آهي. گهڻي قدر..... تاريخ، جاگرافي ماڻهن جا سڀاو، نظرن جا مذڪور ۽ ڇا ڇا ناهي، جنهن جو ذڪر الطاف ڪرڻ وساريو هجي ـــ ها! الطاف جي ڪنهن ڳالهه کان Avoid ڪري ٿو ته، من اندر جي ڳالهه ڪرڻ کان، ڪٿي ڪٿي اندر جي ڳالهه ڪري ٿو ته دوستن جي ريفرنس سان، بيان رُخ جيئن ئي سندس ذات ڏانهن مڙيو ناهي هن بيان جي ريلَ ٻيءَ پٽڙيءَ تي لاٿي ناهي. هن تازي سفرنامي جي البم ۾ به عورتن جا بيان ۽ تصويرون دستور مطابق بلڪل ڪونه آهن. جيڪڏهن ڪو بيان ۽ تصويرَ آهي به ته، صرف هڪ خوفناڪ شيدياڻيءَ جي. ۽ بس! شيدياڻي به ڪهڙي؟ ڊرائيور! ۽ مزاجن زور آور. (پڙهو پيراگرف بعنوان Not born in USA) پٺين اڪثر ۽ اسپيشلي هن سفرنامي کي پڙهندي، الطاف جي لکڻيءَ جي جنهن گڻ منهنجي حيرتن کي سجاڳ ڪيو آهي ان کي شايد هن جي ڪنهن به نقاد، يا مهاڳيءَ فوڪس ۾ ناهي آندو. مثال طور ٻاهرين دنيا جي فاصلي ۽ منظرن کي اکين آڏو پينٽ ڪرڻ لاءِ، سنڌ جي مقامي منظرن ۽ فاصلن جي نشاندهي ڪري، پڙهندڙ جي ذهن ۽ اکين تائين ڏاڍي ذهانت سان ڳالهه پهچايو ڇڏي. مثال طور، ڏسو سندس ڳالهه کي سمجھائڻَ جو ڏانءُ.
    ”..... اسان جي هيءَ اڪيڊمي ملاڪا جي وچ شهر کان ائين پاسيري آهي جيئن ملير ۾ آرمي وارن جون ڪئمپون صدر ڪراچيءَ کان آهن...“
    ”....اُهو ڳوٺ ملاڪا جي وچ شهر کان مفاصلي ۾ ايترو پري آهي جيترو پيٽارو جو ڪئڊٽ ڪاليج حيدرآباد شهر کان...“
    ”.....سڄي ملاڪا رياست جي آدمشماري، ڪوٽڙي شهر کان به گهٽ هوندي.....“
    ڏِٺَوَ! الطاف جو اِهو اسٽائيل. يعني ٻاهريان ملڪ به گهمو ۽ گڏوگڏ سنڌ بابت به ڄاڻَ وٺندا وڃو. ۽ جيئن چئبو آهي هڪ ٽڪيٽ ۾ ٻه مزا. الطاف ان جو پورو پورو خيال هن سفرنامي ۾ رکيو آهي ته پڙهندڙ کي ڄاڻَ جي سطح تي، ڏيهه ۽ پرڏيهه جون سرحدون ملائي ڏئي ۽ هن سفرنامي جي هر پئراگراف ۾، اهڙا مثال جابجا هڪيا ملندا. ان مان لڳي ٿو ته سفرنامي لکڻ کان اڳ هو لکڻ جي ذهني تياري مڪمل طرح سان ڪري، پوءِ ٿو لکي.
    ادب ۾ جڏهن الطاف جو پهريون ڪِتاب ”اناميڪا“ پڌرو ٿيو. تڏهن اڃا خود الطاف پاڻ ادبي دنيا ۾ شهرت جي حوالي سان ڄڻ اناميڪا (بي نانءُ) هو ۽ هاڻي، جڏهن هن نئين سفرنامي تائين هو اچي پهتو آهي، تڏهن هن جي آڏو همعصرن جون ڪيئي کيپون، ڪيئي هڪ جيڏا ۽ شهرت يافته ليکڪ ڄڻ سندس مقبوليت ۽ مهانتا آڏو اناميڪا بنجي ويا آهن. بلڪه لاپته (الاعلي لا سيف الا ذوالفقار). اڄ الطاف، جديد سنڌي سفرنامي جي سرحد جو ٻيو نالو بنجي چڪو آهي ۽ اسين دل تي هٿ رکي الطاف کي سفرنامي جي فن جو Trend Setter چئي سگهون ٿا.
    الطاف جي سفرنامن جو اهم گڻ ته انهن منجهه وڌاءُ ڪونهي فيل ٿيندو. واقعا ۽ منظر هن جي کاين اڳيان ظاهر ٿيا ناهن ۽ هن بنا وقت وڃائڻ جي اُهي لکي ورتا ناهن. بس، ان سبب ڪري هن وٽ ڪائي ڳالهه، ڪائي سٽ پاروٿي ٿي ڪانهي ڪو تاثر سيڪنڊ هئنڊ ڪونهي. سڀ ڪجهه/گهڻو ڪجهه فريش ليٽيسٽ ۽ فائن اڇا! جانبداريءَ واري سطح تي الطاف جي سفرنامن کي جانچبو ته هن جا پلئه آجا نظر ايندا. ان سطح تي هن جي حيثيت ۽ شخصيت محض هڪ سياح جي حيثيت نظر ايندي. يعني ذهني طرح نه هِن ڌر جو نه هُنَ ڌُُر جو. نقطهءِ نظر لبرل وچٿرو.... اڄڪلهه سٺي دنيا جي سفرنامن ۾، سماجي، سياسي ۽ فڪري لاڙا ڊسڪس ٿين پيا. پر الطاف کي ان جو ڪو به فڪر ڪونهي. هو بس سياح آهي. ”رُڳو منظرن سان ڪم، پس منظر ٻڌائڻ مان فائدو؟“ جي قول تي عمل ڪندي پڙهندڙن جي اکين سان اکيون ملائيندي وڃي ٿو ملڪ گهمائيندو. ماڻهن جا ڊيل ڊول، ارڪان ۽ پرڪار پڌرا ڪري، ٻاهرين صورتحال کان آگاهه ڪري. نيٺ ڳالهه کٽايو ڇڏي. جن جن ملڪن جي ياترا هو ڪري ٿو اُهي پيڙائن جي آويءَ ۾ ڪيئن ٿا پچن پڄرن اها روداد ندارد. ها، ڳالهه هو ڪري ٿو.... پر نتيجا نٿو ٻڌائي. اهي ڇڏي ٿو پڙهندڙ جي ذهنن تي ته اهي انهن واقعن جو رد عمل ڪيئن ٿا وٺن ـــ بس منهنجي خيالَ ۾ اها ئي پاليسي الطاف جي سڀني سفرنامن جي وڏي ڪمزوري به آهي ۽ سگهه به.

    نصير مرزا


    اُلهاس نگر سنڌي ايسوسيئيشن

    اسين سڀ ٽين دنيا جي ترقي پذير ملڪن جا ويٺا هئاسين. ڳالهه اچي نڪتي ٽيڪنالاجيءَ جي. هر هڪ پنهنجي ملڪ بابت ٻڌائڻ شروع ڪيو ته پئسو گهٽ ۽ آدم شماري وڌيڪَ هجڻ ڪري ننڍي کنڊ جا ملڪ: سريلنڪا، پاڪستان، هندوستان وغيره پٺتي پوندا وڃن نه ته جهڙو پيٽرول عرب ملڪن ۾ نڪري پيو آهي، اهڙو اسان جي ملڪن مان نڪري ها ته آمريڪا ۽ يورپ جا به طاق لڳي وڃن ها. پر مشڪل حالتن هوندي به اسان جي ملڪن جا ماڻهو پنهنجي سر جيئڻ لاءِ هٿ پير هڻندا رهن ٿا.
    مون به پنهنجي ملڪ جو مانُ مٿانهون ڪري ٻڌايو ته اسان جي ملڪ جا به نه فقط سائنسدان هوشيار آهن، پر ڪيترا ننڍا ننڍا مستري مڪينڪ پڻ اهڙا آهن، جن جيتوڻيڪ انگريزيءَ جو لفظ به نه پڙهيو آهي ۽ نه وري ڪو جپان ڪوريا ۾ وڃي ڪا ٽريننگ ورتي اٿن، پر ان هوندي به هر قسم جي موٽر ڪار يا ٻي مشنريءَ جي مرمت اهڙي ڪري ڏيندا جو لڳندو ته ڄڻ ڪنهن جپانيءَ يا ان ڪمپنيءَ جي نمائندي ڪئي هجي.
    ٽوڪيو ۾ هڪ دفعي هڪ هوائي جهاز ڪمپنيءَ جي انجنيئر ٻڌايو ته هوائي جهاز جا ڪيترائي سنها ۽ پيچيدا اسپيئر پارٽ (جيڪي سندن اصلي آمريڪن ۽ فرينچ ڪمنپيون تمام گهڻو مهانگا وڪڻن ٿيون)، هو لڪ چوريءَ ڪراچيءَ جي لارينس روڊ تان ٺهرائي وٺندا آهن، جيڪي هنن جي هوائي ڪمپنيءَ کي بنهه سستا پون ٿا ۽ بنا ڪنهن نقصان جي سالن کان استعمال ڪندا اچن. اهي ايترو ئي سٺو ڪم ڏيندا رهن ٿا جيترو اصلي پارٽ ان انجڻ ڪمپنيءَ جا. پر ڳالهه اها آهي جو نه ته ظاهري طرح ٻڌائي سگهجي ٿو ۽ نه ٻين کي ان بابت صلاح ڏيئي سگهجي ٿي جو انشورنس ۽ مشينري جي پرزن جي ڪمپنين جي قاعدن قانونن موجب انهن جي ڪمائيءَ لاءِ انهن کان وٺڻا آهن. ائين ڌارين ۽ عام دڪانن تان وٺڻ ڏوهه قرار ڏنا آهن.
    ان تي هندستان جي چيف انجنيئر ببر ٻڌايو ته پاڪستان جي لارينس روڊ وانگر بمبئيءَ ۾ به هڪ ٻه گهٽيون آهن جتي قطار ۾ ڪيترائي ننڍا ننڍا دڪان آهن جن تي ليٿ مشينون ۽ ٻيا اوزار رکي سالن کان مستري اهڙا اهڙا پرزا ٺاهيندا رهن ٿا جو اصلي ايجاد ڪندڙ يورپين ۽ جپانين جو به دماغ دنگ رهجيو وڃي ته بنا نقشي ۽ ڊرائينگ جي هڪ ئي مشين سان هڪ پيچيدو پرزو هتي جا مستري ڪيئن ٿا ٺاهين، جيڪي ماڻهو ظاهري طرح ڏسڻ ۾ ائين سادا سودا آهن.
    کين مون هڪ واقعي بابت ٻڌايو. ڪراچيءَ جي صدر علائقي ۾ ريگل سئنيما ڀرسان ڪيترائي فوٽو اسٽيٽ مشين وارا آهن. گهٽ اگهه ڪري هنن وٽ ايترا ته گراهڪ اچن ٿا جو سڄو ڏينهن انهن جون مشنينون هلنديون رهن ٿيون. هڪ دفعي جنهن همراهه کان فوٽو اسٽيٽ ڪرائي رهيو هوس ان جي مشين هلندي هلندي خراب ٿي پيئي. مشين Canon ڪمپنيءَ جي بلڪل نئين ماڊل جي هئي جنهن ۾ نه فقط ساڳي سائيز جو ڇاپوآيو ٿي پر ننڍو ۽ وڏو به ٿي سگهيو ٿي. مشين ڪمپيوٽرائيزڊ هئي ۽ سندس پرزا سيمي ڪنڊڪٽرن ۽ I.C (پيچيده سرڪٽن) وارا هئا. مون سمجھيو ته هاڻ اسان جو ميمڻ سيٺ فوٽو اسٽيٽ مشين جي ڪمپني ڪئنن واري کي فون ڪندو ته مشين جي خرابي اچي دور ڪري جيئن هيڏانهن ٻين ملڪن ۾ ٿئي ٿو ۽ دير ٿيڻ جو سوچي آئون پنهنجا ڪاغذ ميڙڻ وارو هوس ته همراهه مون کي وڏي اعتماد سان چيو: ”سائين وڃو ٿا، اجھو ٿو ٻن منٽن ۾ ٺاهي وٺانس.“ ائين چئي مشين جو ڍڪ کوليائين جنهن جي ڪنڊ ڪڙج ۾ انيڪ رنگين ننڍن پرزن جا ڍير لڳل هئا. ڊايوڊ، ٽرانسٽر، ٽرانسفارمر، ڪئپسٽر، ڪنڊينسر، ريزسٽنٽ، چِپس..... خبر ناهي ڇا ڇا. هن ڏاڍي آرام سان اسڪرو ڊرائيور سان هڪ ٻن پرزن کي اٿلائي پٿلائي چيڪ ڪيو ۽ هڪ ٻن کي ڪڍي بدلايو ۽ مشين تيار ٿي ويئي. مزي جي ڳالهه اها ته نه هو اليڪٽرانڪ انجينئر هو ۽ نه ڪا هن ان مشين جي پرزن جي جپان يا انگلينڊ ۾ ڇهن مهينن جي ٽريننگ ورتي هئي...... جيڪا اڄڪلهه عام ٿيندي وڃي. هو فقط سال جي گئرنٽي وارن ڏينهن ۾ ڪئنن ڪمپنيءَ جي نمائندي کي ان مشين جي مرمت ڪندو ڏسي قابل ٿي ويو هو.
    اهڙا ماڻهو اسان جي ملڪ ۾ کوڙ ۽ اسان جي ملڪ ۾ وسيلا هجن ۽ اهڙا ماڻهو صحيح طرح تعليم ۽ ٽريننگ وٺي سگهن ته الائي ڇا ٿي پوي.
    * * *
    سنگاپور جي چيني همراهه چيو ته ڪيتريون شيون: ڪپڙي انڊپين کان پائوڊر ريڊيو تائين، اسان جي ملڪ جا چيني اهڙا ته سٺي نموني جون ٺاهين ٿا جهڙيون جپان آمريڪا جي وڏين ڪمپنين وارا. پر عام ماڻهو جي دماغ ۾ جيئن ته اهو ويٺل آهي ته فقط جپاني ۽ آمريڪن ئي سٺي شيءِ آهي، ان ڪري اسان جون سستيون شيون به نٿيون وڪامن. پوءِ ڪي چالاڪ واپاري مجبور ٿي پنهنجي مال تي جپان ۽ آمريڪا جا ڪوڙا ٺپا هڻي مال اگهائين ٿا. سڀ وٺي کليا. ان تي برمي همراهه چيو: ”نقل به اهڙو ڪن ٿا جو اصل جو گمان ٿئي ٿو.“ مون کين هڪ .لطيفو انهن ڏينهن جو بڌايو جڏهن اڃا جپاني به ٻين جي شين جو نقل ڪندا هئا. خاص ڪري آمريڪي شين جو. لطيفو هن طرح آهي ته هڪ آمريڪن شيشي جي هڪ تار ٺاهي، ان کي ڏسي جپانيءَ به نه فقط اهڙي ئي سنهي تار ٺاهي پر ان ۾ سوراخ پڻ ڪيو. ان بعد مارڪيٽ ۾ مقابلي لاءِ هڪ پاڪستاني آيو. جنهن اهڙي سنهي تار سوراخ سميت ته ٺاهي پر ان تي Made in America به لکي ڇڏيو.
    تائيوان جي ڪئپٽن چيو ته جيڪي ڪجهه هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور وارا ڪجهه سال اڳ تائين ڪندا هئا، اهو اسان جي ملڪ ۾ اڄ به ٿي رهيو آهي، يعني ڪيترن ئي شين تي ٻاهرين ملڪن جا ٺپا، ڪجهه ردوبدل سان هڻي، مارڪيٽ ۾ مال پيش ڪيو وڃي ٿو، جئين سادو وسوڙيل گراهڪ ان کي آمريڪن يا يورپي سمجھي خريد ڪري. اهوٺپو سنئون سڌو Made in Japan بدران ”ميڊ ائز جپان“ يا ”ميڊ فار جپان“ هنيو وڃي ٿو جيئن ڪو ڪورٽ ۾ به نه سڏائي.
    ببر کلندي چيو: ”اسان وٽ Made As يا Made for به نٿا لکن. ماڳهين Made by USA لکيو وڃي ٿو.“
    پوءِ ٻڌائين ته اُلهاس نگر ۾ سنڌي هندو ڪارخانيدارن ۽ فئڪٽرين جي مالڪن جي ايسوسيئيشن آهي جيڪا USA جي نالي سان سڏجي ٿي ـــ يعني ”الهاس نگر سنڌي ايسوسيئيشن“ سو انهن جي ڪارخانن ۾ جيڪا شيءِ ٺهي ٿي ان تي Made as USA جو ٺپو هڻيو ڇڏين،. هاڻ آمريڪا کي به ڪهڙي طاقت جو هوءَ گوڙ ڪري ته پوني ۾ ٺهيل هن ڪپڙي تي USA ڇو لکيو اٿانوَ. يا ڪلياڻ ۾ ٺهيل هن پڪوڙن جي ڪڻڇيءَ ۽ پاپڙ ٺاهڻ جي چڪري ويلڻ تي Made by USA جو ٺپو ڇو هنيو اٿانو؟
    * * *
    دنيا ايڏي ترقي ڪري ويئي آهي جو هاڻ بزنس کي آرٽ بدران سائنس سمجھيو وڃي ٿو. واپار جا سائنٽيفڪ طريقا ۽ اصول ڪتابن جي روپ ۾ يونيورسٽي ڊگرين جي شڪل ۾ مختلف قومن جا ماڻهو سکي ڀڙ ٿيندا رهن ٿا ۽ ڪنهن حد تائين ڪاميابي به نصيب ٿي اٿن. پر سنڌي هندو واپاريءَ لاءِ واپار اڄ به آرٽ آهي جنهن ۾ هو نه فقط ننڍي کنڊ ۾ پر دنيا جي دور دراز ملڪن، قومن ۽ مذهبن ۾ رهي به مقابلو کٽيو ويٺو آهي ۽ اها اهڙي ڳالهه آهي جنهن کي سڄي دنيا مڃي ٿي.
    واپار ۾ هڪ ٻئي سان ضد ۽ مقابلو هوندي به سنڌي واپاري گڏ گڏ رهن ٿا. هن پاسي: ملائيشيا، سنگاپور، انڊونيشيا ۽ هانگ ڪانگ ڏي ته تمام گهڻا سنڌي واپاري آهن ۽ سندن وڏيون وڏيون ايسوسيئيشن آهن. پر آمريڪا جهڙن ڏورانهن ۽ وڏن هنڌن تي به هو گڏ گڏ رهن ٿا. ڪجهه سال اڳ تائين آمريڪا ۾ ”سنڌي ايسوسيئيشن آف آمريڪا“ نالي سنڌين جي فقط هڪ ايسوسيئيشن هئي. پر هاڻ ڪيتريون ئي ٿي ويون آهن. ان ڏينهن ڪچهريءَ ۾ ويٺل جهازي همراهن انهن مان ڪجهه ٻڌايون جيڪي هن ريت آهن.
    سنڌو سنگم ـــ سنڌين جي هيءَ سوسائٽي آمريڪا جي شهر نيو يارڪ ۾ آهي، سندس باني شري دولت ساجناڻي آهي ۽ ائڊريس اٿس:
    220 West 107 Street,
    4A, New York, Ny 0025, USA
    Phone: (212) – 865 – 4493

    هيءَ سوسائٽي هر مهيني ”انڊس ـــ واڻي“ نالي رسالو پڻ ڪڍي ٿي ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي ڊائريڪٽري پڻ شايع ڪئي آهي ــــ جيئن سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ سنڌين جي آهي.
    آمريڪا ۾ سنڌين جي هڪ ٻي ايسوسيئيشن ”لانگ آئلنڊ سنڌي ايسوسيئيشن“ نالي آهي، جنهن جو باني ايشور ديوجاڻي آهي. ايڊريس هن ريت آهي:
    Long Island Sindhi Association,
    50, Genesee, Hicksuille, Ny 11801, USA
    Phone: (516) – 433 – 2214
    ٽين مشهور سوسائٽي ”اوورسيز سنڌيز سڀا“ نالي آهي، جنهن جو مکيه باني رام سکراڻي ۽ شري لالچنداڻي آهي. ايڊريس اٿس:
    Overseas Sindhu Sabha,
    34-15, 71 RD, Street Jackson Heights, Ny 11372,
    Phone: USA (718) -426-2150
    هن سوسائٽيءَ ڪئينس جي علائقي ۾ سنڌين لاءِ هڪ سينٽر ”سنڌو ڀون“ نالي ٺهرائڻ جو ارادو ڪيو آهي. چوٿين سوسائٽي ”سنڌي ايسوسيئيشن آف نيو جرسي“ نالي آهي، جنهن جو مکيه باني ماتلي ڀمڀاڻي ۽ وينا هميراجاڻي آهي. ايڊريس هن ريت آهي:
    C/o Nona Advani, country Club Lane,
    East Hanover, N. 10793, USA
    Phone: (201) – 668-8319
    اهڙيءَ طرح هڪڙي شڪاگو ۽ هڪ لاس اينجلس ۾ پڻ آهي.


    بئنڪاڪ ڪيئن هلجي...

    اڄ چانهه تي ڪئپٽن راج بزاز اسان کان سنگاپور گهمي اچڻ جي خبر چار پڇي. ان بعد چوڻ لڳو ته هتان ملاڪا کان سنگاپور باءِ روڊ ايترو ويجھو آهي جو مهيني ڏيڍ ۾ هڪ دفعو سنگاپور جو چڪر هڻڻ تمام ضروري اهي.
    چيومانس: ”هائو ۽ سال ۾ هڪ دفعو بئنڪاڪ جو پڻ.“ منهنجي اهو چوڻ تي ڪئپٽن بزار اهڙا ته وٺي ٽهڪ ڏنا جو آئون شڪي ٿي ويس ۽ يڪدم ڳالهه جو غلط مطلب ڪُکيم. جيتوڻيڪ ان وقت منهنجي ڌيان ۾ بئنڪاڪ ائين ئي اچي ويو ڇو جو هي شهر ملاڪا سنڌ جي شهر حيدرآباد جيان آهي. جنهن جي هڪ پاسي ڪراچيءَ وانگر سؤ سوا ميلن تي سنگاپور آهي ته ٻئي پاسي بئنڪاڪ ائين آهي جيئن حيدرآباد کان خيرپور يا سکر ـــ ۽ هوائي جهاز ۽ پاڻيءَ جي جهاز کان علاوه روڊ رستي، ريل رستي يا ٻيڙي بتيلي رستي به ڪلاڪن ۾ پهچي سگهجي ٿو.
    ڪئٽپن بزاز پنهنجي روايتي ٽهڪن مان آخر واندو ٿي چيو: ”بلڪل سچ ٿو چئين. پر منهنجي زالَ کي خبر پئجي ويئي آهي ته بئنڪاڪ ۾ جهازين لاءِ ڪهڙو رڌو پيو ٺري.“ ۽ پوءِ چانهه ۾ کنڊ ملائي ويجھو ٿي ڪن ۾ چيائين: ”يار ڪو اهڙو طريقو نٿو سجهئي جو بئنڪاڪ ايئرپورٽ تي پاسپورٽ تي ٿائلنڊ جو ٺپو ئي نه لڳي. يا ڪا اهڙي سالوشن آهي جنهن سان پاسپورٽ تي لڳل اهو ٺپو ڊهي سگهي ۽ ڪنهن کي به خبر نه پوي ته اسان ڪو بئنڪاڪ مان ٿي آيا آهيون. گهر وارن کي اهو ئي چئي گشو هڻجي ته اسان ڀر واري ملئي ڳوٺ ”مسجد تاناح“ ۾ ويا هئاسين“


    زيبوءَ سان پيار

    مالاگاسي (مئڊا گاسڪر) ٻيٽ جو نالو ننڍي هوندي پهرين اسڪول جي عام معلوماتي مقابلي ۾ ٻڌوسين ان بعد جاگرافيءَ جي پيرڊ ۾ جاگرافي ٽيچر کان. ان کان علاوه عبرت آفيس ۾ شيخ عزيز کان ـــ جنهن جو تن ڏينهن ۾ تڪيو ڪلام هوندو هو: ”ماڻهن کي ٺهي خبر مالاگاسي يا ٽمبڪٽو جي به ڪانه ٿي ٿيا آهن اخبار نويس.“
    ۽ پوءِ هڪ ڏينهن مالاگاسي ٻيٽ وٽان لنگهندي ياد اچي ويو ته هي اهو ٻيٽ آهي جنهن جو نالو عزيز شيخ کي پسند هو.
    عربن ۽ اسرائيلن جي جھڳڙي ڪري سئيز ڪئنال جيترا سالَ بند رهيو اسان کي آفريڪا جي هيٺان ڪيپ آف گڊ هوپ وٽان ڦري آمريڪا ۽ يورپ وڃڻو پيو ۽ ڪيپ آف گڊ هوپ جي کلئي ۽ خوفناڪ سمنڊ کان اڳ هڪ ٻئي خوفناڪ هنڌ (موزمبق چئنبل واهه) مان لنگهڻو پيو ٿي. هي واهه ايڏو وڏو آهي جو سندس ويڪر گهٽ ۾ گهٽ سؤ ڪوهه کن ٿيندي ۽ ڊيگهه چار سؤ کن جو تکي جهاز کي به ٻه ڏينهن ٻه راتيون ان کي ڪري اڪرڻ ۾ لڳيو وڃن. تکي هوا يا طوفان ۾ ته هن چئنل جي پاڻيءَ جي تکائي ائين هوندي آهي جيئن ماڊول جي منهن وٽ واٽر ڪورس جي هجي ۽ آفت جيڏو جهاز به ڪک پن وانگر لڙهندو محسوس ٿيندو آهي.
    ان موزمبق چئنبل جي هڪ پاسي آفريڪا کنڊ آهي ۽ ٻئي پاسي اسان جو مالاگاسي ٻيٽ ــ جنهن کي ماڻهو ڳجھارتن جو ٻيٽ به سڏين ٿا. ڇو جو سندس ڪيتريون ئي عجيب ڳالهيون اهڙيون آهن جيڪي دنيا لاءِ ڳجھارتن کان گهٽ ناهن.
    مالاگاسي ٻيٽ ـــ جنهن تي ڪنهن زماني ۾ فرينچن جو قبضو/ڪالوني هو سو مئڊا گاسڪر جي نالي سان سڏيو ويندو هو. 1947ع ۾ هتي جي ماڻهن جيڪي مالاگاسي سڏيا وڃن ٿا آزاديءَ ڪارڻ فرينچ حڪومت جي خلاف انقلاب آندو. فرينچن ان کي دٻائڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿيا ۽ ٻيٽ کي سندن باشندن حوالي ڪرڻو پيو. آزاديءَ بعد به هي ٻيٽ ڏهه ٻارهن سالن تائين مئڊا گاسڪر سڏبو رهيو پر پوءِ سندس اصلي نالو مالاگاسي رکيو ويو (جيئن آزاديءَ بعد سلون تي سريلنڪا ۽ ڊاڪا تي ڍاڪا رکيو ويو آهي).
    مالاگاسي ٻيٽ دنيا جو چوٿون نمبر وڏو ٻيٽ آهي (گرين لينڊ، نيو گني ۽ بورنيو کانپوءِ) . سندس عجيب ڳالهين مان هڪ اها به آهي ته هي ٻيٽ جيتوڻيڪ هندي وڏي سمنڊ ۾ آفريڪا کنڊ جي ڀرسان آهي پر هن ٻيٽ جي رهاڪن جي شڪل، رنگ روپ يا سڀاءُ نه ته آفريڪي شيدين جهڙو آهي ۽ نه وري هندستان جي جي ماڻهن جهڙو! هن ٻيٽ جي باشندن جي بنيادي زبان، تهذيب ۽ منهن مهانڊو ملايا ۽ انڊونيشيا ماڻهن سان ملي ٿو ـــ جيڪي ملڪ هندي سمنڊ جي ٻي ڇيڙي تي پئسفڪ سمنڊ وٽ آهن ۽ مالاگاسي کان گهٽ ۾ گهٽ پنج هزار ميل پري ٿيندا. هوڏانهن آفريڪا کنڊ جي ڌرتي جيڪا مالاگاسيءَ کان فقظ ٽي سؤ ميل پري آهي ان سان ڪا به مشابهت نه آهي.
    ٻي ڪمال يا ڳجھارت جهڙي ڳالهه اها به آهي ته آفريڪا کنڊ تي شينهن، چيتي ۽ هاٿيءَ جهڙا ڳرا جانور جتي ڪٿي ملندا، پر هن ٻيٽ تي، جيڪو جاگرافي طور آفريڪا جو ئي حصو سمجھڻ کپي ــ انهن جانورن مان ڪنهن هڪ جو نالو نـشان ناهي. ان کان علاوه آفريڪا جو سڄو ڪنارو زهريلي نانگن سان ڀريو پيو آهي پر مالاگاسي ٻيٽ تي اهڙو ڪو به نانگ بلا نظر نه ايندو. خبر ناهي ڇو ـــ؟
    سريلنڪا جي ٻيٽ تي ڪيترا اهڙا به گل ٻوٽا، وڻ ٽڻ، جيت جڙا، پکي پکڻ ۽ نانگ بلائون ملنديون جيڪي سندس ڀر واري ملڪ هندستان ۾ نه آهن پر انهن مان ڪيتريون ئي شيون هيڏانهن آفريڪا کنڊ جي ڪناري تي ملن ٿيون. جنهن لاءِ جاگرافي جي ڄاڻن جو چوڻ آهي ته ڪنهن زماني ۾ ـــ جڏهن هيءَ سڄي دنيا مختلف کنڊن ۾ ورهايل هجڻ بدران يڪو هڪ وڏو کنڊ هئي ته سريلنڪا جو ٻيٽ آفريڪا جو هڪ حصو هو جيڪو پوءِ ان کان ڇڄي پري وڃي پيو آهي ۽ زمين هڪ ئي حصي جي هجڻ ڪري منجھس ڪيتريون ئي شيون ساڳيون آهن. پر مالاگاسي ٻيٽ جو اهو به ڪمال آهي ته هن ٻيٽ تي ڪيترائي اهڙا پکي، جانور، پوپٽ، ڀنڀوريون ۽ گاهه ٻوٽا آهن جيڪي دنيا جي ڪنهن به ملڪ يا ٻيٽ تي نه آهن.
    هڪ آڳاٽي مڇي (Coelacaths) ٿي گذري آهي جنهن لاءِ ڪجهه سال اڳ تائين سائنسدانن جو اهو ئي خيال هو ته اها اڄ کان سٺ ملين سالَ اڳ ختم به ٿي چڪي آهي پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اها مڇي مالاگاسي ٻيٽ جي ڪناري تي اڄ به ڪڏهن ڪڏهن نظر اچي ٿي. ايپورنس نالي پراڻي زماني جو کنڀين بنا گهوڙي جيڏو پکي هن ئي ٻيٽ تي وڌيو ويجھيو. هي پکي شتر مرغ کان ڇهوڻو ڳرو هوندو هو ۽ فٽ بال کان به وڏا آنا لاهيندو هو. ان قسم جا آفت نما جانور (ڊائنا سورس) ڪڏهو ڪو حالتن جي سٽ نه سهي مري کپي ويا. پر هن ٻيٽ جي هن آڳاٽي پکيءَ جو نسل ايترو ته ويجھڙائيءَ ۾ ختم ٿيو آهي جو هن ٻيٽ جي ڪيترن ئي جھونن ماڻهن پنهنجن ڏاڏن پڙڏاڏن کان ٻڌل ان پکيءَ جي شڪار جون ڳالهيون چشڪا ڏيئي اسان سان ڪيون ٿي.
    ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته هن ٻيٽ جا رهاڪو گهڻو اڳ ملايا ۽ انڊونيشيا جي ٻيٽن کان (اٽڪل پهرين عيسوي صديءَ ۾) وڻن جي بنڊن، ڇوڏائين ٻيڙين ۽ ڪاٺائين مڪڙين رستي ڀٽڪندي اچي هتان نڪتا ۽ ڪي ته شايد پيرين پنڌ هندستان، عربستان ۽ آفريڪا جو ڪنارو ڏيئي پوءِ اتان ٻيڙين رستي هتي پهتا. اڄ به هن ٻيٽ تي انهن جي خانداني ورثي واري تهذيب، هنر ۽ ريتون رسمون آهن. زبان جو نمونو به ساڳيو ئي اهو آهي ته کاڌي ۾ به انهن وانگر چانور ٿا کائين ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن ٻيٽ جا ماڻهو اڪثر اهو چوندي ٻڌبا آهن ته: ”اسان نه آفريڪي آهيون ۽ نه ايشيائي. اسان وچان ئي ڪجهه ٻيا آهيون.“
    ٻاهر جي دنيا کي هن عظيم ٻيٽ جي خبر 1500ع ۾ هڪ پورچوگالي جهاز جي ڪئپٽن کان پيئي جنهن جو جهاز طوفان ۾ هن ٻيٽ جي ڪناري سان اچي لڳو هو. پر پوءِ چڱيءَ طرح ڄاڻ واقفيت تڏهن ٿي جڏهن يورپ جون ٻيون قومون هن ٻيٽ جي ڪناري تائين ترسڻ بدران گهڻو اندر جابلو علائقن ۾ به گهڙي ويون. هنن ”ملايو ـــ انڊونيشي“ قوم ميزينا بابت اچي ٻڌايو جيڪي هن ٻيٽ تي رهيا ٿي ۽ سڄي ٻيٽ تي قبضو هون. سندن بادشاهه: اندريا نام پوئينيميرينا (نام پوئينا) حڪومت ٿي ڪئي. ان کانپوءِ حڪومت جون واڳون سندس رادما نالي قابل پٽ جي حوالي ٿيون.
    رادما تخت تي ويهڻ شرط غلامن جو وڪرو بند ڪرايو. يورپ کان آيل رهاڪن جي مدد سان اسڪول کولرايا ۽ انگريزي ۽ فرينچ زبانن جي ڏکين اسپيلن کي آسان ڪري مالاگاسي زبان جوڙيائين جيڪا اڄ به دنيا جي آسان زبان سمجھي وڃي ٿي. مالاگاسي ٻوليءَ جي لسائي ۽ نرمائيءَ ڪري کيس هندي وڏي سمنڊ جي اٽلين ٻولي سڏيو وڃي ٿو.
    رادما عجيب شاهي قسم جو ماڻهو هو. سن 1828ع ۾ ننڍي عمر پنجٽيهه سالن جي ڄمار ۾ ئي گذاري ويو ـــ جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته بغاوتن کي منهن ڏيڻ لاءِ لڳاتار جنگين ۽ هر وقت عورت ۽ شراب سان لڳ لاڳاپن کيس هڻي ٿڪائي رکيو. مرڻ وقت کيس سندن دلپسند ٻارهن جنگي گهوڙن سان دفن ڪيو ويو. ان کان علاوه ساڻس گڏ اهي اسي ورديون به دفن ڪيون ويون جيڪي هن لنڊن مان سبرايون هيون. هن جي موت تي سڄي ٻيٽ کان آيل ڪانڌين جي مانيءَ لاءِ ويهه هزار ڍڳا ڪٺا ويا.
    هونءَ مئل سان گڏ سندس گهوڙن ۽ يونيفارمن وغيره کي به دفن ڪرڻ هتي وڏي ڳالهه ناهي. هتي مالاگاسيءَ ۾ مري وڃڻ ڪا ڏک جي ڳالهه نٿي سمجي وڃي. هتي موت ڄڻ هڪ ڪمري کان ٻئي تائين ڄڻ آهي. هتي جا ماڻهو پنهنجي مري ويل وڏن کي اڄ به جيئرو سمجھن ٿا جن جي نه فقط باقاعدي پوڄا پاٺ ڪئي وڃي ٿي، پر ان سان گڏ ملاقات پڻ. هر خاندان ۾ ڪجهه ڪجهه سالن بعد وڏي دعوت ڪئي ويندي آهي، جنهن تي مٽ مائٽ ۽ دوست اچي گڏ ٿيندا آهن. پوءِ سڀ جلوس ڪري قبرستان ايندا آهن، جتان مري ويل مائٽن مان ڪجهه دلپسند مائٽن جون قبرون کوٽي مردن کي ڪڍي کين سڄي شهر جي سرگس ڪرائين پوءِ نئين ڪفن ۾ ويـڙهي واپس دفن ڪن. بهرحال هتي موت ڏک جو معاملو نه پر خوشيءَ جو معرڪو سمجھيو وڃي ٿو جنهن تي خوب کائڻ پيئڻ ۽ راڳ روپ ٿين ٿا.
    جيتري دنيا تکي ترقي ڪري رهي آهي مالاگاسي ٻيٽ ان کان بلڪل آجو آهي. مالاگاسي ٻيٽ جا رهاڪو ترقيءَ جي معاملي ۾ تڪڙ ڪم شيطان جو ٿا سمجھن. اهو صحيح آهي ته اڄ جو ڪم سڀاڻي ته نه ڇڏجي پر اڄ جو ڪم سڀاڻي تي ٽاري ڇڏڻ ۾ جيڪا راحت آهي ان جي هتي جي ماڻهن کي خبر آهي. هتي اڄ جي ماڊرن دؤر ۾ به پوک جا طريقا اهي ئي پراڻا آهن جيڪي صديون اڳ هئا. نواڻ جي ضرورت محسوس ڪندي به هتي جا ماڻهو نٿا آڻين جو کين ڀؤ آهي ته متان سندن مري ويل ڏاڏا پڙڏاڏا دل ۾ نه ڪن ـــ جيڪي اڄ به خاندان جو هڪ حصو سمجھيا وڃن ٿا.
    مالاگاسي ٻيٽ جو جتي اڀرندو حصو ساوڪ ۽ سونهن سال ڀريل آهي اتي ڏاکڻو ۽ الهندو حصو اري ۽ رڻ پٽ آهي. اڀرندي حصي ۾ هر سال ڏيڍ سؤ انچ مينهن وسي ٿو. زمين جو چپو چپو گلن ڦلن، ٻوٽن ۽ ميويدار وڻن سان ڀريو پيو آهي. زندگي آرام ۽ سڪون واري آهي. بلڪه تمام ئي گهڻي آرام ۽ سڪون واري جو هر شيءِ کاڌي پيتي جي، ٿوري ئي محنت سان مليو وڃي. موسم پڻ لاجواب آهي. سڄي رات گهاٽي ننڊ ڪرڻ بعد به ڏينهن جو وري اٻاسين جو ڦهڪو ۽ جھوٽا هوندا آهن. ڏاڍو افسوس ٿيندو آهي جو غلط وقت تي سامونڊي زندگيءَ ۾ آياسين نه ته اڄ کان سؤ سال اڳ ڪئپٽن ڪڪ جهڙي دؤر ۾ هجون ها ته اسان به انهن ڏينهن جي جهازين وانگر ههڙا ٻيٽ ڇڏڻ تي بغاوت ڪري هتي کئي ڪنهن ناريل جي وڻ هيٺ سمهي رهون ها ۽ جهاز گهنڊ وڄائيندو روانو ٿي وڃي ها يا ڪناري تي ئي بيٺي بيٺي اڏوهي کائي وڃينس ها. پر هاڻ ته سائين اميگريشن۽ پاسپورٽن جا چڪر اهڙا ته سڄي دنيا ۾ ٿي ويا آهن جو عرب ملڪن جهڙا بياباني ملڪ به ڌارئين کي مقرر وقت کان هڪ ڏينهن به وڌيڪَ ترسڻ نٿا ڏين.
    ناريل جي وڻ هيٺان سمهڻ تي ڳالهه ياد آئي ته هتي مالاگاسيءَ ۾ يا سريلنڪا، بنگلاديش وغيره جهڙن هنڌن تي ناريلن جي وڻن هيٺان ماڻهن کي بي اونو سمهندو ڏسي تعجب لڳندو آهي ته اسان ته وڌ ۾ وڌ ٻير جي وڻ هيٺان ئي سمهڻ جو جوکم کڻي سگهون ٿا. هتي مالاگاسيءَ ۾ هڪ همراهه کي چيم ته يار ناريل جي وڻ هيٺان سمهندي ڊپ نٿو لڳانو. هڪ هڪ ناريل سير ڏيڍ سير جو ته ٿيندو ۽ ڪي ڪي وڻ ٽماڙ چوئماڙ کان به اتاهان آهن. اتان جي ڪو ناريل ستل ماڻهوءَ جي مٿي تي لڳي ته هڻي ڦهي رکيس. گهاٽي ننڊ وارا خواب ته پري پر هن دنيا جا خواب به اڌورا رهجي وڃنس. وراڻيائين ته ناريل کي اک ٿيندي آهي. هو ڏسندو رهي ٿو ۽ جنهن وقت ڪو هيٺ ستل آهي ته هو هيٺ هرگز نٿو ڪري.
    بهرحال مالاگاسيءَ ٻيٽ جو اڀرندو پاسو جيترو سرسبز ۽ سائو آهي اوترو ڏاکڻو حصو گهٽ مينهن پوڻ ڪري سڪل ۽ ٺوٺ آهي. ويندي ڪن هنڌن تي پاڻيءَ لاءِ عورتون ميلن جا ميل پنڌ ڪن ٿيون.
    مالاگاسيءَ جو ٽيون حصو ـــ وچ وارو جابلو آهي. جيئن پاڻ وٽ ڪوئيٽا يا ڪوهه مري آهي ۽ اهو علائقو سڀ ۾ خوبصورت ۽ هن ٻيٽ جي دل سمجھيو وڃي ٿو. هتي سڀ کان بهترين اسڪول آهن، سهڻا ڪليسا گهر (هر هڪ ڳوٺ ۾ هڪ رومن ڪئٿولڪ وارن جو ڪليسا گهر ۽ هڪ پروٽيسٽنٽ عيسائين جو) آهن ۽ پڙهيل ڳڙهيل ۽ ترقي پسند ماڻهو رهن ٿا. رستا ۽ گهر به پڪا ۽ سهڻا آهن. ٻيٽ/ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ ٽانا نرائيو (Tana - Narive) به هتي ئي جبلن جي چوٽيءَ تي 4700 فوٽ مٿانهون آهي.
    مالاگاسيءَ جو مستقبل ڏٺو وڃي ته تمام روشن آهي ۽ قدرت طرفان ملڪن کي مليل هر نعمت هتي موجود آهي ـــ سواءِ تيل جي. ماڻهن جي حساب کان پوک لاءِ ڀلين زمينن جو ته ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي. ساڳي وقت معدني مالن ۾ به مالا مال آهي. دنيا ۾ سڀ کان گهڻو گريفائيٽ سريلنڪا بعد هتي ملي ٿو. مائيڪا ـــ جنهن جو استعمال اڄڪلهه اليڪٽرونڪ جي شين ۾ تمام گهڻو ٿئي ٿو ـــ اها ۽ ان کان علاوه راڪيٽن ۽ ائٽم بم ۾ ڪم ايندڙ ڌاتو: مثال طور بيريليم، ٽئنٽاليم، ڪولمبيم وغيره هتي گهڻو آهي ۽ ان کان علاوه ڪروم، نڪل، لوهه ۽ ڪوئلي جون به کاڻيون آهن، جن کي ته اڃا هٿ به نه لڳايو ويو آهي.
    ايتري ڌاتوءَ هوندي به ڏٺو وڃي ته هتي نه برابر ڪارخانا ۽ فئڪٽريون آهن. فرينچن پنهنجي حڪومت جي دؤر ۾ ڄاڻي واڻي اهڙي قسم جو ڪو به ڪم نٿي ڪرڻ چاهيو جنهن سان ملڪ جي معاشي ترقي ٿئي. هاڻي آزاديءَ بعد مڙيئي ان ڏس ۾ سڌارو ۽ واڌارو ٿي رهيو آهي ـــ پر تمام ٿورو ٿورو. ان جا سبب ڪجهه پراڻيون روايتون ۽ ريتون رسمون پڻ آهن، جيئن مٿي بيان ڪري چڪو آهيان. انهن مان هڪ عجيب ريت زيبوءَ سان پيار پڻ آهي. زيبو ڪا عورت نه پر هتي جي وڏن سڱن واري ڍڳي آهي، جيئن هندستان ۾ پوڄا پاٺ جي گانءِ ماتا.
    سڄي ملڪ/ ٻيٽ مالاگاسيءَ ۾ ماڻهن کان وڌيڪَ هي ڍڳيون ـــ زيبو آهن. اٽڪل هڪ ڪروڙ کن. ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ کي ڇڏي باقي هنڌن تي هي ڍڳيون نه ڪٺيون وڃن ٿيون نه انهن جو کير ڏڌو وڃي ٿو. هندساني گانءِ ماتا وانگر هنن جي ڪا مذهبي حيثيت به نه آهي. بس فقط وڏ ماڻهپي جو نشان سمجھيون وڃن ٿيون. جنهن وٽ وڏو ڌڻ اهو وڏو ماڻهو. جيئن ڪو وڏيرو ڏيک لاءِ گهڻا ڪتا يا سوئر پالي ٿو يا اوطاقون ۽ نوڪر رکي ٿو.
    ”آخر انهن ڍڳين جو فائدو ڪهڙو ـــ جيڪي نه ڏهڻ جي ڪم اچن ٿيون نه ڪُهڻ جي؟“ مالاگاسيءَ جي رهاڪو کان بحث ڪندي مون پڇيو. جواب ۾ هن منهنجي دوست جي هٿ ۾ پيل منڊيءَ ڏي اشارو ڪري چيو: ”ڀلا ان منڊيءَ ۾ لڳل هيڏي مهانگي هيري مان ڪهڙو فائدو؟ توهان اهوئي چوندائو ته ضروري ناهي ته هر ڳالهه مان فائدو هجي. بس اسان لاءِ زيبو به ائين ئي آهي.“


    تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا

    سنڌيءَ ۾ چوڻي عام آهي ته کٽل آهيون ته به خان آهيون. يا ڪيترا ماڻهو عزت خاطر پنهنجي اندر جي حالت لڪائي مٿان اڇو لٽو پائي ٻئي کي اهو ڏيک ڏيندا ته اسان ڪو غريب نه ٿا ويا آهيون. اهڙو ئي حال جپانين جو آهي. جپاني چوڻي آهي ته ”بشي وا ڪوُوا نيدو تاڪا بوحي“ يعني سامورائي (پهلوان) کي کائڻ لاءِ نه هوندو (پيٽ ۾ بک هونديس) ته به تيليءَ سان ڏند کوٽي ماڻهن کي اهو ڏيک ڏيندو ته هن ڍءُ ڪري گوشت پُلاءُ کاڌا آهن.
    جپان ۾ به مغرب جي دنيا کان ابتڙ، پاڻ وانگر مال دولت کان وڌيڪَ عزت کي مٿانهون سمجھيو وڃي ٿو. خاص ڪري ماڻهن جي مئي کان پوءِ هن جا گڻ ئي ڳايا وڃن ٿا. مرڻ وقت چاهي هو ڪو ڌن دولت ڇڏي ويو هجي يا نه پر عزت ۽ لڇڻ اهڙيون شيون آهن جن جي ڪري هو پوءِ به ڳائبو رهي ٿو. ان جو مثال اسان وٽ ڪيترائي بزرگ فقير، شاعر اديب ٿي گذريا آهن. ان سلسلي جي جپانيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته ”تورا واشي شيتي نا اوتو ڪوسو“ يعني شينهن مرڻ بعد پنهنجي کل ڇڏي ٿو ۽ ماڻهو مرڻ کانپوءِ پنهنجي ناموس ڇڏي ٿو.
    پاڻ وٽ اهو چوڻ عام آهي ته انسان ڪڏهن گليل کان به پيو ڊڄندو پر ڪڏهن ته هو توب جي منهن ۾ هوندي به پرواهه نه ڪندو آهي ۽ دلير ٿي مقابلي جي ڪوشش ڪندو آهي. سو جپانيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي: ”ڪيو سو، يڪو او ڪامو“ (گهيري ۾ آيل ڪوئو ٻليءَ کي به چَڪي رکندو آهي.)
    جپان ۾ رهندڙ اسان جا سنڌي همراهه ”ڏٺو پير پني مراد“ پهاڪي جو نعم البدل جپاني پهاڪو ”تائي زان مي اي دوشيتي نيزومي اپيڪي“ ڏريو جبل نڪتو فقط ڪوئو ــ استعمال ڪن ٿا. اسان جو يار اقبال سولنگي سنڌي ۾ ڳالهائڻ وقت سنڌي پهاڪو ”سهسين ڪرين سينگار، ته به کودڙو پٽ کودڙي جو.“ استعمال ڪري ۽ جپانيءَ ۾ ڳالهائيندي وقت ان ئي مفهوم جو جپاني پهاڪو ڏيندو: ”ڪائيرو نوڪو وار ڪائيرو“ ڏيڏر جو ٻچو سو ڏيڏر يا جيئن پاڻ وٽ ان جهڙو هڪ ٻيو به سنڌي پهاڪو آهي: ”جهڙا ڪانگ تهڙا ٻچا.“
    پهاڪن جو ڀنڊار ظفر شيخ آهي. جنهن جي نيٺ، ادبي ۽ نيٺ جپاني ٻوليءَ تي جپاني به کيس داد ڏيندا اهن. سندس واتان ٻڌل ڪجهه جپاني پهاڪا: ”ڪامي نو ڪو يوري توشي نوڪو“ (عمر سان ئي عقل اچي ٿو)، هونءَ جپاني لفظ ”ڪو“ جي معنيٰ ڪڇونءَ جو مٿيون ڍڪ/پُڙ پڻ آهي، پر هتي ”ڪو“ عمر يا تجربو ٿيندو.
    هڪ ٻيو جپاني پهاڪو جيڪو اسان جو يار شايد سنڌي چوڻي: ”جيڪو ڳڙ سان مري تنهن کي زهر ڇو ڏجي“ جي بدران استعمال ڪندو آهي، اهو آهي: نيوا توري اوساڪو ني ازو ڪو نزو گوتو او موچي اِين“ (ڍور کي ڪُهڻ جو ڪات ڪڪڙ تي ڇو استعمال ڪجي).
    يا هڪ ٻيو سندس دلپسند جپاني پهاڪو هوندو آهي: ”ميڪئو سوها ڪُووسو او ورائو“ اکين جون پچيون ٿيون نڪ جي پچين تان ٺٺوليون ڪن. جيئن پاڻ وٽ سنڌيءَ ۾ آهي ته ”مينهن چويءَ ڍڳيءَ کي هل ڙي پڇ ڪاري“ ان قسم جو هڪ ٻيو به پهاڪو جپانيءَ ۾ آهي ته ”جهڙا پنجاهه قدم موٽڻا تهڙا سؤ.“ اها چوڻي هڪ جپاني قصي تان ٺهيل آهي جنهن ۾ جنگ دوران پنجاهه قدم پٺتي ڀڄڻ وارو سپاهي سؤ قدم پٺتي آيل سپاهيءَ تان ڇٿرون ٿو ڪري.
    جپانيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي: ”ڪمزور (بيڪار) گاهه جلدي اڀري ٿو.“ اهو ٻڌي امر جليل جي ان جهڙي چوڻي ياد ايندي آهي جيڪا گهڻو اڳ سندس افساني ۾ پڙهي هيم ته اناج ۽ ڪارائتيون شيون ته محنت سان ئي پيدا ٿي سگهن ٿيون. پنهنجي ساءِ ڌرتيءَ ۾ رڳو ڊڀ، ڪرڙ، ڪنڊا ۽ ٿوهر ئي ڦٽي سگهن ٿا.
    شاهه لطيف جو شعر آهي ته: صبر جنين جو سير، تير نه گسي تن کان. اهو گهڻو ڪري ان وقت ياد ايندو آهي جڏهن جپان جا اڪثر بندرگاهه ڇڏيندي وقت، جتي طوفان ۽ هوائون عام آهن جپاني مڪاني ماڻهن واتان نصيحت ۽ صلاح خاطر هي جپاني پهاڪو ٻڌبو آهي: ”ماتيبا ڪائيرو نو هيبوري“، سڻائو سمنڊ ان کي ئي ملي ٿو جيڪو انتظار/صبر کان ڪم وٺي ٿو، يعني سٺي موسم ۽ سمنڊ حاصل ڪرڻ لاءِ صبر ضروري آهي.
    ”ڏڌل کير وري ٿڻن ۾ نه پوي“ اهو هڪ سنڌي پهاڪو آهي، جنهن جو لفظ به لفظ جپانيءَ ۾ ترجمو ڪري اشفاق ميمڻ استعمال ڪندو آهي. ان سان ملندڙ جلندڙ جپانيءَ ۾ پڻ هڪ پهاڪو آهي: ”فوڪو سوئي بان ني ڪائي رازو“ يعني هاريل پاڻي وري گڏ ڪري نٿو سگهجي.
    اسان جو ڳوٺائي اسڪارڊرن ليڊر عبدالرزاق جپانيءَ ۾ گهٽ قابل ناهي. جپان ۾ پڙهائيءَ دوران پنهنجي سبجيڪٽ اليڪٽرانڪس کان علاوه جپاني ٻوليءَ جي لکت واري امتحان ۽ ريڊيو ٽي ويءَ تي جپاني ۾ ڪيل تقريرن ۾ به نمبر کنيائين. ظفر شيخ وانگر سندس جپاني ڳالهه ٻولهه پهاڪن، چوڻين ۽ شعرن سان ٽمٽار هوندي آهي. سندس واتان ڪجهه ٻڌل چوڻيون جيڪي هن وقت هُري رهيون آهن:
    ”جھرڪ سؤ سالن جو ٿي پوءِ ڪو نچڻ وساري.“
    ”بنبو ِنين نو ڪو دا ڪُو سان“ معنيٰ غريبن کي بار به گهڻا ته ٻار به گهڻا.
    سندس خبرن ۽ خطن مان ڪجهه ٻيا ڪوريل جپاني پهاڪا
    ”سؤٽن ماساتن کان پاڙيسري چڱا.“
    ”عشق جي مرض کان نه گوتم ٻڌ ڇوٽڪارو ڏياري نه ڪوسي پاڻيءَ جو چشمو.“
    ”ڪاني وات تنيڪا نو ماوا رموچي“ معنيٰ پئسو ايندڙ ويندڙ شيءِ آهي، جيئن اسان وٽ پڻ سنڌيءَ ۾ اهو عام آهي: ”پئسو هٿن جي مَرُ آهي“
    ”اونا نو ڪامي نيوا اوزو موتسو نگارو“ معنيٰ عورت جا وار ته متاري هاٿيءَ کي به سوگهو جھلي سگهن ٿا.
    پر اسان جو جپان ۾ رهندڙ هڪ ٻيو يار چوندو آهي ته جيڪڏهن ڪا جپاني ڇوڪري سنڌي سمجھي ته ان جپاني چوڻيءَ بدران کيس ايترو چوڻ گهڻو رهندو ته:
    ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا
    زندان هزارين مان نه رڳو“


    جھوني جڳ جا جهاز.....

    بارسلونا (اسپين) جي هڪ هوٽل ۾ هڪ پوڙهو انگريز جهازي مليو. هوا خوري ۽ فرحت وٺڻ خاطر انگلينڊ جي سيءَ ۽ برف باريءَ کان ڀڄي اسپين جي هن ڏاکڻي شهر بارسلونا ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ آيو هو. ٻي ڪا خالي ٽيبل نه ڏسي آئون به سندس ڀر ۾ ڪافي پيئڻ لاءِ وڃي ويٺس. پاڻ ڪو موڊ ۾ هو. چيائين: ”اڄڪلهه جي جهازن جي دنيا مختلف آهي. اها اسان جي وقت کان وڌيڪَ آرام ۽ سلامتيءَ واري آهي. مون 1920ع ۾ ارڙهن سالن جي ڄمار ۾ جهاز جي نوڪري شروع ڪئي هئي. 22-1921ع اهو سن هو جڏهن جهازراني جهوني جڳ مان نڪري نئين نڪور دؤر ۾ گهڙي رهي هئي. اڄڪلهه جي جهازن ۾ جيڪي توهان کي آسائش جون شيون نظر اچن ٿيون اهي تن ڏينهن جي جهازن ۾ بنهه نه هيون. توهان جا هي جهاز ايئرڪنڊيشنڊ ۽ سينٽرلي هيٽيڊ (گرم) آهن. ان ڪري پرواهه ئي نٿي ٿئي ته جهاز اتر قطب وارن سرد ملڪن ۾ هلي پيو يا خط استوا جي گرم ملڪن ۾. اڄ جي جهازن تي سمنڊ جي کاري پاڻيءَ مان مٺو ٺاهڻ لاءِ مشينون F.W Evaporator پڻ آهي. هر هڪ جي پيٽ ڀري پاڻي پيئڻ کانپوءِ به هار وير ۽ وهنجڻ لاءِ به ايترو بچي ٿو جو ڪو چاهي ته ڏينهن ۾ ڏهه دفعا به وهنجي سگهي ٿو.“
    ”سر، توهان جي ڏينهن ۾ ڀلا ڇا حساب ڪتاب هوندو هو؟“ مون کانئس پڇيو.
    ”اسان جي ڏينهن ۾ يعني ويهين صديءَ جي انهن شروعاتي ڏينهن ۾ جهاز جي قد بت سارو سندس تري ۾ پاڻيءَ جي فقط هڪ ٽانڪي هوندي هئي جنهن مان هٿ واري پمپ ذريعي پاڻي مٿي ڇڪي ڪڍبو هو. روز قطار ۾ بيهي هر هڪ جهازي حساب موجب پاڻي وٺندو هو. ڊگهن سفرن ۾ ته پاڻي به راشن مطابق ملندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هر ماڻهوءَ کي سڄي ڏينهن لاءِ فقط هڪ گئلن پاڻي ملندو هو. جنهن مان هن کي پيئڻ لاءِ پورت ڪرڻي پوندي هئي ته هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ به ــ جيڪو جهڙو تهـڙو ڌوئي سگهبو هو. بس اکين تي پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻڻو پوندو هو، ننڊ مان اُٿڻ مهل. وهنجڻ ته ڪنهن خوش نصيب ڏينهن تي ئي ٿيندو هو جڏهن زبردست مينهن ڪري جھجھو پاڻي گڏ ٿيندو هو.
    ”پاڻي ايڏي اهم شيءِ هوندي هئي جو شيشو، جڳ يا ٽڀو رکڻ لاءِ ڪاٺ جو مندن يا ڇڪو ٺهيل هوندو هو جنهن ۾ حفاظت سان رکي سگهجي. پاڻيءَ جي ڏهاڪي ورهاست بعد پاڻي ڇڪڻ واري پمپ جي هٿئي کي ڪنڍو ڏيئي وڏو تالو لڳائڻو پوندو هو. جهاز تي اهو پمپ ئي هڪ مشينري سمجھيو ويندو هو. هڪ جهاز تي وقت جي تقاضا ۽ سائنس جي ترقيءَ موجب ڪئپٽن ڪئبن ۾ هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ ڪونڊي (بئسن) لڳايو ويو جنهن ۾ کڏ تي رکيل ٽانڪيءَ مان پاڻي پائيپ مان ٿي گول ڦرڻ واري ٻنجي واري نلڪي مان نڪتو ٿي.
    ”اها اسان مڙني لاءِ وڏي ۽ حيرت انگيز ڳالهه ٿي پيئي هئي. ان جو پاڻي کپڻ تي جهاز جا خلاصي پاڻيءَ جون ڀريل بارديون کڏ تائين کڻي ان ٽانڪيءَ کي ڪناتار ڪندا هئا.“ پوڙهو جهازي ڪجهه دير پنهنجي ان ڳالهه تي کلڻ لڳو. وارو وٺائڻ لاءِ آئون به مرڪيس. پوءِ سلفيءَ مان ڪش ڀري ڳالهه جاري رکي.
    ”ساڳيو حال بجليءَ جو هو. جنريٽر اڃا نه نڪتا هئا جو ڇت يا ٽيبل وارو پکو هلي. يا بجلي ٻاري سگهجي. هر هڪ کي شامَ جو شيشي ۾ تيل ذرو ملندو هو. جو ايترو مس هوندو هو جو ڪلاڪ ڏيڍ ڏيئو ٻاري سگهجي. آئون ڏهاڙيءَ جي راشن مان ٿورو ٿورو بچائي رکندو هوس جيئن موڪل واري رات جو گهڻي دير تائين پڙهي يا پتي راند کيڏي سگهان.“
    ”ٿڌن ملڪن ۾“ مون پڇيو، ”ته توهان بلاڪيٽ، سوڙيون اوڍي سمهندا هوندائو، يا ڪاٺيون ۽ ڪوئلا ٻاري ڪمري کي گرم رکندا هوندائو. پر، سَر! گرم ملڪن ۾ ڇا ڪندا هئا؟“
    ”جيئن ئي يورپ جا ٿڌا ملڪ لتاڙي آفريڪا جي گرم ملڪ ماريطنيا ۽ سينيگال وٽ پهچندا هئاسين ته گرميءَ کان ساهه نڪرندو هو ۽ سڀ جهازي ٻارهين ڊيڪ تي اچي سمهندا هئا ڇو جو خط استوا کان ڏهه پندرهن ڊگريون مٿاهين توڙي هيٺاهين حصي جي گرمي سهڻ پنهنجي وس جي ڳالهه نه هئي. ساڳي حالت گلف پاسي يا هندستان، برما، ملايا، انڊونيشيا ڏي ٿيندي هئي. اڳتي هلي ڪاٺ بدران لوهه جا جهاز ٺهيا ته انهن جو ڊيڪ (ترو) رات جو به دير تائين گرم رهندو هو. پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ڪمري ۾ ئي سمهي رهندا هئاسين. گرمي گهٽائڻ لاءِ درين مٿان ڳوڻ آلي ڪري ٽنگيندا هئاسين جيئن ٻاهر جي گرم هوا آلي ڳوڻ مان لنگهڻ ڪري ڪجهه ٿڌي ٿئي. هونءَ ٽراپيڪل ملڪن ۾، ٻاهر سمهڻ ۾ مزو ايندو هو ۽ اسان يورپين لاءِ کلئي آسمان هيٺان سمهڻ هڪ نئين ڳالهه ۽ نئون تجربو هوندو هو. آسمان ڄڻ مڇرداني وانگر لڳندو هو. اُڀ ۾ ٽم ٽم ڪندڙ تارا ائين لڳندا هئا ڄڻ مڇر دانيءَ ۾ کڙ کٻيتا ڦاسي پيا هجن. چوڏهينءَ تي جڏهن سڄو چنڊ کڙيل هوندو هو ته مٿان ڪجهه ٽنگي سمهبو هو، جيئن چانڊوڪي سندس منهن تي نه پوي.“
    ”ڇو ڀلا؟“ وائڙو ٿي پڇيومانس.
    ”بس خبر ناهي ڇو تن ڏينهن ۾ سختيءَ سان تاڪيد ڪئي ويندي هئي ته چنڊ هيٺان نه سمهجي. تن ڏينهن ۾ اهو ڊپ يا وسوسو ماڻهن جي دلين ۾ هو ته چوڏهينءَ جي چنڊ جي چانڊوڪي جنهن به ستل ماڻهوءَ تي پوندي ته اهو چريو ٿي پوندو. جنهن کي انگريزيءَ ۾ Lunatic سڏبو آهي. اهو لفظ چنڊ سان ئي واسطو رکندڙ آهي يعني Lunar مان ٺهيو آهي. جيتوڻيڪ مون کي ان ڳالهه تي يقين نه هوندو هو پر ته به ڊڄندو هوس ۽ چانڊوڪيءَ ۾ سمهڻ جو ڪڏهن به جوکم نه کنيم، تون ڀلا ڪڏهن ستو آهين؟“ هن مون کان پڇيو.
    ”سنڌ“، مون ٻڌايو مانس. ”۽ سڄي عربستان، راجستان جا ماڻهو ته اڄ به پنکي ۽ ايئرڪنڊيشنر هوندي اڱڻ ۾ سمهن ــ چاهي چوڏهين جو چنڊ هجي يا اماس جي رات.“
    ”شاعري يا ادب سان به دلچسپي اٿئي؟ پڇيائين.
    ”ها. ٿوري گهڻي مڙيئي.“ وراڻيومانس.
    هن ڪنهن جو شعر ٻڌايو جنهن مان سندس سامونڊي زندگيءَ لاءِ اڃا تائين سڪ.
    “One Road Leads to London
    One Roads Runs to Wales
    My Road Leads me Seaward
    To the White Dipping Sails”.

    شعر جو داد ڏيندي پڇيومانس.: ”ڀلا پوءِ چاچا، ماڊرن جهازن تي به ڪو رهڻ ٿيو يا نه؟“
    ”ها. پر آخري ٻه چار سالَ. پر خبر اٿئي شروعاتي ڏينهن ۾ به هر ايندڙ سال گذريل سال جي مقابلي ۾ ماڊرن لڳندو هو. مثال طور 1923ع ڌاري هڪ جهازي ٿرڊ آفيسر هوس. ان تي پهريون دفعو مون وائرليس سيٽ ڏٺو. اها جيتوڻيڪ اليڪٽرونس جي هڪ معمولي ۽ شروعاتي ايجاد هئي. پر سائين تن ڏينهن ۾ وڏي ڳالهه ٿي لڳي جنهن لاءِ هڪ خاص ڪئبن مقرر ڪئي ويئي. ان ۾ آپريٽر صاحب ـــ جنهن کي Sparks سڏبو هو (۽ هاڻ ريڊيو آپريٽر يا ريڊيو آفيسر ٿو سڏجي) ويهي ٻاهر جي دنيا سان ٽڪ ٽڪ، ٽڪ ٽڪ جي آوازن سان نياپا ڏيندو ۽ وٺندو هو. اهو وائرليس سيٽ ڇا هوندو هو ــ هڪ ٽيبل تي ڀوائتي قسم جي پيتي رکيل هوندي هئي جنهن ۾ پتل جون تارون ۽ شيشي جي والن جي قطار هئي. ٻه ويڪريون ۽ چمڪندڙ پتل جون تارون، جيڪي ان جو پالڻ وارو اسپارڪي، هميشه چمڪائي رکندو هو، سڀ ۾ نمايان هونديون هيون ۽ جن کي لوهي ڪنجيءَ (Key) رستي ملائڻ سان نياپو (Signal) ويو ٿي. انهن تارن جي ملڻ سان چڻنگون نڪتيون ٿي. هوشيار وائرليس انچارج (اسپارڪي) پنهنجي اڳيان رکيل فائيل Notices of Mariners مان پني ڀور ڦاڙي انهن چڻنگن اڳيان جھليندو هو ۽ پني کي باهه لڳڻ تي فخر سان سگريٽ دکائي، پنهنجي تجربي ۽ سائنس جي فائدن جو اسان جهڙن چوڌاري بيٺلن کان اکين ۾ داد وٺندو هو.
    ”هڪ ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ دٻلي جهـڙي شيءِ رکيل هوندي هئي، جنهن کي اسپارڪي ”ٽرانسميٽر“ سڏيندو هو. ان پيتيءَ جي ڀرسان هڪ عدد پاڻيءَ سان ڀريل باردي پڻ هوندي هئي جيئن متان هن جي انهن ٽپڙن کي باهه لڳي ته جھٽ وسائي سگهي. انهن ڏينهن ۾ نه هئا Satellite Navigators يا ڊيڪا لورين جهڙا رستو ڳوليندڙ اوزار ۽ نه هو ڪو Direction-Finder وغيره.
    بندرگاهه ڇڏڻ بعد فقط الله جو ئي آسرو هوندو هو. ڪڪرن ڪري آسماني شيون چنڊ، تارا ۽ سج سيارا به ڪڏهن ڪڏهن گم هوندا هئا. پوءِ اسان جا هوندا هئا رڳو ڌڪا. هوشيار ڪئپٽن تجربي مطابق ۽ ڪجهه هوا جي رُخ ذريعي يا لهرن جي سنوت مان ڪجهه ڪجهه رستو ڳولي وٺندا هئا. يا وري هيئين جي سوجھري تي هلندا هئا.
    ”ماني ٽڪيءَ لاءِ ڇا ڪندا هئائو، سر!“ مون پڇيومانس.
    ”بس يار پهريان ٻه چار ڏينهن ته تازو گوشت هلندو هو. ڪاٺ جي وڏين پيتين ۾ برف جون سرون رکي مٿان گوشت رکي هلندا هئاسين. پر اهو بچ بچاءُ فقط قطبي ملڪن جي ٿڌ ۾ ٿي سگهندو هو. ٽراپيڪل (گرم) ملڪن ۾ پهچڻ سان برف وٽڙي ويندي هئي ۽ پوءِ يا گوشت کي لوڻي ۽ سڪائي رکبو هو يا خراب ٿيل به مرچ مسالا هڻي جيستائين ٿي سگهندو هو گذارو ڪبو هو. اهڙا ڪن سن کائڻ ڪري پيٽ جون بيماريون عام هونديون هيون. ڇا ڪجي بک بڇڙو ٽول داناءِ ديوانا ڪري. اڄڪلهه جي جهازن وانگر تڏهن جي جهازن تي ڪولـڊ اسٽوريج ۽ Domestic Fridge پلانٽ نه هئا جيڪي مڇي يا گوشت کي ڪاٽو ويهه ڊگري تائين ٿڌو رکي سگهن ۽ آرام سان ڇهه اٺ مهينا اهو راشن هلي سگهي.
    ”اسان سان گڏ ڪجهه مسلمان خلاصي به هوندا هئا. اهي ان قسم جو برف وارو يا لوڻيل گوشت نه کائيندا هئا. انهن لاءِ ج يئريون رڍون جهاز تي کڻي هلبيون هيون. پوءِ ضرورت وقت هنن جو پنهنجو ڪاسائي، جيڪو اڪثر حاجي هوندو هو اسلامي طريقي موجب رڍن کي حلال ڪندو هو. اهي ختم ٿيڻ تي هو فقط دال کائيندا هُئا. کين هر هفتي چانور ۽ گيهه جو ڪچو راشن ملندو هو جيئن هو پاڻ پنهنجي مرضيءَ موجب رڌين.
    ”ڪئپٽن لاءِ ڪجهه جيئريون ڪڪڙيون کڻبيون هيون جيڪي Crow - Mast (کوهي) تي ٺهيل ڇڪي ۾ رکبيون هيون. جيئن ئي ڪا ڪڪڙ مرڻ تي هوندي هئي ته ان کي ديڳڙي حوالي ڪيو ويندو هو. هڪ دفعي هڪ ڪڪڙ بيضو ڏنو جيڪو اسان ٻن ڪئڊٽن ڏسي ورتو ۽ بورچيءَ کي منٿ ميڙ ڪري بصر جي ڳنڍ سان تري کاڌو هو. ان جو سواد اڄ به نٿو وسري.“
    ”پوءِ آهستي آهستي جنريٽر ۽ ٻاڦ تي هلندڙ انجڻيون آيون ۽ رهائش جي ڪئبنن ۾ بلب ٻرندي ۽ ڇت جا پنکا هلندي ڏسي خوش ٿياسين ته سائنس ڪيڏي ته ترقي ڪئي آهي جو جهاز تي ڪَلَ تي هلن ٿا پر روشني ۽ هوا به م شين رستي ملي ٿي. ان کان اڳ، مون کي ياد آهي ته بصري ۾ ايڏي گرمي ٿي هئي جو ڪمري ۾ ويٺي ويٺي آئون بيهوش ٿي ويو هوس. شل نه ڪنهن دشمن کي اڄ به دبئي، دوحا، بحرين، ڪويت، عراق يا مسقط جهڙي هنڌ تي اونهاري ۾ وڃڻو پوي اتي جي گرمي ۽ ناروي سئيڊن، فن لئنڊ وارن پاسن جي سرديءَ کان جهازيءَ کي هر وقت بچاءُ ڪرڻ کپي.“
    ”مڃيان ٿو“، پوڙهي انگريز جهازيءَ وراڻيو ”تن ڏينهن ۾ سائنس ايڏي ترقي نه ڪئي هئي. ايتري قدر جو جهاز تي Echo-Sounder جهـڙي به ڪا شيءِ نه هئي جنهن جي بٽڻ دٻائڻ سان ان ئي وقت جهاز هيٺان سمنڊ جي اونهائي جي ڄاڻ پئجي سگهي پر اهو هو ته سائنسي پڦڙن جي محتاجي ڪڍڻي نه پوندي هئي. اليڪٽرڪ پاور هجي يا نه هجي. هٿ ۾ ڳوڙهي واري رسي (Lead-Wire) کڻي سڌو ڊيڪ تي اچبو هو ۽ سمنڊ ۾ اڇلي اونهائي معلوم ڪري وٺبي هئي.
    اهڙيءَ طرح انجڻيون نه هجڻ ڪري سامان لاهڻ چاڙهڻ لاءِ ڪرينون يا ونچون نه هيون جيڪي ٻن ٽن ڏينهن ۾ جهاز خالي ڪري ڇڏين. تن ڏينهن ۾ سامان لاهڻ چاڙهڻ جو ڪم مڪاني مزور ڪندا هُئا ۽ هفتن جا هفتا، اڃا به مهينا، جهاز بندرگاهه ۾ بيٺو هوندو هو. هڪ دفعي ڪلڪتي مان اڱارن (ڪوئلن) سان جهاز ڀرائڻو هو. ڌڪي جي بنگالي مزورن ٽي مهينا پئي پٺيءَ تي ڳوڻيون ڍوئي جهاز ۾ رکيون تيسين اسان موڪلون ڪندا، پرايو ملڪ گهمندا رهياسين.


    جهاز مان ٽپ ڏيڻ مهل

    جهاز جي سڄي عملي ۽ اسٽاف لاءِ Survival at Sea نالي هڪ ضروري ڪورس ٿيندو آهي جيڪو جيتوڻيڪ هفتي کن جو هوندو آهي پر ان ۾ هر جهازيءَ کي چڱو گهڻو سمجھايو ويندو آهي ته وچ سمنڊ تي باهه يا ڪنهن ٻئي حادثي ڪري جيڪڏهن جهاز کي ڇڏڻو پوي ته ڇا ڪرڻ کپي. ڪيئن بچاءَ واري ٻيڙي يا هوا سان ڀريل رئفٽ ۾ چڙهي ويهجي. جيسين بچاءَ لاءِ ڪو جهاز اچي تيسين پاڻ سان کنيل ٿوري راشن مان ڪيئن پورت ڪجي ۽ پنهنجي جسم کي اُس، سيءَ ۽ خوفناڪ مڇين کان ڪيئن بچائجي جيئن دير سان مدد پهچڻ تائين ڏينهن جا ڏينهن ويندي هفتا جيئرو رهي سگهجي.
    ان سبجيڪٽ بابت ويجھڙائيءَ ۾ هڪ ڪتاب ”سمنڊ تي پنهنجو بچاءُ ڪيئن ڪجي“ کي پڙهڻ جو موقعو مليو جيڪو انگلينڊ جي حڪومت پنهنجي خرچ تي ڇپرائي پنهنجي ملڪ جي مڙني جهازين، ٻيڙين وارن مهاڻن ۽ خلاصين ۾ مفت ورهايو آهي ته جيئن هنن کي سمنـڊ تي ڏکين حالتن ۾ پنهنجي جان بچائڻ جي ڄاڻ رهي.
    سمنـڊ تي انهن ويندڙ مڙني همرانن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته جهاز تباهه ٿيڻ تي انسان لاءِ سڀ کان وڏي مصيبت ٿڌ آهي جيڪا اتراهن سمنڊن ۾ جهازين کي ماريو ٿي وجھي. اسان پاسي هندي وڏي سمنڊ، عربي سمنڊ، ڳاڙهي سمنڊ، ڏکڻ چيني سمنڊ وغيره ۾ موسم گرم هجڻ ڪري جهاز مان ڪرندڙ ايترو جلد نٿا مرن جيترو ٿڌن ملڪن جي سمنڊن ڏي ٿڌ کان صحيح بچاءَ نه ڪرڻ ڪري، ڪڏهن ڪڏهن ته ماڻهو بچاءَ واري ٻيڙيءَ يا رئفٽ ۾ مريو وڃي. مشهور مسافر جهاز ٽائٽينڪ (Titanic) لاءِ به هاڻ چيو وڃي ٿو ته ان جا مسافر جيڪي ٻڏي مئا يا مڇين جو کاڄ ٿيا ان کان گهڻا گهڻا ٿڌ جو شڪار ٿيا. ان قسم جا نياپا اڄ به مختلف جهازن جي ٽٽڻ يا ٻڏڻ بعد ان ۾ سوار مسافرن ۽ عملي بابت ملندا رهن ٿا.
    اڃا تائين ڪيترا جهازي اهوئي سمجھن ٿا ته بچاءَ لاءِ جهاز ڇڏي سمنڊ ۾ ٽپ ڏيڻ مهل تمام گهٽ ۽ نه برابر ڪپڙا پائجن جو گهڻن ڪپڙن ۾ ترڻ ڏکيو ٿو ٿئي. جيتوڻيڪ حقيقت ۾ اها غلط ڳالهه آهي. جيئن ئي باهه لڳڻ، حادثو ٿيڻ يا ٻئي سبب ڪري جهاز کي ڇڏڻو پوي ته يڪدم جيتري قدر ٿي سگهي ته گهڻا ڪپڙا چاڙهي لائيف جئڪيٽ کڻي هيٺ بچاءَ واري ٻيڙيءَ يا سمنڊ ۾ ٽپ ڏجي. جيڪڏهن ڪا برساتي (Rain Coat) نئلان جو وڳو يا ڪو واٽر پروف ائپرن هجي ته اهو به چاڙهي ڇڏجي جيئن هڪ ته گهڻن ڪپڙن ڪري جسم جي گرمي ٻاهر نڪري نه سگهندي ۽ ٻيو ته ٻاهر جو ٿڌو پاڻي جسم تائين پهچي ان کي ٿڌو ڪري نه سگهندو. جيڪڏهن ڪوٽ يا سئيٽر جلديءَ ۾ هٿ نه اچي ته ٻه چار قميصون به چاڙهي ڇڏجن. ڇو جو ڪپڙن جا تهه به جسم تائين ٿڌ کي پهچڻ کان روڪين ٿا. گهڻا ڪپڙا ماڻهوءَ کي ڳرو نٿا ڪن ويترو ابتو اثر پيدا ڪن ٿا جو ڪپڙو به ڪاٺ وانگر گهڻي حَد تائين تري ٿو ۽ تنهن جي وچ ۾ ڦاٿل هوا جسم کي وَڌيڪـَ هلڪو به رڳي ٿي ۽ سندس دَٻاءُ ٻاهران ايندڙ پاڻيءَ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ساڳي وقت جسم جي گرمائش پڻ برقرار رهي ٿي. ٻيڙيءَ ۾ ويهڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته ٿورو اڳيان جھڪي ويهجي. ائين ڪرڻ سان، ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته چيلهه واري حصي جي گرمائش ضايع نٿي ٿئي.
    لائيف جئڪيٽ گڏ آهي ته پوءِ ترڻ جي ضرورت نٿي پوي. جهاز تان سمنڊ ۾ ٽپ ڏيڻ جو سولو طريقو اهو آهي ته پير ملائي، نڪ ۽ وات تي هٿ رکي پوءِ سڌو هيٺ ٽپ ڏجي. ٽپ ڏيڻ مهل ڪنڌ کي هيٺ نه جھڪائجي، ڇو جو ڪڏهن ڪڏهن، گهڻي اوچائي ڪري، هوا ۾ سادو کائي ابتو به ڪري سگهجي ٿو ۽ ويهن فوٽن کان گهڻي مٿاهينءَ تان ٽپ مور نه ڏجي ڇو جو گهڻو مٿان کان سمنڊ ۾ ٽپ ڏيڻ سان مڻڪو ڀڄي سگهي ٿو. پاڻيءَ ۾ پهچڻ شرط ان کان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ڇو جو هڪ ته ٿڌو پاڻي ماري سگهي ٿو ۽ ٻيو ته ٿي سگهي ٿو توهان جي سڙندڙ يا ٽڪرايل جهاز جو ڪو ڀڳل ٽڪرو ڇولين جي اڇل تي توهان کي لڳي زخمي ڪري وجھي. پاڻيءَ ۾ پهچڻ سان لائيف جئڪيٽ ۾ لڳل سيٽي ڪڍي وڄائڻ کپي جيئن بچائيندڙ ٻيڙي وارا يڪدم توهان کي ڏسي وٺن ۽ توهان تائين پهچي توهان کي پاڻيءَ مان ڪڍي وٺن. جيسين ڪا ٻيڙي يا رئفٽ بچاءَ لاءِ نه اچي تيسين ٻين ٻڏندڙن کان اڪيلو اڪيلو پري رهڻ بدران ڪوشش ڪري ٽولي ۾ ٿي رهجي. جيئن ڪا پنهنجي يا پرائي جهاز جي ٻيڙي مٿي کڻي ته حادثي هيٺ آيل جهاز کان پري ٿي وڃجي. ڪڏهن ڪڏهن باهه جي ڪري جهاز جا وڏا وڏا ٽڪر سمنڊ ۾ ڪرندا رهن ٿا جيڪي جهاز جي ويجھو هجڻ جي صورت ۾ زخمي ڪري سگهن ٿا.
    حادثي هيٺ آيل جهاز ڇڏي هيٺ سمنڊ يا ٻيڙيءَ ۾ لهڻ مهل سي سڪنيس کي روڪڻ جي گوري اڳواٽ کائي پوءِ هيٺ ٽپ ڏجي، ڇو جو ڪير ڪيترو به پڪو هجي هن کي خراب موسم ۾ ٻيڙي يا رئفٽ ۾ Sea-Sickness ضرور ٿئي ٿي ۽ پوءِ سي سڪنيس ۾ ٿيندڙ الٽين ڪري جسم مان خارج ٿيل پاڻي ماڻهوءَ کي وڌيڪَ ڪمزور ڪريو ڇڏي.


    جل پريءَ جو پاراتو

    وهم وسوسا ۽ ساٽ سوڻ رڳو اسان جي ملڪ جي مهاڻن ۾ نه آهن پر دنيا ۾ جتي ڪٿي آهن، ويندي يورپ، آمريڪا ۽ جپان جي سامونڊي ڪنارن ۽ در يائي ڪپرن تي رهندڙ ماڻهن ۾”
    انگلينڊ، اسڪاٽلينڊ ۽ آئرلينڊ جي ڀر ۾ هڪ ٻيٽ Isle of Man آهي، جيڪو عظيم برطانيه جو ئي حصو سمجھڻ کپي. هڪ ڏينهن لنڊن جي ٽلبري بندرگاهه ۾ اتي جي مهاڻن سان خبرون ڪندي هنن ٻڌايو ته سندن ڄار ۾ جڏهن مڇيون نه اينديون آهن ته هو سمجھي ويندا آهن ته سندن ٻيڙيءَ ۾ ڏائڻ چڙهيل آهي ۽ ان ڏائڻ کي ڀڄائڻ لاءِ هڪ مهاڻو ڪاٺيءَ جي اماڙي ٻاري ان کي ٻيڙي جي چوڌاري گهمائيندو آهي ته جيئن اها لڪل ڏائڻ ڀڄي وڃي.
    سندس ڀڄائڻ جو ٻيو طريقو اهو آهي ته ان ٻيٽ جي ڪجهه خوشبودار ٻوٽن جو ٻيڙيءَ جي وچ ۾ ڍڳ ٺاهي ڪنهن وڻ جي ٽاريءَ سان ان کي باهه ڏجي، پر ان ٻرندڙ ٽاريءَ کي پهرين ٻيڙيءَ جي اڳ پٺ مٿان ضرور گهمائجي.
    اڃا به جي ڀاڳ سٺو نه ٿئي ته ڪن جڙين ٻوٽين کي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي ان جي ڇنڍڪار مڇين ڦاسائڻ جي ڄارين تي ڪجي ۽ ان ڪاڙهي جي ڦوڳ کي اڳڙيءَ ۾ ويڙهي ٻيڙيءَ جي اڳئين ڪنڊ ۾، اندرين پاسي ٻڌي ڇڏجي، جيئن ڏائڻ يا ڪو ٻيو نڀاڳ ۽ بدروح ٻيڙيءَ ۽ ڄاريءَ جي ويجھو نه اچي.
    مڇين ڏيارڻ جي ديوتا کي خوش ڪرڻ ۽ گهڻين مڇين کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن ٻيٽ تي اهو به رمل عام آهي ته جنهن مهاڻي جي ڄار ۾ گهڻيون مڇيون ڦاسن ان جي گهر ٻاهران ڌڪين جي مٽي ميڙي اچجي ۽ اها خاڪ پنهنجي ڄار جي مٿان اچي ڇڻڪارجي. پر اهو ڪم پوري آڌي رات جو ٿيڻ کپي. ائين ڪرڻ سان هنن انگريز مهاڻن جو اهو وهم آهي ته ٻئي جو ڀاڳ مليو وڃي. ڪن حالتن ۾ هو ڀر واري گرجا گهر جي چائنٺ جي مٽي پڻ کڻي پنهنجي ڄار مٿان هارين ۽ هنن ٻڌايو ته هنن کي يقين آهي ته ٻيو ڪو جادو يا رمل اثر ڪري يا نه ڪري پر هي ضرور ڪري ٿو.
    هن ٻيٽ Isle of Man تي صبح پهر جيڪو ڌنڌ يا ڪوهيڙو ٿئي ٿو، ان لاءِ هتي جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ”اهو هڪ خوبصورت جل پريءَ جو پاراتو آهي.“ هونءَ ڏٺو وڃي ته اهو ڌنڌ ۽ ڪوهيڙو نه فقط ان ٻيٽ تي پر آئرلينـڊ، انگلينـڊ، ناروي، ڊئنمارڪ، جتي ڪٿي اتر ۾ آهي. خاص ڪري صبح پهر. اهو ڌنڌ ۽ ڪوهيڙو نه فقط ٻيڙي هلائيندڙ انهن مهاڻن لاءِ مصيبت آهي پر وڏا جهاز هلائيندڙ اسان جهڙن جهازين لاءِ پڻ. هن ٻيٽ جا هي مهاڻا سمجھن ٿا ته اها ڪا ويڌن فقط ساڻن ئي آهي ۽ سندن دماغ ۾ اهو وهم ويٺل آهي ته سندن علائقي جي سمنڊ جي هڪ جل پريءَ جڏهن هڪ نوجوان مهاڻي کي خراب نيت ڪارڻ سڏايو هو ته نوجوان کيس جسماني لست وٺائڻ بدران ڌڪاري ڇڏيو هو. ان بي عزتي ۽ چڙ ۾ هوءَ هر وقت ٻيٽ جي چوڌاري ڦوڪارا هڻي ڌنڌ پيدا ڪندي رهي ٿي جيئن مهاڻا ڌنڌ ۾ چڱيءَ طرح ڏسي نه سگهن ۽ سندن ٻيڙيون هڪ ٻئي سان يا سمنڊ اندر نڪتل ٽڪرين سال لڳي ڇيتيون ڇيتيون ٿي وڃن.
    هن ٻيٽ جي ماڻهن جو هڪ ٻيو به اعتقاد آهي ته هوا کي رسيءَ جي ڳنڍ ۾ ٻڌي سگهجي ٿو. سڙهه واري ٻيڙيءَ جي هلڻ لاءِ هوا جي ضرورت هوندي هئي ۽ جڏهن هوا نه هوندي آهي ته هتي جا مهاڻا نوڙيءَ کي ڳنڍ ڏيئي پوءِ ان کي آهستي آهستي ان اُميد تي کوليندا آهن ته ائين ڪرڻ سان ڳنڍ ۾ ٻڌل هوا آزاد ٿي سندن سڙهن کي لڳندي. جيڪڏهن گهڻي هوا جي ضرورت هوندي آهي ته پوءِ هو هڪ بدران ٽي چار ڳنڍيون ٻڌن.


    پارواڻيءَ سان ملاقات

    ملاڪا ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ آئي ٻه هفتا کن ٿيا هئا. هڪ ڏينهن شامَ جو ڪئپٽن احمد حسين مخدوم مون وٽ آيو ”يار هلين ٿو؟“
    ”ڪيڏانهن؟“ پڇيومانس.
    ”واندو هجين ته هل هڪ هنڌ ماني کائي اچون.“
    ”ڪٿان؟“
    ”هتان ٽيهه ڪلوميٽر کن پري مسجد تاناح شهر کانپوءِ جيڪو سنگائي اڊانگ نالي شهر آهي، اتان.“ ڪئپٽن مخدوم ٻُڌايو.
    ”ڀلي هل. پر ايڏو پري.“
    ”اتي هڪ ريسٽورنٽ آهي جنهن تي چيني کاڌو ذري گهٽ پاڪستان جي چيني هوٽلن جي نموني ۽ ذائقي جهڙو آهي.“
    آئون سندس ڪار ۾ اچي ويٺس ۽ اڪيڊميءَ جو علائقو لتاڙي، مکيه دروازي وٽ ٺهيل گارڊ روم ۽ گارڊ کي پنهنجي وڃڻ جو اطلاع ڪري ٻاهر مين روڊ تي آياسين ۽ مسجد تاناح ڏي هلڻ لڳاسين جنهن کانپوءِ سنگائي اڊانگ شهر اچي ٿو.
    اسان جي هيءَ اڪيڊمي ملاڪا جي وچ شهر کان ائين پاسيري آهي جيئن ملير ۾ آرمي وارن جون ڪئمپون صدر ڪراچي کان آهن. يا پي اي ايف ڪورنگي (هوائي فوج جو ڪاليج) وچ شهر کان ـــ فرق فقط اهو آهي ته ڪراچيءَ جي آدمشماري اڄڪلهه ايڏو وڌي ويئي آهي جو رستي وارا ڳوٺ، ملير، لانڍي، چنيسر ڳوٺ يا کارادر، مٺادر، چاڪيواڙو وغيره ملي هڪ ٿي ويا آهن جيڪي ڪنهن زماني ۾ الڳ الڳ هوندا هئا ۽ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين وچ ۾ ڪافي غير آبادي هوندي هئي. لالو کيت کان صدر يا ايئرپورٽ کان ڪلفٽن ويندي به لڳندو هو ته ماڻهو ڄڻ ٻئي شهر پيو وڃي.
    بهرحال اسان جي هيءَ مئري ٽائيم اڪيڊمي جنهن هنڌ (ڪئالا سنگائي بارو) ۾ آهي اها ملاڪا جي وچ شهر کان مفاصلي ۾ ايترو پري آهي جيترو پيٽارو جو ڪئڊت ڪاليج حيدرآباد شهر کان ۽ بيهڪ ۽ نموني ۾ وري ائين آهي جيئن ڪورنگي جو ايئرفورس بيس يا ماريپور جي مئرين اڪيڊمي يعني شهر کان الڳ ٿلڳ، جتي زمين وڃي سمنڊ سان ملي ٿي ۽ ٻئي جو گهڻو گس ۽ اچ وڃ نه هجي. ملاڪا جو وچ شهر اسان جي اڪيڊميءَ کان اٽڪل ٽيهه ميل کن پري آهي. رستي تي ڏهن ڏهن ميلن تي مسجد تاناح ۽ سنگائي اڊانگ جهڙا ڳوٺ هتان جي حساب کان چڱا وڏا شهر آهن. هتي آدمشماري ايتري گهٽ آهي جو سڄي ملاڪا رياست جي آدمشماري ڪوٽڙي شهر کان به گهٽ آهي. ”ملاڪا رياست“ جو ملاڪا شهر هيڏو وڏي پيماني جو شهر آهي جنهن ۾ ڪراچيءَ جي انٽر ڪانٽينينٽل ۽ شيرٽن جهڙيون ٻه چار فائيو اسٽار هوٽلون آهن، جهڙوڪ: ميريلين، رامادا اِن، ملاڪا وليج ريستورنٽ وغيره ۽ حيدرآباد جي فاران يا فاتاز جهڙيون ته ڪيتريون ئي هوٽلون آهن، پر سڄي ”ملاڪا شهر“ جي آدمشماري شهدادپور يا ٽنڊو آدم جيتري مس ٿيندي. ان بابت ٻڌائي چڪو آهيان ته سڄي ايسٽ ۽ ويسٽ ملائيشيا جي جملي آدمشماري ئي ڪراچي شهر جيتري آهي.
    انهن ٻن شهرن: مسجد تاناح ۽ سنگائي اڊانگ جي وچ ۾ به ڪيترائي ننڍڙا ننڍڙا ڳوٺ تجنگ بدارا، تجنگ ڌان، ڪمپنگ تنگا وغيره اچن ٿا. بلڪه جيئن پاڻ وٽ نديءَ جي ڪناري تي آدمشماري ۽ ڳوٺ هوندا آهن تيئن هتي ملائيشيا ۾ رستي جي ٻنهي پاسي گهرن ۽ ڳوٺڙن جي ڄار نظر ايندي. ملائيشيا سهڻو ۽ سرسبز ملڪ آهي. ٻارهوئي جهڙالي موسم ۽ امن امان آهي، ان ڪري ٻاهرن ملڪن جا سياح خوب گهمڻ ڦرڻ لاءِ اچن ٿا جن لاءِ جتي ڪٿي رهائش جو جوڳو بندوبست ۽ سرڪار طرفان حفاظت جو سخت اونو آهي. ان ڪري تجنگ بدارا جهڙي ننڍڙي ڳوٺ، جنهن جي آدمشماري پنج سؤ ماڻهو به نه هوندي پر هر وقت يورپي، آمريڪن ۽ جپاني واندن جا ڪٽڪ نظر ايندا ۽ هڪ اڌ ڪراچي ءَ جي فور اسٽار هوٽل مهراڻ ۽ تاجل محل جهڙي هوٽل پڻ آهي جن ۾ ٻاهران آيل مهمان رهي سگهن. (تجنگ بدارا ڳوٺ جي اها خاصيت آهي ته سندس چوڌاري تمام سهڻا ۽ تانگها سمنڊ جا ڪنارا آهن جت ٻڏڻ جو ڊپ ڊاءُ نه هجڻ ڪري ننڍا توڙي وڏا پاڻيءَ ۾ تڙڳندا رهن ٿا.)
    ملائيشيا جي شهرن ۽ ڳوٺن جي نالن ۾ ڪئالا (ندي) ، سنگائي (نديءَ جو ڇوڙ)، ڪمپونگ (ڳوٺ، ديرو يا حويلي، ڪمپونگ لفظ مان انگريزي لفظ ڪمپائونڊ ــ جڙيو آهي)، اڊانگ (گانگٽ) اِڪان (مڇي)، بارو (نئون)، تجنگ (جاءِ يا ديرو) جهڙا لفظ تمام گهڻا ملندا. جيئن پاڻ وٽ آباد، پور، ديرو، ٽنڊو، نئون، پراڻو ۽ ڳوٺ جهڙا لفظ ڪيترن ئي شهرن جي نالن سان گڏ استعمال ٿين ٿا. (شڪارپور، جيمس آباد، ٽنڊو آدم، رتوديرو، پراڻو هالا، نئين سعيد آباد، ڳوٺ ڇتو چنڊ، وغيره).
    اسان رستي جي ٻنهي پاسن تان ايندڙ ويندڙ ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو ۽ مال جا ڌڻ، گهر ۽ پام جا وڻ، ڪٺل، انبن ۽ ناريلن جا ڊگها وڻ جيڪي ڄڻ آسمان ۾ گهـڙي ٿا وڃن، گاهه ۽ وليون، گل ۽ ڪسيون ڏسندا مسجد تاناح پهتاسين ۽ ان بعد ٻيا ڏهه ميل کن لتاڙياسين ته سنگائي اڊانگ آيو. سنگائي اڊانگ ۾ رستي جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي دڪان ۽ هوٽلون ائين آهن جيئن اسان وٽ بس اسٽاپن تي پٺاڻن جون ٿين. پر هتي بس اسٽاپن وارين هوٽلن جو نمونو به شهر جي اندروني هوٽلن جهڙو آهي. يعني اتي ئي چيني، ملئي ۽ انڊين (ڏکڻ هندستان جا تامل هندو ۽ مسلمان) جون هوٽلون ۽ پٺيان يا مٿان گهر هوندا.
    ملئي هوٽل ۾ رڳو ملئي کاڌو ٿئي. مثال طور روٽي چنائي (ميدي جوست پڙو اڦراٽو ۽ چڻن جي دال جي ڀاڄي، روتي تيلور يعني بيضي بصر ۽ ٽماٽن جي ڪاتر سان ڀريل اڦراٽو، مرتباڪ (جنهن ۾ بيضي بدران قيمي، بند گوبي ۽ بصر جي ڪاتر ٿئي)، ناسي گورينگ (فراءِ ٿيل چانور)، ناسي ليماڪ (ناريل جي کير ۾ ننڍڙن گانگٽن سان گڏ رڌل چانور)، ناسي ايام (ڀت سان گڏ ڪڪڙ)، مي گورينگ (ٻوڙ جي رس ۾ فراءِ ٿيل سنهيون سيويون) وغيره.
    چينين جي هوٽلن تي چيني کاڌو ملي. مثال طور بدڪ يا ڪڪڙ جا ٽڪر مٺي چاش ۾ فراءِ ٿيل ڪڪڙين، بدڪن، تترن ۽ ڪمين جا اوٻاريل بيضا مختلف جـڙين ٻوٽين، مڇين ۽ ميون جا آچار، پاڻي ۾ اوٻاريل چانور، قسمن قسمن جون کنڀيون، سوئر جو گوشت وغيره. ڪي ڪي چيني رڳو حلال شيون رکن ۽ چيني کاڌي کان علاوه ملئي ڊش به رکن. رڌ پچاءَ ۽ آيل گراهڪن جي خدمت لاءِ ڪجهه ملئي ڪم واريون عورتون ۽ مرد پڻ رکن ۽ ٻاهران ”حلال“ لفـظ جو بورڊ هڻن جيئن سندن هوٽل ۾ چيني ماڻهن سان گڏوگڏ ملئي ماڻهو پڻ اچن ۽ هونءَ به کائڻ ۽ پئسو چٽ ڪرڻ ۾ چينين کان وڌيڪَ ملئي وڌيڪَ مڙس ماڻهو آهن.
    چيني ۽ ملئي هوٽلن کان علاوه ٽيون هوٽلون انڊين جون آهن. انڊين هوٽلن مان مطلب پنجابي، يورپي ۽ ڪشميري وغيره کاڌن جون اهڙيون انڊين هوٽلون نه آهن جهڙيون هانگ ڪانگ، جپان يا انگلينڊ، آمريڪا ۾ آهن، يا ويندي هتي جي وڏن شهرن جهڙوڪ ڪوالالمپور ۾ خيام، شيراز يا بلال آهن. هتي ڏکڻ هندستان جي تامل ناڊو يا ملباري مسلمان، هندن ۽ ڪرسچنن جون سادي ۽ سستي نموني جون آهن جن ۾ کاڌي جي لذت ۽ سواد ۾ ڪو اوڻهين ويهين جو فرق مس ملندو. مرچن مسالن جو استعمال البت گهڻو ڪن ٿا. ڪن ڪن فراءِ ڀاڄين جو سواد بولٽن مارڪيٽ جي تاج هوٽل ۽ طارق روڊ واري شيراز جهڙو آهي.
    اسان هوٽلن جي ڌڻ مان هڪ چيني هوٽل جي ٻاهران ڪرسين تي اچي ويٺاسين. مخدوم ڪم ڪندڙ ڇوڪريءَ کي چڪن ڪَري (ڪڪڙ جو ٻوڙ) ۽ فراءِ چانور (گانگٽن ۽ بيضي) ۾ آڻڻ لاءِ چيو. ان سان گڏ پيئڻ لاءِ سويابين کير جي بوتل جيڪا بنهه نه وڻي. شايد سويابين کير جي مختلف ذائقي ڪري يا بوتل جي گهڻي ٿڌي نه هجڻ ڪري. ٿوري دير بعد ڪم ڪندڙ ڇوڪري چانور ۽ ٻوڙ کڻي آئي. تيسين مخدوم هن هوٽل جي ”لذيذ“ چيني کاڌي جي تعريف ڪرڻ سان قهر ڪري ڇڏيا. پر پوءِ شايد گهڻي تعريف ۽ گهڻي اُميد رکڻ ڪري کاڌو اهڙو سٺو نه لڳو. يا شايد ٻوڙ دير سان آڻڻ ڪري مزو نه آيو جو اسان ان چڪر ۾ هئاسين ته ٻوڙ به گڏ ملي ته ڀت ۾ ملائي کائجي. پر هوٽل واري کي اها ڳالهه شايد عقل ۾ نه آئي. جيسين ٻوڙ آيو تيسين چانور ٿورا ٿورا ڪري ڦڪي چڪا هئاسين. ان کان علاوه ان ڳالهه جو به دخل هو ته اسان جو پيٽ اڳهين ڀريل هو. مخدوم کي خبر ناهي ڪٿان ٻڪ چونئرن جو ملي ويو هو سو سڄي واٽ گلائن سان گڏ اهي ڦڪيندا آياسين. بهرحال جهڙي شوق ۽ اتساهه مان سنگائي اڊانگ جو رُخ رکيو هئوسين اهڙي ڳالهه بيٺي ڪانه جنهن جو احساس مخدوم کي به ٿيو. اُٿڻ مهل رستي جي ٻي ڀر دڪان جي قطار ڏي اشارو ڪندي مخدوم ٻڌايو:
    ”هتي هڪ سنڌي پارواڻيءَ جو به دڪان آهي. ملندين؟ مون کي به ڪئپٽن دادلاڻيءَ ٻڌايو هو.“
    سامهون نهار ڪيم. هڪ دڪان مٿان وڏن اکرن ۾ Parwani لکيل هو. دڪان اڳيان بيٺل گاڏي واري چيني پير مرد کان سرو نگن (گوڏين) ۾ ٽي ملئي ڇوڪريون آئر تابو (ڳني جو رس) وٺي رهيون هيون. ڀر ۾ هڪ انڊين فئملي ۽ ڪجهه چيني ٻار ملاڪا ڏانهن ويندڙ بس جو انتظار ڪري رهيا هئا. سج لهي چڪو هو. ٿوري دير ۾ دڪان بند ٿيڻ وارا هئا. اسان به ٿڪل هئاسين ۽ پهريون دفعو ملڻ معنيٰ خبر چار وٺي يڪدم قلمبند ڪرڻ پر ان لاءِ گهڻي وقت جي ضرورت هئي ۽ انهن شروع وارن ڏينهن ۾ آفيس ۾ ايترو ڪم هو جو انٽرويو/خبرچار وٺڻ ۽ لکڻ جي همت نه هئي. ڳالهه اها آهي ته انٽرويو وٺڻ بعد يڪدم نه لکڻ ڪري اڳلي جون ٻڌايل ڳالهيون ۽ خيال هيٺ مٿي ٿيو وڃن. سو مخدوم کي چيم ته پارواڻيءَ سان ضرور ملندس ــ پر ڪجهه عرصي بعد.
    مٿين ڳالهه کي ست اٺ مهينا گذري ويا. وچ ۾ ڪيترائي دفعا سنگائي اڊانگ مان لنگهندي پارواڻيءَ جي دڪان جي نالي تي نظر پوندي هئي پر هڪ ئي وقت واندڪائي ۽ موڊ نه هجڻ ڪري نه پئي ترسيس۔ هڪ دفعي اسان جي ڪليگ ڪئپٽن پوريءَ به پارواڻيءَ فئمليءَ جو ذّڪر ڪيو ته هيءَ سنڌي فئملي آچر ڏينهن کين سکن جي گوردواري ۾ اڪثر ملندي آهي. اهو ٻڌي مون کي هيڪاندي هورا کورا ٿي ته ساڻن ملي کوڙ خبرون پڇجن جو هي هتي عرصي کان رهيل هجڻ ڪري ملائيشيا جي وقت بوقت بدلجندڙ ماحول ۽ حالتن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندا هوندا.
    آخر هڪ ڏينهن ملاڪا شهر ڏي ويندي پارواڻيءَ جي دڪان اڳيان اچي گاڏي بيهاريم. در وٽ سندس دڪان جون ٻه چيني ۽ هڪ انڊين (ڏکڻ هندستاني) تامل ناڊو سيلز گرل بيٺي هئي. کانئن دڪان جي مالڪ (پارواڻيءَ) جو پڇڻ تي ٻڌايائون ته اندر ويٺوڳ آهي. ڊگهو دڪان لتاڙي اندرينءَ ڪنڊ تائين ويس، جتي پنجونجاهه سٺ سالن جي عمر جو رنگ ۾ ڪڻڪ رنگو همراهه ٽيبل جي پويان آرام ڪرسيءَ تي ويٺو هو. دڪان اٽڪل پنجاهه باءِ ويهه فوٽ کن هوندو. مختلف قسمن جون شيون رکيل هيون پر گهڻي ڀاڱي ملٽريءَ جي ڏانءَ جون هيون يعني خاڪي ۽ ساوا بيلٽ، ڪلهن جون ائپليٽون، مختلف قسمن جا بيج، خاڪي رنگ جون قميصون ۽ جئڪيٽون، راندين جو سامان ۽ ٻيو روزمرهه جو سامان: صابڻ، تيل، ڦڻيون، جوراب، رومال وغيره.
    سلام ڪري سنڌيءَ ۾ کيڪاريومانس. پهرين وائڙن وانگر ڏسڻ لڳو. ڪجهه نه ڪڇيو. ايتري قدر جو مون کي به شڪ ٿيو ته الائي سنڌي آهي به يا نه. جي سنڌي آهي ته سنڌي سمجھي به ٿو يا نه. ساڳي وقت هو به سڄو ڏينهن دڪان تي انگريزي، ملئي، تامل ۽ چيني زبانون ٻڌڻ بعد اوچتو سنڌيءَ جا جملا ٻڌي وائڙو ٿي ويو.
    پنهنجو تعارف ڪرايومانس ۽ ٻڌايومانس ته توهان جو مون کي ڪئپٽن احمد حسين مخدوم ٻڌايو. هو توهان سان مليو ناهي پر توهان جو کيس ڪئپٽن دادلاڻيءَ ٻڌايو هو جيڪو پڻ هتي ملاڪا ۾ ٽي سالَ رهي ويو آهي.
    ”ها. دادلاڻي جيسين هتي هو ته اڪثر دڪان تي ملڻ لاءِ ايندو هو يا مندر گوردواري ۾ پيو ملندو هو. منهنجي خيالَ ۾ ملاڪا ڇڏي به کيس سالَ ڏيڍ اچي ٿيندو.“
    ”ها. ٿي سگهي ٿو وري هتي بدلي ٿي اچي. اڄڪلهه شارجا، عربي گلف ۾ اتي جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهائي ٿو.“
    ”سٺو ماڻهو آهي.“ پارواڻيءَ ڳالهه شروع ڪئي، ”هن پاسي چڱو عرصو گذاريائين. ملاڪا کان اڳ سنگاپور جي يونيورسـٽي ــ پوليءَ ۾ به ست اٺ سالَ مرچنٽ نيوي وارن کي پڙهائين. اڄڪلهه توهان جو ڪئپٽن پُوري ڪڏهن ڪڏهن گوردواري ۾ ملندو آهي. ان سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي. هتي ننڍي کنڊ جا گهڻا تڻا مدراسي تامل آهن. ٻئي نمبر تي گجراتي هندو، مسلمان ۽ پنجابي سک آهن، ٽئين نمبر تي اٽي ۾ ڄڻ لوڻ برابر سنڌي، پنجابي هندو، پنجابي مسلمان، پٺاڻ ۽ بنگالي آهن.“
    هتي پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ ايترو لکڻ ضورري ٿو سمجھان ته اسان وارو ڪئپٽن پُوري يا پارواڻي صاحب جيتوڻيڪ هندو آهن پر ٻين هندن وانگر مندر کان علاوه سکن جو گوردواري ٽڪاڻي ۾ به وڃن. بلڪه هن پاسي جا سنڌي هندو گوردوواري ۾ گهڻو ٿا وڃن. ملاڪا وارو گوردوارو ته وچ شهر ۾ آهي ۽ هتي جا سڀ عبادت گهر ڌارين لاءِ کليل هوندا آهن. هڪ آچر تي منهنجو به وڃڻ ٿيو. پرساد هلي رهيو هو. کيرڻي ۽ دال ماني هئي. نوجوان سک گائيڊ ٻڌايو ته ان ڏينهن هڪ سنڌي فئمليءَ وڏو خيرات ڪيو هو. کڻي ان ئي نموني ۾ سڄن چانورن جي، مائي جهڙي گهاٽي کير ۾ رڌل هئي جنهن نموني ۾ اڄ به سنڌ ۾ رڌي وڃي ٿي. جيتوڻيڪ ٻين هنڌن تي چانورن جو ڏارو يا چورو ڪري پوءِ کيرڻي ٺاهي وڃي ٿي ۽ کير کي گهڻو ڪاڙهي مائي وانگر گهاٽو ڪرڻ بدران ٿورو ڪسٽرڊ وڌو وڃي ٿو.
    سکن جي گوردواري ۾ هندن جي مندرن جهڙآ بُت نه ٿين. اتي فقط گرو نانڪ جو لکيل ٿلهو ڪتاب ”گرنٿ صاحب“ اتاهين صندل تي رکيل ملندو. جنهن کي معتقد/پوڄاري اچي چُمندا آهن. گوردواري ۾ مرد ٿوڙي عورت کي مٿو ڍڪڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. گرنٿ صحب ڪتاب جيتوڻيڪ پهرين گروءَ، گرو نانڪ لکيو پرپوءِ ان ۾ ٻين گروئن به واڌارو آندو. ان ڪتاب تي ڪافي بحث هليل آهي ته ان ۾ ڪيتريون ڳالهيون گرو نانڪ اهڙيون لکيون آهن جن مان اشارو ملي ٿو ته هو شايد مسلمان هو ۽ نماز تائين پڙهندو هو ۽ پهتل ٻانهو هو.
    اورنگزيب جي ڏينهن ۾ سنڌي هندن سکن جي وڏي مدد ڪئي. لوڪرام ڏوڏيجا جي ڪتاب ”منهنجو وطن ۽ منهنجا ماڻهو“ مطابق انهن ڏينهن (يعني اڄ کان چار سؤ سالَ اڳ ) ڪيترائي سنڌي هندو پنهنجو ٻيو نمبر پٽ خالصو ڪندا هئا يعني سک. هو سکن وانگر ڏارهي ۽ مٿي جا وار وڌڻ ڏيندا هئا ۽ پنهنجي نالي پٺيان ”سنگهه“ معنيٰ شينهن لکائيندا هئا. (سک عورتون نالي پويان ”ڪور“ لکائين معنيٰ شينهڻ) پوءِ هڪ ئي پيءُ کي ٻه پٽ هوندا هئا ته هڪ ڀاءُ لڇمڻ داس ٿيندو هو ته ٻيو ڇڳا سنگهه، يا پيارو سنگهه، مهندر سنگهه يا ڪرشن سنگهه وغيره.
    سنڌي سکن ۽ پنجابي اصلي سکن ۾ اهو فرق هوندو هو ته سنڌي سک يا خالصا جڻيا پائيندا هئا، مندر ۾ ويندا هئا، شادي يا موت جو ڪريا ڪرم ٻانڀڻ کان ڪرائيندا هئا ۽ ٽڪاڻن ۾ ”گرنٽ صاحب“ (سکن جي پاڪ ڪتاب) سان گڏ رامائڻ (هندن جي پاڪ ڪتاب) ۽ ڀڳوت جون ڪٿائون به ڪندا هئا. هندو پٿر جي ديوتائن ۽ ڪاغذ جي مورتين کي پوڄيڻ پر سک ان جي خلاف آهن جيتوڻيڪ هو پنهنجي ڪتاب گرنٿ صاحب کي پوڄڻ جي حد تائين مانُ ڏين ٿا. کيس چُمندا، ان اڳيان ڪنڌ جھڪائيندا ۽ ايترو خيال ڪندا ڄڻ جيئري جاڳندڙ شيءِ هجي. ويندي ڪن ڪن گوردوارن ۾ ان ڪتاب کي انهاري ۾ ململ جي ڪپڙي سان ڍڪيندا، متان گرمي لڳيس ۽ سياري ۾ گرم اوني پوٽڙي سان.
    اڄڪلهه سنڌي سک ورلي ڪو ملندو پر ته به سڀ سنڌي هندو سکن جي رسمن رواجن جي عزت ڪن ٿا. هو گروئن جا جنم ڏينهن ملهائين ٿا ۽ گرنٿ صاحب جو پاٺ به رکائين ٿا. بقول مٿي بيان ڪيل ليکڪ جي اڄ کان سٺ ستر سال اڳ اڪالين زور ورتو ۽ پاڻ کي هندن کان عليحده تسليم ڪرڻ لڳا، تڏهن سنڌي خالصا به پنهنجا جھنڊولا ڪوڙائي آيا ۽ سنگهه چوائڻ ڇڏي ڏنائون. اهڙي طرح لکين سنڌي خالصا سک ڌرم کان پري ٿي ويا پر تنهن هوندي به هنن انهن گرن جو گيان ۽ سکا نه ڇڏي آهي. سريلنڪا هجي يا سنگاپور، ملائيشيا هجي يا انڊونيشيا کڻي لاس پاماس، فجي ۽ ٽرينڊاڊ ٻيٽ هجن، ڪيترن ئي سنڌي هندن جي دڪانن ۽ گهرن ۾ ڪنهن نه ڪنهن گروءَ جي تصوير ضرور ٽنگيل هوندي ۽ هو پنهنجي مندر ۾ وڃڻ سان گڏ گوردواري ۾ به ايتري ئي عزت ۽ ادب سان وڃن ٿا. ملائيشيا ۾ به ڪيترائي گوردوارا آهن. ملائيشيا جي هر رياست (نيگري) جي هر وڏي شهر ۾ توهان کي گوردوارو ضرور ملندو. ڪوالالمپور شهر ۾ ويهارو کن ننڍا وڏا گوردوارا آهن. اهڙي طرح پينانگ، اپوح، ڪوٽابارو، جوهوربارو، مور، ملاڪا جتي ڪٿي آهن ۽ سکن جو ايڏو وڏو تعداد ملائيشيا ۾ رهي ٿو جو اخبار ۾ روز ڪنهن هڪ يا ٻن جي ٽيجھي چاليهي (ڀوگ رسم) جو اطلاع هوندو ئي هوندو آهي ۽ ان سان گڏ ان سردارجي يا سردارڻي جي تصوير پڻ هوندي آهي ته سردار ڀڳت سنگهه جي زال جسونت ڪور ٻياسي سالن جي ڄمار ۾ رات مري ويئي. پويان چار پٽ: (1) ناريندر سنگهه ڪانڍا (رهندڙ ڳوٺ ڪلانگ)،2 . بي. ايس سنگهه (پينانگ)، 3 بي. آر سنگهه (سريمبان)، 4. ميجر آر. ايس ڪانڍا (آرمي ڪئمپ ٽرينڊا) ۽ چار نهرون: 1. شانتي ديوي، 2. ڪلونت ڪور، 3. جاسبير ڪور ۽ 4. ليلا ۽ چار ڌيئرون: 1. جيتيندر ڪور، 2. جوگندر ڪور، 3. سريندر ڪور ۽ 4. راجيندر ڪور ۽ ناٺي : 1. سردار سربن سنگهه، 2. سردار ڪرشن سنگهه، 3. مسٽر مراد (اهو شايد هندو يا مسلمان ناٺي ٿو لڳيس) ۽ 4. مسٽر چندر راڪيش (اهو ناٺي راجيندر ڪور جو مڙس نالي مان هندو ٿو لڳي) ۽ ڪيترائي پوٽا پوٽيون، ڏهٽا ڏهٽيون ۽ انهن جو به اولاد سندس لاءِ ماتم زده آهي. سندس رسم ڀوڳ سيلايانگ شهر جي سک مندر ۾ پرهين جولاءِ تي منجھند جو ٻارهين وڳي ٿيندي. ان بعد لنگر شروع ٿيندو. لنگر جي انگريزي Langgar ئي لکيل هوندو آهي ۽ انهن اشتهارن جي مٿان Path Da Bhog لکيل هوندو آهي.
    ڪن ڪن سکن جا ته اڃا به وڏا اشتهار هوندا آهن ته موتيءَ جي مرڻ وقت فلاڻي نوڪري هئي: رٽائرڊ پوليس انسپيڪٽر هو، يا فائر برگيڊ ۾ هو يا رٽائرڊ ريلوي ماسٽر يا پوسٽ ماسٽر هو ۽ ان سان گڏ سندس اولاد ۽ ناٺي نهرن جون نوڪريون ۽ رهائش جا هنڌ ڏنل هوندا آهن. يعني فوتي مڇي ماني وارو ۽ ملائيشيا جو معزز شهري هو، ائين نه ته رٻڙ جي پوک ۾ ٻين ايرن غيرن جيان هارپو ٿي ڪيائين يا تمپين ريلوي اسٽيشن تي رڪشا ٿي هلائين.
    ان کان علاوه وقت بوقت سکن جي ميٽنگن ۽ رهنمائن جي ڪيل ڪارنامن جا اشتهار ۽ احوال ملائيشيا ۽ سنگاپور جي انگريزي اخبارن ۾ ايندا رهن ٿا. يعني ڳالهه جو مطلب اهو ته سکن جو به ملائِشيا ۾ ايترو ئي مانُ ۽ زور آهي جيترو هندو، ڪرسچنن ۽ ٻڌن وغيره جو. ۽ ملاڪا شهر ۾ ته سکن جو گوردوارو به اهڙي هنڌ تي وچ شهر ۾ آهي جتي ديسي توڙي پرديسي آسانيءَ سان پهچي سگهي. اهو ئي سبب آهي، جو اسان جو ڪليگ ڪئپٽن پُوري يا هي سنڌي همراهه اوڌارام پارواڻي جن پوڄا پاٺ لاءِ مندر بدران گوردواري ۾ وڃن ٿا.
    پارواڻي صاحب ٻڌايو ته پاڻ اصل ڪوٽڙي جا آهن ۽ پاڪستان هندستان ڌار ٿيڻ وقت لڏي ملائيشيا ۾ آيا جتي اڃا انگريزن جي حڪومت هئي. هي دڪان پاڻ ۽ سندس ڀاءُ هلائي ٿو.
    ان وقت آئون جلدي ۾ هوس سو کيس ڪجهه پنهنجا سنڌي ڪتاب ڏيئي موڪلايومانس ۽ ٻڌايومانس ته اڄ فقط کيڪار لاءِ آيو آهيان سگهوئي ڪنهن ڏينهن تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ ايندس. پاڻ رڳو واپاري نموني جو ڪونه ٿي لڳو جو ڪتاب به وڏي چاهه سان ڏٺائين ۽ رکي رکي چانهه ڪافيءَ جي به صلاح پئي ڪيائين، جيڪا سکڻي نٿي لڳي.
    هفتو کن رکي پوءِ ٻئي دفعي جڏهن ساڻس ملڻ لاءِ آيس ته ان ڏينهن وري پاڻ نه هو پر سندس پنجاهه ورهين جي ڄمار جو ننڍو ڀاءُ راڌا ڪرشن ويٺو هو جنهن سان پاڻ اڳهين منهنجو ذڪر ڪيو هئائين. ان ڪري وڌيڪ ڪنهن تڪلف جي، فري ٿي کانئس خبرون چارون پڇڻ لڳس.
    راڌا ڪرشن پارواڻيءَ ٻڌايو: ”اسان پاڻ ۾ پنج ڀائر آهيون. وڏو اوڌارام آهي، جيڪو توهان سان ان ڏينهن مليو. آئون چوٿون نمبر آهيان، ٻيو نمبر اسان جو ڀاءُ گوبندرام آهي. اهو هانگ ڪانگ ۾ ٿو رهي ۽ واپار وڙو به اتي ئي اٿس. ٽيون نمبر لڇمڻ داس آهي جيڪو جپان جي شهر اوساڪا ۾ رهي واپار ڪري ٿو. هو جپاني ڪپڙو ۽ ساڙهيون ٻين ملڪن ڏي ايڪسپورٽ ڪندو آهي ۽ ننڍو ڀاءُ ڀڳوان داس ڪڏهن ڪٿي هوندو آهي ته ڪڏهن ڪٿي. اڄڪلهه هو آمريڪا ۾ آهي ۽ واشنگٽن شهر ۾ بيئر جو PUB (ميخانو) کوليو اٿس.
    ”اسان جو اصل ڳوٺ ڪوٽڙي آهي. اسان جو پتا تمام وڏو ڪانگريسي هو ۽ سياست ۾ ناليرو هو. سندس نالي جي ٺهيل ڀاڄي مارڪيٽ، اسان ٻڌو آهي ته ڪوٽڙيءَ ۾ اڃا موجود آهي جنهن جي مٿان اسان جي پتا جو نالو: ”هوندراج مولچند پارواڻيءَ ڀاڄي مارڪيٽ“ لکيل آهي. وڏي ڄمار وارا هندو توڙي سنڌي مسلمان پڪ پتا کان واقف هوندا. هونءَ اسان هتي اچڻ کان اڳ وارا ڪجهه سالَ ڪراچيءَ ۾ به رهياسين پر تنهن هوندي به مونکي چٽيءَ طرح ياد آهي ته ڪچهري روڊ جي ڇيڙي تي جيڪا سئنيما (لائيٽ هائوس سئنيما) آهي اتي ڪٿي رهندا هئاسين.“
    ”هتي ڪڏهن آيائو؟“ مون پڇيومانس.
    ”هن پاسي واپاري وڙي لاءِ ڀائرن ۽ اسان جي ٻين مائٽن جو اچڻ ته ڪڏهن کان ٿيندو رهندو هو پر هميشه لاءِ لڏي اچي رهڻ 1947ع کان پوءِ ٿيو. سالَ ٻه کن اسان انڊيا جي شهرن: بمبئي، پوني ۽ اندور ۾ پڻ رهياسين پوءِ سنگاپور هليا آياسين جتان پوءِ ملايا جي شهر جوهور باروءَ ۾ دڪان کوليوسين. تن ڏينهن ۾ انگريز بادشاهه جي حڪومت هئي. هنن کي ڪو اعتراض نه هو ته اسين ملايا يا سنگاپور ۾ رهون يا ڪينيا نائجيريا ۾. بس جتي به رهون ته امن امان سان واپار ڪريون. حڪومت جي خلاف سياست ۾ حصو نه وٺون. سو اسان جو ڪهڙو ڪم انهن ڳالهين سان. اسان جو ڪم واپار ۽ پئسي ڪمائڻ سان سڌ ورڪي هندو ته ورهاڱي کان به اڳ دنيا جي انيڪ ملڪن ۾ پکڙيل هئا جن کان اسان انهن ملڪن جو سامان گهرائي هتي ملايا ۾ فائدي تي وڪڻندا هئاسين. تن ڏينهن ۾ جوهر باروءَ ۾ فوجين جي ڪئمپ هوندي هئي انهن کي مختلف قسمن جو مال سپلاءِ ڪندا هئاسين.“
    پڙهندڙن جي معلومات لاءِ ايترو لکڻ ضروري ٿو سمجھان ته تن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ٻن قسمن جا هندو مشهور هئا. هڪڙا ڀائيبند ٻيا عامل. ڀائيبند واپار وڙي تي ڇانيل هئا. شهري ڀائيبند پنهنجن ٻارن کي اعليٰ تعليم به ڏيندا هئا پر گهڻو تڻو واپار ۾ ئي لڳائي رکندا هئا. عامل پـڙهي ڳڙهي سرڪاري نوڪريون ڪندا هئا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انگريزن جي حڪومت ۾ ته سنڌي مسلمانن کان سنڌي هندو تعليم ۾ گهڻو اڳتي نڪري ويا هئا پر انگريزن کان اڳ جي دؤر ۾ ڪيترائي سنڌي هندو حساب ڪتاب، صلاح مشوري ۽ ڏيتي ليتيءَ جي ڪمن ۾ وڌيڪَ قابل سمجھيا ويندا هئا جو سنڌ جي حاڪمن ـــ ميرن ٽالپرن وٽ به حساب ڪتاب لاءِ هندو صلاحڪار هئا. ويندي ايران ۽ عرب ملڪن ۾ پڻ سنڌ جا هندو لکائي پڙهائي جهڙن ڪمن ۾ مٿانهون مانُ ماڻيندا هئا. سنڌ ۾ حڪومت کڻي سنڌي مسلمانن جي هوندي هئي پر ڪجهه نه ڪجهه عقل جي آڱر هندو عامل جي هوندي هئي ۽ واپار وڙي تي ڀائيبند اهڙا ڇانيل هوندا هئا جو اڄڪلهه آمريڪا ۾ ايترو يهودي به نه آهي. ڀائيبند ۽ عاملن جا پاڻ ۾ ڪجهه ذات پات جا چڪر ضرور هئا. عامل ڀائيبندن کي ڪجهه گهٽ سمجھندا هئا. پنهنجا پٽ هنن وٽان پرڻائيندا هئا پر کين پنهنجيون ڌيئون ڏيندي عيب محسوس ڪندا هئا. پر پوءِ اڳتي هلي جڏهن وڏيون سرڪاري نوڪريون ۽ انهن جا شانَ مانَ جھڪا ٿيا ته ان سان گڏ پڙهيل ڳڙهيل عالمن جي لئه به گهٽجڻ لڳي. ساڳي وقت هوڏانهن ڀائيبند زور ٿيندا ويا. هنن واپار ذريعي نه فقط سنڌ مان پر خراسان، توران، بصري بغداد ، سنگاپور ملايا ۽ ٻين دور دراز ملڪن مان خوب کڻي ناڻو ڪٺو ڪيو ۽ ويا ايڏا امير ۽ ناليرا ٿيندا جو ويندي ڪيترن عاملن جا ٻار هنن وٽ نوڪريون ڪرڻ لڳا ۽ پوءِ ته هڪ ٻئي سان سڱابندي ڪندي عيب به محسوس نه ڪندا هئا. ڀائيبندن ۾ جيڪي سنڌ کان ٻاهر ولايت ۾ نوڪري ڪندا هئا اهي سنڌورڪي سڏبا هئا. هي اسان جو پارواڻي يا ٻيا هزارين هندو سنڌي دڪاندار جيڪي دنيا جي هر ملڪ ۾ واپار ڪندي نظر اچن ٿا سي گهڻو ڪري سنڌورڪي آهن.
    ”توهان جو هور باروءَ کان هتي ملاڪا ڪڏهن آيائو ۽ هيڏانهن ڪهڙي خيالَ کان آيائون؟“ مون پارواڻيءَ کان پڇيو.
    ”جوهورباروءَ ۾ جيڪا فوجين جي ڪئمپ هئي اها ننڍي هئي. پوءِ هتي سونگائي اڊانگ (ملاڪا) ۾ ٽرنڊا ڪئمپ نالي انگريز سرڪار ٻه سؤ ملين ڊالرن جي تمام وڏي ٺهرائي جت واپار جا وڌيڪَ موقعا ڌيان ۾ آيا. ان ڪري اسان جوهورباروءَ کان لڏي هتي هن ڪئمپ وٽ اچي هي دڪان کوليو. ان ڳالهه کي به ويهه ٻاويهه سالَ اچي ٿيا آهن. پهرين هن ڪئمپ ۾ رڳو انگريز ۽ نيوزيلينڊ آسٽريليا جا فوجي ۽ سپاهي هئا. انهن لاءِ اسان هي سامان نه رکيو. اهي پنهنجين زالن يا گرل فرينڊس ڏي هتان وڏا وڏا قيمتي ۽ ولائتي تحفا وٺي موڪليندا هئا. ان ڪري اسان جي به وڏي ڪمائي ٿيندي هئي. پوءِ ملائيشيا کي آزادي ملڻ بعد هڪڙي سلاَ ملائيشيا وارن سڀني کي واپس روانو ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ انهن ولايتي فوجين جي رهائش جو مدو اڃا هو. پوءِ هن ٽرنڊا ڪئمپ ۾ سڀ فوجي آڦيسر هتي جا م لئي، چيني ۽ انڊين اچي رهيا. پهرين اسان کي سمجهه ۾ نه آيو ته دڪان تي ڪهڙي نموني جو شيون رکجن جو وڪروڳ ۽ فائدو ٿئي، ڇو جو انگريزن جي پسند ٻي هئي ۽ اهي مهانيون شيون هتي جي لوڪل ماڻهن نٿي وٺڻ چاهيون جن جا پگهار به انگريزن کان گهـٽ هئا. نتيجي ۾ چار سال اسان جو وڪرو بيهي ويو. پر واپار ۾ ڪڏهن اهڙا به ڌڪ لڳندا آهن جو مور جو مور به نه موٽندو آهي. صبر کان ڪم وٺي جيڪي ٻه پئسا ڪڏهن ففائدو ٿيو ٿي ته ان تي پئي گذر ڪيوسين. پوءِ نيٺ ڀاڳ کليا ۽ هاڻ ڏينهون ڏينهن وڌ آهي. تو9هان جي اڪيڊمي لاءِ ڪئڊٽن جون ٽوپيون به اسان کان وٺندا آهن. اهي نيوي يونيوفارم واريون ٽوپيون ۽ بيچ اسان پاڪستان کان امپورٽ ڪندا آهيون. هي ڏس سيلاڪوٽ کان ڪالهه سامان آيو آهي. پارواڻيءَ هڪ کوکي ڏي اشارو ڪندي بڌايو.
    ”ڀلا توهان کي قومت ۽ پاسپورٽ ته هتي جو هوندو؟“
    ”ها. اسان جا وڏا واپار وڙي لاءِ هيڏانهن ايندا هئا پر کين هتي هميشه رهي هن ملڪ مان فائدو وٺڻ جو ڪڏهن به خيال نه ايندو هو ۽ مال متاع ڪمائي وري موٽي پنهنجي وطن سنڌ ويندا هئا. اهڙي طرح ڌارين ملڪن جي قوميت نه وٺڻ ڪري هو هت يا دنيا جي ٻين ملڪن ۾ پنهنجي نالي تي نه گهر ۽ نه دڪان وٺي ٿي سگهيا ۽ نه وري ڪا زمين يا فئڪٽري ڪارخانو. پر پوءِ ورهاڱي بعد اسان هتي هميشه لاءِ لڏي اچي رهڻ جو سوچيو. هاڻ اسنا وٽ هن ملڪ جي قوميت ۽ پاسپورٽ آهي. پنهنجي هتي دڪان، گهر ۽ ملڪيت اٿئون. مون شادي نه ڪيئ آهي پر وڏو ڀاءُ اوڌارام جيڪو هتي مونس ان گڏ آهي. ان کي ٻه پٽ ۽ ڌيءَ آهي جيڪي هتان پڙهي وڏا ٿيا ۽ سرڪاري خرچ تي وڌيڪَ ولايت مان پڙهي هاڻ نوڪري ڪري رهيا اهن.“
    جيئن اسان لاءِ ولايت معنيٰ انگلينڊ تيئن هن پاسي ملائيشيا، سنگاپور وغيره جي ماڻهن لاءِ ولايت معينٰ نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا جيڪي ملڪ هنن کي تمام ويجھا ٿا پون ۽ پڙهائيءَ جي لاءِ ائين سهولت ڀريا آهن جيئن اسان لاءِ انگلينڊ. هتا ڪو ورلي انگلينڊ ويندو هوندو.
    راڌا ڪرشن کان پڇيم ته هينئر جي کانئن پڇيو وڃي ته آيا هو هتي ملائيشيا ۾ رهڻ پسند ڪندو يا هندستان ۾؟
    ”هاڻ هن ڄمار جي پيٽي ۾ جهڙو هندستان تهڙو هي ملڪ.“
    ”پر تڏهن به“، مون زور ڪيومانس، ”توهان جا ٻيا مٽ مائٽ هن وقت بمبئي ۾ آهن. اتي پنهنجي زبان ۽ مذهب اٿانو. ڪڏهن ڪڏهن ته دل گهرندي هوندانوَ ته واپس هندستان هلي رهجي جو ڌاريو ملڪ آخر ڌاريون آهي. ڏينهون ڏينهن هتي ملائيشيا ۾ بهوڌيڪَ نوڪريون، سهولتون ۽ موقعا ڌارين ماڻهن لاءِ گهٽبا وڃن ۽ وڌيڪَ سهولتون فقط هن ڌرتيءَ جي ڄائلن، ڀومي پترن کي ملي رهيون آهن. توهان جهڙن انڊين يا چيني نسل جي ماڻهن کي اهو احساس ته ضرور ٿينود هوندو ته ٻئي ڪلاس جي شهرين واري زندگي بسر ڪري رهيا آهيون.“
    ڪجهه دير سوچي راڌا ڪرشن پارواڻيءَ جواب ڏنو:
    ”اهو سڀ ڪجهه هوندي به هتي اسان وڌيڪَ Secure (حفاظت ۾) مهسوس ڪريون ٿا. نوڪرين ۽ سياست ۾ هتي جي حڪومت پنهنجي ڀومي پرتن (ملئي ماڻهن) کي فائدو رسائڻ چاهي ٿي. پر ان هوندي به اسين ڌاريان، پوءِ جا آيل تامل توڙي مليالم ملباري، هندو توڙي سک عيسائي، پنجابي توڙي پٺاڻ مرهٺا سڀ سڪون محسوس ڪريون ٿا. جو ڪجهه به آهي اسان ان سان مطمئن آهيون. هتي سڀ کان وڏي ڳالهه ته ملڪ ۾ امن امان آهي. قاعدو قانون سخت آهي ۽ ننڍي وڏي لاءِ اهو ساڳيو آهي. پوليس رستن تي نظر نٿي اچي ۽ به هوءَ ايتري طاقتور آهي جو معمولي ڏوهه ٿيڻ تي به ڏوهاريءَ کي بخشي نٿي. ڏوهه جي پاڙ تائين جيسين پهچي ڏوهارين کي سزا نٿي ڏئي تيسين حڪومت سڪون سان نٿي ويهي. اهو ئي سبب آهي جو هروڀرو هت ڪي وارداتون نٿيون ٿين. هرڪو لچو لفنگو ڊڄي ٿو ته ڪا کيچل ڪندس ته نه پوليس ڇڏيندي نه ڪنهن چاچي مامي جو زور هلندو. چاهي اهو وزير هجي. بلڪه اهڙي بدمعاش کي سندس وڏي نوڪريءَ وارو مائٽ ويتر اک ڏيکاري چوندو ته ٻيلي ٺيڪ ٿي هل ماڳهين منهنجي رتبي ۽ عزت کي ٿو داغ لڳائين. نتيجي ۾ Crime Rate ۽ غربت گهٽ آهي. ماڻهو به جيتوڻيڪ ڀانت ڀانت جا رهن ٿا پر هتي جا رهاڪو هڪ ٻئي جي عزت ڪن ٿا ـــ دل ۾ ضرور چيني، ملئي يا اسين انڊين ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻئي کي نه پسند ڪندا هونداسين پر ظاهري طرح هو هٿ چراند يا منهن ماري نٿو ڪري. هرڪو پنهنجي پورهئي ۾ مگن آهي. جيڪو جيتري محنت ڪري ٿو ان کي اوترو ملي ٿو. ائين نه آهي ته ڪڙميءَ کي ڪمائي ملڻ تي پوليس، وڏيرو، وڪيل، بشني ڦريو اچن ۽ سندس ڪمائي اهي هضم ڪري عيش ڪن ٿا ۽ پوءِ غريب /ڪڙمي جيڪو ڪمائيءَ جو بنياد آهي اهو وري پيٽ بکيو، انگ اُگهاڙو، هن جا ٻچا بيمار، ڪمزور ۽ گهر جي عزت غير محفوظ رهي ٿي. نتيجي ۾ هن جي پورهئي تان ڏينهون ڏينهن دل کنيل ٿئي ٿي. هوڏانهن ٻي ڌر لاءِ سولائيءَ سان پيسو ملڻ ڪري Easy Come ۽ Easy Go وارو حساب ٿيو پوي ۽ وتي اجايا خرچ ۽ عياشيون ڪندي. منجھس پوءِ غلط ڳالهين جي عادت پئجيو وڃي. پوءِ ڪڏهن عيش لاءِ پئسو غريب هاريءَ يا هيڻي مان نٿو مليس ته پنهنجي علت جي پوئواري ڪرڻ لاءِ وتي چوريون ۽ ڌاڙا هڻندو يا وڃي ٿو پنهنجيون ٻنيون ٻارا ۽ پاڻ کي قرض لاءِ واڻئي وٽ گروي رکندو. نتيجي ۾ سڄو معاشرو معمولي ڳالهين ڪري برباد ٿيو وڃي.
    ”هتي مذهب ۽ رسم رواج جي به اسان کي آزادي آهي. هندو مسلمان، سک، عيسائي ۽ چينا ٻڌ سڀ سک شانتيءَ ۾ رهيا پيا آهن. جيتوڻيڪ ملائيشيا مسلمانن جو ملڪ آهي پر ڪنهن به هندو عيسائيءَ کي شڪايت ناهي. ساڳي طرح سنگاپور جيتونيڪ چيني جو آهي جيڪي ٻڌ، عيسائي يا دهريا آهن پر منجھانئن ڪنهن به شيعي سني يا کوجي بوريءَ کي شڪايت ناهي. عام ماڻهوءَ کان وٺي حڪومت جو وڏو ڪامورو ڌارين جي مذهب ۽ سندن مندر، مسجد، گوردواري، گرجا جي عزت ڪري ٿو.“
    ”هتي ملائيشيا يا سنگاپور ۾ جنهن کي جيڪي وڻي ٿو اهو عزت جي روٽي ڪمائڻ لاءِ پورهيو يا واپار ڪري مقرر ٿيل ٽئڪس حڪومت کي گهر ويٺي ادا ڪري ٿو. ڇا جو غنڊه ٽئڪس ڇا جو سرڪاري آفيسرن کي رشوتون کارائڻ ۽ مقامي پوليس کي هٿ ٻڌڻ. پر پاڻ وٽ بمبئيءَ ۾ ڏسو ڇا ٿي رهيو آهي. بندو بندي جو گلو ڪٽي رهيو آهي ته تون مسلمان آهين يا تون هندو آهين ۽ مزي جي ڳالهه اها ته انهن ۾ گهڻا اهڙا آهن جن مندر مسجد جو ڪڏهن منهن به نه ڏٺو هوندو. سچو پوڄاري ته اڄ به ڪنڊ پاسو وسايو ڀڳوان کي ياد پيو ڪري.
    پارواڻيءَ مٿيون اشارو اڄڪلهه بمبئيءَ ۾ هلندڙ هندو مسلمانن جي خونريزين ڏي ڪيو. جيڪي هونءَ رڳو ڪلڪتي يا دهلي پاسي ٻڌبيون هيون پر هاڻ پهريون دفعو بمبئيءَ ۾ به شروع ٿي ويون آهن ۽ تمام گهڻي حد تائين، ايتري قدر جو هتي ملائيشيا جي اخبار ۾ به روز سرخيون اينديون آهن.
    ”سو ادا دل ته گهڻي ٿي چوي ته واپس هندستان هلي رهجي جتي اسان جون پاڙون آهن.“ پارواڻيءَ چيو، ”پر ههڙن حالن ۾ هن عمر ۾ ڇا سودمندي ٿيندي. اسان ته کڻي رهي به سگهون پر اسان جي ننڍي ٽهي جيڪا ڄائي نپني، رهي ڪهي هن سڪون ڀرئي ماحول ۾ سا اتي ٻاتاري ٿي پوندي.“
    ”توهان ته شادي نه ڪئي پر توهان جي وڏي ڀاءُ اوڌارا جو اولاد ڇا ٿو ڪري؟“
    ”اوڌارا کي ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ آهي. وڏو پٽ ارجن داس ملائيشيا مان بنيادي تعليم وٺي پوءِ نيوزيلينڊ وڌيڪَ تعليم لاءِ ويو هو. هن اتاگو يونيورسٽي (ويلنگٽن جي ڀر ۾) مان فزڪس ۾ ميجر ڪيو ۽ هتي هڪ جپاني فرم ۾ نوڪري ڪري رهيو هو، پر تازو هن اها ڇڏي آهي ۽ ٻي ڪنهن سُٺي نوڪريءَ جي ڳولا ۾ آهي. اڃا تائين نه ملي اٿس.....“
    مون سندس جملو اڌ ۾ ڪٽي ان مسئلي ڏي وري ڌيان ڇڪايو جيڪو هن ملڪ ملائيشيا ۾ پوءِ جا لڏي آيل چيني ۽ انڊين محسوس ڪري رهيا آهن: ”پارواڻي صاحب! اخبار ۾ نوڪرين جا اشتهار ته گهڻائي اچن ٿا پر ان لاءِ اسان ڌارين ملڪن جا ماڻهو نه Apply ڪري سگهون ٿا ۽ نه وري ملائيشيا سعودي عرب جهڙن ملڪن وانگر چاهي ٿو ته ڪو ڌارئين ملڪ جو اچي ڪمائي، سواءِ انهن چند ڌارين جي جيڪي اهم نوڪريون ڪن ٿا يا UNO وغيره جي طرف کان هتي آهن. پنهنجي ملڪ جي ماڻهن مان به پهرين ملئي ڀومي پترن جي همت افزائي ڪن ٿا ته جيئن اهي نوڪريءَ ۾ چان . ٻئي نمبر تي چيني يا انڊين نسل وارن ملائيشين کي ـــ جيتوڻيڪ توهان ۾ ڪيترائي انڊين ۽ چيني ته هتي سؤ سالن کان به اڳ جا Settle آهن. ان قسم جون ڳالهيون سوچي توهان کي ڪجهه محسوس نٿو ٿئي ته توهان جهڙن جي ٻارن لاءِ هتي مستقبل روـشن ناهي.“
    ”ٿئي ته ٿو.“ پارواڻيءَ وراڻيو، ”پر حالتون اهـڙيون به خراب نه آهن. ظاهر آهي هي ملڪ ملئي ماڻهن جو آهي سو هنن کي پنهنجن جو پهرين خيالَ رکڻ جڳائي به ۽ هنن ٻين ملڪن جو اڀياس ڪري ڏٺو آهني جي نوڪريون هن وقت ڌارين کي ڏيئي ڇڏيندا ته سڀاڻي جڏهن سندن پنهنجا ملئي پڙهي ڪري ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ ٻيا گريجوئيٽ ٿيندا ته انهن لاءِ ته ڪجهه به نه هوندو ـــ سڀ نوڪريون اسا جي يا چينين جي حوالي ٿي و ينديون جيڪي هن وقت ملئي مسلمانن کان وڌيڪَ تيز ۽ پڙهيل آهن ۽ هونءَ به سڄي ملڪ جو واپار ذري گهٽ اسان جي هٿن ۾ اچي چڪو آهي. سو ظاهر آهي ته هتي جي حڪومت هتي جي اصل باشندن جو ان معاملي ۾ اڳتي جي سوچ خيال ٿي رکي. ساڳئي وقت ڏٺو وڃي ته اسان پنهنجا وطن ڇڏي هتي آياسين ـــ پوءِ چاهي پنج ڏهه سالَ اڳ يا پنجاهه يا سؤ سالَ اڳ پر ان لاءِ ته هرگز نه آياسين ته ڪو هنن جي اچي خدمت ڪجي يا قرباني ڏجي. اسان هتي تڏهن به پئسو ڪمائڻ لاءِ آيا هئاسين. پوءِ جڏهن ڏٺوسين ته هتي موج مزا لڳا پيا آهن ته ٽيڪي پياسين. هاڻ کڻي ٻاهران چئون ته اسان هن ملڪ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، اسان جو به عياشيءَ ۾ حصو هئڻ کپي. پر حقيقت ۾ اسان ڪمائيءَ جي لالچ ۾ هتي اچي نڪتاسين يا اسان جي ملڪن: هندستان، افغانستان، توڙي چين منگوليا يا انڊونيشيا ۾ سياسي معاشي حالتون ٺيڪ نه هيون سو ان ڪري سُکَ جي زندگي بسر ڪرڻ لاءِ هيڏانهن اچي رهياسين. بهرحال اڄڪلهه هن ملڪ ۾ اهو ضرور آهي ته نوڪريون ۽ سهولتون پهرين پنهنجن کي ٿا ڏين پر ساڳي وقت اسان به ڪي ڏکيا نه آهيون. اسان جو به سٺو وقت پيو گذري. جيڪو جتي آهي اتي خوش آهي، پورهيو توڙي واپار ته آزاديءَ سان ڪري رهيا آهيون. نوڪريون به جي تمام وڏيون نه ته به چڱيون خاصيون مليو وڃن ۽ اڃا به ويهن سالن تائين ته حالتون بهتر ٿيون لڳن. ان بعد ڪير جيئن ڪير مرن ـــ جيڪي جيئن سي منهن ڏين بيروزگاري ڪٿي ناهي، وڌندڙ گهرجن سڄي دنيا جون حالتون خراب ڪري ڇڏيون آهن. ويندي انگلينڊ، جرمني ۽ ٻين يورپي ملڪن جو به حال خراب آهي. سڀ ڪو ڀانئي ته ڌاريون اڄ نڪري ته سڀاڻ ٻيو ڏينهن ٿئي. انگريز انگلينڊ مان پاڪستاني، هندستاني ۽ جئميڪين ڪڍڻ جي فڪر ۾ آهي چاهي انهن جون پنج پنج پيڙهيون اتي رهي مري ويون. جرمن پنهنجن ملڪن مان ترڪن کي، فرينچ سينيگالين کي ته اٽلين لبين وغيره کي. اهڙي طرح پنهنجن ايـشين ملڪن انگريزن ۽ يورپين کي ته ڀڄائي ڪڍيو آهي ۽ هاڻ پنهنجن ايشيائي ماڻهن جي پويان آهن. حالت اها اچي ٿي آهي ته هڪ عرب ملڪ جا ماڻهو ڏکيا ٿا ٿين ته ڀر وارو عرب ملڪ جيڪو نه فقط امير آهي، پر ساڳيو دين ايمان، رسم رواج ۽ زبان اٿس ٻئي کي پاڻ وٽ رکڻ نٿو چاهي ۽ ڪو اچيو به وڃي ٿو ته ان کي ڀڄائڻ جي چڪر ۾ آهي. سو هت ملائيشيا ۽ سنگاپور، انڊونيشيا وغيره جهڙن ملڪن ۾ اڳتي هلي ڇا ٿو ٿئي اها ڀڳوان کي سُڌ! في الحال ته رڳو پنهنجي گهر کي ڏسجي ته ڪو زمانو هو سڀ ڀائر ته گڏ هڪ گڏيل ڪٽنب ۾ رهندا هئا پر سوٽن پڦاٽن جون فئمليون به ساڳي گهر ۾ خوش گذارينديون هيون. پر هاڻ هر هڪ ڀانئي ته ٻيو گهر مان نڪري وڃي ته سُٺو.“
    ”توهان جي ڀاءُ جا باقي ٻار ڇا ٿا ڪن؟“
    ”ٻيو نمبر ڌيءَ ٿي. سندس نالو رڪمڻي آهي. رڪمڻيءَ جي تازو گذريل سال دبئيءَ ۾ شادي ٿي. سندس گهوٽ دبئيءَ جي هڪ فئڪٽريءَ ۾ انجنيئر آهي. پاڻ اصل بمبئيءَ جو سنڌي آهي. ٽيون ٻار پٽ هاسارام اٿس جيڪو هتان ملائيشيا مان STPM (سجل ٽنگي پرسيڪولان ملائيشيا)، يعني انٽر ڪرڻ بعد وڌيڪَ پڙهائي انگلينڊ مان ڪئي، هو ڪامرس پڙهيل آهي ۽ ملاڪا جي يونائيٽيڊ ايشيا بئنڪ جو اسسٽنٽ مئجينر آهي.،
    ”هت رهندڙ چيني واپاري ۽ امير ماڻهو ۽ توهان ـــ ”توهان“ مان منهنجو مطلب فقط توهان هڪ سان نه پر هت جيڪي ننڍي کنڊ جا تامل، گجراتي، سنڌي، ملباري، پنجابي وغيره واپاري طبقو آهي، ڪمايل پئسو هتي ملائيشيا جي بئنڪن ۾ رکڻ وڌيڪَ سلامت محسوس ڪريو ٿا يا ڪنهن ڄاتل اڻ ڄاتل خوف کان ڀر وارن ملڪن: سنگاپور، آسٽريليا يا نيوزيلينڊ وغيره جي بئنڪن ۾ رکڻ وڌيڪَ بهتر سمجھو ٿا، جت سياسي ۽ معاشي حالتون سٺيون ۽ جٽادار آهن.“
    ”نه اهڙي ڳالهه ناهي. ملائيشيا جي بئنڪن ۾ به هرڪو رکائي ٿو ۽ هر قسم جون مقامي يا ولايتي بئنڪون هتي آهن جن ذريعي سولائيءَ سان ناڻو هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ اُماڻي ۽ گهرائي سگهجي ٿو. حڪومت به ان سلسلي ۾ دِلجاءِ ڪرائيندي رهي ٿي جيئن مقامي ۽ ڌارين سيڙپ وارن جو وشواس برقرار رهي. پهرين نه ته چيني ماڻهو سڄو پئسو هتان ڪڍي چين (تائيوان، فارموسا وغيره) ۽ هانگ ڪانگ جي بئنڪن ۾ موڪليندا رهيا ٿي، جيئن پش پيش هي ملڪ ڇڏڻو پوي ته ٻاهر ته ناڻو هجي. پر پوءِ گهڻو اڳ، انگريزن جي وڃڻ کان سگهوئي پوءِ هتي جي حڪومت سڀني کي چيو ته جن کي هي ملڪ ڇڏي ٻي ڪنهن هنڌ وڃي رهڻو هجي ته هينئر هليو وڃي ۽ جي رهڻ چاهي ته هتي جي کيس قوميت ڏني ويندي ۽ ڀلي هتي جو ماڻهو ٿي رهي. اهڙي اعلان بعد هاڻ چيني خوش آهن. جيتوڻيڪ اڃا به ڪجهه نه ڪجهه ناڻو حفاظت طور آسٽريليا ۾ رکائين ٿا ۽ پنهنجن ٻارن مان هڪ يا ٻه آسٽريليا يا نيوزيلينڊ ۾ رهڻ لاءِ ڇڏين ٿا جيئن متان حالتون خراب ٿين ته ٻي هنڌ به ته ٺام ٺڪاڻو ٺهيل هجي.“
    ”اڄڪلهه سنگاپور جي دڪاندارن جا اشتهار سون ۽ هيرا خريد ڪرڻ لاءِ ملائيشيا جي اخبارن ۾ ايندا رهن ٿا ته پئسو سون ۽ هيرن جي خريداريءَ ۾ لڳايو. توهان جوان بابت ڇا خيال آهي ۽ هتان ملائيشيا مان ڪهڙي طبقي جا ماڻهو اهڙي خريداري ٿا ڪن؟ انڊين ۽ چيني يا ملئي پڻ؟“
    پارواڻيءَ ٿوري دير لاءِ سوچي پوءِ چپن تي مرڪ آڻي چيو: ”سون جا ڳهه ۽ هيرا بيڪار شيون آهن جن پٺيان پئسو بيوقوف ماڻهو وڃائين ٿا. مثال طور هيرا ڇا آهن؟ پٿر آهن پٿر. ۽ پٿر ڪهڙي ڪم جا. پر يورپي قوکين من اسان کي بيوقوف ٺاهڻ لاءِ اهي سانگ سٽيا آهن ۽ وري انهن جو اگهه به مقرر ڪيو اٿن ته ڪو چاهي ته وڪڻي يا ڏيتي ليتي به ڪري سگهي ٿو پر تڏهن به آئون کي پٿر ئي سمجھندس. اُنَ جي گهڙ جوڙ ۽ ٽڪ ڇلائيءَ جي ڪمائي پاڻ کايو امير پيا ٿين. ساڳيءَ طرح سونا ڳهه به ڪهڙي ڪم جا؟ اڃا به ڪچو سون ڪجهه بچت پاڇيءَ خاطر ماڻهو بچائي رکي سگهي ٿو. پر ڳهن جو مثال هيئن آهي ته ٻن هزار ڊالرن جي سوني سيٽ ۾ نج سون فقط هزار ڊالر جو هوندو باقي گهڙائي، اونڌن اُبتن موتين جي قيمت ۽ جڙائي جو خرچ هزار ڊالر، يعني ٻئي ڏينهن ئي ڪو موٽائي ڏئي ته ان ٻن هزار ڊالرن واري سيٽ جا فقط هزار ڊالر ملندس جيڪي اصل موجود سون جي قيمت آهي. ڳهه لڳاتار پائڻ ۽ پالش ڪرائڻ سان به گسي ٿو سو ان کوٽ جو نقصان ڌار مٿي ۾ ۽ پنهنجي جسم سان هيرا يا سونا ڳهه لڳائي هل معنيٰ چوري ۽ جان جو خطرو الڳ. بهرحال فائدو واڻئي جو يا وري چور جو.
    ”هتي ملائيشيا ۾ چيني يا انڊين ايترو سون ڏي لاڙو نٿا رکن. ملئي ماڻهو ان پٺيان گهڻو پئسو چٽ ڪن ٿا. منجھن هڪ ٻئي کي ڏيکاءُ ۽ ريس جي عادت آهي. پوءِ هتي جا چيني يا انڊين دڪاندار اهڙا استاد آهن جو سال اڌ بعد وري کين ٽيڪرون ڏيندا ته ”بابا اهي گذيل سالَ وارا ورتل ڳهه پراڻا ٿي ويا آهن. سندن هينئر ڪو فئشن ناهي ۽ عام ٿي ويا آهن. اهي ڀڃائي وري ٻئي فئشن جو هار ڪنگڻ يا چوڙيون ٺهرايو. هڪ نمونو مون وٽ تازو آيو آهي جيڪو سڄي شهر ۾ ناهي. اهي پراڻا ڏيو ته ڀڃي نئين فئشن جا ٺاهي ڏيانوَ. مٿان رڳو هزار ڊالر ٻيو خرچ ايندانو. پائڻ سان سڄي ڪاڄ ۾ واهه واهه توهان جي پئي ٿيندي.“ پوءِ هتي جا ملئي ماڻهو سادا سودا ڳالهين ۾ اچي پراڻا ڳهه ۽ وڌيڪَ پئسا ڏيندا ته جيئن دڪاندار اهي ڀڃي کين ٻيا ٺاهي ڏئي ان ۾ ڏٺو وڃي ته سڄو فائدو دڪاندارن کي ٿئي ٿو. ڀڃڻ جي ته رڳو ڳالهه ٿيندي آهي. سندن اهي پراڻي ڊزائين وارا ڳهه دڪاندار اڪثر پالش ڪري ٻئي شهر ۾ ڪم ڪندڙ سندن دوست يا مائٽ سوناري ڏي موڪلي ڏيندا آهن. جتي هو انهن ڳهن کي اتي نئين ڊزائين جو هوڪو ڏيئي وڪڻي ڇڏيندا آهن. ساڳي طرح پاڻ ان شهر مان پراڻا ورتل ڳهه پهرين ڏي موڪليندو رهي ٿو ۽ اهڙي طرح دڪاندارن جو ٿيو فائدو ۽ ڪوڙي لئه ۾ اچي ڦريو ملئي ڄٽ.“
    پارواڻيء صاحب ”ڄٽ“ لفظ زبان تي آڻيندي آڻيندي گهڻو ئي جھليو پر نڪري ويس جنهن بعد هڪدم منهنجو خيال آيس ته متان مونکي دل ۾ ٿيو هجي جو ورهاڱي کان اڳ هندو عامل توڙي واپاري اهو لفظ سنڌي مسلمانن لاءِ گهڻو تڻو استعمال ڪندا هئا. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻ ڪو پنهنجي پوزيشن صاف رکڻ لاءِ چوي ته ”ڄٽ“ لفظ سنسڪرت مان نڪتل آهي. معنيٰ ”ڄٽ قبيلي جو“ يعني جيڪو قبيلن ۾ رهي، عزت وارو وغيره وغيره. پر اها عالم آشڪار ڳالهه آهي ته ”ڄٽ“ لفظ جي استعمال ۾ نفرت ۽ ٻي لاءِ حقارت جو وڌيڪَ پهلو هو جيڪو اڄ به بيوقوف سادي ۽ جاهل ماڻهوءَ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ويندي هينئر به اسان مسلمان ڳوٺاڻن ۽ اڻ پڙهيل ماڻهن لاءِ چڙ ايندي وقت استعمال ڪريون ٿا. جيڪو لفظ اڳ ۾ هندو وڏي پيماني ۾ اسان سڀني لاءِ ڪندا هئا. اهو شايد ان ڪري به جو اسان جو عام ماڻهو توڙي وڏيرو زميندار نه ايترو پڙهيل هو ۽ نه کيس دنيا داري جون اٽڪلون ۽ کيڏون آيون ٿي.
    بهرحال موٽي اچون هلڪين ڦلڪين ڳالهين تي. ملائيشيا جي جھڙالي موسم ۽ چوڌاري ڳتيل ساوڪ ۾ پارواڻيءَ صاحب کان ورتل انٽرويو تي جيڪو سون ۽ هيرن سان گڏ هتي جي سون ۽ هيرون جهڙن ماڻهن جون به ڳالهيون ٻڌائي رهيو هو.
    ”پارواڻي صاحب ڀلا توهان جي خيال ۾ پئسو ڇا ۾ لڳائڻ کپيئي“ مون پڇيو.
    ”وقت موجب حالتون بدلجنديون رهن ٿيون. اڄڪلهه جي وقت ۽ حالتن موجب پئسو Real Estate يعني زمين وٺڻ ۾ لڳائجي. هتي جا امير ماڻهو ملائيشيا کان علاوه ٻين ملڪن ويندي سنگاپور ۾ به جايون ۽ پٽ وٺن ٿا.“
    ”ڀلا ڪنهن کي سنگاپور جي قوميت نه هجي ته به سنگاپور ۾ پٽ خريد ڪري سگهي ٿو؟“
    ”قوميت کڻي نه هجي پر اتي گهمڻ خاطر رهڻ، مسواڙ تي ڏيڻ يا اگهه وڌڻ تي وڪڻڻ لاءِ زمين يا جايون ڪنهن به ملڪ جون خريد ڪري سگهي ٿو. اڳ ۾ ملائيشيا ۾ به ڌارين ملڪن جي ماڻهن کي زمين ۽ جايون وٺڻ جي اجازت هئي پر پوءِ سنگاپرو جي چينين کڻي جوهوباروءَ ۾ ايتريون ته زمينون ۽ گهر وٺڻ شروع ڪيا جو حڪومت سڀني فارينرن کي وڌيڪَ وٺڻ کان منع ڪري ڇڏي. هاڻ ملائيشيا ۽ سنگاپور جا امير ماڻهو اڄڪلهه آسٽريليا ۾ جام زمينون وٺن ٿا جو لڳي ٿو ته اتي ڪجهه سالن کان پوءِ اگهه وڌي ويندا.“
    ”ڀلا اڄڪلهه سنگاپور توڙي ملائيشيا ۾ ڌارئين ملڪن جي ماڻهن کي هميشه لاءِ رهڻ ڇو نٿا ڏين يا قوميت ڇو نٿا ڏين. توهان کي هتي جي قوميت ڪيئن ملي ـــ سولي يا ڏکي؟“
    ”اڄڪلهه سنگاپور، ملائيشيا يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي قوميت ملڻ تمام ڏکي ڳالهه ٿي پيئي آهي. هر ڪو ڀانئي ته سندن ملڪ ۾ سندن ئي ماڻهو هجن ٻيو ڪو ڌاريو نه اچي رهي. ملائيشيا جو ملڪ جيتوڻيڪ تمام وڏو ۽ امير آهي، آدمشماري به تمام گهٽ اٿس ۽ جيڪر موجوده آدمشماري جيترا ٻيا به اچي رهي پون ته به ڪو خاص فرق نه پوي. پر جپان، سعودي عرب، ڪويت ۽ ٻين ڏاهن ملڪن وانگر ملائيشيا به چاهي ٿو ته سندن ملڪ ۾ ڪو هڪ ماڻهو به وڌيڪَ رهڻ لاءِ نه اچي. ڪجهه ڏينهن لاءِ گهمڻ ڦرڻ لاءِ ڀلي اچي. سدا اچي جو ان ريت اچڻ ۾ هو پئسو ڏوڪڙ خرچي ٿو ۽ ملڪ جو فائدو ٿئي ٿو. باقي هميشه لاءِ هتي ٽڪي ملڪ لاءِ ذرو به بار نه بڻجي. ملائيشيا جي آدمشماري گهٽ آهي ته وڌائڻ لاءِ اصل رهاڪن کي پنج ٻار ڄڻڻ جي اجازت ڏني ويئي آهي، جن جي پڙهائي، دوا درمل سڀ مفت رکي ويئي آهي. بلڪه جنهن کي گهڻا ٻار ان کي ٽيڪس ۾ به وڌيڪَ ڇوٽ ڏني ويئي آهي. ڇو جو هي سمجھن ٿا ته ڌارئين ملڪ جي ماڻهوءَ تي ڪو ڀروسو نٿو ڪري سگهجي ۽ هو ڪيترائي سالَ گذارڻ بعد به وفادار پنهنجي ئي ان ملڪ سان رهي ٿو، جتي هن جون اصل پاڙون آهن.
    ”اسان کي هتي جي جڏهن قوميت ملي تڏهن دنيا جون حالتون ڪجهه ٻيون هيون. هندستان جي ورهاڱي ۽ لڏ پلاڻ وارن ڏينهن ۾ دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ايتري ڇڪتاڻ نه هئي جيڪا اڄڪلهه آهي. جيڪو جنهن ملڪ ۾ ٿي ويو سولائيءَ سان ان ملڪ ۾ کيس رهڻ جي موڪل ملي ٿي ويئي. سو اسان هيڏانهن هليا آياسين يا ٻيا اسان جا ڀائر متر هانگ ڪانگ، فجي، انگلينڊ، انڊونيشيا، آمريڪا، جتي جتي به ويا سولائيءَ سان کين اتي جي قوميت ۽ پاسپورٽ ملي ويو ۽ هاڻ مزي سان اتي ڄمايو ويٺا آهن. پنهنجيون جايون جڳهيون دڪان ٺهرائي قبضا ڪريو ويٺا آهن. جيڪڏهن لڏ پلاڻ ۾ اسان کي اٺ ڏهه سالَ ٻي دير ٿئي ها ته پوءِ ڪيترن ڌارين ملڪن ۾ رهڻ اسان لاءِ مشڪل ٿي وڃي ها ڇو جو پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي هر ملڪ سياڻو ۽ خبردار ٿي ويو ته ٻيلي ڌارئين ملڪ جي ماڻهوءَ کي راهڻ مان ڪو فائدو ناهي. ماڳهين پنهنجي روزگار ۽ وڪري کان هٿ ڌوئڻا آهن ۽ ملڪ جو سماجي طرح پڻ ماحول خراب ڪرڻو آهي. ڇو جو ڌارئين آيل کي ملڪ ۽ ان جي اصل ماڻهن جي عزت آبروءَ جو ڪهڙو خيال ۽ هو وڃي ٿو اصل رهاڪن کان به وڌيڪَ ڄمت ڪندو.“
    بهرحال ڪجهه سالَ اڳ تائين هيڏانهن ملائيشيا يا سنگاپور ڏي هميشه لاءِ رهڻ سولو ڪم هو. ڪو به سالَ ٻه رهيو ٿي ته کيس قوميت نه ته گهٽ ۾ گهٽ پي. آر. (Permanent Residency) ته آرام سان ملي ويئي ٿي. پوءِ آهستي آهستي ڏکي ٿيڻ لڳي. مثال طور سنگاپور وارا ان ماڻهوءَ کي پي. آر ڏيئي ڇڏيندا هئا جيڪو ماڻهو پاڻ سان ڇهه لک رپيا کن کڻي اچي جو حڪومت کي ايترو ڏڍ هو ته اهو ماڻهو پوءِ چوري نه ڪندو. ايترن پئسن مان ڪا هلڪي ڦلڪي بسڪيٽ چالڪيٽ جي پيڊي يا هٽڙو ڪڍي ويهندو ته به پنهنجو روزگار پيو ڪڍندو ۽ حڪومت کي به ٽيڪس پيو ڏيندو ۽ مقامي ماڻهن ۽ ملڪ تي بار به نه پوندو. ماڻهن جي گهڻي تعداد کي ايندو ڏسي سنگاپور حڪومت ناڻي جي ان اگهه کي وڌائيندي ويئي. هاڻ گذريل ٻن سالن کان يعني 1981ع کان جڏهن هانگ ڪانگ جو مسقبل رولڙي ۾ نظر اچڻ لڳو آهي ته اتي جا واپاري سنگاپور ڀڄڻ لڳا آهن ته سنگاپور حڪومت هڪ ملين ڊالر ـــ يعني ڏهه لک سنگاپور ڊالر اگهه ڪري ڇڏيو آهي (جيڪو ستر لک رپيا پاڪستان جا ٿيا جو اڄڪلهه سنگاپور جو هڪ ڊالر پاڪستاني ستن رپين برابر آهي.) جنهن تي به ڪافي وڏا واپاري هانگ ڪانگ کان سنگاپور ڏي لڏي اچڻ لڳا. بهرحال جيڪو ايڏو ناڻو پاڻ سان آڻي سنگاپور ۾ اچي رهي ٿو ان مان حڪومت ۽ ملڪ کي فائدا آهن. حڪومت کي تمام گهڻو ٽيڪس ملي ٿو جيڪو رستن، اسڪولن ۽ اسپتالن ۾ لڳائي مقامي ماڻهن جو فائدو ڪري سگهي ٿي ۽ ساڳي وقت آيل امير ماڻهو جڏهن سنگاپور ۾ واپار وڙي لاءِ ڪوٺيون دڪان هوٽلون وغيره کولين ٿا ته آٽوميٽيڪلي مقامي آدمشماري کي به نوڪريون ۽ ڌنڌا ملن ٿا.
    امير ماڻهن کان علاون سنگاپور ۾ اهڙن اعليٰ تعليم يافته ۽ اسپيشل برانچ جي انجنيئرن، سرجنن، ڊاڪٽرن، پروفيسرن کي پڻ عارضي/مستقل رهائش جي اجازت ملي ٿي جن جي هن ملڪ کي سخت ضرورت آهي يا اهڙي نوڪري يا تعليم وارو مقامي ماڻهو موجود ناهي.
    ملائيشيا ۾ اڄ کان ويهارو کن سال اڳ رهائش يا قوميت آسانيءَ سان ملي ويئي ٿي. خاص ڪري ملئي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ سان ڌاريون پڻ ملائيشيان ٿي ٿي ويو بلڪه ان به ڀومي پتر ٿي سڏايو. پر هاڻ ته سائين اهڙي سختي آهي جو کيس ته نٿي ملي ويتر چونس ٿا ته زالَ سان گڏ رهڻو اٿئي ته جوءِ کي به پنهنجي ملڪ وٺي وڃ ۽ کيس ان ملڪ جي قوميت ۽ پاسپورٽ وٺرائي ڏي نه ته وڌ ۾ وڌ زالَ کڻي ملائيشيا ۾ ئي رهي باقي تون پنهنجي ملڪ. زالَ سان ملڻو به اٿئي ته پندرهن ڏينهن جي ملڪ گهمڻ جي ويزا تي اچي سگهين ٿو. ان بعد ملڪ ڇڏي وري ٻين پندرهن ڏينهن لاءِ نئين سنئينءَ اجازت وٺ. ها البت ملئي زالَ مان ٻار ملائيشيا ۾ ئي ٿيو ته ان کي هن جي قوميت ڏين ٿا پر ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ ته پوءِ هرگز به نه. اها سختي فقط ايشيا جي غريب ملڪن جي ماڻهن لاءِ آهي پر يورپ آمريڪا آسٽريليا جو هڪ گورو گذريل ڇهن ستن سالن کان ملاڪا بندرگاهه جو هاربر ماسٽر آهي. سندس هڪ ملئي ڇوڪريءَ سان عشق ٿيو. مسلمان ٿيو ۽ شادي ڪيائين ان کي به ٽي چار سالَ ٿي ويا آهن ۽ ٽن سالن کن جو ٻار اٿس. پر مڙسالي کي ملائيشيا هميشه رهڻ جي موڪل هرگز نٿي ملي جيتوڻيڪ ملائيشيا جي مقابلي ۾ سندس وطن آسٽريليا وڌيڪَ سکيو آهي ۽ هيڏي وڏي نوڪري ۽ قرباني ڏيندڙ لاءِ ايترو حق هئڻ کپي پر ملائيشيا جي حڪومت ايڏي سخت ۽ قاعدي قانون جي پابند آهي جو ان معاملي ۾ بلڪل نٿي ٻڌي ته ڪو ڌاريو ماڻهو سندن ملڪ ۾ هميشه جو سوچي اچي رهي.
    هونءَ دنيا ۾ ڪيترا اهـڙا ملڪ آهن جتي ڪنهن ڌارئين کي ٻار ڄمي پوي ته ٻار کي By Birth ان ملڪ جي قوميت مليو وڃي. مثال طور سريلنڪا، بنگلاديش، انڊيا کان وٺي ڪيترن ئي يورپي ملڪن ۽ آمريڪا تائين. ملائيشيا ۾ ڪنهن ڌارئين قوميت واري کي ٻار چمي پوي ته کيس قوميت ته پوءِ به نه ملندي البت شناختي ڪارڊ ملي سگهيس ٿو. پر اهو شناختي ڪارڊ تڏهن ان ٻار کي ملندو جڏهن هو لڳاتار ٻارهن سالن لاءِ ملائيشيا ۾ رهندو. برونائيءَ ۾ ته ان جو مدو اڃا به وڌائي ٻاويههَ سال ڪيو ويو آهي. يعني مٿوئي ويو. ڪير تيسيتائين جيئي ڪير مري ۽ ان وچ ۾ خبر ناهي ڪهڙا ٻيا قاعدا قانون ٿي وڃن. ڪو مولانو جنت لاءِ ٻڌائي رهيو هو ته جنت ۾ پهچڻ لاءِ جيڪو رستو آهي اهو وارو جهڙو سنهو آهي، تلوار جهڙو تکو آهي، وغيره وغيره. هڪ ڳوٺائي وائڙن وانگر نهاري چيس: ”مولوي صاحب صاف صاف چئو ته جنگ ۾ وڃڻ جو رستو آهي ئي ڪونه.“ سو صاف صاف اهو ته هاڻ انگلينڊ، جرمني، آمريڪا وانگر سنگاپور، ملائيشيا ۽ برونائي جهڙن ۾ به ڌارين لاءِ هميشه رهڻ جو ڪو رستو آهي ئي ڪونه. پارواڻيءَ کي چيم ته ملائيشيا جي پنهنجي آدمشماري ته ڪجهه به ناهي، ڌارين کي به اچڻ نٿا ڏين پوءِ سندن ڪم ڪاريون خاص ڪري هيٺاهين درجي جا مثال طور وڻن مان رٻڙ ڪڍڻ، کاڻين مان شيهو ۽ جست ڪڍڻ يا پام جي وڻن مان تيل جون ککڙيون گڏ ڪرڻ......... ڪير ڪندو؟ انجنيئرن، ڊاڪٽرن وغيره جي ته کڻي هاڻ سگهوئي ضرورت ختم ٿي وڃين جو سعودي عرب، لبيا، اردن، ڪويت وانگر هنن ملڪن جا ماڻهو به تيز رفتاريءَ سان ڊاڪٽر انجنيئر ٿي رهيا آهن.“
    ”ڏکين ۽ نيچ ڪمن لاءِ اڄڪلهه هندستان بدران انڊونيشيا مان مزور طبقو گهرائين.“ پارواڻيءَ ٻڌايو، ”انڊونيشيا ملڪ هنن کي ويجھو به آهي، اتي جا ماڻهو هتي جي ماڻهن وانگر مسلمان آهن، زبان به ذري گهٽ ساڳي اٿن. جيئن هندي ۽ اردو زبان آهي، تيئن ملئي ڀاشا ۽ انڊونيشيا ڀاشا آهي. بلڪه اهي ته لکڻ ۾ به ساڳيون آهن ـــ سو هنن کي انڊونيشي مزور گهرائڻ سولو ٿو لڳي. جيڪو ڪمائڻ بعد هتي ٽڪڻ جو به نٿا سوچين ۽ پنهنجي وطن هليا وڃن.“
    ”ڀلا توهان گذريل ويهه ٻاويهه سالن کان هتي ئي دڪان کوليو ويٺا آهيو، ڪوالالمپور جهڙو وڏو شهر هتان کان فقط سٺ ستر ميل کن ٿيندو، توهان جي دل نٿي چاهي ته هتان لڏي ات هلي دڪان کولجي.“
    ”دل ته ڏاڍو ٿي چوي ۽ هونءَ به جيڪي سهولتون شهرن ۾ آهن اهي ڳوٺن ۾ نه آهن. شهرن ۾ اسپتالون، ٻارن جا اسڪول، آفيسون ۽ فارينرن جي اچ وڃ گهڻي آهي پر هڪ ته اسان جا هاڻ ٻار وڏا ٿي جدا جدا هنڌن تي هليا ويا آهن ۽ هاڻ آهي فقط اسان جو پنهنجو سِرُ! ۽ ٻي ڳالهه ته ڪوالالمپور ۾ دڪان هلي ڪڍڻ جوويچار ڪيترا دفعا ڪري وري اهو سوچي ماٺ ٿيو وڃون ته ائين نه ٿئي جو هن آسودگيءَ کان به هليا وڃون. هو ڇا چوندا آهن ته اڌ کي ڇڏي جو سڄي ڏي ڊڪي ان کان ڪڏهن اڌ به هليو ويندو آهي.“
    ”ڪوالالمپور جو مشهور گلوب سلڪ اسٽور ٻڌو اٿم ته هڪ سنڌيءَ جو آهي. اتي ٻيا به سنڌي آهن يا بنهه گهٽ؟“ مون پڇيو.
    ”ملائيشيا ۾ ايترا سنڌي نه آهن. واپاري طبقي ۾ اٽڪل ڏيڍ سؤ کن فئمليون هونديون ڀر ۾ سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جيتوڻيڪ ننڍڙا ملڪ ٻيٽ نما آهن پر اتي سنڌي فئمليون ڏهه هزارن کان به مٿي ٿيون رهن. ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ سڀ کان گهڻا سنڌي هندو واپاري ـــ سنڌ ورڪي انڊونيشيا رهن ٿا. ڇڙو جڪارتا شهر ۾ پندرهن سورهن هزار فئمليون آهن ۽ سڄي انڊونيشيا ۾ پنجويهه هزار کن فئمليون ٿينديون.“
    پارواڻي صاحب جي ننڍڙي دڪان ۾ ڪم واريون چار پنج ڇوڪريون ڦري رهيون هيون. سندن تعداد ۽ پگهار جو پڇيومانس.
    ”مون وٽ چار ڇوڪريون فل ٽائيم جاب ٿيون ڪن يعني صبح کان شامَ تائين نوڪريون ڪن ٿيون ۽ ٻه ڄڻيون پارٽ ٽائيم ڪن ٿيون ـــ اهي رڳو شامَ جو اچن. يعني شامَ جي وقت ڇهه ڄڻيون گراهڪن کي منهن ڏين جو مون وٽ شامَ جي وقت گهڻا گراهڪ شيون وٺڻ لاءِ اچن ٿا. جيڪي ڇوڪريون سڄو ڏينهن نوڪري ڪن ٿيون. انهن جو پگهار ٻه سؤ پلس ڊالر ڏيان.“
    ٻه سؤ پلس معنيٰ پورا ٻه سؤ نه پر ٻن سون کان ڪجهه مٿي. ملائيشيا ۾ پلس لفظ تمام عام آهي. ڪنهن جو پگهار يا ڪنهن شيءِ جي قيمت يا تعداد پڇبو ته چوندو ته هزار ڊالر پلس يا چار ڊالر پلس يا اسان جي اڪيڊمي ۾ ڪئڊٽن جو تعداد اسي پلس ٿيندو. معنيٰ اسي ته پڪ آهي پر ٿي سگهي ٿو ته ٻياسي کن هجن يا چوراسي پنجاسي کن.
    ٻه سؤ ملئي ڊالر پگهار معنيٰ پنهنجا ٻارهن سؤ رپيا ـــ جيڪو ڏٺو وڃي ته ڪو گهڻو پگهار ناهي. جيئن اسان جي آفيسن جي ڪلارڪ ۽ ٽائپسٽ ڇوڪرين کي ٽي سؤ کان چار سؤ کن ڊالر پگهار ملي ٿي. يعني وڌ ۾ وڌ ٻه هزار رپيا کن ٿيا، جيڪي ولايت جي لحاظ کان گهڻو پئسو ناهي. اهڙيءَ طرح مردن جا پگهار به ڪي گهڻا نه آهن پر گهر ٻار سڀني جو سٺو هلي ٿو جو خرچ گهٽ آهي. ٻارن جي پڙهائي ۽ ڪتاب فري جا آهن. صاحت ۽ صفائيءَ جو گهڻو خيال هجڻ ڪري اگهائي گهـٽ آهي جنهن ڪري ڊاڪٽر توڙي دوا جو خرچ گهٽ آهي. ان کان علاوه مفت سرڪاري اسپتالو ڳوٺ ڳوٺ، ڪمپونگ ڪمپونگ ۾ آهن. جھڳڙا فساد ڦڏا گهٽ هئڻ ڪري ماڻهو وڪيلن ۽ پوليس جي خرچن کان بچيل آهن. ڪپڙي جي هڪ ٻئي سان گهڻي ريس ناهي. شهرن جي ڇوڪرين ۽ عورتن ۾ به بنهه ناهي. سو ڪپڙي يا سلائيءَ تي ايترو خرچ نه اٿن. چيني ۽ انڊين ڇوڪريون ته جين جون پتلونون سڄو سال هلايو وڃن. وڏ ڳالهه ته هتي اوچو ڪپڙو پائڻ ڪا وڏي ماڻهپي نٿي سمجھي وڃي. ان ڪري ان ڳالهه ڏي ڪنهن کي گهڻو ڌيان ناهي ته ڪو سادن ڪپڙن ۾ آهي يا اوچن ۾. کاڌي پيتي جون ڪجهه شيون مهانگيون آهن پر روزمرهه جي استعمال جون شيون: اٽو، کنڊ، ڊبل روٽي، چانور، ڪڪڙ، بيضا، تيل، ٽوٿ برش، صابڻ مهانگا نه آهن. زمين جام ۽ سستي آهي. ڪاٺ ٻيلن ڪري تمام سستو آهي. سو ڪاٺ جا گهر، ڇتيون، چتيون فرش، در دريون ٺهرائڻ سستو آهي. وڏن خرچن واريون دعوتون، برٿ ڊي، افطار پارٽيون ۽ ڊنرون وغيره نه برابر آهن. جن تي خرچ ٿين. سو گهٽ پگهار به هتي گهڻو ٿو لڳي ۽ وڏي ڳالهه ته گهٽ گهرجن ۽ ضرورتن ڪري هتي جا ماڻهو پنهنجي (پاڪستانين جي) مقالبي ۾ سڪون جي زندگي گذارين ٿا ۽ هي ٻه اڍائي سؤ ڊالر پگهار هتي جي ڇوڪرين لاءِ وڏي ڳالهه آهي جن جو خرچ تمام معمولي آهي، ان ڪري بچت چڱي ٿئين ٿي جو ويندي شادي وقت ڪيتريون ئي ڇوڪريون پنهنجي ڪپڙن ۽ زيورن جو خرچ پاڻ ئي ڏين بلڪه ٻئي خرچ ۾ به مائٽن جي مدد ڪن.
    پارواڻي صاحب کان آخر پڇيم ته ڪينيا، يوگنڊا، سريلنڪا جي لئبر لاءِ جيان هت به سرڪاري طرفان توهان لاءِ اهو ضرورت ته نه ڪيو ويو آهي ته ڪجهه حصو مقامي ماڻهن جو دڪان ۾ رکو.
    ”نه. گهٽ ۾ گهٽ هن رياست ملاڪا ۾ اهو قانون اڃا رائج نه ٿيو آهي ته ٽيهه سيڪڙو مقامي ماڻهو رکڻا آهن. مون وٽ ڇهن ڇوڪرين مان چار چيني ڇوڪريون آهن. هڪ ملئي آهي ۽ هڪ تامل (انڊين) آهي.“
    ”توهان وٽ خريدار ته ڪيترين ئي زبانن جا ايندا هوندا. توهان ڪهڙيون زبانون ڳالهائي سگهو ٿا؟“
    ”سنڌي، اردو/هندي ۽ انگريزيءَ کان علاوه ملئي ڀاشا پڻ، ٿوري ٿوري چيني به.“
    نماشام جو وقت اچي ٿيو هو، سندس دڪان بند ڪرڻ جو وقت هو. آئون به ٿڪجي پيو هوس ته پارواڻي پڻ جو پوءِ جيئن پارواڻي چانهه لاءِ پڇيو ته مون اُٿڻ جي اجازت گهريمانس.


    ڄامشوري جي رات......

    شامَ جو نائين وڳي ڌارين سنڌ يونيورسٽيءَ پهتس. مونکي لاڙڪاڻي تائين وڃڻو هو پر سخت ٿڪل هجڻ ڪري رٿيل پروگرام مطابق رات ڄامشوري ۾ گذارڻ چاهيم. رضا حُسين گهلوءَ کان سندس ٽيچرس هاسٽل واري خالي ڪمري جي ڪُنجي انهيءَ ڪري اڳواٺ وٺي ڇڏي هيم ته متان ڪڏهن ڄامشوري ترسڻو پوي ته سندس غير موجودگي ۾ به رهي پوان. جيتوڻيڪ پهريون دفعو هو پر ٽيچرس هاسٽل کي ڳولڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿي جو هاءِ وي تان مڙڻ وقت بس جي انتظار ۾ بيٺل همراهن کان پڇڻ تي هنن ڏس ڏنو ته اها اتي ئي آهي ”ٿورو اڳيان کاٻي پاسي ڇوڪرين جي مارئي هاسٽل جو دروازو آهي، ان بعد ڪجهه وکون اڳيان ساڄي پاسي ٽيچرس هاسٽل جو گيٽ آهي.“
    گيٽ وٽ پهچي وڌيڪَ پڪ ڪرڻ بنا سڌو اندر گهڙي آيس. هڪ جيپ ۽ ٻه ڪارون ٻيون به اندر بيٺيون هيون، جن جي پاسي ۾ ڪچي تي ئي پنهنجي ڪار به پارڪ ڪيم. ڪار جي روشني ۾ مين گيٽ کان هاسٽل جي در تائين قطار ۾ لڳل وڏا، اڻ ڇهيل ۽ تکي ڳاڙهي رنگ جا گلاب جا گل سهڻا لڳي رهيا هئا. انهن کان علاوه ٻارين ۾ ٻيا ٻوٽا لڳل هئا جن جا نالا يا قسم ته اهم نه لڳي رهيا هئا پر اها ڳالهه ضرور ڌيان ڇڪائڻ جهڙي هئي ته ههڙي گرم جابلو علائقي ۾ پاڻيءَ جي کوٽ هوندي به مالهيءَ چڱي محنت ڪئي آهي.
    منهنجي پهچڻ کان ٿوري دير اڳ لائيٽ هلي ويئي هئي. شايد جهڪ يا طوفان ڪري ـــ جيڪو رستي تي مونکي به مليو هو. ڪار ۾ ويٺي ويٺي بوٽ لاهي اتي ئي ڇڏيم ۽ پوئين سيٽ هيٺان هٿوراڙيون ڏيئي چئپل ڪڍي پاتم. پوءِ ڪار جا شيشا چاڙهي ڊڪيءَ مان ڪپڙن جي بئگ، ٿيلهو، ٽارچ ۽ ٿرماس کڻي ڪمرن ڏي وڌيس. هاسٽل جي اڳيان کلئي آسمان هيٺان ڏهه ٻارهن ليڪچرار/پروفيسر سنڌي ۾ ڪچهري ڪري رهيا هئا. هڪ ٻن جي لهجي مان هو اتر پاسي جا ٿي لڳا. هڪ شڪارپور پاسي جو ۽ هڪ سنئون سڌو ٺٽي يا اوسي پاسي جي پٽ جو لڳو ٿي. چانڊوڪي رات ته نه هئي پر تارن جي جهڙي تهڙي روشني ۽ سندن سگريٽ دکائڻ جي تجلي ۾ ڏٺم ته هو ڪرسين تي ٽي ويءَ اڳيان ويٺل هئا. ٽي وي ڏسندي ڏسندي ڪا لائيٽ هلي ويئي هئي ۽ هاڻ ٽي ويءَ جو ڪو پروگرام ڏسڻ بدران اتي ويٺي ويٺي ڪچهري ٿي ڪيائون. هونءَ به اسان جي ملڪ جي ٽي وي وندر جو هڪ باجو يا کيل تماشو هجڻ بدران مذهب ۽ مسجد، اسڪول ۽ پڙهائي، حڪومت ۽ پارٽي پروپيگنڊا جو اهڙو دٻو ٿيندي وڃي جنهن اڳيان سمورو وقت فقط صابرين ئي ويهي سگهن ٿا يا اهي جن جا فوٽا ان دٻي تي اچڻ وارا آهن. بقول هڪ خارباز (يا حقيقت پسند) يونيورسٽي گريجوئيٽ جي، اهڙي ٽي وي ڏسڻ کان بهتر آهي ته سپر هاءِ وي تي ويهي موٽرون ۽ لاريون ڳڻجن جو ان ريت وڌيڪَ سٺو وقت گذري سگهي ٿو.
    ليڪچرارن جي اڳيان لنگهڻ وقت هنن جو ڳالهائڻ ٿوري دير لاءِ جھڪو ٿي وري ساڳي لس ۽ رفتار ۾ اچي ويو ـــ شايد اهي لمحا هنن جو ڌيان، ڳالهائڻ توڙي ٻڌڻ وارن جو مون ڏي هليو ويو ته هي اوپرو آيل ماڻهو ڪير ٿي سگهي ٿو ۽ پوءِ ٿي سگهي ٿو ته مونکي به هن هاسٽل جو هڪ رهاڪو سمجي پنهنجين پچارن ۾ لڳي ويا . روشني هجي ها ته ٿي سگهي ٿو، انهن مان ڪو مونکي سڃاڻي ها ۽ آئون به هنن مان ڪنهن کي سڃاڻي وٺان ها پر اوندهه ڪري سڃاڻپ ٿي نه سگهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن مونکي ويجھڙائيءَ ۾ ڏٺو هجي يا منهنجو ڪو ڪِتاب به پڙهيو هجي، پر ان وقت هنن جي خواب خيال ۾ به نه هوندو ته آئون اڳيان لنگهي ويس. هنن جي ليکي آئون سمنڊ جي ڇولين تي هوندس يا ڪنهن ڏورانهين ڏيهه ۾. پر کين ڪهڙي خبر ته آئون هن گهڙي لاءِ ڪيترن سالن کان سڪي رهيو هوس. جهاز ڪراچيءَ ۾ بيٺل هجي. ٻئي سفر لاءِ سندس انجڻ ۾ ڪو ڪم يا مسئلو نه هجي. پوءِ هفتو کن موڪل وٺي سنڌ جي ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ چڪر ڏجي. ڪيترا ننڍپڻ جا ڪلاسي، ڪاليجي، ڄاڻا سڃاڻا ۽ اديب دوست سڄي سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڄڻ ٻرڪيا پيا آهن. انهن سان ملڻ جي سڪ. ان کان علاوه سنڌ جي پراڻين ۽ تاريخي جاين ڏسڻ جو شوق.
    ويهه پنجويهه سال اڳ جڏهن مئٽرڪ يا انٽر ۾ هوس ته سنڌو نديءَ جي ٻنهي پاسن وارن شهرن: ڪراچي، حيدرآباد کان وٺي خيرپور سکر تائين ۽ روهڙي لاڙڪاڻي کان وٺي دادو سيوهڻ تائين اختر عباسي، شوڪت جماڻي، ميجر نجم قاضي ۽ مرحوم عبدالرحمان ميمڻ انجنئير وارن سان گڏ انهن شهرن ۾ وڃي رهيو هوس. خيرپور ۽ سکر ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي مرحوم الطاف عباسي ۽ رشيد ڀٽي وارا روهڙي، ساڌ ٻيلو ويندي ڪالڪا ديويءَ جي مندر ۽ الور جهڙين ڪيترن ئي تاريخي جاين تي وٺي هليا هئا. اها ٽرپ مونکي اڃا نٿي وسري ۽ ان جهڙي ئي ٻي ٽرپ هڻڻ جي شوق، سڪ ۽ سڌ ۾ اڄ سالن بعد وڃي وقت مليو هو. هونءَ ته ڄامشوري وارو حصو سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي، ميڊيڪل ڪاليج گهمڻ معنيٰ سڄي سنڌ جي چپي چپي جي ماڻهن سان ملاقات ڪرڻ ڇو جو سڄي سنڌ جا هوشيار، ذهين، ڳوڙهي سوچ رکندڙ شاگرد، شهرن توڙي ڳوٺن جا رهاڪو، وڏيرن توڙي غريب ڪڙمين جا ٻار ـــ سڀ هتي ئي ملن ٿا. پر ڄامشورو، حيدرآباد ۽ ڪراچي ويجھو هجڻ ڪري اتي ٻئي ڪنهن دفعي هڪ ڏينهن جي موڪل تي به اچي سگهجي ٿو. ان ڪري هن دفعي هتي ڄامشورو ۾ ڪنهن سان به ملڻ بدران سڌو سيوهڻ دادوءَ مان ٿيندو لاڙڪاڻي تائين وڃڻ جو پروگرام هوم. ۽ واپسيءَ تي روهڙي، سکر، خيرپور، نوابشاهه وغيره ۾ ترسڻ جو. جيتوڻيڪ چئن پنجن ڏينهن جي موڪل ۾ ڇا ٿو ڪري سگهجي پر جتي سڄي دنيا جا ائين ئي چڪر پيا هڻجن اتي ڪجهه نه ڪجهه پنهنجو وطن به ڏسڻ جي ويچار کان نڪتو هوس.
    منهنجو جهاز ان رات ٻي بجي ڪولمبو کان ڪراچي پهتو هو. سڄو ڏينهن انجڻ روم جي گرميءَ ۾ ڪم ڪندي هيڪاندو ٿڪ هو. پنجين بجي جهاز ڇڏي سڌو سپر هاءِ وي ڏي رُخ رکيم ۽ هتي پهچڻ تي لائيٽ نه هجڻ ڪري اها به خوشي ٿي ته هاڻي ڪنهن سان ملڻ جلڻ بدران چپ چاپ يڪ ساهيءَ ست اٺ ڪلاڪ سمهڻ جو موقعو ملي ويندو ۽ گذريل ٻن ٽن ڏينهن جي اوجاڳي جو ٿڪ ته هليو ويندو پر اڳتي جي سفر لاءِ به تازو ٿي وڃبو. هڪ اهو به سبب هو جو حيدرآباد شهر ۾ ڪنهن دوست يا مٽ مائٽ وٽ ترسڻ بدران هن هاسٽل ۾ رهڻ بهتر سمجھيم.
    اٽڪلي تالو کولي، ڪمري ۾ گهڙي ٽارچ ٻاريم. در وٽ ڪنڊ ۾ رکيل رئڪ تي ميڻ بتين جا ڍير اڌڙ ۽ ماچيس رکيل هو جنهن مان لڳو ته لائيٽ جو وڃڻ روزمره جي روٽين آهي. ميڻ بتي ٻاري ٽيبل تي رکيل ڦلهيرداڻيءَ مٿان رکيم ۽ پوءِ کٽ تي ويهي ڪمري جو جائزو ورتم. وڏو شاهي ڪمرو هو. هڪ ڪنڊ ۾ چئن خانن وارو ٽيبل رکيل هو، ٻيءَ ۾ وڏو لوهي ڪٻٽ، ٽي ڪنڊ تي ٻن خانن وارو ڪٻٽ هو ۽ چوٿين ڪنڊ ۾ رکيل ٻماڙ ٽيبل تي بوٽ، شيونگ جو سامان، ڏندن ڀڳل ڦڻي، ڪٽ لڳل ڪري ۽ مر لڳل صابڻ داڻي رکيل هئي. پلنگ چڱو ويڪرو ۽ لوهه جو هو جيڪو ڀت سان لڳل هو. وچ تي ڪاٺ جي ٽيبل ۽ چار ڪرسيون. ايتري سامان هوندي به ڪمري ۾ هلڻ چلڻ لاءِ چڱي بچيل جاءِ هئي. مٿي ڇت وارو پنکو. اهي سڀ شيون هاسٽل طرفان مليل هيون. اسان جهڙي غريب ملڪ جي اسٽئنڊرڊ کان تمام اعليٰ رهائش چئبي. آمريڪا ۽ يورپ جي امير ملڪن جي ڪجهه شهرن ۽ سعودي عرب جهڙن ملڪن ۾ کڻي رهائش لاءِ ان کان سٺيون هاسٽلون هجن پر انهن ملڪن جي تعليم لاءِ رکيل بجيٽ به ته اسان کان ڏهوڻي ٿيندي. بهرحال بنا ڪنهن شڪ شبهي جي سريلنڪا ۽ بنگلاديش کان ملايا، ٿائلنـڊ ۽ برما تائين ۽ ڏکڻ آمريڪا جهڙن ملڪن جي شاگرد هاسٽلن سان اسان جي ملڪ جون هاسٽلون مقابلو ڪري سگهن ٿيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته گذريل ڪجهه سالن کان شاگردن جو تعداد وڌايو ويو آهي پر سندن رهائش جو بندوبست نه هجن ڪري هر ڪمري ۾ شاگرد ائين سٿيا وڃن ٿا ڄڻ هاسٽل نه ٿي علي بابا جو ڊرامن ٿيو، جنهن ۾ کٽڻ بدران هر قسط ۾ ڪردار وڌندا وڃن.
    پر هن هاسٽل جا همراهه وري به خوش نصيب آهن جو پلان موجب هڪ ماڻهوءَ لاءِ هڪ ڪمرو ٺهيل آهي. ته هڪڙو ئي ماڻهو ٽڪيل آهي پر هتي جيڪو رهيل هوندو ان کي ڪهڙي سڌ ته هو ڪيترو خوش نصيب آهي. يا شايد جهاز جي ننڍڙين ڪئبنن ۾ رهڻ ڪري مونکي هي ڪمرو وڏو لڳي رهيو هو.
    ٻاهر نڪري، ورانڊي جي ڪنڊ ۾ ۾ رکيل ڪولر مان ٿرماس کي ڀري آيس. ٻاهر ڪرسين تي اڃان تائين ماستر صاحب ويٺا هئا. هونءَ ماستر کي ماستر چوڻ آهي ته خراب ڳالهه پر جيئن ته آئون پاڻ به سال سوا کن ماستر رهي چڪو آهيان ان ڪري آئون اها حجت ڪري ماستر کي ماستر لکڻ جي همت ڪريان پيو، پوءِ چاهي اڳلو ليڪچرار هجي يا پروفيسر، پر ٿيو مڙيئي ساڳيو ڌنڌو ”پڙهائڻ“، يعني ماستري جو . ٻه چار سال اڳ جهازران ڪمپنيءَ طرفان ٻين ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن سان گڏ مونکي به مئرين ڪاليج ۾ پڙهائڻ لاءِ رکيو ويو ۽ اهو عرصو انجڻن جي گوڙ گهمسان ۽ دنيا جي بندرگاهن جي هل هنگامي مان نڪري ڪلاس روم جي دنيا ۾ ڏاڍي فرحت ۽ مزو ماڻيو هوم. ٽانءَ ۾ ڀرجي جهازراني ۽ جهاز سازي جي مختلف عنوانن تي شاگردن اڳيان ائين ليڪچر انگهائي ڏيندو هوس جيئن ڳوٺ جي مسجد جو ملون جمع نماز تي ڳوٺاڻن اڳيان خطبو پڙهندو آهي. اهو سڄو سال سوا زندگي چاڪن، بلئڪ بورڊن، اوورهيڊ پروجيڪٽر، ٽرانسپرنسيز (سلائيڊن)، هئنڊ آئوٽ ڏڻن ۽ انجڻين جا ماڊل ڏيکارڻ جي چوڌاري ڦرندي رهي. چانهه جي ٽائيم تي به جهازن، بندرگاهن، رفتار ۽ لنگر کڻڻ جون ڳالهيون ڪرڻ بدران اسين ماستر يعني چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن اهي ئي ڳالهيون ڪندا رهياسين ته اڄ اسٽوڊنٽس گهڻا آيا“. ”هاڻ ڪنهن جو پيرڊ آهي.“ ”سڀاڻي ڪنهن کي پيرڊ نه آهن.“ وغيره وغيره. ڪئپٽن تجمل رکي رکي تن ڏينهن جي تنهن زندگيءَ ۾ چوندو هو ته يار پاڻ کي ”پيرڊ“ بدران ”ڪلاس“ چوڻ کپي. پيرڊ وري ڇا جا. پيرڊ ته عورتن کي ايندا آهن. مهيني جي آخري ڏينهن ۾ ڪئپٽن تجمل کان ڪڏهن چانهه لاءِ کلا پئسا گهرندو هوس ته ٿڌو ساهه کڻي چوندو هو: ”پارٽنر! هفتي کان کيسو خالي ٿيو پيو آهي. بس ماستريءَ ۾ رڳو مٿو کپائڻو ٿو پوي.“
    بهرحال ان ماستريءَ بعد جتي به ڪو ماستر نظر اچي ٿو، چاهي پرائمري اسڪول جو سنڌي ماستر هجي يا ڪنهن پروفيشنل ڪاليج جو پروفيسر صاحب، ته هو پنهنجو ئي لڳي ٿو ڪجهه ڪجهه اهائي پنهنجائپ جيڪا اديب هڪ ٻئي لاءِ محسوس ڪن ٿا ۽ پنهنجائيءَ ڪري پروفيسر چوڻ بدران عام لفظ ماستر ئي استعمال ڪريان ٿو، يعني منهنجي پروفيشن جا ماڻهو. ماستر صاحبن اڃا ويٺي ڪچهري ڪئي. انگلينڊ جي شهر سائوٿ شيلڊ جي هنن ويٺـي ڳالهه ڪئي. شايد اتان ڪو ويجھڙائيءَ ۾ ٿي آيو هو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي اسٽاف ۾ ڪيترائي اهڙا پروفيسر آهن جيڪي ولائتن مان پي. ايڇ ڊي ڪري آيا آهن. ڪيمسٽري فزڪس، فزيالاجي، جيالاجي، مئٿس، ايڪانامڪس وغيره وغيره ۾ ڊاڪٽر مڱريو، منير مهيسر، مشتاق بلوچ ميراڻي، امداد علي، رفيق آرائين، عبدالرزاق ابڙو، عڪس بخاري ۽ ٻيا ڪيترائي جن مان ڪي هتي جا ٻاهر ڏٺا اٿم ته ڪن جا رڳو نالا ٻڌا اٿم.
    ڪمري ۾ اچي ٿرماس جي ڍڪ ذريعي ٿڌي پاڻيءَ جو اڌ کن ٿرماس پي پوءِ ليٽي پيس. لائيٽ ته هئي ڪانه جو ڪجهه کڻي پڙهي سگهجي. پنکو به نه پئي هليو. پر ڄام شوري جي ٿڌي ٿڌي هوا دريءَ مان گهو گهٽ ڪندي پئي آئي جنهن کي پسي پيٽارو جو زمانو ياد پئي آيو. پيٽارو ۾ به ڄامشورو وانگر اونهاري ۾ ڏينهن جو کڻي گرمي ٿئي ٿي پر شامَ کان وٺي جيڪي هوائون لڳن ٿيون ۽ رات جنهن (pleasant-temperature) تائين ٺري ٿي، ان جو دنيا ۾ جواب ناهي. ڄامشوري، پيٽاري ۽ حيدرآباد جي شامن ۾ جيڪو نشو يا خمار آهي ان کي ته چاليهه سالَ اڳ ويل هندو واپاري ۽ انگريز حاڪم به وساري نه سگهيا آهن.
    پيٽارو کي الوداع چئي چٽگانگ پهچڻ تي پهرين شيءِ جا مونکي ياد آئي سا موسم هئي. حيدرآباد پاسي جي ٿڌين راتين جي چٽگانگ جي گهميل راتين سان ڪيئن ٿي ڀلا ڀيٽَ ڪري سگهجي. مون به دنيا گهمي آهي ٻين به دنيا ڏٺي وائٺي آهي. آهي ڪو اهڙو ملڪ جتي تارن هيٺ ٿڌي هوا ۾ سمهي سگهجي. ڪا جڳهه هوندي به ته اتي وري گهم به شامل هوندي، يا وري آڌي رات کانپوءِ پارو وسندو هوندو يا واريءَ ۽ ريتي جا چڀندڙ طوفان هوندا يا دونهين ۽ مڇرن جا انبوهه! ”پيٽارو ۾ هيترا سالَ رهڻ دوران ڪڏهن به هنن راتين جو قدر نه ٿيو.“ مون دل ۾ سوچيو، ”جيئن هنن يارن کي نه ٿيندو هوندو، جيڪي ٻاهر ڪچهري ويٺا ڪن، ته هو ڪيتري ته فرحت بخشي موسم جي مزي ۾ آهن ـــ جنهن جو ڪو مٽ ناهي. جنهن جي ڪا قيمت ناهي. جنهن جو ڪو جوڙ جيس ناهي.“
    ڪراچي يا جهاز جي گهما گهمي واري زندگيءَ کان ڄامشوري ۾ ڪيڏو نه سڪون هو. ويتر ان رات بتي بندهجڻ ڪري شامَ کان ماٺ مٺوڙو لڳي ويو هو. رکي رکي ٻاهران فقط هنن همراهه جي ڳالهائڻ جو اڻ چٽو آواز يا ٽهڪڙو ٻڌڻ ۾ آيو ٿي ـــ يا وري ڏيڏرن جو ٽڙڪاٽ. دل چيو پئي ته جيڪر ويجھو وڃي سندس ڳالهيون ٻڌجن. ويجھو وڃي سندن کل خوشين ۾ شامل ٿجي. پر سخت ٿڪل هوس. سڄو ڏينهن هليو هوس. ان کان اڳ واري رات به چڱيءَ طرح ننڊ نه ڪئي هيم ۽ ٿي سگهي ٿو مون ڌارئين جي موجودگيءَ ۾ سندن ماحول ڪجهه پُر تڪلف ٿي وڃي ها. ان ڪري بستري تي ئي ليٽي ليٽي ٿڪ ڀڃندو رهيس. هٿ ۾ ٽوال جھلي وهنجڻ لاءِ تياريون پئي ڪيم. واچ ۾ ان وقت ڏٺم ته رات جا ساڍا نَوَ ٿيا هئا. ڏيڏرن جي رکي رکي رڙ ٿيندي رهي.
    ”خبر ناهي هيءَ سندن روزمرهه جي routine آهي يا اڄ ڪا abnormal ڳالهه ٿيڻ واري آهي! شايد مينهن وسي.“ مون سوچيو ۽ ان بعد اُٿي کڙو ٿيس.
    وهنجڻ جاين ۾ گئس بتي ٻري رهي هئي سو بنا ٽارچ جي اُتي پهچي ويس. ڪمري مان نڪرڻ وقت اها پڪ نه هئي ته ويتر پاڻي هوندو يا نه. پاڻي گهٽ يا نه هجڻ جو مسئلو ته سڄي ملڪ سان لاڳو ٿيندو وڃي. ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ اُهو ساڳيو کٽراڳ آهي ته هالا، بوبڪ، جھڏي جهڙن ڳوٺن ۾ به. سو پاڻ کي ذهن طرح تيار ڪري وهنجڻ لاءِ اُٿيو هوس ته پاڻي نه هوندو ته ائين ئي اچي سمهي رهندس.
    باٿ روم ۾ پهچي در بند ڪرڻ کان اڳ ڦوهاري جو نلڪو ڦيرائي ڏٺم پاڻي پريشر سان ڦوهاري جي مڙني ٽنگن مان ٻاهر نڪري آيو. دل خوش ٿي وئي. ”ايتري گهڻي ۽ تيز پاڻيءَ سان ياد نٿو اچيم ته ڪو ويجھڙائيءَ ۾ وهنتو هجان.“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو ۽ پوءِ ڪا دير پاڻ کي پسائيندو رهيس. ٿورو ٿورو ڏوهه جو احساس به ٿيم ته ضرورت کان وڌيڪَ پاڻي وڃايان پيو ـــ پر اهو هوش پوءِ دير سان آيو تيسين چرين وانگر، ڦوهاري جو ٽڪڻ ۽ ڇاتيءَ تي فوڪس رکي وهنجندو ندو رهيس. پوءِ مس مس وهنجڻ جي جند ڇڏي، ٽوال ويڙهي ٻاهر نڪتس. لائيٽ اڃا نه آئي هئي. سامهون ورانڊي مان ايندڙ ٻه همراهه منهنجي اڳيان ڪراس ڪري مٿي ماڙي ڏي ويا. ڀلجي ڪجهه پڇيائون پر ان ئي مهل کين احساس ٿيو ته آئون ڌاريون آهيان ۽ وڌيڪَ ڪڇڻ پڇڻ بنا هليا ويا. آئون به خوش هوس ته اوندهه ڪري هڪ لنڊي ۽ ڦاٽل ٽوال ۾ گذارو ٿي ويو نه ته پرائي هاسٽل جي ورانڊي مان ائين هلڻ ڪيڏو خراب ٿو لڳي. بهرحال ساڳي وقت تيار به هوس ته جي اوچتو لائيٽ اچي ويئي ته يارهين نمبر ڪمري تائين سؤ ميٽرن جي وٺي ڊوڙ پائيندس.
    ڪمري ۾ پهچي ڪپڙا پاتم. ميڻ بتي آخري لمحن ۾ هئي ۽ وارننگ ڏيئي رهي هئي ته سمهڻ جي جلدي تياري ڪريان يا ڪو ٻيو سريلو اڌڙ ڳولي ٻاريان. آئون سمهڻ جي موڊَ ۾ هوس سو جلدي جلدي وچ تي رکيل ڪرسيون ۽ ٽيبل ڪنڊ تي پاسائتا ڪيم جيئن رات جو گگھ اونداهيءَ ۾ اٿڻ تي ٿاٻڙجي نه پئجي. ڪٻٽ مان چادر ڪڍي کٽ تي وڇايم ۽ وهاڻي هيٺ عينڪ رکي ليٽي پيس. جلد ئي ننڊاکڙو محسوس ڪيم پر ڏيڏرن جي رکي رکي رڙ تي اک کلي ٿي پيئي. ”خبر ناهي هڪڙو ڏيڏر آهي يا سڄي پلٽون.“ ننڊ کي آڻڻ لاءِ وري هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون سوچڻ لڳس. ”هڪ ڏيڏر جو ايڏو وڏو آواز ته ٿي نٿو سگهي. پر جي هڪ کان وڌيڪَ آهن ته اهو ڪمال آهي جو سڀ هڪ ئي وقت ماٺ ڪن ٿا ۽ هڪ ئي وقت ڦاٽن ٿا. هونءَ لڳي ٿو ته هيءَ هتي جي نارمل ڳالهه آهي تڏهن ته ڪو ٻيو ان کي ڌيان ۾ ئي نٿو آڻي. بس هي ڪم به ائين جيئن بندرگاهه تي سڄي رات جهاز گھگھو پيا هڻندا آهن، جن جو ڦرڙاٽ نئين آيل کي ته ڊسٽرب ڪري سگهي ٿو پر اسان کي ڪو احساس ئي نه ٿيندو آهي يا جيئن ريلوي اسٽيشن جي آس پاس وارا گهر، ريل جي ڪوڪَ جا عادي هوندا آهن.“
    ڏيڏر ڦاٽندا رهيا. آئون سوچيندو رهيس. تان جو خبر ناهي ڪنهن ويل ننڊ اچي ويئي. صبح جو اک کلي ته ڏينهن جي روشنيءَ ۾ هر شيءِ صاف نظر اچي رهي هئي. ڇت وارو پنکو آهستي آهستي هلي رهيو هو. رات جو خبر ناهي ڪنهن مهلَ لائيٽ اچي ويئي هئي. ڏيڏرن جي ٽان ٽان بند ٿي ويئي هئي. دريءَ ٻاهران وڻ تي ويٺل ڳيرو ذڪر ڪري رهيو هو. وقت ڏٺم پورا ڇهه ٿيا هئا. هٿ منهن ڌوئي ڪار مان رٻڙ جا ٻوٽ ڪڍي ٻاهر جا گنگ لاءِ نڪتس. چوڌاري ماٺ مٺوڙو لڳو پيو هو. گهڻي ڀاڱي ماڻهو اڃا ننڊ ۾ هئا. بورچي ڇٻو کڻي شهر ڏي ويندڙ بس جو انتظار ڪري رهيو هو. ڀنگي گهرن اڳيان ٻهاري ڏيئي رهيو هو. آئون ٻاهر نڪري مهراڻ يونيورسٽيءَ ڏي مٿي ڊوڙڻ لڳس. واپسيءَ تي ٽيچرس هاسٽل ۽ مارئي هاسٽل جي وچ وٽ فقط عبدالجبار جوڻيجو واڪ ڪندي نظر آيو. ”سڄي يونيورسٽيءَ ۾ ڇا صحت کي صحيح رکڻ جو اونو سواءِ ڊاڪٽر عبدالجبار کي ئي آهي!“ ساڻس سلام دعا ڪري کلي اها ڳالهه چئيمانس.
    هاسٽل ۾ موٽڻ تي اڃا سڀ ستل هئا، شايد موڪل جي ڏينهن ڪري! ميس جو بئرو ورانڊي مان لنگهي رهيو هو. ”جوان! چانهه ملي سگهندي؟“ ٻڍاپور جو سنڌي بئرو ادب ۾ نهٺائيءَ سان هائوڪار ڪري ويو ۽ ٿوري دير کانپوءِ ڪٽليءَ ۾ گرم چانهه ۽ ڪوپ کڻي آيو.
    ”سائين ڪنهن جي نالي لکان؟“
    ”ابا، منگيءَ جي نالي جيڪو وارڊن واري ڪمري ۾ رهيل آهي.“ مون کيس رضا حسين جي چوڻ مطابق سندس دوست جو نالو لکايو.
    چانهه پي ڏاڙهيءَ جو سامان ۽ چپل وغيره ڇونڊي ڪپڙي جي بئگ ۾ وڌم. چادر کي ويڙهي واپس ڪٻٽ ۾ رکيم. انهيءَ وچ ۾ هاسٽل ۾ رهندڙ ماستر به هڪ هڪ ٿي اُٿي ويا جو ٻاهر ڪمرن کلڻ جا آواز شروع ٿي ويا. باٿ روم ۾وهنجڻ جا آواز. وڊيو تان مهنتار ۽ ناهيد اختر جي گانن جا آواز. زندگيءَ جا آواز ۽ خوشيءَ جا شروع ٿي ويا. آخري دفعو روم جي چوڌاري نهار ڪري اُٿيس ۽ پنهنجي ڌوڙاٽيل گاڏي اسٽارٽ ڪري اڳتي جي سفر لاءِ نڪري پيس.


    ڪراچيءَ جي سواري

    ڪراچيءَ ۾ جپاني قونصل خاني جي لئبرريءَ مان ڪتاب وٺي رهيو هوس ته ٻه جپاني ڇوڪرا قونصل خاني ۾ هڪ جپاني آفيسر سان ڳالهائي رهيا هئا. ڪراچي جي رستن جا نالا ۽ ڏس پتا پڇي رهيا هئا. کين سفر جا سادا ۽ مضبوط ڪپڙا جينز بشرٽ پهريل هئا. پٺن تي خاڪي ڳوٿرا ٻڌل هين جن مان سمجھي ويس ته هي شاگرد ياڻ ننڍين نوڪرين وارا آهن جيڪي پيرين پنڌ، هچ هائيڪنگ (سواري کان لفٽ وٺي) يا سستي ڀاڙي ۽ گهٽ خرچ وارين هوٽلن ۽ سوارين ۾ چڙهي ملڪ جون تاريخي جايون گهمڻ آيا آهن يا وري گلگت پاسي اسان جا جبل ڏسڻ ۽ انهن جي چوٽين تي چڙهڻ لاءِ هتان اچي نڪتا آهن. ٿوري دير لئبرريءَ ۾ ترسي، ڪِتاب وٺي ٻاهر نڪتس ته در وٽ وري اهي ساڳيا جپاني ڇوڪرا مليا جي وائڙن وانگر هيڏانهن هوڏانهن نهاري رهيا هئا. سمجھي ويس ته هي پڪ مُنجھي پيا آهن ته ڪهڙي طرف وڃجي، جو ان گهٽيءَ جو هڪ پاسو صدر اسٽيسن ڏي وڃي ٿو، جتان کين ٽئڪسي رڪشا سولائيءَ سان ملي سگهي ٿي ۽ ٻيو پاسو مهراڻ هوٽل ڏي جيڪو وٺن ها ته کين گهڻو پنڌ هلڻ بعد ڪا سواري ملي ها.
    مون کانئن جپانيءَ ۾ پڇيو ته ڪيڏانهن ٿا وڃو؟ ڊوڪو مادي اڪي ماسوڪا.
    ”ايئرپورٽ“
    ”آئون ايئرپورٽ جي اڌ تائين وڃان پيو. چئو ته اوستائين وٺي هلانوَ پوءِ توهان پاڻهي هليا وڃجو.“
    ٿورو مُنجھي ۽ هٻڪي پوءِ اري گاتو گوذائي ماشتا (مهرباني) چئي منهنجي ڪار ۾ ويٺا. مونکي به گهڻي پڪ نه هئي ته ڪو ويهندا. جو اسان جهڙن ملڪن جي هي ڌاريان ماڻهو اڳهين ڄاڻ وٺي اچن ٿا ته بدامني آهي يا نه ۽ ڌارئين جي ڪار ۾ ائين ويهڻ کپي يا نه. اسان پاڻ به آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ به سوچي سمجھي هلندا آهيون ۽ رستي تي مرد ته ڇا پر عورت کان به لفٽ وٺندي گريز ڪندا آهيون ـــ جو ڪيترا اهڙا واقعا ٻڌا هوندا جو ويهڻ بعد کيس ڪجهه سونگهائي ڦريو ۽ ماريو ويو هوندو. اسان جي ملڪ ۾ کڻي آمريڪا، اولهه آفريڪا ۽ يورپ جي ڪجهه ملڪن جهڙي بدامني ۽ بي پرواهي ناهي پر ته ڪهڙي خبر ته هي ڌاريان ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ٻڌي هتي آيا هجن سو ان ڪري مون گهڻو زور ڪرڻ نٿي چاهيو پر ساڳي وقت جپانين جهڙن ڌارين کي پنهنجي ملڪ ۾ ائين وائڙو ڇڏي به نٿي وڃڻ چاهيو جو سندن ملڪ ۾ جڏهن اسين مُنجھي پوندا آهيون ته هنن جو ننڍو وڏو رستو ڏيکارڻ، گاڏيءَ جي ڇٽڻ يا اچڻ جو وقت ٻڌائڻ، ٽڪيٽ جو اگهه معلوم ڪري ڏيڻ وغيره وغيره لاءِ پورو پاڻ پتوڙيندو آهي، چاهي هو ڪيترو به مشغول هجي پر ڌارئين کي دڳ لائيندو آهي.
    مونکي شهيد ملت روڊ تي وڃڻو هو سو کين اوستائين وٺي هلڻ جو اردو ڪيم جيئن هنن نوجوانن جو ڪجهه ڀاڙو بچي پوي. پنهنجي جپاني تکي ڪرڻ ۽ وقت پاس ڪرڻ لاءِ ساڻن جپانيءَ ۾ خبرون ڪرڻ لڳس: ”ڊوڪوني سندي اماسڪا“ توهان ڪٿي جا آهيو؟
    ”ٽوڪيو جا.“
    ”گاڪوسي ديسڪا“ (شاگرد آهيو؟) پڇيومان.
    ”نه هن وقت شاگرد نه آهيون. تازوتازو ڪاليج پڙهي پورو ڪيو اٿئون.“
    مونکي جپانيءَ ۾ ڳالهائيندو ٻڌي هو وائڙا ٿي نيٺ پڇڻ لڳا:
    ”انا تا دوناتا ديسڪا ـــ توهان ڪير آهيو؟“
    ”وتاشي وا فوني نو ڪي ڪان چو ـــ پاڻيءَ جي جهاز جو چيف انجنيئر آهيان، سيلاني آهيان، توهان جو ملڪ به ڪافي جھاڳيو اٿم. اڃان توهان پرائمري اسڪول ۾ مس هوندائو ته ان وقت کان وٺي جپان اچڻ وڃڻ شروع ڪيو اٿم ته هي ڏينهن اچي ٿيا آهن.“
    ”اسان جو شهر ٽوڪيو ته توهان ڏٺو هوندو؟“
    کين تعجب ۾ وجھڻ لاءِ کلي ٻڌايم: ”ٽوڪيو ته ڇا پر اوساڪا، يوڪوهاما، نگويا، ڪوبي، موجي، شمنو سيڪي، هاچي نوحي، شيمزو، وڪاياما، خبر ناهي ڪيترا شهر ڪيترا ڳوٺَ، ڪيتريون وستيون، ڪيترا واهڻ توهان جي ملڪ جا ڏسي ڇڏيا اٿم. توهان ڪريو خبر هنن موڪلن ۾ ڇا گهمڻ آيا آهيو؟“
    ”جبل تي چڙهنداسين“
    ”ڪشمير ٿا وڃڻ چاهيو؟ گلگت ۽ هنزا پاسي؟“ مون پڇيومان.
    ”نه اوڏانهن نه.“ هنن وراڻيو.
    ”ته پوءِ ايئرپورٽ تان ڪيڏانهن ويندائو؟“ مون پڇيومان.
    ”تنزانيا.“
    ”ڪليمنجا روجبل لاءِ؟“ مون پڇيو مان
    ”ڪلمينجارو جبل توهان ڏٺو آهي؟“ هنن مونکان پڇيو.
    ”نه يارو، رڳو ٻڌو اٿم. ٻڌا ته ٻيا به خوبصورت جبل، نديون، ڍنڍون ماٿريون اٿم پر هن کي ان ڪري ڏسڻ جو شوق اٿم جو منهنجي دلپسند ليکڪ هيمنگوي هن جبل جو ذڪر پنهنجي ڪِتابَ ۾ تفصيلَ سان ڪيو آهي.“
    ان تي جنهن جپاني نينگر کي انگريزي صفا نه پئي آئي تنهن جپانيءَ ۾ وراڻيو: ”مون به هيمنگوي جو اهو ناول پڙهيو آهي.“
    ”وائڙو ٿي پڇيومانس: ”تو پڙهيو آهي ـــ انگريزي ليکڪ هيمنگوي کي؟ ڪهڙا ڪهڙا ناول پڙهيا اٿئي؟“
    ”ذري گهٽ سڀيئي“ هن سڪون سان وراڻيو.
    ”سڀيئي!“ مون کان رڙ نڪري ويئي. آرسيءَ ۾کيس گهوريندي چيم، ”پر توکي ته يارَ انگريزي صفا نٿي اچي؟“
    ”او جپاني ايڊيشنو“ هن کلندي وراڻيو. مون کان به کل نڪري ويئي. دل ۾ چيم ته اها ڳالهه ڪر نه ته اهوڪم ائين پئي لڳو جيئن آئرلينڊ جو انگريز چوي ته هن عبدالحسين جي سنڌي پڙهي آهي يا مشتاق شوري جا سنڌي افسانا پڙهيا آهن.
    بهرحال ترجما ادب ۾ اهم رول ادا ڪن ٿا. ڌارئين زبان سکڻ پٺيان سالَ وڃائڻ بدران ڌارئين زبان جو ادب پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجمو پڙهڻ هڪ وڏو سک آهي. جيتوڻيڪ ترجمو مڃيان ٿو ته اصل جو سواد ۽ سڳنڌ نٿو ڏئي. مرزا قليچ بيگ جهڙي عظيم انسان اسان کي ٻين ملڪن جي اديبن جي لکڻين کان واقف ڪرائڻ لاءِ تمام گهڻا ترجما ڪيا، ان بعد سنڌ ۾ ترجمي جي ميدانَ ۾ يڪي ماٺ رهي آهي. رکي رکي ڪو هوا جو جھوٽو لڳندو هوندو نه ته ڪيترائي سالَ صحرا واري سانت هئي. هاڻ مڙيئي ڪجهه چرپر ٿي آهي. ولي رام ولڀ، قاضي خادم، نصير اعجاز، فضل احمد بچاڻي، حنيف صديقي، گوپان، پهلاجاڻي وغيره جا نالا ترجمي جي دنيا ۾ اُڀرن ٿا.
    مون پنهنجو ڌيان هن جپاني ڇوڪرن ڏي ڏنو جيڪي جبلن تي چڙهڻ جا ڪارناما ۽ پنهنجي پهلوانيءَ بابت ٻڌائي رهيا هئا ته هو هر سال ڪنهن نه ڪنهن ملڪ جي جبل جي چوٽيءَ تي چڙهڻ جهڙو جوکم وارو ڪم ڪندا آهن ۽ ائين ڪندي ڪندي هڪ ڏينهن هماليه جبلن جي اتاهين چوٽي ايوريسٽ تي به پهچي ويندا!
    جبل تي چڙهڻ واقعي سولو ڪم ناهي. جيئن جيئن ماڻهو مٿي چڙهي ٿو تيئن هوا جو دٻاءُ گهٽجڻ ۽ سخت سيءَ ٿيڻ ڪري ساهه کڻڻ ۽ جسم گرم رکڻ ڏکيو ٿيو پوي. اڃا به مٿي پهچڻ تي چوڌاري برف ئي برف تي ڏينهن جا ڏينهن هلڻ، تنبو کوڙي رات جو سمهڻ، چانهه يا ٻيو ڪو هلڪو کاڌو ٺاهڻ لاءِ برف ڳارڻ تمام ڏکي ڳالهه ٿيو پوي. سڀ کان وڏي ڳالهه مٿي چڙهڻ لاءِ رسو اڇلي پوءِ پاڻ کي مٿي ڇڪڻ ان بعد وري ٻي ساٿيءَ کي پاڻ ڏي ڇڪڻ! ان چڪر ۾ ڪڏهن ڪڏهن همراهه هيٺ به ڪري پوندا آهن. بهرحال اهي وڏي دل ۽ جگر وارا ئي ڪري سگهن ٿا ۽ جبلن تي چڙهڻ وارا واقعي همت وارا ۽ دلير ٿين ٿا. هنن اڳيان سرڪس جا ڪرتب به ڪجهه نه آهن.
    اسان نرسريءَ وارو علائقو به ٽپي اڳتي نڪري چڪا هئاسين. شهيد ملت روڊ تائين پهچڻ ۾ باقي ڪو ٿورو پنڌ هو جتي مونکي کين لاهڻو هو جيئن ايئرپورٽ تائين پاڻهي هليا وڃن. ٽئڪسي، بس يا ڪنهن ٻي سواريءَ ۾. خبر ناهي هي ڇا ۾ وڃن. آهن ته امير ملڪ جا ۽ هنن لاءِ هتي جي ٽئڪسي تمام سستي آهي پر جيئن ته غريب شاگرد آهن ان ڪري ٽئڪسيءَ ۾ پڪ نه چڙهن. هونءَ به بس ۾ ڀاڙو گهٽ لڳندن ۽ وڏي ڳالهه ته گهڻن ماڻهن سان گڏ هوندا. مون ان بابت کانئن مرضي معلوم ڪئي:
    ”ايئرپورٽ تائين ٽئڪسيءَ ۾ ويندائو يا بس ۾؟“
    ”بس ۾.“ هنن وراڻيو.
    اهو تمام سٺو، مون دل ئي دل ۾ سوچيو ۽ باقي رستو اڪرڻ تائين وري جبلن جون ڳالهيون شروع ڪيونسين اڌ گابريون رهجي ويون هيون. خاص ڪري هو پنهنجا تجربا ٻڌائڻ لڳا ته گذّريل سال جپان جي هڪ جبل تي چڙهندي ڪيئن هنن جو ذري ذري پير ترڪي رهيو هو. پر هنن ان جي ڪا به پرواهه نٿي ڪئي. هڪ ٻئي جبل جي اتاهينءَ تي هنن ڪيئن همٿ کان ڪم ورتو جتي ساهه کڻڻ به ڏکيو ٿي لڳي ۽ جتي ٻيا پٺتي موٽي ويا اتي هي همت ڪري چوٽيءَ تي وڃي پهتا.
    اتي شهيد ملت روڊ جو چواوٽو اچي ويو. ڪار کي رستي جي پاسي تي نيشنل بئنڪ وٽ بيهاري ساڻن گڏ رستي تي بس جي انتظار ۾ اچي بيٺس بس ڪو گهڻو انتظار نه ڪرايو جو ان رستي تي هڪ ٻئي پويان بسون پئي آيون. پر جا ڳالهه لکڻ لاءِ هي سڄو قصو کنيو اٿم اها هيءَ ته جبل تي چڙهڻ وارا هي نوجوان اسان جي بس ۾ چڙهي نه سگهيا. ظاهر آهي اسان جون بسون يورپ، آمريڪا ۽ جپان جهڙيون ته آهن ئي ڪونه، اهي ملڪ ته پري پر ڪولمبو ۽ بمبئي جي بسن جهڙيون به نه آهن جن ۾ ماڻهو اول ته آرام سان چڙهي سگهي ۽ ٻيو ته ان ۾ ويهڻ جي جاءِ وٺي سگهي.
    بسون ته هڪ ٻئي پويان اينديون رهيون پر هنن جي حسابَ سان ٽٻ ڀريل هيون. جيتوڻيڪ بندر روڊ واريون بسون هنن کان وڌيڪَ سٿيل هونديون آهن. هنن ۾ ٺونٺ هڻڻ ۽ پير چپڻ سان بيهڻ جي جاءِ مليو پئي ويئي پر بس هڪ ته بيٺي ئي چند سيڪنڊ ٿي ۽ ٻيو ته در وٽ لڙڪندڙن جو تعداد ايترو ته گهڻو هو جو اسان جي جپاني همراهن سمجھي ورتو ته هي جوکم جو ڪم اهوئي ڪري سگهي ٿو جنهن گهٽ ۾ گهٽ گذريل جنم ۾ ”موت جي کوهه“ ۾ ڦٽ ڦٽي هلائي هجي. هڪ ٻن بسن ۾ همراهن ڪوشش به ڪئي پر ٻين چڙهندڙن ۽ لهندڙن جي ٿونن ۾ هي فوٽ پاٿ به لتاڙي اچي ڪچي تي ٿي پيا. مون ڏٺو ته ٻئي جوان جيڪي اتاهن جبلن تي چڙهي سگهيا ٿي، جن جو جبل جو چوٽيءَ تي به ساهه نٿي گھٽيو، جن جي اڳيان سرڪس جا ڪرتب به ڪجهه نه هئا، اهي ڪراچيءَ جي بس اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري ساڻا ٿي بيهي رهيا. لڄارا ٿي چوڻ لڳا: موزوڪشي (تمام ڏکيو ڪم اهي). تمام جوکائتو آهي بس ۾ چڙهڻ. ڪا ٽئڪسي ملي ويندي.“
    سندن اهو حال ڏسي کين ايئرپورٽ تائين ڇڏي آيس ۽ سوچيم ته واقعي ڪراچيءَ جي بس ۾ چڙهڻ تنزانيا جي ڪليمنجارو يا اسان جي ملڪَ جي ڪنچن چنگا جبل تي چڙهڻ کان به ڏکيو ڪم آهي.
    ڪراچيءَ جي فقط بس ۾ پر رڪشا ۾ پڻ. جنهن لاءِ هڪ لطيفو مشهور آهي. ٿي سگهي ٿو حقيقت ئي هجي. هڪ جرمن سرڪس ٽيم ڪراچيءَ ۾ آئي ۽ بندر روڊ تي رڪشائن کي خوفناڪ طريقي سان هلندو ڏسي چيائون: ”هن شهر جو ڪهڙو ماڻهو اسان جا ڪرتب ڏسندو جڏهن هو روز ههڙي خطرناڪ شيءِ ۾ ويهي اهي ڪرتب پاڻ سرانجام ڏيندا رهن ٿا ـــ جنهن ۾ سيفٽي (بچاءَ) جو جزو ٻه سيڪڙو به ناهي.“


    بئنڪاڪ جي سئنٽرل مسجد

    ڪيترن کي شايد اها خبر نه هجي ته ٿائلنڊ جو شهر بئنڪاڪ، جيڪو مساج (مالش) گهرن، رنڊين جي گهڻائي ۽ ٻڌ ڌرم جي مندرن کان مشهور آهي، تنهن ۾ هڪ سؤ چاليهه کن مسجدون به آهن ۽ ٻن لکن کان مٿي مسلمان فقط بئنڪاڪ شهر ۾ رهن ٿا.
    رام خامهائنگ (Ram Khamhaeng) روڊ تان بس يا ٽئڪسيءَ ۾ لنگهڻ وارا سالن کان هڪ تمام وڏي مسجد ٺهندي ڏسندا هوندا ـــ اها سينٽرل مسجد هن سال ٺهي راس ٿي رهي آهي، جنهن تي گذريل ويهن سالن (1963ع) کان ڪم هلي رهيو هو. بئنڪاڪ جون باقي مسجدون هن جي مقابلي ۾ ننڍيون آهن ۽ انهن جي هڪ ڌارئين ۽ بي خياليءَ ۾ ويندڙ ماڻهوءَ کي خبر نه پوندي پر هيءَ سينـٽرل مسجد جي عمارت پري کان ئي لنگهندڙ ماڻهوءَ جو ڌيان ڇڪائي ٿي ۽ هن ملڪ ۾ موجود مسلمانن جي ياد ڏياري ٿي. هيءَ مسجد سورهن هزار چورس ميٽرن جي ميدانَ ۾ ٺاهي ويئي آهي جنهن جي ڀرسان باقي پٽ تي هڪ مدرسو، آڊيٽوريم، ڪلچرل سينٽرل، لائبرري ۽ کوجنا گهر ٺاهيو ويندو.
    ڪيترن سالن کان ٿائي مسلمانن جي ٻين ڪمن جي لسٽ تي هن مسجد کي مڪمل ڪرڻ اول ڪم پئي رهيو. هن مسجد ڪري مسلمانن کي ڪيتريون تڪليفون ڏسڻيون پيون ۽ هيءَ مسجد ڪيترن بحث مباحثن جو پڻ سبب بڻي. ان جو اندازو ان ڳالهه مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته هن مسجد کي مڪمل ٿيڻ ۾ ويهه سالَ لڳي ويا. هڪ ته اڏاوت لاءِ پئسي جي به هميشه تنگي رهي ۽ ٻيو مختلف فرقن ۽ گروهن ۾ بحث لڳو رهندو هو ته آيا مسجد کي سادي نموني ٺاهيو وڃي جنهن جو مقصد اهو هئڻ کپي ته بندو پنهنجي رَبَ اڳيان سر جھڪائي عبادت ڪري يا خُدا جو گهر اهڙي شايان شان سان ٺاهيو وڃي جو ڏسندڙن کي مسلمانن جي مانُ ۽ رتبي جو احساس ٿئي ته ٻيلي مسلمان پنهنجي عبادت گهر کي ڪيڏو عمدو ٺاهين ٿا.
    مسجد جي مڪمل ٿيڻ تي ڪل خرچ ٽيهه ملين باٿ ايندو يعني پندرهن ملين رپيا. پروگرام موجب لائبرري، اسلامڪ سينٽر وغيره وغيره ٺهرائڻ تي هن کان به ڏهوڻو خرچ يعني ڏيڍ سؤ ملين (پندرهن ڪروڙ) رپيا ايندو. هيسيتائين جيڪو خرچ آيو آهي ان جو ڳپل حصو ٿائي حڪومت ۽ مقامي ماڻهن حصا پتيون ڪري ڏنو آهي پر هاڻ وڌيڪَ رٿائن تي ايندڙ خرچَ لاءِ مسلمان حڪومتن کان پڻ چندو وٺڻ ضروري سمجھيو وڃي ٿو.
    بئنڪاڪ شهر ٿائلينڊ جي اتر ۾ آهي. دراصل ٿائيلنڊ ملڪ به پاڪستان وانگر اتر کان ڏکڻ تائين ڊگهي پٽي ٺاهي ٿو، جنهن جي اتر ۾ لائوس، برما ۽ چين آهي ۽ ٿائلنڊ جو ڏکڻ ملائيشيا جي بارڊر سان وڃيو ملي. ٿائلينڊ جي ڏکڻ ۾ رهندڙ ماڻهو ملئي نسل جا آهن ۽ زبانَ به ملئي ڳالهائين. ڪنهن زماني ۾ ملئي سلطنت جي ان حصي تي حڪومت هئي ۽ پوءِ ٿائي حڪومت جو ان تي قبضو ٿيو. ڏٺو وڃي ته ٿائلنڊ جي ڏکڻ واري حصي جا ماڻهو اڃا تائين مذهبي طرح مسلمان آهن ۽ سندن رسمون رواج پڻ ملائيشيا جي ماڻهن سان ملن ٿا. باقي بئنڪاڪ شهر ۾ جيڪي مسلمان آهن يا ٿائلنـڊ جي وچ واري حصي ۾ رهندڙ مسلمان مليل جليل کچڻي آهن. انهن جون رسمون رواج ڏکڻ ۾ رهندڙ مسلمانن وانگر ملئي نه آهن. هو تهذيب ۽ رسم و رواج جي لحاظَ کان ٿائي سوسائٽي ۾ ملي جلي ويا آهن.
    بئنڪاڪ ۾ جيڪي مسلمان رهن ٿا انهن مان ڪي ته ڏکڻ کان آيل ملئي نسل جا به آهن ٻيا مختلف دؤرن ۾ عربستان، ايران، انڊو پاڪستان کان ايندا رهيا. انهن مان ڪي واپار جي خيالَ کان آيا ۽ ٿائي عورتن سان شادي ڪري ترسي پيا. ڪي ته اصل کان ٿائي آهن جيڪي عرب واپارين کان اسلام جون ڳالهيون ٻڌي مسلمان ٿيا. ڪجهه بوهرا فرقي جا ۽ اسماعيلي (آغا خاني) پڻ آهن. ڪيترا پٺاڻ پڻ آهن ـــ جيڪي ڪشمير ۽ سرحد کان وٺي افغانستان جي شهرن: ڪابل، قنڌار کان هتي ايندا رهيا. اهي سڀ پوءِ ٿائي زبانَ ڳالهائڻ لڳا. هي سڀ مسلمان ڏکڻ ٿائلنڊ جي مسلمانن وانگر گهڻو جوشيلا ۽ جھڳڙالو نه آهن جيڪي هر وقت حڪومت سان اٽڪيا ويٺا آهن.
    ٿائلنڊ جي حڪومت پاڻ به چاهي ٿي ته ڏکڻ ٿائلنـڊ ۽ اتر ٿائلنـڊ جا مسلمان هڪ ٻئي جي ويجھو ٿين، جيئن بئنڪاڪ (اتر ٿائلنڊ) پاسي جا مسلمان ڏکڻ ۾ رهندڙ تکي طبيعت جي مسلمانن کي حڪومت خلاف ويڙهائڻ بدران ٿڌو رکي سگهن.
    اڄڪلهه پاڪستان، ملائيشيا ۽ ٻين مسلمان ملڪن وانگر ٿائلينڊ ۾ پاڻ اسلام جو جوش ۽ جذبو وڌيڪَ تازگي اختيار ڪري رهيو آهي. ٿائي پنهنجو پاڻ کي مسلمان سڏائڻ ۾ وڌيڪَ بهتري سمجھن ٿا. هو اڄڪلهه تعليم تي تمام گهڻو زور ڏيئي رهيا آهن ته جيئن سندن اولاد صحيح اسلامي تعليم ۽ معاشرو ڏسي سگهن. ڪيترائي ٿائي مسلمان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڪراچي يونيورسٽي جي ڀرسان گلشن اقبال وارن فليٽن ۾ نظر ايندا جيڪي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي رهيا آهن. ڪي ته اسلامڪ آئڊولاجي ۽ اسلامي تاريخ جهڙا سبجيڪٽ پڙهي رهيا آهن. پاڪستان کان علاوه هو مصر، هندستان ۽ عرب ملڪن جي اسڪولن ۽ مدرسن ۾ پڻ ديني تعليمَ حاصل ڪري رهيا آهن. هڪ ٿائي مذهبي رهنما جي چواڻي اڄڪلهه ڌارين ملڪن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هزار کن ٿائي نوجوان ته رڳو اسلامي تعليم وٺي رهيا آهن. ڪيتريون شادي شده عورتون پڻ بئنڪاڪ جي مدرسن ۾ ديني تعليم وٺي رهيون آهن.
    هڪ اهڙي ماحولَ ۾ جيڪو غير اسلامي آهي ان ۾ اسلام جا قدر برقرار رکڻ تمام وڏي ڳالهه آهي. ٿائلينڊ جي ينگ مسلمان ايسوسيئيشن جي هڪ ميمبر چيو ته ”اسان تڏهن ئي سٺا مسلمان ٿي سگهون ٿا جڏهن الله تي ڀروسو رکنداسين ۽ هڪ ٻئي جي مدد ڪنداسين.“
    بئنڪاڪ ۾ هيءَ نئين مسجد جيڪا ٺهي راس ٿيڻ واري آهي اها يونيورسٽيءَ جي بلڪل ويجھو آهي جنهن جي ڀر ۾ مسلمانن جا علائقا: ڪلانگٽن ۽ پراڪنگانگ آهن. هڪ ئي وقت هن مسجد ۾ پنجَ هزار ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا. عيد جهڙن ڏينهن تي اڃا به وڏي گڏجاڻيءَ لاءِ مسجد جو کليل اڱڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو.


    پئسفڪ سمنڊ جو فجي ٻيٽ

    فجي ملڪ ، جتي پڻ انگريزن جي حڪومت رهي. آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي ڀرسان پئسفڪ سمنڊ ۾ هڪ ٻيٽ آهي. ٻين ملڪن ۽ ٻيٽن وانگيان انگريز هتي پڻ ڪم ڪارين ۽ دڪانن هلائڻ لاءِ ننڍي کنڊ (گڏيل هندستان) مان ماڻهو وٺي آيا هئا جن مان پوءِ ڪي واپس هندستان موٽي ويا ته ڪي هميشه لاءِ فجيءَ ۾ ئي ٽڪي پيا ۽ هاڻ مڪاني ماڻهن وانگر هو به فجيءَ جا ئي رهاڪو سڏائين ٿا. گذريل سال فجي جي حڪومت هندستان کان آيل انهن اوائلي انڊين جي ياد ۾ پوسٽ جون چار ٽڪليون ڪڍيون. انهن مان هڪ ٽڪلي، چاليهن سينٽن واري تي Leonidas پئسينجر جهاز ڏيکاريو آهي جيڪو اڄ کان پورا سؤ سالَ کن اڳ هندستان کان ماڻهن جي پهرين کيپَ بمبئي، مدراس ۽ ڪلڪتي جي بندرگاهه مان کڻي فجيءَ پهتو هو. ٻيون ٽڪليون چئن، پندرهن ۽ ٽيهن سينٽن واريون آهن. انهن مان هڪ ۾ هندستاني عورتون ڏيکاريل آهن جيڪي دهل اڳيان ويٺيون آهن، ٻيءَ ۾ فقط مردن جو ميڙ آهي جيڪي کوهه جي پڳهه وٽ ويٺا آهن ۽ ٽيءَ ۾ هڪ انڊين مرد ڪمند جي پوک اڳيان بيٺو آهي. فجيءَ ۾ ڪمند جهڙي ڏکي ۽ اهم پوکَ انڊين اچي چڱي طرح شروع ڪئي ۽ تڏهن به يعني انگريزن جي ڏينهن ۾ ۽ اڄ به ان مان ٺهيل کنڊَ هتي جي ماڻهن لاءِ غير ملڪي ناڻو ڪمائي ٿي.
    ڌارين مسافرن کي رهڻ جي آسائش پيدا ڪري ناڻو ڪمائڻ لاءِ جتي ڪٿي اعليٰ قسمَ جون فائيو اسٽار هوٽلون ٺهي رهيون آهن جيئن ڪراچيءَ ۾ انٽر ڪانٽينينٽل، شيرٽن ۽ هلٽن آهن. اهـڙين هوٽلن کي چويهه ئي ڪلاڪَ ٿڌو يا گرم رکڻ لاءِ وڏا وڏا سينٽرل ايئرڪنڊيشنڊ پلانٽ ۽ بوائلر آهن. شهر جي لائيٽ بند ٿيڻ تي منهن ڏيڻ لاءِ هوٽلن کي پنهنجا جنريٽر ٿين. سئمنگ پول ۽ مٿاهين ماڙين کي پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ هر هوٽل ۾ طاقتور پمپ ٿين. ڪن عرب ملڪن ۾ جتي مٺي پاڻيءَ جي کوٽ آهي، اتي سمنڊ جي ڪناري تي ٺهيل هوٽلن ۾ کاري مان مٺو پاڻي ٺاهڻ جون مشينون F.W. Evaporator لڳل ٿين ٿيون. ان کان علاوه ڪن ڪن فائيو اسٽار هوٽلن ۾ Sewage-Plant ۽ اليڪٽرڪ ٽرانسفارمر ۽ Distribution-Plants ٿين ٿا. بهرحال هي مڙيئي اهي مشينون آهن جيڪي سمنڊ تي هلندر هڪ معمولي جهاز ۾ ٿين ٿيون ۽ انهن جي سارَ سنڀالَ ۽ صحيح ريت هلائڻ کان هر جهاز انجنيئر Marine-Engineer چڱيءَ طرح واقف ٿئي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو دنيا ۾ اڄڪلهه هر هوٽل جو چيف انجنيئر اهو رکيو وڃي ٿو جيڪو جهاز جو چيف انجنيئر ٿي رهيو هجي. آمريڪا، انگلينڊ، سعودي عرب، هندستان کان وٺي اسان جي ملڪ پاڪستان جي وڏين هوٽلن جو چيف انجنيئر، جهاز جو انجنيئر آهي.
    فجي ٻيٽ تي هڪ اهڙي وڏي هوٽل فجين نالي ٺهڻ تي هنن جهاز جي هڪ چيف انجنيئر لاءِ ملائيشيا جي اخبارن ۾ اشتهار ڏنو. نئين جڳهه تي وڃڻ جو شوق مون کي به ٿيو. پنهنجي هِڪَ دوستَ چيف انجنيئر اجتبا زيديءَ کي ان بابت خط لکيم جيڪو ڪيترا دفعا ان ٻيٽَ تي جهاز کي وٺي وڃي چڪو آهي. ورندڙ ٽپالَ ۾ جواب موڪليائين ته نوڪري يا ملڪ خراب نه اٿئي.“ فجي پهچڻ ساڻ.“ هن ان خط ۾ لکيو، ”ائين نه لڳندئي ته ڪو پئسفڪ سمنڊ جي ڏورانهن ٻيٽَ تي آهين پر لڳندئي جهڙوڪر هندستان جي ڪنهن الهندي ڪناري واري ڳوٺڙي ۾ پهچي ويو آهين. گهـٽي گهٽيءَ ۾ انڊين گانن جي ڪئسٽن جي ڌم لڳي پيئي هوندي. ڀاڄي مارڪيٽن ۽ بازارن ۾ رنگين ساڙهين ۽ ڌوتين ۾ عوررتن مردن کي ڏسي بنارس، بڙودا يا بريليءَ جو گمان ٿيندءِ. انڊين جي ننڍن دڪانن تي به پاڻ، پاپڙ پڪوڙن کان آچار، چٽڻيون ۽ گلن جا هار وڪامندا ڏسي ائين لڳندئي ڄڻ حيدرآباد جي سري گهاٽ، فقير جو پڙ يا گڊس ناڪي تي ويٺو آهين. فجي ملڪ جي اصل رهاڪن جي جيتوڻيڪ زبانَ ٻي آهي، پر انگريزي سڀ سمجھن ٿا ۽ ٻي نمبر تي گجراتي لهجي ۾ هندي ڳالهائي وڃي ٿي. ڊريس ۽ کاڌا پيتا به پاڻَ سان گهڻو ملن ٿا، بس رڳو نالو پئسفڪ جو آهي باقي لڳي پاڻ وارو علائقو ٿو.“
    فجي دراصل هڪ نه پر ڪيترن ئي ٻيٽن جو جھڳٽوآهي جيڪي اٽڪل ٽي سؤ کن ٿيندا. انهن مان سؤ کن ٻيٽن تي ته ماڻهو رهن ٿا باقي ائين ئي ويران پيا آهن، يا ايترا ننڍا ۽ جابلو آهن جو نه پاڻي آهي ۽ نه پوکَ، نه اليڪٽرڪسٽي آهي ۽ نه انهن تائين پهچڻ لاءِ ڪا آمدرفت، جو کڻي ڪو ماڻهو اتي رهي سگهي. فجي ملڪ جي انهن مڙني ٻيٽن جي پکيڙ ست هزارَ کن چورس ميل آهي ۽ ڪل آدمشماري اڄڪلهه ست لک کن ٿيندي ـــ جيڪا شايد حيدرآباد شهر جي آدمشماريءَ کان به گهڻو گهٽ ٿي. گاديءَ جو هنڌ سووا شهر آهي جنهن ۾ ڪل آدم لک کن رهي ٿو ۽ هي شهر مٿين ٻيٽن مان سڀ کان وڏي ٻيٽَ وتي ليو (Viti-Levu) تي آهي. ٻيٽ جي اصلوڪي ۽ پراڻي زبان ۾ فجيءَ کي وتي ٿا چون ۽ ليوو Levu معنيٰ وڏو آهي.
    پئسفڪ سمنڊ جو هي سهڻو ٻيٽ فجي، ڇهانوي سالن تائين انگريزن جي ڪالوني ٿي رهيو. ڏهين آڪٽوبر 1970ع تي برطانيه کيس آزادي ڏني. فجي ٻيٽ تي جيڪي پوءِ آيا آهن انهن ۾ انڊين گهڻا آهن. جيڪي اوڻهين صديءَ جي شروعات ۾ هندستان کان نڪري ۽ واپار وڙي لاءِ لڏي آيا هئا. ڪجهه يورپي ۽ چيني ماڻهو پڻ رهن ٿا ۽ ڪجهه اهڙن ملڪن ۽ قومنجا، جن جا جهاز اوسي پاسي ۾ طوفانن ۾ ڀڄي ڀري ويا ۽ پوءِ پنهنجي وطن وڃڻ بدران اتي ئي ٺـام ٺـڪاڻو ٺاهي ترسي پيا. مختلف قومن ۽ مذهبن هوندي به سنگاپور وانگر فجيءَ ۾ به ماڻهو امن ۽ سانت ۾ گذارين ٿا. ڪڏهن به ڪو گوڙ فساد يا دنگل بازي ٻڌڻ ۾ نه آئي آهي. هن ٻيٽ جي ماڻهن جو گهڻو گذران پوکَ تي آهي ۽ سڀ کان گهڻي ڪمائي ڪمند ۽ کنڊ مان ٿئي.
    فجيءَ جي وڏن ٻيٽن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي سمنڊ اندر جبل هئا جيڪي پوءِ ڦاٽي پيا ۽ منجھانئن لاوا ايترو ته نڪتو جو سمنڊ کان ٻاهر اهي ٻيٽن وانگر نظر اچڻ لڳا. ان لاوا ڪري وڏن ٻيٽن جي زمين پوکَ لاءِ تمام ڀلي آهي. باقي ننڍا ٻيٽَ، سامونڊي ڪورال هڪ ٻئي سان چنبڙي چنبڙي دڙن جهڙا ٻيٽ ٺاهي وڌا.
    فجي ٻيٽن تي شروعات ۾ رڳو ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻي زندگي هئي، پوءِ اوڻهينءَ صديءَ ۾ يورپين جي پهچڻ بعد فرق آيو. هندستان کان انگريزن شروع ۾ يعني 1879ع کان، اهي پورهيت آندا جيڪي انگريزن جي رهائش لاءِ شهري نموني جا گهر ٺاهين ۽ ڪمندَ جي پوکَ ۾ هارپو ڪري سگهن. فجيءَ ۾ پڙهيل ڳڙهيل طبقو ٻي وڏي جنگ کان پوءِ هندستان کان آيو. پهرين يا پوءِ جي انڊين ۾ گهڻو ڀاڱو هندن جو آهي. پر ڪجهه ڪجهه مسلمان، عيسائي ۽ سک پڻ آهن. هن ٻيٽَ جي رهاڪن ۾ جيڪي يورپي سڏائين ٿا انهن ۾ گهڻا انگريزن جي بڻ جا آهن جيڪي آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ کان لڏي آيا. ڪجهه يوروشين پڻ آهن يعني ماءُ پيءُ يا ڏاڏيءَ مان هڪ يورپ جو هو ته هڪ ايشيا جي ڪنهن ملڪَ جو.
    فجيءَ جي گادي وارو شهر سووا (SUVA) هتي جو بندرگاهه پڻ آهي، بلڪه ان کي گهڻي اوندهي سمنڊ وارو بندرگاهه چئي سگهجي ٿو ۽ پاڻيءَ جا وڏا وڏا جهازَ به بي ڌڙڪ اچي سگهن ٿا. شهر ۾ ڪيترائي وڏا دڪان آهن جن مان گهڻا تڻا يورپين جا آهن، ڪجهه ڪجهه انڊين واپارين جا پڻ آهن. باقي شهر توڙي ڳوٺن جي ننڍن دڪانن تي انڊين جو قبضو آهي. سنڌ جا پڻ ڪيترا هندو سنڌي واپاري رهن ٿا جن مان ڪيترا ته ورهاڱي کان به اڳ جا آيل آهن ۽ گهڻو ڪري ڪپڙي ۽ اليڪٽرڪ جي سامانَ جا دڪان هلائين ٿا. شين جي وڪري تي ٽيڪس نه هجڻ ڪري ڪنهن زماني جي عدن، ڪولمبو، ممباسا وانگر، يا هاڻ جي سنگاپور،هانگ ڪانگ، دبئي وانگر هر شيءِ سستي اگهه تي ملي ٿي.
    فجي هڪ صاف سٿرو ۽ مڇي ماني وارو ملڪ/ٻيٽ آهي. سڄو سال يورپ ۽ آمريڪا جا ٽوئرسٽ چڪر تي ايندا رهن ٿا جن مان پڻ چڱي اپت ٿئين ٿي. هتي مليريا جهڙيون بيماريون ته بنهه ناهن. ماتا، ٽائيفائيڊ ۽ ٻين ٽراپيڪل بيمارين جي به صفا پاڙ پٽي ويئي آهي. ان ڪري هتي جا ماڻهو توڙي ٻاهرين ملڪن کان آيل صحتمند رهن ٿا ۽ ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن جا کين گهٽ چڪر هڻڻا پون ٿا.


    گڏيل هندستان ۽ برما جي اهميت شخصيت

    رات ٽي ويءَ تان اها خبر ٻڌي افسوس ٿيو ته لارڊ مائونٽ بئٽن کي آئرش ريپبليڪن آرميءَ جي گوريلن بم هڻي ماري وڌو. هو انگلينڊ ۾ ان وقت پنهنجن مائٽن سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ سير ڪري رهيو هو. لارڊ مائونٽ بئٽن جي ان اوچتي ۽ درد ڀرئي موت تي ان ڪري ڏک نه ٿيو ته ڪو هو وڏو ماڻهو هو. ڏکڻ اوڀر ايشيا جي بحري فوج جو سپريم ڪمانڊر هو، يا هندستان جو وائسراءِ هو، يا گورنر جنرل هو، پر ان ڪري ته هو هڪ خوش مزاج خلاصي/جهازي هو ۽ آخر تائين اسان جهاز هلائيندڙن جي پيشي ۽ پورهئي، مرچنٽ نيويءَ کي قدر جي نگاهن سان ڏسندو رهيو.
    پاڻ ڪئڊٽ جي حيثيت ۾ سن 1913ع ۾ انگلينڊ جي بحري فوجَ Royal Navy ۾ گهڙيو ۽ ڇاهٺ ورهن تائين، مرڻ تائين ان سان لاڳو رهيو. جيتوڻيڪ مائونٽ ئٽن ايگزيڪيوٽو برانچ مان پر ڪميونيڪيشن برانچ مان هو ۽ شروع ۾ سگنل آفيسر ٿيو هو ۽ پوءِ اڳتي هلي ٽن جنگي جهازن Destroyers جي ڪمانڊ ڪيائين. هڪ دفعي ته جهازن جي سڄي ٻيڙي جي ڪمانڊ سندس هٿ ۾ هئي ۽ آخر ۾ ڪمانڊر ان چيف ٿيڻ کان اڳ هڪ هوائي جهاز کڻندڙ جهاز Air Craft Carrier جو پڻ ڪئپٽن ٿي رهيو.مائونٽ بئٽن پهريون ماڻهو هو جيڪو سامونڊي لارڊ (Sea Lord)‏ ٿيو.
    مائونٽ بئٽن مرچنٽ نيويءَ وارن سان آخري وقت تائين واسطو رکندو آيو ۽ کيس پنهنجي هم پيشي جهازين جو ڏاڍو خيال رهندو هو. مرڻ کان ٿورائي مهينا اڳ هن انگلينڊ جي ناٽيڪل اداري کي نه فقط ساراهيو پر سمنڊ تي جهازين جي حفاظت ۽ بهتر تربيت لاءِ پڻ هنن جي همت افزائي ڪئي. جهازين لاءِ شروع ڪرايل ڪنگ جارج فنڊ جو پڻ پاڻ صدر ٿي ڪم ڪيائين. لارڊ مائونٽ بئٽن اسان ننڍي کنڊ جي ماڻهن لاءِ سياسي طرح کڻي ڇا به هجي پر انگريز قوم لاءِ هڪ وڏو هيرو هو ۽ ساڳي وقت ڪيترن ئي ڪامن ويلٿ جي ملڪن لاءِ پڻ. پاڻ 25 جون 1900ع ۾ انگلينڊ ۾ ڄائو ۽ اسي کن ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجي ئي ملڪ ۾ پنهنجن ئي ماڻهن هٿان مارجي ويو.


    اڻ واقف کان واقفڪار شيطان ڀلو

    جھٽ پنهنجي جهازن کي نه ڇڏيو، خلاصيو! سمنڊ تي جهاز کي اهڙي اچي باهه لڳي جو وسائي نه سگهجي ته اهڙي حالت ۾ جهاز کي جھٽ پٽ ڇڏي ڏجي. باهه کان علاوه سمنڊ تي جهاز سان ٻيا به حادثا ٿي سگهن ٿا. مثال طور سمنڊ اندر جبل سان ٽڪر، ڪناري تي پيل پٿر يا Reef سان ٽڪر، جهاز جو جهاز سان ٽڪر وغيره وغيره، جن حالتن ۾ حادثن جي نوعيت مطابق جهاز کي الوداع چوڻي پوي ٿي.
    هر جهاز تي، اهڙن حادثن کان جان بچائڻ لاءِ جهازين ۽ مسافرن جي تعداد مطابق Life-Boats ٻيڙيون ۽ Life Rafts ٿين ٿا جن کي حادثي وقت هڪ دم سمنڊ ۾ لاهي، جهاز کان پرڀرو ٿي سگهجي ٿو. انهي دوران اوسي پاسي جي جهازن کان اطلاع ملڻ تي هو حادثي هيٺ آيل جهاز ڏي رُخ رکن ٿا. جيئن سمنڊ ۾ ٽريل پکڙيل ٻيڙين ۾ سوار ماڻهن کي بچائي وٺن. ڪنارو جي سڏ پنڌَ تي آهي ته پوءِ ته تارو ماڻهو تري خشڪيءَ تان پهچي سگهي ٿو پر وچ سمنڊ کان ڪهڙو تارو سوين هزارين ميل تري سگهندو ۽ نه وري ڪا ٻيڙي ايڏو سمنڊ جھاڳي سگهندي جو ان ۾ سائيز مطابق تيل جي ايتري ننڍي ٽانڪي ٿئي ٿي، جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ هڪ يا اڌ ڏينهن هلڻ جيترو تيل مس رکي سگهجي ٿو ۽ کاڌو پاڻي پڻ مقرر ماڻهن لاءِ محدود عرصي لاءِ بيحد معمولي رکيو وڃي ٿو.
    هونءَ اهو آهي ته وچ سمنڊ تي جتي سٺي موسم ۾ به ويرون اڀامنديون رهن ٿيون، ٻيڙيءَ ۾ رهڻ ڪو سولو ڪم ناهي ۽ جي اهو سمنڊ خراب آهي يا موسم ڪني ته پوءِ وڏن جي به Sickness کان حالت خراب ٿيو وڃي. ان کان علاوه کاڌي، سيءَ، گرميءَ کان پاڻ بچائڻ جو مسئلو ڌارَ آهي.
    انهن مڙني ڳالهين کي ڌيانَ ۾ رکي ڏاهن جهازين چيو آهي ته جيتري قدر ٿي سگهي پنهنجي جهازَ کي جھٽ پٽ نه ڇڏجي ۽ بقول انگلينڊ جي هڪ ناٽيڪل سوسائٽي وارن جي ته سندن وس پڄي ته هر جهاز تي قول گهڙائي ڇڏين ته:
    Stick to your Ship, Sailor!
    اهڙا ڪيترائي واقعا اسان ٻڌا هوندا ته معمولي حادثي ۾، جهاز جي مسافرن يا جهازين ڊپ ۾ جهازَ تان کڻي سمنڊ ۾ ٽپ ڏنو هوندو يا ٻيڙي لاهي جهاز کان ڀڳا هوندا ۽ پوءِ جهاز ته بچي ويو هوندو پر هنن جي بچاءَ لاءِ جھٽ مدد نه پهچڻ ڪري موت سندن آجيان ڪئي هوندي. اهـڙو هڪ مثال ته ويجھڙائيءَ ۾ ئي ٿي چڪو آهي، جيڪو victory نالي جهاز جي همراهن سان در پيش آيو. ايڪيههَ هزارَ ٽن وزني هي تيل جو جهاز (ٽئنڪر)، ڪناري کان هزار کن ميل پري سمنڊ جي وڏين ڇولين جو مقابلو نه ڪري ٻه اڌ ٿي پيو. ڊپ ۽ بدحواسيءَ جي عالم ۾ جهاز جا تيرهن ڄڻا کن اهو سوچي ته جهاز ختم ٿي ويو، وقت کان اڳ، هڪ دم ٻيڙي لاهي جهاز کي ڇڏي ڏنو. ٻيا اڃا جهاز تي ئي ترسيا جو هنن محسوس ڪيو ته جهاز ڀڄي، ٻه اڌ ضرور ٿيو آهي پر ايترو سگهو ٻڏي نه سگهندو سو اجايو وڏي جهازَ تان لهي ننڍي ٻيڙيءَ ۾ ههڙين ڇتين ڇولين جي حوالي پاڻ کي ڇو ڪجي.
    سندن اهو ڌيرج وارو قدم صحيح ثابت ٿيو. جهاز جي حادثي جو اطلاع ملڻ شرط چوڌاري بيٺل جهازَ مدد لاءِ اچڻ شروع ٿيا، هڪ هيليڪاپٽر ته انهيءَ ڏينهن شامَ ڌاري حادثي واري هنڌ يعني ٻڏندڙ جهاز تي پهچي ويو. پر هوڏانهن جهاز کان پري نڪري ويل ٻيڙيءَ وارا همراهه اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ ويٺل اڇلجي سمنڊ ۾ غوطا کائيندي مڇين جو کاڄ ٿي ويا ۽ هيليڪاپٽر فقط ڀڳل جهازَ تي موجود ماڻهن کي بچائي سگهيو.
    ڪيترائي جهازَ جن کي جهازين غلط ۽ اٻهرو فيصلو ڪري، اهو سوچي الوداع ڪيو هوندو ته اجھو ٿو اهو جهااز ٻڏي ۽ ٻڏي. پر پوءِ ڏٺو ويو آهي ته جهاز تکو تکو ٻڏڻ ۾ به اڪثر ڏينهنَ جا ڏينهن لڳايو ڇڏي ۽ جهازَ کي ڇڏي ڏيندڙ ويچارا جهازي مدد دير سان ملڻ ڪري يا خراب موسم ۽ خراب سمنڊ ڪري ٻيڙيءَ ۾ انتظار ڪندي ڪندي پنهنجي بک کان موتَ جو شڪار ٿيو وڃن يا ٻيڙي اٿلڻ ڪري شارڪ جهڙيون مڇيون بُکَ اُجھائڻ لاءِ کين پنهنجو کاڄ ڪيو ڇڏين ۽ هونءَ به مدد وارو جهاز يا هيليڪاپٽر ٻيڙين کي ڳولڻ بدران جهاز جي حادثي واري هنڌ تي بچاءِ لاءِ پهچي ٿو جو ٻڏندڙ جهازَ جو ٽرانسميٽر ان هنڌ جي ويڪرائي ۽ ڊگهائي ڦاڪ جو، سنگل ذريعو نياپو موڪليندو رهي ٿو ۽ اصولي طرح سمنڊ ۾ ڪرندڙ يا ٻيڙيءَ ۾ ويٺلن کي جهاز جي ويجھڙائيءَ ۾ پاڻ کي رکڻ کپي. پر خراب موسم ۾ ٻيڙيءَ کي ضابطي ۾ رکي ٻڏندڙ جهاز جي اوسي پاسي ۾ پاڻَ کي موجود رکڻ ڪڏهن ڪڏهن محال ٿيو پوي. ساڳي وقت جهاز جي گهڻو ويجھو اچڻ ۾ به خطرو آهي جو جهاز سان ٽڪرائڻ جو ڊپ رهي ٿو. ان ڪري بهتر آهي ته ڀڳل يا حادثي هيٺ آيل جهازَ کي بلڪل آخر ۾ مجبوريءَ جي حالت ۾ ڇڏجي جڏهن ڏسجي ته هاڻ جهازَ رهڻ جو ڪو آسرو ناهي ۽ سلامتيءَ لاءِ اهو ئي گس وڃي رهيو آهي ته جهاز ڇڏي ٻيڙيءَ ۾ چڙهجي. نه ته جهاز تي جيڪو پل گذري اهو سٺو، پوءِ اهو جهاز ڀڳل ۽ ٻڏندڙ ئي سهي، گهٽ ۾ گهـٽ ان تي اُس يا سيءَ کان بچاءُ ٿيندو رهندو. ماني ٽڪي نه سهي پر بسڪيٽ ، کير يا ڪافيءَ جو ته آسرو رهندو. سگريٽ ۽ پاڻي ته جام هوندو ۽ جي خدانخواسته جهاز چڙهيو ٿو پوي، يعني ٻڏڻ کان بچيو ٿو وڃي ته به سٺي ڳالهه ٿي. ڇو جو آخرڪار اڄڪلهه جا جهازَ ڪي سستا ته نه آهن جن کي ائين هڪدم Abandon ڪري ڇڏي ڏجي. اهو ان ڪري جو هڪ دفعو جهاز کي ڇڏڻ بعد بين الاقوامي قاعدي موجب، اهو پوءِ ان جي ملڪيت ٿيو وڃي جيڪو قبضو ڪري ٿو ۽ پوءِ بچي وڃڻ تي اصل مالڪ ان لاءِ ڪليم نٿو ڪري سگهي.
    ها، جهاز کي هڪدم ضرور ڇڏجي، پر فقط ان حالت ۾ جڏهن مٿس چڙهيل سامان ۾ ڪو ڦاٽندڙ مادو هجي، جنهن جي ڦاٽڻ سان هڪدم تباهي اچي سگهي ٿي يا اهڙي وچڙندڙ باهه جو سڄو جهاز ان جي لپٽ ۾ پيو اچي ته ان صورت ۾ ٿوري دير ڪرڻ به نقصانڪار آهي. شڪ جي صورت ۾ جھونن جي تجربي ۽ چئي تي عمل ڪجي.
    پر جيڪڏهن جهاز جو ڪجهه اهڙي قسم جو حادثو ٿيو آهي جنهن ۾ جهاز ٻڏڻ ۾ ڏينهن لڳائيندو ته پوءِ ننڍڙي ٻيڙيءَ ۾ لهڻ بدران جهاز تي ئي ترسي ڌارئين مدد جو انتظار ڪجي جو اها چوڻي مشهور آهي ته سڀ کان بهتر لائيف جئڪيـٽ جهاز آهي.
    The Ship is your best life jacket.
    هونءَ ته جهاز توڙي ٻيڙي، ٻئي شيطاني چرخا آهن پر جذبات ۾ اچي هڪدم جهاز کي ڇڏي ننڍڙي ٻيڙيءَ ۾ جھوٽا کائڻ کان بهتر آهي ته جيترو وقت گذري سگهي ته اهو وڏي جهاز تي گذارجي جنهن کان توهان چڱي ريت واقف آهيو ۽ وڏو هجڻ ڪري سي سڪنيس جو آزار به گهٽ رهي ٿو ۽ هونءَ به عقلمند چينين جو چوڻ آهي ته ”اڻ واقف شيطان کان ڄاتل سڃاتل شيطان ڀلو.“


    شام سلطنت جو ڪهڙو بادشاهه......

    ملائيشيا توڙي سنگاپور ۾ جيڪي ٽي اهم قومون: چيني، ملئي ۽ انڊين رهن ٿيون انهن مان ملئي ماڻهن جا نالا اسان لاءِ ڏکيا ثابت نه ٿيا آهن جو ملئي سڀئي مسلمان آهن ۽ هنن جا نالا اسان جي انهن نالن سان بلڪل ملن جلن ٿا جيڪي بنيادي طرح عربي نالا آهن، سواءِ ويهارو کن نالن جي جيڪي اسان هتي پهريون دفعو ٻڌا. جهـڙوڪ مردن ۾: راملي، ذوالقفلي، مات آخر، راسلي، مرزوڪي، مراسود، وان نوانگ، نگاح، سبتو، خميس، داهري، اسنين وغيره ۽ عورتن ۾ : مرعين، عذورا، رس مالا، صباريا، يوسيدا، خاويا، روحيدا، جانيا، ماهنوم ۽ بصران وغيره. پر اهي به نالا اهڙا آهن جيڪي اسان کي هڪدم پڪا ٿي ويا ۽ پهريون دفعو ئي ٻڌڻ سان سمجھي ويا هئاسين ته اڳلي ڪهڙو نالو ٻڌايو. يا ڪٿي به لکيل اهڙو نالو پڙهڻ سان سمجھي ويندا هئاسين ته اهو نالو مرد جو آهي يا عورت جو. ان ڪري گهٽ ۾ گهٽ ملئي ماڻهن جي نالن جي ياد ڪرڻ ۾ اسان کي هتي ملائيشيا ۾ تڪليف نه ٿي، جيتوڻيڪ اسان سان گڏ آيل انڊيا، سريلنڪا، برما وغيره جي هندو ۽ ڪرسچنن ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن کي اڃا تائين ملئي نالا پڪا ڪرڻ يا اُچارڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي جو انهن لاءِ اهي نالا نوان ٿيا.
    ٻئي نمبرَ تي چيني نالا آهن جيڪي اُچارڻ ۽ ياد ڪرڻ ۾ بلڪل سولا آهن ڇاڪاڻ جو هر ماڻهوءَ جو نالو ننڍن ٽن حصن ۾ آهي ۽ هر حصي ۾ ٽي يا چار اکر مس اچن ٿا. جيئن ته: چن، هان، چان، چون، چنگ، چانگ، تان، چيان، چيانگ، لم، نون، سيو، پانگ، لائو، پيائو، تنگ ڪانگ، چواءِ، لي، هئا، ان، ڪم وغيره وغيره. پر هڪ ڳالهه آهي ته اهي نالا مختصر ۽ هڪ ٻئي سان ملندڙ هجڻ ڪري پهرين دفعي ٻڌڻ سان هڪدم سمجهه ۾ نٿا اچن. پر ڪو نالو ڪٿي لکيل آهي ته پڙهڻ ۾ سولو ٿو لڳي. پر نالو پڙهي جنسَ جو اندازو نٿو لڳائي سگهجي ته آيا اهو عورت جو نالو آهي يا مردَ جو. هن وقت مونکي ملائيشيا ۾ جيتوڻيڪ ڪجهه سالَ گذري ويا آهن پر چيني نالا ان معاملي ۾ ايترو ئي منجھائيندڙ آهن جيترو پاڻَ وٽ ممتاز، روشن، خورشيد، نسيم، طلعت، نور، ناز، شمس، قمر جهڙا نالا آهن جيڪي مردن جا به ٿي سگهن ٿا ته عورتن جا به.
    ڪوالالمپور جي هِڪَ جنرل اسٽور ۾ ڪم ڪندر هڪ اڪائونٽنٽ عورت ”لم سيو فانگ“ منهنجي لکڻَ تي هميشه ڪِتاب وي. پي ذريعي موڪلنيدي رهي ٿي پر فون تي يا آمهون سامهون ساڻس ڳالهه ٻولهه نه ٿي هئي. نالي مان مون اهوئي سمجھيو ته هو ڪو مرد آهي جو لم نالي ٻه چيني انجنيئر مون وٽا پڙهي ويا هئا. سو خط ۾ به سندس نالي مطابق کيس Dear Sir سان مخاطب ٿيندو هوس. گذريل هفتي ساڻس فون تي ڳالهائڻ لاءِ آپريٽر کي همراهه جو نمبر ملائڻ لاءِ چيم ته آپريٽر ٻڌايو ته اهو ته عورت جو نالو لڳي ٿو ۽ پوءِ آواز ٻڌي پڪ ٿي ته اهو نالو واقعي مرد جو نه پر عورت جو آهي ۽ مونکي کيس ڊيئر سر بدران ڊيئر مئڊم لکڻ کپي. سو چيني نالن ۾ اهو وڏو مونجھارو آهي.
    ٽئين نمبر تي هتي انڊين رهن ٿا. جن ۾ ڪجهه مسلمان به آهن ته هندو به. مسلمانن جا نالا ته پاڻ جهڙا ئي آهن. هندن جا نالا به هونءَ اسان لاءِ نوان نه هجڻ گهرجن جو لڇمڻ، گوپال، ڪرشن، ويرو مل ۽ هرداس کان منگھڻ مل، مولراج، جيرام، موهن ۽ ديوداس تائين ٻڌل، پڙهيل ۽ پڪاريل آهن. پر ملائيشيا ۾ جيڪي انڊين هندو رهن ٿا اهي ڏکڻ هندستان جي رياست تامل ناڊو سان تعلق رکن ٿا ۽ سندن زبان تامل آهي. سندن نالا مٿين نالن کان مختلف آهن. بقول سنگاپور جي هڪ هندو سنڌي دڪاندار جي ”ڀائي هنن جا نالا پاڻَ وانگر ننڍڙا ۽ سولا نه آهن.“ سندن دڪان ۾ ڪم ڪندڙ تامل نوڪر جو نالو پڇيومانس ته وراڻيائين ”نالو ته ڪو ٻيو اٿس پر آئون سڏيانس ڪلو. هنن ڏکڻ هندستانين جا نالا اُچارڻ پنهنجي وس جي ڳالهه ناهي. ڪيترن کي ته سڏين ئي مرداڻي عضوي سان. نه فقط ايترو پر ڪن ڪن جي نالن مان مرداڻي عضوي جي ماپَ جي به خبر پوي ٿي.“
    ان وقت ته ڳالهه کي چرچي تائين محدود سمجھيم. پر پوءِ خبر پيئي ته واقعي ڏکڻ هندستانين ۾ ”لنگم“ تمام عام نالو آهي ۽ ڪيترن جو نالو مهالنگم پڻ آهي ۽ اهو سائيز ٻڌائڻ نه ٿيو ته ٻيو ڇا ٿيو.ڌارين کي ته کڻي. ڪهڙي خبر ته لنگم ڪهڙي بلا جو نالو آهي. پر جن کي تامل زبان اچي ٿي اهي ۽ خاص ڪري عورتون، سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪهڙي منهنَ سان اهڙي همراهه جو نالو وٺي سڏينديون هونديون.
    ان تعجب جو اظهار اسان جو هڪ سک ڪليگ پڻ ڪندو آهي. هڪ دفعي اسان جي آفيس ۾ هڪ ڏکڻ هندستاني سرجن آيو، پنهنجي دوست سک ڪئپٽن کان سرجن جي نالي جو پڇيم ته هن ٺهه پهه وراڻيو: ”نالي پڇڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. هوندو ڪو لنگم شنگم.“
    پوءِ ملاقات وقت ان سرجن جي ڏنل ڪارڊَ تي نالو ”ويلو لنگم“ ڏٺوسين.
    اهي ته وري به سولا نالا آهن نه ته ڏکڻ هندستانين جا نالا تمام وڏا ۽ اُچارڻ ۾ ڏکيا ٿين ٿا. منهنجا سائوٿ انڊين شاگردَ پاڻَ ته انجنيئرنگ جو سڄو ڪورس پورو ڪري ويندا آهن پر افسوس جو آخر تائين آئون ڪيترن جا نالا ياد ڪري نه سگهندو آهيان. هر وقت پني تان پڙهي پوءِ ساڻن مخاطب ٿيندو آهيان. ڪجهه شاگردَ ۽ ڄاڻ سُڃاڻَ وارن ڏکڻ هندستانين جا نالا، جيڪي ڊائريءَ تي هن وقت به نوٽ ٿيل آهن سي هن ريت آهن:
    سنٿا ٿامبي، سانٿيمو ٿو، ٿروناو ڪاراسو، گانا گانيسان، منيام، ويراسنگام، ڪانگا گانسدرم، ٿانا، بالا سنگام وغيره وغيره.
    تامل نالن ۾ ”ٿام ڌم ڌرم ڌارام“ جهڙا آواز ڏاڍا آهن. هت رهندر هڪ پاڪستانيءَ چرچي ۾ پڇيو: ”چيني ۽ تامل پنهنجن ٻارن تي نالا خبر اٿئي ڪيئن رکندا اهن؟“
    ”نه ڪيئن؟“ اسان پڇيس.
    ”چينين کي ٻار ڄمندو آهي ته هڪدم ڪا ساسريا ٽام چينيءَ جي پليٽ ڪيرائيندا آهن، جنهن جي ڀڄڻ تي جيڪو آواز ”چن چا ٽا ٽن“ نڪرندو آهي، اهو پنهنجي ٻارَ تي رکندا آهن.“
    ”۽ سائوٿ انڊين؟“
    ”اهي وري ٻار ڄمڻ تي ڀت ڪيرائيندا آهن، ۽ پوءِ جيڪو ”ٿام ڌوم ڌڙام“ جهڙو آواز نڪرندو آهي، اهو پنهنجي ٻارَ تي نالو رکن.“
    هونءَ تامل ڳالهائيندڙن جو انگريزي اُچار به پنهنجي نموني جو ٿئي ٿو. چانهه تي هلندڙ ڪچهريءَ ۾ هڪ دفعي اسان جي هڪ ڪليگ: ڪئپٽن ريگو، جنهن جو جهاز ڪافي عرصو ڏکڻ هندستاني بندرگاهن ۾ رهيو آهي تنهن ٻڌايو ته هنن لاءِ ايم ۽ اين اُچارڻ ايترو ئي ڏکيو ڪم آهي جيترو جپانين لاءِ ”ٿ“ اُچارڻ ٿئنڪ يو کي شئنڪ يو چوندا. يا بنگالين لاءِ ”و“ اکر اُچارڻ. ومان کي بمان چوندا. تنهن تي ڪئپٽن تيجپال سنگهه چيو: ”واقعي، ڪنهن تامل کان جيڪڏهن پڇبو ته (Minimum) منمم لفظ جي اسپيلنگ ٻڌاءِ ته چوندو ”يم، آئي، يين آئي، يم يو يم.“ يا Moon لفظ کي اُچاريندا ”يم يو يو يين.“
    ”بنگالين جو اُچارڻ ته وري سڀ ۾ عجيب آهي. اسان جي جهاز تي هڪ بنگالي تيل واري گلف جي ڪنهن بندرگاهه ۾ صبح ساڻ اچي خبر ٻڌائي ته: ”سريا (Syria) ڪا باڇا مرگيا.“
    گهڙيءَ کن لاءِ اسان سڀ وائڙا ٿي وياسين ته سريا (يعني شام ملڪ) جو اهو ڪهڙو بادشاهه مري ويو! پر پوءِ هڪ جونيئر انجنيئر کي سندس ڳالهه سمجھه ۾ اچي ويئي ۽ کلندي ٻڌايائين ته سائين هي جيڪو جھرڪيءَ جو ٻچو پالي رهيو هو اهو مري ويو، يعني: ”چڙيا ڪا بچا مرگيا“


    پلاسٽڪ سرجري

    ٽائيم، نيوز ويڪ يا ريڊرس ڊائيجيسٽ جهڙن بين الاقوامي رسالن ۾ سگريٽن، هوائي ڪمپنين ۽ بئنڪن وغيره جا اشتهار ته ضرور هوندا آهن پر ڪنهن ڊاڪٽر ۽ سندس اسپتالَ جو اشتهار ياد نه اٿم ته ڪنهن ملڪ جي مڪاني اخبار ۾ ڏٺو هجيم. سواءِ ٽوڪيو جي ”جوجن اسپتال“ جي، جيڪا پلاسٽڪ سرجريءَ کان مشهور آهي.
    ٽوڪيو ۾ ڪيترائي ڀيرا اسان کي هن اسپتال وٽان لنگهندي ڪڏهن به اندر وڃي جاچڻ جو خيال نه آيو. پر پنهنجي مُلڪَ ۾ ٽائيم يا نيوز ويڪ ۾ ان اسپتال جي اشتهار تي نظر پوڻ سان دل چوندي هُئي ته هڪ واري ضرور اها اسپتال ۽ سندس مالڪ ڊاڪٽر فوميهڪو اميزاوا سان ملاقات ڪجي.
    هڪ دفعي جهاز جي وڏي مرمت ڪرائڻ لاءِ اسان کي ٽوڪيو ۾ ڪجهه هفتن لاءِ رهڻو پيو، يعني ٽوڪيو شهر توڙي ان جي آسپاس ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ لاءِ سٺو موقعو ۽ وقت ملي ويو. انهيءَ ڀيري، هڪ ڏينهن ٽوڪيو جي علائقي شنباشيءَ کان به وڃي نڪتس جتي مٿين جوجن اسپتال آهي ان اسپتال ۾ سندس جپاني مالڪ بابت ڪجهه ڳالهه ٻولهه/خبرچار:
    ڊاڪٽر سرجن اميزاوا (Fumihiko-Umezwa) هن اسپتال جو مالڪ ۽ پلاسٽڪ سرجريءَ جو سينيئر سرجن آهي. بقول سندس، ڊاڪٽري ڌنڌو هن جي خاندان ۾ چوڏهن پيڙهين کان هلندو اچي ۽ هيءَ Jujin Hospital سندس پيءُ ٺهرائي هُئي.
    پلاسٽڪ سرجريءَ ۾ انسان جو نه فقط نڪ چپ صحيح ڪيو وڃي ٿو پر جسم جا ٻيا بي ڊولا عضوا پڻ وڍي ڪٽي يا ڳنڍ ڳنڍي صحيح ڪيا وڃن ٿا. مثال طور: ڪنهن جون اکيون چوچيون آهن ته اهي ويڪريون ۽ وڏيون ڪيون وڃن ٿيون جيئن اڄڪلهه چين ۾ ان آپريشن جو فئشن عام ٿي ويو آهي. نڪ ننڍو يا وڏو آهي ته منجھس ماس ڳنڍي يا گهڪائي صحيح ماپ جو ڪيو وڃي ٿو. منهن جي گهنجيل کَلَ جو فالتو چم وڍي، باقيءَ کي ڇڪي بيهارڻ کي Face Lift سڏجي ٿو. اسان جي ملڪ ۾ پڻ ڪيترائي امير ماڻهو، خاص ڪري فلمي دنيا ۽ Show-Biz جا اداڪار اڄڪلهه Face Lift، منهنَ جي چمڙي ڇڪائڻ لڳا آهن. پر سڀ کان پهرين ان بابت نورجهان لاءِ ٻڌڻ ۾ آيو، جنهن جي آوز جو جادو گذريل اڌ صديءَ کان سڄي ننڍي کنڊَ ۾ مشهور آهي. ستر سالن جي ويجھو هجڻ جي باوجود سندس منهن جو پنو لسو آهي. پلاسٽڪ سرجري کي Aesthetic Surgery به سڏجي ٿو.
    پلاسٽڪ سرجري جپان ۾ ڏينهون ڏينهن مشهور ٿيندي وڃي ۽ هر سال اٽڪل هزار کن آپريشنون ٽوڪيو جي رڳو هن ”جوجن“ اسپتال ۾ ڪيون وڃن ٿيون ۽ سندس مالڪ ڊاڪٽر جي چوڻ مطابق انهن آپريشنن مان اڌ کان وڌيڪَ تعداد فقط اکين کي ويڪرو ڪرڻ جو آهي. جپانين جون اکيون چوچيون، بلڪه هڪ بنگالي جهازي دوست جي چواڻي: ”ڀتَ ۾ لتل ٿين ٿيون.“ انهن کي ”کولي ويڪرو ڪرائڻ“ هر هر جپاني ڇوڪريءَ جو خواب ٿي پيو آهي ۽ ان سپني کي ساڀيان پلاسٽڪ آپريشن ذّريعي ههڙن اسپتالن ۾ بخشي وڃي ٿي.
    اکين کي ويڪرو ڪرائڻ بعد ٻئي نمبر تي مشهور پلاسٽڪ سرجري نڪ جي وڍ ڪٽ آهي جنهن کي Rhinoplasty سڏجي ٿو. ان کان علاوه دُنَ وٽ چاقوءَ سان چيهڪ ڏيئي پوءِ وئڪيوم ذريعي پيٽ تي چڙهيل چرٻيءَ جا تهه يا خراب Tissues چوسي ڪڍيا وڃن ٿا. ٻيون به ڪيترن ئي قسمن جون ننڍيون آپريشنون ٽوڪيو جي هِنَ اسپتال ۾ ٿين ٿيون.
    هي سڀ ڪجهه لکڻ مان اها مراد هرگز ناهي ته ڪو ٽوڪيو اهڙي اتم اتاهين جاءِ آهي جنهن ۾ ههڙا جادوگر، ڊاڪٽر يا عجيب آپريشنون ٿين ٿيون. هرگز نه. پلاسٽڪ سرجريءَ کان وٺي دل ۽ دماعَ جون آپريشنون اسان جي ملڪ ۾ پڻ ٿينديون رهن ٿيون، نهايت ڪامياب نموني سان. اسان جي ملڪَ جا ڊاڪٽر ۽ سرجن پڻ دنيا ۾ ناليرا آهن، جپانين کان به وڌيڪَ. هِتي هيءَ اسپتال ڏسي ۽ ان جي ڳالهه ٻولهه ڏيڻ مان فقط اهو مقصد آهي ته اڄڪلهه جپان جي ماڻهن جو رجحان، سندن روزمرهه جي زندگي، بدلجندڙ فئشن ۽ اسٽائيل بابت دلچسپ ڄاڻَ حاصل ڪرڻ آهي. جيئن اسان جي مُلڪَ ۾ پلاسٽڪ سرجري جا ڪيسَ، گهڻو ڪري، انهن مردن عورتن جا سرانجام ڏنا وڃن ٿا جن جا ڪنهن حادثي يا جهيڙي جھٽي ۾ عضوا وڍجي ويا هجن يا ته بنهه بي ڊولا ٿي ويا هجن تن کي چاق چڱو ڀلو ڪرڻ يا ساڳي حالت ۾ آڻڻ هوندو آهي ۽ نه کين فيشني بنائڻ. اڃا تائين اهڙا ڪيس تمام نه برابر اچن ٿا جنهن ۾ ماڻهو ٺهيل ٺڪيل عضون جي ويهي وڍ ڪٽ ڪرائين، جيئن هِتي جي ڊاڪٽر امزاوا پنهنجي مُلڪَ (جپان) جي ماڻهن جي سونهن جو معيار ۽ سوچَ بابت بڌائيندي چيو:
    ”دراصل سونهن بابت هر ماڻهوءَ جي پنهنجي سوچَ ۽ فڪر آهي. هِڪ ڏينهن هڪ ستر سالن جي ڪُراڙي عورت پنهنجي مُنهن َ جي کَلَ ڇڪائڻ لاءِ آئي. ظاهر آهي اسان سڀني کي عجب لڳو ۽ کانئس هن عمر ۾ اچي هاڻ ان آپريشن جي تڪليف ۽ خرچ ڪرڻ جو سبب پڇيو. هن ٻڌايو: منهنجي مُڙسَ کي مري وئي ويههَ سالَ ٿي ويا آهن ۽ آئون اڃا خبر ناهي وڌيڪَ ٻيا به ڪيترا سالَ جيئري رهي پوءِ جھور پوڙهي ٿي مَران. پوءِ ظاهر آهي ٻئي جهان ۾ جڏهن مڙسَ سان ملنديس ته هو مونکان وڌيڪَ جوان لڳندو. ان ڪري آپريشن ڪرائي آئون به گهٽ ۾ گهٽ هن جيڏي ته لڳان. سو اسان کي هن جي آپريشن ڪرڻي پيئي.“
    ”منهنجي خيالَ ۾ اها قدرتي ڳالهه آهي.“ ڊاڪٽر وڌيڪَ ٻُڌايو ته دنيا جي هر مُلڪَ ۾ عورت سهڻو ٿيڻ چاهي ٿي ۽ هر مرد سهڻي عورتَ کي چاهي ٿو. اڄڪلهه Aesthetic سرجري (جسم جي عضون کي سهڻي شڪل ڏيڻ واري آپريشن) ڪا ڏکي يا مهانگي ناهي. آپريشن ّذريعي اکين کي ويڪرو ڪرائڻ تي عورتن کي هِڪَ وڳي جيترو خرچ مس ٿو ڪرڻو پوي ۽ ويندي ڪجهه آپريشنون ڪرائڻ تي خرچ ٻه لک يين (نو ڏهه هزار رپيا کن) مس ٿو اچي جيڪو جپان ۾ آفيس ليڊيءَ جو هڪ مهيني جو پگهار ٿيو.
    ”ڪڏهن ڪڏهن ته ننڍي هوندي ئي، مائٽ پنهنجين ڌيئرن کي اسڪول جي تعليم پوري ٿيڻ بعد آپريشن لاءِ وٺي اچن ٿا جيئن هو ڪاليج يا آفيس جي زندگي ۾ گهڙن ته جسماني عيبن کان پاڪ ۽ سُونهن ۾ پهرين کان وڌيڪَ هجن ۽ سندن زندگيءَ جي شروعات سٺي ريت ٿئي. هنن جو چوڻ آهي ته تعليم سان گڏ سُونهن به ضروري آهي ڇو جو جڏهن ڪنهن ڪمپنيءَ ۾ ساڳي نوڪري لاءِ ٻه هم عمر ۽ هڪ جيترو پڙهيل ڇوڪريون مقابلو ڪن ٿيون ته ظاهر آهي ڪيامبي ان جي ٿئي ٿي جيڪا وڌيڪَ سهڻي آهي. ڇو جو هرڪو ڪمپنيءَ وارو، هوٽل وارو، دڪاندار، هوائي جهاز ڪمپنيءَ وارو يا آفيسر چاهي ٿو ته سندس هوٽل توڙي هوائي جهازَ ۾، آفيس توڙي اسپتال ۾ سهڻي ڇوڪري ڪم ڪري ۽ گهڻي ڀاڱي جپان ۾ ڇوڪريون پنهنجي مستقبل جي ساٿيءَ سان به نوڪريءَ دوران کي ملن ٿيون. ان ڪري جپاني ڇوڪريءَ لاءِ ويتر اهم ٿي پيو آهي ته هوءَ پنهنجي جِسمَ کي ٺيڪ ٺاڪ رکي.“
    ڊاڪٽر يعني هن پلاسٽڪ سرجن ٻڌايو ته ڪپڙي گنديءَ وانگر جسم جي سونهن جو فئشن به وقت سان گڏ بدلبو رهي ٿو. ويههَ سالَ اڳ جپاني نموني جو منو نڪ عيب سمجھيو ويندو هو ۽ يورپي نموني جو ڊگهو نڪ سُونهن جي نشاني هو پر اڄڪلهه اهو سائي مرچَ جهڙو وڏو ۽ ڊگهو نڪ آئوٽ آف فئشن آهي. بهرحال ننڍيون ننڍيون هي آپريشنون اهڙيون سوليون آهن جو عورتون فئشن مطابق وري وري ردوبدل آڻي سگهن ٿيون.
    ”پلاسٽڪ سرجريءَ جو سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي جو ڪيتريون ڇوڪريون معمولي آپريشن سان بدن جو بگڙيل عضوو ٺيڪ ڪرائي اعتماد جي زندگي گذارين ٿيون. نه ته هو چٻي يا چنبائتي نڪ ڪري، بي ڊول يا لڙڪيل چپن ڪري، چوچين يا ننڍين اکين ڪري اجايو هر وقت احساس ڪمتري ۾ مبتلا رهيون ٿي.“
    ”ڀلا توهان جي اسپتال ۾ فقط عورتون اچن يا مردَ به؟“ مون ڊاڪٽر اميزاوا کان سوال ڪيو.
    ”مردَ پڻ اچن ٿا. خاص ڪري نوجوان طبقو. هو اهائي دانهن کڻي اچن ٿا ته سندن منهن جو هڪ نه ٻيو عضوو صحيح ناهي جنهن ڪري سندن شخصيت ايتري اُڀري نه سگهي آهي. اسان وقت بوقت اهڙن همراهن کي سمجھائيندا پڻ رهون ٿا ته هو پنهنجي سوچَ ۾ فرق آڻين ڇو جو مردَ لاءِ سُونهنَ اهم ناهي پر سندس ڪردار ۽ ذهني اوسر ضروري شيءِ آهي. پر تنهن هوندي به ڪيترن مردن جي پلاسٽڪ سرجري ضروري ٿيو پوي جيئن کين وڌيڪَ اعتماد مِلي.“
    جپان جي هِنَ جوجن اسپتال ۾ پلاسٽڪ سرجري ۽ صلاح مشوري کان علاوه ويجھڙائيءَ ۾ هيٺين ماڙ تي جوجن پلازا پڻ کوليو ويو آهي. جِتي تمام مهانگا ۽ ڳري ڪَمَ وارا نئين فئشن مطابق ڪپڙا وڪامن ٿا. جنهن لاءِ ڊاڪٽر ٻڌايو: ”عورت پنهنجي چهري ۽ جسم کي نئون روپ ڏيڻ بعد ڪپڙي گنديءَ ۾ پڻ نواڻ ۽ تبديلي آڻڻ چاهي ٿي ۽ ان لاءِ هوءِ پري ڇو وڃي، هِتان ڇو نه شاپنگ ڪري.“


    پڳ وارو پير

    چڱيءَ طرح ياد نه اٿم. ڪجهه سال ٿيندا 1973ع ڌاري جي ڳالهه آهي، زمين جو ڪو ڪم منهنجي هِڪَ ڳوٺاڻي دوست جو هو. ڪراچيءَ ۾ هجڻ ڪري، هِنَ اهو ڪم مون تي رکيو هو، جيئن واسطيدار ماڻهن ۽ آفيسرن سان ملي لاهي سگهان. منهنجو جهاز پندرهن ڏينهن کن لاءِ ڪراچيءَ ۾ لنگر انداز هو. هڙئي ڏينهن، دوست جي ڪم خاطر آفيس ۽ مختلف اثر رسوخ رکندڙ همراهن وٽ چڪر هڻندي گذري ويا پر ڪو کڙ تيل نه نڪتو.
    آخري ڏينهن تي جڏهن شامَ ڌاري جهاز انگلينڊ جي ڪنهن بندرگاهه لاءِ سڙهه سانباهيا ته سکر جي هِڪَ همراهه صبح پهرَ صلاح ڏني ته ان ڪم لاءِ ڇو نه پير پاڳاري کي چيو وڃي.
    ”آئون ته نه هن جو مريد آهيان ۽ نه وري ڪو اهم ماڻهو.“ وراڻيومانس.
    ”پر ساڳي ديسَ جا رهواسي ته آهيون ۽ وڏي ڳالهه ته هو انصاف ۽ حَقَ جي ڳالهه ٻڌڻ ۽ ڪرڻَ وارن مان آهي. مون کي پڪ آهي ته هو تنهنجي دوستَ جي ضرور مدد ڪندو.“ هن منهنجي همٿ وڌائي.
    موجوده پير پاڳاري ۽ سندس خاندانَ بابت احوال ڪيترن ئي پاڪستاني توڙي يورپي ليکڪن جي ڪِتابن ۾ شوقَ سان پڙهي چڪو هوس. مختلف ملڪن ۾، خاص ڪري سنگاپور، هانگ ڪانگ، انڊونيشيا، ملائيشيا پاسي سندن مسلمان توڙي هندو مريدن سان مليو هوس پر روبرو اڃا آئون نه ملي سگهيو هوس. جيتوڻيڪ منهنجي اها دلي خواهش هئي ته هڪ واري جڏهن ڪراچيءَ ۾ جهاز جي چڪر کان آزاد ٿيندس ته سندڌ جي اهڙين شخصيتن سان پري پري شهرن تائين وڃي ضرور ملندس. ”پر هينئر ڪم جي بهاني سان جيڪڏهن ڪجهه گهڙين لاءِ ملاقات ٿي سگهي ٿي ته اهي لمحا مون لاءِ قيمتي ٿيندا.“ اهو سوچيندي ٻن پهرن جا ٻارهن ٿي ويا هئا. دل ڪڏهن ان ئي وقت وڃڻ لاءِ چيو ٿي ته ڪڏهن وقت گهٽ هجڻ ۽ جهاز جي sailing ويجھو هجڻ ڪري ٻئي دفعي لاءِ چيو ٿي. ”خبر ناهي گهر ملي يا نه. خبر ناهي پير پاڳارو صاحب پاڻ هتي هُجي يا نه. ۽ جي کڻي پاڻ هجي به پر ملڻ لاءِ وقت هجيس يا نه. ۽ پير سان ملڻ لاءِ خبر ناهي ڪيترا رسم و رواج.“ مون سوچيو. ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جيڪي وقت سان گڏ بدلبيون به رهن ٿيون ته قائم دائم به آهن. جن جي ڄاڻَ لاءِ ڪنهن اهڙي جو گڏ هلڻ ضروري هو جيڪو سنڌ جي ڳوٺن ۾ رهيو هجي ۽ انهن ريتن رسمن کان ڄاڻو هجي. پر ان مهل وقت ڪِٿي هو. جهاز جو بوائلر تپي ٻاڦ ڇڏي رهيو هو ۽ ڊيوٽي انجنيئر انجڻ هلائڻ جي تيارين لاءِ انجيڪٽر پرائيم ڪري هاڻ مختلف پمپ هلائڻ وارو هو. جهاز جا ڊيڪ آفيسر هئچن کي آخري دفعو بند ڪري لنگر کڻڻ جو سوچي رهيا هئا. آئون جلدي جلدي جهاز جي ڏاڪڻ تان لهي بندرگاهه ۾ بيٺل ٽئڪسي ڀاڙي تي ڪري ڪي ڊي اي اسڪيم نمبر ون ڏي روانو ٿيس. اتفاقَ سان ڊرائيور کي پير پاڳاري جي بنگلي جي خبر هئي سو سڌو اچي در وٽ لاٿائين.
    در جي ٻاهران ۽ اندر چڱن خاصن ماڻهن جو ميڙ هو ۽ لڳو ٿي ته هي پري پري کان آيل هئا. اندر ڇٻر تي ۽ ورانڊي ۾ پڻ ڪيترائي سٿڻ قميص ۽ پٽڪن ۾ نظر اچي رهيا هئا. ٽئڪسيءَ مان لهي، درٻان کي پنهنجي نالي جو ڪارڊ ڏيئي پنهنجي ڄاڻَ ڪرائي. ان بعد پير پاڳاري سان ملڻ لاءِ پڇيو ته آيا ان ٽاڻي ملڻ ممڪن آهي يا نه. جواب ڏيڻ کان اڳ پاڻ وري ٻئي همراهه، منشي يا سيڪريٽري کان پڇڻ ويو. واچ ۾ وقت ڏٺم منهجهند جا اڍائي ٿيا هئا. اونهاري جي سخت گرمي ۽ هي آرام جو وقت ڪنهن عام ماڻهوءَ سان به ملڻ لاءِ مناسب نه هو.
    اڃا انهن ئي خيالن ۾ هوس ته درٻان اندر اچڻ لاءِ چيو. ورانڊي وٽ هڪ ٻيو همراهه آيو. درٻان مون کي ان جي حوالي ڪيو جيڪو ماڻهن جي ميڙَ مان لنگهائي ڊرائينگ روم ۾ وٺي آيو. پٽ تي غاليچو وڇايل هو ۽ صوفا سيٽَ خالي هئا. اتاهين ڇت واري هن وڏي هالَ جي چوڌاري نهاري مون هن هال جي سجاوٽ ڏسڻ چاهي ته سامهون کان پاسي واري ڪمري جو در کليو. شلوار قميص ۾ ملبوس چاپئين ڏاڙهي ۽ ڦڙتيلي جسم ۾ پير پاڳارو هو جنهن جي هن کان اڳ فقط اخبارن ۾ تصويرَ ڏٺي هيم. پاڻ ڪنهن بيحد چست فوجي آفيسر يا ائٿليٽ وانگر سمارٽلي وڌيو ۽ تيزيءَ سان مون سان هٿ ملائي واپس ساڳي ڪمري ۾ وٺي آيو.
    ڪمري ۾ سامهون ڪِتابن جي ڍيرَ ڀرسان رکيل اسٽيريو تان انهن ڏينهن جي هِڪَ مشهور جئز ميوزڪ هلي رهي هئي. جيسين آئون ڳالهايان يا پير پاڳارو ڳالهائي تيسين رئڪ ۾ رکيل ڪجهه ڪِتابن جا نالا، ميوزڪ جي پسند ۽ ٽيبل تي پکڙيل تازو ٽائيم، نيوز ويڪ رسالو ۽ لنڊن ٽائميس اخبار ڏسي مُنجھي پيس ته آئون سنڌ جي ڪنهن روايتي پير سان ڳالهائڻ وارا ”قبله سائين“، ”بخت برقرار هجي“، نموني جي جملن سان شروعات ڪريان يا سنئون سڌو، سلجھيل نموني سان جيئن هڪ اهڙي ماڻهوءَ سان ڳالهائبو آهي جيڪو هڪ روايتي پير بدران پڙهيل ڳڙهيل، ذهين، سٺو سياستدان ۽ بقول ڪنهن انگريز ليکڪ جي ماڊريٽ آهي. مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه ۽ آڪسفورڊ لنـڊن جو گريجوئيٽ ۽ ڪرڪيٽ جو رانديگر آهي. شڪار جو شوقين ۽ ڪِتابن جو پوڄاري ۽ ميوزڪ جو پرکائو هجڻ سان گڏ ماهر نفسيات، مذهب جو شيدائي، وڏي دل وارو ۽ خوش طبع انسان آهي.
    آئون ان سوچَ ۾ ئي هوس ته شايد پاڻ ئي منهنجي اندر جي اڻ تڻ سمجهي، انگريزيءَ ۾ حال احوال پڇيو. سندس انگريزي جملا ۽ انهن جي ادائگي ٻڌي، آئون ڏاڍو متاثر ٿيس. بهرحال پنهنجي دوست جو کڻي آيل ڪم مختصر طور بيان ڪيم ته فلاڻا فلاڻا همراهه، سرڪاري ڪامورا يا راڄ ڌڻي چاهين ته ان مسئلي کي اينگهائڻ بدران ختم ڪري سگهن ٿا. پاڻ غورَ سان ڳالهه ٻڌڻ بعد ٻه چار ڳالهيون پڇي انهن مان هِڪَ ٻن ڄڻن کي ان ئي وقت فون ڪيو ۽ پنهنجي سيڪريٽريءَ کي سڏي باقي همراهن کي ٻئي ڏينهن تي سڏايو ۽ مونکي بي فڪر ٿي Sail ڪرڻ لاءِ چيو. موڪلائڻ وقت سندس مرڪ ڪيترائي سالَ گذرڻ بعد ۽ ڏور ڏور هِتي ملائيشيا ۾ ويٺي به ساري نه سگهيو آهيان. سندس ڳالهائڻ جو اسٽائيل ۽ ڳالهه جي تهه تائين تکو پهچڻ لاءِ ٿورن سوالن جي چونڊَ ۽ ان بعد At a spot فيصلو ڪري وٺڻ، قابلِ داد ڳالهه آهي. ڪم کڻي منهنجي دوستَ جو هو جيڪو نه فقط انصاف پر “Justice-Without-Delay” ڪري ضرور خوش ٿيو پر خوشي مونکي به اڄ ڏينهن تائين آهي ته چڱو جو چند منٽن لاءِ ئي سهي پر ان شخصيت سان ملي ڇڏيم، جنهن جي خاندان بابت ننڍي هوندي کان ڪافي ڪِتاب پڙهيا هئم. خاص ڪري مغربي ليکڪن جا. پهريون ڪِتاب شايد Saints of Sind هو جيڪو ميٽرڪ ۾ هوس ته تن ڏينهن جي انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومس پڙهڻ لاءِ ڏنو هو.
    موجوده پير پاڳاري جو نالو پير سڪندر شاهه عرف سيد شاهه مردان شاهه ثاني آهي. پاڻ لڪي سادات جي مشهور معروف سلسلي جو ستون پير آهي. سندن وڏا چوٿين صدي هجريءَ ۾ عباسي خليفن جي حڪومت ۾ عراق کان سنڌ ۾ آيا ۽ اسلامَ جي تبليغ جو فرض ادا ڪندا رهيا. هن خاندان جي بيحد مشهور بزرگ جو نالو سيد محمد بقا آهي جنهن کي ارڙهن پٽ هئا. جن مان ”تذڪره صوفياءِ سنڌ“ ڪِتاب جي مصنف اعجاز الحق قدوسيءَ جي چواڻي: ”پير سيد محمد راشد علم ۽ فيض، تقويٰ ۽ تقدس، علم ۽ تصوف جي ڪري غير معمولي شهرت حاصل ڪئي.“ ان ڪري هو ئي پنهنجي والد جو جانشين مقرر ٿيو ۽ وڏن جي گاديءَ تي ويهي اسلامَ جي خدمت ڪرڻ لڳو. سندس مريدن جو تعداد تن ڏينهن ۾ نَون لکن تائين پهچي ويو هو.
    پير محمد راشد جي وفات کان پوءِ سندس ٻن پٽن: پير صبغت الله ۽ پير محمد ياسين جي وچ ۾ گادي نشيني تي اختلاف ٿيو. انهن ڏينهن ۾ هن خاندان جا ٻه خاص نشان هئا: پڳ ۽ جھنڊو. پير محمد ياسين جي حوالي جھنڊو ٿيو ۽ اچي سعيد آباد جي ڀر ۾ رهيو ۽ ان جو اولاد اڃا تائين جھنڊي وارا پيرَ سڏجن ٿا. هوڏانهن پير صبغت الله وٽ خاندان جي پڳ آئي جيڪا دراصل وڏن جي اهم نشاني سڏي وڃي ٿي. ان ڪري پاڻ گادي نشين ٿي صبغت الله اول جو لقب اختيار ڪيو. اهڙيءَ طرح خاندان ٻن سلسلن ۾ ورهائجي ويو. پير پاڳارو ۽ پير جھنڊي وارو. پير صبغت الله اول عرف پير پاڳارو اول حُر تحريڪ جو پڻ باني هو. سندس وفات کانپوءِ سندس پڳ سندس پٽ پير علي محمد جي مٿي تي آئي. پر هن اها پنهنجي جيئري پنهنجي هٿن سان پنهنجي ڀاءُ پير علي گوهر کي پهرائي گادي نشين بڻايو ۽ پاڻ پير پاڳارو ثاني سڏجڻ لڳو. ان کانپوءِ پير حزب الله شاهه پير پاڳارو ٽيون، پير علي گوهر ثاني پير پاڳارو چوٿون ۽ پوءِ پير شاهه مردان پير پاڳارو پنجون ٿيون. 1922ع ۾ پير شاهه مردان، يعني پير پاڳاري پنجين وفات ڪئي ۽ هن جي جاءِ تي پير سيد صبغت الله ثاني (موجوده پير پاڳاري جي والد) گادي نشيني اختيار ڪئي ۽ پير پاڳارو ڇهون سڏجڻ لڳو. سندس مريدن جو تعداد ان زماني ۾ ئي لکن تائين وڃي پهتو هو جيڪي مڙيئي پير پاڳاري جا سچي دل سان عقيدتمند هئا.
    حُرن جي گاديءَ جو هنڌ پير جو ڳوٺ آهي جِتي سندن پيرن جا مقام ۽ درگاهون آهن. پير پاڳارو جي بي پناهه طاقت اڳيان تن ڏينهن جي وقت جي انگريز حاڪم به پان کي بيوس محسوس ڪيو ٿي. 1930ع ۾ انگريزن پير جي ڳوٺ تي وڏو حملو ڪيو ۽ ڪوڙيون شاهديون ڏيئي کيس چئن ساٿين سميت پنج پنج سالَ قيد جي سزا ڏني. 1936ع ۾ آزاد ٿيڻ تي پير پاڳاري جو مانُ ۽ مرتبو حُرن جي نظر ۾ ويتر وڌي ويو. اها حالت ڏسي انگريز هيڪاندا ڇِتا ٿي پيا. هو جيترو پير پاڳاري جي طاقت کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا اوترو ئي اها وڌيڪَ اُڀرڻ لڳي. آخر انگريزن ٻيو ڪو چارو نه ڏسي 1941ع ۾ سنڌ ۾ مارشل لا لڳايو ۽ بري فوج ۽ ٽئنڪس سميت پير پاڳارو جي علائقي ۾ داخل ٿيا. مٿان هوائي جهازن رستي پڻ بي گناهه حُرن ۽ سندن سر زمين تي حملا ڪيا ويا. هڪ سال تائين پير پاڳارو جا مُريد انگريز سرڪار سان مقابلو ڪندا رهيا ۽ حُرن انگريز حڪومت کي جيئن جو تيئن نقصان رسايو. ايتري قدر جو انگريز بيحال ٿي گهٻرائجي ويا ۽ سڌو سنئون مقابلو ڪرڻ بدران شيطاني چالون هلڻ لڳا. هنن ٻاهران صلح نامو ۽ دوستيءَ لاءِ هٿ وڌائي دوکي رستي پير پاڳاي کي قيد ڪيو. 1943ع ۾ کين ڪورٽ مارشل ڪيو ويو ۽ مٿن انگريز حڪومت خلاف نفرت پکيڙڻ ۽ جنگ ڪرڻ جا ڏوهه ٿاڦي موت جي سزا جو حڪم ٻڌايو ويو ۽ پوءِ ڪنهن لڪل هنڌ تي وٺي وڃي ڦاسي ڏني.
    پير پاڳارو جي شهيد ٿيڻ جي خبر ٻڌي گڏيل هندستان جي هر محب وطن ۽ هر سنڌيءَ کي سخت صدمو رسيو. حُر سخت غم ۽ غصي ۾ اچي ويا. انگريزن ۽ سندن ڪامورن خلاف چوڌاري ڌڪار جي باهه جا اُلا ٻرڻ لڳا. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي وزير اعليٰ مسٽر الله بخش کي ڏينهن ڏٺي جو شڪارپور ۾ قتل ڪيو ويو. حيدرآباد جي ويجھو پنجاب ميل کي اونڌو ڪيو ويو. سنڌ جي وزير داخلا ۽ ڊزن کن آفيسرن کي گوليءَ سان ماريو ويو. ماڻهن تي پنهنجو رعب هلندو نه ڏسي برطانوي حڪومت چرين وانگر حُرن تي حملا ڪيا. انهن کي ڏوهاري سڏي سندن جايون جڳهيون ضبط ڪرڻ لڳي ۽ پير جي ڳوٺ جي قلعي کي بمباريءَ سان تباهه ڪري ڇڏيو. شهيد پير صبغت الله جا ٻه فرزند هئا. سيد سڪندر شاهه ۽ سيد نادر شاهه. انگريز حڪومت هنن کي مسلم يونيورسٽي، عليڳڙهه موڪليو جِتان پوءِ کين انگلينڊ پاڻ وٽ رکيو. هندستان جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد سنڌ جي حڪومت اعلان ڪيو ته پير پاڳارو ستون تسليم ڪيو ويو آهي. پڳ پهرائڻ جي رسم 6 فيبروري 1952ع تي پير جي ڳوٺ ۾ ٿي. پير پاڳارو ان کان ڪجهه مهينا اڳواٽ انگلينـڊ مان موٽي پنهنجي اباڻي وطن هلي آيو هو. جيتوڻيڪ سندن آمد جو اطلاع ماڻهن کان ڳجھو رکيو ويو هو ته به سندن مريد هزارن جي تعداد ۾ ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچي روحاني پيشوا جو ديدار ۽ آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ اچي نِڪتا. پير سڪندر شاهه ۽ نادر شاهه جڏهن هوائي جهاز کان ٻاهر آيا ته پير علي محمد راشديءَ سندن تعارف ڪرايو. حُرن بسم الله، بسم الله ڪلمي ۽ مخصوص نعري ”ڀيڄ پاڳارا“ سان آسمان کڻي ڏنو. پڳبندي ۽ گادي نشيني جي رسم جڏهن ڳوٺ ۾ سرانجام ڏني ويئي ته لکين مريدن کان علاوه، هند سنڌ مان دين جا عالم، آفيسر، ڪامورا ۽ ٻيا ماڻهو اچي گڏ ٿيا.
    انگريزن جي دؤر ۾ توڙي اڄ جي هن آزاد ۽ ماڊرن دؤر ۾ سڄي هند سنڌ ۾، جيتري عزت، چاهت، عشق، مڇتا ۽ جان فدا ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهڻ جو جذبو پير پاڳاري جي مريدن ۾ آهي اوترو شايد ئي ڪنهن ٻئي هنڌ هجي. اردو جي رسالي سياري ڊائجيسٽ ۾ هڪ دفعي سراج نظاميءَ بيان ڪيو ته مرحوم شهيد پير صبغت الله هڪ مقدمي جي پيرويءَ لاءِ تن ڏينهن جي وڏي وڪيل جناب قائد اعظم محمد علي جناح کي بمبئيءَ مان گهرايو. قائد اعظم کي اسٽيسن کان آڻڻ لاءِهڪ معمولي قسم جي موٽڙ ڪار موڪلي ويئيجنهن لاءِ کيس بعد ۾ پير پاڳاري ٻُڌايو: ”ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مون وٽ هڪ کان هڪ اوچيون ڪارون بيٺيون آهن پر جيڪڏهن منهنجا حُر توهان کي ان موٽر ۾ ڏسي وٺن ها جنهن ۾ سندن پير چڙهي ٿو ته توهان کي يڪدم ماري ڇڏين ها.“
    ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پيرپاڳاري جي مريدن کي پنهنجي پير سان ڪيترو عشق ۽ عقيدت آهي.


    هز ماسٽرس وائيس

    جپان جا شهر ڪوبي ۽ اوساڪا ائين آهن، جيئن سکر ۽ خيرپور يا اسلام آباد ۽ راولپنڊي. يعني چڱا ويجھا ويجھا آهن. خير مفاصلي ۾ ته ڪوبي ۽ اوساڪا ايترو ويجھو نه آهي پر هلندڙ گاڏين جي تيزفتاري ۽ هر وقت گاڏي تيار ملڻ ڪري ڄڻ ٻئي شهر ڳنڍيا پيا آهن. ان ڪري جهاز جڏهن به ڪوبي هوندو هو ته اوساڪا جا ٻه چارچڪر ضرور ٿيندا هئا ۽ ساڳي وقت جهاز اوساڪا لنگر هڻندو هو ته جهازي ڪوبي ضرور ويندا هئا ـــ شاپنگ ڪرڻ، ساهيڙين سان ملڻ، گهمڻ ڦرڻ وغيره وغيره.
    ڪوبي کان اوساڪا ويندي وقت اوساڪا شهر جي وچ واري وڏي ريلوي اسٽيشن اوساڪا اميدا اچڻ کان ٿورو اڳ هڪ وڏي عمارت جي ڀت تي مشهور رڪارڊن جي ڪمپني HMV (هز ماسٽرس وائيس) جو هڪ وڏو اشتهار پينٽ ٿيل آهي. اهو پري کان ئي چٽو ۽ صاف نظر اچي ٿو. پينٽ اهڙن رنگن ۾ ٿيل آهي جو گذريل ڏهن ٻارهن سالن کان جڏهن به وڃ ته ساڳي حالت ۾ نظر اچي ٿو. وقت جي طوفانن ۽ بارشن يا اوساڪا شهر جي ڪارخانن جي دونهن ۽ ٻاڦن به هن تي اثر نه ڪيو آهي. نه وري ان عمارت اڳيان ڪا ٻي وڏي جاءِ ٺهي آهي جو هي اشتهار لڪي وڃي.
    ان اشتهار تي نظر پوڻ سان اڪثر پراڻا آيل نون کي اها ڳجهارت ڏيندا آهن يا سوال ڪندا آهن ته هز ماسٽرس وائيس واري اشتهار ۾ ڏيکاريل ڪُتو جيڪو فوني جي گھگھوءَ اڳيان ٻن پيرن تي ويهي غور سان پنهنجي مالڪ جو آواز ٻڌي رهيو آهي نر آهي يا مادي....؟
    ۽ پوءِ جواب ڏيڻ وارا همراهه انگريزي لفظ (His) هز تي غور ڪري نر چوڻ بدران وتندا آهن ڪُتي کي غورَ سان گهوريندا تان جو ريل گاڏي اها بلڊنگ ٽپي اچي اسٽيشن اندر بيهندي آهي.
    ريڊيو ٽرانسٽر، ٽيپ رڪارڊر، ٽي وي، وي سي آر، واڪ مئن وغيره گذريل ويهن ٽيهن سالن کان هڪ ٻئي پٺيان ايجاد ٿيا آهن ۽ ماڻهن کي هڪ کان وڌيڪَ ٻي ميوزڪ ٻڌڻ جي مشين ملي آهي. نه ته انهن کان اڳ سٺ ستر سالن تائين انگلينڊ، يورپ، آمريڪا توڙي آفريڪا، ايشيا ۽ آسٽريليا ۾ ماڻهن جي دل فوني ٿي وندرائي. هن مستطيل پيتيءَ جي شڪل جي سرندي کي پاسي کان هڪ گاڏي اسٽارٽ ڪرڻ جي هئنڊل جهڙي چاٻي هوندي هئي جنهن کي ڀرڻ يعني گهمائڻ سان اندريون گول اسپرنگ وٽجي سٽجي سوڙهوٿي ويو ٿي. جيڪو پوءِ آهستي آهستي موٽ جا وٽ کائي اصلي شڪل ۾ اچڻ مهل مٿانئس رکيل اسپنڊل ۽ رڪارڊ کي به گول گهمائيندو هو ۽ ڪوڪي جي گهڪي سان رڪارڊ مان پيدا ٿيندڙ لهرون آواز جي صورت اختيار ڪنديون هيون. نه بئٽريءَ جي ضرورت نه اليڪٽرڪسٽيءَ جي گهرج. ان ڪري اهو گهر، اوطاق، هوٽل، دڪان تي وڄائي سگهبو هو. انگريز بهادر ته شڪار تي ويندا هئا ته ٻئي سامان سان گڏ، هڪ شيديءَ کان اهو فونو ـــ ڀوپو سميت پڻ کڻائيندا هئا.
    بعد ۾ ته ٻين ڪمپنين جا به فونا نڪتا پر سڀ ۾ مشهور ”هز ماسٽرس وائيس“ ڪمپنيءَ جو چيو وڃي ٿو جنهن جو ٽريڊ مارڪ نپر (Nipper) ڪتو، يعني اهو اڇن ڪارن چٽن وارو، فوني اڳيان ويٺل آهي. هن ڪمپنيءَ کي گذريل سال 1984ع ۾ پورا سؤ سالَ ٿيا ۽ هن ڪُتي کي به پندرهن سالن گهٽ هڪ صدي پوري ٿيندي. هي ڪتو جيڪو تصوير ۾ هو بهو اصل ٿو لڳي دراصل لنڊن جي هڪ آرٽسٽ فرانسز بارا رائول جي ٺهيل پينٽنگ آهي جيڪا هن 1899ع ۾ ٺاهي. لنـڊن جي آرٽسٽ Francis Barruad هڪ هو بهو اهڙو ڪتو هو ۽ جڏهن هو پنهنجي اسٽوڊيو ۾ ويهي فونو ٻڌڻ سان گڏ مصوري ڪندو هو ته سندس اهو ڪتو ان نموني سان فوني جي گھگھوءَ وٽ ويهي ان کي غورَ سان جاچيندو هو ۽ کيس ائين گهوريندو ڏسي فرانسز کانه ڪڏهن ڪڏهن کل نڪي ويندي هئي. 1985ع ۾ جڏهن سندس اهو Nipper ڪتو مئو ته کيس ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ هن ڪُتي جي ياد ۾ هو بهو اهڙو ڪُتو ٺاهيو جيڪو فوني اڳيان ويٺل ڏيکاريائين.
    تصوير 1899ع ۾ پوري ڪرڻ بعد هن اها انگلينڊ جي رائل اڪيڊمي ۾ ٽنگڻ جي خواهش ڏيکاري پر هن لفٽ نه ڪرائي. ان ڪري دلشڪستو ٿي فرانسز اها پينٽنگ ”ايڊيسن بيل فونو گراف ڪمپني“ وارن کي وڪڻڻ لاءِ روانو ٿيو جن جو فونو هن وٽ اسٽوڊيو ۾ رکيل هو ۽ تصوير ۾ پڻ هو اهو ئکي فونو ڏيکاريو هو. پر افسوس جو انهن به اهو چئي کيس ٽاري ڇڏيو: ”نه بابا اهڙي تصوير اسان ڇا ڪنداسين. ڪتن به ڪڏهن ڪا ميوزڪ ٻڌي جو توهان ٺاهي آهي ۽ اسان وري ان کي خريد ڪريون.“
    ايڊيسن فونو گراف ڪمپنيءَ جي مقابلي ۾ تن ڏينهن ۾ هيءَ ”گراما فون ڪمپني“ هوندي هئي، جيڪا پوءِ HMV جي نالي سان اڃا تائين هلندي آچي. آرٽسٽ فرانسز کي ڪنهن دوست صلاح ڏني ته گراما فون ڪمپنيءَ جي فونن جو گھگھو ڪاري رنگ بدران پتل جو سونهري آهي، سو تون ان پينٽنگ ۾ فقط گھگھو کي اهڙو رنگ ڏيئي کڻي وڪڻي ڇڏ.
    ان ڪم لاءِ فرانسز لنڊن ۾ گراما فون ڪمپنيءَ جي آفيس مان اهو فونو ڪجهه ڏينهن لاءِ اڌارو وٺڻ لاءِ ويو. سندس ان گهر تي آفيس جي مئنيجر مسٽر وليم بئري ان تصوير بابت پڇا ڪئي ۽ ڏسڻ سان کيس ايترو ته وڻي ويئي جو هڪدم پنجاهه پائونڊ ائڊوانس ۾ ڪڍي ڏنا ۽ آرٽسٽ کي چيو ته باقي پنجاهه پائونڊ ان تصوير ۾ ڏيکاريل گھگھوءَ جو رنگ سندس ڪمپنيءَ جي فوني جي گھگھوءَ جهڙو ڪرڻ بعد ڏنا ويندا.
    فرانسز ڏاڍو خوش ٿي وڃڻ لڳو. در وٽ جڏهن پهتو ته مئنيجر پڇيس: ”اهو ٻڌاءِ ته تو هونءَ ان تصويرَ کي ڪهڙو عنوان ٿي ڏيڻ چاهيو؟“
    ”هز ماسٽرس وائيس ــ هن جي مالڪ جو آواز.“
    ضروري تبديليون آڻڻ بعد آرٽسٽ اها تصويرَ آڪٽوبر 1900ع ۾ اچي ڪمپنيءَ کي ڏني ۽ ان ئي ڏينهن کان اها تصويرَ ڪمپنيءَ جي ٽريڊ مارڪ طور اشتهارن ۾ ڪم اچڻ لڳي. اها تصوير نه فقط رڪارڊن تي پر رسالن، اخبارن، پتي جي ڪارڊن تي ۽ سئين جي دٻلين تي پڻ مشهوريءَ خاطر ڏني ويئي.
    ڪيترن ملڪن ان تصويرَ ۾ ڪُتي جي هُجڻ ڪري اشتهار طور ڪم آڻڻ ۾ هٻڪ ڏيکاري، جهڙوڪ روس ڪيترن سالن تائين ماٺ ۾ رهيو. مصر ته سنئون سڌو انڪار ڪري ڇڏيو ته جيئن ته اسلام ۾ ڪُتو پليد جانور سمجھيو وڃي ٿو ان ڪري ماڻهو ان جي تصويرَ واريون شيون گهرن ۾ نه رکندا. اٽليءَ به تمام گهڻي سستي ڏيکاري جو اٽليءَ ۾ پڻ ڪُتي جو راڳ ٻڌڻ سٺي سُر يا آواز جي نشاني نه پر خراب ڳالهه سمجھي وڃي ٿو. جيئن پاڻ وٽ بي سُري ڳالهائيندڙ کي چوندا آهيون: ”ماٺ ڪر، ڇو ٿو پاڙي جا ڪُتا گڏ ڪرين.“
    بهرحال خريد ڪيل اصلي تصويرَ ڪمپنيءَ جي چيئرمين جي آفيس ۾ ٽنگي ويئي ۽ باهه لڳڻ تي سڀ کان پهرين ان کي بچائڻ جي تاڪيد ڪئي ويئي. هن ڪُتي جي تصويرَ ڪري هن آرٽسٽ فرانسز جو سڄي دنيا ۾ نالو ٿيو جنهن تصويرون ته ٻيون به کوڙ ٺاهيون هيون ۽ نه فقط وقت بوقت کيس ڪميشن طور پئسا ڏوڪڙ ملندا رهيا پر HMV ڪمپنيءَ هن لاءِ پينشن پڻ مقرر ڪئي.


    سنگاپور جا سُکَ حال سِکَ

    سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ سک پڻ ڪافي عرصي کان رهن ٿا. سکن کي هتي جا ڪي ماڻهو پنجابي سڏين ته ڪري وري بنگالي. بنگالي ان ڪري جو اوائلي ڏينهن ۾ ملائيشيا يا سنگاپور پهچڻ لاءِ فقط سامونڊي رستو ئي هو. هوائي جهاز اڃا ايجاد نه ٿيا هئا. انجڻ ي هلندڙ پاڻيءَ جي وڏن جهازن بدران سڙهن تي هلندڙ ٻيڙا هئا ۽ پوءِ ويهين صديءَ جي شروع ۾ جڏهن ٻاڦَ جا جهاز هلڻ لڳا ته به يڪ ساهيءَ وڏو سفر ناممڪن هوندو هو. سو جهاز منزلون ڪندا ڪندا آخر ۾ بنگال جي بندرگاهه ڪلڪتي کان ملاڪا ۽ سنگاپور پهچندا هئا. ان ڪري ڪلڪتي (بنگال) پاسي کان ملايا ايندڙ سڀئي بنگالي سڏبا هئا. ويندي گجراتي، سنڌي، برمي پڻ. جڏهن پورچوگالي ملاڪا پهتا ته کين به هتي جا ملئي ماڻهو بنگالي سڏڻ لڳا. پر سندن گوري رنگ ڪري کين سفيد بنگالي سڏيو.
    سک اوڻهين صديءَ جي آخر کان هن پاسي اچڻ لڳا. ڪجهه پوڙها سک جيڪي اڃا جيئرا آهن ۽ ويهين صديءَ جي شروع ۾ هيڏانهن سنگاپور آيا تن مان ٽن چئن جو احوال هِتي ڏيان ٿو. سِکن کي سندن بهادري ۽ وفاداريءَ ڪري انگريزن کين گورکن ۽ پٺاڻن وانگر پاڻَ سان گڏ رکيو ۽ فوج ۽ پوليس جهڙن کاتن ۾ پڻ گهڻو آندو ۽ جِتي جِتي انگريزن جي حڪومت هئي اتي پڻ موڪليو. ان هل چل ۽ لڏ پلاڻ ۾ ڪيترا سک ڌارين ملڪن: فجي، آسٽريليا، نيوزيلينڊ کان ملائيشيا، سنگاپور ۽ جبرالٽر ۾ رهائش پذير ٿيا. اتي پنهنجا پاڙا ۽ گوردوارا اڏيائون. اولاد کي جيتوڻيڪ نئين ملڪ ۽ ماحولَ ۾ ڀڙ ڪيائون پر پنهنجي تهذيب، ٻولي ۽ مذهب قائم دائم رکيائون. ننڍي کنڊَ جا هڪڙا سک ئي آهن جيڪي اڃا تائينپنهنجي زِبان پنجابي صاف ۽ ساڳي ان لهجي ۾ ڳالهائين ٿا جيڪا اڄ به سندن اباڻي شهر امرتسر ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. ڪيترن بئنڪن، هوٽلن ۽ سرڪاري عمارتن جا چوڪيدار ۽ درٻان سک آهن. ان ڪري هِتي جا ڪجهه ماڻهو سڀني سکن کي جگا سمجھن ٿا. ”جگا“ ملئي لفظ اهي جنهن جي معنيٰ درٻان، چوڪيدار يا سيڪيورٽي گارڊ آهي. پر اها ڳالهه ناهي ته سک رڳو جگا آهن. ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ سک اڄڪلهه هر ميدانَ ۾ ملندا. واپار ۽ ڌنڌي ۾ ته سرڪاري ۽ ذاتي نوڪرين ۾ پڻ. ڪيترائي سک ناليرا ڊاڪٽر، سرجن، وڪيلَ، جج فوجي آفيسر، اسڪول جا ماستر، ريلوي ۽ پوسٽ ماسٽر ۽ ويندي جهازن جا ماسٽر (ڪئپٽن) آهن.
    سک پئسي ڏوڪڙ جي بچت واري عادت کان پڻ مڃيل آهن. ڪنهن ننڍي نوڪريءَ ۾ سک هوندو ته به بچائي بچائي پنهنجيءَ وارو ٿي ويندو ۽ پيريءَ ۾ ڪنهن اڳيان هٿ ٽنگڻ بدران خوشحال ۽ پُر سڪون زندگي بسر ڪندي نظر ايندو. اهوئي سبب آهي جو هيءَ ڪميونٽي ڏينهون ڏينهن خوشحال ٿيندي وڃي. پئسي ڏوڪڙ ۾ به ته تعليمَ، ڌنڌي ۽ مانُ مرتبي ۾ به. ان کان علاوه سک خوش طبيعت، ملڻا جلڻا، کلائيندڙ، چرچائي ڀوڳائي ۽ رنگين مزاج پڻ آهن. سندن چرچا جيڪي هنن پنهنجو پاڻ تي ٺاهيا آهن يا جيڪي ماڻهن هنن تي ٺاهيا آهن، سي دنيا ۾ مشهور آهن. ڏسڻ ۾ دهشت وارا ۽ قداور، موقعي ۽ مهلَ تي دلير ۽ جھڳڙالو هوندي به دل جا نرم، دوستي ياريءَ جا مضبوط، سٺا پاڙيسري ۽ اوکي ويلَ ڪم اچڻ وارا آهن. اهو ئي سبب آهي جو جنهن به مُلڪَ ۽ قوم سان گڏ رهن ٿا انهن کي بيزار نٿا ڪن. پاڻ به خوش رهن ٿا ۽ ٻين جو به خيال رکن ٿا.
    هڪ ليکڪ جي ناتي سان انٽرويو وٺڻ مهل سک هيڪاندا Co-opeative لڳا آهن. ڪنهن به سک کان سندس ذات يا سندس ڌنڌي ڌاڙي، ملڪ، قوم، رسم ۽ رواج، مندر گوادواري يا مذهبي توڙي سوشل جلسي جلوس بابت سوال ڪر ته هڪدم ديانتداري ۽ صاف گوئيءَ سان ٻڌائڻ شروع ڪندو، ڳالهه لڪائڻ يا لفطن کي چيٻي چٿي وات مان ڪڍڻ جي عادت هرگز نه اٿن.
    هتي ٽن چئن انهن پوڙهن سکن جو مختصر احوال ڏيان ٿو، جن اڄ کان منو صدي کن اڳ سنگاپور ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هاڻ اهي پٽن پوٽن سميت پاڻ کي سنگاپوري سڏائين ٿا. جيتوڻيڪ سندن ڀائر، سؤٽ، ماسات ۽ انهن جو اولاد اڃا پنجاب (انڊيا) ۾ ئي رهي ٿو جن سان پڻ سندن تعلقات قائم آهن ۽ ڪجهه ڪجهه سڱابنديون پڻ اڃان تائين انهن سان هلنديون اچن.


    پهريون مئرين انجنيئر ـــ شايد

    سردار تارا سنگهه انهن سکن مان هڪ آهي جيڪي هن صديءَ جي شروعات ۾ پنهنجو اباڻو پنجاب (انڊيا) ڇڏي سنگاپور ۾ اچي Settle ٿيو. سندس پيءُ سردار پارگت سنگهه انگريزن جي حڪومت ۾ انڊين گهوڙيسوار فوج (Indian Cavarlry) ۾ هو. اتي سندس دل نه لڳي سو 1901ع ڌاري هندستان کي الوداع چئي آسٽريليا لڏي وڃڻ لاءِ روانو ٿيو. رستي تي منزل ڪرڻ لاءِ جهاز سنگاپور ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ ترسيو جِتي سندس ڪجهه پراڻن دوستن سنگاپور ۾ ئي ٽڪڻ لاءِ زور ڀريس. کيس به سنگاپور جو ٻيٽ پسند اچي ويو ۽ آسٽريليا وڃڻ جو ارادو لاهي اتي ئي رهي پيو ۽ پوءِ بعد ۾ جڏهن هو چڱي طرح ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ لڳي ويو ته پنهنجي فئملي کي پڻ سنگاپور ۾ اچي رهڻ لاءِ اطلاع ڪيو ۽ 1905ع ۾ سندس پٽ سردار تارا سنگهه پنهنجي ماءُ سان گڏ اچي ساڻس مليو. ان وقت سندس عمر پنج ڇهه سالَ مس هئي.
    تارا سنگهه ٻڌايو ته هو پرائمري تعليم لاءِ سنگاپور جي هڪ Anglo-Chinese پرائمري اسڪول ۾ ويندو هو. پاڻ جيتوڻيڪ هن وقت پنجاسي سالن جو ٿيندو، پر کيس چِٽيءَ طرح اهي ڏينهن ياد آهن جڏهن هو اسڪولَ کان گهر پنڌ ايندو هو ۽ کيس اهو به ياد آهي ته اسڪول بعد باقي وقت ڪيئن گذاريندو هو.
    تارا سنگهه جو ننڍي هوندي کان واپار ڏي رجحان هجڻ ڪري هن ڌنڌي کي سونگهي ورتو ٿي ته ڪهڙي ڌنڌي ۾ فائدو ۽ اُپت آهي. اسڪول مان موٽڻ بعد هو هندو ديوتائن ۽ ديوين جون مورتيون وڪڻندو هو. اسڪول جي تعليم ختم ٿيڻ تي مئرين انجنيئر ٿيڻ لاءِ تارا سنگهه جي ڪيپل شپ يارڊ Docks ۾ پنج سالَ جهازن جي مرمت ۽ جهاز هلائڻ جي سکيا ورتي. هي اهو دؤر هو جڏهن ٻاڦ تي هلندڙ جهاز اڃا نوان نوان ٺهيا هئا ۽ انهن ڏينهن ۾ مئرين انجنيئر ٿيڻ لاءِ ڪنهن شپ يارڊ ۾ فقط پنجَ سالَ پريڪٽيڪل سکيا وٺڻ ڪافي هئي. سردار تارا سنگهه نه فقط پهريون سک مئرين انجنيئر چئي سگهجي ٿو پر يقين سان هو ننڍي کنڊ جي چند شروعاتي مئرين انجنيئرن مان هڪ هوندو ۽ انگلينڊ جي مشهور مئرين انجنيئر جان لئمب جو ڪليگ سڏي سگهجي ٿو جيڪو پڻ ساڳي دؤر ۾ انگلينڊ جي شپ يارڊ ۾ مئرين انجنيئرنگ جي سکيا وٺي رهيو هو ۽ اڳتي هلي نه فقط دنيا جو مشهور مئرين انجنيئر ٿيو پر سندس لکيل ڪِتابَ خاص ڪري مئرين انجنيئرنگ تي، اڄ به پڙهيا وڃن ٿا. سندس سوئٽاڻو سؤٽ چارلس لئمب انگريزي شاعريءَ کان دنيا ۾ مشهور آهي.
    سردار تارا سنگهه ٻڌايو ته سکيا دوران تنهن زماني ۾، ڪيپل ڊاڪس ۾ مهيني ۾ فقط پنج ڊالر پگهار ملندو هو جيڪو پوءِ آخري سال ۾ يارهن ڊالر (يعني اسي رپيا) کن ٿيو. شپ يارڊ ۾ سکيا دوران گهٽ پگهار جي مزي جي ڳالهه اها آهي ته اڄ به اهو پگهار، اسڪالر يا کڻي چئجي ته کيسي جي خرچي اها ساڳي معمولي آهي. جيتوڻيڪ اڪيڊمين ۾ ڪاليجي تعليم وڌائڻ ڪري اهو مدو پنجن سالن مان گھٽائي ٽي سالَ ڪيو ويو آهي. ساڳي سن ۾ انگلينڊ ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ به ايترو ئي پگهار رکيل هو. جيتوڻيڪ شپ يارڊ جي سکيا بعد جيئن مئرين انجنيئر جي حيثيت سان جهاز تي ئي ڪو چڙهي ٿو ته پگهار ۾ هڪدم وڏو فرق اچيو وڃي پر Apprentice وارن ڏينهن ۾ اهو گهٽ ئي رهي ٿو، شايد ان ڪري جو ان شپ يارد ۾ سکيا دوران ڪيترائي قيمتي ڌاتو ۽ مشينري هڪ سيکڙاٽ استعمال ۽ ضايع ڪري ٿو ۽ شپ يارد کي سکيا وٺندڙن مان فائدي بدران ڪافي نقصان رسي ٿو. 1964ع ۾ جڏهن آئون شپ يارڊ ۾ هوس ته اسان کي به اهو پگهار/جيب خرچي فقط اسي رپيا مهيني ۾ مليا ٿي. جيڪي ٻئي سال نَوي ٿيا ۽ آخري سال هڪ سؤ روپيا ٿيا. اڄڪلهه ويهه سالن بعد به اهي پگهار ڄڻ اتي ئي بيٺا آهن ۽ سکيا وٺندڙ مئرين انجنيئرن کي شپ يارڊ ۾ مهيني ۾ به اڍائي سؤ روپيا مس ٿا ملن.)
    بهرحال سردار تارا سنگهه پنهنجي ماءُ ۽ ننڍي ڀيڻَ کي پالڻ لاءِ راتين جون راتيون چوڪيداري ڪري چار پئسا ڪمائي ٿي ورتا. ساڳي وقت موڪلن ۾، پاڻ ٻڌائين ته پنجاهه ڊالر کن جا جوراب، گنجيون، رومال ۽ ٻيو اهڙو سامان ڪارخانن تان سستو وٺي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ هوڪو ڏيئي وڪڻندو هو. جنهن مان پڻ کيس چڱو فائدو ٿيندو هو ۽ گهر جو خرچ سٺي طرح پيو هلندو هو. 1925ع ۾ هن جي ٽريننگ ختم ٿي ۽ جيئن ئي مئرين انجنيئر ٿيو ته کيس Straits Steamship ڪمپنيءَ کان سندن جهاز تي ففٿ انجنيئر جي نوڪري ڪرڻ جي آڇ ملي.
    بدقسمتيءَ سان يا شايد خوش قسمتي چئجي جو انهيءَ سال جيئن ته هو شاديءَ لاءِ هندستان وڃي رهيو هو سو هن اها آڇَ قبول نه ڪئي ۽ سال کن انڊيا ۾ رهي پوءِ ٻئي سال سنگاپور وريو. پر انهيءَ دوران تارا سنگهه ڏٺو ته نوڪري ته ٽوڪري آهي چاهي جهاز جو انجنيئر ٿجي يا هوائي جهاز جو پائليٽ. حقيققت ۾ وڌندڙ ڪم واپار ئي آهي. واپار نوڪريءَ کان وڌيڪَ دلچسپ به ٿئي ٿو ته ان ۾ ماڻهو آزاد به رهي ٿو.
    ۽ پوءِ ڪجهه سالَ گاڏي تي سامان رکي وڪڻڻ بعد هن سنگاپور جي ٽئنگلن علائقي ۾ پنهنجي نالي سان دڪان کوليو. اڄڪلهه جيڪو ٽئنگلن شاپنگ آهي ان جي بلڪل سامهون سردار تارا سنگهه جو هي دڪان اڌي صديءَ تائين سنگاپور جي اهم نشاني ٿي رهيو. سامونڊي نوڪريءَ جي شروع وارن سالن ۾ اسان به ڏٺو پوءِ سنگاپور ۾ هڪدم رفتار سان تبديلي اچڻ ڪري جِتي ڪٿي ايئرڪنڊيشنڊ ۽ ماڊرن قسم جا ڊپارٽمينٽل اسٽور ٺهڻ لڳا ۽ هن دڪان جي پڻ پنجاهه سٺ سالَ پراڻي شڪل بدلائي نئين ڪئي ويئي. تارا سنگهه ان دڪان ۾ ننڍيون وڏيون شيون رکي وڪڻڻ کان علاوه مليٽري جا ٺيڪا پڻ کنيا جنهن هيٺ هو يونيفارم، ٽوپيون، ٻوٽ، رسيون پڻ سپلاءِ ڪندو هو ۽ ان سڄي ڪاروبار کي مُنهن ڏيڻَ لاءِ هن ڪيترائي درزي، ڌوٻي، موچي ۽ حجام پگهار تي رکيا.
    انهن ڏينهن ۾ هانگ ڪانگ ۽ شنگهائي بئنڪ ۾ اڪائونٽ کولڻ وڏي ڳالهه سمجھيو ويو ٿي ۽ فقط يورپين کي ئي اهو اعزاز مليل هو. سردار تارا سنگهه ايشيا جي چند شروعاتي ماڻهن مان هڪ هو جنهن جو اڪائونٽ هن بئنڪ (HSBC) ۾ هو ۽ ساڳي وقت هي سنگاپور ۾ پهريون هندستاني هو جنهن موٽر ڪار خريد ڪئي.
    سنگاپور ۾ سکن جي پنهنجي وڏي جماعت ”سنگاپور خالصا ايسوسيئيشن“ آهي. سردار تارا سنگهه هن جماعت جو بنيادي ميمبر آهي. سردار تارا سنگهه هاڻي ڪافي پوڙهو ٿي ويو آهي ته به کيس ايتري همت آهي جو پنهنجين ضرورتن کي پاڻ ئي منهن ڏئي ٿو. کيس ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ آهي. وڏو پٽ سنگاپور براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۾ سينيئر آفيسر آهي. ننڍو پٽ راندين جي سامانَ جو بزنيس ڪري ٿو.


    سڄي عمر چانهه بنا رهندڙ

    هڪ ٻيو سک جنهن سنگاپور کي پنهنجو گهر ۽ پنهنجو ديس سمجھيو سردار چنن سنگهه آهي. سردار چنن سنگهه 1903ع ۾ ڄائو. اسڪول پنهنجي ملڪ، پنجاب ۾ ختم ڪرڻ بعد هڪ سال کن ڪنهن وڪيلَ وٽ ڪم ڪيو. جڏهن ويهن سالن جو ٿيو ته انجنيئري پڙهڻ لاءِ کيس سندس پيءُ آمريڪا موڪليو. پر هو آمريڪا پهچي نه سگهيو. رستي تي سنگاپور ۾ پنهنجي چاچي وٽ ڪجهه ڏينهن ٽڪڻ دوران سندس چاچي کيس آمريڪا وڃڻ کان روڪيو ۽ سنگاپور ۾ ئي رهي پوڻ لاءِ زور ڀريو. سندس چاچي جو سنگاپور ۾ چڱو پير ڄميل هو. ماڻهن ۽ ڪمپنين کي وياج تي پئسا ڏيڻ کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ننڍا ڌنڌا سندس هٿ ۾ هئا. هڪ اهو به هو ته هن ٻاهرين ملڪن کان ايندڙ جهازن ۽ وڏن واپارين ۽ دڪانن تي پهري لاءِ چوڪيدار ۽ باڊي گارڊ مهيا ڪيا ٿي. سندس سفارش تي چنن سنگهه کي سپاهه ۾ نوڪري ملي ويئي ۽ کيس پرل هل تي پوليس کاتي ۾ رکيو ويو.
    انهن ڏينهن ۾ فوج يا پوليس ۾ فقط انهن کي رکيو ويو ٿي جن جا مائٽ پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪندا هجن. چنن سنگهه ٻڌايو ته انگريز حڪومت گهڻو ڪري هندستان مان نوجوان نسل پوليس کاتي ۾ رڪروٽ ڪري کين ڪجهه عرصي لاءِ سنگاپور ۾ پوليس جي سکيا ڏيڻ بعد هانگ ڪانگ يا شنگهائيءَ ۾ پوليس وارو ڪري رکيو ٿي.
    ڪجهه عرصي بعد چنن سنگهه پوليس ۾ منشي طور ڀرتي ڪيو ويو ۽ کيس سنگاپور جو رابنس روڊ واري پوليس ڊپو تي رکيو ويو. سندس ڪم ”ترجمو“ ڪرڻ هوندو هو. (ملئي زبان ۾ منشي ترجمو ڪندڙ ماستر کي سڏجي ٿو. هي لفظ هندي سنسڪرت تان ننڍي کنڊ مان هتي پهتو). اڳتي هلي 1940ع ۾ چنن سنگهه جي نوڪريءَ ۾ واڌارو آڻي کيس ڪورٽ جو منشي (ترجمو ڪندڙ) ٺاهيو ويو ۽ ٻي وڏي لڙائيءَ بعد کيس سائوٿ برج واري پراڻي ڪورٽ ۾ اوٿ ڪمشنر ڪري رکيو ويو. کيس پنجابي، هندي، اردو، گورکلي، ملئي ۽ انگريزي زبانون چڱيءَ طرح آيون ٿي. سنگاپور جي سنڌي ۽ تامل واپارين سان لهه وچڙهه هجڻ ڪري هو سنڌي جا پڻ ڪجهه جملا ٻڌائڻ لڳو.
    چنن سنگهه 1963ع ۾ رٽائر ڪيو پر کيس وري نون سالن لاءِ نوڪريءَ ۾ رکيو ويو. پاڻ ٻڌايائين ته هن سڄي ڄمار چانهه يا ڪافي نه پيتي آهي. هو فقط کير ۽ لسي شوق سان پيئي ٿو. سندس پٽ سنگاپور جي تعليم کاتي ۾ سينيئر آفيسر آهي ۽ پوٽو انگلينڊ ۾ وڪالت پڙهي رهيو آهي.


    پنهنجن ۽ ڌارين ۾ پيارو....

    سردار چنن سنگهه جو هڪ ٻيو هم عمر سردار هري سنگهه آهي جيڪو پڻ سنگاپور ۾ رهندڙ سکن جي چڱي جھوني ۽ اهم شخصيت آهي. پاڻ 1904ع ۾ گڏيل هندستان جي گڏيل پنجاب ۾ ڄائو. سندس پيءُ جيوا سنگهه وهٽن جي وڪري لاءِ انڊيا کان هتي پهتو هو. هي انڊيا کان پاڻيءَ واري جهاز رستي ڍڳيون ۽ مينهون پينانگ گهرائيندو هو (پينانگ ٻيٽ پڻ سنگاپور وانگر اهم ٻيٽ آهي ۽ هن پاسي انگريزن جو پهرين پينانگ تي قبضو ٿيو ۽ پوءِ سنگاپور تي). سردار هري سنگهه جو پيءُ جيوا سنگهه اهو مال ريل رستي ملايا جي مختلف ڏورانهن شهرن ويندي سنگاپور تائين موڪليندو هو.
    پوتنگ پاسر ۾ هن وهٽن جو وڏو وٿاڻ ٺاهي ڇڏيو هو جِتي انڊيا کان ايندڙ چوپايو مال گڏ ٿيندو رهندو هو.
    جڏهن هري سنگهه سنگاپور آيو ته هن اباڻو ڌنڌو نه ڪيو. جيتوڻيڪ ڪجهه عرصي لاءِ هن جو وٿاڻ ويجھو رهڻ ٿيو. هري سنگهه 1924ع ۾ پوليس ۾ ڀرتي ٿيو ۽ سکن جي ريجمينٽ ۾ پرلس هل تي ئي رهيو. ڊيوٽي خاطر سندس ملاڪا، پينانگ ۽ ڪرسمس ٻيٽن تي به وڃڻ ٿيندو هو. 1935ع ۾ هري سنگهه انڊيا وڃي شادي ڪئي ۽ 1936ع ۾ زالَ سان گڏ واپس سنگاپور آيو. ٻي وڏي لڙائي شروع ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ هن جو ڪٽنب انڊيا موٽي ويو پر پاڻ سنگاپور ۾ ترسي پيو. 1940ع ڌاري کيس فوج ۾ ڪارپورل بنايو ويو. ”1942ع ۾ مونکي لبوئان (Labuan) (بورنيو جي ڀرسان) ٻيٽ تي گيس جي فئڪٽري کي بچاءَ لاءِ موڪليو ويو هو.“ هري سنگهه اڄ کان ٽيتاليهه سالَ کن اڳ جو واقعو ياد ڪندي ٻڌايو. ”جپاني فوج بورنيو ۾ فيبروري 1942ع تي پهتي ۽ پوءِ اسان کي جهاز رستي واپس سنگاپور سڏايو ويو. رستي تي جپان جي هوائي جهاز اسان جي مٿان بندوقَ جي گولين جو وسڪارو لڳائي ڏنو. پرپوءِ اڳتي هلي ڊچ هوائي فوج (جيڪا تن ڏينهن ۾ انڊونيشيا ۾ موجود هئي) تنهن اسان جو ڍڪ ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح سنگاپور تائين سلامتيءَ سان پهچي وياسين.
    هري سنگهه ٻڌايو ته جنهن ڏينهن هو سنگاپور پهتا ان ئي ڏينهن جپانين سنگاپور کي به فتح ڪيو. جنهن بعد جپانين ماڻهن تي مار موچڙو شروع ڪري ڏنو. چينين کي ته ڏاڍو ماريائون. ٽرڪن جون ٽرڪون چيني ماڻهن سان ڀري سمنڊ ۾ ٻوڙيائون يا چانگي واري جيل ۾ (جتي اڄڪلهه سنگاپور جو ايئرپورٽ به آهي) ڦاهيءَ تي لڙڪائيائون. ملئي ۽ انڊين تي سختي مڙيئي گهٽ هئي. کين ننڍيون ننڍيون نوڪريون ڪرڻ ۽ ڪاروبار هلائڻ جي به اجازت ڏنائون. اسڪولن ۾ انگريزيءَ بدران جپاني پڙهڻ لاءِ زبردستي ڪيائون. انگريزن مان ڪن کي ته مارائي ڇڏيائون. ڪن کي جيلن ۾ ۽ ڪن کي گهرن اندر نظر بند ڪيائون. ڪجهه موقعا ملڻ تي ڀڄي ويا (جنهن جي ڪجهه روئداد بي بي سي لنڊن ٽي وي طرفان اڄڪلهه هلندڙ ٽي وي سيريز “Tenko” ۾ پڻ ڏيکاري پئي وڃي جيئن اڄ جي نوجوانن کي انهن ڏينهن جي حالتن جي خبر پئجي سگهي ته جپانين جي حڪومت ۾ سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ ڇا حالتون هيون.)
    سردار هري سنگهه ٻين ڇهن همراهه سان گڏ ٻه سالَ جپانين جي هڪم تي مئڪسويل جيل (Maxwell-Prison) تي گارڊ ٿي رهيو، جنهن ۾ انگرز سپاهي ۽ آفيسر قيد هئا. ان بعد جڏهن چانگي جيل خاني تي بدلي ڪئي ويئي، جِتي چينين سان جپاني سولجرن ناحق ظلم جاري ڪري رکيا هئا. هن اتي نوڪري ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ان جي سزا ۾ سندس چانورن جو راشن ڪيترن ئي مهينن تائين گهٽايو ويو. بهرحال پوءِ کيس آئوٽرام روڊ واري جيلَ تي بدلي ڪري جلاد طور رکيو ويو. زندگيءَ جي هڪ اونهو اثر ڇڏيندڙ ياد هن ٻڌائي ته هڪ دفعو هڪ پيٽ سان چيني عورت کي ڦاهيءَ لاءِ تختي تي آندو ويو. هن ان جي سرڪڻ جو رسو ڇڪڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جپاني پنهنجو حڪم پورو نه ٿيندو ڏسي باهه ٿي ويا. هري سنگهه کي ايڏي مار ڏنائون جو ڄاڙيون ۽ ڏند ڀڄي پيس ۽ نَون مهينن تائين اسپتال ۾ رهڻو پيس. پاڻ مڪاني ماڻهن، چيني توڙي ملئين ۾ ايڏو مشهور ۽ پيارو هو جو اسپتال مان ڇٽڻ بعد جڏهن هن کي جيل ۾ وڌو ويو ته چيني ماڻهن سر تان آهو کڻي جيل تي حملو ڪيو ۽ کيس اتان بچائي ٻاهر ڪڍيو. ان بعد هري سنگهه پوليس جي نوڪري ڇڏي پيٽ گذر خاطر ڏکيا سکيا پورهيا ڪرڻ لڳو.
    جپان تي بم ڪرڻ بعد جڏهن جپانين آڻ مڃي ۽ سنگاپور وري واپس انگريزن جي حوالي ٿيو ته هري سنگهه 1946ع ۾ انڊيا موٽيو ۽ پنهنجي فئمليءَ سان مليو. 1947ع ۾ انگريز حڪومت کيس پوليس ۾ وري نوڪري ڪرڻ لاءِ ڏاڍو چيو پر هن نوڪري نه ڪئي. 1949ع ۾ سنگاپور موٽي آيو..... تنهن وقت جي سٽي ڪائونسل سان گڏ اچي ڪم ڪيائين. 1953ع ۾ سندس فئملي به انڊيا کان سنگاپور آئي ۽ 1960ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين. ان کانپوءِ هو اڄ ڏينهن تائين پنهنجو هلڪو ڦلڪو ڌنڌو ڪندو رهي ٿو. هن کي اڄ به گذريل زماني جي نوڪريءَ جي پينشن 142 ڊالر ملي ٿي. هڪ گهر مسواڙ تي ڏنل اٿس جنهن مان ملندڙ مسواڙ مان سٺو وقت گذريس پيو ۽ ڪنهن اڳيان هٿ ٽنگڻو نٿو پويس. اولاد وڏو ٿي چڪو اٿس جيڪو پڻ پنهنجي روزگار کي لڳل آهي.
    هري سنگهه هن وقت (1985ع ۾) پورن اسي سالن جو آهي. کيس ٽي پٽ ۽ هڪ ڌيءَ آهي. ٻه پٽ ته سنگاپور ۾ ئي ماستر اٿس. ڪيترائي پوٽآ ۽ ڏهٽا پڻ اٿس. سندس هڪ پوٽو سنگاپور جي هاڪي ٽيم جو مشهور رانديگر پڻ آهي.


    عورتن ۾ پوڙهي.....

    سنگاپور جي سک ڪميونٽيءَ جي عورتن ۾ راول ڪور (سردار حضور سنگهه چوپڙا جي زالَ) اڄڪلهه سڀني سک عورتن ۾ پوڙهي آهي جنهن سنگاپور ۾ راندين جي سامانَ جو واپار شروع ڪرايو. نارٿ برج روڊ تي گذريل پنجاهه سالن کان روز ائنڊ ڪمپني راندين جي سامانَ کان سڄي سنگاپور ۾ تمام مشهور ڪمپني آهي. اها روال ڪور جي مڙس 1907ع ۾ ائڊلفي بلڊنگ ۾ کولي. ان ڪمپنيءَ جي هيڊ آفيس سيالڪوٽ (هاڻوڪي پاڪستان) ۾ هئي. سنگاپور بعد ان جون شاخون جڪارتا، ميڊان ۽ شنگهائي (چين) ۾ به کوليون ويون هيون.
    مسز راول ڪور جيڪا شاديءَ بعد 1918ع ۾ سنگاپور ۾ آئي هئي تنهن ٻڌايو: ”1920ع ۾ سنگاپور ۾ سکن جون ڪي ڏهه يارهن فئمليون مس هيون ۽ هر هڪ ٻئي کي چڱيءَ طرح سڃاتو ٿي. اسان ڀر واري دڪان جي مٿان ٺهيل گهر ۾ رهندا هئاسين.“
    کانئس جڏهن پڇيم ته سندس مڙس کي هتي سنگاپور ۾ اچي رهڻ جو ڪيئن خيال آيو جنهن تي هن وراڻيو.
    ”منهنجو مڙس انڊيا آرميءَ ۾ هو. تن ڏينهن ۾ انگريز سرڪار فوجين ۽ سپاهين کي پنهنجين ٻين ڪالونين ۾ بدلي ڪري رکندي هئي، ان ڪري هن کي ڪڏهن سنگاپور ته ڪڏهن هانگ ڪانگ رهڻو پيو ٿي. اهڙيءَ طرح نوڪريءَ دوران هن کي سنگاپور رهڻ جو خيال آيو.“
    اڄڪلهه جيتوڻيڪ روز ائنڊ ڪمپني ان نالي سان نه رهي آهي پر تڏهن به حضور سنگهه ۽ راول ڪور جا ٻه پٽ مختلف نالن سان اڃان به سنگاپور ۾ راندين جي سامانَ جو واپار ڪندا رهن ٿا ۽ اڄ جيتوڻيڪ سيالڪوٽ انڊيا بدران پاڪستان ۾ آهي ته به هو راندين جو گهڻي کان گهڻو سامان اتان ئي گهرائين ٿا جيڪا سندن جنم ڀومي آهي.
    راول ڪور جي مڙس کي مري وئي ڪافي سالَ ٿي ويا آهن، اڄڪلهه هوءَ پنهنجي پٽ هربنس سنگهه سان گڏ رهي ٿي. کيس ڪيترائي پوٽا ۽ پڙ پوٽا آهن. ڪيترن سالن جي محنتن ۽ پورهئي بعد هاڻ پوڙهي ڏاڏي راول ڪور پنهنجي پٽن پوٽن ۽ پڙپوٽن جي وچ ۾ آرام ۽ فرحت جا ڏينهنَ گذاري رهي آهي. پاڻ هن عمر ۾ به چڱي سگهاري ۽ همت واري نظر اچي ٿي. پاڙي پتي يا ڪميونٽيءَ جي هر غمي خوشيءَ ۾ حاضر ٿي سڀني جي وڏڙي هجڻ جي حيثيت سان ڪاڄن جون جملي ريتون رسمون سرانجام ڏئي ٿي.


    دور باش خوش باش

    چون ٿا ته دنيا ۾ سڀ کان هيڪلو ۽ نواڪلو ٻيٽ ٽرسٽان آهي. هي ٻيٽ هڪ مشهور ٻيٽ سينٽ هيلينا جي ويجھو آهي ۽ سندس سڄو نالو ٽرسٽان ڊاڪونها (Tristan Da Cunha) آهي.
    فرانس جي نيپوليئن بونا پارٽ کي انگريزن ڏيهه نيڪالي طور سينٽ هيلانا ٻيٽ تي نظر بند ڪيو هو ۽ ڀرپاسي وارن مڙني ٻيٽن تي پهري لاءِ انگريز سپاهين کي رکيو ويو. هن ٻيٽ ٽرسٽان تي ان کان اڳ ڪو به بني بشر نه هو. سمنڊ مان نڪرندڙ جبلن جون هزارين فوٽ اتاهيون چوٽيون هيون جن سان سڄو ڏينهن سمنڊ جي ڇولين ٽڪرائي گجي پيدا ڪئي ٿي ۽ انهن ٽڪرين جي پويان زمين جو ڪجهه حصو سنوت وارو هو جنهن تي انگريز بهادر جا ڪجهه سپاهي گهر اڏي رهيا ٿي.
    آخر ڪار انهن سپاهين کي پنهنجي وطن (انگلينڊ) سڏايو ويو. ان سڏ تي سڀ موٽي ويا سواءِ هڪ همراهه جي جيڪو زالَ ۽ ٻار سان گڏ ان ٻيٽ تي آيو هو. هن اتي ئي ٽڪڻ جو فيصلو ڪيو. هن سان گڏ انگلينڊ جي ڊيون شهر جا ٻه ٻيا سپاهي پڻ رهي پيا. اهڙي طرح زال مڙس، پٽ ۽ ٻن همراهن کان علاوه هن ٻيٽ تي ٻيو ڪير به نه هو، رڳو ڇولين جو آواز ۽ هوا لڳڻ تي کجي ۽ ناريل جي وڻن جي ٽارين جو سيسراٽ هو. ڪڏهن ڪڏهن هِتان هُتان جا لنگهندڙ يا ڀٽڪيل، سڙهن وارا جهاز پاڻيءَ لاءِ اچي لنگر انداز ٿيندا هئا ۽ موٽ ۾ کين ڪا شيءِ شڪل يا سامان ڏيئي ويندا هئا. ڪنهن ڪنهن جهاز تان وقت بوقت هڪ اڌ خلاصي جهاز ڇڏي هتي پڻ ٽڪي پيو ٿي تان جو ڪجهه سالن بعد هن ٻيٽ تي ست ماڻهو مختلف ملڪن ۽ قوميتن جا ٿي ويا. جهڙوڪ: ڊچ، آئرش ۽ اطالوي. ۽ پوءِ هڪ ڀيري هڪ جهاز جي ڪئپٽن ڪٿان ڇهه زالون کڻي اچي هنن حوالي ڪيو نه ۽ اڄ جيڪي هن ٻيٽ تي ماڻهو نظر اچن ٿا، اصل ۾ انهن شروعاتي ماڻهن جو اولاد آهن جن جي شروعاتي زندگي بيحد ڏکي رهي هئي. ايندڙ ويندڙ جهاز کان کين ڪجهه وهٽ: ڍڳيون رڍون ۽ ڪتا پڻ ملندا رهيا ٿي. پر ساڳي وقت ايندڙ جهازن مان ڪوئن جا ڌڻ پڻ ڪناري کان اچي نڪتا ٿي. جيڪي ٿورا گهڻا مرد ماڻهو هئا، سڄو ڏينهن مڇيون ۽ وهيلون ڦاسائڻ ۾ هوندا هئا. مڇيون کائڻ لاءِ يا انهن جو تيل ٻيڙين ۽ پاڻ کي مکڻ مهٽڻ لاءِ ڪم آڻيندا هئا يا کين سڪائي وڪڻڻ لاءِ رکندا هئا.
    پاليل رڍن مان کين اُنَ ملي ٿي ۽ کلن مان سياري لاءِ ڪوٽ. جهازن مان اڇلايل اهو ڪاٺ جيڪو تري اچي هن ٻيٽ جي ڪناري کان نڪتو ٿي بيحد ڪمائتو هو ڇو جو گهر، ٻيڙي يا فرنيچر ٺاهڻ لاءِ هرڪو ان کي گڏ ڪندو هو. سائوٿ آفريڪا جو بندرگاهه ڪيپ ٽائون کين سڀ ۾ ويجھي کان ويجھُ هو پر اتان جيڪو سيڌو راشن آيو ٿي اهو وقتائتو نٿي آيو. ڪڏهن ڪو جهاز آيو ٿي ته مهيني ۾ ٻه دفعا به اچي نڪتو ٿي نه ته هن نٻيٽ ڏي سالن جا سالَ ڪو رُخ نٿي ڪيو هو ۽ اهو سامان کڻي اچڻ وارن کين مهانگو ڪري وڪيو ٿي.
    سمنڊ تي رهندڙ ڪي مڇيون ڪونجن وانگر سالَ بَسال لڏ پلاڻ ڪنديون آهن ۽ وري موٽي اينديون آهن. پر ڪي مڇيون ويهه پنجهويهه سالن کان پوءِ اهڙي لڏ پلاڻ ڪنديون آهن جو اهي تڙ توائي ڪري وينديون آهن. وٿاڻن جا وٿاڻ اهي پٽ خالي ڪري وڃي سمنڊ جو ٻيو جڳ وسائينديون آه. پوءِ جن جو هو کاڄ قوت ۽ ڪمائيءَ جو ذريعو هونديون آهن، اهي پنهنجي بد نصيبيءَ تي مُنهن مٿو پٽي ويهي رهندا آهن ۽ جـِتان هو وڃي نڪرنديون آهن انهن ڪنارن جي ماڻهن جا ڀاڳَ کلي پوندا آهن. ساڳي ويڌن هن ٻيٽ جي ماڻهن سان ٿي جن جي گـذر سفر جو وڏو ذريعو وهيل مڇيون هيون. جن جي بدلي هو ايندڙ جهازن کان ضرورتن جو ٻيو سامان وصول ڪندا هئا. اوچتو ئي اوچتو ٽرسٽان ٻيٽ جي چوڌاري رهندڙ انهن وهيل مڇين جا ڌڻ اتان لڏي ڪنهن ٻي جوءِ ڏي روانا ٿي ويا. ساڳي وقت سائنس جي ترقيءَ ڪري ٻاڦَ جي انجڻ ايجاد ٿي ۽ سڙهه تي هلندڙ جهازن بدران هاڻ جـِتي ڪٿي آگ بوٽ هلڻ لڳا جن مان ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ هن ٻيٽ تي کٽل راشن پاڻي کڻڻ ۽ ٿَڪ ڀڃڻ لاءِ آيو ٿي. هڪ دفعي ته ٽي سالَ گذري ويا ڪنهن جهاز هن ٻيٽَ جو رخ نه ڪيو. تنهن هوندي به هن هيڪلي ٻيٽ جا رهاڪو جيئڻ لاءِ جتن ڪندا رهيا.
    هن ٻيٽ جي رهاڪن رسم رواج ۽ اخلاق جا سخت قاعدا ۽ قانونَ ٺاهي ڇڏيا هئا ته هر هڪ ماڻهوءَ کي ٻئي سان ڪهڙو برتاءُ ڪرڻ کپي. انهن مڙني قاعدن کي سختيءَ سان عمل ۾ آندو ويو ٿي. ماءُ پيءُ جو حڪم آخري فيصلو سمجھيو ويو ٿي. هر هفتي دٻي جي دهل ۽ تاڙين جي آوازَ تي راڳ گاني ۽ ڊانس جو پروگرام هليو ٿي. پر نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي هڪ ٻئي سان فري ٿي ڳالهائڻ نٿي ڏنو ويو. هر وقت وڏي جي اک ننڍن جي چال چلت ۾ رُڌل رهي ٿي. شاديءَ جي خيال ڏيکارڻ تي ڇوڪري لاءِ لازمي هو ته هو يڪو مهينو ڪنواريتن جي گهر جي حاضري ڀري. هڪ ڏينهن به گسائڻ سان مڱڻو ختم سجُيو ويو ٿي ۽ ساڳي وقت ڪنوار، جنهن جي گهر همراهه کي روز اچڻو پيو ٿي، جو اهو ڪم هو ته لڳي ويهي پنهنجي ٿيڻ واري مڙس لاءِ سئيٽر اُڻي. پوءِ جيڪڏهن ڇوڪري به راضي هوندي هئي ته هن کي مهيني جي آخري ڏينهن تي اهو سئيٽر سوکڙيءَ طور ڏيندي هئي. پر هنن جي ان هوندي به ايترو جھٽ شادي نه ٿيندي هئي جيسيتائين هو ڪاٺ جا تختا گڏ ڪري رهڻ لاءِ پنهنجو گهر ٺاهي نه وٺن. ان ڪم ۾ کين ڪڏهن ڪڏهن ڏهه سالَ به لڳي ويندا هئا. ڪاٺ جا تختا گڏ ڪرڻ لاءِ کين روز سمنڊ جي ڪناري تي وڃڻو پوندو هو جيئن ڪنهن جهاز مان ڪو اڇلايل تختو اچي هنن وٽ پهچي يا ايترو پئسو گڏ ڪرڻوُ پوندو هون جو ڪيپ ٽائون شهر مان اهو ڪاٺ ناڻي تي گهرائي سگهن.
    مرد ماڻهو ۽ ڇوڪرا واندڪائيءَ ۾ فوٽ بال ۽ ڪرڪيٽ سان ملندڙ جلندڙ راند کيڏندا هئا. عورتون سئيٽر اُڻنديون هيون يا چرخو چوري اُنَ ڪتينديون هيون. ڪجهه عرصي بعد هن ٻيٽ تي زلزلي جا لڳاتار ڌوڏا محسوس ڪيا ويا. ڪناري جي ڀرسان ڦاٽندڙ جبل مان ٿورو ٿورو لاوا نڪرندو ڏٺو ويو جيڪو پوءِ آهستي آهستي وڌندو ئي ويو. ٻيٽ جي مکيءَ ۽ پئنچن ماڻهن کي هن ٻيٽ تان في الحال لڏرائڻ جي فيصلي خاطر، کين ڀر واري ٻيٽ تي موڪليو ۽ واقعي پوءِ ٽهڪندڙ لاوا ايترو وڌيو جو سڀ گهر سڙي ٻري راک ٿي ويا. يا لاوا جي ڍير ۾ ڍڪجي دفن ٿي ويا. اهو حال ڏسي ڪيترائي لڏي انگلينڊ آيا. انهن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ريلَ گاڏي، ڪار يا ٽي وي نه ڏٺي هئي. جراثيم کان پاڪ هوا کائڻ وارا انگلينڊ جي گهٽيل فضا ۾ رهي نه سگهيا. خاص ڪري پوڙها ته اگها ٿي پيا ۽ هر قسم جي وائرس ۽ جراثيمن مٿن حملو ڪيو. ڏهه ٻارهن سالَ ڏکيا سکيا گهارڻ بعد هنن واپس وڃڻ جون وايون شروع ڪيون. آخر ڪار موٽي پنهنجي ماڳ آيا پر سڄي زندگيءَ جو تاڃي پيٽو کين بدليل نظر آيو. گهر ته وري نئين سنئينءَ جوڙيا ويا. بندرگاهه جي چوڌاري سمنڊ جي ڇولين جو زور ڀڃڻ لاءِ بچاءُ بند ٺاهيو ويو. ڍور ڍڳا ۽ رڍون وري گهرايون ويون ۽ پوڙها ماڻهو، هن ٻيٽ جي پُر سڪون فـضا جا هريل ۽ تازي هوا کائڻ جا عادي، هڪ دفعو وري بيحد خوش ٿي رهڻ لڳا. پر نوجوان طبقي تي انگلينڊ ۾ گهاريل ڏينهن جو چڱو اونهو اثر ويٺو. هو انگلينڊ جي فش ۽ چپس کي سارڻ لڳا. آئيس ڪريم ۽ هئم برگر لاءِ سندن من ماندو ٿيڻ لڳو. ٽيليويزن ۽ ڊسڪو کي ياد ڪرڻ لڳا. ان ڪري ڪيترا نوجوان هن هيڪلي ٻيٽ کي هميشه لاءِ الوداع چئي انگلينڊ هليا ويا باقي ماڻهو هن ٻيٽ تي ئي رهيا. انهن کي پنهنجي گرجا گهر ۽ ڪِتابن سان پڻ لڳاءُ ۽ دلچسپي آهي. هن هيڪلي ۽ الڳ ٿلڳ ٻيٽ تي هنن لاءِ هڪ پنهنجي قسمَ جي خوش ڀاش زندگي آهي چاهي کڻي هو سڄي دنيا کان دور پاش آهي.


    ٻڌ بکشو ۽ سک قانون کان آجا

    رفتار ۾ ويندڙ موٽر سائيڪل جڏهن به ڪنهن ٻي سواري، عمارت، وڻ ٿنڀي سان ٽڪرائي ٿي ته سندس سوار اڇلجيو مٿي ڀر وڃيو پٽ تي ڪري. ٻانهن ٽنگ ڀڄڻ ڪري ته ماڻهو بچي سگهي ٿو پر مٿي جو اونهو زخم ماڻهوءَ کي جي اُڦٽ ماري نٿو ته کاري ته ضرور ٿو ـــ پوءِ ڪيترا چريا ٿيو پون، يادگيرو وساريو ويهن يا چرڻ پرڻ کان وهيو وڃن. انهيءَ ڪري دنيا جي سڀني سڌريل ملڪن ۾ موٽر سائيڪل سوار لاءِ حفاظتي ٽوپلو (Helmet) پائڻ ضروري ڪيو ويو آهي. هن پاسي ملائيشيا، سنگاپور، ٿائلينڊ ڏي پڻ اهو قانون ۽ ان تي سختيءَ سان عمل ٿئي ٿو. نه پائيندڙ کان، ٿائلينڊ ۾ اتي جو اتي پنج سؤ باٿ (اڍائي سؤ روپيا) ڏنڊ ورتو وڃي ٿو. ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ ته اڃا به گهڻو ڏند ورتو وڃي ٿو.
    موٽر سائيڪل هلائڻ وقت ٽوپلو پائڻ جو اهو قانون جيتوڻيڪ سڀني کي پسند آهي پر هن پاسي سکن ان ڳالهه تي سخت اعتراص ڪري ان قاعدي کان پاڻ کي آجو ڪري ڇڏيو آهي. ڇو جو هن لاءِ پنهنجن وارن جون ڊگهيون چڳون لڪائڻ لاءِ هر وقت پٽڪو ٻڌڻ ضروري آهي. انگلينڊ ۾ جڏهن سولجرن لاءِ فوجي ٽوپي پائڻ ضروري ڪئي وئي ته ات به سک سپاهين ان کان انڪار ڪري ڇڏيو ته هو پنهنجو پٽڪو ڪنهن پر به نه لاهيندا. نيٺ حڪومت اهڙو قانون جاري ڪيو جنهن هيٺ انگلينڊ جي سک سپاهين کي فوجي ٽوپي پائڻ کان معاف رکيو ويو.
    ساڳيءَ طرح هن پاسي جي ملڪن ۾ پڻ شروع کان سکن کي موٽر سائيڪل هلائڻ وقت لوهي ٽوپلي بدران پنهنجو روايتي پٽڪو ٻڌڻ جي اجازت ڏني ويئي، سواءِ هڪ ملڪ ٿائلنڊ جي. پر اڄ جي اخبار موجب اتي جي سينٽرل ٽرئفڪ پوليس ڊويزن جي ڪمانڊر ميجر جنرل ونيت چارنسريءَ پڻ بئنڪاڪ ۾ اعلان ڪيو آهي ته هاڻ بئنڪاڪ ۾ سک ۽ ٻڌ بکشو بنا لوهي ٽوپلي جي موٽر سائيڪل هلائي سگهن ٿا.
    ٿائلنڊ جو سرڪاري مذهب ٻڌ ڌرم آهي. ٻڌ ڌرم جا ٻاوا مٿي تي ڪا به شيءِ نه رکندا آهن. رومال ٽوپي ته ڇا پر وارن جو هجڻ به گناهه سمجھن. ان ڪري هر ٻڌ بکشو ٺوڙ ڪرائي گيڙو ڪپڙن ۾ گهمندو نـظر اچي ٿو. انهن ٻنهي مذهبن جي ماڻهن کي آنڌ مانڌ هئي ته کين ڪنهن طرح لوهي ٽوپلي پائڻ کان آجو رکيو وڃي جيتوڻيڪ لوهي ٽوپلو پائڻ تمام ضروري شيءِ آهي ۽ حادثي وقت مٿي جو وڏو بچاءُ ٿئي ٿو. هاڻ ان اعلان بعد ٻئي ڌريون پڪ خوش ٿيون هونديون.
    سکن کي ته وري به ڪو گهڻو نقصان ناهي جو حادثي مهل هڪ ته وارن جي ڳنڍ گاديلي جو ڪم ڏئي ٿي ۽ مٿان وري پٽڪي جا ٿلها تهه اسپنج وانگر لڳندا هوندن پر ويچارن ٻڌ بکشئون جي مٿي کي بچائڻ لاءِ نه پٽڪي جو آسرو آهي ۽ نه وري وارن جو ۽ بئنڪاڪ ته اهڙو ڳتيل شهر آهي جنهن ۾ هر وقت جئم ٿيل ٽرئفڪ ۾ فقط موٽر سائيڪل ئي هڪ اهڙي سواري آهي جيڪا سولي، سستي ۽ تيز رفتار سمجھي وڃي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته حادثا به هن سواريءَ جا گهڻا ٿين ٿا.


    ڪبوتر جي ڊوڙ جو نتيجو

    ڏکڻ اوڀر جي هن پاسي وارن ملڪن ۾ ماڻهن جي باڪسنگ، فري اسٽائيل ويڙهه ۽ ڊوڙ کان علاوه جانورن ۽ پکين جي لڙائين ۽ ڊوڙن جا پڻ مقابلا ٿين ٿا. مثال طور ڪڪڙن جي ويڙهه، تڏين جي ويڙهه، ڪمين جي ڊوڙ، گهوڙن ۽ ڪُتن جي ڊوڙ وغيره وغيره.
    ڪجهه هفتا اڳ تائيوان ۾ ڪبوترن جي اُڏام جو مقابلو ٿيو جيڪو هڪ ٻه سال اڳ به وڏي ڪاميابيءَ سان ٿيو هو. هن ۾ نه فقط ڪبوتر جي مالڪن کي انعامون ڏيون ويون پر ڏسندڙن به پاڻ ۾ شرطون رکيون ۽ لکن جي ڏيتي ليتي هلي.
    هن سال انهن ئي ڏينهن ۾ اُتي هجڻ ڪري اسان به تيار ٿي ڪبوترن جو مقابلو ڏسڻ وياسين. گذريل سال وانگر هن سال پڻ تائيچنگ شـهر کان ڪبوترن کي اُڏامي ٻه سؤ ڪلوميٽر پري تائيپي شـهر پهچڻو هو. اُڏام ۾ حصو وٺندڙ ٻن هزار ڪبوترن کي سندن مالڪ، مقرر وقت ۽ هنڌ تي وٺي آيا ۽ سيٽيءَ جي آواز تي سڀ پڃرا کوليا ويا. پوءِ هوڏانهن ٻئي شهر، تائيپي ۾ سندن پهچڻ جو انتظار شروع ٿي ويو. پر افسوس جو اتي فقط ڪاريءَ وارا ڪک نظر آيا. آسمان تي رڳو سرڻيون ئي اُڏامنديون رهيون جن کي ڏسي ڏسي ڪنڌ ۾ سور پئجي ويو پر نه قاصد آيو نه ڪبوتر. اسين ڏسڻ وارا ته سگهوئي موٽي اچي گهران نڪتاسين. پر ڪبوترن جا مالڪ ۽ شرطون لڳائيندڙ همراهه رات جو دير دير تائين انتظار ڪندا رهيا ته من سندن مهانگا ڪبوتر موٽي اچن جيڪي ٽائيچنگ مان ته سڌو تائيپي ڏي اُڏامي رهيا هئا.
    بهرحال ٻئي ڏينهن اخبار ۾ هن عنوان هيٺ خبر پڙهيسين ”مقابلي ۾ حصو وٺندڙ ڪبوترن جو انت چلهه تي چڏڙهيل ديڳڙن ۾ ٿيو.“ پوليس ڪالهه وارن ڪبوترن جي مقابلي جي جاچَ پڙتالَ ڪري رهي آهي، جنهن ۾ ٻن هزارن کان مٿي ڪبوترن حصو ورتو. پر انهن مان فقط پنج ڪبوتر موٽيا. باقي مختلف مڪاني هوٽلن ۾ کاڌي جي دستر خوانن تي کارايا ويا. مقابلو ڪرائڻ وارن همراهن اخبار جي نمائندن کي ٻڌايو ته موسم خراب هجڻ ڪري ڪبوتر صحيح جاءِ تي واپس پهچي نه سگهيا. جيتوڻيڪ ڪبوترن جي مالڪن جو اهو چوڻ آهي ته هن دفعي اڌ رستي تي تيار ويٺل غنڊن، ڪبوترن جي راهه ۾ وڏيون ڄاريون هڻي، کين ڦاسائي شهرق جي وڏين ننڍين هوٽلن ۾ اهي صحتمند ڪبوتر سٺي اگهه تي وڪڻي ڇڏيا. ۽ هوٽل وارن ان ئي وقت رڌي پچائي پنهنجن معزز گراهڪن کا کارائي قيمت وصول ڪري ڇڏي.
    ياد رهي ته تائيوان ۾ ڪبوتر جو ٻوڙ سٺن کاڌن مان هڪ سمجھيو وڃي ٿو.


    ڏيڏر حلال يا حرام؟

    ڪبوترن کان علاوه تريل ڏيڏر يا ڏيڏرن جي ٽنگن جو ٻوڙ هن پاسي مشهور آهي. ڏيڏر لاءِ چيو وڃي ٿو ته بيحد لذيذ ٿئي ٿو جيڪو عام طرح مسلمان ته نٿا کائين جيتوڻيڪ ڪن جو اهو چوڻ آهي ته ڏيڏر پاڻيءَ ۾ رهي ٿو ۽ مڇيءَ وانگر کڻي حلال ناهي، پر گانگٽ ۽ کيکڙي وانگر مڪروهه چئي سگهجي ٿو، پر حرام هرگز ناهي.
    جيئن اسان وٽ ماڻهو ڪڪڙيون پالين تيئن هِتي ملائيشيا ۾ ماڻهو واپار لاءِ مڇيون ۽ گانگٽ پالين. ڀر واري ملڪ انڊونيشيا ۾ تيل جي ڪمائي گهٽ هجڻ ڪري اتي جا ماڻهو روزگار خاطر مڇين ۽ گانگٽن کان علاوه ڏيڏر پڻ پالين ٿا جن ۾ چڱي خاص ويجهه آهي ۽ حڪومت به ان لاءِ همٿ افزائي ڪري ٿي جو ان مان سٺو غير ملڪي ناڻو ڪمايو وڃي ٿو. هِتي پاڻيءَ جي ته کوٽَ آهي ڪانه. چوڌاري سمنڊ يا درياهه وهن پيا. سو هي ماڻهو ڪناري ڪناري ننڍين ٽونگن واري ڄاريءَ سان لوڙهو ٺاهي اندر ڏيڏرن جا ٻچا يا آنا ڇڏين. جيئن اهي سڄي سمنڊ ۾ ٽڙڻ پکڙن بدران لوهي ڄاريءَ اندر ئي پيا وڌن ويجھن. هنن کي کاڌي لاءِ پڻ ڪڪڙين جي ڏاري وانگر هٿرادو ٺهيل فيڊ (ڏارو) ڏنو وڃي ٿو.
    ڄاريءَ جو لوڙهو هجڻ ڪري نقصان پهچائڻ وارا کيکڙا يا گانگٽ يا ٻيون سامونڊي آفتون اندر اچي نٿيون سگهن. ڏيڏرن جي وڪري لاءِ سٺي مارڪيٽ هانگ ڪانگ ۽ جپان آهي يا وري يورپ ۽ آسٽريليا.
    ڪجهه ڏينهن اڳ انڊونيشيا جي ماڻهن ۾ اهو بحث اچي هليو ته ڏيڏر کائڻ، پالڻ ويندي وڪڻڻ حرام آهي ۽ اسلام اجازت نٿو ڏي ان ڪري ڪيترن ته ڏيڏرن کي پالڻ به ڇڏي ڏنو. حڪومت کي به اچي ڊپ لڳو ته هن مهانگائيءَ جي زماني ۾ گهر ويٺي جيڪي چڱا چڏار ڏوڪڙ غير ملڪي ناڻي جا پئي آيا سي ٿا هٿان وڃن. سو هڪدم اهو مسئلو ملڪ جي عالمن جي ڪائونسلر مجلس علماءَ انڊونيشيا (M.U.I) جي حوالي ڪيو جن ٻن ڏينهن جي بحث مباحثي بعد اها فتويٰ جاري ڪئي ته مسلمانن کي ڏيڏر جو گوشت کائڻ نه کپي. پر هو واپار ۽ وڪري خاطر ان کي پالي سگهن ٿا.
    جيتوڻيڪ ان فيصلي جي سڄي ڪاروائي بند ڪمرن ۾ هلي ۽ گهڻائيءَ اهو فيصلو ڏنو ته ڏيڏر کائڻ نه کپي پر ٻن ٽن عالمن اهو به خيال ڏيکاريو ته ڏيڏر جو گوشٽ حلال آهي. بهرحال حڪومت ۽ عوام ان فتويٰ بعد ڏاڍو خوش ٿيو ته غربت جي زماني ۾ هڪ سٺو روزگار قائم رهيو.


    دنيا جي ڊگهي سرنگهه

    منهنجي خيالَ ۾ 1974ع يا 1975ع جي ڳالهه آهي. اسان جو ڳوٺائي اشفاق ميمڻ ٽوڪيو کان هيڪدو پاڻيءَ واري جهاز رستي وڃي رهيو هو جِتي سندس جپاني ساهرا رهن ٿا. ٽوڪيو جي بندرگاهه ۾ سندس جهاز اسان جي جهازَ جي ڀر ۾ ئي هو سو لنگر کڄڻ تائين خبرون چارون ڪندو رهيو.
    ”باءِ روڊ هڪيدو ڇو نه ٿو وڃين؟“ پڇيومانس.
    ”اڇا تائين ته ناممڪن آهي. پر ٿي سگهي ٿو هڪ ڏينهن وڃي به سگهجي.“
    ”ڪيئن؟“ مون پڇيومانس.
    ”بس گذريل ڏهن سالن کان جپاني سمنڊ اندر سرنگهه کوٽي رهيا آهن. جيسين وڃي ٻئي ٻيٽ ڳنڍجن.“ هن ٻڌايو هو.
    ڪو زمانو هو جڏهن سڌو رستو ٺاهڻ لاءِ جبلن کي ٽڪي سرنگهون ٺاهيون وينديون هيون. پر اڄڪلهه دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سمنڊ اندر سرنگهون عام ٿينديون وڃن. جيئن هانگ ڪانگ ۽ ڪولون جي وچ ۾ سمنـڊ اندر سرنگهه ٺهيل آهي. ان کان اڳ ڪولون ۽ هانگ ڪانگ ماڻهو فقط فيرين (ٻيڙين) ذريعي ايندا ويندا هئا. پر پوءِ ايڏي اچ وڃ وڌي ويئي جو سرڪار سمنڊ جي هيٺان سرنگهه کوٽرائي هانگ ڪانگ ۽ ڪولون جي وچ شهر کان اچي ڪڍي جيئن ماڻهو سمنڊ جي ڪناري تي بيهي فقط فيرين جو انتظار ڪرڻ بدران ڪارين، بسن ۽ گاڏين ذريعي هانگ ڪانگ کان ڪولون ۽ ڪولون کان هانگ ڪانگ سفر ڪري سگهن.
    ڪولون کي هانگ ڪانگ سان پل ذريعي به ڳنڍي سگهيا ٿي، جيئن ملائيشيا جا شهر پينانگ ۽ بٽرورٿ ڳنڍيل آهن يا پاڻ وٽ دادو ۽ نوابشاهه ضلعو. پر هت اهو ڏکيو ڪم هو ڇو جو ڪولون کان هانگ ڪانگ تائين سمنڊ وارو حصو ٻه ٽي ميل کن ٿيندو ۽ ٻيو ته پل ٺاهڻ سان سڄي ٽرئفڪ وري سمنڊ جي ڪناري تي ڳهت ٿئي ها ۽ ٽين ڳالهه ته ايڏي ڊگهي پل ٺهڻ ڪري وڏا جهاز هيٺان لنگهي نه سگهن هئا جيئن ڄامشوري جي پل ٺهڻ بعد پاڻي جي آمدرفت ۾ رُنو پئجي ويو آهي.
    سمنـڊ اندر سرنگهه، سمنڊ جي تري کان پوءِ به گهڻو هيٺ مٽيءَ جي کوٽائي ڪري ٺاهي وڃي ٿي. هونءَ ته سمنـڊ اندر گاڏيون موٽرون هلائڻ لاءِ هڪ لوهي سلينڊر ٺاهي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪري سگهجي ٿو، جيئن اندر سمنڊ جو پاڻي گهڙي نه سگهي. پر ان کي مٿان لنگهندڙ جهاز نقصان رسائي سگهن ٿا. ان ڪري هي سرنگون سمنڊ جي تري کان پوءِ به ڪيترائي ميٽر هيٺ کوٽيون وڃن ٿيون، جنهن جو مدار سمنڊ جي تري واري مٽي تي رهي ٿو ۽ ان سرنگهه کي ڪناري وٽ آڻڻ بدران شهرن جي وچ تائين پهچايو وڃي ٿو، جيئن ماڻهن جي پيهه پيهان ڪناري وٽ نه ٿئي..... جِتي بندرگاهه جي ڪري اڳهين پاڻيءَ جي جهازن ۽ ٻيڙين جي رش رهي ٿي. اهو مثال ائين آهي جيئن سکر ۽ روهڙيءَ کي سرنگهه رستي ڳنڍڻ لاءِ سنڌو درياهه جي اندر سرنگهه کوٽي اتي جو اتي ڪناري وٽ ڪڍڻ بدران سرنگهه کي ڊگهو ڪري ٻنهي شهرن جي ريلوي اسٽيشن وٽان اچي ٻاهر ڪڍجي. ان ۾ کوٽائي تمام گهڻي ڪرڻي پوي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته درياهه يا سمنڊ جي ٽن چئن ميلن سان گڏ خشڪيءَ جا به ٽي چار ميل کوٽي سرنگهه کي ٻيڻو ڪرڻو پوي ٿو ۽ شهر جي جن جن گهرن هيٺان سرنگهه لنگهي ٿي انهن کي اطلاع ڪيو وڃي ٿو، متان ائين نه ٿئي ته هو گهڻ ماڙ گهر ٺهرائڻ لاءِ جيئن ئي بنياد اونها کوٽر ائين ته ڏسن ته هيٺان موٽر لاريون ۽ روهڙي ايڪسپريس پيئي لنگهي.
    اهوئي سبب آهي جو اڄڪلهه آمريڪا، جپان يا يورپ جي شهرن ۾ جيڪي سرنگهون يا زمين دوز گاڏين جا رستا ٺهن ٿا اهي ڪوشش ڪري عمارتن هيٺان لنگهائڻ بدران پڪن رستين هيٺان ئي لنگهائين ٿا ۽ نالا به هيٺين سرنگهن (Subways) تي اهي ئي رکيا وڃن ٿا جيڪي مٿين روڊن جا آهن.
    جيئن ڪرچيءَ ۾ جيڪڏهن گرو مندر کان ڪياماڙيءَ تائين زمين دوز رستو ٺاهجي ته سڀ کان بهتر اهو ٿيندو ته ايم اي جناح روڊ (بندر روڊ) جي هيٺان ئي هيٺان سرنگهه کوٽي رستو ٺاهجي. جيئن پاسن تي رمپا پلازا جهڙيون عمارتون ٺاهڻيون به پون ته هيٺ وهندڙ رستي کي نقصان نه رسندو. ساڳي وقت ان زمين دوز رستي تي ساڳيو نالو ايم اي جناح رکڻ سان هيٺ سفر ڪندڙ ماڻهن کي ڄاڻ رهندي ته هو ڪٿي آهن ۽ رستي تي بولٽن مارڪيٽ يا ٽاور وغيره جي اسٽاپَ تي لهي ڏاڪڻيون چڙهي مٿي اچي سگهن ٿا. جپان پاسي انڊر گرائونڊ (زمين دوز) هلندڙ گاڏين جو ڪجهه اهڙو نظام آهي. ڪن ڪن هنڌن تي هڪ زمين دوز رستي بدران ٻه ۽ ٽي به آهن. يعني بندر روڊ (ايم اي جناح روڊ) کان ڏهه فوٽ هيٺ هڪ رستو آهي هلندڙ ريل گاڏين لاءِ يعني پئسينجر ٽرين لاءِ. ان بعد چاليهه فوٽ کن اڃا به هيٺ هڪ ٻيو رستو (مٿئين جي ئي سنوت ۾) تکين ريل گاڏين، ايڪسپريس ٽرين لاءِ. پوءِ جنهن کي جناح جي مزار کان رمپا پلازا يا بولٽن مارڪيٽ وڃڻو آهي اهي ويهه کن ڏاڪا هيٺ لهي پئسينجر ٽرين جھلي سگهن ٿا ۽ جن کي سڌو آخري اسٽاپ ڪياماڙيءَ تائين وڃڻو آهي سي پئسينجر ٽرين بدران، اڃا به هيٺ پنجاهه سٺ کن ڏاڪا لهي ايڪسپريس ٽرين ۾ سواري ڪري سگهن ٿا.
    انڊر گرائونڊ سسٽم سمجھائڻ لاءِ ڪراچيءَ جي رستن تي في الحال اهو خيالي پلاءُ پچايو اٿم. هونءَ ڪراچي شهر سطح سمنڊ کان تمام هيٺ آهي ۽ خبر ناهي اڳتي هلي ميونسپل ڪارپوريسن وارا اهڙو رستو ٺاهڻ چاهين ته ڪاميابب ٿي سگهندا يا نه، ان جو جواب سول انجنيئر ئي ڏيئي سگهن ٿا. ظاهري طرح ته ڪراچيءَ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ فوٽ کن زمين کوٽ ته هيٺان پاڻي نڪريو اچي.
    بهرحال اڄ جي اخبار ۾ هڪ ننڍڙي خبر پڙهي اڄ کان ڏهه سالَ اڳ جو اهو وقت ياد اچي ويو جڏهن اشفاق ميمڻ ٽوڪيو جي بندرگاهه تي هڪيدو وڃڻ لاءِ جهاز جي لنگر کڄڻ جو انتظار ڪري رهيو هو ۽ هڪ ڏينهن هيڪدو ڪار رستي (باءِ روڊ) وڃڻ جي اميد ظاهر ڪئي هئائين. اڄ جي اخبار ۾ هو ته هن مهيني (مارچ 1985ع) جي ڏهين تاريخ جپان جي ساءِ ڪان (Seikan) سرنگهه جي کوٽائي پوري ٿيندي.
    منهنجي خيالَ ۾ سائنس ۽ انجنيئرنگ جو اهو هڪ وڏو ڪارنامو ٿيندو ۽ بنا ڪنهن شڪ جي ساءِ ڪان سرنگهه دنيا جي وڏي ۾ وڏي سرنگهه ٿيندي. اشفاق جڏهن ان رات مونکي ٻڌايو ته گذريل ڏهن سالن کان ان تي کوٽائي هلي رهي آهي ته منهنجي دل ۾ جپانين لاءِ ان وقت خراب اثر ويٺو هو ته معمولي سرنگهه لاءِ ڏهه سالَ ٿي ويا اٿن. مون ٻنهي ٻيٽن جي وچ ۾ ايترو رستو ٿي سمجھيو جيترو ڪولون ۽ هانگ ڪانگ جي وچ ۾ يا سنگاپور ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ . پر پوءِ ان ئي رات جهاز جي چارٽ روم ۾ پهچي جپان جي سوگارو سمنڊ جو نقسو ڪڍي ڏٺو ته حيرت ۾ پئجي ويس ته هيڪدو ٻيٽ ۽ هونشو ٻيٽ (جنهن ۾ ٽوڪيو آهي)، جي وچ ۾ ڪو ميل ڏيڍ جو معمولي سمنڊ ناهي جنهن اندر سرنگهه ٺاهڻ چرچي جهڙي ڳالهه سمجھي وڃي پر اهو سامونڊي مفاصلو پورا پندرهن ميل (چويهه ڪلوميٽر) کن آهي.
    اڄ ٻين به ڏهاڪو سالن گذرڻ بعد اها سرنگهه وڃي مڪمل ٿي آهي جنهن جي ڪل ڊيگهه چوونجاهه ڪلوميٽر آهي. جنهن مان چوويهه ڪلوميٽر سوگارو ڳچي سمنڊ جا ٿيا ۽ ٽيهه ڪلوميٽر خشڪيءَ جا ڇو جو سمنڊ هيٺان کوٽيل دنيا جي هيءَ وڏي سرنگهه سائي ڪان ڪناري وٽ ختم ڪرڻ بدران سترهن ڪلوميٽر خشڪيءَ ۾ هلي پوءِ هڪيدو ٻيٽ جي مٿاڇري مان نڪري ٿي ۽ هوڏانهن هونشو ٻيٽَ تي ڪناري تائين پهچڻ بعد ٻيا به تيرهن ڪلوميٽر خشڪيءَ جا هلي پوءِ ٻاهر نڪري ٿي.
    هيءَ سرنگهه شڪل ۾ اڌ سلينڊر وانگر آهي، جنهن جي ويڪر ٻارهن ميٽر رکي وئي آهي ۽ اوچائي نَوَ ميٽر، يعني مسافر توڙي بار گاڏي هڪ ئي وقت لنگهي سگهي ٿي ۽ بار گاڏيءَ تي ڪارن ۽ ٽرڪن جهڙو اُڀو سامان پڻ رکي سگهجي ٿو. هيءَ سرنگهه جنهن جي کوٽائي 1964ع کان 1985ع تائين هلي آهي ۽ 1987ع تائين آمدرفت لاءِ کولي ويندي، ان تي خرچ جي تخميني لاءِ چيو وڃي ٿو ته ٽيهه بلين يعني (ٽي هزار ملين روپيا) ٿيندو. هن جي کوٽائي مان ڇهه ملين ڪيوبڪ ميٽر مٽي جيڪا نڪتي ان مان ڪجهه ته سيمنٽ سان ملائي واپس استعمال ڪئي ويئي ۽ باقيءَ سان سمنڊ جو وڏو حصو بند ڪري ان جي مٿان رهائش لاءِ زمين حاصل ڪئي ويئي آهي. هن سرنگهه ۾ جيڪو پوڻا ٻه ملين ٽن لوهه (رڪ) استعمال ٿيو آهي، ان مان پئرس جي ايفل ٽاور جهڙا ٻائيتاليهه ٽاور ٺهي سگهن ٿا.


    آمريڪا ۾ سواريءَ جو مسئلو

    نيويارڪ جي بندرگاهه بروڪلن ۾ پهتاسين ته اسان جي مڪاني آفيس وارن نصيحت ڪئي ته هي ڪارن (شيدين) جو علائقوآهي، سج لٿي کان پوءِ اڪيلا نه نڪرجو پر جي نڪرو ته به پيدل يا بس ۾ وڃڻ بدران ٽئڪسيءَ ۾ سواري ڪجو. جيڪڏهن ڪو شيدي ڦر لاءِ سامهون ٿئي ته مقابلو يا بحث بدران هڙ ۾ جيڪي ڪجهه هجي سندس حوالي ڪري ڇڏجو.
    بروڪلن ۾ انهن نصيحتن تي عمل ڪندي ڏينهن گذارياسين. ان بعد آمريڪا جي هڪ ٻئي بندرگاهه چارلسٽن ۾ آياسين ته ان جي آفيس وارن به اهائي نصيحت ڪئي. بروڪلن جو بندرگاهه ته وري به شهر کي ويجھو هو ۽ ٻه اڍائي ڊالر ٽئڪسيءَ واري کي ڏيئي پيا شهر ايندا ويندا هئاسين پر چارلسٽن جي بندرگاهه کان شهر ايترو پري هو جيترو پورٽ محمد بن قاسم کان صدر يا طارق روڊ. نتيجي ۾ اسان جهڙن جونيئرن مان پنهنجي خرچ تي ڪنهن به وڃڻ نٿي چاهيو. شهر کان اڳ، گهڻو اڳ هڪ وڏي سپر مارڪيٽ هئي جنهن ۾ هر شيءِ ملي ٿي. اوستائين ٽئڪسيءَ ۾ وڃڻ يا اچڻ ۾ فقط ڇهه ڊالر ڀاڙو آيو ٿي. اها ائين هئي ڄڻ پورٽ قاسم کان پپريءَ جو ڪو دڪان هٽ. سو اسان ٻه ٻه يا ٽي ٽي ٿي ٽئڪسيءَ ۾ شهر وڃڻ بدران ان سپر مارڪيٽ ۾ ويندا هئاسين ۽ اوٽ موٽ جو ڀاڙو پوءِ جهاز تي پهچي پاڻ ۾ حصا پتيون ڪندا هئاسين. ان ڪم يا ٻي ڏيتي ليتيءَ جي حِسابَ لاءِ عاشق ميمڻ کي اڳواڻ ڪيو هئوسين. هو به اسان وانگر ففٿ انجنيئر هو. کيس اسان ان ڪم لاءِ انچارج سندس قدبت يا مٿاهين رئنڪ ڏسي نه ڪيو هو پر حساب ڪِتاب ۾ ڀڙ هجڻ ڪري انچارج ڪيو هو. جيڪي ڪجهه اسانوٽ ٿورا گهڻا ڏوڪڙ هوندا هئا اهي هن وٽ ائين سوگها هوندا هئا ڄڻ سئٽزرلئنڊ جي بئنڪ لاڪرن ۾. هڪ دفعي ته بندرگاهه ڇڏڻ وقت ٻه ڊالر بچيا هئا تن کي به ٻن ٽن پوٽرين ۽ لفافن ۾ ويڙهي سيڙهي وهاڻي اندر لڪائي رکيا هئائين. خبر ناهي ڪنهن کان ڊپ هوس ته چوري ڪندو. اسان کان گهـٽ پگهار ته ٻئي ڪنهن جو نه هو. بهرحال پئسي جي حفاظت سان گڏ عاشق اهو به خيال رکندو هو ته ڪنهن شيديءَ جي ٽئڪسيءَ ۾ نه ويهجي. پر مجبوريءَ ۾ ٻي ڪا ٽئڪسي نه ملندي هئي ته پوءِ شيديءَ جي ٽئڪسيءَ ۾ ويهڻ کان اڳ ڀاڙي جو هن سان اڳواٽ ٻولائيندو هو جيئن منزل تي لهڻ وقت ڦڏو فساد يا کِٽ کِٽ نه ٿئي.
    اهڙي طرح ان بندرگاهه ۾ هڪ دفعي هڪ شيدي ڊرائيور جي ٽئڪسيءَ ۾ اُنَ سپر مارڪيٽ کان جهاز ڏي موٽياسين. ڊرائيور ڪو نئون هو يا ٻئي شهر جو، يا ٿورو گهڻو پيتل جو بندرگاهه جي ويجھو پهچڻ جي باوجود کيس بندرگاهه جو رستو ئي هٿ نه پئي آيو، جيتوڻيڪ ڪنهن پل يا مٿانهين رستي تان لنگهيو ٿي ته سامهون اسان وارو جهاز به پئي نظر آيو جنهن ڏي اشارو ڪري کيس ٻڌايوسين ٿي ۽ هن ساري! ساري! چئي ان طرف رُخ رکڻ جي ڪئي ٿي پر وري ساڳي ڪار! هڪ هاءِ وي تان لهيو وڃي ٻئي تي چڙهي ۽ پوءِ واپس عام رستن تي ورڻ لاءِ وڌيڪَ ٻه ٽي ميلَ ڪرڻا پئجي ويس ٿي. نيٺ مس مس اچي جهاز تي ڪڍيائين.
    ظاهر آهي گهڻي هلڻ ڪري ميٽر تي ڇهن ڊالرن بدران تيرهن ڊالر ٿي ويا هئا. پر ڀاڙي لاءِ عاشق کيسي مان فقط ڇهه ڊالر ڪڍيا جنهن لاءِ اڳواٽ ٻول ٿيل هئي.
    شيدي ڊرائيور ڇهه ڊالر ڏسي چوڻ لڳو: ”تيرهن ڊالر ڪڍو.“ اسان سان گڏ ٽيون راجا رفيق هو. شيدي ڊرائيور جو رنگ، هاٺي ۽ قد بت جو جائزو لڳائي اسان ته چپ ٿي پوين صفن ۾ بيهي رهياسين ۽ اڳيان بيٺل پيش امام عاشق کي آهستي تيرهن ڊالر ئي ڏيڻ لاءِ صلاحون ڏيڻ لڳاسين. پر عاشق جهڙو ماڻهو ”چمڙي وڃي پر دمڙي نه وڃي“ جهڙو قول ڳنڍ ۾ ٻڌي هلندو هو تنهن بحث ڪندي چيس:
    ”اسان هر روز ڇهه ڊالر ڏيئي ايندا ويندا آهيون ۽ پنڌ به ڇهن ڊالرن جيترو ئي آهي.“
    ”پر منهنجي ٽئڪسيءَ ۾ تيرهن ڊالر بل آيو آهي.“ ڊرائيور ضد ڪيو.
    ”ته پوءِ تون غلط رستن تان وٺي ڇو آئين؟“ عاشق وراڻيس.
    ”مڃان ٿو ته غلطي منهنجي آهي پر پليز گِوِ مِي ٿر ٽين ڊالرس.“ شيدي ڊرائيور اکيون ڏيکاريندي چيو.
    ”پر توسان رستي يا ميٽر جو نه پر ڇهن ڊالرن جو ٻولايو هئوسين.“
    ”اهو به صحيح آهي، پر گِوِ مِي ٿرٽين ڊالرس.“
    اسان جهاز جي ڀر ۾ ئي بيٺا هئاسين. شيديءَ جي دانهن تي ڪيترائي جهازي جهاز جي بل ورڪ ۽ گئنگ وي تي اچي گڏ ٿيا. سو اهو مڙيئي اسان کي ڏڍ هو ته پنهنجا ويجھا آهن ۽ ان ڏڍ تي ئي شايد عاشق به مڙيو نٿي. جيتوڻيڪ ڊرائيور کي ان ڳالهه جي پرواهه ئي نه پئي ٿي ۽ جيئن عاشق چيس ٿي ته کپنئي ته ”ڇهه ڊالر کڻ وڌيڪ نه ڏينداسين.“ تيئن ڏاڏي ڊرائيور ويسٽرن فلمن جي ولين وانگر خوفناڪ رڙ ڪري چيو ٿي:
    “Give me Thirteen Dollars”
    ٿوري دير ساڳين ڊائلاگن ۽ نظارن جو ائڪشن Replay ٿيندي ٿيندي اوچتو ئي اوچتو سين بدلجي وئي. ڊرائيور تي جهڙي کنوڻ ڪِري جو هڪدم پلٽو کائي، ولين واري ائڪٽنگ ختم ڪري پاڪستان فلمن جي هيروئن جي مظلوم پيءُ وانگر منٿ واري نموني سان بيحد نرمائي ۽ ڌيرج سان چوڻ لڳو: ”اوڪي! مئن ميڪ اٽ سيون.“
    ڊرائيور جي ان جملي تي عاشق کي پهرين ته يقين ئي نه آيو پر پوءِ هن جي وري ورجائڻ تي عاشق جھٽ پٽ ڇهه ڊالر سندس هٿ تي رکي زور سان چيس: ”کپنئي ته کڻ نه ته اسان وڃون پيا.“
    ڊرائيور نڪا ڪئي هم نڪا تم. ڇهه ڊالر کيسي ۾ وجھي روانو ٿي وي. ان ئي وقت مڙي کڻي ڏسون ته اسان جي پويان بندرگاهه جا ٻه پوليس وارا ويسٽرن فلمن جي هيرو وانگر، پستولن تي هٿ رکي پيا اچن. راجا رفيق چيو:
    ”آئون به چوان ته ڊرائيور کي اوچتو ڪهڙي نانگَ کاڌو جو تيرهن ڊالرن مان هڪدم ستن تي لهي آيو ۽ خوشيءَ مان ساڳيا ڇهه وٺي ويو.“
    * * *

    آمريڪا جي ڳالهه آهي ته هڪ دفعي عاشق ۽ آئون بيمار ٿي پياسين. بلڪه بيماريءَ جو بهانو ڪري آفيس جي ايجنٽ سان ٽئڪسيءَ ۾ چڙهي وچ شهر ۾ آياسين. ڊاڪٽر وٽ ڪجهه مريضَ اڳ جا ويٺل هئا سو ايجنٽ پاڻ هليو ويو ۽ اسان کي سمجھائي ويو ته جڏهن واندا ٿيون ته ٽئڪسي گهرائي جهاز تي پهچي وڃون. نرس کي پڻ چئي ڇڏيائين ته جيئن اسان واندا ٿيون ته هوءَ اسان کي ٽئڪسي گهرائي ڏي.
    اسان اسپتال مان واندا ٿي، پهرين شهر جو چڪر هڻي پوءِ نرس وٽ آياسين، جنهن ٽئڪسين جي آفيس ۾ فون ڪري اسان لاءِ ٽئڪسي گهرائي. ٽئڪسي ڊرائيور عورت هئي، پر شيدي عورت. يعني ڏسڻ ۾ چڱي خاصي ماڻهوءَ مار هئي پر وري به آمريڪا جي جھڳڙالو شيدي مردَ کان گهـٽ شيدي عورت ٿي. اسان جي ويهڻ مهل نرس ٻڌايو ته ڀاڙو اسان پاران اسان جي فلاڻي آمريڪن ڪمپني ڏيندي، جنهن جو سامان اسان پنهنجي جهازَ تي کڻڻ آيا هئاسين. پنهنجي خاطر جوئي ۽ وڏي ڳالهه ته حبشڻ ڊرائيورياڻيءَ کي پڪ ڪرائڻ لاءِ اسان هڪ دفعو رستي تي به کيس ٻڌايو ته ڀاڙو اسان کان نه پر ڪمپنيءَ کان ملندءِ. اسان کي ڊپ هو ته متان لهڻ وقت ڪو ڦڏو ڪري ۽ هيڏي فاصلي جا ويهه ٽيهه ڊالر ڀرڻا پون سو ان کان اڳ فيصلو ڪرڻ ٿي چاهيوسين ۽ جي هوءَ ڳالهه نٿي سمجھي ته اڳتي وڌڻ بدران اوستائين ٿيل ٽي چار ڊالر ڀاڙو ڏيئي لهي پوڻ بهتر هو.
    پر هن مولائڻ ڪو اعتراض نه ڪيو. ايف ايم ريڊيو تان ايندڙ ڳري ميوزيڪ وارن گانن تي سڄي واٽ ڪنڌ ۽ مٿيون ڌڙ ڌوڻيندي هلي. عاشق چيو” خوش آهي، يا شايد گونگي آهي. ڳالهائي نٿي سگهي.“
    آخر ڪلاڪ مني بعد بندرگاهه ۾ گهڙياسين ۽ ان بعد جيٽيءَ ڏي جِتي اسان جو جهاز لنگر انداز هو. جيٽيءَ جي شروعاتي ڪنڊ وٽ پبلڪ ٽيليفون هو جنهن کان هوءَ ڪا اڳهين واقف هئي جو پري کان ئي بريڪ هڻي پورو ان وٽ اچي بيٺي. اسان کيس ٻڌايو ته ٿورو اڳيان جهاز جي ڏاڪڻ وٽ هل. پر اسان جي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري پنهنجو ڪار بيلٽ کولڻ لڳي. عاشق چيو: ”ايترو به صحيح آهي. باقي ڪجهه پاڻهي هليا هلنداسين.“ ان تي اسان به پنهنجا بيلٽ ڍرا ڪري لهڻ لاءِ دروازو کوليو ته کلي نه. ڪار ۾ دروازو مڪينيڪل نه پر اليڪٽريڪل هو ۽ هئنڊل سان کلڻ بدران ڊرائيور وٽ لڳل سئچ کي دٻائڻ سان کليو ٿي. ڊرائيورياڻيءَ پنهنجو دروازو کوليو ته اسان اشارو ڪيس ته اسان جا دروازا به کول.
    هيترو وقت جيڪا گونگي ٿيو پئي هلي تنهن جواب ۾ اکيون ڦاڙي چيو: “Wait, Till I Confirm”، ترسو جيسين آئون پڪ ڪريان ته توهان جي ڪمپني ڀاڙو ڏيندي يا نه.“ ان بعد کيسي مان ڏهه سينٽ ڪڍي ٽيليفون ڪرڻ لڳي. تيسين اسان ٽيئي ڄڻا جيڪي ان وقت جهاز جا سڀ کان جونيئر آفيسر هئاسين، ميٽر ۾ ڏيکاريل ستاويهه ڊالرن کي ٽن سان ونڊ ڪرڻ لڳاسين جيڪو ڀاڙو تنهن زماني يعني 1968ع جي ماهياني پگهار چار سؤ روپين تي ملندڙ ٽيهه سيڪڙو فارين ايڪسچينج يعني فقط چوويهه ڊالر کان به گهڻو هو.
    آفيس ۾ ڪو صحيح دماغ وارو ماڻهو فون تي ملي ويس جو ان ئي گهڙي شيدياڻي فون واپس رکي موٽڻ لڳي. اسان جا دروازا هڪ ئي وقت کولي چيائين: اوڪي. يو ڪئن گو ـــ توهان وڃي سگهو ٿا. ڀاڙو توهان جي ڪمپني ڏيندي. باقي مهرباني ڪري فون جا ڏهه سينٽ ڏيندا وڃو، پليز.“
    * * *

    اهڙن تجربن بعد جڏهن آمريڪا جي ٽئين بندرگاهه بالٽيمور ۾ پهتاسين ۽ هڪ هنڌ گهڻي سامان وٺڻ ڪري ٽئڪسيءَ جي ضرورت پئي ته مُنجھي پياسين ته ڇا ڪرڻ کپي. نيٺ سامان وٽ راجا رفيق ۽ مون کي ويهاري عاشق مين روڊ تان ٽئڪسي آڻڻ لاءِ روانو ٿيو. هن جهڙيون ئي ٻه چار وکون کنيون ته رفيق رڙ ڪري چيس: ”اهڙي ڪا ٽئڪسي نه آڻجانءِ جنهن ۾ شيدي ڊرائيور هجي.“
    انهيءَ ئي گهڙي رفيق کي وري ڪو ٻيال خيال اچي ويو سو ساڳي ساهه ۾ رڙ ڪري چيس: ”۽ ها. نه وري ڪا شيدياڻي هجي.“
    * * *

    بالٽيمور بعد فلڊلفيا آياسين. اتي به جهاز وچ شهر کان تمام گهڻو پري بيٺو. هڪ ته جونيئر هجڻ ڪري انجڻ روم جو اسان لاءِ ڪم گهڻو هو. ٻيو پگهار ٿورو. ٽيون وري شهر گهمڻ جو شوق به پورو ڪرڻ چاهيوسين ٿي جو اهو سمجھيوسين ٿي ته جهازن جي پڪ نه ٿيندي آهي ته ٻئي سفر ۾ به ساڳي ملڪ ۽ بندرگاهه ۾ اچي.
    عاشق ميمڻ بقول سندس ملين ڊالر جي ڳالهه ٻڌائي ته ٻين ملڪن ۽ بندرگاهن وانگر فلڊلفيا ۾ به ضرور عيسائين جو ڪو ”سي مين ڪلب“ هوندو. جيڪي هعر وقت ان ڪوشش ۾ هوندا آهن ته بي گهر جهازين کي ريهي ريڀي ڪلب ۾ آڻجي جيئن ظاهري طرح ته هو وندر جون گهڙيون اتي مفت گذارين. رسالا ڪِتاب پڙهن، ٽي وي ڏسن، رانديون ڪن وغيره. پر اندروني طرح هنن کي عيسائيت جي ترغيب ڏجي.
    اسان اهو فيصلو ڪيو ته جي سي مين ڪلب طرفان بس آئي ته ٽئڪسيءَ جو ڀاڙو بچائڻ خاطر ان ڪلب هلي، ٿوري دير ويهي پوءِ شهر جي چڪر تي کسڪي وڃبو ۽ ٻڌايل وقت تي موٽي واپسيءَ جي بس ۾ جهاز تي هليو اچبو. ڪلب وارن کي اهڙي بس موڪلڻ لاءِ فون ڪيوسين ته انچارج چيو: ”بس خراب ٿيل آهي. باقي ٿوري دير بعد ڪار موڪليون ٿا پر ان ۾ فقط چئن ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش آهي. وڌيڪَ نه.“
    اسان هئاسين ئي ٽي ڄڻا، سو کين پڪ ڏنيسين ته هو بي فڪر ٿين وڌيڪَ ويهي ڪار جو چالان نه ڪرائينداسين ۽ پوءِ کيسي ۾ هٿ وجھي وڏن رئيسن وانگر شوفر ڊرون، مفت جي، بلڪ خيراتي ڪار و انتظار ڪرڻ لڳاسين. ٿوري دير بعد جهاز جو ٿلهو ريڊيو آفيسر عبدالحئي صاحب جهاز جي ڏاڪڻ لهندو ڏٺوسين. کيس پاڻ ڏي سڏي وڏي آڪڙ مان چيوسين: ”عبدالحئي صاحب! شهر ڪونه ٿا وڃو؟“
    ”بلڪل وڃڻ چاهيان ٿو. پر خبر ناهي بس اسٽاپ ڪٿي آهي.“
    ”فڪر نه ڪر، توهان کي ڪار ۾ وٺي ٿا هلون.“ اسان ٽرڙپائي ڪندي ٻٽاڪ هنئي، ”بس ڪار اجھا آئي ڪا آئي.“
    عبدالحئي صاحب جيڪو اسان کان عمر، سامونڊي نوڪري ۽ پگهار ۾ گهڻو مٿي هو سو اسان جي ڳالهه تي اڌ شڪ اڌ پڪ جي حالت ۾ بيهي رهيو. عبدالحئي صاحب جا اسان مڙني تي ٿورا ٿيل هئا سو اڄ ڪجهه ٿورا لاهڻ جو سٺو موقعو هو. نقصان اسان کي به نه هو جو عبدالحئي نه اچي ها ته هڪ سيٽ هونءَ ئي خالي وڃي ها. سيٽون پوريون هجن ها ته پوءِ کيس صلاح هرگز نه ڪريون ٿا.
    جيڪو وقت سي مين ڪلب وارن ٻڌايو ان ۾ هاڻ ڪي ٻه ٽي منٽ وڃي بچيا هئا ته اتي ڏسون ته جهاز جو ڪرسچن ڊيڪ آفيسر مائيڪل پيو اچي. مائيڪل کي ڏسي اسان سڀ مُنجھي پياسين ته ڪجي سو ڪجي ڇا. ڄاڻ ته ڪار به آئي. چئن کان وڌيڪَ هڪ به نه کڻندي ۽ مائيڪل کي جي نٿا کڻن ته اهو ڪم به خراب جو اصل عيسائي جنهن لاءِ سي مين ڪلب آهي اهو پٺيان رهجي وڃي، باقي اسان رامجي وارا ٺڳ ٺهي ٺڪي ڪار ۾ روانا ٿيون.
    بهرحال ان بعد اسان سي مين ڪلب ۾ پهتاسني جِتان پوءِ شهر جا خوب چڪر هنياسين. پر اهو ياد نٿو اچي ته مائيڪل جو مسئلو ڪيئن حل ڪيو هئوسين. ان کي ارڙهن سال اچي ٿيا آهن. ويجھڙائيءَ ۾ عاشق ميمڻ سان ملاقات ٿيڻ تي کيس اهي ڏينهن ياد ڏياريم ته ڪيئن اصلي ڪرسچن کان وڌيڪَ وڏا پاڻ پادري ٿي ڪرسچنن جي ڪلب ۾ پهتاسين. پر افسوس جو کيس به اهو ياد نه آيو ته مائيڪل کي ڪهڙي گولي ڏني هئسين. لڳي پيو ته ان وقت مينهن وسڻ ڪري ريڊيو آڦيسر ترسي پيو هو. يا شايد ڪار بدران وئن آئي هئي جنهن ۾ سڀ اتي پهچي ويا هئاسين يا ڪو ٻيو چڪر ٿيو جنهن ۾ لعل به لڌو هو ته پريت به رهجي آئي هئي.


    Not Born in U.S.A

    A

    دنيا جي سمنڊن جي گند ڪچري کان صاف رکڻ، جهازن کي حادثن کان محفوظ رکڻ ۽ جهازين جي تعليم ۽ امتحان جو معيار بلند کان بلند تر ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن طرفان آءِ ايم او (International Maritime Organization) نالي هڪ کاتو آهي. ان کاتي طرفان ايشيا جي مڙني ملڪن ۽ پئسفڪ سمنڊ جي سڀني ٻيٽن جي نمائندن جي گڏجاڻي 18 فيبروري 1986 تي ملاڪا (ملائيشيا) ۾ ٿي. ٻن هفتن لاءِ ايشيا جي ملڪن: ايران، پاڪستان، سريلنڪا ۽ برما کان چين، ٿائلنڊ ۽ ويٽنام ڪوريا تائين ۽ پئسفڪ سمنڊ جي انيڪ ننڍن وڏن، ويجھن ڏورانهن، ٻڌل اڻ ٻڌل ٻيٽن: پاپاءِ نيوگني، فجي، سولومن آئلينڊ کان ٽونگا، تووالو، وانوئاتو ۽ مارشل آئيلينڊس جي جهازراني ۽ جهاز سازيءَ جي کاتن جا همراهه هِتي اسان وٽ ملاڪا ۾ اچي گڏ ٿيا هئا. سندن اچڻ کان اڳ اسان ڌارين مان هر هڪ کي پنهنجي ملڪ جي نمائندي معلوم ڪرڻ جو انتظار هو ته ڪير ٿو اچي جنهن کان پنهنجي مُلڪَ جي خبر چار پڻ وٺجي.
    آخر I.M.O جي لنڊن آفيس مهمانن جي سڄي لسٽ ٽيليڪس ذّريعي ملاڪا موڪلي ته هي همراهه سيمينار ۾ حصو وٺي رهيا آهن.
    پاڪستان کان ايندڙ چيف انجنيئر عارف حسين نه فقط سڃاڻو نڪتو پر سندس واسطو ساڳي جهازران ڪمپني PNSC سان آهي جنهن طرفان ٽن سالن جي lien تي آئون هتي ملائيشيا ۾ نوڪريءَ لاءِ آيو آهيان. بنگلاديش واري خاني ۾ ڪئپٽن فضل الرحمان چوڌري جو ۽ مالديپ ٻيٽ واري ۾ مسٽر احمد شريف جو نالو هو جيڪي ٻئي پراڻا واقفڪار آهن. بنگلاديشي ڪئپٽن چوڌري 1963ع ۾ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ ڊيڪ ڪئڊٽ هو جِتي آئون ان وقت انجنيئرنگ ڪئڊٽ هوس. ان بعد هو پئن اسلامڪ شپنگ ڪمپنيءَ جي جهازن: سفينئه جمهوريت، سفينئه عرب ۽ سفينئه اسماعيل تي ڪيترائي سالَ رهيو. پوءِ بنگلاديش جي جهازن: بنگلار آسا، بنگلار مامتا، بنگلار غُراب، بنگلار مان وغيره جو ڪئپٽن ٿي رهيو. ان بعد سامونڊي نوڪري ڇڏي ڪناري جي نوڪريءَ لاءِ بنگلاديش جي وزارت جهازراني ۽ آمدرفت ۾ سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو جِتي اڃا تائين آهي ۽ ڍاڪا ۾ رهي ٿو.
    مسٽر احمد شريف جو واسطو پڻ جهازن سان آهي. پاڻ شروعاتي تعليم هندستان جي مئرين اڪيڊمي ڊفرن مان ورتائين (جيڪا هاڻ راجيندر سڏجي ٿي)، ان بعد پنهنجي ملڪَ جي مختلف جهازن تي نوڪري ڪري هاڻ ڪجهه سالن کان مالديپ ٻيٽن جي وزارت جهازراني ۾ ڪنهن وڏي عهدي تي آهي ۽ اڪثر هن قسم جي ڪانفرنسن، سيمينارن ۽ ميٽنگن ۾ ملندو رهي ٿو. مالديپ ملڪ دراصل انيڪ ننڍن وڏن ٻيٽن جو جھڳٽو آهي جيئن فلپين يا فجي آهي. مالديپ ڪو امير ملڪ ناهي پر تنهن هوندي به کيس ڪنهن زماني ۾ ڪافي جهاز هوندا هئا. گذريل چند سالن کان سامونڊي آمدرفت کي اهڙي نظر لڳي آهي جو ڏينهون ڏينهن پٺتي ٿيندي وڃي. بقول اسان جي هڪ سيڪنڊ انجنيئر وقار حسين جي ڪو زمانو هو جو مرچنٽ نيوي جا آفيسر پنهنجي شاهي ”شان ـــ مان“ مان سڃاتا ويندا هئا پر هاڻ هو مفلسي ۽ مسڪينيءَ مان. جهازرانيءَ جي ڪرندڙ حالتن جو اثر دنيا ۾ جِتي ڪٿي ٿيو آهي ۽ جِتي يورپ، جپان ۽ آمريڪا جون P & O ۽ سنڪو شپنگ لائين جهڙيون ڪمپنيون ئي ترپٽ ٿي ويون آهن اتي غريب ملڪن جو ڇا حال چئي سگهجي ٿو. نه ته 1970ع تائين عربي سمنڊ جي بندرگاهن: ڪراچي ۽ ڪولمبو کان بمبئي ۽ بصري تائين، مالديپ جي جھنڊي وارا جهاز چڱي اندازَ ۾ نظر ايندا هئا. هاڻ بقول احمد شريف جي جيڪو ايڪڙ ٻيڪڙ جهاز وڃي بچيو آهي اهو هن ڏکئي وقت ۾ فقط تيل جا پئسا پورا ڪرڻ لاءِ واجھائي رهيو آهي ته من ڪو ايترو ڪارگو (سامان) ملي وڃي جنهن جي ڀاڙي مان جهاز جي هلڻ جو تيل ۽ کيس زنگ لڳڻ کان بچائڻ لاءِ رنگ روغن جو خرچ پورو ٿي سگهي. وري به مالديپ جي اها خوش نصيبي آهي جو سندس جهازي عملو بيروزگار نه ٿيو آهي. بنگلاديش ۽ مالديپ ٻيٽن جا جهازي (خلاصي) بيحد چئيوان، غريب سڀاءُ، جسماني طرح ڪمزور هجڻ جي باوجود اڻ ورچ ۽ پورهيت، ٿوري ۾ خوش رهڻ وارا آهن. ان ڪري دنيا جي سوين غريب توڙي امير جهازران ڪمپنين ۾ توهان کي بنگالي ۽ مالديپي ملندا.
    ٻئي يا ٽئي ڏينهنَ شامَ جو ڪٿي ٻاهر هوٽل ۾ هلي ماني کائڻ لاءِ عارف حسين چيو. رستي تان بنگلاديش جي ڪئپٽن چوڌري ۽ مالديپ جي احمد شريف کي پڻ کنيوسين. چوڌري ننڍپڻ کان چرچائي آهي. هر وقت خوش رهڻ ڪري وڃيس ٿو ڏينهون ڏينهن ماس چڙهندو. پاڻ پراڻن ڏينهن ۽ ننڍپڻ جي ساٿين جا چرچا ٻڌائيندو رهيو.
    ”يار ٻڌو اٿئون ته فلاڻو همراهه جيڪو پاڻ کان سالَ کن جونيئر هو اڄڪلهه پاپاءِ نيو گني ملڪ جي ڪنهن نيول ڪاليج جو پرنسپال آهي؟“
    اسان پڇيس.
    ”ادا اهو هاڻ ڪٿي نه رهي سگهندو.“ چوڌرريءَ وڏو ٽهڪ ڏيندي ٻڌايو.
    ”ڇو ڀلا؟“ اسان وائڙو ٿي پڇيس.
    ”ابا هو جهاز جو چيف انجنيئر ٿيڻ بعد چٽاگانگ جي مئرين اڪيڊميءَ ۾ پرنسپال جي پوسٽ تي سکيو ستابو ويٺو هو. کڻينس ٿي کٽي جو هيڪاندو وڌيڪَ تعليم لاءِ انگلينڊ هليو ويو. اتان ايڪسٽرا چيف انجنيئر جي Qualification حاصل ڪري آيو. ان بعد پاڻ کي هيڪاندو وڏو سمجھڻ لڳو ۽ ايڏو وڏو سمجھڻ لڳو جو هنجي ملڪ جي هر ڪا ڪرسي کيس ننڍي محسوس ٿيڻ لڳي. اڄڪلهه حالتون اهڙيون ٿي ويون آهن جو جن ڪپتانن ۽ چيف انجنيئرن بين الاقوامي سمنڊ ۾ وڏا وڏا جهاز هلايا ٿي سي هينئر روزگار خاطر پنهنجي ملڪَ جي بندرگاهن ۾ ڊريزر ۽ ٽگ (ننڍا ٻيڙا) هلائڻ لاءِ به واجھائين پيا. اتي هن کي اهو ڪُڏ ته ”آئون ايڪسٽرا چيف انجنيئر جو ٿي آيو آهيان سو مونکي اڃا به وڏي نوڪري ۽ وڏو پگهار ملڻ کپي.“ آخر پنهنجو ملڪ بنگلاديش ڇڏي جپان جي هڪ وڏي جهازران ڪمپنيءَ جي جهاز تي وڃي چڙهيو. اتي به ساڳي کِٽ کِٽ ته آئون ايڪسٽرا چيف انجنيئر آهيان. مونکي اڃا به ڪجهه ملڻ کَپي. هڪ ڏينهن ان جهازران ڪمپنيءَ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سمجھائيندي چيس ته ”جهاز ان مان اڄڪلهه ڪمائي ٿئي ڪانه ٿي. روز روز نقصان جو ٻڌي مالڪ جو پيون هينئون ٻڏي ۽ هو ته چاهي ٿو ته وس پڄي ته جهاز جي آفيسرن کي مانيءَ جو ويلو به گهٽ ڏجي ۽ تون پيو ڳالهيون ڪري 1975ع کان اڳ جون جڏهن جهاز جي عملي کي واقعي سونن چمچن سان کارايو ويندو هو.“
    ”ابا هن جو ائين چوڻ ۽ اسان جو يار ان کي عزت جو سوال سمجھي، پاڻيءَ جو جهاز اتي ئي ڇڏي هڪ هوائي ڪمپنيءَ جي هوائي جهاز جي ايڪانامي ڪلاس جي ٽڪيٽ وٺي پئسينجر جي حيثيت سان ڍاڪا کان اچي نڪتو. ان بعد پاپاءِ نيو گني ويو برابر پر اتي به جھيڙا جهٽا ڪري موٽي آيو. نه ته اهو ملڪ تازو هاڻ آزاد ٿيو آهي. ڄمي پوي ها ته ٻين لاءِ به نوڪري حاصل ڪري سگهي ها. هاڻي خبر ناهي ڪٿي آهي. ”امي جاني نه. (مونکي ڪا خبر ناهي.)“ ڪئپٽن چوڌريءَ آخر جملو بنگاليءَ ۾ چيو.
    ”يار تون چيف انجنيئر افتخار کي سڃاڻين؟“ ڪئپٽن چوڌريءَ کان مون هڪ بنگالي دوست جو پڇيو، ”ساڻس ڪجهه فئملي پرابلم هو.“
    ”ها .ها. سمجھيم، سلهٽ وارو.“ چوڌريءَ چيو. ”هاڻ اهو ٻي زالَ سان خوش آهي، باقي توهان وارو ڪلاس ميٽ، فلاڻو ڪئپٽن جيئري دفن ڪرڻ جهڙو آهي، ٻن زالن کي طلاقون ڏيئي چڪو آهي ۽ هاڻ.“
    ”۽ هاڻ ڇا ٽينءَ سان شادي ڪرڻ چاهي ٿو؟“ عارف حسين سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪپيندي لقمو ڏنو.
    ”نه بابا نه. هاڻ چوي ٿو ته ٻيءَ کي ساڙڻ لاءِ وري پهرينءَ سان شادي ڪندس. رڳو سندس ٻيو مڙس کيس طلاق ڏيڻ لاءِ ڪنهن طرح راضي ٿئي.“
    پوءِ ٿوري دير ساهه پٽي اسان کان پڇيائين: ”يار توهان جي فلاڻي مولوي ريڊيو آفيسر ٻڌو اٿم ته آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ڇوريءَ سان ٻي شادي ڪئي آهي. مولويءَ جي اها ڳالهه ٻڌي مونکي ڏاڍو تعجب لڳو ته پهرين زالَ کي ست پڙدن ۾ ويهاري هاڻ پيريءَ ۾ هڪ ماڊرن سان شاديءَ جو خيال آيو اٿس.“
    ”نه يار. اهو هن تي اجايو بهتان آهي.“ عارف حسين ڳالهه سمجھائي، ”هن پاڻ نيڪيءَ جو ڪم ڪيو آهي. هڪ غريب بيواهه تي آفيس ۾ هرڪو الزامَ گهڙيندو وتندو هو. ان کي پناهه ڏيڻَ لاءِ هن شادي ڪئي آهي.“
    ڪئپٽن چوڌري روايتي قسم وارو ٽهڪ ڏنو. جڏهن هن کي زبانَ سان ”ڏاڍي ٻڌائي.“ نه چوڻو هوندو آهي ته ان وقت ان قسم جو ٽهڪ ڏيندو آهي. پوءِ رومالَ سان نرڙ تان پگهر اگهي چيو: ”ٺهيو. چئبو ته هاڻ ڏاڙهين تي به اعتبار نه رهيو.“
    ”ڀلا توهان واري ڪئپٽن وسطڙو جو ڪهڙو حال آهي؟“ چوڌري چيو.
    ”صحيح آهي. مالمو يونيورسٽي (سئيڊن) مان فِليٽ مئنيجمينٽ ۾ ايم ايس سي ڪري رهيو آهي.“ مون ٻڌايومانس.
    ”گذريل سال آئون هفتي لاءِ سئيڊن ۾ هوس. سندس يونيورسٽيءَ وارن سيمينار ڪيو هو ۽ اسان مهمان طور هئاسين. بشير وسطڙو سان اتي روز ملاقات ٿيندي هئي. آهي وڏو لاهه. هڪ ڏينهن چيائين: ”يونيورسٽي وارن جي روز دعوت ٿو کائين اڄ مون غريب وٽ هلي دال ماني کاءُ.“
    ”پاڪستاني برياني، پلاءُ، پلي مڇي، پڪوڙي ڪواب کي کاڌي سال ٿي ويا هئا. سو سئيڊ ميزبانن جي ست رڇي ڇڏي سخت سيءَ ۽ برفاني هوا ۾ ميل کن پنڌ ڪري هاسٽل ۾ وسطڙو جي ڪمري تي اچي ڏسان ته واقعي دال ماني رڌي آيو هو. چيومانس ”يار هي ڇا آهي؟ رڳو دال، ٻيو ڪجهه به ناهي.“ ته ماڳهين مون تي جلهه ڪري چوڻ لڳو: ”ڇا وري ڇا؟ مون ته اچڻ کان اڳ ئي ٻڌايو مانءِ ته دال ماني هلي کاء. سؤ رپئي ڪلو آهي هِتي دال به . سا به سئيدن ۾ ملي ڪانه ٿي. چيٽيءَ چنڊ، ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) ڪو ويندو آهي ته اتان گهرائيندو آهيان.“ چُپڙي ڪري ويهي کاڌم. سو اهڙا ماڻهو مون ڪٿي به نه ڏٺا جيڪي نه رڳو ”دال مانيءَ“ جي دعوت ڏين پر کارائين به دال ماني ئي. ۽ اهو ٻڌائڻ ته وسري ويم ته دال به رڌي ٺاهي نه آيو هو. اڌ گابري رڌي ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ هليو ويو هو. سو جيئن ڪمري ته پهتاسين ته ڏوئي هٿ ۾ ڏيئي چيائين ”پارٽنر! دل ۾ نه ڪرين ته دال گهماءِ ته آئون اٽو ڳوهي ماني پچايان.“
    ڪئپٽن چوڌريءَ جي ڳالهه ڪرڻ جو نمونو اهڙو آهي جو اُداس ماحول ۾ خوشيءَ جو وسڪارو ٿيو وڃي. ڏکويل ۽ غمگين ماحول ۾ ٽهڪڙا اچيو وڃن. شاگرد پائيءَ جي زماني کان وٺي دل ۾ درد هوندي به ٻين کي خوشيون ۽ کلڪا ڏيندو اچي. پر ڪڏهن ڪڏهن سندس ظاهر کل ۽ چرچي جي ڳالهه مان اندر جو ڏک ۽ غم پڻ ليئو پائي وٺندو آهي ۽ ڳالهه ٻڌائيندي هڪدم پاڻ به سنجيدو ٿي ويندو آهي. ان رات به ائين ٿيو.
    ڳالهيون ڪندو ايئرپورٽ تي ڪسٽم وارن جي چڪاس جي ڳالهه نڪتي. مون چيو ته هِتي ملائيشيا ۾ ڪسٽم وارا ڌارين کي ايترو تنگ نٿا ڪن.
    عارف حسين چيو: ”منهجي ته بئگ کولرايون.“
    تنهن تي ڪئپٽن چوڌريءَ چيو: ”ڪن جي چڪاس ڪن ٿا ڪن جي نه. منهنجي اڳيان ٽي چار گورا هئا تن جي سامان کي هٿ به نه لاٿائون. انهن بعد جڏهن آئون ڪسٽم ڪائونٽر تي پهتس ته ڪسٽم واري مون کان پڇيو ”ڪهڙڙي ملڪ جا آهيو؟“ وراڻيومانس ته بنگلاديش جو آهيان. يڪدم چيائين: ”بئگ کولڻي پوندئي“. بئگ کولي سندس اڳيان ريڙهي چيم: ”بلڪل جناب ڪيئن نه کوليندس.“ ۽ پوءِ آهستي ڀڻڪيس: “Not Born in U.S.A” (بس آمريڪا ۾ جو نه ڄائو آهيان.) ڪسٽم وارو ڪو سمجھو هو جو اهو ٻڌڻ سان منهنجا هٿ جھلي بئگ جو سامان ٻاهر ڪڍڻ کان روڪي، اتي جو اتي بند ڪري چاڪ جو نشان هنيو. ”آءِ ايم ساري. توکي بئگ کولڻ جي تڪليف ڏنم.“
    ”نقلي مرڪ چپن تي آڻي، واڇن کي ٽيڙي، ڏند ڪڍي زبان سان ”ٿئنڪ يو“ چيومانس. دل ۾ سوچيم ته تو هڪ ته کڻي منهنجو سامان نه ڦولهيو پر دنيا ۾ ڪيترا آهن جي اسان جهڙن ملڪن جي ماڻهن سان سٺو برتاءُ ڪن ٿا.“ ڪئپٽن چوڌري ٿڌو ساهه کڻي، خلائن ۾ گهوريندي چيو: ”بس يار هڪ غريب ملڪ جو باشندو ٿيڻ به ڪيترو ذهني عذاب آهي. توهان کڻي ڪيڏا به اهم آفيسر هجو، ايماندار هجو، نيڪ ۽ متقي هجو، سچار ۽ صحيح هجو، پر جيئن ته بنگلاديش جهڙي هڪ غريب ملڪ ۾ پيدا ٿيا آهيو، اتي ڄاوا نپنا آهيو ۽ توهان تي ان ملڪ جو ٺپو لڳل آهي، ان ڪري توهان جو چور هجڻ ممڪن آهي ۽ جيڪو تيڪو توهان جو پٽڪو لاهي سگهي ٿو ۽ هوڏانهن يورپ يا يو ايس اي جهڙن ڪنهن امير ملڪ جو ڪيڏو به چور ۽ ٺڳ هجي ته به عزت لائق آهي. خاص ڪري اسان جو ايشيائي ڪسٽم آفيسر ساڻس جھڪي جھڪي پيو ڳالهائيندو. متان سندس حڪومت يا سفارتخانو ناراض نه ٿي پوي.“
    ڪئپٽن چوڌريءَ جي ان ڳالهه بعد اسين سڀ چپ ٿي وياسين. شايد سڀني کي پنهنجا پراڻا سور ياد اچي ويا. نوڪريءَ دوران ڪيترن ڌارين ملڪن جي هوائي اڏن يا بندرگاهن تي اسان سڀني کي اهو تجربو ٿيو هوندو. پوليس، ڪسٽم، اميگريشن وارن واٽ ويندي سڏي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو هوندو. فقط ان ڪري جو اسان جو واسطو پاڪستان، هندستان، بنگلاديش يا برما جهڙي غريب ايشيائي يا آفريڪي ملڪ سان آهي. جنهن وٽ نه پيٽرول آهي نه پوليٽيڪل پاور ـــ جنهن سان ڪا گلوبل تبديلي اچي سگهي.


    فوٽو سيل ۽ ٻوڙ گرم ڪرڻ

    اڄڪلهه جا جهاز گهڻي ڀاڱي آٽوميٽڪ هجڻ ڪري انهن تي عملو گهٽ رکيو وڃي ٿو. ڪيترائي ڪم جيڪي هونءَ ماڻهن کي ڪرڻا پوندا هئا سي هاڻ مشينون ڪن ٿيون. مثال طور: انجڻ روم ۾ رات جو به هڪ يا ٻه انجنيئر چوڪيءَ لاءِ رهندا هئا ته متان ڪا انجڻ خراب ٿي پوي ته ٻيءَ کي هلائجي. ”تيل وارا“ همراهه انجڻين جو تيل پاڻي ڏسڻ کان علاوه ٿوري ٿوري دير بعد هيٺ مٿي ۽ ڪنڊن پاسن جي چڪاس ڪندا وتندا هئا ته ڪٿي باهه ته نه دکي رهي آهي. پر هاڻ اهڙا ڪيترائي هٿ جا، دماغ جا ۽ چوڪيداريءَ جا ڪم اليڪٽرانڪ جا پرزا ۽ ڪمپيوٽر ڪن ٿا. هڪ مشين خراب ٿيڻ تي پاڻهي ٻي اسٽارٽ ٿيو وڃي. باهه لڳڻ جو اطلاع ۽ وسائڻ جو بندوبست پاڻهي ٿيو وڃي.
    جپان مان ويجھڙائيءَ ۾ هڪ نئون نڪورو جهاز ورتوسين جيڪو چڱي حد تائين اهڙي قسم جو آٽوميٽڪ هو. نه فقط موسم جي ٿڌاڻ ۽ گرم هجڻ تي سندس ائرڪنڊيشنر ۽ هيٽر گهربل ٿڌ يا گرمائش مهيا ڪندا هئا پر رات جي وقت ڪيئي ڪَمَ پاڻهي ٿيندا رهندا هئا، جيڪي هونءَ عام جهازن تي انجنيئرن کي ڪرڻا پون ٿا. مثال طور هلندي هلندي ڪو جنريٽر خراب ٿي پوندو هو ته يڪدم ٻيو جنريٽر هلڻ شروع ٿي ويندو هه ۽ جهاز جي ڪنڊَ ڪڙچَ ۾ ان جنريٽر رستي اليڪٽرسـٽي جاري ٿي ويندي هئي. پر جيڪڏهن اهو ٻيو جنريٽر به ڪنهن خرابيءَ سبب خراب ٿيل هوندو هو ته ٽيون جنريٽر هلڻ شروع ٿي ويندو هو ۽ اهو جي خراب هوندو ته پوءِ آخري سهارو ايمرجنسي جنريٽر هلي ويندو هو. ان سان گڏ ڊيوٽي انجنيئر جي ڪمري ۾ خطري جو الارم وڄي ويندو هو ته اُٿي کڙو ٿي جنريٽرن جي خرابي هينئر ئي ٺيڪ ڪر. اهو الارم وڄندو رهندو آهي جيسين ڊيوٽي انجنيئر انجن روم ۾ نه پهچي. پر جي خدانخواسته ڊيوٽي انجنيئر سستي ڪئي ۽ جنريٽر ٺاهڻ لاءِ انجڻ روم ۾ نه پهتو ته پورن پنجن منٽن جي انتظار بعد چيف انجنيئر جي ڪمري ۾ خطري جو الارم وڄي ويندو آهي. معنيٰ انجڻيون ته صحيح نه اٿئي پر زيردست عملو به سست اٿئي.
    ان جهاز تي ان قسم جا ٻيا به ڪيترائي حِساب رکيل هئا. انهن مان هڪ باهه جي ڳولا جو سسٽم هو. باهه دکڻ سان پهرين دونهون نڪري ٿو، پوءِ آهستي آهستي روشني (ڄڀون) ۽ ان بعد گرمي (تپش) . اهي ڳالهيون ڌيان ۾ رکي اڄڪلهه جي جهازن جي ڪنـڊ ڪڙچ ۾ ڪجهه اليڪٽرانڪ جا پرزا (Detector - Heads) هنيا ويا آهن جن مان ڪي دونهين تي چرپر ۾ اچي الارم وڄائين ٿا ته ڪي باهه جي ڄڀن (شعلن) تي ته ڪي باهه جي تپش تي.
    جهاز جي قانون موجب باهه جي الارم تي هر هڪ جهازيءَ کي هڪ هنڌ گڏ ٿي، باهه لڳڻ واري هنڌ جي ڳولا ڪري باهه وسائڻي پوندي آهي. دونهين تي خطري جو الارم ڏيڻ وارو پرزو Smoke-Detector سڏجي ٿو جيڪو فوٽو سيل تي ڪم ڪري ٿو.
    فوٽو اليڪٽرڪ سيل جي ڪم جو دارو مدار روشني ۽ اوندهه تي آهي. بلب، ٽارچ يا سج جي ڪرڻن جي روشني جيسين فوٽو سيل تي پوي ٿي هو ماٺ ۾ رهي ٿو. پر جيئن ئي ٿوري لمحي لاءِ توهان ٽارچ بند ڪئي يا وچ ۾ آڏا ٿي بيٺائو ته فوٽو سيل سان ڳنڍيل اليڪٽرڪ ڪرنٽ چرپر ۾ اچيو وڃي. فوٽو سيل جي ان خاصيت ڪڪري اهو ڪيترن ئي ڪمن ۾ اچي ٿو. وڏن دڪانن ۽ آفيسن جا ٻاهران دروازا جيڪي پاڻهي پٽجن پورجن ٿا انهن جي پويان پڻ هن فوٽو سيل جو هٿ آهي. اهـڙن درن جي هڪ پاسي کان بلب يا ٽارچ جي نڪرندڙ روشني ٻئي پاسي فوٽو سيل تي پوندي رهي ٿي. جيئن ئي ڪو ماڻهو در جي ويجھو پهچي ٿو ته آڏ ڪري فوٽو سيل تي اوندهه ٿيو وڃي، جنهن ڪري اليڪٽرڪ ڪرنٽ چرپر ۾ اچي موٽر هلائي ٿو، جيڪا در کي کولي ٿي.
    آمريڪا ۽ آسٽريليا ۾ رڍن يا ڍڳين ٻڪرين جي وٿاڻن ۾ جِتي هزارين وهـٽ هڪ هڪ وٿاڻ ۾ رهن ٿا، در وٽ اهڙو فوـٽو سيل لڳل هوندو آهي. رڍ جي وٿاڻ ۾ گهڙڻ سان فوٽو سيل چرپر ۾ ايندو آهي. پر اتي سندس چرپر کان دروازو پٽڻ يا پورڻ جو ڪم وٺڻ بدران ڳڻن جو ڪم ورتو وڃي ٿو. جيترا دفعا فوٽو سيل تي آڏ (اونداهه) ٿي اوترا انگ ـــ معنيٰ اوتريون رڍون وٿاڻين آيون. نه ته روز روز ايتريون رڍون ڪير ڳڻي.
    ڪيترن هنڌن تي ته مالڪ آخري انگ ڏسڻ جي به تڪليف نه ڪندو آهي. مثال طور هن وٽ ست هزار رڍون اهن. اليڪٽرانڪ جو اهو حِساب ڪِتاب اهڙي طرح سان ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو ويندو اهي ته سج لٿي تائين جيڪڏهن فوٽو سيل ست هزار دفعا ائڪشن ۾ نه آيو ته الارم وڄي وڃي. معنيٰ اڃا ڪجهه رڍون کٽل آهن. مالڪ ۽ ڪم وارا گهرن مان نڪري انهن جي چراگاهن/ٻيلن ۾ ڳولا ڪن يا ٿاڻي تي چوريءَ جي رپورٽ لکائين جيئن چور جي هڪدم وٺ پڪڙ شروع ٿي وڃي.
    مالڪن سان گڏ چور به اهڙا سياڻا ۽ اليڪٽرانڪ جا ڄاڻو ٿي ويا آهن، جو هڪڙا ٻيلي مان رڍون چورائي ويندا آهن ته ٻيا سندن ساٿي وٿاڻ جي در وٽ فوٽو سيل اڳيان پاڻ ئي اويترا دفعا اچ وڃ ڪري کٽل انگ پورا ڪري ڇڏيندا آهن جيئن مالڪ آرام جي ننڊ ۾ ئي ستو پيو هجي ۽ چورايل مال وڃي درياءَ جي ٻي پار ٻي رياست جي سلاٽر هائوس (ڪوس گهر) کان نڪري.
    سو ان فوٽـو سيل کان باهه ڳولڻ جو ڪم پڻ وٺبو آهي. باهه دکڻ سان نڪرندڙ دونهون فوٽو سيل تي اوندهه ڪري ٿو ۽ سرڪٽ ۾ پيدا ٿيندڙ ڪرنٽ کان خطري جي الارم وڄائڻ جو ڪم وٺي سگهجي ٿو. جپان مان ورتل مٿئين جهاز ۾ ان قسم جا ڪيترائي Smoke Detectors پڻ هئا.
    جپانين کان ان جهاز جي چارج وٺڻ واري ڏينهن سڀني کي ڪافي ڪم ڪرڻو پيو. ات جي ماني به سڀني بيٺي پير کاڌي. يارهين بجي ڌاري واندا ٿي سڀ سمهڻ لاءِ وياسين جو صبح جو وري سوير چئين بجي ڌاري اُٿي جهاز کي ٽوڪيو جي بندرگاهه مان ڪڍي ڀر واري شهر يوڪوهاما جي بندرگاهه ۾ وٺي هلڻو هو.
    ستي اڃا اڌ ڪلاڪ به ڪو مس گذريو ته باهه کان وڄندڙ خطري جي الارم تي ننـڊ مان اُٿڻو پيو. ڪنٽرول روم مان ايتري خبر پئجي ويئي ته جهاز جي رهائش واري علائقي ۾ باهه لڳڻ ڪري هي الارم وڳو آهي، پر ڪهڙي هنڌ، ڪنهن جي ڪمري يا آفيس ۾. ڪهڙي گهـٽيءَ يا ڪنڊ پاسي ۾ ـــ اهو ڳولڻو هو. قانون موجب خطري جي گهنٽي وڄڻ سان جهاز جو سڄو عملو اچي گڏ ٿيو. هر هڪ پنهنجي ڪئبن جانچي، گهٽيون آفيسون ۽ اسٽور ڏٺا پر ڪٿي به باهه جا آثار نظر نه آيا. تيسين الارم به بند ٿي ويو. سڀني اهو سمجھيو ته پڪ False-Alaram (غلطيءَ ۾ وڳو) هوندو، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن ٿي ويندو آهي. ان بعد سڀ وري سمهي رهيا.
    پندرهن ويهه منٽ ڪي مس گذريا ته وري ساڳيو الارم وڳو ۽ ان بعد باهه ڳولڻ جي ساڳي ڊرل. پر حاصل ڪجهه نه ٿيو. وري سڀ موٽي ويا. منهنجو ۽ سيڪنڊ انجنيئر جو سک ڦـٽي پيو ته جيڪڏهن ڪٿي باهه لڳي رهي آهي ته به خطرو پنهنجي جاءِ تي آهي ۽ جي ڪوڙو الارم وڄي رهيو آهي ته به ان غلط سموڪ ڊٽيڪٽر کي صحيح لاءِ انجنيئرن جو ڪم آهي. ان لاءِ اسان ممڪن سببن تي ويچاري رهيا هئاسين ته ٽيون دفعو وري دونهين جو (يعني باهه) جو الارم لڳو.
    سيڪنڊ انجنيئر کي چيم ته اٿ ته هلي پاڻ هڪ هڪ ڪمرو جاچيون...... ڪجهه گڙ ٻڙ ضرور آهي.
    ٽارچ ۽ ماسٽر ڪي (هر ڪمري کي لڳندڙ هڪ استاد ڪنجي) پاڻ سان کڻي هڪ ڪنڊ کان شروع ٿياسين. گرائونڊ فلور تي قطار ۾ ٽي يا چوٿين ڪئبن ڊيڪ ٽوپاس (ڀنگيءَ) جي هئي. کوليون کڻي ته اسان سڀ وائڙا ٿي وياسين ته هي اقبال مسيح (ڀنگي) ڪري ڇا پيو. ڪو سگريـٽ سلفي دکائي اٿس يا ڪا ٻي شيءِ جنهن جو دونهون ٿيو آهي ۽ الارم به حق تي وڄي رهيو آهي. دونهون ڪمري ۾ رکيل ڪچري جي دڱٻي مان نڪري رهيو هو. اسان کي ڪمري ۾ گهرندڙ ڏسي يڪدم گلاس ڀري پاڻيءَ جا ڇنڊا ان تي هڻڻ لڳو. سيڪنڊ انجنيئر رڙ ڪري چيس:
    ”اڙي نڀاڳا هي ڪرين ڇا پيو؟“
    تعجب ۽ پريشانيءَ مان چوڻ لڳو: ”ڪجهه به نه. سڄو ڏينهن ڪم ۾ مشغول هجڻ ڪري ماني ڪانه کاڌي اٿم. سيءَ ڪري ٻوڙ ٺري ويو آهي. رڌڻي جي اليڪٽرڪ چلهه ٻارڻ نٿي اچيم، سو پنا ٻاري ٻوڙ ڪوسو پيو ڪريان.ل“
    ڪمري ۾ باهه ٻارڻ جي ڏوهه جي باوجود سندس معصوم منهن ڏسي کيس ڪجهه چوڻ بدران سڀني کي ساڻس همدردي ٿي. بورچيءَ ان ئي وقت رڌڻو کولي کيس ٻوڙ گرم ڪري ڏنو. اسان کي ان وقت ته کل نه آئي جو ٿڪ ۽ اوجاڳي کان حالت خراب هئي. پر پوءِ ٻن ٽن ڏينهن بعد جڏهن هر شيءِ نارمل ٿي ويئي ۽ جهاز آٽوميٽڪ پاڻهي لس ئي لس هلڻ لڳو ته پوءِ اها ڳالهه ياد ڪري ڏاڍو کليا هئاسين. هينئر به اهو نظارو اکين اڳيان ڦري رهيو آهي ته ڪيئن ڊيڪ ٽوپاس اقبال مسيح جپانين جا اڇلايل ڪاڳر ڪچري جي دٻي ۾ ٻاري برف جهڙو ٿڌو ٻوڙ لوهي مگ ۾ جھلي دونهين تي گرم ڪري رهيو هو. کيس ذري جي به ڄاڻَ نه ته هي سڄو ملاکڙو سندس ٻاريل باهه مان نڪرندڙ دونهون مچائي رهيو هو.


    نئون آيل ريڊيو آفيسر

    ۽ جهاز تي هڪ نئون ريڊيو آفيسر آيو هو، مسٽر فرخ. پهرين سفر ۾ هو اسسٽنٽ ريڊيو آفيسر جي پوسٽ تي رهيو جيئن هڪ پراڻي ريڊيو آفيسر سان گڏ رهي ڪم ۾ ڀڙ ٿي وڃي. پر فرخ صاحب کي ڪم سکڻ جو ڪو شوق ئي نه هو. چوندو هو جڏهن مٿي تي ايندو تڏهن ڏٺو ويندو. پراڻو ريڊيو آفيسر وري اهڙو شريف ماڻهو جو کيس ڪجهه چوندو ئي نه هو بلڪه سندس ڪم به پاڻ ڪري ڇڏيندو هو. نتيجي ۾ فرخ صاحب سمنڊ توڙي ڪناري تي واندو ئي واندو، بي اونو بي اوسيئڙو، وتندو هو گهمندو ڦرندو.
    آءٌ ان وقت سيڪنڊ انجنيئر هوس ۽ جهاز جو چيف آفيسر منهنجو دوست مظهر زيدي هو. ٻنهي جي ڊيوٽي هڪ ئي وقت هوندي هئي، يعني صبح جو به چئين کان اٺين تائين جهاز اسان کي هلائڻو پوندو هو ته شامَ جو به چئين کان اٺين تائين. ڊيوٽيءَ بعد فرخ وٽ اچي گشا پتا هڻدا هئاسين جيڪو هر وقت واندو ملندو هو. اُٿڻ جي ڪبي هئي ته چوندو هو: ”يار هينئر ئي ته نه وڃو. فون ڪيو اٿم. ڄاڻ اسٽيورڊ چانهه کڻي آيو. ڀلا هِتي ئي ٿو ٺاهي وٺان. بس پندرهن منٽ ٻيا.“
    الله جي ڏني مان روز نوان نوان ڪوڙ سچ ٻڌائيندو هو. ڏسڻ ۾ آلوٻالو، طبيعت ۾ غريب ۽ نهٺو پر استادين ۽ ٺڳين ۾ ڪو به کانئس کٽي نه سگهي. بندرگاهه ۾ سڄو ڏينهن رلندو هو ۽ پوءِ سمنـڊ تي ڪناري واريون خبرون سربستون ٻڌائيندو هو. چاهي آمريڪا يورپ يا ڏور اوڀر جو ڪو ”بي افعالو“ بندرگاهه هجي يا سوشلسٽ، ڪميونسـٽ يا عرب دنيا جو ”سخت مزاج“ ۽ ”خشڪ شهر“. ٿي نٿو سگهي ته فرخ صاحب ڪو قصو يا ڪهاڻي گهڙي نه ٻڌائي. پاڻ هڪ اخبار هو، بلڪه شامَ جي اخبار، جيڪا فقط ڏوهن ۽ پيار جي پرڻن ۽ ڀڄي ويل زالن جي خبرن سان ڀريل هجي.
    پاڻ ويندو به جِتي ڪـِٿي هو. هڪ هڪ چڪلي، هڪ هڪ شراب گهر ۽ سئنيما هال جو جائزو وٺي ايندو هو. لڳندو هو ته جهاز تي هو آيو ئي ڇوڪرين ۽ شراب لاءِ آهي. نمازون به ڏاڍيون پڙهندو هو، خاص ڪري خراب سمنـڊ تي. ڦيري، دل ڪچي ۽ Sea-Sickness به ڏاڍي ٿيندي هيس. موسم جي خرابيءَ ڪري جهاز ٿورو ئي لڏندو هو ته اسان جو هيرو هٿن مان نڪري ويندو هو. لاڦ هڻڻ ڇڏائي ويندي هيس. پوءِ رڳو گگ پئي ڳـڙندي هيس. توبانهن زارين جو ڦهڪو لڳائي ڏيندو هو سامونڊي نوڪريءَ وڏي عمر ۾ شاديءَ بعد آيو هو. ٻه ٽي ٻار به هئس. چوندو هو: ”نصيبن (گهر واريءَ) سامونڊ يوڪريءَ لاءِ ڇڏيو ئي ڪونه پئي. ايندي وقت ٻارن جي مٿي تي هٿ رکائي قسم کڻايو هئائين ته نه رنڊي وٽ ويندس ۽ نه شراب پيئندس. منهنجا مولا! بس هاڻ منهنجي سچيءَ دل سان توبانهن! بس فقط هڪ دفعو سمنڊ صحيح ڪري سلامتيءَ سان ڪراچي پهچاءِ.“
    ان وقت خبرون پڇندا هئاسين ته ستي ستي اٻڙاڪ ڏيندي چوندو هو: ”يار باهه ڏيو خبرن کي. پنهنجا آنڊا ٿا ٻاهر نڪرن، توهان کي لڳي آهي خبرن جي.“
    ”چڱو ڀلا چانهه ته اٿي پيار.“ اسان وڌيڪَ ڇِتو ڪرڻ لاءِ چانهه جي ڳالهه ڪڍندا هئاسين. سي سڪنيس ۾ چانهه يا ڪنهن مٺي شربت جو فقط سوچڻ سان به دل ڪچي ٿيندي آهي.
    ”يار جيڪو وڻنوَ سو کائو پيو.“ هٿ ٻڌي چوندو هو، ”پر هِتان کڻي وڃو، منهنجي اڳيان نه کائو، الٽيون ڪري ڪري صفا ساڻو ٿي پيو آهيان.“
    ”واهه سائين واهه. سمنڊ جي ٿوري ئي خراب ٿيڻ تي تنهنجي هيءَ حالت ته ٻي سفر ۾ اڪيلي سر ڊيوٽيءَ کي ڪيئن منهن ڏيندين؟“ اسان پڇندا هئاسين.
    * * *

    ۽ پوءِ ٻئي سفر ۾ هن لاءِ واقعي ٿيو به وڏو مسئلو. پهرين سفر بعد جهاز جڏهن ڪراچيءَ پهتو ته پراڻو ريڊيو آفيسر پروگرام موجب موڪل تي لهي ويو ۽ فرخ کي اڪيلي سر جهاز تي ريڊيو آفيسر جون ڊيوٽيون ڪرڻيون پيون. ڪم ته چڱيءَ طرح سکيو ئي نه هو ويترو بدقسمتي اهڙي جو پهريون وارو ڪئپٽن، جيڪو بيحد نرم دل هو، پڻ جهاز تان هليو ويو. نئون آيل ڪئپٽن عثمان صاحب به هو ته سٺو ماڻهو پر ڊيوٽيءَ جي معاملي ۾ تمام سخت ۽ ايماندار هو ۽ ۽ اهائي اسان جي يار ريڊيو آفيسر کي ڳالهه نٿي وڻي. ڪئپٽن عثمان هيڏي عمر جي باوجود نوڪريءَ جو هڪ هڪ منٽ ايمانداريءَ سان پورو ڪندو هو ۽ چاهيندو هو ته جهاز جا ٻيا آفيسر به ائين ڊيوٽي ڪن. سو ان ڪئپٽن کي فرخ جي نه سستي پسند آئي ۽ نه مڪرانين واري غلط سلط انگريزي.
    ريڊيو آفيسر کي جهاز تان نياپا موڪلڻ ۽ وٺڻ کان علاوه خط ۽ رپورٽون لکڻ ۽ ٽائيپ جو ڪم پڻ ڪرڻو پوندو آهي. فرخ صاحب خبر ناهي، ڪٿان مئٽرڪون ۽ انٽرون ڪري آيو هو جو ڪئپٽن جي نه انگريزي ڳالهه سمجھندو هو ۽ نه چڱيءَ طرح خط جو خاڪو ٽائيپ ڪري سگهندو هو. ڪئپٽن به هو پنهنجي طبيعت وارو سو ساڳيو ساڳيو خط چار چار دفعا ڦاڙائي وري نئين سر لکرائيندو هوس. جهاز ۽ بندرگاهن کان روزانو ايندڙ مختلف نياپن جي رپورٽ باقاعدي وٺي انهن جا جوڳا جواب موڪلڻ لاءِ ڊيوٽيءَ جو هڪ هڪ منٽ ڪرسيءَ تي ويهاري ڪم وٺندو هوس. اهي حال ڏسي اسان جو فرخ صاحب جلد ئي بي حال ٿي ويو. پر منهن وري اهڙو پڪو جو زيدي ۽ مون سان به اها ڳالهه نه ڪيائين ته ساڻس ڇا ويڌن ٿي رهي آهي يا ڪم ۾ ڪيترو چٽ ثابت ٿيو آهي. هونءَ سندس ڪمرو ۽ ڪئپٽن جي آفيس صاف ڪرڻ واري اسٽيورڊ کان ٿوري ٿوري خبر پيئي پئي ته همراهه سورن ۾ آهي پر وري سوچيوسين ته فرخ جهڙو استاد ماڻهو ڪٿي ٿو ائين وٺ ڏئي. پوءِ چڱي طرح خبر تڏهن پيئي جڏهن ڪئپٽن هڪ ڏينهن انجڻ روم ۾ فون ڪري مون کي سندس ڪمري ۾ سڏايو. ان وقت مشينريءَ جي ڪم ۾ رڌل هوس. سو چيومانس ته آئون ڪلاڪ ٻن بعد ٿو اچان.
    ”ضروري ۽ اهم ڪم آهي مهرباني ڪري هينئر جو هينئر هليو اچ.“ ڪئپٽن کي پهريون دفعو عاجزيءَ ۾ ڳالهائيندو ٻڌم.
    تيل ۽ گريز هاڻا هٿ ڪپهه سان اگهندو مٿي چڙهيس ته ڪئپٽن جي ڪئبن اڳيان مـظهر زيدي مليو جيڪو برج (ڪنٽرول روم) مان هيٺ لهي رهيو هو. کيس پڻ ڪئپٽن سڏايو هو. زيديءَ کان پڇيم.
    ”خير ته آهي؟“
    ”خبر ناهي. هل ته ڏسون.“
    ڪئپٽن جي ڪئبن ۾ گهڙياسين ته هو منهن ۾ سگريٽ وجھي پريشانيءَ جي حالت ۾ چويهه فوٽ دگهي ڪئبن تکيون تکيون ٻرانگون ڀري رهيو هو. اسان جي گهڙڻ سان يڪدم دروازو بند ڪري، ڀر ۾ ويهي راز واري اندازَ ۾ چيو” هڪ مسئلو ٿي پيو آهي. ان لاءِ مون توهان کي سڏايو آهي. توهان ٻئي ريڊيو آفيسر سان چڱا گهرا آهيو. هن ننڊ جون گوريون کائي شايد خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن وقت هو بيهوشيءَ جي حالت ۾ پنهنجي هنڌ تي پيو آهي.“
    هن قسم جي اوچتي خبر اسان تي به يڪ ٽڪ اثر ڪيو. پر هوش سنڀالي ڪئپٽن کان پڇيوسين:
    ”سائين! توهان کي ڪيئن خبر پيئي ته هن ننڊ جون گوريون کاڌيون آهن؟“
    ”سندس ڀر ۾ ننڊ جي گورين جي خالي شيشي پيئي هئي.“
    ”پر ڪهڙي خبر ته هڪ اڌ کائي ستو هجي ـــ گهاٽي ننڊ ڪارڻ”، اسان پنهنجو خيال ڏيکاريو.
    ”نه.“ ڪئپٽن پنهنجو دليل ڏنو، ”رات هن کي مون ٽي چار دفعا دڙڪا ڏنا هئا جو مون طرفان آفيس ڏي خط جو خاڪو صحيح طرح نه لکيو هئائين. ٿي سگهي ٿو چڙ ۾ اچي هن خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪئي هجي. مهرباني ڪري توهان کيس سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. مون ته ڏاڍي ڪوشش ڪئي آهي.“
    هن پراڻي ۽ سخت مزاج ڪئپٽن کي پهريون دفعو پريشان ٿيندي ۽ هيٺاهين وٺندو ڏسي جيترو تعجب مون کي لڳو ايترو زيدي کي به. ڇو جو ٻاهرنڪري اسان ٻنهي ساڳيو تبصرو ڪيو. ڪئپٽن تي کل به ڏاڍي آئي ته هاڻ ڦاٿو آهي ته اسان کي گهرايو اٿس. هونءَ ته ڪڏهن کنگيئي به ڪونه ٿو. ساڳئي وقت دعا گهريسين ته فرخ جيئرو رهي. پر آهي وڏو لاهه جو ٻيون سڀ ڳالهيون ٻڌائي ٿو پر پنهنجن دڙڪن کائڻ جون ڳالهيون سينسر ڪري ڇڏي.
    فرخ جي ڪمري ۾ پهتاسين ته ٻيڻو ٽيڻو ٿيو پيو هو. جنهن طرف پاسو ورايونس ته ان طرف وڃيو ڦڪو ڪري. سڏ، واڪا، هلڪيون ٿڦڙون، گاريون پر مجال آهي جو فرخ اک کولي يا ورندي ڏئي. ناڪامياب ٿي ٻاهر نڪتاسين. زيديءَ چيو: ”ڪئپٽن به ڪمال ٿو ڪري. اسان کي سڏائي سجاڳ ڪرائڻ جي ڪوشس پٺيان اجايو وقت ويٺو وڃائي. جهاز کي يڪدم موڙي ڪنهن ويجھي بندرگاهه ۾ ڇو نه ٿو هلي جيئن ڊاڪٽرن ۽ اسپتال جي مدد ورتي وڃي.“
    ڪئپٽن جي ڪئبن ۾ پهچي ساڻس ڪناري جي مدد جي ڳالهه ڪئيسين. هو تکي تکي واڪ ۾ مشغول رهيو. آخر واڪ ۽ سگريٽ ڇڪڻ تي بريڪ هڻي چيو ” اهو آئون به سمجھان ٿو پر توهان پليز ٿوري ڪوشس ڪريو. مون کي اڃا به لڳي ٿو ته هو مکر ڪري رهيو آهي. ٿي سگهي ٿو بيهوش نه هجي. ڇو جو مون جڏهن کيس ٻاهران تازي هوا کارائڻ لاءِ ڇڪي ڪڍيو ته درجي چائنٺ وٽ گسڪي هلڻ بدران لانگ ورائي ائين ٽپيو جيئن هوش مند ماڻهو ٽپي.“
    اهو ٻڌي اسان ٻنهي کي کل آئي ته هيڏانهن ڪئپٽن اسان کي گهرائڻ کان اڳ پاڻ به ڏاڍي ڪوشش ڪئي آهي ۽ جڏهن صفا ٿڪجي پيو آهي تڏهن سڏيو اٿس ۽ هوڏانهن فرخ جو به واقعي جواب ناهي. اسان سان سچي ڪرڻ لاءِ به تيار نه آهي. جي ڍونگ ڪيو اٿس ته ان ”لانگ ورائي چائنٺ ٽپڻ“ واري ”ٽيڪنيڪل ــ غلطي“ ڪري جھلجي پيو آهي.
    اسان وري فرخ جي ڪمري ۾ آياسين. هن دفعي مٿيان نسخا آزمائڻ بدران زيديءَ يڪدم چيو: ”الطاف کول ڪٻٽ ته فرخ جا لڪايل ڊالر پائونڊ ڪڍي اڌو اڌ ڪريون“ اهو ٻڌندي ئي هن اکيون کولي آهستي چيو:
    ”ٻيو ته ڪو ڪونهي.“
    ”ڪير ڪونهي. اٿي کڙوٿي.“
    ”ڪئپٽن به ناهي نه؟“ هن وي پڪ ڪئي.
    ”نه .نه.“
    اهو ٻڌي، ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ در کي اندران لاڪ ڪري پهرين پاڻيءَ جو گلاس يڪ ساهيءَ ۾ پي پوءِ ٽوال سان پگهر اگهيو. واقعي گوريون کاڌيون اٿئي ڇا؟“ اسان پڇيس. ”نه بابا ڇاجيون گوريون. ڪئپٽن اصل ڇتو ڪري ڇڏيو آهي، ٻيو ڪو گس نه ڏسي اهو بهانو ڪيم.“
    ڪئپٽن چيو پئي ته بنهه ڪم نٿو ڪرين. ڪراچي ڇڏي هفتو اچي ٿيو آهي. ڪو نياپو موڪلڻو پوي ٿو ته چوين ٿو ته ٽرانسميٽر خراب آهي ۽ موسم جي رپورٽ وٺڻ مهل چوين ٿو ته ريسيور خراب آهي.“
    فرخ پنهنجي اسٽائيل ۾ چپن هيٺ دٻيل مرڪ مرڪي چيو:
    ”ڇا ڪريان ڀلا.“
    فرخ جي اها ”ڇا ڪريان ڀلا؟“ اسان سڀني کي مهانگي پيئي. دبئيءَ ۾ هفتو کن رهڻ بعد جهاز ممباسا لاءِ روانو ٿيو جِتان پوءِ آمريڪا وٺي وڃڻو هو. ٻن ڏينهن بعد اچيو ٿو سخت طوفان جهاز کي ڪڏائي. طوفان کان پري ڀڄڻ بدران هر وقت اسان جو جهاز ان جي اک ۾. هر هڪ جي وات تي اهو ئي ته ههڙي سخت طوفان جو ڪئپٽن اطلاع ئي نه ڪيو ۽ نه وري جهاز کي پاسو ڪرايو. پر پوءِ خبر پيئي ته ڪئپٽن ڇا ڪري. هو ته اسان کان اڳ ريڊيوآفيسر تي دڙڪن جو هڪ دس لاهي ٿو ته ٻيو چاڙهي ٿو جنهن موسم جي صحيح رپورٽ وٺڻ بدران پنهنجي طرفان ڪوڙي ٺاهي ڪئپٽن کي ٻڌايو ته موسم بلڪل صحيح آهي ۽ دٻي رک. حالت اها آهي جو ٻارهن ڪلاڪ گذرڻ بعد به هو اڃا تائين وائرليس ذريعي معلوم نه پيو ڪري سگهي ته اها هوا جھڪ آهي، طوفان آهي، سائڪلون اهي ٽائيفون ۽ ان جو وچ ڪهڙي طرف وڌي رهيو آهي جيئن ان مڇريل سمنڊ ۽ طوفاني مينهن کان جهاز کي پاسو ڪرائجي. طوفان به وري اهڙو ڇتو ۽ ميلن ۾ پکڙيل جو سڄو ۽ ڏينهن رات گذري ويئي، پر ٺاپر نه ٿي.
    لڳاتار طوفان ۽ جهاز جي لوڏن انجڻ تي به اثر ڪيو ۽ انجڻ جو بريڪ ڊائون (حادثو) ٿي پيو. هڪ پسٽن جو هولڊنگ ڊائون بولٽ ڍرو ٿي ويو ۽ ڊايا فرام پليٽ ڦاڙي هيٺ ڪرئنڪ ڪيس ۾هليو ويو. وقت اندر ڊيوٽي انجنيئر انجڻ بند ڪري ڇڏي ان ڪري وڏي نقصانَ کان ته بچاءُ ٿي ويو پر هلڪي ڦلڪي مرمت تي به لڳاتار ٻارنهن ڪلاڪَ لڳي ويا پوءِ جهاز آهستي آهستي رفتار سان هلڻ جوڳو ٿيو. وڌيڪـَ مرمت لاءِ اهو فيصلو ڪيو ويو ته جيئن ممباسا (ڪينيا) ۾ ڪو سٺو شپ يارڊ ناهي ان ڪري جهاز کي واپس ڪراچيءَ ڏي موڙڻ ۾ وڌيڪَ عافيت ٿيندي. مفاصلي جي لحاظ کان به ڪراچي ممباسا کان ويجھو هو.
    ان بعد جهاز کي موڙيو ويو.
    ٻن اڍائي ڏينهن جي سفر بعد اچي ڪراچيءَ کان ٻاهر لنگر ڪيرايوسين.
    فرخ جي ته ڪا الله ٻڌي يا شايد ڪئپٽن جي. نه ته فرخ چواڻي سڄي سفر ڪرڻ بعد هڪ ته بلڊپريشر جو مريض ٿئي ئي ٿئي ها.
    فرخ کي چيوسين: ”يار هاڻ ته منهن تي مرڪَ آڻ، واپس وطن کان اچي نڪتو آهين. اجھا ته لانچ آئي يا اڃا به ڪئپٽن سان ڪو پلاند رهيل اٿئي؟“
    فرخ ٿورو مرڪي چيو: ”ان جي ۽ منهنجي حشر جي خبر سڀاڻ پوندي جڏهن ڪئپٽن گهران ٿي ايندو.“
    ”ڇو ڀلا؟“ اسان تجسس مان پڇيس.
    ”خبر اٿانو.“ فرخ چيو، ”دبئي ڇڏڻ وقت ڪئپٽن هڪ تار ڏني هئي ته سندس زال کي ڪراچيءَ موڪليان ته پاڻ ممباسا روانو ٿي رهيو آهي. هن جا اهم خط اوڏانهن موڪليا وڃن. اها تار مون سمنـڊ تان موڪلي ئي ڪانه هئي.“
    ”تهپاڻ سٺو. هاڻ ته واپس موٽي آياسين. ڪئپٽن ته پاڻ خوش ٿيندو ته چڱو جو اها تار نه ڪئي سندس خط هيڏانهن هوڏانهن رلڻ بدران گهر ئي ملندس.“
    ”اهو ته سڀ صحيح آهي پر مون کيس نه فقط اهو ٻڌايو ته تار موڪلي ڇڏي اٿم پر ان جو ڪوڙو بل ست پائونڊ ڏهه شلنگ ٺاهي. ڏنو هئو مانس جيڪو هن مارڪوني (تار ڪمپني) وارن جي نالي ادا به ڪري ڇڏيو.“
    اهو ٻڌي اسان پراڻن جهازين کي به ڏندين آڱريون اچي ويون. ڪو به حل سمجهه ۾ نه آيو. آخر ڪار زيديءَ کلي فرخ کي چيو: ”پيارا! ننڊ جون گوريون هجنئي ته هاڻ ڀلي کائي ڇڏ!“


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259638
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386666
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ