ڪتاب جو نالو: سفر ڪهاڻيون
مصنف: نصير اعجاز
ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 17 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 1170 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 352 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هن ڪتاب ۾ پنجن ملڪن ڏکڻ ڪوريا، افغانستان، مالديپ، نيپال ۽ ڪمبوڊيا جا ڇهه سفرناما شامل آهن، افغانستان جا ٻه سفرناما، پهريون سوشلسٽ افغانستان جو ۽ ٻيو هاڻوڪي افغانستان جو آهي، ٻنهي سفرنامن جي وچ ۾ 21 سالن جي وٿي آهي ۽ ٻئي سفرناما افغانستان جا ٻه ڌار ڌار روپ ڏيکارين ٿا.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپـنـا
  • پنهنجي پاران : يوسف سنڌي
  • مهاڳ : نصير اعجاز جو سفر در سفر
  • ليکڪ پاران
  • ڪوريا

  • ڪوريا
  • ويزا لاءِ چڪر
  • ڪوريا وارن لاءِ سنڌ جي سوکڙي
  • ڊالر ڙي ڊالر
  • ايئرپورٽ تي خواري
  • سنڌين سان ملاقات
  • ڇا کائجي؟
  • هاڻي ڪوريا جون ڳالهيون
  • ڪوريا ۾ ٻيو ڏينهن
  • سام سنگ شانتي نگر کان به وڏي
  • مانهاءِ وليج ڏانهن سفر
  • ٻُڌ ڀڪشوءَ پاران انوکي لنچ
  • هڪ سئو تلائن وارو مندر
  • اُڀرندي سمنڊ ڏانهن سفر
  • ڪوريائي سانڌاڻي جو ميوزيم
  • ڪوريا ۾ يا عليءَ جو نعرو
  • ڪوريا جو بلڊوزر صدر
  • مندرن کي باهيون
  • گوتم ٻُڌ جي بُت کي سجدو
  • راجستان ۾ رهندڙ ڪوريائي ڀڪشُو
  • ٿُوم جي استعمال جونئون تجربو
  • ڪوريائي ٻولي
  • ٻولين جي رومنائيزيشن
  • واپسيءَ جو سفر
  • ٻيهر سفر
  • جهاز جو مٽجڻ ۽ سامان جو گم ٿيڻ
  • شهيد بينظير جي پرستار سان ملاقات
  • چُنگي اسٽريم
  • برلن واري ڀور ٿيل ڀِت جو ٽڪر ۽ اُميدن جي ڀِت
  • فُٽپاٿي پامسٽ، فقير ۽ پراڻن ڪتابن جي بازار
  • ڪروز ۾ ڊنر
  • مُنهنجي سنڌو سُڪل ڇو؟
  • ڪوريائي ٽي ويءَ وارن جي هڙتال
  • ايف ايم ريڊيو
  • وري سُوئر جو گوشت
  • ڪوريا کي ورهائيندڙ سرحد
  • صبح جي سانت واري ڌرتي
  • پٿرن جون ڍيريون ۽ ڪوريائين جو اعتقاد
  • ڀَلو جَلُ
  • مانهاءِ مندر ۾ گذاريل رات
  • ڪوريا ۾ گورک جبل جي ياد
  • واپسيءَ جو سفر ۽ شاعري
  • آمريڪي عيسائي مدرسا ۽ هندستان ۾ بدعنواني
  • مُرڪو به انگريزيءَ ۾
  • قصو Tim Tim جو
  • ذڪر هوائي اڏن جو
  • نالن ۾ هڪجهڙائي
  • افغانستان

  • افغانستان
  • ڪراچيءَ کان ڪابل تائين
  • مالديپ

  • مالديپ
  • ڪولمبو هوائي اڏو : امارات ايئر لائين جي جهاز اندر
  • هوائي اڏي لاءِ الڳ ٻَيٽ
  • ٻُڏندڙ ملڪ ۾ پهريون ڏينهن
  • اِسرارن سان ڀريل تاريخ
  • عورتن جو راڄ
  • بدليل سماج
  • سلطاني نظام کان صدارتي نظام تائين
  • نئين صدر سان ملاقات
  • سمنڊ اندر ڪابينا جي گڏجاڻي
  • موٽر سائيڪل تي گهمندڙ پرڏيهي وزير
  • ڪينڊل لائيٽ ڊنر
  • صحافين ۾ ڦوٽ
  • بنا پهري کليل گيٽ وارو فوجي هيڊڪوارٽر
  • نيپال

  • نيپال
  • کٽمنڊو ۾ ٽريفڪ جام ۽ ڪراچيءَ جي ياد
  • قاسم آباد جو سنڌي جوڙو نيپال ۾
  • نيپال ۾ سنڌي ٽوپي
  • سُوامڀُو مندر جي ياترا
  • موٽرسائيڪل سوار ڇوڪريون
  • گاڏيون ته ڇا، ڀاڄيون به انڊيا مان اچن
  • اردو نه، هِندي
  • ساڍي نائين وڳي شٽر بند
  • ڏُکن ڀَرِي دنيا ۾ کِل خُوشي آڻڻ جي ڪوشش
  • پنير پڪوڙا، مهاراني دال ۽ مٽن تَوَا
  • رتن دربار
  • زميني قيدي ملڪ ۾ چين ۽ انڊيا جي مداخلت
  • نيپال ۾ به ڌاڙا، ڦُرون ۽ اغوا
  • نيپال جا نڀاڳا بادشاهه
  • افغانستان 2

  • افغانستان 21 سالن کان پوءِ
  • ڪراچيءَ کان ڪابل 21 سالن کانپوءِ
  • ڪمبوڊيا

  • ڪمبوڊيا
  • جنگين ۽ سياسي بحرانن جو شڪار ڪمبوڊيا

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (127) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “سفر ڪهاڻيون” نامياري ليکڪ، سفرناما نگار ۽ ڪالم نگار نصير اعجاز جي سفرنامن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ پنجن ملڪن ڏکڻ ڪوريا، افغانستان، مالديپ، نيپال ۽ ڪمبوڊيا جا ڇهه سفرناما شامل آهن، افغانستان جا ٻه سفرناما، پهريون سوشلسٽ افغانستان جو ۽ ٻيو هاڻوڪي افغانستان جو آهي، ٻنهي سفرنامن جي وچ ۾ 21 سالن جي وٿي آهي ۽ ٻئي سفرناما افغانستان جا ٻه ڌار ڌار روپ ڏيکارين ٿا.
    هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر دڙو پاران ساحل پرنٽرس حيدر آباد وٽان ڇپايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون يوسف سنڌي ۽ مور ساگر جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏيڻ سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ارپـنـا

    ارپيم پنهنجي ڏاڏي سائين
    آخوند حاجي فيض محمد
    ۽
    بابا سائين آخوند قادر بخش کي
    جن وٽان لکڻ جو شوق مون کي ورثي ۾ مليو
    ۽ ان اُتساهه منهنجي بي مقصد حياتيءَ کي
    ڪو مقصد بخشيو.


    پنهنجي پاران : يوسف سنڌي

    ڪو دور هو، جڏهن سنڌيءَ ۾ سفرنامي جي صنف ۾ محترم الطاف شيخ کانسواءِ باقي ڪو نالو ئي نه ملندو هو. ۽ اڄ به الطاف شيخ جي رڪارڊ کي نه ڪو ٽوڙِي سگهيو آهي ۽ نه ئي وري ڪو ٽوڙي سگهندو، ڀلا هڪ سئو جي لڳ ڀڳ سفرناما ڪير لکي سگهندو.؟
    الطاف شيخ کانپوءِ ڪيترن ئي ٻين سنڌي ليکڪن پڻ سفرناما لکيا آهن، انهيءَ قطار ۾ اسانجو دوست نصير اعجاز به شامل ٿي ويو آهي، هونئن ته نصير اعجاز ڪيترن ئي ملڪن جا سفر ڪيا آهن، پر کيس سفرنامي لکڻ جو خيال دير سان آيو، ان جو هڪ سبب سندس پروفيشنل ذميداريون به ٿي سگهن ٿيون.
    هن ڪتاب ۾ پنجن ملڪن ڏکڻ ڪوريا، افغانستان، مالديپ، نيپال ۽ ڪمبوڊيا جا ڇهه سفرناما شامل آهن، افغانستان جا ٻه سفرناما، پهريون سوشلسٽ افغانستان جو ۽ ٻيو هاڻوڪي افغانستان جو آهي، ٻنهي سفرنامن جي وچ ۾ 21 سالن جي وٿي آهي ۽ ٻئي سفرناما افغانستان جا ٻه ڌار ڌار روپ ڏيکارين ٿا. هن ڪتاب ۾ ڪوريا، مالديپ ۽ ڪمبوڊيا اهڙا ملڪ آهن، جن جاسفرناما اڳ ۾ شايد سنڌي ۾ نه لکيا ويا آهن، ڪوريا جو سفرنامو ته هڪ الڳ ڪتاب آهي، نصير اعجاز صاحب چاهي ها ته مالديپ ۽ ڪمبوڊيا جا پڻ ڌار سفرناما لکي سگهيو ٿي.
    نصير اعجاز جي سنڌي پڙهندڙن وٽ اڳ ۾ ئي سندس ٻن انگريزيءَ مان ترجمو ڪيل ناولن “دل جو بندر” ۽ “نيگرو عشق ۽ بغاوت” ۽ ڪالمن جي ڪتاب “زندگي اي زندگي” جي حوالي سان سگهاري سڃاڻپ آهي، تنهن کانسواءِ سندس مختلف شخصيتن تي پندرهن وار “افيئر” ۾ ڇپيل پروفائليس گهڻو پسند ڪيا وڃن ٿا. هاڻ سندس هي ڪتاب “سفر ڪهاڻيون” سفرنامي جي صنف ۾ سنڌي ادب ۾ اهم واڌارو آهي ۽ مونکي خوشي آهي ته هي “سفرڪهاڻيون” سچائي اشاعت گهر پاران ڇپجي اوهان جي هٿن تائين پهتو آهي.

    يوسف سنڌي
    2013-11-26


    مهاڳ : نصير اعجاز جو سفر در سفر

    نصير اعجاز مون ڏي سندس تازو لکيل سفرنامو موڪليو آھي ته ان تي ڪجھه لکي موڪليان ته جيئن ھو پيش لفظ طور ڪتاب ۾ ڏئي. مونکي حيرت آھي ته ھي سندس پھريون سفرنامو آھي! حيرت ان ڳالھه جي آھي جو سفرنامو لکڻ ڪا مشڪل ڳالھه ناھي....... ڪنھن زماني ۾ گھڻا تڻا نوان ليکڪ لکڻ جي شروعات ترجمي سان ڪندا ھئا جيسين ائنٽ تپي... اھو مُحاورو مون ننڍي ھوندي بلور راند کيڏڻ ۾ ٻُڌو ھو... ان کانپوءِ نئين نڪور جھاز کي پھرين سفر تي وٺي وڃڻ وقت پنھنجن سنڌي دوستن کي چوندو ھوس ته في الحال ڪجھه مھينا مون مان اميد نه رکو ته ڪو خط لکي سگھندس يا ڪنھن اخبار رسالي لاءِ ڪجھه لکي سگھندس جيسين نئين جھاز جي ائنٽ تپي. ھر نئين جھاز ۾ شروع ۾ تمام گھڻا مسئلا ٿين ٿا جيڪي شپيارڊ ۾ جھاز ٺاھيندڙن کان رھجي ويندا آھن. اھي اسان جھاز ھلائيندڙن کي صحيح ڪرڻا پوندا آھن ۽ پوءِ جڏھن ھڪ دفعو ھر ڳالھه صحيح ٿي ويندي آھي ته پوءِ جھاز کي آٽو تي ھلائڻ ۾ به پريشاني نه ٿيندي آھي ۽ جھاز جا انجنيئر سڪون سان ٻين ڪمن، لکڻ پڙھڻ، گانا ٻڌڻ، وڊيو تي فلمون ڏسڻ ۽ مستقبل جي زندگيءَ جا خواب ڏسڻ ۾ لڳي ويندا آھن. سو اھڙي طرح نئين لکڻ وارن کي لکڻ شروع ڪرڻ ۾ ڪجھه گھٻراھٽ ۽ ڪجھه سستي ٿئي ٿي. پوءِ ھڪ دفعو لکڻ بعد ھو منظور جوکيو، آفتاب ميمڻ، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ٿيو پون، يعني پڙھندڙن لاءِ فئوريٽ ليکڪ ـ چاھي ھو لٽريچر ۾ ايم اي يا پي ايڇ ڊي ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر نه ھجن پر روينيو ڪمشنر، پوليس سرجن يا سنڌ حڪومت جا سيڪريٽري ھجن. جي نئين لکندڙ جو قلم نٿو وري ته ھن کي پھرين ترجما ڪرڻ کپن ۽ اڄ ڪلھه ته سفر جون سھولتون ۽ موقعا ھجڻ ڪري ڏيھه يا پرڏيھه جو سفر ڪري ان جو احوال لکڻ به آسان آھي.
    نصير اعجاز جي ته سڄي زندگي لکڻ ۾ گذري آھي ۽ ھو جڏھن ھر فيلڊ ۾ لکندو رھيو آھي ته ھن لاءِ سفرنامو لکڻ ڇا مشڪل آھي. مون کي ته اھا به ڄاڻ ھئي ته پنھنجي اخباري اداري جي ڊيوٽيءَ موجب 1990 کان مختلف ملڪن جا چڪر ڏيندو رھي ٿو. سو ان ڪري مون کي اھو خيال ھو ته نصير اعجاز ھن کان اڳ به سفرناما لکيا ھوندا، پر پوءِ جڏھن پاڻ ٻڌايائين ته ھن ڪتاب ۾ سندس 1990 کان وٺي افغانستان، انڊيا، سنگاپور، نيپال، بنگلاديش، سري لنڪا، ڏکڻ ڪوريا، مالديپ ۽ ڪمبوڊيا جي سفرنامن جو احوال آھي ته مون کيس اھو ئي چيو ته “تو جھڙي ماڻھوءَ کي ھر سفر بعد لکڻ کتو ٿي.” ھونئن به نصير اعجاز جھڙي ماڻھوءَ لاءِ لکڻ جھڙو ڪم ڪو ڏکيو نه ھئڻ کپي جو ھن جي سڄي زندگي لکڻ پڙھڻ سان واسطو رکندڙ فيلڊ جرنلزم ۾ ۽ ادارتي ڊيوٽين ۾ گذري آھي. اسان وٽ گھڻائي اسان جھڙن اديبن شاعرن جي آھي جيڪي بنيادي طرح ڪنھن ڌنڌي ڌاڙي يا نوڪريءَ سان سلھاڙيل آھن ۽ فقط ھابيءَ طور يعني وندر خاطر ھنن افسانا ناول لکيا، شعر ۽ سفرناما لکيا يا وري تعليم ختم ٿيڻ تي ڪا نوڪري نه ملي ته پوءِ مجبور ٿي اخبار ، ٽي وي يا رسالي سان واسطو رکيو، پر نصير اعجاز تعليم حاصل ڪرڻ بعد يعني يونيورٽيءَ مان ڊگري وٺڻ بعد نوڪريءَ تي چڙھڻ بدران ادب ۽ صحافت جي دنيا ۾ ھليو آيو. ايئن به ناھي ته ھن کي ڪا نوڪري نه ملي. 1975 جي آخر ڌاري گريجوئيشن ڪرڻ بعد نصير کي يڪدم بئنڪ جي نوڪريءَ جو آفر ليٽر مليو ۽ ھي اُھو دور ھو جڏھن بئنڪن جي نوڪري جون پگھارون ۽ سھولتون سڀني سرڪاري ۽ غيرسرڪاري نوڪرين کان مٿاھيون ھيون. عرب دنيا ۾ انھن ڏينھن ۾ تيل جو پئسو اچڻ لڳو ھو ۽ جتي ڪٿي کلندڙ بئنڪن ۾ پاڪستان جا بئنڪر رکيا پي ويا پر نصير کي پئسي ۽ رُتبي کان وڌيڪ لکڻ پڙھڻ جي دنيا وڌيڪ موھيو ۽ ھو الائيڊ بئنڪ کان مليل نوڪريءَ جي آرڊر کي واپس ڪري ھلالِ پاڪستان اخبار ۾ اچي لڳو، جنھن انھن ڏينھن ۾ سراج ميمڻ جي ادارت ۾ نئون جنم ورتو ھو.
    نصير اعجاز پنھنجي ھن سفرنامي ۾ لکيو آھي ته انھن ڏينھن ۾ اسانجي ملاقات ھڪ فنڪشن ۾ ٿي جنھن کانپوءِ ھلالِ پاڪستان آفيس ۾ يارن دوستن سان ملڻ لاءِ اچڻ وقت ملاقاتون ٿينديون ھيون، پر مونکي ياد ٿو اچي ته آئون نصير اعجاز کان نه فقط ان کان اڳ جو واقف ھوس پر سندس لکڻين مان به متاثر ھوس. نصير اعجاز ھلالِ پاڪستان ۾ نوڪري ڪرڻ کان اڳ ۽ شاگرديءَ واري زماني ۾ طارق اشرف کي سندس رسالي “سُھڻي” لاءِ انگريزي ادب مان ڪھاڻيون ترجمو ڪري ڏيندو ھو. ان ئي رسالي ۾ منھنجو پھريون سفرنامو “منھنجو ساگر منھنجو ساحل” ۽ ٻيا سفرناما ڇپبا رھيا ٿي. طارق اشرف وٽ فيروز ميمڻ ۽ نصير اعجاز جھڙا ڪيترائي نوجوان نظر ايندا ھئا. اڳتي ھلي نصير اعجاز ۽ نصير مرزا جي لکڻين کان مان اھڙو متاثر ٿيس جو مون ان وقت پنھنجن ڪتابن لاءِ کانئن پيش لفظ لکرايا ھئا. عمر ۾ مون کان ھو ڏھه سال ننڍا ھئا پر آئون ان ۾ يقين رکان ٿو ته آرٽ ۽ ادب جي معاملي ۾ ضروري ناھي ته ھڪ ننڍي عمر جو گھٽ قابل ھجي. اھو ئي سبب آھي جو آئون اڄ به ڳولي ڳولي ڀلوڙ ليکڪن کان پيش لفظ لکائڻ چاھيان ٿو ڀلي کڻي ھو عمر ۾ ننڍا ھجن يا ھنن گھٽ لکيو ھجي. ان سان گڏ آئون سمجھان ٿو ته ھنن جي به ھمت افزائي ٿئي ٿي. ڪنھن ٿي سمجھيو ته ماھتاب راشدي، فھميده حسين وغيره اڳتي ھلي ادب جي دنيا ۾ نالو روشن ڪنديون، پر مون کانئن مھاڳ تڏھن لکرايا ھئا جڏھن ھو اسٽوڊنٽس ھيون.
    بھرحال نصير اعجاز شاگرديءَ واري زماني کان قلم ھٿ ۾ کنيو. مون جڏھن کانئس پنھنجي ڪتاب لاءِ پيش لفظ لکرايا ھئا تڏھن ھو نئون نئون سنڌي اخبار ھلالِ پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر ٿي آيو ھو. اڄ سوچيان ٿو ته ھن سڄي زندگي صحافت ۽ ادب کي ڏئي ڇڏي.... ان کي ذري گھٽ چاليھه سال اچي ٿيا آھن ته ھن دستگير ڀٽي ۽ خير محمد کوکر جھڙن صحافين وانگر ھڪ دفعو صحافت ۾ گھڙڻ جي نيت ڪئي ته نه ھيڏانھن ھوڏانھن نھار ڪئي نه اڃان تائين سلام ڦيريو آھي. ان دوران ھو رپورٽر، مئگزين ايڊيٽر، نيوز ايڊيٽر ۽ ايڊيٽر طور ڪم ڪندو رھيو. ھو سنڌي اخبار برسات جو ايڊيٽر ۽ مئنيجنگ ايڊيٽر به رھيو. ڪجھه وقت ھن سرڪاري خبر ايجنسي ائسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ۾ ۽ ڪي ورھيه اسلامآباد جي انگريزي اخبار پاڪستان آبزرور لاءِ به اسٽاف رپورٽر طور ڪم ڪندو رھيو. ان کانپوءِ ھن وڏو عرصو يعني چوڏھن سال خانگي نيوز ايجنسي پاڪستان پريس انٽرنيشنل ۾ بيورو چيف ۽ ايڊيٽر طور ڀرپور نموني ذميواريون سنڀاليون جتي ھو پاڪستان پريس فائونڊيشن طرفان سڄي پاڪستان ۾ صحافين جي سکيا لاءِ ٿيندڙ ورڪشاپن ۾ کين ٽريننگ به ڏيندو رھيو. گذريل ڪجھه ورھين کان نصير ڏکڻ ڪوريا جي نيوز ايجنسي جو خاطو آھي جنھن جي طرفان ھن کي ڪجھه ڀيرا ڪوريا گھرايو ويو ھو. سندس ھن پھرين سفرنامي “سفر ڪھاڻيون” ۾ ڪوريا جو گھڻو احوال نظر اچي ٿو. بھرحال ھڪ ڳالھه ضرور آھي ته جيڪو ماڻھو صحافت ۾ آھي يا جنھن جو اخبار سان لاڳاپو رھي ٿو ان جو سفرنامو دلچسپ ۽ معلوماتي ٿئي ٿو پوءِ ھو چاھي قاضي عبدالمجيد عابد ھجي يا بدين جو عبدالرزاق کٽي. جرنلزم سان واسطو ھجڻ ڪري ھن کي دنيا جي حالتن ڳي وڌيڪ ڄاڻ ٿئي ٿي جنھن جي ھو پنھنجي سفرنامي ۾ به اُپٽار ڪري سگھي ٿو.
    ھن سفرنامي “سفر ڪھاڻيون” ۾ گھڻو احوال ڏکڻ ڪوريا، نيپال، افغانستان، مالديپ ۽ ڪمبوڊيا جو آھي پر نصير فلئش بئڪ ۾ ٻين سفرن جو احوال پڻ رکي رکي ڏنو آھي جن ۾ سنگاپور، سري لنڪا، بنگلاديش ۽ ڀارت شامل آھن. ڪابل جا احوال ته مون لاءِ به نوان آھن جو منھنجو ڪڏھن به جھاز اوڏانھن نه ويو ۽ وڃي به ڪيئن جو اھو ملڪ سئٽزرلئنڊ وانگر سمنڊ بنا آھي. سندس چوڌاري زمين ئي زمين آھي. نصير سفر دوران جن ٻين ملڪن ۾ ويو آھي اھي منھنجي لاءِ کڻي نوان نه ھجن پر مون انھن جو احوال وڏي دلچسپيءَ سان پڙھيو جو جيئن چوندا آھن ته سُرمو ھرڪا پائي پر اک اک جو ڦير آھي.... ڪجھه اھڙي طرح گھمڻ وارن مان ھرھڪ جي ٻاھرين اک ته کڻي ساڳي ساڳي ڳالھه ڏسي پر ھر ھڪ جي اندر جي اک مختلف آھي. ان ڪري احوال لکڻ مھل ھر ھڪ جو بيان پنھنجو ۽ مختلف ٿئي ٿو. ولايت جي ھڪ سفر ۾ ٽن دوستن ھڪ ھوٽل اڳيان لنگھندي ان جي آڏو فوٽو ڪڍرايو. وطن موٽي ھڪ ٻڌايو ته سندس پنھنجي ڳوٺ ۾ اھڙي ھوٽل ٺھرائڻ جو ارادو آھي ان ڪري تصوير ڪڍرايائين. ٻئي چيو ته درياھه جي ڪناري تي اھڙي ھوٽل ۾ مون ٻئي دفعي اچي رھڻ ٿي چاھيو۽ ان ڪري فوٽو ڪڍرايم ته متان وسري وڃي ۽ ٻين کي به ڏيکاري سگھان ته ڪھڙو ته سھڻو نظارو آھي. ٽئين چيو ته ان فوٽوءَ ۾ آئون ان ڪري شامل ٿيس جو پٺيان ٻه سھڻيون ڇوڪريون بيٺيون ھيون ۽ مون چاھيو ٿي ته اھي به ان ٿصوير ۾ اچن..... سو ڳالھه اھا آھي ته ڪنھن ملڪ يا ڪنھن شھر ڏي سفر جو احوال کڻي ڏھه ڄڻن لکيو ھجي پر ھرھڪ جو پنھنجي نموني جو ٿئي ٿو. اڄ به اھي ملڪ ملائيشيا، جپان، سئيڊن جھڙا جن ۾ منھنجي عمر جو وڏو حصو گذريو آھي، اتي ڪو ٻه ڏينھن به وڃي سفرنامو لکي ٿو ته اھو به مون لاءِ دلچسپ ثابت ٿئي ٿو.
    نصير جو سفرنامو توھان جي ھٿن ۾ آھي. توھان پاڻ پڙھي اندازو ڪري سگھوٿا. ھن جتي مختلف ملڪن جي ماڻھن، سياست ۽ خبرن جي ڄاڻ ڏني آھي اتي سفر دوران پيش آيل پريشانين ۽ جُٺين جو احوال پڻ لکيو آھي جيڪا شئي سفرنامي لاءِ بيحد اھم آھي. پڙھندڙ رڳو ليکڪ جي فائيو اسٽار ھوٽل ۾ رھائش ۽ عياشيءَ جو احوال پڙھڻ ۾ دلچسپي نٿا رکن. ھو اوھان جي غلطين، بيوقوفين ۽ اڻڄاڻائين جي ڪري درپيش آيل تڪليفن ۽ انھن کي توھان ڪيئن منھن ڏنو، ان جو احوال ڄاڻڻ چاھين ٿا جيئن ھنن کي به ڪڏھن ٻاھر نڪرڻ جو موقعو ملي ته انھن ڳالھين کي ذھن ۾ رکي پنھنجو بچاءُ ڪري سگھن. جيئن نصير شروع جي بابن ۾ ڊالر پاڻ سان نه کڻي سگھڻ سبب دھليءَ جي ھوائي اڏي تي ٿيل جُٺ جو سربستو احوال ڏنو آھي. اھڙي طرح ھوائي اڏن تي سڪيورٽي چيڪ سبب جن مرحلن مان اڄڪلھه لنگھڻو پوي ٿو، ان بابت به ھن پڙھندڙ کي آگاھه ڪيو آھي. ٻاھرين ملڪن ۾ روڊن تي پنا اُڇلائڻ تي ڏنڊ، سگريٽ ڇڪڻ تي بندش ۽ اھڙين ٻين ڳالھين جو به ھن ذڪر ڪيو آھي.
    سچي ڳالھه ته اھا آھي ته نصير کي پھرين سفر بعد ئي ان جو احوال (سفرنامو) لکڻ کتو ٿي. اھڙي طرح ھيستائين سندس گھٽ ۾ گھٽ نو ڏھه سفرناما ٿي وڃن ھا. ھونئن به سفرناما لکڻ جي شوقين کي پنھنجي تجربي جي ڳالھه ٻڌايان ته سفر ختم ٿيڻ شرط جيترو جلد لکڻ شروع ڪجي ايترو بھتر. ناول يا افسانو ڀلي توھان پيا آرام سان لکو ۽ سوچيو ۽ رکي رکي تبديليون آڻيو پر سفرنامي جي معاملي ۾ توھان جيترو دير ڪندو اوترو توھانجي سفر جون يادون دماغ مان نڪرنديون وينديون. آئون جڏھن پھريون دفعو ٻن ھفتن لاءِ ايران وڃي رھيو ھوس ته سڀني عزيزن دوستن کان موڪلايم ته ھاڻ ڇھه مھينا کن نه ملنداسين. سڀني چيو “پر تنھنجو سفر ته فقط اڌ مھيني جو آھي.” “بلڪل صحيح” مون وراڻيو”پر ان بعد ساڍا پنج مھينا آئون بند ڪمري ۾ رھي سفرنامو لکڻ ٿو چاھيان.” ۽ پوءِ ايران مان موٽڻ بعد ٻه ٽي مھينا ملائيشيا جي ھڪ ڳوٺ ۾ ۽ باقي وقت پنڊيءَ ۾ پيٽارو جي ھڪ رٽائرڊ فوجي دوست جي گھر ۾ اھو سفرنامو لکي ورتم ڇو جو دير ٿيڻ سان سفرنامو لکڻ ڏکيو ٿيندو وڃي ٿو. ان حساب سان نصير اعجاز کي شابس ھجي جنھن چوٿو صديءَ جي سفرن جو يڪو احوال ھاڻ ويھي لکيو آھي... ۽ بيحد دلچسپ انداز ۾. تڏھن ته کيس چيم ته ھاڻ ائيندي ھر سفر جو احوال ان وقت ئي لکجانءِ جيئن اڃان به گھڻو احوال لکي پڙھندڙن لاءِ وڌيڪ ڄاڻ ڏئي سگھين. ھونئن به ڄاڻ ۽ تعليم جي معاملي ۾ نصير اعجاز خوش نصيب آھي جو ھن اھا نه فقط ڪلاس روم ۾ ڪتابن ۽ ٽيچرن کان حاصل ڪئي آھي پر گھر ۾ پنھنجي والدين کان پڻ. نصير اعجاز جو واسطو سنڌ جي پڙھيل ڳڙھيل خاندان سان رھيو آھي. سندس نه فقط والد صاحب آخوند قادر بخش ميمڻ جو وڪالت کان اڳ درس تدريس سان واسطو رھيو پر ڏاڏي ۽ پڙڏاڏي جو پڻ. سندس ڏاڏو آخوند حاجي فيض محمد انسپيڪٽر آف اسڪولس ھو ۽ پڙڏاڏي آخوند اسماعيل کي سندن ڳوٺ ڀريا ۾ پنھنجو مڪتب ھو. نصير جي چاچي مرحوم جميل احمد ڀريا ۾ ورھاڱي کان اڳ جو تاريخي اسڪول ڪي سي اڪئڊمي ھاءِ اسڪول ڪيترائي سال ھلايو ۽ بعد ۾ انسپيڪٽر آف اسڪولس ٿيو جڏھن ته سندس ڏاڏي جو ڀاءُ حافظ محمد صادق ڪراچي جي تاريخي اين جي وي اسڪول جو پرنسيپال ٿي رھيو ۽ بعد ۾ سنڌ جو ڊائريڪٽر آف اسڪولس ۽ حيدرآباد واري تاريخي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج جو پرنسيپال به رھيو. نصير کي لکڻ جو ڏانءُ سندس مرحوم ڏاڏي ۽ والد کان ورثي ۾ مليو.
    ھتي اھو به لکندو ھلان ته نصير اعجاز ننڍي ھوندي کان سفر ۾ آھي. ھو ڄائو ضرور ڀريا ۾ پر اتي مجموعي طور سال به مس رھيو. سندس والد جي نوڪري ۽ بعد ۾ وڪالت جي پيشي ۾ ڀريا کان ڪراچيءَ تائين ڪن سببن جي ڪري شھر مٽائڻ سبب ھن کي ڪي سال ڪنھن شھر ۾ ته ڪي سال ٻئي ڪنھن ھنڌ گذارڻا پيا. ايتري قدر جو ڄائو ته مائٽ ميرپور خاص جي ڊينگاڻ ڀرڳڙي ڳوٺ ھليا ويا. پرائمري نوشھري فيروز ۽ مورو مان پڙھيو. ھن مئٽرڪ شھدادپور مان ڪئي ته انٽر حيدرآباد مان. نوڪري به ھن جي اھڙي نوعيت جي رھي جنھن ۾ ھن کي سڄي ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاھر وڃڻو پيو.... ڀلي وڃي ..... ڪو اعتراض ناھي.... پر ھر سفر بعد ھڪ عدد سفرنامو ضرور لکي.

    الطاف شيخ
    ملاڪا، ملائيشيا
    20 آڪٽوبر 2013
    *


    ليکڪ پاران

    9 آگسٽ 1954ع تي حج جي رات اڳوڻي نوابشاهه ضلعي ۽ هاڻوڪي نوشهري فيروز ضلعي جي ننڍڙي شهر ڀريا ۾ جڏهن منهنجو جنم ٿيو ته بابا ميرپور خاص ضلعي جي ڳوٺ ڊينگاڻ ڀُرڳڙيءَ جي اسڪول ۾ انگلش ٽيچر هو. مان اڃا چاليهه ڏينهن جو هئس ته بابا اسان کي وٺي ڊينگاڻ هليو ويو. اتي گهڻو وقت رهياسين، اها ته خبر ڪانهي پر جڏهن ٿورو شعور آيو ته پاڻ کي مائٽن سان گڏ نوشهري فيروز جي مدرسا هاءِ اسڪول ۾ ڏٺم جتي بابا هائوس ماسٽر هو ۽ اسڪول جي اڱڻ اندر ئي هڪ گهر ۾ رهائش هئي. بعد ۾ نوشهري ۾ ئي بابا کي وڪيل جي حيثيت ۾ ڏٺم جتان وري مورو شهر ڏانهن لڏڻ ياد آهي. مورو ۾ پرائمريءَ جي پهرين کان پنجين درجي تائين پڙهڻ کان پوءِ اڃا ڇهين درجي ۾ ڪجهه وقت گذريو ته اوچتو ٽنڊي آدم لڏڻ جو فيصلو ٿيو جتي مشڪل سان هڪ ورهيه پورو ڪيوسين ته قسمت اسان کي شهدادپور وٺي وئي. ان هڪ ئي شهر ۾ رهندي اسان کي مسواڙي جاين جي ڪري ڪيترائي گهر ۽ پاڙا مٽائڻا پيا. 1967 کان 1970 جي اوائل تائين اسان جا ڏينهن شهدادپور ۾ گذريا جڏهن هڪ ڏينهن بابا حيدرآباد لڏڻ جو فيصلو ٻُڌايو. تن ڏينهن ۾ مان مئٽرڪ ۾ هئس پر هڪ تعصب پرست استاد جي حرڪتن جي نتيجي ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول اندر وڏي ڇڪتاڻ پئدا ٿي وئي هئي جنهن جي پُڄاڻي هڪ ڏينهن اسڪول ۾ ڪلاس هلندي سنڌي استادن ۽ شاگردن مٿان رانگڙ برادريءَ جي شاگردن هٿان خوني حملي جي شڪل ۾ ٿي ۽ اسڪول ڪجهه وقت لاءِ بند ٿي ويو. جيئن ته اسڪول به بند ٿي ويو هو ۽ حيدرآباد ۾ رهائش جو انتظام به اڃا نه ٿيو هو تنهن ڪري اسان ڪجهه وقت لاءِ ڳوٺ هليا وياسين.
    انهن ئي ڏينهن ۾ اسان جي هڪ مائٽ کي قسمت ڪراچي ۽ حيدرآباد جي زندگي ڇڏي ڳوٺ ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو. اسان جي لڏپلاڻ مالي مسئلن سبب هئي ۽ هن مائٽ سان اهڙو مسئلو ڪونه هو. هڪ ڏينهن چئي ڏنائين: “وڃو ٿا اڳتي هلندا ۽ حيدرآباد کان پوءِ اَٿَوَ ڪراچي ۽ ان کان پوءِ آهي سمنڊ. ان کان پوءِ ڪيڏانهن ويندؤ؟” هن ڇا سوچي اهو جملو چيو خدا ڄاڻي يا پاڻ، پر وراڻيومانس: سمنڊ کان پريان به دنيا آهي ۽ اوڏانهن به وڃبو.
    اهو ڏينهن هميشه لاءِ منهنجي زندگيءَ تي اثر ڇڏي ويو. مون انگريزيءَ وارو سفر Suffer ته ڪيو ئي ڪيو آهي پر قدرت منهنجي لا، ملڪ اندر توڙي ٻاهر گهمڻ ڦرڻ جا به بي شمار موقعا پئدا ڪيا. پنهنجي ڄمڻ کان وٺي اڄ تائين گهاريل وقت ڏاهن جي ان چوڻيءَ جي عڪاسي ڪري ٿو ته زندگي هڪ سفر آهي. ڄمڻ کان مرڻ تائين انسان جن مرحلن مان لنگهي ٿو، اهو سفر ناهي ته ٻيو ڇاهي؟
    مون کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو موقعو 1982۾ ان وقت ملڻ وارو هو جڏهن پي آءِ اي جي پهرين افتتاحي اُڏام نيپال جي گادي کٽمنڊووڃڻ واري هئي. هلال پاڪستان جي اسٽاف رپورٽر جي حيثيت ۾ پي آءِ اي وارن سان سٺا لاڳاپا هئا جن مون کي کٽمنڊو هلڻ لاءِ چيو. مان هنن سان هليو به وڃان ها پر ايمانداري ڏيکاريندي کين باضابطا ليٽر ڏيڻ لاءِ چيم ته جيئن اخبار جي ايڊيٽر (ناصر بروهي) کي ڏيان ته جيئن هو اهو نه سوچي ته مان سندس اجازت کان سواءِ ٻاهر هليو ويس. ناصر بروهيءَ سان پُراڻي ياري به هئي پر مون نه ٿي چاهيو ته سندس ايڊيٽر واري حيثيت کي نظر انداز ڪري سندس من ۾ ڪا غلط سوچ پئدا ٿيڻ جو موقعو ڏيان. مون پي آءِ اي جو ليٽر کڻي اچي سندس آڏو رکيو ۽ مطمئن ٿي وڃي ڪم سان لڳس پر حيرت جي حد ئي نه رهي جڏهن ڏٺم ته هن هڪ ٻئي شخص (جنهن کي مون ماستري ڇڏرائي صحافت سيکاري هلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر جي نوڪري ڏياري هئي) کي سڏي ارجنٽ پاسپورٽ ٺهرائي کٽمنڊو وڃڻ لاءِ چيو. ٻئي ڪنهن هڪ برادريءَ جا به ڪونه هئا، پر هڪ مخصوص شاونزم کين هڪ ٻئي جي ويجهو وٺي آيو هو. ايئن اهو شخص (جيڪو هاڻي هن دنيا ۾ ناهي) کٽمنڊو هليو ويو.
    ورهيه گذري ويا پر وري ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو موقعو نه آيو. تان جو 1990 ۾ جيئي سنڌ جي دوستن معرفت ڪابل ۽ دهلي گهمڻ جو موقعو مليو. ان وقت انهيءَ حقيقت تي به ايمان آيو ته جنهن جي قسمت ۾ جيڪو ڪجهه لکيل آهي، اهو ئي ٿيڻو آهي. ڪير ڪيترا به پروگرام ٺاهي، جيسين امر نه ٿيندو، ڪک پن به چُري نه سگهندو. مان به پنهنجي قسمت جي لکئي موجب پرڏيهه جو اهو سفر ڪرڻ کان پوءِ وري انگريزي توڙي سنڌي، ٻنهي قسمن جا سفر ڪندو هلندو رهيس ۽ ايئن ذري گهٽ ڏهه سال گذري ويا جڏهن مون کي سمنڊ پار وڃڻ جو سڏ ٿيو. سن 2000 ۾ مان سنڌي اخبارن ۾ نوڪري ڪندو اچي هڪ نيوز ايجنسي پاڪستان پريس انٽرنيشنل ۾ پهتو هئس، جتي پهرين سال ئي مون کي سنگاپور ۾ ميڊيا ۽ جمهوريت بابت هڪ سيمينار ۾ شريڪ ٿي مقالو پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو. 2002 ۽ 2004 ۾ کٽمنڊو ۾ صحافتي ورڪشاپن ۾ شرڪت ڪيم جڏهن ته 2003 ۾ سريلنڪا ۾ ٻن عالمي ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيس. کٽمنڊوجي پهرين دوري تان واپسيءَ ۾ ڍاڪا ۾ به رهڻ ۽ گهمڻ جو موقعو مليو ته سريلنڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا ڏانهن ايندي ويندي دُبئيءَ جون به جهلڪيون ڏٺم. ڏکڻ ڪوريا 2007 ۽ 2008 ۾ لاڳيتو وڃڻ ٿيو ۽ وري 2009 جي سيپٽمبر ۽ نومبر ۾ ٻن الڳ پروگرامن ۾ شرڪت لاءِ سڏ آيو، پر جيئن مون مٿي لکيو آهي ته قسمت جو لکيو ئي ٿيندو آهي آءٌ ويزا ۽ ٽڪيٽ هٿ ۾ هجڻ جي باوجود بيماري ۽ ٻين ڪن سببن جي ڪري وڃي نه سگهيس. اهي سفر ڪهاڻيون لکي اڃا ڪنهن پبلشر جي ڳولا ۾ هئس ته 2010ع جي مئي مهيني ۾ مالديپ ۽ نومبر ۾ کٽمنڊو ٽيون ڀيرو وڃڻ ٿيو. ڪتاب جي ڇپائيءَ دوران ڊسمبر 2011 ۾ افغانستان جو به دورو ڪيم جيڪو 22 ورهين کانپوءِ ان ملڪ جو ٻيو دورو هو. اھڙي طرح 2012 جي مئي مھينس ۾ ھڪ ٻئي ايشيائي ملڪ ڪمبوڊيا گھمڻ جو موقعو مليو. مون ملڪ اندر توڙي ٻاهر ڪوبه سفر پنهنجي خرچ تي نه ڪيو. بس قسمت قُرب ڪيو نه ته مان سماج جي ان طبقي جو ماڻهو آهيان جيڪو ڳوٺ وڃڻ لا، به پهرين پنهنجي کيسي ۾ موجود ڏوڪڙن جو حساب ڪتاب ڪندو آهي. خبر ناهي اڳتي به حياتيءَ ۾ ڪو سفر لکيل آهي يا نه.
    سنگت ساٿ جي چوڻ تي مان پنهنجي هر دوري، ملڪ اندر توڙي ٻاهران جا نوٽ لکندو رهيو آهيان پر ڪڏهن به سفرنامو لکڻ جي ڪوشش نه ڪيم. هي پهريون ڀيرو آهي جو ڊڄي ڊڄي قلم کنيو اٿم. ڊپ ان ڪري ٿيو پئي ته مرحوم طارق اشرف (جنهن ان وقت سُهڻيءَ جهڙي معياري رسالي ۾ منهنجون انگريزي ادب مان ترجمو ڪيل ڪهاڻيون ڇاپي مون کي ادبي دنيا ۾ متعارف ڪرايو جڏهن مان اڃا انٽر ڪامرس جو شاگرد هئس) جو چوڻ هو ته ادبي دنيا مان صحافت ۾ ويندڙن جي ٻولي خراب ٿي ويندي آهي. ٻيو ته اخباري ايجنسيءَ ۾ وڃڻ کان پوءِ سنڌيءَ ۾ لکڻ جو سلسلو مڪمل طور بند هو. ڏهه سال ڪمپيوٽر تي ڪم ڪرڻ سبب هٿ سان لکڻ به ڏکيو ٿي لڳو. مون جڏهن به سنڌيءَ ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي ته هٿ ذهن جو ساٿ نه ٿي ڏنو. هاڻي جڏهن سفرنامو لکڻ چاهيم ته به اها حالت ٿي جنهن کان پوءِ نيٺ ڪمپيوٽر تي سنڌي پروگرام انسٽال ڪرائي سنڌيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيم. هڪ ته ڏهاڪو ورهين کان پوءِ سنڌيءَ ۾ لکڻ ۽ اهو به هڪ سفرنامو، ڏاڍو ڏکيو ٿي لڳو پر ڪوشش ڪئي اٿم. هن ڪتاب ۾ تمام گهڻيون اُوڻائيون هونديون، منهنجي سنڌي ٻولي به ممڪن آهي ته عام رواجي لڳي ۽ ٻي ڳالهه ته ممڪن آهي ته پڙهندڙن کي هيءُ سفرنامو ئي نه لڳي، ڇوته ڪٿي سائين الطاف شيخ ۽ ٻين وڏن ليکڪن جا سفرناما ۽ ڪٿي مون جهڙي هڪ عام صحافيءَ جي لکڻي. مون کي خبر ناهي ته هي ڪتاب سفرنامي جي وصف تي پورو لهي به ٿو يا نه، مون ته بس انهن ٻن ٽن ملڪن ۾ جيڪو ڪجهه ڏٺو ۽ سنڌ جي حوالي سان جيڪو ڪجهه محسوس ڪيو، اهو لکيو آهي. ٻاهر جي سفر جو احوال ڏيندي مون بار بار سنڌ جي حوالي سان جيڪي ڳالهيون لکيون آهن، ان جو سبب منهنجي اها سوچ آهي ته اسان کي رڳو ٻاهرين ملڪن جا سفرناما نه لکڻ گهرجن پر سنڌ جا سفرناما لکڻ تي به ڌيان ڏيون. هر انگريز سنڌ گهمڻ کان پوءِ ان تي وڏا ڪتاب لکيا جيڪي اڄ سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان وڏو سرمايو آهن. هن دور ۾ به جن سنڌي دوستن سنڌ گهمي ڪجهه لکيو هوندو اهو ايندڙ نسلن لاءِ هڪ تاريخ جي حيثيت رکندو. ڪلهه جي سنڌ ڇا هئي؟ اسان کي پراڻن ڪتابن مان خبر پوي ٿي، اڄ جي سنڌ ڇا آهي؟ ڪيئن سنڌ ۽ سنڌين سان تاريخي ظلم ٿيا، سنڌ ۾ ڪهڙيون انتظامي،جاگرافيائي، سياسي ۽ سماجي تبديليون آيون، اهو اسان کي پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ لکڻ گهرجي. مان سمجهان ٿو ته سنڌ جي موجوده 23 ضلعن (جيڪي سياسي مقصدن خاطر وڏين انتظامي تبديلين جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيا ) مان ڪنهن به ضلعي جي ڪنهن هڪ به علائقي ۾ گهمڻ وڃجي ته اتان جو سربستو احوال ضرور قلمبند ڪجي ته اسان اڄ ڪٿي بيٺا آهيون. ( هي سٽون لکڻ وقت وري انتظامي تبديليون آيون آهن. ڪراچيءَ جا پنج ضلعا ۽ حيدر آباد جي اصل ضلعي واري حيثيت پ پ پ حڪومت بحال ڪري چڪي آهي.)
    اندر ۾ وڏي آنڌ مانڌ آهي، گهڻو ڪجهه لکڻ ۽ چوڻ گهران ٿو، پر جيئن ته ڳالهه ڪتاب جي موضوع کان هٽي ويندي، ان ڪري ٿوري لکئي کي گهڻو سمجهندا.
    موڪلاڻيءَ کان اڳ هڪ بلڪل ذاتي ڳالهه! دنيا جا اڪثر اديب پنهنجي ڪتابن ۾، مُهاڳ اندر پنهنجي زال جو ٿورو ضرور مڃيندا رهيا آهن. مون کي ان تي حيرت ٿيندي هئي ته ڪتاب لکيو هنن پاڻ ته پوءِ زال جو ٿورو ڇوٿا مڃين. مون پاڻ ٻه ٽي ڪتاب لکيا، پر تڏهن اڃا ڇڙو هئس، هاڻ اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي جو زال ۽ ٻارن جي حصي جو وقت به ڪتاب لکڻ تي خرچ ٿئي ٿو ۽ جيڪڏهن سندن سهڪار نه هجي ته شايد ڪتاب لکڻ ئي ممڪن نه ٿئي. حقيقت هي آهي ته هيءُ ڪتاب سندن ئي چوڻ ۽ همٿائڻ تي لکيو اٿم. 1984۾ انگريزي ادب مان ترجمو ٿيل ٻه ناول، منھنجي ڪالمن جو مجموعو ۽ نوي واري ڏھاڪي ۾ سنڌ جي ثقافت کاتي پاران ٻارن لاءِ ڇپرايل سنڌي جنرل ھوشوءَ جي حياتيءَ تي ڪتابڙو ڇپجڻ کان پوءِ منهنجو هي پهريون ڪتاب آهي ۽ جيڪڏهن ان ۾ ڪي اُوڻايون هجن يا ڪنهن ڳالهه جي ڪري ڪنهن جي دل آزاري ٿي هجي ته ان لاءِ مان اڳواٽ معافي گهران ٿو.
    اڳي ٻڌبو ھو ته سنڌي پبلشر اديبن کان ڏوڪڙ وٺي ڪتاب ڇپرائن ٿا. نيو فيلڊس جي فيروز ميمڻ ان ڳالھه کي غلط ثابت ڪيو ۽ ان جي اُبتڙ ھو پئسا ڏيڻ لڳو ھو. ھيءُ ڪتاب لکڻ کانپوءِ خبر پئي ته فيروز پبلشنگ جو ڪم ڇڏي چڪو آھي. مون ڪراچيءَ ۾ ٻن پبلشرن سان رابطو ڪيو. مونکي پئسن جي لالچ ڪانه ھئي پر ان وقت حيران ٿيس جڏھن ھنن ڪتاب جو سمورو خرچ مونکي ڀرڻ لاءِ چيو. سائين الطاف شيخ چواڻي سنڌي پبلشر ويچارا آھن پر سندن انداز مونکي ٺيڪ نه لڳو. ڏاڏي مرحوم آخوند حاجي فيض محمد 1932۾ پنهنجي حج جو سفرنامو لکيو هو، جيڪو 78 ورهين کانپوءِ 2010 ۾ لائق زرداري صاحب بلاول ريسرچ انسٽيٽيوٽ طرفان ڇپرايو. سو آسرو لاهي سوچيم ته متان اسي سالن کانپوءِ ڪو لائق زرداريءَ جهڙو ماڻهو منهنجو ڪتاب ڇپرائي، پر 80 سال انتظار کان بچڻ لاءِ نيٺ مون پاڻ پنھنجي خرچ تي ڪتاب ڇپرائڻ جو فيصلو ڪيو پر اِن کان اڳ دوست همسفر گاڏهي جي معرفت پُراڻي دوست يوسف سنڌي سان رابطو ٿي ويو جنهن هي ڪتاب ڇپرائي پڌرو ڪيو.

    نصير اعجاز
    ڪراچي


    ڪوريا

    ڪوريا

    ڪوريا
    صبح جي سانت واري ڌرتي

    Korea
    Land of Morning Silence


    ويزا لاءِ چڪر

    مونکي پڪ ئي ڪانه هئي ته ڪوريا جي ويزا ملي ويندي ۽ مان پنهنجي خوابن جو ملڪ گهمي سگهندس. ستر واري ڏهاڪي جي پڇاڙڪن ۽ اَسيءَ واري ڏهاڪي جي شروعاتي ورهين ۾ منهنجو ڏکڻ ۽ اتر ڪوريا جي ڪراچيءَ وارن قانصل خانن ۾ گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو.هر هفتي ٻنهي مان ڪنهن هڪ قانصلخاني ۾ دعوت هوندي هئي. وڌيڪ لاڙو ته ڪامريڊ ڪِم اِل سنگ جي سوشلسٽ اتر ڪوريا ڏانهن هوندو هو ڇو ته ريپبلڪ يا ڏکڻ ڪوريا آمريڪا جي اثر هيٺ هو ۽ اها ڳالهه اسان جهڙن جوانن جي سوچ ۽ نظرين جي خلاف هئي. پر ڪوريا جي ڌرتي ته هڪ هئي ۽ ماڻهو به ته ساڳيا نماڻا ۽ نياز نوڙت وارا هئا جن کي هٿرادو طور ڌار ڪيو ويو هو.ٻنهي قانصل خانن وارا ڏاڍي خاطر مدارت ڪندا هئا. هو اڪثر پنهنجي ملڪن جون فلمون ڏيکاريندا هئا. ساوڪ ۽ وڻن سان جهنجهيل جبلن واري هن ڌرتيءَ جون دستاويزي فلمون ڏسڻ سان دل کي ڇڪ ٿيندي هئي ته اهو ديس ضرور گهمجي.
    ڪوريا اُپٻيٽ آهي جيڪو ايشيا کنڊ جي اوڀر ۾ بلڪل ڇيڙي کان ڏکڻ پاسي سمنڊ ڏانهن نڪتل آهي. سندس ڊيگهه اٽڪل هڪ هزار ڪلوميٽر يا 6 سئو ايڪويهه ميل ۽ ويڪر ٻه سئو سورهن ڪلوميٽر يا هڪ سئو چوٽيهه ميل آهي. ڪوريائي دوست ٻُڌائيندا هئا ته سندن ڏندڪٿائن موجب قديم زماني ۾ هڪ شينهن ۽ هڪ رڇ انهيءَ علائقي ۾ رهندا هئا. سندن وڏي خواهش هئي ته هو انسان جي شڪل اختيار ڪن. هو ديوتا کان دعائون گهرندا رهندا هئا. سندن شديد خواهش ۽ دعائن کان متاثر ٿي ديوتا کين پاڻ وٽ گهرايو ۽ ٿُوم جون ڪجهه ڳڙيون ڏئي چيو ته سج جي روشنيءَ کان هڪ سئو ڏينهن پري ان خوراڪ تي گذارو ڪري ڏيکارين. ٻئي ڄڻا ٿُوم کڻي هڪ غار ۾ وڃي رهيا پر شينهن ايڪويهين ڏينهن ئي غار مان ٻاهر ڀڄي آيو. رڇ ارادي جو پڪو نڪتو ۽ سئو ڏينهن غار ۾ رهي ڏيکاريائين. ديوتا خوش ٿي کيس هڪ خوبصورت عورت جي شڪل ڏئي ڇڏي، پر جڏهن عورت ڪجهه وقت کانپوءِ اڪيلائي محسوس ڪئي ته وري ڪنهن ساٿيءَ لاءِ دعائون گهرڻ شروع ڪيون. ديوتا سندس خواهش کي جائز سمجهي ان عورت کي پنهنجي زال بنائي ڇڏيو . اڳتي هلي کين پُٽ ڄائو جنهن جو نالو رکين دان گُن وانگ جِيان Dangun Wanggeon جنهن گوجوسيان Gojoseon يا Joseon جي نالي سان ملڪ ٺاهيو جيڪو هن اُپٻيٽ تي ڪوريا جي نالي سان مشهور ٿيو.
    ڪوريائي اُپٻيٽ ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، هڪ اُتر ڪوريا ۽ ٻيو ڏکڻ ڪوريا. سڄي اُپٻيٽ ۾ اسي سيڪڙو جبل آهن. 2007 جي آدمشماريءَ موجب ڏکڻ ڪوريا جي آبادي چار ڪروڙ پنجاسي لک آهي. انتظامي طور ڏکڻ ڪوريا 9 صوبن، 6 ميٽروپوليٽن شهرن، ستهتر ٻين شهرن ۽ اَٺاسي ڪائونٽيز تي مشتمل آهي. ڪوريا ۾ صوبي کي سڏين ڊَوDo ، شهر کي ساءِ si۽ ڪائونٽيءَ کي چون گُن gun.
    بنگال جي عظيم شاعر رابندرناٿ ٽئگور، جنهن جو نظم هندستان جي قومي تراني طور ڳايو وڃي ٿو ۽ جنهن ۾ هن سنڌ جو ذڪر ڪيو آهي، تنهن ڪوريا کي Lamp of the East جو لقب ڏنو هو. چون ٿا ته 1929 ۾ جپان جي اخبار Dong-A Ilbo ۾ سندس هي نظم ڇپيو:
    In the golden age of Asia,
    Korea was one of its lamp bearers
    And that lamp is waiting to be lighted once again
    For the illumination in the East
    عام تاثر آهي ته جپان ۾ مٿي ڄاڻايل اخبار جي بيورو چيف واءِ تائيرو Vi Taero ۽ شاعر چُو يَوهان Chu Yohan سان ملاقات ۾ هن اهو نظم لکيو هو. ٽئگور ڪڏهن به ڪوريا ڪانه گهمي هئي پر سندس اهو نظم ڪوريا جي درسي ڪتابن ۾ پڙهايو وڃي ٿو. ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته گيتانجليءَ مان ٽئگور جو هڪ اڌ شعر اُن ۾ ملائي اضافو به ڪيو ويو آهي.
    ايشيا جو ڏيئو گهمڻ جي منهنجي اها آس تڏهن پوري ٿي جڏهن 15نومبر 2007 تي پاڪستان پريس انٽرنيشنل کي ڏکڻ ڪوريا مان اي ميل ذريعي ايشيا جرنلسٽس ايسوسيئيشن جو دعوت نامو پهتو ته 29 نومبر تي شروع ٿيندڙ سندن جنرل اسيمبليءَ ۾ شرڪت لاءِ ڪنهن کي نامزد ڪيو وڃي. خوشقسمتيءَ سان ان لاءِ منهنجو نالو ئي موڪليو ويو. ساڳئي ڏينهن ئي ڏکڻ ڪوريا جي گادي سيئول مان منهنجي نالي تي دعوت نامو اي ميل تي پهچي ويو. خبر پئي ته دعوت نامو 2 نومبر تي ئي آيل هو پر جنڪ ميل ۾ هليو ويو هو ۽ ڪنهن کي خبر ئي ڪانه پئي. وقت ٿورو بچيو هو ۽ انهن ڏينهن ۾ئي ويزا وٺڻي هئي. 2004 ۾ نيپال گهمڻ کانپوءِ مس مس ٻاهر وڃڻ جو موقعو ملي رهيو هو جنهن کي وڃائڻ نٿي چاهيم تنهنڪري هڪدم آفيس جي هڪ شخص ذريعي ٽريول ايجنٽ سان رابطو ڪري ويزا فارم گهرايم ۽ جهاز جي سيٽ به اڳواٽ بڪ ڪرائي ڇڏيم.
    ويزا فارم ته ڀري ڇڏيوسين پر ان سان شامل ڪرڻ لاءِ گهربل دستاويزن جي لسٽ پڙهي مان ته ٿڌو ٿي ويس. ڪوريا جي ويزا لاءِ اتان جي ڪمپنيءَ جو اصل دعوت نامو، ان ڪمپنيءَ جي رجسٽريشن جي ڪاپي ۽ اتان جي نوٽري پبلڪ کان تصديق ٿيل گارنٽي ليٽر، هتان (پاڪستان) جي اداري جي رجسٽريشن جو سرٽيفڪيٽ، انڪم ٽيڪس سرٽيفڪيٽ، بينڪ سرٽيفڪيٽ، سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪاپي ۽ تصويرون وغيره گهربل هيون.
    مان حيران هيس ته ڪوريا جو دورو ڪنهن نوڪري يا ڪاروبار لاءِ نه هو تڏهن به ايترا دستاويز ڇو؟ ايترو اندازو هيو ته آمريڪا ۾ 2001 واري ٽريڊ ٽاور جي تباهيءَ کان پوءِ سڄي دنيا جي ملڪن ويزا جون سختيون وڌائي ڇڏيون هيون. فلپائن ۽ ڪي ٻيا ملڪ ته ويزا جاري ڪرڻ لاءِ پوليس کان ورتل سٺي ڪردار جو سرٽيفڪيٽ گهرڻ لڳا آهن. مون اهڙا سرٽيفڪيٽ ڪي سال اڳ پنهنجي اداري جي چيئرمن ۽ ٻين کي وٺي ڏنا هئا. مان پوليس کاتي جي ڊائريڪٽر پبلڪ رليشنس کي ڀوڳ ۾ چوندو هئس”ادا اسان کي بدڪردار پوليس کان پنهنجي سٺي ڪردار جو سرٽيفڪيٽ گهرجي”. سنگاپور ۽ سريلنڪا وارا ته سندن هوائي اڏي تي لهڻ بعد ويزا جو ٺپو هڻي ڏيندا هئا، پر مونکي ته نيپال جي ٻن چڪرن ۾ ته بنا في ڀرڻ جي ويزا ڏني وئي هئي.
    مون سيئول وارن ميزبانن کي اي ميل ذريعي سڄي صورتحال کان آگاه ڪيو ته هو به حيران ٿي ويا. هتي ٽريول ايجنٽ به ٺپ جواب ڏنو ته انهن دستاويزن کانسواءِ هو ويزا فارم کڻي ئي نه ويندو ڇو ته ڪوريا جي قانصل خاني وارا اهو فارم وٺندا ئي ڪونه. ڪوريائي ميزبانن جو چوڻ هو ته سندن تنظيم رجسٽرڊ آهي جنهن جو سرٽيفڪيٽ ته هو موڪلي سگهن ٿا جڏهن ته دعوت نامو هو اڳ ۾ ئي موڪلي چڪا آهن پر باقي دستاويز هنن سان به لاڳو نه ٿا ٿين. ان مهل سچ ته منهنجو چاهه به گهٽجي ويو. هڪ ته قانصل خانو ڊفينس ۾ چڱو خاصو پري هو، ٻيو ته آفيس ۾ ڪم گهڻو. سوچيم ته ڪوريا وڃڻ جو خيال ئي ڇڏي ڏيان. هڪ اڌ ڏينهن رکي خيال آيو ته قانصلخاني وارن کان فون تي پڇي وٺان پر هنن به ساڳيو داستان ورجايو. وري ڪي ڏينهن گذري ويا. ان وچ ۾ اسان جي اداري جي چيئرمن همٿايو ۽ ساڳي وقت ڪوريا مان به ميزبان تنظيم جي سيڪريٽري جنرل مسٽر ريانگ اوهه جي فون آئي ته هنن ڪوريا جي قانصلخاني وارن سان ڳالهايو آهي ۽ اتي مسٽر لي نالي ويزا آفيسر سان وڃي ملان.
    ايئن آخر 26 نومبر 2007 تي قانصلخاني وڃي ويزا آفيسر سان مليس. کيس سڄي ماجرا ٻڌايم ۽ حيراني به ظاهر ڪيم ته هڪ صحافي جي ويزا لاءِ ايترا دستاويز ڇو؟ مسٽر لي جڏهن دستاويزن جي لسٽ ڏٺي ته هن پاڻ وضاحت ڪئي ته اهي مون سان لاڳو نه ٿا ٿين بلڪه ڪانفرنس وغيره لاءِ ويندڙن لاءِ ڪي ٻيون گهرجون آهن. نئين لسٽ ڏسي ٿوري همت ٿي ڇو ته ان ۾ گهربل دستاويزن کان وڌيڪ مان پاڻ سان کڻي ويو هئس، سواءِ بينڪ اسٽيٽمينٽ جي، هڪ اضافي شئي هئي ڪوريائي ڇوڪريءَ سان شادي جي سرٽيفڪيٽ جي، جنهن تي مون آفيسر کي چرچي ۾ چيو هو: ڪوريائي ڇوڪري سان شادي ٿيل ته ڪانهي پر اجازت هجي ته اتان ڪري اچان؟ ان ڀوڳ تي هو به ڏاڍو کليو هو. بهرحال هن پاسپورٽ ۽ ٻيا دستاويز ورتا ۽ چيو ته هاڻ هو مونکي باضابطا انٽرويو لاءِ گهرائيندا.
    ساڳي ڏينهن شام جو مسٽر لي فون تي ٻڌايو ته ٻئي ڏينهن يعني 27 نومبر تي شام جو چئين وڳي انٽرويو جو ٽائيم رکيو ويو آهي. مقرر ڏينهن تي مان منجهند جو ٽين وڳي ئي آفيس مان نڪري پيس ۽ پندرهن منٽ اڳ قانصلخاني پهچي ويس. قانصلخاني جي لائونج ۾ اهي پندرهن منٽ پندرهن ڪلاڪن برابر پئي لڳا. ويتر جو 6 ست ٻيا اميدوار اچي ويٺا ته پڪ ٿي وئي ته هاڻ دير تائين ويهڻو پوندو. ويزا جي اميدوارن ۾ هڪ پاڪستاني همراه پنهنجي ڪوريائي زال سان گڏ آيل هو ۽ پنجابي ٿي لڳو جڏهن ته باقي همراه پٺاڻ هئا.
    شڪر ٿيو جو سڀ کان پهرين مونکي سڏيو ويو. مونکي ان مهل خوشيءَ سان گڏ حيراني به ٿي ته قانصل خاني جو سينئر عملدار پنهنجي ڪرسي ڇڏي وڏي عزت سان اچي مليو. هن منهنجا پاسپورٽ به الڳ ڪري رکيا هئا ۽ رسمي حال احوال سان گڏ سيئول ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس بابت پڇي درخواست تي صحيح ڪري ڇڏي. مون وري به پڪ ڪندي پڇڻ ضروري سمجهيو ته ويزا ڪڏهن ملندي ڇو ته 28 نومبر تي رات جو فلائيٽ هئي ۽ سڀ تياريون هڪ ڏينهن ۾ ڪرڻيون هيون. آفيسر پڪ ڏني ته ويزا صبح جو ملي ويندي ۽ اها نائين کان يارهين وڳي جي وچ ۾ ڪنهن مهل به کڻي سگهان ٿو.
    ويزا جي پڪ ملڻ کان پوءِوري آفيس ڀڳس، ٽڪيٽ جي ٻيهر ڪنفرميشن ڪرايم ۽ اي ميل ذريعي سيئول وارن کي اطلاع ڪيم. شام جوڪار ۾ گهر ويندي ڪوريا مان فون به اچي وئي. مسٽر ريانگ اوهه ڏاڍو خوش هو ته ڪوششون نيٺ ڪامياب ويون.
    ڪم اتي ختم نه ٿيو هو. مونکي سڄي رات جاڳي پاڪستان ۾ صحافت جي صورتحال تي مقالو لکڻو ۽ اهو اي ميل ذريعي سيئول موڪلڻو هو ته جيئن اهو ڪتابي شڪل ۾ 29 نومبر تي شام جو افتتاحي اجلاس ۾ ورهائي سگهن. صبح جو ڇهين وڳي تائين اهو ڪم پورو ڪري ٻه ڪلاڪ کن مس سُتس ۽ وري اٿي تياري ڪيم. 28 نومبر تي پنهنجي وقت جي پابندي واري عادت موجب صبح جو ساڍي نائين وڳي ئي وڃي قانصلخاني پهتس پر ڪوريا وارن تي شايد پاڪستانين جو اثر ٿي ويو هو تنهنڪري اتي به اڌ ڪلاڪ لڳي ويو. جڏهن ويزا لڳل پاسپورٽ هٿ ۾ آيو، تڏهن پڪ ٿي ته هاڻ ڪوريا جو چڪر ممڪن آهي.


    ڪوريا وارن لاءِ سنڌ جي سوکڙي

    قائونصلخاني کان سڌو آفيس ڀڳس ۽ اڪائونٽنٽ کي ڊوڙائي ٽڪيٽ گهرائي ورتم. هاڻ مونکي ڪجهه تحفا خريد ڪرڻا هئا ڇو ته مسٽر ريانگ اوهه لکيو هو ته گهٽ ۾ گهٽ ٻه تحفا وٺي اچان جيڪي سيئول ۾ خاص مهمانن کي ڏيڻا هئا. مان سڌو زينب مارڪيٽ ۾ هڪ ٿريءَ جي دڪان تي پهتس ۽ ٻه اجرڪ ۽ ٻه سنڌي ٽوپيون خريد ڪيم. هن ته سوکڙي طور شراب جي بوتل جو لکيو هو، پر مون کيس ٻڌايو هو ته پاڪستان ۾ سڀ ڪجهه ٿئي ٿو، پر لڪ ڇپ ۾! شراب جي بوتل کڻي هوائي اڏي تان ٻاهر سفر ڪرڻ ممڪن نه هو (گهٽ ۾ گهٽ منهنجي لاءِ). ان ڪري مون ثقافتي سوکڙيون وٺي سيئول ۾ سنڌ ۽ سنڌي ثقافت کي روشناس ڪرائڻ بهتر سمجهيو.
    زينب مارڪيٽ ۾ سنڌي ثقافتي شين جا کوڙ دڪان آهن. مان جنهن ٿري دڪاندار کان خريداري ڪندو آهيان، اهو ويچارو ٻاڙيو ويٺو هو. ٻڌايائين ته ڪاروبار ٺپ آهي ۽ 3 نومبر تي هنگامي حالتون لاڳو ٿيڻ کان پوءِ ته حالتون ويتر غير يقيني ٿي ويون آهن. کيس افسوس هو ته ڪراچي ۾ هيترا پرڏيهي سفارتخانا آهن ۽ وڏي تعداد ۾ پرڏيهي اچن ٿا پر سندن ثقافتي سامان جي کپت ڪانهي. مان کيس آٿت ڏيڻ کانسواءِ ڪجهه نه ٿي ڪري سگهيس. مونکي اڃان ڪجهه ڪم ڪرڻا هئا ۽ گهر وڃي ننڊ به ڪرڻي هئي ڇو ته سڄي رات جي اوجاڳي سبب اکيون سڙي رهيون هيون. ويندي ويندي ٿري دڪاندار کي ٻڌايم ته سندس اجرڪ ۽ ٽوپيون ڪوريا ۾ سوکڙيءَ طور پيش ڪندس.
    مارچ 1990 ۾ به جڏهن زندگي جي پهرين پرڏيهي سفر تي ڪابل ويو هئس ته هتان سنڌ جي سوکڙي اجرڪ کڻي ويو هئس ۽ ان وقت جي افغان صدر ڪامريڊ نجيب الله کي اوڍرايو هئم. ثقافتي سوکڙين جي پنهنجي اهميت آهي ۽ اهي وڏي وقت تائين سانڍيون ۽ ياد رکيون وڃن ٿيون. افغان انقلاب جي دشمنن ڪامريڊ نجيب الله کي گهڻو وقت رهڻ نه ڏنو.1992۾ جڏهن هو قومي مصالحتي ڪوششن ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو تڏهن آمريڪا ۽ پاڪستاني ايجنسين جي پاليل هٿ ٺوڪين مجاهدن اقتدار تي قبضو ڪري ورتو ۽ ڪامريڊ گڏيل قومن جي سفارتخاني ۾وڃي پناه ورتي پر سيپٽمبر 1994۾ وحشين کيس پڪڙي سرِعام ڦاهي ڏئي ڇڏي ۽ سندس جسم ڏينهن جا ڏينهن هڪ ٿنڀي تي لٽڪندو رهيو. وقت ۽ حالتن ڪامريڊ جو ساٿ نه ڏنو پر مونکي پڪ آهي ته سنڌ جي سوکڙي اقتدار وڃڻ تائين سندس ذاتي سوکڙين جي مجموئي ۾ شامل رهي هوندي. (مونکي مئي 1988 ۾ سنڌ قومي اتحاد ٺهڻ جي موقعي تي سن ۾ سائين جي ايم سيد پنهنجي هٿن سان اجرڪ جي سوکڙي ڏني هئي، جيڪا اڄ ڇويهين سال به مون وٽ محفوظ آهي. اهو اجرڪ جيئي سنڌ محاذ يونٽ فريد آباد طرفان ڏنو ويو هو جنهن تي ان يونٽ جو نالو زريءَ سان لکيل آهي.)
    افغانستان جي سفر ۾ عبدالواحد آريسر۽ مان گڏ هئاسين. آريسر ان وقت جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين هو. افغان حڪومت پختون قومپرست اڳواڻ شهيد عبدالصمد اچڪزئيءَ جي ورسيءَ تي هڪ سيمينار ڪوٺايو هو ۽ ان ۾ شرڪت لاءِ پختونخواه ملي عوامي پارٽيءَ جي معرفت اڳواڻن، دانشورن ۽ صحافين کي دعوت ڏني هئي. سنڌ مان جيئي سنڌ محاذ کي ٻه ماڻهو موڪلڻ جو چيو ويو هو ۽ محاذ جي دوستن آريسر ۽ مونکي محاذ جي نمائندگيءَ لاءِ ڪابل موڪلڻ جو فيصلو ڪيو هو. حقيقت ۾ مونکي ته خبر ئي ڪانه هئي پر هڪ ڏينهن محاذ جي دوست سيد غلام شاهه چيو ته پاسپورٽ ٺهرائي ڇڏيان ڇوته ڪنهن مهل به افغانستان روانگي ٿيندي. اڃان تيارين ۾ هئاسين ته افغان وزيرِ دفاع شاهنواز تنائيءَ هٿان ڪامريڊ خلاف بغاوت جي خبر آئي جيڪا ناڪام ٿي هئي پر تڏهن به خيال هو ته هاڻ شايد پروگرام نه ٺهي. حيرت ان وقت ٿي جڏهن ڪجهه ڏينهن کانپوءِ نياپو مليو ته پروگرام پڪو آهي. هڪ ڏينهن سيد غلام شاهه ۽ پختونخواهه ملي عوامي پارٽيءَ جو مقامي اڳواڻ واچ مينهن ڪندا اچي پهتا ۽ پاسپورٽ وٺي ويا. هڪ ڏينهن اندر هنن افغانستان ۽ انڊيا جي ويزا هڻائي 22 مارچ تي پاسپورٽ منهنجي حوالي ڪيو ۽ ان ڏينهن ئي رات جو اسان جي فلائيٽ هئي. ڪابل لاءِ سڌي فلائيٽ نه هجڻ ڪري اسان کي دهليءَ رستي وڃڻو هو. آريسر ۽ مان 23 مارچ تي ڪابل پهتا هئاسين ۽ 25 مارچ تي ڪامريڊ نجيب الله سان ملاقات ٿي. افغانستان جي سفر جو تفصيلي ذڪر اڳتي هلي ڪبو.
    *


    ڊالر ڙي ڊالر

    ڪوريا وڃڻ لاءِ هڪ اهم ڪم هو ڊالر وٺڻ. ڪراچيءَ ۾ بدامنيءَ سبب مني چينجر وٽ وڃي ڊالر وٺندي ڊپ پئي ٿيو. مونکي اهو ڏينهن ياد آهي جڏهن سيپٽمبر 2004 ۾ کٽمنڊومان موٽڻ تي حسن اسڪوائر وٽ هڪ مني چينجر وٽان ڊالر مٽائي ستٽيهه هزار رپيا کڻي رڪشا ۾ گهر پي آيس ته گهر واري علائقي شانتي نگر جي ڀرسان موٽر سائيڪل سوار ڇورا هٿيارن جي زور تي سڀ پئسا کيسي مان ڪڍي ويا هئا. پر ڊالرن وٺڻ کانسواءِ ڪو چارو به ڪونه هو. اهو به تلخ تجربو افغانستان جي دوري مهل ٿيل هو.
    مونکي تازو ئي آل پاڪستان نيوزپيپرس سوسائٽيءَ جي طرفان بهترين رپورٽنگ جي ايوارڊ سان گڏ ست هزار رپيا مليا هئا. ايتري ئي رقم عبدلواحدآريسر وٽ هئي. جيئن مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته اسان کي ويزا بلڪل ان ڏينهن ملي جنهن ڏينهن فلائيٽ رواني ٿيڻي هئي. اسان کي ڪراچيءَ مان انڊين ايئر لائين رستي دهلي وڃڻو هو ۽ جيئن ته صبح جو سوير ڪابل روانگي هئي تنهنڪري رات جا ڪجهه ڪلاڪ دهليءَ جي بين الاقوامي هوائي اڏي تي ئي گذارڻا هئا. اسان کي چيو ويو ته وقت وڃائڻ بدران سڌو گهر وڃي بيگ کڻي هوائي اڏي پهچون ۽ اتي ئي بينڪ مان ڊالر مٽائي وٺون. انهن هدايتن تحت مان پنجين وڳي شام جو گهران نڪري پيس. هوائي اڏي تي آريسر ۽ مون بينڪ مان ڊالر وٺڻ چاهيا ته جواب مليو ته ڊالر ناهن. بينڪ وارن صلاح ڏني ته انڊين ڪرنسي وٺون جيڪا دهلي ايئر پورٽ تي ڊالرن ۾ مٽائي سگهبي. اسان الله تي رکي سمورن پئسن جي انڊين ڪرنسي وٺي ڇڏي.
    اسان ته پنهنجي مقرر وقت تي هوائي اڏي پهچي ويا هئاسين پر جهاز نائين وڳي رات جو اڏاڻو ۽ ڏيڍ ڪلاڪ جي سفر کانپوءِ دهلي هوائي اڏي تي لٿو. ان مهل هندستاني وقت مطابق رات جا يارهن ٿيا هئا. اميگريشن جي ظابطن مان فارغ ٿي اسان ٽرانزٽ لائونج ۾ وڃي ويٺاسين. حياتيءَ ۾ پهريون ڀيرو ملڪ کان ٻاهر نڪتو هئس. دهلي هوائي اڏي جو ماحول ڏسي وات ئي ڦاٽي ويو. يورپ جهڙو ماحول هو. جينس جي چڍين ۽ بريزيئر بنا ٽي شرٽس ۾ گوريون مايون بي ڌڙڪ ٽيلارا ڏئي رهيون هيون. اڪثر يورپي ماڻهن کي اسان ڊيوٽي فري شاپ تان وسڪي خريد ڪندي ڏٺو. دل ته اسان جي به لوڏو کاڌو، پر ان مهل اسانکي چانهه جي طلب محسوس ٿي تنهنڪري هڪ اسٽال تان چانهه وٺڻ وياسين پر ان مهل وٺجي وياسين جڏهن هنن انڊين ڪرنسي وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڊالر گهريائون. اسان سڌو بينڪ ڪائونٽر تي وڃي ڊالر گهريا ته هنن به ٺپ جواب ڏنو. اسان جا ته پگهر نڪري آيا. ماٺڙي ڪري وڃي هڪ صوفا تي ديرو ڄمايوسين. حيرت ٿي ته هندستان ۾ هندستاني ڪرنسي ڪانه پئي هلي. ان حالت ۾ جڏهن چانهه پيئڻ مشڪل هو تڏهن وسڪيءَ جي خواهش ڪيئن ڪريون ها. ويٺي ٻين کي کائيندي پيئندي ڏٺوسين. وقت گذارڻ به ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو هو. رات جو جاڳندي جڏهن بک دٻيو تڏهن زهوب، بلوچستان جي پاسي جو هڪ پٺاڻ شاگرد بادشاهه خان ڪم آيو جيڪو ڪابل کان ڪنڌار وڃڻو هو جتي يونيورسٽيءَ ۾ سندس داخلا هئي. هن پاڻ سان ٻه مٺا لولا آندا هئا جيڪي اسان کي آڇيائين. اهڙي وقت مٺا لولا اسان جي لاءِ غنيمت هئا. اُڃ اجهائڻ لاءِ في الحال لائونج ۾ رکيل واٽر ڪولر پي ڪم آيو پر اڳتي هلي اهو به خالي ٿي ويو. پوءَ ته اُڃ ۾ به برو حال هو.
    ايئن اوجاڳي ۽ ساڻائيءَ ۾ صوفا تي منهنجي اک لڳي وئي. ٿوري دير کانپوءِ جاڳيس ته آريسر ٻڌايو ته هڪ گوري رن وسڪيءَ جي بوتل کڻي ڀر واري صوفا تي اچي ويٺي ۽ وسڪيءَ جي آڇ ڪيائين پر هن انڪار ڪيس، جنهن کانپوءِ هوءَ اٿي وئي ۽ ٻيو پارٽنر ڳولي ان سان پيئڻ ۽ چٽ چم ڪرڻ لڳي. مون چيومانس ته، “يار اسان بک ۾ بصر به ڀلو وانگي جڏهن انٽرنيشنل هوائي اڏي تي ويهي مٺو لولو کائي سگهون ٿا ته چڍي پاتل گوري رن سان وسڪي پيئڻ ۾ ڪهڙو حرج هو؟ “
    اها سڄي رات اسان بک ۽ اڃ تي گذاري. شڪر هو ته جهاز مان ٿوري گهڻي ڊنر ٿيل هئي نه ته بک ۾ لاهه پٽجي وڃن ها. هندستان ۾ اتان جي ئي ڪرنسي نه هلڻ تي هڪ سک به حيران هو. ساڳي سک ٽوائليٽ ۾ بلب نه ڏسي چيو هو،” هيڏو سارو هندستان ۽ هتي بلب ڪونهي”. ان تي اتي موجود ڀنگيءَ وراڻيس،”هندستان هتي نه، ٻاهر آهي”.
    اسان جي بدقسمتي جو ڪابل جي لاءِ جهاز صبح جو ستين وڳي بدران ڏهين وڳي اڏاڻو. جهاز ۾ جڏهن ايئر هوسٽس اسان کي جوس پيئڻ لاءِ ڏنو تڏهن وڃي اسان جي جان ۾ جان آئي. ڪابل پهچڻ شرط مون پهريون ڪم اهو ڪيو هو ته هڪدم ڪرنسي مارڪيٽ وڃي هندستاني رپين مان جان ڇڏايم. آريسر ڪجهه افغاني ڪرنسي ورتي ۽ هندستاني رپيا به بچائي رکيائين. منهنجا ورتل ڊالر وري به ڪم آيا جو واپسيءَ ۾ دهليءَ ۾ انڊين ايئر لائين لاهور جي ٽڪيٽ لاءِ انڊين ڪرنسي وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ نيٺ ڊالر ڏئي ٽڪيٽ وٺڻي پئي.
    ان تجربي کانپوءِ مون هميشه پرڏيهي سفر تي وڃڻ کان اڳ ڊالر وٺڻ کي ٻين ڪمن تي ترجيح ڏني ۽ ڪوريا لاءِ به ايئن ڪيم.
    *


    ايئرپورٽ تي خواري

    جڏهن به ملڪ اندر يا ٻاهر وڃڻ ٿيو، ڪراچي هوائي اڏي تي ڪڏهن به خواري نه ٿي. هميشه عزت سان سڀ مرحلا طئه ٿيندا رهيا آهن. مان سدائين ٻين ملڪن جا مثال ڏيندو هئس جتي هوائي اڏن تي وڏي خواري ٿيندي آهي. انڊيا جي سفر جو مٿي ذڪر ڪري چڪو آهيان. ان سفر ۾ جڏهن اسان دهلي پهتاسين ته ٽرانزٽ لائونج ۾ وڃڻ لاءِ به سڪيورٽي چيڪ جي سڀني مرحلن مان لنگهڻو پيو. خوشقسمتيءَ سان اسان کي چڱو آفيسر ٽڪرايو جنهن منهنجي صحافيءَ واري پاسپورٽ سبب گهڻي عزت ڏني. منهنجي چيڪنگ مهل سڪيورٽي گيٽ ۽ ميٽل ڊٽيڪٽر به ماٺ رهيا پر عبدالواحد آريسر ڀيري مخصوص آواز نڪرڻ لڳا. کيس هڪ ڀيرو وري لنگهڻ لاءِ چيو ويو ته به ساڳي ڪار. کيس ڪوٽ لاهڻ لاءِ چيو ويو ته به ڪو فرق نه پيو. بوٽ لاهي گيٽ مان لنگهڻ سان به آواز نڪتا. نيٺ آفيسر آريسر کي هڪ ڪمري ۾ هلڻ لاءِ چيو جتي سندس مڪمل تلاشي ٿي، سندس جوتن کي به چڪاسيو ويو پر نتيجو وري به ساڳيو. اوچتو آريسر جي کيسي تي نظر پئي جنهن ۾ پين پيل هئي ۽ جڏهن پين ڪڍڻ بعد هو سڪيورٽي گيٽ مان لنگهيو ته خاموشي رهي. هڪ ته پرائو ملڪ مٿان وري اهي چڪر، اسان جا ته پگهر نڪري آيا هئا.
    صبح جو وري ٻيو نظارو ڏٺوسين جڏهن ڪابل وڃڻ لاءِ قطار ۾ لڳاسين ته هڪ افغان جوڙي کي خوار ڪيو ويو. زال مڙس پڙهيل لکيل ٿي لڳا. هنن ويچارن هڪ ناريل ورتو هو جنهن تي انڊين اميگريشن وارن کي اعتراض هو. افغان جوڙو حيران هو ته ناريل کڻڻ تي هنن کي اعتراض ڇو آهي؟ افغان جوڙو ناريل ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو ۽ انڊين اسٽاف کين اجازت ڏيڻ کان بنهه انڪاري هو. نيٺ انڊين عملي ٻنهي کي ڌڪا ۽ گاريون ڏئي اهو ناريل کسي ورتو. افغان ايئر لائين جي جهاز ۾ به عجيب روش ڏٺي سين. مسافرن کي الاٽ ٿيل سيٽن جي نمبرن کي نظرانداز ڪري يورپي ۽ ٻين گورن باشندن کي جهاز جي اڳئين حصي ۾ ۽ باقي سمورن مسافرن کي پُٺيان ويهاريو ويو.
    اهڙو ئي منظر ڪابل مان واپسيءَ تي ڏٺوسين جڏهن انڊين اميگريشن عملي افغان مسافر مردن توڙي عورتن کي ڌڪن ۽ گارين جو وسڪارو لائي ڏنو. سندن روش مان ايئن ٿي لڳو ڄڻ افغان ٽئين درجي جا شهري ۽ سندن غلام هجن.
    نيپال جي گادي کٽمنڊوجي هوائي اڏي تي وري نئين قسم جي خواري هوندي آهي. کٽمنڊو مان روانو ٿيندڙن جو سامان گاڏين ۾ کڻي جهاز کان پرڀرو اچي اڇلائيندا آهن ۽ پوءِ هر مسافر کي پنهنجو سامان سڃاڻي هٿ رکڻو آهي. ان کان پوءِ ئي اهو سامان لوڊر کڻي جهاز ۾ رکندا. ان مرحلي دوران مسافرن سان نيپالي سڪيورٽي عملي جو رويو پاڪستاني جيلن ۾ قيدين سان پوليس جي سلوڪ جهڙو هوندو آهي. (هاڻي اهو سلسلو بند آهي)
    هن ڀيري ڪراچي هوائي اڏي تي بورڊنگ ڪارڊ وٺڻ کانپوءِ سڪيورٽي چيڪ مهل هر مسافر جا جوتا، موبائل فون، کيسن ۾ پيل هر شئي ويندي پينٽ جو پٽو به لهرائي مشين مان گذاريو ويو. سڪيورٽي چيڪ جو اهو طريقو آڪٽوبر 2007 کان شروع ڪيو ويو هو ۽ نه رڳو اتي پر دبئي هوائي اڏي تي به ساڳيو حال هو، سواءِ ڏکڻ ڪوريا جي. ڪراچي هوائي اڏي تي اهو سلوڪ خراب لڳو پر دبئي ۾ گورن ۽ ڪارن سان، مردن توڙي عورتن سان ساڳي جٺ ڏسي مان ته ڪنهن جي چوڻ کان اڳ ئي ڪارروائي شروع ڪري پيو ڇڏيان. هونئن به اسان رڳو پنهنجي ملڪ ۾ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندا آهيون. ملڪ کان ٻاهر اسان کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه قانون جو فرمانبردار ڪونه هوندو آهي. اهڙي سخت چڪاس کانپوءِ سچ ته رڳو گنجي ۽ ڪڇو پائي سفر تي نڪرجي ته بهتر آهي.
    *


    سنڌين سان ملاقات

    اسان جي سائين الطاف شيخ جي خاص ڳالهه اها آهي ته هودنيا ۾ جتي به ويو اتي هن سنڌين کي ڳولهي لڌو آهي. شاپنگ سينٽرن، هوٽلن، بسن۽ گاڏين ۾ توڙي روڊ رستن تي، هن جتي به ڪنهن سنڌيءَ جو آواز ٻڌو ته مڙي وڃي ان سان ملندو، پنهنجو تعارف ڪرائيندو ۽ هن جو حال احوال وٺندو. سندس سفرنامن ۾ اهڙا ڪئين ذڪر ٿيل آهن. هو سفر ۾ دوست ٺاهڻ ۽ انهن سان لاڳاپا جاري رکڻ جو ماهر آهي. سندس وڏي خوبي آهي طبيعت جي سادگي، نياز ۽ نوڙت. مان سندس ڪنهن به خوبيءَ جي برابري نٿو ڪري سگهان. پرڏيهي سفرن ۾ مون اهڙي ڪوشش ضرور ڪئي پر ناڪام رهيس. مونکي ياد آهي ته اسيءَ واري ڏهاڪي جي شروع ڌاري مرحوم سيد غلام مصطفيٰ شاه گلستان شاه عبدالطيف اسڪول ڪراچي ۾ “سنڌي عورت ڪانفرنس” ڪوٺائي هئي. ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن مان اتي بيٺو هئس ته الطاف شيخ اچي مليو. اها اسان جي پهرين ملاقات هئي. مون ته سندس ئي ڪتابن ۾ سندس تصويرون ڏٺيون هيون تنهنڪري سڃاڻي ورتم پر هو شايد ان ڪري اچي مليو هو جو ان ميڙاڪي ۾ مان هن لاءِ نئون ماڻهو هئس. ان ملاقات کانپوءِ هو ضرور مون سان ملڻ لاءِ ايندو هو. اهي ملاقاتون هلال پاڪستان ۽ برسات اخبارن ۾ نوڪريءَ دوران جاري رهيون. هو جڏهن به ايندو هو ته پاڻ سان پنهنجي ڪتابن جا سيٽ کنيو ايندو هو. ايئن ئي هڪ ڏينهن زوزاٽ ڪندو هلال پاڪستان جي آفيس ۾ آيو هو ۽ اچڻ شرط چيائين،”منهنجي نئين ڪتاب جو مهاڳ لکي ڏي. ماڻهو چوندا آهن ته مان سدائين سينئر اديبن يا ليکڪائن کان مهاڳ لکرائيندو آهيان. مان اها روايت ٽوڙڻ گهران ٿو.” سندس ڪتاب “موج نه سهي مڪڙي” جو مهاڳ لکڻ منهنجي لاءِ وڏو اعزاز هو.
    پنهنجي ڌرتيءَ کان پري ڪنهن سنڌيءَ سان ملڻ ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ جو مزو صرف اهي محسوس ڪري سگهن ٿا جن کي اهڙو تجربو ٿيو هوندو. ذري گهٽ ٻه ڏهاڪا اڳ اسلام آباد مان موٽندي پنجٽيهه هزار فوٽ بلنديءَ تي جهاز ۾ جڏهن عنايت بلوچ سان ملاقات ٿي هئي ته هو خوشيءَ ۾ نه پيو ماپي. چيو هئائين: يار نصير مان پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکندس ته زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ اسان جي ملاقات ٿي.
    عنايت بلوچ، نفيس طبيعت ۽ نياز نوڙت وارو انسان، مٿان وري شاعر، سندس جذبات سندس لفظن ۽ منهن جي تاثرات مان ظاهر هئا. عنايت بلوچ کي اڄ مون به ياد ڪيو ته نه رڳو ڪتاب ڦولهيندي سندس سفرنامو “پرين جي پرديس” نظر اچي ويو پر ڪشش ٽي ويءَ تي محمد قاسم ماڪا جي پروگرام ۾ سندس تصوير به ڏٺم ۽ فون تي رڪارڊ ڪيل آواز به ٻڌم.
    کٽمنڊوجي پهرين سفر جو مٿي حوالو ڏنو اٿم. سال 2002 ۾ جڏهن اتي وڃڻ ٿيو ته انڊيا ۽ پاڪستان طرفان هڪٻئي جي فضائي حدن مان لنگهڻ تي بندش وڌل هئي ۽ کٽمنڊو ۾ پي آءِ اي جي آفيس تي به حملو ٿيو هو. ان ڪري کٽمنڊولاءِ پي آءِ اي جي ڪابه اڏام ڪانه هئي. اسان کي امارات ايئر لائين ذريعي پهرين ڍاڪا وڃڻو پيو ۽ اتان وري بنگلاديش جي بيمان ايئر لائين ذريعي کٽمنڊو روانا ٿياسين. کٽمنڊو هوائي اڏي تي لائونج ۾ اوچتو ٻن همراهن کي سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندي ٻڌم ته روح سٽ ڏني ۽ وڃي ساڻن مليم. تعارف ڪرائڻ تي خبر پئي ته ٻئي همراه پي آءِÕ اي ۾ هئا ۽ موڪل پوري ڪري ڳوٺان واپس ڊيوٽيءَ لاءِ پهتا هئا. اڄ مونکي سندن نالا ته ياد ناهن پر انهن مان هڪ لاشاري صاحب هو جيڪو تعارف کانپوءِ ايئن ڀڳو ڄڻ جان ڇڏائي ڀڄندو هجي متان مان اڌارا پئسا نه گهران. اتفاق سان ٻن ورهين بعد وري کٽمنڊو وڃڻ ٿيو ۽ اهو به اتفاق هو ته هندستان ۽ پاڪستان هڪ ٻئي تان بندشون ختم ڪري ڇڏيون هيون ۽ مونکي پي آءِ اي جي ڪراچيءَ کان کٽمنڊوسڌي پهرين اڏام ۾ سيٽ ملي وئي. ٽن ڏينهن کانپوءِ واپسيءِ تي پي آءِ اي جي اڏام ۾ وري ڪن سرلا ٿيا جڏهن هڪ ايئر هوسٽس ۽ ٻه فلائيٽ اسٽيوارڊس پاڻ ۾ سنڌيءَ ۾ ڳالهائي رهيا هئا. مون جو ساڻن سنڌيءَ ۾ ڳالهايو ته ٻهڪي پيا. انهن مان هڪ اسان جي صحافي دوست رشيد راڄڙ جو سئوٽ صالح راڄڙ ۽ ٻيو طاهر گهانگهرو هو. ڪراچيءَ تائين سمورو سفر نه رڳو ساڻن ڪچهري ٿي پر هو وڏي خاطر مدارت ڪندا رهيا.
    پرڏيهي سفر ۾ ان کانسواءِ ڪڏهن به ڪنهن سنڌيءَ سان واسطو نه پيو. هن ڀيري دبئيءَ رستي ڪوريا وڃڻ لاءِ ڪراچي هوائي اڏي جي لائونج ۾ فلائيٽ جو انتظار ڪندي سوچي رهيو هئس ته ڪنهن سنڌيءَ سان ملڻ ٿيندو يا نه، ته منهنجي پٺيان ڪنهن سيٽ تي ويٺل هڪ همراه موبائل تي هلڪي ڪاٺياواڙي گاڏڙ سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ لاڳيتو ڪلاڪ کن ڳالهائيندو رهيو. ٿوري دير ۾ هڪ ٻيو نوجوان منهنجي ڀر واري سيٽ تي اچي ويٺو ۽ موبائل ڪڍي ڳالهائڻ شروع ڪيائين. وچ ۾ گهڙي کن لاءِ ماٺ ڪيائين ته صرف ايترو پڇي سگهيومانس ته هو ڪٿان جو آهي. خبر پئي ته هو لاڙڪاڻي جو هو، جڏهن ته سندس فون تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه مان اندازو ٿيو ته هو دبئي وڃي رهيو هو. ڪوريا جي سفر ۾ بس ان کانپوءِ وري ڪو ٻيو سنڌي نه ڏٺم نه ٻڌم، سواءِ ڇهين ڏينهن واپسيءَ ۾ دبئي هوائي اڏي تي پٽ تي ويٺل اڇن عربي جبن ۾ ڏهه کن همراهن جي جيڪي پاڻ ۾ سنڌي ڳالهائي رهيا هئا. مون ساڻن ڳالهائڻ جي ڪوشش نه ڪئي. هڪ ته مونکي به سڄي رات جو اوجاڳو ۽ ٿڪ هو، ٻيو ته مونکي سندن ايئن پٽ تي ليٽڻ به خراب لڳو.
    ڪوريا واري ڪانفرنس ۾ هندستان مان برجيش ڀاٽيا نالي هڪ شخص آيل هو جيڪو اصل ته ٿر سان ملندڙ راجستان رياست جو هيو پر منجهس ٿرين جهڙي ڪابه ڳالهه ڪانه هئي. هو هندستاني اطلاعات کاتي جو رٽائرڊ آفيسر هو ۽ سندس ڄمار به ستر ورهين کان وڌيڪ هئي. مون کيس سنڌ ۾ رهندڙ ڀاٽين جا حوالاڏنا پر ڪنهن کي نه سڃاتائين. سندس چوڻ موجب هو ڄائو ته راجستان ۾ هو پر زندگي دهليءَ ۾ گذري هيس.ان کانپوءِ مون کانئس دهليءَ ۾رهندڙ ٽائمز آف انڊيا جي سينئر صحافي ۽ سنڌي شاعرلڇمڻ ڀاٽيا (لڇمڻ ڪمل)بابت ڪونه پڇيو.
    برجيش ڀاٽيا پنهنجي نوڪريءَ دوران اسلام آباد جا چڪر هڻندو رهيو هو ۽ سندس چوڻ موجب اوجهڙي ڌماڪن وقت هو اسلام آباد ۾ ترسيل هو.
    مٿي لڇمڻ ڀاٽيا جو ذڪر ڪيو اٿم.ساڻس ملاقات پهرين اپريل 1990 تي دهليءَ ۾ ٿي هئي جڏهن مان ۽ عبدالوحد آريسر ڪراچي وڃڻ لاءِ ڪابل مان اتي پهتا هئاسين. اتفاق سان منهنجي واپسيءَ واري ٽرانزٽ ويزا ٽن ڏينهن جي ۽ آريسر جي ويزا شايد ٻن هفتن کان به وڌيڪ جي هئي. جيئن ته دهليءَ ۾ رهڻ جو موقعو هو تنهنڪري ڪابل مان مون آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي انائونسر وينا شرنگيءَ کي ٽيليگرام ڪري اطلاع ڪيو هو ته اسان 31 مارچ تي شام جو پهچي رهيا آهيون. شهدادڪوٽ سنڌ جي وينا پنهنجي ماءُ ۽ ڀاءُ سان گڏ دهليءَ ۾ رهندي هئي. سندس والد ۽ ڪي ٻيا مائٽ ان وقت به شهدادڪوٽ ۾ رهندا هئا.وينا سان ملاقات ڪراچيءَ ۾ 1989۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي ڪوٺايل سچل انٽرنيشنل ڪانگريس ۾ ٿي هئي جتي هوءَ ڀارت جي ٻين اديبن ۽ دانشورن سان گڏ آيل هئي. آل انڊيا ريڊيو تان وينا جو پروگرام روز شام جو هلال پاڪستان اخبار جي آفيس ۾ ٻڌندا هئاسين. اسان سمجهيو ٿي ته هوءَ ورهاڱي وقت لڏي ويل سنڌين مان هوندي پر پوءِ خبر پئي ته هوءَ ڪجهه ورهيه اڳ ئي سنڌ مان وئي هئي. سماجي ۽ ادبي طور گهڻو سرگرم هئي ۽ سندس ڪهاڻين جا ڪجهه مجموعا به ڇپيل هئا. مونکي پڪ نه هئي ته ڪابل مان موڪليل ٽيليگرام کيس مليو هوندو پر حيرت ٿي جڏهن سندس ڀاءُ اندرا گانڌي انٽرنيشنل هوائي اڏي تي اسان کي وٺڻ لاءِ بيٺل هو. جيئن ته اسان افغان حڪومت جا مهمان هئاسين ۽ هڪ افغان سفارتڪار به اسان لاءِ آيل هو جيڪو اسان کي هوٽل تي رهائڻ لاءِ وٺي پي ويو تنهنڪري اسان وينا جي ڀاءُ سان معذرت ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن ساڻن ملڻ جو وعدو ڪيو.
    پهرين اپريل تي آريسر ۽ مان ٽيڪسي ڪري آل انڊيا ريڊيو اسٽيشن پهتاسين. بيشمار ننڍن ڪمرن تي مشتمل پراڻي عمارت جي هڪ ڏورانهين حصي ۾ سنڌي سيڪشن هو جتي پهتاسين ته اهو خالي نظر آيو. معلوم ٿيو ته پروگرام شام جو هجڻ ڪري ان مهل ڪير به ڪونه ملندو. ريڊيو تان ئي وينا سان فون تي ڳالهايوسين ۽ سندس گهر جي ايڊريس وٺي ٽيڪسي ڪري وٽس وڃي پهتاسين. وينا ۽ سندس امڙ وڏي عزت ڏني. منجهند جي ماني به وٽن کاڌي سين. ڏهاڪو ڏينهن ڪابل ۾ گوشت کائڻ کانپوءِ اڇا چانور، دال، ماني ۽ آچار کائي ايئن لڳو ڄڻ اسان سنڌ ۾ پنهنجي ئي گهر ۾ ماني کائي رهيا هجون. اسان ٻه ٽي ڪلاڪ وينا وٽ هياسين ۽ ان وچ ۾ سنڌ ۽ هند جي سنڌين جي صورتحال تي گهڻيون ئي ڳالهيون ٿيون. هن ٻڌايو ته ڀارت ۾ سنڌي وڏن عهدن تي پهتا آهن ۽ ان وقت به هندستان جي سقم رياست جو گورنر سنڌي رام هري ٽهلياڻي هو جيڪو انڊين نيويءَ جو رٽائرڊ ايڊمرل هو. اها ڳالهه به پنهنجي جاءِ تي حيرت ۽ خوشيءَ واري هئي ته هڪ سنڌي انڊين نيويءَ ۾ ايڊمرل جي عهدي تي پهتو هو. پاڪستان نيويءَ ۾ ته اڄ تائين ڪنهن سنڌيءَ کي اهو عهدو نه ڏنو ويو آهي. ايئر فورس ۾ ئي الائي ڪيئن عظيم دائودپوٽي کي ايئر مارشل جي عهدي تي پهچڻ ڏنن پر چيف آف ايئر اسٽاف جو عهدو ڏيڻ بجاءِ کيس هڪ آفريڪي ملڪ جو ڀاڙيتو چيف آف ايئر اسٽاف ڪري موڪلي ڇڏين.
    اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ السٽريٽيڊ ويڪلي آف انڊيا نالي انگريزي رسالي ۾ ورهاڱي وقت سنڌ مان لڏي هندستان ويل سنڌين تي هڪ وڏو مضمون ڇپيو هو جنهن ۾ هندستاني فوج، سول نوڪرين، واپار، ڪارخانن. تعميرات، هوٽل انڊسٽري ۽ فلم انڊسٽري وغيره ۾ سنڌين جا تفصيل ڏنل هئا. سندن هڪ خاصيت خاص طور بيان ڪيل هئي ته پنهنجي ڌرتي ڇڏي لُٽجي پناهگير ٿي هندستان پهچڻ کانپوءِ به ڪنهن سنڌي، ايتري قدر جو ڪنهن غريب لاوارث ٻار به ڪڏهن خيرات نه گهري. انهن بسن جي اڏن ۽ ريلوي اسٽيشنن تي کٽمٺا ۽ بسڪيٽ وڪڻي به گذارو ڪيو. جن وٽ پئسو هيو انهن سيڙپون ڪيون. انهيءَ مضمون موجب سنڌين انڊيا جي هيوي مشينري، هوٽل، ڪنسٽرڪشن ۽ فلم انڊسٽري ۾ وڏي سيڙپ ڪئي.
    انڊيا جي جهوني صحافي خشونت سنگهه به پنهنجي ڪتابن ۾ سنڌين جو ذڪر ڪيو آهي. پنهنجي آتم ڪٿا ۾ هڪ هنڌ خشونت هڪ ارب پتي سنڌيءَ جو ذڪر ڪيو آهي جنهن جي دعوت ۾ هو ويو ته سندس عقل چرخ ٿي ويو. هو لکي ٿو ته هڪ شاهي محل جهڙي بنگلي جي وڏي هال ۾ دعوت هئي جنهن جي ڇت جي جاءِ تي شفاف شيشي جو سُئمنگ پول هيو ۽ ان ۾ بِڪنيون پاتل نوجوان ڇوڪريون. هال ۾ وڏن ماڻهن جا وسڪيءَ جا دور هلي رهيا هئا ۽ سندن مٿان گوريون ڇوريون پاڻيءَ ۾ ڇال ڏئي رهيون هيون.
    خير، ڳالهه پي هلي وينا سان ملاقات جي. هن ٻڌايو ته سندن سماجي تنظيمون آهن جيڪي وقت به وقت مختلف پروگرام ڪرائينديون رهنديون آهن ۽ جڏهن سنڌ مان ڪو آيل هوندو آهي ته ان کي به پروگرام ۾ ڪوٺ ڏبي آهي.کيس افسوس هو ته سندس ئي هڪ ڳوٺائي جعلي قومپرست ليڊر (جيڪو سنڌ ۾ ايجنسين جو ايجنٽ مشهور هو.) کيس سنڌ اچڻ تي اغوا ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون هيون. وينا ٻڌايو ته ان شخص جي بار بار انڊيا اچڻ تي اتان جون ايجنسيون سندن عورتن جي تنظيم پٺيان پئجي ويون هيون جنهن کانپوءِ هنن ان ليڊر صاحب کي پروگرامن ۾ اچڻ کان روڪي ڇڏيو پر هو زوري اسٽيج تي چڙهي تقرير ڪندو هو. کيس جڏهن سختيءَ سان روڪيو ويو ته هن اغوا جي ڌمڪي ڏني.
    شام جو چئين وڳي وينا کي وٺڻ لاءِ ريڊيو جي وئن پهتي ته اسان به ساڻس گڏ روانا ٿياسين. وينا وٽ سندس اسڪوٽر به هو. هن ٻڌايو ته ڪڏهن ڪڏهن هوءَ پاڻ به اسڪوٽر هلائي ريڊيو تي ويندي آهي.
    ساڍي چئين ڌاري اسان آل انڊيا ريڊيو وٽ وينا کان موڪلايو ۽ ٽيڪسي ڪري لڇمڻ ڪمل جي گهر روانا ٿياسين. هو صحافين جي رهائشي ڪالوني (پريس اينڪليو) ۾ هڪ فليٽ ۾ رهندو هو. سندس گهر واري گوپي، جيڪا هوم ڊپارٽمينٽ ۾ سيڪشن آفيسر هئي، اسان کي گهر اندر ويهاريو ڇوته لڇمڻ اڃان نه پهتو هو. ساڍي پنجين ڌاري جڏهن هو پهتو ته ڏاڍو خوش ٿيو جو هو آريسر جو وڏو پرستار هو. اُٿندي ئي شڪايت ڪيائين ته آريسر پنهنجا تازا ڪتاب کيس نه موڪليا آهن. آريسرکي چيائين، “جڏهن به مونتي ڊپريشن سوار ٿيندي آهي ته تنهنجو ڪتاب پڙهندو آهيان.” لڇمڻ سان رات جو ٻارهين وڳي تائين ڪچهري ٿي ۽ مذهب کان سياست تائين هر موضوع تي ڳالهايوسين. ٽائمز آف انڊيا جهڙي وڏي اخبار ۾ سندس صحافتي زندگي ۽ تجربي مونکي گهڻو متاثر ڪيو. سندس خيال هو ته مجيب الرحمان، ذوالفقار علي ڀٽي ۽ اندرا گانڌيءَ جو قتل هڪ ئي سلسلي جي ڪڙي هئي ڇو ته، هن خطي ۾ جمهوري ۽ عوامي اڳواڻن جو وجود سامراجي قوتن جي مفاد ۾ نه هو.
    رات جو ٻارهين وڳي لڇمڻ فون ڪري ريڊيو ڪئب گهرائي جنهن ۾ اسان هوٽل روانا ٿياسين. ان زماني ۾ ڪراچيءَ ۾ اڃان ريڊيو ڪئب جو نالو به ڪونه هوندو هو.ريڊيو ڪئب جي حساب سان اسان ڀارت کان ڏهاڪو ورهيه پوئتي هئاسين ڇوته اها سروس ڪراچيءَ ۾ 2001 ڌاري شروع ٿي.
    لڇمڻ ان کانپوءِ ٻه ٽي چڪر سنڌ جا هڻي چڪو آهي پر منهنجي ڪڏهن به ساڻس ملاقات نه ٿي.
    *


    ڇا کائجي؟

    رات جو يارهين وڳي فلائيٽ هئڻ سبب گهران هلڪي ڦلڪي ماني کائي نڪتو هئس. پڪ هئي ته جهاز ۾ به ماني ملندي. جهاز دبئيءَ لاءِ اُڏاڻو ته هوائي ميزبانن کاڌو کارائڻ شروع ڪيو. هتي ٻڌائيندو هلان ته ڪراچي کان سيئول سڌي فلائيٽ ناهي تنهنڪري يا ته وايا بئنڪاڪ وڃڻو پوي ٿو يا وري وايا دبئي ۽ مونکي دير سان ويزا ملڻ سبب دبئي واري فلائيٽ نصيب ٿي. شڪر ٿيو ته بي سائي ئي سهي پر برياني کائڻ لاءِ ملي ڇوته ان کانپوءِ ڪوريا تائين ڊگهي سفر ۾ کائڻ لائق ڪابه شئي ڪانه هئي ۽ سڄو وقت مونکي بک ڪاٽڻي پئي. دبئيءَ جي مقامي وقت موجب اڌ رات جو ٻارهين وڳي جهاز لٿو جنهن کانپوءِ ٽين وڳي ڪوريا لاءِ روانگي هئي. ان مهل پيٽ ڀريل هئڻ سبب پاڻي ۽ ڪافيءَ تي گذاروڪري ۽ ڊيوٽي فري شاپنگ مال ۾چڪر هڻندي وقت ڪاٽيم. ڌيان ڇڪائڻ لاءِ شاپنگ مال ۾ گهڻيون ئي شيون هيون پر ٻه شيون وات پاڻي ڪري رهيون هيون .هڪ خشڪ ميوو ۽ ٻيون مڌ جون بوتلون. گورن ۽ گورين جو سڄو مارو مڌ ڳنهڻ تي هو. مون سوچيو ته خشڪ ميوو واپسيءَ تي وٺندس، هتان بس مڌ جي هڪ ٻاٽلي وٺي ٿو وڃان ته جيئن ڪوريا ۾ رات جو موڊ ٿئي ته ٻه چُڪا پي سگهجن. پئسن ڏيڻ مهل ڪائونٽر گرل پاسپورٽ ڏسي جواب ڏنو ته پاڪستاني ماڻهن لاءِ ان تي بندش آهي. مون احتجاج ڪيو ته مان پاڪستان نه بلڪ ڪوريا وڃي رهيو آهيان جنهن کانپوءِ مس مس وڃي راضي ٿي. ٻاٽلي وٺي وري شاپنگ مال جا چڪر هڻڻ شروع ڪيم. 2003 ۾ به ڪولمبو ويندي ٻه ٽي ڪلاڪ دبئي شاپنگ مال ۾ گذاريا هئم. ان وقت ضياءَ اعواڻ ايڊوڪيٽ ۽ سندس اداري جي هڪ ڇوڪري گڏ هئا. ياد اٿم ته گهمندي گهمندي ٿڪجي پيو هئس ۽ هڪ ڪائونٽر سان ٽيڪ ڏئي بيٺو هئس ته ساٿي ڇوڪريءَ دانهن ڪئي ، سر! ڪرينا ڪپور. ڪيا اس ڪي ساٿ آپ ڪي تصوير بنائون؟ “. مون سمجهيو ته ڀوڳ ٿي ڪري تنهنڪري پاسي ۾ بيٺل جينس ۽ ٽي شرٽ پاتل خوبصورت ڇوڪريءَ تي سرسري نظر وجهي پرڀرو ٿي بيهي رهيس پر جڏهن چتائي ڏٺم ته واقعي ڪرينا ڪپور هئي ۽ ان مهل هڪ شخص ڪرينا سان فوٽو ڪڍائي رهيو هو.
    رات جو اوجاڳو بک وڌائيندو آهي سو ٽين وڳي تائين منهنجي حالت به خراب هئي پر ڪجهه کائڻ بدران گهڙي گهڙيءَ سموڪرس ڪارنر ۾ وڃي خالي پيٽ تي سگريٽ پيئندو رهيس جتي جينس پهريل نوجوان يورپين ڇوريون ڪش مٿان ڪش هڻي رهيون هيون. نيٺ انتظار پورو ٿيو ۽ سيئول روانگيءَ لاءِ جهاز ۾ سوار ٿيا سين. سواءِ ڪجهه يورپين ماڻهن جي باقي سڀ ڪوريائي هئا جيڪي شايد دبئي يا ٻين عرب رياستن مان موڪلن تي يا نوڪرين جو مدو پورو ٿيڻ تي پنهنجي ملڪ وڃي رهيا هئا. هوائي ميزبانن جيئن ئي کاڌو ورهائڻ شروع ڪيو ته کاڌن جي شڪل ڏسي مونکي به اندازو ٿي ويو ته سيئول تائين بکيو رهڻو پوندو. عجيب کاڌا هئا جيڪي منهنجي کائڻ کان چڙهيل هئا. هڪ ايئر هوسٽس جڏهن منهنجي ويجهو آئي ته مينو ڏسي کانئس آمليٽ گهريم ۽ سوچيم ته گهٽ ۾ گهٽ اها ته پڪ هوندم ته مون بيدو کاڌو. پر جڏهن کائڻ شروع ڪيم ته ٺپ ئي ٺري ويا. عجيب بي سائو آمليٽ هو جنهن جو پهريون گرهه ئي ٽري ۾ اُڇلائي ڇڏيم. ان کانپوءِ کائڻ لاءِ بس فروٽ جون ٻه ٽي ڪتريون ۽ ٽماٽي جي ماپ جي هڪ ڊبل روٽي هئي. جيئن ته چانهه ۾ به مزو نه هو تنهنڪري پوءِ سڄو زور جوس تي رکيم.
    سفر کي اڃان ڪلاڪ کن مس گذريو هيو ته پنهنجي ڄاڻ خاطر ايئر هوسٽس کان پڇيم ته دبئي- سيئول سفر گهڻن ڪلاڪن جو آهي. سندس وات مان ڏهه ڪلاڪن جو ٻڌي بخار چڙهي ويو. ڊگهي سفر جو اندازو ته اڳ ۾ ئي هو ڇوته ٽڪيٽ ۾ لکيل وقت موجب سيئول ۾ جهاز اتان جي مقامي وقت مطابق شام جو پنجين وڳي لهڻو هو. پاڪستان ۽ ڪوريا جي وقت ۾ چئن ڪلاڪن جو فرق آهي ۽ جيئن ته مان دبئي(اولهه ۾) وڃي وري اوڀر وڃي رهيو هئس تنهنڪري وقت۽ فاصلي جي وڇوٽي اڃان وڌي وئي. وقت گذاري ۽ بک تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اخبار به ڪيتري پڙهجي سو سواءِ سمهڻ جي ٻيو ڪو چارو ڪونه هو ۽ هرڪو ڄاڻي ٿو ته خالي پيٽ تي ڪهڙي ننڊ ايندي آهي. مون سيئول تائين وري ڪجهه نه کاڌو ۽ لنچ ۾ به فروٽ ۽ جوس تي گذارو ڪيم.
    مونکي پنهنجا پهريان سفر ياد ايندا رهيا. افغانستان جو ذڪر ڪري چڪو آهيان جتي سرڪاري مهمان هئاسين ۽ ريسٽ هائوس ۾ شاندار نموني خدمت ٿيندي هئي. کاڌي ۾ سواءِ ان جي ٻيو ڪو فرق نه هو ته اسان پاڻ وٽ ٻوڙ ۾ گوشت جون ننڍيون ٻوٽيون ڪيون ۽ افغاني وڏي گوشت جا وڏا ٻُوٽ چاڙهين. مرچ مصالحا به اسان جهڙا ئي اٿن.
    سن 2000 ۾ ميڊيا ۽ جمهوريت جي موضوع تي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ سنگاپور وڃڻ ٿيو. اتي چارئي ڏينهن فائيو اسٽار هوٽل River View ۾ رهڻ جي باوجود مونکي صحيح نموني کائڻ لاءِ فقط هڪ ويلو نصيب ٿيندو هو. صبح جو هوٽل جي ريسٽورينٽ ۾ نيرن لاءِ بيشمار ڊش هوندا هئا پر سڀ آمريڪي اسٽائل جا، تنهنڪري مان فروٽ،جوس ۽ چانهه تي گذارو ڪندو هئس. لنچ اتان جي چائنيز ريسٽورينٽ ۾ رکيل هوندي هئي ۽ اهي کاڌا به مونکي ٺپ ڪونه وڻن. اتي به هڪ ڏينهن مون لنچ ۾ آمليٽ کائڻ جو تجربو ڪيو پر مٺو آمليٽ چکندي ئي توبهه ڪيم. هڪ مان ۽ هڪ جرمن صحافي، ٻنهي سان ساڳي جٺ هوندي هئي. جرمن صحافي هڪ هڪ ڊش کڻي مون کان پڇندو هو: Mr. Nasir what is this? ۽ مون وٽ هن لاءِ ڪوبه جواب نه هوندو هو. مان حيران هوندو هئس ته ٻين ملڪن جا ماڻهو هر قسم جو کاڌو آرام سان ويٺا کائيندا هئا.
    پهرين ئي ڏينهن ميزبانن منهنجي حالت ڏسي صلاح ڏني ته رات جي ماني مان پنهنجي مرضيءَ سان ٻاهر وڃي کائي سگهان ٿو پر ان لاءِ مونکي Little India نالي علائقي ۾ وڃڻو پوندو جتي انڊين کاڌن جون هوٽلون آهن . مان ته ڄڻ جي پيس. کانئن بس جو روٽ پڇي سج لٿي مهل نڪري پيو هئس ۽ سائوٿ انڊينس جون هوٽلون ڳولي برياني ۽ چانهه تي ٽُٽندو هئس. ڪانفرنس جي آخري ڏينهن شام جو رلڻ جو گهڻو وقت ملي ويو. لٽل انڊيا جي فٽپاٿن تي هلندي هڪ هنڌ حيران ٿي ويس جڏهن ٻن شٽرن واري هڪ دڪان ۾ ٺهيل هوٽل جي ٻاهران تئي تي مانيون پچندي ڏٺم. اندر ڪائونٽر تي ويٺل ڏاڙهيءَ واري همراه کان پڇڻ تي خبر پئي ته قيمي جو ٻوڙ به اٿس. بس پوءِ ته مزا ٿي ويا. چوٿين ڏينهن تازي ماني ۽ قيمي جي ٻوڙ سان پيٽ ڀري کاڌم. سنگاپور جو سفر سنگاپور ايئر لائين ذريعي ٿيو هو ۽ ان سفر ۾ کاڌي جو مسئلو ڪونه هو ۽ هر مسافر جي پسند مطابق کاڌو ۽ مشروب ڏنا پي ويا.
    نيپال جا کاڌا به لذيذ هئا بلڪ ڪجهه کاڌا ته ذائقي ۾ بلڪل اسان جي کاڌن جهڙا هئا جڏهن ته ڍاڪا ۾ به پاڪستاني کاڌن جهڙي ٽيسٽ هئي پر ڪولمبو ۾ ته هر ڊش مڇيءَ جو هو يا هر ڊش مان مڇيءَ جي بوءِ ٿي آئي. بس صبح جو آمليٽ سان نيرن چڱي ٿي ويندي هئي. هڪ ڏينهن مان ۽ ساٿي ڇوڪري پاڪستاني ريسٽورينٽ جي پڇا ڪندي وڃي هڪ هنڌ پهتاسين پر بدقسمتيءَ سان هوٽل بند هئي. هڪ ٻه پنجابي بيرا موجود هئا جن کي اسان جو خيال اچي ويو ۽ اسان کي ڪڙڪ چانهه ٺاهي پياريائون. ڪولمبو ۾ مونکي هوٽل ڀرسان سمنڊ ڪناري انناس وٺي گذارو ڪرڻو پوندو هو.
    اهي ڳالهيون ياد ڪري سوچيم ته ڪوريا ويندي ئي بکون ڪاٽڻيون ٿيون پون ته ڪوريا ۾ ڇا حالت ٿيندي، چار ڏينهن منهنجا ڪيئن گذرندا؟ اهي انديشا صحيح ثابت ٿيا جن جو ذڪر اڳتي هلي ٿيندو.
    *


    هاڻي ڪوريا جون ڳالهيون

    ڏهه ڪلاڪن جي لاڳيتي هوائي سفر کانپوءِ ڪوريا جي وقت مطابق شام جو پنجين وڳي جهاز سيئول جي انچيان Incheon بين الاقوامي هوائي اڏي تي لٿو. اميگريشن جي ضابطن پوري ڪرڻ ۾ گهڻو وقت ڪونه لڳو. لائونج کان ٻاهر نڪري ٽيڪسي ڪرڻي هئي ڇوته ميزبان مسٽر ريانگ اوهه جي چوڻ مطابق شام جو ڇهين وڳي پروگرام شروع ٿيڻو هو جنهنڪري هو سڀ اتي هوندا ۽ مونکي وٺي اچڻ لاءِ انهن مان ڪير به اچي نه سگهي ها. سندس چوڻ موجب هوائي اڏي کان شهر تائين بس به هلي ٿي پر ان ۾ دير لڳي ها. مسٽر ريانگ پنهنجو فون نمبر ڏنو هو ۽ چيو هئائين ته ٽيڪسي واري کي ان نمبر تي ڳالهائڻ لاءِ چوان ته جيئن هو ان کي ائڊريس سمجهائي. مان ان سوچ ۾ ئي هئس ته فل سُوٽ ۾ هڪ همراهه اچي ٽيڪسيءَ جو پڇيو. مسٽر ريانگ صلاح ڏني هئي ته ٽيڪسي ڊرائيور انگريزي نه سمجهي ته ٻئي ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي تاڙيان جيڪو انگريزي سمجهندو هجي ۽ ڊرائيور کي ڪوريائي ٻوليءَ ۾ سمجهائي سگهي. پر شڪر ٿيو جو ڊرائيور ٻه ٽي جملا سمجهي ورتا ۽ يڪدم موبائل تي مسٽر ريانگ سان ڳالهائي ائڊريس سمجهي ورتائين. ريانگ مون سان به ڳالهايو ۽ ڏاڍو خوش هو ته وڏي جاکوڙ کانپوءِ نيٺ مان به ڪوريا پهچي ويس.
    ڊرائيور منهنجي بيگ کڻي مونکي هلڻ جو اشارو ڪيو. هوائي اڏي جي عمارت اندر مختلف لائونجن مان ٿيندا هڪ لفٽ ذريعي هيٺ بيسمينٽ ۾ پارڪنگ ۾ پهتاسين. ڊرائيور منهنجي بيگ هڪ لينڊ ڪروزر ۾ رکي ته شڪجي پيس ته شايد ڪنهن غلط گاڏيءَ ۾ ٿو رکي پر جڏهن هن منهنجي لاءِ در کوليو ته پڪ ٿي ته لينڊ ڪروزر ئي ٽيڪسي آهي. مون پاڻ کي ياد ڏياريو ته مان پاڪستان ۾ ناهيان جتي کٽارا ڪارين ۽ پيلين ٽيڪسين جو راڄ آهي ۽ اڃان 6 ست سال مس ٿيا آهن جو ڪرولا گاڏيون ريڊيو ڪئب جي شڪل ۾ هلڻ لڳيون آهن .
    لينڊ ڪروزر جڏهن بيسمينٽ واري پارڪنگ ايريا مان ٻاهر نڪري شاهي ڪشادي رستي تي هلڻ لڳي ته ان مهل سانجهي ٿي چڪي هئي ۽ رستي جي پاسن کان ٿنڀن تي ٻريل بلبن جون قطارون ڪوريا جي خوبصورتيءَ جو احساس ڏياري رهيون هيون. هوائي اڏي کان سٽي سينٽر تائين ڪلاڪ مني جو سفر هو ۽ اهو سمورو وقت ٽيڪسي ڄڻ ته ترندي ٿي هلي. ايئن ٿي لڳو ته اهي رستا،سمنڊ جي کارين مٿان ٺهيل پليون ۽ فلاءِ اوورس ڄڻ ته تازو ئي ٺهيون هجن. رستن تي نه ڪٿي گند ڪچرو نه اڏامندڙ پنا ۽ پلاسٽڪ جون ٿيلهيون. جيئن جيئن شهر جي اندروني علائقن ۾ گهڙندا وياسين ته اندازو ٿيندو ويو ته ڪوريائي ماڻهو ٽريفڪ جي قاعدن قانونن جا به ڪيڏا نه پابند آهن . ڪٿي به ٽريفڪ پوليس جو ڪو ماڻهو نظر نه آيو پر هر سگنل ۽ هر زيبرا ڪراسنگ تي گاڏيون بيهن پيون ۽ ڪير به سگنل ڀڃڻ يا اوور ٽيڪنگ جي ڪوشش نه پيو ڪري.
    اسان پنهنجي ملڪ ۾ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي فخر محسوس ڪندا آهيون ۽ جڏهن ملڪ کان ٻاهر وڃبو آهي ته اسان کان وڌيڪ قانون جو پابند ڪير به نه هوندو آهي. مان سگريٽ جو موالي،سو ڏهه ڪلاڪن کان وڌيڪ هوائي سفر ۾ سگريٽ نه پيئڻ سبب ٻاڙيو ويٺو هئس پر اوپري ملڪ ۾ هئڻ جي ڪري ڊرائيور کان پڇڻ ضروري سمجهيم ۽ گرين سگنل ملڻ تي لاڳيتو ٻه ٽي سگريٽ پي ورتم. مونکي سنگاپور جي سفر جو پهريون ڏينهن ياد آيو جڏهن شام جو ماني کائڻ لاءِ لٽل انڊيا ويندي بس ۾ جينس پاتل هڪ سمارٽ عورت، جنهن جا ساهرا ڪراچيءَ جا هئا، مونکي نئون ڏسي اتان جي قاعدن قانونن کان ٿورو گهڻو آگاهه ڪيو جنهن جي خاص ڳالهه اها هئي ته گاڏين ۾ يا رستي ويندي سگريٽ پيئڻ، سگريٽ يا ٻيو ڪو ڪاڳر پٽ اڇلائڻ کان پاسو ڪريان ڇوته ان تي ويهه سنگاپوري ڊالر ڏنڊ آهي.
    ٽيڪسيءَ ۾ سفر ڪندي به مونکي شڪ هو ته سگريٽ پيئڻ جي اجازت نه هوندي پر سوچيم ته اڳتي الائي ڪڏهن اهڙو موقعو ملي، سو ڇو نه ٽيڪسي ڊرائيور جي شرافت جو فائدو وٺان.
    ٽيڪسي هلائيندي واٽ تي ڊرائيور بٽڻ دٻائي ڊجيٽل نقشو ڪڍيو ۽ سمجهايو ته اسان هن وقت ڪٿي آهيون ۽ اسان جي منزل ڪٿي آهي. هن ٻڌايو ته اسان کي سٽي هال وٽ پهچڻو آهي جنهن جي ڀرسان پريس سينٽر آهي ۽ اها ئي اسان جي منزل آهي. مونکي ڪراچي، حيدرآباد، لاهور،اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئٽا جي پريس ڪلبن جو تصور هو جيڪي اسان پاڪستاني صحافين جي نظر ۾ مثالي قسم جون عمارتون آهن. پر جڏهن ٽيڪسي هڪ گهڻ ماڙ ۽ ڪنهن ڪارپوريٽ اداري جي شاهي آفيس جهڙي عمارت ٻاهران هلي بيٺي ته وائڙو ٿي ويس. ٽيڪسي ڊرائيور فون ڪري مسٽر ريانگ کي ٻڌايو ته سندن مهمان اچي چڪو آهي. ٻن ٽن منٽن کانپوءِ هڪ ڪوريائي ڇوڪري عمارت مان ٻاهر آئي ۽ ڊرائيور کي ڀاڙو ڏئي مونکي اندر وٺي وئي. ٽيڪسيءَ کان ٻاهر اهي ڪجهه منٽ به منهنجي لاءِ ڏکيا ثابت ٿيا جو ٿڌ ايڏي خطرناڪ هئي جو ڪوٽ پاتل هوندي به ڏڪڻي بند نه پئي ٿئي. عمارت اندر گهڙندي ئي فرحت محسوس ٿي جو اتي سينٽرلي هيٽنگ سسٽم هيو. اسان لفٽ ذريعي ڇهين ماڙ تي پهتاسين جتي آڊيٽوريم ۾ پروگرام رٿيل هو. آڊيٽوريم جي ٻاهران رجسٽريشن کانپوءِ بيگ ميزبانن جي حفاظت ۾ ڏئي مان هال ۾ گهڙيس جتي ريانگ ۽ ٻيا عهديدار مونسان ايئن پاٻوهه سان مليا ڄڻ پراڻا دوست هجن ۽ گهڻي وقت کانپوءِ وري مليا هجن. سڀ کان اڳ هنن پنهنجي عهديدارن سان ملايو ۽ پوءِ ٻين ملڪن مان آيل صحافين سان. جن سان اتي ملاقاتون ٿيون ۽ باقي ڏينهن سفر ۾ گڏ گذارياسين انهن ۾ سنگاپور جو آئيوان لم Ivan Lim ، منگوليا جو ڊولگر چلنبتار Dolgor Chuluunbaatar، ملائيشيا جي نوريلا دائود Norila Daud، انڊونيشيا جو ايڊي سپارتو Eddy Suprapto، بنگلاديش جو شفيق البشر، ٿائلينڊ جوسلايڪناند وراسڪ Wirasak Salayakanond، انڊيا جو برجيش ڀاٽيا، آمريڪا جي ڪوريائي صحافڻ ڪيلي يمانوشي Kelly ، ميزبان تنظيم جو صدر سانگ ڪي لي Sang-ki Lee،تنظيم جو ڊائريڪٽر جون جئي چا Joon jai Cha ۽ ڪي ٻيا شامل هئا.
    وقت جي پابندي ڪندي ٺيڪ ساڍي ڇهين وڳي پروگرام شروع ڪيو ويو. بلڪل مختصر تعارفي تقريرن کانپوءِ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر هاڪ راءِ چوءِ Hak Rae Choi کي تقرير لاءِ سڏيو ويو جيڪو هيو ته خاص مهمان پر عام مهمانن وانگر ويٺو هو. سندس تقرير کانپوءِ برما جي هڪ فوٽو جرنلسٽ ناگائي ڪينجي بابت فلم ڏيکاري وئي جنهنکي برما جي سياسي وڳوڙن ۾ پيشيورانه فرض ادا ڪندي شهيد ڪيو ويو هو ۽ جنهنکي سال جي بهترين صحافيءَ جي ايوارڊ لاءِ چونڊيو ويو هو. ناگائي جهونو فوٽو جرنلسٽ هو ۽ زندگيءَ ۾ هو ڪيترن ئي خطرناڪ مرحلن مان گذري چڪو هو پر هڪ ڏينهن عوام ۽ پوليس جي چڪرين دوران گولي لڳڻ سبب ختم ٿي ويو. سندس لاش ڪافي دير تائين رستي تي پيو هيو. دستاويزي فلم ڏسي هال ۾ موجود سڀ ماڻهو ڏکوئجي ويا. مونکي ڪي ٽي اين جي منير سانگيءَ جي ياد آئي جيڪو لاڙڪاڻي ڀرسان قبائلي جهيڙي جي ڪوريج ڪندي شهيد ٿي ويو، سرحد صوبي جو حيات الله خان ياد آيو جنهنکي اغوا ڪري ڇهن مهينن کانپوءِ قتل ڪري لاش اڇلايو ويو، اهڙا ڪيترائي صحافي ياد آيا جن پنهنجي پيشي سان سچائي ڏيکاريندي جان ڏني. اسان کي ايشيا جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي جنرل اسيمبليءَ ۾ اهي ئي مسئلا کڻڻا هئا. منهنجي مقالي ۾ منير سانگي ۽ پاڪستان جي ٻين شهيد صحافين، سياسي پارٽين جي تشدد، سرڪار توڙي وڏيرن جي ڏاڍ جو شڪار ٿيل صحافين جو تفصيل سان ذڪر ٿيل هو.
    ڏکويل ماحول ان وقت کل ڀوڳ ۾ مٽجي ويو جڏهن گلابي سوٽ ڪوٽ ۾ ڪوريائي ڪاميڊين اچي اسٽيج سنڀالي ۽ پوءِ هر مهمان وٽ وڃي انگريزي ۽ ڪوريائي ٻولين ۾ ڀوڳ چرچا ڪرڻ لڳو. اهو مزاحيا اداڪار مون وٽ به آيو ۽ ڪوريائي زبان ۾ ڪجهه جملا چيائين جيڪي مونکي سندس پٺيان چوڻا پيا. منهنجي جملن جي ادائگي شايد چٽي هئي جو وڏيون تاڙيون وڳيون. انهن جملن جو مطلب خير عافيت پڇڻ هو. هونئن به جيڪڏهن ڪوريائي زبان ۾ اهي ڪي گاريون هجن ها ته مون کي ڪهڙي خبر پوي ها. (اڳي مان ۽ ڪي ٻيا سنگتي مزي خاطر پنهنجي پنجابي دوستن کي ڪجهه اگهاڙن سنڌي لفظن جي چڱي معنيٰ ڪري ٻڌائيندا هئاسين پر پوءِ جلدي کين حقيقت ٻڌائي ڇڏبي هئي).
    پروگرام جي انهيءَ حصي ۾ تحفا به ڏناسين. مون هڪ سنڌي ٽوپي ڪاميڊين کي پارائي ۽ باقي هڪ ٽوپي ۽ ٻه اجرڪ ٻين کي پارايم جن مان هڪ ڪوريائي صدر جو چيف سڪيورٽي آفيسر هو. اهو آفيسر اجرڪ ملڻ تي ڏاڍو خوش هو ۽ پروگرام ختم ٿيڻ تي خاص طور اچي مليو. تحفن ڏيڻ جو مقصد انهن ماڻهن کي خوش ڪرڻ هو جن ايسو سيئيشن جي سموري پروگرام رٿڻ ۾ مدد ڪئي هئي.
    پروگرام جي انهيءَ حصي کان ئي اهو ڏکيو مرحلو شروع ٿيو جنهن جو ڊپ هو يعني کاڌي پيتي جو. شروعات امن ۽ دوستيءَ جي نانءُ پيگ پيئڻ سان ٿي. هر ميز تي روايتي ڪوريائي وائين جي بوتل رکيل هئي. ان کانپوءِ بيرن مختلف ڊش رکڻ شروع ڪيا. کاڌا ڏسي بک ته اڃا وڌي وئي بلڪ آنڊا وٽجڻ لڳا جو گذريل رات کان بکايل هئس، پر کاڌن جي شڪل ڏسي پريشان ٿي ويس. پاسي ۾ ويٺل هڪ ڪوريائي ميزبان کي ماجرا ٻڌايم جنهن آٿت ڏني ته بيف ڪٽليٽ به مينو ۾ شامل آهن. بس پوءِ ته بيف، ڊبل روٽي ۽ فروٽ تي مارو ڪيم جنهن دوران ريڊ وائين به هلندو رهيو.
    پروگرام جو آخري حصو موسيقيءَ جي محفل تي مشتمل هو جنهن جو موضوع هو : ايشيا ۾ پيار، امن ۽ دوستي. ٽن نوجوان ڇوڪرين، هڪ پيانو وڄائيندڙ عورت ۽ سندن هڪ استاد تي ٻڌل گروپ ڪنهن ڪوريائي ميوزڪ اڪيڊمي مان آيل هو. ميوزڪ لاءِ ڪو وڏو آرڪيسٽرا ڪونه هو بلڪه صرف پيانو هو جنهن کي وڄائڻ واري پرڪشش ۽ باوقار عورت هئي. سندن گروپ ليڊر به پروفيسر ليول جو ماڻهو هو جنهنکي سڀني ماڻهن عزت پي ڏني. ڪوريائي ٻوليءَ ۾ ڳايل گيتن کي ته مان سمجهي نه سگهيس پر چوندا آهن ته موسيقيءَ جي پنهنجي زبان هوندي آهي سو قربائتي مرڪ ڀريل عورت جي وڄايل پيانو جي ڌنن تي مان ۽ مون جهڙا ٻيا غيرڪوريائي مهمان به جهومندا رهيا. گروپ ليڊر ٽي چار گيت ڳايا جنهن کان پوءِ سندن شاگرد ٽن ڇوڪرين وارو ورتو. پروگرام کي دلچسپ رنگ ان مهل آيو جڏهن ميائون ميائون ڪرڻ شروع ڪين. ميائون جي ادائگي ۽ منهن جي تاثرات مان ٻن ٻلين وچ ۾ ڪچهري ۽ تڪرار جي هنن ڀرپور عڪاسي ڪئي. هنن ثابت ڪيو ته دنيا جي سمورين ٻلين جي هڪ ئي ٻولي آهي.
    پروگرام پنهنجي مخصوص وقت تي ختم ٿيو ۽ سڀ مهمان روانا ٿيڻ لڳا. ان مهل صدر جو چيف سڪيورٽي آفيسر وري اچي مليو ۽ سنڌ جي ثقافتي سوکڙي ڏيڻ تي ٿورو مڃيائين.
    اسان به گهڻو ٿڪل هئاسين تنهنڪري هلڻ جي ڪئي سين. هوٽل وابيان ۾ رهائش هئي جيڪا تمام ويجهو هئي پر سامان گڏ هجڻ ۽ سخت ٿڌ جي ڪري ميزبانن ڪار ۾ اُتي پهچايو. ويهه ماڙ هوٽل جي پندرهين ماڙ تي اسان جا ڪمرا هئا. مونکي ۽ ڀاٽيا کي هڪ سوئيٽ مليل هو جنهن ۾ ٽي بيڊ روم، اٽيچڊ باٿ، ڪشادو لائونج ۽ ڪچن شامل هئا.
    مان پنهنجي ڪمري ۾ وڃي وهنجي سنهنجي تازو ٿي دريءَ مان ٻاهر جو نظارو ڪرڻ لڳس ته سامهون گهڻ ماڙ شيشن جي عمارت نظر آئي جيڪا پوليس هيڊ آفيس هئي. روشنين سان جرڪندڙ عمارت جي گيٽ تي يا آس پاس ڪوبه پوليس پهرو نظر ڪو نه آيو جيئن اسان جي ملڪ ۾ هوندو آهي. ڪراچيءَ ۾ سينٽرل پوليس آفيس جي نه فقط گيٽ تي پر اندر به وڏا اٽالا هٿيارن سان ليس هر وقت پوزيشن ۾ بيٺل نظر ايندا ۽ ڪير به بنا پاس جي اندر نه وڃي سگهندو. سڀ کان وڌيڪ غير محفوظ ويچارا پوليس آفيسر لڳندا آهن جن جي بچاءَ لاءِ سوين سپاهي مقرر هوندا آهن . هڪ پوليس آفيسر جي گاڏيءَ جي اڳيان پٺيان ڪيتريون ئي موبائلون سائرن وڄائينديون هلنديون آهن . ڪوريا جي باقي سفر ۾ ٻن هنڌن تي ٻن پوليس آفيسرن کي وڏين ڪارن ۾ گهمندي ڏٺم ته ميزبانن کان پڇي ويٺس. هنن ٻڌايو ته ڪوريا ۾ پوليس وارا ايئن ڪار ۾ پيٽرولنگ ڪندي نظر ايندا.
    *


    ڪوريا ۾ ٻيو ڏينهن

    مون ته فارمل ڊريس طور پاڻ سان ٻه فل سُوٽ کنيا هئا، پر مونکي خبر ئي ڪانه هئي ته ڪوريا ۾ ڄمائيندڙ ٿڌ هوندي. اُن جو اندازو پهرين رات ئي سٽي هال وٽ ٽيڪسيءَ مان لهڻ شرط ٿي ويو هو جو جيستائين ميزبانن طرفان موڪليل ڇوڪري ٽيڪسيءَ واري کي ڀاڙو ڏئي، منهنجي کاڏي ايئن پي وڳي ڄڻ مرحوم جلال چانڊئي جي چپڙي وڄندي هجي.
    رات ته هوٽل ۾ خير سان گذري جو اُتي سينٽرلي هيٽنگ سسٽم هو. محسوس ئي نه ٿيو ته ڪنهن سرد ملڪ ۾ آيو آهيان. صبح جو نيرن ڪري نائين وڳي هوٽل مان روانگيءَ جو پروگرام هو. منهنجي نيرن ڇا ٿي هوندي اُهو هن مهل تائين ڪيل احوال مان سمجهي سگهجي ٿو.ڪوريائي کاڌو ۽ بي سائي چانهه !ماٺ ڪري ٻن ٽن بسڪوٽن تي گذارو ڪيم ڇو ته دير ٿي رهي هئي. هونئن ڪجهه وقت هجي ها ته کائڻ جي ٻي ڪا شئي ڳولي وٺجي ها.
    هوٽل جي ٻاهران هڪ شاهي ڪوچ انتظار ۾ بيٺل هئي. ڪوريائي ميزبان ايترا ته نياز نوڙت وارا هئا جو اسان جو ڳرو سامان پاڻ کڻي ڪوچ جي خانن ۾ رکندا رهيا. رات جي ڀيٽ ۾ ٿڌ ڪجهه گهٽ هئي پر ڪوٽ کانسواءِ چاڙهو ڪو نه هو. ڪوچ اندر ته ٿڌ جو احساس ئي ڪو نه هو جو اُن ۾ هيٽنگ سسٽم هو. مٿان وري انسٽنٽ ڪافيءَ جو انتظام مزو اچي ويو.
    اسان جي روانگي مانهاءِ ڳوٺ Manhae village ڏانهن هئي پر اُن کان اڳ پهرين منزل سام سنگSamsung ڪمپنيءَ جو هيڊ آفيس ڪامپليڪس هئي. جيئن ئي ڪوچ رواني ٿي ته ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري جنرل ريانگ اوهه مائيڪ کڻي مختصر تعارفي تقرير ڪئي ۽ پوءِ هر مهمان ۽ ميزبان پنهنجو پنهنجو مختصر تعارف ڪرايو. ڪوچ ۾ اسان ڪل ويهه پنجويهه ڄڻا هئاسين، جن ۾ پاڪستان جي نمائندگي مون پي ڪئي، انڊيا مان ڀاٽيا صاحب، انڊونيشيا مان مسٽر ايڊي، ملائيشيا مان هڪ پڪي عمر جي ٽريڊ يونين ليڊر عورت نوريلا، ٿائلينڊ جو پروفيسر سلاياڪانونڊ وراسڪ، بنگلاديش جو شفيق البشر، منگوليا جو چلنباتر ڊولگر، سنگاپور جو آئيوان لِم آمريڪا مان ڪوريائي صحافڻ مس ڪيلي، ايسوسيئيشن جي هڪ ترجمان ڇوڪري، ايسوسيئيشن جو صدر سانگ ڪي لي، هڪ نوجوان فوٽوگرافر ۽ ڪجهه ٻياشامل هئا.
    هڪ ته سنڌ سان ملندڙ راجستان جو ڀاٽيا ۽ ٻيو ته اردو ڳالهائيندڙ، ان ڪري مونکي ساڻس ويجهڙائپ محسوس ٿي ۽ ساڳيا جذبا ڀاٽيا صاحب جا هئا. ان ڪري اسان ٻئي هڪٻئي ڀرسان ئي ويٺاسين ۽ سمورو وقت ڪچهري ڪندا رهياسين. هونئن سڀئي ساٿي زنده دل هئا ان ڪري سڀ هڪٻئي سان چرچا ڀوڳ ۽ ڊاڙا ٺڪاءَ ڪندا رهيا. وچ ۾ ڪافيءَ جو دور ۽ ڊي وي ڊيDVD پليئر تي گانا به هلندا رهيا.محسوس ئي نه ٿيو ته اسان سڀ هڪٻئي سان پهريون ڀيرو مليا آهيون.
    هوٽل تان روانو ٿيڻ کان وٺي کوڙ وقت دريءَ مان جائزو به وٺندو رهيس ته نيٺ شهر کُٽندو ۽ ٻهراڙي شروع ٿيندي، ڪي ڀڳل رستا نظر ايندا، پر اهڙو ڪو منظر نظر نه آيو . پري پري تائين خوبصورت رستا ايئن ٿي لڳا ڄڻ ويجهڙ ۾ ٺهيا هجن. لنڪ روڊن جو ڄار اهڙي نموني وڇايل هو جو ڪابه گاڏي اوچتو شاهراهه تي نه پئي چڙهي بلڪ انڊر پاس مان ٿيندي اچي مکيه ٽريفڪ سان پئي ملي جنهن سان ڪنهن به گاڏيءَ کي بريڪ هڻڻ جي ضرورت نه پئي پوي. ڪوريا جون شاهراهون حقيقي نموني سگنل فري هيون، ڪراچيءَ وانگر نه، جتي ايم ڪيو ايم جي شهري حڪومت اربين رپين جو مال کائڻ لاءِ سگنل فري ڪاريڊور ٺاهڻ جون ڪوڙيون دعوائون ڪري رهي آهي.
    سيئول شهر ته گهڻو پٺتي رهجي ويو هو پر اسان کي هر هنڌ شهري علائقو پي لڳو ڇوته شاهراهه جي ٻنهي پاسي خوبصورت عمارتون، اسٽور ۽ پيٽرول پمپ تعمير ٿيل هئا. ڪن هنڌن تي جبل ۽ شاهراهه جي وچ ۾ ٻني ٻارو به ڏسڻ ۾ آيو ، پر لابارو ٿيل هو ۽ بُهه يا پلال کي ايترو ته صفائيءَ سان پلاسٽڪ ۾ ويڙهي رکيو ويو هو جو هوائن لڳڻ سان هڪ ڪک پن به زيان نه ٿئي. اسان وٽ سنڌ ۾ لابارن کان پوءِ بُهه يا پلال تي گارو هڻي ان کي زيان ٿيڻ کان بچايو ويندو آهي.
    مون ۽ ڀاٽيا اها ڳالهه به نوٽ ڪئي ته سڄي سفر ۾ ڪٿي به اسان کي ڪا پراڻي يا ڊينٽ پيل گاڏي ڏسڻ ۾ ڪانه آئي. ڀاٽيا ته گهڙيءَ گهڙيءَ ان جو اظهار به ڪيو. سندس خيال هو ته انڊيا ۽ پاڪستان ٻه اهڙا ملڪ آهن جتي ٻين ڳالهين سان گڏ پراڻين ۽ ڀڳل گاڏين وارو ڪلچر به ساڳيو آهي. ڀاٽيا ڪنهن زماني ۾ ڀارت جي اطلاعات کاتي ۾ آفيسر هو ۽ ڪيترائي ڀيرا پاڪستان گهمي چڪو هو. جنرل ضياءجي زماني ۾ جڏهن اوجهڙي ڪئمپ وارن بم ڌماڪن اسلام آباد ۾ وڏي تباهي آندي هئي تڏهن به هو اُتي ترسيل هو.
    ٽيهه چاليهه ڪلوميٽر سفر ڪرڻ کانپوءِ ڪوچ هڪ هنڌ بيٺي ته ٻئي ڇوڪريون ۽ ٻه ٽي ٻيا ساٿي لهي هڪ عمارت ۾ هليا ويا. پڇڻ تي ٻڌاين ته اهي ريسٽ رومRest Room آهن ۽ اسان جا ساٿي فريش Fresh ٿيڻ ويا آهن .ممڪن آهي ته گهڻن ئي پڙهندڙن کي ريسٽ روم جي خبر هجي، پر ڪي مون جهڙا به هونداجن کي ان جي ڄاڻ نه هوندي.مونکي به سچ ته 6 ست ورهيه اڳ نيپال جي دوري ۾ خبر پئي ته ريسٽ روم اصل ۾ ٽوائليٽ کي چيو وڃي ٿو. کٽمنڊوجي ٻهراڙيءَ ۾ دلڪش نظارن وارن جبلن تي گوڊاوري وليج رزارٽ ۾ ڊائننگ هال ڀرسان ٻن دروازن تي ريسٽ روم لکيل هو . هڪ تي مرد ۽ ٻئي تي عورت جي تصوير ٺهيل هئي. مونکي ماني کائڻ کانپوءِ هٿ ڌوئڻا هئا پر سوچ ۾ هئس ته ڪاڏي وڃان. ريسٽ روم لاءِ سمجهيم ته شايد آرام ڪرڻ جا ڪمرا آهن، پر پڇڻ تي خبر پئي ته اهي واش روم آهن جتي “فريش” به ٿي سگهبو. سچ ته فريش ٿيڻ جي خبر به هندستاني فلمن ۽ ٽي وي ڊرامن مان پئي جو اداڪارائون ڪنهن جي پڇڻ تي ٻڌائينديون آهن ته هو فريش ٿيڻ ويون هيون. اسان وٽ عام طور ٽوائليٽToilet لفظ استعمال ٿئي ٿو، يا اڃا به ٿورو ماڊرن ته واش روم .washroom اسان سنڌي شهيد ڀٽي جي زماني ۾ ڪراچيءَ آياسين ته شهر جي اڪثر سائن بورڊنSign Boards ۽ بل بورڊن Bill Boards تي ٽُليٽ To let لکيل ڏسي حيران ٿيندا هئاسين ته اتي ٽوائليٽ ڪٿان آيو. مونکي ڪوريا جي ريسٽ روم واري عمارت ڏسي پاڪستان جا “ريسٽ روم” ياد آيا جن کي پبلڪ ٽوائليٽ سڏيون ٿا ۽ جن مان اُٿندڙ ڌپ پري کان ئي حملو ڪري ڀڄڻ تي مجبور ڪندي آهي. پنج فُٽن جي سوڙهي ڪوٺيءَ ٻاهران وصوليءَ تي ويٺل ماڻهو ته ڪنهن قسم جي حاجت تان ئي دل کڻائي ڇڏيندو آهي.
    جيستائين اسان جا ساٿي “فريش” ٿي اچن، مان ڪوچ مان لهي ڀرسان رديءَ جي ٽوڪريءَ وٽ وڃي سگريٽ پيئڻ لاءِ بيٺم جو ڪوريا ۾ هر هنڌ سگريٽ نٿو پي سگهجي ،جتي رديءَ جي ٽوڪري رکيل هجي، ڀرسان سگريٽ پي ٽوٽو ان ۾ اڇلائي پوءِ روانو ٿجي. اسان پاڪستاني جيئن ته قانون جا وڏا پابند آهيون (ملڪ کان ٻاهر، پنهنجي ملڪ اندر نه) تنهنڪري مون به انهيءَ تي عمل ڪيو. اسان جو نوجوان ساٿي فوٽوگرافر به اتي سگريٽ پي رهيو هو. مون جڏهن سگريٽ دکائڻ لاءِ ماچيس کيسي مان ڪڍيو ته حيران ٿي ويو. چيائين: اوهه اولڊ فيشن. هن وٽ لائيٽر هو ۽ ماچيس هن لاءِ پراڻي زماني جي ڪا شئي هئي. ڪوريا اسان کان ايترو اڳتي نڪتل آهي.
    جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو ته مان سيئول ختم ٿيڻ جي انتظار ۾ هيس، پر ميزبانن ٻڌايو ته سيئول پوئتي رهجي ويو آهي ۽ هاڻي اسان سُوان ڪيانگي صوبي ۾ آهيون ۽ ٿورو اڳتي ئي سام سنگ ڪمپنيءَ جي هيڊ آفيس ايندي.
    *


    سام سنگ شانتي نگر کان به وڏي

    ڪجهه دير جي سفر کانپوءِ ڪوچ سام سنگ ڪمپنيءَ جي گيٽ تي پهتي ته اڳ ۾ ئي ڏنل هدايتن مطابق گارڊ گيٽ کوليو بيٺا هئا. اندر ڪجهه رستا پار ڪرڻ کانپوءِ هڪ عمارت ٻاهران وڃي لٿاسين جتي ڪمپنيءَ جي عملدارن استقبال ڪيو. پهرين ته هڪ آڊيٽوريم ۾ وڃي ويهارين جتي هڪ عام رواجي قد ڪاٺ جي شخص جنهن کي سادو سودو فل سوٽ پاتل هو، ڪمپنيءَ جي باري ۾ بريفنگ ڏيڻ شروع ڪئي. خبر پئي ته اهو سادو سودو همراه دنيا اندر ڇانيل ڪمپنيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ آهي. بريفنگ کانپوءِ هو اسان کي ان عمارت جي مختلف حصن ۾ گهمائيندو سام سنگ ڪمپنيءَ جون مختلف اليڪٽرانڪ مصنوعات ڏيکاريندو رهيو. اها ڪمپني جيڪي شيون ٺاهي ٿي، اِها سڀني کي خبر آهي، تنهنڪري ان جي تفصيل ۾ ڪونه ويندس، پر جنهن شئي اسان سڀني جو ڌيان ڇڪايو اها هئي اسي انچ اسڪرين واري ايل سي ڊي ٽي وي جنهن سان گڏ شاهي قسم جا مائيڪ ۽ ڊيڪ به هئا. انهيءَ ٽي ويءَ جي قيمت فقط هڪ لک ڊالر هئي يعني پاڪستان جا اسي لک رپيا. هن ٻڌايو ته انهيءَ ٽي ويءَ جي اڃا ڪمرشل پراڊڪشن شروع نه ٿي آهي.
    انهيءَ عمارت مان نڪري پنڌ ئي پنڌ مختلف آفيسون ٻاهران ئي ڏسندا اڳتي هلندا وياسين. بيشمار ماڻهن کي اسان هڪ گهڻ ماڙ عمارت ڏانهن ويندي ڏٺو. اسانکي به انهيءَ عمارت جي ڏهين ماڙ تي وٺي هليا جتي لنچ جو انتظام هو. ڪمپنيءَ جي وائيس پريزيڊنٽ ٻڌايو ته پنجويهه ايڪڙن تي پکڙيل اهو ڪامپليڪس فقط ريسرچ ۽ مصنوعات ۾ جدت آڻڻ لاءِ مخصوص آهي جتي ست هزار ورڪر ڪم ڪن ٿا ۽ منجهند جو ست ئي هزار ورڪر هڪ ئي وقت انهيءَ عمارت ۾ ماني کائيندا آهن ۽ ست هزار ورڪرن کي فقط اڌ ڪلاڪ ۾ ماني پيش ڪئي ويندي آهي ته جيئن هو ماني کائي وري وڃي پنهنجي ڪم سان لڳن.
    هن ٻڌايو ته هر سال هنن کي پنهنجي مصنوعات کي مارڪيٽ جي چٽاڀيٽيءَ مطابق سستو ڪرڻ لاءِ تبديليون آڻڻيون پونديون آهن. انهيءَ اصول مطابق پيداواري لاڳت سان گڏوگڏ قيمت به گهٽائڻي پوندي آهي ۽ انهيءَ جي ڪري نئين ٽيڪنالاجي استعمال ڪري مصنوعات کي اڃا وڌيڪ سادو ڪبو آهي. انهيءَ سان مصنوعات جو معيار ڪرڻ بابت منهنجي سوال تي هن اتفاق نه ڪيو. سندس چوڻ هو ته هتي فقط تحقيق ۽ نئين ٽيڪنالاجي ايجاد ڪئي وڃي ٿي جڏهن ته مصنوعات جي تياريءَ لاءِ ڪوريا کانسواءِ دنيا جي ويهه ملڪن ۾ پلانٽ هنيا ويا آهن ته جيئن پيداواري لاڳت گهٽ رهي.
    هتي ٿيل لنچ جو وري ذڪر ڪري اوهان کي بيزار نه ڪندس ڇوته هتي مونکي بيف جا ڪجهه ٽڪرا ملي ويا. باقي کاڌو منهنجي کائڻ کان چڙهيل هو. هڪ ڪوريائي روايتي ڊش جو هنن ٻه ٽي ڀيرا ذڪر ڪيو ۽ خاص طور اُن مهل جڏهن سام سنگ جون مصنوعات ڏسندي ريفريجريٽرن واري حصي ۾ آيا هئاسين. هڪ فرج ڏانهن اشارو ڪندي چيو ويو ته هن ۾ ڪمچي سانڍي رکي سگهجي ٿي ۽ اميد ته سفر ۾ اڳتي هلي اسان کي ڪمچي Kimchiکائڻ جو ضرور موقعو ملندو. ڪمچي ڪهڙي شئي هئي، اڳتي هلي خبر پئي تنهنڪري ان جو ذڪر به اڳتي هلي ڪبو.
    اسان سام سنگ ڪمپنيءَ جي ڪامپليڪس تي نظر وجهندي روانا ٿياسين جتي هزارين ورڪرن جي رهائش جو به انتظام ٿيل هو. منهنجي اندازي مطابق سام سنگ جو Innovation Complex ڪراچيءَ جي سنڌي وسندي شانتي نگر کان به وڏو هو جڏهن ته اهڙا ست ٻيا ڪامپليڪس ڪوريا جي ٻين علائقن ۾ هئا.
    *


    مانهاءِ وليج ڏانهن سفر

    سيئول کان سام سنگ تائين اسان ڏکڻ ۾ سفر ڪيو هو جنهن کانپوءِ Suwon وارو علائقو ڇڏي اسان کي اُتر اوڀر ۾ ايڪسپريس وي Expressway تي روانو ٿيڻو پيو. اسي سيڪڙو جابلو ملڪ هئڻ ڪري اڪثر هنڌن تي جبل کي ڪٽي سرنگهون Tunnels ٺاهيون ويون هيون. وڏي مهارت سان ٺاهيل ايترين سرنگهن مان لنگهندا رهياسين جو مون ته ڪوريا کي سرنگهن واري ملڪ جو نالو ڏئي ڇڏيو.
    سئو کن ڪلوميٽر سفر ڪرڻ کانپوءِ وري هڪ هنڌ فريش ٿيڻ لاءِ بيٺاسين. اها هڪ خوبصورت ريسٽورنٽ ۽ اسٽور تي مشتمل عمارت هئي جنهن جي آڏو وسيع پارڪنگ ايريا هئي. عمارت جي ٻاهران هڪ ٻه اسٽال لڳل هئا جن تي اُوني ٽوپين کان ويندي اليڪٽرانڪ جي سامان تائين مختلف شيون رکيل هيون. ڪوچ کان ٻاهر نڪرڻ تي خبر پئي ته اهي ٻن سوزوڪي پڪ اپ گاڏين تي گشتي اسٽال هئا. اهڙا اسٽال ڪوريا جي شاهراهن تي ريسٽورنٽن جي ٻاهران هر هنڌ نظر آيا.
    کليل علائقو هئڻ جي ڪري هتي بي انتها ٿڌ هئي. ڪوچ مان نڪرڻ جي پنج منٽن اندر منهنجو مٿو وٺجي ويو. ان مهل گشتي اسٽال ڪم آيا جتان مون هڪ اُوني ٽوپي چئن ڊالرن ۾خريد ڪئي جيڪا اسان وٽ وڌ ۾ وڌ پنجاهه روپين ۾ ملي پر هتي ان جي قيمت تڏهوڪي ڊالر جي اگهه مطابق ٽي سئو روپين برابر بيٺي. اها ٽوپي بعد ۾ سموري سفر ۾ ڪارائتي ثابت ٿي. ايئن سمجهو ته بس رات جو سمهڻ مهل لاهيندو هئس.
    شام جو پنجين وڳي اسان جي گاڏي شاهراهه تان مڙي هڪ برساتي نديءَ جي پل پار ڪري خوبصورت ور وڪڙ رستن تان ٿيندي هڪ جبل جي دامن ۾ چار ماڙ عمارت جي پارڪنگ ايريا ۾ هلي بيٺي. ميزبانن اسان کي ٻڌايو ته سيئول کان اٽڪل اڍائي سئو ڪلوميٽر پري اهو مانهاءِ وليج آهي. اسان چوڌاري نهاريو پر پري پري تائين ڪٿي به ڪو ڳوٺ نظر ڪونه آيو سواءِ شاهراهه جي پاسي کان ۽ آس پاس پهاڙين تي ٺهيل خوبصورت گهرن جي.
    شام جو پنجين وڳي سج لهڻ وارو هو تنهنڪري تڙ تڪڙ ۾ عمارت جي ٻاهران ڪجهه فوٽو ڪڍي اندر گهڙياسين. اها عمارت مانهاءِ اِن Manhae Inn هئي ۽ ڪنهن به طرح 3-Star هوٽل کان گهٽ ڪانه هئي. خوبصورت لائونج، رسيپشن، ڪانفرنس هال، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ، لفٽون، جديد سهولتن سان آراستا بيڊروم وغيرهه. ڪمري جي چاٻي وٺي وڃڻ لڳاسين ته اسان کي چيو ويو ته ساڍي پنجين وڳي ڊنر لاءِ ڊائننگ هال ۾ گڏ ٿبو. مقرر وقت تي رات جي مانيءَ لاءِ هال ۾ پهتاسين پر مان حيران هئس ته ايترو جلد رات جي ماني ڇو؟ ايترو سوير ماني کائڻ کانپوءِ رات جو دير سان ننڊ اچڻ تائين ته آنڊا وٽجي ويندا. استقبالي ڪائونٽر تي بيٺل ڪوريائي شخص کان پڇيم ته ٻڌايائين ته هن مسافرخاني ۾ گهڻوڪري ٻُڌمت جا ماڻهو اچي رهندا آهن جيڪي سوير ئي ماني کائي رات جو ڏهين وڳي سمهي پوندا آهن ڇوته اَسر جو ٽين يا چئين وڳي سندن عبادت جو وقت هوندو آهي.
    ڊائننگ هال ڪنهن جديد مسافرخاني جهڙو هو جنهن ۾ نفيس لوهي ٽيبلن جي ٻنهي پاسن کان ڪاٺ جون بينچون پيل هيون. کاڌو ڏيڻ لاءِ خواتين موجود هيون پر ان لاءِ اسان کي اسٽيل جي ٽري کڻي قطار ۾ بيهڻو هو. مختلف کاڌن جي وڏن اسٽيل جي ديڳڙن مان هر ماڻهو پنهنجي پسند جو کاڌو وٺندو اڳتي وڌندو پي ويو. منهنجي نظر ٻين شين تان ڦرندي اڇن چانورن ۽ گوشت جي ٻوڙ تي پئي ته خوش ٿي ويس. پڪ ڪرڻ لاءِ وري به هڪ مائيءَ کان پڇيم ته اهو واقعي بيف آهي؟ته هن به ڪنڌ ڌوڻي ها ڪئي. مون جيئن ئي ٻوڙ ۽ چانور وٺي اڳتي وڌڻ جي ڪئي ته پٺيان هڪ ساٿي ڪوريائيءَ روڪي ورتو ۽ ٻڌايائين ته اهو Pork يعني سوئر جو گوشت آهي. شڪر ڪيم ته بر وقت خبر پئجي وئي پر ڏک به ٿيو ته هاڻي رڳو رُکن چانورن تي گذارو ڪرڻو پوندو ۽ ٿيو به ايئن ئي. چانورن جا ٽي چار گرهه کائي سڀني کان اڳ واندو ٿي ويهي رهيس بلڪه هتان جي روايت موجب ٿانوَ به کڻي وڃي واش بيسن ۾ رکيم. اوچتو انسٽنٽ ڪافيءَ جي پڙين تي نظر پئي ته پيٽ ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويو.
    رات جي مانيءَ کان هڪدم پوءِ چيو ويو ته، ساڍي ڇهين وڳي ڪانفرنس هال ۾ گڏ ٿيڻو آهي. ڪمري تي وڃي سگريٽ جا سُوٽا هڻي وري هيٺ لهڻو پيو. گڏجاڻي ٻه اڍائي ڪلاڪ هلي جنهن ۾ مون ۽ ٻاهران آيل ٻين دوستن پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ صحافت ۽ صحافين سان ٿيندڙ ظلمن ۽ زيادتين بابت رپورٽ پيش ڪئي. وچ ۾ چانهه ۽ ڪافيءَ جو وقفو به ٿيو پر ان وقت حيران ٿي ويس جڏهن ڪوريائي مايون لاهوري گجرن جا ٻه ڊش ڀري کڻي آيو ن. ڀاٽيا ۽ منهنجي ته ڄڻ عيد ٿي وئي. اسان نه رڳو ان مهل گجرون کاڌيون پر رات جو دير سان ڪمري ۾ کائڻ لاءِ به کڻي وياسين.
    ڪانفرنس کانپوءِ هر ڪو پنهنجي ڪمري ڏانهن هليو ويو. مون ڪمري تي پهچي ٽي وي جا چئنل ڦيرائڻ شروع ڪيا پر سواءِ ڪوريائي ٻوليءَ جي ٻيو ڪوبه چئنل ڪونه هو. منهنجي بيڊروم جي مهاڙ سڄي شيشي جي هئي جنهن مان سامهون سانت سان ڀرپور جبل ڪر کنيون بيٺو هو. مان دير تائين سانت جي اونهائين ۾ رُلندو نيٺ سمهي پيس پر اَسُر ڌاري منهنجي اک کلي وئي. سڄي ڏينهن جي ٿڪ کانپوءِ ٻه ٽي ڪلاڪ ننڊ ٿي هوندي پر ان وقت مون پاڻ کي تازو توانو محسوس ڪيو. منهنجي آڏو وري اهو ئي جبل هو جيڪو ڏينهن جو ته ساوڪ سان جنجهيل هو پر رات جو ڄڻ مٿس ڪاري چادر چڙهيل هئي. سانت ۽ سڪون جو اهڙو احساس مون کي اڳي ڪڏهن محسوس نه ٿيو هو. يقين ٿي ويو ته ٻڌمت جا پوڄاري ڇو اچي هتي پوڄا ڪندا آهن . ڪير ڪهڙي به مَت جو هجي پر هتي هرڪو هن ڌرتيءَ ۽ انسانن جي خالق جي وڏي ذهني يڪسوئيءَ سان عبادت ڪري سگهندو
    *


    ٻُڌ ڀڪشوءَ پاران انوکي لنچ

    صبح جو سوير نيرن ڪري نائين وڳي جبل مٿي قديم مندر ڏانهن روانو ٿيڻو هو. هدايت موجب اٺين وڳي ڌاري ڊائننگ هال ۾ پهتاسين ته نيرن تيار هئي. مڇيءَ جو سُوپ (مصالحي واري پاڻيءَ ۾ مڇيءَ جا وڏا ٻيرا تَري رهيا هئا)، اوٻاريل اڇا ڦڪا چانور، هلڪو مٺو اڌ پڪو آمليٽ وغيره. مون ڦڪن اوٻاريل چانورن تي گذارو ڪيو ۽ مٿان ڪافيءَ جو ڪوپ پي ٻاهر اچي لائونج ۾ جائزو وٺڻ لڳس جتي ڪوريا جي آزاديءَ جي هڪ هيرو ٻُڌ پروهت Great Seon Master Seung Sahn جون تصويرون سندس تعارف سان گڏ لڳل هيون. استقبالي ڪائونٽر تي انگريزي ۽ ڪوريائي ٻوليءَ ۾ ڪتابڙا به رکيل هئا جن مان هڪ اڌ کڻي ورتم.ڪوريا وارن کي جپان سان آزاديءَ واري جنگ ۾ ٻڌ پروهتن ۽ سندن پيروڪارن جي ويڙهه تي وڏو فخر هو.اصل ۾ انهيءَ ٻڌ پروهت جي ياد ۾ ٽن ڏينهن جي نمائش لڳل هئي جنهن ۾ سندس ڪتاب ۽ شاعري جا نمونا به رکيل هئا. سندس شاعريءَ جو هڪ انگريزي ترجمو به مون هٿ ڪيو.
    چار ماڙ مانهاءِ اِن جي ڀرسان هڪ ٻي شاهي عمارت هئي جيڪا ڪوريائي تاريخ جي قديم ڪتابن، قلمي نسخن ۽ نوادرات جي ذخيرن سان ڀريل هئي. ٻنهي عمارتن جي آڏو ڪجهه وکن تي آر سي سي اسٽرڪچر جو هڪ ڇاپرو ٺهيل هو جنهن ۾ سنڌ جي روايتي اَنُ رکڻ واري گُنديءَ کان به وڏي سائيز جو ڪاري رنگ جو گهنڊ Bell ، هڪ وڏي سائيز جو نغارو ۽ هڪ مڇيءَ جو مجسمو ٽنگيل هئا. اسان کي ٻڌايو ويو ته ٻڌ مت جا پوڄاري اَسُر ويل عبادت شروع ڪرڻ کان اڳ گهنڊ، نغاري ۽ مڇيءَ کي وڄائيندا آهن. گهنڊ وڄائڻ لاءِ وڻ جي ٿُڙ جو هڪ حصو زنجيرن سان ٻڌل هو جنهن کي لوڏي لوڏي زور سان گهنڊ کي هڻبو آهي جڏهن ته نغاري ۽ مڇيءَ لاءِ ڏونڪا هئا. چون ٿا ته اَسُر ويل جي سانت ۾ گهنڊ جو آواز چئن ڪلوميٽرن تائين ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. اهي ٽئي شيون وڄائڻ سندن عبادت جو حصو آهي. هتان آخري ڏينهن روانگيءَ کان اڳ اهي ٽئي شيون وڄائڻ جو موقعو مليو.
    عمارت کان ٻاهر نڪرڻ تي ٿڌ وڪوڙي وئي جو خبر پئي ته صبح جو سوير نه رڳو برفباري ٿي هئي پر لاڳيتو مينهن به وسي رهيو هو. ٿڌ کان بچاءَ لاءِ مونکي ڪاري ٽوپي ڪم اچي وئي. اسان کي جبل تي وٺي وڃڻ لاءِ هڪ ننڍي ڪوسٽر جو انتظام ڪيل هو ڇوته ور وڪڙ جابلو چڙهائيءَ تي وڏي ڪوچ جو هلڻ ڏکيو هو. اهو سوراڪ جبل Seorak mountain سڏجي جيڪو ڪوريا جي وڏن جبلن مان هڪ آهي ۽ انهيءَ تي ٽي هزار فُٽ چڙهڻ کانپوءِ اٽڪل هڪ هزار ورهيه پراڻو بائڪدام مندر Baekdam temple اچي ٿو.
    ڪوسٽر خوبصورت ور وڪڙ رستن تان هلڻ لڳو ته ٻنهي پاسن کان گهڻوتڻو ڪاٺ جون ٺهيل من موهيندڙ ريسٽورنٽ، گيسٽ هائوس،سيڌي جا دڪان وغيرهه نظر آيا. اها سندن ٻهراڙي هئي. وڻن ۽ ٻي ساوڪ سان جهنجهيل جبل جي وڪڙن، قدرتي چشمن جي شفاف پاڻيءَ جي وهڪري ۽ ٻين قدرتي نظارن کي ڏسندا مٿي سفر ڪندا رهياسين. سوچيم ته ڪاش مان شاعر هجان ها ته ضرور شاعري ڪريان ها. حقيقت آهي ته اهڙي ماحول ۾ جتي قدرت جي سونهن ۽ سانت هجي ته اندر ۾ رومانس جو هڪ عجيب احساس جنم وٺي ٿو. هي اهو احساس آهي جنهن ۾ دنياوي سوچن ۽ خواهشن جو ڪوبه عمل دخل ناهي.
    اڌ مني ڪلاڪ جي سفر کانپوءِ ڪوسٽر پهاڙي جهرڻن مان نڪتل نديءَ جي ڪپ تي هلي بيٺو. هيءَ ندي سنڌ جي کيرٿر جبل مان وهي ايندڙ نئن گاج ۽ اهڙين ٻين برساتي ندين جهڙي ويڪري ته ڪانه هئي، نه ئي ان ۾ گاج جهڙي گجگوڙ ۽ طاقت هئي، پر ان جو شفاف پاڻي نديءَ جي پيٽ ۾ پٿرن سان ٽڪرائبو مٿانهين، کان هيٺ لهندو روح ۾ سمائجي ويندڙ سنگيت جهڙو آواز پئدا ڪندو وهي رهيو هو. نديءَ جي ٻئي ڪپ تي ڪاٺ جي مندر جون مختلف عمارتون هيون. پري کان ئي انهن جي بناوت ٻڌائي رهي هئي ته اهي ٻُڌ مت جي ماڻهن جون عبادتگاهون آهن . اسان نديءَ جي پُل پار ڪري اتي پهتاسين ته وڏي پروهت Chief Monk ۽ سندس نائبن اسان جو استقبال ڪيو جيڪي اڳ ۾ ئي پهتل هئا. وڏي پروهت جو نالو سامجو Samjo هو. سامجو وڌ ۾ وڌ پنجٽيهه سالن جي عمر جو لڳو ٿي. سندس ۽ ٻين نائب پروهتن جا مٿا ڪوڙيل هئا ۽ ڪراٽي ماسٽرن جهڙي هلڪي سليٽي رنگ جي پتلون ۽ ننڍو گائون پاتل هئن. ٿڌ ۾ منهنجي حالت خراب هئي پر ڏٺم ته ڀڪشوئن تي انهيءَ جو ڪوبه اثر ڪونه هو.
    اسان کي ڪاٺ جي ٺهيل هڪ هال ۾ ويهارين. بُوٽ هال جي ٻاهران لاهڻا پيا جو اندر فرشي نشست هئي. هر شخص جي ويهڻ لاءِ هڪ ڪُشن ۽ ننڍين ڄنگهن واري ننڍي ٽيبل هئي. هڪدم ٻن ڇوڪرين، جيڪي مانهاءِ اِن ۾ به ڪم ڪندي نظر آيون هيون ۽ هتي اچڻ کانپوءِ اهي به نائب پروهت نڪتيون، تن هر ٽيبل تي ميوو ۽ سبز چانهه رکڻ شروع ڪئي. کائڻ پيئڻ جو سلسلو هلندي وڏي پروهت سان تعارف ڪرايو ويو. هن پنهنجو تعارف ڪرائيندي ٻڌايو ته کيس ننڍي هوندي کان ئي پروهت ٿيڻ جو شوق هو۽ ان لاءِ هو مختلف مرحلا طئه ڪندو منزل تي پهتو آهي.
    تعارف کان پوءِ اسان جي تنظيم جي گڏجاڻي رکيل هئي جنهن ۾ ايندڙ ٻن سالن لاءِ عهديدار به چونڊڻا هئا. گڏجاڻي ختم ٿيندي ئي منجهند جي مانيءَ جو وقت ٿي چڪو هو. ان مهل اسان جي ميزبانن ٻڌايو ته وڏي پروهت جي خواهش آهي ته لنچ سندس طرفان ڪريون. اسان کي ڪوبه اعتراض ڪونه هو پر منهنجي دل ٻڏي رهي هئي ته کائڻ لاءِ الائجي ڇا ملندو.
    گڏجاڻي هلندي ڪنهن مهل هال جو جائزو وٺڻ تي مون کي چوڌاري ڪاٺ جي ڪارنيس تي ڪپڙي ۾ ٻڌل ڪيتريون ئي هڙون نظر آيون هيون. ڏسندي ئي ڏسندي پروهت ڇوڪرين هڙون لاٿيون ۽ هڪ هڪ هڙ اسان جي آڏو رکنديون ويون. ان وچ ۾ ننڍيون ٽيبلون هٽايون ويون هيون. اسان جي ويهڻ جي ترتيب ساڳي رهي يعني هڪٻئي جي سامهون قطار ۾. ٽيبلن جي جاءِ هڙن والاري. ان کانپوءِ اعلان ٿيو ته هڪ نائب پروهت اسان کي ٻُڌ مت موجب ماني کائڻ جو طريقو ٻڌائيندو. نائب پروهت ٻنهي قطارن جي منڍ وٽ ويٺو ۽ ڪاٺ جو چپٽو وڄائي اعلان ڪيائين ته سندس هدايتن تي عمل ڪندا وڃون. سندس پهرين هدايت هئي ته هڙ جي ڳنڍ کولي ان مان اسٽيل جا چار پيالا ۽ چانور کائڻ لاءِ اسٽيل جون ئي ٻه اسٽڪس ڪڍي ٻاهر رکون. پيالا اهڙي سائيز جا هئا جو هڪ وڏو، ٻيو ان کان ننڍو، ٽيون ان کان ننڍو ۽ چوٿون وري ان کان ننڍو. پيالا هڪٻئي ۾ پيل هئا جن کي اسان الڳ ڪري رکيوهو. ان کانپوءِ هڪ پروهت مائي گرم پاڻيءَ جي وڏي ڪٽلي کڻي آئي ۽ هر ماڻهوءَ جي وڏي پيالي ۾ پاڻي وجهندي وئي. هاڻي اسان کي هدايت ملي ته ان پيالي کي آگهاري اهو پاڻي ٻئي پيالي ۾ وجهون ۽ وري ان کي آگهاري ٽئين ۽ اهڙي طرح پڇاڙيءَ ۾ چوٿين پيالي ۾ وجهي رکون.
    هاڻي طعام ورهائڻ جو سلسلو شروع ٿيو پر ان کان اڳ هدايت ڏني وئي ته کاڌو ايترو ئي کڻون جيترو کائي سگهون. کاڌو بچائڻو ناهي ۽ جنهن به جيترو به کاڌو بچايو هوندو اهو کيس کائڻو پوندو. سڀ کان پهرين اڇن اوٻاريل چانورن جو ديڳڙو هر ماڻهوءَ جي آڏو جهليو ويو. هر ڪنهن پنهنجي حساب سان چانور کنيا. مون به ٻه ٽي چمچن جيترا چانور پيالي ۾ وڌا. ان کانپوءِ مختلف شڪلين ۾ ڀاڄيون ۽ سانڌاڻا پيش ڪيا ويا جن کي ڏسي منهنجي بک ئي مري وئي. مون ڀر ۾ ويٺل ڪوريائيءَ کان پڇيو هو ته جيڪڏهن مان اهي شيون نه کان ته ميزبان پروهت دل ۾ ته نه ڪندو. سندس گرين سگنل کانپوءِ مون ٻي ڪابه شئي نه ورتي پر چانورن جي ٻئي دور ۾ وري ڪجهه چانور کڻي ورتم ته جيئن رات تائين بک نه مران.
    چانورن جا ٻه ٽي گرهه هئا سي ته مون منٽ ۾ کائي ورتا. ان کان پوءِ ويٺي ٻين جي حالت ڏٺم. هنن پليٽون ته ڀري کنيون هيون پر اهڙا کاڌا نڙيءَ کان هيٺ ئي ڪونه پيا لهن. ڪوريائي ساٿين، منگول ۽ سنگاپوري دوستن لاءِ گهڻو مسئلو ڪونه هو پر ٻيا ساٿي وٺجي ويل پي ڏٺا. خاص طور ڀاٽيا سان وڏي حالت هئي. جڏهن سڀني کاڌو بس ڪرڻ جو اشارو ڏنو ته پروهت سڀني جي ٿانون تي نظر وڌي ۽ جنهن جي پيالي ۾ جيڪو ڪجهه بچيل هو اهو ان کي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي جنهن تي هنن نه چاهيندي به عمل ڪيو. ان کانپوءِ هدايت آئي ته هڪ پيالي ۾ بچيل پاڻيءَ سان باقي استعمال ٿيل پيالا آگهاريو ۽ اهو کاڌي مليل پاڻي هڪ پيالي ۾ گڏ ڪريو. سڀني ايئن ڪيو، پر ان وقت وڏي جُٺ ٿي جڏهن نئون حڪم مليو. پروهت مائي هڪ بالٽي کڻي هر هڪ آڏو آئي ۽ چيو ويو ته پيالي ۾ گڏ ٿيل پاڻي مٿاڇرو ڪري بالٽيءَ ۾ وجهو ۽ پيالي جي تري ۾ جيڪو پاڻي ۽ کاڌي جا ذرا بچن اهي پي وڃو. مون رب جو شڪر مڃيو ته، چانورن کانسواءِ ٻي ڪا شئي نه کنئين هئم. منهنجي پيالي ۾ هڪ اڌ چانور جو داڻو هو سو پاڻيءَ جي ڍُڪ سان پي ويس. ٻين سان جيڪا حالت ٿي اها بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي.
    ايئن سمورا پيالا صاف ٿي ويا ۽ وري پروهت جي هدايتن موجب انهن کي هڙ ۾ ٻڌي رکي ڇڏيوسين. اسان کي ٻڌايو ويو ته بالٽيءَ ۾ گڏ ٿيل پاڻي به ضائع نه ڪبو ۽ اهو ٻاهر پکين جي لاءِ رکي ڇڏبو. ٻُڌ مت واري روايتي لنچ اسان کي ڏکي ته لڳي پر حقيقت ۾ حياتيءَ ۾ نظم ضبط ۽ پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ، سادگي ۽ خدا جي ڏنل رزق جو زيان نه ڪرڻ جو وڏو سبق مليو.
    روانگيءَ کان اڳ مندر جا مختلف حصا ڏيکاريا ويا. هتي رهندڙ پروهتن ۽ پوڄارين لاءِ بجليءَ سميت زندگيءَ جي هر سهولت موجود هئي.
    *


    هڪ سئو تلائن وارو مندر

    يادگار لنچ کانپوءِ اسان وري ڪوسٽر ۾ سوار ٿي واپس مانهاءِ اِن روانا ٿياسين جتان وري ڪوچ ذريعي اُڀرندي سمنڊ East Sea ۽ ساحلي ثقافتي شهر Gangneung ڏانهن روانو ٿيڻو هو. هن ڀيري مون ريانگ اوهه سان ويهي معلومات وٺڻ شروع ڪئي. هن ٻڌايو ته اهو جبل اڃان به مٿي آهي پر گاڏيون فقط مندر تائين اچي سگهن ٿيون. ٻُڌ پوڄاري عبادت لاءِ مندر ۾ ته ايندا آهن پر جن کي اڃان وڌيڪ سانت ۽ سڪون سان عبادت ڪرڻي هوندي آهي يا چِلا ڪڍڻا هوندا آهن ته اهي پنڌ مٿي ويندا آهن. ڪاٺ جي مندر کي اصل حالت ۾ رکڻ لاءِ وڏو ڪم ٿيندو رهيو آهي. چيني ٻوليءَ ۾ دام جي معنيٰ آهي تلاء ۽ بائڪدام جو مطلب آهي هڪ سئو تلاءَ. مندر جو اصل باني جاجانگ Jajangنالي هڪ پروهت هو جنهن سِيلا گهراڻي Silla dynacity جي زماني ۾ هينگ ياءِ سا Hangye - Sa نالي سان اهو مندر ٺاهيو پر جهنگ جي باهين ۾ اهو اڪثر سڙي ويندو هو. نيٺ اڳتي هلي هڪ پروهت سوراڪ جبل جي چوٽيءَ کان هيٺ ويندي پاڻيءَ جا هڪ سئو تلاءَ ڳڻي موجودهه هنڌ مندر ٺاهيو ۽ ان کي بائڪدام مندر يعني هڪ سئو تلائن واري مندر جو نالو ڏنائين. کيس يقين هو ته آئينده هي مندر نه سڙندو. مندر جي موجوده جاءِ ان هنڌ آهي جتي ٻه چشما گايا Gaya ۽ گُگاڪ Gugak وهي اچي ملن ٿا ۽ پوءِ نديءَ جي شڪل ۾ هيٺ لهن ٿا. مندر وٽان اَٺ پيچرا مٿي جبل تي وڃن ٿا جن جي ذريعي ٻُڌ پوڄاري مٿي وڃي عبادت ڪندا آهن . ايندڙ پنج سئو سالن تائين هي مندر باهين کان ته بچي ويو پر ٻن حصن (ڏکڻ ۽ اُتر ڪوريا) ۾ ورهائجي ويل قوم وچ ۾ جنگ اُن کي تباهيءَ کان بچائي نه سگهي. بائڪدام مندر جون موجوده ڪاٺ جون عمارتون 1957۾ مرمت ۽ تعمير ذريعي بحال ڪيون ويون. ڪوريائي حڪومت سوراڪ جبل تي ۽ اُن جي آسپاس وسيع ايراضيءَ ۾ پکڙيل ساون ٻيلن کي سوراڪسن نيشنل پارڪ جي نالي سان محفوظ ڪيو آهي. چون ٿا ته سياري ۾ سڄو جبل برف سان ڍڪجي ويندو آهي جنهن جي جهلڪ ٻن ڏينهن کان ڏسي رهيا هئاسين.
    مانهاءِ ڳوٺ جي به دلچسپ ڪهاڻي آهي. اهو ڳوٺ اصل ۾ هڪ ٻُڌ پروهت هئن يانگ اُن Han Yong - Un جي نالي پٺيان آهي جنهن جو قلمي نالو مانهاءِ Manhae هو.
    مانهاءِ 1879 ۾ڄائو ۽ 1944 ۾ وفات ڪيائين.هو ليکڪ، شاعر ۽ فلسفي هو. مانهاءِ هڪ ڳوٺاڻي اسڪول ۾ تعليم ورتي ۽ چوڏنهن ورهين جي عمر ۾ شادي ٿيس. ارڙهن ورهين جي عمر ۾ هو ٻُڌ مت جي تعليم لاءِ سوراڪ جبل تي هليو ويو ۽ 1905 ۾ هو پروهت ٿيو. پنج ورهين کانپوءِ هن هڪ مضمون لکي ڪوريائي ٻُڌمت جي غلط ڳالهين کي رد ڪيو ۽ ٻُڌمت ۾ سڌارن لاءِ زور ڀريو. سندس خيال موجب سڌارن کانسواءِ ٻُڌمت ۽ قوم جو جياپو ممڪن ڪونه هو. مانهاءِ جبلن ۾ ويهي مراقبن بدران سرگرم جدوجهد ذريعي هن بيٺڪي ڪوريا جون تاريخي حقيقتون ڳولي لڌيون. سندس اهائي جدوجهد جپاني بيٺڪي راڄ جي خلاف تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري وئي. 1914۾ هن ٻُڌمت بابت هڪ رسالو ڪڍڻ شروع ڪيو ۽ 1919۾ ڪوريا جي آزاديءَ جو پڌرنامو لکڻ ۾ مدد ڪئي. هو انهن ايڪٽيهه محبِ وطن ماڻهن مان هڪ هو جن آزاديءَ جي پڌرنامي تي صحيون ڪيون. مانهاءِ نه رڳو آزاديءَ بابت مضمون لکندو رهيو پر اِن موضوع تي سندس تقريرون به وڏي تاريخي اهميت رکن ٿيون. 1926۾ سندس شاعريءَ جو مجموعو ڇپيو جنهن ۾ سندس مشهور نظم “پيار جي خاموشي” Silence of Love شامل هو. اهو نظم هن بائڪدام مندر ۾ رهڻ وقت لکيو هو. ڪوريائي ٻوليءَ ۾ لکيل نظم جو انگريزي ترجمو هن ريت آهي:
    My love is gone, Ah my love, you are gone now

    Shattering the azure splendor of the mountains,
    you are gone along the narrow path
    that opens out to the autumn-tinted woods;
    you are gone, reluctantly but resolutely cutting off all ties from me.

    The long standing bows, hard and shining as golden flower,
    have turned into cold dust, blown away in the breath of sigh

    The memory of the poignant first kiss,
    having reversed the compass needle of my fate,
    stepped backward and disappeared

    Your sweet voice has made my ears failed and
    your fair looks have made my eyes failed

    As loving is also a human affair
    I have feared and worried about parting since we met.
    But parting comes upon us unawares and
    my startled heart breaks with renewed sorrow.

    Yet, since I know that to make our parting
    the cause of idle tears is to break our love
    I have transferred the irresistible surge of this sorrow
    and poured it over the summit of a new hope.

    Just as we fear parting when we met
    we believe we will meet again when we part.

    Ah, my love, you are gone, but I did not let you go,
    The love song, too weak to sustain its melody, curls around your silence.

    هن ناول به لکيا ۽ ڪيترائي رسالا شائع ڪيا. سندس نظريو هو ته ڌرم پنهنجي جاءِ تي کوکلو آهي. ڌرم جو واسطو ڪارڻن Causes ۽ اثرن Effects سان آهي ۽ اهو انسان کي حقيقي زندگيءَ ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ دنيا ۾ اچي ٿو. مانهاءِ چوي ٿو ته فاني ۽ آفاقي زندگيون هڪ ٻئي کان ڌار ناهن. مانهاءِ جي سوچ ۽ نظرين کي پکيڙڻ ۽ عمل لاءِ ٺاهيل هڪ تنظيم گذريل ڏهاڪو ورهين کان هر سال ايوارڊ ڏئي ٿي. آگسٽ 2004 ۾ ڏکڻ آفريڪا جي اڳواڻ نيلسن منڊيلا کي اهو ايوارڊ ڏنو ويو هو ڇوته آزادي، برابري ۽ امن بابت مانهاءِ ۽ منڊيلا جا نظريا هڪجهڙا آهن .
    مانهاءِ بائڪدام مندر جو هڪ وڏو نالي وارو رهواسي هو پر اِتي ڏکڻ ڪوريا جو هڪ بدنام ماڻهو به ٻن ورهين تائين رهي چڪو آهي. اهو ڏکڻ ڪوريا جو اڳوڻو صدر چُن ڊُو هُوان Chun Doo Hwan هو جنهن 1980 ۾ فوجي بغاوت ذريعي اقتدار تي قبضو ڪيو. هو ڪوريائي شهرين جي قتلام ۽ ڪروڙين ڊالرن جي گهوٻين سبب ڪاسائيءَ جي نالي سان بدنام هو. نومبر 1988 ۾ صدارت ڇڏڻ کانپوءِ هو رضاڪارانه طور شهر ڇڏي زال سميت ٻن سالن لاءِ بائڪدام مندر ۾ وڃي رهيو ته جيئن ڪير به کيس ڏسي نه سگهي. هتي سندس ڪم سڄي مندر کي ٻُهاري ڏيڻ هو.
    *


    اُڀرندي سمنڊ ڏانهن سفر

    مانهاءِ اِن کان ڪوچ اُڀرندي سمنڊ ڏانهن رواني ٿي ته وري اهي ئي خوبصورت نظارا هئا. شاهراه جي ٻنهي پاسي وڏا جبل ۽ رستي جي پاسي کان جابلو ندي جنهن جي وچ مان شفاف جهرڻن جو پاڻي وهي رهيو هو اسان سان ڄڻ ته گڏ ئي هيٺ سمنڊ ڏانهن لهي رهيا هئا. ريانگ اوهه ٻڌايو ته اُڀرندي سمنڊ جي ڪناري کان اٽڪل ٻه سئو ڪلوميٽر پري اوڀر ۾ جپان آهي، جنهن پنجٽيهه سال ڪوريا کي غلام بنائي رکيو ۽ جڏهن آزاديءَ جي جنگ شروع ٿي ته ٻُڌ پروهتن ان ۾ وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو. جن جبلن جي وچ مان هيءَ شاهراه لنگهي رهي آهي، هي اهي ئي جبل آهن جتان هنن جپان خلاف گوريلا جنگ وڙهي.
    ڳالهين ۾ سفر جي خبر ئي ڪانه پئي ۽ اسان گينگنيونگ شهر پهچي وياسين جنهن کي عالمي ورثي واري شهر طور مڃتا مليل آهي. اهو ئي شهر ڪيترن ئي ڪوريائي دانشورن ۽ فلسفين جي پيدائش جو هنڌ به آهي. هن شهر جي آبادي ٻه اڍائي لک کن مس آهي پر ايراضي گهڻي اٿس. سرڪاري انگ اکرن مطابق پنجاسي هزارن کان وڌيڪ گهرن جون عمارتون هن شهر ۾ آهن . اسان جي بس ويڪرن خوبصورت رستن تان هلندي هڪ وڏي گيٽ اندر داخل ٿي جنهن جي اندر وسيع ايراضيءَ ۾ ڪاٺ جي قديم گهرن جو سلسلو پکڙيل هو. اهي گهر چوڏهين صديءَ ۾ ان وقت جي شاهي گهراڻي جي رهائش لاءِ تعمير ڪيا ويا هئا. ڪاٺ جي گهرن جون ڇتيون ڪاٽيج وانگر هيون، ڪمرن جي آڏو ورانڊا، ٿڌ کان بچڻ لاءِ هر ڪاٽيج جي هيٺان باهه ٻارڻ جو انتظام وغيره هو. هتي ايندڙ سياحن لاءِ پارڪ ۽ ريسٽورنٽ به موجود هئا. هر ڪاٽيج جي ٻاهران ان ۾ رهندڙ شاهي گهراڻي جي فرد جا تفصيل ۽ سندس زماني بابت تاريخي معلومات ڏنل هئي. هن شهر ۾ سياحت جون اڻ ڳڻت جايون هيون پر رڳو شاهي گهراڻي جي رهائش گهمندي ئي گهڻو وقت لڳي ويو ان ڪري ٻين ورثن کي ڏسڻ ملتوي ڪيوسين جن ۾ 1326 ۾ گوريو گهراڻي Goryeo dynasty جي بادشاه چُنگ سُڪ Chungsuk جو ٺهرايل پويلين به شامل هو جنهن لاءِ مشهور آهي ته اتان پنج چنڊ هڪ ئي وقت ڏسي سگهجن ٿا:هڪ چنڊ آسمان تي، ٻيو ڍنڍ ۾، ٽيون مڌُ ڀريل گلاس ۾ ۽ ٻه چنڊ محبوب جي نيڻن ۾. اها ڳالهه ٻُڌي مون کي پنهنجي دوست شاعر غفار تبسم جي شاعري ياد آئي جنهن ۾ پِرين جڏهن رات جو سمنڊ ڪناري بيٺو آهي ته شاعر چوي ٿو:هڪ چنڊ تماشو هو، ٻيو چنڊ تماشائي. سندس اهو ڪلام حنيف لاشاريءَ منهنجي گهر تي غفار تبسم سان ملهايل شام ۾ ڳايو هو.
    شاهي رهائشن وٽان روانگيءَ کان اڳ هڪ ڪاٽيج جي ٻاهران دُهل شرنائين تي لوڪ داستان پيش ڪيو ويو جنهن ۾ ماسڪ پاتل هيرو، هيروئن ۽ ولين هوندا آهن . بدمعاش نوجوان ڇوڪر ۽ ڇوڪريءَ کي الڳ ڪرڻ چاهيندو آهي جنهن دوران ويڙهه ٿيندي آهي. هتان جا دُهل ته سنڌ جي دُهلن کان ٿورو مختلف هئا پر شرنايون ذري گهٽ هڪجهڙيون هيون. ماسڪ اندر ڪابه ڇوڪري ڪانه هئي پر هڪ ڇوڪرَ کي ئي ڇوڪريءَ جو ماسڪ پارايو ويو هو.


    ڪوريائي سانڌاڻي جو ميوزيم

    اسان جي ٻي منزل هڪ ميوزيم هو، جنهن کي ڏسي حيران ٿي ويس ته ڪوريائي قوم نه رڳو پنهنجي ثقافتي ورثي کي سانڍڻ جو شوق ۽ جذبو رکي ٿي پر حقيقت ۾ ان کي سڄي دنيا جي اڻلڀ شين کي هٿ ڪري سانڍڻ جو جنون آهي. ڏکڻ ڪوريا ۾ وڏي تعداد ۾ ميوزيم ٺهيل آهن. جن مان ٽيهه مشهور ۽ ذڪر جوڳا آهن . هنن نه رڳو لوڪ ورثي ۽ ثقافت توڙي قديم آثارن مان نڪتل شين جا ميوزيم ٺاهيا آهن پر جديد زماني جي همعصر فنڪارن جي ٺاهيل شين کي به سانڍڻ لاءِ ميوزيم قائم ڪيا ويا آهن. اسان وٽ ڪنهن سوچيو به ڪونه هوندو ته هت پيدا ٿيندڙ ڀاڄين، ٺڪر ۽ ٻين ٺهندڙ ٿانوَن، ڀرت، جهنگلي جيوت وغيره جا ميوزيم قائم ڪجن، پر ڪوريا وارن زراعت، ڀاڄين، رڌڻي ۾ استعمال ٿيندڙ ٿانوَن، سنگيت، ڀرت، تاريخ، هر قسم جي هنر، ڪاغذ، نيٽ ۽ ان مان ٺهندڙ سامان، جهنگلي جيوت، چانهه جي پوک ۽ ويندي سندن روايتي سانڌاڻي ڪِمچيءَ بابت ڌار ڌار ميوزيم قائم ڪيا آهن. ڪمچيءَ بابت ٻڌائيندو هلان ته بند گوبي، مُوري، ساوا بصر، ونگا، ڳاڙها مرچ، تيل، ٿُوم وغيره ملائي وڏين نادين ۾ وجهي زمين ۾ پوري ڇڏين. اهو ڪم هو نومبر يا ڊسمبر ۾ ڪندا آهن . سڄو سال اهي ناديون پوريل هونديون آهن . هزارين ورهين کان هو اهو سانڌاڻو ٺاهيندا اچن ۽ چون ٿا ته موسم جي خرابي يا قدرتي آفتن دوران ڪِمچي سندن کاڌ خوراڪ جو ڪم ڏيندي رهي آهي. ڪِمچيءَ جون ناديون ٿوري دير پهرين قديم ڪاٽيجز جي احاطن ۾ به رکيل ڏٺم ۽ بعد ۾ سفر دوران به نظر آيو ن. هاڻي فيڪٽريون تجارتي بنيادن تي ڪِمچي تيار ڪن ٿيون ۽ ماڻهو ان کي فِرجن ۾ سانڍي رکن ٿا. ميزبانن ٻڌايو ته هن وقت هڪ سئو سٺ قسم جو ڪِمچي سانڌاڻو ٺاهيو وڃي ٿو، بلڪل ايئن جيئن سنڌ ۾ آچار جا مختلف نمونا ٺهن ٿا. ڪوريائي ماڻهو چانورن ۽ نُوڊلس سان ڪِمچي ملائي وڏي چاهه سان کائيندا آهن . ڪوريا ۾ هڪ ڀوڳ مشهور آهي ته ڪوريائي ڇوڪري ان ماڻهوءَ سان شاديءَ لاءِ هڪدم تيار ٿي ويندي جنهن جي گهر ۾ ٻه ريفريجريٽر هجن ته جيئن هڪ ريفريجريٽر ۾ هوءَ رڳو ڪِمچي سانڍي سگهي.
    ڳالهه هلي پي ميوزيم جي، سو اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته ڪوريا ۾ خانگي ميوزيم به آهن ۽ هينئر جنهن ميوزيم وٽ هلي بيهارين اهو هيو چيمسَري گراموفون ۽ ايڊيسن ميوزيم Chamsori Gramophone & Edison Museum جيڪو پڻ خانگي هو . هيءَ وڏي خوبصورت ڊزائن جي عمارت هئي جنهن جي ٻاهرين پاسي لڳل شيشن مان اندر هڪ هال ۾ چار پنج پراڻي زماني جي ماڊل جون ڪارون بيٺل نظر آيون. اهي فورڊ ڪمپنيءَ جون شروعاتي ٺاهيل ڪارون هيون جن مان هرهڪ تي سن ۽ تاريخ لکيل هئا. گاڏيون ايئن ٿي لڳيون ڄڻ هاڻي هاڻي ڪارخاني مان نڪتيون هجن. اهڙيون ئي گاڏيون ۽ اهڙي ئي بهترين حالت ۾ شايد ٻه گاڏيون، جيڪي محمد علي جناح جي استعمال ۾ هيون، ڪراچيءَ ۾ سندس مقبري لڳ ٺهيل ميوزيم ۾ بيٺل آهن .
    چيمسري ميوزيم جا مختلف سيڪشن هئا. هڪ حصو رڳو گراموفون واري ايجاد تي مشتمل هو ۽ پهرين گراموفون کان وٺي آخري تائين هر گراموفون جو نمونو رکي هڪ سئو سالن جي تاريخ کي محفوظ ڪيو ويو هو. اسان کي انهن مان ڪي ابتدائي ۽ ڪي بعد جا گراموفون وڄائي ڏيکاريا ويا. ٻئي حصي ۾ ايڊيسن جي ايجاد ڪيل پهرين بلب کان وٺي بجليءَ جو هر سامان رکيل هو جنهن ۾ استري ۽ واشنگ مشين به شامل هيون. هڪ ٻئي سيڪشن ۾ ٽي ويءَ جي پهرين ايجاد کان وٺي ان جي مرحليوار ايجادن جا نمونا رکيل هئا. گرائونڊ فلور، پهرين ۽ ٻي ماڙ تي لهندي چڙهندي جڏهن ٿڪاسين ته عمارت جي گول حصي جي ٽاپ فلور تي هڪ آڊيٽوريم ۾ اچي ويهارين جتي جديد ڪوريائي سئنيما جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ فلم ڏيکاري وئي. فلم ڏسڻ سان به ثابت ٿيو ته اسڪرپٽ لکڻ، اداڪاري، هدايتڪاري سميت فلم پراڊڪشن جي هر شعبي ۾ هي ڀَڙُ آهن . هن خانگي ميوزيم وارن سڄي دنيا مان ساڍا چار هزار شيون گڏ ڪيون آهن جن مان پندرهن سئو نمائش لاءِ رکيل آهن . ميوزيم جي انهن سڀني ماڙين جي مٿان هڪ وڏي آبزرويٽري ٺهيل هئي، جنهن کي اسان ڇڏي ڏنو ڇوته ميوزيم گهمندي سج لهي چڪو هو بلڪ ڪوريا وارن مطابق رات جي مانيءَ جو وقت ٿي چڪو هو
    *


    ڪوريا ۾ يا عليءَ جو نعرو

    ميزبانن ٻڌايو ته هن شهر جي ڊپٽي ميئر جي طرفان اسان جي مانَ ۾هڪ هوٽل ۾ ڊنر هئي. ڪوچ هڪ شاهي عمارت ٻاهران هلي بيهارين. عمارت ڪوريائي فنِ تعمير جو نمونو هو ۽ هتي کاڌا به روايتي ڪوريائي قسم جا پيش ڪيا ويندا آهن. ان جو مثال به هڪدم نظر اچي ويو جو جڏهن ڏاڪڻ چڙهي مٿي پهتا سين ته مختلف ننڍا ننڍا هال ڏسڻ ۾ آيا جن ۾ ننڍين ڄنگهن واريون ٽيبلون قطارن ۾ رکيل هيون ۽ اُنهن جي ٻنهي پاسي ماڻهو ڪُشن تي ويٺل هئا. وڏي رش هئي جنهن مان هن هوٽل، هتان جي کاڌن جي مقبوليت ۽ ڪوريائي ماڻهن جو پنهنجي ثقافتي ۽ روايتي کاڌن سان لڳاءُ ظاهر پي ٿيو.
    اسان جي لاءِ هڪ الڳ ڊگهو هال مخصوص هو. هر ڪو پنهنجي جاءِ تي جڏهن ويهي رهيو ته ڊپٽي ميئر سان تعارف جو سلسلو شروع ٿيو ۽ ڪجهه مختصر تقريرون ڪيون ويون. ڊپٽي ميئر ۾ هتان جي همراهن وانگر ڦُون ڦان ڪانه هئي. ڏاڍو بي تڪلف ماڻهو هو ۽ سچ ته جيڪڏهن نه ٻڌائن ها ته اسان کي خبر به ڪانه پوي ها ته اهو ڪو ڊپٽي ميئر آهي ڇوته هو نه ڪنهن پوليس پهري ۾ آيو ۽ نه ئي هن جي اچڻ تي ٻين گراهڪن کي هٽايو ويو.
    ٿوري دير ۾ ئي خواتين ويٽريسن ٽيبلن تي کاڌا رکڻ شروع ڪيا ته منهنجي دل سست ٿيڻ لڳي. بُک به ڏاڍي لڳي هئي جو منجهند جو ٻُڌ پروهت وٽ اوٻاريل چانورن جا ٻه ٽي گرهه کاڌل هئا. کاڌي شروع ڪرڻ کان اڳ ڪوريا جو روايتي بيئر ۽ وهسڪي پيش ڪيا ويا. ماحول کي وڌيڪ بي تڪلف بنائڻ ۽ مزو وٺڻ لاءِ اسان جي ايسوسيئيشن جي صدر اعلان ڪيو ته پهريون پيگ ڊپٽي ميئر جي مانَ ۾ پيئبو ۽ هر ملڪ مان آيل مهمان پنهنجي ملڪي روايت موجب وڏي واڪي اهو جملو چئي ٻڌائيندو. هر ٻاهرين مهمان ايئن ڪيو. جڏهن منهنجو وارو آيو ته سوچ ۾ پئجي ويس. ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو سو يا علي جو نعرو هنيم. نعرو هڻڻ جي دير هئي سڀني موجود ماڻهن وڏي آواز ۽ هڪ آواز ٿي يا علي يا علي جا نعرا هڻڻ شروع ڪيا. حضرت علي وڏي هستي آهي جنهن کي هن موقعي سان نٿو ملائي سگهجي. ممڪن آهي ته اهو غلط عمل هجي پر اُن مهل اِن نعري ئي مدد ڏني ۽ دل به مطمئن ٿي ته ڪوريا ۾ علي سائينءَ جو نعرو ته هڻي آيس.
    ڊنر کانپوءِ وري واپس مانهاءِ اِن ڏانهن روانگي ٿي. رات جو جڏهن ڏهين وڳي ڌاري اتي پهتاسين ته خيال آيو ته نيٽ تي اِي ميل چيڪ ڪري وٺان. حيرت ٿي ته نيٽ جي اسپيڊ تمام گهڻي هئي. سنڌ جي ٻهراڙين وانگر نه جتي نيٽ کولي ڪلاڪ انتظار ۾ ويهڻو پوندو آهي. ڪراچيءَ مان آفيس وارن جي ميل هئي ته پنهنجي گهر رابطو ڪريان جيڪي ايترن ڏينهن کان ڪو اطلاع نه ملڻ ڪري پريشان هئا. پنهنجي وڏي پٽ راهل جي به ميل اي ميل هئي. پٽ کي ميل ڪري تسلي ڏئي وڃي ڪمري تي ليٽيس. اُن مهل ننڍي پٽ روهيل جو سوچيم جيڪو منهنجي هر سفر مهل ضد ڪندو آهي ته هو به هلندو. ڪوريا جو ٻڌي به هو ضد ڪري بيٺو هو ته هن ڀيري مونکي اڪيلو وڃڻ نه ڏيندو. سندن ماءُ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، اها ته منهنجي صحافتي زندگيءَ کان چٽيءَ طرح نه رڳو واقف پر عادي ٿي چڪي آهي، ملڪ اندر ڪو سفر هجي يا ملڪ کان ٻاهر، آفيس لاءِ سوير روانو ٿيڻو هجي يا اڌ رات جو واپسي ٿئي، تيار ڪري روانو ڪرڻ ۽ پوءِ واپسيءَ جو انتظار ڪرڻ سندس معمول رهيو آهي. ملڪ اندر سفر دوران ته فون تي رابطو رکندو رهيو آهيان پر ٻاهرين ملڪ مان سواءِ سريلنڪا جي مون ڪڏهن به کين فون ڪانه ڪئي. ايتري قدر جو 1990 ۾ پندرهن ڏينهن ڪابل ۽ دهليءَ ۾ هيس ته به گهر وارن سان ڪو رابطو ڪونه رکيم. ڪنهن زماني ۾ پاڪستاني اداڪار حنيف جو قصو پڙهيو هئم ته هو جڏهن فلم جي شُوٽنگ لاءِ پرڏيهه ويل هو ته اُتان زال کي خط لکندو رهندو هو، پر زالس ڪڏهن به خط جو جواب نه ڏنس. واپسيءَ تي حنيف زال کي ڏوراپو ڏنو ته زالس سڀ خط کڻي آڏو رکيس جن مان ڪنهن ۾ به هن پنهنجي ايڊريس نه لکي هئي جنهن تي هوءَ جوابي خط موڪلي.
    *


    ڪوريا جو بلڊوزر صدر

    معمول موجب صبح جو سوير اُٿي تيار ٿي بي دلي نيرن ڪري نوين وڳي هوٽل کان ٻاهر اچي نظارو ڪرڻ لڳس. ٿڌ ۾ ڪوبه فرق نه آيو هو، پر حيرت ٿي ته وڏو پروهت ۽ سندس نائب ڪوڙيل مٿي سان بي فڪرا گهمي رهيا هئا. جڏهن سڀ گڏ ٿي وياسين ته پروهت اسان کي گهنڊ، نغارو ۽ مڇيءَ کي رِدم سان وڄائڻ جي پريڪٽس ڪرائي ۽ پوءِ ڀر واري عمارت ۾ وٺي هليو جنهن ۾ ڪوريا جي تاريخ، ادب، ثقافت، دانشورن ۽ ٻين شخصيتن تي ڪتابن ۽ قلمي نسخن جو ميوزيم هو. جيئن ته روانگيءَ کي دير ٿي رهي هئي تنهنڪري اُتي گهڻو وقت ترسي نه سگهياسين.
    اسان جي اڄ جي منزل هئي گينگ وان صوبي Gangwon جو سامونڊي شهر ناڪسن Naksan جيڪو پڻ اوڀر سمنڊ ڪناري هو. ساڳي ڪالهه واري شاهراه وٺي سفر ڪندا رهياسين. جڏهن شهري آباديَءَ مان لنگهڻ ٿيو ته ريانگ اوهه ٻڌايو ته ڪوريا ۾ صدارتي چونڊون ٿيڻ واريون آهن جنهن ۾ چار اُميدوار بيٺل آهن . هن هڪ بورڊ ڏانهن اشارو ڪري ڏيکاريو جنهن تي ترتيب ۾ چئن اُميدوارن جي تصويرن جا پوسٽر لڳل هئا. سڄي سفر ۾ ان کان سواءِ اهڙي ٻي ڪا شئي نظر ڪانه آئي جنهن مان خبر پوي ته ڪا چونڊ مهم هلي رهي آهي. هن ٻڌايو ته صدارتي اُميدوارن جي نامزدگي سياسي پارٽيون ڪنديون آهن ۽ اهي اُميدوار وڏا ناڻي وارا هوندا آهن . چونڊون ڊسمبر ۾ ٿيڻيون هيون ۽ سندس خيال ۾ Lee Myung Bak جي چونڊجڻ جو وڌيڪ امڪان هو جيڪو اڳي هُنڊائي ڪمپنيءَ جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر هو ۽ بعد ۾ سيئول شهر جو ميئر به ٿيو. هو ڪنزرويٽوِ گرانڊ نيشنل پارٽيءَ جو اميدوار هو. کيس بُلڊوزر جي نالي سان سڃاڻن ۽ مزي واري ڳالهه ته بُلڊوزر ئي چونڊون کٽي ويو.
    *


    مندرن کي باهيون

    ڳالهين ڳالهين ۾ خبر ئي ڪانه پئي ته سفر ڪيئن گذري ويو. ڪوچ سامونڊي ڪناري سان گڏ شاهراهه تان هلندي شهري آباديءَ جي ويجهو پهتي ۽ پوءِ کاٻي پاسي هڪ پهاڙيءَ ڏانهن ويندڙ رستي ڏانهن مُڙي جتي وڻن جي قطارن کانپوءِ ڪاٺ جا مندر ۽ ٻيون عمارتون نظر اچي رهيون هيون. ڪوچ مان لهندي ئي ڏڪڻي وٺي وئي. ميزبانن جو خيال هو ته مندر ڀرسان پيچرو وٺي سمنڊ ڏانهن نڪتل پهاڙيءَ ڏانهن وڃي کليل سمنڊ جي ڇولين جو نظارو ڪجي. ڪجهه ساٿي ته تيار ٿي ويا پر مون سميت ڪي دوست پهاڙيءَ تي چڙهڻ کان لنوائيندي بيهي رهياسين. وڏي تعداد ۾ سياح، مرد توڙي عورتون، جيڪي سڀ ڪوريائي هئا، چاڙهيون چڙهي کليل سمنڊ ڏي وڃي رهيا هئا. هڪ ڪوريائي ميزبان اسان کي وٺي فائبر جي ٺهيل هڪ ڪوٺيءَ ۾ وٺي هليو ته ڄڻ موسم ئي بدلجي وئي. اندر وچ ڪوٺيءَ ۾ هيٽر ٻري رهيو هو ۽ چانهه ڪافيءَ جو مڪمل بندوبست هو. اندر هڪ مرد ۽ هڪ عورت موجود هئا جيڪي مندر تي ڪم ڪندڙ پورهيتن منجهان هئا. اسان کي ٻڌايو ويو ته سِيلا گهراڻي Silla Dynacityجي ٽيهين بادشاه جي سفير وائسانگ دائسا Visangdaesa عيسوي سن 676 ۾ هي مندران وقت ٺهرايو هو جڏهن هُو چين ۾ ٻُڌمت جي تعليم پوري ڪري موٽيو هو ۽ ان هنڌ عبادت ڪئي هئائين. گذريل تيرهن سئو سالن ۾ هتي ست وڏيون باهيون لڳيون ۽ هي مندر ۽ ان جي ڀرپاسي جا ٻيلا سڙندا ۽ تباهه ٿيندا رهيا آهن . آخري باهه اپريل 2005 ۾لڳي جنهن ۾ سموري وڻڪاري ۽ مندر سڙي ويا ته حڪومت اٽڪل نَوَ ملين ڊالرن جي خرچ سان انهن کي نئين سر ٺهرائڻ شروع ڪيو ۽ هڪ سال ۾ وڏو ڪم پورو ڪري ورتو. هتي رڳو هڪ مندر ڪونه هو پر اهو مندرن جو ڪامپليڪس هو جنهن ۾ هڪ وڏي مندر جي آسپاس ننڍا ٻيا مندر ۽ پروهتن جي رهائش جا ڪمرا به هئا. هن وقت به هڪ اڌ مندر تي ڪم هلي رهيو هو.
    *


    گوتم ٻُڌ جي بُت کي سجدو

    جيستائين اسان جا ساٿي سمنڊ جو نظارو ڪري موٽيا، اسان نه رڳو ڪافيءَ جا ٻه ٽي دور ڪري چڪا هئاسين پر مندرن جي باري ۾ به کوڙ ڄاڻ حاصل ڪري ورتي هئي. هاڻي مندر گهمڻ جو مرحلو هو. مندرن ڏانهن وڃڻ لاءِ هڪ وڏي گيٽ مان لنگهڻو هو جنهن جو نالو هو اِل جُو مَم Ilju mum جنهن جي معنيٰ جي خبر ته ڪانهي پر گيٽ تي اَوه بانگ سن ناڪسن سا Ohbangsan Naksan-sa نالو اُڪريل هو جيڪو هن مندر جو نالو هو.ڪوريائي ٻوليءَ ۾ ڪجهه نالن پٺيان “سا” اکر لکيل هوندو آهي جنهن جو مطلب پڇڻ جو خيال ان وقت ڪونه آيو، پر مونکي پڪ آهي ته انهيءَ “سا” لفظ جو اڄ ڪلهه هندستاني ٽي وي ڊرامن ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ “بابا سا” ۽ “چاچا سا” سان ڪو تعلق ڪونهي.
    گيٽ ٽپڻ سان ئي مٿانهينءَ تي وڏو ڪارو گهنڊ، نغارو ۽ ڪاٺ جي رنگ برنگي ڊريگن مُنهين مڇي نظر آئي. مٿي ذڪر ڪري چڪو آهيان ته اهي ٽئي شيون ٻُڌمت ۾ عبادت لاءِ اهميت رکن ٿيون پر هتي خبر پئي ته مڇيءَ کي وڄائڻ جو مطلب مانيءَ جو وقت ٿي وڃڻ جو اطلاع ڏيڻ به آهي.
    مٿانهين تي ئي مُکيه مندر هو جنهن ۾ ڪافي تعداد ۾ ڪوريائي مرد ۽ عورتون گوتم ٻُڌ جي وڏي شاهي سونهري بُت جي آڏو دعا گهرندي نظر آيا. قد بُت، نقش، لباس ۽ ٻوليءَ جي فرق جي باوجود ترقي يافتا ۽ صنعتي قوم سڏائيندڙ اهي ڪوريائي مون کي بلڪل اسان ۽ توهان جهڙا لڳا جيڪي من جي شانتي ۽ مُرادون پوريون ٿيڻ جي لاءِ مسجدن، مندرن، پِيرن ۽ فقيرن جي درگاهن تي حاضريون ڀري دعائون گهرندا آهيون. انسان ڪيترو به ترقي ڪري وڃي ۽ پاڻ کي ڪيترو به سگهارو سمجهي پر هُو اندر ۾ کوکلو آهي ۽ من جي شانتيءَ لاءِ کيس پنهنجي خالق جو سهارو کپي بس معرفت جي ڳالهه آهي سو هي ڪوريائي به ٻُڌمت جي ذريعي حقيقي خالق کان دعائون گهرن ٿا.
    مندر اندر هڪ پروهت اسان جو استقبال ڪيو ۽ ڪوريائي ٻوليءَ ۾ مندر بابت ٻُڌائڻ لڳو جنهن جو ترجمو هڪ ميزبان انگريزيءَ ۾ ڪندو ويو، جيڪو پاڻ به ٻُڌمت جو پوئلڳ هو. پروهت اسان کي ٻُڌمت تحت عبادت جو طريقو به ٻُڌائڻ لڳو. سندس خواهش هئي ته اسان سندس ٻُڌايل طريقي موجب عمل ڪيون. اسان کي عجيب ته لڳو پر تجربي خاطر اسان سندس پٺيان ٿي بيٺاسين. اسان مان هر هڪ جي پيرن هيٺان هڪ ڪُشن هو. پروهت پيش امام وانگر اسان جي اڳيان ۽ سندس منهن گوتم ٻُڌ جي بُت ڏانهن هو تنهنڪري اسان جو رُخ به اُن بت ڏانهن هو. ڪوريائي ٻوليءَ ۾ هو جيڪو ڪجهه پڙهندو ويو، اهو ٻُڌئون پيا پر سندس ٻي حرڪت نظر نه آئي جو اسان جون نظرون هيٺ جهڪيل هيون. اوچتو هو هيٺ جهڪي سجدي ۾ ويو ته سڀئي سندس پٺيان سجدي ۾ هليا وياسين. دماغ مان ٺڪاءَ نڪري ويا ته ٻيلي هي ماڻهو ٺڳيءَ سان اسان کي هڪ بُت آڏو سجدو ڪرائي رهيو آهي. مون هڪدم پنهنجي رب کان ان خطا جي معافي گهري ڇو ته الله کانسواءِ ڪنهنجي آڏو سجدو ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. مان دير تائين دل ئي دل ۾ الله وٽ وضاحتون ڪندو رهيس ته ان سجدي کي ڪنهن بُت آڏو سجدو نه سمجهي پر ٻين مذهبن ۽ عقيدن کي سمجهڻ جي ڪوشش ۾ هڪ غلطي ليکي. اسان هڪدم سجدي مان اُٿي کڙا ٿياسين. ڀاٽيا صاحب کي به اها حرڪت خراب لڳي هئي ڇوته هو هندو ڌرم جو پوئلڳ هو.
    سڌارٿ يا گوتم ٻُڌ، جنهن ڇويهه صديون اڳ نيپال ۽ هندستان جي ملندڙ علائقي ۾ جنم ورتو ۽ زندگي، موت ۽ وجود جي حقيقتن کي پرکيندي ڪنهن منزل تي پهتو جو کيس ٻُڌ (هنديءَ ۾ ٻڌي) Enlightened جو نالو مليو، تنهن سوچيو به ڪونه هوندو ته اڳتي هلي سندس پوئلڳ کيس سجدو ڪرڻ لڳندا. هونئن به جيئن ٻين مذهبن ۾ ڪيتريون ئي بدعتون شامل ٿي ويون آهن تيئن ٻُڌمت ۾ به ٿيو آهي ۽ گوتم ٻُڌ جي بت کي سجدو ڪرڻ به انهن بدعتن مان هڪ آهي. نه رڳو اهو پر ٻُڌمت ٻين مذهبن وانگر فِرقن ۾ ورهايل آهي. مان سمجهان ٿو ته اهو ئي ڪارڻ هو جو مشهور پروهت مانهاءِ، جنهن جو ذڪر مان مٿي ڪري چڪو آهيان، ٻُڌمت ۾ سڌارن جي ضرورت محسوس ڪئي هئي. چون ٿا ته هن وقت دنيا ۾ ٻُڌمت جا پنجٽيهه ڪروڙن کان وڌيڪ پوئلڳ آهن ۽ اسلام، عيسائيت ۽ هِندومت کانپوءِ دنيا جو اهو چوٿون وڏو مذهب آهي. ٻين مذهبن وانگر اِهوبه مختلف فِرقن ۾ ورهايل آهي پر اُن جا ٻه مکيه فرقا آهن . مهاتما گوتم ٻُڌ ڪرم (عمل)، ڌرم (حقيقتن کي پرکڻ جي سڌي واٽ) ۽ نِرواڻ (نئين جنم) جا نظريا ۽ عقيدا ڏنا ۽ پنهنجي پوئلڳن کي ڀرپور نموني همٿايو ته هو پاڻ پنهنجي لاءِ مشعلِ راهه بڻجن. سندس چوڻيءَ جو هي انگريزي ترجمو اڄ به مشهور آهي ته Be a lamp onto yourself .
    خير، اهو وڏو موضوع آهي. ڪنهن مذهب تي ڪجهه جملن سان تبصرو نٿو ڪري سگهجي. چون ٿا ته ٻُڌمت جو جائزو وٺڻ سان اُن ۾ ڪيتريون ئي بنيادي ڳالهيون هندومت مان ورتل محسوس ٿينديون.مان سمجهان ٿو ته ان ۾ گهڻي حد تائين سچائي به آهي جو ٻُڌمت جو جنم ۽ واڌ ويجهه انهيءَ علائقي ۾ ٿي آهي جتي هندومت ڇانيل هئي ۽ ان وقت نه عيسائيت ۽ نه ئي اسلام جو نزول ٿيو هو. مون گذريل ڏينهن بائڪدام مندر جي وڏي پروهت سان ملاقات ۾ کائنس ٻُڌمت ۽ صُوفي اِزم ۾هڪجهڙائيءَ بابت پڇيو هو ته هن هڪدم ان ڳالهه کي رد ڪندي چيو هو ته، ٻُڌمت ڪنهن به ٻئي مذهب يا نظرئي مان ڪا شئي نه وٺندو آهي. اهو سندس پنهنجو خيال هو ۽ مان ان سان سهمت ڪونه هئس. اسان سنڌ ۾ صوُفي سوچ رکندڙ پاڻ کي ٻُڌمت جي گهڻو ويجهو سمجهندا آهيون جو ٻنهي نظرين ۾ڪافي هڪجهڙائي لڳندي آهي.(هي سفرنامو لکندي هڪ ڏينهن هڪ سنڌي ٽي وي چئنل تي سائين امر جليل کي چوندي ٻُڌم ته هو ٻُڌمت جو پوئلڳ آهي). حقيقت هيءَ آهي ته صُوفي اِزم مذهبن جي اِسرارن کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جو ئي نالو آهي جنهن کانپوءِ ئي سچائي ۽ سنئين واٽ نظر اچي ٿي. گوتم ٻُڌ به پنهنجي پوئلڳن کي اهو سبق ڏنو ته هر ڳالهه کي سمجهو، پرکيو ۽ پوءِ عمل ڪريو. مان گوتم ٻُڌ جي ئي تعليم تي عمل ڪندي سندس ڪوريائي پوئلڳن کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس ۽ مون محسوس ڪيو ته جيئن مُلان، پادرين ۽ هندو پنڊتن پنهنجي پنهنجي مذهبن جي شڪل بگاڙي آهي يا وقت گذرڻ سان گڏ سماج جون مختلف ڳالهيون ۽ بدعتون مذهبن ۾ شامل ٿي مذهب جو حصو ٿي ويون آهن، تيئن هتي ٻُڌ پروهتن ۽ ڪوريائي سماج به ساڳيو ڪردار ادا ڪيو آهي. هونئن به ٻُڌ مت هن وقت ٻٽيهه فرقن ۾ ورهايل آهي ۽ هر فرقي جا الڳ پوئلڳ آهن.
    *


    راجستان ۾ رهندڙ ڪوريائي ڀڪشُو

    اهي سوچون کڻي مان ٻين سان گڏ مندر مان ٻاهر نڪتس ته ٻڌاين ته هاڻي هتان جي وڏي پروهت سان ملڻ جو پروگرام آهي. مندرن جي هن ڪامپليڪس سان ئي پروهتن جا رهائشي ڪاٺ جا ڪمرا هئا جن مان هڪ ۾ اسان کي وٺي هلي ويهارين. منجهند جو وقت ٿي رهيو هو سو مونکي ڊپ وٺي ويو ته هاڻي بائڪدام مندر جهڙي لنچ ڪرڻي پوندي ۽ ڪوريائي ميزبانن سان اهڙي انديشي جو اظهار به ڪيم جنهن تي هو ڏاڍو کليا ۽ آٿت ڏنائون ته لنچ ڪنهن ٻئي هنڌ آهي.
    هتي جنهن وڏي پروهت سان ملاقات ٿي تنهن جو نالو هو جيانگ نِم Jeongnym . بائڪدام مندر جي وڏي پروهت جي ڀيٽ ۾ هي مُرڪندڙ منهن وارو کلمُک ماڻهو هو. ساڻس تعارف مهل خاص طور مون سان تفصيلي تعارف ڪرايو ويو ۽ مون به ضروري سمجهيو ته کيس ٻُڌايان ته مان سنڌي ۽ مسلمان آهيان ۽ سنڌي ماڻهو مذهبي ڪٽرپڻي بدران هر مذهب کي عزت جي نظر سان ڏسن ٿا. جيئن ٻُڌمت سيکاري ٿي ته ڪوبه گناهه نه ڪريو يعني ڪوبه غلط ڪم نه ڪريو، چڱائيءَ جو ٻِج پوکيو ۽ دل ۽ دماغ کي خراب سوچن کان پاڪ رکو، تيئن اسان جو مذهب به اهو ئي درس ڏئي ٿو. ان سان گڏوگڏ سنڌين تي صُوفي اِزم جو به اثر آهي. هي پروهت زندگيءَ جا ڪجهه ورهيه ٻُڌمت جي تعليم جي حوالي سان راجستان واري علائقي ۾ گذاري چڪو هو. مون کيس ٻُڌايو ته راجستان ڀارت جو اهو علائقو آهي جيڪو سنڌ سان ملي ٿو ۽ سنڌ جي ٿر ۽ راجستان جي ثقافت بلڪل هڪجهڙي آهي.
    هن پروهت سان ڪافي دير ڪچهري ڪري، لذيذ ميوا کائي ۽ سائي چانهه پي جڏهن اٿياسين ته هن اسان سڀني کي ٻُڌمت واري گهنڊ جو ننڍي سائيز جو هڪ هڪ نمونو سوکڙيءَ طور ڏنو جنهن جي قيمت هڪ سئو ڊالر (ڪوريائي ڪرنسي وون هڪ لک) هئي.
    *


    ٿُوم جي استعمال جونئون تجربو

    جبل جي مٿانهينءَ تان سمنڊ جي مست ڇولين کي ڏسندي هاڻي اسان جو قافلو شهر ڏانهن روانو ٿيو جتي ليمپ Lamp ريسٽورنٽ ۾ لنچ جو انتظام هو. هڪ ئي ڪُٽنب جون ٻه ٽي عورتون هي ريسٽورنٽ هلائينديون آهن . روايتي نموني سان مختلف ڪمرن ۾ فرشي نشست هئي. هر شئي سليقي سان رکيل ۽ صفائي ايتري جو پنهنجي ديس جي هوٽلن جو حال ياد ڪري احساسِ ڪمتري پئي محسوس ٿي. هتي به اسان ڪُشنن تي آمهون سامهون ويٺاسين ۽ وچ ۾ ننڍن پاوَن واريون ميزون هيون جن جي وچ ۾ وري گئس جا چُلها لڳل هئا. اسان جي ويهڻ شرط مايون سرگرم ٿي ويون ۽ مختلف کاڌا ميزن تي رکڻ شروع ڪيائون. مان هر کاڌي کي ڏسندو رهيس. سوچيم ته هي به شايد لوُمڙي ۽ ٻَگهه پکيءَ واري دعوت آهي جنهن ۾ ميزبان کائيندو رهندو ۽ مهمان بکيو ئي رهندو، پر ان مهل پيٽ ۾ ساهه پيو جڏهن پٽاٽي جون ٽڪيون آيون. سوچيم ته گهٽ ۾گهٽ هڪ شئي ته کائڻ جهڙي آئي. ڀر وارن ٻين ساٿين پنهنجي حصي جون به ٽڪيون مونکي ڏنيون جو مان ٻي ڪنهن شئي کي هٿ ئي ڪونه پي وڌو. ان وچ ۾ عورتن گئس جا چُلها ٻاريا ۽ اُنهن تي رکيل فرائنگ پين ۾ گوشت جا ٽڪرا رکنديون ويون. گوشت سان گڏ هنن ٿُوم جون وڏيون ڳڙيون به رکيون ۽ گوشت کي اُٿلائڻ لاءِ چمٽا به ڏئي ويون. مون کي پڪ هئي ته اهو پورڪ يعني سوئر جو گوشت هوندو پر عورتن ۽ ٻين سڀني پڪ ڏني ته اهو بيف آهي ۽ هتان جي روايتي طريقي موجب پاڻ پچائي گرم گرم کائڻو آهي. منهنجا ته مزا ٿي ويا. ڪوريا جي روايتي بيئر Cass ۽ وائين Sojo سان گوشت جا ٽڪرا هلندا رهيا. زندگيءَ جو هڪ نئون تجربو اهو ٿيو ته ٿُوم جي ڳڙين کي گرمائش تي ڳرندي ڏٺم ۽ ان مان نڪرندڙ سڻڀ کاڌي جي تيل جو ڪم ٿي ڏنو. هيءَ يادگار لنچ هئي جنهن ۾ ڀوڳ چرچا، نچڻ ڳائڻ ٿيندو رهيو. چون ٿا ته ڪوريائي عورتون کاڌي ۾ ٿُوم جو استعمال تمام گهڻو ڪن ٿيون.
    جيئن ته هتان سيئول روانو ٿيڻو هو ۽ پنڌ پري هو تنهنڪري نه چاهيندي به روانا ٿياسين. ڪافي دير ته سامونڊي شاهراهه رستي سفر ٿيندو رهيو جنهن دوران ڪوچ ۾ به چرچا ڀوڳ ۽ نچڻ ڳائڻ ٿيندو رهيو. اها رات منهنجي واپسيءَ جي هئي جو ٻارهين وڳي فلائيٽ جو وقت هو. ٻين ٻاهرين دوستن جي واپسي صبح جو هئي. پروگرام موجب سيئول ۾ الوداعي ڊنر رکيل هئي پر دير ٿيڻ جي ڪري اها ملتوي ڪري واٽ تي شاهراه تي هڪ ريسٽورنٽ ۾ هلڪو ڦلڪو کاڌو کائي سيئول روانا ٿياسين جتي پوري نائين وڳي رات جو پهتاسين. هوائي اڏي تي پهچڻ ۾ فقط هڪ ڪلاڪ هو ڇوته انٽرنيشنل فلائيٽ لاءِ ٻه ڪلاڪ اڳ پهچڻو هوندو آهي ۽ بس جو انتظار ڪرڻ جو مطلب هو فلائيٽ وڃائڻ تنهنڪري ميزبان تنظيم جو صدر مونکي پنهجي ڪار ۾ کڻي ايئرپورٽ روانو ٿيو جيڪو هڪ سئو ڪلوميٽر پري هو.
    *


    ڪوريائي ٻولي

    هوائي اڏي ڏانهن سفر ڪندي ڪوريا بابت ڪچهريءَ جو وڌيڪ وقت ملي ويو ڇوته هڪ سئو ڪلوميٽر فاصلو هڪ ڪلاڪ ۾ طئه ٿئي ها. خوبصورت جرڪندڙ رستن، پُلين۽ فلاءِ اوورن تان لنگهندي منهنجي اک ته نظارن ۾ هئي پر مان هن کان سوال به پڇندو ٿي ويس. مان ٻولين جو ماهر ته ناهيان پر منهنجي دلچسپي سدائين ان ڳالهه سان رهي آهي ته جتي به وڃان اتي اُتان جي ٻوليءَ بابت ضرور پُڇان. سو مسٽر ليءَ کان مون ڪوريائي ٻوليءَ بابت ڪيترائي سوال ڪيا. انهيءَ کان اڳ سيئول موٽندي ڪوچ ۾ ريانگ اوهه سان به ڪوريائي ٻوليءَ بابت ڪجهه ڪچهري ٿي هئي.
    ڪوريائي ٻولي اُتر ۽ ڏکڻ ڪوريا جي قومي ۽ سرڪاري ٻولي آهي. چون ٿا ته چين جي هڪ خودمختيار علائقي يان بيان Yan Bian جي سرڪاري ٻولي به اهائي آهي. هڪ ڪاٿي موجب اَٺ ڪروڙ ماڻهو ڪوريائي ٻولي ڳالهائن ٿا، پر تنهن هوندي به تاريخ ۾ اُن کي اڪيلي ٻولي Isolate Language طور سڏيو ويو آهي. شروع ۾ اها چيني ٻوليءَ مان اوڌر ورتل الف ب يا لِپيءَ هَان جَا Hanja ذريعي لکي ويندي هئي. پندرهين صديءَ جي وچ ڌاري 1443 ۾ ان وقت جي بادشاه سيجانگ Sejong ڪجهه ماهرن جي هڪ ٽيم جوڙي جن ڪوريائي ٻوليءَ کي پنهنجي الف ب ڏئي هَانِ گُل Hangul جي نالي سان لکت جو سرشتو رائج ڪيو. اهو لفظ به مختلف لفظن جي سڌريل معياري شڪل آهي جنهن جي معنيٰ آهي قومي ٻولي. هن لپيءَ ۾ ڏهه Vowels ۽ چوڏهن Consonents آهن.
    باوجود پنهنجي ڌار لپيءَ جي، ڪوريائي ٻوليءَ جا ڪيترائي لفظ لکڻ ۾ چيني ٻوليءَ جهڙا آهن ۽ فقط سندن اُچارڻ ۾ فرق آهي. مثال ڏيندي ريانگ اوهه ٻڌايو هوته اسڪول لفظ ٻنهي ٻولين ۾ ساڳي طرح لکبو پر سندن اُچار ڌار آهي.
    ڪوريائي ٻولي جپانيءَ سان به ملي ته منگوليائي ٻوليءَ سان به، ڇوته ڪجهه سئو سال اڳ منگول حڪمران به ڪوريا تي قابض رهيا تنهنڪري سندن ٻولين ۾ به ايتري ويجهڙائپ آهي جو ريانگ اوهه جو چوڻ هو ته کين چيني يا جپاني ماڻهن جي ڀيٽ ۾ منگوليائي ماڻهن سان ڳالهائڻ ۾ سولائي ٿيندي آهي.
    هونئن اينسائيڪلوپيڊيائن موجب ڪوريائي ٻولي اَلتائي ٻولين ural- Altaic Languages منجهان يعني ترڪي، جپاني، منگوليائي، هنگري وغيره ٻولين جي گروپ مان آهي جيڪي التائي Altaic جابلو سلسلي جي حوالي سان سڏجن ٿيون. اهو جابلو سلسلو وچ ايشيا کان يورپ تائين پکڙيل آهي.
    مسٽر ليءَ ٻڌايو ته ڏکڻ ڪوريا ۾ سيئول ۽ اُن جي آسپاس واري علائقي ۽ اُتر ڪوريا ۾ اتان جي گادي واري شهر پيانگ يانگ ۽ ڀرپاسي واري علائقي واري ڪوريائي ٻولي معياري يا Standard ٻولي سڏجي ٿي. مون کي اُن مهل سنڌ ۽ سنڌي ٻولي ياد آئي جو انگريزن پنهنجي راڄ وقت سنڌي ٻوليءَ جي موجوده لپي تيار ڪرائي هئي ۽ انهيءَ لاءِ هنن تعليمي ۽ ٻوليءَ جي ماهرن جي ٽيم جوڙي هئي جن نه رڳو الف ب ٺاهي پر سنڌ جي وچولي واري علائقي ۾ ساهتيه پرڳڻي نوشهري فيروز، ڀريا، درٻيلي ۽ ڀرپاسي جي ٻوليءَ کي معياري سنڌي ٻوليءَ جو درجو ڏنو هو جيڪا سنڌ جي ڪتابي ٻولي سڏجي ٿي.
    ڪوريا وارن پنهنجي اڪيلي ٻوليءَ کي پنهنجي اصل شڪل ۾ قائم رکڻ سان گڏوگڏ رومنائيزيشن Romanization ذريعي ان قابل ٺاهيو آهي جو ملڪ جي سمورن شهرن ۾ رستن،گهٽين، مکيه عمارتن وغيره جا نالا رومن لپيءَ ۾ لکيا وڃن ٿا ته جيئن ٻاهران ايندڙ ماڻهو انهن کي سولائيءَ سان پڙهي سگهن. ان ڏس ۾ هنن گهڻو ڪم ڪيو آهي جنهن کي هو Revised Romanization of Korean Language ياد ڪن ٿا. رومن لپيءَ ۾ ڪوريائي لفظ لکڻ جا ڪجهه مثال هن ريت آهن: بورچيخانو Bueok ، ٻاهر Bak ، ڀت يا ديوار Byeok ، ڳائي گوشت جون ٽانڊن تي پچايل چاپون Kalbi ، ڀاڄيءَ مليل اڇا چانور Bibimbap ۽ راند روند ۾ وڏي مهارت رکندڙ ماڻهو Gosu ۽ ماڻهن کي وندرائيندڙ مائي Kisaeng.
    *


    ٻولين جي رومنائيزيشن

    موجوده جديد زماني ۾ ۽ خاص طور انٽرنيٽ ۽ موبائل فون جي اچڻ کانپوءِ ٻولين جي رومنائيزيشن جي اهميت وڌي وئي آهي، پر حقيقت ۾ مختلف قومن جي ڏاهن ماڻهن وڏي عرصي کان ان ڏس ۾ ڪم ڪيو آهي ته جيئن پنهنجي ٻولين کي ترقي وٺرائي سگهن. ترڪيءَ جي ڪمال اتاترڪ 1925 ۾ پنهنجي ٻوليءَ لاءِ عربي ۽ فارسيءَ بدران رومن لپي اختيار ڪرائي جڏهن ته انڊونيشيا ۾ 1972 ۾ تڏهوڪي صدر سوئيڪارنو فرمان جاري ڪري هڪ هزار ورهين کان رائج Kawi لپيءَ جي جاءِ تي رومن لپي متعارف ڪرائي. مون کي ياد آهي ته مارچ1990۾ افغانستان جي گادي ڪابل ۾ اتان جي ڪابل يونيورسٽيءَ جي پروفيسر زيار Zyar سان روزانو منهنجون ڪچهريون ٿينديون هيون ۽ اڪثر موضوع ٻولي هوندو هو. ڊاڪٽر پروفيسر زيار پشتو ٻوليءَ جو محقق هو ۽ هن جرمنيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪئي هئي. هو پشتو جي فارسي لپيءَ بدران رومن لپي اختيار ڪرڻ تي تحقيق ڪري رهيو هو. ان ڏس ۾ هو پشتو جي ڊڪشنري شايع ڪري چڪو هو جنهن ۾ رومن لپي شامل هئي. تڏهوڪي افغان صدر ڪامريڊ نجيب الله جي حڪومت ان ڪم لاءِ مالي مدد جو وعدو ڪيو هئس. پروفيسر زيار ئي ٻڌايو هو ته انڊونيشيا ۾ اتان جي مقامي ٻولين ۾ ڇپجندڙ اخبارن ۾ هر خبر جي ڪالم ڀرسان ساڳي خبر رومن لپيءَ ۾ به ڇاپي وڃي ٿي.
    مون کي جيتري ڄاڻ هئي ان مطابق هڪ زماني ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ به رومن لپي اختيار ڪرڻ جي مهم هلي هئي پر سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ سبب اها ڪامياب نه ٿي. مون پروفيسر زيار سان سنڌي ٻوليءَ لاءِ رومن لپيءَ بابت به خيالن جي ڪافي ڏي وٺ ڪئي هئي. سندس خيال هو ته سنڌيءَ جو حرف “ز” انگريزيءَ جي حرف r(ننڍي آر) جي هيٺان هڪ ٽٻڪو ڏيڻ سان اُچاري سگهجي ٿو جڏهن ته حرف “ڻ” جو اُچار انگريزي حرف n (ننڍي اين) جي هڪ ڄنگهه هيٺان هڪ ٽُٻڪو ڏيڻ سان ڪڍي سگهجي ٿو.
    پروفيسر زيار کي انگريزي ٻوليءَ تي به عبور حاصل هو. هڪ ڏينهن هو پنهنجي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيل شاعري لکي کڻي آيو. سندس هٿ اکر لکيل اها شاعري اڄ به مون وٽ سانڍيل آهي. شاعري هن ريت آهي:
    Love's Offerings
    I made a garland
    of tears of blood
    like the beads of rubies
    to adorn your beautiful neck.
    This garland, a lovely present
    An offering of my love
    for your acceptance
    to put round your lovely neck.
    (With my best regards to my friend Nasir Aijaz- Zyar)
    شڪر آهي جو پروفيسر زيار مون کي نصير اعجاز لکيو هو، نه ته افغانستان ۾ اڪثر ماڻهو مون کي نصير حجاز سمجهندا هئا ۽ هڪ افغان اخبار ۾ ڇپيل منهنجي انٽرويو ۾ته منهنجو نالو نصير حجاز ئي لکي ڇڏيو هئن. (افغانستان جي سفر جو تفصيلي ذڪر اڳتي ڏنل آهي). ظلم ته ڪنهن زماني ۾ هلال پاڪستان اخبار جي هڪ ڪمپازيٽر ڪيو هو جنهن بدنام ڌاڙيل نصير فقير جي گرفتاريءَ جي خبر هن ريت ڪمپوز ڪئي: سنڌ جو بدنام ڌاڙيل نصير اعجاز گرفتار. قسمت جي ڳالهه ته سندس اها غلطي اهڙي پروف ريڊر پڪڙي جيڪو سدائين پِنڪين ۾ هوندو هو.
    مان سمجهان ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جي رومنائيزيشن، سندس اصل ٻاونجاهه حرفن واري لپيءَ کي برقرار رکندي نه رڳو نهايت ضروري پر سولي به آهي جنهن سان سنڌي ٻوليءَ کي بچائي ۽ ترقي ڏياري سگهجي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي رومنائيزيشن نه ٿيڻ جي ڪري هن وقت اسان جا ستر اسي سيڪڙو سنڌي رومن اردو ۾ يا انگريزيءَ ۾ ايس ايم ايس ڪن ٿا. ڪي ماڻهو شايد اهڙا هجن جيڪي رومن سنڌيءَ ۾ نياپا ڪندا هجن. سچ ته ان مهل رت ٽهڪندو آهي جڏهن سنڌين کي، جن ۾ منهنجا پنهنجا مٽ مائٽ ۽ اولاد به شامل آهن، اردوءَ ۾ ايس ايم ايس ڪندي ڏسندو آهيان. ان مهل سوچيندو آهيان ته سنڌي ٻوليءَ جو دشمن ٻيو ڪير نه پر اسان پاڻ آهيون.
    مونکي خبر ناهي ته سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي رومنائيزيشن تي ڪنهن ڪم ڪيو آهي يا نه، پر ڀارت ۽ دبئيءَ ۾ رهندڙ هندو سنڌين ان ڏس ۾ گهڻو ڪم ڪيو آهي جڏهن ته منجهن به ان حوالي سان وڏا اختلاف رهيا آهن . ڊاڪٽر ديال آشا، ڊاڪٽر رام بخشاڻي، ڪشور لالواڻي، گووند چندرماڻي ۽ پونم مالاڻيءَ جا نالا ان ڏس ۾ ذڪر جوڳا آهن جن جون ڪاوشون مختلف ويب سائيٽن تي ڏسي سگهجن ٿيون. سندن چوڻ آهي ته عرب رياستن ۾ ٻه ٽي لک جڏهن ته سنڌ کي ڇڏي باقي دنيا ۾ هڪ ڪروڙ سنڌي آهن ۽ سندن ڪوشش آهي ته کين سنڌيءَ جي رومنائيزيشن ڏانهن راغب ڪجي.
    ڳالهه ڪٿان جو ڪٿان وڃي نڪتي پر ڇا ڪجي جو ماءُ جي ٻوليءَ جو معاملو ئي ڪجهه جذباتي آهي. جنهن نموني اسان هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي شڪل بگاڙي رهيا آهيون، اردوءَ کان متاثر ٿي ان جو گرامر ۽ جنس بدلائي رهيا آهيون، ان تي منهنجو اندر ڄڻ ته چيربو آهي، تنهنڪري هتي هن موضوع تي ڪجهه ڊيگهه ٿي وئي هجي ته معاف ڪجو. اوهان پاڻ سوچيو ته هڪ سنڌيءَ جي واتان گهٽيءَ کي گليِ، جُهونگارڻ کي گنگنائڻ، ڪتابن کي ڪتابون، ڪلاس کي ڪلاسون، موسم سٺي آهي کي موسمُ سٺو آهي جهڙا لفظ ۽ جملا ٻُڌبا ته ڇا حالت ٿيندي. اهڙي سنڌي سڀ کان پهرين سردار قريشيءَ نالي هڪ پنجابيءَ جي واتان ٻُڌم ۽ لکندي ڏٺم. هي شخص پهرين منٿ ميڙ ڪري سراج ميمڻ صاحب هٿان هلال پاڪستان اخبار ۾ سب ايڊيٽر ٿيو ۽ پوءِ سازشون ڪري ان جو ايڊيٽر ٿيو ۽ اخبار کي تباهه ڪيائين.ورڪرس يونين جي عهديدار جي حيثيت ۾ هن 32 ملازمن جا نالا لکي شيخ سلطان ٽرسٽ جي ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر مرحوم علي احمد بروهيءَ کي پيش ڪيا هئا ته انهن کي نوڪريءَ مان ڪڍڻ سان اخبار جو نقصان ختم ٿي ويندو. ايئن وڏي تعداد ۾ ماڻهن کي بيروزگار ڪرائي هو انعام طور ايڊيٽر ٿيو. هن نه رڳو خبر ايجنسين جي سروس بند ڪرائي ڇڏي پر ڪراچي يونين آف جرنلسٽس جي يونٽ چيف جي حيثيت ۾ جڏهن مون ماڻهن کي بيروزگار ڪرڻ تي احتجاج ڪيو ته مون ۽ هڪ ٻئي اسٽاف رپورٽر جِي اين مغل کي به ڪڍيو ويو. اسان جي برطرفيءَ وارو حڪم هن ريت هوThe post of staff reporter has been abolished and your services are no more required جنهن جو مطلب هو ته اخبار مان رپورٽر جي پوسٽ ئي ختم.
    ڪوريا ۾ مون ڏٺو ته هر ماڻهوءَ کي انگريزي ڪانه ٿي آئي. ڪنهن کي بنهه نه ۽ ڪنهن کي تمام گهٽ انگريزيءَ جي ڄاڻ هئي. ڪي ته اهڙا به هئا جن کي انگريزي آئي ٿي پر انهن ڪوريائي ٻوليءَ ۾ ڳالهايو ٿي ۽ ان جو انگريزي ترجمو ڪري ٻڌايو ٿي ويو. مون کي تجسس هو ته ڪوريا وارن جو ايتري ترقي ڪئي آهي اها هنن سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي تعليم ڪوريائي ٻوليءَ ۾ حاصل ڪرڻ سان ڪئي آهي يا نه. هوائي اڏي ويندي اهو سوال مون مسٽر ليءَکان ڪيو جنهن ٻڌايو ته انگريزي فقط هڪ سبجيڪٽ طور پڙهائي ويندي آهي جڏهن ته باقي سموري تعليم ڪوريائي ٻوليءَ ۾ ڏني وڃي ٿي. ان ڳالهه تي هنن کي فخر هو، اسان وانگر ڪمتريءَ جي احساس جا شڪار ڪونه هئا.
    *


    واپسيءَ جو سفر

    هوائي اڏو اچي چڪو هو، مسٽر لِي مون کي اندر آخري منزل تائين پهچائي واپس هليو ويو. مان باقي وقت لائونج ۾ گهمندي گذاريو جو ان کانپوءِ دبئيءَ تائين ڏهه ڪلاڪ لاڳيتو جهاز ۾ سفر ڪرڻو هو. ٻارهين وڳي جڏهن جهاز اڏاڻو ته مان به لت کوڙي سمهي پيس جو خبر هئي ته ڪوريائي کاڌو وڻندو ڪونه. دبئي هوائي اڏي تي پهتاسين ته اتي به اڃان فجر جو وقت هو ڇوته اسان اوڀر کان اولهه ڏانهن سفر ڪيو هو جتي سج اڀرڻ ۾ اڃان گهڻي دير هئي. دبئي ڊيوٽي فري مال ۾ گهمندي ٽي ڪلاڪ گذاري وري ڪراچيءَ لاءِ سفر شروع ڪيوسين ۽ نيٺ صبح جو ڏهين وڳي اچي ڪراچيءَ پهتاسين. ننڊ ۽ ٿَڪُ ذهن تي سوار هئا تنهنڪري سمهڻ پي چاهيم پر سچ ته ايئن پي لڳو ڄڻ هاڻ خواب ڏسي اٿيو آهيان ۽ خواب ۾ مان ڪوريا گهمي آيو آهيان. مون کي اها خبر ئي ڪانه هئي ته ايندڙ سال وري خوابن جي اها ڌرتي گهمڻ جو موقعو ملندو.
    *


    ٻيهر سفر

    آگسٽ 2008 ۾ هڪ ڏينهن اِي ميل ڏسندي اوچتو ريانگ اوهه جي ميل تي نظر پئي جنهن وري ڪوريا جي دعوت موڪلي هئي. هن ڀيري ستين کان ڏهين آڪٽوبر تائين موسمياتي تبديلين بابت هڪ ڪانفرنس ۽ ٻيون ڪيتريون ئي سرگرميون رٿيون ويون هيون. مون کي ان لاءِ پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين، ماحولياتي گدلاڻ ۽ حڪومت پاران ورتل اُپائن ۽ پاليسين بابت هڪ پيپر تيار ڪري اڳواٽ موڪلڻو هو. لکڻ لاءِ وقت ته ڪافي هو، پر ساڳئي وقت ڀارت جي هڪ آن لائن ۽ پرنٽ مئگزين لاءِ به پاڪستان ۾ ڪميونٽي ريڊيو جي صورتحال بابت آرٽيڪل لکي وقت تي موڪلڻو هو، تنهنڪري ڪم ڪجهه وڌي ويو. ذهن ۾ ويزا وارا ڏچا به هئا جو گذريل ڀيري بلڪل آخري ڏينهن يعني فلائيٽ واري ڏينهن ويزا ملي هئي. تنهنڪري هن ڀيري سوچيم ته پهرين ويزا جو مسئلو حل ڪجي ۽ پوءِ باقي تياريون ڪجن. هن ڀيري خوشقسمتيءَ سان ٽن چڪرن ۾ ويزا ملي وئي جو ڪوريائي قانصلخاني وارن جو مون تي ڀروسو ٿي ويو هو. هنن ڏٺو ته هي شريف ماڻهو آهي جيڪو ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي بنا ڪنهن گند ڪرڻ جي موٽي ٿو اچي تنهنڪري هن مان ڪو به خطرو ڪونهي. هڪ ڏينهن ويزا فارم جمع ڪرائڻ ويس، ٻيو دفعو انٽرويوءَ لاءِ گهراين ۽ ٽئين چڪر ۾ وڃي ويزا کنيم. اُن کانپوءِ لکڻ جي ڪم کي جُنبي ويس ۽ واعدي مطابق رپورٽون ٻنهي پاسي موڪلي ڇڏيم.
    هن ڀيري سوچيم ته ڪوريا جي سفر لاءِ ٻيو ڪو رستو وٺان جو اڳي ڀيري دبئيءَ کان لاڳيتو ڏهه ڪلاڪ سيئول تائين سفر ڪري ڪڙهجي پيو هئس ۽ مٿان وري کاڌو به کائڻ جهڙو نه، سو ٿَائي ايئر ويز جي فلائيٽ جي ٽڪيٽ ورتم. اها فلائيٽ بئنڪاڪ ۽ هانگ ڪانگ کان ٿيندي سيئول پهچي ها. ان سان ٿائلينڊ ۽ هانگ ڪانگ ته نه پر انهن جا هوائي اڏا گهمي ڪو نئون جهان ته ڏسي سگهان پيو. وقت ذري گهٽ ايترو ئي لڳي پيو، بس فرق اهو هو ته ڪراچيءَ کان چئن ڪلاڪن ۾ بئنڪاڪ پهچي اتي ٽي ڪلاڪ هوائي اڏي تي گذارڻو هو. اتان وري هانگ ڪانگ پهچي ڪلاڪ کن کانپوءِ سيئول هلڻو هو. اهو به آسرو هو ته کاڌو ڪجهه چڱو ۽ کائڻ جوڳو ملندو.
    *


    جهاز جو مٽجڻ ۽ سامان جو گم ٿيڻ

    منهنجي فلائيٽ چوٿين آڪٽوبر تي رات جو ٻارهن لڳي پنجويهه منٽن تي هئي جيڪو عيدالفطر جو ٻيو ڏينهن هو. ان ڏينهن منجهند جو تيارين ۾ هئس ته ٽريول ايجنٽ جي فون آئي ته ٿائي ايئر ويز جي فلائيٽ منسوخ ٿي وئي آهي ۽ انهن جا سمورا مسافر هاڻي ڪيٿي پئسفڪ جي فلائيٽ ۾ سفر ڪندا، جنهن لاءِ اسان کي هوائي اڏي پهچي ڪيٿي پئسفڪ جي ڪائونٽر تي رابطو ڪرڻ گهرجي. ڪي ايئر لائينون گهڻو ڪري مسافر گهٽ هجڻ سبب فلائيٽون منسوخ ڪري مسافر ٻين جي حوالي ڪنديون آهن، بلڪل ايئن جيئن هتي ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد وچ ۾ هلندڙ بسون مسافر گهٽ هجڻ ڪري انهن کي ٻين بسن ۾ چاڙهي ڇڏيندا آهن.
    مون کي ٻڌايو ويو هو ته فلائٽ جو ساڳيو وقت هوندو پر هوائي اڏي تي پهچڻ بعد خبر پئي ته ڪيٿي پئسفڪ جي اُڏام اڌ ڪلاڪ دير سان هئي. ڪيٿي پئسفڪ وارن بورڊنگ ڪارڊ ڏيڻ مهل ٻڌايو ته بئنڪاڪ کان اڳتي سفر اهو ئي ٿائي ايئر ويز ۾ ٿيندو ۽ منهنجي بئگ به بئنڪاڪ ۾ ملي ويندي. انهيءَ جهنجهٽ کان واندو ٿي وڃي لائونج جي Smokers` Zone ۾ ويٺس جو وقت به گذارڻو هو ۽ اهڙي انتظار ۾ سگريٽ ئي ساٿ ڏيندو آهي. (هاڻي پاڪستان ۾ ڪنهن به هوائي اڏي تي سموڪرس زون ڪونهي.) مون وانگر ان ڪمري ۾ ٻيا به گهڻائي سگريٽ پيئڻ وارا هئا، جن ۾ سکر جو هڪ سنڌي واپاري به شامل هو. ڄنگهه کان ٿورو معذور هي شخص شلوار قميص ۾ پري کان پڌرو هو. تعارف ٿيڻ تي هن ٻڌايو ته پنهنجي هڪ پٺاڻ دوست سان گڏ هو تفريح لاءِ بئنڪاڪ وڃي رهيو آهي. تفريح جو لفظ استعمال ڪندي هو ذُو معنيٰ انداز ۾ مُرڪيو هو ۽ مان به سندس مطلب سمجهي ويس.
    فلائيٽ جو انتظار ڪجهه وڌندو ٿي ويو جو ساڍي ٻارهين وڳي کانپوءِ خبر پئي ته جهاز هاڻي اڃان پهتو آهي ۽ اهو ئي جهاز وري اسان کي کڻي هلندو. خُدا خُدا ڪري انتظار ختم ٿيو ۽ ڪراچيءَ مان روانا ٿياسين. بئنڪاڪ هوائي اڏي تي پهتاسين ته اتان جي وقت موجب صبح جا ست ٿي چڪا هئا ۽ ٿائي ايئر ويز جو هڪ همراهه منهنجي نالي جو پليڪارڊ کڻي مونکي وٺڻ لاءِ بيٺو هو. هن ٻڌايو ته ٿائي ايئر ويز جي سيئول لاءِ فلائيٽ ستين وڳي رواني ٿي چڪي آهي تنهنڪري هاڻي مون کي ڏهين وڳي واري فلائيٽ جو انتظار ڪرڻو پوندو. هن مون کي بورڊنگ ڪارڊ وٺي ڏنو ۽ هڪ هنڌ پهچائي مون کي چيو: لائونج ۾ گهمي ڦري توهان کي وقت گذارڻو پوندو. هن اهو به ٻڌايو ته منهنجي بئگ مون کي سيئول ۾ ملي ويندي.
    مون حساب ڪيو ته سيئول پهچندي رات ٿي ويندي جڏهن ته ڪوريائي دوستن کي ڏنل وقت شام جو هو ۽ هنن مون کي اتي وٺڻ لاءِ ماڻهو موڪلڻ جو ٻڌايو هو. سوچيم ته ايئن نه ٿئي جو اهي ماڻهو انتظار ڪري هليا وڃن ۽ مان خوار ٿي وڃان. اهو سوچي هوائي اڏي جي سائبر ڪيفي تي وڃي ڪوريائي دوستن کي اِي ميل ڪري پهچڻ جي پروگرام ۾ تبديليءَ کان آگاه ڪيم ۽ دعا گهريم ته هو اها ميل پڙهن نه ته مون سان وڏي جُٺ ٿيندي جو هوائي اڏي کان هوٽل تائين پهچڻ لاءِ تڪليف ڪرڻي پوي ها. مون کي اها خبر ئي ڪانه هئي ته بئنڪاڪ کان هانگ ڪانگ ٿيندو جڏهن اِنچيان هوائي اڏي تي پهچندس ته رات ٿي وڃڻ جي باوجود مون کي وٺڻ لاءِ ٻه خوبصورت ڇوڪريون منهنجو انتظار ڪري رهيون هونديون پر منهنجي بئگ غائب هوندي. جڏهن سڀ ماڻهو پنهنجو سامان کڻي روانا ٿي ويا تڏهن پڪ ٿي ته منهنجي بئگ گم آهي. ٿائي ايئر ويز جي ڪائونٽر تي رابطو ڪرڻ تي خبر پئي ته هنن ڪيٿي پئسفڪ جي جهاز مان بئگ لاٿي ئي ڪانه هئي ۽ اها هانگ ڪانگ وڃي پهتي آهي جو اهو جهاز بئنڪاڪ مان اوڏانهن وڃڻو هو. ٿائي ايئر ويز وارن پڪ ڏني ته بئگ صحيح سلامت ٻئي ڏينهن شام جو مون کي سيئول ۾ هوٽل تي پهچائي ڏيندا. اهو ٻُڌي مان ٻن ڪپڙن ۾ گهران نڪرڻ وانگر هوائي اڏي کان ٻاهر نڪري آيس جتي ٻه نوجوان ڇوڪريون ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻ جي باوجود ايئن مُرڪي پاٻوهه وچان اچي مليون ڄڻ منهنجون پراڻيون واقفڪار يا ويجهيون مائٽياڻيون هيون. بئگ جي گم ٿيڻ جو ٻُڌي هنن هڪدم فون تي ٿائي ايئر ويز وارن سان رابطو ڪيو ۽ مون کي پڪ ڏني ته سڀاڻي هوٽل تي بئگ پهچي ويندي. هنن هوائي اڏي جي ٽڪ شاپ تان کائڻ پيئڻ جون شيون وٺي زوريءَ منهنجي حوالي ڪيون ۽ پوءِ آڻي ڪوچ ۾ ويهاري هوٽل ڏانهن روانو ڪين. مون کي ٻيو ڪو فڪر ڪونه هو ڇوته پئسا، پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ مون وٽ هئا، بس ساڳين ڪپڙن ۾ ٻئي ڏينهن شام تائين گذارڻو هو.
    اِنچيان هوائي اڏي کان سيئول تائين مختلف رُوٽن تي هر ڏهن منٽن تي ڪوچ هلي ٿي ۽ هڪ پاسي جو ڀاڙو سورهن ڊالر آهي جنهن کي روپين ۾ مٽجي ته تيرهن سئو روپين کان وڌيڪ ۽ ڪوريائي وون ۾ حساب ڪجي ته سورهن هزارن کان وڌيڪ بيهن ٿا. ڪوچ ۾ هر ايندڙ ۽ ان کانپوءِ اڳئين اسٽاپ لاءِ اڳواٽ رڪارڊ ٿيل اعلان ٿئي ٿو، تنهنڪري مون کي اولمپڪ پارڪٽيل هوٽل تي لهڻ ۾ ڪو مسئلو نه ٿيو جتي اسان جي رهائش هئي. مان ان وقت حيران ٿي ويس جڏهن استقبالي ڪائونٽر تي پهچڻ شرط ريانگ اوهه جي فون آئي ۽ بئگ گم ٿيڻ تي افسوس ڏيکاريائين. کيس هوائي اڏي وارين ڇوڪرين اڳواٽ ٻڌائي ڇڏيو هو. مون بئگ بابت وڌيڪ سوچڻ ڇڏي ڏنو ۽ ڪمري جي چاٻي وٺي وڃي آرام سان ليٽي پيس. مون سان زندگيءَ ۾ اهڙو واقعو پهريون ڀيرو ٿيو هو جڏهن ته هندستاني اداڪار اميتاڀ بچن موجب هو پنجاه سٺ ڀيرا سامان وڃائي چڪو هو. سوچيم ته بئگ نه ملي ته صبح جو وڃي ڪجهه ڪپڙا خريد ڪري وٺندس، پر اهڙو موقعو نه آيو جو ٻئي ڏينهن سج لٿي کانپوءِ ايئر لائين وارا هوٽل تي بئگ پهچائي ويا. مون کي بس اهو هڪ ڏينهن ساڳين ڪپڙن ۾ بنا شَيو جي گذارڻو پيو.
    سفر جو ٿَڪُ ٿورو گهٽيو ته ڪمري جي دريءَ مان ٻاهر جو نظارو ڪيم. هن ڀيري به پندرهين ماڙ تي ڪمرو مليو هو. ايترو مٿانهينءَ کان ۽ اهو به رات جي ان پهر، سيئول جو ميٽروپوليٽن شهر سانت جي سمنڊ ۾ ٻُڏل ٿي لڳو. بس لکين ڪروڙين لائيٽون ٽانڊاڻن جيان ٽمڪي رهيون هيون ۽ رستن تي موٽر گاڏيون وڏي سڪون سان هلي رهيون هيون جو کين پاڪستانين جيان ڪابه جلدي ڪانه ٿي لڳي جو زوردار هارن وڄائين يا اوورٽيڪ ڪن.
    سمهڻ کان اڳ مون به دنيا جي هر ماڻهوءَ وانگر ٽي وي هلائي چئنل ڦيرائڻ شروع ڪيا، پر خبر هيم ته ڪوريائي چئنلن کانسواءِ ٻيو ڪوبه چئنل ڪونه هوندو، سو ٿوري دير کانپوءِ ماٺ ڪري ٽي وي بند ڪري ڇڏيم.
    *


    شهيد بينظير جي پرستار سان ملاقات

    ڇهين آڪٽوبر تي صبح جو گرائونڊ فلور تي ريسٽورنٽ ۾ نيرن تي سنگاپور جي مسٽر آئيوان ۽ هانگ ڪانگ جي مسٽر ڊونلڊ گئسپر Donald Gasper سان ملاقات ٿي جيڪو هانگ ڪانگ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جو ميمبر هو. آئيوان سان پهرين ٻه ملاقاتون هيون جڏهن ته ڊونلڊ پهريون ڀيرو مليو هو. نيرن تي ۽ پوءِ هوٽل جي لابيءَ ۾ ٻين گهڻن ئي ساٿين سان ملڻ ٿيو. هن ڀيري ٽيهن کان وڌيڪ صحافين کي گهرايو ويو هو جن ۾ ايران، مصر، دبئي، روس، نيپال، ميڪسيڪو، فلپائين، سريلنڪا، ڪمبوڊيا، چين، جپان، بنگلاديش، ڀوٽان، منگوليا، انڊونيشيا، ملائيشيا، ڪويت ۽ ڪجهه ٻين ملڪن جا صحافي مرد ۽ عورتون شامل هئا.هن ڀيري عورتن جو انگ چڱو خاصو هو. ايران ۽ روس مان به ٻه عورتون آيل هيون جڏهن ته وچ اوڀر وارا ٻه ٽي همراهه پاڻ سان زالون به وٺي آيا هئا. انڊونيشيا مان هن ڀيري به ايڊي آيوهو جڏهن ته ملائيشيا جي نمائندگي نوريلا ڪئي، جيڪا ننڍي قد جي ٿلهي پڪي عمر جي اڻ پرڻيل عورت هئي ۽ مان کيس نوريلا جي بدران گوريلا سڏيندو هئس. هندستان مان ڀاٽيا صاحب سان گڏ هڪ ٻيو ساٿي پَرمُود ماٿُر به آيل هو. ڀاٽيا ٻُڌايو ته رات پهچڻ شرط هن منهنجي پُڇا ڪرائي هئي. ماٿُر سان به هن غائباڻو تعارف ڪرائي ڇڏيو هو ۽ نتيجي ۾ سمورا ڏينهن اسان ايئن گذاريا ڄڻ اسان جي ڪا پراڻي ياري هئي.
    هوٽل جي لائونج ۾ دبئيءَ مان آيل همراهه سان تعارف ٿيو ته پاڪستان جو ٻُڌي هڪدم شهيد بينظير ڀٽو جو ذڪر ڪڍيائين. هو شهيد بينظير جو وڏو معترف هو ۽ ٻُڌايائين ته دبئيءَ ۾ سندس گهر شهيد بينظير جي رهائش جي ويجهو هو ۽ هُو اڪثر کيس ڪار ۾ ايندي ويندي ڏسندو هو.
    ايئن ميل ملاقاتن ۾ اچي منجهند جو وقت ٿيو جو ميزبانن اعلان ڪيو ته منجهند جي ماني سيئول جي هڪ زون جي ڊپٽي ميئر جي پاران هڪ هوٽل ۾ رکيل آهي جنهن لاءِ روانو ٿيڻو آهي. ڊپٽي ميئر هڪ عورت هئي جنهن جي لنچ کائڻ لاءِ سيئول جي هڪ گهڻ ماڙ هوٽل ۾ وڃڻو پيو. روايتي تعارف ۽ تقريرن کانپوءِ کائڻ پيئڻ جو سلسلو هليو ۽ توهان سمجهي سگهوٿا ته مون کي پنهنجي کاڌي لاءِ ڪيترا ڪشالا ڪاٽڻا پيا هوندا. پر هن ڀيري مون بُک کان بچڻ جو رستو ڳولي ورتو. مون ٽوش، ميون ۽ جُوس تي مارو ڪيو ۽ سڄي دوري ۾ اهو ئي فارمولا ڪم آيو.
    *


    چُنگي اسٽريم

    لنچ ته بس ڄڻ ڏينهن جي شروعات هئي ڇوته حيران ڪندڙ ۽ ڪوريائي ماڻهن کي شابس ڏيڻ تي مجبور ڪندڙ شيون ته اڃا هاڻ ڏسڻ لاءِ وڃڻو هو. اسان کي شهر جي ڪشادن رستن تان گهمائي ڦيرائي ڪوچ اچي هڪ اهڙي هنڌ بيٺيون جتي هڪ وڏي اسٽيج ٺهيل هئي ۽ اتي آرڪيسٽرا تي وڏي آواز ۾ موسيقي هلي رهي هئي. ڪوچ مان هيٺ لهندي مون کي بيزاري ٿي ته شايد اهي گانا بجانا ٻُڌڻا پوندا، پر ٿوري ئي دير ۾ سوچ بدلائڻي پئي جو اڳتي عقل چرخ ڪندڙ نظارا هئا. اسان هتي اها شئي ڏسي رهيا هئاسين جيڪا گهٽ ۾ گهٽ پاڪستان ۾ تصور به نه ٿا ڪري سگهون. اسان کي ٽن گروپن ۾ ورهايو ويو ۽ هر گروپ کي هڪ گائيڊ ڏنو ويو جيڪي اسان کي ان اسٽيج کان هيٺانهينءَ واري پاسي وٺي وڃڻ لڳا. اسٽيج تي آرڪيسٽرا ۽ آسپاس ڪجهه اسٽال ڏسي ذهن ۾ آيو هو ته شايد سندن ڪو فيسٽيول هوندو، پر جڏهن اسٽيج جي پاسي کان نڪري اڳتي هلياسين ته خبر پئي ته ان جي هيٺان صاف شفاف پاڻي نڪري هڪ خوبصورت جهرڻي جي شڪل ۾ وهي رهيو هو. اٽڪل پنجاهه فُٽ ويڪري پٽيءَ جي وچ ۾ شفاف جهرڻي جو پاڻي لانهينءَ تي وهي رهيو هو جنهن جي ٻنهي پاسي پاٿ ٺهيل هئي. پاڻيءَ جي اونهائي مشڪل سان ڏيڍ فُٽ کن هئي جنهن جي تري ۾ هر وقت ٻرندڙ روشنيون جرڪي رهيون هيون ۽ سوين ننڍيون رنگا رنگي مڇيون پاڻيءَ جي وهڪري جي سونهن وڌائي رهيون هيون جيڪو هٿرادو ٺاهيل پٿرن جي رنڊڪن سان ٽڪر کائي هلڪي سنگيت جو احساس ڏياريندي اڳتي وڌي رهيو هو. وهڪري جي ٻنهي پاسي پٿر جي بئنچن ۽ دِڪن تي ڪي اڪيلا ۽ ڪي جوڙين جي شڪل ۾ ڇوڪرا ڇوڪريون ويٺل هئا جن مان ڪي راز نياز جي ڳالهين ۾ رُڌل هئا ته ڪي ڪتاب پڙهي رهيا هئا.
    گائيڊ ٻُڌايو ته قديم زماني کان ان هنڌ تان هڪ قدرتي جهرڻو وهندو هو جتي هن وقت اسٽيج ٺهيل آهي. جهرڻي جي پاڻيءَ جو وهڪرو ٻارهو ئي جاري رهندو هو ۽ 6 ڪلوميٽر اڳتي هلي هڪ ٻئي واهه ۾ وڃي پوندو هو جتان وري اهو هئن نديءَ Han river ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو جيڪا سيئول شهر جي وچ مان لنگهي ٿي. اولهه کان اوڀر ڏانهن وهندڙ جهرڻي کي صديون اڳ جوسيان گهراڻي Joseon dynasty جي زماني ۾ گائچيان Gaecheon يعني کليل وهڪري يا واهه جو نالو ڏنو ويو. جوسيان گهراڻي جي ٽئين بادشاه تاءَ جونگ Taejong جي زماني ۾ هر ٻئي ٽئين سال ان ننڍڙي واهه تي پُليون ٺاهي انهيءَ جا بند مضبوط ڪيا ويندا هئا. بادشاهه يَونگ جَو Yeongjo ته انهيءَ ڪم کي قومي رٿا جي حيثيت ڏئي ڇڏي هئي.
    ڪوريا تي جپان جي قبضي دوران ان جهرڻي ۽ سندس وهڪري کي چيانگ چيان Cheonggycheon جو نالو ملي ويو جنهن کي هاڻي مختصر ڪري چُنگي اسٽريم Chunggye stream سڏيو وڃي ٿو. جپاني بيٺڪي حڪمرانن انهيءَ وهڪري کي مٿان ڍڪڻ جي رٿا ٺاهي پر ان تي وڏو پئسو خرچ ٿئي ها تنهنڪري اها رٿا ممڪن نه ٿي سگهي. جپان کان آزاديءَ کان پوءِ 1948 کان وٺي ان هنڌ رستا ٺاهڻ لاءِ پٿرن جا ڍير گڏ ٿيل هوندا هئا. ان کان ٻه ورهيه پوءِ ڪوريائي جنگ (ڏکڻ ۽ اتر ڪوريا وچ ۾) شروع ٿي جيڪا ٽي سال هلي ۽ ان عرصي ۾ وڏي لڏپلاڻ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهو اچي ان جهرڻي واري پٽيءَ ۾ آباد ٿيا ته اهو سمورو علائقو هڪ وڏي ڪچي آباديءَ ۾ بدلجي ويو. هر پاسي جهوپڙيون، گند ڪچرو ۽ ريتيءَ جا ڍير هوندا هئا (بلڪل ايئن جيئن ڪراچيءَ ۾ لياري ۽ ملير ندين جي ٻنهي ڪپن تي پاڪستان جي ٻين صوبن مان آيل لوڌ آباد آهي ۽ تازو لياري ايڪسپريس وي ٺهڻ جي باوجود اڄ به ٻنهي ندين جي ڪپن تي ڌارين جون جهوپڙيون، ڪچيون پڪيون جايون ۽ گندگيءَ جا ڍير بدنما داغ وانگر موجود آهن ). ان صورتحال ۾ جهرڻو ۽ سندس وهڪرو بلڪل ڍڪجي ويا. ويهه سالن تائين اها صورتحال برقرار رهي جنهن کانپوءِ صدر پارڪ چُنگ هِي Park Chung-Hee جي زماني ۾ اتي Elevated Highway تعمير ڪرڻ شروع ڪيو ويو جيڪو وڃي 1976 ۾ مڪمل ٿيو. ڏکڻ ڪوريا جو اهو ڪامياب صنعتي ترقي ۽ جدت جو دور هو. وقت سان گڏ هن علائقي ۾ گهڻ ماڙ عمارتون ۽ واپاري موڪز ٺهندا ويا ۽ نتيجي ۾ اهو هڪ ترقي يافته ۽ جديد پرڳتيل ۽ ماحولياتي حساب سان اڻ وڻندڙ علائقو محسوس ٿيڻ لڳو.
    صنعتي قوم کي قدرتي ۽ وندر ورونهن واري ماحول جي گهرج هئي جنهن کي محسوس ڪندي 2003 ۾ تڏهوڪي ميئر ۽ هاڻوڪي صدر، جنهن کي مان ٻڌائي چڪو آهيان ته ڪوريائي ماڻهو بلڊوزر جي نالي سان ياد ڪن ٿا، هڪ اهڙي رٿا ٺاهي جيڪا اڳتي هلي صدارتي چونڊ ۾ سندس ڪاميابيءَ جو ڪارڻ بنجي وئي. اها رٿا هئي قدرتي چشمي ۽ ان جي 6 ڪلوميٽر ڊگهي وهڪري جي بحالي. اها هڪ وڏي رٿا هئي ڇوته هڪ ته جهرڻو سُڪي ٺوٺ ٿي چڪو هو ۽ انهيءَ جهڙي وهڪري لاءِ روزانو هڪ لک ويهه هزار ٽن پاڻي گهربل هو ۽ ٻيو ته وڏي ڀڃ ڊاهه سان گڏ بي انتها پئسو خرچ ٿئي ها. شروع ۾ ان رٿا جي وڏي مخالفت ٿي پر پوءِ جڏهن ڪم شروع ٿيو ته ماٺار ٿي وئي. هن رٿا لاءِ الڳ ادارا ٺاهيا ۽ ماهر مقرر ڪيا ويا ڇوته نه رڳو قدرتي چشمي کي بحال ڪرڻو هو پر ان هنڌ ٺاهيل قديم پُلين کي به اصل حالت ۾ آڻڻو هو. انهن ۾ ٻه تاريخي پُليون گوانگٽونگيو Gwangtonggyo ۽ سپياگيو Supyogyoبه هيون جن کي ڪنهن زماني ۾ بادشاهن پنهنجي اچ وڃ لاءِ ٺهرايو هو. ميئر صاحب بلڊوزر هلرائي Elevated Highway توڙي ٻيون اڏاوتون ختم ڪرائي ڇڏيون.900 ملين ڊالرن جي خرچ سان سيپٽمبر 2005 ۾ اها رٿا مڪمل ٿي وئي ۽ اڄ اهو علائقو مقامي ۽ ٻاهرين سياحن لاءِ وندر جو وڏو مرڪز آهي. هي سِٽون پڙهندي توهان جو ذهن سوچي رهيو هوندو ته نيٺ ان جهرڻي ۾ پاڻي ڪٿان آيو ؟ اهو ئي سوال اسان پنهنجي گائيڊ کان ڪيو جنهن ٻڌايو ته ويهه پنجويهه ڪلوميٽر پري وهندڙ هئن نديءَ Han river مان پنجهٺ هزار ٽن پاڻي روزانو ڇڪي جهرڻي جي قديم هنڌ وٽان ڇڏيو وڃي ٿو جيڪو وري وهي وڃي نديءَ ۾ پوي ٿو.حيرت جي ڳالهه هيءَ آهي ته اهو پاڻي صاف ۽ Chlorinatedهوندو آهي، بهرحال ان کي پيئڻ جي اجازت ناهي. وهڪري جي 6 ڪلوميٽر ڊيگهه آهي پر ان تي ٻاويهه ننڍيون وڏيون پُليون آهن جڏهن ته ٻنهي پاسي اچ وڃ لاءِ نه رڳو پاٿ پر پٿر جي ديوارن تي رنگ ۽ اُڪر جي ڪم سان قديم بادشاهن جون سرگرميون ڄڻ ته ڪوريا جي سموري تاريخ بيان ڪن ٿيون. گائيڊ اسان کي هڪ ڏيڍ ڪلوميٽر تائين پنڌ وٺي سمورا تفصيل ٻڌائيندو هليو. هن ٻڌايو ته بادشاه يونگ جَو جهرڻي ۽ ان جي وهڪري کي هڪ واهه جي شڪل ۾ قائم رکڻ لاءِ ٻه لک پورهيتن کي لڳائي ان جي کاٽي ڪرائي هئي. هاڻي مشيني دور آهي پر مون کي يقين آهي ته موجوده رٿا تي به هزارين لکين پورهيت ڪم سان لڳا هوندا.
    *


    برلن واري ڀور ٿيل ڀِت جو ٽڪر ۽ اُميدن جي ڀِت

    گائيڊ جي واتان ديوار تي اُڪريل تاريخ ٻُڌندي اسان هڪ پُل جي ڏاڪڻ چڙهي هڪ شاهراه تي آياسين جيڪو تجارتي مرڪز هو ۽ رستي جي ٻنهي پاسي فاسٽ فُوڊ ريسٽورنٽس، گارمينٽس،گفٽس ۽ ٻين شين جا اسٽور هئا. پُل جي ڀرسان ئي شاپنگ سينٽر جي آڏو هڪ ڪشادي کليل حصي ۾ 6 فُٽ اُچي ۽ ڏهه فُٽ کن ڊگهي ڀِتِ جي ٽڪري کي ڏسي اسان سڀ حيران ٿي وياسين ته اهو پراڻي ڀِتِ جو ٽڪر هن خوبصورت علائقي ۾ ڇو رکيو ويو آهي. گائيڊ ٻُڌايو ته اهو جرمنيءَ جي ديوارِ برلن جو ٽڪرو آهي جيڪو ٻنهي جرمنين جي ملي هڪ ٿي وڃڻ کانپوءِ جڏهن ديوارِ برلن کي ڀڳو ويو ته اتان اهو يادگار طور آڻي هتي رکيو ويو. هڪ قوم کي ٻن حصن ۾ ورهائيندڙ ديوارِ برلن جو ڀڄي ڀور ٿيڻ ۽ جرمن قوم جو ملي هڪ ٿيڻ ڪوريائي عوام لاءِ وڏي تاريخي اهميت رکي ٿو ڇاڪاڻ ته اها قوم پاڻ به ٻن حصن ۾ ونڊيل آهي جنهن کي عوامي جمهوريه ڪوريا ۽ ريپبلڪ آف ڪوريا ۽ عام لفظن ۾ اُتر ۽ ڏکڻ ڪوريا سڏجي ٿو. ديوارِ برلن اٺاويهه ورهيه جرمن قوم کي ٻن حصن ۾ ورهائي رکيو هو. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جي نتيجي ۾ هٽلر جي جرمني چئن قوتن آمريڪا، برطانيا، فرانس ۽ اڳوڻي سوويت يونين جي قبضي ۾ اچي وئي هئي. انهن ملڪن جرمنيءَ کي چئن حصن ۾ ورهائي کنيو هو پر اڳتي هلي آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس پنهنجي ٽن حصن کي ملائي اولهه جرمنيءَ جي نالي سان ملڪ ٺاهيو ته سوويت يونين به پنهنجي قبضي واري حصي کي اوڀر جرمنيءَ جو نالو ڏئي ڇڏيو. جرمنيءَ جي هڪ حصي ۾ سرمائيداري نظام ۽ ٻئي ۾ سوشلسٽ سرشتو قائم هو. هي اهو زمانو هو جڏهن ٻن وڏين قوتن آمريڪا ۽ سوويت يونين وچ ۾ سرد جنگ شروع ٿي چُڪي هئي. سرد جنگ ۾ آمريڪا جي حڪمت عمليءَ تحت اوڀر جرمنيءَ مان وڏي پئماني تي لڏپلاڻ شروع ڪرائي وئي ۽ نتيجي ۾ ڪجهه سالن اندر پنجويهه لک ماڻهو اوڀر جرمنيءَ مان اولهه جرمنيءَ ڏانهن لڏي ويا. ان صورتحال کي روڪڻ لاءِ اوڀر جرمنيءَ جي اختيارين ٻارهين ۽ تيرهين آگسٽ 1961جي وچ واري رات جرمن گاديءَ واري شهر برلن، جنهن جي اڌ حصي تي سندن حڪومت هئي، ان کي هڪ سئو ميلن ۾ فوجي ٽرڪون بيهاري لوهي لوڙهو ڏئي ڇڏيو. اڳتي هلي وري ڏهه فُٽ وٿي ڇڏي وري ٻيو لوڙهو ڏنو ويو. ٽئين مرحلي ۾ ڪنڪريٽ جا وڏا ٿنڀا کوڙيا ويا ۽ چوٿين مرحلي ۾ 1975-80 دوران اٽڪل ٻارهن فُٽ اُوچا ۽ ساڍا چار فُٽ ويڪرا ڪنڪريٽ جا سلئب کوڙيا ويا. اها ديوار نائين نومبر 1989 تي ڀڄي ڀورا ٿي ۽ ٻئي سال هٿرادو طور ورهايل جرمنيون ملي هڪ ٿي ويون. چون ٿا ته برلن جي ديوار کي جڏهن ڀڃڻ جو اعلان ٿيو ته جرمن عوام خوشيءَ ۾ ڄڻ ته چريو ٿي پيو ۽ ماڻهو کين اٺاويهه سالن تائين ورهائي رکندڙ ڀِت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ ۾ لڳي ويا.
    ڪوريائي ماڻهن کي به وري ملي هڪ ٿيڻ جي وڏي آس آهي جنهن جو اظهار هنن جهرڻي ۽ ان جي وهڪري سان گڏ هڪ پاسي سيرامِڪ سان ٺاهيل پنجاه ميٽر ڊگهي ۽ ذري گهٽ اڍائي ميٽر اُچي ڀِت بيهاري ان کي سجايو آهي ۽ نالو ڏنو اٿن Wall of Hope اُميدن جي ڀِت.
    *


    فُٽپاٿي پامسٽ، فقير ۽ پراڻن ڪتابن جي بازار

    هاڻ اسان جو پنهنجي طور گهمڻ ڦرڻ جو وارو هو. اسان ٽولن جي شڪل ۾ ٽڙي پکڙجي دڪانن جو جائزو وٺڻ لڳاسين. هن علائقي ۾ اسٽورن جو اسٽائل بلڪل ڪراچيءَ جي صدر وارن اسٽورن جهڙو هو جن جو سامان نُماءَ خاطر دڪانن کان ٻاهر فُٽ پاٿ تي به رکيل هوندو آهي. فُٽ پاٿ تي ئي گهورڙين، موچين ۽ ٻين جا اسٽال به لڳل هئا، پر خاص ڳالهه هيءَ هئي ته اهي سڀ وڏي ترتيب سان ويٺل هئا ۽ ڪنهن به نموني فُٽ پاٿ تي لنگهندڙن لاءِ رنڊڪ نه ٿي بڻيا.موچين پنهنجي لاءِ اڇي رنگ جي پلاسٽڪ سان هٿرادو ڪئبن ٺاهي ڇڏيا هئا ته جيئن سندن سامان ۽ جُوتن وغيره سان علائقي جي خوبصورتيءَ تي ڪو اثر نه پوي. ڪوريائي ماڻهو اسان جهڙائي انسان آهن تنهنڪري اتي فُٽ پاٿ تي پامسٽ به موجود هئا ته کين هٿ ڏيکارڻ وارن جو به چڱو تعداد هو. ساڳي وقت مُنڊين ۾ پائڻ لاءِ پٿر وڪڻڻ وارن جا اسٽال به لڳل هئا.
    اسان جو خريداري ڪرڻ جو ڪو خاص مُوڊ ڪونه هو پر تڏهن به هر دڪان تي مختلف شيون ۽ انهن جون قيمتون ڏسندا اڳتي وڌندا پي وياسين. قيمتون ڪوريائي ڪرنسيءَ جي حساب سان هزارن ۾ لکيل هيون. مثال طور ڏهه هزار، پندرهن هزار، ويهه هزار وَون،جن کي پڙهي ڏڪي پيا وڃون پر اصل اندازو تڏهن پي ٿيو جڏهن انهن کي ڊالرن ۾ مٽائي حساب پيا ڪريون. ان وقت هڪ ڊالر ۾ هڪ هزار وَون هئا جنهن جو مطلب ته ڏهه هزار وَون جا ڏهه ڊالر پي ٿيا. پاڪستاني اسي رُوپيا هڪ ڊالر ۾ هئا ۽ ان حساب سان قيمت بيٺي ٿي اٺ سئو رُوپيا. مون کي سوکڙين جي هڪ دڪان تي ڪوريائي ثقافتي نموني جو وِنڊ چن پسند اچي ويو جنهن جي قيمت هئي ڏهه هزار وَون. مون دڪاندار مائيءَ کي گهڻوئي چيو ته قيمت گهٽائي پر نه مڃيائين. نيٺ هڪ طريقو سوچيم ۽ وڃي پنهنجي ٽيم جي ڪوريائي ميزبان ڇوڪريءَ مِس گرم ليءَ Miss Garam Lee کي وٺي آيس ته اها ڪوريائي ٻوليءَ ۾ هن سان سوديبازي ڪري. سندس اچڻ سان فائدو ٿيو ۽ اها شئي اَٺ ڊالرن ۾ ملي. گرم لي نوجوان، پڙهيل لکيل خوبصورت ڇوڪري هئي، جيڪا اسان جي سفر جا سمورا ڏينهن صبح جو سوير کان رات جو دير تائين هلچل ڪندي هئي پر ڪڏهن به سندس منهن تي ٿَڪُ يا بيزاري ڏسڻ ۾ نه آئي. مان ۽ منهنجا هندستاني دوست اڪثر ساڻس ڀوڳ ڪندا هئاسين ۽ هوءَ هميشه کلندي ۽ مرڪندي رهندي هئي. ڪوريائي ٻوليءَ ۾ گرم جو مطلب آهي ندي پر کيس ٻُڌايو هو سين ته سنڌي،اردو يا هندي ٻوليءَ ۾ گرم جو مطلب ڇا آهي. انهيءَ تي به کلندي چيو هئائين:
    Oh! really?
    هندستاني دوست پرمود ماٿر چوندو هو ته سندس پٽ به جوان آهي ۽ جيڪڏهن گرم لي راضي هجي ته ٻنهي جي شادي ڪرائي ڇڏيان.
    گهمندي گهمندي سج لهڻ وارو هو. اسان هڪ مقرر پوائنٽ تي پهچي باقي ساٿين جو انتظار ڪرڻ لڳاسين جو اتان گڏجي وري رات جي مانيءَ لاءِ وڃڻو هو. اها پوائنٽ انهيءَ ڪمرشل ايريا جو ڇيڙو هو. ان هنڌ انتظار ڪندي اوچتو منهنجي نظر ڀر واري روڊ تي پئي جنهن جي فُٽ پاٿ تي هڪ شخص ليٽيو پيو هو ۽ سندس ڀر ۾ خيرات لاءِ ڪجهه رکيل هو. ڪوريا جي گذريل ۽ هاڻوڪي دوري دوران مون کي اهو پهريون فقير ڏسڻ ۾ آيو هو. مزي جي ڳالهه ته ڪلاڪ اڌ مان اتي موجود هئس ۽ لاڳيتو ان تي نظر رکندو رهيس پر ان وچ ۾ نه ڪنهن راهگير کيس ڪا خيرات ڏني ۽ نه ئي هن فقير پاڪستاني فقيرن وانگر راهگيرن کي چنبڙي ڇتو ڪري پنڻ جي ڪوشش ڪئي.
    اسان کي ٻُڌايو ويو ته اهو سمورو علائقو خريداريءَ جو وڏو مرڪز آهي. خاص ڳالهه ته ان ساڳي علائقي ۾ پراڻن ڪتابن جي بازار به هئي جيڪا اسان کي گهمڻ جو موقعو نه ملڻ سبب ڏسي نه سگهياسين. چون ٿا ته ان بازار ۾ پراڻن ڪتابن جا ٻه سئو دڪان هوندا هئا پر هاڻي انهن جو تعداد گهٽجي پنجاهه ٿي ويو هو. پراڻن ڪتابن جي بازار جو ٻُڌي سوچيم ته رڳو اسان پاڪستان وارا ئي پراڻن ڪتابن جا خريدار ناهيون. مون کي ڪراچيءَ جي ريگل چوڪ ۽ گلشن اقبال وارين بازارن سان گڏ لاهور جي انارڪلي بازار جي مُهڙ وٽ هر آچر تي لڳندڙ بازار ياد آئي. مون کي ياد آهي ته 2004 ۾ لاهور ۾ رهڻ دوران پنهنجي عادت موجب پراڻن ڪتابن جي ڳولا ۾ انارڪلي گهمي رهيو هئس ته پراڻن ڪتابن جي ڍيرن ۾ شاه جو رسالو به پيل نظر آيو هو جيڪو سکر جي ڪنهن پبلشر جو ڇپرايل هو ۽ ڪتاب تي ڪنهن سنڌي عورت جو نالو ۽ صحيح ٿيل هئي، جنهن جو تعلق ڪنهن سومرا خاندان سان هو.
    لاهور جي ڳالهه نڪتي آهي ته هڪ وڌيڪ دلچسپ ڳالهه ٻُڌائيندو هلان. هڪ ڏينهن هڪ پنجابي وڪيل رانا منيرالحسن سان آفيس جي معاملن تي ڳالهائڻ لاءِ ويس. پُراڻي انارڪليءَ جي مُهڙ وٽ عمارت ۾ سندس آفيس هئي. عمارت جي ٻاهران وڪيلن جي نالن جا بورڊ لڳل هئا. رانا منير پنهنجي نالي جي بورڊ ڏانهن اشارو ڪندي چيو هو: سائين اهو بورڊ غور سان ڏسو. مون ڏٺو ته سندس اُردوءَ ۾ لکيل نالي جي مٿان خالص سنڌي لکت ۾ لکيل هو: ڀلي ڪري آيا. رانا منير ٻُڌايوته هُو آهي ته ڪماليه پنجاب جو پر سندس ڀيڻ سيوهڻ جي سيدن ۾ پرڻيل آهي ۽ هن پاڻ به مئٽرڪ کان پوءِ باقي تعليم سيوهڻ ۾ حاصل ڪئي، ايل ايل بي حيدرآباد مان ڪئي، ڪجهه وقت نوڪري ۽ وڪالت به سنڌ ۾ ڪئي جنهنڪري کيس سنڌي لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ اچي ٿي. سندس آفيس ۾ شاه جو رسالو به رکيل هو.
    *


    ڪروز ۾ ڊنر

    سڀ دوست گڏ ٿي چڪا هئا ۽ بسون به تيار بيٺيون هيون. سڀني جو خيال هو ته هتان سڌو هوٽل تي هلبو ۽ ٿورو ٿَڪُ لاهي تازو توانو ٿي پوءِ ڊنر لاءِ هلبو پر ميزبانن کي به اندازو هو ته هوٽل تي هلي وري سڀني کي گڏ ڪرڻ ڏکيو هو تنهنڪري هنن اتان ئي اسان کي هَئن ندي Han river تي وٺي هلڻ جو اعلان ڪيو جتي هڪ ڪُروز Cruise تي ڊنر جو انتظام هو. هَئن ندي وچ سيئول مان لنگهي شهر کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ سان گڏ ان جي خوبصورتيءَ کي به وڌائي ٿي. ڪوريائي اختيارين به قدرت جي ڏنل ان سوکڙيءَ جي اهميت جو احساس ڪندي ان تي خوبصورت پُليون ۽ ڪنارن تي وڻڪاري ۽ وندر ۽ ورونهن جا وڏا انتظام ڪيا آهن. اسان جون بسون جڏهن مختلف رستن تان ٿينديون نديءَ جي ويجهو پهتيون ته رات هجڻ جي باوجود ندي ڄڻ ته جرڪي رهي هئي. ان جي ڪنارن تي پري پري تائين گل ٻُوٽا ۽ انهن جي وچ ۾ هڪ وڏي حصي ۾ مقامي ۽ ٻاهرين سياحن لاءِ گهمڻ ڦرڻ لاءِ انتظام هو. وڏي ايريا ته رڳو پارڪنگ لاءِ مخصوص هئي جتي ڪارُن ۽ ٻين گاڏين جي رش هئي. مون کي سچ ته پنهنجي سنڌو ياد اچي وئي جيڪا سکر ۽ روهڙيءَ جي جاڙن شهرن جي وچ مان لنگهي ٿي پر نه ئي سکر پاسي ۽ نه وري روهڙيءَ پاسي ان کي خوبصورت بنائڻ جي ڪا ڪوشش ڪئي وئي آهي. اڄ تائين ٻنهي شهرن ڪا ترقي نه ڪئي آهي ته سنڌوءَ جا ڪنارا ڪهڙو اوج ڏسي سگهندا. قدرت جي ڏنل هن سوکڙيءَ کي ترقي وٺرائڻ کان جيترو اسان جي حڪمرانن اکيون ٻُوٽيون آهن، ايترو ئي اسان عام سنڌي ماڻهن پنهنجي ڌرتي، پنهنجي اثاثن ۽ وسيلن کان لاتعلقي ڏيکاري آهي. انهيءَ ڪري اڄ سکر ۽ روهڙي هجي يا ڄامشورو ۽ حيدرآباد هجي يا ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد هجي، جتي سنڌو انهن جاڙن شهرن کي ڌار ڪري ٿي، ٽنهي هنڌن تي سُڃ پئي واڪا ڪري. رات جو ته ٺهيو، سانجهيءَ کان اڳ ئي انهن علائقن مان لنگهندي ڊپ پيو ٿيندو آهي.
    هَئن ندي ڪوريائي اُپٻيٽ جي امنوڪ Amnok ، تُومين Tumen ۽ ناڪدانگ Nakdang ندين کانپوءِ چوٿين ڊگهي ندي آهي. دائدوڪ Daedeok مان نڪرندڙ هيءَ ندي اصل ۾ ٻن ندين Nam Han يا South Han ۽ Buk Han يا North Han جو ميلاپ آهي. Gyeonggi-Do صوبي ۾ Yangsu-ri علائقي ۾ ٻنهي ندين جو ميلاپ ٿئي ٿو جتي ان کي هَئن گئنگ Hangang سڏجي ٿو. ڪوريائي ٻوليءَ ۾ گئنگ نديءَ کي چون ٿا. هيءَ ندي 514 ڪلوميٽر ڊگهي آهي. سيئول وٽان سندس ويڪر هڪ ڪلوميٽر آهي. هيءَ ندي اڳتي وڃي اِمجِن Imjin نديءَ سان ملي ٿي جيڪا کيس اولهه يا پِيلَي سمنڊ Yellow sea ۾ ڇوڙ ڪرائي ٿي. سنڌوءَ وانگر هَئن ندي جا به مختلف نالا رهيا آهن . ڪنهن زماني ۾ ان کي دائسُو Daesu به سڏيندا هئا ته ڪڏهن ان کي اَريسُو Arisu ۽ اُگنيها Ugniha جو نالو به ڏنو ويو. سنڌوءَ جيان ئي ڪنهن زماني ۾ اها ندي چين سان واپار لاءِ اهم آبي رستو هئي پر ان تي ڪيترائي ڊيم ٺهڻ کانپوءِ اها ڳالهه نه رهي آهي. ڪوريا وارن بهرحال ماحولياتي تباهيءَ کان بچڻ لاءِ نديءَ ۾ پاڻيءَ جي وهڪري کي هڪ مخصوص حد تي قائم رکيو آهي. اهو ئي سبب هو جو اڄ به انهيءَ نديءَ ۾ ڪرُوز هلي سگهن ٿا. مان حيران هئس ته آڪٽوبر مهيني ۾ جڏهن سنڌوءَ ۾ واري پئي اُڏامندي آهي، ان وقت هتي ايترو پاڻي هو جو ڏيڍ ٻه سئو ماڻهن جي گنجائش واري ريسٽورنٽ وارو هي ڪروُز جنهن تي اسان سوار هئاسين، آرام سان هلي رهيو هو. پاڪستان ۾درياه سُڪل آهن ۽ اسان پاڻيءَ تي وڙهي رهيا آهيون پر هتي معاملو اُبتڙ هو. مون اهو ذڪر هندستاني دوست پرمود سان ڪڍيو ته هن به حيران ڪري ڇڏيو ۽ ٻُڌايائين ته آڪٽوبر ۾ ته هندستان جي درياهن ۾ به پاڻيءَ جي ڪا کوٽ ناهي.
    بهرحال، ڪوريا ۾ هيءَ به منهنجي يادگار رات هئي. ڪافي دير تائين ڪروُز اسان کي نديءَ ۾ گهمائيندو رهيو جنهن وچ ۾ ڊنر به هلندي رهي ته تقريرون به ٿينديون رهيون. رات جو يارهين وڳي ڌاري اسان واپس هوٽل تي پهتاسين ته منهنجي گم ٿيل بئگ انتظار ۾ هئي. شُڪر ڪيم ۽ ڪمري تي وڃي ٽن ڏينهن کان پاتل ڪپڙا بدلايم. هاڻي ضروري هو ته ڪراچيءَ ٻارن کي خيرعافيت جو اطلاع ڪريان نه ته وري هو گذريل ڀيري وانگر پريشان ٿي ويٺا منهنجي آفيس فونون ڪن ها، سو هوٽل جي سائبر ڪيفي ۾ وڃي انٽرنيٽ تي ويٺس.
    *


    مُنهنجي سنڌو سُڪل ڇو؟

    ستين آڪٽوبر اسان جو پهريون باضابطا مصروفيتن جو ڏينهن هو، ڇوته ان ڏينهن ماحوليات جي حوالي سان اجلاس رکيل هو. نيرن کانپوءِ سڌو اسان کي ٻاونجاهه ماڙ ٽريڊ سينٽر ۾ وٺي ويا جتي اسان جو اجلاس به ٻاونجاهين ماڙ تي هو. مختلف ماهرن ماحولياتي تباهي جي حوالي سان پنهنجا مقالا پيش ڪيا جن مان هڪ ٻن جي مقالن جو سڌو نشانو اتر ڪوريا هو. ان مرحلي تي ۽ اڳتي هلي بلڪل واضح طور محسوس ٿيو ته هن سموري منڊل جو مقصد اتر ڪوريا خلاف پرچار ڪرڻ هو. هڪ محترمه سُوسن رِچي Susan Ritchie جنهن جو تعلق ڪئناڊا جي هڪ اداري First Steps سان هو، تنهن اُتر ڪوريا ۾ کاڌ خوراڪ جي صورتحال ۽ ماحولياتي تباهي$ جي موضوع تي ملٽي ميڊيا ذريعي اتر ڪوريا جون تصويرون ۽ ڪجهه انگ اکر ڏيکاري اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته اتر ڪوريا جا ماڻهو بک ۽ بدحاليءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، سندن رهائش غريباڻن گهرن ۾ آهي جتي جو ماحول صحتمند ڪونهي. مون کي سندس ڳالهين ۾ گهڻو وڌاءُ محسوس ٿيو. غربت دنيا جي هر ملڪ ۾ آهي، پراڻا غريبن وارا گهر به هر هنڌ آهن ۽ اتر ڪوريا ۾ به هوندا، پر دستاويزي فلمون ۽ ٻيو مواد ڏسڻ کانپوءِ ان قسم جي پرچار غلط محسوس ٿئي ٿي. منهنجو هڪ دوست صحافي گهڻا ورهيه اڳ چين کان ٿيندو وڃي اتر ڪوريا پهتو هو ۽ ڪجهه سال اتي رهي آيو . هن ٻڌايو هو ته سوشلسٽ ڪوريا ۾ حڪومت پنهنجي شهرين جي هر ضرورت پوري ڪري ٿي. هر شهريءَ کي سندس ڪُٽنب جي ڀاتين جي حساب سان گهر مليل هو، هر شهريءَ جو مفت علاج، کاڌو پيتو ۽ تعليم، اسڪول تائين پهچڻ لاءِ بسون، آفيسن ۾ ڪم ڪندڙن لاءِ مفت يونيفارم، هر نئين ڄمندڙ ٻار لاءِ ازخود کير کان ويندي کاڌي پيتي تائين هر شئي حڪومت طرفان فراهمي وغيره جهڙيون سهولتون ميسر هيون. باقي ضرورتن لاءِ پگهار الڳ ملندي هئن.
    پرائمريءَ کان يونيورسٽيءَ تائين مفت تعليم، سستي اگهه تي راشن، هڪ افغانيءَ ۾ (هڪ رُپئي ۾ ٽيويهه افغاني) ڪوچ ۾ سوار ٿي سڄو ڪابل شهر گهمڻ جهڙيون سهولتون ته جنگ ۾ تباهه ٿيل افغانستان ۾ ڪامريڊ نجيب الله جي زماني ۾ به هيون ته اتر ڪوريا ته گهڻو اڳتي نڪتل آهي تنهنڪري اجلاس ۾ ٿيندڙ پرچار ۾ دم محسوس نه ٿيو.
    اجلاس ۾ پرمود ماٿر ۽ ڀاٽيا صاحب وارن هماليه جبلن بابت هڪ دستاويزي فلم ڏيکاري جنهن ۾ ان ڳالهه تي زورهو ته گليشيئر تيزيءَ سان ڳري رهيا آهن ۽ اڳتي هلي انهن جي ختم ٿيڻ سان پاڻيءَ جو بحران پئدا ٿي سگهي ٿو. انهيءَ دستاويزي فلم به منهنجي ذهن ۾ گهڻا ئي سوال تازا ڪري ڇڏيا جن تي مان گهڻي ئي وقت کان سوچيندو رهندو هئس. عالمي رپورٽن ۾ سدائين پڙهندا رهندا آهيون ته هاڻي دنيا ۾ جنگيون لڳنديون ته اهي پاڻيءَ جي معاملي تي هونديون. ان حد تائين ته ٺيڪ آهي، پر سوال هيءُ آهي ته جيڪڏهن گليشيئر تيزيءَ سان ڳري رهيا آهن ته پوءِ درياهن ۾ ٻوڏ هجڻ گهرجي ها. جيڪڏهن ٻوڏ نه ته ڀلا درياهه ڪجهه ته ڀريل هجن ها. ڪوريا جي درياهه کي ڀريل ڏسي ۽ هندستان جي درياهن ۾ پاڻي هجڻ جو ٻُڌي ان سوال جو جواب به ملي وڃي ٿو، ته پوءِ سوال اُٿي ٿو ته سنڌوءَ جي پيٽ ۾ ڇو ٻارهو ئي واري اُڏامندي رهي ٿي. سنڌو به هماليه جي مانسروور ڍنڍ مان تڏهن وهي نڪري ٿي جڏهن اتي گليشيئر رِجي ٿو. جيڪڏهن اهو گليشيئر به ٻين وانگر تيزيءَ سان ڳري ٿو ته پوءِ سنڌوءَ ۾ به پاڻي هجڻ گهرجي، نه ته گليشيئر ڳرڻ واري ٿيوريءَ تي به مون کي شڪ ٿو ٿئي. جيڪڏهن منهنجا دليل غلط هجن ته مهرباني ڪري ڪو دوست منهنجي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪري. (رڳو هڪ سال 2010 جي ٻوڏ کي دليل طور نه ڏنو وڃي)
    اجلاس شام تائين هلندو رهيو.سڄو ڏينهن تقريرون ٻُڌي جڏهن اوٻاسين جا ٺڪاءَ شروع ٿيا ته تائڪوانڊو گرانڊ ماسٽر جهُون هِي Jhoon Rhee ڊگهي تقرير شروع ڪئي جنهن جو موضوع هو “تائڪوانڊو، صحت ۽ ماحوليات”. اسي ورهين جي جهوني وڏي جاندار نموني ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ بس ڪرڻ جو نالو ئي نٿي ورتائين. مس مس پروگرام پورو ٿيو جنهن کانپوءِ وري هوٽل واپس آياسين جتي رات جو مرحبائي ڊنر هئي. ڪوريائي سنگيت، ثقافتي ٽيبلو ۽ تقريرن کان پوءِ ايوارڊن جو مرحلو هو جنهن ۾ هن ڀيري ٻين سان گڏ هندستان جي ڀاٽيا صاحب جي بزرگيءَ کي به مانُ ڏيندي کيس لائيف اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو. مرحبائي ڊنر کي “ايشيا ۾ پيار، امن ۽ دوستي” جو نالو ڏنو ويو هو.
    *


    ڪوريائي ٽي ويءَ وارن جي هڙتال

    صبح جو سيئول مان روانگيءَ جو ڏينهن هو. پروگرام موجب هوٽل جي لابيءَ ۾ گڏ ٿي وڃي ڪوچ ۾ ويٺاسين ته اعلان ٿيو ته پهرين سيئول شهر اندر ئي هڪ ٽي وي اسٽيشن تي هلبو جتي جا ملازم هڙتال تي آهن . اوڏانهن هلڻ جو مقصد ساڻن يڪجهتي ڏيکارڻ هو. ٽي وي چئنل جو نالو ته هاڻي ياد ڪونهي پر هڪ گهڻ ماڙ عمارت جي ڏهين فلور تي انهيءَ جي آفيس هئي. هڙتالي ملازمن وڏو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ سندن احتجاج جا ڪارڻ ٻُڌايا. سندن چوڻ هو ته ڪوريائي سرڪار جا سٺ سيڪڙو شيئر خريد ڪيل آهن ۽ تازو ئي سرڪار پنهنجو نئون مئنيجنگ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو آهي جنهن تي هو احتجاج ڪري رهيا آهن . هنن آفيس جون ميزون ۽ ٻيو فرنيچر لابيءَ ۾ سٿي نئين عملدار جي آفيس ۾ اچڻ وارو رستو ئي بند ڪري ڇڏيو هو جنهنڪري نئون ايم ڊي صاحب پنهنجي آفيس جو منهن به ڏسي ڪونه سگهيو هو. اسان جي صحافي اڳواڻن هڙتالي ملازمن جي حق ۾ ڪوبه بيان جاري ڪرڻ کان پاسو ڪيو ڇوته سٺ سيڪڙو شيئر هجڻ ڪري قانوني طور حڪومت کي پنهنجو ايم ڊي مقرر ڪرڻ جو حق هو. مون کي هن ڀيري ڪوريائي ٽريڊ يونين اڳواڻن ۽ پاڪستاني مزدور اڳواڻن جي طور طريقن ۾ گهڻو فرق نظر ڪونه آيو. جيڪڏهن وڏو فرق هيو به سهي ته اهو هيو پاڪستاني مزدورن ۽ ملازمن جي بدتر مالي ۽ سماجي حالت ۽ ڪوريائي ماڻهن جي خوشحال زندگيءَ جو. اسان ساڻن زباني ساٿ جو اظهار ڪندي سندن احتجاجي بئنر ڏسندا (ڇوته ڪوريائي ٻوليءَ ۾ بئنر ڇپيل هئا) هيٺ لٿاسين ته عمارت جي ٻاهران فُٽپاٿ تي ڪوريائي سماج جو هڪ اهڙو ڪردار نظر آيو جنهن کي ڏسڻ سان اندازو ٿيو ته اهڙا ماڻهو ورلي ئي سهي پر هتي به آهن ضرور. هيءُ وڏي عمر جو ماڻهو هو جنهن کي پُراڻي پينٽ ۽ ٽي شرٽ پهريل هئي. هڪ ننڍڙي گودڙي ڀر ۾ رکيل هئس ۽ پاڻ پٽ تي ليٽيو پيو هو. کيس عمارت ۾ ويندي مهل به ڏٺو هئم پر گهڻو ڌيان ڪونه ڏنو هئم. جنهن حالت ۾ هو شروع ۾ هو، انهيءَ حالت ۾ ئي پيل هو. ماڻهو ايندا ويندا رهيا پر هن ۾ ڪا چُر پُر ڪانه آئي، نه هن ڪنهن کان خيرات گهري ۽ نه ئي ڪنهن لانگهائوءَ کيس ڪجهه ڏنو. ٻن ڏينهن اندر اهو انهيءَ قسم جو ٻيو ڪردار هو.
    جيستائين سڀ ساٿي گڏ ٿين اسان فُٽپاٿ تي بيهي ڀرپاسي جو جائزو وٺڻ لڳاسين. هتي اسان کي پنهنجي ملڪ جي ٿوري گهڻي جهلڪ نظر آئي. مثال طور فُٽپاٿ لڳ فُروٽ جو اسٽال جنهن ٿورو گهڻو فُٽپاٿ تي به قبضو ڪري ورتو هو. پر اسٽال تي ميوو صاف سٺو هو، نه انهن تي مکين جا ولر ويٺل هئا ۽ نه ئي دز جا تهه چڙهيل هئا، تهه هئا ته اهي ڪپڙي جي ڄاريءَ جا ته جيئن ميوو صاف رهي.
    *


    ايف ايم ريڊيو

    ٿوري ئي دير ۾ اسان جون بسون روانيون ٿيون ته سيئول جي رستن تان لنگهندي مون کي هڪ هنڌ هڪ گهڻ ماڙ عمارت ٻاهران ايف ايم 105 ريڊيو جو بورڊ نظر آيو . اڄڪلهه دنيا ۾ ريڊيو جو زمانو موٽي آيو آهي ۽ هر ملڪ ۾ ايف ايم ريڊيو اسٽيشنن جو ڄار پکڙيل آهي. ٻين ملڪن کي ته ڇڏيو، پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جتي سرڪاري ڪنٽرول واري ريڊيو پاڪستان کانسواءِ ڪنهن ٻئي ريڊيو جو تصور به ڪونه هو، اتي هڪ سئو کان وڌيڪ ايف ايم ريڊيو خانگي شعبي ۾ کلي چڪا آهن جن جو چڱو خاصو تعداد سنڌ ۾ به آهي. ڪراچيءَ ۾ ته ڏهه ٻارهن ايف ايم ريڊيو اسٽيشنون آهن پر نوري آباد کان ويندي حيدرآباد، ميرپور خاص، ٽنڊو محمد خان، عمرڪوٽ، ٽنڊوآدم، دادو، نوابشاهه، لاڙڪاڻو، خيرپور ۽ گهوٽڪيءَ تائين ريڊيو اسٽيشنون کلي چُڪيون آهن . ٿر تي سرڪار سڳوريءَ مهرباني ڪري مِٺي شهر ۾ ايف ايم ريڊيو قائم ڪيو آهي. اسان وٽ اڻهوند آهي ته ڪميونٽي ريڊيو اسٽيشنن جي جن جي هندستان، نيپال ۽ اهڙن ٻين ملڪن ۾ وڏي اهميت آهي. انهن ملڪن ۾ غير سرڪاري تنظيمون رضاڪاراڻي بنيادن تي ڪميونٽي ريڊيو هلائي عوام منجهه جاڳرتا پئدا ڪن ٿيون. هندستان ۾ خاص طور هارين ۽ آبادگارن لاءِ ڪميونٽي ريڊيو وڏو ڪم ڪري رهيا آهن . پاڪستان ۾ سرڪار رڳو انهيءَ ڊپ ۾ ڪميونٽي ريڊيو جا لائسنس نٿي ڏئي ته متان اهي نشرياتي ادارا حڪومت ۽ ملڪ مخالف پرچار لاءِ نه استعمال ٿين. اهو ڊپ هندستان، نيپال ۽ ٻين ملڪن کي ڪونهي. نيپال، جتي شهنشاهيت خلاف وڏي جدوجهد هلندي رهي، اتي به بيشمار ڪميونٽي ريڊيو قائم هئا. 2002 ۾ نيپال جي دوري دوران کٽمنڊو ۾ ساگر ماٿا (هماليه جبل جي چوٽي مائونٽ ايورسٽ جو نيپالي نالو) نالي سان قائم ڪميونٽي ريڊيو اسٽيشن گهمي آيو هئس. ٽن ڪمرن جي هڪ ننڍڙي جاءِ ۾ اها ريڊيو اسٽيشن قائم هئي جنهن کي هڪ اين جي او هلائيندي هئي. هنن نه ڪڏهن سرڪاري اشتهار هلايا نه سرڪاري امداد ورتي، بلڪ جعلي حڪيمن ۽ سگريٽن جي اشتهارن هلائڻ کان به انڪاري هئا ته جيئن معاشري ۾ بگاڙ پئدا نه ڪجي. ان جي اُبتڙ پاڪستان ۾ ايف ايم ريڊيو جي گهڻائي جعلي حڪيمن جي اشتهارن تي هلي ٿي جو پاڪستان جي اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي ريڊيو جا لائسنس ڪروڙن ۾ نيلام ڪري ٿي ۽ اهومهانگو لائسنس وٺڻ وارا خرچ ڪڍڻ لاءِ هر قسم جا اشتهار هلائڻ لاءِ تيار آهن . پاڪستان حڪومت جي اهليت جو اندازو به انهيءَ مان ڪري سگهجي ٿو ته سوات جي علائقي ۾ مُلان فضلُ الله وڏي عرصي تائين غير قانوني طور ايف ايم ريڊيو هلائيندو رهيو پر ان کي ڪجهه نه ڪري سگهي. جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ نَو هزار فُٽ بلند جابلو شهر ڌيرڪوٽ ۾ هڪ معمولي ريڊيو مڪينڪ اڄ تائين ڪيترائي ريڊيو ٽرانسميٽر ٺاهي ڪشميري تنظيمن کي وڪرو ڪري چڪو آهي. ٻه سال کن اڳ ڌيرڪوٽ جي دوري ۾ ان شخص سان ملاقات به ٿي هئي. پاڪستان ۾ ايف ايم ريڊيو جي حوالي سان هڪ سروي لاءِ مان جڏهن اتي پهتو هئس ته ڪجهه ماڻهن سندس باري ۾ ٻُڌايو هو جنهن کان پوءِ ساڻس ملڻ کانسواءِ هليو وڃڻ مون کي ايئن پي لڳو ڄڻ منهنجو ڪم اڻپورو هو. اتان جي مقامي دوستن سان گڏ جڏهن سندس دڪان تي پهتو هئس ته حيران ٿي ويس جو هو سنهڙو نوجوان ڇوڪرو هو ۽ لڳو ئي نه ٿي ته کيس ريڊيو ٽرانسميٽر ٺاهڻ ايندو هوندو. پهرين ته هو به ڊڄي ويو هو ته شايد ڪا سرڪاري ٽيم کيس ٻڌڻ آئي آهي پر يقين ڏيارڻ تي هو دڪان ڇڏي هڪ هوٽل تي هلي اسان کي تفصيل ٻُڌائڻ لاءِ تيار ٿيو هو. سندس چوڻ هو ته ريڊيو ٽرانسميٽر ٺاهڻ تي ڪل پندرهن ويهه هزار رپيا خرچ اچي ٿو.
    *


    وري سُوئر جو گوشت

    اسان جو قافلو سيئول شهر مان نڪري گئنگ وَون Gangwon صوبي ڏانهن روانو ٿيو جتي چُلوَون Chulwon واري علائقي ۾ هڪ ريسٽورنٽ ۾ لنچ جو انتظام ٿيل هو. هن صوبي ۾ اسان اُتان جي صوبائي حڪومت جا مهمان هئاسين ۽ جيئن ئي قافلو سندن حدن ۾ پهتو ته اُتان جو ڊائريڪٽر انفارميشن ۽ ٻيا عملدار به قافلي ۾ شامل ٿي ويا. اسان جو سفر اُتر ڏانهن هو ڇوته پروگرام موجب ڪوريائي جنگ کانپوءِ ٻنهي ڪوريائن پاران غير فوجي قرار ڏنل علائقو De-militarized Zone گهمڻو هو جيڪو گئنگ وَون صوبي ۾ هو جنهن جون سرحدون اُتر ڪوريا سان ٿي مليون. منجهند جو هڪ وڳي کانپوءِ اسان ڳاڙهي مٽيءَ واري جابلو علائقي ۾ هڪ ريسٽورنٽ ۾ پهتاسين جتي اسان جو شدت سان انتظار ٿي رهيو هو ڇوته مقرر وقت کان ذري گهٽ ڏيڍ ڪلاڪ ليٽ هئاسين. ريسٽورنٽ جي عمارت ڪوريائي ثقافت جي عڪاسي ڪري رهي هئي. عمارت جي ڇت ڪاٺ جي ڪاٽيج وانگر هئي ۽ اندر به سمورو ڪاٺ جو ڪم ٿيل هو. ڪاٺ جي فرش تي ننڍين ڄنگهن واريون ميزون ۽ ٻنهي پاسي ويهڻ لاءِ ڪُشن رکيل هئا. مهمانن جي ويهڻ شرط ميزبان عورتون سرگرم ٿي ويون. ڪوريائي کاڌن جا قسمين قسمين ڊش لڳي ويا جن ۾ پنهنجي هٿ سان پچائڻ لاءِ گوشت جا ٽڪر به شامل هئا. گوشت نه کائڻ وارن هڪ ڌار ڪُنڊ وڃي وسائي. مان گوشت کائڻ وارن سان گڏ ويٺس پر اوچتو خيال آيو ته پهرين پڪ ڪريان ته گوشت سوئر جو ته ناهي ۽ ٿيو به ايئن، گوشت واقعي سوئر جو هو. مان اُٿي کڙو ٿيس ته سڀني جو ڌيان ڇڪيو ۽ کين سبب ٻڌائڻو پيو. ميزبان تنظيم جو سيڪريٽري ريانگ اوه مون کي وٺي عربن واري پاسي آيو ۽ ٻڌايائين ته مسلمان هجڻ ڪري اهي بيف کائي رهيا آهن پر مون کي لڳو ته اهو به سوئر جو گوشت هو سو مون بهتر سمجهيو ته اڄ ڀاڄي خورن جو پاسو وٺجي. اتي به رڳو اوٻاريل اڇا چانور نصيب ۾ هئا.
    *


    ڪوريا کي ورهائيندڙ سرحد

    هتان کان غير فوجي علائقو اڃان به اڌ مُني ڪلاڪ جي پنڌ تي هو. رستي جي ٻنهي پاسي ڪٿي فصل بيٺل هئا ته ڪٿي لابارو ٿيل هو. ٻهراڙي هئڻ جي باوجود بهترين رستا ۽ رستن جي ٻنهي پاسي ڪچو پٽو پر نهايت سنوت ۾ ۽ ڪٿي به ڪو کڏو وغيره ڪونه هو جيئن اسان وٽ ٻهراڙين ۾ هوندو آهي. اڌ ڪلاڪ کن کانپوءِ اسان هڪ گيٽ وٽ پهتاسين جتان غير فوجي علائقو شروع ٿيو پر اتي فوجي بيٺل هئا. اسان کي ٻڌايو ويو ته هن علائقي ۾ ڪئميرا جو استعمال منع ٿيل آهي. ڪجهه دير ور وڪڙ رستن تان هلندي بسون وڃي هڪ وڏي پارڪنگ ايريا ۾ بيٺيون. فرلانگ کن پري پهاڙيءَ جي مُنڍ وٽ هڪ عمارت نظر اچي رهي هئي. پارڪنگ کان وٺي ان عمارت تائين سمورو علائقو سيمينٽ سان پڪو ٿيل هو. عمارت سان لڳ پليٽفارم ٺهيل هو جتي بجليءَ تي هلندڙ ريل ڪار بيٺل هئي. ٻنهي بسن جا سوار ۽ صوبائي عملدار ريل ڪار ۾ سوار ٿياسين ته اها اسان کي کڻي مٿي جبل تي هلي ۽ اسان حيران ٿي وياسين ته اتي دنيا ئي ٻي هئي. هڪ وڏي ٽي چار ماڙ جديد عمارت ۽ آڏو وسيع دالان. هن عمارت ۾ نوجوان فوجي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پهري تي نظر آيا. اندر ڪشادو آڊيٽوريم، هال، ميوزيم، لائبريري ۽ آفيس جا ڪمرا هئا. هتي اچڻ کان پوءِ اندازو ٿيو ته اهو ٽوئر به اُتر ڪوريا مخالف پرچار جو هڪ حصو هو. هونئن ته عمارت جي هر حصي مان توڙي ٻاهرين کليل حصي مان غير فوجي علائقي جو نظارو ٿيو پي پر اسان کي آڊيٽوريم ۾ آڻي ويهاريو ويو جنهن جي سامهون واري يعني اُتر ڪوريا ڏانهن رُخ واري سموري ديوار شيشي جي هئي ۽ اُتي هڪ وڏي دُوربين رکيل هئي جنهن جي ذريعي ٻنهي ڪوريائن جي غير فوجي علائقي جو پري پري تائين نظارو ڪرايو ويو. اُتي ئي انهيءَ علائقي جو ماڊل رکيل هو جنهن کي ڏسڻ سان هر ماڻهو سولائيءَ سان علائقي جي جاگرافي سمجهي سگهيو پي. عمارت جي هڪ ماڙ تي اسان کي اهو ميوزيم به گهماين جنهن ۾ هنن ٻنهي ڪوريائن جي وچ ۾ لڳل جنگ جي تباهڪارين جي عڪاسي ڪئي هئي. اُتر ڪوريا خلاف سندن پرچار ۾ به وڏي مهارت هئي ۽ سچ ته سندن سوچ ۽ نظرين سان کڻي ڪنهن کي ڪيترو به اختلاف هجي پر سندن مهارت تعريف جي قابل هئي. اهو سڀ ڪجهه ڏيکارڻ دوران ٻُڌايو ويو ته اُتر ڪوريا پنهنجي پاسي وسيع علائقي ۾ باهيون ڏئي جهنگ ۽ سموري ساوڪ ساڙي ڇڏي آهي جنهن جا ماحولياتي اثر پئدا ٿي رهيا آهن . بهرحال اسان کي اهڙي صورتحال ڏسڻ ۾ ڪانه آئي. ساوڪ ۽ وڻ ٽڻ هِن پاسي به هئا ته هُن پاسي به. انهيءَ جي اُبتڙ مون ڏٺو ته هڪ واهه اُتر کان ڏکڻ پاسي يعني اُتر ڪوريا کان ڏکڻ ڪوريا ڏانهن بنا روڪ وهي رهيو هو. اهو دائمي وهڪرو هو جنهن جو پاڻي ڏکڻ ڪوريا ۾ اچي هڪ ڍنڍ جي شڪل اختيار ڪري ويو هو ۽ اهو ئي پاڻي ڏکڻ ڪوريائي زراعت لاءِ ڪم ٿي آيو . پاڻيءَ جي وروڪڙ وهڪري علائقي جي خوبصورتيءَ کي وڌائي ڇڏيو هو. اُتر ڪوريا اِن واهه جو پاڻي ڪڏهن به روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. مون سوچيو ته اهو واهه ، جنهن ٻنهي ڪوريائن کي ڳنڍي رکيو آهي، قدرت جي پاران هڪ ثبوت آهي ته ڪوريا هڪ ئي ڌرتي آهي جنهن کي ڪن قوتن پنهنجي مفادن خاطر حصن ۾ ورهائي ڇڏيو هو. اها قوم ويڇا وساري هڪ ٿيڻ چاهي ٿي پر اُهي ئي قوتون کين ڀاڱن ۾ ورهائي رکڻ گُهرن ٿيون.
    پروگرام جو مکيه حصو هڪ ٺهراءُ بحال ڪرڻ هو جنهن ۾ دنيا کي عام طور ۽ هن علائقي کي خاص طور ماحولياتي تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ حڪومتن کي اپيل ڪئي وئي هئي. اهو پڌرنامو بعد ۾ ميڊيا کي جاري ڪيو ويو.
    انهيءَ موقعي تي اسان کي غير فوجي علائقي بابت لٽريچر به ڏنو ويو جنهن موجب اهو علائقو يعني De-Militarized Zoneمجموعي طور 248 ڪلوميٽر ڊگهو آهي ۽ انهيءَ جي ڪل ايراضي 907 ڪلوميٽر بيهي ٿي جنهن مان 58 سيڪڙو يعني هڪ سئو پنجيتاليهه ڪلوميٽر ڊگهو پٽو جنهن جي ايراضي پنج سئو اُڻٽيهه ڪلوميٽر ٿئي ٿي، هن ئي صوبي ۾ آهي. خوبصورت نظارن واري هن علائقي ۾ سنڌ وانگر پرڏيهي پکيئڙا به وڏي تعداد ۾ اچن ٿا ته ٻي جهنگلي جيوت به جام آهي جنهن ۾ هڪ سئو ڇائيتاليهه اڻلڀ جاندارن سميت ٻه هزار ست سئو سورهن جانور به شامل آهن ته ستهٺ اهڙا جاندار به آهن جن جي نسل کي ختم ٿيڻ جو خطرو آهي. سنڌ وانگر هتي به پنج هزار ورهيه پراڻي ثقافت جا آثار آهن، جن کي گئنگ وَون صوبي جي حڪومت سانڍڻ لاءِ اُپاءَ ورتا آهن.
    *


    صبح جي سانت واري ڌرتي

    جڏهن سج لهڻ وارو ٿيو ته اسان به هتان ڪُوچ ڪرڻ جا سانباها ڪيا. اسان جي منزل پنجيتاليهه هزار آباديءَ وارو پيانگ چئنگ Pyeongchang شهر هو جيڪو هن صوبي جي گاديءَ جو هنڌ هو ۽ جتي يارنهن ماڙ چُنچيان Chuncheon هوٽل ۾ اسان جي رات جي رهائش جو انتظام ٿيل هو. هوٽل تي پهچي، ڪمرن ۾ سامان رکي اسان کي هڪدم ڊنر لاءِ هال ۾ اچڻو پيو جتي صوبي جو ڊپٽي گورنر بونگ ڪِي هَان Bongkee Hahn خاص مهمان هو. خاص مهمان جي سڪيورٽيءَ لاءِ ڪوبه خاص انتظام ڪونه هو. هو عام ماڻهوءَ وانگر آيو، سڀني سان رِلي ملي ڪچهريون ڪري هليو ويو. پاڪستاني گورنرن، وزيرن، صلاحڪارن ۽ ويندي ناظمن وانگر سندس اڳيان پٺيان هٿياربند گارڊ ڪونه هئا ۽ نه ئي سندس گاڏي جي اڳيان پٺيان تيز سائرن وڄائيندڙ پنجاهه گاڏين جو قافلو هو.
    هن دعوت جي خاصيت هئي مڪئيءَ جا اوٻاريل سنگ ۽ ڪوريا جو Lotus flower wine جنهن نه رڳو ايراني صحافڻ پُونه نِداءِ Pooneh Nedai کي به ريجهائي وڌو پر سنگاپور مان آيل سِک عورت ستونت ڪور Satwant Kaur، جنهن گڏيل قومن جي ماحولياتي اداري جي نمائندگي ٿي ڪئي، تنهن کي ته اهو وائين ايترو وڻي ۽ چڙهي ويو جو ڪمري تي وڃڻ مهل وائين جي بوتل به پاڻ سان کڻي وئي ته جيئن اڪيلائيءَ ۾ به وڃي ڪجهه پئگ هڻي.
    دعوت ختم ٿي ته رات جا يارنهن به ڪونه ٿيا هئا. اسان وٽ ان مهل رات اڃان جوان ٿيندي آهي، پر هتي موڪلاڻي ڪري ڪمرن تي وڃڻ جو وقت هو. مان يارهين ماڙ تي پنهنجي ڪمري جي بالڪنيءَ ۾ بيهي شهر جي چمڪندڙ ٽانڊاڻن جي پٺيان سانت ۽ سڪون جي سمنڊ ۾ ٻُڏل جبلن جو نظارو ڪري وڃي سمهي پيس. صبح جو سوير جڏهن اک کُلي ته تيار ٿيڻ کان اڳ وري وڃي بالڪنيءَ ۾ بيٺس ۽ جڏهن ٻاهر نهار ڪيم ته ڪوريا لاءِ قديم زماني کان مشهور نالو “صبح جي سانت واري ڌرتي” Land of Morning Silence بلڪل سچ لڳو.
    صبح جي سانت واري ڌرتي هجڻ جون ثابتيون ته خاص طور مانهاءِ وليج ۾ ملن ٿيون جتي گذريل دوري ۾ وڃڻ ٿيو هو پر اڄ وري هڪ رات مانهاءِ وليج کان مٿي جبلن ۾ بائڪدام مندر ۾ گذارڻي هئي جتي ملندڙ سانت ۽ سڪون جي بيپناهه احساس کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي
    *


    پٿرن جون ڍيريون ۽ ڪوريائين جو اعتقاد

    صبح جي پروگرام ۾ ماحولياتي مسئلن بابت پنهنجي پنهنجي ملڪ جي رپورٽ پيش ڪرڻي هئي جنهن ۾ اڌ ڏينهن گذري ويو. منجهند جي ماني کائي بس ڪئي سين ته روانگيءَ جو اعلان ٿيو ۽ قافلو هلي پيو. سج لهڻ کان ٿورو اڳ اسان مانهاءِ وليج واري هوٽل تي وڃي پُڳاسين جتي اسان کي گذريل ڀيري وانگر وڏيون بسون ڇڏي ننڍن ڪوسٽرن ۾ سوار ٿي مٿي جبل تي وڃڻو هو. هتي وري به اسان جو ميزبان ٺوڙهو نوجوان مها ڀڪشُو هو، جيڪو پنهنجي ساٿي نائب ڀڪشوئن سميت بائڪدام مندر تائين هليو جتي هنن اسان جي لاءِ کاڌي پيتي، رهائش ۽ ٻين سرگرمين جو انتظام ڪيو هو. اسان کي ٻُڌايو ويو ته هن ڀيري هوٽل ۾ ڪمرا اڳئي ڀريل هجڻ ڪري جبل واري مندر ۾ رهڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي. هونئن به ڪوريا ۾ سياحت لاءِ ايندڙن واسطي مندرن ۾ رهائش جو پروگرام خاص طور شامل ڪيو ويندو آهي ۽ سندن ويب سائيٽن ۽ سياحتي لٽريچر ۾ ان جو ذڪر ٿيل هوندو آهي.
    هڪ پاسي وڻن سان جهنجهيل جبل ۽ ٻئي پاسي کاهيءَ جي وچ ۾ وهندڙ جهرڻي جا ڌِيما سُر ٻُڌندي پُر پيچ رستي تان مٿي ويندي اسان سڀ ڄڻ ته مدهوش هئاسين. مندر وٽ پهچندي سج لهي چڪو هو. اُن مهل ڪجهه پانڌي جوڙا مندر کان هيٺ ويندي نظر آيا جڏهن ته هڪ اڌ جوڙو اُتي موجود هو. جيئن ئي اسان گاڏين مان لٿاسين ته ڀڪشو سڀني کي وٺي مندر جي مکيه عمارت ڏانهن وڃڻ لڳو. مان سمجهي ويس ته هو ٻُڌمت موجب عبادت جو طريقو ٻُڌائيندو، تنهنڪري مان انهن سان گڏ نه ويس. هڪ ته ٿڪل هئس ۽ ٻيو ته مون ٻُڌ جي بُت کي سجدو ڪرڻ نه پي چاهيو. ڀاٽيا به جهونو هئڻ سبب مندر جي هڪ عمارت ٻاهران دِڪيءَ تي ويهي رهيو. ڏٺم ته ڪمبوڊيا جي فري لانس صحافڻ راس سوٿيا Ros Sothea جيڪا پنهنجي ملڪ ۾ بي بي سي ريڊيو لاءِ به ڪم ڪندي هئي، پاسو وٺي ويهي رهي هئي. هيءَ سيپڪڙي ننڍي قد جي سڀ کان ننڍي عمر جي ڇوڪري هئي. هرڪو کيس بي اعتباريءَ سان چوندو هو ته هوءَ ايڏي ننڍي عمر ۾ ڪيئن ٿي صحافڻ ٿي سگهي. پر سندس ڳالهائڻ ۽ ڪم ڪار مان محسوس ٿيندو هو ته اها سيپڪڙي پنهنجي شعبي جي ڀرپور ڄاڻ رکي ٿي. مان کيس پنهنجي ڌيءُ وانگر پيش ايندو هئس. منهنجي نظر جڏهن راس تي پئي ته هن اشاري سان مونکي سڏي پنهنجي ڀرسان ويهڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ پنهنجي پرس مان هڪ بيدو ڪڍي ٻُڌايائين ته صبح هوٽل مان روانگيءَ مهل هن ٻه بيدا کڻي ورتا هئا ته جيئن ڪنهن مهل بک لڳڻ تي کائي سگهجن. هينئر کيس بک لڳي هئي ۽ آرام سان کائڻ جو موقعو به هو پر سندس اُميدن تي پاڻي هارجي ويو جو جيئن ئي هن کل لاهڻ لاءِ بيدي کي دِڪيءَ تي هنيو ته خبر پئي ته اهو اوٻاريل نه پر ڪچو بيدو هو. ماٺڙي ڪري اهو بيدو اڇلايائين ۽ ٻيو بيدو پرس مان ڪڍيائين. پڪ هئي ته اهو به ڪچو هوندو ان ڪري اهو به اڇلائڻو پيس. هن انهن کي اوٻاريل ان ڪري سمجهيو هو جو بيدن جو رنگ هلڪو ناسي هو.
    ان مهل چڱي اونداهي ٿي چُڪي هئي پر مون ڏٺو ته هڪ جوڙو جابلو نديءَ جي پيٽ ۾ ويهي پٿر ميڙي رهيو آهي. مان هوريان هوريان ڪري سندن ويجهو ويس ته جيئن هنن جي مصروفيت ۾ خلل نه پوي ۽ مان به ڏسان ته هو ڇا پيا ڪن. ويجهو وڃڻ تي خبر پئي ته هو ننڍا پٿر ميڙي ڍيري ٺاهي رهيا هئا پر اهڙي نموني جو اها ڍيري ڪنهن ننڍي مناري وانگر هيٺان ويڪري يعني ان جو بنياد ويڪرو ۽ پوءِ مٿي سوڙهي. اهڙيون اڻ ڳڻت ڍيريون نديءَ جي پيٽ ۾ نظر آيو ن جيڪي هتي ايندڙ جوڙن ٺاهيون هيون. مون انهيءَ جوڙي کان ڪجهه پڇڻ گهريو پر کين انگريزي ڪانه ٿي آئي پر تڏهن به سندن اشارن مان سمجهي ويس ته اهي ماڻهو هتي عبادت ڪرڻ کانپوءِ مُرادون پوريون ٿيڻ لاءِ اهي پٿريون ميڙي ڍيريون ٺاهيندا آهن . گذريل دوري ۾ به مون اهي ڍيريون ڏٺيون هيون پر انهن تي ڌيان ڪونه ڏنو هئم. هن ڀيري اهو منظر ڏسي وري به اها ئي سوچ اُڀري ته ڪيڏي به ترقي ڪرڻ ۽ سائنسي قوم بڻجي وڃڻ جي باوجود ڪوريائي آهن ته انسان جن جي اندر ۾ اهو شخص ويٺل آهي جيڪو آفاقي قوت جو محتاج آهي ۽ مختلف طريقن سان پنهنجون آسون ۽ مُرادون پوريون ٿيڻ جون دعائون گهري ٿو. ان مهل اونداهي هئڻ ڪري صحيح تصوير ڪڍي نه سگهيس پر سچ ته مٿان جبل تان لهندڙ جهرڻي جي مست ڪندڙ سنگيت ۽ وهڪري جي ٻنهي پاسي پري پري تائين پکڙيل پٿرن جي ڍيرين جو روح جي گهراين تائين اثر ٿي رهيو هو. ڪوريائي جوڙو جبل کان هيٺ واپسيءَ جي سفر تي هليو ويو پر مان اتي گم سم بيٺو رهيس. مون کي پنهنجي هڪ صحافي دوست خليل ٻگهئي جو پنجويهه ٽيهه ورهيه اڳ جرمنيءَ مان واپسيءَ تي ٻُڌايل واقعو ياد آيو . سندس ڪنهن جرمن فئمليءَ سان دوستي ٿي وئي هئي جن کيس پنهنجي گهر دعوت تي گهرايو پر جيئن ئي هن سندن گهر ۾ قدم رکڻ ٿي چاهيو ته کيس ترسڻ لاءِ چين ۽ گهر جي وڏڙي هڪدم وڃي هڪ گلاس کڻي آئي جنهن ۾ سِڪا پيل هئا. هن مائيءَ خليل کي چيو ته هو به هڪ سِڪو گلاس ۾ وجهي ۽ پوءِ گهر ۾ داخل ٿئي. هن ايئن ئي ڪيو ۽ سندس پڇڻ تي کيس ٻڌايو ويو ته سندن ڌيءَ جوان آهي پر اڃان شادي نه ٿي اٿس. سندن اعتقاد آهي ته هر مهمان گلاس ۾ سِڪو وجهندو ۽ جڏهن گلاس اهڙن سِڪن سان ڀرجي ويندو ته سندن ڌيءَ جي شادي ٿي ويندي.
    جڏهن باقي ساٿي عبادت جو طريقو ڏسي واپس آيا ته ٻُڌايو ويو ته هاڻي مندر سان لڳ ڪاٺ جي رهائشي ڪمرن ۾سامان رکبو ۽ پوءِ وري هڪ هال ۾ گڏ ٿبو. هڪ هڪ ڪمري ۾ فرش تي فوم جا گدا وڇائي ٽن چئن ڄڻن کي سمهڻو هو. اهو ٻُڌي دبئي ۽ ٻين هنڌن تان آيل عربن اتي رهڻ کان ٺُپ نابري واري ۽ چيائون ته کين واپس موڪلڻ جو انتظام ڪيو وڃي. هنن جي ضد تي کين ۽ سندن زالن کي ڪار ۾ چاڙهي واپس روانو ڪيو ويو ۽ جبل کان هيٺ مانهاءِ ڳوٺ جي ڪنهن گيسٽ هائوس ۾ کين رهايو ويو. باقي عورتن هڪ پاسي وارا ڪمرا ۽ اڪيلو باٿ روم قبضي ۾ ڪيا ۽ مردن پنهنجي سنگت جي حساب سان ڪمرا ورهائي کنيا. مون، ڀاٽيا ۽ پرمود هڪ ڪمرو کنيو پر پوءِ هانگ ڪانگ ۽ ملائيشيا جا همراه به اسان جا پارٽنر ٿي ويا. ماڻهو ته ٻئي چڱا هئا پر مون کي اڌ رات کان وڌيڪ ايستائين جاڳڻو پيو جيستائين غشي نه چڙهي ڇو ته ٻنهي يارن جا کونگهرا نه هئا ڄڻ ته ٻه بگهڙ هڪٻئي کي ڏسي ڏند شيڪي غرائي رهيا هجن.
    اسان سامان ڪمرن ۾ رکي سامهون هڪ ٻي ڪاٺ جي عمارت جي هال ۾ گڏ ٿياسين جتي ننڍين ٽيبلن جي چوڌاري سڀني کي فرشي نشست ڪرڻي هئي. هڪ قطار ۾ هر ٽيبل جي ٻنهي پاسي هڪ هڪ ماڻهوءَ کي ويهڻو پيو ۽ اهڙي طرح ٻنهي قطارن جي مهڙ وٽ هڪ ڀڪشو ويٺو ته انگريزي حرف يُو U جي شڪل ٺهي وئي. پهرين هن يوگا جا مختلف عمل ڪري ڏيکاريا ۽ انهن جي افاديت ٻُڌائي. اسان جي سامهون ٽيبلن تي هر هڪ جي آڏو هڪ اڇو ٽوال، اسٽيل جو هڪ وڏو پيالو، هڪ ننڍي پيالي جنهن ۾ سائي چانهن جي پتي پيل هئي ۽ گرم پاڻيءَ سان ڀريل هڪ هڪ ٿرماس رکيل هئا. هاڻي انهن کي استعمال ڪرڻ جو وارو هو. ڀڪشوءَ ٻُڌايو ته اهي شيون روح ۽ ذهن کي سُڪون ڏيڻ لاءِ استعمال ٿينديون.
    ڀڪشوءَ جي هدايت تي اسان سائي چانهه جي پتِيءَ واري پيالي کڻي ٿورو مٿانهينءَ کان وڏي پيالي ۾ ڪيرائي. سندس چوڻ هو ته بلڪل خاموشيءَ ۾ ان پتِيءَ جي وڏي پيالي ۾ ڪرڻ جو هلڪو آواز به وڏو سُڪون بخشيندڙ آهي. انهيءَ کانپوءِ ٿرماس مان گرم پاڻي اسٽيل جي وڏي پيالي ۾ وجهڻ ۽ هڪدم پنهنجي مُنهن کي ٻنهي هٿن جي گهيري ۾ وجهي پيالي جي مٿان آڻي ڊگها ساهه کڻڻ لاءِ چيو ويو. ان عمل مهل اسان کي پنهنجي مٿان ٽوال به رکڻو هو ته جيئن سائي پَتِيءَ واري گرم پاڻيءَ مان اُٿندڙ اُٻ جو اسان جي منهن تي پورو اثر ٿئي. اسان ان مهل تائين ٽوال اندر ڊگها ساه کڻندا رهياسين جيستائين پاڻي ٿڌو نه ٿي ويو. ان عمل دوران ڀڪشو ڳالهائيندو به رهيو. ان عمل سان واقعي ذهن کي سُڪون ملي ويو ۽ ٿَڪَ جو احساس به گهٽجي ويو. ڀڪشوءَ جو چوڻ هو ته اسان اهو پاڻي پي به سگهون ٿا پر اسان مان ڪنهن به ان تي عمل نه ڪيو.
    *


    ڀَلو جَلُ

    لاڳيتو فرش تي جهوڪو ماري ويهڻ سان ٿڪجي پيا هئاسين سو هرڪو ٽڙي پکڙجي ليٽي پيو. ان مهل منهنجي ڪن تي آواز آيو “ڀَلو جل” ته مان ڇرڪي پيس.بنگلاديش مان آيل ATV جو نيوز ايڊيٽر ڀانُو رنجن چڪرابورتي Bhanu Ranjan Chakraborty پنهنجي هڪ ساٿيءَ کي ان پاڻيءَ بابت ڀوڳ ۾ ڪجهه چئي رهيو هو. مون هڪدم سندن پاسو وڃي ورتو ۽ مطلب سمجهڻ جي باوجود کانئس پڪ ڪرڻ لاءِ پُڇا ڪيم. هن ٻڌايو ته بنگاليءَ ۾ ڀلو يعني سٺو ۽ جل يعني پاڻي. مون کيس ٻڌايو ته سنڌيءَ ۾ به ڀلو جو مطلب سٺو آهي جڏهن ته جل سان ملندڙ لفظ جَرُ کُوهن مان نڪرندڙ يعني زيرُ زمين پاڻيءَ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. ڳالهائڻ لاءِ مون کي پسند جو موضوع ملي ويو ڇوته مان سدائين ٻين ٻولين ۾ سنڌيءَ جهڙا يا انهن سان ملندڙ جُلندڙ لفظ پيو ڳوليندو آهيان.هن ٻُڌايو ته بنگالي ٻوليءَ ۾ هُو به سنڌيءَ وانگر ماءُ کي امان ۽ پيءُ کي بابا سڏين جڏهن ته چانهه کي چاءِ چون جيڪو ڪوريائي ٻوليءَ ۾ به استعمال ٿئي ٿو. اهڙي طرح ٻيا به کوڙ لفظ هڪجهڙا هئا جيڪي هينئر ذهن تان لهي چڪا آهن . سنڌ کان هڪ هزار ميل پري هجڻ جي باوجود بنگالي ٻوليءَ ۾ سنڌيءَ سان ملندڙ لفظن جي هجڻ تي مون کي ڪا گهڻي حيرت ڪانه ٿي ڇوته حيرت مون کي 2002 ۾ ان وقت ٿي هئي جڏهن هماليائي ملڪ نيپال ۾ سنڌي لفظ ترائي ٻُڌو هئم. اسان کي کٽمنڊوجي ٻاهران هڪ جبل تي وٺي ويا هئا جتي ٻج پوکي وڏي ايراضيءَ ۾ هٿرادو ٻيلو تيار ڪيو ويو هو. ان ٻيلي ڏانهن سفر به ڏاڍو يادگار هو ڇو ته گهاٽي ٻيلي ۾ جبل تي وڃڻ لاءِ جيئن ئي اسان روانا ٿيا هئاسين ته زبردست وَڏَ ڦُڙو شروع ٿي ويو هو ۽ اڃا منزل تي پهتا به ڪونه هئاسين ته ڳڙو پوڻ شروع ٿي ويو. اٽڪل ڏيڍ هزار فُٽ بلنديءَ تي گاڏيون ڇڏي ڪجهه پنڌ هلڻو پيو جنهن کانپوءِ ڳپل وقت هڪ چوکنڊيءَ هيٺ پٿر جي بئنچن تي ويهي گرم گرم چانهه پي وسڪاري ۽ ڳڙي جو مزو وٺندا رهيا هئاسين. بعد ۾هڪ خوبصورت عمارت جي آڊيٽوريم ۾ هڪ آفيسر اسان کي ٻيلي واري رٿا بابت بريفنگ ڏني. اهو آفيسر گهڙيءَ گهڙيءَ ترائي لفظ استعمال ڪري رهيو هو ۽ مان هر ڀيري ڌيان سان اهو لفظ ٻُڌڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس ته متان سمجهڻ ۾ ڪا غلطي ته نٿو ڪريان. سندس بريفنگ کانپوءِ چانهه پاڻيءَ مهل مون کائنس ترائي لفظ جي معنيٰ پُڇي ته هن بلڪل سنڌي لفظ واري معنيٰ ٻُڌائي. سنڌي ۽ نيپالي ٻولين ۾ ترائي لفظ اها ساڳي معنيٰ رکي ٿو جنهن معنيٰ سان اهو ٿر ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو يعني وارِيءَ جي ڀِٽن جي وچ وارو علائقو جتي برسات جو پاڻي لهي اچي گڏ ٿئي ٿو. ڀٽائيءَ به ترائي لفظ کي پنهنجي ڪلام ۾ استعمال ڪيو آهي. سُر سارنگ ۾ هڪ هنڌ چوي ٿو:
    ڀَري تَلَ ترائيون، جوڙي هليون جُوءِ.
    ساڳي سُر ۾ ٻئي هنڌ ٿر ۾ وسڪاري جي حوالي سان چوي ٿو:
    بَرَ وُٺا، ٿَرَ وُٺا، وُٺيون ترايون.
    (بدر ابڙي به پنهنجي 1996 ۾ڇپيل نيپال جي سفرنامي “ڀڳوانن جي ڀُونءِ” ۾ سنڌيءَ سان ملندڙ ڪجهه نيپالي اکرن جو ذڪر ڪيو آهي. مثال طور نيپالي اکر تال ۽ سنڌي اکر تلاءُ).
    مان ٻولين جو ماهر ته ناهيان پر جيئن مٿي ذڪر ڪيو اٿم، جتي به ويندو آهيان ته سنڌيءَ جهڙا يا اُن سان ملندڙ لفظ ڳوليندو آهيان. مثال طور جڏهن ڪُنار نديءَ جي ڪنڌيءَ تي آباد (۽ پوءِ اٺين آڪٽوبر 2005 واري زلزلي ۾ تباهه ٿيل) بالاڪوٽ ۽ ڳڙهي حبيب الله واري علائقي ۾ وڃڻ ٿيو ته اتي هندڪو ٻوليءَ ۾ سنڌي لفظ “مانيءَ ڳڀو” يا “ڍوڍو” ٻُڌڻ ۾ آيو . اهڙي طرح پنجاب جي مختلف علائقن ۾ سلوار لاءِ ٺيٺ سنڌي لفظ سُٿڻ استعمال ڪندي ٻُڌم. هندستان وارا پنهنجي هندي ٻوليءَ ۾ اَنُ، ڍِڍُ، پگهار، کِيسو ۽ اهڙا ٻيا انيڪ لفظ استعمال ڪن ٿا جيڪي اسان وٽ سنڌيءَ ۾ مُروج آهن . ڪشمير ۽ سرحد صوبي کي الڳ ڪندڙ جهلم درياه جي ٻنهي پاسن واري علائقي ۾ به ڳالهائجندڙ ٻولين ۾ سنڌيءَ سان ملندڙ لفظ موجود آهن.
    سنڌ کان ويندي ڪشمير تائين ٻولين ۾ هڪجهڙائي ڇو آهي؟ هڪ ته چوندا آهن ته گهڻا ئي زمانا اڳ سنڌ ڪشمير تائين هوندي هئي. هونئن به سنڌو سڀيتا جو دائرو هماليا تائين آهي جتان مانسروور ڍنڍ مان سنڌو ندي وهي نڪري ٿي. (ان حساب سان هماليائي ملڪ نيپال ۾ سنڌي لفظ ترائيءَ جي موجودگيءَ تي به حيرت نه ٿيڻ گهرجي). هونئن، سنڌ جي هڪ وڏي ماهر لسانيات ڀيرومل مهرچند اَٺهٺ ورهيه اڳ لکيل پنهنجي ڪتاب ۾ چيو آهي: صدين کان سنڌ، پنجاب ۽ ڪشمير جا رهاڪو هڪٻئي سان گهڻو لَهه وِچُڙ ۾ آيا آهن ۽ خود ڪشمير وارو پاسو پنجاب سميت ڪيترو ئي وقت سنڌ جي حڪومت هيٺ هو. تنهنڪري سنڌيءَ جو انهن ٻولين سان جهجهو ناتو ٿيو آهي.
    هو اڳتي لکي ٿو: اڄ به ڏسو ته سنڌي ٻولي سنڌ جي اُتر ڏي اُٻاوڙي طرف سرائڪي يا اُڀي جي ٻوليءَ جو نمونو اختيار ڪندي بهاولپور ڏي به اها ئي بيهڪ ڌاريندي ملتاني ٻوليءَ سان وڃي ڳنڍي آهي، ۽ ملتاني ٻولي لاهور ۽ امرتسر طرف اَڻلَکي ڦرندي ڦرندي وڃي پنجابيءَ سان گڏي آهي، جنهنڪري ايئن چئي سگهجي ٿو ته سرائڪي ٻولي ڄڻ ته وچون ڏاڪو يا وچ واري ڪڙي آهي جا سنڌيءَ کي پنجابيءَ سان ڳنڍي ٿي، ۽ پنجابي ٻولي اُتر ڏي ڪشميريءَ سان وڃي گڏي آهي. انهيءَ ريت سنڌ کان وٺي ڪشمير تائين ٻولين جو پاڻ ۾ ڪڙو ڪڙي سان ڳنڍيو پيو آهي. ٻولين جي انهيءَ ناتي اهو به سمجهي سگهجي ٿو ته آڳاٽا لوڪ اهائي واٽ وٺي آيا هئا يعني ڪشمير کان پنجاب ۽ بهاولپور ۾ بيٺڪون وجهندا پوءِ سنڌ ۾ پنهنجا ماڳ جوڙي اچي ويٺا هئا. هن وقت جيتوڻيڪ انهن سڀني هنڌن جون ٻوليون پنهنجي پنهنجي نموني آهن، ته به اُچارن ۽ نحوي بناوت ۾ هڪٻئي سان گهڻي مشابهت رکن ٿيون.
    پشتو ٻوليءَ ۾ به اڻ ڳڻت اهڙا لفظ آهن جيڪي سنڌيءَ ۾ ڳالهائجن ٿا. انهيءَ جو سبب اهو آهي ته اهي لفظ اصل عربي ۽ فارسيءَ مان ورتل آهن. ڪجهه پٺاڻ دوستن مطابق سنڌيءَ واري لفظ کٽ کي هو ڪٽ سڏين جڏهن ته ڄِڀ لاءِ وٽن ملندڙ جُلندڙ لفظ آهي جَبهَ. ڍوڍي، فيصلو، ملنگ، فقير، ماهي ۽ اهڙا ٻيا به ڪيترائي لفظ پشتو ۾ عام آهن . انهيءَ موضوع تي لکجي ته ماتليءَ جي مرحوم رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا “ڪيئي ڪتاب” وانگر شاهي واليوم لکي سگهجن ٿا. ننڍي کنڊ جي ملڪن کان ويندي ايران، افغانستان ۽ عرب ملڪن تائين سنڌيءَ سان ملندڙ لفظن جي موجودگيءَکي ڏسندي ڀيرومل مهرچند لکي ٿو ته هن سڄي خطي ۾ رڳو اسان جي سنڌي ٻولي هڪ ڳنڍيندڙ ڪڙو يا وچ وارو ڏاڪو آهي جيڪو هندستان جي ٻولين کي ايراني ٻولين سان ڳنڍيو بيٺو آهي.
    ٻولين جي حوالي سان منهنجي ڪچهري بي بي سي ريڊيو جي مشهور شخصيت رضا علي عابديءَ سان به ٿيل آهي. هو سنڌونديءَ بابت ڪتاب شير دريا جو ليکڪ آهي. سندس چوڻ آهي ته عربي ۽ فارسي لفظ اردوءَ ۾ ٺوڪي ان ٻوليءَ کي وڏو نقصان پهچايو ويو آهي ۽ جيڪڏهن ان کي پاڪستان جي مقامي ٻولين سان ويجهو ٿيڻ جو موقعو ڏنو وڃي ها ته اردو اڃا وڌيڪ شاهوڪار ۽ عوامي ٻولي ٿي اُڀري ها.
    *


    مانهاءِ مندر ۾ گذاريل رات

    انهيءَ کان اڳ جو پڙهندڙ بيزار ٿين،مان واپس بائڪدام مندر ڏانهن اچان ٿو جتي يوگا بابت ڀڪشوءَ جي ڏنل عملي سبق کان پوءِ اسان کي رات جي مانيءَ لاءِ ڀرسان ئي ٺهيل ميس ۾ وٺي ويا. ٻُڌمت وارو کاڌو اسان جي انتظار ۾ هو. هرهڪ ماڻهو اسٽيل جي ٽري Tray کڻي قطار ۾ بيهي ويو. منهنجي اک پاسي ۾ رکيل ميوي تي هئي پر جيستائين اتي پهتس تيستائين ميوو ختم ٿي چڪو هو ۽ جيئن ته باقي شيون کائڻ کان چڙهيل هيون تنهنڪري اوٻاريل چانورن جا ٻه ٽي چمچا کڻي وڃي ٽيبل تي ويٺس. اسٽيل جي ٽري ۾ بلڪل ايئن خانا ٺهيل هئا جيئن هندو برادريءَ ۾ مختلف کاڌن لاءِ ڌار ڌار خانن وارا ٿالهه هوندا آهن . ماني کائڻ کان پوءِ هرڪنهن کي پنهنجو ٿالهه پاڻ ڌوئڻو هو، جنهن لاءِ پڻ ميس جي ساڳي هال اندر ئي پاسي تي واش بيسن لڳل هو. اتي به قطار ۾ لڳڻو پيو. ٿالهه صحيح ڌوئون ٿا يا نه، اهو ڏسڻ لاءِ به هڪ ڀڪشو اتي بيٺل هو ۽ جنهن به شخص جي ٿالهه تي کاڌي جي ڪا ذري يا چانور جو هڪ داڻو به نظر ٿي آيو ته ان کي واپس ٿي ڪيائين ۽ وڏي ڳالهه ته ان کي وري وڃي قطار ۾ بيهي پنهنجي واري اچڻ جو انتظار ڪرڻو ٿي پيو. اها جُٺ چانور جي هڪ داڻي جي ڪري مون سان به ٿي.
    چانورن جا ٻه چار گرهه کائڻ سان بک ته ڪانه لٿي پر اُڃ به وڌي وئي. مون پاڻيءَلاءِ هيڏي هوڏي نهاريو ته شيشي جي فرج ۾ اسٽيل جا ٿرماس ۽ گلاس نظر آيا پر ان مهل ڏاڍي ڪاوڙ لڳي جڏهن ٿرماس مان گلاس ۾ پاڻي اوتڻ سان گلاس به گرم ٿي ويو ڇوته ٿرماس ۾ سخت گرم پاڻي پيل هو. خبر پئي ته هن ٿڌي علائقي ۾ کاڌي کانپوءِ گرم پاڻي ئي پيئندا آهن .
    ٻاهر کليل علائقي ۾ چنڊ ظاهر ٿي چڪو هو ۽ سندس جوڀن رات جي سانت کي خمار چاڙهي ڇڏيا هئا. سڀني مردن ۽ عورتن جو مُوڊ هو ته مڌُر سنگيت جهڙن آوازن سان جبل تان هيٺ لهندڙ نديءَ جي پُل تي هلي چانڊوڪيءَ جو نظارو ڪجي، پر مون واري ساٿي پرمود ماٿر جو ٻيو مُوڊ هو. ماٿر مون کي وٺي ڪمري تي آيو ۽ بيگ کولي اُن مان هندستاني رم جي بوتل ڪڍيائين. هتي وري به پاڻيءَ جو مسئلو هو، سو هو وري پاڻيءَ جي ڳولا ۾ نڪتو پر کيس وري به ميس مان گرم پاڻيءَ جا ٿرماس مليا. بُک ۾ بصر به ڀلو وانگر اسان گرم پاڻيءَ ۾ رم ملائي ٻه ٽي پئگ پي ورتا. اهو اسان جي زندگيءَ جو پهريون تجربو هو: هڪ ته سخت گرم پاڻيءَ ۾ مَڌُ پيئڻ ۽ اهو به هڪ مندر ۾.
    مان ڪمري کان ٻاهر نڪري ٿڌي موسم جو مزو ۽ رهائشي ڪمرن جو جائزو وٺڻ لڳس. قطار ۾ ٺهيل ڪاٺ جي ڪمرن آڏو چئن پنجن فُٽن جو ورانڊو ٺهيل هو ۽ ڪمرن جي پٺيان جهرڻو وهي رهيو هو جنهن جو مڌُر آواز سڄي رات ٻُڌڻ ۾ ايندو رهيو. سڄي رات ان ڪري جو مٿي ٻُڌائي چُڪو آهيان ته هانگ ڪانگ ۽ ملائيشيا جي همراهن جي خطرناڪ کونگهرن دير تائين جاڳائي رکيو هو. کونگهرن جي آوازن جو اثر ختم ڪرڻ لاءِ مون پنهنجو سڄو ڌيان جهرڻي جي آوازن ڏانهن لاڙي ڇڏيو هو جيڪي مون کي آزاد ڪشمير جي گادي مظفر آباد ايندي ويندي سرحد صوبي جي حد ۾ ڳڙهي حبيب الله ۾ ڪُنار نديءَ جي ڪنڌيءَ تي رات جي اونداهيءَ ۾ چپلي ڪباب کائيندي ٻُڌل مڌر آوازن جي ياد ڏياري رهيا هئا.
    صبح جو مندر مان روانگي هئي. اَسُر ڌاري سمهڻ ۽ ٿڌ هجڻ ڪري صبح جو هنڌ مان نڪرڻ تي دل ئي ڪانه پئي چوي، پر نيٺ اُٿڻو پيو. شُڪر ٿيو جو قافلي جي عورتن جنهن باٿ روم تي قبضو ڪيو هو، اهو سندن جلدي تيار ٿيڻ جي ڪري واندو ٿي چڪو هو ۽ مون کي وهنجي تيار ٿيڻ ۾ ڪو مسئلو نه ٿيو. نيرن جي لاءِ ميس ۾ وياسين ته اهو ئي ڪوريائي ڀاڄين جو کاڌو پيش ڪيو ويو جنهن کي نه کائڻ ئي بهتر سمجهيم. چانهه لاءِ واجهه وڌاسين ته مڪئيءَ جهڙي ٽيسٽ جهڙو گرم پاڻي مليو، جنهن کي پڻ ٽيبل تي رکي ٻاهر نڪري آياسين. ان مهل قسمت ساٿ ڏنو جو قافلي جي روانگيءَ تائين وقت گذاريندي ميس جي سامهون ڪاٺ جي هڪ هال ۾ ويس جتي ڪوريائي ثقافتي شين جو اسٽور هو ۽ اتي ئي گرما گرم اِنسٽنٽ ڪافيءَ جو انتظام به هو. ٻين لاءِ ته ان ڪافيءَ جي قيمت مقرر هئي پر اسان مهمانن کي مفت ۾ ڪافي ڏني وئي. ڪافيءَ جا ٻه ڪوپ پيئڻ کان پوءِ وڃي خمار لٿا.
    *


    ڪوريا ۾ گورک جبل جي ياد

    ساڳيا پُر پيچ رستا وٺي جبل تان هيٺ لهي مانهاءِ ڳوٺ واري هوٽل تي پهچڻو هو جتي اسان جون وڏيون بسون بيٺيون هيون. آرام واري زندگي گذارڻ جي عادي ماڻهن لاءِ ڪنهن جبل تي مندر ۾ ڪمري اندر پَٽ تي جنرل وارڊ وانگر پنج ماڻهن سان سمهڻ ۽ نه کائڻ جهڙو کاڌو ملڻ هيو ته ڏاڍو ڪَٺَن مرحلو، پر حقيقت ۾ زندگيءَ جو هڪ وڏو تجربو هو ۽ اسان مان ڪنهن کي به انهن تڪليفن سبب ميزبانن تي ڪنهن قسم جي ڪاوڙ ڪانه هئي. بعد ۾ته انهن عرب سڳورن کي، ۽ خاص طور سندن زالن کي به وڏو پڇتاءُ ٿيو ته هو باقي ساٿين کي ڇڏي ڇو هليا ويا ۽ زندگيءَ جي انوکي تجربي کان محروم رهيا. مون کي ته ان کان به وڌيڪ سخت حالتن ۾ هڪ رات گورک جبل تي گذارڻ جو تازو ئي تجربو ٿيو هو. اهو 24مئي 2008 جي ڳالهه آهي جڏهن ائڪشن ايڊ Action Aidتنظيم ۽ جوهي شهر جي هڪ مقامي تنظيم جي گڏيل پروگرام تحت دعوت تي اسان جوهيءَ پهتا هئاسين. ڪراچيءَ کان جوهي ۽ ويندي گورک کان هيٺ هڪ لڪ تائين انتهائي سخت گرمي هئي. گاڏين جي به کوٽ هئي جو سواءِ فور وِهيل ڊرائيوِ جي ٻي ڪابه گاڏي مٿي گورک تي وڃي ڪانه پئي سگهي. گورک تي وڃڻ جا اُميدوار گهڻا هئا پر ڪيترن کي اُن لڪ وٽان واپس وڃڻو پيو. نصير مرزا به ڪجهه خواتين فنڪارائن کي هڪ وئن ۾ وٺي حيدرآباد کان پهتو هو پر هنن کي به موٽڻو پيو. خوشقسمتيءَ سان ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، ڊاڪٽر مشتاق ڦُل، ڪجهه ٻين اديبن، شاعرن ۽ منهنجو گورک تي وڃڻ جو انتظام ٿي ويو. گاڏين جي انتظار ۾ اتي اسان کي سانجهي ٿي وئي هئي ۽ اتي اڃا بيٺائي هئاسين ته سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر حسين هارون ۽ ٻين جي گاڏين کي گورک تان واپس لهندي ڏٺوسين. خبر پئي ته گورک تي وڏو مينهن وسيو هو جنهن جو هلڪو اثر گورک کان پندرهن ويهه ڪلوميٽر هيٺ ان علائقي تي به پيو هو. وسڪاري جو اندازو گورک تي ويندي به ٿيو جو اُڀين چاڙهين تي گپ ٿي چڪي هئي ۽ رات جو انهيءَ خطرناڪ چاڙهين تي چڙهڻ خطري کان خالي نه هو. ڪجهه ٽڪرن ۾ ته پڪو روڊ ٺهيل هو پر اڪثر هنڌن تي گپ هئي جتان گاڏيون چڙهڻ مهل بند ٿي پئي ويون. رات جو ساڍي اٺين ڌاري مس گورک تي پهتاسين ته عجيب منظر هو. بارش ۽ تيز هوائن ۾ شاميانا اُڏامي چڪا هئا ۽ ڏيڍ ٻه سئو ماڻهو کُلئي ميدان ۾ پيل ڪرسين تي ويٺل هئا. ڪي ماڻهو گرم اوني کَيس پائي گهمي رهيا هئا. انهن مان ٻه ٽي ڄڻا منهنجي ويجهو آيا ته خبر پئي ته ٻئي صحافي دوست ناز سهتو ۽ الهه بخش راٺوڙ هئا جيڪي ڪي ٽي اين ۽ مهراڻ ٽي ويءَ لاءِ گورک فيسٽيول جي ڪوريج ڪرڻ آيا هئا. مون کين ڀوڳ ڪندي چيو ته يارو ڇوٿا پنهنجي جوانيءَ کي شرمايو،ايترا گرم کَيس پائي پيا گهمو؟ ان تي راٺوڙ چيو هو: سائين پنج منٽن کانپوءِ وري پنهنجي راءِ ڏجو.
    واقعي پنج منٽن کانپوءِ نه رڳو منهنجي راءِ مٽجي چُڪي هئي پر حالت خراب ٿي وئي هئي جو مان ڪراچيءَ مان اڌ ٻانهن واري شرٽ پائي نڪتو هئس ۽ هتي سخت ٿڌ کي منهن ڏيڻ لاءِ گرم ڪوٽ ۽ کَيسن جي ئي ضرورت هئي. هٿ بغلن ۾ وجهي ڏند ڀِڪُوڙي بيٺو هئس ۽ ان حالت ۾ ڳالهائڻ به ڪونه ٿي ٿيو. منهنجي حالت کي ڏسي دادوءَ جي دوست ولي چانڊئي کي خيال اچي ويو جنهن چيو ته هلو هلي ڪجهه بندوبست ڪريون. گورک تي هيءَ اها چوٽي هئي جتي مرحوم بشير انصاريءَ شهيد بينظير ڀٽو جي ٻي حڪومت ۾سيوهڻ ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر هجڻ دوران ذاتي دلچسپي وٺي پٿرن ۽ گچ پلستر سان ٻه ڪمرا ۽ ورانڊو ٺهرايو هو ۽ پلاسٽڪ جون ڪرسيون ۽ سوزوڪي جيپ آڻي بيهاري هئي. سندس عهدو ختم ٿيو ته انهن ڪوٺڙين جو به ڪو اوهي واهي ڪونه رهيو ۽ هاڻي اهي جُهري ڪِرڻ واريون هيون جنجي ڇت کي ٽيڪون ڏئي بيهاريو ويو هو. ميزبانن جوهيءَ مان هنڌ بسترا آڻي اتي رکيا هئا جن مان هڪ فوم جو گدو، هڪ سَوَڙِ ۽ ٻه وهاڻا کڻي ولي چانڊئي ڪرسين جي پٺيان ميدان ۾ وڇايا ۽ مان بنا تڪلف جي سَوَڙِ ويڙهي گدي تي ليٽي پيس. ڪجهه فرحت ملي پر تيز ٿڌين هوائن وڃي مٿو ورتو هو سو ٻيو ڪو رستو نه ڏسي هڪ ڪُرسيءَ جو غلاف لاهي مٿي کي ويڙهي ڇڏيم. ايئن ميدان ۾ ليٽي رات جو دير تائين فنڪارن جا ڪلام ٻُڌم ۽ پوءِ ٻين وانگر کلئي آسمان هيٺ ئي سمهي پيو هئس. وچ ۾ جڏهن مانيءَ لاءِ سڏ ٿيو هو ته به اتي ڪا ميس ڪانه هئي ۽ نه ئي ڪي ٽيبلون ڪُرسيون يا زمين تي وڇائڻ لاءِ ڪي فراسيون هيون، بلڪه پَٽ تي جهوڪو هڻي اونداهيءَ ۾ ٻوڙ پُلاءُکائي اُٿي کڙا ٿيا هئاسين. گورک تي نانگ بلائن ۽ وِڇُن جو به گهڻو ڊپ هو پر اسان وٽ ٻيو ڪو رستو به ڪونه هو. ڪن ماڻهن چالاڪيءَ سان سڀني کان اڳ وڃي پراڻن ڪمرن تي قبضو ڪيو هو ۽ هڪٻئي تي سٿجي سمهي پيا هئا. اڳوڻي وڏي وزير ارباب رحيم جي زماني ۾ گورک کان به ٿورو مٿي هڪ پهاڙيءَ تي فائبر جو ڪاٽيج ٺهرايو ويو هو جتي ڪن آفيسرن جو قبضو هو. بهرحال رات ايئن گذري وئي جو خبر به ڪانه پئي ته کلئي آسمان هيٺ پٽ تي سُتل هئاسين. صبح جو سوير اُٿياسين ته نه ميزبانن جو ۽ نه ئي انهن گاڏين جو ڪو اتو پتو هو جن ۾ هو اسان کي چاڙهي سنڌ جي آسمان تي مستقبل جي شهر ۾ پهچائي ويا هئا. وهنجڻ جو ته هتي تصور ئي نٿي ڪري سگهياسين، تنهنڪري هرڪنهن پنهنجي پاڻيءَ جي بوتل مان مُنهن تي ڇنڊو هڻي گذارو ڪيو. پراڻن ڪمرن ويجهو دُونهين دُکندي آسرو ٿيو ته متان چانهه چُڪو ملي پر اُتي به ڪن همراهن اڳي ئي چانهه چَٽ ڪري ڇڏي هئي. آسرو لاهي هاڻي واپس ورڻ جو فڪر ڪيوسين. هڪ ڊاٽسن پِڪ اَپ وارو ڪرسيون ۽ ٻيو سامان کڻڻ آيو هو، جنهن کي ڊاڪٽر ذوالفقار ۽ ڊاڪٽر مشتاق منٿ ميڙ ڪري تيار ڪيو ته ڏوڪڙ وٺي ۽ پهرين اسان کي اُن لڪ تائين پهچائي جتي سندن گاڏيون بيٺيون هيون. اهو گاڏيءَ وارو همراه اسان لاءِ فرشتو ثابت ٿيو نه ته ميزبانن اسان کي رڻ ۾ رُلائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي هئي. اهي پنهونءَ جا مائٽ ثابت ٿيا جيڪي سسئيءَ کي سُتل ڇڏي اَسُر ويل ئي ماٺ مِيٺ ۾ هليا ويا هئا.
    گاڏي ته اسان ٽن ڄڻن ڪئي هئي پر ڀلو گهڻن ئي همراهن جو ٿي ويو جن ۾ ڪي پوليس وارا به شامل هئا جن کي سندن عملدارن اتي ڊيوٽيءَ لاءِ ڇڏيو هو ۽ وري سندن ڪا سار نه لڌي. گاڏي ايتري ته اوور لوڊ هئي جو مٿان اُوچائيءَ تان لهندي لاڳيتو بريڪون هڻڻ سبب ان مان دُونهان پئي نڪتا. بهرحال خير سان وڃي هيٺ پهتاسين ۽ ميزبانن کي دعائون ڏيندا پنهنجي ماڳن ڏي روانا ٿي وياسين.
    مون ۽ ڪجهه دوستن گورک تي وڃڻ جي ڪوشش 1992 ۾ به ڪئي هئي جڏهن اتي وڃڻ لاءِ ڪوبه رستو ڪونه ٺهيو هو. تن ڏينهن ۾ گل محمد عمراڻي دادوءَ جو ڊپٽي ڪمشنر هو ۽ هن پنهنجي ذاتي دلچسپي وٺي مقامي زميندارن ۽ فوجين کان مدد وٺي پٿرن کي بلاسٽ ڪرائي ٽريڪ ٺهرايو هو. سندس خواهش هئي ته ڪي صحافي دوست ڪراچيءَ مان اچن ۽ گورک تي وڃي سير ڪري ان تي لکن ته جيئن اختياريءَ وارن جو ڌيان ڇڪجي ۽ هِل اسٽيشن واري رٿا تي ڪجهه عمل ڪن. سندس چوڻ تي صحافي ۽ انجنيئر دوست عزيز رانجهاڻي خاص ڪراچيءَ آيو ۽ شاعر صحافي انور پيرزادي (مرحوم)، صحافي ۽ آرڪيالاجسٽ بدر ابڙي، جاويد سومري، جيڪو ان وقت دي نيوز اخبار ۾هو ۽ پوءِ بي بي سي لنڊن هليو ويو، ۽ مونکي دادوءَ پهچڻ جي دعوت ڏئي ويو جتان اسان کي گورک لاءِ روانو ٿيڻو هو.
    اهو جنوري 1993 جو مهينو هو ۽ شايد پهرين يا ٻي تاريخ هئي جو اسان شام ڌاري دادوءَ کان ڊپٽي ڪمشنر جي پجيرو ۾ روانا ٿيا هئاسين. ڊي سي پاڻ به هلڻو هو پر اوچتو کيس سرڪار ڪراچيءَ سڏائي ورتو هو. هن بهرحال اسان لاءِ سمورو بندوبست ڪري ڇڏيو هو. پروگرام موجب رات ڇِنيءَ کان اڳتي منڇر ڍنڍ جي ڪپ تي 1916 ۾ انگريزن جي ٺهرايل ڊاڪ بنگلي ۾ گذارڻي هئي. اتي پهتاسين ته آبدار ۽ ٻيا سرڪاري ملازم انتظار ۾ هئا. ڪجهه ماڻهن کي اسان پاڻيءَ جا ٽين ڀري ڪاٺ جي ڏاڪڻ تي چڙهي ڊاڪ بنگلي جي ڇت تي ٺهيل ٽانڪيءَ ۾ وجهندي ڏٺوسين ته ڏاڍو خيال ٿيو. کين حڪم هو ته ڊي سي صاحب جي مهمانن لاءِ پاڻيءَ جو انتظام ڪرڻو آهي. اسان جڏهن ساڻن همدرديءَ جو اظهار ڪيو ته ٻين موجود ملازمن ٻڌايو ته هي ڪم هنن لاءِ ڏکيو ڪونهي، هو ته ڪلهن تي ڪرسيون ۽ ٻيو ڳرو سامان کڻي پيرين پنڌ گورک تي وڃي چڪا آهن. اهو ٻُڌي اسان کي ساڻن ڪچهريءَ جو شوق جاڳيو. ڪم کان واندا ٿيڻ تي کين پاڻ وٽ گهرائي ورتوسين. انهن مان هڪ دُر محمد ۽ ٻيو خير محمد لاشاري هو، جن ٻُڌايو ته آگسٽ 1989 ۾ جوهيءَ ۾ هو ڊيوٽيءَ تي هئا ته کين اوچتو حڪم آيو ته گاڏين ۾ ويهو. کين گاج نئه تي انگريزن جي ٺهرايل پراڻن بنگلن وٽ ڇڏيو ويو جن کي گاج بنگلا به سڏين ٿا. سندن تعداد هڪ سئو کن هو ۽ سڀني کي پُٺن تي ڪرسيون ۽ ٻيو سامان کڻايو ويو. اتان سندن پنڌ سفر شروع ٿيو هو.ان مهل شام جا 6 ٿيا هئا. هو گاج جو پاڻي ٽپي اڳتي هليا. سندن چوڻ موجب اهو پاڻي اڇو هوندو آهي پر ان کي ڪارو پاڻي سڏين ۽ 1921 جي رڪارڊ ۾ به ان کي ڪارو پاڻي ئي سڏيو ويو آهي. ان پاڻيءَ تي تماڪ جي پوک ٿئي ٿي پر وڏي هاضمي وارو پاڻي آهي. اڳتي هلندي هنن لڪ لعنتاڻي کان اولهه ڏانهن رُخ رکيو ۽ پاڻيءَ جا ٽي ڍورا ٽپيائون. رات جو ڏهين يارهين وڳي هو هڪ چشمي تي پهتا جنهن جو نالو بازگر هو جيڪو سندن چوڻ موجب آخري پاڻي هو جنهن کان پوءِ جابلو علائقو شروع ٿي ٿيو.ماني کائڻ کان پوءِ وري سندن سفر شروع ٿيو ۽ صبح جو چئين وڳي ڌاري هو جبل جي پاڙ وٽ پهتا. ان جبل کي مقامي ماڻهو ڪارو جبل سڏين ڇو ته اهو جبل سيمينٽ جي تهن وانگر آهي. ان جبل جا ست ڏاڪا يا چڙهايون آهن جن تي چڙهي اهو قافلو صبح جو ساڍي اٺين وڳي ڪاري جبل جي چوٽيءَ تي پهتو. گورک جي پاڙ تائين پهچڻ ۾ کين ٻه ڪلاڪ ۽ گورک جي ٻيو نمبر چوٽيءَ تي پهچڻ ۾ اڍائي ڪلاڪ ٻيا لڳا. ان چوٽيءَ کي مهٿل سڏين. گورک جي اصل چوٽي ان کان به ٻه هزار فُٽ مٿي آهي. مهٿل چوٽيءَ تي پهچڻ کان پوءِ کين ٻُڌايو ويو ته وزير اعظم بينظير ڀٽو اتي اچڻي آهي. اها پنجاهه کن ايڪڙ ايراضي هئي جتي بينظير صاحبه جو هيليڪاپٽر لٿو هو. ان علائقي ۾ بروهين ۽ لُنڊن جا گهر هئا جيڪي ٻني ٻارو ڪندڙ هئا. ان چوٽيءَ تان اُتر ۾ بلوچستان جي شهر ڄموريو (جيئن هنن ٻُڌايو) جون بتيون رات جو صاف نظر اينديون آهن. سڄي رات ۽ اڌ ڏينهن جي سفر ۾ سندن جُتيون به ڇِڄي ٽڪر ٿي ويون هيون.هنن ٻڌايو ته آگسٽ جي مهيني ۾ اتي سخت ٿڌ ۽ تيز خشڪ هوا هئي. پٿرن تي پير رکڻ سان لڳو ٿي ڄڻ برف تي پير پيو.
    شهيد بينظير ڀٽو جي خواهش هئي ته گورک کي هل اسٽيشن طور ترقي وٺرائي ۽ ان لاءِ هن تڏهوڪي سنڌ ايرڊ زون ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ وارن کي فزيبلٽيءَ لاءِ پنج ڪروڙ رپيا ڏنا هئا پر ان اداري جا بدعنوان عملدار اهي پنج ڪروڙ رپيا ايئن هضم ڪري ويا جو اوڳرائي به ڪانه ڏنن. ان کان اڳ وزير اعظم محمد خان جوڻيجي جا ڏنل پنج ڪروڙ به هنن ايئن ڦٻايا هئا.
    ٻئي ڏينهن صبح جو اسان وري سفر تي نڪتاسين ۽ جابلو علائقي جي مُنڍ وٽ ڪاڇي جي آخري ڳوٺ ٽنڊي رحيم مان سُونهان ۽ کاڌي پيتي جو سامان کڻي اڳتي هلياسين. واٽ تي مختلف ماٿرين ۽ برساتي ندين کي پار ڪندا نيٺ اصل جبل تي چڙهڻ لڳاسين ته رستي جي سختين جو پتو پئجي ويو. ڊي سي صاحب جي بلاسٽ ڪرائي تيار ڪرايل ٽريڪ تي تيز چُهنبدار پٿرن جي ڪري جيپ جي رفتار صفا گهٽ ڪرڻي پئي ۽ هوريان هوريان ڪري اڃان ٻه هزار فُٽ بلنديءَ تي مس پهتاسين ته هڪ وَرُ چڙهندي جيپ جو ٽائر برسٽ ٿي پيو. ڊرائيور ٽائر بدلائي اسان کي کڻي اڃا هليو ئي مس ته اهو ٽائر به ڦاٽي پيو. هاڻي ڇا ڪجي؟ نه اڳتي وڃي پيا سگهون نه پُٺتي. خوشقسمتيءَ سان ٿورو ئي اڳڀرو هڪ سڌو ميدان هو. ڊرائيور گاڏي آهستي آهستي ڪري اتي هلي بيهاري ۽ اسان سڀ پنڌ ئي پنڌ هلياسين. اڃا ميدان ۾ پهتاسين ته مينهن شروع ٿي ويو. هڪ سخت سيءُ ۽ مٿان مينهن، سو تڪڙ ۾ ڪاٺيون گڏ ڪري هڪ ڪنڊيءَ جي وڻ ويجهو کڻي مچ ٻاريوسين. تڏهن نه موبائل فونون هيون جو مدد لاءِ ڪنهن سان رابطو ڪجي ها ۽ جيڪڏهن هجن به ها ته جبل تان سگنل ڪم ئي نه ڪن ها. ان فڪر ۾ هئاسين ته ڊرائيور خوشخبري ٻُڌائي ته جيپ ۾ وائرليس لڳل آهي. ڊي سيءَ جي سرڪاري جيپ هجڻ سبب وائر ليس ڪم اچي وئي ۽ ڊرائيور هڪدم دادوءَ اطلاع ڪري ٻُڌايو ته ڊي سي صاحب جا مهمان جبل تي ڦاٿل آهن. هاڻي جيستائين مدد اچي تيستائين وقت گذارڻو هو. کاڌي ۽ پاڻيءَ جي کوٽ ڪانه هئي سو بي فڪرا ٿي آس پاس جي ٽڪرين تي لهندا چڙهندا رهياسين. ان علائقي ۾ ڄاڱري ٻيرن جا هزارين ٻُوٽا هئا.ان ڏينهن اسان ننڍڙا ڳاڙها ٻير ايترا کاڌا جو زندگيءَ ۾ نه کاڌا هونداسين.
    سڄو ڏينهن گذري ويو ۽ اسان گهڙيءَ گهڙيءَ ٽنڊي رحيم واري پاسي پيا نهاريون پر ڪنهن گاڏيءَ جو نالو نشان به نظر ڪونه آيو . نيٺ سج لٿي ڌاري ڪنهن گاڏيءَ کي ايندو ڏسي پيٽ ۾ ساهه پيو. اها پوليس جي پڪ اپ گاڏي هئي جنهن ۾ هو پجيرو جيپ جا ٻه ٽائر ۽ پاڻيءَ جا ڪُولر کڻي پهتا هئا. پوليس وارا جوهيءَ جي ڪنهن زميندار جي پجيرو جا ٻه ٽائر ڪڍي کڻي آيا هئا. هاڻي اسان کي فيصلو ڪرڻو هو ته اڳتي گورک لاءِ سفر جاري رکجي يا موٽ کائجي. اڪثريت راءِ هئي ته موٽ کائجي ڇو ته اڳتي رستي جي حالت جي خبر ڪانه هئي ۽ جيڪڏهن اهي ٽائر به برسٽ ٿي وڃن ته پوءِ ڇا ڪبو. سو اتان ئي سڌو واپس وڃي اڌ رات ڌاري دادوءَ پهتاسين. ٻه ٽي ورهيه پوءِ بدر ابڙي ۽ مرحوم انور پيرزادي کي مرحوم بشير انصاريءَ جي مدد سان گورک چوٽيءَ تي وڃڻ جو موقعو مليو هو.
    بائڪدام واري جابلو مندر ۾ هڪ رات جي رهائش، ٿڌي موسم۽ کاڌي پيتي جي صورتحال جو ذڪر ڪندي پنهنجي ڌرتيءَ جون ڪجهه ساروڻيون به ٿي ويون.
    *


    واپسيءَ جو سفر ۽ شاعري

    اها ڏهين آڪٽوبر 2008 جي تاريخ هئي جڏهن اسان سيئول ڏانهن واپسيءَ جو سفر شروع ڪيو. صبح جو ميس ۾ اسان جي سنگاپور واري ساٿي آئيوان Ivan اسان مان هرهڪ کان بائڪدام مندر ۽ اُتان جي ماحول بابت راءِ ورتي هئي ۽ اسان حيران ٿي وياسين جڏهن واپسيءَ جي سفر ۾ هن انهن مختلف جملن کي سهيڙي شاعريءَ جو روپ ڏئي ڇڏيو. شاعري هن ريت هئي
    Baekdam Revelry

    Swirling clouds,
    Pale grey sky,
    Lofty peaks,
    Swathed in Autumn green,
    Mother Nature in tranquil repose,
    Falling leaves dance in the breeze,
    Rouge on a lady's cheek,
    Burst of beauty,
    Gurgling, singing stream,
    Stir sweet memories of love and home,
    Stone pagodas of prayers,
    Whispers of peace and harmony.
    آئيوان ڏکڻ ۽ اُتر ڪوريا وچ ۾ امن ۽ اتحاد لاءِ به پنهنجي جذبن کي شاعري جي شڪل ۾ هن ريت پيش ڪيو:
    Observing 'Peace' at the DMZ

    Flying geese in V-formations,
    Cut lines in the evening sky,
    Buoyed by chilling winds,
    They stream far and wide

    Down below the leaden mass of DMZ,
    Desolate, deserted, a cheerless sight,
    Barb wires set humans and wild life apart,
    Watch out, keep out for land mines unseen,
    No natural haven, it's a 'huge cage',
    Counting the days of no-war, no-peace
    *


    آمريڪي عيسائي مدرسا ۽ هندستان ۾ بدعنواني

    آئيو ان جي شاعري ٻُڌڻ کانپوءِ به اڃان گهڻو سفر هو تنهنڪري هرڪو پنهنجي پاسي ۾ ويٺل سان ڪچهريءَ ۾ لڳي ويو. مون کي ٿورو موقعو ته آمريڪي خاتون سُوسن رِچي Susan Ritchie سان ڳالهائڻ جو مليو جنهن کانپوءِ اِنچيون سٽيءَ Incheon City تائين ڀاٽيا سان ڪچهري ڪندو رهيس. پاڪستان ۽ خاص طور اُتان جا مدرسا سُوسن رِچيءَ جي ڪچهريءَ جو موضوع هئا. جيئن دنيا وارن جي نظر ۾ پاڪستاني مدرسا دهشتگرديءَ جون نرسريون بڻيل آهن تيئن سُوسن جي به ساڳي سوچ هئي، پر ڳالهين ئي ڳالهين ۾ هن مڃي ورتو ته سندن ملڪ ۾ عيسائين جا به سوين مدرسا Seminaries آهن، جتي وڏي تعداد ۾ عيسائي مائٽ پنهنجي اولاد کي داخل ڪرائن ٿا. فرق رڳو اهو آهي ته انهن عيسائي مدرسن ۾ مذهبي تعليم سان گڏ جديد تعليم به ڏني وڃي ٿي جڏهن ته باقي تعليمي ادارن ۾ مذهبي تعليم قطعي طور منع آهي.
    ڀاٽيا سان گهڻو تڻو هندستاني فلمن، اداڪارن ۽ ٽي وي ڊرامن بابت ڪچهري ٿي جنهن دوران انڪشاف ٿيو ته هندستاني ماڻهو هاڻي ڪهاڻي گهر گهر ڪي ۽ ساس ڀي ڪڀي بَهُو ٿي جهڙن ڊرامن مان بيزار ٿي چُڪا آهن ۽ هاڻي ته اخبارن ۾ به انهن تي وڏي تنقيد ٿي رهي آهي. شُڪر ٿيو جو اهي ڊراما اڳتي هلي بند ٿي ويا. ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ڀاٽيا پنهنجي ملڪ اندر بدعنوانين جا به ڪيترائي قِصا ٻُڌايا ته مون کي سندن ئي هڪ فلم جو ڊائلاگ ياد آيو : نِنانوي (نوانوي) فيصد هندستان بي ايمان ڦِر ڀِي ميرا ديس مهان.
    سندس ڳالهين مان لڳو ته سرڪاري آفيسن ۾مٿيئن سطح کان هيٺيئن سطح تائين ۽ سياستدانن کان ويندي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ڀارت ۽ پاڪستان اندرڪرپشن جو هڪ جهڙو ڪلچر آهي. ڀارت جي ايڪسائيز کاتي جي موٽر وهيڪل رجسٽريشن شعبي ۾ ڀاٽيا سان ٿيل جُٺ جو ٻُڌي بلڪل ايئن لڳو ڄڻ هو اسان جي ملڪ جي ايڪسائيز کاتي جي ڳالهه ڪري رهيو هجي.
    هونئن به پاڪستان، هندستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ بک، بدحالي، غربت، سياسي گهوٽالا، ڪرپشن ۽ اهڙيون ٻيون گهڻيون ئي هڪجهڙائيون نظر اينديون آهن.
    *


    مُرڪو به انگريزيءَ ۾

    اڃان سفر جاري هو ته ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري جنرل ريانگ اَوهه ٻين مهمانن سان گپ شپ ڪندي اچي اسان جي ڀر ۾ ويٺو ته موضوع بدلجي ڪوريائي ٻوليءَ ڏانهن هليو ويو. سندس چوڻ هو ته ڪوريائي ٻولي بظاهر ڏکي آهي پر 6 مهينا کن هتي رهڻ سان چڱي خاصي سکي سگهجي ٿي. ڪوريائي ٻولي سيکارڻ لاءِ ڊڪشنريون ۽ ٻيا ڪتاب به موجود آهن. جيئن اڳ ۾ ئي ذڪر ڪري چڪو آهيان ته رومن الف ب Romanization ڪوريائي ٻوليءَ کي سولو ڪري ڇڏيو آهي، شهرن، بازارن، اسٽيشنن ۽ ٻين جاين جا نالارومن لِپيءَ ۾ پڙهڻ سان وڏي مدد ملي ٿي. ان کان سواءِ سياحت بابت ڪتابڙن ۾ عام استعمال جا انگريزي جملا ۽ سندن ڪوريائي ترجمو ڏئي وڌيڪ سولائي ڪئي وئي آهي. ان جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا:
    I am sorry ڪوريائيMian-hamnida
    Good morning ڪوريائي Annyeong-haseyo
    Excuse me ڪوريائي Sillye-hamnida
    Goodbye ڪوريائي Annyeonghi-gaseyo
    You are welcome ڪوريائي Cheonmaneyo
    Nice to meet you ڪوريائي Mannaseo bangawoyo
    Station ڪوريائي Gichayeok
    Hospital ڪوريائي Byeongwon
    Market ڪوريائي Sijang
    Restaurant ڪوريائي Sikdang
    Airport ڪوريائي Gonghang
    Toilet ڪوريائي Hwajangsi
    ريانگ اَوهه سان اهي ڳالهيون ڪندي جڏهن انچيون شهر جي ويجهو پهتاسين ته موسم به بدلجي چڪي هئي ۽ هلڪي بوند وسي رهي هئي. شهر جي مختلف رستن تان ٿيندي اسان جون بسون انهيءَ علائقي ۾ گهڙيون جيڪو سمنڊ کي پوئتي ڌڪي ٺاهيو ويو هو. اِن کي نئون سانگدو شهر New Songdo City سڏين ٿا. هن نئين شهر بابت ٻُڌائڻ کان اڳ اِنچيون جي باري ۾ ڪجهه ٻُڌائيندو هلان. هي شهر ڪوريا جي گادي سيئول ۽ بُسن Busan کانپوءِ ٽيون نمبر وڏو شهر آهي. اهو 475 عيسوي سن ۾ بادشاهه جانگسو Jangsu جي زماني ۾ هڪ ننڍڙي شهر جي شڪل ۾ آباد ٿيو جنهن ۾ رهندڙ ماڻهن جو ڪل تعداد چار هزار ست سئو هو. هي شهر ڪراچيءَ وانگر مهاڻن جي ننڍڙي وستيءَ مان وڌي وڏو بين الاقوامي شهر بڻجي ويو جنهن ۾ وڏو هٿ سامونڊي بندر جو هو جيڪو 1883۾ قائم ڪيو ويو. اڄ هي پنجويهه لکن جي آباديءَ جو شهر آهي جنهن کي وڌيڪ ترقي وٺرائڻ ۾ بين الاقوامي هوائي اڏي جو به ڪردار آهي. تاريخ ۾ هن شهر جا نالا مٽبا رهيا آهن. ايستائين جو مختلف نالن سان سڏجندي اهو اِنچان ٿي ويو. سن 2000 تائين به هن شهر جو نالو اِنچان Inchon هو جيڪو بعد ۾ اِنچيان Incheon ٿي ويو. هن وقت اهو عالمي واپاري مرڪز آهي. هي شهر پهرين گيانگي Gyeonggi صوبي جو حصو هو پر 1981 ۾ ان کي ڌار ميٽروپوليٽن شهر جي حيثيت ڏني وئي. اهو شهر سيئول سان حدون ملڻ جي باوجود انتظامي طور ان کان الڳ آهي. سيئول ۽ اِنچيون وچ ۾ نه رڳو روڊ رستن جو ڄار وڇايل آهي پر ٻئي شهر سب وي Sub Way ذريعي به ڳنڍيل آهن.
    اِنچيون شهر تي آمريڪي اثر وڌيڪ آهي. ان جو هڪ سبب هي آهي ته 1950 ۾ ڪوريائي جنگ دوران اُتر ڪوريا جي مقابلي لاءِ آمريڪي فوجون هتي لاٿيون ويون هيون، جنهن کانپوءَ به هتي آمريڪي سيڙپ گهڻي رهي. آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا هن شهر کي سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ وانگر انگريزي ڳالهائيندڙن جو شهر بنائڻ لاءِ به سرگرم آهن ۽ انهيءَ مقصد سان 7 فيبروري 2007 تي ان کي Free English Zoneپروگرام تحت Incheon English Cityپڌرو ڪيو ويو. مزي جي ڳالهه ته ان پروگرام جو سرڪاري نعرو ئي آهي Smile with English يعني ته هن شهر ۾ مُرڪ به انگريزي هجڻ کپي.
    آمريڪي اثر جو اندازو هن ڳالهه مان به ٿي سگهي ٿو ته اِنچيون شهر جو توسيعي منصوبو نئون سانگدو شهر به آمريڪا ۽ ڪوريا جو جوائنٽ وينچر آهي جنهن ۾ آمريڪي ڪمپني Gale International جو ستر سيڪڙو حصو آهي.ٽيهه ارب ڊالرن جي خرچ سان نئون شهر اڏڻ لاءِ سمنڊ کي پوئتي ڌڪي پندرهن سئو ايڪڙ زمين تيار ڪئي وئي آهي جتي پنجهٺ هزار ماڻهو آباد ٿيندا ۽ ٽي لک ماڻهو روزگار سانگي اچي سگهندا. چاليهه سيڪڙو علائقي ۾ ته وڻڪاري ۽ پارڪون هونديون ته جيئن ماحولياتي گدلاڻ نه ٿئي، باقي علائقي ۾ پنجهٺ ماڙ ٽريڊ ٽاور، ڪنوينشن سينٽر، انٽرنيشنل اسڪول ۽ ٻيون وڏيون رٿائون شامل هونديون. هن نئين شهر کي ڪيترائي ڪلوميٽر ڊگهي سامونڊي پُل ذريعي اِنچيون هوائي اڏي سان ڳنڍيو ويو آهي ته جيئن ٻين ڊگهن رستن تي ٽريفڪ ۾ ڦاسجڻ بدران ان پُل ذريعي پندرهن منٽن ۾ هوائي اڏي تي پهچي سگهجي.
    اسان جي بسن کي مختلف رستن تان ڦيرائيندي اچي پنجهٺ ماڙ ٽريڊ ٽاور ٻاهران بيهارين. هيءَ گهڻ ماڙ عمارت ويجهڙ ۾ ئي جُڙي راس ٿي هئي تنهنڪري ان ۾ في الحال ڪا سرگرمي ڪانه هئي، پر جيئن ته اتي اسان جهڙن وفدن جو اچڻ وڃڻ هو تنهنڪري عمارت جي مکيه در اندر بُوٽ لاهي اندر وڃڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ جُتيون (چمپل) رکيل هيون. اسان کي اندر هڪ خوبصورت آڊيٽوريم ۾ ويهاريو ويو جتي پهرين ته ڪجهه کائڻ پيئڻ لاءِ ڏنو ويو جو کين ٻُڌايوسين ته صبح کان وٺي سفر ۾ آهيون ۽ اڍائي وڳي تائين منجهند جي ماني نصيب ڪانه ٿي آهي، ۽ پوءِ آمريڪي ڪمپنيءَ جي سمورين رٿائن بابت بريفنگ ڏني وئي. سيئول روانگيءَ کان اڳ انٽرنيشنل اسڪول جي وسيع عمارت جو به دورو ڪرايو ويو جنهن کي ڏسي هوش ئي اُڏامي ويا. ٻه ماڙ عمارت ايتري ته وڏي هئي جو ان جا مختلف سيڪشن گهمندي ڄنگهون سُور ڪرڻ لڳيون. اسڪول جي عمارت جي وچ واري حصي ۾ هڪ وڏو آڊيٽوريم هو جنهن ۾ سئنيما هائوس وانگر ڪرسين، هال جي ٻنهي پاسن ۽ وچ منجهان لنگهه هئڻ سان گڏ ڪشادي اسٽيج هئي جنهن جو هڪ حصو، جنهن تي آرڪيسٽرا وغيره ويهي سگهي، اهڙي مڪينزم تحت هو جو بٽڻ دٻائڻ سان ظاهر ٿي اسٽيج سان ملي پي ويو ۽ وري بٽڻ دٻائڻ سان اهو هوريان هوريان ٿي هيٺ غائب ٿي پي ويو. مون کي اهو سسٽم سُٺو ته لڳو پر حيرت ڪانه ٿي ڇوته پاڪستان ٺهڻ کان گهڻو اڳ کان وٺي ويهين صديءَ جي سٺ واري ڏهاڪي تائين اهڙو هال ۽ اهڙي اسٽيج اسان جي ڳوٺ ڀريا ۾ به هئا. ڪوريا جي هن جديد هال کي ڏسي مون کي پنهنجي ڳوٺ جي ياد اچي وئي جتي ورهاڱي وقت هندستان لڏيندي سنڌي هندن ڪوڙومل چندن مل اڪيڊمي هاءِ اسڪول (ڪي سي اڪيڊمي هاءِ اسڪول) منهنجي والد مرحوم قادربخش جي حوالي ڪيو هو جنهن کي پوءِ منهنجي چاچي مرحوم جميل احمد سنڀاليو ۽ 1965 تائين هلايو جڏهن سرڪار ان کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو. اهو هڪ تاريخي اسڪول هو جنهن جي شاهي عمارت وڏي ايراضيءَ ۾ پکڙيل هئي. اسڪول جي سائنس ۽ ڊرائنگ هالن ۾ جيڪو سامان مون ان وقت ڏٺو اهو اڄ به ملڪ جي ڪنهن وڏي اسڪول ۾ ناهي. اسڪول ۾ ٻاهران آيل شاگردن لاءِ بورڊنگ هائوس، راندين جو ميدان، لائبريري کان سواءِ فنڪشن ڪرائڻ لاءِ وڏو آڊيٽوريم هو جيڪو ڊراما هال جي نالي سان مشهور هو. ان هال اندر به بلڪل سئنيما هال وانگر ويهڻ جو انتظام هو جيئن پٺيان ويٺل به آرام سان اسٽيج تي ڏسي سگهن. ان زماني ۾ بجلي ڪانه هئي تنهن ڪري ويٺلن کي گرميءَ کان بچائڻ لاءِ ڇت ۾ شاهي قسم جون جهليون لڳل هونديون هيون جن کي اسڪول جا ملازم ڇڪيندا رهندا هئا. اسٽيج تي هر قسم جو منظر پيش ڪرڻ جو مستقل انتظام هو. مثال طور زمين ڦاٽڻ يا آسمان تان ڪنهن جو لهڻ، ان لاءِ اسٽيج جي هڪ حصي کي بٽڻ دٻائڻ سان غائب ڪري سگهجي پيو يا لوهي چڪرين ذريعي رسيءَ سان ٻڌل ٽوڪريءَ ۾ ماڻهو آسمان تان لهي سگهيو ٿي. جيل جو منظر هجي يا ٻيو ڪو، ان لاءِ پينٽنگ ٿيل سلائيڊنگ پردا اسٽيج جي ريلنگس ۾ فِٽ ٿيل هوندا هئا.اسٽيج جي پٺيان ميڪ اپ روم هوندو هو. ڊراما هال، ان جي چوڌاري ورانڊن ۽ ٻين ڪمرن ۾ خوبصورت ٽائيلون لڳل هونديون هيون. مون کي اڄ به ياد آهي ته اسڪول جي مالي مدد لاءِ بابا ڊراما لکندو هو ۽ چاچا اسڪول جي شاگردن، اُستادن ۽ علائقي جي فنڪارن جي مدد سان اهي ڊراما اسٽيج ڪندو هو. ان زماني ۾ ضلعي جا عملدار ڊپٽي ڪليڪٽر هوندا هئا جن کي خاص مهمان طور گهرايو ويندو هو. ان دور جو ڊرامو “انارڪلي”اڄ به ياد ڪيو وڃي ٿو جنهن ۾ انارڪليءَ جو ڪردار ڪندڙ سائين فتح علي شاه اڃان حيات آهي. مون کي ان زماني ۾ پيش ڪيل هندستاني گاني “رمتا وتا ويا مين ني دل تجهه ڪو ديا” جي پيروڊي “رن جا ٻچا مئا، جنهن منهنجا ٽپڙ کنيا” اڃا تائين نه وسري سگهي آهي. اسڪول کي سرڪار سڳوريءَ تحويل ۾ ورتو ته شهر جي سيدن سڳورن اسڪول، ڊراما هال ۽ ٻين عمارتن تي پنهنجو حق ڄمائي اسڪول جي مکيه عمارت وڪڻي ڇڏي ۽ ڊراما هال کي ڊهرائي ڪوارٽر ٺهرائي مسواڙ تي ڏئي ڇڏيا. اڄ ساهتيه پرڳڻي جي ان تاريخي ورثي جو نالو نشان به ڪونهي. ذاتي مفاد، لوڀ ۽ لالچ سنڌ جي تاريخي ورثن کي ميساري ڇڏيو آهي.
    سانجهيءَ ڌاري اسان سيئول ڏانهن سفر شروع ڪيو جتي گرانڊ حيات هوٽل ۾ ٿورو آرام ڪري الوداعي ڊنر ۾ شريڪ ٿيڻو هو. سيئو ل ڏانهن سفر ڪندي واٽ تي مون کي جڏهن ڪوريا جو ريلوي نيٽ ورڪ نظر آيو ته وري ڳوٺ جون ساروڻيون ورائي ويم. پنهنجي ڳوٺ ڀريا سٽيءَ ۾ ننڍي هوندي کان اڄ تائين جيڪو به گهران نڪرندو ۽ ڪير پڇندو ته ڪاڏي ٿو وڃين، ته جواب ملندو:ايجنسيءَ تي ٿو وڃان. ايجنسي ڀريا شهر جي ان ڪمرشل علائقي جو نالو آهي جتان قومي شاهراه لنگهي ٿي. ان تي ايجنسي نالو انهيءَ ڪري پيو جو ورهاڱي کان اڳ اتي ريلوي بُڪنگ ايجنسيءَ جي آفيس هئي جتان سڄي هندستان جي ڪنهن به علائقي لاءِ اوٽ موٽ جي ٽڪيٽ وٺي سگهبي هئي ۽ مسافرن کي 6 ميل اوڀر ۾ ڀريا روڊ ريلوي اسٽيشن تائين پهچائڻ ۽ کڻي اچڻ لاءِ لاري هلندي هئي. آزاديءَ کانپوءِ اهو سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. اڄ جيڪڏهن مان چوان ته ٻن اڍائي هزارن واري آباديءَ جي ان ننڍڙي ڳوٺ ۾ تڏهن هوزريءَ جو ڪارخانو به هو ته شايد ڪير اعتبار نه ڪري.
    ريلوي لائينن تي سنڌ جا ننڍا ننڍا شهر ته هالي ووڊ جي ڪلاسڪ فلمن ۾ ڏيکاريل شهرن جو ڏيک ڏيندا هئا. ٽنڊي آدم کان نڪري هالا، سڪرنڊ، مورو، ٺارو شاه ۽ نوشهرو فيروز کان ٿيندي پڊعيدن وٽ مين لائين سان ملندڙ ۽ وري اتان نڪري محرابپور تي وڃي دنگ ڪندڙ لُوپ لائين سفر جو بهترين وسيلو هو. ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ کانپوءِ آمر ضياءَ سنڌ وارن کي سزا ڏيڻ لاءِ لُوپ لائين بند ڪرائي ڇڏي. چون ٿا ته ان وقت ضياءَ جي منٺار نواز شريف سنڌ جي ريلوي لائينن جو لوهه پنهنجي “اتفاق” اسٽيل مل لاءِ کڻڻ جو پلان ٺاهيو هو. اهو لوهه نواز شريف کي ته نصيب ڪونه ٿيو پر اڄ تائين ڪنهن به حڪمران سنڌ جي ريلوي نظام کي بحال ڪرڻ جي به ڪوشش نه ڪئي ۽ ريلوي اسٽيشنن جون تاريخي عمارتون زبون حال ۽ لوهي پٽڙيون زمين اندر دٻجي چُڪيون آهن. لُوپ لائين کانسواءِ انگريزن سنڌ جي ڏکڻ اوڀر ضلعن ۾ ميٽر گيج لائين وجهي ان کي هندستان جي ٻين علائقن سان ملائي ڇڏيو پر اڄ اٽڪل ساڍن پنج سئو ڪلوميٽرن جي ميٽر گيج لائين مان مشڪل سان ٽي سئو کن ڪلوميٽر ريلوي لائين گاڏين هلائڻ لائق بچي آهي سو به چار پنج ورهيه اڳ ڀارت سان ٺاهه تحت کوکراپار لائين کولڻ لاءِ مرمت ڪري تيار ڪئي وئي. اڳي ٻاڦ تي هلندڙ اها ٽرين ٿرين لاءِ پاڻيءَ جو وسيلو به هئي. اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي اطلاعات واري کاتي هڪ دستاويزي فلم ٺاهي هئي جنهن ۾ ڏيکاريو ويو هو ته ٻاڦ تي هلندڙ ٽرين جو ٿري ماڻهو توڙي ڍور انتظار ڪندا آهن ۽ جيئن ئي گاڏي کوکراپار اسٽيشن تي پهچندي آهي ۽ ٻاڦ واري انجڻ پاڻي هارڻ Shunting شروع ڪندي آهي ته نه رڳو ٿري ماڻهو ڏول ڀرڻ ۾ لڳي ويندا آهن پر ڍور به پنهنجي اُڃ اُجهائيندا آهن . اها دستاويزي فلم اڄ به اطلاعات کاتي جي رڪارڊ ۾ محفوظ هوندي.
    سنڌ جي هن تباهه ٿيل ريلوي نظام سان منهنجون ننڍپڻ جون يادگيريون ڳنڍيل آهن . مون پرائمريءَ جا پنج درجا مورو شهر ۾ پڙهيا ۽ جڏهن 1965 جي جنگ لڳي ته دوست يار رات جو روزانو بليڪ آئوٽ ۾ ريلوي اسٽيشن تي وڃي ويهندا هئاسين جيڪا اسان جي گهر جي ويجهو هوندي هئي. جنگ کانپوءِ حالتن اسان کي مورو مان ٽنڊو آدم لڏڻ تي مجبور ڪيو ته اسان ٽرين ذريعي ئي سفر ڪيو. مورو ريلوي اسٽيشن تي ڪوئلن واري ڪاري انجڻ سان هلندڙ ٽرين جو انتظار اڄ به منهنجي ذهن تي نقش آهي. 6 ورهيه پوءِ ڊسمبر 1971۾ هڪ ڀيرو وري اهائي ٽرين ڪم آئي جڏهن مان والدهه ۽ ننڍن ڀائرن کي وٺي ڳوٺ ڪنهن شاديءَ تي وڃي رهيو هئس. ان ڏينهن حيدرآباد مان سرڪاري بس ۾ سفر ڪندي مٽياريءَ وٽ پهتا هئاسين ته جنگ جو اعلان ٿي چڪو هو جنهنڪري بس ڊرائيور رات جي اونداهيءَ ۾ ڪنهن نموني موري تائين پهچايو پر اڳتي هلڻ کان انڪار ڪيائين. شهر ۾ بيٺل رضاڪارن اسان کي ٽرين ذريعي سفر ڪرڻ جي نه رڳو صلاح ڏني پر اونداه ۾ رهنمائي ڪري اسٽيشن تائين پهچائي ويا جتان وري اسان ريل ۾ سوار ٿي نوشهري فيروز پهتاسين ۽ اتان ٻئي ڏينهن ڀريا وياسين.
    سيئول ڏانهن سفر ڪندي ڪيترن ئي هنڌن تي ٽرينون ۽ ٽرامون نظر آيو ن. هتي خانگي ڪمپنيون ريلوي نظام هلائين ٿيون جنهن ۾ هاءِ اسپيڊ ٽرينون به شامل آهن. ستر واري ڏهاڪي کان هنن جديد ريلوي نظام قائم ڪيو ۽ انتهائي ڪاميابيءَ سان هلائي رهيا آهن. لکين ڪوريائي روزانو انهن ٽرينن ۾ سفر ڪن ٿا ڇوته اهو هتان جو بهترين ٽرانسپورٽ سرشتو آهي. اسان وٽ پاڪستان ۾ ته ٽرام جو تصور ئي ختم آهي. ستر واري ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ مان ٽرام کي نيڪالي ڏني وئي پر ڪوريا ۾ اڄ به ٽرامون هلي رهيون آهن .
    سنڌ جي ساروڻين هلندي سيئول ۾ اسان جي منزل اچي وئي. وقت ايترو گذري چڪو هو جو آرام جو موقعو نه مليو ۽ اسان کي ڪمري تي سامان رکي هيٺ هال ۾ اچڻو پيو جتي ڊنر ۽ ثقافتي پروگرام رکيل هو. پروگرام دير تائين هلندو رهيو جنهن جي هڪ خاص ڳالهه هيءَ هئي ته عرب عورتن اتي مردن سان بغاوت جو اعلان ڪيو. ابو ظهبيءَ مان آيل مسز راشا پنهنجي تقرير ۾ چيو: اسان کي افسوس آهي ته پنهنجي مردن جي چوڻ تي هلي بائڪدام مندر ۾ رات نه گذاري سين. مڙسن جو چوڻ مڃڻ ان وقت مجبوري هئي پر هاڻ ان تي افسوس آهي. اڄ مان ۽ اسان ٻيون عرب عورتون اعلان ڪريون ٿيون ته آئينده پنهنجي مڙسن جو ڪوبه غلط فيصلو نه مڃينديوسين.
    ثقافتي پروگرام ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪندڙ پرفارمنس نابين ٻارڙن ۽ ٻارڙين جي هئي جن ڪنهن جي سهاري بنا اسٽيج تي اچي موسيقي ۽ ڊانس جو مظاهرو ڪيو. سندن پروگرام جو نعرو هو Evangeli جنهن جو مطلب آهي پيار پکيڙڻ.
    صبح جو سوير اسان جي پنهنجي پنهنجي ملڪ روانگي هئي. رات جا ڪجهه ڪلاڪ ئي بچيا هئا.
    انتظار ۾ ننڊ ڪانه ٿي آئي پر ٿورو آرام به ضروري هو. آخري رات منهنجو روم پارٽنر سري لنڪا جو هڪ اخباري يونين ليڊر ڌرما سِري لنڪاپيلي هو. هن نه ڪئي هم نه تم گوڏ ٻڌي ليٽي پيو. سندن گوڏ ريشمي ڪپڙي جي پوتڙي جي هوندي آهي، جنهن کي هو شايد ٻه ٽي وڪڙ ڏئي ايئن ٻڌندا آهن جو بلڪل ٽائيٽ ٿي بيهندي اٿن. ساڳيو طريقو انڊونيشيا ۽ بنگلاديش وارن جو آهي. سيئول ۾ پهرين جنهن هوٽل ۾ رهڻ ٿيو، اتي ٻه راتيون منهنجو پارٽنر اِنڊونيشيا جو مسٽر ايڊي هو ۽ هو به رات جو گوڏ ٻڌي سمهندو هو. هڪ رات ايڊيءَ دلچسپ سوال پڇيو. هن منهنجي بوُٽ تي باٽا لکيل ڏسي پڇيو: اهو بُوٽ توهان انڊونيشيا مان خريد ڪيو آهي؟ مان وائڙو ٿي ويس ۽ چيومانس ته هن اهو ڪيئن سمجهيو. اهو بوُٽ ته پاڪستان جو آهي. ان تي ايڊيءَ وراڻيو ته اصل ۾ باٽا ته انڊونيشيا جي ڪمپني آهي نه. مون کيس ٻڌايو ته باٽا انڊونيشيا ۽ پاڪستان ئي نه پر سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهي
    *


    قصو Tim Tim جو

    صبح جو اٺين ڌاري فلائيٽ هئي جنهنڪري مون کي ڇهين وڳي هوٽل مان روانو ٿيڻو هو. رات جو ننڊ ته آئي ڪانه تنهنڪري ٽڙيل پکڙيل سامان بئگ ۾ بند ڪري ڇڏيو هئم ۽ پوءِ ويٺي پاسا ورايم. صبح جو ڇهين کان اڳ چيڪ آئوٽ ڪري وڃي هوٽل جي لائونج ۾ ويهي ايئر پورٽ واري بس جو انتظار ڪرڻ لڳس. اهوئي وقت اوڀر ٽيمور مان آيل هڪ ساٿيءَ جوئل ماريا پريئرا Joel Maria Pereira جي روانگيءَ جو هو، سو هُو به سامان کڻي اچي پهتو. هوٽل کان ٻاهر سخت ٿڌ هئي سو ٻئي ڄڻا ٿوري دير ٻاهر اچي وري اندر ڀڄي پيا اچون. جوئل جي اچڻ سان خوشي ٿي ته هوائي اڏي تائين ڪچهريءَ لاءِ ڪو ماڻهو ته مليو. جوئل اوڀر ٽيمور جنهن جو سرڪاري نالو ٽيمور ليسٽ Timor Leste آهي، جي صدر جو پبلڪ رليشن يا ميڊيا آفيسر هو. آسٽريليا جي اُتر اولهه ۾ 6 سئو چاليهه ڪلوميٽر پري ڏکڻ اوڀر ايشيا جو اهو نئون ملڪ آهي جنهن کي ايڪيهين صديءَ ۾ آزادي حاصل ڪندڙ پهرين ملڪ هئڻ جو اعزاز مليو. 20 مئي 2002 تي آزادي ماڻيندڙ هڪ ٻيٽ تي قائم هي ننڍڙو ملڪ جنهن کي واڳُونءَ وارو ٻيٽ Crocodile's Island به سڏين، ايشيا ۾ فلپائين کان پوءِ ٻيو ملڪ آهي جيڪو رومن ڪئٿولڪ آهي. ڪنهن زماني ۾ پورچوگيز ان تي قابض هئا، وچ ۾ جپان قبضو ڪيو جنهن کان پوءِ وري پورچوگيز بحال ٿيا پوءِ اهو انڊونيشيا جو حصو رهيو. عالمي قوتن جي مدد سان آزاديءَ جي جنگ وڙهي اهو الڳ ملڪ ته بڻيو پر مزي جي ڳالهه ته ٽيمور ٻيٽ جي اڌ تي اهو ملڪ ٺهيو ۽ اڌ ٻيٽ اڃان به انڊونيشيا جو حصو آهي. 1975 ۾ انڊونيشيا جو حصو بنجڻ کانپوءِ ان کي Timor Timur ۽ مختصر ڪري TimTim سڏيو ويندو هو. هن ملڪ جي ڪل پکيڙ پندرهن هزار چار سئو ڏهه چورس ڪلوميٽر ۽ آبادي ڏهه يارهن لک مس آهي. گڏيل قومن جي نگرانيءَ ۾ هلندڙ هن ملڪ جي ڪرنسي آمريڪي ڊالر آهي. آباديءَ جو گهڻو تڻو حصو گاديءَ واري شهر دِليِ Dili ۾ ۽ اُن جي آسپاس رهي ٿو. ملڪ جو سربراهه صدر آهي جنهن جي عوامي ووٽ ذريعي سڌي چونڊ ڪئي وڃي ٿي.
    بس ۾ هوائي اڏي ويندي جوئل دلچسپ ڳالهه ٻڌائي ته مئي 2006 ۾ ملڪ جي آرمي ۽ پوليس ۾ ويڙه شروع ٿي وئي جنهن ۾ چاليهه ماڻهو مارجي ويا ۽ هزارين ماڻهن کي گهر ڇڏي ڀڄڻو پيو جنهن کان پوءِ وقت جي وزير اعظم آسٽريليا، نيوزيلينڊ، ملائيشيا ۽ پورچوگال کي گذارش ڪري سندن فوجون مدد لاءِ گهرايون، جن اچي امن قائم ڪيو. ان وزير اعظم کي به استعيفا ڏيڻي پئي هئي. هن ملڪ جا اهم وسيلا ان جي سامونڊي حدن ۾ موجود تيل ۽ گئس جا ذخيرا آهن، جن تي دنيا جي وڏين طاقتن جي نظر آهي. آسٽريليا ۽ ڪي ٻيا ملڪ تيل ڪڍي آمدنيءَ مان هن ملڪ کي حصو ڏيندا. اڪثر ماڻهو ٻني ٻارو ڪن ٿا، خاص طور ڪافيءَ جي پوک ڪئي وڃي ٿي. عمارتي ڪاٺ به هن ملڪ جي آمدنيءَ جو وسيلو رهيو آهي. پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ بالغ ماڻهو اڻ پڙهيل آهن ۽ عورتن ۾ تعليم ته بنهه گهٽ آهي. ساڍا چار سئو ورهيه غلاميءَ ۾ رهندڙ هن ملڪ جي ماڻهن جو شاعريءَ سان لڳاءُ آهي، جنهن جو اندازو هن ڳالهه مان ڪري سگهجي ٿو ته سندن وزير اعظم به شاعر آهي. ڪي رالا زانانا گسمائو Kay Rala Xanana آزاديءَ کانپوءِ ٽيمور جو پهريون صدر هو ۽ پوءِ آگسٽ 2007 ۾ ملڪ جو چوٿون وزير اعظم ٿيو. کيس باباءِ قوم جي حيثيت آهي جو هو آزاديءَ لاءِ به وڙهيوهو. هو قومي تحريڪ ۾ سرگرم ٿيڻ کان اڳ پورچوگيز فوج ۾ آفيسر هو. پاڻ صدارت ڇڏي وزير اعظم چونڊيو ۽ سندس جاءِ تي ان وقت جي وزير اعظم جوز مينيوئل راموس Jose Manuel Ramos کي صدر چونڊيو ويو. جوئل سندس ملڪ ۾ شادين مرادين، ريتن رسمن، عشق محبت ۽ پسند جي شادين بابت به گهڻو ڪجهه ٻُڌايو پي پر ڳالهين ۾ وقت ويو گذري ۽ هوائي اڏو اچي ويو جتان اسان کي الڳ فلائيٽس ۾ روانو ٿيڻو هو.
    شادين ۾ هو به رسمن جا شوقين آهن، باقي عشق محبت جي معاملن ۾ ڪارو ڪاريءَ واري رسم هنن وٽ ڪانهي.
    *


    ذڪر هوائي اڏن جو

    هوائي اڏي تي اميگريشن ۽ ٻين ڪارواين کان واندو ٿي وقت گذاري لاءِ اندر گهمندو رهيس. جهاز تائين وڃڻ لاءِ بورڊنگ ڪارڊ تي گيٽ نمبر لکيل هو سو ڏاڍو بي فڪرو هئس پر جڏهن وقت ويجهو آيو ته پريشان ٿي ويس جو اها گيٽ ته ڪٿي به نظر ڪونه ٿي آئي. نيٺ ايئر پورٽ جي عملي کان پڇا ڪيم جنهن ٻُڌايو ته ڏاڪڻ لهي هيٺ وڃبو جتان هڪ ريل ڪار کڻي گهربل گيٽ تائين پهچائيندي. ايئن مان وڃي جهاز تائين پهتس. ڪوريا جي گذريل سفر وقت ريل ڪار جو سرشتو ڪونه هو، پر هنن جي وسيع ڪار پارڪنگ ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه زيرِزمين هو جنهن لاءِ لفٽ ذريعي هيٺ لهڻو ٿي پيو. هڪ سال ۾ هنن هوائي اڏي جي ايتري ته توسيع ڪئي هئي جو پنڌ وڌي ويو هو ۽ مسافرن کي پنڌ کان بچائڻ لاءِ هنن ريل ڪار متعارف ڪئي هئي.
    مان حيران هئس ته هڪ سال اندر هنن ايترو ڪم ڪيئن مڪمل ڪري ورتو. مون کي سنگاپور جو چانگي Changi هوائي اڏو ياد آيو جتي سيپٽمبر 2000 ۾ وڃڻ ٿيو هو. City State سڏجندڙ سنگاپور هڪ ٻيٽ تي قائم آهي جيڪو هڪ ڪازوي ۽ پُل ذريعي ملائيشيا سان ڳنڍيل آهي. سندس آسپاس 63 ننڍا ٻيٽ پکڙيل آهن. معاشي لحاظ کان انتهائي شاهوڪار ۽ ايشيائي چيتو سڏجندڙ هن ملڪ جي ڪل پکيڙ 6 سئو سٺ چورس ڪلوميٽر آهي. زمين جي کوٽ هجڻ جي ڪري هتان جي سرڪار سمنڊ کي پوئتي ڌڪي وسيع هوائي اڏو تيار ڪيو هو جتي پڻ مسافرن لاءِ هڪ ٽرمينل کان ٻئي ٽرمينل تائين وڃڻ لاءِ جديد ريل ڪار هلائي ٿي وئي. جنهن هنڌ هوائي اڏو ٺاهيو ويو هو، اتي سامونڊي ڪناري تي چانگي نالي سان هڪ ڳوٺڙو هو جنهن جو نالو هوائي اڏي تي رکيو ويو. هن هوائي اڏي جي خوبصورتي اها آهي ته جهاز جي لهڻ ۽ چڙهڻ مهل مسافر نه رڳو سمنڊ جو نظارو ڪن ٿا پر پاڻ کي به ڄڻ سمنڊ جي سطح تي ترندو محسوس ڪندا. جيئن جيئن جهاز هيٺ لهي ٿو يا مٿي چڙهي ٿو ته سنگاپور جي آسپاس ڪيترائي ننڍا ٻيٽ نظر اچن ٿا جن تي پڻ زندگي روان دوان هوندي آهي. چون ٿا ته ڪجهه ڏهاڪن اندر سمنڊ کي ڌِڪي يا پائي سنگاپور جي ايراضي ست سئو چئن ڪلوميٽرن تائين وڌائي وئي آهي ۽ ايندڙ ٻن ڏهاڪن ۾ وڌيڪ هڪ سئو ڪلوميٽر زمين حاصل ڪئي ويندي. ڪن هنڌن تي ته ننڍن ٻيٽن جي وچ واري علائقي کي ملائي وڏڙو ٻيٽ ٺاهيو ويو آهي. هتي اسان وٽ منهوڙي جي ڀر ۾ بابا ۽ ڀِٽ ٻيٽن تي رهندڙن کي ايڪيهين صديءَ ۾ بنيادي انساني سهولتون به اڃان ڪونه ملي سگهيون آهن. ڪوريا جي ٻئي سفر ۾ ايندي ويندي هانگ ڪانگ هوائي اڏي تي ٻه ٽي ڪلاڪ ترسڻو پيو هو. هن ٻيٽ جي هوائي اڏي تي به جهاز کي لهڻ ۽ چڙهڻ مهل ڪافي دير سمنڊ مٿان هيٺانهون اُڏامڻو پوي ٿو ۽ ڊپ ٿيندو آهي ته ڪٿي سمنڊ ۾ هلندڙ لانچن ۽ جهازن سان ٽڪرائجي نه وڃي. پر ان لحظي کن جي انديشي تي قدرتي نظارا حاوي ٿي ويندا آهن. اسان وٽ ڪراچيءَ جو هوائي اڏو سمنڊ کان ته پري آهي پر جڏهن سري لنڪا ويندڙ يا عرب رياستن ڏانهن ويندڙ هوائي جهاز ايئر پورٽ تان اُڏامڻ کانپوءِ سامونڊي ڪناري وارو رُوٽ اختيار ڪندا آهن ته سنڌ جي سمنڊ جا نظارا دير تائين نظر ايندا آهن . هنن هوائي اڏن جو احوال اوريندي جيڪڏهن مان سيوهڻ واري هوائي اڏي جو ذڪر نه ڪريان ته ناانصافي ٿيندي. شهيد بينظير ڀٽو جي آخري حڪومت ۾ مرحوم عبدالله شاهه جي وڏ وزارت دوران تعمير ٿيل هي شاهڪار اڄ تائين استعمال ٿيڻ بنا پيو آهي. شروع وارن ڏينهن ۾ ممڪن آهي ته ڪا هڪ اڌ فلائيٽ هلائي وئي هجي پر جيئن ئي پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ختم ٿي تيئن ئي هن هوائي اڏي کي بند ڪيو ويو. هوائي اڏي جي حوالي سان سيد عبدالله شاهه تي گهڻائي الزام هنيا ويا جن جي تفصيل ۾ مان وڃڻ نه ٿو چاهيان پر هن هوائي اڏي جي لوڪيشن ايتري ته خوبصورت آهي جو مرحوم عبدالله شاهه جو دشمن به ان جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهندو. ايشيا جي سڀ کان وڏي مٺي پاڻيءَ (هاڻي کاري پاڻيءَ) واري ڍنڍ منڇر جي ڪنڌيءَ تي ٺهيل هن هوائي اڏي جي خاصيت هيءَ آهي ته جهاز جي لهڻ ۽ چڙهڻ مهل منڇر جا نظارا مسافرن جي من کي موهي وجهندا. جهاز جيڪڏهن صبح جو لهي ۽ چڙهي يا شام جو لهي ۽ چڙهي، منڇر مان اُڀرندڙ ۽ لهندڙ سج ۽ چنڊ ته مسافرن کي مست ڪري ڇڏيندو، پر ڇا ڪجي هتان جي گندي سياست کي جنهن سنڌ جي سياحت کي ترقي وٺرائڻ لاءِ تعمير ڪرايل هن هوائي اڏي کي بيڪار بنائي ڇڏيو. سنڌ جا ٻيا هوائي اڏا جهڙوڪ حيدرآباد، نوابشاهه، جيڪب آباد وغيره به بيڪار ئي پيل آهن . فقط سکر ۽ موهن جو دڙو هوائي اڏا مهرباني ڪري استعمال ڪيا وڃن ٿا. جيڪب آباد وارو هوائي اڏو ته سنڌ جو نه بلڪ آمريڪا جو فوجي اڏو بڻجي چڪو هو.
    سنڌ جي هوائي اڏن لاءِ جهاز نه هلائڻ جو سبب عام طور اهو ٻُڌايو وڃي ٿو ته مالي لحاظ کان اهي فزيبل ناهن يا ٻين لفظن ۾ چئجي ته اهي ڪمائڻ وارا نه پر نقصان ڏيڻ وارا هوائي اڏا آهن جو ماڻهو ايتري ويجهي پنڌ لاءِ جهاز بدران بسن ۾ سفر کي ترجيح ڏين ٿا. مون کي ياد آهي ته کٽمنڊو ۾ پروگرامن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نيپال جي مختلف علائقن مان صحافي جهازن ۾ آيا هئا ۽ سندن چوڻ هو ته سندن ملڪ ۾ ننڍن جهازن جو وڏو نيٽ ورڪ آهي ۽ جابلو رستن تي سفر ڪرڻ بدران جهازن ۾ سفر وڌيڪ سولو آهي. کٽمنڊوهوائي اڏي تي واقعي کوڙ ننڍا جهاز بيٺل نظر آيا هئا. جيڪڏهن سنڌ ۾ به ننڍا هوائي جهاز هلايا وڃن ته هوائي سروس ڪامياب ٿي سگهي ٿي. مون کي ياد آهي ته مرحوم وزير اعظم محمد خان جوڻيجي جي زماني ۾ سنڌڙي ايئر فورس بيس تان هوائي سروس شروع ڪئي وئي هئي. ان وقت جي وڏي وزير سيد غوث علي شاه کان هوائي اڏي جو افتتاح ڪرايو ويو هو جنهن لاءِ سيد غوث علي شاه ۽ اسان صحافين کي تيرهن سيٽن واري هڪ جهاز ۾ ڪراچيءَ کان سنڌڙيءَ وٺي ويا هئا ۽ اُتان پوءِ ساڳئي ننڍڙي جهاز ۾ سکر ويا هئاسين جو وڏي وزير کي عام جلسي لاءِ اتي لهڻو هو. اسان ان ئي جهاز ۾ سکر کان واپس ڪراچيءَ آيا هئاسين. 1988 ۾ اها سروس شروع ڪئي وئي ۽ ڪجهه مهينن اندر جوڻيجو حڪومت برطرف ٿيڻ شرط ان کي ختم ڪيو ويو هو. اهڙا جهاز سنڌ جي هر هوائي اڏي لاءِ هلي سگهن ٿا پر مخصوص لابيون اهو ڪڏهن به نه چاهينديون. ڪجهه ورهيه اڳ جنرل پرويز مشرف جي حڪومت ۾ خانگي ايئر لائين ايئر بِلو نوابشاه لاءِ سروس شروع ڪئي هئي جنهن جي افتتاحي اُڏام ۾ مان به سوار هئس، پر خبر ناهي ته اها هلي پئي يا بند ٿي وئي. مشرف جي سڄي دور ۾ حيدرآباد جا واپاري ۽ صنعتڪار وڏيون ڪوششون ڪندا رهيا پر پي آءِ اي اُتان اُڏامون شروع نه ڪيون. 2008 ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت اچڻ کان پوءِ آسرو ٿيو ۽ وڏا واعدا به ڪيا ويا پر ڪجهه نه ٿيو. شابس آهي پنجاب جي ملتان، فيصل آباد ۽ سيالڪوٽ جي صنعتڪارن کي جن نه رڳو اتي هوائي اڏا ٺاهڻ لاءِ حڪومت کي پئسو ڏنو پر پي آءِ اي جون باقائدا اُڏامون به شروع ڪرائي ڇڏيون.
    ڪوريا، هانگ ڪانگ ۽ بئنڪاڪ جا هوائي اڏا ته انتهائي جديد تعمير جو نمونو آهن، پر نيپال وارن کٽمنڊوهوائي اڏي جي تعمير ۾ جدت بدران پنهنجي ثقافت کي ترجيح ڏني آهي. نيپال امير ملڪ ناهي ان ڪري سادي سُودي عمارت اٿن، پر اُن جي خوبصورتي پڪين ڳاڙهين سِرُن سان ان جي اڏاوت ۾ آهي. نيپال ۾ عمارتون اسان وانگر گهڻو ڪري پڪين ڳاڙهين سِرُن سان تعمير ڪيون وڃن ٿيون. پاڪستان ۾ پهريون دفعو لاهور جو نئون هوائي اڏو ڳاڙهين سِرُن سان ٺاهي هتان جي ثقافتي تعمير کي اُجاگر ڪيو ويو آهي.
    *


    نالن ۾ هڪجهڙائي

    اڏاوتن ۾ هڪجهڙائيءَ سان گڏوگڏ مان ڪجهه ٻين ڳالهين ۾ هڪجهڙائيءَ جو به ذڪر ڪندس. اهي هڪجهڙايون آهن شهرن جي نالن ۾. مثال طور سنگاپور، لليتپور،شهدادپور، شڪارپور، شاهپور وغيره. پهريون ڀيرو سنگاپور وڃڻ تي اُتي ميزبانن مان هڪ ٻُڌايو هو ته سنگاپور Singapore ته انگريزيءَ ۾ سڏجي ٿو پر اصل ۾ اهو مَالَي Malay ٻوليءَ ۾ Singapura آهي جنهن جو مطلب آهي شينهن جو شهر Lion City. سِنگ Singa سنسڪرت ۾ شينهن کي سڏين ۽ پُور Pura اکر اصل ۾ سنسڪرت جي اکر پُورم Puram مان ورتل آهي جنهن جو مطلب آهي شهر. اهو پس منظر ٻُڌائي ٿو ته سنگاپور، نيپال جي لليتپور ۽ سنڌ جي شهدادپور، شڪارپور ۽ اهڙن ٻين شهرن جي “پُور” واري لاڳاپي پٺيان اصل ۾ سنسڪرت جو ئي هٿ آهي. هونئن سنگاپور ۽ سنڌ ۾ هڪ وڌيڪ هڪجهڙائي اها به آهي ته ٻئي ملڪ پورچوگيزن جي ظلم جو شڪار ٿيا هئا، جيئن پورچوگيزن 1613 ۾ سنگاپور کي باهه ڏني هئي تيئن هنن سنڌ (ٺٽي) کي به ساڙيو هو.ڪوريا کان واپسيءَ تي هانگ ڪانگ کانپوءِ آخري اسٽاپ بئنڪاڪ هو. هوائي اڏي تي ڪجهه ڪلاڪ ترسڻ کانپوءِ جهاز وري اُڏاڻو ته اُن ۾ گهڻا مسافر ڪونه هئا. خالي سيٽن جو فائدو وٺي هرڪو ٻه ٻه سيٽون والاري سمهي پيو. منهنجي ڀرسان واري سيٽ تي ڪراچيءَ جي ٿائي قانصلخاني جي هڪ خاتون مسافر ويٺل هئي ۽ مون سوچيو ته ٿائلينڊ جي صورتحال بابت کانئس حال احوال وٺندس پر هن کي به ننڊ جو وڏو فڪر هو سو وڃي ڀر وارين خالي سيٽن تي سمهي پئي.
    ٿائلينڊ ۾ انهن ڏينهن ۾ وڏو سياسي مانڌاڻ متل هو جنهن جو اندازو اخباري رپورٽن مان ٿيو پي. ڪراچيءَ واپس پهچڻ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ خبرون پڙهيون سين ته حڪومت جي مخالفن وڏا مظاهرا ڪيا ۽ اچي بئنڪاڪ هوائي اڏي تي قبضو ڪين جيڪو اَٺ ڏينهن جاري رهيو. ان عرصي ۾ هزارين مسافر هوائي اڏي تي ڦاٿل رهيا. شُڪر ٿيو ته منهنجي واپسي انهن ڏينهن ۾ ڪانه هئي.
    حيرت ۽ ساراهه جي قابل ڳالهه اها آهي ته بئنڪاڪ هوائي اڏي تي جديد هٿيارن سان ليس بيٺل فوجين هوائي اڏي تي قبضو ڪندڙ عوام تي هڪ به گولي نه هلائي. اسان جي ملڪ ۾ ايئن ٿئي ها ته الائجي ڪيترا لاش ڪرن ها. حڪومت فوج کي ٻه ڀيرا حڪم ڪيو ته قبضو ڇڏائي پر اُن انڪار ڪيو. فوج جي سربراهه جو چوڻ هو ته عوام جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪبي. نيٺ هوائي اڏي تان قبضو تڏهن ختم ٿيو جڏهن آئيني عدالت 2 ڊسمبر تي ٽن پارٽين جي گڏيل حڪومت کي ٽوڙي ڇڏيو. 25 نومبر کان 2 ڊسمبر 2008 تائين سواءِ هڪ حج اُڏام جي ٻي ڪابه اُڏام رواني نه ٿي سگهي هئي. ٿائلينڊ ۾ پيپلز پاور پارٽي PPP ٻن ٻين پارٽين سان گڏجي حڪومت ٺاهي هئي پر جيئن ته هن آئين ۾ ترميمون آڻڻ ٿي چاهيون ۽ پيپلز الائنس فار ڊيموڪريسي Peoples Alliance for Democracy ان ڳالهه جي مخالف هئي تنهنڪري سياسي مانڌاڻ متو جنهن دوران آگسٽ کان وٺي پارليامينٽ هائوس جو گهيرو، براڊڪاسٽنگ هائوس ۽ ريلوي اسٽيشن تي قبضي وغيره جا سلسلا هلندا رهيا هئا


    افغانستان

    افغانستان

    افغانستان

    سوشلسٽ افغانستان جو سفر 1990


    Afghanistan
    A Vist to Socialist Afghnistan 1990


    ڪراچيءَ کان ڪابل تائين

    ڊسمبر 1989 ۾ هڪ ڏينهن صبح ساڻ سيد غلام شاه منهنجي گهر اچي پهتو ۽ چيائين ته جلد ئي افغانستان ۾ شهيد عبدالصمد اچڪزئي جي ياد ۾ ڪانفرنس ٿيڻي آهي جنهن ۾ سنڌ مان به هڪ وفد شريڪ ٿيندو ۽ ان وفد ۾ تون به شامل هوندين تنهنڪري پاسپورٽ وغيره ٺهرائي ڇڏ. تڏهن پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت پاسپورٽ جي طريقي کي گهڻو سولو ڪري ڇڏيو هو ۽ خاص طور صحافين کي پوليس ويريفڪيشن کان آجو قرار ڏنو هو تنهنڪري مون جلد ئي پاسپورٽ ٺهرائي ڇڏيو. ان کان پوءِ انتظار شروع ٿيو ته ڪڏهن ٿو ڪابل مان سڏ ٿئي. جنوري 1990جي وچ ڌاري ڪراچيءَ ۾ سيد غلام شاه تي ايم ڪيو ايم وارن خوني حملو ڪيو ۽ هو زخمي ٿي وڃي جناح اسپتال داخل ٿيو جتان پوليس وري کيس ئي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري وئي. مٿان وري مارچ ۾ افغانستان جي صدر ڪامريڊ نجيب الله جي حڪومت خلاف سندس ئي وزير دفاع شاهنواز تنائيءَ بغاوت ڪئي جيڪا ناڪام وئي پر اسان جو ڪابل وارو دورو شڪ ۾ پئجي ويو هو. پر ان وقت حيرت ٿي جڏهن جيئي سنڌ محاذ جو دوست عبدالخالق جوڻيجو هڪ ڏينهن صبح جو سوير اچي پهتو ته شام جو ٽين وڳي فلائيٽ آهي تنهنڪري تيار رهه. مان حيران ته نه ويزا ورتل، نه ٻي ڪا تياري، اهو سفر ڪيئن ٿيندو. منجهند جو وري اطلاع مليو ته اڃا ڪجهه ڏينهن ترسو. هڪ ڏينهن آفيس پهتس ته اطلاع مليو ته جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمن عبدالواحد آريسر۽ ٻيا انتظار ڪري انڊين قانصلخاني پهتا آهن . اتي پهتس ته هُو به پريشان بيٺا هئا.پختونخواه ملي عوامي پارٽيءَ وارا ويزا ٺهرائي وڃي چڪا هئا ۽ شام جو سندن فلائيٽ هئي. اسان سندن اڏي تي پهتاسين ته نياپو مليو ته سڌو هوائي اڏي تي پهچو. منهنجي ويزا تصويرون نه هجڻ ڪري ٺهي نه سگهي. آريسرجي ويزا تيار هئي سو اسان کيس هوائي اڏي پهچائڻ لاءِ ڀڳاسين پر اتي پهچي خبر پئي ته آريسرنه وڃي سگهندو ڇو ته ليٽ ٿيڻ سبب بورڊنگ ڪارڊ وٺڻ جو وقت ختم ٿي چڪو هو. آريسر۽ مون چيو ته قدرت طرفان اهو طئه ٿيل آهي ته اسان کي گڏ ئي هلڻو آهي. واپس ورياسين ۽ مون هڪدم تصويرون ٺهرائي دوستن کي ڏئي ڇڏيون جن ٻئي ڏينهن ئي ويزا ٺهرائي ورتي. هاڻي انتظار هو سيٽن جي ڪنفرميشن جو ۽ ڪنهن اهڙي فلائيٽ جو جيڪا ڪراچي دهلي ڪابل ڪنيڪٽنگ فلائيٽ هجي نه ته وري ڪجهه ڏينهن دهليءَ ۾ ترسڻو پوي ها. ان زماني ۾ پاڪستان مان افغانستان لاءِ اُڏامون بند هيون تنهنڪري دهليءَ رستي وڃڻو پوندو هو ۽ ان لاءِ هندستان جي ويزا وٺڻي پوندي هئي. افغانستان وڃڻ وقت دهليءَ ۾ ترسڻ نه ٿي گهريوسين جو ڪابل واري سيمينار ۾ شريڪ ٿيڻو هو پر ٿيو اُن جي اُبتڙ. جيستائين ڪابل پهتاسين ته سيمينار پُورو ٿي چڪو هو، بس پوءِ ته رڳو هيون ميل ملاقاتون ۽ گهمڻ ڦرڻ.
    دهلي هوائي اڏي تي گذاريل وقت جو احوال اڳ ۾ ئي سفرنامي جي مُنڍ ۾ ڏئي چڪو آهيان تنهنڪري ورجاءِ کان بچندي اڳتي هلجي. افغان ايئر لائين جو جهاز ڏهين وڳي کان پوءِ اُڏاڻو ۽ ٻارهين وڳي ڪابل هوائي اڏي تي لٿو. دهليءَ کان ڪابل پوڻن ٻن ڪلاڪن جو سفر آهي. هوائي اڏي تي تازي ناڪام بغاوت ۾ تباهه ٿيل ڪجهه جهازن جو ملبو پيل هو جنهن تي جهاز مان لهڻ شرط ئي نظر پئي پر سيڪنڊن اندر ئي هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ جو هوش نه رهيو ڇو ته ٻاهر ايتري ٿڌ هئي جو لڳو ته ڄڻ ڪنهن فريزر ۾ اُڇلايو هجي. سخت ٿڌ سبب ڏند ڀِڪُوڙي ٽرمينل بلڊنگ تائين پنڌ ڪيوسين جيڪا حيدرآباد واري سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن جي ڊيپوءَ سان ملندڙ جُلندڙ هئي. عمارت جون دريون به ڀڳل هيون جنهن مان بُت ۾ سُيون چُڀندڙ هوا اندر اچي رهي هئي. اسان وٽ مارچ ۾ گرمي ۽ هتي ماريندڙ ٿڌ. مون ته هڪدم بيگ مان ڪوٽ ڪڍي پاتو تڏهن وڃي سامت ۾ آيس. ٽرمينل جي ڀڳل درين مان چوڌاري پري پري تائين پکڙيل برف پوش جبل نظر اچي رهيا هئا. هوائي اڏي تي مسافرن جي چڪاس جو نه ئي ڪو نظام هو ۽ نه ئي اسان جو سامان کولرايو ويو. افغان حڪومت جو هڪ نوجوان عملدار عماد ۽ پختونخواه ملي عوامي پارٽيءَ جو اڳواڻ عبدالرحيم مندوخيل اسان کي هوائي اڏي تي وٺڻ آيا هئا جن سان گڏجي سڌو ڪابل جي انهيءَ علائقي ۾ آياسين جيڪو جديد بنگلن تي مشتمل هو ۽ چون ٿا ته تڏهوڪي سوويت يونين جي مدد سان ڪابل جو اهو نئون علائقو تيار ڪيو ويو هو جتي شهيد مير مرتضيٰ ۽ سندس ڀاءُ شاهنواز ڀُٽو جلاوطنيءَ دوران رهندا هئا ۽ اتي شاديون به ڪيائون .اسان جي ڪار مائيِ وَند چوواٽي کان ٿيندي اچي هڪ ريسٽ هائوس وٽ بيٺي هئي. اهو پهاڙي علائقو بيبي ماهرو جبل سڏجي جنهن کي 1841 ۾ انگريزن کي شڪست ڏيندڙ وزير اڪبر خان جي نالي سان منسوب ڪيو ويو هو. مائي وَند َ قنڌار کان پنجونجاهه ميل پري هڪ ڳوٺ جو نالو آهي جتي 1880 ۾ افغان قبيلن متحد ٿي انگريز فوج کي شڪست ڏني هئي. اها جنگ هڪ شاعر عورت جي ڪري به مشهور آهي جنهن جو نالو ڪي مامالَي ۽ ڪي ملالا ٻُڌائن ٿا. هيءَ دلير عورت افغان جهنڊو کڻي دشمن فوج کي للڪاريندي رهي ۽ پنهنجي قبيلن جي نوجوانن کي به پنهنجي شاعريءَ سان همٿائيندي رهي. سندس هي شعر ڪابل ۾ مائي وند چونڪ تي ٺهيل يادگار تي لکيل هو:
    منهنجا محبوب جيڪڏهن تو مائي وند لاءِ آخري پساهن تائين جنگ نه وڙهي
    ته قسم کڻان ٿي ته تون رُسوائيءَ کان پلئهُ بچائي نه سگهندين.
    23 مارچ جو ڏينهن ريسٽ هائوس ۾ آرام ڪندي ۽ پاڪستان مان آيل ٻين دوستن سان ڪچهريءَ ۾ گذريو جن ۾ شير علي باچا، لالا اصغر، اڪبر اچڪزئي ۽ اسلام آباد مان آيل هڪ پبلشر اي رحيم شامل هئا.
    24 مارچ صبح جو ساڍي ڏهين وڳي افغان عملدار عماد اسان کي سرڪاري وئن ۾ ڪابل شهر گهمائڻ هليو. اسان شهر جي مختلف رستن تان ٿيندا سڀ کان پهرين هڪ پهاڙيءَ تي شهيدن جي قبرستان پهتاسين، جنهن جي گيٽ تي لکيل هو: وطن يا ڪفن. ڪلاشنڪوف بردار سپاهي گيٽ تي بيٺل هئا جن مان هڪ اسان سان گاڏيءَ ۾ ويٺو ۽ اندر قبرستان تائين هليو. ٽيهه چاليهه ايڪڙ ايراضيءَ ۾ پکڙيل هن قبرستان ۾ ٻاويهه هزارن کان وڌيڪ شهيد دفن هئا جن يارهن ورهين ۾ سامراجي قوتن جي پِٺو هٿ ٺوڪين مجاهدن سان ويڙهه ۾ جان ڏني هئي. هي به ٺٽي جي مڪليءَ واري قبرستان وانگر وڏي ايراضيءَ تي پکڙيل ته هو پر هتي مڪليءَ جي قبرن وانگر پٿر تي اُڪر يا ٻي ڪاريگري ٿيل ڪانه هئي.هي عام قبرون هيون پر فرق اهو هو ته هر قبر جي ڪُتبي تي دفن ٿيل شخص جي تصوير لڳل هئي.
    قبرستان کان پوءِ اسان جي منزل ڪابل يونيورسٽي هئي جتي سوين شاگرد ۽ شاگردياڻيون جينس جي پينٽن ۽ اسڪرٽن ۾ گهمي ڦري رهيا هئا. هتي ٻڌايو ويو ته پرائمريءَ کان اعليٰ تعليم تائين سمورو خرچ سرڪار ڀري ٿي ۽ شاگردن کي داخلا جي لاءِ به خوار ٿيڻو نه ٿو پوي ڇو ته سيڪنڊري تعليم کان پوءِ Aptitude ٽيسٽ وٺي شاگردن کي ان حساب سان مختلف ادارن ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو. شاگردن کي ڪتاب به مفت ڏنا ويندا هئا. ڪابل يونيورسٽيءَ ۾ ان وقت سورهن هزار شاگرد زير تعليم هئا ۽ هتي ميڊيڪل، قانون، ادب، ٻولين۽ ٻين علمن جا شعبا هئا. هتي شاگرد يونين ۽ ٻيون تنظيمون به هيون پر ڪوبه جهيڙو نه ٿيندو هو ۽ نه ئي فائرنگ جو سلسلو، تنهنڪري شاگرد ۽ شاگردياڻيون آزاد ماحول ۾ بي ڊپيون ٿي گهمي رهيون هيون. حڪومت طرفان تعليم تي ايترو ڌيان ڏنو ٿي ويو جو جڏهن سال اڳ جلال آباد تي دشمنن حملو ڪيو ته اتان يونيورسٽيءَ جي سمورن شاگردن کي هڪدم ڪابل منتقل ڪيو ويو ته جيئن سندن پڙهائي متاثر نه ٿئي.
    برف سان ڍڪيل هندوڪش جبل جي هنج ۾ قائم ڪابل شهر جي ڪشادن رستن تان ٿيندي اسان اهو علائقو به گهميو جتي صدر ڊاڪٽر نجيب الله ٻه ورهيه اڳ تائين هڪ فليٽ ۾ رهندو هو. ڪابل شهر جي آبادي ان وقت پنجويهه لک کن هئي ۽ شهر جو وڏو حصو پراڻين پٿر جي عمارتن تي مشتمل هو. گهڻ ماڙ عمارتون گهٽ هيون. افغانستان ۾ سرد موسم سبب وڻ گلن ۽ پنن کان وانجهيل هئا. ڪشادن رستن جي ٻنهي پاسن کان خالي وڻن جون قطارون هيون جن ۾ ٿوريون ٿوريون گونچ ڦُٽڻ جون نشانيون بهار جي مُند اچڻ جو اشارو ڏئي رهيون هيون.
    گهمندا ڦرندا اسان هڪ وڏي شاهي محل جهڙي عمارت وٽ پهتاسين جيڪا پٿر جي ٺهيل هئي ۽ ان جي تاريخي حيثيت پري کان پڌري هئي پر ان تي تازي بمباريءَ سبب تباهيءَ جا آثار ظاهر هئا. اها عمارت بادشاهه امان الله جو محل هو پر ان وقت اُتي وزارت دفاع جي آفيس هئي جنهن تي تازو ڇهين مارچ تي وزير دفاع شاهنواز تنائيءَ جي ناڪام بغاوت دوران بمباري ڪئي وئي هئي. شاهنواز تنائي بغاوت ناڪام ٿيڻ تي جهاز ۾ ڀڄي پشاور ۾ اچي لٿو هو. اسان کي ٻُڌايو ويو ته تنائي صبح ساڻ ئي ڀڄي ويو هو ۽ منجهند جو هڪ وڳي سندس حامين وزارت دفاع کي گهيري ۾ ورتو هو. اتي ويڙهه ٿي جنهنڪري عمارت کي نقصان ٿيو. ان عمارت جي سامهون قومي عجائب گهر کي به نقصان پهتو هو. ان کان سواءِ بگرام هوائي اڏي تي به ويڙهه هلي جتان ٻئي ڏينهن صبح جو قبضو ڇڏايو ويو هو. ڪل پنج جهاز ڪابل مٿان لامارا ڏئي بمباري ڪندا رهيا جنهن ۾ ڪيترائي گهر ڊٿا ۽ هڪ سئو ويهه ماڻهو مارجي ويا هئا.
    ايئن ئي شهر گهمندي ڪابل جي هڪ پراڻي علائقي منجهه اچي نڪتاسين جتي لڳو ٿي ته ڄڻ ڪراچيءَ جي ايمپريس مارڪيٽ واري علائقي ۾ اچي نڪتا آهيون. فُٽپاٿن تي جُتين، ڪپڙن ۽ ٻئي سامان جا اسٽال ايئن ئي سجايل هئا جيئن ايمپريس مارڪيٽ واري علائقي ۾ پٺاڻ ۽ افغاني ڪاروبار ڪندي نظر اچن ٿا. اڪثر اسٽال ٿُلهين پڪل مانين جا هئا جنهن لاءِ ٻُڌايو ويو ته اهي خاص افغاني مانيون آهن، جيڪي ڪيترن ئي ڏينهن تائين خراب نه ٿينديون آهن. اهي اندران نرم رهنديون آهن ۽ خاص طور محاذ تي فوجين لاءِ ڪم اچن ٿيون. انهيءَ علائقي ۾ ئي قديم مسجدِ پُلخشطي هئي جنهن جي منارن ۽ ڀتين کي به شاهنواز تنائيءَ جي بغاوت دوران بمباريءَ ۾ نقصان پهتو هو. لارينس آف عريبيه جي نالي سان مشهور انگريز جاسوس ڪرنل لارينس مسلمان جو ويس ڪري ڏهه سالن تائين ان مسجد ۾ رهيو هو ۽ انگريزن جي پلان تحت وقت جي بادشاه امان الله خان جي خلاف بغاوت جي باهه ڀڙڪائڻ لاءِ ڪم ڪندو رهيو. بغاوت لاءِ هن فوج جي هڪ ڀاڄوڪڙ وارنٽ آفيسر بچه سقه کي تيار ڪيو هو. بچه سقه هونئن ته بهادر هو پر ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ هٿ آيل هٿيار پنهنجي ڪمانڊر کي نه ڏيڻ تان کيس جيل ۾ وڌو ويو هو جتان هُو ڀڄي نڪتو ۽ پاڻ به وڃي ڌاڙيل ٿيو. سندس هڪ ساٿي برطانوي سفارتخاني ۾ ڪم ڪري چُڪو هو، جنهن جي ڪري هن جو رابطو ڪرنل لارينس سان ٿيو جنهن کين بغاوت لاءِ استعمال ڪيو. ڪرنل لارينس جي مدد سان ڌاڙيل بچه سقه جنوري 1929 ۾ امان الله جو تختو اُونڌو ڪري افغانستان جو امير بڻيو ۽ کيس حبيب الله غازيءَ جو لقب ڏنو ويو. ڪرنل لارينس جو ڪم مڪمل ٿي چُڪو هو.
    مسجد جي تاريخي حيثيت سبب افغان حڪومت وقت به وقت ان جي مرمت لاءِ وڏا فند ڏيندي رهندي هئي ۽ تازي بغاوت ۾ ٿيل نقصان کان پوءِ به 6 ملين افغاني (ڪرنسيءَ جو نالو) ڏنا ويا هئا.
    واپس ريسٽ هائوس ڏانهن ايندي اسان ان تاريخي بنگلي کي ڏسڻ ضروري سمجهيو جتي سُرخپوش اڳواڻ خان عبدالغفار خان پاڪستان مان اچي ترسندو هو. بغاوت دوران بمباريءَ ۾ غفار خان جو اهو بنگلو به تباه ٿي ملبي جي ڍير ۾ بدلجي چڪو هو. ان بنگلي جي سامهون واري بنگلي ۾ بلوچ اڳواڻ خير بخش مري جلاوطنيءَ دوران رهندو هو.
    25 مارچ جو ڏينهن اسان جي لاءِ اهم هو ڇوته ان ڏينهن اسان جي ملاقات صدر نجيب سان ٿيڻي هئي. صبح جو اطلاع مليو ته ڪنهن به وقت ملاقات جو سڏ ٿي سگهي ٿو. ٻارهين وڳي ڌاري سڏ آيو پر جيستائين پهتاسين ته دير ٿي وئي ۽ سندس ٻي ميٽنگ شروع ٿي وئي. اسان موٽي اچي ريسٽ هائوس تي ويهي رهياسين. منجهند جو اڍائي وڳي وري سڏ پهتو ته اسان به مينهن واچ ڪندا وڃي وزارت خارجا جي آفيس پهتاسين جتي گڏجاڻي رکيل هئي. صدر نجيب سان ڏيڍ ڪلاڪ گڏجاڻي هلي جنهن ۾ عبدالرحيم مندوخيل، شير علي باچا، لالا اصغر، اي رحيم، اڪبر اچڪزئي، عبدالوحد آريسر۽ مان شريڪ هئاسين.
    صدر نجيب سان اسان جي ملاقات يادگار هئي ڇوته ٻن ورهين کان پوءِ مارچ 1992 ۾ هن استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو ته جيئن غير جانبدار عبوري حڪومت لاءِ رستو ڏئي ۽ ايئن اپريل ۾ سندس حڪومت ختم ٿي. چار ورهيه کيس گڏيل قومن جي آفيس ۾ پناهه وٺي رهڻو پيو هو جتان وحشي انتهاپسند مُلن کيس ۽ سندس ڀاءُ کي پڪڙي 27 سيپٽمبر 1998 تي سرعام بجليءَ جي ٿنڀي ۾ لٽڪائي ڦاسي ڏئي ڇڏي ۽ سندن مڙه ڪيترن ئي ڏينهن تائين اتي لٽڪندا رهيا هئا. ملاقات ۾ نجيب جيڪو ڪجهه ڳالهايو اهو جيئن جو تيئن هيٺ ڏيان ٿو:
    “جنگ ڪنهن کي به فائدو نه ڏنو آهي. اسان نه ٿا چاهيون ته اسان جو عوام جنگ ۾ مرندو رهي ۽ قبرستان ٺهندا وڃن. عوام جنگ کان نفرت ڪري ٿو. سوويت فوجون واپس ويون ته اسان ٻه واٽي تي بيٺل هئاسين. اسان هڪ راهه چونڊي ۽ منهن ڏنوسين. هونئن عام طور روزانو نوي کن ماڻهو فوج ۾ ڀرتي ٿيندا هئا، هاڻي پنج 6 سئو ماڻهو ڀرتي ٿين ٿا ڇوته اهي سمجهن ٿا ته هيءَ وطن پرستي ۽ قوم پرستيءَ جي جنگ آهي. گلبدين حڪمتيار وارا جيڪڏهن ان وقت هٿيار ڇڏي امن جي ڳالهه ڪن ها جڏهن جنيوا ٺاهه جي نتيجي ۾ سوويت فوجون افغانستان مان هليون ويون هيون ته ماڻهو سمجهن ها ته هيءَ سندن وطن پرستي آهي، پر هاڻي عوام انهن جو ساٿ نه ڏيندو ڇوته هُو سمجهن ٿا ته گلبدين وارا کين پاڪستان جي وات ۾ اُڇلائيندا. گلبدين جي پٺيان پاڪستان جي آءِ ايس آءِ وارا آهن. افغانستان ۾ اسان جو تختو اونڌو ٿئي ها ته نه رڳو هتي بنيادپرست قبضو ڄمائن ها پر پاڪستان ۾ موجوده جمهوريت (پ پ پ حڪومت) ختم ٿئي ها ۽ ايران، سوويت يونين ۽ هندستان لاءِ به مسئلا پئدا ٿين ها. گلبدين بدنام آهي. ايران اڳ ۾ ئي سندس آفيسون بند ڪري چڪو آهي. نواز شريف (ان وقت پنجاب جو وڏو وزير ۽ مرڪز ۾ پ پ پ حڪومت جو سخت مخالف، جيڪو نه وزير اعظم بينظير ڀٽو کي پروٽوڪول ڏيندو هو ۽ نه ئي حڪومت جي دعوت تي ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيندو هو) اٺين مارچ 1990 تي وفاقي وزارت جي گڏجاڻيءَ ۾ رُڳو ان ڪري شريڪ ٿيو ته خبر وٺي سگهي ته افغانستان ۾ ٿيل بغاوت ڪهڙي مرحلي تي آهي. اها ڪامياب ٿي يا نه ته جيئن هُو بينظير حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري سگهن. افغانستان ۾ بغاوت کي چيڀاٽڻ سان پاڪستان ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت بچي وئي آهي.
    اسان غير سرمائيدارانه رستو ڇڏي قومي مصالحت جي راهه اختيار ڪئي آهي ته جيئن امن قائم ٿئي. سُٺي موٽ ملي آهي. هڪ سال ۾ نوي هزار ماڻهو وطن ڏانهن موٽي آيا آهن . ٻين سڀني علائقن ۾ امن آهي ۽ فقط پاڪستان سان ملندڙ علائقن ۾ حرڪتون ٿين ٿيون. آزادي ۽ خودمختياريءَ کي قائم رکڻ لاءِ دنيا جي ٻين حصن ۾ وڙهندڙ قومن ۾ افغانستان به شامل آهي. اڄ اسان ان حيثيت ۾ آهيون جو ڳالهين جي ٽيبل تي ويهون ته اسان مٿي ۽ گلبدين وارا هيٺانهان هوندا. اهي رڳو ان ڪري دهشتگردي ڪري رهيا آهن ته جيئن منهنجي مٿان تلوار لٽڪندي رهي ۽ مان ڳالهين ۾ سندن شرط مڃان. گلبدين وهابي ۽ سعودي حڪومت جو ايجنٽ آهي. نئين سال (نوروز 21 مارچ) تي هٿ ٺوڪين مجاهدن جي اڳواڻن پنهنجي پيغام ۾ پاڻ افغان عوام آڏو مڃيو ته “افسوس هڪ سال ۾ اسان ڪجهه نه ڪري سگهياسين.” سوويت فوجن جي واپسيءَ مهل هٿ ٺوڪين مجاهدن سمجهيو هو ته هاڻ انقلابي حڪومت ۾ دم ڪونهي ۽ جهٽ ڪري وٺنداسين پر اهو هنن جو خواب هو جيڪو پورو نه ٿيو. جلال آباد تي به هنن ڇهين مارچ 1989 تي حملو ڪيو هو ۽ هيءَ ناڪام بغاوت به هنن ڇهين مارچ تي ڪئي. انقلابي عوام ۽ انقلابي فوج آخر ڪيئن پنهنجي ڪوششن تي پاڻي ڦيري هنن جو ساٿ ڏين ها.”
    ڳالهين جي آخر ۾ نجيب چيو هو:” بينظير ڀٽو لاءِ بهتر هو ته اهڙي ڪمزور حڪومت وٺڻ بجاءِ مخالف ڌُر ۾ ويهي ها. ڪمزور رُجعت پرست گهڻو وقت حڪومت هلائي نه سگهن ها ۽ بينظير کي سڏي حڪومت ڏني وڃي ها. هينئر هُوءَ سون جي پڃري ۾ قيد پکيءَ جيان آهي.”
    شهيد بينظير ڀٽو جي تڏهوڪي حڪومت دوران ايم ڪيو ايم وارا پ پ پ کي دوکو ڏئي حڪومت کان ڌار ٿي ويا هئا ۽ ڪراچيءَ ۾ پهرين آڪٽوبر 1988 کان شروع ڪيل سنڌين جو قتلام جاري رکيو پي آيا. اهو ڪو ڏينهن ڪونه هو جڏهن سنڌين جا ٻورين ۾ بند لاش نه ملندا هجن. مون ڊاڪٽر نجيب کان جڏهن ڪابل جي حالتن بابت سوال ڪيو ته وراڻيائين:” ڪابل جون حالتون ڪراچيءَ کان بهتر آهن “ سندس جواب مان اندازو ٿيو ته پاڪستان جي اندروني حالتن تي سندس نظر هئي.
    گڏجاڻيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ هن هڪ فارسي شعر پڙهيو جنهن جو ترجمو هن ريت آهي:
    سنئين سڌي رستي تان هلڻ ڪهڙي مردانگي آهي، مرد ته اهو جيڪو ڏنگي رستي تان هلي ڏيکاري.
    گڏجاڻيءَ مان اُٿڻ کان اڳ مون ۽ عبدالواحد آريسرنجيب کي اجرڪ اوڍرايو.
    نجيب فليٽ مان منتقل ٿيڻ جي باوجود بادشاهه ظاهر شاهه واري محل ۾ نه بلڪ صدارتي آفيس ويجهو هڪ پراڻي عمارت ۾ رهندو هو. شاهنواز تنائيءَ جي بغاوت دوران هڪ بم هن کان ٽيهه ميٽر پري ڪريو هو جنهنڪري بچي ويو. ان وقت سندس عمر ٽيتاليهه ورهيه هئي. سندس گهر واري فتانه بادشاهه امان الله خان جي خاندان مان هئي ۽ کين ٽي ڌيئر هيلا، اونئي ۽ مسڪه هيون.
    اقتدار وري به اقتدار آهي. جيئن مغل حڪمرانن جي تاريخ پيءُ ۽ ڀائرن کي مارائڻ يا قيد ڪرڻ جي واقعن سان ڀريل آهي تيئن هتي به ڪجهه ايئن ٿيو. نجيب کي جڏهن پنهنجي هڪ ڀاءُ صديق تي شڪ پيو ته هو مخالفن سان مليل آهي ته کيس نظربند ڪرائي ڇڏيائين. بعد ۾ آزاد ٿيڻ تي صديق آمريڪا ڀڄي ويو.
    افغان صدر سان ملاقات کانپوءِ واپس ريسٽ هائوس اچي ماني کائي مان ۽ اي رحيم وري شهر گهمڻ وياسين. اصل مقصد هندستاني ڪرنسيءَ مان جان ڇڏائڻ هو ڇوته ان ڪرنسيءَ جي ڪري وڏي جُٺ ٿي هئي جنهن جو احوال اڳ ئي ڏئي چُڪو آهيان. مون پنهنجي سمورن هندستاني رُپين جا ڊالر ورتا ۽ آريسرجي خواهش تي ڪجهه افغان ڪرنسي. سندس هندستاني ڪرنسي واپسيءَ ۾ دهلي شهر ۾ رڳو رڪشا ۽ ٽيڪسيءَ واري کي ڀاڙو ڏيڻ لاءِ ڪم آئي ۽ باقي وري به ڪراچيءَ ۾ اچي مٽائي جان ڇڏائي هئي سين.
    ڪرنسي مارڪيٽ مان واپسيءَ تي پيام اخبار جي نمائندا ڇوڪرين کي انٽرويوءَ لاءِ منتظر ڏٺم. ٻئي ڏينهن هُو انٽرويو ڇاپي اخبار جي ڪاپي به ڏئي ويون. اخبار ڏسي اندازو ٿيو ته اخباري صنعت جي حساب سان افغانستان اسان کان گهڻو پوئتي هو. انهيءَ رات ڪابل ٽي ويءَ تان صدر نجيب سان اسان جي ملاقات جي خبر به فلم سان گڏ نشر ڪئي وئي.
    ڪابل ٽي ويءَ جا پروگرام شام جو پنجين وڳي شروع ٿيندا هئا جڏهن ته سوويت چئنل ڏينهن رات نظر ايندا هئا. ڪابل ٽي ويءَ تان پشتو ۾ ڊب ٿيل انگريزي فلمون، پشتو ۽ فارسيءَ ۾ لوڪ گيت، پاپ ميوزڪ ۽ ٻيا پروگرام ڏيکاريا ويندا هئا جن ۾ نوجوان خوبصورت فنڪار ۽ فنڪارائون فن جو مظاهرو ڪندا هئا. هندستاني فلمن جا گانا به جام ڏيکاريا ويندا هئا.
    ناشناس نالي هڪ مشهور ڪلاڪار ۽ انگارا نالي خوبصورت فنڪارا کي قومي فنڪار جي حيثيت حاصل هئي. ناشناس ادب ۾ پي ايڇ ڊي هو ۽ روسي، اردو، انگريزي، پشتو، فارسي ۽ ڪجهه ٻين ٻولين تي عبور حاصل هئس. انگارا پاڻ ته وڏي ڳائڻي هئي پر سندس مڙس به گٽارسٽ هو. ناشناس، انگارا ۽ سندس مڙس افغان انقلاب کان پوءِ ملڪ ڇڏي جرمنيءَ ۾ وڃي رهيا پر پوءِ به هتي سندن گيتن جي نشر ٿيڻ تي بندش ڪانه هئي. ڪابل ٽي ويءَ تان سندن خوبصورت گيت ٻڌڻ جو موقعو مليو. ميزبانن ٻُڌايو ته افغانستان ۾ سئنيمائون به آهن جتي پشتو، فارسي ۽ هندستاني فلمون ڏيکاريون وڃن ٿيون. شهر ۾ گهمندي هڪ اڌ هنڌ تي سئنيما نظر آئي هئي جتي پاڪستان جي سئنيمائن وانگر وڏا پوسٽر لڳل هئا. ان زماني ۾ وي سي آر جو به وڏو رواج هو جنهن تي هو هندستاني فلمون شوق سان ڏسنداهئا. اهو شوق اسان به پورو ڪيو.
    26 مارچ تي صبح جو سوير اک کلي ته ڪمري جي شفاف شيشي واري ديوار جي پريان برفباري جاري هئي. ايئن ٿي لڳو ڄڻ آسمان مان ڪير ٻُورو ٿيل برف يا ٽاڻيل ڪپهه وسائي رهيو هجي. مان هڪدم اٿي برفباريءَ جي خوبصورت منظر ۾ گم ٿي ويس. ريسٽ هائوس جي لان تي ڄڻ لوڻ هاريل هو. وڻن جون ٽاريون برف جي ٻوُري سان جهنجهيل هيون. ساڍي نائين وڳي تائين برف وسندي رهي. ڏهين وڳي اسان تيار ٿي خريداريءَ لاءِ نڪتاسين ته هلڪو مينهن وسي رهيو هو.
    مارڪيٽن ۾ افغانين سان گڏ وڏي تعداد ۾ سک واپاري به هئا. جپان، روس، انڊيا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جو ڪپڙو ۽ ٻيو هر قسم جو سامان موجود هو. افغان ڪرنسي افغانيءَ جو مُلهه تمام ڪريل هو (پاڪستان جي هڪ رُپئي ۾ ٽيويهه ۽ هندستاني رُپئي ۾ ڇويهه افغاني ) تنهنڪري ڪپڙي جو هڪ وال به گهٽ ۾ گهٽ ٽي سئو افغانين ۾ ٿي مليو. 555 سگريٽن جي پاڪيٽ جي قيمت هئي ساڍا ٽي سئو افغاني ۽ هڪ جاگر 6 هزار افغانين ۾ ٿي مليو. انهن مارڪيٽن ۾ ممڪن آهي ته ڪو سنڌي واپاري به هجي پر مون کي نظر نه آهيو. پروفيسر زيار، جنهن جو ذڪر پهرين ڪري چُڪو آهيان، تنهن ٻُڌايو هو ته شڪارپور جا سنڌي هندو واپاري وڏي تعداد ۾ پراڻي زماني کان قنڌار ۾ آباد آهن.
    شام جو واپس ريسٽ هائوس تي پهتاسين ته عماد به آيو ۽ صدر نجيب پاران ڪجهه سُوکڙيون ڏئي ويو. منهنجي سُوکڙين ۾ هڪ ريڊيو ٽيپ رڪارڊر به شامل هو. انهيءَ رات سياسي معاملن وارو نائب وزير نُورالله اسان سان ملڻ آيو جنهن سان دير تائين ڳالهيون ٿينديون رهيون.
    27 مارچ تي رمضان المبارڪ جي پهرين تاريخ هئي. صبح جو سوير اُٿياسين ته هلڪو مينهن وسي چُڪو هو ۽ آسمان جُهڙالو هو. نيرن ڪري ڏهين وڳي ڌاري وري شهر گهمڻ نڪتاسين. اسان جو مهماندار عماد گڏ هو. آريانا ايئر لائين وارن کان واپسيءَ لاءِ سيٽن جو به پُڇڻو هو. هڪڙو چڪر ڪرنسي مارڪيٽ جو به هنيوسين پر پهرين روزي سبب مارڪيٽ بند هو. اسان اڃا اُتي ئي بيٺا هئاسين ته وڏا ڌماڪا ٻُڌڻ ۾ آيا. اسان ته پريشان ٿي وياسين پر عماد چيو ته فڪر جي ڳالهه ڪانهي. رات جو ڪابل ٽي ويءَ تان خبرن ۾ ٻُڌاين ته پُلِ محمود علائقي ۾ ٻه راڪيٽ ڪريا هئا جنهن مان هڪ مسافرن سان ڀريل هڪ بس تي ۽ ٻيو هڪ عمارت تي ڪريو هو. ڪل ستاويهه ماڻهو فوت ۽ ويهه ڄڻا زخمي ٿيا هئا. اهي راڪيٽ ڪابل کان ويهه ڪلوميٽر پري پغمان جي علائقي ۾ جبلن ۾ لڪل هٿ ٺوڪين مجاهدن فائر ڪيا هئا. افغان عوام کي اسلام پسند “مجاهدن” پاران اهو پهرين رمضان جو تُحفو هو.
    رات جو سُمهڻ کان اڳ صدر نجيب جي موڪليل ريڊيو کي ڦيرائڻ شروع ڪيم ته ريڊيو پاڪستان لڳي ويو جنهن تان وزير اعظم بينظير ڀُٽو جي تقرير هلي رهي هئي. ڪراچي ڇڏي 6 ڏينهن ٿي چُڪا هئا ۽ محترما جي تقرير ٻُڌڻ ايترن ڏينهن کان پوءِ پنهنجي ڌرتيءَ سان ڄڻ ته پهريون رابطو هو. منهنجو ذهن ڪراچيءَ کان ڪابل تائين ڪيل سفر جو سوچيندي گهڻو ماضيءَ ڏانهن هليو ويو جڏهن مولانا عبيدالله سنڌي انگريز راڄ خلاف هلايل ريشمي رُومال تحريڪ جي سلسلي ۾ زميني رستي کان ڏينهن جا ڏينهن جبل جهاڳيندو سنڌ کان افغانستان پهتو هو.
    28 مارچ تي اسان کي ڪراچي ڇڏي ستون ڏينهن هو. مصروفيتون گهڻو ڪري ختم ٿي چُڪيون هيون. هڪڙو خيال ٿيو ته ڪابل کان نڪري ٻيا علائقا به ڏسجن، خاص طور اُتر ۾ ايشيائي رياستن سان ملندڙ علائقو، پر پوءِ جوکو نه کنيوسين. هوائي جهاز جون سيٽون ڪنفرم نه ٿيڻ جي ڪري ٽن ڏينهن کان ڄڻ ته ايئن ئي ويٺا هئاسين. شهر گهمڻ کان پوءِ پروفيسر زيار سان باقائدا ڪچهري ٿيندي هئي.
    هاڻي اسان سوچيو ته ٻين کان ڌار اسان ٻه ڄڻا الڳ دهليءَ تائين سيٽ وٺون. اسان جي چوڻ تي عماد ايئر لائين جي آفيس ويو ۽ شام جو ٻُڌايائين ته ٻنهي جون سيٽون ڪنفرم ٿي ويون آهن پر ٻه ڏينهن ڇڏي ٽئين ڏينهن فلائيٽ رواني ٿيندي. دهليءَ ۾ کٽن ڀاڳ، اُتان وري پنهنجي طور ڪراچيءَ لاءِ سيٽ وٺڻ جي ڪوشش ڪبي.
    فلائيٽ نه هجڻ جو خاص سبب هو موسم جي خرابي. ان ڏينهن به صبح کان مينهن وسي وهيو هو، جنهن ڪري ٿڌ به تمام گهڻي وڌي وئي هئي ۽ اسان جو ٻاهر وڃڻ نه ٿيو. رات جو وزيرِ سرحدات سليمان لائق اسان سان ملڻ آيو . هُو تمام گهڻو نياز نئڙت وارو شخص هو. اچڻ شرط چيائين: حالتون خراب هجڻ ڪري مهمان نوازيءَ ۾ ڪوتاهي ٿي هجي ته معاف ڪجو. توهان جي اچڻ جي خوشيءَ ۾ اسان کي روايت موجب اُٺ قربان ڪرڻ کپي ها پر اسان ايئن نه ڪري سگهيا آهيون جنهن لاءِ معافي گهران ٿو.
    سليمان لائق گهڻي دير تائين اسان سان ويٺو رهيو ۽ افغانستان جي حالتن تي وڏي تفصيل سان ڳالهايائين. هن چيو: “جنگ جي ڪري افغانستان جي اقتصادي حالت تباهه ٿي وئي آهي. افغان ڪرنسيءَ جو مُلهه ڪري چُڪو آهي. اڳي هڪ ڊالر ۾ چاليهه افغاني هئا ۽ هاڻي 6 سئو. گوشت به هندستان مان گهرائڻو پوي ٿو. رستا تباهه ٿي ويا آهن. ڏهه لک ايڪڙ زمين سُڪي برباد ٿي چُڪي آهي. گذريل سال مانيءَ ڳڀي لاءِ ماڻهن جون قطارون لڳل هيون.”
    سليمان لائق چيو:”دنيا ۾ جيترو افغان انقلاب جي مخالفت ٿي آهي، ڪنهن ٻئي انقلاب جي نه ٿي هوندي. سڀ رُجعت پسند افغان انقلاب جي خلاف متحد آهن . پئسو عربن جو، هٿيار آمريڪا جا ۽ تنظيم ۽ جنگ ڪرائيندڙ پاڪستان آهي. انهن جا ٻيا رُجعتي ساٿاري ملڪ به سندن مدد ڪري رهيا آهن . اسپين ۾ جمهوري انقلاب جي مدد لاءِ دنيا جا ترقي پسند ويا هئا پر هتي معاملو اُبتڙ آهي. سوويت يونين مدد لاءِ آيو ته سڄي دنيا واويلا ڪئي. نيٺ اسان ان کي چيو ته واپس وڃو، اسان پاڻ انقلاب جو دفاع ڪنداسين. هڪ ڀيري آفريڪا ويندي ڪويت ۾ ٿورو ترسڻو هو. هوائي اڏي تي اختياريءَ وارن کي جڏهن معلوم ٿيو ته مان افغان انقلاب سان لاڳاپيل آهيان ته منهنجي ايتري بيعزتي ڪيائون جو مان حيران ٿي ويس. دل چيو ته کانئن پُڇان ته ڇا سندن اسرائيل سان جهيڙو ختم ٿي ويو آهي؟
    نجيب جي هن ساٿيءَ جا سنڌين لاءِ تاثرات هن ريت هئا:
    “پشتونن کان وڌيڪ سنڌين جو قدر ڪريون ٿا ڇو ته اهي سُجاڳ آهن ۽ جدوجهد ڪري رهيا آهن . جي ايم سيد کي پراڻي وقت کان سُڃاڻون ۽ سندس مضبوط قومپرست نظرئي سبب کيس پنهنجو به رهبر سمجهون ٿا. پنهنجي پيرسنيءَ جي باوجود هو جڏهن دهليءَ ويو هو ته مان سندس دليري ۽ همت کان متاثر ٿيو هئس. هُو واقعي سچو سنڌي آهي. اسان سنڌين سان سندن جدوجهد ۾ گڏ آهيون. غلاميءَ جون زنجيرون ضرور ٽٽنديون.”
    29 مارچ تي سڄو ڏينهن مينهن وسندو رهيو. سج جو نالو به ڪونه هو. صبح جو ڏهين کان ٻارهين وڳي تائين شهر جو چڪر هنيم ۽ جنرل پوسٽ آفيس مان دهليءَ وينا شرنگيءَ کي ٽيليگرام موڪليم ته31 مارچ تي پهچي رهيو آهيان. باقي ڏينهن ڪچهرين ۾ گذريو. رات جو ماني کائي ڪمري ۾ وياسين ته آريسرجلدي سمهي پيو ۽ مان ويٺس ريڊيو جي سُئي گهمائڻ. اوچتو آڪاشواڻي جوڌپور تان سنڌي ڪلام شروع ٿيا. وري جو ڦيرايم ته خيرپور ريڊيو جو بلڪل صاف آواز آيو . سنڌ مان سنڌي آواز ٻُڌي دل خوش ٿي وئي. وڌيڪ مزو تڏهن آيو جڏهن سينگهار علي سليم جو ڳايل ڪلام “آءٌ وريو نٿي وران” ۽ عابدا پروين جو ڳايل”ڪيئن پرچايان توکي، ڪيئن ريجهايان توکي، ڏس ڪو ڏي” ٻُڌم. ان کان پوءِ محمد يوسف جو ڪلام”سُڌ نه سورن جي ڪل ڪا مون کي” ٻُڌم.
    30 مارچ تي صبح جو سج ڏسي آٿت ٿي ته موسم بدلي آهي ۽ جهاز جي اُڏام ۾ ڪا رنڊڪ نه پوندي. سڄو ڏينهن وري به ڪچهرين ۽ وي سي آر تي فلم ڏسڻ ۾ گذريو. رات جو عماد سان ڊگهي ڪچهري ٿي جنهن دوران مان کانئس افغانستان جي سماجي، سياسي ۽ اقتصادي حالتن بابت سوال پُڇندو رهيس.
    عماد، جيڪو اصل ۾ وزارتِ سرحد جو عملدار هو، تنهن ٻُڌايو ته نجيب حڪومت زرعي سڌارا آندا جنهن تحت “کيڙي سو کائي” واري پاليسي اختيار ڪري هر هاريءَ کي ٽيهه جريب زمين ڏني وئي. هارين تي ڇاڪاڻ ته جاگيردارن جو ڊپ ويٺل هو ته متان اهي کين مارائي ڇڏين، تنهنڪري هاري به هتان ڀڄي ملڪ ڇڏي ويا. ان ڪري زمينون ويران ٿي ويون ۽ زرعي پيداوار ختم ٿي وئي. هاڻي صدر نجيب قومي مصالحتي پاليسيءَ تحت سرمائيدارن کي ڪارخانا هڻڻ جي اجازت ڏني ۽ پرڏيهي سرمائيدارن کي به سيڙپ ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. حڪومت سرمائيدارن کي ڪارخانا هڻڻ لاءِ قرض به ڏئي رهي آهي. ان سان گڏ حڪومت ۽ سرمائيدار گڏيل سيڙپ به ڪري رهيا آهن .ملڪ ۾ چينيءَ جو سامان ٺاهڻ جا ڪارخانا،سائيڪلن ٺاهڻ جا ڪارخانا، ڪوڪا ڪولا، اسپيئر پارٽس، ٽيڪسٽائل صنعتون، زيتون جو تيل ٺاهڻ جو ڪارخانو، جُوس ٺاهڻ جا ڪارخانا وغيره ٺهي چُڪا آهن . صنعتي مزدور صبح جو اٺين کان منجهند جو ڏيڍ وڳي تائين ڪم ڪن ٿا. سندن علاج مفت ٿئي ۽ اٽو ۽ گيهه به مفت ملين. ٻيو سامان بازار مان رعايتي اگهه تي کين ملي ٿو جنهن لاءِ حڪومت طرفان مزدورن کي ٽوڪن مليل آهن . بازار ۾ رعايتي اگهه ان حد تائين گهٽ آهن جو هڪ ڪلو چانهه جي پتي، جنهن جي عام قيمت پندرهن سئو افغاني آهي، اها پورهيتن کي ٽي سئو ۾ ڏني ٿي وئي. هارين ۽ پورهيتن جي ڀلائيءَ لاءِ هڪ تنظيم سازمانه انقلابي زحمت ڪشان افغانستان Revolutionary Organization of Toiling People of Afghanistan به ٺاهي وئي هئي. هارين جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حزبِ عدالت دهقانان به قائم ڪئي وئي هئي. شُوراءِ زنانه افغانستان جي نالي سان عورتن جي تنظيم به قائم هئي جنهن جي اڳواڻ ايران ۾ اڳوڻي سفير معصومه عصمتي وردڪ هئي.
    هن ٻڌايو ته اڳي مذهبي معاملن بابت هڪ کاتو هوندو هو پر هاڻي هڪ مڪمل وزارت قائم آهي.
    اسلامي علوم يونيورسٽيءَ تائين وڌايا ويا هئا ۽ هڪ ڌار اسلامي يونيورسٽي به قائم ڪئي وئي هئي. حڪومت ڪيتريون ئي مسجدون به ٺهرايون آهن ۽ مولوين کي به باقاعدا پگهار ملندي آهي.
    افغانستان ۾ عام ملازم جي پگهار گهٽ ۾ گهٽ پنج هزار افغاني هئي جڏهن ته اوور ٽائيم الڳ ملندو هئن. فوجين جي پگهار سِول ملازمن کان وڌيڪ هئي.
    جنگ جي ڪري آبپاشي نظام تباهه ٿي چُڪو هو پر بارشن، چشمن ۽ درياهه مان ڪئنالن ڏانهن پاڻي ڇڪي ڪجهه زمين سيراب ڪئي ٿي وئي جنهن تي ڪڻڪ، جوئر، چقندر ۽ ٻيا فصل پوکيا ٿي ويا. ڪينُو، نارنگيون، انگور، گدرا، هنداڻا، ڏاڙهون، شفتالو، زردالو وغيره هتان جا خاص ميوا آهن.
    عماد ٻُڌايو ته انقلاب کان پوءِ روزانو رات جو ڪرفيو لاڳيتو جاري آهي. وچ ۾ ٻن سالن لاءِ ڪرفيو ختم ٿيو پر جنوري 1989 ۾ سوويت فوجون واپس ويون ته ڪرفيو وري شروع ڪيو ويو. پارٽي ميمبر فوجي لباس پائيندا آهن جڏهن ته اهي دفاعِ خُودي (پنهنجي حفاظت پاڻ) تحت پنهنجي پاڙن ۾ سڪيورٽيءَ جو انتظام ڪن ٿا جنهن لاءِ حڪومت کين پاڻ هٿيار ڏنا آهن . پارٽيءَ جا ميمبر رات جو پاڻ ڊيوٽي ڪندا آهن ۽ هر ميمبر لاءِ هفتي ۾ ٻه ڏينهن مقرر آهن.
    31 مارچ افغانستان ۾ اسان جو آخري ڏينهن هو. صبح کان ئي واپسيءَ جو انتظار هو. نيرن ڪري مان ۽ آريسرپاڪستان مان تازو آيل افراسياب خٽڪ سان ملڻ وياسين جيڪو انهيءَ ريسٽ هائوس ۾ رهيل هو جتي مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو جلاوطنيءَ دوران رهندا هئا ۽ اتي ئي افغان ڇوڪرين سان پرڻيا هئا. افراسياب وٽ پاڪستان جي ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صدر به آيل هو.
    منجهند جو افغان نائب وزير آغا نورالله الوداعي ملاقات لاءِ آيو جنهن کان پوءِ مهماندار آفيسر عماد سان گڏ هوائي اڏي ڏانهن روانا ٿي وياسين. پوڻن ٻن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ جڏهن دهليءَ جي اندرا گانڌي انٽرنيشنل ايئر پورٽ تي لٿاسين ته وينا شرنگيءَ جو ڀاءُ اسان کي وٺڻ لاءِ پهتو هو پر هتي به اسان جيئن ته افغان حڪومت جا مهمان هئاسين تنهنڪري افغان سفارتخاني جي آيل عملدار سان گڏ هوٽل تي هليا وياسين جتي اسان جي رهائش جو انتظام هو. وينا شرنگي ۽ لڇمڻ ڀاٽيا سان ٻئي ڏينهن پهرين اپريل تي ملاقاتون ٿيون جنهن جو احوال اڳ ئي ڏئي چُڪو آهيان. ٽئين ڏينهن 2 اپريل تي هتان لاهور لاءِ روانا ٿياسين جتي رات جو ئي ڪوچ ۾ چڙهي سڄي رات ۽ ڏينهن سفر ڪري 3 اپريل تي شام جو ڇهين وڳي سکر پهتاسين ۽ اتان چوٿين اپريل تي ڪوچ ذريعي ڪراچيءَ پهچي سفر جي پڄاڻي ڪئي سين. ڪراچيءَ پهچڻ شرط پهريون ڪم صحافيءَ واري ذميداري پوري ڪرڻ هو، تنهنڪري هڪدم ڪابل جي دوري ۽ خاص طور افغان صدر سان ملاقات جي حوالي سان هڪ تفصيلي رپورٽ ٺاهي هلال پاڪستان اخبار ۾ ڇاپيم. مون کي حيرت ٿي ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جماعتي اُردو رسالي تڪبير ۾ اها سموري رپورٽ ترجمو ڪري پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۽ منهنجي خلاف زهر ڀريل جملن جو واڌارو ڪري شايع ڪئي وئي جنهن جي هيڊنگ هئي: پيپلز پارٽي ڪي دانت دِکاني ڪي اور، کاني ڪي اور.
    ان رسالي 1988 ۾ به منهنجي خلاف لکيو هو جڏهن عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کٽي رهي هئي. مان ان وقت پاڪستان ٽيليويزن جي چونڊن واري نشريات ۾ ڪراچي سينٽر تان ميزبان هئس ۽ مرحوم علي احمد بروهي مهمان هو. اڌ رات کان پوءِ جڏهن لاڳيتو پ پ پ جي اميدوارن جي ڪاميابيءَ جا اطلاع اچڻ لڳا هئا ته مون بروهي صاحب کي چيو هو ته هاڻي صورتحال ڪافي دلچسپ ٿيندي پئي وڃي. منهنجو اهو اکر تڪبير رسالي وارن کي وڏي تڪليف پهچائي ويو ۽ هنن اڌ صفحو منهنجي خلاف مضمون سان ڀري ڇڏيو هو.
    *


    مالديپ

    مالديپ

    مالديپ
    ٻُڏندڙ ٻيٽن وارو ملڪ

    Maldives
    The Country of Sinking Islands


    ڪولمبو هوائي اڏو : امارات ايئر لائين جي جهاز اندر

    هن وقت امارات ايئر لائين جو جهاز ڪولمبو هوائي اڏي تي لٿو آهي ۽ سريلنڪا جي وقت مطابق رات جا ساڍا ڏهه ٿيا آهن، منهنجو سفر اڃا به اڳتي مالديپ ڏانهن آهي، سريلنڪا کان چار سئو پنجٽيهه ميل ڏکڻ اولهه ۾ ۽ انڊيا کان ٻه سئو پنجاهه ميل ڏکڻ اولهه ۾ مالديپ ٻيٽن تي آباد هڪ ملڪ آهي، مان صبح جو سوائين ڏهين وڳي ڪراچيءَ مان گهران نڪتل آهيان، ڪراچيءَ کان جهاز ۾ دبئيءَ پهتس ۽ اُتان وري هن پاسي يعني اولهه ڏانهن وڃي وري اوڀر ڏانهن سفر، مونکي ورلڊ پريس فريڊم ڊي World Press Freedom Day جي حوالي سان ٻن ڏينهن جي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ يونيسڪو وارن دعوت ڏني هئي، مونکي پنهنجي اداري پاڪستان پريس انٽرنيشنل جي نمائندگي ڪندي پنهنجي ملڪ اندر ماڻهن کي معلومات تائين پهچ جي حق ۽ اُن بابت قانون جي حوالي سان پيپر پڙهڻو هو.
    ڪوشش ڪيم ته ڪراچيءَ کان سريلنڪا ايئر لائين ۾ سيٽ ملي ته اُتان آچر تي شام جو نڪران ۽ رات جو ڏيڍ وڳي مالديپ جي گادي مالَي پهچان پر ايئن نه ٿي سگهيو، ساڍي ٻارهين وڳي ڪراچيءَ مان اُڏاڻل جهاز دبئيءَ جي وقت مطابق ذري گهٽ اڍائي وڳي دبئي هوائي اڏي تي لٿو. دبئي ۽ پاڪستان جي وقت ۾ هڪ ڪلاڪ جو فرق آهي جڏهن ته ڪراچيءَ کان دبئي پهچڻ ۾ ڏيڍ ڪلاڪ لڳي ٿو. دبئي هوائي اڏي تي ڊيوٽي فري مال ۾ رُلندي سوا چئين وڳي تائين وقت گذاريم جنهن کانپوءِ جهاز ۾ ويٺس ۽ پنجين وڳي کانپوءِ جهاز اُڏاڻو. دبئي هوائي اڏي تي سريلنڪا جي هڪ نوجوان ٻڌايو ته دبئي ۽ سريلنڪا جي وقت ۾ ڏيڍ ڪلاڪ جو فرق آهي ۽ جهاز سريلنڪا جي وقت مطابق رات جو ساڍي ڏهين وڳي ڪولمبو پهچندو،
    جهاز ۾ کائڻ پيئڻ کانپوءِ وقت گُذاري لاءِ چئنل ڦيرائيندو رهيس، پوڻا چار سئو چئنل ڦيرائڻ ۾ ئي گهڻو وقت لڳي ٿو، مون ته هڪ اڌ انگريزي فلم جاٽڪرا به ڏسي ورتا پر جڏهن جهاز ڪولمبو کان ويهه پنجويهه منٽ پري هو ته هڪ چئنل تي مرحوم شفيع محمد شاهه جو پراڻو ڊرامو “ميرا نام هي محبت” هلندي نظر اچي ويو. مون اُن مهل ئي ڊائري ڪڍي اُن ۾ نوٽ ڪري ڇڏيو ته ڇٽيهه هزار فُٽ بُلنديءَ تي مون شفيع محمد شاهه جو ڊرامو ڏٺو. ڊرامو ته اُردو هو پر زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ هڪ اهڙي اداڪار (مرحوم) کي ڏسڻ جنهن جي مقبوليت آسمان تي پهتل هئي ۽ جنهن سان نيازمندي به هئي، هڪ يادگار ڳالهه هئي. هونئن به سنڌ کان ٻاهر ڪنهن سنڌيءَ جو ملڻ يا سنڌي ڳالهائيندي ٻُڌڻ ئي ڄڻ ته پاڻ کي روحاني طور سنڌ ۽ سنڌين سان ڳنڍيو ڇڏي. دبئي هوائي اڏي تي به مونکي ڇِڪ محسوس ٿي جڏهن هڪ سنڌي فئمليءَ کي پاڻ ۾ ڳالهائيندي ٻُڌم، ڪراچيءَ کان دبئي ويندي جهاز ۾ به هڪ اڌ سنڌي نظر آيو هو، کين ڏسي دعا گهري هئم ته سنڌي جتي به هجن خوش هجن، رُڳو هڪ ٻئي جون ڄنگهون نه ڇِڪن،
    جهاز ڪولمبو کان روانو ٿيڻ ۾ اڃان چڱو وقت هو. يارهين وڳي ڌاري اوچتو مينهن شروع ٿي ويو. مان جهاز جي دريءَ مان مينهن جو مزو وٺندو رهيس. ڪولمبو ۾ ٻه ڪلاڪ لڳي ويا ۽ اهو سمورو وقت جهاز اندر ئي ويهڻو پيو هو. مون به هڪ ڀيرو وري شفيع محمد شاهه جو ڊرامو ڏسي ورتو، دبئيءَ کان ڪولمبو تائين منهنجي ڀر واريون ٻئي سيٽون خالي هيون پر ڪولمبو مان هڪ جهونو پنهنجي گهر واريءَ سان سوار ٿيو جن کي اِهي سيٽون مليل هيون، مون سمجهيو ته اِهي به مالَي ويندا هوندا سو کانئن ڪولمبو کان مالَي تائين سفر جو وقت پڇيم پر خبر پئي ته هُو دبئي وڃڻ لاءِ سوار ٿيا هئا جو اِهائي فلائيٽ مالَي وڃي موٽ کائي ها، هنن کي دبئيءَ کان انگلينڊ وڃڻو هو، ٻڌ مت جو پوئلڳ جهُونو، جنهن پنهنجو نالو هميس Hames ٻُڌايو، پاڻ انگلينڊ ۾ رهندو هو، پُٽس جرمنيءَ ۾ ۽ ڌيڻس ڪنهن ٻئي يورپي ملڪ ۾، هُو هر سال فقط ٽن مهينن لاءِ سريلنڪا ايندا هئا، مون کي ٻُڌمت سان دلچسپي هجڻ سبب ساڻس ڪچهريءَ جو موقعو ملي ويو ۽ جڏهن ٻُڌايومانس ته ڏکڻ ڪوريا ۾ ٻُڌ ڀڪشوئن سان نه رُڳو ملي چُڪو آهيان پر اُتي ٻُڌن جي پگوڊائن ۾ رهي به چُڪو آهيان ته سندس دلچسپي اڃان وڌي وئي.
    *


    هوائي اڏي لاءِ الڳ ٻَيٽ

    رات جو سوا هڪ وڳي ڌاري جهاز مالَي هوائي اڏي تي لٿو، لينڊنگ مهل رات هجڻ جي باوجود هوائي اڏي جي روشنين ۾ سمنڊ جو پاڻي ڏسڻ ۾ آيو ٿي، جهاز جيئن ئي هيٺ ٿيندو ٿي ويو ته ايئن پئي لڳو ڄڻ جهاز پاڻيءَ تي لهڻ وارو هجي، وري جڏهن جهاز جا ڦيٿا زمين سان لڳڻ وارا هئا ته خبر پئي ته سمنڊ جو پاڻي خشڪيءَ کان ٻه يا ٽي فُٽ هيٺ هو، ٽرمينل بلڊنگ عام رواجي هئي جيئن ڪنهن غريب ملڪ جي ٿي سگهي ٿي، جهاز مان لهي ٽرمينل بلڊنگ اندر گهڙيس ته اميگريشن جي ڪاررواين لاءِ ترسڻو پيو جو مون کان اڳ هڪ ٻه ماڻهو بيٺل هئا، خبر پئي ته اُنهن ۾ هڪ اسلام آباد مان اين جي او جو مختيار ۽ نيپال جو هڪ همراهه هيو. اميگريشن وارن کي جيئن ئي خبر پئي ته اسان سرڪاري مهمان آهيون ته بنا دير جي سڀ ڪارروايون پوريون ڪري وڏي عزت سان ٻاهر تائين ڇڏڻ آيا جتي وري ميزبانن ڪجهه ڇوڪرين کي اسان جي آڌر ڀاءُ لاءِ موڪليو هو. مالديپ جي ويزا لاءِ ڪا وڏي ڀڄ ڊُڪ ڪرڻي ڪانه ٿي پوي، بس ٽڪيٽ وٺي جهاز ۾ چڙهي پوڻو آهي، هوائي اڏي تي توهان کي ويزا جو ٺپو هڻي ڏئي ڇڏيندا جيئن نيپال ۽ سريلنڪا ۾ آهي.
    ميزبان ڇوڪريون اسان کي وٺي اڳتي هليون ته سامهون هلڪي روشنيءَ ۾ پارڪنگ ايريا ڏسڻ ۾ آئي جتي ڪوسٽر بيٺل محسوس ٿيا پر ويجهو وڃڻ تي خبر پئي ته اِهي لانچون Feries هيون جن ۾ سوار ٿي اسان کي مالَي وڃڻو هو، ميزبان ڇوڪرين ٻُڌايو ته هوائي اڏو هڪ الڳ ٻيٽ تي آهي، بلڪه اهو ٻيٽ ئي مڪمل طور هوائي اڏو آهي، مان حيران هئس جو هر پاسي سمنڊ هو ۽ ٻيٽ به ڪو وڏو ڪونه هو، اهڙي هنڌ جهاز جو لهڻ جوکم جو ڪم هو، مالديپ مان موٽي مون YouTube تي اهڙي وڊيو ڳولي ڏٺي جنهن ۾ جهاز جي ڪاڪپٽ مان جهاز جي لينڊنگ، سمورو هوائي اڏو، مڪمل ٻيٽ ۽ آسپاس سمنڊ جو واضح منظر ڏيکاريل هو،
    اسان لانچ ۾ سوار ٿي مالَي روانا ٿياسين ۽ اٽڪل پندرهن وِيهه منٽن جي سفر کانپوءِ لانچ اچي مالَي جي ڪنڌيءَ سان لڳي، رات جي وقت آسپاس جي ٻيٽن تي ٻرندڙ روشنيون جرڪي رهيون هيون پر سواءِ روشنين جي ڪجهه نظر نٿي آيو، مالَي جي ويجهو پهچڻ تي به اکين دوکو کاڌو هو ڇو ته لڳو ٿي ته پبلڪ ٽرانسپورٽ واريون بسون قطار ۾ بيهاريون ويون آهن، پر ويجهو پهچڻ تي اهي به لانچون Feries ئي نڪتيون، لانچ مان نڪري جيٽيءَ تي قدم رکيوسين ته ڀرسان ئي روڊ هو جتي ڪجهه ڪارون بيٺل هيون، سڀني اهو ئي سمجهيو ته هاڻي ڪارُن ۾ سوار ٿي اڳتي سفر ڪبو پر منزل ويجهي ئي هئي ۽ رُڳو گهٽي پار ڪرڻ جي دير هئي، گهٽيءَ جي ڪُنڊ تي 9 ماڙ مُوڪر Mookar هوٽل ۾ اسان جي لاءِ ڪمرا مخصوص ٿيل هئا.


    ٻُڏندڙ ملڪ ۾ پهريون ڏينهن

    چاٻي وٺي ڪمري تي پهتس ته رات جا ٽي ٿي چُڪا هئا، سخت ٿڪَ ۽ اوجاڳي جي باوجود ننڊ نه پي آئي ۽ خبر ناهي ته ڪيڏيءَ مهل پاسا ورائيندي اک لڳي وئي. وري اک کُلي ته سمجهيم پڪ ئي پڪ ڪانفرنس شروع ٿي وئي هوندي، پر جڏهن هوٽل جي ملازم غفور کان ٽائيم پڇيم ته اڃا ڇھه لڳي اٺاويهه منٽ ٿيا هئا، مون پنهنجي واچ جو ٽائيم مالديپ جي وقت مطابق سيٽ نه ڪيو هو پر اُن ۾ به ساڳيو وقت ٿيو هو، منهنجي حيراني غفور هڪدم اهو چئي ختم ڪري ڇڏي ته مالديپ حڪومت مقامي وقت هڪ ڪلاڪ اڳتي ڪري ڇڏيو آهي. اِن حساب سان پاڪستان ۽ مالديپ وچ ۾ هڪ ڪلاڪ جو فرق ختم ٿي ويو هو .
    وقت جي خبر پوڻ کانپوءِ آرام سان تيار ٿي نيرن جي پُڇا ڪيم ته ٻُڌايو ويو ته اِن هوٽل جي سامهون هڪ ٻي هوٽل ۾ کاڌي پيتي جو انتظام آهي. مون کي به تڪڙ ڪانه هئي جو ٻُڌايو ويو هو ته هاليڊي اِن هوٽل ۾ ڪانفرنس رکيل هئي جيڪا اسان جي رهائش واري هوٽل کان سڏ پنڌ تي هئي. بلڪل سامهون وارو روڊ وٺي اڃان پنج منٽ پنڌ ڪيو هوندم ته هاليڊي اِن هوٽل اچي وئي جنهنجي ٻي ماڙ تي هال ۾ پروگرام هو. اهو اسڪندر روڊ هو جنهن تي ڪجهه گفٽ شاپ به هئا ته ڪجهه اسڪول ۽ مدرسا، هڪ وڏي مسجد به هئي جنهن جو نالو (اسڪندر مسجد) به روڊ جي نالي پُٺيان يا روڊ جو نالو مسجد جي پُٺيان هو. هي مالَي جو اهم رستو هو ڇو ته هاليڊي اِ ن هوٽل جي سامهون ئي انڊين هاءِ ڪميشن جي عمارت هئي. ٿورو اڳتي هلبو ته مالديپ جو فوجي هيڊڪوارٽر، قومي ميوزيم ۽ هڪ ٻي وڏي شاهي مسجد “سلطان مسجد” جي نالي سان قائم آهي، انهن سڀني کان ٽپي ٿورو اڳتي هلبو ته شاپنگ ايريا ايندي. ان رستي جي مُتوازي رستو سمنڊ ڪناري آهي ۽ اُتي اِسٽيٽ بينڪ آف اِنڊيا جي برانچ به آهي ته مالديپ جي صدر جي آفيس به، جن جي مُهاڙ سمنڊ ڏانهن آهي. ٿورين ئي وِکن تي خوبصورت جيٽي ٺهيل آهي جنهن جي آڏو ماڻهن جي وندر لاءِ بينچون وغيرهه رکيل آهن، ڪنهن پارڪ جهڙو ماحول جتي ماڻهو ڪي گهڙيون سُڪون سان ويهي سگهي. سمنڊ جي اِن حصي ۾ ڪوسٽ گارڊ وارن جون لانچون بيٺل نظر اينديون. صبح کان شام تائين ڪانفرنس ۾ هجڻ ڪري مان ٻن ڏينهن ۾ مالَي جا اِهي ٻه روڊ ۽ شاپنگ ايريا جو ڪجهه حصو ئي گهمي سگهيس جڏهن ته هڪ رات مالَي کان ڪجهه پرڀرو هڪ ٽوئرسٽ رزارٽ تي ڪينڊل لائيٽ ڊنر ڪئي سين. مالَي گهمڻ لاءِ ڪي گهڻا ڏينهن ڪونه کپن ڇوته اهو ٻيٽ ڪُل اَٺ چورس ڪلوميٽرن ۾ آهي جنهن جي ڪُل ڊيگهه ئي ٽي ڪلوميٽر آهي. مالديپ جي گاديءَ جي ڪُل آبادي 2008 جي انگ اکرن مطابق اسي هزار هئي جيڪا 2010 ۾ هڪ لک کن هئي. مالديپ ٻارهن سئو ننڍن ننڍن ٻيٽن تي مشتمل ملڪ آهي جنهن جي ڪُل ايراضي ته نوي هزار چورس ڪلوميٽر بيهي ٿي پر سڀني ٻيٽن جي زمين ملائبي ته ڪُل ايراضيءَ جو هڪ سيڪڙو بيهندي. ٻارهن سئو ٻيٽن مان فقط ٻه سئو ٻيٽن تي ماڻهو رهن ٿا ۽ باقي سڀ غيرآباد آهن. ٻه سئو ٻيٽن مان به ڪيترائي اهڙا آهن جن تي مشڪل سان هڪ هڪ سئو ماڻهو رهن ٿا. مزي جي ڳالهه ته ملڪ جي ڪُل آبادي ئي ٽي لک ٽيهه هزار آهي. جيتري مالديپ جي آبادي آهي، ساليانو اُن کان وڌيڪ سياح هتي گهمڻ لاءِ اچن ٿا.
    *


    اِسرارن سان ڀريل تاريخ

    مالديپ اڄ ڇا آهي؟ مون ڇا ڏٺو؟ ڪنهن سان مليس ۽ ڪهڙو مشاهدو ٿيو، انهيءَ تي لکڻ کان اڳ هن ملڪ جي ماضيءَ تي نظر وجهڻ گهرجي جيڪا تاريخ جي اسرارن سان ڀريل آهي. چون ٿا ته مالديپ جي تاريخ هِن ملڪ وانگر ايتري پُر اِسرار آهي جو ڏندڪٿائن ۽ حقيقتن وچ ۾ فرق ڪرڻ به ڏاڍو ڏکيو آهي. سوين ميلن ۾ پکڙيل سمنڊ جي وچ ۾ هنن اڪيلن ٻيٽن تي ماڻهو ڇو، ڪيئن ۽ ڪٿان آيا؟ جڏهن ان بابت تاريخ جا پنا اُٿلائجن ٿا ته رُڳو سامونڊي خطرن ۽ ڌارين جي يلغارن کي مُنهن ڏيندڙ سلطانن، بادشاهن ۽ راڻين جون ڪهاڻيون ملن ٿيون.
    مالديپ ملڪ جي نالي جي به الڳ ڪهاڻي آهي. سنسڪرت ۾ دِيوِپ يا دِيپ ٻيٽ کي چون ٿا تنهنڪري عربن ان کي محل دِيب سڏيو، ٻيٽن تي رهندڙن کي ڌِيوِز Dhives سڏجي ٿو. جڏهن ڊچ هتي قابض ٿيا ته انهن هن ملڪ کي Maldivische Eilander سڏيو ۽ انگريزن ان کي مالدِيوِ آئلينڊ Maldive Islands جو نالو ڏنو جيڪو ڦري فقط مالدِيوِز Maldives ٿي ويو. سريلنڪا جي قديم پالِي ٻوليءَ جي ڪتابن ۾ هن ملڪ کي ماهيلا دِيوا Mahila Diva يعني عورتن جي سرزمين Land of Women سڏيو ويو آهي. ڪن تاريخدانن جو خيال آهي ته اهو سنسڪرت جو لفظ مالادِوِپا Maladivipa آهي جنهن جو مطلب ٻيٽن جو هار Garland of Islands آهي. عرب سياح اِبن بطوطه جيڪو 1344 عيسوي سن ۾ مالديپ آيو ۽ هتي قاضي (جج) طور ڪم ڪيائين، تنهن هن ملڪ لاءِ عربي لفظ محل دِبيات Mahal Dibiyat استعمال ڪيو آهي ۽ مالديپ جي سرڪاري نشان State Emblem ۾ به اهو لفظ ڄاڻيل آهي.
    چون ٿا ته ٽي هزار ورهين کان هتي ماڻهو آباد آهن، سڀ ماڻهو هڪ ئي نسل جا ڪونه هئا، ڪي ڪيرالا کان آيا ته ڪي مالابار کان، ڪي تامل نسل جا ماڻهو به پهتا، پر چون ٿا ته سڀ کان اڳ هتي آباد ٿيندڙ دراوڙ ئي هئا. ڪجهه تاريخدانن جو خيال آهي ته جڏهن سنڌ جو ديبل بندر آباد هو ۽ سنڌ ۽ مالديپ وچ ۾ واپار هلندڙ هو تڏهن سنڌ جا جت، گُجر ۽ گوترا ذاتين جا ماڻهو به مالديپ ۾ اچي آباد ٿيا هئا. مالديپ سنڌ سان ناريل، ناريل جي کلن مان ٺهيل رسيون ۽ ٽوڪرن جو روانگي واپار ڪندو هو، سنڌ وارا ناريل جي کلن جون رسيون خريد ڪندا هئا جو اهي سمنڊ جي لُوڻياٺي پاڻيءَ جو ڌڪ سهڻ سبب جهازن ۾ استعمال ٿينديون هيون، عربن جو به پُراڻي زماني کان مالديپ سان وڻج واپار هو ۽ عربن جا غوراب بصري کان هلي سڀ کان پهرين مالديپ ۾ ئي لنگر کوڙيندا هئا.
    مالديپ جي ٻيٽن تي ڪيترائي قديم آثار آهن پر انهن جي باقاعده کوٽائي ۽ تحقيق نه ٿي آهي. هتي مختلف عقيدن جا ماڻهو رهيا هوندا پر هندو ۽ ٻُڌ مت جي عبادتگاهن جا آثار مليا آهن. اشوڪا جي ڏينهن ۾ هتي ٻُڌ مذهب آيو پر ٻارهين عيسوي صديءَ ۾ اسلام مڪمل طور ڇانئجي ويو ڇو ته 1155 عيسوي سن ۾ هتان جي سلطان فرمان جاري ڪري ملڪ کي اسلامي رياست قرار ڏئي وڏي پيماني تي مسجدن جي اڏاوت شروع ڪرائي هئي.
    *


    عورتن جو راڄ

    مالديپ ۾ عورتن جو راڄ رهيو آهي. سورهين عيسوي صديءَ تائين هتي ڪيتريون ئي عورتون حڪمراني ڪنديون رهيون. اقتدار عورتن کي ملڻ جو ڪارڻ بادشاهه جي مرڻ تي ڀاءُ يا پُٽ جي ننڍي عمر هُجڻ يا مُرڳو ئي نه هُجڻ ٿي سگهي ٿو، ان حالت ۾ بادشاهه جي زال، ڌيءُ يا ڀيڻ اقتدار سنڀاليندي هوندي. اقتدار لاءِ عورتن ۽ مردن وچ ۾ جهيڙي جي تاريخ به مالديپ ۾ ملي ٿي. مالديپ جي سڀ کان طاقتور عورت حڪمران سلطانه خديجه چئي وڃي ٿي جيڪا پنهنجي پيءُ کانپوءِ تخت جي وارث ٿي. سندس مڙس کيس ٻه ڀيرا تخت تان هٽايو پر ٻئي ڀيرا هن پنهنجي مڙس کي نه رُڳو شڪست ڏني پر نيٺ مُڙس کي مارائي ڇڏيائين. اڳتي هلي خديجه جي ڀيڻ اقتدار تي قبضي ۾ ڪامياب ٿي وئي. سلطانه خديجه جي زماني ۾ مالَي واپار جو مرڪز هو،. شاهي درٻار رعيت لاءِ چانور ٻاهرين ملڪن مان خريد ڪندي هئي. سلطانه خديجه پنهنجي حفاظت لاءِ هڪ هزار فوجي مقرر ڪيا هئا جن مان سواءِ ڪجهه مقامي ماڻهن جي باقي سڀ ٻين ملڪن جا هئا. هوءَ پنهنجي فوجين کي پگهار طور چانور ڏيندي هئي. مالديپ سامونڊي سپون ٻاهرين ملڪن کي وڪرو ڪندو هو ڇو ته سِپون اڪثر ملڪن ۾ سِڪي طور استعمال ٿينديون هيون. سلطانه خديجه وٽ قيمتي سِپُن جا وڏا انبار هئا.
    نائين صديءَ جو عرب واپاري سليمان پاڻ ته ڪڏهن مالديپ نه گهميو هو پر ٻين واپارين جي واتان ٻُڌو هئائين ته مالديپ ۾ عورتن جي حڪمراني آهي. هڪ ٻيو عرب المسعودي 916 صديءَ ۾ مالديپ آيو. هُو لکي ٿو ته مالديپ جا ماڻهو هڪ راڻيءَ جي رعيت آهن ۽ اهي ڪنهن مرد جي حڪمراني پسند نه ٿا ڪن. اهڙي طرح ال اِدريسي (1099کان 1198) لکي ٿو ته هنن ٻيٽن جو هڪ رئيس آهي پر سندس زال ماڻهن جا فيصلا ڪري ٿي. مڙس جي موجودگيءَ ۾ جڏهن هُوءَ فيصلا ڪري ٿي ته ان ۾ مُڙسس به مداخلت نٿو ڪري. هُوءَ مردن کان پردو نٿي ڪري ۽ راڻيءَ وانگر ٺٺ سان رهي ٿي. مٿي تي قيمتي پٿرن سان جُڙيل سونو تاج، سون جُڙيل لباس ۽ پيرن ۾ سونو سينڊل هوندو اٿس. خاص موقعن تي هُوءَ هاٿيءَ تي سواري ڪندي آهي، ڪنيزون سندس پٺيان ۽ بادشاه ۽ وزير ڪجهه فاصلي تي هلندا اٿس. هوُءَ پاڻ محصول وصول ڪندي آهي ۽ پنهنجي نگرانيءَ ۾ غريبن ۾ ورهائيندي به آهي.
    اِبن بطوطه به لکي ٿو ته مالديپ جي راڻي توڙي ٻيون عورتون مٿو نه ڍڪينديون آهن بلڪه وارن کي ويڙهي چوٽي ڪري ڇڏينديون آهن. عورتن جو مٿيون جسم اُگهاڙو ۽ صرف چيلهه کان پيرن تائين ڍڪيل هوندو آهي. اِبن بطوطه دعويٰ ڪري ٿو ته قاضيءَ جي حيثيت ۾ هن عورتن کي سڄو بدن ڍڪڻ جو حڪم ڏنو هو. مالديپ ۾ شادي ڪرڻ ڏاڍو سولو هو. جهازران ايندا هئا ۽ هڪ ئي وقت ڪيتريون ئي شاديون ڪندا هئا ۽ روانگيءَ مهل انهن کي طلاق ڏئي ڇڏي ويندا هئا. زالون پنهنجي هڪ مڙس جي هُوندي پهرين مڙس سان وقت گذارڻ لاءِ به آزاد هونديون هيون. اِبن بطوطه پاڻ به مالديپ ۾ ڪيتريون ئي شاديون ڪيون.


    بدليل سماج

    صديون اڳ ٿي سگهي ٿو ته مالديپ جون سانوريون عورتون اڌُ اُگهاڙيون هجن يا هڪ ئي وقت اڳوڻن ۽ موجوده مڙسن سان تعلق رکنديون هجن، پر اڄ جي مالديپ جي عورت مڪمل لباس ۾ نظر ايندي، بلڪه اڪثر عورتن کي اسڪارف پاتل هوندو آهي. هيٺ ڀلي جينس پهريل هجي پر مٿي تي اسڪارف ضرور هوندن. ديني توڙي دنياوي تعليم حاصل ڪن ٿيون ۽ نوڪرين توڙي ڪاروبار ۾ سرگرم آهن. مون اڪثر دڪانن تي نوجوان عورتن ۽ ڇوڪرين کي ڪم ڪندي ڏٺو.
    مالديپ پهچڻ تي پهرين رات هوائي اڏي تي اسان جو استقبال ڪرڻ واريون به نوجوان ڇوڪريون هيون، جيڪي رات جو دير تائين جاڳڻ جي باوجود صبح جو سوير اسان کان اڳ هوٽل تي موجود هيون ۽ سندن منهن تي ٿَڪَ يا اوجاڳي جو ڪوبه تاثر ڪونه هو. مون رهائش واري هوٽل کان ڪانفرنس واري هوٽل تائين ايندي ويندي يا شام جو ڪمرشل ايريا ۾ گهمندي ڪٿي به ڪنهن ڇوڪريءَ کي غير مُهذب انداز ۾ ڪونه ڏٺو.
    مون کي بعد ۾ خبر پئي ته سئو سيڪڙو مسلمان ملڪ مالديپ ۾ سخت اسلامي قانون به لاڳو آهن. مثال طور مالديپ جي هڪ عدالت 2009۾ اٽڪل ڏيڍ سئو عورتن کي هڪ کان وڌيڪ مردن سان جنسي تعلق رکڻ جي ڏوهه ۾ سرِ عام ڦٽڪن جي سزا ٻُڌائي هئي. جتي انسان رهي ٿو اُتي اهڙيون سماجي خرابيون ضرور ملنديون، سو مالديپ ۾ اهڙن واقعن تي مون کي حيرت ڪانه ٿي. ايمنيسٽي انٽرنيشنل ان مسئلي کي عالمي سطح تي اُٿاريو هو . عورتن کي سرِ عام ڦٽڪا هڻڻ ڪو چڱو عمل ڪونهي ڇو ته پوءِ پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ عورتن سان اهڙو سلوڪ ڪندڙن ۽ هنن ماڻهن ۾ ڪهڙو فرق رهيو. مالديپ جي اختيارين موجب ڦٽڪن هڻڻ جو مقصد عورتن کي ماري اڌ مُئو ڪرڻ ناهي پر کين احساس ڏيارڻ آهي ته آئينده اهڙو ڪم نه ڪن.
    *


    سلطاني نظام کان صدارتي نظام تائين

    تاريخ نويس لکن ٿا ته مالديپ ۾ سلطاني نظام به ٻارهين عيسوي صديءَ کان شروع ٿيو جڏهن محمد بن اِبنِ عبدالله 1141 عيسوي صديءَ ۾ پهريون سلطان ٿيو ۽ 1156تائين راڄ ڪيائين،پر پوءِ مالديپ کان مڪي ويندي غائب ٿي ويو. سامونڊي ٻيٽن جي هن ملڪ تي 1558 ۾ پورچوگيزن قبضو ڪيو پر پندرهن ورهين کانپوءِ سلطان ٿاڪُر فانو Thakurufaanu مالديپ کي آزادي ڏياري. ان کانپوءِ مالديپ ۾ اَٺ سئو ورهيه سلطنت قائم رهي. 1953 ۾ هتي سلطاني نظام ختم ڪري ريپبلڪ قائم ڪئي وئي پر هڪ سال کانپوءِ وري سلطنت بحال ٿي وئي. نيٺ 26جولاءِ 1965تي سلطاني نظام کان هميشه لاءِ جان ڇڏائي آزاديءَ جو اعلان ڪيو ويو ۽ يارهين نومبر 1968 تي ملڪ کي ٻيهر ريپبلڪ جو درجو ڏنو ويو. جيئن ته مالديپ تي هر وقت ڌارين قوتن جي قبضي جو انديشو رهندو ٿي آيو تنهنڪري وقت جي سلطانن 1887 ۾ انگريزن سان دفاعي ٺاهه ڪيو هو جنهن تحت مالديپ انگلينڊ جي تحفظ هيٺ رهيو پر اهو تحفظ مفت ۾ ڪونه هو، ان لاءِ انگلينڊ کي خراج ڏبو هو جنهن جي ادائگي 1947 تائين جاري رهي.
    مُٺ جيترن ماڻهن جي آباديءَ واري هن ملڪ جي سياسي سرشتي ۾ هڪ ڀيرو وري ان وقت تبديلي آئي جڏهن 1975 ۾ وزير اعظم جو عهدو ختم ڪري صدارتي نظام آندو ويو جيڪو اڃان جاري آهي. مامُون عبدالقيوم Maumoon Abdul Gayoom ايشيا جي سڀ کان ٿوري آباديءَ واري ملڪ مالديپ جو سڀ کان ڊگهي عرصي تائين حڪمراني ڪندڙ پهريون شخص آهي ڇوته سندس صدارت ٽيهه ورهيه هلي. مامُون عبدالقيوم صدارت سنڀالڻ کان اڳ صدر ابراهيم ناصر جي حڪومت ۾ ٽرانسپورٽ جو وزير هو.هن مصر ۾ تعليم ورتي ۽ نائجيريا جي يونيورسٽيءَ ۾ اسلامڪ اسٽڊيز جو پروفيسر ٿي رهيو، بعد ۾ هو مالديپ ۾ سرڪاري نوڪرين ۾ رهيو ۽ پارٽ ٽائيم ٽيچر طور به ڪم ڪيائين. صدر ابراهيم ناصر جي پاليسين تي تنقيد ڪرڻ سبب هو 1973 ۽ 1974 ۾ گرفتار ٿي جيل ۾ به رهيو. يارهين نومبر 1978 تي هن مالديپ جي صدارت سنڀالي ۽ ٽيهه سال راڄ ڪري موجوده صدر(ڪتاب لکي پورو ڪرڻ تائين نشيد جو تختو اُونڌو ٿي چڪو ھو) محمد نشيد Mohamed Nasheed هٿان چونڊن ۾ شڪست کائي يارهين نومبر 2008 تي اقتدار تان لٿو. موجوده صدر محمد نشيد مخالف ڌُر جي پارٽي مالديوين ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جو اڳواڻ هو ۽ ماموُن عبدالقيوم جي حڪومت ۾ جيل ڪاٽيندو رهيو هو. اقتدار ختم ٿيڻ تي مامُون عبدالقيوم پاڻ مخالف ڌُر جو اڳواڻ ٿيو پر جلد ئي سياست تان رٽائر ٿي ويو. مامُون عبدالقيوم مالديپ جي صدر جي حيثيت ۾ ٻه ڀيرا 1994 ۽ 1997 ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو. پهرين دوري ۾ هُو ڪراچيءَ به آيو جتي گورنر هائوس ۾ سندس پريس ڪانفرنس کي مون به ڪَور ڪيو هو.
    *


    نئين صدر سان ملاقات

    ڪانفرنس ۾ مالديپ جي نئين صدر سان ملڻ جو موقعو مليو. ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن آخري اجلاس ۾ لنچ کان ٿورو اڳ ڪاري رنگ جو هڪ نوجوان بنا ڪنهن خاص پروٽوڪول جي جڏهن هال اندر گهڙيو ته ٻُڌايو ويو ته اهو صدر محمد نشيد آهي. ڳالهائڻ جو سٺو بي تڪلف انداز، لڳو ئي ڪو نه ٿي ته هو صدر آهي. هال ۾ ويٺل مقامي ماڻهن کي ته ذري گهٽ نالن سان ذاتي طور سُڃاڻي پيو. ڪانفرنس صحافت جي آزاديءَ تي هئي تنهنڪري هن پنهنجي سياسي جدوجهد کان شروعات ڪري ڳالهين کي اصل موضوع ڏانهن آندو ۽ جمهوريت ۽ صحافت جي آزاديءَ جي اهميت کي مڃيندي ان ڏس ۾ پنهنجي ڪمٽمينٽ جو اظهار ڪيو، پر کيس مالديپ جي صحافين کان ڪي شڪايتون به هيون. جڏهن ڪن صحافين تقرير هلندي کانئس ڪي تنقيدي سوال ڪيا ته هن ڏاڍي مهذب نموني سندن نالو وٺي مخاطب ٿي وضاحتون ڪيون ۽ چيائين، “ميڊيا کي ماڻهن جي پرائيويٽ ۽ پبلڪ لائف ۾ فرق ڪرڻ گهرجي.” سندس چوڻ هو ته ماڻهن جي پرائيويٽ زندگي رات جو ٻارهين وڳي کان شروع ٿئي ٿي ۽ ميڊيا کي ان ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
    موسم جي تبديلي، سامونڊي طوفان ۽ سمنڊ جي وڌندڙ سطح، جنهن جي ڪري مالديپ جي ٻُڏڻ جو انديشو آهي، هنن لاءِ وڏي قِڪر ۽ ڳڻتيءَ جو ڪارڻ آهي. صدر نشيد ان موضوع تي به ڳالهايو. چيائين،”موسمياتي تبديلين کي نظرانداز ڪري جيڪڏهن ڪير ڪجهه به نٿو ڪري ته اهو وڏو بيوقوف آهي. ٽيڪنالاجي بدلجي پئي، جيڪو ان ڳالهه کي نٿو سمجهي، اهو به بيوقوف آهي. پٿر جو زمانو ختم ٿي ويو آهي پر پٿر اڄ به موجود آهي، انهيءَ جو مطلب اهو ناهي ته اسان ماٺ ڪري ويهي رهون”.
    سن 2004 ۾ جڏهن سونامي نالي سامونڊي طوفان آيو ته مالديپ ۾ به وڏي تباهي ٿي هئي، ان طوفان سان ستونجاهه ٻيٽن کي خطرو هو، 6 ٻيٽ تباهه ٿي ويا هئا، ڇويهه ٻيٽ بند ڪيا ويا، چوڏهن ٻيٽ خالي ڪرايا ويا هئا ۽ فقط نَو ٻيٽ صحيح حالت ۾ بچيا هئا. مالديپ جي مٿان قدرت مستقل طور هڪ تلوار لٽڪائي رکي آهي، اها آهي سمنڊ جي سطح جو وڌڻ. مالديپ دنيا جو سڀ کان هيٺانهون ملڪ آهي ڇو ته سندس ٻيٽ ڪن هنڌن تي سمنڊ جي سطح کان ست فُٽ ست انچ مٿي آهن ته ڪن هنڌن تي فقط چار فُٽ يارهن انچ. سمنڊ جي سطح لاڳيتو وڌي رهي آهي ۽ هڪ رپورٽ موجب هڪ صديءَ ۾ سمنڊ جي سطح وِيهه سينٽي ميٽر وڌي چُڪي آهي، ستر واري ڏهاڪي ۾ سمنڊ جي سطح گهٽجي وئي هئي پر وري ان ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي ۽ اندازو آهي ته ايڪيهين صديءَ جي آخر تائين سمنڊ جي سطح اُڻهٺ سينٽي ميٽر يعني ٽيويهه انچ وڌي ويندي ۽ مالديپ سمنڊ ۾ وڌيڪ هيٺ ويهي ويندو.
    نومبر 2008۾ صدر محمد نشيد اعلان ڪيو هو ته ملڪ جي ٻُڏندڙ ٻيٽن جي ڪري انڊيا، سريلنڪا يا آسٽريليا جي آسپاس ڪا زمين خريد ڪري نئين هنڌ ملڪ ٺاهبو. “اسان مالديپ ڇڏڻ نٿا چاهيون پر اهو به نٿا چاهيون ته ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين اسان تنبن ۾ رهندڙ ماحولياتي پناهگير بڻجي وڃون” هن چيو هو.
    *


    سمنڊ اندر ڪابينا جي گڏجاڻي

    مالديپ جي باري ۾ اڳي مونکي گهڻي خبر ڪانه هُئي پر سترهين آڪٽوبر 2009تي سڄي دنيا وانگر منهنجو ڌيان به انهيءَ ملڪ ڏانهن ڇڪيو هو جڏهن صدر نشيد پنهنجي ڪابينا سان گڏ سمنڊ اندر وڃي گڏجاڻي ڪئي هئي. سمنڊ اندر گڏجاڻيءَ جو مقصد هيو ئي دنيا جو ڌيان ڇڪائڻ ته جيئن عالمي سطح تي ڪي اهڙا اُپاءَ ورتا وڃن جو گلوبل وارمنگ ۽ سمنڊ جي وڌندڙ سطح کي روڪي مالديپ کي ٻُڏڻ کان بچائي سگهجي. مالديپ کي خطرو آهي ته هلندڙ ايڪيهين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين اهو ايترو ته هيٺ ٿي ويندو جو ماڻهو لڏڻ تي مجبور ٿي ويندا ۽ ملڪ ويران ٿي ويندو. سمنڊ مان نڪري، ماسڪ لاهي، پاڻي ڳاڙيندي صدر نشيد صحافين کي چيو هو، “اسان سمنڊ اندر گڏجاڻي ڪري دنيا کي نياپو ڏنو آهي ته ڪجهه ڪيو وڃي ڇو ته آبهوا جي تبديليءَ کي نه روڪيو ويو ته مالديپ نه بچندو ۽ جيڪڏهن مالديپ نه بچيو ته پوءِ باقي دنيا جي بچڻ جا امڪان به گهٽجي ويندا”.
    مالديپ جي وزير ثقافت ۽ سياحت احمد علي سواد سان مون خاص طور ان موضوع تي ڪچهري ڪئي هئي. هُو ذاتي طور ان خيال جو هو يا مالديپ جي ٻُڏڻ واري ڳالهه کي ٽارڻ ٿي گهريائين، جو پهرين ته هن چئي ڏنو ته مالديپ جي ٻُڏڻ جو ڪوبه خطرو ڪونهي، پر جڏهن ڳالهين ڳالهين ۾ مون کانئس مالديپ جي فوج بابت پڇيو ته وراڻيائين، “ اسان کي خطرو ڪنهن ٻاهرين حملي جو ڪونهي جو وڏي فوج ٺاهي وسيلا خرچ ڪريون. اسان جو دشمن سمنڊ آهي.” هن ٻُڌايو ته هڪ ڏينهن صدر نشيد سمنڊ ۾ وهجڻ جو خيال ڏيکاريو ۽ پوءِ سمنڊ اندر گڏجاڻيءَ جو انوکو خيال پيش ڪيائين. اسان پنهنجي صدر جي ڳالهه تي لبيڪ چيو جنهن کانپوءِ سڀني وزيرن کي ٽوٻن ذريعي سکيا ڏني وئي. سمنڊ اندر پنج ميٽر هيٺ ٽيبلون رکيون ويون ۽ واٽر پروف ڪاغذ استعمال ڪيا ويا. اسڪُوبڊائيوِنگ Scuba-Diving جي ذريعي صدر نشيد ۽ سندس تيرهن مان يارهن وزير (ٻن وزيرن کي ڊاڪٽرن اجازت نه ڏني) اڌ ڪلاڪ سمند جي تري ۾ ڪرسين تي ويهي اشارن جي زبان ۾ ڳالهائي، اڇي رنگ جي واٽر پروف ڪاڳر تي لکيل هڪ ٺهراءُ صحيح ڪري ٻاهر نڪتا هئا. هوُ پاڻ سان گڏ ڪجهه صحافين کي به وٺي ويا هئا ۽ هر ماڻهوءَ لاءِ هڪ هڪ ٽوٻو به ساڻن گڏ هو ته جيئن ڪنهن خطري جي حالت ۾ اهي کين بچائي سگهن.
    *


    موٽر سائيڪل تي گهمندڙ پرڏيهي وزير

    مالديپ کي موٽرسائيڪلن جو ملڪ چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو.جنهن ملڪ ۾، بقول اُتان جي ئي هڪ صحافيءَ جي، صرف گدرا ۽ ڇانهيون ٿين، اتي سوين هزارين موٽرسائيڪلون هلندي ڏسجن ته يقينن حيرت ٿيندي. سمنڊ اندر ڪناري سان ته رڳو لانچون ئي لنگرانداز ٿيل ملنديون پر سمنڊ جي ديوار جي ٻئي پاسي روڊ تي ڪابه جاءِ بچيل نه هوندي جتي موٽر سائيڪل بيٺل نه هجي. اهڙي طرح هر روڊ ۽ گهٽيءَ ۾ موٽرسائيڪلن جون وڏيون قطارون ملنديون جيئن پاڪستان ۾ آفيسن وارن علائقن ۾ اڻ ڳڻت موٽر سائيڪلون بيٺل هونديون آهن. مالديپ ۽ پاڪستان ۾ فرق اهو آهي ته پاڪستان ۾ ماڻهن کي فضيلت سان پارڪنگ جي تميز اڃا نه آئي آهي جڏهن ته مالديپ ۾ ماڻهو اهڙي طرح موٽرسائيڪلون پارڪ ڪن ٿا جو مجال آهي ڪا هڪ به موٽر سائيڪل قطار کان ٿورو به ٻاهر نڪتل هجي. اهي موٽرسائيڪلون خوبصورت اهڙيون جو دل چوي ته اسان پاڻ به هلائڻ شروع ڪري ڇڏيون. ٻيو وڏو فرق اهو هو ته ڪوبه موٽرسائيڪل سوار پنهنجي گاڏيءَ کي تالو ڪونه پيو هڻي ڇو ته اُتي پاڪستان وانگر موٽرسائيڪلن جي چوري ۽ ڦُر جو ڪوبه خطرو ڪونهي. مالديپ جي ماڻهن وٽ ڪارون گهٽ بلڪه نه هئڻ برابر. ڪارپوريٽ ادارن وٽ يا سفارتخانن وٽ ڪارون هيون. مالبردار ننڍيون گاڏيون به نظر آيون، ڪجهه ٽيڪسيون به ڏٺيونسين، جيڪي اعليٰ قسم جون لگزري ڪارون هيون، باقي هر پاسي موٽرسائيڪلن جي شاهي سواري هئي. مالديپ جا مُکيه رستا به اسان جي ملڪ جي گهٽين برابر هئا تنهنڪري هتي ڪارون ۽ ٻيون گاڏيون هلائي ٽريفڪ جام ڪرڻ بدران سڄو زور موٽرسائيڪلن تي آهي. ٽيون فرق اهو هو ته جتي نو پارڪنگ جو بورڊ هو اُتي ڪنهن به ماڻهو، موٽرسائيڪل نٿي بيهاري. مالَي ۾ آخري ڏينهن شام جو سمنڊ ڪناري گهمندي اوچتو مالديپ جي هڪ ساٿيءَ اشارو ڪري ٻُڌايو ته سندن پرڏيهي معاملن وارو وزير موٽر سائيڪل تي وڃي رهيو آهي.
    مالديپ ۾ ڪابه شئي ڪونه ٺهي، موٽرسائيڪلون ته ڇا، کاڌي پيتي جون شيون به ٻاهران اچن. سندن وزير ثقافت ٻُڌايو هو ته ڳائو گوشت برازيل مان، رِڍون نيوزيلينڊ مان، سيمينٽ، بجري، سيرامڪ، موٽرسائيڪلون وغيره انڊيا مان امپورٽ ڪيا وڃن ٿا. مالديپ جا رستا اسان جي رستن وانگر پٿر ۽ ڏامر مان ڪونه ٺهن پر اسان جي ڪن مخصوص گهٽين ۾ لڳل سيرامڪ ٽائيلن مان ٺهيل آهن. هتي واٽ ويندي ٿُڪڻ ۽ گند اُڇلائڻ جو ڪو رواج ناهي تنهنڪري رستا صاف ۽ سُٺا ملندا.
    *


    ڪينڊل لائيٽ ڊنر

    3 مئي جو سڄو ڏينهن ڪانفرنس ۾ گذريو، شام جو مان، مُختيار ۽ اسلام آباد مان يونيسڪو جي آيل هڪ ٻي خاتون امبر جنيد گڏجي گهمڻ نڪتاسين، سمنڊ ڪناري پنڌ ڪري واپس آياسين ته ميزبان ڇوڪرين ٻُڌايوته ڊنر جو انتظام هڪ ٻيٽ تي ٿيل آهي.
    سانجهيءَ ڌاري اسان سڀ هڪ لانچ ۾ روانا ٿياسين ۽ پندرهن ويهه منٽن جي سفر کانپوءِ هڪ ٻيٽ تي پهتاسين جتي ڪينڊل لائيٽ ڊنر جو انتظام هو. هتي وزير ثقافت احمد علي سواد ۽ نائب وزير ثقافت شعيب محمد Thoyyib Mohamed اسان جا ميزبان هئا. ٻيٽ جو نالو ڪلب فاروُ Club Faru هو جتي سمنڊ ڪناري اهڙي هنڌ بار بي ڪيو جو انتظام هو جو سمنڊ جي ڇولي اچي پئي ته پاڻي اسان جي پيرن کي ڇُهي واپس پيو وڃي. پُر خمار ماحول ۾ هرڪو چوڪڙيون ٺاهي ڪرسين تي ويهي رهيو. مون کي مالديپ جي ٻنهي وزيرن ۽ يونائيٽيڊ نيشنس ڊيولپمينٽ پروگرام UNDP جي آفيسر اَروُن ڪشياپ جي ڪچهري ملي جيڪو اصل ماريشس جو هو ۽ اُتان جو وزير به رهي چڪو هو.
    هيءُ ٻيٽ مشڪل سان هڪ ڪلوميٽر ڊگهو هو جتي بيشمار ايئرڪنڊيشنڊ هٽ، ٻه اعليٰ درجي جون خوبصورت ريسٽورنٽس ۽ گفٽ شاپ ٺهيل هئا. هٽس ۾ يورپي سياح عياشيءَ لاءِ ترسيل هئا. وزير ثقافت احمد علي سواد ٻُڌايو ته هر ٻيٽ تي پاڻي ۽ بجليءَ جا پلانٽ لڳل آهن ۽ هڪ منٽ لاءِ به بجلي نه ويندي آهي. مون کيس ڪونه ٻُڌايو ته اسان وٽ ڪيڏي بدترين حالت آهي، پر بعد ۾ جڏهن بنگلاديش جي خاتون تهمينا رحمان سان ڪچهري ٿي،جيڪا واپسيءَ ۾ مون سان دبئيءَ تائين گڏ هئي، تنهن ٻڌايو ته سندس ملڪ ۾ روزانو ارڙهن ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي ته مان ماٺ نه رهي سگهيس ۽ چيومانس ته اسان ٻنهي جا ملڪ ان معاملي ۾ برابر آهن.
    وزير ثقافت ٻُڌايو ته سياحت سندن ملڪ جي آمدنيءَ جو مُکيه وسيلو آهي ۽ انهيءَ ڪري سياحت کي اڃا ترقي وٺرائڻ لاءِ ٻيٽ پنجاهه ورهين جي ليز تي پرڏيهي سيڙپڪارن کي ڏئي رهيا آهيون ته جيئن اهي هتي سيڙپ ڪن.
    رات جو يارهين وڳي کانپوءِ ٻيٽ تان واپسي ٿي. مان واپسيءَ ۾ سمنڊ جي سانت، پري کان نظر ايندڙ ٻيٽن جي روشنين جي رومانس ۽ سُرور ۾ ٻُڏل رهيس. ڪي دوست جن ۾ امبر جنيد به شامل هئي، مون کان هڪ ڏينهن اڳ پهتا هئا ۽ ان رات هنن هڪ ٻئي ٻيٽ تي ڊنر ڪئي هئي. مون کي افسوس ٿيو ته اهو ٻيٽ نه ڏسي سگهيس پر مجبوري هئي جو فلائيٽ اڳ نه ملي سگهي هئي.
    *


    صحافين ۾ ڦوٽ

    ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن چوٿين نومبر تي صبح جي اجلاس ۾ اسان پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ Access to Information جي حوالي سان قانونن بابت رپورٽون پيش ڪيون هيون جنهن کانپوءِ پُڄاڻيءَ واري اجلاس ۾ صدر نشيد خاص مهمان هو. ان ڏينهن مونکي مالديپ جي صحافين سان ڪچهريءَ جو چڱو موقعو مليو. هال ۾ ويٺل صحافي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هئا پر انهن ۾ ڪي صدر نشيد جي ويجهو هئا ته ڪي سندس مخالف. چانهه ۽ لنچ جي وقفي مهل ساڻن ڪچهرين ۾ هنن صدر نشيد جي حڪومت کي به گذريل دور جهڙو ئي سڏيو. مُٺ جيترن صحافين ۾ به گروپ هئا جنهن جو اندازو سندن الڳ تنظيمن مان ٿيو. جنهن ملڪ جي آبادي ڪل ٽي لک ٽيهه هزار هجي، جنهن جي ووٽرن جو ڪل تعداد فقط هڪ لک هجي، جتي ڪل پنج ڇھه اخبارون ڇپبيون هجن، جتي ڪل ٽي ريڊيو اسٽيشنون ۽ ڇھه ٽي وي چئنل هجن، اُتي هرڪو ميٺ محبت سان هجي پر انسان ڪا مخلوق ئي اهڙي آهي جو ڦوٽ کان سواءِ رهي نٿو سگهي. جيئن پاڪستان ۾ صحافين جون مختلف تنظيمون ۽ هڪ هڪ ننڍي وڏي شهر ۾ ٻه ٻه پريس ڪلبون آهن، تيئن مالديپ ۾ به ٻه تنظيمون آهن. هڪ تنظيم آهي مالديپ نيشنل جرنلسٽس ايسوسيئيشن ۽ ٻي مالديپ جرنلسٽس ايسوسيئيشن. پهرين تنظيم جي نائب صدر محمد حليم سان ۽ ٻي تنظيم جي صدر احمد ظهير ۽ نائب صدر علي شمعان سان منهنجي ڪچهري ٿي جن کي شوق هو ته پاڪستان ۾ صحافت جي سکيا جو ڪو موقعو ملي. مالديپ ۾ پنج ڇهه اخبارون ڇپجن جيڪي سڀ مالديپ جي قومي ٻولي ڌِوِي Dhivehi ۾ هونديون آهن پر انهن مان ٽن اخبارن جا ايڊيشن انگريزيءَ ۾ به ڇپجن ٿا. ڊزن کن آن لائين اخبارون به اٿن. صحافي احمد ظهير ۽ علي شمعان جو واسطو Haveeru Daily سان هو.
    هنن ٻُڌايوته مالديپ ۾ 6 فلم ڪمپنيون ۽ ٻه سئنيمائون به آهن. هنن وٽ شايد اسان جي ڳوٺ واري سيد مراد علي شاهه (اڳوڻو وزير ۽ ايم پي اي) جهڙو شوقين ڪونهي نه ته جيئن هن نه رُڳو نوشهري فيروز جي هر شهر ۾ سئنيما قائم ڪئي پر پنهنجي حويليءَ ۾ به ننڍي سئنيما لڳائي هئي، تيئن مالديپ جي هر ٻيٽ تي سئنيما هڻي ها. ڪانفرنس ۾ ايف ايم ريڊيو تي ڪم ڪندڙ ڪجهه ڇوڪريون به مليون جن ٻُڌايوته سندن سمورا پروگرام ڌِوِي ٻوليءَ ۾ نشر ٿيندا آهن. هن ڪانفرنس ۾ اتفاق سان هڪ ڀيرو وري انڊيا جي انگريزي اخبار دي هندو The Hindu جي سينئر صحافي سڌارٿ ورداراجن سان ملاقات ٿي جنهن سان سيپٽمبر 2004 ۾ کٽمنڊو ۾ ڪچهري ٿي هئي. سڌارٿ چوٿين مئي تي اجلاس ۾ ڪونه هو ۽ ٻُڌايو ويو ته پهرين ڏينهن ئي هن مڇي کائڻ تي زور رکيو جنهن دوران سندس نڙيءَ ۾ مڇيءَ جو ڪنڊو ڦاسي پيو ۽ تڪليف جي ڪري هُو واپس انڊيا هليو ويو.
    *


    بنا پهري کليل گيٽ وارو فوجي هيڊڪوارٽر

    ڪانفرنس کانپوءِ واندڪائي هئي سو هرڪو پنهنجي مُنهن سان نڪري ويو. ڪلاڪ ٻن کانپوءِ جڏهن ملياسين ته هرڪنهن جي هٿ ۾ سامان هو. اسان پنهنجي مُنهن شاپنگ ڪري آياهئاسين پر امبر جنيد جڏهن ٻُڌايو ته هڪ ميزبان آفيسر سان گڏ وڃي هن سندن واقفڪار جي دڪان تان سستي شاپنگ ڪئي آهي ته اسان امبر کي وٺي وري نڪري پياسين، هن ڀيري بنگلاديش جي تهمينا رحمان ۽ انڊين ٽي وي چئنل دُور درشن جي هڪ محترما به اسان سان گڏ هيون. اسان سمنڊ ڪناري رستو وٺي صدارتي آفيس کان ٿيندا هلندا وياسين. اڳتي هڪ خوبصورت جيٽيءَ واري علائقي ۾ ڪوسٽ گارڊ جون لانچون بيٺل هيون ته ٻئي پاسي هٿياربند فوج جو هيڊڪوارٽر هو جنهن جي گيٽ کلي پئي هئي ۽ فقط هڪ گارڊ بيٺل هو، نه ئي ڪو رستو بند هو ۽ نه ئي سڪيورٽيءَ جو ٻيو ڪو خاص انتطام ٿيل هو.
    ٻُڏندڙ ٻيٽن واري هن ملڪ جي سلامتيءَ جو ذمو هونئن به هندستان جو کنيل آهي، جيئن اڳي انگلينڊ ٺيڪو کنيو هو. (نومبر 2011۾ سارڪ سربراهه ڪانفرنس جي موقعي تي به انڊيا جي جنگي جهازن سڪيورٽيءَ خاطر سڄي مالديپ کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو هو).
    اسان گهمندا ڦرندا امبر جي ڏسيل دڪان تان گفٽ خريد ڪري وري ٻئي رستي تان واپس موٽڻ لڳاسين جتي واٽ تي نيشنل ميوزيم، وڏي سُلطان مسجد ۽ پارليامينٽ هائوس هئا. مالديپ جي پارليامينٽ ۾ ڇاهتر ميمبر آهن. هڪ لک ووٽرن جي حساب سان هتان جي ميمبر کي چونڊجڻ لاءِ لڳ ڀڳ ايترا ئي ووٽ کپن جيترا اسان وٽ هڪ ڪائونسلر کي کپن يا شايد ان کان به گھٽ.
    اسان جي آخري ڪوشش ڪامياب ٿي جو اسان هندستاني ۽ پاڪستاني کاڌن واري ريسٽورنٽ ڳولي لڌي ۽ پيٽ ڀري کاڌوسين. انهيءَ شام شاپنگ ۽ ڊنر مهل خبر پئي ته مالديپ جو سِڪو رُفيو Rufiya پاڪستاني رُپئي کان مُلهه ۾ وڌيڪ آهي، هينئر پڪو ياد ناهي پر هڪ ڊالر ۾ لڳ ڀڳ پندرهن رُفيه هئا.
    ڊنر دوران دُور درشن جي مائيءَ سان اسان جي گهڻي ڪچهري ٿي جو کانئس اُتان جي ٽي وي چئنلن بابت پُڇندا رهياسين. هن ٻُڌايو ته انڊيا ۾ به هڪڙا چئنل ٻين کي پوئتي ڌِڪڻ لاءِ غلط سروي رپورٽون ٺهرائن ٿا. هن ٻُڌايو ته هيڏي ساري هندستان ۾ ڪجهه شهرن اندر ٻه هزار کن مشينون گهرن ۾ رکي گهر وارن کي چيو ويندو آهي ته فلاڻو چئنل هلائي ڇڏيو. دوُر درشن وارن اعتراض ڪيو ته سوا ارب آباديءَ واري ملڪ ۾ ٻن هزار مشينن سان سروي ڪيئن ٿا ڪريو. سندن اعتراض تي پوءِ مشينن جو تعداد وڌائي ڏهه هزار ڪيو ويو پر تڏهن به ان کي حقيقي سروي نٿو مڃي سگهجي.
    اُن رات ٽين وڳي مُنهنجي واپسيءَ جي فلائيٽ هئي. بنگلاديش جي تهمينا ۽ مان رات جو ڪچهري ڪندا دبئيءَ پهتاسين جتان اسان جا رستا الڳ هئا. وقت سر صحيح فلائيٽ نه ملڻ جي ڪري اسان کي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين سفر ڪري وري پنهنجي ملڪ موٽڻو پيو.


    نيپال

    نيپال

    نيپال

    گوتم ٻُڌ جي جنم ڀُومي

    Nepal
    The Birthpalce of Great Buddha


    کٽمنڊو ۾ ٽريفڪ جام ۽ ڪراچيءَ جي ياد

    هن ڀيري کٽمنڊو ۾ لهندي ئي ڪراچي ياد اچي وئي، ايڏي ٽريفڪ جام ته فقط ڪراچيءَ ۾ ئي ڏٺي ۽ ڀوڳي اٿم. گذريل ٻن چڪرن ۾ نيپال جي گادي کٽمنڊو ۾ ٽريفڪ جام جو تجربو ڪونه ٿيو هو. هتان سدائين سٺا تاثرات کڻي موٽيو هئس پر هن ڀيري خيال ڪجهه مٽجي ويا. پر سوچيم ته قدرتي حسن سان مالا مال هن ملڪ ۾ به انسان رهن ٿا ۽ جتي انسان آهي اُتي ڪي خرابيون به ملن ٿيون. هونئن به پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش ۽ نيپال گهمي ڏسبو ته ذري گهٽ ساڳيو ڪلچر ملندو.
    2002 جي مئي ۽ 2004جي سيپٽمبر ۾ کٽمنڊو گهمڻ کانپوءِ ٽيون ڀيرو هاڻي هتي اچڻ جو موقعو مليو. 30 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ هڪ ٽريننگ ورڪشاپ لاءِ آيل هئس ته پاڪستان پريس انٽرنيشنل جي چيئرمين اويس اسلم فون ڪري پُڇيوته عيد الاُضحيٰ کٽمنڊو ۾ ڪرڻ جو مُوڊ هجي ته تيار ٿيان. آڪٽوبر جي پهرين کان وٺي تيرهينءَ تائين هڪ انٽرنيشنل مشن کي وٺي سنڌ، پنجاب، خيبر پختونخواه ۽ اسلام آباد گهمائي اڃا واپس پهتو هئس ته مٿان حيدرآباد وڃڻ جو حڪم ٿيو هو. ۽ سفر جو ٿڪ لٿو ئي ڪونه هو ته نيپال وڃڻ جي آڇ ٿي. گهر ٻار کان پري عيد گذارڻ ڏکيو ته لڳو پر زندگيءَ جي نئين تجربي خاطر ها ڪري ڇڏيم. مون کي انڊونيشيا جي ايشيا ڪالنگ ريڊيو جي پارٽنرن جي سالياني گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيڻو هو. اويس اسلم کي شايد عيد گهر ۾ ڪرڻي هئي جو عيد کانپوءِ هڪدم کيس به ڪنهن ملڪ جي دوري تي وڃڻو هو. هونئن به پنهنجي اداري جي ريديو سروس مان ٿو سنڀاليان تنهنڪري ايشيا ڪالنگ جي پارٽنر طور هن مون کي ئي موڪلڻ مناسب سمجهيو،
    2002 ۾ انڊيا ۽ پاڪستان هڪٻئي جي جهازن جي سندن ايئر اسپيس مان لنگهڻ تي بندش وڌي هئي تڏهن مونکي امارات ايئر لائين جي جهاز ۾ ڪراچيءَ کان ڍاڪا ۽ اُتان بنگلاديش ايئر لائين بِيمان ذريعي کٽمنڊو اچڻو پيو هو، 2004 ۾ اها بندش ختم ٿي ته پهرين ئي پي آءِ اي جي اُڏام ۾ سيٽ ملي وئي ۽ ڪراچيءَ کان سڌو کٽمنڊو آيس، دير ئي ڪانه لڳي، پر هن ڀيري پي آءِ اي جي جهاز ۾ سيٽ ڪانه ملي ته اتحاد ايئر لائين ذريعي اچڻو پيو. گذريل رات ٽين وڳي گهران نڪتس، صبح جو پنج لڳي ويهه منٽن تي جهاز اُڏاڻو ۽ سوا ٻن ڪلاڪن کانپوءِ ابوظهبي پهتو جتان وري صبح جو ڏهين وڳي کٽمنڊو لاءِ روانا ٿياسين ۽ سومر پندرهين نومبر تي شام جو چئين وڳي کٽمنڊو هوائي اڏي تي لٿاسين. ڪراچيءَ کان کٽمنڊو ٻن ڪلاڪن جو سفر ايترو وقت وٺي ويو ڇوته اسان کي اولهه ۾ وڃي وري اوڀر ڏانهن سفر ڪرڻو پيو.
    اميگريشن جي ڪاررواين کان واندو ٿي ٻاهر نڪتس ته کٽمنڊو گيسٽ هائوس نالي هوٽل جي وئن وارو انتظار ۾ بيٺل هو، مون سمجهيو ته شايد مان ۽ هڪ اڌ ٻيو ڪو مسافر هونداسين پر سندس هوٽل تي هلڻ وارا ڪيترائي يورپي مسافر هئا جن جي ڳرين بيگن کي ساڻن گڏ سٿي هن وئن هلائڻ شروع ڪئي. هوائي اڏي جي پارڪنگ کان ئي سخت ٽريفڪ جام هئي ۽ هوٽل تائين لاڳيتو اِهائي حالت هئي. پيرُ پيرَ ۾ واري چوڻيءَ موجب هلندا ٻن ٽن ڪلاڪن کانپوءِ هوٽل پهتاسين. واٽ تي ئي اوندهه ٿي چڪي هئي. هوٽل تائين پهچڻ لاءِ ڪن اهڙن سوڙهن ۽ گدلن رستن تان وئن لنگهي جتي اسٽريٽ لائيٽ به ڪانه هئي. وئن جي نه پهچڻ سبب ڊرائيور کي بار بار هوٽل تان فون اچي رهي هئي ۽ هو کين ٻُڌائيندو رهيو ته ساڍي چئين وڳي کان ٽريفڪ ۾ ڦاٿل آهيون.
    سڀني اُوڻاين کي ڇڏي نيپال جو قدرتي حسن ئي اهڙو آهي جو وڏي تعداد ۾ سياح هتي اچن ٿا. سياحن جي تعداد جو اندازو ابوظهبي هوائي اڏي تي ئي ٿي ويو هو جتي ايتري رش هئي جو ڪرسين جي کوٽ سبب ماڻهو هيٺ پٽ تي ويٺا هئا. نومبر نيپال لاءِ وڏي تعداد ۾ سياح آڻي ٿو ۽ وڏو تعداد يورپي ماڻهن جو هوندو آهي جيڪي ٻارين ٻچي نيپال لاءِ موجود هئا.
    *


    قاسم آباد جو سنڌي جوڙو نيپال ۾

    کٽمنڊو هوائي اڏي تي اميگريشن جي ڪاررواين لاءِ قطار ۾ بيٺو هئس ته پُٺيان هڪ مرد ۽ عورت جو سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ ٻُڌم. قطار ۾ مون کان گهڻو پري هئا سو پهرين سوچيم ته متان ڪي ڪاٺياواڙي هجن، پر خاص طور ڪنائي ٻُڌم ته ٺيٺ سنڌي نڪتا. خالص سنڌي جملا ٻُڌي خوشي ٿي ۽ مُڙي سوچيم ته ساڻن دُعا سلام ڪريان، پر قطار مان نڪري پوئتي وڃي ساڻن ملڻ جو مطلب هو پنهنجو نمبر وڃائي وري پوئتي وڃي بيهڻ، تنهنڪري سوچيم ته ساڻن ٻاهر نڪري ملندس. جهلڪ ڏٺم ته نوجوان مرد ۽ نوجوان ڇوڪري هئا، ان مهل خيال آيو ته ساڻن سنڌيءَ ۾ ڳالهائي ڪٿي سندن رومانٽڪ دوري کي خراب نه ڪري وجهان. ساڻن نه ڳالهائڻ جو ٻيو سبب اهو هو ته سنڌي ماڻهو. سان زائفان گڏ هجي ته ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ جو ڳالهائڻ خراب لڳندو آهي، سو اهو سڀ سوچي مون کين ڇرڪ نه وڌو، پر ايتري دير ۾ ئي سندن پُٺيان بيٺل هڪ پاڪستانيءَ ساڻن اُردوءَ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو ته خبر پئي ته جوڙو قاسم آباد حيدرباد جو هئو. مرد جي بقول کيس هڪ هفتي جي زوريءَ موڪل تي آفيس وارن گهر ويهاري ڇڏيو هو، تنهنڪري هو به موڪل جو مزو وٺڻ لاءِ نيپال هليو آيو. اُن کانپوءِ ته مون پڪو فيصلو ڪيو ته کين ڊسٽرب نه ڪريان.
    *


    نيپال ۾ سنڌي ٽوپي

    کٽمنڊو گيسٽ هائوس ٿامل Thamel علائقي ۾ آهي جتي اُن جي آسپاس وارو سمورو علائقو ڪمرشل آهي ۽ هر قسم جون شيون ملن ٿيون، بلڪه ايئن چئجي ته اهو سمورو علائقو سياحن جي شاپنگ لاءِ آهي، جن کي دُڪاندار مُڏي ڪاتيءَ سان ڪُهڻ لاءِ تيار ويٺا هوندا آهن. ان سڄي علائقي ۾ ننڍيون وڏيون هوٽلون، مني چينجر ۽ ڪپڙن، اليڪٽرانڪ جي سامان، رانديڪن وغيره کان وٺي هر قسم جا دُڪان پکڙيل آهن. وئن انهيءءَ سوڙهي بازار مان لنگهي نيٺ کٽمنڊو گيسٽ هائوس جي احاطي ۾ گهڙي جنهن جي گيٽ تي سڪيورٽي گارڊ بيٺل هئا. هيءَ هوٽل نيپال جو ثقافتي ورثو قرار ڏنل هئي ڇو ته اِها عمارت 1902 ۾تعمير ٿي هئي جنهن ۾ گهڻو ڪم ڪاٺ جو ٿيل آهي. اِها عمارت اصل ۾ ڪنهن امير شخص جي هئي ۽ رانا مينشن جي نالي سان مشهور هئي جنهن کي 1967 ۾ هوٽل ۾ تبديل ڪيو ويو. شروع ۾ هن هوٽل جا ڪل تيرهن ڪمرا هئا پر اڄ هڪ سئو ويهه ڪمرا اٿس. هوٽل جي اصل عمارت کي جيئن جو تيئن برقرار رکيو ويو آهي. هن وقت اها کٽمنڊو گيسٽ هائوس گروپ آف هوٽلس جو حصو آهي ڇو ته ان گروپ جون ٻيون به ڇھه ست هوٽلون ۽ ٽوئرسٽ رزارٽس کٽمنڊو ماٿريءَ جي مختلف هنڌن تي قائم آهن. چون ٿا ته کٽمنڊو گيسٽ هائوس ٿامل علائقي جي سڀ کان پهرين قائم ٿيل هوٽل آهي.قديم ثقافتي اسٽائل جي هوٽل ۾ رُڳو يورپي ماڻهو نظر آيا.
    هوٽل جي ٽيريس ۾ بُفي ۽ بار بي ڪيو جو انتظام هو، يورپي مايون ۽ مرد ڊنر جي لاءِ چوڪڙيون ٺاهيو ويٺا هئا، پر مان ٿڪل هئس سو ڪمري جي چاٻي وٺي هليو ويس ۽ ڪمري تي ئي ماني گهرائي ٿوري دير ٽي وي جو جائزو وٺي ڊائري لکڻ ويهي رهيس.
    رات جو ٿڌ وڌي وئي هئي تنهنڪري ڪمبل جي مٿان سَوڙِ وجهي سمهڻو پيو. سورهين نومبر تي صبح جو آسمان تي جُهڙ ڇانيل هو ۽ ڪوٽ پائي ٻاهر نڪرڻ جيتري ٿڌ هئي. مان ڪمري تي ئي نيرن ڪري هوٽل جي سائبر ڪيفي تان پنهنجي پُٽن ۽ آفيس وارن کي اِي ميل ڪري ٻاهر ڪمرشل ايريا ۾ گهمڻ ڦرڻ لڳس. هوٽل جي سامهون ئي پبلڪ ڪال آفيس ۽ ثقافتي سامان جا دُڪان هئا. مون ڪراچيءَ گهر ڳالهائڻ ۽ هتان جي اگهن جو جائزو وٺڻ خاطر پي سي او تان فون ڪئي ته پنج منٽن جا هڪ سئو پنجويهه رُپيا لڳا، سوچيم ته ايترو مهانگو ناهي. پي سي او جي ٻاهران ئي سنڌي ڀرت جهڙا سامان پيل هئا، ڪيتريون ئي ٽوپيون به پيل هيون جن ۾ مون کي هڪ ٽوپي نظر آئي جيڪا بلڪل سنڌي ٽوپيءَ جهڙي هئي ۽ فرق صرف ايترو هو ته سنڌي ٽوپيءَ ۾ اڳيان محراب جهڙو ڪٽ هوندو آهي ۽ هيءَ ٽوپي بلڪل گول هئي.ٽوپي پائي به ڏٺم ۽ سوچيم ته يادگار طور وٺي وڃان پر قيمت پُڇڻ تي ٺپ ئي ٺري ويا. ڪراچيءَ جي زينب مارڪيٽ ۾ اهڙي سنڌي ٽوپيءَ جو اگُهه ٻن اڍائي سئو رُپين کان وڌيڪ ناهي پر هتي دڪاندار ان جي قيمت پندرهن سئو رُپيا ٻُڌائي. دڪاندار کان پُڇڻ تي خبر پئي ته اها نيپالي ٽوپي آهي. پر بعد ۾ ٻين نيپالي دوستن ٻُڌايو ته اها اصل ۾ ڪشميري ٽوپي آهي، زمانن کان ڪشميرين جو نيپال سان واسطو آهي ۽ اهي هتي آباد به آهن، اهي ئي ڪشميري هن قسم جون ٽوپيون نيپال ۾ ٺاهي هتي ئي وڪرو ڪن ٿا.
    هوٽل جي گيٽ ٻاهران هڪ ڇوڪر سارنگيون وڪرو ڪري رهيو هو.گراهڪن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ هو سارنگيءَ تي ڏاڍي پياري ڌُن به وڄائي رهيو هو، هڪ سارنگيءَ جي قيمت ٻه هزار نيپالي رُپيا ٻُڌايائين. ان کان ننڍي سائيز جي سارنگي ٻارنهن سئو رُپين جي هئي. مون پاڪستاني ڪلچر مطابق سوديبازي شروع ڪئي ته هُو ٻارنهن سئو واري سارنگي پنج سئو رُپين ۾ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو ڇو ته مان سندس پهريون گراهڪ هئس ۽ صبح ساڻ آيل گراهڪ کي هن ڇڏڻ نٿي چاهيو. مونکي خبر هئي ته ڪراچيءَ پهچڻ تائين سارنگيءَ جون تارون نڪري چڪيون هونديون پر بنا تارُن جي سارنگي شوپيس طور به رکي سگهجي پئي تنهنڪري مون هن کي مايوس نه ڪيو. ڀرسان ئي مني چينجر وٽان ڊالر مٽائي سارنگي خريد ڪيم. نيپالي رُپئي جو اگهه هڪ ڊالر ۾ ايڪهتر رُپيا اٺهتر پئسا هو. پهرين ٻن چڪرن وقت نيپالي رُپيو پاڪستاني رُپئي کان گهٽ مُلهه جو هو، اڄ پاڪستاني رُپيو نيپالي رُپئي جي ڀيٽ ۾ به مُلهه وڃائي چُڪو آهي.
    هوٽل جي ٻاهران ئي خوبصورت نموني سجايل سائيڪل رڪشائون بيٺل هيون، سياحن کي گهمائي روزي ڪمائڻ جو اهو سُٺو وسيلو آهي، اهڙيون سجايل سائيڪل رڪشائون مون سنگاپور ۾ به ڏٺيون هيون جن ۾ سياح گهمي رهيا هئا. وڏي تعداد ۾ سائيڪل رڪشائون ڍاڪا ۾ ڏٺيون هئم ۽ سچ ته ڍاڪا کي جيڪڏهن سائيڪل رڪشائن جو شهر سڏجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، فرق اهو آهي ته ڊاڪا ۾ هلندڙ سائيڪل رڪشائون ۽ انهن کي هلائيندڙ انتهائي غربت جو وڏو مثال هئا.
    ٻي ڪابه مصروفيت نه هجڻ سبب مان واپس ڪمري تي وڃي ڊائريءَ ۾ نوٽس لکڻ ويٺس ته سامهون دريءَ مان عمارتن جي مٿان شمسي توانائيءَ جا لڳل پلانٽ نظر آيا. هتي ايتري اُس ناهي پر تڏهن به نيپال وارا قدرت جي ان وسيلي مان فائدو وٺن ٿا، پر پاڪستان ۾ خطرناڪ اُس جي شڪل ۾ قدرت جي ڏنل نعمت مان ڪير به فائدو نٿو وٺي، بس متبادل توانائي جون وزارتون ٺاهي پئسو لُٽي رهيا آهن.
    *


    سُوامڀُو مندر جي ياترا

    شام جو چئين وڳي ڌاري ڪمري کان ٻاهر نڪري وري ڪجهه گهمڻ چاهيم ته هوٽل جو ڊرائيور اَجي مليو جيڪو ڪلهه هوائي اڏي تي وٺڻ آيو هو. هن ٻُڌايو ته ڪلهه رات ٽريفڪ جام جي ڪري گهر وڃڻ بدران هوٽل ۾ ئي ترسي پيو هو. اجي صلاح ڏني ته هتان جا مشهور مندر گهمڻ وڃان. هوٽل کان ٽي چار ڪلوميٽر پري هڪ پهاڙيءَ تي مشهور مندر سُوامڀُو مندر آهي جتي وڃڻ لاءِ ٽيڪسي اَٺ سئو رُپيا وٺندي. مون به سوچيو ته ڪمري تي بند ويهڻ بدران گهمي اچجي سو ٽيڪسيءَ واري ڪرشنا سان نڪري پيس. سوڙهي بازار شورکوٽ Shorekhot مان نڪري ڪار مختلف رستن تان هلندي رهي، هر گهٽي ۽ رستي تي ننڍا وڏا مندر هئا، ايستائين جو فُٽپاٿن تي به ڪنهن نه ڪنهن ڀڳوان جي مورتي رکيل نظر آئي، جن کي ڏسي مون کي دوست بدر ابڙي جي نيپال واري سفرنامي جو “ڀڳوانن جي ڀُونءِ” نالو بلڪل صحيح لڳو.
    سُوامڀُو مندر واري پهاڙي کٽمنڊو شهر جي اُلهندي حصي ۾ آهي جنهن جي بلندي ستهتر ميٽر آهي. جيئن جيئن ويجهو ٿيندا وياسين، پهاڙيءَ جي پاڙ وٽ مندرن جا جهڳٽا نظر اچڻ لڳا، پهاڙيءَ تي مٿي وڃڻ لاءِ رستو ان جي چوڌاري گهمي ٿو ۽ پهاڙيءَ جي ٻن پاسن کان ته رُڳو مندر ئي مندر آهن. پهاڙيءَ کي گول ڦري مٿي وڃڻ واري رستي جي ويجهو پهتاسين ته لُنڊا بازار لڳل هئي ۽ وڏي تعداد ۾ مرد توڙي عورتون گاڏن تي رکيل پُراڻن ڪپڙن مان چونڊ ڪري رهيا هئا. ماڻهن جي ان انبوهه جي ڀرسان هڪ سوڙهو رستو مٿي وڃي ٿو جنهن جي ٻنهي پاسن کان دُڪان ۽ گهر هُجڻ جي ڪري ٽريفڪ جام هئي، خاص ڪري مندر کان موٽندڙ سياحن جي ڪوسٽرن مندر ڏانهن ويندڙ گاڏين لاءِ مسئلو پئي ڪيو، نيٺ ٽيڪسي چاڙهيون چڙهندي وڃي مندر واري گيٽ تي پهتي. مندر ۾ اندر وڃڻ لاءِ ٽڪيٽ مقرر هئي. مندر جو انتظام فيڊريشن آف سُوامڀُو مئنيجمينٽ اينڊ ڪنزرويشن وٽ آهي ۽ ٽڪيٽن مان ٿيندڙ ڪمائي مندرن جي سار سنڀال تي خرچ ڪئي وڃي ٿي. پنجاه رُپين جي ٽڪيٽ وٺي اندر گهڙيس ته ڀولڙن جي ولرن تي اک پئي. مون ويجهو وڃي فوٽو ڪڍڻ پئي چاهيو ته هڪ نيپالي ڇوڪريءَ جهليو ته ويجهو نه وڃان متان چڙي حملو نه ڪن. ڀولڙا وڏي آزاديءَ سان گهمي ڦري رهيا هئا ۽ ڏاڪڻين تي ٽپ ڏئي مٿي مندرن ڏي وڃي رهيا هئا جتي مونکي به وڃڻو هو پر ڇوڪريءَ سندن چڙ چڙي. طبيعت جو ٻُڌائي ڊڄاري ڇڏيو هو سو مان مٿي ويندڙ ٻين ماڻهن جو پاسو وٺي هلندو رهيس. هتي سُوامڀُو اسٽوپا سڀ کان وڏو آهي جنهن لاءِ پٿر جا چار سئو ڏاڪا چڙهڻا پون ٿا، مٿي پهچبو ته مندرن جو ڪامپليڪس نظر ايندو ۽ ساڳي وقت پُوڄا پاٺ ڪندڙ ماڻهو ۽ سياحن جا انبوهه. وڏي تعداد ۾ ٻُڌ ڌرم جي عڪاسي ڪندڙ شين جا دُڪان، ٻُڌ ڌرم جي تاريخ بابت ڪتابن ۽ تصويرن جي ڪارڊن وارا اسٽال به اُتي هئا. چون ٿا ته تيرهين صديءَ ۾ سُوامڀُو مندر ٻُڌ ڌرم وارن جو اهم مرڪز بڻجي ويو هو. پندرهين صديءَ ۾ اهو تباه به ٿيو هو جنهن کي ٻيهر تعمير ڪرايو ويو. جيئن ته مان دير ڪري پهتو هئس تنهنڪري سانجهي ٿيڻ واري هئي ۽ يورپي ماڻهن سان آيل مقامي ماڻهن کي چوندي ٻُڌم ته اونداهي ٿيڻ کان اڳ هتان نڪري وڃڻ کپي، سو مون به پويان پير ڪيا. ڀولڙن کان بچندو هيٺ لهندو ويس ته هڪ نوجوان ڇوڪريءَ ڌاتُوءَ مان ٺهيل مختلف شيون خريد ڪرڻ لاءِ چيو جن ۾ بريسليٽ مونکي وڌيڪ بهتر لڳا ۽ هڪ جوڙي تڪڙ ۾ خريد ڪري نڪرڻ جي ڪيم. گيٽ جي اندران ئي هڪ حوض ٺهيل هو جنهن جي وچ ۾ گوتم ٻُڌ جا مجسما لڳل هئا. اتي ئي مون ڪجهه ڀڪشوئن کي بيٺل ڏٺو ته محسوس ڪيم ته اهي نيپالي ڪونه هئا. کانئن پُڇا ڪرڻ تي هنن ٻُڌايو ته هُو تبتي آهن. ٽيڪسيءَ واري به واٽ تي لنگهندڙ ڪيترن ئي ماڻهن ڏي اشارو ڪري ٻُڌايو هو ته اهي تبتي آهن. سندس چوڻ موجب ٻُڌ ڌرم جي مندرن جي ڪري نيپال ۾ تبت جا ماڻهو تمام گهڻا اچن ٿا.
    هُونئن جيڪڏهن ٻُڌايو نه وڃي ته هندو ڌرم ۽ ٻُڌ ڌرم جي ماڻهن توڙي مندرن ۾ فرق مشڪل سان ڪري سگهجي، حيرت جي ڳالهه هيءَ آهي ته نيپال سڌارٿ گوتم جي جنم ڀُومي آهي پر هتي هندو ڌرم وڌيڪ ڇانيل آهي ۽ ٻئي نمبر تي ٻُڌ ڌرم آهي. چون ٿا ته عيسوي سن کان پنج سئو ورهيه اڳ نيپال ۾ ننڍيون ننڍيون قبيلائي سرداريون هيون جن مان هڪ سرداريءَ ۾ سڌارٿ گوتم شهزادو هيو پر هُو سڀ ڪجهه تياڳي هليو ويو.
    جيئن ته مندرن وارا دُڪان به بند ٿيڻ لڳا هئا تنهنڪري مان به تڪڙ ۾ ٻاهر نڪتس جتي ٽيڪسيءَ وارو انتظار ڪري رهيو هو.
    *


    موٽرسائيڪل سوار ڇوڪريون

    نيپال ۾ وڏي تعداد ۾ نوجوان ڇوڪريون اسڪوٽر هلائيندي نظر اينديون. پنهنجي گذريل ٻن چڪرن ۾ به اها ڳالهه نوٽ ڪئي هئم پر تڏهن ايترو تعداد ڪونه هو جيترو هن ڀيري ڏٺم. پاڪستان ۾ ڪا ڇوڪري اسڪوٽر هلائي ته هشام ماڻهن جا گڏ ٿي ويندا ۽ نيٺ ڇوڪري پاڻ اسڪوٽر هلائڻ تان دل کڻي ويندي يا سندس مائٽن کي مٿس بندش وجهڻي پوندي، پر نيپال ۾ اها عام ڳالهه آهي. مرد توڙي عورتون موٽرسائيڪل يا اسڪوٽر هلائين ۽ نه رُڳو هلائيندڙ پاڻ هيلميٽ پائي پر پُٺيان ويٺل به لازمي طور پائي ٿو.
    سُوامڀُو مندر مان موٽندي ٽيڪسي ڊرائيور سان ڪافي ڪچهري ٿي جنهن ٻُڌايو ته هتان جو عورتون ۽ نوجوان ڇوڪريون به نوڪري ڪن ٿيون. اهي اڪثر دُڪانن ۽ آفيسن ۾ ڪم ڪن ٿيون تنهنڪري اهي پاڻ اسڪوٽر هلائي ڊيوٽيءَ تي وڃن. پگهارون ايتريون گهڻيون ڪونهن پر اهي پنهنجو خرچ ته ڪڍي وٺن ٿيون. دُڪانن يا ننڍين آفيسن ۾ ڇوڪرين جون پگهارون ٽن هزارن کان ڏهه هزار رُپين تائين ٿين. موٽرسائيڪلن جي رش تي هن ٻُڌايو ته بئنڪون ۽ ٻيا مالياتي ادارا ليزنگ ڪن ٿا جنهنڪري هتي هر ماڻهو قرض تي اسڪوٽر ۽ ٻيون گاڏيون وٺي ٿو. بلڪل پاڪستان وانگر صورتحال آهي جتي هر ماڻهوءَ پاڻ کي بئنڪن ۽ ليزنگ ڪمپنين وٽ گروي رکي گاڏي ورتي آهي.
    نيپال ۾ گاڏيون ڪونه ٺهن تنهنڪري اهي انڊيا مان اچن ٿيون. هتي هر گاڏي ڏسي انڊين ڪمپنيءَ جو نالو پڙهي سگهجي ٿو. ڊرائيور ڪرشنا ٻڌايو ته موٽرسائيڪلن جي قيمت اڳي نوي يا پنجانوي هزار رُپيا هئي پر هاڻي اهي مهانگيون ٿي ويون آهن ۽ سوا لک رُپين تائين قيمت وڃي پهتي آهي.
    هتي مون ڪجهه موٽرسائيڪل سوارن کي پاڪستانين وانگر ڊرائيونگ ڪندي ڏٺو، هنن لاءِ ڄڻ ته ڪوبه قائدو قانون ڪونه هو.
    *


    گاڏيون ته ڇا، ڀاڄيون به انڊيا مان اچن

    مون جڏهن ان ڳالهه تي حيراني ڏيکاري ته نيپال ۾انڊيا ڇانيل آهي جو هتي هلندڙ هر گاڏي ٽاٽا يا ٻي ڪنهن انڊين ڪمپنيءَ جي آهي، ته ٽيڪسي ڊرائيور چيو حيران نه ٿيو هتي بصر پٽاٽا ۽ ٻيون ڀاڄيون به انڊيا مان اينديون آهن. “نيپال ۾ بصر پٽاٽا ٿين ٿا پر تڏهن به اهي انڊيا مان گهرايا وڃن ٿا” هن چيو. اتفاق سان جن ڏينهن ۾ مان نيپال ۾ هئس انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۽ ملڪ جي ٻين صوبن ۾ بصر پٽاٽا ڏاڍا مهانگا ٿي ويا هئا، جنهن جو خاص ڪارڻ اهو هو ته هندستان ۾ بصر پٽاٽن جو فصل خراب ٿيو هو ۽ وڏي مقدار ۾ اهي ٻئي شيون پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ مان انڊيا ڏانهن ايڪسپورٽ ڪيون پئي ويون. سنڌ ۾ بصر ستر کان اسي رُپيا في ڪلو ٿي وڪاميو جڏهن ته پٽاٽن جو اگهه به نوي رُپين کي وڃي پهتو هو. ڊرائيور ٻُڌايو ته نيپال ۾ به اهو ئي اگهه هلي رهيو آهي.
    نيپال ۾ رهڻ دوران ميزبان اداري جي مالڪ گوپال گُرگين جو ڀاءُ جنهن جو نالو پڻ ڪرشنا هو، مونکي پنهنجي ملڪ جو حال احوال ڏيندو رهيو هو. سندس چوڻ موجب نيپال ۾ سواءِ بسڪُوٽن جي ڪارخانن جي ٻي ڪابه صنعت ڪانهي، انهيءَ جي ڪري هر شئي انڊيا مان گهرائي ٿي وڃي. هن ٻُڌايو ته وٽن گئس تي گاڏيون هلائڻ جو تصور ئي ڪونهي جڏهن ته پيٽرول به کين انڊيا ئي وڪرو ڪري ٿو جيڪو ٽينڪرن ذريعي اچي ٿو. نيپال ۾ اڪثر ڪو نه ڪو ڦڏو پيو ٿيندو آهي جنهن ڪري انڊيا کان ايندڙ آئل ٽينڪر رستا بند هجڻ سبب بيهي ويندا آهن، جڏهن رستا بند هجڻ سبب تيل جي رسد بند ٿيندي آهي ته نيپال جا پيٽرول پمپ مالڪ تيل جي بليڪ مارڪيٽنگ شروع ڪري ڇڏيندا آهن ۽ پيٽرول پمپن تي گاڏين جون قطارون گڏ ٿي وينديون آهن. سندس ڳالهيون ٻُڌي مونکي پاڪستان ۾ اُهي ڏينهن ياد اچي رهيا هئا جڏهن پيٽرول جو اگهه وڌڻ جي اعلان جي انتطار ۾ پيٽرول پمپن جا مالڪ پيٽرول جو وڪرو بند ڪري ڇڏيندا آهن ۽ هر پمپ تي سوين گاڏيون بيهي وينديون آهن.
    نيپال ۽ پاڪستان وچ ۾ هڪ ٻي مشترڪ ڳالهه هي آهي ته ٻنهي ملڪن کي رب سائين. ندين سان نوازيو آهي جن تي اُڻويهه هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت جا پلانٽ لڳل آهن پر هُو تيرهن چوڏهن هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪن ٿا ۽ نتيجي ۾ ٻارهو ئي لوڊ شيڊنگ ڪئي وڃي ٿي. اونهاري ۾ نيپال ۾ به پاڪستان وانگر ارڙهن ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي. ٽيڪسي ڊرائيور کان جڏهن ان بابت پڇيم ته چيائين نيپال ۾ به جڏهن بجلي بند ٿيندي آهي ته ماڻهو مڇرجي حملا ڪندا آهن.
    *


    اردو نه، هِندي

    نيپال ۾ ماڻهو عام طور جيڪا ٻولي ڳالهائين ان ۾ هندي ۽ اُردو گاڏڙ لفظ استعمال ڪن ٿا. پهرين ڏينهن ايئرپورٽ کان هوٽل ڏانهن ايندي وئن ڊرائيور موبائل تي ڳالهائڻ مهل ڪنهن کي ٻُڌائي رهيو هو ته ساڍي چئين وڳي کان ٽريفڪ ۾ ڦاٿل آهي. ان لاءِ هن ساڙهي چار بجي سي لفظ استعمال ڪيا. هوٽل جي بيرن کان جڏهن پُڇيم ته هو اُردو سمجهن ٿا ته هنن نهڪار ڪئي پر جڏهن ڳالهائن پيا ته اها اُردو لفظن جي ملاوٽ واري ٻولي هئي جنهن کي هو هندي سڏين ٿا. ابُو ظهبي هوائي اڏي تي به سئو ڏيڍ نيپالي هئا جن مان هڪ وڏي واڪي موبائل فون تي پنهنجي ملڪ ڪنهن سان ڳالهائي رهيو هو جيڪا ٻولي پڻ اُردوءَ گاڏڙ هئي، شروع ۾ هن السلام عليڪم چيو هو ۽ پوءِ ٻُڌايائين ته چئين ساڍي چئين وڳي پهچنداسين. اهو معاملو انڊين فلمن وارو آهي جن کي هُو هندي فلمون سڏين ٿا پر پنجانوي سيڪڙو اُردو ٻولي هوندي آهي. اصل ۾ جيئن ته انهن ٻولين جو بُڻ بنياد سنسڪرت آهي تنهنڪري ننڍي کنڊ ۽ ڀرپاسي جي علائقي ۾ ڳالهائجندڙ ٻولين ۾ ڪيترائي لفظ هڪ جهڙا آهن.
    مان جنهن ٽيڪسيءَ واري سان مندر گهمڻ ويس اهو هر هر “ڀاڙي ڪي لوگ” لفظ استعمال ڪري رهيو هو. خبر پئي ته سنڌي لفظ ڀاڙو ۽ نيپالي يا هندي لفظ ڀاڙو هڪ ئي معنيٰ رکن ٿا. نيپال ۾ هندي يا نيپالي ٻوليءَ ۾ شام کي انڌيارو به چون جيڪو اُردوُءَ جي لفظ انڌيرو کان گهڻو مختلف ڪونهي ۽ شهرن ۾ ڳالهائجندڙ سنڌيءَ ۾ به اهو لفظ هاڻي عام ٿي ويو آهي.
    نيپالي ٻوليءَ ۾ ڪي لفظ اهڙا آهن جيڪي سنڌيءَ سان ملن ٿا. پٽاٽن کي ته هتي به پٽاٽا ۽ آلُو ئي سڏين ٿا جڏهن ته ٻار ڄڻائيندڙ دائيءَ کي سڏين ڌائيِ، وڏي ڀاءُ کي سڏين دادا ۽ ترائي (وارياسين ڀِٽن جي وچ ۾ اهو هنڌ جتي مينهن جو پاڻي گڏ ٿئي) جو مطلب به بلڪل سنڌي لفظ وارو آهي جنهن جو ذڪر سفرنامي جي پهرين حصن ۾ ڪري چڪو آهيان. اهڙي طرح هڙتال کي هُو به هڙتال سڏين ۽ گهر ڌڻيءَ کي گهر ڌني سڏن. مزي جي ڳالهه ته کٽمنڊو سان ڳنڍيل شهر لليتپور جي وڏي هوٽل هماليا ۾ هڪ هال جو نالو هو “بيٺڪ” مون جڏهن نيپالي دوستن کان ان جي معنيٰ پُڇي ته ٻُڌاين گڏجاڻيءَ وارو هنڌ. بيٺڪ لفظ گڏجاڻي يا اوطاق واري معنيٰ ۾ نيپالي، هندي، اُردو ۽ سنڌيءَ ۾ استعمال ٿئي ٿو.
    *


    ساڍي نائين وڳي شٽر بند

    سُوامڀُو مندر مان واپس هوٽل پهتس ته شام جا 6 پي ٿيا پر لڳو ٿي ته رات ٿي چڪي آهي، ڪمري تي ويٺي ست ساڍا ست ٿيا ته ميزبان ڪرشنا جي فون آئي ته هيٺ رسيپشن تي منهنجو انتظار ٿي رهيو آهي. اصل ميزبان ته ڪميونيڪيشن ڪارنر اداري جو مالڪ گوپال گُرگين هو پر هن پنهنجي ڀاءُ ڪرشنا کي مهمانن جي استقبال ۽ ٻين انتظامن تي لڳايو هو. ٽيڪسي ڊرائيور ڪرشنا کانپوءِ مان هن ڪرشنا جي حوالي هئس. مان، انڊونيشيا ۽ ٿائلينڊ مان آيل مهمان ڪرشنا سان گڏ هوٽل کان ٻاهر نڪري پنڌ ئي پنڌ هلندا وياسين، سوڙهي بازار جي ٻنهي پاسي دڪان روشنين سبب جرڪي رهيا هئا. ڏهه منٽن جي پنڌ کانپوءِ اسان هڪ هوٽل جي ڏاڪڻ چڙهي پهرين ماڙ تي پهتاسين ته خبر پئي ته اتي مڌُ ڪانه ملندي. وري هيٺ لٿاسين ۽ گرائونڊ فلور تي جاوا ريسٽورنٽ ۾ وڃي ويٺا سين. گوپال ۽ ٻيا مهمان به اتي ئي مليا. مونکي گوپال جي ڌيءُ شِيکا ۽ سندس مڙس ديپيندرا سان ڪچهريءَ جو موقعو مليو جو سندن ڪرسيون منهنجي ڀرسان ئي هيون. ڏاڍو قُربائتو جوڙو هو. هر وقت کِل ڀوڳ سان ڳالهائڻ وارو. ديپيندر فطري طور ئي کل ڀوڳ وارو هو ۽ شايد انهيءَ ڪري هن پنهنجو الڳ ايف ايم ريڊيو شروع ڪيو هو جنهنجون ارڙهن ڪلاڪن جون سڀ نشريات مزاحيا پروگرامن واريون هيون. پاڻ نه رُڳو گانا به ڳائيندو هو پر هڪ ڪاميڊي ٽي وي سيريل ۾ ڪم ڪري چُڪو هو ۽ هاڻ پاڻ به مزاحيا پروگرامن تي مشتمل ٽي وي چينل شروع ڪرڻ جي تيارين ۾ هو.
    اسان جي موج مستي ۽ ڪچهري جاري هئي ته ساڍا نَوَ ٿي ويا ۽ ريسٽورنٽ جا شٽر بند ٿيڻ لڳا. جنهن هال ۾ اسان ويٺا هئاسين اُن جي اڳيان شيشو لڳل هو ۽ ٻاهر جو منظر ڏسي سگهجي پيو. مون ڪيترن ئي نوجوان جوڙن کي ان ريسٽورنٽ جي ٻاهران گڏ ٿيندي ڏٺو. خبر پئي ته انهن جوڙن جو وقت اڃا هاڻي شروع ٿيڻو هو جو نه رُڳو ان ريسٽورنٽ ۾ پر آسپاس جي ٻين هوٽلن ۾ ڊانسنگ هال هئا جتي اهي جوڙا سڄي رات موج مستي ڪندا. ڊانسنگ هالن کانسواءِ باقي ريسٽورنٽ ۽ ٻيو ڪاروبار رات جو ساڍي نائين وڳي بند ٿيو وڃي. هال جي شيشي ٻاهران به ڪجهه ٽيبل ڪرسيون لڳل هيون. شٽر بند ٿيڻ کان ڪلاڪ کن اڳ هڪ ڊگهي قد جي ماڊرن مائي اُتي ويٺل نظر آئي هئي جيڪا وسڪي پيئندي اسان مان ڪنهن نه ڪنهن کي پنهنجو گراهڪ ٺاهڻ لاءِ اشارا ڪندي رهي.
    ريسٽورنٽ جي مُهڙ وارو شٽر ته ساڍي نائين وڳي بند ڪيو ويو پر اسان ساڍي ڏهين وڳي تائين ويٺا رهياسين ۽ ڊنر ختم ڪري ريسٽورنٽ جي پاسي واري گهٽيءَ ۾ کلندڙ در مان ٻاهر نڪتاسين. گوپال ٻُڌايو ته هتي ڪاروبار صبح جو سوير ئي شروع ٿيو وڃي ۽ رات جو لازمي طور ساڍي نائين وڳي شٽر بند ڪرڻا هوندا آهن. مون کي پاڪستان ياد آيو جتي ڪاروباري ماڻهو بجليءَ جي وڏي بحران جي باوجود حڪومت جي اهڙي ڪنهن به هدايت تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن. ڪراچيءَ ۾ ته ڪاروبار کُلي ئي ٻارهين کانپوءِ ۽ رات جو دير تائين جاري رهي ٿو، حڪومت ڪا سختي ڪري ته مظاهرن ۽ هڙتالن تائين تيار ٿيو وڃن.
    ريسٽورنٽ کان ٻاهر نڪتاسين ته واقعي ڪاروبار بند ٿي چڪو هو، رستي تي جوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ٽولن جي شڪل ۾ موجود هئا. ميزبان اسان کي پنهنجي هوٽل تائين پهچائي واپس هليا ويا. صبح جو اسان کي هن هوٽل مان روانو ٿيڻو هو ڇو ته باقي رهائش ۽ پروگرام شهر کان ٻاهر خوبصورت پهاڙي علائقي ۾ گوڊاوري رزارٽ ۾ هو، پر مونکي ديپيندرا چيو ته مان ٻين دوستن سان گڏ نه وڃان جو هُو مون کي صبح جو پنهنجي ريڊيو اسٽيشن گهمائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ريڊيو اسٽيشن گهمائي هو مون کي گوڊاوري رزارٽ ڇڏي ايندو.
    *


    ڏُکن ڀَرِي دنيا ۾ کِل خُوشي آڻڻ جي ڪوشش

    اڄ سترهين نومبر تي عيدالاُضحيٰ هئي، گهر ٻار بلڪه پنهنجي ديس کان پري هئس پر تڏهن به صبح جو سوير اُٿيس جو سڄو سال نماز نه پڙهڻ جي باوجود عيد جي ڏينهن پُٽن ۽ ڀائرن سان گڏجي عيد نماز پڙهڻ لاءِ سوير اُٿڻو پوندو هو. هتي اهڙو ڪوبه تصور ڪونه هو تڏهن به اُٿي تيار ٿيس ۽ نيرن ڪري هوٽل ٻاهران پي سي او تان ڪراچيءَ فون ڪري گهر وارن کي عيد مبارڪ چيم ۽ پنهنجون اِي ميل چيڪ ڪيم. سنڌ مدرسي جي پرنسيپال ڊاڪٽر محمد علي شيخ ۽ ڪُجهه ٻين دوستن پاران عيد مبارڪ جا پيغام آيل هئا جن کي موٽ ڏنم ۽ پوءِ هوٽل تي اچي ويهي رهيس. ان مهل ڪجهه پريشاني به محسوس ٿي جو گهر واريءَ ٻُڌايو ته ٻن ٻارن کي بُخار هو ۽ ٽيسٽ ڪرائڻ سان ڊينگيءَ جا ابتدائي اثر ظاهر ٿيا هئا جو پليٽيليٽس ڪنهن حد تائين گهٽيل هئا. شُڪر آهي ته هنن هڪدم علاج شروع ڪري ڇڏيو هو.
    ديپيندرا ٻارهين وڳي پهتو ۽ ڪار ۾ کڻي پنهنجي ريڊيو اسٽيشن ڏانهن روانو ٿيو. اسين جن رستن تان لنگهياسين انهن تي نيشنل ميوزيم ۾ تبديل ڪيل شاهي محل، وزير اعظم سيڪريٽريٽ، ڪشميري شاهي مسجد وغيره نظر آيا. ڪشميري مسجد جي ويجهو ئي هڪ ٻي شاهي مسجد به هئي ۽ مون ٻنهي مسجدن وٽ لهي انهن جون تصويرون ٺاهيون. ديپيندرا ٻُڌايو ته ڪشميري مسجد تمام پراڻي آهي ۽ هتي وڏا اجتماع ٿيندا آهن. اڄ انهن مسجدن ۾ عيد نمازون به پڙهيون ويون هيون. مون کي پهرين خبر هجي ها ته صبح جو سوير هتي اچي عيد نماز پڙهان ها. هتي پراڻي زماني کان ڪشميري رهن ٿا جن جي اها مسجد قائم ڪيل آهي.
    ريڊيو اسٽيشن ويندي ديپيندرا کان وڌ ۾ وڌ معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪيم. هن ٻُڌايو ته نيپال ۾ ريڊيو جو لائسنس وٺڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي، آن لائين فارم ڀري ڏهن کان پندرهن ڏينهن ۾ لائسنس وٺي سگهجي ٿو. گهٽ فريڪُئنسيءَ واري ريڊيو لائسنس جي في فقط ڏهه هزار رُپيا ۽ وڌيڪ پاور جي ريڊيو لاءِ هڪ لک رُپيا ڀرڻا پون ٿا. شايد اهو ئي سبب هو جو هڪ سيڪنڊري اسڪول جي رٽائرڊ ٽيچر جو پُٽ ديپيندرا به ريديو اسٽيشن جو مالڪ ٿي ويو. پاڪستان ۾ ڪو غريب جو ٻار اهو سوچي به نٿو سگهي جو هتي سرڪار سڳوري ريڊيو لائسنس نيلام ڪري ٿي جنهنڪري ڏُورانهن علائقن ۾ به ريڊيو لائسنس لکن ۾ وڃي پوي ٿو جڏهن ته ڪراچي ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ لائسنس في ڪروڙن ۾ بيهي ٿي، ٻيا خفا ان کان علاوه آهن.
    ريڊيو آڊيو ديپيندرا جي ريڊيو جو نالو هو جيڪو پارليامينٽ هائوس جي ٿورو ئي ويجهو رستي جي ٻئي پاسي هڪ عمارت جي آخري ستين ماڙ تي قائم هو. لفٽ چڙهي مٿي پهتاسين ته اڱڻ ۾ سڀ کان پهرين وڏي جنريٽر تي نظر پئي جنهن لاءِ هن ٻُڌايو ته لوڊشيڊنگ جي حالت ۾ نشريات جاري رکڻ لاءِ جنريٽر اڻٽر آهي، بلڪل ايئن جيئن پاڪستان ۾ هر ريڊيو اسٽيشن تي انتظام هوندو آهي ۽ ريڊيو جا مالڪ دانهون ڪندا آهن ته ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب لاڳيتو جنريٽر هلائڻ سان سندن خرچ وڌي وڃي ٿو.
    ريڊيو اسٽيشن اندر شِيکا اسان جي انتظار ۾ هئي. اسٽوڊيوز ۽ ٻيو سيٽ اپ ڏسڻ ۽ اسٽاف سان هيلو هاءِ ڪرڻ کانپوءِ اسان سندن آفيس ۾ وڃي ويٺاسين جتي هنن مونکي پنهنجي ريڊيو جا ڪجهه پروگرام به ٻُڌرايا.
    ٻنهي زال مڙسن جي مون سان ايتري ته قربت ٿي وئي هئي جو پنهنجي ذاتي زندگيءَ بابت به گهڻو ڪجهه ٻُڌائي ويا. سندن عشق گهڻي وقت کان هلندڙ هو پر نَوَ مهينا اڳ هنن شادي ڪئي هئي. ديپيندرا ايشيا جي سڀ کان پهرين ڪميونٽي ريڊيو ساگر ماٿا مان ڪم شروع ڪيو، پنهنجي سهري گوپال جي اداري ڪميونيڪيشن ڪارنر ۽ پوءِ سندس ايف ايم ريڊيو اُجالو ۾ به ڪم ڪيائين. پنهنجي ريڊيو جي شروعات بابت هن چيو،”منهنجو خيال هو ته اهڙو ريڊيو شروع ڪريان جيڪو ٻين کان مختلف هجي. دنيا ۾ رُڳو ڏک ئي ڏک آهن ۽ ڇڪتاڻ آهي، ٽينشن آهن، تنهنڪري موج مستي ۽ کل ڀوڳ ذريعي ماڻهن کي وندر ڏجي. اهو سوچي مون هي ريڊيو شروع ڪيو جنهن جو نعرو ئي آهي فُل ٽائيم ڪاميڊي. هن ٻُڌايو ته سندس ريڊيو تان ماڻهن جي فرمائش مطابق مزاحيا ۽ عشقيه گانا نشر ڪيا ويندا آهن جن ۾ نيپالي توڙي انڊين گانا شامل آهن، سندس ريڊيو جي جدت اها به آهي ته اشتهار به مزاحيا انداز ۾ هوندا آهن.
    مينيجمينٽ جي اصولن تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ جو ٻُڌائيندي چيائين،”آفيس ۾ مان باس ۽ زال منهنجي ماتحت هوندي آهي ۽ گهر ۾ منهنجي زال باس ۽ مان سندس ماتحت هوندو آهيان.” اسٽاف لاءِ اصول آهي ته “دل چوي ته ڪم ڪريو نه ته هليا وڃو، ڪابه زبردستي ڪانهي.” پنجاهه لکن جي خرچ سان ريڊيو قائم ڪيائين ۽ هر مهيني پنج لک رُپيا خرچ اچيس ٿو، اسٽاف جون پگهارون ست هزارن کان پنجٽيهه هزار رُپين تائين آهن. پگهارن جو ذڪر مان ڄاڻي واڻي ڪري رهيو آهيان ته جيئن سنڌ ۾ ايف ايم ريڊيو تي ڪم ڪندڙن کي خبر هجي ته نيپال جهڙي غريب ملڪ ۾ به ريڊيو وارا پنهنجي اسٽاف کي پگهارون ڏين ٿا.
    منجهند جو ٽين وڳي ديپيندرا مونکي شهر کان ٻاهر گوڊاوري وليج رزارٽ تي ڇڏي ويو جتي اڃا ڪمري تي سامان رکي دريءَ مان ٻاهر جو خوبصورت نظارو ڏسي رهيو هئس ته نياپو مليو ته پنجين وڳي وري شهر ڏانهن روانگي آهي. مقرر وقت تي ايشيا ڪالنگ جا سڀ دوست وئن ۾ سوار ٿي کٽمنڊو جي جاڙي شهر لليتپور روانا ٿياسين جتي هماليه هوٽل ۾ گوپال جي اداري طرفان هڪ سي ڊيءَ جي لانچنگ هئي. هن هوٽل ۾ سيپٽمبر 2004۾ رهي چُڪو هئس. نيپال جو وزير اطلاعات تقريب جو خاص مهمان هو. رات جو ڏهين وڳي واپس گوڊاوري پهچي به وياسين ڇاڪاڻ جو هر ڪم وقت جي پابنديءَ سان ٿي رهيو هو.
    شهر کان گوڊاوريءَ تائين رستي جي ٻنهي پاسي گهڻو ڪري فصل پوکيل هوندا هئا ۽ باقي علائقي ۾ پُراڻا گهر ۽ مندر ڏسڻ ۾ ايندا هئا، عورتون لابارو ڪندي ياروڊ تي چانور ڇڙيندي نظر اينديون هيون، پر هن ڀيري روڊ جي ٻنهي پاسي ڪيتريون ئي نيون عمارتون نظر آيون ۽ ٻنين جي جاءِ تي به گهڻو ڪري رهائشي جايون ٺهي ويون هيون جنهن مان اندازو ٿيو ته هتي به ٻهراڙين مان شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ۽ آبادي وڌڻ جي ٻين ڪارڻن سبب شهري علائقا وڌي رهيا هئا.
    *


    پنير پڪوڙا، مهاراني دال ۽ مٽن تَوَا

    ارڙهين نومبر تي صبح جو نائين وڳي کان شام جو چئين وڳي تائين ايشيا ڪالنگ پارٽنرس جي گڏجاڻي هلي جنهن ۾ انڊونيشيا، ٿائلينڊ، ڪمبوڊيا،برما، افغانستان، بنگلاديش ۽ پاڪستان جا نمائندا شريڪ هئاسين. نيپالي ميزبان گوپال جي صلاح تي شام جو هوٽل جي وئن ۾ سوار ٿي شهر وياسين. اسان جي منزل رتن دربار وارو علائقو هو جتي قديم زماني جا مندر آهن. هن علائقي ۾ مان 2002۾ به آيو هئس. گهمڻ ڦرڻ کانپوءِگوپال اسان کي اسي والن جي پلاٽ تي هڪ پُراڻي چار ماڙ عمارت ۾ وٺي هليو جنهن ۾ گهڙڻ کانپوءِ خبر پئي ته اها اتان جي بار هئي، هر ماڙ تي ٻنهي پاسي ننڍڙيون ڪوٺڙيون ٺهيل هيون جن ۾ ٽيبل ڪرسيون پيل هيون ۽ ماڻهو مڌُ پيئڻ ۾ رُڌل هئا، اسان چوٿين ماڙ جي به کليل ڇت تي وڃي ڇٽين هيٺان پيل ڪرسين تي ديرو ڄمائي ويهي رهياسين.
    سڀني جو مُوڊ بيئر پيئڻ جو هو تنهنڪري ويٽر کي سڏي آرڊر ڏنوسين پئي ته گوپال کانئس نيپالي ٻوليءَ ۾ ڪجهه پُڇيو جنهن جي جواب ۾ هن جيڪو ڳالهايو تنهن مان اندازو ٿيو ته پنير پڪورڙن جي ڳالهه هئي. ٿوري دير مس گذري ته ويٽر بيئر جي بوتلن کانپوءِ پڪوڙن جون پليٽون کڻي اچي پهتو. ٿڌي موسم ۾ پهرين ته ڏڪڻي وٺي وئي هئي پر بيئر جا سِپ وٺندي گرم گرم پڪوڙن کائڻ سان بُت ۾ ڪجهه گرمي اچي وئي. اڃا ويٺا ئي هئاسين ته اوچتو هلڪو مينهن شروع ٿي ويو، پر شُڪر جو مٿان ڇٽيون لڳل هيون تنهنڪري گهڻو پُسڻ کان بچي وياسين.
    کٽمنڊو ۾ مون لاءِ کاڌي جو مسئلو ڪڏهن به نه ٿيو آهي جو هتان جا کاڌا هندستاني ۽ پاڪستاني کاڌن جهڙا هوندا آهن. پندرهين نومبر تي پهرين رات ئي مون کٽمنڊو گيسٽ هائوس ۾ جڏهن بيري کي ڪمري تي گهرائي کاڌن بابت پُڇيو ته هن دال مهارانيءَ جو به نالو ورتو. مون سوچيو هو ته جهڙي به هوندي گهٽ ۾ گهٽ دال ته هوندي. جڏهن بيرو دال کڻي آيو ته اها مکڻ ۾ ٺهيل ڪاري دال هئي جنهن کي گرم نان سان کائڻ ۾ واهه جو مزو هو. مانيءَ کانپوءِ چانهه به ايتري مزيدار هئي جو پنهنجي گهر جي چانهه ياد اچي وئي. چانهه جي هڪ مگ جي قيمت پنجانوي رُپيا هئي ۽ دال ۽ هڪ نان جو بل ساڍا ٽي سئو رُپيا هو. سورهين نومبر تي منجهند جو بيف برگر کاڌم ته ساڍا چار سئو رُپيا بل آيو. ساڳئي ڏينهن رات جو گوپال جي دعوت ۾ مڌُ هلندي کوڙ شيون پيش ڪيون ويون هيون جنهن ۾ ٻه ذڪر جوڳيون آهن، هڪ هئي سموسي ٽائيپ شئي پر گول شڪل ۾ جنهن جو نيپالي نالو هو مَومَو Momo جنهن جي اندر ڀاڄي پيل هئي ۽ ٻيو هو مٽن تَوا Mutton Tawa جيڪي ٻاڪري گوشت جا تئي تي تريل سنها ٽڪرا هئا.
    گوڊاوري وليج رزارٽ ۾ وري چانور، دال، پالڪ، مٽن قورمو ۽ اهڙيون ٻيون گهڻيون ئي لذيذ شيون هيون تنهنڪري مون جهڙو ڪو ماڻهو نيپال ويندو ته بُک ڪونه مرندو. گوڊاوري رزارٽ، هماليه ۽ اهڙين ٻين وڏين هوٽلن ۾ جيئن ته يورپي سياح جام اچن ٿا تنهنڪري انهن جي حساب سان کاڌا به ٺاهيا وڃن ٿا، مونکي ته هتي جديد زماني جي هوٽلن ۽ يورپي کاڌن کان وڌيڪ قديم ۽ ثقافتي ڏيک ڏيندڙ هوٽلون ۽ روايتي ايشيائي کاڌا وڻندا آهن. مونکي کٽمنڊو جي پهرين چڪر ۾ هڪ قديم ثقافتي طرز جي هوٽل ۾ کاڌل ڊنر اڃا ياد آهي جتي ننڍين ڄنگهن وارين ٽيبلن جي ٻنهي پاسي ڪشن تي ويهي ماني کاڌي هئي سين. روايتي نيپالي ڊريس پاتل بيرن روايتي ڊش پيش ڪيا هئا ۽ هال جي ڪُنڊ ۾ فنڪار روايتي نيپالي ساز وڄائي رهيا هئا جن جي ڌُنن تي اسان ڊنر کانپوءِ بيخود ٿي نچندا رهياهئاسين. ان هوٽل جو نالو هيو ڀَوجن گِري. ڀوجن جي معنيٰ کاڌو ۽ گِري معنيٰ گهر.
    *


    رتن دربار

    رتن درٻار يا درٻار اسڪوائر کٽمنڊو مُکيه شهر جي ڏکڻ ۾ جاڙي شهر لليتپور جو اهو علائقو آهي جتي ارڙهن مُکيه مندر آهن يا ايئن چئجي ته اهو مندرن جو ڪامپليڪس آهي. چون ٿا ته اهو اصل ۾ قديم شهر آهي ۽ اهي مندر ٻُڌاِزم جو مُکيه اُهڃاڻ آهن. بادشاهه اشوڪا جڏهن نيپال آيو هو ته پنهنجي ڌيءُ چرومتيءَ کي به ساڻ وٺي آيو هو جنهن کي هي ديس اهڙو ته وڻي ويو جو واپس وڃڻ تي دل راضي ڪانه ٿيس ۽ هتي ئي رهڻ پسند ڪيائين. شهزادي چرُومتيءَ ئي پتن شهر تعمير ڪرايو ۽ هتي ئي هُوءَ ٻُڌ ڀڪشوئن سان رهي پئي. انهن ئي مندرن جي هڪ پاسي شاهي محل به آهي جنهن لاءِ چون ٿا ته نيپال جي بادشاهه رتن مالا King Ratna Malla ٺهرايو هو. ڀرپاسي ۾ مالا گهراڻي جي ٻين بادشاهن جا محل به آهن.
    اسان جڏهن رتن درٻار پهتاسين ته وڏي رش هئي، يورپي ۽ ٻيا سياح گهمي ڦري رهيا هئا. رتن درٻار گهمڻ لاءِ به ٽڪيٽ وٺڻي پوي ٿي. سارڪ ملڪن جي ماڻهن لاءِ ڪُل پنجويهه رُپيا ٽڪيٽ هئي ۽ ٻين لاءِ ٻه سئو رُپيا. ميزبان گوپال فائدي ۾ ويو جو ٻين لاءِ ته کيس وڌيڪ پئسا ڀرڻا پيا پر منهنجي لاءِ فقط پنجويهه رُپيا. پاڪستان جيئن ته سارڪ جو ميمبر ملڪ آهي تنهنڪري مون کي ته هوائي اڏي تي به فائدو پيو هو جو مون کان ويزا في به ڪانه ورتي وئي.
    سانجهيءَ کانپوءِ شاهي محل سياحن لاءِ بند هوندو آهي تنهنڪري اهو گهمڻ جو موقعو ڪونه مليو. هونئن به کٽمنڊو جي پهرين دوري ۾ مان اهو محل گهمي چُڪو هئس. اسان باقي مندر گهمندا اڳتي وڌندا رهياسين. سياحن جي رش جي ڪري هتي نيپال جون مختلف مذهبي ثقافتي شيون وڪڻندڙ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو به وڏو تعداد هو جيڪي سياحن کي گهيرو ڪيو بيٺا هئا. اسان به کانئن بچي نه سگهياسين، هڪ نَوَ ڏهه ورهين جي ڇوڪري لڪشمي ڪپڙي مان ٺهيل پرس وڪڻي رهي هئي، سندس زور هو ته يارهن پرس هڪ هزار رُپين ۾ خريد ڪريون. گهڻو ئي نٽايوسين پر برما واري دوست کي خيال اچي ويو ۽ هڪ سئو رُپين ۾ ٻه پرس خريد ڪيائين، هن ڇوڪريءَ جي خاص ڳالهه هئي ته روانيءَ سان انگريزي به ڳالهائي پئي. منهنجي پُڇڻ تي ٻُڌايائين ته پنجين درجي ۾ پڙهندي آهي ۽ هتي پهرين درجي کان ئي انگريزي پڙهائيندا آهن.
    مندرن جي آسپاس پُراڻيون رهائشي جايون هيون بلڪ پُراڻا فليٽ هئا جن جي اڏاوت جو انداز ڪراچيءَ ۾ پاڪستان کان اڳ جي لياريءَ وارين عمارتن جهڙو هو. اهڙي ئي هڪ جُهريل عمارت تي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري لليتپور جو پُراڻو بورڊ لڳل هو. مان سمجهان ٿو ته اتي پُراڻي زماني ۾ چيمبر جي آفيس هوندي ڇوته هن دور جا صنعتڪار اهڙي جُهريل عمارت ۾ آفيس ٺاهي ڪونه ويهندا. مندرن جي آسپاس گهٽيون سوڙهيون هيون ۽ هر مندر جي ڀرسان موهن جي دڙي ۾ موجود وهنجڻ واري تلاءَ وانگر زمين جي سطح کان هيٺ پڪين سِرن جو تلاءُ هو جنهن ۾ اُن جي تري تائين لهي وڃڻ لاءِ وڏيون ڪُشاديون ڏاڪڻيون ٺهيل هيون. تلاءَ مان صرف سمجهاڻيءَ خاطر لکي رهيو آهيان ڇوته اهو پاڻيءَ سان ڀريل ڪونه هو پر تلاءَ جي ڀتين ۾ قديم مذهبي اُهڃاڻن وارين شڪلين جا نل لڳل هئا. اهو اصل ۾ واٽر سپلاءِ جو قديم سرشتو هو. اسان جي هڪ نيپالي گائيڊ موجب قديم زماني ۾ بادشاهن پنهنجي رعايا جي سهولت لاءِ پري مٿانهينءَ کان پاڻيءَ جي ذخيري کي ڇڪي انهن نلن تائين پهچايو هو جنهنکي اڄ به ساڳي نموني پاڻيءَ جي لائينن سان ڳنڍي رکيو ويو آهي. اسان جي موجودگيءَ ۾ ڪيترائي ماڻهو انهن نلن مان پاڻي ڀري رهيا ھئا. ڪن هنڌن تي ته انهن حوضن اندر اسان رات جي وقت به ماڻهن کي ڪپڙا ڌوئيندي ڏٺو. نيپالي دوستن ٻُڌايوته اهي کٽمنڊو ۽ لليتپور کان ٻاهر جا ماڻهو آهن جيڪي مسواڙ تي پُراڻا فليٽ وٺي رهن ٿا ۽ فليٽن ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري اتان پاڻي حاصل ڪن ٿا.
    اسان سوڙهين گهٽين مان گهمندي ڦرندي موٽي رهيا هئاسين ته هڪ هنڌ هڪ ننڍڙي پلاٽ تي ٺهيل هڪ پُراڻو مندر نظر آيو جنهن کي ڪاٺ جي گيٽ هئي پر اُها اُن مهل بند هئي. ان مندر جو نالو گولڊن ٽيمپل هو ۽ ان ۾ سچ پچ سون جا بُت رکيل هئا، پر حيرت جي ڳالهه هئي ته سون جي بُتن جي حفاظت لاءِ ڪو هڪ اڌ ماڻهو به بيٺل ڪونه هو.
    *


    زميني قيدي ملڪ ۾ چين ۽ انڊيا جي مداخلت

    اُڻويهين نومبر تي ڪانفرنس جو آخري ڏينهن هو. پنجين وڳي واندو ٿي ٿورو آرام ڪري ڇهين وڳي ڊائننگ هال ۾ گڏ ٿياسين جو ايشيا ڪالنگ جي انڊونيشيا ۾ ورهين کان رهندڙ انگريزياڻي ٽيسا Tessa جي سالگرهه هئي. ڪيڪ ڪپڻ کانپوءِ موج مستيءَ جو دور شروع ٿيو.
    جڏهن ماڻهو سُرور ۾ ايندو آهي ته سچ ڳالهائيندو آهي سو گوپال به دل کولي احوال ڪيا. هن ٻُڌايو ته انڊيا ۽ چين جي مداخلت جي ڪري نيپال متاثر ٿي رهيو آهي. چين مائوئسٽ پارٽيءَ کي ۽ انڊيا نيپالي ڪانگريس کي سپورٽ ڪري ٿو، سندن مداخلت سبب ڪابه حڪومت نٿي ٺهي سگهي، چئن پنجن مهينن کان نگران حڪومت قائم اَهي ۽ آئين ٺاهڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي پر اڃا آئين ٺهي نه سگهيو آهي.
    نيپال حقيقت ۾ زميني طور قيد ملڪ آهي ڇوته اهو ٽن پاسن اوڀر، ڏکڻ ۽ اولهه کان انڊيا ۽ اُتر ۾ چين جي گهيري ۾ آهي. ڏکڻ ايشيا جو هي اهڙو ملڪ آهي جنهن کي قدرت سمنڊ کانسواءِ هر نعمت سان نوازيو آهي. هڪ لک، ستيتاليهه هزار ۽ هڪ سئو ايڪاسي چورس ڪلوميٽر ايراضي ۽ ٽي ڪروڙ آباديءَ واري هن ملڪ ۾ نديون آهن، دنيا جي ڏهه وڏن جبلن مان اَٺ هن ملڪ ۾ آهن جن ۾ هماليه به شامل آهي، دنيا جا جبل چاڙهُو هتان ئي مائونٽ ايورسٽ تي ويندا آهن جنهن جو اصل نيپالي نالو ساگر ماٿا آهي.
    اهڙي طرح ٻن وڏن ملڪن جي گهيري ۾ هجڻ ڪري نيپال اندر جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو ان جو ڪارڻ سندن مداخلت آهي. گوپال موجب وزيراعظم چونڊڻ لاءِ سورهن ڀيرا ووٽنگ ٿي پر ڪوبه اُميدوار اڪثريت حاصل نه ڪري سگهيو ۽ نتيجي ۾ هڪ نگران وزيراعظم مقرر ڪيو ويو. گوپال جو خيال هو ته نيپال جون حالتون اڃا خراب ٿينديون. (نيپال ۾ بادشاهت ختم ٿيڻ تي اٺاويهين مئي کان ارڙهين آگسٽ 2008تائين مختصر مدت لاءِ نيپالي ڪانگريس جو گرجا پرشاد ڪوئرالا وزيراعظم رهيو ۽ ان کانپوءِ ڪميونسٽ پارٽي جيڪا مائوئسٽ ۽ ليننسٽ ڌڙن جي گڏيل پارٽي آهي، پنهنجا وزيراعظم آڻيندي رهي آهي. سندن پهريون وزيراعظم هو پرچنداجيڪو ارڙهين آگسٽ 2008کان پنجويهين مئي 2009 تائين هلي سگهيو. جڏهن مان اتي هئس ته ماڌوڪمار وزيراعظم هو پر کيس به 2011 جي فيبروريءَ ۾ اقتدار ڇڏڻو پيو جنهن کانپوءِ جهلاناٿ کنال آيو ۽ آگسٽ ۾ اهو به روانو ٿي ويو. نومبر جي اٺاويهين تاريخ تي هي سٽون لکڻ وقت بابُو رام ڀٽارئي نيپال جو نئون وزيراعظم آهي ۽ ملڪ جو آئين اڃا جُڙي نه سگهيو آهي. حڪومت هر ٽئين مهيني آئين ٺاهڻ لاءِ وڌيڪ ٽن مهينن جو مُدو وٺي ٿي ۽ اتان جي سپريم ڪورٽ حڪومت جي ان قدم کي غيرقانوني قرار ڏئي چُڪي آهي.)
    نيپالي پارليامينٽ ۾ ساڍا 6 سئو ميمبر آهن جن مان فقط ٽي سئو چونڊيل ۽ باقي سڀ ٿاڦيل آهن. اڪثريتي پارٽي ڪميونسٽ پارٽي آهي جنهن جون ٻه سئو چاليهه سيٽون ۽ ٻئي نمبر تي ڪانگريس آهي جنهن وٽ هڪ سئو ويهه سيٽون آهن. پارليامينٽ اندر گهوٽالو ايترو ته وڌيل اٿن جو اُڻويهين نومبر تي اجلاس ۾ ملڪ جي بجيٽ به منظور نه ٿي سگهي، اجلاس ملتوي ڪيو ويو ۽ نيٺ اها صدارتي آرڊيننس ذريعي لاڳو ڪئي وئي. ويهين نومبر جي نيپالي اخبارن جي اها لِيڊ اسٽوري هئي.
    نيپالي عوام حڪومت ۽ سياستدانن کان بيزار آهي. گوپال جي نياڻي ديپيندرا به اهائي ڳالهه ڪئي ته نيپال ۾ مخلص قيادت ڪانهي، هر سياستدان مفادپرست آهي ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ کان پاسو ڪري ٿو، ملڪ ۾ حڪومت نالي جي ڪا شئي ڪانهي.
    جهڙو حال سياستدانن جو آهي اهڙو حال سرڪاري ادارن جو اٿن. هتي ڇنڇر تي هفتيوار موڪل ڪن پر جمعي تي به اڌ ڏينهن آفيسون بند رهن، سرڪاري ملازم دير سان آفيسن ۾ اچن ۽ وري جلد ئي لنچ جو وقت ٿيو وڃي جنهن کانپوءِ سوير ئي آفيسون ڇڏي گهر هليا وڃن.
    *


    نيپال ۾ به ڌاڙا، ڦُرون ۽ اغوا

    گوپال ٻُڌايو ته انڊيا نيپال جي گورکن کي فوجي سکيا ڏئي گورکا فورس جي شڪل ۾ ملڪ اندر ڇڏيو آهي جنهن جي ڪري حالتون وڌيڪ خراب ٿيون آهن.
    هي اهي گورکاآهن جيڪي انگريز فوج جو اهم حصو هئا ۽ سندن بيرحمي ۽ بهادريءَ جا قصا مشهور هئا. گورکا يا گُرکا Gorkha/Gurkha نيپال جي هڪ ضلعي جو نالو به آهي ۽ انهيءَ علائقي جا رهواسي گورکا سڏجن ٿا، انگريز فوج ۾ گورکا رجمينٽ مشهور هئي ۽ اهي انڊين فوج ۾ به رهيا آهن. انڊين آرميءَ جي هڪ اڳوڻي سربراه فيلڊ مارشل مانڪشا جو چوڻ هو ته،” جيڪو ماڻهو چوي ته هو موت کان نٿو ڊڄي ته يا ته اهو ڪُوڙ ٿو ڳالهائي يا پڪ ئي پڪ اهو گورکو آهي.”
    گورکا نه رُڳو انگريزن جي فوج ۾ رهيا ۽ ٻي مهاڀاري جنگ ۾ جوهر ڏيکارين پر اهي ملائيشيا ۽ سنگاپور جي فوج ۾ به آهن ۽ آمريڪا جي نيويءَ ۾ به اهميت حاصل ڪئي اٿن. بنيادي طور ٻني ٻارو ڪندڙ گورکن لاءِ چيو وڃي ٿو ته مٿن ۽ سندن علائقي تي اهو نالو هڪ بزرگ گُرو گورکناٿ جي ڪري پيو. بهرحال سندن مشهور نعرو آهي”جئي مهاڪالي، آيو گورکالي.” هتي نيپالي لفظ آيو جي معنيٰ اهائي سنڌيءَ واري آهي يعني اچڻ، سندن نعري ۾ ڪالي ديويءَ کي ياد ڪيو وڃي ٿو.
    نيپال ۾ هڪ پاسي انڊيا جي سکيا ڏنل گورکن ڪم خراب ڪيو ته ٻئي پاسي چين جي سکيا ڏنل مائوئسٽ گوريلن. دنيا جي اخبارن ۾ اڪثر انهن گوريلن جي ڪاررواين جون خبرون ڇپبيون رهيون آهن. نيپال جي ٻئي دوري وقت 2004۾ مان لليتپور جي هماليه هوٽل کان ٻاهر نڪري ڪجهه گهمڻ ڦرڻ جو موقعو رُڳو ان ڪري حاصل نه ڪري سگهيو هئس جو اطلاعن موجب کٽمنڊو، لليتپور ۽ ڀڪتپور (نيپال جا ٽي گڏيل شهر) مائُو گوريلن جي گهيري ۾ هئا. چڱي ڳالهه اها هئي ته مائُو گوريلا نيپال ۾ شهنشاهيت جي خاتمي لاءِ وڙهي رهيا هئا.
    نيپال اندر ڏوهن ۾ انڊيا وارن جو اڃا وڌيڪ هٿ آهي. گوپال جي ڀاءُ ڪرشنا ٻُڌايو ته ڀارت سان ملندڙ سرحدي علائقي ۾ ڏوهارين جا هڪ سئو کان وڌيڪ ٽولا آهن جيڪي هندستان جي بهار واري علائقي مان اچن ٿا ۽ نيپال ۾ ڦُرون ڪري واپس هليا وڃن ٿا. نيپال ۽ انڊيا جي ماڻهن لاءِ ويزا جي پابندي ڪانهي تنهنڪري اهي هڪٻئي جي ملڪ ۾ بنا اجازت جي آزاديءَ سان اچن وڃن ٿا. سرحد تي چوڪيون به ٺهيل آهن پر اتي مقرر فوجين کي ڀتو ملي ٿو تنهنڪري ڏوهاري بنا روڪ ٽوڪ جي وارداتن لاءِ اچن وڃن ٿا.
    نيپال ۾ ٻارن کي اغوا ڪرڻ جون وارداتون به ٿين ٿيون. ان حد تائين جو کٽمنڊو ۾ به ڏوهاري ٽولا سرگرم آهن جيڪي ڀُنگ وٺڻ لاءِ امير ماڻهن يا سندن ٻارن کي اغوا ڪن ٿا.
    ٻيو مڪروهه ڌنڌو عورتن جي وڪري جو آهي. ملڪ ۾ غربت وڌيڪ هجڻ جي ڪري شهرن توڙي ڳوٺاڻن علائقن مان نوڪرين جي بهاني نوجوان ڇوڪرين کي انڊيا ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو جتي انهن کي جسم فروشيءَ جي ڌنڌي سان لڳايو وڃي ٿو. انڊيا مان ئي انهن ڇوڪرين کي وچ اوڀر جي ملڪن ۽ ويندي اسرائيل تائين وڪرو ڪيو وڃي ٿو. نيپال ۾ ڪيترين ئي تنظيمن انهيءَ مڪروهه ڌنڌي جي خلاف ڪم شروع ڪيو آهي.
    *


    نيپال جا نڀاڳا بادشاهه

    ويهين نومبر نيپال ۾ منهنجو آخري ڏينهن هو. جيڪڏهن پي آءِ اي جي ٽڪيٽ ملي ها ته ٻاويهين نومبر تائين رهي مشهور سياحتي علائقو پوکران ۽ ٻيا هنڌ به گهمي سگهان ها پر مجبوري هئي. اڄ شام پنجين وڳي مونکي ابوظهبيءَ لاءِ روانو ٿيڻو آهي. پنجاب جي فيصل آباد ۽ سنڌ جي ڪراچيءَ مٿان لنگهي ابوظهبيءَ وڃي وري ڪراچيءَ موٽڻو آهي جتي رات جو اڍائي وڳي پهچندس. ڪجهه دوست پنهنجي ملڪن ڏي روانا ٿي چُڪا آهن. مان صبح جو گوپال سان ميٽنگ ڪري ڪمري تي اچي ويٺس ته سندس ڀاءُ ڪرشنا فون ڪئي ته هو مونکي ايئرپورٽ ڇڏيندو پر ان کان اڳ مونکي سندن اُجالو ريڊيو ۽ ٻيا علائقا گهمائيندو. منجهند جو گوپال ۽ ڪرشنا سان لنچ ڪري ٺيڪ ڏيڍ وڳي گوڊاوري رزارٽ مان نڪتاسين. گوڊاوري رزارٽ ۾ رهڻ جو به پنهنجو الڳ مزو آهي، ڪنهن کي شاعري ڪرڻي هجي ته هتي اچي رهي . زندگيءَ جي رومانس ۽ ٻين مزن لاءِ ته هن کان وڌيڪ ٻي ڪا بهترين جاءِ ٿي نٿي سگهي.
    جابلُو ڳوٺ گوڊاوريءَ جي سوڙهي لانهين واري رستي تان ڪار هلندي نيٺ کٽمنڊو شهر ۾ پهتي جنهن کانپوءِ ڪرشنا مونکي مختلف رستن تي گهمائيندو خبرون چارون ڏيندو ويو. رام صاحب پڌ روڊ تي وزيراعظم سيڪريٽريٽ هئي جڏهن ته دربار مارگ روڊ تي شاهي محل هو جنهنکي بادشاهت ختم ٿيڻ کانپوءِ قومي عجائب گهر ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ان کي اندران ڏسڻ جو وقت ڪونه هو ڇو ته اُجالو ريڊيو به گهمڻو هو ۽ پوءِ هوائي اڏي تي پهچڻو هو. هي اهو محل هو جتي پهرين جُون 2001تي وليعهد شهزادي ديپيندرا پنهنجي پيءُ بادشاهه بريندرا ، پنهنجي ماءُ راڻي ايشوريا، ڀيڻن ۽ ڀائرن سميت يارهن ڀاتين کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو هو ۽ پڇاڙيءَ ۾ پاڻ به خودڪُشي ڪري ڇڏيائين. بريندرا بير بڪرم شاهه ديو Birendra Bir Bikram Shah Dev اُڻٽيهه سال 1972 کان 2001 تائين بادشاهت ڪئي ۽ نيٺ پُٽ هٿان مارجي ويو. چون ٿا ته بادشاهه ۽ راڻيءَ کي وقت ڪو نه هو جو پُٽ تي ڌيان ڏين، هُو ڏاڍو ڪاوڙيلو هو ۽ ملازمن کي به مارڪُٽ ڪندو هو، وليعهد هجڻ سبب کيس انتظار هو ته جلد بادشاهه ٿيان، ان ڳالهه جو هُو اڪثر اظهار به ڪندو هو، پر هُو اهڙو نڀاڳو ثابت ٿيو جو نه رُڳو پنهنجي پيءُ کي ماري سندس بادشاهت وڃايائين پر پاڻ به بادشاهت نه ڪري سگهيو ۽ فقط ٽن ڏينهن جي لاءِ کيس بادشاهه جو لقب مليو ۽ اهي ٽي ڏينهن به هن ڪوما ۾ گذاريا ڇوته پاڻ کي مٿي ۾ گولي هڻڻ سبب ٽي ڏينهن ڪوما ۾ رهي مري ويو. چون ٿا ته هن هڪ اهڙي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ ٿي گهري جيڪا راڻا گهراڻي جي هئي ۽ راڻا گهراڻي سان بادشاهه جي خانداني دشمني هئي. ان ڳالهه تان هُو ماءُ ۽ پيءُ سان ڪاوڙيل هو.
    ٽن ڏينهن جي بيهوش بادشاهه جي مرڻ تي سندس چاچي گڻيندرا Gyanendra بادشاهت سنڀالي. هي به اهو شخص آهي جنهن کي نجومين نڀاڳو سڏيو هو. 1947 ۾ جڏهن گڻيندرا وليعهد شهزادي مهيندرا ۽ ماڻس اندرا جي گهر ڄائو ته نجومين مهيندرا کي چيو هو ته پنهنجي پُٽ کي نه ڏس ڇو ته اهو تنهنجي لاءِ نڀاڳو ثابت ٿيندو. نجومين جي چوڻ تي مهيندرا پُٽ گڻيندرا کي ناناڻن ۾ رهائي ڇڏيو. اتفاق اهڙو ٿيو جو گڻيندرا جي ڏاڏي بادشاهه تري ڀَوَن جي حڪمراني خطري ۾ پئجي وئي ۽ کيس ملڪ ڇڏي انڊيا ۾ جلاوطني اختيار ڪرڻي پئجي وئي. شاهي خاندان جو ڪو به مرد نيپال ۾ ڪونه رهيو سواءِ ننڍڙي گڻيندرا جي جيڪو ناناڻن ۾ رهيل هو. حالتن ڦيرو کاڌو ۽ بادشاه خاندان جي وفادار وزيراعظم موهن شمشير بادشاهت بحال ڪئي ۽ ننڍڙي گڻيندرا کي في الحال بادشاه ڪري تخت تي ويهاريو. گڻيندرا نومبر 1950 کان جنوري 1951 تائين بادشاهه رهيو جنهن کانپوءِ سندس ڏاڏي تري ڀُون واپس اچي تخت سنڀاليو. گڻيندرا جي بادشاهت جو ٻيو دور 2008 ۾ ختم ٿيو جڏهن اٺاويهين مئي تي اليڪشن ۾ بادشاهت کي ختم ڪرڻ جي حق ۾ عوام ووٽ وڌو ۽ ٽيويهين جولاءِ تي رام باران يادوف ملڪ جو پهريون صدر مقرر ٿيو. شاه گڻيندرا جي شاهي حيثيت ختم ڪري کيس هڪ عام شهريءَ جو درجو ڏنو ويو. ايئن 1768 کان شاهه گهراڻي جي هلندڙ بادشاهت هميشه لاءِ ختم ٿي وئي.
    *


    افغانستان 2

    افغانستان 21 سالن کان پوءِ

    افغانستان

    21 سالن کان پوءِ

    Afghanistan
    After 21 years


    ڪراچيءَ کان ڪابل 21 سالن کانپوءِ

    کٽمنڊو ۾ ايشيا ڪالنگ جي سالياني گڏجاڻيءَ ۾ طئه ٿيو ھو ته ايندڙ گڏجاڻي ڪابل، افغانستان ۾ رکي ويندي. ايشيا ڪالنگ انڊونيشيا جي ھڪ ريڊيو وارن جو پروجيڪٽ آھي جنھن تحت ريڊيو ۽ ٽيليويزن لاءِ دستاويزي پروگرام ٺاھي اايشيا جي ڪجھه ملڪن ۾ نشر ڪيا وڃن ٿا. افغانستان مان جڏھن ميزبان اداري ڪليدي گروپ اسان کي دعوتناما موڪليا ته ٿائلينڊ ۽ ڪجھه ٻين ملڪن جا دوست افغانستان جي حالتن کان ڊڄي ڪابل وڃڻ کان نابري واري بيٺا. افغان ميزبان خاطري ڏياريندا رھيا ته سندن حياتيءَ کي ڪوبه خطرو نه ھوندو پر ھو تيار نه ٿيا. ڊپ مونکي به ٿيو پي ڇو ته افغانستان ۾ پاڪستان خلاف نفرت وڌيل ھئي پر مون سوچيو ته پوئتي نه ھٽجي. 1990 وارين جنگي حالتن ۾ جيڪڏھن افغانستان گھمي سگھجي ٿو ته ھاڻي ڇونه. ڪجھه دوستن جي پڪ ملڻ تي افغان ميزبانن تياري پڪي ڪري ورتي ۽ گڏجاڻيءَ لاءِ 2011 جي 14 ۽ 15 ڊسمبر جون تاريخون طئه ٿيون. مارچ 1990 واري ڪابل جي دوري لاءِ ته مونکي ڊُڪ ڊوڙ ڪرڻي ئي ڪانه پئي ھئي جو سڀ ڪم ٻين دوستن ڪيو ھو. ھن ڀيري افغانستان مان ڪليدي گروپ جي خاتون نجيبه ايوبيءَ اطلاع ڪيو ته سندن پرڏيھي معاملن واري وزارت ڪراچيءَ ۾ سندن قانصل خاني وارن کي ليٽر موڪلي ڇڏيو آھي ۽ مونکي اتي وڃي پاسپورٽ جمع ڪرائڻو آھي. تڏھن به ويزا وٺڻ لاءِ ٽي چار ڏينھن چڪر ڪاٽڻا پيا. منھنجي فلائيٽ 12 ڊسمبر تي رات جو ڏھين وڳي ھئي. جيئن ته ڪراچيءَ کان سڌو ڪابل فلائيٽ ناھي تنھنڪري ھتان اسلام آباد وڃڻو ھو ۽ اتان وري اڳتي. رات جو 12 لڳي 45 منٽن تي اسلام آباد ھوائي اڏي تي لھي ٽيڪسي ڪري ھڪ ويجھي ھوٽل تي پھتس جو ڪابل لاءِ فلائيٽ ستين وڳي ھئي. رات جا ڪجھه ڪلاڪ مونکي اتي گذارڻا ھئا. ٽيڪسيءَ واري کي منٿ ڪيم ته صبح جو پنجين وڳي اچي کڻي. ان ڏينھن سخت ٿڌ ھئي ۽ مٿان وقت جي پابنديءَ جو اُونو، سو ننڊ ئي ڪانه آئي. پنج ٿيندي دير ئي ڪانه لڳي ۽ مان وڃي ايئرپورٽ پھتس.
    پي آءِ اي ڪابل لاءِ اُڏامن واسطي ننڍا جھاز ھلائي ٿي. تڏھن به اسان جو جھاز مني ڪلاڪ ۾ پوڻين اٺين وڳي خواجا رواش ايئرپورٽ ڪابل تي ھلي لٿو. ٻه ڏھاڪا اڳ دھليءَ کان ڪابل اچڻو پيو ھو تڏھن اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ لڳو ھو. ھڪ ڳالھه ساڳي ھئي ته افغانستان جي حدن ۾ گھڙندي ئي ٺوڙھن جبلن مٿان لنگھڻو پيو جو ڪٿي به ڪا وڻڪاري يا ساوڪ نظر ڪانه آئي ھئي. 1990 واري سفر جي احوال ۾ لکيو اٿم ته ڪابل ھوائي اڏو سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن جي بس ڊپوءَ جھڙو ٿي لڳو پر ھاڻي حالتون مٽيل ھيون. آمريڪي ڊالرن جي بارش ٿيڻ سبب افغانستان ۾ وڏي تبديلي آيل ھئي ۽ ان جو پھريون مثال ھوائي اڏو ھو جيڪو پاڪستاني ھوائي اڏن جي مقابلي جو ته ڪونه ھو پر تڏھن به ڪافي بھتر ھو. اميگريشن جي ڪاررواين مان واندو ٿي ٻاھر نڪتس ته ٻين ملڪن مان به دوست انتظار ۾ بيٺل ھئا. انڊونيشيا مان مِس ايني مُليا، مِس ٽيسا پائيپر، ھيرُو، ڪمبوڊيا مان ٽينگ، برما جو اوءِ چن ۽ نيپال جو گوپال گُرگين پھچي ويا ھئا. ھوائي اڏي جي ڪاريڊور کان ٻاھر نڪتاسين ته مونکي وڏي تعداد ۾ ڇاپرا نظر آيا. حيرت ٿيم ته ايترا ڇاپرا ڇو؟ سوچيم ته شايد گاڏين جي پارڪنگ لاءِ آھن، پر ڪنھن ٻڌايو ته اھي ڇاپرا نه پر شمسي توانائيءَ وارا پلانٽ آھن. سولر انرجي استعمال ڪرڻ لاءِ پاڪستاني وڏي عرصي کان رڳو ڳالھيون ڪندا رھن ٿا پر افغانستان جھڙو ملڪ ان تي عمل ڪري رھيو آھي.
    سڪيورٽي سببن جي ڪري پارڪنگ ايريا ھوائي اڏي کان گھڻو پري رکيل ھئي. اسان ميزبانن جي موڪليل ماڻھوءَ سمي وطنيار سان گڏ سامان کڻي پارڪنگ ايريا ڏانھن روانا ٿياسين جتي ٻه ٽي ڊبل ڪئبن گاڏيون اسان جي انتظار ۾ ھيون. مختلف رستن تان ٿينديون گاڏيون انٽرڪانٽينينٽل ھوٽل ڏانھن روانيون ٿيون. وڏو عرصو گذرڻ سبب ڪابل مڪمل طور مٽجي چڪو ھو ۽ مون کي لڳو ته مان پھريون ڀيرو ڪابل آيو آھيان. ڪشادن رستن تان ھلندي گاڏيون شھري علاعقي ۾ گھڙيون ته رستن جي ٻنھي پاسي ڪاروباري علائقا اڃا بند ھئا. ھڪ ڳالھه ڌيان ڇڪايو ته ڪراچيءَ وانگر وڏي تعداد ۾ شادي ھال قائم ھئا ۽ ڪي ته ٻه ماڙ يا ٽه ماڙ ھئا. ڪابل جو ھوائي اڏو مرڪزي شھر کان اُتر ۾ سورھن ڪلوميٽر پري آھي. شھر ڏانھن وڃڻ لاءِ گريٽ مسعود روڊ وٺڻو پوي ٿو. ڪابل شھر ھڪ سوڙھي ماٿريءَ ۾ آھي جنھن جي ٻنھي پاسن کان ھندوڪش مائونٽين رينج جي اسمائي ۽ شيردوازا جبلن جو سلسلو آھي. ڪابل ندي شھر جي وچ مان لنگھي ٿي.
    اسان جي گاڏين جو قافلو جڏھن باغِ بالا روڊ تي ھڪ پھاڙيءَ جي ويجھو پھتو، جتي مٿي انٽرڪانٽينينٽل ھوٽل ھئي، ته سڪيورٽي چيڪ پوسٽ نظر آئي. اتان ئي ھڪ رستو وڪڙ کائيندو مٿي پئي ويو. جديد ھٿيارن سان ليس گارڊن اسان جي مڪمل تلاشي ورتي. ان حد تائين جو خواتين کي به لاھي ھڪ ڪئبن ۾ وٺي ويا ۽ اُتي خواتين گارڊس سندن پرس چيڪ ڪيا ۽ جھڙتي ورتي. گاڏين ۾ ويھي ٿورو اڳتي وڌياسين ته وري ھڪ چيڪ پوسٽ آئي جتي ساڳيو عمل ورجايو ويو. جھڙتيون اتي ئي ختم ڪونه ٿيون جو اڳيان وري ٽين چيڪ پوسٽ ھئي. اسان ان وقت شُڪر ادا ڪيو جو ھوٽل جي پورچ ۽ پارڪنگ ايريا ۾ گھڙڻ وقت ڪابه جھڙتي نه ورتي وئي. ھوٽل جي گرائونڊ فلور تي وڃي اسان کي ھيٺ بيسمينٽ ۾ وڃڻو پيو جتي ريسيپشن ھئي. اسان سڀني جون اکيون اوجاڳي سبب ٻوٽجي رھيون ھيون سو جلديءَ ۾ ڪمري جون چاٻيون وٺي ھرڪو آرام ڪرڻ لاءِ لفٽ ۾ چڙھي وري مٿي ھليو ويو. ھيءَ اھا ھوٽل ھئي جنھن تي طالبان دھشتگردن ڇھه مھينا اڳ حملو ڪري قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. دھشتگرد ھوٽل جي پٺيان جبل تي چڙھي عمارت ۾ گھڙيا ھئا. سڄي رات ساڻن ڇتي ويڙھه کانپوءِ سڪيورٽي فورسز کين ختم ڪري ھوٽل جو قبضو ڇڏايو ھو. اھا ڳالھه اسان جي ميزبانن بعد ۾ ٻڌائي ھئي. اڳواٽ ٻڌائن ھا ته شايد اسان مان ڪي ماڻھو اچڻ کان ٺُپ نابري وارين ھا.
    ميزبانن ھڪ ڪم چڱو ڪيو ھو ته ھر مھمان لاءِ مقامي موبائل سِمون ورتيون ھيون ۽ پنھنجن نمبرن سميت سڀ نمبر ٽائيپ ڪري ھر ھڪ کي ان جي ڪاپي ڏني وئي ھئي ته جيئن ڪنھن به ھنگامي حالت ۾ ھڪٻئي سان رابطو رکي سگھجي. مقامي سِم ان ڪري به ضروري ھئي ته اتي رومنگ چارجز تمام گھڻيون آھن. (ھر ملڪ ۾ موبائل فونن جون رومنگ چارجز تمام گھڻيون آھن).
    اڃان ڪلاڪ ٻه مس آرام ٿيو ھوندو ته اسان جي ڪمانڊر ٽيسا پائيپر جو حڪم آيو ته منجھند جي مانيءَ لاءِ گڏ ٿيون. شڪر آ ته افغانستان ۾ پاڪستان وانگر مصالحيدار کاڌا ملن ٿا تنھنڪري ھتي بک مرڻ کان بچي ويس. ماني کائي وري ھرڪو ڪمري تي ڀڳو. پر وري حڪم آيو ته ڪليد گروپ جي آفيس ھلڻو آھي. اتي سندن آفيسون ۽ ريڊيو اسٽيشن گھمي ڦري موٽياسين ته شام جو ڇھين ڌاري ميزبان اداري جو سربراھه ملڻ آيو ته وري تيار ٿي ھيٺ لھڻو پيو. شھير زاھيني ڏاڍو کل ڀوڳ وارو ھمراھه نڪتو. تعارف ٿيڻ تي يڪدم چيائين Oh you are Naseer and I am Shaheer
    شھير اسان کي ڊنر جي دعوت ڏيڻ آيو ھو. ھي ھمراھه ڪليدي گروپ تحت ھڪ اخبار، ھڪ رسالو، ڪيترائي ايف ايم ريڊيو ھلائڻ سان گڏ آمريڪي فوجين کي سامان جي سپلاءِ جا ٺيڪا کڻندو آھي. نجيبه ٻڌايو ته شھير دبئيءَ ۾ رھندو ھو جتان ھو افغانستان ۾ آمريڪي فوجين جي آمد وقت واپس آيو ۽ ڪروڙين ڊالر ڪمائي رھيو آھي. ڪلاڪ اڌ کانپوءِ اسان جي گاڏين جو قافلو ھوٽل کان روانو ٿيو ۽ مختلف رستن کان ٿيندو ھڪ اھڙي علائقي ۾ پھتو جيڪو ڪنھن به لحاظ کان افغانستان جو نٿي لڳو. ٻڌايو ويو ته ھن علائقي ۾ گھڻو ڪري غيرملڪي رھن ٿا. جنھن ريسٽورنٽ ۾ ھو اسان کي ڊنر لاءِ وٺي آيا ھئا، اھا به رڳو پرڏيھين ۽ ملڪ جي وڏن ماڻھن لاءِ ھئي جتان جو ماحول بلڪل اھڙو ھو جيڪو اسان رڳو فلمن ۾ انگريزن جي فتح ڪيل انڊين ۽ ٻين ڪالونين ۾ ڏٺو ھو. اندر فرش توڙي ڀتين تي ڪاٺ جو خوبصورت ڪم ٿيل ھو. اسان جي لاءِ ھڪ الڳ ڪمرو مخصوص ھو پر ھر ڪمري يا ھال مان سمورا ويٺل ھڪٻئي کي ڏسي سگھيا ٿي. ٿوري ئي دير ۾ خوبصورت ويٽريسز ھرڪنھن جي پسند سان مڌ جون ٻاٽليون آڻي آڏو رکيون ھيون.
    اسان ڊنر ڪري ڏھين يارھين ڌاري واپس ھوٽل پھچي وياسين جو صبح جو سوير گڏجاڻي رکيل ھئي ۽ اسان کي ان لاءِ آرام گھربل ھو. پر مزي جي ڳالھه ته ھوٽل تي وڃڻ لاءِ وري ھر ھڪ چيڪ پوسٽ تي بيھڻو پيو. اسان سان گڏ افغان ميزبانن جو ماڻھو ھو جنھن افغاني ٻوليءَ ۾ گارڊز کي سمجھايو ٿي. اسان کائنس پڇيو ته گارڊ کيس ڇا پيا چون. ھن چيو: گارڊ پڇن پيا ته اسان وٽ ڪي ھٿيار ته ڪونھن؟ اسان ڏاڍو کلياسين ته جن وٽ ھٿيار ھوندا به سھي ته اھي ڪيئن ھنن کي ٻڌائيندا. اسان کي روازانو ھوٽل کان ٻاھر وڃي واپس اچڻ تي ھر چيڪ پوسٽ تي ان صورتحال کي منھن ڏيڻو پوندو ھو. بُوز افغان گارڊ اھو نه ڏسندا ھئا ته ھي غيرملڪي آھن ۽ ھوٽل ۾ ترسيل آھن. مزي جي ڳالھه ته ھڪ ڏينھن ھنن اسان مردن کان ڪجھه نه پڇيو ۽ صرف ٻن خواتين ايني موليا ۽ ٽيسا کان جھڙتي ورتي.
    14 ڊسمبر تي صبح جو ھوٽل جي ھال ۾ گڏ ٿيڻو ھو. نيرن ڪري گڏجاڻيءَ کان اڳ مان، گوپال ۽ اوءِ چن ھوٽل جي پورچ ۾ بيھي سگريٽ جا ڪش ھنيا جو اندر سموڪنگ تي پابندي ھئي. ٻاھر نڪرڻ تي بت مان سيسڙاٽ نڪري ويا جو خطرناڪ ٿڌ ھئي. ڪابل جي ٿڌ جو تجربو 1990 ۾ ٿيو ھو ۽ وري ھڪ ڏينھن اڳ ھوائي اڏي کان ٻاھر نڪرڻ شرط پتو پيو ھو ته گرمي پد مائينس چار تائين لٿل آھي. اسان ٻه ٽي سُوٽا ھڻي جلد ئي اندر ڀڳاسين.
    ھن ھوٽل جون به وڏيون ڪھاڻيون آھن. سڄي افغانستان وانگر ھن ھوٽل به گھڻو ڪجھه ڀوڳيو آھي. 1969 ۾ ان وقت جي بادشاھ ظاھر شاھه ان جو افتتاح ڪيو ھو ۽ 3 اسٽار ھجڻ جي باوجود اھا ملڪ جي پھرين بين الاقوامي لگزري ھوٽل ھئي جنھن ۾ ٻه سئو ڪمرا، سُئمنگ پُول ۽ جم به ھئا. سينٽرلي ايئر ڪنڊيشنڊ ھجڻ سان گڏ اھا سينٽرل ھيٽنگ سسٽم سان ليس ھئي ته جيئن ڄمائيندڙ ٿڌ کان بچي سگھجي. 1980 ۾ سوويت فوجون آيون ته ھوٽل کي آفيسن طور استعمال ڪيو ويو. ھٿ ٺوڪين مجاھدن جي زماني ۾ ان کي اڃا وڌيڪ نقصان پھتو جو اڪثر راڪيٽن جا حملا ٿيندا ھئا. 1996 ڌاري ته ٻه سئو مان ڪل 80 ڪمرا مس استعمال ھيٺ اچي ٿي سگھيا. 2001 ۾ آمريڪي فوجون آيون ته به ھن ھوٽل جي قسمت خراب رھي جو انھن به ھتي ئي آفيسون ٺاھيون. اسان جي ھوندي به ھوٽل جا ڪجھه فلور آمريڪي فوجي عملدارن جي استعمال ھيٺ ھئا. 2011 جي جُون مھيني ۾ حقاني گروپ جي طالبان حملو ڪيو ھو. ويڙھه ۾ 9 طالبان سميت 21 ماڻھو مارجي ويا ھئا. ان وقت ھوٽل ۾ سٺ ستر مھمان ترسيل ھئا. 30 کن سرڪاري آفيسر ھئا جيڪي آمريڪي فوجين ھٿان شھر جو ڪنٽرول کين ملڻ جي حوالي سان بريفنگ لاءِ آيل ھئا. طالبان راڪيٽن، ھينڊ گرنيڊس، مشين گنن ۽ اينٽي ايئر ڪرافٽ گنن سان ليس ھئا. ھنن اُ ٿندي ئي ٻه دانسنگ ھال تباھه ڪيا ھئا. ڪمرن ۽ ڊائننگ ھال ۾ ويٺل مھمانن کي حڪم ڏنو ويو ھو ته ٻاھر نه نڪرن. رات جو ڏھين وڳي حملو شروع ٿيو ته افغان سڪيورٽي عملو ڀڄي ويو ھو جنھن کانپوءِ نئين فورس آئي ۽ مقابلو ٿيو. 2003 ۾ به ھڪ برٽش انٽيليجنس ايجنٽ ڪولن بيريءَ ھٿان ھن ھوٽل ۾ ٻه افغان باشندا مارجي ويا ھئا. انھن واقعن کانپوءِ دبئيءَ جي ھڪ سيڙپڪار 25 ملين ڊالر سيڙائي ان ھوٽل جي مرمت ڪرائي ھئي. اسان اھڙي خطرناڪ ھوٽل ۾ ترسيل ھئاسين.
    گڏجاڻيءَ جي افتتاحي اجلاس ۾ اسان جي ميزبان شھير مرحبائي تقرير ڪئي، جنھن ۾ پاڪ افغان لاڳاپن جو ڪو تعلق نه ھجڻ جي باوجود ھن اھو موضوع ڇيڙيو ۽ پاڪستان تي تنقيد ڪئي. نجيبه ايوبي، جيڪا اسان سان نيپال ۾ به گڏ ھئي، سا به سدائين ڳالھه ڳالھه ۾ پاڪستان جو ذڪر ڪڍي تنقيد ڪندي ھئي ۽ ھتي به ايئن ڪيائين. پاڪستان جي پاليسين جو مان به مخالف ھئس ۽ ھنن جي تنقيد به جائز ھئي، پر ھي فورم ان لاءِ مناسب ڪونه ھو نه ئي اسان ان موضوع تي بحث ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا ھئاسين، تنھنڪري مون کي اھا ڳالھه بنھه ڪانه وڻي. سندن تقريرن جي وچ ۾ ته مون ڪونه ڳالھايو پر بعد ۾ کين چيو ته مان پاڪستان حڪومت جي نمائندگي ڪرڻ ڪونه آيو آھيان جو توھان مونکي اھو ٻڌائڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو. مان به جيڪڏ ھن جواب ۾ ڳالھائڻ شروع ڪندس ته ھروڀرو ماحول خراب ٿيندو. ٻيو ته مان سنڌي آھيان ۽ سنڌي ۽ افغان قومن جي وچ ۾ سٺن لاڳاپن جو خواھشمند آھيان. ان ڳالھه کي ٻين دوستن به ساراھيو. ان کانپوءِ مختلف موقعن تي سندن تقريرن ۽ ڳالھين ۾ فرق اچي ويو. ھنن جو مون سان ته شروع کان ئي دوستاڻو رويو ھو پر منھنجي ھوندي پاڪستان خلاف ڳالھائڻ اخلاقي طور ٺيڪ نه ھو. افغانستان ۾ پاڪستان لاءِ نفرت جو اندازو شھر ۾ ديوارن تي ٿيل چاڪنگ مان ڪري سگھجي ٿو جن ۾ لکيل ھو “مرگ بر پاڪستان، مرگ بر آءِ ايس آءِ” جنھن جو مطلب آھي پاڪستان ۽ آءِ ايس آءِ لاءِ موت.
    مون پنھنجي روايت موجب سنڌ جون ثقافتي سوکڙيون خريد ڪيون ھيون جيڪي افتتاحي اجلاس ختم ٿيڻ تي ڪجھه دوستن کي ڏنم. شھير کي اجرڪ ڏيندي ٻڌايم ته 1990 ۾ ان وقت جي افغان صدر نجيب الله کي به اجرڪ اوڍرايو ھئم ۽ اڄ وري کيس اھو تحفو ڏئي رھيو آھيان. ھو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته مان اجرڪ جو پٽڪو ٻڌڻ چاھيان ٿو، جيڪو مون کيس ٻڌڻ ۾ مدد ڪئي. نجيبه کي سنڌي ڀرت ڀريل پرس ڏنم جيڪو کيس ايترو ته وڻيو جو ھر وقت پاڻ سان کنيو وتندي ھئي. ٻين ملڪن جي دوستن کي به ڪجھه سوکڙيون ڏنم، خاص طور نيپال واري دوست گوپال کي ۽ ھڪ سوکڙي سندس ڌيءَ شِيکا لاءِ جنھن کي مون پنھنجي ڌيءَ ڪوٺيو ھو. شِيکا مونکي بابا سڏيندي آھي جو نيپالي به پيءُ کي بابا ڪوٺين ٿا. ھن به نيپال مان مون لاءِ مفلر سوکڙيءَ طور موڪليو ھو.
    منجھند جي مانيءَ کانپوءِ ٻڌايو ويو ته مانيءَ جو نشو لاھڻ لاءِ گڏجاڻيءَ بدران گھمڻ ٿا ھلون. نجيبه اسان کي مغل بادشاھه بابر جي زال لاءِ ٺھرايل محل ۽ باغ گھمائڻ جو پروگرام رٿيو ھو. اسان کي ٻيو ڇا کپي. گڏجاڻي ته بس نالي ۾ ھئي. ايشيا ڪالنگ وارن کي ھئا پئسا کپائڻا سو ڪابل ۾ گڏ ٿيا ھئاسين. اسان ڪابل نديءَ جي ڀرسان رستو وٺي چِھلستوُن گذرگاھه (روڊ) تي پھتاسين جتي ھڪ جبل تي وڏي ايراضيءَ ۾ باغِ بابر قائم ھو. ڪابل ندي ان وقت ڪراچيءَ جي لياري
    نديءَ جھڙو ڏيک ڏئي رھي ھئي جو ان ۾ ٻنھي پاسن کان گندگيءَ جا ڍير پيل ھئا ۽ وچ ۾ گندو گٽرن جو پاڻي وھي رھيو ھو. سياري ۾ پاڻيءَ جو وھڪرو نه ھجڻ ڪري ڪابل نديءَ جو اھو حال ھو. ندي ڪا گھڻي ويڪري ڪانھي بس سنڌ جي ڪنھن شاخ جيتري آھي پر مون ان ۾ مارچ 1990 ۾ پاڻي وھندي ڏٺو ھو.
    سورھين صديءَ جي ان تاريخي محل ۽ باغ کي به طالبان ڪونه بخشيو ۽ وڏو نقصان پھچايو ھو. حامد ڪرزئيءَ جي صدر ٿيڻ کانپوءِ افغان حڪومت پرڏيھي امداد سان 2003 کان 2006 تائين ٽن ورھين ۾ مرمت ڪرائي اصل شڪل ۾ بحال ڪرايو. محل اندر ڪجھه تاريخي شين کي به سنڀالي رکيو ويو آھي جڏھن ته برٽش حڪمرانن سان گڏ افغان حڪمرانن جون تاريخي تصويرون ۽ ٻيو رڪارڊ به اتي سنڀاليل آھي. اسان بابر بادشاھه جي قبر تي به وياسين جنھن لاءِ ٻڌايو ويو ته کيس پھريائين امانت طور ھندستان ۾ دفنايو ويو ھو جتان پوءِ ھتي آڻي پُوريو ويو. مون بابر بادشاھه جي قبر وٽ رکيل وزيٽرس بُڪ ۾ لکيو: “مان سنڌ مان آيو آھيان جنھن بابر بادشاھه جي پٽ ھمايون کي ان وقت پناھه ڏني جڏھن شير شاھه سُوري سندس پٺيان ھو ۽ لاھور ۾ به کيس لڪڻ جي جاءِ نه ڏني وئي. مان ان سنڌ مان آيو آھيان جتي بابر بادشاھه جو پوٽو اڪبر بادشاھه ڄائو ھو.” ان شاھي قبرستان ۾ مغل بادشاھن جي بيگمات جون قبرون به ھيون. ھو قبر ان عورت جي ھئي جيڪا مغل گھراڻي جي مشھور شاعره به ھئي.
    شاھي محل ۾ گھمندي، شاھي قبرستان مان ٿيندا اسان محل جي ان حصي ۾ پھتاسين جيڪا مھمان سراءِ ھئي ۽ حڪومت ان کي افغان ثقافتي شين جي وڪري لاءِ استعمال ڪري رھي ھئي. اڳيان دالان ۾ ھڪ ڇوڪر عقيق ۽ ٻين قيمتي پٿرن مان ٺھيل بريسليٽ ۽ ٻيون شيون وڪرو ڪري رھيو ھو. مون جڏھن کانئس اگھه پڇيا ته ھن ڊالرن ۾ قيمت ٻڌائي. ان مان اندازو ٿيو ته ڊالر افغانستان جي معيشت تي ڇانيل ھو. مون ڪجھه بريسليٽ ورتا ته ھن بقايا پئسا به ڊالرن ۾ ئي ڏنا. ھونئن افغان ڪرنسي به مضبوط ٿي چڪي آھي. 1990 ۾ پاڪستان جي ھڪ رُپئي ۾ 23 افغاني (افغان ڪرنسيءَ جو نالو) ٿي آيا جڏھن ته ھاڻي ھڪ افغانيءَ ۾ ٻه رُپيا ھئا. معاملو اُلٽ پُلٽ ٿي چڪو ھو.
    شاھي محل کان ھيٺ مکيه رستي تائين باغ پکڙيل ھو جتي مغل باشاھه جي راڻي سھيلين ۽ ٻانھين سان گڏ ٽھل تي نڪرندي ھئي. ھي ۾هل ۽ وسيع باغ ان پھاڙيءَ تي ھو جنھن لاءِ ٻڌايو ويو ته بعد جي افغان حڪمرانن (ٻن ڀائرن) وچ ۾ اختلافن سبب ڪابل کي ورھائي کڻڻ لاءِ ديوار جو ڪم ڏيندي ھئي.
    باغِ بابر گھمڻ کانپوءِ اسان ھوٽل ڏانھن واپس ٿياسين جتي انتھائي بور ڪندڙ اجلاس جو باقي حصو رھيل ھو. منھنجي ته ڇا نيپالي ۽ برمي دوستن جي دلچسپي به ڪابل کي وڌ ۾ وڌ ڏسڻ سان ھئي، جنھن جو موقعو اسان کي وري رات جو ملي ويو. مون کي ته ڪجھه اھڙن ماڻھن سان ملڻ جو موقعو به مليو جيڪي افغان پناھگير طور پاڪستان ۾ پرورش ۽ تعليم وٺندا رھيا ۽ فقط ڪجھه ورھيه اڳ واپس آيا ھئا. خود نجيبه ايوبي پشاور ۽ لاھور جي رڪشائن ۾ گھمڻ جا قصا مزي سان ٻڌائيندي رھي پر کيس اردو پوري ڪا نه ايندي ھئي. ڪي لفظ سمجھي سگھندي ھئي. پر سندن ھڪ ساٿي مئنيجر ايڊمنسٽريشن اجمل آريا ته مون سان وڏي پاٻوھه سان اچي مليو ۽ روانيءَ سان اردوءَ ۾ ڳالھائڻ لڳو ھو. اجمل مونکي ٻڌايو ته ھو پشاور ۽ ڪوھاٽ ۾ رھيو ۽ پڙھيو ھو. اسان جي ٻن گاڏين جا ڊرائيور به پاڪستان ۾ رھي چڪا ھئا جن مان ھڪ انور ته سھراب ڳوٺ ڪراچي ۾ رھندو ھو. انور مون کان سھراب ڳوٺ جا حال احوال وٺندو ھو.
    شام ڌاري ھڪ مقامي صحافي زبير ببرڪ اسان سان ملڻ آيو. ھو به پاڪستان ۾ پناھگير طور زندگي گذاري چڪو ھو. ھن نوجوان توڙي ٻين سڀني جو چوڻ ھو ته کين پاڪستان ۾ ڪابه تڪليف ڪانه ھئي. ان حد تائين جو ڪڏھن پوليس به کين پريشان نه ڪيو. زبير اتفاق سان اھو نوجوان نڪتو جنھن جو نالو ۽ فون نمبر مون کي جرمنيءَ مان منھنجي ھڪ شاگرد شادي خان سيف موڪليو ھو. شادي خان به افغان آھي ۽ پاڪستان ۾ رھندو ھو. بعد ۾ جرمنيءَ ويو ۽ ريڊيو ڊوئچي ويلي لاءِ ڪم ڪرڻ لڳو ھو. (اڄڪلھه وري پاڪستان موٽي آيو آھي). شادي خان جو ڀاءُ نورمحمد به ڪابل ۾ صحافي آھي. ڪابل اچڻ کان اڳ ساڻس فون تي رابطو ڪيو ھئم ته جيئن صحيح حالتن جي ڄاڻ پوي.
    سڀني دوستن جو خيال ھو ته رات جي ماني ڪٿي ٻاھر ھلي روايتي افغان ھوٽل تي کائجي. ڪٿي ھلجي، ان جو فيصلو زبير ببرڪ تي ڇڏيو ويو. ھو اسان کي نوا شھر (نئون شھر) جي علائقي ۾ وٺي ھليو جتي ھڪ وڏي پارڪ جي سامھون روايتي افغان کاڌن جون ريسٽورنٽس ھيون. انھن جي ٻاھران فُٽپاٿ تي مچ ٻري رھيا ھئا جن تي تِڪا پچايا پئي ويا. اسان ھڪ ريسٽورنٽ ۾ وڃي ويٺاسين جنھن جي بھترين معيار جو اندازو ٻاھران نٿي ٿيو. ڪڙاھي گوشت کائڻ جو مزو به ھتي ئي آيو. ٻاھرين دوستن ته پنھنجي حساب سان کاڌي جا آرڊر ڏنا پر ڪڙاھي چکڻ کانپوءِ ھنن ٻيا آرڊر ڏيڻ تي پڇتايو ھو.
    ڊنر کانپوءِ ٻيا دوست ته واپس ھوٽل تي ھليا ويا پر گوپال، اوءِ چن ۽ مان زبير سان گڏ بولنگ ڪلب ھليا وياسين. گوپال کي مڌ جي ماٽيءَ جو اُونو ھو جنھن جي انتظام لاءِ زبير کي چيو ھوسين. زبير وري ان لاءِ ھڪ آمريڪن صحافيءَ کي چيو ھو جيڪو بي بي سيءَ لاءِ ڪم ڪندو ھو. زبير به ان ئي اداري لاءِ اسٽرنگر طور ڪم ڪندو ھو. آمريڪي صحافيءَ ڪيس بولنگ ڪلب پھچڻ جي صلاح ڏني ھئي. بولنگ ڪلب اندر گھڙڻ لاءِ سخت سڪيورٽي جو انتظام ھو. ان حد تائين جو سگريٽ ۽ لائيٽر به ٻاھر گارڊس وٽ رکڻا پيا. اندر جو ماحول ڏسي ھوش اُڏامي ويا. لڳوئي نٿي ته ھي جنگي حالتن ۾ ھلندڙ ملڪ آھي. ڏھه پندرھن لک ڊالرن جي سيڙپ ٿيل ھئي ۽ نوجوان کيڏاڙي پنجاھه ۽ سئو ڊالرن جي ٽڪيٽ وٺي کيڏي رھيا ھئا. اسان حيران ھئاسين ته افغان نوجوانن وٽ ايترو پئسو ڪٿان آيو؟
    آمريڪي صحافي اسان کان پوءِ پھتو جو ھو ڪابل کان ٻاھر ويل ھو ۽ سڌو اتي پھتو ھو. ٻئي ڄڻا اسان کي وٺي نوا شھر جي رھائشي علائقي ۾ ھڪ بنگلي تي وٺي ھليا. اها نئين آبادي ھئي ۽ رات جي وقت بلڪل سُڃ لڳي پئي ھئي. آمريڪي صحافيءَ اُتي ئي ويھي پيئڻ جي صلاح ڪئي پر گوپال ۽ اسان اتي سخت ٿڌ ۾ ويھي نٿي سگھياسين. ھوٽل جي گرم ماحول ۾ ويھي ڪچھري ڪرڻ اسان لاءِ بھتر ھو. سڪيورٽيءَ جي لحاظ کان به اسان ھوٽل وڃڻ بھتر سمجھيو ھو.
    15 ڊسمبر تي به ميزبانن گھمڻ ڦرڻ جو پروگرام رٿيو ھو. لنچ کانپوءِ ھو اسان کي نيشنل ميوزم وٺي ويا. اھو مرڪزي شھر کان 9 ڪلوميٽر پري دار الامان روڊ تي آھي. اتي پھچڻ کانپوءِ مونکي اھا تاريخي عمارت به نظر آئي جيڪا 21 سال اڳ ڏٺي ھئم. اھو افغان بادشاھن جو محل ھو جنھن کي شھيد نجيب الله جي زماني ۾ دفاع واري وزارت جو ھيڊڪوارٽر ٺاھيو ويو ھو. ما رچ 1990 ۾ اسان جي دوري کان ٻه اڍائي مھينا اڳ شھيد صدر نجيب جي وزير دفاع شاھنواز تنائيءَ بغاوت ڪئي ھئي ۽ ان دوران بمباريءَ سبب ان محل کي نقصان پھتو ھو. نيشنل ميوزم ۽ اھو محل ھڪٻئي جي آمھون سامھون آھن ۽ وچ ۾ رڳو ھڪ رستو آھي. مهل ٿورو مٿانھينءَ تي ٺھيل آھي. طالبان وري پنھنجي زماني ۾ نيشنل ميوزم ۽ ان ۾ رکيل نوا درات ۽ خاص طور مھاتما ٻُڌ جي مجسمن کي تباھ ڪيو ھو. حامد ڪرزئيءَ جي حڪومت آمريڪا جي مدد سان اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ عجائب گھر ۽ ٻُڌ جي مجسمن جي ته مرمت ڪرائي پر تباھه ٿيل محل جيئن جو تيئن موجود آھي. افغان حڪومت کي وري به شابس آھي جو انھن عجائب گھر ۽ مجسمن جي مرمت ڪرائي. اسان وٽ ته ايم ڪيو ايم جي دھشتگرديءَ واري شروعاتي زماني ۾ حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ ساڙي تباھه ڪيل ٽالپرن وارو ميوزم اڄ تائين بحال نه ٿيو ۽ نه ئي پڪي قلعي جي مرمت ۽ بحاليءَ لاءِ ڪو قدم کنيو ويو آھي جيڪو ڀڄندو ڀرندو ختم ٿي رھيو آھي. قلعي جون ديوارون ڪرڻ جون خبرون اڪثر اينديون رھن ٿيون.
    سواءِ منھنجي، اوءِ چن ۽ گوپال جي باقي دوستن جو ڪابل ۾ اھو آخري ڏينھن ھو جو ڪن جي رات جو ۽ ڪن جي صبح جو سوير فلائيٽ ھئي. اسان ٻن جي فلائيٽ 17 ڊسمبر تي صبح جو سوير ھئي تنھنڪري اسان کي 16 ڊسمبر جو سڄو سارو ھڪ ڏينھن گھمڻ لاءِ ھو. صبح جو سوير اُٿڻ جو شرط به ڪونه ھو ان ڪري اسان ٽئي دير تائين ڪچھري ڪندا رھياسين. نجيبه اسان سان وعدو ڪيو ھو ته ھوءَ اسان کي شھر گھمائيندي. اسان اُن ڏينھن ڪابل جي انھن پراڻن علائقن مان به لنگھياسين جتي طالبان جي حملن ۾ ڪافي عمارتون ڊھي ويون ھيون ۽ کنڊر اڃا تائين موجود ھئا. ھڪ پھاڙيءَ تي مدد خان جو مقبرو به ڏٺوسين جتي وسيع ميدان ۾ سوين نوجوان ۽ ٻيا ماڻھو تفريح لاءِ آيل ھئا. اڪثر ماڻھو لغڙ اُڏائي رھيا ھئا. اسان اتان واپسيءَ تي جنھن رستي تان لنگھياسين اُتي ھڪ وڏي ڊگھي ديوار نظر آئي جنھن تي حفاظتي بُرج به ٺھيل ھئا . نجيبه ٻڌايو ته ان اندر صدارتي محل آھي جتي حامد ڪرزئي رھي ٿو. ان ديوار جي اندر ڪافي فاصلي کانپوءِ صدارتي محل ھو پر ڪجھه وقت اڳ ان محل تي حملي کي ناڪام بنائي سڪيورٽي سخت ڪئي وئي ھئي، پر بلاول ھائوس وانگر رستا بند نه ڪيا ويا ھئا. (ھاڻي ان صدارتي محل جي آسپاس سڪيورٽي وڌائي شايد رستا بند ڪيا ويا آھن جو ان تي لاڳيتو حملا ٿي رھيا ھئا. ) صدارتي محل ششدرڪ علائقي ۾ آھي جتي سي آءِ اي جي ھڪ آفيس آريانا ھوٽل ۾ قائم آھي ۽ سمورو علائقو ريڊ زون ۾ اچي ٿو.
    اسان جي آخري سرگرمي ھئي خريداري جنھن لاءِ چاندي ۽ ٻئي ڌاتوءَ مان ٺھيل زيورن جي بازار، جديد گھڻ ماڙ شاپنگ سينٽر ۽ ٻيون بازارون گھميون سين. گھڻ ماڙ شاپنگ سينٽرن ۾ سخت سڪيورٽي ھئي ۽ واڪ ٿُرو گيٽن مان لنگھڻو ٿي پيو جو اڳي ڳتي طالبان جا حملا ٿيندا ھئا. اسان لنچ به اھڙي ئي ھڪ شاپنگ سينٽر ۾ ٽاپ تي قائم ماڊرن ريسٽورنٽ ۾ ڪئي ھئي. اسان فروشگاھه اسٽريٽ تي به ڪجھه دير گھمياسين جتي وڏي گھماگھمي ھئي. ان علائقي ۾ مشھور سيرينا ھوٽل به آھي جتي انتھا درجي جي سڪيورٽي ھئي ڇو ته اتي آمريڪي سي آءِ اي جي ھڪ ٻي آفيس به قائم ھئي.
    افغانستان ۾ صنعتي ترقي ڪ گھڻي ڪانه ٿي آھي. سندن آمدنيءَ جا مکيه وسيلا سُڪل ميوو ۽ مشروب ٻڌايا وڃن ٿا. مون ان ڏينھن نجيبه کان ڪافي سوال ڪيا ھئا. ھڪ سوال اھو به ھو ته آمريڪي امداد کان علاوه حڪومت جي آمنيءَ جا وسيلا ڪھڙا آھن؟ ھن بلڪل صاف لفظن ۾ چيو: ڏوڏيءَ جي پوک ۽ ھيروئن جي پيداوار. سماجي ڏوھن لاءِ ھن جو چوڻ ھو ته ماڻھن جا پنھنجا سخت سماجي اصول آھن انڪري اھڙا ڏوھه گھٽ ٿين ٿا. گاڏين جي چوري يا ڦُر جي واقعن جو به تعداد نه ھئڻ برابر آھي. مزيدار ڳالھه ھيءَ ته طالبان جا ليڊر به ڪابل ۾ ئي رھن ٿا. نجيبه ٻڌايو ته طالبان جو پرڏيھي وزير ڪابل ۾ ئي رھي ٿو.
    روزانو شھر ۾ گھمڻ لاءِ ويندي ۽ موٽندي مان شھر جي روڊ رستن، عمارتن ۽ دڪانن کي غور سان ڏسندو ھئس. ڪي علائقا پراڻا ھئا جتي ڪچيون جايون به نظر آيون. روايتي نموني گھرن سان لڳ دڪان به ھئا. ڪابل يونيورسٽيءَ ڀرسان اڪثر لنگھڻ ٿيندو ھو جيڪا 1932 ۾ قائم ٿي ھئي. پنھنجي پھرين دوري ۾ اسان يونيورسٽيءَ اندر به گھمي آيا ھئاسين. ڪابل ۾ رستن تي اڪثر نوجوان ڇوڪريون جينس جي پينٽن ۾ نظر آيون.
    ڪابل ۾ اسان جي ھوندي ايترن ڏينھن ۾ ڪوبه وڏو واقعو ڪونه ٿيو ھو. اسان سانجھيءَ ڌاري ٿڪجي ھوٽل تي پھتاسين ته گوپال مون کي چيو: ڌماڪي جو آواز ٻڌءِ؟ مون اھڙو ڪو آواز ڪونه ٻڌو ھو، پر سچ پچ ڌماڪو ٿيو ھو ۽ بعد ۾ نجيبه فون تي ٻڌايو ته ڌماڪو ان ڪمرشل ايريا ۾ ٿيو ھو جتي ڪجھه دير اڳ اسان گھمي رھيا ھئاسين. اسان شڪر ڪيو ته بم ڌماڪو اسان جي نڪري اچڻ کانپوءِ ٿيو ھو جنھن ۾ ڪجھه بيگناھ مارجي ويا ھئا.
    اسان 17 ڊسمبر تي صبح جو پنجين وڳي ڪابل جي ھوائي اڏي لاءِ روانا ٿي ويا سين. نجيبه سندن ڊرائيور کي ھدايت ڪئي ھئي ته اسان جي فلائيٽ جي روانگيءَ تائين اتي موجود رھي. ھوءَ پاڻ به فون تي ايستائين اسان سان رابطي ۾ رھي جيستائين اسان جھاز ۾ نه ويٺاسين.
    *


    ڪمبوڊيا

    ڪمبوڊيا

    ڪمبوڊيا

    جنگين ۽ سياسي بحرانن جو شڪار ملڪ

    Cambodia
    Victim of Wars & Political Crisis


    جنگين ۽ سياسي بحرانن جو شڪار ڪمبوڊيا

    ڪابل واري گڏجاڻيءَ ۾ مون تجويز ڏني ھئي ته ريڊيو پروگرامن جي مارڪيٽنگ لاءِ ٽريننگ پروگرام ڪوٺايو وڃي. ايشيا ڪالنگ جي ڪرتا ڌرتا ھمراھن ۽ مائي ٽيسا پائيپر ان کي سنجيدگيءَ سان ورتو ۽ واپس وڃڻ شرط ان ڏس ۾ ڪم شروع ڪري ڏنائين. ٿوري وقت اندر ئي اطلاع ڪيو ويو ته ٻن ڏينھن جو ٽريننگ پروگرام ڪمبوڊيا ۾ رکيو ويندو. مون اڳواٽ ويزا جو سوچڻ شروع ڪيو. گُوگل تي سرچ ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته پاڪستان ۾ ڪمبوڊيا جو نه ڪو سفارتخانو آھي ۽ نه ئي ھتان ويزا جاري ڪرڻ جو ڪو انتظام آھي. پاڪستان ته انھن ملڪن ۾ شامل ھو جنھن جا باشندا آن لائين به ويزا درخواست نٿي موڪلي سگھيا. مون ان صورتحال کان ڪمبوڊيا ۾ ميزبان تنظيم ڪمبوڊين سينٽر فار انڊپينڊنٽ ميڊيا جي سربراھه ٽينگ Teang کي اِي ميل ذريعي آگاھه ڪيو جنھن چيو ته ويزا لاءِ ھو سندس ملڪ جي پرڏيھي وزارت کي لکندو. مارچ 2012 ڌاري پروگرام جون تاريخون به طئه ٿي ويون پر ٽينگ پاران ڪو اطلاع ڪونه ھو ته ويزا جو ڇا ٿيندو. منھنجي رابطي ڪرڻ تي ھن چيو بس ھليو اچجانءِ ۽ ھتي پھچڻ تي ويزا ملي ويندو. مان اھو جوکم کڻڻ لاءِ تيار نه ھئس سو کيس لکيم ته ڪو سرڪاري ليٽر موڪل ته بھتر ٿيندو. ڪافي ڏينھن کانپوءِ ھن ھڪ ليٽر موڪليو ته اھو به کِمر (ڪمبوڊيائي ٻولي) ۾ ھو. مون کيس وري لکيو ته ان کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرائي موڪل ته ڪراچي ھوائي اڏي تي به ڪنھن کي سمجھه ۾ اچي. ھن ويچاري وري ان تي عمل ڪيو ۽ اميگريشن کاتي جي سربراھه جو ليٽر ۽ ساڻس ڪيل خط و ڪتابت ترجمو ڪرائي سندن ليٽرھيڊ تي موڪليا تڏھن مون مطمئن ٿي تياري شروع ڪئي.
    29 اپريل 2012 تي رات جو 12 وڳي ٿائي ايئر ويز ذريعي مان روانو ٿيس ۽ 30 اپريل تي صبح جو ساڍي ڇھين وڳي (ٿائلينڊ جي وقت مطابق) بئنڪاڪ ايئرپورٽ تي لٿس جو ڪمبوڊيا لاءِ سڌي فلائيٽ ڪانه ھئي. مونکي 11.40 تائين اتي وقت گذارڻو ھو جو ڪمبوڊيا لاءِ ان کان اڳ ڪابه فلائيٽ نه ھئي. ايترو وقت بنا مصروفيت جي گذارڻ ڏکيو ھو ۽ خاص طور جڏھن اکيون ننڊ سبب ٻوٽجي رھيون ھجن. مون ڪجھه وقت کائڻ پيئڻ ۾ ته ڪجھه شاپنگ مال ۾ گھمندي ۽ باقي وقت مفتي انٽرنيٽ تي گذاريو. بئنڪاڪ مان مونکي ڪمبوڊيا جي سياحتي مرڪز جي حيثيت رکندڙ شھر سِيم رِيپ Siem Reap وڃڻو ھو جيڪو ڪمبوڊيا جي اتر اولھه ۾ آھي. جھاز ۾ بئنڪاڪ کان اتي پھچڻ ۾ ھڪ ڪلاڪ لڳي ٿو. اسان جو جھاز مني ھڪ وڳي سِيم رِيپ ھوائي اڏي تي لٿو. ھوائي اڏي جي عمارت ننڍي پر انتھائي خوبصورت ۽ ڪمبوڊيا جي ثقافتي طرزِ تعمير جو نمونو ھئي.
    ڪمبوڊيا، جنھن جو قديم نالو ڪمبُوجا آھي ۽ وچ ۾ ڪمپوچيا به سڏيو ويو ھو، منھنجي لاءِ خاص دلچسپيءَ جو ڪارڻ ھو ڇو ته اھو نه رڳو ٻُڌ پرستن جو ملڪ آھي پر آمريڪا سان ويٽنام واري ويڙھه ۾ به ان جو ڪردار ھو ته خود اندروني ويڙھه جي ڪري به اھو دنيا جي نظرن ۾ آيل ھو. 1970 واري ڏھاڪي کان ڪمبوڊيا جي باري ۾ خبرون پڙھندا ۽ لکندا رھيا ھئاسين ۽ اڄ مون ان سرزمين تي قدم رکيا ھئا.
    ڪمبوڊيا ۾ بادشاھت قائم آھي ۽ ان کي آئيني حيثيت مليل آھي. ڪنھن زماني ۾ اھا کِمر (خِمر) بادشاھت سڏبي ھئي، جنھن جو بنياد سن 802 ۾ رکيو ويو. 181035 چورس ڪلوميٽر ايراضيءَ وارو ھي ملڪ اِنڊو چائنا اُپٻيٽ ۾ ڏکڻ اوڀر ۾ قائم آھي جنھن جي گاديءَ جو ھنڌ نام پِنPhnom Penh آھي. سندس اُتر اولھه ۾ ٿائلنڊ، اُتر اوڀر ۾ لائوس، اوڀر ۾ ويٽنام ۽ ڏکڻ اولھه ۾ ٿائلنڊ واري نار آھي. سرڪاري ٻولي Khmer کِمر ۽ ڪرنسيءَ جو نالو رِيل Rielاٿس. ڏيڍ ڪروڙ آباديءَ واري ھن ملڪ ۾ ٻُڌمت سرڪاري مذھب آھي ۽ پنجانوي سيڪڙو ماڻھو ان ڌرم جا پوئلڳ آھن. باقي آباديءَ ۾ ويٽنامي، چيني، پھاڙي قبائلي ۽ ٻيون اقليتون شامل آھن.
    جڏھن ھتي سن 802 ۾ کِمر بادشاھت قائم ٿي ته ھندو ڌرم ڇانيل ھو. ان زماني ۾ ھتي وڏا ھندو اسٽائل جا مندر تعمير ڪيا ويا پر پندرھين صديءَ ڌاري ٻُڌ مت ھندو ڌرم جي جاءِ والاري ڇڏي. قديم ھندو مندر گھاٽن ٻيلن ۾ ٺھيل ھئا جيڪي ايتريون صديون دنيا جي نظرن کان اوجھل رھيا. 1901 ۾ انھن مندرن کي دريافت ڪيو ويو جنھن کانپوءِ دنيا جي سياحن جو رُخ ڪمبوڊيا ڏانھن ٿي ويو. اھي مندر انگڪور واٽ Angkor Wat جي نالي سان مشھور آھن ۽ سِيم رِيپ شھر کان ڇھه ڪلوميٽرن تي آھن جنھنڪري سيم ريپ کي انگڪور علائقي جو گيٽ وي سڏجي ٿو.
    ڪمبوڊيا جي تاريخ جنگين جي داستانن ءَ سياسي بحرانن سان ڀريل آھي. پاڙيسري ملڪن ٿائلنڊ ۽ ويٽنام سان سندس جنگيون مشھور آھن. اُڻويھين صديءَ ۾ ته ڪمبوڊيا جي بادشاھه کي ٿائلنڊ کان بچڻ لاءِ فرانس کان مدد وٺڻي پئي پر نتيجي ۾ فرانس جو غلبو ٿي ويو. پورن ھڪ سئو سالن کانپوءِ 1953 ۾ ڪمبوڊيا کي آزادي ملي. فرانس جڏھن ڪمبوڊيا کي پنھنجي پروڪٽوريٽ ڪري ھلايو پي ته ٿائلنڊ جي بادشاھه فرانس سان ٺاھه ڪري ان کان بٽام بنگ Battam Bang ۽ سيم ريپ صوبا حاصل ڪري ورتا ھئا. نيٺ 106 ۾ وري ھڪ ٺاھه ھيٺ اھي علائقا واپس ڪمبوڊيا کي ڏنا ويا. 1953 ۾ آزاديءَ وقت نوروڊوم سِھانوڪ Norodom Sihanouke آئيني بادشاھه ٿيو پر 1955 ۾ بادشاھت پيءُ جي حوالي ڪري پاڻ سياست ۾ آيو ۽ وزير اعظم جو عھدو سنڀاليائين. 1960 ۾ پيءُ جي مرڻ تي ھو پاڻ وري بادشاھه ٿي ويو ۽ پاڻ کي پرنس سِھانوڪ جي نالي سان مشھور ڪيائين. آمريڪا ۽ سوويت يونين وچ ۾ سرد جنگ دوران سِھانوڪ جيتوڻيڪ پاڻ کي غيرجانبدار رکڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھن ڪمبوڊيا جو علائقو ويٽنامي ڪميونسٽن کي آمريڪا خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني. ويٽنامي گوريلن کي ھٿيار ۽ ٻي امداد ڪمبوڊيا رستي ئي ملندي ھئي. ويٽنامي گوريلا ڪمبوڊيا جي جھنگلن مان آمريڪي فوجن تي حملا ڪندا ھئا. آمريڪا سامراجي چال ھلندي ڪمبوڊيا جي اسٽئبلشمينٽ ۽ فوج اندر پنھنجا پِٺو تيار ڪيا جن 1970 ۾ سِھانوڪ جو تختو ان وقت اونڌو ڪيو جڏھن ھو چين جي دوري تي ويل ھو. نئين پِٺو حڪومت ويٽنامي گوريلن کي ڪمبوڊيا ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ۽ کلم کلا آمريڪي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو. 1975 ۾ وري ڪميونسٽ گوريلن حملو ڪري 114 ڏينھن جي ويڙھه کانپوءِ آمريڪي پِٺو کِمر حڪومت جو خاتمو آندو ۽ ملڪ جو نالو مٽائي ڊيموڪريٽڪ ڪمپوچيا رکيو. اھي ڪميونسٽ مائوئسٽ ھئا جن ٻھراڙين جي ترقيءَ تي زور رکيو ۽ مغربي ملڪن جي تيار ڪيل شين جو بائڪاٽ ڪيو. پر ويڙھه جو سلسلو اتي ختم ڪونه ٿيو. 1978 ۾ وري سوويت نواز پيپلز روولوشنري پارٽيءَ کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ ويٽنامي فوج حملو ڪيو. نئين حڪومت ويٽنامي سفير جي ھدايتن تي ھلندي رھي پر ويڙھه به جاري رھي تان جو گڏيل قومن مداخلت ڪري 1992 ڌاري چونڊون ڪرائي اقتدار مقامي قيادت حوالي ڪيو. 1997 ۾ وري فوج مداخلت ڪئي ۽ سندس مدد سان ھُن سِن Hun Sen پنھنجي ڪمبوڊين پيپلز پارٽيءَ کي اقتدار ۾ آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ھو تڏھن کان وزير اعظم جي عھدي تي آھي. موجوده بادشاھه جو نالو نوروڊوم سِھاموني Norodom Sihamoni آھي. ڪمبوڊيا ۾ ھن وقت جمھوريت نالي جي آھي پر ملڪ اڳي جي ڀيٽ ۾ ڪجھه ترقي ڪئي آھي. سياست ۾ گند ايئن ئي آھي جيئن پاڪستان ۾. بلڪل ساڳي طرح اتان جي لينڊ مافيا بدنام آھي. نيپال ۽ ڪابل ۾ مسٽر ٽينگ بار بار پڇندو ھو ته توھان جي ملڪ ۾ لينڊ گريبنگ جو مسئلو آھي؟ سندس چوڻ ھو ته ڪمبوڊيا ۾ سياستدان، ڪامورا ۽ ٻيا با اثر ماڻھو زمينن تي قبضي ۾ ملوث آھن. ھن بلڊر مافيا جو به خاص طور ذڪر ڪيو ھو.
    بھرحال منھنجي منزل ھئي سيم ريپ شھر جيڪو گاديءَ واري شھر نام پِن کان روڊ رستي ٽن ڪلاڪن جي پنڌ تي ڪمبوڊيا جي اتر اولھه ۾ آھي. سِيم Siem يا Siam جو مطلب آھي ٿائلنڊ ۽ ڪمبوڊيائي ٻوليءَ ۾ سيم ريپ جو مطلب آھي ٿائلنڊ جي شڪستِ فاش. سورھين صديءَ ۾ اھو علائقو سيام (ٿائلنڊ) ۽ کِمر بادشاھت وچ ۾ جنگ جو ميدان ھو ۽ ٿائلنڊ کي زبردست شڪست ڏني وئي ھئي جنھن تي ان وقت جي بادشاھه آنگ چُن انھيءَ علائقي تي سيم ريپ جو نالو رکيو.
    مان جھاز مان لھي جيترو خوشيءَ سان ھوائي اڏي جي ثقافتي طرز واري عمارت ۽ ٻاھران لڳل مجسمن کي دل ئي دل ۾ ساراھيندو اندر اميگريشن واري حصي ۾ گھڙيس ايترو ئي بيزار ان وقت ٿيس جڏھن ڊگھين قطارن تي نظر پئي ۽ مونکي به ھڪ لائين ۾ لڳڻو پيو. اھي سڀ مسافر گھڻو ڪري گورا يوروپي ھئا يا ٿائي ۽ جپاني ھئا. مونکي ان وقت سخت ڪاوڙ لڳي جڏھن منھنجو وارو اچڻ تي اميگريشن ڪائونٽر وارن کي معلوم ٿيو ته مان پاڪستان مان آيو آھيان ۽ ان تي ھنن کلڻ شروع ڪيو ھو. منھنجي سخت ڪاوڙ ۾ ڀريل شڪل ڏسي ھو ماٺ ته ٿي ويا ھئا (کلڻ بند نه به ڪن ھا ته مان ڇا ڪيان ھا) پر منھنجو پاسپورٽ وٺي ھڪ ھمراھه ھڪ ڪمري ۾ ھليو ويو ۽ ڪافي دير تائين ڪونه موٽيو. مون کين سندن اميگريشن کاتي جي سربراھه واري ليٽر جي ڪاپي به ڏني ھئي ۽ سندن مقرر ويزا في ويھه ڊالر به ادا ڪيا ھئا. سندن اھڙي انداز تي دل چوي پئي ته اتان ئي موٽ کاوان پر اھو به ممڪن ڪونه ھو. ڪجھه دير بعد ھنن مونکي ھڪ ٻئي ڪائونٽر تي موڪليو جتي وري اتان جو ھمراھه پاسپورٽ کڻي ڪنھن ڪمري ۾ ھليو ويو. ڪافي دير کانپوءِ جڏھن موٽيو ته سچ پچ نتيجن جي پرواھه ڪرڻ کانسواءِ ساڻس سخت لھجي ۾ ڳالھايم ۽ چيومانس ته توھان کي پاڪستان مان ايندڙ ھر ماڻھو دھشتگرد ڇو ٿو لڳي. “مان صحافي آھيان ۽ ھتي ھڪ پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ آيو آھيان پر ڇا مان توھان کي طالبان جو ماڻھو ٿو لڳان ڇا؟” مون کين ڪاوڙ ۾ چيو. بھرحال ھنن جو ڏوھه به ڪونه ھو جو پاڪستان جو نالو انتھائي بدنام ٿي چڪو آھي ان ڪري مان ويزا وٺي ٻاھر نڪتس جتي ھوٽل وئن جو ڊرائيور منھنجي نالي وارو ڪارڊ کڻي انتظار ۾ بيٺو ھو.
    سيم ريپ شھر ھوائي اڏي کان ست ڪلوميٽر پري ھو. شھر ڏانھن رستي تي ٻنھي پاسي ڪي بنگلي ٽائيپ عمارتون ھيون ۽ ڪن اھڙين جاين جي ٻاھران ايڪڙ ٻيڪڙ ننڍڙا دڪان ٺھيل ھئا. انھن جاين جي پريان ڳوٺاڻو علائقو ھو جتي ٻني ٻارو ٿيل ھو. ھڪ ھنڌ جھوپڙي ٽائيپ ٻاڪڙا ھوٽل به نظر آئي. ڪجھه دير کانپوءِ وئن شھري علائقي ۾ داخل ٿي ته حيران ٿي ويس. ويڪرا صاف رستا جن تي نه ٽريفڪ جام ھئي ۽ نه دونھاٽيل ماحول. شھر اندر ان رستي تي شروع جي ڪجھه اسڪولي ۽ ٻين عمارتن کانسواءِ باقي سڀ گھڻ ماڙ ھوٽلون ھيون. رستي تي ھڪ اڌ ايئر ڪنڊيشنڊ ڪوچ ڏٺم جنھن لاءِ وئن ڊرائيور ٻڌايو ته اتان جي پبلڪ ٽرانسپورٽ بس آھي. ان کانسواءِ اڪثر ماڻھو مرد توڙي عورتون موٽرسائيڪلن تي سفر ڪن جڏھن ته سياح اتان جي مشھور ٽُڪ ٽُڪ (رڪشائن) ۾ چڙھي شھر جو سير ڪن. منھنجي ۽ ٻاھران آيل ٻين دوستن جي رھائش نيشنل روڊ تي قائم انگڪور پيراڊائيز ھوٽل ۾ ھئي جتي گيٽ جي ٻنھي پاسن کان مھاتما ٻُڌ جا مجسما لڳل ھئا.
    تمام وڏي U shape ھوٽل ھئي جنھن جون ڇھه ست ماڙيون ھيون ۽ ھر ڪمري مان ھوٽل جي وچ ۾ ٺھيل سُئمنگ پُول نظر ٿي آيو. ھوٽل جي چوٿين پاسي چيني فنِ تعمير واريون عمارتوين نظر ٿي آيون. ايئرڪنڊيشنڊ لائونج ۾ به ڪمبوڊيا جا ثقافتي شو پِيس سجايل ھئا. اسان کي آرام ڪري شام ڌاري لائونج ۾ گڏ ٿيڻو ھو ته جيئن رات جي ماني ٻاھر ڪٿي گڏجي کائون. ڪمبوڊيا ۾ انھن ڏينھن ۾ گرمي ھئي ۽ گرمي درجو 30 ڊگريون ھو. رات جو وقفي سان مينھن وسندو ھو يا ڦُڙ ڦُڙ پوندي ھئي.
    پھرين رات به جڏھن اسان ڊنر لاءِ تيار ٿياسين ته ھلڪو مينھن وسي رھيو ھو. مون کي ڪمري مان نڪرڻ تي ڪجھه دير لڳي ته باقي دوست، جيڪي اھي سڀ ساڳيا ھئا جيڪي ڪابل يا کٽمنڊو ۾ ملندا رھيا ھئاسين، منھنجي لاءِ ان ريسٽورنٽ جي ايڊريس ڇڏي روانا ٿي ويا جتي ڊنر ڪرڻي ھئي. ريسٽورنٽ ويجھو ئي ھئي ۽ مون به چاھيو ٿي ته اڪيلي سر ٿورو ڏسان وائسان. ھوٽل کان ٻاھر نڪتس ته رڪشا وارا روايتي نموني ڦري آيا. ھوٽل جي ملازم ھڪ رڪشا واري سان چئن ڊالرن ۾ طئه ڪيو جيڪو مونکي ان ريسٽورنٽ ڏانھن وٺي ھليو. ھتان جون رڪشائون پاڪستاني رڪشائن جھڙيون ناھن جو آنڊا ڇڄن. اھي آھن به ڪشاديون جنھن ۾ آمھون سامھون ماڻھو ويھي سگھن. ريسٽورنٽ بنھه ويجھو ھئي جتي پنج منٽن ۾ پنڌ پھچي سگھجي ھا پر رڪشا واري چار ڊالر (پاڪستان جا چار سئو رُپيا) ورتا. ھن ٻڌايو ته رڪشائون پيٽرول تي ھلن ٿيون ۽ في لٽر پيٽرول 8 ھزار ريل آھي. سندن ڪرنسي ھڪ ڊالر ۾ چار ھزار ريل آھي ان حساب سان ھڪ لٽر پيٽرول ٻن ڊالرن ۾ پوي ٿو.
    ريسٽورنٽ جديد قسم جي ھئي جنھن ۾ کاڌن جو انتظام بُفي سسٽم تحت ھو. شاھي قسم جي ھال ۾ ٽيبلون لڳل ھيون ۽ ھال جي ھڪ پاسي اسٽيج ٺھيل ھئي جتي ڪمبوڊيا جي لوڪ سازندا ساز کڻي وڄائي رھيا ھئا ۽ نوجوان ڇوڪريون ڊانس ڪري رھيون ھيون. اھڙي قسم جي ريسٽورنٽ پون پاڪستان ۾ ڪٿي نه ڏٺي آھي. ھزارين سياح روزانو سيم ريپ پھچڻ جي ڪري ھتي ان قسم جون ريسٽورنٽس ۽ رھائش لاءِ ھوٽلون سون جي تعداد ۾ آھن. ريسٽورنٽ ۾ بيئر به ڊنر سان ڏنو ويو. ھتان جي مشھور بيئر جو نالو انگڪور آھي. ھت ڪافي شين تي سنڌ وانگر ثقافتي نالا رکيل آھن جيئن اسان وٽ مھراڻ، انڊس ۽ اھڙا ٻيا نالا عام آھن. ڊنر ۾ مون کي دستور موجب پنھنجي لاءِ کاڌا ڳولڻا پيا. ھر ڊش تي نالو لکيل ھو انڪري نه رڳو سولائي ٿي پر سُوئر کائڻ کان به بچي ويس. ڪوريا وانگر ھن ٻُڌ ملڪ ۾ به سُوئر کائن ٿا.
    واپسيءَ تي مان، گوپال، جيڪو سدائين تعارف ڪرائيندي چوندو ھو Gopal from Nepal ۽ برما جو اوءِ چن پنڌ نڪري پياسين. ھن ھوٽل کان ريسٽورنٽ اچڻ مھل پيش آيل واقعو ٻڌايو جنھن تي سڄي واٽ کلندا رھياسين. کين به ھڪ رڪشا وارو اچي لڳو ھو پر ھنن انڪار ڪيس. ھو بار بار چوندو رھين ته نائيٽ بازار وٺي ھلان، اولڊ مارڪيٽ وٺي ھلان وغيره پر جڏھن ھنن انڪار ڪيو ته پڇيائين : Do you want Bum Bum
    ھنن کي ان جو مطلب سمجھه ۾ نه آيو ته ڪنھن کان پڇي ورتن تڏھن خبر پين ته ان لفظ جو مطلب ھو سيڪس ڪرڻ.
    اسان پنڌ ئي پنڌ شھر جون عمارتون ڏسندا ھوٽل پھتاسين. ھتي گھڻو ڪري فرينچ بيٺڪي زماني ۽ چيني اسٽائل جون عمارتون ٺھيل آھن. سيم ريپ ۾ اولڊ فرينچ ڪوارٽرس اڃا موجود آھن. ھتي روايتي اپسرا ڊانس جا مرڪز، مساج گھر ۽ ٿقافتي شين جا مرڪز عام جام آھن جيڪي سياحن جي دلچسپيءَ جو مرڪز آھن.
    اسان اڃا ھوٽل تي مس پھتاسين ته ميزبان اداري جي ڇوڪرين اسان کي نائيٽ بازار وٺي ھلڻ جو اعلان ڪيو. نائيٽ بازار رات جو اٺين کان ٻارھين وڳي تائين کليل ھوندي آھي جتي نقلي زيورن، ريڊي ميڊ ڪپڙن ۽ ٻين ثقافتي شين جا دڪان ھوندا آھن. مارڪيٽ جو ڏيک ڪراچيءَ جي ھفتيوار بچت بازارن جھڙو ھو پر اتي دڪانڙا مستقل ٺھيل ھئا جن جون ڇتيون ٿر جي چونئرن جھڙيون ھيون. سڀ دڪان ڇوڪريون ئي ھلائين ٿيون. نائيٽ بازار جي آسپاس واريون بازارون مساج گھرن جو مرڪز ھيون. ھرھڪ دڪان مساج گھر ھو جتي وڏيون آرام ڪرسيون رکيل ھيون جن تي سياح ليٽي ڇوڪرين کان مساج ڪرائي رھيا ھئا. سمورو علائقو روشنين سان جرڪي رھيو ھو. اسان ھلڪي ڦلڪي خريداري ڪري وري رڪشائن ۾ واپس روانا ٿياسين. نائيٽ بازار ۾ مھانگائي ڪانه ھئي ڇو ته مون ڪجھه ٽِي شرٽس ورتيون جن جي قيمت في شرٽ چار سئو رُپيا ھئي جيڪا پاڪستان وارين قيمتن برابر يا ان کان به گھٽ ھئي. ڪجھه دڪاندار ڇوڪرين ٻڌايو ته سندن ڳوٺ سيم ريپ جي ٻھراڙيءَ ۾ آھن جتان ھو ٿقافتي سيون ٺاھي ھتي وڪرو ڪنديون آھن.
    اسان جون ٻن ڏينھن جون گڏجاڻيون شام جو دير تائين ھلنديون ھيون تنھنڪري ڏينھن جو ڪاڏي وڃڻ جو موقعو ڪونه ملندو ھو. بس رات جو ڊنر لاءِ ٻاھر نڪرندا ھئاسين. ھڪ رات ايلسن انگڪور ھوٽل ۾ ڊنر ڪئي سين. آخري رات اھو سوچي ھرڪو ڪمري تي وڃي ستو ته صبح جو اسر ڌاري اٿي رڪشا ۾ چڙھي انگڪور مندر ڏسڻ ھلبو. منھنجي لاءِ مسئلو اھو ھو ته صبح جو اٺين کان اڳ ھوائي اڏي لاءِ نڪرڻو ھو جو ڏھين وڳي فلائيٽ ھئي. ان جي باوجود مون انگڪور وڃڻ چاھيو ٿي پر بدقسمتي جو رات جو ڏاٺ ۾ سخت سُور اچي پيو. پاڻ سان آندل گوريون کائي ٽين وڳي تائين جاڳندو رھيس جنھن کانپوءِ ڪجھه ننڊ آئي ۽ جڏھن ڇھين وڳي تيار ٿي لائونج ۾ پھتس ته ايني موليا، ٽيسا پائيپر ۽ ٻيو ھڪ اڌ دوست انگڪور روانا ٿي چڪا ھئا. ٻيا ڪجھه دوست مون وانگر ستل ئي رھيا. مون کي اندازو نه ھو ته ان مھل انگڪور وڃڻ ۽ واپس اچڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو تنھنڪري فلائيٽ جي حساب سان مان تيار ٿي ھوائي اڏي لاءِ نڪري پيس.
    ان مختصر دوري ۾ منھنجي مشاھدي موجب ڪمبوڊيا جا ماڻھو اسان سنڌين وانگر ٻئي ھٿ ٻڌي ھڪٻئي کي سلام ڪندا آھن.
    واپسيءَ ۾ بئنڪاڪ ھوائي اڏي تي ڪراچيءَ لاءِ فلائيٽ جو انتظار ڪندي پ پ پ جي اڳواڻ ۽ وزير شازيه مري۽ جي ڀيڻ سان ملاقات ٿي جيڪا ٻن ٻارن سان گڏ چين مان آئي ھئي ۽ ڪراچيءَ ڀاءُ جي شاديءَ ۾ وڃي رھي ھئي. ھوءَ پنھنجي ڪشميري مڙس ۽ ٻارن سان وڏي عرصي کان شنگھائيءَ کان به ٽن ڪلاڪن جي ڊرائيو تي ھڪ ننڍي شھر ۾ رھي ٿي. پھرين ته ھن اردوءَ ۾ ڳالھايو ھو ۽ ٻڌايائين ته سانگھڙ جي مري بلوچ آھي، تڏھن مون شازيه مريءَ جو پڇيومانس ۽ ٻڌايائين ته پاڻ شازيه جي وڏي ڀيڻ آھي. شازيه وانگر منجھس وڏائي ڪانه ھئي ۽ آمريڪا ۾ وڏو عرصو رھڻ جي باوجود ھوءَ ھڪ عام گھريلو ۽ سٻاجھي عورت لڳي. بس ھڪ ڳالھه نه وڻي سا اھا ته تعارف مھل پاڻ کي سنڌي چوڻ بدران چيائين: “ مين سانگھڙ ڪي رھني والي ھون. ھم بلوچ ھين.”مون ان تي پنھنجو تعارف ڪرائي ساڻس سنڌيءَ ۾ ڳالھائڻ شروع ڪيو ھو پر اڄ تائين مان اھو سوچي رھيو آھيان ته ھن سنڌ ڄائيءَ کي سنڌيءَ طور تعارف ڪرائڻ ۾ ڪھڙي بيعزتي محسوس ٿئي ھا. بلوچن لاءِ اسان کي عزت آھي پر جيڪي بلوچ نسل در نسل ھتي رھندا اچن، ملڪيتون ھتي اٿن، سنڌي ڳالھائن، اھي تعارف مھل پاڻ کي بلوچ سڏائڻ کي ترجيح ڏين ٿا. سنڌي سڏائڻ ۾ انھن کي گھٽتائي ڇو ٿي محسوس ٿئي؟
    *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 534
    ڪتابن جو مشاهدو: 553140
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 213182
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ