ڪتاب جو نالو: شاهه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو
مصنف: پروفيسر غلام رسول اڪرم سومرو
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: لطيفيات
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 19 ڊسمبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 2072 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 511 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب اصل ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ تي تنقيد ناهي پر مختلف محققن ۽ شارحن يا سهيڙيندڙن پاران شاهه لطيف جي بيتن ۾ استعمال ڪيل مختلف لفظن بابت تحقيق ۽ تنقيد تي مشتمل آهي. ڪتاب جي ليکڪ پروفيسر غلام رسول اڪرم سومرو پاران مختلف شارحن جي بيتن کي سامهون رکي پرک ڪئي آهي ته ڪهڙو لفظ يا بيت صحيح آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • اَرپنا
  • مُحقق پاران
  • سائين اڪرم صاحب جو لازوال ڪارنامو
  • سُرن جو تفصيل

  • 1. سُر ڪلياڻ
  • 2. سُر يمن ڪلياڻ
  • 3. سُر کنڀات
  • 4. سُر بروو سنڌي
  • 5. سُر سامونڊي
  • 6. سُر سري راڳ
  • 7. سُر گهاتو
  • 8. سُر کاهوڙي
  • 9. سُر ڪاپائتي
  • 10. سُر بلاول
  • 11. سُر پرڀاتي
  • 12. سُر ڪارايل
  • 13. سُر ڏهر
  • 14. سُر سسئي اَبري
  • 15. سُر معذوري
  • 16. سُر ديسي
  • 17. سُر ڪوهِياري
  • 18. سُر حسيني
  • 19. سُر مومل راڻو
  • 20. سُر ليلان چنيسر
  • 21. سُر ڪاموڏ
  • 22. سُر سورٺ
  • 23. سُر رِپ
  • 24. سُر پورب
  • 25. سُر رام ڪلي
  • 26. سُر آ سا
  • 27. سُر مارئي
  • 28. سُر سُنهڻي

  • ڪتاب بابت

    اوهان اڳيان هڪ انتهائي اهم ڪتاب ”شاهه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو“ پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب اصل ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ تي تنقيد ناهي پر مختلف محققن ۽ شارحن يا سهيڙيندڙن پاران شاهه لطيف جي بيتن ۾ استعمال ڪيل مختلف لفظن بابت تحقيق ۽ تنقيد تي مشتمل آهي. ڪتاب جي ليکڪ پروفيسر غلام رسول اڪرم سومرو پاران مختلف شارحن جي بيتن کي سامهون رکي پرک ڪئي آهي ته ڪهڙو لفظ يا بيت صحيح آهي.
    اسان ٿورائتا آهن هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ڪندڙ مانواري محمد علي مهر جا جنهن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي پاران 20015ع ۾ ڇپايو ويو آهي.

    نوٽ : هي ڪتاب صرف پي ڊي ايف فارميٽ ۾ موجود آهي.


    اَرپنا

    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جي ڪلام جي قديم ڪاتبن کان ڪلام لکڻ وقت ڪجهه غلطيون سر زد ٿيون. ٽرنسليٽرس، محققن ۽ مرتبن بغير سوچ ۽ ويچار جي ”شاهه جو رسالو“ مرتب ڪرڻ وارو ڪم سرانجام ڏنو. تنهنڪري حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رح جو ڪلام بگڙي ويو، تنهن هوندي به آئون حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جي ڪلام جي سڀني ڪاتبن، مرتبن ۽ محققن جي نانءُ سان پنهنجي هي قلمي ڪاوش ارپيان ٿو. ڇا ڪاڻ ته انهن صاحبن جي وسيلي اسان تائين حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رح جو ڪلام پهتو آهي.


    خادم العلم

    غلام رسول اڪرم سومرو


    مُحقق پاران

    الله تبارڪ و تعاليٰ جي حضور ۾ نهايت عجز ۽ نياز سان شڪر ادا ڪريان ٿو جنهن، علامُ الغيوب مون کي ايتري علمي توفيق ڏيڻ فرمائي جو هڪ سال جي مختصر عرصي ۾، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جي بيتن تي مشتمل، ٻيون جُلد، بَعُنوان ”شاهه لطيفرح جا بيت، تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو“ لکي شايع ڪري اوهان پڙهندڙ خواتين و حضرات تائين پهچايو اٿم. اهڙا ٻه جُلد ۽ ”نئون شاهه جو رسالو“ لکي شايع ڪرائڻ جي شال ربّ العزت منهنجي آس پوري ڪري.
    مون کان هڪ فرشته صفت شخص پڇيو ته ”جيڪڏهن اوهان الله کي پيارا ٿي وڃو ته پوءِ اوهان جو رهيل ڪم ڪير پورو ڪندو؟“ کيس چيم ته منهنجي قابل شاگردن منهنجان هڪ شاگرد رشيد، ڪريم بخش چنو آهي (شال، الله پاڪ کيس علم و ادب جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي) ان نوجوان ۽ نوخيز اديب کي قدرت وڏيون صلاحيتون عطا فرمايون آهن. سنڌي ليڪچررشپ جي چٽا ڀيٽي واري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي لکت واري امتحان ۾ هڪ نه مگر چار ڀيرا پاس ٿيو مگر وتائي فقير چواڻي ”الله تعاليٰ جو ماڻهو“ هئڻ ڪري هر ڀيري زباني امتحان ۾ ناپاس ٿيو.
    مون کي اُميد آهي ته منهنجي رهيل ادبي ڪم کي شاندار نموني سان پايهءِ تڪميل تي پهچائڻ لاءِ الله پاڪ سندس رهبري فرمائيندو.
    محمّد علي مهر صاحب جي جيتري تعريف ڪجي اُها گهٽ ٿيندي. هن نوجوان منهنجي ڪم کي پنهنجو ڪم سمجهي، گهڻي خبرداري سان مڪمل ڪري علمي ۽ ادبي دنيا ۾ شاهڪار پيش ڪرڻ ۾ منهنجو مدد گار رهيو آهي. ربّ پاڪ کيس جزاءِ خير عطا فرمائي.
    ڊاڪٽر عابد حُسين جلباڻي ، نادر، ڪم ياب ۽ ناياب ڪتاب هٿ ڪري ڏيڻ ۾ مدد گار رهيو آهي سندس ٿورائتو آهيان مالڪ الملڪ شال هميشه مٿس مهربان رهي.

    خادم العلم

    غلام رسول اڪرم سومرو
    حيدر شاهه ڪالوني ميرپور ماٿيلو
    20 نومبر 2015


    سائين اڪرم صاحب جو لازوال ڪارنامو

    موجوده دور ۾ جڏهن تنقيدي ۽ تحقيقي ادب ۽ تاريخ جي ڳالهه نڪري ٿي ته هن قحط الرجال واري زماني ۾، سائين اڪرم صاحب جو نالو سڀني محققن ۽ نقادن کان مٿانهون ۽ عظمت ڀريو نظر اچي ٿو.
    وري اڃان به حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جي بيتن جي تصحيح ۽ تحقيق جي ڳالهه اوڏو اچي ٿي ته به اڪرم صاحب سڀني اڳوڻن محققن، تنقيد نگارن ۽ تصحيح ڪرڻ وارن جي فهرست ۾ اعليٰ مقام تي سُرخ رُو ٿو نظر اچي. سندس بيتن تي ڪيل تحقيق بعد شاهه صاحبرح جو ڪلام ايترو ته تازو توانو ۽ پنهنجي اصل لفظي ۽ بنيادي روپ ۾ پڙهندڙن جي سامهون آيو آهي جيترو ٽي سو سال اڳ شاهه صاحبرح جي دور ۾ سندس زبان مبارڪ منجهان نڪري عوام تائين پهتو هو.
    اڪرم صاحب جي ڪيل تصحيح منجهان ائين ٿو معلوم ٿئي
    ڄڻ ته اڪرم صاحب، شاهه لطيفرح جي حضور ۾ حاضر رهي سندس زبان مبارڪ منجهان درست ۽ پنهنجي هيئيت ۾ بلڪل اصل ڪلام ويهي ٻڌو هو. سندس ڪيل تصحيح سان شاههرح جو ڪلام پنهنجي اصلي آفاقي روپ ۾ سونهن ۽ سچائي سان نکري نروار ٿيو آهي.
    استاد اڪرم صاحب جي پهرين جلد جي اشاعت کان پوءِ سنڌ جي اديبن ۽ محققن ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جي ڪلام تي تحقيق ڪرڻ جو حوصلو ۽ جرئت پيدا ٿي آهي. ان جو مثال محترم ايوب گاد جو شايع ٿيل مضمون آهي جيڪو بروز آچر 13 سيپٽمبر 2015ع ۾ ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ شايع ٿيو.
    ”شاهه لطيفرح جا بيت تنقيدي ۽ تحقيقي جائزو “جلد پهريون ڇپيو ته اُميد پيدا ٿي ته هاڻ سنڌي ادب جا اڪابر، ڏاها ۽ شاهه جي ڪلام جا پارکو مٿس تنقيدي نگاهه وجهندا، اڪرم صاحب جي لکيل تنقيد ۽ تصحيح کي جائز ۽ ناجائز رُخن تي جانچيندي تنقيد جي ترازو ۾ توري پنهنجي حَتمي راءِ ڏيندا. سواءِ محمّد دين راڄڙي صاحب جي ٻي ڪنهن به تنقيدي مضمون نه لکيو. ”شاهه لطيفرح جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو“ جي تعريف ۾ لکيل تنقيدي مضمون ۾ سڀني سنڌ واسين کي مطالعي ڪرڻ جي دعوت ڏنل آهي. محترم راڄڙي صاحب جي مشوري هي رنگ لاتو ته ڪيترن ئي دوستن ڪتاب جي گُهر ڪئي.
    اڪرم صاحب، محنت ۽ عرق ريزي ڪري اکين جو نور نچوئي گنج، شاهه جو گنج ۽ مختلف ليکڪن طرفان ترتيب ڏنل رسالن منجهان، بيتن جون پڙهڻيون درست ڪيون آهن، شايدئي ايندڙ وقت ۾ ڪو محقق اهڙو شاهڪار ڪم ڪري سگهي.
    محترم اڪرم صاحب جي تحقيق کان پوءِ هاڻ شاهه صاحبرح جا بيت پنهنجي اصل جمالياتي ۽ درست مفهومي انداز ۾ واضح ٿيا آهن. عام ماڻهن جي فهم ۽ ادراڪ ۾ آيا آهن ورنه اڳ ۾ نه ته بيت پڙهڻ ۾ آسان هئا ۽ نه ئي شاههرح جو فڪر سمجهه ۾ ايندو هو. هر پڙهڻ وارو ”شاهه جو ڪلام“ پڙهڻ کان وَئون ويندوهو. شاههرح جي بيتن تي جيڪو به ڪم اڪرم صاحب جي تحقيقي ڪم کان اڳ ۾ ڪيو ويو انهيءَ ۾ شاههرح جي شاعريءَ ۾ جمالياتي رنگ ۽ مذهبي، اخلاقي ۽ لساني پهلوئن تي روشني ته وڌي ويئي پر ڪنهن به مرتب ۽ محقق شاههرح جي بيتن جي درست پڙهڻين تي غور ۽ فڪر ئي نه ڪيو.
    شاهه صاحبرح تي سوين ڪتاب ته لکيا ويا ۽ اڃا به ڇپبا رهن ٿا مگر ”شاهه لطيفرح جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو“ جهڙو ڪتاب صدين بعد ئي شايع ٿيو آهي. جيڪو شاهه رحه جي اصل زبان ۽ اصل لب و لهجي ۾ اسان وٽ پهتو آهي. اِهو اڪرم صاحب جو سنڌي قوم ۽ سنڌي ادب تي احسان چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. اڳ وارن محققن، مرتبن ۽ شاههرح جي ڪلام جي شارحن مان، ڪن صرف بيت ۽ وايون ڏنيون ۽ ڪن ”شاهه جي ڪلام“ جي لفظن جي معنيٰ به ڏني پر اهڙا ڪيئي لفظ بغير لکڻ جي ڇڏي ڏنائون، يقين ڄاڻيو ته اُنهن کي اُنهن لفظن جي معنيٰ نه ايندي هئي. اوهان ئي ٻڌايو ته جن کي بيت سمجهه ۾ نه ايندو ته اُهي ڪئن اسان کي بيت سمجهائي سگهندا؟ لغتن لکڻ جو ذمو به انهن کي سونپيل هيو جنهن ڪري شاههرح جي ڪلام ۾ شامل بيتن جا لفظ لغتن ۾ به جاءِ والاري نه سگهيا.
    ڪن صاحبن بيت جي معنيٰ ڌُڪي تي درست لکي مگر بيت ۾ لفظ غلط ۽ اڻ ٺهڪندڙ ڪم آندا. اڪرم صاحب پنهنجي ٻنهي جلدن ۾ نه صرف ٻه سو پنجن (205) بيتن جون درست پڙهڻيون ڏنيون آهن پر هر هڪ ڏکئي لفظ جي معنيٰ ڏيڻ سان گڏ مڪمل بيت جي سمجهاڻي وضاحت سان لکي آهي. اِنهيءَ لحاظ سان سندس ٻنهي جلدن جي اهميت ۽ افاديت اڃان به وڌي ويئي آهي.
    ”شاهه لطيفرح جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو“ جي ٻنهي جلدن جي شايع ٿيڻ کان پوءِ 1900ع کان وٺي 2013ع تائين، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي معياري متن سميت جيڪي به شاهه جا رسالا شايع ٿيا آهن سي اڪرم صاحب جي هن علمي پورهئي بعد پڙهڻ جي لائق ئي نه رهيا آهن.
    اڳين محققن جي تحقيق نام نهاد ثابت ٿي آهي، جيڪا غلطين سان پُر آهي، ائين لڳي ٿو ته ڄڻ اُنهن انڌي تقليد ڪندي رسالن تان ڪلام اتاري لکين رپيا پئي خرچ ڪيا ۽ حضرت ڀٽ ڌڻيءَرح جي اصل ڏنل پيغام بجاءِ ٻي غلط پيغام کان پڙهندڙن کي پئي رُوشناس ڪرايو ۽ پڙهندڙن تي اهو تاثر ٿي ڇڏيو ته شاهه صاحب رح کي درست الفاظ بيتن ۾ استعمال ڪرڻ ئي نه ايندا هئا.
    اڪرم صاحب جا اسان ٿورائتا آهيون جنهن شاهه لطيفرح جي اصلوڪي ڪلام کان آگاهي ڏني آهي. صرف سنڌي عوام لاءِ نه، مگر سموري دنيا لاءِ اڪرم صاحب جا ٻيئي جلد ڪنهن اعليٰ ترين ۽ انمول تحفي کان گهٽ نه آهن.
    ”شاهه لطيفرح جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو“ جلد ٻيون توهان جي هٿن ۾ آهي. پهرين جلد وانگر هي جلد به پنهنجي پر ۾ لاثاني حيثيت جو حامل آهي. هن جُلد ۾ اڪرم صاحب تحقيق ۽ تصحيح جو دائرو وڌائي ٻيا به ڇاپي رسالا هٿ ڪري پنهنجي عُقابي نظرن مان گذاريا آهن.
    جيڪي بيت بي جوڙ لفظن جي داخل ٿيڻ جي ڪري منجهيل يا بگڙيل هئا، سي هاڻ صاف ۽ درست ڪري شامل ڪيا ويا آهن.
    اڪرم صاحب، شاهه صاحبرح جي ڪلام جي محققن ۽ مرتبن تي جيڪا تنقيد ڪئي آهي اُها تنقيد، هي رنگ لائيندي ته ڪو به عالم ۽ اديب محقق ۽ شارح شاهه صاحبرح جي ڪلام کي بغير سوچ ۽ ويچار جي مرتب نه ڪندو ۽ نه وري بي تُڪي لفظي معنيٰ لکندو.
    يقين سان چوان ٿو ته آئنده ڪو به شاهه لطيفرح جي ڪلام جو شارح شاهه جي ڪلام جي تشريح ڪندو ته اڪرم صاحب جي مٿي ذڪر ڪيل ڪتابن جي آڌار تي ئي ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿيندو.
    مونکي اڪرم صاحب جي شاگرد هئڻ جو اعزاز حاصل آهي اسان هميشه وٽن ويندا آهيون گهڻو ڪجهه کانئن سکيو آهي سندن رهاڻ موتين کاڻ آهي. سندن قلمي پورهئي ۽ اديبانه اهليت تي ناز آهي.
    اڪرم صاحب پنهنجي عالمانه قابليت ۽ ادبي سچائي ۽ محققانه ذمه داري جو ثبوت ڏيندي هڪ اهم ۽ شاندار ڪم سرانجام ڏنو آهي. هي اهڙو ڪم آهي جنهن جي صدين کان تشنه گي محسوس ٿيندي ٿي رهي.
    شاهه صاحبرح جا شيدائي ۽ علم دوست، اديب ۽ استاد توڙي شاعر مطلب ته هر مڪتبِ فڪر جا ماڻهو جن کي شاهه جي ڪلام پڙهڻ جو شوق آهي سي شاههرح جو غلط بيت پڙهڻ بدران درست پڙهي شاههرح جو حقيقي فڪر پروڙي ۽ سمجهي سگهندا.
    الله تبارڪ و تعاليٰ جي بارگاه ۾ دعاگو آهيان ته شال الله پاڪ اڪرم صاحب کي خضري حياتي عطا ڪري ته جئن شاهه جي ڪلام جي تصحيح ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي تاريخ تي به مڪمل ڪم ڪري سگهي (آمين)

    خادم العلم

    ڪريم بخش چنه
    عيد گاهه، ميرپور ماٿيلو


    سُرن جو تفصيل

    1. سُر ڪلياڻ

    َحَدُ اَحمَدُ پاڻ ۾، وچان ميم فَرَقُ،
    آهي مُسَتَغرقُ، عالَمُ اِنهين ڳالهه ۾.

    (ديوان تاراچند شاهه جو رسالوسال 1900 سرآسا ص563)

    اَحدُ اَحمَدُ پاڻ ۾، وچان مِيم فَرَقُ،
    ٿِئا مُستَغرقُ، عالِمَ اِنهين ڳالهه ۾.

    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو 2009 سرڪلياڻ ص 48)

    اَحد احمَد پاڻ ۾، وچان ميمَ فرق،
    آهي مستغرق، عالم اِنهي ڳالهه ۾.

    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سال 2000 سر آسا ص799)

    احد احمد پاڻ ۾، وچان ميم فرق،
    آهي مستغرق، عالم اِنهين ڳالهه ۾.

    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سال 2007 سر يمن ڪلياڻ ص 23)

    اَحَدُ اَحمَدُ پاڻَ ۾ِ، وِچان مِيمُ فَرَقُ،
    آهي مُستَغرقُ، عالمُ اِنهيءَ ڳالِهِه ۾.


    (ٻانهون خان شيخ شاه جو رسالو سر آسا ص 341 سال 2000)

    احد احمد پاڻ ۾، وچان ميم فَرقَ،
    آهي مستغرق، عالم اِنهيءَ ڳالهه ۾.

    (الله داد جنجهي شاهه جو گنج سر آ سا ص 436 سال 2008)

    اَحَدُ اَحمَدُ پاڻ ۾، وِچان مِيمَ فَرَقُ،
    آهي مُستَغَرقُ، عالَمُ اِنهيءَ ڳال ۾.

    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سال 2013 سر يمن ڪلياڻ ص 60 )

    احد احمد پاڻ۾، وچان ميم فرق،
    آهي مُستغرق، عالم اِنهيءَ ڳالهه ۾.

    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 50 سال 1994)

    اَحَدُ اَحمَدُ پاڻ ۾، وِچان مِيمَ فَرَق،
    آهي مُستَغَرقُ، عالمُ اِنهين ڳالهه ۾.

    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي سُر آسا ص 618 سال 2009 )

    اَحد اَحمَد پاڻ ۾، وچان ميمَ فرق،
    آهي مستغرق، عالم اِنهي ڳالَهه ۾.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي سُر آسا ص 556 سال 2009 )

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (احد / احمد)، (ميم)، (ٿئا، آهي)، (عالَمُ، عالِمُ)

    قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَرح جي مبارڪ زندگيءَ ۾ به اهو شرڪ جو مُنجهائيندڙ مسئلو ڪر کنيون بيٺو هيو. تنهنڪري پنهنجي زبان مبارڪ سان بيت فرمائي منجهيل مسئلي کي حل ڪري ڇڏيو هئائون.
    حضرت ڀٽ ڌڻيءَرح ته اهو بيت فرمائي پنهنجو ديني فرض ادا ڪيو، مگر سندن ڪلام جا مُحقّق ۽ شارح انهيءَ بيت جي حقيقت کي واضح طور بيان نه ڪري عوامُ الناس کي مونجهاري ۾ ڇڏي ويا. ”مونجهاري“ جو لفظ هن ڪري لکيم ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي ڪنهن به محقق انهي بيت جي چڱي طرح وضاحت نه ڪئي جنهن ڪري هن وقت اهو مسئلو اڃا به درپيش آهي، جنهن کي اسان سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

    الف: احد ، احمد: ”احد“ لفظ الله تبارڪ و تعالي ٰ جي اسم ذات ”الله“ جو صفاتي نالو آهي جنهن جي معنيٰ آهي هڪ، واحد، اڪيلو.
    ”احمد“ لفظ آقاءِ نامدار حضرت محمّد مصطفيٰ (صلي الله عليه و سلم) جن جو آسماني نالو آهي. ٻنهي لفظن ۾ فرق فقط ”ميم“ (م) اکر جو آهي.
    قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه عام شاعر نه آهي جو، ان جي استعمال ڪيل اکر ”م“ کي غير اهم سمجهجي. منهنجي تحقيق مطابق اهو ”م“ اکر تحقيق هيٺ آيل بيت ۾ اهم ترين حثيت جو حامل آهي. جنهن جي ذريعي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه توحيد ۽ شرڪ جي مسئلي کي حل فرمايو آهي.

    ب: ميم: ”احد ۽ احمد“ الفاظ ۾ فقط ”م“ اکر جو فرق آهي. ”احد“ ۾ ”ميم“ (م) ملائبو ته ”احمد“ نالو ٿي پوندو ۽ جڏهن ”احمد“ نالي منجهان ”م“ اکر ڪڍبو ته لفظ ”احد“ ٿيندو.
    قارئين ڪرام! بس اهو ئي ”احد ۽ احمد“ ۾ “ميم“ (م) جو فرق آهي. جنهن کي مٿي ڄاڻايل صاحبان منجهان ڪنهن به صاحب ”م“ اکر جي مام نه پروڙي ۽ نه ”م“ جو مفهوم سمجهايو.

    ت: ٿئا، آهي: قارئين ڪرام! اسان مٿي جن صاحبن جا بيت لکيا آهن، تن سڀني لفظ ”آهي“ لکيو آهي. فقط ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ ”ٿئا“ لکيو آهي. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لفظ ”ٿئا“ غلط استعمال ڪيو آهي. غلط هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”ٿئا“ زمان ماضي طرف اشارو ڏئي ٿو. حالانڪه عالم جو عوام ته اڄ به انهيءَ فڪر ۾ مستغرق آهي. تنهنڪري لفظ ”آهي“ جن صاحبن لکيو تن درست لکيو آهي.

    ث: عالِم، عالَم: قارئين ڪرام! فقط ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ئي تحقيق هيٺ آيل بيت ۾ لفظ ”عالِم“ لکيو آهي ۽ ٻين سڀني ”شاهه جو رسالو“ جي مرتب ۽ محقق حضرات لفظ ”عالَم“ لکيو آهي.
    اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لفظ ”عالِم“ لکي هي ثابت ڪيو آهي ته فقط ”عالِم“ ئي احد ۽ احمد واري ”م“ اکر واري مام ۾ منجهيل آهن. فقط عالم يعني علم ڄاڻندڙ، مدرسن جا مولوي ۽ عالم ئي احد ۽ احمد لفظن جي وچ ۾ ”م“ واري فرق ۾ مستغرق ۽ سوچ ۾ محو آهن. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ڀيٽ ۾ اسان هي ثابت ڪيو آهي ته پورو عالم پوري ڪائنات ۾ رهندڙ سمورا سمجهه ڀريا ماڻهو ڀل جان اهي بظاهر اڻ پڙهيل به آهن ته به اهي ”احد ۽ احمد“ واري ”م“ جي مام پروڙڻ ۾ مستغرق ۽ محو آهن.
    تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي هي پڙهڻي مناسب آهي.

    اَحَدُ اَحمَدُ پاڻ ۾، وِچان مِيمَ فَرَق،
    آهي مُستَغَرقُ، عالَم اِنهيءَ ڳالهه ۾.


    معنيٰ: احد ۽ احمد الفاظ ۾ فرق صرف ”م“ اکر جو آهي. جڏهن احد ۾ ”م“ ملائبو ته احمد نالو ٿي پوندو ۽ جڏهن احمد نالي منجهان ”م“ ڪڍبو ته ”احد“ لفظ ٿيندو. احد لفظ ”الله“ جو صفاتي نالو آهي ۽ احمد حضرت محمّد مصطفيٰ صه جو آسماني نالو آهي. جنهن جي معنيٰ آهي. الله واحد لاشريڪ جي گهڻي کان گهڻي حمد ڪندڙ.
    احمد الله پاڪ جو رسول ۽ ٻانهون آهي. احد خالق آهي، احمد مخلوق آهي، احد مسجود آهي، احمد ساجد آهي، احد رازق آهي، احمد مرزوق آهي، احد ۽ احمد جي وچ ۾ آيل ”م“ ۾ بس اهو ئي فرق آهي.
    *****

    احدا اڳي جا هُئي، سُوڌي سا صفت،
    اُو پر اِشارَتَ سَڌَ نه آهي سُٿري.

    (حاجي محمّد سمون سُر آسا ص 415 سال 1995 نگران ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ)

    احدان اڳي جا هُئِي، سُوڌِي سا صِفَتَ،
    اَپر اشارَتَ، پَرَ سِڌنِ کي سُٿرِي.

    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سرڪلياڻ ص 49 سال 2009 )

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (احدا اڳي، احدان اڳي)، (پَرَ سِڌنِ، سَڌ نه)

    نوٽ: قارئين ڪرام! اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته سيّد عبدالعظيم، ديوان تارا چند، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر هوت چند مولچند گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، ٻانهي خان شيخ، عثمان علي انصاري، غلام محمّد شاهواڻي، فقير تاج محمّد نظاماڻي، باگي جي ڏاني جي، غلام مصطفيٰ مشتاق، ڊاڪٽر محمّد عالم سومري، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، الله داد جنجهي ۽ محمّد عثمان ڏيپلائي اهو بيت نه لکيو آهي.
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ حاجي محمّد سمي اهو بيت ”شاهه جو رسالو“ ۾ شامل ڪيو آهي.
    قارئين ڪرام! جئن ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ترتيب ڏنل رسالي کي آخري تحقيق ڪيل رسالو سمجهيو ٿو وڃي ۽ کيس وڏي اهميت ڏني ٿي وڃي تنهنڪري اسان ضروري سمجهون ٿا ته هن بيت ۾ جيڪي غلط الفاظ ڊاۡڪٽر نبي بخش بلوچ طرفان لکيا ويا آهن تن جي تصحيح ڪري عوام کي غلط فهمي کان بچائڻ جي ڪوشش ڪجي.

    الف. احدا اڳي، احدان اڳي: حاجي محمّد سمي به اهو بيت لکيو ۽ لفظ ”احدا“ لکيائين. اسان جي تحقيق مطابق هن صاحب اهو لفظ غلط لکيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ الفاظ ”احدان اڳي“ لکيا آهن. جن جي معنيٰ لکي اٿس ”احد کان اڳي“ (ص 49). اسان جي تحقيق مطابق اهو لفظ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ بلڪل غلط لکيو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي اهڙي ڪافرانه ۽ ملحدانه سوچ هرگز ٿي ئي نه ٿي سگهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ۽ لکون ته احد کان اڳ ۾ يعني الله پاڪ کان اڳ ۾ ڪا به شيءَ نه هئي فقط الله پاڪ جي ذات مبارڪه هئي ته پوءِ ”احدان اڳي“ الفاظ ڪئن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيا آهن؟ لفظ ”احدان“ لکڻ وقت محقق صاحب کي سوچڻ گهربو هو ته هُو ڇا لکي رهيو آهي؟ اسان جي تحقيق مطابق اهو لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَرحه ”عهدان“ فرمايو ۽ نه ”احدان“.هاڻ اها تصحيح شده مصرع ملاحظه فرمايو:
    ”عهدان اڳي جا هئي، سوڌي سا صفت“
    يعنيٰ ”عهد کان اڳ جيڪا هستي هئي ان جي سوڌي صفت “.
    هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته عهدڇا آهي۽ عهد کان اڳ۾صحيح ۽ سچي ۽ سوڌيل سڌي عقيدي واري ڪنهن جي صفت ڏانهن اشارو آهي؟
    قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي انهيءَ عالمانه ۽ عارفانه اشاري کي سمجهڻ لاءِ اسان حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي رسالي جو مطالعو ڪيو ته اسان کي الستي عهد جي ذڪر وارا بيت سامهون آيا.
    ياد رهي ته! الله تبارڪ و تعاليٰ عالمِ ارواح ۾ سڀني روحن کان اقرار وٺندي فرمايو هيو ته ”الستُ بِربّڪُم“ يعني ڇا مان توهان جو ربّ نه آهيان؟ خالق ۽ پالڪ نه آهيان؟ سڀني روحن کان اڳ ۾ حضرت محمّد مصطفيٰ (صلي الله عليه و سلم) جن جي روح مبارڪ جواب ۾ چيو ”بليٰ“ يعني اي الله پاڪ تون اسان جو خلقيندڙ، پاليندڙ ۽ پوري ڪائنات جو اڪيلو مالڪ آهين. منهنجي نماز، منهنجي خيرات، منهنجي حياتي ۽ منهنجي مماتي فقط تنهنجي ذات پاڪ لاءِ آهي مان سڀني کان پهريون مسلمان آهيان يعني مان اوهان جي ذات پاڪ کي سڀني روحن کان اڳ ۾ تسليم ڪريان ٿو.
    قارئين ڪرام! پاڻ سڳورن جي اهڙي اقرار کان پوءِ الله پاڪ طرفان پيدا ڪيل پيغمبرن ۽ انهن بعد باقي روحن به اقرار ڪيو .

    ب. سَڌ نه، پَرَ سِڌنِ : ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صرف هڪ لفظ ”سِڌن“ جي معنيٰ لکي آهي ”صحيح عقيدي ۽ فڪر رکندڙن، سنئين راهه (صراط مستقم) تي هلندڙن“ (ص 49). اسان جي تحقيق مطابق اهو لفظ ”پر سُڌ“ آهي اهو مرڪب لفظ آهي (اپر = اعليٰ+ سُڌ = ڄاڻ) ”اپرسُڌ“ يعني سٺي ڄاڻ، سٺي سمجهه ۽ علم وارا.
    اهو اشارو مومنين ۽ مسلمين لاءِ به آهي. جنهن ۾ هڪ لک چويهه هزار پيغمبر، صديقين، صالحين ۽ شهداءَ به شامل آهن.

    تحقيق بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي:

    عَهدان اَڳي جا هُئِي، سُوڌِي سا صِفَتَ،
    اَپر اشارَتَ، پَرَ سُڌن کي سُٿرِي.


    معنيٰ: الستُ بربّڪم واري الستي اقرار يا قالو بليٰ واري قول جي ڄاڻ عهد کان اڳ ۾ ئي پَرَ سُڌن يعني مسلمين ۽ مومنين کي الله پاڪ جي ربّ هئڻ واري صفت جي (اپر اشارت) اعليٰ ڄاڻ هئي ته الله پاڪ سڀني انهن روحن جو ربّ ۽ پالڻهار آهي جيڪي ”ڪُن“ فرمائڻ سان پيدا ٿيا ۽ قيامت تائين پيا پيدا ٿيندا.

    *****

    جُوري جُور جَهَانَجِي، جَڏِه جُورِئا۽،
    خَاوَندَ خَاص خَلقي، محمّد مُڪَا۽،
    ڪَلِمُون تِـ ه ہ ڪَرِيمتَي، چُٽُو چَايَا۽،
    اَنامَولاڪَ وَاَنتَ مَحَبُوبِي اِيهمِ اُتَا۽،
    ڏِکي ڏِنا۽، ٻَئِي سَرَاءٌ سَيّدُ چي.

    (حاجي محمّد سمون بمبئي ڇاپي جو عڪس ص 2 سال 1995 اوقاف کاتو سنڌ)

    جوڙي جوڙ جهان جي، جڏهن جوڙيائين،
    خاوند خاص خلقي، محمّد مڪائين،
    ڪلمون تنهن ڪريم تي، چٽو چيائين،
    انامولاڪ وانت محبوبي اِئين اُتائين،
    ڏِکي ڏنائين، ٻئي سرايون سيّد چئي.

    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سر ڪلياڻ ص 1 سال 2007

    جوڙوءن جوڙ جهان جي، جَڏهن جوڙيائين،
    پيغمبر پيدا ڪري، محمّد مڪائين،
    ڪلمون تنهن ڪريم تي، چٽو چيائين،
    انامولاڪ وانت محبوبي اِئين اتائين،
    ڏِکي ڏنائين، ٻَئي سراهِيون سيّد چئي.

    (الله داد جنجهي شاهه جو گنج سر ڪلياڻ ص 33 سال 2008

    جوڙي جوڙ جَهانَ جِي، جڏه جوڙيائين،
    خاوَند خاص خَلقي، محمّد مُڪائين،
    ڪلمو تـَـ هِ ڪَرَيمَ تي، چٽو چايائين،
    اَنَامولاَکَ واَنتَ مَحبُوبي اِيّ اُتائين،
    ڏِکي ڏنائين، ٻئي سرائُون سيّد چي.

    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سر ڪلياڻ ص 38 سال 2013

    جَوڙي جوڙ َجَهان جِي، جڏه جوڙيائين،
    خاوند خاص خَلقِي، محمّد مُڪائين،
    ڪلمو تــ ه ڪَريمَ تي، چٽو چَايائين،
    انامولاکَ وانت محبوبي اِيئن اُتائين،
    ڏکي ڏنائين، ٻئي سرايون سيّد چي.

    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سر ڪلياڻ ص 27 سال 2008 مهراڻ اڪيڊمي)

    جوڙي جوڙ جهان جي، جڏهن جوڙيائين،
    خاوند خاص خلقي، محمّد مُڪائين،
    ڪلمو تنهن ڪريم تي، چِٽو چايائين،
    انامولاڪ وَاَنت محبوبي اِئين اُتائين،
    ڏِکي ڏنائين، ٻئي سرائون سيّد چئي.

    ( شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سر ڪلياڻ ص 1 سال 1994 بااختيار ادارو )

    جوڙي جوڙ جهان جي، جڏهن جوڙيائين،
    خاوند خاص خلقي، محمّد مُڪائين،
    ڪلمون تنهن ڪريم تي، چِٽو چايائين،
    اَنامَولاڪَ وَاَنت مَحَبُوبِي ائين اُتائين،
    ڏِکي ڏنائين، ٻئي سرائون سيّد چئي.

    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سر ڪلياڻ ص 13 سال 2000 باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو )


    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (جوڙي، جوڙوءن)، (خاوند خاص خلقي، پيغمبر پيدا ڪري)، (چٽو، چُٽُو)، (چيائين، چايائين)، (مولاڪ، مولاک)، (ائين، اِيّ، ايهم)، (سرايون، سراهيون، سرائو ن) .

    نوٽ: اهو بيت گنج شريف ۾ لکيل نه آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، عثمان علي انصاري، علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ۽ ديوان تارا چند به اهو بيت نه لکيو آهي.
    قارئين ڪرام! اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته اهو بيت حضرت ڀٽ ڌڻي رحه جو فرمايل آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته حاجي محمّد سمون قديم ڪاتبن منجهان هڪ ڪاتب آهي جنهن 1267هه ۾ ”شاهه جو رسالو“ جي ڪتابت ڪئي.
    فقير تاج محمّد نظاماڻي بابت فقير علي ڏني نظاماڻي لکيو آهي ته ”فقير تاج محمّد نظاماڻي به جس لهڻي جنهن گنج شريف تان ڪوشش وٺي پنهنجي هٿ اکرن سان شاهه سائين جن جو املهه رسالو سوء سال کن اڳ لکي ترتيب ڏيئي شاهه صاحب جن سان پنهنجي عقيدت جو ثبوت پيش ڪيو“. (پيش لفظ، فقير علي ڏنو نظاماڻي سال 2007).
    قارئين ڪرام! مٿي ڏنل حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته جنهن بيت تي بحث ٿي رهيو آهي سو بيت ته واقعي فقير تاج محمّد نظاماڻي جي لکيل رسالي ۾ لکيل آهي. مگر اهو بيت گنج شريف ۾ ته نه آهي. ٿي سگهي ٿو ته فقير صاحب حضرت ڀٽ ڌڻي جو اهو بيت ڪنهن ٻي قلمي رسالي تان اخذ ڪيو هجي.
    الله داد جنجهي پنهنجي طرفان ”شاهه جو گنج“ ترتيب ڏنو آهي، جنهن لکيو آهي ته ”ديدار بلوچ وڪيل ميرپور خاص واري جي معرفت لطيف سائين جي جاکوڙي سيّد عبدالسلام شاهه ڊرگ انسپيڪٽر ميرپور خاص سان ملاقات جو موقعو ملي ويو. صاحب موصوف ڪروڙين ڪرم ڪري هڪ قديمي قلمي نسخو منهنجي حوالي ڪيو. (مهاڳ ص 7، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي)
    الله داد جنجهي قلمي نسخي جي ڪاتب جو نالو نه ڄاڻايو آهي. اسان کي يقين آهي ته اهو بيت حضرت ڀٽ ڌڻي رحه جو فرمايل آهي تنهنڪري هن بيت تي تحقيق ڪرڻ مناسب سمجهي آهي.

    الف. جوڙي، جوڙوءن: اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته جن صاحبن لفظ ”جوڙي“ لکيو آهي تن صاحبن جي مقابلي ۾ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي جو لکيل لفظ ”جوڙوءن“ نهايت مناسب آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”جوڙ“ جي معني آهي جوڙڻ، ٺاهڻ. ۽ لفظ ”جوڙوءن“ جي معني آهي ”ساري سنسار جي قيامت تائين سِٽيل سٽاءُ، جڙيل جوڙ “. انهي معنيٰ مطابق مصرع ملاحظه فرمايو:

    جوڙوءن جوڙ جهان جي، جَڏهن جوڙيائين،

    معنيٰ: الله پاڪ قيامت تائين جڙندڙ جهانن جون جيڪي جوڙون جوڙيون تن جوڙُن منجهان جڏهن هن جهان جي جوڙ جوڙيائين.

    ب. خاوند خاص خلقي، پيغمبر پيدا ڪري: جن صاحبن جي ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ ۽ ”شاهه جو گنج“ منجهان اسان بيت لکي تحقيق جي ڪسوٽي تي پرکيو آهي تن صاحبن منجهان فقط سگهڙ حاجي الله داد جنجهي الفاظ لکيا آهن. ”پيغمبر پيدا ڪري“. پيغمبر جي معنيٰ آهي. الله پاڪ جي طرفان پيغام پهچائيندڙ اسان انهيءَ صاحب جي لفظن کي غلط قرار ڏنو آهي، اهو هن ڪري ته حاجي محمّد سمون قديم ڪاتب آهي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي به قديم ماخذن منجهان بحث هيٺ آيل بيت لکيو آهي. شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ به قديم ماخذن کي سامهون رکي ”شاهه جو رسالو“ ترتيب ڏنو ان ۾ الفاظ ”خاوند خاص خلقي“ لکيل آهن، تنهن ڪري فقط سگهڙ حاجي الله داد جنجهي جي لکيل ٻي مصرع کي بيت ۾ مناسب نه ٿا سمجهون.
    قارئين ڪرام! لفظ خاوند جي معنيٰ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، غلام محمّد شاهواڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومري نه لکي آهي. مگر ڪجهه صاحبان خاوند لفظ جي معنيٰ ”الله تعاليٰ“ چون ٿا. اهڙا صاحبان مغالطي جو شڪار ٿيل آهن، سندن مغالطي جا ٽي سبب آهن. پهريون سبب هي آهي ته جامع سنڌي لغات جلد ٽيون جي ص 1138 تي خاوند لفظ جي معنيٰ لکيل آهي (ف- خاوند. خانه = گهر + وند =وارو)، آقا، مالڪ، ڌڻي، سائين گهروارو، مڙس، ڀتار، شوهر، گهرڌڻي، وارث، پتي.
    قارئين ڪرام! هنن لفظن ۾ ڌڻي لفظ به لکيل آهي ۽ گهر ڌڻي به لکيل آهي.
    مغالطي جو ٻيو سبب هن سنڌي بيت جو هڪ فقرو آهي:

    ”گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون“

    هن بيت ۾ لفظ ڌڻيءَ جي معنيٰ الله تعاليٰ نڪري ٿي.

    مغالطي جو ٽيون سبب هي آهي ته فيروزاللغات (اردو) جي ص 584 تي لفظ ”خاوند“ جي معنيٰ لکيل آهي ”آقا، مالڪ (خداوند کا مخفف)، شوهر“
    ياد رهي ته! فيروزاللغات جي ص 587 تي مصنف لفظ ”خاوند“ کي لفظ خداوند جو مخفف ڄاڻايو ته اسان کي انهيءَ ئي لغات ۾ لفظ ”خداوند“ جي معنيٰ ڏسڻي پيئي، لکيل آهي، ”(خدا اور وند کا مرکب هي)، الله تعاليٰ“ .
    ياد رهي ته! لفظ ”ڌڻي“ پٺيان جڏهن لفظ ”سڳورو“ يا ”پاڪ“ استعمال ٿئي ٿو ته پوءِ ان لفظ جي معنيٰ ٿئي ٿي ”الله تعاليٰ“. اهڙي طرح جڏهن فارسي لفظ ”خداوند“ جي پٺيان لفظ ”قدوس“ يا ”ڪريم“ يا ”تعاليٰ“ استعمال ٿيندو تڏهن معنيٰ ٿيندي”الله تعاليٰ“.
    فروزاللغات جي ص 588 تي لفظ ”خداوند زاده“ لکيل آهي جنهن جي معنيٰ آهي، ”مالڪ کا بيڻا، صاحب زاده، امير کا بيڻا، رئيس کا بيڻا“.
    قارئين ڪرام! جيڪڏهن لفظ ”خداوند“ جي معنيٰ الله تعاليٰ هجي ها ته پوءِ لغت لکڻ وارو صاحب ”خداوند زاده“ يعني خدا جو پٽ لکي لکي ها مگر نه لکيائين. معلوم ٿيو ته ”خداوند“ لفظ جي معنيٰ آهي ”مالڪ، امير، صاحب“ ۽ لفظ ”خاوند“ جي معنيٰ به آهي ”مالڪ، آقا، مڙس وغيره“ ۽ نه ”الله تعاليٰ“ اهو ئي سبب آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءِ رحه پنهنجي بيت ۾ لفظ ”خاوند“ استعمال ڪيو ته اهو لفظ آقاءِ نامدار حضرت محمّد مصطفيٰ صه جي اسم گرامي سان منسوب ڪيائين. بحث هيٺ آيل لفظ جي مصرع ملاحظ فرمايو:
    ”خاوند خاص خلقي، محمّد مُڪائين“

    هن مصرع جي معنيٰ ٿئي ٿي، ”خاص پيغمبر، آقاءِ نامدار حضرت محمّد مصطفيٰ کي خلقي آخر الزامان نبي ڪري موڪليائين“.


    ت. چٽو، چُٽُو: قارئين ڪرام! جن صاحبن جي ترتيب ڏنل رسالن منجهان اسان بحث هيٺ آندل بيت لکيو آهي.تن صاحبن منجهان فقط حاجي محمّد سمي لفظ “چُٽُو“ لکيو آهي. اکر ”چ“ جي مٿان پيش ڏني اٿس. اسان ڀانئيون ٿا ته کانئس”چ“ مٿان پيش ڏيڻ جي سهو ٿي آهي.

    ث. چيائين، چايائين: قارئين ڪرام! هن بيت ۾ اهي ٻه لفظ وڏي اهميت وارا آهن. فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ الله داد جنجهي صاحبان لفظ ”چيائين“ غلط لکيو آهي ۽ حاجي محمّد سمي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، غلام محمّد شاهواڻي ۽ باگي جي ڏاني جي، لفظ ”چايائين“ لکيو آهي.
    اسان تحقيق ڪري ڏٺو آهي ته علامه غلام مصطفيٰ قاسمي لفظ ”چايائين“ جي معنيٰ (ص 27) تي ”چيائين“ لکي آهي. معلوم ائين ٿئي ٿو ته اها معنيٰ هن صاحب کان بي ڌياني ۾ لکجي ويئي آهي ورنه علامه صاحب اها معنيٰ نه ٿو لکي سگهي. ڇا ڪاڻ ته ”چيائين“ جي معنيٰ آهي پڙهيائين. الله پاڪ ڪنهن به نبي تي ڪلمون نه پڙهيو آهي مگر مخلوق کان پيغمبرن تي ڪلمون پڙهايو آهي. اهو ئي سبب آهي جو قرآن پاڪ جي سوره صافات رڪوع 2 ۾ لکيل آهي ”لاالٰہ اِلاّ اللہ“ ۽ سوره فتح جي رڪوع 4 ۾ لکيل آهي ”محمّد رَسول اللہ“. قرآن پاڪ م ڪٿي به مڪمل ڪلمون ”لاالٰہ اِلاّ اللہ محمّد رَسول اللہ“ گڏ ۽ مڪمل نه لکيل آهي. اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن لفظ ”چايائين“ لکيو آهي تن درست لکيو آهي.

    ج. مولاڪ، مولاک: قارئين ڪرام! سنڌي صورت خطي جي الفابيٽ ۾ اکر ”ڪ“ ۽ اکر ”ک“ الڳ الڳ حثيت رکن ٿا. ”ڪ“ اکر ”ک“ جي بدران استعمال نه ٿو ڪري سگهجي نه وري ”ک“ اکر ”ڪ“ جي عِوض لکي سگهجي ٿو . جن صاحبن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ لفظ ”مولاڪ“ لکيو آهي اسان جي تحقيق مطابق درست لکيو آهي. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ غلام محمّد شاهواڻي لفظ ”مولاک“ غلط لکيو آهي. هنن صاحبن کي لفظ ”مولاڪ“ لکڻ گهربو هو.

    ح. ائين، اِيّ، ايهم: لفظ ”ائين“ فقير تاج محمّد نظاماڻي، حاجي الله داد جنجهي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، باگي جي ڏاني جي لکيو آهي.
    لفظ ”ايّ“ فقط غلام محمّد شاهواڻي لکيو آهي. ياد رهي ته غلام محمّد شاهواڻي ”شاهه جو رسالو“ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي تقليد ڪندي ترتيب ڏنو. تنهنڪري هن جو ترتيب ڏنل رسالو اڌ اکري سنڌي ۾ لکيل آهي. اسان جي تحقيق مطابق غلام محمّد شاهواڻي جو لکيل لفظ ”ايّ“ نامناسب آهي. لفظ ”ائين“ بلڪل درست لفظ لکيو ويو آهي. رهيو سوال حاجي محمّد سمي جي لکيل الفاظ ”ايهم اُتائين“ جو ته اسان جي تحقيق مطابق اهي الفاظ بنهه غلط لکيل آهن ڇا ڪاڻ ته ”ايهم اُتائين“ الفاظ جي معنيٰ آهي، ”مونکي ائين چيائين“

    خ. سرايون، سراهيون، سرائون: فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي لفظ “سرايون” غلط لکيو آهي ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لفظ ”سراهيون“ به غلط لکيو آهي. اصل لفظ ”سراءِ“ آهي، جنهن جو جمع ”سرائون“ آهي . قديم صورت خطي ۾ ڪٿي ڪٿي الف (ء) حمزي کي (هه) هرڻي ۾ بدلائي لکيو ويندو هو. اُهو متروڪ ٿي چڪو آهي، اڪثر ڪاتبن اکر ”سراءِ“ لکيو جئن قديم ڪاتبن مان حاجي محمّد سمي لفظ ”سرائون“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”سرائون“ حاجي محمّد سمي کان علاوه شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ،غلام محمّد شاهواڻي،علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ باگي جي ڏاني جي به لکيو آهي.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.

    جوڙوُءن جوڙ جَهانَ جِي، جَڏهن جوڙيائِين،
    خَاوَند خَاص خَلقي، محمّد مُڪائِين،
    ڪَلمُون تَنهِن ڪَرِيم تي، چِٽو چَايَائِين،
    اَنَامُولاڪَ وَانتَ مَحبُوبِي اِئين اُتائِين،
    ڏِکي ڏِنائِين، ٻَئِي سَرائون سيّد چَئي.


    معنيٰ: الله تبارڪ و تعاليٰ قيامت تائين پيدا ٿيندڙ سنسار جي سِٽاءُ جوڙي ان بعد خاوند يعني آقاءِ نامدار حضرت محمّد (صلي الله عليه و سلم) کي آخرالزمان پيغمبر جي حثيت سان پيدا فرمايو ۽ ربّ پاڪ کين هي فرمايو ته مان تنهنجو مولا ۽ مالڪ آهيان تون منهنجو محبوب آهين. جئن ته نبي ڪريم (صلي الله عليه و سلم) ختم المرسلين آهن ٻيو ڪو به نبي نه اچڻو آهي. ٻنهي جهانن جو واسطو نبي ڪريم (صلي الله عليه و سلم) سان آهي تنهنڪري حضرت ڀٽ ڌڻي رحه فرمايو ”ڏِکي ڏنائين ٻَئي سرائون سيّد چئي“ يعني نبي ڪريم (صلي الله عليه و سلم) کي الله پاڪ دارين جو دادلو فرمائي ٻئي جهان کيس سينگاري ڏنا.

    *****

    وحد تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُلُ،
    حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻي مَ ڀُل،
    هُو هلاچو هُل، باالله سندو سڄڻين.

    (ديوان تارا چند شوقيرام شاهه جو رسالو سرڪلياڻ ص 4 سال 1900ع)

    وحد تان ڪَثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُلّ،
    حقّ حقيقي هيڪڙو، ٻوليء ٻيء مَ ڀُلَ،
    هُو هُلاچو هُل، باالله سندو سڄڻين.

    (ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سرڪلياڻ ص 04 )

    وَحدَتان ڪَثرَتَ ٿِي، ڪَثرَتَ وَحدَتَ ڪُلُ،
    حقُ حقِيقِي هيڪڙو، ٻولِيءَ ٻِيءَ مَ ڀُلُ،
    هِيءُ هُلاچو هُلُ، سَڀو سندو سڄڻين.

    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سرڪلياڻ ص 7 سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    وَحدَتا ڪَثرت ٿِي، ڪثرتَ وحدت ڪُلُ،
    حقّ حقيقي هيڪَڙو، ٻولي ٻِيَ مَ ڀُلُ،
    هُو هُلاچو هُلُّ، بالله سندو سَڄَڻين.
    س
    (ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالوسرڪلياڻ ص 78 سال 1996ع )

    وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرتَ وحدتَ ڪُلُ،
    حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻي مَ ڀُل،
    هُيءُ هلاچو هُلُ، سڀو سندو سڄڻين.

    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ ص 193 سال 1995)


    وحدتان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُلُ،
    حق حقيقي هيڪڙو، ٻوليءَ ٻيءَ م ڀُل،
    هُو هُلاچو هُلُ، باالله سندو سڄڻين.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو سر ڪلياڻ ص 292 سال 2013 )

    وحدتان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُلُ،
    حق حقيقي هيڪڙو، ٻوليءَ ٻئي مَ ڀُلُ،
    هُو هُلاچو هُل، بالله سندو سڄڻين.

    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سر ڪلياڻ ص 30 مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    وحدتان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُلُ،
    حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻيُ مَ ڀُل،
    هُو هلاچو هُل، باالله سندو سڄڻين.

    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سر ڪلياڻ ص 05 بااختيار ادارو سال 1994 )

    وَحدَتا ڪَثرتَ ٿِئي، ڪَثرتَ وحدت ڪُلّ،
    حَقّ حقيِقي هيڪَڙو، ٻولِي ٻِي مَ ڀُلُّ،
    هِيءُ هُلاچو هُلُّ، بالله سندو سڄڻين.

    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر ڪلياڻ ص 04 سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    وَحَدَتا ڪَثرت ٿِي، ڪَثرتَ وحدت ڪُلّ،
    حَقّ حقيِقي هيڪَڙو، ٻولي ٻِي مَ ڀُل،
    هُو هُلاچو هُلُّ، بالله سَندو سَڄَڻين.
    س
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالوسرڪلياڻ ص 39 سال 2013ع )


    وحدتا ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُل،
    حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻِي مَ ڀُل،
    هُو هُلاچو هُلُّ، بالله سندو سڄڻين.
    س
    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالوسرڪلياڻ ص 16 سال 2009ع )

    وحدت تان ڪَثرت ٿي، ڪَثرت وحدت ڪُل،
    حقّ حَقيقِي هيڪڙو، ٻوليءَ ٻيءَ مَ ڀُل،
    هُو هُلاچو هُل، باالله سندو سڄڻين.
    س(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سرڪلياڻ ص 34 سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    وحدتان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُل،
    حق حقيقِي هيڪڙو، ٻولي ٻيءَ مَ ڀُل،
    هُو هُلاچو هُل، بالله سدو سڄڻين.
    (باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سرڪلياڻ ص 16 سال 2000ع )

    وحدتان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُل،
    حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻيءَ مَ ڀل،
    هي هلاچو هُل، بالله سندو سڄڻين.

    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سرڪلياڻ ص 02 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    نوٽ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هي بهترين بيت “شاهه جو رسالو” منجهان خارج ڪري ڇڏيو.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (وحدتان، وحدت تان، وحدت تا)، (ڪل)، (ٻئي، ٻي، ٻيءَ)، (ڀُل)، (هي هلاچو، هو هلاچو)، (بالله، باالله)، (سڀو، سندو، سدو)

    الف. وحدتان، وحدت تان، وحدت تا: ڊاڪٽر گُربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي ۽ علامه آءِ آءِ قاضي لفظ ”وحدتا“ لکيو آهي. اهو لفظ قديم صورت خطيءَ ۾ قديم ڪاتب لکندا هئا، مگر ڳالهائڻ ۾ لفظ ”وحدتان“ استعمال ٿيندو هيو. اهو ئي سبب آهي جو ديوان تارا چند جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ لفظ ”وحدتان“ استعمال ڪيو.
    علامه غلام مصطفيٰ قاسمي،ديوان تارا چند،شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، عثمان علي انصاري، ٻانهي خان شيخ، ڪلياڻ آڏواڻي، محمّد عثمان ڏيپلائي، باگي جي ڏاني جي، فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومري لفظ ”وحدتّان“ نهايت ئي درست لکيو آهي.
    ممتاز مرزا ۽ الله داد جنجهي الفاظ ”وحدت تان“ لکيا آهن. اسان تحقيق ڪري ڏٺو آهي ته اصل ”گنج“ (ننڍي سائز) ۾ ص 193 تي لفظ ”وحدتا“ لکيل آهي جيڪو ان دور جي الفابيٽ مطابق لکيو ويو ۽ ”وحدتّان“ ڳالهايو ويندو هو تنهنڪري اسان ممتاز مرزا جي لکيل لفظ ”وحدت تان“ کي نا مناسب لفظ سمجهون ٿا. رهيو سوال سگهڙ حاجي الله داد جنجهي جي لکيل لفظ ”وحدت تان“ جو ته اسان انهي لفظ کي به نامناسب سمجهون ٿا. ڇا ڪاڻ ته اسان جي تحقيق مطابق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي طرفان فرمايل لفظ ”وحدتّان“ آهي ۽ نه ”وحدت تان“.
    قارئين ڪرام! اسان لفظ ”وحدت تان“ کي هن ڪري تسليم نه ٿا ڪريون جو صنعت ادغام جي اصول مطابق ٻه ساڳيا اکر هڪ ٻي جي پٺيان آڻي لکڻ يا ڳالهائڻ ادبي عيب ۽ غلطي آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءُ اهڙي غلطي نه ٿو ڪري سگهي حقيقت هي آهي ته اصل ۾ لفظ ”وحدت + تان“ ئي آهي جنهن جي ”ت“ تي شد ( ّ) جي نشاني لڳائي ”وحدتّان“ لکڻ گهرجي. اهو لفظ ڪنهن به ”شاهه جو رسالو“ جي مرتب، ڪاتب ۽ محقق ائين نه لکيو آهي. جيئن اسان تحقيق ڪري لکيو آهي.
    لفظ ”وحدتان“ جي معنيٰ ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي آهي. ”وحدت مان“ ڪلياڻ آڏواڻي معنيٰ لکي آهي ”هيڪڙائي مان“ (ص 4)، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ لفظ ”وحدتان“ جي معنيٰ نه لکي آهي صرف لفظ ”وحدت“ جي معنيٰ ”هيڪڙائي“ لکي اٿس (ص 15 لغات لطيفي) . باگي جي ڏاني جي (ص 29) تي ”وحدتا“ لفظ جي معنيٰ ”وحدت مان“ لکي آهي. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي لفظ ”وحدتان“ جي معنيٰ لکي آهي ”وحدت مان“ (ص 30).
    قارئين ڪرام! اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن الفاظ ”وحدت مان“ لکيا آهن تن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي فرمايل الفاظ جي معنيٰ درست نه لکي آهي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجي بيت ۾ مشرڪانه ۽ ملحدانه خيال پيش نه ڪيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”مان“ جي معنيٰ سنڌيڪا لغات جي ص 728 تي لکيل آهي (منجهان، وچان، اندران). اسان يقين سان لکون ٿا ته جن صاحبن لفظ ”وحدتان“ جي معنيٰ ”وحدت مان“ لکي آهي تن وڏو شرڪ جو اظهار ڪيو آهي. الله پاڪ سان شرڪ ڪرڻ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي شايانِ شان نه آهي. حقيقت هي آهي الله پاڪ جي وچان يا اندران ڪائنات ۽ ڪائنات ۾ ڪا به شيءَ، ڪابه هستي پيدا نه ٿي آهي نه وري الله پاڪ جي هستي ڪنهن مان پيدا ٿي آهي.

    اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”وحدتّان“ جي معنيٰ آهي ”وحدت وٽان“ ۽ ”وحدت وٽان“ الفاظ جي معنيٰ سنڌيڪا لغت مطابق آهي ”کان، طرفان“ (ص 830) ۽ لفظ ”طرفان“ جي معنيٰ ”وٽان، طرف يا پاسي کان“ (ص 528) مطلب ته الله پاڪ جي حڪم سان واحد، ذاتِ يڪتا جي امُر ”ڪُن“ سان. ڪائنات ۾ ڪثرت پيدا ٿي.

    ب. ڪُل: لفظ ”ڪُل“ سڀني مرتب ۽ محقق حضرات لکيو آهي. ڊاڪٽر گُربخشاڻي غلام محمّد شاهواڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڪلياڻ آڏواڻي معنيٰ لکي آهي ”سڄي سموري“ مگر ٻانهي خان شيخ معنيٰ لکي آهي ”جملي هڪ، واحد مطلق“ (ص 7 جلد پهريون) هن صاحب اها معنيٰ بلڪل غلط لکي آهي.

    ت. ٻئي، ٻي، ٻيءَ: قارئين ڪرام! شاهه جو رسالو ترتيب ڏيندڙ حضرات، جن جو لکيل بيت اسان مٿي درج ڪري آيا آهيون تن الفاظ ”ٻي، ٻيءَ ۽ ٻئي“ لکيا آهن. اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”ٻيءَ“ عثمان علي انصاري ٻين مڙني مرتب ۽ محقق حضرات کان بهترين لکيو آهي.
    لفظ ”ٻئي“ جي معنيٰ آهي ”ٻيئي“. انهي معنيٰ وارو لفظ ”ٻئي“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ مناسب نه ٿو لڳي. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي بيت ۾ لفظ ”ٻئي“ ص 30 تي غلط لکيو آهي.


    ث. ڀُــل: قارئين ڪرام! ”شاهه جو رسالو“ ۾ ٻه بيت لکيل آهن ٻنهي بيتن ۾ لفظ ”ڀُل“ لکيل آهي. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته لفظ ”ڀُل“ هڪ بيت ۾ غلط لکيو ويو آهي ۽ ٻي بيت ۾ درست لکيو ويو آهي. ٻيو بيت ملاحظه فرمايو:
    مـــروئان مـُوران پـکڻا، وائـي ٻي مَ ڀل،
    هو هل هلاچو هل، بالله سندو سڄڻين.
    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، شاهه جو رسالو ص 30 سال 2008 مهران اڪيڊمي)
    معنيٰ: جانورن، جيتن، جڻن ۽ پکين جي ٻولي ۽ وائي ٻي نه آهي. اهي تڪويني اسلام تي قائم آهن، الله پاڪ ”ڪن“ فرمائي انهن کي پيدا ڪيو ته اهي ڪن واري ڏينهن جي حڪم تي پابند آهن فقط الله پاڪ جي حڪم جي پيروي ڪن ٿا. تون ڀُلين ٿو ته هي ٻيو ڪجهه چئي رهيا آهن هرگز نه جو ڪجهه چون ٿا سو الله پاڪ جي حمد ۽ ثناءَ کان سواءِ ڪجهه به نه ٿا چون ۽ عمل به اهو ئي ٿا ڪن جيڪو ”ڪن“ فرمائڻ واري ڏينهن کان الله پاڪ طرفان مٿن لازم قرار ڏنو ويو.

    ج. هي هلاچو هل، هو هلاچو هل: جن صاحبن ”هو هلاچو هل“ لکيو سي صاحبان آهن. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ديوان تارا چند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر گُربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، غلام محمّد شاهواڻي، محمّد عثمان ڏيپلائي، باگو جي ڏانو جي ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو.
    هنن صاحبن اهي الفاظ غلط لکيا آهي. اهو اسان هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”هو“ ڏور جو اشارو آهي. تنهنڪري گرامر مطابق بيت ۾ لکيل لفظ ”هو“ اسان غلط قرار ڏنو آهي.
    جن صاحبن ”هي هلاچو هل“ لکيو تن درست لکيو آهي. سي صاحبان آهن، سيّد عبدالعظيم (گنج ننڍو ص 193)، ممتاز مرزا، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ٻانهون خان شيخ.

    ح. بالله، باالله: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه ”بالله“ لفظ هن ڪري استعمال ڪيو ته جيئن پڙهڻ وارن کي يقين ٿي وڃي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه سائين جو سوڳنڌ کڻي هي فرمايو ته هن ڪائنات ۾ جيڪو هُل ۽ هُلاچو آهي اهو الله پاڪ جي ذات جي ”ڪن“ فرمائڻ سان وجود ۾ آيل آهي .
    جن صاحبن لفظ ”بالله“ لکيو تن درست لکيو آهي سي صاحبان آهن، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر گُربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي محمّد عثمان ڏيپلائي، باگو جي ڏانو جي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي.
    قارئين ڪرام! جن صاحبن لفظ ”باالله“ لکيو تن اهو لفظ درست نه لکيو آهي. سي صاحبان آهن. ديوان تارا چند شوقيرام، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، عثمان علي انصاري، ڪلياڻ آڏواڻي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو.
    خ. سڀو، سندو، سدو: جن صاحبن لفظ ”سڀو“ لکيو سي صاحبان آهن. ممتاز مرزا ۽ ٻانهون خان شيخ. ممتاز مرزا اهو لفظ هن ڪري لکيو آهي ته گنج شريف جي ڪاتب سيّد عبدالعظيم فقير گنج جي ص 193 تي لکيو ۽ ٻانهي خان اهو لفظ گنج شريف کان اخذ ڪيوآهي.
    قارئين ڪرام! اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”سڀو“ بيت ۾ مناسب لکيو ويو. مناسب هن ڪري ٿا چئون ته ”سندو“ لفظ جي معنيٰ آهي، ”مون الله جو، ذاتي، پنهنجو“.
    حضرت ڀٽ ڌڻيءَ

    هِيءَ هُلاچو هُلُ، بِالله سَندو سَڄَڻِين

    نه ٿو فرمائي سگهي ڇا ڪاڻ ته جيڪو به دنيا ۾ چرچو ۽ چوٻول آهي اهو مخلوق جي طرفان آهي ۽ نه الله جي طرفان، الله پاڪ کي ”حق حقيقي“ مڃڻ وارو چوٻول سڄو سمورو ۽ سڀوئي الله جي لاءِ آهي.
    اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته فقط باگي جي ڏاني جِي، جي لکيل بيت ۾ لفظ ”سدو“ غلط لکيل آهي ۽ اسان تحقيق ڪري هي به ثابت ڪيو آهي ته لفظ ”سدو“ لکڻ واري غلطي باگي جي ڏاني جِي، جي نه آهي مگر اها ڪمپوزر جي غلطي آهي اهو هن ڪري ٿا چئون ته ساڳي ئي صفحي تي لفظ ”سندو“ ٻي بيت ۾ درست لکيل آهي.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي پڙهڻي هي قائم ڪجي ٿي.

    وَحدَتّان ڪَثرَتَ ٿِي، ڪَثرَتَ وَحدَتَ ڪُلُ،
    حقّ حَقِيقِي هِيڪَڙو، ٻولِي ٻِيءَ مَ ٻُلُ،
    هِيءَ هُلاچو هُلُ، بِالله سَڀو سَڄَڻِين.


    معنيٰ: هن ڪائنات ۾ سڀ کان اوّل الله پاڪ جي ذات يڪتا موجود هئي، ان واحد جي ”ڪن“ فرمائڻ سان ڪثرت وجود ۾ آئي.
    حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمائي ٿو ته اي الله واحد جي خلقيل خِلقت، حق حقيقي هڪ ئي آهي ان جي هيڪڙائي کان سواءِ ٻيو ڪو به ٻول نه ٻُل.
    هن ڪثرت واري ڪائنات ۾ مخلوق طرفان جيڪو چوٻول ٻڌين ٿو اهو سڄو سمورو ۽ سڀوئي سنسار جي خالق جي، ذاتِ يڪتا جي تعريف لاءِ ئي آهي.

    *****

    جي تُن سِڪَنُ سِکِئو، تهَ ڪَاتِيَ پييَ مَڪَنّجُ،
    سُپيرِيانجي سُور جُو، مَارُنِ ڏِجي نَمنجُ،
    اَندّرِ اِيُ اَهَنّجُ، سَاڊِجِ سُکَاءٌ ڪَري.

    (سّيد عبدالعظيم گنج ص 197 سال 1207هه اشاعت 1995ع)

    جي تُن سِڪَڻ سِکِئو، تهَ ڪَاتِيَ پييَ مَڪَنّجُ،
    سُپيرِيانجي سُور جُو، مَارُنِ ڏِجُ نَه مَنجُ،
    اَندّرِ اِيُ اَهَنّجُ، سَانڊِجُ سُکَاءٌ ڪَري.

    (حاجي محمّد سمو بمبئي ڇاپي جو عڪس شاهه جو رسالو سرڪلياڻ ص 07 سال 1995ع)

    جي تُون سِڪڻ سکيو، ته ڪاتيء پئي مَ ڪنجهه،
    سُپريَانجي سُورَ جو، ماڻهن ڏجي نَه منجهه،
    اندر ايُ اهنج سَانڍج سکائون ڪري.

    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سرڪلياڻ ص 9 سال 1900ع)

    جي تُون پَسَنَ سِکِيو تَه کَاتِيَ پيئِي مَ کَنجهُه،
    سُپريَان جي سُورَ جو، مَاڙهُنِ ڏِجي نَه مَنجههُ،
    اَندَر اِييءُ اَهَنجُ سَانڌهِجِ سکهَائون کَري.

    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ شاهه جو رسالو سرڪلياڻ ص 9 سال 2008 )

    جي تُون سِڪَڻ سِکئو، ته ڪاتي پئيءَ مَ ڪنجهُه،
    سُپرِيَان جي سُورَ جو، ماڻهن ڏجي نَه مَنجُهه،
    اندرِ اِيءُ اَهنجُ، سانڍِجَ سُکائون ڪري.

    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سرڪلياڻ ص 13 سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    جي تون سِڪَڻ سِکيو، ته ڪاتيءَ پَئي مَ ڪَنجُهه،
    اَندر اِيُ اَهنجُ سانڍج سُکائون ڪري.
    س
    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالوسرڪلياڻ ص 07 سال 2013)

    جي تون سڪَڻُ سِکِيو، ته ڪاتي پئي مَ ڪنجهُه،
    سُپريان جي سورَ جو، ماڻهن ڏجي نه منجُهه،
    اندر اِيءُ اهنج، سانڍج سُکائون ڪري.

    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ ص197 سال 1995)

    جي تون سِڪڻ سکيو، ته ڪاتي پَئي مَ ڪَنجهه،
    سُپريان جي سُورَ جو، ماڻهن ڏِجي نه مَنجهه،
    اَندر ايُ اَهنجُ، سانڍج سکائون ڪري.

    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو سر ڪلياڻ ص 258 سال 1994 )

    جي تون سڪڻ سکيو، ته ڪاتيءَ پئي م ڪنجهه،
    سُپريانجي سُور جو، ماڻهن ڏجي نه منجَهه،
    اندر اِيءُ اهنج، سانڍج سُکائون ڪري.

    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سر ڪلياڻ ص 34 مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    جي تون سِڪڻ سکيو، ته ڪاتيء پئي مَ ڪنجُهه،
    سپريانجي سورَ جو، ماڻهن ڏِجي نه منجُهه،
    اندر اِيُ اهنج سَانڍج سُکائون ڪري.

    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سر ڪلياڻ ص 09 بااختيار ادارو سال 1994 )

    جي تون سڪڻ سِکيو، ته ڪاتيء پِئيِ مَ ڪَنجهُه،
    سپيريان جي سورَ جو، ماڙهن ڏجي نه مَنجهُه،
    اندر اِيُ اَهنجُ سَانڊج سُکائون ڪري.

    (ڊاڪٽر گُربخشاڻي شاهه جو رسالو سر ڪلياڻ ص 80 سال 1996 روشني)
    جي تون سِڪَڻ سِکيو، ته ڪاتيءَ پئي مَ ڪَنجُهه،
    سُپريان جي سور جو، ماڙهُن ڏِجي نه منجهه،
    اندر اِيءَ اهنجُ، سانڍج سُکائون ڪري.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر ڪلياڻ ص 08 سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    جي تون سِڪَڻُ سِکئو، ته ڪاتِيءَ پئي مَ ڪَنجُهه،
    سُپريان جي سُورَ جو، ماڙهن ڏجي نه مَنجُهه،
    اَندرِ اِيءُ اَهَنجَ، سانڍج سُکائون ڪري.
    (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاهه جو رسالو سر ڪلياڻ ص 61 سال 2009 سنڌ ثقافت)

    جي تون سِڪڻ سِکئو، ته ڪاتِي ءَ پَئي مَ ڪِنجُهه،
    سُپريان جي سُورَ جو، ماڻهن ڏجي نه منجُهه،
    اندرِ اِيُ اهنج، سانڍج سُکائون ڪري.
    س(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالوسرڪلياڻ ص 41 سال 2013ع روشني)

    جي تون سڪڻ سِکيو، ته ڪاتي پَئي مَ ڪنجهه،
    سُپريان جي سورَ جو، ماڻهن ڏجي نه منجُهه،
    اندر اِيءُ اَهنجَ، سانڍج سُکائون ڪري.
    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالوسرڪلياڻ ص 20 سال 2009ع مهراڻ)

    جي تون سِڪڻ سِکئين، ته ڪاتي پيئي م ڪِنجهُه،
    سُپريان جي سورَ جو، ماڻهن ڏجي نه منجُهه،
    اندر اِيُ اهنج، سانڍج سُکائون ڪري.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سرڪلياڻ ص 36 سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    جي تون سڪڻ سکيو، ته ڪاتي ءَ پَئي مَ ڪنجهه،
    سپريان جي سُورَ جو، ماڻهن ڏجي نه مَنجهه،
    اندر اِي اَهنجُ، سانڍج سُکائون ڪري.
    (باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سرڪلياڻ ص 20 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    جي تون سڪڻ سکيو، ته ڪاتي ءَ پئي مَ ڪَنجهه،
    سپريان جي سور جو، ماڻهن ڏجي نه منجهه،
    اندر اِيُ انهنج، سانڍج سکائون ڪري.

    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سرڪلياڻ ص 04 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    جي تُون سِڪڻ سکيو، ته ڪاتي پَئي مَ ڪَنجهه،
    اَندر ايُ اهنج، سانڍج سُکائون ڪري.

    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو (چونڊ ڪلام) سرڪلياڻ ص 11 سال 2011ع مهراڻ)

    نوٽ: 1. ڪلياڻ آڏواڻي اهو بيت نه لکيو. 2. عثمان علي انصاري هن بيت جي وچين مصرع نه لکي آهي. 3. غلام مصطفيٰ مشتاق، عثمان علي انصاري جي پيروي ڪندي بيت جي وچين مصرع نه لکي.
    قارئين ڪرام! هن بيت ۾ ڪاتبن، مرتبن ۽ محققن ڏهه متنازعه الفاظ لکيا آهن جنهن ڪري حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جو هي بهترين بيت پڙهڻ جوڳو ئي نه رهيو آهي. بيت کي سمجهڻ ته پري جي ڳالهه آهي. تنهنڪري اسان ضروري سمجهيو ته اهڙي بهترين بيت کي تحقيق ذريعي سنواري ۽ سوڌي اصل صورت ۾ پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪريون.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (سڪڻ، پسن)، (سکئو، سِکيو، سکئين)، (پئي، پيُئيء، پيي)، (ڪَنجهه، ڪِنجهه، ڪِنج، مَڪَنج، کهنج، منجهه)، (سپريان، سپيريان)، (ماڙهن، مارن، ماڻهن)، (ڏجي، ڏج )، (انهنج، اهنج)، (سانڍج، سانڊج)، (سکائون ڪري)

    الف. سڪڻ، پسن: فقط ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي بيت ۾ لفظ ”پسن“ لکيل آهي. اهو لفظ جديد صورت خطي ۾ ”پسڻ“ لکبو. ”پسڻ“ جي معنيٰ آهي ”ڏسڻ“. ڏسبو ته هر درند، چرند، پرند ۽ ترند کي به آهي انهي لفظ سان حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي بيت جو ڪو به واسطو نه آهي اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته ارنيسٽ ٽرمپ بيت ۾ لفظ ”پسن“ ڪاتب کان غلط لکرايو.
    قارئين ڪرام انهي لفظ جي مقابلي ۾ لفظ ”سڪڻ“ گنج شريف ۾، حاجي محمّد سمي جي ڪتابت ڪيل شاهه جو رسالو ۾، ڊاڪٽر گُربخشاڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻين مٿي لکيل مرتب ۽ محقق حضرات جي ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ ۾ لکيل آهي. لفظ ”سڪڻ“ جي معنيٰ سواءِ ٻانهي خان شيخ جي ٻي ڪنهن به مرتب ۽ محقق نه لکي آهي. ٻانهي خان معنيٰ لکي آهي ”محبت يا پيار ڪرڻ“ (ص 13 سُر ڪلياڻ شاهه جو رسالو جلد پهريون).

    ب. سکئو، سِکيو، سکئين: قارئين ڪرام! گنج شريف جي (ص 197) تي لفظ ”سکئو“ لکيل آهي. ڊاڪٽر گرُبخشاڻي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ٻانهي خان شيخ، غلام محمّد شاهواڻي ۽ حاجي محمّد سمي به لفظ ”سکئو“ لکيو آهي.
    ياد رهي ته ! قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ لفظ ”سکئو“ (ء) الفاظ حمزي سان لکيو ويندو هو. مگر جديد سنڌي صورت خطي ۾ لفظ ”سکيو“ (ي) ياقوت سان لکڻ جي ترجيح ڏني ويئي آهي. تنهنڪري ئي سڀ کان پهريائين 14 ڊسمبر سن 1900ع ۾ ديوان تارا چند شاهه جو رسالو قديم صورت خطيءِ منجهان جديد صورت خطي ۾ ٽرانسليٽ ڪيو ته لفظ ”سکيو“ ص 9 تي لکيو بعد ۾ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو 1913ع ۾ ترتيب ڏنو. هن صاحب به ص 9 تي لفظ ”سِکيو“ لکيو. جن لفظ ”سِکيو“ لکيو سي صاحبان آهن، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، عثمان علي انصاري، علامه آءِ آءِ قاضي، محمّد عثمان ڏيپلائي، باگي جي ڏاني، فقير تاج محمّد نظاماڻي ڊاڪٽر محمّد عالم سومري ۽ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ.
    سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، شاهه جو گنج جي ص 36 تي لفظ ”سکئين“ لکيو آهي. اسان هن صاحب جي لکيل لفظ ”سکئين“ کي هن ڪري اهميت نه ٿا ڏيون جو هن جي مقابلي ۾ ٻين سڀني ليکڪن به قديم قلمي نسخن تان لفظ ”سکئو/ سکيو“ برابر لکيا آهن، اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن لفظ ”سِکيو“ لکيو تن جديد صورت خطي جي اصول مطابق درست لکيو .
    قارئين ڪرام! تحقيقي ذهن رکندڙ خواتين ۽ حضرات قديم صورت خطيءَ ۾ لکيل بيتن کي ذهن رکي هي تنقيد ڪري سگهن ٿا ته قديم دور جا ڪاتب ڪٿي ”ڪ“ اکر کي ”ک“ ۾ ۽ ڪٿي ”ک“ اکر کي ”ڪ“ اکر ۾ بدلائي لکندا هئا. جئن:

    سا مُن هَٿا نٿي جيڪا رسم راڃ،
    آيــل آءُ اکـاڃ، ٻــول ٻروچي وترو
    (گنج ص 38)

    هن بيت ۾ ڪاتب لفظ ”ڪاڃ“ کي ”کاڃ“ جي صورت خطيءَ ۾ لکيو آهي. حالانڪه ڪاتب کي ”کاڃ“ لفظ لکڻ بجاءِ ڪاڄ لکڻ گهربو هو. انهي قديم صورت خطيءَ واري آڌار تي الفاظ ”سڪڻ ۽ سڪيو“ به ٿي سگهن ٿا. اهڙي سوال جي جواب ۾ اسان جو هي خيال آهي ته معشوق، عاشق کي اوّل سڪڻ يعني محبت ۽ عشق ڪرڻ سيکاريندو آهي، فارسي جي شاعر ڪهڙو نه سهڻو بند فرمايو آهي:
    عشق اوّل دردلِ معشوق پیدا می شود
    گر نہ سوزد شمع کے پروانہ شیدا می شود

    معنيٰ: ”عاشق لاءِ عشق، پهريائين معشوق جي دل ۾ پيدا ٿيندو آهي. جيڪڏهن شمع نه جلي ته پوءِ پروانا ڪئن مٿس اچي جلندا؟“
    عاشق جي عشق ۽ معشوق جي محبت واري فلسفي کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه هن طرح آسان نموني سان سمجهايو آهي.

    اَڳـــي ڪـو نـهَ هُـيومَ آثــــارو اِن عِشقَ جو،
    مَحبُوبَن مِنَٿُون ڪَري، سِڪَڻ سِيکارِيوم،
    تِـــهان پـوءِ ٿِـيومُ، جِيئَري پَسڻ پِرينءَ جو.

    اسان جي تحقيق مطابق بيت ۾ ”سڪڻ سکيو“ بهترين الفاظ آهن.

    ت. پئي، پِئِي پيُئيء، پيي: اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته الفاظ ”پِئِي، پيئيء ۽ پيي“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ نه ٿا سونهن، مگر لفظ ”پَئي“ يعني ”پوي ، ڪِري“ بيت سان مناسبت رکي ٿو. مناسبت هن ڪري رکي ٿو ته انهي لفظ جي معنيٰ مصرع ۾ ٿئي ٿي ”جيڪڏهن تون سڪڻ سکيو آهين ته پوءِ تنهنجي مٿان ڪاتي پَئي يا ڪاتي وهائي وڃي ته پوءِ به تون دانهون نه ڪج“.

    ث. ڪَنجهه، ڪِنجهه، ڪِنج، مَڪَنج، کهنج، منجهه: لفظ ”مَڪَنج“ سيّد عبدالعظيم ۽ حاجي محمّد سمي لکيو آهي ۽ ”کهنج“ لفظ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ غلط لکرايو آهي. ”ڪ“ اکر کي زير ڏيئي جن لفظ ”ڪِنجهه“ لکيو سي صاحبان آهن، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ۽ غلام محمّد شاهواڻي اسان جي تحقيق مطابق هنن صاحبن اهو لفظ غلط لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته اسان جي تحقيق هيٺ آيل بيت جو ٻيون قافيو آهي، ”مَنجهه“ تنهنڪري بيت جو پهريون قافيو به ”ڪَنجهه“ هئڻ گهرجي، ”ڪ“ اکر جي مٿان زبر لکڻ گهرجي.

    ج. سپريان، سپيريان: لفظ پرين، سُپرين ۽ سپريان قديم زماني کان اهلِ علم لکندا ۽ ڳالهائيندا رهيا آهن. ”سپيرين“ لفظ غلط العام آهي، غلط العام لفظ جاهل استعمال ڪندا آهن ۽ نه پڙهيل. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ تمام وڏو عالم هيو، غلط العام لفظ استعمال ڪري ئي نه ٿو سگهي. اڻپڙهيل ۽ جاهل راوين جي روايت سببان لفظ ”سپريان“ بجاءِ ”سپيريان“ ڳايو ۽ ٻڌايو ٿي ويو. اهو لفظ ”سپريان“ سيّد عبدالعظيم، حاجي محمّد سمي، ديوان تاراچند ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي لکيو آهي.

    ح. ماڙهن، مارن، ماڻهن: ۡقارئين ڪرام! لفظ ”مارن“ گنج شريف جي ڪاتب سيّد عبدالعظيم ۽ شاهه جو رسالو جي ڪاتب حاجي محمّد سمي لکيو آهي. قديم عربي سنڌي صورت خطي ۾ ”ڻ“ اکر نه هيو. تنهنڪري ”ر“ اکر ”ڻ“ جي بجاءِ لکيائون.
    جئن ته قديم سنڌي لوڪ لفظ ”ماڻهو“ استعمال ڪندا هئا ۽ ماڙ (راجستان) جا ماڻهو عورت کي ”ماڙي“ ۽ مرد کي ”ماڙو“ سڏيندا هئا. تنهنڪري سنڌ ۾ لفظ ماڻهو سان گڏ لفظ ”ماڙهو“ به استعمال ٿيندو هيو. اهو ئي سبب آهي جو قديم ڪاتبن بيت ۾ لفظ ”مارن ۽ ماڙهن“ به لکيو.
    ”شاهه جو رسالو“ جي مرتب ۽ محقق حضرات منجهان ڪن ليکڪن لفظ ”مارو“ لکيو ۽ ڪن ”ماڙو“ لکيو ليڪن ديوان تارا چند ”شاهه جو رسالو“ قديم سنڌي صورت خطيءَ منجهان جديد صورت خطي ۾ لکيو ته هن صاحب بيت ۾ لفظ ”ماڻهو“ لکيو. ديوان تارا چند جي لکيل رسالي جي ص 9 تي درج آهي. شمس العلماءَ جي ترتيب ڏنل رسالي جي ص 9 تي لفظ ”ماڻهو“ لکيل آهي. انهن صاحبن جي پوءِ واري ڪندي ڪلياڻ آڏواڻي، ممتاز مرزا، ٻانهي خان شيخ، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، محمّد عثمان ڏيپلائي، باگي جي ڏاني جي، فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومري لفظ ”ماڻهو“ لکيو. ڊاڪٽر گُربخشاڻي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ غلام محمّد شاهواڻي جديد صورت خطي جي اصول جي برعڪس لفظ ”ماڙهن“ لکڻ جي ادبي غلطي ڪئي آهي.

    خ. ڏجي، ڏج: جن صاحبن لفظ ”ڏجي“ لکيو آهي سي صاحبان آهن ، ڊاڪٽر گرُبخشاڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ديوان تارا چند، علامه آءِ آءِ قاضي، ممتاز مرزا، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ٻانهون خان شيخ، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، باگو جي ڏانو جي محمّد عثمان ڏيپلائي، فقير تاج محمّد نظاماڻي، غلام محمّد شاهواڻي، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو. قارئين ڪرام! مٿي ڄاڻايل صاحبن لفظ ”ڏجي“ غلط استعمال ڪيو آهي. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته فقط قديم دور جي ڪاتب حاجي محمّد سمي ”ڏج“ بيت ۾ برابر لفظ لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته بيت جي پهرين مصرع جو ٻيو لفظ ”تون“ آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ عاشق کي سڌو مخاطب ٿي فرمايو آهي ته ”جي تون سڪڻ سکيو آهين ته پوءِ پرينءَ طرفان پهتل سور جو منجهه ماڻهن کي نه ڏج“.
    اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”ڏجي“ بيت ۾ غلط لکيو ويو آهي.

    د. انهنج، اهنج: قارئين ڪرام! شاهه جو رسالو جي سڀني مرتب ۽ محقق حضرات سواءِ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي جي، بيت ۾ لفظ ”اهنج“ لکيو آهي. ۽ جنجهي صاحب لفظ ”انهنج“ لکيو آهي. اسان تحقيق ڪري جڏهن معلوم ڪيو ته تحقيق هيٺ آيل بيت جا ٻه قافيا آهن ”ڪَجنهه ۽ منجهه“ پوءِ سوچيوسين ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ اعليٰ ترين شاعر آهي هن جي فرمايل بيت ۾ به قافيا اعليٰ ترين هئڻ گهرجن. اسان تحقيق ڪري ڏٺو آهي ته لفط ”اهنج“ جو بنيادي لفظ ”هنج ۽ هنجهه“ مليو.
    قارئين ڪرام! جڏهن لفظ ”هنج ۽ هنجهه“ جي اڳيان اکر الف ”ا“ ايندو ته لفظ ”اهنج ۽ اهنجهه“ ٺهندو ۽ جڏهن لفظ ”هنج ۽ هنجهه“ جي اڳيان ”س“ اکر لکبو ته لفظ ٺهندا ”سهنج ۽ سهنجهه“.
    ”هنج ۽ هنجهه“ جي معنيٰ آهي ”گود ۽ جهول“ جيڪا شيءَ هنج / هنجهه ۾ آهي سا حاصل ڪرڻ آسان آهي جيڪا پري آهي انکي حاصل ڪرڻ ڏکيو عمل آهي، تنهنڪري ٻولي جي ماهرن لفظ ”هنج ۽ هنجهه“ جي اڳيان الف ”ا“ اکر ملائي ”اهنج ۽ اهنجهه“ لفظ ٺاهيا ۽ ساڳي وقت ۾ ”س“ اکر لفظ ”هنج ۽ هنجهه“ جي اڳيان ملائي لفظ ”سهنج ۽ سهنجهه“ ٺاهيا. اسان لفظ ”هنج“ جي تصديق لاءِ سنڌيڪا لغت جو مطالعو ڪيو ته اسان کي لغت جي ص 863 تي لفظ ”هنج ۽ هنجهه“ نظر آيا جن جي معنيٰ لکيل آهي ”گود، جهولي ۽ آغوش“. اهڙي تحقيق کان پوءِ اسان حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جي قافيي لاءِ اصل لفظ ”اهنجهه“ ڳولي هٿ ڪيو ته جئن هم وزن ۽ هم آواز قافيا ٺهن.

    ذ. سانڍج، سانڊج: قديم صورت خطيءَ ۾ جن صاحبن ”گنج شريف“ ۽ ”شاهه جو رسالو“ ترتيب ڏنو تن منجهان سيّد عبدالعظيم ۽ حاجي محمّد سمو سرِ فهرست آهن، هنن صاحبن لفظ ”سانڊج“ لکيو آهي. مگر جديد صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ ”سانڍج“ لکبو ته درست ليکبو. اسان جي تحقيق مطابق ڊاڪٽر گُربخشاڻي ۽ غلام محمّد شاهواڻي لفظ ”سانڊج“ غلط لکيو آهي. هنن صاحبن کي جديد صورت خطيءَ جي اصول مطابق لفظ ”سانڍج“ لکڻ گهربو هو.

    ر. سکائون ڪري: قارئين ڪرام! اسان مٿي جن صاحبن جا بيت لکيا آهن تن سڀني لفظ ”سُکائون“ لکيو آهي. انهي لفظ جي معنيٰ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ ”مَنتون، مڃتائون“ لکي آهي (ص 8 لغات لطيفي)
    ڊاڪٽر گُربخشاڻي لفظ ”سکائون“ جي معنيٰ لکي آهي ”باسون، نذر“ (ص 98 سال 1995).
    علامه غلام مصطفيٰ قاسمي لفظ ”سکائون“ جي معني ”باسون“ لکي آهي. علامه آءِ آءِ قاضي لفظ ”سکائون“ جي معنيٰ ”باسون، مڃتائون“ لکي آهي. غلام مصطفيٰ مشتاق ”نذر، نياز، باسون“ لکي آهي.
    ٻانهي خان شيخ لفظ ”سکائون جي معني “منتون ڪري يا نذر باسي“ لکي آهي. (ص 13 جلد پهريون)
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ ”سکائون“ جي معنيٰ لکي آهي ”واحد لفظ سکا، مڃتائون، باسون (مڃتا يا باس به دل ۾ ڪبي آهي ته جيڪڏهن هيئن ٿيو ته خيرات ڪندس) (ص 61).
    قارئين ڪرام! گهڻي افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته مٿين صاحبن کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جي ٽين مصرع جو پنجون لفظ سمجهه ۾ ئي نه آيو. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته اهو لفظ ”سِڪائون“ آهي لفظ ”سِڪائون“ هن ڪري درست آهي ته سِڪ سانڍبي آهي ۽ نه سُک سانڍبي آهي .
    اسان جي تحقيق مطابق بيت جي هي صورت بيهي ٿي.

    جي تُون سِڪڻ َ سِکيو، تَه ڪَاتِي ءَ پَئي مَ ڪَنجُهه،
    سُپرِيان جي سُورَ جو، مَاڻهُن ڏِج نَه مَنجُهه،
    اَندَرَ اِيُ اَهَنجُهه، سَانڍِج سِڪَائُون ڪري.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمائي ٿو ته اي عاشق جيڪڏهن تون پيار ڪرڻ ۽ سڪ رکڻ محبوب کان سکيو آهين ته پوءِ جڏهن تنهنجي ڪنڌ تي ڪاتي وهي ته هرگز نه ڪنجهجانءِ ۽ نه دانهون ڪجانءِ.
    پنهنجي سونهڻي سڄڻ جي طرفان مليل سورن ۽ تڪليفن بابت ڪنهن سان به اندر نه اورجانءِ.
    پنهنجي سيني ۾ ئي عجيب جي ڏنل اهنجن ۽ سپرين طرفان مليل سورن کي سڪ جي صدقي سانڍجانءِ ٻاهر ٻاڦ به نه ڪڍجانءِ.

    *****


    رڳون ٿيون رباب، وڄن ويل سڀ ڪنهين،
    لُڇڻ ڪُڇڻ نه ٿيو، جانب ري جواب،
    سو ئي سَنڌيندم سُپرين، ڪَيسِ جنهن ڪباب،
    سوئي عين عذاب، سوئي راحت روح جي.

    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُرڪلياڻ ص 12 سال 1900ع)

    رڳُون ٿِيُون رَبابُ، وَڄَنِ ويل سَڀَ ڪنهين،
    لُڇَن ڪُڇن نه ٻئو، جانبُ رِءَ جواب،
    سو سَنڌِيندُم سُپِرِين، ڪيَس جنهن ڪباب،
    سوئِي عَينُ عَذابُ، سوئِي رَاحَت رُوحَ جي.

    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سرڪلياڻ ص 21سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    رڳُون ٿيون ربابُ، وَڄَن ويلَ سَڀَڪَنهِين،
    لُڇَڻُ ڪُڇڻُ نه ٿيو، جانِبُ ري جَبابُ،
    سوئي سنڌيندم سُپِرِين، ڪَيس جنهن ڪَبابُ،
    سوئي عينُ عَذابُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جي.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالوسرڪلياڻ ص 12سال 2013)

    رَڳُون ٿِيون رباب، وڄن ويل سڀ ڪنهين،
    لڇنِ ڪُڇن نه ٻيو، جانب ريءَ جواب،
    سو سنڌَيندُم سُپرين، ڪيَسِ جنهن ڪباب،
    سوئي عين عذاب، سوئي راحت روح جي.

    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾سُر ڪلياڻ ص187 سال 1995 ثقافت کاتو)

    رڳون ٿيون رباب، وڄن ويل سڀ ڪنهين،
    لڇڻ ڪڇڻ نه ٿيو، جانب ري جواب،
    سوئي سنڌيندُم سپرين، ڪيس جنهن ڪباب،
    سوئي عين عذاب، سوئي راحت روح جي.

    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سر ڪلياڻ ص 39 مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    رڳون ٿيون رباب، وڄن ويل سڀ ڪنهين،
    لُڇڻ ڪُڇڻ نه ٿيو، جانب ري جواب،
    سوئي سَنڌيندم سُپرين، ڪَيسِ جنهن ڪباب،
    سوئي عين عذاب، سوئي راحت روح جي.


    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سر ڪلياڻ ص 14 بااختيار ادارو سال 1994 )


    رڳُون ٿيون ربابُ، وڄن ويل سڀ ڪهِم ،
    لُڇڻَ ڪُڇَڻ نه ٿِئو، جانب ري جبابُ،
    سوئي سَنڌبندم سُپرين، ڪِيَسِ جـ ه ڪَبابُ،
    سوئي عين عذابُ، سوئي راحَتَ روحَ جي.

    (ڊاڪٽر گُربخشاڻي شاهه جو رسالو سر ڪلياڻ ص83 سال 1996 روشني)

    رڳُون ٿِيون رَبابُ، وڄن ويلَ سڀڪهين،
    لُڇَڻ ڪُڇَڻ نه ٿيو، جانب ري جبابُ،
    سوئِي سَنڌيندُم سُپرين، ڪِيس جنهن ڪبابُ،
    سوئِي عين عَذابُ، سوئِي راحتَ روحَ جي.

    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر ڪلياڻ ص 14 سنڌي ادبي بورڊ 1993 )


    رڳُون ٿِيون رَبابُ، وَڄنِ ويلَ سَڀَڪهين،
    لُڇَنِ ڪُڇَن نه ٻِئو، جانب ري جواب،
    سوئي سَنڌِيندُم سُپرين، ڪِيَس جنـ ه ڪباب،
    سوئِي عَينُ عَذابُ، سوئي راحَتَ رُوحَ جي.

    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 66 سال 2009 سنڌ ثقافت)

    رڳون ٿيون ربَابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَڪنهين،
    لُڇَڻُ ڪُڇَڻ نه ٿِيو، جانب ري جباب،
    سو ئي سَنڌِيندُم سُپرين، ڪيَسِ جنهن ڪَبابُ،
    سوئي عينُ عَذابُ، سوئي راحَتَ رُوحَ جي.

    (ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالوسرڪلياڻ ص 11 مڪتبه برهان اردو بازار ڪراچي )

    رڳُون ٿِيون رَبابُ، وڄن ويل سَڀ ڪنهن،
    لُڇَن ڪُڇن ڪين ڪي ، جانب ري جواب،
    سوئِي سانڍيندم سِپرين، ڪِيس جنهن ڪَباب،
    سوئي عِين عَذابُ، سُوئي راحتَ روحَ جي.

    س(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سرڪلياڻ ص 38 سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)


    رڳون ٿيون رَبابُ، وڄن ويل سڀڪنهين،
    لُڇڻ ڪُڇڻ نه ٿيو، جانبُ ري جباب،
    سوئي سنڌيندم سُپرين، ڪَيس جنهن ڪباب،
    سوئي عين عَذاب، سوئي راحت روح جي.

    (باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سرڪلياڻ ص 24 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    رڳون ٿيون رباب، وڄن ويل سڀڪنهين،
    لڇڻ ڪڇڻ نه ٿيو، جانب ري جواب،
    سوئي سنڌيندم سپرين، ڪيس جنهن ڪباب،
    سوئي عين عذاب، سوئي راحت روح جي.

    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سرڪلياڻ ص 06 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    رڳُون ٿِيون رَبابُ، وَڄنَ ويلَ سَڀَڪنهين،
    لُڇَڻ ڪُڇڻ نه ٿيو، جانبُ ري جباب،
    سوئي سَنڌِيندُم سُپرين، ڪَيسِ جنهن ڪَبابُ،
    سوئي عينَ عذابُ، سوئي راحَتَ رَوحَ جي.

    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو (چونڊ ڪلام) سرڪلياڻ ص 12 سال 2011ع مهراڻ)

    رَڳُون ٿِيون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَڪَهِم،
    لُڇَڻُ ڪُڇَڻُ نه ٿِئو، جانِبُ ريَ جَبابُ،
    سُوئي سَنڌيندُم سُپرين، ڪِيَسِ جِــ ه ڪَبابُ،
    سوئي عين عَذابُ، سوئي راحَتَ رُوحَ جِي.

    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سرڪلياڻ ص 43 سال 2013ع )

    رَڳُون ٿيون رَبابُ، وڄن ويل سڀڪنهين،
    لُڇَڻُ ڪُڇَڻُ نه ٿِيو، جانب ري جَبابُ،
    سوئِي سَنڌيندم سپرين، ڪَيس جنهن ڪباب،
    سوئي عَين عَذاب، سوئي راحت رُوح جي.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالوسرڪلياڻ ص 24سال 2009ع مهراڻ)

    رَڳُون ٿِيون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَڪَنهِين،
    لُڇَڻُ ڪُڇَڻُ نه ٿِيو، جانبُ رِيَ جَبابُ،
    سُوئي سَنڌيِندُم سُپرين، ڪيَسِ جِــ ه ڪَبابُ،
    سوئي عين عَذابُ، سوئي راحَتَ رُوحَ جي.

    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو سر ڪلياڻ ص 158سال 1994 )

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (سڀ ڪنهن، سڀڪنهين، سڀڪهم)، (لڇڻ ڪڇڻ نه ٿيو، لڇڻ ڪڇڻ نه ٻئو، لڇن ڪڇن نه ٻيو، لڇن ڪڇن ڪين ڪي)، (ري، رءِ، ريَ)، (جواب، جباب)، (سو، سوئي)، (سنڌيندم، سنڌبندم، سانڍيندم )، (جنهن، جنــ ه، جـ ه)

    الف. سڀ ڪنهن، سڀڪنهين، سڀڪهم: الفاظ ”سڀ ڪنهن“ لکڻ وارا صاحبان آهن ٻانهون خان شيخ ۽ سگهڙ الله داد جنجهي. هنن صاحبن جا لکيل الفاظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جا فرمايل نه آهن اهو هن منجهان ثابت ڪيو ويو آهي ته هنن جي لفظن جون ماترائون کٽل آهن. ”سڀڪهم“ کي به غلط سمجهون ٿا، هن ڪري جو انهيءَ مصرع ۾ ”رڳون ٿيم رباب“ لکيل نه آهي. لفظ ”سڀڪهم“ هي ٻه الڳ الفاظ گڏائي هڪ لفظ ٺاهيو ويو اهو لفظ ڊاڪٽر گُربخشاڻي ۽ غلام محمّد شاهواڻي جي بيت ۾ غلط لکيل آهن.
    ممتاز مرزا ديوان تارا چند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، عثمان علي انصاري، علامه آءِ آءِ قاضي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، غلام مصطفيٰ مشتاق، ڪلياڻ آڏواڻي، باگو جي ڏانو جي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي. الفاظ ”سڀڪنهين“ لکيا آهن.
    اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته مٿين ادبي ٽولن منجهان جن صاحبن الفاظ ”سڀ ڪنهين، سڀ ڪهين“ لکيا تن منجهان ”سڀ ڪهين“ الفاظ لکڻ وارن درست الفاظ نه لکيا آهن. اهو هن ڪري ٿا چئون ته ”ڪهين“ جي معنيٰ ٿئي ٿي ”پنڌ ڪرين“ تنهنڪري مغالطي ۾ وجهڻ واري لفظ ”ڪهين“ کان لفظ ”ڪنهين“ کي اسان وڌيڪ اهميت وارو سمجهون ٿا.

    ب. لڇڻ ڪڇڻ نه ٿيو، لڇڻ ڪڇڻ نه ٻئو، لڇن ڪڇن نه ٻيو، لڇن ڪڇن ڪين ڪي:
    قارئين ڪرام! ”لڇڻ ڪڇڻ نه ٿيو ۽ لڇن ڪڇن ڪين ڪي“ فقرن جو مقصد ۽ مفهوم ساڳيو ئي آهي صرف لفظن جي صورت تبديل ٿيل آهي. اهي ٻيئي فُقرا اسان جي تحقيق مطابق بيت ۾ نه ٿا سونهن. ڇاڪاڻ ته اسان جي تحقيق موجب رڳون رباب وانگر وڄن ٿيون، خاموش نه آهن هر وقت لفظ ”جانب“ (الله) کان سواءِ ڪجهه به نه ٿيون ٻولين. مگر هنن صاحبن لکيو آهي ته رڳون نه لڇن ٿيون ۽ نه ڪڇن ٿيون.
    قارئين ڪرام! رڳن جو نه لڇڻ آهي ۽ نه ڪڇڻ ته پوءِ رڳن جو رباب وانگر وڄڻ ته نه ٿيو. حالانڪه حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ته رڳن جي رباب وانگر وڄڻ جو تذڪرو فرمايو آهي.
    اسان جي تحقيق مطابق ”لڇن ڪڇن نه ٻئو/ٻيو“ جن صاحبن فقرو لکيو آهي تن بهترين فقرو لکيو آهي. اهي صاحبان آهن، ممتاز مرزا، ٻانهون خان شيخ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. انهن ٽنهي صاحبن منجهان جنهن لفظ ”ٻيو“ لکيو تنهن سڀني کان وڌيڪ بهتر لکيو، اُهو صاحب آهي ممتاز مرزا. ممتاز مرزا هن ڪري لکيو ته گنج شريف ۾ ص 187 تي لفظ ”ٻيو“ لکيل آهي.

    ت. ري، رِءَ، ريَ: سواءِ ٻانهي خان شيخ جي باقي مٿي ڄاڻايل صاحبن، جن جا اسان بيت لکي آيا آهيون تن بيت ۾ لفظ ”ري، ريَ“ غلط لکيا آهن. اسان غلط هن ڪري چئون ٿا ته هنن صاحبن تحقيق هيٺ آيل بيت جي اکر ”ر“ کي نه زير نه زبر نه پيش ڏني آهي ته پڙهڻ وارا انهيءَ اکر ”ر“ کي ڪئين پڙهن؟ انهن جي مقابلي ۾ ٻانهي خان شيخ لفظ ”رِءَ“ کي اعرابون ڏئي لکيو آهي. تنهنڪري اهو لفظ اسان جي تحقيق مطابق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي بيت ۾ سونهين ٿو.

    ث. جواب، جباب: لفظ ”جباب“ لکڻ وارا صاحبان آهن ڊاڪٽر گُربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، غلام محمّد شاهواني، علامه آءِ آءِ قاضي، باگوجي ڏانو جي، عثمان علي انصاري ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق.
    اسان جي تحقيق مطابق انهن صاحبن لفظ ”جباب“ غلط لکيو آهي. غلط هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه عالم هيو، عالم غلط الفاظ هرگز استعمال نه ڪندو آهي. لفظ ”جباب“ ڄٽڪو، جاهلانه ۽ غلط العام آهي ۽ درست لفظ ”جواب“ آهي. اهو لفظ ممتاز مرزا، ديوان تارا چند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي لکيو آهي. جيڪڏهن لفظ سيّد عبدالعظيم جي زماني ۾ ”جباب“ ڳالهايو ۽ لکيو وڃي ها ته بيت ۾ لفظ ”جباب“ لکي ها مگر ”جواب“ لکيائين.

    ج. سو، سوئي: لفظ ”سوئي“ لکڻ وارا صاحبان آهن الله داد جنجهي، باگوجي ڏانوجي ڊاڪٽر گُربخشاڻي، ديوان تارا چند، ڪلياڻ آڏواڻي، غلام مصطفيٰ مشتاق، عثمان علي انصاري، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، علامه آءِ آءِ قاضي، غلام محمّد شاهواڻي ۽ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، انهن صاحبن لفظ ”سوئي“ غلط لکيو آهي. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي، سيّد عبدالعظيم فقير، گنج ۾ لفظ ”سو“ لکيو اسان جي تحقيق مطابق ممتاز مرزا اُن جي پوءِ واري ڪئي ۽ ٻانهي خان شيخ، ممتاز مرزا جي تلقيد ڪندي برابر لفظ ”سو“ لکيو.

    ح. سنڌيندم، سنڌبندم، سانڍيندم : لفظ ”سنڌبندم“ ڊاڪٽر گُربخشاڻي جي بيت ۾ لکيل آهي، اسان تحقيق ڪري ڏٺو آهي ته اِها پريس جي غلطي آهي ص 103 تي ڊاڪٽر گُربخشاڻي معنيٰ واري حصي ۾ لفظ ”سنڌيندم“ لکيو آهي.
    سواءِ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي جي ٻين سڀني صاحبن لفظ ”سنڌيندم“ لکيو آهي. ڊاڪٽر گُربۡخشاڻي هن لفظ جي معنيٰ لکي آهي، ”سنڌڻ (سن، سنڌانَ)، ڳنڍڻ (عضوا) مرهم پٽي ڪرڻ، ڇٽائڻ“ (ص 103 سال 1996). معنيٰ درست مگر لفظ غلط لکيو اٿس.
    ڪلياڻ آڏواڻي هن لفظ جي معنيٰ لکي آهي ”مرهم لڳائي ڇٽائيندم“ (ص 11).
    ٻانهي خان شيخ ”سنڌيندم“ لفظ جي معنيٰ لکي آهي ”منهنجي بدن جا ڪپيل يا وڍيل سنڌ ڳنڍيندو يا ملم پٽي ڪندو“ (ص 21). معنيٰ ته درست لکيائين مگر لفظ غلط لکيو اٿس.
    شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، انهي لفظ جي معنيٰ نه لکي آهي. غلام محمّد شاهواڻي، لفظ ”سنڌيندم“ جي معنيٰ ”شفا ڏيندم“. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لفظ ”سنڌيندم“ جي اسم مصدر سنڌڻ جي معنيٰ لکي آهي. ”سنڌ ملائڻ، ڦاٽل، ڀڳل، چيريل کي جوڙڻ“. معنيٰ چڱي مگر لفظ غلط لکيائين.
    قارئين ڪرام! اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”سنڌيندم“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه پنهنجي بيت ۾ استعمال ڪري ئي نه ٿو سگهي. اهو هن ڪري چئون ٿا ته لفظ ”سنڌيندم“ جي اصل ۽ درست معنيٰ آهي ”منهنجا سنڌ سنڌ الڳ ڪندو“ اوهان کي اسان جي لکيل راءِ تي اعتبار نه اچي ته لغت سنڌيڪا جو ص 482 کوليو، ان ۾ لفظ ”سَنڌو ، سنڌو پوڻ، سنڌو سيڙهو ۽ سنڌو ڪرڻ“ جي معنيٰ لکيل آهي. وڇوٽي، وٿي، حدِ فاصل. الفاظ سنڌو پوڻ، جي معنيٰ آهي، ”وٿي پوڻ، جدائي ٿيڻ“. الفاظ ”سنڌو سيڙهو“ جي معنيٰ آهي ”دنگ، ويڇو، تفاوت“ ۽ الفاظ ”سنڌو ڪرڻ“ جي معنيٰ آهي ”وڇوٽي ڪرڻ، وٿي ڪرڻ“.
    قارئين ڪرام! ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏياريل سنڌي لغات (س ۽ ڪ) جلد نمبر4 جو ص 1664 کوليو ته ان ۾ اوهان کي ”سنڌيون“ جي معنيٰ ”کاٽ سرنگهه، ڳڙکو“ لکيل نظر ايندي. انهن لفظن جو مقصد آهي ڀت جي هڪ سِر کي ٻي سِر کان ڌار ڪرڻ.
    حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جو هي بيت به ملاحظه فرمايو:

    ڪڪر منجهه ڪـــپار، جهڙ نيڻئون نه لهي،
    جــــهڙا مــنـهـنجا سپرين، تهڙا مينگهه ملهار،
    کـــڻ اکـيـون کــل يار، وڃن سور ”سنڌا“ ڪئو.
    (غلام مصطفيٰ مشتاق، شاهه جو رسالو (چوندڪلام) سُر سارنگ سال 2011)

    قارئين ڪرام! ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اهو بيت پنهنجي ترتيب ڏنل رسالي جي ص 405 تي لکيو آهي. مگر انهيءَ بيت جي هڪ لفظ جي به معنيٰ نه لکي اٿس. شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ لفظ ”سنڌا“ جي معنيٰ لکي آهي ”سنڌو ڪرڻ، پري ڀڄڻ، دور ٿيڻ“. مطلب ته جن صاحبن سُر سارنگ جو اهو بيت لکيو آهي تن لفظ ”سنڌا“ جي معنيٰ ”الڳ ٿيڻ“ لکي آهي ۽ حقيقت به اها آهي لفظ سنڌيندم جي معنيٰ آهي. منهنجي جسم جي عضون جا سنڌ سنڌ الڳ ڪندو.
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ترتيب ڏياريل سنڌي لغات جلد چوٿون (س-ڪ) جي ص 1667 تي لفظ ”سنڍ“ جي معنيٰ ”اولاد نه ڄڻيندڙ عورت“ لکي آهي. اهڙي عورت کي حڪمت جي اصول مطابق اولاد هن ڪري نه ٿيندي آهي جو انهي جي جسم تي گوشت ۽ چرٻي چڙهي ڳنڊو ٿي ويندي آهي. اِنهي لفظ ”سنڍ“ منجهان لفظ ”سنڍيدم“ نڪتل آهي ۽ نه ”سنڌيندم“.
    قارئين ڪرام! اهو لفظ ”سنڌيندم“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ هرگز نه ٿو سونهين. اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”سنڍيندم“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ استعمال فرمايو. آفرين آهي سگهڙ حاجي الله داد جنجهي کي جنهن صاحب پنهنجي ترتيب ڏنل ”شاهه جو گنج“ ۾ تحقيق هيٺ آيل لفظ ”سانڍيندم“ استعمال ڪيو آهي. اسان هن صاحب جي لفظ ”سانڍيندم“ کي ٿوري تبديلي سان لفظ ”سنڍيندم“ بيت ۾ لکڻ مناسب سمجهيو آهي.
    قارئين ڪرام! اسان تحقيق ڪري معلوم ڪيو آهي ته لفظ “سنڍيندم” جي معنيٰ آهي ”هڏن تان لاٿل گوشت کي وري هڏن تي چاڙهن يا لائڻ يا رکڻ کي سنڍڻ ۽ ڳنڍڻ“ چئبو آهي.
    اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”سنڍيندم“ بيت ۾ نهايت ئي مناسب آهي.

    خ. جنهن، جنــ ه، جـ ه: بيت ۾ لفظ ”جـ ه“ ڊاڪٽر گُربخشاڻي ۽ غلام محمّد شاهواڻي لکيو آهي. انهن صاحبن قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ لفظ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيو اٿن، جديد سنڌي صورت خطيءَ جي اصول مطابق هنن کي ”جنهن/جنـ ه“ لکڻ گهربو هو.
    قارئين ڪرام فقط ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لفظ ”جنـ ه“ لکيو آهي. اهو لفظ قديم توڙي جديد صورت خطيءَ ۾ لکيو ويندو آهي. 1853ع کان پوءِ جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ لفظ ”جنهن“ کي قابلِ قبول سمجهيو ويو ، اهو ئي سبب آهي جو ديوان تاراچند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ ۽ علامه آءِ آءِ قاضي جديد سنڌي صورت خطي جي اصول مطابق لفظ ”جنهن“ لکيو آهي.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي صورت هي بيهي ٿي.

    رَڳُون ٿِيُون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَ ڪَنهِين،
    لُڇَنِ، ڪُڇَنِ نه ٻِيو، جانبُ رِءَ جَوابُ،
    سو سَنڍِيندُم سُپِرِين، ڪَيَسِ جَنهن ڪَبَابُ،
    سوئِي عَينُ عَذابُ، سوئِي رَاحَتَ رُوحَ جِي.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمائي ٿو ته منهنجون رڳون رباب جي ساز وارين تارُن وانگر آهن اِهي هر وقت ۽ هر گهڙي وڄن ٿيون. اهي منهنجون رڳون لڇن ٿيون (تحرڪ ۾ آهن) ۽ جانب جانب يعني (الله الله ۽ محبوب محبوب) ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿيون ڪڇن، ٻي ڪنهن به ڪلمي ڪهڻ ۽ ڪڇڻ کان انڪاري آهن.
    جنهن منهنجي محبوب منهنجي هڏن تان ماس ڪُوري ڪباب ڪيو. اميد اٿم ته سو ئي سڄڻ مونکي پنهنجي وصال جون گهڙيون بخشي مونکي بي حد خوشي عطا ڪندو ان خوشي سببان منهنجي جسم تي ماس چڙهي ايندو. منهنجو اهو محبوب منهنجي لاءِ تڪليف جو باعث به آهي ته تفريح جو سبب به آهي ۽ اهو ئي منهنجي روح جي راحت به آهي.


    *****

    ديڳين دوڳ ڪڙهن، جت ڪڙئين ڪَڙڪو نه لَهي،
    تتي طبيبن، چاڪ چڪندا ڇڏيا.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُرڪلياڻ ص 10 سال 1900ع)

    ديڳِين دوڳَ ڪَڙَهنِ، ڪَڙيءَ ڪَڙَڪو نَه لَهي،
    تِتي طبيبن، چَاڪَ چڪندا ڇَڏِئا.
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سرڪلياڻ ص 17سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    ديڳين دوڳ ڪڙهن، جت ڪَڙئين ڪَڙڪَو نَه لَهي،
    تِتي طبيبن، چاڪ چِڪَندا ڇَڏيا.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالوسرڪلياڻ ص 09سال 2013)

    ديڳين دوڳ ڪَڙهنِ، ڪَڙِيَ ڪَڙڪُو نه لَهي،
    تتي طبيبن، چاڪ چڪندا ڇڏيا.

    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾سُر ڪلياڻ ص200 سال 1995 ثقافت کاتو)

    ديگين دوڳ ڪڙهَن، جت ڪَڙئين ڪَڙڪو نه لهي،
    تتي طبيبن، چاڪ چڪندا ڇڏيا.

    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سر ڪلياڻ ص 36 مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    ديڳين دوڳ ڪڙهَن، جت ڪَڙئين ڪَڙڪو نه لَهي،
    تتي طبيبن، چاڪ چڪندا ڇڏيا.

    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سر ڪلياڻ ص 12 بااختيار ادارو سال 1994 )


    ديڳين دوڳَ ڪَڙهن، جت ڪَڙيين ڪَڙَڪو نه لَهي،
    تتي طَبيبَن، چاڪ چڪندا ڇَڏئا.

    (ڊاڪٽر گُربخشاڻي شاهه جو رسالو سر ڪلياڻ ص82سال 1996 روشني)

    ديڳِين دوڳَ ڪَڙهَنَ، جت ڪَڙِيينءَ ڪَڙَڪو نَه لَهي،
    تِتي طبيبن، چاڪ چِڪندا ڇڏيا.

    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر ڪلياڻ ص 22 سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    ديڳين دوڳ ڪَڙَهن، جت ڪڻهي ڪڻڪو نه لهي،
    تتي طبيبن، چاڪ چڪندا ڇَڏِئا.
    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 64 سال 2009 سنڌ ثقافت)

    ديڳين دوڳ ڪڙهن، جت ڪڙي ڪڙڪو نه لهي،
    تِتي طبيبن، چاڪ چِڪندا ڇڏيا.

    س(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سرڪلياڻ ص 37 سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    ديڳين دوڳ ڪڙهن، جت ڪڙيين ڪَڙڪو نه لهي،
    تتي طبيبن، چاڪ چڪندا ڇڏيا.

    (باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سرڪلياڻ ص 22 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    ديڳئين دوڳ ڪڙهن، جت ڪڙي ڪڙڪو نه لهي،
    تِتي طبيبن، چاڪ چڪندا ڇڏيا.

    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سرڪلياڻ ص 05 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    ديڳيين دوڳَ ڪَڙهَنِ، جِتِ ڪَڙِيين ڪَڙَڪو نه لهي،
    تِتي طَبيبَنِ، چاڪَ چِڪَندا ڇَڏئا.

    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سرڪلياڻ ص 42سال 2013ع )

    ديڳين دوڳ ڪڙهن، جِت ڪَڙيين ڪَڙڪو نه لهي،
    تِتي طبيبن، چاڪ چِڪندا ڇڏيا.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالوسرڪلياڻ ص 22 سال 2009ع مهراڻ)

    ديڳيين دوڳَ ڪَڙهَنِّ، جِتِ ڪَڙِئين ڪَڙَڪو نه لَهي،
    تِتي طَبيبّنِ، چاڪ چِڪَندا ڇَڏيا.


    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو سر ڪلياڻ ص 140 سال 1994 )

    نوٽ: ڪلياڻ آڏواڻي اهو بيت نه لکيو.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ديڳين، ديڳيين، ديڳئين، ديگين)، (دوڳ)، (جت)، (ڪڙيَ، ڪڙيءَ، ڪڙئين، ڪڙيين، ڪڻهي)، (ڪڻڪو، ڪڙڪو).

    الف. ديڳين، ديڳيين، ديڳئين، ديگين: قارئين اسان انهن چئن لفظن جي صورت خطيءَ جي برابر ۽ غلط هئڻ تي بحث ئي نه ٿا ڪرڻ چاهيون. ڇا ڪاڻ ته اسان جي تحقيق مطابق انهن لفظن منجهان ڪو به لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي طرفان بيت ۾ فرمايل ئي نه آهي. مٿين مذڪور صاحبن بغير تحقيق جي اهي الفاظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ لکي ڇڏيا.
    حضرت ڀٽ ڌڻيءَ وٽ ڪي آدم خور اچڻا هئا ڇا؟ جن لاءِ ديڳين ۾ گوشت ڪاڙهائي ها؟ پڙهڻ وارا عقل مند جڏهن اهو بيت پڙهندا هوندا ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ بابت ڇا سوچيندا هوندا؟ اهو سوچيندا هوندا ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ کي الفاظ استعمال ڪرڻ نه ايندا هئا.
    گنج شريف جي ص 200 تي قديم صورت خطيءَ ۾ لفظ ”ديکٍٍٍ“ لکيل آهي جنهن کي جديد صورت خطي ۾ ممتاز مرزا ”ديڳين“ جي صورت خطيءِ ۾ لکيو” ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ص 12 تي بيت نمبر 27 جو لفظ ”ديگين“ لکيو آهي.
    قارئين ڪرام! اهو فرض محقق حضرات تي عائد ٿيو ٿي ته انهي لفظ ”ديڳين“ تي غور فرمائن ها ۽ هي سوچين ها ته ماڻهن جي گوشت کي ديڳيُن ۾ ڪاڙهڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟
    اسان کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي مختلف رسالن جو مطالعو ڪرڻو پيو. اسان ٻانهي خان شيخ جي ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ جو مطالعو ڪيو ته ص 45 تي هي بيت نظر آيو ۽ اهو بيت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ جي ص 70 تي پڻ لکيل آهي.
    ڌڳايوم ڌنئين، ڄيرو اندر جندڙي

    ٻانهي خان شيخ لفظ ”ڌڳايوم“جي معنيٰ لکي آهي”مون ڌڳايو، مون ٻاريو“.لفظ ”ڌنئين“جي معنيٰ لکيل آهي”ڌنوڻ يعنيٰ ڦوڪڻي“(ص 45).
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ معنيٰ لکي آهي، ”مون ٻاريو“. الفاظ ڌڳايو ڌئين جي معنيٰ لکي اٿس ”ڦوڪي ڦوڪي دونهين ٻاري“ (ص 70)
    سنڌيڪا لغت جي ص 374 تي ٻه لفظ ”ڌڳ ۽ ڌڳڻ“ نظر آيا ”ڌڳ“ لفظ جي معنيٰ لکيل آهي ”مچ، آڙاهه، تپش“ ۽ لفظ ”ڌڳڻ“ جي معنيٰ لکيل آهي ”دُکڻ، ٻَرڻ، جلڻ، بَکڻ“ (ص 374). هنن لفظن جي معنيٰ پڙهڻ کان پوءِ اسان کي يقين ٿي ويو ته لفظ ”ڌڳايو“ جي لڙهي منهنجان لفظ ”ڌڳن، ڌڳين“ وغيره جُڙن ٿا. اسان جي تحقيق موجب اهو ئي لفظ ”ڌڳين“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه پنهنجي بيت ۾ فرمايو.

    ب. دوڳ: مٿي ڄاڻايل سڀني مرتب ۽ محقق حضرات ”دوڳ“ لکيو آهي. ڊاڪٽر گُربخشاڻي ”دوڳ“ لفظ جي معنيٰ لکي آهي ”ذرا پرزا، سُڌيون ٽڪر يعني گوشت جا ٽڪر“ (ص 101).
    ٻانهي خان شيخ ”دوڳ جي معنيٰ لکي آهي ”عاشق جي گوشت جا ٽُڪر“ (ص 17 جلد پهريون)
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ص 64 تي بيت نمبر 14 جي لفظ ”دوڳ“ جي معنيٰ لکي آهي ”گوشت جا وڏا ٿلها ٽڪر“.
    مطلب ته ”شاهه جو رسالو“ جي سڀني محقق ۽ مرتب حضرات ”دوڳ“ جي معنيٰ، سواءِ عثمان علي انصاري جي، عاشقن جي گوشت جا وڏا ٽڪر ديڳين ۾ ڪڙهندڙ تسليم ڪيا آهن ۽ عثمان علي انصاري ”دوڳ“ جي معنيٰ لکي آهي ”ڌونئري جا دڳ، کاڌي جا ٽڪر“ (ص 684 سال 2013 ثقافتي کاتو)
    قارئين ڪرام! اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”دوڳ“ جي معنيٰ مٿين صاحبن غلط لکي آهي. اسان ثابت ڪيو آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ”دوڳ“ ان لوهه جي ٽڪر کي چيو آهي، جنهن کي ڪاٺ جو هٿيو پيل هوندو هو، اهو حڪيمن ۽ ويڄن طرفان لوهارن کان ٺهرايو ويندو هو، جنهن کي ويڄ عرفِ عام ۾ ٺپو چوندا هئا.

    ت. جِت: ممتاز مرزا ۽ ٻانهي خان شيخ لفظ ”جت“ بيت جي مصرع ۾ نه لکيو آهي. اهو هن ڪري ته اصل گنج ۾ به ڪاتب سيّد عبدالعظيم فقير لفظ ”جت“ نه لکيو آهي. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي. ته جن صاحبن بيت جي پهرين مصرع ۾ ”جت“ لکيو آهي اهو لفظ هنن کي ”جِتي“ لکڻ گهربو هو ڇا ڪاڻ ته بيت جي ٻي مصرع جو پهريون لفظ ”تِتي“ لکيل آهي. اسان سمجهون ٿا ته سيّد عبدالعظيم کان لفظ ”جتي“ نه لکڻ جي سَهَوَ ٿي وئي. مطلب ته ڪنهن به ڪاتب، مرتب ۽محقق پهرين مصرع جو چوٿون لفظ به درست نه لکيو آهي.

    ث. ڪڙيَ، ڪڙيءَ، ڪڙئين، ڪڙيين، ڪڻهي: قارئين ڪرام! ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لفظ ”ڪڻهي“ لکي سندس معنيٰ رقم ڪئي آهي ”رڌڻ لاءِٽامي جي وڏي شاهي ڪڻڇي، ڪڻاهي“ (ص 64).
    معلوم ٿئي ٿو ته هن صاحب کي بيت جي لفظن ۽ لفظن جي معنيٰ جو پتو ئي نه پيو . لفظ ”ڪڻهي“ لکي ڊاڪٽر بلوچ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت کي بگاڙي ڇڏيو.
    رهيو سوال ”ڪڙيَ، ڪڙيءَ، ڪڙئين، ڪڙيين“ لفظن جو ته جن صاحبن لفظ ”ڪڙئين“ لکيو سي آهن شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ عثمان علي انصاري.
    اسان جي تحقيق مطابق انهن صاحبن اهو لفظ غلط لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا لکون ته لفظ ”ڪڙئين“ جمع لفظ آهي هن جو واحد لفظ ”ڪڙءَ“ ٿئي ٿو. هن لفظ جي مقابلي ۾ لفظ ”ڪڙي“ نهايت ئي موزون آهي جنهن جو جمع آهي ”ڪڙيين“.
    اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن لفظ ”ڪڙيين“ لکيو تن درست لکيو آهي. اِهي صاحبان آهن ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ باگوجي ڏانوجي.

    ج. ڪڻڪو، ڪڙڪو: ياد رهي ته فقط ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لفظ ”ڪڻڪو“ لکيو آهي، لفظ ”ڪڻڪو“ جي معنيٰ لکي اٿس ڪڙاهي ۾ وڏي شاهي ڪفگير لڳڻ سببان واڄي وارو آواز.
    قارئين ڪرام! ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي بيت کي سمجهي نه سگهيو تنهنڪري ڪفگير جو ذڪر ڪيو اٿس. ڪفگير جو ته هن بيت ۾ سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. فقط ڊاڪٽر نبي بلوچ غلط لفظ ڪڻڪو لکيو آهي باقي ٻين صاحبن لفظ ”ڪڙڪو“ درست لکيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”کڙڪو يا ڪڙي جي ٺهڪڻ جو آواز“.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.

    ڌَڳِين دوڳَ ڪَڙهَنِ، جِتي ڪَڙِيءَ ڪَڙڪَو نَه لَهي،
    تِتي طَبِيبَنِ، چَاڪَ چِڪَندَا ڇَڏِيا.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجي دور (قديم) جي زخمين جي علاج بابت فرمائي ٿو ته، لوهار پنهنجين بٺين ۾ طبيبن طرفان لوهه جي ٺهرايل ٺپن کي باهه جي کُورِي ۾ وجهي خوب ڌَوَڻِيُون هلائي تپائي گرم ڪري رهيا هئا جنهن ڪري ڌَوَڻِيُن جي ڪڙين جو ڪڙڪو ختم ئي نه ٿي ٿيو. جئن ته ٺپا تپي گرم ٿي، زخمين جي زخمن کي ڏنڀڻ لاءِ اڃان تيار نه ٿيا هئا، تنهنڪري طبيب زخمين جي زخمن کي ٺپا هڻڻ بجاءِ زخمين جا چڪندڙ چاڪ ڏسڻ جي باوجود لوهارن تي ناراضگي جو اظهار ڪندي هليا ويا.


    *****

    وحده لاشريڪ لـ هُ، جان ٿو چئين اينئن،
    تان مڃ محمّد ڪارڻي، نرتون منجهان نينهن،
    سو تون وڃيو ڪيئن، نائين ڪنڌ ٻين کي؟
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُرڪلياڻ ص 1 سال 1900ع)

    وَحدَه لاَشَرِيڪ لَـ هُ، جَان ٿو چَئيِن اِيئَن،
    تَان مَڃُ محمّد ڪَارَڻي، نِرتو مَنجَهان نِينهَن،
    تَا تُون وڃئو ڪِيئَن، نَائِيين سِرُ ٻِئن کي.

    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سرڪلياڻ ص01سال 2000 جلد پهريون ڪراچي )

    وَحدَه لاشَرِيڪَ لَـ هُ، جان ٿو چَئين اِيئن،
    تان مَڃُ محمّد ڪارَڻي، نِرِتُون مَنجهان نِينهن،
    تان تُو وَڃيو ڪِيئن، نائِين سِرُ ٻِئن کي.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالوسرڪلياڻ ص 01سال 2013)

    وحده لاشريڪ لـ هُ، جان ٿو چئين ايئن،
    تان مَڃ محمّد ڪارڻي، نرتون منجهان نينهن،
    تان تو وڃيو ڪيئن، نايين سِرُ ٻيَن کي.

    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾سُر ڪلياڻ ص190سال 1995 ثقافت کاتو)

    وحدهُ لاشريڪ لـ هُ، جان ٿو چئَين اِينئَن،
    تا مڃ محمّد ڪارَڻي، نرتون منجهان نيـنهن،
    سو تون وڃيو ڪيئن، نائين ڪنڌ ٻين کي؟


    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سر ڪلياڻ ص 28 مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    وحده لاشريڪ لـ ه، جان ٿو چئين اينئن،
    تان مَڃُ محمّد ڪارڻي، نرتون منجهان نينهن،
    سو تو وڃيو ڪيئن، نائين ڪنڌ ٻين کي.

    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سر ڪلياڻ ص 2 0بااختيار ادارو سال 1994 )


    وَحدَه لاشريڪَ لَـ هُ، جان ٿو چئين ايَّ،
    تا مَڃ محمّد ڪارَڻي، نِرتون منجها نيـ ه،
    تان تُو وڃئو ڪِيّ، نايين سر ٻئن کي.


    (ڊاڪٽر گُربخشاڻي شاهه جو رسالو سر ڪلياڻ ص77سال 1996 روشني)

    وَحدَهُ لاشريڪَ لَـ هُ، جان ٿو چئين اِيئَن،
    تا مَڃ محمّد ڪارَڻي، نِرتَئُون منجهان نيـهَنُ،
    سو تون وڃئو ڪِيئن، نايئين ڪنڌ ٻين کي.

    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر ڪلياڻ ص 3سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    وَحدَهُ لاشرِيڪَ لَـ هُ، جَان ٿو چَئِين اِيئَن،
    مَڃُ محمّد ڪارَڻِي، نِرتَئُون مَنجَهان نِينهَن،
    تان تُون وڃئو ڪِيئَن، نائِين سِرُ ٻِئن کي.

    (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 47 سال 2009 سنڌ ثقافت)

    وَحدَه لاَشَرِيڪَ لَـ ه، جان ٿو چَئين اِئين،
    تان مَڃ محمّد ڪارڻي، نرئتون مَنجهان نِينهن ،
    تان تُو وڃيو ڪِينئن، نائِين سِرِ ٻِئن کي.


    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سرڪلياڻ ص 33 سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    وَحدَه لاشَريڪَ لَـ ه، جان ٿو چئين ايئن،
    تان مڃ محمّد ڪارڻِي، نرتُئون مَنجهان نِينهَن،
    سو تو وڃيو ڪيِئن، نايئين سر ٻئن کي؟

    (باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سرڪلياڻ ص 14 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    وحده لاشريڪ لـ ه، جان ٿو چئين ايئن،
    تان مڃ محمّدصه ڪارڻي، نرتئون منجهان نينهن ،
    تان تو وڃيو ڪيئن، نائين سر ٻِيئن کي.

    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سرڪلياڻ ص 01 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    وَحدَهُ لاَشَرِيکَ لَـ هُ، جان ٿو چَئين اِيَّ،
    تان مَڃ محمّد ڪارَڻِي، نِرتُون مَنجهان نِيـ هَ،
    تان تُو وَڃِئو ڪِيَّ، نايين سِرُ ٻِيَنِ کي.

    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سرڪلياڻ ص 38سال 2013ع )

    وَحدَهُ لاَشَرِيڪَ لَـ هُ، جان ٿو چَئين ايئِن،
    تان مَڃُ محمّد ڪارَڻِي، نِرتُون منجهان نِينهَن،
    تا تُون وڃيو ڪِيئن، نَائِين سر ٻين کي؟

    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سرڪلياڻ ص09سال 2011مهراڻ اڪيڊمي)

    نوٽ: ڪلياڻ آڏواڻي اهو بيت نه لکيو.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ايئن، اينئن، ايّ، ائين)، (تا، تان)، (ڪارڻي)، (نرتو، نرتون، نرتئون)، (نينهن، نيهن، نيـ ه)، (تان تون، سو تون)، (ڪينئن، ڪيئن، ڪئن، ڪيّ)، (نائين، نايئيين، نايين)، (سر، سِرُ، ڪنڌ)، (ٻين، ٻئن).

    الف. ايئن، اينئن، ايّ، ائين: قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ڪنهن قانون تحت تيار ٿيل نه هُئي، تنهنڪري ان دور جا ڪاتب مختلف طريقن سان سنڌي لکندا هئا ۽ انهن جي لکڻ جو انداز هڪ ٻئي کان مختلف هوندو هو. اهو ئي سبب آهي جو ڪي ڪاتب ”ايئن“، ڪي ڪاتب وري هن صورت ۾ ”اينئن“، ڪي ڪاتب ”ايّ“ لفظ لکندا هئا. انگريزن جي دورِ حڪومت 1853ع ۾تيار ڪيل الفابيٽ جي تڪميل بعد لفظ ”اينئن“ قابلِ عمل سمجهيو ويو اهو ئي سبب آهي جو سنڌ سرڪار جي سنڌي ٽرانسليٽر ديوان تارا چند ”شاهه جو رسالو“ ۾ لفظ ”اينئن“ لکيو ته شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي به لفظ ”اينئن“ اسان جي تحقيق مطابق درست لکيو.

    ب. تا، تان: بيت جي ٻي مصرع جو پهريون لفظ ”تا“ فقط ڊاڪٽر گرُبخشاڻي لکيو آهي. اسان هن جي لکيل لفظ کي درست نه ٿا سمجهون، ڇا ڪاڻ ته هن پاڻ پنهنجي انهيءَ لکليل بيت جي پهرين مصرع جو پنجون لفظ ”جان“ لکيو آهي. سنڌي گرامر جي اصول مطابق هن صاحب کي ٻي مصرع جو پهريون لفظ ”تان“ لکڻ گهربو هو.
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ٻي مصرع جو پهريون لفظ ”تان“ لکيو ئي نه آهي. جنهنڪري حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو بيت گهٽ ماترائن وارو ٿي پيو آهي. ٻيو ته هن صاحب بيت جي پهرين مصرع ۾ لفظ ”جان“ استعمال ڪيو آهي. تنهنڪري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب کي لفظ ”تان“ ادبي اصول مطابق لکڻ گهربو هو. ٻين مرتب ۽ محقق حضرات ”جان ۽ تان“ الفاظ لکي ثابت ڪيو آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجي بيت ۾ ”جان“ لفظ کان پوءِ ”تان“ لفظ استعمال فرمايو هو.
    جن صاحبن بيت ۾ ”جان ۽ تان“ الفاظ درست لکيا سي صاحبان آهن، ديوان تارا چند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، غلام محمّد شاهواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، ٻانهون خان شيخ ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق.

    ت. ڪارڻي: لفظ ”ڪارڻي“ جي معنيٰ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”ڪارڻ ڪندڙ“ ص 47 تي لکي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اها وضاحت نه ڪئي آهي ته پاڻ سڳورا صه ڇا جو ڪارڻ ڪندڙ آهن؟ بلوچ صاحب جي لکيل معنيٰ منجهيل آهي.
    علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ”ڪارڻ“ جي معنيٰ لکي آهي، “صلعم” (ص 38). اها معنيٰ لفظ ”ڪارڻي“ جي ته ٿي نه ٿي سگهي .
    علامه آءِ آءِ قاضي لفظ ”ڪارڻي“ جي معنيٰ لکي آهي ”وسيلو، مددگار“ (ص 825).
    شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ لفظ ”ڪارڻي“ جي معنيٰ لکي آهي ”سام، شفيع، شفارش ڪندڙ ۽ حامي“ (لغات لطيفي ص 10)
    غلام محمّد شاهواڻي معنيٰ لکي آهي ”جنهن ڪارڻ دنيا ٺهي، شفاعت ڪندڙ“.
    ٻانهي خان شيخ معنيٰ لکي آهي ”جهان جي پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ“ (ص 3 جلد پهريون).
    ڊاڪٽر گُربخشاڻي لفظ ”ڪارڻي“ جي معنيٰ لکي آهي ”(سن - ڪارڻڪ“ جو ڪنهن ڳالهه جو ڪارڻ هجي يا سبب بڻجي. حضرت محمّد صلعم کي ڪارڻي انهي ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو جو (1) پاڻ دنيا جي پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ هو، جئن حديث ۾ ڄاڻايل آهي ”لولاڪ لما خلقت الافلاڪ“ يعني ”اي محمّد صلعم جيڪڏهن تون نه هجين ها ته ڪڏهن نه خلقيان ها هي آسمان“. (2) حضرت محمّد صلعم قيامت جي ڏينهن گناهگارن جي شفاعت جو ڪارڻ ٿيندو. (3) حضرت محمّد صلعم خدا جي سچي وحدانيت ڦهلائڻ جو ڪارڻ هو. (4) ڪارڻي لفظ جون ٻيون معنائون آهن ”گمائشتو، مختيار، وسيلو، بچائيندڙ ۽ شفيع“ وغيره (ص 87 سال 1996).
    قارئين ڪرام! ڊاڪٽر گُربخشاڻي سڀني مرتب ۽ محقق حضرات کان زياده لفظ ڪارڻي جي معنيٰ لکي آهي. مگر حتمي فيصلو نه ڪيو اٿس.
    اسان جي تحقيق مطابق ڊاڪٽر گربخشاڻي ٽيون نمبر ڪيل معنيٰ درست لکي آهي. ان جي وضاحت اسان هن طرح ڪريون ٿا ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جو فرمايل لفظ “ڪارڻي” نهايت ئي متفقه طور تي مڃڻ وارو ۽ اعليٰ معنيٰ رکندڙ لفظ آهي. انهي لفظ کي قرآن پاڪ ۽ احاديث نبوي صه جي روشني ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر گربخشاڻي واري لکيل حديث تي جن عالمن جو اتفاق نه آهي سي ٻي حديث پيش ڪن ٿا. جنهن جو مطلب آهي ”مون (الله) مخفي خزانو هوس پاڻ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هي جهان جوڙيم“.
    قارئين ڪرام! الله تبارڪ و تعاليٰ فرمايو آهي:
    ”وَمَاخَلَقتُ الجِنّ وَ الاِنسَ اِلاّ لِيَعبُدُونِ“
    معنيٰ: ”۽ جنن ۽ ماڻهن کي رڳو پنهنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيوسون“
    (سوره 51 آيت 56) قرآن پاڪ )
    انهي آيت سڳوري منجهان هي حقيقت واضح ٿئي ٿي ته جنن ۽ انسان جي پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ آهي. جنهن منجهان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته حضرت محمّد مصطفيٰ صه جهانن جي پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ (ڪارڻي) نه آهن. اِنهي راءِ جي تصديق لاءِ اسان کي وري حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪلام ڏانهن رجوع ٿيڻو پيو. مطالعي دوران اسان جي نظرن کان ڪجهه بيت گذريا. جن منجهان ٻه بيت ملاحظه فرمايو:
    وَحدَهُ لاَشَرِيڪَ لَـ هُ، جَڏهن چيو جَنِ
    تَنِ مڃيو محمّد ڪارَڻي، هِيجان ساڻُ هِنيَنِ،
    تَڏِهن منجهان تَنِ، اَوَتَڙِ ڪونه اولِئو.

    وَحدَهُ لاَشَرِيڪَ لَـ هُ، جَن اُتو سِين اِيمانَ،
    تَنِ مَڃيو محمّد ڪارَڻِي، قَلَبَ ساڻُ لِسانَ،
    اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوَتَڙِ ڪَنـ هِ نه اولِئا.
    (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاهه جو رسالو سُر ڪلياڻ ص 47 بيت 6 ۽ 7)

    قارئين ڪرام! انهن ٻنهي بيتن جو مفهوم پسِ منظر سميت هي آهي ته عالمِ ارواح ۾ الله پاڪ سڀني روحن کان . سوال پڇيو .
    ”الَستُ بِرَبِّڪُم“ (قرآن پاڪ سوره 7 (الاعراف) آيت 172)
    معنيٰ “ آءُ اوهانجو پالڻهار نه آهيان ڇا؟”

    ته سمورا روح خاموش رهيا ڪنهن به روح الله پاڪ جي پڇيل سوال جو جواب نه ٿي ڏنو. مگر پاڻ سڳورن سڀني روحن کان اڳ ۾ فرمايو ”بَليٰ“ يعني ”هائو اي منهنجا الله تون اسان جو خالق، ربّ ۽ مالڪ الملڪ آهين.
    پاڻ سڳورن جي مٿين اقرار بعد سندن اُمت اقرار ڪيو ۽ پوءِ الله پاڪ جي باقي پيغمبرن، رسولن، نبين، شهيدن، صالِحين ۽ اولياءَ ڪرام ۽ انهن بعد پيغمبرن جي امتن جي روحن به “قَالُو بليٰ” جو اقرار ڪيو. تڏهن ته پاڻ سڳورا صه رحمت للعالمين سڏيا وڃن ٿا. انهي حقيقت کي ياد ڏيارڻ لاءِ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو:

    وَحدَهُ لاَشَرِيڪَ لَـ هُ، جان ٿو چَئين ايئِن،
    تان مَڃُ محمّد ڪارَڻِي، نِرتُون منجهان نِينهَن،

    يعنيٰ اي آدم زاد جڏهن تو الله پاڪ جي ذات مقدس کي عالمِ ارواح ۾ حضرت محمّد صه جي هائوڪار ڪرڻ بعد واحد ۽ لاشريڪ مڃي ”بليٰ“ يعني ”هائو“ چيو هو ته ”اي الله پاڪ تون اسان جو مالڪ ۽ خالق آهين“. هاڻ ڇو اوهان پنهنجي ڪيل قول کان ڦري الله پاڪ کانسواءِ ٻين جي درن تي جهڪو ٿا ۽ پنهنجا سر نوايو ٿا؟

    ث. نرتو، نرتون، نرتئون: لفظ ”نرتو“ قديم عربي فارسي سنڌي صورت خطيءَ ۾ لکبو هو ۽ پڙهبو ”نرتون“ هو. جديد صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ ”نرتئون“ لکبو آهي. ”نرتون“ لفظ جمع آهي ان جو واحد لفظ آهي ”نرت“ آهي هن لفظ جي معني آهي ”صدق، حب، سڪ ۽ نياز مندي“.
    قارئين ڪرام! اسان جي تحقيق موجب ”نرتون“ لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ نه ٿو سونهين ڇا ڪاڻ ته هي لفظ ”نرت“ جو جمع آهي. هن لفظ جي مقابلي ۾ اسان لفظ ”نرتئون“ بيت ۾ مناسب ثابت ڪيو ويو آهي. ڇا ڪاڻ ته (نرت + ئون) جي معنيٰ آهي”حب ۽ سڪ سان ۽ عقيدت وچان“.
    جن صاحبن لفظ درست لکيو آهي سي آهن، علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، حاجي الله داد جنجهي، ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي.

    ج. نينهن، نيهن، نيـ ه: لفظ ”نيــ ه“ ڊاڪٽر گُربخشاڻي ۽ ان جي پيروي ڪندي غلام محمّد شاهواڻي لکيو آهي. هنن صاحبن اڌ اکري سنڌي ۾ اهو لفظ بيت ۾ نامناسب لکيو آهي. لفظ ”نيهن“ کان وڌيڪ مناسب لفظ ”نينهن“ آهي اهو لفظ جديد صورت خطيءَ جي تڪميل بعد قابلِ عمل قرار ڏنو ويو جنهن ڪري شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ ۽ قديم صورت خطي تان جديد صورت خطي ۾ شاهه جو رسالو لکندڙ ديوان تاراچند، شاهه جو گنج لکندڙ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، غلام مصطفيٰ مشتاق ۽ باگو جي ڏانو جي لفظ ”نينهن“ لکيو آهي. قديم دور ۾ ”هه“ ۽ ”ء“ هڪ ٻئي ۾ بدلائي لکندا هئا. تنهنڪري هن بيت ۾ لفظ ”نينهن“ بجاءِ ”نينئن“ لکڻ گهرجي.

    ح. تان تون، سو تون: قارئين ڪرام! جن صاحبن ”سوتون“ الفاظ لکيا سي آهن ديوان تارا چند، شمس العلماء مرزا قليچ، علامه آءِ آءِ قاضي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، باگوجي ڏانوجي، اسان جي تحقيق مطابق انهن صاحبن الفاظ ”سوتون“ نامناسب لکيا آهن. اهو هن ڪري ٿا چئون ته بيت جي پهرين مصرع ۾ الفاظ ”جان تون“ لکيل آهن. تن سان نه صرف ٻي مصرع جي لفظ ”تان“ جو تعلق آهي مگر ٽين مصرع جي الفاظ ”تان تون“ جو به واسطو آهي. اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن الفاظ ”تان تون“ لکيا آهن تن درست لکيا آهن. اهي صاحبان آهن، سيّد عبدالعظيم، ممتاز مرزا، ڊاڪٽر گُربخشاڻي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، غلام محمّد شاهواڻي، حاجي الله داد جنجهي، ٻانهون خان شيخ، عثمان علي انصاري، فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق.

    خ. ڪينئن، ڪيئن، ڪئن، ڪيّ: لفظ ”ڪيّ“ قديم سنڌي صورت خطيءَ جو ڊاڪٽر گُربخشاڻي ۽ غلام محمّد شاهواڻي استعمال ڪيو آهي. انهن صاحبن اهو لفظ جديد سنڌي صورت خطي جي اصول مطابق غلط لکيو آهي. لفظ ”ڪيئن، ڪئن“ عام طور تي استعمال ڪيو ٿو وڃي جيڪو 1853ع واري سنڌي الفابيٽ جي اصول مطابق درست نه آهي. انهن لفظن جي مقابلي ۾ لفظ ”ڪينئن ۽ اينئن“ 1853ع واري الفابيت جي اصول مطابق درست قرار ڏنا ويا. لفظ ”اينئن“ ته ديوان تارا چند ۽ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ لکيا ۽ ”ڪينئن“ به هنن صاحبن کي لکڻو هو مگر پريس جي غلطي وچان ”ي“ جي پٺيان ايندڙ ”ن“ نه ڏنو ويو .

    د. نائين، نايئيين، نايين: لفظ ”ناءِ، نائڻ، نائن“ هڪڙي لڙي جا لفظ آهن ۽ لفظ ”نايءِ، نايو“ به انهن لفظن سان ملندڙ جلندڙ آهن، مگر سندن صورت خطيءَ ۾ فرق آهي. قديم دور ۾ لفظ ”نايو“ استعمال ٿيندو هو ۽ اڄ به ”نائين“ جي مقابلي ۾ ”نايين“ بيت ۾ لکجي ته مناسب آهي. ليڪن لفظ ”نايئيين“ مناسب نه آهي.

    ذ. سر، سِرُ، ڪنڌ: شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ديوان تارا چند، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، لفظ ”ڪنڌ“ استعمال ڪيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق انهن صاحبن ”ڪنڌ“ لفظ غلط استعمال ڪيو آهي. ڪنڌ چئبو آهي، ٻنهي ڪلهن جي وچ واري اُڀريل حصي کي جنهن جي مٿان سر يا مٿو بيٺل آهي ۽ ”سر“ڪنڌ جي مٿان آهي اول سر جهڪندو آهي ۽ پوءِ ڪنڌ جهڪندو آهي تنهن ڪري لفظ ”سِر“ هن بيت ۾ ”ڪنڌ“ کان وڌيڪ درست آهي.
    حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه هڪ بيت ۾ لفظ ”سِر“ استعمال ڪيو آهي. ملاحظه فرمايو:
    سِــــرُ نــايُو ســجـدا ڪَري تَــن تواضعُ تُونهَ،
    (گنج شريف ص 750)

    قارئين ڪرام! هن بيت جي پهرين مصرع ۾ حضرت ڀٽ ڌڻي لفظ ”سِر“ استعمال ڪيو آهي، تنهنڪري اسان به تحقيق هيٺ آيل بيت ۾ لفظ ”سِر“ کي اهميت ڏيون ٿا.

    ر. ٻين، ٻئن: قارئين ڪرام! ”ٻين“ جديد صورت خطي مطابق درست لفظ آهي ۽ لفظ ”ٻئن“ قديم صورت خطيءَ ۾ ته لکيو ويندو هو .

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي صورت هي بيهي ٿي.

    وَحدَهُ لاَشَرِيڪَ لَـ هُ، جَان ٿُو چَئين اينئِن،
    تَان مَڃُ محمّد ڪارَڻِي، نِرتُئون منجهان نِينئن،
    تان تُون وڃيو ڪِينئن، نَائين سِرُ ٻين کي؟


    معنيٰ: اي آدم زاد، اي انسان تون جڏهن حضرت محمّد مصطفيٰصه جي ذريعي، حضرت محمّد مصطفيٰصه جي ڪارڻ ۽ سببان الله پاڪ کي واحد ۽ لاشريڪ عالمِ ارواح ۾ مڃي آيو آهين ته پوءِ پنهنجي زبان سان اُنهيءَ ايمان آڻائڻ واري محمّد صه کي ڪارڻي سڪ، هيج ۽ صدق سان ته مڃ جنهن سڀني روحن کان اڳ ۾ الله پاڪ جي ذات کي لاشريڪ ۽ جهانن جو پالڻهار تسليم ڪيو، اهڙي اقرار کان پوءِ تون الله پاڪ کان سواءِ ٻين جي اڳيان ڪئين ٿو وڃي سر جهڪائين؟ توکي قالو بليٰ واري قول مطابق الله پاڪ جي حضور ۾ سر جهڪائڻ گهرجي.


    2. سُر يمن ڪلياڻ

    کَنيُو ڇَڏِينِ ڪَانَ هَڏِ نَه هَنَائِينِ ٿَا،
    ٿِئَا جي نِيشَانَ، پهِريس ٍ پُورَا هُوءَا.

    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر جمن ڪلياڻ ص 32 سال 1995ع)

    ڪيو ڇڏين ڪان، هڏ نه هڻائين ٿا،
    ٿئا جي نيشَان، ته پهرئين سان پورا هئا.

    (ديوان تارا چند شوقيرام شاهه جو رسالو سُر يمن ڪلياڻ ص 41 سال 1900ع)

    ڪيو ڇڏين ڪانُ، هَڏِ نه هَڻائِينِ ٿا،
    ٿيا جي نِيشانُ، ته پِهرئين سان پُورا هئا.

    (ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر يمن ڪلياڻ ص 32 )

    کهنيوء چهڏين کَانُ، هَڏِ نَه هَٺَائِينِ تهَا،
    تهَيَا جي نِيشَانَ، تَه پِهرين سَان پُورَا هُوا.

    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ شاهه جو رسالوسُر جمن ڪلياڻ ص 52 سال 2008ع )

    ڪَيو ڇَڏيِنِ ڪَانُ، هَڏِ نه هَڻَائِينِ ٿَا،
    ٿِئَا جي نِشَانُ، تَه پِهريِين سان پُورا هُئَا.

    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر يمن ڪلياڻ ص 87 سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    ڪيو ڇڏينِ ڪانُ، هِڏِ نه هڻائِينِ ٿا،
    ٿئا جي نِيشانُ، ته پِهري سان پورا هئا.

    (ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالوسُر ڪلياڻ ص 120 سال 1996ع )

    ڪيو ڇڏين ڪانُ، هَڏ نه هَڻائين ٿا،
    ٿيا جي نشانُ، ته پهريَن سين پورا هَئا

    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت ۾ ص 210 سال 1995)

    ڪيو ڇڏين ڪانُ، هَڏِ نه هڻائين ٿا،
    ٿيا جي نيشان، ته پهرين سان پورا ٿيا.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 531 سال 1994 )

    ڪيو ڇڏينِ ڪَانُ، هڏ نه هڻائين ٿا،
    ٿئا جي نيشان، ته پِهرين سان پورا هئا.

    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 66 مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    ڪيو ڇڏينِ ڪان، هڏ نه هڻائين ٿا،
    ٿئا جي نيشان، ته پهرئين سان پورا هئا.

    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 53 بااختيار ادارو سال 1994 )

    ڪيو ڇَڏينِ ڪانَ، هَڏِ نه هَڻائِينِ ٿا،
    ٿيا جي نيشان، ته پِهرئين سان پورا هئا.

    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر يمن ڪلياڻ ص 52 سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    ڪَهيو ڇَنڊِينِ ڪانَ، هَڏ نه هَٽائِينِ ڪِين،
    ٿئا جِي نِيشَانَ، سي پِهرِئين سِين پُورا ٿِئا.

    (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاهه جو رسالو سُر يمن ڪلياڻ ص 70 سال 2009 )

    ڪَيو ڇَڏِينِ ڪانُ، هَڏِ نه هَڻائِينِ ٿا،
    ٿئا جي نِيشانُ، ته پِهري سان پُورا هئا.

    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالوسر يمن ڪلياڻ ص 61 سال 2013ع )

    ڪيو ڇڏين ڪان، هڏ نه هڻائين ٿا،
    ٿيا جي نيشان، ته پهرئين سان پُورا هئا.
    س
    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالوسر يمن ڪلياڻ ص 58 سال 2009ع )

    ڪيو ڇڏين ڪانُ، هَڏِ نه هَڻائِينِ ٿا،
    ٿيا جي نيشانُ، ته پِهرئين سان پُورا هئا.

    (عثمان علي انصاري، شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 40 سال 2013ع ثقافت کاتو)

    ڪَهِيو ڇَڏينِ ڪانَ، هَڏ نَه هَڻائينِ ٿا،
    ٿِيا جي نِيشان، سي پهرئين سِين پُورا ٿيا.

    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سر يمن ڪلياڻ ص 34 سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    ڪيو ڇڏينِ ڪانَ، هڏ نه هڻائينِ ٿا،
    ٿيا جي نيشان، ته پهرئين سان پُورا هئا.
    (باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 66 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    کنيو ڇڏينِ ڪان، هڏ نه هڻائين ٿا،
    ٿيا جي نيشان، ته پهرئين سان پورا ٿيا.

    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 24 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ڪيو، ڪهيو، کنيو، کهنيو)، (ڇڏين، ڇنڊين)، (هنائين ٿا، هٺائين ٿا، هڻائين ٿا، هٽائين ڪين)، (ٿئا، ٿيا)، (نيشان، نشان)، (سي، ته)، (پهرئين، پهرين، پهري)

    الف. ڪيو، ڪهيو، کنيو، کهنيو : لفظ ”ڪيو“ جن صاحبن لکيو آهي. سي صاحبان آهن، ڊاڪٽر گُربخشاڻي، ٻانهو خان شيخ، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڪلياڻ آڏواڻي، ديوان تار چند، عثمان علي انصاري، غلام محمّد شاهواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، محمّد عثمان ڏيپلائي، باگو جي ڏانو جي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو ۽ ممتاز مرزا.هنن صاحبن اهو لفظ غلط لکيو آهي.
    جن صاحبن لفظ ”ڪهيو“ لکيو آهي سي صاحبان آهن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي. هنن صاحبن به اهو لفظ غلط لکيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ انهي لفظ جي معنيٰ لکي آهي ”ٻولايو، چئي خبردار ڪري“.
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لکيل لفظ ”ڪهيو“ ۽ ان لفظ جي لکيل معنيٰ تي اسان کي اعتراض آهي. اعتراض هن ڪري آهي ته بيت ۾ ڳالهه ڪان (تير) جي فرمايل آهي، نظرن جو تير ٻُڌائي نه هڻبوآهي.
    قارئين ڪرام! انهي بيت ۾ مناسب لفظ آهي ”کنيو ۽ کهنيوء“ اهي لفظ حاجي محمّد سمي ۽ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ لکيا آهن، جيڪي اسان جي تحقيق مطابق نهايت ئي مناسب آهن. ياد رهي ته ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، اردو لپي ۾ اهو لفظ لکيو آهي ۽ حاجي محمّد سمي قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ لکيو آهي اهو لفظ جديد صورت خطي ۾ ”کڻيو“ ٿيندو ۽ لکبو.

    ب. ڇڏين، ڇنڊين: قارئين ڪرام! ٻين سڀني ”شاهه جو رسالو“ جي ڪاتبن توڙي مرتب ۽ محقق حضرات لفظ ”ڇڏين“ لکيو آهي. مگر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ٻين سڀني سان اختلاف رکندي لفظ ”ڇنڊين“ لکيو آهي. حقيقت هي آهي ته ڪمان جي زهه کي ڇڪي پوءِ تير انداز نشاني تي تير ڇڏيندو آهي ۽ نه تير ڇنڊيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو قديم ڪاتبن توڙي جديد دور جي ليکڪن لفظ ”ڇڏين“ لکيو آهي.
    اسان مٿي حوالا ڏيئي ثابت ڪيو آهي ته ڊاڪۡٽر نبي بخش خان بلوچ بيت ۾ لفظ ”ڇنڊين“ غلط لکيو آهي.

    ت. هنائين، هٺائين، هڻائين، هٽائين: حاجي محمّد سمي لفظ ”هنائين“ قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ لکيو. اڳي ”ڻ“ کي ”ن“ ۾ بدلائي لکبو هيو. اهو لفظ جديد سنڌي صورت خطي ۾ ٿيندو ”هڻائين“ جن صاحبن سمي صاحب کان علاوه غلط لفظ ”هڻائين“ لکيو آهي سي هي آهن. ڊاڪٽر گُربخشاڻي، ٻانهون خان شيخ، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڪلياڻ آڏواڻي، ديوان تاراچند، عثمان علي انصاري، غلام محمّد شاهواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، حاجي سگهڙ الله داد جنجهي، فقير تاج محمّد نظاماڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، باگو جي ڏانو جي، محمّد عثمان ڏيپلائي، ممتاز مرزا ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو. هنن صاحبن لفظ ”هڻائين“ لکي هي ثابت ڪيو آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه اُنهن الڙ، ڳڀرو ۽ جوان عاشقن جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪي تير کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هنن ليکڪن بيت نه سمجهيو ، تنهنڪري لفظ ”هڻائين“ لکيائون.
    ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ لفظ ”هٺائين“ لکيو آهي، اهو قديم صورت خطيءَ ۾ لکيو اٿس. اهو جديد صورت خطيءَ لفظ ۾ ”هڻائين“ ٿئي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لفظ ”هٽائين“ لکيو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جو لفظ نهايت ئي درست لکيو اٿس.
    اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه محبوب تان قربان ٿيندڙ عاشقن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ فرمايو اٿس ته
    کڻيو ڇڏين ڪان، هڏ نه هٽائين ٿا.

    يعني محبوب ڪمان مٿي کڻي (جهڪيل نظرون مٿي کڻي) عاشقن کي ڪان هڻن ٿا، نظرن جي ڪمان هرگز هٽائين نه ٿا.

    ث. ٿئا، ٿيا: قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ ڪن ڪاتبن لفظ ”ٿيا“ ۽ ڪن ڪاتبن لفظ ”ٿئا“ لکيوآهي. جڏهن ته ۡڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ”تهيا“ ۽ حاجي محمّد سمي ”ٿئا“ لکيو آهي، اهي ٻيئي صاحب ساڳي ئي دور جا آهن. جديد دور ۾ به ڪي صاحبان ”ٿيا“ ۽ ڪي ”ٿئا“ لکندا آهن.
    اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”ٿيا“ جديد صورت خطيءِ ۾ سن (1853ع) کان وٺي لکبو پيو اچي.

    ج. نشان، نيشان: جن صاحبن لفظ ”نيشان“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق مناسب لفظ نه لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته قديم دور جي ڪاتبن منجهان لفظ ”نشان“ سيّد عبدالعظيم لکيو آهي. شاعري ۾ ماترائن ۽ بحروزن ۾ ڪٿي ”نشان“ ڪٿي ”نيشان“ واقعي استعمال ڪيو ويندو آهي مگر اصل لفظ ”نشان“ ئي آهي جيڪو سيّد عبدالعظيم لکيو آهي.

    ح. سي، ته: جن صاحبن لفظ ”ته“ لکيو آهي، تن اسان جي تحقيق مطابق غلط لفظ لکيو آهي، اهي صاحبان آهن، ڊاڪٽر گُربخشاڻي، ٻانهو خان شيخ، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڪلياڻ آڏواڻي، ديوان تارا چند، عثمان علي انصاري، غلام محمّد شاهواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، فقير تاج محمّد نظاماني، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، باگو جي ڏانو جي ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، محمّد عثمان ڏيپلائي،حاجي محمّد سمو، سيّد عبدالعظيم، ممتاز مرزا ۽ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو.
    بيت جي ٻي مصرع ۾ ٻيو لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ”جي“ استعمال ڪيو ۽ پاڻ لفظ ”سي“ به استعمال ڪيائون مگر راوين جي چوڻ تي ڪاتبن لفظ ”سي“ بجاءِ ”ته“ غلط لکيو. فقط ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لفظ ”سي“ لکيو، کين جس هُجي.

    خ. پهرئين، پهريين، پهرين، پهري: لفظ ”پهري“ جن لکيو سي صاحبان آهن، ڊاڪٽر گُربخشاڻي ۽ ٻيو غلام محمّد شاهواڻي. انهن صاحبن اڌ اکري سنڌي ۾ اهو لفظ نامناسب لکيو آهي.
    ٻانهي خان شيخ لفظ ”پهريين“ لکيو آهي، قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ الفاظ ”پهرين“ ، ”پهريين“ ۽ ”پهرئين“ لکڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ استعمال ٿيندا هئا. جنهن ڪري صورت خطيءَ ۾ مونجهارو پيدا ٿي ٿيو. 1853ع کان پوءِ لفظ ”پهرئين“ زياده استعمال ٿيڻ لڳو جنهن ڪري ديوان تارا چند ۽ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ لکيو. انهن ٻنهي جي تقليد ڪندي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڪلياڻ آڏواڻي، عثمان علي انصاري، علامه آءِ آءِ قاضي، فقير تاج محمّد نظاماڻي، محمّد ڏيپلائي، باگي جي ڏاني جي لفظ ”پهرئين“ لکيو آهي، جنهن کي اسان درست سمجهون ٿا.

    د. هئا، ٿيا: جن صاحبن بيت جي آخري مصرع جو آخري لفظ ”هئا“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق درست لکيو آهي ۽ جن صاحبن ”ٿيا“ لکيو آهي تن نامناسب لفظ لکيو آهي. نامناسب هن ڪري ٿا چئون ته الفاظ ”پورو هئڻ“ منجهان ثابت ٿئي ٿو ته عاشق پهرين نظر جي تير سان ئي ختم ٿي چڪا هئا.
    نامناسب لفظ ”ٿيا“ لکڻ وارن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، فقير تاج محمّد نظاماڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو آهن.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.

    کڻيو ڇَڏينِ ڪانَ، هَڏ نَه هَٽائينِ ٿا،
    ٿِيا جي نِشان، سي پهرئين سِين پُورا هئا.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻي رحه محبوب بابت ادب ۽ محبت جي لحاظ کان جمع ۾ مخاطب ٿي فرمائي ٿو ته محبوب (نظرن جي) ڪمان کڻيو بيٺا آهن، ڪمان کي نشان کان پري هرگز نه ٿا هٽائين
    جيڪي عاشق محبوب جي تيرن جا نشان بڻيا سي ته پهرين ئي تير سان پورا ٿي ويا هئا. دنيا ۾ رهڻ وارن کان الڳ ٿي چڪا هئا. هنن تي نظرن جي ٻي وار ڪرڻ جي ضرورت ئي نه آهي.

    *****

    اڃا تو منجهان، ڪک ڇُتي رت نڪري،
    منهن ۾ معشوقن جا ڪئن جهلندين گهاءَ”؟
    سو تون ڪڄاڙيا سِڪڻ جون سڌون ڪرين.

    (ديوان تارا چند شوقيرام شاهه جو رسالو سُر يمن ڪلياڻ ص 44 سال 1900ع)

    اَڃا تو منجهان، ڪَکَ ڇُتي رتُ نڪري!
    مُنهن ۾ محبوبن جا، ڪئَن جَهليِندين گهاءَ؟
    سو تون ڪُڄاڙيا، سِڪَڻَ جون سَڌوُن ڪرين؟

    (ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر يمن ڪلياڻ ص 38 )

    اَڃَا تو مَنجهَان، ڪَکَ ڇُتي رَتُ نِڪِري،
    مُنهَن ۾ مَحبُوبَن جَا، ڪيئَن جَهلِيندين گهاءَ؟
    تُون هَڏِ ڪُڄَاڙِئَان، سِڪَڻَ جُون سَڌوُن ڪَرِين.

    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر جمن ڪلياڻ ص 80 سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    اَڃا تو منجهاءَ ڪَکَ ڇُتي رَتُ نِڪَري،
    مُـ هُ ۾ محبوبَنِ جا، ڪنِءَ جهليندين گهاءَ،
    سو تون ڪُڄاڙِئاءَ، سِڪَنَ جون سَڌوُن ڪَرين؟

    (ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالوسُر ڪلياڻ ص 122 سال 1996ع )

    اڃان تو منجهِا، ڪَکَ ڇُتي رَتُ نڪري،
    مُنهن ۾ محبوبن ِجا، ڪيئن جهِلنديَ گهاءَ
    تون هَڏِ ڪڄاڙيا، سِڪَڻ جيون سڌون ڪَري.

    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ ص 228سال 1995)

    اَڃا تو منجهاءَ، ڪَکَ ڇتي رَتُ نڪري،
    مُنهَن ۾ محبوبَنِ جا، ڪئَن جهليندين گهاءَ؟
    سو تُون ڪُڄاڙِياءَ سِڪڻ جون سَڌُون ڪرين.

    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر يمن ڪلياڻ ص 56 سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    اَڃا تو منجهان، ڪَکَ ڇُتي رَتُ نڪري،
    منهن ۾ محبوبن جا، ڪئن جهليندي گهاءَ؟
    سو تون ڪُڄاڙيا، سِڪَڻَ جون سَڌوُن ڪرين.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 28 سال 1994 )

    اڃا تو منجهان، ڪَکَ ڇُتي رَتُ نڪري،
    منهن ۾ معشوقن جا، ڪئَن جهليندين گهاءَ؟
    سو تون ڪڄاڙياء سِڪڻ جون سڌون ڪرين.

    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص69 مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    اڃا تو منجهان، ڪک ڇُتي رت نڪري،
    منهن ۾ معشوقن جا، ڪئن جهلندين گهاءَ؟
    سو تون ڪڄاڙياء سِڪڻ جون سڌون ڪرين.

    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 56 بااختيار ادارو سال 1994 )

    اڃان تو مَنجها، ڪَکَ ڇُتي رَتَ نِڪَري،
    مُنـ هَ ۾ معشُوقَنِ جا، ڪِيئَن جَهلِيندين گهاءَ
    سو تون ڪُڄاڙاءَ، سِڪَڻَ جون سَڌُون ڪرين.

    (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاهه جو رسالو سُر يمن ڪلياڻ ص 56 سال 2009 )

    اَڃا تو مَنجهاءَ، ڪَکَ ڇُتي رَتُ نِڪَري،
    مُـ هَ ۾ مَحبُوبَنِ جا، ڪنءَ جَهليندين گهاءَ؟
    سو تُون ڪُڄاڙِئاءَ، سِڪَڻَ جُون سَڌُون ڪَرين؟

    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالوسر يمن ڪلياڻ ص 63 سال 2013ع )

    اَڃا تو منجهاء، ڪَک ڇُتي رت نڪري،
    منهن ۾ محبوبن جا، ڪئن جهليندين گهاءَ؟
    سو تون ڪُڄاڙياء سڪڻَ جون سَڌون ڪرين؟
    س
    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالوسر يمن ڪلياڻ ص 60 سال 2009ع )

    اَڃا تو منجهانءَ، ڪَکَ ڇُتي رتُ نڪري!
    مُنهن ۾ محبوبن جا، ڪئن جَهلِيندين گهاءَ؟
    سو تون ڪُڄاڙياءَ سِڪَڻَ جون سَڌُون ڪرين.

    (عثمان علي انصاري، شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 40 سال 2013ع ثقافت کاتو)

    اَڃا تو مَنجهاءُ، ڪَکُ ڇُتي رَتُ نِڪري!
    مُنهن ۾ مَحبوبن جا، ڪِيئن جَهليندين گهاءُ؟
    سَو تُون ڪُڄاڙياءُ، سڪڻَ جون سُڌون ڪَرين؟

    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سر يمن ڪلياڻ ص 57 سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    اَڃا تو منجهاءِ، ڪَکَ ڇُتَي رت نڪري!
    منهن ۾ محبوبن جا، ڪئن جهليندين گهاءَ؟
    سو تون ڪُڄاڙياء سڪڻَ جون سَڌون ڪرين؟
    (باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 68 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    اڃان تو منجهانءَ، ڪک ڇُتي رت نڪري،
    منهن ۾ محبوبن جا، ڪيئن جهليندين گهاءَ،
    سو تون ڪڄاڙيانءَ، سڪڻ جيون سڌون ڪَرين؟

    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 26 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    اَڃا تو منجهانءَ، ڪَکَ ڇُتي رتُ نڪري!
    منهن ۾ محبوبن جا، ڪئن جَهليندين گهاءَ”؟
    سو تون ڪُڄاڙياءَ، سِڪَڻَ جون سَڌُون ڪرين.

    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو چونڊ ڪلام سُر يمن ڪلياڻ ص 21 سال 2011ع)

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (منجا، منجها، منجهاءَ، منجهان، منجهانءَ، منجهاءِ، منجهاءُ)، (معشوقن، محبوبن)، (ڪيئن، ڪئن)، (جهلندين، جهليندين، جهليندي)، (گهاءَ، گهاءُ)، (سو تون، تون هڏ)، (ڪڄاڙيا، ڪڄاڙياءَ، ڪڄاڙياءِ، ڪڄاڙياءُ، ڪڄاڙيانءَ، ڪڄاڙئان)، (جون، جيون)، (سَڌون، سُڌون)، (ڪرين، ڪري)

    الف. منجا، منجها، منجهاءَ، منجهان، منجهانءَ، منجهاءِ، منجهاءُ: قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي هن بيت جي قوافي (قافيا) تي ”شاهه جو رسالو “ جي مرتب ۽ محقق حضرات گهٽ توجه ڏنو آهي اهو ئي سبب آهي جو هن بيت جي پهرين قافيي جو لفظ مختلف طريقن سان لکيو اٿن. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته لفظ ”منجهاءُ“ پهريون درست قافيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته شاعر ڪن ڪن لفظن جي ڪنهن ڪنهن مناسب اکر کي گهٽائي پنهنجي بيت ۾ استعمال ڪندو آهي. ته جئن مخفف لفظ ٻين لفظن سان وزن ۽ اُچار ۾ هڪ جهڙو بيهي. اهو ئي سبب آهي جو حضرت ڀٽ ڌڻيءَ اصل لفظ ”منجهانءُ“ جي اَخري ”ن“ اکر کي حذف ڪري لفظ ”منجهاءُ“ فرمايو ڇا ڪاڻ ته حضرت جن بيت جو ٻيو نمبر لفظ ”گهاءُ“ فرمايو. ياد رهي ته لفظ ”گهاءُ“ کي ”گهانءُ“ نه لکي ۽ نه چئي يا اُچاري سگهجي ٿو، جيڪڏهن لفظ ”گهانءُ“ لکبو ته لفظ غلط لکبو ۽ ليکبو. تنهنڪري انهي لفظ کي حضرت جن ”گهاءُ“ ئي فرمايو.
    اسان جي تحقيق مطابق درست لفظ ”منجهاءُ“ شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيو آهي، ٻين سڀني صاحبن لفظ غلط لکيو آهي.

    ب. معشوقن، محبوبن: لفظ ”معشوقن“ جن صاحبن لکيو آهي سي آهن، ديوان تارا چند شوقيرام، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ.
    اسان جي تحقيق مطابق انهن صاحبن بيت ۾ لفظ درست ۽ مناسب لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته معشوق محبوب جي مقابلي ۾ زياده شوخ ۽ سنگدل ٿيندو آهي. تنهنڪري معشوق کي شاعرن ڪافر به ڪوٺيو آهي، محبوب معشوق جي مقابلي ۾ نرم مزاج ٿيندو آهي.
    قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجي بيت ۾ الڙ عاشق کي فرمائي ٿو ته تون ته معشوقن جا ڏنل گهاءُ سهڻ جي لائق به نه آهين. تون ته الڙ عاشق آهين، صرف عشق جون پيو سڌون ڪرين .
    هن بيت ۾ الفاظ ”ڪک ڇُتي رت نڪري“ وارو اشارو به اسان جي رهنمائي ڪري ٿو ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه لفظ ”معشوقن“ فرمايو آهي ۽ نه ”محبوبن“. جن صاحب لفظ ”محبوبن“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق لفظ درست نه لکيو آهي.

    ت. ڪيئن، ڪئن: ”ڪئن“، ”ڪيئن“ ۽ ”ڪينئن“ انهن سڀني قسمن جي لکت تي بحث هن ڪري اجايو آهي ته هڪ ڀيرو اڳ ۾ لکي چڪا آهيون. ٻيو ته اسان جي سنڌ ۾ سنڌي ٻولي جا ست لهجا آهن. انهن لهجن مطابق خاص طور تي مٿيان لفظ ۽ ائين، جئين وارن لفظن جون به صورتون بدلائي اديب لکندا ۽ شاعر پڙهندا رهيا آهن. اسان جي تحقيق مطابق گنج شريف ۾ لفظ ”ڪِيَ“ لکيل آهي، جديد صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ ”ڪئن“ لکڻ زياده مناسب آهي.

    ث. جهلندين، جهليندين، جهليندي: لفظ ”جلهڻ“ مصدر آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”روڪ رنڊڪ، پڪڙ“ (جامع سنڌي لغات جلد 2 ص 335).
    لفظ ”جهل“ منجهان ٺهندڙ لفظ ”جهليندين ۽ جهلندين“ ٺهندا آهن. اسان لفظ ”جهلندين“ کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه بيت ۾ لکڻ مناسب سمجهون ٿا. اهو هن ڪري ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه لفظ ”جهلندين“ فرمايو آهي، جنهن جو ثبوت گنج شريف توڻي، ديوان تارا چند ۽ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي رسالي ۾ موجود آهي

    ج. گهاءَ، گهاءُ: قارئين ڪرام! اسان تحقيق طلب الفاظ جي (الف) واري پئرا ۾ لفظ ”گهاءُ“ تي تحقيق ڪري ثابت ڪري چُڪا آهيون ته لفظ ”گهاءُ“ بيت ۾ قافيي جي لحاظ کان زياده مناسب آهي. لفظ ”گهاءُ“ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيو آهي.

    ح. سو تون، تون هڏ: اسان جي تحقيق مطابق الفاظ ”سو تون“ بيت ۾ مناسب لڳن ٿا اهو هن ڪري ته ”تون هڏ ڪڄاڙياءَ“ الفاظ معنيٰ جي لحاظ کان مصرع ۾ مناسب نه ٿا لڳن. ڇا ڪاڻ ته ”هڏ“ لفظ جي معنيٰ آهي ”هرگز، ڪڏهن به“.

    خ. ڪڄاڙيا، ڪڄاڙياءَ، ڪڄاڙياءِ، ڪڄاڙياءُ، ڪڄاڙيانءَ، ڪڄاڙئان: قارئين ڪرام! تحقيق هيٺ آيل بيت جا ٻه قافيا ”منجهاءُ“ ۽ ”گهاءُ“ اسان تحقيق ڪري ثابت ڪري چڪا آهيون، ته اهي درست قافيا آهن، هاڻ اسان جي سامهون پنج مختلف الفاظ لکيل آهن. اسان ثابت ڪيو آهي ته ٽيون قافيو ”ڪڄاڙياءُ“ درست آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته اهو قافيو ”ڪڄاڙياءُ“ ٻن قافين سان هم وزن ۽ هم آواز آهي. اهو قافيو شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيو آهي.

    د. جون، جيون: قديم صورت خطيءَ ۾ لفظ ”جيون“ استعمال ٿيندو هو. اهو لفظ اسان جي تحقيق مطابق درست لکيو ۽ ڳالهايو ويندو هو. مگر جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ جيڪا 1853ع کان پوءِ مروّج ٿي.
    تنهن ۾ لفظ ”جون“ استعمال ڪيو ويو ۽ اڄ تائين اهو لفظ استعمال ٿيندو رهي ٿو.

    ذ. سَڌون، سُڌون: لفظ ”سَڌُون“ جي معنيٰ آهي خواهشون ۽ لفظ ”سُڌون“ جو واحد لفظ ”سُڌ“ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”ڄاڻ، معلومات“. اسان جي تحقيق مطابق سگهڙ حاجي الله داد جنجهي بيت ۾ لفظ ”سُڌون“ غلط استعمال ڪيو آهي ۽ ٻين صاحبن لفظ ”سَڌون“ بيت ۾ درست استعمال ڪيو آهي.

    ر. ڪرين، ڪري: لفظ ”ڪري“ فقط ممتاز مرزا لکيو آهي. قديم سنڌي صورت خطي ۾ لکيل گنج ۾ اهو لفظ ”ڪري“ ته واقعي لکيل آهي مگر اهو لفظ اچار ۾ ”ڪرين“ پڙهبو هن ڪري جو قديم صورت خطيءَ جي لفظ ۾ اندر توڙي آخر ۾ اڪثر ڪاتب اکر ”ن“ کي مخفي رکندا هئا. مطلب ته لفظ ”ڪري“ جديد صورت خطي ۾ ”ڪرين“ لکڻ گهرجي. جيڪو ٻين سڀني مرتب ۽ محقق حضرات لکيو آهي.
    اسان جي تحقيق مطابق بيت جي هي پڙهڻي درست آهي.

    اَڃان تو مَنجهاءُ، ڪَکُ ڇُتي رَتُ نِڪري!
    مُنهن ۾ مَعشُوقن جا، ڪِيئن جَهلندين گهاءُ؟
    سَو تُون ڪُڄاڙياءُ، سِڪڻَ جُون سَڌون ڪَرين؟


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه فرمائي ٿو ته اي الڙ عاشق تنهنجي منهن منجهه ته رت ئي رت آهي، تنهنجي منهن ۾ ڪک جي لڳڻ سان اڃا رت نڪري ٿو. تون معشوقن طرفان رسايل گهاءُ ڪيئن جهلندين ۽ سهندين تو پاڻ کي پرين جي پِريت ۾ پاٺو نه ڪيو آهي ۽ نه ئي سَپرين جي سِڪ ۾ سُڪايو آهي ته پوءِ تون ڇا جي ڪري سڪڻ ۽ معشوق کي حاصل ڪرڻ جون سڌون ۽ خواهشون ظاهر ڪرين ٿو.

    *****

    ويٽي جَن ٍ وَٽِ، ڏکُندُو ڏُوِرِ ٿِي ٍ،
    تُن تَن ٍ س ٍڪَٽِ اُوڏَا اَڏي پَکَراَ.

    (سيّد عبدالعظيم فقير گنج سُر يمن ڪلياڻ ص 231 سال 1995ع)

    ڏکُندُو ڏُور ٿـيي ويٺي جَن ٍ وَٽِّ،
    تَنَ تَن ٍ س ٍ ڪَٽِ اُوڏَا اَڏي پَکَراَ.

    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر يمن ڪلياڻ ص 38 سال 1995ع)

    ويٺي جنهين وٽ ڏُکندو ڏور ٿئي،
    تون تنسين ڪٽِ اوڏا اڏي پکڙا.

    (ديوان تارا چند شوقيرام شاهه جو رسالو سُر يمن ڪلياڻ ص 50 سال 1900ع)

    ويٺي جِنيِن وَٽِ، ڏُکَندو ڏور ٿِئي،
    تَنَ! تِنِين سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.

    (ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر يمن ڪلياڻ ص 42 )

    ويٺي جَنِي وٽِ، ڏُکَندو ڏُور ٿئي،
    تُون تَنِي سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکڙا.

    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر جمن ص 38 سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    ويٿهي جَنهِين وَٿِ ڏُکهَندو ڏُورِ تهئي،
    تَنَ تَنهِين سَان کَٿِ اوڏا اَڏي پَکهَڙَا.

    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ شاهه جو رسالوسُر جمن ڪلياڻ ص 62 سال 2008ع )

    ويٺي جَنين وٽِ، ڏکندو ڏور ٿيين،
    تون تنيِن سين ڪَٽِ، اوڏا اڏي پکڙا.

    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ ص 231 سال 1995)

    ويٺي جنين وَٽِ، ڏُکندو ڏُور ٿئي،
    تَنَ! تَنيِن سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکڙا.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 301 سال 1994 )

    ويٺي جنهين وٽ، ڏُکندو ڏور ٿئَي،
    تون تنسين ڪٽِ اوڏا اڏي پکڙا.

    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 75 مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    ويٺي جنهين وٽ ڏُکندو ڏور ٿئي،
    تون تنسين ڪٽِ اوڏا اڏي پکڙا.

    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 64 بااختيار ادارو سال 1994 )

    ويٺي جَنين وَٽِ ڏُکندو ڏورِ ٿئي،
    تون تنِين سين ڪٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.

    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر يمن ڪلياڻ ص 64سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    ويٺي جَنِين وَٽِ، ڏُکَندو ڏورِ ٿيي،
    تَنَ! تنين سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.

    (ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر يمن ڪلياڻ ص 125 سال 2009 )

    ويٺي جَنِين وَٽِ، ڏُکَندو ڏُورِ ٿِئي،
    تَنَ! تَنين سين ڪَٽ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.

    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالوسر يمن ڪلياڻ ص 65سال 2013ع )

    ويٺي جنين وٽ، ڏُکندو ڏُور ٿئي،
    تون تنين سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکڙا.
    س
    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالوسر يمن ڪلياڻ ص 66 سال 2009ع )

    ويٺي جِنين وٽ، ڏُکندو ڏُورِ ٿئي،
    تَنَ تنين سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.

    (عثمان علي انصاري، شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 49 سال 2013ع ثقافت کاتو)

    وِيٺِي جَنين وَٽ، ڏُکندو ڏورِ ٿِئي،
    تُون تَنِي سان ڪَٽ، اوڏا اڏي پَکَڙا.

    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سر يمن ڪلياڻ ص 60سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    ويٺي جنين وٽ، ڏُکندو ڏؤر ٿئي،
    تون تنين سين ڪَٽِ، اوڏا اڏي پَکڙا.

    (باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 75سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    ويٺي جنين وٽ، ڏکندو ڏُور ٿئي،
    تَنَ تنين سان ڪٽ، اوڏا اڏي پکڙا.

    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سر يمن ڪلياڻ ص 29 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ويٺي، وِيٺِي، ويٽي، ويٿهي)، (جني، جنين، جنهين، جَن ٍ)، (تَن، تُن، تون، تنين، تني، تنسين).

    الف. ويٺي، وِيٺِي، ويٽي، ويٿهي : لفظ ”ويٽي“ گنج شريف سيّد عبدالعظيم لکيو آهي، قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ اکر ”ٺ“ ڪو ڪاتب اتفاق سان لکندو هو ورنه ”ٺ“ اکر بجاءِ اڪثر ڪاتب اکر ”ٽ“ استعمال ڪندا هئا.
    لفظ ”ويٿهي“ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ پنهنجي ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو ۾ لکيو آهي. ڊاڪٽر صاحب گهڻو ڪري اردو الفابيٽ کي شاهه جو رسالو ۾ ڪتب آندو آهي.
    لفظ ”وِيٺِي“ الله داد جنجهي صاحب لکيو مگر اسان جي تحقيق مطابق پريس جي غلطي سببان اکر ”و ۽ ٺ“ هيٺان زير اچي ويئي ته ”وِيٺِي“ لکجي ويو.
    قارئين ڪرام! اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”ويٺي“ (ویٹھے) جن صاحبن لکيو. تن درست لکيو آهي.

    ب. جني، جنين، جنهين، جَن ٍ: لفظ ”جَن ٍ“ بيت ۾ قديم صورت خطي وارو لکيل آهي. ”ن“ اکر جي هيٺيان ٻه زيرون ڏنل آهن. جديد صورت خطي ۾ اهو لفظ “جنين“ ٿيندو .
    لفط ”جني“ ٻانهون خان شيخ ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيو آهي. انهن صاحبن اهو لفظ نامناسب لکيو آهي.
    لفظ ”جنين“ جن صاحبن لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق درست لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته ٻي مصرع ۾ ٻيو نمبر لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجي بيت ۾ ”تنين“ فرمايو آهي. لفظ ”تنين ۽ جنين“ هڪ ٻئي پٺيان لکڻ لازم ۽ ملزوم آهن.
    اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن لفظ ”جنهين“ لکيو آهي تن اهو لفظ نامناسب لکيو آهي. انهن کي لفظ ”تنين“ لکڻ گهربو هو.
    قارئين ڪرام! رهيو سوال ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي لکيل لفظن ”جنهين ۽ تنهين“ جو ته حاجي محمّد سمي جي ڪتابت ڪيل رسالي ۽ ان کان اڳ ۾ لکيل گنج ۾ لفظ ”جنين“ لکيل آهي ۽ ٻين مرتب ۽ محقق حضرات منجهان اڪثر صاحبن لفظ ”جنين“ لکيو آهي. تنهنڪري الفاظ ”جنين ۽ تنين“ حضرت ڀٽ ڌڻي رحه جي بيت لاءِ مناسب آهن.

    ت. تَن، تُن، تون: قارئين ڪرام! لفظ ”تن“ لکڻ وارا صاحبان آهن: حاجي محمّد سمون، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ عثمان علي انصاري، فقير تاج محمّد نظاماڻي، غلام محمّد شاهواڻي ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو. هنن صاحبن اهو لفظ غلط لکيو آهي.
    قارئين ڪرام! ڊاڪٽر گُربخشاڻي لفظ ”تن“ جي معني لکي ئي نه آهي. ڪلياڻ آڏواڻي لفظ ”تن“ جي معنيٰ لکي آهي ”اي منهنجا سرير“ ۽ پوري بيت جي معنيٰ لکي اٿس. ”اي منهنجا جسم جن جي ويجهو ويهڻ سان پيڙا لهي وڃي، تن جي ويجهو پنهنجا پکا اڏي وڃي انهن سان ڪاٽ“ (ص 42).
    عثمان علي انصاري لفظ ”تن“ جي معنيٰ ”بدن“ لکي آهي (لفظن جي پٽي ص 673).
    قارئين ڪرام اسان تحقيق ڪري معلوم ڪيو آهي ته جن صاحبن لفظ ”تَن“ لکيو آهي. تن حضرت ڀٽ ڌڻي رحه جي بيت ۾ نهايت ئي غلط لفظ لکيو آهي. درست لفظ ”تُن“ آهي جيڪو جديد صورت خطيءَ ۾ ”تون“ ٿئي ٿو سڀ کان پهريائين گنج شريف ۾ سيّدعبدالعظيم لفظ ”تُن“ لکيو .
    اسان تحقيق ڪري هي به معلوم ڪيوآهي ته قديم ڪاتب حاجي محمّد سمي شاهه جو رسالو ۾ لفظ ”تَن“ لکيو آهي ۽ اسان هي به معلوم ڪيو آهي ته ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ به لفظ ”تَن“ لکيو آهي. انهن صاحبن جي پوءِ واري ڪندي جن صاحبن غلط لفظ ”تَن“ لکيو سي آهنۡ: غلام مصطفيٰ مشتاق، عثمان علي انصاري، ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر گُربخشاڻي، فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو.
    تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.

    ويٺي جَنين وٽِ، ڏُکندو ڏُور ٿِئي،
    تُون تَنيِن سِين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه فرمائي ٿو ته اي آدم زاد، اي انسان توکي صلاح ٿو ڏيان ته تنهنجو ڏکندو، تنهنجو درد، تنهنجي پيڙا، جن سان ويجهي ويهڻ جي ڪري دُور ۽ رفع دفع ٿي وڃي تون انهن سان پنهنجي زندگي جا سٺا ڏينهن ڪٽڻ ۽ گذارڻ لاءِ انهن جي ويجهو، انهن جي سامهون، انهن جي پاڙي ۾ پکڙا اَڏي جاءِ جوڙي گذار.


    3. سُر کنڀات

    چوڏهِينءَ چنڊ نه اُڀريو اوڻٽيـ ه پسي نه عام،
    مٿس ناه مَلامَ، جيڪي پڇين پڇ سو.

    (ديوان تارا چند شوقيرام شاهه جو رسالو سُر کنڀات ص 53 سال 1900ع)

    چوڏِينهَن چَنڊن اُڀِري، اُوڻَٽِيـهَن پَسي نَه عَامَ،
    مَٿِسِ نَاهِه مَلاَمَ، جيڪو پُڇين پُڇُ سو.

    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر کنڀات ص 127 سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    چوڏِهيَِ چنڊُ نه اُڀِريو، اُوڻٽيـ هَ پَسيسِ عام،
    مٿس ناه مَلامَ، جيڪي پُڇين پُڇُ سو.

    (ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالوسُر کنڀات ص 158 سال 1996ع )

    چوڏهينء چنڊُ نه اُڀريو، اوڻٽيهين پَسي نه عام،
    مَٿِسِ ناههِ مَلامَ، جيڪو پُڇيين پُڇ سو.

    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ ص 256 سال 1995)

    چوڏهِينءَ چَنڊُ نه اُڀريو، اُوڻٽِيـ هَ پَسيسِ عام،
    مٿس ناهِ مَلامَ، جيڪي پُڇِين پُڇ سو.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 129 سال 1994 )

    چوڏهِينءَ چنڊ نه اُڀريو، اوڻٽيـ ه پسي نه عام،
    مٿس ناه ملام، جيڪي پُڇين پُڇُ سو.

    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 80 مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    چوڏهيِنءَ چنڊ نه اُڀريو، اوڻٽيـ ه پسي نه عام،
    مٿس ناه مَلامَ، جيڪي پڇين پڇ سو.

    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 67 بااختيار ادارو سال 1994 )

    چوڏهيِنءَ چَنڊ نه اُڀريو، اُوڻَٽِيـ هَ پَسيسِ نه عام،
    مَٿِس ناهِ مَلامَ، جيڪِين پڇِين پُڇُ سو.

    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر کنڀات ص 69 سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    چوڏهِينءَ چَنڊرُ اُڀِري، اُڻٽرِيهِينءَ پَسِي نه عام،
    مَٿِسِ ناهِ مَلامَ، جيڪِين پُڇِين پُڇُ سو.

    (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاهه جو رسالو سُر کنڀات ص 83 سال 2009 )

    چوڏهِيَ چَنڊُ نه اُڀِرِئو، اُوڻَٽِيـ هَ پَسيس ِ عامَ،
    مَٿسِ ناهِ مَلامَ، جيڪِي پُڇين پُڇُ سو.

    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالوسر کنڀات ص 70 سال 2013ع )

    چوڏهينءَ چنڊ نه اُڀريو، اُوڻٽيـ هَ پَسي نه عامَ،
    مٿس ناه مَلامَ، جيڪِي پڇين پڇ سو.
    س
    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالوسر کنڀات ص 69 سال 2009ع )

    چوڏِهينءَ چنڊُ نه اُڀِرِئو، اُوڻٽِيـههَ پَيسِ عام،
    مَٿسِ ناهِ مَلام، جيڪِي پُڇين پُڇُ سو.

    (عثمان علي انصاري، شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 52 سال 2013ع ثقافت کاتو)

    چوڏهينءَ چنڊ اُڀري، اُوڻٽِيهين پَسي نه عام،
    مٿَس ناهه مَلام، جِيڪي پُڇين پُڇ سو.

    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سر کنڀات ص 64سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    چوڏهيِنءَ چنڊ آڀريو، اوڻٽيـهه پَسي نه عام،
    مٿس ناه مَلامَ، جيڪِي پڇين پڇ سو.
    (باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 79 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    چوڏهينءَ چنڊ نه اُڀريو، اوڻٽيـ ه پسي نه عام،
    مٿس ناه ملام، جيڪي پڇين پڇ سو.

    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 32 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (چنڊرُ، چنڊ، چنڊ نه، چنڊن)، (اڀري، اڀريو، اڀرئو، آڀريو)، (اڻٽيهين، اوڻٽيهه، اوڻٽيـ ه)، (پسي، پسيس، پيس)، (نه عام، عام)

    الف. چنڊرُ، چنڊ، چنڊ نه، چنڊن: لفظ ”چنڊرُ“ فقط ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکيو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ ”چنڊرُ“ نه فرمايوآهي.اسان جي تحقيق مطابق هن صاحب اهو لفظ بغير تحقيق جي لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته ”چنڊر“ چوڻ وارو لهجو خالص اتراڌي آهي.
    لفط “چنڊ” عثمان علي انصاري، علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر گُربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ۽ باگو جي ڏانو جي لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق هنن صاحبن به بغير تحقيق جي لفظ ”چنڊ“ لکيو آهي. تحقيق مان اهو ثابت ٿيو آهي ته هنن صاحبن هڪ ٻي جي تقليد ڪئي آهي.
    ۽ جن صاحبن ”چنڊ نه“ لکيو آهي، سي صاحبان آهن، ديوان تارا چند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ممتاز مرزا، فقير تاج محمّد نظاماڻي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو ۽ محمّد عثمان ڏيپلائي.
    قارئين ڪرام! هنن صاحبن اسان جي تحقيق مطابق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ استعمال ٿيل لفظ تي تحقيق نه ڪئي هڪ ٻي جي پوءِ واري ڪندي لفظ ”چنڊ نه“ لکيائون. هنن کي اصل فرمايل لفظ سمجهه ۾ ئي نه آيو.
    فقط ٻانهي خان شيخ لفظ ”چنڊن“ لکيو آهي. هن صاحب به حضرت ڀٽ ڌڻي رحه جي انهيءَ لفظ تي تحقيق نه ڪئي مگر پنهنجي خيال کان لفظ ”چنڊن“ لکي ڇڏيائين، اهو نه سوچائين ته لفظ ”چنڊن“ لفظ ”چنڊ“ جو جمع آهي. جيڪڏهن ائين سوچي ها ته پوءِ ان جي پٺيان لفظ ”اُڀري“ نه لکي ها، مگر اُڀرن لکي ها.
    حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي هن بيت جي تحقيق هيٺ آيل پهرين مصرع جو مفهوم بلڪل مختلف معلوم ٿئي ٿو. ڪيڏو نه حضرت ڀٽ ڌڻي رحه جي باري ۾ غلط تاثر پيدا ڪيو اٿن؟! اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته مٿيان صاحبان لڪير جا فقير رهيا. گنج شريف ۾ لفظ ”چنڊ نه“ لکيل ڏٺائون ۽ ارنيسٽ ٽرمپ جي رسالي ۾ ص 66 تي لفظ ”چنڌر“ لکيل ڏٺائون ته بغير تحقيق جي بيت ۾ لفظ لکي ڇڏيائون.
    قارئين ڪرام! اسان جڏهن مذڪوره بالا بيت جي پهرين مصرع تي غور ڪيو ته اسان لفظ ”چنڊ، چنڊر، چنڊن، چنڊ نه“ لفظن جي جاءِ تي لفظ ”چندن“ بيت ۾ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ طرفان فرمايل ثابت ڪيو. لفظ ”چندن“ جي معنيٰ به آهي ”چنڊ“ اسان لفظ ”چنڊ نه“ واري آخري ”نه“ کي ”ن“ غنو ٺاهي لفظ ”چند“ سان ملايو آهي. ته اهو لفظ ”چندن“ ٺهي پيو آهي.
    قارئين ڪرام! افسوس ته انهن جي سوچ تي ٿئي ٿو جن ليکڪن بيت ۾ الفاظ لکيا آهن”چوڏهين چنڊ نه اڀري“حالانڪه هر ڪنهن کي خبر آهي ته چنڊ چوڏهين رات ته وڏي شان سان آسمان جي سيني تي اڀرندو آهي.

    ب. اڀري، اڀريو، اڀرئو، آڀريو: باگي جي ڏاني لفظ ”آڀريو“ غلط لکيو آهي، جن صاحبن لفظ ”اُڀريو ۽ اڀرئو“ لکيو آهي تن صاحبن اهو لفظ بيت ۾ نامناسب لکيو آهي. انهن صاحبن جي ڀيٽ ۾ سيّد عبدالعظيم ص 256 تي گنج ۾ لکيو آهي ۽ ممتاز مرزا، ٻانهي خان شيخ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ سگهڙ حاجي الله جنجهي لفظ ”اڀري“ نهايت ئي مناسب لکيو آهي، اهو لفظ ”اُڀري“، چنڊ جي اُڀرڻ جي حقيقت بيان ڪري ٿو ته چندن چوڏهين جي رات اُڀري ٿو.

    ت. اڻٽيهين، اوڻٽيـ ه،اوڻٽيهه: جن صاحبن لفظ ”اڻٽينـ ه / اڻٽيهه“ لکيو سي صاحبان آهن، ديوان تارا چند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه غلام مصفطيٰ قاسمي، عثمان علي انصاري، علامه آءِ آءِ قاضي، غلام محمّد شاهواڻي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، باگو جي ڏانو جي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي. انهن صاحبن اڌ اکري سنڌي وارو لفظ لکڻ جي غلطي ڪئي آهي. اڻٽيهه (29) انگن جو تعداد آهي ليڪن لفظ ”اڻٽيهين“جي معنيٰ آهي ”اڻٽيهين رات وارو عرصو“.
    جن صاحبن درست لفظ ”اڻٽيهين“ لکيو سي آهن، سيّد عبدالعظيم، ممتاز مرزا، ٻانهون خان شيخ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ .

    ث. پسي، پسيس، پيس: جن صاحبن لفظ ”پسيس ۽ پيس“ لکيو آهي تن صاحبن اهي لفظ غلط لکيا آهن. اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”پسي“ جو اشارو چنڊ ڏانهن آهي، لفظ ”پسي“ جي معنيٰ آهي ”ڏِسي“. مطلب ته لفظ ”پَسي“ درست آهي.
    لفظ ”پسيس“ هن ڪري بيت ۾ مناسب نه آهي جو هن جون ماترائون وڌيڪ آهن. اسان جي تحقيق مطابق ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي، ۽ علامه آءِ آءِ قاضي لفظ ”پسيس“ درست نه لکيو آهي. درست لفظ ”پسي“ لکڻ وارن جو تعداد گهڻو آهي.

    ج. نه عام، عام: قارئين ڪرام! چنڊ اڻٽيهين رات تمام دير سان اڀرندو آهي ان کي عام ماڻهو نه ڏسي سگهندا آهن، مگر ڪي خاص ماڻهو جيڪي سج اڀرڻ کان اڳ جاڳندا آهن انهن منجهان ڪي ڪي چنڊ کي اوڻٽيهين رات سج اڀرڻ کان ٿورو اڳ اڀريل ڏسندا آهن. اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن بيت ۾ لفظ ”عام“ لکيو آهي تن نا مناسب لکيو آهي.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.

    چوڏهينءَ چَندن اُڀري، اُوڻٽِيهين پَسي نه عام،
    مٿَس ناهه مَلام، جِيڪِي پُڇين پُڇ سو.

    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه چنڊ جي ڪلائن بابت چنڊ جي نا مڪمل، مڪمل ۽ دير سان اڀرڻ واري ڄاڻ ڏيڻ لاءِ هي بيت فرمايو آهي ته چنڊ چوڏهين رات تائين (سموريون چوڏنهن راتيون باقاعدي) اڀرندو آهي انکي اڀرندي سڀ ڏسندا آهن. مگر چنڊ اوڻٽيهين جي رات تمام دير سان اڀرندو آهي تنهنڪري ان کي اڪثر ماڻهو اڀريل نه ڏسندا آهن.
    حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه فرمائي ٿو ته چنڊ تي سنجهي نه اڀرڻ واري ملامت ڪوئي به مٿس ڌري نه ٿو سگهي ڇا ڪاڻ ته چنڊ تَڪوِينِي اسلام جي اصول مطابق لهندو ۽ اڀرندو رهندو آهي. چنڊ جي اهڙي طرح لهڻ ۽ اڀرڻ بابت اگر پڇڻ چاهين ٿو ته معلومات حاصل ڪر ته جئن تو کي چنڊ جي جلد ۽ دير سان اڀرڻ جي سببن جو پتوپوي.

    *****

    چنڊ تُنهنجي ذات، سڀ مڙهايان سونَ سين،
    آهِيِن پرين پنڌ ۾، ڳڻ سڄياڻي راتِ،
    اچن جنهن ساعَتِ، پوءِ لهي وڃ لطيف چئي.

    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 67 بااختيار ادارو سال 1994 )

    چَنڊَر! تُنهِنجي ذاتِ، سَڀ مَڙهايان سونَ سين،
    آهِنِ پِرِين پَنڌُ ۾، کِڙُ سَڄيائِي رات،
    اَچَنِ جَهِين ساتِ، لَهِي وَڃُ، لطيفُ چَئي.

    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر کنڀات ص 83 سال 2009 )

    چنڊ تُنهِنجي ذاتِ، سَڀَ مڙهايان سونَ سين،
    آهِينِ پِرِين پَنڌَ ۾، ڪَرِ سَهائِي رات،
    اَچَنِ جَنهِن ساعات، لَهِي وَڃُ لطيفُ چي.

    (عثمان علي انصاري، شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 52 سال 2013ع ثقافت کاتو)

    چَنڊَ تُنهِنجِي ذاتِ، سَڀَ مَڙهايان سونَ سين،
    آهِينِ پِرِين پَنڌَ ۾، ڪَرِ سَهائِي راتِ،
    اَچَنِ جَنهِن ساعاتِ، لَهِي وَڃُ لَطِيفُ چي.

    (غلام مصطفيٰ مشتاق، شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 29 سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

    چَنڊَ تنهنجي ذات، سَڀَ مَڙهايان سَون ۾،
    پِرين منهنجا پَنڌ ۾، ڪر سُهائي رات،
    وِهاڻيءِ پِرڀات لَهي، وَڃ لطيف چئي.

    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سر کنڀات ص 64سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    چنڊ تنهنجي ذات، سڀ مڙهايان سون ۾،
    پرين منهنجا پنڌ ۾، ڪر سهائي رات،
    وهاڻي پرڀات لهي، وڃ لطيف چئي.
    (باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 82 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    چنڊ تنهنجي ذات، سڀ مڙهايان سونَ سين،
    آهينِ پرين پنڌ ۾، کِڙ سهائي رات،
    اچن جنهين ساعت، پوءِ لهي وڃ لطيف چئي.

    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 32 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    نوٽ: سيّد عبدالعظيم ، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ديوان تارا چند، ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، محمّد عثمان ڏيپلائي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومري، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ٻانهي خان شيخ اهو بيت نه لکيو آهي. جئن ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪلام جي گهڻن ليکڪن تحقيق ڪري اهو بيت پنهنجي ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ ۾ درج ڪيو آهي. تنهن ڪري اهو بيت اسان تحقيق هيٺ آندو آهي.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (سون سين، سون ۾)، (آهينِ پرين پنڌ ۾، پرين منهنجا پنڌ ۾، پر منهنجا پنڌ ۾)، (ڳڻ، کڙ، ڪر)، (سڄيائي، سهائي)، (جنهن، جنهين، جهين)، (ساعت، ساعات، سات)، (وڃ).

    الف. سون سين، سون ۾: جن صاحبن ”سون ۾“ لکيو آهي سي صاحبان آهن، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ۽ باگو جي ڏانو جي. هنن صاحبن اهي الفاظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي بيت ۾ مناسب نه لکيا آهن. اهو هن ڪري ٿا چئون ته لاڙي لهجي ۾ لفظ ”سين“ استعمال ٿيندو آهي، تنهنڪري اسان انهن صاحبن جي لکت درست سمجهون ٿا جن الفاظ ”سون سين“ لکيا آهن.

    ب. آهينِ پرين پنڌ ۾، پرين منهنجا پنڌ ۾، پِر منهنجا پنڌ ۾: جن صاحبن ”آهِين پرين پنڌ ۾“ فقرو لکيو آهي، تن صاحبن اسان جي تحقيق مطابق درست فقرو لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا لکون ته اها ٻولي حضرت ڀٽ ڌڻيءِ رحه جي آهي.

    ت. ڳڻ سڄيائي، کڙ سهائي، ڪر سهائي: قارئين ڪرام! قديم ڪاتب ڪٿي ”ڪ“ اکر سان ۽ ڪٿي ”ک“ اکر سان لکندا رهيا جنهن ڪري جديد دور جا محقق انهيءَ لفظ جي اصل صورت کي سمجهي نه سگهيا. شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ فقرو ”ڳڻ سڄيائي رات“ لکيو ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي ”کڙ سهائي رات“ فقرو لکيو ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”کڙ سڄيائي رات“ فقرو لکيو. انهن صاحبن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت تي صحيح تحقيق نه ڪئي. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته غلام مصطفيٰ مشتاق فقرو ”ڪر سهائي رات“ لکيو آهي عثمان علي انصاري جي پوءِ واري ڪئي اٿس ۽ باگي جي ڏاني جي به محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ عثمان علي انصاري جي پوءِ واري ڪندي ”ڪر سهائي رات“ لکيو آهي ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي به قديم نسخي منجهان ”ڪر سهائي رات“ فقرو اخذ ڪيو آهي.
    اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن ”ڪر سهائي رات“ فقرو لکيو آهي تن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت سان انصاف ڪيو آهي.

    ث. جنهن، جنهين، جهين: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لفظ ”جهين“ بيت ۾ استعمال ڪيو آهي اهو لفظ بيت ۾ اڻ سُهندڙ لکيو ويو آهي. الفاظ ”جنهن، جنهين“ بيت سونهن ٿا مگر انهن ٻنهي منجهان لفظ ”جنهن“ زياده مناسب آهي اهو هن ڪري ته هن لفظ جي پٺيان ٽين مصرع جو قافيو اچي ٿو. جيڪڏهن لفظ ”جنهين“ بيت ۾ لکبو ته لفظ جي ماترا وڌي ويندي جنهن ڪري لفظ وزن توڙي ردم ۽ آواز ۾ وڌي ويندو. تنهن ڪري اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”جنهن“ بيت ۾ نهايت ئي موزون آهي.
    لفظ ”جنهن“ لکڻ وارا صاحبان آهن، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، فقير تاج محمّد نظاماڻي، عثمان علي انصاري ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق .

    ج. ساعت، ساعات، سات: لفظ ”ساعت“ عربي ٻولي جو آهي جنهن جو جمع ”ساعات“ آهي (فيروز للغات ص 764). ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ترتيب ڏياريل لغات جي ص 1537 تي لفظ ”ساعت“ لکيل آهي جنهن جي معنيٰ لکيل آهي ”ڪلاڪ جو عرصو، گهڙي، لحظو، کن، ويرم، واچ (هڪ اوزار)، بخت نصيب“.
    ساڳي لغت جي ص 1526 تي الفاظ ”ساتاڙو، ساتانو، ساتو ۽ ساتاهو“ لکيل آهن، اهي الفاظ ”ست“ لفظ منجهان نڪتل آهن. لفظ ”سات“ جي معنيٰ آهي ”ست (7)“ معلوم ائين ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جو بيت سمجهه ۾ نه آيو تنهنڪري لفظ ”ساعت يا ساعات“ بجاءِ ”سات“ استعمال ڪيائين، کِل جوڳو عمل ڪيائين.
    اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجي بيت ۾ لفظ ”ساعات“ استعمال فرمايو. عثمان علي انصاري ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق لفظ ”ساعات“ لکي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جي لفظ کي بگڙڻ کان بچايو.

    ح. وڃ: سڀني صاحبن بحث هيٺ آيل بيت جي آخري ٽين مصرع ۾ پنجون لفظ ”وڃ“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق اهو لفظ غلط لکيو ويو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه هميشه زمان ۽ مڪان جو پنهنجي ڪلام ۾ خيال رکيو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪلام ۾ ”چئج، وڃج ۽ ڪهج“ استعمل ٿيل الفاظ مليا آهن. مثال طور:
    1. احـــوال عــاجـزن جــا آکــج لــڳ الله
    2. ســنيـها کـي سڄڻين ڪهج چنڊ اپار
    ناسيندي نظر پهرين ڪج پرين ڏي

    (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شاهه جو رسالو سُر کنڀات ص 82)

    قارئين ڪرام! مٿين مثالن ڏيڻ جو هي مقصد آهي ته انهن مصرعن ۾ جڏهن حضرت ڀٽ ڏڻي زمان مستقبل ۽ ايندڙ وقت جو ذڪر فرمائي ٿو ته پوءِ ڪئن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه تحقيق هيٺ آيل بيت جي ٽين مصرع جو ڇهون لفظ ”وڃ“ استعمال ڪندو؟ اسان جي تحقيق مطابق اهو لفظ حضرت جن ”وڃج“ فرمايو مگر راوين جي چوڻ موجب ڪاتبن لکيو يا ڪاتبن کان سهو ٿي تنهنڪري انهن لفظ ”وڃ“ لکيو ۽ پوءِ مرتب ۽ محقق حضرات بغير تحقيق ڪرڻ جي لفظ ”وڃ“ لکي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي فرمايل اصل لفظ ”وڃج“ کي بدلائي ڇڏيو.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي هي درست پڙهڻي بيهي ٿي.

    چَنڊُ تُنهِنجِي ذاتَ، سَڀ مَڙهَايَان سُونَ سِين،
    آهِينِ پِرِينءَ پَنڌُ ۾، ڪَرِ سُهائِي راتَ،
    اَچَنِ جَنهِن سَاعَات، پوءِ لَهِي وَڃِج لَطِيفُ چَئي.


    معنيٰ: اي چنڊ تون بهَ ذاتِ خود مون کي ڏاڍو وڻين ٿو تو کي تنهنجي چوڌاري روشني واري گول دائري جي ٻاهران سمورو سون لڳرائي ڇڏيان.
    اي چنڊ منهنجا پرين پيارا پنڌ ۾ آهن، مون ڏانهن پيا اچن تنهنڪري اونداهي رات جي ان گهڙين کي سُهائو، پُرنور ۽ روشن ڪر.
    جن گهڙين ۾ منهنجي محبوب جي آمد ٿئي پُر نُور رهج مون لطيف جو چيو مڃ بعد ۾ ڀل جان لهي وڃجانءَ .

    *****

    سهسين سِڄنِ اُڀري چوراسي چنڊنِ،
    باللـّـ ه ري پرين، سڀ اونداهي ڀانئيان.

    (ديوان تارا چند شوقيرام شاهه جو رسالو سُر کنڀات ص 53 سال 1900ع)

    سَهسين سِجَنِ اُڀري، چورَاسِي چَنڊَنِ،
    بِاللهِ ري پِريَنِ، سَڀَ اُنداهِي ڀَانيان.

    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر کنڀات ص128 سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    سَهسين سِجَنِ اُڀري، چوراسي چَنڊَنِ،
    بالله ري پِريَنِ، سَڀَ اونداهي ڀانئيان.

    (ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 45 مڪتبه برهان )

    سَهسين سِڄَنِ اُڀري، چوراسِي چنڊَنِ،
    بِاالله، ري پِريَنِ، سڀَ اُنداهي ڀائِيان.

    (ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالوسُر کنڀات ص 158 سال 1996ع )

    سَهسين سجَنِ اُڀَرِي، چوراسي چَنڊنِ،
    بالله ري پرَينِ، سَڀ اونڌاهي ڀانئيان.

    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ ص257 سال 1995)

    سَهسِين سِجَنِ اُڀري، چوراسي چَنڊَنِ،
    بالله ريَ پِريَنِ، سَڀَ اونداهِي ڀانئيان.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو الف. ب. وار سر کنڀات ص 187 سال 2013)

    سهسين سِجنِ اُڀري چوراسي چنڊن،
    بالله ريءِ پرين، سڀ اونداهي ڀانئَيان.

    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 80 مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    سهسين سِڄَنِ اڀري چوراسي چنڊن،
    بالله ري پرين، سڀ اونداهي ڀانئَيان.

    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 67 بااختيار ادارو سال 1994 )

    سَهِسين سِجنِ اڀري، چوراسِي چَنڊَنِ،
    بِاللهِ، ري پِرِينِ، سَڀ اونداهِي ڀانئِيان.

    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر کنڀات ص 70 سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    سَهِسين سِجَنِ اُڀِري چَوراسِيين چَنڊَرنِ،
    بِالله ري پِرِينِ، سَڀ اُونداهِي ڀانئِيان.

    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر کنڀات ص 83 سال 2009 )

    سَهسين سِجنِ اُڀِري چوراسِي چَنڊَنِ،
    باللهِ ، ري پِرِيَنِ، سَڀَ اُونداهِي ڀانِئيان.

    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو چونڊ ڪلام سر کنڀات ص 29 مهراڻ اڪيڊمي سال 2011 )

    سَهسين سِڄَنِ اُڀِري، چوراسِي چَنڊَنِ،
    بِاللهِ ري پِرِيَنِ، سَڀَ اُنداهِي ڀائِيانَ.

    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالوسر کنڀات ص 70 سال 2013ع )

    سَهسين سِڄَن اُڀِري، چوراسِي چَنڊن،
    بِاللهِ، ري پرين، سڀ اونداهي ڀانئيان.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالوسر کنڀات ص 70سال 2009ع )

    سَهسين سِجَنِ اُڀِري، چوراسِي چَنڊَنِ،
    بِاللهِ رِي پِرِيَنِ، سَڀَ اُنداهِي ڀانئِيانِ.

    (عثمان علي انصاري، شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 52 سال 2013ع ثقافت کاتو)

    سَهسِين سِجَنِ اُڀِري، چوراسِي چَنڊنَ،
    بِالله ري پِرين، سڀ اونداهي ڀانِئيان.

    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سر کنڀات ص 64سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    سَهسين سِجن اُڀِري، چوراسِي چَنڊن،
    بِالله، ري پرين، سڀ اونداهِي ڀانئيان.

    (باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 79 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    سَهسين سجن اڀِري، چوراسي چنڊن،
    باللهِ ري پرينِ، سڀ انداهي ڀانئيان.

    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 32 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (سجن، سڄن)، (چوراسي)، (بالله، باالله)، (انداهي، اونڌاهي، اونداهي).

    الف. سجن، سڄن: جن صاحبن لفظ ”سڄن“ لکيو آهي سي آهن، ديوان تارا چند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي ۽ محمّد عثمان ڏيپلائي. هنن صاحبن اهو لفظ غلط العام بيت ۾ استعمال ڪيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه پنهنجي بيت ۾ غلط العام لفظ استعمال نه فرمايو مگر لفظ ”سجن“ فرمايو. اهو لفظ گنج شريف ۾ توڙي فقير تاج محمّد نظاماڻي جي ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ ۾، الله داد جنجهي جي ”شاهه جو گنج“ ۾، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي رسالي ص 66 جي اشاعت 2008 ۾ ، لفظ ”سجن“ لکيل آهي.
    اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن لفظ ”سجن“ لکيو آهي تن درست لکيو آهي. لفظ ”سِجن“ سج جو جمع آهي انهيءَ لفظ سج جي معنيٰ آهي ”سيڪ، گرمي، تپش ڏيندڙ “ اهو ئي سبب آهي جو سج سان مناسبت رکڻ واري باهه جي گرمي ۾ سيڪي تيار ڪيل گوشت کي ”سجي“ چئبو آهي.

    ب. چوراسي، چوراسيين: هن لفظ جي معنيٰ شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ ”لغات لطيفي“ ۾ نه لکي آهي. ڊاڪٽر گرُبخشاڻي ترتيب ڏنل رسالي ۾ بيت نمبر 12 ”سهسين سڄن اڀري“ جي معنيٰ نه لکي آهي. ڪلياڻ آڏواڻي معنيٰ لکي آهي ”چوراسي چنڊ اڀرن ته به سائين جو سُنهن ته پرينءَ بنا جيڪر ساري خدائي کي انداهي سمجهان“ (ص 45).
    ٻانهي خان شيخ لفظ ”چوراسي“ جي معنيٰ لکي آهي ”چوراسي جو عدد (84)، تمام گهڻو تعداد“ (ص 128 بيت 20)
    غلام محمّد شاهواڻي ۽ عثمان علي انصاري، به لفظ ”چوراسي“ جي معنيٰ نه لکي آهي.
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لفظ ”چوراسيين“ لکي معنيٰ رقم ڪئي آهي ”هڪ چوراسي نه مگر گهڻيون چوراسيون“ (ص 83 بيت 12).
    قارئين ڪرام! اسان جي تحقيق مطابق مٿي ذڪر ڪيل سڀني صاحبن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي فرمايل لفظ ”چوراسي“ تي درست تحقيق نه ڪئي بلوچ صاحب لفظ ”چوراسي“ بجاءِ ”چوراسيين“ لکيو. اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”چوراسي“ جي معنيٰ انگ (84) نه آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ کي انگ چوراسي (84) فرمائڻ جي ڪا ضرورت نه هئي اهو هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي سوچ اعليٰ ۽ مٿانهين آهي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو فرمايل لفظ ”چوراسي“ آهي.
    حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي فرمايل لفظ ”چوراسي“ جي حقيقي ۽ اصل معنيٰ آهي، ”چندن“ يعني چنڊ جي چئني طرفن کان روشني، جنهن ۾ چندن جي طرفان پکڙيل روشني وارو حالو جيڪو پوري آسمان ۾ ڦهليل ۽ روشن آهي تنهن کي ”چوراسي چندن“ چئبو آهن.

    ت. بالله، باالله: جن صاحبن ”باالله“ لکڻ واري صورت خطيءَ جي غلطي ڪئي آهي سي صاحبان آهن، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي جي غلطي هن ڪري ٿا چئون ته باالله جو اشتقاق آهي، با = ب+ا + الله =ا+ل+ل+ا+ه، هن لفظ ”باالله“ ۾ اکر ست (7) اچن ٿا جڏهن ته ”بالله“ لفظ ۾ اکر ڇهه (6) اچن ٿا. هڪ لفظ ”ب“ جو جنهن جي معنيٰ آهي ”قسم“ اهو لفظ ”الله“ کان الڳ آهي تنهنڪري اسان انهن صاحبن جو لفظ درست سمجهون ٿا جن لفظ ”بالله“ لکيو آهي.

    ث. اُنداهي، اونڌاهي، اونداهي: قارئين ڪرام! لفظ ”اُنداهي“ قديم اڌ اکري سنڌي وارو لفظ آهي.اصل لفظ ”اونداهي“ آهي، هي لفظ “اونده” لفظ مان نڪتل آهي. لفظ ”اونڌاهي“ ۾ ٻه اکر ”ڌ ۽ هه“ سلاست واري صنعت مطابق نه آهن، زبان تي بارا لڳندا آهن. تنهنڪري اهو لفظ ”اونڌاهي“ لکڻ ادبي عيب آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ اهڙو لفظ استعمال ڪري ئي نه ٿو سگهي.
    ڪاتب سيّد عبدالعظيم، حضرت ڀٽ جي وفات حسرت آيات کان ڀاروان چاليهه سال پوءِ راوي جي غلط روايت تي غلط العام لفظ ”اونڌاهي“ لکيو قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي علمي لياقت مطابق ”اونداهي“ لکڻ گهرجي.
    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي:

    سَهسِين سِجَن اُڀِري، چَورَاسِي چَنڊَن،
    بِاللهِ رِي پِريَنِ، سَڀَ اونداهِي ڀَانئِيان.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمائي ٿو ته ڪيترائي ڀيرا سج اڀري ۽ چند پنهنجي چوطرف ڦهليل چانڊوڪي، سان گهڻا ئي دفعا آسمان ۾ اڀري ٿو مونکي پنهنجي سائين مالڪ الملڪ (الله) جو قسم ته مان پنهنجي پرين جي غير حاضري ۾ پنهنجي پرين کان سواءِ اهي سج ۽ چنڊ جون روشنائيون سڀ اونداهي ڀانئيان ٿو. ڇا ڪاڻ ته منهنجي اکين جو نور ته منهنجو محبوب آهي. اهو نه آهي ته منهنجي خيال ۾ سارو جهان اونداهو آهي.


    4. سُر بروو سنڌي

    اڄ پڻ جُڙيَمِ جوڙَ، دوست پيهي دَر آئيو،
    سُکن وٺي ڏُکن کي، محڪُم ڏني موڙ،
    جا پَرِ کَٽئ کوڙَ، ساپَرِ سُورِن سين ٿئي.

    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 380 سال 1900ع)

    اَڄُ پِڻُ جُڙِيَمِ جوڙَ، دوسِتُ پيهي دَرِ آئِيو،
    سُکَنِ اَچي ڏُکَنِ کي، مُحڪَمُ ڏِني موڙَ،
    جا پَرِ کَٽيءَ کوڙَ، ساپَرِ سورَنِ سين ٿِئي.

    (ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 384 مڪتبه برهان )

    اَڄُ پَڻِ جُڙِئَمِ جوڙَ، جيئَن دوسِتُ پيهي دَر آيو،
    سُکَنِ وَٺِي ڏُکَنِ کي، مَحڪُم ڏِنِي موڙَ،
    جَا پَرِ کوٽَنَ کوڙَ، سَا پَرِ سُورَنِ سان ٿي.

    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 404 سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    اَڄُ پڻُ جُڙِيَمِ جوڙَ، دوسَتُ پيهِي دَرِ آئِيو،
    سُکَنِ وٺي ڏُکَنِ کي، مَحڪُم ڏنِي مُوڙَ،
    جا پَرِ کَوٽَنِ کوڙَ، سا پَرِ سُورَنِ ساٿِيين.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 505 سال 2013)

    اڄ پڻ جُڙِيَمِ جوڙَ، جيئن دوست پيهي در آئيو،
    سکن وٺي ڏکن کي، محڪَمُ ڏني مُوڙَ،
    جا پَرِ کَوٽَنَ کوڙَ، ساپر سورن سين ٿي.

    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ ص457-458سال 1995)

    اڄ پڻ جُڙيم جوڙ، دوست پيهي در آئيو،
    سکن وٺي ڏکن کي، محڪم ڏني موڙ،
    جا پر کٽيءَ کوڙ، ساپر سورن سين ٿي.

    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر بروو سنڌي ص 502سال 1994 )

    اَڄُ پِڻُ جُڙيَم جوڙَ، دوست پيهِي دَرِ آئِيو،
    سُکن وٺي ڏُکن کي، مَحڪُم ڏني موڙ،
    جا پَرِ کٽئ کوڙَ، ساپَرِ سُورَنِ سِين ٿئي.

    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 422 مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    اَڄُ پُن جُڙِيَمِ جوڙَ، دوس پيهِي دَرِ آئِيو،
    سُکهَنِ اَچي ڏُکهَنِ کهي، مَحکَمُ ڏِنِي موڙَ،
    جَا پَرِ کَهَٿريَ کهوڙَ، سا پَرِ سُورنِ سَان تهِي.

    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 491 بااختيار ادارو سال 1994 )

    اڄ پڻ جڙيم جوڙ، دوست پيهي در آئيو،
    سُکنِ وٺي ڏُکنِ کي، محڪُم ڏني موڙ،
    جا پَرِ کَٽئ کوڙُ، ساپَرِ سُورن سين ٿئي.

    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 505 بااختيار ادارو سال 1994 )

    اَڄُ پُڻ جُڙِيَمِ جوڙَ، دوسَتُ پيهِي دَرِ آئِيو،
    سُکَنِ وَٺِي ڏُکَنِ کي، مَحڪَمُ ڏِنِي موڙَ،
    جا پَرِ کَٽِيءَ کور، ساپَرِ سُورَڻِ سين ٿِئِي.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 640 سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    اَڄُ پُڻ جُڙيَمِ جوڙَ، دوستُ پيهِي دَرِ آئِيو،
    سُکَنِ وَٺي ڏُکَنِ کي، مَحڪُمَ ڏِنِي موڙ،
    جا پَرِ کَٽِريءَ کوڙَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِئِي.
    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 97 سال 2009 سنڌ ثقافت)

    اَڄُ پُڻِ جُڙِيَمِ جوڙَ، دوسُ پيهِي دَرِ آئِيو،
    سُکَنِ اَچِي ڏُکَنِ کي، مَحڪُمُ ڏِنِي موڙَ،
    جا پَرِ کَٽِيَ کوڙَ، ساپَرِ سُورَنِ ساڻُ ٿِي.
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 369 سال 2013ع روشني)

    اڄ پڻ جُڙيم جوڙ، دوست پيهي در آئيو،
    سکن وٺي ڏکن کي، محڪم ڏني موڙ،
    جا پر کٽيءَ کوڙ، ساپر سورن سين ٿئي.
    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 392سال 2009ع مهراڻ)

    اَڄ پڻ جُڙيم جَوڙ، جِيئن دوست پيهي در آيو،
    سُکن وٺي ڏکِن کي، مُحڪم ڏَني موڙ،
    جا پر کَٽِين کَوڙ، سا پَر سُورن سين ٿئي.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر بروو سنڌي ص 287 سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    اڄ پڻ جُڙيم جوڙ، دوست پيهي در آئيو،
    سکن وٺي ڏکن کي، محڪم ڏني موڙ،
    جا پر کٽيءَ کوڙ، سا پر سورن سين ٿئي.

    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 502 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    اڄ پڻ جڙيم جوڙ، دوست پيهي در آئيو،
    سکن وٺي ڏکن کي، محڪم ڏِني موڙ،
    جا پر کيٽن کوڙ، ساپر سورن ساڻ ٿي.

    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 229 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    اَڄُ پُڻُ جُڙيم جوڙَ، دوستُ پيهي درَ آئيو،
    سُکَنِ وَٺي ڏُکَنِ کي، مَحڪُم ڏِني موڙَ،
    جا پَرِ کوٽَنِ کوڙَ، ساپَرِ سُورَنِ ساٿِيين.

    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو (چونڊ ڪلام) سُر بروو سنڌي ص 220 سال 2011ع مهراڻ)


    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (جيئن)، (دوست، دوسُ)، (آئيو، آيو)، (اچي ڏکن، وٺي ڏکن)، (کٽيءَ، کوٽن، کيٽن، کٽين، کٽري)، (کور، کوڙ)، (سان ٿئي، سين ٿي، سين ٿئي)

    الف. جيئن: هي لفظ فقط ٽن صاحبن لکيو آهي، ممتاز مرزا، ٻانهون خان شيخ ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي. اسان انهن صاحبن جي لکيل لفظ کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي بيت ۾ هن ڪري مناسب نه ٿا سمجهون جو اهو لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه اسان جي تحقيق مطابق بيت ۾ فرمايو ئي نه آهي. اهو هن ڪري چئون ۽ لکون ٿا ته جيڪڏهن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه لفظ ”جيئن“ بيت جي پهرين مصرع ۾ فرمائي ها ته ٻي مصرع ۾ لفظ ”تيئن“ ضرور فرمائي ها. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جو هي دستور رهيو آهي ته لفظ ”جيئن بعد تيئن“ ۽ ”جتي جيتريون الفاظ بعد، تتي تيتريون“ الفاظ فرمايا آهن جيئن لفظ ”جيئن“ سيّد عبدالعظيم ۽ ممتاز مرزا بيت جي پهرين مصرع ۾ پنجون نمبر لکيو آهي. اسان جي اهڙي راءِ جي تصديق انهيءَ ئي بيت جي آخري مصرع منجهان ڪري سگهو ٿامصرع ملاحظه فرمايو:
    ”جاپر کوٽن کُوڙ، ساپر سورُن سين ٿِي“
    هن مصرع ۾ ”جاپر“ بعد ”ساپر“ الفاظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايا آهن.

    ب. دوست، دوسُ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي هن بيت ۾ لفظ ”دوس“ فقط ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ۽ غلام محمّد شاهواڻي لکيو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه ، اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”دوس“ نه فرمايو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته بيت ۾ لفظ ”دوست“ جي ”ت“ ماترائن واري وزن کان وڌيڪ نه آهي. هن لفظ جي تخفيف جي ضرورت نه آهي. تنهنڪري اسان جي تحقيق مطابق مٿين صاحبن لفظ ”دوس“ غلط لکيو آهي.

    ت. آئيو، آيو: لفظ ”آيو“ ٻانهي خان شيخ ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيو آهي. هنن صاحبن اسان جي تحقيق مطابق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي بيت ۾ نامناسب لفظ استعمال ڪيو آهي. هن جي هڪ ماترا کٽل آهي. ”آئيو“ نهايت ئي موزون لفظ آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَرحه ڪڏهن به ناموزون لفظ استعمال نه ڪيو آهي. ٻين مٿي ڄاڻايل صاحبن لفظ ”آئيو“ درست لکيو آهي.

    ث. اچي، وٺي: جن صاحبن لفظ ”وٺي“ لکيو آهي، تن اسان جي تحقيق مطابق غلط لفظ استعمال ڪيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ هڪ بيت فرمايو آهي :

    تنيـن ڏکن کي شاباس، جنين مون سين گهاريو،
    جـڏهـن پــريـن سين ملياس، ته ويچارا وري ويا.

    هن بيت منجهان ثابت ٿئي ٿو ته سسئي سان ڏک گڏ هئا. جڏهن سندس پرين (پنهل) آيو ته سُک آيا ۽ ڏک هليا ويا.
    قارئين ڪرام! هي بيت به اهڙي قسم جو آهي،

    ”سُکن اچي ڏ کن کي محڪم ڏني موڙ“

    انهن مثالن لکڻ بعد اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن لفظ ”اچي“ لکيو آهي تن درست لفظ لکيو آهي.

    ج. کٽيءَ، کوٽن، کٽين، کٽري،کيٽن: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ”کهٿري“ لفظ لکيو آهي (ص491 ) جديد صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ ”کٽري“ لکبو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به لفظ ”کٽري“ (ص 77) تي لکيو آهي. اسان انهن ٻنهي صاحبن جي لکيل لفظ کي غلط قرار ڏنو آهي. اهو هن ڪري ته بيت ۾ اهو لفظ اُتراڌي لهجي وارو آهي. لاڙ ۽ وچولي سنڌ جو لهجو نه آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو اهو لفظ ”کٽي“ فرمايل آهي. جن صاحبن ”کٽي، کٽيءَ“ لکيو تن صاحبن درست لکيو. لفظ ”کيٽن“ فقير تاج محمّد نظاماڻي جي بيت ۾ لکيل آهي، اسان هي محسوس ڪيون ٿا ته اها غلطي ڪمپوز ڪرڻ واري جي آهي ۽ نه فقير تاج محمّد نظاماڻي جي. نظاماڻي صاحب ”کٽين“ مسودي ۾ لکيو ۽ ”کٽين“ لفظ سگهڙ حاجي الهداد جنجهي به لکيو. اسان جي تحقيق مطابق بيت ۾ لفظ ”کٽي“ زياده مناسب آهي. اهو هن ڪري ته ”کٽي“ واحد لفظ استعمال ڪيو ويو آهي.

    ح. کور، کوڙ: لفظ ”کور“ صرف علامه آءِ آءِ قاضي جي بيت ۾ لکيل آهي. علامه صاحب کان اهڙي غلطي ٿي نه ٿي سگهي ڪمپوزر لفظ ”کوڙ“ بجاءِ لفظ ”کور“ لکڻ جي غلطي ڪئي.
    ياد رهي ته! ”کوڙ“ يا ”کوڙي“ چئبو آهي ڪاٺ جي ان ٿُلهي ڦَٽي کي جنهن تي کٽي ڪپڙا ڪُٽيندا ۽ سٽيندا آهن.
    خ. سان، ساٺ، سين: قارئين ڪرام! اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته لفظ ”سان ۽ سين“ لکڻ وارن غلط الفاظ لکيا آهن لفظ ”ساڻ“ ئي درست لفظ آهي جيڪو حضرت ڀٽ ڌڻيء رحه پنهنجي بيت ۾ فرمايو. اهو لفظ ”ساڻ“ فقط ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ساٺ“ لکيو آهي. اهو لفظ جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ساڻ“ لکڻ گهرجي.

    د. ٿي، ٿئي، تهي، ٿيين: لفظ ”تهي“ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ اردو لپي ۾ لکيو آهي. اهو لفظ جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ٿي“ آهي. اهو لفظ ”ٿي“ ممتاز مرزا، فقير تاج محمّد نظاماڻي، غلام محمّد شاهواڻي ۽ ٻانهي خان شيخ اسان جي تحقيق مطابق درست لکيو آهي. ۽ جن صاحبن لفظ ”ٿئِي“ لکيو تن به لفظ قديم سنڌي صورت خطيءَ مطابق درست لکيو ٻين صاحبن لفظ ”ٿئي“ کي زيرون زبرون نه ڏنيون آهن تنهنڪري سواءِ حاجي محمّد سمي ڪاتب جي ٻين صاحبن جي لکيل لفظ ”ٿِئِي“ (تهئي) کي نامناسب قرار ڏيون ٿا.

    تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي:

    اَڄ پُڻ جُڙِيم جُوڙ، دوست پيهِي در آئِيو،
    سُکن اَچي ڏُکَن کي، مُحڪُم ڏِني موڙَ،
    جَا پَر کَٽِيءَ کوڙَ، سَا پَر سُورَنِ سَاڻَ ٿِي.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه فرمائي ٿو ته اڄ مُنهنجي محبوب سان منهنجو جوڙ جڙيو (محبوب سان منهنجو ميلو ٿيو) منهنجو دوست منهنجي گهر جي دروازي اندر گهڙي آيو ته سک ساڻس گڏجي آيا، انهن سکن اچي منهنجن ڏکن کي مون کان موڙي ۽ پري ڪري ڇڏيو. جيئن ڪپڙن ڌوئڻ وارو کٽي ڪاٺ جي ڦَٽي ۽ ڦَهري کي ڪپڙن ساڻ ڪُٽيندو ۽ سَٽيندو آهي، تيئن منهنجن سورن ساڻ به تعدي ٿي. سکن، ڏکن کي منهنجي پرين جي اچڻ کان پوءِ سَٽي وڌو.

    *****

    عشق اهڙي ذات، جو مانجِهي مُنجهائي مَيَنِ کي،
    ڏِينهان ڏورڻُ ڏنگرين، رُوئڻُ سَڄيائي رات،
    اُٿي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبوُبَن جِي.

    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 380 سال 1900ع)

    عشقُ اَهڙي ذاتِ، جو مانجِهي مُنجهائي مَيَنِ کي،
    ڏِينهان ڏورَڻُ ڏُنگَرِين، رُوئَڻُ سَڄيائي راتِ،
    اُٿي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبوُبَنِ جي.

    (ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 385 مڪتبه برهان )

    عَشُقَ اِهڙِي ذَاتِ، جو مَانجِهي مُنجَهائي مَيَنِ کي،
    ڏِينهَان ڏورَڻُ ڏُونگَرين، رُئَڻُ سَڄِيَائِي رَاتِ،
    اُٿي ويٺي تَاتِ، مِيَان مَحبوُبَنِ جِي.
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 407 سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    عِشقُ اَهڙِي ذاتِ، جو مانجهي مُنجهائي مَيَنِ کي،
    ڏِيهان ڏورِنِ ڏُنگرين، رُئنِ سَڄائِي راتِ،
    اُٿي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبُوبَنِ جِي.
    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 507 سال 2013)

    عشق اهڙي ذات، جو مانجهي مُنجهائي مُينِ کي،
    ڏينهان ڏورڻُ ڏنگرين، رئِن سَڄيائي رات،
    اٿي ويٺي تات، ميان! محبوبن جي.

    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ ص458سال 1995)

    عَشقُ اَهڙِي ذاتِ، جو مانجهِي مُنجهائي مَيَنِ کي،
    ڏينهان ڏورَڻُ ڏونگَرين، روئَڻُ سَڄيائِي راتِ،
    اُٿي ويٺي تاتِ، مِيان! مَحبُوبَنِ جِي.

    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 26سال 1994 )

    عِشقُ اهڙي ذاتِ، جو مانجِهي مُنجهائي مَيَنِ کي،
    ڏِينهان ڏورِنُ ڏُنگرين، رُوئڻُ سَڄِيائي راتِ،
    اُٿي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبوبَن جي.
    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 423 مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    عشق اهڙي ذات جو مانجهي مُنجهائي مَيَنِ کي،
    ڏِيهان ڏورِڻ ڏنگرين، روئَڻَ سَڄِيائي رات،
    اُٿي ويٺي تات، مِيان مَحبوُبَن جِي.
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 506 بااختيار ادارو سال 1994 )

    عَشقُ اِهڙي ذاتِ، جو مانجِهي مُنجهائي مَيَنِ کي،
    ڏِيهان ڏورڻ ڏوُنگَرِين، رُئڻ سَڄِيائِي راتِ،
    اُٿِيي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبُوبَنِ جِي.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 641 سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    عِشقُ اِهَڙي ذاتِ، جو مُنجهائي مَيَنِ کي،
    ڏِينهان ڏورَڻُ ڏوُنگَرَين، رُئنِ سَڄيائِي راتِ،
    اُٿيي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبوُبَنِ جِي.
    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 96 سال 2009 سنڌ ثقافت)

    عِشقَ اِهَڙِي ذاتِ، جو مانجِهي مُنجهائي،
    ڏِيهان ڏورَڻُ ڏُنگَرِين، رُئَڻُ سَڄيائِي راتِ،
    اُٿي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبوُبَن جِي.
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 370سال 2013ع روشني)

    عشقُ اهڙي ذات، جو مانجهي منجهائي مَيَن کي،
    ڏينهان ڏورينِ ڏنگرين، روئڻ سڄيائي وات،
    اُٿي ويٺي تات، ميان محبوبن جي.
    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 393سال 2009ع مهراڻ)

    عَشق اهڙي ذات، مانجهي مُنجهائي مَين کي،
    ڏينهان ڏورڻ ڏونگرين، روئڻ سڄيائي رات،
    اُٿي ويٺي تاتِ، مَيان مَحبوُبَن جِي.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر بروو سنڌي ص 288 سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    عشق اهڙي ذاتِ، جو مانجهي منجهائي مين کي،
    ڏينهان ڏورينِ ڏونگرين، روئڻ سڄيائي وات،
    اُٿي ويٺي تات، ميان مَحبوُبَن جِي.

    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 502 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    عشق اهڙي ذات، جو مانجهي مُنجهائي مَين کي،
    ڏِينهان ڏورڻ ڏونگرين، روئڻ سڄيائي رات،
    اُٿي ويٺي تات، مِيان مَحبوُبَن جِي.

    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر بروو سنڌي ص 230 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    عشقُ اِهَڙي ذاتِ، جو مانجِهي مُنجهائي مَيَنِ کي،
    ڏِيهان ڏورِنِ ڏُنگَرِين، رُئنِ سَڄائي رات،
    اُٿي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبوُبَن جِي.

    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو (چونڊ ڪلام) سُر بروو سنڌي ص 221 سال 2011ع مهراڻ)

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (جو)، (مانجهي، منجهائي)، (مَيَنِ، مُين)، (ڏينهان، ڏيهان)، (ڏورڻ، ڏورن، ڏورين)، (سڄائي، سڄيائي)، (رات، وات)، (مِيان، ميان)

    الف. جو: اسان جي تحقيق مطابق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجي بيت جي پهرين مصرع ۾ لفظ ”جو“ فرمايو آهي. جن صاحبن بيت ۾ لفظ ”جو“ نه لکيو آهي. تن جي لکيل بيت ۾ لفظن جو پاڻ ۾ ربط ۽ تعلق نه ٿو محسوس ٿئي ۽ مصرع بي چسي لڳي ٿي.
    ياد رهي ته! ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي بيت جي پهرين مصرع ۾ لفظ ”جو“ استعمال نه ڪيو آهي.
    ب. منجهائي، مانجهي منجهائي: قارئين ڪرام! اسان مٿين ٻنهي فقرن کي مختلف انداز ۾ ورائي ڦيرائي لکي لکي ثابت ڪيو آهي ته ڪنهن به ڪاتب، مرتب ۽ محقق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جي پهرين مصرع درست نه لکي آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته بيت جي پهرين مصرع کي جڏهن نثر ۾ لکيوسين ته هر ڀيري جملو اڻپورو لکجڻ ۾ پئي آيو. آخر اسان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ واري اڻ پوري لکيل بيت تي ٻيهر تحقيق ڪئي ته ان ۾ فقط لفظ ”منجهائي“ لکڻ مناسب لڳو ۽ ان جي اڳيان لفظ ”جو“ لکڻو پيو. ان بعد هي مصرع جڙي:
    ”عشق اهڙي ذات، جو مُنجهائي مَيَن کي“

    هن مصرع جي معنيٰ ٿئي ٿي، ”عشق اهڙي طاقتور ذات ۽ اهڙي حيثيت ۽ حقيقت آهي جو پهلوانن کي منجهائي ٿي“ ڇڏي.

    ت. مَيَنِ، مُين: لفظ ”مُين“ سيد عبدالعظيم کان ڀل وچان اتفاق سان ص 458 تي ”مُين“ لکجي ويو، تنهنڪري ممتاز مرزا به لفظ ”مُين“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق اهو لفظ ”مَيَن“ آهي جنهن جون ٻه معنائون آهن. ”مَين، ميي جو جمع آهي، ميو اُٺ کي به چئبو آهي، ۽ لفظ مَين جي ٻي معنيٰ آهي، پهلوانن، طاقتور جوانن“
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ص 96 تي لفظ ”مَين“ جي معنيٰ وڏي طاقت ۽ صبر وارن لکي آهي. سگهڙ حاجي الهداد جنجهي، باگي جي ڏاني جي لفظ ”مين“ اعرابن کان سواءِ لکيو آهي، مناسب نه لکيو اٿن. غلام محمّد شاهواڻي لفظ ”مين“ لکيو ئي نه آهي.

    ث. ڏينهان، ڏيهان: لفظ ”ڏيهان“ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِآءِ قاضي،عثمان علي انصاري، غلام محمّدشاهواڻي۽غلام مصطفيٰ مشتاق لکيو آهي. هنن صاحبن اهو لفظ اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”ڏيهه“ جي معنيٰ آهي ديس. تنهنڪري لفط ”ڏيهان“ جي معنيٰ ٿئي ٿي ديس کان، ڏيهه کان.
    قارئين ڪرام! بيت ۾ لفظ ”ڏيهان“ بجاءِ ”ڏينهان“ لکڻ گهرجي. اهو درست لفظ، ديوان تارا چند شوقيرام، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ٻانهي خان شيخ، ڪلياڻ آڏواڻي، ممتاز مرزا، فقير تاج محمّد نظاماڻي، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ باگي جي ڏاني جي لکيو آهي.

    ج. ڏورڻ، ڏورن، ڏورين: جن صاحبن لفظ ”ڏورڻ“ لکيو تن اسان جي تحقيق مطابق لفظ مناسب نه لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ڏورڻ مصدر آهي، هن بيت ۾ مصدر وارو لفظ مناسب نه ٿو لڳي مگر لفظ ”ڏورن“ مناسب لڳي ٿو ڇا ڪاڻ ته لفظ ”ڏورن“ بياني لفظ آهي. جيڪو عاشقن جي معشوق لاءِ ڳولڻ ۽ ڏورڻ واري عمل کي ظاهر ڪري ٿو. باگي جي ڏاني جي لفظ ”ڏورين“ لکيو آهي، جيئن ته اصل لفظ ”ڏورن“ آهي تنهنڪري لفظ ”ڏورين“ کي اسان نامناسب سمجهون ٿا.
    ح. سڄائي، سڄيائي: جن صاحبن لفظ ”سڄائي“ لکيو تن اسان جي تحقيق مطابق اهو لفظ غلط لکيو آهي. اهي صاحبان آهن، عثمان علي انصاري ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق. اسان عثمان علي انصاري جي ڏکين لفظن واري پٽي جو مطالعو ڪيو ته ص 690 تي لفظ ”سڄيائي“ نظر آيو. جنهن جي معنيٰ لکيل آهي ”سڄي، پوري“. اسان کي تحقيق منجهان معلوم ٿيو ته انصاري صاحب جي بيت ۾ ”سڄائي“ لکڻ واري غلطي نه آهي مگر اها غلطي ڪمپوزر ۽ پروف ريڊر جي آهي. اسان غلام مصطفي مشتاق جي لکيل لفظن واري پٽي جو به مطالعو ڪيو ته اسان کي الفاظ ”سڄيائي توڙي سڄائي“ نظر نه آيا. جنهن ڪري اسان کي تحقيق دوران پڪ ٿي ته غلام مصطفيٰ مشتاق لفظ ”سڄائي“ بيت ۾ عثمان علي انصاري جي تقليد ڪندي غلط لکيو آهي.
    قارئين ڪرام! بيت ۾ لفظ ”سڄيائي“ لکڻ گهرجي. اهو درست لفظ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، علامه آءِ آءِ قاضي، غلام محمّد شاهواڻي، علامه غلام مصطفي قاسمي، سگهڙ الله داد جنجهي، باگي جي ڏاني جي، ٻانهي خان شيخ، ديوان تارا چند، ڪلياڻ آڏواڻي، ممتاز مرزا ۽ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ لکيو آهي.

    خ. رات، وات: اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته فقط باگي جي ڏاني جي واري بيت ۾ لفظ ”وات“ لکيل آهي. اسان ڀانئيون ٿا ته لفظ ”رات“ بجاءِ لفظ “وات” لکڻ واري غلطي ڪمپوزر ۽ پروف ريڊر جي آهي.

    د. مِيان، ميان: قارئين ڪرام! لفظ ”ميان“ جنهن کي نه زير، نه زبر ۽ نه پيش ڏيئي لکيو ويو آهي تنهن لفظ کي اسان يا اوهان منجهان ڪو به درست اُچار سان نه ٿو پڙهي ۽ اُچاري سگهي. تنهنڪري ممتاز مرزا، باگي جي ڏاني جي ۽ محمّد عثمان ڏيپلائي جي لکيل لفظ کي ڇڏي باقي ٻين صاحبن جي لکيل لفظ ”مِيان، مَيان“ تي اسان تحقيقي ۽ تنقيدي عمل جاري رکيو. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو ته جن صاحبن لفظ ”مِيان“ لکيو (م اکر جي هيٺيان زير ڏني) تن وڏي ادبي غلطي ڪئي آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”مِيان“ فارسي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ سنڌيڪا لغات مطابق، حاڪم، مالڪ، والي، معلم، آخوند آهي (ص 786). اسان فقط سگهڙ حاجي الله داد جنجهي کي جس ڏيون ٿا جنهن صاحب لفظ ”مَيان“ لکي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي فرمايل لفظ کي بيت ۾ سلامت رکيو ۽ افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته باقي صاحبان، ديوان تار چند کان وٺي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ تائين سڀني بيت ۾ غلط لفظ استعمال ڪيو.
    تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.

    عِشقُ اِهَڙي ذَاتَ، جو مُنجهائي مَيَنِ کي،
    ڏِينهان ڏورِن ڏونگَرِين، روئن سَڄيائي راتَ،
    اُٿي ويٺي تاتَ، مَيان مَحبوُبَن جِي.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمائي ٿو ته عشق کي اهڙي روحاني ۽ نفسياتي طاقت ۽ حيثيت حاصل آهي جو طاقت وارن ۽ پهلوانن کي منجهائي ٿو وجهي. اهي مانجهي ۽ مَيا مڙس پنهنجي محبوب جي ڳولا ۾ ڏينهن جو ڏونگر ٿا ڏورن ۽ محبوب جي ياد گيري ۾ روئي روئي سڄي رات ٿا اکين تي ڪا ٽن. عشق جي وادي جي مَين (پهلوانن) ۽ مانجهين کي اُٿئي ويٺي تات ۽ طلب فقط محبوبن جي ئي آهي.


    5. سُر سامونڊي

    نه سي تڙ اوطاقَ، نه وايون وڻجارن جون،
    سَرتيون سامونڊين جا اڄ پڻ چِڪيم چاڪ،
    مارينم فراقَ، پاڙيچيون پِرين جا.

    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 93 سال 1900ع)

    نَسي تَرِ خُورَاڪَ، نَوَايُ‘ وَنَجِارَنِجِيُ‘،
    ا ٰيَل سَانُمون ڊِيَنِجَا، اڃَهُ پُن چِڪِئَمِ چَاکَ،
    مَاريدَمِ فِرَاقَ، پَاريچِيُ‘ پِريَنجَا.

    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 60 سال 1900ع)

    نَه سي تَڙِ نهَ اوطَاقَ، وَائي وَٺِجَارَنِ جِي،
    سَرتيُون سَامُونڌرِنِ جا اَڄُ پُنُ چِکِيَمِ چَاکَ،
    مَارِيمِ هِنَ فِرَاقَ پَاڙيچُون پرِيَنِ جي.
    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 121 سال 2008ع)

    نه سي تڙ هوڙاڪَ، نه وايُون وَڻِجارَنِ جون!
    سَرتيُون ساموُنڊين جا، اَڄُ پڻ چِڪيَمِ چاڪَ،
    ماريِنِمِ فِراقَ، پاڙيچيوُن پِريُنِ جا.
    (ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 79 مڪتبه برهان )

    نه سي تڙ خُرَاڪَ، نَه وَايُون وَڻِجَارَنِ جُون!
    سَرِتِيُون سَاموُنڊِيَنِ جَا، اَڄُ پَڻِ چِڪِيَمِ چاڪَ،
    ماريِنِهون فِرَاقَ، پَاڙيچيُون پِرِيَنِ جَا.

    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 186 سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    نه سي تڙ هوڙاۡڪَ، نه وايون وڻجارَن جيون،
    سَرَتِيون! سامونڊِيَنِ جا، اَڄُ پُڻ چِڪَئَمِ چاڪُ،
    مارِينِهون فِراقَ، پاڙيچيُون پِريَن جا.

    (ڊاڪٽر گُربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 208سال 1996ع)

    نَه سي تڙِ هوڙاڪَ، نه وايُون وَڻِجارَنِ جُون!
    سَرتِيُون سامُونڊين جا، اَڄُ پڻ چِڪِيَمِ چاڪَ،
    مارِينم فِراقَ، پاڙيچون پِريَنِ جي.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص96 سال 2013)

    نه سي تَڙَ خُراڪَ، نه وايون وَڻجارنِ جيون،
    سَرتَيون! سامونڊيَن جا، اَڄُ پڻ چڪيمَ چاڪَ،
    مارينِهُون فراقَ، پَاڙيچيون! پِريَنِ جا.

    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ ص295سال 1995)

    نه سي تَڙِ هوڙاڪَ، نه وايُون وَڻِجارَنِ جون!
    سَرتيُون! سامُونڊين جا، اَڄُ پڻ چِڪِيِمِ چاڪَ،
    مارِيِنِمِ فِراقَ، پاڙيچيُون! پِريَنِ جا.

    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر سامونڊي ص 280سال 1994 )

    نه سي تڙ اوطاقَ، نه وَايُون وڻجارن جون!
    سَرتيُون! سامونڊين جا اَڄ پڻ چڪيم چاڪَ،
    مارينم فراق، پاڙيچيوُن! پريَنِ جا.

    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 123 مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    نه سي تڙ اوطاقَ، نه وايون وڻجارن جون،
    سَرتيون سامونڊين جا اڄ پڻ چِڪيم چاڪ،
    مارينم فراقَ، پاڙيچيون پِرين جا.

    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 119 بااختيار ادارو سال 1994 )

    نَه سي تَڙِ هوڙاڪَ، نَه وايُون وَڻِجارَنِ جوُن!
    سَرتِيُون ساموُنڊِيَنِ جا، اَڄُ پُڻِ چِڪيَمِ چاڪَ،
    مارِينِهُون فِراقَ، پاڙيچِيون پِريَن جا.

    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 318 ادبي بورڊ 1993 )

    نه سي تَڙِ هوڙاڪَ، نه وايُون وَڻِجارَنِ جِيُون!
    سَرَتِيُون سامُونڊرِين جا، اَڄُ پُڻ چِڪِيَمِ چاڪَ،
    مارِيِنم فِراقَ، پاڙيچِيُون پِرينِ جا.

    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 104سال 2009 سنڌ ثقافت)

    نه سي تَڙِ هوڙاڪَ، نه وايوُن وَڻِجارَنِ جيون!
    سَرَتِيُون ساموُنڊيَنِ جا، اَڄُ پُڻِ چِڪِئَمِ چاڪَ،
    ماريِنِهُون فِراقَ، پاڙيچيوُن پِريَنِ جا.

    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 94 سال 2013ع روشني)

    نه سي تڙ اوطاق، نه وايون وڻجارن جون!
    سرتيون سامونڊين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ،
    مارينم فراق، پاڙيچيون پرين جا.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 112سال 2009ع مهراڻ)

    نه سي تَڙَ هوڙاڪ نه وايُون وَڻجهَارن جون!
    سرتيون سامونڊين جا، اڄ پُڻ چِڪِيم چاقُ،
    مارينيئون فِراق، پاڙيچيون پِرين جا.

    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر سامونڊي ص 87 سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    نه سي تڙ اوطاق، نه وايون وڻجارن جون!
    سرتيون سامونڊين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ،
    مارينم فراق، پاڙيچيون پرين جا.

    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 125 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    نه سي تڙ خوراڪ، نه وايون وڻجارن جيون!
    سرتيون سامونڊين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ،
    مارينِهون فراق، پاڙيچيون پرينءِ جا.

    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 55 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    نَه سي تَڙِ هوڙاڪَ، نَه وايُون وَڻجارَنِ جُون!
    سَرَتِيُون سامُونِڊِيُنِ جا، اَڄُ پُڻُ چِڪَيِمِ چاڪَ،
    مارِينمِ فِراقَ، پاڙيچُون پِريَنِ جي.

    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو (چونڊ ڪلام) سُر سامونڊي ص 46 سال 2011ع مهراڻ)


    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (نه اوطاق، اوطاق، هوڙاڪ، خوراڪ، خراڪ)، (وايون، وائي)، (جون، جيون، جي)، (سرتيون، اَيل)، (سامونڊرين، سامونڊين)، (چڪيم، چڪئم)، (چاڪ، چاق)، (مارينم، مارينيئون، مارينهون، ماريندم، ماريم هن)، (جي، جا)

    الف. نه اوطاق، اوطاق، هوڙاڪ، خوراڪ، خراڪ: فقط ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ”نه اوطاق“ الفاظ لکيا آهن. ديوان تارا چند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ باگو جي ڏانو جي لفظ ”اوطاق“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق انهن صاحبن جي لکيل لفظن سان حضرت ڀٽ ڌڻيء رحه جي بيت جو ڪو تعلق نه آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته بيت جو تعلق وڻجارِي، وڻجاري، تڙ ٻيڙن ۽ ٻيڙين سان آهي. وڻجارو واپار ڪري اچڻ کان پوءِ گهر ۾ ئي ونّي سان گذاريندو ۽ مال واپارڻ لاءِ بازار ايندو ويندو هو. اسان جيڪڏهن ”اوطاق“ لفظ درست سمجهون ته پوءِ ٻين صاحبن جي بيت ۾ لکيل لفظ ”خوراڪ، خراڪ ۽ هوڙاڪ“ جي اهميت نه رهندي حالانڪه بيت ۾ اصل لفظ جي وڏي اهميت آهي. رهيو لفظ ”خراڪ، خوراڪ“ لفظ جو ته اهي الفاظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ نه ٿا سونهن ڇا ڪاڻ ته، ٻيڙي يا ٻيڙين کي ”خراڪ يا خوراڪ“ نه چئبو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته ڪنهن به سنڌي لغت ۾ الفاظ ”خراڪ، خوراڪ“ جي معنيٰ ٻيڙي ياٻيڙو نه آهي. مگر ٻيڙي ۽ ٻيڙين کي ”هوڙو يا هوڙا“ چئبو آهي.
    قارئين ڪرام! فقط ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ ”هوڙاڪ“ جي معنيٰ درست لکي آهي. هوڙاڪ جي معنيٰ آهي ٻيڙي هلائڻ وارو، مانجهي يا ناکئو. ٻين صاحبن ”هوڙاڪ“ لفظ جي معنيٰ ٻيڙي يا ٻيڙو غلط لکي آهي.

    ب. وايون، وائي: لفظ ”وائي“ فقط ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ لکيو آهي. هن صاحب اهو لفظ اسان جي تحقيق مطابق درست نه لکيو آهي. ڇا ڪاڻ ته لفظ ”وائي“ کان پوءِ خود ڊاڪٽر صاحب لفظ ”وڻجارن“ لکيو آهي، وڻجاري جو جمع لفظ لکيو آهي. ”وائي“ فقط هڪ وڻجاري جي ٿيندي ۽ نه وڻجارن جي. وڻجارن جون ته ”وايون“ ٿينديون. درست لفظ ”وايون“ آهي.

    ت. جون، جيون، جي: اسان مٿي ثابت ڪيو آهي ته ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ لفظ ”وائي“ بيت ۾ غلط استعمال ڪيو آهي. اهڙي طرح لفظ “جي” به لفظ ”وائي“ جي نسبت سان هن لکيو آهي، جيڪو نامناسب آهي. باقي جن صاحبن لفظ ”جيون“ لکيو آهي. اهو لفظ قديم ڪاتب استعمال ڪندا هئا. مگر اڪثر ماڻهون ڳالهائڻ وقت لفظ ”جون“ استعمال ڪندا هئا. ان جو ثبوت هي آهي ته قديم دور ۾ سنڌي ماڻهو لفظ ”جون“ ڳالهائيندا هئا تنهن ڪري ئي جديد صورت خطي ۾ لفظ ”جون“ لکڻ مناسب سمجهيو ويو.

    ث. سرتيون، اَيل: قارئين ڪرام! لفظ ”اَيل“ حاجي محمّد سمي ڪاتب لکيو آهي. هن کان اڳوڻي ۽ قديم ڪاتب سيّد عبدالعظيم فقير گنج شريف ۾ لفظ ”سرتيون“ لکيو آهي ۽ سمي صاحب جي هم عصر اديب ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ به لفظ ”سرتيون“ لکيو آهي. تنهنڪري اسان حاجي محمّد سمي جي لکيل لفظ ”اَيل“ کي تحقيقي اعتبار کان مناسب نه ٿا سمجهون.

    ج. سامونڊرين، مامونڊين: لفظ ”سامونڊرين“ فقط ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ بيت ۾ لکيو آهي. هن صاحب اهو لفظ غلط استعمال ڪيو آهي. اسان غلط هن ڪري ٿا چئون ۽ لکون ته اهو لفظ خالص ”اتراڌي“ لهجي وارو آهي، هي لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي لهجي مطابق نه آهي.

    ح. چڪيم، چڪئم: لفظ ”چڪئم“ قديم صورت خطيءَ ۾ اڪثر لکيو ويندو هيو. اهو لفظ به غلط نه آهي مگر ”چڪيم“ لفظ جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ هاڻ زياده مروّج آهي.

    خ. چاڪ، چاق: لفظ ”چاق“ فقط سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق هي لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ بنهه مناسب نه ٿو لڳي. ڇا ڪاڻ ته لفظ ”چاق“ جي معنيٰ آهي ”تندرست، چڱوڀلو“ .(سنڌيڪا لغت ص 281). ۽ لفظ ”چاڪ“ جن صاحبن لکيو آهي تن صاحبن اسان جي تحقيق مطابق درست لکيو آهي.

    د. مارينم، مارينيئون، مارينهون، ماريندم، ماريم هن: فقط ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ”ماريم هن فراق“ الفاظ لکيا آهن.
    الفاظ ”مارينم فراق“ لکڻ وارا صاحبان آهن ديوان تارا چند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، محمّد عثمان ڏيپلائي، غلام مصطفيٰ مشتاق، باگوجي ڏانوجي، ڪلياڻ آڏواڻي ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو.
    الفاظ ”ماريندم فراق“ فقط حاجي محمّد سمي لکيو آهي. (ص 60)
    الفاظ “مارينيئون فراق” فقط سگهڙ الله داد جنجهي لکيو آهي.
    الفاظ ”مارينهون فراق“ سيّد عبدالعظيم، ممتاز مرزا، غلام محمّد شاهواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، ٻانهي خان شيخ، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي لکيا آهن.
    قارئين ڪرام! قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ ڪي ڪاتب ”ء“ الف حمزو جي جاءِ تي ”هه“ ۽ ڪي وري ”هه“ جي جاءِ تي ”ء“ الف حمزو استعمال ڪندا هئا. شاهه جو گنج ۾ الله داد جنجهي ص (87) لفظ ”مارينيئون“ لکيو آهي. ۽ سيّد عبدالعظيم گنج جي ڪاتب (ص 295) تي لفظ ”مارينــ هُ‘“ لکيو آهي. جنهن جي جديد صورت خطيءَ ۾ ٽرنسليٽ ”مارينهون“ ٿئي ٿي.
    اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن ”مارينهون“ (مارين+هون =مون)لکيو آهي تنهن جي معنيٰ ٿئي ٿي ”مونکي مارين“ ۽ لفظ ”مارينم“ جي معنيٰ به ”مونکي مارين“ ٿئي ٿي. 1853ع واري الفابيت مطابق لفظ ”مارينم“ مناسب سمجهي رائج ڪيو ويو جنهن ڪري ديوان تارا چند، سڀ کان پهريائين سن 1900ع ۾ شاهه جو رسالو قديم صورت خطيءَ مان جديد صورت خطيءَ ۾ ٽرانسليٽ ڪيو ته ان صاحب لفظ ”مارينم“ لکيو. شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ به ”مارينم“ لکيو. مگر اسان اصل ڀٽ ڌڻيءَ جي فرمايل لفظ ”مارينهُون“ کي ترجيح ڏيون ٿا. ڇا ڪاڻ ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو فرمايل آهي.

    ذ. جي، جا: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، عثمان علي انصاري، غلام مصطفي مشتاق الفاظ ”پرين جي“ استعمال ڪيا آهن، هنن صاحبن اهي الفاظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَجي بيت۾نامناسب استعمال ڪيا آهن.
    مگر لفظ ”جا“ درست آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ۽ لکون ته لفظ فراق واحد توڙي جمع ۾ استعمال ڪرڻ هن ڪري جائز آهي ته لفظ فِراق عربي ٻولي جي گرامر مطابق جمع به آهي ۽ واحد به آهي ڇا ڪاڻ ته اهو لفظ عربي ٻولي ۾ مصدر ليکيو ويندو آهي ۽ جيڪو شاعر جمع ۾ استعمال ڪندو ته پوءِ ان جي معنيٰ ٿيندي گهڻو فراق ۽ گهڻيون جدائيون.

    اهڙي طرح تنقيد ۽ تحقيق بعد هن نتيجي تي پهتا آهيون ته، اصل بيت جي صورت هي آهي.

    نَه سي تَڙِ هوڙاڪَ، نَه وايُون وَڻجارَنِ جُون!
    سَرَتِيُون سامُونِڊِيُنِ جا، اَڄُ پُڻُ چِڪَيِمِ چاڪَ،
    مارِينهُون فِراقَ، پاڙيچُون پِريَنِ جا.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه فرمائي ٿو ته وڻجارِي سرتين کي اچي پنهنجي درد جي ڪٿا ۽ ڪهاڻي ٻڌائيندي چوي ٿي ته اهي هوڙاڪ ۽ ناکئا جيڪي سمنڊ جي تڙ ۽ بندر تي هئا سي هليا ويا ۽ وڻجارا به وهي ويا، هليا ويا. نه اهي هوڙاڪ آهن ۽ نه وڻجارن جون وايون آهن. اي جيڏيون سرتيون سامونڊين جي جدائي جا اڄ چاڪ چڪن ٿا. اي پاڙيچيون هتان هلي ويل وڻجارن ۽ هوڙن هلائيندڙ هوڙاڪ ۽ ناکئن جي جدائي سندم جيءُ کي جهوري جهوري ماري ڇڏيندي.

    *****

    ڏِٺي ڏياري، سامونڊين سڙهه سنبا هيا،
    انکي مند اُتر جي اوچتي آئي،
    وڻجارن وائي، آهي پَرئين پار جي.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 105 سال 1900ع)

    ڏِٺِي ڏِيَارِي، سَامُونڊِيَنِ سِڙَهَه سَنبَا هِئَا،
    اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جِي، اوچِتِي آئِي،
    وَڻِجَارَنِ وَائِي، آهي پَرِيين پَارَ جِي.
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 211 سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    ڏٺِي ڏيارِي، سامُنڊيَنِ سِڙَهه سنبا هِيا،
    اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جِي اوچتِي آئي،
    وڻجارَنِ وائِي، آهي پَريين پارَ جِي.
    (ڊاڪٽر گُربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 216سال 1996ع)

    ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊيَنِ سِڙهَه سَنباهِئا،
    اُنَ کي مُندَ اُتَرَ جِي اوچِتي آئِي،
    وَڻِجارَنِ وائي، آهي پرئِين پارَ جي.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص110 سال 2013)

    ڏٺي ڏياري، سامونڊيَن سڙَه سَنباهئا،
    اُنَ کي مُندَ اُتَرَ جِي، اوچتيِ آئَي،
    وَڻجارنِ وائي، آهي پَريين پارَ جَي.
    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطي۾ ص300سال 1995)

    ڏِٺي ڏِياري، سامُونڊُينِ سِڙهَ سَنباهِيا،
    اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جي، اوچِتي آئي،
    وَڻَجارنِ وائي، آهي پَرِئين پارَ جي.

    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر سامونڊي ص 144سال 1994 )

    ڏِٺي ڏيارِي، سامونڊِيَنِ سِڙَهه سَنبا هِيا،
    اُنکي مُندَ اُتر جي اوچتي آئي،
    وڻجارن وائي، آهي پَرئين پارَ جي.

    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 136 مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙهه سنباهيا،
    انکي مدد اُتر جي اوچتي آئي،
    وڻجارن وائي، آهي پَرئين پار جي.

    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 134 بااختيار ادارو سال 1994 )

    ڏِٺِي ڏِياري، سامونڊِيَنِ سِڙَه سَنباهِيا،
    اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جِي، اوچِتِي آئِي،
    وَڻِجارَنِ وائِي، آهي پَرِيين پار جي.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 330 ادبي بورڊ 1993 )

    ڏِٺِي ڏِيارِي، سامُونڊِرينِ سِڙَهه سَنبا هِيَا،
    اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جِي، اوچِتِي آئِي،
    وَڻِجارَنِ وائِي، آهي پَريين پارَ جِي.
    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 104سال 2009 سنڌ ثقافت)

    ڏِٺِي ڏِيارِي، سامُنڊِيَنِ سِڙهَ سَنباهِيا،
    اُن کي مُندَ اُتَرَ جِي اوچِتِي آئِي،
    وَڻِجارَنِ وائي، آهي پَرِيين پارَ جِي.
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 101 سال 2013ع روشني)

    ڏٺِي ڏياري، سامونڊين سڙهه سنباهيا،
    انکي مند اتر جي، اوچتي آئي،
    وڻجارن وائي، آهي پرئين پار جي.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 124سال 2009ع مهراڻ)

    ڏِٺي ڏِياري، سامونڊين سِڙهه سَنباهيا،
    ان کي مند اُتر جي، اوچتي آئي،
    وَڻجهارن وائِي، آهي پَرئين پَار جي.

    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر سامونڊي ص 88 سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    ڏٺِي ڏياري، سامونڊين سڙهه سنباهيا،
    انکي مند اتر جي، اوچتي آئي،
    وڻجارن وائي، آهي پَرئين پار جي.

    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 136 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    ڏِٺي ڏياري، سامونڊين سڙه سنباهيا،
    اُنِ کي مند اتر جي، اوچتي آئي،
    وڻجاري وائي، آهي پَرئين پار جي.


    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 56 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    ڏِٺِي ڏِيارِي، سامُونڊِيَنِ سِڙَهه سَنبا هِئا،
    اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جي اوچِتِي آئِي،
    وَڻِجارَنِ وائِي، آهي پَرئين پار جي.

    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو (چونڊ ڪلام) سُر سامونڊي ص 49سال 2011ع مهراڻ)

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ڏياري)، (سامونڊين، سامونڊرين)، (سنباهيا، سنباهئا)، (ان کي)، (وڻجارن، وڻجهارن، وڻجاري)، (پريين، پرئين)

    الف. ڏياري: قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو هي بيت ٽن مصرعُن تي مشتمل آهي. هن بيت جا ٽي قافيا هئڻ گهرجن، مگر بيت لکڻ وارن سڀني صاحبن هن بيت جا ٻه قافيا لکيا آهن. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي فرمايل بيت جِي پهرين مصرع جو قافيو به بيت جي ٻن مصرعن وارن قافين سان هم آواز ۽ هم وزن هيو مگر راوين جي روايت کي مدِنظر رکي ڪاتبن بغير سوچڻ جي بيت جي پهرين مصرع جو قافيو غلط لکيو. حضرت ڀٽ ڌڻي جي ڪلام جي محقق حضرات جو اولين فرض ٿي ٿيو ته اهي صاحبان بيت جي پهرين مصرع جو قافيو به لکن ها. افسوس جي ڳالهه هي آهي ته اسان جي سنڌي لغتن ۾ لفظ ڏيائي لکيل ئي نه آهي. جڏهن ته لفظ ”ڏيائي“ جي معنيٰ آهي ”ڏين واري يعني ڏياري“.
    قارئين ڪرام! لفظ ”ڏيو، ڏيئو، ڏيائي، ڏياٽي، ڏياري، ڏيالي“ اهي اهڙا الفاظ آهن جيڪي ”ڏيو“ جي لڙهي منجهان ٺهن ٿا. انهن لفظن منجهان لفظ ”ڏيائي“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ بيت جي پهرين قافيي لاءِ مناسب سمجهيو تڏهن فرمايو.
    ب. سامونڊين، سامونڊرين: لفظ ”سامونڊرين“ فقط ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي. اهو لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ هن ڪري نه ٿو سونهين جو اهو لفظ اُتراڌي لهجي وارو آهي ۽ جنهن طرف سمنڊ آهي اهو ”لاڙ“ جو طرف آهي انهيءَ طرف لفظ ”سامونڊين“ لکيو ۽ ڳالهيو ويندو آهي.
    اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”سامونڊين“ بيت ۾ لکڻ گهرجي.

    ت. سنباهيا، سنباهئا: انهن لفظن جي معنيٰ ساڳي آهي مگر صورت خطيءَ ۾ فرق آهي قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ لفظ ”سنباهئا“ لکيو ويندو هو. مگر ڳالهائڻ ۾ ”سنباهئا“ سان گڏ ”سنباهيا“ به مروّج هيو جديد صورت خطيءَ ۾ ديوان تارا چند ۽ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ اهو لفظ بيت ۾ ”سنباهيا“ لکيو آهي، ليڪن ”سنبا هِئا“ به لکڻ گهرجي ته غلط نه ٿيندو.
    ث. وڻجارن، وڻجهارن، وڻجاري: لفظ ”وڻجهارن“ سگهڙ حاجي الله د اد جنجهي جي بيت ۾ لکيل آهي. اسان ڀانئيون ٿا ته لفظ ”وڻجهارن“ ۾ ”جهه“ اکر ڪمپوزر جي غلطي جي ڪري لکجي ويو آهي ۽ پروف ريڊر به توجه نه ڏنو.
    باقي رهيو سوال لفظ ”وڻجارن“ جو ته اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي بيت ۾ اصل لفظ ”وڻجاري“ فرمايل هو، مگر سڀني ڪاتبن، مرتبن ۽ محققن لفظ ”وڻجارن“ غلط لکيو آهي. اهو اسان هن ڪري ٿا چئون ته بيت جي ٻين مصرع جا پهريان ٻه لفظ ”ان کي“ سڀني صاحبن لکيا آهن. ”ان کي“ لفظن جو اشارو واحد وڻجاري ڏانهن آهي ۽ نه گهڻن وڻجارن ڏانهن. اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن ”وڻجارن“ لفظ لکيو تن غلط لکيو آهي ۽ فقط فقير تاج محمّد نظاماڻي لفظ ”وڻجاري“ درست لکيو آهي.
    ج. پريين، پرئين: هنن ٻنهي لفظن جي صورت خطيءَ ۾ فرق آهي. مگر معنيٰ ۾ ڪو به فرق نه آهي. قديم صورت خطيءَ ۾ لفظ ”پريين“ اڪثر استعمال ٿيندو هو، مگر 1853ع کان پوءِ واري ترتيب ڏنل جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ لفظ ”پرئين“ مروّج ٿيو. اهو ئي سبب آهي جو پهرين ”شاهه جو رسالو“ جي ٽرانسليٽر ديوان تارا چند ۽ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، لفظ ”پرئين“ لکيو آهي.

    اهڙي طرح تنقيد ۽ تحقيق بعد هن نتيجي تي پهتا آهيون ته، اصل بيت جي صورت هي آهي.

    ڏِٺِي ڏِيَائِي، سَامُونڊِيَنِ سِڙَهَه سَنبَاهِئا،
    اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جِي، اوچِتِي آئِي،
    وَڻِجَاري وَائِي، آهي پَرئين پَارَ جِي.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه فرمائي ٿو ته جئن ئي سامونڊين ڏياري جا ڏيا ڏٺا تئن ئي سڙهه سنباهيائون. وڻجارو سامان جي وڻج ۽ خريداري ۾ مشغول ئي هيو ته اوچتي مٿس اُتر جي مند اچي ويئي جنهن ڪري وڻجاري جي وات ۾ هَر هَر پَرئين پار (سمنڊ پار) وڃڻ جي وات ۾ وائي آهي هو وڃان وڃان پيو ڪري.


    6. سُر سري راڳ

    جَرَ ۾ِ ڦوُ ٽُو جِنئَ لَهرِيُ‘ لَکَندي اَڌَ ٿِي،
    تُن پُن اٰهِي تِنئَ دُنيَا ۾ ڪُو ڏِيهَرُو.

    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 48سال 1900ع)

    جَرَ تي ڦوٽو جِيئَن، لَڳي لَهرِ اَڌَ ٿِئي،
    تُون پَڻِ آهِين تِيئَن، دُنِيَا ۾ ڪو ڏِينهَڙو.

    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص 236س سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    جَرَ ۾ ڦوٽو جيئَن لهريُون لڳندي اڌَ ٿئي،
    تُون پڻ آهين تيئَن دُنيا ۾ ڪوِ ڏينهڙو.

    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 96 بااختيار ادارو سال 1994 )

    جَرَ ۾ ڦوٽو جِئَن، لَهرِيُون لَڳَندي اَڌَ ٿِئي،
    تُون پُڻِ آهِين تِئَن، دُنيِا ۾ ڪو ڏِينهَڙو.

    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 297 ادبي بورڊ 1993 )

    جَرَ ۾ ڦوٽو جِيئَن، لَهريُون لَڳندي اَڌَ ٿِئي،
    تُون پُڻ آهِين تِيئَن، دُنيا ۾ ڪو ڏِينهَڙو.

    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 121سال 2009 سنڌ ثقافت)

    جر ۾ ڦوٽو جيئن، لهريون لڳندي اڌ ٿئي،
    تون پڻ آهين تيئن، دُنيا ۾ ڪو ڏينهڙو.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 94سال 2009ع مهراڻ)

    جر ۾ ڦوٽو جيئن، لَهرِيون لَڳندي اَڌ ٿئي،
    تون پڻ آهين تيئن، دنيا ۾ ڪو ڏينهڙو.

    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر ڏاهر ص 405 سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    جر ۾ ڦوٽو جيئن، لهريون لڳندي اڌ ٿئي،
    تون پڻ آهين تيئن، دُنيا ۾ ڪو ڏينهڙو.

    (باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 105 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    جر تي ڦوٽو جيئن، لڳي لهر اَڌَ ٿِئي،
    تُون پُڻ آهيين تيئن، ڪو دُنيا ۾ ڏينهڙو.

    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص 339 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    نوٽ: هي بيت گنج شريف ۾ نه آهي، ارنيسٽ ٽرمپ، غلام محمّد شاهواڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ، عثمان علي انصاري، محمّد عالم سومري، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڊاڪٽر ڪلياڻ آڏواڻي اهو بيت نه لکيو. هن بيت کي ڪن صاحبن سُر سري راڳ ۾ لکيو آهي ته ڪن ”شاهه جو رسالو“ جي مرتب ۽ مححق ۡحضرات سُر ڏهر ۾ ۽ ڪن سُر ڏاهر ۾ لکيو آهي. تنهن ڪري اسان کي هن بيت جي ڳولا ۾ ڏاڍي ڏکيائي پيش آئي. اسان انهيءَ سُر جو تعيّن نه ڪيو آهي ته هي بيت اصل ڪهڙي سُر جو آهي. اها تحقيق انشاءَ الله بعد ۾ ڪئي ويندي، جڏهن نئون ”شاهه جورسالو“ ترتيب ڏينداسين.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (جر ۾، جر تي)، (لهريون لڳندي، لهر لڳي)، (ڪو دُنيا ۾ ڏينهڙو، دُنيا ۾ ڪو ڏينهڙو).

    الف. جر ۾، جر تي: جن صاحبن الفاظ “جر ۾ ڦوٽو” لکيا آهن سي صاحبان آهن. حاجي محمّد سمون، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، محمّد عثمان ڏيپلائي، باگوجي ڏانو جي ۽ ڊاڪٽر نبي خان بخش بلوچ، اسان جي تحقيق مطابق انهن صاحبن غلط فقرو لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته ڦوٽو پاڻي “تي” ٿيندو آهي پاڻي مٿان ترندو آهي مگر پاڻي “۾” نه ٿيندو آهي. ڇا ڪاڻ ته ڦوٽو نهايت ئي هلڪو ٿيندو آهي ۽ هر هلڪي ۽ بي جان شيءَ سائنس جي اصول مطابق پاڻي تي ترندي آهي. پاڻيءَ جي اندر نه ترندي آهي.
    اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن “جر تي ڦوٽو” وارو فقرو لکيو آهي تن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت سان انصاف ڪيو آهي. اهي صاحبان آهن، ٻانهون خان شيخ، فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي.

    ب. لهريون لڳندي، لهر لڳي: جن صاحبن الفاظ “لهريون لڳندي” لکيا آهن تن اسان جي تحقيق مطابق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ مناسب لفظ نه لکيا آهن. اهو هن ڪري ٿا چئون ۽ لکون ته ڦوٽي جي ڪا به حثيت نه آهي اهو اڪثر لهر لڳڻ سان ئي ڦاٽي ٻه اڌ ٿيو پوي. ”لهر" وارو پاڻي ”لهريون“ جي مقابلي ۾ معمولي طاقت وارو پاڻي آهي، تنهنڪري حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو. ”جر تي ڦوٽو جيئن، لڳي لهر اڌ ٿئي“ اها درست مصرع ٻانهي خان شيخ ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي لکي آهي.

    ت. ڪو دُنيا ۾ ڏينهڙو، دُنيا ۾ ڪو ڏينهڙو: فقير تاج محمّد نظاماڻي “ڪو دُنيا ۾ ڏينهڙو” فقرو لکيو آهي. باقي سڀني صاحبان الفاظ ”دُنيا ۾ ڪو ڏينهڙو“ لکيا آهن.
    قارئين ڪرام! اسان کي بيت جي آخري مصرع جي آخري ٻن لفظن تي اعتراض آهي اهو اعتراض هن ڪري آهي ته دنيا ۾ اتفاق سان ڪو ٻار ”ڏينهڙو“ گذاريندو آهي ورنه ٻار، آهسته آهسته وڌي جوان ٿيندو آهي ان کي اسان ڪيئن ”ڪو ڏينهڙو“ جئڻ وارو چئون. هي ته ” ڪيئي ۽ گهڻا ڏينهڙا“ گذارڻ وارو آدمي ٿيندو. مطلب ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه هڪ ڏينهن (ڪو ڏينهڙو) جي زندگي گذارڻ لاءِ نه فرمايو آهي.
    حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ڪهڙو نه سنهڻو بيت انسان جي مخصتر زندگي بابت فرمايو آهي.
    هي جا پيرين مون، سا ڀونءِ مٿي سڄڻين،
    ڌڱ لـــٽــبــا ڌوڙ ۾، اُڀــــــي ڏٺـــــاســــــون،
    ڏيـنهـن مڙيئي ڏون، اُٿـي لوچ لطيف چئي.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو ص 566 سال 1994)

    مطلب جي ڳالهه هي آهي ته انساني زندگي جو تعيّن ڪو ڏينهڙو نه مگر ڪي ڏينهڙا آهي. ”ڪي ڏينهڙا“ الفاظ ڪنهن به محقق ۽ مرتب نه لکيا آهن.

    اهڙي طرح تنقيد ۽ تحقيق بعد هن نتيجي تي پهتا آهيون ته، بيت جي اصل صورت هي هئي.

    جَرَ تي ڦوٽو جيئن، لڳندي لهر اَڌَ ٿِئي،
    تُون پُڻ آهِين تِيئن، دُنيا ۾ ڪي ڏِينَهڙا.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه فرمائي ٿو ته اي آدم زاد (انسان) جيئن جر تي ڦوٽي جي تمام ٿوري زندگي آهي، لهر لڳندي ئي ڦاٽي پوي ٿو. تون به دنيا ۾ ائن ڪي ڏينهڙا آهين، موت جي معمولي لهر لڳڻ سببان هي فاني جهان ڇڏي هليو ويندين.

    *****

    مَکِه ڏِيهَانِِ مَڪُرِي، تُنّ تُنِيدُو اَءِ،
    سَانڀَائِي سَمُنڊرَ جِي مَنَا مُورِ مَلاَهِ،
    اَڃُه ڪِ سَنَڄ صَبَاحِ اُهڙَندِه اُورَاهَ تي.

    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 47سال 1900ع)

    تُنَ تُنيندو آءُ، مَکِه ڏيهاڻي مَڪُڙي،
    سنباهي سمنڊ جي مَنان مورمَ لاءَ،
    اڄ ڪ سنجهه صباح، اَهرندي اَتانگهه تڙين.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 76 سال 1900ع)

    تُنَ تُنيندو آءُ، مَکِ ڏِهَاڙِي مَڪُڙِي،
    سَانبَاهِيٰ سَمُنڊَ جِي مَلاحَ مُورِ مَ لاَههِ،
    اَڄُ ڪِ سَنجَهه سَندِيَاءِ، اُهُرَندِي اَتَانگهَه تَڙِ.
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 149سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    تُنَ تُنِينّدو آءُ، مَکهِه ڏِهَاڙِي مَکڙِي،
    سَنبَاهِي سَمُونّڌرَ جِي مَنَان مُورِ مَ لاهِه،
    اَڄُ کِي سَنّجهِه صُبَاحِ، اُهِرَينّدِين اَتَانگههَ تَڙين.
    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 99سال 1996ع)

    تُنَ تُنِيندو آءُ، مَکِ ڏِيهاڻِي مَڪُڙي،
    سانباهي سمونڊَ جِي مَنان مورِ مَ لاهِ،
    اَڄُ ڪِ سنجهِه صبُاحِ، اَهِرَندِي اَتانگَ تَڙين.
    (ڊاڪٽر گُربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 183سال 1996ع)

    تُنَ تُنِيندو آءُ، مَکِ ڏِهاڙي مَڪُڙي،
    سانباهي سَمُونڊَ جي، مَنا مُورِ م لاهِه،
    اَڄُ ڪِ سَنجهِه صُباحِ، اهِرَنِدي اَتانگَ تَڙِين.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص78سال 2013)

    تُنَ تنيندو آءُ، مَکِ ڏيِنهاڻي مَڪُري،
    سنبَاهي سَمُنڊ جيَ، ملاحَ! مور مَ لاهَهُ،
    اَڄُ ڪِ سَنجَهه سندياءِ، اوهرينَدي اَتانگهه تڙِ.
    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطي ۾ ص271سال 1995)

    تُنَ تُنيِندو آءُ، مَکِ ڏِيهاڻي مَڪُڙي،
    سانباهي سمنڊَ جي مَنان مُور مَ لاهِ،
    اَڄُ ڪِ سَنجِهه صُباحِ، اُهِرَندي اَتانگَ تَڙِين.

    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر سري راڳ ص 68سال 1994 )

    تُن تُنيندو آءٌ، مک ڏيهاڻي مڪُڙي،
    سانباهي سمنڊ جي مَنان مور مَ لاهِه،
    اڄ ڪ سنجهه صباح، اُهرَندي اتانگهه تڙين.

    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 105 مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    تُن تُنيندو آءٌ، مَکهِ ڏيهاڻي مَڪُڙي،
    سانباهي سمنڊ جي مَنان مور مَ لاءِ،
    اڄ ڪ سنجهه صباح، اُهرندي اتانگهه تڙين.

    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 96 بااختيار ادارو سال 1994 )

    تُنَ تُنِيندو آءٌ، مَکِ ڏيِهاڻِي مَڪُڙي،
    سانباهِي سَمونڊَ جِي مَنان مُورِ مَ لاه،
    اَڄُ ڪِ سَنجِهه صُباح، اُهرَندي اَتانگَ تَڙين.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 295 ادبي بورڊ 1993 )

    مَکُ ڏيِهاڻِي مَڪَڙِي، تُنَ تُنيندو آءُ،
    سانباهِي سَمُونڊرَ جِي مَنا مُور مَ لاه،
    اَڄُ ڪِ سَنجِهه صُباح، اُهَرندين اَتانگهَه تَڙين.
    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 119سال 2009 سنڌ ثقافت)

    تُنَ تُنِيندو آءُ، مَکِ ڏِيهاڻِي مَڪُڙي،
    سانباهِي سَمُونڊَ جِي مَنان مورِ مَ لاهِ،
    اَڄ ڪِ سَنجِهه صُباحِ، اَهِرَنِدي اَتانَگَ تَڙين.
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 85 سال 2013ع روشني)

    تُن تنيندو آءٌ، مک ڏِيهاڻي مڪڙي،
    سانباهِي سمنڊ جي مَنان مور مَ لاءِ،
    اڄ ڪ سنجهه صباح، اُهڙندي اتانگهه تڙين.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 94سال 2009ع مهراڻ)

    تن تُنِيندو آءُ، مَک ڏهاري مڪڙي،
    سانباهِي سمونڊ جِي، مَنان مُورَ مَ لاهه،
    اڄ ڪ سنجهه صباح، اُهرِيندَئي تانگهي تَري.

    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر سري راڳ ص 74سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    تُنَ تنَيندو آءُ، مکه ڏيِهاڻي مڪڙي،
    سانباهِي سمنڊ جِي مَنَان مُور مَ لاءِ،
    اڄ ڪ سنجهه صباح، اُهرندي اَتانگهه تڙين.
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 105 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    تُنَ تُنيندو آءُ، مک ڏهاڻي مڪڙي،
    سانباهي سمونڊ جي منان مور مَ لاه،
    اڄ ڪ سنجهه صباح، اُهريندئي اوڙاهه تي.


    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص44سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    تُنَ تُنِيندو آءِ، مَکِ ڏِهاڙِي مَڪُڙِي،
    سانباهِي سُمُونڊَ جِي مَنا مُورِ مَ لاههِ،
    اَڄُ ڪِ سَنجِهه صُباحِ، اُهِرَندِئي اَتانگَ تَڙين.

    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو (چونڊ ڪلام) سُر سري راڳ ص 49سال 2011ع مهراڻ)

    نوٽ: قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي ٽن مصرعن واري اُڻويهن (19) لفظن تي مشتمل بيت کي ايترو ته متضاد بڻايو ويو آهي، جنهن جو مثال ئي نه آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي ڪلام جا شيدائي ڪهڙي بيت جي لکت درست سمجهن؟ اسان انهيءَ بيت کي تحقيق جي ڪسوٽي تي پرکي درست ڪري اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪريون ٿا.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ڏيهاڻي، ڏينهاڻي، ڏهاڙي)، (مڪري، مڪڙي)، (سانباهي، سنباهي، سانڀائي)، (سمنڊ، سمونڊ، سمونڊر)، (منا، منان، ملاح)، (لاءِ، لاهه)، (صباح، سندياءِ)، (اهرندي، اوهرندي، اهريندئي، اهرندين)، (اتانگهه،تانگهي، اتانگ تڙين، تڙ، تري، اوڙاه تي)

    الف. ڏيهاڻي، ڏينهاڻي، ڏهاڙي، ڏهاڻي: جن صاحبن لفظ ”ڏيهاڻي“ لکيو تن اهو لفظ بنهه غلط لکيو آهي. ”ڏيهه + آڻي = ڏيهاڻي“ هن لفظ جي معنيٰ ٿئي ٿي ڏيهه جو، ديس جو، هم وطن. انهيءَ غلط لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن، ديوان تارا چند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، غلام محمّد شاهواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ باگوجي ڏانو جي.
    لفظ ”ڏهاڻي“ فقط فقير تاج محمّد نظاماڻي لکيو آهي، هن صاحب به اسان جي تحقيق مطابق اهو لفظ غلط لکيو آهي.
    جن صاحبن لفظ ”ڏهاڙي“ لکيو سي صاحبان آهن، عثمان علي انصاري، ٻانهون خان شيخ ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي.
    قارئين ڪرام! لفظ ”ڏينهاڻي“ قديم سنڌي صورت خطي ۾ اڪثر لکبو هو اهو لفظ گنج شريف ۾ لکيل آهي. ممتاز مرزا اهو لفظ پڻ "ڏينهاڻي“ لکيوآهي.
    اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”ڏهاڙي ۽ ڏينهاڻي“ ٻيئي درست آهن. قديم سنڌي صورت خطيءَ واري لفظ ”ڏينهاڻي“ کي جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ڏهاڙي“ جي صورت خطيءَ ۾ لکيو وڃي ٿو. لفظ ”ڏهاڙي“ ٻانهي خان شيخ، عثمان علي انصاري، غلام مصطفيٰ مشتاق ۽ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ لکيو آهي.

    ب. مڪري، مڪڙي: قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ڙ“ اکر نه هيو تنهنڪري قديم دور جا ڪاتب “مڪڙي” لفظ کي ”مڪري“ لکندا هئا. ”ر“ اکرمٿان اُڀا ٻه نقطاڏيندا هئا. جديد دور ۾ اصل لفظ ”مڪڙي“ کي مڪڙي ئي لکڻ گهرجي مگر ممتاز مرزا ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ غلط لفظ ”مڪري“ لکيو آهي.

    ت. سانباهي، سنباهي، سانڀائي: قارئين ڪرام! هڪ لفظ آهي ”سانبهه“ جنهن جي معنيٰ آهي سنڀرڻ، تيار ٿيڻ. ٻيو لفظ آهي ”سانڀ“ هن لفظ جي معنيٰ ”سانڍ ۽ محفوظ رک“ آهي. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته تحقيق هيٺ آيل بيت جو تعلق ٻيڙي، سمنڊ ۽ تڙ سان آهي. حضرت ڀٽ ڌڻي مڪڙي جي مالڪ کي مڪڙي جي سوراخن جي بند ڪرڻ جي تاڪيد فرمائي ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ کيس فرمائي ٿو ته ٻيڙي جي هاڪارڻ ۽ سمنڊ ۾ سانباهه ڪرڻ واري عمل کي هميشه ياد رک.
    اسان ثابت ڪيو آهي ته جن صاحبن لفظ ”سانباهي“ لکيو آهي تن اهو لفظ درست لکيو آهي. ۽ لفظ ”سانڀائي“ فقط حاجي محمّد سمي ص 47 تي غلط لفظ لکيو آهي.
    ياد رهي ته لفظ ”سنباهي“ غلام محمّد شاهواڻي، عثمان علي انصاري ۽ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ به نامناسب لکيو آهي.
    درست لفظ ”سانباهي“ لکڻ وارا صاحبان آهن، ديوان تارا چند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ممتاز مرزا، ٻانهون خان شيخ، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر گُربخشاڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمّد عثمان ڏيپلائي فقير تاج محمّد نظاماڻي، غلام مصطفيٰ مشتاق ۽ باگوجي ڏانوجي .

    ث. سمنڊ، سمونڊ، سمونڊر: لفظ “سمونڊ” کان بهتر ۽ مناسب لفظ “سمنڊ” آهي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ غلط العام لفظ “سمونڊ” هرگز نه ٿو فرمائي سگهي ڇا ڪاڻ ته عالم شاعر آهي، اڻ پڙهيو ۽ جاهل شاعر نه آهي. لفظ “سمونڊر” ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، حاجي محمّد سمي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي. اهو اُتراڌي لهجي وارو لفظ آهي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جو تعلق لاڙ سان آهي تنهنڪري اسان ثابت ڪيو آهي ته مٿين صاحبن لفظ ”سمونڊر“ غلط لکيو آهي.
    ج. منا، منان، ملاح: لفظ ”ملاح“ بيت ۾ نا مناسب لکيل آهي، اهو لفظ سيّد عبدالعظيم جي گنج ۾ لکيل آهي تڏهن ته ممتاز مرزا به گنج (جديد صورت خطيءَ ۾)جي ص 271 تي لکيو آهي. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته راوين جي غلط روايت جي ڪري سيّد عبدالعظيم لفظ ”ملاح“ لکيو. اسان ”ملاح“ لفظ هن ڪري نا مناسب ٿا سمجهون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ بيت جي پهرين مصرع ۾ فرمايو آهي:
    تُنَ تُنِيندو آءُ، مَکِ ڏِهاڙِي مَڪُڙِي،

    قارئين ڪرام! پهرين مصرع واري مضمون سان حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه ٻي مصرع واري مضمون کي ملائڻ لاءِ فرمايو:

    سانباهِي سَمُنڊَ جِي، مَنان مُور مَ لاههِ،

    اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن لفظ ”منا“ لکيو تن به اهو لفظ نامناسب لکيو آهي. ۽ جن صاحبن لفظ ”منان“ لکيو آهي تن درست لکيو آهي. اهو هن ڪري چئون ٿا ته لفظ ”منان“ جي معنيٰ آهي ”من کان“. ۽ لفظ ”منا“ جي معنيٰ ٿئي ”اي من“ هن لفظ ”منا“ جو بيت سان ڪو تعلق نه ٿو لڳي.

    ح. لاءِ، لاهه: قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو هي بيت ٽن مصرعن تي مشتمل آهي بيت ۾ ٽي قافيا هئڻ گهرجن پهرين قافيي جو لفظ ”آءِ“ فقط غلام مصطفيٰ مشتاق درست لکيو آهي. ٻين سڀني لفظ ”آءُ“ مناسب نه لکيو آهي. ياد رهي ته شاعر کي پنهنجي مافي الضمير (من، اندر جو خيال) بيان ڪرڻ لاءِ لفظن جي گهاڙ ڪرڻي پوندي آهي. لفظ جي گهاڙ جو حق ادبي دنيا ۾ شاعر کي بخشيو ويو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ کي بيت ۾ ٽيون قافيو ”سندياءِ“ آڻڻو هيو تنهنڪري ڪري پهريون ڪافيو ”آءِ“ آندائون.
    قارئين ڪرام! جن قافيو ”لاهه“ لکيو آهي تن به درست قافيو نه لکيو آهي.

    خ. صباح، سندياءِ: جن صاحبن لفظ ”صباح“ لکيو تن صاحبن درست لفظ نه لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ”ناکئي“ کي مخاطب ٿي لفظ ”سندياءِ“ فرمايو آهي انهيءِ لفظ جو تعلق مڪڙي جي تُن تُنڻ واري ملاح سان آهي. جنهن کي عرفِ عام ۾ ناکئو ۽ مانجهي ڪوٺبو آهي. لفظ سندياءِ جي معنيٰ آهي ”تو سندي، تنهنجي ٻيڙي“.
    د. اهرندي، اوهرندي، اهريندئي، اهرندين: لفظ ”اهرندي“ ديوان تاراچند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ٻانهي خان شيخ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، علامه آءِ آءِ قاضي، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق نا مناسب لکيو آهي. نامناسب هن ڪري ٿا چئون ته هن لفظ جي مقابلي ۾ لفظ ”اهريندي“ زياده مناسب آهي. قارئين ڪرام! جيئن لفظ ”ٽٽندي يا ٽڙندي“ کان وڌيڪ بهتر لفظ ”ٽوڙيندي“. آهي تئن ”اوهرندي“ لفظ کان بهتر ”اوهريندي“ آهي ڇا ڪاڻ ته ڪا به بيجان شيءَ پاڻ ٽٽندي يا ٽڙندي نه آهي جيستائين ڪا ٻي طاقت يا ڪو سبب ان کي نه ٽوڙي. اهڙي طرح ٻيڙي به پاڻ نه اُهرندي مگر ان کي اُهريو ويندو، ان لاءِ مخصوص لفظ آهي "اُهريندي“. اهو لفظ سيّد عبدالعظيم گنج شريف جي ص 271 تي “اُهريندي” لکيو آهي ۽ ممتاز مرزا به لفظ ”اُهريندي“ لکيو آهي. جيڪو جديد سنڌي صورت خطيءَ مطابق به درست آهي.

    ذ. اتانگهه،تانگهي، اتانگ، اوڙاه : لفظ ”اتانگ“ درست نه آهي مگر لفظ ”اتانگهه“ اسان جي تحقيق مطابق درست آهي. هن لفظ جي معنيٰ آهي. “اونهون، عميق، جيڪو تانگهو يا تراکڙو يا پني پوڙ نه هجي مگر گَهرِو هجي اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”تانگهو“ لفظ ”اتانگهه“ جو ضد آهي هن بيت ۾ ”اتانگ“ لفط جي ضروت آهي مگر نه ”تانگهي“ لفظ جي ضرورت آهي. سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لفظ ”تانگهي“ غلط لکيو آهي ۽ جن برابر لفظ اتانگهه بجاءِ غلط لفظ ”اتانگ“ لکيو آهي سي آهن، ڊاڪٽر گربخشاڻي، عثمان علي انصاري، غلام مصطفيٰ مشتاق، غلام محمّد شاهواڻي ۽ علامه آءِ آءِ قاضي.
    لفظ "اوڙاه“ به بيت ۾ غلط لکيو ويو آهي ڇا ڪاڻ ته لفظ ”اوڙاه“ جي معنيٰ آهي ”ڪُنن وارو پاڻي، درياءَ جي ڪن وارو هنڌ“.
    قارئين ڪرام! جڏهن لفظ ”اوڙاه“ جي معنيٰ اها آهي ته پوءِ ناکئو ۽ کاري کيڙائو ڪيئن اوڙاه ۾ ٻيڙي هاڪاريندو ۽ اُهريندو؟ ثابت ٿيو ته لفظ ”اوڙاه“ فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ حاجي محمّد سمي غلط لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق درست لفظ آهي ”اَتانگهه“.

    ر. تڙين، تڙ، تري، تي: جن صاحبن لفظ ”تي“ لکيو آهي اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته هنن اهو لفظ ”اوڙاه“ کان پوءِ ”تي“ لکيو آهي يعني ”اوڙاه تي“ الفاظ لکيا آهن. اهي الفاظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ نه ٿا سُونهن.
    جن صاحبن لفظ ”تري“ لکيو آهي تن اهو لفط ”تانگهي“ کانپوءِ استعمال ڪيو آهي. الفاظ ”تانگهي تري“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ نه ٿا سونهن. ڇا ڪاڻ ته ”تانگهي تري“ جي معنيٰ آهي ”ننڍي پاڻي جي تري ۾“.
    ياد رهي ته! ٻيڙو يا ٻيڙي تانگهي تري ۾ نه، هاڪاري يا هلائي ويندي آهي ۽ جن صاحبن لفظ ”تڙين“ لکيو تن به بيت جي مضمون جي مناسبت سان نه لکيو آهي.
    اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”تڙ“ ٻين مڙني لفظن کان زياده مناسب آهي. مناسب هن ڪري آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي نظر ۾ هڪ تڙ کان ٻي تڙ تائين ٻيڙي جو وڃڻ مقصود آهي. انساني روح هن جهان جو تڙ ڇڏي عالمِ ارواح ۾ وڃي پهچندو. گهڻن تڙن تي نه ويندو، تنهنڪري اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”تڙ“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي بيت لاءِ مناسب آهي.

    اهڙي طرح تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد هن نتيجي تي پهتا آهيون ته، اصل بيت جي صورت هي آهي.

    تُنَ تُنِيندو آءِ، مَکِ ڏِهاڙِي مَڪُڙِي،
    سانباهِي سَمُنڊَ جِي، مَنان مُورَ مَ لاءِ،
    اَڄُ ڪِ سَنجِهه سندياءِ، اُهرَيندِي اَتانگَهه تَڙ.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه ناکئي، کاري کيڙائو ۽ ملاح کي صلاح ڏئي ٿو ته تنهنجي ٻيڙي ۾ جيڪي جيڪي تن ۽ سوراخ آهن تن سوراخن کي بند ڪندو آءُ، پنهنجي ٻيڙي جي سمنڊ ۾ وڃڻ واري سنبت ۽ تياري کي من منجهان ڪڍي نه ڇڏ. ساڳي وقت پنهنجي ٻيڙي کي ڪنهن مناسب تيل جو مک به ڏيندو رَهُه، ته جئين ٻيڙي سڻڀي رهي ٻيڙي جو ڪاٺ خُشڪ نه ٿئي. اڄ يا سڀاڻي تنهنجي ٻيڙي گَهِري ۽ اونهي پاڻي طرف اوهري ۽ هاڪارِي ويندي.


    7. سُر گهاتو

    جِتي گهوريو گهاتُوئين، تِتي واري بُٺ،
    سَئسين ساٽئ مُٺَ، سَرُسُڪو، سونگي گَيا.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 544سال 1900ع)

    جِتي کُورِئو کَاٽُوءِِ تِتي وَارِيَ بُٽَ،
    سَرُ سُڪُو سُنکُي کَيَا سهسِِ ساٽي مُٽَ،
    سي پِرَپَسِئُوپَٽَ مَارُو وَجَنِ مُوٽِئِا
    (سيد عبدالعظيم گنج سُر گهاتو ص 631 ڪتابت 1207 هه اشاعت 1995)

    جِتي کُورِوءُ کَاتُو ءِِ تِتي وَارِيَ بُٺَ،
    سَئَيس وَارِيَ مُٽَ، سَرُ سُڪُو سُونکِي کَيَا
    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 398 سال 1995)

    جِتي کهورِئو کهَاتُئين تِتي وَارِيَ بُٿههَ،
    سَوين سَاٿِي مُٿههَ سَرُ سُکو سُونکِي کَيَا.
    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 708 سال 2008ع)

    جِتي گهورِيو گهاتُوئين، تِتي واريءَ بُٺَّ،
    سَهسين ساٽي مُٺَّ، سَرُ سُڪو، سوُنگي گَيا.
    (ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص296 مڪتبه برهان )

    جتي گُهورئو گَهاتُوئين، تِتي وارِيءَ بُٺَ،
    سَرُ سُڪو سُونگِي ڳَيَا، سَهسين سَاٽِي مُٺَ،
    سي پِڙَ پَسِئو پَٽَ، مَاڻُهُو وَڃَنِ موٽِئَا.

    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 365 سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    جِتي گهورِيو گهاتُئين، تِتي وارِيءَ بُٺَ،
    سُوين ساٽِي مُٺَ، سَرُ سُڪو، سُونگِي گَيا.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 606سال 2013)

    جتي گهوريو گهاتُوئين، تِتي وَاريءَ بُٺَ،
    سَرُ سُڪُو سونگي گيا، سَهسيَن سَاٽِي مُٺَ،
    سي پِڙَ پسِيو پَٽَ، ماڻهو وَڃَنِ مُوٽِيا.

    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطي ۾ سُر گهاتو ص631سال 1995)

    جِتي گهورِيو گهاتُوئين، تِتي وارِيءَ بُٺَّ،
    سَهسين ساٽِي مُٺَّ، سَرُ سُڪو، سوُنگي گَيا.

    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر گهاتو ص 101سال 1994 )

    جِتي گُهوريو گهاتُوئين، تِتئ واريءَ بُٺَ،
    سَئسين ساٽئ مُٺَ، سَرُ سُڪو، سونگي گَيا.

    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 597 مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    جِتي گهورِئو گهاتُئين، تِتي وارِيَ بُٺَّ،
    سهسين ساٽِي مُٽَ، سَرُ سُڪو، سُونگِي گَيا.

    (ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 616 سال 1996 )

    جِتي گهوريو گهاتُوئين، تِتي واريء بَٺَ،
    سئسين ساٽي مَٺَ سُرُسُڪو، سونگي گيا.

    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 751 بااختيار ادارو سال 1994 )

    جِتي گهورِيو گهاتُئين، تِتي واريءَ بٺ،
    سَهسين ساٽِي مُٺ، سُرُ سُڪو، سوُنگِي گَيا.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 671 سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    جِتي گهورِئو گهاتُئين، تِتي وارِيَ بُٺَّ،
    سَهَسين ساٽِي مُٺَّ، سَرُ سُڪو، سُونگِي گَيا.
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 298 سال 2013ع روشني)

    جتي گهوريو گهاتوئين، تتي واريءَ بٺ،
    سهسين ساٽيءَ مٺ، سر سڪو سونگي گيا.
    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 573سال 2009ع مهراڻ)

    جتي گهورِيو گهاتُئين، تِتي واري پَٽ،
    سَر سونگي سانگي گِيا، سَهَسِين ساٽي مَٽ،
    سي پَٿر پَسيو پٽ، ماڻهو وَڃن موٽيا.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر گهاتو ص 424 سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    جتي گهوريو گهاتوئين، تتي واريءَ بٺ،
    سهسين ساٽيءَ مٺ، سر سڪو سونگي گيا.

    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 777 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    جتي گهوريو گهاتوئين، تتي واري بَٺَ،
    سَرُ سُڪو سونُگي گيا، سهسين ساٽي مَٺَ،
    سي پِڙ ڏِسيو پَٽَ، ماڻهو وڃن موٽيا.

    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 363 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    جِتي گهورِيو گهاتُئين، تِتي وارِيءَ بُٺَ،
    سَوين ساٽِي مُٺَ، سر سُڪو، سونگِي گَيا.

    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو (چونڊ ڪلام) سُرگهاتوص 270سال 2011ع مهراڻ)

    نوٽ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اهو بيت نه لکيو،
    قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي هن بيت کي ڪاتبن، مرتبن ۽ محققن نهايت ئي متنازعه بڻائي ڇڏيو آهي. جن صاحبن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو اڻپورو بيت پنهنجي طرفان ترتيب ڏنل “شاهه جو رسالو” ۾ لکيو آهي سي صاحبان آهن، ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، علامه آءِ آءِ قاضي، باگو جي ڏانو جي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو، غلام مصطفيٰ مشتاق، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، حاجي محمّد سمو، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ ديوان تارا چند.
    اسان انهن جي اڻ پوري لکيل بيت کي تحقيق جي دائري کان هن ڪري خارج ڪيو آهي جو انهن جو ٻن مصرعن وارو بيت لکيل آهي. انهن جي مقابلي ۾ اسان سيّد عبدالعظيم فقير، ممتاز مرزا، ٻانهي خان شيخ، تاج محمّد نظاماڻي ۽ سگهڙ الله داد جنجهي جي بيت کي تحقيقي دائري ۾ شامل ڪيو آهي.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (بُٺ، پٽ، بُٽ)، (سر سڪو، سر سونگي)، (گيا، ڳيا)، (سئسين، سهسين)، (مُٺ، مَٽ، مُٽ)، (پڙ، پٿر)، (پسيو، ڏسيو، پٽ، پٺ).

    الف. بُٺ، پٽ، بُٽ: لفظ ”بُٽ" لکڻ وارو سيّد عبدالعظيم فقير آهي. قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ٽ“ اکر کي”ٺ“ اکر جي جاءِ تي به لکيو ويندو هو. تنهنڪري سيّد عبدالعظيم وارو لکيل لفظ ”بُٽ“ کي ”بُٺ“ جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ پڙهڻ ۽ لکڻ گهرجي. اهو لفظ ”بُٺ“ ممتاز مرزا ۽ ٻانهي خان بيت ۾ لکيو آهي، درست لکيو اٿن ليڪن فقير تاج محمّد نظاماڻي لفظ ”بَٺَ“ اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيو آهي ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لفظ ”پَٽَ“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيو اٿس.

    ب. سر سڪو، سر سونگي: قارئين ڪرام! بيت جي ٻي مصرع جو پهريون فقرو سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيو آهي ”سر سونگي سانگي“ اسان جي تحقيق مطابق هن صاحب اهو فقرو غلط لکيو آهي. اصل فقرو آهي ”سر سڪو سونگي گيا“. اهو فقرو باقي ٻين صاحبن لکيو آهي. جن جو اسان مٿي بيت لکي آيا آهيون.

    ت. گيا، ڳيا: فقط ٻانهي خان شيخ لفظ ”ڳيا“ لکيو آهي. هن صاحب اهو اڻ ڀاوڻو لفظ لکيو آهي. اصل ۽ درست لفظ ”گيا“ ٻين سڀني صاحبن لکيو آهي.
    ث. سئسين، سهسين: قديم صورت خطيءَ ۾ اکر ”ء“ حمزي کي ”هه“ هرڻ ۾ ۽ ”هه“ هرڻ کي ”ء“ حمزي ۾ بدلائي لکبو هو.
    اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”سئسين“ جي معنيٰ آهي (سئـ + سين) گهڻاسوءَ، سوين. جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ توڙي قديم صورت خطيءَ ۾ لفظ ”سئسين ۽ سهسين“ لکڻ جائز سمجهيو ويندو هو. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته ٽن مصرعن وارو بيت لکڻ وارن سڀني صاحبن لفظ سهسين لکيو آهي. تنهنڪري حضرت ڀٽ ڌڻيءَ واري بيت ۾ لفظ ”سهسين“ زياده مناسب ٿيندو.

    ج. مُٺ، مَٽ، مُٽ: لفظ ”مُٽ“ سيّد عبدالعظيم فقير قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ٽ“ اکر کي ”ٺ“ اکر بجاءِ اڪثر لکندو رهيو آهي. قارئين ڪرام! اوهان کي مون تي جيڪڏهن يقين نه اچي ته سيّد عبدالعظيم فقير جو لکيل هي بيت پڙهڻ فرمايو:
    ڀاياني ٿي ڀور، ”پُٽي“ ڪيچين ڪڪرا
    (گنج ننڍو ص 07 سال 1207 هه)
    ياد رهي ته جديد صورت خطيءَ ۾ ممتاز مرزا اهو بيت لکيو آهي:
    ڀاياڻي ٿي ڀور، ”پُٺي“ ڪيچين ڪڪرا
    (گنج جديد سنڌي صورت خطيءِ ص 07 سال 1995 )
    سگهڙ الله داد جنجهي لفظ ”مَٽ“ لکيو آهي، غلظ لکيو اٿس. اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”مُٺ“ درست آهي اهو لفظ ممتاز مرزا ۽ ٻانهي خان درست لکيو آهي.

    ح. پڙ، پٿر: قارئين ڪرام! لفظ ”پٿر“ فقط سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”پٿر“ بجاءِ لفظ ”پڙ“ بيت ۾ زياده سونهين ٿو. اهو هن ڪري ته جتي ميربحر، ملاح ۽ مهاڻا مڇي اچي گڏ ڪندا آهن. انهي جاءِ کي "پِڙ“ چئبو آهي. ۽ ننڍي تعداد ۾ گڏ ٿيل مڇي واري جاءِ کي پڙي چئبو آهي. اهو لفظ ايامن کان ۽ جڳان جڳ مروّج رهيو آهي جتي چوپايو مال وڪري ۽ خريد لاءِ اچي بيهاربو آهي ان جاءِ کي به ”پڙي“ چئبو آهي ۽ جتي سبزي کي گڏ ڪري واڪ ڏبا آهن ان جاءِ کي به ”پڙي“ چئبو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه مڇي جي وڏي تعداد ۾ گڏ ٿيڻ واري جاءِ کي اسان جي تحقيق مطابق ”پِڙي“ بجاءِ ”پِڙ“ فرمايو آهي. تنهن ڪري اسان سگهڙ حاجي الله داد جنجهي واري لفظ ”پٿر“ کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي بيت ۾ لکڻ مناسب نه سمجهون ٿا.
    خ. پسيو، ڏسيو: بيت جي ٽين مصرع جو ٽيون لفظ ”ڏسيو“ فقير تاج محمّد نظاماڻي اسان جي تحقيق مطابق نامناسب لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته توڙي جو الفاظ ”ڏسيو ۽ پسيو“ جي معني ساڳي آهي مگر حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي هي شاعرانه خوبي آهي ته اڪثر بيتن ۾ تجنيس حرفي ۽ تجنيس خطي جو زياده خيال رکيو آهي. منهنجو مامون مرحوم مولوي محمّد عالم فرمائيندو هو ته ”عربي، فارسي، هندي، اردو، سرائڪي ۽ سنڌي شاعرن جو ڪلام اڪثر پڙهيو اٿم جهڙي تجنيس خطي ۽ تجنيس حرفي جو ڪمال حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪلام ۾ پڙهيو اٿم اهڙو مثال ڪنهن به ٻي شاعر جي ڪلام ۾ نظر نه آيو آهي“.

    د. پٽ، پٺ: قارئين ڪرام! اسان جي تحقيق مطابق بيت جي ٽين مصرع جي آخري قافيي وارو لفظ ”پٺ“ هئڻ گهرجي. اهو هن ڪري ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي تحقيق هيٺ آيل بيت جي ٽن قافين منجهان ٻه قافيا ”بُٺ، مُٺ“ ثابت ڪري آيا آهيون ته ٽين قافيي جو لفظ ”پُٺ“ هئڻ گهرجي. اسان جي تحقيق مطابق سيّد عبدالعظيم به ٽين قافيي کي غلط لکيو آهي. ٻي نمبر تي ممتاز مرزا جو اهو فرض هو ته هُو ٽين قافيي کي ”پُٺ“ لکي ها جيئن پهريان ٻه قافيا ”بٺ، مٺ“ لکيا اٿس.
    اسان جي تحقيق مطابق ڪنهن به ڪاتب، مرتب ۽ محقق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي بيت جو ٽيون قافيو درست نه لکيو آهي. اسان تحقيق ڪري ٽين قافيي جي بِه تصحيح ڪئي آهي.

    اهڙي طرح تنقيد ۽ تحقيق بعد هن نتيجي تي پهتا آهيون ته، اصل بيت جي صورت هي آهي.

    جِتي گُهورِيو گَهاتُوئين، تِتي وَارِي بُٺَ،
    سَرُ سُڪو سونُگي گيا، سهسين ساٽي مُٺَ،
    سي پِڙ پَسِيو پُٺ، مَاڻهُو وَڃَنِ موٽِيا.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه فرمائي ٿو (سنڌ ۾ زلزلن جي اچڻ کان اڳ) جتي مڇيرن ميربحرن ۽ مهاڻن مڇي مارڻ لاءِ ۽ ماڻهن کي سير ڪرائڻ لاءِ ۽ عوام کي هڪ پتڻ کان ٻي پتڻ تي پهچائڻ لاءِ جتي ٻيڙا ۽ هوڙا پئي هاڪاريا تتي هاڻ واري جا بُٺ ۽ دڙا نظر ٿا اچن.
    سر (درياءُ، واهڙ) سڪو پاڻي ختم ٿيو ته حڪمرانن طرفان ڍل ۽ محصول وٺڻ وارا ڪارندا ته هليا ويا ۽ ساٽي توڙي مڇيرا به بيروزگاري سببان زياده مُسجي (مُٺا) ۽ غريب ٿي ويا.
    اُهي پڙ جتي مڇين جا انبار لڳندا هئا سي سڄا ڀڙڀانگ، ويران ۽ برباد ڏسي ماڻهو پُٺ تي موٽيا وڃن ٿا.

    *****

    نَڪا بُوءِ بازار ۾ نَڪا ڇلُرَ ڇَٽَ،
    جِتي ڏَنڀرَنِ جي اڳي هُئي اَکُٽَ،
    سي پِڙَ پَسيو پَٽَ، ماڙهُو وڃن موٽيا.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 545سال 1900ع)

    نَڪَا بُوءِ بَازارَ ۾، نَڪَا ڇِلُرَ ڇَٽَ،
    جِتي ڏَنڀَرِيُنِ جِي، اَڳي هُئِي اَکُٽَ،
    سي پِڙَ پَسِئو پَٽَ، مَاڻُهُو وَڃَنِ موٽِئَا.
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 365 سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    نَڪا بُوءِ بازار ۾ نَڪا ڇُلرَ ڇَٽَ،
    جِتي ڏنڀَرَنِ جِي اَڳي هُئِي اُگَهٽَ،
    سي پِڙَ پَسِئو پَٽَ، ماڙهُو وَڃنِ موٽِئَا.
    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 125سال 2009)

    نَڪا بُوءِ بازارِ ۾، نَڪَا ڇِلُرَ ڇَٽَ،
    جِتي ڏَنڀِرَنِ جي اَڳي هُئِي اَکُٽَ،
    سي پِڙَ پَسيو پَٽَ، ماڙهُو وَڃَنِ موٽِيا.
    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 606سال 2013)

    نَه ڪا بُوءِ بَازار ۾ نَه ڪَا ڇِلر ڇَٽَ،
    جِتي ڏَنڀرينِ جِي، اڳي هُئِي اگهٽ،
    سي پڙ پَسيو پَٽَ، ماڻهو وَڃَنِ مُوٽيا.

    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطي ۾ ص631سال 1995)

    نَڪا بُوءِ بازارِ ۾، نَڪا ڇُلرَ ڇَٽَّ،
    جِتي ڏنڀِرِيَنِ جِي، اَڳي هُئِي اُکُٽُّ،
    سي پِڙَ پَسِيو پَٽَّ، ماڙهُو وَڃَنِ موٽِيا.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر گهاتو ص 280سال 1994 )

    نَڪا بُوءِ بازارِ ۾، نَڪا ڇِلُر ڇٽ،
    جتي ڏَنڀِرَن جي اڳي هُئي اَکُٽ،
    سي پَڙِ پَسئو پَٽَ، ماڙُهو وڃن موٽيا.

    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 598 مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    نڪا بوءِ بازارِ ۾، نڪا ڇِلُرَ ڇَٽَّ،
    جِتي ڏَنڀَرِيَنِءَ جِي، اَڳي هئي اَکُٽّ،
    سي پِڙَ پَئسو پَٽّ، ماڙهُو وَڃنِ موٽئَا.
    (ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 616 سال 1996 )

    نَڪا بُوءِ بازار ۾، نَڪا ڇَلَر ڇَٽ،
    جتي ڏنڀرن جي اڳي هُئي اکُٽ،
    سي پَڙ پَسئو پَٽَ، ماڙهُو وڃن موٽيا.

    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 751 بااختيار ادارو سال 1994 )

    نَڪا بُوءِ بازارِ ۾ نَڪا ڇِلر ڇَٽ،
    جِتي ڏَنڀرين جِي، اَڳي هُئِي اُکٽ،
    سي پڙ پَسِئو پَٽ، ماڙهُو وَڃَنِ موٽِئا.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 671 سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    نَڪا بُوءِ بازارِ ۾، نَڪا ڇِلُرَ ڇَٽَّ،
    جِتي ڏَنڀَرَيَنِ جِي، اَڳي هُئِي اُکٽَّ،
    سي پِڙَ پَسِئو پَٽَّ، ماڙهُو وَڃَنِ موٽِئا.
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 298 سال 2013ع روشني)

    نڪا بوءِ بازار ۾، نڪا ڇلر ڇٽ،
    جتي ڏنڀرن جي، اڳي هئي اکٽ،
    سي پڙ پسيو پٽ، ماڙهو وڃن موٽيا.
    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 573سال 2009ع مهراڻ)

    نڪا بُوءِ بازار ۾، نَڪا ڇِلَر ڇَٽ،
    جِتي ڏَنڀِيرن جي، اَڳي هئي اُگُهٽَ،
    سي پَٿر پسيو پٽ، ماڻهون وَڃن مَوٽِيا.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر گهاتو ص 424 سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    نڪا بوءِ بازار ۾، نڪا ڇلر ڇٽ،
    جتي ڏنڀرن جي اڳي هئي اَکٽ،
    سر پڙ پسيو پٽ، ماڙهو وڃن موٽيا.

    (باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 777 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    نڪا بُوءِ بازار ۾، نَڪا ڇلر ڇَٽَ،
    جتي ڏنڀرن جي، اڳي هُئي اَکُٽَ،
    سي پِڙ ڏسيو پَٽَ، ماڻهو وَڃنِ موٽيا.
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 363 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    نَڪا بُوءِ بازارِ ۾، نڪا ڇِلُرَ ڇَٽَ،
    جِتي ڏَنڀِرَنِ جي، اڳي هُئِي اَکُٽَ،
    سي پِڙَ پَسِيو پَٽَ، ماڙهُو وَڃَنِ موٽِيا.
    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو (چونڊ ڪلام) سُرگهاتوص 270سال 2011ع مهراڻ)

    نوٽ: ڪلياڻ آڏواڻي اهو بيت نه لکيو آهي.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ڏنڀرن، ڏڀرين، ڏنڀرين، ڏنڀيرن)، (اُگهٽ، اکٽ).

    الف. ڏنڀرن، ڏڀرين، ڏنڀرين، ڏنڀيرن: قارئين ڪرام! جن صاحبن لفظ ”ڏنڀرن“ استعمال ڪيو آهي سي صاحبان آهن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، فقير تاج محمّد نظاماڻي، عثمان علي انصاري، ديوان تارا چند، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، محمّد عثمان ڏيپلائي، باگو جي، ڏانو جي ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق. اسان جي تحقيق مطابق انهن صاحبن لفظ ”ڏنڀرن“ مناسب نه لکيو آهي.
    اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”ڏنڀرين“ بيت ۾ مناسب لڳي ٿو. اهو هن ڪري ٿا چئون ته فقير محمّد عرف بگو ميربحر (مرحوم) منهنجي اوطاق جي سامهون رهندو هو هنئر فوت ٿي ويوآهي. جنهن مونکي ٻڌايو هو ته ڏنڀرا نر ۽ ڏنڀريون ماديون ٿينديون آهن. جڏهن ٻنهي جنسن کي پڙ يا پٽ تي واڪن ڏيڻ وقت رکيو ويندو هو ته انهن کي هڪ جنس ”ڏنڀرين“ ڪوٺيو ويندو هو. ڇا ڪاڻ ته ڏنڀرا تعداد ۾ گهٽ ۽ ڏنڀريون زياده ٿينديون آهن.
    اسان جي تحقيق مطابق سيّد عبدالعظيم، ممتاز مرزا، ڊاڪٽر محمّد عالم سومري، ٻانهون خان شيخ، غلام محمّد شاهواڻي، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ علامه آءِ آءِ قاضي لفظ ”ڏنڀرين“ درست لکيو آهي.
    سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لفظ ”ڏنڀيرن“ لکيو آهي اسان ڀانئيون ٿا ته سگهڙ صاحب به لفظ ”ڏنڀرين“ لکيو مگر ڪمپوزر جي غلطي سببان لفظ ”ڏنڀيرن“ لکجي ويو.
    ب. اُگهٽ، اکٽ: قارئين ڪرام! ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ ”اُگهٽ“ لکيو آهي. ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لفظ ”اُگُهٽ“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق جنجهي صاحب جو لکيل لفظ ”اُگُهٽ“ بيت ۾ لکڻ مناسب نه ٿو لڳي. مگر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو لکيل لفظ ”اُگَهٽ“ مناسب آهي اهو هن ڪري ٿا چئون ته بيت جا ٻه قافيا ”ڇٽ ۽ پٽ“ آهن ته بيت جو ٽيون قافيو به ”گَهٽ“ هئڻ گهرجي ۽ نه ”گُهٽ“.
    جن صاحبن لفظ ”اکُٽ“ لکيو آهي تن به درست لفظ نه لکيو آهي ڇا ڪاڻ ته بيت ۾ استعمال ٿيل پهريون قافيو آهي ”ڇٽ“ ۽ بيت جي ٽين مصرع جو قافيو آهي ”پٽ“. انهي حالت ۾ بيت جي ٻي مصرع جو قافيو ”گهٽ“ هئڻ گهرجي اسان جي تحقيق مطابق فقط ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ بيت جي ٻي مصرع جو قافيو برابر لکيو آهي ۽ باقي ٻين صاحبن غلط لکيو آهي.

    اهڙي طرح تنقيد ۽ تحقيق بعد هن نتيجي تي پهتا آهيون ته، اصل بيت جي صورت هي آهي.

    نڪا بُوءِ بَازارَ ۾، نَڪا ڇِلُر ڇَٽَ،
    جِتي ڏَنڀرِيَن جِي، اَڳي هُئي اُگَهَٽَ،
    سِي پِڙَ پسيو پَٽَ، ماڻهو وَڃنِ موٽِيا.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه سون ورني سنڌ جي هڪ ان شهر ۾ وڃي پهتو جيڪو برباد ۽ ويران ٿي چڪو هو. اُتي بيهي فرمايائون ته اها بازار جتي مڇي گهڻي تعداد ۾ وڪامندي هئي ۽ جنهن بازار ۾ مڇي جي ڇلرن جو ڇيهه ئي نه هوندو هو تتي ڇلر نظر نه ئي نه ٿا اچن.
    جنهن هنڌ بي انداز ڏنڀرن ۽ ڏنڀرين جو وڪرو ٿيندو هو. اهي پِڙ ۽ پٽ جتي مڇي (ڏنڀرين) جا واڪ لڳندا هئا، مڇي خريد ڪري وڃي ميربحر مرد ۽ عورتون مختلف شهرن، ڳوٺن ۽ بازارن ۾ وڪڻندا هئا انهن پَٽن، پِڙن ۽ سڃي بازار کي ڏسي ماڻهو موٽيا ٿا وڃن.


    8. سُر کاهوڙي

    اچي پيا آٽَـ۾، واٽ وڃائي جن،
    اوءِ بَصِيَر بَرَنِـ۾، اَنڌا ٿيو اُڀَن،
    ڪَنَنِ آڏيُون تاڙِيون، گُنگن جئن گُهمن،
    فِراقئ فرمان جو، آهي ٻَرُ ٻوڙنِ،
    لَنگها ٿيا لاهوت کي، سُتا پيا سِڪن،
    کَپت کاهوڙيَنِ، آهَ اُٿي پِئي نه لهي.

    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر کاهوڙي ص 418 سال 1900ع)

    اَچي پِيا آٽَ ۾، واٽَ وِڃائي جَنِ،
    اوءِ بَصيِرَ بَرّنِ ۾، اَنڌا ٿِيو اُڀَنِ،
    ڪَنَن آڏِيُون تاڙِيُون، گُنگَن جِئَن گهمَنِ،
    فِراقئَ فَرِمان جو، آهي ٻَرُ ٻوڙَنِ،
    لَنگها ٿِيا لاهوتَ کي، سُتا پِيا سِڪَنِ،
    کَپَتِ کاهوڙِيَنِ، آهَ اُٿِئي پئَي نه لَهي.

    (ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر کاهوڙي ص 375مڪتبه برهان )

    ڏوري ڏِسِي ڏُونگَرين، واٽَ وڃَائِي جَنِ،
    اُوءِ بَصِيرَ بَرَنِ ۾، اَنڌا ٿِئو اُڀِيَنِ،
    ڪَنَنِ آڏِيُون تَاڙِيُون، گُنگَنِ جِيئَن گُهمَنِ،
    فِراقِي فَرمَانَ جو، آهي ٻَرُ ٻَوڙَنِ،
    لَنگَهان ٿِئو لاهُوتَ کي، سُتَا پِئَا سِڪَنِ،
    کَپَتِ کاهوڙِيَنِ، آهَه اُٿي پي نَه لَهي.

    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر کاهوڙي ص 20 سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    اچي پِيا آٽَ ۾، واٽَ وِڃائي جَن،
    سي بيران بَرن ۾، اَنڌا ٿِيو اُڀَنِ،
    ڪَنَنِ آڏِيُون تاڙِيُون، گُنگنِ جِئن گهُنِ،
    فِراقِي فَرمانَ جو، آهي ٻَرُ ٻوڙن،
    لَنگها ٿِيا لاهُوتَ کي، سُتا پِيا سِڪَنِ،
    کَپَتِ کاهوڙِين، آهَه اُتيجي نه لَهي.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر کاهوڙي ص 597 سال 2013)

    ڏوري ڏسي ڏُنگرَين، واٽَ وڃائي جَنِ،
    اُوءِ بصَير بَرنِ ۾، اَنڌا ٿيو اُڀينِ،
    ڪَنن آڏيون تاڙيون، گُونگنِ جيئن گهُمنِ،
    فراقَي فرمان جو، آهي ٻَرُ ٻُوڙن،
    لنگها ٿيو لاهوتَ کي، سُتا پيا سڪَنِ،
    کَپتِ کاهوڙينِ، آههَ اُٿي پي نه لَهي.

    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ ص سُر کاهوڙي 503سال 1995)

    اَچي پيا آٽَ ۾، واٽَ وڃِائِي جَنِ،
    اُوءِ بَصيرَ بَرّن ۾، اَنڌا ٿِيو اُڀَنِ،
    ڪَنَنِ آڏِيُون تاڙِيُون، گُنگَنِ جِئَن گُهمَنِ،
    فِراقِئَ فَرِمان جو، آهي ٻَرُ ٻوڙِنِ،
    لَنگها ٿِيا لاهوتَ کي، سُتا پِيا سِڪَنِ،
    کَپَتِ کاهوڙِيَنِ، آهَ اُٿِئي پِئي نه لَهي.

    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر کاهوڙي ص 502سال 1994 )

    اَچي پَيا آٽَ ۾، واٽَ وِڃائي جن،
    اوءِ بَصِيرَ بَرن ۾، اَنڌا ٿِيو اُڀن،
    ڪَنَنِ آڏيُون تاڙِيُون، گُنگن جئن گُهمن،
    فِراقئَ فرمان جو آهي ٻَرُ ٻوڙنِ،
    لَنگها ٿِيا لاهُوت کي، سُتا پيا سِڪن،
    کپت کاهوڙِين، آهَ اٿي پِئي نه لهي.

    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر کاهوڙي ص 464مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    اچي پيا آٽـ۾، واٽ وڃائي جن،
    اوءِ بَصِيرَ بَرنَـ۾ اَنڌا ٿيو اُڀن،
    ڪَنَنِ آڏيون تاڙِيون، گُنگن جئن گُهمن،
    فراقئ فرمان جو آهي ٻَرُ ٻوڙن،
    لنگها ٿيا لاهوت کي سُتا پيا سِڪن،
    کَپت کاهوڙين، آهَ اٿي پئَي نه لهي.

    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر کاهوڙي ص 563 بااختيار ادارو سال 1994 )

    اَچِي پِيا آٽَ ۾، واٽَ وِڃائِي جنِ،
    اوءِ بَصِيرَ بَرَنَ ۾، اَنڌا ٿِيو اُڀنِ،
    ڪَنَنِ آڏِيَون تاڙِيُون، گُنگَنِ جِئَن گُهمَنِ،
    فِراقِي فَرمانَ جو، آهي ٻَرُ ٻوڙَنِ،
    لَنگها ٿِيا لاهُوتَ کي، سُتا پِيا سِڪَنِ،
    کَپَت کاهوڙِيَنِ، آه اُٿِئي پِئي نه لَهي.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر کاهوڙي ص618سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    ڏوري ڏِسِي ڏونگرين، واٽَ وِڃائي جَنِ،
    اُوءِ بَصِيرَ بَرَنِ ۾، اَنڌا ٿِئو اُڀيِنِ،
    ڪَنَنِ آڏَيُون تاڙيُون، گُنگنِ جيَئن گُهَمنِ،
    فراقِي فَرمانَ جو آهي ٻَرُ ٻوڙَنِ،
    لَڱا ٿِئا لَطِيفُ چَئي، سُتا پِئا سِڪَنِ،
    کَپَتِ کاهوڙِينِ، آهَه اُتي پِي نَه لَهي.
    (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاهه جو رسالو سُر کاهوڙي ص 133سال 2009 سنڌ ثقافت)

    اَچِي پِئا آٽَ ۾، واٽَ وڃائي جَنِ،
    سي بيرانِ بَرّن ۾، اَندها ٿِئو اُڀَن،
    ڪَنَنِ آڏو تاڙِيُون، گُنگَنِ جنءِ گهُمَنِ،
    کَپَت کاهوڙِيَن، آهَ اُٿي پِيي نَه لَهي.
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر کاهوڙي ص 361 سال 2013ع روشني)

    اچي پيا آٽ ۾، واٽ وڃائي جن،
    اوءِ بصير برن ۾، اَنڌا ٿيو اُڀن،
    ڪنن آڏيون تاڙيون، گنگن جئن گهمن،
    فراقئَ فرمان جو، آهي ٻَرُ ٻوڙن،
    لنگها ٿيا لاهوت کي، ستا پيا سڪن،
    کپت کاهوڙين، آهه اٿي پئي نه لهي.
    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر کاهوڙي ص 439سال 2009ع مهراڻ)

    ڏِسي ڏوري ڏونگريِن، واٽَ وَڃائي جن،
    اوبصير برَن ۾ اَنڌا ٿِيو، اُڀين،
    ڪَنَن آڏيون تاڙِيُون، گُنگن جِيئن گُهمن،
    فِراقي فرمان جو، آهي ٻَرَ ٻوڙن،
    لِڱا ٿيا لاهوت کي، سُتا پِيا سِڪن،
    کَپَت کاهوڙين، آهي اڳين پنڌ جي.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر کاهوڙي ص 328 سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    اچي پيا آٽ ۾، واٽ وڃائي جن،
    اوءِ بصير برن ۾، اَنڌا ٿيو اُڀن،
    ڪنن اَڏيون تاڙيون، گنگن جئن گهمن،
    فراقئَ فرمان جو، آهي ٻَرُ ٻوڙن،
    لنگها ٿيا لاهوت کي، ستا پيا سڪن،
    کپت کاهوڙين، آهه اٿي پئي نه لهي.

    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر کاهوڙي ص 581 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    اچي پيا آٽ ۾، واٽ وڃائي جن،
    اوءِ بصير برن ۾، اَنڌا ٿيو اُڀن،
    ڪنن آڏيون تاڙيون، گنگن جئن گهمن،
    فراقيءَ فرمان جو، آهي ٻَرُ ٻوڙن،
    لنگها ٿيا لاهوت کي، ستا پيا سِڪن،
    کپت کاهوڙين، آهه اتي پئي نه لهي.

    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر کاهوڙي ص 268 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)


    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (اچي پيا آٽ ۾، ڏسي ڏوري ڏونگرين، ڏوري ڏسي ڏونگرين)، (سي بيران برن ۾، اوءِ بصير برن ۾)، (اُڀن، اُڀين)، (فراقي فرمان،)، (ٻر)، (لنگها، لنگهان، لَڱا، لِڱا)، (اتي جي نه لهي، اُتي پي نه لهي، اُٿي پي نه لهي، اٿي پئي نه لهي، اٿي پيي نه لهي، آهي اڳين پنڌ جي)

    نوٽ: حضرت ڀٽ ڌڻيءِ جي هن بيت جي پهرين مصرع کي ٽن مختلف صورتن ۾ لکيو ويو آهي. انهيءَ کان علاوه ڏهه متضاد لفظ لکي بيت کي بيحد متنازعه بنايو اٿن:

    اچي پيا آٽ ۾، واٽ وڃائي جن،
    ڏِسي ڏوري ڏونگريِن، واٽَ وَڃائي جن،
    ڏوري ڏِسِي ڏونگرين، واٽَ وِڃائي جَنِ،

    الف. اچي پيا آٽ ۾، ڏسي ڏوري ڏونگرين، ڏوري ڏسي ڏونگرين: قارئين ڪرام! پهرين مصرع ”اچي پيا آٽ ۾، واٽ وڃائي جن“ هن فقري جو مقصد هي آهي ته جن واٽ وڃائي سي آٽ ۾ اچي پيا. اسان جڏهن هن مصرع تي غور ڪيو ته ڪيئن واٽ وڃايائون ۽ ڪٿان واٽ وڃايائون ته اسان کي ٻنهي سوالن جو جواب نه مليو. مگر ”ڏوري ڏِسي ڏونگرين، واٽ وڃائي جن“ هن مصرع منجهان معلوم ٿئي ٿو ته لاهوتي ڏوري ڏوري ڏونگرن وٽ پهتا ۽ پوءِ انهن ڏونگرن ۾ واٽ وڃائي ويٺا يعني اول ته صراط المسقيم (سنئين ۽ سڌي واٽ) تي گامزن هئا مگر ڏونگرن ۾ ڏٿ کي ڏسندي ۽ ڳوليندي انهن واٽ وڃائي ڇڏي.
    اسان جي تحقيق مطابق ”ڏسي ڏوري ڏونگرين، واٽ وڃائي جن“ هن مصرع کان وڌيڪ بهترين مصرع آهي ”ڏوري ڏسي ڏورنگرين، واٽ وڃائي جن“ ٻي مصرع هن ڪري بهتر سمجهون ٿا ته انهيءَ مصرع منجهان معلوم ٿئي ٿو ته پهريائين ڏوٿين ڏونگرن طرف ڏورڻ شروع ڪيو جڏهن ڏونگرن وٽ پهتا ته پهچي ڏٿ هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ڪندي راهه ڀلجي ويا. جن صاحبن اها مصرع لکي آهي سي صاحبان آهن، سيّد عبدالعظيم، ممتاز مرزا، ٻانهون خان شيخ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. باقي صاحبان جي لکيل پهرين مصرع مناسب نه لکيل آهي.

    ب. سي بيران برن ۾، اوءِ بصير برن ۾: قارئين ڪرام! ”سي بيران برن ۾“ جن صاحبن فقرو لکيو آهي سي آهن عثمان علي انصاري ۽ غلام محمّد شاهواڻي. هنن جو لکيل فقرو هن ڪري غلط قرار ڏيون ٿا ته ٻيو فقرو جيڪو سيّد عبدالعظيم ص 503 ۽ حاجي محمّد سمي ص 306 تي لکيو آهي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، فقير تاج محمّد نظاماڻي، حاجي سگهڙ الله داد جنجهي، ممتاز مرزا، علامه آءِ آءِ قاضي، باگو جي ڏانو جي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومري، ديوان تاراچند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ ڪلياڻ آڏواڻي لکيو آهي سو بلڪل با مقصد ۽ با معنيٰ آهي.ملاحظه فرمايو:
    ”اوءِ بصير برن ۾“

    قارئين ڪرام! ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”بصير“ لفظ جي معنيٰ لکي آهي. ”اندر جي اکين وارا“ (ص 135) ياد رهي ته ڊاڪٽر بلوچ ”بصير“ لفظ جي معنيٰ بيت جي مضمون جي خلاف لکي آهي. ٻانهي خان شيخ جلد ٽين جي (ص 20) تي ”بصير“ جي معنيٰ لکي آهي ”ڏسندڙ، اکين وارا“ هي صاحب به حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جو اصل مقصد سمجهي نه سگهيو. ڪلياڻ آڏواڻي بصير جي معنيٰ لکي ڏسندڙ، بصارت وارا (ص 375). شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ به لغات لطيفي جي صفحي 238 تي معنيٰ لکي آهي ”ڏسندڙ، بصيرت وارا“.
    عثمان علي انصاري صفحي 669 تي ”بصير“ لفط جي معنيٰ بصيرت وارا، ڄاڻو، ڏسڻ هار لکي آهي. علامه قاسمي به صفحي 464 تي ”بصير“ لفظ جي معنيٰ ڏسندڙ لکي آهي.
    ياد رهي ته اسان هنن صاحبن جي لکيل معنيٰ لغت جي لحاظ سان ته برابر سمجهون ٿا، مگر بيت جي مناسبت سان روحاني معنيٰ نه لکڻ ڪري سندن لکت کي غلط قرار ڏيون ٿا. هنن صاحبن کي واضح طور تي لکڻ گهربو هو ته کاهوڙي بظاهر بصارت وارا ۽اکين سان ڏسندڙ آهن مگر هنن وٽ بصيرت ۽ حقيقتي نوري واٽ کي ڏسڻ واري اک نه آهي. تنهنڪري اهي روحاني دنيا ۾ انڌن وانگر آهن.
    ت. اُڀن، اُڀين: جن صاحبن لفظ ”اُڀين“ لکيو آهي سي آهن سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، ممتاز مرزا ۽ ٻانهون خان شيخ. هنن صاحبن اهو لفظ نامناسب لکيو آهي. نامناسب هن ڪري ٿا چئون ته بيت جي پهرين مصرع جو قافيو ”جن“ آهي. بيت جي ٽين مصرع جو قافيو ”گُهمن“ آهي. چوٿون ”ٻوڙن“ ۽ پنجون ”سِڪَن“ آهي.
    اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن بيت جو ٻيون قافيو ”اُڀَنِ“ لکيو آهي تن درست قافيو لکيو آهي.
    ث. گهمن، گهن: فقط عثمان علي انصاري بيت جي ٽين مصرع جوآخري لفظ ”گُهن“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق ڪمپوزر جي غلطي ۽ پروف ريڊر جي بي ڌياني سببان لفظ ”گهمن“ بجاءِ ”گهن“ لکجي ويو. عثمان علي انصاري جي غلطي نه ٿا سمجهون.

    ج. فراقي فرمان: قارئين ڪرام! اسان تحقيق ڪري معلوم ڪيو آهي. ته غلام محمّد شاهواڻي بيت جي اها خاص مصرع نه لکي آهي. هن مصرع ۾ سڀني ڪاتبن مرتبن ۽ محققن الفاظ “فراقي فرمان ” لکيا آهن اسان تحقيق ڪري ڏٺو آهي ته قرآن مجيد ۽ فرقانِ حميد ۾ ۽ احاديث نبوي صلي الله عليه وسلم ۾ روحن جي فراق بابت فراقي فرمان جو ڪو به ذڪر نه آهي. ليڪن ”فرقاني فرمان“ جو تذڪرو فرقان حميد ۾ بار بار اچي ٿو. فرقاني فرمان مجهان مراد آهي ”الله پاڪ جا فرمودات جيڪي آقاءِ نامدار حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليه واله وسلم تي نازل ٿيا.
    اسان جي تحقيق مطابق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ بيت ۾ الفاظ ”فرقاني فرمان“ فرمايا مگر راوين جي بي ڌياني سببان لفظ ”فرقاني“ بجاءِ ”فراقي“ ٻڌايو ۽ لکايو ويو.
    ح. ٻر: سڀني صاحبن لفظ ”ٻر“ لکيو آهي. لفظ ”ٻر“ جي معنيٰ ٻانهي خان شيخ لکي آهي ”آسرو، ڏڍ، ڀروسو، ٽيڪ“ (ص 20 جلد 3)، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”ٻر“ لفظ جي معنيٰ ”زور، ۽ ڏڍ“ (ص 133)، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ”ٻر“ جي معنيٰ ”افسوس“ (ص 464)، ڪلياڻ آڏواڻي ”ٻر“ جي معنيٰ ”افسوس“ (ص 375)، لکي آهي. مطلب ته سڀني صاحبن ”ٻر“ لفظ جي معنيٰ ”افسوس“ لکي آهي مگر شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ ڊاڪٽر بلوچ وانگر ”ٻِر“ لفظ جي طاقت ۽ زور“ معنيٰ لکي آهي.
    قارئين ڪرام! هن بيت جو تعلق صُمُّ بُکْمُ’ عُمْیُ’ فَھُمْ لَا یَعْقِلُونَ (سورۃ البقرۃ 171) سان آهي لفظ ”ٻر“ اصل ۾ لفظ ”ٻـُڙ“ آهي. ”ٻُڙ“ لفظ مان ٻيو لفظ ”ٻڙو“ ٺهي ٿو. ڪن بند ڪرڻ لاءِ جئن ڪپهه يا ڪپڙي جو ٻڙو ٺاهي ڪن بند ڪبا آهن، تئن وِنگي واٽ تي هلڻ وارن جي ڪنن جون تاڪيون بند ٿي وينديون آهن.

    خ. لنگها، لنگهان، لَڱا، لِڱا: قارئين ڪرام! لفظ ”لنگهان“ فقط ٻانهي خان شيخ لکيو آهي ۽ معنيٰ ”لنگهه کان، رستي يا واٽ کان“، بلڪل بي تڪي ۽ بي مقصد لکي اٿس. (ص 20 جلد 3 ).
    جن صاحبن لفظ ”لنگها“ لکيو آهي سي صاحبان آهن عثمان علي انصاري ديوان تاراچند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، غلام محمّد شاهواڻي، محمّد عثمان ڏيپلائي، ڪلياڻ آڏواڻي، فقير تاج محمّد نظاماڻي، ممتاز مرزا، علامه آءِ آءِ قاضي، باگو جي ڏانو جي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو.
    قارئين ڪرام! هن بيت تي تحقيق ڪرڻ دوران ذهن ۾ هي خيال پيدا ٿيو ته علامه آءِ آءِ قاضي جهڙو قابل انسان لفظ ”لنگها“ ڪيئن لکندو تنهنڪري اسان مٿي ڄاڻايل سڀني صاحبن جن جا بيت لکي آيا آهيو تن جون لکيل معنيٰ واريون پٽيون پڙهيون سين، جن مان معلوم ٿيو ته علامه آءِ آءِ قاضي لفظ ”لنڱا“ لکيو مگر پروف ريڊر جي غلطي سببان لفظ “لنگها” لکجي ويو. (لفظن جي پٽي ص 859)
    شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ لغات لطيفي جي ص 200 تي لفظ “لنگا” لکيو آهي. معنيٰ رقم ڪئي اٿس ”لنگڙا، منڊا، (پارسي لنگ)“ اسان ثابت ڪيو آهي ته شمس العلماءَ بيت ۾ لفظ ”لنگا“ لکيو مگر ڪمپوزر ۽ پروف ريڊر جي غلطي سببان لفظ ”لنگها“ لکجي ويو.
    عثمان علي انصاري واري ترتيب ڏنل رسالي جي لفظن واري پٽي ۾ صحفي 307 تي لفظ ”لنڱا“ لکيل آهي معنيٰ لکيل اٿس ”لنگڙا، منڊا، جڏا“ اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو ته اها غلطي به ڪمپوزر ۽ پروف ريڊر جي آهي. اسان وڏي سوچ ۽ فڪر سان تحقيق ڪري ثابت ڪيو ته باگي جي به لفظ واري پٽيءَ ۾ لفظ ”لنڱا“ لکيو آهي.
    قارئين ڪرام! جيڪڏهن اهڙي تحقيق نه ڪريون ها ته اسان کي اهو پتو نه پوي ها جنهن کان اسان اوهان کي باخبر ڪيو آهي.
    تحقيق ڪرڻ بعد معلوم ٿيو ته حضرت ڀٽ ڌڻي جي هن بيت ۾ لفظ ”لِڱا، لَنڱا ۽ لَنگا“ الفاظ لکڻ وارا صاحبان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ سگهڙ حاجي الله دادا جنجهي نه آهن مگر شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، عثمان علي انصاري ۽باگوجي ڏانوجي صاحبان به آهن.
    هاڻ سوال پيدا ٿئي ٿو ته بيت ۾ لفظ ”لنگا لکجي يا لنڱا لکجي“ لفظ ”لنگا“ فارسي ٻولي مان ورتل آهي لنگ چئبو آهي منڊي کي ۽ سنڌي ۾ لنگا جمع جي صورت ۾ لکيو ويو آهي. ٻيو لفظ آهي ”لنڱا“ هي خالص سنڌي لفظ آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ”بيمار“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ جي استعمال ۾ ڪمال مهارت رکڻ وارو بزرگ آهي. اسان جي تحقيق مطابق لڱائي چڱائي ٻه لفظ قديم زماني کان سنڌي زبان ۾ مروج آهن. اسان ثابت ڪيو آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ “لنڱا” پنهنجي هن بيت ۾ فرمايو آهي.
    قارئين ڪرام! هڪ لفظ آهي ”لِڱا“ ۽ ٻيو لفظ آهي ”لَڱا“. لفظ ”لِڱان“ جي معنيٰ آهي وقت، ڀيرو، ۽ ”لڱان“ جي معنيٰ آهي، بيمار. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ ”لَڱا“ ۽ سهگڙ حاجي الله داد جنجهي ”لِڱا“ لکيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لکيل لفظ کي درست سمجهون ٿا.
    د. لاهوت، لطيف: قارئين ڪرام! فقط ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ ”لطيف“ لکيو آهي. باقي ٻين سڀني صاحبن لفظ ”لاهوت“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت منجهان اصل لفظ “لاهوت” ڪڍي ان جي جاءِ تي لفظ ”لطيف“ بلڪل نا مناسب لکيو آهي.
    فقيرن جون چار روحاني منزلون ٿين ٿيون. پهرين ناسوت، ٻي ملڪوت، ٽين جبروت ۽ چوٿين منزل لاهوت آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ کاهوڙين جي چوٿين منزل طرف پنهنجي بيت ۾ اشارو ڏنو آهي. انهي بيت منجهان لفظ ”لاهوت“ ڪڍي لفظ ”لطيف“ لکڻ، حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت سان نا انصافي ڪرڻ جي برابر ٿيندي.

    ذ. آهه اتي جي نه لهي، آهه اُٿي پي نه لهي، آهه اٿي پئي نه لهي، آهه اٿي پيي نه لهي، آهي اڳين پنڌ جي: قارئين ڪرام! ”آهه اتي جي نه لهي“ لکڻ وارا صاحبان آهن فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ عثمان علي انصاري، هنن صاحبن بيت جي آخري مصرع جو آخري فقرو اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته انهي فقري جو مٿين ساڍ ين پنجن مصرعن واري معنيٰ سان ڪو به تعلق نه آهي.
    جن صاحبن ”آهي اڳين پنڌ جي“ فقرو لکيو آهي تن به اسان جي تحقيق مطابق نا مناسب فقرو لکيو آهي. هن ڪري ٿا لکون ته کاهوڙين کي (اڳين پنڌ جي کپت ) واري مصرع جو مضمون مٿين پنجن مصرعن جي مضمون سان نه ٿو ملي. اهو فقرو “آهي اڳين پنڌ جي” لکڻ وارو سگهڙ الله داد جنجهي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”آهه اُتي پِي نه لهي“ به غلط لکيو آهي.
    اسان جي تحقيق مطابق فقرو ”آهه اٿي پئي نه لهي“ بيت ۾ مناسب لکيو ويو آهي. مگر (اٿي پئي، اٿي پيي، اٿئي پئي) منجهان ڪهڙا الفاظ درست آهن؟ اسان انهن تي تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته الفاظ ”اُٿي پئي“ ٻين مٿين لفظن کان بيت ۾ زياده مناسب آهن. اهي الفاظ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومري، باگي جي ڏاني جي، شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ ديوان تاراچند لکيا آهن.

    تحقيق بعد بيت جي صورت هي بيهي ٿي

    ڏوري ڏِسِي ڏُونگَرِين، وَاٽَ وِڃَائِي جَنِ،
    اُوءِ بَصِير بَرَنِ ۾، اَنڌا ٿِيو اُڀن،
    ڪَنَن آڏِيُون تَاڙِيُون، گُنگُن جِئَن گُهمَنِ،
    فُرقَانِي فَرمَانَ جو، آهي ٻُڙ ٻوڙَنِ،
    لَنڱا ٿِيا لاَهُوتَ کي، سُتا پَيا سِڪن،
    کَپت کَاهوڙِيَن، آهه اُٿي پَئي نَه لَهي.


    معنيٰ: قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَ هن ڇهن مصرعن واري بيت ۾ کاهوڙين جو ذڪر ڪيو آهي. ياد رهي ته کاهوڙي ٻن قسمن جا آهن هڪڙا اوّل درجي جا جيڪي الله جي ولين ۾ شمار ٿين ٿا ۽ ٻيا کاهوڙي عام آدمين ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا. هن بيت جي ٻي نمبر مصرع ۾ کاهوڙين بابت حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو آهي ته ڏونگرن ۾ وڃي ڏٿ حاصل ڪرڻ وارن (هن جهان ۾ زندگي گذارڻ وارن) کاهوڙي دنياوي لالچن ۾ ڦاسي اصل مقصد کي ڀلائي ويٺا يعني صراط المسطقيم تي هلڻ بجاءِ ڏنگي راهه تي هلڻ لڳا. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ بيت ۾ هن آيت جو ترجمو فرمايو آهي. (صُمُ‘ بکُم‘ عُمیَنْ فَھُمْ لَایَقعلون) هن بيت ۾ فرمايائون ته هنن کاهوڙين کي ڏسڻ واريون اکيون ته آهن يعني بصارت ته اٿن مگر بصيرت نه اٿن يعني روحاني راهه کي ڏسڻ واريون اندر واريون اکيون کليل نه اٿن. (لَایبصِرُون).
    حضرت ڀٽ ڌڻيءَ هن بيت جي ٽين مصرع ۾ فرمايو آهي ته راهه رلين جي ڪنن آڏو تاڙيون لڳل آهن، يعني الاهي احۡڪام ٻڌي نه ٿا سگهن تنهنڪري گُنگُن وانگر گهمن ٿا. (صُمُ‘ بکُم‘ عُمیَیُ‘)
    چوٿين مصرع ۾ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو آهي ته صراط المسطقيم کان ڀٽڪي ويل فرقاني فرمان يعني قرآن پاڪ ۾ فرمايل حڪمن کي ٻڌي نه ٿا سگهن ڇا ڪاڻ ته انهن جي ڪنن ۾ ضد ۽ جهالت جا ٻڙا پيل آهن. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پنجين مصرع ۾ فرمايو آهي ته اهي سنئين راهه کان ڀٽڪي ويل ماڻهو روحاني طور تي روڳي آهن اهي لاهوت جي زيارت لاءِ آتا ۽ سڪائتا ته آهن مگر ويل وڃائي ويٺا آهن.
    حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ڇهين مصرع ۾ پهرين نمبر جي کاهوڙين بابت فرمائي ٿو ته اڳ ۾ مٿي ذڪر ڪيل سنئين راهه کان ڀٽڪي ويل ۽ راهه ريلن کاهوڙين جو الله وارن کاهوڙي فقيرن کي اُٿي، ويٺي، سُتي، گهمندي ۽ ڦرندي فڪر ۽ گڻتي آهي ته ڪنهن طرح سان ڀٽڪيل کاهوڙي سئين راه تي پهچن.


    9. سُر ڪاپائتي

    پُليء پايو پُوڻِيُون، دَرِ دَرِ ڀيرا ڏي،
    آءُ ڪاپائتي آهيان، ڪا مون ڪَتائي.

    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر ڪاپائتي ص 528 سال 1900ع)

    پَلَئِي پَايُو پُونِيُ‘، دَر دَر ڀيرَا ڏي،
    ڪَا مُن ڪَتَائِي، ڪَاپَائِتِي آهِيَان.

    (سيد عبدالعظيم گنج سُر ڪاپائتي ص 625سال 1995ع)

    پَلَيءِ پَايو پُوڻِيُون، دَر دَر ڀيرا ڏي،
    ڪَا مُون ڪَتَائي، ڪَاپَائِتِي آهِيَان.

    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر ڪاپائتي ص 293سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    پَلَيِء پَايو پُورهيو، دَرِ دَرِ بهيرا ڌي،
    تهَ کَا مون کَتَائي، آنئون کَاپَائِتِي آهِيَان.
    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ شاهه جو رسالو سُر ڪاپائتي ص 686 ثقافت کاتو سال 1994 )

    پَلَئه پايو پورِهيو، دَر دَر ڀيرا ڏي،
    ڪَا مُون ڪَتائي، آءُ ڪاپَائِتي آهيان.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر ڪاپائتي ص 611سال 2013)

    پلئُه پايو پُوڻيون، دَر دَر ڀيرا ڏي،
    ڪَا مُون ڪَتائِي، آءُ ڪاپَائِتي آهيان.

    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سر ڪاپائتي ص625سال 1995)

    پَليءِ پايو پُوڻِيُون، دَرِ دَرِ ڀيرا ڏِئي،
    ڪا مُون ڪَتائي، آئون ڪاپائِتي آهِيان.

    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر ڪاپائتي ص 89سال 1994 )

    پَلئي پايو پوڻِيُون، دَرِ دَرِ ڀيرا ڏي،
    آءُ ڪاپائتِي آهِيان، ڪا مون ڪَتائي،

    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر ڪاپائتي ص579مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    پَليء پايو پُوڻِيُون، دَرِ دَرِ ڀيرا ڏي،
    ڪا مون ڪَتائي، آءُ ڪاپائتي آهيان.

    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر ڪاپائتي ص 726 بااختيار ادارو سال 1994 )

    پلئي پايو پوڻِيُون، دَر دَر ڀيرا ڏي،
    ڪا مون ڪَتائي، آئون ڪاپائِتِي آهِيان.

    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر ڪاپائتي ص677سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    پليءَ پايو پوڻيون، در در ڀيرا ڏي،
    ڪا مون ڪتائي، آءُ ڪاپائتي آهيان.
    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر ڪاپائتي ص 559سال 2009ع مهراڻ)

    پَلئه پايو پُوڻِيُون، دَر دَر ڀِيرا ڏي،
    ڪامون ڪتائي، آئون ڪاپائتي آهيان.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر ڪاپائتي ص 417 سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    پليءَ پايو پوڻيون، در در ڀيرا ڏي،
    ڪا مون ڪتائي، آءٌ ڪاپائتي آهيان.

    (باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سُر ڪاپائتي ص 763 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    پلئي پائيو پوڻيون، در در ڀيرا ڏي،
    ڪا مون ڪتائي، آءُ ڪاپائتي آهيان.

    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ڪاپائتي ص 352 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)


    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (پلئه، پلئي، پُلئ، پليءِ، پليءَ، پَلَيء)، (پوڻيون، پورهيو)، (آئون، آنئون، آءٌ، آءُ).

    نوٽ: ڊاڪٽر گربخشاڻي سُر ڪاپائتي نه لکيو. غلام محمّد شاهواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، غلام مصطفيٰ مشتاق ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اهو بيت نه لکيو.

    الف. پلئي، پُلئ، پليءِ، پليءَ، پَلَيء، پلئه: قارئين ڪرام! هنن لفظن جي صورت خطيءَ ۾ وڏو اختلاف رکيو ويو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي ويجهي دور واري ڪاتب سيّد عبدالعظيم فقير جيڪو لفظ لکيو تنهنجي ”پ“ اکر کي زير ”ل” اکر کي زبر ۽ ”ي“ اکر جي مٿان ”ء“ لکي خالي ”ي“ جي هيٺيان زير ڏيئي لفظ ”پَلَئِ“ لکيو. هي لفظ جديد صورت خطيءَ ۾ ”پَلَــهءِ“ لکبو. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته لفظ پَلَــهءِ“ بجاءِ ممتاز مرزا لفظ ”پلهءُ“ لکيو آهي. ديوان تاراچند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، فقير تاج محمّد نظاماڻي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لفظ ”پلئه“ لکيو آهي. ٻانهون خان شيخ لفظ ”پلي“ لکي بعد ۾ ”ء“ حمزي کي زير ڏيئي لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق سيّد عبدالعظيم ۽ ٻانهي خان شيخ درست لفظ ”پَلهءِ“ لکيو آهي.

    ب. پوڻيون، پونيءٌ، پورهيو: لفظ ”پونيءٌ“ قديم صورت خطي ۾ لکيو ويندو هو ڇا ڪاڻ ته قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ اکر ”ڻ“ نه لکيو ويندو هيو. جديد صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ ”پوڻيون“ لکيو ويندو آهي. جن صاحبن لفظ ”پورهيو“ لکيو سي صاحبان آهن ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ۽ عثمان علي انصاري.
    قارئين ڪرام! اسان جي تحقيق مطابق هنن صاحبن لفظ ”پورهيو“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ مناسب نه لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته ”پورهيو“ پوتي يا بوڇڻ يا رئي جي پانڌ ۾ نه پائبو آهي ۽ نه ”پلئِه“ ٻڌبو آهي پورهيت يا مزدور پورهئي وارو علم يا هنر ذهن ۾ سمائيندو ۽ رکندو آهي. ڪاتياري پوڻيون (ڦٽين منجهان بج ڪڍي صاف ڪري ڪپهه تيار ڪري ان منجهان پوڻيون ٺاهبيون آهن) تيار ڪري پاند ۾ پائي وڃي در در چوندي آهي مان ڪاپائتي آهيان جن کي پنهنجو سُٽ ڪتائڻو آهي يا منهنجي ڪپهه منجهان سُٽ تيار ڪرائڻو آهي سي مونکي سَڏ ڪن ۽ آواز ڏين.
    قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي دور کان گهڻو اڳئي سومرن جي دور ۾ درياءَ رخ بدلايا هيا جنهن ڪري زمينون بنجر ۽ برباد ٿي ويون هيون. وسندڙ شهر ويران ٿي ويا هئا جڏهن حضرت جن اهو نظارو ڏٺو تڌهن هي بيت به فرمايو هئائون:

    نه سي ووڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون.
    پسيو بازاريون، هنئڙو مون لوڻ ٿئي.

    ان دور ۾ ڪاتاريون ويچاريون پوڻيون پلئُه ۾ پائي در در وينديون هيون. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جا ٻئي بيت هي منظر پيش ڪن ٿا ته سون ورني سنڌ جي سکين ستابن ماڻهن جو حال هي هيو جو در در تي سٽ ڪتڻ واريون پورهئي ڪرڻ لاءِ ٿي وييون. مگر در در تي هٿ نه ٿي ٽنگيائون. لوڪ کان پِنيون نه ٿي.

    تحقيق بعد بيت جي صورت هي بيهي ٿي.

    پَلهءِ پايو پُوڻِيُون، دَر دَر ڀِيرا ڏي،
    ڪا، مُون ڪَتائي، آئوُن ڪَاپائِتِي آهِيان.


    معنيٰ: ڪاپائتي عورت ڪپهه منجهان پوڻيون تيار ڪري هر گهر جي در تي هر هر اچي هوڪو ڏيندي هئي ته مان ڪاتاري آهيان مون کان ڪپهه ڪتايو.
    قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو هي بيت ثابت ڪري ٿو ته سنڌ ۾ توڙي جو غربت ڇانئجي ويئي هئي تنهن هوندي به سنڌين پنڻ جو ڌنڌو اختيار نه ڪيو هو. پنهنجي پورهئي ذريعي ڪمائي پنهنجو ۽ پنهنجن گهر ڀاتين جو گذران پيءِ ڪيائون.


    10. سُر بلاول

    اَکَينِ سو ئِي اوڙَکِيو جو ڪَنين سُومِ ڪَرَنُ،
    ماءُ مُنهنجو مَنُ، ڄَامَ پَسَنديئي پَتيو.

    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 504سال 1900ع)

    اََکِنِ سُوئِي اُورَکِئُو جُو ڪَنِِ سُومِ قَرَنُ،
    مَاءِ مُنهُنجو من جَامُ پَسَندِّهَ پتِئُو.

    (سيد عبدالعظيم گنج سُر بلاول ص 774سال 1995ع)

    اَکِيُنِ سو ئِي اورکِئو، جو ڪَنين سُئُمِ قَرَنُ،
    مَاءُ مُنهِنجو مَنُ، ڄَامَ پَسَندي پَتِئو.

    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 188سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    اَکِينِ سو ئي اوڙ کيو، جو ڪَنِين سُو مِ ڪَرَنُ،
    ماءُ مُهنِجو مَنُ، ڄامَ پَسندي ئي پَتِيو.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 625سال 2013)

    اڱڻ سو ئي اوڙکيو، جو ڪَنين سوم قَرَنُ،
    ماءِ منهنجو منُ، ڄامُ پَسَندي پتِئو.

    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر بلاول ص774سال 1995)

    اَکِين سو ئِي اوڙِکِئو جو ڪَنين سُئوم ڪَرَنُ،
    ماءُ مُنهنجو مَنُ، ڄامُ پَسندِهِين پَتَئِو.

    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر بلاول ثقافت کاتو ص140سال 2009)

    اَکِيُنِ سو ئِي اوڙَکِيو جو ڪَنين سومِ ڪَرَنُ،
    ماءُ! مُنهِنجو مَنُ، ڄَامَ پَسَنديئي پَتِيو.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر بلاول ص 147سال 1994 )

    اَکيُنِ سو ئي اوڙَکِئو، جو ڪَنين سُومِ ڪرنُ،
    ماءُ! منهنجو مَنُ، ڄامَ پَسَنديئي پَتيو.

    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص553مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    اَکينِ سو ئِي اوڙِکِيو جو ڪَنين سوم ڪَرَنُ،
    ماءُ مُنهنجو مَنُ، ڄامُ پَسندِيئي پَتيو.

    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 689بااختيار ادارو سال 1994 )

    اَکِيَن سو ئِي اوڙَکِيو، جو ڪَنين سُومِ قَرَنُ،
    ماءُ مُنهِنجو مَن، ڄامُ پَسنديئي پَتِيو.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص253سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    اکين سو ئي اوڙکيو، جو ڪنين سئم ڪَرَن،
    ماءُ مُنهنجو من، ڄام پَسندي ئي پتيو.
    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 529سال 2009ع مهراڻ)

    اکين اهو ئي اَوِڙکِيو، جو ڪَنِيَن سُئوم ڪَرن،
    ماءُ مُنهنجو من، پَسندي پُر ٿيو.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر بلاول ص 395سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    اَکِن سو ئِي اوڙَکِئو، جو ڪَنين سومِ ڪَرَنُ،
    ماءُ! مُهِجو مَنُ، ڄامَ پَسَنديئي پَتِئو.

    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 434سال 2013ع روشني)

    اکين سو ئي اوڙکيو، جو ڪنين سئم ڪَرَن،
    ماءَ منهنجو من، ڄام پَسندي ئي پتيو.

    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 720سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    اڱڻ سو ئِي اورگو، جو ڪَنين سوم ڪَرنُ،
    ماءُ منهنجو من، ڄام پَسنديئي پَتيو.
    2
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 331 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    اَکِين سو ئِي اوڙکيو، جو ڪَنين سومِ ڪَرَنُ،
    ماءُ مُهنجو مَنُ، ڄامَ پَسندي ئي پَتِيو.

    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 280 سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (اکَنِ، اَنکَنِ، اڱڻ، اکين، اکن)، (اورگو، اوڙکيو، اوڙکئو، اورکئو)، (سوم، سُوم، سئوم، سئم)، (ڪرن، قرن)، (منهنجو، مهنجو، مهجو)، (پتيو، پتئو، پر ٿيو).

    نوٽ: ڊاڪٽر گُربخشاڻي سُر بلاول نه لکيو ۽ ڪلياڻ آڏواڻي اهو بيت نه لکيو.

    الف. اکَنِ، اَنکَنِ، ڱڻ، اکين، اکن: جن صاحبن لفظ ”اڱڻ“ لکيو سي آهن ممتاز مرزا ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي.
    قارئين ڪرام! سيّد عبدالعظيم گنج شريف جي ص 774 تي لفظ ”اَکِن“ لکيو آهي. اهو لفظ جديد صورت خطي ۾ ”اکين“ لکبو جيڪڏهن سيّد عبدالعظيم ”ک“ اکر جي هيٺان زير نه ڏئي ها مگر زبر ڏئي ها ته پوءِ اسان اهو لفظ ”اڱڻ“ سمجهون ها. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، لفظ ”اَکَنِ“ لکيو آهي، اهو لفظ جديد صورت خطيءَ ۾ ”اڱڻ“ ٿئي ٿو. حاجي محمّد سمي لفظ ”اَکَنِ، لکيو آهي. اهو لفظ به جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”اڱڻ“ ٿئي ٿو. هنن ٻنهي صاحبن لفظ ”اڱڻ“ غلط لکيو آهي.
    قارئين ڪرام! لفظ ”اڱڻ“ اسان جي تحقيق مطابق هن ڪري غلط آهي ته ”اڱڻ“ ڏسندو نه آهي. مگر اکيون ڏسنديون آهن.

    ب. اورگو، اوڙکيو، اوڙکئو، اورکئو: لفظ ”اورگو“ فقط فقير تاج محمّد نظاماڻي لکيو آهي، اهو لفظ غلط لکيو اٿس. باقي صاحبن لفظ ”اوڙکيو، اورکئو“ لکيو آهي. رهيو سوال بيت ۾ لفظ ”اوڙکيو ۽ اوڙکئو“ جي اصل ٺهڪندڙ ۽ درست لفظ جو ته لفظ ”اوڙکيو“ اسان جي تحقيق مطابق زياده درست آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته قديم ڪاتبن لفظ ”اورکئو“ لکيو آهي اُهي ”ڙ“ اکر نه لکندا هئا ۽ جديد ليکڪن به لفظ ”اوڙکيو“ لکيو آهي. هاڻ مروج لفظ ”اوڙکيو“ آهي.
    شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ لفظ ”اوڙکيو“ جي معنيٰ لکي آهي ”پروڙڻ، معلوم ڪرڻ“ (ص 279 لغات لطيفي).
    علامه غلام مصطفيٰ قاسمي معنيٰ لکي آهي ”پروڙيو“ ( ص 553).
    ٻانهي خان شيخ معنيٰ لکي آهي. ”سڃاتو، جاچي ڏٺو” (ص 188).
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ معني لکي آهي ”ڏٺو“ (ص 140)
    عثمان علي انصاري معنيٰ لکي آهي ”پروڙيو، معلوم ڪيو“ (ص 668).
    غلام محمّد شاهواڻي معنيٰ لکي آهي ”معلوم ڪيا“ (ص 434).
    قارئين ڪرام! جن صاحبن الفاظ ”پروڙڻ“، ”پروڙيو“ ۽ ”ڏٺو“ لکيا تن اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيا آهن. لفظ ”اوڙکئو“ ان لاءَ ماڻهو گهڻو ڪري استعمال ڪندا آهن، جنهن کي انهن ”ڏٺو“ هجي مگر بيت ۾ ته لفظ ”سُئو“ به لکيل آهي.
    ياد رهي ته ! ڏسڻ ۽ سڃاڻڻ ۾ تمام وڏو فرق آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ڄام ڪرن واري علائقي جي ٻولي جو لفظ ”اوڙکيو“ استعمال ڪيو آهي. راجستاني ۽ مارواڙي لوڪ ”هُون اوڙکيو“ جي معنيٰ ڪندا آهن ”مون سڃاتو“. لفظ ”پروڙيو“ ۽ ”سڃاتو“ بيت جي معنيٰ سان مطابقت رکن ٿا. اها معنيٰ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ٻانهي خان درست لکي آهي.

    ت. سوم، سُوم، سئوم، سئم: فقير تاج محمّد نظاماڻي، غلام مصطفيٰ مشتاق، عثمان علي انصاري، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، ديوان تارا چند، غلام مصطفيٰ قاسمي، غلام محمّد شاهواڻي، ممتاز مرزا لفظ ”سوم“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق هنن صاحبن اهو لفظ غلط لکيو آهي.
    لفظ ”سئم“ ديوان تارا چند، محمّد عثمان ڏيپلائي، باگي جي ڏاني جي لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق هنن صاحبن به لفظ مشڪوڪ معنيٰ وارو لکيو آهي. مشڪوڪ هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”سئم“ جمع لاءِ به استعمال ٿيندو آهي ۽ واحد لاءِ به.
    مگر لفظ ”سئوم“ تمام مناسب لفظ آهي، اهو لفظ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ الله داد جنجهي لکيو آهي.

    ث. ڪرن، قرن: لفظ ”قرن“ ”ق“ قلم سان سيّد عبدالعظيم،علامه آءِ آءِ قاضي، ٻانهي خان شيخ ۽ ممتاز مرزا لکيو آهي. هنن صاحبن اهو لفظ مناسب نه لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق هنن صاحبن کي لفظ ”ڪرن“ ”ڪ“ ڪتاب سان لکڻ گهربو هو. ڇا ڪاڻ ته ”ڄام ڪرن“ قديم سنڌ جي راجستاني علائقي جو قديم رهاڪو هو قديم سنڌ جي رهاڪو جو نالو ”قرن“ ٿي نه ٿو سگهي. جيڪڏهن عرب علائقي جو اهو سخي هجي ها ته پوءِ سندس نالو ”ق“ قلم سان شايد لکجي ها.

    ج. منهنجو، مهنجو، مهجو: جن صاحبن ”مهجو ۽ مهنجو“ الفاظ لکيا آهن تن قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ واري انداز ۾ لکيا آهن. حالانڪه قديم سنڌي دور ۾ لکيل پڙهيل گهراڻن ۾ لفظ ”منهنجو“ ڳالهايو ويندو هيو. ڪاتب وچين ”ن“ غُني کي اڪثر نه لکندا هئا مگر جڏهن ڳالهائڻ ۾ لفظ استعمال ٿيندو هو ته لفظ ”منهنجو“ اُچاريو ويندو هو.
    لفظ ”مهجو“ غلام محمّد شاهواڻي لکيو آهي ۽ لفظ ”مهنجو“ غلام مصطفيٰ مشتاق ۽ عثمان علي انصاري لکيو آهي. نامناسب لکيو اٿن.

    ح. پتيو، پتئو، پر ٿيو: جن صاحبن لفظ ”پتيو ۽ پتئو“ لکيو آهي تن درست لفظ لکيو آهي. رهيو سوال ”ي“ ۽ ”ء“ سان لکڻ وارو ته اسان اڳ ۾ عرض ڪري چڪا آهيون ته قديم ۽ جديد صورت خطي ۾ ”ي“ ۽ ”ء“ لکڻ جي اجازت هئي. جيڪڏهن ”ي“ سان لفظ ”پتيو“ لکبو ته وڌيڪ درست ثابت ٿيندو. سگهڙ حاجي الله داد جنجهي الفاظ ”پر ٿيو“ لکيا آهن. اسان جي تحقيق مطابق اهي الفاظ نامناسب لکيا اٿس. اهو هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”پتيو“ جي معنيٰ آهي ”اعتبار ڪيو“ سائل جڏهن ڄام ڪرن کي سڃاتو ته هن کي پت اچي ويئي ۽ يقين ٿيس ته بس اهو ئي سخي ڄام ڪرن آهي جيڪو ٻڌبو هو.

    تحقيق بعد بيت جي صورت هي بيهي ٿي.

    اَکِين سو ئِي اوڙکِيو، جو ڪَنين سُئوم ڪَرَن،
    ماءُ مُنهِنجو مَنُ، ڄامَ پَسندي ئِي پَتِيو.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمائي ٿو ته سائل ڄام ڪرن جي ديدار جا منتظر هئا هنن اڳي اکين سان ڄام نه ڏٺو هو مگر سندس نالو ۽ سخا جون ڳالهيون ٻڌي ٻڌي هنن پنهنجي ذهن ۾ سخي مرد جي تصويرٺاهي هئي . جڏهن ڄام ڪرن هنن جي اکين جي سامهون آيو ته سائل ڄام کي ڏسندي ئي سڃاتو. کيس پت ۽ يقين ٿي ويو ته سخي ڪرن اِهو ئي آهي.
    سائل جڏهن ماءُ وٽ پهتو ته ماءُ کي چيائين اي ماءُ جيڪو ڄام ڪرن ٻڌندو هئس سو منهنجين اکين ايندي ئي سڃاتو.

    *****

    ڏَمريو ته ڏئي، پَرچي ته پاٺَ ڀَري،
    جُنگَ جکري کي، ٻئي چڱيون چت ۾.

    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 501سال 1900ع)

    ڏَمرِئو تان ڏي، پرچِوتان پَاٿهه بهري،
    جُنگَ جَکَهري کهي، ٻَئِي ڃنگيُون ڇِتَ مين.


    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 647سال )

    ڏَمَرِئو تَه ڏي، پَرَچِئو تَه پَاٽَ ڀَري،
    جُنگَ جَکَري کي، ٻَئِي چَڱِيُون چِتَ ۾.

    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 189سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    ڏَمَرِيو تان ڏي، پَرچي تان پاٺ ڀَري،
    جُنگَ جَکري کي، ٻَئِي چَڱِيُون چِتَ ۾.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 621سال 2013)

    ڏَمريو ته ڏي، پَرچِيو ته پَاٽ ڀَري،
    جُنگَ جکري کي، ٻَئِي چَڱيون چِتَ ۾.


    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سر بلاول ص767سال 1995)

    ڏَمَرئو ته ڏي، پَرَچئو ته پاٺَ ڀَري،
    جُنگَ جَکَري کي، ٻَئي چَڱيُون چَتَ ۾.

    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر بلاول سنڌ ثقافت کاتو ص143سال 2009)

    ڏَمِريو ته ڏِئي، پَرِچي تان پَاٽَ ڀَري،
    جُنَگَ جَکِري کي، ٻَئي چَڱِيُون چِتَ ۾.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر بلاول ص 35سال 1994 )

    ڏَمريو ته ڏئي، پَرچي ته پاٺ ڀري،
    جُنگَ جَکري کي، ٻئي چڱيُون چِت ۾.

    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص550مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    ڏَمريو ته ڏئي، پَرچي ته پاٺَ ڀَري،
    جُنگَ جکري کي، ٻئي چڱيون چت ۾.

    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 685بااختيار ادارو سال 1994 )

    ڏَمَرِيو تَه ڏِئي، پَرچي تَه پاٽَ ڀَري،
    جُنگ جَکري کي، ٻَئِي چَڱِيون چِتَ ۾.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص249ادبي بورڊ 1993 )

    ڏمريو ته ڏئي، پرچي ته پاٽ ڀري،
    جُنگ جکري کي، ٻئي چڱيون چت ۾.
    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 526سال 2009ع مهراڻ)

    ڏَمِريو تَه به ڏي، جِي پَرچيَو ته پاٽ ڀري،
    جُنگَ جکري کي، ٻئي چَڱيون چِت ۾.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر بلاول ص 394سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    ڏَمِرئو تَه ڏي، پَرِچِئو تان پاٽ ڀَري،
    جُنگَ جَکِري کي، ٻَئِي چِڱِيُون چِتَ ۾.

    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص432سال 2013ع روشني)

    ڏمريو ته ڏئي، پرچي ته پاٽ ڀري،
    جُنگ جکري کي، ٻئي چڱيون چت ۾.

    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 717سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    ڏَمَرِيو تان ڏي، پَرچي تان پاٺَ ڀَري،
    جُنگَ جَکري کي، ٻَئي چَڱِيُون چِتَ ۾.

    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 280 سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (تان ڏي، ته ڏي، ته ڏئي، ته به ڏي)، (پرچيو، پرچي)، (پاٺ، پاٽ).

    نوٽ: ڊاڪٽر گُربخشاڻي سُر بلاول نه لکيو، ڪلياڻ آڏواڻي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي اهو بيت نه لکيو.

    الف. تان ڏي، ته ڏي، ڏئي، ته به ڏي: الفاظ ”تان ڏي، ته ڏي“ لکڻ وارا صاحبان آهن غلام مصطفيٰ مشتاق، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ علامه آءِ آءِ قاضي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، غلام محمّد شاهواڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ديوان تاراچند، ممتاز مرزا، ٻانهون خان شيخ. هنن امر وارو صيغو ”ڏي“ استعمال ڪيو آهي.
    قارئين ڪرام! سگهڙ حاجي الله داد جنجهي الفاظ ”ته به ڏي“ لکيا آهن. جيڪڏهن هي صاحب لفظ ”ڏي“ بجاءِ لفظ ”ڏئي“ استعمال ڪري ها ته هن جا اهي ٽي ئي لفظ سڀني ليکڪن کان بهترين ثابت ٿين ها. ڇا ڪاڻ ته لفظ ”به“ هن حقيقت جي وضاحت ڪري ٿو ته سخي جکرو توڙي جو ڪنهن تي ناراض آهي يا ناراض ٿئي ٿو ته به ان کي هٿين خالي نه ٿو موٽائي، ناراض هوندي به ڏئي ٿو.
    قارئين ڪرام! ”ته ڏئي“ الفاظ ديوان تارا چند، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ باگوجي ڏانو جي لکيا آهن. اسان جي تحقيق مطابق هنن کي لفظ ”به“ لکڻ گهربوهو مگر افسوس جو نه لکيائون. اسان پارن جي راءِ مطابق الفاظ ”ته به ڏئي“ نهايت ئي مناسب آهن. جيڪي ڪنهن به ڪاتب، مرتب ۽ محقق نه لکيا آهن.

    ب. پرچيو، پرچي: جن صاحبن لفظ ”پرچي“ لکيو آهي سي آهن غلام مصطفيٰ مشتاق، عثمان علي انصاري، علام آءِ آءِ قاضي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علام غلام مصطفيٰ قاسمي، باگوجي، ڏانو جي، ديوان تاراچند، محمّد عثمان ڏيپلائي ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو.
    اسان جي تحقيق مطابق اهو لفظ نا مناسب لکيو اٿن.
    انهن جي مقابلي ۾ سيّد عبدالعظيم، ٻانهي خان شيخ، ممتاز مرزا، غلام محمّد شاهواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ حاجي سگهڙ الله داد جنجهي، لفظ ”پرچيو/پرچئو“ مناسب لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته بيت جي پهرين مصرع جو پهريون لفظ ”ڏمريو“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو آهي.

    ت. پاٺ، پاٽ: لفظ ”پاٺ“ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، غلام مصطفيٰ مشتاق، عثمان علي انصاري، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ديوان تاراچند لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق انهن صاحبن اهو لفظ غلط لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو اهو بيت فقط ”پاٺ“ يعني راڳين ۽ گوين لاءِ نه فرمايل آهي. هي بيت جکري جي سڀني سائلن لاءِ سخا جي نشاهندي ڪري ٿو. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ واضع فرمايو آهي ته:

    ڏَمَرِيو تان ڏي، پَرچيو تان پاٽ ڀَري،
    اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”پاٽ“ جن صاحبن لکيو آهي تن بلڪل درست لکيو آهي. اهو لفظ ”پاٽ“ لکڻ وارا صاحبان آهن سيّد عبدالعظيم، (گنج 767)، علامه آءِ آءِ قاضي، غلام محمّد شاهواڻي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، باگوجي ڏانوجي، ممتاز مرزا، ٻانهون خان شيخ ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو.
    لفظ ”پاٽ“ جي معنيٰ ٻانهي خان شيخ ”پاٽيون يا پاٽڙا“ لکي آهي. اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”پاٽ“ جي معنيٰ آهي، ”اُهو ٿانو جيڪو فقيرن وٽ گدا ڪرڻ وقت ڪِشتيءَ نماءُ هوندو آهي.

    تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.

    ڏَمَريو تَه بِه ڏِئي، پَرچي تَه پَاٽَ ڀَري،
    جُنگَ جَکري کي، ٻَئي چَڱِيُون چِتَ ۾.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ هن بيت ۾ جکري جي سخا جي طريقي کي بيان ڪندي فرمائي ٿو ته جکرو اهڙو ته جُنگ ۽ عظيم سخي آهي جو
    ڏمرجڻ ۽ ناراض ٿيڻ باوجود هر سائل کي دان عطا ڪري ٿو ۽ جڏهن سائلن، در تي آيل غريبن ۽ مسڪينن کي ڏسي ٿو ته انهن کي ايترو ته دان ڏئي ٿو جو سندن خيرات وٺڻ لاءِ آندل ٿانءُ ڀري ٿو ڇڏي. وڌيڪ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو ته عظيم ترين سخي جُود ۽ سخا جي جُنگ جکري کي سخاوت جا ٻئي طور طريقا جيڪي سندس چِت ۽ ذهن ۾ آهن سي تعريف جوڳا آهن جڳان جڳ مشهور سخي جکري جي ڪاوڙ سندس سخا کي متاثر نه ٿي ڪري.

    *****

    پانڊَپَ سين نَه پاڙِيان، سَوين ٻِيا سَردار،
    آهي مِثلِ ميِنهَن جي، سَخي تُنهنجي سارَ،
    حاتِمَ هَڙده هزار، جُهڙَ تُنهنجي جَهپيا.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 503سال 1900ع)

    پانڌَپَ سين نَه پاڙِيَان، سَوين ٻِئا سَردَارَ،
    آهي وَانگُرُ مِينهَه جِنيءَ، سَخِي تُنهِن جِي سَارَ،
    هَاتِمَ هَڙدَ هَزَارَ، جُهڙَ تُنهِن جي جَهپئا.

    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 649سال 2008ع)

    پاَنَوَسِِ نَپَاڙِيَان سَئيِِ ٻئَا سَردارَ
    اهي مِثلِ مِينـ هَ جي سَخِي تُهجِي سَارَ،
    حَاتَمِ ھژدہ هَزَارَ جُزَ تُهجي جَپئَاِ.

    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 369سال 1995ع)

    سَوين ٻِئا سَردارَ، پانڊَپَ سين نَه پاڙِيَان،
    آهي مِثل مِينهَن جي، سَخِي تُنهنجِي سَارَ،
    حَاتِمَ هَڙدَهه هَزارَ، جُهڙَ تُنهِنجِي جَهپِئَا.

    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 183سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    پانڊَپَ سِين نَه پارِيان، سَوين ٻِيا سردارَ،
    آهي مِثَل مِيهَن جي، سَخِي تُهنجي سارَ،
    حاتِمَ هَڙد هَزارَ، جَهڙَ تُنهنجِي جهَپيا.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 623 سال 2013)

    سَوين ٻِيا سردارَ، پَاندَپَ سِين نَه پاريان،
    آهي مثل مينهن جي، سَخي تُنهنجي سارَ،
    حاتم هَرده هزارَ، جهڙَ تنهنجي جهپيا.

    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر بلاول ص762سال 1995)

    پانڊَپَ سِين نَه پاڙِيان سَئينِ ٻِئا سَردارَ،
    آهي مِثلَ مِينـ َهَ جي سَخي تُنهِنجِي سارَ،
    حاتِمَ هَڙدَ هَزارَ، جُهڙَ تُنهِنجي جهَپِئا.
    (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاهه جو رسالو سُر بلاول سنڌ ثقافت کاتو ص140سال 2009)

    پانڊَپَ سين نه پاڙِيان، سَوين ٻيا سَردارَ،
    آهي مِثِل مِينهَن جي، سَخي! تُهنجي سارَ،
    حاتِمَ هَردَه هَزارَ، جُهڙَ تُنهِنجي جَهپِيا،.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر بلاول ص 81سال 1994 )

    پانڊَپَ سين نَه پاڙِيان سوين ٻِيا سَردارَ،
    آهي مِثل مِينهَن جي سَخي تُنهنجي سارَ،
    حاتِمَ هَڙده هزارَ، جُهڙ تُنهنجي جَهپيا.
    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص552مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    پانڊَپ سين نَه پاڙيان سَوين ٻِيا سَردار،
    آهي مِثلِ ميِنهن جي، سَخي تُنهِنجِي سارَ،
    حاتِمَ هَرده هَزارَ، جَهڙَ تُنهنجِيءَ جهَپِيا.
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 687بااختيار ادارو سال 1994 )

    پانڊَپَ سين نَه پاڙِيان، سَوين ٻِيا سَردار،
    آهي مِثلِ ميِنهن جي، سَخي تُنهِنجِي سار،
    حاتِمَ هَڙده هَزارَ، جَهڙَ تُهنجِيءَ جهَپِيا.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص251سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    پانڊپ سين نه پاڙيان، سوين ٻيا سردار،
    آهي مثل مينهن جي، سخي تنهنجي سار،
    حاتم هزده هزار، جهَڙ تنهنجي جهپيا.
    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 527سال 2009ع مهراڻ)

    سوين ٻيا سردار، پانڊپ سين نه پاڙيان،
    آهي مثل مينهن جي، سخي تُنهنجي سار،
    حاتم هرده هزار، جُهڙ تنهنجي جَهپيا.
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 331 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    سَوين ٻِيا سَردار منهنجي پانڊَپ سين نَه پاڙيان
    آهي مِثل مينهن جي، سخي تنهنجي سار،
    حاتم هَڙده هَزار، جُهڙ تُنهنجيءَ جَهپِيَا.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر بلاول ص 395سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    پانڊَپَ سين نَه پاڙِيان، سَوين ٻِيا سَردارَ،
    آهي مِثِل مِيـ هَ جي، سَخِي تُهِجِي سارَ،
    حاتِمَ هَڙده هَزارَ، جَهڙَ تُهِجِي جَهپئا.
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص433سال 2013ع روشني)

    پانڊپ سين نه پاڙيان، سوين ٻيا سردار،
    آهي مثل مينهن جي، سخي تنهنجي سار،
    حاتم هڙده هزار، جهَڙ تنهنجي جهپيا.
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 719سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    پانڊَپَ سِين نه پارِيان، سَوين ٻيا سردارَ،
    آهي مِثَل مِيهَن جي، جَهَڙَ تُهنجي جَهپِيا،
    حاتِمَ هَڙد جي، سَخِي تُهنجي سارَ.
    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 280 سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (پانڊپ، پانو، منهنجي پانڊپ)، (پاڙيان، پاريان)، (هڙد، هڙده، هرده، هزده، هزده، هژدہ)، (جهپيا)

    نوٽ: ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي سُر بلاول نه لکيو. ڪلياڻ آڏواڻي اهو بيت نه لکيو ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق بيت جون آخري ٻه مصرعون غلط لکيون آهن. ملاحظه فرمايو:

    آهي مِثَل مِينهَن جي، جَهَڙَ تُهنجي جَهپِيا،
    حـــاتِــمَ هَــــــڙد جــــي، سَـــخِي تُــهــــنــجي ســــارَ.

    تنهن ڪري هن جي لکيل بيت تي تبصرو بي سود سمجهون ٿا.

    الف. پانڊپ، پانو، منهنجي پانڊپ: فقط سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ”منهنجي پانڊپ“ الفاظ لکيا آهن. اسان جي خيال ۾ هن صاحب لفظ ”منهنجي“ مصرع ۾ وڌيڪ لکيو آهي. باقي رهيو سوال الفاظ ”پانڊپ ۽ پانو“ جو ته سواءِ حاجي محمّد سمي مرحوم جي ٻين سڀني ڪاتبن مرتبن ۽ محققن ”پانڊپ“ لکيو آهي ۽ حاجي محمّد سمي لفظ ”پانو“ لکيو آهي.
    لفظ ”پانو“ جي مقابلي ۾ ”پانڊو“ لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ مناسب لڳي ٿو. ڇا ڪاڻ ته پانَوَ چئبو آهي مهان راڳي کي هن بيت ۾ راڳي لاءِ لفظ جي ضرورت نه آهي مگر پانڊو سخي ۽ وڏي دياوان لاءِ استعمال ٿيندڙ لفظ جي ضرورت آهي. سنڌيڪا لغت جي ص 216 تي ”پانڊپ“ جي معنيٰ لکيل آهي ”سردار، مهندار، سورهيه“.

    ب. پاڙيان، پاريان: الفاظ ”پاڙيان ۽ پاريان“ ٻيئي مختلف صورت خطيءَ ۽ الڳ الڳ معنيٰ وارا الفاظ آهن. قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ڙ“ جو اکر نه هو، ڪاتب لفظ ”پاڙيان“ کي ”پاريان“ جي صورت ۾ لکندا هئا. لفظ ”پاريان “ جي معنيٰ آهي.”پَرين ڀر کان يا پرين پاسي کان“ ۽ ”پاڙيان“ لفظ جي معنيٰ آهي ”ڀيٽيان، نڀايان، پورو ڪريان“. مغالطو پيدا ڪندڙ بيت ۾ لفظ ”پاريان“ عثمان علي انصاري ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق لکيو آهي. انهن صاحبن کان سواءِ باقي ڪاتبن، مرتبن ۽ محققن برابر لفظ ”پاڙيان“ لکيو آهي.

    ت. هڙد، هڙده، هرده، هزده، هزده، هژدہ: لفظ ”هڙد“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، عثمان علي انصاري ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق لکيو آهي. هنن صاحبن اهو لفظ غلط لکيو آهي.
    لفظ ”هرده“ ممتاز مرزا ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي غلط لکيو آهي. ممتاز مرزا کي ”هژدہ“ لفظ لکڻ گهربو هو ڇا ڪاڻ ته گنج شريف ۾ لکيل بيت جي ٽين مصرع ۾ لفظ ”هژدہ“ لکيل آهي.
    لفظ ”هڙده“ ديوان تارا چند، شمس العلماءَ مرزا، قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، غلام محمّد شاهواڻي، غلام مصطفيٰ قاسمي، باگوجي ڏانوجي ۽ حاجي سگهڙ الله داد جنجهي لکيو آهي. هنن صاحبن به اهو لفظ غلط لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته ”هڙ+ده“ جي معنيٰ ٿئي ٿي ”ڏهه هڙون، يا ڏهه ڳنڍون“ اهو اصل ”هژدہ“ آهي هي لفظ ٻن لفظ جو مرقب آهي ”هژ +دہ“ جنهن جي معنيٰ آهي ارڙهن (18). اهو درست لفظ ”هژدہ“ سيّد عبدالعظيم ۽ حاجي محمّد سمي لکيو آهي. هن لفظ جو اُچار ”هَيَده“ آهي جيئن اسان ”ٽيليوژن“ لفظ کي ”ٽيليوين“ پڙهندا آهيون. ”ر“ اکر جي مٿان ٽي نقطا ڏبا آهن هِي لفظ پارسي زبان جو آهي.
    محمّد عثمان ڏيپلائي لفظ ”هزده“ لکيو آهي. مطلب ته اصل ۽ صحيح لفظ جيڪو حضرت ڀٽ ڌڻي فرمايو سو سائين جن جي وصالِ حق کان چاليهه سال پوءِ سيّد عبدالعظيم گنج شريف ۾ لکيو.
    ث. جهپيا : قارئين ڪرام! وڏي ڏک سان لکڻو پوي ٿو ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت کي محقق حضرات سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي. جيڪڏهن بيت تي غور فرمائين ها ته لفظ ”جهپيا“ ڪڏهن به سائين جن جي بيت ۾ استعمال نه ڪن ها. اسان افسوس جو اظهار هن ڪري ٿا ڪريون ته جڏهن جهڙ سج جي هيٺان نظر ايندو آهي ته سج جهڙ سببان ڍڪجي ويندو آهي ۽ ڌرتي تي اونداهي ڇانئجي ويندي آهي. سج نظر نه ايندو آهي جهڙ کيس ٿوري وقت لاءِ ڇُپائي ڇڏيندو آهي. ”شاهه جو رسالو“ جي محققن ۽ ليکڪن لفظ ”ڇُپيا“ بجاءِ لفظ ”جهپيا“ لکيو آهي. لفظ ”جهپڻ“ جي معنيٰ آهي ”جهپٽ ڏيئي پڪڙڻ ۽ سوگهو ڪرڻ“. ڇُپائڻ جي معنيٰ آهي ڍڪڻ، لِڪائڻ.
    قارئين ڪرام! جهڙ ۾ اهڙي طاقت نه آهي جو سج کي ”جهپي“ وٺي جهڙ کي فقط ٿوري وقت لاءِ سج کي ڇپائڻ جي سگهه آهي.

    تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.

    پانڊَو سِين نَه پاڙِيان، سَوين ٻِيا سَردار،
    آهي مِثلِ ميِنهن جي، سَخي تُنهِنجِي سار،
    حاتِمَ هژدہ هَزارَ، جَهڙَ تُنهنجِيءَ ڇُپيا.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جکري سخي سردار جي جُود و سخا جي تعريف ڪندي فرمائي ٿو ته ”جکرو“ مهان سخي آهي هن سان سوين سخي سردار ڀيٽي نه ٿا سگهجن ڇا ڪاڻ ته هي جڏهن سائلن جي سار لهندو آهي ته مٿانئن مينهن وانگر سونا سڪا وسائيندو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجي علمي معيار کي ظاهر ڪندي فرمايو آهي ته جکري (حضرت محمّد مصطفيٰﷺٖ) جي سخا ارڙهن هزار حاتمن کي به شهه ڏيئي ويئي.
    قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻي جو ”حاتم هژدہ هزار“ وارو اشارو تمام مخلوق جيڪا ارڙهن هزار ٻڌائي ٿي وڃي ان طرف آهي ته منهنجي سخي سردار جکري جي سخا جي جهڙ ۾ ڪل ڪائنات جا حاتم به ڇُپي ويا منهنجي سخي سردار جي ڪرم جي ڪڪر ۾ ڍڪجي ويا.

    *****

    جَکَرُو جُسَکَرُو ٻِئَا سَڀِ اَنيراَ،
    جِيا۽ کَرِئو جَکِرو تِئَانَڪِ ٻِئَا،
    مِٽِي اِنَ مَاکَا اصَل هُئِي ايتَرِي.
    (سيد عبدالعظيم گنج سُر بلاول ص 764ڪتابت سال 1207هه اشاعت 1995ع )

    جکرو جس کرو، ٻيا سڀ اَنيرا،
    جِئائينِ جُڙيو جَکرو، تِيائين نه ٻيا،
    مِٽي اِنهِين ما ڳان، اَصل هئي ايتري.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 598سال 1900ع)

    جَکهِرو جَسَ کَهرو، ٻِئا سبهه اَنيرَا،
    جِيَائِين گهَڙِئو، جَکهَرو، تِيَائِين نَه ٻِيَا،
    مِٿِي تَنهِن مَاگَا، اَصُلُ هُئي ايتِرِي.

    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 644سال 2008ع)

    جَکَرُو جَسَ کَرُو ٻِئَا سَڀ اَنيراَ،
    جِئَان کَرِوءُ تِئَان تَانَ نه ٻِئَا،
    مِٺِي اِنَ مَاکَا اصَل هُئِي ايتَرِي.
    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 366سال 1995ع)

    جَکِرو جَسَ کَرو، ٻِيا سَڀِ اَنيِرا،
    جِيائِين جُڙيو جَکِرو، تِيائيِن نه ٻِيا،
    مِٽي تنهِن ماڳا، اَصُلُ هُئي ايتِري.
    (ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 463)

    جَکَرو جُسَ کَرو، ٻِئا سَڀِ اَنيراَءَ،
    جِئائِين گهَڙِئو جَکَرو، تِئَان نَه ڪِي ٻِئَا،
    مِٽِي اِنَ مَاڳَان، اَصلِ هُئِي ايتَرِي.
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 175سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    جَکرو جَس کَرو، ٻيا سَڀ اَنيرا،
    جِيائِين جُڙيو جَکرو، تِيائِين نَه ٻيا،
    مِٽِي تَهِن ماڳا، اصَلِ هُئِي ايتري.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 619 سال 2013)

    جکرو جسُکرو، ٻيا سَڀ انيرا،
    جيائِين گهڙيو جکرو، تِئان نه ڪين ٻِيا،
    مَٽي ان ماڳا، اصل هئي ايتري.

    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر بلاول ص764سال 1995)

    جَکَرو جَسَ کَرو، ٻِئا سَڀ اَنِيرا،
    جِيائِين جُڙئو جَکَرو، تِئائِين نه ٻِئا،
    مٽِي تِنـ هِ، ماڳا، اَصُلِ هُئِي ايتَرِي.
    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر بلاول سنڌ ثقافت کاتو ص143سال 2009)

    جَکرو جَسَ کَرو، ٻِيا سَڀِ اَنيِرا،
    جِيائِين جُڙيو جَکَرو، تِيائين نَه ٻِيا،
    مٽِي تَنهن ماڳا، اَصُلُ هُئِي ايترِي.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر بلاول ص 104سال 1994 )

    جَکِرو جَسَ کَرو، ٻِيا سَڀُ اَنيرا،
    جيائين جُڙيو جَکرو، تِيائِين نه ٻِيا،
    مِٽي اِنهِين ماڳان، اَصل هُئي ايترِي.
    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص548مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    جکرو جس کرو، ٻيا سڀ اَنيرا،
    جيائين جڙيو جکرو، تيائين نه ٻيا،
    مٽي اِنهِين ماڳان، اصل هئي ايتري.
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 683بااختيار ادارو سال 1994 )

    جَکرو جَسَ کرو، ٻِيا سَڀِ اَنِيرا،
    جِئان جڙيو جَکرو، تِئان تان نه ٻِيا،
    مِٽِي اِنَ ماڳا، اَصُلُ هُئِي ايتَري.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص245سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    جَکرو جس کرو، ٻيا سڀ انيراءَ،
    جيائين جڙيو جکرو، تيائين نه ٻيا،
    مِٽي انهين ماڳاءُ، اصل هئي ايتري.
    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 524سال 2009ع مهراڻ)

    جَکَرو جَسَ کَرو، ٻيا سڀ اَنيرا،
    جيان جڙيو جکرو، تيان تان نه ٻيا،
    مٽي اِن ماڳان، اصل هئي ايتري.
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 328سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    جکرو سو سَکرو، ٻِيا سڀ اَنِيرا،
    جِيان جُڙيو جکرو، تئان نه ڪي ٻيا،
    مَٽي اُن ماڳا، اَصَل هُئي ايتري.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر بلاول ص 393سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    جَکِرو جَسَ کَرو، ٻِئا سَڀِ اَنِيرا،
    جِئائين گهڙِئو، جَکرو، تِئائين نه ٻئا،
    مِٽِي تِه ماڳا، اَصُلُ هُئي ايتَرِيَ.
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص431سال 2013ع روشني)

    جَکرو جس کرو، ٻيا سڀ انيراءِ،
    جِيائين جڙيو جکرو، تيائين نه ٻيا،
    مٽِي انهين ماڳاءُ، اصل هئي ايتري.
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 716سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    جَکرو جَس کَرو، ٻِيا سَڀِ اَنيرا،
    جِيائِين جُڙيو جَکرو، تِيائِين نه ٻِيا،
    مِٽِي تَهن ماڳا، اصل هُئِي اِيتري.
    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 279سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (جَس کرو، جُسکرو، جُس کرو، جَکرو سو کرو)، (انيراءِ، انيراءَ، اَنيرا)، (انهين، اِن، تــ ه، تـنـ ه، تهن، تنهن)، (ماکا، ماڳا، ماڳاءُ، ماڳان، ماگا)، (جئِائين، جيائين، تيائين، تئائين)، (جڙيو، گهڙيو، کريوءُ، کريو)

    نوٽ: ڊاڪٽر گربخشاڻي سُر بلاول نه لکيو.

    الف. جَس کرو، جُسکرو، جُس کرو، جَکرو سو کرو: قارئين ڪرام! فقط سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ”جکرو سو کرو“ الفاظ لکيا آهن. ديوان تاراچند شوقيرام، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، غلام محمّد شاهواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، علامه علام مصطفيٰ قاسمي، باگو جي ڏانو جي، فقير تاج محمّد نظاماڻي، غلام مصطفي مشتاق، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو، عثمان علي انصاري ۽ محمّد عثمان ڏيپلائي، انهن صاحبن جي لکيل لفظن ”جس کرو“ کي به اسان غلط قرار ڏنو آهي.
    قارئين ڪرام! لفظ ”جُس کرو“ سڀ کان پهريائين حضرت سيّد العظيم فقير گنج شريف ۾ لکيو. ان کان پوءِ ممتاز مرزا بعد ٻانهي خان شيخ جلد نمبر 3 جي ص 175 سال 2012 تي لکيو ۽ معنيٰ لکيائين ”جسي يا بدن ۾ وڻندڙ ، سهڻو، سٺو، صحيح، کڙوتڙو“.
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لکيل معنيٰ ”جس ۾ جکرو سچي صحيح ساراهه وارو“ (ص 143). شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ معنيءِ لکي آهي ”جس يا تحسين جي لائق (ص 182 لغات لطيفي). غلام محمّد شاهواڻي معنيٰ لکي آهي. ”جس يا شاباس جي لائق“ (ص 431).
    قارئين ڪرام! تڏهن ته مجبور ٿي چئون ۽ لکون ٿا ته سواءِ ٻانهي خان شيخ جي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي اعليٰ ترين خيال کي باقي ليکڪ صاحبان سمجهي نه سگهيا. جيڪڏهن گنج شريف ۾ لکيل بيت جي لفظ ”جُس کرو“ تي اعتبار ڪن ها ته هنن کي بيت ۾ استعمال ڪيل لفظ سمجهه ۾ اچي ها، جئن ٻانهي خان شيخ کي بيت واري لفظ ۽ ان جي معنيٰ سمجهه ۾ آئي.

    ب. انيراءِ، انيراءَ، اَنيرا: قارئين ڪرام! جن صاحبن ”انيراءِ، انيراءَ“ الفاظ لکيا آهن تن مڙني مرتب ۽ محقق حضرات ٻانهي خان شيخ سُميت حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جي لفظ کي نه سمجهي سگهيا. هنن صاحبن انهي لفظ کي راجا انيراءِ سان منسوب ٿيل سمجهيو. ياد رهي ته، راجا انيراءِ ظالم راجا هيو هن ٻيجل چارڻ جي معرفت راءِ ڏياج جو سِر وڍرايو هو. هنن صاحبن هي نه سوچيو ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ڪئن پيغمبرن، رسولن، نبين، صالحن، صديقن، شهيدن ۽ ولين جي سرتاج جي جُثي مبارڪ جي مثال سمجهائڻ لاءِ تشبيهه طور ظالم راجا انيراءِ جو نالو استعمال ڪندو!
    اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته اصل لفظ ”اوڻ“ منجهان الفاظ ”اوڻو، اوڻيرا ۽ اوڻيرو“ ٺهندا آهن. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ ”اوڻيرا“ پنهنجي بيت ۾ استعمال فرمايو. جيئن ته قديم سنڌي عربي صورت خطيءَ ۾ ”ڻ“ اکر استعمال نه ٿيندو هو تنهنڪري ڪاتب سيّد عبدالعظيم ۽ حاجي محمّد سمي ”انيرا“ لفظ لکيو.
    قارئين ڪرام! اسان اوهان کي ”اوڻ ، اوڻيرا، اڻيرا“ جي لکيل معنيٰ سنڌي لغتن منجهان ڪڍي پيش ڪريون ٿا ته جيئن اوهان کي يقين ٿي وڃي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ ”اوڻيرا“ کي مخفف ڪري ”اڻيرا“ جي صورت ۾ فرمايو. لغت سنڌيڪا مطابق لفظ ”اوڻو“ جي معني آهي. ”اڻپورو، عيبدار، گهٽ“ (ص 84). ۽ جامع سنڌي لغات ۾ الفاظ ”اوڻ، اوڻائي، اوڻائي پوڻائي“ جي معنيٰ آهي، ڪمي، گهٽتائي، نقص، عيب، اڻپورائي، ڪوتاهي. (ص 308 جلد اول سال 1995).

    ت. انهين، اِن، تــ ه، تـنـ ه، تهن، تنهن: الفاظ ”انهين ۽ اِن“ ۾ معنيٰ جو ڪو به فرق نه آهي. مگر لفظ ”انهين“ جون ماترائون وڌيڪ آهن تنهنڪري بيت ۾ لفظ ”اِن“ مناسب لڳي ٿو.
    الفاظ ”تــ ه، تـنـ ه، تهن“ اهي ٽي ئي الفاظ قديم سنڌي عربي صورت خطيءَ ۾ لکبا هئا مگر پڙهڻ وقت انهن لفظن جو اچار ”تنهن“ ٿيندو هو. تنهنڪري مٿين پنجن لفظن منجهان لفظ ”تنهن“ بيت ۾ لکڻ مناسب ٿئي ٿو.

    ث. ماکا، ماڳا، ماڳاءُ، ماڳان، ماگا: لفظ ”ماڳا“ کي قديم سنڌي عربي صورت خطيءَ ۾ ”ماکا“ جي صورت ۾ لکيو ويندو هو. ڇا ڪاڻ ته قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ڳ“ اکر نه هو. تنهن ڪري ”ماکا“ لفظ کي جديد صورت خطيءَ ۾آڻبو ته لفظ ”ماڳا“ ٿيندو.
    اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن لفظ ”ماڳا“ لکيو آهي تن درست لکيو آهي ۽ جن ”ماڳاءُ ۽ ماڳان“ جن لکيو تن غلط لفظ لکيو آهي. غلط لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ديوان تارچند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، باگوجي ڏانوجي، محمّد عثمان ڏيپلائي، ٻانهون خان شيخ ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي.
    قارئين ڪرام! درست لفظ ”ماڳا“ لکڻ وارا صاحبان آهن، ڪلياڻ آڏواڻي، ممتاز مرزا، غلام مصطفيٰ مشتاق، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، غلام محمّد شاهواڻي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو ۽ عثمان علي انصاري.
    اسان لفظ ”ماڳا“ کي هن ڪري درست قرار ڏنو آهي ته تحقيق هيٺ آيل بيت جا ٻه قافيا آهن ”انيرا ۽ ٻيا“ تنهنڪري ٽيون قافيو ”ماڳا“ ٿيڻ گهرجي.

    ج. جڙيو، گهڙيو، کريوءُ، کريو: جن صاحبن لفظ ”کريوءُ، کريو“ لکيو آهي تن قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ لکيو آهي. ڇا ڪاڻ ته ”گهه“ ۽ ”ڙ“ اکر قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ نه هئا.
    جن صاحبن لفظ ”گهڙيو“ لکيو تن اسان جي تحقيق مطابق اهو لفظ درست نه لکيو اهو هن ڪري ٿا چئون ته حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليه وآلـ ه وسلم توڙي ٻين بزرگن لاءِ يا عام آدمين لاءِ ڪٿي به ائين نه لکيو ويو آهي ته ”هنن کي گهڙيو ويو“.
    پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآلـ ه وسلم جي جسم اطهر کي به ائين مخصوص انداز ۾ خاص مٽي منجهان جوڙيو ويو، جيئن فرشتن کي خاص نور منجهان، جنن کي خاص باهه منجهان ۽ حضرت آدم کي خاص مٽي منجهان بنايو ويو.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.

    جَکرو جُسَ کَرو، ٻِيا سَڀ اَوڻيرا،
    جِئائِين جُڙيو جَکرو، تِئائين نَه ٻِيا،
    مِٽيءَ اِن ماڳا، اَصُل هُئِي اِيتري.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پاڻ سڳورن (حضرت محمّد صلي الله عليه وآلـ ه وسلم جن) جي جسم اطهر جي سهڻي ساخت ۽ بي مثال بناوت بابت اهڙي ته قابليت سان اظهار ڪيو آهي جو اڳ ڪڏهن به ڪنهن شاعر، اديب ۽ عالم اهڙو فڪر ۡظاهر نه ڪيو آهي.
    حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجي علميت جو ڪمال ظاهر ڪندي فرمايو آهي ته (حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليه وآلـ ه وسلم) جو جسم اطهر بلڪل کرو آهي سندن جسم مبارڪ ۾ ڪا به ڪمي يا کوٽ نه آهي. مگر ٻيا (رسول، پيغمبر، نبي، صالح، صديق ۽ شهيد، سخي توڙي اولياءَ جسماني طور تي اڻپورا آهن مڪمل نه آهن. الله پاڪ مهر نبوت هڻي سندن جسم اطهر کي مڪمل ڪري ڇڏيو ٻيا ائين مڪمل نه آهن جئن پاڻ صلي الله عليه وآلـ ه وسلم جن آهن.
    حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو آهي ته حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليه وآلـ ه وسلم جنهن خمير منجهان جڙيو ۽ جوڙيو ويو ان خمير منجهان ٻيو ڪو به بني آدم نه جڙيو. ڇا ڪاڻ ته جنهن ماڳ منجهان پاڻ ڌڻيءَ، اسان جي نبي حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليه وآلـ ه وسلم کي جوڙيو سا مٽي بس ايتري ئي انداز ۽ مقدار ۾ هئي وڌيڪ نه هئي، جنهن مان ڪو ٻيو جڙي سگهي، يعني بي مثال مٽي منجهان پاڻ سڳورن کي الله تبارڪ و تعاليٰ پيدا فرمايو.

    *****

    جَکِري جِهُو ڏِسَان ڪُونَ ڏهِـنـ۾،
    وَائِي جِهجي وَاَتـ۾ ڌِهُو ۽ ڌِهُو،
    وَڃِي ڇُو نَوِهُو دَرِ سُوءَالي مَنکَّنَا.
    (سيد عبدالعظيم گنج سُر بلاول ص 765ڪتابت سال 1207هه اشاعت 1995ع )

    آءٌ جَکِري جِهُو پُرسُ نهَ پَسَان ڪُو ٻِئو،
    وَائِي جِهجي وَاَتـ۾ ڌِهُو ۽ ڌِهُو،
    وَنڄهِِ ڇُو نَه وِهُواِنَ دَرَمَٿي مَنکَنَان.
    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 365سال 1995ع)

    جَکَري جِهو، ڏِسَان ڪو نهَ ڏيهَنِ ۾،
    وائِي جِنهِن جي واتَ ۾، ڏئو ۽ ڏئو،
    وَڃي ڇو نَه وِهو، اِنَ دَرِ سُوالي مَڱڻَا.

    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 176سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    جکري جِهو ڏسان ڪو نه ڏيهنِ ۾،
    وائي جنهن جي وَاتَ ۾ ڏهوَ ۽ ڏهو،
    وڃي ڇو نه وِهو، درِ سواليءَ مَڱڻا.

    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر بلاول ص765سال 1995)

    آءُ جکري جيهو، پُرس نه پسان ڪو ٻيو،
    وائي جنهنجي وات ۾، ڏيو ۽ ڏيو،
    وڃِي ڇو نه وهو، ان در مٿي مڱڻا.
    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 523سال 2009ع مهراڻ)

    آءُ جکري جيهو، پرس پَسان ڪونَ ٻيو،
    وائي جنهن جي وات ۾، ڏيو ۽ ڏيو،
    وڃِي ڇو نَه وِهو، اِن در مٿي مڱڻان.
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 329سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    جکري جِيهَو، پُرس نه پَسان ڪو ٻيو،
    وائي جنهن جي وات ۾، ڏِيو ۽ ڏِيو،
    وَڃي ڇُو نه وِهو، اُن دَر مٿي مَڱڻان.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر بلاول ص 397سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (جکري، آءُ جکري)، (جيهو، جهو)، (پُرس)، (نه پسان ڪو ٻيو، ڏسان ڪو نه ڏيهن ۾، پسان ڪو نه ٻيو)، (ڏهو ۽ ڏهو، ڏيو ۽ ڏيو، ڏئو ۽ ڏئو)، (اِن در، اُن دَر، در)، (سوالي مڱڻا، مٿي مڱڻان مٿي مڱڻا، مٿي مکنا، مٿي مکنان)

    نوٽ: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ديوان تاراچند، غلام محمّد شاهواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، ڪلياڻ آڏواڻي، عثمان علي انصاري، غلام مصطفيٰ مشتاق، ڊاڪٽر محمّد عالم سومري، باگي جي ڏاني جي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اهو بيت نه لکيو.
    ڊاڪٽر گربخشاڻي سُر بلاول نه لکيو.

    الف. جکري، آءُ جکري: لفظ ”جکري“ ممتاز مرزا سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ۽ ٻانهي خان شيخ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق بيت جي پهرين مصرع ۾ مٿين صاحبن ”آءٌ“ لفظ نه لکيو آهي، مگر لفظ ”آءُ“ لکيو آهي.. جن صاحبن بيت جي پهرين مصرع ۾ الفاظ ”آءُ جکري“ لکيا آهن، تن اسان جي تحقيق مطابق درست الفاظ نه لکيا آهن. اهو لفظ حاجي محمّد سمي ته ”آءٌ“ (آئون) لکيو مگر فقير تاج محمّد نظاماڻي لفظ ”آءُ“ لکيو آهي. هن لفظ جي صورت خطيءَ ”آءٌ“ لکڻ گهربي هئي.
    ب. جيهو، جهو: لفظ ”جيهو“ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي لکيو آهي. هنن صاحبن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ لفظ ”جيهو“ غلط لکيو آهي.
    سيّد عبدالعظيم حاجي محمّد سمي، ممتاز مرزا ۽ ٻانهي خان شيخ لفظ ”جهو“ درست لکيو آهي. اسان لفظ ”جهو“ درست قرار هن ڪري ٿا ڏئون ته اهو لفظ پهرين مصرع جي قافيي طور استعمال ٿيل آهي. باقي ٻيا قافيا آهن ”ڏهو ۽ وهو“.

    ت. پُرس: لفظ ”پُرس“ سيّد عبدالعظيم نه لکيو تنهنڪري ممتاز مرزا ۽ ٻانهي خان شيخ به بيت ۾ ”پُرس“ لفظ استعمال نه ڪيو. اسان جي تحقيق مطابق حاجي محمّد سمي، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، لفظ ”پُرس“ درست لکيو.

    ث. نه پسان ڪو ٻيو، ڏسان ڪو نه ڏيهن ۾، پسان ڪو نه ٻيو: قارئين ڪرام! حاجي محمّد سمي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ۽ محمّد عثمان ڏيپلائي ”پسان ڪو نه ٻيو ۽ نه پسان ڪو ٻيو“ فقرا لکيا آهن. اسان انهن فقرن کي غلط قرار ڏنو آهي. درست فقرو لکڻ وارا صاحبان آهن، سيّد عبدالعظيم فقير، ممتاز مرزا ۽ ٻانهون خان شيخ. هنن صاحبن فقرو لکيو آهي، ”ڏسان ڪو نه ڏيهن ۾“.

    ج. ڏهو ۽ ڏهو، ڏيو ۽ ڏيو، ڏئو ۽ ڏئو: سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي الفاظ ”ڏيو ۽ ڏيو“ لکيا آهن. غلط الفاظ لکيا اٿن. ٻانهي خان شيخ به الفاظ ”ڏئو ۽ ڏئو“ غلط لکيا آهن. اسان مٿين صاحبن جي لکيل الفاظ کي غلط قرار هن ڪري ڏنو آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي فرمايل بيت جو پهريون قافيو آهي ”جهو“. ۽ آخري ٽين مصرع جو قافيو آهي ”وهو“ ، تنهنڪري تحقيق هيٺ آيل بيت جي ٻي مصرع جو قافيو ٿيڻ گهرجي ”ڏهو ۽ ڏهو“ اهو قافيو، حضرت سيّد عبدالعظيم ۽ حاجي محمّد سمي بيت ۾ نهايت ئي درست لکيو آهي. اکر ”ڏ“ مٿان ٽي نقطا اکر ”ث“ ثواب وانگر لکيا آهن.

    ح. اِن در، اُن دَر، در: الفاظ ”اُن در“ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيا آهن. ٻانهي خان شيخ ”اِن در“ الفاظ لکيا آهن، معلوم ائين ٿئي ٿو ته ٻانهي خان شيخ ۽ حاجي محمّد سمي جي تقليد ڪندي ”اِن در“ الفاظ لکيا. سيّد عبدالعظيم ٽين مصرع ۾ لفظ ”اِن يا اُن“ لفظ بيت ۾ نه لکيو آهي. تنهنڪري ممتاز مرزا به اهو لفظ ٽين مصرع ۾ استعمال نه ڪيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق حاجي محمّد سمي ۽ ٻانهي خان شيخ ”اِن در“ الفاظ درست لکيا آهن ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ”اُن در“ الفاظ درست نه لکيا آهن اهو هن ڪري ٿا چئون ته سخي، سائلن کان پري نه آهي، ويجهو آهي تنهنڪري لفظ ”اُن“ اشارو ڏور لکڻ مناسب نه ٿا سمجهون. رهيو سوال فقير تاج محمّد نظاماڻي جو جنهن الفاظ ”ان در“ ته لکيا آهن مگر ”ا“ کي نه زير نه زبر ۽ نه پيش ڏني اٿس تنهنڪري اسان سمجهي نه ٿا سگهون ته هن جو اشارو ڏورانهين سخي ڏانهن آهي يا ويجهي سخي ڏانهن اشارو آهي.

    خ. سوالي مڱڻا، مٿي مڱڻان مٿي مڱڻا، مٿي منکنا، مٿي منکنان: اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته لفظ ”منکنا ۽ منکنان“ قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ لکيا ويا، جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ اهي الفاظ ”مڱڻان“ لکڻ گهرجن. اسان هي به تحقيق ڪري معلوم ڪيو آهي ته جن صاحبن جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”مڱڻا“ لکيو آهي تن درست لفظ نه لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته ”اکر“ ”ڻ“ کان پوءِ آيل ”ا“ يا ڪنهن ٻي اکر پٺيان ”ن“ غنو لکڻ لازمي ٿئي ٿو. ورنه پڙهڻ وارا ان لفظ کي ”ڻا“ پڙهندا اهو اچار درست نه آهي. مگر ”ڻان“ وارو اچار درست آهي. جيڪڏهن ”ڻ“ بجاءِ اکر ”ت“ هجي ها يعنيٰ لفظ ”مڱتا“ هجي ها ته پوءِ ”ن“ غنو نه اچي ها.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.

    آءٌ جَکري جِهو ڏِسان ڪو نه ڏيهنِ ۾،
    وائِي جَنهِن جِي وَاتَ ۾ ڏِهو ۽ ڏِهو،
    وَڃِي ڇو نه وِهو؟ اِن در سواليءَ مَڱڻان.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمائي ٿو ته آئون جکري سردار جهڙو ڪل ڪائنات جي سمورن ڏيهن ۾ ڪو سخي نه ڏٺو. هن سخي سردار جي زبان مبارڪ منجهان هر پل، هرگهڙي هي الفاظ پيا نڪرن ته در تي دان وٺڻ لاءِ آيل سائلن کي”ڏيو ۽ ڏيو“، ڏيندا ئي رهو.ڏيڻ ۾ وٿي نه وجهو.
    حضرت ڀٽ ڌڻيءَ منگتن کي هي صلاح ڏني آهي ته اي مڱڻئو، اي سائلو ساري عالم جا آدميو اوهان ڇو نه اهڙي سخي ۽ ڏاتار جي در اڳيان وڃي ليلايو ۽ ٻاڏايو ٿا. اوهان ٻيا در ڇڏي فقط اهڙي ڏاتار جي در تي وڃي التجا ڇو نه ٿا ڪريو جنهن جهڙو سخي ڏيهن ۾ ڳولهيو ئي نه ٿو لڀي.


    *****

    سَرَرِِ جِيُ سُکَه لاَءِ سَانِکَه کَئِي سَردَاَر،
    جي اَئِيِِ اَبري اَڌَارَ، سي سُنکُه نڏِيندِي سُنمِريءٌ،
    (سيد عبدالعظيم گنج سُر بلاول ص 774ڪتابت سال 1207هه اشاعت 1995ع )

    سرڻن جي سُکه لاءِ، سَامَ کنئي سردارَ،
    جي آيُون اَبڙي آڌارَ، سي سُنگُ نه ڏِينديون سومريون،

    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر بلاول ص497سال 1900ع)

    سَرَٺِنِ جي سکَههَ لَئ ِسَانگِ کهَئِي سَردَارَ،
    جي آيُون آبِڙِيُون مين آدهار، سي سَنکُ نَه ڏيندا سومرا.
    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 641سال 2008ع)

    سِرَنِيَنِ جِي سُکَه لاَءِ سَانِکه کَئِي سَردَاَر،
    جي اٰيءٌ اَبَرِي اٰڌَارَ سي سُونکُه نڏِيندِي سُنمِريءٌ،
    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 365سال 1995ع)

    سَرَڻِيُنِ جي سُکَ لَءِ سامَ کَنئِي سَردارَ،
    جي آيُون اَبڙي آڌارَ، سي سوُنگ نه ڏيندِيُون سوُمِريُون.
    (ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 461)

    سَرِڻَنِ جي سُکَ لاءِ، سَانگ کَنئِي سَردارَ،
    جي اَبڙي آيُون آڌارَ، سي سُنگُ نه ڏِيندِيُون سُومريون،
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 170سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    سَرِڻَنِ جي سُکَ لاءِ سانگ کَنئي سَردارَ،
    جي آيوُن اَبڙي آڌارَ، سي سُونگ نه ڏِيندِيُون سُومريون،

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 617 سال 2013)

    سِرڻين جي سُکَ لاءِ، سانگ کنئي سَردارَ،
    جي آئيون اَبڙي آڌار، سِي سُنکُ نه ڏينديون سومريون.
    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر بلاول ص774سال 1995)

    سَرڻين جي سُک لَئي سانگِ کنئي سردار،
    جي ٿيون ابڙي آڌار، سي سُنگ نه ڏينديون سومريون،
    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر بلاول سنڌ ثقافت کاتو ص145سال 2009)

    سَرَڻِيُنِ جي سُکَ لَءِ سامَ کَنئِي سَردارَ،
    جي اَبڙي آڌارَ، سي سوُنگ نه ڏيِنديُون سوُمِرِيُون.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر بلاول ص 175سال 1994 )

    سرڻن جي سُک لاءِ سام کنئي سردار،
    جي آيوُن اَبڙي آڌار، سي سُونگَ نه ڏِيندِيُون سومرِيُون.

    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص546مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    سرڻن جي سکَه لاءِ سارَ کنئي سردار،
    جي آيون ابڙي آڌار، سي سُونڱُ نه ڏينديون سومريون.
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 679بااختيار ادارو سال 1994 )

    سَرَڻِيَنِ جي سُکَ لَئِي سام کَنئِي سَردار،
    جي آيُون اَبڙي آڌارَ، سي سُونگَ نَه ڏيِندِيُون سُومِرِيُون.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص241سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    سَرَڻين جي سُک لاءِ، سامَ کنئي سردار،
    جي آيون ابڙين آڌار، سي سونگ نه ڏينديون سومريون.
    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 522سال 2009ع مهراڻ)

    سَرڻَنِ جي سُک لئي، سانگ کَنئي سَردارَ،
    جي آئيون ابڙي آڌار، سي سُنڱ نه ڏينديون سومريون،

    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 327سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    سرڻين جي سُک َئي، سانگ کَنئي سَردارَ،
    جي آيون ابڙي آڌار، سي سَونگ نه ڏِينديون سومريون،

    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر بلاولص 392سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    سَرَڻَينِ جي سُکَ لَءِ، سامَ کَئِي سَردارَ،
    جي آيُون اَبَڙي آڌارَ، سي سُونگُ نه ڏِيندِيون سُومِرِيُون،

    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص430سال 2013ع روشني)

    سَرڻَين جي سُک لاءِ، سَامَ کنئي سردار،
    جي آيُون ابڙي آڌار، سي سُونگ نه ڏِينديون سومريون،

    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 711سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    سَرِڻَنِ جي سُکَ لاءِ سانگ کَنئي سَردارَ،
    جي آيوُن اَبڙي آڌارَ، سي سُونگ نه ڏيندِيُون سُومريون،

    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر بلاول ص 279سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (سَرَرِ، سرنين، سرڻين، سرڻن، سَرٺن )، (سام، سانگ)، (سنگ، سونگ، سَنکُ)، (سومرا، سومريون، سُنمريءٌ)

    الف. سَرَرِ، سرنين، سرڻين، سرڻن، سَرٺن: قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو ڪلام لکيو ويو. جنهن ڪري ڪلام جي لفظن ۾ مغالطو پيدا ٿيو. مثال طور، لفظ ”سَرَرِ“ لکيو ويو ته ڪن ”سرنين“ لکيو ته ڪن صاحبن ”سرڻين“ لکيو. هن خيال کان ته قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ڻ“ اکر نه هو. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ لفظ ”سرٺن“ لکيو هن صاحب ”ڻ“ اکر جو متبادل اکر ”ٺ“ لکيو.
    قارئين ڪرام! اسان جي تحقيق مطابق اهو لفظ ”سرڻن يا سرڻين“ نه آهي مگر ”سرنين“ آهي. اهو لفظ سيّد عبدالعظيم ۽ حاجي محمّد سمي بيت ۾ لکيو آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ”پنهنجو سر کڻي ڪنهن وٽ پهچڻ يعنيٰ سام ۾ اچڻ“.
    ڪلياڻ آڏواڻي، ٻانهي خان شيخ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، لفظ ”سرڻين“ لکيو آهي. ڪلياڻ آڏواڻي معنيٰ لکي آهي ”سرن وٺندڙ“ (ص641) ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ معنيٰ لکي آهي، ”پناهه وٺندڙ “ (ص145). ڪلياڻ آڏواڻي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ معنيٰ بلڪل درست لکي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻانهي خان شيخ معنيٰ ته ”سرنين واري“ لکي آهي مگر لفظ ”سرڻين“ لکيو اٿن. هنن صاحبن کي بيت ۾ لفظ ”سرنين“ لکڻ گهربو هو. لفظ ”سرنين“ جي لفظي معنيٰ آهي ”سر نيڻ واريون“ يعني پنهنجي سر کي ڪنهن جي سام ۾ ڏيڻ واريون.

    ب. سام، سانگ: جن صاحبن لفظ ”سانگ“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق مناسب لفظ لکيو آهي ۽ جن صاحبن لفظ ”سام“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق درست لفظ نه لکيو آهي. اهو هن ڪري لکون ۽ چئون ٿا ته سومريون ابڙي وٽ سام لاءِ ويون هيون ۽ ابڙي سام کنئي هئي، پهريائين ابڙي سام قبولي ۽ پوءِ هٿ ۾ سانگ کنيائين.

    ت. سنگ، سونگ، سَنکُ: قارئين ڪرام! جن صاحبن لفظ ”سنگ ۽ سونگ“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق مناسب لفظ نه لکيو آهي. اسان انهن جي لکيل لفظ کي غلط قرار هن ڪري ڏيون ٿا ته سومرين وٽ ڪو مال متاعُ نه هيو. فقط ٽن ڪپڙن ۾ ابڙي سمي وٽ سام لاءِ آيون هيون. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ سڀني لکيڪن، مرتبن ۽ محققن کان بهترين لفظ ”سَنکُ“ قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ لکيو آهي اهو لفظ اصل ۾ ”سَنڱ“ آهي. جيڪڏهن ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ڪاتب کان لفظ ”سُنگ“ لکرائي ها ته پوءِ ڪاتب ”س“ اکر کي پيش ۽ ”گ“ اکر کي زبر ڏيئي لکي ها. اسان جي تحقيق مطابق اهو لفظ ”سَنڱ“ آهي.
    ث. سومرا، سومريون، سُنمريءٌ: لفظ ”سُنمريءٌ“ قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ لکيو ويو آهي. جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ ”سومريون“ لکڻ گهرجي.
    جن صاحبن لفظ ”سومرا“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق مناسب لفظ نه لکيو آهي. تواريخي ۽ لوڪ روايتن مطابق سومريون سمي ابڙي وٽ سام لاءِ ويون هيون انهن سان گڏ ڪو سر ڪردو يا ڪو وڏي عمر وارو يا جوان سومرو گڏ نه هيو تنهنڪري بيت ۾ لفظ سومريون جن لکيو آهي تن درست لکيو آهي.
    اسان جي تحقيق مطابق بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.

    سِرنِيَنِ جِي سَام لاءِ، سَانگ کَنئِي سَردارَ،
    جي آئِيُون ابَڙي آڌار، سي سَنڱ نَه ڏِينديُون سُومَرِيُون،


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمائي ٿو ته جڏهن سومريون پنهنجا سِر بچائي سمي ابڙي وٽ سِر کڻي اچي سام پيون تن کي ابڙي پنهنجي سام ۾ آندو. ان بعد انهن سومرين جي بچاءُ ۽ دفاع لاءِ تلوار هٿ ۾ کڻي اعلان ڪيائن ته جيڪي سومريون منهنجي سام ۾ اچي پهتيون آهن تن جي آخر دم تائين رکوالي ڪندس سومريون بادشاه جي زور ۽ دٻاءُ جي باوجود منهنجي بل بُوتي ۽ طاقت تي ڀروسو رکندي بادشاهه لاءِ سنڱ نه ڏينديون. آئون سندن سنڱن جي حفاظت لاءِ پنهنجو سِر به قربان ڪندس.


    11. سُر پرڀاتي

    جيڪي ڏَڏَنِ ڏي، ڳُجهيان ئي ڳُجهه ۾،
    تَه سازَ مِڙيئي سي، هوند پِٿُون ڪن پَلَڪَ ۾.

    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص539سال 1900ع)

    جيڪي ڏَڏَنِ ڏي، ڳجِهيان ئي ڳُجهَه ۾،
    سو جي سُڻَنِ ڪَڏَهيِن، ڪِيرتَ وارا ڪي،
    تَه سازَ مِڙوئي سي، هوُند پِٿُون ڪَنِ پَلَڪَ ۾.

    (ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص 442)

    جيڪي ڏَڏَنِ ڏي، ڳُجَهيائِين ڳُجَهه ۾،
    سو جو سُڻِين ڪَڏِهِين، ڪِيرَتِ وارا ڪي،
    تَه سَازَ مِڙيئِي سي، پِٿُون ڪَنِ پَلڪَ ۾.

    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص 676سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    جيڪي ڏَڏَن ڏي، ڳجهان ئِي ڳُجهَه ۾،
    سو جي سُڻَنِ ڪَڏَهين، ڪِرِتَ وارا ڪي،
    تَه سازَ ميڙي سي، هُوندَ پِٿُوَن ڪَنِ پَلَڪَ ۾.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص 629 سال 2013)

    جيڪِين ڏَڏَن ڏي، ڳُجهُه ڳُجهَائِين ڳُجهَه ۾،
    سو جي سُڻِينِ ڪَڏِهِين، ڪِيرَتِ وارا ڪي،
    ته سازَ مِڙيئِي سي، هُندَ پِٿُون ڪَنِ پَلَڪَ ۾.

    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي سنڌ ثقافت کاتو ص148سال 2009)

    جيڪِي ڏَڏَنِ ڏي، ڳُجهِيان ئِي ڳُجهَه ۾،
    سو جي سُڻن ڪَڏَهيِن، ڪِرتِ وارا ڪي،
    تَه سازَ مِڙوئِي سي، هُوندَ پِٿُونَ ڪَنِ پَلَڪ ۾.

    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر پرڀاتي ص 115سال 1994 )

    جيڪي ڏَڏَنِ ڏي، ڳجهيان ئي ڳُجهه ۾،
    سو جي سُڻن ڪڏهين، ڪِرتِ وارا ڪي،
    تَه سازَ مڙيئي سي، هوند پِٿُون ڪن پَلَڪ ۾.

    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص590مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    جيڪي ڏَڏَن ڏي، ڳُجِهيان ئِي ڳُجَهه ۾،
    سو جي سُڻن ڪڏهين، ڪِرت وارا ڪي،
    ته سازَ مڙيئَي سي، هوند پِٿُون ڪن پَلَڪَ ۾.

    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص 739بااختيار ادارو سال 1994 )

    جيڪي ڏَڏَنِ ڏي، ڳُجِهيان ئِي ڳُجَهه ۾،
    سو جي سُڻَنِ ڪَڏَهين، ڪِرِتَ وارا ڪي،
    تَه سازَ مِڙيئِي سي، هُوندَ پِٿُون ڪَنِ پَلَڪَ ۾.

    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص141 ادبي بورڊ 1993 )

    جيڪي ڏڏن ڏي، ڳجهيان ئي ڳجهه ۾،
    سو جي سڻن ڪڏهين، ڪِيرتَ وارا ڪي،
    تَه سازَ مِڙيئي سي، هوند پِٿون ڪن پلڪ ۾.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص 564سال 2009ع مهراڻ)

    جيڪي ڏڏن ڏي، ڳجهائين ڳُجهه ۾،
    سو جي سُڻن سُرنديا، ڪِيرتَ وارا ڪي،
    تَه سازَ مِڙيئي سي، هوند پِٿون ڪن پَلَڪَ ۾.

    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص 357سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    جيڪي ڏڏن ڏي، ڳُجهائي ڳُجهه ۾،
    سوجي سُڻن سُروِدِياءِ، ڪِيرت وارا ڪِي،
    ته ساز پنهنجا سي، پِٿون ڪَن پَلَڪَ ۾.

    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر پرڀاتي ص 420سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    جيڪي ڏَڏَن ڏي، ڳُجِهيان ئِي ڳُجَهه ۾،
    سو جي سُڻَنِ ڪَڏِه، ڪرِتَ وارا ڪي،
    تَه سازَ مِڙوئِي سي، هُندَ پِٿُوَن ڪَنِ پَلَڪَ ۾.

    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص430سال 2013ع روشني)

    جيڪي ڏڏن ڏي، ڳجهيان ئي ڳجهه ۾،
    سو جي سڻن ڪڏهين، ڪِيرت وارا ڪي،
    تَه سازَ مِڙيئي سي، هُوند پِٿَون ڪن پلڪ ۾.

    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص 769سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    جيڪي ڏَڏَن ڏي، ڳُجهان ئي ڳُجهَه ۾،
    سو جي سُڻنِ ڪَڏَهِين، ڪِرِتَ وارا ڪي،
    تَه سازَ مِيڙي سي، هُونَدَ پِٿُون ڪَنِ پَلَڪَ ۾.

    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص 286سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

    نوٽ: اهو بيت گنج شريف ۾ لکيل نه آهي تنهنڪري ٻانهي خان شيخ به اهو بيت نه لکيو آهي. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ به اهو بيت نه لکيو آهي.
    ڊاڪٽر گربخشاڻي سُرپرڀاتي لکيو ئي نه آهي.
    ديوان تارا چند ٽن مصرعن وارو بيت ٻن مصرعن ۾ لکيو آهي. بيت جي وچين مصرع نه لکيائين.
    حاجي محمّد سمي به بيت نه لکيو. جئن ته اِهو بيت منهنجي مطالعي هيٺ آيل پندرهن رسالن ۾ لکيل آهي. تنهنڪري انهيءَ بيت تي تحقيق ڪرڻ لازم سمجهون ٿا.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (جيڪي، جيڪِين)، (ڳُجهه ڳُجهيان ئي، ڳُجهان ئي، ڳُجهائين)، (سُروديا، ڪڏهين سُرنديا)، (ڪِرت، ڪِيرتَ)، (ميڙي، مڙيئي، مڙوئي).

    الف. جيڪي، جيڪِين: لفظ ”جيڪِين“ فقط ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي. اهو لفظ قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ (جي ڪين) به لکيو ويندو هو . جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ متروڪ ٿي چڪو آهي، انهي لفظ کي لکت ۾ نه ٿو آندو وڃي مگر لفظ ”جيڪي“ عام استعمال ۾ اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو چوڏهن ”شاهه جو رسالو“ جي مرتبن ۽ محققن لفظ ”جيڪي“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق جديد صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ ”جيڪي“ آهي.

    ب. ڳُجهه ڳُجهائين ڳُجهه، ڳُجهان ئي ، ڳُجهائين: الفاظ ”ڳُجهه ڳجهائين ڳُجهه“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيا آهن.
    قارئين ڪرام! ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي لفظ ”ڳُجهه بجاءِ ڪجهه“ لکڻ گهربو هو ۽ ”ڳجهائين“ لفظ لکڻ بجاءِ ”ڳجهان ئي“ لکڻ گهربو هو. ڇا ڪاڻ ته ”ڳُجهه ڳجهائين ڳُجهه“ جي معنيٰ اسان جي تحقيق مطابق درست نه ٿي بيهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ڪڏهن به اهڙو ٻول نه ٿو ٻولي سگهي.
    لفظ ”ڳجهيائين“ ۽ لفظ ”ڳجهائين“ لکڻ وارن درست لفظ نه لکيو آهي. مگر اسان جي تحقيق مطابق عثمان علي انصاري لفظ ”ڳجهان ئي“ درست لکيو آهي.

    ت. سُروديا، ڪڏهين سُرنديا: لفظ ”سُروديا“ سگهڙ الله داد جنجهي لکيو آهي ۽ ”سُرنديا“ لفظ فقير تاج محمّد نظاماڻي لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق انهن ٻنهي صاحبن الفاظ درست نه لکيا آهن. اهو هن ڪري ٿا چئون ته ”سروديا“ جي معنيٰ آهي ”ساز سرود وڃائڻ وارا“ ۽ ”سُرنديا“ چئبو آهي انهن ماڻهون کي جيڪي ”سُرندا وڃائن“ ۽ ”ڪيرت“ چئبو آهي ”ساز ۽ سرندي وڃائڻ واري کي“ تنهنڪري هڪ ئي مصرع ۾ ”سرنديا“، ”ڪيرت“ ۽ ”سروديا“، مناسب نه ٿا لڳن. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه اهڙي مصرع فرمائي نه ٿو سگهي.
    انهن جي مقابلي ۾ ”سو جي سڻن ڪڏهين“ اهو فقرو نهايت ئي درست لکيل آهي.
    انهي مصرع لکڻ وارا صاحبان آهن، ڪلياڻ آڏواڻي، ٻانهو خان شيخ، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، محمّد عثمان ڏيپلائي، باگوجي ڏانوجي ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق.
    غلام محمّد شاهواڻي لفظ ”ڪڏه“ اڌ اکري سنڌي ۾ لکيو آهي.

    ث. ڪِرت، ڪِيرتَ: قارئين ڪرام! بيت ۾ هي ٻه لفظ مختلف صورت خطيءَ ۽ جدا جدا معنيٰ وارا آهن لفظ”ڪِرت“جن صاحبن لکيو آهي سي آهن، غلام مصطفي مشتاق، عثمان علي انصاري، علامه آءِ آءِ قاضي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ،غلام محمّد شاهواڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي،ڪلياڻ آڏواڻي ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو.
    غلام مصطفيٰ مشتاق ۽ غلام محمّد شاهواڻي الفاظ ”ڪِرت وارا“ جي معنيٰ ”ڳائڻا ماهر، ساز وڄائيندڙ“ لکي آهي.
    عثمان علي انصاري، علامه آءِ آءِ قاضي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، لفظ ”ڪرت“ جي معنيٰ نه لکي آهي.
    جن صاحبن ”ڪرت“ جي معنيٰ ”ڳائڻا“ لکي آهي. تن ڌڪي تي معنيٰ لکي آهي. اسان جي تحقيق مطابق انهن معنيٰ غلط لکي آهي.
    قارئين ڪرام! ”ڪرت“ وارا اهي چئبا آهن جيڪي هر قسم جو ڌنڌو ڪندا هجن. اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن لفظ ”ڪِرت“ لکيو آهي تن اهو لفظ غلط لکيو آهي ۽ جن صاحبن لفظ ”ڪِيرت“ لکيو آهي تن نهايت ئي درست لفظ لکيو آهي.
    درست لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، باگوجي ڏانوجي، فقير تاج محمّد نظاماڻي، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
    لفظ ”ڪيرت“ جي معنيٰ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ نه لکي آهي. باگي جي ڏاني جي لفظ ”ڪيرت“ جي معنيٰ ”راڳ جي سدا“ لکي آهي. (ص 1114)، نهايت ئي افسوس ناڪ ۽ دل دکائيندڙ معنيٰ لکي اٿس.
    ٻانهي خان شيخ لفظ ”ڪيرت“ جي معني ”راڳ ڳائيندڙ چارڻ ۽ منڱتا“ نهايت کي درست معنيٰ لکي آهي.

    ج. ميڙي، مڙيئي، مڙوئي: الفاظ ”مڙيئي، مڙوئي“ جن صاحبن لکيا تن درست الفاظ لکيا آهن. اهو هن ڪري ٿا چئون ته ”مڙيئي ۽ مڙوئي“ الفاظ کي ساڳي معنيٰ وارا الفاظ سمجهيو ويندو آهي ڪلياڻ آڏواڻي، ”مڙوئي“ لفظ جي معنيٰ سمورا ساز لکي آهي. (ص442). نامناسب معنيٰ لکي اٿس. اسان جي تحقيق مطابق ”مڙوئي“ يا ”مڙيئي“ جو اشارو ساز وڄائڻ وارن يعني ڪيرت وارن ڏانهن آهي.
    اسان جي تحقيق جو ثبوت لفظ ”سي“ منجهان ملي ٿو ”سي“ لفظ منجهان مراد آهي ”ڪيرت وارا“.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي صورت هي بيهي ٿي.

    جيڪِي ڏَڏَن ڏي ڪُجهه، ڳُجهيان ئي ڳُجهَه ۾،
    سو جي سُڻنِ ڪَڏَهِين، ڪِيرتَ وارا ڪي،
    تَه سازَ مِڙيئي سي، هُونَدَ پِٿُون ڪَنِ پَلَڪَ ۾.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو ته جکري جي سخاوت جو حال هي آهي جو جيڪي ڪجهه ڏڏن، نادانن، اڻڄاڻن، ساز وڄائي نه ڄاڻڻ وارن کي ڳجهان ئي ڳجهه ۾ لوڪ کان لڪائي دان ڏئي ٿو، رزق ڏئي ٿو اهڙي طرح سخاوت ڪرڻ جي خبر جيڪڏهن ساز وڄائڻ وارن کي پوي ته هو سڀ هڪ پلڪ ۾ پنهنجا ساز ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏين. سازن کي پلڪ ۾ پٿون ڪري ڇڏين.

    *****

    سُتو ڪِيَ نِنڊرُ‘ ڪَرِيِِ، رُو وِهانِِ رُوءِ،
    صَبَاحَ سَازُ سَندُوءِ، پِئُو هُندُو پَٽَـ۾.

    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص 391)

    سُتو ڪِيئَن نِنڊون ڪَرِيين، وَرَ وِهَاڻِيءَ ووءِ،
    صُباحَ سَاجُ سَندوءِ، پِئو هُوندو پَٽَ ۾.

    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص 278سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    سُتو ڪيئن ننڊون ڪَرِين، وَرَ وِهاڻِي ووءِ،
    صُباحَ سَاڄُ سَندوءِ، پِيو هُوندو پَٽَ ۾.

    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر پرڀاتي ص 523سال 1995 )

    سُتو ڪِئَن ننڊوُن ڪَريِن، رو وِهاڻِيءَ روءِ،
    سُڀان سازُ سَندوءِ، پِيو هوُندو پَٽُ ۾.

    (ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص441سال 1995)

    سُتو ڪِيئن نِنڊرون ڪَرِين، وَرُ وِهاڻِيءَ ووءِ،
    سُڀان سازُ سَندوءِ، پِيو هُوندو پَٽَ ۾.

    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي سنڌ ثقافت کاتو ص147سال 2009)

    سُتو ڪِئن ننڊوُن ڪَرِين، رو وِهاڻِيءَ روءِ،
    سُڀان سازُ سَندوءِ، پِيو هُوندو پَٽَ ۾.

    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر پرڀاتي ص 168سال 1994 )

    سُتو ڪِيئَن نِنڊون ڪرين، رو وِهَاڻِي روءِ،
    سُڀان سَاز سَندوءِ، پِيو هُوندو پَٽَ ۾.

    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص 739بااختيار ادارو سال 1994 )

    سُتو ڪِئَن نِنڊوُن ڪَرِئين، روئي راتِ وِهاءِ،
    سُڀان سازُ سَنداءِ، پِيا هُوندا پَٽَ ۾.

    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص139 ادبي بورڊ 1993 )

    ستو ڪيئن ننڊون ڪرين؟ رو روهاڻيءِ روءِ،
    سڀان ساز سندوءِ، پيو هوندو پٽ ۾.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص 563سال 2009ع مهراڻ)

    سُتو ڪِنءَ نِنڊُون ڪَرِين؟ رو وِهاڻِيَ روءِ،
    سُڀا سازُ سَندوءِ، پِئو هَندو پَٽَ ۾.

    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص413سال 2013ع روشني)

    ستو ڪيئَن ننڊون ڪرين؟ رو روِهاڻيءَ روءِ،
    سُڀان ساز سَندوءِ، پِيو هوندو پٽ ۾.

    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص 768سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    سُتو ڪِيئَن نِنڊُون ڪَرِين؟ رو وِهاڻِيَ روءِ،
    سُڀا سَازُ سَندوءِ، پِيو هوندو پَٽَ ۾.

    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر پرڀاتي ص 286سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ڪِيَ، ڪِئن، ڪيئن، ڪِنءَ)، (نِنڊون، ننڊرون)، (ڪَرين، ڪرئين، ڪريين، ڪريِِ)، (رو، ور، روئي)، (وِهاڻي، رات وِهاءِ، روهاڻي)، (روءِ، ووءِ)، (ساز، ساج، ساڄ)، (صباح، سڀان سُڀا)، (هُندو، هوندو)

    نوٽ: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ديوان تاراچند، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، فقير تاج محمّد نظاماڻي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، ۽ عثمان علي انصاري اهو بيت نه لکيو ۽ ڊاڪٽر گُربخشاڻي اهو سُر نه لکيو .

    الف. ڪِيَ، ڪِئن، ڪيئن، ڪِنءَ: لفظ ”ڪِنءَ“ ۽ ”ڪِيَ“ قديم صورت خطيءَ ۾ لکيا ويندا هئا. جديد صورت خطيءَ ۾ ”ڪئن“ ۽ ”ڪيئن“ لکيا ويندا آهن. لفظ ”ڪنءَ“ غلام محمّد شاهواڻي لکيو آهي ۽ لفظ ”ڪِيَ“ حاجي محمّد سمي لکيو آهي. نئين ۽ سڌاريل سنڌي صورت خطيءَ مطابق لفظ ”ڪيئن ۽ڪئن“ لکيو ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ 1853ع واري الفابيٽ مطابق ”شاهه جو رسالو“ ۾ لفظ ”ڪيئن“ استعمال ڪيو ۽ علامه آءِآءِ قاضي لفظ ”ڪئن“ لکيو آهي.
    ب. نِنڊون، ننڊرون: گنج توڙي ٻين مرتبن جو ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ ۾ لفظ ”ننڊون“ لکيل آهي. حاجي محمّد سمي لفظ ”ننڊرُ‘ “ لکيو آهي ”ر“ اکر جي مٿان ٻه پيشون ( ُ‘) ڏنيون اٿس ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ ”ننڊرون“ لکيو آهي. اهو لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ هرگز نه فرمايو آهي. ڊاڪٽر صاحب اصل لاڙي لهجي واري لفظ کي ڪڍي پنهنجي مرضي سان اُتراڌي لهجي وارو لفظ استعمال ڪيو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ اهو لفظ لکڻ ڪنهن به صورت ۾ مناسب نه آهي.

    ت. ڪَرين، ڪرئين، ڪريين، ڪريِِ: اسان تحقيق ڪري هي ثابت ڪيو آهي ته مٿين چئن لفظن منجهان لفظ ”ڪرين“ زياده موزون ۽ مناسب آهي. اهو لفظ مناسب هن ڪري ٿا چئون ته ماترائون پوريون اٿس. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي گنج ۾ (ص 535) ۽ ان کان علاوه شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، به لفظ ”ڪرين“ کي اهميت ڏني آهي. اسان لفظ ”ڪريين“ کي اهميت هن ڪري نه ڏني آهي جو ماترئن ۾ وڌيڪ آهي. اهو لفظ ”ڪريين“حاجي محمّد سمي۽ ٻانهي خان شيخ به مناسب نه لکيو آهي.

    ث. رو، ور، روئي: اسان مڙني لکيل بيتن جو بغور جائزو ورتو ۽ لفظي معنائن تي سوچي هن نتيجي تي پهتا آهيون ته جن صاحبن لفظ ”ور“ لکيو آهي. تن اسان جي تحقيق مطابق نامناسب لفظ لکيو آهي. انهيءَ لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ، ٻانهون خان شيخ ۽ ممتاز مرزا.
    جن صاحبن لفظ ”رو“ لکيو آهي، تن اسان تحقيق مطابق درست لفظ لکيو آهي. انهيءَ لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن. شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڪلياڻ آڏواڻي، غلام مصطفيٰ مشتاق، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو، غلام محمّد شاهواڻي، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ باگوجي ڏانوجي.
    قارئين ڪرام! واحد مرتب علامه آءِ آءِ قاضي آهي جنهن پهرين مصرع جو ٻيو فقرو ”روئي رات وهاءِ“ لکيوآهي انهي فقري جي معنيٰ ”رو وهاڻي روءِ“ سان ملندي آهي. اسان انهن ٻنهي فقرن کي ڀيٽي ۽ چڪاسي هن نتيجي تي پهتا آهيون ته ”رو وهاڻي روءِ“ جن صاحبن لکيو آهي نهايت مناسب لکيو آهي. سي صاحبان آهن، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، حاجي محمّد سمون، ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو، غلام مصطفيٰ مشتاق، غلام محمّد شاهواڻي ۽ جن صاحبن ”ور وهاڻي ووءِ“ فقرو لکيو آهي تن نهايت ئي نامناسب فقرو لکيو آهي. اهو فقرو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ٻانهي خان شيخ ۽ ممتاز مرزا.
    ج. وِهاڻي، روهاڻي: محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ باگي جي ڏاني جي ”روهاڻي“ لفظ لکيو آهي. اسان تحقيق ڪري ڏٺو آهي ته محمّد عثمان ڏيپلائي واري لکيل لفظ ”روهاڻي“ ۾ ”ر“ پريس جي غلطي سببان لکجي ويو آهي. مگر باگي جي ڏاني جي، ڏيپلائي صاحب جي تقليد ڪندي بغير سوچ جي لفظ ”روهاڻي“ لکيو آهي. اهو لفظ انتهائي غلط لکيل آهي.
    ح. صباح، سڀان، سُڀا: قارئين ڪرام! اسان لفظ ”صباح“ کي زياده اهميت ڏيون ٿا. ڇا ڪاڻ ته اهو لفظ قديم نسخن جهڙوڪ گنج شريف 1207ع، شاهه جو رسالو ڪاتب حاجي محمّد سمون (1268هه) ۾ لکيل آهي. اهي نسخا ٻين نسخن جي ڀيٽ ۾ زياده معتبر سمجهيا وڃن ٿا.

    خ. ساز، ساج، ساڄ: اسان انهن ٽنهين لفظن تي تحقيق ڪري هن نتيجي تي پهتا آهيون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ استعمال ٿيل لفظ ”ساز“ هو. مگر حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي دور ۾ ئي ٻه گَويّا (ڳائڻا) چنچل فقير ۽ اٽل فقير رهندا هئا. اهي ٻيئي اصل دهلي جا رهاڪو هئا. علم موسيقي جا وڏا ڄاڻو هئا. مگر هندستاني هئڻ ڪري هنن جي لهجي ۾ فرق هو. هي ”ز“ زنجير کي جنجير ۽ لفظ ”ساز“ کي ساج چوندا هئا. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي فقيرن حضرت جن جي وصالِ حق کان پوءِ به چنچل ۽ اٽل فقيرن کي پئي ٻڌو. تنهنڪري سيّد عبدالعظيم کي لفظ ”ساز“ بجاءِ ”ساج“ لکرايو ويو. اصل لفظ ”ساز“ بيت ۾ لکڻ گهرجي.

    د. هُندو، هوندو: لفظ ”هُندو“ لکڻ وارا صاحبان آهن، حاجي محمّد سمون ۽ غلام محمّد شاهواڻي. قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ عموماََ ڪاتب لفظ ”هُندو“ لکندا هئا مگر ”هوندو“ جي اچار سان پڙهندا هئا. جديد صورت خطيءَ ۾ لفظ ”هوندو“ لکيو وڃي ٿو.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.

    سُتو ڪِيئَن نِنڊُون ڪَرِين؟ روءِ وِهاڻِيَ روءِ،
    صُباحَ سَاز سَندوءِ، پيو هوندو پَٽَ ۾.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ منگتي کي سهڻي صلاح ڏيندي فرمائي ٿو اي ڪيرت تون ڪيئن ستو پيو آهين، اُٿي جاڳ ننڊ نڀاڳي کي تياڳ ڏي. هي وهاڻي (پره ڦٽي، پرڀات) جي ويل آهي. اي ڪيرت اٿي ڪرت ڪثرت ساڻ ڪر، تنهنجي رات وهاڻي ويندي صبح تائين تون زنده ئي نه هوندين ته پوءِ تنهنجو ساز پٽ تي بيڪار پيو هوندو تنهنڪري هي ويل اٿيئي اُٿي، جاڳي، روئي روئي ربّ پاڪ کي ريجهاءِ.


    12. سُر ڪارايل

    ويٺو جِئَن وماسئَين، حيرَتَ پَوءُ مَ هاڻِ،
    لَلَنِ کي لطيف چئي، اڇي ساڻ آراڻِ،
    ڪَنگَنِ لَٿِي ڪاڻِ، گڏئو هنجُ حبِيب کي.

    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص648سال 1900ع)

    ويٺُو جِهِِ وِمَاسِي، حَيرَتَ پَوءُ مَهَانِ،
    لَلَنِکي لَطِيفُ چي، اڇَي سَانُ اَراَنِ،
    ڪَنکَنِ لَٿِي ڪَانِ، کَڏِوءُ هَنجُه حَبِيبَکي.


    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 480)

    ويٺو جِيئَن وِمَاسِيين، حَيرَتَ پَوءُمَ هَاڻِ،
    لَلَنِ کي لطيف چَئي، اَڇي سَاڻُ اَراڻِ،
    ڪَنگَنِ لَٿِي ڪَاڻِ، گڏِئو هَنجِ حَبِيبَ کي.

    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 553سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    ويٺو جيئن وماسين، حيرتَ پَئو مَ هاڻِ،
    لَلَنِ کي لَطِيفُ چي، اَڇي ساڻ آڙاڻِ،
    ڪنگنِ لَٿِي ڪاڻِ، گَڏِيو هنجُ حبِيبَ کي.

    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر ڪارايل ص 833سال 1995 )

    ويٺو جِئَن وماسيين، حيرَتَ پَوءُ مَ هاڻِ،
    لَلَنِ کي لَطِيفُ چي، اَڇي سان آراڻِ،
    ڪنگنِ لَٿِي ڪاڻِ، گَڏِئو هَنجُ حبِيبَ کي.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 655سال 2013)

    ويٺو جِئن وِماسِيين، حَيرَتَ پَئُه مَ هاڻِ،
    لَلَنِ کي لطِيفُ چَئي اَڇي سان آراڻِ،
    ڪَنگنِ لَٿي ڪاڻِ، گَڏئو هَنجُهه حَبِيبَ کي.

    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر ڪارايل سنڌ ثقافت کاتو ص156سال 2009)

    ويٺو جِئَن وِماسِئين، حَيرَتَ پَوءُ مَ هَاڻِ،
    لَلَنِ کي، لَطِيفُ چَئي، اَڇي سَاڻُ اَراڻِ،
    ڪَنگَنِ لَٿِي ڪَاڻِ، گَڏِيو هَنجُ حَبِيبَ کي.

    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر ڪارايل ص 300سال 1994 )

    ويٺو جئن وماسئين، حَيرَتَ پَوءُ مَ هاڻِ،
    لَلَنِ کي لطِيفُ چئي، اَڇي ساڻ آراڻِ،
    ڪَنگَنِ لَٿِي ڪاڻِ، گڏيو هَنجُ حَبِيبَ کَي.

    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص714مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    ويٺو جِئن وِماسئَين، حيرت پوءُ مَ هاڻِ،
    لَلَنِ کي لطيف چئَي اَڇي ساڻ آراڻِ،
    ڪَنگنِ لَٿي ڪاڻِ، گَڏيو هَنجُ حَبِيبَ کي.

    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 910بااختيار ادارو سال 1994 )

    ويٺو جِئَن وِماسِئين، حَيرتَ پَئو مَ هاڻ،
    لَلَنِ کي لَطِيف چَئي، اَڇي سَاڻُ اَراڻِ،
    ڪَنگَنِ لَٿِس ڪاڻ، گَڏِيو هَنجُهه حَبِيبَ کي.

    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص693سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    ويٺو جئن وماسئين، حيرت پوء مَ هاڻ،
    لِلن کي لطيف چئي، اَڇن ساڻ آراڻ،
    ڪنگن لٿي ڪاڻ، گڏيو هنج حبيب کي.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 689سال 2009ع مهراڻ)

    ويٺو جيئن وِماسيين، حيرت پَوءُ مَ هاڻ،
    لَلَنِ کي لطيف چئي، اڇي ساڻ اَراڻِ،
    ڪنگن لٿي ڪاڻ، گڏيو هَنجهه حبيب کي.
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 449سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    وِيٺو جيئن وِمَاسَئين، حَيرت پَئوم هاڻ،
    لَلَن کي لطيف چئي، اَڇي سان آراڻ،
    ڪنگن ٿي ڪاڻ، گڏيو هنجهه حبيب کي.

    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر ڪارايل ص 527سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    وِيٺو جِنءَ وِماسِيين، حَيَرتَ پومَ هاڻِ،
    لَلَنِ کي لَطِيفُ چي، اَڇي ساڻُ اَراڻِ،
    ڪَنگَنِ لَٿِي ڪاڻِ، گڏِئو هَنجُ حَبِيبَ کي.

    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص408سال 2013ع روشني)

    ويٺو جئن وماسئين، حيرت پَو م هاڻ،
    للن کي، لطيف چئي، آڇن سان آراڻ،
    ڪَنگن لٿي ڪاڻ، گڏيو هنج حبيب کي.

    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 963سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    ويٺو جِئَن وماسِيين، حيرَتَ پَوء م هاڻِ،
    لَلَنِ کي لَطِيفُ چي، اَڇي سان آراڻِ،
    ڪَنگَنِ لَٿِي ڪاڻِ، گَڏِئو هَنجُ حَبِيبَ کي.


    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 303سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

    نوٽ. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي سُر ڪارايل نه لکيو. ڪلياڻ آڏواڻي اهو بيت نه لکيو.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (پئـُه، پَوءَ، پوء، پو، پوءُ، پئو، پيءُ)، (آراڻ، اَراڻ)، (ٿي، لٿي، لَٿِس).

    الف. پئـُه، پَوءَ، پوء، پو، پوءُ، پئو، پيءُ: قارئين ڪرام! لفظ ”پئو“ علامه آءِ آءِ قاضي ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيو آهي. گنج شريف جي ڪاتب ته (ص 833) لفظ ”پيءُ“ لکيو مگر ممتاز مرزا لفظ ”پئو“ غلط لکيو. غلط هن ڪري ٿا چئون ته اهو لفظ جمع لاءِ استعمال ٿيندو آهي. اسان تحقيق ڪري هي ثابت ڪيو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ هڪ وياڪل ۽ اداس للي يعني هنج کي مخاطب ٿي بيت فرمايو آهي ۽ نه گهڻن هنجن کي مخاطب ٿي خطاب ڪيو. تنهنڪري جن صاحبن لفظ ”پئهُ، پيءُ، پوءُ“ لکيو آهي تن درست لکيو آهي. اسان لفظ ”پئهُ“ کي اهميت هن ڪري ڏني آهي جو حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي دور ۾ اهو لفظ مروج هو تنهنڪري سيّد عبدالعظيم بيت ۾ استعمال ڪيو. جن صاحبن اهو درست لفظ لکيو آهي سي آهن، سيّد عبدالعظيم، ديوان تارا چند ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.

    ب. آراڻ، اَراڻ: لفظ ”آراڻ“ جن لکيو تن اسان جي تحقيق مطابق لفظ درست لکيو آهي. ۽ جن لفظ ”اَراڻ“ لکيو تن درست نه لکيو آهي. ڇا ڪاڻ ته لفظ ”آراڻ“ جو اصل لفظ ”آر“ آهي ۽ لفظ ”آر“ جي معنيٰ آهي ”پسند يا وڻند“. اسان تحقيق ڪري معلوم ڪيو آهي ته لفظ ”اَراڻ“ . ڊاڪٽر محمّد عالم سومري جي بيت ۾ لکيل آهي پروف ريڊر جي سهو سببان لفظ ”آراڻ“ بجاءِ ”اَراڻ“ لکجي ويو ٿو ڀانئجي.

    ت. ٿي، لٿي، لَٿِس: لفظ ”ٿي“ سگهڙ حاجي الله داد جي بيت ۾ لکيل آهي. اسان انهي لفظ جي غلطي کي پريس جي غلطي سمجهون ٿا ۽ نه سگهڙ صاحب جي. مگر پڙهندڙن لاءِ ته لفظ ”ٿي“ مغالطي جو باعث آهي. اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”لٿي“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، غلام مصطفيٰ قاسمي، عثمان علي انصاري، غلام محمّد شاهواڻي، ديوان تارا چند، ٻانهي خان شيخ، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ممتاز مرزا، سيّد عبدالعظيم، باگي جي ڏاني جي، محمّد عثمان ڏيپلائي، فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومري لکيو آهي. اسان انهن سڀني صاحبن جي لفظ کي غلط قرار هن ڪري ڏيون ٿا جو هنن صاحبن جي سوچ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي فرمايل بيت جي مضمون واري روح تائين نه پهتي هنن صاحبن مصرع لکي آهي.

    ڪَنگَنِ لَٿِي ڪاڻِ، گَڏِئو هَنجُ حَبِيبَ کي.

    هن مصرع جي معنيٰ ڪو به صاحب لکي ته هي ٿيندي. ”ڪنگن جي ڪاڻ لٿي هنج پنهنجي حبيب سان وڃي مليو“.
    قارئين ڪرام! انهيءَ معنيٰ جي ڀيٽ ۾ اسان جي تحقيق مطابق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جو خيال هي آهي ته ڪنگن کان هنج جي ڪاڻ لٿي اڳي ڪنگن جي هنج ڪاڻ ڪڍندو هو، ڪاڻانڊو هوندو هو. مگر هاڻ هنج جي ڪنگن کان ڪاڻ لٿي. اهو خيال ذهن ۾ رکي جڏهن اسان مختلف رسالن جو مطالعو ڪيو ته علامه آءِ آءِ قاضي جي ترتيب ڏنل رسالي جي مطالعي دوران اسان کي ص 693 تي بيت جي ٽين نهايت ئي درست مصرع لکيل نظر آئي هن مصرع ۾ لفظ لَٿِس لکيل آهي:

    ڪَنگَنِ لَٿِس ڪاڻ، گَڏِيو هَنجُهه حَبِيبَ کي.


    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي صورت هي بيهي ٿي.

    ويٺو جِئَن وِمَاسِيين، حيرَتَ پَئُه مَ هاڻِ،
    لَلَنِ کي لَطِيفُ چئي، اَڇي سان آراڻِ،
    ڪَنگَنِ لَٿِس ڪاڻِ، گَڏِئو هَنجُ حَبِيبَ کي.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه فرمائي ٿو ته اي للا (هنج) تون حيران ٿيو ويٺو آهين. ائين وياڪل ٿي نه ويهي رهه تون اجايو هت ڪنگن جي ڪاڻ ٿو ڪڍين پاڻ کي سڃاڻ تون ته هنج آهين، ٻين هنجن جي ته اڇي، ۽ اُجري آب سان الفت ۽ آراڻ آهي. ته تون به اڇي ۽ نرمل جل سان جيءُ جوڙ.
    وڌيڪ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو آهي ته آخرڪار هنج اڇي آب جي تلاش ۾ اڏاميو ته وڃي منزلِ مقصود تي پهتو يعني سُرهي سَر واري پاڻي تي پهتو. ڪنگن جي ڪاڻ ڪڍڻ کان بچي پيو ۽ جنهن جي حب هُيس اُن سان وڃي هيڪاندو ٿيو.

    *****

    ڪَاري ڪُرُّ لَڃي، جِي اَنَ ڪَجَارِئو کَاءِ،
    ڃَاڙِئَا اَنَّدَرِ ڃَڀَـ۾، کُجُو ٿو کالاَءِ،
    اُتِِ اُو سَامَاءِ جِتِ رَتِي نَاهي ريجَ جِي.

    (سيّد عبدالعظيم گنج سُر ڪارايل ص 844سال اشاعت 1995ع )

    ڪَاري ڪُرُ لڄي، جِي اَڻَ ڪَڄَاڙِئو کاءِ،
    ڄَاڙِيَان اَندَرِ ڄِڀَ ۾، ڳُجهو ٿو ڳالَهَاءِ،
    اُتي اُو سَامَاءِ، جِتِ رَتِي نَاهِه ريجَ جِي.

    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 565سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    ڪَاري ڪُرُ لڄي، جِي، اَنَ ڪَڄَاڙيو کاءِ،
    جهاڙيان اندر ڄِڀ ۾، ڳجهو ٿو ڳالهاءِ،
    اُتين او ساماءِ، جت رَتي ناهي ريجَ جي.

    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر ڪارايل ص 844سال 1995 )

    ڪاري ڪُرُ لَڄي جي اَڻَ_ ڪَڄاڙئو کاءِ،
    ڄاڙئان اَندرِ ڄِڀَ ۾ ڳُجهو ٿو ڳالهاءِ،
    اُتي اُو سَاماءِ، جِتِ رَتِي ناهي ريجَ جي.

    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر ڪارايل سنڌ ثقافت کاتو ص158سال 2009)

    نوٽ. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت، ڊاڪٽر گربخشاڻي سُر ڪارايل نه لکيو.
    حاجي محمّد سمي، ديوان تاراچند، علامه آءِ آءِ قاضي، ڪلياڻ آڏواڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، فقير تاج محمّد نظاماڻي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، محمّد عثمان ڏيپلائي، عثمان علي انصاري، غلام محمّد شاهواڻي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومري، باگي جي ڏاني جي ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق اهو بيت نه لکيو.
    هي بيت گنج شريف ۾ آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ ۾ به لکيل آهي. ٻانهي خان شيخ به پنهنجي ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ ۾ لکيو آهي. تنهنڪري هن بيت جي لفظن تي تحقيق ڪرڻ مناسب سمجهون ٿا.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (اَڻَ، اَنَ)، (ڪَڄاڙيو، ڪُڄاڙيو)، (ڄاڙيان، جاڙئان، جهاڙيان)، (اُتي، اُتِِ، اُتين) (جِتِ، جت)

    الف. اَڻَ، اَنَ: قارئين ڪرام! سيّد عبدالعظيم ابوالحسن سنڌي واري قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ گنج جي ڪتابت ڪئي ته ان ۾ تحقيق هيٺ آيل بيت جي پهرين مصرع جي پنجين لفظ ”اَڻَ“ کي ”اَنَ“ لکيو. ممتاز مرزا به شاهه صاحب جي تقليد ڪندي لفظ ”اَنَ“ لکيو، غلط لکيائين. ممتاز مرزا کي جديد صورت خطيءَ مطابق لفظ ”اَڻَ“ لکڻ گهربو هو. ٻين سڀني مرتبن ۽ محققن لفظ ”اَڻ“ لکيو آهي.

    ب. ڪَڄاڙيو، ڪُڄاڙيو: صورت خطيءَ جي لحاظ کان هي ٻه لفظ الڳ صورت خطيءَ ۽ الڳ معنيٰ وارا آهن. اسان لفظ ”ڪُڄاڙيو“ کي هن ڪري غلط قرار ڏيون ٿا ته ”ڪُڄاڙيو“ ٽن لفظن جو مرڪب لفظ آهي (ڪ+ڄاڙ+يو = ڪڄاڙيو). جنهن جي معنيٰ آهي ”خراب ڄاڙي وارو يا بد زيبي کاڏي وارو يا ڦريل کاڏي وارو“. سنڌيڪا لغت جو (ص 270 ) ڏسو ”ڄاڙ = ڄاڙي، ڄاڙ ڦرڻ = ٻوٿ ڦرڻ، منهن ڦرڻ“ ۽ لفظ ڄاڙي جي معنيٰ آهي وات ۾ هيٺين ڏندن ۽ ڏاٺن واري هڏي.
    اهو لفظ گنج شريف ۾ ”ڪجارئو“ لکيل آهي. قديم سنڌي عربي صورت خطيءَ ۾ اکر ”ک“ ۽ ”ڪ“ استعمال ٿيندو هو. ڪاتب ”ک“ اکر ۽ ”ڪ“ اکر به استعمال ڪندا هئا ۽ ”ڻ“ اکر به قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ “ن“ ۽ ”ر“ اکرن جي صورت ۾ لکيو ويندو هو. اسان جي تحقيق موجب لفظ ”کِجاڻيو“ کي گنج شريف جي ڪاتب ”ڪجارئو“ لکيو جديد صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ ”کِجاڻيو“ لکبو.
    اسان جي تحقيق مطابق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ٻانهي خان شيخ ۽ ممتاز مرزا لفظ ”ڪُڄاڙيو“ غلط لکيو آهي.

    ت. ڄاڙيان، ڄاڙئان، جهاڙيان: لفظ ”جهاڙيان“ ممتاز مرزا نهايت ئي غلط لکيو آهي. غلط هن ڪري ٿا چئون ته جهاڙين اندر ڄڀ نه ٿيندي آهي، مگر ڄاڙي اندر ٿيندي آهي.
    لفظ ”ڄاڙيان ۽ ڄاڙئان“ ٻيئي صورت خطيءَ ۾ ته مختلف لکيل آهن پر معنيٰ ۾ به مختلف آهن. لفظ ”ڄاڙئان“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي.
    ”ڄاڙئان“ جي معنيٰ آهي، ”ڄاڙ وٽان، ڄاڙ يا ڄاڙ کان“ مگر ”ڄاڙيان“ لفظ ڄاڙي جو جمع آهي هن جي معنيٰ آهي ”ڄاڙين کان“. ٻانهي خان شيخ جي خيال مطابق ڪارو نانگ ٻن ڄاڙين جي وچان زبان ڪڍندو آهي ۽ نه هڪ ڄاڙي وٽان.
    قارئين ڪرام! ٻانهي خان شيخ درست لفظ لکيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لکيل لفظ ”چاڙئان“ کي غلط هن ڪري ٿا چئون ته ڄاڙيون ٻه ٿينديون آهن ۽ نه هڪ ڄاڙي ٿيندي آهي.

    ث. اُتي، اُتِِ، اُتين (جِتِ، جت): قارئين ڪرام! لفظ ”اُتي“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻانهي خان شيخ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق هنن صاحبن لفظ نامناسب لکيو آهي. نامناسب هن ڪري ٿا چئون ته هنن ئي صاحبن بيت جي ٽين مصرع ۾ لفظ ”جِتِ“ لکيو آهي ته پوءِ هنن کي ٽين مصرع جو پهريون لفظ ”اُتِ“ لکڻ گهربو هو. هنن لفظ ”اُتي“ لکيو آهي.
    ممتاز مرزا لفظ ”اُتين“ لکيو آهي. ڇا ڪاڻ ته هن صاحب کي گنج شريف ۾ لفظ ”اُت“ جي هيٺان ٻه زيرون نظر آيون اسان جي تحقيق مطابق سيّد عبدالعظيم کان سهو وچان ”ت“ جي هيٺان ٻه زيرون اچي ويون. جيڪڏهن سيّد عبدالعظيم جي مرضي لفظ ”اُتين“ لکڻ واري هجي ها ته پوءِ لفظ ”جت“ جي هيٺان به ٻه زيرون ڏئي ها. مگر زيرون نه ڏنائين، ان منجهان اسان ثابت ڪيو آهي ته سيّد عبدالعظيم لفظ ”اُتِ“ ۽ لفظ ”جِتِ“ لکڻ چاهيو. اسان جي تحقيق مطابق بيت جي ٽين مصرع ۾ الفاظ ”اُتِ“ ۽ ”جتِ“ مناسب آهن.

    تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.

    ڪَاري ڪُرُ لَڄي، جِي اَڻَ کِجَاڻِيو کَاءِ،
    ڄَاڙِيان اَندَرِ ڄِڀَ ۾، ڳُجهو ٿو ڳالَهَاءِ،
    اُتِ اُو سَامَاءِ، جِتِ رَتِي نَاهِه ريجَ جِي.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه ٿر، بحر، بر، جهنگ، جهر ۽ جبل جهاڳي ۽ پنڌ ڪري گهمي ڦري ٻي معلومات حاصل ڪرڻ سان گڏ هي به معلوم ڪيو ته ڪارو نانگ (ڪاريهر) جنهن کي واسينگ نانگ به چيو ويندو آهي سو ٻين نانگن کان هڪ خصلت ۾ نيارو ٿئي ٿو. ٻيا نانگ هر ويجهي ايندڙ ساهدار کي ڏنگ هڻندا آهن مگر ڪارو نانگ بغير ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ ۽ کِجائڻ جي ڪڏهن به ڏنگ نه هڻندو آهي جيڪڏهن بغير ڇيڙڻ جي ڏنگ هڻي ته سندس ڪُر ۽ ڪٽمب کي مهڻو ۽ طعنو لڳندو.
    ڪارو نانگ پري کان ڄاڙين اندران ڊگهي زبان (ڄڀ) بار بار ڪڍي هي ياد ڏياريندو آهي ته آئون واسينگ نانگ آهيان جيڪڏهن ڪو مونسان ڇيڙ ڇاڙ ڪندو ۽ مونکي کجائيندو ته آئون کيس ڏنگ هڻي پنهنجي زهر وسيلي ختم ڪري ڇڏيندس.
    حضرت ڀٽ ڌڻيءَ وڌيڪ فرمائي ٿو ته ڪاري نانگ جي پيدائش واري جاءِ نهايت ئي خشڪ ۽ سڪل زمين ۾ ٿيندي آهي جتي ذري ڀر به ريج يا پاڻي جو ڦڙو به نه ٿيندو آهي تنهنڪري ڪاري نانگ ۾ زهر زياده ٿيندو آهي هن نانگ جي مقابلي ۾ پاڻي واري نانگ ۾ موت مار زهر نه هوندو آهي. تنهنڪري حضرت ڀٽ ڌڻيءَ وضاحت سان ڪاري نانگ جي ڄمڻ واري جاءِ جو بيان به فرمايو آهي.

    *****


    ڪُسَرِ ڪَنکَنِ قَبرَءٌ ، سُسَرِ سَاکَاهيجّ،
    هَنجَّ هُتِي جِي کَالَرِي، ٻَکَنِسِِ مَٻُولَيجُ،
    مَاري تُن مَريجُ، چَئِجِه مَڪَڇهِِ چُجَسنِِ .

    (سيد عبدالعظيم گنج سُر ڪارايل ص 837)

    ڪسر ڪنگن قبرون، سسر ساڱاهيج،
    هنجهه، هتيجي ڳالَهڙي ٻَگهنِ مَ ٻوليجِ،
    ماڻي تون مِريج، چئج م ڪنهِين چُهِنج سين.

    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص649سال 1900ع)

    ڪُسَرِ ڪَنکَنِ قَبرَءٌ ، سُسَرِ سَانکَاهيجُ،
    هَنجَ هُتي جِي کَالَڙِي، مَٻَکَنِسِِ ٻُولَيجُ،
    مَاني تُون مَريجُ چَئُجُ مَڪَڇهِ چُهجهَ سِِ.

    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 480)

    ڪُسَرِ ڪَنگَنِ قَبَروُن، سُسَرِ سَاڱاهيجِ،
    هَنجَ، هُتي جِي ڳَالَهَڙِي، ٻَگهَنِ مَ ٻوليجِ،
    ماڙي تُون مَريجِ، چَئِجِ مَ ڪَنهِين چُنجَ سين.

    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 544سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    ڪسر ڪنگن قبرون، سسرُ ساڱاهيجُ،
    هَنجهَه! هُتي جِي ڳالهڙي، ٻِگهنِ سين مَ ٻوليج،
    ماڻي، تُون مَريجِ، چئجِ مَ ڪنهِيَن چُنجَ سين.

    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر ڪارايل ص837سال 1995 )

    ڪُسَرِ ڪَنگنِ قَبَروُن، سُسَرِ ساڱاهيجِ،
    هَنجَ، هُتي جِي ڳَالَهڙِي، ٻَگهَنِ مَ ٻولِيجِ،
    ماڻي تُون مَريجِ چَئِجُ مَ ڪَهِن چُهِنجَ کي.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 656سال 2013)

    ڪُسَرِ ڪَنگنِ قَبَروُن، سُسَرِ ساڱاهيجِ،
    هَنجَهه، هُتي جي ڳَالَهڙِي ٻَگنِ مَ ٻوليجِ،
    ماڻي تُون مَريجُ چَئِجُ مَ ڪَهِين چُهنجَ سيِن.

    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر ڪارايل سنڌ ثقافت کاتو ص155سال 2009)

    ڪَسَرَ ڪَنگَنِ قَبَرُون، سُسَرِ ساڱاهيج،
    هَنجَ! هِتيجي ڳالَهڙي، ٻَگَهنِ مَ ٻوليج،
    ماڻي، تُون مُڙيج، چَئج مَ ڪَنهِين چُهِنجَ سين.

    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر ڪارايل ص 215سال 1994 )

    ڪُسرَ ڪَنگَنِ قَبِرُون، سُسَرِ ساڱاهيج،
    هَنجَ هُتيجي ڳَالَهڙي، ٻَگَهنِ مَ ٻولِيج،
    ماڻي، تُون مُڙيج، چَئج مَ ڪَنهِين چُهِنجَ سين.

    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص715مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    ڪَسَن ڪنگن قبرون، سُسر ساڱاهيج،
    هنج، هتيجي ڳالهڙي ٻُگهنِ م ٻوليجِ،
    ماڻي تون مِڙيج، چئج م ڪنهِين چهِنج سين.

    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 911بااختيار ادارو سال 1994 )

    ڪَسَر ڪَنگَن قَبروُن، سُسر ساڱاهيج،
    هَنجهه، هِتي جِي ڳالهڙي، ٻَگُهنِ م ٻوليجِ،
    ماڻي تُون مِريج، چئج مَ ڪنهِين چُهنج سين.

    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص694سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    ڪُسر ڪنگن قبرون، سُسَر ساڱاهيج،
    هنج! هُتي جي ڳالهڙي ٻگهن مَ ٻوليج،
    ماڻي تون مڙيج، چڻج مَ ڪنهن چُهج سين.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 690سال 2009ع مهراڻ)

    ڪُسَرِ ڪنگن قبرون، سُسَرُ ساڱاهيج،
    هنجهه، هُتي جي ڳالهڙي، ٻگهنِ سين م ٻوليج،
    ماڻي تون مريج، چئج مَ ڪنهين چُهنب سين.

    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 447سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    ڪَسَرِ ڪَنگَنِ قَبَرُون، سُسَرِ ساڱاهيج،
    هَنجَ! هُتيجِي ڳالَڙِي، ٻَگَهَنِ مَ ٻوليج،
    ماڻي تُون مُڙيج، چَئِيج مَ ڪَهِين چُهِنجَ سين.
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص408سال 2013ع روشني)

    ڪُسر ڪنگن قبرون، سسر ساڱاهيج،
    هنج! هُتي جي ڳالهڙي، ٻگهن مَ ٻوليج،
    ماڻي تون مڙيج، چڻج مَ ڪنهين چُهج سين.
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 963سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    نوٽ. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ۽ ڊاڪٽر گُربخشاڻي سُر ڪارايل نه لکيو. ڪلياڻ آڏواڻي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ۽ غلام مصطفي مشتاق اهو بيت نه لکيو.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ڪُسن، ڪسر) (ساڱاهيج، سانکَاهيج)، (ٻگهن مَ، ٻگهن سين مَ، مَٻَکَنِسِِ، ماري، ماڻي، ماڙي)، (مريج، مُڙيج، مِريج)، (چئج، چڻج)، (چهج، چنج، چهنب، چهنج)، (سين، کي)

    الف. ڪُسن، ڪسر: ”شاهه جو رسالو“ جي ٻين ڪاتبن، مرتبن ۽ محققن بيت ۾ لفظ ”ڪُسر“ لکيو آهي. مگر شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ ۾ لکيل بيت جو پهريون لفظ ”ڪسن“ لکيل آهي. اسان اها لفظي غلطي شمس العلماءَ جي نه مگر پروف ريڊر جي سهو ۽ غلطي سمجهون ٿا.

    ب. ساڱاهيج، سانکَاهيج: قارئين ڪرام! ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ٻانهي خان شيخ، عثمان علي انصاري، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومري، محمّد عثمان ڏيپلائي علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، غلام محمّد شاهواڻي، ۽ باگي جي ڏاني جي لفظ ”ساڱاهيج“ لکيو آهي. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته مٿين صاحبن زيرِ بحث لفظ تي تحقيق نه ڪئي مگر هڪ ٻئي جي تقليد ۽ توثيق ڪندا آيا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ انهيءَ اهم ترين لفظ جي معنيٰ نه لکي. ٻانهي خان شيخ معنيٰ لکي آهي. ”تون سـڃاڻج“ يعني هٿ ڪج. (ص 544).
    شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ بيت ۾ لفظ ”ساڱاهيج“ لکيو مگر لغات لطيفي جي ص 363 تي لفظ ”سانگاهڻ“ لکيل آهي، معنيٰ لکيل اٿس ”رهڻ“.
    غلام محمّد شاهواڻي لفظ ”ساڱاهيج“ جي معنيٰ نه لکي آهي. علامه قاسمي لفظ ”ساڱاهيج“ جي معنيٰ ”رهج“ لکي آهي غلط لکي اٿس. اسان ثابت ڪيو آهي ته ”ساڱاهيج“ لفظ لکڻ وارن ڌڪي تي معنيٰ لکي آهي.
    قارئين ڪرام! اسان کي مٿي ذڪر ڪيل صاحبن جو لفظ ”ساڱاهيج“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ ائين لڳو جئن بخمل جي چولي ۾ کاڌيءَ واري ڪپڙي جو ٽڪرو ڳنڍيل هجي. تنهن ڪري اسان قديم قلمي نسخن ۽ جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ لکيل رسالن جومطالعو ڪيو. حاجي محمّد سمي جي ڪتابت ڪيل رسالي جي ص 480 تي به اسان کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو فرمايل اصل اهو لفظ مليو جيڪو سيّد عبدالعظيم به لکيو آهي. مصرع ملاحظه فرمايو:

    ڪُسَرِ ڪَنکَنِ قَبرَُ‘، سُسَرِ سَانکَاهيجُ

    هن مصرع ۾ لفظ ”سانکاهيج“ لکيل آهي اهو لفظ جديد صورت خطيءَ ۾ ”سانگاهيج“ لکڻ گهرجي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته قديم سنڌي عربي صورت خطيءَ جا ڪاتب، ”گ“ اکر کي ”ک“ اکر ۾ تبديل ڪري لکندا هئا. اهو هن ڪري ته عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”گ“ اکر نه هو. بيت جي مصرع ملاحظه فرمايو:

    قَيدُ المَاءُ ٿِوُء مِ هِتِ اَڙَانکِي کَارِيَان (ص 421)

    هي مصرع جديد صورت خطيءَ ۾ لکبي:
    قَيدُ المَاءُ ٿيوم هِتِ اَڙَانگي گَهارِيَان

    قارئين ڪرام! لفظ ”ساڱاهيج“ ، ”سانگاهيج“ ۽ ”ساڃاهيج“ الڳ الڳ صورتن ۽ معناعن وارا الفاظ آهن .
    ياد رهي ته! لفظ ”سانگ“ جي لڙهي منجهان ٺهندڙ ڪجهه لفظ آهن. ”سانگو، سانگاهڻ“. لفظ ”سنڱ“ الڳ لفظ آهي جنهن جي لڙهي منجهان ڪجهه لفظ هي ٺهن ٿا. ”سنڱيڻو، سنڱ بند، سنڱاهڻ، سنڱاهيج“ لفظ سنڱاهيج جي معنيٰ آهي سنڱ ڪج، مٽي مائٽي ڪج، رشتيداري ڪج. اهو لفظ ”سانڱاهيج“ حضرت ڀٽ ڌڻيء جي تحقيق هيٺ آيل بيت ۾ هرگز نه ٿو سونهين.
    لفظ آهي ”ساڃهه“ انهي منجهان الفاظ ٺهن ٿا ”ساڃاهه، ساڃاهيج“. هن لفظ ”ساڃاهيج“ جي معنيٰ آهي، ”سڃاڻ رکيج“.
    لفظ ”سانگاهيج“ لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏياريل جامع سنڌي لغات جلد 4 ص 1549 تي نظر وجهو ته اوهان کي ”سانگ پوڻ“ جي معنيٰ ”سانگو پوڻ، سفر تي وڃڻ“ پڙهڻ ۾ ايندا ۽ ساڳي صفحي تي ”سانگ وڃڻ“ لکيل نظر ايندو جنهن جي معنيٰ لکيل آهي. ”سانگي يا ڪنهن سبب کان ٻاهر وڃڻ“.
    حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه پنهنجي بيت ۾ لفظ ”سانگ“ جي لڙهي منجهان لفظ ”سانگاهيج“ فرمايو هيو مگر محقق حضرات کي سمجهه ۾ نه آيو تنهنڪري لفظ ”سانگاهيج“ بجاءِ ”ساڱاهيج“ لکي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جو حُليو ئي بدلائي ڇڏيائون.

    ت. ٻگهن مَ، ٻگهن سين مَ، مَٻَکَنِسِِ، : اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته جن صاحبن ”ٻگهن سين مَ ٻوليج“ لکيو يا ”مَ ٻگهن سين ٻوليج“ لکيو تن جي انهي لکيل فقري ۾ ماترائون وڌن ٿيون، مگر ”ٻگهن مَ ٻوليج“ فقري جون ماترائون بيت ۾ نه ٿيون وڌن اسان جي تحقيق موجب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، عثمان علي انصاري، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، محمّد عثمان ڏيپلائي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، غلام محمّد شاهواڻي، باگو جي ڏانو جي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومري ۽ ديوان تاراچند دُرست فقرو لکيو آهي.
    ث. ماڻي، ماڙي: جن صاحبن لفظ ”ماڻي“ لکيو تن درست لفظ لکيو ڇا ڪاڻ ته لفظ ”ماڻي“ جي هڪ معنيٰ هي به آهي جيڪا هن بيت سان مناسب لڳي ٿي سا معنيٰ آهي ”حاصل ڪري“. ۽ جن صاحبن لفظ ”ماڙي“ لکيو آهي تن غلط لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”ماڙي“ جي معنيٰ ٻانهي خان شيخ ”صبر ڪري“ لکي آهي.
    قارئين ڪرام! هنج صبر ڪري ته ڇا جي ڪري؟ ۽ ڇو صبر ڪري؟ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ته ان کي فرمايو ته ڪُسر وٽان سانگ ڪري اڏامي سُسَر طرف وڃ ۽ سُسَر کي وڃي ماڻ ۽ حاصل ڪر.

    ج. مريج، مُڙيج، مڙيج: غلط لفظ ”مِڙيج“ لکڻ وارا صاحبان آهن، ديوان تاراچند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ ۽ محمّد عثمان ڏيپلائي.
    ٻيو غلط لفظ ”مُڙيج“ لکڻ وارا صاحبان آهن، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، غلام محمّد شاهواڻي ۽ باگوجي ڏانو جي. مطلب ته لفظ ”مُڙيج ۽ مِڙيج“ مٿي ڄاڻايل صاحبن بيت ۾ غلط استعمال ڪيا آهن. اهو هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ هنج پکي کي فرمايو ته ڪنگن جون ڪُسر ۾ قبرون آهن. تون به ته هِت ڪُسر ۾ رهين ٿو. تنهنڪري ڪسر کان ”سانگ“ ڪري وڃي سُسر ۾ زندگي گذار، ۽ اُتي وڃي مريج ته جئن تنهنجي قبر به سُسر ۾ ٿئي.
    ح. چئج، چڻج: قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَ هنج پکيءَ کي فرمايو ”سُسر سانگاهيج“، ۽ سُسر ”ماڻي تون مريج“ ۽”چئج نه ڪنهين“. مگر محمّد عثمان ڏيپلائي الفاظ ”چڻج نه“ غلط لکيا ته باگي جي ڏاني جي به ان جي تقليد ڪئي.
    قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه هنج کي موتي چوندي کائڻ کان ته نه روڪيو. اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن لفظ ” چڻج مَ“ لکيو تن به غلط الفاظ لکيا.
    خ. چهج، چنج، چهنب، چهنج: مُرتبن ۽ مُحققن جدا جدا لهجي وارا لفظ لکيا آهن. انهن منجهان اصل لفظ ”چُنج“ آهي اهو لفظ سيّد عبدالعظيم لکي هي ثابت ڪيو آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي دور ۾ لفظ ”چنج“ مروج هو ڪو صاحب متان هي اعتراض ڪري ته سيّد عبدالعظيم ”چُجَسنِِ“ لفظ لکيو آهي ته ان لاءِ جواب هي آهي ته قديم ڪاتب وچون ”ن“ جو اکر اڪثر مخفي رکندا هئا. لکندا ”چج“ ڳالهائيندا ۽ پڙهندا ”چنج“ هئا.
    د. سين، کي: لفظ ”کي“ فقط عثمان علي انصاري نامناسب لکيو آهي نامناسب هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ هنج کي نصيحت فرمائي ته سُسَر ۽ ڪَسُر واري فرق جي ڳالهه ٻگهن ۽ ڪنگن سان مَ ڪريج ڳالهه ته زبان سان ڪبي آهي هنج کي زبان سان راز کولڻ جي منع ڪئي وئي تنهنڪري الفاظ ”چنج سين“ جن لکيو تن درست لکيو آهي.
    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.

    ڪُسَر ڪَنگَنِ قَبَرُون، سُسَرِ سانگاهيج،
    هَنجَ! هُتي جِي ڳالَهڙِي، ٻَگَهَنِ مَ ٻوليج،
    ماڻي تُون مَريج، چَئِج مَ ڪَنهِين چُنج سين.


    معنيٰ: اي هنج تون ڪنگن ۽ ٻگهن سان هت ڪُسر (خراب ۽ بدبوءِ دار پاڻي واري تلاءُ) تي رهيو پيو آهين هي ته ڪنگن جي جئڻ ۽ مرڻ واري جاءِ آهي تون هتي زندگي نه گذار. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ هنج کي هي به صلاح ڏئي ٿو ته سُسر جو نرمل جل ۽ پاڪ پاڻي ڪئن آهي؟ ۽ ڪيترو صاف آهي؟ اها ڄاڻ ۽ معلومات ٻگهن ۽ ڪنگن کي هرگز نه ڏيج. اِهي انهيءَ صلاح جي لائق نه آهن.
    حضرت ڀٽ ڌڻيءَ هنج جي دل ۽ دماغ ۾ اتساهه ۽ شوق پيدا ڪندي فرمايو ته ڪُسر کان سانگ ڪري اُڏامي وڃي سُسر جي سر زمين ماڻ ۽ اُتي ئي مريج.


    13. سُر ڏهر

    اَللهُ جهِِ نَالُوءِ، تِن مُن وَڏوُ اسَرُو،
    خَالِقَ تُهِجَي خَاندِ جُو، پَرُو پاَندُ نَڪُوءِ،
    جَا مُن ٻِئَا دَرَ ڏوُرئَا تَان تُو دَرَجِهُونَڪُوءِ،
    نَالُو رَبَّ سَندُوءِ، رَهِئُو اٰهيِ رُوحَـ۾.

    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص 376)

    اَللّهُه جَنهِن نَالو، تِنهِن مُون وڏو آسِرو،
    خَاوَندَ جي کهاندِ جو، پَاندُ نَه کو پاسو،
    نالو رَبَّ سَندوءِ، رَهِئو آهِي رُوحَ مين.

    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص665 سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

    اَللهَ جِئن نالوءِ، تِئن مون وَڏو آسَرو،
    خَلق تُنهِنجي کَانڌِ جو، پَرو نَه پَاندُ ڪوءِ،
    نَالو رَبّ سَندوءِ، رَهِيو آهِمِ رُوحَ ۾.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص513سال 1900ع)

    اَللهَ جِيئَن نالوءِ، تِيئَن مَاون وَڏو آسَرو،
    خَاوَندَ تُنهِنجِيءَ کَانڌِ جو، پَرو نَه پَاندُ ڪو،
    نَالو رَبَ سَندوءِ، رَهِيو آهِي رُوحَ ۾.
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص 233سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    الله جيئن نالوءِ، تيئن مان وَڏو آسرو،
    خاوندَ تنهنجي کاند جو پَرو نه پَاندُ ڪُو،
    نالو رَبَّ سندوءِ، رَهيُو آهي روحَ ۾.
    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطي ۾ سُر ڏهر ص650سال 1995 )

    اَللهَ جِئن نالوءِ، تِئَن مُون وَڏو آسِرو،
    خَالِقَ تُهِنجِي کانڌ جو، پَرو پَاندُ نه ڪُوءِ،
    نالو رَبَ سَندوءِ، رَهِيو آهِمِ روُحَ ۾.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص 640سال 2013)

    اَللهُ جِئن نالوءِ، تِئَن مُون وَڏو آسِرو،
    خَالِقَ تُنهِنجِيءَ کانڌَ جو، پَرو پَاندُ نه ڪُوءِ،
    نالو رَبَ سَندوءِ، رَهِيو آهي روُحَ ۾.

    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر ڏهر سنڌ ثقافت کاتو ص160سال 2009)

    اَللهَ جِئَن نالوءِ، تِئَن مُون وَڏو آسِرو،
    خَالَقَ! تُنهِنجِيءَ کاندِ جو، پَرو پَاندُ نه ڪوءِ،
    نالو رَبّ! سَندوءِ، رَهِيو آهِمِ رُوحَ ۾.

    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر ڏهر ص 39سال 1994 )

    اَللهُ جِئن نالوءِ، تِئَن مُون وَڏو آسِرو،
    خَالَقَ تُنهنجِيءَ کاندِ جو، پَرو پَاندُ نه ڪُوءِ،
    نالو رَبّ سَندوءِ، رهيو آهِمِ رُوحَ ۾.

    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص563مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    الله جِئَن نالوءِ، تِئَن مون وڏو آسرو،
    خالقُ تُنهنجِي کاند جو پَرو پَاندُ نَڪوءِ،
    نالو رَبّ سَندوءِ، رَهيو آهِمِ روح ۾.

    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص 703بااختيار ادارو سال 1994 )

    اَلله جِئن نالوءِ، تِئَن موُن وَڏو آسرو،
    خالِق! تُنهنجِي کاند جو، پَرو پَاندُ نه ڪُوءِ،
    نالو رَب سَندوءِ، رَهِيو آهِمِ روُحَ ۾.

    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص650 ادبي بورڊ 1993 )

    اَلله جِئَن نالوءِ، تِئَن موُن وَڏو آسرو،
    خَالِق! تُنهنجِي کانِد جو، پَرو پَاندُ نه ڪُوءِ،
    نالو رَبَّ سَندوءِ، رَهِيو آهِمِ روُحَ ۾.

    (ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص450سال 1995 )

    الله جئن نالوءِ، تئن مون وڏو آسرو،
    خالق تنهنجي کانڌ جو، پرو پاند نه ڪوءِ،
    نالو رب سندوءِ، رهيو آهم روح ۾.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص 540سال 2009ع مهراڻ)

    الله جيئن نالوءِ، تيئن مون وڏو آسرو،
    خالق تنهنجيءَ کانڌ جو، پرو پاند نه ڪوءِ،
    نالو رب سندوءِ، رهيو آهي روح ۾.
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص 338سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    الله جيئن نالو، تيئن مُون وَڏو آسرو،
    خَاوند تُنهنجي کانڌ جو، پَرو پَاندُ نه ڪو،
    نالو رَب سندو، رَهيو آٿم روح ۾.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر ڏهر ص 404سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    اَللهَ جِنءَ نالوءِ، تِنءَ مُون وَڏو آسَرو،
    خَالِقَ تُهِجي کاندِ جو، پَرو پَاندُ نَه ڪوءِ،
    نَالو رَبّ سَندوءِ، رَهِيو آهِمِ رُوحَ ۾.

    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص421سال 2013ع روشني)

    الله جئن نالوءِ، تئن مون وڏو آسرو،
    خالق! تهنجي کانڌ جو، پرو پاند نه ڪوءِ،
    نالو رب سندوءِ، رهيو آهم روح ۾.
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص 733سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    اَلله جِئن نالوءِ، تِئن مُون وَڏو آسرو،
    خَالِقَ تُنهِنجِي کانڌ جو، پَرو پَاندُ نه ڪُوءِ،
    نالو رَبَ سَندوءِ، رَهِيو آهِمِ روُحَ ۾.

    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص 293سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

    نوٽ. فقط حاجي محمّد سمي چئن مصرعن وارو بيت لکيو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو ٽن مصرعن وارو بيت حقيقي آهي ۽ نه چئن مصرعن وارو. باقي ٻين صاحبن به ٽن مصرعن وارو بيت لکيو آهي.
    ڊاڪٽر گُربخشاڻي سُر ڏهر نه لکيو.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (جيئن، جئن، جنءَ، جـهِِ، جنهن)، (تئن، تنءَ، تئين، تنهن) (نالو، نالوءِ)، (خالق، خاوند)، (کانڌ، کاند، خاند، کهاند)، (پرو نه پاند ڪو ، پرو پاند نه ڪو، پاند نه کو پاسو، پرو پاند نه ڪوءِ)، (سندو، سندوءِ)، (آهي، آهم، اٿم)

    الف. جيئن، جئن، جنءَ، جـهِِ، جنهن: جن صاحبن ”جيئن، جئن، جنءَ“ الفاظ لکيا آهن تن صاحبن کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جي پهرين مصرع سمجهه ۾ ئي نه آئي. اها راءِ هن ڪري ٿا ڏيون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”جَنهِن“ فرمايو. اهو لفظ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ انهي صورت ۾ لکرايو جنهن صورت ۾ اسان لکيو آهي . اسان ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي لکيل لفظ ”جنهن“ کي اکين تي رکيو، ذهن ۾ سمايو، دل سان هنڍايو ۽ سيني سان لڳايو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جو ڪمال ته ڏسو لفظ ”جنهن“ فرمائي الله پاڪ جي ذات مقدس کي پوري ڪائنات جي ”اِلاهن“ سان ڀيٽي ثابت ڪيو ته ٻنهين جهانن ۾ (اِلاهه) يعني معبود ته ماڻهن جهالت سببان گهڻا ۽ بي حساب ٺاهيا آهن مگر منهنجو ته معبود فقط اهو اِلاهه آهي جنهن جو اسم پاڪ ”الله“ آهي.

    ب. تئن، تنءَ، تئين، تنهن: قارئين ڪرام! ٻين ٽن لفظن تي بحث هن ڪري نه ٿا ڪريون ته انهن ٽنهي لفظن کي ليکڪن غلط لکيو آهي فقط ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ئي پنهنجي مقرر ڪيل ڪاتب کان درست لفظ ”تنهن“ لکرايو. کيس جس هجي.

    ت. نالو، نالوءِ: قارئين ڪرام! لفظ ”نالو“ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ۽ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ لکيو آهي اسان جي تحقيق مطابق انهن ٻنهي صاحبن لفظ مناسب نه لکيو آهي. هنن کي لفظ ”نالوءِ“ لکڻ گهربو هو ڇا ڪاڻ ته پهرين مصرع جو ٽيون لفظ بيت جو پهريون قافيو آهي ۽ ٻيا قافيا ”ڪوءِ ۽ سندوءِ“ آهن ۽ باقي ٻين صاحبن بيت جو پهريون قافيو ”نالوءِ“ درست لکيو آهي.
    ث. خالق، خاوند: لفظ ”خاوند“ لکڻ وارا صاحبان آهن. سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ۽ ممتاز مرزا.
    ممتازا مرزا هن ڪري لفظ ”خاوند“ لکيو جو گنج شريف ۾ به لفظ ”خاوند“ لکيل آهي، ٻانهي خان شيخ تحقيق نه ڪئي مگر گنج شريف جي لکت جي تقليد ڪندي لفظ ”خاوند“ لکيو.
    قارئين ڪرام! اسان جي تحقيق مطابق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه بيت ۾ الله پاڪ جي اسم ذات (الله) فرمائڻ کان پوءِ اسماءِ صفات منجهان لفظ ”خالق“ فرمايو اسان لفظ ”خالق“ کي لفظ ”خاوند“ تي هن ڪري اهميت ڏيون ٿا جو حضرت ڀٽ ڌڻي هن بيت ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ کي ٻنهي جهانن جو خلقيندڙ ۽ قيامت تائين انهي دستور کي قائم رکڻ ۽ ان بعد قيامت قائم ڪرڻ واري هستي طور مڃيو آهي ۽ لفظ ”خاوند“ جي معنيٰ ”مڙس، مالڪ ۽ ڀوتار“ به آهي.
    قارئين ڪرام! لفظ ”خاوند“ ته مالڪي ڏيکاري ٿو. اهو حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي علم جو ڪمال آهي جو الله تعاليٰ جي اعليٰ ترين حيثيت تسليم ڪرائڻ لاءِ خاص لفظ خالق بيت ۾ فرمايائين ۽ نه خاوند.

    ج. کانڌ، کاند، خاند، کهاند: لفظ ”کهاند“ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي ترتيب ڏنل رسالي ۾ اردو لپي ۾ لکيل آهي. سندي صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ ”کاند“ لکبو.
    جن صاحبن لفظ ”کاند“ لکيو سي صاحبان آهن فقير تاج محمّد نظاماڻي، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو ۽ ٻانهو خان شيخ.
    جن صاحبن ”کانڌ“ لفظ لکيو سي آهن، غلام مصطفي مشتاق، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، باگوجي ڏانو جي ۽ محمّد عثمان ڏيپلائي.
    قارئين ڪرام! مٿين ٻنهين ادبي ٽولن جي لکيل لفظن تي اسان چڱي طرح تحقيق ڪري هن نتيجي تي پهتا آهيو ته سترهن ڪاتبن، مرتبن ۽ محققن کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو هي لفظ ”خاند“ سمجهه ۾ ئي نه آيو. جيڪڏهن اهو لفظ کين سمجهه ۾ اچي ها ته لفظ ”کانڌ ۽ کاند“ بيت ۾ هرگز نه لکن ها.
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ ”کاند“ جي معني لکي آهي برداشت، سهڻ جي طاقت (ص 160).
    ٻانهي خان شيخ معنيٰ لکي آهي ”تحمل بردباري“ (ص 233).
    علامه غلام مصطفيٰ قاسمي لفظ ”کاند“ جي معني لکي آهي ”حلم“ (ص 563).
    شمس العلماءَ مرزا قليچ ”کاند“ لفظ جي معنيٰ نه لکي آهي.
    غلام محمّد شاهواڻي لفظ ”کاند“ جي معنيٰ لکي ”تحمل ۽ بردباري“ (ص 421).
    قارئين ڪرام! لفظ ”کاند“ جي معنيٰ واقعي آهي ”تحمل، بردباري، صبر ۽ برداشت وغيره“. مگر حضرت ڀٽ ڌڻيءَ بيت ۾ لفظ ”کاند“ ته ڪو نه فرمايو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ته اسان جي تحقيق موجب لفظ ”خواند“ فرمايو ۽ فقط حاجي محمّد سمي لفظ ”خواند“ بجاءِ لفظ ”خاند“ لکيو اسان انهي کي هن ڪري درست سمجهون ٿا جو لفظ ”خواند“ کي انهيءَ صورت خطيءَ ۾ لکبو مگر پڙهبو آهي ”خاند“.
    قارئين ڪرام! اسان هن لفظ ”خواند“ کي درست قرار هن ڪري ڏنو آهي ته لفظ ”خواند“ جي معنيٰ آهي علم ۽ ڄاڻ. ۽ لفظ ”خوانده“ چئبو آهي ان ماڻهو کي جيڪو علم جو ڄاڻو هجي.
    تصديق لاءِ اوهان جامع لغات سنڌي ص 1160 ۽ فيروزالغات ص 558 جو مطالعو ڪري سگهو ٿا.
    سنڌيڪا لغت جي ص 341 تي لفظ ”خواندگي“ لکيل آهي. قارئين ڪرام! علم ڄاڻڻ واري خوبي (خواندگي) ٻنهي جهانن جي خالق کي ايتري ته وسيع ترين آهي جنهن جو ڪو ڇيهه ئي نه آهي. تنهنڪري حضرت ڀٽ ڌڻيءَ بيت ۾ لفظ ”خواند“ استعمال ڪيو.
    قارئين ڪرام! اسان جي لفظ ”کاند“ تي جڏهن نظر پيئي ته اسان الله تعاليٰ جي ”کاند“ واري صفت کان بنهه انڪار ڪيو آهي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جهڙو وڏو عالم ڪئن الله پاڪ کي ”کاند“ واري خوبي جو مالڪ تسليم ڪندو؟ قرآن پاڪ ۾ نوح عه جي قوم جو غرق ٿيڻ، عاد ۽ ثمود جي قومن جو تباهه ٿيڻ فرعون جي قوم جو درياءَ ۾ ٻُڏي مرڻ اِهي مثال ثابت ڪن ٿا ته الله پاڪ ”کاند“ جو نه مگر ”خواند“ جي خوبي جو صاحب آهي.

    ح. پرو نه پاند ڪو ، پرو پاند نه ڪو، پاند نه کو پاسو، پرو پاند نه ڪوءِ: قارئين ڪرام! ”پرو نه پاند ڪو“ فقري ۾ هڪ خامي آهي. ٻي مصرع جو آخري لفظ ”ڪوءِ“ لکڻ گهرجي. هن فقري جو لکڻ وارو سگهڙ حاجي الله داد جنجهي آهي. ڊاڪٽر ارنسيٽ ٽرمپ جي رسالي ۾ فقرو ”پاند نه ڪو پاسو “ (ص 665) تي پڻ غلط لکيل آهي.
    اسان جي تحقيق مطابق ”پرو پاند نه ڪوءِ“ درست فقرو لکيل آهي. انهي فقري لکڻ وارا صاحبان آهن، حاجي محمّد سمون، فقير تاج محمّد نظاماڻي، باگو جي ڏانو جي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو، محمّد عثمان ڏيپلائي. غلام محمّد مصطفيٰ مشتاق، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، علامه آءِ آءِ قاضي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، غلام محمّد شاهواڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ديوان تارا چند ۽ ڪلياڻ آڏواڻي.

    خ. سندو، سندوءِ: فقط سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لفظ ”سندو“ لکيو آهي. هن کي لفظ ”سندوءِ“ لکڻ گهربو هو. ڇا ڪاڻ ته بيت ٽن قافين وارو آهي سندس پهريون قافيو آهي ”نالوءِ“ ٻيو فاقيو آهي ”ڪوءِ“.

    د. آهي، آهم، اٿم: هن بيت ۾ ڪن صاحبن لفظ ”آهي“ ڪن ”آهم“ ۽ ڪن ”اٿم“ لکيو آهي. اسان لفظ ”آهي“ ۽ ”اٿم“ بجاءِ ”آهم“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ لکڻ مناسب سمجهون ٿا.

    تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.

    اَلله جَنهِن نالوءِ، تنهن مُون وَڏو آسَرو،
    خَالِقَ تُنهِنجي خاند جو، پَرو پَاندُ نَه ڪوءِ،
    نَالو رَبّ سَندوءِ، رَهِيو آهِم رُوحَ ۾.


    معنيٰ: هن ساري سنسار ۾ (گاڊ (god، لات، منات، عزا، رام، ڪرشن، ايشور، نرنڪار، اونڪار، زرتشت، عيسيٰ عه ۽ ٻين انيڪ اسمن وارا ”اِلاهه“ ۽ معبود ماڻهن ٺاهيا ۽ مڃيا آهن. مگر ”الله“ جنهن جو نالو آهي تنهن عظيم ترين هستي جو مون کي ڏڍ ڀروسو ۽ آسرو آهي.
    تنهن (الله) جي هڪ خوبي هي به آهي ته هو سموري خِلقت جو خالق به آهي. تنهن خالق جي علم (خواندگي) جو ڪو ڇيهه ۽ پرو پاند به نه آهي. سندس علم اٿاهه ، لاحد ۽ بي حساب آهي.
    اي منهنجا ربّ تنهنجو اسم مبارڪ (الله) منهنجي روح ۾ هر هر هُري ٿو، دمبدم تنهنجو نالو ئي منهنجي روح ۾ رهيل رچيل ۽ بسيل آهي.

    *****

    جي تُون اوڏَ طَلَبَيين تِئَان هِتِ نَه ڪوءِ،
    وِئَا لاکي لَوءِ، سَنجهي ٽَنگي ٽَنگِڙا،
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص 265سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    جي تون اوڏَ طَلَبَئِين تِئان هِت نه ڪو،
    وِئا لاکي لوءِ، سَنجهي نَهِي ٽَنگڙا.
    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر ڏهر سنڌ ثقافت کاتو ص164سال 2009)

    نوٽ. هي بيت گنج شريف ۾ لکيل نه آهي. ڪاتب حاجي محمّد سمي به نه لکيو آهي. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ به نه لکرايو آهي. ڊاڪٽر گُربخشاڻي اهو سُر نه لکيو آهي ۽ باقي ٻين شاهه جو رسالو جي مرتب ۽ محقق حضرات جن جا بيت اسان اڳ ۾ لکندا رهيا آهيون تن به اهو بيت نه لکيو آهي. اسان هن بيت ۾ هڪ قافيي ۽ ٽن لفظ کي نامناسب سمجهيو آهي. تنهنڪري اسان کي تحقيق ڪرڻي پيئي آهي. تحقيق ڪرڻ جو ٻيو سبب هي به آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ حتمي تحقيق جو شاهڪار چيو ٿو وڃي ۽ ٻانهي خان شيخ جو ترتيب ڏنل رسالو به پنهنجي مٽ پاڻ سمجهيو ٿو وڃي. تنهنڪري اڪثر ماڻهو انهن جي ترتيب ڏنل رسالن کي پڙهن ٿا. انهن ٻنهي صاحبن بيت کي متنازعه بڻائي لکيو آهي. تنهن ڪري تنقيد ۽ تحقيق ڪرڻي پيئي آهي.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (طلبيين، طلبئين)، (تئَان)، (ڪو، ڪوءِ)، (ٽنگي، نهي)

    الف. طلبيين، طلبئين: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”طلبئين“ لکيو آهي. اهو لفظ اسان کي لفظ ”طلبيين“ جي مقابلي ۾ نامناسب لڳي ٿو. نامناسب هن ڪري ٿو لڳي ته قديم سنڌي لوڪ ٻٽي ”يي“ کي لفظ ۾ استعمال ڪندا هئا ۽ جديد دور ۾ به اڪثر ڳالهائڻ وارا ۽ لکڻ وارا لفظ ”طلبيين“ زياده پسند ڪن ٿا.

    ب. تئَان: قارئين ڪرام! ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻانهي خان شيخ بيت جي پهرين مصرع جو پنجون لفظ ”تئَان“ اسان جي تحقيق موجب غلط لکيو آهي اهو هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”تئَان“ جي معنيٰ آهي، ”تنهن هنڌان، تنهن هوندي“ (سنڌيڪا لغات ص 178). هنن صاحبن کي لفظ ”تنئان“ لکڻ گهربو هو. لفظ ”تن+ئان“ جي معنيٰ آهي، ”تن منجهان“.

    ت. ڪو، ڪوءِ: افسوس سان لکڻو ٿو پوي تهڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ بيت جي پهرين مصرع جو قافيو ”ڪو“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”ڪو“ مناسب نه لکيو اٿس. مگر ٻانهي خان شيخ درست لفظ ”ڪوءِ“ لکيو آهي. اهو لفظ ”ڪوءِ“ درست هن ڪري چئون ٿا ته بيت جي ٻئي مصرع جو قافيو آهي ”لوءِ“. اهو ٻيو قافيو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به ”لوءِ“ لکيو آهي. تنهنڪري ڀٽ ڌڻيءَ جي هن بيت ۾ لفظ ”ڪوءِ“ بيت جي پهرين قافيي طور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي لکڻ گهربو هو.

    ث. ٽنگي، نهي: قارئين ڪرام! ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ ”نهي“ لکيو آهي. جنهن جي معنيٰ لکي اٿس ”نهڻ = ٻڌڻ (ص 164). اسان اوڏن کي ڏٺو آهي ته اوڏ پنهنجو گهرو سامان ٻڌندا به آهن مگر انهن جو سامان ٻڌل ڪو گهٽ ڏسندو آهي . مگر بيت ۾ اهو ڏيکاريو ويو ته اوڏ سامان ٽنگڙڻ ۾ رکي اهي ٽنگڙ گڏهن جي ٻنهي پاسن تي ٽنگيندا آهن. تنهنڪري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو لکيل لفظ بيت ۾ نامناسب لڳي ٿو. مگر ٻانهي خان شيخ جا لکيل الفاظ ”ٽنگي ٽنگڙا“ نهايت ئي مناسب آهن.
    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.

    جي تُون اوڏَ طَلَبَيين تَنئَان هِتِ نَه ڪوءِ،
    وِئَا لاکي لَوءِ، سَنجهي ٽَنگي ٽَنگِڙا،


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه فرمائي ٿو ته اي اوڏن کي ڳوليندڙ ۽ طلبيندڙ آدمي توکي جن اوڏن جي طلب تات ۽ ڳولا آهي تن منجهان (تنئان) ڪو به اوڏ هت نه آهي. اهي سمورا اوڏ پنهنجو سڄو سامان ٽنگڙن ۾ وجهي ٽنگڙن کي گڏهن تي رکي کين لڙڪائيندا هتان لاکي جي لوءِ ڏانهن روانا ٿي ويا.

    *****


    14. سُر سسئي اَبري

    وَاقُفَ نَوَنِڪَارَ جِي، پَانِي کَيُمِ نَپَاءُ،
    جَبَلُ جَلَدايءٌ ڪَرِي، تِکَه ڏيکَاري تَاءُ،
    لَکِي لُڪَ‘ لَطِيفُ چي، مَعذُورِنِ مَٿَاءُ،
    اُتِي اَوڏُو آءُ، جِتِ هُندِيَسِ هُوهَ هِيڪَلِي.

    (سيّد عبدالعظيم گنج سُرود سسئي ص 68)

    وَاقِفِ نَه وَنِڪَارَ جِي، پَانِي کَيُمِ نَه پَاءُ،
    جَبَلُ جَلدَايءٌ ڪَرِوءُ، تِکهَ ڏيکَاري تَاءُ،
    لَکَنِ لُڪُ‘ لَطِيفُچي، مَعذُورِيَنِ مَٿَاءُ،
    اُتي اُوڏُو اٰءُ، جِتِ هُوتَ هُندِيَسِ هِيڪِلِي.

    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر سسئي ص 144)

    وَاقِفِ نه وَنکارَ جِي پَانِيَ کهَييِ نه پاءُ،
    جَبَلَ جَلدَايُون کَري تِکههَ ڏيکهاري تَاءُ،
    لَڳي لُکَ لَطِيفُ چَوي مَعذورِنِ مَتهاءُ،
    اُتي اوڏو آءُ جِتي هوتَ هيکَلِي آهِيَان.

    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر سسئي ص259سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

    واقف نه وڻڪار جي، پاڻي کنيم نه پاءُ،
    جبل جلدايون ڪري، تکه ڏيکاري تاءُ،
    لڳن لُڪون، لطيف چئي، معذورِنِ مٿانءُ،
    اُتي اوڏو آءُ، جت هوتَ هيڪلي آهيان.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر سسئي ص186سال 1900ع)

    واقف نه وَڻڪارَ جي، پاڻِي کَنيُمِ نه پاءُ،
    جَبَلُ جَلدايُون ڪري، تِکَ ڏيکاري تاءُ،
    لَڳي لُڪَ لطيف چي، معذُورِن مَٿاءُ،
    اُتي اوڏو آءُ، جِتِ هوتَ هيڪلِي آهيان.

    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر سسئي ص 51سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    واقف نه وڻڪار جي، پاڻي کنيُم نه پاءُ،
    جَبَلُ جلدايُون ڪري، تِکَ ڏيکاَري تاءُ،
    لڳي لُڪَ، لطيف چئي، معذورِنِ مَٿا،
    اُتي آڏو آءُ، جِتِ هونديَس هوت هيڪَلي.
    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر ودسسئي ص68سال 1995 )

    واقف نه وَڻڪارَ جي، پاڻِي کَنيُمِ نه پاءُ،
    جَبَلُ جَلدايُون ڪري، تِکَ ڏيکاري تاءُ،
    لَڳي لُڪَ لطيف چي، معذُورِن مَٿاءُ،
    اُتي اوڏو آءُ، جِتِ هوتَ هيڪلِي آهيان.
    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر سسئي ص 168سال 2013)

    واقُفِ نه وَڻِڪَارَ جِي، پاڻِيءَ کَنيُمِ نه پاءُ،
    جَبَلُ جَلَدايُون ڪَري، تِکَ ڏيکاري تاءُ،
    لَڳي لُکَ، لَطِيفُ چَئي، مَعذُورِينِ مَٿاءُ،
    اُتي آڏو آءُ، جِتِ هونديَس هوتَ هيڪَلي آهِيان.
    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر سسئي ابري سنڌ ثقافت کاتو ص176سال 2009)

    واقُفُ نه وَڻِڪَار جي، پاڻي کَنيُمِ نه پاءُ،
    جَبَلُ جَلَدايُون ڪَري، تِکَ ڏيکاري تاءُ،
    لَڳي لُڪَ، لَطِيفُ چَئي، مَعذُورِنِ مَٿاءُ،
    اُتي اوڏو آءُ، جِتِ هوتَ! هيڪَلي آهِيان.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر سسئي ابري ص 288سال 1994 )

    واقف نه وڻڪار جي، پاڻي کَنيُمِ نه پاءُ،
    جبلُ جَلدايون ڪري، تِکَ ڏيکاري تاءُ،
    لڳي لُڪون، لطيف چئي، مَعذورن مٿاءُ،
    اُتي اوڏو آءُ، جت هوتَ! هيڪلي آهيان.
    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر سسئي ابري ص225مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    واقف نه وڻڪار جي، پاڻي کنيم نه پاءُ،
    جبل چلدايون ڪري، تکه ڏيکاري تاءُ،
    لَڳن لَڪون، لطيف چئي، معذورِن مَٿانءُ،
    اُتي آڏو آءُ، جت هوتَ هيڪَلي آهيان.
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر سسئي ابري ص 248بااختيار ادارو سال 1994 )

    واقِفِ نَه وَڻِڪَارِ جِي، پاڻِيَءَ کَنيُمِ نه پاءُ،
    جَبَلُ جَلدايُون ڪَري، تِکَ ڏيکاري تاءُ،
    لَڳي لُڪَ، لَطِيفُ چَئي، مَعذورِنِ مَٿاءُ،
    اُتي اوڏو آءُ، جِتِ هوتَ! هيڪَلي آهِيان.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر سسئي ابري ص369 ادبي بورڊ 1993 )

    واقِف نه وڻڪارَ جِي، پاڻِيَ کنيُمِ نه پاءُ،
    جَبَلُ جَلدايون ڪري، تِکَ ڏيکاري تاءُ،
    لڳي لُڪَ، لطيفُ چيءَ، مَعذورِنِ مٿاءُ،
    اُتي اوڏو آءُ، جِتِ هوتَ! هيڪَلِي آهيان.

    (ڊاڪٽر گُربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر سسئي ابري ص298سال 1995 )

    واقف نه وڻڪار جي، پاڻي کنيم نه پاءُ،
    جبل جلدايون ڪري، تِکَ ڏيکاري تاءُ،
    لڳي لُڪُون لطيف چئي، معذورن مٿانءُ،
    اُتي اوڏو آءُ، جت هوتَ هيڪلي آهيان.
    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر سسئي ابري ص 203سال 2009ع مهراڻ)

    واقف نه وڻڪار جي، پاڻي کنيم نه پاءُ،
    جبل جلدايون ڪري، تک ڏيکاري تاءُ،
    لڳي لُڪ لطيف چئي، معذُورين مٿانءُ،
    اُتي اوڏو آءُ، جت هوت هيڪلي آهيان.
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر سسئي ابري ص 114سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    وَاقَفُ نَه وڻڪار جِي، پاڻي کَنيم نه پاءُ،
    جِبل جلدايون ڪَري، تِک ڏيکاري تاءُ،
    لَڳي لُک لطيف چئي، مَعذورين مَٿانءُ،
    اُتي اَوڏو آه، جِت هَوت هونديس هيڪلي .
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر سسئي ابريص 149سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    واقِفِ نه وَڻِڪَارِ جِي، پاڻِيَ کَنيُمِ نه پاءُ،
    جَبَلُ جَلدايُون ڪَري، تِکَ ڏيکاري تاءُ،
    لَڳي لُڪَ، لَطِيفُ چي، مَعذُورِنِ مَٿاءُ،
    اُتي اوڏو آءُ، جِتِ هوتَ! هيڪَلِي آهيان.

    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر سسئي ابري ص142سال 2013ع روشني)

    واقف نه وڻڪار جي، پاڻي کنيم نه پاءُ،
    جبل جلدايون ڪري، تک ڏيکاري تاءُ،
    لڳن لُڪُون لطيف چئي، معذُورن مٿانءُ،
    اُتي اوڏو آءُ، جت هوتَ هيڪلي آهيان.
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر سسئي ابري ص 235سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    واقف نَه وَڻڪارَ جي، پاڻي کَنيُم نَه پاءُ،
    جَبَلُ جَلدايُون ڪري، تِک ڏيکاري تاءُ،
    لَڳي لُڪَ لَطِيفُ چي، مَعذُورن مَٿاءُ،
    اُتي اوڏو آءُ، جِتِ هوتَ هيڪَلي آهِيان.
    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر سسئي ابري ص 75سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)


    نوٽ. ڪلياڻ آڏواڻي اهو بيت نه لکيو.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (جلدايون، چلدايون)، (لڳي لُڪ، لڳي لک، لکي لک، لڳن لڪون، لکن لُڪءٌ) (لطيف چي، لطيف چئي، لطيف چوي)، (معذورن، معذورين)، (مٿا، مٿاءُ، مٿانءُ)، (آڏو، اوڏو)، (جت، جتي)، (هونديس، آهيان)

    الف. جلدايون، چلدايون: فقط شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي لکيل بيت ۾ ”چلدايون“ لکيل آهي. باقي ٻين صاحبن جن جا بيت لکي آيا آهيون تن لفظ ”جلدايون“ لکيو آهي.
    اسان شمس العلماءَ جي لکيل لفظ جي معنيٰ معلوم ڪرڻ لاءِ سندس تصنيف ڪيل (لغات لطيفي) جو مطالعو ڪيو ته ان ۾ لفظ چلدايون بجاءِ لفظ ”جلدائي“ لکيل نظر آيو. جنهن جي معنيٰ لکيل آهي. ”جلدي تيزي، ڏکيائي“ (ص 144).
    اسان ثابت ڪيو آهي ته شمس العلماءَ لفظ ”چلدايون“ نه لکيو مگر اهو لفظ ڪمپوزر جي غلطي ۽ پروف ريڊر جي بي ڌياني سببان لکجي ويو.
    مطلب ته حضرت ڀٽ ڌڻي رحه جي ڪلام جي ڪاتبن، مرتبن ۽ محققن لفظ ”جلدايون“ بغير سوچ، فقر ۽ تحقيق جي لکي ڇڏيو. اسان کي اهو لفظ بيت ۾ تبديل ٿيل نظر آيو. تنهنڪري اسان لفظ ”جلدايون“ ۽ ان جي لڙهي وارن لفظن جي اول جامع سنڌي لغات ۾ ڳولا ڪئي ته لفظ ”جلد“ نظر آيو. سندس معنيٰ لکيل آهي ”تکو، تڪڙو، سگهو، جهٽ، پٽ، ترت، بنا دير، ٿوري دير ۾، يڪدم“ (ص 298). ۽ لفظ ”جلدائي“ جي معنيٰ به ساڳي صفحي تي لکيل پڙهي سين. ”جمع جلدائيون، معنيٰ سيگهه، تڪڙ“ (ص 298).
    قارئين ڪرام! جنهن لفظ جي معنيٰ آهي ”تڪڙ ۽ سيگهه“ ته اهو لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي هن بيت ۾ ڇو لکجي؟ افسوس هي آهي ته جامع سنڌي لغات جي انهي لفظ ”جلدائون“ جي معنيٰ سمجهائڻ لاءِ بيت جو فقرو ”جبل جلدايون ڪري تک ڏيکاري تاءُ“ (شاهه لطيف رحه) لکيو ويو آهي.
    اسان لفظ ”جلتايون“ ۽ ان لفظ جي لڙهي منجهان ڪجهه لفظ حاصل ڪيا سي آهن. ”جل، جلائو، جلڻ، جلائڻ، جلتو“
    هنن لفظ منجهان ”جل“ جي معنيٰ آهي ”ساڙ، پچ، کام“ (ص 297)
    لفظ ”جلتو“ جي معنيٰ آهي. ”سڙڻدڙ، جلندڙ، ٻرندڙ“ (ص 298)
    قارئين ڪرام! اسان اوهان جي خدمت ۾ ٻنهي مختلف لفظن جون لڙهيون پيش ڪيون آهن جن منجهان ثابت ڪيو آهي ته اهي ٻه مختلف لفظ آهن. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ ”جل“ جي لڙهي منجهان لفظ ”جلتايون“ پنهنجي بيت ۾ فرمايو مگر راوي توڙي راڳي لفظ ”جلتايون“ جو اُچار سمجهي نه سگهيا، تنهنڪري لفظ ”جلدايون“ بيت ۾ پڙهندا ۽ ٻڌائيند رهيا. ان دور جي ڪاتبن لفظ ”جلتايون“ بجاءِ ”جلدايون“ لکي ڇڏيو. هن دور جي مرتبن ۽ محققن اڳين ليکڪن جي اکيون پُوري پوئواري ڪئي.
    اسان هاڻ اوهان جي خدمت ۾ ٻيئي مصرعون لکت ۾ پيش ڪريون ٿا، ملاحظه فرمايو:

    جبل ”جلدايون“ ڪري، تک ڏيکاري تاءُ
    هن مصرع جي معنيٰ ٿئي ٿي، ”جبل سيگهه ۽ تڪڙ ڪري ٿو ۽ تک ۽ تاءُ ڏيکاري ٿو“. ٻي تحقيق شده مصرع ملاحظه فرمايو:

    جبل ”جلتايون“ ڪري، تک ڏيکاري تاءُ
    هن مصرع جي معنيٰ ٿئي ٿي، ”جبل سج جي تپش کان پاڻ تپي ۽ جلي مونکي به جلائي ۽ گرمي جي تکائپ ۽ تاءُ ڏيکاري ٿو“.
    ٻنهي مصرعن مان لفظ ”جلتايون“ نهايت ئي مناسب لفظ نظر اچي ٿو ۽ نه ”جلدايون“.

    ب. لڳي لُڪ، لڳي لک، لکي لک، لڳن لڪون، لکن لُڪءٌ: قارئين ڪرام! اونهاري جي موسم ۾ لڳندڙ گرم هوا کي ”لُک به چوندا آهن ۽ لُڪ به چوندا آهن. لُکون به چوندا آهن، لُڪون به چوندا آهن“ گنج شريف حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي وفات کان چاليهه سال پوءِ لکيو ويو ۽ شاهه ڪريم وارو رسالو گنج کان به اڳي لکيو ويو. اسان گنج ص 68 تي ”لکي لُڪ“ پڙهيو جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ اهي لفظ ٿين ٿا ”لڳي لُڪ“.
    شاهه ڪريم وارو رسالو ۽ ڀٽ شاهه وارو رسالو سامهون رکي ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاهه جو رسالو تربيت ڏنو. هن صاحب به ”لڳي لُڪ“ لکيو آهي. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي رسالي ۾ (ص 259) تي ”لکي لُک“ لکيل آهي. جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ اهي الفاظ ٿين ٿا ”لڳي لُڪ“.
    قارئين ڪرام! اسان حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي ويجهي دور جا مثال پيش ڪري هي ثابت ڪيو ته الفاظ ”لڳي لُڪ“ بيت ۾ نهايت ئي مناسب آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”لڳي لُک“ لکيو آهي جنهن کي اسان نامناسب قرار ڏنو آهي. هن ڪري ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه اهو لفظ استعمال نه ڪيو آهي. جيڪڏهن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي دور ۾ لفظ ”لُک“ استعمال ٿيندڙ هجي ها ته قديم ڪاتب گنج شريف توڙي شاهه جو رسالو ۾ به لفظ ”لُک“ استعمال ڪن ها. مگر لفظ ”لُک“ استعمال نه ڪيائون.
    جن صاحبن الفاظ ”لڳن لُڪون“ لکيو آهي تن صاحبن به غلط الفاظ لکيا آهن.

    ت. لطيف چي، لطيف چئي، لطيف چوي: جن صاحبن لفظ ”چئي ۽ چوي“ لکيو تن جي مقابلي ۾ لفظ ”چي“ کي هن ڪري اهميت ٿا ڏيون جو قديم دور جا سنڌي لوڪ لفظ ”چي“ زياده استعمال ڪندا هئا. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي زبان مبارڪ منجهان به لفظ ”چي“ نڪتو، تڏهن ته سيّد عبدالعظيم ص 68 تي لفظ ”چي“ لکيو مگر ممتاز مرزا ”چي“ بجاءِ ”چئي“ ٻين ليکڪن جي پوئواري ڪندي غلط لفظ لکيو . لفظ ”چي“ حاجي محمّد سمي به لکيو آهي. اهو لفظ اسان جي تحقيق جي تصديق ڪري ٿو.

    ث. معذورن، معذورين: جن صاحبن لفظ ”معذورين“ لکيو آهي سي صاحبان آهن، حاجي محمّد سمون، فقير تاج محمّد نظاماڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ سگهڙ حاجي الهداد جنجهي.
    اسان جي تحقيق مطابق هنن صاحبن لفظ ”معذورين“ غلط لکيو آهي اهو هن ڪري ٿا لکون ته پهرين مصرع ۾ الفاظ ”پاڻي کنيم نه پاءُ“ ۽ چوٿين ۽ آخري مصرع ۾ ”هوت هيڪلي آهيان“ اهي ٻه فقرا ثابت ڪن ٿا ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه هڪ معذور عورت ڏانهن اشارو ڪيو آهي ۽ اها معذور عورت سسئي آهي.
    ياد رهي ته! سڀني صاحبن جي طرفان لکيل لفظ ”معذورن يا معذورين“ آهي اسان هنن جي لکيل لفظن کي غلط قرار ڏنو آهي. اسان ثابت ڪيو آهي ته لفظ ”معذورِڻ“ آهي ڇا ڪاڻ ته ”معذورن يا معذورين“ الفاظ جمع جي نشان دهي ڪن ٿا.
    فقط سسئي لاءِ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ ”معذورڻ“ استعمال ڪيو ۽ نه گهڻين عورتين لاءِ استعمال فرمايو آهي.

    ج. مٿا، مٿاءُ، مٿانءُ: لفظ ”مٿا“ فقط ممتاز مرزا لکيو آهي، اهو لفظ غلط لکيو اٿس. جن صاحبن لفظ ”مٿانءُ“ لکيو، تن به غلط لکيو. لفظ غلط لکڻ وارا صاحبان آهن، ٻانهون خان شيخ، ديوان تارا چند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، فقير تاج محمّد نظاماڻي، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ باگوجي ڏانو جي. اسان هنن جي لکيل لفظ ”مٿانءُ“ کي هن ڪري غلط قرار ڏنو آهي ته هن مصرع ۾ چار قافيا آهن. پهريون قافيو ”پاءُ“ ٻيو قافيو ”تاءُ“ ۽ چوٿون قافيو ”آءُ“ آهي تنهنڪري ٽيون قافيو ”مٿاءُ“ هئڻ گهرجي ۽ نه ”مٿانءُ“.

    ح. آڏو، اوڏو: قارئين ڪرام! لفظ ”آڏو“ مقابلي ۾ ايندڙ لفظ آهي ۽ لفظ ”اوڏو“ ويجهڙائپ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءُ سسئي جي روپ ۾ پنهون کي چيو ته ”اوڏو آءُ“ هيڪلي آهيان. اهو ”آڏو“ نامناسب لفظ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ممتاز مرزا لکيو آهي. جڏهن ته سيّد عبدالعظيم به لفظ ”اوڏو“ لکيو آهي.
    خ. جت، جتي: لفظ ”جت“ جن صاحبن لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق نامناسب لفظ لکيو آهي انهي نامناسب لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، عثمان علي انصاري، غلام مصطفيٰ مشتاق، علامه آءِ آءِ قاضي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، غلام محمّد شاهواڻي، حاجي سهگڙ الله داد جنجهي، باگوجي ڏانوجي. ڊاڪٽر گُربخشاڻي، ٻانهون خان شيخ، ديوان تارا چند، سيّد عبدالعظيم، ممتاز مرزا، محمّد عثمان ڏيپلائي، حاجي محمّد سمو، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو.
    اسان هنن جي لکيل لفظ کي غلط قرار هن ڪري ڏنو آهي ته بيت جي چوٿين مصرع جو پهريون لفظ ”اِتي“ آهي تنهنڪري انهي مصرع جو چوٿون لفظ ”جِتي“ لکڻ گهرجي. ڇا ڪاڻ ته جنهن مصرع ۾ لفظ پهريائين ”اتي“ لکبو. تنهن مصرع ۾ ”اتي“ کان پوءِ ”جتي“ استعمال ٿين گهرجي ۽ نه ”جتِ“.

    د. هونديس، آهيان: جن صاحبن لفظ ”هونديس“ لکيو آهي تن نهايت ئي غلط لفظ لکيو آهي.اسان غلط هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”هونديس“ ايندڙ وقت ۽ مستقبل واري زماني جي نشان دهي ڪري ٿو. مگر ”آهيان“ لفظ حال جي نمائندگي ڪري ٿو. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه سسئي جي حال جو ذڪر ڪيو آهي ۽ نه ايندڙ وقت جو. جن صاحبن غلط لفظ ”هونديس“ لکيو سي آهن، سيّد عبدالعظيم حاجي محمّد سمون، ٻانهون خان شيخ، ممتاز مرزا ۽ حاجي سگهڙ الله داد جنجهي.
    قارئين ڪرام! متان ڪو اعتراض ڪرڻ وارو يا نقاد چئي يا لکي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه قيامت جي منظر کي سامهون رکي بيت فرمايو آهي ته سندس اهڙي اعتراض کي اسان هن ڪري رد ڪريون ٿا ته وڻڪار جو ذڪر جبل جو ذڪر ۽ جبل جي تيز ۽ تکي گرمي جو بيان ۽ ساڙيندڙ لُڪ جو ذڪر ۽ ”اتي اوڏو آءُ“ جو فقرو ثابت ڪن ٿا ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه سسئي جي حال بابت بيان فرمايو ۽ اهو حال جيڪو پنهون کي ڳوليندي ڀنڀور ۽ ڪيچ مڪران جي وچ ۾ ٿيو هوس. قيامت واري ڏينهن ته هر شيءَ فنا ٿي ويندي فقط انسان ۽ جن الله پاڪ جي حضور ۾ حاضر هوندا. اتي نه جبل هوندا نه جبل جون جلتايون هونديون. ٻيو ته بيت ۾ ”اتي اوڏو اچج“ نه فرمايل آهي. مگر ”اوڏو آءُ“ فرمايل آهي. سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لفظ ”آءُ“ بجاءِ غلط لفظ ”آه“ لکيو آهي.

    تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.


    واقِف نَه وَڻِڪَارِ جِي، پاڻِي کَنيُمِ نه پاءُ،
    جَبَلُ جَلتايُون ڪَري، تِکَ ڏيکاري تاءُ،
    لَڳي لُڪَ، لَطِيفُ چي، مَعذُورِڻ مَٿاءُ،
    اِتي اوڏو آءُ، جِتِ هوتَ! هيڪَلِي آهيان.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه سسئي جي زباني فرمائي ٿو ته مان وڻڪار جي واقف نه آهيان ته وڻڪار جو سفر ڪئن ڪنديس مونکي ڪو به تجربو نه آهي تنهنڪري پاءُ پاڻي جو به نه کنيو اٿم.
    ٻي طرف جبلن جو هي حال آهي جو سج جي گرمي سببان تپي باهه ٿي ويا آهن اهي منهنجي جسم کي جلائن ٿا. جبل پنهنجي تيز ۽ تکي گرمي جي تاءُ سان منهنجي جسم کي ساڙين ٿا. گرمي سببان تمام گرم ۽ ساڙيندڙ لوءِ ۽ لُڪ مون معذورِڻ کي لڳي ٿي، سندم لڱن کي ساڙي ٿي.
    تنهن ڪري اي هوت آئون جتي هيڪلي ۽ اڪيلي آهيان اتي منهنجي مدد لاءِ اوڏو آءُ، ويجهو اچ ته منهنجي روح کي راحت رسي.

    *****

    جُٽَ پِٽي، پِـ هُ جَنکِّه هَاري پُڇ مَهُوتَکي،
    سُورَ سُٻيلِي سَسُئي لَڪُ تَـ هِِ سنِِ لنکهِّ،
    سُپريَانجي سَنکِه، مُنڌَ ميرَائُو تُو ٿِيي.

    (سيّد عبدالعظيم گنج سُر ود سسئي ص 5)

    جُٽَ پِٽي، پِـ هُ جَنکهِّ هاڙي پُڇُمَ هُوتَکي،
    سُور سُٻيلِي سَسُئِي لَڪَّ تَـ هَِِ سنِِ لنکَهِّ،
    تَه سُپريَانجي سَنکِهّ، مُندَ ميرَاوءُ تُو ٿِيي.

    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر سسئي ص158)

    جهَٿِ پَٿِي، پِـ هُه جهَنگِ، هَاڙهي پُڇُهه مَ هوتَ کي،
    سُورَ سُٻيلي، سَسُئِي! لَکَ تَنهِين سَان لَنکهه،
    سُپيرِيَان جي سَنک مُنڌهه ميڙَائو تو ٿهئِي،
    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر آبري ص289سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

    جُٽَ پِٽي، پِـ هُ جَهنگِ، هاڙهي پڇ م هوت کي،
    سُور سُٻيلي، سسئي! لَڪ تنهين سين لنگهه،
    ته سپريان جي سنگ، منڌ ميڙائو تو ٿئَي،
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر سَسُئي (آبِري) ص207سال 1900ع)

    جُٽَ پِٽي، پِـ هُه جَهنگ، هَاڙِهي پُڇَ مَ هوت کي،
    سُورُ سُٻيلي، سَسُئِي! لَڪُ تَهِين سين لَنگِهه،
    سُپيرِيَان جي سَنگِ؛ مُنڌَ ميڙائو تو ٿِئي،
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر آبڙي ص 51سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    جُهٽَ پِٽي، پِـ هُ جَهنگِ، هاڙهي پُڇُ مَ هوتَ کي،
    سورُ سُٻيلي، سَسُئي! لَڪ تنهين سين لَنگهه،
    ته سُپيرِيان جي سَنگِ مُنڌَ! ميڙائو تو ٿئِي،
    (ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر آبري ص146مڪتبه بُرهان )

    جُهٽَ پِٽي، پِـ هُه جهنگ، هاري! پُڇ مَ هوت کي،
    سور سُٻيلي، سسئي لَڪُ تنهين سين لنگهِه،
    سپريان جي سنگ، منڌ! ميڙائو تو ٿِيي،
    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر سرود سسئي ص5سال 1995 )

    جُهٽَ پِٽي، پِـ هُه جَهنگِ، هاڙهي پُڇُ مَ هوتَ کي،
    سُورُ سُٻيلي، سَسُئِي! لَڪَ تهِين سين لَنگِهه،
    تَه سُپيرِيان جي سَنگِ؛ مُنڌَ ميڙائو تو ٿِئَي،

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر سسئي آبري ص 194سال 2013)

    جُٽَ پِٽي، پِـ هُه جهَنگِ، هاڙهي پُڇُ مَ هوتَ کي،
    سُورُ سُٻيلِي، سَسُئِي! لَڪَ تَهين سِين لَنگهِه،
    ته سُپيرِيان جي سَنگِ؛ مُنڌَ ميڙائو تو ٿِئي.
    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر آبري سنڌ ثقافت کاتو ص188سال 2009)

    جُهٽَ پِٽي، پِـ هُ جَهنگِ، هاڙهي پُڇُ مَ هوتَ کي،
    سوُرُ سُٻيلي، سَسُئي! لِڪَ تنهِين سين لَنگِهه،
    ته سُپيرِيان جي سَنگِ؛ مُنڌَ! ميڙائو تو ٿئي.

    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر سسئي آبري ص 123سال 1994 )

    جُهٽَ پِٽي، پِـ هُ جَهنگِ، هاڙهي پڇ مَ هوتَ کي،
    سور سُٻيلي، سسئَي! لَڪ تنهين سين لنگهه،
    ته سپيريان جي سنگ؛ منڌ! ميڙائِو تو ٿئي.

    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر سسئي آبري ص245مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    جُٽَ پٽي، پِـ هُ جَهنِگ، هاڙهي پڇ م هوت کي،
    سور سبيلي، سسئي! لَڪ تنهين سين لنگهه،
    ته سپيريان جي سنگ منڌ ميڙائو تو ٿئَي،
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر سسئي ص 275بااختيار ادارو سال 1994 )

    جَهٽَ پِٽي، پِـ هُه جَهنگِ، هاڙهي پُڇُ مَ هوتَ کي،
    سُورُ سُٻيلي، سَسُئِي! لَڪَ تنهِين سين لنگهِه،
    تَه سُپيرِيان جي سَنگِ؛ مُنڌَ! ميڙائو تو ٿِئي،
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر سسئي آبري ص386سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    جهُٽَ پِٽي، پِـ هُ جَهنگِ، هاڙي پُڇُ مَ هوتَ کي،
    سورُ سُٻيلي، سَسُئي! لِڪَ تنهِين سين لنگهه،
    ته سُپيرِيان جي سَنگِ؛ مُنڌَ! ميڙائو تو ٿيي.
    (ڊاڪٽر گُربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر سسئي آبري ص309سال 1995 )

    جُٽ پٽي پـ ه جهنگ، هاڙهي پڇ مَ هوت کي،
    سور سبيلي، سسئي، لڪ تنهين سين لنگهه،
    ته سپريان جي سنگ، منڌ ميڙائو تو ٿئي،

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر سسئي ص 225سال 2009ع مهراڻ)

    جهٽ پِٽي پيـ ه جهنگ، هاڙهي پڇ مَ هوت کي،
    سور ٻيلياڻي سسئي، لڪ تنهين سين لنگهه،
    سپيريان جي سنگ، مانَ ميڙائو تو ٿئي،

    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر آبري ص 120سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    جهَٽَ پَٽ پِيئي جَهنگ، هاڙهي هي پُڇ مَ هوت کي،
    سُورن سُٻيلياڻي سسئي، لَڪ تِنهن سِين لَنگهه،
    ته سپيريان جي سَنگ، مُنڌ مِيڙائو تو ٿِئي،
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر آبري ص 155سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    جهُٽَ پِٽي، پِـ هُ جَهنگِ، هاڙهي پُڇُ مَ هوتَ کي،
    سُورُ سُٻيلي، سَسُئي! لَڪَ تنهِين سين لَنگِهه،
    تَه سُپيرِيان جي سَنگِ؛ مُنڌَ! ميڙائو تو ٿِيي،

    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر سسئي آبري ص154سال 2013ع روشني)

    جهٽ پٽ پيئي جهنگ، هاڙ هي پُڇ مَ هوت کي،
    سور ٻيلياڻي، سسئي لڪ تنهين سين لنگهه،
    سپيريان جي سنگ، منڌ ميڙائو تو ٿئي،
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر سسئي ص 261سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    جُهٽَ پِٽي پِههُ جَهنگِ، هاڙهي پُڇُ مَ هوتَ کي،
    سُورُ سُٻيلي، سَسُئِي لَڪَ تَهِين سين لَنگِهه،
    تَه سُپيرِيان جي سَنگِ، مُنڌَ ميڙائو تو ٿئي،

    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر سسئي آبري ص 77سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (جُهٽ، جَهٽ، جُٽ)، (پِٽِي، پِٽي، پٽ)، (هاڙي، هاڙهي، هاري)، (سُٻيلي، سُبيلي، سور ٻيلياڻي، سورن سوٻيلياڻي)، (تهين سين، تنهين سين، تـ ه سينِِ)، (تــه)، (مند، منڌ، مان).

    الف. جُهٽ، جَهٽ، جُٽ: جن صاحبن لفظ ”جُهٽ“ لکيو آهي سي آهن، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ممتاز مرزا، غلام محمّد شاهواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر گُربخشاڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، عثمان علي انصاري، غلام مصطفيٰ مشتاق ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو.
    جن صاحبن لفظ ”جَهٽ“ لکيو آهي سي آهن، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي.
    جن صاحبن لفظ ”جهٽ“ تي نه زير نه زبر نه پيش ڏني آهي، انهن ٽنهين ادبي ٽولن جي لکيل لفظن کي اسان بلڪل غلط قرار ڏنو آهي. تنهنڪري انهن جي لکيل لفظي جي معنيٰ به اسان جي لاءِ بيڪار آهي. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته لفظ جيڪو حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو سو آهي ”جُٽ“.
    اهو لفظ ”جُٽ“ سيّد عبدالعظيم، حاجي محمّد سمي، ديوان تارا چند، ٻانهي خان شيخ، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ محمّد عثمان ڏيپلائي لکيو آهي.
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ ”جُٽ“ جي معنيٰ لکي آهي ”جوٽون پِٽي سٿرن تي هاءِ هاءِ وارا هٿ هڻي“ (ص 188).
    قارئين ڪرام! ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، لفظ ”جُٽ پٽي“ جي معنيٰ بنهه غلط لکي آهي.
    شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، لفظ ”جُٽ“ جي معنيٰ ”ران ۽ سٿر“ لکي آهي (ص 143). غلط لکي اٿس.
    ٻانهي خان شيخ ”جُٽ“ جي معنيٰ، لکي آهي، ”جٽ کي، جوڙي وال کي، مددگار کي“ (ص 51)، ٻانهي خان شيخ چڱي معنيٰ نه لکي آهي. ڪلياڻ آڏواڻي، به معنيٰ لکي آهي ”سٿرون پِٽي“.
    قارئين ڪرام! افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته هڪڙن ليکڪن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جو لفظ بگاڙي لکيو ۽ ٻين اصل لفظ ”جُٽ“ جي معنيٰ به نه سمجهي.
    اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته ”جُٽ“ بلڪل درست لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”جٽجي وڃڻ، سلهاڙجي وڃڻ، ملي هڪ ٿي وڃڻ“ سنڌيڪا لغت جي صفحي 287 تي پڙهي ڏسو ته اوهان کي ”جُٽ“ لفظ جي معنيٰ ملندي ”ٻٽ، مليل، شامل، گڏ“.
    اسان جي تحقيق مطابق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ سسئي کي هي سهڻي صلاح ڏيڻ فرمائي ته سور سٺا ٻيلي ۽ ساٿي اٿيئي. انهن سان جُٽجي سلهاڙجي ۽ گڏجي وڃ. لفظ ”سٻيلي“ ٻي مصرع وارو لفظ پهرين مصرع واري لفظ سان ملائبو تڏهن معني درست نڪرندي.

    ب. پِٽِي، پِٽي، پٽ: سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لفظ ”پٽ“ لکيو آهي ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومري لفظ ”پِٽي“ بروزن ”مِٽي“ ۽ ”سِٽي“ غلط لکيو آهي.
    باقي ٻين مرتبن ۽ محققن به لفظ ”پِٽِي“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق سڀني صاحبن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جي پهرين مصرع جو ٻيو لفظ برابر لکيو آهي.
    لفظ ”پٽ“ حاجي سگهڙ الله داد جنجهي ۽ باگي جي ڏاني جي لکيو آهي، غلط لکيو اٿن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ ”پِٽي“ بروزن ”مِٽي“ غلط لفظ لکيو آهي، اهو لفظ اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”پِٽِيءَ“ بروزن ”مِٽِي“ آهي. لفظ ”پِٽِيءَ“ جي معنيٰ آهي ”شڪست کاڌل“.
    حضرت ڀٽ ڌڻيءَ سسئي کي فرمايو :
    ”جُٽ پٽي پيهه جهنگ، هاڙهي پُڇ مَ هوت کي“
    معني: اي سسئي تون سورن سان سلهاڙجي جُٽجي جهنگ ۾ پنهون جي پڇا ڪر هاڙهي ۾ هوت جي ڳولا نه ڪر.

    ت. هاڙي، هاڙهي، هاري: لفظ ”هاڙي“ جن صاحبن لکيو سي آهن، ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي. هنن صاحبن لفظ ”هاڙي“ غلط لکيو آهي.
    لفظ ”هاري“ ممتاز مرزا لکيو آهي، جڏهن اهو لفظ بيت ۾ استعمال ٿئي ٿو ته ان جي معنيٰ ٿئي ٿي. ”اي هاري، اي جتن هٿان شڪست کاڌل سسئي پنهون جي ڳولا نه ڪر.
    قارئين ڪرام! سسئي جيڪڏهن ڳولا نه ڪري ته ٻيو ڇا ڪري؟
    حضرت ڀٽ ڌڻيءَ سسئي کي ڇو چوندو ته پنهون جي ڳولا نه ڪر، اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته لفظ ”هاڙهي“ جن لکيو تن درست لکيو آهي.

    ث. سور سُٻيلي، سور سبيلي، سور ٻيلياڻي، سورن سوٻيلياڻي: جن صاحبن ”سور ٻيلياڻي“ لکيا آهن سي صاحبان آهن، باگو جو ڏانو جي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي. انهن صاحبن بنهه غلط الفاظ لکيا آهن.
    شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ ۽ محمّد عثمان ڏيپلائي ”سور سبيلي“ الفاظ لکيا آهن. انهنن صاحبن به غلط الفاظ لکيا آهن.
    اسان جي تحقيق مطابق جن الفاظ ”سور سُٻيلي“ لکيا آهن تن درست لکيا آهن باقي صاحبان جا لکيل الفاظ غلط آهن.

    ج. تهين سين، تنهين سين، تـ ه سين: الفاظ ”تِنهين سين“ جن صاحبن لکيا آهن تن درست لکيا آهن. اهو هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”تنهين سين“ جو اشارو سور لفظ ڏانهن آهي.

    ح. تــه: بيت جي وچين مصرع ۾ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو آهي ته تون جڏهن يا جنهن حالت ۾ سورن کي ٻيلي بڻائي لڪ لنگهندينءَ ته پوءِ تون وڃي پنهل سان ملندينءَ. وچين مصرع ۾ لفظ ”ته“ شرطيه آهي تنهنڪري وچين مصرع کان پوءِ ٽين مصرع جي شروع ۾ لفظ ”ته“ لکڻ ضروري آهي. جن صاحبن لفظ ”ته“ لکيو آهي تن درست لکيو آهي.

    خ. مند، منڌ، مان: جن صاحبن لفظ ”مند“ لکيو آهي. تن اسان جي تحقيق مطابق درست نه لکيو آهي جن ”منڌ“ لکيو آهي تن درست لفظ لکيو آهي ۽ اسان جي تحقيق مطابق جن لفظ ”مان“ لکيو آهي. تن به درست لفظ نه لکيو آهي.
    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي:

    جُٽ پِٽِيءَ پـيهِه جَهنگ، هَاڙهي پُڇ مَ هوت کي،
    سُور سُٻيلي، سسئي، لَڪّ تِنهِين سِين لَنگهه،
    تَه سُپرِيِان جِي سَنگ، مُنڌ ميڙائو تو ٿئي.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمائي ٿو ته ڏيرن هٿان شڪست کاڌل سسئي سورن سان جُٽ ٿي، ٻِٽ ٿي، سلهاڙجي ۽ ملي جهنگ ۾ پنهنجي پنهون جي ڳولا ڪر. ڇا ڪاڻ ته هو اڃان هاڙهي نه پهتو آهي. تون هاڙهي ۾ هوت جي پڇا يا ڳولا نه ڪر.
    اي سسئي سور تنهنجا سٺا ساٿي ۽ ٻيلي آهن تون انهن سورن کي ساڻ کڻي لڪ ۽ جبل لنگهه. جيڪڏهن ائين ڪندينءَ ته پوءِ اي منڌ تنهن جو ميڙائو تنهنجي پريتم پنهون سان ٿيندو ئي ٿيندو.

    *****

    ڀَاَيَانِي ٿِي ڀُورِ، پُٽَئ ڪِيچَيَنِ ڪَڪِرَا،
    لاَچِي لَڪُّ لَطِيفُ چي، اُٿِي ڏُونکَرُ ڏُورِ،
    رائُو مِرُوئِي رَتَسِِ، ڪَارَنِ ڪَاندَ ڪَڪُورِ،
    جَتُ وَنڃي ٿُو جُورِ اُپُر تَه اُوڏِي ٿِيِِ.
    (سيّد عبدالعظيم گنج سُر ودسسئي ص 7)

    ڀَاَيَانِِ ٿِي ڀُورِ، پُٺِئ ڪيچِيَنِ ڪَڪَرَا،
    راوءُ مِرُوئِي رَتَسِِ، ڪَارَنِ ڪَاندَ ڪَڪُورِ،
    لاَنچي لَڪَ لَطِيفُ چي، اُٿِي ڏُونکَرَ ڏُورِ،
    جَتُ وَنڃي ٿُو زُورِ اُپُڙُ تَه اُوڏِي ٿِيِِ.
    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر سسئي ص158)

    بهَانيَانِين تهي بهورِ، پٿهِيَ کيچِنِ کَکِرَا،
    رَائو مِڙيئِي رَتَ سَان، کَارَنِ کَاندهَه کَکورِ،
    جَتُ وَنڄي تهو زورِ، اُپَڙُ، تَان اوڏِي تهِئَين.
    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر آبري ص288سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

    ڀاياڻِي ٿي ڀورِ، پُٺئ ڪيچِين ڪَڪرا،
    رائو مِڙيوئي رت سين، ڪارڻ ڪانڌ ڪڪور،
    لانچي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، اُٿي ڏُونگرَ ڏورِ،
    جَتُ وَڃي ٿَو زورِ، اُپُڙُ، ته اوڏِي ٿِئَين.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر سَسُئي (آبِري) ص206سال 1900ع)

    ڀَايَاڻِي ٿِي ڀورِ، پُٺِيءَ ڪيچِيَن ڪَڪِرا،
    لانچِي لَڪُ لَطِيفُ چئي، اُٿِي ڏُونگَرَ ڏورِ،
    رائو مِڙو ئِي رَتَ سين، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ،
    جَتُ وَڃي ٿو جورِ، اُپُڙُ، تان اوڏِي ٿِيين.
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر آبڙي ص 51سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    ڀاياڻِي ٿي ڀورِ، پُٺئَ ڪيچِيُنِ ڪَڪِرا،
    رائو مِڙيوئِي رَتَ سين، ڪارَڻِ ڪانَڌَ ڪَڪورِ،
    لانچي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، اُٿي ڏوُنگَرِ ڏورِ،
    جَتُ وَڃي ٿو زورِ، اُپُڙُ، ته اوڏِي ٿئين.
    (ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر آبري ص146)

    ڀاياڻِي ٿي ڀُورِ پُٺيءَ ڪيچين ڪڪرا،
    لانچي لَڪُ، لطيف چئي، اُٿي ڏونگَر ڏورِ،
    رائو مڙوئي رت سين، ڪارڻ ڪانڌ ڪڪور،
    جَتُ وڃي ٿو جُور، اُپُڙ، ته اوڏي ٿيين.
    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر سرود سسئي ص7سال 1995 )

    ڀاياڻِي ٿِي ڀَورَ، پُٺِي ڪيچِين ڪَڪِرا،
    رائو مِڙيو ئِي رَتَ، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪور،
    لانچي لَڪَ لَطِيفُ چي، اُٿِي ڏُونگرِ ڏورِ،
    جَتُ وَڃي ٿَو زورِ، اُپِڙَ، ته اوڏِي ٿِيين.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر سسئي آبري ص 194سال 2013)

    ڀاڃاڻِي ٿِي ڀورِ، پُٺِيءَ ڪيچِين ڪَڪَرا،
    رائو مِڙوئِي رَتَ سين، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪور،
    لانچي لَڪَ لَطِيفُ چَئي، اُٿِي ڏُونگرَ ڏورِ،
    جَتُ وَڃي ٿَو زورِ، اُپُڙُ، ته اوڏِي ٿِئين.
    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر آبري سنڌ ثقافت کاتو ص188سال 2009)

    ڀاياڻِي ٿِي ڀورِ پُٺِيءَ ڪيچِيُن ڪَڪِرا،
    رائو مِڙيوئِي رَتَ سين ڪارَڻ ڪَانڌَ ڪَڪورِ،
    لانچي لَڪَ، لَطِيفُ چِئي، اُٿَي ڏوُنگَر ڏورِ،
    جَتُ وڃي ٿو زورِ، اُپُڙُ، ته اوڏِي ٿِئين.

    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر سسئي آبري ص 61سال 1994 )
    ڀاياڻي ٿي ڀورِ پُٽيءَ ڪيچين ڪَڪرا،
    رائو مڙيوئي رت سين ڪارڻ ڪانڌ ڪڪور،
    لانچي لَڪَ، لطيف چئي، اُٿي ڏونگَر ڏورِ،
    جَتُ وڃي ٿو زورِ، اُڀُڙُ، ته اوڏي ٿئين.
    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر سسئي آبري ص244مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    ڀاياڻِي ٿِي ڀورِ، پُٺِيَءَ ڪيچِيَن ڪَڪَرا،
    رائو مِڙو ئِي رَتَ سين، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ،
    لانچِي لَڪَ لَطِيفُ چئي، اُٿِي ڏُونگَرَ ڏورِ،
    جَت وَڃي ٿَو زورِ، اُپُڙُ، تان اوڏِي ٿِيين.
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر سسئي ص 275بااختيار ادارو سال 1994 )

    ڀاياڻي ٿِي ڀور، پٺي ڪيچين ڪَڪرا،
    رائو مڙيو ئي رت سين، ڪارڻ ڪانڌ ڪڪور،
    لانچي لَڪَ لطيف چئَي، اُٿي ڏُونگر ڏورِ،
    جَتُ وَڃي ٿَو زورِ، اُپُڙُ، ته اوڏِي ٿئين.

    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر سسئي آبري ص385سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    ڀاياڻِي ٿي ڀورِ، پُٺِئ ڪيچيَنِ ڪَڪَرا،
    رائو مڙوئِي رَتَ سين، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ،
    لانچي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، اُٿي ڏُونگَرَ ڏورِ،
    جَتُ وَڃي ٿو زورِ، اُپُڙُ، ته اوڏِي ٿِيين.
    (ڊاڪٽر گُربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر سسئي آبري ص309سال 1995 )

    ڀاياڻي ٿي ڀور، پٺي ڪيچين ڪڪرا،
    رائو مڙيوئي رت سين ڪارڻ ڪانڌ ڪڪور،
    لانچي لڪ، لطيف چئي، اُٿي ڏونگر ڏور،
    جت وڃي ٿو زور، اُپڙ، ته اوڏي ٿئين.
    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر سسئي ص 224سال 2009ع مهراڻ)

    ڀانئياڻي ٿي ڀَور، پٺيءَ ڪيچين ڪڪرا،
    رائو مڙيوئي رت سين ڪارڻ ڪانڌ ڪڪور،
    لانچي لڪ، لطيف چئي، اُٿي ڏونگر ڏور،
    جت وڃي ٿو زور، اپڙ ته اوڏي ٿيين.

    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر آبري ص 121سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    ڀانياڻِي ٿِي ڀَورَ، پُٺي ڪِيچين ڪَڪَرا،
    رائو مِڙيو ئي رت سين، ڪارڻ ڪانڌ ڪَڪور،
    لانچي لڪ لطيف چئي، اُٿي ڏونگر ڏور،
    جَت وڃي ٿَو ذَور، اُپُڙَ، ته اوڏِي ٿِئين.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر آبري ص 154سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    ڀاياڻِي ٿِي ڀورِ، پُٺِيَ ڪيچِيَن ڪَڪَرا،
    رائو مِڙو ئِي رَتَ سين، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ،
    لانچِي لَڪَ لَطِيفُ چي، اُٿِي ڏُونگَرَ ڏورِ،
    جَتُ وَڃي ٿَو زورِ، اُپُڙُ، تان اوڏِي ٿِيين.

    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر سسئي آبري ص154سال 2013ع روشني)

    ڀاياڻي ٿي ڀور، پٺي ڪيچين ڪڪرا،
    رائو مڙيوئي رت سين، ڪارڻ ڪانڌ ڪڪور،
    لانچي لڪ، لطيف چئي، اٿي ڏونگر ڏور،
    جت وڃي ٿو زور، اُپڙ، ته اوڏي ٿئين.
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر سسئي ص 260سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    نوٽ. عثمان علي انصاري ٻي مصرع ۾ لفظ ”سين“ نه لکيو آهي.
    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ڀاياڻي، ڀانياڻي، ڀانئياڻي، ڀاڃاڻي)، (اُپڙ، اُڀڙ)، (زور، ذور، جور)، (ته، تان)

    الف. ڀاياڻي، ڀانياڻي، ڀانئياڻي، ڀاڃاڻي: عثمان علي انصاري، غلام محمّد شاهواڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، لفظ ”ڀاياڻي“ لکيو آهي. شمس العلماءَ لغات لطيفي جي صفحي 140 تي معنيٰ لکي آهي. ”ڀائيوارڻ، ڀائيوار ۽ شريڪ“. ٻين صاحبن، جن جا مٿي نالا لکيل آهن تن به معنيٰ ڀائيوار ۽ شريڪ لکي آهي. نهايت غلط معنيٰ لکي اٿن. معنيٰ غلط هن ڪري ٿا چئون ته سندن لفظ به غلط آهي. تنهنڪري حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ لکيل لفظ جي معنيٰ به غلط لکي اٿن.
    ڊاڪٽر گربخشاڻي لفظ ”ڀاياڻي“ جي معنيٰ لکي آهي. ”ڪيچين سان شريڪ ٿي“ (ص 339).
    قارئين ڪرام! اسان تحقيق ڪري ڏٺو آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، لفظ ”ڀاڃاڻي“ نهايت ئي درست لکيو آهي. مگر افسوس هي آهي ته معنيٰ لکي اٿس ”پٿر ڀڃڻ جو ڌنڌو ڪندڙ“.
    قارئين ڪرام! سسئي پٿر ڀڃڻ جو ڌنڌو نه ڪندي هئي حضرت ڀٽ ڌڻي کيس صلاح ڏني ته اي سسئي تون پاڻ ڀاڃاڻي ٿي. يعني پنهل ڪارڻ پنڌ ڪري پٿرن کي پيرن سان ائين ڀڃ جئن ڀاڃاڻي سان ڀتر ۽ پٿر ڀڃي ڀور ڪبا آهن. تڏهن ته سسئي هڪ جاءِ تي روهه کي مخاطب ٿي چيو ته :
    ”آڏو ٽڪر ٽر، متان روهه رتيون ٿئين“

    ب. زور، ذور، جور: لفظ ”ذور “ حاجي سگهڙ الله داد جنجهي غلط صورت خطيءَ ۾ لکيو آهي ۽ لفظ ”جور“ سيّد عبدالعظيم، ممتاز مرزا ۽ ٻانهي خان شيخ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق سيّد عبدالعظيم روايت ڪندڙ فقير جنهن جي زيرِ نگراني سيّد صاحبن گنج شريف لکيو، تنهن اڳ جي فقيرن کان لفظ ”جور“ ٻڌو ۽ لفظ ”جور“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي پهرين فقيرن راڳي چنچل ۽ اٽل کان لفظ ”زور“ بجاءِ ”جور“ راڳ ڪندي ٻڌو تنهنڪري لفظ ”جور“، ”زور“ بجاءِ بيت ۾ پڙهندا رهيا. اصل لفظ زور حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو هو. اهو هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ڪڏهن به قديم سنڌين وانگر ”ض، ظ، ز، ذ“ جو اچار ”ج“ سان نه اچاريو يعنيٰ ”ظالم“ کي ”جالم“ ۽ ”ضعيف“ کي ”جعيف“ ۽ ”زال“ کي ”جال“ ۽ ”ذرو“ کي ”جرو“ نه فرمايو.

    ت. اُپڙ، اُڀڙ: قارئين ڪرام! سواءِ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جي ٻين سڀني ڪاتبن مرتبن ۽ محققن لفظ ”اُپڙ“ لکيو آهي. ”اُپڙ“ لفظ غلط العام مشهور ٿي ويو آهي. سوچڻ وارن انهيءَ لفظ جي حقيقت تي نه سوچيو، اصل لفظ آهي ”اُڀڙ“. لفظ جي معنيٰ ٿئي ٿي ”ڀڙڪو کاءُ“ يعني اُٿ، مٿي ٿي، ويٺل کي چئبو آهي. اٿي، اُڀو ٿي.

    ث. ته، تان: جن صاحبن لفظ ”تان“ لکيو آهي. سي صاحبان آهن ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ٻانهون خان شيخ، غلام محمّد شاهواڻي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، باگوجي ڏانوجي، ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ ٻانهون خان شيخ. اسان جي تحقيق مطابق انهن لفظ نامناسب لکيو آهي.
    جن لفظ ”ته“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق درست لکيو آهي. درست هن ڪري ٿا چئون ته ”تان“ لفظ جون ماترائون وڌن ٿيون. ”ته“ لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن، سيّد عبدالعظيم، ديوان تاراچند، ڪلياڻ آڏواڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ٻانهون خان شيخ، سگهڙ الله داد جنجهي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ممتاز مرزا، عثمان علي انصاري، محمّد عثمان ڏيپلائي، فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ حاجي محمّد سمون.

    تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي:

    ڀَاڃَاڻِي ٿِي ڀور، پُٺِي ڪِيچِيَنِ ڪَڪرا،
    رَائو مڙيوئِي رَت سِين، ڪَارڻ ڪانڌَ ڪَڪُور،
    لاَنچِي لَڪَ، لَطِيف چَئي، اُٿي ڏُونگر ڏور،
    جَت وَڃي ٿو زُور، اُڀڙ، تَه اوڏي ٿئين.


    معنيٰ: اي سسئي ڪيچي تو کان اڳ تي نڪري ويا آهن. تنهنجي ۽ انهن جي وچ واري رستي ۾ جيڪي پٿر آهن تن تي تون پنهل جي ڳولا ڪر ۽ گهم، گهمندي گهمندي انهن کي ڀورا ڀورا ڪر، ڀاڃاڻي وارو عمل ڪر، راه ۾ آيل سڀ روڙا ڀڃي ڀوري ڇڏ.
    رستي وارو سمورو رائو ۽ پٿرائين مٽي کي پنهنجي ڪانڌ ڪارڻ، ۽ پنهل جي پريت جي ڪري پيرن جي رت سان رڱي ريٽو ڪري ڇڏ، يعني رندن مٿان رت هار اهڙي عمل ڪرڻ دوران تنهنجا ڪومل ۽ نرم ۽ نازڪ پير پٿون ٿي رت ۾ رنگجي ويندا. انهي رت سان پنهنجي ڪانڌ ڪارڻ ڪيچ ڏانهن ويندڙ رستي کي رنڱي ڇڏ.
    وڌيڪ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو ته اي سسئي جت تڪڙو ۽ تکو وڃي ٿو تون به تڪڙي ۽ تکي وک وجهه ته پنهل کي پهچي وڃين.


    *****

    پيرَ پَٽَا۽ ڪُونئَراَ ڏُونکَرَ مَٿي ڏي،
    پَانُ نَه پَسي ڦِٽَئُو، ڪَري ڪيچَيَنِکي،
    هَارُو هُوتَ پَري، ڪُـ ه ڃَانَان ڪِنيئَ لنکِئَا.
    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر سسئي ص155)

    پيرَ پَٽانئي ڪُنئرا ڏونگر مٿي ڏي،
    پاڻ نه پَسي ڦٽيو، ڪَڙهي ڪيچين کي،
    هاڙهو هوتَ پَري، ڪوه ڄاڻان ڪئن لنگهيا.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر سَسُئي (آبِري) ص201سال 1900ع)

    پيرَ پَٽائِين ڪُنئَرا، ڏُونگرَ مَٿي ڏي،
    پاڻُ نَه پَسي ڦٽئو، ڪَڙِهي ڪيچِنِ کي،
    هاڙهو هوت پَري، ڪُهِه ڄاڻان ڪيئن لنگها؟
    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر سسئي آبري ص 187سال 2013)

    پيرَ پَٽانئي ڪُنئَرا، ڏونگَرَ مَٿي ڏي،
    پاڻُ نه پَسي ڦٽِيو، ڪَڙهي ڪيچِيُن کي،
    هاڙهو هوتَ پَري، ڪوهُ ڄاڻان ڪِئَن لَنگِهيا.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر سسئي آبري ص 93سال 1994 )

    پَيرَ پٽانئَي ڪُنئَرا، ڏونگر مٿي ڏي،
    پاڻُ نه پَسي ڦَٽيو، ڪَڙهي ڪيچين کي،
    هاڙهو هوتَ پَري، ڪوهُ ڄاڻان ڪئَن لنگهيا؟
    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر سسئي آبري ص239مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    پَيرَ پٽانئَي ڪنئَرا، ڏونگر مٿي ڏي،
    پاڻُ نه پَسي ڦَٽيُو، ڪَڙهي ڪيچين کي،
    هاڙهو هوتَ پَري، ڪوهُ ڄاڻان ڪئَن لنگهيا؟
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر سسئي ص 267بااختيار ادارو سال 1994 )

    پيرَ پَٽائِين ڪونئَرا، ڏُونگَرَ مَٿي ڏي،
    پاڻُ نه پَسي ڦَٽِيو، ڪَڙهَي ڪيچِينِ کي،
    هاڙهو هوتَ پَري، ڪُـهه ڄاڻان ڪِئن لَنگهِيا.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر سسئي ابري ص374ادبي بورڊ 1993 )

    پيرَ پَٽائِين ڪُنئَرا، ڏُونگَرَ مَٿي ڏي،
    پاڻُ نه پَسي ڦَٽِيو، ڪَڙهي ڪيچيَنِ کي،
    هاڙو هوتَ پَري، ڪـ هُ ڄاڻان ڪِنءَ لنگهئا؟
    (ڊاڪٽر گُربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر سسئي آبري ص306سال 1995 )

    پير پٽان ئي ڪنئرا، ڏونگر مٿي ڏي،
    پاڻ نه پسي ڦٽيو، ڪڙهي ڪيچن کي،
    هاڙهو هوت پري، ڪـو هه ڄاڻان ڪئن لنگهيا.
    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر سسئي ص 218سال 2009ع مهراڻ)

    پيرَ پَٽائِين ڪُنئَرا، ڏُنگَرَ مَٿي ڏي،
    پاڻُ نه پَسِي ڦَٽِيو، ڪَڙَهي ڪيچِيَنِ کي،
    هاڙو هوتَ پَري، ڪـ هُ ڄاڻان، ڪِنءَ لَنگِهئا؟

    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر سسئي آبري ص150سال 2013ع روشني)

    پير پٽان ئي ڪنئرا، ڏونگر مٿي ڏي،
    پاڻ نه پسي ڦٽيو، ڪڙهي ڪيچن کي،
    هاڙهو هوت پري، ڪـو هه ڄاڻان ڪئن لنگهيا.
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر سسئي ص 253سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    پيرَ پَٽائِين ڪُنئَرا، ڏُنگرَ مَٿي ڏي،
    پاڻُ نَه پَسي ڦٽئو، ڪَڙِهي ڪيچِنِ کي،
    هاڙهو هوتَ پَري، ڪُهِه ڄاڻان ڪِيئن لَنگها؟

    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر سسئي ص 75سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

    نوٽ: گنج شريف ۾ اهو بيت نه آهي، ارنيسٽ ٽرمپ واري لکرايل شاهه جو رسالو ۾ به اهو بيت لکيل نه آهي. ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ ٻانهي خان شيخ اهو بيت نه لکيو آهي. مگر اهو بيت قديم ڪاتب حاجي محمّد سمي، ديوان تارا چند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسم، غلام محمّد شاهواڻي، محمّد عثمان ڏيپلائي، عثمان علي انصاري، باگي جي ڏاني جي ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق لکيو آهي.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (پٽائين، پٽانئي، پٽان ئي)، (ڏُنگر، ڏونگر)، (هاڙهو هوت پَري، هاڙو هوت پري)، (ڪوه، ڪـ ه، ڪوءِ)، (لنگهيا، لنگهئا، لنگها)

    الف. پٽائين، پٽانئي، پٽان ئي: جن صاحبن لفظ ”پٽائين“ لکيو اسان جي تحقيق مطابق تن غلط لفظ لکيو آهي. اهي صاحبان هي آهن، ڊاڪٽر گربخشاڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، عثمان علي انصاري، حاجي محمّد سمون، غلام محمّد شاهواڻي ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق.
    غلط هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”پٽا“ جو بنيادي لفظ ”پٽ“ آهي. جنهنجي لڙهي منجهان لفظ ”پٽان ۽ پٽولو“ نڪرن ٿا. لفظ ”پٽا“ جو ڪو به حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي هن بيت سان واسطو نه آهي. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته لفظ ”پٽانئي، پٽان ئي“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ سونهين ٿو. اها راءِ اسان هن ڪري ڏني آهي ته لفظ ”پٽ“ واحد ۽ جمع ۾ استعمال ٿيندو آهي. ”پٽ“ جي معنيٰ آهي ”ريشم“. ۽ لفظ ”پٽان“ جي معنيٰ آهي ”پٽ کان“ ۽ لفظ ”پٽان ئي“ جي معنيٰ ”پٽ کان ئي“.
    حضرت ڀٽ ڌڻيءَ سسئي جي نازڪ ۽ ڪومل پيرن جو ذڪر ڪيو آهي تنهنڪري هن بيت ۾ لفظ ”پٽان ئي“ نهايت ئي موزون ۽ مناسب آهي. اهو لفظ جامع سنڌي لغات جلد 2 (2007) جي صفحي 197 تي لکيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”ريشمي ڪُنئَري“.
    قارئين ڪرام! لفظ ”پٽانئي ۽ پٽان ئي“ ۾ فرق آهي. بيت ۾ لفظ ”پٽان ئي“ لکڻ گهرجي ۽ نه ”پٽانئي“ اها راءِ هن ڪري ٿا ڏيون ته ڪو پڙهڻ وارو ”پٽا + نئي“ به پڙهي سگهي ٿو. جيڪو درست نه آهي. غلط لفظ ”پٽانئي“ لکڻ وارا صاحبان آهن، ديوان تارچند، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ.

    ب. ڏُنگر، ڏونگر: اصل لفظ ”ڏونگر“ آهي. مگر قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ لفظ ”ڏُنگر“ جي ”ڏ“ کي پيش ڏيئي لکيو ويندو هو ۽ ”ڏونگر“ جي اُچار سان پڙهيو ويندو هو. تنهنڪري جن جديد صورت خطيءَ ۾ به لفظ ”ڏُنگر“ لکيو تن درست نه لکيو آهي.”ڏُنگر“ لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن ڊاڪٽر گربخشاڻي،غلام محمّد شاهواڻي ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق.

    ت. هاڙهو هوت پَري، هاڙو هوت پري: ”شاهه جو رسالو“ جي ڪاتب حاجي محمّد سمي ”هارو هوت پري“ لکيو آهي. جديد صورت خطيءَ ۾ اهو فقرو ٿيندو ”هاڙهو هوت پري“ ۽ ٻين مرتب توڙي محقق حضرات به ”هاڙهو هوت پري“ لکيو آهي.
    اسان جي تحقيق مطابق انهن سڀني صاحبن لفظ ”هوت“ غلط لکيو آهي. اسان انهي لفظ کي غلط صورت خطيءَ ۾ لکيل هن ڪري ٿا چئون ته اهو لفظ ”هوت“ ليکڪن جي لکت مطابق هوت پنهل جي نمائندگي ٿو ڪري جڏهن ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ اصل لفظ ”هو ته پري“ فرمايل هو مگر مرتب ۽ محقق حضرات حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي انهي فرمايل لفظ کي سمجهي نه سگهيا، تنهنڪري بيت پڙهندڙ خواتين و حضرات مونجهاري جو شڪار پئي ٿيا.

    ث. ڪوه، ڪـ ه، ڪوءِ: لفظ ”ڪوه“ کي جبل به چئبو آهي ۽ ٻه ميل يا ٽي ڪلو ميٽر مفاصلو به چئبو آهي. ”ڪوه“ جي معنيٰ ”ڪئن“ به آهي تنهنڪري بيت ۾ ”ڪهه“ استعمال ڪرڻ گهرجي. هن ڪري ته لفظ سمجهڻ ۾ مغالطو نه ٿيندو. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي دور ۾ لفظ ”ڪهه“ استعمال ٿيندو هو اهو ئي سبب آهي هو حاجي محمّد سمي قديم ڪاتب 1268هه ۾ هن بيت اندر لفظ ”ڪُهه“ استعمال ڪيو آهي. ”ڪ“ اکر مٿان پيش (ڪُ) ڏيڻ گهرجي.

    ج. لنگهيا، لنگهئا، لنگها: قارئين ڪرام! ٻين سڀني ڪاتبن مرتبن ۽ محققن لفظ ”لنگهيا ۽ لنگهئا“ لکيا آهن. عثمان علي انصاري غلط لفظ ”لنگها“ لکيو ته بغير ڪنهن سوچ ويچار جي غلام مصطفيٰ مشتاق به لفظ “لنگها“ لکي ڇڏيو. هي لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ بنهه نه ٿو سونهين لفظ ”لنگهئا“ قديم صورت خطيءَ ۾ لکبو هو. لفظ ”لنگهيا“ جديد صورت خطيءَ ۾ لکجي ٿو.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيٺي آهي.

    پيرَ پَٽان ئِي ڪُنئَرا، ڏُونگرَ مَٿي ڏي،
    پاڻُ نَه پَسي ڦٽيو، ڪَڙِهي ڪيچِين کي،
    هاڙهو هو ته پَري، ڪُهِه ڄاڻان ڪِيئن لَنگهيا؟


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو ته سسئي جا پٽ ۽ ريشم کان به ڪنئرا ۽ ڪومل، نرم ۽ نازڪ پير هئا. ڏونگرن جي سخت ترين ۽ چهنبيارن پٿرن تي قدم رکي رکي پنهون جي تلاش ۾ ٿي ڦري.
    پاڻ توڙي جو پٿرن تي هلڻ سببان سخت زخمي ٿي پيئي هئي پير ڦٽجي پيا هئس تڏهن به کيس پنهنجي پرواه نه هئي مگر ڪيچين لاءِ ڪڙهي ۽ پريشان ٿي رهي.
    ۽ هئن ٿي چيائين ته ”هاڙهو هو ته پري“ هُو (جت) نه ڄاڻا ڪئن هاڙهو لنگهي هليا ويا.

    *****


    15. سُر معذوري

    تو سَڱ، ساهَ گهڻن سين، جِيَڻَ گوشي جاءُ،
    مَرَڻُ مُونسين آءُ، ته پُٺيءَ تو پنڌ ڪريان.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر معذوري ص233سال 1900ع)


    تو سَڱُ، سَاهَه کَڻڻ سين، جيئَڻَ گوشي جَاءُ،
    مَرَڻ مُون سين آءُ، ته پُٺِيءَ تو پنڌُ ڪَرِيَان.

    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر معذوري ص 86سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    تو سَڱُ، ساهَ! گهڻن سين، جِئَڻَ! گوشي جاءُ،
    مُرَڻ! مُون سين آءُ، ته پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَريان.
    (ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر معذوري ص160مڪتبه بُرهان )

    تو سَڱُ، ساهَ! گهڻن سين، جِيَڻَ! گوشي جاءُ،
    مرڻَ! مُون سين آءُ، ته پُٺِي تو پَنڌُ ڪَريان.
    (ڊاڪٽر گُربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر معذوري ص352سال 1995 )

    تو سَڱ، ساهُه گهڻنَ سِين، جيَڻَ گوشي جاءُ،
    مَرڻ مون سين آءُ، تَه پُٺيءَ تَو پنڌُ ڪريان.
    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر ود سسئي ص27سال 1995 )

    تو سَڱُ، ساهُه کڻَڻَ سين، جِيڻَ کي جَبَلُ،
    مَرَڻُ! مُون سين آءُ، ته پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَريان.
    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر معذوري ص 226سال 2013)

    تو سَڱُ، ساهَ کَڻَڻَ سِين، جِيڻَ گوشي جاءُ،
    مَرَڻُ مُون سين آءُ، ته پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَريان.
    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر معذوري سنڌ ثقافت کاتو ص200سال 2009)

    تو سڱ، ساهه کڻڻ سينءَ، جِيڻ گوشي جاءِ،
    مرڻَ! مون سينءَ آءُ، ته پٺيءَ تو پير ڪَڙيان.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر معذوري ص 241سال 2009ع مهراڻ)

    تو سَڱُ، ساهَ! گهَڻن سين، جِئَڻَ گوشي جاءُ،
    مَرَڻَ! موُن سين آءُ، ته پٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر معذوري ص 71سال 1994 )

    تو سڱُ، ساهَ گهڻن سين، جِيَڻَ گوشي جاءُ،
    مَرَڻَ! مَونسين آءُ، ته پُٺيءَ تو پنڌ ڪريان.
    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر معذوري ص271مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    تو سَڱُ، ساهَه کڻڻ سين، جيڻ گوشي جاءُ،
    مَرڻَ مَونسين آءُ، ته پُٺيءَ تو پُير ڪَڙيان.
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر معذوري ص 299بااختيار ادارو سال 1994 )

    تو سَڱُ، ساهَ! گَهڻَن سِين، جِئَڻَ! گوشي جاءُ،
    مَرَڻُ مُون سين آءُ، ته پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَريان.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر معذوري ص438سنڌي ادبي بورڊ 1993 )


    تو سڱ، ساهه کڻڻ سين، جِيئڻ گوشي جاءِ،
    مرڻ مون سين آءُ، ته پٺيءَ تو پنڌ ڪريان.
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر معذوري ص 131سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    تو سنڱ ساهه کَڻَڻ سِين، جِيَئَڻ کي جَبل،
    مرڻ مون سِين آءُ ته پُٺيءَ تو پنڌَ ڪريان.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر معذوري ص 187سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    تو سَڱُ، ساهَ گهَڻَن سِين، جِيَڻَ گوشي جاءُ،
    مَرَڻ! مُون سين آءُ، ته پُٺِي تو پَنڌُ ڪَرِيان.
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر معذوري ص169سال 2013ع روشني)

    تو سڱ، سَاه کڻڻ سينءِ، جِيئَڻَ گوشي جاءِ،
    مرڻَ مُون سينءَ آءُ، ته پٺيءَ تو پير ڪَڙيان.
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر معذوري ص 280سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)


    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (سڱ)، (کڻڻ، گهڻن) (جاءِ، جاءُ، جاءَ)، (پنڌ ڪريان، پير ڪڙيان)

    الف. سڱ: قارئين ڪرام! مڙني ڪاتبن، مرتبن ۽ محققن لفظ ”سڱ“ لکيو آهي. علامه آءِ آءِ قاضي ۽ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، عثمان علي انصاري ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به لفظ ”سڱ“ لکيو آهي. اسان جي خيال مطابق انهن بزرگن لفظ ”سڱ“ لکڻ وقت غور نه فرمايو. جيڪڏهن ذري ڀر سوچن ها ته اهي صاحب لفظ ”سڱ“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي هن بيت ۾ نه لکن ها يا نه لکرائن ها.
    ياد رهي ته هن بيت ۾ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ طرفان روح ۽ جسم جي پاڻ ۾ گفتگو فرمايل آهي.
    روح ۽ جسم ٻه الڳ شيون آهن. روح جو رشتو بدن سان ڪجهه عرصو گڏ رهڻ ۽ سنگت ڪرڻ وارو آهي ۽ نه سڱ بند رکڻ وارو.
    جسم جو واسطو روح سان ڪجهه مُتعين عرصو آهي جسم جو روح سان رت جو رشتو نه آهي. جنهن سان رت جو رشتو هوندو آهي تنهن رشتي کي سڱ وارو رشتو چئبو آهي .
    روح امر ربّي آهي ۽ جسم خاڪي آهي. تنهنڪري هنن جو پاڻ ۾ سڱ جو رشتو ٿي ئي نه ٿو سگهي. مطلب ته ديوان تارا چند (1900ع) کان وٺي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 2009ع تائين سڀني صاحبن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جي پهرين مصرع جو ٻيو لفظ اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق درست لفظ ”سنگ“ آهي.

    ب. کڻڻ، گهڻن: ”شاهه جو رسالو“ جي مرتبن ۽ محققن منجهان جن صاحبان لفظ ”گهڻن“ لکيو آهي. سي صاحبان آهن. غلام محمّد شاهواڻي، ديوان تاراچند، ڪلياڻ آڏواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو، ممتاز مرزا، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ڊاڪٽر گُربخشاڻي.
    هنن صاحبن اسان جي تحقيق مطابق غلط لفظ لکيو آهي. ساهه جو واسطو هڪ جسم سان ٿئي ٿو ۽ نه گهڻن جسمن سان.
    جن صاحبن ”کڻڻ“ برابر لفظ لکيو سي صاحبان آهن، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، ٻانهو خان شيخ، باگو جي ڏانو جي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي.

    ت. جاءِ، جاءُ، جاءَ: قارئين ڪرام! سگهڙ حاجي الهداد جنجهي بيت جي پهرين مصرع مڙني ليکڪن کان مختلف لکي آهي هن لکيو آهي ”جئڻ کي جبل“ اسان جي تحقيق موجب غلط لکيو اٿس. باقي مرتب ۽ محقق ۡحضرات منجهان ڪن صاحبن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جي قافيي جي طرف توجه ئي نه ڏنو آهي. جن صاحبن بي توجهي ڏيکاري سي آهن، باگوجي ڏانوجي، فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ محمّد عثمان ڏيپلائي.
    هنن صاحبن لفظ ”جاءِ “ لکيو آهي. اسان انهن جي لکيل لفظ کي غلط قرار هن ڪري ڏنو آهي ته لفظ ”جاءِ“ جي معنيٰ آهي. ”هنڌ يا ٽڪاڻو“ . جن صاحبن لفظ ”جاءُ“ لکيو آهي. تن اسان جي تحقيق مطابق درست لفظ لکيو آهي. درست هن ڪري ٿا چئون ته ”جاءُ“ لفظ جي معنيٰ آهي ”وڃ“. درست لفظ ”جاءُ“ لکڻ وارا صاحبان آهن، ديوان تاراچند، غلام محمّد شاهواڻي، ڊاڪٽر گُربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، عثمان علي انصاري، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ممتاز مرزا ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.

    ث. پنڌ ڪريان، پير ڪڙيان: قارئين ڪرام! جن صاحبن جي ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ ۽ گنج منجهان اسان بيت لکيا آهن تن منجهان سواءِ ٽن صاحبن جي باقي مرتبن ۽ محققن الفاظ ”پنڌ ڪريان“ نهايت ئي درست الفاظ لکيا آهن. مگر شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ باگي جي ڏني جي الفاظ ”پير ڪڙيان“ غلط لکيا آهن.

    تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.

    تو سنگ، سَاهه کڻڻ سين، جِيئڻ گوشي جاءُ،
    مرڻَ مُون سين آءُ، ته پٺيءَ تو پنڌ ڪَريان.


    معنيٰ: سسئي پنهنجي جسم کي مخاطب ٿي چئي ٿي ته اي منهنجا جسم تو سان منهنجو رشتو ۽ ناتو ساهه کڻڻ سان ۽ ساهه جي هجڻ تائين محدود آهي. تون سنگ آهين، تون مون سان گڏ آهين ته مان ساهه کڻان ٿي. اي جياپا تون مون کان پري ڪُنڊائتو ٿي وڃ، مون کان گوشو ڪري وڃ، تنهنجي ضرورت نه آهي.
    ٻي طرف موت کي چئي ٿي ته اي موت تون مون سان گڏجي منهنجي اڳيان هل ته مان تنهن جي پٺيان پنڌ ڪريان. (اي موت تون اُها پُل آهين جيڪا هڪ حبيب کي ٻي حبيب سان ملائي ٿي) الموت جِسرُ‘ يُوَصِل الحَبيبِ باالحَبيب.
    *****

    ڏَکَا ڏُنکَرَ جَا مِرُو مَرُ ٿَا مُنتي ڪَنِ،
    پُندَا ڪِينَ پَريَٽِ تي، سَڌَرَ ٿَا سُڃَنِّ،
    سَکَائِيَ جِي سَيّدُ چَي، آهي سُڌِ سَڀَنِ،
    هُندَ نهَ هِتِ ٽَرَنِ، پَرَ قَرَابَتَ ڪَمُّ ڪِئُو.
    (سيّد عبدالعظيم گنج سُرود سسئي ص 56)

    ڏَڪَا ڏُونکَرَ جَا مَر ٿَا مِرُو مُونتي ڪَنِ،
    پُونَدا ڪِينَ پَريٽِ تي، جِـ هِ جَا سَڌَرَتَا سُڃَنِّ،
    سَکَائِيَ جِي سَيّدُ چَي، اٰهي سُڌِ سَڀَنِّ،
    هُوندَ نهَ هِتِ ٽَرَنِ، پَرَ قَرَابَتَ ڪَمُّ ڪِئُو.
    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر معذوري ص169)

    ڏَکهَا ڏُونکَرَ جَا مِرُون مَرُ تهَا مُون تي کَنِ،
    پَوَندَا کِي نَه پَرٿِ تي، هِنَ جَا سَدَهَرَ تهَا سُڄَنِ،
    سَنکَائِيَ جِي سَيّدُ چَوي آهي سُدهِه سَبهِنِ،
    هُونّدَ نهَ هِتِ ٿَرَنِ، پَرَ کو قَرَابَتَ کَم کِئو.
    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر معذوري ص311سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

    ڏَکا ڏونگر جا مُرون مَرُ ٿا مونتي ڪن،
    پُوندا ڪينَ پَرِيٽِ تي، جنهنجا سَڌَر ٿا سُڄن،
    سَگهائي جي، سيّد چئي، آهي سُڌ سڀن،
    هوند به هِت ٽَرنَ، قَرابَتَ ڪم ڪيو.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر معذوري ص224سال 1900ع)

    ڏَکا ڏُونگَر جَا مِرُون مَرُ ٿَا مُون تي ڪَنِ،
    پُوندَا ڪِينَ پَرِيَٽِ تي، سَڌَرَ ٿَا سُڄَنِ،
    سَڳَائِي جِي، سَيَدُ چئي آهي سُڌ سَڀَنِ،
    هُوندَ نَه هِتِ ٽَرَنِ، پَرَ قَرَابَتَ ڪَمُ ڪِئو.
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر معذوري ص 69سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    ڏَکا، ڏُونگَرَ جا مِرون مَرُ ٿا مون تي ڪَنِ،
    پُڙندا ڪِينَ پَرِيَٽِ تي، هِنَ جا سَڌَرَ ٿا سُڄَنِ،
    سَڳائِيَ جِي، سَيّدُ چئي آهي سُڌِ سَڀَنِ،
    هُوندَ نه هِتِ ٽَرَنِ، پر قَرابَتَ ڪَمُ ڪيو.
    (ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر معذوري ص155مڪتبه بُرهان )

    ڏَکا ڏونگرَ جا مرون مَرُ ٿا مون تي ڪَن،
    پُوندا ڪينَ پَرِيَٽِ تي، اُن کي سَڌَر ٿا سُجهن،
    سَگهائِئ جي، سيَد چئي، آهي سُڌ سڀنِ،
    هوند نَه هِتِ ٽرنِ، پر قرابت ڪم ڪُيو.
    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر ودسسئي ص56سال 1995 )

    ڏَکا، ڏُونگَرَ جا مِرُون، مَرُ ٿا مُون تي ڪَنِ،
    پُڙَندا ڪِينَ پَرِٽِ تي، هِنَ جا سَڌَرَ ٿا سُڄَنِ،
    سَڳائِيءَ جي، سَيّدُ چئي آهي سُڌِ سَڀَنِ،
    هُوندَ نه هِتِ ٽَرَنِ، پَرَ قَرابَتَ ڪَمُ ڪئو.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر معذوري ص 218سال 2013)

    ڏَکا ڏُونگَرَ جا مِرُو مَرُ ٿا مُون تي ڪَن،
    پُونَدا ڪِينَ پَريٽَ تي، جِنـ ه جا سَڌَرَ سيڻَ سُڄَنِ،
    سَڳائِيءَ جي سَيدُ چَئي، آهي سُڌِ سَڀنِ،
    هُوءِ نه هوندَ ٽَرَنِ، پَرَ قَرابَتَ ڪَمُ ڪِئو.
    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر معذوري سنڌ ثقافت کاتو ص194سال 2009)

    ڏَکا، ڏوُنگَرَ جا مروُن، مَرُ ٿا موُن تي ڪَن،
    پُڙندا ڪِينَ پَرِيَٽَ تي، هِنَ جا سَڌَرَ ٿا سُڄَنِ،
    سَڳائِيءِ جِي، سَيّدُ چئي، آهي سُڌِ سَڀَنِ،
    هوُندَ نه هِتِ ٽَرَنِ، پر قَرابَتَ ڪَمُ ڪيو.

    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر معذوري ص 145سال 1994 )

    ڏُکا، ڏونگر جا مرون مَرُ ٿا مونتي ڪن،
    پُوندا ڪين پَرِيَٽَ تي، جنهنجا سَڌَرَ ٿا سُڄَنِ،
    سَگهائيءَ جِي، سَيّدُ چئي آهي سُڌ سڀن،
    هوند نه هِت ٽَرَن، قَرَابَتَ ڪم ڪيو.
    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر معذوري ص263مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    ڏَکا ڏونگر جا مُرون مَرُ ٿا مونتي ڪن،
    پُوندا ڪينَ پَريٽِ تي، جنهنجا سَڌَر ٿا سُچن،
    سَگهائي جي، سيد چئي آهي سڌ سڀن،
    هوند به هتِ ٽَرنَ، قرابت ڪم ڪُيو.
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر معذوري ص 299بااختيار ادارو سال 1994 )

    ڏَکا ڏوَنگَرَ جَا مِروُن مَرُ ٿَا مُون تي ڪَنِ،
    پُڙَندا ڪِينَ پَرِيَٽِ تي، هِنَ جا سَڌَرَ ٿَا سُڄَنِ،
    سَڳائِيءَ جِي، سَيّدُ چئي آهي سُڌِ سَڀَنِ،
    هُوندَ نَه هتِ ٽَرَنِ، پَرَ قَرَابَتَ ڪَمُ ڪِيو.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر سسئي معذوري ص411سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    ڏَکا، ڏُنگَرَ جا مِرُون مَرُ ٿا مون تي ڪن،
    پُڙنَدا ڪِينَ پَرِيَٽَ تي، هِنَ جا سَڌَرَ ٿا سُڄَنِ،
    سَڳائِيَ جِي، سَيّدُ چي آهي سُڌِ سَڀَنِ،
    هُندَ نه هِتِ ٽَرَنِ، پَرَ قَرابَتَ ڪَمُ ڪِئو.
    (ڊاڪٽر گُربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر معذوري ص348سال 1995 )

    ڏَکا ڏونگر جا مرون مر ٿا مون تي ڪن،
    پوندا ڪينَ پَريٽ تي، جِنهنجا سڌر ٿا سُڄن،
    سَڳائيءَ جي سيّد چئي، آهي سُڌ سڀن،
    هوند نه هِت ٽَرن، پَر قرابت ڪم ڪيو.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر معذوري ص 241سال 2009ع مهراڻ)

    ڏَکا ڏُونگر جا مِرون مر ٿا مون تي ڪن،
    پوندا ڪين پريٽ تي، ان کي سَڌَر ٿا سُڄن،
    سَگهائيءَ جي، سيد چئي، آهي سُڌ سڀن،
    هوند نه هت ٽَرنَ، پر قرابت ڪم ڪَيو.
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر معذوري ص 127سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    ڏَکا ڏُونگر جا مِرون مر ٿا مون تي ڪن،
    پَوَندا ڪيئن پَرٽ تي، جِنهن جا سَڌَر ٿا سُڄن،
    سَگائي جي سيد چئي، آهي سُڌ سَڀَن،
    هوند نه هِت ٽَرن، پَر قرابت ڪَمُ ڪِيو.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر معذوري ص 183سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    ڏَکا، ڏُنگَرَ جا مِرُون مَرُ ٿا موُن تي ڪَنِ،
    پُڙَندا ڪِينَ پَرِيَٽَ تي، هِنَ جا سَڌَرَ ٿا سُڄَنِ،
    سَڳائِيَ جِي، سَيّدُ چي، آهي سُڌِ سَڀَنِ،
    هُندَ نه هِتِ ٽَرَنِ، پَرَ قَرابَتَ ڪَمُ ڪِئو.
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر معذوري ص165سال 2013ع روشني)

    ڏَکا ڏونگر جا مرون، مر ٿا مون تي ڪن،
    پوندا ڪينَ پَريٽ تي، جنهنجا سڌَر ٿا سُڄن،
    سَڳائيءَ جي سيد چئي، آهي سُڌ سڀن،
    هوند نه هِت ٽَرن، پَر قرابت ڪم ڪيو.
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر معذوري ص 280سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    ڏَکا، ڏُنگَرَ جا مِرُون مَرُ ٿا مُون تي ڪَنِ،
    پُڙنَدا ڪينَ پَرِٽَ تي، هِنَ جا سَڌَرَ ٿا سُڄَنِ،
    سَڳائِيَءَ جِي، سَيدُ چئي، آهي سُڌِ سَڀَنِ،
    هُوند نَه هِتِ ٽَرَنِ، پَرَ قَرابَتَ ڪَمُ ڪِئو.
    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر معذوري ص 86سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

    نوٽ: جن ليکڪن جا مٿي بيت لکيا ويا آهن. تن صاحبن منجهان علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ بيت جي آخري مصرع ۾ هڪ لفظ ”پر“ کٽائي لکيو آهي ۽ ٻين صاحبن منجهان هر محقق ۽ مرتب مختلف الفاظ لکي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت کي متضاد ۽ متنازعه بڻائي ڇڏيو آهي.
    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ڏَکا، ڏُکا، ڏڪا)، (مرُو، مرون)، (مرٿا)، (پندا، پوندا، پڙندا)، (ان کي، هن جا، جنهنجا)، (سڄن، سچن، سجهن)، (سگهائي، سگائي، سڳائي، سنکائي)، (هوند نه هت، هوءِ نه هند، هوند به هت)، (پر قرابت، قرابت).

    الف. ڏَکا، ڏُکا، ڏڪا: قديم ڪاتب حاجي محمّد سمي لفظ ”ڏَکا“ بجاءِ لفظ ”ڏَڪا“ لکيو. اهو لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ نه ٿو سونهين.
    علامه غلام مصطفيٰ قاسمي لفظ ”ڏُکا“ لکيو آهي. ”ڏُکا“ لفظ جي معنيٰ لکي اٿس ”حملا“ (ص 263). غلط معنيٰ لکي اٿس.
    قارئين ڪرام! هڪ ته لفظ غلط لکيو ويو آهي ٻيو وري لفظ جي معنيٰ ٻين مرتب ۽ محقق حضرات واري لکي ويئي آهي.
    لفظ ”ڏَکا“ باقي ٻين سڀني مرتب ۽ محقق حضرات لکيو آهي. افسوس سان لکڻو ٿو پئي ته ڊاڪٽرنبي بخش خان بلوچ ”ڏَکا“ لفظ جي معنيٰ ”حملا“ لکي آهي.
    اهو اعتراض هن ڪري ٿا ڪريون ته لفظ ”ڏَکا“ جي معنيٰ آهي ”ڊيڄارڻ ۽ الرون ڪرڻ ۽ نه حملو ڪرڻ“. جانور جو حملو ان کي چئبو آهي جيڪو ڊوڙي اچي جسم کي چڪ پائي. جهنگ جا جانورن ته سسئي کي صرف ڏَکا ڏيئي ڊيچاري رهيا هئا حملو نه ڪري رهيا هئا.

    ب. مرُو، مرون: لفظ ”مرُو“ سيّد عبدالعظيم ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي. قديم ڪاتب ته ”ن“ غنو اڪثر نه لکندا هئا. جئن لفظ ”مرُو“ لکيو ويو ته ان لفظ کي ”مرون“ پڙهيو ويندو هو. ”مِرو“ غلط العام لفظ آهي.
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ ”مرو“ غلط لکيو آهي. جامع سنڌي لغات جي ص 310 تي لفظ ”مرون“ ۽ سندس جمع به ”مرون“ لکيل آهي جنهن جي معنيٰ لکيل آهي ”سوئر، ۡخنزير، درندو“ .

    ت. مرٿا: قارائين ڪرام! لفظ ”مرٿا“ سڀني مرتب ۽ محقق حضرات لکيو آهي. اسان کي اهو لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ مناسب ۽ پرڪشش نه لڳو تنهنڪري اهو خيال ذهن ۾ رکي اسان حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي مختلف رسالن جو مطالعو ڪيو ته لفظ ”مرتان ۽ مرجان“ نظر آيا.

    مَــرُ تان چالِيههِ چَئي، سَڱان سُپيرِين جي.
    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سر سهڻي ص 392)

    مَـر جان چالِيههِ چَي، سَڱان سُپيرِين جي.
    (ڊاڪٽر گربخشاڻي، سر سهڻي ص 268)

    قارئين ڪرام! اسان مٿيان ٻه مثال ڏيئي هي ثابت ڪيو آهي ته لفظ ”مرٿا“ لفظ ”مرتان ۽ مرجان“ جو بگڙيل غلط العام لفظ آهي، حضرت ڀٽ ڌڻيءَ غلط العام لفظ استعمال نه ٿو ڪري سگهي ڇا ڪاڻ ته عالم جو اهو شان نه آهي.

    ث. پندا، پوندا، پڙندا: لفظ ”پوندا“ ٻانهي خان شيخ، فقير تاج محمّد نظاماڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، حاجي سگهڙ الله داد جنجهي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ٻانهي خان شيخ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ديوان تاراچند، ممتاز مرزا ۽ محمّد عثمان ڏيپلائي لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق انهن صاحبن لفظ مناسب نه لکيو آهي. سيّد عبدالعظيم لفظ ”پندا“ لکيو آهي اهو لفظ جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”پڻندا“ ۽ ”پڙندا“ ٿيندا.
    لفظ ”پوندا“ جي معنيٰ آهي ”ڪنهن تي يا ڪنهن جي مٿان سمهڻ يا پوڻ“. لفظ ”پوندا“ جو مصدر آهي ”پوڻ“. سنڌيڪا لغت جي ص 243 جو مطالعو ڪندو ته اوهان کي لفظ ”پوڻ“ جي معنيٰ ملندي ”داخل ٿيڻ، گهڙڻ، ليٽڻ، مٿان ڪرڻ، اچڻ نازل ٿيڻ“.
    لفظ ”پڙندا“ جو مصدر آهي ”پڙڻ“ جنهن جي معنيٰ آهي ”غالب پوڻ، پڄڻ“ (ص 232 سنڌيڪا لغت).
    تنهنڪري لفظ ”پوندا“ کان ”پڙندا“ وڌيڪ مناسب لڳي ٿو. جن صاحبن برابر لفظ ”پڙندا“ لکيو آهي سي آهن غلام محمّد شاهواڻي، عثمان علي انصاري ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق.

    ج. ان کي، هن جا، جنهنجا: جن صاحبن الفاظ ”هن جا سڌر“ لکيا تن درست لکيا آهن. درست الفاظ هن ڪري ٿا چئون ته ”هن جا سڌر“ الفاظ جو اشارو سسئي جي مڙس پنهل ڏانهن آهي ته جبل جي هر هڪ مرون کي هي سڌ آهي ته هن جو پنهون هن جي (سسئي) سٺي ڌر آهي يعني هن جو حمائتي آهي. اهي درست الفاظ عثمان علي انصاري، غلام محمّد شاهواڻي، غلام مصطفيٰ مشتاق، ڪلياڻ آڏواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومري لکيا آهن.

    ح. سڄن، سچن، سجهن: لفظ ”سچن“ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي بيت ۾ لکيل آهي. اسان تحقيق ڪري هي معلوم ڪيو آهي ته لفظ ”سڄن“ بجاءِ لفظ ”سچن“ لکڻ واري غلطي پروف ريڊر جي آهي ۽ نه شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي.
    رهيو سوال ”سڄن ۽ سجهن“ جو ته قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ڄ، جهه“ کي لکڻ بدران ”ڃ“ اکر استعمال ڪندا آهن. جڏهن ته اهو اصل لفظ ”سُجهن“ آهي، ”سَڄن“ ۽ ”سُڄي“ غلط العام الفاظ آهن. ڇا ڪاڻ ته هر هڪ لفظ جي پنهنجي حيثيت آهي. لفظ ”سڄن“ جي لغوي معنيٰ سُڄي وڃن ۽ ٿلها ٿي وڃن آهي.
    لفظ ”سجهن“ فقط ممتاز مرزا لکيو آهي ۽ باقي ٻين صاحبن درست لفظ نه لکيو آهي. قديم سنڌي صوورت خطيءَ ۾ ”سجن“ لکبو هو ڇاڪاڻ ته ”جهه“ اکر قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ نه هو.

    خ. سگهائي، سگائي، سڳائي، سنکائي: لفظ ”سنکائي“ قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ سيّد عبدالعظيم لکيو آهي. جديد صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ ٿيندو ”سڱائي“ اهو لفظ ”سڱ“ لفظ جي لڙهي منجهان نڪري ٿو. جنهن جي معنيٰ ”سڳائي“ ٿئي ٿي.
    اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته جن صاحبن لفظ ”سگهائي“ لکيو تن درست لفظ نه لکيو آهي. درست لفظ نه لکڻ وارا صاحبان آهن، ديوان تاراچند، ممتاز مرزا، فقير تاج محمّد نظاماڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ. انهن صاحبن جي لکيل لفظ ”سگهائي“ کي اسان هن ڪري غلط قرار ڏنو ته ”سگهائي“ لفظ جو حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي هن بيت سان ڪو تعلق نه آهي. هن بيت سان تعلق لفظ ”سگائي“ جو به نه آهي. ڇا ڪاڻ ته ”سگائي“ لفظ اردو زبان ۾ استعمال ٿيندو آهي ۽ سنڌي ٻولي ۾ لفظ ”سڳائي“ استعمال ٿيندو آهي. برابر لفظ ”سڳائي“ جن صاحبن لکيو آهي سي آهن، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، غلام مصطفيٰ مشتاق، عثمان علي انصاري، غلام محمّد شاهواڻي، ٻانهون خان شيخ، ڊاۡڪٽر گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو.

    د. هوند نه هت، هوءِ نه هند، هوند به هت: اهو غلط فقرو ”هوند به هت ٽرن“ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي بيت ۾ لکيل آهي. اسان تحقيق ڪري معلوم ڪيو. ته لفظ ”به“ غلطي وچان ”ن“ بجاءِ پريس وارن کان لکجي ويو ۽ پروف ريڊر جي غلطي سببان رهجي ويو.
    فقرو ”هوند نه هت ٽرن“ جن لکيو آهي تن جو فقرو هن ڪري مناسب نه ٿو لڳي ته هي فقرو اڃا ڪجهه وضاحت طلب آهي مناسب ۽ بهترين فقرو ”هوءِ نه هوند ٽرنۡ“ آهي. اهو فقرو فقط ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي.

    ذ. پر قرابت، قرابت: جن صاحبن فقط لفظ ”قرابت“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق هڪ لفظ ”پر“ کٽائي لکيو آهي ۽ اهو لفظ ”پر“ هن حقيقت جو اظهار ڪري ته جبل جا مرون سسئي تي حملي ڪرڻ کان هرگز نه ٽرن ها ”پر“ سسئي جي پنهون سان قرابت جبل جي مرن کي حملي ڪرڻ کان روڪيو ٿي. جن مناسب لفظ ”پر“ نه لکيو سي صاحبان آهن، ديوان تاراچند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ ۽ غلام مصطفيٰ قاسمي.
    قارئين ڪرام! ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ هڪ لفظ ”کو (ڪو)“ بيت جي آخري مصرع ۾ وڌيڪ لکيو آهي ٻي ڪنهن به نه لکيو آهي.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي هيٺين صورت بيهي ٿي.

    ڏَکا، ڏُونگَرَ جا مِرُون مَرتان مُون تي ڪَنِ،
    پُڙنَدا ڪينَ پَرِيٽَ تي، هِنَ جا سَڌَرَ ٿا سُجهن،
    سَڳائِي جِي، سَيدُ چئي آهي سُڌِ سَڀَنِ،
    هوءِ نه هُوند ٽَرَنِ، پَرَ قَرابَتَ ڪَمُ ڪِيو.


    معنيٰ: سسئي چوي ٿي ته ڏونگر ۽ جبل جا مرون (درندا) مون تي ڀل جان، اُلرون ڪن، مرجان مون کي ڏَکا ڏين، مرتان، مون کي ڊيڄارين، اهي مون پريٽ تي، مون ڌوٻياڻي تي، حملو نه ڪندا. ڇا ڪاڻ ته منهنجا طاقت وارا ۽ سٺي ڌر وارا وارث آهن.
    حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمائي ٿو ته سسئي ۽ پنهون جي سنڱ بند (سڳائي) جي سڀني کي سُڌ ۽ خبر آهي. جهنگ جا مرون (هوءِ) شايد هن (سسئي) تي حملي ڪرڻ کان هرگز نه ٽرن ها پر سسئي جي پنهون سان قرابت ڪم ڪري ويئي.

    *****


    16. سُر ديسي

    سَنجي مُن نَه سَڀَالِئُو، مَارِيَسِ سُورَ صُبُوحَ،
    نينَ هيرَائِي نِنڊَّسِِ، جَتَنِ لَنکِي جُوءِ،
    هَاڃُو ڪَري هُوءِ، آڌِيَ اُوءِ اُٿِي وِئَا.
    (سيّد عبدالعظيم گنج سُر ودسسئي ص 89)

    سَنجي مُن مُن نَه سَنڀَالِئُو، مَارِيَسِ سُورَ صُبُوحِ،
    ننينَ هيرَائي نِنڊرَسِِ، جَتَنِ لَنکِي جُوءِ،
    هَانڃُ‘ ڪَريَ هُوءِ، آڌِي اُوءِ اُٿِي وِئَا.
    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر ديسي ص212)

    سَنّجهي مُون نَه سَنبهَالِئو، مَارِيَسِ سُورَ صُبُوحِ،
    نيڻَ هيَرايَمِ نِنڏرَ سِين، جَتَنِ لَنگهِي جُوءِ،
    هَانڃو ڪَري هُوءِ، آدهِيَ رَاتِ اُتهِي وِيَا.
    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر ديسي ص320سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

    سنجهي مون نه سنڀاليو، ماريسَ سُورَ صُبُوح،
    نيڻَ هيرائي نِنڊ سِين، جَتَنِ لَنگهي جُوءِ،
    هاڃو ڪَري هُوءِ، آڌيءِ رات اُٿي ويا.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر ديسي ص260سال 1900ع)

    سَنجهي مون نه سنڀاليو، ماريسَ سُورَ صبوحَ،
    نيڻَ هيرائي ننڊَ سِين، جتَن لَنگهي جُوءِ،
    هاڃو ڪريَ هوءِ، آڌِيءِ اوءِ اُٿي ويا.
    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر ود سسئي ص89سال 1995 )

    سَنجهي مون نَه سَنڀالِيو، مارِيَسِ سورَ صُبوحُ،
    نِيڻَ هِيرائي ننڊَ سِين، جَتَنِ لَنگهِي جُوءِ،
    هاڃو ڪَري هُوءِ، آڌِيءِ راتِ اُٿِي ويا!

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 255سال 2013)

    سَنجهي موُن نه سنَڀالِيو، ماريَس سُورَ صُبُوحِ،
    نيڻَ هيرايَءِ نِنڊَ سين، جَتَن لَنگهي جُوءِ،
    هاڃو ڪَري هُوءِ، آڌيءَ راتِ اُٿي وِيا.

    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر ديسي ص 180سال 1994 )

    سنجهي مون نه سنڀاليو، ماريس سُور صُبُوح،
    نيڻَ هيرائي نِنڊ سِين، جَتَنِ لَنگهي جُوءِ،
    هاڃو ڪَري هُوءِ، آڌِيءِ رات اُٿي ويا.
    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص299مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    سنجهي مون نه سنڀاليو، ماريسَ سُورَ صُبُوح،
    نيڻَ هيرائي نِنڊ سِين، جَتن لَنگهي جُوءِ،
    هاڃو ڪَري هُوءِ، آڌِيءِ رات اُٿي ويا.
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 344بااختيار ادارو سال 1994 )

    سَنجهي مُون نَه سَنڀالِيو، ماريسَ سُورَ صُبُوح،
    نيڻَ هيرايئِي نِنڊَ سِين، جَتَنِ لَنگهِي جُوءِ،
    هاڃو ڪَري هُوءِ، آڌِيءِ راتِ اُٿِي وِيا.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص462 ادبي بورڊ 1993 )

    سَنجهي مون نه سنڀاليو، ماريَس ِسُورَ صُبُوح،
    نيڻَ هيرايءِ نِنڊَ سِين، جَتَنِ لَنگهِي جُوءِ،
    هاڃو ڪَري هُوءِ، آڌِيءِ راتِ اُٿي وِئا.
    (ڊاڪٽر گُربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص376سال 1995 )

    سنجهي مون نه سنڀاليو، ماريس سور صبوح،
    نيڻ هيرائي ننڊ سين، جتن لنگهي جوءِ،
    هاڃو ڪري هوءِ، آڌيءَ رات اُٿي ويا.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 276سال 2009ع مهراڻ)

    سَنجهي موُن نَه سنَڀالِيو، مارِيَس ِسُورَ صُبُوحِ،
    نيڻَ هيرايَءِ نِنڊَ سين، جَتَنِ لَنگهي جُوءِ،
    هاڃو ڪَري هُوءِ، آڌِيَ راتِ اُٿِي وِئا.
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص185سال 2013ع روشني)

    سنجهي مون نه سنڀاليو، ماريس سور صبوح،
    نيڻ هيرائي ننڊ سين، جتن لنگهي جوءِ،
    هاڃو ڪري هوءِ، آڌيءَ رات اُٿي ويا.
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 338سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    سَنجهي موُن نه سنَڀالِيو، ماريَس سوُرَ صبُوحُ،
    نيڻَ هيرايَئي ننڊَ سين، جَتَن لَنگهي جوءِ،
    هاڃو ڪَري هوءِ، آڌيءَ رات اُٿي وِيا.
    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 99سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

    نوٽ: ڪلياڻ آڏواڻي، ٻانهي خان شيخ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي اهو بيت نه لکيو.
    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (صُبوحُ، صُبُوح، صُبُوحِ، صُبُوحَ )، (هيرايئي، هيرايءِ، هيرائي، هيرايم)، (آڌي رات، آڌي اُوءِ)

    الف. صُبوحُ، صُبُوح، صُبُوحِ، صُبُوحَ : اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته جن صاحبن لفظ ”صُبوحُ، صُبُوح، صُبُوحِ، صُبُوحَ“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق نامناسب لفظ لکيو آهي. تنهنڪري انهن جي لکيل مختلف صورت خطيءَ وارن لفظن تي وڌيڪ تبصرو ڪرڻ بي سود آهي. اها راءِ اسان هن ڪري ڏني آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي هن ٽن مصرعن واري بيت ۾ ٽي قافيا آهن.ٽن منجهان ٻه قافيا آهن ”جُوءِ ۽ هُوءِ“ ته ٽيون قافيو ”ڀُوءِ“ ٿيڻ گهرجي هن بيت ۾ ”ح“ جو قافيو مناسب نه آهي. قافيي ”ءِ“ ۽ ”ح“ جو پاڻ ۾ جوڙ ئي نه آهي. اهي الفاظ هڪ ٻي جا قافيا ٿي نه ٿا سگهن.
    اسان حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي رسالي جو مطالعو ڪري ڏٺو آهي. جنهن ۾ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ ”سُڀاءِ“ فرمايو آهي. بيت جي مصرع ملاحظه فرمايو:
    ”سڀا ءِ“ائين چونداءِ، اسان تو اڪاريو

    قارئين ڪرام! ”سڀاءَ، سڀاڻي، سڀوءِ“ اهي الفاظ لفظ ”سُڀا“ جي لڙهي منجهان نڪرن ٿا. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ انهن لفظن جي لڙهي منجهان هڪ لفظ ”سڀوءِ“ استعمال فرمايو مگر محقق حضرات انهي لفظ تي تحقيق نه ڪئي. اسان جي تحقيق مطابق خالص سنڌي لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ڪهڙو نه سهڻي نموني مصرع ۾ استعمال فرمايو؟!

    سَنجهي موُن نَه سنَڀالِيو، مارِيَس ِ سُورَ ”سڀوءِ“

    ب. هيرايئي، هيرايءِ، هيرائي، هيرايم: قارئين ڪرام! اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي. ته جن صاحبن الفاظ ”هيرايئي، هيرايءِ، هيرائي“ لکيا آهن، تن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ درست لفظ نه لکيا آهن. اسان اها راءِ هن ڪري ٿا ڏيون ته اسان حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي رسالن جو مطالعو ڪري ثابت ڪيو آهي ته فقط ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي لکرايل ”شاهه جو رسالو“ ۾ درست لفظ لکيل آهي ۽ اهو لفظ آهي ”هيرايم“.
    اسان هن لفظ کي درست هن ڪري قرار ڏنو آهي ته بيت جي پهرين مصرع ۾ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو:
    ”سنجهي مون نه سنڀاليو“
    يعني سسئي چئي ٿي ته مون کي سنجهي خيال ڪرڻ گهربو هو مگر ”مون نه سنڀاليو“.
    تنهنڪري ٻي مصرع ۾ لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ”هيرايم“ فرمايو. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي لکرايل مصرع ملاحظه فرمايو:

    ”نيڻَ هيرَايم ننڏر سِين“
    مطلب ته سيّد عبدالعظيم کان وٺي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تائين سواءِ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي ٻين حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جي ٻي مصرع جو لفظ غلط لکيو آهي. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ”ننڊر“ جي ”ڊ“ اکر کي مٿي چار نقطا ڏيئي لکرائيندو هو.

    ت. آڌي رات، آڌي اُوءِ: قارئين ڪرام! اسان هيٺ ڄاڻايل مصرعن تي گهڻو ئي غور ۽ فڪر ڪيو آهي اهي مصرعون آهن:
    هاڃو ڪريَ هوءِ، آڌِيءِ اوءِ اُٿي ويا

    هاڃو ڪَري هُوءِ، آڌِيءِ راتِ اُٿِي ويا
    انهن منجهان ٻي مصرع درست آهي.
    پهرين مصرع ۾ الفاظ ”هوءِ“ ۽ ”اوءِ“ استعمال ٿيل آهن اهي الفاظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي شاعراڻي خوبي جو چٽو ثبوت آهن. انهي ”اوءِ“ منجهان مراد آهي ”جَت“. تنهنڪري اسان انهيءَ مصرع کي باقي ٻين صاحبن جي لکيل مصرع ”هاڃو ڪَري هُوءِ، آڌِيءِ راتِ اُٿِي ويا“ تي ترجيح ڏيون ٿا.
    تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي:

    سَنجهي موُن نَه سنَڀالِيو، ماريَس سوُرَ سُڀوءِ،
    نيڻَ هيرايَم ننڊَ سين، جَتَن لَنگهي جُوءِ،
    هاڃو ڪَري هوءِ، آڌيءَ اُوءِ اُٿي وِيا.


    معنيٰ : حضرت ڀٽ ڌڻيءَ اسان کي سسئي جي پڇتاءُ کان باخبر ڪندي سسئي جي روپ ۾ فرمائي ٿو ته مونکي سنجهي کان وٺي ئي جتن جي چرپر تي تمام ترين توجه ڏيڻو هو مگر غلطي سببان مون ڪو خيال نه ڪيو. پنهون سان گڏ رهندي رهندي سڪون سببان نيڻن کي ننڊ تي هيرائي ڇڏيم تنهنڪري آئون ننڊ ۾ سُتل ئي رهيس ته جت ڀنڀور کي ڇڏي مون سان هاڃو ڪري آڌي رات جو اُوءِ اُسهي ويا.

    *****

    ديسِ وِجِي جَتُ دَامُ، سَاهُ ڀَڃَائي سَانُ وِئُو،
    تَـ هِ ڪَڊَ ويدِيَسِ ڪيچَڏي آهي اِي اَنجَامُ،
    ڇَالَ ڇَپَرَ جو ڃَامُ، هُوتُ ڌَرِيدُو هَٿَرَا.
    (سيّد عبدالعظيم گنج سُر ود سسئي ص 108)

    ديسِ وِجهي جَتُ دَامُ، سَاهُه ٻَجَهائي سَاڻُ وِئو،
    تَنهِن ڪَڍَ ويندِيَس ڪيچ ڏي، آهي اِيءُ انجامُ،
    ڇَالَ ڇَپَرَ جو ڄَامُ، هوتُ ڌَرِيندو هَٿَڙَا.
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 160سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

    ديسِ وجهي جَتُ دامُ، ساهُه ٻَڄائي ساڻُ وِيو،
    تنهن ڪَڍَ ويندِيَس ڪيچ ڏي، آهي اِيءُ انجام،
    ڇالَ ڇَپرَ جو ڄَامُ، هوتُ ڌَرِيندو هٿڙا.
    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر ودسسئي ص108سال 1995 )

    ديس وجهي جَت دام، ساه ٻَجهائي ساڻ ويو،
    تنهن ڪڍ وينديس ڪيچ ڏي، آهيم ايءُ انجام،
    شال ڇپر جو ڄام، هوت ڌريندو هٿڙا.

    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 153سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

    وِيس وِجهي جَت دام، ساه سَجهائي سَاڻَ ويو،
    ڪَڏهن وينديس ڪيچ ڏي، آهي اي اِنجام،
    شال ڇَپر جو ڄَام، هوت ڌَرِيندو هَٿڙا.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر ديسي ص 215سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    وينديسِ وِجهي دام، ساهه ٻجها ساڻ وِيو،
    تنهن ڪڍ ڪيچ وينديس ، آهي اِيءَ انجام،
    شال ڇپر جو ڄام، هوت ڌريندم هٿڙا.
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 367سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    نوٽ: حاجي محمّد سمي، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ديوان تاراچند، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي، عثمان علي انصاري، ڪلياڻ آڏواڻي، غلام مصطفيٰ قاسمي، علامه آءِ آءِ قاضي محمّد عثمان ڏيپلائي، غلام مصطفيٰ مشتاق ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اهو بيت نه لکيو آهي.
    اسان کي سيّد عبدالعظيم جي لکيل، گنج سگهڙ حاجي الله داد جنجهي جي ترتيب ڏنل ”شاهه جو گنج“، فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ ٻانهي خان شيخ جي ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ ۾ اهو بيت پڙهڻ ۾ آيو. اسان بيت جي الفاظ ۽ ان جي رنگ ڍنگ کي ڏسي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو بيت تسليم ڪيو آهي. تنهنڪري ان بيت جي تحقيق لازمي سمجهي سون.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ديس، وينديس، ويس)، (ٻجها، ٻجهائي، ڀڄائي، ڀڃائي، سجهائي)، (تنهن ڪد وينديس، ڪڏهن وينديس، تنهن وٽ وينديس)، (آهم، آهي)، (شال، ڇال)، (ڌريندو، ڌريندم).

    الف. ديس، وينديس، ويس: جن صاحبن لفظ ”ديس“ لکيو آهي، تن غلط لفظ لکيو آهي. اهي صاحبان آهن، سيّد عبدالعظيم، ممتاز مرزا، ٻانهون شيخ، فقير تاج محمّد نظاماڻي.
    فقط سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لفظ ”ويس“ اسان جي تحقيق مطابق درست لکيو آهي. باگي جي ڏاني لفظ ”وينديس“ بنهه غلط لکيو آهي.

    ب. ٻجها، ٻجهائي، ڀڄائي، ڀڃائي، سِجهائي: لفظ ”ٻجها“ باگي جي ڏاني جي غلط لکيو آهي. لفظ ”ٻَجهائي“ فقير تاج محمّد نظاماڻي به اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيو آهي. اسان مٿين ٻن لفظن کي غلط قرار هن ڪري ڏنو آهي ته اهي الفاظ مصرع جي معنيٰ ۽ مقصد جي لحاظ کان منجهيل آهن.
    لفظ ”سجهائي“ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيو آهي. اسان جي تحقيق موجب لفظ ”سجهائي“ هن ڪري مناسب نه آهي جو ”سجهائي“ جي معنيٰ آهي ”سِجي ڪري، سيڪي ۽ ساڙي“. پر انهي لفظ سان گڏ ”ساڻ ويو“ الفاظ لکيل آهن. تنهن ڪري ”سجهائي ساڻ ويو“ جون ٻه معنائون نڪرن ٿيون. هڪ معنيٰ آهي، ”ساهه سجهائي پاڻ سان گڏ کڻي ويو“ ۽ ٻي معنيٰ آهي. ”هڪ ته سسئي جي ساهه کي دام وجهي ويا ۽ ٻيو درد ۽ تڪليف ڏيئي ويا“.
    انهي لفظ ”سجهائي“ جي مقابلي ۾ لفظ ”ڀڄائي“ نهايت ئي موزون ۽ مناسب آهي. اهو لفظ ”ڀڃائي“ سيّد عبدالعظيم قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ لکيو آهي. قديم ڪاتب ”ڄ“ ۽ ”ڃ“ جي لکت ۾ ڪو فرق محسوس نه ڪندا هئا. ساڳي وقت ”ج“ اکر کي به ”ڃ، ڄ ۽ جهه“ جي بدران استعمال ڪندا هئا. تنهنڪري لفظ ”ڀڃائي“ جديد صورت خطيءَ ۾ ”ڀڄائي“ لکبو. اهو سبب آهي جو ممتازا مرزا لفظ ”ڀڃائي“ بجاءِ لفظ ”ڀڄائي“ لکيو آهي.
    قارئين ڪرام! لفظ ”ڀڄائي“ هن ڪري درست سمجهون ٿا ته محبوب عاشق جي دل جو ڌاڙو هڻي دل کسي ۽ دل ڦري ساڻ کڻي ڀڄي ويندا آهن.

    ت. تنهن ڪڍ وينديس، ڪڏهن وينديس، تنهن وٽ وينديس: الفاظ ”ڪڏهن وينديس“ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيا آهن. اسان جي تحقيق مطابق الفاظ نا مناسب لکيا اٿس. اهي الفاظ سواليه آهن جن جي معنيٰ آهي ”سسئي پڇي ٿي ته ڪڏهن وينديس“ تنهنڪري اهي لفظ بيت ۾ نه ٿا سونهين.
    ”تنهن وٽ وينديس“ الفاظ توڙي جو سيّد عبدالعظيم لکيا آهن تڏهن به اهي الفاظ اسان جي تحقيق مطابق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جا نه ٿا سمجهون، ڇا ڪاڻ ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي معياري خيال مطابق نه آهن. انهن لفظن جي مقابلي ۾ فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ ٻانهي خان شيخ ”ڪڍ وينديس ڪيچ ڏي“ نهايت ئي مناسب الفاظ لکيا آهن.

    ث. آهيم، آهي: قارئين ڪرام! لفظ ”آهيم“ فقير تاج محمّد نظاماڻي لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق ”ي“ زائد ۽ وڌيڪ آهي اهو لفظ ”آهيم“ بجاءِ ”آهم“ بيت ۾ مناسب لڳي ٿو. الفاظ ”آهم هي انجام“ کي ”آهي هي انجام“ تي اسان هن ڪري اهميت ڏيون ٿا ته اهو اشارو سسئي پاڻ ڏانهن ڪري ٿي ته مون کي جت دام وجهي ويا. تنهنڪري لفظ ”آهم“ ٻي مصرع ۾ لکڻ مناسب لڳي ٿو.

    ج. شال، ڇال: قارئين ڪرام! لفظ ”ڇال“ اتر سنڌ جي شهر شڪارپور ۽ ان جي گرد و نواح ۾ عام ۽ خاص طور تي ڳالهايو ويندو آهي. لفظ ”ڇال“ ڀنڀور ۽ ان جي اوسي پاسي نه ڳالهايو ويندو آهي. اسان پنهنجي تحقيق جي تائيد ۾ فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي جي لکيل ٽين مصرع جو پهريون فقرو ”شال ڇپر جو ڄام“ ص 215 وارو پيش ڪريون ٿا. فقير تاج محمّد نظاماڻي به ”شال ڇپر جو ڄام“ ص 153 تي لکيو آهي.
    انهن مثالن ڏيڻ بعد اسان پنهنجي تحقيق مطابق لفظ ”شال“ کي بيت ۾ لکڻ مناسب سمجهون ٿا.

    ح. ڌريندو، ڌريندم: جن صاحبن لفظ ”ڌريندو“ لکيو آهي. انهن صاحبن جي مقابلي ۾ لفظ ”ڌريندم“ جن لکيو آهي. تن اسان جي تحقيق مطابق درست لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا لکون ته ”ڌريندم“ لفظ جي نسبت سسئي پاڻ ڏانهن ڏيکاري ٿي.

    تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي:

    وِيُس وِجهي جَت دام، ساهه ڀَڄائي سَاڻَ ويو،
    تنهن ڪڍ وينديس ڪيچ ڏي، آهم اي اِنجام،
    شال ڇَپر جو ڄَام، هوت ڌَرِيندم هَٿَڙا.


    معنيٰ: سسئي چئي ٿي ته جت (پنهون) منهنجي ساهه کي محبت جي دام ۾ ڦاسائي منهنجو ساهه ساڻ کڻي ڀڄائي هليو ويو آهي. مان انهيء جي ڪڍ ۽ پويان پنڌ ڪري وينديس اهو منهنجو پڪو انجام آهي ۽ دُعا آهي ته منهنجو ڄام شال منهنجا هٿ مضبوط ڪندو منهنجي هٿ ۾ هٿ ملائيندو.

    *****

    پييم پَٽارَن سنِِ، ٻُولِي جي نَه ٻُڄَنِ،
    آءُ سِنڌِيَا ئَي نَه سَمُجَان، اُوءِ پَارِسِي پُڇَنِ،
    اَلاَ! ڪَيچَڌنِيَنِ، مُنسنِِ پَوي نَمَامِرُو.
    (سيّد عبدالعظيم گنج سُر ودسسئي ص 93)

    پييَمِ پَٺَانَنِ سنِِ، ٻُولِي جي نَه ٻُجَنِّ،
    آءُ سِنڌِي پُن نَسَمُجَان، هُوءِ پَارِيَسِي پُڇَنِّ،
    مُن پُن مُلاَتَنِ سَرَتِيءٌ سُورُ پرِاَنئِيُو.
    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر ديسي ص219)

    پييم پَٽارَن سين، ٻولي جي نه ٻُجهنَ،
    آئون سنڌيا ئَي نه سمُجهان، اوءِ پارسي پُڇنِ،
    الا! ڪَيچ ڌڻين، موَن سين پوي نه مامِرو.
    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر ودسسئي ص93سال 1995 )

    پييَم پَٺَاڻَنِ سين، ٻولِي جي نَه ٻُجَهِن،
    آئُون سِنڌيَا ئِي نَه سمُجَهان، اُوءِ پَارسي پُڇَنِ،
    اَللهَ! ڪَيچَ ڌَڻِيَنِ، مُون سين پوي نَه مَامِرو.
    (ٻانهون خان شيخ جو رسالو سُر سروديسي ص213سال2012 )

    پييَم پٺاڻن سين، ٻولي جي نه ٻُجهن،
    آءُ سنڌي پڻ نه سمجهان، هو پارسيون پُڇن،
    مون پڻ مُلاتن، سرتيُون سُور پرائيو.
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 356بااختيار ادارو سال 1994 )

    پييم پٺاڻن سين، ٻولي جي نه ٻُجهن،
    آءُ سنڌي پڻ نه سمجهان، هو پارسي پڇن،
    مون پڻ مُلاتن، سرتيون سور پرايا.
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 169سال 2008ع )

    نوٽ: هي بيت ديوان تاراچند، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، غلام محمّد شاهواڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، علامه آءِآءِ قاضي، عثمان علي انصاري، محمّد عثمان ڏيپلائي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، باگي جي ڏاني ۽ سگهڙ حاجي الله دادا جنجهي نه لکيو آهي.
    اسان انهي بيت تي تمام گهڻو غور ۽ فڪر ڪيو بيت جي پسِ منظر کي سامهون رکي مختلف ڪتابن جو مطالعو ڪيوسين ته اسان کي سنڌ جي نامعياري اديب ڄيٺ مل پرس رام گل راجاڻي جي لکيل ڪتاب ”شاهه جون آکاڻيون“ ۾ ٻه مصرعون نظر آيون. جڏهن ته گنج شريف ۽ چئن مختلف رسالن ۾ ٽي مصرعون لکيل آهن. اسان کي پڪ ٿي ويئي ته اهو بيت حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو آهي تنهنڪري تحقيق جي دائري ۾ آندوسين.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (پڀيم، پيم، پييم)، (پٽارن، پٺاڻن)، (پارسيون، پاريسيون، پارسي)، (اللهَ، الا)، (سنڌيائي، سنڌي پڻ)، (پرايو، پرائيو)

    الف. پڀيم، پيم، پييم: قارئين ڪرام! ”پڀيم“ حاجي محمّد سمي جي بيت ۾ لکيل آهي، اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته سمي صاحب لفظ ”پييم“ لکڻ ٿي چاهيو مگر کانئس غلطي سببان ”پڀيم“ لکجي ويو. سيّد عبدالعظيم، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ممتاز مرزا ۽ ٻانهي خان شيخ ”پييم“ لکيو آهي . مگر فقير تاج محمّد نظاماڻي ”پيم“ لکيو آهي. اسان سيّد عبدالعظيم جي لکيل لفظ کي اهميت هن ڪري ڏني آهي ته سيّد عبدالعظيم حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي وفات حسرت آيات کان چاليهه سال پوءِ (1207هه) ۾ گنج لکيو لفظ ”پييم“ ان دور ۾ مروّج هو (اڄ به لکڻ جائز آهي)، تنهنڪري ته سيّد عبدالعظيم اهو لفظ بيت جي پهرين مصرع ۾ پهرين لفظ طور لکيو.

    ب. پٽارن، پٺاڻن: قارئين ڪرام! سيّد عبدالعظيم بيت ۾ لفظ ”پٽارن“ لکيو ته ممتاز مرزا به لفظ ”پٽارن“ لکي ڇڏيو. ممتاز مرزا اهو لفظ غلط لکيو. غلط هن ڪري ٿا چئون ته ممتاز مرزا خود (جديد گنج) جي ص 9 تي لکيو آهي ته 1. ”ر = ر ۽ ڙ“ 2. ”ن ۽ ر = ڻ“ جي لکيو ويو آهي. ڇا ڪاڻ ته ڪتابت جي الف ب غير متوازن آهي.
    ٻانهي خان شيخ ۽ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي، ”پٺاڻن“ لفظ لکيو آهي ۽ حاجي محمّد سمي لفظ ”پٽانن“ قديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ لکيو آهي. جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ ”پٺاڻن“ لکبو.

    ت. پارسيون، پاريسيون، پارسي: لفظ ”پاريسيون“ حاجي محمّد سمي لکيو آهي، اهو نامناسب لفظ لکيو اٿس. لفظ ”پارسي“ جو جمع سنڌي ۾ پارسيون آهي ۽ نه پاريسيون.
    قارئين ڪرام! اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته لفظ ”پارسيون“ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، مناسب لکيو آهي. مناسب لفظ آهي ”پارسي“. اهو لفظ سيّد عبدالعظيم، فقير تاج محمّد نظاماڻي، ٻانهي خان شيخ ۽ ممتاز مرزا به لکيو آهي.

    ث. اللهَ، الا: اسان الفاظ ”اللهَ، الا“ تي بحث ڇيڙڻ نه ٿا چاهيون ڇا ڪاڻ ته انهي مصرع کي، جنهن ۾ ”الله / الا“ لکيل آهي سا حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي فرمايل مصرع تسليم نه ٿا ڪريون ڇا ڪاڻ ته مٿيَن ٻن مصرعن ۾ سسئي جو معاملو پٺاڻن سان آهي ۽ نه ڪيچين سان. جڏهن ڪيچن سان معاملو ئي نه آهي ته پوءِ اسان ٽين مصرع کي ڇو ۽ ڇا لاءِ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي فرمايل مصرع مڃون؟ اسان جي تحقيق مطابق بيت جي اها ٽين مصرع ڪنهن فقير پنهنجي طرفان تضمين طور چئي ڇڏي، جنهنڪري بيت جي ٽين مصرع متضاد ۽ متنازعه ٿي پيئي. اسان حاجي محمّد سمي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، فقير تاج محمّد نظاماڻي جي لکيل مصرع کي درست قرار ڏنو آهي.

    ج. سنڌيائي، سنڌي پڻ: قارئين ڪرام! اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”سنڌيائي“ سيّد عبدالعظيم کان سهو سببان لکجي ويو حالانڪه لفظ ”سنڌياڻي“ لکڻ ٿي چاهيائين. ممتاز مرزا ۽ ٻانهي خان بغير تحقيق ڪرڻ جي لفظ ”سنڌيائي“ لکي ڇڏيو.
    ياد رهي ته! سسئي سنڌياڻي هئي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه ڪئن فرمائيندو ته سسئي کي پنهنجي مادري زبان سنڌي ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ ۾ نه ايندي هئي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو هي مقصد هو ته سسئي چيو ”مان سنڌياڻي آهيان، مان فارسي نه ٿي سمجهي سگهان مگر پٺاڻن ۾ ڦاسي ويئي آهيان اهي مون کان فارسي ۾ سوال ۽ جواب ٿا پڇن“. تنهنڪري حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ لفظ ”سنڌياڻي، لکڻ گهرجي. اهو لفظ ڪنهن به ڪاتب، مرتب ۽ محقق نه لکيو آهي. معلوم ائين ٿيو آهي ته ڪنهن به ڪاتب،مرتب ۽ محقق کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو بيت سمجهه ۾ ئي نه آيو. بس فقط نقل اتاريندا رهيا.

    ح. پرايو، پرائيو: حاجي محمّد سمي لفظ ”پِرائيو“ لکيو آهي، اسان جي تحقيق مطابق هن صاحب مناسب لفظ نه لکيو آهي. نامناسب لفظ هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”پِرائيو“ واحد لفظ آهي ۽ واحد طور جملي ۾ استعمال ڪيو ويندو. سسئي ته پٺاڻن وٽان هڪ نه مگر گهڻا سور پرائيا هئا.
    تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.

    پييَم پَٺاڻن سِين، ٻولِي جي نَه ٻُجَهنِ،
    آءُ سنڌياڻي، نَه سمجهان هُو پارسي پُڇَنِ،
    مُون پُڻ مُلاتنِ، سَرتيون سُور پرائيا.


    معنيٰ: سسئ چئي ٿي ته پنهل جي قافلي جي ڳولا ۾ پنڌ ڪندي ڪندي وڃي پٺاڻن جي سر زمين ۾ پهتم. اهي پٺاڻ جيڪي منهنجي ٻولي ئي نه سمجهن مان خالص سنڌياڻي ۽ هُو خالص فارسي ڳالهائيندڙ، تنهنڪري آئون پارسي سمجهان به نه مگر هو مون کان سوال ۽ جواب پارسي ۾ پيا پڇن. اي سرتيون مون انهن پٺاڻن وٽان ڏاڍا سور پرائيا.

    *****

    ڪَرَرا ڏُونکَرَ، ڪَـا هَ کَنِِ، جِتِ وِئَا رُوڏَا رِنکائي،
    سَانکَاڀي سينَنِ جي ٿِي وِندِرُ وَاجَائي،
    رَهِيَس رَسُ، لَطِيفُچي، تِـ ه ڪَمِينِي ڪَاهي،
    آريانَِِ آهي، مَنَـ هِ مَعذُوريَنجي.
    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر معذور جو ص218)

    ڪرڙا ڏونگر، ڪـ ه گهڻي، جِت ويا روڏا رِنگائي،
    ساڱاپي سيڻن جي ٿي وِندُرِ واجهائي،
    رَهِيَس رَسُ، لطيف چئي، تنهن ڪميني ڪاهي،
    آرياڻَي آهي، منهن معذورن جي.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر ديسي ص268سال 1900ع)

    ڪرڙا ڏونگر، ڪهه گهڻي، ويا روڏا رِنگائي،
    رَهِيَس رَسُ، لطيف چئي، تنهن ڪميڻيءَ ڪاهي،
    ساکَاپي سيڻَنِ جي ٿي وِندرُ واجهائي،
    آرياڻِي آهي، مَنَههُ مَعذورِنِ جو.
    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سرو دسئسي ص113سال 1995 )

    ڪَرڙَا ڏُونگَرَ ڪَـ هَه گَهڻِي، وِئا روڏا، رنگائي،
    رَهِيَسِ رَسُ لطيف چئي، تِنهِن ڪَمِيڻِيءَ ڪَاهي،
    سَاڱاپي سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ وَاجَهائي،
    آرِيَاڻِي آهي، مَنَـهُن مَعذُورِنِ جو.
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر ديسي ص139سال2012 )

    ڪَرڙا ڏُونگَرَ، ڪَـ هَ گهڻِي، جِتِ وِئا روڏا رِنگائي،
    ساڱاپي سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ واجهائي،
    رهيَس رَسُ، لطيفُ چي، تِـ ه ڪميڻي ڪاهي،
    آرياڻِي آهي، مَنَـ ِهِ مَعذوريَنِ جِي.
    (ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص380 سا ل 1996 )

    ڪَرِڙا ڏونگَرَ، ڪَـ هَ گَهڻي، جِتِ وِيا روڏا رِنگائي،
    ساڱاپي سيڻَنِ جي ٿِي وِندُرِ واجهائي،
    رَهِيَس رَسُ، لطيف چئي، تنهن ڪَميِڻيءَ ڪاهي،
    آريِاڻَي آهي، مَنَهِن مَعذوُرِنِ جي.
    (ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص180 )

    ڪَرِڙا ڏونگَرَ، ڪَـ هَ گَهڻي، جِتِ روڏا رِنگائي،
    ساڱاپي سيڻن جي ٿِي وِندُرِ واجهائي،
    رَهِيَس رَسُ، لطيف چَئي، ٿي ڪَميڻِي ڪاهي،
    آريِاڻَي آهي، مَنَهُن مَعذوُرِينِ جو.
    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر ديسي ص217 سال 2009)

    ڪَرڙا ڏُونگَرَ ڪَـ هَه گَهڻِي، جِتِ وِيا روڏا، رنگائي،
    ساڱاپي سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ واجهائي،
    رَهِيَسِ رَسُ لَطِيفُ چي، تِـ ه ڪَمِينيَءَ ڪاهي،
    آرِياڻِي آهي، مَنَــ ِهَنِ مَعذُورِنِ جي.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 262سال 2013)

    ڪَرڙا ڏُونگَرَ ڪَـ هَ گَهڻِي، جِتِ وِيا روڏا رِنگائي،
    ساڱاپي سيڻَن جي، ٿِي وندُرَ واجهائي،
    رَهيَسِ رَسُ لَطِيفُ چئي، تنهن ڪَمِينيءَ ڪاهي،
    آرِياڻِي آهي، مَنَهِن مَعذوُرِنِ جِي.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر ديسي ص 213سال 1994 )

    ڪرڙا ڏونگر، ڪـ ه گهڻي، جِت ويا روڏا رِنگائي،
    ساڱاپي سيڻن جي ٿي وِندُرِ واجهائي،
    رَهِيَس رَس، لطيف چئَي، تنهن ڪَميني ڪاهي،
    آرياڻي آهي، منهن معذورن جي.
    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص306مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    ڪرڙا ڏونگر، ڪـ ه گهڻي، جت ويا روڏا رِنگائي،
    ساڱاپي سيڻن جي ٿي وِندرِ واجهائي،
    رَهِيَس رَسُ، لطيف چئي، تنهن ڪميني ڪاهي،
    آرياڻي آهي، مَنهه معذورن جي.
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 354بااختيار ادارو سال 1994 )

    ڪَرِڙا ڏوُنگَرَ، ڪَههَ گَهڻِي، جِتِ ويا روڏا رِنگائي،
    ساڱاپي سيڻَنِ جي ٿِي وِندُرِ واجهائي،
    رَهِيَس رَسُ، لَطِيف چَئي، تنهن ڪَمِيڻيءَ ڪاهي،
    آرِياڻِي آهي، منهِن مَعذُورِنِ جي.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص474سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    ڪرڙا ڏونگر ڪـ هه گهڻي، جت ويا روڏا رنگائي،
    ساڱاپي سيڻن جي، لطيف چئي تنهن ڪمينيءَ ڪاهي،
    آرِياڻِي آهي، مَنَه معذورن جي.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 285سال 2009ع مهراڻ)

    ڪَرڙا ڏُونگَرَ ڪَـ هَ گَهڻِي، جِتِ وِئا روڏا، رنگائي،
    ساڱاپي سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ واجهائي،
    رَهِيَسِ رَسُ لَطِيفُ چي، تِـ ه ڪَمِيڻِيَ ڪاهي،
    آرِياڻِي آهي، مَنَــ ِهِ مَعذُورِيَنِ جي.
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص188سال 2013ع روشني)

    ڪرڙا ڏونگر ڪـ ه گهڻي، جت وِيا رَوڏا رُونگَائي،
    سانگاپي سِيڻن جي، ٿِي وِندر واجهائي،
    رَهيس رَس لطيف چئي، ويئي ڪَميڻي ڪاهي،
    آرياڻَي آهي، مَنَهه معذورين جي.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر ديسي ص 220سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    ڪرڙا ڏونگر، ڪـ هه گهڻي، جت ويا روڏا رنگائي،
    ساڱاپي سيڻن جي، لطيف چئي تنهن ڪمينيءَ ڪاهي،
    آرِياڻِي آهي، مَنَهه معذورن جي.
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 350سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    ڪرڙا ڏونگر ڪـ ه گهڻي، وِيا روڏا رِنگائي،
    سانگاپي سيڻن جي، ٿي وندر واجهائي،
    رهيس رس لطيف چئي، ڪمينيءَ ڪاهي،
    آرياڻي آهي مَنَهِن معذورين جي.
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 160سال 2008ع )

    ڪَرڙا ڏوُنگَرَ ڪَـ هَ گَهڻِي، جِتِ وِيا روڏا رِنگائي،
    ساڱاپي سيڻَن جي، ٿِي وِندُرِ واجهائي،
    رَهيَسِ رَسُ لَطيِفُ چي، تنهن ڪَمينيءَ ڪاهي،
    آرِياڻي آهي، مَنهَنِ مَعذورِنِ جي.
    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 101سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ڪاه، ڪــَ ه)، (ويا)، (جت، جِت)، (ساڱاپي، سانگاپي، ساکاپي، سانکاڀي)، (تنهن، تـ ه، ٿي، ويئي)، (معذورِن)، (جي، جو).

    الف. ڪاه، ڪــَ ه: قارئين ڪرام! تحقيق هيٺ آيل هن بيت جي پهرين مصرع جي ٽين نمبر لفظ کي ڪاتبن مرتبن ۽ محققن متنازعه بڻايو آهي. ديوان تارا چند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، علامه آءِ آءِ قاضي، محمّد عثمان ڏيپلائي، فقير تاج محمّد نظاماڻي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، عثمان علي انصاري، باگي جي ڏاني جي، ٻانهي خان شيخ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق لفظ ”ڪَـ هَ“ لکيو. ڪن ليکڪن لفظ ”ڪـ ه“ کي زيرن ۽ زبرن سان لکيو آهي ۽ ڪن صاحبن بغير زير زبر جي لکيو آهي.
    هن لفظ ”ڪ ه“ جي معنيٰ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”وڏي منزل“ لکي آهي. (ص 217).
    عثمان علي انصاري، معنيٰ لکي آهي ”گهڻو ۽ ڏکيو پنڌ“ (ص 698).
    شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ معنيٰ لکي آهي ”تڪليف، پنڌ“ (لغات لطيفي ص179).
    ٻانهي خان شيخ معنيٰ لکي آهي ”اهنجي ڏکي واٽ“.
    قارئين ڪرام! مٿين سڀني صاحبن جن جي ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ منجهان اسان بيت لکيا آهن تن سڀني سواءِ حاجي محمّد سمي جي لفظ ”ڪ ه“ لکيو.
    حقيقت هي آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجي بيت ۾ لفظ ”ڪاهه“ فرمايو محقق حضرات انهي لفظ کي بغير تحقيق جي لکندا رهيا. اسان جي انهي راءِ جو ثبوت هي آهي ته حاجي محمّد سمي ”شاهه جو رسالو“ جي ص 218 تي جيڪو بيت لکيو آهي تنهن ۾ لفظ ”ڪاه“ استعمال ڪيو اٿس. متان ڪو صاحب هي اعتراض ڪري ته ڪاتب کان ”ڪـ ه“ بجاءِ لفظ ”ڪا ه“ اتفاق سان لکجي ويو. اسان ان جي جواب ۾ هي عرض ڪريون ٿا ته حاجي محمّد سمي ”ڪرڙا ڏونگر ڪاه گهڻي“ واري سلسلي جا پنج بيت ص 217 کان 218 تائين مسلسل لکيا آهن.

    ب. ويا: قاريئن ڪرام! سواءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ٻين ڪاتبن، مرتبن ۽ محققن لفظ ”ويا“ بيت ۾ لکيو آهي. مگر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب لفظ ”ويا“ نه لکيو آهي. هڪ ته بيت جي پهرين مصرع جون ماترائون گهٽايائين ۽ ٻيو بيت جو مقصد به ڦيرائي ڇڏيائين. ڊاڪٽر بلوچ جي لکيل مصرع جي معنيٰ ٿئي ٿي، ”جن تي ڪرڙا ڏونگر آهن اتي روڏا رنگائي به آهن“. حالانڪه حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه فرمايو ته هڪ ڏونگر ڪرڙا ٻيو ڪاهه به گهڻي آهي ۽ ٽيون جَت روڏا به رنگائي هليا ويا آهن (آءُ هت اڪيلي آهيان).
    ت. جت، جِت: قارئين ڪرام! لفظ ”جِت“ ڪن صاحبن لکيو آهي ۽ ڪن صاحبن انهي لفظ ”جت“ تي اعرابون (زير، زبر، پيش) نه ڏنيون آهن. جن صاحبن ”ج“ کي زير ڏيئي لکيو آهي ۽ جن ”ج“ ۽ ”ت“ اکرن هيٺان زير ڏني آهي تن جي لفظ ”جِتِ“ جي معنيٰ ٿئي ٿي ”جتي، جنهن جاءِ تي“.
    ممتاز مرزا، ٻانهي خان شيخ ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي صاحبن لفظ جَت يا ”جِت“ نه لکيو آهي. انهن صاحبن مصرع لکي آهي:

    ”ڪَرڙا ڏوُنگَرَ ڪَـ هَ گَهڻِي، وِيا روڏا رِنگائي“
    قارئين ڪرام! اسان جڏهن اها مصرع پڙهي ته اسان جي ذهن ۾ هڪ سوال اُڀريو ته ”ڪير روڏا رنگائي ويا؟“ ته وري اسان جي ذهن ۾ انهي سوال جو جواب آيو ته ۡ:

    ”ڪرڙا ڏونگَرَ ڪاه گهڻي، جَتَ ويا روڏا رِنگائي“

    انهي مصرع لکڻ کان پوءِ اسان اُنهن سڀني صاحبن جي لکيل لفظ ”جِت“ کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ ناموزون ۽ غلط قرار ڏنو آهي مگر لفظ ”جَتَ“ درست ثابت ڪيو آهي.

    ث. ساڱاپي، سانگاپي، ساکاٻي، سانکاڀي: قارئين ڪرام! لفظ ”سانکاڀي“ حاجي محمّد سمي لکيو آهي. اسان انهي لفظ تي تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته سمي صاحب لفظ ”سانکاپي“ لکڻ ٿي چاهيو مگر ”پ“ کي ٽن نُقطن بجاءِ چئن نُقطن سان ڀل وچان لکيائين.
    لفظ ”ساکاٻي“ ممتاز مرزا لکيو آهي. اهو هن ڪري لکيائين ته گنج قديم جي ص 113 تي به ”ساکاٻي“ لکيل آهي ۽ ”پ“ بجاءِ ”ٻ“ لکڻ جي سهو ڪيائين. اهو لفظ ”ساکاپي“ اصل ۾ ”سانڱاپي“ لکيو ويندو. ممتاز مرزا کان لفظ لکڻ جي غلطي ٿي ويئي آهي.
    غلط لفظ ”سانگاپي“ جن لکيو آهي سي صاحبان آهن، فقير تاج محمّد نظاماڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي. جن صاحبن درست لفظ ”ساڱاپي“ لکيو آهي سي آهن ديوان تارا چند، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، غلام مصطفيٰ مشتاق، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ باگو جي ڏانو جي.
    اسان هنن جي لکيل لفظ ”ساڱاپي“ کي برابر هن ڪري تسليم ڪيو آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ ”سيڻن“ استعمال فرمايو اهو لفظ ”سيڻن“ لفظ ”ساڱاپي“ جي تصديق ڪري ٿو.

    ج. تنهن، تـ ه، ٿي، ويئي: لفظ ”ويئي“ فقط سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيو آهي. نهايت ئي نامناسب لفظ لکيو اٿس. اهو هن ڪري ٿا چئون ته انهي مصرع جي درست معنيٰ نه ٿي نڪري. جن صاحبن لفظ ”تـ ه“ لکيو آهي سي آهن، ڊاڪٽر گربخشاڻي، حاجي محمّد سمون، غلام محمّد شاهواڻي هنن صاحبن قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ لفظ ”تـ ه“ لکيو آهي. جن صاحبن لفظ ”تنهن“ لکيو آهي سي صاحبان آهن، ديوان تارچند، عثمان علي انصاري، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ، ٻانهون خان شيخ، علامه آءِ آءِ قاضي، غلام مصطفيٰ مشتاق، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ ممتاز مرزا.
    قارئين ڪرام! لفظ ”تـَ ه“ ۽ ”تنهن“ جن صاحبن لکيو تن اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيو آهي. غلط هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”تنهن“ ۽ ”تـ ه“ بيت جي ٽين مصرع ۾ ڪا مناسبت نا ٿا رکن. اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن لفظ ”ٿي“ لکيو آهي. تن درست لفظ لکيو آهي. درست هن ڪري ٿا چئون ته ٻي مصرع ۾ اهو لفظ نهايت ئي با معنيٰ لڳي ٿو ٻي مصرع ملاحظه فرمايوۡ:

    رَهيَسِ رَسُ لَطيِفُ چي، ٿِي ڪَمينيءَ ڪاهي،

    هن مصرع ۾ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه سسئي جي روپ ۾ فرمائي ٿو ته ”ڪميڻي چوي ٿي ته تنهنجي طرف ڪاهيان ٿي پر راه ۾ رهجي ويئي آهيان، مون ڪميڻي جي طرف ڪاهي اَچ مون وٽ رس ۽ پهچ.

    ح. معذورِن: اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته اِهو بيت حضرت ڀٽ ڌڻيءَ هڪ سسئي جي زباني فرمايو آهي ۽ نه گهڻين لاءِ. تنهنڪري لفظ ”معذورِن“ سڀني مرتب ۽ محققن غلط لکيو آهي اِهو لفظ اصل ۾ ”معذورڻ“ آهي قديم ڪاتبن ”معذورن“ هن ڪري لکيو ته قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ڻ“ اکر نه هو.

    خ. جي، جو: قارئين ڪرام! لفظ ”جي“ جن صاحبن لکيو آهي سي صاحبان آهن، فقير تاج محمّد نظاماڻي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، عثمان علي انصاري، غلام محمّد شاهواڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، ديوان تاراچند، غلام مصطفيٰ مشتاق، باگوجي ڏانوجي ۽ محمّد عثمان ڏيپلائي.
    اسان انهن جي لکيل لفظ ”جي“ کي غلط قرار هن ڪري ڏنو آهي ته هنن صاحبن مصرع لکي آهي. ”آرياڻي آهي منهه معذورن جي“. جيڪڏهن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ انهي مصرع ۾ لفظ ”منهي“ استعمال ڪري ها ته پوءِ لفظ ”جي“ درست قرار ڏجي ها. مگر حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ته ”منهه“ لفظ فرمايو ”منهه“ مذڪر لفظ آهي تنهنڪري لفظ ”جو“ استعمال ٿيندو ۽ نه ”جي“ اسان انهن صاحبن جي تعريف ڪريون ٿا جن بيت جي آخري مصرع ۾ لفظ ”جو“ استعمال ڪيو آهي. ”جو“ لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ٻانهون خان شيخ ۽ ممتاز مرزا.
    ممتاز مرزا اهو لفظ ”جو“ هن ڪري لکيو ته سيّد عبدالعظيم سڀني ڪاتبن مرتبن ۽ محققن کان اڳ ۾ لفظ ”جو“ بيت ۾ لکيو.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.

    ڪَرڙا ڏوُنگَرَ ڪَـااهَه گَهڻِي، جَتَ وِيا روڏا رِنگائي،
    ساڱاپي سيڻَن جي، ٿِي وِندُرِ واجهائي،
    رَهيَسِ رَسُ لَطيِفُ چي، ٿِي ڪَمينيءَ ڪاهي،
    آرِياڻي آهي، مَنهَه مَعذورِڻ جو.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيء پهريَن ٻن مصرعن ۾ پهاڙن جي سختي ۽ سسئي جي سيڻن لاءِ وندر ۾ واجهائڻ واري حقيقت بيان ڪندي فرمايو آهي ته کَهُرا ۽ اڻانگا پهاڙ آهن، پنڌ پري جو آهي، منزل دور آهي (پنهل جا) جَت اُٺ ڪاهي (روڏا رنگائي) هليا ويا آهن. سسئي سيڻن (جَت) جي سنڱ سياڪي جي آڌار تي پنهل ۽ ان جي قافلي کي پئي واجهائي ۽ ڳولي.
    بيت جي آخري ٻن مصرعن ۾ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ سسئي جي زباني فرمائي ٿو ته اي پنهل آئون ڪميڻي قافلي جي پٺيان هلندي هلندي ٿڪجڻ سببان پوئتي رهجي ويئي آهيان تون مهرباني ڪري مون تائين پهچ ۽ رس.
    حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه سسئي جي روپ ۾ فرمايو ته آرياڻي مون معذور جو منهه، ڇپر ۽ ڇانءُ آهي.

    *****

    جَڏيَ وَٽِ جَالي، مَانَ للهِ ڪَارَن لِکِهَ سِينئَ،
    آهِيَان آرِيَڃَامَجي، هِتِ هُتِ حَوَالي،
    عَيبَ مُـنـ۾ اکَرَاَ، مَانَ نِرمَلُ نَقَالي،
    پِرِِ سَا پَالي، ڪَامِل نِيُندو ڪيچَڏي!
    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر معذور جو ص212)

    جَڏِيَ وَٿِ جَالي مَانَ لِلّهَ کَارَٺِ لِکَهه سيِن،
    آهي اَرِيَ آسِري، هِت هُت حَوَالي،
    عَيبَ مَنَ مَان ِاَڳِرَا، مَنَ نِرمَلُ نِکَالي،
    پَرٿِيَاٺِي پَالي، کَامِلُ نِيندو کيچَ ڏي.
    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر ديسي ص360سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

    جَڏئ وٽ جالي مانَ لِله ڪارڻ لِکَه سيِئن،
    آهي اَريءَ ڄامَ جي، هِت هُت حوالي،
    عَيبَ مون ۾ ِاَڳِرا، نِرمَلُ نڪالي،
    پَرٽَياڻِي پالي، ڪامِلُ نِيندو ڪيچ ڏي.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر ديسي ص260سال 1900ع)

    جَڏِيَءَ وَٽِ جَالي، مَان نَه للهِ ڪَارڻِ لِکَ سِينءَ،
    آهِيَان آرِيَءَ ڄَامَ جي، هِتِ هُتِ حَوالي،
    عَيبَ موُن ۾ اَڳِرا، مَان نَه نِرمَلَ نِڪَالي،
    پَرٽِيَاڻِي پَالي، ڪَامِلُ نِيندو ڪيچَ ڏي!
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر سروديسي ص173سال2012 )

    جَڏِيَ وٽِ جالي مانَ للهِ ڪارَڻِ لِکَ سيِنءَ،
    آهي اَريءَ ڄامَ جي، هِتِ هُتِ حَوالي،
    عيبَ مون ۾ اَڳرا، مانَ نِرمَلُ نِڪالي،
    پَرٽياڻِي پالي، ڪامِلُ نِندو ڪيچَ ڏي!
    (ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص376سا ل 1996 )

    جَڏيِءَ وَٽِ جالي مانَ اَلِلّهِ ڪارَڻِ لِکَ سيِئن،
    آهي آريءَ ڄامَ جي، هِتِ هُتِ حوالي،
    عَيبَ موُن اَڳَرا، مانَ نِرمَلَ نِڪالي،
    پَرِٽياڻي پالي، ڪامُل نِيندو ڪيچَ ڏي!
    (ڪلياڻ آڏواڻي شاهه رسالو سُر ديسي ص176)

    جَڏِيءَ وَٽِ جالِي مانَ للهِ ڪارَڻِ لِکَ سِين،
    آهِيان آرِيءَ ڄامَ جي، هِتَ هُتِ حَوالي،
    عَيبَ مُون اڳَرا، نِرمَلَ نِڪالي،
    پريتاڻِي پالي، ڪامِلُ نِيندو ڪيچَ ڏي!
    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر ديسي ص213سال 2009)

    جَڏِيءَ وَٽِ جالي، مانَ اَللهُ ڪارَڻِ لِکَ سيِئن،
    آهي آرفيءَ ڄامَ جي، هِتِ هُتِ حوالي،
    عَيبَ موُن اَڳَرا، مانَ نِرمَلَ نِڪالي،
    پَرِٽياڻِي پالي، ڪامِلُ نِيندو ڪيچَ ڏي!

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 255سال 2013)

    جَڏِيَءَ وَٽِ جالي، مَان اَللهِ ڪَارڻِ لِکَ سِيئَن،
    آهي آرِيءَ ڄامَ جي، هِتِ هُتِ حَوالي،
    عَيبَ موُن ۾ اَڳَرا، مانَ نِرمَلَ نِڪالي،
    پَرِٽيَاڻِي پَالي، ڪامِلُ نِيندو ڪيچَ ڏي!
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر ديسي ص 103سال 1994 )

    جَڏيءَ وٽ جالي، مانَ الله ڪارڻ لَک سِيئَن،
    آهي آرِيءَ ڄامَ جي، هِت هُت حوالي،
    عَيبَ مون ۾ اَڳرا، مانَ نِرمَلَ نِڪالي،
    پَرِٽياڻِي پالي، ڪامِل نيُندو ڪيچ ڏي!
    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص299مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    جَڏِيَ وٽِ جالي مانَ للهِ ڪارَڻِ لِکَه سيِئَن،
    آهي اَريءَ ڄامَ جي، هِت هُت حَوالي،
    عيبَ مون ۾ اَڳرا، مانَ نِرمَلُ نِڪالي،
    پَرٽياڻِي پالي، ڪامِلُ نِيندو ڪيچَ ڏي!
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 345بااختيار ادارو سال 1994 )

    جڏيِءَ وَٽِ جالي مانَ للهِ ڪارَڻِ لِکَ سيِنءَ،
    آهي آريءَ ڄامَ جي، هِتِ هُتِ حَوالي،
    عَيبَ موُن اَڳَرا، مانَ نِرمَلَ نِڪالي،
    پَرِٽياڻِي پالي، ڪامِل نِيندو ڪيچَ ڏي!
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص462سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    جَڏئ وٽ جاني، مانَ للهِ ڪارڻ لِکَ سيِئن،
    آهي اَريءَ ڄامَ جي، هِت هُت حوالي،
    عَيبَ مون ۾ ِاڳرا، نرمل نڪالي،
    پرٽياڻي پالي، ڪامل نِيندو ڪيچ ڏي.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 278سال 2009ع مهراڻ)

    جَڏِيَ وَٽِ جالي، مانَ ِللهِ ڪارَڻِ لِکَ سِينءَ،
    آهي آرِيَ ڄامَ جي، هِتِ هُتِ حَوالي،
    عَيبَ موُن ۾ اَڳَرا، مانَ نِرمَلَ نِڪالي،
    پَرِٽياڻِي پالي، ڪامِلُ نِندو ڪيچَ ڏي!
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص185سال 2013ع روشني)

    جڏي وٽ جالي، مان لله ڪارڻ لِک سين،
    آهيان آرِي آسري، هِت هُت حوالي،
    عيب مون ۾ اڳرا، مانَ نرمل نڪالي،
    پَرٽياڻي پالي، ڪامل نِيندُو ڪِيچ ڏي.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر ديسي ص 205سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    جَڏيءَ وٽ جاني، مانَ للهِ ڪارڻ لِکَ سيِئن،
    آهي آريءَ ڄامَ جي، هِت هُت حوالي،
    عَيبَ مون ۾ ِاڳرا، نرمل نڪالي،
    پَرٽياڻي پالي، ڪامل نيندو ڪيچ ڏي.
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 339سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    جَڏيءَ وٽ جالي، مانَ للهِ ڪارڻ لِک سين،
    آهيان آري آسري، هِت هُت حوالي،
    عيب مون ۾ اڳرا، مانَ نرمل نڪالي،
    پَريٽياڻي پالي، ڪامل نيندو ڪيچ ڏي.
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 144سال 2008ع )

    جَڏيءَ وَٽِ جالي، مانَ اَللهُ ڪارَڻِ لِکَ سيِئن،
    آهي آرفِيءَ ڄامَ جي، هِتِ هُتِ حوالي،
    عَيبَ موُن اَڳَرا، مانَ نِرمَلُ نِڪالي!
    پَرِٽياڻِي پالي، ڪامِلُ نِيندو ڪيچَ ڏي!
    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 104سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

    نوٽ: ممتاز مرزا اهو بيت نه لکيو ڇا ڪاڻ ته گنج شريف ۾ اهو بيت لکيل نه آهي.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (جالي، جاني)، (مان، مان نه)، (اَلِلـ ه ڪارڻ، للهِ ڪارڻ)، (آهي، آهيان)، (آرفيءَ ڄام، آري ڄام، آري آسري، آري جي آسري)، (مون ۾ اڳرا، مون اڳرا، مون ۾ اکرا)، (نڪالي، نقالي)، (پرٽياڻي، پريٽياڻي، پرتياڻي، پِرِِ سَا پالي)، (نيندو، نندو)

    الف. جالي، جاني: قارئين ڪرام! لفظ ”جاني“ محمّد عثمان ڏيپلائي لکيو آهي. ان جي پوءِ واري ۽ تقليد ڪندي باگي جي ڏاني جي به لفظ ”جاني“ لکيو آهي، انهن صاحبن جو لکيل لفظ ”جاني“ بنهه غلط لکيل آهي. باقي ٻين صاحبن جن جا اسان مٿي بيت لکيا آهن تن لفظ ”جالي“ بيت جي مصرع جو پهريون قافيو درست لکيو آهي.
    ب. مان، مان نه: الفاظ ”مان نه“ فقط ٻانهي خان شيخ لکيا آهن، لفظ ”مان“ واري ”ن“ تي جزم نه ڏنل آهي. الفاظ بلڪل غلط لکيا اٿس. معنيٰ ٿئي ٿي ”شال نه“ انهي محقق جي مقابلي ۾ ٻين باقي ڪاتبن، مرتبن ۽ محققن لفظ ”مانَ“ يعني ”شال“ نهايت ئي درست لفظ لکيو آهي.

    ت. اَلِلـ ه ڪارڻ، للهِ ڪارڻ: قارئين ڪرام! ڪلياڻ آڏواڻي بيت جي پهرين مصرع ۾ ”اَلِلّـ هِ ڪارڻ“ نهايت ئي نامناسب الفاظ لکيا آهن.
    الفاظ ”للهِ ڪارڻ“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، علامه آٰءِ آءِ قاضي، شمس العلماءَ مرزا قليچ، غلام محمّد شاهواڻي، ديوان تاراچند، حاجي محمّد سمون، فقير تاج محمّد نظاماڻي، سگهڙ حاجي الهداد جنجهي،محمّد عثمان ڏيپلائي، ٻانهون خان شيخ، باگوجي ڏانو جي ۽ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ لکيا آهن.
    هنن صاحبن جي لکيل الفاظ کي اسان تحقيق بعد غلط قرار ڏنوآهي. اهو هن ڪري ته ” ِلله“ جي معنيٰ آهي ”واسطي ۽ ”ڪارڻ“ جي معنيٰ به آهي ”واسطي“.
    درست قرار ڏنو آهي ”الله ڪارڻ“ الفاظ کي انهن لفظن جي معنيٰ آهي ”الله جي واسطي، الله جي صدقي“. اسان حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو فرمايل بيت اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪريون ٿا. اهو بيت اسان جي تحقيق جي تصديق ڪري ٿو. ملاحظه فرمايو.
    اَلله ڪارَڻ اوٺِيا، ڪَرَها مَ ڪاهِيو.
    جانِبَ! جَڏَي جِيءُ جو، آڳانڍو آهيو.
    لاڳاپو لاهِيو، مَتان مُنهنجو، سُپرين!
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو، سر ديسي ص 39 سال 2013)

    قارئين ڪرام! هن بيت جي پهرين مصرع جا ٻه لفظ ”الله ڪارڻ“ لکيل آهن ۽ نه ”ِلله ڪارڻ“.
    درست الفاظ ”الله ڪارڻ“ لکڻ وارا صاحبان آهن عثمان علي انصاري، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق .

    ث. آهي، آهيان: جن صاحبن لفظ ”آهي“ لکيو ، تن اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيو آهي ۽ جن صاحبن لفظ ”آهيان“ لکيو تن اسان جي تحقيق مطابق درست لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته پهرين مصرع ۾ سسئي چئي ٿي ته ”مانَ، شالَ، الله ڪارڻ مون جڏي وٽ لِک برابر ذري برابر گهڙي پل منهنجو آرياڻي گذاري .
    ٽين مصرع ۾ لفظ آهن ”عيب مون ۾ اڳرا“ تنهنڪري لفظ ”آهيان“ ٻي مصرع ۾ نهايت ئي درست لڳي ٿو. جن صاحبن درست لفظ ”آهيان“ لکيو سي صاحبان آهن، حاجي محمّد سمون، ٻانهون خان شيخ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي.

    ج. آرفيءَ ڄام، آري ڄام، آري آسري، آري جي آسري: قارئين ڪرام! اسان جي تحقيق مطابق عثمان علي انصاري الفاظ ”آرفيءَ ڄام“ نه لکيا هوندا ڇا ڪاڻ ته ان کان اهڙي عظيم غلطي ٿي نه ٿي سگهي اها غلطي ڪمپوزر ۽ پروف ريڊر جي ٿي سگهي ٿي. جنهن جي غلطي سببان الفاظ ”آرفيءَ ڄام“ لکجي ويا. رهيو سوال غلام مصطفيٰ مشتاق جي ”آرفيءَ ڄام“ لکڻ جو ته اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته هن صاحب هر بيت عثمان علي انصاري جي ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ تان هو به هو نقل ڪيو آهي. هن ڪا به تحقيق نه ڪئي آهي. تنهن ڪري هن جي سراسر غلطي ثابت ٿي چڪي آهي. هن صاحب وڏن نالن ۾ پنهنجي نالي کي شمار ڪرڻ لاءِ ”شاهه جو رسالو “ عثمان علي انصاري جي ترتيب ڏنل رسالي تان هو به هو نقل اتاري حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي عاشقن کي پڙهڻ لاءِ پيش ڪيو آهي.
    الفاظ ”آري جي آسري“ فقط ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ لکرايا آهن ۽ الفاظ ”آري آسري“ فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيا آهن. اسان جي تحقيق مطابق انهن صاحبن جا الفاظ نا مناسب لکيل آهن.
    جن صاحبن الفاظ ”آري ڄام“ لکيا تن نهايت درست الفاظ لکيا آهن.
    اهو هن ڪري ٿا چئون ته
    ”آهيان آري ڄام جي هِت هُت حوالي“
    هي موزون مصرع آهي هن منجهان نهايت ئي درست معنيٰ نڪري ٿي.

    ح. مون ۾ اڳرا، مون اڳرا، مون ۾ اکرا: جن صاحبن الفاظ ”مون اڳرا“ لکيا تن اسان جي تحقيق مطابق مناسب الفاظ نه لکيا آهن. اهو هن ڪري ٿا چئون ته ”عيب مون اڳرا“ فقري جو مقصد واضح نه ٿو نڪري انهي فقري جي مقابلي ۾ جن ليکڪن ”عيب مون ۾ اڳرا“ فقرو لکيو تن جو فقرو تحقيق مطابق درست آهي. ڇا ڪاڻ ته هن فقري جي معنيٰ صحيح نموني سمجهه ۾ اچي ٿي.
    رهيو سوال الفاظ ”مون ۾اکرا“ جو ته لفظ ”اکرا“ قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ لکيا ويا جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ اهي الفاظ ٿين ٿا ”عيب مون ۾ اڳرا“.

    خ. نڪالي، نقالي: حاجي محمّد سمي لفظ ”نقالي“ لکيو آهي. اهو لفظ اسان جي تحقيق مطابق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ مناسب نه آهي اهو هن ڪري ته لفظ ”نقالي“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ با معني ثابت نه ٿو ٿئي هن لفظ جي معني آهي نقل ڪرڻ ۽ لفظ ”نڪالي“ جي معنيٰ آهي ”ڪڍي، مون کي عيبن کان آجو ڪري“ هي درست لفظ آهي. تنهنڪري ئي اسان حاجي محمّد سمي جي لکيل لفظ ”نقالي“ بيت ۾ مناسب نه ٿا سمجهون، کيس نِڪالي ٿا ڏيون.
    د. پرٽياڻي، پريٽياڻي، پرتياڻي، پِرِِ سَا پالي: الفاظ ”پرِِ سَا پالي“ حاجي محمّد سمي لکيا آهن اسان جي تحقيق مطابق بيت ۾ نه ٿا سُونهِن. الفاظ ”پريٽياڻي ۽ پرٽياڻي“ ساڳي معنيٰ وارا الفاظ آهن. اسان جي تحقيق مطابق اهي الفاظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ مناسب نه ٿا لڳن. هن ڪري مناسب نه ٿا لڳن ته ”پرٽياڻي“ جي معنيٰ آهي ”ڌوٻڻ“.
    قارئين ڪرام! ”ڌوپڻ کي پالي ڪيچ ڏي وٺي وڃڻ“ وارو خيال درست نه آهي مگر ”پريتاڻي پالي“ الفاظ جي معنيٰ آهي ”پريت کي فروغ ڏيئي محبت کي نظر ۾ رکي، سسئي کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي“.
    اها راءِ هن ڪري درست آهي ته سسئي چيو ته شال منهنجو محبوب مون منجهان عيب ڪڍي ڇڏي، پنهنجِي ۽ منهنجِي پريت ۽ محبت کي برقرار رکندي مون کي ڪيچ وٺي وڃي.
    قارئين ڪرام! اسان ”پريتاڻي پالي“ الفاظ کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي بيت ۾ لکڻ مناسب سمجهون ٿا.
    ذ. نيندو، نندو: جن صاحبن لفظ ”نندو“ لکيو آهي تن قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”نِندو“ لکيو ويو آهي. اهو لفظ جديد توڙي قديم صورت خطيءَ ۾ ”نيندو“ ڳالهايو ۽ پڙهيو ويندو هو.
    نامناسب لفظ ”نندو“ ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي لکيو آهي.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي:

    جَڏيءَ وٽ جالي، مانَ اَللهِ ڪارڻ لِکَ سيِنءَ،
    آهيان اَرِيءَ ڄامَ جي، هِت هُت حوالي،
    عَيبَ مُون ۾ ِاڳرا، مانَ نرمل نِڪالي،
    پِريتاڻِي پَالي، ڪَامل نِيندو ڪِيچ ڏي.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ سسئي جي زباني فرمائي ٿو مانَ، شالَ الله جلّ شانـ هُ جي صدقي مون جڏي وٽ لِک ڀر پلڪ کن منهنجو محبوب مون سان گڏ گذاري، مون وٽ رهي، مون وٽ ترسي.
    مان ته آري ڄام جي آهيان ۽ هِت (هِن جهان ۾) توڻي هُت (اڳئين جهان ۾) انهي جي نالي ۽ حوالي آهيان.
    مون ۾ عيب گهڻا (اڻ ڳڻ ۽ اڪيچار)آهن شال خدا ڪري ته منهنجو محبوب مون منجهان عيبن کي ڪڍي.
    مون کي اميد آهي ته منهنجي ۽ پنهنجي پريت کي پالي (پاڙي) مون کي پاڻ سان گڏ ڪيچ وٺي ويندو.

    *****

    مَتا ڪَا ٻَرِي، ٻُولِ ٻَارُوچيِ وِسَهي،
    هُندَ نَه سُتَيِسِ سَرَتِيءٌ ويهِي رَهِيَسِ وَنِي،
    جَتهَ پَاهَجِئ جَوئِـ۾، کَارِينِ مَانَ کَٺِي!
    ڪيچِينِ آءٌ تَڪَڙِي ڪَـ هِ ڏُجَنِ ڏَاوَنُ ڏَائِيُون.
    (سيّد عبدالعظيم گنج سُر ودسسئي ص 131)

    ٻُولَ ٻَارُوچيِ وِسَهي، مَتَانڪَا ٻَڙِي،
    هُندَ نه سُتِيَسِ سَرَتِيءٌ، هُندَ ويهِي رَهِيَسِ وَني،
    جَتَ پانهجِيَ جُوئِـ۾ کَارِين مَانَ کَڙِي،
    ڪيچِيَنِ آءُ نَه ڪَڙِي، ڪِ ه ڏُکِيَ ڏانَونَ ڇُوڙئَا.
    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر معذور جو ص221)

    مَتَان کَا ٻَڙِي، ٻولِ ٻَروچيِ وِسهَي،
    هُوندَ نَه سُتِيَسِ سَرتِيُون، ويهِي رَهِيسَ وَرِي،
    جَتَ مُنهِن جي جوءِ مين کهَارِنِ مَانَ گَهڙِي،
    ڪيچِنِ آن نَه ڪَڙِي، پَرَ ڪَنهِن ڏُدهِيَ ڏَاوَڻُ ڏائِيو.
    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر ديسي ص349سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

    متان ڪا ٻَڙي، ٻولَ ٻاروچيِ وسهَي،
    هُوندَ نه سُتيَس سَرتيون، ويهي رهيسَ وَري،
    جَتَ پنهنجي جُوءِ ۾ گهارِيِن مانَ گَهڙي،
    ڪيچين آءُ نه ڪَڙي، ڪنهن ڏُکي ڏاوَڻُ ڏائيون.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر ديسي ص273سال 1900ع)

    مَتَان ڪَا ٻَڙِي، ٻولِ ٻَاروچيِ وِسَهي،
    هُوندَ نه سُتيَس سَرَتِيُون، ويهِي رَهِيسَ وَڻِي،
    جَتَ پَانهِنجي جوءِ ۾، گهَارِينِ مَان نَه گهَڙِي،
    ڪيچِيَنِ آئُون نَه ڪَڙِي، ڪَنهِن ڏُڄَڻِ ڏَاوُڻُ ڏائيو.
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو جلد ٻيو سُر سروديسي ص210سال2012 )
    متان ڪا ٻَڙِي! ٻولَ ٻاروچيِ وسهَي،
    هُندَ نه سُتِيَسِ سرتيون! ويهِي رهيَسِ وِڙي،
    جَتَ پَهِجي جُوءِ ۾، گهارِنِ مانَ گهَڙِي،
    ڪيچيَنِ آن نه ڪَڙِي، ڪِـ ه ڏکِي ڏاوَڻُ ڏائَيو.
    (ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص382سا ل 1996 )

    مَتان ڪا ٻَڙي، ٻولَ ٻاروچيِ وسهَي،
    هُوندَ نه سُتيَس سَرَتِيون، ويهي رَهِيَس وَڙي،
    جَتَ پنهنجي جُوءِ ۾ گهارِيِن مانَ گَهڙي،
    ڪيچِيُنِ آئون نه ڪَڙي، ڪنهن ڏُکيءَ ڏاوڻُ ڏائيو.
    (ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص183)

    متان ڪا ٻَڙي، ٻولَ ٻاروچيِ وسهَي،
    هُوندَ نه سُتيَس سرتيونَ! ويهِي رهيس وَڙي،
    جَت پَانهنجِئ جَوءِ ۾، گهَارَين مانَ گَهڙِي!
    ڪيچِينِ آئون ته ڪَڙِي، ڪنهن ڏڄَڻِ ڏانوڻُ ڏائِيو.
    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سرودسئسي ص131سال 1995 )

    مَتان ڪا ٻَڙي! ٻولَ ٻاروچيِ وسهَي،
    هُوندَ نَه سُتيَس سَرَتِيُون! ويهِي رَهيسَ وَڙي،
    جَتَ پَنهنجي جُوءِ ۾، گهَارِين مانَ گَهڙِي!
    ڪيچِيُنِ آئون نه ڪَڙِي، ڪنهن ڏُکِيءَ ڏاوَڻُ ڏائِيو.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 266سال 2013)

    مَتان ڪَا، ٻَڙِي! ٻولَ ٻاروچيِ وِسَهي،
    هُوندَ نه سُتِيَسِ سَرَتِيُون! ويهِي رَهِيَسِ وَڙِي،
    جَتَ پَنهنجي جوُءِ ۾، گهارِينِ مانَ گهَڙِي!
    ڪيچِيُنِ آئُون نه ڪَڙِي، ڪنهن ڏُکِي ڏاوَڻُ ڏائِيو.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر ديسي ص 254سال 1994 )

    متان ڪا ٻَڙِي، ٻولَ ٻاروچيِ وسهَي،
    هُوندَ نَه سُتيَس سَرتيون! ويهِي رهيس وڙي،
    جَتَ تنهنجي جُوءِ ۾، گهَارِين مانَ گَهڙي!
    ڪيچين آءٌ نَه ڪَڙي، ڪ ه ڏُکي ٽلُون ڏائيو.
    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص311مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    متان ڪا ٻڙي، ٻولَ ٻاروچيِ وسهي،
    هُوندَ نه سُتيَس سرتيون، ويهي رهيسَ وري،
    جَتَ پنهنجي جُوءِ ۾ گهارِيِن مانَ گهڙي،
    ڪيچين آءُ نه ڪَڙي، ڪنهن ڏُکئ ڏاوَڻُ ڏائيون.
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 361بااختيار ادارو سال 1994 )

    مَتان ڪا ٻَڙي، ٻولَ ٻاروچيِ وسهَي،
    هُوندَ نَه سُتِيَسِ سَرَتِيُون! ويهِي رَهِيسَ وَڙي،
    جَتَ پنهنجِي جُوءِ ۾، گهارِن مانَ گَهڙي!
    ڪيچِيَنِ آن نَه ڪڙي، ڪ ه ڏُکِيءَ ڏاوَڻُ ڏائِيو.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص479 ادبي بورڊ 1993 )

    متان ڪا ٻڙي، ٻول ٻاروچيِ وسهي،
    هوند نه ستيس سرتيون، ويهي رهيس وري،
    جَتَ پَنهنجي جوءِ ۾، گهارِين مانَ گهڙي،
    ڪيچين آءٌ نه ڪَڙي، ڪنهن ڏُکيءَ ڏاوڻ ڏائيو.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 288سال 2009ع مهراڻ اڪيڊمي)

    متان ڪا ٻَڙِي، ٻولَ ٻاروچيِ وسهَي،
    هُندَ نَه سُتيَس سَرَتِيُون! ويهِي رَهيسَ وَڙي،
    جَتَ پهَجي جُوءِ ۾، گهَارِنِ مانَ گَهڙي!
    ڪيچِيَنِ آن نَه ڪڙي، ڪ ه ڏُکِيَ ڏاوڻُ ڏائِيو.
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص190سال 2013ع روشني)

    متان ڪا ٻَڙي، ٻَول ٻاروچيِ وِسهي،
    ستيس ڪين سَرتيون، وِيٺيس هوند کڙي،
    جَتَ پَنهنجي جوءِ ۾، گَهارِينَ مان گَهڙي،
    ڪيچين آئون نه ڪَڙي، ڪِنهن ڏکي ڏاوُڻ ڏاَئيو.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر ديسي ص 204سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    متان ڪا ٻڙي، ٻول ٻاروچيِ وسهي،
    هوند نه ستيس سرتيون، ويهي رهيس وري،
    جَتَ پَنهنجي جوءِ ۾، گهارِين مانَ گهڙي،
    ڪيچين آءٌ نه ڪَڙي، ڪنهن ڏُکي ڏاوڻ ڏائيو.
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 356سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    متان ڪا ٻَڙي ٻول ٻاروچيِ وسهي،
    هُوند نه سُتيس سرتيون، ويهي رهيس وڙَي،
    جَتَ پَنهنجي جوُءِ ۾، گهارِين مانَ گهڙي،
    ڪيچين آءٌ نه ڪَڙي، ڪنهن ڏُکيءَ ڏاوڻ ڏانئيو.
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 143سال 2008ع )

    مَتان ڪا، ٻَڙي! ٻولَ ٻاروچيِ وسهَي،
    هُوندَ نَه سُتيَس سَرَتِيُون! ويهِي رَهيسَ وَڙي،
    جَتَ پَنهنجي جُوءِ ۾، گهَارِين مانَ گَهڙِي!
    ڪيچِيُنِ آئون نه ڪَڙِي، ڪنهن ڏُکِيءَ ڏاوَڻُ ڏائِيو.
    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر ديسي ص 102سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

    نوٽ: جنهن بهترين بيت جي تحقيق ڪري رهيا آهيون. تنهن بيت کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪلام منجهان خارج ڪري ڇڏيو آهي.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (متان ڪا، متانڪا)، (ٻڙي)، (هوند نه ستين، ستين ڪين، هند نه سين، ستين ڪين)، (ويهي رهيس، ويٺيس هوند)، (وڙي، وري، وڻي، وني)، (پنهنجي، پانهنجي، منهِن جي، تنهنجي)، (نه ڪڙي، ته ڪڙي)، (گهارِين، گهارن)، (مانَ، مان نه )، (ڪنهن ڏڄڻ، ڪنهن ڏکي، ڪنهن ڏدهي)، (ڏاون، ڏواڻ، ڏانوڻ، ٽلوڻ)، (ڏائيو، ڏانئيو، ڇوڙيا)

    الف. متان ڪا، متانڪا: قارئين ڪرام! هي مصرع:
    ”متان ڪا ٻڙي ٻول ٻاروچي وسهي“
    ويهن (20) قلمي ۽ ڇاپي رسالن ۾ پڙهي سين ته اسان اها مصرع ”حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي فرمايل“ نه مڃي. اها مصرع اسان هن ڪري تسليم نه ڪئي جو اهو خيال ڪافرانه ۽ ملحدانه آهي. سسئي جو ٻاروچو پنهون آهي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو ٻاروچو الله (جلّ شانـ هُ) ۽ الله جو رسولﷺآهي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه ڪئن سسئي جي زباني فرمائيندو ته :
    ”متان ڪا ٻڙي ٻول ٻاروچي وسهي“
    اسان هنن ڪاتبن، مرتبن ۽ محققن جي لکيل مصرع جي معنيٰ ڳولي ته سواءِ ڪلياڻ آڏواڻي ۽ ٻانهي خان شيخ جي باقي ڪنهن به محقق انهي مصرع جي معنيٰ نه لکي آهي.
    ڪلياڻ آڏواڻي مصرع جي معنيٰ لکي آهي، ”ٻڙي؛ متان ڪا منڌ ٻاروچي جي سخن تي ويسهه ڪري“ (ص 183)
    ٻانهي خان شيخ انهي مصرع جي لفظي معنيٰ لکي آهي ”بلڪل نه، اي ٻڙي، اي ڀيڻ ٻاروچي جي ٻول تي انجام تي يا واعدي تي ڪا به اعتبار ڪري“
    قارئين ڪرام! انهن صاحبن جي لکيل معنيٰ اسان جو اندر ساڙي ڇڏيو تنهنڪري مختلف رسالن جو بار بر مطالعو جاري رکيو سين. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نگراني ۾ سن 1995ع ۾ حاجي محمّد سمي جو ڪتابت ڪيل شاهه جو رسالو شايع ٿيو. سندس لکيل رسالي ۾ مون کي سسئي جي پنجن سُرن بجاءِ چار سُر لکيل نظر آيا. ڇا ڪاڻ ته سُر ديسي کي، سُر معذور ۾ ملائي لکيو ويو هو. اها ڄاڻ مون کي تڏهن ملي جڏهن صفحي 201 تي ”سُر ديسي جو“ لکيل پڙهيم.
    سُر ديسي جو مطلعو شروع ڪيم ته ”متان ڪا ٻڙي“ سان شروع ٿيندڙ مصرع نظر نه آئي. پوءِ سوچيم ته متان مصرع کي ڪاتب اُبتو لکيو هجي، اهو خيال دل ۾ رکي وري مطالعو شروع ڪيم ته ص 221 تي مون کي پنهنجي مقصد واري مصرع ملي ويئي. اها مصرع هي آهي:
    ”ٻول ٻاروچي وسهي، متا نڪا ٻڙي“

    قارئين ڪرام! دل باغ بهار ٿي ويئي، دماغ کي تراوت اچي ويئي، انهي قديم سنڌي عربي رسم الخط ۾ لکيل مصرع کي جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ جڏهن لکيم ته مصرع ٺهي.
    ”ٻُول ٻاروچي وسهي، متان نَه ڪَا ٻَڙي“

    معنيٰ: متان ڪا شيطان وانگر متڪبّر عورت ٻاروچي جي ٻول تي اعتبار نه ڪري. هن کي ٻاروچي جي ٻول تي ويساهه رکڻ ۽ اعتبار ڪرڻ گهرجي.

    ب. ٻڙي: قارئين ڪرام! سڀني مرتبن ۽ محققن لفظ ”ٻڙي“ لکيو آهي. اسان کي انهي لفظ لکڻ تي ڪو به اعتراض نه آهي ڇا ڪاڻ ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ واقعي اهو لفظ ”ٻڙي“ پنهنجي بيت ۾ استعمال فرمايو آهي. اسان کي انهيءَ لفظ جي ان معني تي اعتراض آهي جيڪا معنيٰ ٻانهي خان شيخ، ڪلياڻ آڏواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومري، عثمان علي انصاري ۽ باگي جي ڏاني جي ”اڙي ادي“ لکي آهي.
    اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”ٻڙي“ جي معنيٰ ڪنهن به مرتب ۽ محقق نه سمجهي آهي ۽ نه وري سنڌيڪا لغت جي ليکڪ ۽ جامع سنڌي لغات جي ليکڪن لکي آهي. اسان انهيءَ لفظ ”ٻڙي“ تي تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته اسان جي سنڌ ۾ ”اڙي“ ۽ ”ٻڙي“ ٻه الفاظ مختلف معنيٰ ۾ استعمال ٿيندا آهن. ”اڙي“ عام عورت کي مخاطب ٿي چئبو آهي ۽ ”ٻڙي“ شيطان وانگر مغرور ۽ متڪبّر عورت کي چئبو آهي. سنڌي ٻولي ۾ ”بڙ“ مارڻ چئبو آهي، پنهنجي اجائي، بڙائي ۽ وڏائي جو اظهار ڪرڻ. انهي ”بڙ“ لفظ جي لڙهي منجهان حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ ”بڙي“ مان ”ٻڙي“ جوڙي، پنهنجي بيت ۾ استعمال فرمايو.

    ت. هوند نه ستين، ستين ڪين، هند نه ستين، ستين ڪين: فقط سگهڙ حاجي الله داد جنجهي الفاظ ”ستيس ڪين“ لکيا آهن. بنهه غلط الفاظ لکيا اٿس. ”ستيس ڪين“ جو مقصد آهي ”ننڊ نه ڪيم، جاڳندي رهيم“ .
    قارئين ڪرام! سسئي جڏهن سُتي ڪين ته پوءِ ظاهر آهي ته جاڳندي رهي ۽ جڏهن جاڳندي رهي ته پوءِ پنهل، جت ۽ انهن جو قافلو ڪئن سسئي جي اکين کان اوجهل ٿيا. معلوم ٿيو ته ”ستيس ڪين“ الفاظ سگهڙ صاحب غلط لکيا آهن.
    مگر ”هوند نه ستيس“ يعني جيڪر نه سمهان ها. اهي درست الفاظ باقي ڪاتبن مرتبن ۽ محققن لکيا آهن

    ث. ويهي رهيس، ويٺيس هوند: الفاظ ”ويٺيس هوند“ فقط سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيا آهن، نه صرف اهي الفاظ غلط لکيا اٿس مگر پوري مصرع سگهڙ صاحب غلط لکي آهي. سندس لکيل مصرع ملاحظه فرمايو.
    ستيس ڪين سَرتيون، وِيٺيس هوند کڙي،

    ٻين صاحبن الفاظ ”ويهي رهيس“ اسان جي تحقيق مطابق درست لکيا آهن.

    ج. وڙي، وري، وڻي، وني: لفظ ”وني“ قديم صورت خطيءَ ۾ سيّد عبدالعظيم ۽ حاجي محمّد سمي لکيا آهن. تنهن ڪري ٻانهي خان شيخ غلط لفظ ”وڻي“ لکيو آهي هن صاحب کي لفظ سمجهه ۾ نه آيو. اها راءِ هن ڪري ڏيون ٿا ته چئن مصرعن واري بيت جا چار قافيا آهن. پهريون قافيو ”ٻڙي“ ٽيون ”گهڙي“ ۽ چوٿون ”ڪڙي“ ٻانهي خان شيخ بيت ۾ لکيا آهن. هن صاحب کي ٻي مصرع جو قافيو ”وڙي“ لکڻ گهربو هو، مگر نه لکيائين.
    لفظ ”وري“ ديوان تاراچند مناسب نه لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته هن صاحب قديم صورت خطيءَ منجهان جديد صورت خطيءَ ۾ ”شاهه جو رسالو“ ٽرانسليٽ ڪيو انهي اڌ اکري سنڌي ۾ لفظ ”وري“ لکيل هيو. ديوان صاحب جيڪڏهن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جي باقي قافين تي توجه ڏئي ها ته لفظ ”وري“ بجاءِ لفظ ”وڙي“ ضرور لکي ها.
    تحقيق منجهان هي گمان به ٿئي ٿو ته متان پروف ريڊر کان غلطي ٿي هجي. باقي صاحبن لفظ ”وڙي“ نهايت درست لکيو آهي. ”وڙي“ لفظ جي معنيٰ ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي آهي ”وانجي، مڙهجي ص 396.
    ڪلياڻ آڏواڻي معنيٰ لکي آهي ”واڻجي“ (ص 183). غلام محمّد شاهواڻي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي نقل ڪندي معنيٰ ”وانجي، مڙهجي“ لکي آهي (ص 190).
    شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، عثمان علي انصاري ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق معنيٰ نه لکي.
    اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”وڙي“، واڙ ۽ واڙي جي لڙهي جو لفظ آهي هن جي معنيٰ واڻجي نه مگر واڙ جي ويهڻ يعنيٰ بند ٿي ويهڻ ٻاهر نه نڪرڻ آهي.

    ح. پنهنجي، پانهنجي، منهن جي، تنهنجي: قارئين ڪرام! لفظ ”تنهنجي“ فقط غلام مصطفيٰ مشتاق لکيو آهي، اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيو اٿس. جن صاحبن لفظ ”پنهنجي، پهنجي“ لکيو سي آهن، ديوان تارا چند، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، عثمان علي انصاري، الله داد جنجهي، محمّد عثمان ڏيپلائي، باگوجي ڏانو جي، محمّد عالم سومرو ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق. اسان جي تحقيق مطابق انهن صاحبن لفظ ”پنهنجي ۽ پاهنجي“ غلط لکيو آهي.
    جن صاحبن ”پانهنجي“ لکيو سي آهن، ممتاز مرزا، ٻانهون خان شيخ، ۽ حاجي محمّد سمون. انهن صاحبن به اسان جي تحقيق مطابق غلط لفظ لکيو آهي ۽ لفظ ”منهنجي“ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ درست لکرايو آهي.
    قارئين ڪرام! اسان مٿين سڀني صاحبن جي لکيل لفظ کي هن ڪري غلط قرار ڏنو آهي ته جَتن جي ترسڻ واري جوءِ ته ڪيچ مڪران هئي ۽ جتي عارضي طور رهيل هئا سا سسئي جي جُوءِ هئي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ سسئي جي زباني مصرع ۾ فرمايو:

    ”جت منهنجي جوءِ ۾، گهارن مان گهڙي“

    اها مصرع ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي رسالي ۾ بلڪل درست لکيل آهي. ٻين سڀني صاحبن مصرع ۾ لفظ ”پنهنجي، پهنجي، پانهنجي، پاهجي ۽ تنهنجي“ غلط لکيا آهن.

    خ. نه ڪڙي، ته ڪڙي: ”ته ڪڙي“ الفاظ فقط ممتاز مرزا، لکيا آهن، هن صاحب انهي ڪري لکيا ته گنج شريف ۾ به ”ته ڪڙي“ الفاظ لکيل آهن اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته ڪاتب کان غلطي سببان ”نه“ بجاءِ ”ته“ اکر لکجي ويو. ممتاز مرزا بغير سوچ ويچار جي لکي ڇڏيو.

    د. گهارين، گهارن: قاريئن ڪرام! لفظ ”گهارين“ جي هڪ ماترا (هڪ پد) وڌيل آهي. مگر لفظ ”گهارن“ بيت ۾ لکڻ هر طرح مناسب لڳي ٿو. جن صاحبن درست لفظ ”گهارن“ لکيو آهي سي آهن ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي ۽ علامه آءِ آءِ قاضي.

    ذ. مانَ، مان نه : فقط ٻانهي خان شيخ الفاظ ”مان نه“ لکيا آهن غلط الفاظ لکيا اٿس. غلط هن ڪري ٿا چئون ته ٻين صاحبن ”مان“ لفظ لکي ”ن“ جي مٿان واضع طور تي زبر ڏني آهي، جنهن جي معنيٰ ٿئي ٿي ”شال“ ۽ ٻانهي خان جي لکيل لفظ جي معنيٰ ٿئي ٿي، ”شال نه“ .

    ر. ڪنهن ڏڄڻ، ڪنهن ڏکي، ڪنهن ڏدهي: قارئين ڪرام! لفظ ”ڏدهي“ اردو لپي ۾ لکيل آهي اهو لفظ جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ڏڌي“ لکبو. ”ڏڌي“ لفظ جي معني آهي ”اڌ سڙيل“. ۽ ”ڏکي“ جي معنيٰ آهي ”غم زده ۽ غم جي ماريل“. ڪنوار جي ڏڄڻ يعني ڪنوار جي دشمن عورت ڪنوار سان دشمني پاڙيندي رسمي طور تي ابتو ڏاوڻ ڏائي سگهي ٿي. هي قديم رسم آهي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ان رسم جي نشان دهي ڪئي آهي.
    ز. ڏاون، ڏواڻ، ڏانوڻ، ٽلوڻ: لفظ ”ٽلوڻ“ علامه غلامه مصطفيٰ قاسمي لکيو آهي اهو لفظ نامناسب لکيل آهي. نامناسب هن ڪري ٿا چئون ته ”ٽلوڻ“ جي معنيٰ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي لکي آهي. ”نڀاگي“.
    ياد رهي ته! شادي ۾ ڏاوڻ ڏايڻ جي رسم ادا ڪئي ويندي آهي، ان رسم جي مراد هي هوندي آهي ته ٻيئي گهوٽ ۽ ڪنوار هڪ ٻئي سان ٻڌل رهن .

    س. ڏائيو، ڏانئيو، ڇوڙيا: قارئين ڪرام! لفظ ”ڇوڙيا“ حاجي محمّد سمي لکيا آهن. ڏاوڻ ڏائبا آهن، پوءِ ڇوڙبا آهن مگر حاجي محمّد سمي پهريون ئي لفظ ”ڇوڙيا“ نا مناسب لکيو آهي.
    لفظ ”ڏانئيو“ مناسب لفظ نه آهي ڇا ڪاڻ ته اهو لفظ ”ڏانئڻ“ منجهان نڪري ٿو. جنهن جي معنيٰ آهي. روح کي پريشان ڪرڻ واري بلا“ اِن لفظ جي مقابلي لفظ ”ڏائيو“ درست آهي ڇا ڪاڻ ته اهو لفظ ڏايڻ جي لڙهي منجهان نڪتل آهي.

    تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي:

    مَتان نَه ڪَا، ٻَڙِي ٻُولَ ٻاروچيِ وِسهَي،
    هُوندَ نَه سُتيَس سَرَتِيُون! ويهِي رَهيسَ وَڙي،
    جَتَ مُنهِنجِي جُوءِ ۾، گهَارِن مانَ گَهڙِي!
    ڪيچِيُنِ آئون نه ڪَڙِي، ڪنهن ڏَڄڻ ڏاوَڻُ ڏائيو.


    معنيٰ: متان ڪا شيطان صفت متڪبّر عورت پنهنجي اجائي، بڙائي، تڪبّر هٺ ۽ وڏائي سببان ٻاروچل جي ٻول تي ويساهه ۽ اعتبار نه ڪري.
    مان ستل هئس جيڪر نه سمهان ها، اي جيڏيون مان پنهنجي گهر ۾ وڙي ۽ واڙجي ويهي رهيس. (ٻاهر نه نڪتيس جيڪر ٻاهر نڪران ها)
    شال جَت منهنجي جوءِ (ڀنڀور جي پسگردائي) ۾ ڪا گهڙي پلڪ گهارن (ته جئن مان وٽن پهچي وڃان)
    مان ڪيچين کي ڪوڙي ۽ اڻ وڻندڙ ته نه هئس مگر پنهل سان منهنجي شادي جي موقعي تي منهنجا ۽ پنهل جا، سنڌ جي رسم ۽ رواج مطابق جنهن عورت ڏاوڻ ڏايا تنهن جي مون سان ڪا دشمني هئي، اُن ڏڄڻ عورت منهنجي سهاڳ کي بد دعا ڪئي تڏهن ته مون کي ڏونگر ڏورڻ آيو آهي.

    *****


    17. سُر ڪوهِياري

    اِي ڪَمُ نَه ڪَمِينيَنِ، جِن سُتِيَ پِيرَ ڊکَا ڪَري،
    نِنڊا نِمارِينکي کي اُوڀَالاَ اَچَنِ،
    ليٽِِ ڪِيَ، لَطِيفُ چي، هَاري رِءَ هُوتَنِ،
    سي ڪُوهُ پُنُوهُ پُڇَنِ، جي سَنجَي رَهَنِ سُمَهِي.
    (سيّد عبدالعظيم گنج سرود سسئي ص 51)

    اِيُ ڪَمُ ڪَمِينيَنِ، جنِ سُتِي پِيرَ ڊرگَا ڪَري،
    لُوچيِِِ ڪُوهُ نَه لَطِيفُ چي، هَاري لَئَ هُوتَنِّ،
    نِنڊرَا نِمَانِيَنِ کي اُوڀَالاَ اَچَنِّ،
    سي ڪِنيئَي پُنُونـ هُ پَسَنِّ، جي سَنجَي رَهَنِ سُمَهِي.
    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص224)

    اِهو کَمُ َکَمِيٺِن، جِي سُمهَنِ پيرَ ڌرِگهَا کَرِي،
    لوچِين چهو نَه، لَطِيفُ چي، هَارِي لَئِ هوتَنِ،
    نِنڌرَان نِبهَاکِنِ کهي تهَا اوبهَالاَ اَچَنِ،
    سي پُنهُون ڪوههُ پُڇهَن، جي سَنجهي رَهَنِ سُمهِئو.
    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص383سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

    اِيُ ڪم ڪميڻَينِ، جئن سُمهنِ پير ڊگها ڪري،
    لوچِين ڇو نه، لطيف چئي، هاري لَئ هوتَنِ،
    ننڊان نڀِا ڳينِ کي اوڀا لا اچن،
    سي پنهون ڪوه پُڇن، جي سنجهي رهن سمهي.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر ڪوهِياري ص277سال 1900ع)

    اِيءُ ڪَمُ نه ڪَمِيِڻِينِ، جِيئن سُتِيئَن پيرَ ڊگهَا ڪَري،
    نِنڊَان نِمَاڻينُ کي، اوڀَالا اَچَنِ،
    ليٽين ڪيئَن لطيف چئي، هَارِي رِءِ هوتَنِ،
    سي ڪوهُه پُنهون پُڇَنِ، جي سَنجهي رَهَنِ سُمَهِي.
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر ڪوهيا ري ص229سال2012 )

    اِي ڪَمُ ڪميڻَينِ، جِنءَ سُمهنِ پيرَ ڊگها ڪري،
    لوچِين ڇو نه، لطيفُ چي، هارِي لَءِ هوتَنِ،
    نِنڊا نڀِاڳِنِ کي اوڀالا اَچِنِ،
    سي پنهو ڪوهُ پڇنِ، جي سَنجهي رهنِ سُمَهِي.
    (ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص398سا ل 1996 )

    اِيُ ڪَمُ ڪَمِيِڻَينِ، جِئن سُمَهَنِ پيرَ ڊگها ڪَري،
    لوچِين ڇو نه، لَطِيفُ چئي، هارِي لَءِ هوتَنِ،
    نِنڊان نِڀاڳِينِ کي اوڀالا اَچَنِ،
    سي پُنهون ڪوه پُڇَنِ، جي سَنجهي رَهَنِ سُمَهِي.
    (ڪلياڻ آڏواڻي جو شاهه رسالو سُر ڪوهياري ص188)

    اِيُ ڪم نه ڪميڻيَنِ، جِيئن ستينءَ پيرَ ڊگها ڪري،
    نِنڊان نماڻين کي اوڀالا اچنِ،
    ليٽين ڪيئن، لطيف چئي، هارِي! رِيء هوتن،
    سي ڪوهُ پنهون پڇنِ، جي سَنجهي رهنِ سُمَهِي.
    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر ود سسئي ص51 سال 1995 )

    اِيُ ڪَمُ ڪَمِيڻِينِ، جِئن سُتِينءَ پيرَ ڊِگها ڪَري،
    نِنڊران نِماڻينِ کي اوڀالا اَچَنِ،
    ليٽِيين ڪِيئن، لَطِيف چي، هارِي رِي هوتَنِ،
    سي ڪِيئَن پُنهُون پَسَنِ، جن کي نِيرُ نِنڊرَ جو.

    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص 223سال 2009)

    اِيُ ڪَمُ ڪَمِيڻِينِ، جئن سُمَهَنِ پيرَ ڊِگها ڪري،
    لوچِين ڇو نه، لطيف چي، هارِي لَئي هوتَنِ،
    نِنڊان نِڀاڳينِ کي اوڀالا اَچَنِ؟
    سي پُنُوءَ ڪوه پُڇن؟ جي سَنجهي رَهَنِ سُمهِي.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص 271سال 2013)

    اِيُ ڪَمُ ڪَمِيڻَينِ، جِئنءَ سُمَهَنِ پيرَ ڊگها ڪري،
    لوچِين ڇو نه، لطيفُ چئي، هارِي لَءِ هوتَنِ؟
    نِنڊان نِڀاڳينِ کي، اوڀالا اَچَنِ،
    سي پُنهون ڪوهُ پُڇَنِ؟ جي سَنجهي رَهَنِ سُمهِي.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر ڪوهياري ص 50سال 1994 )

    اِيُ ڪم ڪميڻَين، جئَن سمهنِ پير ڊگها ڪري،
    لوچِين ڇو نه لطيف چئَي، هَاري لَيءِ هوتَن؟
    ننڊان نِڀاڳين کي اوڀالا اچن،
    سي پنهون ڪوه پُڇن، جي سنجهي رهن سمهي.
    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص316مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    اِيُ ڪم ڪميڻَينِ، جئَن سُمهنِ پير ڊگها ڪري،
    لوچِين ڇو نه، لطيف چئَي، هاري لَئ هوتَنِ،
    ننڊان نِڀا ڳينِ کي اوڀا لا اچن،
    سي پنهون ڪوه پُڇن، جي سنجهي رهن سمهي.
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص 366بااختيار ادارو سال 1994 )

    اِيُ ڪَمُ ڪميڻَينِ، جِئن سُمَهَنِ پيرَ ڊِگها ڪَري،
    لوچِين ڇو نه، لَطيف چَئي، هارِي لَئ هوتَنِ،
    ننڊان نِڀاڳِنِ کي، اوڀالا اَچَنِ،
    سي پُنهون ڪوهُ پُڇَنِ، جي سَنجهي ئي رَهَنِ سُمهي.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص487سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    اي ڪم ڪميڻن، جئن سمهين پير ڊگها ڪري،
    لوچين ڇو نه، لطيف چئي، هاري لَئه هوتن،
    ننڊان نڀاڳين کي اوڀالا اچن،
    سي پنهون ڪوهه پڇن، جي سنجهي رهن سمهي.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص 293سال 2009ع مهراڻ)

    اِي ڪَمُ ڪميڻَينِ، جِنءَ سُمهَنِ پيرَ ڊگها ڪَري،
    لوچِين ڇو نَه، لَطِيفُ چي، هارِي لَءِ هوتَنِ،
    نِنڊا نڀِاڳِنِ کي اوڀالا اَچَنِ،
    سي پُنهُو ڪوهُ پُڇَنِ، جي سَنجهي رَهَنِ سُمَهِي.
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص195سال 2013ع روشني)

    اِيءُ ڪم ڪميڻَن، جيئَن سُمهَنَ پِير ڊِگها ڪري،
    لَوچين ڇو نه لطيف چئي، هارَي لئي هوتن،
    نِنڍان نِڀاڳن کي اَوڀَالا اچن،
    سي پنهون ڪوهه پُڇن، جي سَنجهي رَهن سُمهي.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر ڪوهياري ص236سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    اي ڪم ڪميڻن، جئن سمهين پير ڊگها ڪري،
    لوچين ڇو نه، لطيف چئي، هاري لَئه هوتن،
    ننڊان نڀاڳين کي اوڀالا اچن،
    سي پنهون ڪوهه پڇن، جي سنجهي رهن سمهي.
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص 370سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    ايءُ ڪم ڪمينن، جيئن سمهين پير ڊگها ڪري،
    لوچين ڇو نه لطيف چئي، هاري لئي هوتن،
    ننڊان نڀاڳن کي اوڀالا اچن،
    سي پنهون ڪوهه پڇن، جي سنجهي رهن سمهي.
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياريص 174سال 2008ع )

    اِيُ ڪَمُ ڪَمِيڻِينِ، جئن سُمَهَنِ پيرَ ڊِگها ڪري،
    لوچِين ڇو نه، لطيف چي، هارِي لَئي هوتَنِ،
    نِنڊان نِڀاڳينِ کي اُوڀالا اَچَنِ،
    سي پُنُوءَ ڪوه پُڇن؟ جي سَنجهي رَهَنِ سُمهِي.
    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص 110سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)


    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ڪم، ڪم نه) (ڪَميڻيَنِ، ڪمِيڻَن، ڪمينين، ڪمينن)، (سمهن، سمهين، ستين، سُتيئن، ستينءَ، ستيِِ)، (لوچين، ليٽين، ليٽيين)، (لءَ، لئه، لَئي، رَي، رءِ)، (ننڊا، ننڊان، ننڍان، ننڊران)، (نڀاڳين، نڀاڳن، نماڻين)، (اُوڀالا اَچن)، (پنهون، پُنوءَ، پنوه، پنونـ ه)، (ڪوه، ڪي، ڪينيءَ )، (پُڇن، پسن)، (جن کي نير ننڊ جو، جي سنجهي رهن سمهي).


    الف. ڪم، ڪم نه: قارئين ڪرام! اوهان مٿيان بيت پڙهي چڪا آهيو بيتن جي پهرين مصرع ۾ ڪن صاحبن فقط ”ڪم“ لفظ لکيو آهي ۽ ڪن ”ڪم نه“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق ”ڪم نه“ وارا الفاظ جن لکيا آهن تن درست الفاظ لکيا آهن. درست الفاظ لکڻ وارا صاحبان آهن سيّد عبدالعظيم فقير، ممتاز مرزا ۽ ٻانهون خان شيخ. باقي ٻين صاحبن اسان جي تحقيق مطابق فقط ”ڪم“ لفظ لکي ثابت ڪيو آهي ته هنن صاحبن کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جي پهرين مصرع جا پهريان ٽي الفاظ سمجهه ۾ ئي نه آيا.

    ب. ڪَميڻيَنِ، ڪمِيڻَن، ڪمينين، ڪمينن: اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته لفظ ”ڪمينين / ڪمينن“ جن لکيو سي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي فرمايل لفظ کي پڻ سمجهي نه سگهيا ۽ جن صاحبن لفظ ”ڪميڻين / ڪمينن“ لکيو سي صاحبان به حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي فرمايل بيت کي سمجهي نه سگهيا. تنهن ڪري لفظ ”ڪميڻين / ڪمينن“ جي درست معنيٰ نه لکي سگهيا. چند محقق حضرات جي لکيل معنيٰ ملاحظه فرمايو:
    ڪلياڻ آڏواڻي، پهرين مصرع جي معنيٰ لکي آهي ”پير ڊگها ڪري سمهي پوڻ، ڪميڻين (نالائق طالبن) جو وڙ آهي“ (ص 188).
    ٻانهي خان شيخ لفظ ”ڪميڻين“ جي معنيٰ لکي آهي ”ڪميڻين جو بدڪارن جو، بڇڙائي ڪندڙن جو، ڪم ذات (زالن جو)“ (ص 229).
    معلوم ٿيو ته انهن ٻنهي صاحبن کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي اصل فرمايل لفظ جي معنيٰ سمجهه ۾ نه آئي. ياد رهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ با ڪمال شاعر هو هن جي اڳيان الفاظ ٻانهون ٻڌيو بيٺا هوندا هئا. تنهنڪري هن برزگ پنهنجي ڪلام ۾ الفاظ چونڊي چونڊي ۽ سوچي سمجهي فرمايا.
    قارئين ڪرام! لفظ ”ڪم“ جي لهڙي منجهان ڪجهه لفظ ملاحظه فرمايو ”ڪم، ڪمي، ڪميڻي، ڪميڻو وغيره“ .
    انهن لفظن جي معنيٰ آهي، ڪم ڪرڻ وارا، محنت، مزدوري ۽ خدمت چاڪري ڪرڻ وارا (مرد / عورتون). انهن کي ڪنهن به صورت ۾ بد ڪار بدڪردار ۽ برن ڪمن ڪرڻ وارو نه ٿو چئي سگهجي.
    قارئين ڪرام! اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته جن صاحبن بيت جو فقرو ”اي ڪم نه ڪمينين، ڪَميڻِين“ لکيو آهي، تن نهايت درست فقرو لکيو آهي سي آهن، سيّد عبدالعظيم، ممتاز مرزا ۽ ٻانهون خان شيخ.

    ت. سمهِن، سمهين، ستين، سُتيئن، ستينءَ، ستيِِ: لفظ ”سمهِنَ“ لکڻ وارا صاحبان آهن ديوان تاراچند، عثمان علي انصارمي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاۡڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، غلام مصطفيٰ مشتاق، ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو ۽ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ.
    اسان انهن جي لکيل لفظ کي غلط قرار ڏنو آهي، اهو هن ڪري ته ”سمهن“ لفظ جمع لاءِ استعمال ٿيندو آهي. حضرت ڀٽ ڏڻيءَ ته فقط سسئي کي مخاطب ٿي فرمايو. ان جو ثبوت هي آهي ته ٻي مصرع ۾ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ ”هاري“ فرمايو آهي. جمع لاءِ فرمائي ها ته ”هاريون“ فرمائي ها. ”هاري“ لفظ سڀني ڪاتبن، مرتبن ۽ محققن لکيو آهي.
    لفظ ”سمهين“ جن صاحبن لکيو سي آهن، محمّد عثمان ڏيپلائي، باگو جي ڏانو جي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي.
    اسان جي تحقيق مطابق هنن به لفظ نا مناسب لکيو آهي. نامناسب هن ڪري ٿا چئون ته قديم نسخن ۾ لفظ ”ستي“ لکيل آهي، اهو لفظ اصل ۾ ”ستين“ آهي قديم عربي سنڌي رسم الخط ۾ لفظ جي آخري ”ن“ غني کي ڪاتب مخفي رکندا هئا. جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ ”ستينءَ“ لکڻ گهرجي. اهو جديد سنڌي صورت خطيءَ وارو لفظ سيّد عبدالعظيم، ممتاز مرزا، ٻانهي خان شيخ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ درست لکيو آهي.
    ث. لوچين، ليٽين، ليٽيين: قارئين ڪرام! اسان جي تحقيق مطابق ”لوچين“ لفظ نامناسب لکيو ويو آهي. ڇا ڪاڻ ته ”لوچين“ لفظ ثابت ڪري ٿو ته سسئي پنهون ۽ ان جي ڀائرن جي قافلي جي پٺيان رواني نه ٿي هئي حالانڪه سسئي سهيلين جي جهلڻ باوجود ڪيچ طرف رواني ٿي چڪي هئي انهي خيال کان ”ليٽين ڇو“ الفاظ اسان جي تحقيق مطابق درست آهن. جن صاحبن درست الفاظ ”ليٽين ڇو“ لکيا آهن سي آهن . سيّد عبدالعظيم ممتاز مرزا ۽ ٻانهون خان شيخ.

    ج. لءَ، لئه، لَئي، رَيءَ، رءَ: قارئين ڪرام! ”لءَ، لئه، لئي“ هنن لفظن تي اسان بحث هن ڪري نه ٿا ڪريون ته اسان اڳ ۾ ثابت ڪري چڪا آهيون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي آخري درست مصرع آهي:
    ”ليٽين ڪيئن لطيف چي، هاري ريءَ هوتن“
    لفظ ”رءَ“ قديم سنڌي صورت خطي ۾ لکيو ويندو هو ۽ جديد صورت خطيءَ ۾ ”ريءَ“ لکبو آهي.

    ح. ننڊا، ننڊان، ننڍان، ننڊران، ننڌران: لفظ ”ننڌران“ اصل ۾ اهو لفظ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جيڪو لکرايو آهي انهي لفظ جي اکر ”د“ مٿان چار نقطا ليکڪ کان ڏياريا. اصل ۾ اهو لفظ ”ننڊران“ لکڻ ٿي چاهيائون ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به اهو لفظ ”ننڊران“ ۽ حاجي محمّد سمي ”ننڊرا“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق انهن ٽنهي صاحبن لفظ نامناسب لکيو آهي. ننڊران لفظ اتراڌي لهجي وارو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو فرمايل لفظ ”ننڊان“ آهي. درست لفظ ”ننڊان“ لکڻ وارا صاحبان آهن. سيڊ عبدالعظيم فقير، ديوان تاراچند، عثمان علي انصاري، مولانا علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، ٻانهون خان شيخ، ممتاز مرزا، فقير تاج محمّد نظاماڻي، غلام مصطفيٰ مشتاق، ڪلياڻ آڏواڻي، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ باگوجي ڏانوجي .
    لفظ ”ننڊا“ ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ غلام محمّد شاهواڻي لکيو آهي. انهن صاحبن نامناسب لفظ لکيو آهي. نامناسب هن ڪري ٿا چئون ته هنن قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ مطابق لفظ لکيو آهي. اهو لفظ هنن کي ”ننڊان“ لکڻ گهربو هو.
    سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لفظ ”ننڍان“ لکيو آهي اسان جي تحقيق مطابق هي نامناسب لفظ پروف ريڊر جي غلطي سببان لکجي ويو آهي.

    خ. نڀاڳين، نڀاڳن، نماڻين: جن صاحبن لفظ ”نماڻين“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق غلط لفظ لکيو آهي. انهي لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن، سيد عبدالعظيم، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ٻانهون خان شيخ، ممتاز مرزا ۽ حاجي محمّد سمون.
    اسان لفظ ”نماڻين“ کي هن ڪري حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو فرمايل لفظ تسليم نه ڪيو آهي جو ننڊ ته نڀاڳي چئي ويئي آهي، ننڊن ڪرڻ سان سلطاني سهاڳ نه ملندو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ننڊ ڪرڻ وارن جي نِندا ڪئي آهي ۽ جاڳڻ وارن کي جس ڏنو اٿس.
    قارئين ڪرام! سڀني صاحبن لفظ ”نڀاڳين“ لکيو آهي. اسان انهن جي لکيل لفظ ”نڀاڳين“ کي برابر تسليم نه ٿا ڪريون جو حضرت ڀٽ ڌڻيءَ انهي بيت ۾ فقط سسئي سان مخاطب آهي ۽ سسئي واحد (عورت) آهي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ هن کي ”نڀاڳڻ“ فرمايو جئن ته قديم رسم الخط ۾ ”ڻ“ اکر استعمال نه ٿيندو هو تنهنڪري قديم دور جي ڪاتبن ”نڀاڳن“ لکيو جيڪو جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”نڀاڳِڻ“ لکڻ گهرجي.

    د. اُوڀالا اَچن: قارئين ڪرام! ”اُوڀالا“ لفظ جي معنيٰ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ”مهڻو، عتاب ۽ ڏوراپو“ لکي آهي (ص 408).
    علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ”اوڀالا“ لفظ جي معنيٰ لکي آهي ”مهڻا“ (ص 316).
    شمس العلماء مرزا قليچ بيگ معنيٰ لکي آهي ”عتاب، ڏوراپا“ (لغات لطيفي ص 184).
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ معنيٰ لکي آهي ”ملامتون“ (ص 223).
    ٻانهي خان شيخ معني لکي آهي. ”مهڻا، طعنا، عتاب“ (ص 229).
    قارئين ڪرام! اسان هنن صاحبن جي لکيل لفظي معنيٰ کي غلط قرار ڏنو آهي. اهو هن ڪري ته بيت جي مصرع آهي.
    ”ننڊان نڀاڳن کي، اوڀالا اچن“
    هاڻ جيڪڏهن اسان معنيٰ ”ڏوراپا، مهڻا، ملامتون، طعنا“ تسليم ڪريون ته پوءِ مصرع جي معنيٰ ٿيندي :
    نڀاڳڻ سسئي کي مهڻا اچن، مهڻا ته ايندا نه آهن مگر مهڻا ملندا آهن. سنڌيڪا لغت ص 77 ۽ جامع لغات جي ص 280 تي غلط معنيٰ لکيل آهي. اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”اوڀالا“ جي معنيٰ آهي ”اوجهراڪيون ڏيڻ، ننڊ دوران جهوٽا ۽ لوڏا کائڻ“
    ذ. پنهون، پنوهه، پُنوءَ، پنوه، پنونـ ه: قديم سنڌي عربي صورت خطيءَ ۾ ”پنوه، پنونـ ه، پُنوءَ“ لکيو ويندو هو. اصل ۾ اهو لفظ ”پنهون“ جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ لکيو ويندو آهي.
    ر. ڪوه، ڪي، ڪينيءَ : جن صاحبن لفظ ”ڪي ۽ ڪينيءَ“ لکيو آهي، تن قديم سنڌي صورت خطي ۾ لکيو آهي. جديد سنڌي صورت خطي ۾ اهو لفظ ٿيندو ”ڪئن“ اهو لفظ ”ڪئن“ لفظ ”ڪوه“ جي مقابلي ۾ مناسب نه آهي. ڇا ڪاڻ ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي دور ۾ لفظ ”ڪوه“ استعمال ٿيندو هو. جنهن جي معنيٰ ”ڇو“، اهو لفظ اڄ به مروج آهي. تنهنڪري ئي قديم دور جي ڪاتبن ۽ جديد دور جي ڪجهه لکيڪن لفظ ”ڪوهه“ بيت ۾ استعمال ڪيو آهي. قديم دور وارا ڪاتب آهن سيد عبدالعظيمم، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، حاجي محمّد سمو ۽ جديد دور جا ”ڪوه“ لفظ بيت ۾ استعمال ڪرڻ وارا صاحبان آهن، ديوان تاراچند، ڪلياڻ آڏواڻي، غلامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، غلام محمّد شاهواڻي، عثمان علي انصاري، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، غلام مصطفيٰ مشتاق ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي.
    ز. پُڇن، پسن: جن صاحبن لفظ ”پُڇن“ لکيو آهي، تن اسان جي تحقيق مطابق درست لفظ نه لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته بيت جي آخري مصرع جو فقرو آهي:
    ”جي سنجهي رهن سمهي“
    اهو فقرو ثابت ڪري ٿو ته جيڪي سنجهي سمهي پيون سي پنهون کي ڪئن پسنديون. تنهنڪري لفظ ”پسن“ بيت ۾ زياده مناسب ٺهي ٿو ۽ نه ”پڇن“.
    س. جن کي نير ننڊ جو، جي سنجهي رهن سمهي: قارئين ڪرام! فقرو ”جن کي نير ننڊ جو“ فقط ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي، هن صاحب ”نير“ لفظ جي معنيٰ ئي نه لکي آهي. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪنهن فقير جي تضمين طور چيل مصرع بيت ۾ لکي آهي. اها مصرع حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي بيت ۾ نه ٿي سونهين.

    تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي:

    اِيءُ ڪم نه ڪَمِيڻيِنءَ، جئن ستِينءَ پير ڊگها ڪري،
    نِنڊان نڀاڳِڻ کي اُوڀالا اَچَن،
    لِيٽِينَ ڪئن لطيف چي، هَاري ريءَ هُوتَن؟
    سِي پنهونء ڪُوهه پَسنِ؟ جي سنجهي رهن سمهي.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ سسئي کي فرمائي ٿو ته تون پنهون جي ٻانهي ۽ خدمت چاڪري ڪندڙ آهين (ڪميڻي آهين). تنهنجو اهو ڪم نه آهي، اهو وڙ نه آهي ته تون ڊگها پير ڪري سمهين. تون ستينءَ ته پنهون جي ڀائرن جو قافلو ڪيچ طرف روانو ٿي ويو.
    حضرت ڀٽ ڌڻيءَ سسئي کان پچي ٿو ته اي، غفلت سسبان محبت جي راند هارايل سسئي تون هوت پنهون جي غير موجودگي ۾ ڪئن ليٽي آرام ڪيو؟ تو کي ته ننڊ نه ڪرڻي هئي.
    حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمائي ٿو ته نڀاڳڻ، سسئي کي ننڊ گهڻي هئي ۽ ننڊ جي ڪري هن کي اوجهراڪيون ٿي آيون، وڌيڪ فرمايائين ته اهي پنهون کي ڪئن پسي سگهنديون؟ جيڪي سنجهي سمهي رهن.

    *****

    مُنکي ڇَڏِ مَ ڇَپَرِِ، هَاذِقَ هُوتَانِي،
    تُوهِِ لَئِي کَانِي ڏُکِي ڀُنِِ ڏُنکَرِِ.
    (سيّد عبدالعظيم گنج سُر ود سسئي ص 63)

    مُنکي ڇَڏِ مَڇَپَرَِِ، حَاذِقَ هُوتَانِِ،
    تُوهِِ لَئِ کَانِِ، ڀُونِِ ڏُونکَرَا ڏورِيَان.
    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص227)

    مُون کهي چهَڏِ مَ چهَپَرين، هَاتِکَ هوتَاٺِي،
    توئِي لَئِ کهَاٺِي، ڏُکهِي ڏوري ڏونگَرين.
    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص390سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

    مونکي ڇڏ م ڇپرين، حاذِقَ هوتاڻي،
    توهِين لَي کاڻي، ڏُکي ڏوري ڏونگرين.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر ڪوهِياري ص283سال 1900ع)

    مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، حَاذِقَ هوتَاڻِي،
    توهِين لَئِه کَاڻِي، ڏکِي ڀُڻِي ڏونگرين.
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر ڪوهيا ري ص239سال2012 )

    مُنکي ڇڏِ مَ ڇَپَرين، هاتِڪَ هوتاڻِي،
    توهِين لَءِ کاڻِي، ڏُکِي ڏوري ڏُونگَرين.
    (ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص401سا ل 1996 )

    مون کي ڇڏ مَ ڇپرين، حاذق هوتاڻي،
    توهِين لئي کاڻي، ڏکي ڀوڻين ڏونگرين.
    (ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سرود سسئي ص63سال 1995 )

    مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، هَاتِڪَ هوتاڻي،
    توهين لئي کاڻِي، ڏُکِي ڏوري ڏُونگرين.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص 276سال 2013)

    مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، هاتِڪَ هوتاڻي،
    توهِين لاَءِ کاڻي، ڏُکي ڏوري ڏُونگَرين.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر ڪوهياري ص268سال 1994 )

    مونکي ڇڏ مَ ڇپرين، حاذق هوتاڻي!
    توهِين ليءِ کاڻي، ڏکي ڏوري ڏونگرين.
    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص322مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    مونکي ڇڏ م چپرين، حاذقَ هوتاڻي،
    توئي لئ کاڻي، ڏُکي ڏوري ڏونگرين.
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص 373بااختيار ادارو سال 1994 )

    مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، هاتِڪَ هوتاڻي،
    توهِين لَئ کاڻِي، ڏُکِي ڏوري ڏونگرين.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص495سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    مون کي ڇڏ مَ ڇپرين، حاذق هوتاڻي،
    توئي لئه کاڻي، ڏکي ڏوري ڏونگرين.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص 298سال 2009ع مهراڻ)

    مُونکي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، هاتِڪَ هوتاڻِي،
    توهِين لَءِ کاڻِي، ڏُکِي ڏوري ڏُونگَرين.
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص197سال 2013ع روشني)

    مون کي ڇَڏ مَ ڇپرين، هاتِڪ هُوتاڻي،
    تولئي کاڻي، ڀُڻي ڏونگر ڏوِريان.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر ڪوهياري ص237سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    مون کي ڇڏ م ڇپرين، حاذق هوتاڻي،
    توئي لئه کاڻِي، ڏکي ڏوري ڏونگرين.
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص 377سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    مون کي ڇڏ مَ چپرين، هاتڪ هوتاڻي،
    توهي لئي کاڻي، ڏکي ڏوري ڏونگرين.
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياريص 176سال 2008ع )

    نوٽ: ڪلياڻ آڏواڻي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اهو بيت ”شاهه جو رسالو“ منجهان خارج ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق اهو بيت حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو فرمايل آهي.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (هاتڪ، حاذق، هاذق) (توهي، توئي، توهين، تولئي)، (ڏوري، ڀُونِِ، ڀُن ِِ ِ، ڀوڻين، ڀڻي)، (ڏونکرا،ڏونگرين، ڏونگر ڏوريان).

    الف. هاتڪ، حاذق، هاذق: قارئين ڪرام! جن صاحبن لفظ ”هاتڪ“ لکيو سي صاحبان آهن، ڊاڪٽر هوت چند مولچند گربخشاڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، عثمان علي انصاري، غلام محمّد شاهواڻي، الله داد جنجهي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو، فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ.
    اسان انهن صاحبن جي لکيل لفظ کي غلط ثابت ڪيو آهي. اهو هن ڪري ته انهن صاحبن منجهان عثمان علي انصاري لفظ ”هاتڪ“ جي معنيٰ لکي آهي ”حاذق، هوشيار، ڏاهو“ (ص 713). علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ڊاڪٽر محمّد علام سومري ”هاتڪ“ لفظ جي معنيٰ به ساڳي حاذق لکي آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي معنيٰ نه لکي آهي.
    قارئين ڪرام! اصل لفظ ”حاذق“ ئي آهي هنن صاحبن کي اهو لفظ سمجهه ۾ نه آيو. سيّد عبدالعظيم لفظ ”هاذق“ لکيو آهي اسان جي تحقيق مطابق هن ڪاتب سڳوري لفظ حاذق فقيرن جي زباني ٻڌو مگر هن کي لفظ جي صحيح صورت خطيءَ سمجهه ۾ نه آئي تنهنڪري ”هه“ هرڻي سان ”هاذق“ لکيائين مگر ڪٿي به ”هاتڪ“ نه لکيو اٿس.
    جن صاحبن درست لفظ ”حاذق“ لکيو سي آهن، ديوان تاراچند، حاجي محمّد سمون، ممتاز مرزا، ٻانهون خان شيخ، محمّد عثمان ڏيپلائي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ باگوجي ڏانوجي.
    قارئين ڪرام! جن صاحبن لفظ ”حاذق“ لکيو آهي. تن لفظ جي معنيٰ ”ڏاهو، هوشيار“ لکي آهي. اسان جي تحقيق مطابق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ بيت ۾ لفظ ”حاذق“ استعمال ڪري پنهنجي علمي قالبيت جو اظهار فرمايو آهي. سسئي پنڌ ڪري ٿڪجي پيئي هئي پير پٿون ٿي پيا هئس، هجر ۽ فراق سببان سندس دل اداس هئي اهڙي حالت ۾ سسئي کي انهي جي ضرورت هئي جو سندس جسم جو علاج به ڪري ۽ کيس روحاني سڪون به عطا ڪري. لفظ ”حاذق“ جو تعلق وڄا سان آهي، هن لفظ جو تعلق علم الابدان سان آهي تنهنڪري حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ ”حاذق“ فرمايو.

    ب. توهي، توئي، توهين، تولئي: ”تو لئي“ الفاظ فقط سگهڙ الهداد جنجهي لکيا آهن. لفظ ”توئي“ جن صاحبن لکيو آهي. سي صاحبان آهن، محمّد عثمان ڏيپلائي، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ۽ باگوجي ڏانو جي. اسان جي تحقيق مطابق انهن صاحبن نامناسب لفظ لکيو آهي. اسان حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي مختلف رسالن جو مطالعو ڪري ثابت ڪيو آهي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ”توئي“ لفظ ڪٿي، شاذ و نادر ۽ اتفاق سان استعمال ڪيو آهي مگر اڪثر لفظ ”تُوهِين“ استعمال فرمايو آهي. اهو ”تُوهِين“ درست لفظ لکڻ وارا صاحبان آهي، سيّد عبدالعظيم، غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ممتاز مرزا، حاجي محمّد سمون، ديوان تاراچند، غلام محمّد شاهواڻي ۽ عثمان علي انصاري. لفظ ”توهي“ فقط فقير تاج محمّد نظاماڻي لکيو آهي، هن به مناسب نه لکيو آهي.

    ت. ڏوري، ڀُونِِ، ڀُن ِِ ِ، ڀوڻين، ڀڻي: قارئين ڪرام لفظ ”ڀوُنِِ ۽ ڀُنِِ“ قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ لکيا ويندا هئا، ان دور توڙي هاڻوڪي دور ۾ انهن لفظن کي ڀڻي ۽ ”ڀوڻين“ پڙهيو ۽ ڳالهايو ويندو آهي. جن صاحبن لفظ ”ڀوڻين“ لکيو آهي تن صاحبن لفظ ”ڏوري“ لکڻ وارن کان بهتر لفظ لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو فرمايل لفظ ”ڀوڻين“ لفظ ”ڏوري“ کان زياده بامعنيٰ آهي. با معنيٰ منجهان مراد هي آهي ته ڀوڻڻ وارو محبوب کي ڳولي به ٿو ۽ سندس نالو ورد وانگر زبان سان دهرائي به ٿو. اهو لفظ لکڻ وارا سيّد عبدالعظيم، حاجي محمّد سمون، ممتاز مرزا، ٻانهون خان شيخ ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي آهن.

    ث. ڏونکرا،ڏونگر، ڏونگرين، ڏونگر ڏوريان: لفظ ”ڏونگر“ سگهڙ حاجي الهداد جنجهي ۽ لفظ ”ڏونکرا“ حاجي محمّد سمي لکيو آهي، انهن ٻنهي نامناسب لفظ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن لفظ ”ڏونگرين“ لکيو تن نهايت ئي بهترين لفظ لکيو آهي.

    تحقيق، تنقيد، ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.

    مُون کي ڇَڏ مَ ڇَپَرين، حَاذِق هُوتَاڻِي،
    تُوهِين لِئي کَاڻِي، ڏُکي ڀُوڻِين ڏُونگَرين.


    معنيٰ: اي هوت قبيلي جا سرموڙ ۽ منهنجا روحِ روان تنهنجي جدائي مون کي ڳاري ۽ جهوري رهي آهي. پهڻن ۽ پٿرن پير پٿون ڪري وڌا آهن سندم روح مجروح آهي تون منهنجو حاذق آهين، مون کي پهاڙن جي ڇپرن، ۽ سندن سنگر پٽين ۾ اڪيلو نه ڇڏ، تنهنجي هجر ۽ فراق جي سوز ۾ سڙان پچان ۽ ڪڙهان ٿي. ڏکن کي ساڻ کڻي توکي ڏونگرن ۾ ڏوريان ٿي ۽ پهاڙن جي ڀونءِ ۾ ڀوڻان ٿي.

    *****

    مَتَان ڪَا مُنڌَ ڏي، پَاهِي‘ پَسِي پَٻُ،
    اَکِئَا ڪَئُ مَڪَٻُ، اِيُ قَالِي اَڏُو ڪيچَکي.
    (سيّد عبدالعظيم گنج سرود سسئي ص 11)

    پَانـ هُ‘ پَسِي پَٻُ، مَتَانڪَا مُنڌَ ڏِيِِ،
    اَکِيَان ڪَئُ مَڪَپُ، ئِي قَالِي اڏُو ڪيچَکي.
    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص234)

    پَانهِين پَسِي پَٻُ، مَتَان کَا مُندهَه ڏِئي،
    اَڳِيَان کهَيءُ مَ کهَٻ، اِييءَ قَالِي آڏو کيچَ کهي.
    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص403سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

    پانهِين پَسي پَٻُ، متان ڪا مُنڌ ڏِئين،
    اڳيان ڪَوءُ مَ ڪَٻُ، اِيُ قالي آڏو ڪيچ کي.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر ڪوهِياري ص292سال 1900ع)

    متان ڪَا مُنڌ ڏي، پاهِي پَسي پَٻُ،
    اڳيان ڪَئو مَ ڪَٻُ، اِيُ قالي آڏو ڪيچ کي.
    (ممتاز مرزا گنج جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ سُر ود سسئي ص11سال1995 )

    مَتَان ڪَا مُنڌَ ڏئين، پَاهِي پَسِي پَٻُ،
    اَڳِئَان ڪَوءُ مَ ڪَٻُ، اِيُ قَالِي آڏو ڪيچَ کي.
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر ڪوهيا ري ص184سال2012 )

    پاهِين پَسِي پَٻُ، متان ڪا مُنڌَ ڏيِين،
    اَڳئا ڪَوءُ مَ ڪَٻُ، اِيُ قالِي آڏو ڪيچَ کي.
    (ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص405سا ل 1996 )

    پانهِين پسي پَبُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڏِئين،
    اَڳيان ڪَوءُ مَ ڪَٻُ، اِيُ قالِي آڏو ڪيچَ کي.
    (ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جورسالو سُر ڪوهياري ص197)

    پانهِين پسِي پَٻُ، متان ڪا مُنڌَ! ڏِئين،
    اڳيان ڪَوء مَ ڪَٻُ، اِيُ قالي آڏو ڪيچَ کي.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص 285سال 2013)

    پانهِين پَسي پَٻُ، متان ڪا مُنڌَ! ڏِئين،
    اَڳيان ڪَوء مَ ڪَٻُ، اِيُ قالِي آڏو ڪيچَ کي.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر ڪوهياري ص 81سال 1994 )

    پانهِين پَسي پٻ، متان ڪا مُنڌَ ڏِئين،
    اڳيان ڪَوءُ م ڪٻُ، اِيُ قالي آڏو ڪيچ کي.
    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص330مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    پانهِين پَسي پٻ، متان ڪا مُنڌَ ڏِئين،
    اڳيان ڪَوُم ڪٻ، اِئ قالي آڏو ڪيچ کي.
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص 384بااختيار ادارو سال 1994 )

    پانهِين پَسي پَٻُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڏِيين،
    اَڳِيان ڪَوُ مَ ڪَٻُ، اِي قالِي آڏو ڪيچ کي.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص506سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    پانهِين پسي پٻ، متان ڪا منڌَ ڏئين،
    اڳيان ڪوء مَ ڪٻ، اي قالِي آڏو ڪيچ کي.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص 307سال 2009ع مهراڻ)

    پاهِين، پَسِي پَٻُ، متان ڪا مُنڌَ ڏيِين،
    اَڳِئا ڪَوءُ مَ ڪَٻُ، اِيُ قالِي آڏو ڪيچَ کي.
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص202سال 2013ع روشني)

    پاهون پَسي پٻ، مَتان ڪو منڌَ ڏئين،
    اڳيان ڪيوم ڪَٻ، ڪالي آڏو ڪيچ کي.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر ڪوهياري ص217سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    پانهِين پسي پٻ، متان ڪا منڌَ! ڏئين،
    اڳيان ڪوء مَ ڪٻ، اي قالِي آڏو ڪيچ کي.
    (باگوجي ڌانوجي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص388سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    پاهون ڏسي پٻ، متان ڪا منڌ ڏئي،
    اڳيان ڪَئو مُ ڪَٻ، قالي آڏو ڪيچ کي.
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياريص 157سال 2008ع )

    پانهِين پسِي پَٻُ، متان ڪا مُنڌَ! ڏِئين،
    اڳيان ڪَوء مَ ڪَٻُ، اِيُ قالي آڏو ڪيچَ کي.
    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص 113سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (پانهين، پاهين، پاهو، پاهون، پاهي)، (ڏسي، پسِي)، (متان ڪا، متان ڪو)، (ڏئين، ڏيين، ڏئي، ڏي)، (ڪوء مَ ڪَٻُ، ڪوءُ مَ ڪَٻ، ڪئو ڪٻ، ڪيوم ڪٻَ، کهئُ کهٻَ)، (اِي قالي، اِيُ قالي، اي قالي، قالي، ڪالي)، (ڪيچ کي، ڪيچ جي)

    الف. پانهين، پاهين، پاهون، پاهي: قارئين ڪرام! لفظ ”پاهون“ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي نامناسب لکيو آهي. لفظ ”پانهين ۽ پاهين“ جي صورت خطيءَ ۾ ته فرق آهي مگر ”پاهين“ قديم صورت خطيءَ ۾ به لکيو ويندو هو، ليڪن پڙهبو ”پانهين“ هو.
    لفظ ”پاهي“ لکڻ وارا صاحبان آهن ممتاز مرزا ۽ ٻانهون کان شيخ، انهن صاحبن به بيت ۾ نامناسب لفظ لکيا آهن.
    قارئين ڪرام! لفظ ”پاهون“ سگهڙ حاجي الهداد جنجهي ۽ فقير محمّد نظاماڻي لکيو آهي. انهن لفظن جي صورت خطيءَ ۾ فرق آهي.
    لفظ ”پانهين“ اسان جي تحقيق مطابق مناسب آهي. اهو هن ڪري ته هي لفظ ”پانهين“ مونث لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جئن ته هن لفظ جو واسطو ”مُنڌ“ سان آهي ۽ لفظ ”مُنڌ“ مونث آهي، مناسب لفظ ”پانهين، پاهين“ لکڻ وارا صاحبان آهن، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام مصطفيٰ مشتاق، عثمان علي انصاري، علامه آءِ آءِ قاضي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، غلام محمّد شاهواڻي ۽ باگوجي ڏانو جي.

    ب. ڏسي، پسِي: فقط فقير تاج محمّد نظاماڻي لفظ ”ڏسي“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق اهو لفظ بيت ۾ نا مناسب لکيو ويو آهي. جن صاحبن لفظ ”پسِي“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق درست لکيو آهي. درست هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”پسي ۽ ڏسي“ جي معنيٰ ته ساڳي آهي مگر لفظ ”پسي“ تجنيس حرفي ۾ اڃان وڌيڪ رنگ ڀري ٿو.

    ت. متان ڪا، متان ڪو: فقظ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي الفاظ ”متان ڪو“ لکيا آهن. اسان جي تحقيق مطابق الفاظ برابر نه لکيا اٿس. غلط هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ سسئي سان مخاطب ٿي فرمايو آهي. ٻين سڀني ڪاتبن مرتبن ۽ محققن ”متان ڪا“ الفاظ مناسب لکيا آهن.
    ث. ڏئين، ڏيين، ڏئي، ڏي: قارئين ڪرام! جن صاحبن الفاظ ”ڏئين ۽ ڏيين“ لکيا آهن. تن اسان جي تحقيق مطابق مناسب الفاظ لکيا آهن. مناسب هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ سسئي کي مخاطب آهي. جن صاحبن لفظ ”ڏئي ۽ ڏي“ لکيا آهن. تن نامناسب لکيا آهن.
    ج. ڪوء مَ ڪَٻُ، ڪوءُ مَ ڪَٻ، ڪئو ڪٻ، ڪيوم ڪٻَ، کهئُ کهٻَ: قارئين ڪرام! الفاظ ”کهئُ کهٻَ“ فقط ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ لکرايا آهن ٻين صاحبن منجهان ڪن ليکڪن ”ڪوء مَ ڪَٻُ“، ته ڪن ”ڪوءُ مَ ڪٻ“ ته ڪن ”ڪئو ڪٻ ۽ ڪن ڪوم ڪٻَ“ لکيا آهن. اسان جي تحقيق مطابق انهن مڙني مرتبن ۽ محققن غلط الفاظ لکيا آهن. اهي درست الفاظ آهن ”کوه مَ کُٻَ“ يعني رستي ۾ ڪو به کٻ يا ننڍو کڏو کُوهو نه آهي.

    ح. اِي قالي، اِيُ قالي، اي قالي، قالي، ڪالي: فقط سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لفظ ”ڪالي“ اکر ”ڪ“ ڪتي سان درست صورت خطيءَ ۾ نه لکيو آهي.
    جن فقط ”قالي“ ”ق“ قلم سان لکيو آهي تن صاحبن بيت ۾ لفظ ”اي“ کٽائي لکيو آهي. لفظ ”اي“ کٽائي لکڻ وارا آهن، فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ سگهڙ حاجي الهداد جنجهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي لفظ ”قالي“ جي معنيٰ لکي آهي. ”جبل، جو فرش وانگر وڇايو پيو آهي“ (ص 412).
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ ”قالي“ جي معنيٰ لکي آهي ”اها قالي آهي جيڪا ڪيچ آڏو رنڊڪ آهي“ (ص 229). نهايت غلط معنيٰ لکي اٿس، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ۽ غلام محمّد شاهواڻي ”قالي“ لفظ جي معنيٰ جبل۽ فرش لکي آهي،غلط لکي اٿن.
    ٻانهي خان شيخ ”قالي“ جي معنيٰ لکي آهي ”حياتي ۽ زندگي“.
    ڪلياڻ آڏواڻي لفظ ”قالي“ جي معنيٰ ”قالين“ لکي آهي، نهايت ئي بهترين معنيٰ لکي اٿس مگر افسوس هي آهي ته هن صاحب بيت ۾ لفظ ”قالين“ نه لکيو. هن کي بيت ۾ لفظ ”قالين“ لکڻ گهربو هو.
    اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”ايءُ قالينَ“ آهي يعنيٰ هي قالين آهي.

    خ. ڪيچ کي، ڪيچ جي: جن صاحبن لفظ ”ڪيچ کي“ لکيو آهي، تن اسان جي تحقيق مطابق الفاظ نامناسب لکيا آهن ۽ جن الفاظ ”ڪيچ جي“ لکيا آهن. تن اسان جي تحقيق مطابق درست الفاظ لکيا آهن. اهو هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ سسئي کي مخاطب ٿي چئي ٿو ته رستي ۾ ڪو کوهو، ڪا کڏ نه آهي ”ڪيچ جي“ طرف ويندڙ رستي ۾ ڄاڻ ته قالين وڇايل آهي.

    تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.

    پانهِين پسِي پَٻُ، متان ڪا مُنڌَ! ڏئين،
    اڳيان کُوه مَ کُٻَ، اِيءُ قالين، آڏو ڪيچَ جي.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه سسئي کي فرمائي ٿو، اي سسئي متان تون ڀوائتي ٻپ جبل کي ڏسي پير پوئتي ڪرين، پوئتي موٽڻ جي ڪوشش نه ڪر.
    ڪيچ جي طرف ويندڙ پٻ جبل واري رستي ۾ ڪوءِ به کُوهو کڏو يا کٻ نه آهي مگر اهو سمورو رستو عشق جي ميدان ۾ سفر ڪندڙ لاءِ قالين جهڙو نرم ۽ ملائم آهي.

    *****


    18. سُر حسيني

    آءٌ ڏورِيِِ شَالَ مَ مَلِِ سَاڃَنَ مَنڄهِ سُوءَالُ،
    سِڪَ تُهجِي سُپُرِِ ڪِيَم جَانِ زَوَالُ،
    وِهَانِي وِصَالُ، اُٿِيَان اراَمِي ڪَري.
    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر حسيني ص230)

    آنئُون ڏورِيَانِي، شَالَ نهَ لَبهَين، سَاجَنَ مَڃِ سُوَالُ،
    سِکهُه نَه اَچي سَاهَه کهي تهِئي جَانِ زَوَالُ،
    وِهَاٺِيءَ وِصَالُ، شَالَ اُتهان آرَامِي کَري.
    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر حسيني ص429سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

    آءٌ ڏورينءَ شال م لهنءِ، سَاڄنَ مَڃُ سُوالُ،
    سِڪَ تُنهنجيءَ سُپرين، ڪيَمِ جانِ زَوالُ،
    وِهاڻيءَ وِصالُ، اُٿيان آرامي ڪَري.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر حسيني ص312سال 1900ع)

    آئون ڏورِيئين شَالَ مَ لَهين سَاڄَنَ مَڃِ سُوَالُ،
    سِڪَ تُنهِنجِيءَ سُپِرين ٿِيي جَانِ زَوَالُ،
    وِهَاڻِيءَ وِصَالُ، اُٿِيَان آرَامِي ڪَري.
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر حسيني ص295سال2012 )

    آئُون ڏورِيَنءِ، شالَ مَ لَهَنءِ، ساڄَنَ مَڃُ سُوالُ،
    سِڪَ تُهِجيءَ سُپِرِين، ٿيي جانِ زَوالُ،
    وِهاڻيءَ وِصالُ، اُٿيان آرامي ڪَري.
    (ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص424سا ل 1996 )

    آئون ڏورِيَنءِ، شالَ مَ لَهَنءِ، سَاڄَنَ! مَڃُ سُوالُ،
    سِڪَ تنهنجيءَ سپرين، ٿئي جانِ زوال،
    وِهاڻيءَ وصالُ، اُٿيان آرامي ڪري.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 306سال 2013)

    آئُون ڏورِيَنءِ، شال مَ لَهنءِ! ساڄَنَ! مَڃُ سُوالُ،
    سِڪَ تنهنجيءَ، سُپِرين! ٿِئي جانِ زَوالُ،
    وِهاڻيءَ وِصالُ، اُٿِيا، آرامي ڪَري.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر حسيني ص 48سال 1994 )

    آءٌ ڏورينءِ، شال مَ لَهِنءِ، سَاجَنَ مَڃُ سُوال،
    سِڪَ تُنهِنجيءَ سُپرين! ڪَيمِ جانِ زَوالُ،
    وِهاڻيءَ وِصالُ، اُٿيان آرامي ڪَري.
    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص351مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    آءٌ ڏورينءَ شال مَ لهئينءِ، سَاڄَنَ مَڃُ سُوالُ،
    سِڪَ تُنهنجيء سُپرين، ڪيَمِ جان زَوالُ،
    وِهاڻيءَ وِصالُ، اُٿيان آرامي ڪَري.
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 407بااختيار ادارو سال 1994 )

    آئون ڏورِئين شال مَ لَهَئين ساڄَنَ مَڃُ سُوَالُ،
    سِڪَ تُنهِنجِيءَ سُپِرين ٿِئي جانِ زَوَالُ،
    وهاڻِيءَ وِصَالُ، اُٿيان آرامي ڪَري.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص535 ادبي بورڊ 1993 )

    آءٌ ڏورِيئين شَالَ مَ لَهئين، سَاجن! مَڃ سوال،
    سڪ تنهنجيءَ سپرين، ڪيم جانِ زوال،
    وهاڻيءَ وصال، اُٿيان آرامي ڪري.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 326سال 2009ع مهراڻ)

    آئُون ڏورِيَنءِ، شالَ مَ لَهَنءِ، ساڄَنَ مَڃُ سُوالُ،
    سِڪَ تُهِجيءَ سُپِرِين، ٿي جانِ زَوالُ،
    وِهاڻيءَ وِصالُ، اُٿيان آرامي ڪَري.
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص214سال 2013ع روشني)

    آئون ڏورِئين شال مَ لَهين ساجن مڃَ سوال،
    سُک نه اچي ساهه کي، ٿِئي جانِ زوال،
    وِهاڻي وِصال، اُٿيان آرامي ڪَري.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر حسيني ص251سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    آءٌ ڏورِيئين شال م لهئين، سَاجن! مَڃ سوال،
    سڪ تنهنجيءَ سپرين، ڪيم جانِ زوال،
    وهاڻيءَ وصال، آٿيان آرامي ڪري.
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 414سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    آئون ڏورِئيين شال مَ لهين، سَاجن مَڃ سوال،
    سُک نه اچي ساه کي، ٿئي جانِ زوال،
    وهاڻيءَ وصال، اٿيا آرامي ڪري.
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر حسينيص 192سال 2008ع )

    آئُون ڏورِيَنءِ، شالَ مَ لَهَنءِ، ساڄَنَ مَڃُ سُوالُ،
    سِڪَ تنهنجيءَ سُپِرِين، ٿِئي جانِ زَوالُ،
    وِهاڻيءَ وِصالُ، اُٿيان آرامي ڪَري.
    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 122سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

    نوٽ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اهو بيت ”شاهه جو رسالو“ منجهان خارج ڪري ڇڏيو آهي.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ڏورينءِ، ڏورئين، ڏوريئين، ڏوريين)، (شالَ مَ لَهنءِ، شال مَ لهين، شال مَ لهئين، شال مَ ملين)، (ساڄن، ساجن)، (ٿئي، ٿي، ڪيم)، (جانِ زوال، جان زوال)، (اُٿيان، اٿيا، آٿيان).

    الف. ڏورينءِ، ڏورئين، ڏوريئين، ڏوريين: قارئين ڪرام! لفظ ”ڏوريين“ جي معنيٰ آهي ”تون ڏورين، تون ڳولين، تون ووڙين“ ۽ لفظ ”ڏورئين“ جي معنيٰ به ساڳي آهي. اسان جي تحقيق مطابق اهي الفاظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ نه ٿا سونهن. الفاظ ”ڏوريئين ۽ ڏورينءِ“ اسان جي تحقيق مطابق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ سونهن ٿا. هنن لفظن جي معنيٰ آهي، ”مان توکي ڳوليان، مان توکي ووڙيان، مان توکي ڍونڍيان“.
    اهي مناسب لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن. ديوان تاراچند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، محمّد عثمان ڏيپلائي، غلام محمّد شاهواڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، عثمان علي انصاري، باگوجي ڏانوجي، فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق.

    ب. شالَ مَ لَهنءِ، شال مَ لهين، شال مَ لهئين، شال مَ ملين: قارئين قارئين ڪرام! الفاظ ”مَ ملين“ فقط حاجي محمّد سمي لکيا آهن. اسان هن جي الفاظ کي ڪنهن عام فقير جي روايت سمجهون ٿا. جيڪا قابلِ اعتبار نه آهي.
    الفاظ ”مَ لهين“ بلڪل نا مناسب ٻانهي خان شيخ ۽سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيا آهن. انهن لفظن کي غلط هن ڪري قرار ڏيون ٿا ته ”مَ لهين“ جي معنيٰ آهي، ”تون ڳولي هٿ نه ڪري سگهين“.
    اسان جي تحقيق مطابق ”مَ لهئين ۽ مَ لهنءِ“ درست الفاظ آهن. انهن ٻنهي لفظن جي معنيٰ نڪري ٿي، ”مان توکي لهي نه سگهان، مان توکي ڳولي نه سگهان“.

    ت. ساڄن، ساجن : جن صاحبن نامناسب لفظ ”ساڄن“ لکيو سي حضرات آهن، ديوان تاراچند، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ٻانهون خان شيخ ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق.

    هن بيت ۾ فرمايل اصل لفظ ”ساجن“ آهي، اهو هن ڪري ٿا چئون ته ”سڄڻ“ منجهان الفاظ ”ساڄڻ، ساڄن“ ته ٺهن ٿا مگر سلاست ۽ فصاحت جي زمري ۾ نه ٿا اچن. مگر لفظ ”سجن“ منجهان ٺهندڙ لفظ ”ساجن“ هلڪو ۽ پڻ با معنيٰ آهي. درست لفظ ”ساجن“ لکڻ وارا صاحبان آهن، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، عثمان علي انصاري، محمّد عثمان ڏيپلائي، فقير تاج محمّد نظاماڻي، ۽ باگوجي ڏانوجي.

    ث. ٿئي، ٿي، ڪيم: قارئين ڪرام! اسان انهن لفظن تي غور ڪري ثابت ڪيو آهي ته لفظ ”ٿئي“ باقي لفظن کان بيت ۾ لکڻ مناسب لڳي ٿو. اهو هن ڪري ته ”ڪيم جان زوال“ ۽ ”ٿي جان زوال“ بي معنيٰ ۽ بي جوڙ الفاظ آهن. انهن جو حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت سان ڪو تعلق نه آهي. اسان جي انهي راءِ جو ثبوت اڳتي ملاحظه فرمائيندا.

    ج. جانِ زوال، جان زوال، ٿئي زوال: قارئين ڪرام! الفاظ ”جانِ زوال“ جن صاحبن لکيا آهن ۽ جن ”جان زوال“ لکيا آهن، انهن ٻنهي ادبي ٽولن اسان جي تحقيق مطابق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي بيت کي نه سمجهڻ جي ڪري الفاظ غلط لکيا آهن. وڏي ڳالهه هي آهي ته ”جانِ زوال“ الفاظ لکڻ وارن اهو سوچيو ئي نه ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجن بيتن ۾ زيرِ اضافت وارا الفاظ ڪڏهن به نه فرمايا آهن. ٻيو ته ”جانِ زوال“ جي معنيٰ ٿئي ٿي، ”زوال جي جان“. ۽ جن الفاظ ”جان زوال“ لکيا آهن تن لفظن جي معنيٰ ٿئي ٿي ”جان گم ٿئي، جان ختم ٿئي، جان زوال پذير ٿئي“. اها معنيٰ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت سان ڪا به مناسبت نه ٿي رکي.
    قارئين ڪرام! اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته ”جان نَه زوال“ الفاظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايا هئا. هنن لفظن جي معنيٰ ٿئي ٿي، ”منهنجي جان زوال پذير نه ٿئي، منهنجي جان منهنجي جسم منجهان نه نڪري يعني مان زنده رهان“.

    ح. اُٿيان، اٿيا، آٿيان: لفظ ”آٿيان“ فقط باگي جي ڏاني جي لکيو آهي نهايت ئي نامناسب لفظ لکيو اٿس.
    جن لفظ ”اٿيا“ لکيو آهي تن به اسان جي تحقيق مطابق غلط لفظ لکيو آهي. غلط هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”اٿيا“ جو تعلق جمع سان آهي ۽ هن بيت ۾ سسئي اڪيلي آهي. تنهنڪري لفظ ”اُٿيان“ اسان جي تحقيق مطابق درست آهي. انهيءَ درست لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن، ديوان تاراچند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، ٻانهو خان شيخ ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.

    آئُون ڏورِيَنءِ، شالَ مَ لَهَنءِ، ساجَن مَڃُ سُوالُ،
    سِڪَ تُنهِنجيءَ سُپِرِين، ٿِئي جان نه زَوالُ،
    وِهاڻيءَ وِصالُ، اُٿيان آرامي ڪَري.


    معنيٰ: اي ساجن مان توکي ڏورڻ (ڳولڻ ۽ ووڙڻ) بعد به ڳولي ۽ لهي نه سگهان، منهنجو اهو عرض اگهاءِ، ته جئن اي سپرين تنهنجي سڪ منهنجي سيني ۾ سلامت رهي، محبت جو زوال نه ٿئي.
    جڏهن آرام ڪريان ته ننڊ واري حالت ۾ به منهنجو تو سان خواب ۾ وصال پيو ٿئي، وهاڻي ويل تو کي خواب ۾ ڏسندي ڏسندي مونکي جاڳ ٿئي، اڳي سجاڳي نه ٿئي.

    *****

    ڇَڏِيَم حُجَّ هَلَنجِي، چَارِيکَا چَکِئَامِ،
    اَرَيَانِي جِي اَسَري، ڏنکرِ ڏِيـ هَ لَکَامِ،
    پُڇِجِ، پِرِِ سَندَامِ، وِرِتِيَسِ، وِکَه نَه اُپِڙي.
    (سيّد عبدالعظيم گنج سُر ودسسئي ص118)

    ڇَڏِيَم حُجَّ هَلَنجِي، چَارِيڪَا چَکِئَامِ،
    اَرَيَانِجِي اَسَرِي، ڏونکَرِ ڏِينـ هَ لَکَامِ،
    پُڇُجِ، پِرِِ سَندَامِ، وِيٺِيَسِ، وِکَه نَه اُپُڙي.
    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر حسيني ص230)

    چهڏِيَم هُجَ هَلَنَ جِي، چَاڙهِيکَا چَکهِيَامِ،
    آرِيَاٺِي جِي ڏونکَرَ مين گهَٺَا ڏِيـنهَه لَکَامِ،
    پُچهِجِ، پِرين سَندَامِ، وِيٿهِيَسِ، وِکهَه نَه اُپِڙي.
    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر حسيني ص430سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

    ڇڏيم حج هلڻ جي، چاڙهيڪا چَکيِام،
    آرياڻيءَ جي آسري، ڏونگر ڏينهن لَڳامِ،
    پُڇج، پِرين سَندامِ! ويٺيَس، وِکَه نه اُپِڙي.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر حسيني ص313سال 1900ع)

    ڇَڏِيَمِ حُجَ هَلَڻَ جِي، چَاڙِهِيڪَا چَکِئام،
    آرِيَاڻِيءَ جي آسَري، ڏُونگرَ ڏيِنهَن لَڳامِ،
    پُڇِجِ، پِرِين سَندَامِ، وِرتيَسِ، وِکَ نَه اُپِڙي.
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر حسيني ص330سال2012 )

    ڇڏيَمِ هُجَّ هلڻَ جي، چاڙِهيڪا چَکيِام،
    آرياڻيءَ جي اَسَري، ڏُنگرَ ڏِيـ هَ لَڳامِ،
    پڇج، پِرِين سَندام! ويٺيَسِ، وِکَ نه اُپُڙي.
    (ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص424سا ل 1996 )

    ڇڏيَم هُجَ هلڻَ جِي، چَاڙِهِيڪَا چَکيامِ،
    آرياڻيءَ جي آسَري، ڏونگر ڏينهن لڳام،
    پُڇج، پرين سندامِ، وِرتِيَسِ، وِکَ نَه اُپِڙي.
    (ممتاز مرزا، گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر ودسسئي ص118سال 1995 )

    ڇَڏِيَمِ حُجَ هَلَڻَ جِي، چَاڙِيڪَا چُڪِيامِ،
    آرِيَاڻِيءَ جي آسَري، ڏُونگرِ ڏيِنـ هَ لَڳامِ،
    پُڇِجِ، پِرِين سَندامِ، وِرِتِيَسِ، وِکَ نَه اُپِڙي.

    (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 243سال 2009)

    ڇَڏِيَمِ حُجَّ هَلَڻَ جي، چاڙهيڪا چَکيام،
    آرِياڻِيءَ جي آسِري، ڏونگرَ ڏِينهَن لَڳامِ،
    پُڇَجِ، پِرين سَندام! ويٺيَسِ، وک نه اُپِڙي.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 306سال 2013)

    ڇَڏِيَمِ حُجَّ هَلَڻَ جي، چاڙهيڪا چَکِيام،
    آرياڻي جي آسِري، ڏُونگَرَ ڏِينهَن لَڳامِ،
    پُڇِج، پِرِين سَندام! ويٺيَسِ، وِکَ نه اُپِڙي.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر حسيني ص 132سال 1994 )

    ڇڏيم حُجَّ هلڻ جي، چاڙهيڪا چَکيام،
    آرِياڻِيءَ جي آسِري، ڏونگرَ ڏينهن لڳامِ،
    پُڇج، پرين سندام! ويٺيس، وِک نه اُپڙي.
    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص351مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    ڇڏيم حج هلڻ جي، چاڙهيِڪا چَکيِام،
    آرياڻيءَ جي آسري، ڏوُنگرِ ڏِينهن لَڳامِ،
    پُڄج، پرين سَندامِ! ويٺيَس، وِکَه نه اُپِڙي.
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 408بااختيار ادارو سال 1994 )

    ڇَڏِيَم حُجَ هَلَڻ جِي، چاڙهيِڪا چَکيِام،
    آرِياڻِيءَ جي آسري، ڏوُنگر ڏِينهن لَڳامِ،
    پُڇِجِ، پِرين سَندامِ! ويٺيَس، وِکَ نه اُپِڙي.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص536سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    ڇڏيم حُج هلڻ جي، چاڙهيڪا چکيام،
    آرياڻيءَ جي آسري، ڏنگرَ ڏينهن لڳام،
    پڇج، پرين سندام! ويٺيس، وکه نه اپڙي.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 327سال 2009ع مهراڻ)

    ڇَڏِيَمِ حُجَّ هَلَڻَ جي، چاڙِهيڪا چَکيِام،
    آرِياڻيءَ جي اَسَري، ڏُنگرَ ڏِيـ هَ لَڳامِ،
    پُڇِج، پِرِين سَندامِ! وِيٺِيَسِ، وِکَ نه اُپُڙي.
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص214سال 2013ع روشني)

    ڇڏيم حُجه هلڻ جي، چاڙهيڪا چَکيام،
    آريءَ سندي آسري، ڏونگر ڏينهن لڳامَ،
    مَوٽَ پِرين سندام! ويٺيس، وک نه اُپڙي.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر حسيني ص259سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    ڇڏيم حُجَ هلڻ جي، چاڙهيڪا چکيام،
    آرياڻيءَ جي آسري، ڏنگرَ ڏينهن لڳام،
    پڇج، پرين سندام! ويٺيس، وکه نه اپڙي.
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 415سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    ڇڏيم حُجَ هلڻ جي، چاڙهيڪا چَکيام،
    آريءَ سندي آسري، ڏونگر ڏينهن لڳام،
    پڇج پرين سَندام، ويٺيس، وک نه اُپڙي.
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر حسينيص 192سال 2008ع )

    ڇَڏِيَمِ حُجُ هَلَڻَ جي، چاڙهيڪا چَکيام،
    آرِياڻِيءَ جي آسِري، ڏونگرَ ڏِينهَن لَڳامِ،
    پُڇَجِ، پِرين سَندام! ويٺيَسِ، وِکَ نه اُپِڙي.
    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 122سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (هُج، حُج)، (چاڙهيڪا، چاڙيڪا)، (چَکيام، چُڪيام)، (آرياڻِيءَ جي آسِري، آريءَ سندي آسري، آرياٺي جي ڏونکر مين)، (پُڇج، پڄج، مَوٽَ)، (ويٺيسِ، ورتيس).

    الف. هُج، حُج: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ممتاز مرزا لفظ ”هُج“ ”هه“ هرڻي سان لکيو آهي ۽ باقي ٻين صاحبن لفظ ”حُج“ ”ح“ حبشي سان لکيو آهي. اسان سنڌيڪا لغت جي ص 856 تي لکيل ”هُج“ جي معنيٰ ڏٺي آهي، ”حجت، دوست واري گهرائي،اُميد“. انهي ساڳي لغت جي ص 321 تي لفظ ”حُج“ جي معنيٰ لکيل آهي، ”لاڏ، انگل ۽ اُميد“.
    قارئين ڪرام! جامع سنڌي لغات جلد ٽيون جي ص 1101 تي لفظ ”حجّ“ جي معنيٰ لکيل آهي، ”حجت گستاخي گهرائپ، دوستانو ناتو، دلاسو، آسرو، ڀروسو“ ۽ ص 1101 تي لفظ ”حُج“ جي معني لکيل آهي، ”اُميد، آسرو، ڀروسو “.
    اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته لفظ ”هُج“ ”هه“ هرڻي سان لکيل جي معنيٰ ٿئي ٿي، ”رهج، يعني حاضر هج“ . انهي لفظ منجهان ”هجت“ لفظ نه ٿو ٺهي ۽ لفظ ”حُج“ عربي لفظ آهي انهي منجهان لفظ ”حجت ۽ حجائتو“ ٺهن ٿا. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ ”حُج“ ”ح“ حبشي وارا فرمايو، جنهن جي معنيٰ آهي ”اُميد ۽ آسرا“.
    قارئين ڪرام! اسان منجهي پياسين ته سنڌي لغتن ۾ ”حُج“ ۽ ”هُج“ جي معنيٰ ساڳي لکيل آهي ته پوءِ اسان کي ڊاڪٽر گربخشاڻي جي رسالي جو مطالعو ڪرڻو پيو. ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ (ص 296، سال 1996 بيت نمبر 12) ۾ اسان کي هي مصرع لکيل نظر آئي:

    ”ڪُٻيلياڻي ڪيچ ڏي، حُج مَ هلائيج“
    اسان جي ذهن ۾ خيال پيدا ٿيو ته متان ڪو صاحب اعتراض ڪري ته اتفاق سان ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب ”حُج“ لفظ لکيو. اسان تحقيق ڪري ڏٺو ته ساڳي ص 296 تي هي مصرع لکيل آهي:

    ”مهد محتاجي ڪري ”حُج“ وڃائي هل“

    اصل گنج ۾ ”حُج“ لکيل آهي اسان هي مصرع ص 118 تي لکيل پڙهي آهي:

    ”ڇڏيم حُجّ هلنجي چاريکا چکئام“
    مطلب ته اصل لفظ ”حُج“ ”ح“ حبشي وارو بحث هيٺ آيل بيت ۾ لکڻ گهرجي.

    ب. چاڙهيڪا، چاڙيڪا: قارئين ڪرام! فقط ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لفظ ”چاڙيڪا“ لکيو آهي، اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيو اٿس. انهي لفظ جو مُنڍ ۽ مصدر آهي لفظ ”چاڙ“ جنهن منجهان ”چاڙڻ ۽ چاڙيڪا“ ٺهن ٿا، اهي الفاظ غلط آهن. ”چاڙ“ لفظ جو هن بيت سان ڪو تعلق ئي نه آهي. ڇا ڪاڻ ته ”چاڙ“ لفظ ڪنهن به لغات ۾ نه آهي. لفظ ”چاڙهه“ منجهان لفظ ٺهن ٿا ”چاڙهڻ، چاڙهيو ۽ چاڙهيڪا“. اهو لفظ ”چاڙهيڪا“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه پنهنجي بيت ۾ فرمايو. اسان جي تحقيق مطابق اهو لفظ درست آهي.

    ت. چَکيام، چُڪيام: اسان مٿي جن صاحبن جا بيت لکي آيا آهيون. تن سڀني منجهان فقط ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لفظ ”چُڪيام“ اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيو آهي. غلط هن ڪري ٿا چئون ته سسئي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ چواڻي جڏهن سڀ چاڙهيڪا چڙهي چُڪايا ته پوءِ چئبو ته منزل تي پهچي ويئي، مگر هو ويچاري منزل جي ماري منزل تي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي ٿڪجي ويهي رهي هئي. اڳتي وک به نه ٿي کڻي سگهي. ٻين ليکڪن لفظ ”چکيام“ درست لکيو آهي.

    ث. آرياڻِيءَ جي آسِري، آريءَ سندي آسري، آرياٺي جي ڏونکر مين گهٺا ڏينهن لَکام: قارئين ڪرام! ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ بيت جي ٻي مصرع اسان جي تحقيق مطابق غلط لکي آهي. ملاحظه فرمايو:
    ”آرياٺي جي ڏونکر مين گهٺا ڏينهن لکام“
    اها جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ مصرع ٿئي ٿي:

    ”آرياڻي جي ڏونگر ۾، گهڻا ڏينهن لڳام“

    فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ سگهڙ حاجي الله جنجهي، ٻي مصرع جو پهريون فقرو لکيو آهي ”آريءَ سندي آسري“. اسان هنن صاحبن جي لکيل فقري کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو فرمايل فقرو هن ڪري تسليم نه ٿا ڪريون ته گنج شريف ۾، ڀٽ شاهه تي رکيل رسالي، جنهن کي 1900ع ۾ جديد صورت خطيءَ ۾ ديوان تارا چند لکيو ۽ شاهه ڪريم وارو رسالو جيڪو شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي، پنهنجي پنهنجي ترتيب ڏنل رسالي جي ماۡخذ طور استعمال ڪيو، ان کان علاوه قديم ڪاتب حاجي محمّد سمي جي ڪتابت ڪيل رسالي ۾ فقرو ”آرياني جي آسري“ لکيل آهي. تنهنڪري حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ ”آرياڻيءَ جي آسري“ فقرو لکڻ مناسب لڳي ٿو.

    ج. پُڇج، پڄج، مَوٽَ: قارئين ڪرام! سواءِ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي ٻين سڀني صاحبن لفظ ”پُڇج“ غلط لکيو آهي ۽ شمس العلماءَ لفظ ”پُڄج“ برابر لفظ لکيو آهي. اسان لفظ .پُڇج“ کي هن ڪري غلط قرار ڏنو آهي ته سسئي کان تمام پرانهين پنڌ تي پنهل هو. غير حاضري ۾ اهو ڪئن سسئي کان سندس ڏکن جا حال پڇندو؟
    قارئين ڪرام! پنهل سسئي وٽ پڄندو ته احوال پڇندو، جيڪڏهن نه پهچندو ته ڪئن کائنس پڇندو؟.
    اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ هي فقرو فرمايو:
    ”پُڄج پرين سندام“

    ح. ويٺيسِ، ورتيس: لفظ ”وِرتيس“ لکڻ وارا صاحبان آهن، سيّد عبدالعظيم، ممتاز مرزا، ٻانهون خان شيخ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
    اسان جي تحقيق مطابق انهن صاحبن جو لکيل لفظ درست آهي، اهو هن ڪري ٿا درست چئون ته ٿڪجڻ کان پوءِ ويهڻ ته فطري عمل آهي، اهو ته سڀ ڪو سمجهي سگهي ٿو.
    قائين ڪرام! هي بيت حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جو آهي ڪجهه مٿانهين سوچ سوچڻ گهرجي. اسان جي تحقيق مطابق ”وِرتيس“ بيت ۾ نهايت ئي موزون لفظ آهي، اهو هن ڪري موزون آهي ته لفظ ”ورت“ سنسڪرت ٻولي جو لفظ آهي، اِهو لفظ هندي ۽ سنڌي ٻولين ۾ به استعمال ٿيندو آهي. هن لفظ جي معنيٰ آهي، ”اُڃ ۽ بک ۾ رهڻ، فاقو ڪڍڻ“.
    ياد رهي ته! سسئي جڏهن پنهل ۽ سندس قافلي پٺيان رواني ٿي هئي ته هن نه ماني کنئي هئي ۽ نه پاءُ پاڻي جو کنيو هئائين. اڃ ۽ بک ۾ پاهه ٿي ويئي هئي تنهنڪري حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه سسئي واري انهي بيت ۾ لفظ ”وِرتيس“ فرمايو.
    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي:

    ڇَڏيم حُجَ هَلڻ جِي، چَاڙهيڪا چَکيام،
    آرِياڻِيءَ جِي آسري، ڏُونگرَ ڏِينهن لڳام،
    پُڄِج، پِرينءَ سَندامِ! وِرتيس وِک نه اُڀڙي.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه سسئي جي زباني فرمائي ٿو ته پهاڙن ۽ جبلن جا چاڙهيڪا چڙهي چڙهي چُڪجي ۽ ٿَڪجي پيئي آهيان. انهن ڏکين ڏونگرن جي چهنبيارن چاڙهيڪن جا عذاب سٺا ۽ چکيا اٿم.
    آرياڻي جي آسري مون کي ڏونگر ۾ ڏوريندي گهڻا ئي ڏينهن لڳي ويا آهن. اي منهنجا پنهل پرين مون وٽ اچي پڄ مون وٽ اچي رس. مان اڃ ۽ بک ۾ پاهه ٿي پيئي آهيان تنهنڪري مون کان اڳتي هڪ وک به نه ٿي کڄي.

    *****

    هُوئَجا کُورِي کُوٽَجِي، تِهِکي چَرِي چُونِ،
    اُکَارِيءٌ آتَنَـ۾، هُوتَ پُڃَانَا هُونِ،
    پَرا تَنِِ پونِ، ڏِٺُو جَنِ اَکَيُنِسِنِِ.
    (سيّد عبدالعظيم گنج سُر ود سسئي ص65)

    هُوئَجَا کُورِي کُوٺَجِي، تَهِکي چَرِي چُونِ،
    اُکَارِيءٌ عالَمَ ۾، هُوتَ پُڃَانَا هُوتَ هُونِ،
    پَرَاتَنِِ پُونِ، ڏِٺُو جَنِ اکَينَسِِ.
    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر حسيني ص235)

    هوءَ جَا کهورِي گهوٿَ جِي، تنهِن کهي چَرِي چُونِ،
    اُکهَاڙِيُونَ آتَٺَ مين، هوتَ پُڄاٺَان هُونِ،
    پَڙهَا تَنهِين جَا پُونِ، ڏِٿهو جَنِ اَکهِنِ سَان.
    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر حسيني ص458سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

    هُوءَ جا گهوري گهوٽَ جي، تَنهنکي چَري چُونِ،
    اُگهاڙِيُون آتَڻ ۾، هوتَ پُڄاڻا هُونِ،
    پَرا تِنهين پُونِ، ڏِٺو جن اَکين سين.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر حسيني ص334سال 1900ع)

    هُوءَ جَا گهورِي گهوٽَ جِي، تَنهِن کي چَرِي چُونِ،
    اُگهَاڙِيُون آتَڻَ ۾، هوتَ پُڃَاڻَان هُونِ،
    پَرَا تَنِي پُونِ، ڏٺو جَنِ اکِيُنِ سين.
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر حسيني ص319سال2012 )

    هوءَ جا گهورِي گهوٽَ جِي، تَـ ه کي چَرِي چُونِ،
    اُگهاڙيون آتَڻَ ۾، هوتَ پُڄاڻا هُونِ،
    پَرا تَنِين پُونِ، ڏٺو جَنِ اَکِنِ سين.
    (ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص436سا ل 1996 )

    هوءَ جا گهورِي گهوٽَ جِي، تنهِن کي چَرِي چُونِ،
    اُگهاڙيونَ آتڻَ ۾، هوتَ پُڄاڻا هُونِ،
    پَرا تَنين پونِ، ڏٺو جَنِ اَکَيُنِ سين.
    (ممتاز مرزا، گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر ود سسئي ص65سال 1995 )

    هُوءِ جا گهورِي گهوٽَ جِي، تَنـ هِ کي چَرِي چُونِ،
    اُگهاڙِيُون عالَمَ ۾، هوتَ پُڄاڻا هُونِ،
    پَرا تَنِي پُونِ، ڏٺو جَنِ اَکين سِين.
    (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاهه جو رسالو سُر حسيني ص250سا ل 2009 )

    هُوءَ جا گهوري گُهوٽَ جِي، تَنهِن کي چَرِي چونِ،
    اُگهاڙِيُون آتَڻَ ۾، هوتَ پُڄاڻا هُونِ،
    پَرا تَنِين پونِ، ڏٺو جَنِ اَکِيُنِ سِين.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 306سال 2013)

    هُوءَ جا گهوري گهوٽَ جي، تنهن کي چَري چَونِ،
    اُگهَاڙِيُون آتَڻَ ۾، هوتَ پُڄاڻان هُونِ،
    پَرا تِنين پَوَنِ، ڏِٺو جن اَکِيُنِ سين.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر حسيني ص 315سال 1994 )

    هُوءَ جا گهوري گهوٽَ جي، تَنهنکي چَري چُونِ،
    اُگهاڙِيُون آتَڻَ ۾، هوتَ پُڄاڻا هُونِ،
    پَرا تِنهين پُونِ، ڏِٺو جن اکن سين.
    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص372مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    هُوءَ جا گهوري گهوٽَ جي، تَنهنکي چَري چُونِ،
    اُگهاڙِيُون آتَڻ ۾، هوتَ پُڄاڻا هُونِ،
    پَرا تِنهين پُونِ، ڏِٺو جن اَکين سين.
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 434بااختيار ادارو سال 1994 )

    هُوءَ جا گهوري گهوٽَ جي، تَنهنکي چَري چُونِ،
    اُگهاڙِيُون آتَڻ ۾، هوتَ پُڄاڻان هُونِ،
    پَرا تَنهين پُونِ، ڏِٺو جَن اَکين سين.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص566سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    هوءَ جا گهوري گهوٽ جي، تنهن کي چري چون،
    اگهاڙيون آتڻ ۾، هوت پڄاڻا هون،
    پرا تنهين پون، ڏٺو جن اکين سين.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 348سال 2009ع مهراڻ)

    هوءَ جا گهورِي گهوٽَ جِي، تِـ ه کي چَوِي چُونِ،
    اُگهاڙِيُون آتَڻَ ۾، هوتَ پُڄاڻا هُونِ،
    پَرا تَنِين پُونِ، ڏٺو جَنِ اَکِنِ سين.
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص225سال 2013ع روشني)

    هو جا گهوري گهوٽ جي، تِنهنکي چَري چُونِ،
    اُگهاڙِيُون آتَڻ ۾، هوتَ پُڃاڻا هُونِ،
    پَرَا تَني پُون، ڏِٺو جَن اکِيَن سِين.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر حسيني ص257سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    هوءَ جا گهوري گهوٽ جِي، تنهن کي چري چون،
    اگهاڙيون آتڻ ۾، هوت پڄاڻا هون،
    پرا تنهين پون، ڏٺو جن اکين سين.
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص444سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    هوءَ جا گهوري گهوٽ جي، تنهن کي چَري چُون،
    اگهاڙيون آتڻ ۾، هوت پڄاڻا هُون،
    پرا تنين پُون، ڏٺو جن اکين سين.
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر حسينيص 198سال 2008ع )

    نوٽ: ڪلياڻ آڏواڻي ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق اهو بيت نه لکيو.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (هو، هوءِ، هوءَ)، (تـِ ه کي، تنهن کي)، (اگهاڙيون)، (عالم ۾، آتڻ ۾)، (پڄاڻا، پڃاڻا)، (تني، تنين، تنهين).

    الف. هو، هوءِ، هوءَ: قارئين ڪرام! لفظ ”هوءِ“ لکڻ وارا صاحبان آهن، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، علامه آءِ آءِ قاضي، ٻانهون خان شيخ، فقير تاج محمّد نظاماڻي، محمّد عثمان ڏيپلائي، انهن صاحبن اسان جي تحقيق مطابق بيت ۾ غلط لفظ لکيو آهي. غلط هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”هوءِ“ جمع ۾ استعمال ٿيندو آهي. پهرين مصرع ۾ اهو لفظ تڏهن استعمال ٿئي ها جڏهن ”گهوريون گهوٽ جون“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ طرفان فرمايل هجي ها. مگر حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ”گهوري گهوٽ جي“ فقرو فرمايو. تنهنڪري اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن فقرو لکيو آهي:
    ”هوءَ جا گهوري گهوٽ جي“
    تن درست لکيو آهي، درست لکڻ وارا صاحبان آهن، سيد عبدالعظيم، حاجي محمّد سمو، ڊاڪٽر گربخشاڻي، تاراچند ديوان، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ممتاز مرزا، عثمان علي انصاري ۽ غلام محمّد شاهواڻي.
    ب. تـِ ه کي، تنهن کي: الفاظ ”تِـ ه کي“ ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ غلام محمّد شاهواڻي اڌ اکري سنڌي ۾ لکيو آهي مناسب نه لکيو اٿن. جن لفظ ”تنهن“ لکيو تن برابر لکيو آهي.

    ت. اگهاڙيون: سڀني مرتب ۽ محقق حضرات لفظ ”اُگهاڙيون“ لکيو آهي ۽ ڪاتبن لفظ ”اُکاريءٌ“ لکيو آهن. شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لفظ ”اگهاڙيون“ جي معنيٰ نه لکي آهي. ٻانهي خان شيخ، لفظ ”اگهاڙيون“ جي معنيٰ لکي آهي ”بي پردي يا عيب ظاهر ٿيل عورتون“ (ص 320).
    قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي انهي بيت ۾ لفظ ”اگهاڙيون“ لکڻ مناسب ئي نه آهي، اهو هن ڪري ٿا چئون ته هن بيت ۾ تذڪرو اُنهن عورتن جو آهي. جن کي سندن محبوب جدائي جو داغ ڏيئي هليا ويا آهن. انهن عورتن منجهان هڪ ته پنهنجي محبوب تي ايتري ته فريفته ۽ عاشق آهي جو عشق جي چوٽ کائڻ کان پوءِ هوءَ مست ٿي ويئي آهي تنهنڪري ان کي لوڪ چري ٿو چئي ۽ ٻيون عورتون به آهن جن لاءِ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پرين پڄاڻا پريشان ۽ وياڪل رهڻ جو ذڪر فرمايو آهي.
    اسان کي لفظ ”اگهاڙيون“ تي يقين نه آيو تنهن ڪري قديم ڪاتبن جي ڪتابت ڪيل رسالن جو مطالعو ڪيو سين ته اسان کي لفظ ”اکاريون“ پڙهڻ ۾ آيو.
    ياد رهي ته! قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ک“ اکر ”ڪ“ اکر بجاءِ به لکندا هئا ۽ ”ڻ“ اکر استعمال نه ٿيندو هو ان جي جاءِ تي ”ر“ ۽ ”ن“ اکر پُڻ استعمال ڪندا هئا. تنهنڪري ڪاتبن لفظ ”اُڪاڻيون“ کي ”اکاريءُ“ لکيو.
    اسان جامع سنڌي لغت جلد پهريون سال 1995 جي ورق گِرداني ڪئي ته اسان کي (ص 219) تي لفظ ”اُڪڻ“ نظر آيو. هن لفظ منجهان ٻيا لفظ هي ٺهن ٿا، اُڪاڻ، اُڪاڻو، اُڪاڻيو، اُڪاڻيون وغيرو. ”اُڪاڻو“ هڪ بيماري جو قسم آهي. ان بيماري سبب سيني ۾ ضيق النفس ٿيندي آهي ان سببان روح پريشان ٿي ويندو آهي ان بيماري کي حڪيم ۽ ويڄ ”اُڪاڻو“ به چوندا آهن. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه اهو لفظ پنهنجي بيت ۾ انهن عورتن لاءِ فرمايو آهي جن کي پنهنجي محبوب جي جدائي جو داغِ مفارقت لڳو آهي. پريشان ۽ سرگردان رهن ٿيون. سندن روح روڳي ۽ دل درماندي رهي ٿي.

    ث. عالم ۾، آتڻ ۾: ڪاتب حاجي محمّد سمي الفاظ ”عالم ۾“ لکيا آهن. ان جي تقليدڪندي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به الفاظ عالم ۾ استعمال ڪيا آهن. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ انهي سُر (حسيني) ۾ ٻن ٽن بيتن اندر ”آتڻ“ جو ذڪر ڪيو آهي. (ص 313 ، ص328، ص329 ). تنهنڪري الفاظ ”عالم ۾“ هن بيت اندر استعمال ڪرڻ نا مناسب آهن. هن بيت ۾ لفظ ”آتڻ“ استعمال ڪرڻ درست آهي.

    ج. پڄاڻا، پڃاڻا: ”پڃاڻا“ جن صاحبن لفظ لکيو آهي تن جديد صورت خطيءَ مطابق غلط لفظ لکيو آهي. مگر جن قديم ڪاتبن لفظ ”پڃاڻا“ لکيو آهي، تن جي لکيل لفظ کي به اسان غلط قرار ڏيون ٿا. ڇا ڪاڻ ته انهن ڪٿي ڪٿي ”ڄ“ اکر استعمال ڪيو آهي. تنهنڪري هن لفظ ۾ به ”ڄ“ استعمال ڪري ٿي سگهيا. اهو هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”پڃاڻا“ درست لفظ نه آهي مگر ”پڄاڻا“ درست ۽ صحيح لفظ آهي. اهو ئي بيت ۾ لکڻ گهرجي.
    ح. تني، تنين، تنهين: لفظ ”تني“ فقط ٻانهي خان شيخ نامناسب لکيو آهي. الفاظ ”تنين ۽ تنهين“ بيت ۾ استعمال ڪري سگهجن ٿا.

    خ. اکين، اکن: لفظ ”اکن“ ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي ۽ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، اڌ اکري عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ لکيو آهي، باقي ٻين صاحبن درست لفظ ”اکين“ لکيو آهي.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.

    هُوءَ جا گهورِي گهوٽَ جِي، تَنهن کي چَري چُونِ،
    اُڪاڻِيُون آتڻ ۾، هوت پُڄاڻا هُونِ،
    پَرا تنهين پُونِ، ڏِٺو جَنِ اَکين سِين.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه فرمائي ٿو ته جنهن کي چري ڪوٺيو ٿو وڃي سا حقيقت ۾ چري نه آهي. هوءَ پنهنجي گهوٽ (محبوب) تان سر گهورڻ واري ۽ جند جان قربان ڪرڻ واري آهي ۽ انهي عاشق عورت سان گڏ ٻيون به آتڻ ۾ عورتون اُڪاڻيل وياڪل ۽ پريشان آهن. ڇا ڪاڻ ته اُنهن جا هوت به کانئن جدا ٿي ويا آهن. انهن جي پريشاني جو اصل پرو ۽ پتو ته انهن کي پئجي سگهي ٿو ۽ اصل پريشاني جي پروڙ ته انهن کي ئي پئجي سگهي ٿي جن کي عشق جي لغار لڳل هجي.

    *****

    ڏِنِي سِڪَ سَسُئِي کِي، ٻيلِيانِِ ٻَرُوچَه،
    لُوڪَ وِچَاءِِ لُوچَه، پُهچَائِي پُنُونَهکي.
    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر حسيني ص243)

    ڏِنِي سِکَ سَسُئِي کِهي، ٻيلِيَاٺِي ٻَروچَ،
    لوکَ وِچَانئِيِ لوچِ، پُهچَائيئِي پُنهُوءَ کهي.
    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر حسيني ص421سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

    ڏنِي سِڪَ سسئِي کي، ٻيلِياڻِي ٻروچَ،
    لوڪَ وِچانئِي لوچَ، نيئِي پهچائي پُنهونءَ کي.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر حسيني ص306سال 1900ع)

    ٻيلِيَاڻِي ٻَروچ، ڏِني سِڪَ سَسُئيءَ کي،
    لوڪَ وِچَانِ ئِي لوچَ، پُهچائِي پُنُهونءَ کي.
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر حسيني ص278سال2012 )

    ڏنِي سِڪَ سسئِي کي، ٻيلِياڻِي ٻروچَ،
    لوڪَ وِچائِي لوچَ، نيئِي پَهُچائِي پُنهوءَ کي.
    (ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص419سا ل 1996 )

    ڏِنِي سِڪَ سَسُئِيءَ کي ٻيلياڻِي ٻَروچَ،
    لوڪَ وچان ئي لوچَ، پَهچائِي پُنهونءَ کي.
    (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاهه جو رسالو سُر حسيني ص238سا ل 2009 )

    ڏنِي سِڪَ سسئِي کي، ٻيلياڻي ٻروچَ،
    لوڪَ وِچان ئِي لوچَ، نيڻي پهچائي پُنُوءَ کي.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر حسيني ص299سال 2013)

    ڏِني سِڪَ سسئِي کي، ٻيلِياڻِي ٻروچ،
    لوڪَ وِچانئَي لوچَ، نيئَي پهچائي پُنهونءَ کي.
    (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص345مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

    ڏنِي سِڪَ سسئِي کي، ٻيلِياڻِي ٻروچَ،
    لوڪَ وِچانئِي لوچَ، نيئَي پهچائي پُنهونءَ کي.
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 400بااختيار ادارو سال 1994 )

    ڏنِي سِڪَ سَسُئِي کي، ٻيلِياڻِي ٻروچَ،
    لوڪَ وِچان ئِي لوچَ، نيئِي پَهُچائي پُنهونءَ کي.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص526سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    ڏني سڪ سسئي کي، ٻيلياڻي ٻروچ،
    لوڪ وچان ئي لوچ، نيئي پهچائي پنهوءَ کي.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 320سال 2009ع مهراڻ)

    ڏنِي سِڪَ سُسُئِي کي، ٻيلياڻِي ٻَروچَ،
    لوڪَ وِڃائِي لوچَ، نيئِي پَهُچائِي پُنهُوءَ کي.
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص210سال 2013ع روشني)

    ڏِني سِڪ سسئي کي، ٻيلياڻي ٻَروچ،
    لوڪَ وِچان لوچَ، نيئِي پُهچائِينديئه پُنهون کي.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر حسيني ص246سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    ڏني سڪ سسئي کي، ٻيلياڻي ٻروچ،
    لوڪ وچان ئي لوچ، نيئي پهچائي پنهونءَ کي.
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص404سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    ڏني سِڪَ سسئيءَ کي، ٻيلياڻي ٻروچ،
    لوڪ وچان ئي لوچ، نيئي پهچائي پُنهونءَ کي.
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر حسينيص 187سال 2008ع )

    نوٽ: گنج شريف ۾ اهو بيت لکيل نه آهي، ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومري ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق اهو بيت نه لکيو. جئن ته اهو بيت ٻن قديم نسخن ۽ اڪثر ڇاپي نسخن ۾ لکيل آهي، تنهنڪري هن بيت تي تحقيق ۽ تصحيح ڪرڻ اسان پنهنجو ادبي فرض سمجهون ٿا.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ٻيلياڻي)، (وڃائي لوچ، وچان ئي لوچ، وچانئي لوچ، وچان لوچ)، (نيئي پهچائي، پهچائي، نيڻي پهچائي، نيئي پهچائينديئه، نيئي پهچائي، نيئي پهچائيئِي).

    الف. ٻيلياڻي: سڀني ڪاتبن ، مرتبن ۽ محققن لفظ ”ٻيلياڻي“ لکيو آهي، لفظ ٻيلياڻي جي معنيٰ ڊاڪٽر گربخشاڻي نه لکي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لفظ ”ٻيلياڻي“ جي معنيٰ لکي آهي ”خدمتگار“ (ص 238). ٻانهي خان شيخ معنيٰ لکي آهي ”همراه، مددگار“ (ص 279 جلد ٻيو). شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ معنيٰ لکي آهي ”نوڪرياڻي، همراه، سنگتياڻي“ (لغات لطيفي ص 192). علامه غلام مصطفيٰ قاسمي معنيٰ لکي آهي ”ساٿي“ (ص 345). عثمان علي انصاري معنيٰ لکي آهي ”ساٿياڻي“ (ص 672). غلام محمّد شاهواڻي، معنيٰ لکي آهي ”همراه، ساٿي، ٻانهين“ (ص 210).
    قارئين ڪرام! اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته مٿين، سڀني صاحبن، جن لفظ ”ٻيلياڻي“ لکيو آهي سي حضرت ڀٽ ڌڻيءِ جي فرمايل بيت جي پهرين مصرع کي سمجهي ئي نه سگهيا آهن. بيت جي مصرع ملاحظه فرمايو:

    ڏني سِڪَ سسئيءَ کي، ٻيلياڻي ٻروچ،

    هن مصرع جي معنيٰ ٿئي ٿي، ”سسئي کي ٻروچ ساٿياڻي، همراه مددگار، نوڪراڻي، سنگتياڻي سڪ ڏني“.
    پڙهندڙ خواتين و حضرات ڇا سسئي کي ٻروچ سنگتياڻي سڪ ڏني هئي يا ٻيلي ڌڻي يعنيٰ، لس ٻيلي جي حاڪم جي پٽ پنهون سڪ ڏني هئي؟ ”شاهه جو رسالو“ ۾ سسئي بابت پنج سُر لکيل آهن. انهن پنجن ئي سُرن ۾ ڪٿي به ”ٻيلياڻي“ لفظ کي ”پنهون“ جي لاءِ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه نه فرمايو آهي.

    اسان جي تحقيق ۽ تصحيح بعد مصرع ملاحظه فرمايو:

    ڏني سِڪَ سسئيءَ کي، ٻيلاڻي ٻروچ،

    هن مصرع جي معنيٰ ٿئي ٿي، ٻيلاڻي ٻروچ يعني (پنهون) سسئي سان، لس ٻيلي ۽ مڪران کان ڪهي اچي محبت ڪئي ۽ سڪ ڏني.

    ب. وڃائي لوچ، وچان ئي لوچ، وچانئي لوچ، وچان لوچ: ”وڃائي لوچ“ الفاظ فقط غلام محمّد شاهواڻي لکيا آهن بنهه غلط لکيا اٿس. غلط هن ڪري ٿا چئون ته سسئي ڀنڀور کي ڇڏي اُتان جي لوڪ کي ترڪ ڪري وڃائي چڪي هئي ته پوءِ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ٻي ڀيري ڇو صلاح ڏيندو ته لوڪ ”وڃاءِ“.
    اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته جن صاحبن ”وچان ئي لوچ“ لکيو آهي. تن درست لکيو آهي. مگر ڪن صاحبن انهن لفظن ”وچان ئي“ جي درست صورت خطيءَ نه لکي آهي. هنن لکيو آهي، ”وچا + نئي“ اهو لفظ لکڻ گهرجي ”وچان + ئي“ يعني ”وچان ئي“.

    ت. نيئي پهچائي، پهچائي، نيڻي پهچائي، نيئي پهچائينديئه، نيئي پهچائي، نيئي پهچائيئِي: قارئين ڪرام! اسان انهن ڇهن مختلف لفظن تي تحقيق ڪئي آهي ته اسان کي انهن منجهان ”نيئي پهچائينديئه“ ۽ ”نيئي پچهائيئي“ درست معلوم ٿيا. سوچيو سين ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه ته هڪ لفظ فرمايو ۽ نه ٻيئي. تنهن ڪري اسان انهن ٻنهي لفظن تي وري تحقيق شروع ڪئي ته اسان کي ”نيئي پهچائينديئه“ درست الفاظ محسوس ٿيا. مگر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لکيل لفظ جي صورت خطيءَ تي اسان کي اعتراض آهي. اسان انهي لفظ جي آخري الف حمزه ”ء“ جي هيٺيان زير ڏيڻ مناسب سمجهي آهي يعني ”پهچائينديهءِ / پهچائينديءِ“.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي:

    ڏِني سِڪ سَسئِي کي، ٻيلاڻي ٻَروچ،
    لُوڪَ وِچان ئي لُوچَ، نيئِي پُهچائِينديئِه پُنهون کي.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمائي ٿو ته سسئي جو محبوب پنهون ٻيلاڻي (لس ٻيلي جو رهاڪو ) آهي، انهيءِ لس ٻيلي کان قافلو ڪاهي ڀنڀور ۾ پهچي سسئي کي سڪ ڏني (محبت ڪئي).
    ٻي مصرع ۾ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ سسئي کي صلاح ڏئي ٿو ته اي سسئي جبلن، پهاڙن، جهنگ ۽ جهر ۾ ته پنهون لاءِ پتوڙين ٿي، مگر پنهون جي لوڪ ۾ ڳولا ڪر. لوچ، اها لوچ ۽ تڙپ ئي توکي پنهون تائين وڃي پهچائيندي.

    *****


    19. سُر مومل راڻو

    ڪَاڪِ ڪَڙِي، وَنَ وِئَا، جَلِي مُهجِي جَانِ،
    رَکِي ڪَامَ ڪِنِڪِئُو، مَارِيَسِ تِـ ه کُمَانَ،
    هَڏِ نَجِيَان هَانِ، سِکُو مُوٽِجِ سُپرِِ.
    (سيّد عبدالعظيم گنج سُر راڻو ص804)

    ڪَاڪِ ڪَڙِي، وَنَ وِئَا، جَلِي مُهجِي جَانِ،
    رَکِي ڪَامَ ڪِنِڪِوءُ، مَارِيَسِ تِـ ه کُمَانَ،
    هَڏِ نَه جِيَان هَانِ، سِکُو مُوٽِجِ سُپرِِ.
    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر راڻو ص88)

    کَاکِ کَڙهِي، وَٺَ وِيَا، جَلِي منهن جِي جَانِ،
    رَکهِي کَامَ کهِسکِئو، مَارِيَسِ تَنهِن کُمَان،
    هَڏِ نَه جِيَان هَاٺِ، سِگهو موٿِجِ سُپِرِين.
    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر راڻو ص522سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

    ڪاڪ ڪَڙهه، وڻ ويا، جَلي منهنجي جانِ،
    رَکي ڪامَ ڪِڻڪِيو، ماريَسِ تنهن گُمانَ،
    هَڏِ نه جيان هاڻِ، سِگهو موٽج سُپرين.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر راڻو ص397سال 1900ع)

    ڪَاڪَ ڪَڙِهِي، وَڻَ وِئَا، جَلِي مُنهِنجِي جَانِ،
    رکِي ڪَامَ ڪِڻڪِئو، مَارِيَس ِتِـنهِن گُمَانَ،
    هَڏِ نَه جِيَان هَاڻِ! سِگهو مَوٽِجِ سُپرڀين.
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو جلد ٻيون سُر راڻو ص447سال2012 )

    ڪاڪِ ڪَڙهي، وڻَ وئا، جَلي مُهِجِي جانِ،
    رکي ڪامَ ڪِڻڪِئو، ماريَس ِتـ ه گمانَ،
    هَڏِ نه جِيان هاڻِ، سِگهو موٽجِ سُپريِن.
    (ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص484سا ل 1996 )

    ڪاڪِ ڪَڙهي، وڻَ وِيا، جَلي مُنهنجي جانِ،
    رَکي ڪامَ ڪِڻڪِيو، مارِيَس ِتـنهِن گمان،
    هَڏِ نه جِئان هاڻِ! سِگهو موٽِجِ سُپريِن.
    (ڪليا ڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص244 )

    ڪاڪِ ڪڙِهي، وڻ ويا، جلي منهنجي جَان،
    رکي ڪام ڪڻڪيو، مارِيَس، تنـهن گُمانَ،
    هَڏِ نه جِيان هاڻِ! سِگهو موٽجِ سُپريِن.
    (ممتاز مرزا، گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر راڻو ص804سال 1995 )

    ڪاڪِ ڪَڙِهِي، وَڻَ وِئا، جَلِي مُنهِنجِي جانِ،
    رَکِي ڪامَ ڪَڻِڪِئو، مارِيَس ِتِـنـ هِ گُمان،
    ٿِي جِيَان منَجهه جَهانَ! سِگهو موٽِجِ سُپرين.

    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 260سال 2009)

    ڪاڪِ ڪَڙهِي، وَڻَ وِئا، جَلِي مُهِنجِي جانِ،
    رَکِي ڪامَ ڪِڻِڪِئو، ماريَس ِ، تِـ هِ گُمانَ،
    هَڏِ نه جِيان هاڻِ! سِگهو موٽِجِ سُپِريِن.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر راڻوص 361سال 2013)

    ڪاڪِ ڪَڙهِي، وَڻَ وِيا، جَلِي مُنهنجِي جانِ،
    رَکِي ڪامَ ڪِڻِڪِيو، مارِيَس ِ، تِنهن گُمانَ،
    هَڏِ نه جِئان هاڻِ! سِگهو موٽِج سُپِريِن.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر راڻو ص 205سال 1994 )

    ڪاڪ ڪَڙهي، وڻ ويا، جَلي منهنجي جانِ،
    رکي ڪام ڪِڻڪِيو، ماريَس تنهن گُمانَ،
    هَڏِ نه جيان هاڻ، سِگهو موٽج سُپرين.
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 531بااختيار ادارو سال 1994 )

    ڪاڪِ ڪَڙهِي، وَڻَ وِيا، جَلِي مُنهنجِي جان،
    رَکِي ڪامَ ڪِڻڪِيو، مارِيَس تِنهن گُمانَ،
    هَڏِ نَه جِيان هاڻ، سِگهو موٽِجِ سُپِرِين.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص620سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    ڪاڪ ڪڙهي، وڻ ويا، جلي منهنجي جان،
    رکي ڪام ڪڻڪيو، ماريس، تنـهن گمان،
    هڏ نه جيان هاڻ! سگهو موٽجِ سُپرين.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 414سال 2009ع مهراڻ)

    ڪاڪِ ڪَڙهِي، وَڻَ وِئا، جَلِي مُهجي جانِ،
    رکي ڪامَ ڪِڻڪِئو، ماريَسِ تِـ هِ گُمانَ،
    هَڏِ نَه جِيان هاڻِ! سِگهو موٽِج سُپِريِن!
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص250سال 2013ع روشني)

    ڪاڪ ڪڙهي، وڻَ وِيا، جَلي منهنجي جان،
    رکي ڪام ڪِڙڪِيَو، مارِيَس ِتـنهِن گُمان،
    هڏ نه جِيان هَاڻ! سِگهو مَوٽِج سِپرين.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر راڻو ص300سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    ڪاڪ ڪڙهي، وڻ ويا، جلي منهنجي جان،
    رکي ڪام ڪڻڪيو، ماريس، تنـهن گمان،
    هڏ نه جيان هاڻ! سگهو موٽجِ سُپرين.
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 532سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    ڪاڪ ڪَڙهي، وڻ ويا، جَلي منهنجي جانِ،
    رکي ڪام ڪِڙڪي ويو، ماريس تنهن گُمان،
    هَڏِ نه جيان هاڻ، سِگهو موٽ سپرين.
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 241سال 2008ع )

    ڪاڪِ ڪَڙهِي، وڻَ وِئا، جَلِي مُهِنجِي جانِ،
    رَکِي ڪامَ ڪِڻِڪِئو، ماريَس ِ، تِـ هِ گُمانَ،
    هَڏِ نه جِيان هاڻِ! سِگهو موٽج سُپريِن.
    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 145سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

    نوٽ: علامه غلام مصطفيٰ قاسمي اهو بيت ”شاهه جو رسالو“ منجهان خارج ڪري ڇڏيو آهي.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ڪنڪئُو، ڪڻڪيو، ڪڻڪئو، ڪڙڪيو، ڪڙڪي ويو، کهسکئو)، (هڏ نه جيان هاڻ، ٿي جيان منجهه جهان)

    الف. ڪنڪئُو، ڪڻڪيو، ڪڻڪئو، ڪڙڪيو، ڪڙڪي ويو، کهسکئو: قارئين ڪرام! قديم دور جي ڪاتبن ”ڪ ۽ ک“ جو فرق نه رکيو ڪٿي ”ڪ“ ۽ ”ڪٿي ”ک“ اکر لکندا هئا. هن بيت ۾ ڪاتبن کي ”ک“ اکر لکڻو هو. مگر ”ڪ“ اکر لکيائون ۽ ”ڻ“ اکر بجاءِ ”ن“ اکر لکندا هئا. ان حالت ۾ اسان کي لفظ ”ڪنڪئُو“ جديد صورت خطيءَ ۾ ”کڙڪِئو“ لکڻ گهرجي، ڪنهن به ليکڪ نه لکيو آهي. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته جن صاحبن ”ڪنڪئُو، ڪڻڪيو، ڪڻڪيو، ڪڙڪيو، ڪڙڪي ويو“ لکيو آهي، تن غلط لفظ لکيو آهي، اهو لفظ ”کهسکئو“ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ”شاهه جو رسالو“ ۾ لکرايو آهي.
    هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته بيت ۾ لفظ ”کِسکيو“ درست ٿيندو يا ”کڙڪيو“، ان لاءِ اسان تحقيق ڪري ڏٺو آهي ته الفاظ ”ڪنڪيو، ڪڻڪيو، ڪڙڪيو“ ڪاتبن مرتبن ۽ محققن لکيا آهن. انهن جي لکيل لفظن جو اصل لفظ آهي ”کڙڪيو“. تنهنڪري بيت ۾ لفظ ”کسڪيو“ بجا ”کڙڪيو“ مناسب لڳي ٿو. ڇا ڪاڻ ته سيّد عبدالعظيم به ”ڪنڪئو“ يعني ”کڙڪيو“ لکيو آهي. باقي رهيو سوال الفاظ ”ڪڙڪي ويو“ ته اِهو اصل لفظ آهي ”کِڙڪي، ويو کڙڪيو“ به ساڳي لڙهي جا لفظ آهن. ٻنهي منجهان ”کڙڪيو“ زياده مناسب آهي. هن ڪري ته کڙڪي ويو الفاظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ نه ٿا سُونهِن.

    ب. هڏ نه جيان هاڻ، ٿي جيان منجهه جهان: فقط ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”ٿي جيان منجهه جهان“ فقرو لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق هن صاحب اهو فقرو نامناسب لکيو آهي. بيت جو اصل فقرو جيڪو سيّد عبدالعظيم ڊاۡڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، حاجي محمّد سمي توڙي ٻين مرتب ۽ محقق حضرات ”هڏ نه جيان هاڻ“ لکيو آهي سو درست آهي. درست هن ڪري ٿا چئون ته ”ٿي جيان منجهه جهان“ ٻولي ۽ گهاڙيٽي جي لحاظ سان حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو فرمايل فقرو ٿي ئي نه ٿو سگهي.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.

    ڪاڪِ ڪَڙهِي، وَڻَ وِيا، جَلِي مُنهِنجِي جانَ،
    رَکِي ڪامَ کِڙڪِيو، مَاريَس ِ، تنهن گُمانَ،
    هَڏِ نه جِيان هانَ! سِگهو موٽج سُپريِن.


    معنيٰ: مومل جي زباني حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه فرمائي ٿو ته سوڍي (راڻي) مينڌري جي وڃڻ کان پوءِ ڄاڻ ته منهنجي لاءِ ڪاڪ جي باغات جا وڻ جلي ويا ۽ منهنجي جان به جدائي جي ڪري جلي ويئي. سوڍو لڪڻ کٽ تي رکي کِڙڪي ۽ کِسڪي ويو هن کي دل ۾ اهو گمان پيدا ٿيو ته مون سان ڪو غير مرد گڏ ستل آهي، سندس انهي گمان مونکي ماري ڇڏيو آهي.
    هاڻ مان هڏهين ۽ هرگز جئري نه آهيان بظاهر پساهه کڻان ٿي. اي راڻا سگهو ڪاڪ تي ڪهي آءُ ته منهنجو ماندو من، سرهو ٿئي.

    *****

    جِن اِيدِهِِ مُوٽِـ ه مَئِدَرا اِيَ وَڏِي جَارَ ڪِيَاءِ،
    وَرُنَهُئيِِ وَلَهَا، هُندَ جَٽي مُن جَاکَاءِ،
    سُتي جِي سَاجَاءِ، سُوڊَا سِکِيَائِي ٿِييِِ.
    (سيّد عبدالعظيم گنج سُر راڻو ص803)

    اِيندِهِِ مُوٽِـ ه مَينڌَرا وَڏِي جَاڙ ڪِيَاءِ،
    وَرُنَهُـ هِِ وَلَهَا، هُندَ جَٽي مُن جَاکَاءِ،
    سُتي جِي سَانَڃاءِ، سُوڊَا سِکِيَائِي ٿِيِي.
    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر راڻُو ص300)

    جِنيءِ اِيندي موٿِئين مَيڌهَرَا وَڏِي جَاڙَ کِيَاءِ،
    وَرِٺو نه هوءِ وَلَها، هوندَ حَٿري مُونِ جَاکَاءِ،
    تَه سُتي جِي سَانڄَاههِ، سوڌهَا سِگهِيَائِي تِهيَان.
    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر راڻُو ص540سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

    جئن ايندي موٽئين مينڌرا وڏي جاڙَ ڪياءِ،
    وَرڻو نه هُئين وَلَها، هوند جَٽي مون جا ڳاءِ،
    سُتي جي ساڃاءِ، سوڍا سِگهيائي ٿئي.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر راڻو ص410سال 1900ع)

    جيئَن اِينديئِي موٽِيين مَينڌَرَا وَڏِي جَاڙَ ڪِئَاءِ،
    وَڙُ نَه هُئين وَلَهَا! هُوندَ جَٽي مُون جَاڳَاءِ،
    سُتي جِي سَاڃَاءِ، سوڍَا! سِگهِيَائِي ٿِيَئِي.
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص473سال2012 )

    جِن اِيندهِ موٽِـ ه مَيڌَرا وَڏي جاڙَ ڪِئاءِ،
    وَرُ نَه هُئين ؟ وَلَها! هُندَ جَٽِي مُون جاڳاءِ،
    تهَ سُتي جِي ساڃاءِ، سوڍا! سِگهِيائِي ٿِيءِ.
    (ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص488سا ل 1996 )

    جِئَن اِيندي ئِي موٽِئين مينڌرا، وَڏِي جاڙَ ڪَياءِ،
    وَرُ نه هُئين؟، وَلَها! هوُندَ جَٽِي، مُون جاڳاءِ،
    ته سُتيءَ جي ساڃاءِ، سوڍا! سِگهِيائِي ٿِيَءِ.
    (ڪليا ڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص249)

    جيئن اِيندي موٽهين مينڌرا، ايَ وڏي جَاڙَ ڪيَاءِ،
    ورُ نَه هُئين ولَها، هُوندَ جَٽي مُون جَاڳَاءِ،
    سُتِي جِي سَاڃاءِ، سُوڍَا! سِگهِيائي ٿِيِيي.
    (ممتاز مرزا، گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر راڻو ص803سال 1995 )

    ايندِهِن، موٽئِين، مَينڌرا! وَڏِي، جاڙَ ڪِياءِ،
    وَرَڻُ نه هُوءِ وَلَها، هُندَ جَٽي، مون جاڳاءِ،
    ته سُتِيءَ جِي ساڃاءِ، سوڍا سِگهيائِي ٿِئي.

    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 264سال 2009)

    جِن اِينده، موٽِئين، مَيڌَرا! وڏي، جاڙَ ڪئاءِ،
    وَرُ نه هُئين؟، وَلَها! هُندَ جَٽِي، مون جاڳاءِ،
    ته سُتي جِي ساڃاءِ، سِگهِيائِي ٿِييَءِ.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر راڻوص 361سال 2013)

    جَئَن اِيندي ئِي موٽِئين مينڌرا، وَڏِي جاڙَ ڪَياءِ،
    وَرُ نه هُئين؟، وَلَها! جَٽِي مُون جاڳاءِ،
    ته سُتيءَ جي سڃاءِ، سوڍا! سِگهِيائِي ٿِيَءِ.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر راڻو ص 109سال 1994 )

    جئن ايندي موٽئين مينڌرا وڏي جاڙ ڪياءِ،
    وَرڻو نه هُئين وَلَها، هوند جٽي مون جا ڳاءِ،
    ستي جي ساڃاءِ، سوڍا سِگهيائي ٿئي.
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 551بااختيار ادارو سال 1994 )

    جئن اِيندي موٽئين مَينڌرا وَڏي جاڙَ ڪِئاءِ،
    وَرڻُون نَه هُوءِ وَلَها! هوُندَ جَٽي مُون جا ڳاءِ،
    تهَ سُتي جِي ساڃاءِ، سوڍا! سِگهِيائِي ٿِئي.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص606سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    جئن ايندي موٽئين مينڌَرا! لوڏي، جاڙَ ڪياءِ،
    وَرڻو نه هُئين وَلَها! هوند جٽي، مُون جاڳاءِ،
    سُتي جي ساڃاءِ، سَوڍا سِگهيائي ٿئي.
    (غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص455سال 1999ع )

    جئن ايندي موٽئين مَينڌرا، وڏي جاڙ ڪياءِ،
    ورڻو نه هئين ولها، هوند جتي مون جاڳاءِ،
    ستي جي ساڃاءِ، سوڍا! سگهيائي ٿئي.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 431سال 2009ع مهراڻ)

    جِنءَ اِيندِه موٽِـ ه مَيڌَرا وَڏِي جاڙَ ڪِئاءِ،
    وَرُ نَه هُئين ؟ وَلَها! هُندَ جَٽِي مُون جاڳاءِ،
    تَه سُتي جِي ساڃاءِ، سوڍا! سِگهِيائِي ٿِييءِ.
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص254سال 2013ع روشني)

    جِيئن وئين موٽي، مينڌرا! وَڏِي، جاڙِ ڪياءِ،
    وڃڻ نَه هوئِي وَلها! هوند جَٽي، مُون جاڳاءِ،
    ته سُتي جي ساڃاءِ، سَوڍا سَڀيئي ٿِئي.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجhي شاهه جو گنج سُر راڻو ص307سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    جي ايندين موٽي مينڌرا، وڏي جاڙ ڪياءِ،
    ورڻ نه هئين ولها، جتي تون جاڳاءِ،
    ستي جي ساڃاءِ، سوڍا سکيائي ٿيئان.
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 561سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    جيئن اينديئي موٽيين مينڌرا، وڏي جاڙ ڪياءِ،
    ورڻ نه هئين وَلها، جٽي مون جاڳاءِ،
    ستيءَ جي ساڃاءِ، سوڍا سُکياڻي ٿيان.
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 249سال 2008ع )

    جِن اِينده، موٽِئين، ميَڌَرا! وَڏِي، جاڙَ ڪئاءِ،
    وَرُ نه هُئين؟، وَلَها! هُندَ جَٽِي، مُون جاڳاءِ،
    ته سُتي جِي ساڃاءِ، سوڍا! سِگهِيائِي ٿِييَءِ.
    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 148سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

    نوٽ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اهو بيت ”شاهه جو رسالو“ منجهان خارج ڪري ڇڏيو .
    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (جِن، جئن، جنءَ، جيئن)، (اينده، ايندي، اينديئي، وِئين، ايندين)، (موٽئين، موٽـ ه، موٽي، موٽيين، موٽهين)، (ميڌرا، مينڌرا)، (لوڏي، وڏي) (ورُ نه هئين؟، ورڻو نه هئين، ورڻ نه هوءِ، ورڻون نه هوءِ، وڃڻ نه هوئي، ورڻ نه هوءِ، وِڙ نه هئين، وِر نه هئين، وَرُنَهُئيِِ، وَرُنَهُـ هِِ)، (هُند، هوند)، (جٽي، جتي)، (مون، تون)، (سُتي، ته ستي)، (سڃاءِ، ساڃاءَ)، (سُکيائي، سيکاڻي، سگهيائي، سڀيئي)، (ٿيئي، ٿِيَيءِ، ٿئي، ٿيءِ، ٿيين، ٿيئان، ٿيان)

    الف. جِن، جئن، جنءَ، جيئن: لفظ ”جِن“ عثمان علي انصاري ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق لکيو آهي، اهو لفظ هنن صاحبن درست نه لکيو آهي. لفظ ”جنءَ“ قديم دور جا ڪاتب لکندا ۽ پڙهندا هئا ۽ جديد دور جا ليکڪ ”جئن“ ۽ ”جيئن“ لکندا آهن. انهن قديم ۽ جديد ليکڪن جي لکت ۾ فرق هي آهي ته قديم ليکڪ ”جيم“ جي اکر کان پوءِ ”ن“ جو اکر لکندا هئا ۽ جديد دور جا ليکڪ ”جيم“ کان پوءِ ”الف“ جو اکر لکت ۾ آڻيندا آهن. ٻنهي کي درست قرار هن ڪري ڏنو ويو آهي ته نثر لکڻ ۽ نظم چوڻ وارن اهو فرق گهٽ رکيو آهي ۽ لفظ ”جيئن“ کي به اڄ ڪالهه مروّج سمجهيو وڃي ٿو مگر اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”جئن“ زياده مقبول آهي.

    ب. اينده، ايندي، اينديئي، وِئين موٽي، ايندين، ايندهين: الفاظ ”وئين موٽي“ فقط سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکياآهن. اسان جي تحقيق مطابق هن اهي الفاظ نا مناسب لکيا آهن.
    لفظ ”اينده“ لکڻ وارا صاحبان آهن، عثمان علي انصاري، غلام محمّد شاهواڻي، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق. انهن صاحبن اسان جي تحقيق مطابق مناسب لفظ نه لکيو آهي.
    لفظ ”ايندي“ لکڻ وارا صاحبان آهن، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ديوان تارا چند. هنن صاحبن به اسان جي تحقيق مطابق لفظ مناسب نه لکيو آهي.
    لفظ ”اينديئي“ لکڻ وارا صاحبان آهن، ٻانهون خان شيخ، ڪلياڻ آڏواڻي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي.
    لفظ ”ايندين“ ممتاز مرزا ۽ باگي جي ڏاني جي به نامناسب لکيو آهي.
    قارئين ڪرام! لفظ ”ايندهِِ“ قديم دور جي ڪاتبن، سيّد عبدالعظيم ۽ حاجي محمّد سمي لکيو آهي. اهو لفظ جديد دور ۾ ”ايندهين“ لکبو. اهو لفظ فقط ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ۽ انهي قديم لفظ کي جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”اينديئي“ لکبو اهو لفظ ٻانهي خان شيخ، ڪلياڻ آڏواڻي ۽ فقير تاج محمّد لکيو آهي. جديد سنڌي صورت خطيءَ جي لحاظ کان الفاظ ”ايندي ئي“ زياده مناسب آهن.
    ت. موٽئين، موٽـ ه، موٽي، موٽيين، موٽهين: الفاظ ”موٽـ ه“ غلام محمّد شاهواڻي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي به، درست نه لکيا آهن.
    لفظ ”موٽي“ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، باگي جي ڏاني جي به نامناسب لکيا آهن.
    قارئين ڪرام! لفظ ”موٽـ هِ“ لکڻ وارا قديم ڪاتب سيّد عبدالعظيم ۽ حاجي محمّد سمون آهن. هنن صاحبن آخري لفظ ”ه“ جي هيٺيان ٻه زيرون ڏيون آهن، تنهنڪري اهي الفاظ به حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ نه ٿا سونهن.
    لفظ ”موٽهين“ ممتاز مرزا لکيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي به ”موٽهين“ لکڻ گهربو هو، اهو هن ڪري ٿا چئون ته هن صاحب بيت جي پهرين مصرع جو پهريون لفظ ”ايندهن“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق قديم سنڌي صورت خطيءَ وارا لفظ درست ته آهن مگر جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ ”موٽئين ۽ موٽيين“ درست آهي ۽ وري انهن ٻنهين لفظن منجهان قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”موٽهين“ لکبو هو. تنهن ڪري جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ لفظ ”موٽيين“ لکڻ گهرجي.

    ث. ميڌرا، مينڌرا: قارئين ڪرام! جن جديد دور جي ليکڪن لفظ ”ميڌرا“ لکيو آهي تن درست نه لکيو آهي ۽ جن قديم دور جي ڪاتبن لفظ ”مينڌرا“ لکيو آهي تن اسان تحقيق مطابق درست لفظ لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته قديم دور جا ڪاتب ”ن“ اکر کي اڪثر مخفي طور تي ڇڏي ڏيندا هئا. يعني لکندا ”ميڌرا“ هئا مگر پڙهندا ”مينڌرا“ هئا. اسان جي تحقيق مطابق سواءِ مٿين ٻن صاحبن جي باقي صاحبن درست لفظ ”مينڌرا“ لکيو آهي.
    ج. لوڏي، وڏي: قارئين ڪرام! سڀني صاحبن لفظ ”وڏي“ لکيو آهي. فقط علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جي ترتيب ڏنل رسالي ۾ لفظ ”لوڏي“ لکيل آهي. اسان جي تحقيق مطابق ڪمپوزر ۽ پروف ريڊر جي غلطي سببان لفظ ”وڏي“ بجاءِ ”لوڏي“ لکجي ويو.
    ح. ورُ نه هئين؟، ورڻو نه هئين، ورڻ نه هوءِ، ورڻون نه هوءِ، وڃڻ نه هوئي، ورڻ نه هوءِ، وِڙ نه هئين، وِر نه هئين، وَرُنَهُئيِِ، وَرُنَهُـ هِِ : قارئين ڪرام! قديم ڪاتبن ”ورنَهُئين“ الفاظ ملائي لکيا آهن اهي الفاظ اصل ۾ آهن ”ور + نه + هو + ئين“ آهن. انهن صاحبن سوال ”؟“جي نشاني نه ڏني تنهنڪري انهي فُقري جي معنيٰ ٿئي ٿي اي مينڌرا تون منهنجو مڙس نه هئين.
    اسان جي تحقيق مطابق اهو فقرو شاه صاحب جي بيت ۾ نه ٿو سونهين انهن لفظن جي ڀيٽ ۾ انهي درست فقري لکڻ وارا صاحبان آهن. عثمان علي انصاري، غلام محمّد شاهواڻي، ڊاڪٽر گُربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق، ٻين سڀني صاحبن سوال جي نشاني نه ڏئي اسان جي تحقيق مطابق اُنهن فقرو غلط لکيو .
    قارئين ڪرام! ٻانهي خان شيخ، فقرو لکيو آهي، ”وڙ نه هئين ولها“ هن صاحب به اهو فقرو غلط لکيو آهي. ديوان تارا چند ”ورڻو نه هئين ولها“ ۽ ممتاز مرزا ”ور نه هئين ولها“ بغير سواليه نشاني جي لکيو آهي. فقير تاج محمّد نظاماڻي ”ورڻ نه هوءِ ولها“ لکيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ باگي جي ڏاني جي ”ورڻ نه هوءِ“ الفاظ لکيا آهن. علامه آءِ آءِ قاضي ”ورڻون نه هئين ولها“ لکيو آهي. سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ”وڃڻ نه هوئي“ لکيو آهي.
    انهي مڙني صاحبن اسان جي تحقيق مطابق غلط فقرو لکيو آهي. بيت جو درست فقرو اسان جي تحقيق مطابق هي آهي.
    ”ور نه هئين ولها؟“ يعنيٰ ”اي منهنجا وارث، اي منهنجا مالڪ، ڇا تون منهنجو مڙس نه هئين؟“
    خ. هُند، هوند: قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ لفظ ”هُند“ لکيو ويندو هو، ۽ جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ ”هوند“ لکبو ۽ پڙهيو ويندو آهي. ٻيئي لفظ درست آهن مگر ”هُند“ لفظ کان ”هوند“ لفظ جديد صورت خطي جي اصول مطابق زياده درست آهي.
    د. جٽي، جتي: قارئين ڪرام! لفظ ”جتي“ لکڻ وارا صاحبان آهن، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ باگوجي ڏانو جي هنن صاحبن اهو لفظ بنهه غلط لکيو آهي ۽ لفظ ”جَٽي“ باقي صاحبان لکيو آهي سڀني صاحبن لفظ ”جٽي“ جي ”ج“ اکر مٿان زبر ڏني آهي. عثمان علي انصاري هن لفظ جي معنيٰ ”جٽاءُ ڪرڻ، گذار، ٽڪ“ لکي آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي ”جٽي“ لفظ معنيٰ لکي آهي ”جٽڻ، ترسڻ“ (ص 526 سن 1996). ٻانهي خان شيخ لفظ ”جٽي“ جي معنيٰ لکي آهي ”ترسي“. ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ ”جٽي“ جي معنيٰ لکي آهي. ”ڪجهه ترسي“ (ص 264 بيت 6).
    قارئين ڪرام! افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي هن بيت سان به ڪنهن مرتب توڙي محقق، انصاف نه ڪيو. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي. ته اهو لفظ ”جُٽي“ آهي. هن لفظ جي پهرين اکر تي پيش (ُ) ڏيڻ گهرجي.
    ياد رهي ته هي لفظ ”جُٽي“ (جٽ، جوٽ، جاٽ) جي لڙهي منجهان نڪتل آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ نهايت ئي موزون لفظ ”جُٽي“ استعمال فرمائي پنهنجي ڄاڻ ۽ اَٿاهه علم جو مظاهرو فرمايو.
    هن لفظ جو پسِ منظر هي آهي ته مومل ۽ راڻي جي ڪهاڻي ۾ هي ڳالهه مشهور آهي ته مومل جو سيتل سان عشق هو. اهو شڪ راڻي کي دل ۾ ويٺل هو، جڏهن راڻو ڪافي عرصي کان پوءِ رات جو ڪاڪ محل ۾ پهتو ته مومل سان گڏ هڪ مرد کي ڀاڪرين ستل ڏٺائين. تنهنڪري مينڌرو ٻنهي جي وچ ۾ لڪڙ رکي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪري هليو ويو. انهي حقيقت کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجي بيت ۾ جاءِ ڏني آهي. جنهن ۾ اظهار فرمايو اٿس ته مومل راڻي کي ميار ڏني آهي ته اي مينڌرا تون ايندي ئي پوئين پيرين واپس وري وئين. مون سان وڏي جاڙ ڪيهءِ ڇا تون منهنجو مڙس نه هئين؟ تون ته منهنجو پتي هئين توکي هي حق ٿي پهتو ته تون مون کي جڏهن غير مرد سان جُٽ (ڀاڪر پائي ستل ) ڏٺو ته تنهنجو فرض هيو ته تون مون کي جاڳائين ها.
    ذ. مون، تون: لفظ ”تون“ فقط باگي جي ڏاني جي لکيو آهي هن صاحب اهو لفظ غلط لکيو آهي. باقي سڀني ڪاتبن، مرتبن ۽ محققن لفظ ”مون“ درست لکيو آهي. درست هن ڪري ٿا چئون ته لفظ جُٽي سان لفظ مون جو تعلق آهي ۽ ”مون“ لفظ جو تعلق مومل سان آهي .
    ر. سُتي، ته ستي: جن صاحبن لفظ ”سُتي“ لکيو آهي تن جي مقابلي ۾ ”ته ستي“ الفاظ لکڻ واران کي اسان درست قرار ڏنو آهي. اهو هن ڪري ته الفاظ ”ته ستي“ لفظ ”سُتي“ کان زياده مناسب آهي ۽ مناسب هن ڪري آهي ته ”ته“ لفظ مصرع ۾ ”ستيءَ جي“ زياده وضاحت ڪري ٿو. الفاظ ”ته سُتي“ لکڻ وارا صاحبان آهن عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، علامه آءِ آءِ قاضي، غلام محمّد شاهواڻي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق.

    ز. سُکيائي، سيکاڻي، سگهيائي، سڀيئي: آخري مصرع ۾ اهي الفاظ استعمال ڪيا ويا آهن.اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته لفظ ”سِگهيائي“ ٻين لفظن کان زياده مناسب آهي اهو هن ڪري ته ”سُتي“ جي ساڃاه ڪرڻي هئي اها ساڃاه تڏهن ٿئي ها جڏهن ٻنهي جٽ سُتلن کي جاڳايو وڃي ها تنهن ڪري ”سکيائي، سکياڻي ۽ سڀيئي“ الفاظ نامناسب لڳن ٿا.

    س. ٿيئي، ٿِيَيءِ، ٿئي، ٿيءِ، ٿيين، ٿيان: اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته جن صاحبن لفظ ”ٿيئي، ٿِيَيءِ“ لکيو آهي تن درست لکيو آهي. اهو لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن. عثمان علي انصاري، علامه آءِ آءِ قاضي، غلام محمّد شاهواڻي، ٻانهون خان شيخ، ڪلياڻ آڏواڻي ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.

    جِئن اِيندي ئِي مُوٽِيين مِينڌرا، وَڏي جَاڙ ڪَياءِ،
    وَرُ نَه هُئين وَلهَا؟، هُوند جُٽي مُون جَاڳاءِ،
    ته سُتي جِي سَاڃاءِ، سُوڍا سِگهيائِي ٿِئي.

    معنيٰ: مومل مينڌري کي ميار ڏيندي چوي ٿي ته اي مينڌرا تو مون سان وڏو ظلم ڪيو وڏي زيادتي ڪئي جو محل ۾ ايندي ئي مون تائين پهچندي ئي مونکي جٽ ستل ڏسندي ئي هڪ دم واپس هليو وئين. ڇا تون منهنجو مڙس نه هئين؟ تون ته منهنجو مڙس ۽ پتي هئين تو کي هي حق پهتو ٿي ته تو جڏهن مونکي ڌارئي مرد سان ستل ڏٺو ته پوءِ تنهنجو هي فرض ٿي ٿيو ته تون، مون کي غير مرد سان جُٽ (ڀاڪر پائي ستل) ڏٺو ته مون کي جاڳائين ها ۽ جڏهن جاڳائين ها ته توکي حقيقت جي خبر پئجي وڃي ها ته مان ڪنهن غير مرد سان ستل هئس يا پنهنجي ڀيڻ سومل سان سُتل هيس، جنهن کي مون پنهنجي دل وندرائڻ لاءِ تنهن جي رکيل پوشاڪ پارائي گڏ سمهاريو هيو.

    *****

    کُجَرِ کَارُورِيَنِ، اَچِي آڏِي اُڀِيِِ،
    مَٿي پِيئي تَنِ ٻَڌَا پَانَ هَنَنِ جي.
    (سيّد عبدالعظيم گنج سُر راڻو ص792)

    اچَئُو آڏي اُڀِيِِ کُجَرِ کَارُوڙيَنِ،
    مَٿَا پيئِي تَنِ ٻَڌَا پَانِ هَنَنِ جي.
    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر راڻُو ص285)

    گُجَرِ کَارُوڙنِ، اَچِئُو اوڏِي اُبَهيِ،
    مَتَهان پيئِي تَنِ ٻَدهَا ٻَانِ هَٺَنِ جي.
    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر راڻُو ص517سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

    گجر گاروڙِين، اچيو اوڏي اُبهُي،
    مَٿان پَيئي تن، ٻڌَا ٻاڻَ هڻن جي.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر راڻو ص393سال 1900ع)

    گُجَر گاروڙِيَنِ، اَچِي آڏِي اُڀِيي،
    مَٿِي پَيئي تَنِ، ٻَڌا ٻَاڻَ هَڻَنِ جي.
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص439سال2012 )

    گُجَرِ گاروڙيَن، اَچو آڏَي اُڀيِي،
    مَٿِي پَيئي تِنِ، ٻَڌا ٻَاڻَ هَڻَنِ جي.
    (ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص477سا ل 1996 )

    گُجَر گاروڙِيَنِ، اَچيو آڏِي اُڀِيي،
    مَٿِي پَيئي تِنِ، ٻَڌا ٻَاڻَ هَڻَنِ جي.
    (ڪليا ڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص238)

    گجر گاروڙين، اَچي آڏي اُڀِيين،
    مَٿِي پَيئي تَنِ، ٻَڌا ٻَاڻَ هَڻنِ جي.
    (ممتاز مرزا، گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر راڻو ص792سال 1995 )

    گُجَرَ گاروڙِيَنِ، اَچئو آڏِيءَ اُڀيي،
    مَٿان پَئي تَنِ، ٻَڌا ٻاڻَ هڻَنِ جي.

    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 258سال 2009)

    گُجَرِ گاروڙِينِ، اَچو آڏِي اُڀِيي،
    مَٿا پيئِي تَنِ، ٻَڌا ٻاڻَ هڻَنِ جي.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر راڻوص 348سال 2013)

    گُجَرِ گاروڙِيُنِ، اَچيو آڏِي اُڀِيي،
    مَٿانَ پيئِي تَنِ، ٻَڌا ٻَاڻَ هَڻَنِ جي.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر راڻو ص 238سال 1994 )

    گجر گاروڙَينِ، اچيو اوڏي اُبهُي،
    مَٿان پَيئي تن، ٻڌَا ٻاڻَ هين جي.
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 525بااختيار ادارو سال 1994 )

    گُجَرِ گاروڙِيَنِ، آچو آڏيِ اُڀِيي،
    مَٿان پَيئي تِنِ، ٻَڌا ٻاڻَ هَڻَنِ جي.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص592سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    گُجَر گاروڙَِين، جا اچيو اوڏي ابُهي،
    مٿان پيئي تن، ٻڌَا ٻاڻَ هڻن جي.
    (غلامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص442سال 1999ع )

    گجر گاروڙين، اچيو اوڏي ابهي،
    مٿان پيئي تن، ٻڌا ٻاڻ هڻن جي.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 410سال 2009ع مهراڻ)

    گُجَر گارُوڙِيُنِ، اَچو اَڏِي اُڀِيي،
    مَٿا پيئِي تَنِ، ٻَڌا ٻَاڻَ هَڻَنِ جي.
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص243سال 2013ع روشني)

    گجر گاروڙين، اچيو آڏي اُبهي،
    پِيئي مَٿان تَن، ٻَڌا ٻاڻ هَنن جي.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر راڻو ص297سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    گجر گاروڙين، اچيو اوڏي ابهي،
    مٿان پيئي تن، ٻڌا ٻاڻ هڻن جي.
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 526سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    گُجر گاروڙين، اچي آڏو اڀيئي،
    پئي مٿان تن، ٻَڌا ٻاڻ هڻن جي.
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص239سال 2008ع )

    گُجَرِ گاروڙِينِ، آچو آڏَي اُڀِيي،
    مٿا پَيئي تَنِ، ٻَڌا ٻاڻَ هڻَنِ جي.
    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 142سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (آچو، اچو، اچي، اچئو، اچيو)، (آڏي، اَڏي، آڏيءَ، اوڏي، آڏو)، (اُڀيي، ابهي، اڀيين، اڀيئي)، (پيئي، پئي)، (ٻاڻ هڻن، ٻاڻ هنن، ٻاڻ هين)

    الف. آچو، اچو، اچي، اچئو، اچيو: قارئين ڪرام! تحقيق هيٺ آيل بيت جي پهرين مصرع جو ٽيون لفظ سڀني ڪاتبن، مرتبن ۽ محققن پنجن مختلف صورتن ۾ لکي پڙهندڙ خواتين و حضرات لاءِ مونجهارو پيدا ڪيو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه ته هڪ لفظ فرمايو، جيڪو هر لحاظ کان لاجواب هو اهڙي مونجهاري کان حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي عقيد مندن کي بچائڻ لاءِ تحقيق ڪرڻ لازمي سمجهي سون. لفظ ”آچو“ علامه آءِ آءِ قاضي، جي ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ ۾ لکيل آهي. اسان پروف ريڊر جي غلطي سمجهون ٿا ۽ نه علامه آءِ آءِ قاضي جي. غلام مصطفيٰ مشتاق لفظ ”آچو“ اکيون ٻوٽي نقل ڪيو آهي. اسان لفظ ”آچو“ کي غلط هن ڪري ٿا چئون ته اهو لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي بيت ۾ ٺهي ئي نه ٿو.
    لفظ ”اچو“ ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي ۽ عثمان علي انصاري پڻ غلط لکيو آهي. غلط هن ڪري ٿا چئون ته اهو لفظ ”اچو“ امري لفظ آهي هن بيت ۾ نه ٿو سونهين.
    لفظ ”اچيو“ ديوان تاراچند شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، باگي جي ڏاني جي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ سگهر حاجي الله داد جنجهي لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق هنن صاحبن به اهو لفظ ”اچيو“ نامناسب لکيو آهي لفظ ”اچئو“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي اهو نامناسب لکيو اٿس. اسان نامناسب هن ڪري ٿا چئون ته بيت جي مصرع مطابق لفظ ”اچي“ زياده مناسب لڳي ٿو. اهو لفظ قديم ڪاتبن جي دور ۾ به پڙهيو ويندو هو. تنهنڪري لفظ ”اَچِي“ سيّد عبدالعظيم گنج شريف ۾ لکيو ته ممتاز مرزا ۽ ٻانهي خان شيخ به ”اَچي“ لفظ لکيو.

    ب. آڏي، اَڏي، آڏيءَ، اوڏي، آڏو: قارئين ڪرام! لفظ ”اَڏي“ فقط غلام محمّد شاهواڻي لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيل آهي.
    لفظ ”آڏو“ لفظ ”آڏ“ لفظ منجهان نڪري ٿو هن لفظ جي لڙهي جا ٻيا ڪجهه لفظ آهن، ”آڏي، آڏيون، آڏا“ وغيره. لفظ ”آڏو“ فقير تاج محمّد نظاماڻي لکيو آهي.
    ”آڏ“ لفظ جي معنيٰ ”روڪ ۽ رنڊڪ“ (جامع سنڌي لغات جلد 1 ص 35 سال 1995).
    لفظ ”آڏي“ جن لکيو آهي تن به غلط لفظ لکيو آهي. انهي غلط لفظ لکڻ وارا صاحبان، ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، علامه آءِ آءِ قاضي، غلام محمّد شاهواڻي، عثمان علي انصاري، غلام مصطفيٰ مشتاق، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ممتاز مرزا، سيّد عبدالعظيم.
    لفظ ”اوڏي“ جي معنيٰ آهي ”سامهو، منهن مقابل، ويجهي“.
    اهو لفظ اسان جي تحقيق مطابق بيت ۾ درست لڳي ٿو. انهي لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن، ديوان تارا چند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ باگوجي ڏانوجي.

    ت. اُڀيي، ابهي، اڀيين، اڀيئي: لفظ ”اڀيين“ ممتاز مرزا لکيو آهي. اهو هن ڪري لکيو اٿس ته سيّد عبدالعظيم لفظ ”او ڀيِِِ“ لکيو. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته لفظ ”اڀيين“ بيت ۾ مناسب نه لکيل آهي. اهو هن ڪري ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ هن بيت ۾ مومل سان مخاطب نه آهي.
    لفظ ”اُڀيي“ اسان جي تحقيق مطابق بيت ۾ مناسب لکيل آهي، انهي لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ علامه آءِ آءِ قاضي، عثمان علي انصاري، غلام مصطفيٰ مشتاق، غلام محمّد شاهواڻي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ٻانهون خان شيخ، فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ ڪلياڻ آڏواڻي.

    ث. پيئي، پئي: لفظ ”پيئي“ جن صاحبن لکيو آهي سي آهن، ”غلام مصطفيٰ مشتاق، عثمان علي انصاري، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، غلام محمّد شاهواڻي، علام غلام مصطفيٰ قاسمي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ٻانهون خان شيخ، دويوان تاراچند، باگوجي ڏانوجي، ممتاز مرزا ۽ سيّد عبدالعظيم.
    اسان جي تحقيق مطابق انهن صاحبن جي مقابلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي، درست لفظ ”پئي“ لکيو آهي.

    ج. ٻاڻ هڻن، ٻاڻ هنن، ٻاڻ هين، پان هنن جي: سيد عبدالعظيم ۽ حاجي محمّد سمي الفاظ لکيا آهن، ”پان هنن جي“ جنهن جي جديد صورت خطي ٿئي ٿي. ”پاڻ هڻن جي“ اهي الفاظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ نه ٿا سونهن. شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ الفاظ لکيا آهن، ”ٻاڻ هين جي“ اسان جي تحقيق مطابق شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جيڪڏهن ٿورڙو توجه ڏئي ها ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جو اصل فرمايل لفظ کيس سمجهه ۾ اچي ها.
    باقي ٻين صاحبن ”ٻاڻ هڻن جي“ الفاظ لکيا آهن. اسان جي تحقيق مطابق هنن صاحبن به بغير تحقيق جي الفاظ لکيا.
    قارئين ڪرام! ٻاڻ يعني تير هڻڻ واري ته مومل هئي جنهن پنهنجي نظرن جا تير هڻي پنهنجن عاشقن جي دلين کي زخمي ٿي ڪيو. بيت جي غلط مصرع ملاحظه فرمايو.
    ”مٿان پئي تن، ٻڌا ٻاڻ هڻن جي“
    هن مصرع جي معنيٰ ٿئي ٿي ”مومل انهن جي مٿان اچي ٿي بيٺي جي ٻڌا ٻاڻ هڻن“.
    قارئين ڪرام! مومل ۽ راڻي جي ڪهاڻي مطابق عاشقن کي ته تير هڻڻ جي طاقت نه هئي. اسان هن بيت جي انهي مصرع تي تمام گهڻو غور ۽ فڪر ڪري پوءِ هن نتيجي ته پهتا آهيون ته اهو لفظ قديم ڪاتب جي لکڻ جي ڪري بگڙي ويو. تنهنڪري مرتب ۽ محقق ۡحضرات مونجهاري جو شڪار ٿيا. اسان جي تحقيق مطابق اهو لفظ ”ٻانَهڻِن“ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”نوڪرياڻين“.
    ياد رهي ته! مومل کي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي راجا، بادشاهه، شاهزادا ۽ راجڪمار آيا ٿي سي سومل جي سِٽيل طلسماتي محل جي ورن وڪڙن وارن رستن ۾ ڀلجي ٿي پيا. مومل ۽ سومل جون ٻانهيون انهن راه رُلين عاشقن کي پڪڙي ٻڌي ويهارينديون هيون. پوءِ مومل انهن گرفتار ٿيل پنهنجن عاشقن جي مٿان اچي بيهندي هئي. مومل ۽ سومل جون ٻانهيون انهن کان مال متاع ڦري کين ڪاڪ محل کان ٻاهر تڙي ڇڏينديون هيون.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.

    گُجر گَاروڙِين، اَچي اوڏي اُڀيي،
    مَٿان پَئي تَن، ٻَڌا پَانهڻِن جي.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ مومل جي عاشقن جي گاروڙين سان تشبهه هن ڪري ڏني آهي ته گاروڙي فقير واسينگ نانگ کي پڪڙي هٿ ڪندا آهن. مومل به واسينگ وارن واري محبوبه هئي جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ راجا، راجڪمار، بادشاهه، شهزادو ۽ وزير سندس طلسماتي محلات ۾ ٻانهين هٿان گرفتار ٿي پنهنجو مال متاع ڦرائي فقيرن جهڙي حالت ۾ ڪاڪ محل کان تڙجي نڪرندا هئا. انهن جو ذڪر حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجي انهيءَ بيت ۾ فرمايو آهي ته گجر (مومل) پنهنجن گرفتار ٿيل عاشقن جي مٿان اچي بيهندي هئي جن کي سندس ٻانهين ٻڌي ٿي وهاريو.

    *****

    تَنِ بَاغَنِئُو بَسِ، جِي ڪَنڌِيَ ڪَاڪِ ڪَڪُورِيا،
    سُوڍي رِءَ سَرَتِيُ‘ ڪَاڪِ نَه اَچي ڪَسِ،
    رَانِي پَائي رَسِ تَنُ ٻيڙِيَجِيَ تَانِئُو،
    (سيّد عبدالعظيم گنج سُر راڻو ص797)

    جي ڪَنڌِيَ ڪَاڪِ ڪَڪُورِيا، تَنِ بَاغَنِئَا مُن بَسِ،
    سُوڍي ڌَاَرا سَرتيُ‘ ڪِِ پُن اَچي نَڪَسِ،
    رَانِِ پَائي رَسِ تَنُ ٻيڙِيَ جِهِِ تانِئُو،
    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر راڻُو ص299)

    تَنِ باغَنِئُان بَسِ، جي کَندهِيَ کَاکِ کَکورِيَا،
    سوڌهي رِيَ سَرتِيُون، کَاکِ نَه اَچي ڪَس،
    رَاٺِي پَائِي رَسِ، تَنُ ٻيڙِيَ، جَان تَاٺِئو
    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر راڻُو ص539سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

    جي ڪنڌِئِ ڪاڪ ڪَڪوريا، تن باغَنِئان بَسِ،
    سوڍي رِئ سرتيون ڪاڪِ نه اَچي ڪَسِ،
    تَنُ ٻيڙِيَ جِيئن تاڻِيو، راڻي پائي رَسِ،
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر راڻو ص409سال 1900ع)

    تَنِ باغَنِئُون بَسِ، جي ڪَنڌِيءَ ڪَاڪ ڪَڪورِئَا،
    سوڍي رِءَ سَرتِيُون، ڪَاڪِ نه اَچي ڪَسِ،
    رَاڻي پَائي رَسِ، تَنُ ٻيڙِي، جِيئَن تاڻِئو
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص447سال2012 )

    تَنِ باغَنِئون بَسِّ، جي ڪنڌِيَ ڪاڪِ ڪڪوريا،
    سوڍي رِءَ سَرَتِيُون! ڪاڪِ نه اَچي ڪَسِ،
    راڻي پائي رَسِّ، تَنُ ٻيڙِيَ جِن تاڻِيو
    (ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص488سا ل 1996 )

    تَنِ باغَنِئون بَسِّ، جي ڪنڌِيَ ڪاڪِ ڪڪوريا،
    سوڍي رِءَ سَرَتِيوءن! ڪاڪِ نه اَچي ڪَسِ،
    راڻي پائي رَسِّ، تَنُ ٻيڙِيَءَ جِئن تاڻِيو
    (ڪليا ڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص248)

    تِنِ باغنِئُون بَس، جي ڪنڌيءَ ڪَاڪ ڪَڪورِيا،
    سوڍي رِي سرتيون! ڪاڪ نه اچَي ڪَسِ،
    راڻي پَائي رَسِ، تَنُ ٻيڙِيَ جيئن تاڻِيو
    (ممتاز مرزا، گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر راڻو ص797سال 1995 )

    تَنِ باغَنِئُون بَس، جي ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪَڪورِيا،
    سوڍي رِءَ سرتِيُون، ڪاڪِ نه اَچي ڪَس،
    راڻي پائي رَسُ، تَنُ ٻيڙيءَ جِئن تاڻِيو

    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 264سال 2009)

    تَنِ باغَنِئون بَسِّ، جي ڪَنڌِيَ ڪاڪِ ڪَڪورِيا،
    سوڍي رِءَ سَرِتيُون، ڪاڪِ نه اچي ڪَس،
    راڻي پائي رَسِ، تَنُ ٻيڙِيَ جِن تاڻِيو

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر راڻوص 369سال 2013)

    تِنِ باغَنِئُون بَسِّ، جي ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪَڪورِيا،
    سوڍي رِءَ سَرَتِيُون! ڪاڪِ نه اَچي ڪَسِّ،
    راڻي پائي رَسِّ، تَنُ ٻيڙيءَ جِئَن تاڻِيو
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر راڻو ص 68سال 1994 )

    جي ڪنڌِيء ڪاڪ ڪڪوريا، تن باغِنِئان بس ،
    سوڍي رِيء سرتيون ڪاڪ نه اچي ڪَسِ،
    راڻي پائي رَسِ، تَنُ ٻيڙي جِيئن تاڻيو
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص550بااختيار ادارو سال 1994 )

    تِنِ باغَنِئُون بَسِ، جي ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪَڪورِيا،
    سوڍي رِيءَ سَرِتيُون! ڪاڪِ نَه اَچي ڪَسِ،
    راڻي پائي رَسِ، تَنُ ٻيڙيءَ جِئَن تاڻِيو
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص607سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    تَنِ باغَنِئُون بَسِّ، جي ڪنڌِيَ ڪاڪِ ڪَڪوريا،
    سوڍي رِيَ سَرَتِيُون! ڪاڪِ نه اَچي ڪَسِّ،
    راڻي پائي رَسِّ، تَنُ ٻيڙِيَ جِنءَ تاڻِيو
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص255سال 2013ع روشني)

    تن باغنئون بس، جي ڪَنڌيءَ ڪاڪ ڪُڪُورِيا،
    سوڍي ريءَ سرتيون، ڪاڪ نه اچي ڪَس،
    راڻي پائي رَس، تَنُ ٻيڙيءَ جيئن تاڻِيو
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر راڻو ص300سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    تن باغئون بَس، جي ڪنڌي ڪاڪ ڪڪوريا،
    سوڍي بنا سرتيون، ڪاڪ نه اچي ڪس،
    راڻي پَائي رس، تڻ ٻيڙيءَ، جيئن تاڻيو
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص559سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    تن باغئون بَس، جي ڪنڌيءَ ڪاڪ ڪڪوريا،
    سوڍي ريءَ سَرتيون، ڪاڪ نه اچي ڪَس،
    راڻي پَائي رَس، تن ٻيڙيءَ، جيئن تاڻيو
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص241سال 2008ع )

    تَنِ باغَنِئون بَسِ، جي ڪنڌِيَ ڪاڪِ ڪڪوريا،
    سوڍي رِءَ سَرتِيون، ڪاڪِ نه اَچي ڪَسِ،
    راڻي پائي رَسِ، تَنُ ٻيڙِيَ جِن تاڻِيو
    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 148سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)
    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ڪس)، (ريءَ، رءِ، بنا، ڌارا)

    الف. ڪس: قارئين ڪرام! سڀني ڪاتبن، مرتبن ۽ محققن لفظ ”ڪس“ لکيو آهي، لفظ جي صورت خطيءَ ته درست لکي اٿن، مگر اسان جي تحقيق مطابق لفظ جي معنيٰ غلط لکي اٿن. ڇا ڪاڻ ته بيت جي روح کي نه سمجهيا آهن.
    ڊاڪٽر گربخشاڻي، ”ڪس“ لفظ جي معنيٰ لکي آهي ”پسند، وڻندڙ، موافق“ (ص 527).
    غلام محمّد شاهواڻي ”ڪس“ لفظ جي معنيٰ ”پسند ۽ وڻندڙ“ لکي آهي. (ص 255).
    ڪلياڻ آڏواڻي، ”ڪس“ لفظ جي معنيٰ ”پسند“ لکي آهي (ص 248).
    شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ لفظ ”ڪَس“ جي معنيٰ لکي آهي ”ڪش، پسند“ (ص 232).
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ انهي لفظ جي معنيٰ نه لکي آهي.

    عثمان علي انصاري، معنيٰ لکي آهي ”پسند، ڪٽ، دل جو غبار“ (ص 697).
    قارئين ڪرام! سڀني صاحبن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت تي تحقيق نه ڪئي. سطحي سوچ سوچيائون ۽ پڻ هڪ ٻئي جي تقليد ڪيائون. اوهان جيڪڏهن اهو بيت حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي رسالي ۾ پڙهندو ته اوهان کي انهيءَ بيت جي سلسلي وارا ٻيا به بيت نظر ايندا. جن ۾ مومل جي سوچ مطابق ”ڪاڪ ڪڙهي ۽ سڙي وئي“، باغات اجڙي ويا ۽ رات ڏينهن راڻي جي رُسي وڃڻ بعد من مونجهو ۽ ماندو ٿي رهيس. راڻو هن ڪري مومل کان رسي ويو ته راڻي کي ڪو ماڻهو ڪاڪ محل ۾ مومل سان ستل نظر آيو هو. حالانڪه ڪو به مرد ماڻهو ڪاڪ محل ۾ مومل سان گڏ سُتل نه هو، سندس ڀيڻ سومل (راڻي وارن ڪپڙن ۾) گڏ ستل هئي. انهي واردات کان پوءِ مومل نه ٿي چاهيو ته ڪو ماڻهون ڪاڪ محل ۾ يا ڪاڪ محل جي باغات ۾ اچي گهمي ڦري. انهي پسِ منظر کي سامهون رکي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه تحقيق هيٺ آيل بيت فرمايو.

    ب. ريءَ، رءِ، بنا، ڌارا: قارئين ڪرام! لفظ ”ريءَ، رءِ“ جي صورت خطيءَ ۾ فرق آهي مگر سندن معنيٰ ۾ ڪو به فرق نه آهي ساڳي وقت ۾ ٻيئي لفظ نثر توڙي نظم ۾ اڄ تائين مروج آهن. ڪي ”رءِ“ لکندا آهن ته ڪي ”ريءَ“ لکندا آهن. پڙهندڙ تي انهن لفظن جو ڪو منفي، اگرو ۽ خراب اثر نه ٿو پوي.
    اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته ”ريءَ “ ۽ ”بنا“ جي معنيٰ ۾ ڪجهه فرق نه آهي. لفظ ”بنا“ منجهان ثابت ٿئي ٿو ته مومل چوي ٿي ته راڻي کان سواءِ ”بناۡ“ ڪو به باغات ۾ يا ڪاڪ محل ۾ نه اچي. اسان جي تحقيق مطابق باگي جي ڏاني جي جو لکيل لفظ ”بنا“ لفظ ”ريءَ“ کان وڌيڪ مناسب نه آهي ۽ ”ري“ لفظ جي معنيٰ به اِها نڪري ٿي ته ”سوڍي کان سواءِ“ ۽ سوڍي ڌاران جي معنيٰ به ساڳي نڪري ٿي. سيّد عبدالعظيم ۽ حاجي محمّد سمو قديم ڪاتب آهن، اسان قديم ڪاتبن جي لکت کي ترجيح ڏيون ٿا.

    تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.

    تن بَاغَنِئُون بَس، جي ڪَنڌِيءَ ڪَاڪَ ڪُڪُورِيا،
    سوڍي رِيءَ سَرتِيُون، ڪَاڪَ نه اچي ڪَس،
    راڻي پائي رَس، تَنُ ٻيڙِيءَ جِيئن تاڻِيو.


    معنيٰ: اي سرتيون مون ڪاڪ ندي جي ڪناري پوکيل باغات ۾ گهمڻ ڦِرڻ کان بس ڪئي، انهن باغن کان بيزار آهيان. سوڍي کان سواءِ، باغات، جيڪي ڪاڪ ندي جي ڪناري تي ڪڪوريل آهن، تن ۾ ڪو به ماڻهو راڻي کان سواءِ نه اچي.
    ٻي ڪنهن به نه فقط راڻي ئي منهنجي من کي ائين گرفتار ڪيو ۽ ٻڌو آهي جئن ملاح طرفان ٻيڙي کي رسو ٻڌي ڇڏجي جيڪا پنهنجي حد کان سواءِ هيڏانهن هوڏانهن نه وڃي سگهي.

    *****

    لُڊورِئا لُوڌي ٿِئا، وَتَنِ مَنجِه وِصَالَ،
    اَج اَرَتُواکيِِ، ڪَاڪِ پيتَاءٌ ڪَالَ،
    ويئِي وِيڄَارَنِ وِسِرِي، صَبَاحَ جِي سَڀَالَ،
    پَرِيَ کَا پَاسي ٿِئَا، اِيُ مَامُويَنِ مِثَالَ،
    جَانِبَ جِي جَمَالَ، رَنکّي سَڀ رِيٽُو ڪِئَا.
    (سيّد عبدالعظيم گنج سُر راڻو ص783)

    لڊُونِئَا لُوڊِي ٿِئَا، وَتَنِ مَنجِه وِصَالَ،
    اَڃُ اَرتُواَکِيِِ، ڪَاڪِ پيتَاءٌ ڪَالَ،
    ويئِي وِيچَارَنِ وِسِرِي، صَبَاحَ جِي سَنڀَالَ،
    پَرِيَکَا پَاسي ٿِئَا، مَامُويَنِ مِثَالَ،
    جَانِبَ جِي جَمَالَ، رَنکي پَسُ رِيٽُو ڪِئَا.
    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر راڻو ص280)

    لوڌرَاٺِئَا لودهِي تهيَا، وَتَنِ مَنجهِه وِصَالَ،
    اڄ اَرتو اَکهِئين، کَاکِ پِيتَائون ڪالهَه،
    ويئِي ويچَارَن وِسِرِي، صُبَحَ جِي سَنبهَالَ،
    پَري کهَان پَاسي تهِيَا، مَاموئِنِ مِثَالَ،
    جَانِبَ جِي جَمَالَ، رَنگي پَس ريٿو کِيَا.
    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر راڻو ص509سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

    لڊوڻيا لوڍي ٿيا، وتن منجهه وِصال،
    اڄ ارتو اکئين، ڪاڪ پيتاءُ ڪالهه،
    ويئي وِيچارن وسري، صُباحَ جي سنڀال،
    پِرينءَ کان پاسي ٿيا، مامُوئِنِ مِثالَ،
    جانب جي جَمالَ، رَڱَي پَسُ ريٽو ڪيا.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر راڻو ص388سال 1900ع)

    لُڊُوڻِئَا لوڌِي ٿِئَا، وَتَنِ مَنجهِه وِصَالَ،
    اَڄ اَرَتو اَکِيين، ڪاڪِ پِيتائُون ڪالَهَه،
    ويئِي ويچَارَنِ وِسَرِي، صَبَاحَ جِي سَنڀَالَ،
    پَرِيءَ کَان پَاسي ٿِئَا، اِي مَامويَنِ مِثَالَ،
    جَانِبَ جي جَمَالَ، رَڱَي سَڀِ ريٽو ڪِئَا.
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص426سال2012 )

    لُڊوڻئا لوڌي ٿئا، وَتَنِ منجهِه وصالَ،
    اَڄُ اَرَتَو اَکِين، ڪاڪِ پِيتائون ڪالَ،
    ويئِي ويچارَنِ وِسرِي، صُباحَ جي سنڀالَ،
    پَرِيَ کان پاسي ٿئا، مامويَنِ مثالَ،
    جانِبَ جي جمالَ، رَڱَي پَس ريٽو ڪِئا.
    (ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص480سا ل 1996 )

    لڊوڻيان لوڌي ٿِيا، وتن منجهه وِصالَ،
    اَڄُ اَرتو اکيين، ڪاڪ پيتائون ڪالَ،
    ويئي وِيچارن وسري، صباحَ جي سنڀال،
    پرينء کان پاسي ٿيا، ايءُ ماموين مثال،
    جانبَ جي جمالَ، رڱي سڀَ ريٽو ڪِيا.
    (ممتاز مرزا، گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر راڻو ص783سال 1995 )

    لُڊُوڻِئا لوڌِي ٿِئا، وَتَنِ مَنجهِه وِصالَ،
    اَڄُ اَرَتو اَکِيين، ڪاڪِ پِيتائُون ڪالَ،
    ويئي ويچارَنِ وِسرِي، صُبحَ جي سَنڀالَ،
    پَرينءَ کان پاسي ٿِئا، مامويُنِ مِثالَ،
    جانِبَ جي جَمالَ، رَڱَي پَسُ ريٽو ڪَئا.

    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 255سال 2009)

    لُڊوڻئا لوذِي ٿئا، وَتَنِ منجهِه وصالَ،
    اَڄُ اَرَتَو اَکِيينِ، ڪَاڪِ بيتائيون ڪالَ،
    ويئِي ويچارَنِ وِسِرِي، صُباحَ جي سنڀالَ،
    پَريَ کان پَاسي ٿِئا، مامويَنِ مثالَ،
    جانِبَ جي جمالَ، رَڱِي پَس رِيٽو ڪِئا.
    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر راڻوص 352سال 2013)

    لُڊُوڻِيان لوڌي ٿِيا، وَتَنِ منجهِه وِصالَ،
    اَڄُ اَرتو اَکِيين، ڪاڪِ پِيتائُون ڪالَ،
    ويئي ويچارَنِ وِسرِي، صُباحَ جي سَنڀالَ،
    پَريءَ کان پاسي ٿِيا، مامويُنِ مثالَ،
    جانِبَ جي جَمالَ، رَڱَي پَسُ ! ريٽو ڪَيا.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر راڻو ص 246سال 1994 )

    لڊوڻئا لوڍي ٿيا، وتن منجهه وِصال،
    اڄ ارتو اکئين، ڪاڪ پيتائون ڪالهه،
    ويئَي وِيچارن وسري، صُباح جي سنڀال،
    پِرينءَ کان پاسي ٿيا، مامُوئن مثال،
    جانب جي جَمالَ، رڱَي پَُ ريٽو ڪيا.
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 517بااختيار ادارو سال 1994 )

    لُڊاڻِئا لوڌي ٿِيا، وَتَنِ مَنجِهه وِصالَ،
    اڄُ اَرَتو اکِيين، ڪاڪِ پِيتائون ڪالَهه،
    ويئِي وِيچارَنِ وِسَري، سُڀان جي سَنڀالَ،
    پَريَ کان پاسي ٿيا، مامويَنِ مِثالَ،
    جانِبَ جي جَمالَ، رڱَي پَسُ ريٽو ڪِيا.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص598سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    لُڊُاڻِيا لوڌي ٿِيا، وتنِ منجهه وِصالَ،
    اڄ ارتو اکئين، ڪاڪَ پِيتاءٌ ڪالَهه،
    ويئِي ويچارنِ وِسِرِي، صُباح جِي سنڀالَ،
    پِرينءَ کان پاسي ٿِيا، مامُوئِن مِثالَ،
    جانب جي جَمالَ، رَڱَي پسُ ريٽو ڪَيا.
    ( علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص437سال 1999ع )

    لَڊُوڻيا لوڍي ٿيا، وتن منجهه وصال،
    اڄ اُرتو اکئين، ڪاڪ پيتائون ڪالهه،
    ويئي ويچارن وسري، صباح جي سنڀال،
    پرينءَ کان پاسي ٿيا، ماموئن مثال،
    جانب جي جمال، رڱي پس ريٽو ڪيا.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 403سال 2009ع مهراڻ)

    لُڊُوڻِئا لوڌي ٿِئا، وَتَنِ مَنجهِه وِصالَ،
    اَڄ اَرَتو اَکِيين، ڪاڪِ پِيتائُون ڪالَ،
    ويئِي ويچارَنِ وِسَرِي، صُباحَ جِي سَنڀالَ،
    پَرِيَ کان پاسي ٿِئا، مامويَنِ مِثالَ،
    جانِبَ جي جمالَ، رَڱَي پَسُ! ريٽو ڪِئا.
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص246سال 2013ع روشني)

    لُڊوڻئا لوڊي ٿيا، وَطن مَنجهِه وصال،
    اَڄ ارتو اکئين، ڪاڪ پِيتائون ڪالهه،
    ويئي وِيچَارَن وِسري، صُبح جي سنڀال،
    پرين کَان پاسي ٿِيا، مامَويَنِ مِثال،
    جانب جي جَمال، رَڱَي پَس رِيٽَو ڪَيا.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر راڻو ص295سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    لَڊُوڻيا لوڍي ٿيا، وتن منجهه وصال،
    اڄ اُرتو اکئين، ڪاڪ پيتائون ڪالهه،
    ويئي ويچارن وسري، صباح جي سنڀال،
    پرينءَ کان پاسي ٿيا، ماموئن مثال،
    جانب جي جمال، رڱي پس ريٽو ڪيا.
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 520سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    لڊوڻيان لوڊي ٿيا، وطن منجهه وصال،
    اڄ اَرتو اکيين، ڪاڪ پيتائون ڪال،
    ويئي ويچارن وسري، صباح جي سنڀال،
    پرينءَ کان پاسي ٿيا، ماموئين مِثال،
    جانب جي جمال، رنڱي پس ريٽا ڪيا.
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 237سال 2008ع )

    لُڊونِئا لوڌي ٿئا، وَتَنِ منجهِه وِصالَ،
    اَڄُ اَرتَو اَکيين، ڪاڪ پِيتائيون ڪالَ،
    ويئِي ويچارَنِ وِسرِي، صُباحَ جي سنڀالَ،
    پَرِيَ کان پاسي ٿئا، مامويَنِ مثالَ،
    جانِبَ جي جمالَ، رَڱَي پَس ريٽو ڪِئا.
    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 143سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

    نوٽ: ڪلياڻ آڏواڻي اهو بيت نه لکيو آهي.


    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (لڊونئا، لڊوڻيا، لڊوڻئا، لڊاڻيان)، (لوڌي، لوڍي، لوڊي، لوذي، لوڊورئا)، (وتنِ، وطن)، (پيتائيون، پيتائون)، (ڪالَ، ڪالهه)، (صبح، صباحَ، سڀان)، (پَرِيَ، پِرينءَ، پَريَ، پِرين)، (پَس، سڀ)، (ريٽو، ريٽا).

    الف. لڊونئا، لڊوڻيا، لڊوڻئا، لڊاڻيان، لوڊورئا: قارئين ڪرام! اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته سيّد عبدالعظيم (گنج شريف) جي ڪاتب کان سواءِ ٻين سڀني ڪاتبن توڙي مرتبن ۽ محققن تحقيق هيٺ آيل بيت جي پهرين مصرع جو پهريون لفظ غلط لکيو آهي . گنج شريف ۾ لفظ ”لڊورئا“ لکيل آهي ممتاز مرزا گنج شريف جي ٽرانسليٽر کي لفظ ”لوڊورئان“ لکڻ گهربو هو. اهو هن ڪري ٿا چئون ته اسان لغتن جو ۽ مختلف ڪتابن جو مطالعو ڪري ثابت ڪيو آهي ته اصل لفظ ”لودورو“ ۽ ”لوڊرو“ آهي جنهن کي ”لڊورئا“ عام توڙي خاص ماڻهو اچاريندا هئا. لفظ ”لودورو“ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ترتيت ڏنل رسالي جي ص 495 جي حاشي ۾ لکيل آهي ۽ ”لڊروو“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏياريل جامع سنڌي لغات جلد 5 جي ص 202 تي لکيل آهي.
    قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي دور ۾ انهي لفظ کي ”لڊور“ ڪوٺيندا هئا. تنهنڪري ئي سيّد عبدالعظيم تحقيق هيٺ آيل بيت ۾ لفظ ”لڊورئا“ لکيو جنهن کي جديد صورت خطي ۾ ”لڊورئان“ لکبو. مطلب ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو اصل فرمايل لفظ ”لڊورئان“ فقط سيّد عبدالعظيم لکيو آهي ۽ ٻين صاحبن بيت ۾ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي فرمايل لفظ بجاءِ عام فقير شاعرن ۽ سگهڙن طرفان چيل لفظ لکيو آهي ۽ وڏي ڳالهه هي آهي ته ويهن رسالن اندر ڇهن مختلف صورتن ۾ اهو لفظ لکيو ويو آهي. ڪيڏو نه حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ مونجهارو پيدا ڪيو اٿن!

    ب. لوڌي، لوڍي، لوڊي، لوذي: لفظ ”لوذي“ عثمان علي انصاري جي ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ ۾ لکيل آهي. مناسب نه لکيو اٿس، منهنجي راءِ آهي ته اِها پروف ريڊر جي غلطي آهي.
    لفظ ”لوڊي“ حاجي محمّد سمي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ سگهڙ حاجي الهداد جنجهي لکيو آهي، ياد رهي ته! قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”لوڊي“ ۽ جديد صورت خطيءَ ۾ ”لوڍي“ لکبو هو.
    لفظ ”لوڍي“ جن صاحبن لکيو تن اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيو آهي. غلط هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ مومل جي عاشقن جي حالت بابت بيت فرمايو آهي. اهو لفظ اصل ۾ ”لوڌي“ آهي، انهي لفظ جو پسِ منظر هي آهي ته مومل جا طلبگار جئن سومل جي طلسماتي محلات ۾ گهڙيا ٿي تئن ئي رستو ڀُلي ٿي ويا. تن کي مومل ۽ سومل جون ٻانهيون گرفتار ڪري سندن مال ملڪيت ڦري فقير ڪري ٻاهر لوڌي ڇڏينديون هيون. تنهن ڪري حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ ”لوڌي“ ۽ نه لوڍِي“ فرمايو.

    ت. وتنِ، وطن: لفظ ”وطن“ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ۽ فقير تاج محمّدنظاماڻي بيت ۾ لکيو آهي. هن لفظ جي معنيٰ آهي ديس ۽ مُلڪ هن لفظ جو بيت سان ڪو تعلق نه آهي. باقي ٻين صاحبن لفظ ”وَتَنِ“ درست لکيو آهي.

    ث. پيتائيون، پيتائون: قارئين ڪرام! اهي ٻيئي لفظ ڪنهن ڪنهن صاحب لکيا آهن ان تي بحث ڪرڻ اجايو آهي. بي سود بحث هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ انهن ٻنهي لفظن منجهان ڪو به لفظ نه فرمايو. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي. حضرت جن لفظ ”ڀيٽيائون“ فرمايو. هن لفظ جو بنيادي لفظ آهي ”ڀيٽ“ جنهن منجان لفظ ”ڀيٽا ڏيڻ“ به ٺهي ٿو، هن لفظ جي معنيٰ ڏسڻ ۽ ديدار ڪرڻ آهي، نذرانو ڏيڻ، ديدار ڪرڻ وغيره (جامع سنڌي لغات جلد 2 ص 41).

    ج. ڪالَ، ڪالهه: قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي هن بيت جون پنج مصرعون آهن، پنج ئي قافيا هم وزن ۽ هم آواز هئڻ گهرجن. لفظ ”ڪالهه“ ٻين قافين جو هم وزن ۽ هم آواز نه آهي.مگر لفظ ”ڪالَ“ هم وزن ۽ هم آواز آهي تنهن ڪري بيت ۾ لفظ ”ڪال“ لکڻ گهرجي. لفظ ”ڪالهه“ غلط قافيي لکڻ وارا صاحبان آهن، ديوان تارچند، علامه آءِ آءِ قاضي، شمس علماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، محمّد عثمان ڏيپلائي، باگوجي ڏانو جي ۽ ٻانهو ن خان شيخ.

    ح. صبح، صباحَ، سڀان: اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ بيت ۾ لفظ ”صبح“ فرمايو هو اهو لفظ سيّد عبدالعظيم، بيت ۾ لکيو آهي. لفظ ”سڀان“ فقط علامه آءِ آءِ قاضي لکيو آهي. مناسب لفظ نه لکيو اٿس. جن لفظ ”صباح“ لکيو آهي. تن جي لکيل لفظ جي هڪ ماترا وڌيڪ آهي. انهي خيال کان اسان جي تحقيق مطابق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي درست لفظ ”صبح“ لکيو آهي.

    خ. پَرِيَ، پِرينءَ، پَريَ، پِرين: قارئين ڪرام! اسان مٿين ليکڪ صاحبن جا لکيل لفظ وڏي غور سان پڙهيا آهن هنن صاحبن اسان جي تحقيق مطابق بيت جي هن انمول لفظ تي به تحقيق نه ڪئي جيڪڏهن تحقيق ڪن ها ته لفظ ”پَرينءَ“ يا ”پَرينهن“ لکن ها جنهن جي معنيٰ آهي. ”اڄ نه ، صبح نه، مگر ٻي ڏينهن“.

    قارئين ڪرام! بيت ۾ انهي لفظ جو پسِ منظر هي آهي، حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو آهي ته مومل جا عاشق ڪاڪ محل پهتا. اُتان ناڪام ٿي موٽيا ته رستن تي ٿي رُليا ۽ رت ٿي رنائون انهن ويچارن کي صبح جي سنڀال نه رهي اهي ماموين جي مثال مئل هئا. يعنيٰ ماموئي ته مري چڪا هئا مگر مومل جا عاشق به مومل جي هجر و فراق سببان دنيا ومافيها کان بي خبر مئن جي مثال هئا. ماموئين وانگر ٿي چڪا هئا، انهن کي اڄ، صبح ۽ پرينءَ جي ڪا خبر نه هئي اهي اڄ، صبح ۽ پرينءَ کان به پاسي هئا.

    د. پَس، سڀ: قارئين ڪرام! جن صاحبن لفظ ”پس“ استعمال ڪيو آهي تن مناسب لفظ نه لکيو آهي ۽ جن صاحبن لفظ ”سڀ“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق درست لکيو آهي. انهي لفظ ”سڀ“ جو پسِ منظر هي آهي ته جيڪي شهزادا، راجڪمار، راجائون، راءُ، ۽ بادشاهه، مومل جي عشق ۾ ڪاڪ طرف روانه ٿيا ۽ انهن مومل جو جلوو ۽ حسن جي جهلڪ ڏٺي سي سڀ مومل جي حسن و جمال جي رنگ ۾ رڱجي ويا.

    ذ. ريٽو، ريٽا: جن صاحبن لفظ ”ريٽو“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق مناسب لفظ لکيو آهي. انهن جي مقابلي ۾ جن ليکڪن لفظ ”ريٽا“ لکيو آهي. تن درست لفظ نه لکيو آهي. اهو اسان هن ڪري ٿا لکون ته لفظ ”ريٽو“ فقط رنڱ لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي. فقير تاج محمّد نظاماڻي غلط لفظ ”ريٽا“ لکيو آهي.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.

    لُڊورِئان لُوڌِي ٿِيا، وَتَنِ مَنجهه وِصال،
    اَڄ اَرتو اکيين، ڪَاڪ ڀيٽيائون ڪَال،
    وِيئِي ويچارن وِسرِي، صُبح جي سَنڀال،
    پَرِينءَ کان پاسي ٿِيا، ماموين مِثال،
    جانِب جِي جَمال، رَڱي سڀ ريٽو ڪيا.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو آهي، مومل جا عاشق لُڊور واري ايراضي ۾ طسلماتي محل اندر رهندڙ مومل وٽان لوڌجي ۽ تڙجي نڪتا، مومل جي ديدار واري نشي ۾ سرشار ٿي گهمندا ٿي وَتيا. ڪالهه انهن ڪاڪ ڀيٽيو هو اُتان تڙجي نڪرڻ جي ڪري اڄ رت ٿا روئن. انهن ويچارن کي صبح به ياد نه آهي ته پَرينءَ کين ڪئن ياد رهندو؟ هُو ته پَرينءَ کان به پاسي آهن يعنيٰ اڄ سڀان پَرين جي پچار ۽ ياد گيري نه اٿن محبوبه جي تصوّراتي وصال ۾ رهن ٿا. انهن عاشقن جي زندگي مري ويل ماڻهن جهڙي آهي. اِهي ماموين جي مثال آهن انهن کي مومل جي حسن جي جلوي رڱي لال گلال ڪري ڇڏيو آهي.

    *****

    سِڃُه صَبَاهِِ جَا ڪَري، سَاوَنِڪَ،
    سَهِي نَسکَان سَاعَتَسِِ ، تَنِ رَاسِيُنِ جِي رَونَقَ،
    ڪِ رَتَئيءِ لاَکَسِِ ڪِ ڏِنَيِئِ پَانَنِ پِڪَ،
    سَندِيَ سُوڊَلَ سِڪَ، ڪَپَرَ ڪُور جَلِي.
    (سيّد عبدالعظيم گنج سُر راڻو ص.787)

    سِڃُه اُڀَرَندي جَا ڪَري، سَامِيء سَاوَنِڪَ،
    سَهِي نَه سَکِجي سَاعَتَ سِيئَ، تَهجِي رَاسِيَنجِي رَونَقَ،
    ڪِ رَتَاهو لاَکَـ۾ ڪِ ڏِنَا۽ پَانَنِ پِڪَ،
    سَندِيءَ سُوڊَلَ سِڪَ، ڪَپَرَ ڪُورءٌ جَلِيءٌ.
    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر راڻو ص284)

    سِجُ صُبَاٺي جَا کَري سَامِيَ سَا وَنِکَ،
    سَهِي نَه سَکهَان سَاعَتَ کَا تَنّهِن جي رَاِسنِ جِي رَونَقَ،
    کِي رَتَي لاَکَهه مين کِي ڏِنَيِ پَانَنِ پِکَ،
    مون سوڌهَلِ جي سِکَ کَپَرَ کورين جهَلِئو.
    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر راڻو ص516سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

    سِج سڀاڻي جا ڪري، ساميءَ سا وَنِڪَ،
    سَهِي نه سَگهان ساعتَ سِيئن، تَنـهِنجي راسِنِ جي رونَقَ،
    ڪ رَتاءِ لاکَـ۾؟ ڪِ ڏِناءِ پانَنِ پِڪَ،
    سندئ سوڍل سِڪَ، ڪَپَرَ ڪورُون جهَليون.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر راڻو ص392سال 1900ع)

    سِڄُ صَبَاحِين جَا ڪَري، سَامِيء سَا وَڻِڪَ،
    سَهِي نَه سَگهَان سَاعَتَ سين، تَن رَاسِينِ جي رَونَقَ،
    ڪِ رَتِيُئي لاکَ سين، ڪِ ڏِنِيَئِي پَانَنِ پِڪَ،
    سَندِيءَ سوڍَلَ سِڪَ، ڪَپَرَ ڪورُون جَهِليُون.
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص436سال2012 )

    سِڄُ سڀاڻي جا ڪري، سامِيَ سائِي وَنِڪَ،
    سَهِي نه سگهان ساٿَ سِنءَ تِـ هِ جي راسِنِ جي رونقَ،
    ڪِ رَتائين لاکَ ۾ ڪِ ڏنائين پانَنِ پِڪَ،
    سنديَ سوڍَلِ سِڪَ ڪَپَرَ ڪوُرون جهليون.
    (ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص476سا ل 1996 )

    سِڄُ صباهين جا ڪري، ساميء سائي سا وَڻِڪَ،
    سَهي نه سگهان ساعت سين، تَنِ راسيُن جي روَنقَ،
    ڪِ رَتيئي لاکَ سِين، ڪِ ڏنيُئِي پانن پِڪَ،
    سَنديءَ سوڍلَ سِڪَ، ڪپر ڪورون جهلَيون.
    (ممتاز مرزا، گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر راڻو ص787سال 1995 )

    سِجُ اُڀَرنَدي جا ڪَري، سامِيءَ سا وَڻِڪَ،
    سَهِي نه سَگهان ساعتَ سِين، تِـنـ هِ جي راسِينِ جي رونَقَ،
    ڪي رَتائِين لاکَ ۾؟ ڪِنِ ڏِنائِين پانَنِ پِڪَ،
    سَندِي سَوڍَلِ سِڪَ ڪپر ڪورُون جهَلِيُون.

    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 254سال 2009)

    سِڄُ سُڀاڻي جا ڪَري، سامِيَ سائِي وَنِڪَ،
    سَهِي نه سَگهان ساٿَ سِنءَ، تَـ هِ جي راسَن جِي رونقَ،
    ڪِ رَتائِين لاکَ ۾؟ ڪِ ڏِنائِين پانَنِ پِڪَ،
    سَنديَ سوڍَل سِڪَ، ڪَپَرَ ڪورُون جهَلِيون.
    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر راڻوص 346سال 2013)

    سِجُ سُڀاڻي جا ڪَري، سامِيء سَائي وَنِڪَ،
    سَهِي نه سَگهان ساٿَ سِنءَ، تنهن جي راسِنِ جي رَونَقَ،
    ڪِ رَتائِين لاکَ ۾؟ ڪِ ڏِنائِين پانَنِ پڪَ؟
    سَنديءَ سوڍَلِ سِڪَ، ڪَپَرَ ڪورُون جَهلِيُون.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر راڻو ص 170سال 1994 )

    سِج سڀاڻي جا ڪري، ساميء سا وَنِڪَ،
    سَهِي نه سَگهان ساعتَ سِيئن، تَنـهِنجي راسنِ جي رونَقَ،
    ڪِ رَتائين لاکـ۾؟ ڪِ ڏِنائين پانن پڪ،
    سندئ سوڍل سِڪَ، ڪَپَرَ ڪورُون جَهليون.
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 522بااختيار ادارو سال 1994 )

    سِڄُ اُڀرِندي جا ڪري، سامِيء سائي وَنڪ،
    سَهِي نَه سَگهان ساعتَ سِئن، تَنـهِن جي راسِنِ جي رَونَقَ،
    ڪِ رَتائين لاکَ ۾؟ ڪِ ڏِنائين پانَنِ پِڪَ،
    سَندئ سوڍَلِ سِڪَ، ڪَپَرَ ڪوروُن جَهلِيُون.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص890سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    سِجُ سُڀاڻي جا ڪري، ساميء سَا وَينڪَ،
    سَهي نه سَگهان ساعَتَ سيئن، تَنهنجي راسِن جي رَونقَ،
    ڪِ رَتاءِ لاک ۾؟ ڪِ ڏِناءِ پانَن پِڪَ؟
    سندِي سوڍَلِ سِڪَ، ڪَپَرَ ڪورُون جَهليون.
    (غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص441سال 1999ع )

    سڄ سڀاڻي جا ڪري، ساميء سا وَنَڪ،
    سهي نه سگهان ساعت سيئن، تنهنجي راسن جي رونق،
    ڪ رَتائين لاک ۾؟ ڪ ڏنائين پانن پڪ؟
    سنديءَ سوڍل سڪ، ڪپر ڪورون جهليون.
    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 407سال 2009ع مهراڻ)

    سِڄُ سُڀاڻي جا ڪَري، سامِيَ سائِي وَنِڪَ،
    سَهِي نَه سَگهان ساتَ سِنءَ تِـ هِ جي راسِنِ جي رونَقَ،
    ڪِ رَتائين لاکَ ۾؟ ڪِ ڏِٺائين پانَنِ پِڪَ،
    سَنديَ سوڍَلِ سِڪَ ڪَپَرَ ڪوُرون جَهلِيُون.
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص242سال 2013ع روشني)
    سِجُ سُڀاڻي جَا ڪَري، سَامِيء سَائئ وَنَڪَ،
    سَهِي نه سگهان ساعت سينءَ، تن راسين جي رَوَنَقَ،
    ڪِڪي رَتيون لاک ۾، ڪي ڏِيئي پانن پِڪَ،
    سندي سوڍل سِڪَ، ڪَپر ڪورون جَهليون.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر راڻو ص297سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    سڄ سڀاڻي جا ڪري، ساميء سا وَنَڪ،
    سهي نه سگهان ساعت سيئن، تنهنجي راسن جي رونق،
    ڪ رَتائين لاک ۾، ڪ ڏنائين پانن پڪ؟
    سنديءَ سوڍل سڪ، ڪپر ڪورون جهليون.
    (باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 524سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    سج سڀاڻي جا ڪري، ساميء سَا ئي وَنِڪَ،
    سَهي نه سگهان ساعت سين، تن راسين جي رونق،
    ڪِ رَتيون لاک ۾، ڪ ڏِنيئي پانن پِڪ؟
    سَندي سوڍل سِڪ، ڪَپَرَ ڪورون جَهليون.
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 239سال 2008ع )

    سڄ سڀاڻي جا ڪري، سامِيَ سائِي وَنَڪ،
    سَهِي نه سگهان ساٿَ سِنءَ، تِـ ه جي راسِنِ جِي رونَقَ،
    ڪِ رَتائِين لاکَ ۾؟ ڪِ ڏنائين پانَنِ پِڪَ؟
    سنديَ سوڍلِ سِڪَ، ڪَپَرَ ڪورُون جهليون.
    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر راڻو ص 142سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

    نوٽ: ڪلياڻ آڏواڻي اهو بيت نه لکيو آهي.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (سڄ، سج، سڃه)، (سڀاڻي، صباحين، صباهين، اُڀرندي)، (سائي، سا)، (ونڪ، وڻڪ، وينڪ)، (ساٿ، سات، ساعت)، (تـ ه جي، تن جي، تنهنجي)، (راسن، راسين)، (ڪِ، ڪي، ڪِڪي)، (ڪِ، ڪي، ڪن)، (ڏنائين، ڏٺائين، ڏناءِ)، (جهليون، جهلئون).

    الف. سڄ، سج، سڃه: اسان جي تحقيق مطابق قديم ڪاتب ”سج“ کي ”سڃه“ جي صورت ۾ به لکندا هئا. تنهنڪري جديد دور جا ڪجهه ”شاهه جو رسالو/شاهه جو گنج“ جا مرتب ۽ محقق حضرات ”سڄ“ لفظ به لکن ٿا. مگر اهو اصل لفظ ”سج“ آهي اهو هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ڪڏهن به ”سڄ“ نه فرمايو آهي، مگر ”سج“ فرمايو آهي. ”سڄ“ الڳ لفظ آهي ۽ ”سج“ الڳ لفظ آهي. ”سڄ“ لفظ منجهان ”سڄو، ساڄو، سڄر“ لفظ نڪرن ٿا ۽ ”سج“ لفظ منجهان ”سجي“ خاص لفظ نڪري ٿو جنهن جي معنيٰ آهي ”سوڪ ٿيڻ سڙڻ، پچڻ ۽ پڄرڻ“. ”سجي“ جي اها معنيٰ ثابت ڪري ٿي ته ”سج“ جيڪو آسمان ۾ اُڀري ٿو سو ساري سنسار کي روشن ڪري ٿو ۽ گرمي پهچائي ٿو تنهن جو اصل نالو ”سج“ آهي ۽ نه ”سڄ يا سڃه“ .

    ب. سڀاڻي، صباحين، صباهين، اُڀرندي: قارئين ڪرام! سيّد عبدالعظيم گنج شريف جي ص 78 تي ٻه بيت لکيا آهن. جن ۾ الفاظ ”صباهِِ“ ۽ ”سڀاهِِِ“ لکيل آهن. جنهن جي هڪ هڪ مصرع ملاحظه فرمايو:
    ”سِڃُ سَڀاهِِ جا ڪَري سامي سائي روءِ“
    ”سِڃ صباهِِ جا ڪري سامي ساوَنِڪ“

    اصل لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ڪهڙو فرمايو؟. اها خبر ته ڪاتب ۽ ٻڌندڙ فقيرن کي نه پيئي ڇا ڪاڻ ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لکت ۾ ته بيت نه ڏنو مگر ٻڌايو هو تنهنڪري ڪِٿي ڪاتب ”صباهِِ“ ته ڪٿي ”سباهِِ“ لکيو ته وري ڪنهن ليکڪ ”صباهين“ ته ڪنهن ڪاتب ”صباحين“ لکيو. ان سببان مونجهارو پيدا ٿيو.
    قارئين ڪرام! اسان تحقيق ڪري ڏٺو آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ کي جڏهن ڪو سنڌي لفظ بيت ۾ ٺهڪندڙ نه مليو ته پوءِ ٻين ٻولين جي لفظن منجهان الفاظ استعمال ڪيا. جئن ته لفظ ”سڀائين“، ”سڀاڻي“ سنڌي ۾ عام مروج لفظ هئا تنهنڪري حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ ”سڀائين“ استعمال ڪيو. باقي جن صاحبن الفاظ لکيا آهن. سي مناسب نه لکيا اٿن.
    ياد رهي ته! ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ علامه آءِ آءِ قاضي لفظ ”اڀرندي“ بنهه غلط استعمال ڪيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته ”سج“ اڀرڻ“ سان ته سج جون راسيون گم ٿي وينديون آهن. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي زبردست تشبيهه کي بلوچ صاحب جيڪڏهن سمجهي ها ته سج اڀرندي لفظ بيت ۾ نه لکي ها. ڇا ڪاڻ ته سج اڀرڻ کان ڪجهه وقت اڳ ۾ سج جون راسيون اُڀري چڪيون هونديون آهن.

    ت. سائي، سا: جن صاحبن لفظ ”سائي“ غلط لکيو سي صاحبان آهن، غلام مصطفيٰ مشتاق، عثمان علي انصاري، علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو.
    اسان هنن جي لفظ کي غلط قرار هن ڪري ڏنو آهي جو بيت جي پهرين مصرع ۾ لفظ ”جا“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو ۽ نه ”جائي“. جيڪڏهن ”جائي“ فرمائي ها ته پوءِ لفظ ”سائي“ درست لڳي ها.
    اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن لفظ ”سا“ لکيو آهي. تن درست لفظ لکيو آهي.

    ث. ونڪ، وڻڪ، وينڪ: قارئين ڪرام! اسان کي حضرت ڀٽ ڌڻي جي استعمال ڪيل لفظن جو هر هنڌ ڪمال نظر آيو آهي. ڪٿي به حضرت ڀٽ ڌڻيءَ بي جاءِ ۽ بي مقصد لفظ استعمال نه ڪيو آهي. اسان هن بيت ۾ لفظ ”ونڪ“ کي مناسب سمجهيو آهي ۽ نه لفظ ”وينڪ“ کي. لفظ ”وينڪ“ جي ڪا معنيٰ ئي نه آهي. اهو علامه غلام مصطفيٰ قاسمي لکيو آهي. پروف ريڊر جي غلطي به ٿي سگهي ٿي.
    لفظ ”وڻڪ“ به اسان کي نامناسب لڳو آهي. ڇا ڪاڻ ته هي لفظ ”وڻڪار“ جو واحد لفظ آهي ۽ ”ونۡڪ“ جي معنيٰ آهي ”رنگ“ اهو لفظ ساميءَ (مومل جي تڙيل عاشق) جي رنگت بابت چيل آهي.

    ج. ساٿ، سات، ساعت: لفظ ”سات“ لکڻ وارا صاحبان آهن، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ غلام محمّد شاهواڻي. اسان انهن جي لکيل لفظ کي غلط قرار ڏنو آهي.
    لفظ ”ساٿ“ لکڻ وارا صاحبان آهن، ڊاڪٽر گربخشاڻي، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق. هنن صاحبن به غلط لفظ استعمال ڪيو آهي.
    قارئين ڪرام ! جن صاحبن لفظ ”ساعت“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق درست لفظ لکيو آهي.

    ح. تـ ه جي، تن جي، تنهنجي: قارئين ڪرام! اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو ته لفظ ”تن“ جن صاحبن لکيو آهي. تن درست لفظ لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ”سامي“ جي رنگت جي تشبيهه سج جي اڀرڻ کان اڳ وارين راسين سان ڏني آهي ۽ ”راسيون“ لفظ جمع آهي ”راس“ جو. جن صاحبن لفظ راسين کي ذهن ۾ رکي لفظ ”تن“ لکيو سي صاحبان آهن، سيّد عبدالعظيم سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، ٻانهون خان شيخ، ممتاز مرزا ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي .

    خ. راسن، راسين: لفظ ”راسن“ ۽ ”راسين“ ٻئي جمع جا الفاظ آهن. اسان جي تحقيق مطابق ”راسِنِ“ زياده مناسب لفظ آهي. اهو لفظ ”راسِنِ“ لکڻ وارا صاحبان آهن ديوان تاراچند، شمس علماءَ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي، عثمان علي انصاري، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، علامه آءِ آءِ قاضي ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق .

    د. ڪِ، ڪي، ڪِڪي: الفاظ ”ڪِڪي ۽ ڪي“ اسان جي تحقيق مطابق مناسب نه لکيل آهن. مناسب هن ڪري لکيل نه آهن ته ”ڪي“ جي معنيٰ آهي ”ڪجهه ۽ ڇا“ ۽ لفظ ”ڪجهه“ جو بيت سان ڪو به تعلق نه آهي. مگر لفظ ”ڪِ“ بيت جي ٽين مصرع ۾ مناسب لڳي ٿو. مناسب هن ڪري لڳي ٿو ته ”ڪ“ جي معنيٰ آهي. ”ڄاڻ ته“ اها معنيٰ بيت جي مصرع سان مناسبت رکي ٿي. بيت جي مصرع ملاحظه فرمايو:
    ”ڪِ رَتائِين لاکَ ۾ ڪِ ڏنائين پانَنِ پِڪَ“
    معنيٰ: ڄاڻ ته لاک سان يا پانن جي پڪ سان رتائين ۽ لال ڪيائين.

    ذ. ڪِ، ڪي، ڪن: قارئين ڪرام! اهي ٽي لفظ ”ٽين“ مصرع جي آخري فقري ۾ ليکڪن لکيا آهن. اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”ڪِ“ ٻين لفظن کان زياده مناسب ۽ بهتر آهي. اسان هن کان اڳ ۾ انهي ”ڪِ“ ۽ ”ڪي“ لفظن بابت وضاحت ڪري چڪا آهيون.

    ر. ڏنائين، ڏٺائين، ڏناءِ: لفظ ”ڏٺائين“ غلام محمّد شاهواڻي جي بيت ۾ لکيل آهي. اسان اها غلطي پروف ريڊر جي سمجهون ٿا. رهيو سوال ”ڏنائين ۽ ڏنا۽“ لفظن جو ته قديم ڪاتب ”ڏنا۽“ الف حمزي کي ٻه زيرون ڏيئي عربي طرزِ تحرير مطابق لکندا هئا. ٻيئي الفاظ درست آهن مگر جديد صورت ۾ لفظ ”ڏنائين“ لکيو ويندو آهي.

    ز. جهليون، جهلئون: ياد رهي ته! ٻيئي لفظ معنيٰ جي لحاظ کان درست آهن. قديم صورت خطيءَ ۾ لفظ ”جهلئون“ لکيو ويندو هو. جديد صورت خطيءَ ۾ لفظ ”جهليون“ لکيو ويندو آهي.

    تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.

    سِجّ سُڀائين جَا ڪَري، سامِيَ سَا وَنَڪ،
    سَهِي نَه سَگهان سَاعت سِينءَ، تن راسِنِ جِي رونَقَ،
    ڪِ رَتائِين لاکَ ۾؟ ڪِ ڏِنائِين پانَنِ پِڪَ؟
    سندِيَ سوڍلِ سِڪَ، ڪَپَرَ ڪورُون جَهلِيُون.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمائي ٿو ته مومل جي نينهن جي ناوڪ جو زخمي، جيڪو سامي فقيرن جي روپ ۾ پيو گهمي. تنهنجي چهري جي چمڪ، سونهن ۽ رونق اهڙي آهي جهڙي صبحُ جي سج وارين راسين جي رونق. انهي سامي جي ڳلن جي ڳاڙهاڻ ۽ لالاڻ هوش رُباءَ آهي ان جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟!
    سامي جي رُخِ روشن جي لالاڻ اهڙي آهي. ڄڻ ته پانن جي پڪ ۽ لاک جي ڳاڙهاڻ سان رڱيل آهي. مومل چئي ٿي ته سوڍي جي سڪ منهنجي من ۾ ايتري سمايل آهي جو، ان جي ڪا نه حد آهي نه حساب آهي.

    *****


    20. سُر ليلان چنيسر

    هَيبَتَ ڪَانَ هُيَاسِ، ڪَا دِلِ مَٽِيندُو داسَرو،
    پَرُوري پِشِيمَانُ ٿِي، جَڏِه هَٿَا کَالِ وَيَاسِ،
    سُورَ پَرايا۽ سَيّد چي، پُوءِ ٿي کَلَ پِٽَئَاسِ،
    ڪُوَرتِ هَارَ ڪِيَاسِ، ٿِي چَرِي چَنيسَرَ ڃَامَري.
    (سيّد عبدالعظيم گنج سُر ليلان چنيسر ص493)

    هَيبَتَ ڪَانَ هُيَاسِ، تَڪَا دِلِ مَٽِيدُو دَاسَرُو،
    پَرِيَ ري پِشِيمَانَ ٿِي، جَڏِه هَٿَا کَالِ وَييَاسِ،
    سُورَ پَرايا۽ سَيّد چي، پُوءِ ٿِي ڪَلَ پِييَاسِ،
    ڪُونَتَ هَارَ ڪِيَاسِ، ٿِي چَرِي چَنيسَرَ ڃَامرَي.
    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر ليلان چنيسر ص357)

    هَيبَتَ ڪَا نَه هُيَاسِ، ڪَا دِلِ مَٽيندو داسَڙو،
    پَروُڙي پِشيمانُ ٿي، جَڏِهِين هَٿَان ڳالِهه وِيَاس،
    سُورَ پِرايَائِين سَيدُ چئي، پوءِ ٿي کَلَ پَٽِئَاسِ،
    ڪُوَڻَتِ هَارَ ڪِئاسِ، ٿِي چَرِي چَنيسَرَ ڄَام ري.
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو سُر ليلا چنيسر رسالو سُر ص214سال2012 )

    هيب ڪا نَه هُياس، ته ڪا دِل مَٽيندو داسَڙو،
    پروڙي پشيمانُ ٿِي، جڏهن هٿان ڳالهه وَياسِ،
    سورَ پِرايائين سيد چئي، پوءِ ٿي ڳَلَ پٽياسِ،
    ڪُورتِ هارَ ڪياسِ، ٿِي چَرِي چَنيسر ڄامَ ري.
    (ممتاز مرزا گنج، جديد صورت خطيءَ ۾ سُر ليلان چنيسر ص493سال 1995 )

    هيبت ڪا نَه هُياس، ته ڪا دِل مٽيندو داسَڙو،
    پرينءَ ري پشيمان ٿي، جَڏهن هٿان ڪالهه وياس،
    سور پرايائين سيّد چئي، پُوءِ ٿي ڪَل پِياس،
    ڪُوڻت هارَ ڪياس، ٿِي چري چَنيسر ڄامَ ري.
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر ليلان چنيسر ص 661بااختيار ادارو سال 1994 )

    هيبت ڪا نه هياس، ته ڪا دل مٽيندو داسڙو،
    پرينءَ ري پشيمان ٿي، جڏهن هٿان ڳالهه وياس،
    سور پرايائين سيّد چئي، پوءِ ٿي ڪل پياس،
    ڪوڻت هار ڪياس، ٿي چري چنيسر ڄام ري.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر ليلان چنيسر ص 507سال 2009ع مهراڻ)

    هيبت ڪا نه هياس، ته ڪا دل مَٽِيندو داسَڙو،
    پوءِ پشيمان ٿي پرين ري، جَڏهن ڳالَهِه هَٿان وِياس،
    سور پرائي سيد چئي، پُوءِ ٿي ڪَل پِياس،
    اَڻَ وَڻَت، هارِ ڪياس، ٿِي چري چَنيسر ڄامَ ري.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر ليلان چنيسر ص382سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    هيبت ڪا نه هياس، ته ڪا دل مٽيندو داسڙو،
    پرينءَ ري پشيمان ٿي، جڏهن هٿان ڳالهه وياس،
    سور پرايائين سيد چئي، پوءِ ٿي ڪِل پياس،
    ڪوڻت هار ڪياس، ٿي چري چنيسر ڄام ري.
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر ليلان چنيسر ص 693سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    هيبت ڪانَ هُياس، ته ڪا دل مَٽيندو داسڙو،
    پرينءَ ري پشيماني، جڏهن هٿان ڳالهه وياس،
    سُور پرائي سيد چئي، پوءِ ٿي ڪل پياس،
    اَوَڻت هار ڪياس، ٿي چري چنيسر ڄام ري.
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ليلان چنيسر ص 319سال 2008ع )
    نوٽ: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ديوان تاراچند، ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر محمّد عالم سومري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق اهو بيت نه لکيو آهي.
    قارئين ڪرام! گنج شريف کان علاوه قديم ڪاتب حاجي محمّد سمي، جي ڪتابت ڪيل رسالي ۾ اهو بيت شامل آهي. فقير تاج محمّد نظاماڻي جي ترتيب ڏنل رسالي ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي جي ”شاهه جو گنج“ ۾ به اهو بيت لکيل آهي. شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ٻانهي خان شيخ ۽ محمّد عثمان ڏيپلائي به پنهنجن ترتيب ڏنل رسالن ۾ اهو بيت لکيو آهي. تنهنڪري انهي بيت تي تحقيق ڪرڻ مناسب سمجهون ٿا.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (هيب، هيبت)، (ڪا دل، تڪا دل، ته ڪا دل)، (پوءِ ، پروڙي ، پري رَي ، پرين ري)، (ڳالهه وياس، ڪالهه وياس، کال وياس)، (سور پرايائين، سور پرائي)، (کل پَٽياس، ڳل پِٽياس، ڪِل پياس، ڪل پياس)، (اوڻت، ڪوڻت، ڪورت).

    الف. هيب، هيبت: لفظ ”هيب“ فقط ممتاز مرزا بيت ۾ لکيو آهي. اسان تحقيق ڪري ڏٺو آهي ته گنج شريف ۾ لفظ ”هيبت“ لکيل آهي. پڪ آهي ته ممتاز مرزا به لفظ هيبت لکيو، مگر ڪمپوزر جي غلطي سببان لفظ ”هيب“ لکجي ويو پروف ريڊر جي بي ڌياني سببان لفظ غلط لکجي ويو.

    ب. ڪا دل، تڪا دل، ته ڪا دل: الفاظ ”ڪا دل“ ٻانهي خان ۽ ممتاز مرزا لکيا آهن. ممتاز مرزا گنج جي ڪاتب جي پوئواري ڪندي لکيا ۽ ٻانهي خان شيخ تقليد ڪندي لکيا. اسان جي تحقيق مطابق ”ڪا دل“ کان ”ته ڪا دل“ بهتر الفاظ آهن، اهو هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”ته“ يقين ۽ پڪ ڏياري ٿو. انهي ڪري بيت ۾ لکڻ مناسب آهي. رهيو سوال ”تڪا دل“ ۽ ”ته ڪا دل“ جو ته انهن ٻنهي لفظن منجهان ”ته ڪا دل“ لکڻ زياده مناسب آهي. اهو هن ڪري ته ”تڪا“ لفظ بيت ۾ نه ٿو سونهين. جڏهن الڳ لکبو ته زياده بهتر ٿيندو. ”تڪا“ گڏيل لفظ حاجي محمّد سمي لکيو آهي. قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ ڪاتب لفظ گڏي لکندا هئا.جنهن ڪري پڙهندڙ مونجهاري جو شڪار ٿيندا هئا.

    ت. پوءِ ، پروڙي ، پري رَي ، پرين ري: اسان انهن سڀني لفظن تي وڏو غور ڪيو آهي. لفظ ”پروڙي“ سڀني لفظن کان بهتر ثابت ڪيو آهي. هن خيال کان ته ليلان ڪونروءَ جي هٿان هار وٺي چنيسر جو هٿ سندس هٿ ۾ ڏيندي ئي پشيمان ٿي ڇا ڪاڻ ته هن جي هٿان چنيسر جهڙو پيار ڪندڙ پتي هار جي بدلي هٿان هليو ويو.

    ث. ڳالهه وياس، ڪالهه وياس، کال وياس: قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ڳ“ جو اکر استعمال نه ٿيندو هو. ”ڳ“ بجاءِ ”ک“ اکر استعمال ڪندا هئا، تنهنڪري سيّد عبدالعظيم ۽ حاجي محمّد سمي الفاظ ”کال وياس“ لکيا آهن.
    قارئين ڪرام! ”ڪالهه وياس“ الفاظ بنهه غلط لکيا ويا آهن. اهو هن ڪري ٿا چئون ته ڪالهه ته گذري ويئي تنهنڪري ليلان جي ڪهڙي ڪم جي هئي؟ انهن لفظن جي مقابلي ۾ ”ڳالهه وياس“ بيت ۾ لکڻ مناسب لڳن ٿا. غلط الفاظ ”ڪالهه وياس“ فقط شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ لکيا آهن.

    ج. سور پرايائين، سور پرائي: الفاظ ”سور پرائي“ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي لکيا آهن. اسان جي تحقيق مطابق انهن صاحبن درست الفاظ لکيا آهن ۽ جن لفظ ”پرايائين“ لکيو آهي، تن اسان جي تحقيق مطابق مناسب لفظ نه لکيو آهي.

    ح. کل پَٽئاس، ڳل پِٽياس، ڪل پياس: قارئين ڪرام! هي حقيقت آهي ته ڪنهن غلطي ڪرڻ کان پوءِ ماڻهو سور پرائيندو آهي، ان جي دل پريشان ٿيندي آهي. ليلان ته اهم ترين غلطي ڪئي هئي جنهن ڪري سور پرائي چريائپ وچان پنهنجي کَل ٿي پٽيائين ڇا ڪاڻ ته هو ذهني مريض ٿي چڪي هئي.
    ياد رهي ته! گهڻي پريشاني سببان ڪي مرد پنهنجا ڳل پٽيندا آهن ۽ ڪي عورتون به پنهنجا ڳل پِٽينديون آهن. مگر ليلان ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي قول مطابق چري ٿي چڪي هئي، چريا چريائپ وچان پنهنجي کَل پَٽيندا آهن. اسان جي تحقيق مطابق فقط ٻانهي خان شيخ درست الفاظ ”کَل پَٽِئاس“ لکيا آهن.

    خ. اوڻت، ڪوڻت، اڻ وڻت، ڪورت: لفظ ”ڪورت“ سيّد عبدالعظيم لکيو، تنهن ڪري ممتاز مرزا به نامناسب لفظ ”ڪورت“ لکيو آهي. نامناسب هن ڪري ٿا چئون ته هن صاحب کي ”ڪُوڻت“ لفظ لکڻو هو. قديم صورت خطيءَ ۾ ڪاتب اڪثر ”ڪورت“ لکندا رهيا آهن. اهو هن ڪري ته قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ڻ“ اکر استعمال نه ٿيندو هو. تنهنڪري ڪاتب ”ڻ“ بجاءِ ”ر“ ۽ ”ن“ اکر استعمال ڪندا هئا. اهڙو اشارو خود ممتاز مرزا گنج جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ ص 8 ۽ 9 تي ڏنو آهي.
    اسان کي سيّد عبدالعظيم جي لکيل صورت خطيءَ جي طرزِ تحرير کان ته واقف ڪيائين مگر پاڻ عمل نه ڪيائين.
    لفظ ”اڻ وڻت“ حاجي الله داد جنجهي لکيو آهي. ۽ ”اوڻت“ لفظ فقير تاج محمّد نظاماڻي به لکيو آهي. جن صاحبن ”ڪُ وڻت“ لکيو تن درست لکيو آهي. انهي درست لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن. ٻانهون خان شيخ، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ باگو جي ڏانو جي. هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ”اوڻت ۽ ڪُوڻت“ ٻنهي لفظن منجهان حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ڪهڙو لفظ فرمايو؟ ظاهر آهي ته ٻنهي منجهان وڌيڪ مناسب لفظ فرمايائين، اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته لفظ ”ڪوڻت“ تجنيس حرفي جي خيال کان بيت ۾ فرمايائون .

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.

    هيبت ڪا نَه هُياس، تَه ڪَا دِل مَٽيندو داسُڙو،
    پَروڙي پِشيمان ٿِي، جَڏهن هَٿان ڳَالهه وَيَاس،
    سُور پِرائي سيّد چَئي، پُوءِ ٿي کَل پَٽياس،
    ڪُ وَڻت هار ڪَياس، ٿِي چَري چَنيسر ڄام ريءَ.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو ته چنيسر جي دل ۾ ليلان لاءِ اٿاهه عشق هيو. تنهنڪري ليلان جي دل ۾ چنيسر جي باد شاهه هئڻ واري هيبت نه هَئي ۽ هِي خيال ڪڏهن به هن جي هردي ۾ نه آيو هو، ته داسڙو (چنيسر) هن کان ڪنهن سببان دل مٽي ويندو.
    ليلان جڏهن ڪونروءَ جي هار تي هرکجي چنيسر جو هٿ ڪونروءَ جي هٿ ۾ ڏنو ته سندس هٿان ڳالهه نڪري ويئي پوءِ پنهنجي غلطي کي پروڙي پشيمان ۽ پريشان ٿي پنهنجي کَلَ ٿي پَٽيائين ڇا ڪاڻ ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه چواڻي چنيسر جي چاهه ۾ آخر چري ٿي ويئي هُئي.

    *****


    21. سُر ڪاموڏ

    سَڀيئي سُهاکَنِي، سَڀَنِِ مُـ هِ جَرَاءُ،
    سَڀَڪِ ه ڀايُو پَانکَي، تَاِيدُو مُن کَرِ راءُ،
    تَاپيٽُو تِـ ه دَرَاءُ، جي پَسِي پَانُ لَجَائِيءٌ.
    (سيّد عبدالعظيم گنج سُر ڪاموڏ ص829)

    سَڀيئي سُهاکَنِيءٌ، سَڀَنِِ مُـ هِ جَرَاءُ،
    سَڀَڪِ ه ڀَانيُو پَانَکي، تَه اِيدُو مُن کَرِ رَاءُ،
    پيٺُو تَنِ دَرَاءُ، هيٺَايءٌ هَلَنِ جي.
    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص360)

    سَبهيئِي سُهَاڳِٺِيُون، سَبهنِي مُلِ جَڙَا،
    سَبهکَنهِن بهَائيو پَاٺَ کهي تَه اِيندو مُون کهَرَ ا،
    آيو تَنِ دَرَا، جي پَسِي پَاٺُ لَڄَائِيُون.
    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص633سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

    سڀئي سهاڳڻيون، سڀني منهَن جڙَاءُ،
    سڀڪنهن ڀانيو پاڻکي ته ايندو مون گهرِ راءُ،
    پيٺو تن درانءُ، جي پَسي پاڻ لڄائيون.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر ليلان چنيسر ص491سال 1900ع)

    سَڀيئِي سُهاڳِڻيُون، سَڀنِي مُنهِن جَڙاءُ،
    سَڀَ ڪِنهِن ڀَانيو پَاڻَ کي، ته اِيندو مُون ڳَرِ راءُ،
    تَان پيٺو تَنِ دَران، جي پَسِي پاڻُ لَڄَايُون.
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر ليلان چنيسر ص202سال2012 )

    سڀيئِي سهاڳڻيون، سَڀِني مـُڇهَ جڙَاءُ،
    سَٻَڪِـ هِ ڀانيو پاڻَ کي، اِيندو مون ڳَرِ راءُ،
    پيٺو تَنِ دَراءُ، جي پَسِي پاڻُ لَڄائِيون.
    (ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر ليلا چنيسر ص457سا ل 1996 )

    سڀيئِي سُهاڳِڻِيون، سَڀِني مـُنهَن جَڙاءُ،
    سَڀ ڪَنهِن ڀانيو پاڻَ کي، ته اِيندو مُون ڳَرِ راءُ،
    پيٺو تن دَراءُ، جي پَسِي پاڻُ لَڄائِيون.
    (ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص231سا ل )

    سَڀيئي سُهاڳِڻيُون، سَڀَنِين مُنهَن جَڙاءُ،
    سَڀَ ڪِنهن ڀانِيو پاڻ کي، ته اِيندو مُون گهَر راءُ،
    تان پيٺو تنهِن دَراءُ، جي پَسِي پَاڻُ لڄائِيُون.
    (ممتاز مرزا، گنج، جديد صورت خطيءَ ۾ سُر ڪاموڏ ص829سال 1995 )

    سَڀيئِي سُهاڳِڻيُون، سَڀَنِ مُنـ هَ جَڙاءُ،
    سَڀَڪَنـ هِ ڀانيو پاڻَ کي، اِيندو مون گَهر ِراءُ،
    تان پيٺو تنـ ه دراءِ، جئن پَسي پاڻ لَڄائِيُون.

    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص 283سال 2009)

    سَڀيئِي سُهاڳِڻيُون، سَڀنِي مُنهَن جَڙاءُ،
    سَڀَڪِنهن ڀائنيو پاڻَ کي، ته اِيندو مُون ڳَرِ راءُ،
    پيٺو تَنِ دَراءُ، جي پَسي پاڻُ لَڄائِيُون.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏص 342سال 2013)

    سَڀيئِي سُهاڳِڻيُون، سَڀنِي مُنهَن جَڙاءُ،
    سَڀَڪَهن ڀانيو پاڻَ کي، ته اِيندو مُون ڳَرِ راءُ،
    پيٺو تَنِ دَراءُ، جي پَسي پاڻُ لَڄائِيُون.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر ڪاموڏ ص 167سال 1994 )

    سڀئي سهاڳڻيون، سڀئي منهَن جڙَاءُ،
    سڀڪنهن ڀانيو پاڻکي، ته ايندو مون گهر راءُ،
    پيٺو تن درانءُ، جي پَسي پاڻ لڄائيون.
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص 671بااختيار ادارو سال 1994 )

    سَڀئي سُهاڳِڻيون، سَڀَنِي مَنهَن جڙَاءُ،
    سَڀَڪِنهن ڀانيو پاڻ َکي ايندو مُون ڳَرِ راءُ،
    پيٺو تن دراءُ، جي پَسِي پاڻ لَڄائِيون.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص584سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    سڀيئي سُهاڳِڻيُون، سَڀَنِي مُنهَن جَڙاءُ،
    سَڀَڪِنهن ڀانِيو پاڻکي اِيندو مُون گهر راءُ،
    پيٺو تن درانءُ، جي پَسي پاڻ لڄائِيُون.
    (غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص540سال 1999ع )

    سَڀيئِي سُهاڳِڻيُون، سَڀَنِي مُـ هَ جَڙاءُ،
    سَڀَڪِـ هِ ڀَانيو پَاڻَ کي، اِيندو مُون ڳرِ راءُ،
    پيٺو تَنِ دَراءُ، جي پَسِي پاڻُ لَڄَائِيُون.
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص235سال 2013ع روشني)

    سڀئي سُهاڳڻيون، سڀني مَنهن جَڙاءُ،
    سڀ ڪنهن ڀانيو پاڻ کي، ايندو مون گهر رَاءُ،
    آيو تن دَراءُ، جي پَسي پاڻ لَڄَائِيُون.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر ڪاموڏ ص381سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    سڀيئي سهاڳڻيون، سڀني مل جڙاءُ،
    سڀ ڪنهن ڀانيو پاڻ کي، اِيندو مُون گهر راءُ،
    آيو تن دراءُ، جي پسي پاڻ لڄائييون.
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص 702سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    سڀيئي سهاڳڻيون، سڀني مُنهن جَڙاءُ،
    سڀني ڀانئيو پاڻَ کي، اِيندو مُون گهر راءُ،
    آئيو تَنِ دَراءِ، جي پَسي پاڻُ لڄائيون.
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص 318سال 2008ع )

    سَڀيئِي سُهاڳِڻيُون، سڀني مُنهَن جَڙاءُ،
    سَڀَڪِنهن ڀائيو پاڻَ کي، ته اِيندو مُون ڳَرِ راءُ،
    پيٺو تَنِ دَراءُ، جي پَسي پاڻُ لَڄائِيُون.
    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص 137سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

    نوٽ: هي بيت اصل سُر ڪاموڏ جو آهي، سيّد عبدالعظيم بعد ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به اهو بيت سُر ڪاموڏ ۾ ئي لکيو آهي. مگر ديوان تاراچند، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ٻانهي خان شيخ سُر ليلان چنيسر ۾ لکيو آهي. اسان هن بيت کي سندس اصل سُر ڪاموڏ ۾ لکون ٿا.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (منهن، مـ ه، مل)، (ڳر، گهر، کر، کهرا)، (پيٺو تن، پيٺو تنهن، آيئو تن)، (دران، دراءُ، دراءِ، درانءُ، درا)، (لڄائيون، لڄايون).

    الف. منهن، مـ ه، مل، منـ ه: لفظ ”مل“ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ۽ باگي جي ڏاني جي غلط لکيو آهي.
    لفظ ”مـ ه“ قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ غلام محمّد شاهواڻي مناسب نه لکيو آهي.
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، لفظ ”منـ ه“ لکيو آهي. اهو لفظ به ڪي قديم ڪاتب لکندا هئا. اهو به درست نه آهي. غلط هن ڪري ٿا چئون ته قديم ڪاتب لکندا ”منـ ه“ ۽ ”مـ ه“ مگر پڙهندا ”منهن“ هئا. انهي ءَ خيال سان جن صاحبن لفظ ”منهن“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق درست لفظ لکيو آهي، انهيءَ لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن، ٻانهون خان شيخ، غلام مصطفيٰ مشتاق، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو، عثمان علي انصاري، ديوان تاراچند، علامه آءِ آءِ قاضي، ڪلياڻ آڏواڻي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ ممتاز مرزا.

    ب. ڳر، گهر، کر، کهرا: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ ۾ لفظ ”کهرا“ اردو لپيءَ ۾ لکيل آهي.
    لفظ ”کر“ حاجي محمّد سمي لکيو آهي. انهي کي جديد صورت خطيءَ مطابق ”ڳر“ به پڙهي سگهجي ٿو ”گهر“ به پڙهي سگهجي ٿو.
    لفظ ”ڳر“ جن صاحبن لکيو آهي. تن اسان جي تحقيق مطابق مناسب نه لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته اصل لفظ ”گهر“ آهي. ”گهر“ لفظ هن ڪري ٿا چئون ته ڄام تماچي کي گهر ۾ اچڻو هو.
    درست لفظ ”گهر“ لکڻ وارا صاحبان آهن، ديوان تاراچند، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، باگوجي ڏانوجي، فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ ممتاز مرزا.

    ت. پيٺو تن، پيٺو تنهن، آيئو تنءَ: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ الفاظ ”آيئو تنءَ“ لکيا آهن. اسان جي تحقيق مطابق درست نه لکيا اٿس ۽ جن صاحبن ”پيٺو تن“ الفاظ لکيا آهن. تن صاحبن به درست الفاظ نه لکيا آهن. اهو هن ڪري ٿا چئون ته ”تن“ لفظ جمع لاءِ استعمال ٿيندو آهي.
    راءُ (ڄام تماچي) اُن موقعي تي هڪ سهاڳِڻ (نوري) جي گهر اندر پيٺو هو ۽ نه گهڻين سهاڳِڻين (زالن) جي گهر.
    قارئين ڪرام! اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن لفظ ”تنهن“ لکيو آهي. تن اسان جي تحقيق مطابق درست لکيو آهي. اهو لفظ ثابت ڪري ٿو ته هڪ سُهاڳڻ يعني نوري جي گهر ڄام تماچي پهتو هو. درست لفظ ”تنهن“ لکڻ وارا صاحبان آهن، سيّد عبدالعظيم، ممتاز مرزا ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.

    ث. دران، دراءُ، دراءِ، درانءُ، درا: اسان تحقيق ڪري ڏٺو آهي ته هن بيت جون ٽي مصرعون ۽ قافيا به ٽي آهن. پهريون قافيو آهي ”جڙاءُ“، ٻيو قافيو آهي ”راءُ“، تنهنڪري ٽيون قافيو ليکڪن صاحبن کي ”درانءُ“ بجاءِ ”درّاءُ“ لکڻ گهربو هو.

    ج. لڄائيون، لڄايون: قارئين ڪرام! اسان لفظ ”لڄائيون، لڄايون“ تي تحقيق ڪري هي ثابت ڪيو آهي ته سڀني مرتبن ۽ محققن غلط الفاظ لکيا آهن. غلط هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”لڄائيون“ يا ”لڄايون“ جمع لاءِ استعمال ٿيندو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ بيت ۾ هڪ سهاڳڻ (نوري) جو ذڪر ڪيو آهي ۽ نه گهڻين سهاڳڻين جو تنهنڪري اسان تحقيق ڪري هي ثابت ڪيو آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ ”لڄائيو“ فرمايو مگر محقق حضرات حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي خيال کي سمجهي نه سگهيا.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.

    سَڀئِي سُهاڳَڻِيُون، سَڀنِيءَ مُنهن جَڙاءُ،
    سَڀَ ڪَنهِن ڀَانئِيُو پَاڻَ کي، ته اِيندو مُون گَهر رَاءُ،
    پيٺو تنهن دَرّاءُ، جنهن پَسِي پَاڻ لَڄَائِيُو.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه فرمائي ٿو ته ڄام تماچي جي سڀني راڻين جا منهن زيورات سان سينڳاريل هئا. هر ڪنهن راڻي ائين ٿي ڀانئيو ته راءُ هُن جي گهر اندر قدم رکندو.
    ڄام تماچي انهيءَ (نوري) جي گهر اندر پيٺو جنهن ڄام تماچي کي ڏسي پنهنجي اڳوڻي مِسڪيني کي ذهن ۾ رکندي لڄائيو ٿي.

    *****

    ٻيرُو پُوئِي ٻَاهَـ۾، ٻِي نَٻَڌِي ڪَاءَ،
    تُو ڏَرُ تـ هِ جُکَاءِ، سَمءٌ سِڪي جِنهکي.
    (سيّد عبدالعظيم گنج سُر ڪاموڏ ص824)

    ٻيرُو پُوئِي ٻَانهَـ۾، ٻِيَ نَه سَاٻنڌَاءِ،
    تُو ڏَرُ تـ ِهِ جُکَاءِ، سَمءٌ سِڪي جهِکي.
    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص474)

    ٻِيڙو پُوئِي ٻَانـڇهَن ۾، ٻِي نه ٻَڌي ڪا،
    تو ڏَرُ تِنـ هِن جُڳاءِ، سَمُون سِڪي جِنـ هِن کي.
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص538سال2012 )

    ٻيڙو پُوئي ٻَانهَن ۾، ٻي نه ٻَڌي ڪاءَ،
    تو ڏر تنهن جڳاءِ، سَمون سِڪي جنهن کي.
    (ممتاز مرزا، گنج، جديد صورت خطيءَ ۾ سُر ڪاموڏ ص824سال 1995 )

    ٻِيڙو پوئي ٻانـڇهَ ۾، ٻِي نه ٻَڌي ڪا،
    تو ڏَرُ تِنـ هِ جُڳاءِ، سَمُو سِڪي جِنـ هِ کي.

    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص 282سال 2009)

    ٻيڙو پوئي ٻانـڇهَه ۾، ٻيءَ نه سُو ٻَڌي،
    تو ڏَرُ تِهِن جُڳاءِ، سَمون سِڪي جَهِن کي.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏص 439سال 2013)

    ٻيڙو پُوئي ٻانهن ۾ ٻِي نه سا ٻڌاءِ،
    توڏَرُ تنهِن جڳاءِ، سمو سِڪي جنهنکي.
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص 899بااختيار ادارو سال 1994 )

    ٻيڙو پونئِي ٻانهن ۾، ٻي نه سا ٻڌاءِ،
    تو ڏر تنهن جڳاءِ، سمو سڪي جنهن کي.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص 679سال 2009ع مهراڻ)

    ٻيڙو پونئِي ٻانهن ۾، ٻي نه سا ٻڌاءِ،
    تو ڏر تنهن جڳاءِ، سمو سڪي جنهن کي.
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص 950سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    ٻيڙو پوئي ٻانـڇهَن ۾، ٻِي نه ٻَڌي ڪاءِ،
    تو ڏَرُ تنـ هن جڳاءِ، سمون سِڪي جنـ هن ۾.
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص441سال 2008ع )

    نوٽ: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ سُر ڪاموڏ شاهه جو رسالو ۾ لکيو ئي نه آهي. ديوان تاراچند، ڊاڪٽر گرُبخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومري ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق، اهو بيت ”شاهه جو رسالو“ ۾ لکيو ئي نه آهي.
    اهو بيت گنج شريف ۾ حاجي محمّد سمي جي ڪتابت ڪيل ”شاهه جو رسالو“ ۾ به لکيل آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ٻانهي خان شيخ، عثمان علي انصاري، فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ باگي جي ڏاني جي به اهو بيت لکيو آهي تنهن ڪري انهيءَ بيت تي تحقيق ڪرڻ لازمي سمجهي سين.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (پوئي، پونئي، پائي)، (ٻانهن، ٻانهَن، ٻانهه، ٻانـ ه)، (ٻي نه ٻڌي ڪا، ٻي نه ٻڌي ڪاءِ/ڪا، ٻي نه سو ٻڌاءِ، ٻي نه سا ٻڌاءِ)، (توڏر).

    الف. پوئي، پونئي، پائي: جن صاحبن ”ٻيڙو پوئي“ لکيو آهي، سي آهن، سيّد عبدالعظيم، حاجي محمّد سمون، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ٻانهون شيخ، ممتاز مرزا، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ عثمان علي انصاري، هنن صاحبن اسان جي تحقيق مطابق نامناسب لفظ لکيو آهي.
    لفظ ”پونئي“ جن صاحبن لکيو آهي سي آهن، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ باگوجي ڏانوجي، هنن به نامناسب لفظ لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته ٻيڙو ٻانهن ۾ ”پوئبو “ يا ”پوئنبو“ نه آهي. مگر ٻيڙو ٻانهِن ۾ پائبو آهي. اسان جي تحقيق مطابق درست لفظ ”پائي“ لکڻ وارو فقط فقير تاج محمّد نظاماڻي آهي.
    ب. ٻانهن، ٻانهَن، ٻانهه، ٻانـ ه: قارئين ڪرام! اسان لفظ ”ٻانهن“ جي مختلف صورت خطيءَ تي بحث ڪرڻ اجايو ٿا سمجهون هتي فقط ٻن لفظن ”ٻانهه ۽ ٻانهُن“ تي بحث ڪرڻو آهي. حقيقت هي آهي ته ٻيڙو فقط هڪ ”ٻانهه“ ۾ پائبو آهي ۽ نه ٻنهين ٻانهُن ۾. جيڪڏهن ڪو ٻنهين ٻانهَن ۾ ٻِيڙو ٻڌي ته سندس مرضي مگر اصول مطابق هڪ ٻيڙو ٻڌڻ گهرجي.

    ت. ٻي نه ٻڌي ڪا، ٻي نه ٻڌي ڪاءِ/ڪا، ٻي نه سو ٻڌاءِ، ٻي نه سا ٻڌاءِ: قارئين ڪرام! هڪ ئي بيت جي پهرين مصرع جي آخري فقري کي به متضاد بڻايو ويو آهي. اسان جي تحقيق مطابق بيت جي پهرين مصرع جو قافيو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻانهي خان شيخ، غلط لکيو آهي. انهن لفظ ”ڪاءِ“ بجاءِ لفظ ”ڪا“ لکيو آهي. حقيقت هي آهي ته بيت جي پهرين مصرع جو ڪافيو ”ڪاءِ“ هئڻ گهرجي ڇا ڪاڻ ته بيت جو ٻيو ڪافيو ”جڳاءِ“ آهي.
    درست قافيو”ڪاءِ“ سيّد عبدالعظيم، فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ ممتاز مرزا لکيو آهي.
    ”ٻي نه سو ٻڌاءِ“ فقط عثمان علي انصاري مناسب نه لکيو آهي.
    فقرو ”ٻي سا نه ٻڌاءِ“ لکڻ وارا صاحبان آهن، حاجي محمّد سمون، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ باگوجو ڏانوجي.
    اسان انهن صاحبن جي لکيل فقري کي نامناسب هن ڪري لکيو آهي. ته لفظ ”سو“ جو واسطو ٻِيڙي سان ڏيکارجي ٿو. يعني ڪا به ٻي عورت اهو بيڙو نه ٻڌي جيڪو اڳ ۾ ٻڌڻ واري ٻڌو آهي.
    ٻي ”سا نه ٻڌائي“ فقري منجهان معلوم ٿئي ٿو ته ڪنهن موءنث ڏانهن اشارو آهي. مگر اصل اشارو ته ٻِيڙي ڏانهن آهي ۽ ٻِيڙو مذّڪر آهي.
    اها مصرع واضع ڪري ٿي ته ٻي ڪا به راڻي، پنهنجي ٻانهن ۾ ٻيڙو نه ٻڌي، ٻيڙو اهاءَ ٻڌي ۽ ٻڌائي جنهن جي چال تي سمون نهال ٿي هر دم سِڪي ٿو.
    ث. توڏر: هي اصل لفظ آهي ”توڏڻ“ يعني خوبصورت ۽ حسين عورت، جنهن جي ٽور من موهي وجهي. قديم صورت خطيءَ ۾ ”ڻ“ اکر کي ”ر“ ۽ ”ڙ“ اکرن ۾ به لکبو هو.
    لفظ ”توڏر“ جي معني ٻانهي خان، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ ۽ سنڌيڪا لغت ۾”توڏڻ“جي معنيٰ نه لکيل آهي مگر”توڏي “جي معنيٰ خوبصورت عورت لکيل آهي.(ص 176)

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.

    ٻِيڙو پَائي ٻَانهَن ۾، ٻِي نَه ٻَڌي ڪاءِ،
    تو ڏَڻ تَنهن جُڳاءِ، سَمون سِڪي جنهن کي.

    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه فرمائي ٿو ته ٻِيڙو ٻانهن ۾ ٻڌڻ ان کي جڳائي ٿو، جيڪا توڏڻ هجي، پدمڻي هجي نهايت حسين ۽ ڪبڪ ٽور هلندڙ هجي. جنهن جي مورڻي چال تي من موهجي پوي. جنهن جي لاءِ سمون (ڄام تماچي) سدائين سڪائتو رهي ٿو، ان کان سواءِ ٻي ڪا به راڻي پنهنجي ٻانهن ۾ ٻِيڙو نه ٻڌي ۽ نه ٻڌائي.

    *****

    کِيرَب نَکَاءُ، مُهَانِي جِي مَنَـڇ۾،
    نيرنِسِِ نَازُ ڪَري، رِيجَاَيَا۽ راءُ،
    سَمءٌ سَڀَنِ مُلاءُ، هِيرِئا۽ حِرفَتَسِِ.
    (سيّد عبدالعظيم گنج سُر ڪاموڏ ص824)

    مُهَانِيَ جي مَنَـ ۾ کيرَبُ نه کاءُ،
    نينَنِ سنِِ نَازَ ڪَري رِيجَاياءِ راءُ،
    سَمو سَڀَنِ وِچَا، هيرَايَاءِ حِرفَتَسِِ.
    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص473)

    مُهاڻئ جي مَنَ ۾ نه گِيرُبُ نه گاءُ،
    نيڻن سين ناز ڪَري رِيجها ياءِ راءُ،
    سَمو سڀن مُلانءُ، هيراياءِ حِرفَتَ سين.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص643سال 1900ع)

    گِيرَبُ نه گاءُ، مُهَاڻِئَ جي مَنَ ۾،
    نيڻَنِ سين نَازُ ڪَري رِيجَهايَائِين راءُ،
    سَمُون سَڀَنِ مُلان، هِيرِئَائِين حِرفَتَ سِين.
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص537سال2012 )

    مُهاڻِيَ جي مَنَ ۾، نه گِيرَبُ نه گاءُ،
    نيڻَنِ سين نازُ ڪري رِيجهايائِين راءُ،
    سَمُون سَڀَنِ مُلاءُ، هيريائِين حِرفَتَ سين.
    (ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص601سا ل 1996 )

    مُهاڻِئَ جي مَنَ ۾، نه گِيرَبُ نه گاءُ،
    نيڻَنِ سين نازُ ڪَري رِيجهايائِين راءُ،
    سَمو سَڀِنِ مُلاءُ، هيرِيائِين حِرفَتَ سين.
    (ڪليا ڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص288)

    گيربُ نه گاءُ، مُهاڻي جي مَنَ ۾،
    نيڻن سين نَازُ ڪَري، رِيجَهايائين راءُ،
    سمُون سَڀَنِ مُلاءُ، هيريائِين حِرفَتَ سِين.
    (ممتاز مرزا، گنج، جديد صورت خطيءَ ۾ سُر ڪاموڏ ص824سال 1995 )

    مُهاڻِئَ جي مَنَ ۾، نَه گِيرَبُ نه گاءُ،
    نيڻَنِ سِين نازُ ڪَري رِيجهايائين راء،
    سَمُون سَڀنِ مُلاءُ، هيرِيائِين حِرفَتَ سِين.

    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص 278سال 2009)

    مُهاڻِيءَ جي مَنَ ۾ نڪو گِيربُ نه گاءُ،
    نيڻَنِ سين نازُ ڪري رِيجهايائِين راءُ،
    سَمون سَڀَنِ مُلاءُ، هيرِيائِين حِرفَتَ سين.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏص 439سال 2013)

    مُهاڻِئَ جي مَنَ ۾، نَه گِيرَبُ نه گاءُ،
    نيڻَنِ سِين نازُ ڪَري رِيجهايائين راء،
    سَمو سَڀِنِ مُلاءُ، هيرِيائِين حِرفَتَ سِين.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر ڪاموڏ ص 269سال 1994 )

    مُهاڻئ جي مَنَ ۾ نه گِيرُبُ نه گاءُ،
    نيڻن سين نياز ڪَري رِيجها يائين راءُ،
    سَمو سڀن مِلانءُ، هيرايائين حِرفَت سين.
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص898بااختيار ادارو سال 1994 )

    مُهاڻِئَ جي مَنَ ۾ نَه گِيرُبُ نه گاءُ،
    نيڻن سين ناز ڪَري رِيجهايائين راء،
    سَمُون سَڀَنِ مُلاء، هيرِيائِين حِرفَتَ سين.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص345سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    مُهاڻي جي مَنَ ۾ نه گِيرَبُ نه گاءُ،
    نيڻن سين ناز ڪَري رِيجهايائِين راءُ،
    سَمَو سڀن مُلانءُ، هيرايائين حِرفَتَ سين.
    (غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص707سال 1999ع )

    مهاڻيءَ جي من ۾ نه گيرب نه گاءُ،
    نيڻن سين ناز ڪري ريجهايائين راءُ،
    سمو سڀن وچاءُ، هيرايائين حرفت سين.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص 679سال 2009ع مهراڻ)

    مُهاڻِيَ جي مَنَ ۾، نه گِيرَبُ نَه گاءُ،
    نيڻَنِ سين نازُ ڪَري رِيجهايائِين راءُ،
    سَمُون سَڀَنِ مُلاءُ، هيرِيائِين حِرفَتَ سين.
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص291سال 2013ع روشني)

    مهاڻي جي من ۾، نه گيرب نه گاءُ،
    نِيڻ سين نازُ ڪري، رِيجهايَائِين راءُ،
    سمون سڀن ملا، هيريائين حرفت سين.
    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر ڪاموڏ ص519سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    مهاڻي جي من ۾، نه گيرب نه گاءُ،
    نيڻن سين ناز ڪري، ريجهايائين راءُ،
    سمو سڀن وچاءُ، هيرايائين حرفت سين.
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص949سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    مهاڻيءَ جي من ۾، نه گيرَب نه گاءُ،
    نيڻن سين ناز ڪري، ريجهايائين راءُ،
    سمون سڀن مُلاءِ، هيرايائين حرفت سين.
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص440سال 2008ع )

    مُهاڻِيءَ جي مَنَ ۾ نڪو گِيربُ نه گاءُ،
    نيڻَنِ سين نازَ ڪري رِيجهايائين راءُ،
    سَمُون سَڀَنِ مُلاءُ، هيرِيائِين حِرفَتَ سين.
    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص183سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

    نوٽ: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ سُر ڪاموڏ لکيو ئي نه آهي.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (نه گيرب، نڪو گيرب، گيرپ)، (ناز، نياز)، (ملان، مُلاءُ، ملاءِ، ملا، وچا، وچاءُ)، (هيريائين، هيرئائين، هيرايائين)

    الف. نه گيرب، نڪو گيرب، گيرب: جن صاحبن فقرو ”نه گيرب نه گاءُ“ لکيو آهي، تن درست فقرو نه لکيو آهي، سي آهن ديوان تاراچند، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي. ڊاڪٽر گُربخشاڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، باگو جي ڏانو جي، فقير تاج محمّد نظاماڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ غلام محمّد شاهواڻي .
    فقط عثمان علي انصاري ”نڪو گيرپ نه گاءُ“ غلط فقرو لکيو آهي.
    قارئين ڪرام! قديم ڪاتبن جهڙوڪ سيّد عبدالعظيم ۽ حاجي محمّد سمي، پهرين مصرع ۾ پهريون درست فقرو لکيو آهي. ”کيرب نه کاءُ“. اهي جديد صورت خطيءَ ۾ الفاظ ٿين ٿا، ”گيرب نه گاءُ“. ٻانهي خان شيخ، ممتاز مرزا،۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي به فقرو ”گيرب نه گاءُ“ لکيو آهي. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته درست فقرو ”گيرب نه گاءُ“ آهي. درست هن ڪري ٿا چئون ته فقري ۾ ٻه ڀيرا ”نه“ جا الفاظ مناسب نه آهن. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه باڪمال شاعر هئڻ سان گڏ ٻولي جو وڏو ڄاڻو هو. ان بزرگ فقري ۾ هڪ ”نه“ جو لفظ استعمال ڪرڻ نهايت ئي درست سمجهيو.

    ب. ناز، نياز: گنج شريف ۾ پهرين مصرع لکيل آهي:

    گيرَب نه گاءُ، مهاڻيءَ جي من ۾،
    جڏهن نوري جي من ۾ ذري ڀر به گرب يعني وڏائي نه هئي. ته پوءِ ڪئن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه ٻي مصرع ۾ فرمائيندو؟
    نيڻَنِ سين نازَ ڪري، رِيجهايائين راءُ
    اهو ته پوءِ متضاد خيال چئبو. ائين حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمائي نه ٿو سگهي. لفظ ”نياز“ جي جاءِ تي جن صاحبن غلط لفظ ”ناز“ لکيو تن اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيو آهي. درست لفظ ”نياز“ فقط شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ لکيو آهي. اسان هن جملي جي لکڻ جا حق بجانب آهيون ته سيّد عبدالعظيم کان وٺي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تائين سواءِ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي ٻين سڀني بيت جي اصل لفظ کي بدلائي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي اعليٰ ترين خيال کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.

    ت. ملان، مُلاءُ، ملاءِ، ملا، وچا، وچاءُ: جن صاحبن ”وچا/وچاءُ“ الفاظ لکيا آهن، اهي صاحبان آهن، حاجي محمّد سمون، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ باگو جي ڏانو جي. اڪثر ڪاتبن مرتبن ۽ محققن لفظ ”ملان، ملاءُ، ملا، ملاءِ“ استعمال ڪيو آهي. رهيو سوال ”وچاءُ ۽ ملاءُ“ جي درست يا نه درست هئڻ جو ته اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن لفظ ”وچاءُ“ لکيو آهي تن درست لفظ لکيو آهي. ڇا ڪاڻ ته لفظ ”وچاءُ“ جو اشارو سڀني راڻين ڏانهن آهي ٻيو ته ٻه قافيا ”گاءُ“ ۽ ”راءُ“ آهن، تنهنڪري ٽيون قافيو ”وچاءُ“ لکڻ گهرجي.

    ث. هيريائين، هيرايائين، هيرئائين: قارئين ڪرام! هڪ لفظ آهي هيرڻ ۽ ٻيو لفظ آهي هيرئڻ ۽ ٽيون لفظ آهي هيرائڻ. انهن ٽنهي لفظن جي صورت خطيءَ ۽ معنائن ۾ فرق آهي. جن صاحبن لفظ ”هيرايائين“ لکيو تن اسان جي تحقيق مطابق درست نه لکيو. اهو هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”هيرايائين“ ڪنهن ٻي کان عمل ڪرائڻ جي نشان دهي ڪري ٿو ۽ لفظ ”هيريائين“ پاڻ عمل ڪرڻ بابت آگاهي ڏئي ٿو. مگر ”هيرئڻ“ ڪو لفظ نه آهي لفظ ”هيرئائين“ نامناسب لفظ ٻانهي خان شيخ لکيو آهي. تنهنڪري جن صاحبن لفظ ”هيريائين“ لکيو تن درست لکيو آهي. ”هيريائين“ لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر گربخشاڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، باگوجي ڏانو جي، فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ محمّد عثمان ڏيپلائي.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.

    گيرَب نه گاءُ، مُهاڻيءَ جي من ۾،
    نيڻن سين نياز ڪري، ريجهايائين راءُ،
    سمون سڀن وچاءُ، هيريائين حرفت سين.


    معنيٰ: حضرت ڀٽائي ڌڻي رحه نوري جي نياز ۽ نئڙت متعلق آگاهي ڏيندي فرمائي ٿو ته مهاڻي جي من ۾ نه هٺ، نه وڏائي، نه تڪبّر ۽ نه گرب ۽ غرور هو، نوري نماڻائي ۽ نمرتا جو انمول نمونو هئي. پنهنجن خوبصورت نيڻن سان پنهنجي نياز مندي ۽ نئڙت جو هر وار اظهار ڪندي راءُ (ڄام تماچي) کي ريجهايائين ۽ راضي ٿي ڪيائين. سمي سلطان کي سڀني راڻين وچان حرفت، دانائي ۽ عقل مندي جي آڌار تي پنهنجي طرف هيريائين ۽ بي حد مائل ڪيائين.

    *****

    مُهَانَا مَحرُومَ، ٿَئِا تَماچِيَ جَامَسِِ،
    نَڊِي وَڏي کَنّدَري مَٿي مَارِيَ دُوم،
    ڪِنُّجِر جَي رُومَ، تَمِڙي اِنعَامِي ٿِئَا.
    (سيّد عبدالعظيم گنج سُر ڪاموڏ ص823)

    ٿِئَا تَمَاچِيَ ڃَامسِِ مُهَانَا مَحرُومَ،
    نَڊيَ وَڏِيَ کَندَرِيَ مَارِيَ مَٿي ڌُومَ،
    ڪِنجُر جي رُومَ، تَسي سَڀ اِنعَامِِ ٿِئَا.
    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص473)

    ٿيا تماچي ڄام سين مُهاڻا مَحرومَ،
    ننڍئ وڏئ گَندَرئ مَٿي ماڙئ ڌُومَ،
    ڪِنجُهرَ جي رُومَ، ته سي سڀ اِنعامي ٿيا.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص642سال 1900ع)

    مُهَاڻَا مَحرومَ، ٿِئَا تَماچِي ڄَامَ سين،
    نَنڍي وَڏي گَندَري مَٿي مَاڙِيءَ ڌُومَ،
    ڪِنجُهرَ جي رُومَ، تَه مِڙيئِي اِنعَامِي ٿِئَا.
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص533سال2012 )

    ٿِئا تماچِيَ ڄامَ سين مُهاڻا مَحرومَ،
    نَنِڍِيَ وڏِيَ گَندرِيَ، مٿي ماڙِيَ ڌُومَ،
    جي ڪِنجُهرِ جي رُومَ، سي سڀِ اِنعامِي ٿئا.
    (ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص601سا ل 1996 )

    ٿِيا تَماچِي ڄامَ سين مُهاڻا مَحرومَ،
    نَنِڍئ وَڏئ گَندَرئ مَٿي ماڙئ ڌُومَ،
    جي ڪِنجُهرَ جي رُومَ، سي سَڀ اِنعامي ٿيا.
    (ڪليا ڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص287)

    مُهاڻا محروم، ٿيا تماچيءَ ڄام سين،
    ننڍي وڏي گندري مَٿي ماڙيءَ ڌُوم،
    ڪنجهر جي رومَ، ته مِڙي انعامي ٿِيا.
    (ممتاز مرزا، گنج، جديد صورت خطيءَ ۾ سُر ڪاموڏ ص823سال 1995 )

    ٿِيا تَماچِي ڄامَ سين، مُهاڻا مَحرومَ،
    نَنڍِي وَڏِيءَ گَندِرِي، مَٿي ماڙِي ڌُومَ،
    جي ڪِنجُهرِ جي رُومَ، سي سَڀ اِنعامِي ٿِئا.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏص 438سال 2013)

    ٿيا تَماچِي ڄامَ سين مُهاڻا مَحروم،
    ننڍِئ وَڏي گَندِرِئ مَٿي ماڙِي ڌُومَ،
    جي ڪِنجُهرَ جي رُومَ، سي سَڀِ اِنعامي ٿِئا.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر ڪاموڏ ص 183سال 1994 )

    ٿيا تماچئ ڄام سين مهاڻا مَحرمُ،
    ننڍئ وڏئ گندَرئ مٿي ماڙئ ڌوم،
    ڪنجهر جي روم، ته سي سڀ اِنعامي ڌُومَ.
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص897بااختيار ادارو سال 1994 )

    ٿِيا تَماچِي ڄامَ سين مُهاڻا مَحروُم،
    نَنِڍئ وَڏئ گَندَرئَ مَٿي ماڙئَ ڌُوُم،
    ڪنجُهر جي رُومَ، ته سي سَڀِ اِنعامِي ٿِيا.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص344سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    ٿِيا تَماچِي ڄامَ سين مُهاڻا مَحروم،
    ننِڍئ وڏئ گَندَرئ مٿي ماڙئ ڌُوم،
    ڪنجُهرَ جي رُومَ، ته سي سڀ اِنعامي ٿيا.
    (غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص706سال 1999ع )

    ٿيا تماچيءَ ڄام سين، مهاڻان محروم،
    ننڍيءَ وڏيءَ گندريءَ، مٿي ماڙيءَ ڌُوم،
    ڪنجهر جي روم، ته سڀ انعامي ٿيا.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص678سال 2009ع مهراڻ اڪيڊمي)

    ٿئا تَماچِيَ ڄام سين، مُهاڻا مَحُرومَ،
    نَنڍِي وَڏيَ گَندرِيَ، مَٿي ماڙِيَ ڌُومَ،
    جي ڪِنجُهر جي رُومَ، ته سَڀ اِنعامِي ٿئا.
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص291سال 2013ع روشني)

    ٿيا تماچي ڄام سين، مهاڻان محروم،
    ننڍيءَ وڏيءَ گندريءَ، مٿي ماڙيءَ ڌوم،
    ڪنجهر جي روم، ته سڀ انعامي ٿيا.
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص949سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    ٿيا تماچيءَ ڄام سين، مهاڻان مُحرم،
    ننڍِيءَ وڏيءَ گندريءَ، مٿي ماڙي ڌُوم،
    ڪنجهر جي رُوم، سي سڀ انعام ٿيا.
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص 440 سال 2008ع )

    ٿيا تَماچِي ڄامَ سين، مُهاڻا مَحرومَ،
    ننڍي وَڏي گَندِرِي، مَٿي ماڙِيَ ڌُومَ،
    جي ڪِنجُهرِ جي رُومَ، سي سَڀِ اِنعامِي ٿِئا.
    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر ڪاموڏ ص183سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

    نوٽ: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ سُر ڪاموڏ نه لکيو آهي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اهو بيت شاهه جو رسالو منجهان خارج ڪري ڇڏيو. سگهڙ حاجي الله داد جنجهي اهو بيت نه لکيو.

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (محروم، محرم)، (ڌوم)، (روم)، (سي سڀ انعام ٿئا، مڙي، مڙيئي انعامي ٿئا)

    الف. محروم، محرم: جن صاحبن لفظ ”محروم“ لکيو سي صاحبان آهن، سيّد عبدالعظيم، ممتاز مرزا، ديوان تاراچند، ڊاڪٽر گُربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، ٻانهون خان شيخ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، محمّد عثمان ڏيپلائي، غلام مصطفي مشتاق، غلام محمّد شاهواڻي، عثمان علي انصاري۽ باگوجي ڏانوجي.
    قارئين ڪرام! جن صاحبن جا اسان مٿي نالا لکيا آهن تن صاحبن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ لفظ ”محروم“ غلط لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ اهو لفظ ”محروم“ سُر ڪاموڏ جي انهي بيت ۾ فرمائي نه ٿو سگهي. هن ڪري فرمائي نه ٿو سگهي ته لفظ ”محروم“ جي معنيٰ آهي. ”جنهن تي ڪو انعام حرام ڪيو ويو هجي“. ڄام تماچي ته ڪينجهر جي مهاڻن کي ۽ انهن جي رشتيدارن کي نوريءَ جي نياز ڀرين نيڻن جي صدقي ڪينجهر انعام ۾ ڏنو هو ته پوءِ ڪئن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ ”محروم“ فرمائيندو؟
    قارئين ڪرام! شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ ”مَحرُم“ ۽ تاج محمّد نظاماڻي بيت ۾ لفظ ”مُحرم“ نهايت مناسب لفظ لکي اسان پارن جي دل ٺاري وڌِي آهي.
    ياد رهي ته! شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، جي تيار ڪيل لطيفي لغات جو مطالعو ڪيم ته ص 360 تي لفظ ”مُحرم“ بجاءِ ”محروم“ لکيل نظر آيو. جنهن جي معنيٰ لکيل آهي ”محرم، واقف، ويجها ۽ عزيز“. اها معنيٰ لفظ ”محروم“ جي ٿي ئي نه ٿي سگهي. ثابت ٿيو ته لغت ۾ لفظ ”محرم“ بجاءِ، ڪمپوزر ۽ پروف ريڊر جي غلطي سببان غلط لفظ ”محروم“ لکجي ويو آهي.

    ب. ڌوم: سڀني ڪاتبن، مرتبن ۽ محققن بيت جي ٻي مصرع جو قافيو ”ڌوم“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق انهن صاحبن لفظ ”ڌوم“ غلط لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته اسان مٿي ثابتين سان درست لفظ ”محرم“ پهرين مصرع جي پهرين قافيي طور لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق ٻي مصرع جو قافيو ”ڌُم“ آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ”ڌمچر، گوڙ، گهڻن ماڻهن جو آواز“.

    ت. روم: قارئين ڪرام! لفظ ”روم“ سڀني صاحبن لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق ڪنهن به هڪ ڪاتب، مرتب، توڙي محقق درست لفظ نه لکيو آهي. ڊاڪٽر گُربخشاڻي ”روم“ لفظ جي معنيٰ لکي آهي ”اڳاٽي زماني ۾ يورپ جي ڏاکڻي ڀاڱي کي روم ڪري سڏيندا هئا. جنهن ۾ اتالي، يونان، ترڪستان وغيره. روم مان هتي مراد آهي ڏورانهان ملڪ“ (ص 609 سال 1996 روشني پبليڪيشن)
    قارئين ڪرام! ڊاڪٽر گُربخشاڻي، کِل جهڙي مٿين معنيٰ لکي آهي، ڄام تماچي، سنڌ جي حاڪم جو روم ملڪ سان ڪهڙو واسطو؟ يا ڏورانهن ڏيهن سان ڪهڙو تعلق؟
    ڪلياڻ آڏواڻي صاحب جي لکيل معنيٰ به پڙهو ۽ عبرت حاصل ڪريو. ڪلياڻ آڏواڻي صاحب لکيو آهي، ”روم لفظ جي معنيٰ ڪينجهر ڍنڍ هجي توڙي روم ولايت يعني ڏورانهان ڏيهه ته اُتي جا مڙئي مهاڻا ڄام تماچي جي انعامن سان نوازجي ويا“ (ص 287).
    اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته مٿين صاحبن کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو فرمايل بيت سمجهه ۾ ئي نه آيو. بيت جي ٽين مصرع جو آخري قافيو اسان جي تحقيق مطابق ”رُم“ آهي. لفظ ”رُم“ جي معنيٰ آهي ”ڪارا وار، ڪاري رنگ جو ماڻهو يا ڪاري رنگ جي ڪا بلا“.
    ث. سي سڀ انعامي ٿئا، مڙي، مڙيئي انعامي ٿئا: قارئين ڪرام! لفظ ”مڙي“ اصل ۾ ”مڙيئي“ لفظ آهي. قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ لفظ ”مڙي“ لکيو ويندو هو.
    اسان جي تحقيق مطابق ”مڙيئي انعامي ٿيا“ الفاظ جي مقابلي ۾ ”سي سڀ انعامي ٿيا“ نهايت ئي موزون فقرو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ کي الفاظ تي ملڪو حاصل هو، حضرت جن تجنيس حرفي کي زياده پسند فرمائيندا هئا. انهيءَ لحاظ سان اسان وثوق سان لکي سگهون ٿا ته ”سي سڀ انعامي ٿيا“ نهايت ئي موزون فقرو فرمايائون.

    تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.

    مُهَاڻَا مَحرُم، ٿِيا تَماچِي ڄَامَ سِين،
    نَنڍِي وَڏي گَندَرِي، مَٿي مَاڙِيءَ ڌُمَ،
    ڪِينجُهرَ جي رُمَ، سي سڀ اِنعَامِي ٿِيا.


    معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمائي ٿو ته، سوڀياوان نوري نماڻي جي ڪري سنڌ جو حاڪم ڄام تماچي ڪينجهر جي مهاڻن جو مائٽ ۽ رشتيدار بڻجي ويو. تنهن ڪري ڪينجهر ۽ ڀرپاسي جي ننڍي وڏي گندرِي جي ڄام تماچي جي ماڙي تي ڌُم لڳل هوندي هئي.
    ڪينجهر جا مهاڻا جيڪي رنگت ۾ ڪارا رُم جهڙا هئا سي سڀ نوري جي صدقي انعامي ٿيا.

    *****


    22. سُر سورٺ

    جِيُ مَکَنهَارَ، مَهُوءِ، جِن تُو مَٿي سِر َسُٽو ڪِئُو،
    جُو مُن مُوِرَ نَه سَپَڃي، تَا جي سُو کُرِئُوءِ،
    تَه جُنکَا جُنکِه ڏِنُوءِ، هُندَ ڏُوکُو ڏَاتَارَنِکي.
    (سيّد عبدالعظيم گنج سُر سورٺ ص507)

    جِـ ه مَٿي سِر َسَٺُو ڪِئُو، سو جِيُ مَنکنَهَارُ مَهُوءِ،
    جُو مُن مُلِ مُورِ نه سَپَڃي، اَچِي سُو کِرُوءُءِ،
    جَکَا جَکِه ڏِنُوءِ، ڏُونکُو ڏَاتَارَنِکي.
    (حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص355)

    سو جِييُ مَنکَٺهَارَ مَ هوءِ، جو تو مَتهي سر َسٿهو کئو،
    جو مَن مُلهِه مُورِ نَه سَپَڄي، اَچِي سو کهريوءِ،
    جهکا جهَکُ ڏِنوءِ، ڏُونّکهو ڏَاتَارَنِ کهي.
    (ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص473سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

    سو جِيُ مَڱڻهارَ مَ هوءِ، جِو تو مَٿي سِر َسَٽو ڪِيو،
    جو مُون مُلِهه مُورِ نه سَپَجي، تَان جي سو گُهريوءِ،
    تَه جُڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ڏُونگهو ڏاتارن کي.
    (ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر سور ٺ ص346سال 1900ع)

    جِيءُ مَڱَڻهَارَ، مَ هوءِ، جِيئَن تو مَٿي سِر َسَٽو ڪِئو،
    جو مُون مُور نَه سَپَجي، تَان جي سو گُهرِيوءِ،
    تَه جُڳَان جُڳِ ڏِنوءِ، هُوندَ ڏُونگهو ڏَاتَارَنِ کي.
    (ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص344سال2012 )

    سو جِيُ مَڱڻهارَ، مَ هوءِ، جِـ هِ تو مَٿي سِر َسَٽو ڪِئو،
    جو مُون مُلِ مُورِ نه سَپَڄي، تَان جي سو گُهرِيوءِ،
    تَه جُڳا جُڳ ڏنوءِ، ڏُنگو ڏاتارَنِ کي.
    (ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص627سا ل 1996 )

    سو جِيُ مَڱڻهارَ، مَ هوءِ، جِنهن تو مَٿي سِر َسَٽو ڪَيو،
    جو مُون مُلِ مُورِ نه سَپَڄي، تَان جي سو گُهرِيوءِ،
    تَه جُڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ڏُنگو ڏاتارَنِ کي.
    (ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص307سا ل )

    جي مڱڻهار، مَ هوءِ، جيئن تو مٿي سِر َسَٺو ڪيو،
    جو مون مور نه سَپِڄي، تَان جي سَو گُهريوءِ،
    تَه جُنگان جُنگِ ڏنوءِ، هوند ڏوکو ڏاتارنِ کي.
    (ممتاز مرزا، گنج، جديد صورت خطيءَ ۾ سُر سورٺ ص418سال 1995 )

    سو جِيءُ مڱڻهارَ، مَ هوءِ، جو تو مَٿي سر َسَٽو ڪيو،
    جو مُون مُلهِه مُور نه سَپَجي، تَان جي سو گُهرِيوءِ،
    تَه جڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ڏُونگهو ڏَاتَارَنِ کي.
    (شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر سور ٺ ص 455بااختيار ادارو سال 1994 )

    سو جِيءُ، مَڱَڻَهارَ، مَ هوءِ، جِنهن تو مَٿي سِر َسَٽو ڪيو،
    جو مُون مُلِ مُور نه سپڄي، تان جي سو گُهرِيوءِ،
    تَه جُڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ڏُونگو ڏاتارَنِ کي.
    (علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص100سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

    جِيءُ مڱڻا هوءِ، جو تو مَٿي سِر سَٺو ڪيو،
    جو مُل مون نه سَپجي، تان جي سو گُهريوءِ،
    ته جُڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ڏُنگهو ڏاتارن کي.

    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص 291سال 2009)

    سو جِئ مڱڻهارَ، مَ هوءِ، جِـ هِ تو مَٿي سِر َسَٽو ڪِيو،
    جو مُون مُلهِه مُورِ نه سَپَجي، تان جي سو گُهريُوءِ،
    تَه جُڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ڏُونگهو ڏاتارن کي.
    (غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص388سال 1999ع )

    سو جِيُ مَڱَڻهارَ! مَ هوءِ، جَـ هِ تو مَٿي سِرَ سَٽو ڪِئو،
    جو مُون مُل مُورِ نَه سَپَڄي، تان جي سو گُهرِيوءِ،
    تَه جُڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ڏُنگو ڏاتارَنِ کي.
    (غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص305سال 2013ع روشني)

    سو جِيُ مَڱَڻهارَ! مَ هوءِ، جَنهِن تو مَٿي سِرَ سَٺو ڪَيو،
    جو مون مُل مُورِ نه سَپَڄي، تانجي سو گُهرِيوءِ،
    ته جُڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ڏُنگو ڏاتارَنِ کي.

    (عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص455سال 2013)

    سو جِيءُ مڱڻهارَ، مَ هوءِ، جو تو مَٿي سر َسَٽو ڪيو،
    جو مُون مُلهِه مُور نه سَپَجي، تَان جي سو گُهرِيوءِ،
    تَه جڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ڏُونگهو ڏَاتَارَنِ کي.
    (ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر سورٺ ص 167سال 1994 )

    سو جيءُ مڱڻهار مَ هوءِ، جو تو مٿي سر سٽو ڪيو،
    جو مون ملهَه مور نه سَپجي، تان جي سو گهريوءِ،
    ته جڳان جڳ ڏنوءِ، ڏُونگهو ڏاتارن کي.

    (محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص 324سال 2009ع مهراڻ)

    سو مڱڻهار مَ هوءِ، جنهن تو مَٿي سِرَ سَٺو ڪيو،
    جنهن مان امل مُور نه سَپجي، تانجي سو گهريوءِ،
    جُڳان جُڳ ڏِٺوءِ، هو نه ته ڏُونگهو ڏاتارن کي.

    (سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر سورٺ ص270سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

    سو جيءُ مڱڻهار م هوءِ، جو تو مٿي سر سَٽو ڪيو،
    جو مون ملهَه مور نه سَپجي، تان جي سو گهريوءِ،
    ته جڳان جڳ ڏنوءِ، ڏُونگهو ڏاتارن کي.
    (باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص 460سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

    جيءُ مڱڻهار هوءِ، جِو تو مٿي سر سَٽو ڪيو،
    جو مان ملهه مور نه سَپجي، تان جي سو گهريو،
    جُڳان جُڳ ڏنوءِ، ڏُونگهو ڏاتارن کي.
    (فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص 211سال 2008ع )

    سو جِيُ، مَڱَڻهارَ! مَ هوءِ، جَنهن تو مَٿي سِرَ سَٽو ڪَيو،
    جو مُون مُل مُورِ نه سَپَڄي، تانجي سو گُهرِيوءِ،
    ته جُڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ڏُنگو ڏاتارَنِ کي.
    (غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر سورٺ ص 190سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

    تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (جيءُ، سو جيُ، سو جيءُ)، (مڱڻا هوءِ، مڱڻهار هوءِ، مڱڻهار م هوءِ، )، (جنهن تو، جـ ه تو، جئين تو، جو تو)، (سٺو، سٽو)، (جو مُل مون نه، جو مون مور نه، جو مون ملهه مور نه، جو مون مُلِ مور نه، جنهن مان اَمل مور)، (سپجي، سپڄي، سپڃي)، (تا جي سو، تان جي سو، اچي سو)، (ته جڳان جُڳ، جڳان جڳ، ته جنگان جنگ)، (ڏنگهو، ڏونگهو، ڏونگو، ڏنگو، هوند ڏوکو)

    الف. جيءُ، سو جيُ، سو جيءُ: قارئين ڪرام! اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته ”جيءُ / سو جيُ، سو جيءُ“ سڀني ڪاتبن مرتبن ۽ محققن پنهنجي بيت جي پهرين مصرع ۾ لکيا آهن. اسان انهن سڀني ليکڪن جي مٿين لکيل لفظن کي غلط قرار ڏنو آهي. غلط هن ڪري قرار ڏنو آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ راءِ ڏياج جي زباني مڱڻهار جي تعريف ڪندي فرمايو ”جَئي“ يعنيٰ توکي سلام ٿو ڪريان تو کي داد ڏيان ٿو، توکي آفرين هجي.
    اسان جي تحقيق موجب حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ ”جَئي“ فرمايو ۽ نه ”جِيءُ، سو جُي يا سو جيءَ“.

    ب. مڱڻا هوءِ، مڱڻهار هوءِ، مڱڻهار م هوءِ، : ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”مڱڻا هوءِ“ الفاظ استعمال ڪيا آهن .انهيءَ جي مقابلي فقير تاج محمّد نظاماڻي الفاظ ”مڱڻهار هوءِ“ درست لکيا آهن. اهو هن ڪري ٿا چئون ته ”مڱڻا هوءِ“ الفاظ ۾ بلاغت نه آهي. ائين لڳي ٿو ته ”مڱڻا هوءِ“ الفاظ ڪنهن عام شاعر جي زبان منجهان نڪتل آهن. مگر ”مڱڻهار هوءِ“ الفاظ ردم ۽ ماترائن جي لحاظ کان درست آهن ۽ انهن ۾ صنعت بلاغت سمايل آهي. مگر الفاظ ”مڱڻهار مَ هوءِ“ لکڻ وارن ٻيجل کي داد ۽ تحسين جي لائق ئي نه سمجهيو مگر حضرت ڀٽ ڌڻيءَ راءِ ڏياج جي زباني ٻيجل کي شاهاڻو سلام ڪيو، دل کولي کيس ”جئي مڱڻهار هوءِ“ فرمايو.

    ت. جنهن تو، جـ ه تو، جئين تو، جو تو: اسان تحقيق ڪري ڏٺو آهي ته جن صاحبن ”جنهن تو / جـ ه تو“ الفاظ لکيا آهن، تن نهايت ئي نامناسب الفاظ لکيا آهن. اهو هن ڪري ٿا چئون ته بيت جي پهرين مصرع ۾ اهي الفاظ نامناسب آهن مگر انهن جي مقابلي ۾ ”جئين تو/ جو تو“ مناسب الفاظ آهن. انهن ٻنهي منجهان ”جو تو“ اڃا وڌيڪ مناسب آهن اهو هن ڪري ته ”جو تو“ جا الفاظ اشارو ڪن ٿا. ٻيجل ڏانهن.

    ث. سٺو، سٽو: قارئين ڪرام! ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، لفظ ”سَٺو“ بيت ۾ است