ڪتاب جو نالو: پيغام لطيف
مصنف: جي ايم سيد
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: لطيفيات
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 16 نومبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 541 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 162 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
شاهه عبداللطيف جي شخصيت ۽ سندس شاعريء تي اڻ ڳڻيا ڪتاب ڇپيا آهن پر لطيفيات ۽ لطيف جي پيغام کي سولائيء سان سمجهڻ لاء سائين جي ايم سيد جو لکيل هي ڪتاب ”پيغامِ لطيف“ اهم ڪتاب آهي۔ هن ڪتاب ۾ لطيف سرڪار جي شخصيت، سندس ڪلام، لطيف سائين جو علامه اقبال سان تقابلو ڪرڻ سان گڏ سندس هر پهلو تي تمام گهرائي سان سمجهاڻي ڏنل آهي۔ هي ڪتاب لطيف سرڪار کي سمجهڻ لاء اهم حيثيت رکي ٿو۔هن ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محترم عبداللطيف انصاري ڪئي آهي
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • فصل پهريون

  • شاهه صاحب جي زندگيءَ جو مختصر احوال
  • فصل ٻيو

  • شاهه صاحب جو زمانو ۽ ان وقت جو ماحول
  • 1. انهيءَ زماني ۾ سنڌ جي اندروني سياسي حالت
  • 2. سنڌ کان ٻاهر جا سياسي، مذهبي رجهانات ۽ حالات ۽ انهن جو سنڌي زندگيءَ تي اثر
  • 3. سنڌ جي اندر ٻاهر وارن سياسي ۽ مذهبي نظرين جو سنڌ تي اثر
  • 4. جن بزرگن سان شاهه صاحب مليو انهن جو مختصر احوال
  • فصل ٽيون

  • شاهه صاحب، سنڌ جو قومي شاعر
  • فصل چوٿون

  • شاهه صاحب جي تخيل واري سنڌ
  • فصل پنجون

  • شاهه صاحب جي قوميت ــ تخيل
  • فصل ڇهون

  • شاهه صاحب ۽ ڊاڪٽر اقبال جي نظرين تي هڪ نظر
  • 1 شاهه صاحب
  • 2 ڊاڪٽر محمد اقبال
  • شاهه صاحب جو نقطه نگاهه
  • ڊاڪٽر اقبال جو نقطه نگاهه
  • فصل ستون

  • شاهه صاحب جا مذ هبي رايا
  • 1. ڪلهوڙا حاڪم
  • 2. پير طريقت ۽ سادات
  • 3. زمينيار ۽ جاگيردار
  • 4. ملا مولوي
  • فصول اٺون

  • شاهه صاحب جي ڪلام جون خصوصيتون
  • فصل نائون

  • شاهه صاحب جو سنڌين لاءِ سنيهو
  • 1. حب الوطني
  • 2. پاڻ سڃاڻڻ
  • 3. بي خوفي ۽ همت
  • 4. قرباني
  • 5. ستايلن جي سنگت ۽ حمايت
  • فصل ڏهون

  • شاهه صاحب ۽ سياسي نظريا
  • 1. نيشنلزم (قوم پريستيءَ) جي حمايت
  • 2. جمهوريت جي طرفداري
  • 3. سوشلزم جي طرف رجحان
  • 4. پئن ـ اسلامزم جي طرفداري
  • 5. ڊڪٽيٽر شپ جي مخالفت
  • 6. شاهوڪاري نظام جي مخالفت
  • فصل يارهون

  • شاهه صاحب ۽ اسان جون جوابداريون
  • فصل ٻارهون

  • شاهه صاحب جا مختلف مضمونن تي چونڊيل بيت

  • ڪتاب بابت

    شاهه عبداللطيف جي شخصيت ۽ سندس شاعريء تي اڻ ڳڻيا ڪتاب ڇپيا آهن پر لطيفيات ۽ لطيف جي پيغام کي سولائيء سان سمجهڻ لاء سائين جي ايم سيد جو لکيل هي ڪتاب ”پيغامِ لطيف“ اهم ڪتاب آهي۔ هن ڪتاب ۾ لطيف سرڪار جي شخصيت، سندس ڪلام، لطيف سائين جو علامه اقبال سان تقابلو ڪرڻ سان گڏ سندس هر پهلو تي تمام گهرائي سان سمجهاڻي ڏنل آهي۔ 210 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب لطيف سرڪار کي سمجهڻ لاء اهم حيثيت رکي ٿو۔
    هن ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محترم عبداللطيف انصاري ڪئي آهي ۽ وائس آف سنڌ پاران اِي بوڪ ايڊيشن انٽرنيٽ تي متعارف ڪرايو آهي۔


    فصل پهريون

    شاهه صاحب جي زندگيءَ جو مختصر احوال

    سنڌ جي مشهور درويش، صوفي ۽ قومي شاعر شاهه عبداللطيف جي حياتيءَ جو احوال جيتوڻيڪ پوري تسلي بخش تفصيل سان اڃا تائين نه لکيو ويو آهي، پر تنهن هوندي به ڪيترن ئي مصنفن ان طرف توجھ ڏنو آهي. جن مان هيٺين صاحبن جا نالا قابل ذڪر آهن.
    مير عبدالحسين خان ٽالپر، مرزا قليچ بيت، ليلارام وطن مل، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، مسٽر ڄيٺمل پرسرام، ڊاڪٽر سورلي، مولوي دين محمد وفائي، ڪلياڻ آڏواڻِي ۽ غلام محمد شهواڻي.
    انهن صاحبن شاهه عبداللطيف جي زندگيءَ جي احوال يا ڪلام جي تشريح کي حتيٰ امڪان دائره تحرير ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    جيئن ته هن ڪتاب جو مقصد صرف شاهه صاحب جي زندگيءَ جو احوال پيش ڪرڻ نه آهي، بلڪ سندس پيغام جي سياسي مقصد ۽ مردان جي سمجھڻ لاءِ ڪوشش آهي. ان ڪري شاهه صاحب جي زندگيءَ جي سمورن قصن ۽ ڪهاڻين کي بيان ڪرڻ مناسب نه سمجهي هت فقط تعارف طور سندن مختصر احوال پيش ڪجي ٿو.
    پاڻ سيد امير علي هراتيءَ جي فرزند سيد حيدرعلي جي اولاد مان، جي سنڌ جي مٽياري سيدن جي نالي سان سڏجن ٿا، جي جرار پوٽه قبيلي مان آهن. اهي سيد پنهنجي نسبت امام موسى ڪاظم جي صاحبزادي جعفر (ثاني) الحواري سان ڪن ٿا.
    سيد حيدر بابت تاريخي شجرن مان معلوم ٿئي ٿو ته امير تيمور جي هندوستان اچڻ جي زماني (801 کان 806هه) ۾ سنڌ ۾ آيل ٿو ڏسجي. سيد صاحب سنڌ جو سير ڪندي هالاڪنڊيءَ ۾ آيو، جو شهر هاڻي هالن جي نالي سان سڏجي ٿو. اتي ڪجھ وقت رهي پيو ۽ پوءِ ارباب شاهه محمد هالي جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان کيس سيد امير علي پيدا ٿيو. انهيءَ کي ٽي پٽ ٿيا.
    1. سيد شرف الدين
    2. سيد احمد
    3. سيد مرتضى
    پهرين جو اولاد، ”شرف پوٽه“ سڏجڻ لڳا ۽ ٻي جو اولاد سندس فرزند سيد امير علي جي نالي ”ميرڻ پوٽه“ جي نالي سان مشهور ٿيا. ٽئين سيد مرتضى کي ڪو به اولاد نه ٿيو. هو شاهه ڀريي جي نالي سان مشهور ٿيو، سندس مقبرو مانجھند جي اتر ۾ آهي.
    مٿي ذڪر ڪيل سيدن جي اولاد جو گھڻو حصو ڪجھ وقت هالن ۾ رهڻ بعد اتان لڏي ڪجھ پنڌ رستي جي لڳ هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ وڃي ويٺو. جنهن ڳوٺ جو نالو اتان جي هڪ مَٽَ ڀريندڙ فقير ، جو رستي تي مسافرن جي پيئڻ لاءِ پاڻي جو مٽ ڀريون ويٺو هوندو هو، جنهن ڪري مٽ وارو ڳوٺ پئجي ويو، جو اڳتي هلي ڦير گھير بعد مٽياري ٿي ويو. سيدن پنهنجي عروج واري زماني ۾ ان ڳوٺ جو نالو بدلائي ”مٽ علوي“ رکڻ جي ڪوشش ڪئي. جيئن ته ان وقت سنڌ جي رسم الخط فارسي هئي ۽ ان ۾ ”ٽ“ جو اکر نه هئڻ ڪري اهو ”متعلوي“ ٿي لکڻ ۾ آيو ان ڪري اهي سيد مٽياري يا متعلوي سيد جي نالي سان مشهور ٿي ويا.ساڳي نموني تي لڪيءَ جي ڳوٺ وارا سيد لڪياري يا لڪعلوي جي نالي سان مشهور ٿي ويا هئا. ڀڳي ٺوڙهي جبل جي ڀرواري ڳوٺ جو، جنهن ۾ سيد رهندا هئا، لڪ وارو ڳوٺ يا لڪي ڳوٺ پئجي ويو. جنهن تي سيدن پنهنجي عروج واري زماني ۾ لڪعلوي نالو رکيو هو. ان ڪري اهي به سيد لڪياري يا لڪعلوي سيد سڏجڻ لڳا.
    مٿي ذڪر ڪيل سيدن جو هالن مان لڏي مٽياري وڃي رهڻ وارو پورو زمانو معلوم ٿي نه ٿو سگھي. ليڪن قديم روايتن مان ائين معلوم ٿي سگھي ٿو ته هو 830هه کان 840هه جي وچ ڌاري وقت ۾ اوڏانهن لڏي ويل ٿا ڏسجن. مٽياريءَ ۾ گھڻو وقت رهڻ بعد جڏهن سندن اولاد گھڻو ٿيو ۽ وڌيا ويجھيا. تڏهن گذر جي تنگي، باهمي تعصب، گھرو جھڳڙن، رسم رواج جي خامين ۽ خرابين جي ڪري هنن مان ڪيترن مٽياري کي ڇڏي وڃي ٻاهر ٻين ڳوٺن ۾ پنهنجي سهولت خاطر رهڻ شروع ڪيو.
    مٽياري جي رهائش جي دوران ۾ سيدن جو خاندان چئن مکيه قبيلن ۾ ورهائجي ويو.
    (الف) جرار پوٽه : هي سيد جلال عرف جرار جو اولاد هئا. انهيءَ قبيلي چار مکيه درويش پيدا ڪيا. هن وقت مٽيارين جي شهر ۾ انهيءَ قبيلي جو ”ڄاموٽ“ سيد عالي شير آهي.

    1.سيد شاهه رڪن الدين : هي صاحب پير طريقت هو، کيس فيض مخدوم بلاول جي خليفي مخدوم ساهڙ (سوائي)لنجار کان مليو. شاهه رڪن الدين جو مقبرو مٽيارين جي شهر ۾ آهي، سندس وفات جي پوري تاريخ معلوم نه ٿي سگھي آهي، ليڪن معلوم ائين ٿئي ٿو ته 350هه ۽ 380هه جي وچ ڌاري وفات ڪئي ٿي ڏسجن.
    مخدوم ساهڙ جو مقبرو انڙ پور اسٽيشن جي ڀر ۾ ٽڪريءَ تي آهي.

    2. سيد هاشم شاهه سخي : هي صاحب سندس پڙڏاڏي سيد رڪن الدين جو سلسلي وار فيض يافته هو. پاڻ 1100هجري 14ربيع الاول ۾ وفات ڪيائون، سندن مزار مٽيارين جي شاهه رڪن الدين جي قبي جي ڀر ۾ آهي، جتي سال بسال مٿين تاريخ تي ميلو لڳندو آهي ۽ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو زيارت جي لاءَ گڏ ٿيندا آهن.
    سندن اولاد مان هن وقت مسند نشين پير حاجي بقادار شاهه آهي. سخي هاشم شاهه ڪيترن سيدن جو ڏاڏو پير آهي.

    3. سيد شاهه عبدالڪريم : هي صاحب مٽيارين جي شهر ۾ 944هجريءَ ۾ ڄائو ۽ وڏي ٿيڻ بعد اتان لڏي ٽنڊي محمد خان (گوني) تعلقي بلڙي جي ڳوٺ ۾ وڃي سڪونت پذير ٿيو. هن سيد عبدالقدوس ۽ شاهه ابراهيم کان فيض طريقت حاصل ڪيو، جو صاحب قادري طريقي جو بزرگ هيو. سندن ملاقاتون مخدوم نوح سان به گھڻيون ٿيون هيون ۽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انهيءَ صحبت جو مٿس گھڻو اثر رهيو. هو صاحب ناميارو شاعر ٿي گذريو آهي. صبر ۽ کاند ۾ ڪافي شهرت حاصل ڪيائين، جنهن بابت ڪيئي قصا مشهور آهن. پاڻ 1030 هجريءَ ۾ بلڙيءَ ۾ وفات ڪيائون. سندن مقبرو به اتي ئي آهي. سندن وفات جي تاريخ 15 ذوالقعد تي سال به سال اتي ميلو لڳندو آهي. اتي هزارين معتقد زيارت لاءِ ايندا آهن، جتي ذڪر، سماع ۽ راڳ ٿيندو آهي. سندن درگاهه جو مسند نشين هن وقت پير ميان غلام حيدر شاهه صاحب آهي.

    4. سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي : جنهن جي حياتيءَ جو احوال مختصر طور هيٺ ڏنو ويندو ۽ جنهن جي پيغام جي تشريح لاءِ هي ڪتاب لکيو وڃي ٿو.

    (ب) باقيل پوٽه : هن قبيلي جا فرد سيد محمد باقر جي اولاد مان آهن. هن پاڙي مان ڪيترائي بزرگ ۽ عالم ٿي گذريا آهن. سيد شهمير شاهه مشهور عالم ۽ صاحب شريعت بزرگ (جو مولوي محمد هاشم ٺٽويءَ جي گروهه جو هو) به ان قبيلي مان هو. انهيءَ پاڙي جو ”ڄاموٽ“ هن وقت سيد مير ادل شاهه ولد سيد حاجي محمد شاهه ، آزاد خيال ۽ تمام وڏو زميندار آهي.

    (ح) موسى پوٽه : جي پاڙي وارا سيد محمد موسى شاهه جي اولاد مان آهن. هن خاندان مان ڪيترائي وڏا زميندار ۽ با اثر شخص ٿي گذريا آهن. هن قبيلي جو وڏو سيد طبيب شاهه مخدوم نوح جي مکيه خليفن مان هو ۽ اڃا تائين انهيءَ خاندان جو تعلق مخدوم هالن وارن سان اچي. هن وقت انهيءَ قبيلي جو ڄاموٽ، ذوالفقار علي شاهه سيد محمد علي شاهه هڪ با اثر سمجھدار ۽ زميندار آهي.

    (د) معين پوٽه : هن پاڙي وارا سيد مئيڏنه شاهه ولد سيد محمد جي اولاد مان آهن. سيد مئڏنه شاهه جنهن جي اولاد سعيد پور نالي ڳوٺ، گوني تعلقي ۾ ٻڌايو، جنهن مان سيد محمد ڪامل شاهه مشهور ۽ معروف ٿي گذريو آهي ۽ ان جا ڀائٽيا اڃا اتي رهن ٿا.
    مئيڏنه شاهه جي فرزند سيد احمد کي ٻيو پٽ سيد ڌڻيڏنه شاهه هو جنهن جو فرزند سيد ابراهيم شاهه ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي سمي سنڌ جي حاڪم جي وزيراعظم دريا خان جو دوست هو۽ ان وقت چانگن جي بغاوت کي ختم ڪرڻ جي مهم ۾ هو شهيد ٿي ويو. سندس مزار خانوٽ تعلقي ڪوٽڙيءَ جي ڀر ۾ آهي. سيد ابراهيم شاهه کي ٻه فرزند هئا، هڪ سيد بدرالدين شاهه هو جنهن جو پوٽو سيد حيدر هڪ مشهور معروف سنڌ جو عالم، قرآني حافظ ۽ صاحب طريقت بزرگ هوهو مخدوم بلاول جي خاص خليفن مان هڪ هو، جنهن مخدوم بلاول سان گڏ سمي گھراڻي جي سنڌي حاڪمن جي اقتدار کي لڏندڙ ڏسي شاهه بيگ ارغون جي مخالفت ۾ آخري ڪوشش ڪئي. سيد محمد ميران جونپوري جڏهن افغانستان ڏانهن سنڌ مان لنگهي وڃي رهيو هو ۽ پنهنجي مهدوي طريقي جي اشاعت به ڪندو ٿي ويو، تڏهن شاهه حيدر جي طرفان ان جي کلي مخالفت ٿي، جنهن ۾ چوڻ ۾ اچي ٿو ته مخدوم صاحب جي رسد جون ٻيڙيون ٻڏي ويون.
    سيد صاحب ڻهيءَ تحريڪ ۾ سنڌي اقتدار لاءِ خطرو محسوس ڪيو هو ان ڪري ئي ان جي مخالفت ڪئي هئائون. سيد حيدرعلي جي ڳوٺ ۾ 4 شعبان روز سومر 937هجري ۾ وفات ڪئي ۽ سندس مزار به اتي آهي جتي سال به سال انهيءَ تاريخ تي ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ آس پاس جا هزارين ماڻهو زيارت لاءِ اچي ختمي ۾ شريڪ ٿين ٿا. مسند جو هاڻوڪو جاءِ نشين هن ڪتاب جو لکندڙ آهي.
    سيد ابراهيم شاهه جو ٻيو فرزند سيد ڌڻيڏنو شاهه هو، جنهن جي اولاد کي ڳاڙها سيد ڪري سڏيندا آهن. هنن جا پويان لڏي وڃي ڪوٽڙِي ۾ ويٺا. جن منجھان سيد علي اڪبر شاهه معروف ٿي گذريو آهي. انهن مان سيد ڪبير شاهه لس ٻيلي وارو مشهور شاعر ب پيدا ٿيو جنهن جي مزار اٿل جي ڳوٺ لس ٻيلي رياست ۾ آهي.
    مٿي ذڪر ڪيل مختصر تاريخ مٽياري خاندان جي سيدن جي ناظرين جي واقفيت لاءِ تعارف طور پيش ڪئي ويئي آهي. شاهه عبداللطيف به انهيءَ خاندان جو فرد هو. هو صاحب سيد شاهه حبيب جو فرزند هو ۽ 1102هجريءَ مطابق 1689ع ۾ تعلقي هالا جي ڳوٺ ڀئي پور ۾ ڄائو. سندس ڄمڻ واري هنڌ پراڻي نصير واهه جي ڪپ تي لونگ فقير خيرپور رياست واري جي ٺهرايل مسجد اڃا تائين موجود آهي.
    شاهه صاحب شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي فرزند شاه جمال جو پڙ پوٽو آهي. هن ابتدائي تعليم ۽ تربيت پنهنجي ڳوٺ ۾ وري جڏهن مڪاني ملان ۽ مولوي، پير ۽ فقير سندس علمي ۽ روحاني اڃ کي سيراب نه ڪري سگھيا، تڏهن فقيري ويس ڪري سنڌ جي سير تي نڪري پيو ۽ جهنگ، جبل ، درياهه ، برپٽ، ٿر ۽ بر ڏوري جھاڳي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گھميو، جنهن ڪري هر طبقي جي ماڻهن سان ملڻ ۽ رهڻ جوموقعو مليس ۽ سندن حالات جذبات ۽ روايات مان پوري طرح واقف ٿي سگھيو. انهيءَ دوران ۾ سنڌ جي مکيه عالمن، فقيرن، صوفين، جوڳين، بيراڳين جي صحبت به حاصل ڪيائين جن درويشن جي صحبت ۾ گذارڻ جوموقع مليس تن مان مکيه هيٺيان هئا....

    1.شاهه عنايت صوفي (شهيد) :
    سندس رهائش جھوڪ، تعلقو ميرپور بٺوري ۾ هئي، سندس مقبرو به اتي آهي. پاڻ 1130هجريِءَ ۾ شهيد ڪيا ويا. سندن شهادت جي ڏينهن 17صفر تي ميلو لڳندو آهي، جتي هزارها ماڻهو زيارت لاءِ ايندا آهن، هو وڏو باڪمال ۽ صاحب اثر بزرگ هو، سندس مفصل احوال ٻئي فصل ۾ ايندو.


    2.مخدوم محمد معين ٺٽوي :
    هي بزرگ ٺٽي جي شهر جو رهاڪو، وڏو عالم ۽ درويش هو. هو شاهه ولــي الله دهلويءَ جي مکيه شاگردن مان هڪ هو. شاهه صاحب سان خاص دوستي هئس. 1160هجريءَ ۾ وفات ڪيائين.

    3.شاهه عنايت الله رضوي :
    هي صاحب نصرپور جي ڳوٺ ۾ رهندو هو. سيد نصرالدين ولد سيد خيرالدين شاهه بکريءَ جي اولاد مان هو.
    شاهه صاحب جي زماني ۾ پير مرد ٿي چڪو هو. سنڌيءَ ۾ عمدو شاعر هو. سندس رسالو ڇپجي چڪو آهي. نصرپور ۾ سندس مزار آهي. سندس خاندان مان مصري شاهه سنڌ جو ناميارو شاعر ٿي گذريو آهي.

    4.مخدوم محمدي :
    خيرپور رياست جي گھڙن جي ڳوٺ ۾ رهندو هو. هڪ وڏو ديندار درويش شخص هو. 1171هجريءَ ۾ وفات ڪيائين.

    5.مخدوم محمد هاشم ٺٽوي :
    هي ٺٽي جي شهر ۾ مشهور عالم ۽ شريعت جو پائبند ۽ پرهيزگار شخص هو. سندس فتوائون مشهور آهن. 1172هجريءَ ۾ وفات ڪيائين.

    6.سيد شهمير شاهه :
    باقيل پوٽه مٽياري سيدن مان هڪ وڏو عالم ۽ شريعت جو پائبند شخص هو. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي مکيه شاگردن مان هو. شاهه صاحب جون ان سان گھڻيون ملاقاتون ٿينديون هيون.

    7.مخدوم صابر ولهاري :
    انهيءَ وقت جي وڏن عالمن مان هڪ نقشبندي طريقي جو مرشد هو. سندس مقبرو تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ آهي.

    8. مخدوم محمد زمان لنواريءَ وارو :
    هڪ وڏو اهل الله، نقشبندي طريقي جو مرشد ۽ عالم فاضل شخص هو. سندس مزار ڳوٺ لنواري تعلقي بدين ۾ آهي. پاڻ 1182هجريءَ ۾ وفات ڪيائون.

    9.صاحبڏنو فقير فاروقي :
    خيرپور رياست جي درازن ڳوٺ ۾ رهندو هو، اتي ئي سندس مزار آهي. صوفي طريقي جو بزرگ هو. سنڌ جي مشهور معروف شاعر سچل فقير جو ڏاڏو هو. 1192هجريءَ ۾ وفات ڪيائين.

    10.مخدوم دين محمد سيوهاڻي :
    سيوهڻ جي شهر جو هڪ وڏو عالم، صوفي ۽ سهروردي طريقي جو بزرگ هو. هي صاحب شرعي فيصلن جو ايڏو ماهر هو، جوميان نور محمد ڪلهوڙو به شرعي معاملن ۾ کانئن مشورو وٺندو هو.

    11.سيد محمد بقا لڪياري :
    سيد محمد راشد روضي ڌڻي سندس فرزند هو، جو سڀني راشدي سيدن جو ڏاڏو هو جنهن جا سنڌ ۾ لکها مريد ٿيا. پير پاڳارو ۽ جھنڊي وارو ان جي اولاد مان آهن. شاهه صاحب سان واٽ ويندي ملاقات ٿي هيس. نهايت سادي زندگي بسر ڪندو هو. سندس مزار قبرستان شيخ طيب ۾ آهي. 1192هجريءَ ۾ وفات ڪيائين.

    12.مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي :
    هي صاحب ڳوٺ گروهڙ تعلقو کپرو جو ويٺل هو. ذات جو مڱريو هو. وڏو مجذوب، عالم، مناظري ۽ مباحثي جو ماهر هو. مخدوم محمد زمان لنواريءَ جي مکيه خليفن مان هو. نقشبندي طريقي جو هو. 1192هجري ۾ شهيد ٿيو.

    13.مدن ڀڳت :
    هي هڪ هندو درويش هو ۽ شاعر به هو. شاهه صاحب سان خاص رستو هوس. سندس شاهه صاحب سان رهاڻين ۽ ملاقاتن جا قصا گھڻا مشهور آهن. هو، سندس ڳوٺ جو ويٺل هو.سندس ڪجھ ڪلام سنڌ جا قديم هندو ڀڳت شاهه صاحب جي ڪلام سان گڏ ڳائيندا هئا.

    ازانسواءِ شاهه صاحب ڪيترن ئي هندو فقيرن جي صحبت مان مستفيد ٿيو. جهڙوڪ، جوڳي، ويراڳي، آڌوتي، ڪاپڙي، سامي، سنياسي ۽ نانگا وغيره . ساڻن گڏجي پاڻ سندن مندرن ۽ تيرٿ ياترائن جا سير ڪيائين ۽ سندن متن، طريقن، سرمن ۽ رواجن مان بخوبي واقف ٿيو. غالباً متفرقا هندو ويدانيت جو خاص اڀياس ڪيائين. شاهه صاحب جي گڏ ڪيل ڪلام سان گڏ سندس رسالي ۾ ڪيترن ئي هندو فقيرن جا بيت بيراڳ هنديءَ جي سُر ۾ ڏنل آهن. انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته اهڙي قسم جا بيت ۽ ڪلام سندس مجلس ۾ عام طرح ڳايا ويندا ها، جنهن ڪري اهي شاهه صاحب جي ڪلام سان گڏجي ويا آهن.
    شايد نوجوانيءَ ۾ سنڌ ۾ جدا جدا طرفن ۾ سير ڪيا هئائون. اتر طرف رياست بهاولپور مان لنگهي ملتان تائين ويل ٿو ڏسجي. هڪ دفعي شاهه عبدالڪريم جي قبي لاءَ اتان ٻيڙين رستي ڪاشيءَ جون سرون به آنديون هئائون. الهندي طرف ڏسجي ٿو ته لس ٻيلي ۾ هنگلاج ويل هو. ڏکڻ طرف سمنڊ جو ڪنارو ڏيئي ابراهيم حيدري، ريڙهي، کارو ڇاڻ، پوربندر ۽ ڪڇ ڀڄ جا ڪي حصا ڏٺل ٿا ڏسجنس. ابراهيم حيدري، ريڙهي، کارو ڇاڻ طرف شاهه عبدالڪريم ۽ سندس سلسلي جا مريد هئڻ انهيءَ ڳالهه جي ثابتي ڏين ٿا. ڪڇ رياستن جي رهاڪن جي رسمن، رواجن ۽ قديم روايتن کي رسالي ۾ بيان ڪيو ويو آهي. جنهن مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته کيس ان ملڪ جو به چڱو اڀياس آهي. سُر سريراڳ ۽ سامونڊيءَ مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته شايد سمنڊ جي ڪناري واري ملڪن ۽ ماڻهن سان به ڪجھ وقت گذاريو اٿس.
    شاهه صاحب ڪاٺياواڙ جي علائقي ۾ به ويل ٿو ڏسجي. جھونا ڳڙهه جي سير وقت راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل چارڻ جو حال احوال معلوم ڪري انهيءَ کي پنهنجي ڪلام ۾ آندو اٿس جو ڄڻ ته اتان ويهي ڪلام پيو چوي. شاهه صاحب کي جيسلمير سان به دلچسپي رهي آهي جو چوي ٿو ته :
    جيسلمير ائين جس، جي الله ڪارڻ لنڊيون.

    شڪارپور جي طرف نوشهري، ابڙي ۽ ترائي ابڙي جي پاسي ۾ ويل آهي جو اتي شاهه صاحب جا اوتارا آهن. چوڻ ۾ اچي ٿو ته شاهه صاحب اتي اچي رهيو هو.
    درياهه جي ڀر ۾ رهڻ ڪري مينهن، ڪانهن، درياهه جي ڪنن ۽ بيتن جو ذڪر سهڻيءَ جي سُر ۾ چڱي طرح بيان ڪري سگھيو آهي. زندگيءَ جو اول حصو سير سف، ملاقاتن ۽ صحبتن ۾ گذارڻ ڪري هن ملڪ جي ماڻهن جي حالات کان پوري طرح واقفيت حاصل ڪئي. سنڌين جي خانهء بدوش زندگي، دهقاني عادتن ۽ سادگيءَ جو مٿس خاصو اثر ٿو ڏسجي. سنڌ جي زميندار، مولوين، پيرن ۽ حاڪمن جي صحبت مان خوش نه ٿيڻ ڪري هن گھڻو ڪير عوام سان لاڳاپو ۽ تعلق رکيو. تصوف جي علم جو مٿس گھڻو اثر پيو. حياتيءَ جا آخري ڏينهن، ڏهاڪو کن سال هو ڀٽ تي آستان ٺاهي ويٺو ۽ پنهنجي صحبتين ۽ فقيرن سان گڏ پنهنجي حاصل ٿيل معلومات مطابق زندگي گذارڻ لڳو. انهيءَ وچ۾ ڪافي ڪلام چئي چڪو هو. سو پنهنجي مجلس ۾ راڳ جي صورت ۾ چوائڻ شروع ڪيائين. راڳ سرود سان ڳائڻ جو، مذهبي مخالف هوندي به دستور وڌائين. چوڻ ۾ اچي ٿو ته اول سندس ڪلام به سنڌ جي ٻين بزرگن جي طرز تي ڳايو ويندو هو جو ڏوهيڙن ۽ لوڙائو جو نمونو هو. مخدوم نوح ، غوث بهاوالحق ، پير پٺو وغيره درويشن جا ڪلام ڪم و بيش انهيءَ طريقي تي ڳايا ويندا ها. سنڌ ۾ بيت، وايون ۽ گيت، نڙ، دلي،يڪتاري يا دهل تي ڳايا ويندا هئا يا سماع ۾ چيا ويندا هئا. ليڪن شاهه صاحب وٽ دهليءَ جي ٻن گوين اٽل فقير ۽ چنچل فقير نالي اچڻ بعد سندس راڳ هندوستاني طريقي راڳ مطابق پهريون دفعو تنبوري تي ڳائڻ جو رواج پيو.
    شاهه صاحب کان اڳ ۾ ڪيترائي شاعر سنڌ ۾ ٿي گذريا آهن ۽ پوءِ به گھڻا ٿيا آهن پر شاهه صاحب پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سندس مرتبو دنيا جي مکيه شاعرن سان شمار ڪري سگھجي ٿو. جهڙي طرح امراءُالقيس، قبل اسلام عرب جو وڏو قومي شاعر هو ۽ فردوسي ايرانين جو، ۽ شيڪسپيئر انگلنڊ جو، اهڙي طرح شاهه کي بجا طور تي سنڌ جو قومي شاعر سڏي سگھجي ٿو. ڇو ته شاهه صاحب کي سنڌ جي شاعرن ۾ خاص فوقيت حاصل آهي.
    هي جو چوڻ ۾ اچي ٿو ته شاهه صاحب اڻ پڙهيل هو سو پوريءَ طرح صحيح نه آهي چوڻ ۾ اچي ٿو ته هو سفر ۽ حضر ۾ هميشه پاڻ سان گڏ قرآن شريف، مثنوي مولانا روم ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو رسالو رکندو هو. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو ان وقت جي علم مان چڱيءَ ريت واقف هو. البت سنديافته عالم نه هئڻ ڪري هن کي علمي ماهرن ۾ شمار نه ٿو ڪري سگھجي. سندس ڪلام ۽ خيالات مان سندس مختلف ذريعن سان حاصل ڪيل معلومات جو پتو پئجي سگھي ٿو. سندس وفات به عين جذب جي حالت ۾ ٿي. چيو وڃي ٿو ته هڪ دفعو وٽن راڳ ٿي رهيو هو. جڏهن مجلس متي، تڏهن مٿس اچي جذب ۽ وجد طاري ٿيو. عين انهيءَ وقت سندس روح پرواز ڪري راهه رباني ورتي. سندس انتقال جي تاريخ 14صفر 1165هجري بمطابق 1752ع آهي. سندس مزار ڀٽ جي ڳوٺ ۾هالن جي شهر کان 4ڪلوميٽر پري اوڀر ۾ آهي. سندس مقبرو غلام شاهه ڪلهوڙي ٺهرايو. کانئن پوءِ سندن ڀائٽي جو پُٽ سيد جمال، سجاده نشين، ٿيو، اول ۾ گاديءَ تي تڪرار هو، پر آخر ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي فيصلي مطابق سيد جمال، سجاده نشين ٿيو. هن وقت سندس اولاد مان غلام شبير شاهه ولد سيد پير شاهه ڏنو شاهه سجاده نشين آهي. پير شاهه ڏنو شاهه فقيرتن ۽ درويش صفت بزرگ هو. سندس درگاهه تي هر جمع رات تي راڳ ٿيندو آهي ۽ هر سال تاريخ 14،15صفر جي ميلو لڳندو آهي. سندس سلسله طريقت جا مريد ۽ معتقد سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل آهن.


    فصل ٻيو

    شاهه صاحب جو زمانو ۽ ان وقت جو ماحول

    شاهه صاحب ٻارهين صدي هجريءَ جي اول ۽ سترهين صدي عيسويءَ جي آخر ۾ پيدا ٿيو. سندن ماحول ۽ ان وقت جي ملڪي حالتن کي پوريءَ طرح سمجھڻ لاءَ اهو ضروري آهي، ته ان زماني کان اڳ وارين ٻن صدين اندر، سنڌ ۽ ان جي آس پاس ۾ جيڪي ٿي گذريو آهي ان جي حالتن کان واقف ٿجي. انهيءَ لاءِ شاهه صاحب جي نظريهء زندگيءَ تي جن واقعن ۽ حالتن اثر ڪيو، تن جو پس منظر پوريءَ طرح معلوم ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري آئون هن فصل ۾ هيٺين حقيقتن تي روشني وجھڻ جي ڪوشش ڪندس.

    1. انهيءَ زماني ۾ سنڌ جي اندروني سياسي حالت.
    2. انهيءَ وقت ڌاري سنڌ کان ٻاهر جا سياسي حالات ۽ ان جو سنڌ جي مڪاني حالت تي اثر.
    3. سنڌ جي اندر يا ٻاهر، ان وقت جي سياسي يا مذهبي نظرين جو سنڌي زندگيءَ تي اثر.
    4. جن بزرگن سان شاهه صاحب مليو ۽ جن جي پوئلڳن سان صحبتون ڪيائين انهن جي حالات ۽ طريقن جو مختصر احوال.

    آءٌ سمجھان ٿو ته انهن حقيقتن معلوم ڪرڻ بعد پڙهندڙن کي شاهه صاحب جي قومي پيغام، فلسفهء حيات ۽ مذهبي رجحانات جو سولائيءَ سن پتو پئجي سگھندو.


    1. انهيءَ زماني ۾ سنڌ جي اندروني سياسي حالت

    ڏهين صدي هجريءَ جي شرعات مطابق 15 صدي عيسويءَ ۾ سنڌ اندر ’سمن‘ (خالص سنڌي خاندان) جي حڪومت هئي ۽ ان وقت جو حڪمران ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو هو. جيڪو وڏو عالم، پرهيزگار ۽ وڏو عادل حڪمران هو. سندس ڏينهن ۾ سنڌ ٻاهرين اثر کان گھڻو ڪري آزاد هئي. هن صاحب جي ڏينهن ۾ ٺٽي شهر جي نئين سر تعمير ٿي. جتي ٿوري وقت اندر دور دراز ملڪن کان وڏا عالم، شاعر، درويش ۽ هنرن جا ماهر اچي ويا. جنهن ڪري ٺٽي جو شهر ستت ئي تهذيب ۽ تمدن جو مرڪز ٿي پيو. ٺٽي کان سواءِ ان وقت سنڌ اندر نصرپور، مٽياري، درٻيلو، بکر، روهڙي، پاٽ،باغبان، سيوهڻ ۽ سن جا شهر پڻ تمدني ۽ تجارتي مرڪز هئا.
    سنڌ ان وقت دهليءَ جي مرڪزي تسلط کان مس جان ڇڏائي، مڪاني خودمختياري حاصل ڪري پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي لائق ٿي هئي، انهيءَ زماني ۾ سنڌ جي عالمن ۽ درويشن ۾ نظرين جي نقطهء نگاهه کان ٻه مکيه گروهه ٿي پيا.

    پهريون گروهه:
    هي سنڌي تهذيب، سياسي اقتدار ۽ اندروني خودمختياري ۽ ترقيءَ جو قائل هو. انهيءَ گروهه جو مدارلمهام مخدوم بلاول هو، جو سمي قوم جي شاهي گھراڻي جو فرد هو. سندس ٻه مکيه رفيق خليفه سيد حيدر علي سن وارو ۽ مخدوم ساهڙ لنجار (جنهن جو مقبرو انڙ پور جي مٿان آهي.) هئا. انهن بزرگن جو موجوده دادو،سيوهڻ، ڪوٽڙي تعلقن جي جبلن ۽ درياهه جي ڪنڌيءَ وارن رهاڪن تي گھڻو اثر هو. هن گروهه کي ڄام نندي جي وزير ميان دريا خان (جنهن کي مبارڪ خان به ڪري سڏيندا هئا) جي سرپرستي نصيب ٿي.

    ٻيو گروهه :
    هي وطني ۽ نسلي بنيادن تي قومي تسلط ۽ سياسي اقتدار کي ختم ڪري اسلامي غلبو قائم ڪرڻ جو قائل هو. انهيءَ گروهه جو اڳواڻ ٺٽي شهر جو مکيه عالم قاضي قاضن هو، جو پوءِ شاهه بيگ ارغون جي ڏينهن ۾ بکر جو قاضي مقرر ٿيو. هو مخدوم محمد ميران جونپوريءَ جي مهدوي فرقي جو پوئلڳ هيو. مخدوم صاحب افغانستان وڃڻ کان اڳ 913هجري يا 910هجريءَ ڌاري سنڌ ۾ آيو ۽ انهيءَ وقت ڪيترن ئي عالم ۽ اميرن تي سندس تعليم جو اثر پيل هو. شاهه بيگ ارغون به سندس پوئلڳن مان هو. سنڌ جي حاڪم، ڄام نندي جي درٻار ۾ به ڏسجڻ ۾ اچي ٿو ته ڪن اميرن جي ان تحريڪ سان همدردي هئي. ڀانئجي ٿو ته نظرين جي انهيءَ اختلاف ڄام نندي جي درٻارين ۾ اندروني اختلاف پيدا ڪري ڇڏيا ها ۽ هڪ گروهه دولهه د ريا خان جي پاليسي ڪري سندس برخلاف ٿي پيو.
    جيسيتائين ڄام نندو حيات هو، تيسيتائين پهرئين نظريي وارن جو دور دوره هو، ليڪن سن 914هجريءَ ۾ ڄام صاحب جي وفات ڪري حالتون بدلجڻ لڳيون. انهيءَ وقت ڌاري افغانستان ۾ مغلن جي قبيلن ۾ طاقت حاصل ڪرڻ لاءَ خانه جنگيون ٿيون ۽ امير ذوالنون جي پٽ شاهه بيگ ارغون کي مرزا بابر آهستي آهستي ڪير ڪابل ۽ قنڌار جي تسلط کان نيڪالي ڏئي ڇڏي، جنهن ڪري ان کي پنهنجي لاءِ ڪو نئون ملڪ تاڙڻو پيو. انهيءَ وقت سنڌ ۾ ڄام نندي جي وفات بعد سندس پٽ ڄام فيروز حڪمران هو. سندس وڏي ڀاءُ جي پٽ ڄام صلاح الدين سندس برخلاف حڪومت لاءِ دعويداري شروع ڪئي، ٻئي طرف درٻاري سازشن ۽ سندس سياسي غلطين حڪومت کي ڪافي ڪمزور ڪري ڇڏيو هو.سنڌ جي گھڻن حصن ۾ مڪاني حاڪم خودسري ڏيکارڻ لڳا. ڄام فيروز ڪي افغاني گھرائي پنهنجي درٻار ۾ امير ڪري رکيا هئا. جن مڪاني حڪومت جي ڪمزوريءَ بابت شاهه بيگ ارغون کي اطلاع ڏيئي خواهش ظاهر ڪئي ته جيڪڏهن هو ان طرف ڪاهه ڪندو ته حالتون گھڻو سازگار هئس. ان تي هن ٻه دفعا پنهنجي ڀائرن، مرزا ابومحمد ۽ سلطان محمد جي سرڪردگيءَ ۾ سنڌ تي فوجون چاڙهي موڪليون پر دريا خان جي همت ۽ بهادريءَ سان ٻئي دفعا کين شڪستون نصيب ٿيون ۽ مرزا شاهه بيگ ارغون جا ٻئي ڀائر انهن جنگين ۾ مارجي ويا.
    ان تي مڪاني مخالف گروهه وارن محسوس ڪيو ته، جيسيتائين درياهه خان حڪومت ۾ اقتدار رکي ٿو، ان وقت تائين سندن مرادون برثواب ٿي ڪين سگھنديون. جنهن ڪري هنن اهڙي طرح سازشون شروع ڪري ڏنيون جو ڄام فيروز ۽ درياهه خان ۾ اختلاف پيدا ٿي پيو ۽ درياهه خان ڪڪ ٿي وزارت تان استعيفى ڏيئي پنهنجي جاگير ڪاهان ۾ گوشه نشين ٿي زندگي گذارڻ لڳو. ان کان پوءِ ته حالتون ويتر خراب ٿي پيون. مرزا شاهه بيگ پئي وجھ ڳولهيا سو اها حالت ڏسي سنڌ تي سن 922هجريءَ ۾ ڪاهي آيو ۽ سيوهڻ تائين ملڪ فتح ڪري وري موٽي ويو. ڳچ وقت گذرڻ بعد 926هجريءَ ۾ وري هو ڪاهي آيو. ڄام فيروز جڏهن اهي حالتون ڏٺيون تڏهن درياهه خان جي مدد طلب ڪيائين پر هاڻي حالتون درياهه خان جي وس کان ٻاهر ۽ تمام خراب ٿي ويون هيون تنهن هوندي به درياهه خان سنڌ کي ٻاهرين تسلط کان بچائڻ خاطر ڄام فيروز جي طرفان سنڌي لشڪر وٺڻ شاهه بيگ جي فوج جي مقابلي لاءِ نڪتو، ٺٽي جي ٻاهرين ساموئي وٽ سخت لڙائي لڳي جنهن ۾ درياهه خان نهايت بهادريءَ سان مقابلو ڪيو تان جو پاڻ وڙهندي وڙهندي ميدان جنگ ۾ شهيد ٿيو. پويان ڄام فيروز ۾ اڳيئي لڇڻ ڪونه هيو، سو ٺٽو ڇڏي پئي ڀڳو ۽ وڃي پير پٺي جي درگاهه ۾ لڪو.
    شاهه بيگ آسانيءَ سان اچي سنڌ جي پايه تخت ٺٽي تي قبضو ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح سڄي سنڌ مرزا شاهه بيگ ارغون جي تسلط هيٺ آئي.
    مرزا صاحب قاضي قاضن، پنهنجي مرشد ڀائي ۽ طرفدار جي سفارش تي گھڻن ماڻهن کي امن ڏنو ۽ آخر ۾ قاضي قاضن کي بکر جو قاضي مقرر ڪري نوازيائين.
    ان کان وٺي سنڌ تي مخدوم محمد ميران جونپوريءَ جي نظريهء سياست جي مڃيندڙ جو تسلط قائم ٿي ويو ۽ سنڌ جي قومي سياست جي حامين کي آهستي آهستي ختم ڪيو ويو. درياهه خان ٺٽي جي لڙائي ۾ شهيد ٿي چڪو هو ان کان پوءِ سندس ٻه پٽ به باغبان جي ڀر واريءَ لڙائيءَ ۾ مارجي ويا.
    مخدوم بلاول، جنهن جي اخلاقي همدردي ان تحريڪ سان هئي، ان کي ڪنهن بهاني تي سرڪاري طرفدار مولوين کان فتوى وٺي گھاڻي ۾ پيڙائي شهيد ڪيو ويو. سيد حيدر تي سخت نظرداري ڪرڻ لاءِ ارغون گھراڻي وارن پنهنجي ڇانوڻي کڻي سن جي شهر ۾ رکي. اها نظرداري ان وقت تائين هلي آئي، تان جو سيد حيدر علي تاريخ 4شعبان 937هجريءَ تي وفات ڪئي.
    سنڌي قوميت جي بانيڪارن جي ڪمزور ٿيڻ جي ڪري سنڌ ڌارين جي سياسي ۽ ذهني اقتدار هيٺ آئي، اهو سلسلو قريبن ستر ورهه هليو. ان بعد سن 1000 هجري مطابق 5191ع ۾ نواب خان خانان اڪبر بادشاهه جي حڪم موجب اچي سنڌ کي فتح ڪري دهليءَ جي مغل حڪومت سان ملائي ڇڏيو. ان وقت کان وٺي شاهه جهان بادشاهه جي وچ حڪومت تائين سڄي سنڌ دهليءَ جي مقرر ڪيل نوابن جي هٿ هيٺ رهي. 1641ع کان وٺي 1651ع تائين ته سنڌ ۽ ملتان جي گورنر خود اورنگزيب پاڻ رهيو.
    انهيءَ وقت ميان آدم شاهه ڪلهوڙو، جو پيري مريد هلائيندو هو، مڪاني طرح طاقت وٺڻ لڳو. هو به مخدوم محمد ميان جونپوري جي اصولن جو پوئلڳ هو. هن 1068هجري بمطابق 1558ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس جاءِ نشين ميان نصير محمد ڪلهوڙو ٿيو. سنڌ اگرچه دهليءَ جي بادشاهن جي قبضي هيٺ رهي ليڪن مڪاني اختيارن ۾ سڌ جي ڳچ ڀاڱي تي ميان نصير محمد پنهنجي طاقت گھڻي قدر وڌائي، جا آهستي آهستي وڌندي رهي تان جو ميان يار محمد ڪلهوڙي کي دهليءَ طرفان خدايار خان جو لقب مليو ۽ کانئس پوءِ سندس پٽ ميان نور محمد کي به ساڳيو خطاب مليو ۽ بعد ۾ ۾حمد شاهه جي آخري ڏينهن ۾ کيس دهليءَ جي حڪومت طرفان سال 1722ع ۾ باضابطه نواب مقرر ڪيو ويو. جنهن بعد سنڌ رڳو نالي خاطر دهليءَ جي زيردست رهي. ميان نورمحمد جي انتقال بعد سندس جاءِ نشين ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، انهيءَ قسم جو ٿورو گھڻو تعلق به دهليءَ سان ختم ڪري. پاڻ کي ۽ پنهنجي ملڪ کي، مڪمل طرح آزاد ڪري ڇڏيو. سندس تخت نشينيءَ جو سال 1168هجري بمطابق 1755ع آهي. اهوئي سال سنڌ جي ازاديءَ جو پهريون سال ٿيو.
    ڪلهوڙن جي خاندان بعد ٽالپر گھراڻو سال 1158هجري بمطابق 1772ع ۾ مسند تي حڪمران ٿيو. انهيءَ گھراڻي جي دور ۾ به سنڌ غيرن جي دخل، قبضي ۽ تسلط کان آزاد رهي.
    مخدوم بلاول واري سنڌ جي قومي تحريڪ کان پوءِ، سنڌ اڪثر بزرکن سياسي ڳالهين کان گوشو اختيار ڪري پنهنجي اندر اجارڻ ۽ اخلاقي اصلاح طرف توجھ ڏنو. مخدوم نوح شاهه عبدالڪريم ، سيد رڪن الدين، سخي هاشم شاهه وغيره، انهيءَ پاليسيءَ تي هليا، ليڪن شاهه صاحب جي ابتدا کان ، وري نئون دور شروع ٿيو، جيئن مخدوم عبدالرحمان گھڙن وارو. شاهه عنايت صوفي سياسي اختلافن ڪري شهيد ڪرايا ويا هئا.


    2. سنڌ کان ٻاهر جا سياسي، مذهبي رجهانات ۽ حالات ۽ انهن جو سنڌي زندگيءَ تي اثر

    ڏهين صدي هجريءَ مطابق 15 صدي عيسوي جي اوائل ۾ دهليءَ تي لوڌي گھراڻي جو راڄ هو. ان جي بادشاهه ابراهيم شاهه لوڌي جي ڪمزوريءَ ڪري، سندس ڪن اميرن پنجاب جي حاڪم دولت خان سان صلاح ڪري، مرزا بابر کي (جو سلطان تيمورلنگ جي ڇهين پيڙهيءَ مان هو) هندوستان تي ڪاهه ڪرائڻ لاءِ سڏايو. جنهن لڙايون لڙي 1526ع سال ۾ دهليءَ تي قبضو ڪري مغل سلطنت جو پايو وڌو.
    1530ع ۾ وفات ڪرڻ بعد سندس پٽ همايون جاءِ نشين ٿيو، پر اهو گھڻو وقت حڪومت سنڀالي نه سگھيو، ۽ پٺاڻ گھراڻي جي بادشاهه شير شاهه سوريءَ کيس شڪست ڏيئي، دهليءَ مان 1540ع ۾ ڪڍي ڇڏيو. 55 سالن کانپوءِ هن ايران جي بادشاهه جي مدد سان وري هندوستان جي حڪومت هٿ ڪئي ۽ هڪ سال جي حڪمرانيءَ بعد وفات ڪيائين. ان کان پوءِ سندس فرزند اڪبر چوڏهن ورهين جي ڄمار ۾ 1556ع ۾ حڪومت شروع ڪئي.
    اڪبر گھڻي تجربي ۽ مکيه صلاحڪارن جي مشورن بعد هن راءِ تي پهتو ته، هندوستان جيڏي، برصغير جي حڪومت صرف زور زبردستيءَ سان گھڻي عرصي تائين هلائي ڪانه سگھبي. انڪري ضرورت ان ڳالهه جي هئي ته ڪنهن نظرئي جي بنياد تي، آئين ٺاهي حڪومت هلائي وڃي. انهيءَ خيال سان هن پنهنجي صلاحڪارن جي مشوري سان حڪومت لاءِ هڪ پاليسي ۽ پروگرام مقرر ڪيو، جنهن جا مکيه جزا هيٺيان هئا؛

    1. برصغير هندوستان جي مختلف مذهب رکندڙ باشندن ۾ يڪجهتي ۽ اتحاد آڻڻ جي لاءِ، اهو امر ضروري هو ته، اتي جي رهاڪن جي مذهبي اختلافن کي دور ڪري، کين متحد اصولي بنيادن تي کين گڏ ڪجي.
    2. اهڙيءَ طرح کين متحد قوم بڻائي، ڪاروبارِ حڪومت ۾ شامل ڪري، گڏيل جوابداريءَ سان ملڪي ڪم هلائجي.
    3. حڪومت جي هلائڻ جي لاءِ هڪ عوام پسند آئين جو هئڻ ضروري آهي.
    4. هندوستان جي حڪومت جي خارجي پاليسي مذهبي خواه سياسي ڳالهين ۾ بيروني اثرن کان آزاد رکجي.

    اها ڳالهه ظاهر هئي ته هندوستان ۾ جتي 30 يا 35 ڪروڙ ماڻهو رهندڙ هجن، اتي ٻه ٽي ڪروڙ مسلمان، سي به ذاتي تعصبن ۽ خود مطلبين ۾ ورهايل، گھڻي وقت تائين، فقط طاقت جي زور تي غير مسلم رعيت جي رضامندي کان سواءِ، حڪومت هلائي ڪين سگھندا. تنهن ڪري حالتن جي تقاضا اها هئي ته، پائدار حڪومت بنائڻ جي لاءِ، هڪ اهڙي پاليسي اپنائڻ گھربي هئي، جنهن ۾ هندو مسلم گڏجي باهمي مشوري سان حڪومت هلائن، تجربي اڪبر کي محسوس ڪرايو ته انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ وڏي رنڊڪ جهڙي ڳالهه، مختلف مذهبن جا اختلاف هئا. تنهنڪري هو انهن اختلافن کي دور ڪري ڪن بنيادي اصولن تي هندوستان جي باشندن کي آڻڻ واسطي طريقا سوچڻ لڳو. انهيءَ مقصد جي حصول لاءِ چشتي طريقي جي بزرگن ( جي مسئلهء وحدت الوجود ــ همه اوست جا قائل هئڻ ڪري، مذهبي تعصب کان آزاد هئا) ۽ ملا مبارڪ سنڌي ۽ ان جي ٻن فرزندن ابولفضل ۽ فيضي کان گھڻي مدد ۽ رهبري ملي. انهيءَ مقصد خاطر هن هندوستان جي مکيه مذهبن جا قابل عالم پاڻ وٽ گھرائي، هندوستان ۾ هڪ خيال ۽ هڪ عقيدي جي مسئلي تي غور ۽ فڪر ڪرڻ لاءِ ڪٺو ڪيو. سندس درٻار ۾ مسلمان، عيسائي، هندو ۽ پارسي مذهبن جا عالم، پادري، پنڊت ۽ مريد اچي گڏ ٿيا. جن جي مشوري بعد هڪ گڏيل خيالن جو مذهب ايجاد ڪيو ويو، جنهن تي ”دين الاهي“ نالو رکيو ويو، ۽ آهستي آهستي ڪري انهيءَ جي تبليغ شروع ڪئي وئي. انهن سڀني ڳالهين مان سندن مقصد اتحاد هند هو. انهيءَ مطابق بادشاهه جي روحاني پيشوا جي عقيدي کي جاري ڪرڻو پين. انهيءَ تجويز پٽاندڙ هندوستان جي سڀني رهاڪن کي هڪ پڪي قومي شيرازي ۾ آڻڻ جو مقصد هو. ان ڪري ملڪ جي حڪومت جي ڪاروبار ۾ بناتميز، مذهب ۽ عقيدي جي ، هر هڪ باشندي کي، شريڪ ڪرڻ جو اصول مقرر ڪيو ويو. جنهنڪري ڪيترائي هندو، وزير يا گورنر جهڙن اعلى عهدن تي مقرر ڪيا ويا. هندن سان سڱا بندي (بنا ڪنهن مذهب جي بدلائڻ جي) جو رواج عام پيو. حڪومت جو ڪاروبار بجاءِ اسلامي شريعت جي، ”آئين اڪبري“ مطابق هلائڻ شروع ڪيو ويو. اهڙي طرح سان خود مسلمان جي مذهبي معاملن ۾ پاڻ کي، عراق ۽ بخارا جي اثر کان آزاد ڪري، مذهبي رهبري جو مرڪز هندوستان جي اندر قائم ڪيو ويو. بادشاهه جي رهبريءَ هيٺ، انهيءَ تجويز جو لازمي نتيجو اهو نڪتو ته، اسلام جي بنيادي اصولن طرف توجهه گھڻو ڏنو ويو ۽ ان جي فروعاتي مسئلن طرف گھٽ توجهه ٿيڻ لڳو. ڪيترن مسلمان عالمن کي خوف پيدا ٿيڻ لڳو ته، ان پاليسيءَ ڪري اسلام، دين منظم جي حيثيت وڃائي ويهندو. ازانسواءِ عالمن جو هڪ گروهه، جو گھڻي وقت کان اڳين مسلمان حاڪمن يا خود مغلن جي حڪومت ۾، ملڪي ڪاروبار جو روح روان ۽ عدالتي کاتي جو مکيه هلائيندڙ هو، سو پاڻ سان هندن کي، (جن کي هن وقت تائين رعيت سمجھندا هئا) شريڪ ٿيندو ڏسي، پڻ ناراض ٿيو. اگرچ ظاهر ۾ هو، مٿان مقرر ٿيل پاليسي مطابق ڪم هلائيندا هريا، ليڪن انهن ٻنهي گروهن پنهنجي وڃايل اقتدار کي وري حاصل ڪرڻ لاءِ، حڪومت جي انهيءَ پاليسيءَ جي برخلاف سازش شروع ڪئي ۽ پروپئگنڊا ڪرڻ لڳا. جنهن جا مکيه جزا هيٺيان هئا:

    1. اڪبر بادشاهه جي دين الاهي واري تحريڪ هندوستانين جي متحده قوميت لاءِ ڪوشش سبب شريعت اسلام جي ڪمزور ٿيڻ جو امڪان هو، ۽ انهيءَ ڪري مسلمانن جي جداگانه هستي ختم ٿيڻ جو انديشو هو.
    2. غير مسلمانن کي حڪومتي ڪاروبار ۾ شريڪ ڪرڻ ڪري منجھن برابري ۽ همسريءَ جو معدو پيدا ٿيندو ۽ مسلمانن جو اثر ۽ رعب مٿان لهي ويندو ۽ غير مسلمانن جو حوصلو وڌي ويندو.
    3. اسلام کان سواءِ ٻين مذهبن جي سچ تي هئڻ کي تسليم ڪرڻ اسلام جي ترقي ۽ واڌاري ۾ رڪاوٽ وجھندو. انڪري اسلامي جي دين مڪمل ۽ آخري هئڻ جي دعوى ٽٽي پوندي
    4. خدائي آئين(قرآن) ۽ دستور سنت جي هوندي، ڪنهن قومي آئين کي لاڳو ڪرڻ اسلامي جي ديني نظام قائم ڪرڻ جي برخلاف آهي.

    انهن ٻنهي گروهن جي باوجود اڪبر ۽ جهانگير جي دور حڪومت ۾ گھڻو ڪجھ ٿي سگھيو. مگر آهستي آهستي انهن مذهبي مهندارن ۽ مسلم امير طبقي جي ڪوشش هڻي وڃي هنڌ ڪيو، ۽ خود مغلن جي شاهي گھراڻي ۾ ٻه گروهه ٿي پيا.
    شريعتي نظام جي طرفدارن جڏهن ڏٺو، ته چشتي طريقي واري مسئلي وحدت الوجود سندن سياسي اقتدار ۽ اثر کي هڪ طرف ڪمزور ڪري ڇڏيو هو، ته ٻئي طرف ماڻهن کان شرعي احڪامن جي پابندي، ۽ دين دستورن جا اثري گھٽ ٿيڻ لڳا هئا، جنهن ڪري سندن غلبي اسلام ۽ شرعي حڪومت جا خواب بنا تعبير جي رهجي ٿي ويا، سي فڪر ڪرڻ لڳا ته وحدت الوجود جي مقابلي ۾، ڪو موزون فلسفو هٿ اچين ته انهيءَ تي پنهنجي تجويزن ۽ پاليسيءَ جو بنياد رکي، پنهنجن ارادن ۾ ڪامياب ٿي سگھن. باالاخر اڪبر بادشاهه جي حڪومت جي پڇاڙيءَ ڌاري دهليءَ ۾ هڪ وڏو عالم، صاحب شريعت ۽ تقوى جو بزرگ پيدا ٿيو. جنهن جو نالو خواجه باالله هو. ۽ هو نقشبندي طريقي جو مرشد هو. دهليءَ جي اميرن ۽ علماءِ دين هن جي تقوى ۽ تقدس جي شهرت جو فائدو وٺي هن جي چؤڌاري گڏ ٿي پنهنجي تجويزن کي مڪمل ڪرڻ ٿي گھريو.انهيءَ وقت هن صاحب جي خدمت ۾ هڪ نوجوان احمد فاروقي حاضر ٿي، سندس مان فيضياب ٿيو. هن جي اچڻ کي غنيمت سمجهي، مٿين گھروهه انهيءَ طرف پنهنجو توجهه ڪيو. اهو صاحب ٿوري وقت ۾ ترقي ڪري امام رباني مجدد الف ثاني جي لقب سان مشهور ٿيو ۽ انهيءَ سان احياءِالدين (دين کي وري اوج تي آڻڻ) جون اميدون وابسته ڪيون ويون. هن صاحب مسعلا وحدت الوجود جي مقابلي ۾ وحدت الشهود جي نظرئي کي پيش ڪري شريعت اسلام کي ضعف ۽ خاتمي کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. امام رباني جي طريقه ڪار ۽ نظرئي مان جهانگير بادشاهه کي سندن طريقه حڪومت ۽ پاليسيءَ جي برخلافيءَ جا ڪي شڪ پيدا ٿيا، جنهن ڪري کيس ٻه سال کن نظر بند رکيائين، ليڪن آخر ۾ آزاد ڪيائينس.
    شاهجهان جو سمورو توجهه ملڪ جي اڏاوت ۽ سينگار تي صرف پئي ٿيو جنهن ڪري هو ملڪ ۾ پيدا ٿيل سياسي اختلافن طرف گھڻو ڌيان نه ڏئي سگھيو. نتيجو اهو نڪتو ته سندس پٽن ۾ ٻن راين جا خيال پيدا ٿي پيا ۽ ساري درٻار ۽ امير طبقو انهن گروهن ۾ ورهائجي ويا. شهزادو دارا شڪوه حضرت چشتي، ميان مير سنڌي بزرگ سرمد شهيد ۽ هندو يوگين جي صحبت ۽ اثر ڪري مسئلهء وحدت الوجود جو پئلڳ ٿي پيو. تنهنڪري اڪبر سياست قائم ڪرڻ جو حامي هو. ٻئي طرف وري شهزادو اورنگزيب مسئله وحدت الشهود جي پيروي ۾ علماءِ دين ۽ مسلمان اميرن جي ڪثرت جي سياسي نظرئي جو حامي بڻجي پيو. انهيءَ نظرئي سياست جا مکيه جزا هيٺيان هئا؛

    1. هندوستان جي مختلف مذهبن جي پيروڪارن کي ڪنهن هڪ تجويز جي بنياد تي ڳنڍي. متحده قوم بڻائڻ جو خيال ناقابل عمل ۽ شريعت اسلاميءَ جي خلاف هو. انڪري صحيح سياست جي تقاضا اها هئي ته مسلمانن جي جدا قومي حيثيت برقرار رکي انهيءَ جي تحفظ، تنظيم ۽ ترقيءَ جي لاءِ هر ممڪن طريقي سان ڪوشش ڪئي وڃي.
    2. اهو تڏهن ٿي سگھندو جڏهن مسلمانن جي جماعتي زندگيءَ کي نئين سر شريعت اسلام جي نظام موجب هلائي انهن کي صحيح مسلمان بنايو وڃي. ان لاءِ شريعت اسلام جي هر حڪم جي عملي پائبندي جو لاڳو ڪرڻ ضروري ۽ مسلمانن جي سياسي، اخلاقي ۽ مذهبي اصلاح ڪرڻ لازمي هئي.
    3. حڪومت کي قومي سياسي نظريه (آئين اڪبري) جي بنياد تي هلائڻ جي عيوض شريعت اسلام جي طريقي تي هلايو وڃي. جنهن جو لازمي نتيجو اهو نڪرڻ وارو هو، ته حڪومت جي پاليسي مقرر ڪرڻ جي واڳ، ديني عالمن جي هٿ ۾ اچڻ واري هئي. هندو امير طبقي جڏهن مسلمانن اميرن ۽ عالمن کي غلبه اسلام جي تحريڪ کي زور وٺائڻ جي ڪوشش ۾ محو ڏٺو، ته انهن ۾ به هن جي رد عمل طور هندو اقتدار کي نئين سر زنده ڪرڻ ۽ زور وٺائڻ جي هلچل شروع ٿي. مرهٽن ۽ راجپوتن هن ۾ خاص دلچسپي ورتي، شيوا جي انهيءَ هلچل جو مکيه اڳواڻ هو.
    آخرڪار امير ۽ عالم طبقي جي منصوبن هڻي وڃي هنڌ ڪيو ۽ سنه 1076هجري بمطابق سنه 1658ع ۾ شاهجهان جي بيماريءَ وقت اورنگزيب پيءُ کي قيد ڪري پاڻ حاڪم ٿيو، دارا شڪوه ۽ ٻين ڀائرن کي مارائي ڇڏيائين. انهيءَ سلسلي ۾ سرمد صوفيءَ کي به قتل ڪرايائين، جو دارا شڪوه جو طرفدار هو. اورنگزيب تخت تي وهڻ شرط رٿيل پاليسيءَ مطابق مسلمانن جي جدا قوميت جي اصول جي بنياد تي حڪومت کي خاص طرح مسلمانن جي هٿن ۾ آڻڻ جي پاليسي اختيار ڪئي.
    شريعت اسلامي جي تجديد جي سلسلي ۾ فتوى عالمگيري ٺهيو. تبليغ اسلامي شروع ٿي ۽ هندن سان حاڪم محڪوم وارو برتاءُ ٿيڻ لڳو. هر معاملي کي ملڪ ۽ هندوستانين جي نقطه نگاهه جي بجاءِ مسلماني نقطه نگاهه سان ڏسڻ شروع ٿيو.
    اورنگزيب، شخصي طرح پرهيزگار ۽ متقي هو، پر سندس طرفدارن اهڙي پاليسي اختيارڪئي، جو ملڪي سياست مذهبي رنگ ۾ رنڱجي ويئي ۽ تعصب وڌندو ويو، جنهن ڪري انهيءَ پاليسيءَ جي رد عمل ۾ مرهٽن بغاوت ڪئي ۽ راجپوتن ۾ ناراضپو پيدا ٿيو.


    3. سنڌ جي اندر ٻاهر وارن سياسي ۽ مذهبي نظرين جو سنڌ تي اثر

    ٻارهين صدي همري جي اول ۾، شاهه صاحب جي پيدائش جي وقت ڌاري، جيئن مٿي ذڪرڪيو ويو آهي، سنڌ تي ٽن سياسي نظرين جو اثر هو ۽ ڪيترائي ماڻهو انهيءَ رجحانات جا هئا.
    جن ٽن سياسي نظرين جو اثر هو سي هيٺيان هئا.

    1. سنڌ جي جدا قوميت، خودارادي، سياسي اقتدار ۽ ترقيءَ جو نظريو.
    2. هندوستان جي متحده قوميت، اقتدار ۽ ترقيءَ جو نظريو.
    3. مسلمانن جي جدا قوميت، مذهبي نظام، اقتدار ۽ ترقيءَ جو نظريو.

    1. سنڌ جي جدا قوميت، خودارادي، سياسي اقتدار ۽ ترقيءَ جو نظريو.

    انهن خيالن جا ماڻهو ته سنڌ ۾ گھڻي وقت کان پي رهيا:
    اهو انهيءَجذبي جو ئي اثر هو، جو سنڌ جي حاڪم دودي سومري سڄي قوم سوڌو دهليءَ جي حاڪمن جي برخلاف لڙي فنا ٿيڻ قبول ڪيو، ليڪن آڻ نه مڃي، جيتوڻيڪ اندروني اختلاف هوندي دهليءَ جي حاڪمن جي زبردست طاقت جي اڳيان هو سٽ جھلي ڪين سگھيو، ته به سنڌ جي سرزمين تي پنهنجي بهادريءَ ۽ حب الوطنيءَ جو اهڙو غير فاني مثال ڇڏي ويو، جو اڃان تائين ڳوٺن ۾ سندس ڪهاڻيون ڀٽ ۽ مڱڻهار ڳائيندا وتن ٿا.
    سومرن کان پوءِ سنڌ سمن جي هٿن ۾ آئي، جي پنهنجي ابتدائي دور ۾ دهليءَ جي حاڪمن جي اثر هيٺ هئا، پر هو آهستي آهستي سندن آخري حاڪم جي حڪمراني ۾ اندروني آزادي حاصل ڪري چڪا هئا. انهيءَ دور ۾ سنڌ اندر علم، هنر ۽ سلامتيءَ جي واڌاري ڪري سنڌين ۾ سنڌي زبان، تهذيب تمدن جي ترقيءَ ۽ سياسي آزاديءَ جو جذبو پيدا ٿي چڪا هئا.
    ڄام نظام الدين جي عام ۾ شهرت ۽ مقبوليت جو وجھ وٺي، سندس وزير دريا خان سنڌ جي قومي تحريڪ جي سرپرستي ڪئي. مخدوم بلاول جهڙي زبردست عالم ۽ پير طريقت سندس ٻن خليفن سيد حيدرعلي ۽ مخدوم ساهڙ (جنهن جو شاهه رڪن الدين جي معرفت مٽياري ساداتن تي اثر پيو) سميت انهيءَ تحريڪ جي واڌاري لاءِ خاص دلچسپي ورتي سندن ساري تحريڪ جو بنياد هيٺين مکيه ڳالهين تي هيو.

    1) کين تاريخ اسلام جي مطالع ۽ ذاتي تجربي مان بخوبي معلوم ٿي چڪو هو ته، ملڪ جي حاڪمن جي سياست هميشه خودغرضي ۽ طبقاتي مفاد جي بنياد تي پي هلي آهي.
    عوام جي اڪثريت کي ڪڏهن به ان مان فائدو نه پهتو آهي. تنهن ڪري عام ماڻهن هميشه حڪومت کي ناپسنديده نگاهن سان پي ڏٺو آهي. اسلام جي واڌاري ۽ ساري انسانذات جي سڌاري جهڙا وڏا مقصد، حاڪمن جي حڪومت جي ذريعي حاصل ڪرڻ خام خيال هو. اهو ڪم بهتر نموني تي درويش ۽ عالمن جي تزڪيه نفس ۽ اخلاقن جي درستيءَ واري تعليم ذريعي زياده آسانيءَ سان حاصل ٿي سگھندو، ان ڪري هنن سياست کي مذهب کان الڳ رکڻ مناسب ٿي سمجھيو.
    2) سنڌ جي زبان، تهذيب، تمدن ۽ سياسي آزاديءَ جي حفاظت ۽ بچاءَ لاءِ اهو امر نهايت ضروري هيو ته، سنڌ جي جملي باشندن جي بنا تميز مذهب جي، انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ، همدردي ۽ مدد ورتي وڃي، تنهنڪري سنڌ جي رهاڪن کي هڪ قوم ڪري شمار ڪرڻ ضروري هيو.
    3) هر اها سياسي تحريڪ جا مذهب جي نالي ۾ هلائي ويندي، خصوصاً ان وقت مخدوم محمد ميران جونپوري جي هلايل ”مهدوي“ هلچل جا ڪم و بيش اڄڪلهه جي پئن اسلام ازم جي تحريڪ جا جزا پاڻ ۾ رکندڙ هئي، سا سندس نظر ۾ سنڌي مفاد لاءِ نقصانڪار هئي. ان ڪري اسلام جي نالي ۾ هوشيار طاقتور مسلمان حاڪمن، قومن ۽ تهذيب جو تسلط ۽ اقتدار سنڌ تي قائم ٿيڻ جو امڪان هو.

    2. هندوستان جي متحد قوميت جو نظريو.

    هندوستان ۾ آيل مسلمان درويش ۽ بزرگ ابتدا کان وٺي ٻن راين ۽ گروهن ۾ ورهايل هئا.

    هڪڙا : مذهب ۽ سياست کي اسلام جي اصولن موجب ڌار شي نه سمجهي، انسان ذات جي ترقيءَ ۽ فلاح شريعت اسلام جي ذريعي حاصل ٿيڻ ۾ اعتماد رکندا هئا، تنهنڪري شريعتي حڪومت جي لاڳو ڪرڻ جا حامي هئا.

    ٻيا : مذهب کي سياست سان گڏ هلائڻ جي پاليسيءَ کي اسلامي تاريخ ۾ ناڪامياب ٿيندو ڏسي ۽ ان مان جيڪي عوام کي نقصان پهتا هئا، انهن کي مد نظر رکي مسلمانن جي مذهبي اعتقادات کي سياست کان الڳ رکڻ جي فائدي ۾ هئا. انهن کي معلوم هو ته خود خلفاءِراشدين جي تسليم شده بهترين دور حڪومت ۾ اندروني اختلافن ڪري ئي خليفا قتل ٿيا. ڪربلا جو واقعو انهيءَ پاليسيءَ جو نتيجو هو، بني امين ۽ بني عباسين جا باهمي جھڳڙا، خونريزيون ۽ عربن جون ٻيون خانهءجنگيون انهيءَ پاليسيءَ جي غير مفيد هئڻ جي لاءِ ڪافي دليل هيون.

    ازانسواءِ خود اسلام جي تخيل نسبت مسلمانن ۾ اختلاف پيدا ٿي چڪو هو. انهن مان ڪي ان راءِ جا هئا ته اسلام جي اصل مقصد يعني انسانذات جي ترقي ۽ فلاح حاصل ئي ٿي ڪين سگھندو جيسيتائين ان کي منظم دين ڪري، هڪ جدا گانه ملت جي آئين (جوڙ جڪ) طور نه هلايو ويو آهي. انهن جي نظر ۾ مسلمان هڪ چونڊيل قوم هئا ۽ اسلام انهن جي رهبريءَ جو قانون هيو.
    ٻين جي راءِ موجب اسلام دين فطرت، دنيا جي سڀني مذهبن جو نچوڙ ۽ انسانذات جي لاءِ بنا ڪنهن تميز ملڪ، نسل، قوم، لباس، زبان ۽ مذهب جي هڪ بهترين لاحيه(دستور) عمل ۽ طريقه زندگي هو. ان ۾ تنگ خيال ۽ تعصب کي ڪا جاءِ نه هئي. اسلام جي دائري کي ڪنهن گروهه يا فرقي ۾ محدود ڪرڻ سندس بنيادي اصولن جي برخلاف هو.
    انهن ”فاينما تولوافثم وجھ الله“ جي مطابق هر هڪ انهيءَ بنيادي حق (اسلام) جا ترورا ڏٺا ٿي. تنهنڪري مسئلهء وحدت الوجود جي ماتحت عملي سياست کان علحدو ٿي حق بلند ڪرڻ لڳا.
    خواجه معين الدين اجميري انهيءَ گروهه جي مکيه ڪارڪنن مان هو. اڪبر بادشاهه انهيءَ گروهه جي اثر هيٺ اچي هندوستان جي متحده قوميت جي نظريه کي، ڪن بنيادي اصولن جي ماتحت عمل ۾ آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪئي. سندس ساري تجويز جو نچوڙ هيٺيون ٿي سگھي ٿو.

    1) جنهن صورت ۾ دنيا جي اڪثر مذهبن جي بنيادي اصولن پٽاندڙ هندوستان جي رهاڪن کي هڪ ٻئي جي نزديڪ آڻي هڪڙيءَ ڏوريءَ ۾ پوئي، متحده قوم بنائڻ ضروري هو، هن جي خيال موجب خود اسلام به انهيءَ مقصد جي لاءِ آيو هو. الله کي مڃڻ، سڀني پيغمبرن ۽ ان جي ڪتابن تي بنا ڪنهن فرق جي ويساهه آڻڻ، حيات بعدالممات (موت کان پوءِ جي حياتي) جزاءِاعمال (ڪيل عملن جو ڦل) چڱن ۽ نيڪ ڪمن ۾ اعتبار ڪرڻ، ماڻهن جي وچ۾ سياسي، اقتصادي ۽ معاشرتي عدل ۽ انصاف قائم ڪرڻ اسلام جا بنيادي مقصد هئا. انهن مان ڪابه ڳالهه اتحاد، هند کان روڪيندڙ نه هئي.
    2) هنن جي راءِ اها هئي ته جيڪڏهن اسلام کي منظم دين ۽ مسلمانن کي هڪ جداگانه ملت جي صورت ۾ قائم رکيو ويندو ته هن جو عالمگير ۽ بين الاقوامي جذبو ۽ ڪشش فنا ٿي ويندي، ۽ هو هڪ فرقي جي محدود دائري ۾ بند ٿي ويندو. هندوستان جهڙي ملڪ ۾ جتي گھڻو تعداد غير مسلمن جو هو، اهڙي پاليسي اختيار ڪرڻ جي ڪري خود اسلامي مقصدن جي تبليغ، فروغ ۽ ترقيءَ ۾ رنڊڪ پئجي ويندي، سندن خيال ه۾ فصل (جدائي)کان وڌيڪ وصل (ميلاپ) جي ذريعي گھڻو فائدو حاصل ٿيڻ وارو هو.
    3) هنن جي راءِ موجب مذهب ۽ سياست کي گڏي هلائڻ ملڪ جي ۽ ماڻهن کي فائدي بدران نقصان پهچائيندو. هڪ طرف سياست ملن مولوين جي تعصبن، ذاتي ڪاوشن(دشمنين) خودغرضين ۽ اختلاف راءِ جو آکاڙو بڻجي پوندي، ته ٻئي طرف وري مذهب انسانن ۾ محبت جي بدران، زور ۽ زبردستي بغض ۽ عداد پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪتب آندو ويندو. ان کي اهل سياست جي، ذاتي ۽ طبقاتي مفاد لاءِ اوزار ڪري ڪتب آڻڻ جو انديشو رهندو. جنهن جي رد عمل ڪري مذهب جو نالو بدنام ٿيندو ۽ سندس جاذبيت جو مادو گھٽ ٿيندو.
    4) حڪومت عوام جي ڀلي لاءِ هئڻ گھرجي، نه ڪي خاص طبقي، گروهه يا قوم جي مفاد جي لاءِ، جيئن ته غير مسلمان هندوستان ۾ گھڻا هئا، ان حالت ۾ حڪومت کي صرف مسلمانن جي قبضي هيٺ هلائڻ، حاڪم ۽ محڪوم جو فرق رکڻ انصاف، عدل ۽ اسلامي اصولن جي عين برخلافي هئي. تنهنڪري هنن آئين اڪبري ٺاهي، حڪومت ۾ هندو مسلمانن کي شريڪ ڪري ڪاروبار هلائڻ پسند ڪيو.
    سنڌ ۾ مغلن جا گورنر، انهن جا همدرد ۽ صوفي حضرات ان نظرئي جا پوئلڳ هئا.

    3. مسلمانن جي جداگانه قوميت جو نظريو

    جيئن مٿي ڏيکاري آيو آهيان، انهيءَ نظرئي کي مڃڻ وارن جو به ابتدا کان وٺي، هندوستان خواه سنڌ ۾ هڪ گروهه رهندو پي آيو آهي. خلافت جو قيام، مهدين ۽ مجددن جو پيدا ٿيڻ، شريعتي حڪومت ۾ غلبه اسلام آڻڻ جون تجويزون، جهاد جا جذبا ۽ موجوده زماني جو پئن ـ اسلام ازم سڀ هڪ سلسلهء زنجير جون جدا جدا ڪڙيون آهن. جهڙيءَ طرح سان متحده قوميت جي نظرئي، خاص طرح شهنشاهه اڪبر جي ڏينهن ۾ زور ورتو، اهڙيءَ طرح مسلمانن جي جدا قوميت جي نظرئي اورنگزيب جي ڏينهن ۾ زور ورتو. انهيءَ وقت ڌاري سنڌ جي سياست تي مخدوم ميران جونپوريءَ جي مهدوي تحريڪ (جنهن ارغونن ۽ ڪلهوڙن تي ڪافي اثر ڪي) ۽ اورنگزيبي سياست جو اثر پيو. تنهنڪري بهتر ائين ٿيندو ته اول مهدوي تحريڪ، جنهن جو روح روان سنڌ ۾ شاهه بيگ ارغون جي ڏينهن ۾ قاضي قاضن هڳ، جو مختصر احوال پيش ڪجي.

    (الف) مهدوي تحريڪ

    هن تحريڪ جو باني سيد محمد ميران جونپوري هو. جيڪو جونپوري جي شهر ۾ 842 هجريءَ ۾ پيدا ٿيو ۽ افغانستان جي ڳوٺ ”فراه“ ۾ سنه 911 هجريءَ ۾ وفات ڪيائين. سيد صاحب زهد، تقوى ۽ درويشيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن صاحب ستن سالن تائين لاڳيتو ورد ۽ وضائف ڪيا، روزه رکيا ۽ هڪ گوشه نشين زاهد جي زندگي گذاري، انهيءَ عرصي دوران چيو وڃي ٿو ته، کيس هڪ غيبي آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته ”انت مهدي“ اول ۾ هن آواز کي ڪا اهميت ڪانه ڏني، ليڪن جڏهن اهو آواز مسلسل ڪيترن ورهين تائين، سندس ڪنن ۾ گونجڻ لڳو، تڏهن هن کي يقين ٿي ويو ۽ پاڻ کي مهدي ڪوٺائڻ لڳو.

    هي نائين صدي هجري وارو زمانو هندوستان اندر سخت بدامني طوائق الموڪي جو هو. روز بادشاهيون ٺهنديون ۽ ڊهنديون هيون. اهڙي ڪابه مرڪزي حڪومت باقي نه رهي هئي، جا هندوستان جي اندر مسلمانن جو شيرازو درست ڪري، دستور شريعت جاري ڪري سگھي. حق تي هلندڙ عالم دين گھٽ هئا. جاهل پيرن جي عمل جي ڪري مسلمانن ۾ گمراهي ڦهلجڻ لڳي هئي. هي حال ڏسي سيد صاحب شريعت جي زنده ڪرڻ ۽ چڱن عملن جي ڪرڻ سمجھو ۽ خلق خدا کي سنئين راهه تي آڻڻ ۽ مسلمانن کي نظام شريعت مطابق هلائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي، هن جي صداقت ۽ قلب پاڪائي هن جي آواز ۾ اهڙو ته اثر رکيو هو، جو ٿوري عرصي ۾ هزارها ماڻهو سندس معتقد ٿيا ۽ خود ڪيترن ئي ملڪن جا والي به سندس مريدي جي دائري ۾ داخل ٿي ويا. سندس مريدن جا طرز طريقا عاشقانا ۽ والهانا انداز جا هئا. جنهن ڪري امير ۽ فقير، اعلى ۽ ادنى سڀ هڪ صداقت مندي جي رسيءَ ۾ پوئجي هڪ ٿي ويا. انهيءَ تحريڪ جا مکيه اصول هيٺيان هئا.

    1) هجرت ڪرڻ
    سندن چوڻ هو ته جيسيتائين ماڻهو قيدي وطن کان آزاد ٿي، گھر ٻار جو اسانگو لاهي لڳ لاڳاپا ڇڏي، جماعت ۾ داخل نه ٿيو آهي، ان وقت تائين منجهس ڪا وڏي اميد رکڻ اجائي آهي. ان ڪري ان راهه ۾ ترڪ وطن ضروري هو.

    2) ترڪ مال
    سندس رايو هيو ته ٻي وڏي رنڊڪ انسان جي راهه ۾ کيس اعلى ارادن ۽ ڪمن کان روڪڻ لاءِ مال ۽ ملڪيت جي محبت هئي، ۽ سندس تحريڪ جي حلقي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ، اهو به ضروري هو ته، هو پنهنجن ملڪيت ميمبران تحريڪ جي حوالي ڪري ته اهي ان کي تحريڪ جي راهه ۾ خرچ ڪن.

    3) جان جي قرباني
    ان تحريڪ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اهو به ضروري شرط هو، ته لاڳاپا لاهي، خوف خطرا ڦٽا ڪري سر تريءَ تي رکي، مخالفن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃڻو هو. سندس اهو عقيدو هو ته نظام شريعت قائم ڪرڻ جي لاءِ طاقت جو هٿ ۾ هئڻ ضروري آهي. ان لاءِ زوري زبردستي ۽ تلوار استعمال ڪرڻ کان نه ڪيٻائڻو آهي.
    رواجي طرح لفظ مهدي جي معنى ”هدايت حاصل ٿيل“ آهي، ۽ انهيءَ نقطه نگاهه کان، هر مذهبي رهبر پاڻ کي انهيءَ نالي سان سڏائي سگهي ٿو. ليڪن مهدي جي نالي سان حديثن ۽ روايتن مطابق، خاص معنى ۽ مطلب ڪڍيا ويا آهن. جهڙوڪ عيسائين ۽ يهودين سان جنگ، اسلام کي نئين سر زنده ڪرڻ(اسلام لاءِ جهاد) ڪعبي جي لڪل خزانن کي هٿ ڪرڻ ۽ ورهائڻ وغيره. انهيءَ ڪري مسلمان انهيءَ نالي کي رواجي طرح ڪتب آڻڻ جي برخلاف پي رهيا آهن ۽ انهيءَ سبب ڪري عام مسلمانن ۽ عالمن ۾ سيد صاحب جي مخالفت وڌي ويئي. ان کان سواءِ سندن مريدن ۽ پوئلڳن زيادتين کان ڪم وٺي، کيس مهدي آخرالزمان سان تشبيهه ڏيڻ شروع ڪئي. مجدد ۽ مهدي اسلام جا نئين سر زنده ڪندڙ، رهبر پي تسليم ڪيا ويا آهن. سمجھيو ويندو آهي ته مجدد، هڪ هزار سال گذرڻ بعد جڏهن مسلمان مذهب کي وساري ڇڏيندا آهن ۽ مذهب ۾ ڪيئي بدعتون پئجي وينديو آهن، تڏهن مهدي پيدا ٿيندو آهي. ليڪن مهدي ڪم و بيش ساڳين مقصدن لاءِ، صرف هڪ دفعو پيدا ٿيڻ وارو آهي، جيتوڻيڪ انهيءَ دعواى سان اڄ تائين ڪيئي ماڻهو پيدا ٿي چڪا آهن. اهي تحريڪون موجوده زماني جي زبان ۾ پئن ـ اسلام ازم جي تحريڪ سان تشبيهه رکيندڙ ۽ هڪ ئي سلسلي جون ڪڙيون هيون، جن جو مکيه مقصد اهو پي رهيو آهي، ته مسلمانن کي منظم ڪري دنيا تي اسلام جو غلبو آڻجي.

    (ب) اورنگزيبي سياست

    مٿي ڏيکاري آيو آهيان ته، مهدي تحريڪ کان سواءِ سنڌ تي اورنگزيبي سياست جو وڏو اثر پيو، ان لاءِ اهو ضروري آهي ته ان سياست جا بنيادي اصول بيان ڪيا وڃن، جن جي آڌار تي ان کي قائم ڪيو ويو هو.

    1. هنن جو چوڻ هو ته، جنهن صورت ۾ پيغمبر اسلام آخري نبي ۽ سندس مذهب مڪمل دين آهي، تنهن صورت ۾ انسان ذات جي فلاح، بهبودي ۽ نجات صرف انهيءَ دين وسيلي ئي حاصل ٿي سگھندي. اهو مقصد تڏهن ئي حاصل ٿي سگهندو جڏهن انهن جي پوئلڳن کي خلافت يا اسلامي حڪومت جي ذريعي منظم ڪري غلبه اسلام آندو ويندو. انهيءَ قوم جي رهبري لاءِ آئين قرآن شريف جي بنياد تي هئڻ گھرجي ۽ ان جي سمجهاڻيءَ لاءِ سنت نبوي ڪافي آهي. تنهنڪري سياست کي مذهب کان ڌار نه ڪري سگهبو.
    2. انهيءَ دين جي مڃيندڙ يا پوئلڳن کي دنيا جي ٻين قومن کان جدا نسل، زبان، رنگ ۽ جاگرافي جي اختلافن جي ويڇي بنا، اعتقادن تي، هڪ ڌار قوم يا ملت ڪري رکڻو آهي. انهيءَ قوم يا موجوده زماني جي زبان ۾ ”پارٽي“ جي تنظيم، اصلاح ۽ ترقيءَ ۾ دنيا جي تعمير ۽ ترقيءَ جو راز سمايل آهي. تنهنڪري قومن جي اڳواڻي، رهبري ۽ حڪومت جو حق صرف انهيءَ کي ئي آهي ۽ ٻي ڪنهن قوم يا جماعت کي ملڪي معاملن ۾ دخل اندازي يا شموليت جو حق نه هئڻ گھرجي. اهو نظريو فسطائيت جا جزا رکندڙ هو.
    3. سندن نظر ۾ اسلام جا عالمگير اصول، عملي دنيا ۾ ڪا خاص صورت اختيار ڪري ڪين سگھندا، جيستائين انهن جي فروعات تي گھڻو توجھ نه ڏنو ويو آهي. جهڙي طرح ڪنهن به ملڪ جو آئين (ڪانسٽيٽيوشن) تڏهن ڪارگر سگھندو
    آهي، جڏهن ديواني ۽ فوجداري ڪاروبار هلائڻ لاءِ قاعدا قانون ٺاهي، ان تي عمل ڪيو ويندو آهي. تنهن ڪري فروعات دين يعني شرعي قانون تي توجھ ڏيڻ ازحد ضروري آهي. انهن جي ئي ذريعي اصول دين جي حفاظت ٿي سگھي ٿي ۽ مسلمانن جي ترقي ٿيندي.
    4.سندن رايو هو ته، جنهن صورت ۾ اسلام مڪمل دين آهي ۽ ان جا پوئلڳ جدا قوم ۽ هڪ خاص نصب العين جا مالڪ نه آهن ته ان حالت انهن لاءِ، آئين به خاص ۽ جدا هئڻ ضروري آهي، انساني عقل خام ۽ اڻپورو آهي، انهيءَ ڪري اهڙي خاص قوم جي لاءِ آئيني جوڙجڪ سواءِ الهامي ڪتاب جي، جو قرآن جي صورت ۾، انساني هدايت لاءِ آخري سند ٿي آيل آهي، ٻيو ڪوبه ٿي نه ٿو سگھي. اسلامي حڪومت جي رهبري لاءِ قرآن شريف ، سنت نبوي، روايات خلفاءِراشدين، مذهب ائمه سنت ۾ ڪافي مواد ۽ ذخيرو موجود آهي. تنهنڪري ڪنهن به قومي آئين ٺاهڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي.
    مختصر طور اورنگزيب جي ڏينهن ۾ اهي مسلمان جي جداگانه قومي نظرئي يا بنيادي اصول هئا
    کهڙن واري ميان عبدالرحمان بزرگ جا قتل به انهيءَ سلسلي جي ڪڙي هئا.
    آءٌ سمجهان ٿو ته، سنڌ اندر يا ٻاهر سياسي ۽ مذهبي نظرين جو بيان غير مڪمل رهجي ويندو جيڪڏهن آءٌ ٻن مکيه مسئلن، جن اسانجي سنڌي سياست تي گھڻو اثر ڪيو آهي، تن جي مختصر سمجھاڻي پيش نه ڪندس.

    1. مسئلهء وحدت الوجود
    2. مسئلهء وحدت الشهود

    1.مسئلهء وحدت الوجود

    مسلمانن ۾ انهيءَ نظرئي جو باني شيخ محي الدين محمد بن علي عرف ابن العربي هو. کيس شيخ الاڪبر به ڪري سڏيندا هئا. هو ڏکڻ اسپين ۾ مورثيا جي شهر ۾ 560هجريءَ مطابق 1164ع ۾ ڄائو هو ۽ حاتم طائي جي اولاد مان هو. هن 568هجريءَ ۾ پورچوگال جي موجوده گاديءِ واري شهر لزبن ۾ شيخ ابوبڪر بن خداف کان ابتدائي تعليم ورتي هئي. انهيءَ وقت اڀرندي اسپين جو گورنر سلطان محمد هو. ابن العربي ابتدائي تعليم وٺڻ کان پوءِ سيولي ويو، جتان ڪارڊووا ويو، ۽ اتي بيت المقدس مان ٿيندو، سير سفر ڪندو، اچي دمشق ۾ رهيو، جتي سنه 638هجري بمطابق 1240ع ۾ وفات ڪيائين.
    جبل قاضيون تي، قاضي محي الدين زڪي جي ”مقام“ منجھ دفن ٿيل آهي. ستينءَ صديءَ جي شروع ۾ جنهن اسلامي تصوف وارن نظرين وحدت الوجود جو بنياد ابن العربي وڌو هو. شاهه صاحب جي زماني ۾ سنڌ اندر ان نظرئي جا گھڻائي اثر رسوخ وارا درويش ۽ بزرگ ڦاٿل هئي، بلڪ وحدت الوجود جا علمبردار هئا. خصوصاَ محمد معين ٺٽوي، شاهه ولي الله دهلوي جو شاگرد، شاهه عنايت صوفي جھوڪ وارو، صاحبڏنو فقير درازن وارو، جن سان شاهه عبداللطيف ڀٽائي جون ملاقاتون ٿيل هيون، ۽ سندس وڏو ڏاڏو شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو خود وحدت الوجود جا قائل هئا. شاهه صاحب خود مثنوي مولانا روم پڙهندڙ هو، انهيءَ ۾ وحدت الوجود جو ذڪر هو.
    نظرئي وحدت الوجود کي همه ’اوست‘ به سڏيندا آهن. جنهن جو مطلب آهي ته جملي هستيءَ جو حقيقي بنياد ”هستي مطلق“ يا ”وجود ڪل“ آهي. اهو ”وجود ڪل“ ئي الله آهي ۽ ان کان سواءِ ڪابه چيز عالم ۾ موجود نه آهي، جملي ڪائنات سندس پرٿويءَ جو مظهر يا عڪس آهي. جنهن شيءِ کي ”عالم صفات“ ڪري سڏجي ٿو. ان کي ڪا جدا هستي نه آهي.
    جيئن ماڻهوءَ جو آئيني تي عڪس يا ڌرتيءَ تي پاڇولي يا سڏ جو پڙاڏو، ڪا جدا حيثيت ڪانه رکن ٿا، ان وانگر صفات پڻ بس ڪا جدا حيثيت نه ٿا رکن، بلڪ ذات حقيقي تي مدار رکندڙ ۽ عڪس مثل آهي. انهيءَ مسئلي جي فلسفيانه يا صوفيانه پهلوءَ جو بيان ڪرڻ اسان جي هن ڪتاب جو مقصد نه آهي، انڪري انکي ڇڏي هتي صرف هي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ته انهيءَ نظرئي جو اثر ملڪي سياست تي ڪهڙو ٿو پوي. جنهن صورت ۾ ان نظرئي مطابق وجود ڪل شيءِ جو هڪ ئي آهي، انڪري انجي مڃيندڙن جي رهبر پاليسي محبت ۽ ميلاپ رهي ٿي، ۽ نه نفرت نفاق. اهو فلسفهء ”عالم ڪثرت“ جي ظاهري اختلافن جي پويان، هڪ لڪل يڪ جووي جو راز کولي ظاهر ڪري ٿو.
    اهو مذهب جي اختلافن، سچ ۽ ڪوڙ، سزا ۽ جزا، نفع ۽ نقصان، گناهه ۽ ثواب وغيره جي ظاهري تفاوت تي هڪ اهڙي نموني جي روشني وجھي ٿو، جنهنڪري انهن جي صورت ئي بدلجي ٻي ٿيو وڃي. مذهبي حڪومت جي طرفدارن ڪٽر ملن ۽ مولوين هميشه ان کي خطري جي نگاهه سان ڏسي، ان جي مخالفت پي ڪئي آهي، اهو نظريو جيتوڻيڪ محبت ۽ ميلاپ، فراخدلي ۽ ترقي پسند خيالن جو پيدا ڪندڙ آهي، ليڪن هر شيءِ حد کان وڌي وڃڻ جي حالت ۾ صحيح طرح استعمال نه ڪرڻ ڪري، فائدي بدران نقصان ڪري ٿي. اهڙيءَ طرح سان هن نظرئي جي غلط استعمال جي ڪري دهريت، بت پرستي، لاديني، انرڪزم (يعني ڪنهن به پابنديءَ کي نه قبولڻ) پيدا ٿين ٿا.
    جڏهن مذهب جا طرفدار مذهب جي نالي کي غلط طرح استعمال ڪن ٿا، ۽ انڪري گھڻا ظلم ۽ خرابيون پيدا ٿين ٿيون، تڏهن ان جي رد عمل ۾ وحدت الوجودي پيدا ٿين ٿا. سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي، مذهب کي غلط نموني استعمال ڪرڻ جي ڪري، ان جي مخالفت ۾ هڪ اهڙو گروهه پيدا ٿي پيو، جو کليو کلايو مذهبي پابندين ۽ اعتقادن جي برخلافي ڪرڻ لڳو. انهيءَ وقت جي شاعرن جي ڪلام مان هيٺيان اقتباس ان جي ثابتي ڏين ٿا.

    ”جڏان منبر، مسجد، مناري ويران نه ٿيسين،
    حال حقاني ميان سچو حاصل نه ٿيوي“
    (سچل)

    ”هڪ هندو ٻيو مسلمان ٽيون وچ وڌئون وير
    انڌن اوندهه نه لهيتن کي سچ چوندو ڪير“
    (سچل)

    ”بهشت دلاسو، دوزخ دڙڪو
    ڪوڙي سامي، تنهن جو ڪوڙو ڪڙڪو“
    (شاهه نصير)

    2) مسئلهء وحدت الشهود

    هن جو ٻيو نالو ”همه از اوست“ جو نظريو آهي. هن مطابق توڙي جو جملي هستيءَ جو بنياد وجود ڪل (خدا) آهي، ليڪن پيدا ٿيڻ کان بعد عالم ناسوت (مادي دنيا) به پنهنجي هستي رکي ٿو.
    هستي مطلق (خدا) پاڪ ۽ اعلى آهي. عالم صفات سان انکي تشبيهه ڏئي نه ٿي سگھجي. مادو پنهنجي دائري اثر هيٺ قادر آهي. انهيءَ مسئلي جي فلسفيانه باريڪ بينين کي ڇڏي آءٌ هتي ان جي سياست جي اثر جي باري بابت روشني وجھڻ جي ڪوشش ڪندس. انهيءَ نظرئي جي ڪري هر شيءِ جا ٻه پهلو ٿين ٿا. هڪ طرف جي روح آهي ته ٻئي طرف مادو آهي. سچ آهي ته ڪوڙ به آهي. جي ثواب آهي ته گناهه به آهي. تنهنڪري نفعو ۽ نقصان. سزا ۽ جزا به لازمي شيون ٿيو پون. انڪري جماعت انسانيءَ کي انهيءَ گمراهيءَ مان ڪڍي راهه ثواب ۽ حق طرف هلائڻ جي لاءِ مذهبي شريعت ۽ جماعتي قاعدن ۽ قانونن جي ضرورت پوي ٿي. اهو فلسفو عالم وحدت جي يڪ وجودگيءَ جي باوجود عالم ڪثرت جي ظاهري اصولن کي هڪ حقيقت ڪري مڃيو وڃي ٿو. ان مطابق ”سو پرين سو پساهه“ ۽ سو ”ويري سو واهرو“ نه آهي. اتي محبت سان گڏ ڪلفت کي به جاءِ آهي. جيتوڻيڪ اهو نقطه نگاهه به هڪ حد تائين پنهنجي اندر ڪي خاصيتون رکي ٿو، مگر جي ان کي بنيادي طرح ڏسڻ جي ڪوشش ڪبي ته اهو دوئي ڏي ڇڪيندڙ آهي. جيئن انسان اڪثر افراتفري جو شڪار پي رهيو آهي، تيئن هن نظرئي جو ملڪي سياست تي غلط نموني اثر پي پيو آهي، جنهن جي نتيجي ڪري ملڪ ۾ مذهبن جي اختلاف نسلي ۽ ملڪي امتيازات، فرقي بنديون، نفرت، تعصب قانون انڌاـ ڌنڌ مذهبي شريعتن جي تقليد. فسطائيت (ڊڪٽيٽرشپ) پي پيدا ٿيا آهن. آزاد راءِ جمهوريت ۽ وسيع النظري کي گھڻو نقصان پي پهتو آهي.
    دنيا ۾ جڏهن شخصي آزاديءَ جو ايتري قدر ناجائز فائدو ورتو وڃي ٿو، جو جماعتي اخلاق ختم ٿيڻ کي اچيو ويجھوپئي ۽ ڇڙواڳي ايتري قدر زور وٺيووڃي، جو ساري اجتماعي زندگي پرزه پرزه ٿيو پوي ۽ جڏهن ڪشاده خياليءَ جي نالي ۾ مفاد عام جو خيال نه رکي، هر چيز کي جائز قرار ڏنو وڃي ٿو ته ان جي رد عمل ۾، مذهبي ڪٽر پڻو ۽ فسطائيت منهن ڪڍن ٿا، ۽ مذهب ۽ قوم جي نالي ۾ چند ماڻهو عجيب غريب ڪم ڪن ٿا.
    شاهه صاحب جي زماني ۾، ڪلهوڙن جي مذهبي حڪومت انهيءِ نقطه نگاهه جي پيدائش هئي. شخصي اعتقادن يا راين جي اختلاف تي به حاڪم ڪاوڙجي ويندا هئا ۽ مذهب جي نالي ۾ مخالفن کي موت جي سزا تائين سزائون ڏنيون وينديون هيون. غير مسلمانن کي زوريءَ مسلمان ڪرائڻ هڪ دستور بڻجي ويو هو. مذهبي تعصب وڌي ويل هيو. مذهبي آزادي يا اعتقادي اختلاف برداشت نه ڪيا ويندا هئا. مذهب اسلام انجي بنيادي اصولن کان هيٺ لهي، فروعات ۽ فرقه بنديءَ جو شڪار بنجي پيو هو.
    مسئلهء وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود جي هن مختصر سمجھاڻي پيش ڪرڻ بعد، آءٌ شاهه صاحب جي زماني ۾ اهل طريقت جي هيٺين مکيه طريقن يعني :

    1) قادري
    2) چشتي
    3) سهروردي
    4) نقشبندي
    جو مختصر احوال پڙهندڙن جي معلومات لاءِ پيش ڪندس.

    1. قادري طريقو

    هن طريقي جو باني شيخ محي الدين ابو محمد عبدالقادر بن ابي صالح موسى جيلاني آهي، جو سنه 470 هجري مطابق سنه 1077ع ۾ ڄائو هو، ۽ سنه 561 هجري مطابق 1166ع ۾ وفات ڪئي هئائين. سندس مقبرو بغداد ۾ آهي، ۽ کيس عام طرح سان ”بادشاهه پير“ جي لقب سان سڏيو ويندو آهي. عنيةالطالبين، فتوح الغيب ۽ مجالس ستين، سندس مکيه تصنيفون آهن. جن ۾ قادري طريقي جو تفصيلي ذڪر آيل آهي. انهيءَ طريقي جا پوئلڳ اڪثر وحدت الوجودي آهن.
    هي حسيني ساداتن مان هو ۽ عباسين جي حڪومت جي زماني ۾ پيدا ٿيو. ڪربلا جي واقعي کان وٺي بني اميه ۽ بني عباس حاڪم، بني فاطمين کي شڪي نگاهه سان ڏسندا هئا ۽ انهن تي سختيون ڪندا هئا. ڇاڪاڻ ته انهن مان کين سياسي خطرو هوندو هيو. ”بادشاهه پير“ پهريون ئي سادات هيو، جنهن مان بني عباس حاڪم راضي هئا. انهيءَ جو مکيه ڪارڻ اهو هو ته هي صاحب سياست کان عليحدو ٿي، ماڻهن جي تزڪيه نفس (اندر جي اجارڻ) ذريعي صلاحيت (سڌاري ڪرڻ) جو قائل بڻيو ۽ مذهب کي سياست کان عليحده رکڻ جي ڪوشش ڪيائين. سنڌ ۾ ان وقت عباسي حاڪمن جي حڪومت ختم ٿي چڪي هئي. ليڪن علمي ۽ روحاني لاڳاپا جاري ها. ان ڪري سنڌ ۾ قادري طريقي جو گھڻو اثر پيو.
    سنڌ ۾ جيلاني پيرن کان سواءِ جي سڀ انهيءِ طريقي جا پوئلڳ آهن، ٻيا به ڪيترائي بزرگ انهيءِ طريقي سان واسطو رکندڙ آهن. راشدي خاندان. شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو ۽ انڪري شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ صوفي حضرات انهيءَ سلسلي سان واسطو رکندر هئا.

    انهيءِ طريقي جون مکيه ڳالهيون هيٺيون آهن.

    1) برن ڪمن جي ڪرڻ کان توبهه ڪري، اخلاقن کي درست ڪرڻ جي لاءِ، سچيءَ دل سان مرشد جي هٿ تي بعيت ڪرڻ.
    2) اعمالن جي درستگيءَ سان گڏ تزڪيه نفس لاءِ عبادت ڪرڻ ۽ وڏي آواز سان الله جي نالي جو ذڪر ڪرڻ.
    3) مسلمانن جي جماعتي نظام ۽ معاشرتي ترقي، پاڻ سڃاڻڻ، اندر اجارڻ، اخلاق درست ڪرڻ ۽ سلسلي طريقت جي ذريعي حاصل ٿي سگھندو، ۽ نه حڪومت جي دٻاءَ وسيلي. انهن ڳالهين جو سياست تي اهو اثر پوي ٿو ته، مخلص ڪارڪنن جو هڪ گروهه حڪومتي ڪاروبار کان عليحدو ٿي، ماڻهن کي اشرف المخلوقات جو صحيح نمونو بنائڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري ٿو. قادري طريقو عبادت ۽ رياضت طرف مائل ڪري سياسي مها ڄار کان علحدگي جا اثر پيدا ڪري ٿو.س

    2. چشتي طريقو

    هن طريقي جو باني خواح معين الدين محمد حسن چشتي هو، جو سنه 537 هجري مطابق 1142ع ۾ سجتان ۾ ڄائو، وڏي ٿيڻ بعد هن سمرقند ۾ وڃي دنياوي علم حاصل ڪيو. اتان هارون جي ڳوٺ ۾ اچي ڪري حضرت شيخ عثمان هاروني کان سلسلهء طريقت ۾ بيعت ڪري فيض ياب ٿيو. مرشد سان گڏ گھڻن شهرن جو سير ڪيائين. انهيءَ سير ۽ سياحت جي دوران هن بغداد ۾ شيخ نجم الدين ڪبرى ڪبروي طريقي جي شيخ، حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني ۽ شيخ شهاب الدين سهروردي سان ملاقاتون ڪيون. اتان خراسان ۽ دهلي جو سير ڪندو، آخر اچي اجمير جي شهر ۾ رهيو، ۽ اتي ئي سنه 633هجريءَ مطابق سنه 1236ع ۾ وفات ڪيائين. سندس سلسله طريقت جو جيتوڻيڪ سڌيءَ طرح سنڌ تي گھڻو اثر نه پيو ليڪن جيئن ته ساري هندوستان تي سندس سلسله طريقت جو خاص اثر پيو، انڪري سنڌ به اڻسڌيءَ طرح ان کان مستفيد ٿيندي رهي.
    سندس سلسله جو اثر مغل شهنشاهن تي گھڻو پيو ۽ انهن مان پهرين جي سياست ته انهيءَ رنگ ۾ رنڱجي ويئي.
    چشتي طريقي جون مکيه ڳالهيون هيٺيون آهن.

    1) ظاهري ۽ باطني اخلاق درست ڪرڻ.
    2) فروعات کان وڌيڪ مذهب جي بنيادي اصولن تي زور ڏيڻ.
    3) سچ جي ڳولا هر جاءِ ۽ هر هنڌ ڪرڻ.
    4) خلق خدا کي خُلق ۽ محبت جي رستي نيڪي ۽ اصلاح جي رستي تي هلڻ لاءِ ڇڪڻ.

    اڪبري سياست جو بنياد انهيءَ سلسلي طريقت جي اثر هيٺ ئي پيو. شاهه صاحب تي انهيءَ سلسلي جي ڪيترن ئي ڳالهين جو اثر پيل ٿو ڏسجي. راڳ، سرود، پيغام، محبت فرقه بنديءَ کان پاسو وغيره سڀ چشتي فيض جون حاصلات هيون.

    3. سهروردي طريقو

    هن طريقي جو باني شيخ عبدالمجيب سهروردي هيو. سنددس نالو عبدالقادر ڪنيت ابوالنجيب ۽ لقب ضياءُالدين ۽ نجيب الدين هئا. هو صديقي خاندان مان هيو، سنهه 491 هجري مطابق 1097ع ۾ سهرورد شهر ۾ ڄائوهو، ۽ ٻاهتر سال جي عمر ۾ سنه 563 هجري مطابق 1168ع ۾ شهر بغداد ۾ وفات ڪيائين. هن سندس چاچي ابو حفض وجيهه الدين سهروردي ـ امام محمد غزالي مشهور عالم جي ڀاءُ امام احمد غزالي، شيخ حماد، شيخ محي الدين عبدالقادر جيلاني جي صحبتن مان فيض پرايو. ظاهري علم بغداد جي نظاميه درسگاهه مان حاصل ڪيائين. هو ڪو وقت انهيءَ وڏيءَ درسگاهه جو مدرس پڻ ٿي رهيو. سندس ڪيترا خليفا ٿي گذريا آهن، جن جي نالن ٿي سهروردي طريقي جون شاخون نڪتيون ۽ ملڪان ملڪ پکڙيون. جن مان مکيه شاخون هي آهن.

    1. شهابيه سهرورديه :
    هن شاخ جو باني شيخ شهاب الدين سهروردي هو، جنهن جو مکيه خليفه شيخ بهاؤالدين ذڪريا ملتاني ٿيو. مخدوم نوح جو پڻ تعلق ان شاخ سان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انهي سلسلي جو غوث بهاؤالحق ۽ مخدوم نوح ذريعي سنڌ تي گھڻو اثر پيو.

    2. ڪبرويه سهرورديه :
    هن شاخ جو باني شيخ نجم الدين ڪبرى هو جنهن سلسلي سان واسطو رکندڙ لنواري واري بزرگن جا وڏا ۽ مظدوم بلاول هئا.

    3. فردوسيه سهرورديه :
    هن شاخ جو باني شيخ نجيب الدين فردوسي هيو، جو ٽن واسطن سان شيخ نجم الدين فردوسي ڪبرى سان وڃي ملي ٿو.

    4. مولويه روميه سهرورديه :
    هن سلسلي جو باني مولانا روم (صاهب مثنوي) آهي. جو هڪ نسبت سان ڪبرويه ۽ ٻي نسبت سان حضرت قطب الدين ابهري جي واسطي سان حضرت ابو نجيب تائين پهچي ٿو.

    5. جلال بخاريه سهرورديه :
    هي شاخ مخدوم جهانيان سيد جلال بخاري جي نالي سان منسوب آهي. هي سلسلو حضرت غوث بهاؤالحق ذڪريا جي واسطي سان ابو نجيب سهرورديءَ تائين پهچي ٿو. هن سلسلي جا پوئلڳ پڻ سنڌ ۾ گھڻا آهن. ڪي اڄ جي درگاهه سان واسطو رکندڙ آهن، ته ڪي انهيءَ ڪٽنب جي شاخ حضرت قطب الدين جهانيا پوٽا حيدرآباد سان واسطو رکندڙ آهن.

    6. صفويه سهرورديه :
    هي سلسلو شيخ صفي الدين اردبيلي جي نالي سان منسوب آهي، جو چئن واسطن سان حضرت قطب الدين ابهري جي وسيلي شيخ ابو نجيب تائين پهچي ٿو.

    7. خلوتيه سهرورديه :
    هي شاخ شيخ محمد خلوتي جي نالي سان منسوب آهي.

    8. شطاريه سهرورديه :
    هي شاخ حضرت عبدالله شطار جي نالي سان منسوب آهي.

    9. ابراهيم سوقيه سهرورديه :
    هي شاخ حضرت ابراهيم وسوقي قطب مصري جي نالي سان منسوب آهي.

    10. رسول شاهيه سهرورديه :
    هي شاخ سيد رسول شاهه، خليفه حضرت جهانيا جي نالي سان منسوب آهي.

    11. سدا سهاگيهه سهرورديه :
    هي شاخ حضرت شاهه موسى سدا سهاڳ احمد آبادي المتوفي سنه 852 هجري جي نالي سان منسوب آهي، جو حضرت ابراهيم سيد جي واسطي سان شيخ ابو نجيب تائين پهچي ٿو.

    هن طريقي ۾ مکيه ڳالهيون هيٺيون آهن.

    ذڪر ــ سماع ــ رقص ــ راڳ جو ٻڌڻ ــ وجد ۾ اچڻ ، سياسي نقطه نگاهه کان هن طريقي جا اڪثر مشائخ حڪومت وقت سان دوست پي رهيا آهن، سنڌ ۾ هن سلسله طريقت جو گھڻو اثر پي رهيو آهي.

    4. نقشبندي طريقي

    هن طريقي جو باني محمد بن محمد خواجا بهاؤالدين نقشبندي جو بخارا جي شهر ۾ سنه 768هجري مطابق 1327ع ۾ ڄائو، ۽ اتي 791 هجريءَ مطابق 1388 ۾ وفات ڪيائين. هندوستان ۾ انهيءَ طريقي خواجا باقي باالله ۽ امام احمد رباني مجدد الف ثاني سرهندي جي ڪري زور ورتو.
    سنڌ ۾ شاهه صاحب جي زماني کان ٿورو اڳ انهيءَ سلسلي طريقت جو چڱو اثر پيدا ٿيو. مخدوم آدم ٺٽوي، مخدوم ابوالقاسم، مخدوم محمد زمان لونواريءَ وارو، سندس خليفه ميان عبدالرحيم گرهوڙي، مخدوم محمد معين ٺٽوي، سيد محمد بقا لڪياري ڪن واسطن سان ۽ حضرت سرهندي انهيءَ سلسلي طريقت جا مکيه بزرگ هئا.
    هن طريقه جون مکيه ڳالهيون هيٺيون آهن.

    تزڪيه نفس جي لاءِ شريعت جي پابندي، خفي (ڳجهو)ذڪر ۽ مراقبو ڪرڻ.
    احڪام مذهبي رائج ڪرڻ لاءِ منظم طريقي سان ڪوشش ڪرڻ. انهيءَ طريقي جو هندوستان خواهه سنڌ جي سياست تي گھڻو اثر پيو. هندوستان ۾ اورنگزيبي سياسيت ۽ سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي مذهبي حڪومت تي انهيءَ طريقي جي بانين جي مذهبي خيلات گھڻو اثر وڌو.
    مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جيڪي مذهبي احڪامن لاءِ فرمان حڪومت کان جاري ڪرايا (جن مان مذهب مان بدعتن جي دور ڪرڻ، صورت ۽ سيرت شريعت موافق گذارڻ لاءِ حڪم ٿيل هئا) سي به انهيءَ سلسلي جون ڪڙيون هيون.


    4. جن بزرگن سان شاهه صاحب مليو انهن جو مختصر احوال

    جن بزرگن سان شاهه صاحب ملاقاتون ڪيون هيون، تن جا نالا ۽ مختصر احوال اگرچ پهرين فصل ۾ اچي چڪو آهي، ليڪن شاهه صاحب جي زندگيءَ تي انهن جي صحبتن جا ڪهڙو اثر پيو، ان ڪري هيٺ ذرا وڌيڪ تفصيل سان انهن جو حال ۽ طريقن جو ذڪر پيش ڪجي ٿو، ته ناظرينن کي شاهه صاهب تي جن ڳالهين جو اثر پيو، انهن کي معلوم ڪرڻ بعد شاهه صاحب جي ڪلام کي سمجھڻ ۾ سهولت ٿئي. انهن مان مکيه هي هئا.

    1. شاهه عنايت صوفي
    2. مخدوم محمد معين ٺٽوي
    3. مخدوم محمدي کهڙن وارو
    4. صاحبڏنو فقير درازن وارو
    5. مخدوم محمد زمان لنواريءَ وارو
    6. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
    7. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي
    8. مدن ڀڳت ۽ ڪي هندو يوڳي

    از انسواءِ ٻيا ٽي بزرگ جن کي اگرچ پاڻ مليو ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته هو گھڻو وقت اڳ گذر ڪري ويا هيا، پر انهن جي تعليمات مٿس خاص اثر ڪيو ٿو ڏسجي، تنهن ڪري انهن جو مختصر ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي. اهي بزرگ هيٺيان آهن.
    • مخدوم بلاول
    • مخدوم نوح
    • شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو

    1. شاهه عنايت صوفي
    شاهه عنايت الله ولد مخدوم فضل الله سنڌ جي مشهور درويش مخدوم صدو لانگاهه جي اولاد مان هو، هي درويش ميران پور جي ڳوٺ ۾ رهندو هيو، جو ميرپور، بٺورو تعلقي جي هاڻوڪي جھوڪ جي ڳوٺ جي ويجھو هو. هي صاحب مخدوم عبدالملڪ برهانپوري، قادري طريقي جو مريد هيو، جو شاهه عبيدالله جيلاني جو فرزند هيو. هو شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي اولاد مان قادري طريقي جو بزرگ هيو. شاهه عبداللطيف پنهنجي ڦوهه جوانيءَ جي وقت ۾ صوفي صاحب جي بزرگيءَ ۽ درويشيءَ جي هاڪ ٻڌي، سندس سان ملاقات ڪئي ٿي ڏسجي. ميران پور جو ڳوٺ، شاهه عبدالڪريم جي مزار واري ڳوٺ بلڙيءَ کان ڏيڍ ميل پنڌ تي هيو، انڪري به کيس شاهه عنايت سان ملڻ جا موقعا پئي مليا، جو شاهه صاحب اڪثر پنهنجي ڏاڏي جي درگاهه تي زيارت لاءِ ايندڙ هيو. شاهه عنايت جي ياد خدا ۽ فيض عام جي شهرت جڏهن وڌي ويئي ته چؤطرف ماڻهو، جوق در جوق انهيءَ چشم شِيرين مان سيراب ٿيڻ جي لاءِ گڏ ٿيڻ لڳا، جنهن ڳالهه آس پاس جي زميندارن، عالمن ۽ پيرن ۾ حسد پيدا ڪري وڌو. انهن مان مکي وڏيرو نور محمد پليجو ۽ حمل خان جت ۽ سيد عبدالواسع سجاده نشين، درگاهه شاهه عبدالڪريم هئا. معلوم ائين ٿئي ٿو ته صاحبڏنو فقير درازن وارو، جو مخدوم عبدالملڪ جي والد شاهه عبيدالله جو مريد هيو، ۽ شاهه عنايت، جو هڪ چشمي مان فيض حاصل ڪيو هو. صاحب ڏنو فقير جي پوٽي سچل فقير جي ڪلام کي (جو اسان وٽ پورو پهچي سگھيو آهي) ڏسڻ مان پورو پتو پوي ٿو ته اهي شيخ فريدالدين عطار جي سلسلهء تصوف جا قائل هيا. اهڙا حوالاسندسن ديوان آشڪار مان گھڻا ملي سگھن ٿا. صوفي صاحب جي تعليم تنگ خيال ۽ مذهبي ڪٽرپڻي جي برخلاف کليو چيلينج هيو. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انهيءَ وقت ڌاري ملن ۽ پيرن شريعت ۽ طريقت کي پنهنجي طاقت ۽ اقتدار هٿ ڪرڻ جي لاءِ رانديڪو کڻي بنايو هيو، جنهنڪري صوفي صاحب جهڙن آزاد خيالن بزرگن کي انهيءَ ڍونگ جي برخلاف کلي بغات جو اعلان ڪرڻو پيو، بدقسمتيءَ سان صوفي صاحب جي احوال بابت گھڻو ذخيرو ملي نه ٿو سگھي، جنهن سان سندس حياتيءَ تي پوري روشني پئجي سگھي. تنهن هوندي به تاريخ تحفةالڪرام، مقالات شعراءِ، سندس هم مشرف صوفين جو ڪلام ۽ مڪاني معلومات مان جيڪي ڪجھ معلوم ٿي سگھيو آهي، تنهن جي آڌار تي هيٺيان نتيجا اخذ ڪري سگھيو آهيان.
    صوفي صاحب توڙي جو پاڻ به شاعر هيو، ليڪن سندس ڪلام سواءِ، چند بيتن جي اڃا تائين منهنجي نظر تي چڙهي نه سگھيو آهي، ليڪن هن ڳالهه کان انڪار ٿي نه ٿو سگھي، ته هو مسئلا وحدت الوجود يا همه اوست جو قائل هيو. انهيءَ نظرئي جا پوئلڳ ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويا. هڪڙا انهيءَ نظريي جا باني شيخ الاڪبرمحي الدين ابن عربيءَ جي فلسفي (جو سنڌ ۾ شاهه ولي الله دهلوي ۽ ٻين قادري ۽ سهروردي طريقن جي بزرگن جي وسيلي پکڙيو) جا قائل هيا ۽ ٻيا منصور بن حلاج جي نقطه نگاهه (جو شيخ فريد الدين عطار ۽ شمس تبريز جي معرفت سنڌ ۾ پکڙيو) جا پوئلڳ هيا. اگرچه خود شيخ ابن عربيءَ تي به منصوري خيال جو گھڻو اثر هيو، ليڪن انهيءَ نقطه نگاهه کي باريڪ نظر سان ڏسبو ته تفاوت معلوم ٿي ويندو. منصور جو چوڻ هيو ته ”ذات ساڳي صفات آهي“ ۽ ”آءٌ خود حق آهيان ۽ انهيءَ ڪري ڪڏهن به حق کان جدا نه آهيان“. هو خدا کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته ؛ ”مون ۾ ۽ تو ۾ ڪوئي به تفاوت نه آهي، سواءِ هن ڳالهه جي ته تنهنجو نالو خدا آهي.“ هڪ هنڌ چوي ٿو ته، ”اهو ڪير آهي؟ اهو آءٌ آهيان، مون ۾ ۽ تو ۾ ڪوبه تفاوت نه آهي سواءِ عارضي ۽ دائمي جي“.
    سندس انهيءَ راءِ مان معلوم ٿيندو ته انسان ۾ ذات ۽ صفات جي جداگانه حيثيت قبول ڪرڻ جي باوجود به، هو ڪن حالتن هيٺ، ان کي گڏي ٿو، انهن حالتن هيٺ، سندس نظرئي مطابق صفات پاڻ کي ذات سڏي سگھي ٿي.
    ابن عربي انهيءَ نموني ذات ۽ صفات جو گڏجڻ قبول ڪري ٿو، ليڪن حلول ۽ الوهيت جو قائل نه آهي. هي هڪ هستيءَ مطلق کي ٻن نقطه نگاهن سان ڏسي ٿو پر ٻنهي جو تفاوت سندس اکين جي اڳيان چٽو آهي. منصور جي نعره ”انا الحق“ بابت هو چوي ٿو ته :
    ”انا سرالحق ما الحق انا“ يعني ”آءٌ حق جو ڳجھ آهيان پر خود حق نه آهيان“. ڳجھ مان سندس مطلب ذات جو مظهري جلوو آهي، جنهن ۾ حق ڇپيل رهي ٿو، ليڪن ٻئي طرف هميشه موجود رهن ٿا ۽ اهو چوڻ اجايو ٿيندو ته هڪ ٻيو ٿي پوي ٿو.
    صوفي صاحب منصوري نقطه نگاهه جو هيو. باوجود پرهيزگار، خدا ترس ۽ عبادت گذار هئڻ جي، هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو، جو ملن جي تخيل واري مذهب جي خلاف کلي بغاوت تصور ڪيو ويو. هر انتها پسند صوفي فطرتاً ”انارڪسٽ“ آهي. هو سوسائٽي (جماعت) جي قانون ۽ پابندين جو محتاج رهڻ نه ٿو گھري، هن جي خيال موجب قانون سندس فائدي جي لاءِ ٺاهيا ويا آهن. هو قانونن جي مقصدن ۽ مرادن تي نظر ڪري ٿو ته قانونن کي، پنهنجي تخليق سمجھي ٿو. مذهب حڪومت ۽ ملڪي رسم و رواج جي قيدن کان پاڻ کي آزاد ٿو سمجهي. ”همه اوست“ جي عالم ۾، هن وقت ڪوڙ ۽ سچ، گناهه ۽ ثواب، نفعي ۽ نقصان جا تفاوت گم ٿيو وڃن. تنهن ڪري سزا ۽ جزا جا سوال هن وٽ رهن ئي ڪين ٿا. هو محويت جي عالم ۾ رهي ٿو ۽ هو نه ڪنهن سان واسطو رکڻ گھري ٿو، نڪو ٻئي جي دستورن جو محتاج ٿيڻ گھري ٿو، صوفي اگرچه بيزر ۽ مونن ۾ منهن وجھي گذارڻ وارا آهن، ليڪن هر منظم طريقي جي مدارالمهمان ملن، حاڪمن ، پيرن انهن جي تعليم ۾ خطرو پئي محسوس ڪيو آهي. جيڪڏهن غور سان شاهه عنايت جي زندگيءَ تي نظر ڪبي ته ڏسڻ ۾ ايندو ته هن سنڌي سوسائٽيءَ ۾ اهو انقلاب پئي آڻڻ گھريو، جو ان وقت جي قبول ڪيل نظرين، دستورن ۽ قانونن جي پاڙ پٽي ڇڏي ها. تنهن ڪري انهيءَ وقت جي وڏيرن، ملن، پيرن ۽ حاڪمن جا خوف ۽ خطرا سندس نقطه نگاهه ۾ حق به جانب هئا. ۽ هنن ملي جلي دهليءَ جي بادشاهه فرخ سير جي طرفان، سنڌ ۾ مقرر ڪيل نواب اعظم خان کي صوفي صاحب جي برخلاف بدظن ڪري، فرخ سير بادشاهه کان هن جي ختم ڪرڻ جي اجازت گھرائي. جيتوڻيڪ ته پوري طرح حقيقتون معلوم ٿي نه سگھيون آهن، پر جيتري قدر معلوم ٿي سگهيو آهي، منهنجي نظر ۾ صوفي صاحب جا هيٺيان ڪم سندس ان مخالفت جو ڪارڻ بڻيا.

    1. انهيءَ وقت ملن جي تخيل واري شريعتي پابندي ۽ اعتقادن ۽ وقت جي پيرن جي رائج ڪيل سلسلا پيريءَ مرشديءَ کي نه مڃڻ ۽ آزاد خيالن جو پرچار ڪرڻ.
    2. مذهبي فرقن کي ٽوڙي آزاد خيال لاڳاپن جي بنياد تي بنا تفاوت مذهب، فقي، ذات ۽ طبقي جي، پنهنجي جماعت ٺاهڻ جنهنڪري موجوده مذهبن جي اثر ۽ اقتدارن کي نقصان پهچڻ جو انديشو محسوس ڪيو ويو.
    3. پنهنجي جماعت جو ويس هڪ اهڙي رنگ جو ڪرڻ، جيڪو هندو سنياسي يا بڌ ڌرم جا لاما ڪندڙ هيا. يعني گيڙو ويس. انهيءَ ويس جي لاءِ مسلمان ملن کي خاص تعصب هيو.
    4. صوفي جماعت وارن جو حڪومت کي ڍلن ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ، انهيءَ جي لاءِ عذر، اهو ڏنو ويو ته، اهي زمينون کين سندس نقصان جي عيوض مليل هيون، جي انعام طور ڪري شمار ٿيڻ گھرجن.
    5. هو ان راءِ جا هيا ته ماڻهن جا شخصي اعتقاد، جن تي هو غور ۽ فڪر بعد، صداقت سان پهتل هجن، سندن خانگي معاملات هيا. سوسائٽي ۽ حڪومت ۾ انهن کي دست اندازي ڪرڻ جو ڪوبه حق ڪونه آهي.

    انهن سڀني ڳالهين جو نتيجو اهو ٿيو، جو سنڌ جي ڳچ حصي جا ملان، پير، زميندار سندن برخلاف ٿي پيا ۽ ميان يارمحمد ڪلهوڙي جي رهبريءَ هيٺ، دهليءَ جي بادشاهه جي حڪم ۽ سندس ٺٽي واري نواب جي مدد سان، هڪ لشڪر صوفي صاحب تي ڪاهه ڪري ويو ۽ ڇهن مهينن تائين صوفي صاحب جا مريد ۽ فقير مقابلو ڪندا رهيا. آخر ميان يار محمد ڪلهوڙي ۽ مير شهداد خان ٽالپر قسم ۽ واعدا ڏيئي صوفي صاحب کي ٺٽي جي نواب جي درٻار ۾ وٺي آيا، جتي ڪجھ بحث مباحثي بعد مولين کان فتوى وٺي، مذهب جي بهاني تي هن کي قتل ڪرايو ويو. اهو واقعو سنه 1130 هجريءَ مطابق سنه 1721ع ۾ سرزرد ٿيو. شاهه صاحب تي شاهه عنايت جي تعليم جو گھڻو اثر ٿيو ٿو ڏسجي. پاڻ چوي ٿو ته :

    صوفي لاڪوفي، ڪونه ڀانيئس ڪير،
    منجھائيءَ منجھ وڙهي، پڌر نه آهس پير،
    جنين ساڻس وير، هي تنين جو واهرو.

    ٻئي هنڌ اهڙن ماڻهن جي مخالفن کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته :

    سڀت پچار پرينءَ جي، سڀت هوت حضور،
    ملڪ مڙئي منصور، ڪهي ڪهندين ڪيترا.

    صوفي صاحب جي شهادت وقت شاهه صاحب 28 سالن جي عمر جو هو، چوڻ ۾ اچي ٿو ته ان واقعي مٿس ايترو ته اثر ڪيو، جو رام ڪلي سُر جا 8 بيت انهيءَ جي درد ۾ مرثيي طور چيا اٿس. انهن بيتن مان هڪ هيٺيون آهي.

    اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،
    آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
    جي جيءَ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا.

    (شاهه)

    2. مخدوم محمد معين ٺٽوي
    محمد معين ولد محمد امين قوم، دل، ٺٽي جي قديم ملن جي خاندان مان هيو. سندس والد امين، مشهور شاعر مير فاضل خان جي گھراڻي مان شادي ڪئي. ان مان يارهين صدي هجريءَ جي آخر ۾ محمد معين پيدا ٿيو. هن اول ٺٽي جي مدرسن ۾تعليم حاصل ڪئي، پوءِ اتان دهليءَ وڃي شاهه عبدالرحيم ۽ سندس فرزند شاهه ولي الله دهلوي جي خدمت ۾ وڌيڪ علم پرايائين، اتان موٽڻ بعد سنڌ ۾ محدث ۽ غير مقلد عالم ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. انکان پوءِ هن جي شهرت چؤطرف پکڙجڻ لڳي. هو صوفي، محدث، شاعر، فلسفي ۽ فاضل ترين عالم هيو. سندس ٻيو نالو مخدوم ٺارو هيو. صوفيانه مسلڪ ۾ محي الدين ابن عربيءَ جو تابع هيو. هن پنهنجي تصنيفات ۾ اڪثر ابن عربيءَ جو نالو حوالي طور ڏنو آهي. علامه معين ڪن خيالن ۾ تفصيلي شيعن جو حامي هيو. هو طريقت ۾ شيخ ابوالقاسم نقشبندي (جو مخدوم آدم جي واسطي سان امام رباني جي سلسلي سان ملحق هو) جو مريد هيو.
    مخدوم محمد هاشم اگرچه علامه معين صاحب جو شاگرد هيو، ليڪن ٻنهي جي خيالن ۾ اختلاف هوندا هئا.
    علامه صاحب باوجود محدث ۽ نقشبندي هئڻ جي به راڳ ۽ سرود جي محفلن ۾ ويهندو ۽ ٻڌندو هو. هو وڏي پائي جو شاعر هيو، ۽ سندس تخلص فارسيءَ ۾ ”تسليم“ ۽ هنديءَ ۾ ”بيراڳي“ هو. سندس تصنيفون گھڻيون آهن. آخر عمر ۾ گوشه نشين ٿي، وقت گذارڻ لڳو ۽ پنهنجو وقت راڳ ٻڌڻ، غور ڪرڻ ۾
    صرف ڪرڻ لڳو. وفات به راڳ ٻڌندي ڪيائين. سندس وفات مهل به شاهه عبداللطيف حاضر هيو.
    شاهه صاحب جون ساڻس گھڻيون ملاقاتون ٿينديون رهيون. شاهه صاحب جي ڪلام ۾ جو وحدت الوجود جو رنگ آهي، ان جو فلسفيانه ظرف ۽ اثر محمد معين جي صحبتن جو نتيجو آهي. اڄڪلهه مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي تعليم ڪري شاهه ولي الله دهلويءَ جي تصوف، سياست ۽ اقتصاديات جي نظرين جي ڄاڻ، گھڻن تعليم يافتن سنڌين کي پئجي چڪي آهي. ليڪن ان تعليم کي سڀ کان اول، سنڌ ۾ مخدوم محمد معين پهچايو. شاهه صاحب جي ڪلام ۾ وطن جي محبت ۽ ان جي مارن ماڻهن لاءِ سڪ (جن ۾ اڪبري سياست جا جزا ڇُپيل آهن) هڪ حد تائين مخدوم صاحب جي معرفت شاهه ولي الله دهلويءَ جي تعليم جو نتيجو آهن. مخدوم صاحب سنه 1660هجريءَ ۾ وفات ڪئي، ۽ سندس مقبرو ان جي مرشد مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جي پيرانديءَ کان آهي.

    3. مخدوم محمدي کهڙن وارو
    هي مخدوم عبدالرحمان (شهيد) جو فرزند ۽ عباسي خاندان مان هو. هنن جو وڏو ڏاڏو محمد ابراهيم بن اسحاق خليفه معتصم باالله جي ڏينهن ۾، عرب مان لڏي، سنه 248 هجريءَ کان اڳ سنڌ ۾ آيو، ۽ حيدرآباد جي شهر، جنهن کي ان وقت ۾ نيرون ڪري سڏيندا هئا، جي اتر ۾ هڪ ٽڪريءَ جي ڀر واري ڪلور نالي ڳوٺ ۾ اچي رهيو. جتي ماڻهن کي وعظ ۽ نصيحتون ڪندو هيو. جنهن ڪري ماڻهن ۾ ”ڪلور واري“ بزرگ جي نالي سان مشهور ٿي ويو. جنهن لفظ مان بدلجي (ڪلهوڙا) لفظ ٺهي پيو ۽ ڪلهوڙا ان بزرگ جي اولاد مان هيا. (ماخوذ از تذڪره مخاديم کهڙا).
    ان بزرگ جي شهادت چورن جي هٿان ٿي. ان کان پوءِ انهن جا پويان سنڌ جي گھڻن ڳوٺن کان ڦرندا گھرندا آيا. آخر منجھانئن مخدوم عبدالخالق سنه 1050هجريءَ ڌاري لڏي اچي کهڙن جي ڳوٺ ۾ ويٺو، مخدوم عبدالرحمان وڏو اهل الله ۽ همه صفت بزرگ هيو. ان جي رجوعات کي ڏسي سنڌ جي حاڪم ميان يار محمد ڪلهوڙي کي تعصب پيدا ٿيو، آخرڪار هن ڪنهن بهاني تي مخدوم صاحب تي لشڪر چاڙهي موڪليو ۽ کيس 980 فقيرن سميت بنا مقابلي جي مسجد شريف ۾ وٺي سنه 1145 هجريءَ ۾ شهيد ڪرايو. ان وقت مخدوم محمدي صغير هو. ٿوري عرصي گذرڻ بعد، هو پنهنجي والد بزرگوار جون سڪون لاهڻ لڳو، سندس علم ۽ فضل جي هاڪ چؤطرف پکڙجي وئي. هڪ دفعي شاهه صاحب پنهنجي سفر جي دوران کهڙن جي ٻاهران، ميان سچيڏنو اڄڻ فقير جي گوهه تي اچي منزل ڪئي، ۽ جڏهن مخدوم محمديءَ کي خبر پئي، تڏهن دعوت ڏيئي کيس وٺي ويو، ۽ هڪ هفتو وٽس ٽڪيو پيو هيو. (1)
    مخدوم صاحب سيد موسى شاهه گھوٽڪيءَ واري جا معتقد هئا ۽ سندن طريقو قادري هيو. شريعت جا پورا پابند هيا. سنه 1171 هجريءَ ۾ وفات ڪيائون.

    4. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
    مخدوم محمد هاشم ميان عبداللطيف جو فرزند هو ۽ هو 10 ربيع الثاني سنه 1104 هجري ۾ ميرپور بٺوري جي ڳوٺ ۾ ڄائوهو. پهريائين تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪري، پوءِ ٺٽي ۾ مخدوم سعيد وٽ، اچي وڌيڪ تعليم حاصل ڪيائين. ميرپور بٺوري کان لڏي پهرين پاڻ پهرامپور جي ڳوٺ ۾ آيا، جتان آخر ٺٽي جي شهر ۾ سڪونت گزين ٿيا. علم حاصل ڪرڻ بعد پنهنجي زماني جو

    (1) ماخوذ از آئينه جهان نما
    وڏو پرهيزگار ۽ پابند شريعت اسلامي عالم ٿيو. سندس تصنيفون اٽڪل 150 کن آهن. انهيءَ وقت ۾ سنڌ جا عالم ٻن گروهن ۾ ورهايل هيا، هڪڙا فلسفي ۽ حديث ۾ ماهر هئڻ ڪري غير مقلد ٿي ويل هئا، ليڪن مٿن تصوف جو اثر به قائم رهيو. ٻيا فقه ۾ ماهر هئڻ ڪري مقلد، صاحب شريعت مشهور ٿيا.
    مخدوم محمد معين پهرين گروهه مان مکيه هو ۽ ٻئي گروهه جي مهنداريءَ جي پڳ، مخدوم محمد هاشم تي آئي. هي صاحب پابند صوم ۽ صلواة، سنت اسلاميءَ جو پيرو هو. هن مذهب مان بدعتن (هر نئين ڳالهه جا اهل سنت و جماعت جي حنفي فقه جي حڪمن جي برخلاف هجي) ڪڍڻ جي تحريڪ شروع ڪئي. جيئن اهو ڪم مؤثر طور حڪمران وقت ڪلهوڙون ۽ ٻين معززن اميرن جي مدد ۽ همدرديءَ کان سواءِ پورو ٿيڻ مشڪل هو، ان ڪري هن انهن سان لاڳاپو وڌايو. جيئن انهن حاڪمن جي ذاتي ۽ طبقاتي مفاد کي، انهن ڳالهين جي ڪري ڪو نقصان نه پئي پهتو، تنهنڪري انهن مخدوم صاحب جو ساٿ ڏنو ۽ مخدوم صاحب جو اثر وڌڻ لڳو. مخدوم صاحب اصولي ڳالهين کان، فروعي ڳالهين ڏي زياده توجه ڏئي، تجديد شريعت جي نالي سان تحريڪ شروع ڪئي. جنهن صورت ۾ زبردست عالم ۽ پرهيزگار شخص هو، انڪري سندس انهن ڳالهين جو ملڪ ۾ چهچٽو پئجي ويو. عام فهم ماڻهن ۽ ملن ۾ سندس نالو مشهور ٿي ويو. هن ان وقت جي بلند پايه عالمن ۽ صوفين جي اڪثر شريعت جي نالي ۾ مخالفت ڪئي. مخدوم محمد معين، مخدوم محمد زمان لنواريءَ وارا ۽ شاهه صاحب سڀ سندس نقطه چينيءَ کان بچي نه سگھيا. اڄڪلهه جي زبان ۾ سندس سياسي مسلڪ قدامت پسند يا رجعت پسند شمار ڪري سڱهجي ٿو. سندس راين ۽ خيالن جو پتو سندس چوڻ تي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي جاري ڪيل هڪ فرمان مان پئجي سگھي ٿو.

    (فرمان)
    ”هن حڪومت جي سڀني ڪارڪنن کي معلوم هجي ته جناب مخدوم محمد هاشم جي شرعي فيصلن جي جاري ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺن ۽ عاشورن ۾ تابوت ۽ ماتم وغيره بدعات جي منع ڪن. نشيدار شين جي پيڻ ۽ وڪري تي بندش وجھن. شرط رکڻ، جوا ڪرڻ، فاحش زالن ۽ کدڙن تي روڪ وجھن. زالن کي مقامن ۽ باغن ۾ وڃڻ کان روڪين. ماڻهن جي وفات وقت روڄ راڙو ڪرڻ کان منع ڪن. ساهه واري جانور جي تصوير ڪڍڻ کان روڪين. هندن کي چوٽين ۽ ڌوتين پائڻ ۽ دوڪان تي گوڏا اگھاڙا ڪري وهڻ کان منع ڪئي وڃي. مسلمانن کي مٺ کان ننڍي ڏاڙهي ڇڏائڻ، ڏاڙهيءَ جا خط وٺرائڻ ۽ مڇون رکرائڻ تي بندش وڌي وڃي. هندن کي هولي، ڀڳت ۾ سرود، شرنائي، دهل، ناد وڄائڻ کان منع ڪئي وڃي. هندن کي بتن ۽ درياءَ جي اڳيان سجدو ڪرڻ کان روڪيو وڃي. مٿي ڏيکاريل جملي ڪمن لاءِ عملدار کليو کلايو سختيءَ کان ڪم وٺي، حڪم جي پوئواري ڪن ۽ انهن جي ڏوهاري ماڻهن کي اهڙيون سزائون ڏين، جيئن رعيت مان ڪوبه اهڙو ڪم نه ڪري سگھي. ازانسواءِ ماڻهن کي نماز، روزي ۽ ٻين عبادتن جي لاءِ تاڪيد ڪيو وڃي. انهن حڪمن جي بجا آوري ۾ ڪابه انحرافي نه ٿيڻ گھرجي.“
    ( 2 شعبان سنه 1072 هجري. )
    مخدوم صاحب شرعي ڪمن جي اهڙيءَ طرح پابندي ڪرائي، جو وضو ۽ غسل لاءِ شرعي مقدار تي ڪوزا يا ماپا ٺهرايائين، جن کي هاشمي ڪوزا ڪري سڏبو هو.

    انهن سڀني ڳالهين مان پتو لڳائي سگھجي ٿو ته سندس انهيءَ شريعت جي نالي ۾ جدوجهد جا ڪهڙا نتيجا نڪرڻا هيا.

    مذهب ۽ ان جي شريعت جو دائرو تنگ ڪري ان کي چند رسمن جي پابنديءَ تائين محدود ڪيو ويو. غير مذهب ماڻهن کي سندس اعتقادن پٽاندڙ رهڻ لاءِ آزاديءَ تي روڪ وڏي وئي. ماڻهن جي خانگي زندگيءَ جي معمولي سوالن ۾ دست اندازي ٿيڻ لڳي. تان جو سيرت ۽ صورت جي معاملات ۾ به ماڻهن کي مولوي صاحب جي مقرر ڪيل دستور ۽ قانون تحت هلڻو ٿي پيو. معاشرتي سڌاري ۽ اخلاق جي درستگيءَ جي آڙ ۾ مولي صاحب پنهنجي پورن کي پورو ڪرڻ ٿي گھريو. مولوي صاحب جا مداح ملان ڇا به چون، ليڪن ان ڳالهه کان انڪار ٿي نٿو سگھي ته اهو اهڙيءَ پاليسيءَ جو ئي نتيجو هيو، جو آزاد خيال انتها پسند صوفي، اهڙي قسم جي تنگ دائري وارن مذهبي عقيدن جي پاڙ پٽڻ لاءِ اٿي کڙا ٿيا. جيتوڻيڪ ڪلهوڙن جي تعصبي حڪومت جي اثر ڪري، ابتدا ۾ هو ڪامياب نه ٿيا ۽ گھڻيون سختيون سٺائون، ليڪن ٿوري وقت اندر سنڌ مان، مذهبي تعصب ۽ تنگ نظريءَ جي پاڙ پٽي ڇڏيائون. اگرچه ڪجھ وقت کان پوءِ اهي به حد کان لنگھي ويا. شاهه صاحب مخدوم محمد هاشم سان، پڻ ٽي دفعا مليو ٿو ڏسجي. ليڪن ٻئي گروهه سان واسطو هئڻ ڪري، ساڻس خاص تعلق قائم ڪونه ڪيائين. مولي صاحب مان وقت جا گھڻا صوفي تنگ ٿي پيا هئا. مخدوم محمد زمان لنواريءَ وارو به انهن مان هڪ هو. شاهه صاحب به ڏسجي ٿو ته اسان جهڙي دين کي اهڙيءَ طرح محدود ٿيندو ڏسي بي اختيار چئي ڏنو ته :

    ملين مٺو ماءُ، پتو ڦٿو پيت ۾،
    سڃاڻي الله، ٽٻي ڏنائين ڌوڙ ۾.

    مخدوم صاحب 70 سالن جي عمر ۾ سنه 1174هجريءَ ۾ وفات ڪئي، سندس مزار مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي آهي.

    5. مخدومحمد زمان لنواريءَ وارو
    مخدوم محمد زمان شيخ حاجي عبداللطيف جو فرزند هو. تاريخ 22 رمضان سنه 1125 هجريءَ مطابق سنه 1713ع ۾ ڄائو هو. هو صديقي نسل مان هو. سندن وڏا عباسي خليفن جي زماني ۾ لڏي سنڌ ۾ آيل هئا. گھڻو وقت سنڌ ۾ رهڻ بعد هو ڪڇ ڏي هجرت ڪري ويا، جتان سنه 910 هجريءَ مطابق 1504ع ڌاري وري سندس وڏو شيخ عبداللطيف، ڪلان مريدن جي ست ستاءَ تي موٽي سنڌ ۾ آيو. هن جي وڏي ڏاڏي شيخ محمد بن مالڪ سهروردي طريقي ۾ بيعت ڪئي هئي.
    مخدوم محمد زمان جي والد شيخ عبداللطيف وري مخدوم آدم ٺٽي واري جي فرزند شيخ فيض الله کان نقشبندي طريقي جي اجازت حاصل ڪئي هئي. مخدوم محمد زمان پاڻ خواجه محمد عرف ابوالمساڪين بن محمد اشرف بن شيخ آدم کان نقشبندي طريقي ۾ فيض پرايو. عربي علم مخدوم محمد صادق نقشبنديءَ جي مدرسي ۾ پڙهيائين، جو بزرگ شاهه عبداللطيف جي مريدن مان هو. سندس زماني ۾ هن طريقت جي سلسلي ۾ گھڻي شهرت حاصل ڪئي. جنهنڪري دور دراز ملڪن مان ماڻهو ڪهي انهيءَ مٺي چشمي مان روحاني ميٺاج حاصل ڪندا هئا. سندن ڪيئي خليفا ٿي گذريا آهن، جن مان مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي خاص شهرت جو مالڪ هو. جيتوڻيڪ مخدوم صاحب شريعت جو پورو پورو پابند هو، ليڪن تعصبي ملان نه هئڻ ڪري مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، سدائين سندس مخالفت پئي ڪئي، جنهن ڪري هو ٺٽي مان لڏي اچي لنواري وسايائين، پاڻ سنڌيءَ ۾ شعر به چيو اٿس، جنهن مان پتو پوري ٿو ته، باوجود نقشبندي هئڻ جي مٿس وحدت الوجود جي فلسفي جو گھڻو اثر هو. البت هو راڳ ۽ سرود ٻڌڻ کان پرهيز ڪندو هو. سندس روحانيت جي شهرت جو ٻڌي شاهه صاحب به ننڍپڻ ۾ ڳوٺان سندس ملاقات لاءِ سنڀري وٽس پهتو. انهيءَ ملاقات ۾ جيڪا گفتگو هلي، ان لاءِ خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جي حياتي لکندڙن تفصيلوار ذڪر ڪيو آهي. انهن جو چوڻ آهي ته شاهه صاحب تي مخدوم صاحب جي صحبت اهڙو ته اثر ڪيو، جو انهيءَ کان پوءِ شاهه صاحب وٽ، جڏهنن مخدوم صاحب جي ڳالهه نڪرندي هئي ته هيٺيون بيت پڙهندا هئا.

    مونسين ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
    تنين سندي ڪاءِ، ڪري سگھان نه ڳالهڙي.

    مخدوم صاحب سنه 1188هجريءَ مطابق سنه 1774ع ۾ 3 ذوالقعد جي وفات ڪئي، ۽ سندس مزار لنواريءَ جي ڳوٺ ۾ آهي.

    6. صاحبڏنو فقير درازن وارو
    هي فاروقي نسل مان هو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته سندس وڏا محمد بن قاسم سان گڏ سنڌ ۾ آيا. سندس پهريون بزرگ جو سنڌ ۾ آيو، ان جو نالو شيخ شهاب الدين هو، جنهن سيوهڻ جي شهر ۾ 9 محرم سنه 65 هجريءَ ۾ وفات ڪئي.
    سنه 665 هجريءَ ۾ هنن جا پويان مخدوم جمار جا مريد ٿيا. هنن مان مخدوم ابو سعيد، ان وقت ڌاري لڏي اچي، راڻيپور جي ڀر ۾ درازن جي ڳوٺ ۾ اچي ويٺو. ميان صاحبڏني جو اصل نالو محمد حافظ هيو، ۽ صاحبڏنو تخلص هيس. پوءِ پاڻ انهيءَ نالي سان مشهور ٿي ويو، هو سنه 1101 هجريءَ ۾ ڄائوهو. (از رسالو سچل فقير ــ مرزا قليچ بيگ) هو شاهه عبيدالله جيلاني جو مريد ٿيو، جو شيخ عبدالقادر جيلاني جو اولاد هيو، انهيءَ شاهه عبيدالله جا ٻه پٽ هئا. هڪ شاهه ڪليم الله، ٻيو شاهه عبدالملڪ. اهو ساڳيو عبدالملڪ شاهه عنايت صوفيءَ جو مرشد هو، جو پوءِ لڏي وڃي برهانپور ۾ ويٺو هو.
    چون ٿا ته صاحبڏنو فقير اول ۾ گوشه نشين ۽ تارڪ دنيا ٿيو، کٻڙن جي وچ ۾ هڪ غار ۾ ويٺو هوندو هيو. شاهه صاحب هڪ دفعي پنهنجي سفر جي دوران جڏهن اتي پهتو ۽ اهو حال معلوم ٿيس ته کيس ملي بحث مباحثو ڪري ٻاهر نڪرڻ تي راغب ڪيائين، ان کان پوءِ فقير صاحب ماڻهن سان منهن ڏيڻ لڳو. هن صاحب سنڌيءَ ۾ چڱو ڪلام چيو آهي. سندس طريقو رندي هيو. هو انهيءَ زماني ۾ ملائيت ۾ ڪٽرپڻي جي مذهبي پابندين کان تنگ ٿي، کليو کلايو اهڙا اظهار ڪرڻ لڳو.

    پنهنجي هڪ ڪلام ۾ چوي ٿو ته:

    ”لاشڪ آهيون لامذهب، اسان غرق ٿياسون درغبغب“

    سندن رندي مشرب ۽ خيالات جو پورو پتو ۽ خبر فقير صاحب جي پوٽي سچل فقير جي ڪلام مان پئجي سگهندي. ڇاڪاڻ ته ان جو گھڻو ڪلام ڇاپي هيٺ اچي، اسان تائين پهچي سگھيو آهي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته شاهه صاحب جڏهن هڪ دفعي درازن ۾ آيو ته سچل فقير کي جو ان وقت پنجن ورهين جو مس هو، ڏسي فرمايائين ته ”اسان جيڪو ڪنو رڌو آهي، ان جو ڍڪڻ هي نينگر لاهيندو“ يعني جيڪي وحدت الوجود جا راز ڍڪيل ۽ سالڪياني نموني ۾ شاهه صاحب ظاهر ڪيا آهن سي راز سچل فقير کليل ۽ رندانه طريقي کولي ٻڌايا آهن. سندس ڪلام مان پتو پوي ٿو ته، مٿس منصوري تعليم جو اثر شيخ فريدالدين عطار ۽ شمس تبريزيءَ جي معرفت پهتل آهي. هيٺ ڪي ٽڪرا سچل جي ڪلام مان پيس ڪجن ٿا، جن مان سندس مشرب جو پتو پئجي سگهندو.

    ”اساندي جان ڪون لڳڙي، هوائي شمس تبريزي“
    ”عطار لبود خدابود خدا بود، ان سر حقيقي خدا بود خدا بود“

    صوفين جو مذهب عشق آهي، اتي ملن واري ڪدورت ۽ دوئي نه هوندي آهي، کين سڀ جاءِ تي پرين پيو پاڻ پسائيندو آهي. مذهبي قيدن کان هو پاڻ کي ازاد سمجھن ٿا. چوي ٿو ته :

    ”ڏسو عشق جا انصاف، مڙئي مذهب ڪيائين معاف“
    ”اتي ڪفر نه اسلام، آهي سڀني کي سلام“

    هو ڏوهه ۽ ثواب کي هڪ شيءِ جا ٻه پهلو سمجھن ٿا ۽ عشق ۽ محبت جي عالم لاءِ پرده حجاب ڪري ليکين ٿا.

    ”هڪ ڏوهه ٻيو ثواب، اٿئي عشق جو حجاب“

    انهيءَ وقت ملن جي تنگدليءَ انهن کي اهڙو تپايو جو جوش ۾ اچي چئي ڏنئي ته ؛

    ”عشق پيو سي زور زور،
    ڪٽ ملان دي، ٺوڙهه ٺوڙهه“

    ”قاضيا ڪيهي مسلي ڪريندئين،
    عشق شرع ڪيا لڳي لڳي“

    ”بهشت دوزخ دي ڏي نا دڙڪي،
    اهي ڀَوَ اسان ڪنون ڀڳي ڀڳي“


    صاحبڏني فقير سنه 1192 هجري مطابق 1778ع ۾ وفات ڪئي، سندن مزار درازن جي شهر ۾ آهي.

    7. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي
    هي صاحب ٿرپارڪر ضلع جي گروهڙ جي ڳوٺ، تعلقي کپرو جو ويٺل هو، وڏو نامور عالم هيو، ابتدائي زندگيءَ ۾ مناظري ۽ مباحثي جو وڏو شوقين هيو. هلي وڃي عالمن سان بحث ڪندو هيو.
    طبيعت جو جلالي هيو. آخر ۾ مخدوم محمد زمان لنواريءَ واري جي صحبت ڪري، درويشي راهه ڏي لاڙو رکيائين. مخدوم صاحب جي خاص خليفن مان ٿي پيو. شريعت اسلامي جو پورو پابند هو. خالص سنڌيءَ ۾ عمده شعر چيو اٿس. هن کي جهاد جو ڏاڍو شوق هوندو هيو. هڪ دفعي ٻڌائين ته، انهيءَ طرف (هٿونکي ۾) هڪ مڙهيءَ اندر بت جي پوڄا ٿئي ٿي، ۽ ماڻهو دور دراز پنڌ کان، انهيءَ جي ڪرامت جون ڳالهيون ٻڌي، اوڏانهن سکائون ۽ مڃتائون ڏيڻ وڃن ٿا. سندس ڪجھ توحيد پرستي ۽ ڪجھ جهاد جي جوش جذبي اٿاريس ته انهيءَ ٺٺريءَ کي ڊاهڻ گھرجي. انڪري فقيرن سان چڙهائي ڪرڻ لاءِ مشورو ڪيائين، اتي ڪنهن چيس ته سائين اتي پوڄارين جو زور آهي، ۽ آس پاس جا ماڻهو به انهن جا طرفدار ٿيندا، ان مهم جي ڪامياب ٿيڻ جو امڪان نظر نه ٿو اچي. ان تي پاڻ چيائين ته ”جي هوءَ مڙهي ڀڳي ته به فتح فقير جي ۽ جي هيءَ مڙهي ڀڳي ته به فتح فقير جي آهي“ يعني جي انهيءَ راهه ۾ شهيد ٿي ويو ته به ڪامياب آهي، پير جي مقصد حاصل ڪيائين ته به ڪاميابي سندس هئي. نيٺ فقير صاحب انهيءَ مهم ۾ شهيد ٿي ويو. اهو حادثو سنه 1292 هجريءَ مطابق سنه 1878ع ۾ ٿيو. سندس مزار گروهر جي ڳوٺ ۾ آهي، جتي سندس قبو، مير احمد خان شاهواڻيءَ ٺهرايو هو. فقير صاحب ذات جو مڱريو هو، ليڪن سندس ڏهٽاڻ سيد احمد شاهه هن وقت سندس سجاده نشين آهي.

    8. مدن ڀڳت ۽ هندو يوڳي
    شاهه صاحب جي اصل ڳوٺ ڪوٽڙي مغل ۾، هڪ هندو ڀڳت مدن نالي رهندو هو، جنهن سان شاهه صاحب جي گھري دوستي هوندي هئي. مدن ڀڳت سنڌيءَ جو به شاعر هو. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انهيءَ جي صحبت جي ڪري شاهه صاحب ۾ هندو يوڳين، سنياسين ۽ ساڌين جي سنگت جو شوق جاڳيو ۽ برابر ٽي سال ساڻن گڏجي سفر ڪندو رهيو. هنگلاج به ساڻن ڀيٽيائين. انهيءَ صحبت مان کيس سندن فقيريءَ جي طريقن، رسمن ۽ دستورن جو پورو پتو پيو، چوي ٿو ته :

    نور ۽ نار جوڳيئڙا جهان ۾
    ٻري جن ٻاري، آءٌ نه جيئندس ان ريءَ.

    انهيءَ زماني ۾ ملن جو تمام گھڻو زور هيو. هندن سان صحبت ڪرڻ يا انهن جو ويس ڪري ساڻن گھمڻ، رواجي ڳالهه ڪانه هئي، پير شاهه صاحب ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪئي. انهن جي صحبت مان تعصب نڪري ويس، ۽ قرباني، حليمائي، تياڳ ۽ سوز جا ورثا نصيب ٿيس. سندس ڪلام جو سُر کاهوڙي، ۽ رامڪلي سڄو هندو تارڪ دنيا فقيرن جي ساراهه سان ڀريو پيو آهي. بيراڳ هنديءَ جا ڪيترائي بيت رسالن جي ڪن نسخن ۾ لکيل آهن. جنهن ۾ اهو پتو پوي ٿو ته سندس مجلس ۾ هندو شاعرن جا ڪلام ڳايا ويندا هئا. تان جو سندس ڪلام سان گڏجي رسالي ۾ داخل ٿي ويا.
    شاهه صاحب جو هندو زماني جي آکاڻين تي، ڪلام چوڻ، هندو راجائن جهڙوڪ راءِڏياچ، مومل راڻو، ليلان چنيسر، لاکي ڦلاڻي جي ساراهه ۾ بيت چون سندس آزاد خيال جو ثبوت ڏين ٿا. هو هندو ساڌن جي ساراهه ۾ چوي ٿو ته:

    سدائين سفر ۾ رمن مٿي راهه
    پرن پورب پنڌ ڏي، منجھ موالي ماهه
    جن جي الک سان آگاهه، هلو تڪيا پسون تن جا

    ٻي هنڌ چيو اٿس ته:

    قوت ڪرايا ڪاپڙي، طعام نه طامائو
    سئن هنيائون سڃ ۾، پهر نه پينائون
    اوسر آسائون، اٿي گوندر گڏيا

    مٿي ذڪر ڪيل، چند مکيه درويش ۽ ساڌو هئا، جن سان شاهه صاحب روبرو هلي روح رهاڻ ڪئي ۽ انهن جي صحبتن ۽ ملاقاتن مان فائدو حاصل ڪيائين. ان ۾ هر قسم جا ماڻهو هئا، ڪي فلسفي ۽ محدث عالم هئا، ته ڪي صوفي لاڪوفي هئا. ڪي رند بي ريا هئا، ته ڪي ٺيٺ ملان ۽فقيهه هئا، هندو مسلمان ٻنهي فرقن جا صحبتي هئس. تنهن کان سواءِ هيٺين ٽن بزرگن هر هڪ
    (الف) مخدوم بلاول
    (ب) مخدوم نوح
    (ٻ) شاهه عبدالڪريم
    جو مٿس، اڻسڌيءَ طرح اثر پيل ٿو ڏسجي، تنهن ڪري انهن جي زندگيءَ جو ٿرو ذڪر ضرور ڄاڻي، هيٺ بيان ڪجي ٿو.

    9. مخدوم بلاول
    مخدوم بلاول ذات جو سمو هيو، ۽ ٺٽي جي شاهي خاندان سان واسطو رکندڙ هو، انڪري کيس سمون سردار ڪري سڏيندا آهن. سندن ڄم جي تاريخ ملي ڪانه سگھي آهي، پير غالباٰ نائين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ ڄائو هو. ابتدائي تعليم ٺٽي مان پرائي، پوءِ وڌيڪ علم ٽلٽيءَ جي ڳوٺ ۾، مخدوم عمر کان حاصل ڪيائين. شادي به اتي ڪيائين ۽ اتي ئي رهجي پيو. هو علم حديث ۽ تفسير ۾ ماهر ٿيو، سندس هاڪ چؤڌاري پکڙجڻ لڳي، جنهن ڪري پري پنڌ کان ماڻهو وٽس علم پرائڻ جي لاءِ اچڻ لڳا. هن کي سلسلي طريقت ۾ به ڪمال هيو. سندس طريقو، سهروردي طريقي جي شاخ ڪبروي جو هو. سندس شجرو، طريقت مان نه ملي سگھيو آهي، ليڪن هو انهيءَ وقت جي مکيه بزرگن مان هڪ هو. ان جي شهادت مخدوم نوح جي پوٽي ميان غلام رسول صديقي جي لکيل ڪتاب مان ملي ٿي. مخدوم نوح جي حياتيءَ جو ذڪر ڪندي، هو صاحب لکي ٿو ته؛ ”سنڌ ۾ ان وقت تائين صرف ٽي هاڪارا بزرگ هئا. هڪ مخدوم نوح ٻيو مخدوم بلاول ۽ ٽيون قلندر شهباز.“

    مخدوم صاحب جي ڪيئي خليفا هئا جن مان مکيه هيٺيان هيا.

    1ــ مخدوم ’صاحب لنجار‘ انڙپور
    2 ـــ سيد حيدر سن
    3 ـــ مخدوم رڪن الدين عرف مٺو ٺٽو
    4 ـــ مخدوم حسن عرف بلاولي ڀاڻوٽ 5 ـــ مخدوم سعد عرف ساند سڪرنڊ
    6 ـــ مخدوم هنڱورو نزديڪ مورو.

    مخدوم ساهڙ وٽان مٽياري ساداتن مان شاهه رڪن الدين فيض ورتو، جنهن جو پوٽو سخي هاشم، نامور ولي الله ٿي گذريو آهي. اڪثر مٽياري سادات انهن جا معتقد آهن. سخي هاشم شاهه، شاهه صاحب جي والد شاهه حبيب جو دوست هيو ۽ هو مٽياريءَ مان لڏي ڀئي پور به انهيءَ جي مشوري ۽ مدد سان لڏي وڃي ويٺو هيو. (قاضي هدايت الله متعلوي) ان ڪري بلاولي فيض جو شاهه صاحب تي اڻ سڌيءَ طرح اثر ٿيو هجي، ان کان انڪار ڪري نه ٿو سگھجي.
    شاهه بيگ ارغون، جڏهن سنڌ تي ڪاهون شروع ڪيون هيون، ان وقت ڄام نظام الدين سمي جي وزير درياء خان جيڪا سنڌي اقتدار جي قائم رکڻ جي تحريڪ هلائي هئي، ان جي روح روان مخدوم بلاول هو. شاهه بيگ ارغون جي حملن وقت مخدوم صاحب خليفن سميت ان جي مخالفت ڪئي هئي. سيد محمد ميران جونپوري جي تحريڪ جي سنڌ ۾ منظم طرح مخالفت مخدوم صاحب طرفان ٿي.
    انهن سڀني ڳالهين جي ڪري شاهه حسن ارغون ڪِن جڙتو عذرن تي، ملن کان فتوى وٺي، کييس گھاڻي ۾ پيڙائي ڇڏيو. اهو حادثو سنه 929 هجريءَ ۾ ٿيو. سندس عقيدن جو ذڪر اڳ اچي چڪو آهي.

    10. مخدوم نوح
    مخدوم نوح جو اصل نالو ميان لطف الله هو، ليڪن نوح هوتزاني نالي هڪ درويش ڪامل جي وصيت جي ڪري سندس نالو بدلائي نوح رکيو ويو. هو مخدوم نعمت الله جو فرزند هو ۽ صديقي نسل مان هو، سندس سنه 911 هجريءَ ۾ جنم ٿيو. اِهو اُهو وقت هيو، جو ان کان پوءِ ٽن سالن بعد، سنڌ جو نامور حاڪم ڄام نظام الدين وفات ڪري ويو ۽ ان جي جاءِ تي ڄام فيروز سنڌ جو حاڪم ٿيو. جيتوڻيڪ مشهور ائين آهي، ته مخدوم صاحب ظاهري ذڪر ڪنهن کان حاصل نه ڪيو، ليڪن سندن خانداني طريقو سهروردي هيو. پوءِ اهو طريقو شيخ بهاؤالدين زڪريا جي معرفت مليو هجي يا سڌو پشت به پشت سندس خاندان ۾ هليو آيو هجي. ليڪن هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته مخدوم صاحب جو ڏوهٽو ميان دوست علي ملتان طرف مسافريءَ ۾ ويو، غوث بهاؤالدين جي سجاده نشِين وٽ وڃي مهمان ٿيو، جنهن تحفي طور کيس پنهنجي ٻڌل دستار ڏني. جا پاڻ وٺي ڪڇ ۾ جھليائون، غوث بهاؤالدين جي فقيرن کي اها ڳالهه پسند نه آئي ۽ اهڙو ذڪر غوث صاحب جي سجاده نشين سان ڪيائون، جنهن تي ان خليفن کي جواب ڏنو ته، ”اسان مريد شِخ شهاب الدين سهرورديءَ جا آهيون۽ هي اولاد شيخ ابونجيب جو آهن، جو خود شيخ شهاب الدين جو مرشد ۽ چاچو هو. انڪري سندن تعظيم ڪرڻ اسان تي واجب آهي.“ (دليل الذاڪرين)
    ان مان معلوم ٿئي ٿو ته مخدوم صاحب شيخ ابونجيب سهروردي (باني سهروردي طريقي) جي اولاد مان آهن. سندس استاد مخدوم ديانه عربي هو. سندس خليفا گھڻا ٿي گذريا آهن، جن مان مکيه سيد ابوبڪر لڪياري، ميان بهاؤالدين دلق پوش، مٺو فقير ۽ عثمان هئا. (دليل الذاڪرين)
    پاڻ وقت جي سياست کان جدا رهي صرف خلق الله کي فيض ڏيندا هيا. حڪومت وارن سان سندن تعلقات ٺيڪ هئا. پاڻ 17 ذوالقعد سنه 999 هجريءَ ۾ وفات ڪيائون، انهيءَ وقت سندس ڄمار 87 ورهن جي هئي. سندس وفات وقت کين ڏهه فرزند هئا.
    سندن طريقي جا ڏهر ذڪر طور پڙهيا ويندا آهن، سي گھڻو ڪري ملتان ي ڏهرن جي نموني جا آهن.

    11. شاهه عبدالڪريم
    شاهه عبدالڪريم مٽيارن سيدن جي خاندان مان هو. هي سنه 924 هجريءَ ۾ مٽيارين جي شهر ۾ ڄائو هو. سندس والد جو نالو سيد لعل محمد ، يا سيد لالو هو. هو به وڏو درويش هو. پاڻ مٽيارن مان لڏي بلڙيءَ جي ڳوٺ ۾ وڃي سڪونت اختيار ڪيائون. سنڌيءَ ۾ ڏاڍو سٺو شعر چيو اٿس.
    مخدوم نوح جي صحبت لاءِ، وقت به وقت هالن طرف ويندڙ هئا. حالانڪ مريد شاهه ابراهيم بخاريءَ جو هو، جو قادري طريقو رکندڙ هو. شاهه ڪريم عدم تشدد ۽ صبر ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هيو. سندن کاند ۽ صبر جون گھڻيون ڳالهيون ملڪ ۾ اڃا تائين مشهور آهن.
    وڏائي ۽ فخر ته وٽن هيو ئي ڪونه. سندن ڪرامتن ۽ ملفوظات کي ميان عبدالواسع ٺٽوي بيان العارفين نالي ڪتاب ۾ ڪٺو ڪيو آهي. پاڻ 12 فرزند ڇڏي سنه 1044هجريءَ ۾ بلڙيءَ جي شهر ۾ وفات ڪيائون.

    هي آهي مختصر اهوال شاهه صاحب جي زماني ۽ ان جي ماحول جو، جنهن جي روشنيءَ ۾ پڙهندڙن کي شاهه صاحب جي خيالات کي معلوم ڪرڻو آهي.


    فصل ٽيون

    شاهه صاحب، سنڌ جو قومي شاعر

    شعر اُها خدائي ڏات آهي، جا ڪن ٿورن ماڻهن کي نصيب ٿيندي آهي، باهه جو مثال وٺو ته، اها جيئن ساڙڻ جو ڪم ڏئي ٿي، تيئن طعام پچائڻ ۽ گاڏين هلائڻ توڙي ٻين ڪيترن مفيد ڪمن لاءِ پڻ ڪم اچي ٿي. جيڪڏهن اُها نقصان پهچائي ٿي ته فائدا به منجهس گهڻا آهن. مطلب ته جهڙي مقصد لاءِ کيس ڪتب آڻبو اهو حاصل ٿيندو. اهڙيءَ طرح شعر جي به حالت آهي، ان کي جي قومن ۾ انقلاب ۽ بيداري آڻڻ، بهادري پيدا ڪرڻ، اخلاق جي درستي ۽ خودشناسي پيدا ڪرڻ جي ڪم آڻي سگهجي ٿو، ته ساڳيءَ طرح اخلاقن بگاڙڻ سستي ۽ ڪاهلي پيدا ڪرڻ ۽ خيالن جي خرابيءَ جو جو ڪارڻ به شر ٿي سگهي ٿو. انهي نقطه نگاهه ڪري شاعر گهڻن ئي قسمن جا ٿي سگهن ٿا. شعر جي لحاظ سان سندن جدا جدا قسمن کي پوريءَ طرح سمجهائڻ لاءِ آءٌ کين هيٺ ٽين قسمن ۾ ورهايان ٿو.

    -1 ادبي شاعر
    هي اُهي شاعر آهن، جي زبان تي پورو عبور هئڻ ڪري، ملڪ جي هر سامهون ايندڙ سوال تي شعر چون ٿا. جنهن ۾ پنهنجي علمي قابليت، زبان جي خوبين، دل جي جذبات، فطرت جي مصوري، قصن، ڪهاڻين، دوستن ۽ محبوبن جي تعريف، وڏن ماڻهن، بزرگن ۽ حاڪمن جي ثنا ۾ صرف ڪندا آهن. سندس ڪلام، توڙي نفاست ۽ نزاڪت گهڻي هوندي آهي، ليڪن مقصد ۽ ارادن معمولي هئن ڪري، ملڪ ۽ ماڻهن لاءِ انهن جي ڪلام مان سواءِ ادبي فائدي جي، ٻيو ڪو به وڏو فائدو حاصل ٿي نه ٿو سگهي.

    -2 اخلاقي شاعر
    هي انهيءَ شاعر جو قسم آهي، جي تصوف جي رازن، فلسفي جي پيچيده سوالن، انسان جي اعليٰ امنگن تي غور ۽ فڪرڻ بعد، پنهنجي خيالن کي نظم جي لڙيءَ ۾ پوئڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پوءِ ڪڏهين اهي راز ۽ خيال، مثنوي مولانا روم وانگر قصن ۽ ڪهاڻين جي صورت ۾ بيان ڪن ٿا. ڪڏهن حافظ شيرازي ۽ سعدي شيرازي وانگر غزلن ۽ بيتن جي جدا جدا طرزن ۾ ظاهر ٿا ڪن.

    -3 قومي شاعر
    هن قسم جا شاعر، ملڪ ۽ قوم سان محبت رکي ڪري، ماڻهن جي سياسي، اخلاقي، اقتصادي حالتن جو غوري سان مطالع ڪرڻ بعد، قوم جي ڪمزورين، خامين، مشڪلاتن ۽ خوبين کان بخوبي واقفيت حاصل ڪرڻ بعد، انهن جي ڪارڻن ۽ اسبابن تي فڪر ٿا ڪن. قوم جو ماضي، حال ۽ مستقبل سندن اڳيان رهي ٿو. پوءِ هو قوم لاءِ ڪو نصب العين مقرر ڪن ٿا ۽ انهي تي پهچڻ لاءِ، جي خيال ۽ تجويزون سندن دماغ ۾ وهن ٿيون، تن سڀني ڳالهين کي، هو پنهنجي ڪلام ۾، قوم اڳيان پيغام جي صورت ۾ پيش ڪن ٿا.

    جيڪڏهن شاهه صاحب جي ڪلام تي نظر ڪبي هت، هن ۾ پوين ٻن قسمن جي شاعرن جون خاصيتون، خاص طرح ڏسڻ ۾ اينديون.
    جنهن صورت ۾، شاهه صاحب اخلاقي توڙي قومي شاعرجي حيثيت ۾، پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ انهي صورت ۾ ٻنهي پهلوئن مان، هر هڪ تي جدا ڪتاب لکي سگهجي ٿو. تنهن ڪري سندس شعر جي تصوفي ۽ اخلاقي ڪمالات جو بيان ڪرڻ تصوف جي ماهرن ۽ فلسفي جي عالمن لاءِ ڇڏي، آءٌ صرف سندس قومي شاعر جي پهلوءَ کي، پنهن محدود معلومات ۽ وسائل مطابق بيان ڪرڻ جي وس آهر ڪوشش ڪندس.
    منهنجو اهو پڪو ويساهه آهي ته شاهه عبداللطيف سنڌ جو قومي شاعر آهي. سندس اڳيان سنڌ ملڪ جو خاص تخيل هو، جنهن تي ايندڙ فصل چوٿين ۾ بحث ڪيو ويندو. اهڙيءَ طرح سان کيس سنڌي قوم جو به خاص تخيل هو. جنهن جو احوال به جدا جڳهه تي آندو ويندو. هتي صرف هي ٻڌائڻ مقصود آهي ته کيس جنهن ملڪ ۽ قوم جو تخيل هو، انهيءَ ملڪ جو گهڻو ڀاڳ، هن پيرين پنڌ ڪري ڪري گهمي ڏٺو. اتي جي ماڻهن سان گڏ گذراريائين، سندس عادتن ۽ اخلاقن کان واقف ٿيو. سندس جهونا قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائين، سندن رسمن ۽ رواجن جو غور سان مطالع ڪيائين. سندس سياسي، معاشرتي، اخلاقي، اقتصادي حالتن کي نظر مان ڪڍيائين، انهن جي ڏکن ۽ سورن ۽ مستقبل تي غور ڪيائين. انهن جي ڪمزورين ۽ خامين کي معلومات حاصل ڪيائين.
    مطلب ته انهيءَ زماني جي سنڌ جي حالات جو کيس پورو پورو مطالع ٿي ويو هو. ايتري ساري معلومات بعد هن پنهنجي شعر ۾ جيڪي چيو آهي، انهيءَ تي جيڪڏهن قومي نقطه نگاهه سان غور ڪبو ته هيٺيون ڳالهيون نمايان طورآهن:

    1. وطن جي حب ؛
    شاهه صاحب جي ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ ڪلهوڙن جهڙن ڪٽر مذهبي خيالن جي حاڪمن جي حڪومت هئي ۽ اورنگزيبي سياست جو دور چالو هو، ليڪن شاهه صاحب تي نه اورنگزيبي سياست اثر ڪيو ۽ نه گهڻي قدر اڪبري سياست جو اثر ٿيو، بلڪه هن تي قديم سنڌي سياست جو اثر پيو. هن وطن جي حب کي عين اسلام جي احڪام پٽاندر ايمان جو جزو سمجهي، سنڌ کي پيار ۽ محبت ڪئي. (پئن اسلامزم) جو خيال سندس وهن ۽ گمان ۾ به نه آيو. هن بين الاقواميت کي پئن اسلامزم کان جدا ٿي سمجهو. سندس ڪلام ۾ ڪٿي به مسلمان ملڪ يا مسلمان قوم ڏي اشارو ڪو نه آهي. سندس سڄو ڪلام وطن جي محبت، آزادي، ترقي ۽ اقتدار جي جذبات سان ڀريو پيو آهي.
    چوي ٿو ته:
    سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار.

    ٻئي هنڌ چيو اٿس ته:

    واجهائي وطن کي، ساري ڏيان ساهه
    بت منهن جو بند ۾، قيد م ڪريجاه
    پر ڏيهياڻي پرينءَ ري ڌار م ڌريجاه
    ٿڌي مٽي ٿر جي ولهيءَ وسائجاه
    پويون ٿئي پساهه، ته نجاه مڙهه ملي ۾

    (شاهه)

    -2 ديسين جي محبت
    شاهه صاحب جي ڪلام مان ٻي جا نمايان ڳالهه ڏسڻ ۾ ايندي، سا سنڌ ديس جي رهاڪن جي اُڪير ۽ محبت آهي. هن وٽ هندن ۽ مسلمانن جي تميز وطن ۽ قوم جي لحاظ کان ڪا به ڪا نه آهي. جي سندس ڪلام تي نظر وجهندئو ته،

    ديسي سيڻ ڪجهن پرديسي ڪهڙا پرين

    جو آواز هڪ طرف ٻڌڻ ۾ ايندو ته :

    جيها جي تيها مون مارو مڃيا

    ٻي طرف ڪنن تي پوندو.
    باوجود ان جي ته هو محمد ڪارڻيءَ جو مڃڻ ضروري ڄاڻي ٿو. هو صاف چئي ڏئي ٿو ته سچي مسلماني، تڏهين ئي ماڻي سگهبي، جڏهن دوبينائي دور ڪري اشهد جي اک سان، دنيا جي شين ۽ ماڻهن کي ڏسبو. هو پيغمبر اسلام کي رحمت العالمين سمجهي ٿو ۽ حق کي اسلام سمجهي چوي ٿو ته:

    ڏسڻ ڏسين جي - ته همه کي حق چئين
    شارڪ شڪ م ني- انڌا انهيءَ ڳالهه ۾

    مسلمانن جي جدا گانه قوم جي نظريي کي اميراڻي ذهنيت جو نتيجو سمجهي ٿو. هن جي خيال موجب جهڙيءَ طرح سج جي روشني ۽ هوا کي، چند شخصن ۽ طبقن جي ملڪيت تسليم ڪرڻ ۽ بنائڻ، انسان ذات جي گهڻائي سان ظلم ۽ دشمني ڪرڻ جي برابر ٿيندو. اهڙيءَ طرح حق کي به محدود ڪري، ڪنهن مخصوص گروه جي ملڪيت يا ورثو بنائڻ، ساڳي ذهنيت جو نتيجو ٿيندو. هو هندن ۽ مسلمانن جي موجوده مصنوعي تفاوتن تي جڏهين نظر ڪري ٿو ته به اختيار ٿي چوي ٿو ته:
    ان پر نه ايمان، جو ڪلمي گو ڪوٺائيين،
    دُعا تنهن جي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان
    منهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهئين.

    ساڳيءَ طرح هندن کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته:

    ڪوڙو تون ڪفر سين، ڪافر نه ڪوٺائين،
    هندو هڏ نه آهئيـــــــن، ڄڻــــــــيو تو نه جڳاءِ،
    تلڪ تنهين کي لاءِ، سچا جي شرڪ سين.

    ڪفر ۽ اسلام کي روحاني دنيا جون، ٻه حقيقي منزلون يا حالتون سمجهي بحث ڪري ٿو. تنهن ڪري ملن ۽ پنڊتن جي انسان ذات جي وچ ۾ پيدا ڪيل بي معنيٰ فرقن ۽ تفاوتن کي هو حق جي سامهون پردا ۽ حجاب ٿو سمجهي.
    آخر اهڙو اندر جو اُجريل ۽ صاحب نظر، اهي منصوعي فرق جا نظريا ڪيئن قبول ڪري ٿي سگهيو؟

    -3 ملڪ جي آزادي_ خوش حالي ۽ ترقي
    شاهه صاحب جي ڪلام ۾ ٽين خاص ڳالهه ملڪ جي آزاديءَ، خوش حالي ۽ ترقيءَ جو تصور، اُميد ۽ آرزو آهي، اوهان جيڪڏهن سندس ڪلام تي غور سان نظر ڪندا ته ڪيترن جڳهن تي زنجيرن جي ٽٽڻ، قلعن ۽ ڪوٽڻ جي ڪرڻ، قيدن ۽ بندن کان آزادي ٿيڻ لاءِ، دعائون گهريل ڏسندا.
    هڪ هنڌ چوي ٿو ته:

    جسو زنجيرن ۾ راتو ڏينهان روءِ
    ڳچيءَ ڳانا لوهه جا، زيريون، زنجير

    ٻئي طرف چوي ٿو ته:

    منهن جي آس اها ڪڏهين ڪيرائيندي ڪوٽ کي

    جڏهين سرتين، جيڏين ۽ ڀر وارين قومن کي آزاديءَ ۾ خوش حالي جي زندگي گذاريندو ڏسي ٿو ۽ پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن کي غلام ۽ پٺتي پيل ڏسي ٿو ته به اختيار زبان مان نڪريو ٿو وڃيس.

    مون جيڏيون ملير ۾، ٿيون چونڊن موڪ مها
    شاهه صاحب سنڌ جي سهسين سينگارن، پلر جي پالوٽن، پٽن جي پاهن، کٿوري خوشبوءِ، مندائتن مينهن جو ته شائق ٿو ڏسجي، سنڌ ۾ سڪار لاءِ خاص دعائون ٿو گهري، ڏڪارين ۽ موزين جي ڏيهه مان پاڙ پٽڻ جي پٺيان آهي. جڏهن جڳ ۾ مانڊاڻن جي وار، اتر پار ڏي ڪڪر ڪارونڀار ۽ مندائتن مينهن جي وسڻ جا ويس ڏسي ٿو ته، هڪ انقلابي وانگر خوش ٿئي ٿو. کيس خبر آهي ته مهانگو ميڙڻ ۽ پنجن مان پنڌرهن ڪرڻ وارا (چور بازاري) جلد ختم ٿيڻ وارا آهن ۽ سگهوئي هاري هر جو مٺيو هٿ ۾ ڪري، ملڪ جي سياسي جمود واري زمين کي کيڙي، ان ۾ آزاديءَ جو ٻج پوکڻ وارا آهن. جلد ئي سک جي ساوڪ ٿيندي ڏولائي جا ڏينهاڙا ويندا، سينگهار سکيا ۽ ستابا ٿيندا.
    شاهه صاحب جي باريڪ بيتن نظر سنڌين جا عيب به سندس اڳيان پڌرا ڪري ڇڏيا هئا، ۽ کيس انهن ۾ هيٺيون خاميون ڏسڻ ۾ آئيون.

    -1 احساس ڪمتري
    هن ملڪ ۾ هيءَ عام چوڻي آهي ته (ولايت جي ڪٻر سنڌ ۾ سينا) سا حقيقت شاهه صاحب هو بهو اکين اڳيان ڏٺو ڏٺي. ان وقت سنڌ اندر هر صديءَ ۾ ڌرتيءَ جي ڌٻڻ، سنڌونديءَ جي ڦيرن گهيرن، لوڏن ۽ سوڪن جي واقعات، آبپاشيءَ جي واقعات، آبپاشي جي ذريعن جي پوري انتظام نه هئڻ، بارش جي گهٽ هئڻ، اندروني ۽ بيروني ڌاڙيلن جي حملن (پوءِ اهي حاڪمن طرفان هئا يا ڌاڙيلن طرفان) حالتون غير تسلي بخش بنائي ڇڏيون هيون.
    شهري زندگي تمام ڇٽي هئي. ماڻهن جو گهڻو تعداد مال تي گذران ڪرڻ ڪري خانه بدوش زندگي گذاريندو هو. آبادي به سدائين ساڳ زمين تي نه هئڻ ڪري آبادگار پيا پٽ بدلائيندا هئا، ان ڪري علم ۽ بي ترقيءَ لاءِ سندن واسطي حالتون سازگار نه هيون. ان جي مقابلي ۾ دهلي، گجرات ۽ پنجاب طرف حالتون مختلف هيون، بارش گهني، آبادي جام، خانه بدوش زندگي گهٽ هئڻ ڪري امن امان وڌيڪ، شهري زندگيءَ جي زياده هئڻ ڪري اتي جا رهاڪو علم ۽ آسودگيءَ ۾ سنڌين کان وڌيڪ هئا. نتيجو اهو نڪتو ٿي ته ، هر ٻاهران آيل ماڻهو سنڌ ۾ اچڻ بعد معتبر شمار ٿيڻ ۾ ٿي آيو، پنجاب جا پير افغانستان جا حمله ڪندڙ، دهليءَ جا نواب تن جو ملڪ ۾ ڌاڪو ويهي ويو، اڪبر جي قومي سياست، اورنگزيب جي مذهبي پاليسي، مهدوي طريقت، دهليءَ جي نوابن جي طرز معاشرت، مغلن جي فارسي، سنڌ کي ون ويڙهي جيان ويڙهي ويل هئي. ننڍو دماغ (i) ۽ گڏهن ۽ اٺن جي هلائڻ واري قوم (ii) طعنا سنڌين کي صرف هن وقت ڪو نه ٿا ڏيڻ ۾ اچن، پر ان وقت به وڏيرن ۽ ملن جو ڪثير طبقو پاڻ وساري ويهي

    (i) 1938ع ۾ سردار پٽيل چيو (ii) لياقت علي خان 1948ع ۾ چيو.
    رهيو. سنڌي قوم جي تهذيب، زبان، آزاديءَ ۽ ترقيءَ جون ڳالهيون وسري ويون هين.

    شاهه صاحب نهايت درد دل سان، اهي حالتون محسوس ڪيون ٿيون ڏسجن ۽ انهن کي نظر ۾ رکي سنڌين کي خطاب ڪيو اٿس ته:

    ايءَ نه مارن ريت جئن سيڻ مٽائين سون تي

    وري ٻئي هنڌ چوي ٿو ته:

    پکن جي پريت، ماڙين سين نه مٽيان.

    -2 ابن الوقتي:
    سنڌين ۾ ٻي وڏي خامي جا شاهه صاحب ڏٺي هئي، سا هئي، سندس وڏيري ڪلاس جي ابن الوقت هني مثال مشهو ٿي ويو آهي ته.

    جيڪو واءُ لڳي ان کي سامهون ٿجي

    هتي جا وڏا ماڻهو ڍنڍ جي پکين وانگر، هميشه پاڻي يعني سُک سان ٻڌل هئا، جيڪو پاسو زور ڏسندا هئا وڃي ان جو طرف وٺندا هئا. اصولن ۽ مقصدن خاطر جيئن‎ڻ ۽ مرڻ جي سُتي ئي ڪا نه پيل هين.
    جيئن اڄڪلهه جي حالت آهي ته، جڏهين انگريزن جي حڪومت هئي ته سنڌي وڏيرن، انهن جي غلاميءَ وارا لقب ۽ عزتن حاصل ڪرڻ ۾ فخر ٿي سمجهيو. هاڻ جڏهين هوا بدلي آهي ۽ گورن جي جاءِ ڪارن ولاري آهي ته اسانجا اهي ماڻهو وري هنن بدليل حاڪمن جي ڪنجڪ جهلڻ ۾ مشغول آهن. اهڙي ساڳي حالت شاهه صاحب به ڏٺي ۽ ڏاڍو درد ٿيو ٿو ڏسجيس، اهڙِي حالت ۾ چوي ٿو ته :
    هي منهن ڏيئي ٻن، تون وهه کائي نه مرين؟
    تان جي ملير جھائيون، توسين سڱ نه ڪن
    تون ڪيئن منجهان تن، پاڻ ڪوٺائين مارئي!

    ان وقت قحط الرجال ڏسي، کيس سنڌين جي قديم بهادري ۽ غيرت جا ڪم ياد اچن ٿا. سومرن جو مرندي مري وڃڻ پر غير سنڌي اقتدار اڳيان ڪنڌ نه نمائڻ، دريا خان جو پٽن سوڌو قربان ٿي وڃڻ، ليڪن خوشيءَ سان ڌارين جي غلامي قبول نه ڪرڻ، کيس هن شعر چوائڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا.

    اڄ نه اوطاقن ۾، تازا پٿر ڪک
    آديسي اٿي ويا، پئي اُڏامي رک
    سامي کڻي سنک، وجھائي واٽ ٿيا

    اهو مٿين طبقي جي ماڻهن جو حال هو. ليڪن جڏهين هن ڳوٺن جو سير ڪيو، عام غريب ماڻهن سان مليو، مارئيءَ جي حب الوطني، سسئيءَ جي وفاداري، سهڻيءَ جي سرويچيءَ جا قصا ٻڌائين ٿي ته وري دل نٿي لوڙهيائين ۽ چئي ٿي ڏنائين ته:
    اڇا سي آهن، سزاوار سنڱين جا
    ويٺا وجھائين، جي سناسي سڻئين.

    -3 خانه جنگي
    سنڌين ۾ شاهه صاحب وڏي خامي (نفاق) جي ڏٺي. بدويانه زندگيءَ جو اهو هڪ مکيو جزو ٿيندو آهي ته قبيلا قبيلن ۾، مائٽ مائٽن ۾ حسد ۽ اڻ سهائيءَ ڪري وڙهيا ويٺا هوندا آهن. خود مطلبي سندن زندگيءَ ۾ گهر ڪري ويهي وڃڻ ڪري، منجهانئن سڀڪو سياري جي سوڙ پيو پاڻ سوريندو آهي. جيتوڻيڪ بهادريءَ ۽ قربانيءَ جو مادو گهڻو هوندو اٿن پر شير شاهه جو شڪرو گهر جا ڪڪڙ ماري، وانگر سڀڪو اوزار پاڻ تي پيا آزمائيندا آهن، پنهنجي تي آيا رهندا. ڌارين تي همت ئي ڪا نه ٿيندي اٿن ۽ انهن جي غلامي ڪرڻ تي فخر پيا سمجهندا آهن. انهيءَ ڳالهه سندن قومي شيرازو ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو هو. نه قوم ۾ اتحاد ۽ اتفاق رهيو هو ۽ نه وري متحد نصب العين ئي ريهو هئن، قومن جي هستي مقصدن جي قائم رکڻ سان رهي سگهي ٿي اهڙين نفاق وارين حالتن کي ڏسي شاهه صاحب سنڌين کي هيٺين طرح مخاطب ٿئي ٿو.

    وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ
    پسو پکيڙن، ماڻهئان ميٺ گهڻو

    ٻئي هنڌ فرمائي ٿو.

    ڌڻ ڌارڻ ڌار رهڻ، اي نه سنگهارن سٽ

    وري جڏهن قديم اوج ۽ نفاق ياد پونس ٿا ته بي اختيار چيو وهي ته:

    ڪڻا منجهه قرار، هئا هيڪاندا سنگ ۾
    ڳاهي ڳاهه فراق جي، ڪيا ڌارون ڌار
    نڄاڻا ڪيهار، ميلو ٿيندو سجھڻين.

    -4 آرام طلبي
    چوٿين خامي جا شاهه صاحب سنڌين ۾ ڏٺي، سا هئي سستي، ڪاهلي ۽ آرام طلبي جي. هر ڪنهن مشڪلات کي منهن ڏيڻ کان پئي گسايو. (سک جا سانگي) ٿيڻ جي عادت منجهن ويهي ويئي هئي. گذر به سکيو ملي، گهڻي تڪليف نه هجيس، ترقي به بنا مشقت جي حاصل ٿئي. آزادي به آسمان مان ڪڙڪي اچي، دوست به گهر ويٺي ملي، باقي پاڻ ڪوشش ڪو نه ڪندا هن جڏهين چوطرف نظر ڊوڙائي ته دنيا جون ٻيون قومون ۽ ملڪ ترقي ڪندا وڃن ٿا. هتي اڃا سستي لڳي پيئي هئي، نڪو ٿا پاڻ سڃاڻن، نڪو ٿا نصب العين مقرر ڪن، نڪو جفاڪشي ڪرڻ تي پاڻ کي هيرين. ماڻهن جون اهي حالتون ڏسي ڏاڍو ڏک ٿي ٿئيس ۽ چئي ٿي ڏنائين ته:

    جڏهين ستيون جي، پٿر پير ڊگها ڪري
    تڏهين تنهين کي، ساٿ ستي ئي ڇڏيو.

    ٻئي چوي ٿو ته:

    غافل غفلت ڇوڙ، تون ڪيئن اڻاسي اوجهرين
    چپانا چڙهي ويا، وڃي پهتا توڙ
    نيڻن ننڊا کوڙ ، ورن ۾ واڪا ڪرين.

    وري چوي ٿو ته:

    وهين ۽ ويلا ڪرين، اي نه اڪنڊ آهه
    سي لاڳاپا سڀ لاهه، اوريان اڀارين جي .

    هن جيڪڏهن مٿي ذڪر ڪيل عيب ۽ خاميون سنڌين ۾ ڏٺيون، ته منجهن ڪي خوبيون به محسوس ڪيائين، جنهن ڪري خوش ٿي ٿيو ۽ اميدون ۽ آسرا پيدا ٿي ٿين.
    سنڌين جون خاص خوبيون جي کيس ڏسڻ ۾ آيون سي هيٺيون هيون:

    -1 حب الوطني
    شاهه صاحب سنڌين ۾ جي خوبيون ڏٺيون، تن مان پهرين سندن ديس سان پيار ۽ محبت هو. هن عام ڀٽن ۽ مڱڻهارن کان وطن لاءِ بهادريءَ سان ڪٽجي مرڻ وارو قصو ۽ ڪهاڻي، دودي سومري جو ماڻهن کي چاهه سان ٻڌندي ڏٺي، شادين ۽ خوشيءَ جي موقعن تي مارئيءَ جي وطن ۽ مارن جي اڪير جا گيت گهرن ۾ زالن ۽ ڳائيندڙن کان دلچسپي سان ڳائيندي ٻڌا. عام سنڌين جي ڳوٺن ۽ پٽن جي محبت جا داستان ٻڌائين ۽ ڏٺائين. هن ڏٺو ته سنڌ جا ماڻهو اڪثري وطن ڇڏي ٻين ملڪن ۾ وڃي گهڻي وقت تائين رهڻ لاءِ خوشيءَ سان تيار نه هئا. جيڪڏهن ڪي مسافرين ۾ ويندا هئا، ته سرهن وانگر اکيون هميشه جبل (سنڌ) کنيو پيا نهاريندا هئا ۽ سندن آس اميد هميشه اها پئي رهي آهي ته ڪڏهين ٿو مولا واڳ وطن تي وارين، انهن ڳالهين مٿس ڏاڍو اثر ڪيو ٿو ڏسجي. مارئي جي سر ۾ شاهه صاحب جهڙي نموني وطن جي اُڪير ۽ پيار کي ظاهر ڪيو آهي، سو ڄڻ ته سنڌي دهقاني زندگيءَ جي حقيقي اکين ڏٺي تصوير چٽي اٿس. هن تي ڌارين جي تهذيب، تمدن، پيسي، علم ۽ ترقيءَ وغيره جو ڪو به اثر نٿو ٿئي. هو ٻين جا بنگلا ڏسي پنهن جون جهوپڙيون مٽائڻ عيب سمجهندا هئا، هن وٽ ڌارين جي لباس (ٺاٺ) محلاتن (تمدن) کاڌن خوراڪن (شاهوڪاري) قلعن ۽ ڪوٽن (لشڪر ۽ سپاه) کان پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي سادگي، خانه بدوشي، مسڪيني، بي سرو ساماني، بي علمي، اٻوجهائي هزار ڀيرا وڌيڪ پسند هئي. هو ور ور ڪريو عمر (حڪمران قوم) کي چئي ٿو ته:
    پٽ نه پهريان سومرا، جان ڪي تسان جيان
    آءٌ ڪيئن لوئي لاهيان، ڪارڻ ٻن ڏينهان
    جيسين ٿي جيان، ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو

    -2 قومي محبت
    بي خوبي جا شاهه صاحب سنڌين ۾ ڏٺي، سا هئي ديس واسين ۽ مارن جي پياس، هنن تي مسئلهء وحدت الوجود جو اثر قديم وقت کان، مختلف درويشن ذريعي پئي پيو اهي. تنهن ڪري هنن تي اورنگزيبي سياست ۽ مسلمانن جي جدا گانه قوميت جي نظريي جو ڪو اثر ڪو نه پيو. سندن انهيءَ حقيقت کي مارئيءَ جي واتان، هيٺين طرح بيان ڪري ٿو:

    الست بربڪم جڏهين ڪن پيوم
    قالو بليٰ قلب سين، تڏهين تت چيوم
    تنهين وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين.

    -3 سرويچي
    ٽين خوبي جا شاهه صاحب کي عام سنڌين ۾ خاص طرح ڏسڻ ۾ آئي، سا سندن همت، قرباني ۽ سرويچيءَ جي مادي جي هئي، اگرچ سندن وڏيري ڪلاس خود مطلبي، بزدلي جي خرابين ۾ غرق ٿيو پيو هو، ليڪن غريب طبقو هر قسم جي مشڪلاتن، مصيبتن ۽ تڪليفن کي منهن مقابل ٿيڻ جو عادي ٿي چڪو هو، جنهن ڪري منجهن برداشت ۽ قربانيءَ جو عظيم الشان مادو موجود هو. راءِ ڏياچ جو سخا ۾ سر ڏيڻ، سسئيءَ جا پنهونءَ خاطر جهنگ ۽ جبل جهاڳڻ، مومل جون راڻي لاءِ راتيون وهائي ڏينهن ڪارڻ، ليلان جو چنيسر لاءِ ليلائڻ، سهڻيءَ جو ميهار لاءِ ڪاريءَ رات ڪنن ۾ گهڙڻ، وڻجاي جي ونيءَ جو ور لاءِ جر تڙ ڏيا ٻارڻ ۽ وڻ ٽڻ وائٽيون ٻڌڻ، سنڌين جي صداقت ۽ قربانيءَ جا مثال سندس اکين اڳيان هئا، تنهن ڪري ساري رسالي ۾ اڪثري اهڙي قسم جي واقعن کي پسند ڪري، انهن جو ذڪر ڪيو اٿس، هن کي سر مڱڻ، سر گهرڻ، سرڏيڻ جي ڳالهه راءِ ڏياچ جي آکاڻيءَ خاص اثر ڪيو ٿو ڏسجي. اهڙِ طرح سسئي جو گهر ٻار پنهنجي ور(مقصد) لاءِ قربان ڪري جبل جهاڳڻ کيس پسند آيو آهي، چوي ٿو ته:

    وريتيون ورو، آءٌ نه ورندي ور ريءَ
    جاڏي هن جبل جو، تانگهينديس ترو
    جتن ساڻ ذرو، نينهن نبيرڻ نه ٿئي

    مومل جي قصي ۾ راڻي بنا ڪاڪ ڪڙهي، وڻ ٽڻ جلي وڃن ٿا. مومل جي جان پيئي جهري، جيستائين راڻو نٿو مليس، سهڻيءَ جي سر ۾ چوي ٿو ته:
    تڙ تڪڻ، تار گهڙڻ، اي ڪاڻيارن ڪم

    ٻئي هنڌ چوي ٿو ته:
    جنهن کي ساڻ پريان جا سور،
    تنهن کي ندي ناهه نگاهه ۾

    وري چوي ٿو ته:
    ائين هوندي مئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.

    -4 رواداري
    چوٿين خاصيت ۽ خوبي جا شاهه صاحب سنڌين ۾ ڏٺي سا هئي مذهبي ڪٽر پڻي ۽ تعصب جي گهٽ هئڻ جي هو پاڻ کي بهترين سنڌيءَ جو نمونو تصور ڪري انهن جي فلاسفي هيٺين طرح ادا ٿو ڪري:

    پريان سندي پار جي مڙيئي مٺائي

    انڪري هن جيڏانهن نظر ٿي ڪئي تيڏانهن سڄڻ سامهون پئي آيس. هو چوي ٿو ته کر ڀلي جيئن ۽ سندس پرين جي ملڻ جون اميدون ڏسي ساڙ ۾ سڙن، هن کي کر جي کارڻ جو ذرو به خطرو نه هو، ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته کر آهي کاري سگهندو، جن جو پريتڻو ماٺو هوندو. هن ڏٺو ته سنڌي دوستيءَ ۽ محبت جي بنياد تي هر ڪنهن سان سٺو برتاءُ ڪرڻ لاءِ تيار هئا، مذهب جو مطلب هنن وٽ پريت ۽ محبت هئو ۽ نه ڪفلت ۽ نفاق.
    هن ڏٺو ته جيتوڻيڪ ڪيترا ڏسڻا وائسڻا مذهب جي نالي ۾ ظاهر داري ڪيو، منهن اجرو رکيو اچن، پر دل ۾ هچارا آهن ۽ وصال کي ويجها نه آهن.
    تنهن ڪري هن هيٺين اصول کي پسند ٿي ڪيو:

    جيڏانهن ڪريان پر ک، تيڏانهن سڄڻ سامهون.

    مٿي ذڪر ڪيل ڳالهين مان اوهان پروڙي سگهيا هوندا ته شاهه صاحب سنڌ ملڪ جي ماڻهن جي عادتن ۽ حالتن جو غور سان مطالع ڪرڻ بعد، هڪ طرف قوم جي ڪمزورين ۽ خامين کان، واقف ٿيو ته ٻئي طرف انهن جون خاصيتون ڏٺائين، جنهن تي ويچار ڪري هن سنڌين لاءِ ڪي سنيها ۽ تجويزون سوچيائين جن تي تفصيلوار بيان ٻئي هنڌ ڪيو ويندو. جي خاصيتون هڪ قومي شاعر جون ٿينديون آهن، سي سڀ شاهه صاحب ۾ موجود هيون ۽ هو هر نقطي نگاهه کان سنڌ ملڪ ۽ قوم لاءِ نياپي ۽ پيغام ڏيڻ جو حقدار آهي.


    فصل چوٿون

    شاهه صاحب جي تخيل واري سنڌ

    اسان شاهه صاحب جي سنڌ جي قومي شاعر هئڻ تي بحث ڪري آيا آهيون، هتي ان ڳالهه تي بحث ڪنداسون ته، شاهه صاحب جي تخيل واري سنڌ جون حدون ڪهڙيون هيون. آيا اهي موجوده سنڌ واريون حدون هيون يا ان کان وڌيڪ وسيع هيون ۽ اهي ڪهڙيون هيون.
    بهتر ائين ٿيندو ته اسان سندس ڪلام مان سندس تخيل واري سنڌ (جنهن جي آزاد، آسودي ۽ ترقي يافته هئڻ جا هن خواب پئي ڏٺا) جون حدون ظاهر ڪري ڏيکاريون.
    سنڌو درياهه جي ترائيءَ وارو ملڪ گھڻي وقت کان سنڌ جي نالي سان پيو سڏبو هيو. انڪري اڪثر مؤرخن سنڌ ۽ هند کي جدا ڪري ليکيو آهي. اٽڪل ڏيڍ هزار سالن کان وٺِي سنڌ ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. اتر ڀاڱو جتي گڏيل پنجاب ۽ سرحدي ضلعن هزاره ۽ ديره اسماعيل خان جا حصا به اچي وڃن ٿا، سو پنجاب جي نالي سان سڌجڻ لڳو ۽ ملتان کان وٺي جھونا ڳڙهه، جيسلمير ۽ مڪران جي وچوارو ڀاڱو سنڌ ملڪ جي نالي سان سڏيو ويو. جڏهن عرب آيا ته انهن به اهو سارو ملڪ سنڌ جي حڪومت ۾ ڏنو، ان کان پوءِ گھڻي عرصي تائين ان ملڪ جا اگرچه جدا جدا حڪمران پئي ٿيا ۽ ڪڏهن به يڪي حڪومت قائم نه رهي ته به ان ملڪ جي ساري ماڻهن جو، پاڻ ۾ ميلاپ رهندو ٿي آيو. هندوستان جي ڏکڻ ۾ اڃا به ملتاني ۽ سنڌيءَ ۾ تفاوت ڪونه ليکيو ويندو آهي.
    موجوده سنڌ جا ڪيترائي هندو ۽ مسلمان ملتان، بهاولپور، مظفرڳڙهه ۽ ديري غازي خان کان لڏي هيٺ آيا ٿا ڏسجن. سنڌ جي رهاڪن مان چانگ، لغاري، ڀرڳڙي، مري، ٽالپر، زرداري، جلباڻِي، لاشاري، برهماڻِ، نظاماڻِي وغيره قبيلن جا ماڻهو ديري غازي خان جي طرف کان لڏي آيا جو سندن گھرو ٻولي اڃا تائين سرائڪي يعني اتر سنڌ يا سري واري ٻولي آهي. اهڙِيءَ طرح سولنگي، نول، ميراسي به بهاولپور جي طرف کان آيل ٿا ڏسجن. چوڻ ۾ اچي ٿو ته هندن جي لهاڻا قبيلي جا وڏا به ملتان طرف کان هيٺ آيا هئا.
    شاهه صاحب ملتان تائين ويل ٿو ڏسجي، هڪ دفعي شاهه عبدالڪريم جي قبي لاءِ ٻيڙيءَ رستي اتان ڪاشي به آندي هئائين. سندس تعلق وارن ماڻهن مان ڪيترائي سرائڪي ڳائيندڙ هئا. سهڻي ميهار جو قصو، جو اصل موجوده پنجاب جو ٿو ڏسجڻ ۾ اچي، تنهن تي خاص طرح سان ڪلام چوڻ ۽ هير رانجھي جي بيتن کي جي ٻين شاعرن جا هئا، پنهنجن مجلسن ۾ ڳائڻ جي اجازت ڏيڻ (جنهن ڪري ڪن رسالن جي قلمي نسخن ۾ انهيءَ سر ج داخل ٿي وڃڻ) ۽ بيراڳ هنديءَ جا ڪي بيت سکن جي گُرن ۽ هندو ڀڳتن جا هئڻ، انهيءَ ڳالهه جي ثابتي آهي ته شاهه صاحب سنڌ ملڪ جي ان ڀاڱي کي وساريو نه آهي.
    ٻوليءَ جي لحاظ کان ڏسجي ٿو ته سنڌ آڳاٽي وقت کان چئن مختلف ڀاڱن ۾ ورهايل هئي. هڪ سَرو، جنهن ۾ سرائڪي طرز جي سنڌي ڳالهائڻ ۾ ايندي هئي، جو حصو ملتان، بهاولپور ۽ مظفر ڳرهه ۽ ديري غازي خان کان سکر ضلع تائين هو. ٻيو سنڌ جو مرڪزي حصو، جنهن مان سنڌي ڳالهائڻ ۾ ايندي هئي سو سکر کان موجوده ڪڇ رياست جي حصي تائين هو. ٽيون حصو قلات، لس ٻيلي، مڪران، سبي کان هيٺ بلوچستان وارو حصو هو، جنهن ۾ بلوچيءَ سان گڏ سنڌي به ڳالهائي ويندي هئي. چوٿون حصو ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ جيسلمير جي ڀاڱن جو هو، جن ۾ سنڌيءَ سان گڏ ڪڇي ڪاٺياواڙي، مارواڙي زبانون ڳالهايون وينديون هيون ليڪن انهن سڀني ملڪن جا رهاڪو هڪٻئي ۾ اهڙا ڳنڍيا پيا هئا، جو سندن تواريخي واقعات، قصا، ڪهاڻيون، رسمون رواج، مٽيون مائٽيون، لڳ لاڳاپا هڪٻئي سان گھرا ۽ گھاٽا هئا. شاهه صاحب جي ڪلام ۾ ”ٻولي“ خواهه ”جاگرافي“ جي لحاظ سان هن وسيع ملڪ جي انهن مڙني ڀاڱن جي عشقيه افسانن ۽ اتي جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ جو، پورو پورو نقشو نظر اچي ٿو. مثال طور، مڪران جي سسئي پنهونءَ جي آکاڻِي وارو قصو خاص طرح سسئي جي ڪيترن ئي سُرن ۾ بيان ڪيو اٿس. چوي ٿو ته :

    ”ڪيچان آيو قافلو، ڀليرو ڀانيان،
    پڻي جا پيرن جي، لڱن کا لايان،
    چنبيلي چايان، جي مون نيو پاڻ سان.“

    ٻي هنڌ چوي ٿو ته :

    ”ڪاڏي منهن مڪران جو، ڪاڏي پريون پار،
    ليڙن جو لطيف چئي، سونهون ٿيو سردار،
    جو ملڪ جو مهندار، سو مولا مونکي ميڙئين.“

    اهڙي طرح لسٻيلي جي نواب، سپڙ جي سخاوت جي ساراهه ڪندي چيو اٿس ته؛

    ”ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي،
    آريون اٻوجھن جون، سپڙ ڄام سهي،
    جو راءَ وٽ رات رهي، تنهنکي جکي جانڪتيان نه ٿئي.“

    ٻئي هنڌ چوي ٿو ته :
    ”ميرا پسي مڱڻا، سپڙ سڏ ڪيا،
    سٻوجھن سئا، اٻوجھن آسرو.“

    ڪڇ سان شاهه صاحب جو سنبنڌ آهي. سندس راجائن بابت ذڪر ڪندي چوي ٿو ته :

    ”لاکا لک سجھن، ڦلاڻيءَ ڦير ٻيو،
    ڪنهن ڀر راڻا راڄيا، ڪوٽ ڏئي ڪنبن،
    جنهن جو جاڙيجن، ستي سنچو نه لهي.“

    وري ٻي هنڌ چوي ٿو ته :

    ”ڀڄنئان ڀلي پير، وڌو راءِ رڪاب ۾،
    ڪڇ رهندو ڪير، لاکو لوڙائن سين.“

    جاڙيجا قبيلي جي ڪڇ تي گھڻي وقت کان، حڪومت هلي آئي آهي. هن وقت جا راجا به انهيءَ نسل مان آهن. انهن مان لاکو ڦلاڻي خاص طور تي مشهور سردار ٿي گذريو آهي. لکي، لاکو ڦلاڻي جي مشهور گھوڙي هئي، جنهن لاءِ ڀٽائي صاحب چوي ٿو ته :

    ”لکي ۽ لاکو، ٻئي مئا ٻاجھ ٿي،
    قاد لاٿو ڪڇ تان، اديون اولاڪو،
    وانڍن ۾ واڪو، ريٻاڙي رهي ويا.“

    شاهه صاحب جو ڪلام اڃا تائين ڪڇ جي گھڻي ڀاڱي ۾ ڳايو ويندو آهي. ڪاٺياواڙ رياست مان جھونا ڳڙهه کي خاص طرح شاهه صاحب سورٺ جي سُر ۾ ياد فرمايو آهي. ٻيجل ۽ راءِ ڏياچ جي قصي تي هيٺين طرح چوي ٿو ته :

    ”جاجڪ جھونا ڳڙهه ۾، ڪو عطائي آيو،

    تنهن ڪامل ڪڍي ڪينرو، ويهي وڄايو،
    شهر سڄو ئي شُر سان، تندن تپايو،
    دايون درمانديون ٿيون، ٻائن ٻاڏايو،
    چارڻ ٿي چايو، ته ماري آهي مڱڻو.“

    ٻي هنڌ چوي ٿو ته :

    ”ملين آيو مڱڻو، ساز کڻي سرندو،
    سِر جي صدا سُر ۾، گھور هڻي گهرندو
    مٿي ريءَ ملوڪ جي، چارڻ نه چرندو،
    جھونا ڳڙهه جھرندو، پوندي جھانءِ جھروڪ ۾.“

    مومل ۽ راڻي جو قصو، جيسلمير جي طرف جو آهي. جيسلمير جي شهر کان پري هڪ ڳوٺ ”لڍورو“ نالي (جنهن جو نالو بگڙجي لڊاڻو ٿي پيو) هو، اهو هاڻي ويران ٿي ويو آهي. ان جي هيٺان ڪاڪ نالي ندي وهندي هئي، جنهن جي ڪنڌيءَ تي مومل ماڙي ٺهرائي هئي. ڍٽ، لڊاڻو، ڪاڪ انهيءَ طرح جا نالا آهن، جن جا نالا ڀٽائي گهوٽ پنهنجي ڪلام ۾ آندا آهن. هو چوي ٿو ته :
    ” لڊوڻيا لوڍي ٿيا، وطن منجھ وصال“

    ”ڍاٽي گھڻا اچن، من سوڍي ونگسيو“

    وري چوي ٿو ته :

    ”سوڍي ستي لوءِ، ڪا جا مون سان ڳالهه ڪئي
    سا جا پڌر پوءِ، ته سرتيون ڪانه سمجهي.“

    ”گجر کي گجميل جون، تارن ۾ تبرون،
    هڻي حاڪمن کي زور ڀريون زبرون،
    ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون، پسو پرڏيهن جون.“

    ”ڍٽ مَ وڃج ڍول، ڪاڻياري ڪاڪ ڪري“

    اهڙيءَ طرح شاهه صاحب هاڙهي جبل، پٻ جبل، هنگلاج مندر، جائو، حب، قلات، پير بندر، جيسلمير ۽ بيڪانير جا نالا خاص طرح پنهنجي ڪلام ۾ جابجا آندا آهن، جنهن مان سندس تخليل واري سنڌ جي حدن جو پتو پئجي سگهي ٿو. انهيءَ وسيع سنڌ لاءِ ئي دعا گھري ٿو ته:

    ”سائينمِ سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.“

    شاهه صاحب جو ڪلام وطن جي حب سان ڀريو پيو آهي. اهو وطن جنهن لاءِ دعا ٿو گهري، سو سنڌ آهي. انهيءَ سنڌ جا قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌي ڪلام چيو اٿس. سواءِ ڪربلا جي واقعي جي، جو بين الاقوامي شهرت حاصل ڪري چڪو هو ۽ سڀني صوفي درويشن جو مرڪزي نقطو ٿي ڪم اچي ٿو. باقي ڪوبه ٻاهريون قصو شاهه صاحب نه واکاڻيو آهي. پنهنجي ديس تي خاص توجهه جو پتو سندس هيٺين بيتن مان پئجي سگهندو.

    ”ديسي سيڻ ڪجن، پرڏيهي ڪهڙا پرين،
    ڌاريان ئي ڌاريان مٽ مئي جا نه ٿيا.“

    هن سنڌ ديس جا رهاڪو ملڪي حالتن جي ڦير گھير سبب پئي بدليا سدليا آهن. ڪڇ ۽ جھونا ڳڙهه جي ميمڻن جا وڏا اصل سنڌ جا ويٺل هئا، جي زماني جي هير ڦير سبب اوڏانهين لڏي ويل هئا ۽ هاڻي وري ڪيترائي موٽي آيا آهن. اهڙِيءَ طرح سان، هاڻ ڪڇ جي ڪنڊلا بندر طرف لڏي ويل هندن جا ڪيترا وڏا،به ڪڇ کان هتي آيل هئا. سنڌ ديس کي شاهه صاحب ”وطن“ ۽ ”لوءِ“ جي نالي سان ياد ڪيو آهي ۽ ان جي عوام کي ويڙهيچا، مارو، سنگھار، سيڻ، مٽ وغيره جي اکرن سان سڏيو اٿس.

    سندن حب الوطني جا اها حالت آهي جو ديس جي پکي ۽ پيهن، ٿرن ۽ برن، ڏٿ ۽ پسين، ڀاروڙين ۽ لوين کي ڌارين جي ماڙين ۽ محلاتن، سبززارن ۽ باغيچن، ست رڇين ۽ عمده طعامن، زريءَ ۽ پٽ پٽيهر کان هزار دفعا بهتر سمجھيو اٿس. اتي جي رهاڪن کي پست پيل، ڪمزور ۽ غلام ڏسي، دل نٿو لوڙهي، کين سندن بد ــ يانه تهذيب کي حقارت جي عيوض سدائين ڪانه رهندي، ڪو ڏينهن ضرور ايندو جڏهين آزادي ۽ فرخنده حالي نصيب ٿيندو، پر جيستائين غلام ۽ پٺ تي پيل آهيون، پنهنجي روايات کي نه وساريو، جو اوهان جي ڪر (نسل) جي اها خاصيت آهي ته هو ڪهڙي به تڪليفن جي حالتن ۾ پاڻ نه وساريندا آهن.

    فرمائي ٿو ته :

    ”ڪو ڏينهن آهين ڪوٽ ۾، لوئي هڏ مَ لاهه،
    ڪامڻ اوهان جي ڪر جي، اها اڏ وڏائي آهه،
    ستي سيل نباهه، ملير ويندئن مارئي.“

    شاهه صاحب ديس ۾ انقلاب جي منهن وسڻ، غلاميءَ جي زنجيرن ٽٽڻ ترقي ۽ خوشحالي جا گل ڦل ٿيڻ جا خواب ڏٺا آهن. بعد ۾ سونهن جو وڃڻ، ميرا اوڍڻ، تيل نه مَکِڻُ، ڪارا ڪاراين ۾ پائڻ، سَوڙن ۾ نه سمجھڻ جو ڪيل ذڪرخاص طور غور ۽ فڪر جو لائق آهي. غلاميءَ جي عيد لاءِ حڪمران کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته :

    ”جا عمر مل عيد، سا اسان سوءِ ورتي سومرا،
    ويئي ويچارن وسري، خوشي ۽ خريد،
    سڪڻ ڪيا شهيد، مارو جي ملير جا.“

    ٻي هنڌ وري چوي ٿو ته :

    ”الله ائين مَ هوءِ، جئن آءٌ مران بند ۾،
    جسو زنجيرن ۾، راتو ڏينهان روءِ،
    پهريان وڃان لوءِ، پوءِ مر پڄنم ڏينهڙا.“

    تصوف جي نقطي نگاهه سان شاهه صاحب جي ڪلام کي ڏسڻ وارن مارئيءَ کي روح سان، عمر کي نفس سان، ملير کي وحدانيت جي واديءَ سان، عمر ڪوٽ کي مادي دنيا جي بندن ۽ رڪاوٽن سان تشبيهه ڏني آهي ۽ ظاهر ڪيو اٿس ته انهيءَ طريقي، شاهه صاحب روحن جي اصليت ۽ انجام جو قصو ٻڌائي،”کل شيءِ يرجع الى اصله“ جو تفسير بيان ڪيو آهي.
    منهنجي نظر ۾ شاهه صاحب جي ڪلام مان صرف اهڙي معنى ڪڍڻ ساڻس سراسر بي انصافي ڪرڻ جي برابر ٿيندو. آخر هن بزرگ جو ساري زندگي عوام جا ڏک ڏاکڙا ڏسي، ساڻن گڏ گذاريو، سو مٿس اثر ڪرڻ کان رهي نه سگھيو هوند. مخدوم محمد معين ٺٽوي، شاهه ولي الله جي مکيه شاگردن جي صحبت، شاهه عنايت صوفي جو لاڳاپو، مخدوم بلاول جي سلسلي وارن سان واسطو به، اثر ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿا سگهيا هوندا. ان ڪري شاهه صاحب جي ڪلام ۾ وطن جي معنى سنڌ ديس ڪڍڻ بي جا نه ٿيندو.
    شاهه صاحب ٺلهو راهب نه هيو، ليڪن سياست ۾ حب الوطني جي نظريي جو حامي ۽ سنڌ جو خاص تخيل رکندڙ هو، جنهن جون حدون هيٺيون ٿي سگهن ٿيون.
    اتر سنڌ ــ جيسلمير رياست جو ڪجھ ڀاڱو ـــ بهاولپور رياست جو ڳچ حصو، ديري غازي خان جو ضلع ۽ ملتان جي ڏکڻ وارو ملڪ ـــ ضلع مظفر ڳڙهه هئا. الهندي طيف بلوچستان جو سڀي تائين حصو ـــ موجوده قلات ـــ لس ٻيلي ۽ مڪران ملڪ ـــ ڏکڻ طرف ـــ ڪڇ رياست، جھونا ڳڙهه ۽ ڪاٺياواڙ جا ڪي ڀاڱا.
    اڀرندي طرف ـــ ڪاٺياواڙ ۽ جوڌپور رياست جا ڪي حصا انهيءَ وسيع سنڌ کي وطن ڪري ورتو اٿس ۽ انهيءَ جي آزادي ۽ ترقيءَ جا گيت ڳايا اٿس.


    فصل پنجون

    شاهه صاحب جي قوميت ــ تخيل

    آءٌ ٻي فصل ۾ بيان ڪري آيو آهيان ته شاهه صاحب جي وقت ڌاري سنڌ اندر ٽي مختلف قومي نظريا رائج هئا، معنى :

    1) سنڌ جي جداگانه قوميت، انهيءَ حق جو خودمختياري ۽ ترقيءَ جو نظريو.
    2) هندوستان جي متحده قوميت، آزاديءَ ۽ ترقيءَ جو نظريو.
    3) مسلمانن جي جداگانه قوميت، نظام جي غلبي ۽ ترقيءَ جو نظريو.

    هيٺين دليلن جي بناءَ تي چئي سگھجي ٿو ته شاهه صاحب پهرين نظريي کي مڃيندڙ هو.

    (1) مسئلهء ”وحدت الوجود“ ۾ اعتقاد رکڻ ڪري، دنيا جي جملي مذهبن جي بنيادي وحدت جو قائل هو. هن وٽ ”وحدت خيال“ ، ”وحدت عمل“ جي عدم موجودگي ڪري، ماڻهن اندر مذهبي ورهاستون مصنوعي ۽ رسمي هيون.
    هن جي نظر ۾ نه سڀيئي مسلمان، حقيقي طور ”مسلمان“ هئا نه سڀيئي ”هندو“ حقيقي طور تي هندو هئا، انهيءَ ڳالهه کي مدنظر رکي چوي ٿو ته :

    ”منهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهئين،
    هندو هڏ نه آهئين، جڻيو تو نه جڳاءِ.“

    هن انهن سمورن اختلافن کي بي معنى ۽ ڌوڪو ڏيندڙ ٿي سمجھيو جنهن کي اکين جا انڌا پروڙي نه ٿي سگھيا، انهيءَ ڳالهين کي هن هيٺين طرح بيان ڪيو آهي :
    ”مئي هاٿيءَ سين مامرو، اچي پيو انڌن،
    في الحقيقت فيل کي، سڄا سڃاڻين،
    سندي سردارن، بصيرت بينا ڪري.“

    هن جي نظر ۾ مذهبي جھڳڙا انڌن جي اوندهه ۾ هٿوراڙين ڏيڻ ۽ ڍونڍ تي ڪتن جي لڙڻ جي برابر هئا. هن هميشه ائين ٿي چيو ته :

    ”اکيون اهي ڌار، جنهن سان پسين پرينءَ کي،
    ٻي ڏي ڪين نه نهار، رانجهن ريسارو گھڻو.“

    مذهبي معاملات ۾ سندس سڄي خيال جو مخزن ڄڻ هيٺين بيت ۾ سمايل آهي.

    ”ايڪ قصر در لک، ڪوڙين منجھس ڳڙکيون،
    جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن سڄڻ سامهون.“

    پرين (حق) جي پسڻ لاءِ اکين مان ڪٽرن جو ڪڍڻ لازمي امر هو. مذهب مان هن وصل (ميلاپ) جو مقصد ورتو نه (جدائيءَ جو).

    ”نان ڪا ڪاني پاءِ، ونن ۾ وصال جي،
    دو بينائي دور ڪري، معرفت ملهاءِ،
    سپريان جي سونهن ۾، رخنو ڪونه رهاءِ،
    اک اشهد چاءِ، ته مسلماني ماڻئين.“

    ــ ۾ سندس پورو ويساهه هو. اسلام جي اصولن مطابق هن جملي پيغمبرن ۽ ان جي ڪتابن کي مڃڻ ۽ ويساهه آڻڻ، کي ايمان جو جزو ٿي سمجهيو. هن مولانا روم جي چوڻ تي :
    ماز قرآن مغز را بردا شتيم
    استخوان پيش سگان اندا ختيم

    مطابق مذهب جي ماهيت سمجھي ورتي هئي، کيس سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته وطن جا ڄاوا، پکا اوڏا اڏي ويٺل اباڻا جنم ۾ جن سان گذاريو ويو، سي جدا قوم ڪيئن ٿي سگھندا. هن وٽ :

    پڙاڏو سوئي سڏ، ور وائيءَ جو لهين،
    هئا اڳهين گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.

    جو حال هو، هن جڏهن وطن وسڻ ۽ سنگھارن جي سکئي ٿيڻ جي دعا ٿي گھري ته سڀ ديسي بنا تميز مذهب جي ياد هئس.

    (2) هو انهيءَ ڪري مسلمانن جي جداگانه قوم واري نظري کي جا مسئلهء وحدت الشهود جي بنياد تي ٻڌل هئي، قبولي نٿي سگھيو. هن چيو ٿي ته :

    ”وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل،
    حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻي مَ ڀل،
    هو هلاچو هل، با الله سندو سڄڻين.“

    هن جي وهم ۽ خيال ۾ به نه ٿي اچي سگھيو ته هڪ خدا جي خلقيل بندن، پاڙيسرين، هم نسل، هم ملڪ ماڻهن کي صرف چند رسمن ۽ عقيدن جي خيال کان، باوجود انهيءَ ڳالهه جي ته هر ڪو پنهنجي پر ۾، ان ذات حقيقي کي مڃي رهيو هو، جدا قوم ڪري شمار ڪيو وڃي، انهيءَ ڳالهه کي نظر ۾ رکي هن چيو ٿي ته :

    ”پريان سندي پار جي، مڙيئي مٺائي،
    ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري.“

    هن هڪ جڳهه تي چيو ته :

    ”سڀڪا پريان کي پوڄِي“

    اهڙن خيالن رکڻ بعد هن کي ويري ۽ واهرو، هڪ ٿي ڏسڻ ۾ آئيا. جن ملن ۽ پنڊتن، انسانن جي روپ ۾ مذهب جي نالي نفاق ٿي وجھڻ گھريا، تن لاءِ چيائين ٿي ته:

    ”حسن جو حق جو، سو خامي ڀانئين خام،
    اچي ٿيا اسلام، ڪفر ڪافر پاڻ ۾.“

    ڪڏهن جذبي ۾ اچي، کين مخاطب ٿي چوي ٿو ته :

    ”ڏسڻ جي ڏسين، ته هم کي حق چئين،
    شارڪ شڪ مَ نين، انڌا انهيءَ ڳالهه ۾“

    هن کي معلوم هيو ته مسلمان چورائڻ سولو آهي، ليڪن ان انساني ترقيءَ ۽ ڪمال جي درجي تي پهچڻ لاءِ خاص محنت ۽ قربانيءَ جي ضرورت هئي، خود پيغمبر ۽ ولي به خدا کان دعا گھرندا هئا ته : ”شل مسلمان ٿي مرن“ مسلمانن جي موجوده تنزل واري حالت ۾جڏهين ”مسلماني درڪتاب ومسلمانان درگور“ سندن لاءِ صحيح تشريح هو. هن وٽ مذهب جو مطلب ۽ معنى محبت هئي، جنهن کان عام بيخبر هئا. چوي ٿو ته :

    ”ملي مٺو ماءُ، پتو ڦٿو پيٽ ۾،
    سڃاڻي الله، ٽٻي ڏنائين ڌوڙ ۾.“

    هن جي اڳيان مسلمانن جي تاريخ جا واقعات به سامهون هئا. شريعت ۽ اسلام جي نالي ۾ ملن ڇاڇا نه ڪري ڇڏيو هو. منصور کي سنسار ڪرائڻ، شمس تبريز جي کل لهرائڻ، بلاول کي گھاڻي پيڙهائڻ، سرحد کي سوريءَ تي چارهڻ، شاهه عنايت کي قتل ڪرڻ جا واقعاسندس اکين اڳيان هئا. اهي سڀ شريعت اسلامي کي زور وٺرائڻ خاطر، انهن ماڻهن کان سرزرد ٿيا، جن جي زندگيءَ جو سارو رڪارڊ سياهه هو. اهڙن ڪارنامن اسلام جي وڌڻ ۽ ويجھڻ ۾ رنڊڪ وجھي ڇڏي هئي ۽ انهيءَ روش اسلام جهڙي دين فطرت کي ڪن اعتقادن، رسمن، طرز معاشرت جي دائري ۾ محدود ڪري ڇڏيوهو. هن جڏهن ڏٺو ته زاني، شرابي، ظالم، غريبن جي رَتُ چوسڻ وارن، چورن، بداخلاق ۽ فرعوني حياتي گذاريندڙن کي هڪ اهڙي قوم جا فرد تسليم ڪيو وڃي ٿو، جا عالم جي ماڻهن لاءِ مثال بڻجڻ واري هئي ته هو ماڻهن جي ورهاست کي قبولي سگھيو ۽ صاف چئي ڏنائين ته :

    ”ان پر نه ايمان، جي ڪلمي گو ڪوٺائين،
    دغا تهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان،
    منهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهين“

    (3) هندوستان جي متحده قوميت جو نظريو، اگرچه مسئلهء وحدت الوجود جي پيدائش هو، ليڪن هن جي وسيع نظر ڏسي ورتو ته هندوستان جيڏي برصغير ۾ جتي مختلف عقيدن معاشرتي معيارن، تهذيبي درجي، جدا جدا ٻولين، رنگن، نسلن، رسمن ۽ رواجن وارا ماڻهو رهن ٿا، تن کي مصنوعي طور ڪنهن پلئن ۽ پروگرام تحت هڪ ڪرڻ جو اصول سهڻو ۽ سٺو بيشڪ هو، ليڪن عملي طور ان جو وڏي عرصي تائين حاصل ٿيڻ ناممڪنات مان هو. تنهنڪير هن سنڌي قوميت واري نظريي بنسبت هندي متحده قوميت واري نظريي کي زياده آسان ۽ جلد عمل ۾ اچڻ وارو سمجهي اختيار ڪيو، جنهن لاءِ کيس هيٺين حقيقتن وڌيڪ آماده ڪيو.

    (الف) سنڌ جا هندو بنسبت هندوستان جي ٻين صوبن جي، گذريل زماني ۾ ٻڌ ڌرم جي غير متعصب اثرن، گرونانڪ صاحب جي تعليم، هندو سنياسين ۽ يوڳين جي سکيا، مسلم صوفين جي غير فرقيوارانه ۽ غير متعصبانه وحدانيت جي طرز عمل ڪري، تعصب ۽ ڪٽرپڻي کان خالي ۽ مسلمانن کي رهڻي ڪهڻي ۾ گھڻو نزديڪ هئا.

    (ب) سنڌ جا مسلمان، صوفين جي محبتي پيغام، تنگ دل ۽ ڪٽر هندن سان واسطو نه پوڻ، ڪثرت تعداد ۽ گھڻي وقت تائين حڪمران رهڻ ڪري، روادار ۽ غير متعصب هئا.

    (ث) ملڪ ننڍ، ٻولي يڪي، عمده روايات، رزق جي گھڻائي، ماڻهو روادار، محب وطن، محبتي ، مهماندار ۽ ڪس کائڻ وارا هئا. اهي اهڙيون ڳالهيون هيون، جن هتي جي باشندن کي بنا تميز فرقي يا مذهب جي هڪ قوم بنجڻ جو لائق ٿي ڪيو. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انهيءَ نتيجي تي پهچڻ کان اڳ هن سنڌ جي گھڻي حصي جو سير ڪري گذر بسر جون حالتون خود جانچي ڏٺيون. سنڌ ۾ خاص طور کيس ٻن نسلن جا ماڻهو نظر آيا. هڪڙا آريا نسل جا هئا ته ٻيا سماٽ (سامائيٽ) انهن ٻنهي نسلن جي فردن ۾ کيس ڪي خصوصيتون ڏسڻ ۾ آيون، هن بلوچن کي آريه قوم جي نسلن جو ڪري تسليم ڪيو ۽ سمن، سومرن ۽ ٻين مڪاني رهاڪن کي سماٽ ڪري سمجھيو.

    1. بلوچ : جن کي آرياڻي، ڪيچي، جت آريچن جي نالن سان ياد ڪيو اٿس. اهي مڪران، قلات جي سردارين، مظفرڳڙهه، ديري غازي خان جي طرف کان آيل هئا.

    2. سماٽ : (سمه سومرا) جن جا پاڙ ابڙا، داسڙا، جاڙيجا، لاکا، راهو، انڙ ۽ جکرا هئا. اهي وچ سنڌ، ڪڇ، ڪاٺياواڙ جي طرف جا رهاڪو هئا.

    3. عوام : جن ۾ مارو، سنگھارو، ويڙهيچا، پنوهار، وڻجارا، ملاح، منگتا، ڀان، سوڍا، ڍاٽي، گندرا، ريٻارا، ڪاڇ، ڪوهيار، اوڏ، مهاڻا، ميهار شمار پئي ڪيا اٿس.

    الف : کيس بلوچ قبيلي سان خاص محبت ٿي ويل ڏسجي ٿي. سندسن بهادري، همت، وعدي وفائي، ليڍري ۽ اڳواڻيءَ جا آثار شاهه صاحب اڳيئي ڏٺا هئا. هو ڪلهوڙن جي مذهب جي نالي ۾ خود سر ۽ فسطائي حڪومت ۽ ان جي منافقانه پاليسي مان بيزار ٿي چڪو هو. ان ڪري بلوچن ذريعي سنڌ ۾ تبديليءَ جا آسرا ۽ اميدون رکڻ لڳو ۽ بلوچن جي زور وٺائڻ ۽ همت افزائي ڪرڻ جي لاءِ ڪمر ڪشي بيٺو. سڄا سارا پنج سُر سندس قصن، ڪهاڻين ۽ تعريف ۾ صرف ڪيا اٿس. بلوچن جي ساراهه ۾ سندسن ڪي مصرعون ضرب المثل ٿي ويون آهن. انهن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿيون :

    ”برهه آءُ بلوچجي، ڀيري ڪيس باند“
    ”ٻاروچاڻِي ذات، منان مُور نه وسري“
    ”ڪو جو آيس ڪوڏ، ٻاروچاڻي ذات سين“
    ”ڀلي ڪري ٿيوم، هي سنگ ٻاروچن سين“
    ”آهيان ڪميڻِي، ذات بلوچي نه جڙان“
    ”ڏٺان جي بلوچ، مون جيئن اکين سين“
    ”جيهي جي تيهي، ته به ٻانهي ٻاروچن جي“

    هڪ هنڌ سياسي رهبري بنسبت چوي ٿو ته :

    ”جنهنجو آري ڄام اڳواڻ، تنهنکي ڪانهي باڪ بهير جي“

    سندس اميدون ۽ پيشنگوئي جلدئي پوري ٿي ۽ ڪلهوڙن جي حڪومت ختم ٿي، ان جي جاءِ تي بلوچ حڪمران ٿيا. هنن جي ساڻس محبت صرف ڪلهوڙن جي ڪڍڻ جي لاءِ ڪانه هئي، پر ان ۾ تاريخي روايتون شامل هيون. جيئن ته هڪ هنڌ چوي ٿو ته :

    ”جڏان ڪن فيڪون چئي، نيو آرياڻِيءَ ارواح“

    هنن سان ملڻ يا تعلق رکڻ ۾ خوشي ٿئي ٿي، جيئن چوي ٿو ته :

    ”اچي آريءَ ڄام جو، وڻ وڻ منجھان واس“
    ”پسنديئي پنهونءَ کي، اکين ڪيو آرام“

    انهيءَ ڪري کين دعا ڪري چوي ٿو ته :

    ”الله آريچن کي، ڪوسو لڳي نه واءُ“

    سندن جوان مردي ۽ بهادريءَ جي تعريف ڪندي چوي ٿو ته :

    ”ڪٽارو ۽ ڪوس، اکڻ آريءَ ڄام سي“

    اهي صفتون سوليون هٿ ڪين اچي سگھنديون آهن. انهن کي ماڻن لاءِ لالچ ۽ لوڀ ڇڏي، لاڳاپو لاهي ننگو ٿي نڪرڻو آهي. انهيءَ منزل تي پهچڻ لاءِ ڪيئي ڪشالا ڪاٽڻا ۽ جبل ٽاڪڻا ٿا پون. انهيءَ صفتن کي هٿ ڪرڻ ڪا راند نه آهي جا ڳڀرو کيڏندا آهن.

    ب : شاهه صاحب کي سماٽ ۾ به ڪي خاص چڱايون ڏسڻ ۾ آئيون، جن مان سام کڻڻ، سخاوت، قديم روايت کي برقرار رکڻ ۽ سندن قديم تهذيب ۽ تمدن سندن اکين اڳيان هئا. هيٺ ڪي مصرعون پيش ڪجن ٿيون، جن مان مٿي ذڪر ڪيل حقيقتن بنسبت روشني پئجي سگهندي :

    ”سمي سام کنئي، سرڻين جو سک ٿيو“
    ”سما تو سر ڇٽ، نات پاڳارا پرس ٻيا“
    ”سمون سخاوت جي، ويٺو پڇي پر“
    ”ڪوٺيو ڪنگالن کي، ڏئي دلاسا در،
    ”مٿي ولهن ور، ڏيهاڻي ڏاتار جي“
    ”سمي جي سهاڳ جي، ڪنهين ڪل“

    سماٽ کي سنڌي ڪلچر ۽ تمدن جو يادگار ڪري ٿي سمجھيائين، پر کيس معلوم هو ته انهيءَ قبيلي جا ماڻهو، گھڻي وقت تائين، حڪومت ڪرڻ ۽ سکي حياتي گذارڻ ڪري، پنهنجو انقلابي جذبي ۽ جنگي روح کي وڃائي ويٺا هئا.

    ت : سنڌي عوام : شاهه صاحب جنهن طبقي کي سڀ کان وڌيڪ ساراهيو آهي، سو هو سنڌي عوام، هي اهو طبقو هو، جنهن جا افراد سنڌي ڳوٺاڻا، خانه بدوش، مال چاريندڙ، ڏٿ تي گذران ڪندڙ، پلا ۽ مڇيون ماريندڙ، کٿا ۽ لويون پهريندڙ، اڌ اگھاڙا اڌ ڍڪيل، ٻيلن ۽ جھنگن ۾ رهندڙ هئا. انهيءَ عوام ۾ سنڌ جو حقيقي روح سمايل ڏٺو اٿس. انهن جي مفلسي، خانه بدوشي، جهالت ۽ مصيبت ۾ گرفتاري ۽ قيد ڏسي هنجون هاريون ۽ نير وهايو اٿس. سنڌ جي مستقبل کي عوام جي آئيندي سان وابسته سمجھو اٿائين. انهن جي مشڪلاتن ۽ مصيبتن کي سنڌ جي تڪليف ٿي ڪري ڄاتائين. انهن جي آزادي ۽ ترقيءَ ۾ سنڌ جي ڀلائي ۽ بهتري ٿي ڏٺائين. هر قوم کي دنيا جي تعمير نو ۾ پنهنجو حصو پيش ڪرڻو آهي، هن جي خيال موجب سنڌين کي به انهيءَ ڏس ۾ خاص پارٽ ادا ڪرڻو آهي. اهو مقصد تڏهن حاصل ٿي سگھندو، جڏهن سنڌي پنهنجي هزارين ورهين جي تهذيب کي، جا هنن صدين جي تجربي بعد حاصل ڪئي آهي، ترقي ڏياري اوج تي آڻين. هن کي معلوم هو ته سنڌي دنيا جي ٻين قومن جي بنسبت پٺتي پيل هئا. هنن جي سڀني حاصلات بدويانه نموني جي هئي ۽ ٻين جي مقابلي ۾ پٺتي پيل هئي. ليڪن هن جي باوجود انجي، هر پنهنجي شيءِ تي فخر ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ ساراهيو. کيس معلوم هو ته جيسيتائين قوم ۾ خود شناسي ۽ خودداري پيدا نه ڪري ويئي آهي، ان وقت هن ۾ پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۽ پنهنجي پيغام ڏيڻ جي طاقت پيدا نه ٿيندي، ۽ سنڌي ٻين جي سياسي، اقتصادي، ذهن غلاميءَ ۾ ڦاٿا پيا هوندا.
    مارئيءَ جي سُر ۾ هن انهيءَ مضمون کي تفصيل سان ورجائي پيش ڪيو آهي. ان سُر ۾ سنڌي عوام کي مارن سان تشبيهه ڏني اٿس. ڌارين جي حڪومت کي عمر ڪوٽ جي بند ۾ قيد ڪري شمار ڪيو اٿس. حڪمران طبقي کي عمر سومري جي نالي سان ياد ڪيو اٿس. آزاديءَ جي حياتيءَ کي ملير ۾ موڪ مها چونڊڻ واري زندگي ڪري ليکيو اٿس.
    سنڌي عوام جي سچي عيوضين ۽ محبت وطن کي جنهن کي آزاد زندگيءَ جوقدر، ۽ پنهنجي قوم جي پستيءَ جو درد آهي، مارئي جي نالي سان ڪري ظاهر ڪيو اٿس.
    شاهه صاحب خواهه مخواهه پست پيل سنڌين کي ٻين قومن کان مٿي نه ٿو سمجھي. هن کي سندن پستيءَ جو بخوبي احساس هو. ليڪن انهيءَ کي هن عيب سمجھي نه ظاهر ٿي ڪيائين. چوي ٿو ته :

    ”اسين تئان آئيون، جت کهنبو ناهه،
    جي وڃون ڪنهن وهانءِ، ته به مٿن لوئيون.“

    هڪ هنڌ سنڌين جي دهقاني زندگيءَ جو ذڪر هيٺين طرح ڪري ٿو :

    ”گوليون گولاڙين جون، جھپي سان جھپيندي،
    ڪو ڪڙڪون ڍيرن ۾، ڦوڪيو ڦڪ ڀريندي
    عيدن برادن تي، کيهه مانڌاڻا کيندي،
    پسي کائي پيٽ ۾، ڏونراڏت آءٌ ڏيندي،
    سڱر ساهيڙين سان، شاڻيهه ۾ سٽيندي“

    سندن لباس جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته :

    ”گولاڙا ۽ گگريون، اوڇڻ اباڻن
    ويڙهيا گھمن ونئين، جھانگي منجھ جھنگن،
    مون کي ماروئڙن، سڃ ڳڻائي سيڄ ۾.“

    سندن عام حالتن جو ذڪر ڪندي هيٺين طرح چوي ٿو ته:

    ”پلرپين، اوچڻ ان، جن جا پير مٿي پٽ پاڪ،
    وهڻ وراڪن ۾، انجي اڄوڪي اوطاق،
    پاڻ نه پسن پاڻ کي، ويچارا بيباڪ،
    عمر اوءِ نه عاق، ڏکيا جو ڏکوئين“

    ”آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا،
    سٿا ڪيو سيد چوي، سائون سڪائين،
    منجھان لنب لطيف چوي، چانور ڪيو چاڙهين،
    پلاءِ نه پاڙين، عمر آراڙي سين.“

    ”مٿن ٽٻڪ ٽٻڪڙا چڪندڙا اچن،
    کڙيون کيهه بڪليون، پگهر سي پيرن،
    اي وڙ ويڙهيچن، مون لوڏانئي لکيا.“

    انهيءَ طرح سان پنهنجي سنگهارن، مارن، ويڙهيچن ۽ پنهوارن يعني سنڌي عوام، جي غربت جا ماريل، ڌارين جا ستايل، پاڻ اگهاڙا رهي، ٻين لاءِ رات ۽ ڏينهن محنت ۽ مزدوري ڪندڙ هئا، جي زندگيءَ جا مثال ڏيندي، سندن جاءِ رهائش، جو هيٺين طرح ذڪر ڪري ٿو :

    ”عمر انهيءَ ڏيهه جا ڏوٿين ڏنم ڏس،
    وليون وڻ ڦلاريا، للرنڱيون لس،
    آڻيو وجھن آهرين، سندا ٽوهن ٽس،
    ميوا، مڇر، ماکيون، سڀڪا چکن چس،
    ماڙيءَ وهين مس، ملير ويندئن مارئي.“

    ”هن هنڌ مارو سنرا، ڍنگر ڍار رهن،
    پاڻي پوڄ پٽن ۾، پکي پاند پين“

    ”ورسي کارا کوهه، سنجيم جي ساڻيهه جا.“

    ”کوهر، ٿوهر، ٿر، جت ساٽيڪا ۽ سٽيون،
    چارين اتي چاهه مان، ڦوڳن پاسي ڦر،
    ڪيئن لهندم ڪر، جئن مارو پاڻ اپاريا“

    ”نه ڪا جهل نه پل، نڪو رائر ڏيهه ۾،
    آڻيو وجھن آهرين، روڙيو رتا گل،
    مارو پاڻ امل، مليرون مرڪڻو.“

    ڌارين ۽ حڪمران طبقي جي ترقي، دٻدٻي، جوڙ ۽ جنسار کي ڏسي مرعوب نٿو ٿئي، هن کي سنڌي عوام جي سادي ۽ بدويانه تهذيب سان خاص الفت آهي. ٻنهي جي ڀيٽ ڪندي هيٺين طرح چوي ٿو ته :

    ”پٽولا پنوهاريون، مور نه مٿي ڪن،
    جي لاک رتائون لوئيون، ته شالئان سونهن،
    ان ايلاچنئون اڳري، بخمل بافتن
    سکر ڀانيان سومرا، کٿي کان کهنبن،
    جا ڏٺم ڏاڏاڻن، سا لاهيندي لڄ مران.“

    ”ارمق هڏ نه اوڍيان، پٽولا پٽ چير،
    ٻانڌڻا ٻن ڏيان، ارغج ۽ عنبير،
    ماروءَ سين ماڻيان، کٿيون جھڙيون کير،
    اندر اڃ اڪير، مونکي پرين پنوهار جي.“

    ”سون برابر سڳڙا، لون لون برابر لک،
    رپو تنهنجو رد ڪيو، ڪوڙهه تنهين کي ڪک،
    مون ماروءَ جو مک، تيل نه لايان تنهن جو.“

    ”ڪارا ڪراين ۾، سون اسان کي سوءَ،
    ور جيڏين سان جوءِ، فاقو فرحت ڀانيان.“

    هن سنڌي عوام يعني مارن جي ڌارين يا صاحب اقتدار طبقي جي غلاميءَ مان آزادي ماڻڻ، ذهني زنجيرن جي ٽٽڻ، سندن سياسي اقتدار جي ڪوٽن ڪرڻ، انقلاب عوام جي واهوندن ورڻ لاءِ، دعائون گھريون آهن. ڏولاهن جي ڏينهن گذري، سک جي سڪارن لاءِ دل کي دلاسا ۽ ڏڍ ڏنا آهن. هو چوي ٿو ته :

    ”مينڍان ڌوءِ نه مارئي، محلين مارئان ڌار،
    پايو ميٽ ملير ري، منڌ نه ويڙهي وار،
    جا هتيجن هار، سا ڪيئن وهندي ڪوٽ ۾.“

    ”عمر اڇا ڪپڙا، ڪاڻياريون ڪيئن ڪن،
    جنهين جا ٿر ۾، ور ٿا ويڻ سهن،
    هوءِ جي حق ڀڃن، سي ڪيئن ستيون سومرا.“

    ”آءٌ ڪيئن سوڙين سمهان، مون ور گھاري سڃَ،
    ور اباڻن سي اڃ، کُههِ شربت تنهن جو سومرا.“

    ”ڪو ڏينهن آهيون ڪوٽ ۾، لوئي هڏ نه لاههِ،
    ڪامڻ اوهان جي ڪر جي، ايءُ اڏ وڏائي آههِ،
    ستي سيل نباههِ، ملير ويندئي مارئي.“

    ”منهنجي اها آس، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي“

    ”زيرئين ٻيڙئين لوهه ۾، ڳٽن ڪيس ڳاهه،
    سنڪي سندي سومري، هڏ نه چاڙهيم ماهه،
    سرتيوندعا ڪجاءِ، ته ڀرم ڀاروڙيءَ رهي.“

    ”وڄڙين ويس ڪيا، مٿي آئي مند،
    اکيون اباڻن ڏي، بس نه ڪرين بند،
    هيئن نه ٿيس هند، جي ڪر لڌائون ڪڏهين.“

    شاهه صاحب سنڌ جي جملي رهاڪن کي، هندو مسلم فرق جي سنڌي ڪري تصور ڪيو آهي، جن ماڻهن کي ساراهيو اٿس، تن مان اڪثر ڪري هندو هئا، راءِ ڏياچ هندو راجا هيو، مومل هندواڻي هئي، سسئي هندو نسل هي هئي. اوڏ، جاڙيجا، ريٻاڙا، جوڳي، بابو، سنياسي، آديس، جن جو ذڪر شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ آندو آهي، سي سڀ هندو هئا. هن نڪو محمد بن قاسم جي تعريف ڪئي آهي نڪو محمود غزنويءَ کي ساراهيو اٿس. اورنگزيب يا ڪلهوڙن جي مذهبي سياست جو مٿس اثر پوي ها ته ضرور انهن جو نالو پنهنجي ڪلام ۾ آڻي ها، پر ڪٿي به اهو ڏسڻ ۾ نه ايندو. جي بلوچن کي ساراهيو اٿس ته اهي پهريائين ئي حاڪم هئا، جن شريعتي راڄ بدران، ملڪ جي دستورن پٽاندڙ حڪومت ڪئي. رسالي ۾ نه ملن ۽ مولوين جي ساراهه ڪيل آهي، بلڪ هنگلور جي هلڻ، گنگا تي گجڻ ۽ سنگين وڄائڻ وارن سامين ۽ جوڳين کي ياد ڪري رُنو اٿس.


    فصل ڇهون

    شاهه صاحب ۽ ڊاڪٽر اقبال جي نظرين تي هڪ نظر

    جهڙيءَ طرح سان شاهه صاحب جي شعر جو سنڌين جي دلين تي اثر پوي ٿو، اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر محمد اقبال مرحوم به اڄ پاڪستان جي اردو مسلمانن ۾ خاص طور مقبول آهي،هي مسلمانن، جا (سندن چوڻ موجب) قومي شاعر آهن.
    هن فصل ۾ آءٌ ٻنهي جي خيالات ۽ نظرين بنسبت ڪجهه حقيقتون پيش ڪري، روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪندس.

    پڙهندڙ جيڪڏهن غور سان شاهه صاحب ۽ ڊاڪٽر اقبال جي ڪلام کي ڏسندا ته معلوم ٿيندو ته ٻنهي جي تعليم ۽ فيض جو هڪ پاسو هڪڙوئي هو، يعني ٻنهي تي -1 رسول عربي -2 قرآن شريف -3 مثنوي روم جي تعليمات جو گهرو اثر پيل آهي، هيٺ ٻنهي جي ڪلام سان انهيءَ ڳالهه جي ثبوت ۾ ڪي حوالا ڏيئي پڙهندڙن کي ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندس.


    1 شاهه صاحب

    شاهه صاحب جي ڪلام جي پڙهڻ مان پتو پوي ٿو ته هن گمراهيءَ کان بچڻ ۽ هدايت حاصل ڪرڻ لاءِ محمدرسول الله صه جي تعليم کي سمجهڻ ۽ مڃڻ ضروري آهي. هو چوي ٿو ته:

    ”وحده لا شريڪ له، جڏهين چيو جن،
    تن مڃيو محمد ڪارڻي، هيجان ساڻ هنين
    تڏهين منجهان تن، اوتڙ ڪو نه اوليو“

    شاهه صاحب قرآن کي حڪمت جو مخزن ۽ اسم اعظم جو منبع سمجهي چوي ٿو ته جيڪڏهن غور ۽ فڪر سان ان ۾ نگاهه ڪبي ته ٻين درن تي وڃڻ جي ضرورت ئي ڪا نه پوندي.

    ”فڪر سين فرقان ۾، اسم اعظم ڏور
    ٻيا در وڃي نه ووڙ، اي امل اڍائيز، سپجي“

    اهڙيءَ طرح شاهه صاحب حقيقت جي جوءِ ڏسڻ، انساني معراج تي رسڻ، غير کان آجو ٿي حق جو مشاهدو ماڻڻ، پرين پسڻ بابت جڏهين گفتگو ڪري ٿو ته مولانا رومجو حوالو ڏيڻ ضروري جھاڻي ٿو، چوي ٿو ته:

    ”طالب قصر، سونهن سر اي رومي جي روءِ
    جنين ڏٺي جوءِ، تنين ڪڇيو ڪين ڪي“
    ”طالب قصر، سونهن سر رومي جو آهي
    تاڙي جي لاهي، ته منجهين مشاهدو ٿئي“
    طالب قصر، سونهن سر، ايءَ روميءَ جي رهاڻ
    پهرين وڃائي پاڻ، پوءِ پسڻ پرينءَ کي“


    2 ڊاڪٽر محمد اقبال

    اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر اقبال جي خيالات جو سرچشم فيض به رسول عربي، قرآن شريف ۽ مولانا روم آهن.

    ”بمصطفيٰ برسان خو، راڪه دين همه اوست
    اگر به اونه رسيدي، همه بولهبي است“
    ”مقام خويش اگر خواهي درين دبر
    بحق دل بندو راءِ مصطفيٰ گير“

    ڊاڪٽر اقبال جا خيالات قرآن بنسبت جيڪڏهن معلوم ڪرڻ گهرندا ته انهن جو پتو سندس هيٺين شعرن مان پئجي سگهندو.

    ميري اشعار مين پهنس ڪر نه ره جا،
    اگر تو سالک، راه يقين هي
    گذر جا تو مري بزم سخن سي،
    ره قرآن مين گام اولين هي
    جو تو اس طرح قرآن تک پنهچ جائي،
    تو حاصل دولت دنيا و دين هي
    مسحيط کائنات دل هي قرآن،
    نظر کي آخري منزل هي قرآن
    جسز بقرآن ضعيني روباهي است،
    فقر قرآن اصل شهنشاهي است

    ڊاڪٽر اقبال مولانا روم لاءِ جا عزت ۽ عقيدت رکي ٿو، ان جو پتو سندس هيٺين شعرن مان پئجي سگهندو، هو چو ٿو ته:

    ”باز بر خوانم ز فيض پير روم، دفتر سربسته اسرار علوم
    پير رومي خاک را اکسير کرد، ازغبارم جلوه ها تعمير کرد
    جان آواز شعله ما سرمايه دار، من فرونم يک نقس مثل شرار
    موجسم و در بحر او منزل کنم، تا در تا بنده حاصل کنم“

    مٿي ذڪر ڪيل حوالن مان پتو پئجي سگهي ٿو ته ٻئي ساڳين چشمن فيض مان سيراب ٿيا. سندن ڪلام تي وڌيڪ غور ڪرڻ بعد اهو به معلوم ٿيندو ته ٻنهي جي سامهون انسان ذات جي ترقي ۽ اصلاح جا مقصد هئا. گهري نظر وجهڻ بعد پڙهندڙن کي اهو ضرور معلوم ٿيندو ته، انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنهي جدا جدا رستا ۽ راهون ڏسيون آهن. مٿي ذڪر ڪيل هڪ جهڙائي ڏيکارڻ بعد آءٌ سندن اختلاف کي هيٺ پيش ڪندس.


    شاهه صاحب جو نقطه نگاهه

    (1) وحدت مذاهب:

    شاهه صاحب مسئله وحدت الوجود کي مڃڻ ڪري، وحدت مان ڪثرت، جي پيدا ٿيڻ جو قائل هو. هن ڪثرت جي ڪا جدا هستي نه ٿي مڃي ۽ ان کي صرف وحدت جو مظهر ڪري ٿي مڃيائين.
    هن وٽ ” سو پرين سو پساهه“ سو ويري سر واهرو جو عالم هو. هن پڙاڏي ۽ سڏ کي ساڳي شي ڪري ٿي سمجهيو ۽ چيائين ٿي ته:

    ”هئا اڳهين گڏ، پر ٻڌڻ ٻه ٿيا“

    هو دوبينائي دور ڪري ٻيائي کي ٻارڻ جي هدايت ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته:

    ”وحده لاشريڪ له، اي هيڪڙائي حق
    ٻيائيءَ کي ٻک، جن وڌو سي ورسيا“

    ان ذات حقيقيءَ جون، ڪوڙين ڪايائون ڏٺيون هئائين ۽ انهي جا ڌار ڌار درشن به ڪيا هئائين. هن کي نابوديءَ نيئي اهڙو اعلى ڪيو هو، جو کر ۾ به پرين پي پاڻ پسايس. تنهن ڪري هو دنيا جي مڙني مذهبن جي بنيادي وحدت جو قائل هو ۽ مذهبن جي بنيادن تي انسانن ۾ اختلاف عين اسلام جي بنيادي اصولن جي خلاف ٿي سمجهيائين. هو صوفي لاڪوفي، هو ۽ صرف وصال جو ورق پڙهيو هئائين. ٻي لات ذري جيتري به ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو. هن سان جن جو وير هو، هي انهن جو واهرو ۽ مددگار هو. هن رب العالمين کي پيار ڪيو هو، تنهن ڪري هن جيڏانهن ٿي نظر ڪئي ته سجھڻ ٿي سامهون آيس، هن وٽ شڪ ۽ گمان هئائي ڪونه، هن مذهبن جي نالي ۾ انسانن کي جدا ڪندڙ ماڻهن کي ”ڪويڄ“ ڪري ڪوٺيو آهي. هن انسان ذات جي مڙني مرضن جو علاج محبت ۽ پيار جي نسخي ۾ ڏٺو هو چوي ٿو ته؛
    ”ڪٺيس ڪويجھن، تن طبيب نه گڏيا
    ڏيئي ڏنڀ ڏڏن، پاڻان ڏيل ڏکوئيو“

    -2 سنڌين جي قوميت:

    هن ساري انسان ذات کي، قرآن جي آيت مطابق هڪ جماعت ڪري ٿي سمجهيو ” ڪان الناس امته واحدته“

    ليڪن سڃاڻپ ۽ سهلويت لاءِ گڏ ٿي ترقي ڪرڻ لاءِ هو قرآن جي ٻي آيت مطابق ” وجعلنا ڪم شعوبا، و قبائل لتعارفو“

    سنڌين کي جداگانه قوم ڪري سڏڻ کي گناه نه سمجهندو هو. سنڌين جي جدا هستي قبول ڪرڻ مان سندس مقصد انساني تفريق جو نه هو، بلڪ بين الاقواميت تي پهچڻ جو ڏاڪو هو.
    هن گهڻو ڪري ساري سنڌ گهمي ڏٺي هئي. ملڪ غربت، جهالت ۽ دک هر طرف گهڻو ڏٺو هئائين، سنڌي عوام جي حالت ڪسمپريسيءَ واري هئي، چوڌاري جڏهن نظر ٿي ڪيائين ته قومن جا قافلا ترقيءَ جي سفر ۾ اڳتي وڌي ويل هئا، پر سنڌي اڃا نڀاڳ جي ننڊ ۾ مئن جيئن منهن ويڙهي ستا پيا هئا. هو ڇورا ندورا، هئا، جن جو مائٽ مٽ ڪو نه هو، سندن پاڙي وارن کي پروڙ ڪا نه هئي ته سندن رات ڪا رنج ۾ ٿي گذري، تنهن ڪري هن سڀني ”سورن وارين“ کي پاڻ ۾ پچار ڪرڻ، قوم ۽ ملڪ جا درد ۽ دک اورڻ،” ڏکين جي مڙي ڀنڻ ڪرڻ“ واسطي سنڌي اتحاد، جو آواز اٿاريو . انهيءَ خيال ۾ اهڙو محو ٿي ويو، جو هن مذهبن جا مصنوعي ويڇا وساري ڇڏيا ۽ سڀني سورن وارن کي گڏڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سکن وارن کي مخاطب ٿي چيو ته:

    ” اڻ ڏکوئيون ڏکن جي ، ڪوه پٿر پون،
    ناءِ اوراڻو ان کي، ٿيون لوڪ ريائون رون
    پنڻ ڀيڙيون هون پار تنهين جا پڌرا.

    هن سنڌ جي مارئيءَ کي عمر ڪوٽ جي غلامي واري زندگيءَ کان آجو ڪري، ملير جي آزاديءَ واري دنيا ۾ وٺي وڃڻ کي پنهنجو مقصد مقرر ڪري ڇڏيو هو. پاڻ کي سنڌي عوام يعني مارن جو هڪ فرد سمجهي ويٺو هو. ۽ چيائين ٿي ته:
    ”جيها جي تيها مون مارو مڃيا“

    هن ور ور ڏيئي چيو ٿي ته:

    ”اچو سورن واريون ڪريون سورن جي پچار“

    اهڙيءَ طرح:
    ”ديسي سيڻ ڪجن پرديسي ڪهڙا پرين“

    به سندس تعليم جو مکيو جزو رهيو ٿي، ان مقصد يا هاڙهي ڏي هلڻ لاءِ، هن جي نظر ۾ صرف اندر جي اڌ وارن کي هلڻو هو.

    -3 حب الوطني

    شاهه صاحب جي ساري فلاسافي وطن جي بنياد تي بيهاريل هئي، وطن جي حب کي هن ايمان جو جزو ڪري ٿي سمجهو، هن کي ذاتي تجربي ۽ تاريخ جي معلومات مان پروڙ پئجي چڪي هئي ته اعتقاد جي بنياد تي قوم جو ٺهڻ انهيءَ وقت جي ماڻهن جي ذهني معيار جي مطابق نه هو ۽ انهيءَ قسم جا خيالات هوا ۾ ڪوٽ اڏڻ جي برابر هئا. کيس معلوم هو ته ماڻهن جي چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ هميشه تفاوت پي رهيو آهي. هڪ هنڌ اهڙي ڳالهين کي نظر ۾ رکي چيائين ٿي ته:

    ”اندر ڪوڙو ڪانءُ، ٻاهر ٻولي هنج جي
    اهڙو ٺلهو ٿانءُ، ڀڃي ڇونه ڀورا ڪرين،

    هو وطن جي سر سبز ٿيڻ ۽ عوام جي سکئي ٿيڻ لاءِ دعا گهري چوي ٿو ته:

    ”وطن وسائيج ته سنگهارن سک ٿئي“

    پنهن جي ديس جي ماڻهن لاءِ کيس جيڪا محبت هئي،ان جو اندازو هيٺين بيتن مان پئجي سگهندو.

    ”ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون، ڳوڙها پيس ڳڙي“
    ”سندي سنگهارن، جوءِ جو جياري جڏڙين“
    ”جيها جي تيها، مون مارو مڃيا“
    ٿر ٿر اندر ٿانءَ، ونهين ويڙهيچن جو“

    هڪ هنڌ حڪمران قوم جي فرد کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته:

    آءٌ ڪيئن ڇڏيا سومرا، تن پنهوارن پچار
    جڙ جنهين جي جان ۾، لڳي ريءَ لهار
    ميخون محبت سنديون، هنئڙي منجه هزار
    پکا ۽ پنوهار، ڏٺي مون ڏينهن ٿيا“

    هو ڪٿي به هوندو ته وطن ياد هوندو هوس، چوي ٿو ته:

    ”قسمت آنديون ڪونجڙيون وطن سندن روهه“
    ”ڀري جنين جي ڀاڻ، پسان ملڪ ملير جو“
    ”ڪريان ٻي نه ڪن، ويندس وطن سامهون“

    هن کي سدائين سنڌ تي سڪار ۽سک جو اونو رهندڙ هو، هن سنڌي عوام کي ويڙهيچا، وطن ڄاول، پنهوهار، مارو، اباڻا وغير نالن سان ڪوٺي، سندن آزاديءَ ۽ ترقيءَ لاءِ دعائون توڙي علمي لياقت جو به حال معلوم هو ۽ پنهنجي عوام جي ڪمزورين ۽ بي سرو سامانين جو به پتو هو، تنهن ڪري ظاهري حالتون اميد افزا نه ڏسي هو قدرتي ۽ بين الاقوامي تبديلين ۽ انقلابن ۾ اميدون ۽ آسرا رکي پئي هليو، کيس هميشه اميد پي رهي ته ضرور تبديلي جي مند ايندي، انقلاب جا منڊل وجھندا، نين تحريڪن جا ڪڪر قلب جون ڪسون لاهيندا، ظلم ۽ ستم کان ستايلن ۾ وري نئون روح پوندو، گوندر لهندا، موذي ۽ ڏڪاريا ڏينهن مان ويندا، هاري همت ڪري ملڪ جي سڪل ستل ۽ سخت زمين دلين کي انقلاب جو هر ڏئي حقيقي آزاديءَ جو ٻج وجهي سک ۽ سلامتيءَ جو فصل لڻندا.

    -4 دين ۽ سياست جي علحدگي
    شاهه صاحب اسلامي تاريخ جي روشنيءَ ۾ دين ۽ سياست گڏي هلائڻ جا نقصان ڏسي چڪو هو، هن کي معلوم هو ته مسلمانن جي ڪثرت وٽ نه صحيح اسلام جو تصور باقي رهيل هو ۽ نه حڪمران طبقي ۾ خدا شناسي ۽ خدمت خلق جو جذبو موجود هو، جو حڪومت کي اسلامي طريقي هلائين. بلڪ دين کي ذاتي ۽ طبقاتي مفاد لاءِ مروڙي ڪتب پي آندو ويو، دين جي اثر هيٺ حڪومت هلائڻ وارا ماڻهو ئي گذر ڪري ويا. هڪ هنڌ انهيءَ حالتن کي نظر ۾ رکي چوي ٿو ته:

    ”ويا سي وينجهار، هيرو لعل ونڌين جي
    تنين سندا پويان، سيهي لهن نه سار
    ڪٽين ڪٽ لهار، هاني انهين ڀيڻينءَ“

    هن ڏٺو پئي ته دين ۽ ان جي شريعت کي حڪمران طبقي جي سياهه ڪارين لڪائڻ، طاقت ۽ اقتدار قائم رکڻ لاءِ اوزار ڪري پي ڪتب آندو ويو. هن کي ان وقت جي ملن جو پورو پتو هو ته حاڪمن جي چوڻ تي، ڪيئن نه مذهب کي موڙي سروڙي ظاهر ڪيائون. اهڙن ماڻهن لاءِ چيائين ٿي ته:

    ”ڦريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو
    دنيا خاطر دين، وڃائي ولها ٿيا“

    هن کي پتو هو ته شخصي ۽ طبقائي مفاد عوام جي مفاد لاءِ مخالف هئا، تنهن ڪري وڏين ملڪيتن ۽ اقتدار رکڻ وارا حاڪم جڏهين مذهب جو نالو وٺندا هئا، ته ان ۾ ڪا به سچائي ڪا نه هوندي هئي، هو صرف عوام کي ڌوڪي ڏيڻ لاءِ مذهب جي نالي ۾ آڙ وٺڻ جي نيت سان اهڙا آواز اٿاريندا هئا. انهن لاءِ شاهه صاحب چوي ٿو ته:

    ”ڪيئن ماپندا من ۾، خودي ۽ خدا،
    ٻن ترارين جاءِ، ڪانهي هڪ مياڻ ۾“.

    -5 مدافعانه ذهنيت
    شاهه صاحب ڪڏهين به سواءِ پاڻ بچائڻ ۽ غلاميءَ کان آزادي حاصل ڪرڻ جي، تلوار کڻڻ جي صلاح نه ڏني، هو اڳرائي ۽ ارهه زورائي، پوءِ اها کڻي ڪهڙي به نالي ۾ هجي، جي برخلاف و. هو جنگجو پاليسي جي مخالف هو. ان بابت سندس خيالن جو پتو سندس هيٺين بيتن مان پئجي سگهندو.

    هو چونٿي تون م چوءَ، واتان ورائي،
    اڳه اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،

    ليڪن ان مان اها معنيٰ ڪڍڻ غلطي ٿيندي ته هو بزدليءَ جي تعليم ڏئي ٿو ۽ پاڻ بچائڻ ۽ آزادي هٿ ڪرڻ يا قائم رکڻ لاءِ، سر جي سٽ هئڻڻ کان ڪيٻائي ٿو. ان لاءِ سندس هيٺيون بيت شاهد آهي:

    هڻڻ هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان اي مرڪ،
    وجهن تان نه فرق، رڪ وهندي راند ۾،

    حق لاءِ لڙندڙن ۽ آزاديءَ جي پروانن جي باري ۾ هڪ هنڌ چو ٿو ته:

    آيا اجارين، تيغون تراريون تيوار،
    سانگيون ساڻن ٿه ۾، ڪلهئون نه لاهين،
    اڀائي آهين، مهائي مرڻ تي،

    جنگ جي ميدان ۾ مخالف جي طات، لشڪر، ساز ۽ سامان جو ڪو به اثر نٿو پوي، هو پڙ ۾ پرزا ٿيڻ واري سورهه کي شاباس چئي، بي همٿن ۽ ڀجھي ويندڙن کي نندي چوي ٿو ته:

    ڀڄي آئين ڀڄڻا، لڄائيئي مون سيڻ،
    ويٺيون وجهڻ ويڻ، منهن مٿاها جن جا.


    ڊاڪٽر اقبال جو نقطه نگاهه

    1.وحدت الشهود:
    اسلام جي برتري مذاهب عالم تي، ڊاڪٽر اقبال، برعڪس شاهه صاحب جي، مسئله وحدت الوجود کي قومن جي ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ ٿو سمجهي، هن جي نزديڪ انسان جو آخري ڪمال هن ۾ نه آهي، ته پنهنجي هستي فنا ڪري، هستيءَ مطلق ۾ جذب ٿي وڃي، بلڪ شرف انسانيت انهيءَ ڳالهه ۾ آهي ته انسان پنهن جي اندر خودي پيدا ڪري، خود ذات مطلب کي، پنهن جي اندر جذب ڪري و چوي ٿو ته:
    خودي کو کر بلند اتنا که هر تقدير سي پهلي
    خدا بنده سي خود پوچهي، بتا تيري رضا کيا هي

    (بال جبريل)

    ڊاڪٽر اقبال يورپ جي فيلسوف هيگل تي انهيءَ ڪري سخت نقط چيني ڪري ٿو، جو هو مسئله وحدت الوجود جو حامي هو ۽ سندس لاءِ چوي ٿو ته:
    طائر عقل فلک پرواز اوداني که چيست
    ماکيان کمزوز و مستي خايه گيرد بي خروس

    (پيام مشرق)

    انهيءَ سبب ڪري يونان جي حڪيم افلاطون کي سندس بي ثباتي دنيا جي راين سبب راهب ديرينا ۽ از گروه خيال قومن ۾ زندگي نٿا ڦوڪين، مورڳو انهن کي موت جي ننڊ سمهارين ٿا.

    ڊاڪٽر اقبال نابوديءَ جي برخلاف آهي شاهه صاحب وانگر ته:
    ”نابوديءَ نيئي وڃي عبد کي اعليَ ڪيو“

    کي نٿو مڃي هو خوديءَ ۾ سڀ ڪجهه ڏسي چوي ٿو ته:

    پيکر هستي ز آثار خودي ست
    هرچ مي بيني ز اسرار خودي ست
    و انمودن خويش راخوئٿ خودي ست
    خفته در هر ذره نيروئي خودي ست
    فطره چون حرف خودي ازبر کند
    هستيءَ بي مايه را گوهر کند
    کوءَ چون از خود رود صحرا شود
    شڪوه سنج جو شش دريا شود

    ڊاڪٽر اقبال انسان جي انفراديت جو زبردست حامي آهي ۽ بني نوع انساني جي ترقيءَ ۽ اصلاح لاءِ انسان ڪامل، جي رهبري جي ضرورت محسوس ٿو ڪري، سندس نظر ۾ مذهب اسلام (جو دين فطرت آهي) جا پيروڪار مسلمان ئي، اها رهبري ڪرڻ جا لائق آهن. سندس خيال پر مسلمان دين فطرت جا پاسبان، فڪر ۽ عمل جي وحدت جا رهنما آهن، جن جي نگاه ۾، انسان ذات جي موجوده، مصيبتن کان نجات صرف مسلمانن جي ذريعي حاصل ٿي سگهندي، انڪري هو چوي ٿو ته:

    تو نه مٽ جائيگا ايران کي مٽ جاني سي
    نقشئه مئي کو تعلق نهين پيماني سي
    زنده رکهني هي زمانه ڪو حرارت تيري
    ڪب ڪو قسمت امڪان هي صداقت تيري
    ختم ڪاهي ڪو هو، ڪام ابهي باقي هي
    نور توحيد کا اتمام، ابهي باقي هي

    (بانگ درا)

    -2 مسلمانن جي جداگانه قوميت
    ڊاڪٽر صاحب مٿي ڏيکاريل نظريي جي ڪري مسلمانن کي دنيا جي ٻين قومن کان مذهب جي بنياد تي علحده قوم ڪري سمجهي ٿو، ملڪ، نسل، رنگ وغيره جي بنيادن تي قومن جو نظريو، سندس اڳيان فرسوده ۽ نقصان ڪار آهي، سندس انهن خيالن جي شهادت، سندس هيٺين بيتن مان پئجي سگهندي:

    قلب مسا از هندو روم شام نيست
    مرز بوم ابو او بجز اسلام نيست
    با وطن وابستئه تقدير اهم

    برنسنب بنياد تعمير اهم
    ملت مارا اساس ديگر است
    اين اُساس اندر دل ما مضمر است
    مدعائي ما، مال ما يکيست
    طرز و اندازو خيال ما يکيست
    ماز نعمتهائي او اخوان شديدم
    يک زبان و يک دل و يک جان شيديم
    (رموز خودي)

    ٻي هنڌ بانگ درا ۾ هيٺين طرح چوي ٿو:

    اپني ملت پر قياس اقوام مغرب سي نه ڪر
    خاص هي ترکيب مين قوم، رسول هاشمي
    ان کي جمعيت کا هٿ ملڪ ک ونسب پر انحصار
    قوت مذهب سي مستحکم هي جمعيت تري
    دامن دين هاتهه سي چهوٽا تو جميعت کهان
    اور جمعيت هوئي رخصت تو ملت بهي گئي
    قوم مذهب سي هي، مذهب جو نهين تم بهي نهين
    جذبه باهم جو نهين، محفل انجم بهي نهين

    (بانگ درا)

    -3 وطن پرستيءَ جي مخالفت
    ڊاڪٽر اقبال قوميت جي نظريي جي بنياد، مذهبن تي رکندي، حب الوطني کي بت پرستيءَ سان تشبيهه ڏيندي، ان کي مذهب لاءِ زهر قاتل ٿو سمجهي. موجوده زماني ۾ دنيا جي قومن جي باهمي جهڳڙن جو بنياد انهي ڳالهه کي ٿو سمجهي، تجارت جي فروغ واسطي ٻين ملڪن کي قبضي ۾ آڻڻ جو ڪارڻ به انهيءَ کي ٿو ڄاڻي، انسان ذات کي ڪن ملڪن ۾ محدود ڪري، ان کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ جي برخلاف آهي. نه ٻڌن، بلڪ ساري دنيا کي پنهنجو وطن ڪري ڄاڻن، سندس انهيءَ خيال جي تائيد ان جي هيٺين بيتن مان ٿئي ٿي:

    ان تازه خدائون مين بڙا سب سي وطن هي
    جو پيرهن اسکا هي وه مذهب کا کفن هي
    اقوام جهان مين هي رقابت تو اسي سي
    تسخير هي مقصود تجارت تو اسي سي
    هو قيد مقامي تو نتجيه هي تباهي
    ره بحر مين آزاد وطن صورت ماهي

    _______________
    رهي گا راوي وليل وفرات ۾ کب تک
    ترا سفينه گه هي بحر بيگران کي لئي

    _______________

    جوهر مايا مقاسي بسته نيست
    باده تندش بجائي بسته نيست
    _______________

    مسلم امتي دل با قلمي مبند
    گم مشو از جهان چون وچند

    ______________________
    هي ترک وطن سنت محبوب الاهي
    دي تو بهي نبوت کي صداقت کي گواهي

    دنيا جي انهن قومن لاءِ، جي وطن تي بنياد ٿيون رکن هيٺين طرح فرمائي ٿو
    :
    اُن چنان قطعه اخوت کرده اند
    بر وطن تعمير ملت کرده اند
    ٿا وطن راشمع محفل سا ختند
    نوع انسان را قبائل سا خند
    مرد مي اندر جهان افسانه شد
    آدمي از آدمي بيگانه شد
    روح از تن رفت وهفت اندام ماند
    آدميت گم شد و اقوام ساند

    (رموز خودي)
    -4 مذهب ۽ سياست جي اجتماعيت:
    ڊاڪٽر اقبال دين کي دنيا جي ڪاروبار کان علحده نٿو رکڻ گهري، هو اسلام کي منظم دين ڪري زندگيءَ جي هو مسئلي ۾ ان جي رهبري ضروري سمجهي ٿو، هو انهيءَ رستي زمين تي عدل ۽ انصاف قائم ڪري، امن ۽ سلامتي قائم ڪرڻ گهري ٿو، اڄوڪي دنيا جي دستور جنهن ۾ سياست کي مذهب کا علحده ڪيو ويو آهي. کي پسند نٿو ڪري.

    هن جي نظر ۾ سياست حڪومت دين کان جدا ڪرڻ بعد بي روح ٿي پيئي آهي ۽ ڪاغذي عهدنامن، قانونن ۽ قاعدن مان جان نڪري ويئي آهي، انهيءَ جي تائيد ۽ سندس هيٺيان بيت شاهد آهن:

    مري نگاهه مين هي يه سياست لادين
    کنيز اهر من و دون نهاد، مرده ضمير
    هوئص جو ترک کليا سي حاکمي آزاد
    فرنکيون کي سياست هي ديوبي زنجير
    متاع غير په هي جب نظر انکي
    تو هين هر اول لشکر کليسيا کي سفر
    (ضرب کليم)
    ”هوئي دين دولت مين جس دم جدائي
    هوس کي اميري، هوس کي وزيري“

    هو گذريل اسلامي دور جي ياد مسلمانن کي تازه ڪرائي ٿو. ان وقت لشڪر جو سپهه سالار ۽ مسجد جو امام ساڳيو هو. ان جي هڪ هٿ ۾ تلوار هئي ته گلي ۾ قرآن لٽڪيل هودو هوس، دين ۽ دنيا ٻنهي ۾ پورو هوندو هو. هو مسلمانن کي دنيا جي امامت ڪرڻ جي تلقين ٿو ڏئي.

    -5 جارحانه ذهنيت
    ڊاڪٽر اقبال مسلمانن کي انسانن جي رهبري جو لائق سمجهي غلبه اسلام آڻڻ ۽ خلاف ڪبريٰ قائم ڪرڻ ٿو گهري. مسلمانن کي دنيا ۾ دارالاسلام قائم ڪرڻ لاءِ جهاد جي تلقين ٿو ڪري ۽ کين ياد ٿو ڏياري ته هو تلوارن جي پاڇي ۾ پلجي جوان ٿيا آهن. خود سندن قومي نشان به انهي ڪري خنجر ۽ هلال ٺهرايو ويو آهي. سندس انهيءَ خيالن جي شهادت سندس هيٺين بيتن مان ملي سگهندي:

    به نکته سر گذشت ملت بيضا سي هي پيدا
    که اقوام زمين ايشيا کا پاسبان تو هي

    سبق پهر پڙهه صداقت کا، عدالت کا، شجاعت کا
    ليا جائي گا تجهه سي کام دنيا کي امامت کا

    نهين تيرا نشيمن قصر سلطاني کي گنبذ پر
    تو شاهين هي بسيرا کر پهاڙون کي چٽانون مين

    يا

    در ڪف موسيٰ همين شمشير بود
    ڪار او بالاقر از تدبير بود
    پنجه حيدر که خيربر گير بود
    قوت اولر همين شمشير بود
    (رموز بي خودي)

    سوچا يهي هي اي مرد مسلمان کبهي توني
    (ضرب کليم)

    آ تجهه کو بتائون مين تقدير اهم کيا هي
    شمشير وسنان اول طائوس و رباب آخر
    (بال جبريل)

    شاهه صاحب ۽ ڊاڪٽر اقبال جي نظرين جي هن مختصر وضاحت مان ظاهر آهي ته ٻنهي پنهنجي نقطه نگاهه کان انسان ذات جي ترقي ۽ اصلاح ٿي گهري. انهي واسطي قومن کي بيدار ڪري منجهن روح ڦوڪڻ ٿي گهريو. جيتونيڪ سندن طريقه ڪار الڳ هئا ليڪن ڪيترا نقطه ساڳيا ڏسيائون ٿي. مثلن:

    -1 عشق جي تلقين
    ٻنهي وٽ هر قومي مرض جو علاج عشق قرار ڏنو ويو آهي. سندن چوڻ هو ته عشق کان سواءِ انسان بي جان آهي. جيستائين ڪن قومن عشق جي شراب مان ڍڪ نه پيتو آهي ان وقت تائين هو ڪو به وڏو ڪم ڪري نه سگهندا.
    شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:

    ”جئان وهي تئان واٽ، ڪپر پڇن ڪوڙيون
    جن کي سڪ ساهڙ جي، سي گهيڙ پڇن نه گهاٽ
    جن کي عشق جي اساٽ، سي واهڙ ڀانئين وکڙي“

    ”پاڻ م کڻج پاڻ سين، وسيلا وڃاءِ
    عشق ساڻ اٺاءِ، پير پريان جي پار ڏي“

    ”سڪڻ انئين نه سڌ، جيئن لڪيو لياڪا پانئين
    پئي پريان جي نه ٿئين، مٿي اڱڻ اڌ
    اي پڻ ڪوڙي سڌ، جيئن کليو کلايو سمهين“

    ڊاڪٽر اقبال چوي ٿو ته:

    عشق کي هين معجزات سلطنت وفقر و دين
    عشق کي ادنيٰ غلام صاحب تاج ونگين
    عشق مکان مکيي، عشق زمان و زمين
    عشق سراپا يقين او ريقين فتح باب
    در جهان هم صلح وهم بيکار عشق
    آب حيوان، تيغ جوهر دار عشق
    جب عشق سکهاتا هي آداب خود آگاهي
    کهلني هين غلامون پر اسرار شهنشاهي

    2. قرباني
    ٻنهي صاحبن جو چوڻ آهي ته خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ تڪليف برداشت ڪرڻ کان سواءِ ڪا به قوم ترقي ڪري نه سگهندي.
    شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:

    ”سڪڻ ۽ سوري ٻئي اکر هيڪڙي
    وهڻ واٽڙين تي ڪارڻ ضروري
    ٻنهي جي پوري، جيءَ ڏني وريءَ نه جڙي“

    ”پهرين ڪاتي پاءِ، پڇج پورو پريتڻو
    ڏک پريان جو ڏبل ۾ واجھٽ جيئن وڄاءِ
    سيخن مانبچاءِ، جي نالو ڳيڙءَ نينهن جو“

    ڊاڪٽر اقبال چوي ٿو ته:

    ميارا بزم بر ساحل ڪه آنجا
    ”حيات بر ڪناره نرم خيز ست
    بدريا غلط باموجش در آويز
    حيات جاودان اندر ستيز است“

    3ــ خوڊ شناسي:
    ٻنهي صاحبن هڪ مشهور حديث ته:
    ”من عرف نفسه فقد عرف نفسه“

    مان سبق وٺي قوم کي پاڻ سڃاڻڻ جي تلقين ڪئي آهي، شاهه صاحب فرمائي ٿو ته :
    پيهي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ
    ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾ نڪا ڪيچين ڪاڻ
    پنهون ٿيس پاڻ سئي، تان سور هئا.

    هوت تنهنجي هنج ۾، پڇين ڪو پيهي
    ”وفي انفسڪم افلاتبصرون“ سوجهي ڪر سهي
    ڪڏهن ڪا نه وهي، هوت ڳولڻ هٽ تي

    اسين سڪهون جن کي، سي تان اسين پاڻ
    هاڻ وڃ گمان، صحي سڇاتا سپرين

    ڊاڪٽر اقبال فرمائي ٿو ته:

    ڊهونڊهني والا ستارو کي گذر گاهونکا
    اپني افکار کي دنيا مين سفر کر نه سکا
    اپني حکمت کي خم و پيچه مين ايسا الجها
    زندگي کي شب تاريک سحر کر نه سکا
    جس ني سورج کي شعاعون کو گرفتار کيا
    آج تک فيصله نفع وضرر کر نه سکا

    انهن متفق نقطن جي علاوه ٻنهي جي تعليم جا ٻيا ڪي پهلو بلڪ هڪ ٻئي جي برعڪس آهن. مثئلن شاهه صاحب جي تعليم مساوات ۽ جمهوريت طرف ڇڪي ٿي مگر ڊاڪٽر صاحب فخطائيت ۽ قومي برتري جو سبق سيکاري ٿو.
    شاهه صاحب سنڌين کي دنيا جي قومن اڳيان بنا ڪنهن مذهب ۽ مدت جي تميز جي آزاد ۽ ترقي يافته ڪري هڪ جهڙي درجي تي آڻن گهري ٿو ته ڊاڪٽر صاحب وري مسلمانن کي شجاعت، عدالت وغيره جي ذريعي ٻين قومن جي ليڊرشپ ڪرائڻ گهري ٿو. جيئن هٽلر، نسل جي بنياد تي جرمنن جي ٻين قومن تي ليڊريءَ جو قائل هو تيئن ڊاڪٽر صاحب وري مسلمانن کي مذهبي بنياد تي امامت ڪرائڻ گهري ٿو. چاهي ڊاڪٽر صاحب ڄڻ ته ” ان اکر ڪم عندالله انقاڪم“ کي وساري ڇڏي ٿو، انهي جي برعڪس شاهه صاحب چوي ٿو ته:

    ”ڪا نه پڇي ٿو ذات جي آيا سي اگهيا“


    فصل ستون

    شاهه صاحب جا مذ هبي رايا

    مورک مور نه ٻجھڻا، هيڏانهن هوڏانهن ڪن،
    سي ڪيئن پرين پسن، ڪٽر جنين اکين ۾.

    انسان ذات جي ڀلائي ۽ بهتري، درستي ۽ ترقيءَ لاءِ جي راهون ۽ رستا، طريقا ۽ تجويزون ابتدائي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين نسل انساني جي خير خواهه ۽ سمجھدار مفڪرن طرفان سوچيا يا رٿيا ويا آهن، انهن مان مذهب به هڪ مکيه رستو يا طريقو آهي.

    ”واٽون ويهه ٿيون، ڪوهه ڄاڻان ڪيڏانهن ويا.“

    جيتوڻيڪ مذهب جو اصل مقصد ۽ مراد انساني اتحاد ۽ ترقي هئا:

    ”تان ڪا ڪاني پاءِ، ونن ۾ وصال جي،
    دو بينائي دور ڪري، معرفت ملهاءِ،
    سپريان جي سونهن ۾، رخنو ڪونه رهاءِ،
    اک اشهد چاءِ، ته مسلماني ماڻئين.“

    پر قدرت جي ٻن مکيه طاقتن، خير ۽ شر، چڱائي ۽ مٺائيءَ جي هر جڳهه ۽ هر ڳالهه ۾، ڪارڪن تي اثر انداز ٿينديون نظر ٿيون اچن. تن جي زد کان مذهب به خالي نه رهيو آهي. جيڪڏهن غور سان ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته هڪ طرف اگر مذهب انساني ترقيءَ ۾ معاون ٿي ڪم آيو آهي، ته ٻئي طرف انساني ڪمزورين ۽ خامين، ان کي ذاتي ۽ طبقاتي مفاد جي حصول لاءِ هٿيار طور پئي ڪتب آندو.
    جيڪڏهن مذهب هڪ طرف وحدت ۽ محبت انساني توڙي خدمت خلق جو ڪم ڏنو آهي ته ٻئي طرف ان جي نالي ۾ تفريق ۽ ڪلفت، ظلم ۽ استبداد، وهم پرستي ۽ جهالت کي ڪافي تقويت پهتي آهي.
    مذهب بذات خود مقصد ۽ مراد نه آهي، ليڪن مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۽ نتيجن تي پهچڻ جو آلو ۽ اوزار آهي، جنهن جي افاديت جو سارو دارومدار انهيءَ کي ڪم آڻيندڙ تي آهي؛ چاهين ته ان کي خير لاءِ ڪم آڻين، چاهين ته شر لاءِ.
    جهڙيءَ طرح بدن انساني کي تندرست ۽ توانو رکڻ، مرضن ۽ بيمارين کان آجي ڪرڻ جي لاءِ حاصل ڪيل تجربن، معلومات ۽ علاجن جي مجموعي کي علم طب سڏجي ٿو ۽ ان ۾ ابتدا کان وٺي آب هوا، ملڪي قومي حالتن، جدا جدا وقتن ۽ زماني جي تجربن جي بناءَ تي مٿي ذڪر ڪيل مقصدن جي حصول لاءِ، ڪيئي نظريا ۽ طريقا جهڙوڪ ’ايلوپيٿي‘، ’هوميوپيٿي‘، ’نيچرو پيٿي‘،’يوناني طب‘ ۽ آريويدڪ وغيره پيدا ٿي چڪا آهن، ايتري قدر جو هر هڪ نظريي يا طريقي علاج ۾ به ڪيئي شاخون بڻجي چڪيون آهن ۽ خود انهن شاخن اندر پڻ تشخيص ۽ علاج ۾ به ڊاڪٽر يڪسان نه ٿا ٿين.
    اهڙيءَ طرح سان ڪائنات جي پيدائش، بقا ۽ زوال جي سببن، مقصدن جي معلومات، مادي ۽ روح جي علم، انسان جي ترقي، خوشحالي ۽ امن جي حصول لاءِ مذهب مکيه طريقو ٿي ڪم آيو آهي.
    طب وانگر مذهب به فروغات ۽ تفصيلات ۾ پوڻ ڪري پنهنجن اصل مقصدن کان دور ٿي ويو آهي. جنهن ڪري اهو به لاتعداد ڀاڱن ۽ حصن ۾ ورهائجي ويو آهي.

    ”ڪوڙين ڪايائون، تنهن جون لکن لک هزار،
    جي سڀ ڪنهن جيءَ سين، درسن ڌارئون ڌار،
    پريم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان.“

    نتيجو اهو نڪتو آهي ته مقصدن ۽ طريقي ڪار جي وچ ۾ شناخت نه رهي آهي ۽ مذهب اتحاد جي بدران نفاق جو ڪارڻ پي بڻيو آهي، سچ ۽ ڪوڙ، صحيح ۽ غلط گڏجي پيا آهن.
    هن مضمون ۾ آءٌ حتي الامڪان اها ڳالهه واضع ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ته، جنهن زماني ۾ شاهه صاحب پيدا ٿيو، ان وقت مذهب تي عام طرح ۽ اسلام تي خاص طرح، ڪهڙا اثر پيل هئا، مذهب جو ڪهڙو مفهوم پئي ورتو ويو، ان کي ڪهڙن مقصدن لاءِ ڪتب پئي آندو ويو۽ انهن مان عام ماڻهن کي ڪيتري قدر فائدو ٿي پهتو. ڇاڪاڻ ته شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ جن راين جو اظهار ڪيو آهي، انهن جي معنى ۽ مطلب کي پوريءَ طرح سمجھڻ لاءِ ان وقت جي مذهبي حالتن ۽ حقيقتن جو علم هجڻ لازمي آهي.
    شاهه صاحب هڪ مذهبي گھراڻي جو فرد ۽ درويشن جي اولاد مان هو، سندس تربيت جنهن طريقي تي ٿي هئي، ان موجب کيس اسلام کي دين مڪمل ۽ بهترين لائح حيات ڪري ذهن نشين ڪرايو ويو هو. خدا شناسي، محبت انساني ۽ خدمت خلق انجا مکيه جزا ڪري ٻڌايا ويا هئا.
    پر وڏو ٿي، آسپاس جي عملي زندگيءَ تي نظر ڪري ڏٺائين ته، حقيقتون برعڪس ڏسڻ ۾ آيس ۽ ٻڌل ڳالهين ۽ ڏٺل حالتن ۾ گھڻو تفاوت نظر آيس.

    جي صرافن لڏيو، ته تون پڻ لڏج سون،
    قدر لهندءِ ڪون، نيئي گڏيندءِ گڏونءَ سين.

    ان وقت هن کي مسلمانن جي مذهبي زندگيءَ ۾، ڪم و بيش هيٺين قسمن جون خاميون ڏسڻ ۾ آئيون.

    1. مذهب جي نالي ۾ ڳالهائيندڙ حاڪمن، عملدارن، مولوين ۽ پيرن جي قولن ۽ فعلن ۾ گڻو تفاوت نظر ٿي آيس.
    هو وڏيون ڳالهيون ڪند هئا، عمل انجي برعڪس هئن. مذهب اسلام کي ان وقت مٿي ذڪر ڪيل طبقي جي ذاتي ۽ طبقاتي مفاد لاءِ ڪتب پي آندو ويو. جن ڳالهين ان کي دنيائي عمل ۾بين الاقوامي ۽ عالمگير شهرت ۽ حيثيت تان هيٺ ڪيرائي، ان جي ترقي پسندي، عوامي مفاد، انقلابي جذبي، وسعت خيالي ۽ عوامي دلچسپي جي صفتن کي وڏو نقصان پهچايو هو.

    ”اندر ڪوڙو ڪانءُ، ٻاهر ٻولي هنج جي،
    اهڙو ٺلهو ٿانءُ، ڀڃي کڻي ڀورا ڪجي.“

    2. ان وقت جي ملز ۽ پيرن ۾ بي علمي، جهل، حسد، فخر، ڪوتاهه نظري ۽ تنگ خيالي گهڻي قدر پکڙيل هئي، جنهن ڪري سندن باهمي اختلافن ۽ جهڳڙن ڪري، مذهب اسلام ذات جو اتحاد ته درڪنار، پر خود مسلمانن ۾ گهر گهر نفاق ۽ نفرت جو ڪارڻ بنايو ويو هو ۽ مسلمان جدا جدا گروهن جي مجموعي جو جم غفير بنجي چڪا هئا.

    وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ،
    پسو پکيئڙن، ماڻهئان ميٺ گهڻو.

    3. شاهه صاحب کي محسوس ٿيڻ لڳو ته، ان وقت جي گهڻن مسلمان مان خدا شناسي محبت انساني، خدمت خلق جو مادو گهٽجي ويو هو ۽ ان جي عيوض شرڪ ۽ جهل، خودي ۽ خود مطلبي، ڪفلت ۽ نفرت سستي ۽ ڪاهلي جاءِ گزين ٿي چڪيون هيون، جنهن جو نتيجو اهو ٿي نڪتو ته، جو مذهب انسان ذات کي مسڪيني، جهالت، بداخلاقي، بدامني ۽ غلاميءَ جي ذلت مان ڪڍي، ان کي خوش حالي، صحيح سمجهه، بلند اخلاقي، امن ۽ آزاديءَ جي منزل مقصوم تي پهچائڻ جو پيغام کڻي نمودار ٿيو هو، سو خود چند افراد جي ذاتي ۽ طبقاتي مفاد خاطر مٿي ذڪر ڪيل مرضن جي زور وٺائڻ جي ڪم پي آندو ويو.

    “اڇو پاڻي لڙ ٿيو، ڪالوريو ڪنگن،
    ايندا لڄ مرن، تنهن سر مٿي هنجهڙا“

    اهڙِن حالتن هيٺ جڏهين مذهب اسلام پنهنجي اوائلي قوت فروغ، ۽ انقلابي خاصيت وارو اثر، گهڻي قدر وڃائي چڪو هو، تڏهين مسلمانن کي سياسي، اقتصادي ۽ اخلاقي زوال کان بچائڻ لاءِ ڪترن عالمن کي مسلمانن جي جداگانه قومي نظام قائم ڪرڻ، مذهب کي چند اعتقادي اصولن ۽ ڪن مخصوص عبادتن جي محدود دائري ۾، بند ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي، جهڙِيءَ طرح هڪ بيمار کي شفا خاني اندر تيماداري ۽ علاج جي ضرورت ٿئي ٿي.

    اهڙيءَ طرح هنن ملت جي حفاظت ڪرڻ جي ضرورت محسوس پي ڪئي، ”ليڪن تجربي مان معلوم ٿي ٿيو ته مرض بڙهتا گيا جون جون دوا ڪي“

    شاهه صاحب انهن خامين ۽ ڪوتاهين جي ڪارڻن معلوم ڪرڻ ۽ انهن جي دورو ڪرڻ لاءِ، صحيح حل ڳولا ڪرڻ واسطي، سنڌ جي سير تي نڪتو ۽ ورهن جي سياحت ڪرڻ بعد، جن نتيجن تي پهتو انهن جو پتو سندس ڪلام مان پئجي سگهي ٿو.
    اهو بهتر ٿيندو جيڪڏهن پڙهندڙن اڳيان اسان ان وقت جي مسلمانن جي مذهبي رجحانات جي مختصر تصوير پيش ڪريون، جا شاهه صاحب پنهنجي سير ۽ سفر جي دوران ۾ ڏٺي هوندي ۽ ان مان شاهه صاحب تي جي اثر پيا هوندا، ان جو به اندازو ٿي سگهندو.
    سنڌ ۾ مسلمان ان وقت، هاڻي وانگر ٻن طبقن ۾ وراهيل هئا. هڪ هو حڪمران طبقو ۽ ٻيو هو عوام جو طبقو. پهرين طبقي ۾ ڪلهوڙا حاڪم، پير ۽ سادات، زميندار ۽ جاگيردار، ملا ۽ مولوي هئا ۽ ٻئي طبقي ۾ غريب خانه بدوش ماڻهو (مارو) هاري، مهاڻا، ڪاسبي وغيره هئا.
    پهرين صاحب اقتدار طبقي جي، مختلف گروهن جو مختصر احوال پيش ڪندس، ان کانپوءِ عوام جو ذڪر ڪيو ويندو.


    1. ڪلهوڙا حاڪم

    ان وقت جا حاڪم ڪلهوڙا هئا،جي ڪنهن وڏي يا بهادر قبيلي جا سردار ڪو نه هئا، سندن اقتدار ۾ اچڻ، مذهب ۽ شريعت اسلام جي نالي ۾ ٿيو هو، سندن ابتدائي شهرت، پير طريقت جي حيثيت ۾ ٿي.
    اون ۾ جيتوڻيڪ سندن وڏن ۾ پرهيزگاري ۽ سادگي کڻي رهي هوندي، ليڪن حڪومت ۽ ملڪيت جي فراواني سندن عملي زندگيءَ ۽ اخلاقن کي بگاڙڻ کانسواءِ نه رهيا هئا.
    ظاهري بزرگي، حڪومتي رعب جي نمائش، عياش زندگي گذارڻ، سندس طبيعت جا جزا ٿي پيا هئا، پنهنجي طاقت، حڪومت ۽ مذهبي اثر قائم رکڻ واسطي، هر طرح جي منصوبن، دغابازين، خونريزين، بزرگن ۽ درويشن کي تنگ ڪرڻ، ويندي قتل ڪرائڻ تائين کان به نه ٿي مڙيا. سندن سارو توجهه عوام جي ڀلي ۽ ترقي، ملڪ جي سڌاري ۽ واڌاري جي بجاءِ، پنهنجي حڪومت ۽ ملڪيت وڌائڻ، بزرگي قائم رکڻ تي صرف ٿيڻ لڳو. مذهب کي انهيءَ ڳالهين جي حصول لاءِ، استعمال ڪرڻ شروع ڪيائون. جهڙي طرح پاڪستان ۾ موجوده صاحب انداز طبقو، پنهنجي طبقائي مفاد حاصل ڪڻ ۽ اقتدار قائم رکڻ لاءِ، باوجود انهيءَ ڳالهه جي، ته نه وٽن صحيح اسلامي تصور موجود آهي ۽ نه ئي سندن عمل اسلامي آهي. ته به مذهب جو نالو وٺي، اسلامي حڪومت، مسلماني اتحاد ۽ غلبه اسلام جا راڳ ڳائي، هر طرح جا برا ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هر آزاد خيال ۽ سندن نقطه چين کي اسلام پاڪستان ۽ مسلمانن جو دشمن سڏي، ختم ڪرڻ گهري ٿو ۽ انهيءَ پاليسي کي توڙ رسائڻ لاءِ، پنهنجي طرفدار گروهه کي، مسلمانن جي جماعت (مسلم ليگ) سڏي، ٻي ڪنهن به جماعت، گروهه، خيال يا نظريي کي زنده رکڻ نٿو ڏئي، اها ساڳي حالت ڪلهوڙن جي هئي.
    موجوده حاڪم جيڪڏهن پنهن جي سموريءَ پاليسيءَ جو بنياد علامه اقبال جي ”پئن _ اسلامزم“ جي تعليم تي رکن ٿا ته، ڪلهوڙا وري سيد محمد ميران جونپوري جي، مهدويت واري نظريي تي رکندڙ هئا. تفاوت صرف مختلف زماني، حالتن طريقي ڪار جو اهي، ليڪن ٻنهين نظرين جي پويان ساڳيو روح ڪم ڪندڙ آهي. اگر هن وقت ”ليگيت“ جو دور آهي ته ان وقت ”ميانواليت“ مشهور هئي.


    2. پير طريقت ۽ سادات

    هي طبقو اهل طريقت جي اولادن مان هو، اگرچ انهن جي وڏن پنهنجي قول ۽ فعل جي بلنديءَ ذريعي، عوام جي اخلاقي حالت سڌارڻ، ماڻهن ۾ رواداري ۽ محبت پيدا ڪرڻ واسطي ڪا به گهٽتائي ڪا نه ڪئي هئي، ليڪن وقت جي گذرڻ ڪري، جيئن ٻين مذهبي ادارن ۾ تنزل جا آثار نمايان ٿيڻ لڳا، تيئن هنن بزرگن جا پويان به انهيءَ لهر ۾ لڙهي ويا. ان وقت جي درگاهن جا اڪثر سجاده نشين، پنهنجي ملڪيتن وڌائڻ، عياش زندگي گذارڻ، ڪتن سان سوئرن جا شڪار ڪرڻ، ذاتي اقتدار، رعب ۽ اثر وڌائڻ جي چڪر ۾ هئا ته ڪي وري نسلي امتيازن تان، پاڻ ۾ لڙڻ منجهه مشغول هئا. پنهنجي بزرگن جي مزارن ۽ مقبرن تي ميلا لڳارائي، انهن تي طرح طرح بدعتي ڪمن جو رواج وجهڻ، شراب پيئڻ، جوا ڪرائڻ، چڪلن کلڻ جي اجازت ڏيڻ، راڳ ۽ ناچ جون محفلون گرم ڪرڻ، پاڻ کي محفلن ۾ ماڻهن جي ڪلهن تي کڻائي هلڻ، وڏي ٺاٺ سان مريدن وٽ وڃي مڪڙن وانگي، انهن جي ملڪيت تباهه ڪرڻ، فيض پهچائڻ کانسواءِ، ٺلهيون بيعتون مريدن کان وٺڻ، وارن جون چڳون ڪترڻ، ڌاڳا وٽي ڏيڻ، گانا ٻڌائڻ، خاص قسم جو لباس، چند مريدن کي پهرائي، انهن کي خلافت جا لقب ڏيڻ، ماڻهن کان پيرن تي هٿ رکائڻ ۽ هٿن کي چميون ڏيارڻ، ڪانين ڪرامتن جي ڊپ سان جاهلن کي ڊيڄاري، مطيع ڪري، ڏن ۽ نذرانا وٺڻ، ٿي پيو هو.


    3. زمينيار ۽ جاگيردار

    انهيءَ طبقي ۾ قبيلن ۽ پاڙن جا سردار ۽ وڏيرا، ارباب ۽ ڄام وقت جي حاڪمن جا عزيز يا منظور نظر اچي ٿي ويا.
    انهيءَ طبقي جي ماڻهن کي زمين ۽ ٻي جائداد جي ذريعي جا طاقت ۽ ملڪيت هٿي آيل هئي، سا هو باهمي جهڳڙن، ذاتي اقتدار ۽ اثر وڌائڻ، عوام کي محڪوم رکڻ، شخصي عياشين، نشن، راڳن، ناچن، شڪارن، ملاکڙن، ڪڪڙن، گهٽن ۽ تترن کي ويڙهائڻ، دعوتن ۽ ضيافتن تي خرچ ڪرڻ ۾ صرف ڪندا هئا.سندن مذهبي مسئلا پيرن کي نذرانو ڏيڻ ۽ دعوتون کارائڻ، مسجدون ٺهرائڻ، مسجدن ۾ قرآن وٺي رکڻ پيرن ۽ فقيرن جي قبن ۽ مقبرن جي ٺهرائڻ ۽ سينگارڻ تي خرچ ڪرڻ، ملن ۽ مولوين جي پرورش ڪرڻ، يارهين، عرس، عاشوره، عيد جي موقعن ٿي، پنهنجي نام ناموس وڌائڻ خاطر، ماڻهن کي دعوتن تي سڏي، طرح طرح جا طعام کارائڻ تائين محدود هئا.


    4. ملا مولوي

    انهن مان گهڻا اڌ پڙهيل ۽ ڪي تحصيل ٿيل مولوي هئا. سندن مذهبي مشغلا هيٺيان هئا. مسجدن ۾ ٻانگون ڏيڻ، نمازون پڙهائڻ، مئلن کي ختما ڏيڻ، ميتن کي غسل ڏيارڻ، نڪاح پڙهڻ، خيرات ۽ ختمن جون دعوتون کائڻ، پاڻ ۾ مذهب جي فروعاتي ڳالهين تان بحث مباحثو ڪرڻ، مخالفن تي ڪفر ۽ الحاد جون فتوائون ڪڍڻ ۽ نيڪاليون جاري ڪرڻ، مذهب جي اعليٰ اصولن کي نه سمجهي يا ڄاڻي واڻي وساري فورعاتي ڳالهين کي خاص اهميت ڏيڻ، اصولي ۽ بنيادي مسئلن کان بي التفاتي ڏيکارڻ، حاڪمن ۽ وڏن ماڻهن جي سهولت خاطر مذهب کي مروڙي خسروڙي ان ۾ ڦيريون گهيريون ڪرڻ، ظاهرداريءَ کي اندر جي اجارڻ تي ترجيع ڏيڻ، بنا مطلب ۽ معنيٰ سمجهڻ جي قرآن ۽ ڪتاب پرهڻ، روزا رکڻ تي زور ڏيڻ، ليڪن حلال جي ڪمائيءَ تي گذر ڪرڻ جي پرواهه نه ڪرڻ، ظاهري پاڪيزگيءَ کي اخلاقي، پرهيزگاريءَ کان وڌيڪ سمجهڻ، عوام ۾ محبت پکيڙڻ بدران، نفاق جي باهه ٻارڻ، اسلام کي رسم، رواجن، چند عبادتن ۽ اعتقادن جي مجموعي ۽ محدود ڪرڻ، ناس کي جائز ٺهرائڻ، دهل وڄائڻ يا نه وڄائڻ کي جائز ۽ ناجائز ٺهرائي ماڻهن ۾ ڏڦيڙ وجهڻ، راڳ چوڻ يا ٻڌڻ کي غير شرعي ٺهرائڻ، سرود وجھائڻ يا ٻڌڻ کي گناهه سڏڻ، ڊگهي سٿڻ پائڻ کي ناجائز قرار ڏيڻ، وار وڏا يا ننڍا رکائڻ لاءِ جدا جدا رايا ڏيڻ، ڏاڙهي مٺ جيڏي يا خسخسي ڇڏائڻ تي بحث ڪري، ڪاغذ ڪارا ڪرڻ، وارن کي رنگ ڏيئي ڪارو يا ڳاڙهو ڪرڻ جي سوال تي ست اختلاف رکڻ، مڇون ڪترائڻ يا ڍگهيون رکڻ تي سني ۽ شيعه ٿي پوڻ تي زور ڏيڻ، عاشورن ۾ ماتم ڪرڻ، نماز ۾ هٿ ٻڌڻ ته دن کان هيٺ يا مٿي تي وڏا بحث مباحثا ڪرڻ، تيرهن سو ورهيه اڳي گذريل سياسي اختلافات جهڙوڪ خلافت جي حقدار هئڻ واري مسئلي تي ايتري قدر تڪرار ڪرڻ، جو فساد ۽ جهڳڙا پيدا ٿي پون، سيدن کي ذات سڏڻ يا نور جي پيدائش سڏڻ تي جهيڙا ڪرڻ سجده تعظيمي جي جائز ۽ ناجائز هئڻ بابت لنبيون لنبيون اختلافي فتوائون ڏيڻ، مخالفن کي خارجي، رافضي، وهابي، ملحد، مشرڪ ۽ ڪفر جي لقبن سان مخاطب ڪرڻ، شيعي، سني، مالڪي، شافعي، اهل حديث مقلد ۽ غير مقلد جي تفاوتن ۽ فرقن ۾ ملت کي تقسيم ڪرڻ، پير پرستي ۽ قبر پرستي ڪرڻ، تعويذن، پليتن، ڦيڻن ۽ ڇنڊن ۾ اعتقاد رکڻ، ڪارن ڪڪڙن ۽ گهٽن جو چوراهن تي اڇلارائڻ، ميت جي ليجهي، ستين ڏينهن، يارهين، ايڪيهين، چاليهن ڏينهن ۽ ٻارهين مهيني قرآن جا ختما بخش ڪري طرح طرح جا طعام ان جي عزيزن وٽان کائڻ، هڪ کان وڌيڪ چئن تائين شادين کي سنت نبوي سڏي عياشي زندگي گذارڻ، ٻانهن ۽ ٻانهين جو جواز ثابت ڪرڻ، بادشاهيون جاگيرداريون ۽ زميندارين کي جائز ٺهرائي انهن جي طرفداري ڪرڻ، سندن زندگيءَ جا ادنيٰ ڪرشما هئا.
    مختصراٰ صاحب اقتدار طبقي جي ماڻهن جو اهو حال هو، وري جيڪڏهين ان وقت جي عوام جي مذهبي مفهوم ۽ اعتقادات تي نظر ڊوڙائبي ته ڪم و پيش هيٺين نموني سندن حالت ڏسڻ ۾ ايندي.

    1. جهالت
    سنڌ، هندوستان جي هڪ گوشي ۾ هئي ۽ منجهس آمدرفت لاءِ سٺا رستا نه هئا، اتي جي رهاڪن جو گهڻو حصو خانه بدوش زندگي گذاريندو هو، شهري زندگي ڇٽي هئي، ويتر حڪومت طرفان تعليم لاءِ ڪو خاطر خواهه انتظام نه هئڻ ڪري سنڌ جا عوام اڪثري علم کان بي بهر، ملڪ کان ٻاهر جي اثرن کان پري ۽ جهالت ۾ وڪوڙيل هئا. سواءِ ڪن مکيه شهرن جي باقي جڳهن تي ڪي اڌ پڙهيا ملا صرف قرآن شريف معنيٰ کان سواءِ پڙهائيندا هئا ۽ ڪٿي ٿوري پارسي به پڙهائي ويندي هئي، هزار تي هڪ ماڻهو به لکي پڙهي سگھڻ وارو مشڪل ملي سگهندو هو.
    اگرچه ڪلهوڙا سنڌي خاندن جا هئا، ليڪن مٿن ٻاهرين جي انڌا ڌنڌ پوئلڳي ڪرڻ جي عادت ويهي ويل هئي. مذهبي خيالن ۾ سيد محمد ميران جونپري جي مهدوي طريقي جا پوئلڳ هئا، جو طريقو اڄڪلهه جي پئن اسلامزم جا جزا پاڻ رکندر هو. شريعتي ڳالهين ۾ هو قدامت پسند، ڪٽر ۽ تنگ خيال مولوين جا همدرد ۽ پوئلڳ هئا. سندن سياست ڪم و پيش اورنگزيبي طريقي تي هلندڙ هئي. انهيءَ ڌن ۾ ايتري قدر ڦاٿل هئا، جو سندن درٻاري زبان به سنڌيءَ جي عيوض مغلن جي پوئلڳي ۾ پارسي هئي، پنهنجي سنڌي زبان جي جيارڻ لاءِ ڪجهه نه ڪيائون. اگرچه ان وقت ڌاري سنڌي زبان ۾ شاعري رستي زبان کي جيارڻ لاءِ تحرڪ پيدا ٿي چڪو هو. پارسي زبان صرف چند مٿئين طبقي جي ماڻهن جي زبان ٿي ڪتب ٿي آئي. جنهن ۾ چند درسي ڪتابن کانسواءِ تاريخ، تصوف، فلسفي وغيره تي ڪتاب عام پڙهيلن وٽ ڪو ورلي پهچي ٿي سگهيو. ڇاپي جو دستور سنڌ ۾ ڪو نه پيو هو. ڪتاب ماڻهن وٽ گهڻو ڪري قلمي ڪم ايندا هئا، جنهن ڪري ڪتابن جي اڪثري اقليت هوندي هئي. انهيءَ وقت تائين دنيا ۾ ظاهر ٿيل علمن تي سنڌي ۾ ڪتاب قريبن ناياب هئا.
    مذهب جي واقفيت عام طرح چند عبادات، فقهه، اعتقادات، رسوم ۽ زهد جي طريقن تائين محدود هئي. مذهب کي هڪ طرف ملن ۽ مولوين جي بحث مباحثن ۽ طبع آزماين جو پليٽ فارم بنايو ويو هو، ته ٻئي طرف پير صاحبان ان کي ذاتي طاقت ۽ اقتدار وڌائڻ جو ذريعو ڪري ٿي ڪتب آندو، تنهن ڪري عوام اڻ ڄاڻائيءَ جي اونهائيءَ ۾ پيل هئا جنهن جو لازمي نتيجو وهم پرستيءَ جي ڦندي ۾ ڦاسڻ ٿي نڪتو.

    2. وهم پرستي
    انهيءَ وقت ڌاري عام ماڻهن جي وهم پرستيءَ جي اها حالت هئي، جو منجهن مان اڪثر ۾ جنن، ڀوتن، جادوءَ پٽ جو خوف ويهي ويل هو. جيڪڏهين ڪو بيمار ٿي پوندو هو ته ان کي اڪثر جن يا پريءَ جو آسيب يا لڳت ڪري تصور ڪيو ويندو هو ۽ انهيءَ جي راضي ڪرڻ يا ڪڍائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون هيون. ڪن پيرن، فقيرن ۽ ملن کي انهيءَ ڪم ۾ مشق ٿي ويئي هئي، جن وٽ پري پري کان ماڻهو ڪهي اچي ڇنڊو، ڦيڻو، تعويذ، ڌاڳو، پليتو ڪرائيندا هئا. ڪامڻ بت، وير مٺ ۽ جادو جو به خوف عوام ۾ ويٺ هو، جن جي ڪڍڻ لاءِ ڀوپا، پڙهيا پنڊت ڪم ڏيندا هئا. پيرن جا پڙ ۽ شادمانا باسڻ، رڻن ۾ بانبٽيون ٻڌڻ، تڙن تي ڏيا ٻارڻ، ڪن جاين، مقامن، مساڻن، وڻن ( ڪرڙ ڪنڊن، نمن، ٻٻرن، ٻيرن ) کي اگرو ڪري ليکڻ جو عام دستور هوندو هو. جانورن جي قرباني ڪرڻ، ڪڪڙ، گهٽا، ٻڪر گهوري ٻاهر ڦٽا ڪرڻ، قبرن، مقبرن، ساون وڻن، درياءَ پير (خواجه خضر) کي ڪرامت با شفا جي صفتن سان موصوف سمجهي، اتي باسون باسڻ جو عام رواج هو.
    انهيءَ وقت ڌاري هڪ جناتي فقيرن جو ٽولو پيداٿي پيو هو (جن مان ڪي جبلن طرف هليا اچن) جي سرندا دنبورا وڄائي، سرود سان ماڻهن کي ڌمالون ڪرائي، جنن کي ريجهائي رام ڪندا وتندا هئا. اهڙيءَ طرح مذهب جي تعليم کي وهم پرستي ڇانئي ويل هئي، جو ملن ۽ يپرن کي عوام تي قبضي ڪرڻ ۽ اثر وهارڻ ۾ ڪا ڏکيائي ڪاني ٿئي ٿي. ان وقت جا حاڪم ڪلهوڙا پڻ عام ماڻهن جي پير پرستيءَ جو فائدو وٺي حڪمران ٿي ويٺا هئا.

    3. خوف
    جڏهين عوام جون دليون جهالت ۽ وهم پرستيءَ سان ڀريل هونديون آهن ته انهي ڪري خوف جو ماحول پيدا ٿيندو آهي، تڏهين چالاڪ ۽ هوشيار ماڻهو اهڙِن حالتن جو ناجائز فائدو وٺي، مٿن قابض ۽ حڪمران ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. تنهن ڪري ماڻهو ٻن طبقن ۾ ورهائجن ٿا. هڪڙا صاحب اقتدار طبقي جا ٿين ٿا ۽ ٻيا غريب ۽ محڪوم. پهرين طبقي جا ماڻهو عوام کي جهالت، وهم پرستي ۽ محڪومي مان ڪڍڻ جي عيوض، انهن کي شخصي ۽ طبقاتي غرضن لاءِ استعمال ڪري، هميشه کين محڪوم ۽ مسڪين رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. دنيا جي تاريخ شاهد آهي ته مذهب کي ڪئين نه انهيءَ طبقي پنهنجو اوزار ڪري پئي ڪتب آندو آهي. سنڌ به انهيءَ عام قاعدي کان مستثنى نه رهي آهي. هندن ۾ برهمڻن ۽ اوچ ذات وارن جا، شودرن ۽ گهٽ ذات وارن مٿان مظالم، يهودي مذهب جي اڳواڻ جون سندن مخالفن سان تڪليفون، پروٽسٽنٽ ۽ روم ڪئٿلڪ جا جهڳڙا ۽ ”انڪيوزيشن“ وارن جا وحشياڻا فيصلا، انهيءَ مسئلي تي ڪافي روشني وجهن ٿا. هر ملڪ ۾ مڪاني حالتن، ماڻهن جي طبيعتن وغيره جي بناءَ تي، چالاڪ ۽ هوشيار ماڻهن عوام جي وهم پرستي، جهالت ۽ خوف جو ناجائز فائدو وڍي، مذهب کي جدا جدا نمونن ۽ طريقن سان پنهنجي مفاد لاءِ پئي ڪتب آندو آهي، تنهن کان انڪار ٿي نٿو سگهي، جيڪڏهن اسان مسلمانن جي تاريخ تي نظر ڊوڙائينداسون ته، ته اتي به اهو دستور عام نظر ايندو.
    مذهب اسلام اگرچ انسانن ۾ مساوات، اخوت ۽ آزادي پيدا ڪرڻ لاءِ وجود ۾ آيو. ليڪن فطرت انساني جي ڪمزوري، انجي مڃيندڙن کي به انهيءَ اعليٰ اصولن جي پيروي کان بدلائي ڇڏيو ۽ انهن ۾ نسلي ۽ طبقاتي امتياز پيداٿي پيا ۽ مسلمان حاڪم ۽ محڪوم، شاهوڪار ۽ غريب، جاهل ۽ عالم، ڏاڍي ۽ هيڻي جي گروهن ۾ ورهائجي ويا. اتحاد جي جڳهه تي نفاق پيدا ٿيو ۽ محبت جي جاءِ نفرت والاري.
    اهو دنيا جو دستو آهي ته قومن جي تنزل سان سندن مذهبي اعتقاد ۽ خيالات ۾ فتور پيدا ٿي ويندو آهي. فطري ڪمزوري هر موقع ۽ مهل تي پنهنجو ڪم ڪندي رهي ٿي. پيغمبر خدا حضرت محمد صلعم عرب جي ماڻهن کي، اسلام جي روشنيءَ سان نوازيو ۽ گمنامي جي زندگيءَ مان ڪڍي ترقي ۽ اوج جي راهه تي آندو، ان وفات ڪئي ته اڪثر اصحاب ۽ مسلمان خلافت جي فيصلن، جنهن ۾ حڪومت ۽ اقتدار سمايل هئا. ۾ اهڙو مشغول ٿي ويا،. جو سندن لاش مبارڪ ڪجهه وقت بنا دفن ڪئي؛ پيو رهيو ۽ آخر چند ماڻهن کيس کي دفنايو. سندس چئن يارن مان ٽي خليفا، جن کي خلفاءِ راشدين جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، انهيءَ مذهب جي پوئلڳن هٿان مذهبي اختلافن ڪري شهيد ٿيا. رسول صه جي ڏهٽن مان امام حسن عليه السلام کي زهر ڏيئي شهيد ڪرائڻ، امام حسين عليه السلام کي سختيون ڏيئي، عزيز اقربن سميت ميدان ڪربلا ۾ شهيد ڪري، سر نيزي تي چاڙهي گهمائڻ بنو اميه، بني عباس حاڪمن جون امامن، بزرگان دين مٿان سختيون ۽ ظلم ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي ۾ لڙي مسلمان جو بي انتها خون هارڻ، جا فعل ڪنهن کان مخفي ۽ ڳجها نه هئا. منصور کي سنگسار ڪرائڻ، شمس تبريز جي کل لهرائڻ، سرمد جو شهيد ڪرائڻ، شاهه عنايت جو قتل، بلاول رحمته الله عليه جو گهاڻي ۾ پيڙهجڻ اسلامي تاريخ جي لاتعداد مثال آهن، جن مان پتو پئجي سگهندو ته سياسي ۽ ذاتي مقصدن حاصل ڪرڻ خاطر مذهب کي ڪيئن ته اوزار ڪري ڪتب پي آندو ويو هو. دين مڪمل جي پيروڪارن جا اهي حال وڃي ٿيا ته اسلامي اصول ۽ روايات کي ختم ڪري خلافت تي زوري قبضو ڪندڙ يزيد طرف اصحاب، عالم، حافظ ۽ مسلمانن جي ڪثرت ٿئي ٿي ته رسول الله صه جي ڏهٽي اسلامي اصول جي علمبردار، صابر، شاڪر، زور ۽ زبردستيءَ اڳيان سر نه نوائيندڙ امام حسين عليه السلام جي طرف، سندس ڪٽنب سميت چند ماڻهو وڃي رهن ٿا.
    درحقيقيت دنيا ۾ گهڻو ڪري جاهل ۽ وهم پرستن جي ڪثرت پي رهي آهي، انهيءَ عام دستور کان ڪنهن به مذهب جا مڃيندڙ مستثنيٰ نه آهن. حقيقي اسلام اگرچ بهترين اصولن ۽ زرين تعليمات جو حامل آهي، ليڪن جيڪڏهن تاريخ تي نظر ڪبي ته، پتو پئجي ويندو ته ابتدا کان وٺي، سموري وقت ۾، نه ڪثرت تعداد مسلمانن کي ان جو صحيح مفهوم ۽ مطلب سمجهه ۾ آيو آهي. نه مٿس عمل ڪيو اٿن، بلڪ هر وقت ۽ زماني ۾ چالاڪ ۽ خود مطلب ماڻهن انهيءَ جي نالي ۾ پنهنجا مقصد ۽ مرادون پوريون ڪرڻ لاءِ، عوام کي پئي ڌوڪا ڏنا آهن.
    شاهه صاحب جي زماني ۾ به اڄوڪين حالتن وانگر اورنگزيبي متعصب ۽ تنگ نظر سياست جا آثار اڃان باقي هئا. سنڌ جا حاڪم ڪلهوڙا انهيءَ نقش قدم تي هلي ماڻهن جي سادگي ۽ جهالت جو فائدو وٺي، مذهب جي نالي ۾ پنهنجو اقتدار قائم رکندا آيا. هنن جي طرفدار ملن ۽ پيرن جو هڪ طائفو پيدا ٿي پيو هو، جو ساڳي پاليسي کي هلائيندو ٿي رهيو.
    ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انهن حقيقتن کي معلوم ڪري، شاهه صاحب جي دل کي تسڪين حاصل ڪا نه ٿي آهي جنهن ڪري هيٺين قسم جا بيت چيا اٿس :

    ”ويا سي وينجهار، هيرو لعل ونڊين جي
    تنين سندا پويان، سيهي لهن نه سار
    ڪٽين ڪٽ لهار، تنين سندي ڀيڻئين“

    ”اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين
    آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين
    جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا“

    ”پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾
    پاڻان ڏوهه چڙهن، جيئن ورق وارين وترا“

    ”سا سٽ نه سارين، الف جنهن جي اڳ ۾
    ناحق نهارين، پنا ٻيا پرينءَ لاءِ“

    هن حق کي پروڙڻ لاءِ جر ۽ جبل جهاڳيا، درويشن ۽ بزرگن سان ملاقاتون ڪيون. قدرت جا نظارا ڏٺا، تن کي تسيا ڏنا، اندر اُجارڻ، پاڻ مارڻ ۽ سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس فڪر ڄڻ هيٺين سوالن جي جوابن ڳولڻ ۾ رڌل رهيو ته :

    1.اسلام باوجود مڪمل ۽ آخري مذهب هئڻ جي، ڇو نه پنهنجي پيرون کي خاص طرح انسان ذات جي، عام طرح اتحاد ۽ ترقي لاءِ ربري ڪري سگهيو آهي ۽ ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن.

    4. اسلام دين مڪمل

    دين اسلام مڪمل ۽ آخري پيغام هو، ان ۾ هن کي اهل طريقت جي تربيت ۽ تعليم هيٺ پلجڻ ڪري ڪو به شڪ نه هو، ليڪن ان جو ڪمال هيٺين ڳالهين ۾ سمايل هو:

    1. ان جي وسيلي دنيا تي اهو راز معلوم ٿيو ته زمانه جي ابتدا کان وٺي خدا شناسي، اتحاد ۽ ترقي، انسان جي لاءِ، هڪ قانون فطرت، ڪم ڪندو پي رهيو آهي. جنهن جي سمجهاڻي جدا جدا زمانن، حالتن انساني ضرورتن ۽ سمجهه مطابق مختلف زبانن، ادائن ۽ نمونن ۾ چڱن پي ڏني آهي، ليڪن انهيءَ جو بنيادي مقصد ۽ مراد ساڳيو ئي هو. ”اسلام“ ان قانون فطرت جو ٻيو نالو آهي.
    2. اسلامي تعليم ذريعي اهو به ظاهر ٿيو ته هر ملڪ زماني ۽ قوم ۾، ان قانون فطرت جا شارح وحدت انساني لاءِ محبت ۽ ترقيءَ جو پيغام وٺي آيا، جنهن صورت ۾ انهن سڀني جي تعليم جو مقصد ساڳيو هو، تنهن ڪري سندن تعليمات ۾ فرق ڪرڻ، يعني انهن کي هڪ ٻين جي متضاد ۽ مخالف سمجهڻ ٺيڪ نه هو. اهي سڀئي قانون فطرت جا پيغامبر ڪري وسهڻ، اسلامي اصولن جو بنيادي جزو هو.
    3. جهڙيءَ طرح سج جي روشني يا هوا چند ماڻهن، قومن ۽ ملڪن جي ملڪيت ٿي نٿي سگهي، بلڪ ان کي ڪن سان مخصوص ۽ محدود ڪرڻ، انساني مفادن لاءِ نقصان ڪار آهي. اهڙِ طرح اسلام (قانون فطرت) کي ڪنهن گروه جو ورثو يا ملڪيت بنائڻ يا چند ماڻحن تائين محدود ڪرڻ، منشاءِ فطرت ۽ اسلامي اصولن جي خلاف آهي.

    ليڪن ان وقت شاهه صاحب کي، حالتن مطابق، جنهن مروج اسلام جو نقشو نظر جي سامهون آيو، تنهن ۾ کيس مٿي ذڪر ڪيل لياقتون ۽ خاصيتون عدم موجود ڏسڻ ۾ آئيون، نه ان جي ذريعي خدا شناسي ٿي سگهي ٿي ۽ نه وري انساني اتحاد ۽ ترقيءَ لاءِ ڪو خاطر نتيجو ٿي نڪتو. ان جا مڃيندڙ هر انسان کي محبت ۽ خدمت خلق ذريعي پان ڏي ڇڪي نٿي سگهيا، بلڪ خود سندن قومي شيرازو پرزا پرزا ٿي چڪو هو.

    جيڪڏهن انهن ساري خامين لاءِ سبب ڳولڻ جي ڪوشش ڪبي ته هيٺيان مکيه ڪارڻ معلوم ٿي سگهندا.

    1. مذهب ۽ سياست جو گڏجڻ.
    2. دين کي منظم ڪري مسلمانن جي روزاني زندگيءَ جي هر معاملي تي، قانون شريعت کي زوريءَ مسلط ڪرڻ.
    3. اسلام جي بنيادي اصولن کي وساري ان کي چند اعتقادن ۾ عبادت جي دائري ۾ محدود ڪري ڇڏڻ.

    1.مذهب ۽ سياست جو گڏجڻ جا نقصان

    جنهن اخلاق جو محرڪ جذبو مذهب کان حاصل ڪيل هجي، تنهن جو ملڪ جي سياست مٿان اثر ۽ ضابطو هئڻ، اصولي نقطه نگاهه کان صحيح آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ملڪي معاملات کي اخلاق جي اثر ۽ ضابطي کان آزاد رکيو ته خود مطلب ۽ حريص ماڻهو ۽ طبقا، انساني مفادن جي خيال کي بالاءِ طاق رکي، سياست کي پنهنجي ذاتي ۽ طبقائي مفاد لاءِ ڪتب آڻيندا ۽ عام ماڻهو محڪوم ۽ مظلوم رهندا ايندا. تنهن ڪري سياست ملڪ کي اخلاقي اصولن مطابق هلائڻ نهايت ضروري آهي. اهيئي ڳالهيون مذهب جو نچوڙ آهن ۽ مذهب جي سياست تي اثر ۽ ضابطي جي معنيٰ ۽ مطلب ۾ اهي ئي راز سمايل آهن.
    ملڪن ۽ قومن جي ترقيءَ ۽ واڌاري جي راه ۾ خود مطلبي ۽ خود غرض وڏيون رنڊڪيون آهن، هر شهري عام طرح هر پبلڪ ورڪر کي، خاص طرح، پوءِ اهو سياسي ليڊر هجي يا حڪومت جي ڪاروباري مشين جو تنخواه دار خادم، اخلاق جي رسي هٿ مان نه ڇڏڻ گهرجي، جيڪڏهن قومي ڪارڪن وزارت ۽ اسيمبلين ۾، جج فيصلن ڪرڻ ۾، پوليس عملدار بچاءَ ڪرڻ ۾ صحيح طريقي تي نه هلندا منجهن خود غرضي ريا، غرور، رشوت، شرابخوري ۽ عياشي ڀريل هوندي ته ملڪ جو ڪاروبار خراب، نظام بگڙيل، حالتون فساد واريون هونديون. ۽ ازانسواءِ ملڪ مسڪيني، جهل ۽ بداخلاقي ۾ گهيريل هوندو.
    انهيءَ ڪري ئي ملڪي معاملات هلائڻ لاءِ اصولن، پاليسي ۽ پروگرام جي صحيح ۽ ٺيڪ هجڻ سان گڏ انهن جي سر بر آوري لاءِ امانتدار، با اخلاق، خلق خدا جي محبت ۽ خدمت جي جذبي رکڻ وارن ڪارڪنن ۽ عملدارن جي لا محالا ضرورت محسوس ٿئي ٿي.
    سياست تي مذهب جي اثر ۽ ضابطي جو صحيح مفهوم ۽ راز اهو ئي آهي. ليڪن انساني تاريخ ان امر جي شاهد آهي ته ابتدائي آفرينشن کان وٺي اڄ تائين هر دور ۽ زماني ۾ ماڻهن جو ڪثري تعداد روحاني ۽ اخلاقي ترقيءَ جي ان بلند معيار تي ڪو نه پهتو آهي، جو خود مطلبي ۽ استعمال غرضي جي خواهشن کي ڇڏي، پنهنجي شخصي ۽ طبقاتي مفاد کي عوام جي نفع، لاءِ قربان ڪري، ڊگهي نظر کان ڪم وٺي، قوم ۽ فعل ۾ يڪسان ٿي سگهي. پيغمبر، درويشن، فيلسوفن ۽ امتن جي حڪيمن جا قول ۽ فعل يڪسان هئڻ ڪري، ابتدا ۾ البت سندن تعليم مان عوام کي فائدو پئي پهتو آهي.ليڪن جيئن سندن ذاتي اٿر ٿڌو ٿيندو ويو، ته ماڻهو وري پنهنجي فطري ڪمزورين ۽ خامين سبب، انهن جي تعلم کي ناجائز فائدن لاءِ، ڪتب آڻڻ لڳا ۽ اهي ڳالهيون جي ڪنهن وقت باعث خير هيون، سي انساني ڪمزورين جي ڪري شر جو ڪارڻ بنجي پيئون.
    عوام کي سوچي سمجهي پوئلڳي ڪرڻ جي طاقت ڪا نه هوندي آهي، هڪ دفعي جيڪڏهن انهن کي ڪن ڳالهين يا ڪارڪنن بابت، چڱو ويساهه وهجي ويو ته پوءِ گهڻي وقت تائين، انڌا ڌنڌ پوئلڳي ڪيو، خوش اعتمادي سان انهن اصولن جي نالي ۾ ناجائز فائدو وٺندڙ، چالاڪ ۽ خودمطلب جي پٺيان پيا هلندا آهن. جيسين تائين جو ڪافي وقت گذري ۽ تجربو کين معلوم ڪريائي ته ساڻن سٺن ۽ سهڻ ڳالهين، دلاويز ۽ دلڪش نظارن جي دلبي ۽ دلاسي تي ڌوڪو ڪيو پيو وڃي ۽ انهيءَ ظاهري همدرديءَ ۽ بلند لفاظي جي آڙ ۾ کين ڦاسائڻ لاءِ وڏو ڄار وڇايل آهي.
    تاريخ عالم جي عام واقعن کي ڇڏي، اگر صرف تاريخ اسلام جي واقعات تي نظر ڪبي ته انهيءَ انساني ڪمزوريءَ جا ڪارناما، اتي به نمايان نظر ايندا.
    سياست ۾ مذهب کي گڏڻ ۽ ڪارڪنن جي قول ۽ فعل جي يڪسان نه هئڻ ڪري، مذهب کي عوام ۾ اتحاد ۽ ترقي پيدا ڪرڻ جي عيوض، نفاق ۽ رجعت جو ڪارڻ بنايو ويو آهي. پيغمبر خدا صه جي وفات بعد، جي اختلاف خلافت لاءِ پيدا ٿيا، انهن جي اثر کان مذهب به بچي نه سگهيو.
    ڪربلا جي واقعات، بني اميه ۽ بني عباس جي سياسي اختلافن ۾ مذهب کي ڪتب آڻڻ ڪري، مذهب فرقه بنديءَ ۾ وراهجي ويو، شيعه، سني، خارجي، رافضي وغيره فرقا انهن اختلافن جي ڪري پيدا ٿيا. مذهب مسلمانن ۾ اتحاد آڻڻ جي عيوض ڪمزوريءَ ۽ نفاق جو ڪارڻ ٿي پيو. اسلام جو فرقي بندي ۾ وراهجڻ، مسلمانن جو هڪ ٻئي کي ڪثرت تعداد ۾ قتل ڪرڻ، منجهن طرح طرح جي خرابين جهڙوڪ بادشاهي، زمينداري، جاگيرداري، عدالتي معاملن ۾ انتظامي ڳالهين جو اثر انداز ٿيڻ، نسلي ۽ طبقاتي امتيازن جي ڪري مساوات جي ٽٽڻ، آزاد راءِ ۽ جماعت بنديءَ تي رڪاوٽن جي پوڻ، بيت المال کي چند شخصن، قبيلن يا طبقن جي ذاتي طبقاتي مفاد لاءِ ڪتب آڻڻ، حاڪم، قاضي، عالم وغيره جي چونڊ لاءِ علمي، اخلاقي، انتظامي لياقتن جي عيوض نسلي، خوشامندي، پيسي وغيره جي لياقتن کي ترجيح ملڻ وغيره اهڙا معاملا هئا، جي مذهب جي نالي ۾ چالاڪ سياستدانن جي هٿان سرزد ٿيا. حڪومت اگرچ مذهب جي نالي ۾ ٿي ڪئي ويئي، ليڪن حڪمران طبقي ۾ نه اخلاق باقي رهيل هو نه اصول، هنن جا قول ۽ فعل هميشه جدا پئي رهيا، نتيجو اهو ٿي نڪتو ته سياست تي مذهب جو اثر ۽ ضابطو هئڻ جي عيوض خود مذهب چالاڪ سياستدانن جي اثر ۽ ضابطي هيٺ، سندن خود مطلبين ۽ منصوبي سازين جو آلو ٿي پي ڪتب آيو. انهن حالتن ڪري عوام تان مذهب جو اخلاقي اثر گهٽ ٿيڻ لڳو ۽ مذهب ڪن اعتقاد ۽ عبادات جي دائري ۾ محدود ٿي پيو ۽ دين مڪمل جو انساني ڪمزورين ڪري اهو حال ٿيو جو دنيا جي ٻين مذهب جو ٿيو هو.
    اهڙين حالتن هيٺ مذهب جي تجديد ۽ نظام جي ضرورت محسوس ٿي.

    2. نظام دين

    تاريخي تجربي موجب شريعت جي حڪومت ۽ ديني نظام جو لازمي نتيجو اهو نڪرڻو آهي ته زندگيءَ جي هر شعبي تي مذهب جو ضابطو ۽ اثر هڪ باقاعده شرعي نظام جي ماتحت ڪرڻو پوي ٿو. جنهن جو سمورو اختيار ۽ ضابطو ملڪن حاڪن عالمن ۽ فاضلن جي هٿ ۾ رهي ٿو. ان جي هلائڻ ۾ عوام کي دخل حاصل ڪو نه هوندو آهي. خدا تعاليٰ، قرآن سنت نبوي جي تشريح جي نالي ۾ حاڪم ۽ مذهبي مهندار، حڪومت ۽ طاقت کي پاڻ ۾ ونڊي وراهي ڪم آڻيندا آهن. اهڙا حاڪم جن جي ساري زندگي فرعونن جي گذري ٿي، غريبن جي پگهر جي ڪمائي تي رنگ رليون ڪڻ، ڪوڙ، ٺڳيون، ڌوڪا، منصوبا، بازيون ۽ ظلم جن جو روز مرهه جوڌنڌو ٿئي ٿو،سي خود ملن ۽ قاضين کي خوش رکڻ سان محي الدين وملت جي القابن سان اسلام جا علمبردار بڻجيو پون. ديندار، خداپرست بااخلاق عالم ۽ قاضي گوشنه نشيني جي زندگي اختيار ڪن ٿا يا جيلن جون هوائون کائين ٿا. راشي، خوشامندڙيا، خود مطلب ۽ جاهل مولوي ۽ قاضي، انهن حاڪمن جي دلالي ڪري، مذهب کي مروڙي سروڙي، گهر جي کچڻي بنائي ڪم پيا هلائين ٿا.
    تاريخ اسلام اهڙن مثالن سان ڀري پيئي آهي، انهيءَ طريقي سان مذهب کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت تڏهن پوي ٿي، جڏهين ڪي ماڻهو طاقت ۽ اقتدار کي برقرار رکڻ ٿا چاهين، انهن ڳالهين جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته هڪ مصنوعي طريقن سان صبح شام مذهب کي زور وٺائڻ جي گفتگو ٿيندي رهي ٿي ته ٻي طرف صاحب اقتدار طبقي جي قول ۽ فعل جي يڪسان نه هئڻ جو مظاهرو ڏسي، عوام تان مذهب جو اخلاقي اثر ۽ رسوخ گهٽجڻ لڳي ٿو، ڪن مذهبن جي ختم ڪرڻ جو ڪارڻ به اهو ئي سبب بڻيو آهي.

    ان ڳالهه کان انڪار ڪري نٿو سگهجي ته دنيا جي هر ڪاروبار لاءِ هڪ حد تائين نظآم ۽ ضابطي جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي.

    تجارت، مالي، ڪاروبار، زمينداري، حڪومت، سياست جي هلائڻ لاءِ نظام ۽ ضابطي جو هئڻ ضروري آهي. خود ڪائنات جو ڪاروبار به ڪنهن نه ڪنهن ضابطي ۽ پروگرام مطابق هلي رهيو آهي، اهڙيءَ طرح سان مذهبي تعليم ۽ اصولن جي پکيڙڻ لاءِ ڪنهن حد تائين نظام جي ضرورت ٿئي ٿي.
    جيڪڏهن قدرت دنيا جي ڪاروبار واسطي نظام، ضابطي شريعت ۽ قانون کي حد تائين ضروري ٺهرايو آهي،ته ان جي ارتقا، تروتازگي، خوبصورتيءَ واسطي تبديلي ۽ انقلاب، آزادي ۽ تجديد کي به لازمي قرار ڏنو اٿس، جيتوڻيڪ وڻن، کيتن، جانورن، ماڻهن ۽ نظارن جي نشونما، ڪن بنيادي فطرت جي قانون مطابق ٿئي ٿي ته انهيءَ قانون جو هڪ اهو جزو به آهي ته ڪنهن به شي کي ساڳي نموني، مقرره ميعاد کان وڏيڪ گهڻ وقت تائين رهڻ نه ڏئي، ڇاڪاڻ ته ان ڪري ان جي ردي ۽ بيڪار ٿيڻ جو امڪان آهي. ساڳيوقانون مذهبن جي شريت، قومن جي جماعت سازين ۽ ٻين پروگرامن سان لاڳو آهي. ملڪن، ماڻهن ۽ زمانن جي حالات بدلجڻ ڪري هر شيءِ ۽ ڳالهه جي تجديد يا تبديل جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي.
    مذهب اسلام جيتوڻيڪ دين مڪمل آهي ۽ بين الاقوامي اتحاد ۽ ترقيءَ جا جزا رکي ٿو، ليڪن سياست جو مذهب تي اثر، عالمن ۽ قاضين جي فطري ڪمزورين ۽ خامين، طبيعت انساني جي حرصن ۽ سڌن، دنياوي حالات جي تبديل، مذهبي مهندارن جي اصولن تي فروعن کي ترجيح، مقصد ۽ ذريعي جي تميز کي وسارڻ، سندس فروغ ۽ تجديد جي مادي کي کوهي ڇڏيو هو. جنهن ڪري انسان ذات کي پنهنجي همه گير آغوش ۾ آڻي، ان جو اتحاد ۽ ترقي ڪري نه ٿي سگهيو. باوجود مجددن، مهدين، صالحن جي ڪوششن ۽ پرهيزگار ۽ عادل حاڪمن جي جدوجهد جي، ان جو وڌڻ ۽ ويجهڻ گهٽجي چڪو هو. ان کي زنده ڪرڻ جا ٻه رستا رٿيا ويا هئا، هڪڙو نظام دين ۽ شريعتي راڄ جو رستو هو، ٻيو ان کي سياست جي اثر ۽ ضابطي مان ڇڏائي، شريعت جي تنگ نظرئي مان ڪڍي عوام جي اخلاقي ۽ روحاني ترقي لاءِ ڪتب آڻڻ جو رستو هو. پهرين جا مهندار عالم ۽ ملان هئا ته ٻي جا مهندار اهل طريقت ۽ صوفي هئا.
    ملن جو زور ظاهرداري، عبادات، لباس، زهد ۽ فقهي فيصلن طرف گهڻو ٿيو، جنهن لاءِ کين حڪومت جي مدد جي ضرورت ٿئي ٿي. ٻي طرف صوفي صاحبن جي ساري تعليم جو بنياد وحدت ڪائنات، صحبت انساني ۽ خدمت خلق تي بيٺل هو. هنن جو زور تزڪيه نفس، قرباني ۽ سادگيءَ جي زندگيءَ گذارڻ تي هو. هنن جي تعليم ۾ مذهب جو جوهر سمايل هو، پر انهن اصولن جي پرچار ۽ عمل لاءِ، انهن کي به نظام ۽ گروه سازيءَ جي ضرورت پئي. اهو قدرت جو قائدو آهي ته جڏهن قاعدا ۽ ضابطا ڪاروبار کي تربيت ڏيئي، راهه کي هڪ طرف سهل بنائين ٿا ته انهن جي ڪثرت سختي ۽ عادت زندگيءَ مان اجتهاد ۽ انقلاب جا جذبا ختم ڪيو ڇڏين.
    تصوف اسلام کي شريعت جي تنگ دائري مان آزاد ڪري، مذهب جي روح حقيقي سان روشناس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ليڪن وقت جي گذرڻ ڪري ان جا ڪارڪن به ساڳي مرض جو شڪار ٿي پيا، هنن سلسله طريقت کي فروغ ڏيڻ لاءِ پيري مريدي، ذڪر، اشغال، ورد وضائف، جاري ڪري خانگاهن ۽ سجادن کي وجود ۾ آندو. هنن وٽ تزڪيه نفس محبت ۽ خدمت خلق جي عيوض ظاهري تقدس ۽ بزرگي، حسد ۽ خودي، نذر نيازن تي گذر ڪرڻ، بدعتن، عياشين، دنياوي اقتدار ۽ شخصي ملڪيت گڏ ڪرڻ جي جاءِ ورتي. جنهن ڪري هي گروهه به پنهنجي مشن ۾ ناڪامياب ٿيو. ملا ۽ مولوي شريعت اسلامي کي تنگ دائري ۾ آڻي، ان کي پنهنجي شخصي اقتدار ۽ دماغي طبع آزمائي جو آکاڙو بنائي چڪا هئا، ته پير صاحبن وري عوام جي وهم پرستي ۽ جهالت جو فائدو وٺي تصوف کي مذاق کڻي بنايو هو. اهڙي حالتن هيٺ اسلام چند اعتقادات ۽ عبادات جي دائري ۾ محور ٿي پيو هو ۽ ان جي پيرون ۾ تنگ نظري ۽نفرت گهر ڪري ويئي هئي. منجهن سوَن فرقن کان به مٿي گروهه پيدا ٿي پيا هئا.
    هر هڪ فرقي پاڻ کي ”ناجي“ ۽ ٻين کي ناري ڪري پئي سمجهو.
    اهو حال هو اسلام جي پوئلڳن،جو ليڪن ٻين مذهبن جن کي قرآن حق تي ۽ منشائي الاهي مطابق موڪليل ظاهر ڪيو هو، انهن جي سمجهڻ يا حال معلوم ڪرڻ کي به گناهه پئي سمجهيو ويو.
    نتيجو اهو نڪتو ٿي ته دنيا جي ٻين مذهبن جي مقابلي ۾ سندس پوئلڳن جو قومي وقار، اقتدار، شيرازو، علمي واقفيت رواداري ۽ عوام ۾ مرغُبيت گهٽ ٿيڻ لڳي ۽ مسلمان دين مڪمل جي پيرون جي عيوض ٽن سون لڙندڙ ۽ جهڳڙندڙ فرقن جي جم غفير، فرسوده، تنگ نظر، رجعت پسند ۽ دقيانوسي خيالن جي ماڻهن جو مجموعو بنجي پيا، جن کي دنيا جي ترقي ۽ تعمير ۾ رڪاوٽ وجهندڙ ڪري ٿي سمجهيو ويو. اهي ”بيمار قوم“ آزادي ماڻڻ کان نا اهل ڪري ٿي سمجهيان ويا، هنن وٽ هر قسم جو آرٽ (هنر) گناهه، هر نئين ايجاد ٿيل شئي بدعت هئي. هو رواداري کان نامانوس، پيار ۽ محبت کان نا آشنا هئا.
    هنن وٽ راڳ ۽ سرود ٻڌڻ، ڏاڙهي مڇون ڪوڙائڻ، تصويرون ڏسڻ ۽ ڪڍڻ، غير جي زبان سکڻ ۽ لباس پائڻ، سڀ گناهه جي لسٽ ۾ داخل هئا، مطلب ته مسلمانن جي دنيا کي ڄڻ ڪفر، الحاد ۽ گناهه لپيٽجي ويل هئا، کين خير ۽ برڪت ڪنهن به طرف ڏسڻ ۾ نٿي آيا، هر سخت هوا، هر مخالف آواز، هر اختلاف ۽ هر نئين شي مان خطرا تي محسوس ٿين. اسلام کي تنگ ڪوٺڙيءَ جي شفا خاني ۾ محفوظ رکڻ کان سواءِ بچائي سگهڻ محال پئي نظر آين.
    شاهه صاحب جي زماني جي مسلمانن ۽ مروج اسلام جي ڪم و پيش اها حالت هئي، هن ان کي چتائي ڏٺو، درويشن سان مليو، سير ڪيائين، غور ۽ فڪر بعد هيٺين نتيجن تي آيل ٿو ڏسجي.

    1. وحدت وجو.
    2. وحدت مذاهب.
    3. پيار مهذهب جو جز روح آهي.
    4. عبادت جي صحيح معنيٰ خدمت خلق آهي.
    5. ارتقا انساني جو راز امن ۽ سلامتي ۾ آهي.
    6. صحيح تعليم پاڻ سڃاڻڻ ۾ آهي.
    7. حصول مقصد قرباني سان حاصل ٿئي ٿو.

    1. وحدت وجود

    هن کي عالم ناسوت جي مختلف شين، نظارن ۽ خيالن، اول ۾ حيران ڪيو ٿو ڏسجي، ليڪن آخر هو هن نتيجي تي پهتو ته جملي هستيءَ جو حقيقي ”هستيءَ مطلق“ يا ”وجود ڪل“ آهي. انهيءَ ذات حقيقي کي ٻن نقطه نگاهن سان ڏسي سگهجي ٿو. هڪ حق جو جملي عالم اظهار جو جوهر آهي ۽ ٻيو خلق يا عالم صفات جو ان ذات حقيقي جو مظهر آهي. اهي ٻئي شيون هڪ آهن، ليڪن ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ ٻه پيئون معلوم ٿين.
    ظاهري دنيا جون بي شمار ۽ لاتعداد شيون، حادث ۽ عارضي آهن ۽ پنهنجي وجود جو مدار، قائم دائم با لذات مطابق ۽ واحد تي رکن ٿيون. ”هستيءَ مطلق“ ساڳي وقت هر مظهر کي پنهنجي وحدت جي احاطي ۽ تسلط ۾ رکي ٿي. ” والله بکل شيءِ محيط“ انهيءَ نظري مطابق ڪائنات قديم، غير فاني ۽ دائمي آهي، ڇاڪاڻ ته اها قديم، دائم با لذات جو ظهور آهي.
    آخرت به سدائي ٺهندي رهي ٿي. دنيا جي پوري طرح پڄاڻي نه ٿيڻي آهي. نڪا ڪا ان جي آخري حد آهي. جنهن کي آخرت چئجي ٿو، سا سدائين پيئي هلي. هي دنيا ۽ ٻي دنيا صرف هر وقت ۽ هر زمان ۾ پيدائش عالم جي جدا جدا ۽ نئين نئين مظهرن جا جدا جدا نالا آهن ۽ شڪلين بدلائڻ جا مظهر آهن. جي هڪ شڪل گم ٿئي ٿي ته اها ٻي شڪل اختيار ڪري ٿي ۽ اها تبديلي هميشه جاري آهي. هر نئين شي پراڻي شڪل جو مسلسل مظهر آهي. شاهه صاحب جا ڪي بيت سندس انهن خيالن جي ثبوت ۾ پيش ڪجن ٿا.

    وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل
    حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻي م ڀل
    هو هلاچو هل، با الله سندو سڄڻين.

    سوئي هيڏاهن، سوئي هوڏانهن، سوئي من وسي
    سوئي سو پسي، تنهين سندي سوجهري.

    پڙاڏو سو سڏ، ور ورائيءَ جو جي لهين
    هئا اڳهين گڏ، پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا،

    ڪوڙين ڪايائون، تنهن جون لکن لک هزار
    جيءَ سڀڪنهن جي سين، درسن ڌارون ڌار
    پريم تنهن جا پار، ڪهڙا چئي ڪيئن چوان.

    2. وحدت مذاهب

    جهڙيءَ طرح خلقت اشياءَ ۾ ڪثرت ٿي نظر اچي، اهڙِءَ طرح ابتدائي، زماني کان وٺي هر ملڪ، هر قوم جي رهبري ۽ هدايت لاءِ ڪيئي پيغمبر، حڪيم، فيلسوف پي پيدا ٿيا آهن ۽ انهن جون سمجهاڻيون ۽ تعليمات به جدا جدا نموني ۽ طريقي جون پيئون ڏسڻ ۾ اچن، جو مٿاڇري نگاهه ڪندڙ منجهي پوي ٿو.
    صحيح ۽ غلط، حق ۽ نا حق، مفيد ۽ نقصان ڪار جو پتو پوڻ به مشڪل ٿيو پوي. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته شاهه صاحب کي به ان خيال ستايو ٿو ڏسجي، پر معلوم ائين ٿئي ٿو ته وحدت وجود جي راز معلوم ڪرڻ بعد کيس مذاهب جي وحدت جو پتو به پيو آهي. آخر جيڪڏهين جملي آشياءِ هستيءَ ۾ وحدت سمايل آهي ته انهن جي قانون فطرت يا مذهبن ۾ اختلاف ڪيئن ٿي سگهي ٿو.
    جهڙيءَ طرح شين جي شڪلين ۾ اختلاف باوجود انهن ۾ بنيادي وحدت موجود آهي، اهڙيِءَ طرح کيس معلوم ٿيو ته مذاهب. عالم جي ظاهري ڪثرت جي پويان باطني وحدت ڇپيل آهي.

    مذهبن جا بنيادي مقصد گهڻو ڪري ساڳيا آهن.

    شاهه صاحب جا چند بيت سندس اهڙن خيالات جي تائيد ۾ پيش ڪجن ٿا.

    مٿي هاٿيءَ سين مامرو، اچي پيو انڌن
    مناڙين هٿن سين، اکئين ڪين پسن.

    في الحقيقت فيل کي، سچا سڃاڻن
    سندي سردارن، بصيرت بينا ڪري.

    ڏسڻ جي ڏسين، ته همه کي حق چئين
    شارڪ شڪ م نه ني، انڌا انهيءَ ڳالهه ۾.

    ڪيو مطالع مون، هو جو ورق وصال جو
    تنهن ۾ تون هين تون، ٻي لات نه لحظي جيتري.

    قرب ڪبرياءُ، ماءُ ملاقي نه ٿئي
    پورو اي پرياءَ، صوفي جي صلح ۾.

    4. محبت پيار جي مذهب جو روح آهي.

    جي مذهب اتحاد ۽ ترقيءَ انسان لاءِ راهبر آهي ته ان جي ساري تعليم جو نچوڙ جنهن بنيادي شي تي رکيل آهي، اها آهي محبت هي هڪ قسم جي ڪشش آهي، جا ميلاپ يا وصال طرف انسان کي ڇڪي ٿي. دنيا جي ڪاروبار ۾ قدرت طرفان ٻه مکيه طاقتون ڪرڪن نظر اچن ٿيون، هڪ آهي قوت جذب، ٻي آهي قوت رد.
    پهرين ميلاپ، محبت، وصال، اتحاد تعمير ۽ ترقي طرف ڇڪيندڙ آهي. ٻي جدائي، نفرت، فرق، نفاق تخريب ۽ تنزل تائين پهچائي ٿي. مذهبي زبان ۾ ان کي شيطاني طاقت سڏين ٿا.
    روح کي ٻن درجن مان لنگهڻو پوي ٿو. هڪ اعليٰ مڪان مان، هيٺ لهي عالم ناسوت ۾ اچڻ جو درجو آهي، ٻيو ناسوت مان وري اصل ڏي وڃڻ جو درجو آهي. پهرين کي صوفي زبان ۾ نزول ۽ ٻي کر عروج سڏين ٿا. جڏهين ماڻهو مذهب جي نفس تي غور ڪري ٿو ته کيس پتو پوي ٿو ته نزول جي رستي کي ڇڏي عروج ڏي هلڻ، شيطاتي رجحانات کي ڦٽو ڪري ملڪوتي رجحان طرف لاڙو ڪرڻ، تخريب کي ڇڏي تعمير طرف خيال رکڻ، نفرت کان پاسي ٿي، محبت ۾ محو ٿيڻ ئي مذهب جو حقيقي مطلب آهي. تنهن ڪري سڀ بزرگ ۽ صوفي عشق ۽ محبت کي حقيقي مزهب سمجهي، ان جي ساراهه ڪندا ويا. شاهه صاحب به انهيءَ راز جي رمز پروڙي آهي ۽ چوي ٿو ته :

    ”مون کي اکڙين، وڏا ٿورا لائيا
    ته پڻ پرين پسن، کڻان جي کر سامهون“

    ”کر کاريندو سي، ماٺو جن پريتڻو
    جوش جلايا جي، ماري تنهن مات ڪيو“

    ”حوصلو حيرت جو، آهي نه مٿي عام
    سندي محبت مام، ڪوڙ پروڙي ڪينڪي“

    ”لوڪن لحو صرف، مون مطالع سپرين
    سوئي سو حرف، پڙهيو پڙهان من ۾“

    4. عبادت جي صحيح معنيٰ خدمت خلق آهي

    شاهه صاحب ڏٺو ته مذهب جي معنيٰ چند عبادتن جو مجموعو ورتي وڃي ٿي ۽ قرآن شريف جي آيت ته ” ما خلفت الجن والانس الاليعبدون“ جي عام طرح معنيٰ نيازون، روزا، ذڪر، فڪر وغيره ڪڍي وڃي ٿي، نتيجو اهو وڃي نڪتو ٿي ته هر ڪو ماڻهو نماز پڙهي، روزا رکي، انسان ذات جي خدمت جي بدران پنهنجي خود غرضيءَ ۾ محو ٿي رهيو هو.
    ملا ۽ مولوي غلط فتوائون ڏيئي، فساد ڪرائي، مفت جا مال کائي صرف نماز ۽ روزي جي ذريعي نجات لاءِ ڪافي سمجهي، حقوق العباد کان پاڻ کي هڪ طرف آزاد سمجهي رهيا هئا ته پيران طريقت، زهد تقويٰ، ذڪر فڪر ڪرڻ کي صحيح عبادت سمجهڻ لڳا هئا ۽ خلق خدا جي خدمت ڪرڻ بدران، پنهنجي خدمت ڪرائڻ ۾ مشغول هئا. شاهه صاحب انهيءَ ڳالهه تي به غور ڪيو ٿو ڏسجي ۽ هن نتيجي تي پهتل هو ته سچي عبادت جي معنيٰ، مخلوق خدا جي بنا غرض جي خدمت ڪرڻي ئي آهي.
    ماڻهو هن دنيا ۾ صرف روزا نمازون پڙهڻ لاءِ پيدا ڪو نه ٿيو آهي، پر انهي جي زندگي جو مقصد، هن دنيا ۾ سک سلامتي آڻڻ، انسان کي جانورن وارين خواهشات کان آزاد ڪري، روحاني ترقي، تعمير، عالم، حسن اخلاق جي صفتن سان مالا مال ڪرڻ لاءِ، خدمت خلق ئي آهي، جڏهن ڏٺائين ٿي ته ماڻهو ظاهري عبادت کي ئي نجات جو ذريعو سمجهي، صرف ان طرح مشغول آهن ته کيس عجب ٿيو ٿي. سندس انهيءَ قسم جي خيالن جو پتو هيٺين بيتن مان پئجي سگهي ٿو.

    ”پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾
    پاڻا ڏوهه چڙهن، جيئن ورق ورائين وترا“

    ”روزا ۽ نمازون، اي پڻ چڱو ڪم،
    او ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرين کي“

    ”اکر ڇٽي هيڪڙي، ٻهون جي نه ٻجهن،
    ڪوه ڪبو ڪي تن، سجھي سنائي ڳالهڙي“

    ”تهڙا چاليها نه چاليهه، جهڙو پسڻ پرين جو
    ڪهڙو ڪاتب تون ڪرين، مٿي پنن پيهه
    جي ورق ورائين ويهه، ته اکر اهو ئي هيڪڙو“

    5. ارتقا انساني جو راز امن ۽ سلامتيءَ ۾ آهي

    شاهه صاحب غور ۽ فڪر بعد انهي نتيجي تي پهتل هو ته دنيا جي تعيمر ۽ انسان ذات جي ترقي سواءِ امن ۽ سلامتي جي حاصل ٿي ڪين سگهندا. هو هر انهيءَ ڳالهه جي مخالف هو، جنهن مان انسانن جي وچ ۾فساد پيدا ٿيڻ جو امڪان هو. هن اسلام کي فتح ۽ حڪمرانيءَ جو مذهب ڪري نٿي سمجهيو، نڪو مسلمانن کي قومن جي امامت ڪرڻ جي تلقين ٿي ڪيائين. هن مونن ۾ منهن پائي غربت ساڻ گذارڻ جي تلقين هڪ طرف ڪئي ته ٻي طرف صاف چيائين ته:

    ”هو چونئي تون مَ چئو، واتان ورائي،
    اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي“

    هو سڌن کي مارڻ، طمع کي ترڪ ڪرڻ، ويرين جو واهرو ٿيڻ، گولن جي گولي ٿيڻ، ڪيني کي قتلام ڪرڻ، گر ۾ پرين پسڻ، خوديءَ کي کانئڻ، سڃ جي سين هڻڻ، تن کي تسيا ڏيڻ، لنگ ۽ لانگ ڪڍڻ، ماري مات ڪرڻ، سڀ ۾ پرين پسڻ جي تعليم ڏئي ٿو. هو دشمن يا مخالف کي حمليکان روڪڻ لاءِ هيٺين قسمن جا الفاظ ڪتب آڻي ٿو:

    ” ڪشي ڪان ڪمان مان، متان هڻين مون
    مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي“

    6. صحيح تعليم پاڻ سڃاڻڻ ۾ آهي

    شاهه صاحب کي معلوم ٿي چڪو هو ته انسان اشرف المخلوقات آهي. هن ۾ نورالاهي جو جلوو نمايان نظر ٿي آيس. هن کي انسان جي زندگيءَ جي مقصد جي به پروڙ هئي. هن ساري ڪائنات جي خلق کي بيڪار ۽ بنا مقصود جي پيدا ٿيل نه ٿي سمجهيو. هن کي احد ۽ احمد، جز ۽ ڪل، پکي ۽ پڃري، پنهون ۽ سسئي، فرد ۽ قوم جي تفاوتن ۽ بنيادي وحدت جو سمورو راز معلوم هو، هن نابوديءَ جي وسيلي اعليٰ ٿيڻ جو مطلب سمجهي ورتو هو، تنهن ڪري پنهنجي ڪلام وسيلي هن جز کي ڪل ۾ فنا ڪرڻ، فرد کي قوم لاءِ قربان ٿيڻ جي تلقين ڪندي چيو آهي، ته اهو درجو تڏهين حاصل ٿي سگهندو، جڏهن حقيقي پاڻ سڃاڻڻ جي پروڙ ماڻهوءَ ۾ پوندي. هن جو چوڻ آهي، انسان جو اعليٰ درجي تي پهچڻ صحيح تعليم ذريعي ئي حاصل ٿي سگهندو ۽ صحيح تعليم جي تشريح ان ڳالهه ۾ ڪئي اٿس ته انسان پنهنجي صحيح حقيقت سڃاڻڻ جو ماهر ٿئي، ان وقت ئي سندس خوف ۽ خطرا، وهم ۽ گمان، ڪفر ۽ شرڪ، ٻيائي ۽ عبديت دور ٿي سگهندا ۽ ماڻهو ترقي ڪرڻ جو لائق ٿي سگهندو. سندس هيٺيان بيت ان جي اهڙي خيالات جو ثبوت پيش ڪندا:

    ”اسين سڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ
    هاڻي وڃ گمان، اسان صحيح سڃاتا سپرين“

    ”هيڪر هئڻ ڇڏ، ته اوڏي ٿئين عجيب کي
    ” مان رايت شياءَ الا روايت“ نيئي اجها اوڏاهين اڏ
    ته هوت توهين کان هڏ، پرين پاسي نه ٿئي“

    ”هو پڻ ڪونهي هن ريءَ، هي نه هن هان ڌار
    ”الانسان سري وانا سره“ پروڙج پچار
    ڪندا ويا تنوار، عالم عارف اهڙي“

    ”سو پکي سو پڃرو، سو سر سوئي هنج
    پهي جان پرڙويو، مون پانهن جو منجهه
    ڏيل جنهنجو ڏنجهه، سو ماري ٿو منجهه ڦري“

    7. مقصد جو حصول قرباني سان حاصل ٿئي ٿو

    شاهه صاحب هن نتيجي تي پهتو هو ته جيڪڏهن صحيح تعليم جو راز پاڻ سڃاڻڻ ۾ ڇپيل هو ته صحيح عمل، سواءِ قرباني جي ڀيٽا جي وسيلي، حاصل ٿي نه سگهندو. هن جڏهين چوطرف نظر ٿي ڪئي ته ڏٺائين ٿي ته هر ننڍي شي وڏي ۾ سمائجڻ لاءِ پاڻ قربان ڪري رهي آهي، هر مٽيءَ جو داڻُو زمين ۾ گڏجي عالم جمادات جي ٺاهڻ ۾ مدد ڏيئي رهيو آهي، اهڙي طرح جمادي جزا نباتات جي عالم پيدا ڪرڻ لاءِ، وقت به وقت پاڻ کي قربان پيا ڪن. نباتات وري حيوانات جي زنده رهڻ لاءِ، قوت جو ڪم ڏئي رهي آهي. وري جي غور ڪندا ته انهي مادن مان وري هر هڪ جزو ٻئي جي بقا لاءِ مددگار ۽ معاون آهي، جا معاونت قرباني کانسواءِ حاصل نٿي ٿي سگهي. اهو سلسلو ڪائنات جي هر مظهر ۾ نظر منجهه ايندو.
    ماڻهو به انهيءَ قانون فطرت کان آزاد نه آهي. پيءُ ۽ ماءُ کي اولاد لاءِ قرباني ڪرڻي پوي ٿي، فردن کي قبيلن لاءِ ۽ قبيلن کي قومن لاءِ ۽ قومن کي انسان ذات جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ، ڪي ذاتي قربانيون ضرور ڪرڻيون آهن. تنهن ڪري فلسفه عمل تي نظر ڪبي ته ان جو جوهر قرباني ئي ڏسڻ ۾ ايندو.
    شاهه صاحب جي بيان ۾ ڪيل مذهبي راين کي جيڪڏهن اسان اختصار ڪري پِيش ڪريون ته ان جو لب لباب هيٺين طرح ٿيندو.

    _ ساري ڪائنات ۾ گونا گون مظهرن جي باوجود به بنيادي وحدت قائم آهي.
    _ انهي بنيادي وحدت جي راز کي معلوم ڪرڻ ۽ سمائجڻ لاءِ رستو ۽ طريقو مذهب آهي.
    _ مذهب ابتدا کان وٺي، باوجود ظاهري اختلافن جي هڪ ئي آهي.
    _ انهيءَ مذهب جو روح يا جوهر محبت يا عشق آهي.
    _ محبت ۽ عشق ترقي انسان ۽ تعمير عالم لاءِ خدمت خلق امن ۽ سلامتي جو سبق ڏئي ٿو.
    _ انهيءَ سبق جي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ پاڻ سڃاڻڻ ضروري آهي.
    _ پاڻ سڃاڻڻ سواءِ صحيح عمل جي بي ڪار آهي.
    _ صحيح عمل جو راز قرباني ۾ سمايل آهي.

    شاهه صاحب جي اهڙن خيالات جي ثبوت ۾ سندس هيٺيان بيت پيش ڪجن ٿا:

    ”سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون
    وڃڻ تن پيو، نالو نيهن ڳنهن جي“

    ”پهرين ڪاني پاءِ، پڇج پوءِ پريتڻو
    ڏک پريان جو ڏيل ۾، واڄٽ جين وڄاءِ
    سيخن ماهه پچاءِ، جي نالو ڳنهين نيهن جو“

    ”پڇ پتنگن کي، سنديون کامڻ خبرون
    آڻيون وجهن آگ ۾، جيءَ پنهنجو جي
    جيري جنهين جي، لڳا نيزا نيهن جا“

    ”سرها ڏٺم سي، جن جي ساڃاهه سراڻين سين
    تيغ تنين جي کي، ڪٽ نه لڳي ڪڏهين“

    ”سڪڻ ۽ سوري، ٻئي اکر هيڪڙي
    وهڻ واٽڙين تي، ڪارڻ ضروري
    ٻنهي جي پوري، جيءَ ڏني ريءَ نه جڙي“

    ”گندي ۽ گراهه، جن سناسين سانڍيو
    انهن کان الله، اڃان آڳاهون ٿيو“


    فصول اٺون

    شاهه صاحب جي ڪلام جون خصوصيتون

    شاهه صاحب جي ڪلام جون خاص خصوصيتون هيٺيون آهن :

    1. اهو سنڌي قوميت جي جذبي سان ڀريل آهي، وطن ان جي هر شيءِ جي پريت ان جو مکيه جزو آهن. ساري ڪلام جون اڪثر آکاڻيون، سواءِ ڪربلا جي واقعي جي سڀ سنڌي ڪتب آنديون اٿس.
    2. سندس ڪلام ۾ ڪتب آندل ٻولي به سواءِ چند حوالن جي صفا سنڌي آهي. ايتري قدر جو ڪي لفظ جن جو رواج اڄڪلهه نڪري ويو آهي، سي نج سنڌي هئڻ ڪري سمجھڻ به ڏکيا پيا لڳن.
    3. ٽين خاصيت شاهه صاحب جي ڪلام ۾ اها آهي، ته اصل هندي شاعريءَ جو تتبع ڪندي، جن عورت کي عاشق ۽ مرد کي معشوق بنايو آهي، جو دستور پارسي ۽ عربي شاعريءَ ۾ ڪونه آهي.
    4. شاهه صاحب جي ڪلام ۾ اها به خصوصيت رهي آهي ته ڪلام ۾ قصا سڀ افسوسناڪ پڄاڻيءَ جا بيان ڪيا اٿس، سندس ڪلام تڪڙي نفعي ۽ وقتي ڪاميابيءَ ڏي ماڻهوءَ کي ڪونه ٿو ڇڪي، عارضي نفعو دائمي مقصد جي حصول لاءِ قربان ڪرڻ، سندسن ڪلام جو روح آهي.
    5. مثنوي روم وانگر سارا قصا ۽ ڪهاڻيون بيان ڪري پوءِ ان مان نصيحتون نٿو ڏئي، بلڪ هن جي خيال موجب اهي ڪهاڻيون زبان زد عام هئڻ ڪري، ان جو دهرائڻ ضروري نه ڄاڻي، صرف انهن ڪهاڻين يا بيان ڪيل شين مان ڪي نتيجا ڪڍي، سورمن جي جذبات ۽ شين جي صفتن جو بيان ٿو ڪري.

    شاهه صاحب مختلف مڪاني ڪهاڻين ۽ شين بنسبت جڏهن ڪجھ چوڻ گھري ٿو، ته انهن جون خاصيتون اکين اڳيان اٿس ۽ سندس هر هڪ بيت جدا معنى رکي ٿو.

    1. سُر ڪلياڻ

    هن سُر جي پهرين فصل ۾ وحدت وجود جو ذڪر ڪري، ٻين فصلن ۾ هو، انهن عاشقن ۽ نيهن وارن جو ذڪر ڪري ٿو، جن جي اڳيان وڏا مقصد ۽ مرادون آهن، جن جي حاصل ڪرڻ جي لاءِ، هو هر طرح جي قرباني ڪرڻ واسطي تيار آهن. نيهن وارن کي هو ٻن گروهن ۾ ورهائي ٿو. هڪڙا سچا ۽ سرويچ آهن جي ڪڏهن به سسي نه ٿا سانڍين، ڪڙي ۽ قاتل جا هيراڪ ٿيو وڃن، چاڪ اٿن ته به نه ٿا سلين، وهه ڏسيو پيا وهسن، ڪاتيءَ پئي ڪنجھن ڪين ٿا، سيخن ۾ ماهه پچائڻ لاءِ تيار آهن، جن لاءِ سوري سينگار آهي، نيزي تي سر چاڙهي نروار ٿيڻ جي لاءِ تيار ويٺا آهن، جن کي مقصد ۽ معشوق جي راهه مان موٽڻ ۽ مڙڻ مهڻو آهي. سوري ۽ سيج برابر اٿن، تن جو ذڪري ڪري چوي ٿو ته :

    ”سوري آهي سينگار، اصل عاشقن جو،
    مڙڻ موٽڻ ميهڻو، ٿيا نظاري نروار،
    ڪسڻ آهي قرار، اصل عاشقن جو“

    ٻيا سڌڙيا آهن، جي ڪات ڪلالن جا ڏسيو موٽيو وڃن، ڏوران نهاريو، شرابن جو سڌون پيا ڪن، هنن وٽ هي هڏ ۽ چم پيارو آهي، مٿو ماٽي وٽ لاهي رکڻ کا پيا ڇرڪن. انهن لاءِ چوي ٿو ته :

    ”سڌڙيا شراب جون ڪهه پچارون ڪن،
    ڪات ڪلالن ڪڍيا، ته موٽيو پوءِ وڃن،
    پڪون سي پين، سر جنين جا سٽ ۾.“

    2. سُر يمن ڪلياڻ

    هن سُر ۾ عوام جي مصيبتن، تڪليفن، اهنجن ۽ ايذاون جو ذڪر ڪندي، ملڪ جي خدمت جي خواهش رکندڙن کي مخاطب ٿي، ڪي هدايتون ۽ نصيحتون ڏئي ٿو. چوي ٿو ته :

    ”سگھن سُڌ نه سور جي، ته گھايل ڪيئن گهارين،
    پئل پلو پٽ تي، واڍوڙيل نه وارين،
    پر پچن پرينءَ لاءِ، هي هنجون هارين،
    سڄڻ جي سارين، تن رويو وهامي راتڙي.“

    کين وري صلاح ڏئي ٿو ته جي سچ پچ اوهان ملڪ ۾ ماڻهن جي محبت رکو ٿا ته:

    ”اگھائي سگھا ٿيا، جي ويٺا وٽ ويڄن،
    ترسي طبيبن، چيٺي هوند چڱا ڪيا“

    ”وهڻ ويڄن وٽ، جي سکين ته سگھو ٿئين،
    اڳين عادتن مٽ، ته اگھا عاجز نه ٿئين.“

    ليڪن ساڳئي وقت خود ـ مطلب ۽ جاهل ڪارڪنن يا ملڪي ليڊرن جي ڦندي ۾ ڦاسڻ کان منع ڪندي چوي ٿو ته :

    ”ڪٺيس ڪويڄن، جو تن طبيب نه گڏيا،
    ڏيئي ڏنڀ ڏڏن، پاڻا ڏيل ڏکو ٿيو“

    پوءِ کين پتنگن جا مثال ڏيئي مقصد ۽ مراد لاءِ، مرڻ ۽ قربان ٿيڻ جو سبق، کين کان سکڻ جي هدايت ڪري چوي ٿو ته :

    ”پڇ پتنگن کي، سنديون کامڻ خبرون،
    آڻيو وجھن آگ ۾، جي پنهنجو جيءُ،
    جيئري جنين کي، لڳا نيزا نينهن جا.“

    هڪ هنڌ کين خبردار ڪري چوي ٿو ته :

    ”سڪڻ ائين نه سڌ، جيئن لڪيو لياڪا پائين،
    پئي پريان جي نه ٿئين، مٿي اڳڻ اڌ،
    اي پڻ ڪوڙي سڌ، جيئن کليو کايو سمهين.“

    3. سُر کنڀات

    هن سُر ۾ مقصد صوفي وٽ وحدت جي وادي آهي ۽ محب وطن وٽ ملڪ ۽ قوم جي آزادي ۽ ترقي آهي. معشوق سان هڪ جاءِ تي چنڊ جي حسن جي ڀيٽ ڪئي اٿس چوي ٿو ته :

    ”ناسيندي نگاهه، پهرين ڪج پرينءَ ڏي،
    احوال عاجزن جا، آکج لڳ الله،
    روز نهارين راهه، اکيون اوهانجي آسري.“

    هڪ جاءِ تي اٺ کي قاصد ۽ پريءَ کي پيغام پهچائيندڙ ڪري ورتو اٿس. مقصد کي پهچڻ، ڪرن سفر سمجھي، اٺ کي منٿ ڪري، کيس چوي ٿو ته حالتون سڻايون اٿئي، مونکي جلد نيئي محبوب سان ملاءِ.

    ”رات سهائي ڀونءِ سنئين، پٽن وڏو پنڌ،
    هلندي حبيبن ڏي، ڪرها موڙ مَ ڪنڌ،
    ٻنڌڻ سوئي ٻنڌ، جو پهچائي پرينءَ کي.“

    اٺ جي مشابهت هڪ جاءِ تي خادم ملڪ يا سالڪ راهه سان ڪندي، ان کي دنيا جي ڪٺن مسافرين طي ڪرڻ واسطي، همٿائڻ لاءِ ننگ وجھي چوي ٿو ته :

    ”ڪرها ڪر سڃاڻ، پيڪو ۽ پنهنجو،
    اصل آهي اوهان جو، ناليرو نڏاڻ،
    ڪرها اسان ساڻ، ڪي چانگا ڪج چڱايون.“

    4. سُر سريراڳ

    هن سُر ۾ حياتيءَ کي سٽاڻي سمنڊ جي مسافريءَ سان ڀيٽ ڏني وئي آهي، جتي ڪيئي لُڙَ، لهرين، لس ۽ ليٽن سان مسافر کي منهن مقابل ٿيڻو پوي ٿو. جتي آب جو انت نه اهي، چڪڻ چاڙهه ۽ ڪپر ڪارونڀار آهن، ان ۾ محب وطن يا صاحب اخلاق کي سچ جي سوداگر سان تشبيهه ڏنل آهي. ان ۾ سندس رهبريءَ ۽ هدايت جي لاءِ، ڪي تجويزون پيش ڪيل آهن. جن مان توڪل، توبه، ٻانهپ، سچي دل سان شيوا ڪرڻ يعني پنهنجي مقصد سان محبت رکڻ، غفلت کي ترڪ ڪرڻ يعني جاڳڻ پاڻيٺ پرکڻ، ابتدا ۾ ترهو تاڻي ٻڌڻ، ملان معلم پڇي خبرون پرورڻ، مکيه آهن. چوي ٿو ته :

    ”کوها ڪالهه کڻي، ان وڌا اتر آسري،
    الا جھري مَ ان جي، اولي جي اڻي،
    وڻجارن وڻي، سو وکر وڌو ٻيڙئين.“

    ”لڙ لهريون لس ليٽ، جتي انت نه آب جو،
    الله اول مَ ان جا، ٻيڙا مٿي ٻيٽ،
    جوکو ٿئي مَ جهاز کي، ڦرهي اچي مَ ڦيٽ،
    لڳي ڪام لپيٽ، هن غاريبي غوراب کي.“

    ”جنين سودو سچ سين، وکر وهائيو،
    بخرو ”لهم قبشرى“، جو انهيءَ لئي آئيو،
    ان کي لالڻ لنگھايو، ساندارو سمنڊ جو.“

    ”توڪل ـ ڏيئي توڪل تڪيو آر لنگھيا آسان،
    توبه ــ توبه جي تاثير سين تري ويا طوفان،
    ٻانهپ ــ ٻانهپ جو ٻيڙئين وکر وڌاءٌ،
    شيوا ڪرن ــ شيوو جن سبحان، وير نه وڙهي تن سين،
    غفلت ــ جاڳيو جي يارا، ته تڙ توائي نه ٿئي.“

    موتين جو پاڻيٺ پرکڻ :

    ”وڃن مَ وينجهار، پاڻيٺ جي پرکڻا،
    ڪنير پايو اکين ۾، لهن سڀ ڪنهن سار،
    موتيءَ جي مزاج جو، قدر منجھ ڪنار،
    صرافنئون ڌار، ماڻڪ ملاحظ نه ٿئي.“

    ترهو تاڻي ٻڌڻ :

    ”تانگھي ۾ تاڻي، ٻڌ پنهنجو ترهو،
    اونهي ۾ آڻي، ڪونه ڏيندءِ ڪو ٻيو“

    معلم پڇڻ :

    ”ملا معلم خبرون، پڇي پروڙيج“

    هن سُر ۾ هڪ هنڌ زندگيءِ جي بهترين ڪارنامن بابت ذڪر ڪندي فرمائي ٿو ته:

    ”وکر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي،
    ويچيندي ولات ۾، ذرو ٿئي نه ضاءِ
    سا ڪا هڙ هلاءِ، آڳهه جنهن جي اڀئين.“

    چڱن عملن ڪرڻ جي لاءِ چوي ٿو ته :

    ”دنگيءَ ۾ داڻا، وٺي وجھ وکر جا،
    وير وڙهندي ويسرا، ويهه مَ ويڳاڻا،
    هي ننڊ نه ڄاڻا، ڪڏهين هڻندئي ڪن ۾.“

    5. سُر سامونڊي

    هن سُر ۾ هن انهن جحب وطنن جو ذڪر ڪيو آهي، جي قوم ۽ ملڪ خاطر گھر ڇڏي بي گھر ٿين ٿا ۽ ورهين جا ورهه قيدن ۽ جلا وطنين جي سزا ڀوڳين ٿا، سدائين مسافريءَ ۾ آهن، جنهن ڪري سندن ونيون پيئون واجھائين، وڻ تڻ وانئٽيون ٻڌن، ڏيا ٻارين ۽ سکائون باسين. انهن جي درد ڀرئي داستان جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته :

    ”سامونڊي ڪو سنگ، آهي گوندر گاڏئون،
    انگهن چاڙهي انگ، ويو وڻجارو اوهري.“

    ”سامونڊي ساري، مٿي تڙ گذاريان،
    مونکي ٿي ماري، انهين سندي ڳالهڙي.“

    ”لاهيندا ۽ ڪن، ڳالهيونهلڻ سنديون،
    ڏيندا مون ڏکن، وهه وجھندا جندڙو“

    ”جر تڙ ڏيا ڏي، وڻ ٽڻ بڌي وائنٽيون،
    الا ڪانڌ اچي، آسائتي آهيان.“

    ”ٻيڙيءَ جي ڀنڻ، نينهن نه ڪجي ان سين،
    اڀا ڏنڀ ڏسن، جي سڙهه ڏيئي سير ٿيا“

    ”وڃيئي وسري شال، جو تو سودو سکيو،
    اڃا آئين ڪالهه، پڻ ٿو سفر سنبهين.“

    6. سهڻي

    هن سُر ۾ شاهه صاحب، مقصد (معشوق سان) حقيقي نينهن جي ناتي جو ذڪر ڪري ٻڌائڻ گھري ٿو ته، مطلوب کان سواءِ طالب بيڪار آهي، انهيءَ کانسواءِ ناپاڪ، اڌوتو رهي ٿو ۽ انهيءَ جي اصول سان پاڪ، صاف سٿرو ٿئي ٿو، ليڪن اعلى مقصد کي پهچڻ سولي ڳالهه نه آهي، اتي درياءَ جي دهشت، ڪاريون راتيون، ڪنن جا ڪڙڪا ۽ دلين جا ڌڙڪا راهرو کي پيش اچن ٿا. اتي سندس رهبر راهه صرف يار يا مقصد جي محبت رهي ٿي، جنهن جي ڪشش کيس لنؤ لايو ڇڏي، جتي کڙين جا کڙڪا سندس رهبري ڪن ٿا. مرڻ ته هر ڪنهن لاءِ ائين ئي آهي، ليڪن مقصد جي راهه ۾ قربان ٿي، سر ڏيڻ ڪري ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿي وڃن ٿا.

    مقصد سان محبت لاءِ چوي ٿو ته :

    ”توڏي ٻي نه تات، ميهار ئي من ۾،
    جپڻ پيس رات، هو ساهڙ هو سهڻي.“

    مقصد کان سواءِ زندگي بيڪار آهي، واسطي چوي ٿو ته :

    ”ساهڙ ڌاران سهڻي، آڌوتي آهي،
    ڪنڍيون جو ڪاهي، پاسي تنهن پاڪ ٿئي.“

    مقصد تائين پهچڻ ۾ جي مشڪلاتون سامهون اچڻ ٿيون، تن بابت چوي ٿو ته :

    ”دهشت ڌوم درياءَ ۾، جت لڙ لهرون لس ليٽ،
    آڻيو اوڀارن ۾، ٻانڊي ٻوڙي ٻيٽ،
    جت چڪڻ جي چپيٽ، ات ساهڙ سير لنگھاءِ تون.“

    مقصد جي محبت ڪيئن نه کيس ڪشش ڪري ٿي، ان لاءِ چوي ٿو:

    ”اديون سڀ اندام، منهنجا چڙن چوريا،
    لارُن لنؤ لائي، سا ڪيئن آڇيان عام؟
    لڳس جنهن جي لام، سو دوست دلاسا منجي.“

    اعلى مقصد جي راهه ۾ قربان ٿيڻ لاءِ چوي ٿو ته :

    ”ته ڪري ڪيئن سئي، جي سير نه گھڙي سهڻي،
    هت حياتيءَ ڏينهڙا، هڏهن تان نه هئي،
    چڪيءَ تنهن چري ڪئي، جو ڏنس ان ڏهي،
    سهڻيءَ کي سيد چوي، وڌو قرب ڪهي،
    هيئين هوند مئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا“

    مقصد کي پهچڻ لاءِ مسلسل ڪوشش جي درڪار آهي، ڪا حد مقرر ڪري نه ٿي سگهجي، چوي ٿو ته :

    ”نڪو سنڌو سور جو، نڪو سنڌو سڪ،
    عدد ناهين عشق، پڄاڻي پاڻ لهي.“

    ”جي ڪيم مڙن، ته ڪر اوڏا سپرين،
    تهان پوءِ سڄن، واڌايون وصال جون.“

    مقصد جي حاصل ڪرڻ ۾، جي شيون رنڊڪون ٿيون وجھن، انهن لاءِ چوي ٿو ته :

    ”ڪنڌي جھليو ڪانهن، عاشق اڀو آهون ڪري،
    تو ڪيئن ٻوڙي سهڻي، ٻيلي منهنجي ٻانهن،
    درياهه توتي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي“

    ”واهڙ ڀريون نه پاءِ، تو پڻ ليکو ڏيڻو،
    سندا سانوڻ ڏينهڙا، هنئينا نه هونداءِ،
    وهاڻيءَ وينداءِ، اوڀر اتاهان لهي“

    7. سُر سارنگ

    هن سُر ۾ ملڪ مان غلاميءَ، اڻ هوند ٽارڻ، عوام جي خوف ۽ ڊپ کان ڏهڪايل دلين کي، همت واري آب گوندري سان تازو توانو ڪرڻ، مهانگي لاءِ ميڙڻ ۽ پنجن مان پنڌرهن ڪرڻ وارن ڏڪارين ۽ موذين جي مرڻ، لوڪ مٿان گوندر گنوائڻ، جو ذڪر ڪيو اٿس. وطن جي گھٽيل هوا ۾ انقلاب جي مانڍاڻ جي اميد ۽ آسرو رکندي اتر پار کان وڄن جي وسڻ، هارين جي هر سنباهڻ، ملڪ تان ڏولائي جي ڏينهڙن لهڻ، سنگهارن جي سرهي ٿيڻ، ان جي ارزان ٿيڻ، مينهن جي موڪ چرڻ، پٽ ۾ پاهن جي ٿيڻ، ماٽين ۾ مکڻ جي اچڻ جو بيان ڪري ٿو. هي سارو سُر انقلابي رنگ سان رنگيل آهي. ان ۾ غلامي ۽ مسڪيني جي ستايلن کي همت ۽ دلداري ڏياري وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته سدائين اُڃَ اُساٽ ڪانه هوندي، سگھوئي جھڙڦڙ جهاٽ ڏئي، پٽ پسائيندو ۽ قلب جون ڪسون لاهيندو :

    ”سارنگ سار لهيج، الله لڳ اڃين جي،
    پاڻي پوڄ پٽن تي، ارزان ان ڪريج،
    وطن وسائيج، ته سنگھارن سک ٿئي.“

    ”لڳهه پس لطيف چوي، آگميو آهي،
    وٺو مينهن وڏ ڦڙو، ڪڍو ڌڻ ڪاهي،
    ڇن ڇڏي پٽ پئو، سمر سنباهي،
    وهو مَ لاهي، آسرو الله مان.“

    “مند ٿي منڊل وڄيا، تاڙي ڪئي تنوار،
    هارين هر سنباهيا، سرها ٿيا سنگھار،
    اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا.“

    ”حڪم ٿيو بادل کي، ته سارنگ ساٺ ڪجن،
    وڄون وسڻ آئيون، ٽهه ٽهه مينهن وسن،
    جن مهانگي لئي ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن،
    پنجن منجھان پنڌرهن ٿيا، ائين ٿا ورق ورن،
    ڏڪاريا ڏيهه مان، شال موذي سڀ مرن،
    وري وڏيءَ وسُ جون، ڪيون ڳالهيون ڳنوارن،
    سيد چئي سڀن، آهي تنهنجو آسرو.“

    8. سُر ڪيڏارو

    هن سُر تي اڪثر عالمن جو اختلاف آهي ته، انهيءَ جا گھڻا بيت شاهه صاحب جي عام اصول جي برخلاف آهين ته ٻاهر جو قصو بيان ڪري، ليڪن آءُ هيٺين سببن ڪري، ان راءِ جو آهيان ته، هن قصي تي شاهه صاحب ضرور ڪي بيت چيا آهن.

    1. شاهه صاحب جي ڏينهن ۾ عالمن اندر محرم ۾ ماتم ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ جي سوال تي اختلاف هو، ان ۾ شاهه صاحب ماتم جي جواز وارن عالمن جي گروهه سان واسطو رکندڙ هو.
    2. شاهه صاحب جا پويان ماتم ڪندا اچن ٿا ۽ خود شاهه صاحب جي رکيل دستار جو رنگ به ڪارو آهي. فقيرن ۽ خليفن جون دستارون به ڪاريون آهن.
    3. شاهه صاحب اڪثر اهي قصا پنهنجي ڪلام ۾ آندا آهن جن جي پڄاڻي افسوسناڪ آهي. جنهن صورت ۾ هي هڪ اسلامي تاريخ جو غير معمولي افسوسناڪ واقعو آهي، ان ڪري انکي، پنهنجي ڪلام ۾ جاءِ ڏيڻ سندس عام اصول جي برخلاف نه آهي. هن قصي ۾ جي خاص خصوصيتون آهن، تن شاهه صاحب تي اثر ڪيو ٿو ڏسجي، ماڻهن جي ڪثرت جو ناحق ٿي گڏ ٿيڻ، امام کي مرغوب نه ڪري سگھيو. حڪومت ۽ طاقت اڳيان باوجود بي سرو سامانيءَ جي سر نه نمايائين. حق لاءِ لڙندڙ جي ساراهه ۽ بزدليءِ کي نندڻ سچن ۽ بااصول ماڻهن جو سچ جي راهه ۾ سختيون سهڻ ۽ اوج حاصل ڪرڻ، خاص ڳالهيون آهن، جن جو بيان هن سُر ۾ آيل آهي :

    ”سختي شهادت جي، نسورو ئي ناز،
    رند پروڙن راز، قضئي ڪربلا جو.“

    ”جنهين جھيڙيو اڄ، عليءَ جي اولاد سين،
    ڀئي تنين کا ڀڄ، جي جماعتي يزيد جا.“

    ”ڪلي وير ڪٽڪ ۾، سائو سڀ نه هون،
    پڙ تي سڀئي پون، موٽڻ جنهين ميهڻو.“

    ”دوست ڪهائي دادلا، محب مارائي،
    خاصن خليفن کي، سختيون سهائي،
    الله الصمد بي نياز، سا ڪري جا چاهي،
    انهيءَ منجھ آهي، ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي.“

    ”مر مرين، آءٌ روئين، موٽي ڪانڌ مَ آءُ،
    مڇڻ تو پئان،ڪچا ڪنم جيڏيون.“

    ”ڳجھن ويٺي گھاريا، ڏنجھا ڏک گھڻا،
    تنگي لٿين توڻ جي، سورهيه ساماڻا،
    ڪندا راماڻا، ڪونئر ڪلي جا ڪوڏيا.“

    ”هڻن هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان اي مرڪ،
    وجھڻ تان نه فرق؛ رڪ وهندي راند ۾.“

    ”منهن مٿاهان جن جا، سي پٽيو ڪڍن پار،
    جيڏيون هن جھونجھار، سڀ اجاري اڇا ڪيا.“

    ”ڀڄي آئين ڀڄڻا، لڄايئي مون سيڻ،
    ويٺيون وجھن ويڻ، منهن مٿاهان جن جا.“

    9. سُر سسئي آبري

    هن قصي ۾ شاهه صاحب سسئي پنهون، ڪيچ جي ملڪ، جبلن ۽ جھنگن، ڏيرن، سورن جو خاص طرح ذڪر آندو آهي. جيڪڏهن انهن اکرن جي سياسي معنى وٺبي ته سسئي هڪ ڪمزور ۽ مظلوم عوام آهي. پنهون پهلوان ۽ باهمت قوم جو ليڊر آهي. ڪيچ آزاديءَ ۽ ترقيءَ جو ملڪ آهي، ڏير مخالف قوتون آهن، جي عوام جي ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽون ٿيون وجھن. جھنگ ۽ جبل مقصد جي حصول جي راهه ۾ رنڊڪون ۽ مشڪلاتون آهن. سور ۽ ڏک، رهبر راهه آهن. جهڙي طرح سائڪرين مٺاڻ جو جوهر آهي، اهڙيءَ طرح دک ۽ سور محبت جو جوهر آهي ۽ منجھس انتهائي خوشي سمايل آهي. مقصد کي پهچڻ لاءِ ماڻهوءَ کي تڪليف ۽ مشڪلاتن، ڏکن ۽ ڏاکڙنجو عادي ٿيڻو آهي، صحيح سلامت بنا تڪليف جي مقصد کي پهچڻ ڪوڙي سڌ آهي، اتي صرف اندر جي اڌ وار ڏونگر ڏوري پهچندا.
    جڏهن نااميدي نه واربي، تڏهن ئي اميد کي اوڏو ٿبو، البت اتي ٻاروچاڻي ٻاجھ جي ضرورت پوي ٿي. انهيءَ پنڌ ۾ نه صرف ظاهري جدوجهد جي ضرورت آهي، پر اندر ۾ نيڻن کي نائي نهارڻو آهي. عمل سان گڏ عقل به ضروري آهي، اتي هيڄ جو هئڻ ضروري آهي نه ته صرف سڌن وارا وچ ۾ ويهي رهندا، سکن ۾ سنگتي گھڻا هوندا آهن، ليڪن ڇپر ۾ ڇلڻ لاءِ ڪو ڇٽو ساٿي ملي ٿو. جن کي وندر يعني ڏکن جي واديءَ مان لنگھڻ جي قوت هجي، سي مسافريءَ جا ڀلي سندرا ٻڌن، ٻيون جي ڌڪ جھلي نه سگھن، سي سڌ ئي ڪانه ڪن. البت محبت سان مقصد جي پٺيان جي پون ٿيون، اهي وڏو طالع واريون آهن. انهن سان جھڙي تهڙي جي جاءِ نه آهي. مقصد کي وساري ويهڻ ٺيڪ نه آهي، ان کي هلندائي هٿ ڪري سگهندا.

    ”هل هنئنن سين هوت ڏي، پيرين پنڌ وسار،
    قاصداڻي ڪار، ڪين رسائي ڪيچ کي.“

    ”سڀئي ساري سسئي، گھر ڪنڊون تون گھور،

    وڃي ڏور مَ ڏور، دران منجھ دوست ٿيو.“

    ”سکن واري سڌ، متان ڪا مونسين ڪري،
    اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.“

    ”عمر سڀ عشق سين، پنهون جي پڇن،
    ريس ريزاليون تن سين، ڪڄاڙي کي ڪن،
    مارڳ جي مرن، وڏا طالع ٿن جو“

    ”ٿڪياڻي ٿر ٿيلهه، چڙهه چڪيائي چوٽئين،
    هلندي هوت پنهونءَ ڏي، ڀؤ مڙئي ڀيل،
    اٿي رائو ريل، ويٺن تان واري وري.“

    ”هيڪلائي هيل، پورينديس پنهونءَ ڏي،
    آڏا ڏونگر، لڪيون، سوريون سڄن سيل،
    ته ڪر ٻيلي آهن ٻيل، جي سور پريان ساڻ مون.“

    ”منڌ نه منجھان تن، پسي لڪ لڏن جي،
    جا پر کاهوڙين، سا پر سکي سسئي.“

    10. سُر معذوري

    هن سُر ۾ به ذڪر سسئي ۽ پنهون جو آهي، ليڪن جذبات جدا بيان ڪيل آهن. مقصد کي ڪهڙيءَ طرح پهچي سگھبو، ان مان فائدا ڪهڙا آهن، همت جو اظهار مرڻ کان اڳي مرڻ، تڌيءَ تتيءَ هلڻ، ”جھلي نه رهڻ ڌاران پسڻ مقصد جي“ ڏکن واريون ٻين کي به ڏکويو ڇڏين، پرين کي نه گڏجڻ ڪري افسوس ڪرڻ، عشق جو آواز ۽ ٻيا اهڙا جذبات بيان ڪيل آهن، جنهن مان حد درجي جو سوز پيدا ٿئي ٿو :

    ”هلندي هوت پنهونءَ ڏي، کهجن ڪي کوٽيون،
    پاهڻ تن پٽ ٿئي، جي لئي لالن لوٺيون،
    سڀ سهيليون سڪ کي، چنجھون ۽ چوٺيون،
    ٻانڀڻ ٿي ٻوٽيون، ته ڪتا کائينئي ڪيچ جا.“

    ”سڌر سين سڱ ڪري، پر کنڊين پياس،
    ڪير برهمڻ ڪن جي، ڪير ڄائي ڪيڻاس،
    هوند نه سنڌ سياس، هن پرئين ڪيس پڌري.“

    ”ڪهي جا ڪين کڻي، پرينءَ پهتي سا،
    وهي ويڙهجي جا، وصل تنهن وڃائبو“

    ”مر ته موچاري ٿيين، ويهي وجھ مَ وير،
    دل ۾ آڻ مَ دور تون، ڦرڻ سندو ڦير،
    توڻي لهين نه پير، توءِ رحمت آهي رڙهڻ ۾.“

    ”ٿڌيءَ ٿڪي نه وهي، تتي ڪري تاڻ،
    وڌائين وڻڪار ۾، سسئي پاڻ سڪاڻ،
    پڇي پهه پکين کي، پيئي منڌ پرياڻ،
    ڏنس ڏيهه وڻن جا، الله لڳ اهڃاڻ،
    مار پرچي پاڻ، اچي آرياڻي وري.“

    ”ڪو جو وڍي وڍ جئن وڻ وڍيائين وڍ سين،
    ڏک ڏکيءَ کي ڏڍ، جن ڏٺي سي ڏکيا ٿيا.“

    ”آءٌ نه گڏي پرينءَ کي، جوڀن ويو جاڙ،
    آڏا آريچن کي، چاڙهيڪا ۽ چاڙ،
    مون مٺيءَ کان ڪانه ٿئي،وڏپڻ منجھ ولاڙ،
    عمر سڀ آواڙ، وييم! ٿي واڪا ڪريان.“

    ”رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر سارنگيءَ سازُ،
    اي عشق جو آواز، ماڙهو رکن منڌ تي“

    11. سُر ديسي

    هن سُر ۾ به سسئي، پنهون جي نالي مختلف جذبات جو اظهار ڪيل آهي. هڪ هنڌ انهن شين جو ذڪر ٿو ڪري، جن کيس رنج رسايو آهي. چوي ٿو ته :

    ”ڏاگھن، ڏيرن ، ڏونگرن، ٽنهين ڏنم ڏک،
    سي سڀ ڀانيم سک، هيڪاند ڪارڻ هوت جي.“

    ٻي هنڌ طالڀ کي طبردار ڪندي چوي ٿو ته مخالف طاقتن کي، جڏهين اول ۾ ڏٺئي ته ڇونه ٿي خبردار ڪيئي ؛

    ”اڱڻ مٿي اوپرا، جڏهين ڏٺئي توڏا،
    ونگيئي نه وارن سين، تن گورن جا گوڏا،
    ته لڪن جا لوڏا، هوند سٺئي سسئي.“

    غير جنس ۽ مخالف طاقتن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته :

    ”ڌريائين ڌاريان، مٽ مئي جا نه ٿيا،
    مدي ڏيرن من ۾، کليو کيڪاريان،
    صبح ٿي ساريان، ته اٺ نه اوطاقن ۾.“

    هڪ جاءِ تي سسئي پنهنجي مخالفن جو ذڪر ڪندي انهن جو شمار ڪري ٿي :

    ”اٺ ويري اوٺار ويري، ويري ٿئڙم ڏير،
    چوٿون ويري واءُ ٿيو، جنهن لٽيا پنهون پير،
    پنجون ويري سج ٿيو، جنهن الهي ڪئي اوير،
    ڇهون ويري چنڊ ٿيو، کڙيو نه وڏيءَ وير،
    واهيري جي وير، ڇلون ڪريان ڇپرين.“

    ڪيچ مان آيل قافلي جنهن جي تشبيهه آزاديءَ جو پيغام پهچائيندڙ گروهه سان ڪري سگھجي ٿي، تنهن بابت چوي ٿو ته :

    ”ڪيچان آيو قافلو، طرح موچاري توڏ،
    سينگاريائون سيد چئي، ڪرها منجهان ڪوڏ،
    لک لهي ٿي لوڏ، جيجان تن جتن جي“

    مقصد جي راهه ۾ طرح طرح جي رنڊڪن ۽ مشڪلاتن جو هيٺين طرح ذڪر ٿو ڪري :

    ”ڪرڙا ڏونگر ڪهه گھڻي، جت برپٽ سڄن بيابان،
    ڏاهن ڏاهپ وسري، ٿيا حريف ئي حيران،
    سسئي لنگھيو سيد چئي، محبت سين ميدان،
    جنهن جو آرياڻي اڳواڻ، تنهنکي ڪانهي باڪ بهير ۾.“

    زندگيءَ جي ڪٺن سفر اندر همراهن ۾ اعتبار ڌارڻ اگرچ ڪنهن حد تائين ضروري آهي، ليڪن گھڻو ڀروسو رکڻ به ٺيڪ نه آهي.

    شاهه صاحب چوي ٿو ته :

    ”متان ڪا ٻڙي، ٻول ٻاروچي وسهي،
    هوند نه ستيس سرتيون، ويهي رهيس وڙي،
    جت پنهنجي جوءِ ۾، گھارن مان گھڙي،
    ڪيچن آءٌ نه ڪڙي، ڪنهن ڏکيءَ ڏاوڻ ڏائيو.“

    12. سُر ڪوهياري

    هن سُر ۾ پڻ سسئي پنهون جي نالي ۾ جذبات جو اظهار ڪيل آهي، پهرين فصل ۾ غفلت ۽ سستيءَ کي ڇڏي ترقيءَ جي راهه ۾ هلڻ لاءِ نصيحت ڪيل آهي :

    ”غافل غفلت چوڙ، تون ڪيئن اڻاسي اوجھرين؟
    چپاتا چڙهي ويا، وڃي پهتا توڙ،
    نيڻن ننڊ اکوڙ، جم ورن ۾ واڪا ڪرين.“

    ٻئي فصل ۾ مشڪلاتن ۽ مصيبتن کي مخاطب ٿي کين چوين ٿو ته :

    ”ڏونگر ڏکوين کي، دلاسا ڏجن،
    گھڻو پڇجي تن کي، جن وٽان هوت وڃن،
    تون ڪيئن سندا تن، پهڻ پير ڏکوئيين.“

    ٽئي فصل ۾ پنهنجو تعلق ڪيچن سان ظاهر ڪندي چوي ٿو ته :

    ”اصل آريءَ ڄام جي، پليءَ آءٌ پيئي،
    هوءِ جا پائين پير ۾ تنهن جتيءَ نه جيهي،
    وساري ويهي، تن ڪيچن کي آءٌ ڪيئن رهان.“

    هڪ هنڌ اڻ ڏکويلن جو ذڪر ڪندي ظاهر ڪري ٿو ته، اهي جدا ڪلاس جا ماڻهو آهن، انهن جو ڏک، درد ۽ مصيبت وارن سان ڪهڙو واسطو :

    ”اڻ ڏکويون ڏکن جي، ڪوهه ٿيون پدريون،
    ناهه اوراتو ان کي، ٿيون هڪ ريائون رون،
    ڀنڻ ڀيڙيون هون، پار تنهين جا پڌرا.“

    پنهنجي تڪليفن ۽ ڏکن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته :

    ”ڪنهن پر رئان پرينءَ کي، اندر ناهه اساٽ،
    لوهو ڪا لڪن تي، وري مٿي وات،
    ڇپر ۾ ڇو نچاٽ، ڏٺم ڏکوين جا.“

    13. سُر حسيني

    هن سُر ۾ به سسئي ۽ پنهون جي آکاڻي ۾ سسئي کي جي تڪليفون، پنهل جي طرف کان هلڻ ۾ آئيون، تن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته :

    ”سرتيون سڄي سڃ، متان ڪا مونسين هلي،
    پاڻي ناهه پنڌ گھڻو، اڳيان رائو رُڃ،
    متان مري اڃ، ڪا ڏئي پاراتو پرينءَ کي.“

    ٻي جاءِ تي سسئي جي عزم ۽استقلال جو بيان ڪندي ظاهري ٿو ڪري ته :

    ”مري ٿيندس مڃ، جتن ڪرڻ جيڏيون،
    ڪري ڪوهيارو سڃ، ويو ڇلائي ڇپرين.“

    اهڙي طرح سسئي کي جو پنهنجي محبوب ڌاران فراق آهي ۽ رستي جون تڪليفون اهن، تن لاءِ چوي ٿو ته :

    ”ڪي ڌرتيءَ ماءُ، ڪي ڄر سندي سڄڻين،
    هلي ۽ واجھاءِ، ٻنهي ڄيرن وچ ۾.“

    ماءِ سان گفتگو ڪندي، گھرجي ڪم ڪار بابت جو ذڪر سسئي ڪري ٿي، ان کي هن نموني ادا ڪري ٿو :

    ”پهي ڪام پڃاءِ، امڙ منهنجي آسري
    ڏيئي لت چرخي کي، پوڻيون پاڻيءَ پاءِ،
    ڪيم جنهين لاءِ، سو ڪوهيارو ڪيچ ويو.“

    پنهون يا اعلى مقصد جي قدر ۽ قيمت جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته :

    ”جنهين ديکيو دل سين، پٺيءَ سي پيئون،
    ته پڻ ٿي ويئون، جي پنهون پاڻ لڪائيو.“

    هڪ جاءِ تي سسئي کي مخاطب ڪندي چوي ٿو ته :

    ”ڪيئن اڙايئي پاند، پلؤ پرڏيهين سين،
    متيون موڙهيئي سسئي، ڪيئي ڪوهيارو ڪانڌ،
    رُلي ڀانيئي راند، ٻانڀڻ عشق ٻروچ جو.“

    مشڪلاتن ۽ تڪليفن ڌاران مقصد کي پهچي ڪين سگهبو، ان لاءِ چوي ٿو ته :

    ”ڏيکاريس ڏکن، گوندر کس پرين جو،
    سونهائي سورن، ڪي هيڪاندي هوت سين.“

    ڪنهن وڌي مقصد لاءِ حقيقي طرح ڪا انقلابي جماعت ٺهي نه سگھندي، جيسين تائين سڀ مصيبت زده ۽ درد دل وارا اچي گڏ ٿين، ان تي چوي ٿو ته :

    ”ڏکيون جان نه مڙن، تان تان ڀنڻ نه ٿئي،
    پٽڻ واريون پڌريون، ڳاڙها ڳل سندسن،
    ٻيون هنئين هٿ هڻن، رئنديون رئڻ واريون.“

    هڪ هنڌ ان اعلى مقصد جي لاءِ جدوجهد جو بيان ڪندي چوي ٿو ته :

    ”جيڪا ڪندي نينهن، مون جئن ٻاروچن سين،
    سڪڻ سارو ڏينهن، چڙهڻ چاڙهيڪن تي.“

    اعلى مقصد طرف ويندڙ ماڻهن جي گروهه کان جدا نه ٿيڻ بابت چوي ٿو ته :

    ”ڇڄ مَ قطاران، ساٿ چڙهندو لڪئين،
    مڇڻ ٿئين پئان، وڳ واٽ ئي نه لهين.“

    هڪ جاءِ تي پڙ ۾ پرزا ٿيڻ ۽ مقصد واسطي جدوجهد ۾ فنا ٿيڻ جي تعريف ڪندي چوي ٿو ته :

    ”تون جي ڪالهه مئي، ته ڪالهه ئي گڏئينءَ پرينءَ کي،
    ڪڏهين ڪانه سئي، ته ڪا سگھي گڏي سڄڻين.“

    ”اڳي پوءِ مران، مر مران مارڳ ۾،
    مٿي پوءِ پريان، خون منهنجو جيڏيون.“

    مصيبت زدن جي دنيا ئي اڳ آهي، هو سڀڪجھ پاڻ تي پيا سهندا آهن، جيئن پاڙي وارن کي ان جي خبر به نه پوندي آهي، ان خيال کي هيٺين طرح ادا ٿو ڪري :

    ”پاڙي ناهين پروڙ، ته ڪا رات رنجايل گذري،
    ٻانڀڻ ٻروچن جي، گھائي وڌو گھور،
    هڪ سسئي ٻيا سور، ويا پٽيندا پاڻ ۾.“

    سکن ۽ ڏکن جي ڀيٽ، ڪندي هيٺين طرح چوي ٿو ته :

    ”ڏک سکن جي سونهن، گھورا سک ڏکن ري،
    جنهين جي ورونهن، سڄڻ آئيو مان گھرين.“

    اعلى مقصدن وارن کي تڪليفون اچن ٿيون ۽ عارضي نفعي حاصل ڪرڻ وارا ۽ خود مطلب سک ۾ رهن ٿا، تنهن حقيقت جو ذڪر ڪندي چوي ٿو :

    ”اوجھڙ وٽان آئون، ٻيون سڀ سڳڙ سات جي،
    جا نينهن ڳنڍي نانءٌ، سا مون جيئن پوندي مامري.“

    ”ور لڪن جي وڏ ، گھوريا سک ڀنڀور جا،
    امڙ جي تون آڇئين، سي ڪم نه اچن ڪوڏ،
    هيئين منهنجي هوڏ، ٻڌي ٻاروچن سين.“

    سچن درد دل وارن ۽ حقيقي خادمن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته :

    ”ڏکوين اهڃاڻ، ڪلهي ڦاٽو ڪنجرو،
    وڃن گوندر گڏيون، لوڪ نه آڇين پاڻ،
    سورن اسان ساڻ، ننديئي نينهن ڪيو.“

    14. سُر سورٺ

    هن قصي ۾ پنج مکيه نالا ڪتب آيل آهن :

    1. راءِ ڏياچ راجا جو
    2. جھونا ڳڙهه جو
    3. سندس راڻي سورٺ جو
    4. ٻيجل، مشهور ساز وڄائڻ واري جو
    5. انيراءِ، نزديڪيءَ جي راجا جو.

    اهل طريقت وارن انهيءَ جو اهو مطلب ڪڍيو آهي ته ٻيجل مرشد حقيقي آهي، جو جڏهين حق جو ذڪر ٿو تنواري ته سندس سچو مريد راءِ ڏياچ سر سوڌو قربان ٿو ٿئي، ان ۾ سورٺ نفس اماره آهي، جو ان ڪم ڪرڻ کان کيس روڪي ٿو ۽ انيراءِ الستي آواز آهي، جنهن جي اشاري تي ٻيجل تند تنواري کيس آزمائڻ ٿو گهري، جھونا ڳڙهه هي سڌن واري دنيا آهي. اگر انهيءَ آکاڻيءَ جي سياسي رنگ ۾ تعبير ڪبي ته راءِ ڏياچ حقيقي خادم ملڪ سان مشابهت رکي ٿو. سورٺ خود مطلبي جي آرزو آهي. ٻيجل پبلڪ جي عام راءِ آهي. انيراءِ عام راءِ کي غلط استعمال ڪرڻ وارا خود مطلبي سياسي ليڊر. سُر ۾ شاهه صاحب مٿين مفهوم مطابق هڪ سچي قومي ليڊر جو مثال پيش ڪندي، ظاهر ٿو ڪري ته ان وٽ عام راءِ کي ڪيڏو نه وزن آهي، جو ان جي اڳيان باوجود ان علم جي ته ان کي ڪي نا اهل ماڻهو خود مطلبي ۽ طبقاتي مفاد جي لاءِ ڪتب آڻي سندس مخالفت ڪري رهيا آهن ته به هو ان جي اڳيان سر نمائڻ جي لاءِ تيار ٿيو وڃي ۽ ان کي فاسٽن وانگر ريٽي، طاقت هت ۾ رکڻ نٿو گھري. قرباني ۽ سخاوت (پر اپڪار) سندسن مکيه خاصيتن مان آهن. ٻي طرف وري صحيح عام راءِ جي طاقت ظاهر ڪري ٿو. ٻيجل کي هڪ ايماندار، هوشيار ۽ چالاڪ مقرر ۽ نمائندي سان تشبيهه ڏيئي ٻڌائي ٿو ته هو سواءِ سندس اڳيان رکيل، مقصد جي، حاصل ڪرڻ جي، ڪيتري قيمت تي به راضي نٿو ٿئي، راڳ سان عام راءِ جي ڪافي مناسبت ۽ مشابهت آهي، ٻنهي ۾ وڏو اثر آهي. ٻنهي کي مؤثر نموني ۾ پيش ڪرڻ سان ڪافي هيجان پيدا ڪري سگهجي ٿو.

    رواجي راڳ راڳيندڙن يا پبلڪ جي نمائندن جي قيمت ٿي سگھي ٿي، ليڪن ڀٽائي صاحب جي نظر انهن راڳيندڙن ۽ نمائندن تي آهي، جن جو مقصد بلند ۽ اخلاق اعلى آهي. هو مال تي راضي ڪونه ٿيندا آهن پر سر مڱڻ ، سر گھرن جا سوالي هوندا آهن. هنن جي نظر غريبن طرف ڪانه ويندي آهي، پر هو ميل مارڻ تي هريل هوندا آهن. ڇٽ پٽ سان هڻن سندن ڪم آهي، اهڙن پبلڪ ورڪرن بابت شاهه صاحب فرمائي ٿو ته :

    ”سؤ سرن پائي، جي تند برابر توريان،
    اٽل اوڏانهين ٿئي، جيڏانهين ٻيجل ٻرائي،
    سکڻو هڏ آهي، سر مَ سڄڻن ناهه ڪي.“

    انهيءَ آواز ۾ ايڏي طاقت آهي، جو نوابن کي نائي، سندس ساهه سوري ڪڍي ٿو. جھروڪن ۾ جھانءِ وجھي ٿو. جنهن جي اثر سان جھونا ڳڙهه جھريو پون. هنڌين ماڳين هوءِ مچيو وڃي. ڪوٽ ڪريو پون. اهو تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن راجا ۽ راڳائي يا حاڪم ۽ پبلڪ هڪ هوندا، ٻنهي ۾ اخلاق ايمانداري هوندي هڪڙا پٽ ڪڻن. تازي گھوڙن ۽ هاٿين ۽ روح رچندن دانن تي راضي ڪونه ٿين، ٻيا اهڙا سخي ۽ پر اپڪار ٿيان جو چون ٿا ته :

    ”مٿي انهيءَ منهن جي، هئا سرن سو هزار،
    ته تنهنجي سڻ تنوار، هرهر وڍيم هيڪڙو.“

    15. سُر بروو سنڌي

    هن سُر ۾ مختلف جذبات جو اظهار ڪيل آهي، مثال خاطر ان مان هيٺيان بيت پيش ڪجن ٿا، جن مان پتو پئجي سگهندو.

    ”اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنهنجا ساريا،
    ڳلن تا ڳوڙهن جون، بوندون بس نه ڪن،
    سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي ئي نه لهي.“

    ”ڪي اوڏا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين،
    ڪي سنڀرجن نه ڪڏهن، ڪي نه وسرن مور،
    جئن مينهن ڪُنڍي پور، تئن دوست وراڪو دل سين.“

    ”ماڻهو گھرن مال، آءٌ سڀ ڏينهن گھران سپرين،
    دنيا تنهن دوست تان، فدا ڪريان في الحال،
    ڪيو نام نهال، مون کي محبوبن جي“

    16. سُر مومل راڻو

    هن سُر ۾ مومل نالي هڪ شهزادي، ان جي طلسمي باغ، محلات ۽ راڻي مينڌري بنسبت هڪ آکاڻيءَ تي شاهه صاحب ڪلام چيو آهي، روحاني معنى ته ڪهڙي به نڪري، سياسي نقطه نگاهه سان ان کي جيڪڏهن ڏسڻ جي ڪوشش ڪبي ته مول جي هڪ هوشيار ۽ چالاڪ سياستدان سان تشبيهه ٿي سگھندي، جو پنهنجي طلسمي باغ ۽ محلات جي ڌوڪيبازين ۽ اٽڪل سان عوام کي منجهائي سندس مال ۽ ملڪيت ڦري ۽ پاڻ حڪومت جا مزا پئي ماڻي. ان جي اڳيان وڏا ماڻهو پنهنجي خود مطلبيءَ ڪري گھڻو ڦاسن ٿا. ليڪن راڻو جنهن جي مشابهت هڪ عقلمند ۽ مخلص قومي خادم سان ٿي سگھي ٿي، سو پنهنجي مستقل مزاجي ۽ هوشياريءَ سان وڃي، ان کي مطيع ڪري ٿو. سياست ملڪ تي قبضي ڪرڻ بعد گلاب جي گلن جي رنگن وارا ويس، پانن جي پنن جهڙيون شالون، عطر ۽ عنبير، سون ۽ روپو مطلب ته طرح طرح جون نعمتون نصيب ٿين ٿيون ۽ عام طرح خود مطلب وڏا ماڻهو ان ڪري انهيءَ جي طلسم ۾ وڃي پاڻ ڦاسائيندا آهن، ليڪن قومي خادم ان تي قبضي ڪرڻ بعد به انجي دام ۾ نه ڦاسندو آهي ۽ موٽي پنهنجي مقصد کي لڳي ويندو آهي، دنيا جي عياشي ۽ فرحتن جو ان تي ڪوبه اثر ڪونه پوندو آهي. سياست وڏن ماڻهن کي ڦاسائي ٿي ان لاءِ شاهه صاحب چوي ٿو ته :

    ”مومل ماري مير، آهيڙين کي اڪري،
    سوڍيءَ گھڻا سجھائيا، پڙهيا پنڊت پير،
    هڻي تن کي تير، مڻيان جن مٿن ۾.“

    سياسي طلسمات ڪيئن پاڻ ڏي وڏن ماڻهن کي ڪشش ڪري ٿي، ان لاءِ چوي ٿو ته :

    ”سون ورنيون سوڍيون، رپي رانديون ڪن،
    اڱڻ اوطاقن ۾، کٿوري کٽن،
    اوتيائون عنبير جا، مٿي طاق تڙن،
    ٻاٽن ٻيلهيون ٻڌيون، پسيو سونهن سرن،
    ٿيا لاهوتي، لطيف چئي، پسڻ لاءِ پرين،
    اجھي ٿا اچن، ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي.“

    خود مطلبي سياستدانن ۽ هڪ مخلص قومي ڪارڪن جي ڀيٽ ڪندي چوي ٿو ته :

    ”روءِ راڻي جي ناهه ڪو، سوڍو سڀني سونهن،
    لاٿائين لطيف چئي، مٿان دلين دونهن،
    ڪانهي ٻي ورونهن، ٿيو مڙوئي مينڌرو.“

    مخلص قومي خادم کي صبر سان ميدان مرڻو آهي، ان لاءِ چوي ٿو ته :

    ”سوڍا صبر تنهنجو، بي عقل آڻي باز،
    سندس صبر ساز، توبهه ڪاريم تڪڙ.“

    سچي قومي خادم تي حڪومت جي عياشي ۽ نعمتون ثر ڪري نٿا سگھن، ان لاءِ چوي ٿو ته :

    ”ڪاڪ نه جھليا ڪاپڙي، موهيا نه محلن،
    ٻائن ۽ ٻانهن جي، ٻنڌڻ ڪين ٻجھن،
    لکين لاهوتين، اهڙيون اوريان ڇڏيون.“

    سچا قومي خادم سياست ملڪ ۾ هڪ اڻ لڀ ۽ وڏي قيمتي سوکڙي ٿيندا آهن. اهي سياست جي ميدانن ۾ ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي ڪر حصو نه وٺندا آهن، پر ملڪ ۽ ماڻهن جي سڌاري ۽ قومي نفع لاءِ ملڪي سياست ۾ حصو وٺڻ لڳندا آهن، هو نازڪ مزاج ۽ نه ٽڪڻ وارا هوندا آهن، منجھن ذرا شڪ پوڻ، پوءِ اهو ذاتي طمع جو هجي يا عوام جي گھٽ محبت ٿيڻ جي خيال جو هجي، هنن کي ميدان سياست مان نڪرڻ لاءِ ڪافي سبب ڏئي ٿو، پوءِ ورهن تائين ملڪي سياست ۾ ماڻهو انهن کي ياد ڪريو پيا روئندا ۽ هنجون هاريندا آهن، شاهه صاحب انهن لاءِ چوي ٿو ته :

    ”راڻو ڀانيي راند، وڃيو ڪيئن ٻيا وَرَ رائيين،
    ور وڏوڻو اينئهين، جيئن پر پڄتوءِ پاند،
    هي ڀڳئي هيڪاند، سوڍو ساريندئن گھڻو.“

    ”راڻي ڌاران راڄ ۾، مون نه گھرجي مال،
    سوڍل کي ته سوال، ڪريان پنهنجي قرب جو.“

    ”ڍولي ڍڪي آهيان، هيس اگھاڙي اڳ،
    جوڙي وچان جڳ، ڪڪر ڪيائينم ڪاڪ جو“

    ”سوڍي ڌاران سرتيون، ٿيو ڀتن ۾ ڀنگ،
    اٻاٽجي اڄ ويو، راڻا توري رنگ،
    هنئين سان هاڃو ٿيو، پيو اوسيري انگ،
    مون توهي سين سنگ، پڇايو پڇان پهي.“

    17. سُر کاهوڙي

    هن سُر ۾ شاهه صاحب انقلابي ڪارڪنن جي پاڻ بچائڻ، هلت چلت، عادات ۽ اطوار، خاصيتن ۽ صفتن جو ذڪر ڪيو آهي. انهن جي ساراهه ڪندي چوي ٿو ته :

    ”مون سي ڏٺام ماءُ، جنين ڏٺو پرين کي،
    انهن سندي ڪاءِ، ڪري نه سگھان نه ڳالهڙي.“

    انهن جي اعلى مقصدن ۽ ڏکين پنڌن پيچرن جو ذڪر هيٺين طرح ڪري ٿو :

    ”ڏوٿي سا ڏورين، جا جوءِ سئي نه ٻڌي،
    پسا مٿي پاهڻين، کاهوڙي کوڙين،
    ويا ات ووڙين، جت نهايت ناهه ڪا.“

    سندن شڪل شباهت ۽ عادتن جو هن طرح بيان ڪري ٿو :

    ”سڪا منهن سندن، پيرين پراڻا کيتڙا،
    سا جوءِ ڏوري آئيا، سونهان جت منجھن،
    ڳجھا ڳجھيون ڪن، تهان پراهين پنڌ جون.“

    سندس سمر ۽ ملڪيت مال جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته :

    ”مون کاهوڙي لنگھيا، سمهن ڪين پئي،
    سمر ڪيائون سچ جو، ڏوري ڏٿ لهي،
    ويا ات وهي، جت نهايت ناهه ڪا.“

    انهيءَ سُر ۾ جيڪي ڪجھ بيان ٿيل آهي، انهيءَ جو اختصار هي آهي ته انقلابي ڏٿ تي گذارو ڪندڙ آهين، ڏونگر ڏورڻ ڪم اٿن، سندن پير لڪن سين لڳيو ڇڄيو ڇيهون ٿيون پون ٿا، هنن سمهي سک نه ماڻيو آهي، جهنگلن ۾ جھڻڪن ٿا، سندن سمر سچ آهي ۽ جاءِ رهائش رائو رُڃ آهي، ڏکن ۾ ڏيل هڻي وڃيو مقصد ماڻين، جيتوڻيڪ پنڌ پراهون اٿن ته به پيرن ۾ کرڪڻ به ڪونه اٿن. سندن اهڃاڻ اهو آهي ته انگ تي سڄي اڳڙي به ڪانه اٿن ۽ سدائين اوسيئڙو انهيءَ پنڌ جو اٿن، پيرن ۾ پراڻا کيٿڙا پايو، انهيءَ جوءِ ٿي هلن ٿا، جتي سونهان به منجھيو وڃن. انقلابي طريقن جي ساراهه ڪندي چوي ٿو ته :

    ”ويجهو وڃ مَ واٽ، ڪهج ڏانهن ڪواٽ،
    اجھي منجهان آٽ، اويسي ٿي آءُ تون.“
    ”ڪپيريءَ ۾ پير، ڪنهين پاتو پيرين،
    جيان منجھڻ ماڙهيئين، سڄڻ تيانئين سير،
    ان ڀون سندو ڀير، ڪوڙن منجهان ڪونهي.“

    18. سُر رامڪلي

    هن سُر ۾ مذهبي ۽ اخلاقي رهبرن جو ذڪر ڪندي انهن کي ٻن قسمن ۾ ورهائي ٿو، هڪڙا نوري ۽ ٻيا ناري، چوي ٿو ته :

    ”نوري ۽ ناري، جوڳيئڙا جهان ۾،
    ٻري جن ٻاري، آءٌ نه جيئندي ان ري.“

    پوءِ ٻنهي قسمن جي ماڻهن جون، وصفون بيان ٿو ڪري، سندس خيال موجب نوري اهي يوڳي آهين، جن ۾ هيٺيون وصفون هونديون آهن. آرام کي اوڏا نه آهن، وٽن ڪال ڪونهي، حال آهي، خودي کي کائين ٿا، ڀانئڻ ڀڃي ڇڏيو اٿن، ”نه ڪي کڻن پاڻ سين، نه ڪو ساڻ اٿن“

    جزو وڃائي ڪل سين ڪم رکن ٿا، لوڪ ۾ لڪا ڀڻن ٿا، کامڻ جون خبرون اٿن، ڳجھ ظاهر نٿا ڪن، محبت جي ميدان ۾ لهي پيا آهن. پنج ڪڻي پنئو لڪا وتن. اهي ڪاپڙي به سدائين صاحب پئي ڪنبن ٿا، ”سدائين سفر ۾، راهه مٿي رهن ٿا“ ، ”تسيا ڏيئي سرير کي ساڙي ڇڏيو اٿن“ جن جي کَٽَ خاڪ آهي، جي نڪو ڏوهه کي، نڪوڪي ثواب کي ڏسن ٿا، سڀيئي سنڱ ڇنن ٿا، طمع سڀ ترڪ ڪن ٿا، گولن جا غلام ٿين ٿا، صبر جي شمشير سان ڪيني ڪي قتلام ڪن ٿا، وجود کي وڃائي پاڻان پاسي ٿين ٿا. جا ڳالهه ماڻهن لاءِ مصيبت آهي سا سندن لاءِ راحت آهي، نينهن جو دل ۾ دود دکائن ٿا، بغض ڪونه اٿن، سندن اوڇڻ راز جي چادر آهي، نامراديءَ ۾ نجھرو اٿن، طعام جو طامائو ڪونه آهن، سڃ جي سئن هڻن ٿا، پٽ کڻي ڪين پنن ٿا. ”بک مرندي بکئا، ڪنهن کان ڪين گھرن ٿا“ چشن لاءِ پنهنجا پيٽ نه هيريا اٿن، سڌون ساڻ نٿا کڻن، پنهنجي پوڄا نه ٿا ڪرائي. ”جھڙا جڳ ۾ اچن ٿا تهڙا موٽي وڃن ٿا“ جا بين جي براد آهي، سا آديسن اڃ آهي جنهن مان لوڪ کي لڄ ٿئي ٿي، سو روپ اختيار ڪن ٿا.

    ”نه کلن، نه کين، نه ڪي ڳالهائين،
    ڪنهن جنهن ۾آهين، سا پر پروڙن ڏاکڙو“

    اهڙا رهبر اڻلڀ ۽ وقت جا مهمان هوندا آهن، جيڪڏهن هٿ اچن ته هرگھڙي، انهن جي صحبت مان فائدو وٺڻ گھرجي، جي جيڪر ويا هليا ته ٻئي ڀيري ملڻ مشڪل آهن :

    ”تان ڪي ساڻن اور، جان ڪي آهين اوطاق ۾،
    ڏهه ڏھ ڀيرا ڏينهن ۾، پاڻ مٿائن گھور،
    وئا جي هنگلور، ته ڪرم ملندءِ ڪاپڙي.“

    اهڙن بزرگن بابت جي گذري ويا آهن، هيٺين طرح ذڪر ٿو ڪري ؛

    ”اڄ نه اوطاقن ۾، جوڳين سندي ذات،
    ساري سنياسين کي، رنم ساري رات،
    مون تن جنين تات، سي لاهوتي لڏي ويا.“

    ٻيو گروههه ان قسم جي مذهبي مهندارن جن جو آهي، جن کي ناري ٿو سڏي، انهن جا اهڃاڻ هيٺيان آهن :

    ”گولا جي گراهه جا، جوٺا سي جوڳي،
    ڦٽل سي ڦوڳي، جنين شڪم سانڍيا.“

    هر هر اُميس ڪن ٿا ۽ ڏيهاڙي ڌوتيا ڌوئن ٿا، پر نڪي رام ريجھائن ٿا نه ميس مارين ٿا، پنهن جي پوڄا ڪرائين ٿا، گندا، گبريون ۽ لانگوٽين تي زور ڏين ٿا، پنڌ پڇڻ جي عيوض اَن جي پڇا ڪن ٿا :
    “جنهن سنياسيءَ سانڍيو، گندي ۽ گراهه،
    انهيءَ کان الله، اڃا آڳاهون ٿيو.“

    ”جيئن ٿا پڇن اَن کي، تئن جي پڇن پنڌ،
    ته رڙهي لڌائون رند، لٿين لک لطيف چئي.“

    19. سُر رِپ

    هن سُر ۾ شاهه صاحب غم جي اوندهه جا جذبات نهايت سهڻي نموني پيش ڪيا آهن، چوي ٿو ته :

    ”گوندر ڪيو غرق، ماءُ منهنجو جندڙو،
    ڏکوين مرڪ، مٿي سڳر پنڌڙا“

    ”جاءِ نه سڄو ڏينهن، هيئنڙو اوٺي وڳ جئن،
    مون پريان سين نينهن، ڇنڻ ڪارڻ نه ڪيو.

    ”نيڻ نه ننڊون ڪن، ڀڳو آرس اکئين،
    اجھاميو پرن، توکي ساريو سپرين.“

    ”نهائينءَ کان نينهن، سک منهنجا سپرين،
    سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.“

    20. ليلا چنيسر

    هن آکاڻي ۾ چار مکيه شيون آهن، جن پرهندڙڻ جو ڌيان لهڻو. چنيسر، ليلان، ڪونرو ۽ هار. اهل تصوف وارن چنيسر کي ذات حقيقي، ليلان کي طالب، ڪونروءَ کي شيطان ۽ هار کي، حرص هواسن سان تشبيهه ڏني آهي.

    جيڪڏهن انهيءَ آکاڻيءَ کي سياسي نقطه نگاهه سان ڏسبو ته چنيسر جي اعلى مقصد، ليلان جي خادم ملڪ، ڪونروءَ کي خود مطلب سياستدان ۽ هار مان عارضي نفعي سان مشابهت ٿي سگھندي.

    خادم ملڪ کي اعلى مقصد جي حصول کان ڪيئي خود مطلب سياستدان ۽ ظاهر جون لالچون، لقب ۽ سڌون مانع ٿين ٿيون، بعضي هو اکين جي ڍَوَ کي پيارو ڪري، حقيقي مقصد کان غافل يا اڻ ڄاڻ ٿيو وڃي، جنهن ڪري کيس ڪيئي صدما سهڻا ٿا پون. اهڙن ماڻهن کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته :

    ”مڻيو ناهه مڻيون، جو تون پسي هار هرکئين،
    اصل آهي اڳهين، سنديون ڪوڙ ڪڻيون،
    ان گھوڙن هنئي گھڻيون، دوستان دور ڪيون.“

    سياسي دنيا ۾ ڪيترائي ڪارڪن اصولن کي ڇڏي، عارضي نفعي، شخصي فائدي ۽ اقتدار کي مٺو ڪن ٿا، جيتوڻيڪ انهن کي وقتي فائدو حاصل ٿئي ٿو، ليڪن تاريخ ان جي شاهد آهي ته انهن جي پڇاڙي اڪثر طراب ٿئي ٿي، انهن واسطي شاهه صاحب چوي ٿو ته :

    ”مڻيي تي موهجي، هاري! ڳيڙءِ هار،
    ڪوڙيين ڪيا ڪيترا، انهين خر خوار،
    پري وير ڀتار، آيئي ڏنؤن ڏهاڳ جو“

    اهڙن ماڻهن کي نصيحت ڪندي چوي ٿو ته، انهيءَ وقتي نفعي حاصل ڪرڻ جي ڳالهين مان، ڪجھ به هڙ حاصل نه ٿيڻو اَٿَوَ. جيڪي اصولن خاطر مشڪلاتن کي منهن ڏين ٿا، آخر ته نيٺ، انهن جي چڱي ٿيڻ واري آهي :

    ”گھوريو سو سهاڳ، جنهن ۾ پسين پاڻ کي،
    ڏوري لهه ڏهاڳ، جنهن ڪر لاهو داسڙو.“

    هڪ هنڌ انهن ماڻهن جو ذڪر ڪري ٿو جي عارضي فائدي خاطر، اصولن اعلى مقصدن کي ترڪ ڪن ٿا، جنهن ڪري سندن عزت خاڪ ۾ مليو وڃي ۽ دنيا ۾ به جٺ ٿئين ٿي :

    ”تڙڪي پسي ٿوڪ، ترڪي تڪبر ۾ پئي،
    اچيو اچيو، اگلي چئي، ليلان کي لوڪ،
    اندراوڀالن سين، ساڙي ڪيائونس سوڪ،
    ٻالاپڻ جو ٻوڪ، ويو ويچاريءَ وسري.“

    اهڙا ماڻهو اڪثر پاڻ کي چالاڪ ۽ هوشيار سمجھي، دنيا کي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ليڪن آخر سچ ۽ ڪوڙ پڌرو ٿيو پوي، ماڻهن کي سندن حرفت جي خبر پئجيو وڃي. انهن لاءِ چوي ٿو ته :

    ”هئين ته گھڻو هوشيار، ڪل به هيئي ڪينڌ جي،
    تو ڀانيو موچاري ٿيان، ڳچيءَ پائي هار،
    ڪانڌ ڪوڙيءَ جو نه وڻي، سئين ڀتين سينگار،
    وهم لهي وينجھار، دليون پر کي داسڙو.“

    اهڙن ماڻهن کي چوي ٿو ته، ان ڏاهپ کا ڀورائي بهتر آهي، جوان مان رنج رسي ٿو ۽ صفا دل واريءَ ڀورائيءَ مان جيتوڻيڪ ابتدا ۾ ڪي تڪليفون به رسن ٿيون، ليڪن آخر ڪاميابي ان مان حاصل ٿئي ٿي :

    ”الله ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،
    مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.“

    هن کي معلوم هو ته، گھڻائي هوشيار ۽ چالاڪ ماڻهو سياسي دنيا ۾ اخلاقن ۽ اصولن کي ڦٽو ڪري، دولاب ۽ ٺڳيءَ رستي، عارضي طرح وڃي اوج تي رسيا هئا، ليڪن ان مان ڪنهن کي دائمي ڪاميابي نصيب نه ٿي هئي۽ گھڻن جو ڏهاڳ هن اکين سان ڏٺو هو :

    ”چنيسر سين چاڳ، متان ڪا منڌ ڪري،
    جا مون پوءِ پروڙيو، ته هي نه ماڻي ماڳ،
    ڏمريو ڏهاڳ، سگھو ڏئي سهاڳڻين.“

    کين مخاطب ٿي چوي ٿو ته اوهان جنهن کي هوشياري ۽ چالاڪي ٿي سمجھيو، سا در حقيقت وڏين مصيبتن جو ٻج هئي، پر اوهان کي خبر نه هئي :

    ”تون جو ڀانئيو هار، سو سورن جو سڳڙو،
    چنيسر چت کڻي، ٿيو پورهيت جو پار،
    اوڻت جو آچار، ڪانڌ ڪنهن سين مَ ڪري.“

    21. سُر بلاول

    هن سُر ۾ ڪي بيت قديم سنڌين جي ساراه ۾ چيل آهن ۽ ڪي سندس نوڪر وڳنڌ بابت مذقيه آهن، مثال لاءِ هيٺ ڏجن ٿا :

    ”ڏمريو ته ڏيئي، پرچي ته پاٽ ڀري،
    جنگ جکري کي، ٻئي چڱيون چت ۾.“

    ”اسور سندي آسري، ويٺو آهه وڳنڌ،
    هڏ نه ڇڏيندو هنڌ، آيس بوءِ بهار جي.“

    22. سُر ڏهر

    هن سُر ۾ جدا جدا موضوعن تي بيت چيل آهن، پهرين فصل ۾ ڪنڊي جي وڻ ۽ ڪنهن تلاءَ سان مخاطب ٿي، ساڻن قديم واقعن جي ياد تازي ڪئي اٿس. اهڙي طرح هڪ هنڌ مڇ کي وقت وڃائي تانگهي پاڻيءَ ۾ ملاحن جي مهميزن ۾ ڦاسڻ تي تنبيهه ڪيل آهي :

    ”ڪنڊا تون ڪيڏو، جڏهن ڀريو ڍورو وهي،
    جسودن جيڏو، تو ڪر گڏيو پهيڙو.“

    ”جان جر هيئڙو جال، تان تون مڇ نه موٽئين،
    پونديءَ اڄ ڪِ ڪالهه، سانڀويون سانگن جون.“

    ٻئي فصل ۾ مناجات ۽ مدح ۾ بيت چيل آهن. مثال طور :

    ”ست ڪج ستار، آئون اگھاڙي آهيان،
    ڍڪين ڍڪڻهار، ڏئي پاند پناهه جو.“

    ”مديني جا مير، سڻ منهنجا سڏڙا،
    سرڻ تنهن جي سير، تون پار لنگھائيين ٻيڙا.“

    ٽئين فصل ۾ وطن جي طالب يا خادم کي، سستي ڇڏي هوشيار ٿيڻ جي لاءِ نصيحت ٿو ڪري :
    ”ڪي سمهه ڪي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
    اي مانجھاندي جو ماڳ، جو تو ساڻيهه ڀانئيو“

    ”سمهڻان ساڙو، جيڏيون جيڏوئي ٿيو،
    هوت لنگھيا هاڙهو، تون اناسي اوجھرين.“

    چوٿين فصل ۾ ڪونجن جو قصو ڪي، قومي محبت تازي ڪرڻ گھري ٿو :

    ”وڳر وساري، ويٺين ڪئن ماٺ ڪري،
    ڪِ تو، نه ماري رڻ جھڻ سندي سڄڻين؟“

    قوم جي دشمنن کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته :

    ”ماري مرين شال، سڀ وڃنئي ڍٻيون،
    جئين تو اچي ڪالهه، وڏو وچ ورهن کي.“

    وري ڪڇ ملڪ جي تاريخي واقعن جو ذڪر ڪندي اتي جي قديم دهقاني قبيلن جو ذڪر ٿو ڪري :

    ”ڇنل ڇڄ هٿن ۾، ڪلهن ڪوڏارا،
    پورهئي خاطر پنهنجي، اٿين سوارا،
    اوڏ به ويچارا، لاکا! وڃن لڏيو.“

    23. سُر ڪاپائتي

    هن سُر ۾ بي عمل زندگيءَ کان پرهيز ڪرڻ، نيٺ سچي ۽ خلوص دل سان عمل صالح ڪرڻ جي تلقين ڪيل آهي، قابليت ۽ هوشياري سواءِ خلوص جي بيڪار سمجھي اٿس، عمل تي فخر ۽ هٺ ڪرڻ جي به مخالفت ڪئي اٿس، هڪ هنڌ سنڌيءَ کي چوي ٿو ته، پنهنجو قيمتي وقت اجايو خرافات ۾ پيو وڃائين. تنهنجي زندگيءَ جا ڏانهن مختصر آهن، دنيا جون ٻيون قومون ترقي ڪري رهيون آهين ۽ تون خواب غفلت ۾ ستو پيو آهين، جلد هڪ ڏينهن ڀيٽ واري آهي، اتي توکي شرم کان ڪنڌ هيٺ ڪرڻو پوندو، تنهنڪري جلد ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪا خدمات ڪري وٺ :

    ”ڪتڻ جي ڪانه ڪرئين، ستي ساهئين هڏ،
    سڀان ايندئي اوچتي، عيد اگھاڙن گڏ،
    جت سرتيون ڪندئي سڏ، اتي سڪندئين سينگار کي.“

    ٻئي هنڌ چوي ٿو ته زندگيءَ جون بهترين گھڙيون جاءِ طلبي، ناپائدار شين ۽ اجائين مشغلن ۾ ويهي وڃايا اٿئي، جلدئي جواني گذري، پوڙهپڻ ايندءِ، پوءِ وڃايل وقت لاءِ هٿ هڻندين، پر ويل وقت ڪو موٽي ڪونه اچڻو آهي :

    ”سي تون ويهي وڃائيا، جي ڪتڻ سندا ڏينهن،
    ارٽ لوڏي نه ٿئين، ڀوري ڀوري سيئن،
    ڪنڌ کڻندين ڪيئن، اڱڻ عجيبن جي.“

    پر وري به چوي ٿو ته، جيڪڏهن عمر جو گھڻو حصو تو اجايو وڃائي ڇڏيو آهي ته به اميد نه لاهه ۽ عمل جي ميدان ۾ گھڙي پئو، پوءِ جيڪڏهن ٻيو ڪجھ هڙ حاصل نه ٿيندءِ ته به خادمن جي لسٽ ۾ ته نالو داخل ٿي ويندءِ :

    ”توڙي وڏي ٿينءَ، توءِ اٿي آتڻ آءُ،
    ٿي ڀيڙي ڀيرم وارئين، ٻي هڏ ڪر مآ ڪاءِ،
    ته صراف تو صباح، ڪوٽي ڪاتارين سين.“

    هڪ جاءِ تي چوي ٿو ته جيڪڏهن توکي ڪاميابي سان ڪم ڪرڻ جو موقعو نٿو ملي ته، ان جي پرواهه نهڪري هر حالت ۾ خدمت ڪندو رهه، ويٺي کان وندر بهتر آهي ۽ بيڪاريءَ سان پاڻ هيرڻ ٺيڪ نه آهي :

    ”ڀڳوئي ڀير، جانسين رتو راس ٿئي،
    بريءَ بيڪاريءَ سين، هاري پاڻ مَ هير،
    ڪت ڪتينديون ڪير، نئين سين نه ڄاڻجي“

    جيڪي ماڻهو خود مطلبيءَ جي غرض سان سياسي ميدان ۾ گھڙِي ڪم ڪن ٿا، انهن کي آخر ڪوبه فائدو حاصل ٿيڻو نه آهي، پوءِ ڪهڙي به هوشياريءَ سان بهگرين ڪم ڪيو هجين، انهن واسطي چوي ٿو ته :

    ”چائت پائي چت ۾، سنهو ڪتيو جن،
    تن جو صرافن، دُڪو داخل نه ڪيو.“

    پر جن خلوص دل سان خلق خدا جي ڀلي خاطر ذرو به ڪم ڪيو هجي ۽ اهو ڪم بدنيتي وارن جي معيار کان ڪيترو به گھٽ هوندو، ته به آخر اهوئي عوام جي اڳيان قبول پوڻو آهي :

    ”محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،
    تن جو صرافن اڻ توريو ئي اگھايو.“

    جن ملڪ جي خادمن ۾ دنيا جي ڪا ظاهري قابليت ۽ لياقت نه آهي، ليڪن خلوص دل سان ڪم ڪرڻ گھرن ٿا، انهن لاءِ چوي ٿو ته :

    ”جا سنهون نه سکي، سا مر رنڊائي روڙي،
    سٽ تنين جو سڦرو، ويا ترازيءَ توري،
    ٿلهي ۽ ٿوري ويچاريءَ سان وڙ ڪيو.“

    24. سُر پرڀاتي

    هن سُر ۾ لس ٻيلي جي سخي سردرا سپڙ ڄام جي نالي ۾، بخشش الاهي جو ذڪر ٿو ڪري :

    ”ڏات نه آهي ذات تي جو وهي سو لهي،
    آريون اٻوجھن جون، سپڙ ڄام سهي،
    جو راءِ وٽ رات رهي، تنهنکي جکي جان ڪي تان لهي.“

    ”جيڪي ڏڏن ڏي، ڳجھيائي ڳجھه ۾،
    سو جي سڻن ڪڏهين، ڪرت واري ڪي،
    ته ساز مڙوئي سي، هوند پٿون ڪن پلڪ ۾.“

    ”ميرا پسي مڱڻا، سڀر سڏ ڪيا،
    سٻوجھن سئا، اٻوجھن آسرو.“

    ”ڏاتار ته تون، ٻيا مڙئي مڱڻا،
    مينهن مندائتا وسڻان، سدا وسين تون،
    جي گھر اچين مون، ته ميريائي مان لهان.“

    25. سُر گھاتو

    هن سُر ۾ شاهه صاحب ڪلاچيءَ جي ڪن واري مگر مڇ، ضعيف مورڙي مڇي ماريندڙ، ان جي ڇهن ٿلهن متارن ڀائرن جي قصي تي بيت چيا آهن، تصوف وارا ان جي معنى ڪهڙي به ڪڍن، ليڪن هي ته صاف تاريخي واقعا آهن ته ڪلاچيءَ جي ڪن واري جاءِ، جتي هينئر ڪراچيءَ جو شهر ٻڌل آهي، مان گھڻي وقت کان سنڌين کي نقصان پئي پهتا آهن، انگريزن به انهيءَ رستي کان اول سنڌ تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو، هينئر به اتي جي سياست ڪري سنڌ جي آزاديءَ ۾ رخنو پيو پوي، انهنڪري هتي ڪلاچيءَ جي ڪن مان ٻاهرين سياست جو مرڪز مراد آهي. مگرمڇ ڌاريا حڪمران آهن، مورڙي جا ٿلها متارا ڀائر، سنڌ جي صاحب اقتدار طبقي جا رڪن آهن ۽ مورڙو غريب سنڌي ڳوٺاڻي سان مشابهت ٿو رکي :

    ”ڪوجو قهر ڪلاچ ۾، جو گھڙي سو نئي،
    خبر ڪونه ڏئي، ته رڇ ڪڄاڙيا رنڊيا؟“

    سنڌ جا ٿلها شڪاري يا سياستدان سڀ انهيءَ ڪن ۾ گم ٿي ويندا. وري به مگرمڇ کي غريب سنڌي (مورڙو) مارينديو، پر ان لاءِ خاص تيارين جي ضرورت آهي، شاهه صاحب چوي ٿو ته :

    ”جيئن جهينگا پائين جھول ۾، ائين نه مرڻ مڇ،
    سٻر ڌار سمنڊ جا، ڪي رائو رڱي رَڇ،
    هي ڇاڙون ۽ ڇڇ، اڃا اوڙاهه اڳاهون ٿيو.“

    26. سُر آسا

    هن سُر جا بيت چئن فصلن ۾ چيل آهن. پهرين ۾ وحدت الوجود جي مسئلي جي تشريح آهي، چوي ٿو ته :

    ”هو پڻ ڪونهي هن ري، هي نه منجھان ڌار،
    ”الاانسان سري وانا سره“، پروڙج پچار،
    ڪندا ويا تنوار، عالم عارف اهڙي.“

    ”صورت سوجھ مَ تنهنجي، تون پڻ پڇين جو،
    سخن آهي سو، جو منهن مقابل نه ٿئي.“

    ٻئي فصل ۾ اکين جي عجب جهڙي عادتن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته، جي کر سامهون کڻان ٿو ته به پرين پسن ٿيون، جيڪي هڪ دفعي ڏسي آئيون آهن، اوڏانهن پيئون پاڻ مراديون تاڻين، اهي ”سور پرائي ساٿ جا وڃيو وهائين“ اها مت پاڻ سان پاڻهي ڪئي اٿن، جو اتي وڃي لڳيون آهن، جتي جيءَ ڏني کانسواءِ، ٻيو چاروئي ڪونه آهي. آخر ۾ چوي ٿو ته :

    ”اکيون اهي ڌار، جن سان پسين پرينءَ کي،
    ٻئي ڏي ڪي مَ نهار، گھڻو ريسارا سپرين“

    ٽي فصل ۾ سچي محبت ۽ سڪ جو احوال ڪندي چوي ٿو ته حق جي راهه ۾ خلق خدا جي خدمت ڪرڻ وارن کي، کر کاري ڪين سگھندو، کر صرف انهن کي کاريندو، جن جو پريتڻو ماٺو هوندو :

    ”کر کاريندو سي، ماٺو جن پريتڻو،
    جوش جلايا جي، ماري تن مات ڪيو“

    بي اصول ۽ ظالم، جي حق جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، تن لاءِ پيشنگوئي ڪري چوي ٿو ته اهي پاڻ ختم ٿي ويندا :

    ”کر جا کڏ کنئي، پوڻ خاطر پريءَ جي،
    تنهين ۾ پاڻ پئي، غيبي غار ٿيو.“

    چوٿين فصل ۾ وري وحدت جي واديءَ جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته :

    ”پاڻ پردو پاڻ کي، سڻي ڪر سنڀال،
    وچان جو وصال، سو تان هئڻ هن جو.“

    ”پاڻ پردو پاڻ کي، طالب سڻج تون،
    نڪا نان نه هون، پردا سڀ پاسي ٿيا.“

    27. سُر مارئي

    شاهه صاحب جي ڪلام ۾ مارئي جي سُرَ اندر حب الوطني، عوام جي محبت، آزاديءَ جي تمنا، قديم روايات کي برقرار رکڻ، ڌارين جي لالچن کان پرهيز ڪرڻ، غير جي ڏاڍائيءَ اڳيان سر نه نمائڻ، جا جذبات ڀريا پيا آهن، جيڪڏهن ان جي سياسي معنى وٺبي ته مارئي کي محب وطن، عمر کي ظالم حاڪم، عمر ڪوٽ کي غلاميءَ جي زندگي ۽ ملير کي آزاديءَ جي دنيا سان تشبيهه ڏيئي سگھجي ٿي. شاهه صاحب مارو سنڌي عوام کي سمجھي ٿو ۽ ملير مان سندس مراد آزاد سنڌ آهي، ملير طرف مينهن جي وسڻ مان سندس مقصد، ان جي ترقيءَ جي اميد جو پيدا ٿيڻ آهي، هن کي سنڌين جي بدويانه تهذيب تي فخر آهي، سنڌين کي چوي ٿو ته ٻين جي محلاتن، پلنگن، سيڄن، نرم وهاڻن، زري ۽ ر يشم جي ڪپڙن، طرح طرح جي طعامن عطر عنبيرن وغيره کان، پنهنجون جھوپڙيون، کٿا، لويون، ڏٿ ۽ پيرون هزار دفعا وڌيڪ بهتر آهن. عوام (مارن) سان گڏ آزاديءَ جي زندگي گذارڻ، لوئي نه لڄائڻ، عمر جي ڏاڍائيءَ اڳيان سر نه نمائڻ، بند ۾ خوشي نه ملهائڻ، آزادي ماڻڻ کان اڳ بند ۾ مرڻ کان پناهه گھرڻ ۽ ڪوٽن جي ڪرڻ ۽ زنجيرن جي ٽٽڻ جي آس رکڻ هن سُر جا خاص جزا آهن.

    سنڌي عوام جي لاءِ چوي ٿو ته :

    ”چئي، ڪن فيڪون، جڏهن خلقيا روح خداءِ،
    گڏ جت گذران هئو، جڙ لڳي تنهن جاءِ،
    مون توهين سين آهي، اها ساڃاءِ سپرين.“

    پنهنجي مارن لاءِ ڏاڍي محبت اٿس، انهن سان آزاديءَ جي زندگي گذارڻ، پنهنجي وس کان ٻاهر ڏسي رت روئي ٿو :

    ”ري اعرابين هت، گھنگھر گھارڻ مون ٿيو،
    ’بڪت العينان في هواڪ دما‘ پڄان ساڻ پرت،
    من اکيون، ته تت، جتي جنم جيڏئين.“

    پنهنجي وطن سان کس محبت آهي، ان جو پتو سندسن هيٺين بيت مان پوي ٿو، جنهن وطن جي مٽيءَ کي کٿوري جي برابر سمجھي ٿو :

    ”پهي سک، پيرن کهه، ڪو نهي نياپو مارئين؟
    ات اڪنڊي آهيان، تن آتڻ تئن ڏيهه،
    سندي جا ساڻيهه، کيهه کٿوري ڀانئيان.“

    پنهنجي وطني ڀائرن جي محبت ۽ پيار کي ههڙيءَ طرح ادا ڪري ٿو :

    ”ٿر ٿر اندر ٿاڪ، عمر ماروئڙن جا،
    لاٿائون لطيف چئي، مٿان لوئيءَ لاک،
    عمر! ڪريو آک، پهرو ٿي پن چوان.“

    سنڌين جي بدويانه تهذيب ۽ سندن خانه بدوش زندگي، جھنگن ۽ برن ۾ رهڻ کي، فخر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ انهيءَ کي عيب سمجھي شرمائي نه ٿو :

    ”اسين تئان آئيون، جت کهنبو ناهه،
    جي وڃون ڪنهن وهانءِ، ته پڻ مٿهون لوئيون.“

    ”آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا،
    سٿا ڪيو سومرا! سائون سڪائين،
    منجھان لنب لطيف چوي، چانور ڪيو چاڙهين،
    پلاءُ نه پاڙين، عمر، آراڙي سين.“

    هڪ جاءِ تي چئي ٿو ته اگرچ مسڪيني ۽ غلاميءَ جي زندگيءَ، سنڌي عوام جو حال هيڻو ڪري ڇڏيو آهي، پر هنن جو ست ايڏو آهي، جو آزاديءَ جي آسري تي ڪيڏي به قيمت تي، پنهنجي روايات کي نه وساريندا :

    ”سهسين سيبا ڪنجري، لوئي ليڙ ٿيام،
    اباڻن جي آسري، ڪتي ڪان قيام،
    جا ڍٽ ڍڪيام، تنهن جو پرور! پن رهائيين.“

    سنڌي عوام کي غربت ۽ غلاميءَ جي قيد ۾ ڏسي، ارمان ٿئيس ٿو، پر دل مضبوط ڪري کي دلاسو ۽ ڏڍ ڏئي، دلداري ڏيندي چوي ٿو ته، پنهنجي روايات کي نه وسارجو، اهي ڏکيا ڏينهن جلد گذري ويندا آخر آزادي ۽ ترقي نصيب ٿيندوَ :

    ”قسمت قيد قوي، نه ڪير اچي هن ڪوٽ ۾،
    لکي آڻي لوح جي، هنڌ ڏيکاريم هيءُ،
    پرچي ڪين پنهوار ري، جان جسو ۽ جيءُ،
    راجا راضي ٿيءُ، ته مارن ملي مارئي.“

    ”ڪو ڏينهن آهي ڪوٽ ۾، لوئي هڏ مَ لاهه،
    ڪامڻ آهنجي، جي ڪر جي، اڏ وڏائي آهي،
    هت مَ پاڙج هيڪڙو، پائر جي پساهه،
    ستي سيل نباهه، ملير ويندئن مارئي.“

    سنڌ جي عوام جي مشڪلاتن ۽ تڪليفن واري زندگي هوندي به هن ۾ جوست ۽ همت آهي. تنهن جو ذڪر ڪري هن طرح چوي ٿو ته :

    ”زيرين ٻيڙين لوهه ۾، ڳٽن ڪيس ڳاهه،
    سوڪي سندي سومري ، هڏ نه چاڙهيم ماهه،
    سرتيون دعا ڪجاهه، ته ڀرم ڀاروڙيءَ رهي.“

    ملڪي حاڪم ۽ سندن حواري حڪمران طبقا، جڏهن ملڪ جي سموري پيداوار تي قبضو ڪري، رنگ رليون ملهائن ۽ خوشيون ڪن ٿا، تڏهن شاهه صاحب عوام جو عيوضي ٿي، انهن کي مخاطب ٿي ڪري چوي ٿو ته، اسان مظلوم، محڪوم ۽ مسڪين آهيون. ان حالت ۾ اسان ڪهڙي طرح خوشي ملهائي سگھندا سون. جيسين اسان جو عوام آزاد نه ٿيو آهي :

    ”جا عمر تون مل عيد، سا اسان سوءِ ورتي سومرا،
    ويئي ويچارن وسري، خوشي ۽ خريد،
    سڪڻ ڪيا شهيد، مارو جي ملير جا.“

    ”عمر اڇا ڪپڙا ڪاڻياريون ڪيئن ڪن،
    جنين جا ٿرن ۾، ورثا ويڻ سهن،
    هو جي حق ڀڃن، سي ڪيئن ستيون سومرا.“

    ”آءٌ ڪيئن سوڙين سمهان، مون ور گھاري ولهه،
    کٿيريءَ تان کل، عمر ڪج مَ اهڙي.“

    وري غلاميءَ جي زندگيءَ عوام جو جهڙو حال ڪيو آهي، ان جو ذڪر هيٺين طرح ڪري ٿو:

    ”سونهن وڃايم سومرا، ميرو منهن ٿيوم،
    وڃڻ تت پيوم، جت هلڻ ناهه حسن ري.“

    ملڪ ۽ قوم جي ترقيءَ جي سوال کي هو چوي ٿو ته، تيسيتائين نه ڇڏيندو، جيسين تائين سرير ۾ ساهه اٿس :

    ”پير نه ڇڏيان پرين جو، جانسين ٿي جيان،
    کيرون کٿيرن کي، وڃي ڏيهه ڏيان،
    ڪارڻ ٻن ڏينهان، آءٌ ڪيئن لوئي لائيان.“

    حڪمران طبقي ۽ ڌارين جي ساز ۽ سامان، حڪومت ۽ دٻدٻي، علم ۽ عقل کي ڏسي، جي ماڻهو عارضي نفعي خاطر پنهنجي روايات کي ڇڏي سندن انڌي تقليد ڪرڻ لڳن ٿا، ۽ ملڪي معاملات سان غداري ڪن ٿا، تن کي مخاطب ٿي ڪري چوي ٿو ته :

    ”هي منهن ڏيئي ٻن، تون وهه نه کائي مرين،
    تان جي ملير ڄايون، توسين سڱ نه ڪن،
    تون ڪيئن منجھان تن، پاڻ ڪوٺائين مارئي.“

    ڪنهن وقت وجد ۾ اچي دعا گھري ٿو ته، خدا ڪري اهو ڏينهن نه ٿئي جو، ملڪ ۽ قوم کي غلاميءَ کان آزاد ۽ مسڪينيءَ کان ٻاهر ڏسڻ کان اڳي مري وڃي. شل عوام جون مرادون پوريون ٿينديون ڏسي، پوءِ مري :

    ”الله ائين مَ هوءِ، جيئن آءٌ مران بند ۾،
    جسو زنجيرن ۾، راتو ڏينها روءِ،
    پهريان وڃا لوءِ ، پوءِ مر پڄنم ڏينهڙا.“

    ڪڏهن عوام جي ملڪي معاملات پاسي، گھٽ ڌيان ڏسي چوي ٿو ته، جيڪڏهن انهن ۾ قومي احساس هجي ها ته، غلامي گھڻو وقت ڪانه رهي سگھي ها. ۽ نه کيس ئي ايتري اذيت ٿئي ها :

    ”جيڪر لڌائون ته، بنديءَ بند نه ساريو،
    ماروئڙن آئون، جيڪس ويس وسري.“

    هن جڏهن ڏٺو ٿي ته، حڪمران طبقو يا ڌاريان حاڪم سنڌي عوام بنسبت گلا ڪن ٿا ته، هو جاهل بزدل ۽ اڻسڌريل آهن، ته هن جي حب الوطني عود ڪريو آئي، ۽ چيائين ٿي ته :

    ”جيها سي تيها ، مون مارو مڃيا،
    مون جيڏيون ملير ۾، چونڊن موڪ ميها،
    منهنجي آس اها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.“

    28. سُر پورب

    هن سُر ۾ ٻه فصل آهن، پهرين ۾ ڪانگ کي محبوب جو قاصد سڏي، ان سان دل جا حال اوريا اٿس، چوي ٿو ته :

    ”ڪانگل سيئي ڪوٺ، پرين سي پرڏيهه ويا،
    جنين ريءَ جهان ۾، اکڙين اروٺ،
    الله لڳ لطيف چئي، ڪج ڳاراچو ڳوٺ،
    جي ڏمريا ڪنهن ڏوٺ، سي اڏامي آڻ پرين.“

    ٻئي فصل ۾ خادم ملڪ کي مخاطب ٿي ڪري ڪي نصيحتون ٿو ڪري :

    ”سامي چائيين، سک طلبين تسان ڏيئين نه تن،
    ماڙهن کان مون ڪيو، پنن اٽا ۽ ان،
    ڪاپڙي تون ڪن، ڪِ چيرايا چشن لئه.“

    ”سامي چائيين سک، طلبين سکين نه سامي،
    اڃا اوريس پنڌ ۾، ويٺين وسامي،
    گُر کي تون نه گڏئين، چائيين انعامي،
    دائم مدامي، پورو رهج پرين سين.“

    29. سُر ڪاموڏ

    هن سُر ۾ ڄام تماچي ۽ نوري مهاڻيءَ جي قصي جو بيان ڪندي ڄام تماچيءَ جي غريب مهاڻن سان محبت کي ساراهيو اٿس.

    انهيءَ مان شاهه صاحب جي سياسي رجحان جو پتو پوي ٿو ته، سياسي ليڊرشپ لاءِ، هو ڪن خاصيتن کي پسند ٿو ڪري :

    ”ککيءَ هاڻيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻا ڇڄ،
    پاند جن جي پاند سين، لڳو ٿي لڄ،
    سمو ڄام سهڄ، اڀو ڪري ان سين.“

    ”گند جن جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ،
    انهن جي اوطاق، راجا ريجھي آڻيو.“

    ”کوءِ سميون، ٻن سومريون جي اچن اوچي ڳاٽ،
    ورسي ڪينجھر ڄائيون، جن تماچيءَ جي تات،
    راڻن ملان رات، ماڻڪ ميءَ پرائيو.“

    ”ڪاريون ڪوجھيون ڪوڙيون، مور نه موچاريون،
    وٺي ويٺيون واٽ تي، ککيءَ جون کاريون،
    انهن جون آريون، سمي ريءَ ڪير سهي.“

    30. سُر ڪارايل

    هن سُر ۾ ٻه فصل آهن، پهرين ۾ سنڌ جي تهذيب ۽ امن کي، جو ٻاهرين اثرن اچي، خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ان جو ذڪرڪندي سنڌين جي بيچارگيءَ جي حالت تي چيو اٿس :

    ”اڇو پاڻي لڙ ٿيو، ڪالوريو ڪنگن،
    ايندا لڄ مرن، تنهن سَرَ مٿي هنجڙا.“

    ”سَرَ ۾ پکي هيڪڙو، پاريهرن پنجاهه،
    سندي آس الله، ٿو لڏي لهرن وچ ۾.“

    اها حالت سنڌين جي ڪين ٿي، ان بنسبت چوي ٿو ته، هو پنهنجي سادگيءَ ڪري، ڌارين جي چقمقي ڳالهين تي ڀلجي پيا ۽ پاڻ وساري ڇڏيائون، جنهن ڪري ڦاسي پيا :

    ”دلبو منجھ درياهه، پسي پکي آڻيا،
    ويچارا ويساهه، آڻي ات اڙائيا.“

    وري ٻي فصل ۾ سنڌي عوام بنسبت حاڪمن کي چوي ٿو ته، هو اهڙي نسل ۽ روايات جا آهن جو سدائين محڪوم رهي نه سگھندا، اگرچه ظاهري ڪمزور ڏسڻ ۾ اچن ٿا :

    ”سنها ڀانئن مَ سپ، اٿئي وياءَ واسينگن جا،
    جنين جي جھڙپ، هاڻي هنڌائين نه چُري.“


    فصل نائون

    شاهه صاحب جو سنڌين لاءِ سنيهو

    هن کان اڳ به هڪ ٻن جڳهن تي، هن ڪتاب ۾مون لکيو آهي ته آءٌ شاهه صاحب جي ڪلام جو سياسي مفهوم سمجهائڻ جي ڪوشش لاءِ، هي ڪتاب لکي رهيو آهيان، تنهنڪري سندس سنڌين لاءِ سنيهي جو به سياسي پهلوئي بيان ڪندس.
    شاهه صاحب جي ڪلام کي، هن وقت تائين گھڻو ڪري تصوف جي روشنيءَ ۾ پئي ڏٺو ويو آهي، ليڪن ان جي ڪلام کي هر پهلو کان ڏسي سگهجي ٿو.
    منهنجي سمجھ موجب، شاهه صاحب جي ڪلام ۾، سنڌين لاءِ ڪي خاص پيغام ۽ سنيها ڏنل آهن، جي انهن جي پورري کوجنا ڪبي ته، اهي اڄڪلهه جي گھڻن سياسي مسئلن جي حل لاءِ، سنڌين جي رهبري ڪري سگهندا.
    شاهه صاحب جي ڪلام مان، جي پيغام نڪري سگھن ٿا، تن مان مکيه هيٺيان آهن.


    1. حب الوطني

    شاهه صاحب جي ڪلام ۾ حب الوطني کي خاص جڳهه ڏنل آهي، هن جي ڪلام جو نچوڙ اهو آهي ته سڄڻ (ديسي) ساڻيهه (وطن) ڪنهن بي گڻي کان وسري سگھندا. مارئي جو سڄو سُر انهيءَ جذبات ۽ خيالات سان ڀريو پيو آهي. شاهه صاحب حب الوطني کي ايمان جو جزو ۽ مذهب جو بنياد ٿو سمجھي.
    شاهه صاحب جي زماني ۽ موجوده دور جي حاڪمن جي سياسي پاليسي، گھڻو ڪري ساڳي آهي، هو به اسلام ۽ شريعت جو نالو وٺي ڪتا ڌارڻ، شڪار ڪرڻ، ملڪي خزاني جو گھڻو حصو، ذاتي عياشين ۾ خرچ ڪرڻ ۽ پنهنجي طاقتن کي برقرار رکڻ لاءِ، خرچ ڪندا هئا ۽ سندس قول ۽ فعل يڪسان نه هئا. هي به ڪم و بيش ساڳئي رستي تي هلي رهيا آهن. انهن ڏينهن ۾ اسلامي برادريءَ جي نالي ۾ عوام کي آزاد راءِ ۽ آزاد خيالي کان محروم رکيو ويندو هو. هن وقت به ساڳي حالت آهي.
    تنهنڪري شاهه صاحب جو سڄو سُر مارئي انهيءَ مضمون تي صرف ڪرڻ بغير، ڪنهن مطلب ۽ مقصد جي نه آهي. آءٌ اڳي به لکي آيو آهيان ته مسلمانن ۾ قديم وقت کان ٻن خيالن جا ماڻهو پي رهيا آهن. هڪڙا وطن جي محبت جي بنياد تي، انسانذات جي ترقيءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ جي راءِ جا پي رهيا آهن ته ٻيا مسلمانن کي هڪ جدا گروهه بنائي، انهن کي انسانذات جي رهبري ڪرائڻ جا طرفدار پي رهيا آهن، ته ٻيا مسلمانن کي هڪ جدا گروهه بڻائي انهن کي انسانذات جي رهبري ڪرائڻ جي طرفدارن کي پنهنجا دليل آهن، جن جو مختصر احوال به اڳي ئي ٻڌايل آهي. هتي صرف هي ٻڌائڻ ڪافي ٿيندو ته شاه صاحب پهرين خيال جو هو، جنهن ڪري ئي حب الوطني کي ساراهيو اٿس. موجوده وقت جي زبان ۾ انهن ٻنهي نظرين کي نيشنلزم ۽ پئن ــ اسلام ازم سڏجي سگھجي ٿو.
    شاهه صاحب نيشنلزم جو حامي هو، نيشنلزم ۽ حب الوطني ساڳي شيءِ آهن. اهو صاف سمجھڻ گھرجي ته جيڪي سنڌي، شاهه صاحب جا مداح آهن ۽ ڊاڪٽر اقبال جا به پوئلڳ ٿيڻ گھرن ٿا، تن يا ته ٻنهي جي خيالات جو مقصد سمجھيو نه آهي يا ڄاڻي واڻي ائين ڪن ٿا. مطلب ته شاهه صاحب جو پهريون پيغام سنڌ جي سياسي، اقتصادي، ذهني آزادي ۽ ترقيءَ جي مقصد سان محبت رکڻ آهي ۽ حب الوطني جي صحيح معنى به اهائي ٿي سگهي ٿي.


    2. پاڻ سڃاڻڻ

    شاهه صاحب جي ڪلام ۾ پاڻ سڃاڻڻ تي پڻ گهڻو زور ڏنل آهي. اڪثر معنى ڪندڙ پاڻ سڃاڻڻ مان صرف روحاني ۽ صوفياڻو مقصد ڪڍندا آهن، وحدت الوجود جي نقطه نگاهه کان هو چوندا آهن ته ’تو ۾ تنهنجو معشوق يا محبوب لڪل آهي، ٻاهر نهارڻ بيسود آهي.‘ ’نائي نيڻ نهارڻ‘، ’اندر اجارڻ‘ سان ان کي ڏسي سگھندين. شاهه صاحب چوي ٿو ته:

    ”وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي،
    لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻي پار،
    ٿي ستي ٻڌو سندرو، پرت پنهونءَ سين پار،
    نائي نيڻ نهار، ته تو ۾ ديرو دوست جو.“

    ان جي هيءَ معنى به ٿي سگھي ٿي ته ٻين يا ڌارين جي درن تي ڇو وڃين رُلين ۽ ڌڪا ٿو کائين، هوت (مقصد) تنهنجي هٿ ۾ آهي، رڳو همت جي درڪار اٿئي، ته پاڻ وٽان ئي هٿ اچي ويندئي.

    پنهنجو قومي نالو نشان، اصل نسل ۽ قديم روايات جي واقفيت قدر ۽ قيمت، سڀ پاڻ سڃاڻڻ جي معنى ۾ اچي وڃن ٿا. دنيا ۾ انسان ڪنهن خاص مقصد جي لاءِ پيدا ٿيل آهي ۽ ان کي خاص فرض پورا ڪرڻا آهن، انهيءَ مقصد، مراد ۽ فرض اداين لاءِ، هر هڪ ماڻهو ۽ قوم کي پنهنجو پنهنجو پارٽ ادا ڪرڻو آهي.

    اهڙيءَ طرح سان سنڌين لاءِ به ڪو نصب العين هوندو ۽ انهيءَ جي سڃاڻپ ۾ ئي سنڌين جي پاڻ سڃاڻڻ جو راز لڪيل آهي. سنڌين جو نصب العين اهو آهي ته، جڏهن اقوام عالم کي پنهنجي ’ڪتيل سُٽ‘ جي پرک لاءِ صراف ’عالم‘ وٽ سرتين جي سامهون سڏ ٿيندو، تڏهن انهيءَ کي ڪجھ هجي، جو ڏيکاري سگهن ۽ شرم کان ڪنڌ هيٺ ڪرڻو پوين.
    ان جو سڃاڻن تڏهن حاصل ٿي سگھندو، جڏهن هر هڪ سنڌ جو رهاڪو، پنهنجي شخصي ۽ طبقاتي نفعي کي قوم جي گڏيل مفاد جي لاءِ قربان ڪرڻ سکندو، پاڻ سڃاڻڻ ۾ شخص جي فنا آهي ۽ قومن جي لاءِ بقا آهي. قوم جي نفعي جي لاءِ، پاڻ کي ماري يا فنا ڪري، هڪ قطري کي قومي قالب ۾ فنا ڪرڻ، پاڻ سڃاڻڻ جو بنيادي سبق آهي، شاهه صاحب فرمائي ٿو ته :

    ”مر ته موچاري ٿيين، ويهي جيءَ ۾ جوءِ،
    منڌ! مرڻا پوءِ، پهچندئن پنهونءَ کي.“

    شاهه صاحب جو سمورو ڪلام، غور سان پڙهي ڏسبو ته مقصد، محبوب، منزل، مارن وغيره کي پهچڻ لاءِ ڏکن ۽ ڏاکڙن، ڪشالن ۽ مصيبتن جو سهڻ ۽ برداشت ڪرڻ، ضروري امر آهي. گھر ويٺي، بنا محنت ۽ تڪليف جي، ان درجي تي پهچڻ، ڪوڙيون سڌون ڪرڻ آهن.


    3. بي خوفي ۽ همت

    شاهه صاحب جو سنڌين جي لاءِ ٽيون پيغام، همت ڌارڻ جو آهي، جنهن ماڻهو يا قوم کي خوف جي بيماري ويڙهي ويل هوندي، سي نه آزاد ٿي سگھندا ۽ نه ترقي ڪري سگهندا، جتي ايمان آهي، اتي خوف نه آهي، جتي خوف آهي، اتي ايمان نه هوندو. مؤمن ايمان کان سواءِ ٿي نه سگهندو. بزدلي، جهالت، احساس ڪمتريءَ ۽ بي اتفاقيءَ ڪري خوف پيدا ٿئي ٿو. جڏهن ڪي خود مطلب مڪاني حاڪم، عوام کي ڪمزور، بزدل بنائي پنهنجي شخصي اقتدار قائم رکڻ گھرندا آهن ته ٻيا وري خود مطلبي ۽ خانه جنگيءَ جو فائدو وٺي، ساري قوم کي غلام بنائي ڇڏين ٿا، مقصد ان راند وانگر سئولو ڪم ناهين، جا ڳڀرو کيڏيندا آهن، هت ته سسي نيزي جي پاند تي اڇلي اڌ ڪرڻي آهي.
    دهشت جا درياهه لنگھڻا آهن، هت لڙ، لهريون، لس ليٽ هوندا آهن ۽ جن درياهن جو سنڌوسيڙهو ڪونه هوندو آهي، اتي سڄا ٻيڙا سير ۾ هيٺ هليا ويندا آهن، جن سان پرزو به پيدا نه ٿيندو آهي، جتي بهر جا سٽاڻا سيسار ۽ هيبتناڪ واڳون هزارين هوندا آهن. اتي اڻ تارون کي صرف ساهڙ جي صلاح پار لنگھائي سگهي ٿي، جا اها آهي ته :

    ”جئان وهي تئان واٽ، ڪپر پڇن ڪوڙيون،
    جن کي سڪ ساهڙ جي، سي گھيڙ نه پڇن گهاٽ،
    جن کي عشق جي اساٽ، سي واهڙ ڀائين وکڙي.“

    شاهه صاحب سنڌين ۾ جهالت، احساس ڪمتري، بي اتفاقي ۽ سستي ڏٺي ۽ انهن جملي مرضن لاءِ، هڪ ئي واحد علاج، همت ۽ بهادريءَ جو ڏسيائين.


    4. قرباني

    سنڌين جي لاءِ شاهه صاحب جيڪو چوٿون، سنيهو ڏنو آهي، اهو قوم ۽ ملڪ جي آزاديءَ ۽ ترقيءَ جي، رستي ۾ هر هڪ سنڌيءَ کي پنهنجي شخصي ۽ طبقاتي مفاد کي قربان ڪري، عوام جو ڀلو گھرڻ جو آهي، ڪابه اهڙي قوم يا ملڪ ترقي ڪري نه سگھندو، جنهن جي فردن ۾ قربانيءَ جو مادو نه هوندو آهي. شاهه صاحب فرمائي ٿو ته :

    ”تون جي ڪالهه مئين، ته ڪالهه ئي گڏئين پرينءَ کي،
    ڪڏهن ڪا سُئي، ته ڪا سگھين گڏئين سڄڻين.“

    شاهه صاحب چوي ٿو ته انهيءَ فنا في القوم جي درجي کي پهچڻ جي لاءِ، سر جي سٽ ڏيڻي پوي ٿي. کامڻ سنديون خبرون پتنگن کا پڇي ڏسو، جي پنهنجي جيءَ کي آڻيو آڳ ۾ جلائن ٿا. هو پهه پچايو مچ تي مڙن ٿا ۽ لهس ڏسي لچڪن ڪين ٿا، سچ مٿي سڙيو وڃن ۽ ڳچين سندا ڳچ وڃايو ڇڏين. جڏهن باهه ٻري ٿي ته، هو چڙهيو پيا چڪاسين، ۽ ڏسيو پيا وهسن ۽ پاڻ کنيو کوريءَ ۾ وجھن. ڪنهن جاءِ تي اڱرن جو مثال ڏيئي چوي ٿو ته :

    ”هيءَ پر اڱارن، ٻه ڏاهين ٻرن جي،
    هڪ کوري کانئيا، ٻو ڌوڌيءَ منجھ ڌڳن،
    پاڻ لهارن، ميڙي رکيا مچ ۾“

    انهن کي لهار ٻاريو اجھائين، وري اجھايو ٻارين ٿا.، ته به هو پنهنجي ڪمن ۾ پورا آهين، وري ملڪ جي خادمن کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته :

    ”جان وڍيو هيئن تان ويهه، نه ته وٺيو واٽ وانءُ تون،
    هي تنين جو ڏيهه، ڪاتي جنين هٿ ۾.“

    انهن کي وري چوي ٿو ته، جي تون سڪڻ سکيو آهين، ته ڪاتيءَ پئي ۾ ڪنجھ ۽ ڪلالن جي ماٽيءَ وٽ پنهنجو مٿو ڪاٽي رکڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃ، ۽ سر سٽ ۾ ڏئي، پوءِ انهيءَ محبت واري مڌ مان ڪي پياليون پئج. اڳتي هلي وري فرمائي ٿو ته :

    ”اصل عاشقن جو، سر نه سانڍڻ ڪم،
    سو سسنئان اڳرو، سندو دوستان دم،
    هي هڏ ۽ چم، پڪ پريان جي نه ٻڙي.“

    سوريءَ چڙهڻ جو بيان ڪري چوي ٿو ته :

    ”سوري آهي سينگار، اصل عاشقن جو،
    مڙڻ، موٽڻ ميهڻو، ٿيا نظاري نروار،
    ڪسڻ جو قرار، اصل عاشقن جو.“

    وري چوي ٿو ته هڪ ٻن عاشقن جي پيدا ٿيڻ مان ملڪ ۽ قوم جو ڇٽڪارو ٿيڻ وارو نه آهي، اتي ته ڪيئي ڪوڙين عاشقن جو پيدا ٿين ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته ڪلالڪي گھر، ڪسڻ جو ڪوپ پيو وهي، اتي وڍڻ، چيرڻ، چچرڻ، انهن جي پهت ۽ پر ٿي وئي آهي ۽ عاشقن کي وري مرڻ ۾ مشاهدو پيو ٿئي.


    5. ستايلن جي سنگت ۽ حمايت

    شاهه صاحب جا مٿي ذڪر پيغام، رواجي طرح ته هر سنڌيءَ جي لاءِ آهن پر کيس خبر هئي ته، انهن ڳالهين تي عمل ڪرڻ اهکو آهي. انهن ذريعن جي وسيلي، قومي آزاديءَ ۽ ترقيءَ جي مقصد کي پهچڻ جو پنڌ، اڻانگو آهي. جتي باري بر ۽ ٿڪائڻ وارا ٿر سڏين ٿا. اتي جبل جلدائي ڪري تک جو تاهه ڏيکارين ٿا. ڪڪر ڪوسا ٿين ٿا ۽ رڻ تتو رائو آهي، جو راڻي جبل جو سفر سٽاڻو آهي، وڻڪار جي وڻن ۾ نيلا نانگ رهن ٿا، جت ڪڙم قبيلا ساٿ نه ٿا ڏين. اتي سڀڪا سڌ ڪانه ڪندي، صرف جن جو اندر اڌ هوندو سي ئي ڏونگر ڏوري سگهنديون، انهيءَ ڪري سندس خطاب پکن، ۾ رهڻ وارن پنوهارن، ڏيهه جي ڏوٿين، مالن چارڻ وارن مارُن، هر ڪاهن وارن هارين، ٿرن ۽ برف ۾ رهندڙ سنگهارن پيار ڀرين سيڻن ۽ سرتين، کارن ۽ ڄارن وارن مڇي مارڻ وارن مهاڻن جن جي پاٻوڙا پوشاڪ آهي، وڍيءَ جي واڍ ٻوڙن ٻاروچين ۽ ٻارن، سڪا سمنڊ ڪڇن ۾ ۽ پراڻن کٿين ۽ نيڻن ٽمائيندڙ کاهوڙين پگھا پاسي گھاريندڙ، ۽ سڙهه سنڀائيندڙن سامونڊين، گوندر ۾ گذاريندڙن پهڙن تي پاسا کوڙيندڙن، سڃ جي سفر وارن، نه ٻڌي نه سئي جوءِ جي ڏوريندڙن، جتي پکيءَ جو پير نه هجي، اتي باهڙي ٽمڪائيندڙن طرف آهي. انهيءَ کي خبر هئي ته سندس پيغام ۽ سنيهن تي عمل، لوڪ جي لياڪن رکڻ وارن، نام نشان پويان هلندڙن، مال مڏيون گڏ ڪندڙن، سک جي سانڍيندڙن گندي ۽ گرانهن جي گولن، پٽ کڻي پندڙن، سنجهي سمهي رهندڙن، پاڻ جي پوڄا ڪرائڻ وارن، گندي، مانيءَ ۽ ماڳ موچاري پٺيان هلڻ وارن، جسم ۾ جڏا، پر کيڻ ۾ کڙن، مڻئي تي ماڻڪ وڪڻندڙن، ماڻهن کان منهن ڪيو اٽو ۽ ان پنندڙن، (جن کي اڄ ڪلهه جي زبان ۾ لقبن ۽ لالچن تي ضمير وڪڻڻ وارا، ميمبرين ۽ وزيرين خاطر قوم کي قربان ڪرڻ وارا، رشوتن مان مال ۽ ملڪيت ڪٺيون ڪرڻ وارا، ٿوري جوف خاطر، ڌارين جا جوتا صفا ڪرڻ وارا، ڄاڻي سڃاڻي ناحق کان ڊڄي ماٺ ڪرڻ وارا، بداخلاقيءَ جو اڏو هئڻ جي باوجود دين جو نعرو هڻڻ وارا، مسڪينن، خانه بدوشن، اڻ ڄاڻن جي ڪمائي تي عيش عشرت ڪرڻ وارا، ظلم ۽ ستم، ذريعي پنهنجي طاقت قائم رکڻ وارا سڏي سگھجي ٿو) کان ڪين ٿي سگھندو، تنهنڪري اهڙن ماڻهن کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته :

    ”اڻ ڏکويون ڏکن جي، ڇو ٿيون پٿريون،
    ناهه اورراتو ان کي، ٿيون لوڪ ريائون رون،
    ڀنڻ ڀيريون هون، پار تنين جا پڌرا.“

    هو سنڌ جي مظلوم ۽ مسڪين عوام کي غربت، جھل، بداخلاقي، ظلم ۽ ڏاڍائيءَ کان آزادي ڏيارڻ واسطي گڏ ڪرڻ گھري ٿو، ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ملڪ ۽ قوم جي آزاديءَ ۽ ترقيءَ ج موک به انهن وٽان ٿيڻ وارو آهي ۽ چوي ٿو ته :

    ”اچو سورن واريون، ڪريو سور پچار،
    ڪن گهڻا ڪن ٿورا، ڪانهي سورن ڌار،
    ڏنا جي ڏاتار، سي جهولي پائي مو جھليا.“

    هن کي بنگلن ۽ محلاتن ۾ رهندڙن، پٽ پٽيهر پهريندڙن، ٻوڙ پلاءَ کائيندڙن، موٽرن ۾ چڙهندڙن ۾، عوام لاءِ اٿي ڪا جفاڪشِي ڪرڻ جي ٿوري اميد به نه هئي. آخر ڪار اها جا جاءِ ٻرندي اها جلندي، تنهن ڪري چوي ٿو ته :

    ”سگھن سڌ نه سور جي، ته گھايل ڪيئن گھارين،
    پيل پاسو پٽ تي، واڍوڙيل نه وارين،
    پر ۾ پچن پرين لاءِ، هي هنجون هارين،
    سڄڻ جي سارين، ته رويو وهامي راتڙي.“

    هو محب وطن ماڻهن کي صلاح ڏئي ٿو ته، جيڪي جھوپڙين ۽ ڪکائن
    منهن، ٿرن ۽ برن جيلن ۽ اسپتالن وغيره ۾ دکي حياتي گذاري رهيا آهن، تن جي خبر لهن، انهن جا ڏک ۽ سور ٻڌن. انهن جا مسئلا سمجھن. ملڪ مان بک، اگھاڙ، بيماري ۽ مصيبت ڪڍڻ لاءِ رٿون ۽ مشورا ڪن، پوءِ ئي هو سچا خادم سڏائڻ جا حقدار ٿي سگھندا. چوي ٿو ته :

    ”رهي اچجي راتڙي، تن واڍوڙين وٽان،
    جن کي سور سرير ۾، گھٽ منجهاران گھاءِ،
    لڪائي لوڪان، پاڻهين ٻڌن پٽيون.“

    ان وقت زماني جي صاحب اقتدار طبقي جي ماڻهن (جن ملڪ ۽ قوم جي ليڊريءَ جي واڳ به پنهنجي حوالي کڻي ڪئي هئي ۽ باوجود وڏين دعوائن جي ملڪ ۽ پنهنجي طبقاتي مفاد جي لاءِ مسڪين، بي علم، مظلوم ۽ ڪسمپرس حالت ۾ رکيو ويٺا هئا) جي حالت ڏسي انهيءَ طبقي مان قطعاٰ نا اميد ٿي هو ۽ ظاهر ڪيائين ته :

    ”ڪٺيس ڪُ ويڄن، تن طبيب نه گڏيا،
    ڏئي ڏنڀ ڏڏن، پاڻان ڏيل ڏکوئيو.“

    هو ساڳئي طرح متعصب، تنگ نظر، خود مطلب ۽ دنيا خاطر دين وڃائيندڙ ملن ۽ مولوين مان به راضي نه هو، هن کي خبر هئي ته :

    ”پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾،
    پاڻان ڏوهه چڙهن، جيئن ورق وارين وترا.“

    ملڪ ۽ قوم جي خادم ٿيڻ جي لاءِ، هو ڪي شرط مقرر ٿو ڪري، جيڪي انهن پٽاندڙ هلندا، سي ئي ان ڪم لاءِ لائق ٿي سگھندا. چوي ٿو ته :

    ”سڀ ننگيون ٿي نڪرو، لالچ ڇڏي لوڀ،
    سپريان جي سوڀ، ننڊن ڪندي نه ٿئي.“

    جن ماڻهن ۾ اهي ڳالهيون موجود نه آهن، سي مستقبل تي حال ۽ عوامي فائدي تي شخصي فائدو مٽائڻ لاءِ تيار آهن ۽ قوم جي مجموعي نفعي کي پنهنجي طبقاري مفاد تي قربان ڪن ٿا تن لاءِ چوي ٿو ته :

    ”وصل تنهن وڃائيو، سينڌ سرمي سئين،
    سا لوٺي ليلان جيئن، مڻيو جنهن مٽ ڪيو.“

    هن سنڌ جي صاحب اقتدار طبقي جي خامين جي باوجود، سنڌي عوام مان اميد ڪانه لاٿي هئي ۽ انهن مصيبت زده، ستايل غريب ۽ اڻڄاڻ ماڻهن کي دلداري ڏئي، هن طرح مخاطب ڪيو آهي :

    ”ڏکي ڏک مٿي ڪري، ونءُ ڇپر پيهي،
    گڏيئي ڏيهي، سوڌيون ڏيندئي خبرون.“

    وري چوي ٿو ته :

    ”ڀيڙي ٻڌ ٻيهار، سورائتي سندرو،
    ڏونگر توهان ڌار، ڪانه ڏوريندي سک سين.“

    هو تڪليفن ۽ مصيبتن سان عادي ٿيڻ ضروري ٿو سمجھي، ڇاڪاڻ ته جيسين ماڻهو انهيءَ جو عادي ۽ هيراڪ نه ٿيو آهي، ان وقت تائين هن کان ڪوبه بلند خيال ۽ اعلى مقام وارو ڪم پورو نه ٿي سگھندو، تنهنڪري چوي ٿو ته :

    ”سؤ سکن ڏيئي، ورههُ وهايم هيڪڙو،
    مون کي تنهن نيئي، پير ڏيکاريو پرينءَ جو.“

    سورن جا هيراڪ ٿيڻ بعد، ملڪ جي خادمن جو جيڪو حال ٿئي ٿو، انهيءَ جا هيٺيان اهڃاڻ ٿو ڏسي :

    ”ڏکوين اهڃاڻ، ڪلهي ڦاٽو ڪنجرو،
    وڃن گوندر گڏيون، لوڪ نه آڇين پاڻ،
    سورن اسان ساڻُ، ننڍي نينهن ڪيو.“


    فصل ڏهون

    شاهه صاحب ۽ سياسي نظريا

    شاهه صاحب ۽ سياسي نظريا بنسنت، ڪجهه ذڪر آءٌ ٻئي فصل ۾ اڳيئي ڪري آيو آهيان ته ان زماني، ماحول جا شاهه صاحب تي ڪهڙا اثر پيا. جنهن صورت ۾ انهيءَ زماني جا تفصيل وار تاريخي احوال ملي نٿا سگهن، ان ڪري جيڪو به تاريخي احوال ملي سگهيو اٿم ان تي ڳوڙهي ويچار ويچار ڪرڻ بعد، شاهه صاحب جي ڪلام کي پڙهڻ ۽ هن وقت جي سياسي حالات کي مد نظر رکي، قومي دليلن جي بنياد تي، آءٌ جن نتيجن تي تي پهتو آهيان، تن جو ذڪر هن فصل ۾ ڪندس، ممڪن آهي ڪي تاريخ دان يا اهل علم منهنجي هيٺ ذڪر ڪيل نتيجن سان شامل راءِ نه ٿين، پر آءٌ جن نتيجن تي پهتو آهيان، انهن لاءِ مون کي ڪافي دليل ۽ ثبوت آهن ۽ جيسين ان کان وڌيڪ قوي دليل سان انهيءَ نتيجي کي ڪنهن رد نه ڪيو آهي، مون کي پورو حق آهي، انهن خيالن جي اظهار ڪرڻ جو. اهو ته دنيا جو دستور آهي، هڪ مريض جي تشخيص ۾ به ڪو ڇڊو، ٻه ڊاڪٽر پاڻ ۾ متفق ٿيندا آهن، تنهن ڪري ممڪن آهي، ڪي صاحب مون سان به متفق نه ٿين، ان زماني ۾ دنيا جا سياسي نظريا اڄڪلهه وانگر صاف ٿي، ڪن بنيادي اصول تي ظاهر ٿيل ڪو نه هئا، سنڌ ۾ ان وقت شخصي راڄ هو، تعليم گهٽ هئي، مغربي دنيا ۾ تهذيب ۽ تمدن سا، هتي ماڻهن جي واقفيت ڪا نه هئي، اسيمبليون، وزارتون، چونڊون، ووٽن وٺڻ لاءِ، ڪن پروگرامن جي بنياد تي، ماڻهن کي اپيلون ڪرڻ، ڪن اصولن جي بنياد تي سياسي پارٽين جو ٺهڻ، سوشلزم، نئشنلزم، پئن اسلامزم، ڪئپيٽلزم، فاشيزم، ڪميونزم وغيره جا نظريا موجوده صورت ۾ ڪو نه هئا. سنڌ ۾ جاگيرداري نظام ۽ مذهبي، نظرين جن جي هيٺ حڪومت جو ڪاروبار هلندڙ هو. انهيءَ وقت جي سياسي نظام ۽ ڪاروبار جي هاڻوڪي وقت جي معاملات سان مشابهت ٺيڪ نه ٿيندي. ليڪن ان ڳالهه ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته مٿي ذڪر ڪيل نظريا جيڪڏهن سندن موجوده صورت ۾ ان وقت نه هئا، ته به انهن نظرين جا ابتدائي عنصر ته ضرور موجود هئا. جيڪڏهن جاگيردارن ۽ هارين جو وجود ان وقت ثابت ٿئي ٿو ته ان مان سوشلزم جي لاءِ سواد موجود هئڻ جو ثبوت ملي ٿو.
    سنڌ تي ڌارين جي ڪاهن، تسلط ۽ اقتدار جا واقعا ۽ سنڌين طرفان ڀرپور مقابلا، آزاديءَ لاءِ جدوجهد واسطي ڪوشش جا مثال تاريخ ۾ موجود هوندي، سنڌ اندر نيشنلزم جي جذبي يا تحريڪ جو بنياد ڪهڙي به شڪل ۾ هئڻ کان انڪار ڪرڻ بي سود ٿيندو. سومرن ۽ سمن جي گهرائڻ جون ڌارين سان جنگيون ۽ مڪاني شاعرن جا انهن جي ساراهه ۾ قصدا چوڻ مان قوم پرستيءَ جي بوءِ اچي ٿي.
    سيد محمد ميران جونپوري ۽ ٻين مسلمان مذهبي ليڊرن جي تحريڪن ۾ پئن اسلامزم جا صفا چٽا آثار نمايان نظر اچن ٿا. انهيءَ وقت جي مثالن مان قاضي قاضن جي شاهه بيگ محمد ارغون پنهنجي پير ڀائي جي حمايت ڪرڻ به ان ڳالهه جو ثبوت ڏئي ٿي.
    البت ڪئپيٽلزم پنهنجي موجوده منظم صورت ۾ موجود نه هو، ليڪن اهو ته اڃا تائين به سنڌ ۾ مغربي نموني ۾ پيدا ڪو نه ٿيو اهي. جنهن صورت ۾ فاشزم جا بنيادي متا هي آهن، ته چند ماڻهو پنهنجي شخصي يا طبقاتي مفاد خاطر، عوام جي آزاديءَ کي ختم ڪري، طاقت جي زور تي انهن تي قابض ٿي عوام جي زندگيءَ جي هر معاملي ۾ دست اندازي ڪن ۽ انهن کي پنهنجي مخصوص نقطه نگاهه مطابق زبردستي هلائين ته اهڙي فاشزم جا آثار، ڪلهوڙن جي طريقي حڪومت ۾ عام جام ڏسجن ٿا.
    مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي فتوائن کي حڪومت طران نافذ ڪرڻ، کهڙن واري بزرگ ميان عبدالرحمان ۽ شاهه عنايت صوفي جون اختلاف راءِ جي ڪري، شهادتون ڪرائڻ، انهيءَ ڳالهه جو ڪافي دليل آهي، مسلمانن کي هڪ خاص نموني جون ڏاڙهيون رکائڻ، سٿڻ پارائڻ، ڪرن کڻائڻ تائين مجبور ڪرڻ، هندن جي مذهبي رسوم تي ڪي پابنديون لڳائڻ جي واقعن مان فاشزم جا پڌر اثار نظر اچن ٿا.
    ڪميونزم جو نظريو ان وقت موجوده صورت ۾ نه هو، ليڪن ان جي پيدائش لاءِ مواد موجود هو. جيئن ڪاٺ ۾ باهه هميشه موجود هوندي آهي. ليڪن اُها ظاهر تڏهين ٿيندي آهي، جڏهين ان جي دکاڻ لاءِ ڪارڻ پيدا ٿئي ٿو. ڏکويل، ستايل، بي گهر ۽ انگ اگهاڙن ماڻهن جو موجود هئڻ، ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته، ان وقت به جماعتي نظام جي خرابين ڪري، انقلاب جي شديد ضرورت موجود هئي.
    تنهن ڪري شاهه صاحب جي ڪلام مان، هيٺين نتيجن ڪڍڻ لاءِ، مونکي ڪافي سبب آهن. منهنجي خيال موجب شاهه صاحب:‏
    1. شاهه صاحب نيشلزم جو حامي هو.
    2. جمهوريت جو طرفدار هو.
    3. سندن رحجان سوشلزم طرف مائل هو.
    4. هو پئن اسلامزم جو حامي ڪو نه هو.
    5. ڊڪٽيٽر شپ يا فاشزم جو مخالف هو.
    6. شاهوڪاري نظام جو مخالف هو.

    آءٌ هيٺ سندس ڪلام مان حوالا ڏيئي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ته مٿي ذڪر ڪيل نتيجا ڪيتري قدر صحيح آهن.


    1. نيشنلزم (قوم پريستيءَ) جي حمايت

    قوم پرستيءَ لاءِ ٻن ڳالهين جي ضرورت ٿئي ٿي. هڪ جاگرافي ۽ لساني لحاظ سان ملڪ جو تصور ۽ ٻيو انهيءَ وطن جي بنياد تي قوميت جو تخيل.
    هن ڪتاب جي چوٿين ۽ پنجين فصلن ۾ مون شاهه صاحب جي سنڌ ملڪ بابت خيالات ۽ سندس قومي تصور بابت گهڻو ڪجهه لکيو آهي، تنهن ڪري ساڳين دليلن کي هتي دهرائڻ ضروري نٿو سمجهان. جن ماڻهن کي ان ۾ شڪ هجي، سي شاهه صاحب جي ڪلام مان، مارئيءَ جو سُر محب وطن جي نگاهه سان پڙهي ڏسن ته پتو پئجي ويندو.


    2. جمهوريت جي طرفداري

    انهيءَ ڳالهه کان انڪار ٿي نٿو سگهي ته شاهه صاحب عوام جي اتفاق جو حامي، ستايلن، مسڪينن، ڏوکويلن جي گڏجڻ ۽ ٻڌيءَ جو طرفدار هو. هن کي عوام ۾ نا اتفاقي ڏسي، ڏاڍو ارمان ٿي ٿيو ۽ پکين جو مثال ڏيئي کين شرمايائين ٿي ته، اي ماڻهوءَ اوهان ۾ پکين جيترو به شعور نه آهي:

    وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾
    پسو پکيئڙن، ماڻهونئان ميٺ گهڻو

    هڪ جاءِ تي سنڌ جي عوام کي پنهن جي مشهور لقبن مان هڪ جي نالي چئي ٿو ته اي سنگهار، قوم جي ترقيءَ ۽ بهتريءَ جو خيال ڌاري، جدائي ڪرڻ ايءَ سچن قوم پرستن جو ڪم نه آهي. چوي ٿو ته:
    ڌڻ ڌارڻ، ڌار رهڻ، ايءَ نه سگهارن سٽ،
    ڪاهي ايندا ڪڏهين، مٿي وانڍ وهٽ،
    جي هاڻو هونئي هٽ، ته به اوڍ لاهه م ان جو.

    سنڌ جي عوام ۾ گذر جي تنگيءَ جاگيردارن جي پاليسيءَ، ملن جي تعصب ۽ پيرن جي خودمطلبيءَ ڪري، جو نا اتفاقيءَ جو ٻج ڇٽجي ويو هو ۽ ساري قوم جو شيرازو ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو هو. ان تي ارمان کائيندي ظاهر ٿو ڪري:

    ” ڪڻا منجهه قرار، هئا هيڪاندا سنگ ۾
    ڳاهي ڳاهه فراق جي، ڪيا ڌارون ڌار
    نه ڄاڻا ٻيهار، ميلو ٿيندو سڄڻين“

    هڪ هنڌ اتفاق ۽ ٻڌيءَ جا فائدا بيان ڪندي چوي ٿو ته:

    ”جي ڀائين وس چران، ته سنگهارن سان لڏ
    ته هاڃي سندي هڏ، ڪوڪ نه سنين ڪڏهين“

    سورٺ جي سر ۾ راءِ ڏياج ۽ ٻيجهل جي قصي ۾، هن ٻڌايو آهي ته ڪيئن نه عام راءِ، بادشاهن جا به ڪنڌ نمايو ڇڏي:

    انبو نوابن جا، سوريو ڪڍي ساهه

    ”محلين آيو مڱڻو، کڻي ساز سُري
    لڳي تند تنبير جي، پيا ڪوٽ ڪري
    هنڌين ماڳين هوءِ ٿي، تنهن جي ٻيجل دانهن ٻري
    جهونا ڳڙهه جهري، پوندي جهانءِ جهروڪ ۾“

    وري هڪ گوش نشين يا عوام کي پري، وطني ڀاءُ کي ٿو چو ته :

    وڳر وساري، ويٺين ڪيئنءَ ماٺ ڪري
    ڪ تو نه ماري، رڻ جهڻ سندي سڄڻين

    سندس ڪلام جا اهي اشارا سندس جمهوريت پسنديءَ لاءِ ڪافي دليل آهن


    3. سوشلزم جي طرف رجحان

    شاهه صاحب غريب جو طرفدار هو ۽ ستايلن کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين، ان جا مثال اڳيئي پيش ڪيا ويا آهن، هتي سندس ڪلام مان ٻيا مثال ڏيئي، ان ڳالهه کي واضع ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ته جيتوڻيڪ شاهه صاحب سموري وطن جي آزاديءَ ترقيءَ لاءِ بارش (انقلاب) جي دعا پي گهري آهي، پر سندس انهيءَ مان مقصد غريب عوام جو سک هو ۽ نه شاهوڪار طبقي جي سک جو مطلب هو. هو صاف چئي ٿو ته اي سارنگ (انقلاب) اڃين ۽ بکين جي سار لهيج ۽ ان (رزق) گهڻو ڪج، جو سنگهار (عوام) سکيا ٿين.

    سارنگ سار لهيج، الله لڳ اڃين جي
    پاڻي پوڄ تي، ارزان ان ڪريج
    وطن وسائيج، ته سنگهارن سک ٿئي

    انهيءَ سوسائٽي جي انقلاب مان جو ملڪ جي اقتصادي ازاديءَ جي بارش بعد پيدا ٿئي ٿو، سندس مقصد هاري ڪلاس جي خوشنودي هئي، چوي ٿو ته:

    من ٿي منڊل وجھيا، تاڙي ڪي تنوار
    هارين هر سنڀاهيا، سرها ٿيا سنگهار
    اجھ پڻ منهن جي يار، وسڻ جا ويس ڪيا

    شاهه صاحب ڏڪارين، مانگو ميڙڻ وارن، پنجن مان پندرهن ڪرڻ وارن، ظالم زميندارن جي سخت بر خلاف هو، انهن جي ختم ٿيڻ لاءِ دعا گهريون اٿس، سندس چوڻ موجب سچي اقتصادي آزاديءَ جي بارش (انقلاب) اهي سڀ آفتون ملڪ تان ٽاري ڇڏيندي:
    حڪم ٿيو بادل کي، ته سارنگ ساٺ ڪجن،
    وڄون وسڻ آئيون، ٽهه ٽهه مينهن ڏسن،
    جن مهانگي لئي ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن،
    پنجن مان پنڌرهن ٿيا ائين ٿا، ورق ورن،
    ڏڪاريا ڏيهه مان، شال موذي سڀ مرن،
    وري وڌي وس جون، ڪيون ڳالهيون ڳوارن،
    سيد چوي سڀن، آءٌ توهه تنهنجي آسرو.

    پنهنجي سنڌڙيءَ جي عوام کي، جڏهين ڏتڙيل ٿي ڏٺائين ته دعائون ٿي گهريائين ته شل اهي سکيا ستابا ٿين ۽ گهر اڏي تمدن جي حياتي گذارين، فرمائي ٿو ته:
    ”ونهيان ٿين وٿاڻ، ڏوکا هي هئان جي
    اوءِ ڀيڻيون ۽ ڀاڻ، موٽي مارن اڏيا“

    غريب مڇي مارڻ وارن اڌ اگهاڙن ۽ اڌ بکين کي به نه وساريو اٿس ۽ دعا گهري چوي ٿو ته :
    “گند جن جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پينام
    انهين کي انعام، مڃر ميڙيوئي ٿيو”

    شاهه صاحب وٽ ڄام تماچي عوام جو حقيقي ليڊر اهي، جنهن وٽ وڏ ماڻهپ جي شيخي نه آهي ۽ ڄارو ڪلهي تي ڪيو جبيرن جي وچ ۾ جهلي رهيو اهي، جنهن جي اڳيان سميون ۽ سومريون جي اوچي ڳاٽ اچن ٿيون. سي ياد نه آهن، ان کي صرف ڪينجهر ڄائين جي تات آهي ۽ وٽس، گند سان گوڏين ڀريل، مٿي تي ککيءَ هاڻيون کاريون ۽ هٿن ۾ ڇڇيءَ هاڻان ڇڄ ساڻ ڪري، ڪاريون، ڪوجهيون مهاڻيون، صبح ۽ شام اچن وڃن ٿيون. راڻين ۽ سمين حڪمران قوم جي وڏن ماڻهن جي لاءِ، ڪا جاءِ نه آهي، هن گندرن کي گاڏيءَ چاڙهي کڻي نوازيو آهي. هن انهن کي سڃاڻي سندن ٻانهن ۾ پنهنجي محبت جو ٻيڙو ٻڌو آهي ۽ کين مڏ، مياڻيون، مڪڙا مڙئي معاف ڪري ڇڏيا اٿس، شاهه صاحب چوي ٿو ته :

    ٿيا تماچي ڄام سين، مهاڻا محروم،
    ننڍي وڏي گندري، مٿي ماڙي ڌوم،
    جي ڪينجهر جي روم، سي سڀ انعامي ٿيا.
    ڪاريون، ڪوجهيون، ڪُ وڙيون، مور نه موچاريون،
    وڍي ويٺيون واٽ تي، ککيءَ جون کاريون،
    انهن جون آريون، سمي ريءَ ڪير سهي.


    4. پئن ـ اسلامزم جي طرفداري

    آءٌ هن ڪتاب ۾ ٻين جاين تي ٻڌائي چڪو آهيان ته ابتدا کان وٺي مسلمانن ۾ هڪڙو گروهه اهڙو به پي رهيو آهي، جو مسلمانن کي دنيا جي بهترين ۽ انسانن جي رهبريءَ جي لائق قوم سمجهي، ساري دنيا تي غلبه اسلام جي نالي ۾، خلافت جي حڪومت قائم ڪرڻ جي فائدي ۾ پي رهيو آهي. خليفن ۽ مهدين جو وجود به انهيءَ اصول جي بنياد تي پي رهيو آهي “ پئن اسلامزم” انهيءَ نظريي جو جديد نالو آهي. انهي نظريي مطابق جهاد، مسلمانن جي برتري ۽ غلبي جو مڃڻ لازمي شيون ٿيو پون، جيڪڏهن انهن ڳالهين جي صداقت ۽ ويساهه رکبوته اسلام جا بنيادي اصول، امن ۽ سلامتي، مساوات ۽ جمهوريت جا رد ٿي پوندا، هر صوفي اسلام جي اهڙي تخيل جي برخلاف پي رهيو آهي.
    شاهه صاحب وحدت الوجودي ٿي ڪري، اهڙا خيال رکي نٿي سگهيو، از انسواءِ هن کي معلوم هو ته هزار کان به مٿي ورهيه گذري چڪا هئا ته ، انهيءَ نظريي جي پوئلڳي ڪندڙن جي طرز عمل مان، اسلام کي فائدي بدران نقصان پي رسيو هو. اسلام کي هڪ محدود دائري ۾ بند ڪري، ان جي فروغ کي نقصان پي پهچايو ويو.
    شاهه صاحب جڏهين:

    پريان سندي پار جي، مڙئي مٺائي،
    ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري.

    جي اصول کي مڃيو ٿي ته، اهڙي بزرگ کان پئن اسلامزم جي نظرين کي مڃڻ جيڪو (فاشلزم) جو هڪ قسم هو، اجائي اميد ٿيندي.


    5. ڊڪٽيٽر شپ جي مخالفت

    جنهن سوسائٽيءَ ۾ شخصي آزادي نه هجي، جتي حڪومت جي واڳ چند ماڻهن جي هٿ ۾ هجي، جي ان کي پنهنجي شخصي ۽ طبقاتي مفاد لاءِ ڪتب آڻين ۽ پنهنجا خيال، حڪم، طريقا زوريءَ عام ماڻهن مٿان مڙهين، اهڙي طريقي حڪومت کي فاشسٽ يا ڊڪٽيٽرانه حڪومت سڏ بو اهي. اهو طريقو جهوريت جي مخالف آهي. شاهه صاحب جيڪو ستايلن جي سنگت ڪٺي ڪرڻ جو حامي هو، سو اهڙي دستور جو حامي ٿي ڪين ٿي سگهيو. ازانسواءِ هر صوفي شخصي آزاديءَ جو ايترو گهڻ گهرو آهي، جو منجهان ڪي ته وڃي “انار ڪزم” جي اصول جا قائل ٿين ٿا، هو هر ظلم ۽ زبردستيءَ جي مخالفت ڪرڻ گهرن ٿا. پوءِ کڻي اها زبردستي مذهب يا سوسائٽيءَ جي نالي ۾ ئي ڇو نه هجي. اهڙن ماڻهن کي مخاطب ٿي هڪ هنڌ چوي ٿو ته:

    ” ماري مرين شال، ڊٻ وڃنئي ڍٻيون
    جيئن تو اچي ڪالهه، وڌو وچر ورهن کي“

    اهي ڊڪٽيٽر جڏهين تمام طاقتور ٿي، ڪنهن جي پرواهه نٿا ڪن جذبات کي ٺوڪر هڻي، پيرن هيٺان لتاڙڻ جي ڪوشش ٿا ڪن ته، انهيءَ وقت شاهه صاحب سندن لاءِ چوي ٿو ته:
    متو آهين مڇ، ٿلهو ٿو ٿونا هڻين
    تو جا ڀائين اڇ، تنهن پاڻي پنئي ڏينهڙا.


    6. شاهوڪاري نظام جي مخالفت

    آءٌ مٿي لکي آيو آهيان ته شاهه صاحب جي طبع جو رحجان سوشلزم طرف هو، تنهن ڪري ان جو لازمي نتيجو اهو نڪرڻو آهي ته هو هر اهڙي نظام جي برخلاف هجي، جنهن سان سندس مارو ۽ سنگهار بکيا، اڃيا، اگهاڙا ۽ بي گهر خانه بدوش زندگي گذارين ۽ چند شاهوڪار طبقي جا ماڻهو پيا مزا ماڻين. مارئي جو مثال ڏيئي هو ٻڌائڻ گهر ٿو ته، اها ڪيڏي به قيمت تي، سواءِ مارن جي سکئي ٿيڻ جي، پنهن جي شخصي حالت بدلائڻ لاءِ تيار نه آهي، هوءَ باوجود عمر جي هزار اڇن جي مارن کانسواءِ پاڻ کي سکي نٿي سمجهي، جڏهين هن جا مارو ولهه ۾ سمهن ٿا ته هيءَ ڪيئن سوڙن ۾ سمهڻ برداشت ڪندي. هو چوي ٿو ته:

    آءٌ ڪيئن سوڙين سمهان، مون ور گهاري ولهه،
    کٿيرن تان کل، عمر ڪج م اهڙي

    ايءَ نه مارن ريت، جو سيڻ مٽائين سون تي،
    اچي عمر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪا نه ڪريت،
    پکن جي پريت، ماڙن سين نه مٽيان.


    فصل يارهون

    شاهه صاحب ۽ اسان جون جوابداريون

    هر قومي شاعر جي ڪلام جي اها خصوصيت هوندي آهي، جو ڳوٺاڻن کان وٺي شهري، جاهلن کان وٺي عالمن تائين تي، سندن اثر پوندو آهي.
    اسان جي قومي شاعر شاهه صاحب کي اگرچ ٻن سَون ورهين کان به مٿي زمانو گذري چڪو آهي ۽ ملڪ جي ماڻهن ۽ حالات ۾ گھڻي تبديلي اچي ويئي آهي، ايتري قدر جو سندس ڪم آندل سنڌي زبان جا ڪيترائي لفظ به اڄڪلهه غير مروج ٿي چڪا آهن، جنهنڪري ڪيترن ئي بيتن کي سمجھڻ واسطي معنى لاءِ لغتن کي ڏسڻ جي ضرورت پوي ٿي. اڄڪلهه وڏن شهرن، ريلن، هوائي جهازن، تارن وغيره ملڪ جي اڳوڻي زندگيءَ کي گھڻو بدلائي ڇڏيو آهي، ليڪن باوجود ان جي به جيڏانهن نظر ڪندا ته اڃا شاهه صاحب جو ڌاڪو سموري سنڌ تي ويٺل آهي. ڪي نڙ وڄائي ان جا بيت ڏيئي قلب کي سرور پهچائي رهيا آهن، ته ڪيترن عالمن ۽ اهل دل وارن جي مجلسن جي رونق به شاهه صاحب جي ڪلام سان وڌي ٿي.
    جيئن سون مان حاڪم سڪا ٺاهي، ملڪ جي ڏيتي ليتيءَ جي لاءِ ڪم آڻي ٿو، ته واپاري پنهنجي مٽا سٽا لاءِ ان کي استعمال ڪري ٿو، امير ماڻهو ان مان برتن وغيره جو ڪم وٺن ٿا ته خوبصورت ۽ شاهوڪار عورتون ان کي پنهنجي حسن کي وڌائڻ لاءِ زيورن جي طور تي ڪم آڻين ٿيون، حڪيم صاحب ان مان ڪشتو بڻائي دل جي قوت، خون جي گھڻائي ۽ بدن جي طاقت لاءِ ڪتب آڻي ٿو. تيئن هڪ بهترين شاعر جي ڪلام کي مختلف ڪمن لاءِ ڪتب آڻي سگھجي ٿو.
    شاهه صاحب جو ڪلام جيڪڏهن عالمن جي وعظن جي مجلسن جي رونق، هڪ طرف بنجي ٿوته ٻئي طرف اديب ان جي باريڪ نڪتن، سلاست ۽ بلاغت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سونهن محسوس ڪن ٿا، اگر صوفي صاحب ان ۾ روحاني رمزون ۽ لدني نڪتا ٿو ڏسي ته ڳوٺاڻو ان جي ٻڌڻ مان غير معمولي دل جو سرور يا درد ٿو محسوس ڪري، مطلب ته جنهن جهڙيءَ نظر سان ان کي ڏٺو، اهڙو فائدو حاصل ڪيائين.
    منهنجي طيال موجب وقت اچي ويو آهي، جڏهن هن سون جي ڪشتي کي قومي بدن جي صحت ۽ قوت جي لاءِ استعمال ڪجي، انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ شاهه صاحب جي ڪلام کي سياسي نقطهء نگاهه سان سمجھڻ جي سخت ضرورت آهي. آءٌ انهيءَ نظر سان ڪلام ڏسڻ جي شروعات ڪريان ٿو، ممڪن آهي ته علم جي ڪوتاهي، وقت جي تنگي ۽ معلومات جي ڪميءَ سبب انهيءَ نئين مهم کي پوري طرح وقت جي ضرورتن جي مطابق ادا ڪري نه سگھيو هجان، ليڪن مون کي اميد آهي ته ٻيا عالم ۽ فاضل هن منهنجي ادنى ڪوشش مان اشارو حاصل ڪري، انهيءَ مضمون کي زياده واضع ۽ اڻملهه طريقي سان ادا ڪندا. مونکي پنهنجن خامين ۽ ڪوتاهين جي پوري پروڙ آهي، پر هي ڪتاب صرف سندن علمي غيرت ۽ جذبي کي تازيانه هڻي چست ڪرڻ جي نيت سان لکيل آهي، اگر اڙدوـ دان حضرات ڊاڪٽر اقبال ۽ ٻين شاعرن تي سَوَها شرح لکي، ان کي هر مجلس ۽ موقع لاءِ ڪتب آڻي سگھن ٿا ته، اسان سنڌي ڇونه بجا طور تي شاهه صاحب جي ڪلام کي پنهنجي نوجوان طبقي ۾ قومي بيداري ۽ سياسي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻيون ۽ اهڙي طرح سان سنڌين ۾ قومي احساس پيدا ڪري، پنهنجي قوم کي دنيا جي ٻين قومن جي اڳيان منهن مٿي کڻي، ميدان عمل ۾ بيهڻ جو لائق ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون.
    اهو ڪم پوريءَ طرح سان تڏهن پورو ٿي سگھندو، جڏهن اسان پنهنجون جوابداريون سنڌ جي قومي شاعر شاهه صاحب جي طرف محسوس ڪريون.
    شاهه صاحب جي راڳ جون مجلسون سڏائڻ يا انهن ۾ وڃي قلب کي سرور پهچائڻ، سندس ٻارها ملهائڻ، عرس جي موقعي تي سندس درگاهه تي حاضر ٿي زيارتون ڪرڻ، مضمون ۽ ڪتاب لکي شاهه صاحب جي پيغام کي ملڪي يا غير ملڪي ماڻهن تائين پهچائڻ به چڱا ڪم آهن، پر سندس ڪلام جي حقيقت معلوم ڪرڻ ٻي ڳالهه آهي. اها آهي پنهنجي قوم جي سڃاڻپ ۽ انهيءَ سن گڏ انهيءَ جو نصب العين مقرر ڪرڻ ۽ ان جي مقرر ڪرڻ بعد، انهيءَ مقصد کي ڪشالا ڪاٽي، جبل جھاڳي حاصل ڪرڻ آهي. اهو ماڻهو جو پاڻ مٺو ڪري سنڌي قوم ۽ سنڌ ملڪ جي آزاديءَ ۽ ترقيءَ لاءِ قرباني نه ٿو ڪري، سو حقيقي طرح شاهه صاحب کي محبت نه ٿو ڪري.
    شاهه صاحب فرمائي ٿو:

    ”سڪڻ ائين نه سڌ، جيئن لڪيو لياڪا پائين،
    پئي پريان جي نه ٿئين، مٿي اڱڻ اڌ،
    ايءَ پڻ ڪوڙي سڌ، جيئن لڪيو لياڪا پائيين.“

    اهو ماڻهو جو پنهنجي قوم جي سڃاڻپ نه ڪري، ملن وانگر دانهون ڪري ٿو ۽ ٻين جا در پيو ڳولي تنهن به شاهه صاحب جي ڪلام کي صحيح طرح نه سڃاتو آهي :

    ”پاڻيءَ مٿي جھوپڙا، مورک اڃ مرن،
    ساهان اوڏو سپرين، لوچي تان نه لهن،
    دم نه سڃاڻن، دانهون ڪن ملن جيئن.“

    اهو ماڻهو کليو کايو سمهي ٿو، پاڙي ۾ رنج رسيل جي پروڙ نه اٿس، سورن وارن جي پچار ڪانه اٿس، سندس راتيون رويو نه ٿيون وهامن، سگھو آهي، گهايل نه آهي، گندي ۽ گراهه جو اونو اٿس، سڃ جو سمر ساڻ نه کنيو اٿس، انهيءَ کان به شاهه صاحب جي حب اڃا اڳاهين آهي. منهنجي خيال موجب هر هڪ سنڌيءَ تي جاوابداري آهي ته تيسين تائين آرام نه ڪري جيسين تائين هيٺيان مکيه ڪم پورا نه ٿيا آهن :

    1. شاهه صاحب جو جملي ڪلام مستند نموني ڪٺو ڪرائي، ان جا بهترين شرح لکرائي سٺي۽ سستي ڇاپي ۾ ڇپرائڻ، جيئن هر سنڌي وٽ اهو پهچي سگھي.
    2. درگاهه عبداللطيف جي ٻاهرين واري ميدان کي فرش ٻڌارائي چؤطرف ميلي جي وقت ايندڙ عوام جي رهڻ لاءِ هجرن جو انتظام ڪرڻ جيئن شاهه صاحب جون ٻارهه ـ ماهي مجلسون، ختمو ۽ سندس يادگار شين جو ڏيکارڻ، سهڻي ۽ عمدي نموني ٿي سگھي.
    3. ڪرار جي ڍنڍ جي چؤطرف پڪو فرش، چاڙهين جي ڏاڪڻين سان ٻڌرائي، پارڪ بنارائي ان جي چؤطرف سنڌي تهذيب ۽ فن جي زندهه ڪرڻ لاءِ هڪ درسگاهه کولجي، جنهن ۾ هڪ بهترين ڪتب خانو به هجي.
    4. ڀٽ جي ڳوٺ کي صفائي، سٺائي جو ماڊل ڪري، از سر نو تعمير ڪرائجي، جيئن ٻاهريان، هلي اچي ان کي ڏسن.
    5. سنڌي يونيورسٽيءَ ۾ شاهه صاحب جي ڪلام جي کوجنا وغيره لاءِ هڪ ڪرسي (سيغه) کولجي، جو سنڌ جا بهترين عالم ان تي وقت به وقت نئين سر کوجنائون ڪندا رهن.
    6. سنڌ جي جملي بهترين، شاهه کان اڳ ۽ پوءِ جي شاعرن جو ڪلام ڪٺو ڪري ڇپرائجي، پوءِ شاهه صاحب جي ڪلام تي، انهن جي اثر يا شاهه جي ڪلام جو انهن تي اثر بابت مطالعو ڪجي.

    اهي آهن مختصر طرح اسان سنڌين تي شاهه صاحب جي محبت جا چند فرائض، جن جي ادا ڪرڻ جي جوابداري هر هڪ سنڌيءَ تي آهي.


    فصل ٻارهون

    شاهه صاحب جا مختلف مضمونن تي چونڊيل بيت

    شاهه صاحب جو جملي ڪلام سرن ۾ ڪٺو ڪيو ويو آهي ۽ هر هڪ سر ۾ وري ڪيئي فصل ۽ داستان آهن. جيئن ته اهو هڪ وڏو اڻملهه ذخيرو آهي، جتي ڪيئي موتي پيا آهن. انهيءَ مان آءٌ ڪجھ سنڌي زندگيءَ بنسبت پيش ڪريان ٿو.

    1. ڪلالڪو هٽ (ملڪ جي خادمن جي سنگت)
    جي اٿئي سنڌ سرڪ ۾، ته ونءُ ڪلاڪي هٽ،
    لاهي رک لطيف چئي، مٿو ماٽيءَ وٽ،
    سر ڏيئي ۾ سٽ، پئج ڪي پياليون.

    2. طبيب جو گھر (خادم جي مجلس)
    اڄ پڻ ڪنجھو ڪنجھ، واڍوڙڪي منهين
    جه پڻ پيين منجھ، هو پنيون هو پٽيون.

    3. گزڙيون (خطاب غدار ملڪ)
    ڪشي ڪان ڪمان مان، متان هڻي مون
    مون ۾ آهين تون ، متان تنهنجو ئي توکي لڳي.

    4.پتنگ ۽ مچ (قومي خادم ۽ خدمت)
    پتنگن پهه ڪيو مڙيا مٿي مچ،
    پسي لهس نه لچيا، سڙيا مٿي سچ،
    سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا.

    5. لهار جو گھر (انقلابي جماعت)
    سر سانداڻ ڪري، پڇج گھر لهار جو،
    ڌڪن هيٺ ڌري، مان گڏينئي رڪ سين.

    6. صوفيءَ جي مجلس (سچا خادم)
    ڏني ڏکوئيا، اڻ ڏني راضي ٿيا،
    صوفي تيئن ٿيا، جيئن ڪين کنيائون پاڻ سين.

    7. مڪتب (اڄڪلهه جا سياستدان)
    پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾
    پاڻ ڏوهه چڙهن، جيئن ورق وارن وترا.

    8. چوڏهينءَ جو چنڊ
    چوڏهين چنڊ اڀرين، سهسين ڪرين سينگار،
    پلڪ پريان جي نه پڙين، جي حيلا ڪرين هزار،
    جهڙو تون سڀ ڄمار، تهڙو دم دوست جو.

    9. تارن هيٺ
    هن تاري، هن جاءِ، هت منهنجا سپرين،
    سڄڻ ماکيءَ ساءِ، ڪوڙا ٿين نه ڪڏهين.

    10. اونداهي رات
    اونداهيءَ اڌ رات ۾، پرينءَ پسايو پاڻ،
    چنڊ ڪتين ساڻ، پيهي ويو پڙلاءَ ۾.

    11. سنڌي اٺ (سنڌي قوم)
    ڪرها ڪر سڃاڻ، پيڪو ۽ پنهنجو،
    اصل آهي اوهان جو، ناليرو نڏاڻ،
    ڪرها اسان ساڻ، ڪي چانگا ڪر چڱايون.

    12. سمنڊ جي شيوا (اعلى مقصدن جي محبت)
    سيوا ڪر سمونڊ جي، جت جر وهي ٿو جال،
    سوين سپجن سمونڊ ۾، ماڻڪ موتي لال،
    جي ماسو جڙئي مال، ته پوڄارا پر ٿئين.

    13. سمنڊ جا ٻوٽا (مفڪر قوم ۽ ملڪ)
    اي گت غواصن، جيئن سمنڊ سوجھيائون،
    پيهي منجھ پاتار جي، ماڻڪ ميڙيائون،
    آڻي ڏنائون، هيرا لعل هٿن سين.

    14. پراڻي ٻيڙي (سنڌين جي موجوده حالت)
    ٻيڙي پراڻي، وکر پاءِ مَ وترو،
    تري ۾ تن پيا، ۽ پاسن ۾ پاڻي،
    هيءَ هڏ وهاڻين، ڪڙهه ڪالوڻي ڏينهن کي.

    15. صرافڪو دڪان (حقيقي خادم)
    ٿا صراف سڄن، پاڻ ڪوٺائين جوهري،
    ماڻڪ ڪري مٺ ۾، ونئن وٺي وٽ تن،
    پاڻيئي پرکن، ڪي ڪنچن گڏين ڪچ سين.

    16. وڻجاري جي وني (انقلابيءَ جي زال)
    جو تڙ ڏيا ڏي، وڻ ٽڻ ٻڌي وانئٽيون،
    الا ڪانڌ اچي، آسائتي آهيان.

    17. درياهه جي دهشت (مخالفت جو ميدان)
    دهشت ڌوم درياهه جي، جتي ڪڙڪا ڪُن ڪري،
    ٻڇل ٻانڊي ٻار ۾، لهرون لوڏا ڏين،
    سناور ساميا، جتي سيڻاها نه سنڊين،
    ويريون واٽ نه ڏين، اتي ساهڙ سير لنگھائيين.

    18.واهڙن جو ڀريون پائڻ (غير سنڌي اقتدار)
    واهڙ ڀريون نه پاءِ، تون پڻ ليکو ڏيڻو،
    سدا سانوڻ ڏينهڙا، هئين هونداءِ،
    وهاڻيءَ وينداءِ، اوڀر اتاهان لهين.

    19. ٻيلن جا چڙا (حب الوطني)
    چؤڌاري چڙا، ٻُرن ٻيلاين جا،
    ستي سنڀارن جو، پيم ڪن پڙاءُ،
    وهڻ مون نه وڙاءِ، سڻيو جھانءُ جھجھي هنيون.

    20. ميهار جي مهي (صحيح سياسي تعليم)
    ميهارا مهي، پيتائين پريم جي،
    ارڪ سرڪ سيد چئي، لڳس ڏوت ڏهي،
    سگھي تان نه سهي، ملي جان نه ميهار کي.

    21. ڪچوگھڙو (جذباتي خيالن جون جماعتون)
    ڀيلي ڀلائي، پسي چٽ چري ٿي
    ٻُر ٻُر ٻُڏي سهڻي، ويرن ۾ وائي،
    ڪچي ڪيرائي، لعل لهرن وچ ۾.

    22. ميهار ۽ سندس مينهون (سنڌي ۽ سنڌ)
    مينهون هن ميهار جون، الا سڀ جيئن،
    ڪاريون ڪڪيون، ڪنڍيون، وارا ڪيو وهن،
    جوءِ جاجا نارن جي، ٻيلا ٻهه ٻهه ڪن،
    اچي ريل رهن، مون سانڀارين سپرين.

    23. سارنگ جي سار (انقلاب جي اڪير)
    سارنگ کي سارين، ماڻهو، مرگ، مينهون،
    آڙيون ابر آسري، تاڙا تنوارين،
    سپون جي سمنڊ ۾، نئين سج نهارين،
    پلر پيارين، ته سنگھارن سک ٿئي.

    24. ڀٽ ۽ ڪرار جو ڪُن
    ڀري ڀٽ تي آئيو، سارنگ سهج منجھان،
    کڙيون کٽڻهار جيئن، وڄون اتر واءِ،
    سرها سبزا ٿيا، ڊامڻ ڊڀ ڪيا،
    پهري پٽنئان، ڀريائين ڪن ڪرار جا.

    25. بادلن جا برج (انقلابي رنگ)
    اڄ رسيلا رنگ، بادل ڪڍيا برج سين،
    ساز سارنگيون سرندا، وڄائي برجنگ،
    صراحيون سارنگ، پلٽيون رات پڌام ٿي.

    26. تاڙي جي تنوار (انقلابي آواز)
    مند ٿي منڊل وڄائيا، تاڙي ڪئي تنوار،
    هارين هر سنباهيا، سرها ٿيا سنگھار،
    اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا.

    27. جھونجھارڪو جھڳڙو (اصولن خاطر مخالفت)
    ڏٺو ڪالهه ڪنهين، جھونجھارڪو جھڳڙو،
    هاٿين هڏ مڇائيا، ريلو رتُ نئين،
    ڀانئين سا سنئين، جيان جو جوکو ٿئي.

    28. ڳهجھڙن جو ڳارو
    ڳجھڙيون ڳارو، راتو ڏينهان رڻ ۾،
    ڀڻيو پڇن پاڻ ۾، ڪنهن منهن ڪيڏارو،
    کائن کڳ مارو، ڪائنر پيو ڪنو ٿئي.

    29. وڻڪار جا وڻ
    وڏا وڻ وڻڪار جا، جت نانگ سڄن نيلا،
    اتي عبداللطيف چئي، ڪيا هيڪلن حيلا،
    جتي ڪڙم نه قبيلا، ات رسج رهبر راهه ۾.

    30. ڏونگر جا ڏکا (مخالفن جون مشڪلاتون)
    ڏکا ڏونگر لاهه، آءٌ اڳي مئي آهيان،
    آرياڻيءَ سين آهه، ذاتي سنڱ ضعيف جو.

    31. گس ۽ گسي (قديم روايات)
    هي گسي، هي گس، هي پهڻ، هي پيچرو،
    ويچاريءَ وڏو ڪيو، ويندن پٺيءَ وس،
    ليڙن جو لطيف چئي، ڏونگر اٿئي ڏس،
    جڳ ۾ رهيس جس، سڳر ٿي سردار جي.

    32.جنبور ڪتو (سنڌي مخالف)
    جاڳايس جنبور، ڪُتي قريبن جي،
    بهي ڀونڪي اٿيو، گھڏي منجھان گھور،
    سڀ لاهيندو سور، گري هن غريب تان.

    33. هاڙهو جبل (سنڌ جي ترقيءَ جي راهه جون رڪاوٽون)
    هلندي هاڙهو هڻي، گسان تان مَ گسان،
    لڪن تان لطيف چئي، رڙهي مان رسان،
    پنهونءَ شال پسان، وهان تان نه وس پيو.

    34. رڃن ۾ رڙ
    رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر سانگي ساز،
    اي عشق جو آواز، ماڻهو رکن منڌ تي.

    35. اوپرا اٺ (غير سنڌي اقتدار)
    اڱن مٿي اوپرا، جڏهن ڏٺئي اٺ،
    ڏايئي نه ڏاگھن کي، اوڳي ساڻ اڳٺ،
    ته هوند نه تنهنجي هٺ، سور پرايا سسئي.

    36. اٺن جو اوڳارڻ (خادم قوم جي گوشه نشيني)
    اوڳارين نه اٺڙا، ٻڌا چرن نه ٻور،
    ليڙن کي لطيف چئي، هلڻ جو مذڪور،
    مَيَن کي مامور، آهي اڻ تڻ اڳئين پنڌ جي.

    37. ڪيچ جو قافلو (سنڌي نيشنلزم جي تحريڪ)
    ڪيچان آيو قافلو، ساٿ ڌڻي سرواڻ،
    وار وڍي واڳون ڪريان، پوان هوند پلاڻ
    جھڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ جي.

    38. پريٽن جو پاڙو (موجوده سياست)
    پريٽن جي پاڙي، جار گذاريم جيڏيون،
    جنهين مون کي ماريو، سورن سين ساڙي،
    ارادي آڻي، سانگين سين سڱ ڪيو.

    39. ڪانبو ۽ ڪارو جبل
    ڇپر ڇمر ڀانئيان، ڪانبو ۽ ڪارو،
    پٻ وجھندس بٺ تي، صبح سوارو،
    وڃڻ مون وارو، ڪين وهينديس وچ ۾.

    40. ڪرڙا ڏونگر (ملڪ جي ترقيءَ جي رستي ۾ رنڊڪون)
    ڪرڙا ڏونگر ڪهه گھڻي، جت جبل گونا گون،
    ليڙن جو لطيف چئي، تنگ تنوارون پون،
    جن ڏٺو پير پنهونءَ جو، سي نه رون نه چون،
    هوندن مٿي هون، لاڳاپا هن لوڪ جا.

    41. ڌکي ۽ ڏونگر (خادم ملڪ ۽ مصيبتون)
    ڪي جو ڪڍيا پار، ڏکي ڏونگر پاڻ ۾،
    سڻي سا تنوار، مرون پيا مامري.

    42. آتڻ جو چرخو
    امڙ وڃي آڻ، چرخو آتڻ وچ مان،
    ڪتيم جنهن ڪاڻ، سو ڪوهيارو ڪيچ ويو.

    43. سج جون وڻن مٿان راستون
    ويو سج وڻن تان، راسيون رتائين،
    مون کي ماريائين، آيل اونداهي ڪري.

    44. ڪلهي ڦاٽو ڪنجرو مٿو اگھاڙو
    ڪلهي ڦاٽو ڪنجرو، مٿو اگهاڙو،
    منهنجو ڪڄاڙو، ڀينر هن ڀنڀور ۾.

    45. سورن جو سانگهارو
    سورن سانگهارو، ڪڏهن تان ڪونه ڪيو،
    آيل اوڀارو، ٻائر ٻڌو ٻوڙي.

    46. قطار مان نه ڇڄ (قوم پرستي)
    ڇڄ مَ قطاران، ساٿ چڙهندو لڪئين،
    مڇڻ تيئن پئان، وڳ واٽ ئي نه لهين.

    47. سَوَ سک هڪ ورهه برابر
    سو سکن ڏيئي، ورهه وهايم هيڪڙو،
    مون کي تنهن نيئي، پير ڏيکاريو پنهونءَ جو.

    48. سرندي جو ساز (صحيح قومي خادم)
    محلين آيو مڱڻو، ساز کڻي سرندو،
    سِرَ جي سدا سُرَ ۾، گهور هڻي گهرندو،
    مٿي ريءَ ملوڪ جي، چارڻ نه چرندو،
    جھونا ڳڙهه جھرندو، پوندي جھانءِ جھروڪ ۾.

    49. تند جي تنوار (عام رايو)
    سو سرن پائي، جي تند برابر توريان،
    اٽل اوڏانهين ٿئي، جيڏانهن ٻيجل ٻرائي،
    سکڻو هڏ آهي، سِر سڄڻ ناهه ڪي.

    50. نکٽن جو نئي وڃڻ
    اڀي اڀاريام، نکٽ سڀ نئي ويا،
    هڪ ميو ٻيو مينڌرو، سڄي رات ساريام،
    ڳوڙها ڳل ڳاڙيام، سورج شاخون ڪڍيون.

    51. گلابي ويس
    جھڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس،
    چوٽا تيل چنبيليا، هاها هو هميش،
    پسيو سونهن سيد چئي نيهن اچن نيش،
    لالن جي لبيس، آتڻ اکر نه اڄهي.

    52. ڇورين جا ڇال
    ڪاڪ نه جھليا ڪاپڙي، موهيا ڪنهن نه مال،
    جي ڇورين ڏنا ڇال، ته به لاهوتي لنگھي ويا.

    53. گنجو ڏونگر
    ڪنگو ڏونگر گام، پيهي جن پروڙيو،
    ڪري تن تمام، لوچي لاهوتي ٿيا.

    54. جھنگل ۽ آهيڙي
    نه ڪتا نه ڪوڪار، نه سي سڏ شڪارئين،
    پٽيو کڻي پار، جھنگلي آهيڙين کي.

    55. نانگا ۽ ناني
    نانگا نانيءَ هليا، لوڪان ڪري لڪ،
    ويئي موق وهڪ، آءٌ نه جيئندي ان ري.

    56. ٽي ٽڳا
    سنڱيون، سيليون، گبريون، ٽيئي ٽول ٽڳو،
    پٺ هڻي پٽ سين، ڀيري تن ڀڳو،
    لاهوت جن لڳو، سي مڙهيان مور نه لڱيا.

    57. گر جي گودڙي (سچي سياست جي محبت)
    جا گر ڏني گودڙي، سا ٿئي لاهيندي لڄ،
    سندا تنهن سهج، چيو چوندو ڪيترا.

    58. نهائين ۽ نينهن
    نينهن نهائينءَ جان، ڍڪيو ڪوهه نه ڍڪئين،
    ڄر ڄيري ڇڏي، ته ڪيئن پچندا ٿانوَ،
    سندي ڪنڀاران، ڪن ڪريجا ڳالهڙي.

    59. سهاڳ ۽ ڏهاڳ (ڪاميابي ۽ ناڪامي)
    گھوريو سو سهاڳ ، جنهن ۾ سين پاڻ کي،
    ڏوري لهه ڏهاڳ، جنهن ڪر لاهو داسڙو.

    60. ڪلين ۾ ڪنڍي (محبت جي ميخ)
    ڪنڍي ڪلين وچ ۾، جڏهين هنيائون،
    موت نه ماريائون، ڏور ڏئي ويا ڏک جي.

    61. ڪونجن جي ڪڻڪ
    ڪونجون ٿيون ڪڻڪن، جيڪس هلڻ هاريون،
    ٻچا پوءِ اٿن، وڃن واندا ڪنديون.

    62. ماري ۽ ميرا ڪپڙا
    بغل ۾ بندوق، ماريءَ ميرا ڪپڙا،
    مارو مير ملوڪ، لتاڙيو لڪ چڙهي.

    63. اوڏا ويچارا
    ڇنل ڇڄ هٿن ۾، ڪلهن ڪوڏارا،
    پورهي ڪارڻ پيٽ جي، ائين سوارا،
    اوڏا به ويچارا، وڃن لاکا لڏيو.

    64. ٽڪ ڏنگي (انقلابي جا وسائل)
    ٽڪ ڏنگي، در گھڻا، ڪتيان ڪڄاڙو،
    ڪاپي مٿان ڪيترو، آڻيان اڌارو،
    جي ور ڏئي وارو، ته سونهان سرتين وچ ۾.

    65. نيڻن جي نيرن
    تن نيڻن ڪئي نيرن، جن ساجھر سيڻ سانڀيٽا،
    جيءَ، جسي ۽ جان، ڪر حضوري حج ڪيو.

    66. لوئيءَ جي لڄ
    سهسين سيبا ڪنجري، لوئي ليڙ ٿيام،
    اباڻن جي آسري، ڪتي ڪان ڪيام،
    جا ڍٽ ڍڪيام، تنهن پرور پن رهئيين.

    67. کارا کٻڙ ڏيهه جا
    کارا کٻڙ ڏيهه ۾، ٻيا واريءَ منجھ وٿاڻ،
    سائين کي، سيد چئي، ڀريو ڏين ڀاڻ،
    عمر اُتِ اماڻ، ثابت رکج سومرا.

    68.سنهيءَ سئيءَ سان سبيو
    سنهيءَ سئيءَ سان سبيو، مون ماروءَ سين ساهه،
    ويٺي ساريان سومرا، گولاڙا ۽ گاهه،
    هنئيون منهنجو هت ٿيو، هت مٽي ۽ ماهه،
    پکن منجهه پساهه، قالب آهي ڪوٽ ۾.

    69. ڍٽين پٽين (دهقاني زندگي)
    ڍٽين پٽين ڍير، منهن ماروئڙن جا،
    پائر سڀ پچي پيو، گھر گھاريندي ڪير،
    ڪوٺئين گھاري ڪير، محلين منجھي مون هينئون.

    70. سپن جو سير (انقلابيءَ جي توڪل)
    سکو سڀ سرتيون، سپن مان سير،
    ٻيو مٽائي نير، اڀيون ابر آسري.


    71. بر جو پير (کوهه) (مخالفت جو ميدان)
    پير کنيائون بر ۾، پيارين پهون،
    سنجن ساٽيڪن ٿي، وڏيءَ وير وهون،
    پايو جر جنڊن ۾، ڪوڏان ڪن ڪهون،
    ڏينهان ڏينهن نئون، مونکي ورهه ويڙهيچن جو.

    72. ڏٻرا ڌئارڻ (عارضي نفعو)
    ڪيئن ڌئاريان ڏٻرا، وينديس ڪنهن نه وهانءِ،
    مون مل مارو ناهه، اڇا اوڍيان ڪن کي.

    73. ڪانگل نه ڪوڙو (حق جو آواز)
    پريان سندي پار جو، ڪانگل نه ڪوڙو،
    اچي وڃي وچ ۾، مٿي در دوڙو،
    جو اندر اوسيئڙو، سو لاتائين لطيف چئي.

    74. ڄاريون ۽ کاريون (عوام جي محبت)
    ڄاريون ۽ کاريون، ڇڄ ڇپريون،
    جن جي محبت مڇيءَ سان،
    رهڻ، وهڻ، سر ٻانڌئين، سڀئي بدبوءِ هاڻ،
    لڌڙن جيئن لطيف چئي، پاڻيءَ وجھن پاڻ،
    تن ملاحن جو ماڻ، سمي سر ڪيو پانهنجي.

    75. پکيءَ جو قالب (ڏاڍي جو خوف)
    پکي جنهن پڄائيا، تنهن ۾ ساهه نه ماهه،
    منجھ ڪرنگھر ڪات جو، مٿي پکن چاهه،
    ويچارن ويساهه، مٿي پکين آئيو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 533
    ڪتابن جو مشاهدو: 550728
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 212771
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ