ڪتاب جو نالو: پن ڇڻ پڄاڻان
مصنف: شيخ اياز
ڇپائيندڙ: نيو فيلڊس
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 1985
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 20 نومبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 601 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 180 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
شيخ اياز جي هن ڪتاب ۾، ٽه- سٽن تي ٻڌل ”هائيڪا“ ڏنل آهن. سنڌي شاعريءَ جي صنف ۾، هي هڪ نئون ۽ قابلِ حسين واڌارو آهي. اهي ٽه- سٽا، ڪٿي مڪمل نظر ته ڪٿي وائيءَ جو تاثر ڏين ٿا. هر ٽه- سٽي ۾، بيت جي ڏيڍ سٽ جيتريون ماترائون ڪم آندل آهن. اسان بيحد خوشي ۽ فخر سان سنڌي شاعريءَ جو سجايل هي نئون گلدستو، سنڌ آڏو پيش ڪيون ٿا. شل سنڌ، هن جي سرهاڻ سان سدائين سرهي ۽ ستابي رهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • ٻئين ايڊيشن لاءِ مصنف جو مهاڳ
  • پهرين ايڊيشن لاءِ پيش لفظ
  • شاعري

  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10

  • ڪتاب بابت

    شيخ اياز جي هن ڪتاب ”پن ڇڻ پڄاڻان“ ۾، ٽه- سٽن تي ٻڌل ”هائيڪا“ ڏنل آهن. سنڌي شاعريءَ جي صنف ۾، هي هڪ نئون ۽ قابلِ حسين واڌارو آهي. اهي ٽه- سٽا، ڪٿي مڪمل نظر ته ڪٿي وائيءَ جو تاثر ڏين ٿا. هر ٽه- سٽي ۾، بيت جي ڏيڍ سٽ جيتريون ماترائون ڪم آندل آهن.
    ڪتاب 1985ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي نئين سر ڪمپوزنگ عبداللطيف انصاري صاحب ڪئي آهي.


    ٻئين ايڊيشن لاءِ مصنف جو مهاڳ

    برصغير ۾ خصوصاً ۽ دنيا ۾ عموماً شاعر جا هم عصر گهڻو ڪري هن جا حاسد ۽ بدخواهه رهيا آهن. غالب کي ايترو تنگ ڪيو ويو هو جو هن مجبوراً لکيو هو:
    ”تو اي که محو سخن گسترانِ پشين
    مباش منکر غالبَ که در زمانِ تُسَت“

    (ترجمو: تون جو اڳين شاعرن ۾ محو آهين، غالب کان اِن ڪري منڪر نه ٿيءُ جو تنهنجي دؤر جو شاعر آهي.)

    مون به هڪ هنڌ لکيو آهي: ”هم عصر جيستائين هم اثر نه آهي تيستائين تُنهنجو دشمن آهي“ منهنجو هڪ نوجوان دوست، جو منهنجو همدرد ۽ خيرخواهه آهي، ڪجهه وقت اڳ مون سان مليو هو ۽ مون کي چيو هئائين، ”تنهنجا ڪي هائڪو به ترجمو آهن. مون هُن کي چيو هو ته ائين ٿي سگهي ٿو. تون مهرباني ڪري مون کي اهي لکي موڪل ته مان وضاحت ڪري ڇڏيان“ هو به ڪافي مصروف ماڻهو آهي ۽ مون سان ان موضوع تي اڃا خط و ڪتابت نه ڪئي اَٿائين. دراصل گهڻو مطالعو تحت الشعور ۾ ڇُپي وڃي ٿو ۽ جڏهن شاعري ۾ اظهارجي ٿو ته پتو نه ٿو پوي ته اهو مصنف جو آهي يا ٻي ڪنهن جو شعر هن جي تحت الشعور ۾ تَرِي آيو آهي يا هُن اهو خيال نظمايو آهي جو هن ڪٿي پڙهيو آهي. مون کي اهڙا ڪيئي مثال آهن. گوئٽي جو مثال ته مون اڳي ئي ڪٿي ڏنو آهي. هيٺ غالب، ڀٽائي ۽ ٻين جا مثال ٿو ڏيان. غالب جو هڪ نهايت خوبصورت شعر آهي:
    بوئي گل، نالهء دل، دودِ چراغِ محفل
    جو تري بزم سي نکلا سو پريشان نکلا

    بيدل دهلوي جو هن کان ڪيترو وقت اڳي مري ويو هو، اُن جو فارسي شعر آهي:
    بوئي گل، نالهء دل، دودِ چراغِ محفل
    هرکه از بزمِ تو برخاست پريشان برخاست

    بنهه لفظي ترجمو آهي. پر غالب بيدل کان وڏو شاعر هو ۽ مان اهو نٿو مڃان ته هن بيدل تان شعوري ترجمو ڪيو هو. فيض جي هڪ سٽ آهي:
    يه داغ داغ اُجالا، يه شب گزيده سحر

    اردو جي ٿور-پڙهيل نقادن کي اها هيڊ ڳڙي هٿ اچي وئي ته پساري ٿي پيا ۽ بار بار لکيائون ته ’شب گزيده سحر‘ ٽي.ايس.اليٽ جي استعاري ’night-bitten morn‘ جو لفظي ترجمو آهي.
    خواجه مريد جي هيٺين ٻه دوهن تان ڀٽائيءَ ٻه بيت کنيا آهن:

    سَروَر پنڇي هيڪڙو، ڦاهي وال پچاس،
    ايهه تن لهرين گڏ ٿيا، سَچي تيري آس

    ڪاگا نين نڪاس دُون، اور پيا ڪي جا
    پهلي درس دِڪائيو، پيچهي ليجو ڪا

    ’سراج اورنگ آباديءَ، جو شعر آهيِ:

    دامن تلڪ بهي هائي مجهي دسترس نهين
    ”ڪيا خاڪ ۾ ملي هين مري جان فشانيان“

    سراج جي پوئين سٽ مير جي هيٺين شعر ۾ اچي ويئي آهيِ:

    مارا بهي اُن ني سان مين غيرون ڪي مجهه ڪو مير
    ڪيا خاک ۾ ملي هين ميري جان فشانيان“

    مير جو هڪ شعر آهي:

    تيز يون هي نه ٿي شب آتشِ شوق
    ”تهي خبر گرم اُن کي آني ڪي“

    غالب مٿين شعر تان پوئين سِٽ هيئن ورتي آهي:

    هي خبر گرم اُن ڪي آني
    ”آج هي گهر ۾ بوريا نه هوا“

    دراصل غالب جو مٿيون شعر ’مير‘ جي مٿين شعر کان گهڻو چڱو آهي.
    مير جو هڪ شعر آهي:

    ناخن هي بوالهوس ڪا، گلا يون هي چهل گيا
    ”لوهو لگا ڪي يه بهي شهيدون مين مِل گيا“

    ’ذوق‘ پوئين سٽ ’مير‘ تان وٺي لکيو آهي:

    ”گل اُس نگه ڪي زخم رسيدون مين مل گيا
    يه بهي لهو لگا ڪي شهيدون مين مل گيا“

    غالب جو هڪ شعر آهي:
    هم هين مشتاق اور وه بيزار
    ”يا الاهي يه ماجرا ڪيا هي“.

    ياس يگانه جي شعر ۾ پوئين ساري سٽ اچي وئي آهي:

    درد دل ڪي ڪوئي دوا نه دُعا!
    ”يا الاهي يه ماجرا ڪيا هي“

    جيتوڻيڪ ياس يگانه غالب جو وڏو نقاد هو ۽ ”غالب شڪن،“ نالي هڪ ڪتاب لکيو هيائين جو سندس ستياناسيءَ جو سبب بڻيو هيو.

    ”فڪر معاش و عشق: بتان، ياد: رفتگان“

    واري اُردو سٽ ٽن مشهور شاعرن هيٺينءَ ريت ڪم آندي آهي:

    ”فڪر معاش و عشقِ بتان، ياد رفتگان“
    اس زندگي مين اب کوئي ڪيا ڪيا ڪيا ڪري

    (سودا)
    ”فڪرِ معاش، عشقِ بُتا، ياد رفتگان“
    اس مختصر سي عمر مين ڪيا ڪيا ڪري کوئي

    (اقبال)
    ”فڪر معاش و عشقِ بتان، ياد رفتگان“
    ان مشڪلون سي عهده برائي نه هو سڪي

    (تلوڪ چند مرحوم)
    اصغر گونڊويءَ جو هڪ شعر آهي:

    ”ماورائي سخن بهي هي اڪ بات“
    بات يه هي ڪه گفتگو نه ڪري

    جگر، جو اصغر جو همعصر به هو ۽ دوست به هو، اُن پهرين سِٽ هيئن ورجائي آهي:

    اي ڪمالِ سخن ڪي ديواني،
    ”ماورائي سخن بهي هي اڪ بات

    اقبال جو هڪ شعر آهي:

    تري عشق ڪي انتها چاهتا هون
    ”مري سادگي ديکهه ڪيا چاهتا هون“

    ان تان ”حسرت موهانيءَ“ جي شعر ۾ پوئين سِٽ اچي وئي آهي:

    وفا تجهه سي اي بي وفا چاهتا هون
    ”مري سادگي ديکهه ڪيا چاهتا هون“

    اهڙا ٻيا سوين مثال آهن جي اُردوءَ جي چوٽيءَ جي شاعرن ۾ ملن ٿا، ڇا اِن ڪري غالب، مير ۽ اقبال جي ساري شاعري مسترد ڪري ڇڏبي؟
    مون بيدل دهلويءَ، غالب ۽ اقبال جو تقابلي مطالعو ڪيو هو، ته هنن جي ڪيترن شعرن ۾ خيال ساڳيا ها. هن ڪتاب ۾ آندل هائڪو به مون تڏهن لکيا ها، جڏهن مان وائيس چانسلر هوس ۽ انتظامي امور جي بي انتها مصروفيت سبب، مون ۾ آمد جي ساڳي ڪيفيت نه رهي هئي جا اڳ هئي.
    مان هڪ ٻي ڳالهه به چوڻ چاهيان ٿو. جيئن منهنجي غزل جو فارم فقط اردو ۽ فارسيءَ تان ورتو ويو آهي باقي ان ۾ معاڪات، استعارا، تشبيهون، قافيا، رديفون وغيره ٺيٺ سنڌي آهن ۽ ڪجهه ابتدائي غزل ڇڏي، هر غزل تي منهنجي مهر لڳل آهي، ائين هر هائڪؤ تي منهنجي مُهر لڳل آهي ۽ انهن جي ڪيفيت جپاني هائڪوءَ سان ورلي ملي ٿي. ٻين جا سنڌي هائڪو جپاني هائڪو جو پڙاڏو آهن. مون هر صنف ۾ اجنبيت جي عنصر کي رد ڪري، اُن کي ٺيٺ سنڌي بڻايو آهي. اها منهنجي خامي آهي يا خوبي آهي، ان جو فيصلو پڙهندڙن تي ڇڏيان ٿو.
    حاصلِ مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن اوهان کي هائڪو جي خيال يا ٻوليءَ ۾ توارد نظر اچي، ته اُها ڪوشش شعوري نه آهي، لاشعوري آهي. باقي حسد کي ته پيلون اکيون آهن، اُهي ’اڪ جي نيرڙين ڦلڙين جي سونهن‘ ڇا سمجهي سگهنديون؟

    شيخ اياز
    10-12-93ع


    پهرين ايڊيشن لاءِ پيش لفظ

    سال 1984ع شايد، سنڌي ادب ۽ خود شيخ اياز لاءِ، انتهائي اهميت لائق آهي، جو فقط اِن هڪ سال اندر سنڌ جي هن شاعر، پنج ڪتاب لکي پورا ڪيا آهن. جن مان هي ٽيون ڪتاب، سنڌ اڳيان پيش ٿي رهيو آهي. شايد وائس چانسلر واري دؤر (1976ع کان 1979ع) جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ، هن جي قلم ۾ تيزي آئي آهي يا لهندڙ سج جي احساس سبب، هن ڌنوڻيءَ کي وڌيڪ ڌنويو آهي يا اڃا ئي رتو بنهه پچي راس ٿي پيو آهي. بهرحال، ڇا به هجي، هي شخص بنا ڪجهه وٺڻ جي، سنڌ کي، سنڌي ادب کي، گهڻو ڪي ڏئي رهيو آهي- نئين سوچ، نئون انداز، نئين واٽ، نئين لاٽ- جا آزاديءَ جي احساس تي کُٽي ٿي.
    هن شخص، پنهنجي پورهئي مان 76- 1979ع دوران، ڪجهه وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس هٿ ڦٽجي پيا، دل ڏارَ هڻي ويس ۽ هانُ هڄي اُٿيس- ڄڻ ته هاٿيءَ جي پيرن هيٺان آيو هجي. دل جو دورو پيس- اسپتال داخل ٿيو. بهرحال، اهي زخم هو اڃا نه ڇُٽائي سگهيو آهي.
    اسان وٽ، سنڌ ۾، ماڻهوءَ جي ڏات ڦاهيءَ جي ڦندي سان ماپي ويندي آهي يا ان کي گهاڻي مان گذرڻو پوندو آهي. هي ڏات جو ڏيهه، جڏهن راضي ٿئي ۽ جنهن کي به پنهنجوڪري تهان پوءِ محبت ۽ مانَ جا پاٽَ ڀري ڏيندو آهي. اياز لاءِ اڃا ڪئين آزمائشون رکيون آهن. پر ايترو يقين آهي ته هن شاعر جي لائي سجائي ٿيندي.
    زير نظر ڪتاب ۾، ٽه- سٽن تي ٻڌل ”هائيڪا“ ڏنل آهن. سنڌي شاعريءَ جي صنف ۾، هي هڪ نئون ۽ قابلِ حسين واڌارو آهي. اهي ٽه- سٽا، ڪٿي مڪمل نظر ته ڪٿي وائيءَ جو تاثر ڏين ٿا. هر ٽه- سٽي ۾، بيت جي ڏيڍ سٽ جيتريون ماترائون ڪم آندل آهن. اسان بيحد خوشي ۽ فخر سان سنڌي شاعريءَ جو سجايل هي نئون گلدستو، سنڌ آڏو پيش ڪيون ٿا. شل سنڌ، هن جي سرهاڻ سان سدائين سرهي ۽ ستابي رهي.

    - ناشر


    شاعري

    1

    ميان! مان ڄاڻان،
    ٿيندو ڇا گُل مهر سان
    پَن ڇَڻ پڄاڻان.
    *
    ائين نه مرندي ڪُونجَ،
    جيسين پُورين روهه ۾
    اُن جي پُوري گونجَ.
    *
    رهجي ويئي پَتِ،
    هيل پيا جو مينهڙا
    جُهڳيءَ نيري ڇَتِ.
    *
    چئُه، چُئه چيهي کي،
    مٽيءَ هاڻا پيرڙا
    ٽانِگر تي نه رکي!

    *

    جمڙائؤَ جو تَڙُ-
    ريون پاڻي پيئندي
    ڀَرِ تي گهاٽو بَڙُ..
    *
    مار نه ٻاٽيٻَرُ
    جنهن جي اکڙين ۾ ڇُلي
    ٿو سارو ڪينجهَرُ!
    *
    مٿان ڪُنڍيءَ سِڱَ،
    ويهِي پکي ٻولڻو
    ڪانڊاري ٿو لِڱَ.
    *
    تتر ٻولن ٿا،
    ڪي دروازا ڌُنڌ ۾
    مون ليءِ کولن ٿا.


    *

    اُتر ڪيئي ڪَکَ،
    اَڇا لؤڻا لوندڙيءَ
    آءٌ، ٻُڍاپي لَکَ.
    *
    لوڙهو، لئي وَڻَ،
    ٻنهي پاسي واءُ ۾
    ڪيِڏي ڪَنگوءَ ڇڻَ!
    *
    ڪريو ڪَڪو پَنُ،
    چُرچرُ ناهي ڍَنڍ ۾
    سينَورَ ساڳو وَنُ.
    *
    سرءُ، سُڪل ڦانگَ
    ڪانگ ڪُلهي تي سج جي
    هرهراُڏرڻ سانگَ.
    *
    واهيري جي ويرَ،
    سَرَ تي ڪَرهلُ هيکلو
    اڳتي واريءَ ڍيرَ..
    *
    وَر وَرِ کنوڻَ وارَ،
    ڪاٽي ڪوڪ ڪُهنگ جي
    سانت ڪئي سنسارَ.
    *
    آڌيءَ رات مٿان،
    چنڊ ته بيٺو ڪونه آ،
    مان ئي بيٺو هان!
    *
    تون ته اُڃايلُ روحُ،
    توکي ڪئن ٽاريان ميان،
    مان جو کائِڙَ کوههُ.

    *

    ڪوئي نانءُ نه وَلِ،
    پوءِ به اُن جا گُلڙا
    پيارا ڀَلئوُن ڀَلِ!.
    *
    تو به سٽون جوڙيون،
    پر هي شفقَ واٽ تي
    انبلکيون گهوڙيون!
    *
    ڌرتيءَ ڪَئي دَڪِ دَڪِ،
    جَڙ کي جهونجهاڙي وئِي
    ڪاٺَ ڪُٽي ٺَڪِ ٺَڪِ
    *
    هي جي واريءَ ڍيرَ،
    ڪهڙي پَکيءَ پيرڙا
    تن تي ڇَڻيل ٻيرَ؟

    *

    تارا تارا ٻُڪُ،
    وجهي نيڻ نياڻ ۾
    پيتُهءِ پاڻيءَ ڍُڪ؟.
    *
    سانت ته چڱي هُونءَ،
    پَر جي ڪَئي ٻولڙِي
    آمي ڏارَ چَتوُنءَ!
    *
    آرِس موڙي اَنگ،
    انگيءَ ٽاڪا ٽوڙيا-
    جوئَر ڪچا سَنگَ!
    *
    ناوَ جهليندي گهاٽَ،
    ٻُڪيون ٻانهياريُن جون
    چوڙيُن جا ڇَڻڇاٽَ!

    *

    . تو جو ڏٺو ڏيلَ،
    ڪَهيون کولي ڪَنجري-
    اُڏريا ابابيلَ!
    *
    مَڇُئوهاڪاريو،
    لاکي ڄاڃيءَ سمنڊ ۾
    سِڙهه تان نهاريو.
    *
    جهاڳي جُهڙَ جي جهاڳَ،
    سورج مُکيءَ سِجَ کان
    وَتِي ڪِرڻنِ واڳَ.
    *
    مون ڀانيو ماڻو،
    سورجُ مُکي سجَ سان
    اَلَهي اَجهاڻو.

    *

    ڇا ڪا توکي ڪَرَ؟
    چَهڪيون جن تي بُربليون
    هاڻِ ٻُهاري سَرَ!.
    *
    سِٽوُن هيٺِ مٿي،
    مان پيِتَلُ، جئن آڙيون
    اُڏرن سجَ لٿي!
    *
    ڇا تو سمجهيو تَنِ؟
    هي جي ڪوڪي ڪويَليون
    وَڃڻ وايُون ڪَنِ!
    *
    تنهنجو چُپِ اچڻُ،
    ڪوئي گُل گُلاب جو
    ڇَڻِي پيو ڄڻُ!

    *

    سانجهي، نديءَ نير،
    جنهن جي ڇاتيءَ ۾ کُتل
    ٻيڙيءَ تِکو تِيرُ..
    *
    چنڊ گهٽائن مان،
    ائين لڳو ٿي رات، جئن
    ڪاتَر ڪوٺهيءَ سان!
    *
    هورهَيو ٻولي،
    پاڻياريءَ جي پريت ۾،
    مون کي رِڻَ رولي.
    *
    مون مَنُ مروڙي،
    پريان پَئي مينگهواڙِ
    مريڙو ٽَوڙي.

    *

    لِڪي ڪينَ لِڪيون،
    پيارِي تنهنجون ڳالهڙيون
    جهڙيون مورَ ٽِڪيون!.
    *
    تنهنجيءَ تات تنوارِ،
    ڪارا ڪڪر اُڀَ ۾
    هيٺان پَٽَ – ڪُنوار
    *
    پيارا پرههَ پَلَ،
    ڏوٿي ڳولن ڏُٿ کي
    اُٿيو اَنَ مهلَ!
    *
    ڇا ڇا اکين ڍَوَ!
    ٿريچاڻي ٿانهري،
    آرَ، وِهاڻي ڇَوَ!

    *

    مٿان گهاٽو جهُڙُ،
    هيٺان نينگر ننڍڙو
    کائي ڇانهنِ ڳُڙُ..
    *
    هيءُ سڀاڳو پلُ،
    ٽڙيو جنهن ۾ اوچتو
    منهنجو ڪَنٺ- ڪَنولُ!
    *
    پاڻي، بتيلو،
    اُڏريا پکي مُند جا،
    ٻه طرفو ٻيلو.
    *
    اڄ نه ٻوليون ڀانت،
    هڪڙو پکي ڀَلِ تي،
    ۽ چوڌاري سانتِ.

    *

    ورندا واهوندا
    پُسيءُ ڳاڙها گُلڙا
    پُڇُ نه ڇا هوندا!.
    *
    ڪنهن کي ناهي ڪَرَ،
    نينگرِ پر جي تون اَچين
    مون وٽ پَکيُن پَرَ!
    *
    کِڙڪيءَ جو کانچو،
    جنهن مان ڪڪر اُڀ جي
    مون کي ٿي جانچو!
    *
    ها، هُو سجَ چڙهي،
    اونهارو هيري ڪڻيون
    گهوڙا ٻاريءَ تي!

    *

    ٿڪجِي، بيٺِي نيٺِ،
    سِرَ تي جهلي ٻيلهڙو
    کاري کٻڙ هيٺِ..
    *
    وڏي اَسُرَ جَنڊُ-
    جيجل تو جاڳائيو
    سارو مانڊيءَ مَنڊُ!
    *
    ۾ سماڻو-
    ٽاري لڏندي ئي رهي
    پنڇي اُڏاڻو.
    *
    ڪوهيڙي کهنبو،
    ڳاڙهي پکيءَ چُهنب سان
    ڳائيندي ٽوپيو.

    *

    او روها کي ڇو نه،
    آهي هيڏيءَ وِلههَ ۾
    تو آکيري اونَ!.
    *
    لوڏيا لوُههَ پريان،
    ڳاڱيءَ ڳاڙها گُلڙا
    پٿرَ ڇِپَ مٿان!
    *
    ڇوريون اجايو،
    ڊوڙي مرندا مرگهڙا
    ميندِي نه لايو!
    *
    مٿو ڀريلُ ميٽَ،
    ڦوَلَ سريکي سُندري-
    سورج مُکيءَ ڀيٽَ.

    *

    سانوڻُ، سرنَهن ڇٽَ-
    اُرههَ سُرنگا سُپرين
    کِڙيا مٿي کَٽَ..
    *
    سنڌوءَ ۾ اشنان،
    ناريءَ اُرههَ نيِرَ ۾،
    چوڏينهنءَ چندر مان.
    *
    چوڏينهنءَ چندرمان،
    سنڌوءَ منجهه سمائِيو
    سَتُين جو اسٿان.
    *
    ڪٿي آن پيارا،
    اُتر لڳي آڪرو
    پون ٿا پارا!

    *

    ياد پٺي آيون،
    هُو جي ڦُلن ٽارڙيون
    پکين نِوايون..
    *
    تو جو ڪَر موڙيا،
    اُرههَ اُڊيڙي ڪنجرو
    ٽاڪا سڀ ٽوڙيا.
    *
    سَر تِي سونَ وني،
    پلئه هٽي ويو پيٽ تان
    ڪڍي سِجَ ڪَني!
    *
    ڪنهن جي ڌَوڪي ۾،
    ائن جئن تارا کوهه مان
    نينگرِ ٻوڪي ۾.

    *

    جيڪر آءٌ لِکان-
    چار ئي ڏَسيون ڦهليون
    پورن ماسيءَ جان..
    *
    پهرِين مينهَن چُميون،
    ۽ پو سانوڻ اُسَ ۾
    توتي ڏينهَن چُميون!
    *
    جُهڙ ڦُڙ ۾ جهمڪن،
    هُو جي ڪَنن ڪيوٽيون
    وڄَ جيان چمڪن.
    *
    ڦڻيءَ ڪاري ڦَڻ،
    چوڙيليءَ چوٽو ڀنل
    سُڳنڌيِ ڇَڻ ڇڻ.

    *

    ڇاکان گَهر – گهورِي،
    ڦرندي لڳي ڦُٽڙِي
    وَؤُنڻن ۾ ڇورِي؟.
    *
    سارو ڏينهن ڇَمرَ!
    ڇيلا اَڄُ ڇُڙي ويا
    ڦوڳن پاسي ڦَرَ
    *
    ڪامڻ ڪهڙي ڪُلَ؟
    چَپَ پرينءَ جا چيروانِ
    ڏاڙهونءَ ڳاڙها گُلَ!
    *
    لهريون لهريون لوڏَ،
    اوڏڻ! تُنهنجي ڪنجري
    هيٺان مٿان ڪوڏَ!

    *

    ساڳي هَيج نه هيلَ،
    پکي ڪالهه اُڏامندا
    چُٽيا اکِ گُليل-.
    *
    اچ، اچ ڇاتيءَ لاءِ!
    تون ڪئن ٻاڙو ٻولئين
    مِٺي، ماکيءَ ساءِ!
    *
    متان ٿِڙَن پيرَ،
    پوئين چُمي بانوري
    ڏينم نه وڃڻ ويرَ!
    *
    تُلسيءَ ٻوٽي جيئَن،
    هوندي نارِي، پر جيئي
    پاڻيءَ بنا ڪيئن!

    *

    ساجن! تنهنجو سنگُ-
    ساري رات سرير جو
    تَتل واريءَ رنگُ..
    *
    ڇورِي ڪنجهي ٿانءُ،
    ڪيڏو وقت وجود ۾
    گونجو هن جو نانءُ!
    *
    سوچين ٿو لنوَ لائي،
    پَر ناريءَ جي پريتڙي
    نگر نگر ڀٽڪائي!
    *
    قوس قزح جهڙا،
    ڪيڏا آندا زندگيءَ
    رنگَ مسرت جا!
    *


    2

    ”آءٌ نه ايندس ايئَن!
    ”بندر بندر عاشقيون
    تون به خلاصيءَ جيئَن!“
    *
    ها، ها گهَرُ گهنگهرُ،
    جَر جَر ٽُٻي هنجَ جي
    مُور نه ساڳيو سَرُ!
    *
    ڇانگا مانگا، شام،
    رضيه، چؤ تو ڪير آن
    تنهنجا ڪيئي نام؟
    *
    ڪيئن چوان، ڪهڙي!
    توکان سُندر سُندريون
    پر ڪا تو جهڙي؟

    *

    صبح سويرو،
    پکي پَر ڇنڊي ويو-
    اُجڙ آکيرو..
    *
    روئاري، رولي،
    هِي جا اَٺي جي هوا
    ڦڦڙ ٿِي ڦولي.
    *
    پنهنجو پيار اَمرُ،
    ڇٻر تي جئن ڇانئجي
    سائو چهچ ڇَمرُ!
    *
    نيهن جيان نيِرا،
    هِي جي مٿان ميگهه جا
    اَپر اوهِيرا!

    *

    چندر مان چِمڪي،
    سرتيءَ مٿان سينڌ ڦل
    جهانءِ ڪيو جهمڪي..
    *
    آيو گهر پيهي،
    منهنجي اڱڻ اوچتو
    پرين پرڏيهي.
    *
    ڇا ڇا سونهن سماٽَ!
    ڇا ڇا ڇورِيُن ڇاڇري
    ڳڱين مٿي ڳاٽَ!
    *
    وڏي سونهَن سماٽِ،
    هيءَ جا جيسلمير جِي
    تنهنجي ڪَڇَ ڪَنواٽِ.

    *

    مينهن ڦُڙيون آيون،
    ويهي ڪنهن ولهار ۾
    چميون چورايون!.
    *
    وُٺو وچينءَ ويلَ،
    پلر جي پالوٽ ۾
    ڊوڙي پئِي ڊيلَ.
    *
    ڏئِي ڏوراپو،
    ڇاتيءَ تي ڪنهن ڇپَ جو
    ڇڏيائين ڇاپو.
    *
    تنواري تاڙو،
    ڪئن نه پوندو ياد پو
    پرينءَ جو پاڙو!

    *

    مون کي ڏنءُ ڏيئِي،
    هِي جا تو بن راتڙي
    اجائي ويئِي!.
    *
    ڇا تي ڀنڀولِي،
    چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي
    ٽولا ڪن ٽولِي؟
    *
    اورانگهي آپو،
    اکيون ڪئن اڙجي ويون
    لڳو لاڳاپو!
    *
    ٻانهاريءَ ٻولِي،
    آڌيءَ راتِ اُڀارَ ۾
    چٽَن سان چولِي.

    *

    پَرَ ناري پائي،
    سامِي سيري هرکجِي
    رامُ نه ريجهائي!.
    *
    روڪيان ڪينَ رهن،
    هلڻ هارا سُپرين
    ڪهڙي پَهر ڪَهن!
    *
    ڄڻ مون ڦُلن اَڍَ،
    ٽِڙن ٽانگر وانگيان
    وڇوڙي جا وَڍَ.
    *
    بادل برسن ها،
    هلڻ هارا سُپرين
    تيسين ترسن ها!

    *

    هي جا آرَ اُٿلَ،
    لُڙهي پاڇو چنڊ جو
    آيو ڀرسان ڀَلَ..
    *
    جر ٿر مينهن وَسن،
    جويون جيسلمير جون
    پيارا مانَ پسن!
    *
    گهُورَ ڇڏي گهائي،
    ڇيلا ڇُڇڪارڻ لڳِي
    اکيون جهُڪائي!
    *
    کنوَڻ کَني تاءُ،
    ڪاري رات، ڪُهنگ جي
    ڪوُڪَر سان ٽڪراءُ!

    *

    . پَٽ ڪينئنِ جي پِنڊَ،
    چوٽيون تارن ٽٻڪڙا
    هيٺان ڪارِي ننڊ!
    *
    ٻيڙِي موڙي ٿو،
    نينگرڙو ننڊاکڙو
    ڪُوڻيون ٽوڙي ٿو.
    *
    بَريون، ٻولاهيون،
    ڪَڪريون لاهي اُڀَ مان
    وڃن ٿا ڪاهيون.
    *
    رَکَ ته آهي رَکَ!
    مکڻ سوُنهين مَنڌئين
    ٻايَل سُونهين ٻَکَ!

    *

    لاڙَ ٻه پهري، چيٽُ،
    جهڙا ڪاوا گج جا
    تهڙو پاڻيءَ پيٽُ!.
    *
    سنڌوءَ جو ساکِي،
    هو جو ويٺل ونجههَ تي
    آهي روهاکي!
    *
    جڏهن گهنڊَ گُڙن،
    گونجن ڦول سُڳنڌ سان
    ٽاريون جهانءِ جُهلن!
    *
    پيو هاڻ سماءُ،
    چنڊ به منهنجي ڪڍ هو،
    چوڏينهَن رات، تلاءُ!

    *

    هونءَ ته هيکل پنڌُ،
    سنجها ٽاڻي مون ڪُلهي
    پر ڄڻ تنهنجو ڪَنڌُ!.
    *
    هونءَ ته هيکل وکَ،
    تون به ٻرانگهون ٿي ڀَرين
    ٻيلي تنهنجي ڏِکَ!
    *
    ڪيڏي ڦول ڦُلارَ!
    نئين سر سِرجي پئين
    بسنت جا سنسارَ-!
    *
    جهَلي گُلن گهَٽُ،
    پَر سڳنڌي ٿو پيو
    پوُرالو پوپَٽُ.

    *

    اِن کي ڌَڪُ نه هَڻُ،
    هِي جو ڏينڀوءَ اک ۾
    پپل سائو وَڻُ!.
    *
    ٻنهي جي ٻي اکِ،
    ساڳو گُل گلاب جو
    مان ۽ ماکيءَ مک!
    *
    توکي ڪهڙي ڪَلَ،
    ڇو ٿا هَٿَ چنار جا
    ٿڦڪن هوا ڳَلَ!
    *
    وارِي ئي وارِي،
    ماريل هرڻيءَ جون اکيون
    جن ۾ شڪاري.

    *

    اَلهي اُڀري ٿو،
    هُو جو لالُ ليارُ آ
    پٿر جو سپنو.
    *
    ڪَڪر ڪارونڀارَ،
    اُڀرئي سج اُٿاريون
    رڍون ڄڻ ريڍار!
    *
    تو جنهن ڏٺا شهرَ،
    ڪامڻ! رولو رويت تي
    ڏِسُ هي هوا لَهرَ!
    *
    تون به نه آهين پاسِ،
    سانجهيءَ ويــرا، سانورا
    کِنوڻ کنوي آڪاسِ!

    *

    اوليءَ نه اولو،
    ٻيڙيءَ واري نينگريءَ
    ٽهڪن جو ٽولو..
    *
    ڪنهن کي ٿي ڳولي؟
    هي جا موج مجاز جي
    ڇاتيون ڇا ڇولي!
    *
    جَر جهُوٽو نيئِي،
    دُنگي وچ درياهه ۾
    ويئِي ڙيٖ ويئي!
    *
    ڏيئِي ڏيکارا،
    تارا ٽمڪائن پيا
    جبل ۾ جارا.

    *

    رانول مون رُٺڙا،
    او شل چَپ رکِي چُمان
    پِريَن جا پُٺڙا!.
    *
    مارو سنڀران مَسَ!
    رَبا! وڇڙيا ميلئــين
    ڏُور نه تِن جا ڏَسَ!
    *
    لُڙڪ وهن ٿا لَسَ،
    وڄون اکين اوٽڙيون
    ڪَنِ نه گوڙيون گَسَ!
    *
    ڇيريون ڇمڪاريون،
    واريو آيون ويڙهه مان
    ٻڪر ٻانهياريون.

    *

    مون کي پُڪارِينِ
    هُو جي سانوڻ مينهن ۾
    جهنگل جهونگارِينِ.
    *
    ويڙهيچن ويلا
    رُکو سُڪو ڍوڍڙو
    ڇپر ۾ ڇيلا.
    *
    اڇي رنگَ اَسُر،
    ۽ هو تسبي نڪَ ۾
    وهائوءَ وانگر!
    *
    پيرن دل پيئي،
    ويو وَرتُ هٿن مان
    توکي ڏسنديئِي!

    *

    پيارُ نه ساڳو پيارُ،
    اڇو مَٿو مُنڌ جو،
    ڪوڪو ڪارو وار!.
    *
    پيارُ نه ساڳو پيارُ
    اڳ کان گهرو ٿي ويو
    اکين جو اسرارُ!
    *
    سونا رڱي سَرَ
    سج لهي سانجهي ٿيو،
    پکي نه آيا پَرَ
    *
    اڃا نه آيو!
    سج لهي سانجهي ٿيو
    پل پل پرايو.

    *

    مونجهو، مَن ماندو،
    ٻيو ڪاڙهو ڪاپار تي
    اونهاري آندو..
    *
    وَهي پيو واههُ،
    ڀَر تي پِپِرَ ڇانوَ ۾
    تون ۽ منهنجو ساههُ.
    *
    ورڻو ناهي واءُ!
    سانگُ ڪري ڪو سُپرين
    اڱڻ اسان جي آءُ!
    *
    سج لٿو سارو
    ڪتيندي ۽ ڪَنبندي
    پويون سيارو.

    *

    ويو هيانءُ هَٿان،
    اَڪ جون ڦلڙيون نيرڙيون
    نيرو نَڀُ مَٿان!.
    *
    ڪيڏو مينهن مٿان!
    هي جي ڏوڪا نينگري
    ڪهڙيءَ کجيءَ مان؟
    *
    ٻانهاريءَ ٻولِي،
    آڌيءَ راتِ اُڀارَ ۾
    چٽَن سان چولِي.
    *
    پَرَ ناري پائي،
    سامِي سيري هرکجِي
    رامُ نه ريجهائي!

    *

    روڪيان ڪينَ رهن،
    هلڻ هارا سُپرين
    ڪهڙي پَهر ڪَهن!.
    *
    ڄڻ مون ڦُلن اَڍَ،
    ٽِڙن ٽانگر وانگيان
    وڇوڙي جا وَڍَ.
    *
    بادل برسن ها،
    هلڻ هارا سُپرين
    تيسين ترسن ها!
    *
    هي جا آرَ اُٿلَ،
    لُڙهي پاڇو چنڊ جو
    آيو ڀرسان ڀَلَ.

    *

    جر ٿر مينهن وَسن،
    جويون جيسلمير جون
    پيارا مانَ پسن!.
    *
    گهُورَ ڇڏي گهائي،
    ڇيلا ڇُڇڪارڻ لڳِي
    اکيون جهُڪائي!
    *
    کنوَڻ کَني تاءُ،
    ڪاري رات، ڪُهنگ جي
    ڪوُڪَر سان ٽڪراءُ!
    *
    پَٽ ڪينئنِ جي پِنڊَ،
    چوٽيون تارن ٽٻڪڙا
    هيٺان ڪارِي ننڊ!
    *


    3

    ٻيڙِي موڙي ٿو،
    نينگرڙو ننڊاکڙو
    ڪُوڻيون ٽوڙي ٿو..
    *
    بَريون، ٻولاهيون،
    ڪَڪريون لاهي اُڀَ مان
    وڃن ٿا ڪاهيون.
    *
    رَکَ ته آهي رَکَ!
    مکڻ سوُنهين مَنڌئين
    ٻايَل سُونهين ٻَکَ!
    *
    لاڙَ ٻه پهري، چيٽُ،
    جهڙا ڪاوا گج جا
    تهڙو پاڻيءَ پيٽُ!

    *

    سنڌوءَ جو ساکِي،
    هو جو ويٺل ونجههَ تي
    آهي روهاکي!.
    *
    جڏهن گهنڊَ گُڙن،
    گونجن ڦول سُڳنڌ سان
    ٽاريون جهانءِ جُهلن!
    *
    پيو هاڻ سماءُ،
    چنڊ به منهنجي ڪڍ هو،
    چوڏينهَن رات، تلاءُ!
    *
    هونءَ ته هيکل پنڌُ،
    سنجها ٽاڻي مون ڪُلهي
    پر ڄڻ تنهنجو ڪَنڌُ!

    *

    هونءَ ته هيکل وکَ،
    تون به ٻرانگهون ٿي ڀَرين
    ٻيلي تنهنجي ڏِکَ!.
    *
    ڪيڏي ڦول ڦُلارَ!
    نئين سر سِرجي پئين
    بسنت جا سنسارَ-!
    *
    جهَلي گُلن گهَٽُ،
    پَر سڳنڌي ٿو پيو
    پوُرالو پوپَٽُ.
    *
    اِن کي ڌَڪُ نه هَڻُ،
    هِي جو ڏينڀوءَ اک ۾
    پپل سائو وَڻُ!

    *

    ٻنهي جي ٻي اکِ،
    ساڳو گُل گلاب جو
    مان ۽ ماکيءَ مک!
    *
    توکي ڪهڙي ڪَلَ،
    ڇو ٿا هَٿَ چنار جا
    ٿڦڪن هوا ڳَلَ!
    *
    وارِي ئي وارِي،
    ماريل هرڻيءَ جون اکيون
    جن ۾ شڪاري.
    *
    اَلهي اُڀري ٿو،
    هُو جو لالُ ليارُ آ
    پٿر جو سپنو.

    *

    ڪَڪر ڪارونڀارَ،
    اُڀرئي سج اُٿاريون
    رڍون ڄڻ ريڍار!
    *
    تو جنهن ڏٺا شهرَ،
    ڪامڻ! رولو رويت تي
    ڏِسُ هي هوا لَهرَ!
    *
    تون به نه آهين پاسِ،
    سانجهيءَ ويـرا، سانورا
    کِنوڻ کنوي آڪاسِ!
    *
    اوليءَ نه اولو،
    ٻيڙيءَ واري نينگريءَ
    ٽهڪن جو ٽولو.

    *

    ڪنهن کي ٿي ڳولي؟
    هي جا موج مجاز جي
    ڇاتيون ڇا ڇولي!.
    *
    جَر جهُوٽو نيئِي،
    دُنگي وچ درياهه ۾
    ويئِي ڙي ويئي!
    *
    ڏيئِي ڏيکارا،
    تارا ٽمڪائن پيا
    جبل ۾ جارا.
    *
    رانول مون رُٺڙا،
    او شل چَپ رکِي چُمان
    پِريَن جا پُٺڙا!

    *

    مارو سنڀران مَسَ!
    رَبا! وڇڙيا ميلئــين
    ڏُور نه تِن جا ڏَسَ!
    *
    لُڙڪ وهن ٿا لَسَ،
    وڄون اکين اوٽڙيون
    ڪَنِ نه گوڙيون گَسَ!
    *
    ڇيريون ڇمڪاريون،
    واريو آيون ويڙهه مان
    ٻڪر ٻانهياريون.
    *
    مون کي پُڪارِينِ
    هُو جي سانوڻ مينهن ۾
    جهنگل جهونگارِينِ.

    *

    ويڙهيچن ويلا
    رُکو سُڪو ڍوڍڙو
    ڇپر ۾ ڇيلا..
    *
    اڇي رنگَ اَسُر،
    ۽ هو تسبي نڪَ ۾
    وهائوءَ وانگر!
    *
    پيرن دل پيئي،
    ويو وَرتُ هٿن مان
    توکي ڏسنديئِي!
    *
    پيارُ نه ساڳو پيارُ،
    اڇو مَٿو مُنڌ جو،
    ڪوڪو ڪارو وار!

    *

    پيارُ نه ساڳو پيارُ
    اڳ کان گهرو ٿي ويو
    اکين جو اسرارُ!
    *
    سونا رڱي سَرَ
    سج لهي سانجهي ٿيو،
    پکي نه آيا پَرَ.
    *
    اڃا نه آيو!
    سج لهي سانجهي ٿيو
    پل پل پرايو.
    *
    مونجهو، مَن ماندو،
    ٻيو ڪاڙهو ڪاپار تي
    اونهاري آندو.

    *

    وَهي پيو واههُ،
    ڀَر تي پِپِرَ ڇانوَ ۾
    تون ۽ منهنجو ساههُ.
    *
    ورڻو ناهي واءُ!
    سانگُ ڪري ڪو سُپرين
    اڱڻ اسان جي آءُ!
    *
    سج لٿو سارو
    ڪتيندي ۽ ڪَنبندي
    پويون سيارو.
    *
    ويو هيانءُ هَٿان،
    اَڪ جون ڦلڙيون نيرڙيون
    نيرو نَڀُ مَٿان!

    *

    ڪيڏو مينهن مٿان!
    هي جي ڏوڪا نينگري
    ڪهڙيءَ کجيءَ مان؟.
    *
    پوتِي ويڙهه نه تون
    ڇوري، آرهڙ اُسَ ۾
    پچن ٿا پيرُون!
    *
    مِٺي مصريءَ تَڙَ!
    ڪهڙا ڪهڙا ڳائيان
    وائيءَ تنهنجا وَڙَ!
    *
    ڪنهن جي ڪَڍَ لڳين؟
    سونو ڦُل سڳين ۾
    ڏسي ڀنڀوليــن!

    *

    ويڙهي وَسنو آءُ!
    اچ، مان توکي ساريان
    آءٌ وي لَنوَ آءُ!.
    *
    آءٌ ته سارو پيارُ،
    تو ڇو ڇرڪي سوچيو،
    ”ڪوريئڙي جو ڄارُ!“
    *
    توکي شال وَڻان!
    چوڙيون ڇمڪن پنڌ ۾
    ڪانبي منجهه ڪڻان!
    *
    مالهڻِ اجھ ماريوءِ!
    آڻي گُلَ رابيل جا
    نياپو وساريوءِ!

    *

    روز نه ساڳيا پَلَ
    موٽئين چُمِي چنڊ کي
    جهليهُءِ ڪهڙيءَ جهل..
    *
    ٽاري سڀُ ٽولا،
    موهن، مون توليءِ ڪَئِي
    ڳلين ۾ ڳولا!
    *
    ڇاتيءَ لڳ ڇمڪن،
    مون کان مورُ نه وسرن
    چُميون چوڙيليَن!
    *
    پُسيءَ وَن پهراڻَ،
    مون کان مور نه وسرنِ
    هُو جي ڀُوريون ڀاڻ!

    *

    هُو جي هَٿن هيرَ،
    مون کان مُور نه وسرن
    سارا ڏاڙهن ڍيرَ!
    *
    آزاريوم اَڇن
    مون کان مُور نه وسرن
    هو جي ڪالهه ڪَڇن!
    *
    اَلا اوءِ اَلا!
    هَسيُنِ هِريا ڪينڪي
    گهگهرين گَلا!
    *
    اَلا اوءِ اَلا!
    جيڏيون جوئر کيت ۾
    ٽهڪن منجهه ٽَلا!

    *

    اَلا اوءِ اَلا!
    ڪاريون ڪجڙيون اکڙيون
    ۽ ٻي روپَ ڪَلا!.
    *
    اَلا اوءِ اَلا!
    مِٽياڻيون ته ملير جون
    منهنجا ڀاڳ ڀَلا!
    *
    ڏات مڱان ڏاتار
    جوڙي ٽُٽل جيئڙا
    ڳنڍيان ڳنڍڻ هار!
    *
    هونءَ ته چُپ چ‍ؤکِي
    پرين تنهنجي پار ڏي
    اک جهلڻ اؤکي!

    *

    . توکي چيم ”آءُ!“
    اڄ جو دَر – پردو پرين
    لوڏيو ڏکڻ واءُ.
    *
    ڏٺي سڀ ورونهن.
    ڀُنءِ جا ڀنڀٽ سڀ ڏٺا –
    هاڻي ٿڌي سونهَن.
    *
    ڏاڍا سيءَ پيا
    پوءِ به گهٽيءَ جي ڪُک ۾
    ڪوسي سئنيما.
    *
    هي سڀ سپنو هو!
    ها، سپر سپنو سانوري
    ڪيڏو پيارو هو!

    *

    . تُورئي کيت نه هيلَ
    ڪاهل! ڪوجهـِـي لکڻـِـين
    وڃايَهءِ ڇو ويل؟
    *
    تنهنجا منهنجا چَپَ
    جيئين چُمي ماتلي
    ٻئي ڦليليءَ ڪَپَ.
    *
    هُن کي ڇَڏِ، نه چؤ!
    مارُل پڪي انب جان
    ڍولي هونءَ ته ڍَؤ.
    *
    اڇا وارَ ٿيا
    پو به ڏٺو مون پيار سان
    سانچي اسٽوپا.

    *

    اڃا ته آهي ڏينهن،
    اُگهه منهنجون آليون اکيون
    ويهه ته رُڪي مينهن!.
    *
    وسي ويو ويڙهو
    ڇانگون ڇَنن اوٽَ ۾
    ها، پر هُو هيڙهو؟
    *
    اِجهو سهڙي سَنجِهه
    هاڻي اکيون ٻوٽبيون
    ڇا ليءِ ڪنجهو ڪَنجِهه!
    *
    رهندو وڃي ڀاءُ
    سُڃي رستي تي رڳو
    پيرن جو پڙلاءُ.

    *

    روڪي جيئَڻَ جَنڊُ،
    اڄ مون ڏٺو سامهون
    بُٺيءَ مٿان چَنڊُ.
    *
    اَچُ، اَچُ ڪوڙا يارَ،
    سارو جڳ ڪوڙو ميان
    توتي ڪوهه ميار!
    *
    سيتل پاٽيءَ تي
    ڪير ڇڏي ويو چاکڙيون
    پيرو به ڪونهي!
    *
    اچ جو ٿڪا انگ
    ناچ ڇپايا ڪيترا
    ماڻهوءَ کان مرڌنگ!

    *

    هت نه ڀڳهءِ ڏينهن
    هت نه رهين راتڙي
    مارو! هاڻي مينهُن...
    *
    پِپل پؤتر وَڻُ
    گوريءَ ڏيئو هَٿ ۾
    اُتر واءُ گُهلڻُ.
    *
    پڃري ۾ ڪجهه پَرَ،
    ڪنهن ٻوليون هت ٻولڙيون
    هاڻي ڪنهن کي ڪَرَ!
    *
    شاعر، پيارا، تون!
    اهڙا ٽيڙو ٻيا ڪٿي
    ماڪَ، ستارا، تون!
    *


    4

    سامي! مايا ڄارُ؟
    پوياڙيءَ جو جوئڙِي
    جوُئَر – ڍوڍو، ٻارُ!
    *
    تون ڀي اڻ ــ پورو
    پَلو گهرجي جوءِ کي
    تو وٽ دنبورو.
    *
    جيون سارو جکَ
    پيار به مري ويو پرين
    رهي وڃي رکَ!
    *
    ڪَنڊيءَ ڪامَ نه لُڏُ
    ٻول نه تتر تاوڙا
    ماري آيا، اُڏُ!

    *

    مون کي اِن مان ڀَؤُ
    اڃا تو ۾ شاعري
    جياپي جو تَؤُ.
    *
    ڇا، ساڳي ٽاري؟
    جنهن جي لاءِ ڏني هُئي
    باهوءَ اُڏارِي!
    *
    مون ڪَوتا تي ڪَنُ
    تارن ڇايا تات تي
    منهنجو گهر گگنُ!
    *
    آڳانجهو آڇيوم
    کُهنبي ويڙهي هٿڙا
    توکي ساز ڏنوم.

    *

    ڪَيون چنڊ کِلوُن
    ”تون سامهون وچ سير ۾
    تري آ ته مِلوُن!“
    *
    ٽَليون ٽؤنرن ساڻ،
    ڪلهه تو آڇيون پنڌ کي
    ۽ ڪوهيارا هاڻ؟
    *
    ڪيڏو ڏور اڃان؟؟؟...
    اڄ ته ڪرهل ڪڻڪيو
    هاڙهي لڪَ مٿان!
    *
    پَرجهي پوءِ پلاڻِ!
    هينئَڙو مون هيڻو ٿئي
    منهنڙو اوري آڻ!

    *

    لِڪڻي ناهي لَنوَ،
    ڇا جي بُٺي ڀينگ ۾
    ڇا جي منجهه وَسَنوَ!
    *
    جئن هو هنجَ نياڻ،
    سِٽون آيون ساهه ۾
    ٻيهر پنهنجو پاڻَ!
    *
    کِنوڻَ کوٽي کيئَن،
    آسَ اُڀاريئه سُپرين
    ڪَتيءَ ڪڪر جَيئن!
    *
    هاڻي نه ترساءِ،
    مون جي گجرا پوئيا
    منهنجي هٿان پاءِ!

    *

    ڪونهي چئن ڪَکن،
    اڄ به سونيون سنگهرون
    بادل منجهه بُکن.
    *
    هو جو گيت مَهان،
    ڪڏهن پاڻيءَ ڇينهرو
    ڪڏهن سمنڊ سمانُ!
    *
    هاڪا اهڙي ڌُنِ،
    چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي
    جئن نيروٽيءَ ڪُنِ!
    *
    تو ڇو نيڻيِـن نير؟
    تو من اُجرو ائن ميان
    جيئيــن امڙ کيرُ.

    *

    اَمڙ، تنهنجي نَٿَ،
    دانهين مون تي ٻئي ٿيا
    ٿر جا ٿوهر هَٿ.
    *
    اڙي شڪارِي!
    هن پنڇيءَ جي ٻولڙي
    ولر کان نيارِي.
    *
    گيت نه ٿي ڪوئي،
    ڪڪري لڳي چنڊ تي
    لڱـي تي لوئي
    *
    ڪوئي برَهه بيتُ!
    لُڻِي لُڻندين ڪيترو
    ميان کَني – کيتُ؟

    *

    ڀاڳَ جڏهن بڻجن،
    اَڀري سَڀري ساٿَ جون
    ڳالهڙيون ڳڻجن!.
    *
    ٻيڙا ڌڙڪن ٿا،
    سِڙهه ڪنهن اَويساهه سان
    ٿڙ ٿڙ ڦوڪن ٿا
    *
    ٿڪين ٿيلهي ٿَرُ؟
    اڃا گوليءَ پنڌ تي
    آهي پنهنجو گهر!
    *
    تنهنجو ڏوهه نه، پَرَ،
    ڇوليون ڪاوڙ ۾ رنڀي
    وِجهن چَڪُ ڪَپرَ.

    *

    ٽُٽي ويا سپنا،
    ميڙ نه ڪِرچن کان تکا
    شِڪي ٿي شيشا!.
    *
    ساٺَ ڪيا سانوڻَ،
    آءُ، چٻاڙيندين اڃا
    ڪيڏا ڪاڳَر مَڻَ؟
    *
    تون ته چوين ٿو ”لکُ!“
    ڳولي ٿي ٻي ڳالهه ڪا
    منهنجي هڏن مِکُ.
    *
    ڪيئن وراڻيان سَڏَ،
    پٺيان ڳؤري ڇپَ آ
    اڳيان اونهي کَڏَ!

    *

    لِڱَ لُريءَ ۾ چُورُ،
    وَکرُ اڪيچارُ پرَ
    پَتڻَ پويون پُورُ..
    *
    ڇَنا ٻيا به ته کوڙَ،
    منهنجي مَنَهن جي مٿان
    ڪيڏي مينهن پتوڙَ!
    *
    ميان، ڇا هي نانوَ؟
    ٿيلهه نه ٿڪا انگڙا
    ڇَڏ نه ڇِڊي ڇانوَ!
    *
    تون ته انهيءَ کان بَچُ!
    ڀل ٻي ڪنهن تي جهڙپ ڏي
    سِيچاڻي جئن سَچُ!

    *

    کُهه سارو سنسار!
    وَرُ توسان ڪنهن ڪُنڊ ۾
    لالڻ، لڪي پيارُ!
    *
    ڇَڏِ ته ٿئي آڇَ!
    سُتي مار نه مُنڌ کي
    هيءَ جا پرينءَ ڪَڇَ!
    *
    توکان ڪنهن به پڇيو،
    ”تنهنجون گُلَ گلاب جا
    پنبڻيون پُسيون ڇو؟“
    *
    ڪينجهر هنجَ ڪروڙَ،
    پوءِ به ڪنهن ڪنهن هنجَ سان
    ڪينجهر مٿي موڙَ!

    *

    ٻهڳڻ ٻَري ٿي،
    ڪَنڌُ جهُڪائي جنڊَ ۾
    ڏُکڙا ڏري ٿي..
    *
    ٽِلَڻ جا ٽاڻا،
    ڪيڏا سپنا سجَ جا
    سانجهيءَ سماڻا!
    *
    ڪيڏي سُڃَ اپارَ،
    رهي رڳو روهه ۾
    ڪونجن جي ڪڻڪارَ!
    *
    مانڊيِ تنهنجو منڊُ!
    اڄ هي منهنجي شاعري
    ڀنـِـي بادَلَ چَنڊُ!

    *

    توکي ڳولن تَڙَ،
    ٻُرن ٿا ٻي پار جا
    نِتُ نِتُ وڄِي نَڙَ!.
    *
    هو جي ساجنَ سنگِ،
    کيسَ کٿوريءَ واسيا،
    اڄ نه اسان اَنِگ
    *
    ائين پنهنجو پاڻَ،
    ترندي آئي تات ۾
    جيئين هِنجُ نياڻَ.
    *
    مون مَنِ آيو نينهُن،
    ڀَري تَلَ ترائيون
    جيئـيــن سانوڻَ مينهُن!

    *

    هي سانوڻ جي راتِ،
    وڻ وڻ واڄو ٿي ويو
    تون ئي تون جي تاتِ!.
    *
    ڪاوڙ مون ڪيهي؟
    اڄ به پيارا پاڻ کان
    ڏاڏاڻا ڏيهي.
    *
    وانگِي شال وسن!
    پائي ڳلِ ڳراٽڙيون
    گهمن منجهه گسن!
    *
    ڪَوتا ٻُڌائِي،
    ڪَوريِ آنڀو ڪچڙا
    کيري ۾ کائـِـي.

    *

    لَڙڪِي مٿي لامَ،
    سڱر پٽــي نينگري،
    ۽ هو هُن جا آمَ؟.
    *
    خوشبو ڇو آهي؟
    ڪوئي گُل گلاب جو
    ڦُٽو ته ناهي!
    *
    منهنجا ڪهڙا حال!
    سائين سڻائي ڪرين
    ڀلارا ڪي ڀال!
    *
    آهيان اڄ ته اُداسُ،
    جيئري شل جيڏا ڏسان
    هُو جي منهنجو ماسُ!

    *

    مان ۽ تنهنجو نانءُ،
    هي ناڪاري قوتون
    هائوڪاري آنءُ..
    *
    رات ڏٺا تارَن،
    لاشن ڀرسان لوئبا
    هِيرا هٿيارَن.
    *
    هاڻي ڏوههُ ته ڏوههُ!
    چنڊ ته تنهنجي ڪَڍَ آ
    ڪامڻ! ڀڄين ڪوههُ؟
    *
    روز رسيلا يارَ،
    هتان هارائي ويا
    وڻجــي سڀ واپارَ.

    *

    گهُران ڇا آئون!
    ڪيڏو اُفقُ ڏيجَ ۾
    ڏُکيءَ ڏنائون!
    *
    چانڊوڪيون راتيون،
    ها، هي تنهنجي شاعري
    سؤٽيون ماساتيون!
    *
    توڙي لڱن لَڱُ،
    چڙهي ڏونگر چوٽِئين
    ڇِنُ نه سڄڻ سڱُ!
    *
    ڪهڙيون ميارون!
    آيون سانوڻ مينهن جئن
    آيل اُڇنگارون!

    *

    آنءُ به ڪوئي نانءُ،
    ورڻ وارءُ الوداع
    هلڻ هارو آنءُ!.
    *
    ڇَپر ڇانَو، ڇَنو،
    ها، پر آيل، سامهون
    گهوڙِي هوتَ هَنو!
    *
    ڪونجڙيو! ڪيٽِي،
    آمي اُفق آگ ۾
    سانجهيءَ سميٽي!
    *
    رچِي، ٿي ريٽِي،
    ڪنهن سان پنهنجي نينهن جي
    ڪَيَءِ نکيٽي؟

    *

    ڪنهن کي تارن تات؟
    نگر واسي ننڊ ۾
    نِکنڊُ آڌي راتِ!.
    *
    سي به ته تنهنجو پاڻُ،
    هو جي سارِن سنڌڙي
    چؤنرن ڌؤنرن ساڻُ!
    *
    ڪيڏو سيءُ سٺوءِ!
    منهنجي لوئيءَ ۾ ميان
    ويڙهو نه ويڙهيوءِ!
    *
    مَنُ نه مون ميرو،
    سدا اُن جو سَپ جئن
    ڦُڙيءَ ڏي ڦيرو.

    *

    هَٿُ نه رکيو هوتَ،
    ڳلن ڳوڙها نه سُڪا
    مٿان آئين موتَ!.
    *
    ڄائِي نه ڄاپِي،
    جيڪا مون جئَن يار مان
    ڍائي نه ڍاپي.
    *
    سُڻِي تنهنجو سَڏُ،
    لڳي پئي هيکلي
    گهگهيرين سان گَڏُ!
    *
    اوٺي اَويرا،
    ويندي پُڇن ڪينڪي،
    هي تن جا پيرا...
    *


    5

    اَگهائيءَ ۾ آءُ،
    سُڻي مانَ سَگهو ٿيان
    پرين تو پڙلاءُ!.
    *
    ساڃاهيان ٿو هاڻ،
    ڪانَون ’ڪان‘ ’ڪان‘ ۾ هُئي
    اکين جي واکاڻ!
    *
    ٻولِي مون نه ٻُجهن-
    ڪانگا تو ڪنهن ڪُنڊ ۾
    منهنجا سيڻ سُجهن؟
    *
    هاڻي ڪَيان ڪيئن؟
    مَر ته موچارو ٿئين،
    هرڪو چوي ائين!

    *

    هي جي پَڙ پائن،
    ڀلا ڪنهن کي جيئري
    ڇاتيءَ سان لائن؟.
    *
    جيئري جهميلا،
    سدا ٿيا سنڌ ۾
    مُئن تي ميلا!
    *
    صدين هڪ انسانُ،
    سوبه ته موهن جي دڙي
    وانگر ٿيو ويرانُ!
    *
    وڻجاريون وايون-
    هيل به اڪيچار تو
    ٻوليون ٻُرايون.

    *

    ڀٽائيءَ تي باسَ
    ”ٿر ٻاٻيهو ٿي مران
    شال نه ٻُجهي پياسَ!“
    *
    وَڄن پيا سنکَ،
    هي منهنجا ٽئگور جئن
    پويان ’مرتيوءَ پنکَ‘.
    *
    جڏيِ جياپي،
    رڙهِي چڙهي روههَ تي
    سَرَهه سَراپي.
    *
    رَنڍا روڙهي ڪَتِ،
    ڪَنُ نه ڪاپو ڪندي
    پاڙي کي پورهَيتِ!

    *

    مون سان ماڙَ نه ڪر!
    ها، هن گهايل گَڊ سان
    جبل جاڙَ نه ڪر!.
    *
    گهيڙَ نه ساڳيان گهٽَ،
    نوان پنڌ پهاڙ جا
    پيرا ڪونهن پَٽَ!
    *
    اڳُ نه هي لهرون!
    نه هئن پرينءَ پار ڏي
    پوياڙيءَ پهرون!
    *
    پانڌي نه پيرو،
    جڏهن جبل چوٽ تي
    ڏهاڳڻ ڏيرو!

    *

    سارِي هُن جي سَڀڪَ،
    ڌوئج نيڻَ نِدي ڪري
    چئني پَلوَن چِڪَ!
    *
    بِنان باهه بَٺِي!
    مومل سوا آهه ڇا
    ناتر نامڪٺي؟
    *
    گهايل ۾ گهاڻا-
    ڪيڏي سارَ سُڳنڌ آ
    پرينءَ پڄاڻا!
    *
    آءٌ پرينءَ پاڙو،
    هي سڀ عالم اوپرو
    ڪيان ڪُڄاڙو؟

    *

    رَعد نه سو راڙو،
    پوءِ به سانوڻ مينهن ليءِ
    تنواري تاڙو!
    *
    لَڏِ نه لاکيڻا،
    هي سڀ ڪُوڙو آسرو
    ”ٻُڏيءَ جا ٻيڻا!“
    *
    ”پرين مون پاتا!“
    ڇا ٿو سائيءَ نم تان
    آکين کنياتا؟
    *
    سو ڪئن سَليان عامَ،
    ڪانگل مون کي جو چيو
    لَمِي مٿي لامَ!

    *

    ڪهڙا سنيها؟
    ههڙيءَ ڪاريءَ اُس ۾
    ٻول نه ٻاٻيها!.
    *
    اٺئي پهر اُداسُ،
    رتو روئن سڄڻين
    منهنجا نيڻ نراسُ.
    *
    سارو ڏينهن سِپَن،
    اکيون روئن رات جو
    موتين مينهن وَسَن.
    *
    ڀُلين ڇو ڀاڻو؟
    هُو فانوسو چنڊ جو
    ڪڏهن وساڻو؟

    *

    رنگ رتِي جو شامَ،
    آيو ڪانگل اوڏڙو
    لَمي مٿي لام..
    *
    هالا پراڻا،
    مون ليءِ به ڪي ڀِٽَ تان
    دعا جا داڻا!
    *
    مون مان آنِهن نراسُ؟
    آنءٌ ته آهيان اُروَشِي
    ساڳو ڪالي داسُ!
    *
    ڄڻ تون منهنجو ماسُ،
    آ ڏاڏاڻي ڏيهه جو
    تو ۾ وڻن واسُ!

    *

    اڃا نه اوڏيِ!
    توڙي تنهنجي پنڌ ۾
    لُوهَن نه لوڏِي!.
    *
    آخر اُڏاڻو،
    پکي پرديسي هتي
    اَڏي آڏاڻو!
    *
    آتڻُ اُجهاڻلُ،
    چرخي چِتُ لڳي نه ٿو
    ڪاپو ڪوماڻلُ
    *
    پرين پرايا،
    مون ڀانيو ڀيرو ڪندا
    ورِي نه آيا.

    *

    سڀ ڪجهه وساريا؟
    واٽون نه واجهائيان
    ڏيئا نه ٻاريان؟.
    *
    ڇا مان هيٺ لهان؟
    اڃا جبل چوٽ تي
    ٿورو ٽور ڪَهان!
    *
    جِن ۾ اُڏرڻَ آڳَ،
    پکين پرديسين جا
    ماڳ به ڪهڙا ماڳَ!
    *
    ڏينهن تتو جُهڙ ڀانءِ!
    پُڙُ پريان جي پارَ ڏي
    متان ٿئين ٿانءِ!

    *
    سامي! هوُ سَتگُرَ،
    جن جا ڪاريءَ ’ڪينَ‘ ۾
    کُتا وڃي کُرَ!.
    *
    جِهڄِي ٿِي جهيڻِي،
    هُونءَ نه هئي سونَ جي
    ويڻي وهيڻي.
    *
    اَڄُ نه منهنجي پاسِ،
    گيڙوُ رڱي گودڙيون
    ريٽــا ڪن جي راسِ!
    *
    ماڻهو مَکيُن جان،
    ڳوريءَ ڳاٽ ورائيو
    چڙهي چوٽَ مٿان!


    *

    مون کي هيئيــن هورَ،
    جوڳي جهليندءِ، ميان،
    ٽُرُ نه سَپَ جي ٽورَ!
    *
    اڻ سونهون انسانُ،
    سُڃا رستا سامهون
    ويڙها سڀ ويرانُ!
    *
    جو ڪرڻو ٿي ڪَر!
    لاکيڻا لَڏي ويا
    سوين تو سانڀَرِ!
    *
    پائي پنهنجو پاڻُ،
    ريجهِي رهاڻيون ڪيان
    مِٺن ماڻهن ساڻُ!

    *

    هي جو شعر چيوم،
    چئني پهرن پنڌڙو
    پوئين پهر ڪيوم..
    *
    ٻه پر تترن جا،
    وارِ اگر واري سگهين
    وِيڇا مترن جا!
    *
    سڀ تي مينَهن وساءِ!
    ٿر تي ٿاڌل ٿي وڃــي
    ڀرسان ڀُڄُ ڀڄاءِ!
    *
    هيڻو هانءُ نه ڪَرِ!
    متان ڪرين ننڊڙي
    گهوڙو ٻڌي گهرِ!

    *

    چاهيون نه چاهيون،
    ٻرنديون رهنديون ٻاٽ ۾
    بيراڳين باهيون.
    *
    ٽِلَڻَ جا ٽاڻا،
    ڪير کڻِي ويو پاڻ سان
    ڀٽاريون ڀاڻا!
    *
    مون کان تون منڪر!
    مون جنهن ڪاريءَ رات جي
    مهٽي لاٿِي مَرُ!
    *
    پرَ کان چڱو پَرُ،
    ٽُوههُ لڳو ٿي گدرو
    ڳاڙهِي ڏسِي ڳَرُ!

    *

    جهوُڙا اوجهاٻا!
    لِکيا تنهنجي ليک ۾
    ٿرن جا ٿاٻا!.
    *
    وٽيءَ وهه پيان،
    ڏِسي ڪنهن ڏي ڏُک مان
    ڏوراپو نه ڏيان!
    *
    مَمتا پاتا پَرَ،
    جڏهن منهن تي ماءُ جي
    آئِي ڄَڻيءَ ڄَرَ.
    *
    مارو سي مٺڙا،
    اَلا ڪيڏا ڏينهن مون
    ڏيهِي نه ڏٺڙا!

    *

    ڇا جي اچين هاڻِ!
    لهي ويندي اوچتو
    لَڪن تان لالاڻِ-
    *
    ڪارا ڪارونجهَر!
    اَڄُ نه تارا اُڀَ ۾
    ڏياٽيون ڏونگرَ!
    *
    منهنجي جيءَ نه جَڪَ،
    هونءَ به تنهنجي واٽَ ۾
    ڪيئي ڌوُڻا ڌَڪَ-
    *
    راهون رولن ٿا،
    وري وڻ ڀنڀور جا
    ڪنهن کي ڦولن ٿا؟

    *

    ڇيرين ڇمڪاروُن-
    اُٺن ڳانا پَٽَ جا
    موتين مَهاروُن..
    *
    منهنجي ڏوُنگرَ ڏاتِ!
    لڪَ گهڻو ئي لالُ ها
    پر هُو جَتن ذاتِ!
    *
    اُڃَ نه جيسين اوجهَه،
    هو جي راهي رُڃَ جا
    روجههَ نه تيسين روجَهه!
    *
    ڀلا ڪَرِ ڪــي ڀالَ،
    ميڙائي جا مينهڙا
    وري وَسن شال!
    *


    6

    ووڙيم ولهارون،
    اَڄُ نه ڏکن واءُ ۾
    جهانگهين جهونگارون.
    *
    سُمرڻي سوري،
    آءٌ به ٿيان اڳڀَرو
    تون به اچين اوري
    *
    ساروُن ئي ساروُن،
    وَلين جئن وَريو وڃن
    تنهنجون نهارون!
    *
    توسان ساڳيو پَههُ،
    هي منهنجو سُر سانولا
    ڳالهه انهيءَ ۾ ڳَههُ.
    *

    ڀُلَ به اهڙڻ ڀُلَ!
    چانگن چاريَءِ ايترا
    روڙيو رتا گُلَ!
    *
    وَرِ وَرِ ٻُڌي ويڻَ،
    ڇُٽڪي پيا ڇوههَ مان
    ڪنهن جا نيهي نيڻَ
    *
    تو جا ڄڻِي ڄَرَ،
    جلائي جبريل جا
    پَئِي جيڪا پَرَ!
    *
    اَڄ به اُن کي پَرَ!
    ڏات! وساڻي ناهه سا
    تو جا ڄَڻي ڄَرَ

    *

    ولهارن تي وَسَ،
    ڏِسُ، ڏِس منهنجي ڏات جون
    تَرايون ۽ تَسَ
    *
    ڀلا ڀليرا!
    اڃا تنهنجا اڳڀرو
    سج لٿي پيرا.
    *
    وَٺُ نه ڪوسا نانوَ،
    تنهنجو ڪم ڪنڀار جو
    ڀَر، ڀَر ٿڌا ٿانوَ!
    *
    جوڙَ نئين جوڙيان،
    ڏينهَنِ ٿڌِي ڇانَو ٿيان
    راتين گُلَ روڙيان.

    *

    ڏاتِ مڱان ڏاتار،
    ڪيڙي ڪَڻ رسائين
    سڀ جا پالڻهارَ!
    *
    اسان تو آهارَ!
    ڏونگر ڏاري ٿو رکين
    اَڙين جا آڌارَ!
    *
    توتي لَڄ لکن!
    جهوپا جهورن اوڙڪون
    پکا پنوهارَن.
    *
    اَٽل وتائون،
    سِجُ تُراڙي ۾ وجهي
    مون کي توريائون!

    *

    ناهيان ڌارَ اَبا!
    روءُ نه منهنجي رَتُ تي
    اکين ٺارَ اَبا!
    *
    جڏهن جنجهوڙيــن!
    توکي ماريِ موت جا
    ڪوڙڪيون ڪوڙيــن!
    *
    اسان ڇا آهيون؟
    ڪاريون راتيون، روهڙي
    بيڪس جون باهيون.
    *
    مُرڪن نه مُرڪن،
    ڏِسي صورت گهوٽَ جي
    ڄاڃيئَڙا ڄَرڪن

    *

    جنهن ۾ گذريءَ گونجَ،
    پاڻ اسان ڏي پَٽ تي
    اُڏري آئي ڪوُنج.
    *
    مون من اُڏاڻو،
    مٿان تارا اُڀَ ۾
    واريءَ وڇاڻو.
    *
    سڪندر سارا،
    نه مون جُتيءَ جيترا
    دنيا جا دارا.
    *
    تاجَ ڪِيانيءَ جا،
    تِڇُ تماشا سڀ هيا
    آني جانيءَ جا.

    *

    گوليءَ جو ڌڌڪاءُ،
    واهيرَن تان اُٿيا-
    پکين جو پڙلاءُ
    *
    رُنا، ڪونه رُٺا،
    وڇڙيِ مون ويجهو ٿيا
    هُو جي ماڳَ مُٺا.
    *
    گِڙُندا رهيا گِهنڊَ،
    لڏون لسَ لنگهي ويون
    توکي اڃا ننڊ!
    *
    لَڄ به ڪا آيَءِ،
    ڪَتڻُ سکينءَ ڪينڪي
    پُوڻيون پِڃاَيءِ

    *

    چُٽــي اُڀَ نراڙُ،
    پٿر هڻي وڄُ کي
    پيو پاڙين ساڙُ!
    *
    تَڙَ تي ترڪين!
    مان جو سَوَ سَرمست هان
    تنهن کان ڇِرڪين ٿو؟
    *
    لکيو لکڻهارَ،
    قلم مون ڪياڙيءَ وهيو
    تکو جئن تلوارَ.
    *
    ساجنُ سارو سُکَ،
    پنهنجن جون پرکون لهي
    ڏيئي ڏاڍا ڏُکَ.

    *

    ڏِسُ ته سياري سَاڙ،
    ڪوهيڙي ۾ ويو ڇُپي
    سڀ کان اڳ پهاڙُ!
    *
    اڳتي وڏو ڏيههُ،
    اُڏر، اُڏر هنجڙا
    سُڪــي سَر نَه ويههُ!
    *
    متان لهين سِجَ،
    متان پوي راتڙي!
    منهنجيءَ جهوليءَ ٻجَ....
    *
    سچل ٿو ڳولي،
    درازا جي دز ۾
    نانڪ يوسف کي.

    *

    آءُ درازا هَل!
    تنهنجا سارا مولوي
    منهنجو هڪ سَچَلُ!
    *
    تنهنجو منهنجو ٺاههُ،
    جي تو سچل سنگتي
    ۽ مون بلي شاههُ
    *
    ماري ٿو ماري،
    جهڙا سنڌوءَ تي پکي
    تهڙا راوِيءَ تي
    *
    هاڻي سڀ باتيون،
    هو گيتا ۽ راج سان
    لنڊن جون راتيون!

    *

    مون کي سڀ ڪجهه ياد،
    توکي ٺاهيو ميڻ مان
    ڄڻ مادام تُسادِ
    *
    مون مَنُ مڇلي گهرُ،
    رنگبرنگي سمرتيون
    تارِ هجي يا ترُ!
    *
    آءٌ ابو سينا،
    هوٽل، وڊُڪا، رات جو
    روسِي ارِينا
    *
    چڱو گل رخسار!
    مون جهڙا ٻيا نَر سوين
    تو جهڙي ڪا نار؟

    *

    ڄڻ مون جهڙو دَر،
    هي جو لينن گراڊ ۾
    دوستو وسڪيءَ گهر.
    *
    پنهنجو روسي نانءُ،
    مائڪو وسڪي چؤنڪ تي
    پڙهان پيو آنءُ.
    *
    ساڳا اوسيئڙا،
    منهنجي ڇاتيءَ ۾ هُئي
    پُشڪن جي پيڙا.
    *
    پشڪن جو پيالو،
    خالي؟ جنهن جي ڳيت سان
    ايڏو اُجالو!

    *

    نيوا ٿي چمڪي،
    ڪٿ هو پُشڪن جون اکيون
    جن ۾ جَرُ جِهمڪي؟
    *
    او منهنجي تقدير!
    ڏس ته هيءَ آهه سمالني
    ماڻهوءَ جي تدبير.
    *
    ڦاسيءَ کاڌل سُوٽَ،
    ۽ قيدين جون جيل ۾
    پيرڪڙيون ۽ بوٽَ.
    *
    پيارا لرمنتوف
    موت ته مون ليءِ راند هو
    هي مون ڪهڙو خوف؟

    *

    هيءَ قريب المرگ ...
    هٿ ۾ مئني فيسٽو ...
    روزالڪسمبرگ
    *
    ڇا ڇا موت جهپيا،
    ڏاٽي ڪيڏا ڏيهه ۾
    ڳاڙها ڳاٽ ڪَپيا
    *
    ساڳي جوشَ جنُونَ،
    ٻيهر ٿيڻي ناهه ڇا
    هو پئرس ڪميون؟
    *
    ليکيندين ڇا ۾،
    منهنجو خون وهيو هُيو
    بارسيلونا ۾.

    *

    منهنجا ننڍا ڀاءُ،
    چِڪي پيو لورڪا
    مون مان تنهنجو گهاءُ!
    *
    ترڪيءَ اندر آنءُ،
    وٺي سگهان ڪونه ٿو
    ناظم حڪمت نانءُ!
    *
    آءٌ نه اڪيلو،
    پبلو ڪالهه ڇڏي ويو
    دنيا جو ميلو.
    *
    سڀڪجهه پائي تنگِ،
    هي تُرڪي ۾ بائرن
    جنگ نه هن جي جنگ!

    *

    سامي سُرت: سُجان،
    ويا ويراڳي نڪري
    ڪَلَ پئي ڪنهن ڪانه
    *
    سامي سُرتِ سُجان،
    ورتائون ويرانيون
    ڇڏي ماڳَ مَڪان
    *
    سامي سُرتِ سُجان،
    اڄ تائين اتهاس جي
    اکين جا ارمان.
    *
    سامي سُرتِ سجان،
    گونجَ ڏئي ويا گيت کي
    ڇپر جي ڇا ڇا نه!

    *

    سامي سُرتِ سُجان،
    نِتُ نِتُ راهه نهاريان
    موٽي اچن مانَ!
    *
    اَڳُ نه ڏيَن عام،
    لِڪا گهُمن لوڪَ ۾
    وڳهه جا وريامَ
    *
    ڪَٽڪ ڪارونڀارَ،
    لِڪا گهمن لوڪَ ۾
    ڀوُڻيــن نه ڀُڻڪارَ
    *
    ويجها نه وڻڪارَ،
    لِڪا گهمَن لوڪ ۾
    واسيا جِن ولهارَ.
    *


    7

    ڇَپر نه ڇاٽار،
    لِڪا گهُمن لوڪَ ۾
    هو جيڪي هُٻڪارَ
    *
    ڪارونڀار ڪَڪَر،
    لِڪا گهُمن لوڪَ ۾
    جيسين بَرسن بَرَ.
    *
    جُهڙڦُڙ جهورَ جهڪور،
    لِڪا گهُمن لوڪَ ۾
    هو ماڻهو جي مور
    *
    سنگهارَن تي سوڙَهه،
    لِڪا گهُمن لوڪَ ۾
    ڀانءِ ته ڪوڙِهي ڪوڙهه.

    *

    گونگو تن جو گَسُ،
    لڪا گهُمن لوڪَ ۾
    وٺي ناري نَسُ.
    *
    کَڻي کاهِڙَ کٽَ،
    لڪا گهمن لوڪَ ۾
    ماڳُ ڪري وِيا مٽ.
    *
    ڏؤنرا نه ڏارَن،
    اسين مُسافر اُڃ ۾
    وَسَ نه ولهارَن
    *
    آيو سِجُ مٿان،
    اسين مسافر اُڃَ ۾
    ڌرتي ٽامي جان.

    *

    اڳتي ڪارا اَڪَ،
    اسين مسافر اُڃَ ۾
    جهَٽون ڏئي جهَڪَ
    *
    کوريٖ ۾ کاڻا،
    اسين مسافر اُڃَ ۾
    ڀِٽُن نه ڀاڻا.
    *
    ٽاڻو ڪيئن ٽَري؟
    اسين مسافر اُڃَ ۾
    کائَڙ کُوههَ پَري.
    *
    هرڪو خواب سرابُ،
    اسين مسافر اُڃَ ۾
    اکين آرتو آبُ

    *

    ڪاڇــي نه ڪَرها،
    اسين مسافر اُڃَ ۾
    اڳي کان اَرها.
    *
    مِرون تاڙن ماههُ،
    اسين مسافر اُڃَ ۾
    رِڻَن ۾ رانڀاههُ
    *
    سُڃ به اهڙي سُڃَ،
    اسين مسافر اُڃَ ۾
    اوتيو پيئون اُڃ.
    *
    کنوڻين نه کيڪارَ،
    اسين مسافر اُڃَ ۾
    ڇَپر ڪا ڇاٽَار!

    *

    اَڙين جا آڌَرَ،
    اسين مسافر اُڃَ ۾
    ڇَڏ ڪــي ڇيڪُ ڇَمَرَ
    *
    ڪارونڀار ڪَڪَرَ!
    اسين مسافر اُڃَ ۾
    ٿاڌليون ڪي ٿَرَ!
    *
    پَلر ڪا پالوٽَ!
    اسين مسافر اُڃَ ۾
    متان کائون موٽَ!
    *
    ڪَرها پيو ڪاهيان،
    وَنهين ويڙهيچن بنا
    اوجاڳيل آهيان

    *

    ڳِچيءَ ڪيڏا ڳَٽَ،
    ونهين ويڙهيچن بنا
    مون ڦوڙائي ڦٽ
    *
    کِنوڻيون کاهِڙ پار،
    وءنهين ويڙهيچن لَيءِ
    تاڙن اُتِ تنوار
    *
    سانجهيءَ اُجهاڻا،
    وَنهين ويڙهيچن جا
    ويڙها ويڳاڻا
    *
    هُو جي ڌرتيءَ ڌارِ،
    وَنهين ويڙهيچن جي
    پِئي راتِ پچارَ

    *

    ڀيـِـڙو ڪَري ڀاڳُ،
    وَنهين ويڙهيچن بنا
    ماڳُ به ڪهڙو ماڳُ
    *
    آيو ڦاڳُ مٿان،
    گُل ٽِڙن ٿا اڳ جيان
    مان مُرجهايو هان
    *
    سرءُ، ٻَنيون، ٻَگههَ،
    اُڀرڻ ليءِ آتي هُئي
    ڌرتيءَ ساري سَگههَ.
    *
    کَٽَ، وڏيرو، ڀَتُ،
    پيئي آهي پَٽَ تي
    هيٺ رتونبي رَتَ.

    *

    وَچِ نه ايندو ويرُ،
    جتي پُسيءَ گُلڙا
    اُتي آڊو پيـــرُ!
    *
    سيوهڻ لاءِ سِڪان،
    پُٺيءَ مٿان کيرٿر
    کڻي ڪيئان پڄان!
    *
    چوندين ڪويل کي،
    اڄ ڪلهه پارا پوهه جا
    سانوڻ کي نه سڏي!
    *
    ڪوُڪَڙ ڌوئون يارَ!
    ڪئن چئجي پيارا ڪڏهن
    پيروُن ايندا ڄار!

    *

    اوءِ اَبا آڪاسَ!
    تو وٽ بادل بانورا
    مون کي تن ۾ آسَ
    *
    اُڀَ ڏي آيا پَٻَ،
    جن لَيءِ اَن – اڻاٺ ۾
    ٻيئي ويلا رَٻَ.

    *
    هي به نه پورهيت جو،
    هي جو ڪوئلي کاڻ تي
    سِجَ لٿي سونو!
    *
    جنهن کان ڏار ٽُٽو،
    سوئي سائو وڻ هُيو
    سوئي ڪَاٺ – ڪُٽو!
    *

    مورک ماروئڙا،
    ڏِٺَم ماريءَ موتَ تي
    پکي روئيندا!
    *
    ڪَنگَ چُڻي ڪُرِڙي،
    جلسي ۾ شاعر ڏِسي
    اڄ آئي ڌُرڙِي
    *
    ويري تنهنجي بَڇَ!
    ڪَلر ڪيــري ڪوٽَ کي
    مٿان ٻگهن اَڇ.
    *
    ننڊَ پيو سڀڪو،
    دَسَ لڳا، دَرَ پُوريا
    ڀير سُتو ڀَڀڪو.

    *

    ٻولڙيا ٻولِن،
    ڪونجون ڪُڻڪي پاڻ کي
    روههَ اندر رولِن
    *
    هو جي جَنَ نه ڪَنِ،
    او شل پَون مينهڙا
    گونگا واههَ گجنَ
    *
    هيڏو سارو مَنڊُ،
    تو بڙڇين جي ڇانوَ ۾
    ڏٺو سجُ نه چَنڊُ.
    *
    ٽنگڙ ٽَهه ٽَهه ڪن،
    اڄ نه ڏٺم واٽ تي
    گهوٽ مٿي گهوڙن.

    *

    دودو ڳول نه تون،
    سارو رَتُ چُهي وئِي
    وَڳهه سندي ڀُون
    *
    ڪارِجَ تون ڪُوڙو،
    ڪنهن ڳَل ڏيان ٻانهڙي
    رَتُ رڱيان چوڙو!
    *
    پاڻ نه پڻُيِن ها،
    مون جا ڪَئي ڳالهڙي
    سا جي سُڻين ها
    *
    مارِي ساري تَرِ،
    پر جي اُڏڙين ڪُونجڙِي
    لمو ڳاٽ نه ڪَر!

    *

    ڀونڊو نه ڏي ڀُون!
    وري انهيءَ دوارَ تي
    اچڻو آهين تُون!
    *
    اچڻو آهه بسنت،
    پيارا، ڪويل ڪُوڪَ ۾
    آهه سياري اَنتُ
    *
    ورِي مان ووڙيان!
    ميڙي سيــري ڪَکڙا
    آکيرو جوڙيان!
    *
    ايندو ڪيرُ ڪَکن؟
    مون مَنُ جهيڻي باهڙي
    ٻاهر وِلَهه پَکن.

    *

    ميان، ڇَڏ ماڻا!
    نه تو ساءُ سِرڻ جو
    نه لوهَر ناناڻا.
    *
    ڪنهن لَيءِ گهِنڊُ گُڙيو؟
    ڇا اڄ ڪوئي ڪارڻِي
    سوريءَ سڏِ مُڙيو؟
    *
    هي تنهنجي ڦاسي،
    ڇورا روئي ڪير؟ تو
    ماءُ نه ڪا ماسي!
    *
    واڄارا وينجهارَ،
    ٻيهر وڄو منگتا
    هئين وجهو هارَ!

    *

    لِڱ لُريءَ ۾ چُورُ،
    وَکرُ اڪيچارُ، پر
    پتڻ پويون پُورُ.
    *
    پَهرن تي پيئي،
    رات جٽيندي ڪيترو
    ويئي ڙي ويئي!
    *
    ٻاهر آ طوفانُ،
    ڇَپَر ڇنڀي ٿو پيو
    آڌيءَ روشن دان.
    *
    جيڪس سڀ جبروت
    مان سکر جي سُڃَ ۾
    فيض رُلي بيروتِ

    *

    شَڪرو نه اوڳو-
    اُڏِي ڪُڏِي جهِرڪڙا
    چُڳن ٿا چوڳو
    *
    گهاوَ جڏهن گهائن،
    اؤڻيون پؤڻيون ڳالهڙيون
    وِيرَ نه ورجائن.
    *
    ڪهڙا رُت – ڦيرا؟
    ساڳيا وَڻ – چوٽيءَ مٿان
    ڳِجهُن آکيرا
    *
    ڇا ڇا تِن جا نانوَ!
    اُڏري آيا ڍونڍ تي
    اڄ ڪلهه ڪيڏا ڪانوَ!

    *

    ٿاڻي مٿان وڄُ -
    آکي وردي وائڙي
    ”هَٿَ ڪڙيءَ کان ڊڄ!“
    *
    آجو ڀانءِ نه تون،
    ڪَنڊو تنهنجي قرض جو
    ڌرتي چُڀي مون!
    *
    آءٌ، مياڻيءَ جَنگ،
    ڇا هي مُنهنجو لاش هو
    هاريل هوشوءَ سنگ؟
    *
    ڪٿي سي ڳياڙيون؟
    وجهو وَر وَڻن ۾
    ڪَرڪن ڪوراڙيون!

    *

    ڪهڙا سفر سانگَ!
    اڳتي رڻُ راڙا ڪري
    ڪِرنگهَن مٿان ڪانگَ!
    *
    پدما تي پرڀات،
    رَوي! تون به ڇڏي وئين
    مون کي آڌيءَ رات!
    *
    ياد آيو ڇو هاءِ،
    مون کي ديرادون ۾
    تنها ايم. اين. راءِ!
    *
    سَرتا، هي سِرَ ڌَڙَ!
    وَٽيو پينگهون پَٽَ جون
    لُڏُ نه اوچي بَڙ!

    *


    8

    ايڏو اڳي ڪيئن،
    ڪاڪِ ڪڪوري ڪاپڙيءَ
    ڏٺي دنيا هيئَن!
    *
    اڄ به عين بين،
    حسن بن صباح جا
    ساڳيا حشيشين!
    *
    ڪيڏي لنبي چيخ،
    هي صدين جو سلسلو
    هيءَ تنهنجي تاريخ!
    *
    گَئلِيلو کي مارِ،
    پوءِ به ڌرتي سج جي
    وڃڻي آ چوڌارِ!

    *

    ماني ۽ ارزنگُ،
    پر نه امرتا شير گل
    ڇا ڇا وڇونءَ ڏنگُ!
    *
    ساڳي فاشي چال،
    آءٌ ته آندري مالرو
    تون ناهين ڊي گال.
    *
    ڌرتيءَ جو گولو-
    ميڪسيڪو ۾ ٽراٽسڪي
    مٿو، واهولو!
    *
    ڳاڙها گُلُ گهگهنِ،
    جن، سي گهوٽ گهگيريون
    تو وٽ شال اگهن!

    *

    ڏينهن تتــي تي پاڇو،
    ڪنهن ڪاريءَ ڪوراڙ جو
    کائي ٿو ڪاڇو
    *
    تيشو تپايان،
    پو بربط ڪُهسار جو
    ويهي وڄايان!
    *
    ڪو پَلُ ٽاڻو ٽارِ،
    ٿيلهه نه ٿڪا انگڙا
    ڪَرهي ڪَام نه مارِ
    *
    اڄ به آ ساڳيو،
    مون مَنُ سائِرَ لهر جئن
    وڇوڙي واڳيو.

    *

    نوري نه ڀَرِ تي،
    سُڪل مڇيءَ کاريون
    رڳو ڪينجهر تي
    *
    جيڏا! ڪهڙي جاٽَ!
    گهور انڌيرو، گهوگهرا
    ڳهرا ڳچين ڳاٽَ!
    *
    لٿِي ڳِجههَ سَوير،
    ڪٿِ رَتائين چُهنب کي
    ڪِٿَ رتائِين پيــرَ؟
    *
    ويرِ وَڻ ٿيام،
    ڏاڍا آرهڙ اُسَ ۾-
    ۽ پو مينهن پيام!

    *

    او شل! ويڙهه وَسن،
    اُترِ ڏکڻِ اوچتو
    ڪَڪَر ڪَڙڪا ڪَن!
    *
    واهون سڀ واريون،
    ماڻهو منهنجي ڏيهه جا
    ڀاڻَن ڀٽاريون.
    *
    ڳالهه ڪيان ڪيهي،
    رئندين رَتُ اکين سان
    ڏِسي تون ڏيهي
    *
    ٻيليئڙو ٻوليو!
    چُپ ساڍيندءُ ڪيتري
    مُنهنڙا ته کوليو!

    *

    ڪيڏي ڇِڪِ ڇِڪان!
    مِرُن مانداڻا ڪيا
    ماڻهن لِڪَ لِڪان!
    *
    ڳاءِ ته پنهنجي لاءِ،
    ٻيجل توکي ٻوڙيو
    انڌي انيراءِ!
    *
    هي ڇا مائيءَ لالَ!
    ٿَنڀَ ڪٽارو ٿانهريو
    ڍُڪيءَ جهڙي ڍالَ!
    *
    ڏاتِ! اهو ڇا هي؟
    هي جو ڪَرٽُ ڪپار ۾
    سدائين آهي؟

    *

    ڀُنءِ ڪنهن لاءِ ڀُڻي؟
    ڳِجههَ اُڏِي ڪنهن جون نَريون
    چنبن منجهه چُڻي؟
    *
    او شل لڳاتار،
    وَسن سانوڻ مينهڙا
    وليون ڪن ولهار!
    *
    ڏِسُ، ڏِسُ پَڙ پوٽُيِنِ،
    سونا ڦُل سَڳين ۾
    چِيڙُهه نه ڪو چوٽِيُنِ!
    *
    جَسَ بنان جيئَڻَ؟
    پڳ ترارين وِچَ مان
    اَچُ، اَچُ کَٽِي کڻُ!

    *

    ڳنهي تنهنجو نانءُ،
    ڦِران ته ڦُرجي وڃان
    مَري مَلهان آنءُ
    *
    اهڙا ئي ڄَڻجانءِ،
    هي جي مڙهه مقام ۾
    کهنبن ۾ کَڻجانءِ!
    *
    اجهو سانجهي ٿي،
    سوچ نه هاڻي سوڍڙا
    گهوڙي سنجَ وجهي!
    *
    پرين پاسِ اچن،
    شل چوڏيهين جي تِٿِ تي
    رِٿون راس اچن!

    *

    مون ڀانيو انسانُ،
    چُري نه، چِيڪـي پيو
    ها، پر مُگر مانُ.
    *
    مارو وري مينهَن!
    مون ڪئن ايڏا گهاريا
    ڏوٿين بنان ڏينهَن!
    *
    گهُگهه، گهٽا، گهوگهاٽَ،
    گهريا بگهڙ واڙ ۾
    ٻُڌا ڪنهن ٻيڪاٽ
    *
    ڀاڙ نه ڀوتارَن،
    سدا ماڻهو سِنُڌ جا
    تارَن اوتارَن.

    *

    لوئيءَ ساڳي لاکَ،
    مُرڪـي ٿي مهراڻ تي
    راويءَ رَتِي باکَ.
    *
    چوڏينهَن راتِ چنابُ،
    ڇا ٻي وارث شاهه جو
    چنڊُ لهي ٿو خوابُ؟
    *
    مان ڇا ٿو سوچان؟
    تو جنهن خنجر هٿ ۾
    تون به ته منهنجو آن!
    *
    ڀلا بلي شاههَ،
    هي جي اڙيا اوچتو
    تن کي ڏس ڪا واههَ!

    *

    ماڌو لالَ حسين،
    ڪِيم تنهنجي نانوَ تي
    اڄ ته نڇاور نينَ.
    *
    جلدي جاڳُ ضمير!
    راکي ٻنڌن لاءِ ڪو
    ڌاڳو ڪَتِ ڪَبير!
    *
    بَسِ نه ڪندين بَڪ!
    مون وٽ اکين سِجِ جون
    تو وٽ انڌا آڪَ!
    *
    رائو ريت رُڳو،
    ماڳُ ته اڃا ڏور آ
    پنهنجو پنڌ پُڳو!

    *

    دادا او دادي!
    مون اڌ لوئي ان تي
    اڌ ۾ آزادي.
    *
    لوئي اَڌُ نه ڪَر!
    لوئي سڄي سُونهندي
    سَڀ کي ڀاڪُرَ ڀَر!
    *
    چِڀڙ ٿا چونڊيِن،
    سَتي قابو ڪوٽَ ۾
    هي کاٽونبا کيِن!
    *
    مان ۽ تنهنجي تاتِ،
    پئي ماڪَ ملير تي
    ڀِنِي ڀِٽُن راتِ.

    *

    ڏِسُ، ڏِسُ هي ڏاها،
    ديبل ئي ڀنڀور آ
    ها ها ها ها ها .
    *
    نوري، او نوري!
    هيءَ ڪينجهر تي ڪير آ
    لوٺِي، لنڊوُري؟
    *
    ڳهلا، ساڳي ڳوٽَ!
    مِٺي مَڪَ ملير جي
    ڇانگُون ڇَنن اوٽ!
    *
    اڄ تائين مون ياد،
    هوُ جا آهي بمبئيءَ
    منهنجي حيدرآباد.

    *

    رَتُ رَتي مون قَطُ،
    اڄ جو باربيڊوس مان
    آيو تنهنجو خط!
    *
    رستو ڪُهاڙو،
    توڙي ٻنهي پاسئين
    پرينءَ جو پاڙو.
    *
    سڀ ٿا ’ڪان‘ ’ڪان‘ ڪَن،
    چَئهُ چَئُه ڪهڙي ڪانگ کي
    منهنجا نيڻ سُجهن؟
    *
    سوچو سياڻا،
    ڪيڏا اَڏيا ڪُن ۾
    مَڇن مانڊاڻا!

    *

    ڪِن جي لاءِ لِيا؟
    ويندا پرينءَ پار ڏي
    ٻيڙا ئي ٻيا!
    *
    اَڄُ نه مون اوڏا،
    ڪلهه جي ڪنڌيءَ ڪُڻڪيا
    تَڙن تي توڏا.
    *
    آيل نه آيا!
    ڪيڏيون تنوارون ڪيون
    پتڻ پڇايا!
    *
    ڪهڙي ڏوههَ ڏَڪن؟
    اڄ نه اُتر سامجهان
    مَنَهن ماڙيچن!

    *

    رُڳو واريءَ ڍيرَ،
    نه هُو راهي رُڃَ جا
    نه هُو مِرگهه مٿيرَ!
    *
    رُڳو واريءَ ڍير،
    نه ڪــي اوٺي آئيا
    نه ڪا ڇمڪي ڇيرَ!
    *
    ڪيڏي سُنَ سَويرَ!
    نه سي راوَت روهه ۾
    نه سو ڀُڻڪو ڀيـٖـرَ!
    *
    هِت نه پِريَن پيرُ،
    کڻ ناتاريون ناکئا
    ڪَنڌيءَ هاڻي ڪيرُ.

    *

    واري وئي وِيرَ،
    هُو جي کوها خواب جا
    سارِ نه تن کي سِيرَ!
    *
    هُو ندن حياتي،
    موٽي ميڙائو ڪندا
    ڀُنءِ تنهنجا ڀاتي!
    *
    مَڌُ جي ماٽي کي،
    آڌيءَ رات اُپَٽئين
    جي چؤواٽي تي!
    *
    ڪئين ڍڪين وَڍٽَ،
    هي جو لهندي سِجَ کي
    ڦوڙائي جو ڦَٽُ!

    *

    سارُون ئي سارُون،
    ٻُرن اندر ۾ اڃا
    جهانگين جهُونگارُون.
    *
    ڏونگر نيٺ ڏَرَن،
    سُڏڪن – ڏيئا سانت ۾
    ٻُجهِي وَڌِ ٻَرن!
    *
    ٻُڌان ٿو آئون،
    ڏئي ڏڍُ ٻلو نگڙن،
    مُئيءَ جي ميائون!
    *
    ڌرتيءَ پُڇ گَسن،
    گهوڙا وڳهه ڪوٽ جا
    ”دودا“ ”دودا“ ڪَن!

    *


    9

    دودي جا ڌاڪا،
    ٽينگر ٽهڪا ڪَن پيا
    وَڏ ڦڙي واڪا!
    *
    ڀُنءِ تي ٿا ڀيلين،
    ڳُتيون ڳُتيرن جون
    چوٽا چُوڙيلين.
    *
    ڪيٽيءَ جن سان ڏيٺِ،
    ٻُڏا سي ٻيڙائتا
    ڪاري ڇَمر هيٺِ.
    *
    گهوُر نه ساڳيو گهَٽُ،
    روز نه گوريون گَج سان
    ڳاڱين تي ڳاهٽُ!

    *

    وِچِ نه ايندو ويرُ،
    پُسيءَ گلن اوڏڙو
    مارُن سوا ڪيرُ!
    *
    اهو ڏينهن نه ڏُور،
    مڙنديون ماکيءَ جون مکيون
    انبن ايندو ٻُورُ!
    *
    تو جنهن سانوڻ سارَ،
    گُڙِي گجِي آئيا
    ڪَڪر ڪارونڀارَ.
    *
    هِيرَ گهُلي، هاڙهو،
    سورج نڪري آئيو
    ڳاڱين تي ڳاڙهو.

    *

    ڌرتي ماءُ مڃانءِ،
    سانگي جي سَنمُکُ ڪرين
    لڙڪن هارَ وِجهانءِ!
    *
    ڏاڍا ڏينهن پيا،
    نيٺ اباڻا ڦَليا
    آخر مينهن پيا.
    *
    ايءَ نه راڄَن ريت،
    چارڻُ چاڙهي چيئِن تي
    گاريون ڏيو گيت!
    *
    اُف! هي ڪچا ڪانَهن،
    اُڀَ ڪَپي اوڙاهه مان
    ڪَنڌيءَ پڳي ٻانَهن.

    *

    وَڃُ وَڃُ ويِرين وَٽِ،
    واهڙ وچان نڪري
    ٻاهر چِڪَ نه چَٽِ!
    *
    هيءُ جنهن ماسُ مِرُن،
    ٻيءَ ڪنهن اهڙو ڏيهه ۾
    ڀنڀو ڀيرُ ڀِرُن؟
    *
    ڏوٿِي نه ڏَهرن،
    پانڌي ڪِن جي آسريٖ
    ٿَر اندر ٿَهرن؟
    *
    ڪيڏي سُڃَ اَپار،
    مون مَن ائين جئن روهه ۾
    ڪُونجن جي ڪُڻڪارَ!

    *

    ڳهلڙيون ڳياڙيون!
    ۽ هو وڏيءَ وَسَ ۾
    کنوڻ جون تاڙيون!
    *
    اُٿ! اُٿ! لاٿيءِ ٿَڪ؟
    چوٽيون تارن ٽٻڪڙا
    اڳتي اوچو لَڪ!
    *
    سدا نه رهندِي سڃ،
    نيٺ ته ٿيندا کِير ٿَر
    جبل مٿان جُڃَ!
    *
    مينهَن مانڊاڻا،
    اَڏيو وري اوڏڙا
    پکا پُراڻا!

    *

    هيءُ نه ڪانِئَر ڪاڄُ،
    هي جو ريٽ رَت ۾
    رَتو سارو راڄُ.
    *
    ڪيئن ڀَڄائن ڪانگَ،
    وَڻ وَڻ تان ’ڪان‘ ’ڪان‘ ڪَريٖ
    هِي جي نِهرا نانگَ؟
    *
    ڏِسُ نه چَريءَ چُڪَ،
    ڪر ڪا دُعا سنڌ کي
    کَڻُ ٻاجهارا ٻُڪ!
    *
    ڏِسُ، ڏِسُ سِجَ لٿــي،
    ميندي ڇا نه ملير جي
    هنيم هٿن کي!

    *

    تو بن چاههُ نه چَسُ،
    سُپنا منهنجي ساهه جا
    تون جو هِيئيــن هَسُ!
    *
    مون سي سيباڻا،
    هو جي تارن ڇانوَ ۾
    ڀِٽَن تي ڀاڻا!
    *
    ماڻهو اَياڻا!
    اڌ لوئيءَ مون انگ تي
    اڌ ۾ اباڻا.
    *
    هُو جي جوفي جا،
    اڄ تائين ڀؤنڪن پيا
    ڪُتا ڪوفي جا.

    *

    رعد رُنو جئن پيءُ،
    سِرُ ڏيئي سرهو ٿيو
    جبل جيڏو جيءُ..
    *
    تون سان گڏ آئون،
    ڄڻ ڪنهن گهايل گڊ تي
    ڇَپر جون ڇائون.
    *
    سپني ۾ سارُون،
    پنهوارن جي پيار جون
    تَڙن تنوارُون.
    *
    سُپني تانگها تَڙ،
    ڪيئي ڪوراڙيون لُڏن
    ڀر تي گهاٽا بَڙَ.

    *

    اونها ڪــي اسرار،
    سپنو سُهڻيءَ ٻانهن جئن
    چوڌاري سيسارَ.
    *
    واويلا وڻڪار،
    آيا آهن اوچتو
    ڪڪر ڪارونڀار
    *
    واويلا وڻڪارَ،
    اڄ ڪلهه تنهنجي نانَو سان
    ٻانهيارن کي ٻارَ.
    *
    اڳتي توتي ننگَ،
    وُٺا مينهن ملير تي
    وِڄُن وِڌا وَنگَ.

    *

    تارن وڇاڻو،
    سپنو مومل ماڪ جئن،
    راڻو ئي راڻو.
    *
    ڪڏهن سپني پل،
    پگهر ڦڙا نرڙ تي،
    ڪيچين جا ڪرڳل.
    *
    سپني اُماڙيون،
    ڪيڏيون ڪينجهر ڪنڌئين
    آڙيون ئي آڙيون!
    *
    کِکيءَ نه کاڻيون،
    سُپني منجهه سُڳنڌ ٿيون
    منڇر مُهاڻيون.

    *

    ڌاڳا ڌوئي ٿو،
    سسئيءَ ڪارڻ سُپنو
    پنهون پوئي ٿو.
    *
    سُپني ڪارو تَڙُ،
    مُنڍي علادين جي
    هيٺان دودي ڌڙُ.
    *
    ٻرندڙ ٽانڊي کي،
    سُپني ڪالهه اُڀاريو
    منگل پانڊي کي.
    *
    سپنو ديوارون،
    اوچيون آهن اُڀَ کان
    تارَ – گهَرن تارُون.

    *

    ڌرتيءَ جا ڌوڏا،
    سپنو ڀڳت سنگهه جا
    رَسيءَ ۾ لوڏَا.
    *
    ڪيئي گذريءَ گُلَ،
    ٽارِي ٽارِي ٿي ويا
    سُپني ڪيسو ڦُلَ.
    *
    سپنو سُندر بَنُ،
    ڪيڏا واگهه وجود جا
    آهي ماڻهوءَ مَنُ!
    *
    ٻنهي وڄائي،
    سپني – تند تنبور جي
    بُلــي، ڀٽائِي.

    *

    نيڻين ميران نِيرُ،
    چرخو ڪوئي چِتَ ۾
    سُپني سنگِ ڪبيرُ!
    *
    ڪٿي پهتس مارِ!
    سپني پيرن جي پڻي
    ڪَتيون جي ڪاپارِ.
    *
    سپني ڪهڙو موتُ؟
    سپنو جيئڻ ڳالهڙيون
    فاني ٿيندو فوت.
    *
    واويلا وڻڪارَ،
    وڻجارن جي واٽَ ۾
    ڏنو سِرُ ڏاتار.

    *

    واويلا وڻڪارَ،
    رُنا گهايل گَڊَ لَيءِ
    جبل جا جهونجهار.
    *
    واويلا وڻڪارَ،
    رات بُري ڀنڀورَ مان
    هوَت هليا هالارَ.
    *
    واويلا وڻڪار،
    ماڻهو تنهنجي موت تي
    رُنا زارون زار.
    *
    واويلا وڻڪارَ،
    تو پاتا تقدير جا
    هَسَ ڳچيءَ ۾ هارَ.

    *

    واويلا وڻڪارَ،
    وسي پيو وَڏ – ڦُڙو
    ڌوُ ڌُو ٿي ڌوڪار.
    *
    اڳتي تو آڌارَ،
    وُٺا مينهن ملير تي
    ڪَري ڪارونڀارَ.
    *
    ڌوئي گوُندر گَسَ،
    وُٺا مينهن ملير تي
    وڏي ڪَري وَسَ.
    *
    اَڏن آڏاڻا،
    وُٺا مينهن ملير تي
    ڏوٿِي ڏاڏاڻا.

    *

    ڇَپَر ۾ ڇيلا،
    وُٺا مينهن ملير تي
    ميلا ڙي ميلا!
    *
    تڙا تنوارِين،
    وُٺا مينهن ملير تي
    جهنگل جهونگارِين.
    *
    اَکين جي اؤُجَر،
    وُٺا مينهن ملير تي
    ٿاڌل ڪئي ٿَر.
    *
    لڱن نه لَٽڙا،
    وُٺا مينهن ملير تي
    پهرائي پَٽڙا.

    *

    آئي ڏکڻَ هِيرَ،
    وُٺا مينهن ملير تي
    ڪوٽَ، ڪَڙولا، ڪَيرَ؟؟؟
    *
    ڪهڙا زهر پياڪ!،
    موکيءَ کي وِههُ وات ۾
    مٿان ڀنيءَ ماڪَ.
    *
    اڄُ نه اُڏارُون،
    مو کي ڪالهه مري وئي
    تاساريل تارُون.
    *
    ڏسُ هي خالي مَٽ!
    مو کي ڪالهه مَري وئي
    ڳاٽَ لڳن ٿا ڳَٽَ.

    *

    مومَل ساڳي سار-
    کٻـي تيلَ ڪٽورڙي
    سڄي سُرها وارَ.
    *
    مومل سان ماڻو!
    ڪاڪ رُٺي، ڪرها رُٺا
    رُسِي ويو راڻو!
    *
    مُيــي ميارون!
    ٻيهر ٻريون ڪاڪ جون
    ڪنين ڪُوڪارون.
    *
    راڻا او رڻا!
    چانڊوڪيءَ جا چيٽ ۾
    وَستين وڇاڻا!

    *

    ميهَرُ نه ميهَرُ،
    واتِ نه ساڳي ونجهلي
    پَڳَ نه ساڳيو وَرُ.
    *
    سُهڻي، ترينءَ تار،
    تو نه چيو ڪنهن پاتڻيءَ
    ”پتڻُ پارِ اُڪاِر!“
    *
    ميهارو ميلا!
    وَري چَڙن چُپِ سان
    ٻُرن ٿا ٻيلا!
    *
    ماهِي ڙي ماهي!
    آڌيءَ اُٿي مُنڌ کي
    سارَ نه ساهي!

    *

    هي جي لوڪَ سُتي،
    لهريون لتاڙيو وڃن
    آڌيءَ رات اُتي!
    *
    گِلا وارو گَسُ. . .
    لهريون ليکي ڪينڪي
    رهاڻين جو رَسُ
    *
    هِن ليءِ ايڏو پنڌُ!
    سُهڻيءَ مُنهن ميهار جو
    ڏِٺو، کڻِي ڪَنڌُ.
    *
    ساهَڙ او ساهَڙ!
    چانڊوڪيءَ جا چيٽ ۾
    وهن ٿا واهَڙ!

    *

    ٻرنديءَ کي ٻارِين،
    ساهڙ منهنجي ساهه ۾
    چِڙيون چهڪارِين.
    *
    مَرُ ته ڪنهن پَر مَرُ!
    سُهني وري سير ۾
    ڀيلي مٿي ڀَرُ!
    *
    ميهَر اُها مان نه!
    ڪڏهن وَرنديس ڪانه
    تارَ منجهان طوفانَ!
    *
    دُکي جا دونهِين،
    پرينءَ ڀر درياهه جي
    تون اُن جي سونهِين؟
    *


    10

    چَيو هَڏَ نه ڪَن،
    پَکا پنهونءَ پار جا
    سسئيءَ سَڏَ نه ڪَن!
    *
    ڪيڏو ڏورِ ويامِ؟
    ڏِٺو پنهونءَ پار ڏي
    لَڪُ جهلي مون لامَ!
    *
    هاڻي ڪنهن کي ڪاڻِ!
    آريءَ بنا ٿئي نه ٿئي
    وندُرَ ۾ واکاڻ!
    *
    ڀوڳيان پئي آئُون،
    ڪوهيارل توساڻُ جــي
    لکئــي جون لائُون.

    *

    اَجهو ٿي آري!
    ڪَهندي آرهڙ اُسَ ۾
    ڪَڙهِي ٿيس ڪارِي.
    *
    اَجهو ٿي آري!
    اُف! هي آرهڙ اُسَ ۾
    وِندُر جي وارِي!
    *
    ٻَٻَ مٿان پيرا،
    ڍَڪي ڍڪيان ڪيترو
    تنهنجا گهگهيرا!
    *
    سانجهيءَ جي ويرا،
    ڪانون ’ڪان‘ ’ڪان‘ پَٻَ تي
    ٻانيڻ جا ٻيرا.

    *

    ڏاگهن منجهه ڏُڦيڙَ،
    گس اڙانگها گهيڙَ
    رڳو ڇَپَر ڇيڙَ!
    *
    بَرَ اڳيان باري،
    واري ئي وارِي
    آرِي او آرِي!!!
    *
    سارو ڪيچُ ڪُپَت،
    پوءِ به اي پورهَيت
    وَٺُ نه موٽڻ مَتِ!
    *
    ڌوڙي ناهه ڌڻي،
    ۽ تو هِڪَ ڄَڻِي
    ڪهڙي ڳالهه ڳڻي؟

    *

    وِندُر وڪاڻي-
    ڪُلهي ڦاٽل ڪنجرو
    پوتي پُراڻي.
    *
    اُٿي آريءَ لاءِ،
    لَڪَ جهلي ليلاءِ
    پنهنجو پنهون پاءِ!
    *
    لُنءَ لُنءَ ڪانڊارِي،
    اُجهامي وئي آگ، جا
    ٻاروچل ٻاري.
    *
    وَرَ! تون ئي وَڻڪارَ،
    وِندُر ساري سُڃَ آ
    ڪٿي تون ڪوهيارَ؟

    *

    موٽ به ڪَهڙي موٽَ،
    اُٺن ڪُٺن ڪيريو
    مون کي ڏونگَر چوٽَ!
    *
    ڪانهي هيل قطارَ،
    ڀريو ڏونگر چوٽَ تان
    ٿڌو ساههُ نِهارُ.
    *
    موڙَ نه مينديءَ ڏارَ،
    سَسُئي سڀ سپنو هيا
    اُٺن تي اوٺارَ!
    *
    اَجھ نه پنهونءَ پيچُ،
    هُٻَ نه سا هالارَ ۾
    ڪيچُ نه ساڳو ڪيچُ.

    *

    ڪنهن کي ڏاگهن ڏاههَ؟
    وِندُر واهيرا سُتا
    سُتي هر وڻراهه.
    *
    ڪيچَ ڪَرايُون ڇَڏِ!
    پنهون ايندو پاڻ ئي
    وندرُ وايُون ڇَڏ!
    *
    ڇا مان موٽان؟ ڇونه!
    رُڳو پيرَ پنهونءَ جا
    اوهِي پَهِي ڪونه!
    *
    اَڄُ ڇا اجايون،
    ڪُنڪي ڪُنواٽن ڪيون
    وندر جون وايون؟

    *

    هوتَ لنگهيا هاڙهو،
    سِجُ انهيءَ ئي مرم ۾
    اڃا آ ڳاڙهو.
    *
    گُوندر! ڪهڙو گَسُ؟
    اڄ مون وندُر واٽ جو
    وَڻُ نه ڏيَن ڏَسُ!
    *
    ميلا ڙي ميلا!
    اکين سان اوٺي ڏٺا
    ساجهُر سَويلا.
    *
    پَڊ نه پاٿاريون،
    نه سي ڪينجهر ڪنڌئين
    ڀوريون ڀٽاريون.

    *

    جهونا ڳڙهه جَنجارُ،
    نه تو مَٿو اوپرو
    نه مان مڱڻهار!
    *
    گهوڙن مٿــي گهوٽَ،
    ها، پر ڏيههُ ڏياچ جو
    چَڙهين ڏئي چوٽ.
    *
    سُرندا سجايا،
    هي جو ڏيهه ڏياچ جو
    اُن ۾ اجايا.
    *
    ڪنهن کي قلعي ڪَرَ؟
    ڪوٽ نه پَسجي ڪُنگرو
    نه ڪي پکيءَ پَرَ!

    *

    نه سو رَنڪُ نه راءُ،
    ڪوٽ نه پسجي ڪُنگرو
    مٿان تَتيءَ تاءُ.
    *
    ماڻهو جهڙا مَڙَهه،
    ڪوٽَ نه پسجي ڪُنگرو
    ڳاٽُ اُتاهون ڳَڙهه.
    *
    سُرندي ساٿُ نه سارَ،
    گَٿِ پروڙيءِ گَڊَ جي
    ميان مڱڻهار؟
    *
    ڀڃي مانيءَ کَنُ،
    لوڪَن روئن اکيون
    ۽ پو منهنجو مَنُ.

    *

    توسان نه توريان،
    توتان ساريون مارئي
    گهگهيريون گهوريان.
    *
    ڀوري ڪئن بَهلِي؟
    مينڍا ماروئڙن بنا
    ڳُتي ٿي ڳَهلِي!
    *
    ڪارونڀار ڪَڪَر،
    ڪارا ڪُرا لاڙ جا
    ٻيڪُون ڪَن ٻَڪر!
    *
    ڪَڪر ڪارونڀار،
    نه سي تاڙا تانگهه ۾
    نه سا تَڙَ تنوار!

    *

    لؤڻا سارا لَٽَ،
    آيل! اَڄُ نه جهُليا
    ڇُڳيرن تي ڇَٽ.
    *
    نه هُو ٻانهوٽا،
    نه هُو ڦُلن واسَ سان
    چوڙيلين چوٽا!
    *
    هُلَ نه سا هُونگارَ،
    ڀڄي وَا ڀَوَ کان
    ڇڏي پَٽَ پو نهارَ.
    *
    وَڻِ وَڻِ وِسوُڙيون،
    ڳاڙهن ڳانن واريون
    سِڱرن سنڀوُڙيون.

    *

    تڙن تاساريون،
    ڪنهن ڏي لڙن لُوههَ ۾
    ڪُنڍيون ڪانگهاريون.
    *
    مون کي ٿيون مارين،
    سنگهارن جي سانگ جون
    ڳالهيون ٿيون ڳارين.
    *
    عُمر توسان آنءُ؟؟؟
    وَنهين ويڙهيچن جو
    توڙي واريان نانءُ!
    *
    ڪَٺا ڪَيائُون،
    ماري، واري مارئي
    سِڱر ۽ سائون.

    *

    اڃا ڳاڙها آ،
    ميندي ڪالهه ملِيرَ جي
    هَٿن هَنيم جا.
    *
    مارُو! آءُ مليرُ!
    ۽ هي منهنجي شاعري
    جهڙو پاڪُ پنيرُ!
    *
    مارو! آءٌ، مليرُ،
    ۽ هيءَ منهنجي شاعري
    جهڙو اَمڙ کِيرُ.
    *
    مارو! آءٌ، مليرُ،
    مون ۾ ڪيئي مارويون
    جن جي نيڻين نِيرُ.

    *

    ڇوريون جيئَن ڇِنَن،
    ٽپا ڏيئي سڱريون،
    چوڙيون ڇَم ڇَم ڪن!
    *
    جهُڳيندي جَرڪَن،
    سنگهاريون ساڻيهه جون،
    ماٽُين تي مَرڪن.
    *
    اَمڙ! سڀوئِي،
    ڏَؤنرن جي ڏوئِي،
    لڱن تي لوئِي.
    *
    آءٌ، کٿورِي کَٽَ،
    آئي کاهَڙ پارَ کان
    ڇُڳيرن جي ڇَٽ.

    *

    واريِ ٿي واريِ،
    هُو جي ٿَڪا ٿَرن ۾
    پهون پيئاري.
    *
    واريون نه واريان،
    مٺڙا مِٽَ ملير جا
    ساريو ٿي ساريان.
    *
    وانڍين ۾ ويلا،
    مٺڙا مِٽَ ملير جا
    ڇُڇڪارين ڇيلا.
    *
    ڦِران مَنجهه ڦَرن،
    مٺڙا مِٽَ ملير جا
    ڏسي نيڻ ٺَرن.

    *

    اَلاَ تَن جا نانوَ،
    مٺڙا مِٽَ ملير جا
    ڄڻ ڪَي ٿڌا ٿانوَ.
    *
    ٿرن مٿي ٿاڪَ،
    مٺڙا مِٽَ ملير جا
    جيئن پَنَن ماڪَ.
    *
    مارُن ڪهڙو ميرُ؟
    مٺڙا مِٽَ ملير جا
    ڀاڻَ نه تن جو ڀيرُ.
    *
    مياريون مارينِ،
    مٺڙا مِٽَ ملير جا
    مون ڏي نهارينِ.

    *

    پلٽي پيا پُورَ،
    مٺڙا مِٽَ ملير جا
    گهايو وِجهن گهُورَ.
    *
    اکين آرتي اونَ،
    مٺڙا مِٽَ ملير جا
    ڇَنن آهن ڇونه!
    *
    مون جنهن لوڪان لِڪَ،
    وُٺا مينهن ملير تي
    ڇِرڪَ وجهي ٿي ڇِڪَ.
    *
    موٽيون ڙي موٽيون،
    (وُٺا مينهن ملير تي)
    لسين جون لوٽيون.

    *

    وڄُن ڪئي وَسَ،
    وُٺا مينهن ملير تي
    هَسيون پائي هَسَ.
    *
    ٿَرن ٿڌا ٿانوَ،
    وُٺا مينهن ملير تي
    وانڍين منجهه وهانوَ.
    *
    تتي ڏينهن ڪَلُورُ،
    (وُٺا مينهن ملير تي)
    مُور نه وسري مورُ!
    *
    گُڙن پيا گهِنڊَ،
    پروهت پهچي ويا
    توکي ايڏي نِنڊ!

    *

    گونجيا تَلَ تلاوَ،
    سارَسُ رات ڪريڙيو-
    جُڳَ جڳانتَر گهاوَ.
    *
    مون تِن ٻاري تات،
    پکي ڪهڙي پارَ جا
    ڀُڻڪيا ڀنيءَ رات؟
    *
    هي پاڇاٽو پهرُ،
    ڄڻ ڪو مٺيءَ سؤنف جي
    مڌ جو ماٽو پهرُ!
    *
    ڪهڙي ناڻي جون،
    اشريون آڪاس ۾
    سانجهيءَ ٽاڻي جون!

    *

    او باهو سلطانَ!
    هُو جي عشق اُجاريا
    ڪٿي سي انسان؟
    *
    هي جو منهنجو نانءُ،
    ناهي منهنجي آرسِي
    ناهي منهنجو ’آنءُ‘.
    *
    اَڏي آڏاڻو،
    پکيئَڙو پرڏيهه جو
    اُڀ ۾ سماڻو.
    *
    مَيـي لاءِ مَهارَ،
    اونداهي آڪاس ۾
    ڪَتيون جي ڪاپارَ.

    *

    ڪيڏو پيارو مَنڊُ،
    مون بڙڇين جي ڇانوَ ۾
    ڏٺو سِجُ نه چَنڊُ!
    *
    وَڻ ٽڻ ڳولن ٿا،
    آئينو ۽ اولڙو
    ڇاکي ڦولن ٿا!
    *
    ڪوئي هُڙيو هوءِ،
    اڳيان سِيرُ سمونڊ جي
    جنهن جو انت نه ڪوءِ.
    *
    وڃي لوڪ لڏيو،
    ميان هي مانڊاڻ تو
    ڪنهن جي لاءِ اَڏيو؟

    *

    هَڏا کوٽيا هَرَ،
    ڇا ڪنهن چورَ چَڪار جا
    يا ڪنهن سوداگر؟
    *
    سانتِ وسِي سنسار،
    منهنجو من موهي ويون
    ڪَتيون جي ڪاپارَ!
    *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 533
    ڪتابن جو مشاهدو: 550714
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 212765
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ