ڪتاب جو نالو: عشقَ جو آسيب
مصنف: رسول ميمڻ
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 22 نومبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 398 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 116 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
رسول ميمڻ، سنڌي ٻوليءَ جو پنهنجي ئي اندازَ وارو هڪ منفرد ۽ گهڻو پڙهيو ويندڙ ڪهاڻيڪار آهي. هُو پنهنجين ڪهاڻين سان هڪ انتهائي سحرانگيز اندازَ ۾ ورتائي ٿو ۽ اِهي ڪهاڻيون پڙهندي، پڙهندڙُ انهن ڪهاڻين جي سحرَ جي گهرائيءَ ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • مهاڳ
  • ڪهاڻيون

  • روشنيون ۽ پاڇا
  • ڏاڪڻين جو شهرُ
  • عشقَ جو آسيب
  • پياري فخر النساءِ
  • بهانو
  • البم
  • پوپلو
  • نگليريا
  • ڪبوترن جي واپسي
  • ڏور
  • ناياب
  • خوابن جو چور
  • امير جي پاڙي ۾ غريب
  • داستان گو
  • مونجھارو
  • ست دريون

  • حق ۽ واسطا

    POPAT BOOK NO: 73

    عشق جو آسيب
    (ڪهاڻيون)
    ڪهاڻيڪار: رسول ميمڻ
    ڇاپو پهريون: 2015ع
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
    لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڪمپوزنگ: شفيق احمد پٺاڻ ۽ عرفان علي ڀٽو
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ــ سنڌ..
    ملهه: 140/- روپيه


    ISHQ’A JO AASEEB
    (Short Stories)

    By: Rasool Memon
    First Edition: 2015
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design: Saeed Mangi
    Lay ‘out: Asif Nizamani
    Composing: Shafique Ahmed Pathan & Irfan Ali Bhutto
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by: Popat Publishing House, Khairpur – Sindh.
    Price: Rs. 140/-

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2017ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    ڪاٺَ جي پيٽيءَ ۾
    پيل ڪِتابن نالي، جنهن ۾
    ڄڻ مان ستل آهيان .


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”عشق جو آسيب“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڪهاڻين جي هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو ڪهاڻيڪار، ناولنگار ۽ اديب ”رسول ميمڻ“ آهي. قربان منگي لکي ٿو:

    ”رسول ميمڻ، سنڌي ٻوليءَ جو پنهنجي ئي اندازَ وارو هڪ منفرد ۽ گهڻو پڙهيو ويندڙ ڪهاڻيڪار آهي. هُو پنهنجين ڪهاڻين سان هڪ انتهائي سحرانگيز اندازَ ۾ ورتائي ٿو ۽ اِهي ڪهاڻيون پڙهندي، پڙهندڙُ انهن ڪهاڻين جي سحرَ جي گهرائيءَ ۾ گم ٿي وڃي ٿو.“

    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبليڪيشن جي سرواڻ قربان منگي صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي. مهربانيون سائين رسول ميمڻ صاحب جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    رسول ميمڻ، سنڌي ٻوليءَ جو پنهنجي ئي اندازَ وارو هڪ منفرد ۽ گهڻو پڙهيو ويندڙ ڪهاڻيڪار آهي. هُو پنهنجين ڪهاڻين سان هڪ انتهائي سحرانگيز اندازَ ۾ ورتائي ٿو ۽ اِهي ڪهاڻيون پڙهندي، پڙهندڙُ انهن ڪهاڻين جي سحرَ جي گهرائيءَ ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
    پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور کي هن کان اڳ ۾ رسول ميمڻَ جهڙي اعليٰ ليکڪَ جا پنجَ ڪِتابَ (ڪهاڻيون ۽ ناول) شايع ڪرڻَ جو موقعو مليو آهي. اِهي ڪِتابَ جڏهن شايع ٿيا تڏهن انهن پڙهندڙن جو ڀرپور پيارُ حاصل ڪيو ۽ مارڪيٽَ مان هٿو هٿ وِڪامي پِڻُ وَيا.
    هاڻي اوهان جي مهربان هٿن ۾ رسول ميمڻَ جي ڪهاڻين جو نِڪور مجموعو ”عشقَ جو آسيبُ“ پهچائيندي نهايت خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون. انهيءَ اُميدَ سان ته اوهين هِنَ ڪِتابَ جي به اسان جي ٻين ڪِتابن جيان ڀرپور آجيان ڪندا.

    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور


    مهاڳ

    مان ڪهاڻيون نه لکندو آهيان. مٽيءَ جا بت ٺاهيندو آهيان. بت هم ڪلام ٿيندا آهن ـــ مٽي جيڪا ڌرتي آهي ـــ ڌرتي، جنهنجا ڏک اسان جا ڏک آهن ۽ اسان جا ڏک ڌرتيءَ جا ڏک.
    ڌرتي تخليق جو وسيلو آهي ـــ ڌرتي آهي ته اسان جون تخليقون آهن ـــ ڌرتيءَ کان سواءِ سڀ تخليقون بي مقصد ٿي وڃن ٿيون. مان معاشري جو فرد آهيان ۽ هڪ فرد جي حيثيت سان ڌرتيءَ تي وسندڙ انسانن جا ڏک سور محسوس ڪيان ٿو ـــ هڪ ليکڪ جا اندروني سور به ٻين کان الڳ نه آهن ـــ اسان جون لکڻيون معاشري مان جنم وٺن ٿيون. معاشرو جيڪو ڏکن سورن، غربت ۽ بي روزگاريءَ سان ڀريل آهن. معاشرو جنهن کي ڌرتي پناهه ڏئي ٿي. معاشرو جيڪو قوم جو بنياد بنجي ٿو ۽ قوم جيڪا ڌرتيءَ مان جنم وٺي ٿي.
    منهنجون ڪهاڻيون سنڌ جون ڪهاڻيون آهن، پوءِ مان اهي ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ لکان، اردوءَ ۾ يا انگريزيءَ ۾ ـــ زبانن سان ڪو فرق نه ٿو پوي. زبانون اظهارَ جو ذريعو آهن. اسين جيڪا زبان لکي پڙهي ۽ ڳالهائي سگهون ٿا اها زبان اسان جي آهي ـــ قوم جو تعلق ڌرتيءَ سان هوندو آهي زبان سان نه ـــ آفريڪا جي ڪجهه خطن ۾ پنجويهن ڪلوميٽرن جي دائري ۾ پنجويهه زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون، ايشيا جي ڪجهه حصن ۾ به ساڳئي صورتحال رهي آهي. فرد ويڙهي کي جنم ڏئي ٿو. ويڙهو وڌي قبيلو ٿي پوي ٿو. قبيلن جي وچ ۾ وٿيون آهن ـــ پهاڙَ آهن ـــ جبل آهن ـــ ريگستان، درياهه، سمنڊ ۽ حجاب آهن ـــ وچ جون وٿيون زبانن جي فرق جو سبب بنجن ٿيون ـــ لهجا فري پون ٿا. اچار بدلجي پون ٿا. زبانون بگڙجي وڃن ٿيون ـــ پر هاڻي رابطن جي بحاليءَ ۾ تيزي آئي آهي. زبانون هڪ ٻئي ۾ ائين جذب ٿي رهيون آهن جيئن ست سمنڊ. توهان چکي ڏسو ستن ئي سمنڊن جو پاڻي کارو آهي.
    نسرتائي عمل (Evolutionary Process) هيٺ دنيا ۾ زبانن جي کچڙي پچي رهي آهي. چمڙين جا رنگ بدلجي رهيا آهن. طاقتور تهذيبون ڪمزور تهذيبن کي ڳڙڪائي رهيون آهن. پر فطري طور اهو سڀ انسانن جي ڀلي لاءِ آهي. فطرت (Nature) هر عمل ۾ ساهواري کي ترجيح ڏئي ٿي. قومون فطرت نه ٺاهيندي آهي. اسان پنهنجي سڃاڻپ ۽ بچاءَ لاءِ قبيلا ۽ قومون ٺاهيندا آهيون.
    اڄ جڏهن مان هندستان لڏي ويل سنڌي اديبن جي نئين نسل جون لکڻيون پڙهان ٿو ته انهن ۾ استعمال ٿيل ٻولي ڏکئي محسوس ٿئي ٿي. ائين ئي جڏهن اهي سنڌ جي نئين نسل جون لکڻيون پڙهندا هوندا ته کين ڏکيائي محسوس ٿيندي هوندي. اهو سڀ فطري آهي. اسان کي قبول ڪرڻو پوندو ته ڌرتيءَ تي رچندڙ ماحول فطري طرح شين کي تبديل ڪري ٿو. بر صغير، جنهن جڳو سرجيڪل آپريشن ڪري جسم ڪٽيو ويو، ٿيڻ ته ائين گهربو هيو جو سرجيڪل آپريشن کانپوءِ ان جي زخمن ۾ روڳ نه ڀرجڻ گهرجي ها، پر ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو آپريسن ٿيٽر ۾ وڍ ڪٽ جو سامان جراثيمن کان پاڪ ڪندڙ مشين (Autoclave) ڀڳل هوندي آهي ۽ اهڙن اوزارن سان ڪيل آپريشن زخمن اندر روڳ جمع ٿي وڃڻ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي. برصغير جي جسم جا چير، بنگال ۽ پنجاب ۾ ته ڇٽي ويا پر سنڌ اندر روڳ اڃان وهي رهيو آهي. خبر نه آهي سنڌ جا زخم ڪڏهن ڇٽندا؟ منهنجي پر امن ۽ پاڪدامن سنڌ، جنهن جي جھول ۾ صبر جا ڦل مٺا نه آهن.
    ڪڏهن ائين لڳندو آهي، ڄڻ گذريل سٺ سالن اندر سنڌ جي سطح هيٺ ٿي وئي آهي ۽ هيٺائينءَ ڪري ندي نالن جي صورت ۾ وهندڙ ماڻهن جي سيلاب ڪري ٻڏندڙ سنڌ ۾ اسان دربدر ٿي ڪيمپن ۾ پناهه ورتي آهي، جِتي سرڪاري کاڌي جو انتظار ڪري رهيا آهيون.
    جيئن فطرتي (Natural)رويو آهي ائين غير فطري (Antinatural) رويو پڻ آهي ـــ فطرت سان ڇيڙڇاڙ هاڃيڪار آهي. بابل نينوا، يونان ۽ روم جي ڪن حصن ۾ ڪڏهن عورت جي سڀ کان ويجھي رشتي سان شادي جائز هوندي هئي ـــ اتي اهڙا ٻارَ ڄمندا هيا جن کي ٻه منڍيون ۽ ڪتي جهڙا پڇ هوندا هيا ـــ غير فطري عمل ڀيانڪ رد عمل پيدا ڪري ٿو ـــ اسين تماڪو ڇڪي، ٻيلا ڪٽي، جبل ٽڪي، درياهن جا رستا روڪي ايٽمي ڌماڪن ۽ ميزائيلن مان ڇا حاصل ڪري سگهون ٿا؟ تابڪاري ۽ غير فطري جنسي عمل ڇا ڏئي سگهن ٿا ـــ تلاءَ ۾ مٽي پاڻيءَ جي تري ۾ هوندي آهي. ڪو پاڻيءَ ۾ پير وجھي انهيءَ جاءِ تان گندو ڪري ٿو جتان پيئڻ جي جاءِ آهي. سنڌ ۾ گذريل سٺ سالن کان غير فطري عمل جاري آهي ـــ ان کي روڪڻو پوندو ـــ سنڌ جي سطح کي اونچو ڪري سيلابن جا رُخ بدلائڻا پوندا ـــ ڇو جو اهڙي عمل سان مفاهمت Adaptation جي اميد نه ٿي رکي سگهجي ـــ فطرت ۾ مفاهمت پاڻ مُرادو (Autonomous) عمل آهي.
    ماضيءَ ۾ سنڌ اهڙا ڪئي ڌارا پاڻ ۾ سمائي چڪي آهي پر سيلابن جي صورتحال ابتر آهي. سنڌي ڪهاڻي اهڙن ئي موضوعن تي مشتمل آهي. سنڌ جي تخليقي ادب ۾ سنڌ کان وڏو موضوع ڪو به نه آهي. اسان ڌرتيءَ کان الڳ ٿي لکڻ لائق نه ٿا رهون. ادب اهڙو وڻ آهي جنهن جون پاڙون ڌرتيءَ سان جڙيل آهن. مون هڪ اهڙو ئي مقالو پڙهيو هيو جنهن جو غلط مطلب ورتو ويو. مون جڏهن چيو ته: ”ادب اهڙي بڙ جيان آهي جنهن جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ آهن پر بڙ جون ڪجهه پاڙون هوا ۾ لڙڪي ڌرتي ڳولهين ٿيون“ ته چيو ويو ـــ ”لکڻ لاءِ ڌرتيءَ جو هجڻ ضروري نه آهي ڇو جو آفاقيت به ڪا شيءِ آهي“.
    آفاقيت جو مطلب Achievement آهي ـــ آفاقيت آسماني ڳالهيون ڪرڻ جو نانءُ نه آهي. جڏهن لکڻيون تخليق جي اوچائين کي ڇهن تي اها آفاقيت آهي ـــ ڏک سال چوڻو پوي ٿو ته سنڌي ڪهاڻي گذريل ڪجهه سالن کان زوال پذير آهي. ان جو سبب بنيادي تعليم جو غير معياري هجڻ ۽ مطالعي جي گهٽتائي آهي ـــ ساڳي حالت سنڌ ۾ لکي ويندڙ اردو ڪهاڻيءَ جي آهي، جنهن جو موضوع گهريلو ۽ ذاتي مسئلن تائين محدود آهي. اردو ڪهاڻي، بنگالي ڪهاڻيءَ کانپوءِ برصغير جي طاقتور ڪهاڻي رهي آهي ڇو جو ورهاڱي کان اڳ اتان جي اديبن ڌرتيءَ کي موضوع بنائي ماڻهن جي ڏکن کي اجاگر ڪيو ـــ پريمچند مفلسيءَ کي موضوع بنايو ـــ ان جا ڪردارَ ڌرتيءَ سان رچيل آهن. جيڪڏهن منٽو عظيم اديب آهي ته اهو پنجاب جي ڌرتيءَ سان وابستا آهي ـــ امرتا پريتم، بلونت سنگهه ۽ راجندر سنگهه بيدي اردو زبان جا عظيم اديب آهن جن پنجاب جي سرزمين تي وسندڙ ماڻهن جي جذبن جي عڪاسي ڪئي ـــ ڪرشن چندر ڌرتيءَ جي ورهاڱي تي وڍيل دل هٿ ۾ کڻي ظلم خلاف نعرا هڻندي نظر اچي ٿو.
    ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ آيل ڀائرن جن کي هاڻي ”مهاجر“ نه ٿو چئي سگهجي، ڇو جو ڪنهن به خطي ۾ آيل ڪنهن نسل جي ستين پيڙهي مهاجر نه هوندي آهي. سنڌ ۾ نسرتائي عمل (Evolutionary Process) تحت هڪ نئين ثقافت جنم وٺي رهي آهي. سنڌ جي رهڻي ڪرڻي، رڌ پچاءُ ۽ طعام تبديل ٿي رهيا آهن ـــ سٺ واري ڏهاڪي اندر ڪراچيءَ ۾ نظر ايندڙ پوڙها جن کي شيروانيون، ڪڙتا ۽ پائجاما پاتل هوندا هيا ـــ مٿي تي اڇي ٻيڙيءَ نما ٽوپي هوندي هئي ـــ هاڻي اتي سلوار قميصن ۾ ملبوس نوجوان نظر اچي رهيا آهن ـــ دراصل جاگرافيائيءَ طرح ڪنهن به معاشري ۾ هڪ جهڙائي (Homogeneity) کي اچڻ لاءِ صدين جي ضرورت پوي ٿي، جيڪڏهن اهڙي معاشري کي ٽوڙيو وڃي ته پوءِ ان کي هڪجهڙائي حاصل ڪرڻ لاءِ وري وڏي وقت جي ضرورت پئجي وڃي ٿي ـــ ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌ ۾ جاري ٻاهرين آمد کي روڪيو وڃي، جيئن افراتفريءَ کي ٻنجو ڏئي جيڪي موجود آهن انهن ۾ نئين سماجَ جي جوڙجڪَ ٿي سگهي ـــ ان لاءِ شرط آهي ته سڀني کي سنڌ ڌرتيءَ سان ناتو جوڙڻو پوندو.
    اچو ته ڪنڊا ميڙي ڌرتيءَ کي ريج ڏيون. ڦٽندڙ سرنهن جا گل اسان جي ڪهاڻين جي ڪردارن جا هيڊا چهرا ئي ته هوندا.

    رسول ميمڻ
    ڪراچي


    ڪهاڻيون

    روشنيون ۽ پاڇا

    اڄ جڏهن سيور جي روشنيءَ ۾ لکي رهيو آهيان ته منهنجي حياتي به سيور جيان مختصر ٿي چڪي آهي، پر اها ڪڏهن ٽيوب لائيٽ جيان ڊگهي هئي. هتي ٽيوب لائيٽ واري زندگيءَ جو ذڪر نه ڪندس ڇو جو عشق جا داستان سڀني لاءِ نه هوندا آهن.
    سيور جي روشينءَ ۾ لکندي ڏيئي وارا ڏينهن ياد ڪيان ٿو، جڏهن ڀانبڙا ڏيندوهيس ته منهنجو پاڇو ڏيئي جي سامهون واري ڀت تي هڪ وڏي بزرگ جي صورت ۾ ٺهندو هيو. منهنجي پاڇي سان ڀت ڍڪجي ويندي هئي، اهو ڇت کي ڇهندو هيو. پاڇا وجود جي گواهي ڏيندا اهن. هئڻ جو احساس ٺهندڙ پاڇي کي ڏسي گهرو ٿي ويندو آهي ـــ اوندهه ۾ روشنيءَ جو احساس پاڇي جو نه ٺهڻ آهي. سيور جي روشنيءَ ۾ پاڇو پاڻ وڃائي ويهندو آهي ـــ پاڇي بنا وجود ائين هوندو آهي جيئن توهان کان پاڻ کسجي ويو هجي ۽ وجود بنا پاڇو انهن جو هوندو آهي جيڪي پاڇي پويان لڪيل هوندا آهن، ڪي اهڙا به هوندا آهن جن کي نه وجود هوندا آهن ۽ نه پاڇا، اهي اندر ۾ لڪيل هوندا آهن. اسان جو اندر اهڙي پناهگاهه آهي جتي ڪيترا ان ڪري لڪيل آهن جو ٻاهر ڳوڙهن جو مينهن وسي رهيو آهي.
    ڏيئي جي وٽ زندگيءَ جيان آهي ۽ تيل حياتي. جڏهن ننڍو هيس ته ڏيئي جي روشنيءَ ۾ پاڇو وڏو هيو. وڏو ٿيس ته پاڇو ننڍو ٿي ويو، ڇو جو ڏيئو وسامي چڪو هيو. ڪاري روشنيءَ جا هيڊا پاڇا ميسارجي چڪا هيا. اوندهه جي زماني ۾ ڪجهه ڳولهڻ جي ضرورت محسوس نه ٿيندي آهي. اهو احساس ته ڪجهه آهي ئي ڪونه، صرف هئڻ جي احساس کي روشن ڪندو آهي.
    ڏيئي جي روشنيءَ ۾ ننڍپڻ جو آسمان ائين هيو جيئن رات بيماريءَ ۾ مبتلا هجي. ڪائنات جي منهن تي ستارا ڪنهن عيب جيان چمڪي رهيا هيا. اوندهه ۾ چنڊ ملاوٽ هيو. سڀ روشنيون هيڊيون هيون. هيڊاڻ ۾ چهرو ٻن حصن ۾ ورهايل هيو. هڪ حصو روشني، ٻيو حصو اوندهه ـــ انسان خلا ۾ گردش ڪندڙ گرهه آهي. هو لڪير جيان نڪري، چوڏهينءَ جيان چمڪي ۽ اوڻٽيهه اونداهه ۾ گم ٿئي ٿو.
    جڏهن ڏيئي جو وقت پورو ٿيو ته سڀ اجھامي ويا. هيڊي چهري واري مرڪندڙ ماءُ ـــ سنهين مڇن وارو صحتمند پيءُ، هيڊيون ڀينر ـــ هيڊا مستيون ڪندڙ ڀائر ـــ هيڊو ڏاڏو، جيڪو ساڍاڇهه فٽ ڊگهو هيو ۽ گهرجي دروازن جون چوڪاٺيون ڇهه فٽ هيون. اهو چوڪاٺيون نوڙي لنگهڻ ڪري ڪٻو ٿي ويو ۽ جڏهن ڏيئي جي روشنيءَ ۾ ان جو عڪس ڀتين تي ٺهندو هيو ته ائين لڳندو هيو ڄڻ ڏاڏو پنڌ ڪرڻ سان اڳتي نه وڌندو هجي پر ڀتيون پنڌ ڪنديون هجن. سڄو گهر ڏاڏي جي ڄنگھن سان هلندو هيو. شايد ان ڪري جو ڏاڏو گهر هلائيندو هيو. ڏيئي جي تيل جا پئسا ڏاڏو کيسي مان ڏيندو هيو.
    جڏهن ڏيئي جو وقتُ ختم ٿيو ته مان هٿ بتيءَ جي هيڊي روشنيءَ ۾ سج تي مضمون لکي رهيو هيس. ”سج کي مٿي تي سڱ هوندا آهن پر چار ٿڻ نه هوندا آهن ـــ سج کير جهڙي روشني ڏيندو آهي، جنهن کي اُسَ ان ڪي چوندا آهيون جو اهڙو کير ٻيو ڪو به جانور نه ڏيندو آهي ـــ سج جا ٻه قسم آهن. سياري جو ۽ اونهاري جو. سياري جو سج سوير سمهندو ۽ دير سان اٿندو آهي. اونهاري جو سج سوير اٿي سمهڻ جو نالو نه وٺندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ماڻهن سج جي رويي کان ناراض ٿي ان سان گڏ سمهڻ ۽ جاڳڻ کان توبا تائب ٿي هٿ بتيون ايجاد ڪيون. ماڻهو سج جي خوف کان سياري ۾ ڪن ڍڪيندا آهن ۽ اونهاري ۾ مٿو، سج جا فائدا اهي آهن ته روشني ڏئي ٿو جنهن ڪري هٿ بتيون ڏينهن جو آرام ڪن ٿيون. ڏينهن نه هجي ها ته شايد رات نه هجي ها. رات ان ڪري نه هجي ها جو مستقل اوندهه ڪري رات وجود وڃائي ويهي ها. هٿ بتيءَ جي هيڊي روشنيءَ ۾ اسين انسان سورج مکي هجون ها، سج جا نقصان اهي آهن ته سج چمڙي ڪاري ڪري ٿو ۽ ڪارا سدائين غلام رهيا آهن ـــ سج نا انصافي ڪري ٿو ڇو جو ان جي هوندي دنيا ۾ اڇي چمڙيءَ وارا موجود آهن.“
    مان هٿ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ڏسان ٿو، پويان اوندهه آهي. اوندهه منهنجي پاڇي جي آهي ـــ پاڇي تي ڪرڙي گهمي ٿي، مان جسم کنهان ٿو. منهنجي وجود ۾ هوءَ جاڳي ٿي. گول منهن واري ڇوڪري. جنهن مٿان کٻي پاسي کان ڀڳل اڌ گول چنڊ نهاري ٿو. چنڊ جي اڌ کليل وات مان چاندوڪي ماڪَ جيان ڳڙي ٿي. ڪائنات هيڊي آهي. ڀتيون ـــ گهرَ ـــ نم جو ٻور ـــ اڏامندڙ ڏينڀو. هٿن جي ميندي ۽ ننڍڙي ڄاول نور محمد جون اکيون. ڏاڏي نور محمد کي سج جي روشنيءَ ۾ سيڪي ٿي. نور محمد پتل جو آهي ۽ ڏاڏيءَ کي نور محمد جي......... سج ۾ سون جيان چمڪندي نظر اچي ٿي. روشني وڻ ويڙهيءَ جيان لاٽ مان نڪري هر شيءِ کي ويڙهي وڃي ٿي. سڀ چهرا هيڊا آهن. ٻاهر گهٽيءَ ۾ کٽ تي ريڊيو وڄائيندڙ هدايت الله جو وجود الغوزن، شهنائين ۽ دهلن ۾ دفن ٿي چڪو ٿي ـــ هزاري خانَ ڀنگ پي نچي ٿو، سندس هٿ ۾ جھليل ڏنڊي ۾ ڇير ٻڌل آهي ـــ شرارتي شفيع محمد مسجد جي ڪنڊ وٽ ويٺل انڌڙي فقير جي ڪن ۾ ”مولو ٽئون“ چئي ڀڄي وڃي ٿو. فقير الله ۽ رسول جا نالا وٺڻ بند ڪري گاريون ڏيڻ شروع ڪري ٿو. شفيع محمد ٽهڪ ڏئي هيڊي قميص جي پاند سان نڪ اگھي ٿو ـــ رحيم بخش هٽ وارو ٻُوري وڪڻي ٿو. ٻُوري کائڻ سان ڇيڳري تاجان جو وات هيڊو ٿي وڃي ٿو. گهٽيءَ ۾ ٻار ٽهڪ ڏين ٿا. ٽهڪ هيڊيون ڀنڀوريون آهن. جھڳڙائو مائي پٺاڻيءَ جي وات مان هيڊا ڏينڀو ٻاهر نڪرن ٿا. ان جو وات مانارو آهي.
    هيڊي هٿ بتيءَ مٿان دونهي جي ڌار آهي. سياري جي رات ۾ بند ڪوٺيءَ اندر ٻرندڙ هٿ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ سڀ سمهيل هيڊا خواب ڏسن ٿا. ديون جا ڏند هيڊا آهن ۽ ڏائڻيون هيڊن چپن سان مرڪن ٿيون. شهزادن جي جسم ۾ رت نه آهي. هيڊي طوطي ۾ سامريءَ جو روح آهي. خوابن جي دنيا ڪيڏي رنگين آهي پر سڀ رنگ هيڊا آهن. هٿ بتيءَ جي لاٽ مان نڪرندڙ دونهي ۾ سڀني جا نڪ ڪارا ٿي وڃن ٿا. سڀ جاڳن ٿا ته هڪ ٻئي جا نڪ ڏسي ٽهڪ ڏين ٿا.
    ”اڙي نبي بخش جو نڪ ڏس“ ننڍڙو راهب چوي ٿو. سوٽ نبي بخش جو نڪ ويڪرو آهي. اهو ٻانهن سان نڪ صاف ڪري ٿو، سندس چپن مٿان ڪاري لڪير ٺهي وڃي ٿي. اهو دينو ديوانو نظر اچي ٿو. دينو ديوانو پٿر هٿ ۾ کڻي بئريج روڊ تي ڪجهه اهڙي انداز ۾ بيٺل هوندو هيو جيئن اهو هڻڻ وارو هجي، پر ان ڪڏهن ڪنهن کي پٿر نه هنيو. ڇهين ڪلاس جي شاگرد مبين مڪراڻيءَ دينو ديواني کي پٿر وهائي ڪڍيو ۽ دينو ديواني ان مڪراڻيءَ ۾ پنهنجي محبوبا جو مُنهن ڏٺو، مٿو مهٽيندي هٿ ۾ جھليل پٿر کيس ڏيندي چيو: ”وٺ هي به هڻ.“
    دينو ديوانو رت وهڻ ڪري هيڊو ٿي چڪو آهي. نٽهڻ اس رنگ بدلائي ٿي. تيز اس هيڊي ٿي وڃي ٿي.
    هٿ بتي وسامي ته بلب جو دور آيو. هيڊي بلب جي روشنيءَ ۾ ٻار پڙهن ٿا. ٽيبل چوڌاري ٽي ويٺل آهن پر ڇهه ڏسجن ٿا. ٽي لکن ٿا، ٽي ڪاپي ڪن ٿا. لٿل چوني واري ڀت تي ٺهندڙ ٽي پاڇا، ٽيبل چوڌاري ويٺل ٽن ڏانهن ڏسي کلن ٿا. پاڇن جا ڏند هيڊا آهن. لٿل چوني واري ڀت تي سوين چتر جيتن جيان چرپر ڪن ٿا. هيڊي بلب جي روشنيءَ ۾ سست وجودن جا پاڇا چست آهن. ڏاڏو، ڏاڏي، بابو امڙ، چاچو چاچي، ڀائر ڀينر، سؤٽ ماسات سڀني جون منڍيون هولڊرن ۾ ٽنگيل آهن. ڌڙ کٽن تي ننڊ ڪن ٿا. سينما اڳيان حليم وڪڻندڙ مهاجر جي گاڏي تي رکيل ديڳ مٿان هيڊو بلب ٻري ٿو ـــ ماڻهو پليٽ ۾ هيڊي روشني کائن ٿا. پوسٽر مٿان ٻرندڙ بلب ۽ سينما ۾ هلندڙ جنريٽر جو دونهون سگريٽ جهڙو آهي. جنريٽر دانهن ڪري ٿو ”هيڊي روشنيءَ ۾ دونهي جو رنگ ڪارو ڇو آهي؟“
    جنريٽر وجود ۾ پيٽرول جي بوءِ کان روشنيءَ جون الٽيون ڪري ٿو. سئنيما ۾ سڌير تلوار بازي وڙهي ٿو. گلڻ اڳين سيٽ تي ڳنڍيريون کائي ٿو. نِيلو چيلهه لوڏي ٿي. رجب سيٽ تي ٽپا کائي ٿو، سندس اڳين سيٽ تي وڏي پڳ وارو شخص ويٺل آهي. رجب کي نيلو جو هيٺيون ڌڙ نظر نه اچي ٿو. هو اڳيان ويٺل جي مٿي کي هڪ پاسي ڪندي چوي ٿو ”ٿورو هيڏي“.
    وڏي پڳ وارو مڙي هن ڏانهن ڏسي ٿو. اوچتو انٽرويل ٿئي ٿو. وڏي پڳ وارو کلي ٿو. ان جي هيڊن ڏندن مان بلب روشن ٿين ٿا. رجب اکيون بند ڪري ٿو، سندس دماغ ۾ هيڊو بلب پيل آهي.
    لب مهراڻ تي آتش بازيءَ جو مظاهرو آهي. بئريج تي ٻرندڙ هيڊا بلب هيٺ پاڻيءَ ۾ لڏن ٿا ـــ پانيءَ ۾ هيٺ هيڊيون لڪيرون گھوڙين جيان آهن جن تي منڊيون ٻيڙيون ترن ٿيون. مهاڻا انڌي ٻلهڻ کي ڳولهيندي ٻوڙا ٿي چڪا آهن. سنڌوءَ جو پاڻي گونگو آهي. ان جا گجگوڙ صرف ٻوڙن ٻڌا آهن.
    آتشبازي شروع ٿي چڪي آهي. نانو احمد خان اڏامندڙ ڦٽاڪي ڏانهن ڏسي ٿو. سندس اکيون چڻنگون ٿي ڦاٽي پيون آهن. اوچتو شهر جي مشهور مٽيءَ جي آنڌي اچي ٿي. نانو احمد خان ٻارن کي گهليندو ٻاهر نڪري ٿو ــ آنڌيءَ سان گڏ وڏ ڦڙو شروع ٿي ويو آهي. نانو احمد خان ٻارن سان گڏ بَڙَ جي هيٺان بيٺو آهي. سنڌوءَ ۾ گجگوڙ ٿئي ٿو آسمان مان وڄ ڪري ٿي. ٽڙڪاٽ ٿيا آهن، ڪو ڏار ڪريو آهي. جھرڪيون دربدر آهن. واپسيءَ ۾ ناني احمد خان جي ٽارچ اوندهه ۾ هلندي ڌرتيءَ تي هيڊي لڪير ٺاهي ٿي. ناني احمد خان جي ٽارچ روشنيءَ مان ٻوڙيل برش آهي. سڀ ٻار هيڊي لڪير جا فقير آهيون. هلندي هلندي هڪ ٻار سوال ڪري ٿو.
    ”نانا، آسمان جي آتش بازي ۽ ڌرتيءَ جي آتشبازي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“
    نانا جواب ڏئي ٿو ”پٽ ڪڏهن آسمان خوش هوندو آهي، ڪڏهن ڌرتي خوش هوندي آهي. ٻئي هڪ وقت خوش نه هوندا آهن. جڏهن هڪ وقت خوش ٿيندا آهن ته مصيبت نازل ٿيندي آهي جيئن اڄ.“
    ناني جي جواب ٻڌڻ کانپوءِ اسين ان پويان ائين هلي رهيا هياسين جيئن ڌنار پويان رڍون.
    پوءِ وقت ائين گذريو جيئن وقت هيو ئي نه. ڪڏهن وقت صفا نه گذرندو آهي، ڪنهن بکايل فقير جيان در جي چائنٺ وٺي ويهندو ۽ سين هڻندو آهي.
    ”خدا جي نانءَ تي وقت جي خيرات ڏيو جيئن وٺي گذري وڃان.“
    جيسين خير نه وٺندو آهي ڍيڍ جيان چانٺ تي پيو هوندو آهي ۽ ڪڏهن وقت جو پيٽ ڀريل هوندو آهي. اهو زماني جو پيتل هوندو آهي. سندس توانو وجود ائين ڊوڙندو آهي جو ان جي رفتار روشنيءَ کان به تيز هوندي آهي. وقت جو رنگ هوا جهڙو هوندو آهي ـــ ڊوڙندو آهي ته پويان ڌوڙ کانسواءِ ڪجهه نه اڏامندو آهي.
    پيلو بلب هيڊن ڏندن سان ٽهڪ ڏيندو هليو ويو ته سيور جي سفيد روشنيءَ ۾ ڪفن کانسواءِ ڪجهه نه هيو. ڪفن جو رنگ اڇو آهي. گهر جون ڀتيون، ڇت ۽ فرش سڀ سفيد ٿي چڪا آهن. سج جهڙي تيز روشنيءَ ۾ اسين سڀ ڌنڌلڪا ٿي چڪا آهيون. گهر جي وڏي اڱڻ ۾ کٽون پيل آهن. هر کٽ تي هڪ سفيد لاش رکيل آهي. سفيد ڪفن ۾ اهو اڇي جهڙ جهڙو آهي. سيور جي سفيد روشني اسان جي وجود ۾ اندر داخل ٿي چڪي آهي. شهر جي گهرن کي چونو لڳل آهي. هر رنگيني هڪ رنگ ۾ سمائجي چڪي آهي. ڪلهه جا ٻار سيور جي روشنيءَ ۾ ڪلف لڳل اڇا ڪپڙا پائي بيٺل آهن.
    اهي ڏاڏا آهن، نانا آهن، ماما آهن، چاچا آهن، انهن جا ٻار، ڀائر آهن، ڀينر آهن، سوٽ آهن، ماسات آهن، ماروٽ آهن. سيور جي روشني سفيد پيڙهيءَ جي علامت بنجي شهر جي گهٽين ۾ جاڳي رهي آهي.
    اڄ جڏهن سيور جي روشنيءَ ۾ لکي رهيو آهيان ته منهنجي حياتي به سيور جيان مختصر ٿي چڪي آهي، پر اها ڪڏهن ٽيوب لائيٽ جيان ڊگهي هئي. هتي ٽيوب لائيٽ واري زندگيءَ جو ذڪر نه ڪندس ڇو جو عشق جا داستان سڀني لاءِ نه هوندا آهن.


    ڏاڪڻين جو شهرُ

    هاڻي جڏهن پوڙهو ٿي چڪو آهيان، ياد نه آهي تنهنجو چهرو ڪيئن هو؟ منهنجو ذهن خالي آکيرو آهي، جتي سوچون پرڙا هڻن ٿيون ۽ ڇڻيل کنڀن کان سواءِ ڪجهه نه آهي. منهنجي محبوبا تنهنجو چهرو وساري ويٺو آهيان، ايترو ياد آهي ته ڪڏهن توکان سواءِ ڪجهه ياد نه هوندو هو. ڪائنات جا سڀ نقش تنهنجي چهري ۾ سمايل هيا. اڄ منهنجي ڪائنات بدلجي چڪي آهي، ان جا ستارا وسامي چڪا آهن، چنڊ اجهامي چڪو آهي، سج جي تيز روشني ۾ سڀ نظارا مدهم ٿي چڪا آهن. منهنجي ذهن جي اڻکٽ رات اوجاڳو عطا ڪيو آهي. مايوسيءَ کان اکيون بند آهن. مون وٽ ان کان وڌيڪ ڪهڙو بهانو ٿي سگهي ٿو ته توکي ياد ڪري موت جي خوف کان ڪناراڪش ٿي سگهان. شايد موت ۽ مان انڌا آهيون، موت پيدائشي انڌو آهي، مان توکي وسارڻ کانپوءِ انڌو آهيان. سمجهه ۾نه ٿو اچي ته توکي ڪيئن ڳولهي لهان. توکي ياد ڪيان ٿو ته سوين ميريون چادرون نظر اچن ٿيون جيڪي هڪ ڍير جي شڪل ۾ رکيل آهن، تنهنجو عڪس اڃ کان مري ويل جهنگلي جانور جي ڍانچي جهڙو آهي.
    ان ڏينهن اهو ڪتاب نظر آيو جيڪو ڪڏهن موڪلائڻ کان اڳ ميز تي وساري وئي هئينءَ اهو واپس نه ڪري سگهيو هيس ڇو جو وري ملاقات نه ٿي سگهي. ڪتاب جي پهرين صفحي تي هٿ ڦيريندو رهيس جتي تنهنجو نانءُ لکيل هيو. سوچيم تنهنجو آڱريون محسوس ڪريان، تنهنجو قلم ڇهان، توسان گڏ لکان پر منهنجو آڱريون ڪٽيل هيون. منهنجي ذهن ۾ تنهنجي جسم جو ڪو ڇهاءُ محفوظ نه آهي. عمر اهڙي موسم آهي جنهن ۾ ٿڌ جو احساس آهي. ڪوهيڙي جي ڪپهه سان اکيون بند آهن.
    ايترو ياد اٿم ته ڪجهه وقت اڳ تنهنجو اڌ چهرو ياد هيو. کنڊر جي ان دريءَ وٽ جتي تون ٽيڪ ڏئي ويٺل هئينءَ هڪڙي پاسي کان روشني تنهنجي چهري کي ايڏو ته بدلائي ڇڏيو هيو جو پوري چهري جو تاثر بگڙيل پئي نظر آيو. جيئن تون مجسمو هجين، جنهنجو اڌ زماني جي ناقدريءَ ۾ مٽجي ويو هجي. کنڊرن ۾ لفظ گونجن پيا.
    ”ڪير…….؟“
    ”مان……….َ!“
    ”تون ڪير……..؟“
    ”اهو جيڪو توکي ياد ڪري ٿو“
    اڀرندڙ ٽهڪ. سُرمَئي چمڙا. گول گنبذ کان ڦرندا لهندڙ سج اڳيان لهي ويا. گهنڊڙين جا آواز، اوندهه ۾ هلندڙ ٻليءَ جيان ڇپ هڻي بيهي رهيا. ٻه سايون روشن اکيون، ها اها جيڪا انڌيرن ۾ لڪل آهي. تنهنجي چهري جو اڌ نقاب هٽي چڪو آهي. مونکي معاف ڪجانءِ پياري ،مان گنبذ ۾ تو پويان ويس جتي ڏاڍي اوندهه هئي. ڏاڪڻيون چڙهندي توکي وڃائي ويٺس. تنهنجي ياد کنڊر ۾ چيلهه لوڏي وڪڙ هڻِي گهمندڙ نانگڻ جهڙي آهي. بکايل باز جي رڙ تي تنهنجو اکيون کلن ته انهن ۾ نظر ايندڙ ياد جي چنبن مان توکي ڇڏائي سگهان.
    مونکي اها عمارت ياد اچي ٿي جيڪا ان پتڻ کان پنجاهه قدمن جي فاصلي تي هئي جتي بدبودار لانچون خوبصورت ساڌو ٻيلي جي پرفضا مقام تي اڏرندڙ ست رنگي مورن جي پرن هيٺان ترنديون پهچنديون هيون. اها ڪمانيءَ جهڙي حيبتناڪ پل ۽ اتان لنگهندڙ ڪاري غلام جهڙي ٿلهن چپن واري ريل. اڇيون پڳڙيون، نچندڙ خواجا سرا، ٻهروپيا ۽ سونهري گنبذ جنهن ۾ نڪ تي رومال رکي ويٺل مجاور ۽ ٻئي هٿ ۾ جهليل سوني ڏيٽي جنهن ۾ پيل سنهو پهرين تاريخ جهڙو وار.
    ”هو ڏس……………..!“
    ”هو سامهون………….. سنهو.“
    ”ڪٿي آهي…………..؟“
    مان چتائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو اتي ڪجهه نه آهي. سڀ ڏسن ٿا ۽ چون ٿا
    ”سبحان الله……..“
    اهي دعا لاءِ هٿ کڻن ٿا، چپن ۾ خدائي ڪلما جهونگارين ٿا، سڪا کيسي مان ڪڍي اڇلائين ٿا. نور جي مهڪ آهي، چنبيليءَ جي دل ڦاٽل آهي، اڻ مندائتا رابيل ڪپهه جي پوپن جيان ڪنن ۾ پيل آهن.
    ”مون کي معاف ڪجانءِ منهنجا پرين مان ڏسي نه سگهيس“ جڏهن اڌ وهيءَ جو هيس مونکي ياد پوي ٿو، تنهنجي چهري کي ڇُهيو هيو، ڳلن جي گرمي خوشبوءِ جيان آڱرين ۾ سمائجي وئي هئي پر ياد نه آهي ان ڇهاءَ جي احساس ۾ چهري جون اهي سڀ لاهيون چاڙهيون ڪهڙي اوندهه ۾ گم ٿي ويون. تنهنجي چهري جو ريکائون گمنام گهٽين ۾ تبديل ٿي ويون. ياد ڪيان ٿو ته تنهنجا وار هلڪا ناسي هيا انهن جو رنگ سانجهيءَ جهڙو هيو. لهندڙ انڌيرو ذهن تي محسوس ڪري رهيو آهيان. وڌندڙ عمر يادن جي دشمن آهي. يادون ٻرندڙ ميڻ بتي جيان رجن ٿيون. روشن چهري تي هيڊ هاريل آهي، سڀ ريکائون مٽيل ۽ لڪيرون ڊٿل آهن. مونکي تنهنجي نهار ياد آهي. جنهن مان تنهنجي اکين جو اندازو لڳائي سگهان ٿو. تنهنجو آواز ڪنن ۾ ٻري ٿو جنهن مان تنهنجي چپن جو تصور ٺاهي سگهان ٿو. تنهنجي ياد ڪيل ٽهڪ مان طبيعت جو اندازو لڳائي سگهان ٿو. باقي تنهنجا ڳوڙها ياد نه آهن جن کان وڇوڙي وقت واپس ويندي پويان اچي توکي ڳولهي لهان.
    ”ٻه قدم کٻي پاسي…………….!“ آواز اچي ٿو.
    مڙي نهاريان ٿو اهو هڪ رستو آهي جنهن تي تنهنجي قدمن جا نشان آهن، جتي ڳيرا جهنگ جي خاموشيءَ تي چٿرون ڪن ٿا. کٻي پاسي ڪلراٺو قبرستان آهي، اتي هلڻ سان قدمن هيٺان سُڪل پنن جهڙو آواز گونجي ٿو. تنهنجو وجود گمنام قبر مٿان کبڙ جي سڪل ٿُڙ جهڙو آهي. يادون نانگن جيان گهمن ٿيون.
    مونکي چڱيءَ طرح ياد آهي تون ياد هئينءَ. ڪلهه جي ڳالهه آهي تنهنجون ريکائون منهنجي سپنن تي ستارن جيان روشن هيون. يادن جي آسمان تي چنڊ غروب ٿيندو آهي. ستارا ڪڏهن غروب نه ٿيندا آهن. تنهنجون يادون چنڊ جيان بي وفا آهن. توکي ياد ڪرڻ لاءِ توکي ياد ڪرائڻ چاهيان ٿو ته ڇا توکي اها ڏاڪڻ ياد آهي جنهن جي پاسن کان ڄاري ڏنل هئي. ان ڄاريءَ ۾ تراشيل چنبيليءَ جي پتين جو رنگ ڳاڙهو هيو. پوپٽن جا پر جهرڪين جي کنڀن جهڙا هيا. تون ان ڏاڪڻ جي گولائيءَ تان هيٺ هلندي پاتال ڏانهن ويندڙ اهڙي پاڇي جيان هئينءِ جنهن پويان لهرائيندڙ وار تنهنجي يادن جي ڪاريهر جهڙا هيا. مون توکي آواز ڏنو هيو.
    ”نه وڃ……….وڃائجي ويندينءَ“
    تو ڪنڌ ورائي ڏٺو هو، توکي ياد آهي مان ڪيئن هيس؟ مونکي ياد ڪر شايد توکي ياد ڪري وٺان! مان ڏاڪڻِين جي گولائي ۾ قيد آهيان، پاڻ کي ڏوهي پيو محسوس ڪريان. منهنجي چهري جو رنگ تنهنجي ان عمارت جي ڳاڙهين سرن جهڙو ٿي ويو آهي جنهن جي دري خواجا خضر جي ان آستان طرف کلي ٿي جتي ٻه ٻار ٻڏي مئا هيا. مون کي ياد آهي اهي ٻه ڀائر هيا جيڪي اسڪول کان ڀڄي اتي پهتا هئا. اهي وهنجيا، جڏهن هڪ ٻُڏڻ لڳو ته ٻيو ان کي بچائيندي پاڻ به ٻڏي ويو. انهن جا لاش هڪ ٽرڪ ۾ رکيل هيا. مون کي چهرا ياد نه آهن صرف روئڻ جا آواز ڪنن ۾ ٻري رهيا آهن. دانهون ڪوڪون آهون. ڀتيون ڪٽيندڙ هٿ، ٽڪرائيندڙ مٿا.
    خوشيون ڌوئڻ سان ڦٽي وڃن ٿيون ڏکن جا رنگ پڪا آهن. زليخان ذهن ۾ کڳيون هڻي ٿي. ان جي زبان ڊگهي آهي. زبان سان نڪ ڇُهي ٿي. ناس جي دٻيءَ تي هاٿيءَ جو فوٽو آهي. مون کي ڪجهه ياد نه آهي زليخان جي زبان ياد آهي. چاڪليٽي زبان. نانگ ڦڻ ڪڍي زبان لوڏي ٿو.
    ”اڙي جوڳي اتي بيهه.“
    ٻه ڦُلڪا دال جوڳي چٻاڙي ٿو.
    ”پراڻو بوٽ ڏي.“
    ”بوُٽ ڪاڏي ڪندين؟ جهنگ ۾ پائي گهمندين ته نانگن کان بچي سگهندين؟“
    ”توکي مڻ ڏيندسُ“
    ”يادون زهر آهن مڻ چوسي وٺندي.“
    زهر جو تاثر زعفران جهڙو آهي. تنهنجو چهرو ان زعفران جهڙو زرد آهي جيڪو عامل جي ان مس ڪُپڙي ءَ ۾ آهي جنهن مان ڪلڪ ٻوڙي واڻ جي کٽ تي ويهي تعويذ لکي ٿو. ان جي پاسي کان رکيل اڇي وهاڻي جي ڇَوَ منهنجي چهري جهڙي آهي. اهو ڪلڪ ٻوڙي ننڍي چوڪور پني تي لکي ٿو.
    ”ٽي………….نو………….پنج…………..يارنهن…………..ٻڙي“
    ٻڙي تنهنجي چهري جهڙي آهي. عامل جي اوطاق ۾ پوسل جي بوءِ آهي. هن جي ڪلف لڳل اڇن ڪپڙن ۾ کٻي ڪلهي وٽان گهري زخم جهڙو گهنج آهي. عامل جي منهن ۾ مُڇن ۽ ڏاڙهيءَ وٽ اڇيون سئيون ٽنبيل آهن. هو کلي ٿو ان جي کل جي عذاب کان بچڻ لاءِ توکي ياد ڪيان ٿو.
    ايترو ياد آهي جڏهن جوان هيس ته ڏاڍو صحتمند ۽ چست هيس، نظر تيز هئي پر تنهنجو چهرو……….ڪاري بورڊ تي ماستر ڊسٽر سان ڊاهي ٿو.
    ”اڙي ڇورا پڙهه……….الف.“
    ڪاٿي لکيل آهي اکيون ڪم نه ٿيون ڪن. منهنجي چهري تي ٻه اکيون ڇاپيل آهن، منهن ڪتاب جو ورق آهي، پَکي جي هوا تي اٿلائجي ويندو. پيپر ويٽ ۾ ڦاٿل پوپٽ ڦٿڪي ٿو، نڪرڻ جا سڀ رستا بند آهن، يادون پکيءَ جي ٻچن جيان چهنب کولي پرَ هڻن ٿيون. بکايل آهن. هڪ ٻار اسڪول جي اڱڻ ۾ ڦوهاري اندر پاڻيءَ ۾ عڪس ڏسي ٿو. تيز سج جا ترورا سنهين سئين ۾ تبديل ٿي پاڻيءَ کي شيشي جيان ڀڃي وجهن ٿا. شرارتي اڏندڙ ڪانءُ ڦوهاري مان پاڻي کي ٺونگا هڻي پيئي ٿو. هڪ ماستر ڌرتي جي گردش جي سمجهاڻي ڏيندي پنهنجي گول ڦرندي وچ ۾ بيٺل ماسترچوڌاري ڦري ٿو. وچ ۾ بيٺل ماستر کلي ٿو. ان جو هڪ ڏند وڏو آهي. سگريٽ پيئڻ ڪري هيڊو آهي. تنهنجو تصور بوٽ هيٺان سگريٽ جو بچيل ٽوٽو.
    منهنجي محبوبا تنهنجي چهري تي ماتا جا داغ ته نه هيا، فرش تي ڪريل کٽمٺڙي تي مکيون ويٺل آهن. حوريءَ ۾ اڇلايل ڪٻاڙ ، ڪرسيءَ جي ڄنگهه تي رهجي ويل ماکيءَ جو مانارو چچريل چهري جهڙو آهي. آئيني ۾ ڏسان ٿو، سوچيان ٿو تون چهري بنا ڪيئن ٿي سگهين ٿي؟ توکي وساري ياد انڌي ٿي چڪي آهي.
    تنهنجي عشق جا ڏينهن ڪوهيڙي جا ڏينهن هئا. تون پوشاڪ ۾ بدلجي چڪي آهين، جنهن جي جهالرن ۾ نرم ٻاڦ لهرائي ٿي. تنهنجي چهري جو نقاب برف جيان رجي رهيو آهي. منهنجي دل ٿڌي پاڻيءَ جو ٿانءُ آهي. ياد پوي ٿو تنهنجي چهري تي تِرُ هو. اهو سوچي ڏاڍو لڄي ٿيان ٿو. تِر ياد آهي چهرو وسري ويو آهي. سنڌوءَ ڪناري ٻه دوست بينچ تي ويٺل آهن، رات آهي. بئريج مٿان ٻرندڙ بلبن جو عڪس پاڻيءَ ۾ لڏندڙ لڪيرون ٺاهي ٿو.
    ”مٿي ڇا آهي……..؟“
    ”چنڊ…….. “
    ”توکي آسمان نظر نه ٿو اچي…… ؟“
    ٻئي کلن ٿا. ٽهڪ ٽيٽيهر جي لات جهڙا آهن. تنهنجي ياد شهر آهي جنهن ۾ ڏاڪڻيون آهن. بي ترتيب سنهيون گهٽيون، بدگونيا موڙ، ڀتين جا ڇڻيل پلستر، ويران گاڏي کاتا ۽ برباد گئوشولا. تون زخمي ڪريل ڀت جيان آهين. مون لاءِ نجات جا رستا بند ٿي چڪا آهن. جنهن پاسي وڃان ٿو در ٻيڪڙيل آهن. زندگيءَ جي پيڙا موت بڻجي ڀڪ ۾ بيٺل آهي. موت تي سوچي نه ٿو سگهان. موت کي سارڻ موت کان وڏو عذاب آهي. مون وٽ ٻيو ڪو رستو نه آهي ته توکي ياد ڪيان. تنهنجي ياد ان اٺڙيءَ جيان آهي، جيڪا مهار جي هڪ اشاري سان رخ بدلائي ٿي. پر مان موقعي پرست نه آهيان. اي محبوبا! تون بهانو نه آهين. جنهن سان موت جو خوف ٽاريان ٿو. اهڙو نه آهيان جو تنهنجي ياد کي ٽوال جيان پيشانيءَ جو پگهر اگهي لاهي ڇڏيان. تنهنجي ياد اهڙي پناهه گاهه آهي جنهنجو چور دروازو نجات ڏانهن کلي ٿو. مونکي اهي ڏاڪڻيون ياد آهن، جيڪي چار سئو سال هڪ مينار جون هيون. مدتن کان ماڻهن جي لهڻ چڙهڻ ڪري ايڏيون ته گسي چڪيون هيون جو پير جي گرفت ڍري ٿي چڪي هئي. ان جي کليل جارن کان هيٺ اڏامندڙ هليون هيبتناڪ هيون.
    ان مناري تي جڏهن چڙهي رهيو هوس ته تون لهي رهي هئينءَ. ڏاڪڻين جي اوندهه مان جاري جي روشنيءَ وٽ تنهنجو چهرو نمودار ٿيو. وڇوڙي جي وڏي وقت کانپوءِ اوچتو ائين ظاهر ٿيڻ تي مان توکي سڃاڻي نه سگهيس. تنهنجو چهرو اهو نه هيو جيڪو منهنجي تصور ۾ هيو، تون منهنجي تصور جي سدا جوان تصوير هئينءَ، تنهنجو ريکائون منهنجي دل تي نشتر سان کوٽيل هيون. تنهنجي تصور جي گهرائي ايڏي ته هيٺ هئي جو ان ۾ ٻڏل هيس. ورهن کان پوءِ جڏهن توکي سڃاڻي ويٺس ته من کنڊر ۾ تبديل ٿي ويو. لرزي ويس. ڊهي پيس. تنهنجون ريکائون تنهنجا چپ. تنهنجا ڳل. تنهنجون بي خواب اکيون. رنگ پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويا. برف رجڻ لڳي، نقش ڊهڻ لڳا. معاف ڪجانءِ مٺي توکي ڏسڻ کان پوءِ توکي وساري ويٺس…


    عشقَ جو آسيب

    هو ننڍپڻ کان مرگهيءَ جو مريض نه هيو، ڇو جو مرگهي ڪا پيدائشي بيماري نه آهي. ويجھڙائيءَ ۾ مرگهيءَ جو مريض ٿيو هيو ـــ لڳ ڀڳ پنج مهينا اڳ جڏهن کيس دورو پيو هيو ته اهو زندگيءَ جو پهريون دورو هيو.
    مرگهي به عجيب مرض آهي. ماڻهوءَ کي اڳواٽ خبر پئجيو وڃي ته ڪهڙي ڏينهن يا مهل ان مرض جو حملو ٿيڻو آهي ـــ مريض جي اهڙي اڳواٽ ڄاڻ کي Aura چيو وڃي ٿو.
    هن کي به ڪجهه ڏينهن اڳ اهڙي خبر پئجي پوندي هئي. جڏهن اهو وقت ٿيندو هيو ته سِيرَ ڏنل ڍورَ جيان ڦتڪندو هيو. سندس مرگهيءَ جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ پويان هڪ عجيب ڪهاڻي آهي. هن سان اهڙو واقعو ٿيو جو ان مرض ۾ مبتلا ٿي ويو.
    ڪڏهن وڏين خداداد صلاحيتن جو مالڪ هيو، کيس خبر پئجي ويندي هئي ته ڪجهه منٽن کانپوءِ ڪئو رنڌڻي جي هيٺين تاڪ مان نڪري سنڪ جي سوراخ ۾ وڃڻو آهي. هو اڳ وٺي بيهندو هيو ۽ ڪئو نڪرندو هيو ته هن جو هٿ تيزيءَ سان ان جي پڇ ۾ پوندو هيو. هو ڪئو پڪڙي ٻليءَ کي ڏيندو هيو ۽ ٻلي هن ڏي حيرت مان ڏسندي هئي.
    هو شهر ۾ سفر ڪندي ان بس مان هڪ اسٽاپ پهريون لهي ويندو هيو جنهن بس مان اڳلي اسٽاپ تي ڦر ٿيڻي هوندي هئي. هن ويجھي عزيز جي مرڻ جي اڳڪٿي ڪئي، کيس ٻڌايو ته ”ٻن ڏينهن کانپوءِ جيئرو نه هوندو.“ جڏهن ته اهو تندرست ۽ توانو هيو. اٽڪل ٻن ڏينهن کانپوءِ ان جو موت واقع ٿيو. ڪن اهڙي اڳ ڪٿيءَ کي نحوست، ڪن اتفاق ۽ ڪن بدشگوني چيو هيو.
    جسم ۾ جھيڻي هجڻ ڪري، هن جو هڪ ڪلهو هيٺ ۽ ٻيو مٿي نظر ايندو هيو ـــ پاسيريون باز جي کنڀن جهڙيون هيس. اهو پيلي هڏائين چهري وارو جوان عمر جي ٽيهين ڏهاڪي ۾ هيو. هن جي مرگھيءَ ۾ مبتلا ٿيڻ جو واقعو ائين آهي ته سال اڳ سندس هڪ اهڙيءَ عورت سان عشق ٿيو جيڪا ڪنهن ٻئي سان عشق ڪندي هئي. اها جنوريءَ جي چانڊوڪي رات هئي جڏهن هن ان کي ڏٺو ته کيس نم جي ٻور جي خوشبوءِ آئي ـــ مٿان نم جو وڻ نه هيو ـــ ٻور جي موسم نه هئي ـــ اها هڪ خوبصورت عورت هئي ـــ چانڊوڪي ان جي چهري سان ٽڪرائجي آسمانَ ۾ چندَ جو عڪسُ پئي ٺاهيو. ان باغ جا سارا گل بي رنگ ٿي سندس ڪپڙن ۾ سمائجي ويا هيا. ان جو روشن چهرو ايڏو معصوم هيو جو پاڪيزگي ننڍي ٻارَ جيان سندس چيچ کي جھلي بيٺل هئي.
    هو وڌي ان وٽ ويو ۽ نوڙي سلام ڪيائين.
    ”مان خادم...... نسل در نسل خادم“ هن عقيدت مان چيو: ”هن نٽهڻ چانڊوڪيءَ ۾ اوهانجو روپ نه سڙي، سوچيم ڪٿي ويهڻ جي صلاح ڪيان.“
    عورت اوچتو اوندهه مان هڪ عجيب مخلوق کي نروار ٿيندو ڏسي پوئتي هٽي وئي. ان جو هڏائون چهرو ڏسي کيس يقين ئي نه پئي آيو ته سندس سامهون هڪ جيئرو انسانُ مخاطب آهي.
    ”پري ٿي بيهه“ ـــ عورت چيو ”ويجھو نه اچ.“
    ان جي اهڙي ڌمڪيءَ تي هو هيٺ جھڪي ويو ۽ سندس چپن تي شرميلي مرڪ اچي وئي.
    ”مون اڳ اهڙو حسن جو جلوو ڪينَ ڏٺو“ هن کٻي واڇ اگھندي چيو، عورت هٿ مهٽڻ لڳي ۽ ان جي هٿن مان ڄڻ ٽانڊاڻا نڪتا. ”مان پريشان آهيان.“ عورت خفي ٿيندي چيو: ”مونکي وڌيڪَ پريشان نه ڪر“.
    هن پاڻ کي ڏوهي محسوس ڪيو.
    ”مونکي معاف ڪجو“. هن خوشامندي انداز ۾ چيو: ”منهنجو ارادو توهان کي تنگ ڪرڻ نه آهي. مان ته انسان آهيان. پويان ويهن قدمن جي فاصلي تي بيٺل گھاٽو بڙ به توهان تي عاشق ٿي سگهي ٿو.“
    عورت ڪاوڙ ۾ هلي وئي ۽ گھاٽي بڙ تان ٻه ڳاڙهيون اکيون لهي باغَ جي ٻاهرين در تائين ان پويان ويون.
    اها عورت ڪنهن واس جيان سندس وجود ۾ سمائجي وئي. هڪ منفرد واس جيڪو دنيا ۾ ڪٿي به سمايل نه هيو. هو چانڊوڪيءَ جي خوشبوءِ محسوس ڪندو هيو جنهن ڪري سندس منهن پيلو هيو پر عورت جي خوشبوءِ چانڊوڪيءَ جي خوشبوءِ کان وڌيڪَ اثر انگيز هئي. پيار هن تي آسيب جيان حملو ڪيو ـــ هڪ ڏينهن وهنجيو ته محسوس ڪيائين پاڻيءَ سان گڏ پاڻي ٿي ويو آهي ـــ کيس ان جي اچڻ جي اڳواٽ خبر پئجي ويندي هئي. هڪ دفعي سندس دماغ ۾ چڻنگ دکي ته ٻن ڏينهن کانپوءِ سنگمرمر جي مقبري اڳيان اتر واري ڏاڪڻ وٽ اچڻي آهي جتي هڪ وڏو باغ آهي ۽ ان باغ جي وڻن جا چيڪو ڪانون کانسواءِ ڪي به جاندار نه کائيندا آهن. ان باغ ۾ خوبصورت ڦوهارا آهن جن جي پاڻيءَ ۾ رت جي بوءِ آهي.
    هو وقت جو شدت سان انتظار ڪرڻ لڳو. هن لاءِ ٻه ڏينهن ٻه صديون هيا. انتظارڪندي کيس خوشي محسوس ٿي ته محبوب جي اوسيئڙي ۾ عمر دراز ٿئي ٿي.
    ٻن ڏينهن کانپوءِ هو ان مزار جي اتر واري ڏاڪڻ سامهون چيڪوءَ جي وڻن هيٺان ويهي رهيو. ڪجهه ڪانوَ وڻن تان لهي هن اڳيان ائين ويٺا جيئن کين انتظار هجي ته سندس تيز ڌڙڪندڙ دل سيني کان ٻاهر نڪري هيٺ ڪرندي ۽ اهي ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي ويڙهه ڪندا ـــ هو موت جو فرشتو بنجي وقت جا ساهه ڳڻي ان جي مرڻ جو انتظار ڪري رهيو هيو ـــ جڏهن وقت مئو ته هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. هن اکين جي ترندڙ پاڻيءَ ۾ ان کي ايندي ڏٺو ـــ اها آئي ۽ مزار جي اتر واري ڏاڪڻ وٽ بيهي ڪنهن لاءِ واجھائڻ لڳي ـــ هو ان ڏانهن وڌيو. هن کي ايندو ڏسي عورت جو ڇرڪ نڪري ويو، کيس حيرت ٿي ته ان کي اتي اچڻ جي خبر ڪيئن پئي؟.
    هو ادب مان ڪٻ ڪڍي ڪلهو لڙڪائيندو ان سامهون آيو ۽ سلام ڪيائين. عورت لنوائي پري ڏسڻ لڳي، جتي ڦوهارن جو پاڻي ڪارو ٿي چڪو هيو.
    ”تون منهنجن حواسن تي ڇائنجي چڪي آهين“ هن چيو ”تنهنجي رنگ ۾ ڍلجي چڪو آهيان ـــ مون ڏي نهار ـــ منهن نه موڙ.“
    عورت نه چاهيندي به هن ڏانهن ڏٺو ۽ اهو کيس ايڏو نفرت لائق نظر نه آيو جيڏو سمجھي رهي هئي.
    ”ڏس بزرگ“ عورت چيو ”ڪجهه منهنجي عزت جو خيال ڪر ـــ ان کان اڳ جو منهنجو پريمي پهچي، هتان هليو وڃ.“
    هن جي صحت تي ڪو اثر نه پيو ـــ ڄڻ پنهنجي وس ۾ نه هيو.
    ”مان بزرگ نه آهيان“ هن چيو ”پر تنهنجن رخسارن جيان آهيان جن تي وقت جي ڪروٽ جو ڪو به گهنج نه آهي. ڪهڙي پريميءَ جي انتظار ۾ آهين ـــ مان به تنهنجو پريمي آهيان.“
    عورت ڪو جواب نه ڏنو. ان وڌيڪَ ڳالهائڻ نه پئي چاهيو. اها پري منهن ڪري بيهي رهي. هو ان کي ڏسندو رهيو. جڏهن چڱي مهل گذري ۽ عورت جو پريمي نه آيو ته اها اتان هلي وئي. هو ان کي ويندي ائين ڏسڻ لڳو جيئن روح کي اوجھل ٿيندي ڏسندو هجي، کيس ڪا خبر نه هجي. روح جو رستو دوزخ ڏانهن آهي يا جنت ڏانهن ـــ يا ٻنهي جي وچ تي جتي ان کي فيصلي جو انتظار آهي.
    هو واپس موٽيو ته مايوس هيو. ليٽيو ته سندس ساڻ هڪ ٻيو شخص به ليٽيو، جنهن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪيائين پر سڃاڻي نه سگهيو. اهو کلي رهيو هيو. ايترو محسوس ڪيائين سندس کل نفرت جهڙي هئي.
    گهڻا ڏينهن ٿي ويا سندس ذهن ۾ اهو انڪشاف نه ٿيو ته اها وري ڪڏهن اچڻي آهي؟ ۽ واسو ڪهڙي مڪان تي آهي ـــ هو پريشان ٿي ويو ۽ سمجهيائين اهي خواب سٺا هوندا آهن جيڪي ننڊ ۾ ڏٺا وڃن ۽ اها ننڊ خراب هوندي آهي جيڪا خواب ۾ ڪئي وڃي ـــ آسيب کي سؤُ پير هوندا آهن. عشق دل ۾ سوراخ جيان آهي ـــ چانڊوڪيءَ ۾ رات جي راڻيءَ جي خوشبوءِ سندس ذهن جاڳائي وڌو ـــ مغز ۾ ڏور جي سٽ آئي، سندس وجود لڏي ويو. چپن ۾ چيائين. ”ها هڪ ڏينهن کانپوءِ اها اچڻي آهي.“
    پوءِ پاڻ کان سوال ڪيائين. ”ڪٿي؟“.
    تصور ۾ ڏٺائين. ڀولا ٽپا ڏئي رهيا هيا. شينهن گجي رهيا هيا. زراف جي منڍي ايڏي ته ڊگهي هئي جو چڪ هڻي چنڊ جو پاسو کائي ويو. ست رنگا طوطا ٻولي رهيا هيا. زيبري جي پٽن تي خيال رستو پار ڪري رهيا هيا ـــ هاٿيءَ سونڊ مٿي ڪري سندس محبوب کي سلام ڪيو ۽ بند پڃري مان چيمپينزيءَ بالٽي پاڻيءَ جي ڀري سندس منهن ۾ هنئي. هن جون اکيون کلي ويون.
    هڪ ڏينهن کانپوءِ چڙيا گهر ۾ پهتو. ماڻهن جي هجوم ۾ انکي ڳولهڻ لڳو. اها ان جھوني بڙ هيٺان بينچ تي ويٺل هئي جيڪو ٻه سوءُ سالَ پُراڻو هُيو. ان جو ٿڙ لڙڪندڙ پاڙن سان ملي هڪ ٿي چڪو هيو. هن پريان عورت کي ڏٺو ۽ بيهي رهيو، سندس دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي. ڄنگهون ڏڪڻ لڳيون. سامهون وڃڻ جي همت هاري ويٺو. دل کي تسلي ڏنائين. زندگيءَ جي منزل اها ئي آهي، جيڪا سامهون نظر اچي رهي آهي ـــ منزل تي موت به واجب آهي ـــ گھٻرائڻو ڪهڙو؟ ـــ اهو سوچي نوڙت ۽ نمرتا مان ڪٻ ڪڍي ڪلهو هيٺ مٿي هڻندو اچي سندس سامهون بيٺو. هن کي ڏسي عورت اچرج ۾ پئجي وئي ۽ حيرت مان بت بڻجي وئي. جڏهن ان جي نرڙ تي پگهر ظاهر ٿيو ته پريان ڏسندڙ هاٿيءَ کي اعتبار آيو اها پٿر جي نه آهي.
    هن اڳتي وڌي سلام ڪيو ۽ ڀرسان بينچ تي ويهي رهيو.
    ”تون هتي به پهچي وئين؟“ عورت سوال ڪندي چيو: ”ڇا تون منهنجي پويان ماڻهو ڇڏيا آهن؟ جيڪي منهنجي هر چرپر جو اطلاع توکي ڏين ٿا.“
    هن جي ڳالهه تي مرڪيو، سندس مرڪ ايڏي ته ڦهلجي وئي جو اها عورت کي مرڪ محسوس نه ٿي.
    ”پياري“ هن ڊگهو ساههُ کڻندي چيو: ”ٿي سگهي ٿو تنهنجو اهو پريمي مان هجان جنهن جو هر دفعي انتظار ڪندي هُجين؟“
    عورت کي محبوب جي نه اچڻ جو شدتَ سان احساسُ ٿيو، سندس ڪنڌ هيٺ ٿي ويو جيئن پنبڙين ۾ڦاٿل ڳوڙها اهو نه ڏسي سگهي.
    ”ان جو قيامت تائين انتظار ڪندس“ عورت اعتماد سان چيو: ”ايندو ضرور ايندو.“
    ”پاڇن جو انتظار شامون ڪنديون آهن. سانجھي انهن کي پاڻ ۾ سمائي ڇڏيندي آهي. تون لهندڙ سج نه آهين ـــ تون صبح آهين، جنهن مان پاڇا پيدا ٿيندا آهن.“ هن چيو.
    عورت کي ڳالهيون سٺيون لڳي رهيون هيون. هو سٺو نه لڳي رهيو هيو.
    ”توکي ڪجهه حاصل نه ٿيندو.“ عورت چيو: ”تون وقت وڃائي رهيو آهين“.
    هن وري مرڪڻ جي ڪوشش ڪئي. هن جي مرڪ مٽيءَ ۾ پوريل ان سِڪي جهڙي هئي، جنهن تي ڇاپيل بادشاهه جي مورت کي ڪٽ لڳل هوندي آهي.
    ”مون کي ڪجهه نه گهرجي“. هن چيو ”پر اندر ڪو آهي جيڪو توکي ڏسڻ بنا بي چين آهي ـــ مان وقت وڃائي نه رهيو آهيان، پر حاصل ڪري رهيو آهيان.“
    عورت سمجھي وئي هو ڪو ديوانو آهي، جيڪو دل جي گهرائين سان سندس پيار ڪري ٿو ـــ اهو کيس ڪو نقصان نه پهچائيندو.
    ”پر تون ٻڌاءِ؟“ عورت سوال ڪيو ”توکي اها خبر ڪيئن پئجي وڃي ٿي ته فلاڻي ڏينهن فلاڻي جاءِ تي موجود هوندس؟“
    هن وٽ ڪو جواب نه هيو. ڪنڌ هيٺ ڪري ڪجهه دير سوچيندو رهيو.
    ”شايد عشق آسيب آهي“ هن چيو ”وچڙي ٿو. جڏهن هٿ وٺي هلي ٿو ته بي خود ٿي ان پويان هلڻو پوي ٿو.“
    عورت کي جواب سمجهه ۾ نه آيو. ان کان اڳ جو اها ڳالهائي هن وري ڳالهايو.
    ”خبر نه آهي ڪهڙي محبوب جو انتظار ڪندي آهين؟ جنهن کي تنهنجي رستن جي خبر نه آهي.“
    هن جي ڳالهايل جملي تي عورت جي اکين ۾ ڳوڙها ترڻ لڳا پر ڪنڌ هيٺ نه ڪيائين. اها هن جي اکين ۾ ڏسندي رهي ـــ جڏهن گهڻو وقت گذريو ۽ ان عورت جو چاهيندڙ نه آيو ته اها هلي وئي ـــ هن پنهنجيون ڪوريئڙي جي ڄنگهن جهڙيون سنهيون آڱريون چمندي کيس حسرت مان الوداع چيو.
    هن جون ان عورت سان ڪيتريون ملاقاتون ٿيون. سندس دماغ ۾ اڳواٽ وڄ چمڪندي هئي ۽ پوءِ ڀوري بادل جو انتظار ڪندو هيو. هو عورت جي پهچڻ کان اڳ پهچي کيس دل جو حال اوريندو هيو. عورت جي دل ۾ هن لاءِ همدردي پيدا ٿي چڪي هئي. همدردي عشق جو ضد آهي. ڪنهن به دل ۾ همدردي ۽ عشق گڏ رهي نه ٿا سگهن.
    اهي سرءُ جا ڏينهن هيا جڏهن عورت هن کي ملاقات جو وقت ڏنو. ”هڪ ڏينهن ڇڏي ٻئي ڏينهن ـــ ڇنڇر شامَ جو. جتي شهر جو تاريخي قبرستان آهي ۽ پٿر جو پراڻو چبوترو آهي، ان هيٺان توسان ملندس.“
    عورت جيئن اهي لفظ چيا ته خوشيءَ مان هو سڌو ٿي ويو. سندس ڪٻ جھرندڙ پهاڙ جيان ڌرتيءَ سان ملي هڪ ٿي وئي. ڪلها تارازيءَ جي پڙن جيان توازن ۾ اچي ويا ۽ رنگت سمر قند جي صوف جهڙي ٿي وئي.
    ”تنهنجي اچڻ جي دير آهي.“ هن چيو: ”مان ته هر دم حاضر هوندس“.
    سرءُ جا ڏينهن اس ۾ ڪمبل ويڙهي ويٺل فقير جهڙا هوندا آهن. چنڊ آسمان ۾ ڏاڍو مٿي اڀرندو آهي. هلندڙ ميري هوا ۾ وڻن جا هيڊا پن مليريا جي مريض جيان ڏڪندا آهن.
    ان ڏينهن عورت سوچيو، هن پنهنجي محبوب جي راهن ۾ انتظار جون پيڙائون ڀوڳيون آهن. دنيا جو ڪو به مرد وفادار نه آهي ـــ سڀ موقعي پرست آهن. هوءَ اهڙي رويي جو بدلو ان شخص کان وٺندي جيڪو اڄ تاريخي قبرستان ۾ پهچي سندس انتظار ڪندو .
    هو هڪ ڏينهن ڇڏي ٻئي ڏينهن عورت جي چوڻ موجب شهر کان ڏور ان تاريخي قبرستان ۾ پهتو جتي فليٽن جهڙيون قبرون خوبصورت چترن سان سينگاريل هيون. پريان هڪ پٿر جو چبوترو هيو ۽ ان جي فرش جون سرون وقت جي ستم ظريفيءَ ۾ ڳري چڪيون هيون. هو چبوتري هيٺان بيهي ان جو انتظار ڪرڻ لڳو. جڏهن گهڻو وقت گذري ويو ۽ سج اولهه ڏي لڙيو ته اس چبوتري جي ونگ کان هن جي وجود تي پوڻ لڳي ۽ سندس پاڇو ڊگهو ٿي عورت کي ڳولهيندو انهن رستن تائين هليو ويو جتان ان کي اچڻو هيو.
    هن سوچيو، هو اتي دل جي چوڻ تي نه پر عورت جي چوڻ تي آيو هيو. اهو سوچي هو وسامي ويو ۽ مايوس ٿي چبوتري جي ناهموار فرش تي ويهي رهيو ۽ ٻئي هٿ مٿي کي ڏئي ڇڏيا.
    اوچتو کيس دماغ ۾ چڻنگ دکي. هوءَ اچي رهي آهي، سندس جسم مان رات جي راڻيءَ جي خوشبوءِ اوندهه سان ملي هڪ ٿي وئي آهي. ان جي جسم مان اڀرندڙ پگهر جا بخارات ذهن جاڳائيندڙ بام جهڙاٿي چڪا آهن. هن محسوس ڪيو. اها قبرستان جي دروازي مان لنگهي، ان قبر وٽ پهتي آهي جنهن ۾ شهيد پيءُ ۽ پٽ دفن آهن. هن ڏٺو عورت جا گلابي ڪپڙا گيڙوءَ رنگا ٿي چڪا آهن. اها هلندي ان نلڪي وٽ پهتي آهي جنهن مان پاڻي ڀري قبرن تي ڇڻڪار ڪندا آهن. ان جا پير مور جي پيرن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. ڇڻيل بيد مُشڪ جي هيڊن پنن کي باهه لڳي وئي ۽ دونهون ڦهلجي ويو. هن ڏٺو هرڻيءَ جي پوئين ڄنگهه تي شينهن جي ننهن جا نشان آهن، اها منڊڪائي رهي آهي. اداس مرگهه جي دن مان کستوريءَ جي بوءِ اچي رهي آهي. سو چيائين، هوءَ پٿر جي چبوتري ۾ هن وٽ پهتي آهي ـــ اکيون کولي ڏٺائين ته کيس مرگھيءَ جو دورو پئجي ويو.
    اهو سندس زندگيءَ ۾ مرگھيءَ جو پهريون دورو هيو، پوءِ کيس ٻه چار ڏينهن اڳ خبر پئجي ويندي هئي ته ڪهڙي ڏينهن مرگھيءَ جو دورو پوڻ وارو آهي.


    پياري فخر النساءِ

    پياري فخر النساءِ!، ستٽيهه سالن کانپوءِ خط لکي رهيو آهيان. يقين ڪر ڪا خبر نه آهي ڪٿي هوندينءَ؟ تنهنجي ايڊريس ڪهڙي آهي؟ خط تو تائين ڪيئن پهچندو؟ ستٽيهه سال اڳ توکان موڪلائڻ بنا الڳ ٿيو هُيس ته پهريان پنج سال تنهنجي ياد جي ڪنڊي ۾ ڦاٿل هيس، پوءِ ڪنڊو نڪري ويو، زخم ڇٽي ويو. تنهنجي ياد جو وجود هوا سان ملي هڪ ٿي ويو. توکي وساري ويٺو هيس.
    گذريل ستن سالن کان مون نفرت ڪرڻ ڇڏي ڏني هئي، ان جو سبب ذهن مان ان ڳالهه جو نڪرڻ هيو ته توسان ڪڏهن پيار هيو. ماڻهوءَ جي من ۾ پيار ۽ نفرت ساڳي وقت رهندا آهن. هڪ جو وجود فنا ٿي وڃي ته ٻيو پاڻ ئي ختم ٿي ويندو آهي. پيار نفرت کي جنم ڏئي ٿو ۽ نفرت پيار کي ـــ وڇوڙي کان ڏهه سال پو ءِ توکان نفرت هئي، ان جو سبب پيار هيو ـــ جڏهن توکي وساري ويٺس ته پيار ۽ نفرت بي معنا ٿي ويا.
    ڪجهه ڏينهن اڳ عجيب وارتا ٿي ـــ منهنجو گهر شهر کان ڏور ويراني ۾ آهي. اتي گهر گهٽ ۽ آکيرا وڌيڪَ آهن. وڻن جو ميلو متل آهي. خاموشي ائين ڇانيل آهي جيئن لڙ جي زبان ڪٽيل هجي. منهنجوٻه ماڙ گهر جنهن اڳيان بيد مشڪ جو وڻ آهي اتي ڪانون آکيرو ٺاهيو ـــ اهي گرميءَ جا ڏينهن هيا. سج ائين چمڪي رهيو هيو جيئن قدرت تازو پنهنجي دامن سان صاف ڪيو هجي. انسان جي پيدائش اڻ مندائتي هوندي آهي پر پکين جي پيدائش جي موسم آهي. ڪانءَ جڏهن آکيرو ٺاهيندا آهن ته قدرت انهن کي ڪاٺيون فراهم ڪندي آهي. ڪاٺيون جيڪي تپندڙ ڌرتيءَ تي ڦهليل هونديون آهن.
    يقين ڪر فخر النساءِ! مون انهن ڪانون کي ڪڏهن ٺوٺ ڪاٺيون چونڊيندي نه ڏٺو. ڪڏهن چهنب ۾ ڪک کڻي اڏامندي نه ڏٺو. ضرور اهي لڳ جي موسم ۾ مصروف رهيا هوندا، منهنجو ڌيان اوڏانهن ڪڏهن نه ويو. انهن ڪاٺي ڪاٺي، ڪک ڪک وڏي محنت سان آکيرو جوڙيو هوندو، مون ڪڏهن ڪونه ڏٺو. دنيا جو اصول آهي، ڪجهه ٺهندو آهي، ڊهندو آهي، ڪير ٿو ڏسي ـــ پکي آکيرا جوڙيندا آهن، آرو ڪندا آهن ۽ اڏامي ويندا آهن.
    اهو سچ آهي ته يادون پر ڪٽيل پکين جيان هونديون آهن، اڏرڻ چاهينديون آهن، اڏري نه سگهنديون آهن ـــ جڏهن تنهنجي ياد پر ڪٽيل پکيءَ جيان منهنجي اڱڻ تي هوندي هئي ته مان ان کي اکين جا ڳوڙها چڳائيندو هيس. پکين کي نوان پر پيدا ٿي پوندا آهن. يادون اڏري وقت جي عقاب جو شڪار ٿي وينديون آهن.
    بيد مشڪ تي ڪانون آنا ڏنا هوندا ۽ آري تي آرام سان ڪجهه گهڙيون گهاريون هونديون. اهو ان ڪري ٿو چوان ته ڪڏهن ڌيان نه ڏنو. مان گهر ۾ پيو گهمندو هيس. ڪڏهن هيٺ، مٿي، ڪڏهن ان ٽيريس ۾ بيهي ٻاهر جو نظارو ڪندو هيس، جنهن ٽيريس کان ٻه ميٽر پري اهو بيد مشڪ جو وڻ هيو. ورلي ڪڏهن ڪانءَ جو آواز ٻڌندو هيس، جيڪو پلوڙي يا مٿين ڇت تي برساتي واري پاسي کان ٻڌڻ ۾ ايندو هيو. ائين ته هن ويراني ۾ هر پکي آهي، جن جون ٻوليون ويجھو ۽ پري کان پيون ٻڌبيون آهن، پر ڪجهه ڏينهن کان ڪانءَ جو آواز ٽانڪيءَ تي رکيل ڍڪڻ کان به ڳورو ٿي چڪو هيو.
    اڃان سانوڻ تو جيئن پري هيو. ڪڏهن ڪو ڀورو بادل ڀٽڪي ڪنهن کي ڳولهيندو هوا ۾ اڏرندو هليو ويندو هيو ته ڳوڙهن جي بوندا بانديءَ ۾ روڊ تي قدمن جا غير واضح نشان مٽجي ويندا هيا. سانوڻ کان اڳ حبس ائين هوندو آهي، جيئن ڪنهنجي انتظار ۾ ساهه رڪيل هجي ـــــ پياري فخر النساءِ! پڪ آهي ته هيءُ خط لکڻ کانپوءِ ڦاڙي ڦٽي ڪرڻو پوندو. ان جو سبب اهو آهي ته تون ڪڏهن هئينءَ، پوءِ نه هئينءَ ۽ هاڻي هجين الاءِ نه؟ ـــ بلڪل ائين جيئن ڪڏهن توسان پيار هيو، پوءِ وساري ڇڏيو ۽ هاڻي ياد ڪيو! توکي اهو ئي ته ٻڌائڻ چاهيان ٿو ــ ان اوچتي ياد جو سبب ڪهڙو آهي؟
    ان ياد جو سبب هڪ ڪانءُ ۽ ڪانويلي آهي.
    مون کي ڪا خبر نه هئي ته انهن ٻچا ڏنا آهن. منهنجي ٽيريس کان ٻه ميٽر پري ان آکيري ۾ ٻچا موجود آهن، جنهن آکيري چوڌاري اهي ڪنهن مورچي جيان هر هر هوا ۾ پرواز ڪري ان جي حفاظت ڪري رهيا آهن. ڪيڏو نه عجيب ٿو لڳي جڏهن ڪو انسان سچ ڳالهائيندي، سچ کي ثابت ڪرڻ لاءِ ان پويان قسم کڻي وڃي. پر لاشعوري طور مان قسم کڻي توکي يقين ڏيارڻ چاهيان ٿو ته اهو آکيرو ڪڏهن مونکي ياد نه رهيو. هڪ دفعي ڏاڪڻ چڙهي ٽيريس ۾ آيس، ڪانويلي پر هڻندي آئي ۽ ٺونگو هڻي هلي وئي. ٺونگو اهڙو ته زورائتو هيو جو ننهن جي چهنب ڄڻ دل جو زخم تازو ڪري وڌو ـــ پوءِ به مون ان ڪانويليءَ ڏي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو ــ مون ان ڪانويليءَ جي حملي کي وساري ڇڏيو ـــ ٻئي دفعي جڏهن ڏاڪڻ چڙهي ٽيريس مان ٿيندو مٿين ماڙ وڃي رهيو هيس ته وري اڏامندي آئي ۽ ڪن وٽان ڀڙڪو ڏئي پري هلي وئي. ان اوچتي اڏام تي منهنجو ڇرڪ نڪري ويو ۽ ڪلها مٿي ٿي ويا. مون ڏٺو ڪانويلي بيد مشڪ جي مٿين ڏار تي ڪنڌ ٽيڙو ڪري مون کي چتائي رهي هئي. پهريون دفعو سوچيم ضرور آکيرو ڀرسان آهي ۽ انهن ٻچا ڏنا آهن. مون آکيرو ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي اهو نظر نه آيو. ڪانءُ ۽ ڪانويلي مون مٿان هر هر اڏرندا پري نم جي وڻ تي وڃي ٿي ويٺا ۽ تيز نظرن سان منهنجي هر حرڪت جو جائزو وٺڻ لڳا. مون کين خاطر ۾ نه آندو ۽ وري ڪم ڪار کي لڳي ويس ـــ دنيا جهان جي ڪاروبار ۾ انسان سبزيءَ جي دوڪان تان گوبي خريد ڪري ڪڏهن دل جيان وساري ايندو آهي. ڪٿي ياد اچي ٿو، جنهن کي وساريو آهي، اهو به ڪڏهن ياد هيو.
    پياري فخر النساءِ! ڪير ٿو ياد ڪري، اهو ته هڪ ڪانءُ هيو، هڪ ڪانويلي ـــ دل جا زخم مِڙن ٿا، رهجي ويل نشان دل تي رت جي ريج سان ميسارجي وڃن ٿا.
    جڏهن ٽيريس ۾ ويس ته خبر پئي ڪانويلي اڏرندي آئي ۽ ان ٺونگو هنيو، ننهن اندر لهي ويا ـــ مون اتي پيل انب جي کوکڙي کنئي ۽ کيس وهائي ڪڍي. ڪانءُ گوڙ ڪندو اڏريو ۽ ڪانويليءَ سان گڏ منهنجي مٿان چڪر هڻي پري وڃي ويٺو. انهن هر هر کنڀَ کڻي اڏرڻ جا سانباها پئي ڪيا ۽ ”ڪان ڪان“ ڪندا هيڏانهن هوڏانهن پئي ڦريا. انهن جون تيز نظرون باز کي مات ڏئي رهيون هيون ۽ سندن ارادا مون کي قتل ڪرڻ جهڙا هيا. مون غور سان بيد مشڪ جي وڻ ۾ ڏٺو آکيرو نظر آيو جيڪو ٽن ٽارين جي وچ تي لڏي رهيو هيو. ان ۾ ٻچا ڳاڙها وات کولي مون کي چڙائي رهيا هيا. آکيرو گهاٽن پنن پويان لڪل هيو. اهو سڪل ڪاٺين سان ٺهيل آکيرو جٽادار ڏسجي رهيو هيو.
    پياري فخر النساءِ! مان پنهنجي لاءِ ڪهڙي راءِ ڏئي سگهان ٿو. ڪنهن انسان جي پنهنجي باري ۾ راءِ ائين هوندي آهي جيئن کيس ڪو ٻيو سڃاڻيندو نه هجي. هڪ اڪيلو ۽ گمنام شخص پنهنجي وجود تائين محدود هوندو آهي ـــ اڪيلائيءَ جو سبب وجود جو حصار آهي. ڪانءُ ۽ ڪانويلي ان حصار کي ڪيئن ٽوڙي سگهن ٿا. مان صبح جو ناشتو ڪندو آهيان ته رات جي ماني نه کائيندو آهيان، جيئن خواب ۾ توسان گڏ نصيب ٿي سگهي.
    پياري فخر النساءِ! تون ياد نه رهينءَ ته ڪانءَ ۽ ڪانويليءَ جي ڪهڙي حيثيت؟ مون انهن کي وساري ڇڏيو. جڏهن وري ٽيريس ۾ ويس ته تيز ننهن وارو ٺونگو دماغ کي چيريندو دل ۾ لهي ويو. ياد پيم، اتي هڪ ڪانءُ هيو، هڪ ڪانويلي هئي. بيد مشڪ تي آکيرو هيو جنهن ۾ ٻچا ڳاڙها وات کولي منهنجي بي وسيءَ تي کلي رهيا هيا. مون هر دفعي انهن کي وساريو ۽ انهن ياد ڪرايو: ”اسان موجود آهيون. سوچن کي لغام ڏي، نه ته تنهنجي کوپڙي کوٽي مغز ٻچن کي کارائي ڇڏينداسين“ مون بي وسيءَ مان سوچيو: ”آخر انهن جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي! ٽيريس منهنجو گهر آهي. ٻچا ٻه ميٽر پري آهن ۽ منهنجو انهن کي نقصان پهچائڻ جو ڪو ارادو نه آهي.“
    اها ڪانون جي عادت آهي، ٻچا ڏيڻ کانپوءِ يادن تي حملو ڪندا آهن. پياري فخر النساءِ! آخر اهڙو وقت آيو جو آکيرو ياد ٿي ويو. جڏهن به ٽيريس ۾ ويندو هيس ته احتياط کان ڪم وٺندو هيس. ڏاڪڻ چڙهي مٿي تي هٿ رکندو هيس. منهنجو مٿو ايڏو زخمي ٿي چڪو هيو جو اتي هٿن رکڻ سان سور محسوس ٿيندو هيو. ڪانون جو جوڙو سمجھي چڪو هيو ته مان هوشيار ٿي چڪو آهيان. اهي حملي ڪرڻ کان اڳ ڏسندا هيا جيڪڏهن غافل آهي ته کيس هوشيار ڪيون پر مان محتاط هوندو هيس. مٿي چڙهي هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو هيس. ڪانءَ اڏامي ڀرسان لنگهندا هيا پر انهن کي حملي جي جرئت نه ٿيندي هئي. آکيري ۾ وقت سان انهن جا ٻچا وڏا پئي ٿيندا ويا. اهي پر ڦهلائي اڏرڻ جا سانباها ڪندا هيا ـــ اهو آکيرو منهنجي دماغ ۾ ڪانون جي ننهن سان لکجي ويو.
    نيٺ سانوڻ کان اڳ ٻچا وڏا ٿي ويا ۽ ڪانو هليا ويا، پر مان ڊنل هوندو هيس. پير پير ۾ ڏئي ڏاڪڻ چڙهي ٽيريس ۾ ويندو هيس. خالي آکيرو بيد مشڪ جي ڏانڊين ۾ جھوليندو رهندو هيو. پوءِ سانوڻ آيو، واءُ لڳي، گجگوڙ ٿيا، کنوڻ کلي ۽ مينهن وٺا. مسلسل مينهن وسندا رهيا. بيد مشڪ جي ڏانڊين وچ ۾ آکيرو زور سهي نه سگهيو. ان جون ڪاٺيون آليون ۽ نرم ٿي پنهنجي جاءِ ڇڏي ويون. آکيرو ڪک ڪک ٿي واءُ ۾ وکرجي ويو.
    پياري فخر النساءِ! تون ٻڌاءِ مان اهو آکيرو ڪيئن وساري سگهان ٿو؟


    بهانو

    ڪڪي جي پهرين ورسيءَ تي گهر مهمانن سان ڀريل هيو ـــ پير پائڻ جي جاءِ نه هئي ــ هڪ پورو ڪمرو ٻارن حوالي هيو. ٻار پاڻ ۾ مليا ته انهن لاءِ رونشو ٿي پيو. پلنگن، ڪرسين ۽ صوفن تي هيٺ مٿي ٽپا ڏئي ڪمرو مٿي تي کنيائون ـــ ڪڏهن وڙهي رنا پئي ـــ ڪڏهن ٽهڪن ۾ مچي ويا ٿي ـــ ٻاهر وڏي ڪمري ۾ مرد خاموش ۽ ڏک ۾ ورتل هيا. اندرين پاسي ڪمري ۾ عورتون ڪڪي کي ياد ڪري پوتيءَ جي پاند سان ڳوڙها اگھي رهيون هيون. يار محمد ڍلي جسم سان گهر ۾ ائين گهمي رهيو هيو جيئن پٽ جي موت کانپوءِ جسم مان روح نڪري ويو هجي ـــ جسم هيٺ جھڪيل هجڻ ڪري سندس ڪٻ نڪتل هئي.
    گذريل هڪ سال کان اهو ڏينهن خالي نه هيو جو هو نوجوان پٽ کي ياد ڪري رنو نه هجي. بورچي خاني کان واش روم تائين هن ڪا به جاءِ نه ڇڏي هئي جتي لڪي ڳوڙها نه ڳاڙيا هُجن، عام ڏينهن ۾ ڪمري اندر سوڙ پائي هيٺان سُڏڪندو هيو، کيس لڪي روئڻ جي عادت ننڍپڻ کان هئي، هن کي سڀني سامهون روئڻ سٺو نه لڳندو هيو. لڪي روئڻ سان سندس دل جو بارُ هلڪو ٿيندو هيو. جنهن ڏينهن کيس روئڻ نصيب نه ٿيندو هيو ته لڳندو هيو، ان ڏينهن ماني نصيب نه ٿي هجي. هو بکيو هجي ـــ اڃ کان سندس نڙي خشڪ ٿي وئي هُجي ـــ هُو ڏُک کائيندو هيو ۽ ڳوڙها پيئندو هيو.
    ڪڪي جي پهرين ورسيءَ تي گهر مهمانن سان ڀريل هجڻ ڪري کيس لڪڻ لاءِ ڪا به جاءِ نه ملي جتي هو ڳوڙها ڳاڙي سگهي ـــ هن جو من اندر جي دٻاءَ کان ڦاٽو ٿي ويو ـــ ڳوڙها اکين ۾ ڇوليون هڻي هر هر ڪنارن سان پئي ٽڪرايا، سندس اندر جو طوفان تيز پئي ٿيندو ويو ـــ پر ڪٿي ڪا جاءِ نه ملي جتي ڇولين جي اڇل کي ٻاهر نڪرڻ جو رستو ملي سگهي.
    يار محمد سوچيو، جيڪڏهن هو اڄ نه رُنو ته صبح سان مئل هوندو ـــ هُو ٻارن جي ڪمري ۾ ويو ۽ حرڪت ڪندڙ ٻارن کي ڏسي ٽهڪ ڏنا.
    ”اڙي او اَڪو، راحمو، راجو، اشو، آصف، احمد سڀ اچو ته توهان کي ڳالهه ٻُڌايان.“ هن چيو ۽ ٻار حرڪت بند ڪري هن ڏانهن متوجهه ٿيا.
    ”نانا، ماما، چاچا“ ٻارن هن کي پنهنجي پنهنجي آواز ۾ چيو ”اسان کي کٽن واري ڪهاڻي ٻڌاءِ، جيڪي رات جو پاون تي گهمنديون هيون.“
    ”نه“ ننڍڙي رُباب چيو ”ڪرشنا جي ڏاج واري ڪهاڻي ٻُڌاءِ جيڪا تون سکر آيو هُئين ته ٻُڌائي هُيئي.“
    ”توکي ياد آهي“. هن نوڙي رباب کي ڀاڪُرَ ۾ وٺندي چيو ”ڪرشنا جي ڏاج واري ڪهاڻي ته ڏاڍي ڏک ڀري آهي.“
    ”ته پوءِ ان ڊاڪٽر جي ڪهاڻي ٻڌاءِ جنهن اچڻ ۾ دير ڪئي، مريض مري ويو ۽ هن تڏي تي تعزيت ڪئي“. ننڍڙي احمد چيو ـــ يار محمد ان جي مٿي تي شفقت مان هٿ ڦيريو ۽ پوءِ چيو ”ها اها مزيدار ڪهاڻي آهي.“
    هن سڀني ٻارن کي چوڌاري ويهاريو ۽ پوءِ چيو. ”پر اڄ مان توهان کي بادشاهه ۽ بورچيءَ جي ڪهاڻي ٻڌائيندس.“
    يار محمد وڏي پلنگ تي ٻارن وچ ۾ ويٺو ۽ هن ڪهاڻي ٻُڌائي.
    ”هڪ بادشاهه هيو ان کي بورچيءَ جي ضرورت هئي. ڪو لنگهو جنهن جي جوءِ مري وئي هئي ۽ جڏهن به ڪنهن شاديءَ ۾ توتلي وڄائيندو هيو ته کيس پنهنجي شادي ياد ڪري اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي ايندا هيا. اهو توتلي ائين وڄائيندو هيو ڄڻ روئندو هجي“ پوءِ يار محمد هٿن کي توتليءَ وانگر وات تي رکي ڪنهن مسخري وانگر وڄائڻ شروع ڪيو ـــ ٻار ٽهڪن ۾ مچي ويا. هن وري ڳالهه کي اڳتي وڌايو.
    ”ان لنگهي سوچيو ته توتلي وڄائڻ کان بهتر آهي هو وڃي بادشاهه جو بورچي ٿي. اهو سوچي لنگهو گهر کان نڪتو ۽ اچي بادشاهه جي محل جو دَرُ کڙڪايو. دربان ٻاهر نڪتو ۽ پڇيو ”ڪير آهين؟“
    لنگهي کيس ٻُڌايو ته بادشاهه سان ملڻ جو خواهشمند آهي، ڇو جو بادشاهه کي هڪ بورچيءَ جي ضرورت آهي. دربان هن کي رحم جي نظرن سان ڏٺو ۽ چيو ”ڇا توکي خبر آهي ته محلات ۾ هر مهيني ۾ هڪ بورچي تبديل ٿيندو آهي، ڇو جو بادشاهه جي منشا مطابق جيڪو بورچي کاڌو نه پچائي سگهندو آهي، ان کي سزا طور زندان جو منهن ڏسڻو پوندو آهي.“
    لنگهي سوچيو، هو ته بورچي آهي ئي ڪونه پوءِ کاڌو ڪيئن پچائيندو. هتي ته سٺا سٺا بورچي زندان حوالي ٿي چڪا اهن. يا الله رحم ڪر.
    يار محمد ڪنهن مسخري جيان ڪنن کي ڇهي روئڻ لڳو ۽ ٻار ٽهڪن ۾ مچي ويا.
    ”لنگهي سوچيو موٽي وڃي پر وري دل ۾ چيائين ڪهڙي منهن سان شادين ۾ توتليون وڄائيندو، هن جي زال ته دنيا مان موڪلائي وئي آهي. اهو سوچي لنگهي دربان کي جواب ڏنو. ”اي دربان آهيان ته لنگهو پر کاڌو سٺو پچائيندو آهيان، ڇو جو شاديءَ کانپوءِ زال گذاري وئي ۽ پاڻ پچائي کاڌو اٿم. ان ڪري پچائڻ جو ايترو تجربو اٿم ته جڏهن پچائيندو آهيان ته پڪل پاڻ کي ضرور وڻندو آهي.“
    هن جي ڳالهه تي ٻار وري کليا ۽ يار محمد روئڻ شروع ڪيو ۽ چيو ”دربان جي وڃڻ کانپوءِ لنگهو محل جي در تي بيهي صفا مون وانگر روئڻ لڳو. اهو سوچي ته ضرور جڏهن بادشاهه کي دربان اها ڳالهه ٻڌائيندو ته هڪ لنگهو توهان وٽ بورچي ٿيڻ لاءِ آيو آهي ته اهو ڏمربو ۽ جلاد کي حڪم ڪندو ته ان بدتميز شخص جي منڍي لاهي پيش ڪر ـــ پر جڏهن دربان بادشاهه سامهون ويو ته بادشاهه ڳالهه ٻڌي سوچ ۾ ٻڏي ويو ۽ سوچيائين ـــ ڪيترائي تجربيڪار بورچي آزمايا اٿم. سڀ ناڪام ويا. هڪڙو موقعو ڇو نه لنگهي کي ڏيان، متان سٺو بورچي ثابت ٿي. اهو سوچي، دربان کي چيائين ته لنگهي کي پيش ڪر ـــ دربان ٻاهر آيو ۽ ان لنگهي کي بادشاهه جو حڪم ٻڌايو. جڏهن لنگهو بادشاهه سامهون پيش ٿيو ته بادشاهه سون جي تخت تي چانديءَ جو حقو پي رهيو هيو. لنگهي اندر پهچي نوڙي سلام ڪيو ۽ احترام ۾ خاموش بيهي رهيو. بادشاهه حقي جو ڪش هنيو ته سندس وات مان ناسي دونهون نڪري هر طرف ڦهلجي ويو.
    ”جيڪڏهن لنگهو آهين ته کاڌو ڪيئن پچائيندين؟“ بادشاهه هن کان سوالُ ڪيو.
    ”سائين زالَ جي وفات کانپوءِ وڏو عرصو پاڻ پچائي کاڌو اٿم. هر طعام پچائڻ ڄاڻيندو آهيان. جيڪڏهن موقعو ڏيندا ته اوهان کي مايوس نه ڪندس.“
    بادشاهه هن کان پڇيو. ”ڇا گدڙ جي گوشت ۾ برياني پچائڻ ڄاڻيندو آهين؟“
    بادشاهه جي ڳالهه تي لنگهي کان کل نڪي وئي ۽ ٻار به کلڻ لڳا. ”ڪهڙيون ٿا ڳالهيون ڪيو بادشاهه سلامت“ لنگهي چيو ”گدڙ جي برياني کائن اوهان جا دشمن ـــ مان شينهن جو قورمو اهڙو پچائيندو آهيان جو کائڻ سان اوهان جي دل وڏي ٿي ويندي.“
    اهو چئي وري لنگهو روئڻ لڳو ۽ چيو ”پر شينهن جو شڪار ڪري نه سگهندو آهيان ڇو جو بادشاهه نه آهيان.“
    لنگهي جو نقل ڪندي يار محمد دل جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ ڳوڙها ڳاڙي وري روئڻ لڳو ۽ ٻار ٽهڪ ڏئي کلندا رهيا.
    ”لنگهي جون ڳالهيون ٻڌي بادشاهه خوش ٿيو ۽ هن کي اجازت ڏنائين ته ڀل شاهي دسترخوان جا طعام تيار ڪري، پر اها تنبيهه پڻ ڪيائين ته جيڪڏهن هن پچائڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي ته کيس زندان ۾ وڌو ويندو. بادشاهه کيس پنهنجن اصولن کان واقف ڪيو ته هو هر بورچيءَ کي ست موقعا ڏيندو آهي. جيڪڏهن ان پاڻ کي معيار مطابق ثابت نه ڪيو ته اهو سزا جو مستحق ٿيندو ۽ جيڪڏهن ڪامياب ويو ته کيس انعام ۾ ڪنيزون ۽ شاندار جنت جهڙو گهر عطا ڪيو ويندو ـــ لنگهي بادشاهه جا سڀ شرط قبول ڪيا ۽ بورچي خاني ۾ وڃي کيس پهرين رات پالڪ پنير ٺاهي پيش ڪيو. بادشاهه ڳڀو ٻوڙي جيئن وات ۾ وڌو ته کيس ذائقو پسند نه آيو ۽ گرهه چٻاڙيندي سندس وات ائين رڪجي ويو جيئن هوڙ ڀڄي پئي هُجيس.
    ”تازي پالڪ ۾ سڙيل پنير وجھندين ته ان مان پاروٿن ڪريلن جهڙي ڌپ ايندي.“ بادشاهه چيو ۽ لنگهي جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا.
    يار محمد روئڻ لڳو ۽ ٻارٽهڪن ۾ مچي ويا.
    ”باقي ڇهه موقعا.“ بادشاهه لنگهي کي چيو. ”جيڪڏهن اهڙا کاڌا کارايئي ته تنهنجو حشر ٻين کان گهٽ نه ٿيندو.“
    لنگهو اداس ٿي ويو ۽ هيٺ ڪنڌ ڪري بيهي رهيو.
    ”صبح سان نيراني ڇا پچائي پيش ڪندين؟“ بادشاهه سوال ڪيو.
    ”جيڪي حڪم ڪندا سرڪار“ لنگهي چيو ”منهنجي خيال ۾ اٺ جي نهاري نوش فرمائيندا ته توهان جي وات جو صواد سوايو ٿي ويندو.“
    بادشاهه کيس نفرت مان ڏٺو ۽ چيو ”ان کان چڱو آهي ته ٻڪر جو جيرو ڪارا مرچ وجھي پيش ڪر.“
    لنگهي صبح سان سوير اٿي شاهي ڪاسائيءَ کي چيو ته ”ٻڪر ڪهي جيرو ڪڍي ڏي.“
    شاهي ڪاسائيءَ اعتراض ڪيو.
    ”جيري لئي ٻڪر ڪهڻ بيوقوفي آهي.“
    لنگهو ذهين هيو ۽ ان جملي کي ڦيرائي چيو ”ٻڪر ڪهي گوشت تون کڻ ۽ جيرو مون کي ڏي.“
    اها ڳالهه ٻڌي ڪاسائي روئڻ ۾ مچي ويو ۽ چيو ”اهڙي حرڪت تي مون کان اڳ ڪيترائي ڪاسائي سسيون لهرائي ويٺا آهن. ڇا تون چاهين ٿو ته منهنجو حال به انهن جهڙو ٿئي“؟
    ڪاسائيءَ جي روئڻ جونقل ڪندي يار محمد اچي روئڻ ۾ ڇٽو ۽ ٻار ٽهڪن ۾ مچي ويا.
    نيراني لنگهي ٻڪر جو تازو جيرو ڪارا مرچ وجھي بادشاهه کي پيش ڪيو ته بادشاهه گرهه ڀڃي جيئن جيري سان کاڌو ته چٻاڙي ٻاهر ڦٽو ڪيائين. ”جيرو پچايو ٿي يا اوجھري“؟ هن ڪاوڙ مان چيو ”توکي خبر هجڻ گهرجي ته جيري ۾ ڪڏهن به ميٿي نه وجھبي آهي.“
    بادشاهه خراب منهن ڪندي لنگهي کي چيو ”باقي پنج موقعا ـــ جيڪڏهن پاڻ کي نه سڌاريئي ته سڄي زندگي زندان ۾ گذاريندين، جتي توکي کائڻ لاءِ گھوگھائي مرچن ۾ ٿوهر وجھي ڏيندس.“
    بادشاهه جي ڌمڪي ٻڌي لنگهي جو منهن لهي ويو ۽ هن کي پنهنجي مرحوما زال ياد اچي وئي جيڪا ڪڏهن ميٿيءَ ۾ جيرو پچائيندي هُئي ته سڄو پاڙو ان جي خوشبوءِ جي ساراهه ڪندو هيو ـــ زال کي ياد ڪري لنگهو اچي روئڻ ۾ ڇٽو ۽ يار محمد وٺي ڍڍڪريون ڏنيون، ٻار کل ۾ ٻٽ پيا هُيا. يار محمد جڏهن روئي هلڪو ٿيو ته وري ڳالهه اڳتي وڌائي.
    ”پوءِ پيارا ٻارو. لنگهي جڏهن به بادشاهه کي ڪجهه پچائي پيش ڪيو ته بادشاهه کاڌي مان وَڏون ڪڍي کيس ڇِڻڀيو. ائين لنگهي جا ست موقعا ضايع ٿي ويا.
    هن آخري دفعو بادشاهه کي ٽانڊا هنڊي کارائي ـــ جنهن مان کيس دوزخ جي دونهي جهڙي بوءِ آئي ۽ ان ڪاوڙ جي جلاد کي حڪم ڏنو ته ”هن کي زندان ۾ اڇلاءِ جِتي ٻيا بورچي باهه ۾ سڙي رهيا آهن ۽ گھوگھائي مرچن ۾ ٽي ويلا ٿوهر کائي رهيا آهن.“
    بادشاهه جي حڪم تي لنگهو هٿ ٻڌي بيهي رهيو ۽ ان توبهه تائب ٿيندي چيو: ”سائين توبهه جا دروازا سدائين کليل آهن. سرڪار توهان جو ٿورائتو آهيان جو مون لنگهي کي بورچي ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪيو ۽ سڌرڻ جا ست موقعا ڏنا. جيڪڏهن توهان ستر موقعا به ڏيو ها ته منهنجيون غلطيون ۽ ڪوتاهيون توهان کان ڳجھيون ڪين هُجن ها. دراصل بندي جو ڪم غلطيون ڪرڻ ۽ مالڪ جو ڪم معاف ڪرڻ آهي. مهرباني ڪري معافيءَ جا دروازا بند نه ڪيو. مان هڪ لنگهو آهيان ـــ منهنجو پڪل کاڌو ته اوهان کي قبول نه پيو، من منهنجي وڄايل توتلي توهان تي اثر ڪري.“
    پوءِ هن ڪپڙي ۾ ويڙهيل توتلي ڪڍي ۽ بادشاهه اڳيان وڄائڻ شروع ڪئي. توتلي وڄائيندي لنگهي جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ۽ سندس سڏڪا توتليءَ مان ٻڌجڻ ۾ پئي آيا.
    بادشاهه کي لنگهي جي توتلي ايڏي ته وڻي جو پنهنجي ڳچيءَ مان هيرن جا هارَ لاهي هن کي ڏنائين. جڏهن لنگهو انعام وٺي بادشاهه جي محل مان نڪتو ته سندس اکين ۾ ڳوڙها ۽ چپن تي مرڪَ هُئي“
    پوءِ ٻارن ٽهڪ ڏئي تاڙيون وڄايون ۽ يار محمد ڳوڙها لڪائڻ لاءِ اکين کي هٿ ڏئي ڇڏيو.


    البم

    اها طوفاني رات هئي ـــ تيز هوا گھوگھٽ ڪندي درين سان ٽڪرائجي رهي هئي ـــ در کڙڪي رهيا هيا. کڙڪائڻ وارو ڪو به نه هيو.
    ٽماڙ عمارت جو وجود ائين هُيو، جيئن وقت جي باهه ۾ ان جو رنگ ڪارو ٿي ويو هجي ـــ اڳيان اڪيلو ابرشم جو وڻ پنن بنا اگھاڙو هيو ۽ تيز هوا ۾ ڪنهن قلندر جيان سرمستيءَ ۾ نچي رهيو هيو.
    اها نوي سالَ پُراڻي عمارتَ پاڻ کنڊر نه هئي پر ان ۾ رهندڙ ماڻهو ڊهي چڪا هيا. هو اڪيلو روح هيو جيڪو جسم ساڻ ڪري پراڻي عمارت جي ڪمرن، ورانڊن ۽ ڏاڪڻين تي بي چينيءَ مان هن کي ڳولهي رهيو هيو ـــ تيز آنڌيءَ ڪري بجلي بند ٿي چڪي هئي ۽ پوري عمارت اوندهه ۾ ويڙهيل هئي.
    ان رات هن کان هڪ غلطي ٿي وئي ـــ پُراڻو ڪاليج جو البم جنهن ۾ هن سان گڏ پڙهندڙ ڇوڪرين جا فوٽو هيا، اهو ان دريءَ وٽ رهجي ويو هيو جيڪا کليل هُئي ـــ اهو البم ايڏو ته پُراڻو هيو جو هٿ لاهڻ سان ڳرندو هيو ـــ هن کي اهو البم ڏاڍو عزيز هيو. ان ۾ هن جون يادون لڪيل هيون. کيس خبر هئي ته حياتيءَ جا پهريان پنجويههَ سالَ زندگيءَ سان ڀرپور هوندا آهن. اهو وقت پيار ۽ خوشين جو هوندو آهي. باقي وقت پيار ۽ خوشين کي يادِ ڪندي گذرندو آهي. ان رات پُراڻو البم جنهن جا ورق مرجھايل گلابَ جي پتين جيان هيا، کليل دريءَ مان ايندڙ تيز هوا ۾ پنو پنو ٿي اڏامي ويو.
    هو اٿيو ۽ دري بند ڪيائين. شمعدان جي اها واحد ميڻ بتي روشن ڪيائين، جيڪا هن جي وجود جيان بچي هئي ـــ ان اڪيلي ميڻ بتيءَ واري شمعدان جي روشنيءَ ۾ هن جي پيشانيءَ جا گهنج گهرا ٿي ويا. ان سوچَ کانپوءِ ته اهو البم شايد وري ڪڏهن ڏسي نه سگهندو. ان البم ۾ ٻين فوٽو سان گڏ شانئيءَ جو فوٽو به هيو ـــ ناسي نيڻن واري شائني جنهن جي ڀورن وارن ۾ ستارن جي خوشبوءِ هوندي هئي ۽ چهرو جنهن جي مرڪ ۾ ڪائنات لڪيل هئي. شائني، هن جي محبوبا، جنهن جي وڇوڙي کانپوءِ هن شادي نه ڪئي.
    هن لاءِ اها افسوس جي ڳالهه هئي ته البم جا سڀ ورق ڪڻو ڪڻو ٿي وکري ويا هيا، اهي ٽماڙ عمارت جي هر حصي ۾ ڦهلجي چڪا هيا. هيٺ، مٿي، ڪمرن ۽ ڏاڪڻين ۾ هر هنڌ اڏامي رهيا هيا. هن سوچيو هو اهي وکريل ورق گڏ ڪندو جيئن انهن کي واپس ساڳي اسپرنگ ۾ وجھي سگهي جيڪو هن جي جھليل شمعدان جي ٻرندڙ واحد ميڻ بتي جي روشنيءَ ۾ ٽيبل تي پنهنجن ڪٽ لڳل ڏندن سان کلي رهيو هيو، جيئن اهو آزاد ٿي چڪو هجي. اهو ان جوابداريءَکان آجو ٿي چڪو هجي ته هاڻي هن جي محبوبائن جا فوٽو سنڀالڻ جي قابل نه رهيو آهي.
    ٻاهر وڻ هوا ۾ ٽڙڪاٽ ڪري رهيا هيا ۽ انهن تي ويٺل پکي آکيرن مان دربدر ٿي هر هنڌ هيٺ ڪري رهيا هيا. مٿي مٽيءَ ۾ آسمان ڌرتي ٿي چڪو هيو ـــ ٽماڙ عمارت جون دريون ۽ دروازا بند هيا، پوءِ به مٽيءَ جي بوءِ هر هنڌ ڦهليل هئي، سندس هٿ ۾ جھليل ميڻ بتيءَ جو شعلو ڦڙڪندي ڪڏهن اوچتو هڪ پاسي ائين ٿي لڙي ويو جيئن کيس هٿ تي ڏنگڻ جي ڪوشس ڪندو هُجي ـــ اها طوفاني رات ڪنهن قيامت کان گهٽ نه هئي ڇو جو اهو ناياب البم ڄڻ پنهنجي انجام کي پهتو هيو، اتي اوندهه ڪنهن اهڙي محشر جو انتظار ڪري رهي هئي جنهن ۾ هر محبوبا کان ان جي وفائن جو پڇاڻو ٿيندو.
    هو شمعدان جھلي البم جا وکريل ورق ڳولهڻ لڳو، ڪمزور قدمن سان اڳتي وڌيو ته ميڻ بتيءَ جي هيڊي روشني هر شيءِ تي هاربي وئي. پهرين منزل جو ڪشآدو مهمان خانو جنهن ۾ وڇايل بوسنيائي نيرو قالين هيڊي روشنيءَ ۾ واڱڻائي ڏسجي رهيو هيو، ان جا گل مٽيءَ ۾ ملي چڪا هيا، اتي ڊَس هئي ۽ ڊَس ۾ قالين مٿان قدمن جا نشان هيا. اهي ڪنهن جھنگلي جانور جي چنبن جهڙا هُيا جيڪي رنڌڻي ڏانهن پئي ويا. هن جي دل ڌڙڪڻ لڳي، کيس خبر نه هئي ته ان وسيع عمارت ۾ هن سان گڏ ڪا اهڙي شيءِ به رهي ٿي.
    اهو خيال اچڻ شرط هن جي هٿن ۾ شمعدان ڏڪڻ لڳو ـــ هن ڪنڌ کڻي مٿي ڏٺو ـــ هيڊي روشنيءَ ۾ کيس ”ناياب“ جو چهرو نظر آيو ــ هن جي ڪاليج جي دوست، جنهن جو پورو وجود البم ۾ لڳل فوٽوءَ جيان اڇو ڪارو هُيو ـــ ان جا ڪپڙا، منهن ۽ وارن سڄو رنگ ان پُراڻي فوٽوءَ جيان هيا جيڪو وکري ويل البم جو حصو هيو ـــ ”ناياب“ شرارتي ادا سان چپن تي هٿ رکي هن ڏي مرڪ اڇلائي. هُو اهڙو منظر ڏسي سُن ٿي ويو ـــ ميڻ بتيءَ جو شعلو ڦڙڪي گواهي ڏيڻ لڳو ته هو واقعي ئي پٿر جو ٿي چڪو آهي پر سندس دل شُعلي جيان ڌڙڪي ٿي.
    ”پياري ناياب“ هن همت ڪئي ۽ چيو ”مان توکي سدائين سنڀالي رکيو.“
    ناياب ڪوئلي جهڙا چپ چوريا ”اهو البم آهي، دل نه!“
    هن شرمندگي محسوس ڪئي.
    ”دل جي البم ۾ هڪ ورق هوندو آهي.“ هن چيو ”۽ ان ورق ۾ صرف هڪ فوٽو.“
    هن جي هٿ ۾ جھليل ميڻ بتيءَ جو شعلو لڏيو ۽ ناياب ورق بنجي اڏامي وئي. هن سوچيو. البم جا سڀ ورق جيئرا ٿي چڪا آهن.
    اهاعجيب رات هئي. آسمان مان اوندهه وسي رهي هئي. اوندهه جو طوفان وقت سان وڌندو پئي ويو ـــ هن وٽ اها واحد ميڻ بتي نه هجي ها ته شآيد اوندهه ۾ دفن ٿي وجود وڃائي ويهي ها ـــ هو شمعدان جھلي عمارت ۾ گهميو پئي ته سندس نظر ٺهندڙ پاڇي کان ٿورو اڳتي ٿي پئي. هو هلندو ان ڏاڪڻ وٽ آيو جيڪا هوڪڙ ڏئي مٿين ماڙ جي ورانڊي وٽ ٿي کٽي ـــ پير رکي ٻه ڏاڪا مس چڙهيو ته کيس ”روبي“ نظر آئي. اها مرڪي رهي هئي ــ ان جي مرڪ نه وسرندڙ هئي. هر شاگرد سندس مرڪ جي سحر ۾ ڦاٿل هوندو هيو.
    ”تنهنجي مرڪ ان ڏيئي جهڙي آهي، جنهن وٽ رستو کٽي ٿو.“ هن روبيءَ کي چيو.
    روبيءَ جي مرڪ اڌ اوندهه ۽ اڌ روشنيءَ ۾ ٺهڻ ۽ ڊهڻ لڳي. ”تنهنجي راهه جو پٿر آهيان “ ”روبيءَ چيو ”۽ پٿر راهون جوڙيندا آهن“.
    ”منهنجي منزل ڪٿي آهي؟“ هن پڇيو.
    روبيءَ مٿي ڏاڪڻ ڏانهن اشارو ڪيو ۽ روشنيءَ ۾ تحليل ٿي ورق ۾ تبديل ٿي وئي، ورق اوندهه ۾ لڙهندو غائب ٿي ويو ــ هُو ڏاڪڻ ٽپي مٿي آيو ـــ وسيع ورانڊي ۾ نظرجي حد تائين گھگھه اوندهه هئي. ميڻ بتيءَ جو شعلو ڦڙڪڻ لڳو. هن مڙي ڏٺو، پاسي کان دريءَ کي لڳل پردو هلڪي هوا تي لڏي رهيو هيو. ان کان اڳ جو ميڻ بتي وسامي وڃي، هن پردي پويان کليل طاق جيئن بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس هٿ کي ڇُهاءُ محسوس ٿيو. هن ڏٺو اتي ”ناهيد“ هئي. سانوري رنگ واري، جنهن جا چپ هيڊي روشنيءَ ۾ انب جي ڦارن جهڙا ڳردار هيا.
    ”تنهنجي منزل نه آهيان“. ناهيد چيو.
    هن ڏٺو ميڻ بتيءَ جي هيڊي روشنيءَ ۾ ناهيد جي منهن جون ريکائون تيز ٿي ويون، سندس منهن مان نفرت ۽ ناراضگي ظاهر ٿي رهي هئي. ”پوءِ منهنجي منزل ڪٿي آهي؟“ هن سوالُ ڪيو.
    ٻاهر هلندڙ تيز هوا ڄڻ عمارت جو سينو چيري داخل ٿي وئي. ميڻ بتي جو شعلو وسامندي ٻري پيو. ان کان اڳ جو ناهيد ورق بنجي ناسي پالش واري الماڙيءَ هيٺان گم ٿي وڃي. ان چيو ”شائني وشال!“.
    هو ويران بيڊ روم طرف مڙيو ته کيس ٻلي نظر آئي جيڪا اڻ پوري روشنيءَ ۾ ٻرندڙ اکين سان هڪ ننڍي آبنوسي ٽيبل هيٺان ويٺل هُئي.
    جنهن عمارت جا در يادن لاءِ بند هجن، ان عمارت ۾ يادون جھنگلي جانورن جيان رهنديون آهن.
    غير ارادي طور سندس وات مان ”هش“ نڪري وئي. اوندهه ۾ ٽهڪن جو آواز اڀريو. هن حيرت مان اکيون ڦاڙي ڏسڻ چاهيو، پريان اوندهه ۾ روشنيءَ جو پاڇو ظاهر ٿيو ـــ هن ڏٺو اها ”نورين“ هئي ــ ان جا ڪٽيل ڇلن جهڙا وارَ ڪلهن تي لڙڪي رهيا هيا، سندس اکين تي اڇي عينڪ هئي جنهن سان ميڻ بتيءَ جا ڪرڻا ٽڪرائجي موٽ کائي رهيا هيا. ان جا مخروطي چپ جن تي لپ اسٽڪ جو ليپ هيو، اهي چميءَ جي شڪل جهڙا هيا. نورين هن سان لفظ به نه ڳالهايو. ان اڳتي وڌي کيس ويڻيءَ ۾ هٿ وڌو. هن محسوس ڪيو، نورين جو هٿ ڪاغذ هيو. نورين هن کي ان راهداريءَ تائين وٺي وئي جتي کاڌي جو ڪمرو هيو ۽ ٽيرس مان رستو مٿين ماڙ طرف ٿي ويو. اها مڙي ته ورق ۾ تبديل ٿي وئي. پوءِ اتي ڪو به نه هيو، هو هيو ۽ هٿ ۾ جهليل شمعدان جنهن ۾ ٻرندڙ آخري ميڻ بتي هوا ۾ ڦڙ ڦڙائي پويان پساهه کڻي رهي هئي.
    هن وٽ وقت نه هيو، آخري ميڻ بتي انجام کي پهچڻ واري هئي، پوءِ هن جو مقدر اوندهه کانسواءِ ڪجھه نه هيو. سندس خواهش هئي ته شائنيءَ کي ڳولهي ان سان ڳالهائي سگهي. شائني ان وسيع عمارت جي ڪهڙي ڪنڊ ۾لڪيل هئي، کيس ڪا خبر نه هئي. شائنيءَ سان هن جي بي پناهه محبت جو سبب ان کي حاصل نه ڪري سگهڻ هيو.
    وڄ کان بغير طوفان انڌي فقير جيان هوندو آهي جيڪو مفلسن جا در کڙڪائيندو آهي. گجگوڙ طوفان کي دهشت ڏيندو آهي. گونگو طوفان ان ڪري خطرناڪ هوندو آهي جو بيٺل پاڻيءَ جيان هر شيءَ ڳڙڪائي ويندو آهي. هن کي خبر هئي ته هوا شعلي جي دشمن آهي. سيني اندر طوفان ۾ هن جي دل پپل جي پن جيان اڏامڻ لڳي. ان کان اڳ جو لاٽ اجهامي وڃي، هو تيزيءَ سان ٽئين منزل طرف وڌيو. هن کي رستي تي اهي سڀ چهرا ياد آيا جيڪي هن جي البم جو حصو ٿي آخري ورقن ۾ گمنام هيا. انهن مان ڪي سندس بي وسيءَ تي روئي رهيا هيا ۽ ڪي کلي رهيا هيا. ڪي اداس ۽ هن سان گفتگوءَ لاءِ بي قرار هيا. اتي ”فيروزا“ هئي، جنهن جون پٿر جهڙيون نيريون اکيون کيس پاڻ ڏانهن سڏي رهيون هيون. اتي ”نبيلا“ هئي، سنهي چيلهه واري جنهن کي چيتي جو لباس پاتل هيو. ان آڱر سان مٿي اشارو ڪيو ته سندس آڱر جو ننهن خنجر جهڙو هيو. هو اڳتي وڌيو ته ڪڻڪ رنگي ”فرحانه“ کيس چانورن جي پليٽ آڇي، جنهن مان هوءَ چمچي سان ڪڻو ڪڻو کائي شوخ نظرن سان ڏسي رهي هئي. هن کي ”ثريا“ نظر آئي، جيڪا باغي شاعرا انقلابي نظم ۾ اوندهه جي خاتمي جو اعلان ڪري رهي هئي. ان کيس شمعدان جي آخري ميڻ بتيءَ جي ڦڙڪندڙ شعلي جي بچاءَ لاءِ پنهنجو دامن آڇيو. ڪاري چمڙيءَ واري سيلي جوزف جنهن جو وجود اوندهه سان ملي اوندهه ٿي چڪو هيو، جڏهن اها کلي ته سندس ڏندن ۾ وايو منڊل جي اوندهه ٽهڪ ڏئي رهي هئي.
    طوفان جون تيز هوائون مايوسيءَ مان ٽماڙ عمارت جي ڀتين سان پنهنجو سِر ٽڪرائي رهيون هيون. هوا جا رستا بند ٿي چڪا هيا. بي قرار، بدمست هوا جنهن اندر وڃي ميڻ بتيءَ جو شعلو وسائڻ پئي چاهيو. هوا جيڪا باهه وِسائيندي آهي، باهه دکائيندي آهي.
    هو مٿي ويو ۽ ميڻ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ هيڏانهن هو ڏانهن ڏسڻ لڳو. اتي فرش تي رانديڪا وکريل هيا. ڊرم وڄائيندڙ ڀولو جنهن جا سيل سڙي چڪا هيا. ڀڳل چاٻيءَ وارو گهوڙو، ڀورن وارن وارو اپاهج گڏو ۽ اهڙا ڪيترائي رانديڪا جيڪي بي جان جسمن سان کيس اکيون ڦوٽاري ڏسي رهيا هيا. هن اوندهه ۾ سڏ ڪيا.
    ”شائني............شائني.............تون ڪٿي آهين؟“
    پوءِ هن ڄڻ پاڻ سان ڳالهائيندي چيو. ”ميڻ بتيءَ جو شعلو آخري پساهن ۾ آهي. تو کي ڏسڻ چاهيان ٿو. تو سان ملڻ چاهيان ٿو!.“
    هن جي آواز تي پردي پويان ڪاري ٻلي نڪتي ۽ هو ان جي ڪڍ ويو.
    ٻلي ڪجھه قدمن کانپوءِ گم ٿي وئي، اڳتي وڌي ڏٺائين اتي ڪا عورت ٻانهن ۾ منهن لڪائي ويٺل هئي. ميڻ بتيءَ جو شعلو عورت مٿان رقص ڪرڻ لڳو. ان ٻانهن مان منهن ڪڍي ڏٺو، کيس ٻليءَ جهڙيون اکيون ياد اچي ويون. اها شائني هئي. هو مرڪيو، ان اميد تي ته اها هن کي ڏسي خوش ٿيندي. شائني هڪ ادا سان نانگ جيان وڪڙ ڏئي اٿي، چيلهه لوڏائيندي هن وٽ آئي ۽ پوءِ ميڻ بتيءَ جي شعلي کي ڦوڪ ڏئي هلي وئي.
    هر طرف اوندهه ڦهلجي وئي. هو جتي بيٺو هيو، اتي بيهجي ويو. گهگهه اوندهه ۾ نه اڳتي وڌي پئي سگهيو، نه پوئتي موٽي پئي سگهيو. ميڻ بتي وسامڻ کانپوءِ ٻاهر هلندڙ طوفان ٿڌو ٿي ويو.


    پوپلو

    پوڙهي سان عجيب ويڌن هئي. خبر نه آهي کيس پوڙهو چوڻ گهرجي يا نه؟ پنجونجاهه سالن جو هيو پر لڳندو هيو ته سندس ايڏي عمر نه آهي. کڙو تڙو هيو. اڃان هن جي چيلهه چٻي نه ٿي هئي ۽ منهن گھنجن کان پاڪ لسو هيو. عمر جي ان حصي تائين کيس ڪنهن بيماريءَ کي منهن ڏيڻو نه پيو هيو.
    پوڙهي سان ويڌن اها هئي ته کاڌو هن لاءِ عذاب بڻجي چڪو هيو. چٻاڙيندي سندس وات ائين رڪجي ويندو هيو جيئن غلط رستي تي هلندي اوچتو ڪنهن جا قدم رڪجي ويا هجن، کيس کاڌي ۾ پٿر محسوس ٿيندا هيا. سنهيون پٿريون جيڪي گرهه ڄٻاڙيندي اوچتو هن جي ڏندن هيٺان اچي وينديون هيون. وات اندر رڙڪي جو آواز صرف هوئي ٻڌي سگھندو هيو. پٿريون سنهيون هيون ۽ ڪڏهن ايڏيون ته سنهيون جو اهي هن جي وات ۾ کاڌي سان گڏ چٻاڙجي واريءَ ۾ تبديل ٿي ڪچ ڪچ جا آواز پيدا ڪنديون هيون.
    هو گھر وارن کي چوندو هيو ” ڪو به ڪم ڌيان سان نه ٿا ڪريو جيڪڏهن ڏسي پچايو ته پٿريون ڇو اچن؟ ڏاڍو ڏکيو آهي ثوابن مان گناهن کي سوئڻ“.
    گھر وارا هن جون ڳالهيون دل ۾ نه ڪندا هيا. اهي دماغ سان ٻڌي ڪنن کان ڪڍي ڇڏيندا هيا. گھر جو وڏو هيو. سڄي زندگي محنت ڪري گھر کي گوڏن تي بيهاريائين ۽ هاڻي سکيو ستابو گھر هن جي چئن پٽن جي ڪلهن تي رکيل هيو.
    ”بابا، اسان به ته کائون ٿا“. ننڍي پٽ چيو ” پر کائڻ ۾ پٿريون نه ٿيون اچن“.
    ”پٽ پٿريون انهن کي اينديون آهن، جن کي عقل جون هوڙون هجن“.
    ”پيءُ جي ڳالهه تي چارئي پٽ کليا ته لڳو ماڻهو نه، ڏند کلندا آهن. ڇوٿين جي اڃان شادي نه ٿي هئي. ٽئي ننهر وڏي ڌيان سان ڪم ڪنديون هيون. اهي چانور ائين سوئينديون هيون جيئن مٽي ۾ سون ڳولهينديون هجن، پر پوڙهي کي مانيءَ ۾ به پٿر محسوس ٿيندا هيا.
    ”مانيءَ ۾ پٿر ڪيڏانهن آيا“؟ وڏي ننهن چيو ”پيسجڻ کانپوءِ جهڙا پٿر تهڙو اٽو“. ننهن جي ڳالهه تي پوڙهو سوچ ۾ پئجي ويو. دل ۾ چيائين ”ننهن چوي ته سچ ٿي، اٽي ۾ پٿر ڪيڏانهن آيا“.
    پر هو ڪوڙو نه هيو. هن کي مانيءَ ۾ پٿر محسوس ٿيندا هيا. ”مائي وري به ڏس“ پوڙهي چيو“ پيهڻ واري چڪي به پٿر جي هوندي آهي“.
    ننهن هڪي ٻڪي ٿي وئي، صاف ڪپڙي تي اٽي جو ٽين اٿلائي پٿر ڳولهڻ جي ڪوشش ڪيائين، کيس ڪو پٿر نظر نه آيو، دل ۾ چيائين، ”جيڪو آهي ئي ڪو نه، ان کي ڳولهڻ مان ڇا فائدو“. هوءَ اٿي پوڙهي وٽ آئي ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيائين. ”اٽو صفا صاف آهي کاڌي ۾ پٿر نه آهن، مهرباني ڪري ماضيءَ کي ياد نه ڪريو. ڪڏهن ماضي جون تلکيون کاڌي کي زهر بڻائي وجهنديون آهن“.
    پوڙهي جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون ۽ پوءِ کيس اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. هن محسوس ڪيو ننهن کان سندس دانهن برداشت نه ٿي ٿئي. ۽ پوءِ دل ۾ چيائين ”جيڪڏهن کاڌي ۾ پٿريون اچن به اٿيون ته هو اهي برداشت ڪندو. هن جي دانهن جو اثر ابتو پئجي رهيو آهي. گھر وارا کيس چريو سمجهي رهيا آهن“.
    ان ڏينهن کان پوءِ پوڙهو جڏهن به کائيندو هيو ته کاڌي ۾ ايندڙ پٿريون چٻاڙي ويندو هيو. هن جي وات جا رڙڪا ڪنهن نه ٻڌا. هن جي ڏندن ۾ پيدا ٿيندڙ ”ڪچ ڪچ“ هن تائين محدود رهي. پوڙهو کائيندو هيو ۽ هيٺ ڪنڌ ڪري ڳوڙها اگهندو هيو. جڏهن ڳوڙها اگهندو هيو ته هٿ تي لڳل مرچن ڪري هن جون اکيون ڪرڻ لڳنديون هيون، کيس نڪ مان پاڻي ايندو هيو ۽ جڏهن نڪ صاف ڪندو هيو ته محسوس ٿيندو هيو کيس نڪ نه آهي.
    پوڙهي جي پيڙا ڪنهن نه سمجهي. پٽ سٺو ڪمائيندا هيا ۽ جيڪي سٺـو ڪمائيندا آهن انهن جي گھرن ۾ سٺـو پچندو آهي، اهو پٿرن، ڀترن ٽڪرن، ڪکن ۽ سيئوين کان پاڪ هوندو آهي. هڪ دفعي پوڙهو ماني کائي رهيو هيو ته ان جي وات ۾ رڙڪو ٿيو. هلندي هن جو وات رڪجي ويو. پويان هن جو وڏو پٽ بيٺل هيو ان پيءَ ڏانهن ڏٺو.
    ”خير ته آهي نه بابا“ اتاولو ٿي ڀڇيو.
    پوڙهي جو وات گرهه سان ڀريل هيو. اهو ڳالهائي نه سگھيو. سندس منهن تي بيزاريءَ جا تاثرات هيا. ان زبان ڦيري پٿري الڳ ڪئي ۽ چپن ۾ ڦاسائي آڱريون وجهي ٻاهر ڪڍي، گرهه اڳرندي چيو ”هيڏي وڏي پٿري!“
    پٽ هٿ وڌائي اها تري تي ورتي ۽ غور سان ڏسڻ لڳو.
    اهو پهريون دفعو هيو جو کين پيءَ وات مان پٿري ٻاهر ڪڍي ڏيکاري هئي. ان کان اڳ اهي پٿريون سڀني پوڙهي جو وهم پئي سمجهيون. ”پٿر سوئڻ لئي اکين جي نه ، عقل جي ضرورت پوندي آهي“ پوڙهي ناراضگيءَ مان چيو،“ توهان منهنجي دانهن کي مذاق سمجهي باهه تي چڙهيل ڪني ۾ اڇلائي ڇڏيو“.
    پٽ تريءَ تي رکيل پٿريءَ کي ڏسي شرمسار ٿيو، سندس منهن لهي ويو. اهو ڪنهن ڏوهيءَ جيئن گناهه جو اعتراف کڻي ٻين جي گواهيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳو. سڀ هن ويجهو آيا ۽ تريءَ تي رکيل پٿريءَ جو جائزو وٺڻ لڳا. اها مٽر جيتري هئي. آڱرين ۾ جهلي ڏٺـائون، ڏاڍي سخت ۽ اڇي رنگ جي هئي. ٻئي نمبر ڀاءُ ٿلهن شيشن واري عينڪ پائي تيز روشنيءَ واري ليمپ هيٺـان وڃي ڏٺو هن کان ذري گھٽ رڙ نڪري وئي.
    ”اها پٿري نه ڀڳل ڏند جو ذرو آهي.“ ان حيرت مان چيو.
    پوءِ سڀ سمجهي ويا. اهو پوڙهي جو اندروني مسئلو هيو. پٿريون کاڌي ۾ نه هيون. پٿريون پوڙهي جا ڀرندڙ ڏند هيا.
    ان ڳالهه کي ٽي سال گذري ويا. حالتون ساڳيون نه رهيو. اهو ڪٽنب غربت جي ور چڙهي ويو. سياسي حالتون ماڻهوءَ جون حالتون خراب ڪري وجهنديون آهن. معاشي حالتون، بدمعاشي حالتن ۾تبديل ٿي لوفر پيدا ڪنديون آهن. ڪڏهن ڪڻا، ڪڻو ڪڻو ٿي ڌرتيءَ تي ڪري ڦٽي پوندا آهن ته ڪڏهن ڪڻو ڪڻو ٿي ويندا آهن. اهو ڪٽنب به ڪڻو ڪڻو ٿي ويو. غربت انهن وٽ ائين آئي جيئن سندن وڇڙيل ڀيڻ هئي.
    غريبن جي اٽي ۾ جيت زندگيءَ جيئن چرندا آهن. اهي چانورن مان پٿريون ائين چونڊيندا آهن جيئن ڇوٽڪاري لاءِ لک پڙهندا هجن. انهن جي ڪنيءَ ۾ دال اهڙي ماءُ جي اندر جيئن ڳرندي آهي جنهن جو ٻار ارڙي ۾ گذاري ويو هجي.
    غربت ڪري هاڻي واقعي ئي کاڌي ۾ پٿر هيا. پوڙهو هيٺ ڪنڌ ڪري کائيندو هيو. کاڌي ۾ پٿريون هيڊي بلب جي روشني ۾ زرگونن جيئن چمڪنديون هيون. کائڻ سان کيس پٿريون محسوس نه ٿينديون هيون. هن لاءِ کائڻ آسان ٿي چڪو هيو. هو پٿر مليل نرم چانور آرام سان کائي ويندو هيو.
    عورتون احتجاج ڪنديون هيون ”گھر ۾ اناج اهڙو ٿو اچي جو ان مان پٿر چونڊڻ محال ٿي ويا آهن. جنهن ڪري اسان پٿرن مان اناج چونڊڻ شروع ڪيو آهي. پٿرن مان اناج چونڊڻ کانپوءِ اناج ايڏو نه ٿو بچي جو ان مان ڀاتين جا پيٽ ڀرجي سگھن. انڪري ڪجهه پٿر واپس اناج ۾ وجهڻا ٿا پون“.
    پوڙهي جا چارئي پٽ پٿر بڻجي اهي ڳالهيون ٻڌندا هيا. اهي مجبور هيا کين هاڻي اها حيثيت نه هئي جو حالتن جو مقابلو ڪري سگھن. اهي پٿر رڙڪيندا هيا ۽ سامهون ويـٺل پوڙهي پيءَ کي ڏسندا هيا، جيڪو کائيندي دانهن نه ڪندو هيو. انهن کي حيرت ٿيندي هئي ۽ سوچيندا هيا. جڏهن کاڌو صاف هوندو هيو ته ان کي پٿر محسوس ٿيندا هيا ۽جڏهن کاڌي ۾ پٿر آهن ته اهو دانهن ئي نه ٿو ڪري.
    وڏو پٽ پراڻي ٽارچ ۾ نوان سيل وجهي اٿيو. پيءُ کي وات کولڻ لاءِ چيائين. پيءُ وات کوليو. هن ٽارچ هڻي اندر ڏٺو، پوڙهي جا سڀ ڏند ڀري چڪا هيا اهو غربت کان اڳ پوپلو ٿي چڪو هيو.


    نگليريا

    شهباز ڪلهه شام سويمنگ پول تان موٽيو ته اڄ صبح کيس زڪام ٿي پيو. ڇڪون ڏنائين، مٿو گرم محسوس ٿيس ته ڊاڪٽر ڏي ويو. ڊاڪٽر کيس معمولي دوائون ڏئي موٽائي ڇڏيو. طبعيت تمام گھڻي خراب ٿي ويس، اسپتال ۾ داخل ٿيڻو پيو. تشخيص ڪري کيس ٻڌايو ويو ”توکي نگليريا آهي“.
    نگليريا به عجيب بيماري آهي. نڪ وٽان حملو ڪندي آهي. تازي پاڻيءَ ۾ پلجندڙ جراثيم آهي. پاڻي پيئڻ سان نه ٿيندي آهي پر پاڻي نڪ ۾ وڃڻ سان ٿيندي آهي. اهڙو پاڻي جنهن ۾ نگليريا جا جراثيم موجود هجن اهو نڪ ۾ هليو وڃي ته نگليريا جا جراثيم سنگهڻ واري نس مان مٿي چڙهي مغز ڏي هليا ويندا آهن ۽ مغز کائڻ شروع ڪندا آهن.
    مغز کائڻ ۾ مزيدار هوندو آهي. اڪثر ماڻهو ناشتي ۾ ٻڪر جو مغز ڪارا مرچ وجهي پچائي کائيندا آهن، جيئن زندگيءَ ۾ ڪنهن ملندڙ عذاب کان ”ٻاڪاري“ سگهن انڪري جو ٻاڪارڻ اهميت وڃائي چڪو آهي ”ٻاڪارڻ“ سان گھٽ ۾ گھٽ گاهه ته نصيب ٿي سگھي ٿو.
    شهباز ڏاڍو سادو ماڻهو هيو. شهر گھمڻ ويو، سوٽ سيڪريٽريٽ ۾ هيس واٽر پارڪ واري کيس پنج پاسون موڪلي ڏنيون. مفتن جو مزو هيو. ويو ته وٺـجي ويو. چئن کي ڪجهه نه ٿيو، ڄڻ نگليريا جا جراثيم هن جو انتظار ڪري رهيا هيا. مقدر قسمت، نصيب، سڀ پنهنجيءَ جاءِ تي پر منهنجي خيال ۾ هن جو نڪ ويڪرو هيو. ننڍي هوندي کيس بوڻينڊو چئي چڙائيندا هيا. هو چڙندو نه هيو، کلندو هيو. ڪڏهن نه ڪنهن سان وڙهيو. نه گار ڏنائين، نه ڪاوڙ ڪيائين. هڪ دفعي ڀونڊو ڏنو هيائين جڏهن آئينو ڏسي رهيو هيو. پوءِ کليو هيو. پنهنجي منهن چيو هيائين. ”پنج آڱريون، نڪ به پنجن جهڙو“.
    ضروري نه آهي نگليريا ويڪري نڪ تي حملو ڪري، اهو سوڙها نڪ به ويڪرا ڪري وجهندو آهي. بس بيماري لاءِ نڪ ضروري آهي، جن کي نڪ نه آهن انهن کي بيماريون گھٽ لڳن ٿيون. بيماري سوراخن مان داخل ٿيندي اهي. سڀ سوراخ ٻوٽجي سگھن ٿا، نڪ ٻوٽي خودڪشي ڪري نه ٿي سگهجي.
    نگليريا خوردبين ۾ نظر ايندڙ اهڙو جراثيم آهي، جنهن جي شڪل پاڻيءَ جي ڦڙي جهڙي آهي. اهو ائين گھمندو آهي جيئن ٽيبل تي ڪريل پاڻيءَ جي ڦڙي ۾ ساهه پئجي وڃي ۽ هر پاسي پاڻيءَ جي هٿن ۽ پيرن سان وهي سگهندو هجي. ڇا هستي آهي؟ ڇا ڪاٺ؟ ڇا قد؟ نڪ ۾ گھري ته جبل جيڏن جوانن کي دسي وجهي. نگليريا حلالي نه آهي ڇو جو پيءَ مان جنم نه وٺندو آهي، پر وجود ورهائي، هڪ مان ٻه ٿي پوندو آهي. ٻن مان چار، چئن مان اٺ ۽ ائين سون مان هزار ۽ هزارن مان لکين ڪروڙين ٿي، ويڙهو ٺاهي ائين کوپڙي صاف ڪندا آهن جيئن پاڙي ۾ ماسي وڏڻ صبح سان کير جو لوٽو صاف ڪندي هئي. ماسي پاڻ نه پيئندي هئي، پٽ لاءِ کير گرم ڪري لوٽي ۾ وجهي ٽيبل تي رکي هلي ويندي هئي. انڪري ته سندس پڙهائيءَ ۾ دماغ تيز ٿي. اهو هر سال پوزيشن کڻندو هيو. ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ دوران هڪ مهاجر عورت سان عشق کانپوءِ اهڙي شادي ڪيائين جو موٽي ماسي وڏڻ وٽ وري ڪڏهن نه ويو. سندس پيءُ ڪاڪو ڪريم ڏنو ۽ ماءُ ماسي وڏڻ حقو ڇڪي هڪ ڏينهن مري ويا.
    نگليريا مغز نه کائيندو آهي، يادون کائيندو آهي. يادن ۾ سمايل چهرا کائيندو آهي. ماضيءَ جا ڏک سور، پڇتاءَ حسرتون ۽ اميدون کائيندو آهي. حياتيءَ جا ڏينهن ٽڪي اها واڍ ڇني وجهندو آهي جنهن ۾ انسان جي زندگي لڙڪي ٿي.
    شهباز سان به ائين ئي ٿيو. جڏهن نگليريا سندس سنگهڻ واري نس مان مٿي چڙهي مغز کائڻ لڳو ته هن کان کائڻ وسري ويو. سندس نلڪي نڪ ۾ وڌي وئي، هڪ ٿلهي سرنج سان گرنڊ ٿيل کاڌو نلڪيءَ ذريعي مادي تائين پهچايو ويو. اسپتال جي انٽينسوڪئر واري وارڊ ۾ ليٽي هو هلندڙ پکي کي نهاري سوچڻ لڳو، هو به ڪڏهن کائيندو هيو. هن ياد ڪيو، وات ۾ ڏند آهن. ڏند ڏاڍا مضبوط آهن، اڇا آهن. هن کلڻ جي ڪئي. کيس ڏند ڏاڍا خوفائتا محسوس ٿيا. اهي هڏائين کوپڙيءَ ۾ کتل هيا. نگليريا هن جو دماغ ٽڪڻ لڳو. ذرو ذرو .......... ذرو ذرو........... ان جو وجود وڌڻ لڳو. هڪ مان ٻه ٿيا ۽ ٻن مان چار. دنيا ۾ جاندارن لاءِ سڀ کان وڏو ڪم کائڻ آهي. اهي هر ڪم کائڻ لاءِ ڪندا آهن. ٽن ويلن اندر ٽي وٿيون آهن. هڪ ۾ ڪمائيندا آهن. ٻئي ۾ کائيندا آهن ۽ ٽئين ۾ آرام ڪندا آهن. انسان جو مغز به عجيب آهي. ڄڻ لڪيرون پاڻ ۾ الجهيل آهن. اڀريل، وڪڙ ڏنل، ڊگھن اڀارن وچ ۾ لا تعداد لڪيرون، جن کي ڏسڻ سان ائين لڳندو جيئن اخبار جي ٻارن واري صفحي ۾ ”ٻاهر نڪرڻ جو رستو ڳولهيو“ نالي خاڪو ڏنل هجي. جڏهن ان ۾ داخل ٿبو آهي ته رستو وڃائجي ويندو آهي. خدا مغز جي بناوٽ ۾ اهڙين ڀل ڀلين جو استعمال شايد انڪري ڪيو ته بندي ۾ جستجو ڄمڻ کان مرڻ تائين برقرار رهي. هو ڀل مغز جي منجهيل گهٽين ۾ سڄي زندگي دربدر گھمندو رهي پر ٻاهر نڪرڻ جو رستو ڪڏهن ڳولهي نه سگھندو. مغز جي ڀل ڀلين واري راند ۾ ٻاهر نڪرڻ جو رستو آهي ئي ڪونه. حقيقت اها آهي ته مغز جا اهي سڀ گھنج ان ڪري آهن ته پيٽيءَ ۾ حد کان وڌيڪ ڪپڙا وجهڻ ڪري اها ڦاٽي نه پوندي آهي پر ڪپڙن ۾ گھنج پئجي ويندا آهن. شڪر آهي جو مغز هڏائين سخت کوپڙيءَ ۾ ڦاٿل آهي، جيڪڏهن نرم پيٽ ۾ هجي ها ته ڦهلجي ڦاڙي وجهي ها.
    پر نگليريا جا سڀ رستا ڏٺـل آهن. ان کي خبر آهي ته مغز تائين پهچڻ جو درنڪ وٽان آهي ۽ واپس موٽڻ جو در به اهوئي آهي جيڪو اندر وڃڻ جو. عام ماڻهوءَ جي گھر کي هڪ در هوندو آهي جنهن مان ايندو ۽ ويندو آهي. ٻه در بادشاهن جي محل کي هوندا آهن. هڪ مان حملو ڪندو آهي ۽ ٻئي مان شڪست کانپوءِ ڀڃي جان بچائيندو آهي.
    نگليريا مغز تي حملي کانپوءِ ڪڏهن شڪست نه کائيندو آهي ڇو جو اهڙو علاج اڃان دريافت نه ٿيو آهي جنهن سان ان کي مات ڏئي سگھجي. مغز وهاڻي جهڙو نرم آهي. نگليريا ٽيڪ ڏئي آرام سان ويهي انسان جون يادون چٻاڙيندو آهي. سوچن سان مذاق ڪندو آهي. ان جي عقل، ڏاهپ ۽ علم کي گرم مصالحن جيان استعمال ڪندو آهي.
    شهباز جي مغز سان به ساڳي ويڌن ٿي. هن جي سوچن جا پر ڪٽجي ويا. هو اونڌي منهن هيٺ ڪريو ۽ وري اڏامي نه سگھيو. هن جون يادون، هن جو آسمان، هن جي چوڏهين جو چنڊ مغز جيان ننڍو ٿيندو ويو. هن ماءُ جو چهرو ڏٺو جيڪو نيري پاڻيءَ اندر لڏي رهيو هيو، ٽبڻيءَ پاڻيءَ ۾ گھت هنئي ۽ اهو تحليل ٿي ويو. هن کي پيءُ جو منهن ياد آيو جيڪو روئي رهيو هيو، سندس ڳوڙها لا تعداد هيا، اهو ڳوڙهن سان ڌوپجي ميسارجي ويو. هن جا ڀائر ڀينرون دونهي ۾ تبديل ٿي ويا ۽ منڱ جنهن سان کيس ننڍپڻ کان پيار هيو ان جو چهرو ايڏو ته مٺـو ٿي ويو جو لا تعداد ڪوليون آهستي آهستي کائڻ لڳيون. هن جو ننڍپڻ، هن جا دوست گھٽيءَ جي اڏامندڙ ڌوڙ ۾ غائب ٿي ويا. هن وٽ اوندهه جو احساس هيو. عرش مان اوندهه ٽيپو ٽيپو هيٺ ڪري رهي هئي ۽ اوندهه جي بارش ۾ ڏيڏرن جا آواز جهڪا ٿيندا ائين ٻڌجي رهيا هيا جيئن هو ڪنهن گونگي جا اشارا ڪنائڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. هن محسوس ڪيو جيئن کيس سيني وٽ پارئون پار ويڪرو سوراخ هجي.. جنهن کي منهن وجهي ٻي پاسي ڏسندو هجي ۽ پنهنجو ئي چهرو نظر ايندو هجي. جنهن ۾ سندس هيڊي منهن جون اکيون بند هجن، تازي شيو ٿيل هجي، مٿي جا سڀ وار کسي چڪا هجن. هو ٺـوڙهو هجي ۽ ڀرون جا وار گھاٽا ناسي هجن.
    شهباز جون سوچون مچ جي اڀرندڙ ان دونهي جهڙيون هيون جنهن مٿان ڪنهن پاڻي هاريو هجي. هو وسامي رهيو هيو. هن جي حياتيءَ جي ڏيئي جي وٽ اڃان باقي هئي. ڏيئي جو تيل اڃان تري کي نه لڳو هيو. هوا ظالم هئي، وقت قاتل هيو. ذرو.... ذرو. لحضو لحضو، مغز جي هر تند، هر لاهي، هر چاڙهي، هر وڪڙ، هر پيچرو، هر گھنج، هر گھٽي جنهن جو رستو بند هيو. نگليريا مغز جون سڀ پيچيدگيون دور ڪري ڇڏيون. سوچون مينهن کان اڳ ڪويلين جي قطارن جيان هن جي کٻي ڪن ۾ داخل ٿي سڄي ڪن مان ٻاهر نڪرڻ لڳيون. هن جو مغز ٽيپو ٽيپو ٿي ڪويلين ۾ تبديل ٿي ويو. هن جو وجود قطرن جو ٺـهيل هيو. قطرو ڏيئي جي شعلي جهڙو هيو. ڏيئو اک جيان هيو ۽ شعلو لڙڪ جيان وهي رهيو هيو. شهباز محسوس ڪيو هو پاڻي ءَ ۾ تبديل ٿي رهيو آهي، کيس ندامت محسوس ٿي،. ننڍي هوندي هنڌ ۾ مٽندو هيو ته ماڻس جاڳائي سمجهائيندي هئي ”جيڪي ٻار هنڌ ۾ مٽندا آهن، اهي ڪڏهن وڏا نه ٿيندا آهن“ جي وسامندڙ سوچن ۾ حسرت جاڳي ته جيڪر امان اٿاري، اها کيس جاڳائي ۽ هو جاڳي پوي، بيهوشيءَ ۾ اٿڻ جي ڪيائين سندس سڀ عضوا ڪٽجي چڪا هيا. وجود جو هر عضوو مغز سان ڳنڍيل آهي هن جي وجود جون ڳنڍون ڇڙي چڪيون هيون، صرف دل جو ڌاڳو جڙيل هيو، هن جي دل هوا ۾ ڌاڳي سان گيس ڀريل ڦوڪڻي جيان اڏامي رهي هئي. ڌاڳو ڇڏڻ وارو هيو ۽ دل جي عرش ڇهڻ ۾ ڪي گھڙيون بچيون هيون.
    اوچتو آواز آيو ”وينٽيليٽر هٽايو، لاش وارثن حوالي ڪيو“.
    وينٽيليٽر هٽائي هن مٿان اڇي چادر وڌي وئي. هو چادر هيٺان رڙيون ڪرڻ لڳو. ” مان جيئرو آهيان، مئو نه آهيان، ڇو جو منهنجو دماغ نگليريا ۾ منتقل ٿي چڪو آهي“.


    ڪبوترن جي واپسي

    ”نيڪيءَ جي فرشتي کي
    ڪبوتر جا پر آهن
    ۽ شيطان کي باز جا“.

    بدو بيمار ٿي پيو، کيس کنگهه جو دورو پيو. بلغم ٿي اڇلايائين ته ان ۾ رت شامل هيو. عاشق جي بلغم ۾ جگر جو ۽ بيمار جي بلغم ۾ ڦڦڙن جو رت شامل هوندو آهي.
    جڏهن بدو بيمار نه هيو ته سڄو ڏينهن ڪوٺي تي ويٺل هوندو هيو. هن جي ڪچي جاءِ جو ڪوٺو ڪبوترن سان ڀريل هوندو هيو، هڪ پاسي ڪبوترن جو کڏو هيو ۽ ٻئي پاسي بانس مان ٺهيل ڇٽي. ڇٽي ايڏي ته ڊگھي هئي جو پريان نظر ايندي هئي ۽ ان تي لهندڙ اڏامندڙ ڪبوتر هر ڪنهن جو ڌيان ڇڪائيندا هيا. بدو ڇٽيءَ جي ڏور ڇڪي وري ڍر ڏيندو هيو ۽ بانس جي ٺهيل ڇٽي لڪڙن تي هيٺ مٿي ٿيندي هئي. ڪبوتر ڀڙڪيون ڏيندا هيا. بدوءَ جا ڪبوتر ڪڏهن ڪنهن ڌاري ڇٽي تي نه لٿا. اهي تهه جا پڪا هيا. هن وٽ ٽڪڙين جو هڪ اهڙو ٽولو به هيو، جيڪو هن جي سيٽيءَ جي آواز تي ڪوٺي مٿان گول ڦري اڏامندو هيو ۽ جڏهن سيٽي وڄائڻ بند ڪندو هيو ته ٽڪڙين جو ٽولو کنڀ هڻندو ڇٽيءَ تي لهندو هيو ۽ڇٽي انهن جي وزن کان چيڪٽ ڪندي هئي. ڪجهه ڪبوتر اتي ويهندا هيا ۽ ڪجهه جاءِ نه ملڻ ڪري هر هر هيٺ ڪرندا هيا ۽ ڪرندي وري ڀڙڪو کائي مٿي اڏامي ڇٽيءَ تي ويهڻ جي جاءِ ڳولهيندا هيا.
    خدا انسان کي ايڏا رنگ نه ڏنا آهن جيڏا ٽڪڙي ڪبوترن کي. ناسي، آسماني، گيڙو رنگا، سرمئي ۽ سانجهيءَ رنگا. سندن اکيون ائين ڳاڙهيون هونديون آهن جيئن پيئاڪن جون، انهن کي پڪڙبو آهي ته سندن دل شرميلي محبوب جيان تيز ڌڙڪندي هٿ تي محسوس ڪبي آهي. بدو سوچيندو هيو پکي زندگيءَ سان ڀريل آهن. انهن جا جسم گرم آهن پر اهي بخار ۾ ورتل نه آهن. انسان جو جسم اهڙو گرم هجي ته اهو بخار ۾ ورتل هوندو آهي، جيئن بدوءَ جو ٻرندڙ جسم ۽ بلغم ۾ ٽيپو ٽيپو ٿي وهندڙ رت.
    بدو ڇا بيمار ٿيو ڄڻ ڪبوتر بيمار ٿي پيا. بدوءَ جو جسم گرم هيو ۽ ڪبوترن جا ٿڌا. ڪوٺي تي هاريل ڳاڙهي جوئر جو رنگ اڇو ٿي ويو. ڪويلين جون قطارون اڳتي وڌيون ۽ انهن آري کانپوءِ نڪتل نرم گوشت جي ٻوٽين جهڙن چيڪٽ ڪندڙ سنهي ڳچيءَ وارن ٻچن تي حملو ڪيو. ٻچي مٿان ويـٺل ڪبوتر بي وس ٿي ڪڏهن هڪ ڄنگهه مٿي ٿي کنئي ته ڪڏهن ٻي. بيمار بدوءَ ڏڪندڙ هٿن سان ڪبوتر مٿي کڻي ڏٺو ٻچو چنبڙيل ڪويلن هيٺـان چيڪي رهيو هيو. ڏسي بدوءَ کي کنگھه جو دورو پيو.
    بدوءَ جو هڪ دوست کانسواءِ ڪو والي وارث نه هيو. ماڻس هئي جيڪا کنگھي کنگھي تازو گذاري وئي ۽ هاڻي پاڻ کنگھندو هيو. پيءُ ننڍپڻ ۾ گذاري ويو. ڪچيءَ جاءِ ٻاهران ننڍو دوڪان هيو جنهن ۾ سندس دوست ربن نڪل ۽ ريوڙيون وڪڻندو هيو. ترن جا بوڻينڊا پاسي کان جھاري ۾ ٽين جي دٻي ۾ لڳل شيشي مان ائين نظر ايندا هيا جيئن وڄائجي ويل خزاني جا لعل هجن جن مٿان تر چمڪندا هجن. ربن ڪرايو ته ڏئي نه سگھندو هيو پر بدوءَ کي ٽي ويلا ماني کارائيندو هيو. هو ٻئي ننڍپڻ جا دوست هيا. جڏهن پاڙي ۾ بجلي نه هوندي هئي ته رات جو اک ٻوٽ کيڏندا هيا. انهن کي اها راند کيڏڻ لاءِ اکين ٻوٽن جي ضرورت نه پوندي هئي.
    بدو بيمار ٿيو ته بيمار ٿيندو ويو، کيس علاج لاءِ پئسا نه هيا. هڪ سرڪاري اسپتال ۾ ويو. زڪوات مان سندس سيني جو ايڪسري ڪري ٻڌايو ويو ته ”توکي ٽي بي آهي.“ ڊاٽس پروگرام ۾ رجسٽري ڪري کيس هڪ مهيني جي دوا ڏني وئي، اها تاڪيد ڪئي وئي ته ”ان بيماري جو علاج اٺ مهينا هلڻو آهي. هر مهيني دوا لاءِ اسپتال اچڻو آهي جنهن ۾ ڏسڻو پوندو ته دوا ڪيتري حد تائين اثر ڪري رهي آهي. دوا روز کائڻي آهي، جيڪڏهن هڪ ڏينهن به دوا نه کاڌي ته بيماري اٿلي پوندي ۽ پوءِ کيس وڏي مصيبت کي منهن ڏيڻو پوندو“.
    بدوءَ کي روز لپ دوائن جي کائڻي ٿي پئي. هو گوريون کائيندو هيو ۽ ڪبوتر لڳ ڪندا هيا. جڏهن ڪلسريءَ آنو ڏنو ته بدو خوش ٿيو هن جي کنگھه ختم ٿي وئي. بلغم بند ٿي ويو. بدوءَ جو بخار لٿو ته کيس هٿ ۾ جهليل ڪبوتر جو جسم گرم محسوس ٿيو. بدو ٽي مهينا اسپتال ويو. سمجهيائين صفا ٺيڪ ٿي ويو آهيان. سگھارو ٿي ويو. جسم ڀرجي ويس. سوچيائين روز ربن جي دال کائي ٿلهو ٿي پيو آهيان. هڪ ڏينهن ربن کي مذاق ۾ چيائين ”روز دال ڪا ٺـيڪي ۾ ته نه آهي. يار ڪڏهن گوشت به کارائيندو ڪر ته وزن هلڪو ٿي“.
    ربن ڏٺو سندس دوست ڏاڍو خوش هيو ۽ ان جي منهن ۾ رت ڀريل هيو جيئن ڪڏهن سندس بلغم ۾ ڀريل هوندو هيو. ان ڏينهن ربن کيس ڪڪڙ کارايو. ربن ڪڪڙ کائي ڪوٺي ٿي ويو. ڪلسريءَ هيٺان آري تي پيل آني مان ٻچو ڦٽي نڪتو هيو. هن مذاق ۾ ٻچو هٿ ۾ کڻي سندس ڪن ۾ ڪڪڙ جيان ٻانگ ڏني. هاڻي بدو بيمار نه هيو، پر دوا بند ڪرڻ کانپوءِ پندرهين ڏينهن بيمار ٿي پيو. هٿ ۾ جهليل ڪبوتر کيس ٿڌو محسوس ٿيو. اهو سوچي ته هو بيمار آهي سندس دل جي ڌڙڪن هٿ ۾ جهليل ڪبوتر جي محسوس ٿيندڙ ڌڙڪن کان گوءِ کڻي وئي. سندس مستي ائين ختم ٿي وئي جيئن ڪلسرو ماديءَ تان لهي کنڀ کنڊيري ڌرتيءَ سان ڀڇ گسائي پاسي ۾ بيهي پر کنهندو هجي.
    هو اسپتال نه ويو ۽ بيمار ٿيندو ويو. ڪبوتر بانس جي ڇٽيءَ تي لهندا اڏامندا رهيا. هن کنگهي ڪاوڙ مان ڇٽيءَ جي ڏور کي هر هر ڇڪي ڍر پئي ڏني. پريشان ڪبوتر ڇٽيءَ تي پير نه ڄمڻ ڪري هيٺ ڪريا پئي ۽ ڀڙڪو کائي مٿي اڏاميا پئي. هڪ رات کيس ننڊ نه آئي. هن کي پنهنجي بيماريءَ جو خيال نه هيو پر ڏک هيو ته دگلي ڪبوتر جو گج ڦاٽي پيو هيو. ان داڻو پئي کاڌو ته پاڻي پيئڻ کانپوءِ اهو ڦاٽل گج مان ٻاهر پئي نڪري آيو، دگلو ڪبوتر جنهن جي هڪ اک ڳاڙهي ۽ ٻئي اڇي هئي، اهو ايڏي ته اوچائيءَ تي اڏامندو هيو جو نظر نه ايندو هيو. اهو صبح سان جيئن نيري آسمان ۾ اڏامي رهيو هيو ته ڀوري باز ان تي اڇي اک واري پاسي کان حملو ڪيو. دگلي هيـٺ گهت هنئي باز جو چنبو ان جي گج ۾ لڳو. ننهن گھري ويس. دگلي ڳاڙهيءَ اک سان ڏٺو کيس خطرو محسوس ٿيو. هن اڇي اک واري پاسي ڏانهن اڏامي جان بچائي. هيٺ لٿو ته پاڻيءَ جي پاٽ تي اچي ڪريو. سهڪندي جيئن چهنب پاڻيءَ ۾ وجهي ڳيت ڏئي ڪنڌ مٿي ڪيائين ته سمورو پاڻي گج مان نڪري سيني وٽان کنڀ آلا ڪرڻ لڳس.
    بدو سڄي رات سمهي نه سگھيو. صبح سان هو ڪبوترن جي ماهر ”وڏي جاڳيراڻيءَ“ وٽ ويو. وڏي هڪ ننڍي سئي ڪڍي ان ۾ سنهو ڌاڳو وڌو ۽ ڪبوتر جو گج سبيو. بدوءَ وڏي کي نڪل ۽ ريوڙيون ڏنيون جيڪي ربن جي دوڪان تان کڻي آيو هيو. وڏي ريوڙي وات ۾ وجهي رڙڪو ڪندي چيو ”ڪبوتر جي صحت جو خيال ڪجانءِ هن کي ٻه ڏينهن بادام کارائجان“. بدوءَ پاڻ ماني نه کاڌي ڪبوتر کي بادام کارايا. دگلو ڪبوتر ٺـيڪ ٿي ويو. پاڻي پي اڏاميو ڏوٽيون ڏيندو مٿي ويو ۽ باز کي ڳاڙهي اک ڏيکاري موٽي آيو.
    هڪ ڏينهن بدوءَ جو وزن ايڏو ته گھٽجي ويو جو محسوس ڪيائين ڪبوتر جيان اڏامي ويندو. هن جو پاسيريون ائين نڪتل هيون جيئن سندس کنڀ هيا ۽ منهن سنهو ٿي چهنب ۾ بدلجي ويو. بدو اٿڻ ويهڻ کا ن لاچار ٿي ويو. هو ڪوٺـي تي بي سڌ ڪري پيو ۽ ڪبوتر کيس مٿي ۾ ٺونگا هڻي اٿارڻ لڳا. هن جو دوست ربن کيس ڊاڪٽر ڏي وٺي ويو ۽ ڊاڪٽر اهو چئي جواب ڏنو ته ”بدوءَ جو علاج لا علاج ٿي چڪو آهي. اوجها انسٽيٽيوٽ ڪراچي وٺي وڃون جتي سندس جين ٿراپي ٿيندي“.
    ربن منجهي پيو. بدوءَ کي گهليندو گهر کڻي آيو. بدو کٽ تي ائين ڪري پيو جيئن ڪنهن ميرو وڳو لاهي ڦٽو ڪيو هجي جنهن تي پان جا داغ هجن. ربن بدوءَ کي صلاح ڏني ته ”پيارا بدو ڪبوتر وڪڻ ته ڪراچيءَ هلون“.
    بدوءَ سهڪندي چيو ”پيارا، مان پيارو نه آهيان پر ڪبوتر پيارا آهن“
    ”پر ماڻهوءَ جا پر ڪٽيل آهن“ ربن چيو ”لڪو گھڻا ڏينهن ڀڇ مٿي ڪري گھمندو. نيٺ ته هڪ ڏينهن کيس ........... لڳندي“. بدوءَ ڪنايو. مٿي ڪبوتر ”هو هو“ ڪري رهيا هيا. هن اٿڻ جي ڪئي. اٿي نه سگھيو. چيائين“ پاڻي ڏي“.
    ربن کيس گلاس ڀري ڏنو. بدوءَ ڪروڌ مان ڏسندي چيس ”مونکي نه، ڪبوترن کي“
    ربن نه ڪئي هم نه تم. بازار ويو ۽ ڪبوترن جي واپاري ”پٺي خان“ کي پاڻ سان گڏ وٺي آيو. سوا سئو ڪبوترن جو ڏهن هزارن ۾ سودو ٿيو. ڪلسرا، للسرا، ٽڪڙي، سراجي، مڪئي، دوگلا، لڪا ۽ دوپٽا سڀ پـٺي خان جي دوڪان ۾ پهچي ويا. ربن، بدوءَ کي رڪشي ۾ وڌو ۽ اسٽيشن تي پهچي ويو، ريلَ هَلي ته لوڏن ۾ بدوءَ جي اکين جا ڳوڙها پئي لڏيا. هو کنگهيو ته لڳو جيئن هري ڪبوتر کي منگهو ٻِلي ڪنڌ ۾ چڪ وڌو هجي. ريل هلڻ کانپوءِ اوجها انسٽيٽيوٽ پري نه هيو ڇو جو ان رات ريلوي لائين تي ڪو ڌماڪو نه ٿيو هيو. بدو خوني شهر ۾ وات مان خون وهائيندي اسپتال پهتو ته کيس ايمرجنسيءَ ۾ داخل ڪيو ويو. ڊاڪٽرن ربن کي ٻڌايو ” ادا فڪر نه ڪر بچڻو هوندو ته بچندو باقي افسوس جي ڳالهه نه آهي ڇو جو رب جي فضل سان جيئرو آهي. ڪوشش ڪنداسين ته افسوس ڪرڻو نه پئي“.
    وارڊ ۾ داخل ڪرڻ کانپوءِ ڊاڪٽرن ربن کي وڌيڪ ٻڌايو ” هن کي ايستائين موڪل نه ملندي جيستائين دوائون اثر نه ڏيکارين ۽ اٿڻ ويهڻ جي قابل نه ٿئي. ان ۾ ڪجهه مهينا به لڳي سگھن ٿا“. ربن، بدوءَ کي پئسا ڏئي گھر موٽي آيو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڪو شخص ڪراچي مان موٽيو ته ان ربن کي ٻڌايو ”بدو جا پئسا ختم ٿي ويا آهن. کيس پئسي جي سخت ضرورت آهي“.
    ربن پريشان ٿي ويو. سوچڻ لڳو پئسا ڪٿان ايندا؟ سوچيائين ڪبوترن جو کڏو وڪڻي بدوءَ کي پئسا پهچايان. اهو سوچي مٿي ويو. ڏٺائين کڏو خالي نه هيو. ان ۾ ڏهه ڪبوتر ويـٺا هيا. چار ڪلسرا، ٻه ٽڪڙي، ٻه سراجي ۽ ٻه مڪئي. ڏسي حيران ٿي ويو، کيس يقين نه پئي آيو ته ڪبوتر موٽي آيا آهن. هن کڏي ۾ هٿ وجهي ڪبوتر پڪڙيا ۽ پٺي خان جي دوڪان تي پهچي ويو. پٺي خان ڪبوتر سڃاتا.
    ”مون اهي ٽي ڏينهن پهريون وڪيا هيا ”هن چيو ”ڪبوتر آهن، ماڻهو نه آهن جو موٽي نه اچن“.
    پـٺو خان کليو ۽ هزار جو نوٽ ڪڍي هن کي ڏنائين. ربن هزار روپيا وٺي بدوءَ ڏي موڪليا. اوجها انسٽيٽيوٽ ۾ بدوءَ جو علاج هلندو رهيو، کيس ڪو افاقو نه ٿيو. هن کي بيماري ائين وچڙي وئي جيئن سائيٽ ايريا ۾ فيڪٽري کي باهه، جتي در بند ڪيا ويندا آهن ۽ سڀ کان پهريون ڏاڪڻ سڙندي آهي. بدوءَ محسوس ڪيو بيماري هن سان ڪبوترن جيئن هري وئي آهي. ربن پاران مليل هزار هوا ۾ پر هڻندو هليو ويو ۽ بدوءَ وري نياپو موڪليو. ربن ڪوٺي تي ويو ۽ کڏي ۾ ٻارنهن ڪبوتر موجود هيا. هن ڪبوتر پڪڙيا ۽ پٺي خان کان پئسا وٺي آيو. پٺي خان پئسا ڏيڻ کان اڳ ربن جي پٺي ٺپيندي چيو ”بدوءَ جي بيماريءَ کانپوءِ منهنجو ڪاروبار چاڪ چڱو ڀلو ٿي ويو آهي“.
    ربن پئسا وٺي بدوءَ ڏي موڪليا. ڪبوترن جي ڪرم سان بدوءَ کي ڪڏهن پئسي جي کوٽ محسوس نه ٿي. ان کي جڏهن به ضرورت پوندي هئي، وڪامي ويل ڪبوتر ڪوٺي تي پهچي ويندا هيا ۽ وري وڪامي بدوءَ جي ڪم ايندا هيا. بدوءَ جون به ڪبوترن لاءِ وڏيون قربانيون هيون. هن انهن کي اولاد جيان پاليو ۽وڏي خدمت ڪئي، انهن ڪبوترن جا ڪيترا نسل ان ڪوٺي تي پلجي اڏاڻا هيا.
    اسپتال ۾ هڪ ڏينهن بدو مري ويو. کيس اندر ٽي بي جا جراثيم کائي ويا. مئل بدو ڇڙو چمڙي هيو هيٺان سڀ جراثيم هيا. ان ڏينهن ڪوٺي تي پنجونجاهه ڪبوتر لٿا ۽ انهن ”هو هو“ جو ذڪر شروع ڪيو. ربن پڪڙڻ لئي انهن ۾ هٿ وڌا ته ڪبوترن ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو. پٺي خان ربن کي سٺـا پئسا ڏنا ڇو جو ٻڌايائينس ته ”بدو ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ فوت ٿي چڪو آهي“
    پٺي خان کيس پئسا ڏيندي چيو ”مان به بدوءَ جو ڪبوتر آهيان“. ربن لاش کڻائي موٽي آيو. کيس دفنائيو ويو ته سڀ ڪبوتر واپس اچي قبر تي ويٺا. اڄ به اهو قبرستان ”ڪبوترن واري قبرستان“ جي نالي سان مشهور آهي.


    ڏور

    شهر مٿان هڪ مهل چاليهه پنجاهه لغڙ اڏامندا هيا. ڪا خبر نه هوندي هئي ته ڪنهن جو لغڙ ڪهڙو آهي. اهو ذلفي واري تڙ واري جو آهي، بگن هاتيواري جو، اڪرم باغ حيات واري جو، گلاب غريب آباد واري جو، جوشيلي معصوميءَ جو، قمر شمس آباديءَ جو، جمن آچر گھٽيءَ واري جو، شيدي شڪارپوريءَ جو، سوٽ نبي بخش جو آهي يا ڪنهن ٻئي جو؟
    سوٽ نبي بخش گھڻو ڪري لٺ ڇاپ، اکين وارو، لوٽي ڇاپ ۽ نيري رنگ جو دک لغڙ اڏاريندو هيو. سندس لغڙ کي هڪ هنڌ بيهڻ نصيب نه ٿيندو هيو. اهو هوا جي رخ تي ڦرڙاٽ ڪري، ڪڏهن سڄي پاسي ته ڪڏهن کٻي پاسي پيو لاواٽيون ڏيندو هيو. هيٺ گهت هڻي وري مٿي ڪر کڻندو هيو ۽ وچ آسمان تي سينو تاڻي بيهي رهندو هيو. ڪنهن کي مجال نه هوندي هئي ته سوٽ جي لغڙ ويجهو اچي، جيڪڏهن ڪو جريت ڪندو هيو ته سوٽ جي لغڙ سان پيچ اٽڪائي گھڻي دير آسمان ۾ ٽڪي نه سگھندو هيو.
    ”او ڪاٽا“ سوٽ وڏي آواز ۾ نعرو هڻندو هيو ۽ مخالف جو لغڙ ڪٽجي آسمان ۾ تباهه ٿيل جهاز جيان بولاٽيون کائيندو پري وڃي ڪرندو هيو.
    اهي سڀ ڌرتتي جون ڳالهيون آهن. جڏهن کارڪن جي ٻيلن ۾ اس جي باهه تي کارڪون پچنديون هيون. اس ۾ ٻرندڙ باهه نظر نه ايندي هئي. گرميءَ ۾ وڻن جا ڏار مغز جيان ڦري ويندا هيا ۽ اس ۾ ايڏا ته منجهي پوندا هيا جو غلطيءَ سان پنهنجن ڀاڇن تي ڇانو ڪندا هيا.

    فقير محمد ڊاڙي جيڪو تاڙيءَ جي گتي ڀرسان رهندو هيو ۽ ان کي ڳاڙهي بازار جي وئشائن گناهه بخشرائڻ لاءِ ايڏي ته خيرت ڏني جو ان پڪسرو گهر ٺهرايو. جيڪڏهن ڪو کانس پڇندو هيو. ”ڇا فقير به پڪسرا گھر ٺهرائيندا آهن؟“
    هو ٺهه پهه وراڻيندو هيو.
    ”سائين منهنجي ڪهڙي حيثيت؟ مون ڪچسرو ٺهرايو، مهرباني موسم جي، اس ۾ سر ن جو رنگ ڳاڙهو ٿي ويو“.
    چوندا آهن ته اس ۾ بيهڻ ڪري ماڻهو ڪارو ٿي ويندو آهي، پر سوٽ ڀورو ڳاڙهو هيو. جڏهن سورهن سالن جو ٿيو ته ڏور سان لغڙ نه ڪٽيندو هيو پر دليون به وڍيندو هيو. هن سورهين سال سورهين الهڙ ڇوڪريءَ سان عشق ڪيو. سورهين سوٽ کي اهڙي وڻي جو ان جو سچو عاشق ٿي پيو. شايد سوٽ کي خبر نه هئي، جنهن ڇوڪريءَ سان عشق ڪري ٿو ان تي سڄو شهر عاشق آهي.
    اها ڇوڪري ان انبالويءَ جي ڌيءَ هئي جيڪو سبزي منڊيءَ ۾ آرتي هيو. سوٽ کي ان ڇوڪريءَ جي وڻڻ جو وڏو سبب ان جو ڊگهو نڪ هيو. مون سوٽ کي هڪ بيني ڇوڪريءَ سان پڪڙيو هيو، جيڪا دادن پٺاڻ جي ڀڳل جاءِ ۾ ماءُ سان اڪيلي رهندي هئي. ان ڇوڪريءَ جي ماءُ جيڪا طلاق يافتا هئي ۽ عمر جو اڌ حصو گذاري چڪي هئي. ان جي منهن جا گھنج ڪجهه اهڙي نموني جا هوندا هيا جو جڏهن به ڳالهائيندي هئي ته سندس منهن تي مرڪ خود بخود پئي اشارا ڏيندي هئي ۽ ڀروون تارازيءَ جي پڙن جيان ائين هيٺ مٿي ٿينديون هيون جيئن انهن تي گناهه ۽ ثواب رکيل هجن. ان عورت جي نوجوان ڌيءَ خبر نه آهي سوٽ تي عاشق ٿي يا سوٽ ان تي عاشق ٿيو. هڪ ڏينهن سوٽ سان ڀڳل جاءِ جي کنڊرنما ڪوٺي تي ويٺي هئي، جڏهن مان سوٽ کي ڳولهيندو اتي پهتس سوٽ ان جي نڪ کي آڱوٺي ۽ اشهد آڱر سان ڊوهي رهيو هيو. ڇوڪريءَ جي منهن تي ڪجهه اهڙا تاثر هيا جيئن کيس سوٽ جي اها حرڪت پسند نه ايندي هجي.
    جڏهن مون هڪ دفعي سوٽ کان ان جي نڪ ڊوهڻ جو سبب پڇيو ته ورندي ڏنائين.
    ”رنگ جي سٺي آهي، نڪ ننڍو اٿس“.
    مون سوٽ سان مذاق ڪندي کيس کلندي چيو “سوٽ ڊوهڻ سان وڏا ٿيندا آهن، پر نڪ نه” سوٽ وڏو حرڪتي هوندو هيو، مان ان جو مددگار هوندو هيس، سندس هر حرڪت پويان منهنجو هٿ هوندو هيو. هڪ دفعي ڪوٺي جي پلوڙي تي حاڪم هٽ واري جي ننڍي پٽ کي ڀاڪر پائي ويٺو هيو، مون ڀرسان وڃي پنهنجي ٺوٺ هن جي ٻانهن کي هنئين، حاڪم هٽ واري جو ننڍو پٽ هن جي ٻانهن مان نڪري هيٺ وڃي ڪريو، چڱو ٿيو پڌر ۾ کٽ پيل هئي واڻ تي ڪريو بچي ويو ۽ کٽ ڀڄي پئي، هر ڪنهن ائين چيو، سڄي حرڪت سوٽ جي آهي، چاچي کيس ڇنڊ به ڪڍي پر مان بي فڪر دالي جي ونگ پويان لڪي ٽهڪ ڏئي رهيو هيس.
    ڇا به هجي سوٽ جهڙو هوشيار چالاڪ چست ۽ چالباز ڪو به نه هيو. سوٽ پڙهندو هيو ته اسڪول ۾ پهريون نمبر ايندو هيو. تقرير ڪندو هيو ته ٽرافي کٽيندو هيو. اکر اهڙا هوندا هيس جو سونهري چانورن جي خريد ڪرڻ کان اڳ ٻوريءَ مان هٿ تي رکي ڏس، سوٽ ڳالهائڻ جو اهڙو جو دشمن پنهنجي وَر مان پستول ڪڍي حوالي ڪري ته ”هڻ“. سوٽ پاڻيءَ جي مند ۾ سکر بئريج جي دروازن تان ٽپو ڏئي گُهت هڻي. گجگوڙ ڪندڙ پاڻيءَ سان ترندو لبي مهراڻ وٽ اچي نڪرندو هيو. جواري اهڙو جو مجال نه آهي ڪنهن کي جو کانئس کٽي، تاس اهڙي ڦيرائيندو هيو جو وڏن جوارين جو هوش اڏامي وڃي، سوٽ وقت تي چوريءَ کان به نه ڪيٻائيندو هيو، هن ضرورت پوڻ تي گهر جا پراڻا تاريخي ٽامي ۽ پتل جا ٿانوَ وڪيا، اهو سڀ هن ان ڪري ڪيو جو کيس عشق لاءِ پئسي جي سخت ضرورت هئي.
    انبالويءَ جي ڌيءَ سوٽ کي تنگ ڪندي هئي، سوٽ مجبور هيو ان زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو سچو عشق ڪيو هيو ۽ عشق کيس ڏاڍو مهانگو پئجي رهيو هيو. اها سوٽ جو سورهون ۽ آخري عشق هئي. سهڻي ڊگهي نڪ واري جنهن سوٽ کي ديوانو ڪري وڌو هيو. سوٽ جڏهن به ڪو لغڙ اڏاريندو هيو ته هوءَ سامهون بيٺل هوندي هئي. شوخ چنچل تيز اس ۾ آئيني جهڙي، جنهن سان سج ٽڪرائجي اولڙي جي صورت ۾ سوٽ جي منهن تي پوندو هيو، جنهن کان سوٽ جون اکيون بند ٿي وينديون هيون ۽ سندس اڏامندڙ لغڙ ڪٽجي ويندو هيو.
    عشق کانپوءِ سوٽ جي ڏور ڀتي نه ٿي هئي پر سوٽ جون اکيون حسن جوتاب سهي نه سگهنديون هيون. هن جا لغر اڪثر ڪٽجڻ لڳا.
    هڪ دفعي پاڙي ۾ هٽ واري هن تي طنز ڪندي چيو “ڪچي ڏور انهن جي هوندي آهي جيڪي اوڌر تي عشق ڪندا آهن.”
    سوٽ کي هن جي طنز تي ڪاوڙ وٺي وئي. هن هٽ واري جي برنيءَ مان ڪيڪ ڪڍي کائيندي چيو “ڪنا ڪيڪ انهن جا هوندا آهن جن وٽ ڪو گراهڪ نه اچي.”
    هن کيسي مان پئسا ڪڍي دخل تي اڇلايا ۽ پوءِ ڪيڪ وات مان ڪڍي ڦٽو ڪري هليو ويو.
    لغڙ ڪٽجڻ کانپوءِ هرڪو ائين سوچڻ لڳو شايد سوٽ جو مشهور مانجهي واو فارمولا فيل ٿي چڪو آهي. در اصل اهو فارمولا منهنجي ايجاد هيو جيڪو مون سوٽ کي ڏنو هيو. اهو سوَ سيڪڙو ڪامياب هيو، جيئن ته عشق کانپوءِ سوٽ جا اڪثر لغڙ ڪٽجڻ لڳا هيا. مون کي هاڻي اهو راز فاش ڪرڻ ۾ ڪو عار محسوس نه ٿو ٿئي ته سوٽ مانجهي ۾ سوني مک وجهندو هيو. هو سيرو چوڪ تان ڀڳل چدي واريون بوتلون ميڙي ايندو هيو. چدي واريون بوتلون جن تي چانديءَ جي روپئي وارو نشان هوندو هيو، اهي سيرو چوڪ تي صرف ديوان لالچند جي هوٽل تي ملنديون هيون. ديوان لالچند انهن بوتلن ۾ اهو چدو انڪري وڌو هيو جو جڏهن گرميءَ جا ماريل بوتل وٺي پيئن ته هر ڍڪ کان پوءِ چدو هيٺ لهي بوتل جي منهن وٽ اچڻ ڪري ساهي پٽين ۽ چدو هيٺ لاهي وري ڍڪ ڀرين. ديوان لالچند جنهن جو پيءَ حڪيم هيو، ان پٽ کي هوٽل کولڻ کان اڳ نصيحت ڪئي هئي ته “پٽ بيشڪ تون عطائي حڪيم نه ٿيءُ پر حڪمت جا ڪجهه اصول نظر انداز نه ڪجانءِ، جيڪڏهن هوٽل کولين ته گرميءَ ۾ ٿڌيون بوتلون هڪ ساهيءَ ۾ پيئڻ ڪري ڪراهڪن جا ڳلا خراب ٿي ويندا. اهڙيون بوتلون ٺاهجانءِ جو اهي هر ڍڪ کانپوءِ ساهي پٽين.”
    ديوان لال چند پيءُ جي نصيحت تي عمل ڪيو ۽ چدي واري بوتل ايجاد ڪئي. جيئن ته ان بوتل جي چدي ۾ حڪمت هئي. سوٽ انهن ڀڳل بوتلن مان چدا ڪڍي، ڪٽي ڇاڻي مانجهي ۾ وجهندو هيو. هو مانجهي ۾ ٿنڀڻ جي جاءِ تي ابرشم جي وڻن جو کونئر وجهندو هيو ۽ رنگ جي جاءِ سندور استعمال ڪندو هيو. جڏهن باهه تي مانجهو تيار ڪري بئريج ڪالونيءَ ۾ ٻن وڏن وڻن جي وچ تي هزاري ڳوٽي تي چاڙهيندو هيو ته شهر جا وڏا شوقين هن کي مانجهو هڻندي ڏسڻ ايندا هيا. جڏهن بُل ڏياري لغڙ کي آسمان تي چاڙهيندو هيو ته اهو آسمان ۾ پاسا هڻندو ائين پوئتي ويندو هيو جيئن ڪو پهلوان آکاڙي ۾ سٿر تي هٿ هڻي مقابلي جي دعوت ڏيندو هجي. ٻن اکين وارو لغڙ مٿان سوٽ جي اشاري جو منتظر هوندو هيو. سوٽ ڪڏهن لغڙ کي اشارو ڏيندو هيو ته اهو مٿان گهت هڻي ان انبالوي ڇوڪريءَ جي ڳٽي کي ڇهندو ڄڻ چمي وٺي ڏور وسيلي سوٽ ڏي اماڻيندو هيو. مون هڪ دفعي سوٽ کي سمجهايو. ”سوٽ سٺو نه ٿو ڪري. جنهن سان عشق ڪرين ٿو ان جا عاشق اڳ ئي موجود آهن. هوءَ ڇڙو تنهنجو خرچ نه کائيندي آهي پر هر عاشق ان تي خرچ لاءِ آتو آهي.“
    سوٽ کي منهنجي صلاح نه وڻي
    “گهڻو نه ڳالهاءِ” هن چيو “ان کي حاصل نه ڪري سگهيس ته ان کي ڪو حاصل ڪري نه سگهندو.” سڀ لغڙ ڄڻ ته انبالوي ڇوڪريءَ مٿان سرڻين جيئن لامارا ڏيندا هيا. اها ڇوڪري چپن تي هٿ رکي چميون هوا ۾ اڇلائيندي هئي ۽ لغڙ گهتون هڻندا اهي جهٽيندا هيا. انهن لغڙن جا مقابلا ان ڇوڪريءَ لاءِ هوندا هيا. لغڙ هوا ۾ سرڙاٽ ڪندا هڪ ٻئي کي ڪلهو هڻي گريبانن ۾ هٿ وجهندا هيا، پوءِ ڏور سان ڏور ٽڪرائبي هئي. ڏورون گسنديون هيون ۽ لغڙ ڏنل ڍر تي پوئتي ٿيندا پري هليا ويندا هيا. ڪڏهن اهي ايڏا ته پري هليا ويندا هيا جو آسمان ۾ اوچائين تي اڏرندڙ ڪلسرن جا پر ڪٽي وجهندا هيا، اهي ڪلسرا ڪبوتر باز جهٽيل پکيءَ جيان بولاٽيون کائيندا گول ڦرندا اچي ڌرتيءَ تي ڪرندا هيا.
    عشق کان اڳ سوٽ جو هڪ اهڙو مقابلو بگوءَ جي لغڙ سان ٿيو هيو. بگو ان شهر جو وڏو شوقين هيو، کيس سائيڪلن جو دوڪان هيو ۽ هو مانجهي ۾ اهو سوليوشن وجهندو هيو جنهن سان ٽيوب ڳنڍيندو هيو. هن جي لغڙ جا بريڪ ۽ پيڊل وڏي گرفت ۾ هوندا هيا، پر سوٽ جو ڪو ثاني نه هيو، جڏهن انهن ٻن لغڙن جا پيچ پيا ته پوءِ اهي هوا ۾ اڏرندا ايڏا ته پري هليا ويا جو آسمان ۾ ڪٿي به ڏسجي نه رهيا هيا. سوٽ هٿ ۾ جهليل ڏور جي گهڪي کي محسوس ڪري اهو سمجهي رهيو هيو ته ڪٿي پولارن ۾ اڃا به مقابلو جاري آهي ۽ بگوءَ جو لغڙ نه ڪٽيو آهي. سوٽ ان مقابلي ۾ هڪ ٻئي پويان ڏور جون ست چرخيون ٻڌي لغڙ پويان ڇڏيون ۽ نيٺ اهو وقت آيو جو سوٽ ڏور جي گهڪاءَ مان محسوس ڪيو ته مقابلو ختم ٿي چڪو آهي. بگوءَ جو لغڙ ستين آسمان تي دوزخ ۾ وڃي ڪريو آهي ۽ ان جي تمام ڊگهي ڏور دوزخ کان ڪئي ڪوهه پري جنت جي وڻن مٿان لڙڪي رهي آهي. سوٽ کي لغڙ هيٺ لاهڻ ۾ پورو ڏينهن لڳي ويو. جنهن ۾ مون هن جي چرخين ويڙهڻ ۾ مدد ڪئي.
    جڏهن لغڙ هيٺ لهي هٿن ۾ آيو ته لغڙ جي اکين ۾ ڳوڙها هيا ۽ اتي لکيل هيو.
    ”پيارا نبي بخش مونکي توسان پيار آ“
    سوٽ ۽ مان اهي اکر ڏسي حيران ٿياسين. سوٽ اهي اکر سڃاتا، جيڪي سڀيتا جا هيا. سڀيتا سوٽ سان پنجين ڪلاس ۾ پڙهندي هئي ۽ امتحان کان اڳ ڪالرا ۾ مري وئي. سوٽ سندس ڀرسان ويهي اکرن جي تعريف ڪندو هيو ۽ چوندو هيو “سڀيتا تنهنجا ۽ منهنجا اکر ڪيڏا نه ملي رهيا آهن.”
    سوٽ اهو سوچي ته سڀيتا عرش ۾ هن جو انتظار ڪري رهي آهي خوف ۾ وٺجي ويو ۽ ان ڏينهن کانپوءِ بگوءَ سان لغڙ وڙهائڻ کان توبهه ڪيائين.
    سڀيتا جي اهڙي پيغام تي جتي سوٽ خوف ۾ وٺجي ويو، اتي مونکي بي حد خوشي ٿي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪائنات ۾ ڪو ته آهي جيڪو سوٽ سان سچو عشق ڪري ٿو. پوءِ اهو سچي افسوس ٿيو ته سوٽ جو سورهون عشق اهڙي ڇوڪريءَ سان هيو جيڪا سڄي شهر جي عاشقن جو خرچ کائي ٿي. اها ان انبالويءَ جي اڪيلي ناجائز اولاد هئي، جيڪا سندس دوڪان سامهون ڳاڙهي بازار جي وئشيا دلبريءَ مان اوچتو پيدا ٿي پئي. ان انبالويءَ پنهنجي زندگيءَ ۾ اها وڏي غلطي هئي جو ان وئشيا سان شادي ڪئي جيڪا هڪ سال کانپوءِ پنهنجي انجام کي پهتي. اها وئشيا طلاق کانپوءِ انبالويءَ وٽ ڌيءَ ڇڏي روڊ ٽپي ٻئي پاسي ڳاڙهي بازار ۾ موٽي وئي ۽ انبالوي پنهنجي ان ناجائز اولاد کي جائز قرار ڏئي پندرهن سال پالنا ڪئي. ناجائز ان ڪري جو انبالويءَ ڪوڙو نڪاح نامو ٺهرايو هيو جيئن طلاق جي صورت ۾ هو عدالت ۾ ڏيڍ لک روپيا حق مهر ڏيڻ کان ڦري وڃي. جيڪڏهن نڪاح نامو سچو هجي ها ته اها ناجائز ڇوڪري ضرور جائز ليکجي ها ۽ ڪڏهن اڌ وضو ڪري نفلن ۽ سنتن کانسواءِ به فرض پڙهي کٻي اک کي آجو قرار ڏئي، سڄي اک ۾ شرم ۽ حياءَ جو ڏيک ڏئي ها، پر اها صفا ناجائز هئي ۽ سڄو ڏينهن ڪوٺي تي چڙهي عاشقن جي لغڙن تي حڪمراني ڪندي هئي. عاشق لغڙن جي ڏور سان هن جي آس پاس پيا حرڪت ڪندا هيا.
    اهو اونهارو عاشقن لاءِ سٺي خبر کڻي نه آيو. اها خبر عام ٿي وئي ته سندس پيءُ انبالوي هن جو سنگ ڪنهن ٻئي شهر ۾ طئي ڪري آيو آهي ۽ اها ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي.
    سوٽ صفا مايوس ٿي ويو، هو ڪوٺي تان لهي هيٺ ان ويران ڪوٺيءَ ۾ وڏن پاون واري کٽ تي ويهي روئڻ لڳو، جنهن کٽ کي ڇنڊڻ جي ڪڏهن ڪنهن ضرورت محسوس نه ڪئي هئي. ان کٽ تي ڇت ۾ ٺهيل جهرڪين جي آکيري مان ڪرندڙ ڪکن ۽ وٺين کانسواءِ صدين جي ڌوڙ ڄميل هئي. ان ويران ڪوٺيءَ ۾ جهرڪين جي اچڻ لاءِ ٻاهر کلندڙ جاري مان اوندهه ۾ ايندڙ سج جي ڪرڻن ۾ ڌوڙ جا ذار اڏامندي ڏسبا هيا.
    ان ڏينهن آنڌي ته نه آئي هئي پر هوا ڏاڍي تيز هئي جڏهن ان انبالوي ڇوڪريءَ جو ڳلو ڪپجي ويو. اها ڪوٺي تي بيٺل هئي، ڪا گهڙي گذري ته ڪنهن لغڙ جي ڏور ان جي ڳلي تي ڦري وئي. هوءَ هيٺ ڪري ۽ جيستائين کيس اسپتال پهچايو وڃي. گهڻو رت وهڻ ڪري ان جو موت واقع ٿي ويو.
    ڪنهن تي الزام نه آيو. الائي ڪنهن جي ڏور هئي؟ شهر مٿان هڪ مهل چاليهه پنجاهه لغڙ اڏامندا هيا. ڪا خبر نه هوندي هئي ته ڪنهن جو لغڙ ڪهڙو آهي. اهو ذلفي واري تڙ واري جو آهي. بگن هاتيواري جو. اڪرم باغ حيات واري جو گلاب غريب آباد واري جو، جوشيلي معصوميءَ، شيدي شڪارپوريءَ جو، جمن آچر گهٽيءَ واري جو، قمر شمس آباديءَ جو، سوٽ نبي بخش جو آهي يا ڪنهن ٻئي جو.


    ناياب

    مهمان خاني ۾ ماڻهو ايندا ويندا هيا، ڪاڻي بورچيءَ تي ڪو اثر نه پوندو هيو. اهي رهندا هيا ۽ ڪاڻي بورچيءَ جي ماني کائي هليا ويندا هيا.
    ان دفعي مهمان خاني ۾ چار ماڻهو اهڙا آيا جيڪي مختلف هيا. دينو دانشور، سياستدان سائين ڏنو، پروفيسر پيرل ۽ هڪ سنهڙو صحافي. جڏهن ڪاڻو بورچي مارڪيٽ مان قيمو وٺي مهمان خاني پهتو ته اهي ٽيبل چوڌاري ويٺل هيا. ان کي ايندو ڏسي سياستدان سائين ڏني کيس سڏ ڪيو ۽ پڇيو. “ڪاڻا بورچي ڇا وٺي آيو آهين؟”
    ڪاڻي بورچيءَ بنا جهجهڪ وراڻيو.
    “سائين قيمو”
    “قيمو سٺي شيءِ آهي.” سياستدان سائين ڏني چيو. “ڇو جو ٻوٽيون چچرجي پاڻ ۾ ملي يڪجهتيءَ جو مظاهرو ڪنديون آهن.” سنهڙو صحافي جيڪو ٿلهن شيشن واري عينڪ مان گول اکيون ڪري نهاري رهيو هيو، ان جو تجسس وڌي ويو.
    ”ڀلا ڏسون ته سهي، کائڻ لائق آهي به يا نه؟“ ان چيو. ڪاڻي بورچيءَ ٿيلهيءَ مان قيمو ڪڍي پليٽ ۾ وجهي انهن سامهون ٽيبل تي رکيو. تازو قيمو ذرا ذرا ائين ٽيبل تي رکيل هيو جيئن عوام کي ڌرڻي لاءِ ڪٺو ڪيو ويو هجي.
    “ڪاڻا بورچي قيمو ڪهڙي جانور جو آهي.؟ “پروفيسر پيرل پڇيو. ڪاڻي بورچيءَ پهريون ڪڏهن مهمان خاني ۾ اهڙا ماڻهو نه ڏٺا هيا. مهمان پڇندا نه هيا، اوڳرائي ڏئي هليا ويندا هيا. ڪاڻي بورچيءَ دل م سوچيو، قيمو ڪرائبو ئي ان لاءِ آهي ته هضم ٿي سگهي. پهاڙ قيمو ٿي پٿر بنجي ويندا آهن ۽ ڪراچيءَ جا روڊ پٿر جن کي، قيمي جيان هضم ڪري ويندا آهن. گوشت ۽ واردات جو نشان مٽائڻو هجي ته قيمو ڪرائي ڇڏيو. ڪوابن لاءِ قيمو ضروري آهي ۽ قيمي لاءِ ڪات، ڪاسائي قيمو ڪندا آهن ڄڻ حڪومت هلائيندا آهن. قيمي جي هڪ ڪلو ۾ ارڙهن ڪروڙ سنهيون ٻوٽيون سمائجي سگهن ٿيون. آدمشماري وڌڻ سان ڪهڙو فرق پوي ٿو؟ ڪات جا ٻه ڌڪ ٻيا هڻي ڇڏيو، آدمشماري وڌي ويندي ۽ قيمي جو وزن ساڳيو رهندو. ڪاڻي بورچيءَ کي اهڙا دلچسپ مهمان ڏسي نابين اک جي نظر موٽي آئي. ان قيمي ڏانهن آڱر کڻي اشارو ڪندي چيو“ اهو توهان ٻڌايو ته قيمو ڪهڙي جانور جو آهي؟” پوءِ ڪاڻي بورچيءَ اندر ۾ ٽهڪ ڏنا ۽ وات تي هٿ رکي منجهيل آواز ۾ چيو “پهتل بندا آهيو. مان ٻڌائيندس ته اعتبار نه ڪندا.”
    پروفيسر پيرل مٿو کنهيو.
    “منهنجي خيال ۾ ....“ ائين چئي اهو خيالن ۾ کوئجي ويو ۽ پوءِ ٺهه پهه وراڻيائين.“اهو پاڏي جو آهي.”
    سڀني وري ٽيبل تي پيل قيمي کي ڏٺو. انهن جو ڌيان قيمي ڏانهن هيو ته ڪاڻو بورچي اک بچائي نڪري رنڌڻي ۾ ويو ۽ بصر ڪٽي کلڻ لڳو، جڏهن ته ان جي اکين ۾ ڳوڙها هيا. اک ڀل ڪاڻي هجي پر روئيندي ضرور آهي. هوچارئي، مٿو، ڏاڙهي ڪلها ۽ سٿر کنهي سوچ ۾ غرق ٿي ويا ته آخر قيمو ڪهڙي جانور جو آهي؟ سنهڙي صحافيءَ ڪرسيءَ تان اٿي قيمي جو ذور آڱرين ۾ کنيو ۽ مهٽي محسوس ڪرڻ لڳو ته اندران ڪهڙي جانور جو آواز ٿو اچي.
    “ادا ڪڪڙ جو آهي.” پوءِ ان چيو “مون هڪ ڪڪڙ جي قتل جي ڪهاڻي شام جو شايع ٿيندڙ اخبار ۾ ڇپائي هئي. جنهن تي مون کي ايوارڊ مليو هيو. اسان ڪڪڙن جي قتل عام تي سوچينداسين ته انسانن جي قتل عام جي اهميت وڌي ويندي ۽ جيئن ته مون اڻ سڌيءَ طرح انسانن جي قتل عام کي ننديو هيو، ان لاءِ ايوارڊ جو مستحق ٿيو هيس. ان رات پنهنجي مان ۾ ٿيل پارٽيءَ اندر مون ڪڪڙن جا ڪواب کاڌا هيا.”
    سياستدان سائين ڏني ڪڙڪ ڪالر کي سڌو ڪندي پاڻ ڪرسيءَ تي سڌو ٿيندي چيو “جيڪي ڪڪڙ جا ڪواب کائيندا آهن، اهي سنهڙا نه هوندا آهن.”
    سنهڙي صحافيءَ کي ڪاوڙ لڳي.
    “ڪڪڙ سنهڙا هوندا آهن.” ان چيو” پر کڙهڻي کنڀ کنڊيريندا آهن ته سياستدان نظر ايندا آهن.”
    ان کان اڳ جو سياستدان سائين ڏنو قيمي جي پليٽ سنهڙي صحافيءَ کي منهن ۾ هڻي، دينو دانشور ٻنهي کي ٿڌو ڪيو.
    ”بابا قيمي جي ڳالهه تي ڇوٿا هڪ ٻئي جو قيمو ڪيو.“ ان وڌيڪ چيو ته فرق فقط اهو آهي ته قيمي ۾ ”قاف“ ۽ ليمي ۾ ”لام“ هوندو آهي.“
    پروفيسر پيرل دانشور جي جملي تي سوچيو، پوءِ نڪ هيٺان نقطي جهڙين مڇن تي ننڍي آڱر سان کنهندي چيو. ”ڪا ڏي قيمو، ڪاڏي ليمو، هتي قوم جا ابا هڪ ٽيبل تي ويهڻ لاءِ تيار نه آهن، تون قيمي ۾ ليمو ملائي ڇڏيو.“
    پروفيسر پيرل ڳالهه ڪري زوريءَ ٽهڪ ڏنو ۽ هو ٽئي ٽهڪن کي زوريءَ روڪي نه سگهيا. رنڌڻي ۾ بصر ڪٽيندي ڪاڻي بورچيءَ جون اکيون خشڪ ٿي ويون ۽ هو روئڻ لڳو. ٽيبل تي رکيل قيمو خودڪش بمبار جي جسم جهڙو ٿي ويو.
    ”ڳالهه سئين سڌي آهي“. سياستدان سائين ڏني چيو “قيمو پوڙهي ڍڳي جو آهي. جڏهن ڍڳو ڪم نه ڪندو آهي ته سندس چرٻي چڙهي ويندي آهي. غور سان ڏسو قيمي ۾ اڇا چرٻيءَ جا ذرا جام آهن.”
    سڀني ڏٺو ۽ سياستدان سان ها ۾ ها ملائي ”برابر ائين هوندو آهي.“ دينو دانشور چيو “تاريخ ۾ هڪ چرٻي چڙهيل بادشاهه کي عوام ڦاهيءَ تي چاڙهيو ۽ رسو ڇڏي پيو” سياستدان سائين ڏني تجسس مان تڪڙ ۾ پڇيو “پوءِ پڪ سان بادشاهه جيئرو هوندو؟“
    “ها بلڪل” دينو دانشور چيو “ان کي جيئرو پوريائون.”
    چارئي چپ ٿي گهري سوچ ۾ ٻڏي ويا.
    ”ٿي سگهي ٿو قيمو ڪنهن ڏاڙهيءَ واري ٻڪر جو هجي“. پروفيسر پيرل ڏاڙهي کنهندي چيو جيڪا ڪوڙيل هئي.
    ”ڇوٿو ڪفر جو ڳالهيون ڪرين“ دينو دانشور چيو ”اڄڪلهه ڏاڙهيءَ وارا ٻڪر ڪاسائين جو قيمو وڪڻي ايمان جيان لوسڻ خريد ڪري رهيا آهن“.
    سنهڙي صحافيءَ کي دينو دانشور جي ڳالهه نه وڻي. ان کيس ڪاوڙ مان پيار جو پيغام ڏيندو چيو “جيڪڏهن وات ۾ ڌپ هجي ته ڳالهه اهڙي ڪجي جيئن گلن ۾ هوندي آهي ۽ گل جيڪي اوٿ کڻندڙ وزير جي ڳچيءَ ۾ پاتل ڪنڊين ۾ هوندا آهن. ڪنڊيون جيڪي پٽيوالو گلڻ گهر کڻي منهيءَ ۾ ٽنگي ڇڏيندو آهي. منهي جنهن هيٺان ٻار قوم جيان قميص پائي سٿڻ بنا سمهيل هوندو آهي.”
    سياستدان سائين ڏني آڱريون ڪنن ۾ وجهي ڇڏيون. ٻين ٽن سمجهيو شايد ٻانگ ڏئي اهو ٻڌائڻ وارو آهي ته “قيمو ڪنهن ڪُڪِڙ جي ستايل اڌوهيءَ جي ڪُڪُڙ جو آهي.” پر سياستدان سائين ڏني آڱريون ان ڪري وڌيون هيون ته کيس سنهڙي صحافي جي وزير تي ڪيل تنقيد صفا نه وڻي هئي. ان آڱريون ڪنن مان ڪڍيون ته انهن تي هيڊو گند لڳل هيو. اهو ڏسي سنهڙي صحافيءَ کيسي مان پين ڪڍي ڊائريءَ تي لکڻ شروع ڪيو. “وڏو گند سياستدانن جي ڪنن ۾ هوندو آهي. ڳالهه انڪري نه ٻڌندا آهن جو گند ڳالهه کي ڪنن ۾ وڃڻ نه ڏيندو آهي. جڏهن ڪن صاف ڪري ٻڌڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته ڪنن مان نڪتل گند ڪري ملڪ ۾ گند وڌي ويندو آهي. گٽر ۽ ڪن ۾ اهو فرق آهي ته ٻئي بند ٿي سگهن ٿا ۽ کلندا آهن ته گٽر سان گندو پاڻي وهندو آهي ۽ ڪن مان روڳ. قوم جي فائدي ۾ آهي ته سياستدانن جا ڪن بند هجن، ائين سمورو گند سياستدانن جي ڪنن ۾ محفوظ رهندو ۽ قوم پاڪ رهندي. جيستائين دانهن ٻڌڻ جو سوال آهي، جيڪڏهن ڪن صاف ڪري ٻڌندا ته ٻڌڻ ڪري انهن جا ڪن وري بند ٿي ويندا ۽ ائين نئون گند جنم وٺندو“.
    پروفيسر پيرل جيڪو سنهڙي صحافيءَ لکندي چتائي رهيو هيو. ان کان نه رهيو. تڪڙ ۾ پڇيائين “ڇاٿو لکين؟... ڇاٿو لکين.”؟
    ان ٻه دفعا سوال انڪري ڪري ڪيو جو صحافيءَ کي پڪ ٿي وڃي ته ڪنهن سوال ڪيو آهي، ڇو جو صحافي صرف سوال ڪندا آهن ۽ صحافيءَ کان سوال ڪرڻو هجي ته ٻه دفعا ڪيو وڃي. جيئن کيس ڪنن تي اعتبار اچي.
    ”لکيو اٿم ته ..“ سنهڙي صحافيءَ جواب ڏيندي چيو ”هيءُ قيمو اهڙي سَانَ جو آهي جيڪو وڏي وزير جي آفيس ۾ ڪرسيءَ سان ٻڌل هيو، کيس هر عورت مينهن نظر ايندي هئي. جيئن ته مينهن کي ڏسي رسي ڇنائڻ جي ڪوشش ڪندو هيو. تنهنڪري وڏي وزير جي ڪرسي اونڌي ٿي ڪري پوندي هئي ۽ اها خبر عام ٿي ويندي هئي ته وڏي وزير کي هٽائڻ ۾ سَانَ جو هٿ آهي.“
    دانشور دينوءَ اکين تان عينڪ لاهي چولي سان صاف ڪئي ۽ پائي قيمي جو جائزو ورتو.
    ”لڳي ڪو نه ٿو ته ڪنهن سَانَ جو آهي. ”پوءِ ان وڌيڪ تبصرو ڪندي چيو ”سَانَ جو قيمو ڪشمير جي صوف جهڙو ڳاڙهو هوندو آهي. اڃان ڪشمير جا اڌ صوف آزاد ٿيا آهن. جيستائين اڌ آزاد ٿيندا قيمو ڌپ ڪري ويندو. ان لاءِ ضروري آهي ته قيمي کي اتان ڏسجي جتان هيڊو آهي. ڇو جو هيڊو قيمو مظلومن جو هوندو آهي ۽ ظالم اهڙو قيمو کائي ڳاڙها ٿي پوندا اهن.”
    اهي چارئي مٿي کي هٿ ڏئي سوچيندا رهيا. رنڌڻي مان ڪاڻو بورچي مرڪندو آيو ۽ مذاق ۾ چيائين.“ ڏيو خبر ... پئي ڪا خبر.؟”
    اهي چارئي آڻ مڃڻ وارانه هيا. دينو دانشور عقل جي ڳالهه ڪئي “ڪاڻا بورچي، پچائي کاراءِ ته ذائقو سڃاڻي، هاڻي ٿا ٻڌايون ته قيمو ڪهڙي جانور جو آهي.”
    ڪاڻو بورچي کلي کين مذاق ۾ هر هر اک هڻڻ لڳو، جنهن ڪري اهو هر هر انڌو پئي ٿي ويو.
    ”هاڻي ٿو پچايان“ ان ٽيبل تان قيمي جي پليٽ کڻندي چيو ... ”ڇڙو اٺهٺ منٽ انتظار ڪيو.“
    اٺهٺ لفظ ٻڌي سنهڙي صحافيءَ کان ڇرڪ نڪري ويو.
    ”اٺهٺ منٽ ڇو؟... “ان بورچيءَ کان سوال ڪيو.
    ڪاڻو بورچي کليو ۽ شرمائي هليو ويو. ان جي وڃڻ کانپوءِ پروفيسر پيرل سنهڙي صحافيءَ جي سوال جو جواب ڏنو.
    “سوچ اڄ موڪل ڇو آهي ۽ اسان هڪ تقريب ۾ ڪوٺايل ڇو آهيون؟”
    “اڙي ها ياد آيو” سياستدان سائين ڏني وچ ۾ چيو” اڄ اٺهٺهون يوم آزادي آهي.”
    سنهڙي صحافيءَ شرم کي پرچائيندي چيو “در اصل قيمي منجهائي وڌو آهي.”
    رنڌڻي ۾ ڪنيءَ اندر قيمو ٽهڪڻ لڳو. قيمي جي خوشبوءِ مهمان خاني جي هر شيءِ ۾ سمائجي وئي. ڌاڻا، گرم مصالحو، لوڻ، ساوا مرچ، ڳاڙها مرچ، بصر، پٽاٽا، ننڍو ڦوٽو، وڏو ڦوٽو، ٻاڦ سان ملي ٽيبل چوڌاري چئني جي نڪ ۾ سرسر ڪرڻ لڳو. انهن جو نڪ ائين چرڻ لڳو جيئن قيمي جي خوشبوءِ کان وڏو ٿي هاٿي جي نڪ ۾ تبديل ٿي ويندو.
    جڏهن ڪاڻي بورچيءَ قيمو پچائي وڏي پيالي ۾ وجهي انهن اڳيان رکيو ته سندن بک تيز ٿي وئي. پروفيسر پيرل قيمو پليٽ ۾ وجهي، مانيءَ جو ڳڀو ڀڃي قيمي سان چٻاڙيندي چيو “قيمو ٻڪر جو آهي.” پوءِ وري چيو “ها بلڪل ٻڪر جو آهي.”
    سياستدان سائين ڏني مانيءَ جي ننڍڙي ڳڀي تي وڏي مقدار ۾ قيمو رکي چٻاڙيندي چيو “ قيمو ڳئونءَ جو آهي” پوءِ مزي سان ڪنڌ لوڏيندي وري چيو “ها بلڪل ڳئون جو”
    سنهڙي صحافيءَ ڳڀو ڀڃي قيمو رکي وات ۾ وجهي هڪدم چيوڙ قيمو ڪڪڙ جو آهي.” ۽ وري چيو“ها بلڪل ڪڪڙ جو.”
    دينو دانشور ڳڀو ڀڃي قيمو رکي وات ۾ وجهي چيو ”قيمو پاڏي جو آهي“ سڻڀي هٿ سان عينڪ اکين تي ٺيڪ ڪندي وري چيو “ها بلڪل پاڏي جو.”
    اهي کائيندا رهيا ۽ پنهنجي راءِ تي اٽل بحث ڪندا رهيا.
    ڪاڻو بورچي رنڌڻي جي ڪنڊ ۾ کلي رهيو هيو. ان آڱر سان اک اُگهندي آهستي چيو.
    “در اصل شهر ۾ گڏهه ناياب آهن.”


    خوابن جو چور

    ڀل آواز کي پير هجن پر هوندو ٻوڙو آهي ۽ ڪن ڳولهيندو آهي. آواز لئي زبان هجڻ ضروري نه آهي. ڪٽيل زبان جا آواز رڙ ۾ تبديل ٿي ويندا آهن ۽ رڙ کي پنهنجي زبان هوندي آهي.
    گونگي جتوئيءَ جي سيٽيءَ مان نڪرندڙ آواز جي ڳالهه به ساڳي هئي. جتوئي هيو ته گونگو، پر سندس سيٽي ڳالهائيندي هئي. سيٽيءَ مان آواز نڪرندو هيو، اهو چور پويان ڀڄندو هيو ۽ کيس پڪڙي ٻانهن ۾ جڪڙيندو هيو.
    گونگو جتوئي چوڪيدار هيو. رات جي اوندهه ۾ اسٽيل جي سيٽي وڄائيندڙ نيري ورديءَ وارو چوڪيدار، جنهن جي ڪلهي ۾ لڙڪندڙ رپيٽر ائين هيو، جيئن لاش، جنهن جي سيني ۾ ست گوليون لڳل هجن.
    ان رات بجلي بند هئي ۽ يوسف جي ڪمري جا در، دريون کليل هيا. بجلي بند نه هوندي هئي ته اي سيءَ ۾ ڪمرو ايئن ٻوٽيل هوندو هيو جيئن ڪنول، جنهن ۾ يوسف ڀنور جيان قيد هوندو هيو. کيس ڪمري ۾ ننڊ نه آئي ۽ اها رات ڪوٺي تي گذارڻي پئي. سمهي مٿي ڏسي، رات کي چنڊ تي سڄاتائين، اها چوڏهينءَ جي رات نه هئي. چوڏهينءَ کانسواءِ به چنڊ چمڪندو آهي. چنڊ کٻي پاسي کان کاڌل هيو. هن ڏٺو اتي ڏندن جا نشان هيا ۽ وٿين ۾ رات ڀريل هئي. سوچيائين چنڊ جي پٺ ڪنهن ڏٺي آهي جتي وار لڙڪن ٿا.
    يوسف ڪوٺي تي سمهيو ته کيس واءُ ورائي وئي، جيئن هن کي پنهنجو ڪرڻ چاهيندي هجي. هوا لڳندي آهي ۽ چنڊ به لڳندو آهي. هوا لڳندي آهي ته ڪپڙا اڏامندا آهن، چنڊ لڳندو آهي ڄڻ فرخندا جو چهرو!
    فرخندا، يوسف جي محبوبا، جنهن جا چپ اوندهه ۾ ڀريل چانڊڪيءَ جيان رسيل هيا. ان جي وارن ۾ سج لڪيل هيو ۽ ڳل پڄرندڙ ٽانڊا، جن تي چپ پري کان هٿ سيڪي سگهندا آهن. يوسف، فرخندا جي عشق ۾ ڦاٿل هيو ۽ ڪيترين راتين کان سمهي نه سگهيو هيو. هن عشق ڪيو هيو پر لاحاصل، کيس خبر هئي ته حاصلات لاءِ عشق نه ڪبو آهي. عشق اهڙو سرور آهي جنهن جي انتها تي ماڻهو دانهن ڪري ٿو. ننڊ جو نه اچڻ ننڊ جو ذاتي مسئلو آهي. دنيا جي هرشيءِ بيوفا آهي ته پوءِ ننڊ جو ڪهڙو ڏوهه؟ ننڊ تڏهن ايندي آهي جڏهن ننڊ کي ضرورت محسوس ٿيندي آهي. ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو خوابن ۾ ننڊ جو انتظار ڪبو آهي.
    ان رات کيس ننڊ جون گوريون کائڻيون پيون ۽ هر هوا جي جهوٽي سان گڏ ننڊ پاڻ سان گڏ کنيون پئي وئي. هوا، چنڊ، ستارا ۽ ترندڙ ناسي جهڙ سڀ ائين هيا جيئن فرخندا جي چهري ۾ آسمان ٺهيل هجي. ان رات کيس فرخندا ڏاڍي ياد آئي. هن چاهيو ڪنهن چور جيان خوابن ۾ وڃي فرخندا کي چوري ڪري سگهي. ذرو ذرو، عضوو عضوو. لاحاصل فرخندا، جنهن کي هو جاڳ ۾ پنهنجو نه ڪري سگهيو. هن ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ان رات جو انتخاب ڪيو. گورين جو اثر هن ۾ ڪرنگهي کان شروع ٿي، لهرن جي صورت ۾ دماغ تي چڙهندو پئي ويو. هن خواب ۾ ان جي چپن کي چمڻ کان اڳ چپن کي ياد ڪيو. ان جا چپ گلاب جي پتين جهڙا هيا. هن گلابن ۾ سدائين فرخندا جي مهڪ محسوس ڪئي هئي.
    هن خماريل اکيون کڻي چنڊ کي ڏٺو،کٻي پاسي کان کاڌل ڏسي سندس اکيون درد کان بند ٿي ويون. نامڪمل چنڊ فرخندا جي مڪمل چهري جي تصور کي بگاڙي رهيو هيو. ننڊ به عجيب جانور آهي، اکين کولڻ جي کڙڪي تي ڇرڪي ڀڄي وڃي ٿو.

    هن گيرٺ کائيندي ياد ڪيو، هڪ دفعي فرخندا جي انتظار ۾ کيس پريان ايندو ڏسي سندس دل جي ڌڙڪن جو آواز ايڏو ته وڌي ويو جو محسوس ڪيائين، دنيا جاڳي پوندي، دنيا جيڪا هن جي ۽ فرخندا جي پيار جي دشمن هئي. هن موت جي دعا گهري جيئن دل خاموش ٿي وڃي، هن جي زندگي اهم نه هئي. اهم فرخندا جو اچڻ هُيو. کيس ننڊ جو جھوٽو اچي ويو ـــ هن خواب ۾ ڏٺو. فرخندا جي اڀريل ڇاتين کي هٿن سان چيري ڇڏيو. ان کان اڳ جو هو دل چوري ڪري، ٻاهر گهٽيءَ ۾ گونگي جتوئيءَ اسٽيل جي سيٽيءَ ۾ ڦوڪ ڏني. سيٽيءَ جي آواز تي هن جون اکيون کلي ويون ۽ هو فرخندا جي دل چوري ڪري نه سگهيو. هن گونگي جتوئيءَ کي بدشد ڳالهايو.
    “گونگا ٻه منٽ صبر ڪرين ها. اهي ٻه منٽ منهنجي پوري حياتيءَ تي حاوي هجن ها.”
    گونگو جتوئي ڄڻ خدائي چوڪيدار هيو. اتي ڪڏهن ڪا چوري نه ٿي. هن جي سيٽيءَ جو آواز ڪتي جيان گهٽين ۾ ڊڪندو هيو. گونگو سيٽي پاڻ نه وڄائيندو هيو پر سيٽي گونگي جي چپن وٽ اچي ڄڻ پاڻ وڄندي هئي. يوسف فرخندا جي دل چورائي نه سگهيو. لاحاصل فرخندا جنهن کي هن خوابن ۾ وڃي ذور ذرو چوري ڪرڻ پئي چاهيو.
    ننڊ جي گيرٺن ۾ هن فرخندا جون اکيون ياد ڪيو. انهن ۾ مڌ اوتيل هيو. سندس من سرور سان ڀرجي ويو. فرخندا جون اکيون سپنن جي سپين ۾ پيل موتي هيا. هو جاڳ ۾ موتين جو مالڪ ٿي نه سگهيو. هن خواب ۾ وڃي اهي چورائڻ چاهيا. هو انهن نيڻن جي تصور ۾ واءُ سان گڏ واءُ ٿي ويو. ننڊ کان هن جون اکيون بند ٿي ويون، مٿان چمڪندڙ ستارن جون ليڪون موٽ کائي ويون ۽ چنڊ جهڙ ۾ ائين ترڻ لڳو جيئن اکيون چڳيندڙ ٻگهه!
    هن فرخندا جي نيڻن جا موتي ڳولهيا. ان کان اڳ جو اهي چوري ڪري، هيٺ گهٽيءَ ۾ گونگي جتوئيءَ جي سيٽي وڳي ۽ هو جاڳي پيو. فرخندا جا نيڻ چوري ڪري نه سگهيو. گونگي جتوئيءَ جي سيٽي هن کي ان ڪنڍيءَ جيان محسوس ٿي جنهن ۾ خواب ۾ ترندي مڇيءَ جيان ڦاسي پيو هجي. هن کي نڙيءَ ۾ ڪا شيءِ ڦاٿل محسوس ٿي. اهي لفظ هيا جيڪي گونگي جتوئيءَ کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ جو انتظار ڪري رهيا هيا.
    ”گونگا جتوئي شل تنهنجي سيٽي مري.“
    گونگو جتوئي سيٽيءَ کي جاڳائيندو هيو جيئن سيٽي هن کي جاڳائي سگهي. اها رات ائين هئي جيئن واريءَ ۾ ستل ”لنڊي“. رات جو سمورو زهر ان جي پهرين پهر ۾ هوندو آهي. جڏهن لنگهي ويندي آهي ته سڀ خواب مئل هوندا آهن. يوسف جا خواب جاڳي رهيا هيا. خواب جاڳندا آهن ته ننڊ سمهندي آهي. اها رات يوسف تي فرخندا جي يادن جي مالها کڻي نازل ٿي هئي. ان مالها جي هر موتيءَ ۾ فرخندا ذور ذور پوئيل هئي. ان جا نيڻ چپ، ڳل، وار، ڪلها، ڇاتيون ۽ جسم جا اهي حصا جن جي تصور کان جسم جنس جي وبا ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي. هن فرخندا جي وارن جو تصور ڪيو. ڪڏهن انهن ۾ گل ڦٽندا هيا. اهي موتيو ۽ مگرو نه هيا، نه گلاب هيا. انهن گلن کي ڪونانءُ ڏئي نه ٿو سگهجي. اهي فرخندا جا گل هيا، انهن ۾ هن جي وجود جي بوءِ هئي. ڪائنات ۾ هڪ فرخندا هئي، هن تصور ۾ خوشبوءِ محسوس ڪئي ۽ هوا فرخندا سان واسجي وئي. هو هوا ۾ لڙهندو هليو ويو، کيس فرخندا جي وارن جا گل چوري ڪرڻا هيا. هن جون اکيون ٻوٽجي ويون، خوابن جو در کليو ۽ هو داخل ٿي ويو. هر طرف ولين ۾ ستارا گلن جيان چمڪي رهيا هيا. فرخندا وار کولي ستل هئي. هن وارن ڏي هٿ وڌايو ته هيٺ گهٽيءَ ۾ گونگي جتوئيءَ جي سيٽي وڳي ۽ سندس اکيون کلي ويون. مٿان کاٻي پاسي کان کاڌل چنڊ هن تي کلي رهيو هيو. ستارا تجسس مان اکيون ٽمڪائي رهيا هيا ۽ جهڙ وقت جيان واءُ ۾ تري رهيو هيو. آسمان ۾ ٻه ٽيٽيهر هن تي ٺٺوليون ڪندا هليا ويا. فرخندا جي وارن جا گل چورائي نه سگهيو، هن سوچيو “ڪمال آهي سيٽي چورن جي ننڊ ڦٽائي ٿي، شايد گونگي جتوئيءَ کي اها خبر نه آهي ته چور ننڊ ۾ چڱا.“
    يوسف کي لاحاصل فرخندا چوري ڪرڻي هئي، هر عضوو، سندس جسم جو اهو داغ جيڪو سڄيءَ ٻانهن تي ان وڃائجي ويل چاٻيءَ جي نشان جهڙو هيو جنهن سان دل جو دروازو کلي ٿو. گونگو جتوئي سيٽيءَ جو غلام هيو ۽ سيٽي وقت جي غلام هئي، وقت وڏو بادشاهه هيو، پر اهو يوسف لاءِ ظالم ثابت ٿيو. هن ياد ڪيو فرخندا ڳالهائيندي هئي وقت رڪجي ويندو هيو. فرخندا جي ٽهڪ تي ڪائنات وجود وٺي سندس مرڪ تي مڪمل ٿي. فرخندا جون ڇاتيون بلند ترين چوٽيون هيون ۽ هو خوابن جو ڪوهه پيما هيو. جبلن کي ڇهڻ لاءِ برف جو وضو ڪرڻو پوي ٿو. خواب برف کان ٿڌا آهن. يوسف سيءُ محسوس ڪيو. هن کي فرخندا جون ڇاتيون ياد آيون. ٻه اڀار، جن مان رستو دل جي در وٽ ٿي کٽو. هن سوچيو هو خوابن ۾ وڃي فرخندا جون ڇاتيون چورائيندو. ان جي ڇاتين جي برف جنهن ۾ ٽانڊا دکن ٿا. برف، جنهن جي وجود تي پگهر جون بوندون آهن، يوسف ماڪ جيان رات جي وجود تي ترڻ لڳو. کيس گيرٺ آيو. هن ڏٺو فرخندا جون ڇاتيون آڱرين جي انتظار ۾ هيون. هن هٿ وڌايو. ان کان اڳ جو هو انهن جو امرت چوري ڪري، گونگي جتوئيءَ سيٽي وڄائي ۽ هو جاڳي پيو.
    سندس من چاهيو، هيٺ وڃي گونگي جتوئيءَ کي ڳچيءَ کان جهلي اهڙي هنڌ اڇلائي اچي جتي ڪتا نه آهن ۽ ماڻهو چورن کان ڇوٽڪاري لاءِ راتيون ڪنهن ڪتي جي انتظار ۾ گذارين ٿا، پوءِ هن سوچيو “چوڪيدار جو ڪم جاڳائڻ آهي ۽ چورن جو ڪم، چوڪيدار جي ننڊ جو انتظار.”
    ان رات يوسف فرخندا جو ڪجهه چوري نه ڪري سگهيو، نه ان جون اکيون، نه ننڊ، نه خواب، نه ڳل، نه چپ، نه وار، نه هو فرخندا جي ڇاتين تائين پهچي سگهيو، نه هو ان جي ڪلهن کي ڇهي سگهيو، نه صراحيءَ جهڙي ڳچيءَ ۾ ڀاڪر وجهي واليءَ پويان ڪنڌ کي چمي سگهيو. يوسف اڌ ننڊ ۽ اڌ جاڳ پويان ثوابن ۽ گناهن جي فيصلي تائين جنت ۽ دوزخ جي وچ تي بيقراريءَ مان لڇندو رهيو.
    اسر جو جڏهن آذان ٿيو ۽ گونگو جتوئي مسجد ۾ وڃي وضو ڪري رقعوءَ ۾ ويٺو ته هر طرف سانت ٿي وئي. يوسف ننڊ ۾ وڪوڙجي ويو. هو خواب ۾ ويو، هن ٻيو ڪجهه چوري نه ڪيو. مسجد جي در وٽ آيو. اندر ڏٺائين، گونگو جتوئي اکيون بند ڪري بي سڌ ويٺل هيو. هو اڳتي وڌيو ۽ گونگي جتوئيءَ جي نيري ورديءَ جي پاسي واري کيسي ۾ هٿ وجهي اسٽيل جي سيٽي ٻاهر ڪڍي هليو ويو.


    امير جي پاڙي ۾ غريب

    حاجي غلام سرور وٽ ٻيو ڪم به ڪهڙو بچيو هيو. رات جو ائرڪنڊيشن ۾ اڪيلو ڊبل بيڊ تي سمهڻ ۽ ڏينهن جو اوطاق ۾ پيل صوفي تي ڪَر بدلائڻ، ڊبل بيڊ تي اڪيلي سمهڻ جو سبب سندس زال جو موڪلائي وڃڻ هيو.
    حاجي صاحب جي صحت هاڻي اها ته نه هئي جهڙي حج کان پهريون هئي. خبر نه آهي ڇو ماڻهو حج کانپوءِ پوڙها نظر ايندا آهن. شايد ٿڪاوٽ ڪري يا ٿي سگهي ٿو اهي ڏاڙهي رکائيندا آهن يا حج عمر جي ان حصي ۾ ڪندا آهن جڏهن کين پوڙهائپ ويجهي ايندي آهي.
    پر حاجي غلام سرور جي پوڙهائپ جو سبب حج نه هيو، اهو انڪري پوڙهو ٿي ويو هيو جو ويجهڙائپ ۾ سندس زال موڪلائي وئي. حاجيءَ ٻه حج ڪيا ۽ سندس زال ٽي. ٻه حاجيءَ سان ۽ هڪ ڀائرن سان. زال جي وفات کان پوءِ حاجي ٽئين حج لاءِ سنڀريو هيو پر کيس موت جو خوف ٿيو هيو ڇو جو هن جي زال ٽي حج ڪري فوت ٿئي هئي.
    حاجيءَ زندگيءَ ۾ وڏي جدوجهد ڪئي هئي. هن ٽي ٻار ڄڻيا، ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ. سندس ڌيءَ جي شادي چوڏهين سال اٺاويهن ورهن جي اهڙي نوجوان سان ٿي جيڪو دمام ۾ تيل جي کوهن تي ڪم ڪندو هيو ۽ هر سال کارڪن جي اهڙي ٿيلهي وٺي موٽندو هيو جنهن ۾ ٽي سو پنجهٺ کارڪون هونديون هيو. هن جي زال روز هڪ کارڪ کائيندي هئي ۽ جڏهن کارڪون ختم ٿي وينديون هيو ته کيس محسوس ٿيندو هيو سندس مڙس ٿيلهيءَ مان نڪتو آهي.
    حاجيءَ چوڏهين سال ڌيءَ جي شادي ڪرائي سڀ قتل ٻي جي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏيا. کيس ٻارهن قتلن جو ملال هيو جو هن جي ڌيءَ تيرهن سالن ۾ جوان ٿي هئي. باقي ٻه پٽ هيا، جيڪي جوان ٿيا ته حاجي اڏجي ويو. حاجيءَ ڪڏهن سوچيو به نه هيو ته ڪو پٽن جي جوانيءَ سان دولت جا در کلي پوندا. جيڪڏهن هن جا پٽ پيءُ جي نقش قدم تي هلن ها ته سڄي زندگي بگي هلائي گهوڙي جهڙي زندگي بسرڪن ها، پر انهن روڊ سان پيل هڪ پلاٽ تي قبضو ڪيو ۽ هڪ هندو سيٺ جي مدد سان اتي هوٽل ٺهرايو. هوٽل ڄمي هليو ته انهن هندوءَ کان هوٽل آزاد ڪرايو. ان آزاديءَ جي جدوجهد ۾ کين جيل جو منهن به ڏسڻو پيو پر سندن ولولو ڏسي هڪ ڏينهن هندو سيٺ ڀڄي جان بچائي. ٻنهي ڀائرن هوٽل ۾ عورتون سپلاءِڪيون. انهن جي اهڙي خدمت جي صلي ۾ حڪومت کين حوصلا افزائي ڪندي قرض ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون. ڏسندي ڏسندي اهي ترقي پذير ماڻهو، ترقي يافتا ٿي ويا، پوءِ انهن اهڙو جديد هوٽل ٺهرايو جنهن جي هر ڪمري جو ڪرايو هڪ هزار روپيا هيو. بغير ڪنهن عورت جي، عورت سان گڏ هڪ هزار روپيه وڌيڪ ڏيڻا پوندا هيا. جنهن ڪري ماڻهن اهڙي پيڪيج جو فائدو ائين ورتو ته اهي رات هوٽل ۾ نه گذاريندا هيا پر ڇڙو عورت وٺي اهڙي هنڌ ويندا هيا جتي کين ڪمري جو ڪرايو نه ڏيڻو پوندو هيو.
    انهن ڀائرن پيءُ جي پراڻي جهڳي ڊاهي. طنبيلي کي مسمار ڪيو. ٽانگي کي باهه ڏئي ساڙيو. گهوڙي کي ان يتيم خاني ۾ جمع ڪرايو جتي لاوارث ٻار گهوڙي سواري سکندا هيا جيئن پيرن سردارن ۽ عربن جا گهوڙا ريس ۾ ڀڄائي سگهن.
    بگي هلائيندڙ حاجي غلام سرور ڄڻ سڀ حج براق تي ڪيا. هن هڪ دفعي خواب ۾ ڏٺو، ٻنهي پٽن کي کنڀ هيا ۽ اهي هوٽل جي مٿين منزل تي هن جو لاش کائي رهيا هيا. پوءِ سوچيائين گهوڙا گوشت نه کائيندا آهن.
    حاجي غلام سرور کان گهوڙو موڪلائي وڃي ها پر زال نه موڪلائي ها، جڏهن سندس زال جيئري هئي کيس لڳندو هيو گهوڙي تي سوار آهي پر جڏهن زال گذاري وئي کيس محسوس ٿيو گهوڙو هن تي سوار آهي. حاجيءَ زال سان سٺو وقت گذاريو. اها هن جي غربت جي ڏينهن جي نشاني هئي جڏهن کيس کائڻ لاءِ هڪ دفعي گهوڙن جا جَو کائڻا پيا. هن کي هڪ فوجيءَ لپاٽون وهائيون هيون، انڪري ته گهوڙي جي مٿي تي جيڪو کنڀن جو گل هيو اهڙو فوجي ٽوپيءَ تي هڻي “ضيا” کي گارڊ آف آنر ڏيندا هيا. در اصل پٽن جي ترقي حاجيءَ جو زوال هئي. ماڻهو هن جي عزت ته ڪندا هيا پر کيس لڳندو هيو اهي هن جي پٽن جي عزت ڪري رهيا آهن.
    زال جي موت کيس اهڙو اڪيلو ڪيو جو هن تي اوٻاسين حملو ڪيو. هن هڪ حڪيم کان ڳلي جي خشڪيءَ جو علاج به ڪرايو جنهن کيس ٻڌايو ته اهو اڪيلائين ۾ گهڻي روئڻ سبب پاڻي ضايع ٿيڻ ڪري آهي. ان هن کي ڀڳڙن کائڻ جو مشورو ڏنو ۽ سختيءَ سان منع ڪئي ته ڀڳڙن مٿان پاڻي نه پئي. حاجي حڪيم جي ڳالهه کي مذاق سمجهي ٽاري ڇڏيو. هڪ ڏينهن هو زال کي ياد ڪري رنو ته کيس اکين مان ڳوڙها نه وهيا. هن ياد ڪيو، ان ڏينهن هن ڀڳڙا کائي پاڻي نه پيتو هيو. هن اٿي گلاس ڀري پاڻي پيتو، کيس ڳلي ۾ خشڪي شروع ٿي وئي ۽ اوٻاسين جو حملو ٿيو.
    حاجي بيزار ٿي پيو هيو، کيس اڪيلائين ماري وڌو هيو. زال جي وفات کانپوءِ ڪيترا ماڻهن تعزيت لاءِ آيا. هن هر هر هٿ کڻي ٻڪ ۾ ويـٺل زال کي ڏٺو. ٽيجهي تي هن تڏو ويڙهڻ نه ڏنو، چيائين. “ڌرتيءَ تي ويهڻ سان ڏک جو احساس نه ٿو ٿئي.”
    ماڻهن سمجهايس. “حاجي ٽيجهي کانپوءِ صوفي تي ويهبو آهي. تون ويهه توکي نرميءَ جو احساس ٿيندو.”
    نيٺ تڏو ويڙهيائون. حاجي تڏي کي ائين ڏسڻ لڳو جيئن ان ۾ سندس زال جو لاش ويڙهيل هجي. هن ويڙهيل تڏي جي وچ واري سوراخ ۾ ڏٺو جنهن مان ڄڻ ڪنهن هٿ ڪڍي کيس رانڀوٽو پاتو. حاجيءَ جي منهن جون رهنڊون ڪنهن نه ڏٺيون. صوفي تي سندس ننڍڙو پوٽو ڊڪندو آيو. ان چيو ”ڏاڏا... هُش ٻلي.“
    *
    ساڳي پاڙي ۾ دلدار رهندو هيو. ان جو وات کٻي ڳٽي وٽ هيو. وات وقت تي کاڌو نه ملڻ ڪري دلدار کان ناراض ٿي ويو هيو. دلدار ڪوشش ڪندو هيو ته وات وچ تي نڪ هيٺان اچي پر زماني جي گردش ۾ ان جو نڪ هيٺ ڪري وات جي جاءِ تي اچي ويو هيو. هن جي ريڙهي تي تازا واڱڻ پيا هوندا هيا. وانڱڻن جي چمڪ ۾ هن جو منهن پاروٿو هوندو هيو. هو سبزي فروش هيو. سڄو ڏينهن سبزي وڪڻي ٻارن سميت سبزيءَ تي گذر ڪندو هيو. قربانيءَ جي عيد تي کيس اوجهري نصيب ٿيندي هئي. جيڪا کائي هن کي لڳندو هيو ڄڻ گاهه جا سوين مڻ کاڌا هجن. دلدار کي به ٻه پٽ هيا، هڪ ڌيءَ ۽ هڪ مئل زال. سندس زال گهر ۾ گهمندي هئي پر ان کي لڱن ۾ ساهه نه هوندو هيو. دلدار جو پيءُ جيڪو رازو هيو ان جي حياتيءَ جي عمارت جا ڇهتير اڏوهي کائي چڪي هئي، زندگيءَ جي ڇت ڪرڻ واري هئي ۽ ان جي دفن ٿيڻ ۾ ڪي گهڙيون بچيون هيون.
    دلدار جو پيءُ سخت بيمار هيو. ان کي “بهاني” جي بيماري هئي. وقت جي درياهه ۾ ان جي “وهي” وهي چڪي هئي. دلدار پيءُ جو ڪهڙو علاج ڪرائي پئي سگهيو؟ هن کيس ڪارن مرچن ۾ توريون کارائيون. پوڙهي الٽي ڪئي ته ساوا مرچ ٻاهر نڪتا.
    “اها وقت جي ڪوڙاڻ آهي.” پوڙهي چيو “اهي مرچ نه آهن. منهنجي اندر جي نفرت آهي.”
    دلدار کي ڏک ٿيو، سوچڻ لڳو، خبر نه آهي ڇو ماڻهو ساوا مرچ خريد ڪندا آهن. دلدار جي پيءُ پاڙي ۾ پنج جايون ٺاهيون. پنج ئي جايون موجود نه هيون. ڪچين سِرن جو زمانو هليو ويو. گاري جا ڏينهن پورا ٿيا. پلال ۽ سڻيءَ جا پلستر ڇڻي صاف ٿي ويا. دلدار جي پيءُ سوچيو ڪچين سرن جي جاين ۾ ماڻهن جون دليون ڪيڏيون نه نرم هونديون هيون. هر سِر احتياط سان هڻڻي پوندي هئي متان دل جيان ڀڄي نه پوي. هاڻي سرون پڪيون ٿي چڪيون آهن. عمارت جي عمر ماڻهوءَ کان وڌي چڪي آهي. ماڻهو ننڍا ٿي چڪا آهن. عمارتون وڏيون ٿي چڪيون آهن. انسان کي قبر جو احساس نه آهي. جيڪڏهن مئل کي قبر جو احساس ٿئي ته جيڪو خوف کان رڙ ڪري جيئرو ٿي پوي.
    دلدار وٽ سبزين کانسواءِ ڪجهه نه هيو. کيس وراثت ۾ پيءُ پاران هڪ ليور مليو جيڪو سندس پيءُ اڏاوت وقت سطح جي سنوت لاءِ استعمال ڪندو هيو. ڏاڍو سهڻو ليور هيو. عمدي ڪاٺ مان ٺهيل جنهن تي شيشي جي ٽيوب ۾ هوا جو بلبلو ٻن لڪيرن وچ ۾ غير برابريءَ جي پيمائش ڪندو هيو. دلدار جڏهن ننڍو هيو ليور کڻي ڌرتيءَ تي رکندو هيو ته کيس هر هنڌ غير برابري نظر ايندي هئي، پوءِ هو مٿي منهن ڪري خدا کي چوندو هيو.
    “رب ڪهڙو ضرور هيو ڪائنات کي ڇهن ڏينهن ۾ ٺاهڻ جو، ٻه چار ڏينهن ٻيا لڳائي آرام سان ٺاهين ها، گهٽ ۾ گهٽ ليور جو بلبلو لڪيرن وچ ۾ بيهي تنهنجي برابريءَ جي گواهي ته ڏي ها.”
    دلدار وتائي فقير کان متاثر هيو. ان نانيءَ کان آکاڻيون ٻڌيون هيون. کيس اندازو هيو ته فقيرن جي هر حرڪت خدا تائين محدود هوندي آهي. اهي ڪوشش ڪندا آهن ته خدا کلي پر خدا چپ هوندو آهي ۽ ماڻهو کلندا آهن.
    هن کي نانيءَ اها ڳالهه ٻڌائي هئي جنهن ۾ وتائي خدا کان پئسن جي مينهن لاءِ دعا گهري هئي. خدا پئسن جو مينهن وسايو ۽ وتائي صرف هڪ پئسو کنيو. اهڙي ڳالهه ٻڌي دلدار نانيءَ کان پڇيو هيو. “اهو ڪهڙو ڳوٺ هيو جتي پئسن جو مينهن وسيو هيو؟”
    نانيءَ کيس جواب ڏنو هيو. “پٽ اهو وتائي جو ڳوٺ هيو، جيڪو پئسن ۾ دفن ٿي ويو.”
    دلدار تڏهن جوان ٿيو جڏهن سندس پيءُ پوڙهو ٿيو. جڏهن پيءُ ڪمائيندو هيو ته دلدار جوان هوندي به ٻار هيو. هاڻي دلدار کي ٽي ٻار هيا جيڪي ڄورن جيان سندس دل کي چنبڙيل هيا. هن کي ٻارن سان بي حد پيار هيو. هو انهن کي رت پيئاريندو هيو. هن جي زال جيڪا ساهه بنا ائين گهمندي هئي ڄڻ عزرائيل کيس ٻانهن کان وٺي هلائيندو هجي. اها موت کان پهريون مري چڪي هئي پر ان جا ڏينهن اڃان لکيل هيا. عزرائيل کيس هر هر ڪن وٽ چوندو هيو. “مائي ارباب ڪجهه ته عزت جو خيال ڪر. رڳو پنهنجي مرضي نه، ٻئي جي مرضي به ڏس.”
    موت جو فرشتو پئيءَ ۾ ان جي مدد ڪندو هيو. جڏهن ٻارن لاءِ ٻوڙ پچائيندي هئي ته کيس لوڻ جو صحيح مقدار ڪڍي ڏيندو هيو.
    دلدار پيءُ جي علاج ۾ ڪا ڪَسر نه ڇڏي. هن کي ڪڻڪ جي ماني کارائي، ڀت کارايو، ڪنهن کيس چيو ته “ان کي ٿوم کاراءِ جيئن سدائين وات ۾ ڌپ هجيس ۽ موت ويجهو نه اچي.”
    ڇو جو گهڻن ماڻهن جو عقيدو آهي ته ساهه وات مان نڪرندو آهي. پاڙي ۾ ان عقيدي تحت هڪ قتل به ٿي چڪو هيو. جڏهن رجب رڪن واري زال کي مرندو ڏسي سندس سڀ سوراخ بند ڪري ڇڏيا جيئن ڪٿان به روح نڪري نه سگهي. پوليس رجب رڪن واري کي ٿاڻي تي وٺي صرف هڪ سوراخ بند ڪيو. هن جا سڀ سوراخ پنهنجو پاڻ بند ٿي ويا.
    اها سرءُ جي رات هئي جڏهن مڇر جاڳي رهيا هيا، انهن دلدار جي پيءُ جي جسم ۾ ڏنگ هڻي رت پيئڻ جي ڪوشش ڪئي ته هڪ ڦڙو به نه نڪتو. ان جي جسم تي ويٺل سڀ مڇر “هائي گهوڙا” ڪرڻ لڳا. غريب جي موت جو ڏک ان جي وارثن کان وڌيڪ مڇرن. منگهڻن، چچڙن ۽ جوئن کي ٿيندو آهي.
    سڀ کان پهريون ٻار رنا. مائي ارباب کي روئڻ ۾ تڪليف پئي محسوس ٿئي. ان کي عزرائيل چونڊي پاتي. سهري جي موت تي سڀ کان وڏي رڙمائي ارباب ڪئي.
    دلدار جي پيءُ جو موت اوچتو نه ٿيو هيو. ڪنهن وقت به ٿئي پي سگهيو. ان ڏينهن دلدار صبح جو سوير منڊيءَ مان تازيون سبزيون وٺي ٻاهر ريڙهي تي سجائي رهيو هيو ته اوچتو سندس زال جي رڙ تي موري هٿن مان ڇڏائجي وئي. سوچائين ”خير نه آهي زال قسمت سان رڙ ڪئي آهي.” اهو سوچي ته خير نه آهي، هو گهر اندر ڀڳو. ڏٺائين پيءُ گذاري چڪو هيو. چار ماڻهو گڏ ٿيا“. هڪ ملان آيو جيڪو ڪفن سبڻ واري سئيءَ سان ڏند کوٽي رهيو هيو، پراڻي گلم تي ماڻهو اتي ويٺا جتي ڌرتي ظاهر نه ٿي رهي هئي. دلدار جي پيءُ کي تڪڙ ۾ دفنايو ويو. دفنائڻ کانپوءِ پراڻو گلم ويڙهي ڪنڊ ۾ اڇلايو ويو. ڪو به تعزيت لاءِ اچڻو نه هيو. دلدار دل کولي روئي نه سگهيو ڇو جو کيس وقت نه هيو. سوچيائين ٻن ويلن جي ماني ڪيئن پچندي. هو اٿيون تازين سبزين جو ريڙهو گهليندو گهٽين ۾ گم ٿي ويو.


    داستان گو

    ڪنهن وقت شهر کان پرڀرو هڪ انڌڙو داستان گو رهندو هيو. اهو اهڙا ته قصا ٻڌائيندو هيو جو ماڻهو انهن جي سحر ۾ گم ٿي ويندا هيا. اهو انڌڙو هڪ ڪکائين جهوپڙيءَ ۾ رهندو هيو. جهوپڙيءَ جو هر ڪک هوا تي ائين لرزندو هيو جيئن داستان گو جا قصا ٻڌي ڏڪندو هُجي، ڪو به قصو ٻڌندڙ ايندو هيو ته ڪجهه اجورو ڏئي سندس سامهون وڇايل گاهه تي ويهندو هيو. انڌڙو داستان گو هر قصو ائين شروع ڪندو هيو جو هن جو آواز وات مان نڪري ڪردارن جو روپ ڌاري ڄڻ اکين اڳيان پيو رقص ڪندو هيو.
    انڌڙي داستان گو هڪ نوجوان مددگار پاڻ وٽ رکيو هيو جيڪو گهڙامنجيءَ تي رکيل دلن جي صفائي ڪري پريان کوهه تان ڀري ايندو هيو. ٿورو گهڻو رڌ پچاءُ ڪندو هيو ۽ انهن جي رهنمائي ڪندو هيو جيڪي داستان گو جي ٻڌايل قصن جي تعريف ٻڌي ان کي ڳولهيندا اچي اتي نڪرندا هيا.
    سج لٿي کانپوءِ شهر اوندهه جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويندو هيو. وئشالي وٽ ڪجهه بتيون روشن هونديون هيون. تن ڏينهن وئشائن جا اگهه اٽي جيان سستا هوندا هيا. وئشالي جي ڪنڊ تي تاڙي خانو هوندو هيو. تاڙي خاني اندر هڪ پئسي ۾ ملندڙ تاڙيءَ جي ڀريل کونجي ۾ ڪنهن بادشاهه جي پوشاڪ جهڙي خوشبوءِ هوندي هئي. تاڙي پيئڻ کانپوءِ اٿندڙ سرورن ۾ هرڪو پاڻ کي ان اڇي گهوڙي تي ويٺل محسوس ڪندو هيو جيڪو جيئن بادلن ۾ اڏامندو هجي.
    ولي محمد شهر کان پري هڪ ڳوٺ ۾ رهندو هيو. اهو ٻنين جو مالڪ ته نه هيو پر ڏاندن جي خوبصورت جوڙي سندس ملڪيت هئي، اهي ڏاند پاڻ ۾ ڀائر هيا، قدرت جي نظام ۾ ڀل اهي ڀائر نه هجن پر سڀني ڏاندن جون شڪليون هڪ ٻئي سان ملنديون آهن، پر انهن ٻن ڏاندن جي جسم تي هڪجهڙا چٽ هيا. ولي محمد ڏاند گاڏيءَ تي اناج ڍوئي شهر پهچندو هيو ته کيس سراءِ ۾ رات بسر ڪرڻي پوندي هئي. هو هڪ حساس دل ماڻهو هيو، جنهن اڃا شادي نه ڪئي هئي. ڪڻڪ جا داڻا هٿ ۾ کڻي ڏسندو هيو ته کيس شرم محسوس ٿيندو هيو ۽ سمجهندو هيو ته هو ڪا سٺي حرڪت نه ڪري رهيو آهي. هو کارڪون کائي اکيون بند ڪري کوکڙيون پري اڇلائيندو هيو، کيس ڏاند جي جسم تي اڪريل چٽ انڪري نه وڻندا هيا جو غور سان ڏسڻ کانپوءِ محسوس ٿيندو هيو جيئن سندس جسم تي بگ نڪتو هجي، ولي محمد کي ٽڙيل ڪنول وڻندا هيا، لڳندو هيو جيئن دل ڦاٽي پئي هجي، هو پٻڻ شوق سان کائيندو هيو، انهن مان کيس وفا جي بوءِ ايندي هئي، جڏهن ننڍڙو هيو ته سندس ماءُ گذاري وئي، هو ماءُ کي ڳولهيندو رهيو. هن جي پيءُ ٻي شادي ڪئي ۽ پوءِ پيءُ کي سامهون هوندي به ڳولهي نه سگهيو. هاڻي هو پنهنجن پيرن تي بيٺل هيو ۽ پير ڏاندن تي هيا.
    هڪ دفعي هو ٻاجهري کڻي شهر آيو ته ڌڻيءَ هن تي ٻاجهه ڪئي. هٿئون هٿ سندس سڀ ٻاچڪا شهر ۾ ائين وڪامي ويا جيئن گراهڪ هن جو انتظار ڪري رهيا هجن. در اصل ٻئي ڏينهن درياهه شاهه جو ڏڻ هيو جنهن ۾ سنڌوءَ ڪناري اڏيل مندرن تي ويهندڙن پکين لاءِ ٻاجهري جي سخت ضروت هئي. ماڻهو بازار مان ٻاجهري خريد ڪري مندرن اڳيان هاريندا هيا. ولي محمد کي ان ڏينهن سٺا پئسا مليا. هو گاڏي هاتي ۾ ڏاند بيهاري تاڙي خاني ۾ ويو ۽ ٻه کونجا چاڙهي مست ٿي پيو، سندس دل چاهيو ته وئشالي جو رخ ڪري. هن وئشالي طرف ڏٺو، اتي هن کي اهڙيون حسينائون نظر آيون جن مان پيشاب جي بوءِ اچي رهي هئي، پوءِ سوچيائين نشو اهڙو سيلاب آهي جنهن ۾ سڀ حجاب لڙهي وڃن ٿا. هو وئشالي نه ويو. هلڪا قدم کڻندو شهر کان ٻاهران دستان گو وٽ آيو جنهن جي ٻڌايل قصن جي هن تعريف ٻڌي هئي. اهو اويلو وقت هيو جڏهن داستان گو خوابن ۾ پرين کي ڪهاڻيون ٻڌائي رهيو هيو. جڏهن اتي پهتو ته مددگار موجود هيو. هن مددگار کي داستان گوسان ملڻ لاءِ چيو. مددگار کيس روڪيو.
    “داستان گو آرام ۾ آهي. هن وقت قصو ٻڌائڻ کان قاصر آهي. سڀاڻي اچجانءِ“.
    هو نه مڙيو ۽ چيائين. “مان مسافر آهيان. اڄ آهيان، سڀاڻي نه هوندس.”
    مددگار سوچ ۾ ٻڏي ويو.
    “سوچ نه” ولي محمد چيو “مان قصي ٻڌڻ جو سٺو معاوضو ڏيندس.“ مدد گار ويو ۽ داستان گوجي ننڊ ائين ڦٽايائين جيئن کيس ڏسي خوابن جون پريون ڇرڪي اڏامي ويون هجن.
    ”ڪير آهي؟“ داستان گو پڇيو.
    ”ڪمهلو مسافر.“ مدد گار چيو ”جنهنجا کيسا ڀريل آهن“.
    داستان گو سوچ ۾ پئجي ويو.
    ”سڀ کيسا خالي هوندا آهن.“ ان چيو: ”سواءِ اکين جي، جن جا کيسا ڳوڙهن سان ڀريل هوندا آهن ۽ ڪڏهن خالي نه ٿيندا آهن.“
    مددگار ٻاهر ويو ۽ ولي محمد کي وٺي آيو. ولي محمد سلام ڪري داستان گو اڳيان ويٺو. داستان گو جون انڌڙيون اکيون ائين حرڪت ڪرڻ لڳيون ڄڻ وڃائجي ويل ڪردارن کي ڳولهينديون هجن. مددگار هٿ بتي روشن ڪري اڳيان رکي ۽ انڌڙي داستان گو ان کي“ شهزادي ۽ هرڻيءَ“ جو قصو ٻڌايو.
    “هڪڙو هيو بادشاهه، بادشاهن جو بادشاهه الله اهو هيو زماني جو بادشاهه. ان کي هياسَت پٽ، ڪو چور هيو، ڪو بدمعاش هيو، ڪو ٺڳ هيو، ڪو جاهل، ڪو لٽيرو، ڪمينو، پر ننڍو پٽ عاشق هيو، اهو هڪ اهڙي عورت تي عاشق ٿيو جيڪا ڪاٺير جي ڌيءَ هئي، ان جون اکيون ايڏيون ته خوبصورت هيون جو نيري پاڻيءَ ۾ ڏسندي هئي ته اڇا ڪنول گلابي ٿي پوندا هيا ۽ جڏهن ڪنهن جي نيڻن ۾ نيڻ وجهندي هئي ته اهو ان جي نيڻن جي سحر ۾ ڦاسي پوندو هيو، شهزادو جيڪو هرڻيءَ جو شڪار ڪندي ان پويان تير سڌو ڪري گهوڙي تي ڊڪندو پئي ويو. اها هرڻي ڇال ڏيندي نهرڪناري ويٺل ڪاٺير جي ڌيءَ جي اکين ۾ گم ٿي وئي. شهزادو گهوڙي تان لهي عورت سامهون آيو. ان جي اکين ۾ ڏٺائين ۽ عورت جي اکين جي ڄار ۾ ڦاسي پيو. ان سامهون هڪ پٿر تي ويهجي ويو ۽ محسوس ڪيائين سندس روح عورت جي اکين ۾ سمايل آهي. جيڪڏهن ان اکيون ڇنڀيون ته سندس حياتيءَ جي تند ٽٽي پوندي.”
    داستان گو قصو ٻڌائيندو ويو ۽ ولي محمد وچڙندو ويو. ان اکين جي تعريف ۾ اهڙو قصو ڪاٿي ڪا نه ٻڌو هيو، جهڙو اهو انڌڙو داستان گو بيان ڪري رهيو هيو.
    “ان عورت جون اکيون ائين هيون جيئن قيد خانو هجي ۽ ان قيد خاني اندر ماڻهو موجود هوندي به نظرن کان اوجهل هجي” داستان گو جو آواز وري خاموشيءَ کي چيرڻ لڳو.“ اهي اکيون ائين هيون جيئن ڀَنور ڪنهن جي ڪن وٽان سريلو راڳ الاپي ڏور نڪري ويو هجي. اهي اکيون اهڙيون دلربا هيون جن مان ڄڻ چنبيليءَ واس حاصل ڪيو هجي.” انڌڙي داستان گو اکين جي اهڙي تعريف ڪئي جو ولي محمد انهن اکين تي عاشق ٿي پيو. اهو قصي ۾ ائين کوئجي ويو جيئن وجود وڃائي ويٺو هجي. هن کي هر طرف اکيون ڦهليل نظر اچي رهيون هيون. ٻرندڙ هٿ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ کيس هر طرف نور ئي نور پئي نظر آيو. هو اکين جي تعريف ٻڌي ايڏو ته مدهوش ٿي ويو جو سندس اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ۽ هٿ بتيءَ جي روشني انهن سان ٽڪرائجي ڪرڻا پيدا ڪرڻ لڳي. اوچتو هن روئڻ شروع ڪيو ۽ چيائين “بس ... او داستان گو ... بس قصو ختم ڪر. مون ۾ وڌيڪ ٻڌڻ جي سڪت نه آهي.”
    داستان گو ڄڻ هن جي ڳالهه ئي نه ٻڌي. ان ساڳي جوش سان وڏي آواز ۾ قصو جاري رکيو.
    “شهزادو سڄي زندگي انهن اکين مان جان ڇڏائي نه سگهيو. ان عورت جي اکين مان زندگيءَ جي ڌار نڪري شهزادي جي اکين ۾ وڃڻ لڳي، جنهنڪري شهزادو جيئرو هيو. شهزادي محسوس ڪيو جيڪڏهن اها اکيون ڇنڀيندي ته سندس موت واقع ٿيندو.”
    داستان گو ٻڌائي ئي رهيو هيو ته ولي محمد هڪ دفعو وري رڙڪئي “ بس ... داستان گو بس .... وڌيڪ نه ٻڌاءِ مان مري ويندس.”
    انڌڙو داستان گو ٻوڙو ٿي چڪو هيو. ان تائين ولي محمد جو آواز نه پهچي رهيو هيو. ولي محمد داستان گو جي وات مان نڪتل هر لفظ تي واويلا ڪندو رهيو ۽ داستان گو پنهنجو قصو جاري رکيو.
    “اهي اکيون جن جو رنگ سانوڻ جي مينهن کان پوءِ جهڙ مان ظاهر ٿيندڙ آسمان جهڙو هيو. اهي انهن ستارن جهڙيون هيون جيڪي ستارا چنڊ جي غير موجودگيءَ ۾ نروار ٿيندا آهن. اهي مينهن ڪڻين جهڙيون اکيون جيڪي وڇوڙي جي ڳوڙهن مان ٺهيل هونديون آهن. اکيون جن کي ڏسي تتل واري برف جيان رجڻ لڳندي آهي. اکيون جن جي پتلين مان سج اڀرندا ۽ لهندا آهن.”
    داستان گو جيئن اکين جي تعريف ڪندو ويو. ولي محمد عشق ۾ وڪوڙبو ويو. هو روئندو رهيون ڳوڙها هن جي اکين مان وهي پاند تي ڪرندا رهيا.
    “او داستان گو مان توبهه ڪئي. “هن چيو” او داستان گو منهنجي زاري.”
    داستان گو ٿوري دير چپ ٿي ويو. ولي محمد محسوس ڪيو جيئن طوفان بيهجي ويو هجي. ٻيڙا اونڌا پيا هجن. ڪجهه ماڻهو پاڻيءَ ۾ ٿاڦوڙا هڻي ڪناري تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندا هجن. ۽ ڪئي حسرتن جا لاش پاڻيءَ ۾ لڙهندا هجن. ولي محمد جي سڏڪن تي هٿ بتيءَ جو شعلو لڏي رهيو هيو.
    “او دستان گو .. ايڏو قهر.” ولي محمد چيو ”اهڙيون اکيون، ايڏو ظلم.”
    “ها مسافر” داستان گو ٿڌي آواز ۾ چيو” شهزادو مري چڪو آهي پر اکيون جيئريون آهن.”
    اهي ڪٿي آهن؟” هن پڇيو.
    “اتي آهن جتي کين ڳولهيو وڃي.”
    ولي محمد چرين جيان جهوپڙيءَ مان ٻاهر نڪتو. هن کي هر طرف اکيون ئي اکيون پئي نظر آيون. اکيون جيڪي هن پويان اچي رهيون هيون، اکيون جيڪي اڳيان هلي رهيون هيو ۽ اکيون جيڪي پاسن سان گڏ هلي رهيون هيون. سندس من ۾ حسرت هئي ته هو ان ڪاٺير جو گهر ڳولهي لهي جنهن جي ڌيءَ جون اکيون دنيا جون خوبصورت اکيون آهن. هو انهن اکين جي ڳولها ۾ سرگردان رهيو، جهر جهنگ. ڳوٺ واهڻ ۽ شهرن ۾ ويو. هن هارين، مزدورن، گل فروشن، سرفروشن، سيلانين، مهاڻن، واپارين، اڃايلن، بکايلن، اجڙيلن، ڏتڙيلن، عالمن، ڏاهن، حڪيمن، مريضن، مظلومن، ظالمن، بادشاهن، وزيرن، دوستن، دشمنن ۽ هر ماڻهوءَ کان انهن اکين جي پڇا ڪئي جيڪي داستان گو جي ٻڌايل قصي ۾ موجود هيون. هن کي اهڙين اکين جو ڏس ڪنهن نه ڏنو، هو ڪاٺيرن جي ان علائقي ۾ ويو جتي سڀ وڻ ڪٽجي چڪا هيا. هن ڪهاڙا ٺاهيندڙ لوهارن جا ڪڙا ڪڙڪايا ته متان انهن کي ڪاٺير جي خبر هجي. هن هڪ جوتشيءَ کان پڇيو ته متان ان وٽ ڪو اهڙو زائچو هجي جنهن ۾ انهن اکين متعلق اکر سمايل هجن. هن هڪ مذهبيءَ کان پڇيو.“ ڇا خدا ڪي اهڙيون اکيون ٺاهيون آهن جيڪي زندگي عطا ڪن.؟“
    ان کيس حقارت مان ڏٺو ۽ وراڻيو.
    “خدا کي اکيون نه آهن پر ڏسندو آهي.”
    هن هڪ وليءَ کان پڇيو.“اي ولي اکين جو ڏس ڏي.”
    وليءَ چيو : ”اکيون بند ڪر، خواب توکي اکيون ڏيکاريندا.“
    هو هلندو هڪ فقير وٽ آيو ۽ چيائين. ”جيڪر مان تنهنجي بي بها ڪشڪول ۾ لاحاصل اکيون خيرات ڏئي خريد ڪري سگهان.“ فقير هن کي رحم جي نظرن سان ڏٺو ۽ چيو. ”خيرات ڏئي خريد ڪرڻ ائين آهي جيئن دعا لاءِ هٿ اڌارا وٺڻ.“
    هو هلندو اکين جي ڳولها ۾ ايڏو پري نڪري ويو جو رستا ختم ٿي ويا. ڌرتيءَ جي اها ڪنڊ جتي سمنڊ ۽ ڪنارا پاڻ ۾ ملي رهيا هيا اتي اميدن جي ٻيڙيءَ جا سڙهه ڦاٽل هيا. هو مايوس ٿي ويو. کيس اهي اکيون ڪٿي نظر نه آيون. هو هلندي هلندي انڌو ٿي ويو. هن کان ڳوٺ، ڏاند، اناج جون ٻوريون، ڪڻڪ جا داڻا، کارڪن جون کوکڙيون، تاڙي خانو ۽ وئشالا وسري چڪا هيا. صرف اکيون ياد هيون ۽ اهو داستان گو جنهن هٿ بتيءَ جي هيڊي روشنيءَ ۾ اهو قصو ٻڌايو هيو.
    هو هڪ ڏينهن ٿاڦوڙا هڻندو ان ساڳي شهر ۾ پهچي ويو جتي اهو داستان گو رهندو هيو. هن کي ڏسي مددگار ڊڪندو آيو ۽ سڃاڻي اندر جهوپڙيءَ ۾ وٺي ويو، کيس پاڻي پئياريائين جڏهن سامت ۾ آيو ته سوال پڇائين.
    ”داستان گو ڪٿي آهي.؟“
    هن جي سوال تي مددگار جو منهن لهي ويو.
    “داستان گو مري چڪو آهي.” ان افسوس مان چيو. ولي محمد ڪجهه دير چپ ڪري ويٺو رهيو، پوءِ اٿيو ۽ مددگار کي چيائين.” مون کي ان ٿلهي تي ويهار جتي داستان گو ويهندو هيو.“ مددگار هن کي سهارو ڏئي ان ٿلهي تي ويهاريو جِتي، ڪڏهن داستان گو ويهي قصا ٻڌائيندو هيو.
    گهڙي مس گذري ته ڪو نوجوان جهوپڙيءَ ۾ داخل ٿيو. ان ڪجهه رقم عيوض کيس قصي ٻڌائڻ جي فرمائش ڪئي. انڌڙي داستان گو هن کي” شهزادي ۽ هرڻيءَ“ جو قصو ٻڌايو.


    مونجھارو

    اهو شامَ جو وقت هيو. هڪ هال اندر دهشتگرديءَ خلاف ڪانفرنس جاري هئي. ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ زندگيءَ جي هر شعبي جي ماڻهن کي دعوت ڏني وئي هئي. اتي سائنسدان هيا، ڊاڪٽر هيا، پروفيسر هيا، انجنيئر هيا، هاري هيا، مزدور هيا. شاعر هيا ۽ جج هيا. هر شعبي جي نمائندي کي ڳالهائڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويو هيو. سڀ پنهنجي راءِ ڏئي رهيا هيا. هڪ وڏو بحث متل هيو. دهشتگردن جي ٽولي جي سربراهه ٻه ڏينهن اڳ هڪ بيان ۾ ان ڪانفرنس کي آمريڪي سازش قرار ڏنو هيو. هن چيو هيو ته حڪومت اهڙيون ڪانفرنسون ڪوٺائي آمريڪا کي خوش ڪرڻ گهري ٿي جيئن ان کان هڪ وڏي امداد حاصل ڪري هڙپ ڪري سگهجي. دهشت گردن جي سربراهه اڳواٽ بيان جاري ڪري اها ڌمڪي پڻ ڏني هئي ته جيڪڏهن اهڙي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي ته ان جو نتيجو ڏاڍو خراب نڪرندو. ڌمڪيءَ باوجود حڪومت وڏو خرچ ڪري اها ڪانفرنس ڪوٺائي هئي ۽ ان جو اجلاس زور ۽ شورَ سان جاري هيو.
    ڪانفرنس ۾ شريڪ ماڻهن جي بچاءَ لاءِ حڪومت وڏا اپاءَ ورتا هيا. هر شريڪ ٿيندڙ کي ڳچيءَ ۾ ڪارڊ لڙڪايو ويو هيو. ٻاهرين در وٽ ڦاٽڪ بند ڪري ايندڙ ويندڙ گاڏين جي سخت چڪاس پئي ڪئي وئي ۽ هال جي ڇت تي مصلح گارڊ گننين سان بيهاريا ويا هيا.
    هال ۾ جاري ڪانفرنس ۾ سائنسدان ڳالهائيندي چيو: ”مون ايٽم بم ٺاهيو ـــ ميزائل ٺاهيا. آبدوز ۽ جنگي جهاز ٺاهيا. مون قوم جي بچاءَ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري هر اهو هٿيار ٺاهيو جيڪو انهن کي تحفظ ڏئي سگهي پر افسوس ايڏن هٿيارن هوندي به ماڻهو محفوظ نه آهن. ملڪ ۾ ڪنهن جي به عزت ۽ آبرو سلامت نه آهي. هر ڪنهن جي جان خطرن ۾ ويڙهيل آهي پر پوءِ به منهنجو دماغ هن قوم جي امانت آهي.“
    هن جي ڳالهه تي هال ۾ موجود حاضرين تاڙيون وڄايون ۽ پوءِ هڪ پروفيسر ڏڪندو مٿي آيو ۽ هن تقرير دوران ڳالهه سمجھائڻ لاءِ ٻنهي هٿن کي هر هر هوا ۾ پئي هلايو. هن چيو: ”تاريخ ۾ ان جو ڪو مثال نه ٿو ملي ته انسان ائين بي وس بڻيو هجي جيئن اڄڪلهه آهي. معاشيات کي ڌڪ لڳو آهي. جاگرافيائي سطح تي اسين ورهائجي چڪا آهيون. آثار قديمه اندر ٻڌجي مجسمن کي خطرو آهي. اسلاميات مان سچ ۽ ڪوڙ جي شناس نڪري چڪي آهي ۽ علم الانسان ۾ انسانيت جي وصف بدلجي چڪي آهي. مون هن زبان سان هزارين ليڪچر ڏئي جهالت ختم ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي آهي ۽ اڄ به منهنجي زبان قوم جي امانت آهي.“
    هن جي ڳالهه تي وري تاڙيون وڳيون ۽ پوءِ هڪ ڊاڪٽر اڇو ڪوٽ پائي اسٽيج تي آيو. هن کيسي مان ٿرماميٽر ڪڍي ڏيکاريندي چيو. ”گذريل ڪيترن ڏينهن کان ماڻهن جو گرمي پد بدلجي چڪو آهي. هر ڪنهن جي حرارت وڌي چڪي آهي. رت جو دٻاءُ پنهنجي عروجَ تي آهي. شگر انسان جي جسم ۾ ضايع ٿي رهي آهي. اهو سڀ دهشت ۽ خوف ڪري آهي. اسان مجبور آهيون. اسان جي هٿن ۾ ٿرماميٽر کانسواءِ ڪجهه نه آهي. منهنجن هٿن شفا ڏني. هزارين آپريشن ڪيا ۽ اڄ به منهنجا هٿ قوم جي امانت آهن.“ هن جي ڳالهه تي سڀني تاڙيون وڄايون ۽ جڏهن هو هيٺ لٿو ته هڪ انجنيئر مٿي چڙهيو. ان سڀ کان پهريون پنهنجي عينڪ لاهي اگهي اکين تي پاتي ۽ پوءِ چيو: ”معزز دوستو پليون تباهه ڪيون ويون. جيترو ڪمپيوٽر کي خوار ڪيو ويو شايد ئي ڪنهن ٻئيءَ شيءِ سان اهڙي جٺ ٿي هجي. موبائيل فون دهشتگردن جو وڏو هٿيار آهي. مون تيز نظرن سان مشاهدو ڪري آسائشون ايجاد ڪيون پر اهي بي آراميءَ جو سڀ کان وڏو سبب آهن. بجلي نه هوندي ته شيون ڪيئن هلنديون. منهنجيون تيز مشاهدو ڪندڙ اکيون ا ڄ به قوم جون امانت آهن.“
    هن جي ڳالهه تي سڀني تاڙيون وڄايون ۽ پوءِ هڪ ڏٻرو شاعر مٿي اسٽيج تي آيو. ان جي منهن جا ڳٽا اندر ۽ وات ٻاهر نڪتل هيو. ان چيو. ”ڌماڪن ۾ شاعريءَ جو آواز دٻجي چڪو آهي. شاعر جا سڀ صفحا رت ۾ آلا آهن. ڌماڪن جي آواز تي آسمان جا سڀ پکي غائب آهن. گوشٽ اڏامي رهيو آهي. دونهي ۾ ڳوڙهن جو رنگ سرمئي آهي ۽ اکيون ڳاڙهيون آهن. دهشت جي باهه ۾ محبوبا جا وار ڄر جيان لهرائجي رهيا آهن ۽ ان جا چپ خشڪ آهن ظالم جي دماغ جيان. منهنجي دل ڌڙڪي ٿي قلم جي نوڪ تي. مان جيئرو رهندس ۽ اڄ به هيءَ دل قوم جي امانت آهي.“
    هال تاڙين سان گونجندو رهيو ۽ شاعر جي ڳالهه کانپوءِ اهو ضروري سمجھيو ويو ته سڀني کي چانهه پياري وڃي. هڪ الڳ هال ۾ چانهه جو بندوبست ڪيو ويو هيو جِتي سڀني گڏجي نمڪو کائي چانهه پيتي ۽ انهن کي پاڻ ۾ ميل ملاقات جو سٺو موقعو مليو. ٿوري دير ۾ سڀ سٺي موڊ ۾ کلندا ڳالهائيندا وري هال ۾ داخل ٿيا ۽ ڪانفرنس ڪاميابيءَ سان جاري رهي.
    هڪ هارين جو اڳواڻ اٿي اسٽيج تي آيو ۽ ان ميري گوڏ سان پنهنجا ڳوڙها اگھهندي چيو ”سائين ڪهڙو عرض ڪيان. ڳالهه اها آهي ته زماني ترقي ڪئي ـــ ٽيڪٽر کيڙيو ــ ڀاڻ وڌايو. پر بابي سائينءَ کي به ساڳي ميري گوڏ جيڪا مون کي ٻڌل آهي. دهشتگردي عروج تي آهي. ڪتن ڪڻڪ کائڻ شروع ڪئي آهي. باز چانور چڳي رهيا آهن. جڏهن ٻٻرن ٻير ڏنا ته کائينداسي. جڏهن ڏاند ڏڌا ته پئنداسي. منهنجون ورانگون اڄ به هر پويان آهن. ڏاند ٿڪيا نه آهن هي ڄنگهون قوم جي امانت آهن.“
    هاريءَ جي ڳالهين تي پورو هال تاڙين سان گونجندو رهيو ۽ پوءِ هڪ مزدور پانو هٿ ۾ کڻي اسٽيج تي آيو. هن چيو. ”هن پاني سان مون وڏا نٽ سوگھا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر نٽ ايڏا ته ڍلا آهن جو سوگھا ٿين ئي ڪونه ٿا. جڏهن ڏس ڪل ٿڙي پئي آهي. پيچ نڪتو پيو آهي. ڦيٿو ٻاهر پيو آهي. دهشتگردن رڻ ٻاري ڏنو آهي. انهن جا ڏند ايڏا ته مضبوط آهن جو اهي اسٽيل چٻاڙي وڃن ٿا ۽ انجڻيون رهڙي ٿا وڃن. منهنجيون سگھاريون ٻانهون ڪم ڪري ٿڪجي چڪيون آهن. منهنجو بکايل پيٽ پٺيءَ سان ملي غائب ٿي چڪو آهي. مان دهشتگردن جو ماس پٽي کائڻ چاهيان ٿو. ان جي رت سان اڃ اجھائڻ چاهيان ٿو. مان ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ منهنجيون ٻانهون قوم جي امانت آهن.“
    مزدور جي جذباتي تقرير تي زوردار تاڙيون وڳيون ۽ هو پانو هٿ ۾ جھلي هوا ۾ ڪنهن انقلابيءَ جيان لهرائيندو هيٺ لٿو ته سڀ کان آخر ۾ ڍلين اکين وارو جج مٿي اسٽيج تي آيو ۽ ان چيو: ”ملڪ مان انصاف موڪلائي ويو آهي. جيڪڏهن انصاف تي عمل ڪيو وڃي ته دهشتگردي پنهنجو موت پاڻ مري ويندي. انتها ته ڏسو انصاف جي حصول لاءِ ججن کي پاڻ مظاهرا ٿا ڪرڻا پون. جيئن اسان جج نه ڏوهاري آهيون. انصاف ملندو ته جج سڏائينداسين. پر سال هڪ سپاهيءَ مونکي گريبان کان جھليو. ڪاوڙ ڏاڍي آئي ڪجهه ڪري نه سگهيس. هن سال سوچيان ٿو ڪاوڙ ڪرڻ مان ڪو فائدو نه آهي. انصاف جو دارو مدار عقل تي آهي. مان دهشتگرديءَ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيان ٿو ۽ مطالبو ڪيان ٿو ماڻهن کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ دهشتگرديءَ کي ختم ڪيو وڃي. مان مظلومن جي فرياد ٻڌڻ لئه تيار آهيان منهنجا ڪن قوم جي امانت آهن“.
    هن جي ڳالهه تي سڀ اٿي بيٺا ۽ تاڙيون وڄائي حوصلا افزائي ڪئي. اڃان هو تاڙيون وڄائي هڪ ٻئي کي ڪامياب ڪانفرنس تي مبارڪون ڏئي رهيا هيا ته ڪو دهشتگرد ڌماڪيدار مادي سان ڀريل هڪ ٽرڪ تيزيءَ سان هلائيندو ٻاهريون ڦاٽڪ ٽوڙي اندر داخل ٿيو. ڇت تي بيٺل سپاهين ڪجهه سڌا فائر ڪيا جيڪي گسي ويا. دهشتگرد ٽرڪ هلائيندو ڪانفرنس جي هال جي مک دروازي سان اچي ٽڪرايو. هڪ وڏو ڌماڪو ٿيو ۽ هر طرف باهه جا آلا ڀڙڪڻ لڳا. ڪانفرنس هال ذرا ذرا ٿي اڏامي ويو ۽ ماڻهن جي جسمن جا حصا هيڏانهن هوڏانهن ڦهلجي ويا. دهشتگرد سميت ٻاونجاهه ماڻهو موت حوالي ٿي ويا، جن ۾ سائنسدان هيا. پروفيسر هيا. ڊاڪٽر هيا. انجنيئر هيا. شاعر هيا. هاري هيا. مزدور هيا ۽ جج هيا. مري ويلن جي جسم جا حصا ائين پيل هيا جيئن انهن کي ڪنهن آريءَ سان ڪٽي الڳ ڪيو هجي. ڄنگهون. ٻانهون. دل گڙدا. آنڊا گونڊا. نڪ. ڪن. زبانون ۽ ميڄالا هر طرف وکريل هيا. دهشتگرد جو پورو جسم غائب هيو. پري ڌماڪي ۾ ڇڻي ويل وڻ هيٺان هن جي منڍي پيل هئي جنهن جو منهن چچريل هيو. اکيون ٻاهر نڪتل هيون. ڪن ڪٽيل هيا. زبان ڇڳل هئي ۽ مغز غائب هيو. اهلڪارن دهشتگرد جي منڍيءَ کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو ۽ اتي پيل عضون کي ڪٺو ڪيو. گهرو وزارت جا آفيسر ٿرٿلي ۾ اچي ويا. وڏو قومي نقصان ٿيو هيو. افسوس ۽ اچرج سان سڀني ڏندين اڱريون اچي ويون. هرڪو انتظاميه کي قصور وار ڪوٺڻ لڳو. حڪومت جي نا اهليءَ کي نندڻ لڳو.
    شهر جي سرڪاري پلاسٽڪ سرجن کي هڪ گاڏيءَ ۾ اتي آندو ويو جيئن اهو دهشتگرد جي منڍي ۽ جسم جي الڳ ٿيل حصن کي ملائي ان کي اصل صورت ۾ بحال ڪري. ان کي سڃاڻڻ ۾ مدد ملي ۽ اصلي جوابدارن تائين پهچڻ ۾ رهنمائي حاصل ٿي سگهي. پلاسٽڪ سرجن اتي پهچي دهشتگرد جي منڍيءَ جو جائزو ورتو. پوءِ هن جي منهن جي مرمت ڪئي. هن ڏٺو ان جون اکيون غائب هيون. هن عضون جي ڍير مان ٻه اکيون ڳولهي اندر وڌيون. هن ڏٺو ان جي زبان ڪٽيل هئي. هن عضون جي ڍير مان هڪ زبان ڳولهي اتي ڳنڍي. هن ڏٺو ان جا ڪن ڪونه هيا. هن عضون جي ڍير مان ٻه ڪن ڳولهي اتي هنيا. هن ڏٺو اتي مغز ڪونه هيو. هن عضون جي ڍير مان هڪ مغز ڳولهيو ۽ ان کي کوپڙيءَ ۾ وجھي محفوظ ڪيو. جڏهن منڍي هر لحاظ کان تيار ٿي ته هن ڌڙ ٺاهڻ شروع ڪيو. هن ان ۾ دل وڌي. ٻه ٻانهون سبيون ۽ ڄنگهيون ڳولهي هيٺان هنيون. ٿوري دير ۾ پوري شخص جو جسم ٺهي تيار ٿي ويو. جنهن جي وجود جو ڪو به حصو کٽيل نه هيو. پلاسٽڪ سرجن جسم کي فارملن سان ڌوئي ڳرڻ کان محفوظ ڪيو. هڪ فوٽوگرافر ان جي منهن جا مختلف پاسن کان فوٽو ڪڍيا. ٿوري دير ۾ دهشتگرد جي جسم کي اسپتال آندو ويو جيئن پئٿالاجسٽ ان جو ڊي اين اي ٽيسٽ ڪري سڃاڻپ کي محفوظ ڪري سگهي. علائقي جي پوليس آفيسر گهرو وزارت جي هڪ خط سان گڏ دهشتگرد جو جسم پئٿالاجسٽ حوالي ڪيو. خط ۾ اهو لکيل هيو ته ”واقعي واري هنڌ تان حاصل ٿيل دهشتگرد جو جسم ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ اماڻيو وڃي ٿو. توهان ٽيسٽ ڪري ٽن ڏينهن اندر رپورٽ گهرو وزارت جي سيڪريٽريءَ کي موڪليندا ته جيئن دهشتگرد جي سڃاڻڻ ۾ مدد ملي ۽ معاملي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري حقيقت مجرمن تائين پهچڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي. رپورٽ موڪلڻ ۾ ڪا به سستي برداشت نه ڪئي ويندي.“
    پئٿالاجسٽ خط سان گڏ لاش حاصل ڪري جلدي ڪم شروع ڪيو. هن لاش جي مختلف عضون کي چڪاسيو ۽ ٽيسٽ ڪري هڪ مڪمل رپورٽ ٺاهي ٽن ڏينهن کانپوءِ گهرو وزارت جي سيڪريٽريءَ ڏانهن اماڻي ڏني. اعليٰ آفيسرن جڏهن اها رپورٽ پڙهي ته دنگ رهجي ويا. مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهيا ۽ سوچڻ لڳا ته ڇا اهو ممڪن آهي؟ رپورٽ ۾ لکيل هيو.
    ”گهرو وزارت پاران حاصل ڪيل هڪ لاش جي سڃاڻپ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ جيڪا ڊي اين اي ٽيسٽ ڪئي وئي، ان نتيجي موجب ان جا هٿ هڪ ڊاڪٽر جا آهن. ان جون ٻانهون هڪ مزدور جون آهن. ان جون ڄنگهون هڪ هاريءَ جون آهن. ان جا ڪن هڪ جج جا آهن. ان جون اکيون هڪ انجنيئر جون آهن. ان جو دماغ هڪ سائنسدان جو آهي. ان جي زبان هڪ پروفيسر جي آهي ۽ ان جي دل هِڪَ شاعِرَ جي آهي.“


    ست دريون

    هن ماهلقا کي ان وقت ڏٺو جڏهن اها باغيچي ۾ بينچ تي ويٺل هئي. سندس هڪ پاسي خالي پينگهه هئي. پويان سرنهه جا گل ۽ ٻئي پاسي ننڍا وڏا پوپٽ، جيڪي اڏامندي ائين ڏسجي رهيا هيا جيئن ماهلقا جي حسن کي ڏسي پنڊ پهڻ ٿي ويا هجن.
    هو ماهلقا کي ڏسي دل ڏئي ويٺو ۽ پوءِ بغير دل جي ائين هلڻ لڳو چڻ مئل هجي ۽ ماهلقا جي پيار سهاري هلندو هجي.
    ماهلقا کي ٻين به ڏٺو، سڀني کي اندازو هيو ته اها مشهور آرٽسٽ آفتابيءَ جي اڪيلي ڌيءَ آهي، جيڪا گهڻو ڪري گهر کان ٻاهر ان ڪري نه نڪرندي آهي جو سندس خيال موجب دنيا ۾ ماءُ نه هجي ته پيءُ کانسواءِ ڪو به ايڏو پيار ڏئي نه ٿو سگهي جنهن جي توقع ڪنهن ٻئي مان رکي سگهجي ٿي.
    ماهلقا مهيني ۾ هڪ دفعو به ظاهر نه ٿيندي هئي جو باغيچي جي بينچ تي ان جو پاڇو رهجي وڃي، ڇو جو کيس پاڇي وسارڻ جي عادت هئي. پاڇي جيان هر شيءِ وساري سگهجي ٿي سواءِ پيءُ جي ۽ مري ويل ماءُ جي، جنهن جون يادون ان پينگهه جهڙيون هيون جنهن تي ماهلقا کانسواءِ ڪو به نه ويٺو.
    ان وڏي آرٽسٽ جو گهر فريم جهڙي در اندر اهڙي هنڌ هيو جِتي ندي وهندي هئي. ان نديءَ ۾ بدڪون ڳچي ڊگهي ڪري ائين ترنديون هيون جيئن گهر جي ستن درين مان ڪمرن ۾ اهو ڏسڻ چاهينديون هجن ته ماهلقا ڪهڙي ڪمري ۾ آهي جو اهي سندس ديدار ڪري پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي نديءَ مان مڇي کائي، خوش ٿي سگهن. ان محل نما گهر کي ست ساڳ جون دريون هيون ۽ ڇت ائين هئي جيئن ڪٻ ڪڍي بيٺل ڪنهن بکايل جون پاسيريون ڀتين تي رکيل هجن.
    هو ماهلقا تي عاشق ٿيو ته ان کي ڏسڻ جي حسرت سندس ڪنڌ کڻي هر هر گم ٿيل دل کي ڳولهڻ لڳي. ماهلقا وري ان کي نظر نه آئي. هر گهڙي هڪ سال ۾ تبديل ٿي وئي ۽ هر ڏينهن هڪ صدي. هن محسوس ڪيو انتظار ۾ انسان جي عمر وڏي ٿئي ٿي پر هو پوڙهي ٿيڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن جوان ٿئي ٿو. اهڙو جوان جنهن کان بک برداشت ٿئي ٿي انتظار نه.
    ماهلقا کي ڏسڻ لئه بيتاب ٿي هو هڪ ڏينهن ان آرٽسٽ جي گهر ويو، کيس ڀت ٽپڻ ۾ ڪا به ڏکيائي نه ٿي ڇو جو ٻاهرين ڀت ايتري ننڍي هئي جيئن پنجن سالن جو ٻار، جنهن کي چاڪليٽ ڏئي پرچائي سگهجي ٿو.
    هو اندر ويو ته رات هوندي به گهر جي درين مان روشني ٻاهر نڪري رهي هئي. ڊگهو ورانڊو جنهن ۾ هو موجود هيو، اهڙي ازدها جيئن هيو جنهن جي وجود تي ستن درين مان ايندڙ روشنيءَ جا چٽ هيا.
    هو ڏاڍو محتياط هيو، کيس حيرت ٿي ته در ٻاهران ڪتو اڳين پيرن تي ڪنڌ رکي ائين ستل هيو جيئن کيس خبر هجي ته هو چور نه آهي پر چوري ٿيل دل ڳولهيندي پهتو آهي.
    هن پهرين دريءَ مان ليئو پاتو ته کيس نرڙ تي پگهر اچي ويو. سياري جي رات هئي، ڀرسان وهندڙ نديءَ جو پاڻي ان ڪري شور نه ڪري رهيو هيو جو پاڻي برف ته نه ٿي ويو هيو پر پاڻي کي احساس هيو ته وهڻ ۽ نه وهڻ سان ڪو فرق نه ٿو پوي ڇو جو ان کي هڪ ڏينهن برف ٿيڻو آهي.
    هن جي پيشانيءَ تي پگهر جو سبب رات هوندي دريءَ اندر نظر ايندڙ اڀرندڙ سج هيو. ڪمري ۾ ڪافي روشني هئي ۽ روشنيءَ ۾ ماهلقا نه هئي. آسمان زهر پيتل عاشق جيان نيرو هيو ۽ ان تي جھڙ ايئن هلي رهيو هيو جيئن آلي ڪپهه وجود جا زخم صاف ڪندي هجي.
    هو اڳتي وڌي ٻئي دريءَ وٽ آيو. اندر ڏٺائين هر طرف چراگاهه هيا، پريان ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل پهاڙن جون لڪيرون هڪ ٻئي سان ائين ملي رهيون هيون جيئن دنيا جي سلسلي کي جوڙڻ لاءِ انهن لڪيرن جو ملڻ ضروري هجي. اڏرندڙ ڪارا پکي جن جي ڳچيءَ جا سونهري کنڀ اوڀر کان ايندڙ ڪرڻن ڪري نيراڻ مائل هيا. اٺ عورتون جيڪي تمام پري ٻنين ۾ بيٺل هيون ۽ انهن مان هڪ به ماهلقا نه هئي. هو اهڙو عاشق هيو جنهن جون اکيون محبوب کي ڪوهن تان سڃاڻي سگهن پيون. اکين جي نظر موقعي ۽ وقت جي مناسبت سان هوندي آهي. سونهن کي ڏسڻ کان وڌيڪَ موقعو ۽ وقت موت جي پڄاڻيءَ کانسواءِ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. ماهلقا کي نه ڏسي هو مايوس نه ٿيو ڇو جو اڃان پنج دريون پوئتي هيون ۽ ان اميد ۾ مرڪيو ته کيس جڏهن اها ڏسڻ نصيب ٿيندي ته هو پنهنجي قسمت تي ٽهڪ ڏيندو.
    هو وڌي ٽئين دريءَ وٽ آيو ته کيس پري کان ڇوليون هڻندڙ سمنڊ نظر آيو. سمنڊ جو منظر ماهلقا کانسواءِ ائين هيو جيئن ان جي هر ڇولي ڪناري سان ڏسڻ جي حسرت ۾ ٽڪرائجي، نظر نه اچڻ جي صورت ۾ مايوس ٿي موٽندي هجي. هن ڏٺو پري هڪ ٻيڙيءَ تي مهاڻا ڄار جھلي بيٺل هيا. پويان ڦهليل تيز روشنيءَ ۾ اهي پاڇن جيئن ايڏا ڪارا هيا جو ڪا خبر نه ٿي پئي ته ڪهڙي نسل جا آهن! هن پنهنجي هٿ کي ڏٺو، سندس چمڙيءَ جو رنگ دريءَ مان ايندڙ روشنيءَ ۾ بي رنگ ٿي چڪو هيو.
    جڏهن چوٿين دريءَ وٽ آيو ته کيس اندر عمارتون نظر آيون، شامَ ٿي چڪي هئي ۽ عمارتن جا پاڇا ائين پئجي رهيا هيا جيئن هڪٻئي کي سهارو ڏيندا هجن. هن محسوس ڪيو دنيا ۾ پاڇي کانسواءِ ڪو به سهارو نه آهي. اسين پاڇن جي سهاري جيئرا آهيون. هن ڏٺو عمارتن مان هڪ عمارت اهڙي هئي جنهن کي ست دريون هيون ۽ انهن جا تاڪ بند هيا. هڪ عمارت جي در وٽ ڪا عورت انتظار ۾ ويٺل هئي، ٿورو پري ڪو فقير لٺ سهاري بيٺل هيو. فقير جي لٺ جو پاڇو نانگ جيان انتظار ڪندڙ عورت ڏي وڌي رهيو هيو. هڪ فقير خيرات ۾ ڇا ڏئي سگهي ٿو؟ سواءِ ان جي ته انتظار ڪندڙ کي اهڙي عذاب مان ان ڪري ڇوٽڪارو ڏياري ته موت جو خوف، موت کان بهتر آهي.
    هو پنجين دريءَ وٽ آيو. هن ڏٺو اندر مينهن وسي رهيو هيو. وڄ جي تجلن ۾ هن ماهلقا کي ڳولهيو. هن محسوس ڪيو، ماهلقا جو چهرو ڪاري جهڙ پويان لڪيل آهي ـــ جھڙ جا رنگ ماهلقا جي لباس جهڙا هيا. اهو ناسي هيو، ان ۾ اڇي جھالر هئي ۽ ڪارو لهرائيندر نقاب ـــ مينهن ۾ هڪ ڏاند گاڏيءَ وارو چهبڪ سڌو ڪري ڊوڙندڙ ڏاند مٿان ائين وسائي رهيو هيو جيئن ڏاندن کي پر نڪرندا ۽ اهي اڏامڻ لڳندا ـــ وڏ ڦڙي جاآواز هن جي ڪنن سان ٽڪرائجي جسم تي ڄڻ لَڦن جيان اڀري رهيا هيا. آسمان ۾ پوندڙ وڄ جا چير هن کي وجود تي محسوس ٿيا.
    کيس مايوسي ورائي وئي. ايڏي گهر ۾ جنهن اندر ڪائنات سمايل هئي، ماهلقا ڪٿي به نه هئي. هو ان آسري ته اڃان ٻه دريون باقي آهن. اهو سوچي اڳتي وڌيو ته انهن ۾ضرور ماهلقا موجود هوندي، جنهن کي ڏسي کيس يقين ٿي ويندو ته چورن کي لڪائڻ لاءِ دنيا ۾ هر جاءِ محفوظ آهي.
    جڏهن هو ان آسري وڌي ڇهين دريءَ وٽ آيو ته کيس اندر هڪ گھوڙو نظر آيو. گھوڙو ائين هيو جيئن ماهلقا کي ملڻ لاءِ دل ۾ ڊوڙيندڙ حسرتون. سندس من چاهيو ته اندرٽپي گھوڙي تي سوار ٿئي. چرا گاهن ۽ جبلن جي لڪيرن پويان وڃي ماهلقا کي ڳولهي لهي. هن دريءَ مان هٿ وڌائي گھوڙي جي پٺ کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪئي جيئن ان کي ماهلقا جي گهر جو گھوڙو سمجھي پيار ڪري سگهي.
    گھوڙو هڻڪيو ۽ پويون ڄنگهون هوا ۾ هنيون. انسانن گھوڙي تي سواري ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي پر گھوڙو انسانن جي دماغ تي ائين سوار آهي جيئن پيار ـــ ٿڪاوٽ جو سبب ذهن تي سواري ڪندڙ گھوڙو آهي.
    هو مايوس ٿي ويو ـــ جڏهن ذري گهٽ سندس اکين ۾ ڳوڙها اچڻ وارا هيا ته ستين دريءَ ۾ ڏسندي کيس ماهلقا نظر اچي وئي. اها باغيچي ۾ بينچ تي ويٺل هئي. سندس هڪ پاسي خالي پينگهه هئي. پويان سرنهه جا گل ۽ ٻئي پاسي ننڍا وڏا پوپٽ، جيڪي اڏامندي ائين ڏسجي رهيا هيا جيئن ماهلقا جي حسن کي ڏسي پنڊ پهڻ ٿي ويا هُجن.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 533
    ڪتابن جو مشاهدو: 550732
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 212771
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ