ڪتاب جو نالو: بخاريء جا قطعا
مصنف: استاد بخاري
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2008
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 15 نومبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 1327 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 1029 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
استاد بخاري جي شاعري خاص ڪري سندس قطعا هن ڪتاب ”بخاريء جا قطعا“ ۾ شامل آهن۔ مجازي عشق جي بهترين شاعريء سان گڏ قومي شاعريء ۾ به استاد جو هڪ پنهنجو نرالو انداز آهي۔
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • 11

  • ڪتاب بابت

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”بخاريء جا قطعا“ اوهان اڳيان پيش آهي، جنهن ۾ استاد بخاريءَ جا چونڊ قطعا شامل آهن۔ مجازي عشق جي بهترين شاعريء سان گڏ قومي شاعريء ۾ به استاد جو هڪ پنهنجو نرالو انداز آهي۔
    هن ڪتاب جي آڳوٽي ڪمپوزنگ شبانه ٽالپر ڪئي هئي۽ ڪتاب آنلائين سنڌ لائبرري پاران نيٽ تي اپلوڊ ڪيو ويو هو. ٿورائتا آهيون محمد بخش لغاريءَ جا جنهن ڪتاب کي هڪ دفعو وري ڪمپوز ڪري موڪليو آهي.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    1

    رات آئي قبر ٿي،
    ڏينهن ڏي نظرون کڻان،
    ڏينهن آيو حشَر ٿي _
    يــا الاهـــي، الامـان!

    جهل جي اونداهه کي،
    ڏينهن ٿي ڏسڻو پيو،
    ظـلم جـي آڙاهه کي،
    مينـهن ٿي مـلڻو پيو.

    روشـنيءَ جـي واسطـي،
    راهه تـي ٻهڪي ٻـرو،
    زندگـيءَ جـي واسـطي،
    دار تي ٽهڪـي مـرو.

    جي سـتمگـر آسـمـان،
    عزم پنهنجو عرش آهه،
    جي شفيـق ۽ مـهـربـان،
    ديد پنهنـجـي فرش آهه.


    جي ظلم ڪندڙ آهه، اهُو آ شيـطان،
    جو ظلمَ سهي ڪين ڪڇي سو حيوان
    جـو امـن ڏئي، امـن گهري، امَـن وٺي-
    هن دور جـو انـسان اهـو آ نـسان.

    آ عرش – نـشيـن، عرض اگهـائـي ڪـوئـي!
    آ اهـل - زمـين، ظـلم مٽـائي ڪـوئـي!
    ٻـي رب جـي مخـلوق کـي طـاقـت ناهـي،
    انـسان کـي انـسان مڃـائي ڪـوئـي.

    هـي هيڏا وڏا ڪـوٽ، ڊهـي ئـي پـونـدا،
    مـحلـن جا مٿيان چــوٽ، ڊهـي ئـي پـوندا،
    ڪنهن وقت به ڌرتي جو ڪو ڌوڏو کاڌو،
    گهورن تي چڙهيل گهوٽ، ڊهي ئـي پـونـدا،

    هـي جـهل جـو اندهه، لـهي ئـي وينـدو،
    هـي ظـلم جـو آڙاهه، ٺـري ئـي وينـدو.
    مـظلوم جـي آهـن جـو اثـر ٿيڻـو آهه،
    جـو جـوش ۾ ا، اچـي ئـي وينـدو،


    هـي ظـلم جـا زنـجير، ٽـٽي ئـي پـونـدا،
    ۽ بـاهه – ڀـريل تـيـر، گـسـي ئـي پـونـدا،
    پـرچاءُ ڪـندا مـون سـان ۽ تـوسان آخر،
    هـي بخـت هـي تـقدير، رُسـي ئـي پـونـدا،


    جي تنهنجي سـتم جـي به هي تمهيد آهي،
    مـون لاءِ بـه ڄـڻ ”دار“ وڏي عـيـد آهـي،
    اونـداهه جـي غفلـت جـو پکيڙيندين تـون،
    مون وٽ به عمل، عزم جو خورشيد آهي،

    جي جهنـگ ڪندو تنـگ ته ساڙي اچـبو،
    هـونـدو جـي بـيابـان تـه لـتاڙي اچـبـو،
    او مـنـزل – مقـصُود، هـي وعدو آهي –
    آيو جـي اڳـيان اڀ تـه بـه ڦـاڙي اچـبـو،

    اچـبـو تـه جـگـر شيـر جـو ڌاري اچـبـو،
    هـر ديـو ۽ راڪـاس کـي مـاري اچـبـو،
    او مـنـزل – مقـصود، هـي واعدو آهي –
    هـر حـال ۾ انجـام کـي پـاري، اچـبـو،

    طـارق ٿـي اڳـيان بـحـر اڪـاري اچـبـو،
    فـرهاد ٿـي ڪـهسار کـي ڏاري اچـبـو.
    جي سـجَ لـٿو، چَنڊ لڪو، ٿي اونـدهه،
    تـه بـه عـزم جـي آڙاهه کـي ٻـاري اچـبـو.


    هـا، مـاڪ سان گڏ نير وهــائي ڪوئــي،
    ۽ واءُ سـان گڏ ڌوڙ وُسـائـي ڪـوئـي،
    انسـانيـت آهي ڪٺي انسـانـن خـود،
    مـاتم مـلي فـطرت سـان مـچائي ڪوئي،

    هن دور ۾ ڪـهڙو رهيو حيوان جو ڊپ،
    ڪنهن جن، ملڪ ديو ۽ شيطان جو ڊپ،
    اللھ کـان انـسان نـه ٿـو پـيو لـرزي –
    انـسان کـي کائـي ويو انـسان جـو ڊپ.

    سڪرات ۾ ڪو ڪجهه ٿو گهري، آهي ڪو؟
    انصـاف جـو بـوتـو ٿـو ڀُـري، آهـي ڪو؟
    هـن هـيڏي جهـان، ٽـن اربـن ماڻـهن ۾ -
    انـسان کي انـسان ٿـو ڦري، آهي ڪو؟

    غيـرت جـو گـلو ڪو ٿو گهـُٽي، او پڄـجو!
    همـت جـو اجهـو دم ٿـو ٽـٽي، او پڄـجو!
    هي ”ڪوڪ“ ٻڌو ٿا ڪين ٻوڙا آهيو،
    انـسان کي انـسان ٿو لٽـي، او پڄـجو!

    جو ظـلـم ڪنـدڙ آهه، اهو آ شيـطان،
    جو ظلم سهي، ڪين ڪڇي سو حيوان.
    جو امـن ڏئـي، امـن گهـريُ، امـن وٺـي –
    هـن دور جـو انـسان اهـو آ انـسان.


    رنجـور کـي رنجـور بنـائـڻ ويـتر،
    مـسرور کـي مـسرور بنائـڻ ويـتر،
    هن دور جون رسمون ۽ رواج، الاهو!
    مـجبور کـي مجبـور بـنائڻ ويـتر.

    هـن دور جـي دلـين۾ محبـــت پوکيو!
    ڪلفت جا ڪڍي لاهه ۽ الفت پوکيو.
    نـفرت کي ڏئي باهه، صـفائـي ڪريو،
    رغبــت جو ڪري ريج، اخوت پوکيو.

    تـجديد جي ڀـاڪر ۾ شـرافت گهرجي!
    تهذيب جي جهوليءَ ۾ فضيلت گهرجي.
    نـئـين دور جو اهـڙو ته تـمدن ٺاهيـو،
    موزون مشـقـت کان پو فرحت گهرجي.

    لـيڊر جـي غـم – جنگ ۾ غلطان آهن،
    سـي خـضـر جـي تصـوير ۾ شيطان آهن.
    هـي جـسم – جـهان لاءِ شــفا ناهن پـر،
    نـاسـور، ڪنو ڪوڙهه ۽ سرطان آهن.

    سـامان – تـباهي تي ڪروڙين رقـمـون،
    خـرچن ٿـيون خوشيءَ ساڻ ڌڙا ڌڙ قومون.
    گـوليـن ۽ بـمـن لاءِ خـزانـا کـلـيل،
    ڪو ڏوهه ڪيو آهه فقط ”تو ۽ مون“


    عـيدن جـي پٺـيان تـاڪ ۾ ماتـم آهن،
    جـنـت جو کنـيو پيـر جـهنم آهي.
    ايـجاد جو چهرو ٿـو سـڄو چـمڪي پيو.
    هڪ داغ سندس نـرڙ تـي ”ايٽم“ آهي.


    قـارون ۽ شـداد اڃـا نـاهـن ڇـا؟
    مـجنون ۽ فـرهـاد اڃـا نـاهـن ڇـا؟
    هـي عـام خـيال آ ته بـشر سڌريـو آ،
    بـيـداد ۽ بـغداد، اڃـا نـاهـن ڇـا؟


    مضبـوط پـهان کـي لـڳـن ٿيـون پــيڙهون،
    ڪمزور ڪرِن کوڙ ڪکايون ڪنڌيون.
    ان دور جـون پـاڙون به اٿـوَ ٺـڪريءَ تـي،
    جـو دور سـِکيو آهه اهـي تـعمـيرون.


    تـقدير ڏيـڻ سـاٿ نه ٿـي پـئـي چـاهـي،
    تـدبـير به ظـاهـر ته بـچي ئـي نـاهـي.
    تـوڙي جـو اڳـيان بـاهه پـٺيان پـاڻـي آهه،
    پـر، واهه جـو ”امـيد“ به ڪا شـيءَ آهي!


    امـيـد جـي شـمعـن کـي جـلايون ويـٺا،
    پـروانا خـيـالن جـا پچـايــون ويــٺا.
    تـوڙي جو ڪـري تـيل ڏيـون ٿا رت کي،
    مـحفل ته بـهر حال مـچـايـون ويـٺا،


    گهمجن ٿيون گهٽيون کوڙ گناهن هاڻيون،
    ڪـنڊن مـان ثـوابـن کـي لـڀـي ٿـا آڻـيون.
    جـي سـچ ٿـا پـڇو سون جـي ذرڙيـن خـاطـر،
    ٿـي ”ڌوڙ – ڌيـان“ ڌوڙ اسـين ٿـا ڇـاڻيون.


    صد فخـر جـو آهيان مان اوهان جـو شـاعر،
    ماضـي جـو نه، هن وقـت – روان جو شـاعر،
    پـر ڪنڌ کـڻان، ٻـانهن هڻان ڪهڙي مان،
    مـجبور ۽ مـجبور زبــان جـو شـاعر.


    جـنهن دور ۾ انـصاف نه ٿيـندا آهـن،
    حـقـدار کـي ڪـو حـق نه ڏيـندا آهـن،
    ٻُـڌجـي ٿـو ته ان دور سـندا پـيءُ ۽ مـاءُ،
    اولاد به بـاغـي ئـي ڄـڻيـنـدا آهـن.


    بـي حـال کـي خـوشحـال ٻُـڌائـيـن ڇـو ٿـو؟
    انـڌيـــر کـي انـصاف سڏائـيـن ڇــو ٿـو؟
    تون زون جي رکندين ته ڪو چوندو به کڻي،
    پـر رات، چِٽـو ڏيـنهن چـوائـيـن ڇـو ٿـو؟


    افـسوس جـو ”هـم حـال“ اوهان سان ناهيان،
    ڪـا ڳـالهه نـه آ، مـان به ته انـسان آهيـان،
    انـسان جـون تـقـاضـائـون تهُ ساڳـيون آهـن.
    چـاهـيو ٿـا اوهين جيڪي، اهي ٿـو چـاهيان،


    ها، جنگ کـان هن دور کي نفـرت آهي
    پـُر جـنگ تـه انـسان جـي فـطـرت آهـي.
    دل ۾ نـه ڪجانءَ، امـن جـا عـاشق ”اسُتاد“،
    ظـالـم سـان لـڙڻ جـي ته ضـرورت آهـي.


    سچ پچ ته سر ۽ ساهه کـان آهي پيـارو –
    هـي ”امـن و امـان، امـن و امـان“ جو نعرو.
    ظـالـم نه ٿـيو، ۽ ٿـيو مـظـلوم مــتان!
    جـو تـنگ ڪري، جـنگ ڪريــو او يـارو“


    هڪ ڳل تي لڳي چوٽ ڏجي ٻيو ٺاهي
    دسـتـور زمـانـا اهـو پـنهنـجو نـاهي.
    چـاهي ڪو اسان کي انهيءَ کي چـاهيون،
    ڊاهـيون ٿا انهيءَ کـي جـو اسـان کـي ڊاهي.


    تـسلـيم ته مـاحول صـفا گـرم آهي
    اسـتـاد جـي تحريـر ذرا نـــرم آهــي،
    اللھ ڪـي انـسان کـي اهـي اکـيون ڏي!
    انـسان ۽ انـسان سان وڙهـي، شــرم آهي.


    ڪـيڏانـهن اچـين ٿـو پـيو ڍرڙو ڍرڙو –
    هـو تنهنجـا ڏٻا ڏانـد، هو تنهنجو چڪڙو،
    راڪيـٽ جـا هـسوار، خـلائـي انـسـان،
    ڪـيڏانـهن وڃيـن پـيو تڪـڙو تـڪڙو؟


    اريـا به لـُٽيـرا هـا، لُـُٽي، لـُٽجـي ويـا،
    تـرخـان، مـدد خان ڦري، ڦرجي ويـا.
    هـي سنـڌ بـهرحال جئي پئـي، پئي جـيئندي،
    ڪئين بار ڪٽڪ آيا، ڪٽي ڪٽجي ويا


    ا للھ بـنائـي آ عـجـب هـي ڌرتـي –
    مسـڪين مسافـر جي لئه رب هي دنيـا،
    ڳڻچور کي ڏيـندي آ ڳـچي تي لـت ۽ -
    غـدار جـي لـئه آهه غضـب هـي ڌرتـي،

    ســـون بـازار مـان ڳـِني وٺـبـو آ –
    فـيـض رهـبر کـان پِـني وٺـبـو آ،
    جـو به سـمجهو ته اوهان جو حـق آ،
    حق مـڙسي سـان ڇـِنـي وٺـبـو آ،


    2

    تخيل

    ڪنهن وقت خيالن ۾ چڙهي ويندو هان،
    ڇُـا لـوح و قـلم، عـرش ٽپي ويـندو هان،
    اڏري ۽ ڊُڪي ڊوڙي جڏهـن تڪبو هان،
    پـر پـنهنجي ٺڪاڻي تـي اچي ويندو هان،

    ڪنهن وقت خيالن ۾ چڙهي ويندو هان،
    اکـٻوٽ ۾ هـر چـيز ڏسـي ويندو هان،
    ”چـوٽي“ تـي نـظر پـوءِ به نه پوندي آهي،
    بـي ساخـته، مـجبور جهُڪي ويندو هان،

    هـوڏانـهن ازل مـون کي ڇڪيندو آهي،
    هـيڏانهن ابـد مـون کـي سسڏيـندو آهي،
    مرڪز جـان خرد مـنهنجو سُسي پوندو آ،
    ۽ وقـت وڏو گـول ٿي ويـنـدو آهي،

    پـولار هـوا سـاڻ جئـيـن آ ڀــــريـل!
    ڌرتـيءَ جـي مٿـان جـئين فـلڪ آ بـيٺل،
    شـب روز مـٺا سـائـين، ائـين ئـي آهـي –
    دل مـنهنجي مـٿان تنهنجو تـصور ڇانـيل،

    بـادل

    پـرواز اهـو بـادل ڪهڙو چـئـبو،
    اعـزاز، فـراز آهي انهيءَ کـي سڏبـو،
    پـنهنجي ته ڏيا تو ۾ نه ٿي ڏسـجي ڪا،
    جيڎانهن هوا ڌُوڪي، وتين ٿو ڌِڪبو،

    بـادل ٿـو بـلنـدي تـي اڏُامي توڙي،
    هـر وقـت هوائـن جـي اڳـيان پـيو ڊوڙي،
    تسلـيم ته پـستي جـا پـهاڙ آهـيون پـاڻ،
    رُخ پـوءَ به هـوائـن جا ڇڏيون ٿـا مـوڙي.

    جـيڏو به مـٿي تـنهنجو هـي پرواز آهي،
    جيـڪو به مليو توکـي هـي عـزاز آهي.
    پڪ ڄاڻ اي بادل، ته ٻيو ڪجهه ناهي،
    هلڪيري طبيعت جو هي سڀ راز آهي،

    هڪڙو ته خودي پنهنجي ڇڏي ٿو ٻوڙي،
    ٻـي ڳـالهه ته ڀـٽڪڻ جـي سـزا ٿو لوڙي،
    جو ٻين جـي ڪلهن تي ٿو چڙهي چوٽ وٺي،
    بـادل جـي طـرح پـيـر نه پنهـنجا کوڙي،



    اڃـان گهـڻو گهـرجي

    ٻوڙو ۽ ڪو گونگو ته ڪو بـي نور آهي،
    سـرطـان، ذيـابيـطيـس، نـاســور آهـي،
    ”سـو جهنگ پري آ، جت ڪاٺيون آهن“
    مـنزل کـان بـشر دور – گهڻـــو دور آهي،

    ايـجـاد ۽ تـدبـيـر تـي مـغـرور آهي،
    سـامـان ۽ تـعمـير تـي مـسـرور آهي،
    طـوفان ۽ ڀونـچال ٿـا ٻـوڙن، مـارن –
    انـسـان اڃـا ڪيـترو مـجـبور آهي،

    انسـان نه مـقـدر کـي مـٽايـو آهي،
    انـسان ڪٿي مــوت هـٽايــو آهـي،
    انـسان کي اڃا ڪـک به سنگهي مـاري ٿو،
    انـسـان جـو اڃـا فـخـر اجايـو آهـي،

    ٽـپـڪي ڏئي ڪو چنـڊ مٿان پهچي ٿـو،
    زهري ڏي ڪري زور ڪوئي لڙڪي ٿو،
    آفـاق جـي حـدن جـو پـيل آ پـڃرو –
    جنهن ۾ ٿي پکي، نوح بـشر ڦـڙڪي ٿو،

    پـرواز ۽ رفـتار تـي نـازان انـسـان،
    سـمـنڊن تي، هــوائـن ۾ خـرامان انـسـان،
    زنـدان ۽ زنـجيـر مـان آواز مـان آيـو –
    وابـسته اڃان آهه انـسـان سان انـسان،

    حضـرت انـسان

    ڪـير آهـي ٿو ماحـول سڄـو بـدلائـي،
    ڪـير آهـي ٿو هـر ذرو ذرو بـدلائـي،
    آ حـضـرت – انسان هي، آهي ڪوئي!
    هـن کـي به نـئين شـان سـان انـسـان!

    ڪنهن کي آهه همالي جي ڪئي سر چوٽي،
    ڪـير آهه خـلا مـان ٿـو اچـي پيـو مـوٽي،
    هـي حـضرت – انـسـان آ، هـن ئي آهـن،
    دنـيـا جـي تـبـاهـي لئـه وڏي کڏ کوٽي،


    ڪـير آهـه ٿو نـانگـن کـي نـچـڻ سـيکـاري،
    ڪـير آهـه ٿو لـوهـن کي ڊُڪــڻ سيکاري،
    آ حـضـرت – انـسـان هـي، اهـي ڪـوئي،
    هـن کـي به ته ”انـسـان“ ٿـيـڻ سـيکاري،

    ڪير آهه ٿو پاڻي جي عوض مئي ڏوڪـي،
    ڪير آهه ٿو اخـلاق جـون راهـون روڪـي،
    آ حـضـرت – انـسـان هـي، آهـي ڪوئـي،
    هن کـي به چوي سـچ ۽ مـنهن تـي ٽـوڪـي،


    انـسـان جي عظمت

    انـسـان کـي اللھ ڏنـي آهه فـضيـلـت،
    تسخصير– قمر ۾ ڪا موليٰ جي مـشيئت،
    تحقيق جي آئيني ۾ گهوري جي ڏٺوسين،
    ٿي وهم ويو وهم حـقيـقـت ٿي حـقيـقـت،

    انسان جي عظمت کي مڃون ٿا سو مڃون ٿا،
    ڌرتـي کان هلـي چنڊ وڃون ٿا سو وڃون ٿا،
    تحـقيق جي مضبـوط هـٿوڙي سان ٺـڪوري،
    وهـمن جـا ٺلـها ٺـاٺ ڀڃـون ٿـا سو ڀڃـون ٿا،

    انـسـان جـي عـظمت ٿـو وڌائـي يـزدان،
    انـسـان جـي عـظمت تي ملائڪ حيران؛
    انـسـان جـي عـظمت تـه مـسـلم آهي –
    انـسـان جـي عـظمت تي جـلن ٿـا شيطان،

    انـسان کـي هجي چنڊ جي تسخير مبارڪ،
    ۽ اشـرف – مـخـُلوق جـي تـوقيـر مـبارڪ،
    هي چنڊ نه آ نور، نـئون کـنـڊ ڪو آهـي،
    تـاريخ کـي تـحقيـق جـي تـنويـر مـبارڪ،

    انـسـان کـٽيـو چـنڊ، مـبـارڪ بـاشـد،
    ڌرتـي کـي ڇهون کـنڊ، مـبـارڪ بـاشـد،
    غـارن جـي زمـاني کـان چـڙهيل وهـمن جو،
    ماڻـهن تـان لـٿو مـنـڊ، مـبـارڪ بـاشـد،

    مـعلـوم ٿـيو ڪوجـهڙو، ڪـارو آهـين،
    ڪـو نـور نـه قـنـديـل نـه تـارو آهـين،
    اي چـنـڊ، مُـهانڊا ڪـي زمـين جـا تـو ۾ -
    وا اڳـي کـان بـه تـون پيـارو آهـين،

    اڳ ۾ تـه هـو سـاڻ خـيالـي نـاتو،
    چـئجي کـڻي ”اوهـام پـرستـي“ نـاتـو،
    او چـنڊ ڇـِنـي ڪير اسـان جـي ياري،
    هـاڻـي ته لڳـو آهِه حَـقيـقـي ناتـو،

    ڌرتـي جـا ڪئـين چـنـڊ اچـن هـا تـوتـي،
    حـورن ۽ پـريــون خـوب لـهن هـا تـوتـي،
    فـردوس بـنـايـون هـا زمـين تـنهنجي کـي،
    جـي ”آب و هـوا، چـنڊ هجـن هـا تـوتـي،

    اي ڪـاش هجين هـا تـون رهـڻ جي قابـل،
    ۽ پـاڻ هـجون هـا جي اچـڻ جي قابـل،
    او چنڊ، ڪچهريون ڪي ڪجن ها توتي،
    ۽ شـعر پڙهـون هـا ڪـي پـڙهڻ جي قابل،

    هي ڪنهن جـو خـلائن ۾ کـُتو آههِ عَلم،
    هي ڪنهن جا ادب ساڻ چميا چندَ قدم،
    هي اشـرف – مخلوق ۽ احسنِ – تـقـويـم،
    انـسـان آ، انـسـان جي عـظمـت جو قسـم،


    اگـر عـزم اڻ ٽـر اٿـن ٿـا ته پـو،
    هـمـالا هـمـالا جـُهڪي ٿـا پـون،
    مـگر وهـم سـاگر وٺـن ٿـا ته پـو،
    جـوالا جـوالا ، پـسـي ٿـا پون،


    سـمونـڊن کـي هـونـدا ڪنارا به آهن،
    پـهاڙن ۾ ووڙيـــو تـه چــارا به آهن،
    جي جرڪي جيئڻ جو پڪو فيصلو آ،
    ته هـن جـوءِ ۾ جـيءَ جـيـارا به آهن،

    ڪنول گل مان ڪوڪو، نه ٿيندو نه ٿيندو،
    ”بـخـاري“ کــان دوکـو، نه ٿـيندو نـه ٿيـندو،
    مـلـهـائـي نـه جـو ٿـڃ جـيـجـل جـي لـوڪو،
    اهـڙو ڪـو بـه ٿـوڪـو، نـه ٿـينـدو نه ٿيـندو،


    مـحـبت سـان ڀـرپـور مـحـنـت ڪـنداسين،
    ۽ مـحنت جـي هـر ريـت عـزت ڪـنداسين،
    ۽ عـزت اسـان جـي انهيءِ ۾ ئـي آهـي،
    تـه پـيارن پـنهوارن جي خدمت ڪـنداسين،

    جـي ڦـاٽـن ٿـا ڪـپڙا ته سـبـجـن به ٿـا،
    رُسـن ٿـا جـيُ پـيارا ته پـرچـن به ٿـا،
    نـه ٿـم نـا امـيدي، ٻــــڌو مـــلـم،
    چڪي ٿـا پـون، چـاڪ ڀـرجـن به ٿـا،


    وجـهو ڊوڙ هـيڏي اچـــو سـڀ وڏي!
    رنـي ڪـوٽ مـان تـاج تـخـتي لـڌي.
    پـڙهـو ڌيـان سـان ان جـا سـونـا اکــر،
    لـيکـل لـفـظ آهـن ته سـنڌي – ٻُــڌي.“


    ”اڃـا رات آهـي“ نـنڊاکـن جـو گـفتـو،
    ”اٿو ڏيـنهن ٿـي ويـو“ سجاڳـن جـو گـفتـو،
    ”ملي ئي نٿو ڪجهه“ ڪراڙن جو گفتـو،
    ”وٺي رهبـو سڀڪجهه“ جـوانـن جو گفتـو،

    عـمـر رات ســپنـو ســــدورو لـــڌم،
    انــهيءَ سپـنـي هــمـت وڏيءَ ۾ وڌم،
    ڏسان ٿي ٻُڪل پئي ٿي گهو گهو ڏئيم،
    ڳـچيءَ مــان ڪڍي ڳٽ، سـنـدرو ٻڌم،


    ڏســڻ ۾ ته گوڏي جو ڄــڻ گاهه آهـن،
    حقيقت ۾ گجگـاهه ڪنداهه آهـن،
    متان تون سـڪو واهه سمجهين وڏيرا!
    وهــي پــيا ته مـــظلوم دريــاهه آهـن،

    ڦـُـٽن گـيت سُــرهــا گـلابـي گلابــي،
    انـــهن اڱــريــن ۾ هــي پـيـلاڻ ڇــو،
    نــگاهن مــان اڀــريـو پــوي ڪامـيابـي،
    انــهن جـي اکـيـن ۾ هــي آلاڻ ڇــو،

    مـڃـيم، سـچ جـو سـج ۽ ٻــج آهين،
    بـکئي لـئـه ڳـڀـو نـاهـين، او شــاعـري!
    وڏي ڏات ٿــي ڏيهه کي زور ڏين پر،
    نـنگي لـئـه لـٽو نـاهـين، او شــاعـري!

    مزورن ڪسانن جي محنت به ڍوڍو،
    سَـلي ۾ اٿـن ساهه، محبت به ڍوڍو،
    ڀلو کيت گهرجي، ڀريو پيٽ گهرجي،
    غريـبن جـي سَستي سياست به ڍوڍو،

    لـکــڻ جـو قـسـم لـوح تـوڙي قـلـم جـا،
    نـگهبـان اوهـيـن خــاص اسـتـاد آهيـو،
    قطعو منهنجي حق جي وڪالت ڪري ڇا،
    اوهـين خـود بـه مــضـبوط فـرياد آهـيو،

    هـنن جــون چـــماٽـون اڃــا يـاد آهـن،
    اکــيون کـول او قــوم، اســتاد آهـن،
    هنن جي حقن جـو حساب ئي نه آهي،
    سـڄـي قـوم سَرهـي جي هي شـاد آهن،

    چـوان ٿــو نه سـاٿــي جـي ســرلا هـجـو،
    تـه ڀـونـگن ۽ بـنگلن جـا ڀـڻـڪا ٻڌو،
    جــي گــيرب ڪـيا ٿورا گـهٻرا هـجـو،
    مــفـادن جي ٽڪراءَ جا ڪڙڪا ٻڌو،

    جـَتن سـان جـتن ۽ مَـتن ســان مــتـا،
    جـيئڻ ڪاڻ جنگاهه ۾ جـوٽـجي ويـا،
    گــرڻ ۾ گــتا ڪـي کـتا ڪـي رَتـا،
    ڪي آتا، ڪي کاتا، ڪي بازي کٽي ويا،

    او هـاري او نـاري! او ڪڙمـي مــزورو،
    اسان واريون ڪلڪون امانت اوهـان جي،
    توهان جون تکيون ڪوڏرون ۽ ڪهاڙيون،
    تـوهـان جـو قـسـم آهـي طاقــت اسـان جـي،

    اٿُـيو هـاڻ گهوٻـو ۽ پـانـو اٿي پيـو،
    ٻـنيءَ ساڻ گڏ ڪـارخـانـو اٿي پـيو،
    ڏنــي اوڀ لـولي، جهَلي ڀونءِ جهولي،
    مگـر چـيـلهه مـوڙي زمــانـو اٿُـي پـيو،

    جَــي پهچـي تُه انـسـانَ زهري تـي پـهچي،
    اڻـــائـون بـه ان لـئـه اڻـــائــون ڪــٿي آ؟
    نه ٿـو اڄ تائـين ڪينسر کـي ڪچلـي،
    سَــڻـائـو به ايڏو ســڻـائـون ڪـٿي آ؟

    قـلـم سان ڪجي بيلچي سان ڪـجي،
    گهڙي سان ڪجي يا گلي سان ڪجي،
    بـــهرحـال پـورهـيو ته پـورهـيو ئي آهـي،
    سُــئي سان ڪجي يا رُنبي سان ڪجي،

    وڏو ڄــار دنـيا وڇــائـي ڇڏيــو آ،
    بـکئي پـيت رهندو وڄــائـي ڇڏيــو آ،
    پــيئڻ لاءِ پـاڻـي، چُـــڳڻ لاءِ چــوڳـو،
    قـفس جي ڪپُن ۾ رکـائي ڇڏيــو آ،

    سمونڊن جي قبـضي ۾ صحرا اٿَوَ،
    پُـهاڙن جـي گـهـيـري ۾ دريــا اٿـوَ،
    اڏامون ٿـا ڪيڏو به، آفــاق آَڏو،
    وڏو ڄڻ ته پڃـرو هي دنـيـا اٿـوَ،

    ڪٿي ڪنهن جي ٻيڙي ٻُڏي وئي ته ڇاهي؟
    جي لوڙهي تـان جهرڪي اڏري وئي ته ڇاهي؟
    سـڄو ڳـوٺ دُهــلن دمـامـن تي جـهومي،
    جي گهر مان ڪا گونگي گڏي وئي ته ڇاهي؟

    جُـتي برف ڏاڍي ۾ ڏاڍي ڄمي ٿــي،
    اتــان ئـي ته دريــاهه وهنـدا ڏسـون ٿــا،
    جتي چيچڪا کائـيُ ڌرتـي وڃي ٿـي،
    اتـيـئـي ته گـجـگـاهه ڦٽـندا ڏسـون ٿــا،

    جي چَهه ٻُهه ته ڌاريا به چوڌار ڏسندين،
    جي پِٽڪو ته پنهنجا به بيزار ڏسندين،
    ٻـين کي ته ڇڏ پر وڏي وٺ پـڪڙ ۾،
    تون خود پاڻ کي پاڻ کان ڌار ڏسنـدين،

    مِـٽيـون مـائـٽـيون آزمــائي ڏٺـيوسين،
    سَـڳيون ڀـائـپـيون آزمــائي ڏٺـيوسين،
    مصيبت ۾ ڪو يار همدرد ڪونهي،
    پـڪيون دوستيون آزمــائي ڏٺـيوسين،

    ڏٺـوَ ڇـا، ڪو پاڇو، اڏُاڻي پکـيءَ جو،
    مليو ڇا، بـيابـان ۾ ڦــرهو کـجـيءَ جو،
    او گهاتو! گهڙيو مـان به ساگر ۾ آهيان،
    ها، مون کي به هٿ ۾ ڇلڙ آ مڇيءَ جو،

    مَـلهي ۽ مَـري هـي ڏٺـو ڏيـک مــون،
    ته ڪوشش ۽ قسمت جي چڪري لڳي،
    تــدبر هو اوٿــر ۾ لــهـرون تــکـيـون،
    مــقدر ٿـي ساگـــر ۾ ٽـڪـري لـــڳي،

    وڏي وَٿُ آهــي سـچـيتـو شـعـور،
    هجي هوش سان جوش، جذبو ضرور،
    فـقـــط عـقـل تــي فخــر شـاطر عـيار،
    رڳــو هـانءَ تــي زور اوڳــو مـــزور،

    وِڌا وات ۾ ڇـو اٿــئي مُــنڱَ زمــانا،
    ستايو غريبن کي ڪنهن آ، سچي ڪر،
    ڇـڏي ڏي اجــايــا ســجـايــا بــهانــا،
    حقيقت کـڻي اڄ ته کيرئـون اڇـي ڪر،

    حـقيقـت بــيانـي، گـلا ٿـي پـوي ٿي،
    حـقيقـت پسندي، ثــنا ٿـي پـوي ٿـي،
    ڪجي ڪئين استاد ڪيڏانهن وڃجي،
    حـقيقـت لـڪائـڻ، خــطا ٿي پـوي ٿـي،

    مـٿي ۾ اٿَـئون زنــدگـيءَ جـي هـوا،
    اسـين تـيز رفـتار آهيون سو آهيون،
    اڙي موت! سـاهت جي رستي مٿـان،
    اسين توتي هسوار آهيون سو آهيون،

    هي مهراڻ موجون، هي ڇوليون ڇتيون،
    هـي ڇڪتاڻ جيـوت جو آهـي نـشان،
    جـو ٽـڪراءُ تـنهن ۾ به ســرچـاءُ آ،
    عـداوت به الـفـت جـو آهـي نـشان،

    تــمنـا ۾ تحريڪ مــوجـود آ،
    تــرقي جـي تــاريخ مــوجـود آ،
    جـتي آرزو آ، اتــي جسـتـجو آ،
    زمـــانـي جـي تــصديق مـوجود آ،

    حڪومت تـه عهدن ۾ مـجـبور آهـي،
    پــر آزاد رعـيت کي ڇا ٿي ويو آ،
    ڪندي مصلحت فيصلا آهي گُم سُم،
    حـقيقـت جـي غيرت کي ڇا ٿي ويو آ،


    ڪلامن ۾ منصور شاعر اسان جا،
    بـيـانــن ۾ مشهور رهـبر اسان جـا،
    دلـيـن ۾ دغـائـون، سـرن ۾ انائون،
    پـڙهي دور ويو آهي اندر اسان جـا،


    ڀلي مون کان سـڀ موڪلائي ڇڏيو،
    رکــو ”يــاد“ بـاقــي ڀُــلائـي ڇڏيو،
    بـخـاريءَ جـون سوچون سـنڀالـي رکــو،
    مِــٽـي سا مِــٽـيءَ سـان مِلائي ڇڏيو،

    سڄي آڌ صـديءَ کي سـوا پـَهرَ ۾،
    نِبيريون وڃون ٿـا، ٻُــڌائــي ڇڏيـو،
    بــخاري جي خوشبو بچــي شـهر ۾،
    چــمن دفــن ٿي ويـو هُـلائي ڇڏيو،

    تــو ســاگر ٿـي ڪهڙو سـهـارو ڏنـو،
    تـَسـي ٿــر کـي کـارو ڪـنـارو ڏنـو،
    جـــگر ٽهڪندڙ آ، نـظر ٻهڪنـدڙ آ،
    نـئون زنـدگيءَ کــي نــظـارو ڏنـو،

    الائــي تـه ڇـا ڇــا وڃــائي وڃــائي،
    ســڄـي زنـدگي ئـي وڃــائي ڇڏيسين،
    طـبـيعت رتــوڇــاڻ مَـــچَ ۾ نـچـائـي،
    چــون ٿــا مــحبت مــچـائي ڇڏيسين،

    جـُهـور عـقـيدو اڊُڙي پيــو آ،
    عــقل – جــوانــو اگُهڙي پيــو آ،
    حُـجــري جون ٿا ٿوڻـيون کــوڙيـو،
    هـوڏانهن عـرش به اکـڙي پيـو آ،

    ڀَـمـڀـٽ ڀَـمــڀٽ دَور ڌڳـــي پيـو،
    گهوگهٽ گهوگهٽ گول وڄي پيو،
    صـحـرا، سـاگـر رنــڀَ پـوي پـئي،
    ”رَمــبـا رَمـــبا“ رقـــص هـلـي پيـو،

    دَور نـئـين جـي ديـد ۽ دل ۾،
    فڪر ته ڇا، فـولاد وڄي پيــو،
    ســاگـر، صحـرا، مـحـفل، مِـل ۾،
    جهد – بنا جو نــاد وڄـي پـيــو،


    خــلقـت سُـڏڪـي گُــهرنــدي آهي،
    صحـت، دولـت، شُــهرت، عــظمـت،
    قــدرت مُـــرڪــي چــونـدي آهي،
    مـحـنت، مـحـنـت، مـحـنـت مـحنت،


    هــي غم دل جـو مــرهم سـمجهو،
    مــاتم ســچ جــو ســرگـم سـمجهو،
    جـهونـڪو جـهونـڪو فاتح – هَٿ،
    واڪـو – واڪـو پـرچــم سـمجهو،


    ڏينهن جو ڪم آ، رات جو غم آ، سنڌو تنهنجو،
    مـنهنجـو هڪـڙو هڪـڙو دم آ، سنڌو تنهنجو،
    گـيت لـکان پيـو، جنگ لڙان پـيـو، ڏيهه ڏسي پيو،
    ڪنَ تـي قـلم آ، هـٿ ۾ عـلم آ، سنڌو تنهنجو،


    صـحـرا، سـاگـر بـنجـي وڃــن هي ممڪن آ.
    بـحـرن مان بـَرَ بنـجـي وڃــن هي ممڪن آ،
    ناممڪن ڪجهه ڪو نه رهيو آ، او ڏاڍا!
    ڏونــگر ڀـوڀـر بـنـجي وڃــن هي ممڪن آ،

    جـهونـڪا، طـوفان بـنبا؟ هو بنـجـن ٿـا پـيـا،
    بــرپـٽ بـُسـتان بـنـبا؟ هو ڏس بنجـن ٿا پيا،
    ناممڪن ڪجهه ڪو نه رهيو آ، او بـابـا،
    سـپـنا، ساڀـيـان بـنبا؟ هو ڏس بنجـن ٿا پـيا،

    وقـت هـجـي روهـيـلو رڻ پــٽ،
    ڏيـنهن ضـرور تـه ٿـوهـر هـونـدا،
    ذهــن جـتي اونــداهيون غــارون،
    فڪـر اتــي ڪاريهر هــونـدا،


    ڏيـنهن تـتـو، تـَـر ٽانـڊا، ٽامــون،
    آوا ٿــي ويـــا ٿـــاڻـا، ٿــانءَ،
    ٻيا ته ڇڏيو خود سورج ڪرڻا،
    ڊوڙي ڳــولـن ڇــاڄــا، ڇـــانءَ،

    جــيـوَن جــو بــنگـاهه زمـــانو،
    اوڙي پـــــــــــاڙي ۾ آڙاهـه،
    پــڌري پـَٽ تــي پـاڻـيـپـٽ ۾،
    ڪيـتر وٺـنـدو ڪـير پــناهه،

    ســورج پـنهنجـا ڪـرڻا پاڻهي، پـنهنجي مُـنهن ۾ ڀــالا کــوڙيـا،
    هـيڏا سـارا ســمـنـڊ سـگهـارا، هـــــڙ پـنهنجي هـيٺاهينءَ ٻـوڙيا،
    ســورج جـو نــاهـيرو کـــوڙي، رُڃ جو کـير ٿـي ســڃ ولوڙي،
    تاسَ تکـيءَ جي آُس ته ڏس هو، ريـت تــتـيءَ تي اس ٿــي ڊوڙي!


    مــايـوسين جي ڪن مان نڪري،
    جنُگ – جهاز – اميدون ايـنديُـون،
    مـاتـا مـن جـي جـهُڙ مــان اڀـري،
    عزم عظيم جون عيدون اينديون،

    پــڳ لاهـي پــوچــو ٻـــڌرائـڻ،
    سِــرُ ڦـاڙي سُــرمـو پـــارائـڻ،
    هـئـه دنـيا تـنهنجي هـمدردي،
    رت رئــــاري رُئــــاري پـــرچـائڻ،


    ٻـهڳڻ، ڇــائــي ڇـــار ٿــيــن ٿـا،
    بـعـضـي بــزرگ، ٻــار ٿـيـــن ٿـا،
    روهه مـنهجـان ٿــا روهـي بنجن
    ، ڀــونءَ، ڀــري! جــو بــار ٿـيـن ٿا،


    دل پـنهنجي سـنـڀــالـيو، مـيلـي ۾ دلـبر بـه اٿـوَ،
    هــوشـيـار رهيــو، جــو رسـتـي ۾ رهــبر بـه اٿـوَ،
    هت دانهن ٻوجهي ڪنهنجي به نٿي ڪو صحرَا آ،
    هت مــــــاس مـلـي ٿـو مـاڻـهوءَ جـو، بـازار ۾ اٿـوَ،

    بعضي بعضي اڀُ ڪري ٿو، ڪڪرن واريون حرڪتون،
    هـيڏو ڏاگهو ٻـيـلو نـنڍڙن ٽـارن واريــون حــرڪتــون،
    آءُ بـه ڪـٿ اسـتـاد، ڪـٿي شـاگـرد ٿــيان ٿـو دوسـتـو!
    پـنهنـجن يـارن کان ٿـين ٿيون ٻــارن واريــون حــرڪتــون،

    رات ۽ ڏيـنهن جــو آهــي ٻـڌَو تــو چيلهه – پـٽـو،
    تـڙڪـي، ڇـانءَ جـو چـٽڪـمرو آ پـنڌ ڊگـهو،
    صدمون صدمون ڪنڊو، گذرئين جهنگ منجهان!
    رهــڙيو پــيو آ راڳـي تــنهنجو روح ســـــڄـــو،


    ســـاگر، صـحرا صـحـن تـي ڏونــگر هــا ليــڪا،
    تنهنجـــــــا گــهرونـــدا، افــريـشــيا ۽ آمــريـڪا،
    ســــپـنا، سـاڀيــان، ٺــاهـين، ڊاهـين ويـٺـو تـــون،
    خـيــــر ۽ شيـــر جـا تنهنجـي هـٿ ۾ رانڊيڪا،


    مـزدور جـا ڏينـهن ڦِـن ٿـا مِـل جـي ڦـيـٿن وانگـر،
    سـيٺيـن جـا سرمـايـا سـوگها لـوهن ٿنـڀن وانگـر،
    ظـالـم انــڌا، ٻـوڙا، گـونـگا تـابـوتـن جـان آهــن،
    مظلومن جا واڪ وڄن ٿا پٽ جي دهلن وانگر،


    سانڀر لاڪر دل پئي ڪـئي آ محبت جيُ مـزدوري،
    ڪافي عشق ڪمايم، دل جي پوبه نه اوري پوُري،
    هڪـڙي عمر هـزارين آسـون اهـڙيون دل ۾ ڌارُيـون،
    هڪ هڪ آس هزارين عمريون، ماڻي پو به اڌوري،

    هـي ضـروري نـاهي هـر هـر زلــزلـو پـيـدا ڪـجي،
    قـــوم ۾ لـيڪن مسلسـل ولــولو پـيـدا ڪـجي،
    مشڪلاتون اينديون رهنديون پر ٻڌو مشڪلڪشا،
    هـر قسـم تي هـوش سـان گـڏ حـوصلو پيدا ڪجي،


    3

    شــاعــر ســــــــوچيو؛ واڪـــا ٿـيندا،
    وڻ – وڻ وڄـندا، پـک پـک اڏُنــدا،
    جنگي گيت تي ڪنهن کي سُڌ هئي،
    نـاچــــــو بـنجــــي نــينگـر نـچـــندا،

    تـنهنجي اک ۾ پتـلـي ناهـي، پٿري آهـي،
    سـنڌ سـڙي پئـي تـنهنجي اک روئي به نٿـي،
    تـنهنجي بـت ۾ رت جـي بـدلي ريـتي آهـي،
    خلق لڇي پئي تنهنجي دل ڇرڪي به نٿي،

    اخـبـارن ۾ جــو تـون روز نـبيـرين ٿـو،
    سَنَـڌو ڌرتـي آڌيـري ڪـا ٻـڪري ناهـي،
    ڌڙ آڌ ٿـيندا، ڀـيٽو، ديـس نه آڌ ٿـيندو!
    ديس ونڊايون، هي ڪا هٽ جي وکري ناهي،

    ويـــهين ســن ۾ باقـي آهـن يــارهن ســال،
    ايـڪهـيـن جـو ڪــرڻ آهــي اســتــقـبـال،
    ڪـاتـبُ – وقـت لـکي ٿـو بـيٺو تــقديرون،
    ڪاهل لاءِ زوال ته الائي لائق لاءِ ڪمال،

    او طـوفـانو، ڪارونـجهر گهر منهنجو آ،
    سَـرَ – تـِيلـيءَ تـي چـيهي جـو آکـيرو ناهـي،
    دِهه – دِهه دڳ – دڳ قبضو آ تر تنهنجو آ،
    ڳـيري واري ٽــاريءَ تـــي واهــــيرو نـاهـي،

    انـگ اگُهاڙي جــي اڳـيان اولـــو به ٿــيءُ!
    پـوتِ ٿــي، پـهراڻ ٿـي، پـَٽڪـو به ٿــيءَ!
    ظــالمن جــي ڪنڌ ۾ ڦـنڌو ٿـي پــئـه،
    ڀـائــرن جــي چـيلهه جو سنــدرو به ٿـيءُ!

    پــيـار ۾ سـونهن جـا گــل ســرهـا ٿـيو،
    خـار سـان سـيلها تـکا ڪــنـدا ٿــيو،
    دوسـتيءَ کي دل جــا گـلـــدســتـا ڏيــو،
    دشـمـني ڏاڙهـي ته پـو ڏنــڊا ٿــيـو،

    دشــمنن لـئـه نــانـگ واري ڦـُـوڪ آ،
    دوســتن لــئــه مور واري ڪوڪ آ،
    شـرَ هُــلايـو؛ شـاعـري گــم ٿــي وئــي،
    خــير گرجـيو؛ هـر جڳهه تي هـُوڪ آ،

    درد ۾ زنـدهه دلــي پـيـدا ڪــجــي،
    ڪشمڪش ۾ دلڪشي پيدا ڪجي،
    پـنهنجي دنيـا، پـنهنجي، آزادي، خـوشـي،
    تــرسجي ڇــو، خــود وڌي پـيدا ڪـجي،

    ڪنهن کــي سُــڌِ هئـي ڦـٽـڪا وسندا،
    خــانَ لــڳا بـُـت کِــلندا وتـــندا،
    لـفــظ سِــڌا بـَـم گــولا ناهـن،
    طــعـنا پـٿـرن کــي ڇــا لـڳـندا؟

    فـرد تــوڙي قــوم لـئه هـي ڌرتـي آ قـاعـدو،
    موت کي منهن جو ڏئي سگهندو اهو جيئندو پيو،
    ويـٺي ويـٺي وُات جي رد ڪد مان ڪهڙو فـائدو،
    جــو ڪري اٿـندو، اتُي هـلـندو، اهـو وڌنـڌو پـيو،

    وقــت جـــي ويـٺي لکــــي مـــــون واردات،
    لک اصول استـاد، ڀـڻـڪيو مشڪلات،
    ”عـزم جــي سامــهون جهُڪيو آفت پوي،
    ڏينهن کي روڪيندي نـاهـي ڪا به رات،

    عــزم ۽ امـــــڪان جــا ارَڏا – اڏَا،
    ســي به لاهــي ويـٺا ٻڏتـر ۾ لـڏا،
    ڇــو نه آئـيندا اسـان جا ڀـٽڪنـدا،
    حـــال جــــا ڪردار ٿـيا انَڌا – جڏا،

    هـــن صـديءَ جي ديڳ ۾ُ سنڌو ندي،
    ســامــراجي آڳ کــان اٻــري پـئي،
    هوشيــاري ڪـلڪتا، ڪابل سِــبي،
    انـــــــقلابي ايـــــــشيا اڀـــري پـئــي،

    پــاڻيپـٽ ۾ طـاقـــــتن جــي هــوڏ آ،
    هـمــتن ۾ حڪمتـن جــي هــوڏ آ،
    هوڏ جو، هڪ هڪ ڏجي ڪهڙو مثال،
    ڄڻ ته هــي جــڳ جيـوتـن جي هــوڏ آ،

    ڪوششون – ڪنجون ڪٿي گم ٿي ويون،
    قـسـمـتـن جـي ڳــنڍ ۾ ڳـولـيــون ٿـا ڇــو،
    اڄ – اجـــالــو ۽ ســـــڀـاڻـو ســوجهـــــرو،
    ڪالهه جي ڪچڪول ۾ ڦولهيون ٿـا ڇو،

    شوق جون شڪتيون غمن ۾ غرق ٿيون،
    ڄــڻ تـه قـومـون، انجـمن ۾ غــرق ٿيون،
    سنــگدل ويهيــن صـدي تـنهنـجـي هــٿان!
    جـهومنديون بستيون، بمـن ۾ غرق ٿيون،


    ديـــن جـي ڀَــرَ يـا ڌرم جــي نـام تـي،
    ڪنهن کي شرمائڻ مان ڪجهه ورڻو نه آ،
    بــابــر، ابــراهـيم ٻـــئي اســــــلام تــي،
    جـــو لـُـــٽڻ آيــو اهـــو ٽـــــــــرڻـــو نه آ،


    هڪ صدي اڳ ٿي چُـڪو هت فيصلو،
    جنگ، مياڻيءَ جي قدامـت هت شڪست،
    ڪلهه به هو ۽ اڄ به سـاڳـيو ســلسـلـو،
    فتح حڪمت جي، جهالت جي شڪست،

    مُنهن تڪيو ماڻهن جو، ويس ڏي ڏسو،
    دل جـي ڌنــڌن کــي نه ڇـيڙيـو دوسـتو،
    ٽهڪڙا جن وٽ کيـڙن تـن سـان مــلو،
    دردمنــد کــي نه ڇــــــــڙيـو دوسـتو،

    قــدر آهُــنِ جـــو ڪـٿـي ٿيندو ته آ،
    هـانءُ هـــوائـن جو لـڏي ويـندو ته آ،
    بـاغ جو گل گل ۽ پُـَن پـَـن پوکَ جو،
    داد، دانـهنِ کــي ڌڏي ڏيـندو ته آ،

    شــور ڪهڙو لـَهر جـو ســاگـر ســوا،
    زور ڇــا جــو واءُ جـو اوٿــــر ســوا،
    شـعر منهنجو گرجي، گڏجي قـوم سـان،
    اسـلحو بـيـڪـار آ لــشــڪـر ســوا،


    بــحــر ٿي او دوسـت، ڇَــــر ٿيندو نه ڪر،
    تون آن ڪارونجهر، ڪڪر ٿيندو نـه ڪر،
    پــير پـخـتا ڪـر پـپر جـي پـــاڙ جــان،
    واءَ وانگــر دربـــدر ٿــينـدو نـه ڪــر،


    ڇــا وڃــايــو، ڇـا ملـيو، لـيـکـو نه ڪـر،
    ڪجه کٽيو، ڪجهه هارتو، پٽڪو نه ڪر،
    ڇـا اچـڻ کـان اڳ، وڃــڻ کـان پو به ڇـــا،
    ڄـڻ ٻُـڙي مان وئي ٻُـڙي، الــڪو نه ڪر!

    چهرو هر هڪ ديد کان گم، گفتو هر هڪ گوش کان،
    اعـتـبار ئـي گـم ٿـئـي ٿــو، ايـتـرو پـــــردو نه ڪــر!
    آدمــي جـو ســپنـــو آ، يــا تـنهنجــو آهي فـيصـلو،
    حـشـر ڪـر، هڱيڏو وڏو هي مـسئلو ڌنـڌلو نه ڪـر!


    خــواهشــون جيڪي ڪڏهن پـوريون نه ٿيون،
    ڄڻ ته خوشبويون جي ڪنهن ناهن سُنگهيـون،
    حـسرتــون اڻــورچ دل جــون مـــون ڏٺـيون،
    رُڃ ۾ روجـهون اڃــاريــون پــئـي ڊُڪـيون،


    عـشق اڻ جـهل، عـشق کـي آرام ڇـا؟
    ولـــولـي تي ولــولـو، آ دام ڇـا؟
    مــون ته مــاڻڻ جـو ڪـيو آ فـيصـلو؟
    صُـبح ماڻيم سُــور، مــاڻــيان شــام ڇــا؟


    يــا ته ڪوشش جو عمل ڪامل نه هـو،
    يــا ته پورهيـو، پـيار سـان شـامـل نه هـو،
    نـيـڪ نـيـت، هــوش، همـت شــرط هـو،
    مرد سامهون ڪو به ڪم مشڪل نه هو،

    ڇو ڪٿي رڪجون رفيقو، ارتقا رڪجي نه ٿـي،
    زنـدگـي جي آرزو ۾ جـستجـو ٿڪجي نه ٿـي،
    ساٿيو، سَـندرا ٻـڌي، هلـندا هـلو وڌنـدا هـلو،
    پـاڻ ڇـو بيهي رهــون، دنـيا جڏهن بيهي نه ٿـي،

    لـــوچ ويــڙهي سـوچ ۾ رکـبــي نه آ،
    لاٽ پـوچـي پـــــــــــاند ۾ ٻَـڌبــي نه آ،
    شخص ڪو ڪڪ ٿئي ته ڪڪ ٿي ٿو سگهـي،
    قــــــــوم سـاري ڪجهه به ٿـئـي ٿڪبي نه آ،


    جــا گـهڙي آئـي وڌي، ڇڏجـي به ڇو؟
    صبح جو ڪم شام تـي رکـجي به ڇو؟
    سوچ، ڇـيهي کي مـتان ڇُـهندو هجين؟
    زهــرَ جي ذرڙي مــگر چـکـجـي به ڇـو؟


    هــــو وتن ٿـا عـيش جا شيشا کنيـون،
    هــي اچن ٿـا گهرج جـا تـيشا کنيـون،
    دور – دنـيا جـهومـندا وڌنـــڌا هلــن،
    دل ۾ دهشتــناڪ انديشا کنيـون،

    خـام آ، جنـهن جو به آهي هِـي خيال،
    سـنڌ ٿيندي خـتم اڳ چالـيهه سال،
    سـنڌ رهندي، سنڌي رهـندا شـاد بـاد،
    بـند ڪـر افــواهه، ڌاريــــن جـا دلال،

    نيــم ديـوانـو بـخـاري شـاعــريءَ جـي شــوق ۾،
    ســنڌ اڌ تـي ٿـي چُري پئي نوڪريءَ جي شـوق ۾،
    خلق جيئن جيئن ٿي ڪسي، تڙپي تڙپي تيئن ٿو نچـي،
    لـــوڪ جــو دشــمـن مـدبـر، لـيـڊريءَ جـي شـوق ۾،

    ڪئسٽن کان ٽــي وِي تائــين شـاعــري،
    تــيز بـاغـــي شــاعــر، آهــي ڪـٿــي؟
    هـر قــدم تــي ڪوٺــي بـيـٺـي رهـبـري،
    انــقـلابــي – رهـــبــري آهــي ڪــــٿـي؟

    جــوءَ سُـرهــي بــوســـتـان جـي شـاعـري،
    روشــني آ ڪـهڪشـان جــي شـاعـري، جوش،
    هوش ۽ حڪمتون جا ٿي ڏسون،
    دوســتو، ســمجـهو اسـان جـي شـاعري،


    رات کـي سڪـرات جــو آهي عذاب،
    جـــو اڳـيان اڀــريو اچــي پــيو آفتـاب،
    خــواب آ، هـر رعـب تخـت ۽ تـاج جـو،
    هڪ حــقيقت آهــي اڻ ٽر انــقلاب،

    مـاڻهون الُــري مـسـئـلي تـي مسئلو،
    ڪربلا گـذري تـه ڪـڙڪـي زلزلو،
    اهـڙي مــحـشر ۾ دلاور دوستـو،
    هــوش کـي گهرجي خدا جـو حوصلو،


    دوسـتيءَ جــو دم هـڻڻ ڏاڍو ڏکيو،
    ڪـنڌ تـي پربـت کـڻڻ ڏاڍو ڏکيو،
    ڪلڪيوليٽر کي ڇڏيو، انـسان کـي،
    يــار جـو ” هڪ ڳڻ ڳڻڻ“ ڏاڍو ڏکيو،

    عــزم اڏري آســمان کـان اڳـڀرو،
    عرش اعليٰ ڪهڪشان کان اڳڀرو،
    امــن جــو نغـمو ڏنـم گونـجـي ويــو،
    سـنڌ ڇـا سـاري جـهان کـان اڳڀرو،


    منهنجو حـصو مُـڱ، قـصو مختـصر،
    قوم منهنجي ڪوهُه، ساگر بي ڪپر،
    شـعر ارپـيم قوم کـي ٿڱي ويـا امـر،
    قــوم مـنهنجي مـعتبـر کـان مـعـتـبر،


    خـامـشي ۾ سرڪشـي ڏسڻي اٿئي-
    بـي ڊپـي بـانڪي ٽڪرَ ٽوڙي ڏي ڏس،
    خوامخواهه جـي مسخري ڏسڻي اٿئي-
    سـمنـڊ ۽ طوفان جي جـهيڙي ڏي ڏس،


    ”قــوم زنـدهه ٿـي رهــي پـر جـي زبـان زنـدهه رهـي“،
    مامتـا مَـرڪي، مَلهـي، پـر جي امـان زنـدهه رهـي،
    توسان، ها توسـان او ســنڌي قـوم آ منهنجو وجود،
    تنهنجو شان زندهه رهي پو منهنجي ”مان“ زنده رهي،


    ڪاٿي آ قـوم سنـڌي، قـومي زبان ڪـٿي آ،
    ٽي وِي اسان جي اڌمن جـو ترجمان ڪٿي آ،
    تـاريخ جــو جبر ٿـو طـعنو هڻي پڇـي پـيو،
    آزاد قــوم، تـنهنجو اوچــو نـشـان ڪٿي آ،


    پـرڀـات بـينه ٿـئي ۽ سـتـارا هلــيا وڃـن،
    طـــوفـان تــيز ٿـئي ۽ ڪـنارا هلـيا وڃـن،
    ههڙو ڪلور ڪنهن به نه هوندو ڏٺو ڪٿي،
    جــو ســاٿ پـيو هـلي ۽ سـهارا هلـيا وڃــن،


    مصري جي تــڙ ملي يـا وِهُه جـي ڳــڙي مـلي،
    مـاکـي مٺـي مـلـي يـا رسُــولَ ڪڙي مـلي،
    سنهن ساک زندگيءَ جي دلريش دلڪشيءَ جي،
    ڳاري ڳـهيءَ ڇڏيـسيـن جـيڪا گـهڙي مـلي،


    انـبن جــي پـال ۾ جـيئن گـدرو بـه رکـبو آهي،
    تـيئن انـتظـار ۾ تـون ڪـجهه اعـتــبار رک،
    هي چيز ڪم جي آهي مشڪل ۾ ڪم پئي ايندي،
    ڪانـئر – فـرار ۾ تـون ســورهـيـه – ڪــرار رک،


    کـلو سنڀالـي، سنُـڀـالـي، متان رُئـي نه پئو،
    رُئـو ته پاند سـان اگهندا وڃـو پسُي نه پئو،
    اڄوڪو ڏينهن، مس مس مليو آ مهلت ۾،
    سَـڌو هـزار، مـسئلا سـويـن، مـنجهي نـه پـئو،


    جـنون، جـوش اوهان جوُ تيـار آهـي مـتان،
    سڏي ڏڦـيڙ، مـڇرجـي، اٿـي، ڊڪي نه پئو،
    اهو به عيب غضُب جو آ، غير جي هٿ کان،
    ڇٻِي ملي ته اتـيئي جـُهڪي، هُشي نه پئو،


    دهـشت کي لڳـي بـاهه، ٽـپهريءَ ڌاري،
    عــزت جـي اگـهي آهه، ٽـپهري ڌاري،
    تـدبــير ۽ تـقـدير جـي هـمـت کـي آ،
    وَڻ وَڻ ڪئي واهواهه، ٽـپهريءَ ڌاري،

    اڙُاهه ويــو اونــداهه کــي سـاڙي اهــڙو،
    جو پند ته ڇا پاپ جــو پـيرو نه ملـيو،
    دريـاهه ويو گجگاهه کي لـوڙهـي اهـڙو،
    جــو ڏار ته ڇـا ڏار جـو ڇـوڏو نه ملـيو،


    امــيـر، پـيـر کــي زودار يــار جــي ڳـولا،
    وچين ڪلاس کي غـمٽار پـيار جـي ڳـولا،
    مِلون، بزار، ٻنيون ڳوٺ جون ڳليون شاهد،
    غــريـب لــوڪ، رڳــو روزگـار جـي ڳـولا،


    امـير، پـير کي آ مـانَ شـانَ جـو اونو،
    وچين ڪلاس کي ڪلچر زبان جو اونو،
    مَريض ملڪ جي قرضي عوام کي آهي،
    اٽي عـلاج، لـٽي ۽ مـڪـان جـو اونــو،


    دل جان جگر آهـي، وطــن جي ڌرتي،
    نـيڻن جـي نـظر آهـي، وطــن جي ڌرتي،
    هـر دُک جـي دوا آهي طبـيبـو، بـابـا –
    اڪـسير اثـر آهـي، وطــن جي ڌرتي،

    نوان مشال، نيون روشنيـون، نوان شعلا،
    نوان خيال، نيون ڪوششون، نوان جذبا،
    چـيو لطيـف، بـخاريءَ کــي، آزمـايـو هي،
    نـوان جــوان، نـوان قــافــلا، نـوان رسـتا،


    محفل جي لـفظ، لاٽ ۾ جرڪيو، اجُهيو وڃـان،
    سچ ٿي پڇين ته ڪو نه ڪو الڪو نه ٿو ڇڏي،
    ڪاٿي عـــــــزيــز زندگــي، توُکــــي وٺـي هلان،
    ڪنهن جاءَ تي به موت جو کٽڪو نه ٿو ڇڏي،

    ســقراط، رســل، بــــــاخ گهڻـو سمجهايـو،
    بي انت زمانا، توکي سمجهي نه سگهيس،
    يـا روح نـچـايئه يـا لڇـايئه، اهو ڇا هــو،
    بيــچين بهانا، توکي سمجهي نه سگهيس،


    قـبـيح دور ٿـئي ٿو قـديم جي ضـد کـان،
    ڏيو جديد جـي هٿ ۾، حسين ٿيُ وينـدو،
    فلڪ جـو فخـر اجـايـو ته هُـو اتـاهون آ،
    جـئي اڏُامَ اسـان جـي، زمـيـن ٿي ويندو،

    پڪ، پـَرک جي دنيا ۾ انومان اچي نڪتو،
    مـاڻـهن جـي مدد لاءِ هُـنومان اچي نڪتو،
    الياس، خضر کي چيو، گهر، شرِ ڪنان خير،
    جبريل جي پوشاڪ ۾ شيطان اچي نڪتو،

    تخليق جي هر شـڪل پڪـي شـاهد آ،
    خلاق جي انڪار جي وقعت ڪهڙي آ،
    بـي جسم آ، بـي مثـل آ، بــي هـيـئـت آ،
    اللھ جـي اقـــــــرار جـي صــورت ڪهڙي،


    تـعريـف ۽ تحـقـيق جو رد ڪد به ٻُــڌم،
    تشڪيڪ ۽ توحيد جي ٻڏتـر به ته هـئي،
    پئي عشق– عقيدي جي سهاري تـي وڌيـم،
    پر سُرت – سمڪ راهه ۾ رهبر به ته هئي،


    خوشبو چيو؛ مچـي پـيو هي روشنيءَ جو ميلو،
    سـنڌو چيو؛ جيـالن جُــي زنـدگــيءَ جو ميلو،
    تـاُريـخُ جو ڪنـن ۾ گـهوگُهو وڳـو، ٻـڌو مـون،
    گهوگهو چيو بزاريءَ، ڪڙمي ڪميءُ جو ميلو،


    ڏسو عـوام جو گـلشن، بـهار جـي خوشبو،
    نئين شعور جون هيرون، وقار جي خوشبو،
    کــڙي ڀـلي ته کــڙي بوســتـان ڀٽائيءَ جو،
    مــڙي ڀـلي ته مــڙي آرپــــار جي خوشبو،

    تکــو هونــدو ته ڄــڻ ڏاٽو تکـو هوندو،
    مـڏو هونــدو تڏهن بي مترڪو هوندو،
    لکيـو جيڪو بخـاري چـــوسـٽـو هوندو،
    فضا ۾ ڦڙڪندو، ڳاڙهو جهنڊو هوندو،

    جي ڪوڪون ٿا، وڏو هنگامو ڪوٺيو ٿا،
    جي سـڏڪون ٿا تُه ٿا اوٿر – ڳڙو سـمـجـهو،
    اسـيـن مـظـلوم الــرون ٿــا ته لــــــــرزو ٿــا،
    اجـهو مـڇـرون ٿـا، هـاڻــي زلــــزلو سـمـجهو،


    ايازي عيب سمجهيسين، نه تيموري، نـه تاتاري،
    پري پيري، اميريءَ کـان نه درگاهـي نـه درباري،
    اسان جو يار مزدور آهي، منظور – نــظر هـاري،
    تعارف مختصر آهيون اسين پورهيئي جا پوڄاري،


    جي سُرڪي ڏين ته ساگر ڏي ڏسان ڇو؟
    جـي راضــي ٿـيـن مــقدر ڏي ڏسان ڇو؟
    گڏي – گوڏي جي ويـهاري ڇڏيـن تـون،
    سڏي هوڏي، سـڪندر ڏي ڏسـان ڇــو؟

    ڏســان دل ڏي ته ديـوانو لڳان ٿو،
    اڃـا اڳـتـي ته ويــــــرانو لڳان ٿو،
    جو ڳايو پـنڌ ۾ اسُ، ڇــانءَ گڏجي،
    اهو دُوک – سک جو درگانو لڳان ٿو،


    مان پنهنجو عشق ماڻهن کي ٿو سمجهان،
    اجهل جـذبن کــي لـفظن ۾ وجهان ٿو،
    ائين ساگــر کــي بــازر ۾ ٿو پـهچايـان،
    کــڻي لـهرون کــي لوٽــن ۾ وجهان ٿو،

    مان پنهنجي دل جي ٻڙڪن کي لڪائڻ لاءِ ٽهڪان ٿو،
    اوهين سـمجـهو ٿا جـهومان ٿو، قـسـم اڌمن جو تڙپان ٿو،
    جـئين ٿـو عـشق جـو اوٿر اکـيڙي پـير منـهنجا ٻـئي،
    تـئين محـبوب تنهنجي سونهن کـي مــضبوط چهٽان ٿـو،


    اڄَــوڪن اڻَ ڏٺــن سـپـنن جو چـهرو،
    مان آئـيـندي جي درپـن ۾ ڏسـان ٿـو،
    ڪڏهن مـن تاس کيتن جي لـهي پئي،
    کڻي ساگر کي ڪڪرن ۾ وجهان ٿو،


    شـهيد – سِـنڌ جــو سَنـڌ سَهـيڙيو،
    ســوين بـخـرا ڪـري وِک وک وَنڊايو،
    ”فن هِن ديس جـي دِهه دِهه ۾ ٿئي هـو،
    وصـيت ويــو ڪـري، پوري ڪرايو“


    وڄــايون ڪيترو جـهومـي، نچي پــر،
    چپن جـو چـاهُه، چـنگن ۾ نـه ايـندو،
    ٻُـڌايون کـوڙ تـشبـيهون ڏئــي ايـندو،
    مــــزي جـو لـــطف، لـفظن ۾ نـه ايـندو،


    چمن جو واس جـهونڪي مان نه ايندو،
    مـگر جـهونڪو به بـُو ڏيـندو ته آهي،
    مــزو ساڀـيان جــو سـپني مان نه ايندو،
    اهــو مڃـبو ته ڪجهه ايـندو نه آهي،

    ڌڌڙ جــو جهول بنـجان هـا، مــرڻ کانپو،
    سـڄـي سنڌڙي تي ڇٽڪاريوم ها ساٿي،
    گـهڙو پاڻيءَ جـو پسجان ها، مــرڻ کانپو،
    کـڻي سـنڌو مـٿان هـاريـــوم ها سـاٿي،


    حقيـقت، علم، حـڪمت پيار لئه اقرار ٺاهيون ٿا،
    حـماقت، وهـم، ظـلم ۽ زور جو انڪار ٺاهيون ٿا،
    گـهڻن يـارن جـي ليکي ۾ مـڙئي اشـعـار ٺاهيون ٿا،
    ادب جو سُنهن اسين انصاف جو سنسار ٺاهيون ٿا،


    ڀــلـــــي امــــــرت لــڀڻ جـــي آرزو ڪــر،
    جهجي سـنڌوءَ جي جرَ جي جستجو ڪر،
    ازل کــان عــرش تـنَهنجي بـحث ۾ پـر –
    گهـڻي تَـرَ جي ۽ گهـرَ جي گفتگو ڪر،

    مـــري غالـــب نٿو مان ڇــو مــران،
    فــراز ۽ فيـض وانـگر پـيو جـيــان،
    ڀــٽـائيءَ کــي چيـم؛ بـابـا ٻُــــڌو –
    بــــــچي ”سنڌي“ ته مان به ٿو بــــچان،


    تشخص ۽ تـقدس سـو به هن تـَرَ جــو؟
    تڪلف برطرف، چڪچور ٿئي ٿو پيو،
    سـچل سـرمست وانـگر ست زبـانو هــي،
    ڀــٽـائي جو وطـن مشهور ٿئـي ٿـو پــيو،

    ڏنو آ ڏونـگرن ٿــر بر کي گهوگهو،
    ڪنارا سنگهرون، ساگر کي گهوگهو،
    اهــو آفــاق جــو گهـيرو ڏئــي ٿـو،
    زميـن کي، چنڊ کي، انبر کي گهوگهو،


    ٻُڌي ٿو ڪير ڪوئل تنهنجي ڪوڪو کي،
    تـماشــا بــاغ ۾، ٻــيلي ۾ ڌو ڌو آ،
    سنگهي ٿو ڪير سـرهيا تنهنـجي خوشبو کــي،
    انهـيءِ بــازا ۾ دونـهين جــي بــدبـوءَ آ،


    اهــو آفاق جــو گهيرو ڇـــلَـو آ،
    او هستي، چـــيچ تنـهنجي ۾ ڀــلـو آ،
    ڪري پوندو ڪڏهن ڪٿ نيستيءَ ۾
    گـسي ٿــو پــيو اڳـيئـي گهر گهلـو آ،


    ڏسيو وڻ – وڻ کــي اوٿر ۾ وڃـان ٿــو،
    ڇَڏيو مـنڇر، ننـڍي ڇـر ۾ وڃــان ٿـو،
    پــتو نـاهــي ته ڇــا ٿـيندو خطـي جــو؛
    مــئو اسـتاد ٻُڏتـر ۾ وڃـــان ٿــو،

    اهــي جــي ان طرف افـــــــــــلاڪ آهن،
    حميرئو، ڪاڪ ۾ ڄـڻ ڪاڪ آهن،
    وڌي مــاڻـــن ٿـا مـنــزل مـينڌرا ســي،
    جـي هڪ چالاڪ ٻــيو بــيباڪ آهن،

    جيئن برسات ۾ ڪيليون ائين ڀونچل ۾ ماڻهو،
    نـِڌڻڪي خلق، ٿي جي جيئي ها ته ڇـا ٿـئي ها،
    اجـايو انـتـظار اسـتاد، خالق کي ۽ خـلقت کي،
    قيامت سا هِتي ئي ٿي به گذري ها ته ڇا ٿئي ها،

    ته ڇا، گمنام ٿـي ويـنداسيـن يـَرَ آهستي آهستي،
    خـيال – خـام ٿـي ويـنداسيـن يـَرَ آهستي آهستي،
    پروان کي پناهون ڏيندي ڏيندي ڏينهن هڪ ايندو،
    اسـين خود سام ٿـي ويـنداسين يـَرَ آهستي آهستي،


    4

    پهاڙن جون وڏيون چوٽيون جهڪائين تون،
    خـلائـن ۾ اوپـالــن کــي ڊڪائين، تـون،
    عـظيم انـسان مـان تـوکـي مڃيندس پــو،
    جڏهن سـنسـار جـا آنـسو سُـڪائين تون،


    ٽـڏي خارن پڏَيو، خـوشبو ونگينداسين،
    گلن ٽهڪي چيو، مهڪون ونڊينداسين،
    جيئڻ جو حق، رُسـي قدسي کسيـندا جي،
    خدا جو سنهن، نه ڏينداسين، نه ڏينداسين،

    ڪشش جو ڪرشمو هرڪو مڃي ٿو،
    سَـگهو ”سگمنڊ“ آ جـبلـت جــو جادو،
    مگـــر دنــيا کي مـوهـيـندو وڃــي ٿــو،
    او دانـا ”ڪالـــمـا“ دولــت جـو جـادو،

    او ڏاها، تـنـهنجي ڏاهـپ جـو پـڙاڏو،
    هـــوا ۾ هـــــــير ۾، اوٿــر ۾ آهي،
    اٿـيو رائـين کــان راويءِ کــان گــذريـو،
    سـڄي سنسار ۾، گـهر گـهر م آهـي،

    کڻـي ڪنڊيـون، گـلابـي مـوسـمـون پــهتيون،
    ڪـري سـيـنگار ســهڻيون مــنزلـون پــهتيون،
    مڃينديون مات، جهڪنديون مشڪلون پهتيون،
    جـتي تـنهنجون ۽ مـنهنجون جـرئـتـون پـهتيون،

    عــقيدا تــو، بــنا بـنـياد ٺهرايو،
    اچـي پـيو فـرش تـي مـون عـرش ٺهرايـو،
    قنوطي، تون گهڻو هر وقت روڪيو پئي،
    مـگر مـون دور پـئي هـــر روز ڦـيرايـو،

    خـدا کـان ناخـدا تائــين خــيال آ،
    ازل کـان انـتهـا تائــين خـــيال آ،
    لــقاپور جو لـــقا تائــين خــيال آ،
    بـخاريءَ جو لــقا تائــين خـيال آ،

    وڌيو دنـيا جـي دل دڪدڪو آهي،
    وڏن لــوڏن ۾ دهشـت، دٻــدٻو آهي،
    قيامت ناهي، مـظـلوم، نه گهٻـرايـو،
    رڳـو ظـالم جـي گهر لئه زلــزلو آهي،


    حياتــي، نانــگ تـــي لـــت آ،
    يـا سَـرَ ٽــانڊي جـي سنـگت آ،
    مــزا، مـاتـــم اتــي مـاڻـــيـو،
    مـلــــيو مـوقعـــو غنـيمـت آ،


    هنـــر وارو هـجي، دنـيا سـڄــي دولـت ئـي دولـت آ،
    هــوا، سـورج، مٽـي، پاڻـي وڏي قـدرت جـي نـعـمت آ،
    فــقط سـهڻـا گـلابـي گـل، ســتارا، چـنڊ ئـي ناهن،
    جبل، جر، جهنگ سڀ سهڻا، رڳو صورت ئي صورت آ،


    جــليو جـيئرو وتـين ٿو جـوت ورڇيندو،
    مــرڻ کـان پـو مـچـي ڏيــکار، پو مڃـجي،
    نه تون عيسيٰ نه تون موسيٰ نه تون مائو،
    بخـــاريءَ ٿــي بچـي ڏيــکار، پو مڃـــجـي،


    نِـسورو زهــر پِـي ڏيــــکار، پـو مڃجي
    اهو پــي پو جيءِ ڏيـــکار، پـو مڃجي
    پچين ٿو پيو، بچين ٿو پيو ته ڇا ٿي پيو
    انهي مــچ ۾ نـــچي ڏيـــکار، پو مڃـجي،

    گـسي – پـسي پنجـيئـي ٿـي پـراڻا ويـا،
    ڇهين ِحس سان ڇُهي ڏيکار پو مڃجي،
    ته آخـر زندگي جو دنگ ڇـا هــونـــدو،
    زماني کــان پڇــي ڏيــــکار، پو مڃـجي،

    زمـانـــو، بــاهه ٻـارائــي، ڄـمـي وڃـجــي تـه پـو مڃـجـي،
    اشـــارو يـــــارو ڏيـارائـي، جــي وڃـجــي تـه پـو مـڃـجـي،
    ڪلئشنڪوف جي ڪڙڪڙ ۾ ڪوئل نيڻ مان شاعر،
    ڳـڙائون – مـينهن ٿي ڪڙڪي، گجي وڃجي ته پو مڃجي


    اسيـن سُـرهاڻ جـا گـيسو صـبا بـنجي سـنواريون ٿا،
    ڪندا شبنم جي قطرن کي نگاهن سان سـلام آهـيون،
    نه ڪنڊن کي ٿا کيڪاريون نه ٿوهر سان رکون ياريون،
    مــگر رابـيل جــا نـوڪـر، گـلابـن جــا غـلام آهـيون،


    اچو، ايـندي صـديءَ جـي آجـيان ڪريـون!
    نشانبر ”امن – عالم“ جــو نـشان ڪريـون!
    هــــٽايـونُ ايــٽمـي آڙاهه ڌرتــيءَ تــان!
    جهنم گم ڪريون، جنت عيان ڪريون!


    زمانـي جي گهڙي ۽ مـان يڪسان،
    گهڙي گــذري، زمــانـو لازوال آهـي،
    جثو مينار، ٿيندو ڌوڙ هڪ ڌڪ سـان،
    مــگر پــيغام منهنجـو لازوال آهي،


    ٻه پـيرا، ٻـن – هـٿيا، تون ڇا ته طاقـت آن،
    ڪـئـي نافـت، ڪٿي نـاز ۽ نـزاڪت آن،
    جــهنم، جـنتون تـنهنجي طـبـيعت ۾،
    تون پنهنجي هـر قدم تي هڪ قيامت آن،


    انــڌارو پـرهه ڌاري ڦـٿڪندو، ڏسـبو،
    سويــرو صبح ايندو جهـومندو، ڏسبو،
    پـٽيندو پٽڪو لاهـي تـارو تـارو هُـت،
    هتي پيو ٻوٽـو ٻوٽـو ٽهڪندو ڏسبو،


    هـي ايـڪهيـن صـديءَ جـي انـتظار آهــي،
    فـلڪ بـي چــيـن، ڌرتـــي بــــيـقـرار آهـــي،
    شڪاگو کان هوانگو جهونڪي جهونڪي ۾،
    ڪـنايــو، ”امــن – عـالم“ جـي پـڪار آهي،


    اڳـيان سنسار، ايڪهين اچـي ٿي پئي،
    ڏسون ٿا ڪـامـپـيوٽر تي هلي ٿي اچي،
    دڳـن تـي نرڳ، سـرڳ آهن سـجايـا ويـا،
    عجب آهي، پڇي ٿي ته به نچي ٿي اچي،


    رذيل انسان خـود شـيطان ٿي ويـنـدو،
    عـظيم انسان ڄـڻ يـزدان ٿي ويـنـدو،
    ڀيانڪ خير، شر جو معرڪو هوندو،
    زمــانو حــشر جــو ميـدان ٿي ويـندو،


    ڳجُــهايو جنگ نـاحق جي، پيمبر ٿيو،
    کـــڻو گيــتا جا ۽ قــــرآن جــا گفتا،
    ڀــٽائيءَ ۽ بخــاريءَ کـي گهرائي چئو،
    ٻُــڌايو امــن عاليـشان جــا گـفـتـا،

    ٻُــڌو ”ون ورلـڊ“ جـو ”بشري – ترانـو“
    اڀــرندي ۽ الـهندي جـو خــزانــو،
    وِڄون ڪرنديون ته ايٽم بم ٿي هاڻي،
    نه جـلندو ڪو جـهان ۾ آشــيانـو،


    زمــانن کـي نــپوڙي ٿـو ڪڍان نغمو،
    ڪتابن کي نچـوڙي ٿـو لـــکان نغمو،
    مٺـو محبوب جي ڀرپـور بــوسن کان –
    اهــو امن و امان – امن و امـان نـغمو،


    جـهنم کان شعاعي جنگ بدتــر آ،
    نَــظارو امـن جـو جـنت کان بدتــر آ،
    اڏُا جنگين جا ذهنن مان پـيا پـٽجـن،
    کـلي ويو امــن جـو هـر دل ۾ دفـتر آ،


    ندين ڪوڪيو، آڏُنِ ڀڻڪيو، اڃُارن جي ضرورت آ،
    پڪاريو ڪڻڪ ڀـانـڊن ۾، بکُارن جـيَ ضـرورت آ،
    مـگر آڏو ڀـتر نـاهـن ڀُــرن، ٽـُڪڻـا ٽـڪـرَ آهــن،
    لکن تـيشن، لکـن فـرهاد – پــارن جــي ضـرورت آ،


    چنيسر جو رڱيون چـهرو، اڱارن جـي ضـرورت آ،
    ٻُڌايون نــوڙَ جـي پـڳ، راڄ وارن جـي ضـرورت آ،
    تکا تازي ٽٽونءَ وانگـر ڊڪي ڊُڙڪي ڊڊا ٿي پيا،
    اشارن مان نه ڪجهه ورڻو آ، ٽارن جي ضرورت آ،

    جـتي سـهڻـيون تـري ڄـاڻن، نـوان ميهر ملهي ڄاڻن،
    اسـان جو عزم کـي اهـڙن ادارن جـي ضرورت آ،
    چڙهي ويا چنڊ ڏي ڪافر، لڙي ويا حور ڏي مومن،
    هـتي هـڙني کي هوندي حـسن وارن جي ضرورت آ،


    صدين ۾ ٿيو به هڪڙو ديدور پيدا ته ڇا ٿي پيو؟
    اسـان جـي ڏيهه کـي ڏاهن هزارن جـي ضرورت آ،
    نوان ســقراط، افلاطــون پـيو استـاد پـيدا ڪـر!
    زمـاني کـي نڪورن شاهڪارن جي ضرورت آ،

    جـو اڀـو ڳاٽو، اهُـو نـاهـي جـهڪيو،
    دار تــي رهندو اڌو، نـاهي جهـڪيو،
    پـنج کنـڊ ۽ سـت مهـا ساگـر گـواهه،
    ڀونءَ تنهنجو پٽ ڀٽو، نـاهي جهڪيو،

    جــيءُ جـيجـي، ٿـج تـنهنجـي ٿـي مــلهي،
    تــنهنجو هـر سچو ٻچو، نـاهـي جهڪيو،
    سَنگههَ سامبس، شينهن دودو، هوشو شير،
    انـگ اڌو اڌ ٿـيـا، مـٿو نــاهـي جـهڪيو،

    مـرد، محـمود ۽ مـتـن وڙهـندي وڌيــا،
    تخـم درياهه خان جـو نـاهـي جـهڪيو،
    جهوڪ جو جهونجهار بانڪو بي ڊپو،
    عـام سـاٿي ٿـي اٿـيو، نـاهي جهڪيـو،

    روپــلو ڪولهي سَـلي ســاٿـي نه ٿـو،
    آڱــريـون شـعلو الُـو، نـاهي جـهڪيو،
    ڀـيـڻ بخـتاور، بـلاول، نـون – عـين –
    ڌڙ ڌڪيو، سينو رڌو، ناهي جهڪيو،

    تـرت ٿـيندو اڀَـري سـڀـري جو حساب،
    وقت سانڍيو واڪي واڪي جو حسـاب،
    رازَ، نـيرو هـٽـلـرو، ڦــورو ٻـــــڌو،
    ورتــو وينـدو ذري – ذري جــو حــسـاب،

    مـائــرون، ڀڻيون، ونـيون جـيڏيون رنيون،
    سو سنڀارج سڏڪي سڏڪي جو حساب،
    چَنـئري چَنـئري ڏي نـهار ڪر عُــمـر،
    پوتِـي پوتِـي، پـٽڪي پٽڪي جو حساب،


    اک پـَٽي جـهولا، ڪـليــــــــون لـــوسـاٽجــو،
    ڪور کي پيو جهونڪي جهونڪي جو حساب،
    هـان وٺــو، پـلپـل دعـا، دم دم عـمل،
    جــي وٺـون ٿــا لــمحـي لــمحـي جــو حــساب،


    قـط، قـلم، هٿ، هـوش هـججو هوشـيار!
    قوم وٺندي ٽٻڪي ٽٻڪي جو حساب،
    شـاعري، اســتاد تڪـبـي تــوربــي،
    جلد ٿـيندو جملي جملي جــو حـساب،

    هـڪ مـسئلـو فـقيه، پـُڇـون،ڪجهه ٻُڌئجو،
    ڦٽڪو لڳي ته ڪئين لڇون، ڪجهه ٻُڌائجو؟
    تحت الثـريٰ جهڪون جي، اٿُون آسمان ڏري!
    ڪيڏو ڪرونڊڙو ٿي رهون، ڪجهه ٻُڌائجو،

    اڀُ تـان ڌڪيو ته ڀُونءِ تـي آدم اچي ٽڪـيو،
    ڌرتي ڌڪي ته ڪيڎي وڃون؟ ڪجهه ٻُڌائـجو،
    او مِـير، پـيرَ، کـير – کـنڊون کـائـجو يڪـيون،
    ڪاٿي ضمير دفــن ڪـيون، ڪـجهه ٻُـڌئجو!


    ڇـو رات کـي بـه ڏينهن سڏيون، ڪفر ۾ پئون،
    ڇاڪاڻ ماڪ، مينهن مڃون؟ ڪجهه ٻُڌائجو،
    آڙاهه ٿـي جڏهـن بـه جـُوالا جـهجـهڙ ڪجــو،
    طـوفـان ٿـي اسان بـه اچـون، ڪجهه ٻُـڌائجـو!

    دهـر جي ديد ۾ اڳ ۾ ئـي گهڻي عـبرت آ،
    شـعر جـي وات ۾ پـيغام بـه حيرت جهڙو،
    ٿي خدا پاڻ مون ٿي پاڻ ڏي جـبريل مڪو،
    هو انهي خـواب جو الهام به حـيرت جـهڙو،

    هي به لکـبو ٿــر جـو هـڪڙو سـانحـو،
    مينهن بـدران ماڪ سان سرچي ٿو پيو،
    نـاکئـا! رکجــو نــظـر هــر شـخـص تـي،
    ڪي ته ٻيـڙيون خود خضر ٻوڙي ٿو پيو،

    تـون کـڻي تـيلي هـنئـي، ٻـوڙو ٻريـــو،
    بـوڙي مان ٻـيلوٻريـو ڀـڙڪي ٿو پـيو،
    بـاهه ٻـارن ٿـيون بـخـاريءَ ذلــتــون،
    ديـس آهي ديڳـڙو ٻـڙڪي ٿـو پــيو،


    اوٿـر نه ٿـي اٿـاري موسـم، متان ڪرن ٿُـڙ،
    ٿي هيرن گونچ چيري، چرڪا نه ڪو ٻڌي!
    وهه جـو وٽـو هـٿن ۾، قـاتـل اجـل اکيـن ۾،
    سُـقـراط جـا سـچـيتا گـفتـا ته ڪـو ٻُــڌي!


    سسئي ڊڪـي سـڃن ۾، سـهڻـي ٻڏي ڪنن ۾،
    سهڻن جا هِـيڏي هوڏي سـهڪا ته ڪـو ٻُـڌي،
    عاشـق جـو لاش تـڙپي، پِـٽڪو نه ٿا ڪـريو جي،
    وهواهه ته ڪجهه ڪريو جو وهوا ته ڪو ٻُڌي،


    ڪنـهن دردمـند دل جــا دهـڪا تـه ڪـو ٻُـڌو،
    ڀـڻڪـا نه ٿـو ڪـنائـي، واڪـا تـه ڪـو ٻُـــڌي،
    لازم نه آهي ڪنهن جي هر ڪوڪ ڪو ڪنائي،
    ڪٿ ڪٿ، ڪڏهن يـر ڪاڪا تـه ڪـو ٻُــڌي،


    ڇهين حِس ڇرڪ ڇيڙي ٿي ته تڙپان ٿو،
    کـڻي مـون کـنڊيـڙي ٿـو تـه تـڙپـان ٿــو –
    ازل ڪاهـي، ابـد ڳاهــي چـڪو آهـيان،
    خـيال اڳـتي بـه کـيڙي ٿــو تـه تــڙپـان ٿـو،


    جُـي اوٿـر، مـينهن ۾ آيـو اجَـهو سـمـجهـي،
    اٿـي ٿــوڻـيون آکـيـڙي ٿـو تـه تـڙپـان ٿــو،
    گهٽيءَ مان ڪوبه ڳڀرو گهوٽ گذري ٿو،
    ڇـتو ڪو واچ ٽيڙي ٿــو تـهتــــــڙپـان ٿــو،

    مــرڻ جـي مـند ئـي نـاهيـس پــر جوڌو،
    جيئڻ جي جـهيڙي ٿـو ته تــــــــــــڙپان ٿـو،
    شـڪاري جـــــــــوءَ ۾ شـهـباز پـالـي پـيو،
    بخــاريءَ مــور مـيڙي ٿـو تـه تـــرپان ٿـو،


    ڪـيـتـري ڏاڍَ تــــو تــوڏ تـاتــي،
    ڏنڀ ڏئـي ڏيهه جــي ڇــلــي ڇـاتـي،
    قــوم ڪوڪي، لڇن پڇُن ڀـــــاتـي،
    ”شــــــــرم تم ڪو مگر نهيـن آتي،


    زنــدگي ٽـڪٽڪي وئــي بـنجــي،
    شاعـري، زهـر جـي وَٽــي چـاتــي،
    ڇـيڄ ڦٽڪا وجـهن نچــي ڪاتـي،
    ”شـــــــرم تم ڪو مگر نهيـن آتي،


    واهرو، ويــري ٿــئي، پــوءِ ڇـا ڪجي؟
    روشني مـيري ٿئي، پــوءِ ڇــا ڪجي؟
    جو ڪري چــوري، پــوءِ ڇـا ڪجي؟
    سـو اچي پيري ٿـئي، پوءِ ڇــا ڪجي؟


    زندگـي اهـڙي آهي، پــوءِ ڇــا ڪجي؟
    هائو وهه جهڙي آهي پوءِ ڇا ڪجي؟
    مُـنهن نه رهڙي آهي جو مکجي ملم،
    دوست دل رهڙي آهي، پـوءِ ڇا ڪجي؟

    چاهه چــاقــون ٿـي پوي، پـوءِ ڇا ڪجي؟
    هانءُ ڦـاڪون ٿي پوي، پوءِ ڇا ڪـجي؟
    ٿــر تــتو تـاسـو گـهري ســاگر مـــگــر،
    مينهن ماڪون ٿي پوي، پوءِ ڇا ڪجي؟

    ڪـي پـِي پـِي ڍَو تــي ڦـوڪـون ڏيـن،
    ڪي سُرڪي ڪاڻ به ڪوڪو ڪن،
    سمجهڻ جي ڪيم، سمجهي ته سگهيم،
    هــــــــن مـيخانـي جـي هيءَ الُـجهن. . . . !


    نــئين ٻــار جــون ريــهون ۽ لاڏا،
    مــرحوم جــي خــامـوشـي، ڀٽـڪا –
    سمجهڻ جي ڪيم سـمجهي نه سگهيم،
    خــود مــطـلـب دنــيـا جــــــي مـنشـا،

    جِـــت ماڪ رُئــي هـر ورق مــــٿـان،
    اوٺ مکـڙيون مـشڪن شـوق مــنـجهـان،
    سمجهڻ جي ڪيم سمجـهي نه سگهيم،
    بــاغـــن ۾ بــهاري آ يـا خـــزان؟

    آيــــــس ته هيـــس مـان نــامـــحــرم،
    ويٺـــس ته اوٿـــاريــو ويـــس يـــڪـدم،
    سمجهڻ جي ڪيم سمجهي نه سگهيم،
    هَـــــــــن محـــــــفل جا هي ڪم ۽ غم،

    هوا جون ڀونءَ سان ڀڻڪو به سمجهان ٿو،
    نـئون خـوشـبوءِ جو لهجو به ســـمجهان ٿو،
    ضـروري نـاهـي هـي دنـيا ڪـري ڌڌڪـو،
    مان هن جي دل جو هر لڪو به سمجهان،


    اهـو آ انـقلاب، سـچو ڇاهي، سو سمجهان ٿو،
    ٽـٽي ڳاٽن جـو پـيو ٿـو ڳٽ به سمجهان ٿو،
    گجـــي ٿــــر گاج، ســــاگـر ٿـي زمـــانو –
    انهي گونگي جو مان گـهوگهٽ به سمجهان،


    ڪچو ڇاهي، سـچو ڇاهي، سو سمجهان ٿـو،
    مـزو ڇــاهي، ڏچـو ڇـاهي، سـو سمجهان ٿـو،
    ڪروڙين سنـڌ – جـوڌن ســان سگهـو آهـي،
    بخـاريءَ ۾ بچـيو ڇـاهي، ســو سمجهان ٿـو،


    نٿو سُمجهان مان ڪجهه، سڀڪجهه به سمجهان ٿو!
    او اونهـي ڳالهه تنـهنجو ڳجهـه به مان سمجهان ٿو!
    ازل کـان اڳ ابــد کــان پوءِ اونـــد!
    زمــانــا تـنهنجو منـهن ڇــا، پـڇ به سمجهان ٿو!


    يــار جـي نـه ايـندي تـه قـهر ٿــي ويـنـدو،
    ڇــو تـه برسات نـه پـوندي تـه ڏڪـر ٿي ويـندو،
    وقت، حالات جي تبديل کي ڏس، بحث نه ڪر،
    پشَـمڙو گوءنچ بـه آ پنـڊ – پـٿـر ٿــي وينـدو،

    ســج ويجهو ٿو اچي اڳ، دڳن تـي بـرندي،
    ٻوڏ بـازر ۾ مـزورنُ جـو پگهر ٿـي ويندو،
    صُور ڦـوڪيان ٿو اٿو مئٿ، قيامت ٿيندي،
    عيش مظلوم لئه، ظالم لئه حشر ٿي ويندو،

    تنهنجو شيطان ٿو ڪوثـر تي ٻَڌي بنَد خدا!
    تنهنجو فــردوس، بــيابان ۽ بـَـرُ ٿــي ويـندو،
    سـنَڌ آ سـاهه، بنا سـاهه نه جـي سـگهبو آ،
    منهنجا محبوب! سوا تنهنجي گذر ٿي ويندو،


    هــو سليـــمان جــو بــولان ۽ خـيبر شاهـد،
    ديوَ – بـيداد جــي ديـوار ۾ در ٿــي ويـندو،
    ڪو به انسان لئه ڪم ناهي رهيو ناممڪن،
    ماڳ آزاد نه آ منـهنجو مـــگر ٿــي وينـدو،


    ايـلاز کـــي اعـــجاز بــنايـــــا ته بـــــــچان!
    جــــي قــاز منـهنجا بـاز بنـايا ته بـــــچان!
    مــيدان ۾ بيــٺو آ اڳـيـان بـُـوقــلمون!
    مـــمـتاز ۽ دمــساز بــنايــا ته بــــــــچـان!

    خوش خير کي خـوشحال بـنايـا ته بــــچان!
    اقـــــــوال کـي اعــمـال بــنـايُـا ته بــــچان!
    سرمست جــي بيـتن مـان اٿـاريـان اوٿــر!
    ڀـٽ گهوٽ کــي ڀُونچـال بـنايـا ته بــــــچان!

    ويـنجهار مهاويـر بـــنـايـا ته بــــــچـان!
    هــر شعـر مان شـمشيـر بنـايـا ته بـــچـان!
    تــــــاريخ مـڪو شـرط آ تحـريڪ هـٿان!
    تـــــدبــير سـان تــقدير بـــنـايـا ته بـچان!


    تحـــــريـر کـي تــرار بـنايون، بــچي پئون،
    ڪوڪار مان ڪٽار بنايون، بچي پئون!
    هـــن ديس لئه هـزار اٿُــن جـانـبـاز پــيا،
    هڪ هڪ منهجان هزار بنايون، بچي پئون!


    بــندوق ۽ ڪتاب مـٿان دسترس هجــي،
    هوشــيار پنـهنجا ٻـار بــنايو، بـــچي پئون!
    سهڪار امن، پــيار ۽ انـصاف سان هجي،
    ڏهڪار تو ۾ ڏار بــنايو، بـــــچي پـئون!


    غـدار دوسـت ٿِيـن، ڌڪار ٿُڪي ڇڏيون،
    جهُونجهار، پنهنجـا يار بنايون بـــــچي پئون!
    جيڏا نُه گيت بيـت قطعا، نظم ٿا گهڙيون،
    ايڏا اٿـي هــٿـيـار بــنـايو، بـــــچي پئـون!

    پرمـــار لاءِ هــار هـٿن ۾ کنيون وتـون،
    حـقدار لاءِ هــار بـــنايو، بــــــچي پـئون!
    ماري وجهن ٿيون ترَ کي مسلسل منافقيون،
    جـــي فيـصلا سچـار بــنايون، بـــچي پـئون!

    ”ڇـا ڪجي“ کي ڇڏ بخاريءَ، اٿ، اٿُون!
    ڪر تکي تڪڙي تـياري، اٿ، اٿون!
    سمنڊ ٿيون، سيلاب ٿيون، برساُت ٿيُون.
    ظـلم آهي ڀـــونءَ ٻاري، اٿ، اٿون!


    زمَانـا ساز وڄـايو، مڪان جهومي پــيـو،
    زمين رقـص ڪيو، آسمان جهومي پــيــو،
    ڏٺـــو لــقاءُ فرشـتن، بهشــت جي وچ ۾،
    جوان زال سان هڪڙو جوان جهومي پيو،


    پـيٽ ٻــارڻ جــو ٻــاريو، اجُهيو ئـي نه ٿي،
    پياري رِي روح منهنجو رُجهيو ئـي نه ٿي،
    زنــدگيءَ کان پـڇيم، پـيٽ ۽ پــيـاري ري،
    ٻيو ڪو ڪم ڪار توکي سُجهيو ئي نه ٿي،


    تنهنجو جلوو منهنجي جذبـي سان جڏهن جڙجي ويو،
    تنهنجو ڪجهه قابو ٿيو ۽ منهنجو سڀ ڪڙجي ويو،
    ديد، ديدن کي قبـوليـو، دل سان دل لانـئون لڌيون،
    مون ته سمجهيو هو جو پـڙهـبو آهي سـو پڙهجـي ويو،


    سُــونهن سـڄـڻ جـي جهـولي سمـجهيم،
    هــي تـه پـٿر جــي اکــري نـڪتي،
    مـحـبت ڇـــانوَ ڇَــــپرَ جــي ڀانــيم،
    هــي تـه ٻـــٻــر جـــــي مُهري نڪتـي،


    جـنت به اهَا آ، جِــت ٽــــلندو هونــديـن!
    جنتي جنتي جن ساڻ تون ملندو هوندين!
    دوزخ جـو ٺرَي هـــانءُ ته پــوندو هوندين،
    هن ڏانهن نهاري جي تون کــلندو هوندين!


    هُـن شـوخ نـگاهن ســان ڦرُي دل ورتـي!
    مــون شوق – نـظُر ســاڻ ســندس حـسن کُسيو،
    هڪ گـنج ڦرائـي وري ٻــيو گـنج لٽيـم،
    نه ڪو نعفو ئي پيو ٿم، نه ڪو نقصان رسيو،


    اهي ڪو، ڪنهن جي ڪنهن سان ڀلا دل لڳي جهلي؟
    اهو ڪو، پـوش پـوش ڪــري روشــنـي جـهلـي؟
    هـا، مـــــوت ٿـو هــزار تــباهيون ڪــندو وتـــي،
    پـر هُـو سـگهي ڪـٿي ٿـو نـئين زنــدگي جـهلـي؟


    تون مون کي وڻين ٿو، اهو آهي ڪافي،
    مان توکي وڻان هي ڪو ضروري ناهـي،
    تـون سونهن پـيارين ٿو پيان ٿو ساقي،
    پــر پيار پيان، هــي ڪو ضروري ناهي،


    تــون سهُڻـي نـه آهــين ســو ڏسـان ٿـو ويٺو،
    هن ديس جي فردوس جي هڪ حور آهين،
    مان ڪيڏو گنهگار، مان ڏاڌو ڪوجهو-
    هـي ڪيڏي ســزا آهـي جو تون ڏور آهين،

    محبوب ۽ مـشـتاق ٿي پالـين، سـانـڍَين،
    ڪيڏي نه حــسين آهـي او دنــيا! الا! !
    حورن جــو وطن آهين وڻـين ٿــي ڏاڍي،
    جـنت جـي زمـين آهـين او دنــيا! الا! !


    آڳ جــي دريــاهه ۾ ڊوڙي ڪڏان،
    هُــن ڪناري تــي اگــر سُـهڻي هـجي،
    زندگي ڪوجهـي کـان ڏاڍو ٿو ڊڄان –
    مـوت جــي ئــي پــر خبـر سهُڻـي هـجي،


    ٻـک وجهي سـاڻس سـمهي مـاڻيان مـزا،
    مـان مـران جهٽ جــي قــبر سُهڻـي هجي،
    ڪر قـيامت ڪيـر ٿـو روڪـئـي خـدا،
    شــرط هڪڙو آ، مــگر سُـهڻـي هجي،


    مان پنهنجي جند پنـهنجي دلربـا توکـي چوان،
    پر اهي ٻئي بــيوفا ڪئين بيوفا توکي چوان،
    ڪـفر ٿـيندو خود خدا يـا خدا توکي چوان،
    مان وڏي ويچاري ۾ آهيان ته ڇا توکي چوان،


    حـسن کـي مـڃجـي يـا مـڃجـي عـشق کـي،
    قيـس ري مڪتب مان ڪو مجنون نه ٿيو،
    حـسن – يوسـف کـي کـپائي ڪـن ڇـڏيـو،
    ڪـو زليخـان وانگيـان مـفتـون نـه ٿـيــو،

    عـشـق منـهنجـي جـا اٿُـيو اوٿــر پـــون،
    سونـهن تـنهنجي جــا لڇيــو سـاگر پـــون،
    ڪيئن ته ٻانهن جي ڪناري جا وڪـڙ،
    چاهه جـي چيلهن ۾ ٿـا هـــر هــر پــــون،


    نــظر سان مُرڪ مـيڙيـندو وتـان ٿـو،
    چــپن سـاهه چـاهه چونـڊيـندو وتـان ٿـو،
    ڇُـهڻ بــن سـاز ڇـيڙڻ مـعــجــزو آ،
    سِڪڻ سان سُونهن ڇيڙيـندو وتــان ٿــو،

    مون کي تــڙپايـئه، طبـعت، مهـــربانـي!
    ماڻـهپو بخشــــيئه، مــحـبت، مهـــربانـي!
    ويـس بچـي جـو رَاهه جــو پـٿر نه ٿيــس،
    دردمنـدي دل جـــــي دولـت، مهــــربانـي!


    هُلَ هَاڻ ته مکجيس مَلم ڪا موسم!
    ٿـڙ ٿُـُڙ کان چــمن چِـيرجي پـيـو آهي،
    هن تانگهه جــي تــقــدير بــنائــي شايد!
    هڪ عشق، جـو تحريڪ ٿي پيو آهي،


    اسـتاد بخاريءَ جـــي ڏســي دل زخمي!
    هــر لـفظ جگـر – جـهيـر ٿـي ايـندو آهي،
    هڪ دوست جي غمگين تڏي تي جيئن ڪو،
    ٻـــــيو دوســـت به دلگيـر ٿـي ايـنـدو آهي،

    سـاميءَ تـي سـنڌ جـون حُـورون هلي اچـن!
    روئـن تـه، منـهنجي خاڪ تي تـارا ٽمي پون،
    مُرڪن ته، ڪنڊ ڪنڊ تي موتيا کڙي پون،
    مـوٽـن ته، ڪي مـلائـڪ پـويـان لڳي پـون،


    تون ڪوٺي مُرڪ سان گڏ سُرڪ پيارين ٿي،
    زمـانـو، بـاهه جــا شــعلا الاري ٿــــو،
    تـون سُـرهي سـيج، پـاسي ۾ ويـهاريــن ٿي،
    تـه جِــيونَ جــرجـلو بنــجـي اٿـــاري ٿــو،


    گــــلابي زنــــدگي تــوسان مـلان ٿــو،
    الائـــي ڪيــتــرا ڪـنــڊا لــتـــاڙي،
    تڏهن چهرو مکـڻ تـنهنجو چُـمان ٿــو،
    جڏهـن مـان ٿـو اچـان ٽـوٽــا چـٻـاڙي،


    زمــانـو دُور دردن ۾ ٿـو اڇُــلائـي،
    تون ڊوهي مون کي قربن جو اجهو ڏين ٿي،
    تتـيءَ ريتـيءَ تي مون کي وقـت ٽــچڪائي،
    تون ڊوڙي پنهنجي زلـفن جو اجهو ڏين ٿي،


    تون زلـفن ۾ لڪين ٿـو، زور جـا زنـجير لوڏي ڏس،
    ڇُهين ٿو تر ڳلن جا، ترم–گهر جا ڪير لوڏي ڏس،
    پپر ۾ پينگهه جيڏن ساڻ لوڏي روز جـُهومين ٿـو –
    جوان آهين ته قيدي – قوم جي تقديـر لوڏي ڏس،


    5

    مون ننڍي هوندي ٻُڌي تنهنجي وڏي ساراهه عشق!
    پر جـواني ۾ وڌءِ سـاڙ، لڳئـي شــل بـاهه، عـشق!
    منهنجي زاري آ بخاري، ڪير ٿـيندو آهيان مان،
    ميهـر ۽ مجنون جـهڙن جـا ڪڍيا تــو لاهَه عشق!


    ڪيـترن جا ڌڙ، سريون ٿي ويـا صَـفا بهُه، تهُ، اٽـا،
    وقـت جي پـڙ تـي عشاقن جـا ٻڌا تـو ڳـاهَه، عشق!
    حـسن آ مـحبوب سـو مـغرور رهـندو ئـي پــيو،
    توکي جيڪا ڪاهڻِ آهي وڃي سا ڪاهه عشق!


    تعلــق هـو تـوسـان هـڪ تِــرُ سَهـي،
    انهيءَ تِـرَ تـان قــربان هڪ سِــرُ سهـي،
    چَميم تنهنجو ديوارون، در هڪ صـدي،
    او مــهامان – گـهر، مــان مـسافـر سَهـي،


    امــــرتا نه تـون، مــان نه سـاحـر سهي،
    لڪي پئــي لڇـياسـين نه ظاهــر سـهي،
    تون منهنجي سڄي عـمر جي شــاعري،
    مان تـنهنجو سڄــي عـمر شاعـر سهـي،


    هڪ ديس جـو هڪ دور هيو ڀِنڀ ۽ ويران،
    ويـــران به اهـڙو جـو بـيابـان لڳي پـــــيو،
    ”هڪ شخص“ انهيءَ سڃ ۾ فردوس درخشان،
    هــر پــير گلسـتان – گلسـتان لڳـي پــــيو،

    هڪ شخص ”يتيم“ آهي، يتيم آهي اهـڙو،
    دنيا جـي يــتيمن جـو نگهبان لـڳـي ٿـو،
    هڪ شخص عظيم آهي، عظيم آهي اهڙو،
    مـنان کان پوءِ، سڀ کان مهامان لڳي ٿـو،


    هڪ شخص ”امين“ آ، نه رڳو مان ٿو مڃان پر!
    دشـمن بـه مــڃن بيٺـا امـانـت ان جـي،
    هڪ شخص ذهين آ، نه رڳو مان ٿو چـوان پر،
    تـاريخ تـي ثبوت آهــي ذهــانـت ان جــي،


    هڪ شخص جو انسان آ، ايڏو ته عجيب آ،
    اطـوار ۽ اظهـار ۾ يــــــــزدان لڳـي ٿـو،
    هڪ شخص پڙهيو ڪونه آ، ايڏو ته اديب آ،
    جـو انُ چـيو، ا جــون قــرآن لڳــي ٿــو،


    هڪ شخص ڇڏي شهر، وڃي غار ۾ ويهي،
    افلاڪ تي، آفـاق تـي، سـنسار تـي سـوچــي،
    هڪ شخص ڀري شام جي بازاري ۾ بيهي،
    پــــــــرمار تـي، زوردار تـي، نـادار تــي سـوچي،


    هڪ شخص گهرو پيار کان هڪ وار نه واندو،
    سـنسار جـي سيـنگار لئه آزار سهــي پـيو،
    هڪ شخص ڪڏهن نرڙ مٿان گُهنڊ نه آنــدو،
    انصاف جي آواز تـي تـــلوار کڻـــي پـــيو،

    هڪ اسم، اکر چار ڪو ٽٻــڪو به ته ناهــي،
    پر چـئن ڪتابـن جـو آ عرفــان انهيءِ ۾،
    هڪ جسم، چون جنهن جو ڪو پاڇو به نه ناهي،
    ادراڪ ۽ وجــدان آ جـبـران انهــيءَ ۾،


    محبوب خدا چئو ٿا، جـي نه مڃـي ڪو،
    مون کي ته اهو فخر آ، محبوب – بـشـر آ،
    حڪـمت نـه نـبي زنـده مڃي، آءُ ادب ڏي،
    قــرآن جــو هـر لــفظ ثبوت آ ته امــر آ،


    هــر ريت ڪرڻي نعت، سـتارا نعتون،
    بـرسات نديون، نهر جــا ڌارا نـعتون،
    اسـتاد جـا اشـعار تـه ڇـا او شـاعـر،
    قــــرآن جــا ٽـيهيئـي سـيـپارا نـعتون،


    لال لطيف جـي ڳالهه هلي پئي يـارن ۾ اغيـارن ۾،
    بيـٺڪ بيـٺڪ، محـفل محفل، اوطـاقن، اوتـارن ۾،
    سنڌ ڪويءَ جي سچي ساره، چمڪي چنڊ، ستارن ۾،
    گلشن گلشن ، صحـرا صحـرا، دريـاهـن، ڪهـسارن ۾،


    شـاعريءَ جـي آسمان جـا آفـــتاب،
    تـنهنجا روشـن شــعر ذهنـي انقـلاب،
    ذات تـــــوڙي ڏات تـــــوري لات ۾،
    شـاهه شاهـنشاهه آهـين لاجـواب،

    ”ڪن“ گهڻوئي ٿي چڪاسين او لطيف،
    ويـڻ کائـي، ”وات“ ٿـيا آهــيون اسـين،
    ڪالهه تـائين ٿي ڪٺاسين ٿـي ٻڪـر،
    اڄ قـهر تي ڪات ٿـيا آهيون اسيـن،


    ”صبر جن جو سينڱ“ پنهنجي جاءِ تي،
    حــق لئه آواز ڪرڻـو ٿــو پــوي،
    سنڌ جــي سِر ڪاڻ، ڪارايل جا سُـرَ،
    هـنج کـي شــهباز ڪرڻـو ٿــو پـوي،


    اجرڪ – اجرڪ، پٽڪو – پٽڪو،
    هــر هڪ هـــوشـو، هــر هڪ دودو،
    سنـڌي جــذبو، سنـڌي جــلــوو –
    تـنهنجو روضـو سنـڌ جو ڪـعــبو،


    اتـــرادي، لاڙيـــچـــــــــو آهيــــــن،
    ٿـــاريـــلو، ڪاڇــيــلو آهيــــــن،
    ڇڏ احـساس اڪـيلائـيءَ جـو –
    لال – لــطيف جــو مـيــلو آهيــــن،


    چـون ٿا ته تـون شـعر جو شـاهه آهيـن،
    گهـڻن جي نـظر ۾ شـهنشاهه آهين،
    شـهنشاهه ۽ شاهه ڪا چيز ناهـن –
    سـيد، سـنڌ جـو سـاهه، ويـساهه آهين،

    ڀـٽائــيءَ جـي ميـلي تـي پـيرن عوض،
    انـدر جــي اکـيـن ساڻ هلبـو ضـرور،
    مِـٽي سنڌ جـيِ مان جنهن کي ڏنــو –
    مــٿــو تنهن مـٽيءَ سـان مـلبو ضرور،


    ڀَـٽائـيءَ تون هن ڀونءَ جو ڀانُ آهيــن،
    اڀـونئـن لئه دولهه دريا خانُ آهيــن،
    بکُيـن کي مِٺـو آهين تون نانَ کــان،
    ڀِڀن جي ڪکن ۾ کتو ڪانُ آهين،


    مون آهي ڪئين بار ڏٺـو، يـار ڀـٽائي،
    محــفل ۾ ملـيومانـس هيو هارُ ڀـٽائي،
    مــقتل ۾ ڏٺومانس هيو تلوار ڀـٽائي،
    اغــيارَ! خــبردار، آ بـيـــدار ڀــٽائـي،

    ڪلـهه رات، وطـن لاءِ دعائـون پئــي گهريـائـيـن،
    اڄ رات، سڄـي سـنڌ تـي چئـونڪـي پئي ڏنـائين،
    تنهن ڏينهن رڳو ڪانهن جون ڪلڪون پئي گهڙيائين،
    اڄ صبـح ڏٺـومانس ڪهاڙيون پئــي ٺـپيائين،


    ڀٽ گهوٽ جي هستيءَ تي لکڻ ٿو چاهيان،
    ساڙهيءَ ۾ وڏو سـمنڊ وجهڻ مشڪل آ،
    ماڻهن جي محبـت کي ڪـٿڻ ٿـو چـاهيان،
    مـهراڻ جــي ڇولين کي ڳـڻڻ مشــڪل آ،


    قسمتون لکندڙ اوهين، لوح ۽ قـلم جا پـاسـبان،
    ديس جـي ڌرتـيءَ جا خادم، عظـمتن جا آسـمـان،
    روشنـي جـا ڪـاروان! ڪهڪشان تنـهنـجي ڌڌڙ،
    منهنجي تنَ جا ترَ جا جذبا ڪن ٿا تنهنجي آجيان،


    وڻ بـڻيا عـنوان، دڳ مـضمون ٿـيـا،
    امــن ويو وک وک تـي لکنـدو قـافلو،
    هڪ نئين خوشبو ۽ هڪ نئين روشني،
    بـستـي بـستـي ويــو ونــڊيـنـدو قــافــلو،


    سچل ڪانگريس – امن قافلو؛

    هـٻڪار کـي ديـوار سـان ظـلم، نه ورهايو!
    هڪ جـسم کـي تـلوار سـان حـاڪم نه ورهايو،
    سج، چنڊ جي چمڪار کي ڪنهن ملڪ ونڊيو آ؟
    فنــڪار، قـلـمڪار ۽ عــالـم نـه ورهـايو،


    ڪيلاش ۽ بولان جـي خوشبو ته سنگهو،
    هي گيتا ۽ قـرآن جــي خوشبو ته سنگهو،
    ڀڳوان يـا يـــزدان کِـلي خود ٿــو چـوي –
    انـسان ٿـي، انـسان جــي خوشبو ته سنگهو،

    هِـن پار ۽ هُـن پار جـي هـٻڪار سنگهو،
    هِـن يار ۽ هُـن پار جـي هـٻڪار سنگهو،
    پختون، بلوچي هجي يا سنڌي، پنجابي –
    سچار ڪلاڪار جـي هـٻڪار سنگهو،

    هــي ادبــين، عـالمن، دانــشورن جـو قـافلو،
    ڪرڻو ڪرڻو سج، ڌرتـيءَ جي سِجن جو قـافلو،
    ڏينهن، راتيون ڇا وکون ماپينديون تنهنجو ارتقا،
    ڪالهه جـو، اڄ جو، سڀـاڻي جي سَنن جو قافلو،


    26 نومبر کان 2 ڊسمبر 1989ع تائين سگا طرفان سچل ڪانگريس ۽ امن قافلي جي سلسلي جا شعر


    رات ڀنــيءَ جــو لار چـڙن جــي،
    مـنڇـر ڇَـر تــي ٻُـرندي آهـي،
    گونج رسيلي تنهنجي چپن جـي،
    منهنجي چپـن تي چُـرندي آهي،


    منهنجي سامهون سخت ڪمند جـوَن،
    ڇــيتـيون نيــت ڇــليندي ڇــو ان؟
    ڳـــوري مُــهريءَ ســاڻ پگَهـــرجــَي،
    سـاريـــــــون پاڻ ڇـــــڙيندي ڇـو ان؟


    آئيــني کــي ڳــاڙهـــا ڳـــلــڙا،
    ســينگـاري آڇيــــندي آهيــــن!
    ڇو وينگس تون جوڀن – جذبا،
    پـاڇـن ۾ وڇـيـــندي آهيــن،


    مُـــرڪي مُـرڪي اڄ تو سـهڻا،
    منـهنجُـي دل جــي پـُـٺ ٺـپـري،
    پـيرَ کــپن پـر ڪيئنُ نـظرن جــا،
    تــنـهنجـــو سِـــينو اڀــڪپــري!

    ڳوٺ سڄـي ۾ ڳالهه هُـلي وئـي،
    سُونهن نــئين سـامـاڻي آهي،
    جـيڏان ڪيڏان وڌي پــر –
    اک هُــن جــي کــانـڀــاڻـي آهي،


    تـنهنجـي هاٺـي ڪانگـڙ ڪانــو،
    تـنهنجــو سِـيـنو سنـگ – ٻـِـٽـا،
    تنـهنجون ڳالهيـون ڪچـڙا آڀون،
    مــکــڻ چـــاڻــا گــول – ڳـــٽـا،


    هـٿ ۾ ڏاٽــو، ڪـڇ ۾ کــارو،
    وک وک لــک جــو لامـــارو،
    لابــاري تـــي ويــندي – ويـندي،
    لاهـيــندي وئــي لابــــــــارو،

    منـهنجـي ڳـل تـي ڳـوڙهـا لانڍون،
    تـَڙ ڏي ڊوڙيـون تــاسـيون ٻـڪريون،
    تنهنجون نـظـرون منهنجون نـظـرون،
    خــير خُــدايا، کِـنوڻـيـون ٽڪريون!


    چُـڪ منـهنجـي شـوق مــڃـي نه مـڃي،
    وچ شهر ۾ چوئنڪ گهمي نه سگهيس،
    مون کي ڪهڙو پتو ته يڪو ٿـو وڃيـن،
    گڏ– گـوڏي مُـرڪ چُمي نه سـگهيس،

    تون سِـرڪي ساز ڇُهي نه سگهـئين،
    مان پاڻهــئي پــاڻ ڇِـــڙي به ويــس،
    چَـپَ تنـهنجا گيـت چــون نه چـــون،
    مـــان چنــگ وانگـي چُهــٽي به ويـس،


    تو ٿي مـاکيءِ جـــون جاچيون مَـکيـون،
    جــي وڃــي ٻُــورَ ســان ٿــي ٻَــکيـون،
    تنهنجي چهري تــي بـوندون پگهر جون،
    منهنجون چهٽيــون انهن سـان اکيـون،


    سُونهن – هرڻي، تون ڪيڏو وڻين ٿي،
    نينهن آ شـيــنهن ڏاڍو ڏران ٿـو،
    وقـت يــا ويـــر يــــــا واءُ ناهــــيـان،
    جــي سڏين ٿـي ته سُهـڻي وران ٿو،

    جــوڀـن جـڏهيـن هـٽـندو آهـي،
    هــاري بـــازي کـــٽـندو آهـي،
    سورج جيئن جيئن لــڙندو ويندو –
    تيـــئن تيـــئن ڏاڍو وڻـندو آهـي،


    جـــوڀن جـيڪوُ ميــڙيو چونڊيو،
    پيـريءَ منجهه لــٽائــي ٿــو پيـــو،
    سانوڻ پـهريان گجـنـدو گـڙندو –
    وينـدي وقـت وسـائي ٿــو پيــو،

    توکـان سُـونهن پـــٺيري ٿــُي وئـي،
    ڳـاڙهـي ٻـير وڃي جيــئن اڪري،
    مــــون کان عـشق ڇڏائي ويـُـو آ،
    ڌاريـــل بـاز وڃـي جيــئـن اڏري،

    سـاز ڇـنل کـي ڇيـڙيــن ڇـو ٿـي،
    نـارَ کنهيل کـي گيــڙيَن ڇـو ٿـي،
    مـنهنجي وِک وِک اس کنڊيڙي،
    پنهن جي منهن سان ميڙي ڇو ٿي،

    ائيــن هٿ تـي نـوٽن جا جوراب چاڙهي،
    حسينن جي ڇاتيءِ کي ڇُـوهندو نـه ڪـر،
    نـظر تـي کِکـي کيـپ جـا خـواب چــاڙهي،
    تون خوشبو جي چهري کي چمندو نه ڪر،


    جــي گـرم، تـکو تـير ٿـي ايـندو آهـي،
    جــي نرم، مِــٺو کـير ٿـي ايـنـدو آهي،
    تون فون تي ڳالهائيندي آهين مونسان،
    آواز بـه تصــويـر ٿـــــي ايـندو آهـي،

    سُـونهن، تـنهنجي سـرور جــو نـالــو،
    نـــــاز، نـــــخـرو، غرور جـو نـــالـو،
    واعظن چَـپَ چَـڪي وڌا پنهنجا،
    مون کـنيون آهي حـور جــو نــالـو،


    جـُــڳ جـُــڳ ســـــنگت ســپـنـا،
    خـتــــم نه ٿـيـندا کـــن ۾،
    تو سان ملــندس پـــيو مـان،
    ســـاهـــت جـــــي صَــحنـــن ۾،


    پـــــــير کنــيا اک اولا اگُـــرا،
    پـر ٿي دل پئـي ٽــوٽا ٽـڪـري،
    سڀ سٽـجي پر سُونهن نه سَٽجـي،
    هـٿ نه اچــن ٿـا سُـهڻا سُـٿـرا،


    سمس رو جو شهر اڄ ڪلهه آهي ڄڻ شمسي نظام،
    سَـوَ سـيارن جـان وتـن ڦِـرندا سـندس ديــوار کــي،
    خوش نه ٿـي تـون ايڏو آئيـنـا تـه تـوڏي ٿــو ڏسـي،
    سونهن پنهنجي آ وڻـي وئـي سُـونهن – سرجڻهار کـي،


    پــيار ويــندڙ مـسافــر کـي ايڏو نه ڏي!
    کوڙ صدما ڏنئه، هــي ته صدمو نـه ڏي!
    ڇڎ ته شوخيءَ جي ڪنڊن مان گذري وڃان،
    مُرڪي مُرڪي چنبيليءَ جو لـوڙهو نه ڏي!



    مُرڪڻ سان گڏ گفـتا تنـهنجـا،
    مــون ٿي چـونڊيا موتـيا، مُــگر،
    کِـنوڻ ڪئي پئـي تو کـي وهـوا،
    مينهن ڏِنــا پئي مون کي مُـزرا،


    دل چــون ٿــا وڏو خــزانـــو آ،
    هَڪڙو پئسَو قرار ئـي ڪونهي،
    اڻ ڪٿيو اڻ مَيــو زمـــــــانو آ،
    ساهه تـي اعتـبار ئـي ڪونهـي!


    بـي درد زمــانو ڀـانـيــان ٿــــو،
    سمجهايل ڪنهن بـي پـــير جو آ،
    نه هو ورســايــل تـقـــدر جو آ،
    نه ڪو تاتيل ڪنهن تدبير جـو آ،


    هيءَ رات ته ڪهٽـي، ڪوڙهـــي آ،
    هــيءَ لاٽ به ســاڳي پوڙهـــي آ،
    هــيءَ هـيڏي ڀونءَ ڪشاديءَ تي،
    هــن واٽ ته ڪيڏي سـوڙهي آ!


    ڪنهن وقت پتو ناهه ته ڪنهن ڪاڻ ٿو تڙپان،
    ”بـي انت ڪماڻ“ آهي هنيون ٻـاڻ، ٿـو تــڙپـان،
    ”ڇــا لاءَ“ جــو پـڙلاءُ ٿــو پـــولار ۾ گونـــجي،
    ان فڪر جــي ڦهـلاءَ ۾ اڻڄــاڻ ٿــو تــڙپان،


    هــي دانهن گـدا، شـاهه، ڏئـي ڌيـان ٻُڌو،
    ڪو ڪنهنجي قيامت ۾ حفاظت نه ڪنُدو،
    مــيدان ۾ مــــــيزان اجهو ڄــاڻ کتــو،
    نـئون دور ته رهزن سان رعايـت نه ڪندو!

    قرب کــي بيـشڪ قرب ملــي،
    رعـب جـو غلبـــو رعــب ڀــڃي،
    لوهه کـي زبرو لـوهه ڪٽيندو –
    چــاهي مــڃي يا ڪو نه مـڃــي،


    جو ڏسان ٿـو خـواب سـو سهڻو به آ پيارو به آ،
    سرسلو تعبيـر جـو ڪوجـهو به آ ڪارو به آ،
    مان گهران سختيءَ سان ٿو ٻولي مٺي ماکي بچي،
    تنهڪري لهجـو بڻـيو کهرو به آ کارو به آ،


    تنهنجي اک ۾ نــظر ڪٿي آهي؟
    جســم آهــي جــگـر ڪٿي آهي؟
    هونئن ته سڀ ڪجهه آ دور تو وٽ پر،
    شـرم تــوکــي مـــگـر ڪـٿـي آهي؟

    جـهڙو عــابــد اهڙي عــبادت،
    جـهڙو حاڪم اهـڙي حڪومت، ا
    نگ تـه گهر گهر وڍجن ٿـا پيا،
    ننگ بچن ته سمجهــو نعـمت،


    ماڻهن ڏنا هٿــن سان، مـاڻهن جـا ووٽ آهن،
    ماڻهن ونڊيون مٺايون، مـاڻهن جـا نـوٽ آهن،
    شـاعر کـي قـتل غـارت تـي اعتراض ڇـو آ –
    جي گهائجي، ڪسن ٿا ماڻهن جا ”گهوٽ“ آهن،

    هن ماڳ جي حـفاظت، ماڻهن جي هٿ ۾ آهـي،
    ڪم ڪار ڇا قيادت، ماڻهن جي هٿ ۾ آهـي،
    ماڻهو اڃـا هِـتان جـا ماڻهو نه ٿي سگهيا نه ته –
    قــادر ته سونپـي قـدرت، ماڻهن جـي هٿ ۾ آهي،


    عـيسيٰ چـيو؛ ڪمال آ، ڪمزور جي مدد،
    موسـيٰ چـيو؛ ڪمال آ، شهـزور کي ڌڌڪ،
    مان ٿو چوان سنڀال رڍن جي اوٿون ڪريون،
    کوڙيون بگهڙ کـي نرڙ ۾ بندوق جا ٻه ڌڪ،


    حڪومت جا نڪتا، حڪومت ٿي ڄاڻي،
    مصيـبت جـا ڌڌڪا ته رعيت ٿي ڄاڻـي،
    مــزو ايـندو ڪمزور کي مــصلحت ۾،
    تــشدد جـو ڀڀـڪو ته دهـشت ٿي ڄــاڻي،


    شريـف شـهر جـو نالـو ذليـل ٿــي پـيو آ،
    رفــيق راهه بدلجـي رذيل ٿــي پـيو آ،
    عـلاج خـوف زدو آ جـو درد غنڊو آ،
    حڪيم پاڻ ڪڏوڪو عليل ٿي پـيو آ،


    دهشت گــرديءَ آهـي وڌايـو ڌرتــيءَ تــي،
    ”پرچو – پرچو“، ”مڇرو – مڇرو“ جـو ٽـڪراءُ.
    ڪنهن به نه ڪاٿي آهي ڪرايو ڌرتيءَ تـي،
    جيو – جئيڻ ڏيــو، ڏاڍو گــابو جــو پــرچـاءُ،

    محـبـت، ڌاران، محــنت ڪهڙي،
    محـنـت، ڌاران، عـظمت ڪهڙي،
    هـمــت، حڪمت، غـيرت ڌاري –
    نه ته ڪونڌر جـي قيمت ڪهڙي،


    هن کي جهڻڪيم ڪجهه غيرت ڪر،
    گــرندي ڀــونڪيو؛ غــيـرت ڪهڙي،
    اٿ اٿ غفلت جي هــن گـند مــان –
    شاعـر ٺــوڪئي ٻـي لـت ڪهڙي،



    لڳاتار پرمار، دُمدار ڪڪرن مان دهشت وسي پئي،
    اٿـي ڪو ته طوفان ڪڪرن جا پرزا اڏائــي ڇڏي،
    تشُدد جي بي ترس انڌن هٿن مان اذيت وسي پـئي،
    اتـي ڪو ته انصـاف، ڏاڍن جـا ڏوڏا وڍائـي آهـي،


    گگهه اونـدهه ڇـانوڻيون شعلن جي سينن ۾ هنيون،
    کک ٿي خـوشبوءَ تنهنجي سـنڌ سنڌ ۾ گهر ڪن،
    ڪينسر جو تـو اڃـا تائين نـه ڳوليــو آ عـــلاج،
    مان مري ويس، او عظيم انسان تنهنجي ڍر ڪري،


    محبت کي او محبوب! مڱڻهار نه سمجهـو،
    هــي ذات وڏي بــات آ، ڏاتـــار بــه آهــي،
    استاد رڳو سونهن پرستار نه سمجهــو،
    پيدا جو ڪري سونهن اهو پيار بـه آهــي،

    منـهنجو تـون پـيار پگـهاري سگهـندين؟
    نانهن ۾ نينهــن کـي ڳـاري سگهـندين؟
    هُــو جـو مــون ســاڻ هميشه آهـي –
    اهــو اللھ نه مـــــــــاري سگهــنديــن؟

    گلاب مان ٿوهـر ڦـٽو، ڏِٺـو آ مـون،
    شباب کــي ڪينسر لڳو، ڏِٺو آ مـون،
    نگاهه ۾ ڪوڪا، نـراڙ ۾ شــعــلا،
    خـيال ۾ خنجـر کـتو، ڏِٺـو آ مــون،


    مصيبت ۾ روئڻ جي عيوض ٿو مُرڪان،
    محـبـت جـي قيـمت ادا ڪـرڻـي آهــي،
    مــان پـيو ٿـو لڳاتار سڪرات ڀوڳــيان،
    هـا، جيـوت جــي قـيـمت ادا ڪرڻي آهي،


    6

    هڪ زندگـي ملي آ، پر سا به سُور هاڻـي،
    مولا جي مـهربانيءَ ۾ بي ملاوت آهـي،
    محشر ۾ تنهنجي رحمت جو آهي هي نظارو،
    هـيڏانهن آ جـهنم، هيڏانهن جـنت آهـي،


    ماتـام ۾ گـيتن کـي نچـڻ ڪو نه آيــو،
    سڏڪن ۾ هئي سنڌ، کلڻ ڪو نه آيو،
    جنهن ديس جي غـدار سان آ ٺاهُه ڪيو،
    اسـتاد کي ان سـاڻ ٺهڻ ڪو نه آيـو،

    جذبـات ۾ مـحتـاط رهـڻ ڪو نه آيـو،
    دريـاهه کي سونهين ٿـي وهُـڻ ڪو نه آيـو،
    محبوب جي محفل مان اٿـڻ مـشڪل هـو،
    مظلوم ڪئي ڪوٺ، ويهڻ ڪو نه آيـو،


    محـبوب سڏيو پهچ، اچي پهتو هان،
    تـُنورَ هئي واٽ، پچــي پهتـو هان،
    چڪچور ڏسي حال نه ڪر غم دلبر،
    تو وٽ ته بهــرحال، بـچيءِ پهتـو آهـي،


    جـو تــڙپــــي اٿُيو سو غريب آهـيان،
    جـو جاڳي پيو سو نصيب آهـيان،
    بــهرحال يـارو عـــجيب آهـيان –
    اوهان جــو ئـي شـاعر اديب آهيان،

    مون کــي جيئري پــوريو ٿـي ويـــو،
    تنهڪري ٿـي ڀـڀوت آهـيان مـان،
    سنڌ جي ٻـن ڪروڙ جوڌن جي –
    زنــــدگيءَ جــو ثبوت آهيـان مـان،


    ڪا ذات بخـاري نه بـــقادار آهـي،
    پــر ڏات جيالــي ته جيـالـي آهـي،
    هـٻڪار گواهه آهي ته گلـزار آهـي،
    گــلزار ثبوت آهي ته مــالهـي آهي،

    سـتار رب آهيــن، راحــم، رئوف آهين،
    مون کي ٻڌاءِ تو کي قهار ڪنهن بنايو؟
    انسان جـي طبيعَت ۾ خود ئي فتنو هو پر –
    شيـطان کــي اسـان لئـه آزار ڪنهن بنايو؟


    جيون – بنَ ۾ ڪوئل تـو آ، ايـڏو ڪوڪيو،
    ڀُئن جي ڪن ۾ ٻڙندي تنهنجي ڪوڪو رهندي،
    مالهي تنـهنجو جـيون – جــذبو زنـــدهه رهـنـدو،
    بـاغ بـه رهـندو، رنـگ به رهـندا، خوشبو رهنـدي،


    مان سج، سج، ذر ۾ دٻجي ڪڏهن نه سگهندو،
    جهُڙ ۾ گهڙي به سورج ته به روشني ته رهندي،
    اسـتاد، دوست دل جو ڇڄندي به ناهي ڇڄندو،
    جــي دوست ڏور ويـندو ته به دوستـي رهـندي،


    ايڏو تـو منـهنجي زنـدگيءَ ۾ زنـدگيءَ ڀَـري،
    جو درد جـي گدام ۾ پئـي آ خوشـي ڀــري،
    تيلي جو تون هڻين ٿو، جهجهڙ ٿي پوان ٿو مان،
    مان بـُنڊ، بـُنڊ ۾ به پئـي آ روشــني ڀـري،


    هڪ ڏات کي هڪ ذات مٿان نـاز آهي،
    هڪ طـرز کي نـئيـن طرز جو اعزاز آهي،
    اسِـتاد بـخاريءَ جــو تعـــارف هـــي آ –
    هـــن دور جـي احـساس جــو آواز آهي،

    نـاسـاز کــي دمـساز بـنايــو آ مون،
    ايــجاد جـو انـــداز بـنايــو آ مون،
    پـاتار کان پـولار پـڙاڏو گـونجــي –
    آواز مــان آواز بنــايو آ مون،


    ٽـٽو دل جو شيشو بــنائي نه سگهـيو،
    ڀــڳو ڏار وڻ جو لڳائـي نه سگهـيو،
    اهو اسـتاد مشهور آهي ڪڏهن –
    ويــو وقـت واپـس ورائــي نه سگهـيو،


    بـي شـعور آ، زميــن آهـي، فهيـم آ انسان،
    مون کي علمن جو قسم آهي عليم آ انسان،
    هـو خسيس آهـي، خوار آهـي برابر ليڪن –
    پو به انـسان ۾ امــيد آهي عظيم آ انـسان،


    هڪ تيز تتَي ڪلڪ ۾ تحرير ٿي تـڙپـي،
    ڄڻ باهه گهڙي مـياڻ ۾ شمشير ٿي تـڙپي،
    انـڌير جـا زنجـير يـا دريــا جـا ڪــنارا،
    تحريڪ جي اوٿر تـي تکي سـير ٿي تــڙپـي،


    نادن ۾ نــغارن ۾ پـُڪارون تنـهنجون،
    گيدين ۾ غدارن ۾ پـُڪارون تنهنجون،
    او سنڌ، او سچل، شاهه مقامن مان ٻُڌون،
    قــومن جــي ادارن ۾ پڪارون تنهنجون،


    تاريـخ نه بخشيندي خــطائون تنـهنجون،
    او قــوم جـُڙيون سـخت سـزائون تنهنجون،
    مجهول آن، ماضيءَ جي مريض آهين تون!
    مقـــبول دُعائـون نـه دوائــون تنـهنجون،


    آڪاش جـي گـجگوڙ ۾ هڪلـون تنـهنجون،
    هالار جـي گُنگ – ٻـوڙ ۾ هڪلـون تـنهنجون،
    اسـتاد جـي احساس ٻُـڌيــون ســامــيءَ مان،
    ڪنڌڪوٽ ۾، ڪاٺوڙ ۾ هڪلون تنهنجون،


    رخسار جي شعلن کان بچي نڪتاسين،
    زلفـن جي سياهيءَ ۾ پـڪڙجي پياسين،
    ڀُورن جي تسلط کان ڇُٽياسين مس مس،
    ڪارن جي غلامي ۾ جڪڙجي وياسين،


    انـسان بـه ان ريـت رتـو ڇـاڻ ٿي نڪتا،
    ڄڻ جهنگ منجهان جيت تو ڇاڻ ٿي نڪتا،
    تهذيـب کڻي ٻُـوٿ کـي ٿـڦيون سـو رت،
    گفتار تـه ڇـا گيـت، رتـو ڇــاڻ ٿـي نڪتا،


    هن زندگيءَ کي موت جي سر تي سوار رک!
    هـٿ ۾ تـرار حـق وٺــڻ لئه تــيـار رک!
    انصاف کي پڪار، ڏي انـڌيـر کي ڌڌڪ،
    پو ديس جـي مـدد ۾ امـيدون هـزار رک!

    اڌ رات جـي اونـداهه کـان پـرڀات وٺـون ٿـا،
    گهمسان ۽ گـجگوڙ کان بـرسات وٺــون ٿـا،
    هر دور جي هر ديوار کان هن ديـس جـا دودا،
    مجبور ڪري ڪا نه ڪا سوغات وٺون ٿا،


    مـهراڻ جي آڇـار ۾ گرڪي نه ڏٺي ٿَـو؟
    برسات ۾ ۽ ميل جـي ڌرتي نه ڏٺي ٿـو؟
    اسـتاد به انسـان آ، انـسان آ خـاطـي،
    سنسار جـي جنسار ۾ غلطي نه ڏٺي ٿو؟


    پيڙهن کي، شڪايت آ، گهميل واءُ گهلان ٿو،
    بنگلن ۾ گـلا آ تـه تکي لــڪ لڳان ٿـو،
    پـنهنجن ۾ پـچر آهـي رهـاڻ ٿـو خـامـوش،
    غيرن ۾ آ گـوگـاءُ تـه ٿـيو گـاج گـجان ٿـو،


    تاريــخ رتــوڇـاڻ ٿـي ميـندي ٿــي مَـکـي،
    نـئون دور نـئون گهوٽ ٿـي ڳانو ٿـو ٻَڌي،
    ڀڃ – ٺاهه سان قدرت جو وڏو چاهه آهي،
    جـي جنگ هجـي بـند ته ڀــونـچال اچــي،


    آڙاهه، تـوسان تـڪڙو وسـڪار ٿـي پـُڄان،
    آزار، تنهنجـي بـت ۾ تـلوار ٿـي کـيان،
    اي ڪاش، سـنڌ جنـت بنـجي پـوي ته پــو،
    باغن ۾ پينگهه، پنهنجي هڪ حور سان لڏان،

    جـي ڌوم مچـايون تـه ڌڪـن جـو ڦهڪو!
    جـي روڄ ڪرايـون ته چـئون ٿـا ٽهڪو!
    جو ڪرڻو اٿئون هاڻ ڪري چڪنداسين!
    پـَرمـار، پٽــي وات ڀلـــي پـيا ڀــنئڪـو!

    اونـــداهه جــي اپُـٻـيٽ کــي کيڙيـنداسيـن،
    هر جاٽ، نـئين جـــوت پکڙيـنـداسيـن،
    هي فصل نئين فڪر، نئين موسم جو –
    کــيڙيـو بـه اسان آ، اسيـن مــيڙينـداسيـن،

    انـسان مهامان ٿــي رهڻـــو آهــي،
    هر نهر کي دريـاهه ڏي وهڻــو آهــي،
    هر ڪڙم ٻُڌي، قوم سڏي ٿي هيڏي –
    سَـر – سـرَ سان ملـي سمنڊ ته ٺهڻو آهي،


    ڇَڇـڪار سمونڊن کـان کسيندو اينـدو،
    وسڪار، گهٽي، گهر تي ونڊيندو اينـدو،
    هر پوک جي ٻُوٽي جــي پـُٺــي ٺپرينـدو،
    طوفان، درخــتن کــي دسـيـندوَ ايندو،

    ايـمان کــي فـاقـا ڏئــي بـي مان بنـايو،
    انـسان کـي بڇُڙو ڪري شَـيطان بنـايو،
    خوشبوءَ کـي ڦندا به وڌا ٿو ته اڳـــوپو،
    هِن هِير کي ڦٽڪا هڻي طوفـان بنايو،

    هــن شهر ۾ هر شامجو وحشت ٿي وسي،
    هر چوئنڪ تي تبليغ جي شفقت ٿي وسي،
    شـيطان جــي لـشڪر جـو خضـر رهبـر آ،
    مقتـل تـي مـساجد مـان هدايـت ٿـي وسـي،

    رِنـدن جـو اهو بـحث تـه بـي هـوش نـه ٿـي،
    ميخاني جـي رسم آهي، ته باهـوش نه ٿـي،
    ساقي جـي نـئين نـاز منجهايو مـون کــي،
    ”آواز نه ڪر، روءُ به نه، خـاموش نه ٿـي“،


    ڪونڌر به بي ضمير ٿي ڪمزور ٿي پيو،
    سمجهو پڪو پهاڙ ڀڄــي، ڀـور ٿي پـيو،
    ڪانئر به مرد وير ٿي اڀري اٿـيون جڏهن،
    دنيـا ڏٺـو ته چـور مـنجهان مور ٿـي پيـو،


    ڪمزور گنهگار آ، سو مون کي پتو آ،
    ڪم عقل انهيءِ کان به گنهگار وڏو آ،
    يزدان شيطان کي ڪنهن ڪونه ڏٺو،
    انسان لئه انسان ئي آزار آ،


    مظلوم، مڃان ٿـو مان آزار وڏو آهـي،
    آزار کـان جهونجهـارو آڌار وڏو آهـي،
    پرمار جي شيطاني ڦرمار جي گهيري کـان،
    انـسان وڏو آهـي، ڏاتـار وڏو آهــي،

    طوفان جو ڏونگر جو جگر رکڻو آ،
    برسـات ۾ ساگر جو جگر رکڻو آ،
    هــن دور جـو هـر پهـر آ پاڻـيپٽ،
    دل شير جي، بابر جو جگر رکنو آ،

    آڙاهه ۾ آلاڻ، اهـا اڻ ٿـيڻـي،
    ۽ سـون ۾ ڪـاراڻ، اهـا اڻ ٿـيڻي،
    جنهن وقت سڏي سنڌ، بخاري ڀُڻڪي،
    ڇــا لاءِ ۽ ڇـاڪـاڻ، اهـا اڻ ٿـيڻـي،

    ٻيلــو نه جهلي ٻُـور، اهـو نـاممڪن،
    تنُهنجو نه پوي پـُور، اهـو نـاممُڪن،
    اسـتاد جــو آواز لـُـٽيو ٿـا لــڙ ۾،
    اوندهه ۾ لـِڪي نوُر، اهو نـاممڪن،

    اغيار سـان اقـرار، اهــو ڪيئن ٿـيندو،
    ۽ يـار سـان انڪار ، اهو ڪيئن ٿـيندو،
    اسـتاد بـخاريءَ کـي کڻـي دفـن ڪريو،
    ڌرتـيءَ کان مگر ڌار، اهو ڪيئن ٿيندو،


    تڙڪي جي تـتان، سمنڊ سُـڪـي نـاممڪن،
    ڪڪرن جي اڳيان ڪوهه ڊُڪي ناممڪن،
    تـاريـخ ڪري چـيخ چـيو او آمـــــــــــر!
    جـابر جـي اڳـيان سِـنڌ جـُهڪي نـاممڪن،

    وقـت، پرمار چـيو؛ مال – غنيمت آهي،
    وقت، مجبور چيو؛ سخت مصيبت آهي،
    هو ڏسو، ديس جي هر شهر ۾ دوزخ، جنت،
    مون چـيو؛ وقت تـه هر وقت قيامت آهـي،


    هڪ دور کان ٻيو دور نوازيو يارو،
    پر پــو بـه بهانـي تـي بهانـو، يـارو،
    هڪ سُور ڪٽيندو آ، بڇيندو آ ٻيو،
    هن کي ئي ته سڏبو آ زمـانو يـارو،

    هـا، سـوچ ۾ سپنا تـه سـڻاوا آهـن،
    ٽڪر به ته ڄڻ ٽاڪئان ڪاوا آهن،
    پر زنـدگـي هڪ تلخ حقيقت آهـي،
    پنــهنجا به مـصيبت ۾ پـراوا آهــن،


    ڪي لوڻ کڻي، چهڪ ڏئي، چير ڏين ٿا،
    ڪي زهر ڀـري زُوم ڪري تيــر هڻن ٿـا،
    انصاف پڇُيو؛ نانو ڏسيو، ڪير هي آهـي،
    فـرياد چـيو؛ مـير تـه ڪي پـير چـون ٿــا،


    مان ٿـو چـوان قــيام يـڪو ٿئـي تـه ڇا کپي،
    جڳ جڳ ملي جيئڻ جو مزو ٿئي ته ڇا کپي،
    هـيڏو وڏو جهان، سچـو ٿئـي ته ڇـا کپــي،
    انـسان جـو خــيال، سـچو ٿـئــي ته ڇا کپـي،


    او دل، ائين نه سوچ، ائين ٿي نٿو سگهي،
    استاد، سُونهن، پيار سڄو پي نٿو سگهي،
    باقي بچيو بهشت، هميشه جيون، پيو –
    اهڙو حسين خواب سچو ٿي نٿو سگهي،


    اڀُرو ته اڄ قيــام ڏهـاڙو ڪـري وجـهون،
    پگهري پون پهاڙ ڪو ڪاڙهو ڪري وجهون،
    پـردي ۾ انـڌ، ڌنـڌ بــنا پــردي ٿــي پيون –
    پرمار کـي تـه الف اگـهاڙو ڪري وجـهون،


    هي ڪوڪ، سنهي وار کان خنجر کان تکي آ،
    هـي ڦـوڪ، ٿـڌي هير کـان اوٿر کـان تکي آ،
    وهمن جي مقامن ۾ سُتي پئي آ مگر جــي،
    هي قوم اٿي پئي ته پو محشر کان تکي آ،


    جـو قوم جـياري، اهو جيـئندو رهندو،
    جـو عام اجـاري، اهو جيـئندو رهندو،
    مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي،
    جو سنڌ سنواري، اهو جيئندو رهندو،


    خوشبو اچي ته مهڪي خوشبو سان آجيان ڪر،
    بـدبو اٿـي تـه ” توُ توُ“ ســان آجـيان ڪـر،
    دلبر مِـلي تـه دل جـا دهـڪار ڪـر نــڇـاور،
    دشـمن وڌي ته دودا، ”ڌُو ڌو“ سان آجـيان ڪر،


    غمگين جـي گذران لئه گڏ ٿـيا آهـيون،
    مانـي نـه رڳـو مـان لـئه گڏ ٿيـا آهـيون،
    يزدان ۽ شيطان ته نبرن هڪ ٻئي سان،
    انـسان ته انـسان لـئه گڏ ٿـيا آهيون،


    ڄاٽيون، ڄڀيون ۽ شعلا، اڌ رات جي تقـاضا،
    گـلدستا، ڦول – مالـها، پرڀـات جي تقـاضا،
    ڇٽيون، ڇـپر ۽ اولا، بـرسات جـي تقـاضـا،
    هــر وقـت آ علحدي حـالات جـي تقـاضـا،


    پرَمـار اٿُـي بيهه، مـزور آيـا ٿـئـــي،
    اڙٻـــنگ کڻي چنگ، چـنچوري آيـا،
    دل تنگ نه ڪر، تنگ ڪندين ٿيندو ڇا،
    هـو مرد زبــر زنـگ، ضـرور آيــا ٿــئي،

    مــزدور ۽ هاريءِ جـو زمـانـو آيـو،
    جـهموري ٿـي طوفـان تـوانـو آيـو،
    بيهي نه سگهُيو عام جي اوٿر سامهون،
    ڀــوڀر ٿـي اڏايــو جـيڪو بهانو آهـي،

    آنـڌيـري وڌي، چنـڊ لـٿي تـي آيـو،
    انصاف چڙهي، ڏيـنهن تتي تـي آيــو،
    مـزدور ڪٽي پـير مـان زنجـير اٿيو،
    پرمار چـيو؛ مــوت مٿـي تـي آيـــو،


    مون ڪالهه ڪٽيو ڏاڍ جو ڏونگر آهي،
    هـي پاپ ته ڄــڻ واٽ جـو پٿـرَ آهــي،
    پڇُ زار کُـان مـون اڳ جـو ساگــر اڪريو،
    هـيءَ اٻ ته بـرسات جـو اوٻــر آهــي،

    ڪڙمي جـي سـَلي، سـنگ مان لـنگر بنجي،
    پورهيت جي پگهر – بانس مان عنبر بنجي،
    ڏاٽـن ۽ مترڪن کي ڪريو قيـد نه ظـالم،
    هن ڀونءَ جــو فـردوس ٿــو بـنجر بـنجي،


    زوردار تـون قيــصر نه سـڪندر آهين،
    ڪهسار هئين، هاڻ ته ڪنڪر آهين،
    شيطان نه ٿي، دعويٰ نه ڪر يزدان جي،
    انـسان ٿـي انـسان جـو پونــير آهين،


    ظـالـم جــي مـٿان جـي شـامت پـهتي،
    پورهيت جي مٿس موت ٿي طاقت پهتي،
    توبه نه ڪئي تـو بـه ڪڏهن قــارونــي،
    آخــر ته اچــي تـــوتي قيــــامت پهـتي،

    يـزدان جـو فرمان، ڦـُنڊي پـيو آهـي،
    ميدان ۾ شيطان، منهنجي پيو آهي،
    پــاتار کــي پولارَ ڏنيـون واڌايــون،
    انـسان ٿـي، انـسان اٿـي پـيو آهـي،

    منهنــجا قـــطعا ڏاٽــا آهــن،
    پـانـا، ڪات، مُترڪـا آهــن،
    منهنـجا گيت گـهرن ۾ گونجيـا،
    ڳـاڙهـا جهنـڊا ڦـڙڪـيا آهــن،

    جـَرڪي جـَرڪي جـيئندا آهيون،
    ملهجـي، مُـرڪـي مـرنـدا آهيون،
    مـرنـدي مـرنـدي بچـندا آهيون،
    جـيئرا هـاسين جــيئـرا آهيون،

    هـڪ ٽانــڊو منهنجـي اک ۾ رک،
    ٻـــيـو ٽـانــڊو منهنـجي دل تـي رک،
    هـيءَ بـاهه سهي مـان ويـندس پـر،
    هڪ غير نه هــن محــفـل ۾ رک،


    ڪٿ ڪڪرن کي دڳ لائين ٿو،
    ڪـٿ ٽڪـرن سان ٽـڪرائين ٿو
    ، اڄ ڇـا ٿي ويــئه جـو غــيرن جـي،
    ”ٻـن ٽهڪن“ کـان گهـٻرائين ٿـو،

    انـڌاريـن جـون ديــوارون ٿـو جوڙيـن تـون،
    روشن، روشـن شـعلا مـون سـان بـلڊوزر،
    ڪوڙيون، ڪائنر عَياريون ٿو جوڙين تون،
    سـچـا، جـوڌا جـذبا مــون سـان بــلڊوزر،


    تون دڳن تي ڪنڊا پيو ٿو وڇرائين،
    مان دکـڻ تــي جوتـا پـيو ٿو جوڙايـان،
    تـون لڪن تي پير پٿر پيو ٿو پلٽائين،
    مان به ڪروڙين تـيشا پيو ٿو مڇرايان،

    جيئن جيئن باهه تي وجهجي پاڻي، ڀڙڪي ٿي،
    پاڻـيءَ ۾ پيــٽرول ملايــو ويـــُو آهــــي،
    جـيڏو محـفـل سُلجهـايون ٿـا، الجهـي ٿـي،
    مـحــفل ۾ ٻــڙڌول ملايــــو ويــــو آهـي،


    سوڙهه اڳئي هُئي، ميڙ اچي پيو، ڪيئن ڪجي؟
    ٻوڏ وڏيءَ ۾ ميـنهن وسي پيو، ڪيئن ڪجي؟
    آڏو سـاڙي بَـاهه ۽ پــويـان پــاڻــي ٻــوڙي،
    هاڻـي ڏاهـو ڏسُ ڏئــي ڪو، ڪيئن ڪجي؟

    تنــگ ٿـي منهنـجا مــارُو آخــر،
    جنگ جيئـڻ جـي جـوٽـي بيــٺا،
    تون جو سـوچيـن پـيو ٿـو رهبر،
    تنهن کان اڳــتي سـوچــي بيــٺا،


    تلَ هــڙ کائي، منهنجا مارُو تـيـز ٿـيا،
    رسـتي ڏي ڏس رهبر کان ڀي اڳتـي آهن،
    مُـند دلاسـا بادل بـرسـڻ جا آڇيــا،
    ڌرتيءَ جا هٿ ساگر کان ڀي اڳتـي آهن،


    ڏاڍي ليکي ڏاڍ جا دائم ڌڌڪار رهندا،
    پاپ – نگـر تـي ناسـي، ڪارا پهرا رهندا،
    تـڙپي، تنُبي اٿـندو عـام، قيــامت ٿيندي،
    ٿڙڪي ٿرڪي ڪنگرا، ٿنڀا، قلعا ڪرندا،

    ظالم تنهنجـي ظلم جا آهن پويان ڏينهن،
    باهه بڇائين ٿو تون مان ٿو بنجان مينهن،
    سنڌ ته گـدڙن ناهي کـاڌي، غاصـب ٻُـڌ،
    گهٽي گهٽي ۾ توسان وڙهندا وڙهندا گجندا شينهن،


    7

    خوف هوا ۾ اچن اڏاڻـا ڪڪـرن جان،
    پنهنجا سينا تن جي سامهون ٽڪرن جان،
    ڪهڙو پهـرو بيهي دهشتگردن تـي،
    دل جا درد به آهـن دهشتگردن تـي،


    سمنڊ نه سُڪندو پر مون سُڪندو آهي ڏٺو،
    روهُه نه ڀرنـدو پـر مون ڀُـرندو آهـي ڏٺـو،
    اکين سان استاد بخاري سج کي مون،
    ڪاني جيڏي کڏ ۾ ٻُـڌندو آهي ڏٺـو،


    لوڪ اسان جـو ٻالو ڀـولـو دورانـديشـي ڇا ڄاڻي؟
    ڪلڪ هٿن ۾ تير، تبر مان سرڪش، منشي ڇا ڄاڻي؟
    ورڪر، ليـڊر، ٽيچر، افيـسر سڀ دانـشور هـي مڃيندا،
    قوم جو مستقبل ڇا ٿيندو، ڦرڻي ڪرسي ڇا ڄاڻي؟


    درد بـه وڌنـدو آهي ساٿي، ڌيري ڌيري،
    موت بـه ايندو آهي ساٿي ڌيري ڌيري،
    ڌيري ڌيري جي سُڌ پوندي آهي ڏکي،
    ڏيهه به ڏرندو آهي ساٿي، ڌيري ڌيري،

    گـاڏي، گـاڏي ڏاڙهـي ٿـي پـئـي،
    ڏيـڍي ڏيـڍي ڀونڪي ٿـي پئـي،
    اونـداهيءَ کي بڪندو ڏسندي،
    تِـيلي، تِـيلي ڀــڙڪي ٿـي پـئـي،


    ڀــــونــچالن ۾ بــرج نــچن ٿـا،
    موت لڙي ته به مات نه مڃبي،
    چـاهي ڌرتـــي اٿـلي پـئي پـر،
    روشـن، ڪاري رات نه مـڃبي،


    پتَ جهڙ جـي رُت تو سان جهيڙا،
    وڻ وڻ الا بــــاٺــا چــاتـــا،
    پــوپــت پــڪڙڻ وارا نيـنـگر،
    اڄ ڪلهه پستــلــن لئـه آتــا،


    شاعر تنهنجي ذهن ۾ سوچون، هوڪـارا،
    ڀُڻڪو، واڪو ڪجهه به مگر ڪڇجي ته چڱو،
    هانءَ تــي الٽـي چــڙهندي ايــندا اوڪــارا،
    هرڪو چونـدو زهر اهو نـڪري ته چـڱو،


    ننگي بـت تـي سَٽ سَٽ ڦـٽڪو قـهر ڪشـيو،
    پهريان ڦٿڪيو، پوءِ تڙپيو، هاڻي ڪو ڇرڪي به نـٿو،
    ڳـاڙهي گـهوٽ جـو لاشـو ڏسـندي ٿيـندو هـو،
    اڳ ۾ پِٽڪو ۽ پوءِ سڏڪا، هاڻي ته ڪو روئي به نٿو،

    پـنهنجــي ڌرتيءَ کي بکُ مُاري،
    زهـــري ڏي راڪــيـٽ اڏاري،
    اڄ ابُتـو انــسان شــيطـان،
    ” پيٽ نه پاري ڪــتا ڌاري،“

    مِـلِ ته ڇڏيو پـر کـُورو وٺـبو،
    انَ سان گڏ بهُهُ تــورو وٺــبو،
    ڪجهه به هجي پر ماري توکان،
    پنـهنجو حـــق سمورو وٺــبو،

    مان هان شــاعر، تـون آن هـاري،
    تنـهنجي منـهنجي گهاٽــي يـاري،
    منهنجي هٿ ۾ گيت گلابي،
    تنهنـــجي هـٿ ۾ بـاغ، بهـاري،


    منهنجي هٿ ۾ ڪلڪ ۽ ڪانگ،
    تــنهنجــي هـٿ ڏاٽــو، ڏانگ،
    مان ٿـو ڪاٽيان قهري سـوچون،
    تون ٿو ماريــن زهـــري نانـــگ،

    واءُ هُلايــو؛ سـورهــيه، ويـــڙهو،
    ڀُونءَ ٻُــڌايو؛ ڳـاهيــلَ ڦــيڙهو،
    جـلــسو؛ تـاڙيــون، اوي – آوي،
    رسـتو؛ گـاريــون، هيڙهو – هيڙهو!


    ڪا سِٽ گـونگـي، ڪا سِٽ ٻـوڙي،
    ڪا سِٽ ڪنهن لئه ڏاڍي ڪوڙي،
    جيڪو، سـنڌ لـئه گونگــو، ٻـــوڙو،
    تــنهن کـي ڪوٺيـو گهـوڙي گهوڙي،

    زنـدهه باد ۽ مـرده بـاد امـانـت آهــن،
    محبت نفرت مون وٽ اڻڪٿ طاقت آهن،
    پڳ ٻڌائن، ڪنڊيون پائن، ماڻهن جـا هٿ،
    ماڻهن جـا هٿ الري پيـا پو آفت آهـن،


    ڦوڪيم ناد، اٿي پيا مُردا، محشر ٿي ويو،
    مــڇريل ماڻهو، ظـالـم لاءِ طـاقـت آهـن،
    ديـس – دروهي تنهنجي سامي جهولي آ،
    ايندا، ويندا جنهن ۾ وجهندا لعنت آهن،


    هـٿ تـي رکـندئــو پـٿر، سـاڻـو سـاڻـو سَتُ،
    لکـندو رهـندس قـومـي جذبـو زنـده بـاد،
    ڄڀ ۾ هڻندوء ڪوڪا، گُرڙيون – گُرڙيون رت،
    چـونـدو رهندس؛ هوشـو دودو زنــده باد،

    اک تي رکندئو ٽانـڊا، ٽچڪي ڏيندس ٽپَ،
    پـو به نه چـوندس، دَلبـو، دوکـو زنـده باد،
    سَـٽ سَٽ لڳندا ڦٽڪا، ٽڳڙيون ٽڳڙيون بتُ،
    پـو به نه چـوندس، ايــرو غيــرو زندهه باد،


    لال لطيف جـو هنـج اڏرندو جيئي جيئي،
    ظـالم ذليلي جـو بـاز بـُکارو مـرده باد،
    امن – اڱڻُ تي چُوزو چُڳندو جيئي جيئي،
    ڪاري اڀ تان سرڻ جو جهارو مرده باد،

    منهنجا مـارُو مـرده باد تـون بـه وڏيـرا مرده باد،
    حق جا نعرا مرده باد ته تنـهنجا عهدا مرده باد،
    منهنجي قوم مري ٿـي پيـئي ڌيري ڌيري ڌرتيءَ تي،
    مون کي لڳي ٿي تنهنجي خدايا، دنيا عقبيٰ مرده باد،


    اسين بهُه نه آهيون، اسين ڀونءَ آهـيون،
    لـتاڙي بـه ٿـا ڌوڙ پـايــو، لــتـاڙيــو!
    چڻا ڪين آهيون، جي آهيون ته رُڪ جا،
    چـٻاڙي سگهو ٿا تـه بـيشڪ چـٻاڙيـو!

    اسين آهيون سادا، چـئو ٿـا، مڃـون ٿـا،
    مگـر حـق ۽ ناحـق سُـڃاڻـي وڃون ٿـا،
    حقيقت جي قدمن کي نوڙي چُمون ٿا،
    ناحق جي پڳـڙي لـتاڙي وجـهون ٿـا،


    محبـت جي رهـن ۾ رابيل آهيون،
    عداوت جي دوڏن مٿاُن سيلهه آهيون،
    ڀٽائيءَ جو در جا ته ٽڪريل آهيون،
    خـبـردار اغـيار، ڌاڙيــل آهيــون،

    وڍيو ٿـا وڍيـندڙ ته وڍجــي وڃـون ٿـا،
    نه وڍجون اسان ڪـنهنجـو سايو ته ناهيون،
    صفا ٽڪرا ٽڪرا ٿي جڙجي سگهون ٿا،
    نه جـُڙجون سڄي قوم ڪايو ته ناهيون،

    چيــائين ته ٻـيلا ڪـٽيـندا وتون ٿـا،
    چيم چيچڪن کي ڇٽيندا وتون ٿا،
    چـيائين ته خنجر ٺـپيندا وتون ٿـا،
    چيائين، پو به شهپر وٽيـندا وتون ٿـا،

    هٿيــن خالي آهيون زمانـا، مڃــون ٿـا،
    مگر لوهه لفظن سان موڙي سگهون ٿا،
    ستمگر جـوُ گهر گاسلـيٽ آ اڳيئــي،
    چـپن ۾ اماڙيون لڪايون وتون ٿـا،


    وجهو هار جـي يـار جهونجهار آهن،
    کـڻو ڏانگ جـي نـانگ نـروار آهـن،
    وڏو وات، ٻانهون ڊگهيون، ڀِڀِ، پاپي آهن،
    اهــي چـار پـرمـار جـا پـــار آهــــن،


    گُهرون ڇو گبر کان وٺون نه گهوگهي،
    پنـڻ کان ڇنــڻ ۾ مــزو ٿــو اچــي،
    ٻنين لئه، ونين لئه، وطن جي حدن لئه،
    مڃـون ٿا وڙهڻ ۾، مــزو ٿـو اچـي،



    اجُـالـو ادب ٿا، بـڪي روڪرايو،
    ڪلا جي هٿن ۾ ڪلا ٺوڪرايو،
    مڃوتيءَ جا شـيشا ڀَڃي، ڀوري زوري،
    بغاوت جـا مٽڪا ڀـلـي ڏوڪرايو،

    ڦـُـنڊائي ڦـُنڊائي پڏايـو نـه ڏاڏا،
    متـان ڦاٽڻـا ڦوڪڻا ٿـي پـون،
    دٻائـي دٻائـي سُـسايـو نه هيڻـا،
    متان هو خطرناڪ – اڻَا ٿي پون،


    اسيـن زور سـرڪش، دودسـتا، انـاڙي،
    اسان کي ڏسي ڏاڍ کنهندو آ ڪياڙي،
    پڙهون پـاڻ ٻيلن ۾ ٻــٻرن جي هـيٺان،
    اسان جا قلــم آ گهڙينـدي ڪهاڙي،


    ڪو ڪيلي چيڀاٽي ته پاپي چئون ٿا،
    ڪو قومـون ئي ماري ته پو ڇـا چـئون؟
    ڪو هڪ ٽار ڏاري ته ناحق سڏيون ٿا،
    ڪو ٻــيلائي ٻــاري ته پــو ڇا چئون،


    رُڳو هڪڙو ٻارو تڪي ڪو تـه تاڪو،
    سڄو ملڪ جيڪي تـڪن ٿـا، اهُي ڇا؟
    فقط هڪڙو گهر ڪوُ لٽي ٿو ته ڊاڪو،
    سڄي سـنڌ جيـڪي لـٽن ٿا، اهُــي ڇــا؟

    جـو تنـهنجو آواندن ٿـو لوڙهي سوُ رهزن،
    جـو مهـراڻ جو منهن ٿـو مـوڙي، اهو ڇا؟
    جـو ڦهنگون ۽ ڇـلپا هڻي سو تـه دشمن،
    جـو ماڳهين ٿـو ٻـيڙو ئي ٻـوڙي، اهُو ڇا؟

    جي ڪو گهر جي تختي ٿو لاهي ته غوندو،
    ڪو تـاريـخ ميٽـي ۽ ڊاهـي تـه پـو ڇـا؟
    رڳـو آڱريـون پـنج ناهـي تـه ڀُـونڊو،
    سـچي تنـهنجي تهذيـب ڳاهي تـه پو ڇـا؟

    سـچائي، گهـڻائي، ڳــرائي به آهـي،
    خبـر ناهي ڇا کـان کڄي ٿا وڃون،
    سمو سـازگـار آ، مگر پـو به پيارا،
    وڄـــايو نه ٿـا پر وَڄـي ٿا وڃــون،

    ڏيو امتحـان پـر پـڙهـڻ کـان سـوا،
    ڏسون ڪاميابيون، ڪڙهڻ کـان سوا،
    وڏا ويـر سڏجون، هڻــون تيــر ڇـو؟
    وٺون حق پنهنجا وڙهــڻ کـان سـوا،


    لنگهي لڪ سُوڙها، وڏي دڳ ڀرا ٿيو،
    تکي ڊوڙ پائــي وڌي، جـڳ ڀــرا ٿيو،
    جا منـزل ملي ٿـي اهُــا ئـي چــوي ٿي،
    اڃـا اڳـڀرا ٿـيو، اڃـان اڳڀرا ٿـيو،


    هـڻي ٻانهن لهرن سان ڪوئي لـڙي پيو،
    ڪناري تي ڪو پيو ڏسي، هيئن تر – ئي،
    حياتيءَ کـي ڀاڪـر وجهـي يارُ پنهنجو،
    وڏي واڪ بيٺو چـوي، ويـرَ مَـرُ – نـي،


    نه جيڪو مليو تيز تنهن لئه تڻُـان پيو،
    ملي جو ويو موج تـنهن مان وٺـان پيو،
    مانُ بـيچين ساگـــر ڪنارن ۾ سوگهو،
    نه اٿـلي سگهان ٿو نه بيهـي سگهان ٿـو،


    سمهڻ مون کي ساميءَ ۾ ايندو ئي ڪين،
    اجهو ”قـم باذِني“ ٿـو اوٿـر اٿـي،
    رڳــو تربـتون ڇو سـڄـــو تـر اٿــاري،
    اٿـي ملڪ پئـي ڪو ته محــشر اٿــي،

    تـه ڇو ٿـا درود ۽ دعائون بنايــون،
    اٿـو درد مندوء، دوائُـــون بُـنايــون،
    نه ٿس ڪنهن به بي نور کي نور آڇيو،
    ڪروڙين اٿس ڪهڪشائون بنايون،


    اسان سان ڪچهـريون ڪريو دوستو،
    هــليــا ويـنداسيـن اوچـتـو، اوچــتــو،
    اسان جــــي نصيـحـت، وصيـت اهــا،
    وٺـي حُـسن جــو نانءُ پـــوءِ پــورچــو،


    جو چاهيون ٿـا سو چاهه سچ پچ ڪـريون،
    ٿڪـا آهيــون دل کــي ڌتـاري – ڌتـاري،
    مـزو ڪجهه تـه ڇوليــن ڇتيـن جو وٺون،
    ڪيو آهي ڪڪ هن ڪناري – ڪناري،


    نـه ايـندي ملياسيـن، نـه ويـندي مليـاسيـن،
    خبر ناهي ڪنهن خـواب لهـندي مليـاسيـن،
    تون خوشبو جو جهونڪو مان جهلڪو هوا جو،
    ڪٿـي ياد ڪر، واٽ وَهـندي مليـاسيـن،


    لکڻ زندگـيءَ، زنــدگيءَ ڪيئن ڇڏجـي،
    لکڻ بـندگي، بـندگي ڪيئن ڇڏجـي،
    ڏکئـي کـان ڏکـيو عـشق اکرن جـو آ،
    رکي دوستيءَ، دوسـتيءَ ڪيئن ڇڏجـي،


    جي ٻوڙا نه سـمجهڻ ته پو ڇا ڪجي؟
    جـي گونـگـا نه ٻُولن ته پو ڇا ڪـجي؟
    وڌڻ وارا چـارا تـه چـوڦيــر آهــن،
    جـي انـڌا نـه ڳولنِ ته پو ڇـا ڪـجي؟


    وڃـي چئـنري – چئـنري رسـالـو ڏنم،
    گهريـائون تـه ٻـاجهر ٻـوري به ڏي،
    وڌي جنهن کي هٿ ۾ تـنبوري ڏنم،
    سو ڀُڻڪو ته پستول، گولــي به ڏنم،

    چيـائـون، او شـاعر، اوهان ڌرتـتـيءَ جو،
    مٿي تي تغاريون رکي ڪو نه سگهندئو،
    مـڃيـوسون او سـاٿـي، مگــر رات آڌي،
    اوهان تڙپي تڙپي لکي ڪو نه سگهندئو،


    ڇُٽيم چيچڪا پئي ته ڪيٽيءَ چيو،
    اٿــو، تر مان پرمـار واڍا ڪـڍو،
    چيم گيت پئي، تنهن تي بستيءَ چيو،
    وڃو، قـوم ڪـن مان واڪا ڪڍو،

    مُــڃون ٿـا ڪـاري انــڌاري وئـي،
    اڙهي پئي ٿي انـڌي ڪـٽاري وئـي،
    ڏسو ڏاڍي، هيڻي جون ٻانهون چتائي،
    نـه زبــرو ويـو آ نـه زاري وئــي،


    وڏا شهر گولـن جا گودام آهن،
    جـتي گرگ، غنڊا پليـا جام آهن،
    ٻـڌون ٿـا تـه تــان اوڳـا ڍڳــا،
    اچـي ڦـاٿـا گهيري ۾ گـگدام آهن،


    وڏا شـهر دهشت جي شُعلن ۾ آهن،
    نـنڍا ڳـوٺ ڌاڙن جـي کـورن ۾ آهن،
    هجي لانگبوٽن يـا ووٽـن جـي موسم،
    هي گـگدام سنڌي ته سُورن ۾ آهن،


    حڪومت جي هوندي به هيبت ۾ آهيون،
    يـا ڪـم عـقل آهيون يـا ڪمزور آهيون،
    يـا غيــرت ۽ جرئـت ڇڏائـي وئـي ٿـئون،
    رڳـو ڇَڇڪـڻو سمنڊ جـو شـور آهيون،


    ڏَڪي پٽ تي ڳيرو، تُنبـي اڀ تي باشو،
    نچي ڇت تـي پستل، لڇي پٽ تي لاشـو،
    بيانن جا باجـا، دلاسـن جون ڊفلـيون،
    تـه ڇـا، قــتل غارت به اهــي تـماشـو،



    مرڻ کان ڊڄـي، زنـدگي ٿـا گهرو،
    ٻـرن کان ڀڄــي، روشنـي ٿـا گهرو،
    بنُا ڪـاوش جي ڪرشمو ٿئي ڇو،
    ڏوکن کان لڪي، پو خوشي ٿا گهرو،


    ڪلهوڪن عذابن تي سڏڪڻ ڇڏيـو،
    سُڀـاڻـي جي خوابن تي ٽهڪڻ ڇڏيـو،
    اڄـوڪـــو ڏهـاڙو اٿُـُڻ جــو اٿـــو،
    سـوالـن، جوابـن تـي الـجهـڻ ڇڏيـو،


    اسان جُــي رفــيقن جو رُڪـجي وڃڻ،
    نـئين اٿ لـئه آ، ٿـڪاوٽ نه هونـدي،
    پهـاڙن جــي چوٽـيـن جـو آڏو اچــڻ،
    جهُڪڻ لاءِ هوندو، رُڪاوٽ نه هوندي،

    ٻُڙا عطر وارا ڪنـن منـجهه پـائي،
    اسـان وارا آزار ٻـڌنـدا ڇـو آهيو؟
    تتي ڏينهن ۾ جهڙ جا چشما لڳائـي،
    پگهر ڏانهن پـرمار، ڏسـندا ڇو آهيو؟


    نه ٿو ظلم ٿڪجي ته مان ڇو ٿڪان؟
    چوان ٿو نـه لکجي، مگــر پـيـو لـکان،
    اڳـيان جهــنگ گـجــهاهه انـڌيــر جــو،
    ڪهاڙي ڪيو ڪلڪ پيو ٿو ڪٽيان،


    نه روئــڻ، پِٽــڻ ۾ اسان جـو علاج،
    نه سٿرون ڪٽڻ ۾ اسان جـو علاج،
    ڌُيون، پٽ، سُڀئي – سنڌ ڌرتيءَ ڄڻيا،
    اٿـي پئــو اٿــڻ ۾ اسان جـو علاج،


    ڪٿـي آهــيو ڌرتيءَ جا جـوڌا جـيالا،
    ڏسو جـسم پنـهنجن تـي غيرن جـا ڀـالا،
    جهلن نوڪرون، ڳوٺ، شهرن ۾ ماتم،
    اوهـان پـيا ٿـا جلسـن ۾ ڳايــو جمـالا،


    پـڇيائون تـه هٿ ۾ قلم آ، يـا بـجلــي؟
    بغـــل ۾ ڪتاب آ، يـا طــوفــان آهـي،
    تڪي ڪامريڊن جي مُنهن ۾ چيم،
    نـون انـقلابـن جــو سـامـان آهــي،

    سـڄـو وقتُ آهيون اسـان انــقلابــي،
    رُتن کي ڳوتن کان وُٺي ٿا گهمايون،
    خـزائن کي لـوڌي، لڪن کي تـڙائي،
    بهاريون گهرايو، کٿوريـون ورهـايون،


    وڏا سڀ وڌي، هڪ وڏي ميڙ ٺاهيو،
    جهُڪــي ڏاڍ، ايڏا ٿــي وڃـــــو،
    ڪراچيءَ کان ريتـي يـڪو ميڙ ٺاهيون،
    ڪروڙيـن ملو، ايڪتا ٿي وڃــو،


    نـه ظـالم هـٽي ٿـو نـه مظلوم هٽندا،
    الائي ڪڏهن سوڀ جـا سـاز وڄندا،
    اسيـن ٿـورا ٿـيندا وڃـون ٿـا الاڙي،
    وڃن ويـل وڻـواند هر سال وڌندا،


    منهنجي قومي شاعري بنجي ويو آ معرڪو،
    ڪلڪ جي صر صر به ظلم – ذهن ۾ خنجر ته آ،
    نظم تـي پـيو نظم جوڙيان مـورچي تي مـــورچـو،
    هر اکر هڪ سولجر مون وٽ وڏو لشڪر تـه آ،


    ڪـربلا تــي ڪـربلا جـو سلسلـو،
    ڪلهه شڪاگو، اڄ ڪراچيءَ زلزلو،
    منزلون معشوق ساُمهون ٿـيون سڏن،
    عاشـقو، جهـنڊا اڀـا ڊڪـندا هـلو،


    8

    مون ڪڇيو ڪجهه ناهه، چي دانهو نه ڪر،
    مان کـڻان پيو ساهه، چي آهون نه ڪر،
    ڏاڍ ڏئـي ٿـو ڏنـڀ چـوکـنڀو ٻَـڌي،
    جي چُري ٿـو ماس، چـي ڪاهـون نه ڪر،


    پنهنجي اونداهه آن منهنجي سوجهري جي سامهون،
    تنهنجو منهنجو مامـرو آ فيـصلي جـي سامهــون،
    پير پنهنجا کوڙ جي کوڙي سگهين او ڪـوڙ، ٻُڌ،
    ڌوڙ ٿـي ويـندين جو آهيــن زلــزلي جي سامهون،


    غـــير ٿـا پــاتـار ۾ پـاڙون هـڻن،
    يـار ٿـا ديـوار تـي نــعرا هـڻن،
    ساڌ ٿـا اوطاقـن ۾ سوچـن پـيا،
    ڌوڌ ٿـا گهرگهاٽ تي ڌاڙا هڻن،


    سوچ ساڪن، جوش تـي شد مد هجي،
    دل اڌواڌ، گــفتگـو گــد گــد هجي،
    دوست دوکـيــباز، هڪڙي ڳالهه ٻُـڌ،
    تنهنجي دوکي جي به ڪائي حد هجي،


    دوبــدو نـيڪـي، بـديءَ جـي جنگ آ،
    گهر ۾ ويـٺـي دَونبها گونـجيا ته ڇـا؟
    جاڳ وارا فــيصلا، حــــيلا نه ٿــيـا،
    نـنڊ ۾ ڪـي بـودلا وِڦـليـا ته ڇـــا،


    مــوت کـي جيـتي سگهي ٿو مــرد سو،
    عــزم جـنهن جـي ۾ امـر طاقـت به آ،
    جو ڪپيو تر تي سو ڇاتيءَ تي ڇپيو،
    جـانـبـازو، مــوت ۾ جــيـوت بـه آ،


    ٻاٽ ڪٽجي، روشني جو ڳاٽ اوچـو ٿـي پـوي،
    جان جا ڪپڙا اڇا، منهنجا بڪ، ڪٻـٽ سـاڙي،
    سيج آجائيءَ جي منهنجي قوم سنڌيءَ کـي مـلي،
    مون کي ڇا، منهنجو قبيلو سولي تي چاڙهي ڇڏيو،


    جهنگ جهر ۾ روشنيونُ اڀُري پون،
    بـرپــٽن ۾ زنـدگيـون اسـري پون،
    ماڻـجن جيئري ئي جڳ ۾ جـَنتون،
    سـنڌ تنـهنجا ڳوٺ جي سُڌري پون،


    مُنهن ڪڍن ٿـا موت جهڙا مسئلا،
    مُنهن ڏين ٿـا زنــدگيءَ جـا حوصلا،
    فيصلو قسمت اسانجا ڇو ڪندي،
    پـاڻ ئي پنهنجا ڪنداسيـن فيصلا،


    جي وڌڻ چاهيو، ڏهن مان ڏهه ڏهاڪا ٿي وڃو،
    جي ڪڇڻ چاهيو ٿڌن ساهن مان واڪا ٿي وڃو،
    وقـت جـي رفـتار آهـي، تيـز، يـارو تيـز ٿـيو،
    منهنجو مطلب آهي بلڪل جل ڦٽاڪا ٿي وڃو،


    پنهنجي رستا پاڻ ٺاهيو دوستو،
    قافـلي کـي تيز ڪاهيو دوستو
    ڄـاڻ پهتو دور ناهيو دوستو،
    دل نه لاهيو، دل نه لاهيو دوستو،


    ايــترو او دور! چـئبو سچ ضـرور،
    هڪڙيئين ڳالهين تون به آهين بي قصور،
    هيترين تعدين، تباهين کان به پوءِ،
    ڪين پيدا ٿي سگهيو قومي شعور،


    سـنڌ تـي ٽلٽـيءَ کان ٽـوڙي سوچ تي،
    ڪيههَ نيڪتي، ذهن ۾ مضمون کان،
    خون جا ڳـوڙها پني تي پـيا ڳــڙي،
    لکندي لکندي پي کان يي کان نون کان،

    مان مڃان ٿو ”ڪم ۽ غم“ جي هڪ وڏي،
    چهچـٽي ۾ چُور آهي هيءِ گهـڙي،
    مهل جيڪا ٿئي ملي سا ماڻ ڙي،
    هن جهان جي حُور آهي هيءِ گهڙي.

    هيجـڙن وارا ڪـڙا هــيرا نه ڏي!
    باهه ۾ ٻوڙي ڪپهه، ٽيرا نه ڏي،
    وڄ کي، ڪنهن وڄ جو پاڻي ڏنو،
    ڏات کـي ايڏا ڇِــتا ڇـيرا نه ڏي.


    دام کـي تحـفـا ڪري ڳيـرا نه ڏي،
    کنوڻ جي هٿ ۾ هي آکيرا نه ڏي،
    واءُ مڇـريو ٿــو وتي گهر گهر مٿان،
    شـهر کـي آڙاهه جـا گهـيرا نه ڏي،


    رهبري آ رهبري ان کي اداڪاري نه چئه،
    شاعري آ شاعري سکڻي صداڪاري نه چئه،
    بدگماني، دظني اهڙي به ڪهڙي ڪم جي آ،
    پرهه جهُڙ جي ڦنـدَ ۾ آهـي ته انڌاري نه چئه،

    رَت جـو ٽيپو، رنگ، بوُ جـو بحــر هو،
    رت جـو ڪيڏو ريــلو هو بـازار ۾،
    گهر جـو ڪـمرو آرزو جـو شهر هو،
    صحـن ۾ ڇـا، بـاهه هـئي سنسار ۾،


    ڏاڍ جـي ڏونگر کــي ڌرڻو ٿو پوي،
    اڳ جي ساگـر کـي ڌرڻو ٿـو پوي،
    هر گـهڙي مرڻو پوي ٿـو زنـدگــي،
    تنهنجي سر لئه ڇا نه ڪرڻو ٿو پوي،

    او جگــر جا سُورُ تنهنجو شڪريو،
    رات ڀـر آهيان لڇيو، نـاهيان سُـتو،
    خيرُ آني؟ مون پئي جُهوئنڪن کان پڇيو،
    رات پـئي چـٻرو اڏيو، ڀونڪيو ڪتو،


    پـيار پـُرزا ٿـيو، ڏهـاڙي تـرپُـندو،
    ڀـروسو جـو يـار تـان آهـي ٽــٽــو،
    لوڪ هلندو پيو جڳت پيو جرڪنُدو،
    دل ٽـٽي آ، آسمان ناهي ٽــٽو،


    او هوا، مينهن جي ڪڻ ڪڻ عوام،
    ٿي ڪٺا ڪنهن ڏينهن ساگر ٿيا ته پوءِ؟
    اوَ وڏا ٻـڪريـن، رڍن جـا ڌَڻ عـوام،
    ڌڪ چنبا کائـي بـبر نـر ٿـيا ته پـوءِ،


    تنهنجي هڪ جلوي ۾ ٿــر جــو جمال،
    تنهنجي هڪ جملي ۾ عملن جو ڪمال،
    مـت ڏنـئي انـسان کــي يـزدان جـي،
    اصل ” ايجهـا ڪم ڪريجي“ لازول،


    ڪـيترو سنـسار پـُـر اسـرار آ،
    درد سـان ٽـمٽـار پـر غـمٽـارُ آ،
    چـنڊ ساڳـي جـاءِ تـي ڌرتـي اتـي،
    توڙي جو گردش غضب – رفـتار آ،


    خوامخواهه لڙڪن فلڪ ڏي آ فضول،
    ڀـونءَ سـان نـاتــو نــپڻ ۾ آ مـزو،
    چــنڊ، تـارن ڏي رڳو، سگهـبو ڏسي،
    گل سنگهڻ، مـيوي چکــڻ ۾ آمـزو،


    حڪمتـون ۽ همتون آڏو ڪـري،
    پــوءِ پـٺيري بـخت کـي پـرچـائجــي،
    قدر لمحي لمحـي جو پهرين ڪجـي،
    پوءِ ضــديـري وقــت کـي مڃــرائجـي،


    جو ڏئي تنهن کي ڏجي، ڪهڙو مـزو،
    جو منگي تنهن کـي مـــلـڻ ۾ آ مـزو،
    ڪو به ڪڪرن کي قسم ڏيئي پڇـي،
    بحر کـان بـر تـي وســڻ ۾ آ مــزو،

    ڇـا چَـيُوَ، دنـيا م غــم نـاهي رهـيو،
    دَکَ ويــا دردن ۾ دم ناهـي رهـيو،
    چيـن، هن سنـسار کـي ايـندو تڏهن،
    بحر، بـر باسـي تـه بـم نـاهـي رهـيو،


    هاءِ مـاڻهوءَ مـاڻهپو ٻاري ڇڏـو،
    هانءُ پنهنجي هوڏ جو ٺاري ڇڏـو،
    هيءِ خبر وحشت اثر ڪڏي نه آ،
    ڀاءُ، پنهنجـي ڀـاءُ کـي مـاري ڇڏـو،


    وڏي ننڍي جـو سَنڌ ڪو نه هوندو،
    سڀئي سُرت وارا، جڏو ڪو نه ايندو،
    اهو ڏينهن هڪ ڏينهن ايندو ضرور،
    ڦريندڙ، ڦرئي جو ڦڏو ڪو نه هوندو،



    ظـلم زبري جو اچي ٿيو اختـتام،
    اقتصادي عـدل جو ٿـيو انـتظام،
    مردهه باد اي آمريڪي سامراج،
    زنــدهه باد اي انـقلابـي ويــٽنام،


    سوڀ تائين جي وڙهيا تن کي سلام،
    غـازيــن کـان وڌ شهــيدن کي سلام،
    ٻــارڙن، پـوڙهـن، جـوانـن کـي سـلام،
    ويـٽـنامي ڪامــريـڊن کـي سـلام،

    حسن کـائر جـو کلُيُـو عنبر هيو، پکــڙي ويو،
    عشق مـارن جـو اٿـيو اوٿـر هيو، پکــڙي ويو،
    خاص سوچيو، خلق جو آجو گلو گهوگهي ڇڏي،
    عـام جـو آواز پـر اڻـٽـر هـيو، پکـــڙي ويو،


    مان نه ٿو چاهيان ته تون مون کان رُسينَ،
    تون تـه منـهنجــي جـان جـانـان جـنـد ان،
    منهنجي جان ۽ جند آهـي چـند ڏيـنهن،
    تـون سـدائيـن سـچ آهــين سَـنڌ آن،

    کـير آهـي قـوم، لــيدر آ مـکڻ،
    کير ڪمزور آ، مکڻ کي ڇا چنون؟
    راڄ لنگهڻو، ڏُوت راجنَ جو ڌڻــي،
    ڌاڙا، ڌاڻـوال آ ته ڌڻ کي ڇـا چئون،


    ڀت به ناهيان، گند ٿڦجي چُپ رهان،
    وَڻ به ناهيان ڀينڊ، جنبون، ڌڪ سهان،
    او زمـانـا، مـان احـساس انـسان هان،
    ڪو کِلي، ٽهڪان، وڙهي، چاقون ڪڍان،


    کـَر جو ٿر سان وير آهي، ٻيو مڙيئي خير آ،
    نانگ تي پـيو پير آهـي، ٻـيو مڙيئي خير آ،
    مُند مٽبي ئي مزاج آهن گهڻا مٽجـي ويـا،
    ٿي گـدڙ پـيو شير آهي، ٻيو مڙيئي خير آ،


    سـاري سـنڌ قـوم جو ڪر ڪو بـِلو،
    هن ۽ هُن جي جند جو الڪو نه ڪر،
    فڪـر ڪر ٻـولـي، معاُشـي عدل جو،
    سنڌ رهـندي، سنڌ جو الڪو نه ڪر،


    ديس – ڊوهـي جو آ چهرو چئـو رنگو،
    ڪوئلا آڻيـو، ڪلر ڪارو هڻونس،
    آڱريون ڀربيون گِهي ڀونڊو نه ڏيــوس،
    ڏور کان کنگهو ۽ کانگـهارو هڻـوس،

    هي اٿَـوَ بـوتـو، ڀـري چهبـڪ هڻـونس،
    دوستـو، مُنهن تي مِٽيءِ جا ٻُڪ هڻونس،
    قــوم جـي غـدار کـي بـخشُيـــو متان،
    گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو بجُو هڪ ٿڪ هڻونس،

    ايـترا غـم ها سڄـي ڌرتـيءَ مـٿان،
    جي ڪڪر بنجن، نه ڏسجي آسمان،
    ايـــترا دوکــا زمــــانـا تــو ڏنـا،
    جي سچي نڪرن ته جرڪي پئي جهان،

    جـوکـمن مان فائـدو وٺـندا هلـو،
    غلطيــن کـان تجــربا وٺـندا هلـو،
    ڪڪ نٿي پئون ڪشمڪش کان تنهڪري،
    مشڪلاتـن مان مـزا وٺـندا هلـو،


    عزم عاليـشان کـي اٿـندو ڏســو،
    هـر جوان ۾ ولـولو وڌنـدو ڏِســو،
    پـيار، پـورهـيو پـاڻ ۾ پـرچـڻ لڳـا،
    مُرڪندي ڌرتي فلڪ ٽڙندو ڏِسو،


    درد ڇو سـنجري، ڪجي اڳ ۾ اپُـاءُ،
    جي وڃـي وچـڙي، ته پـوءِ وٺـجي دوا،
    جي دوا دک ڏئـي ته پـو دارالـشـفا،
    لـَيس لـِلانـسان الا مــا سـعـيٰ،

    هـي ته آهي ڪـين کـُٽڻو سلسلو،
    فــاصـلو گهٽـبو ته وڌنـدو فـاصلو،
    مـنزلــن آڏو سڏيـنديون، مـنزلـون،
    قــافـلي پويان پـيو ايـندو قــافلو،


    حـال هڪ ٻئي ساڻ اوريـندي هلـو،
    چنگ سـان چنجوريَ چـوريندا هلـو،
    رات ڪارونجهـر اٿـو ۽ ڏينهن ٿـر،
    ڏيهه پنـهنجو آهـي ڏوريـندا هلـو،

    دوســت ٿيـو درهــم پــوي،
    ڀــاءُ ٿيــو بــرهــم پــوي،
    هر ڪو مُنهن موڙيـو ڇڏي،
    شل نه ڪنهن ۾ ڪم پوي،


    دل جو دهڪو دُک بيان پيو ٿو ڪري،
    ڪـن به پنهنجا پـر ٻُـڌڻ کـان آ جواب،
    تـو جگــر ۾ سُـور جـو کــورو ٻــري،
    پنهنجون اکيـون پــر ڏسڻ کـان آ جـواب،


    تيل، منهن تـي فــريبي هوائـن مکيس،
    رنگ ڪارو، دغاباز ڪڪرن مَليس،
    ڪا ته موسم خطرناڪ ڪئي آ خطا،
    صبـح ڀونـڊو ڏنس، شام ڦٽڪو هنيس،


    گهـنڊ گهنٽيـون قـافلو گُڙندو هـلي،
    قـافلـي سـالار هــونگـرندو هــلـي،
    منزلون ملنديون ته ٻيون اينديون اڳـيان،
    گـونجندو، قــومـي گـلو وڌنـدو هـلي،

    قـلعن، بـرجـن ۾ جـو پئـجي ويـو سو،
    وڌل آ ٿــرٿـلـو منـهنجو زمـــانـا،
    تـعارف، سـمنڊ جـو طوفـان سمجهو،
    تخـلص، زلــزلو منــهنجو زمــــانــا،

    پـيو ٿـم پـاپ سان پـالـو زمـانـا،
    ڪيـو ٿـم بـيـت کـي ڀـالـو،
    ٻُڌو ٿـم ڏاڍ جـو ڏونگر تون آهين،
    جـُوالـو منهنجو آ نـالـو زمــــانـــا،


    ورو ڳٽڪر تي، باٺي سـان ڊُڪو، ڊوڙو،
    رڍن، ٻڪرين جا ڌڻ ناهيو ته ٻيو ڇاهيو،
    اٿَـي جيڪو به واڍي سو وڍي بــيـٺو،
    لـيُـن لاڻـن جا وڻ ناهيـو تـه ٻـيو ڇاهـيو،

    هو ايندا، ٻيڪندا پويان ڌنارن جي،
    کڻي ڪي ڪن ٽهڪي، رُسندا ته ڇا ٿيندو،
    وڏن شـهرن جـي چـونڪن، مارڪيٽن تـي،
    رڍن، ٻڪرين جـا ڌڻ ڪسندا ته ڇـا ٿيندو،



    وطــن جا ولولا، ڪنَ ۾ لڪائين ٿو،
    صدين جـا قـافلا، جهٽ م رُلائيـــن ٿو،
    ڏنو مختيار نامو ڪنهن لکـي تـو کـي،
    اسان جـو آئـيندا، اڄ تـي کپـائين ٿـو،


    ڊُڪين ڊوڙيـــن قيامت کـان به اڳتـي،
    هجين ٿـو حــور، جنت کـان به اڳتـي،
    ڇه – فـوٽي لحـد لــلڪار چـوي ٿـي،
    وڌين ڇو ٿو تون وسعت کان به اڳتـي،


    ڀُري ڀـانڊو کڻـي پـر ڀـروســو هـونـدو،
    هجي ڪاٿي به سورج سوجهرو هوندو،
    جهُري ويندو بخـاري جهُد پيو جيئنـدو،
    ادب کــي آئينـدي ۾ آســرو هـــوندو،


    مڃان ٿو سنڌ، تنهنجي سينڌ کي رت جي ضرورت آ،
    مگـر رت کـي وري ڀـاڄـي، ڳڀي، ڀَـت جي ضرورت آ،
    پڇُن ٿـا سنڌ ۽ سنڌين جـي ڇـو تسبيح پيـو سوريـن،
    چيم، هاڻـي پـڇاڙي آ، عبـادت جـي ضــرورت آ،


    نه سمجهو خودڪشي پر خار کـائي جي،
    ڀريـان ساگـر مٿان ڊُڪ تـه جڳُ کِلندو،
    وران ساگــر کـان ويـتر خار کـائــي جي
    هـڻان هالار کي چهبڪ ته جڳ کلندو،

    جـوانــن کـي لڳـي ٿـي جوُءَ جنگـي،
    ملنگـن لاءِ هــي محـــفل جنگـي،
    اسان وينجهار، جهونجهار ٻه – ڪاريا،
    اسان جــي لاءِ هـيءِ دنيـا دُرنگـي،

    نه هــو آواز مـنهنجو زلــزلـو، يـا –
    نه هـو محـفل ۾ پورو حـوصلو، يـا –
    ويــو دل مان هليو هو ولــولـو، يـا –
    مـرڻ جو ٿي چڪو هو فيصلو، يـا؟


    لڇــن ٿا لـفظ، ڪاغــذ تي نچن ٿا،
    ٻُـرن ٿا ٻــول، محــفل ۾ ٺــرن ٿـا،
    سڃاڻان ٿو بخاري شاعرن کـي مان،
    چـوڻ ڇـا ٿـا گهرن ۽ ڇـا چـون ٿـا،


    اسان کـي هاڙهه جو اوٿـر ڀلـي سـمجهو،
    مـخالف ڀـاڻ جـي ڀوڀـر ڀلـي سـمجهو،
    سـچن جو ساٿ ڪارونجهر ڀلي سمجهو،
    ٺڳن جـي ٺاٺ کـي ٺـانگر ڀلـي سـمجهو،


    مِٺو غيرن ڏنوُ، روڪــي ڇڏيـو مون،
    جو پيتم سو اتـي اوڪي ڇڏيـو مون،
    الائـــي ڇــا ڏنـــو يـــارن بـخــــاري،
    لڳو ٿي زهر پر ڏوڪي ڇڏيـو مون،


    9

    دل دل دکيُ پئي محفل لڇي، اٿي پئـي،
    ڌرتي سڄي ڌڏي پئي جو زلــزلو ته آهـي،
    مظلوم ڪربلا کان لڙندي لڙيا شڪاگو،
    عـالــم ۾ انـــقلابن جو سلسلـو ته آهي،


    منهنجو هن ڀونءِ جي هر ڀينڊ تي ايمان آهــي،
    مون کي مهراڻ جو سُنهن آهي مان ڪافر ناهيان،
    منهنجون هِن ديس ۾ ٿيون دفن ستيئي پيڙهيون،
    مان ڪو رولاڪ يا پيناڪ مـسافـر ناهيـان،


    مان وڏي ڪوڙ مٿان ڌُوڙ وجهان ٿـو زوري،
    هـي وڏو ڌنـڌ ڪـري ڌوڌ مـُـڃايو ڇـو ٿـا،
    مان ڏسان ٿو ته ڇنو ڇُوهه، ٽٽي پئي ڏوري،
    وهم جي واڍ وجهـي، ڀـوء بـــڇايـو ڇـو ٿـا،


    متان مايوس ٿيو آهين، متان مسڪين دل لاهيـن،
    ڳـهيلا ڳاهه ڳڻتين جا ٻَڌي ٿو جـند کــي ڳاهيـن،
    عقيـدت جـي عذيت جا، غريبت جي مصيبت جـا،
    تون پنهنجا ڄار پنهنجي لاءِ ويٺو پـاڻ پيو ٺاهيـن،


    رڳــو سوچـن ۾ ڪـا همت هُجي ها،
    ته شاعر، فلسفـي، بـادشاهه هــجن ها،
    فـقـــط پورهئـي ۾ برڪت هجـي ها،
    ته ڪڙمي ۽ ڪمي راجا هُجـــن ها،


    ڪلا ۾ جيتري، جيڪا به طاقت آ،
    تحريڪ آ، حـرارت آهي جـدَت آ،
    محَبـت آهي نفرت آهـي غيـرت آ،
    قسـم آ قوم جـو، قـومي امانـت آ،


    گـجي انڌيري ٻُـوڙا ٿي، ٻُڌون ڇو؟
    وسـي ٿـو قـهر، انـڌا ٿـي ڏسون ڇو؟
    ڀُڪائـي ڏاڍ ڦـٽڪا وڄ وانگـــر،
    اٿـو استـاد، ٿنـڀا ٿـي سهون ڇو؟


    اسان جي ووٽ تي سرڪار هلندي آ،
    اهـي ڀـوتـار، ڀـائـر سـڀ سـڃـاڻون،
    اسان جي خون تي جا ڪار هلندي آ،
    انهيءَ جا ٽيوب، ٽــائر سڀ سڃاڻون،


    ڏسـي سـڀـڪو ئـي سگهندو آ،
    سـڃـاڻـــڻ لـئه نــظـر گهـرجــي،
    چئـي هرڪــو ئـي ڏيـندو آ،
    مــڃائڻ لـئه مـــگر گهــرجي،


    اسان پارن اديبــن جو سمـورو گهر عوامـي آ،
    دغابـازن جو ديــوارون ۽ ٻهريون در عوامـي آ،
    ڪڍيسون ديس جي تاڃي، اڻيوسون قـوم جو پيٽو،
    ڀلـي ماپـينس دنيا، ڊيگهه توڙي بـَرُ عوامي آ،


    لڇي منڇر، ڪنجهي ڪينجهر پڇي ٿي،
    وڏو سنـڌو، وڏو سـاگــر ڪٿي آ،
    ٻُڌو ٿئون هِـير ٻــيلي ۾ مُـنجهي ٿي،
    ٻــڌايـــو مـــوسـمو! اوٿــر ڪٿـي آ،


    پـَتو پرمار جو مون کان پـڇو تو،
    کنيم نالـو، کـکر ۾ ڄڻ کڙو هو،
    پري کان ئي اشاري سان ڏچي جو،
    ڏسيم پــاڙو ته ميلي ۾ ڳڙو هو،


    اديبن، شاعرن جو شمع جان پنهنجا قلم ٻاريا،
    ته ڪوجهي ڪارن انڌاري ۾ سهڻو سوجهرو ٿي پيو،
    هنرمندن، مـزورن، راهڪن پنهنجا پگهر هاريا،
    محبت سان جو محنت پيـچ پاتو، معجزو ٿي پيو،


    وتـي ٿو نقش عرش تـي چٽيندو،
    عظيم انسان کي ڄاڻان، سُڃاڻان،
    تـعارف عـزم جو ڇو ٿـا ڪرايو،
    انهيءَ طوفان کي ڄاڻان، سُڃاڻان،


    وطن جي جنگ جوٽي ٿئون، مخالف ٿي،
    جي ملڪ الموت ايندو ته به مري ويندو،
    اسان سنڌين کـان آزادي کـسڻ جـي لئـه،
    خـدا آمـرن سان گڏ ايـندو وَري ويـندو،

    ٻَرو ٿـو وٺـي توکي گڏجڻ کان، ٻُـڌ،
    ڳرو بنُڊ، هڪ جي کڻڻ کان وڏو آ،
    سرو، لاڙ، وچ گڏجي تيـشا کـڻـو،
    ائيــن ڏاڍ ڏونگـر ڏرڻ کـان وڏو آ،


    قطعي چيو، ڪويسر اهڙي نئين ڪلا ڏي،
    پـرمـار جُو چٿـيان سر، هٿـيـار ٿـي پـوان،
    مـحفل اٿي مچايـان، مقـتل سڏي، مـلهايـان،
    ويـنـجهار، وقـت جهيـڙي جونجـهار ٿـي پوان،

    ماپـن، وٽـن جو تـر ۾ وڏو انـقلاب آ،
    ماسا ۽ مڻ گواهه، سڀئـي سير ٿو ڏسان،
    ڪينجهر جا هنج، فاز بکُيا باز ٿي پيا،
    ڪهسار جا ٻڪر به ببر شير ٿو ڏسان،


    هـر لفظ تِـير، هر شـعر بم هٿــن ۾،
    گفتار کي ٻڌايو، ڪردار ٿي ڪڏان ٿـو،
    سرٻاٽ سونهن توسان ڪهڙا ڪريان ڪنن ۾،
    جهيڙو ڪلور ڇيڙيو، لـلڪار ٿـي اٿان ٿـو،


    اسان جي چيخ نڪري سيخ مان پن پن کيُ ڌونڌاڙيـو،
    پکيءِ جا پـير پڃـري ۾ مگر آجي اڏام آهـي،
    اسان وانگـر هوائن جا به طبـقا ۽ ڪلاس آهن،
    ٿڌيون هيـرون اميراڻـيون، تکـو اوٿـر عوام آهـي،


    هـوا کـي هٿ ڪڙا پـئجي چڪا هِـن،
    ڪريان طوفان سان ٿـو گــفتگو مان،
    هي ساگر پنـڊ پـاهـڻ ٿـي پـيا، هِـن،
    رکـان ٿـو زلــزلـي جـي آرزو مـان،


    ضـديـرو آهيـن يـا ايڏو دلاور آن،
    جتن ڪوٽن ۾ قابو، جستجو تون،
    بخاري خود فريبـي آن يـا بابـر آن،
    مـرادون موت ۾، لاتـقـنطون تون،


    تکـن لـفظن جـا عادي ٿـي ويـا سنڌي،
    جتن ڦٽڪن جا عادي ٿي ويا سنڌي،
    ملن پـيا اڌ صديءَ کان درد سو شايد،
    انهن دردن جـا عادي ٿـي ويـا سنـڌي،


    هي ساگر ڇڇڪندڙ ڄڻ اوڇنگارون،
    هوا، پاڻـيءَ مـٿان پنـهنجو پڪارون،
    جـي دنــيـا ۾ دوا هـر درد جـي آهـي،
    ڪٿي ۽ ڪهڙو آ، دل – ديس جو دارون،


    تکا، غـيرت ڀريـا الفاظ قاتـل زهـر ۾ ٻوڙي،
    چکايان يا ر کي چهبڪ ته دنـيا وارا ڇا چوندا،
    هجي هٿ ۾ جوالو، زلزلو جو هن کي جهنجهوڙي،
    هڻان هالار کي چهبڪ ته دنيا وارا ڇا چوندا،


    ڀـٽائيءَ ۽ سچو جيڪو ڪنو چاڙهيو،
    بخـاري، بـاهه کي سوري رڌي ڇڏجي،
    رجهي ويـو دوستو، آڻيـو وٽان، پاٽيون،
    وڌائـي ويـڙهي ويـڙهي ۾ ونڊي ڇڏجي،

    توڙي جـو ڪاٺ جو تلوار هوندي آ، غلط فهمي،
    ته بـي فـولاد واري ڌار لڳنـدي آ، غلط فهمي،
    جيئي هـن جج کـان ڇڏرائبي جـند آ، دلـيلن سان،
    تيئن رهندو به سچ پچ چنبڙندي آ، غلط فهمي،


    سڳن رشتـن جي دل ۾ ٿورو آ گهپلو،
    سڌن رستــن ۾ گولائـي به هوندُي آ،
    مِـٺو مـهراڻ جـو پاڻي اڇـو اجلــو،
    مَگـر ان ۾ ته ميـرائـي به هوندي آ،


    مٿاهـُون هـر زمانـي ۾ فـقـط يـزدان هـونـدو آ،
    سدائين پنهنجي عـادت ۾ ڪريل شيطان هوندو آ،
    ڪٿي اعليٰ ڪٿي ادنيٰ، ڪڏهن نوري ڪڏهن ناري،
    عظـيم انـسان هونـدو آ، خسيـس انـسان هونـدو آ،


    هيءَ منهنجي دل جي بي آرام ٿيندي آ،
    ۽ اڪثر صبح، منجهند، شـام ٿيندي آ،
    انهي ڦـٿڪار جو نقشو چٽيان ڪهڙو،
    ڪبـوتـر هانءُ، ڇـاتـي دام ٿيندي آ،

    بـتـــي گهر جــي ٻـري نـاهي،
    تـه اونــداهه جـهــان آهـــي،
    ڪلـي دل جــي کـڙي ناهــي،
    ته گـلشــــن ۾ خـزان آهـي،

    نه مان جـابـر نه جادوگـر زمـانا،
    نه مان پـرور نه پـيغمبـر زمـانـا،
    مان آهيان ٻڙڪندڙ ڌرتيءَ جو شاعر،
    بـرابـر باهه جــو ساگــر زمـانـا،


    تـونگـر دل، نـظـر منـهنجي گـداگـر،
    ورهائـيـندو به پـر گهرندو وتـان ٿـو،
    مڃان ٿو سونهن جي سامهون برابـر،
    مهـــــا ساگر مگر گهاگهــر لڳان ٿو،


    رڳــو دانهون ۽ ڪوڪـون، شرمنـدائي آ،
    ٿـڌن ساُهـن جـون ڦوڪون شرمندائي آ،
    هُـتان الـري ٿـو آکـيـري ڏي ڪاريـهــر،
    هتان جهرڪين جي چُون چُون شرمندائي آ،


    ذهن کي تر مان تڙائين، چي، هي شيطان آهي،
    وهم جـي ووڙ جـو هـو انـڌ ۾ ايـمان آهي،
    تـرم ۾ تـيز تدبـرَ کـي ڏنـڀـائين ٿـو ڏچـا،
    ملڪ ۾ مست – مـقدر جـو وڏو مـان آهي،


    هي جهُدَ جو جهنڊو جو ڳڙن ۾ ڦڙڪيو،
    ڦاٽـي ويـو، سانـڍي رکـو، ليـڙون به چڱيون،
    استـادَ ۾ ڇـا دوست بچـيو آهي، چيائين،
    ٻـيڙي جـي ٻڏي ته هـريـڙون به چڱيون،

    برسات اٺُي ڪا نه مگـر ماڪ پوي ٿي،
    معلــوم ٿـيو مــلڪ ۾ پـاڻـي آهـي،
    ڪا چڻنگ بچي ڪا نه تتي خاڪ چوي ٿي،
    هِـت آڳ ٻـري هـاڻـي اجهـاڻــي آهـي،


    جو وقت جا وڏاڻ هٽـائي نه ٿـو سگهي،
    سينا سگها سنداڻ بڻـائي نه ٿـو سگهي،
    سو آدمي ته آهي اسان پڻ سڏيونس ٿا،
    پـر سـورمو مهان سڏائــي نه ٿـو سگهي،


    هيڏانهن رات ڀُوت بڇـي ڀئه ڏيـڻ لڳي،
    هوڏانـهن بيـشمار ستـارا کـلـڻ لـڳا،
    جنهن وقت چنڊ، تارا نٽائي لڪڻ لڳا،
    ان مهـل سجَ جهــڙا سـهارا ملڻ لـڳا،


    ساگر ڪڏهن به اڏُري بادل ۾ ناهي ڦاٿو،
    دريا ڪٿي به وچڙي دلدل ۾ ناهي ڦاٿو،
    آواز حـق استـاد آزاد آهي، هوندو،
    قرآن پاڪ ڪڏهن ارحل ۾ ناهي ڦاٿو،


    ماٺار سُمهي هِيرَ جي جهوليءَ ۾ ٿي سوُچي،
    جي ڏينهن تـتا تيــز ته طـوفـان نه اٿـندو،
    اسـتاد گـروهن ۾ گـهڙي روز پڇُيـوُ ٿـي،
    انـسان جـي آواز تــي انـسان نه اٿـنـدا؟


    ڊڄندڙ اکين سان گُهورِن اوندهه جا ٻيـٽ بيٺا،
    طوفـان وهڪرن ۾شعلا کـنيون اچـن ٿا،
    ڏڪندڙ هٿن سان ڏونگر گهورِن ٿا سون، هيرا،
    ڀونچــال ڇـير پايـو ميدان تـي نچـن ٿـا،


    هـلو سنڀالي سنڀالـي، لـتاڙِجي نه وڃو،
    لـتاڙجي ته ڇڏيو پـر چـٻاڙجـي نه وڃو،
    ڇڄي ڇِڄي نه رنڀو لاڙ، ٿر، سرا، ڪـاڇا،
    ڪروڙ ڏاڍ جي لوڙهي ۾ واڙجي نه وڃو،


    جي قاز، باز گڏجي رهندا ته پوءِ ساٿي،
    يـا قـاز، بـاز ٿيـندا، يـا بـاز، قــاز ٿـيندا،
    حالات جي حوالي سان سنڌ تنهنجا باسي،
    يــا نِـت نـياز ٿيندا يـا جـانـباز ٿيندا،


    هر ڏار تـي ڪوئـل هئـي هر ٽـار تي بلبل،
    آواز ٿـي گـلزار مان ٽـان – ٽـان آيـا،
    هر ڪنگري تي شاهين، هر برج تي چرخو،
    پڙلاءُ ٿي محلات مان ڪان – ڪان آيا،


    چيٽ جي هِيـر به ناهيان جو ورهايـا خوشـبو،
    مانگهه جي ماڪ به ناهيان جو کلا مکڙيون،
    مان، ڄرئي ڄيٺ منجهند ٽاڪ جو ڪوسو جهولو،
    مون کـي آکاڙ جي اوٿـر سان ملڻ جــون لـوڙون،


    جي وات ڪريو بند، بيابان سمجهي،
    جي ساهه کڻون سمنڊ جو طوفان سمجهي،
    بزدل به عجيـب آهي اسـان جو دشمن،
    جـي ٿـورو اٿـي بيـهون ڪهستان سمجهي،


    تک، تــار تـري وڃــبو آ،
    تـرندي به ٻَـري وڃـبو آ،
    هڪ ڇِرڪ ڀري ڇڏجاني،
    جيئـري به مـري وڃــبو آ،


    ڪانءَ جو کنڀ کڻي ٿـورو هوا ۾ لوڏيو،
    ڪانءَ وڏو گوڙ ڪندا، گڏجي ٺونگا هڻندا،
    سنڌ جو ڪونـڌ ڪـٺو ليٿـڙي رت ۾ لاشو،
    شـهر جا شيـر ويا، فلـم جـا گانـا چوندا،


    جيوَن کـي ڀنڀ – ڀينگ ۾ بکـندو ڏٺو اٿم،
    انڌي جي منهن تي مُرڪ کي نچندو ڏٺو اٿم،
    پـيري، قـبر ۾ پيـر مـگر دل، سَڌون سـويــن،
    ميـلو مقـام ۾ به ته لڳـنـدو ڏٺـو اٿـم،


    ڪهرام ۾ اچي ڪيئن استاد آهين ڦاٿـو،
    ماتم ڪندو، پِٽيندو پنهنجي خوشي ٿو ڳوليان،
    مقتـل کان ٿورو اڳتـي محـفل جـو ڏيس مليو آ،
    مـان مـوت کـي لـتاڙيندو، زنـدگيءَ ٿـو ڳـولـيـان،


    هـي هـٿ ۾ پنو، سنڌ جي سمجهو وادي،
    مضـبوط قلعو ڄـڻ ته رنـي ڪوٽ آهي،
    هر الفظ بخاريءَ جو وطن دوست مجاهد،
    بـيـباڪ آ، جـــانبـاز آ، اڻمــوٽ آهــي،



    چوٽ تي چوٽ، زماني جي پراڻي عادت،
    عزم اڻـمـوٽ، آ منـهنجـي ابــاڻـي فطـرت،
    سمنڊ سنسار ۽ سنسار جي پـنهنجي هستي،
    آءُ طوفان ۽ طوفان جي پـنهنجي طـاقـت،


    سورن جو سلسلو به وڏو آهي دوستو،
    هـر سُـور جـو بلو به وڏو آهي دوستو،
    انسان ڪم بڻائي ٿو انسان بم گهڙي،
    ٻُـڌوان ٻوگـهلو بـه وڏو آهـي دوسـتو،


    سنسار تـان سُورن جو جنجال ڪڏهن لهندو،
    طوفان ڪڏهن رُڪبا، ڀونچال ڪڏهن لهندو،
    تلوار کان بـندوقون، بـندوق کان ايٽم،
    انسان تــان بــارودي بنبال ڪڏهن لهندو،


    ڊوڙو ته شيخ، شيام، بخاريءَ کان هي پڇـون؟
    ڇـا ماڪ، هِير جهڙي اڃا شاعري ڪـجي،
    آ سِنڌ سونهن لـوڇ ۾ نـغما چـئون، نچـون،
    سڪرات ۾ حبيب هجي، مسخري ڪجي،


    شهر سڪرات ۾ مان چـوءنڪ نچايان،
    لوڪ ماتم ڪري مان چنگ وڄايان،
    ڀـونءِ لـڙي جنـگ بقـا جـي، هـي ٺڳي آ،
    هو گهــري توبَ ته مان بــيت، پڄُايان،

    بولان کـان ڀنڀـور ڏي گيـراڪ ٿي آيـا،
    پرمار ڪري پيـار جي پوشاڪ ٿي آيا،
    مهـراڻ جـي واديءَ جـو ٿـيو ٿي نـيلام،
    هالار جي چوٽيءَ تان وڏا واڪ ٿي آيا،


    گهوگها هُجن ڳچي ۾ واڍون ٻَجهَن ڄنگهن ۾،
    گاريون ٻُرن ڪنن ۾، ڀونڊا چُڀن اکيـن ۾،
    او غفلتــو، غلامـيءَ جـو آخـري قــدم آ،
    ڌاريـا، گهرن ۾ هوندا ۽ گهر – ڌڻي گهـٽين ۾،


    هر ڏينهن، ڪنا ڌوڌ ڏيـن اوڪارا،
    هر رات ڪري ٻاٽ ٿي سايون الٽيون،
    بـازار ۾ ٻُـڌنــدي ڪي ڌپـارُا نـعرا،
    هِـن دور جـي تـاريـخ کـي آيون الـٽيون،


    هر ديد جي ڪمري ۾ ڏهاڙي ڪنُ آ،
    هر رات جـو ٽـي وي تـي اڳاڇـي الـٽيون،
    تــقديــر ۽ تـــدبيـر انهيءَ تـر جـيُ ڇـا،
    تـــــقريـر ۽ تحــريــر جي آڇــي الـٽيون،

    ڇو زهـر ٿـا هـِن ڏيهه کـيُ ڏوڪارايـو،
    هو خون ٿو ٿوڪي پيو، الٽيون ته ڏسو،
    ڇو قهـر ٿـا پــيٽرول ڪـري پـلٽارايـو،
    ڀر باک جـا گهرگهاٽ تـي تجـلا ته ڏسو،

    غيرتون، گـوڏ جـو پوتـڙو نه ڪريو،
    همَتون، وات جو موچڙو نه ڪريو،
    غير جي ڪنڌ تي چڙهي، پنهنجي،
    قوم کي گِيسڙو – گِسڙو نه ڪريو،

    پهريان ڦُـُڙي ڦُڙي ٿي، درياهه ٿي وڃون ٿا،
    ۽ پـوءَ ڦـٽي ڦـٽي نـنڍڙا واهه ٿـي وڃـون ٿا،
    ڪاتي ٻَري ٻري وڏا آڙاهه ٿـي وڃـون ٿا،
    ڪاتي اجُهي اجهي اسين اونداهه ٿي وڇون ٿا،


    جهَٽ جهَٽ گندي گار، برداشت نه ڪبي،
    هـر هـر ايڏي مـار، بـرداشـت نـه ڪبي،
    سڀڪجهه برداشت ڪندا ٿا وڃون ڀوتارو،
    ڪـهڙي آخـرڪار، بـرداشـت نـه ڪبـي،


    دهشتگرديءَ تي ضابطو رکيو ويندو،
    ڏاڍي – گابي سان رابطو رکيو ويندو،
    ”آسون لاهيو نه سـادڙا پـيارا سنڌي.“
    دلبي، دوکي جو سلسلو رکيو ويندو،


    خوشبوءَ ڪري بــند رڳو گند پکيڙين،
    ان دوئنس ۾ ٿا گونج کي گهمسان بنايون،
    او آنـڌا، آڏا تـرس، اچـون ٿـا تـــــوڏي،
    طوفـان کـي ٿـا آڳ جـو اڳـواڻ بنـايــون،


    تنـدور مان چوان ڪو نه ٿو مان،
    گجگـوڙ مان گهمسان ته ٿي سگهندو،
    شيطان مان يزدان چوان ڪو نه ٿو مان،
    انـسان مـان انـسان تـه ٿي سگهندو،


    جو ساهه کڄي، تنهن سان رهان شامل مان،
    سُرهاڻ نه چئو، سنڌ جو سهڪو ڪوٺيو،
    هــر دل جـي امُـنگ، آس ۾ داخـل مــان،
    آواز نـه پــر ديـس جـو دهڪـو ڪـوٺيـو،


    ڀونچـال اچي، پوءِ به نه ڌُڏجُي، ڪڏهين،
    ڪنهن ڏينـهن بـنا ڌوڏ، لڏي وڃـبـو آ،
    سهڻيءِ کي ڇڏيو دوست، ڏسو سسئي ڏي،
    ٻُـڌجي ته سُڪــيء َ ۾ به ٻـُڌي وڃبـو آ،


    پنهنجا قدم کڻي کڻي، ڦـاٿا ڌُٻڻ ۾ آهيون،
    رستي تي آهيون جي ته وڌي ڇو نه ٿا سگهون،
    پنهنجي ڪتي جا پاڻ کي ڪنڊا کتُا اٿئون،
    رُونڊا، انڌا ته ناهيون، ڪـڍي ڇو نـٿا سگهون،


    هاڻي به جي نه وٺندئو پنهنجي حقن جو قبضو،
    کاڻين، ٻنين، مِلن ۾ کاتـن پـڪن جو قبضو،
    شهرن ۾ پنهنجي پاڙن، چوئنڪنَ، هَٽن جو قبضو،
    پوءِ سمجهو سِر تي هوندوَ، ڌارين ڌڪن جو قبضو،

    اٿُو ته تيـز تـتا آفـتاب ٿــي اڀُرون،
    ڪتاب ٿي نه اچو ڇو ته ڦاڙجي نه وڃو،
    اڳيان اڪاريو صحرا، ملهار ساڻ کڻو،
    سراب راهه م آهي ته ساڙجي نه وڃو،


    طـوفـان، زلـزلـي ۾ چهـرن ڏي ڪير ڏُسندو،
    برسات ۽ ڳڙي ۾ ڳوڙهن کي ڪير اگهندو،
    جنگاهه جي طبل ۾ ڪوئل جي ڪوڪ ڪهڙي،
    هر گهر ۾ حشر، تنهنجي شعرن کي ڪير ٻُڌنـدو،


    رڻ پٽ هُجي ته ٺيڪ آ، صحرا هجي ته وهوا،
    سوڙهين گهٽين ۾ گهلندي، طوفان ٿو لڄي ٿئي،
    درياهه، مينهن، ٻوڏون ٻوڙيـن ڳالهه ٻي آ،
    پنهنجي پگَهر ۾ ٻُـڏندي، انسان ٿو لڄـي ٿئـي،

    رڳــو خيال بـيابان ۾ پـيو ڀٽڪيــن،
    عظيم عزم، عمل جو نشان پيدا ڪر،
    ضــرور ناهي ته ايڏو وڏو قـــديم هجـي،
    نئون جوان ٿـي پنهنجو جهان پيدا ڪر،


    ڪرڪيٽ راند ناهـي کٽـجـي يـا هارجـي، ڇـا،
    مشڪل کان سَوُ دفعا هي مشڪل معاملو آ،
    هر ڪنهن کي پنهنجي همت، حڪمت تي ڀروسو آ،
    قـومن جـي ارتـــقا جــو قــومـي مقـابلو آ،


    اوٻاٽَ، سڄـي رات تـو تــارا مــيڙيـا،
    پـرڀاتَ جي درياهه ۾ ٻـوڙيندسين،
    او انـڌ جا ٽڪساٽ، او شـيشا باشا،
    تو کي ته مُترڪا هـڻي ٽـوڙينداسين،


    جي ماٺ ڪري مربو، ته ارمان وڏو ٿيندو،
    جي گوڙ ڪبو، اٿـبو، گهمسان وڏو ٿيندو،
    هن منـد کـي معلوم آ، پـَن پنَ کـي پـتو آ،
    گهر گهاٽ گهُٽون وڌنديون، طوفان وڏو ٿيندو،


    ويو ڪو پکي اڏُامي، ٽاري لڏي ئـي پئي،
    آڙاهه ويو اجهامي دونهين دوکي ٿي پئي،
    تهذيب ڄڻ ته وهندو دريا سُڪي ٿو پيو،
    ٻُـولي جيئن ڪا ترندي ٻڏي، ٿـي پـئي،


    10

    ڇا ٿو پڇين زمانـا، جيون جـي جهنجـٽن جـو؟
    ها، جنگ پئي ڪئيسون، ڏُونڪا به ڪڏياسين،
    ڪيئن زندگي لڳيسين، ان حث کي ڇڏي ڏي،
    هر روز زلـزلو هـو، جهُولا به پئـي لڏياسين،


    هن ديس جي آهي، هي ضلعو دادو،
    نـروار رنـي ڪوٽ جو قـلعو دادو،
    شـهباز قلـندر کي پـيـارو آ ڏاڍو،
    بـيبـاڪ بلاول جـو هي ڍولــو دادو،


    شهر خاموش مگر شور آ محـشر وانگـر،
    وقت بيهوش ۾ ڇو جوش آساگر وانگر،
    ڏات ڏيئا نه بنايو ڪريو سورج شاخون،
    ڏاڍ، ڏيــئا ٿـو اجُهائــي وجهـي اوٿـر،


    هي گهِنڊ هي گهڙيال هي ڀيرون ڀڀڪا،
    هـن تر جي سجاڳيءَ جا طبل آهن سـڀ،
    پـرمـار ڪڪر واءِ تـي ٿـا ڪڙڪا،
    حـــقدار لڳـا بيٺـا جبـل آهـن سـڀ،


    جيـون لـذيـذ ڌاڍو، بعضـي عذاب آهي،
    ڪيڏو نه ڪشمڪش جو وڻندڙ شباب آهي،
    مغرور مشڪلاتون جهومي چون ٿيون نغما،
    مشـتاق جـانـبـازن ڇيــڙيو ربـاب آهــي،


    مان ساز، اچي مون کي وڄائي ڪوئي،
    مان گيت، ڀلـي ڳوٺ ۾ ڳائي ڪوئي،
    سمجهوم سڀـاڻي جـو سـدورو سپنـو،
    تعبير کـڻي منهنجو ڪرائي ڪوئي،


    ماحــول کان ته مــوقعـو ناهـي ڀـلو مليـو،
    پر عشق توکان مون کي وڏو ڀـرجهلو مليـو،
    مان دل جو هڪ جوان جوالو کڻي هليس،
    هو حـسن بـي پناهه اڳـيان زلــزلو مليـو،


    هڻي نگاهه پڇائيـن تـه ڪانُ هو يا نه؟
    چيم ته جنهن به بچايو، جوان هو يا نه،
    هزار شورشون چهرو، ڪئـي قصا آنسون،
    زبـان بـند هئـي پـر بـيان هو يا نه،



    اسان بـه عشق ڪيو هو، اهُو نٿو وسري،
    مچن ۾ شوق نـچيـو هو، اهو نه ٿو وسري،
    بلَا تي پير نه پيو هو جو ڇال ڏئي بچجـي،
    کنوڻ کـي ٻانهن ٻکيو هو، اهو نٿو وسري،


    شراب شوق ۾ جوڀن، ڪباب خود جوڀن،
    ته جـو پچـي به بچيـو هو، اهو نه ٿو وسري،
    سواد عشق جـو استاد زنـدگيءَ جـهـڙو،
    عذاب ۾ به مـزو هـو، اهو نه ٿـو وسـري،


    جو سِرُ نه جهُڪيو، ڀونءِ جو ڀونگر هوندو،
    طـوفان ۾ هالار جـوَ ڏونگــر هونـدو،
    جـنـگاهه ۾ آڙاهه، ڌڪـن ۾ دودو،
    پنـجــوڙ ۾ گجگـوڙ بـبر نـر هونــدو،


    مرندي به قوم آهي، جيئُندي به قوم آهي،
    ڪرنـدي به قوم آهي اٿندي به قوم آهي،
    هن ڀـونءِ جـا جيـالا جهـونجهار پـُٽ، ڌيون،
    سنسار کـي مڃايـو، سـنڌي بـه قـوم آهي،


    ”اچي ٿو هو“ ته پِٽڪي ۾ ڇَم ڇَم آ،
    نه پهتو هو ته عيـدن تـي بـه ماتم آ،
    ڪشش ناهي ته عيش آهي عذابن جان،
    سڄـڻ ۽ لطف جو ڪيڏو ته سنگم آ،


    دوستيءِ مان دشمني، ڏاڍي ڏکي،
    رهبـري مان رهزنـي، ڏاڍي ڏکـي،
    اعـتـماد استــاد اطميـــنان آ،
    تـــوبه تــوبه، بـدظـني، ڏاڍي ڏکي،


    تنهنجي گُهنڊ جـو ليڪو شاهـد،
    لـمحـو، اڳ جـو ٽـانـڊو ٿـي پـيو،
    تنهنجي مُرڪ جو چلڪو شاهد،
    لـمحـو، ماڪ جو قطرو ٿـي پــيو،


    شاهــد نـو لـک تـارا منهنجـي محبــت جـا،
    لڇنـدي، لڇندي سٺ سئو راتـيون ڪاٽيـونُ ٿم،
    هڪ هڪ ساعت، سـال لڳـي ٿـو او اڌمان،
    ڄڻ ته سڪڻ ۾ سهسين صديون ڪاٽيون ٿم،


    کڻي جو کوليم ڪتاب دل جو، صفحي صفحي تي شباب تنهنجو،
    اکـر اکـر سان هڻـي ڇڏيو تو، نظـر نظـر تـي نـشان جـانـي،
    عظيـم آهيـن ڪمال وانگـي، حسيـن سهڻـي خيـال ونگـي،
    تڏهن ته تـنهنجو جمال جلوو، جڏهن تڏهن آ جوان جـاني،


    سڳنڌ منهنجي سٽن منجهان جي سچـي پچـي ڪجهه اچيو ٿو،
    دماغ منهنجي گلاب جهڙو هڳاءُ تنهنجو سنگهيوُ هيو،
    ڪرنٽ هوندو ضرور منهنجي اڃا به ڪنهن ڪنهن اچار ۾،
    هِنن چپن سان مون بجلين کـي ڇِتي وهـيءِ ۾ ڇُهيو هيو،


    آجيون پريون آڳنڌ آڻڻ، پـوپٽ ناهن جهٽڻا،
    عرش تـان تـارا ڇنـڻا آهـن، پيـرون ڪينهن پٽڻا،
    سپنن ۾ ئي سمهندي سهڻا ساجن ماڻڻ سولا،
    سـچ پـچ ماڻا ماڻـڻ، سر سـان آرا آهن ڪٽڻا،


    ڊُڪي ٿي صبح ۽ سانجهي کٽي ٿي زندگي منهنجي،
    هلـي حيلو ته سورج کـي صفـا سوگهو ٻَڌي ڇڏيان،
    گهڙيءِ کان پوءِ ڪاٿي پنڊ پاهڻ ٿـيو پـيو هوندس،
    نچـڻ ناهـي ته ڇاهـي، موقعو آهي لڇي ڇڏيان،

    ٻـٻرن کـي ڌوڻـيـندي ڇـو آن،
    ڦلهـيار کـي ڦولهينـدي ڇو آن،
    گـونگـن وانگـر مـوڳـي دلـڙي،
    انـڌن ڏي گهوريندي ڇـو آن،


    رات پوئيـن ٿـي جڪي، هاڻـي تـه ڇڏ،
    پئي اچـان پهريـن ٻـڪي، ڇا ٿي چوين،
    باک، مـاڪ آهي مُڪي، هاڻـي تـه ڇڏ،
    سِڪ ڊڪي ناهي رُڪي، ڇا ٿي چوين،

    بـادل اڏُري، ڏور وڃـي ٿـو،
    سر کـي ڏيندو سور وڃـي ٿـو،
    موٽي، جڏهن مينهن وسي ٿو،
    ڍنـڍ سُڪي ۾ ساهه پوي ٿو،


    حياتي، سا ته ماڻيم ميل، محبت ۾،
    مماتي جو مُدو ڀوڳيو مون فرُقت ۾،
    اڃا پيڇو نه ٿو تنهنجو ڇڏيان پيـاري،
    الائي ڇا ٿو ڳوليان تنهنجي الفت ۾،


    ملئين مُرڪي ته چانڊوڪي ٿڌي ٿي پئي،
    تڪيه ڪرڪي اتيئـي ڌر تتَي ٿي پئي،
    روئـي ٿـي رَتَ روزانـو آنـا منهنجــي،
    رُڳـو تـنهنجي سهاري زنـدگي ٿـي پئـي،


    ڌنڌن سان گڏ، دل به رکي ٿي،
    آءُ اهـا ڪئمــيرا آهـيــان،
    مـنظر جـي دل ٽڪرا ٽڪرا،
    مان به ته ٻـيرا، ٻـيرا آهـيــان،


    مون کـي تــڙپايئه، طبـعت مهـربانـي،
    دردمنـدي در حــقيقـت مهـربانـي،
    ويس بچي جو بي مَتيو پٿر نه ٿيس،
    ماڻهپو بخشيـئه، محبـت، مهـربانـي،


    سُهڻا ماڻهــو، ڪهڻا ماڻهــو،
    دشـمن آهــن، دلــبر آهــن،
    رت جا رشتـا واهه جـا رسـتـا،
    ويــري آهــن، واهـر آهـــن،


    خوشين جـون ۽ گهڻيـون هِيـرون گُهلن ٿيـون پيـون،
    وڪــــوڙيـــو ٿـا وڃـن پِـيرن جـا واچــوڙا،
    هُنن وٽ عيد جـي دعـويٰ هنن وٽ ماتـمي ميـڙا،
    ڏسون ٿا چهچٽا، پِٽڪا، نه هو ڪوڙا نه هي ڪوڙا،


    مهربـانـي مُنـد جـي مڃـبي مــٺا،
    ڪي ڪڻيون پهتيون، نديون ناهن مليون،
    جـنهن خـدا اڀُ کـي لکيـن تـارا ڏنـا،
    تنهن کان انڌي کي اکيون ناهن مليـو،


    ڏسي هن کي، خوشيءِ کان ميڪدي ۾ ويا لڳي نعرا،
    ٿـي مسجد ۾ به وئـي سبـحان هُـو سبـحان هُـو پـيدا،
    بخـاريءَ ڪـيتـرو گستـاخ چئبس بي ادب چئبس،
    تصور هن جو ٿي پيو اوچتو اڄ بـي وضـو پـيدا،


    ٿـڌن ساهـن جـون سُرهـاڻيون جـي غمگينـي گهِمُـن هاڻـيون،
    سـي منـهنجـي روح جـي پـولار ۾ پکـڙي پـيـون آهـن،
    ڳرُن ڳوڙهن ڪري تنهنجون ڊگهيون پلڪون جهُڪيون ڄڻ ڪي،
    گلن جـــون نــرم ٽــاريون ماڪ تـي نــوڙي پـيون آهـن،


    پــيار کـي بــازار جـو سـودو نه چئـو،
    هانءَ جي هٻڪار کي هوڪو نه چئو،
    صـبح هـڪڙو شـام ٻــيو ۽ رات ٽـيو،
    هـي ته ٿـيو چـولــو، رئـو چهـرو نه چئـو،


    مان مري قاصد ويـس پهتس نه ترُبـت ۾ اڃا،
    ڏينس ڏوراپو وڃـي ڇا رهندين غفلـت ۾ اڃا،
    ڇو نٿو منهنجي جنازي جي تون ويجهو اچين،
    وئي نه تـوکان بدگماني منهنجي نسبت ۾ اڃا،


    مون کـي پـتو آ پاپــي اوکا جا گـيسو،
    فـرهاد پـاڻ آهيون، تـيشا هـزار آهـن،
    اوندهه ڍُڪيا سرو، ٿر ڪاڇو ۽ لاڙ آهن،
    شـعلا، الا، مشعـلون، تجـلا هــزار آهـن،


    پـريشان، شام جـو محـبوب جـا گيسو،
    عجب ۾ صبح جو ميڪپ جو آئينو،
    سـمو بـي چيـن ڄـڻ طوفــان ۾ سـنڌو،
    مگر بي حِسَ هو ڪهسار جـو سيــنو،


    هاءَ گـرهڻ ۾ اچـي ويـو مـاهرو،
    چهرو ڪوجهو ٿو ڪري پيـو خوبرو،
    ڪيـر ٻيـو ايـندو بچائــيندو اچـي،
    ڇـو ته ويـري ٿـي پـيـو آ واهـــرو،


    ڀٽڪئي عوام ۾ آ، پويان لڳڻ جي عادت،
    عيار رهبريءِ ۾ ماڻهن ٺڳـڻ جي عادت،
    اغيـار تـيز آهن تـنظيم سـان وڌن پـيا،
    يـارن ۾ پئجي وئـي آ نعرن هڻڻ جي عادت،


    هڪ قوم پئي ٿي ڀٽڪي، ٽولا هزار آهن،
    ٽولـي ٽولـي ۾ ٻـيا ڀـي ڀـولا ٻه چار آهن،
    جيڪو به چاهـي لـيڊر بنجي بيـان ڇپجي،
    جهنڊا، جلوس، نعــرا اڳ ۾ تـيار آهن،


    جيڪو نه جهُڪيو، جهوڪ جو جوڌو هوندو،
    تـنهن کِيــر امـڙ سـنڌ جـو پيـتو هوندو،
    مرندو ته مري ويـندو مگـر سڀ ڏسندئو،
    ڊُڀ مور نه چـرندو ڇو ته چيتـــو هوندو،


    جلين ٿي شمع تون شعلا ڏسان ٿو پيو،
    پتـنگ آهيان امُنگ ۾ پــچان ٿـو پيـو،
    ڳـرين ٿـي پئـي مگـر جيئري اڃا آهيـن،
    اها منهنجـي به نِرجائـي، جيـان ٿـو پيو،

    جي ماکـي آ جـفا تنهنجي ۽ مصري آ سـزا تنهنجي،
    تـصور ئي نه ٿو سوچي ته ڇا هوندي وفـا تنهنجي،
    پتو محشر ۾ پوندو منهنجي مستي تنهنجي هستيءَ جو،
    جڏهن ميزان ۾ ترُندي خطـا منهنجي عطا تنهنجي،


    هن چميون ڏيندي پڇيو؟ ڍءُ ٿيئه چيم،
    مينهن ۾ مهـراڻ جـو ماپـو نه ڪر،
    عاشقيءَ جو عيش ڪجهه اڳـتي بـه آ،
    لطف ۾ شـامـــل رڳـو بـوسـو نه ڪر،


    نه بيداري نه بيهوشيءَ جي حالـت آ،
    نه وک اڳتي نه وک پٺـتي جي طاقت آ،
    پڇين ٿو ڪيفيت منهنجي حياتيءَ جي،
    پٺـيان آ مـوت ۽ سامهـون قيــامت آ،


    حسن تريناڪ اڳيان، عشق کي چالاڪ ڪبو،
    بـزم بڇـي جنگ ته پـو عـقل کي بيباڪ ڪبو،
    ڪنڌ فلـڪ بــوس منـارن جـو مـروڙي وجهبـو،
    عزم ذرا ڀون جـي گهڙيءَ لاءِ غضبناڪ ڪبو،


    جواني سون جهڙي سيني مان اڀُري اٿئي جاني،
    خزاني جي ضروري آ پڪـي پـختي نگهباني،
    محافظ عشق کي رکجان متان پو هٿ هڻين سهڻي،
    چــرا عـاقـل ڪند ڪاريه بـاز آيـد پشيمانـي،


    ٽئليـنـٽ اڀُارڻُ لـئه مضبــوط ٽلـون گهرجن،
    ڪنهن کي به اڏرن لئه مخصوص ڪلون گهرجن،
    ريءِ ٿنڀ سوا ٿوڻـي ڪـو عرش نـٿو بيهي،
    ان لاءِ عقيدي جون ٿوڻـيون ۽ ٿـلهيون گهرجن،


    مون کي چيو زماني ڪجهه حوصلو ته ڪر،
    پنهنجـي ڀلـــوڙ ٻوليءَ تـي ڀروسو ته ڪر،
    مون دل ڪري ٻُڌيا ڀــرپــور شــعـر پـــر،
    هُو دور غيـر هو سو چـيئين تـرجمو ته ڪر،


    اوهان سوچيو ٿا جو، هائـو، مان سمجهان ٿو،
    جو مون تي رحم ٿا کـائـو، مان سمجهان ٿو،
    ڀُـرن ۾ شـور آ لهـجــو رکــو کهـــرو،
    هي ڪمدار، هو ڪارائو، مان سمجهان ٿو،


    نه جنگين جا ڀونچالَ، ڀونءَ کـي بڇيو،
    نه ٽئنڪن جي ملبي ۾ دٻجـي وڃو،
    مشينن جــي دونهين کان اڳتـي وڌو،
    نڪورين فضائن ۾ نـڪري وڃــون،

    هـن بـي درد ســـروٽــا آنـدا،
    ڌڪ ڌڪ کـاڌم بيـٺـي بـُل،
    مون به هنيا هن کي هيڪاندا،
    هاءِ هيـم ئـي هـٿ ۾ گــل،


    ڪيئن چـاهه جو ميـڙ متو، آڙاهه تتو وسري،
    ڇو ته ڪنهن به حياتيءَ کي ڄم – موت نٿو وسري،
    ممڪن ئي نه آ، حورون محـبوب جو مٽ بنجن،
    محشر ۾ به مشڪل آ، هِن جڳ جو مزو وسري،


    جمهوريت ٻڌي پئي شڪايت عوام جي،
    هي وقت ٿو ڪري پيو وڪالت عوام جي،
    محـفوظ فيـصلو ٿـي رکـي پـاڻ وٽ اهو،
    ڏسجـي ته ڇـا ڪري ٿـي عدالـت عوام جي،


    ڳالهه سرديءَ جي سرڪي وڃڻ جي ڪجي،
    يـا بهاريءَ جـي مُرڪـي اچـڻ جي ڪـجي،
    موسمون مند تي اينديون وينديون اي دوست،
    سوچ عـزت سـان زنـدهه رهـڻ جـي ڪـجي،

    ڪمزور آ ڏوهه ۽ ڏوهـيءَ لاءِ سـزا،
    طاقـت آهـي زور ۽ زبـري لاءِ مـزا،
    هار به پنهنجي هٿ ۾ آهي جيت به هٿ ۾،
    پنهنجـي هٿ ۾ آهـي يـارو درد دوا،

    سنـسار جو اسـرار جو در کـولـي ڏيـو،
    سَڀ فلسفـي هـي راز رڳـو ڦـولهي ڏيـو،
    ڌڪ دنـيا گهـڻا کـاڌا نڌڻڪائيءَ کـان،
    ڌڻ چئي ٿو ته ڌڻوال مون کـي ڳولي ڏيو،


    ڇاڪاڻ ڇني يـار تون ڇورو ٿو ڪرين،
    ديدار گهران مان ته تون پردو ٿو ڪرين،
    هڪوار رڳو دل کـي دلاسو به نـٿو ڏيـن،
    بي پـير، بـيـپـرواهه، اهـو ڇـو ٿـو ڪرين،

    هـي زنـدگـيُ گـلزار آ، يـا هــائـي آ،
    چهري تـي اٺـي ماڪ آ يـا ڇائـي آ،
    هڪ عمر سِڪي مُرڪ مِٺي جي ڪارڻ،
    هـي پـيار نـه ٿـيو يـار، هـيءَ ڏاڍائـي آ،

    هڪــڙو گـندو – گـارو پـاڇــو،
    ۽ ٻـيـو ِکـک جــو کـارو پـاڇــو،
    انــڌاري کـي داد ڏئــي پـيون،
    پڳ پڳ تـي منهن ڪارو پاڇو،

    اوندهه ۽ انـڌاري جـي شادي ٿئي پئي،
    گهگهه انڌارو پنهنجو گهر آباد ڪري پيو،
    نـيري هٿ ۾ ناسي جهنڊو جهولا ئيندي،
    ڪارو پـاڇو هر هر زنـده باد ڪري پـيو،


    اوندهه جي برسات جي وسنـدي،
    انـــــڌارا دريـاهه تـه وهـنـدا،
    ٻيـٽ ٻيـٽ تي ٻـاٽ جـو ڇٽبي،
    ڪارنهن جا ڪنداهه ته ڦٽندا،


    بعـضي لـڌي سُکـن جـي صندوق زندگي،
    بعـضي لڳـي ڏکـن جـي بــندوق زندگـي،
    توڙي قـدم قـدم تـي روڪي، ڌڪي رقيبن،
    منهنجي ته هئي تڏهن بي معشوق زندگي،

    نـه ڪـر وقـت تـي اعتبـار ايـترو،
    نه وجهه ڪنهن به پڇڻي تي تـون بار ايترو،
    جـو تـوسان ملـي سـو اٿُي مـعتـبر ٿـي،
    ونڊي قــرب جـو ڏي وقـار ايـترو،

    ٻڏو يـا تـريو پـيو ڪبو تبـصرو،
    مُهاڻو هو مانجهي يا ڪو مسخرو،
    اهو مامـرو سوچ سـاڃاهه جو آ،
    بــيـپرواهه دريـا جـو وهڪرو،

    انـسان اٽـر ٿيءُ، ٻـٻر – ٻُـور نـه ٿـي،
    آدرش – ارادن کـي چٿي چور نه ٿي،
    ابليس جـي تبليغ تون آزاد نه آن،
    پر رب جي مرضي آ، ته مجبور نه ٿي،

    جنهن ڏات ڏني ڏات، انهـيءَ لاءِ ٿو تڙپان،
    جنهن جوت ڪئي ”جهَات“ انهيءَ لاءِ ٿو تڙپان،
    او صبح ازل صبح ابـد تـون هج شاهد،
    پرڀات کـان پرڀات، انهـيءَ لاءَ ٿـو تــڙپان،


    جي هڪ قوم، ڪوڙيون انائون ڳهي ويون،
    ائــين سمجهو ڌرتـي، هوائـون ڳـهي ويون،
    پهـاڙن جـا ڳـاٽـا جهڪـي چـوٽ سان پـيا،
    ارادا اجهـل الـتـجائـون ڳهـي ويــون،


    نگهبان ڪوڙيون انـائون ڪيون سون،
    سوا سگهه ساڻيون صدائون ڪيون سون،
    خـــدا وٽ ۽ خـلـقِ خــدا وٽ وڃــون،
    خطا ڇـا خطا تـي خطائـون ڪيون سون،

    تـارا چـنـڊ گـگـن جـا،
    عـضـوا انـگ بـدن جـا،
    اهـــڙي ريـت اسان جـا،
    هـڙئـي هـيـج وطن جـا،

    عـضـوا انگ بــدن جـا،
    سعـيـا سهــج سخـن جـا،
    اهــڙي ريـت اسان جـا،
    هــڙئـي هـيـج وطـن جـا،


    ڪوڙ ڪارونـڀار ۾، چمڪي ٿو سچ،
    انـڌ انــڌوڪـار ۾، چمڪـي ٿو سچ،
    مال ڌن چـاهن ٿـا گڻ کي گم ڪجي،
    سورن جي چمڪار ۾ چمڪي ٿو سچ،

    بيــنڪ ناهـياُن نه بـند ٽجــوڙي،
    دور – دفـتر ڦـريـو پـيـو آهيان،
    عمر عيش ۾ هئي نه عيدن ۾،
    جــرجلن ۾ مگـر جـيو آهيـان،


    11

    ڪيڏو نه امن، عدل لئه جڳ منظر به آهي،
    ڇا ڪار ساز قهـرن کـان بيـخبر بـه آهـي،
    ڪو آسـمان تـان ڳـائي ” بارود ڌوڙ ٿـي ويـا“
    ان کـان وڌيـڪ نـغمو ڪو معتبر به آهي،

    سڏيـو فلاڻـو فلاڻـو اچـي بـيان ڏئـي،
    اڃان انهن کـان سياڻـو اچـي بـيان ڏئـي،
    نئون ڪو لفظ يا جملو نٿو سمجهي ان کي،
    ته بـار بـار پـراڻو اچــي بـيـان ڏئـي،


    جلسو جلوس ٿئي ڪو، ڪجهه ڊُگڊگي وڄايو،
    اخـبـار ۾ بـيـان ۽، فوٽـا نـوان ڇـپايـو،
    ڪو يـا ٻـارهين، ڪو تـيرهينءِ جـو جلسو،
    اتحـاد لئه دڙي، سـن، هـالا، سکـر سڏايـو،

    اسان ڌرتـي بنائـي جان جي جانـي، ڪٿـي آهي،
    جـي جـاني آ تـه جانـي لاءِ قرباني، ڪٿي آهي،
    سَوڙ هرڪو ٿو سوري پاڻ ڏي شاعر هجي ليڊر،
    ڪيون پيا ذات جي، تر نگهبانـي، ڪٿي آهي،


    رکي سر اچـان تـريءَ تـعميـر زنـدگيءَ لـئه،
    اهو شرط لازمي آ، مضبـوط عاشقـيءَ لـئه،
    توکي شوق آ ته خوشبو ڀلي ورڇ رات راڻي،
    مون تي فرض آ ٻران مان سڄي عمر روشنيءَ لئه،


    دعا کـي سنڀاري، دوا کـي پڪاريو،
    سڏيو خلق کـي ۽ سڀـا کـي پڪاريو،
    اڙيـو آ اويـڙو، تـري ڪيئن به ٻيـــڙو،
    خـدا کـان وٺـي نـاخدا کـي پـُڪاريو،


    لفظ جيڪي صبح جي خوشبو جا سپـنا ٿـا ڏسن،
    اوسني ڪوهيڙ جي گهيري ۾ اڙجيـو ٿـا وڃن،
    لفظ جيڪي آرزو گجرا ڪري جوڙي ٿي پئي،
    جسُتجـُو جي جـرم ۾ سي هٿڪڙيـون بـنجن وڃن،


    کلي ڳوڙها نه اگُهه چالاڪ جي هيءَ چال ڄاتل آ،
    انهيءَ هٿ سان نه اگُهه قاتل، اهو منهنجو سُڃاتل آ،
    چـون ٿـا ظلم قـائم آ رڳـو ظالـم بدلـبو آ،
    اهو چولـو تـه لاٿـل آ جو تـنهنجي تن تي پاتل آ،

    چٻـجي چٻـجـي چٿـجـي ويــو آ،
    سـچ گهاڻـي ۾، ته به جـي ويـو آ،
    صاف ڪرايو ڪنَ جون پاڙون،
    ڪـوڙ چـچــڙ تـي چـنـبڙي ويـو آ،


    هن ڌرتيءَ جو هڪ هڪ واڪو،
    مـون وٽ سـمجهه امـانـت آهـي،
    واپـس ڏيـان ٿـو، پـر ڪـو ڀُڻڪو،
    ڏر او ڏات، خـــيانـــت آهــي،


    جتـي لــوڙ آهـي اتـي ووڙ آهــي،
    هي جيون ته جـوکـم ۽ کـوڙ آهـي،
    هي قومن جي قومن سان دنيا جي دڳ تي،
    سـما تـُنهنجـي سامـهون وڏي ڊوڙ آهي،

    سج لـهي پـر چـنڊ نه اڀري ڇـا ٿا سمجـهو،
    باقي تارا جهڙ ٿو جڪڙي ڇـا ٿا سمجـهو،
    سيڪ اڳيئي سيم وڪـوڙي ويـو آهـي،
    مينهن وسي پيو، ٻوڏ ٿي ٻوڙي، ڇا ٿا سمجهو،


    جيڪو ڪائــنات جـو اللھ آ،
    سـو بــيحد وڏو بـيــپرواهه آ،
    لڇن زلزلن ۾ لکين ساهه – آهون،
    مگـر واءَ جي مُنهن ۾ واهـواهه آ،

    تــقــدير مڃون، ڪيـر پـو مخيـار آهـي،
    ڪو غوث ته ڪـو رنـد گهنگار آهـي،
    مظلوم حـسين آهـي، ته ظـالم شـمرو،
    ڪنهن سونپيو اداڪار کي ڪردار آهي،


    ارادي جو مـعـراج امـڪان آهي،
    جيئن عربي ٻوليءَ جو قرآن آهي،
    خدا نه ته خدا جو خليفو وڏو پـر،
    نگهبان هن جڳ جو انسان آهـي،


    کـُٽي ويو تيل، وَٽ ويـئي سُڪي آهي،
    رڳو ڦڙڪا هـڻي، ڦـٿڪڻ ڏکـيو آهي،
    نه مهينن جي نه هـفتن جي وٿـي آهي،
    اڄوڪي ڏيـنهن ۾ جيئـڻ ڏکيـو آهي،


    چيـو پائر مها سـاگـر وڏو آهـي مگـر مـون لئه،
    هي ٿورو يا گهڻو جيڪو وسي ٿو مينهن سڀڪجهه آ،
    چيـو شاعر، زمـانُو اڻ ڪٿيو آهـي، مگـر مون لئه،
    هندورو آهي يا کورو، اڄوڪو ڏينهن سڀڪجهه آ،


    قطارون لڳائـي ڇڏيـو ڪـوششن جون،
    ڪليـدون بـنائي وجهـو قسمتن جون،
    ٿڪيون پهريون ناهن، نين جو تياريون،
    هشيـاريـون وڌائـي ڇـڏيو هُمتـن جـون،

    اوندهه کي خبر آ ته مـان آڙاهه آهيـان،
    آڙاهه کـي سڌ آهــي ته دريـا آهـيان،
    جمدوت به ناهيان مگر اي قاتل توڏي،
    عزريـل ڪـري مـوڪليو اللھ آهيـان،
    ڍ

    تـنهنجـي هٿ ۾ قهـري ڦـٽـڪا،
    مون وَٽ سُهـرا ڪـرڻـا آهـن،
    تون جت ڪڙڪين ريهون سڏڪا،
    مان جت گـونـجان جهِــــرڻـا آهــن،


    خيالـن جـي اکيـن تان کــوپـو لـٿو،
    ته منهنجو نئون نئون نور نکري پيو،
    نئَون سـج، نئـين سر، نـئونُ سوجهرو،
    نــون آسمـانــن تــي اڀـري پـيـو،


    هڪ موقعو سونو موقعو هو، وسري ئي نٿو،
    هـر لـمحو سهڻـو تحفـو هو، وسـري ئـي نٿو،
    اک جو اک کـي سکڻو محض، سلام نه هو،
    چپ تـي چپ جو ٺـپو هو، وسري ئي نـٿو،


    نـانءُ تنهنجو وٺي شاعري ٿو ڪريان،
    نـانءُ تنهنجو اکـر آخـري ٿـو ڪريان،
    جيترو وڌ ۾ وڌ ڪير سوچي سگهي،
    آءُ تنهنجـي ثـنا ايـتري ٿـو ڪريـان،


    مون کي نه زمانو ٿو نڌڻـڪو گهرجي،
    قدرت جو قسم آهي ته ڌڻڪو گهرجي،
    مان ڪاٿي ٿو ناڪار ڪريان او ناصح،
    ڌڻ آهـي ته ڌڻـوال هُجـڻ ڪو گهرجي،


    قـربداريءَ جـي تـور ڪيـر ڪري،
    هانءَ هاريءَ جي تور ڪير ڪري،
    هلڪـڙي دوستـي بـه ٿـيـندي آ،
    بردبـاريءَ جـي تـور ڪيـر ڪري،


    باغ، وڻ تــوري سگهـــان ٿـو،
    گل جـي سُرهـڻ ڪيـئن توريـان،
    سون – مڻ تـوري سگهـان ٿـو،
    ماسو چمڪڻ ڪيئن توريــان،


    شاهه ڀٽائيءَ جهڙي رهبر شاعر جي هن طالب کي،
    ڏينهن سڄوئـي ڇـو ته الائـي بي حد سرمد ياد آيو،
    غالب، مومن، اصغر، اڪبر، فيض ۽ جالب جي بـدران،
    رات سموري حيـرت جهڙو هـر هر امجـد يـاد آيـو،


    تعريف تنهنجي مون کان پوري نه ٿي سگهي،
    تـوڙي جو پـاڻ تـو بـه چيـو ٿـي، وڌاءُ آ،
    استـاد کـي پهاڙ نـه سمجهو، جـي سمجُهو ٿا،
    چوٽيءَ تــي بـرف آهـي، انـدر الاءُ آ،

    تنـهنجـو پـيار کـٿوريءَ وانگـــر،
    بعضـي سـاڙي کــوريءَ ونگــر،
    ڪا ته ڪيم پي ڳالهه بخاري،
    اڌ ۾ ڇڏيم اڻپــوريءَ وانگــر،


    زندگيءَ ڪا هِيرَ ناهي جو گُهلـي، گذُري وڃـي،
    زندگيءَ ڪا پاڻي- پکي ناهي اچـي، اڏري وڃـي،
    زندگيءَ ڪو فصل ناهي، جو پچـي، لبجُي وڃـي،
    زندگيءَ جڳُ جڳُ جوان، جي سِجُ ٿي اڀري وڃي،


    فـڪـر ۾ ڊوڙي نـه – کـُٽـڻي آرزو،
    گيـت ۾ گـونجـي جڳُـن جي گفتگو،
    جستجو ۾ مان مـري ويـندس تـه ڇـا،
    زندگيءَ جي پـو به رهندي جستجو،


    گنـدگي ۾ زندگي گهـاري وڃـڻ سولـي نه آ،
    گهارجي ويندي به، اوجاري وڃُڻ سولـي نه آ،
    وير، واري، واءَ تي شاين نِـشان اڪري وڃـي،
    وات تـي پـَـر بات بـيهاري وڃـڻ سولـي نه آ،


    روز ڇيهون ڇيهون ڇـوري زنـدگـي،
    پو به نِـت نِـت نئيـن نڪوري زنـدگـي،
    جي گُهسي ايندي ته پو پڇُندي به ڪانه،
    جـي رُسـي ويـندي تـه زوري زنــدگي،


    بجِنسي بـاهه بـَٺي آهـي، مان چوان نه چوان،
    حياتي پوءِ به مِٺي آهـي، مان چوان نه چوان،
    ڪري پئي اڳ ماتم، تڪي پئي عيد اڳيان،
    بخاريءَ زنـدگي هـي آهـي، مان چوان نه چوان،

    کنيون سِر اچان تريءَ تي تعمير زندگيءَ لئه،
    دستور هي پـڪو آ، مضبـوط عاشقيءَ لئه،
    توکي شوق آهي خوشبو ڀلي ورڇ رات راڻي،
    مون تي فرض آ ٻرڻ جو سڄي عُمر روشني لئه،



    زندگي اهـڙيءَ طـرح گـذري وئـي،
    ڪئي چڱايون، ڪي مَٺايون ٿي ويون –
    ڳـالهه منهنجي ميـڙ ۾ نڪري وئـي،
    ٽيهه نيڪيون، ٽي گلائون ٿي ويون –


    زنـدگي، هاريءَ چيـو ٻوٽو ته هو،
    موت جهولي، لوُهه جو جهوٽو ته هو،
    زنـدگي، مالهيءَ چـيو، موتيـو کـڙيـو،
    موت، رهـزن هٿ جـو انڀـوٽو ته هو،


    ٿَـڪا نيڻ ڪاٿـي، نهاريـان ٿو پيو،
    سُتي سوچ ناهـي، سنـَڀاريـان ٿو پيو،
    وڻي سونهن کي سِڪ جو پڇتاءُ ٿو،
    تڏهن توبه توبه تـواريـان ٿـو پيـو،

    آئـي رات انــڌاري تـَر تـي،
    ماٿــر مــچ مچـايـا دَر دَر،
    ڪارو اڀ اوُڳاڇي ڪارنهن،
    تـاڙا ڦـاڙي گهوري گهر گهر،

    وَڏ ڦـُڙو ٿـي بـاهه وســي جـي،
    اگــني بنـــجي آب ٻـري پـو،
    ڇولـي ڇولـي شعلـو ٿئـي جـي،
    ڪرڙي ڪرڙي ڪيئن ڪري پو،


    سمي صحـرا، سمي دريـا اسيــن آهيــون،
    ڪڏهن ترسيا، ڪڏهن ڊوڙيا اسين آهيون –
    اٿــن اوٿــر، گجــن گاجـُون، وُهـن واهُــڙ –
    تڏهن سمجهو ته ڪجهه تڙپيا اسين آهيون،


    ليليٰ سان ڪيئي پيار او مجنون ڇا ٿيو،
    اکـرن سان رکـڻ چـاهه وڏي مشڪل آ،
    مُردن ۾ وڌئـي ساهه او عيسيٰ ڇا ٿـيو،
    لفظـن ۾ وِجهـڻ ساهُه وڏي مشڪل آ،


    دل پنهنجي ڪڍي پيش ڪري ڪين سگهيس،
    لک شڪر به – ٽـي شـعر ته ڳائـي ٿـو سگهان،
    جـا ذهـن ۾ تصويـر ڇِڪي ڪين سگهيس،
    بس چـند لڪيرون ئـي ته پـائي سگهـان،


    مـرغوب تخَلـص جـو لـڀڻ آسان آهه،
    پـر شاعـر محبوب ٿـيڻ مشڪل آهه،
    اخـبار ۽ ڪتابــن ۾ اچـڻ آسان آهه،
    پر قوم جي سيني ۾ رهن مشڪل آهه،


    تسلـيم تـه هٿ تــوکي لڳـي ويـا هيــرا،
    ٺيڪ آهي ته مون جهول ۾ ميڙيون ڪوڏيون –
    اونـدهه ٿـي ٿئــي، ڀَــڄُ تـه ٿـيون مـنـزل ڀيـڙا،
    ”تـون روز يـا مان روز“ جـا هيـرا ڇـو ڏيـون،


    ڪيئن سال خزان جنهن کي اجُاڙيو آهي،
    ڇا نغما چـوي اهـڙي چمن جــو شـاعر،
    هيـڻن کـي جـتـي ڏاڍ لتـاڙيـو آهــي،
    ڇا شـعر چـوي اهـڙي وطـن جـو شاعـر،


    بـهار آهه، ضروري آهه، رُت حسين آهـي،
    تڏهن به تيـز هـوا، ڌُوڙ – گڏ گهلي ٿي پئي،
    اسُان جي ڀاڳ کي جيڪا ملي زمين آهي،
    اتـي بـهار خـزان سـان ملـي جلُـي ٿـي پئـي،


    خزان به پنهنجي وطن جي بهار ٿا ڀانيون،
    بهار پنهنجي وطن جي مٺي ته ڇا چئجي،
    جُـتي اکـين ۾ چُـڀن خار، هارَ ٿـا ڀِانـيون،
    اتـي گلاب ۽ موتيو کـلي ته ڇـا چـئجي،


    ”ڪت ڪت“ جي ڪري ته گد گد ئي ٿيو،
    ”چُهنڊي، جـي هڻي ڪيـر تـه ايذاءُ ايندو،
    ”مُرڪن“ کي ڏسـي پـاڻ مورڪي ئي ڏبـو،
    ”ڪيهُن“ کـي ٻُـڌي نيٺ نه ڪهڪاءُ ايندو،

    اوقــات ۽ حـالات اوهيـن روڪيـو ٿـا،
    پر بـند ڪندو راهه ته ٿيلهو ڏيندس،
    رفتار جي سُستي تي اوهين ٽوڪيو ٿا،
    مـنزل جي وڃـي نـيٺ ڀـيڙو ڏيـندس،

    مظلومـنُ جـي آهُـن کـي تـه ٽـاريـو ٿـا پــر،
    طوفان اٿن جيڪي اهي ڪٽ رُڪجــن،
    انـسان جـي جذبـن کـي ڌڪاريـو ٿـا پـر،
    ٿيلهن سان ڪٿي سمنڊ جون موجون موٽن،

    استـاد، ڇڏي ڏينس، پـراڻـو ساڳـيو،
    منـصور ۽ مُلا جـو هـي قصو آهـي،
    انسان جو انسان سان آهـي جهيڙو،
    مان ڪيئن ڇڏيا منهنجو به حصو آهي،

    ڪوڙ ڀَڄـندڙ آ، هَٽي ڀَڄـندو ضـرور،
    هـن کيُ روڪي روڪبو ڪيتر ڀلا،
    سـچ کـٽـندڙ آ، کـُٽي وٺـندو ضـروري،
    هـن کـي ٽـوڪي ٽـوڪبـو ڪيـتر ڀـلا،

    مان ٻيـن وانگـر اکـيون ٻوٽـي سـمهان،
    رات جـي تارن کـي تــڙپـائينـدو ڪير،
    مان به جـي مـدهوش ٿـي ليٽـي پـوان،
    پــرِهه جا پـيغام پهــچـائـيندو ڪيـر،


    رات کي پـنهنجي اونـدهه جـو نـشـو،
    ڏينهن پـنهنجي ڪار کي پـيو آ لڳو،
    رات جـي تـارن جـي پويـان لـٺ کنيو،
    ڏينهن جو تـارو اچـي ٿـو پـيو ڀـڳو،


    ڇـا به هو ليڪن لنگهي ”ماضي“ ويـو،
    ”حال“ کي مُنهن تي پگهر سهڪي پيو،
    دوست، مستـقبـل“ ڏي ٿـورو اک کڻو،
    مُرڪ مُنهن تي ۽ سڄـو ٻَهـڪي پـيو،


    اسان کي فلسفو سائين، خوشي غم جو نه سمجهايو،
    کـلڻ آيـو تـه کلنداسين، روئـڻ آيـو تـه روئـينـداسيـن،
    حـيات ۽ موت جـي ڇيڙي مسئلن کـي نه ڊيڄـاريو،
    حياتي آ ته جيئنداسين، جي موت آيـو ته مرنداسين،


    ستارن جي چمڪ جنهـن جي جگر کي ڪيـئن گرمائـي،
    اها بـي حس نيـلي آسـمان جـي ڇـت نه آهيـان مـان،
    گلن جو رنگ ويو جنهن جي نظـر ۽ خـون نه تـڙپـائـي،
    اها ڪنهن باغ ۾ بيٺل سِرن جي ڀت نه آهيان مان،


    اڇا، ڪاـرا، برهـمڻ، ڀـيل، هـي ۾ هُو الڳ ليـڪن،
    اکين تـوڙي چپـن تـن جـي ۾ ساڳـيون قـدرتون آهن،
    جهنـم آهه، تـن جـو هڪـڙو هڪـڙو لـڙڪ جي روئـن،
    جي مرڪن ٿا ته هڪ هڪ مُرڪ ڏهه جنتون آهن،


    نه جي ڪو حق وٺندو ۽ نه جي ڪنهن حال بدلايو،
    ته ان ۾ ملڪ ۽ ماحول جو ڪو ڏوهه ڀي ناهي،
    ڪڏهن سج آيـو آ سنڀري، جو ان کـي رات موٽـايو،
    هو پنهنجـي وقت تـي ايـندو تـه ان ۾ رات جو ڇاهـي،


    پنهنجي وڌ ۾ وڌ سٺـي ماحول لاءِ،
    ڪوششون ۽ تـجربا هر هر ڪـبا،
    الـوداع، هـر شب گـذشته الـوداع،
    مـرحبا، هـر صبح روشـن مـرحـبا،


    هڪ زمين، هڪ آسمان، هڪ گهر هجي،
    هڪ آمـڙ، هڪ پـيءَ، هڪڙو ئـي خـدا،
    ”لـٺ هـنئـي پـاڻـي نه پـاڻـيءَ کـان ڇِڄــي،“
    ڇـــو ٿئـي انـسان، انـسان کـــان جــدا،


    نـيڪ نـاهي وقـت جـا عـالم پـناهه،
    ڪنهن به پـوري قوم تي ڌاڙو هڻڻ،
    ڏسُ، نه ٿـي تاريـخ بخشي هي گناهه،
    کوهه تان ”هڪ ٻانهن“ ٻُوساٽي کڻڻ،

    زور جـو زنجيـر ٻانـُهن ۾ ٻُـجهـي،
    زور جي ميندي ڪڏهن ناهي لَڳي،
    ڪوٽ ناهـي جـو ڊٺـو ٻـيهر ٺـهي،
    بـادشاهو، ڪٿ ٺهـي ٿي دل لڳـي،


    بـند ڪـوٺي ۾ غلامي آ لڪي،
    در تـي آزادي هڻـي بيٺـي تـَريـون،
    ”يا ته نڪري پيش پئو پاڻهئي اچي،
    يـا ته پڇـڻا پــوندا دروازا، دريــون،“

    ظـلم ڏس دوڏا پـٽيـو ويٺـو تـَڪي،
    عدل پائي پيو وِٿين مان جهاتڙيون –
    ظلم پيو نشي ۾ ڇا جو ڇا بڪي،
    عدل ويٺو ٿو لـَنوي ڪي لاتڙيون –


    ڪيتريـن معصوم مرڪن جـي اپيل،
    ساري دنيا کي سڏي سرگس ڪڍان،
    ڪيـترن مظلـوم لـڙڪن جـي اپـيل،
    پـوري عالـم کي وٺـي ماتم ڪيان،


    ڪيتـرن ڪمزور هٿن جي شڪست،
    ڏاڍ کـي چـٿڙيـو ڪـري ڦـاڙي ڇڏيـان،
    ڪيترن شهروز چَـنبن جي گــرفـت،
    ظـلم کـي ذرڙيون ڪري ساڙي ڇڏيان،


    ڏينهن جو ٿئي ته ڇـا سڏيو ان کــي،
    رات کــي ڏينهن ٿــا سڏيو ويــٺا،
    مينهن شايـد اوهان ڏٺــا ناهـن،
    ماڪ مينهن ٿــا سڏيو ويٺـا،


    کــوٽ آ عقل جـي خزانـي ۾،
    ”نوٽ“ کـي نيــنهن ٿـا سڏايون ويٺـا،
    قرب جي وصف ٿا ڪريون ”ڪانئر“
    زور کـي شينهــن ٿــا سڏايــون ويٺــا،

    گوڙ، گهمسان، لـُڙ نه جهُڙ جهاٽيون،
    بعضي طوفان ائين به ايــنَدو آ،
    ذات يـا بات ڏي نه ڏسندو آهه،
    ڏات ڏاتــر ائــين به ايـــنَدو آ،

    ريءَ دوا، ريءَ علاج، ريءَ پــرهيز،
    درد دل جو ائين به ويــندو آهه،
    جــا نه ٿيڻــي اها ٿئي استـاد،
    زندگيءَ ۾ ائـــين به ٿـــيندو آهه،


    ڪيــر روئــي بـُـتن اڳــيـان بيهـَـــي،
    ڪنهن کـي اکيـون هـجن ڀـلا ڪوڙيون،
    ڪير ڪوڪون ڪري کڻي ڪيڏيون،
    ڇــو ٻُــڌن هــي ڀـلا ڀِتيــون ٻُــوڙيــون،

    آسمان دُور ۽ زميــن ٽــامون،
    پير پنهنجا ڏسيو ڪٿي کوڙيون،
    ڪا ته پنهنجي هٿان پئي آهــي،
    جنهن جي استاد ٿــا سزا لوڙيــو،


    ڪپڙي جو جهُنڊ ۽ عنيڪ پائي،
    طوفان کي ان طرح هٽائڻ ۾ ڇـا،
    دروازا ڪري بند ۽ اکيون ٻــوٽي،
    پـــرڀات کي اڌ رات بنــائڻ ۾ ڇـا،

    اسان جـو احتجاج آهي انهن وٽ،
    نه مردهه دل، مگـر زنده دلن وٽ،
    اچو سڀ مُنهه ڏسو انسانيت جو،
    دمِ انـسانـيت آهــي چپـن وٽ،


    لکين ماڻهو مَرن پئسي جي هوٽي،
    ڪروڙين خرچجن ڊالـر بــمن تـي،
    ٿئـي ٿـي اک لڄـي انسانيت جـي،
    اسان جي غير انساني ڪمن تي،


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 770
    ڪتابن جو مشاهدو: 1361495
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 404116
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ