ڪتاب جو نالو: مٽيءَ هاڻا ماڻهو
مصنف: اڪبر اديب
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2011
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 02 ڊسمبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 256 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 71 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
اڪبر اديب پنهنجي ڏيک ويک سان ئي ڳالهين جو ڳهير لڳندو پر جنهن سندس هي ڪهاڻيون پڙهيون ته، اهو ان چوڻ کان نه رهي سگهندو ته ڄڻ ته، هي ڪهاڻيون لکيو نه پر ٻڌايون پيو وڃن ۽ ڪير آهي جيڪو هر ڪهاڻيءَ سان گڏ هميشه موجود رهي ٿو ۽ ڪهاڻيءَ جو ڪتاب کلڻ سان ئي ڪهاڻيءَ ۾ لهي پوي ٿو ۽ ڪهاڻيءَ جي ڇولين ٻولين کي سهنج سريلپ ارپي اڳيان وڌائيندو ٿو وڃي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر جو نوٽ
  • ٻه اکر : علي احمد نائچ
  • اڪبر اديب منهنجو دوست : اختر دايو
  • منهنجون ڪهاڻيون : اڪبر اديب
  • ڪهاڻيون

  • زندگيءَ جي موڙ تي
  • ٽوڙي بند
  • يادگيرين جو خاتمو
  • پريت پِرايا سُور
  • اڻپورو سپنو
  • مان ڪافر ناهيان!
  • روح جو رشتو
  • سڏڪن جي سيج
  • احساسِ محبت
  • حوا جي ڌيءُ
  • مٽيءَ هاڻا ماڻهو

  • ڪتاب بابت

    ڪتاب جا حق ۽ واسطا

    ڪتاب جو نالو : مٽيءَ هاڻا ماڻهو
    موضوع: ڪهاڻيون
    ڪهاڻيڪار: اڪبر اديب
    ٽائيٽل ڊزائن: انعام عباسي
    تعداد: هڪ هزار
    ڇپجڻ جي تاريخ: آڪٽوبر 2011
    پاران: نئون نياپو اڪيڊمي،
    D-1 سچل ڳوٺ گلشن اقبال ٽائون ڪراچي
    Cell # 0346-2103811
    ملهه : 90/= روپيا


    ڊجيٽل ايڊيشن: 2017ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    هي ڪتاب
    پنهنجي پياري پٽ
    شهيد عابد اڪبر
    کي ارپيان ٿو
    جيڪو ڀري جوانيءَ ۾ هن دنيا کي ڇڏي ويو.

    (هو هڪ نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ شاعر به هو.
    2010-9-24 جي ڏينهن نماز جي وقت هن جي اوچتو موت منهنجي زندگيءَ کي لوڏي ڇڏيو. الله تعاليٰ کيس پنهنجي ٻاجهه سان جنت ۾ جڳهه ڏئي.آمين)


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”مٽيءَ هاڻا ماڻهو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار اڪبر اديب جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. انعام عباسي لکي ٿو:
    ”اڪبر اديب پنهنجي ڏيک ويک سان ئي ڳالهين جو ڳهير لڳندو پر جنهن سندس هي ڪهاڻيون پڙهيون ته، اهو ان چوڻ کان نه رهي سگهندو ته ڄڻ ته، هي ڪهاڻيون لکيو نه پر ٻڌايون پيو وڃن ۽ ڪير آهي جيڪو هر ڪهاڻيءَ سان گڏ هميشه موجود رهي ٿو ۽ ڪهاڻيءَ جو ڪتاب کلڻ سان ئي ڪهاڻيءَ ۾ لهي پوي ٿو ۽ ڪهاڻيءَ جي ڇولين ٻولين کي سهنج سريلپ ارپي اڳيان وڌائيندو ٿو وڃي.“
    هي ڪتاب 2011ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون نئون نياپو اڪيڊمي جي سرواڻ انعام عباسيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر جو نوٽ

    نئون نياپو اڪيڊميءَ پاران هي ويجهڙ ۾ چوٿون ڪهاڻي ڪتاب ڇپيو آهي ۽ ترت ٻه ڪتاب هڪ، نالي ”ٻه ڪتاب“ ممتاز مهر جي اڳ ڇپيل ٻن ڪهاڻي ڪتابن جو گڏيل ڳٽڪو ۽ پرويز جي نڪور ڪهاڻين جو ڪتاب ”ڳوڙهن جا ڪبوتر“ پڌرا ٿيڻ وارا آهن ۽ اهڙيءَ ريت ڪهاڻين جا ٻيا ڪتاب پڻ هٿ هيٺ آهن...
    هي ڪتاب ”مٽيءَ هاڻا ماڻهو“ سينئر ڪهاڻيڪار اڪبر اديب جي نين پراڻين ڪهاڻين تي ٻڌل ڪهاڻي ڪتاب آهي.
    اڪبر اديب جيڪب آباد جي ماضيءَ جي ادبي ماحول جو ساکي ۽ تڏهوڪي فني توڻي فڪري ماحو ل مان رچيل هڪ اهڙو ڪلاڪار آهي جيڪو هوند پنهنجي پاڻ ۾ ته ڄڻ پاڻ هرتڙي جلاوطنيءَ جو بار ڪلهن تي کڻي، ساروڻين جا ٿڌا، ڪوسا ساههَ ڀريندو ، ماضيءَ جي گذري ويل پلن ۽ منظرن جي ورڻ جي آس ۾ اڄ به نٽهڻ ۽ هيڪلتا ڀوڳي چڙهي رهيو آهي...
    هڪ ڏاڍو سادو، سولو ۽ سريلو ماڻهو جنهن سان ملي ڪري ڪو ڀئه نه ڀولو ٿئي.... ڇوجو اڻاٺ ۽ اڻهوند جي به ،گهڻائي اديبن جي ڄڻ ته چنڊ ستارن تان لٿل ڪا مخلوق هجي ۽ جن سان ملي گهڻو تڻو روح کي راحت نه پر رهنڊون ئي پلئه پون... اهڙي ماحول ۾ هي شخص ڄڻ ڪنهن سدا جي آڌر ڀاءَ لاءِ آتو ۽ جيءَ ۾ جايون جوڙي ڏيندڙ مليو ته ائين لڳو ڄڻ ماڻهپي کي مانءُ ملي پيو..
    اڪبر اديب پنهنجي ڏيک ويک سان ئي ڳالهين جو ڳهير لڳندو پر جنهن سندس هي ڪهاڻيون پڙهيون ته، اهو ان چوڻ کان نه رهي سگهندو ته ڄڻ ته، هي ڪهاڻيون لکيو نه پر ٻڌايون پيو وڃن ۽ ڪير آهي جيڪو هر ڪهاڻيءَ سان گڏ هميشه موجود رهي ٿو ۽ ڪهاڻيءَ جو ڪتاب کلڻ سان ئي ڪهاڻيءَ ۾ لهي پوي ٿو ۽ ڪهاڻيءَ جي ڇولين ٻولين کي سهنج سريلپ ارپي اڳيان وڌائيندو ٿو وڃي...
    اميد ته اسان جي هيءَ سوکڙي به سڄڻن کي چڱي لڳندي

    سنڌي انعام


    ٻه اکر : علي احمد نائچ

    دنيا جو هر وڏو اديب، مفڪر، شاعر پنهنجي شعور، تجربن ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي زماني جو پڻ عڪاس هوندو آهي.هو پنهنجين لکڻين ۾ سياسي، سماجي ۽ معاشي مامرن کي پيش ڪري پنهنجي وقت جي ترجمانيءَ سان گڏوگڏ ايندڙ وقت جي ياد ۽ آواز پڻ هوندو آهي.
    جيئن هڪ سٺي انسان آڏو سچ ۽ حقيقت هر حال ۾ پنهنجو اصل چهرو پڌرو ڪري ڇڏيندي آهي ۽ هو صحيح وقت ۽ صحيح انداز ۾ وري اها سچائي ۽ ڄاڻ ٻين انسان جي سامهون پيش ڪندو آهي، ائين ئي منهنجي سامهون جڏهن اڪبر اديب (غلام اڪبر منگي) جو اصل روپسامهون آيو ته، آءٌ ڇرڪي ويس ته، هڪ ماڻهو اسان سان گڏ سالن کان ڪم ڪري رهيو آهي، پر ان جي اندر جي احساسن ۽ ان جي اندر ۾ لڪل هڪ مڪمل انسان، هڪ وڏي شخصيت جي اسان کي ته خبر ئي نه هئي، جيڪو سنڌ جي ڪلچر، ادب لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ ادب جي دنيا ۾ هڪ تمام وڏي نالي طور سڃاڻپ رکي ٿو.
    ان حوالي سان مون کي شاه سائينءَ جو هي بيت ذهن تي تري اچي ٿو:

    ڪهڙي ڪنڀر جوڙيو، مٽيءَ بنا ٿانءُ
    آهي تنهنجي ٻانهن سان، ميان منهنجو نانءُ
    ڪٿي هجان آءٌ، جي نه هجين تون جوءِ ۾.

    هر انسان ڄائي ڄام نه هوندو آهي، شاعر، اديب، ڪهاڻيڪار، آرٽسٽ، سنگتراش، صنم تراش، عاشق، معشوق، عالم، فاضل، مجذوب ۽ نه وري جاهل يا وري ڪاهل هوندو آهي. جيستائين هو وڏو ٿئي ۽ ان جي تربيت ڪرڻ وارو هڪ سٺو انسان هجي ۽ ان لاءِ چڱي ماحول ۽ علم جو سٺو بندوبست پڻ ڪري ۽ جڏهن بالغ ٿئي ته طالب جي تنوار سمجهي ۽ پنهنجي عقل فهم سان سوچڻ ، سمجهڻ شروع ڪري. تڏهن ئي هو پنهنجي عزم ۽ حوصلي کي ڀرپور قوت ۽ صحيح انداز ۽ صحيح گس تي هلائي سگهندو آهي. نه ته جاگيرداري سوچ رکندڙ پراڻي ذهنيت وارا وڏيرا ۽ جاگيردار ان نئين ذهن جي سوچ خريد ڪري ان کي درٻاري اديب ۽ ڪهاڻيڪار بڻائي ڇڏيندا آهن ۽ پنهنجي شان ۾ پيا ان کان قصيدا ۽ ڪوڙيون تعريفون لکرائيندا رهندا آهن.
    ڪانئرن، ڪوڙي تاريخ لکندڙن، سنڌ کي وڏو هاڃو رسايو آهي. سنڌ اسان جي امڙ آهي، اسان جي سنڌ جيڪا ابد کان ازل تائين رهندي.
    اڪبر اديب جو هي ڪتاب جيڪو اوهانجن هٿن تائين رسي چڪو آهي ان ڪتاب ۽ هن مهان انسان تي هي شعر ڪيڏو نه ٺهڪي اچي ٿو.

    آ ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه مڻيا
    پر مونکي اهڙا مڙس وڻيا
    جي سارو جڳ جرڪائي ويا
    ۽ پنهنجو پاڻ ڀلائي ويا

    اڪبر اديب پنهنجي هڪ دوست انعام عباسيءَ سان ملاقات ڪرائي مون تي هڪ وڏو احسان ڪيو آهي، انعام عباسي ادب لاءِ هڪ ادارو آهي. اڪبر اديب هي ڪتاب لکي، سهيڙي سموهي تيار ڪيو ۽ انعام عباسيءَ ان کي موتين جيئن پروئي هڪ مالها ٺاهي ورتي آهي.
    انعام عباسيءَ اڪبر اديب جي اکرن کي هڪ هنڌ ڪَٺو ڪري ڪتاب جوڙي ڄڻ اڪبر اديب جي ڪم کي زندگي بخشي ڇڏي آهي.
    پر اسان انعام عباسيءَ کي ڪهڙن لفظن جي ڀيٽا ڏئي سگهون ٿا، ڇو جو ان کي ته زماني اڳ ئي انعام جو نالو ڏئي ڇڏيو آهي.
    آخر ۾ مان هنن ٻنهي شخصيتن اڪبر اديب ۽ انعام عباسيءَ لاءِ شاهه سائينءَ جو هي شعر پيش ڪرڻ چاهيندس:
    ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج
    ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي.


    علي احمد نائچ


    اڪبر اديب منهنجو دوست : اختر دايو

    اڪبر اديب سان منهنجي سڃاڻپ لڳ ڀڳ پنجويهن سالن کان آهي، جڏهن هو ٺل شهر ۾ ڪنهن ادبي گڏجاڻي يا ڪنهن جي ورسيءَ جي موقعي تي ايندو هو. مون ايترا ئي سال هن جي ڪهاڻين کي پڙهيو آهي، جڏهن هن جون ڪهاڻيون مقامي اخبارن ، سنڌي رسالن ۽ ڊائجسٽن جن ۾، ”ملير ڊائجسٽ“، ”اديون“، ”اڳتي قدم“، ”نئين زندگي“ ۽ ٻين ۾ به ڇپبيون هيون. هن جيڪب آباد شهر جي ڪلراٺي ۽ کاري پاڻي واري زمين تي 4 فيبروري 1946ع ۾ جنم ورتو. هن جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”روڳن جي مالها“ . سن 1978ع ۾ ڇپيو. هي سندس ٻيو ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي.
    سندس ڪهاڻيون ۾ معاشري جون جيئريون جاڳنديون سچايون آهن. جيڪي ڏسون ۽ ٻڌون ٿا، جن جو اڪبر اديب کليل لفظن سان ذڪر ڪيو آهي، هن جيڪي ڏٺو ۽ ٻڌو تن کي قلمبند ڪيو آهي، اهي خوبيون وڏن ڪهاڻيڪارن ۾ هونديون آهن. ”ٽوڙي بند“، ”زندگي جي موڙ تي“ ۽ ”مٽيءَ جهڙا ماڻهو“ هن جون بي مثال ڪهاڻيون آهن.
    عام زندگيءَ ۾ هو قلندراڻي طبيعت جو مالڪ آهي، خوش اخلاق ۽ يارن جو يار آهي. سنڌي ادب ۾ هن جو وڏو مقام آهي. دعا اٿم ته هو ائين ئي مرڪندو رهي ۽ سدائين لکندو رهي ۽ اسين پڙهندا رهون.


    اختر دايو


    منهنجون ڪهاڻيون : اڪبر اديب

    ڪهاڻيون لکندي لکندي ڪيئي سال گذري ويا. 1965ع واري جنگ کان پوءِ جنرل محمد ايوب خان جي حڪومت جو زوال شروع ٿي ويو ۽ ون يونٽ ٽوڙِيو تحريڪ شروع ٿي وئي. انهيءَ دور ۾ سنڌي ٻوليءَ تي پهرا هئا. ڪيترائي ڊائجسٽ ۽ رسالا نڪرندا هئا. جيئن اڳتي قدم، سهڻي، ملير، اديون، نئين زندگي، رهبر، بادل، سورٺ، امنگ، ۽ لکندڙن ۾ امر جليل، آغا سليم، علي بابا، طارق اشرف، نسيم کرل، بشير مورياڻي، علي احمد بروهي، جمال ابڙو، قمرشهباز، هدايت پريم، عبدالغفور انصاري، امداد حسيني، شمشيرالحيدري، بيدل مسرور بدوي، فتاح عابد، شعبان بخت، غالب لطيف، عبدالڪريم گدائي، برڪت علي آزاد، شبير چنا، پروانو ڀٽي، سحر بلوچ، حميد سنڌي، رشيد ڀٽي، رشيد احمد لاشاري، سليم چنا، ساجد لعل پوري، غلام رسول ڪلهوڙو، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، داد محمد خادم بروهي، سڪندر بخت کوسو، عبدالحليم بروهي، عابد لغاري، فتاح ملڪ، ملڪ نديم، فهميده بلوچ، فهميده ميمڻ، علي محمد مجروح، ممتاز مرزا، ماهتاب محبوب، محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، مدد علي سنڌي، ڪامريڊ محمد امين کوسو، الطاف گوهر پيچوهو، سوڀو گيانچنداڻي، مولائي شيدائي، مخدوم طالب الموليٰ،سائين جي ايم سيد، پير حسام الدين راشدي، استاد بخاري، راز ناٿن شاهي، فيض بخشاپوري ۽ پير علي محمد راشدي جهڙن لکندڙن جو دور هو. انهن مان گهڻن سان منهنجون ڪچهريون ۽ سڃاڻپ هئي. ڪامريڊ برڪت علي آزاد سان گڏ محمد امين کوسي سان ملڻ سندس ڳوٺ ويس، تڏهن سندس نئون نئون ڪتاب ”يادن جا ديرا کوسن جا پيرا“ ڇپيو هو. مولائي شيدائي سان سندس سکر ۾ ٽڪريءَ واري گهر ۾ مليس، تڏهن سندس ڪتاب ”بلوچستان جي مختصر تاريخ“ ڇپيو هو. هو زندگيِءَ جي آخري گهڙين ۾ هو، هو بيمار هو ۽ هن ”بلوچستان جي مختصرتاريخ“ مطالعي لاءِ ڏني.
    محترم پير علي محمد راشديءَ سان منهنجي ملاقات اسلام آباد ۾ ٿيندي رهندي هئي، تڏهن سندس ڪتاب ”اُهي ڏينهن اُهي شينهن“ جو ٻيو جلد ڇپجي رهيو هو. هو منهنجو مهربان ۽ محسن رهيو هو.
    سوڀي گيانچنداڻيءَ سان منهنجي ملاقات سندس گهر لاڙڪاڻي ۾ ٿي هئي، تڏهن مان پاڪستان نيشنل سينٽر لاڙڪاڻي ۾ پروگرام مينيجر هوندو هيس.
    جيترن لکندڙن جو مون ذڪر ڪيو آهي، اهي پنهنجي دور جا سٺا ۽ وڏا لکندڙ هئا. انهن مان ڪي حيات آهن ۽ پنهنجي پوئين عمر ۾ آهن، اڃان به لکن پيا. سنڌي ادب ۾ هنن جو وڏو نالو قائم آهي، انهن کي پڙهندي پڙهندي ”منهنجين ڪهاڻين“ جنم ورتو.
    شروع واري دور ۾ معاشري جو رنگ ۽ روپ ٻيو هو، سماج ۾ برايون گهٽ هيون، سماج سڌار جا ادارا ڪم ڪندا هئا، ماڻهن ۾ محبتون هيون. مهمان نوازيءَ ۽ شناس هئي، امن امان جو دور هو، ڪڏهن ڪو واقعو ٿيندو هو ته ان جو گهڻا ڏينهن ذڪر هلندو هو.
    ليڪن اڄ جو دور گهڻو مختلف آهي. اڄ جي دور ۾ روزانه ڪيتريون ئي ڪهاڻيون جنم وٺن ٿيون. ليکڪ انهن ڪهاڻين کي ڏسندي ٻڌندي ۽ پوءِ هو اندر ۾ ڪجهه محسوس ڪندي لکي ٿو.
    منهنجون ڪهاڻيون جتي مزاح جهڙي چاشني سان ڀريل آهن، ته اتي زهريلي طنز سان به ڀرپور آهن ۽ ڪهاڻين ۾ معاشي حالتن ۽ ڏکي مستقبل کي به سهڻي نموني سان پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيو آهي.
    منهنجون ڪهاڻيون ڪٿي ڪٿي عشق ۽ محبت جي اپٽار ۾ به پيش پيش آهن ته ڪٿي معاشري جي منهن تي چماٽ به آهن.
    پڙهندڙن کي پاڻ فيصلو ڪرڻو آهي ته مان سندس معيار تي ڪيترو لٿو آهيان.
    مان پنهنجي طرفان محترم انعام عباسي جو ٿورائتو آهيان، جنهن پنهنجي اداري طرفان منهنجي ڪهاڻين کي ڇپڻ جي هام ڀري.
    هن موقعي تي مان پنهنجي دوست محترم علي احمد نائچ جو به ٿورائتو آهيان، جنهن منهنجي ڪتاب جي ڇپڻ ۾ مالي مدد ڪئي.
    ”ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي.“


    اڪبر اديب
    ڪراچي

    C ell: 0321-2017635


    ڪهاڻيون

    زندگيءَ جي موڙ تي

    لڳ ڀڳ ٽن مهينن کان ڪراچيءَ جي روڊن، رستن تي رولاڪ جيئن رُلي رهيو آهيان،نه ڪم نه ڪار ، ائين ئي بيروزگار ، يارن دوستن وٽ هاسٽل ۾ رهيل آهيان.هڪڙو دوست يونيورسٽيءَ ۾ انجنيئرنگ پيو ڪري، ۽ ٻيو دوست ميڊيڪل ڪاليج ۾ پيو پڙهي.
    اهي ٻئي دوست مونسان پرائمري اسڪول ۽ هاءِ اسڪول ۾ گڏ پڙهندا هئا، ۽ پوءِ ڪاليج جي دنيا ۾ هر ڪو الڳ الڳ ٿي ويو، ۽ مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪري ڳوٺ ۾ ئي رهجي ويس. جي مان چاهيان ها ته، انجنيئرنگ ۾ هليو وڃان ها، پر مونکي پنهنجا شوق، ڪهاڻيون لکڻ، شعر و شاعري ڪرڻ، ڊراما لکڻ ۽ پيش ڪرڻ، ڊراما اسٽيج ڪندي ڪندي بس واهه واهه ۾ خوش رهيس. مٿان بابي سائينءَ جي ڪاوڙ مٿان ڪاوڙ.”ڇورا! روزگار سان لڳ، اهي ناٽڪ ڪم ڪونه ايندءِ، ڪائي نوڪري ڪر وڏو ماڻهو ٿيءُ.“
    بابي سائينءَ جي نصيحت جو ڪو اثر نه پيو. مان اڳي کان اڳرو. ڊرامي مٿان ڊرامو پيش ڪرڻ لڳس. وقت ائين گذرندو پئي ويو.
    مون وٽ ڊرامي بنا ٻي ڪا ڳالهه هئي ئي نه، هڪڙي ڏينهن بابو سائين به اچي تنگ ٿيو. مونکي جهلي ڪاوڙ مان چيائين، ”پنهنجا ٽپڙ کڻ، ۽ هاڻي جو هاڻي گهران نڪر، ٻيهر هن در تي پير نه پائجانءِ، جيستائين تون ڪنهن روزگار سان نه لڳين.“
    مان ڪپڙا سهيڙي گهران نڪتس. وڏي سوچ ۾ گم سم. هاڻي وڃان ته ڪيڏانهن وڃان. کيسي ۾ ٽڪو به نه. دوستن ڏانهن نظر ڊوڙايم، ته ڪو به اهڙو دوست نظر نه آيو، جيڪو هن ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏئي. هر ڪو مون جهڙو ئي لڳو. ائين سوچيندي سوچيندي اچي اسٽيشن تي نڪتس. وائڙن جيان هيڏي هوڏي ڦرڻ لڳس. سمجهه ۾ ڪا ڳالهه نه پئي آئي. ڪيان ته ڇا ڪيان، ڪيڏانهن وڃان!
    ڪنڌ جهڪائي بينچ تي ويهي رهيس.
    ”شاهد، او شاهد.“
    مون ڪنڌ کڻي جو ڏٺو ته، منهنجي سامهون انور بيٺو هو.
    انور مون سان گڏ پڙهندو هو، سندس والد وڏو زميندار ۽ وڏي اثر وارو ماڻهو آهي، ٽي شاديون ڪيائين پر اولاد هڪڙو ٿيس، انور.
    انور کي نوڪر چاڪر، بنگلا گاڏيون ۽ پئسي پائيءَ جي ڪا کوٽ ئي ڪونه، جيئن وڻيس تيئن پيو ڪري.
    ”ڪهڙين سوچن ۾ آهين؟ ڪيڏانهن پيو وڃين!؟“ انور مون کان پڇيو.
    ”گهران نڪتو آهيان، سوچيان پيو ته، ڪيڏانهن وڃان، مون وٽ ته ڪجهه به نه آهي.“
    ”پوءِ سوچ ڪهڙي، هلي پئه ڪراچي، مون سان گڏ، نه فڪر نه غم، مان جو آهيان.“ هن بي فڪريءَ ۾ چيو.
    ”مون وٽ ته ڪجهه به نه آهي.“
    ”پوءِ ڇا ٿيو، تون ڪا به ڳڻتي نه ڪر.“
    مان چپ رهيس. هن نوڪر کي چيو، ”ڪراچيءَ جون ٻه ٽڪيٽون فرسٽ ڪلاس.“ هلي پيس ان سان.مون هڪ ڀيرو، پليٽ فارم تان شهر ڏانهن نهاريو، اسٽيشن جي سائن بورڊن ڏانهن آخري ڀيرو ڏٺم، لکيل هو ”خانڳڙهه جنگشن“.
    اڄ ٽي مهينا گذري ويا آهن هت ڪراچي ايندي ۽ خانڳڙهه کي ڇڏيندي. نوڪري ڪونه اٿم. ائين دوستن سان هاسٽل ۾ رهان پيو. سوچيان پيو، هي دوست به پنهنجا پنهنجا امتحان پاس ڪري پنهنجن ڳوٺن ڏانهن هليا ويندا، مان ڇا ڪندس، ڪيترو عرصو هنن جي سهاري گذاريندس، نيٺ ڪجهه ته ڪرڻو پوندو.اهو سوچيندي سوچيندي بندر روڊ تي نڪري آيس. مٿي آسمان ۾ ڪارا ڪڪر هوا جي زور تي اوڀر طرف وڃي رهيا هئا. هلڪي هلڪي ڪڻ ڪڻ ٿي رهي هئي.
    ٽن ٽن ڪندي ٽرام صدر واري علائقي مان نڪري ڊنسو هال طرف وڃي رهي هئي، مان به انهيءَ طرف وڃي رهيو هوس، پر پيدل، پنهنجون سوچون، پاڻ سان گڏ هيون. سوچيان پيو ته بابو سائين سچ چوندو هو ته، ”ڊراما ڇڏ، نوڪري ڪر، روزگار سان لڳ.“ پر مون ان جي هڪ نه ٻُڌي، جيئن آيو، تيئن ڪيم. هاڻي ڪيڏو نه، منجهي پيو آهيان، دل ٿي چويم ته، جيڪراهي ڪهاڻيون، اهي ڊراما، اهي شعر اهو سڀ ڪجهه جيڪو مون لکيو آهي، کڻي نيٽي جيٽي واري پل تان هيٺ سمنڊ ۾ اڇلايان. انهن منهنجو وقت برباد ڪيو.
    مان هلندو رهان ٿو، سوچون مون سان گڏ آهن. هڪ ڀيرو ٻيهر هتان ٽرام گذري، جيڪا صدر وڃي رهي هئي. هلڪي هلڪي ڪڻ ڪڻ ٿئي پئي، آهستي آهستي موسم ٿڌڪار جهڙي ٿيندي پئي وڃي. چانهه جي طلب ٿي، پر کيسي ۾ ڪجهه به ڪو نه هو، پنهنجي ڀاڳ تي ٻرڙاٽ ڪري روئڻ پئي چاهيم. لائيٽ هائوس جي سينيما جي سامهون فوٽ پاٿ تي اچي بيٺس. موسم وڻندڙ هئي، پر ڀاڳ ڦٽل.
    ائين ئي اوچتو وڪٽوريا گهوڙا گاڏي اچي ويجهو بيٺي، مون ڏٺو، وڪٽوريا ۾ ٻه خوبصورت ڇوڪريون ويٺيون هيون. مان ٿورو پوئتي ٿي بيٺس، پر هنن مون کي سڃاتو هو. انهن مان هڪڙي مونکي سڏيو پئي.
    ”شاهد...شاهد!“
    مون هيڏانهن، هوڏانهن ڏٺو، پر اُهي مونکي ئي نالو وٺي سڏي رهيون هيون.
    ”شاهد...هيڏانهن اچ، آءٌ توکي پئي سڏيان!“
    مان اڳتي وڌيس، اڃان ويجهو ويس. هن مسڪرائيندي پڇيو، ”ڪو نه ٿو سڃاڻين.“
    ”ها،“ مون سڃاتو.
    ”حِنا!“
    ”ها، حِنا.“
    ”هت ڇا پيو ڪرين؟“ هن مرڪي چيو
    ”ڪجهه به نه، ڪڻ ڪڻ جو مزو پيو وٺان.“
    ”اچ...اچ ويهه مون سان گڏ.“
    مان بنا سوچڻ جي هن سان گڏ ويهي رهيس.
    وڪٽوريا هلڻ لڳي. مون هن ڏانهن ڏٺو. هُن مون ڏانهن ڏٺو ۽ مرڪندي سوالن جي ڀرمار ڪري ڇڏي.
    مون مختصر جواب ڏنو، ”بيروزگار آهيان، نوڪري نه ٿي ملي. زندگي سُورن ۾ گذري پئي. بدنصيب آهيان.“ هن ورنديءَ ۾ چيو، ”تو جهڙو نوجوان ۽ خوبصورت، جنهن وٽ علم جو وڏو ذخيرو ۽ فن جي کاڻ هجي، اهو ڪيئن ٿو بيڪار رهي سگهي. علم ۽ فن وڏي ڏات آهي، جيڪا قدرت ڪنهن کي سونپي ٿي، تون خوشنصيب آهين، قدرت تنهنجي مٿان مهربان آهي.“
    ”اهي سڀ بيڪار شيون آهن.“ مون چيو.
    پهريائين هن مرڪيو، پوءِ چوڻ لڳي، ”تنهنجو مستقبل تمام سٺو آهي. ڏسجانءِ! آءٌ توکي ڪٿي ٿي پهچايان.“
    مون کلندي چيو، ”تون ڪڏهن کان علم نجوم پرايو آهي.“
    ”پوءِ تون ئي ٻڌاءِ، تنهنجي هيءَ فنڪار هينئر ڪٿي آهي، سڄي دنيا ۾ منهنجي سڃاڻپ آهي، ڪير نٿو سڃاڻي مونکي، مون وٽ سڀ ڪجهه آهي، دولت جي کوٽ ڪونهي، اڃان اچي پئي، گاڏيون ، بنگلا، عزت شهرت، مونکي سڀ ڪجهه مليو آهي، پر مون وٽ وقت ڪونهي، ماڻهو وقت گهرن ٿا ۽ مون وٽ وقت ڪونهي، وقت جيڪو مون وٽ آهي. اهو ٻئي ڪنهن کي ڏيڻ لاءِ تيار نه آهيان، جيڪو وقت گهرندو آهي آءٌ ان جي قيمت گهُرندي آهيان.“
    ”تون ائين ڇو ڪندي آهين.“ مون هن کان پڇيو.
    ” ڇو ته وقت جو قدر ڪندي آهيان، وقت کي ائين اجايو وڃڻ نه ڏيندي آهيان. وقت مون وٽ قيد آهي.“ هن مرڪندي چيو.
    ڪجهه گهڙيون خاموش رهياسين، پوءِ چوڻ لڳي، ”وقت کي جنهن نه سڃاتو، وقت جو جنهن قدر نه ڪيو، اهو ٺوڪرن ۾ رهندو.“
    مان حيران رهيس، ۽ سوچڻ لڳس ته جڏهن هوءَ مون وٽ اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪندي هئي، تڏهن خاموش خاموش رهندي هئي، ۽ هينئر! هينئر گهڻو ڪجهه سکي وئي آهي.منهنجو سوچڻ به اجايو هو، ڇو ته جنهن مقام تي هوءَ هئي، اتي سڀ ڪجهه اچي ويندو آهي.
    وڪٽوريا آهستي آهستي اڳتي وڌي رهي هئي، ڊنسو هال کان ميري ويدر تائين ۽ ٽاور کان نيٽيءَ جيٽي جي پل تي چڙهي پياسين. وڪٽوريا شايد ڪياماڙيءَ ڏانهن وڃي رهي هئي. برسات جو ساڳيو حال ٽم ٽم. ٻن ٽن ڪلاڪن جي انهيءَ برسات ماحول کي وڻندڙ بڻائي ڇڏيو هو. مون آسمان ڏانهن نهاريو، صرف ڪاراڻ نظر پئي اچي ۽ لڳي ائين پيو ته برسات بيهڻ واري نه آهي.
    دل ۾ سوچيم ته، هينئر ڏکيا ڏينهن گذري ويندا، ۽ وقت منهنجو ساٿ ضرور ڏيندو.
    ”ڇا پيو سوچين!؟ “هن مسڪرائيندي پڇيو.
    ”سوچيان پيو، ڪيڏانهن هلون پيا، ڪهڙي منزل آهي.“مون به مرڪندي چيو.
    ”نه، تون ائين نه پيو سوچين، مان يقين سان چوان ٿي، تون ڪجهه ٻيو پيو سوچين.“ هن چيو.
    مون جواب ۾ مسڪرايو.”ٻڌاءِ! ٻڌاءِ! حقيقت کي نه لڪاءِ.“ هوءَ وڏو ڪنڌ نهڪر ۾ لوڏيندي پڇڻ لڳي.
    مون به وڏي نهڪار ڪئي ۽ جواب ۾ خاموش رهيس. پوءِ ڳالهه کي بدلائيندي پڇيم، ”هيءَ ڪير آهي؟“
    ”تو سڃاتو، هيءَ منهنجي ننڍي ڀيڻ آهي، ”زليخان“ اڄڪلهه ڪاليج ۾ پڙهي پئي.
    ”نه، مون ڪو نه سڃاتو. ڇو ته مون هن کي ڪونه ڏٺو آهي“
    وڪٽوريا گاڏي ڪياماڙيءَ واري مزار جي سامهون اچي بيٺي. ٻنهي ڀينرن پنهنجن چادرن سان چهرو لڪايو ۽ گهڙي پيون مزار جي اندر.
    مان به گاڏي مان هيٺ لٿس. منهنجي سامهون ”غيبن شاهه بابا“ جي مزار هئي. چوندا آهن ته هت انسان جي هر دعا قبول ٿي ويندي آهي، پر نيت ۾ سچائي هجي.
    مان به گهڙي پيس مزار جي اندر ۽ انهن جي پٺيان اچي پلٿي ماري ويهي رهيس. هنن دعائن لاءِ ٻئي هٿ مٿي ڪيا ۽ دعا گهرڻ لڳيون.حنا ڪنڌ ورائي مون ڏانهن ڏٺو ۽ مونکي به ائين ڪرڻ لاءِ اشارو ڪيو. مان به ائين ڪرڻ لڳس. جيئن انهن پئي ڪيو. دعا گهرڻ کانپوءِ، اهي ٻئي ڄڻيون ويجهو ٿي منهنجي ڀر ۾ ويهي رهيون.”تون بابا کان دعا ۾ ڪجهه گهريو.“ حنا مون کان پڇيو.
    ”نه“
    ”ڇو“
    ”ڇا گهُران.“ مون جواب ۾ چيو.
    ”جيڪي تنهنجي دل ۾ آهي، گُهر.“ هن چيو.
    ”منهنجي دل ۾ سارو سمنڊ آهي،“ مون هنجي اکين ۾ گهوريندي چيو. هن ڪجهه دير اکڙيون، اکڙين سان ملايون ۽ پوءِ جهڪائي ڇڏيون. ڪجهه گهڙيون خاموش رهي، ۽ پوءِ مون ڏانهن ڏٺو. مون ٻئي هٿ دعا لاءِ مٿي کنيا ۽ اکيون بند ڪيم.
    سڀ غم ۽ درد وساري، دنيا کان بي خبر ۽ بي نياز سڪون سان دل جو آواز پهچائي رهيو هيس، مان خدا جي اڳيان دعا گهري رهيو هيس. مون کي جيڪي ڪجهه گهرڻو هو گهري ڇڏيو.
    جڏهن اکيون کوليم. تڏهن هوءَ منهنجي ڀر ۾ بلڪل ويجهو، ايترو ويجهو جو هن جي ساهه کڻڻ جو آواز به ٻڌڻ ۾ پئي آيو. مون هن ڏانهن ڏٺو، هوءَ مرڪي رهي هئي.
    ”هلئون!“ هن پڇيو.
    ”هلو“ مون چيو،
    مزار کان ٻاهر نڪتاسين، مون هوٽل ڏانهن ڏٺو گرم چانهه جي ڪٽلي دونهان پئي ڇڏي. چانهه جي طلب وڌندي پئي وڃي.
    وڪٽوريا ٽانگي تي ويٺاسين، ۽ واپسيءَ لاءِ روانه ٿياسين. برسات بند ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺي.
    ”توکي اهڙي برسات ۾ مزار تي اچڻ نه کپي ها.“ مون هن کي نصيحت ڪندي چيو.
    ”منهنجو اهو معمول آهي، جيڪڏهن مان هت هونديس ته هر خميس جي رات حاضري ڀريندي آهيان... پرڇڏ انهن ڳالهين کي تنهنجو سامان ڪٿي آهي؟“ هن پڇيو.
    ”هاسٽل ۾.“
    ”ڪٿي ؟“
    ”بندر روڊ هاسٽل ۾ “
    ”پهريائين اتان سامان کڻنداسين ۽ پوءِ گهر هلنداسين.“
    وڪٽوريا گهوڙا گاڏي آهستي آهستي هلندي اچي هاسٽل وٽ پهتي. مون پنهنجن دوستن کان موڪلايو ۽ سامان کڻي اچي ٽانگي تي ويٺس. سامان ڇا هو، هڪ ٽين جي پيتي، جنهن ۾ ڪپڙن جا جوڙا پيل هئا. گاڏيءَ ۾ اچي ويٺس ۽ گاڏي هلڻ لڳي، جامع ڪلاٿ، تبت سينٽر کان ٿيندا، قائداعظم جي مزار کان سولجر بازار پهتاسين، هڪڙي بنگلي اڳيان گهوڙا گاڏي بيٺي. اسين لهي پياسين. برسات به آهستي آهستي تيز ٿيندي وئي.
    تڪڙا تڪڙا بنگلي ۾ گهڙي پياسين. مون سامان هڪڙي پاسي رکيو، ويهي رهيس صوفي تي. ٿڪاوٽ به محسوس ڪيم ۽ چانهه جي طلب به ڏاڍي لڳي. اهي ٻئي پنهنجن ڪمرن ڏانهن هليون ويون.
    واپس آيون ته منهنجي حيرانيءَ جي ڪا حد نه رهي جو هو ٻئي هڪ جهڙيون. روپ ۽ رنگ هڪ جهڙو. ويس ۽ وڳو ۽ سينگار به هڪ جهڙو. هنن جي مسڪراهٽ به هڪ جهڙي. فرق صرف حنا جي چهري تي چپن هيٺان تِرِ جو نشان هو، جيڪو ان جي خوبصورتيءَ کي اثرائتو بڻايو بيٺو هو. مان حيرانيءَ ۾ ڏسندو رهيس.اهي صوفي تي اچي ويٺيون. انهن جي پٺيان انهن جي ماءُ به هئي.
    هوءَ به مسڪرائيندي اچي منهنجي ڀرسان ويٺي. وڏي آڌرڀاءُ سان ملي، حال احوال ڪرڻ لڳي. گهڻن سالن کان پوءِ هن سان ملي رهيو هيس.جڏهن ”حنا“ ڊرامن ۾ ڪم ڪندي هئي، تڏهن هوءَ ساڻس گڏ هوندي هئي.
    چوڻ لڳي، ”هي ٻئي جاڙيون آهن. انهن ۾ رتي به، فرق ناهي، قدرت جو شان آهي. هڪڙيءَ جو درد ٻي محسوس ڪري وٺي ٿي.“
    ”امان.“ مون چيو. ”اهو قدرت جو ڪيڏو نه شان ۽ ڪاريگري آهي، جو هڪ جهڙا ماڻهو پيدا ڪري، انسانن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو اٿس. هيءَ ڪائنات به ايتري حسين آهي جو انسان پنهنجي مالڪ جي تعريف ۽ حمد و ثنا ۾ لڳي وڃي ٿو، اتي ڀٽائي سائين فرمائي ٿو، ”پاڻهين جل جلالھ، پاڻهين جان جمال، پاڻهين صورت پرينءَ جي، پاڻهين حسن ڪمال.“
    ”واهه! واهه!!ڀٽائي سائين سچ فرمايو آهي.“ هن جي ماءُ چيو.
    ايتري ۾ نوڪرياڻيءَ چانهه آندي، گرم چانهه سان گڏوگڏ محفل به گرم ٿيندي وئي. زمانن جون يادون رنگين تاڪين جيان کلي پيون. سوچيم، اڄ قسمت جي ديوي مون تي مهربان آهي، دريءَ مان ٿڌي ٿڌي هير اچڻ لڳي.
    ”تون منهنجي قسمت بدلائي ڇڏي، ڏس! آءٌ ڀاڳ جي بلندين تي آهيان.“ حنا چيو.
    ”وقت جي وير ڪڏهن انسان کي بلنديءَ تي پهچائي، ۽ ڪڏهين پاتال ۾ اڇلائي.“ مون جواب ۾ چيو.
    ”اهڙي وقت کي آءٌ ٺوڪر هڻي ڇڏيندس، وقت منهنجو ويري نه ٿيندو، وقت منهنجو غلام هوندو، غلام.“ هن پوري ڀروسي ۽ غرور سان ورجايو.
    مون جواب ۾ مسڪرايو.
    ”۽ تنهنجي قسمت کي آءٌ بدلائينديس، تون ڏسندين، زمانو ڏسندو، تنهنجو نالو هوندو، عزت، دولت ۽ شهرت هوندي. تو وٽ اهو سڀ ڪجهه هوندو، جيڪو تون چاهيندين.“ هوءَ هڪ ساهي ۾ چئي وئي.
    مون موضوع کي بدلائيندي، پڇيو ”ڇا زليخان کي به اداڪاريءَ جو شوق آهي؟“
    ”جي نه، هن کي صرف پڙهائيءَ سان شوق آهي، ڪاليج جي آخري سال ۾ آهي، اڳتي ڊاڪٽر ٿيڻ چاهي ٿي، هونءَ به آءٌ نه ٿي چاهيان ته هوءَ اهڙو شوق رکي ۽ مون جهڙي ٿئي.“
    ”ڇو تو جهڙو ٿيڻ ۾ ڪو عيب آهي!؟“ مون پڇيو.
    ”نه عيب نه آهي، پر قدم قدم تي وڇون ويٺل آهن، اهي ڏنگي، پوري جسم ۾ زهر ڀري ٿا ڇڏن ۽ پوءِ اهي ڏنگ ماڻهوءَ کي نه جيئڻ جهڙو ٿا ڇڏن ۽ نه مرڻ جهڙو.“ هن زهر ۾ ٻڏل تيز ۽ تِکي ڳالهه ڪئي.
    هن کي وقت، ماحول ۽ تجربي سڀ ڪجهه سيکاري ڇڏيو هو. مون زليخان ڏانهن سواليه نظرن سان ڏٺو. ان مرڪندي چيو، ”مون کي صرف پڙهائيءَ سان شوق آهي، منهنجي باري ۾ منهنجي ڀيڻ سوچي ٿي ۽ منهنجي سوچ پڻ ساڳئي آهي.“
    ”انسان کي سوچ هجي ته مشڪل کان مشڪل مرحلن کان به اک ڇنڀ ۾ گذري ويندو آهي ۽ مستقبل به روشن رهي ٿو.“ مون هن جي سوچ جي تائيد ڪندي چيو.ڪچهريءَ ۾ اڃا گرما گرمي هلي پئي ته ڪجهه مهمان اچي ويا.
    ”شهزادي“ حنا پنهنجي نوڪرياڻي کي سڏي ورتو.
    ”جي سانئڻ“ شهزاديءَ ورنديءَ ۾ پڇيو.
    ”صاحب کي باٿ روم ڏيکار.“هن مون ڏانهن اشارو ڪندي چيو. مان هليو ويس هن سان گڏ ۽ خوب تڙ ڪيم ۽ ڪپڙا تبديل ڪري ٻاهر نڪتس. سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ ختم ٿي ۽ پاڻ کي هلڪو محسوس ڪيم.
    چانهه جو هڪ ڀيرو ٻيهر دور هليو. حنا مهمانن سان تعارف ڪرايو.
    ” هن سان ملو، هي آهي ميان گل بيگ، فلم انڊسٽريءَ جو مشهور هدايتڪار، فلم ساز، تو هن جو نالو ٻڌو هوندو.“ حنا مون کان پڇيو.
    ”جي ها، هنن جي نالي کان ڪير واقف نه هوندو، هنن جون گهڻيون فلمون مشهور ٿيون آهن، انهن مان ڪجهه فلمون اوهان جون به آهن، هن جي شخصيت ڪنهن تعارف جي محتاج نه آهي.“ مون ميان صاحب سان هٿ ملائيندي چيو. هن مسڪرايو. حنا هڪ ٻي شخصيت سان ملايو.”هي منهنجو محسن آهي، هن جي مدد سان مان اڄ هن مقام تي پهتي آهيان، جو هن جو ساٿ نه هجي ها ته شايد مان ڪنهن ڪوٺي تي ناچ گانو پئي ڪيان ها.“ ان وڏي پيار ۽ قرب مان مون سان هٿ ملايو.هُو ٻئي مرڪي رهيا هئا. هنن جي مرڪ ۾ ڪيئي راز ڇپيل هئا.
    ان مرڪ مان مون محسوس ڪيو ته دولت ۾ وڏي طاقت آهي. دولت جي زور تي انسان جي وجود کي ته خريد ڪري سگهجي ٿو، پر انسان جا ارادا به بدلائي سگهجن ٿا. ”اي! ڇا پيو سوچين؟ واپس اچ.“ حنا هٿ لوڏي مرڪندي چيو.
    مون مسڪرايو، ”تعارف اڻپوروآهي.“ چئي ڏنم.
    ”ها، هي آهن جناب چوڌري شهباز خان.“ هُن ٻڌايو.
    ”چوڌري به ته، خان به .“ مون مذاقن چئي ڏنو.
    ”ائين ئي سمجهو.“ هن مرڪندي چيو.
    مون چوڌري سان هٿ ملايو.چوڌري هٿ ملايو ۽ پوءِ مُڇن کي مروٽڻ لڳو. مون چوڌري ڏانهن ڏٺو ۽ هن مون ڏانهن ڏٺو. مُڇن جي مروٽ سروٽ اڃا جاري هيس.
    سوچ ۾ پئجي ويس ته، چوڌري اشارن ۾ ڪجهه چئي رهيو آهي يا اها هن جي عادت آهي. خير جيڪي هوندو تنهن کي ڏٺو ويندو.
    مون حنا ڏانهن ڏٺو، هوءَ هدايتڪار سان ڳالهائي رهي هئي. مون کي اشاري سان سڏيائين. ويجهو ويس.چيائين، ”ميان صاحب توکي پنهنجو اسسٽنٽ ڪري رکيو آهي، هن سان گڏجي ڪم ڪندين؟ هن جي تجربن مان فائدو وٺندين ته، اها تنهنجي منزل جي شروعات هوندي .“
    ”ٺيڪ آهي.مان ڪوشش ڪندس ته هنن کي ڪا شڪايت نه رهي.“مون خوش ٿيندي چيو.
    ميان گل بيگ، پنهنجي کيسي مان ڏهه هزار ائڊوانس طور خرچ لاءِ ڏنا ۽ ٻئي ڏينهن تي فلم اسٽوڊيو ۾ اچڻ لاءِ چيو.
    حنا پنهنجي پرس مان چاٻين جو ڇلو ڪڍيو ۽ مونکي ڏيندي چيائين.منهنجي بنگلي جي ڀر وارو بنگلو في الحال تون استعمال ڪر، اهو بنگلو به منهنجو آهي.مون حنا ڏانهن نماڻين اکين سان ڏٺو. هوءَ مرڪي پئي.
    رات جي ماني سڀني گڏجي کاڌي ۽ پوءِ مان پنهنجين نئين گهر ڏانهن روانو ٿيس.
    صبح جو دير سان اُٿيم، رات جي ٿڪاوٽ کان مون پاڻ کي هلڪو محسوس ڪيو. اڄ مننهجي لاءِ فلم اسٽوڊيو وڃڻ جو پهريون ڏينهن هو، ترت تياري ڪيم ۽ روانو ٿيس.
    زندگيءَ جي نئين موڙ تي پهچي ويس. گلستان فلم اسٽوڊيو.، فلمي دنيا سان واسطو رکندڙن لاءِ ... گيٽ مان گهرڻ سان کاٻي لائين سان ڪمرا ٺهيل هئا، جن جي درن تي فلمسازن ۽ هدايتڪارن جا نالا لکيل هئا.
    انهن جي اڳيان رستو ۽ پوءِ خوبصورت باغيچو، جنهن جي وچ ۾ هڪ وڏو ۽ خوبصورت ڦوهارو ۽ چئني پاسن کان رنگدار گل، ٻوٽا ۽ ڪيتريون وليون هيون.
    ٿوري ٿوري فاصلي تي ميويدار وڻ پڻ خوبصورت لڳي رهيا هئا. باغيچي کانپوءِ اسٽوڊيو شيڊ ٺهيل هئا، جن ۾ مختلف فلمن جا سيٽ لڳل هئا. سرچ لائيٽون ٻرڻ سان اهي سيٽ خوبصورت لڳي رهياهيا.
    گيٽ جي ساڄي پاسي اسٽوڊيو مالڪ جي آفيس ۽ انهيءَ ڀرسان فلم ٽيڪنيشن جا روم ٺهيل هئا. انهن جي اڳيان به هڪ خوبصورت ۽ ويڪرو باغيچو هيو. ٿورو اڳڀرو هلبو ته فلم اسٽوڊيو جي مالڪ جو بنگلو ۽ ڀرسان پرائيويٽ رومس ٺهيل هئا، جيڪي هدايتڪارن ۽ اداڪارن جا هئا. اهي رومس نه هئا ڄڻ ننڍا ننڍا بنگلا هجن، جيڪي ڪاروبار ۽ آرام ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندا هئا.
    ويهن ايڪڙن تي ٻڌل گلستان فلم اسٽوڊيو هڪ ننڍڙو شهر هو، جنهن ۾ ٻارهو ئي ميلو متو پيو هو. رات ۽ ڏينهن هڪ جهڙو پئي لڳو. هتي اچڻ کانپوءِ ٻاهر جي دنيا وسريو وڃي. هيءَ هڪ الڳ دنيا آهي، مطلبي دنيا، جنهن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون جنم وٺن ٿيون ۽ مري وڃن ٿيون.
    ڪنهن کي به ڪنهن سان همدردي ناهي، هر ڪو پنهنجي عقل ۽ محنت جا گهوڙا ڊوڙائي، جيڪو سوار ڪريو، ان کي کڻي ٻاهر اڇلايو ويندوآهي.مون سوچي ڇڏيو هو ته، مونکي ڇا ڪرڻو پوندو. شيڊ نمبر پهرئين ۾ هليو ويس، اتي منهنجو انتظار ميان صاحب ڪري رهيو هو. ٻين ٽيڪنيشن سان تعارف ڪرايو ويو ۽ پهرين ڏينهن کان منهنجي ڪم جي شروعات ٿي.
    وڏي ۽ ويڪري هال ۾ هير جي حويلي نما گهر جو سيٽ لڳل هو. انڊور هير جي شوٽنگ ٿيڻي هئي ۽ هت سڀني کي حِنا جو انتظار هو. حنا انهيءَ فلم ۾ هير جو ڪردار ادا ڪري رهي هئي. هدايتڪار ميان صاحب، بيچينيءَ سان هيڏانهن کان هوڏانهن ڦيرا پائي رهيو هو ۽ رکي رکي پنهنجي گهڙيءَ ۾ ٽائيم پئي ڏٺائين. ٺيڪ ٻارهين وڳي حنا پنهنجي نوڪرياڻيءَ ۽ چوڌري صاحب سان گڏ سيٽ تي پهتي.
    هُن مرڪي سڀني کي سلام ڪيو ۽ ميان صاحب کي چوڻ لڳي، ”ميان صاحب! گهڙيال ٻارهن پيو ٻڌائي. آءٌ وقت تي پهچي وئي آهيان، فڪر ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، ۽ هاڻي تنهنجي حوالي آهيان.“
    ”مهرباني، مهرباني، اها تنهنجي خوبي آهي، جو وقت تي پهچي ويندي آهين، انتظار نه ڪرڻو پوندو آهي.“ ميان صاحب مرڪي پيو.
    حنا ڊريسنگ روم ۾ هلي وئي. ڪجهه دير ۾ هير جي گيٽ اپ سان اچي سامهون بيٺي.
    لائيٽون آن ٿيون، آواز خاموش ٿي ويا ۽ هير پنهنجي سيٽ تي ڪردار نڀائي رهي هئي.
    ڪيمرا جي اک پوري ماحول جو جائزو وٺي رهي رهئي، ۽ عڪس بندي شروع ٿي وئي.
    مان پورو تماشو مزي مزي سان ڏسي رهيو هيس. وقفي وقفي سان اهو سلسلو هلندو رهيو ۽ اچي رات جا ٽي ٿيڻ لڳا، اڄوڪو سلسلو اتي ختم ٿيو. اهڙيءَ طرح اهو سلسلو ڪيئي راتيون ۽ ڪيئي ڏينهن، ڪڏهن ڪٿي، ڪڏهن ڪٿي، فلم جي شوٽنگ هلندي رهي ۽ فلم مڪمل ٿي. فلم جو آخري مرحلو، ايڊيٽنگ شروع ٿي وئي. هدايت ڪار سان گڏجي ايڊيٽنگ روم ۾ ڪيئي ڏينهن ۽ راتيون گذاري ، فلم مڪمل ڪري پوءِ فلم ساز جي حوالي ڪئي سين.
    اهڙيءَ طرح حنا جون ٻيون فلمون به آهستي آهستي مڪمل ٿينديون ويون ۽ هن نيون فلمون کڻڻ کان لاچاري ڏيکاري ڇڏي.
    آءٌ هن جي انهيءَ فيصلي کي سمجهي نه سگهيس، ۽ سوچ ۾ پئجي ويس. مون انهيءَ جو ذڪر ميان صاحب سان به ڪيو،.
    هن انديشو ظاهر ڪندي پوري ڳالهه مون سان ڪري ورتي. مونکي هُن جي انهيءَ انديشي فڪر ۾ وجهي ڇڏيو.
    وقت آهستي آهستي گذرندو ويو. مون گهڻيون ڪامياب فلمون باڪس آفيس ۾ پهچايون. فلمي دنيا ۾ صرف منهنجي نالي جو سڪو هلي رهيو هو. ميان صاحب گهڻو ڪجهه منهنجي حوالي ڪري ڇڏيو، ۽ مان هن جو هر طرح جو خيال رکندو رهيس.
    هڪ ڏينهن اوچتو حنا هتان هلي وئي، ۽ سڀ ڪجهه منهنجي لاءِ ڇڏي وئي.
    گهر، ماءُ، ڀيڻ ۽ فلمي دنيا.سڀ کي ويران ڪري وئي.منهنجي دل جي دنيا به خالي ٿي وئي.
    مون پاڻ کي ٿر جي رڃ ۾ اڃايل هرڻ جيان محسوس ڪيو، جيڪو اُڃ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندو وتندو آهي..
    پنهنجي دل جي آئيني ۾ گذريل وقت جون يادون فلم جيان ڏسڻ ۾ پئي آيون. هن سان جيڪي گهڙيون گذاريم سي ياد پئي آيون. مونکي خبر پئي ته، ”مونکي ته هن سان محبت ٿي وئي آهي“ جيڪا مون هن جي وڃڻ کان پوءِ محسوس ڪئي. گهر ۾، جيڪا هن جي ڪري رونق هئي سا به ختم وئي هئي، بس خاموشي خاموشي ۽ اداسي، هوءَ هلي وئي خوشيون پاڻ سان گڏ کڻي.
    وقت جو ڦيٿو ڦرندو رهيو. چار سال گذري ويا. زليخان ڊاڪٽري پاس ڪري ورتي هئي. هينئر هوءَ ڊاڪٽر هئي. انهيءَ خوشيءَ ۾ هڪ دعوت جو اهتمام ڪيو ويو، شهر جي وڏن ماڻهن کي ڪوٺايو ويو. مونکي سڀ کان وڌيڪ خوشي ٿي جو آءٌ وڏي ذميداريءَ کان آزا ٿي رهيو هيس. مون انهيءَ دعوت ۾ حنا کان مليل سڀ ڪجهه ڊاڪٽر زليخان جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن لاءِ هوءَ بلڪل راضي نه هئي، پر مون ائين ڪيو، جيئن مون سوچيو هو ۽ وقت جو انتظار ٿي ڪيو.انهيءَ سان گڏوگڏ مون فلمي دنيا ڇڏڻ جو به اعلان ڪيو. جنهن تي سڀ حيران ٿي ويا. مون ڪجهه چهرن تي نظر وڌي، جيڪي اُداس هئا. ميان صاحب مون ڏانهن وڌي آيو ۽ چوڻ لڳو، ”تون ائين ڇو پيو ڪرين؟“
    آءٌ خاموش رهيس. هن سوال ٻيهر ورجايو. مون چيو، ”مون وٽ انهيءَ لاءِ ڪو جواب ڪونهي“
    ڊاڪٽر زليخان جي ماءُ منهنجي ويجهو هلي آئي ۽ پڇڻ لڳي، ”تون ڇو سڀ ڪجهه ڇڏي رهيو آهين.“
    مون هن ڏانهن ڏٺو ۽ چوڻ لڳس، ”مان پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري رهيو آهيان.“
    منهنجي انهيءَ جواب ڏيڻ تي هوءَ سمجهي وئي ته منهنجي دل ۾ ڪنهن لاءِ محبت هئي. ڪنهن بنا اڪيلو محسوس ٿي ويو آهيان.
    مون چوڻ شروع ڪيو، ”مونکي ڪنهن کان به شڪايت ناهي، شڪايت آهي ته پنهنجي دل کان، جنهن پنهنجي اندر روڳ پيدا ڪيو، شڪايت آهي ته پنهنجي قسمت کان، جنهن ساٿ نه ڏنو، شڪايت آهي ته مونکي پنهنجو پاڻ سان جنهن پاڻ کي نه سڃاتو. چار سال مون خوشي ۽ غم جي گڏيل واچوڙي ۾ گذاري ڇڏيا. ائين ئي مان تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو گهران نڪري آيس ۽ اچي سمنڊ ڪناري پهتس. منهنجي پٺيان ڊاڪٽر زليخان اچي پهتي. شام جو وقت هو.دل اُداس هئي.
    زليخان منهنجي ڀرسان بيٺل هئي.
    سمنڊ ۾ اڄ جا مستي هئي سا مون اڳ ڪو نه ڏٺي هئي. هن جون ويرون ۽ لهرون وڏي بلنديءَ تائين اڀري رهيون هيون. شام جو پهر هو. مينهوڳيءَ جي مند هئي. ڪڏهن ڪڏهن آواره بادل سج جي چهري کي ڍڪيو ٿي ڇڏيو. مون پري سمنڊ کان مٿي آسمان ڏانهن ڏٺو، سج ۾ ڳاڙهاڻ هئي ۽ هن جا ڪرڻا سمنڊ ۾ ڪري پاڻيءَ ۾ جذب ٿي رهيا هئا. مان وري زندگيءَ جي ان موڙ تي اچي بيٺو هيس، جتان مون شروعات ڪئي هئي. آهستي آهستي ڪڻ ڪڻ به شروع ٿي وئي، ۽ سج پنهنجي روشني سان گڏ گم ٿي ويو. آخري ڀيرو ٻيهر.
    مون آسمان ڏانهن نهاريو. منهنجي اکين مان ڳوڙها نڪري آيا. الائي ڇو! ايترن سالن کانپوءِ حنا جي ياد جذباتي ڪري ڇڏيو هو. مان هن کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هيس، پر هوءَ ڇڏي هلي وئي. ايترن سالن ۾ هن هڪ ڀيرو به ياد نه ڪيو نه ئي ڪنهن سان رابطو رکيو. هن جي انهيءَ رويي مونکي وڌيڪ جذباتي ڪري ڇڏيو هو. مون سوچي ڇڏيو هو ته منهنجي زندگي هُن بنا اڻپوري ئي رهندي. وسڪارو شروع ٿي ويو، ۽ لڙڪ منهنجي اکين مان وهڻ لڳا، سڏڪن ۾ پئجي ويس.
    زليخان وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان آٿت ڏيندي رهي. هُن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا.
    چوڻ لڳي، ”جي چاهين ته تون پنهنجي زندگي نئين سر شروع ڪري سگهين ٿو آءٌ تنهنجو ساٿ ڏينديس.“
    مون انڪار ڪيو: ”آءٌ واپس ويندس، واپس خانڳڙهه.“
    مون سمنڊ ڏانهن آخري ڀيرو ڏٺو، وڏي مستي ۾ هو، ڇوليون ئي ڇوليون هيون، اکين منجهه ۽ دل ۾ به. اتان اسين عبدالله شاهه غازيءَ جي مزار تي آياسين ۽ پوءِ ڪياماڙي سيد غبن شاهه جي مزار تي حاضري ڀري گهر پهتاسين.
    زليخان پنهنجي گهر هلي وئي ۽ آءٌ پنهنجي گهر.مان تڙ تڪڙ ۾ تيارٿي ڪينٽ اسٽيشن تي اچي پڳس. رات جا ڏهه وڄي رهيا هئا، اڃا ٽرين وڃڻ ۾ ڪلاڪ باقي هو. وسڪارو تيز ٿيندو ٿي ويو. منهنجي بيچيني ۽ بيقراري ۾ به اضافو ٿيندو ٿي ويو.مان ٽڪيٽ گهر ڏانهن وڌيس.کڙڪيءَ ۾ هٿ وڌائي چيم ”هڪ ٽڪيٽ ”خانڳڙهه“ اوچتو ڪنهن منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو، چيائين،“ هڪ نه ٻه ٽڪيٽون خانڳڙهه.“
    مون ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو. حيران ٿيس.
    حنا هئي.
    حنا، جنهن جي هٿ ۾ هڪ ڪاغذ هو، جيڪو مونکي ڏيکاري رهي هئي، مون ڏٺو ڪاغذ تي لکيل هو ، ”طلاق نامو“ ۽ پوءِ پليٽ فارم تي نظر ڦيريم ته، سامهون زليخان منهنجو سامان کنيون مرڪي رهي هئي. ساڻس گڏ سندن امڙ ۽ ميان صاحب به موجود هئا. مون ڏٺو حنا جي مک تي ساڳي اجري ساروڻين واري مرڪ هئي ۽ مون پڻ مرڪندي هٿ دريءَ مان واپس ڪيو.
    ***


    ٽوڙي بند

    مينهن ڇوهه مان وسي رهيو هو. مون پيجارو جي رفتار آهستي ڪري ڇڏي. مينهن ڦڙين ڪري سامهون روڊ تي ڪا به شئي ڏسڻ ۾ نه پئي آئي. صبح جا ڇهه وڄي رهيا هئا. منظر رات جهڙوئي هو. مون گاڏيءَ جي هيڊ لائيٽ کولي ڇڏي.
    دل ۾ ڪيئي وسوسا وڌي ويا هئا ۽ دماغ سوچن جي سمنڊ ۾ لهي ويو هو.
    سوچيان پيو:ٽوڙي بند ٽٽي ويو ۽ منهنجو ڳوٺ ته، ٽوڙيءَ کان رڳو ٻن ڪلاڪن جي پنڌ تي آهي، پاڻيءَ کي منهنجي ڳوٺ پڄڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو! منهنجي پڄڻ کان اڳ، منهنجي ڳوٺ جو الائي ڪهڙو حال ٿيندو؟ جتي منهنجو پوڙهو پيءُ، ماءُ ۽ منهنجي ننڍي ڀيڻ رهن ٿا، الائي ڪهڙي حال ۾ هوندا. خدا خير ڪري، منهنجي پهچڻ تائين شل سڀ ڪجهه ٺيڪ هجي.
    لڳ ڀڳ پنج سال ٿي ويا آهن، ڳوٺ منهن ئي ناهي ڪيو، بس هڪ ننڍپڻ جي دوست وٽان ابي ، امڙ ۽ ڳوٺ جو حال احوال وٺندو رهندو هيس. پاڻ پڻي منجهه سڀ ڪجهه وساري ويٺو هيس.
    مينهن جي رفتار گهٽجي وئي ته، مون گاڏيءَ جي رفتار تيز ڪري ڇڏي. مٿي آسمان تي ڪڪرن جي گجگوڙ ۽ رکي رکي کنوڻ کلي پئي.
    منهنجي اڳيان پٺيان گاڏين جون قطارون هيون، هر ڪنهن کي تڪڙ هئي پنهنجي منزل تي رسڻ جي ۽ مونکي به جلدي هئي پنهنجي ڳوٺ پهچڻ جي.
    ڳوٺ ۾ منهجون ڪيئي سارون به رهيل هيون ، جن کي ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهيس ۽ ڪڏهن انهن مٿان خيما کوڙي ويهي ٿي سگهيس.
    سانوڻ ۾ اسڪول کان ڀڄي دوستن سان گڏ سون واهه تي تڙ ڪندا هئاسين، والي بال کيڏندا هئاسين، ڪوڏي ڪوڏي کيڏندا هئاسين ۽ راتيون پهاڪن پرولين سان گذاري ڇڏيندا هئاسين.
    صبح سويري امڙ جي هٿن سان تيار ٿيل چانورن جي ماني، مکڻ جو چاڻو ۽ لسيءَ جو وَٽو کائي پي پوءِ اسڪول روانو ٿيڻ . مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ بي.اي پڙهڻ لاءِ جيڪب آباد جي ڊگري ڪاليج ۾ داخلا ......
    اوچتو گاڏيءَ کي بريڪ لڳي ته، خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو. منهنجي ڀر ۾ ويٺل دوست مراد بلوچ ننڊ مان جاڳي پيو.
    ”ڇا ٿيو. خير ته آ!“
    ”جي ها. خير آهي، سامهون گاڏين جون قطارون آهن، پاڻ کي به بيهڻو پيو.“
    مراد گهڙي ۾ نهاريو، ڏينهن جا ساڍا ڏهه وڄي رهيا هئا.
    ”هي درياهه سنڌ آهي، سامهون سکر جو شهر ڏسون پيا.“
    ”پاڻ ڪهڙي پاسي هلنداسين.“ هن پڇيو.
    ”اسين درياهه جو ساڄو پاسو وٺي، روهڙي شهر جي ٻاهران ٻاهران، گهوٽڪي، اٻاوڙي کان ٿيندا، ڪشمور هلنداسين.“ مون چيو.
    رستو کليو ته، گاڏيون هلڻ لڳيون، اسين به آهستي آهستي اڳتي وڌياسين.
    روهڙي شهر ٻاهران پيٽرول پمپ تي گاڏيءَ جو تيل پاڻي چيڪ ڪيوسين، ڀرسان هوٽل تي چانهه پيئڻ ويٺاسين، هوٽل ۾ ٽي ويءَ تي خبرون هلن پيون، ”ٽوڙيءَ جو پاڻي ٺل شهر ڏانهن وڌي رهيو آهي، اوسي پاسي وارا ڳوٺ خالي ٿي ويا آهن ۽ ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن نڪري ويا.
    مينهن هڪ ڀيرو وري شروع ٿي ويو هو. اسين تڪڙا اٿي منزل ڏانهن روانا ٿياسين.
    وقت تيزيءَ سان گذرندو ٿي ويو. پنجاب جي سرحدي علائقي کان گُڊوءَ پڳاسين.
    درياهه پنهنجي مستي ۽ موج ۾ هو.
    درياهه ۾ اها مستي ۽ موج مون پهريون ڀيرو ڏٺي.
    اسين جڏهن هت پڪنڪ ملهائڻ ايندا هئاسين، تڏهن درياهه شاهه مسڪين ۽ نماڻو هوندو هو.
    هينئر ڏسان پيو، درياهه شاهه ڪرڙيون اکيون ڏيکاري پيو، هن جو رنگ ڳاڙهو ۽ پيلو ٿي لڳو.
    مون سمجهي ورتو، درياهه شاهه کي ڪنهن ڇيڙيو آهي.
    درياءَ شاهه ناراض آهي.
    منهنجي اکين مان ڳوڙها تري آيا.
    گاڏي اسٽارٽ ڪيم، ڪشمور کان ڪنڌڪوٽ روڊ تي روانا ٿياسين، مراد بلوچ لاءِ اهو سڀ ڪجهه نئون هو.
    هو چوڻ لڳو، ”يار انور مون پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙو دهشت ڀريو منظر نه ڏٺو آهي.“
    مون کيس چيو، ” تون ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو آهين ۽ ٻاهر جي دنيا ڪو نه ڏٺي آهي. انهيءَ ڪري هي سڀ ڪجهه توکي نئون لڳي ٿو، پر منهنجي لاءِ اها نئين ڳالهه ناهي. ڇو ته مان هتان جو ڄائو آهيان.“
    ”تون سچ ٿو چوين، هر ماڻهوءَ کي پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار آهي.“ هُن چيو.
    برسات اڃان به هلڪي هلڪي وسي رهي هئي. مون گهڙيءَ ۾ نهاريو. شام جا ساڍا چار وڄي رهيا هئا. منهنجي منزل ۾ اڃان ٻه ڪلاڪ باقي هئا.
    گاڏيءَ جي رفتار تيز ڪيم. اوندهه ٿيڻ کان اڳ پنهنجي منزل تي پهچڻ جو پهه هو.
    روڊ تي افراتفريءَ جو عالم هو. ڳوٺن جا ڳوٺ ويران ٿي ويا هئا. ماڻهن کي جيڪا سواري ملي ، نڪري پيا...
    ”هي، ايترا ماڻهو ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن“ مراد بلوچ پڇيو.
    ”انهن جي منزل مٿانهينءَ واري پناهه گاهه آهي.“ مون چيو.
    ”پر هي ته، پيادل آهن، ڪيترو پنڌ ڪري سگهندا!؟.“ هن پڇيو .
    ”هنن جا ارادا پختا آهن، همت هنن کي منزل تي پهچائيندي. زنده قومون صرف منزل تي نظر رکنديون آهن.“ مون کيس جواب ڏنو.
    مون گاڏيءَ جي رفتار گهٽائي ڇڏي. لڏپلاڻ قافلا هڪ ٻئي پٺيان هلندا پئي آيا.
    جيئن جيئن اسين ٺل شهر ڏانهن وڌندا پئي وياسين. تيئن تيئن منهنجي فڪر ۾ واڌارو ٿيندو ٿي ويو. مان ڏسان پيو، ٻوڏ ماڻهن جو سڀ ڪجهه ٻوڙي ڇڏيو. صرف جان بچائي هلندا پيا وڃن.
    اسين ڳوٺ جي ويجهو پهتاسين. ٽوڙي بند جو پاڻي روڊ مٿان تيزيءَ سان ڊوڙندو پئي ويو. مون هڪ طرف نظر ڊوڙائي ڳوٺن جا ڳوٺ پاڻيءَ ۾ ٻڏل هئا...
    سامهون منهنجو ڳوٺ نظر اچي رهيو هو . مان گاڏي بيهاري. ٻاهر نڪتس، گاڏيءَ مٿان ٽيڪ لڳائي ڳوٺ ڏانهن نظر ڊوڙائي، صرف مسجد جا مينار نظر اچي رهيا هئا.
    گهر لڙهي ويا، اسڪول لڙهي ويو، سڀ ڪجهه لڙهي ويو. منهنجي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا.
    سڏڪا ڏيڻ لڳس. آسمان ڏانهن ڏٺم.
    اي الله، سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو.
    ڪُجهه به باقي نه بچيو.
    مراد مونکي حوصلو ڏيڻ لڳو، موبائيل فون جي گهنٽي وڳي.
    مراد، گاڏيءَ مان موبائيل کنيو ۽ ڳالهائڻ لڳو.
    هُن مونکي آواز ڏنو، ”ڪراچي مان فون آهي، صنم ڀاڀي ڳالهائي پئي.
    مان گاڏيءَ ۾ ويٺس، موبائيل ڪن تي رکيو،
    “Hello, Hello”
    ”جي“
    ”تون فڪر نه ڪر، سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.“ صنم فون تي تسلي ڏيندي ڳالهايو.
    ”تمام دير ٿي وئي، مون پهچڻ ۾ دير ڪئي، هت سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو آهي.“ مون چيو.
    ”حوصلو رک، ڪجهه به ختم نه ٿيو آهي، پاڻ کي سنڀال.“ صنم ڳالهايو.
    ”ابي، امڙ جي خبر نه پئي ته هو ڪٿي آهن، ڪهڙي حال ۾ هوندا.“ مون چيو.
    ”خبر پئجي ويندي، جتي جتي ڪئمپون لڳيون آهن، اتان جانچ ڪري وٺنداسين. هينئر رات ٿيڻ واري آهي، واپسيءَ لاءِ روانو ٿي“ صنم چيو.
    مان ڊرائيور سيٽ جي ڀرسان ويهي رهيس، مراد بلوچ گاڏي ڊرائيو ڪرڻ لڳو.
    ”ساڳئي رستي سان واپسي.“ مون چيو.
    هن گاڏي واپس موڙي ۽ ڪنڌڪوٽ ڏانهن روانو ٿيو.
    رات پر پکيڙڻ لڳي هئي ۽ انڌيرو وڌندو ٿي ويو.
    مراد گاڏيءَ جي هيڊ لائيٽ کولي ڇڏي.
    فرلانگ پنڌ تي، ڪوئي هٿ جي اشاري سان گاڏي روڪڻ لاءِ چئي رهيو هو. ويجهو پهچڻ تي مون ڏٺو، هڪ پوڙهو، پوڙهي پنهنجي ٻن ٻارن سان گڏ روڊ جي پاسي بيٺل هئا. مٿان برسات تيز وسي رهي هئي.
    مون مراد کي گاڏي روڪڻ لاءِ چيو، گاڏي بيٺي. هو اڳتي وڌي آيا.
    سائين اسان کي اڳتي ڪنهن هنڌ تي لاهي ڇڏيو، ٻوڏ ۾ سڀ ڪجهه لڙهي ويو.
    مون دروازو کوليو، اهي گاڏيءَ ۾ ويهي رهيا.
    گاڏي هلڻ لڳي.
    ”ابا، الله سائين سدائين خوش رکندوَ.“
    ”چاچا ڪيتري دير کان بيٺا آهيو، ڪهڙي ڳوٺ جا آهيو؟“ مون پڇيو.
    ”ابا، ڪافي دير کان بيٺا آهيون، برسات تيز ٿي وئي، هلڻ کان لاچار ٿياسين.“ پوڙهي چيو.
    مون ٻيهر پڇيو، ”ڪهڙي ڳوٺ جا آهيو؟“
    ”ابا محمد سومرو جا آهيون. سڀ ڪجهه لڙهي ويو، ڪا شئي نه بچي.“
    ”محمد سومرو جا آهيو“ مون خوشيءَ ۽ حيرانيءَ مان پڇيو.
    ”ها، ابا محمد سومرو“ هن چيو.
    ”مان به محمد سومرو ڳوٺ جو آهيان. ڳوٺ جا ٻيا ماڻهو ڪيڏانهن ويا، مان ماستر خدا بخش جو پٽ آهيان، ڪيڏانهن ويا منهنجو ابو امڙ .“
    مون هن کان ڪيترائي سوال ڪري ڇڏيا.
    ”ابا، تنهنجي خاندان وارا، چون پيا اسين حيدرآباد يا ڪراچي وينداسين، سي ٻه ڏينهن اڳ ڳوٺ مان ٻين سان گڏ جي هتان هليا ويا.“ هن ٻڌايو.
    اها ڳالهه ٻڌي منهنجي خوشيءَ جي انتها نه رهي.
    منرل واٽر جون ٻه بوتلون ۽ بسڪوٽ پاڪيٽ ڪڍيا.
    ”اچي هي وٺو، پاڻي پيو ۽ بسڪوٽ کائو.“ مون چيو.
    ”چاچا، توهان ته پنهنجي ڳوٺ جا نڪتا آهيو، ڳڻتي نه ڪيو جتي چوندا اتي اوهانکي پڄائبو.“ مون انهن کي تسلي ڏيندي چيو.
    ”ابا الله اوهان کي خوش رکندو آباد رکندو، بس ڪنڌڪوٽ لاهي ڇڏيو، پوءِ به ڳوٺ جي ويجهو ته هونداسين، پاڻي لهي ويندو ته، واپس ڳوٺ ورنداسين.“ پوڙهي چيو.
    ٽوڙي بند موت جو پروانو کنيون وڏي رفتار سان ٺل کان جيڪب آباد طرف وڃي رهيو هو، ۽ اسين ڪشمور طرف وڃي رهيا هئاسين. مونکي پنهنجو فڪر، ابو امڙ ڪٿي هوندا، ڪهڙي حال ۾ هوندا، انهيءَ فڪر ۾ ٽيهن ڪلاڪن کان مٿي سفر ڪري چڪا هئاسين.
    ڪنڌ ڪوٽ شهر ۾ مون مسافرن کي لاٿو ۽ انهن کي ڪجهه ڏوڪڙ ڏئي اڳتي ڪشمور کان سکر روانا ٿياسين.
    صبح جو چار لڳي سکر پهچي وياسين، ڪجهه گهڙيون آرام ڪيوسين.
    ماڻهن جي شور ۽ گوڙ ۾ اک کلي، مون ڏٺو رستا روڪ تي ماڻهو هڪ ٻئي سان اٽڪيا پيا هئا.
    گاڏين ۽ ماڻهن جون وڏيون قطارون هيون. ڪنهن پٺيان گاڏيءَ کي ڌڪ هڻڻ لڳا. هلو اڳتي، هلو اڳتي.
    مون مراد کي اشارو ڪيو، گاڏي اسٽارٽ ڪئي ۽ ڪراچيءَ واري روڊ تي روانا ٿياسين.
    موبائيل جي گهنٽي وڳي،
    ”هيلو، هيلو، انور، انور.“
    ”هيلو، ڳالهايان پيو. صنم.“
    ”خيريت سان آهيو، هينئر ڪٿي آهيو.“
    ”سکر مان روانا ٿيا آهيون ۽ اها خبر ملي آهي ته ابو امڙ حيدرآباد جي ڪنهن ڪئمپ ۾ آهن يا ڪراچيءَ ۾، هينئر اتي انهن کي ڳولڻو پوندو.“
    ”ٺيڪ آ، ٺيڪ، فڪر جي ڪهڙي ڳالهه آهي، اتي ڳولهي وٺنداسين، توهان پنهنجو خيال ڪيو، وڌيڪ پريشان نه ٿيو.“
    ”ٺيڪ آ، ٺيڪ.“
    ”چڱو الله حافظ“
    ”الله حافظ“
    ”يار مراد، تنهنجي ڀاڄائي ڪيڏي نه فڪر مند آهي منهنجي لاءِ. فون مٿان فون ڪري ڄاڻ پئي رکي.“ مون چيو.
    ”تون خوشنصيب آهين جو اهڙي پيار ڪرڻ واري گهر واري ملي اٿيئي. نه ته اڄ جي دور ۾ مرد مصيبت ۾ آهي.“ هن چيو.
    ”مان هنن جي اڳيان ڪجهه به ته نه آهيان، هوءَ هڪ امير پيءُ جي ڌيءَ ۽ مان هٿين خالي.“ مون چيو.
    ”پر يار، اهو ته ٻڌاءِ ته اها شادي ٿي ڪيئن، ڪهڙو جادو هو، جو هن توکي پسند ڪيو؟“
    ”اهو قصو ڪنهن ٻئي مهل تي ٻڌائيندس.هينئر مان پريشان آهيان.“
    ”ٺيڪ آ، ٺيڪ آ، ۽ پريشان نه ٿي، والدين ضرور ملي ويندا.“ هن چيو.
    گاڏي پنهنجي رفتار سان هلندي رهي، شام چار وڳي حيدرآباد پهتاسين. ڪئمپن جي ڄاڻ وٺي اوڏانهن روانا ٿياسين. ڪئمپن ۾ ماڻهو بي حال هئا. هر طرف پريشانيءَ جو عالم هو. نه ڪو پڇڻ وارو نه ڪوئي مدد ڪرڻ وارو.
    ٻار روئن پيا، ماڻهو آسمان ڏانهن نهارين پيا. اهو حال ڏسي، منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.
    سوچيان پيو، هنن جو ڇا ٿيندو؟
    سوچيان پيو، ايترو پري کان تڪليف سان منزلون ڪاٽي هت ڪنهن جي آسري تي آيا آهن؟
    حيدرآباد مان خالي هٿين، ڪراچي روانو ٿيس.
    ڪراچي منهنجي آخري اميد هئي.
    رکي رکي مينهن ڪڻيون پئجي رهيون هيون . کليل آسمان هيٺان ماڻهن لاءِ وڌيڪ پريشاني ٿيڻ لڳي، اهڙي حالت ۾ انسان بيوس ۽ لاچار آهي، ڇا ٿو ڪري سگهي. صرف آسمان ڏانهن نهاري سگهي ٿو.
    رات جا ڏهه وڄي رهيا هئا. پري کان ڪراچيءَ جون بتيون نظر اچي رهيون هيون.
    جيئن ويجهو ٿيندا ٿي وياسين، تيئن تيئن منهنجي اندر ۾ اڻتڻ ۽ بيقراري وڌندي ٿي وئي.
    سوچيان پيو جيڪڏهن والدين ڪراچيءَ جي ڪئمپن ۾ نه مليا ته پوءِ ڇا ٿيندو!؟؟
    اسين ڪراچي ۾ داخل ٿي وياسين. مون سڀ کان پهريون پنهنجي پياري دوست کي فون ڪيو، هو نجي چينل تي نمائندي جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو هو. هن کان ڪراچي ڪيمپن جي معلومات ورتي. پوءِ هر هنڌ گاڏي ڊوڙائي سين. رات جو هڪ وڳي تائين هيڏانهن هوڏانهن ڦرندا رهياسين، بي مقصد، بي حال، واپس گهر موٽياسين.
    ٻئي ڏينهن وري ڳولا ۽ اسين ڪراچيءَ جي ٻوڏ ڪئمپن ڏانهن روانا ٿياسين. جتي جتي خبر پئي اتي اتي وياسين. صبح کان شام ٿي وئي ۽ شام کان رات، ڪٿي به ابي امڙ جو ڏس نه پيو. ويا ته ڪيڏانهن ويا، مان مٿي کي هٿ ڏئي زمين تي ويهي رهيس. اميد جا ڪرڻا به آهستي آهستي گم ٿيڻ لڳا.
    دوست چوڻ لڳو، ”اميد رک، سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، هڪ ڏينهن تنهنجا ابو امڙ ضرور ملي ويندا.“
    مون چيو“ اهو ڪهڙو ڏينهن هوندو، اها ڪهڙي گهڙي هوندي.“
    خوف مونکي اندر اندر کائيندو ٿي ويو. سوچيان پيو، اهي ڪهڙي حال ۾ هوندا، ڪير انهن جي سار لهندو، هنن وٽ ته ڪجهه به نه هوندو، جيڪو ڪجهه هين سي سڀ ڪجهه ٻوڏ ۾ لڙهي ويو.
    مون ڳولها جاري رکي، ٻوڏ ڪئمپن جا حال ڏسي آءٌ بي حال پئي ٿيس. بُک ۽ بيمارين ماڻهن کي هيڻون ڪري وڌو هو.
    شام جو مٿي کي هٿ ڏئي ويٺاسين سوچڻ ،ته ٻين شهرن جون ڪئمپون به ڏسڻيون پونديون، سکر جون ڪئمپون، بلوچستان جون ڪئمپون.
    مون تياري شروع ڪئي، گاڏيءَ ۾ ضروري سامان ۽ صبح جو نيرن کان پوءِ ڪراچيءَ کان روانو ٿيڻ جو پروگرام طئي ٿيو.
    پر مان هڪ وار وري پروگرام تي سوچڻ لڳس. جيڪڏهن سکر کان شڪارپور، جيڪب آباد ۽ پوءِ بلوچستان نصير آباد ڊويزن جا شهر ٽنڊوالهيار ۽ ڊيرا مراد جماليءَ جا علائقا ڏسان، پر شڪارپور کان جيڪب آباد زميني رستو ڪٽجي چڪو هو ۽ ٻيو جيڪب آباد کان ڊيرا مراد جمالي زميني رستو ڪٽجي چڪو هو.
    رات سوچن ۽ نراسائيءَ ۾ گذري وئي.
    صبح جو چانهه جي وقت، مون T.V کولي ۽ خبرون ٻڌڻ لڳس.
    T.V ۾ هڪ پروگرام هلي پيو، نمائندو پڇي پيو، ”چاچا ٻڌايو. اوهان کي هت آئي گهڻا ڏينهن ٿيا آهن؟ هيءَ اوهان جي گهر واري آهي ۽ هيءَ ٻارڙا آهن؟“
    ”ابا هت ڏهه ڏينهن ٿيندا، هي منهنجا ٻارڙا آهن ۽ هيءَ انهن جي ماءُ آهي.“
    ”چاچا ڪٿان آهيو؟“
    ”ابا ٺل جي ويجهو ڳوٺ آهي، جيڪب آباد کان آيا آهيون.“
    مون هڪدم چانهه جو ڪپ ميز تي رکيو ۽ T.Vڏسڻ لڳس.
    حيران ٿيس، جن کي ڳوليان پيو سي هت آهن. مون پنهنجي گهر واري کي سڏيو.
    T.V نمائندو پڇي پيو، ”چاچا ڪجهه امداد وغيره ملي آهي.“
    ”نه نه بابا فاڪا ڪاٽيون پيا، ڪوئي به هت ناهي آيو.“
    ”اوهانکي گهر جي ڇاڇا.“ نمائندو.
    ”صرف کائڻ لاءِ ٻيو ڪجهه، به نه.“
    ”هت ڪٿي رهيا پيا آهيو،“
    ”او هُت، وڻن جي هيٺان. پوءِ کائڻ هت روڊ تي ايندا آهيون، جي ڪجهه مليو ته ٺيڪ نه ته الله جو شڪر.“
    مون T.V بند ڪئي ۽ سمجهي ورتو ڪئمپ ڪٿي آهي. صنم کي کنيو ۽ روانو ٿيس ڪئمپ ڏانهن.
    ٿوري دير ۾ مان ۽ صنم هنن جي سامهون هئاسين.
    هنن مونکي ڏٺو ۽ روئي ويٺا.
    صنم تسلي ڏيندي چيو، ”گهٻرايو نه، اسين اچي ويا آهيون، اوهان کي وٺڻ لاءِ.“
    ”ها بابا، اسين وٺڻ آيا آهيون.“
    مون امڙ کي چڪاس ڪيو.
    هوءَ بيمار لڳي پئي.
    مان هٿ ٻڌي بيهي رهيس، ڳوڙها اکين ۾ لار ڪري وهي رهيا هئا.
    مون چيو، ”مان قصور وار آهيان، اوهان جو خيال نه رکيم، مونکي معاف ڪيو، مونکي معاف ڪيو.“
    ۽ پوءِ انهن جي پيرن تي ڪري پيس ۽ ابي امڙ جي پيرن کي چمڻ لڳس....


    يادگيرين جو خاتمو

    اڄ به مينهن جهر جهر وسي رهيو آهي. پنهنجي ڪمري جي دري، جا باغ جي طرف کان هئي، کوليم، ليئو پائي ڏٺم ته وڻ ٽڻ، ٻوٽا، مينهن سبب ڌوپجي سائو پهراڻ پهريو بيٺا آهن. ڪڙڪاٽ ڪري بجلي چمڪي ۽ منهنجون نظرون مٿي آسمان ڏانهن ڊوڙيون، ڄڻ ڪنهنجي تلاش ۾ هيون. نه تلاش نه، مگر تنهنجون يادگيريون هڪ هڪ ٿي سئنيما جي مورتين وانگر منهنجي اکين اڳيان ڦرڻ لڳيون. منهنجون اکيون بند ٿي ويون ۽ کليون، بس ڳوڙها ٽپ ٽپ ڪري مينهن وانگر وهڻ لڳا.
    مونکي چڱي طرح ياد آهي ته، اڃان ميٽرڪ جي امتحان ۾ ٽي مهينا پيا هئا. هڪ ڏينهن آسمان ڪاري چادر ۾ ويڙهيل هو. وڻندڙ هوا جي جهوٽن سان ڪارا ڪارا ڪڪر آسمان ۾ ڊڪ ڊوڙ لڳائي رهيا هئا. ٿڌڙي هوا روح کي راحت پهچائي رهي هئي ڄڻ ائين ٿي محسوس ٿيو ته قدرت جي هر چيز خوشي مان جهومي رهي هئي. اچانڪ تون ۽ مان اسڪول جي ٻاهران گيٽ وٽ ملياسين، منهنجيون نماڻيون اکيون، جن ۾ التجا سمايل هئي....تنهنجي مڌ ڀري اکين سان مليون ۽ تنهنجون نظرون جهڪي ويون پر تنهنجي ديد جي دونالين منهنجي دل ۾ ڇيد ڪري ڇڏيو ۽ منهنجي نيم بسمل دل، جنهن ۾ فقط تنهنجي مٺڙي محبت سمايل هئي ۽ ماهي جي آب وانگر تڙپي رهي هئي. انهيءَ وقت توکي ڪاري بروڪيٽ جو فراڪ اڇي شلوار پهريل، اڇي چني ڳچيءَ ۾ ويڙهيل، ڪنن ۾ جهومڪ ۽ ٻه ڊگهيون چوٽيون، واسينگن وانگر لهرائي رهيون هيون، تون ڪاري بروڪيٽ جي فراڪ ۾ ائين پئي معلوم ٿئينءَ ڄڻ ڪا حور آسمان مان لهي آئي آهي ۽ ڌرتيءَ وارن کي پنهنجي ديدار جو شرف بخشيو آهي. تنهنجي چوڏهين جي چنڊ جهڙي چهري تي مٺڙي مرڪ هئي. تو مان مسچف سينٽ جي سرهاڻ اچي رهي هئي، جا هوا ۾ جزب ٿي حواس جي ذريعي منهنجي مغز کي معطر ڪري رهي هئي. ڪاش مان مصور هجان ها ته جيڪر افق ۽ شفق کي ملائي تنهنجي رخسارن جو رنگ ڀريان ها! ڪارن بادلن جو رنگ تنهنجي واسينگ وارن تي ڀريان ها. رات جي ڪاري ٻاٽ تنهنجي چشم ۾ سميٽيان ها. ستارن کي آسمان مان ڇني تنهنجي چوٽين ۾ لڳايان ها. گلاب جي لالي چورائي تنهنجي سنهڙن چپن تي لڳايان ها. تون تيز رفتار سان ڪلاس ڏانهن هلي وئينءَ مان به ڪلاس ۾ اچي ويٺس. اسڪول جو بيل ڏهه پندرنهن منٽ اسانجي اچڻ کان اڳ لڳي چڪو هو ۽ سڀ شاگرد ڪلاس ۾ ويٺل هئا. جنهن وقت تون پنهنجي سيٽ تي ويٺينءَ ته سڀني ڇوڪرن جون نگاهون تو ۾ کتيون ڄڻ ائين پئي محسوس ٿيو ته سڀني جي دل جي ڌڙڪن تون هئينءَ.
    ڪلاس ٽيچر انگلش پروز مان شيڪسپيئر جو نيئر روڊ فارسٽ جو سبق پڙهائي رهيو هو جنهن ۾ پيار جي پياسي جوڙي جو وڇوڙو لکيل هو. آخر ميلاپ ٿئي ٿو ۽ شادي ڪن ٿا. سڀئي شاگرد اهو سبق تمام غور سان پڙهي رهيا هئا. منهنجي دل زور سان ڌڙڪي رهي هئي جو تون مون کي ڏسي رهي هيئنءَ.
    ٽن پيرڊن گذرڻ بعد رسيس جو بيل وڳو هرڪو شاگرد ڪلاس کان ٻاهر هليو ويو ۽ تون به پنهنجي هم ڪلاس سرتين سان گڏجي مشڪندي ٻاهر هلي وئينءَ پر مان ڪلاس ۾ ويٺو رهيس ۽ محبت جي مهراڻ ۾ غوطه زن هيس ۽ خيالي گهوڙي تي چڙهي، محبت جي ميدان ۾ ڊوڙي رهيو هوس. منهنجي خيالي گهوڙي جي واڳ تڏهن منهنجي هٿن مان ڇٽي جڏهن رسيس جي گذرڻ جو بيل وڳو ۽ سڀ ڇوڪرا اچي ڪلاس اندر ويٺا، ٿوري دير کان پوءِ برسات جون ننڍيون ننڍيون بوندون وسڻ لڳيون جي آهستي آهستي وڏ ڦڙي ۾ تبديل ٿي ويون. منهنجون اکيون شاگردن کان پاڻ بچائي تنهنجي نماڻن نيڻن سان ٿي مليون تنهنجي به ساڳي حالت هئي ، تنهنجيون پيارون نظرون شايد اهو پيغام پهچائي رهيون هيون ته ڪهڙو نه سهانو سمو آهي. ان ملهار ۾ تون ۽ مان ملي ڪري برسات جي ترنم سان گڏ محبت جا گيت ڳايون ها.
    جاگرافيءَ جو ٽيچر ڪلاس ۾ آيو ۽ جاگرافي پڙهائڻ شروع ڪيائين، پر مان پنهنجي ڌن ۾ مگن مست ڪنڌ هيٺ ڪري. ماضيءَ جو اهو واقعو دهرائي رهيو هيس جڏهن تون هڪ ڏينهن برسات ۾ پنهنجي گهر کان ڊوڙي منهنجي گهر آئينءَ ۽ مونکي اچي ٻڌايو ته گڊوءَ جي پيءُ ڪالهه بدڪون آنديون آهن ۽ هلي ڏسون ته ڪيئن نه برسات ۾ خوش ٿيون ٿين ۽ مينهن جي گڏ ٿيل پاڻيءَ ۾ پيون ترن. مان جلدي جلدي اٿيس ۽ ڊڪ پاتم، اڃان در وٽ پهتس ته منهنجو پير ترڪي ويو ۽ ڪري پيس. منهنجو مٿو در جي چانئٺ سان لڳو ۽ مٿي مان رت نڪرڻ لڳو. تون روئندي روئندي منهنجي ماءُ کي وڃي ٻڌايو جنهن مونکي اُمالڪ اچي کڻي کٽ تي سمهاريو. هن منهنجو ڦٽ صفا ڪري ريشمي ڪپڙو منهنجي ڦٽ تي رکي پٽي ٻڌي ڇڏي پر اڃان به تنهنجن غزالي نيڻن مان نير نيسار ڪري ٿي وهيو، جنهن تي منهنجي ماءُ توکان پڇيو ته تون ڇو روئي رهي آهين؟ تو منهنجي ماءُ کي وراڻي ڏني ته هن کي ڇو ڌڪ لڳو آهي. منهنجي ماءُ توکي پرچائڻ لڳي ۽ جهٽ ۾ برفيءَ جو ٽڪر کڻي اڌ توکي ڏنائين ۽ اڌ کائڻ لاءِ مونکي ڏنائين. مان اهو اڃان سوچي رهيو هوس ته جيڪر اسان ٻئي اڃا ننڍا هجون ها ته ايتري ۾ اوچتو جاگرافي ٽيچر مونکان سوال پڇيو. ليڪن مون تي اوچتي سوال پڇڻ تي بدحواسي ڇانئجي ويئي هئي. سوال جو جواب به ڪونه ڏيئي سگهيس ۽ سارو ڪلاس منهنجو منهن تڪي رهيو هو. ٽيچر مولابخش هٿ ۾ کڻي مون ڏانهن وڌيو ۽ ٻه چار رول منهنجي هٿ تي وهائي ڪڍيائين ۽ پنهنجي ڪرسي ڏانهن موٽي ويو. منهنجيون اکيون جو تنهنجي نظرن سان ٽڪريون ته تنهنجو من موهيندڙ چهرو مرجهايل نظر آيو، شايد توکي مون تي ترس آيو ۽ بيگناهيءَ تي ڏک جو اظهار ٿي ڪيو.
    موڪل جو گهنڊ وڳو هرڪو شاگرد ڪلاس مان هليو ويو ۽ تون به پنهنجي ساهيڙين سان گڏجي نڪتينءَ پر هڪ دفعو تو پنهنجي صراحي دار گردن ڦيرائي ڏٺو، شايد همدرديءَ جو اظهار ٿي ڪيو، مون پنهنجي هٿن کي ڏٺو جنهن تي نير پئجي چڪا هئا ۽ ڪتاب کڻي ڪلاس کان ٻاهر نڪتس.
    تون پنهنجي ساهيڙين سان گڏجي گهر جي دروازي وٽ پهتينءَ ۽ ايتري تائين پنهنجي ساهيڙين سان ڳالهائڻ ۾ مشغول هئينءَ جيستائين مان اچي لانگهائو ٿيس ۽ پنهنجي ساهيڙين کي ائين چئي هلي وئين ”چڱو خدا حافظ“ شايد توکي منهنجو انتظار هو.
    اسڪول مان ٻه مهينا ڇٽي ملي چڪي هئي ۽ ٽئين مهيني ۾ مئٽرڪ جو امتحان هو. خاص مئٽرڪ ڪلاس جي شاگردن جي ٽرپ موڪل ملهائڻ لاءِ هڪ هفتو ڪوهه مري وڃڻي هئي. جنهن لاءِ ريلوي وارن اسان شاگردن لاءِ هڪ گاڏو، جنهن ۾ ٻه ڪمپارٽمينٽ هئا هڪ ڇوڪرين لاءِ ۽ ٻيو ڇوڪرن لاءِ رزرو ڪيا هئا. مقرر ڏينهن ۽ ٽائيم تي سڀ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون جاگرافي ٽيچر جي قيادت ۾ اچي اسٽيشن تي سهڙياسون ۽ پنهنجا سامان گاڏي ۾ رکي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ويٺاسون. پوري وقت تي گاڏي هلي ڇهه ڇهه پئسا، ڇهه ڇهه پايون ڪندي اچي روهڙي ريلوي جنڪشن تي پهتي. جتي مسافرن جي لهڻ چڙهڻ، ڊڪ ڊوڙ جو خوب نظارو لڳو پيو هو. اسين به سڀ شاگرد پنهنجي گاڏي مان لهي هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ لڳاسون. اڃان گاڏي ڇٽڻ ۾ ڪافي وقت هو. اڳيان ڇوڪريون جاگرافي ٽيچر سان گڏ ۽ پٺيان سڀ ڇوڪرا هئاسون. تو بار بار پنهنجي ڪُونج جهڙي ڳچي ڦيرائي مونکي ٿي ڏٺو ۽ مان خاموش نگاهن سان ڇوڪرن سان گڏ هلندو رهيس. ٿوري تفريح بعد هر ڪنهن شاگرد گاڏيءَ ۾ پنهنجي پنهنجي جاءِ ورتي.
    رات به پنهنجي ڪاري چادر وڇائي ڇڏي هئي، هر طرف اوندهه ۽ سناٽو ڇانيل هو. فقط ريل گاڏيءَ جي هلڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيو. هيڏانهن ڇوڪرا پنهنجي پنهنجي ڌن ۾ مست. ڪو ڪنهن سان ڳالهائي رهيو هو ته ڪو ڪجهه جهونگاري رهيو هو. ننڊ به ڪنهن ڇوڪري کي ڪونه ٿي آئي ۽ ڪي ته مسخرين ۽ چرچن جي چهراڻ لڳائي ويٺا هئا. ڪنهن شرارتيءَ کي اچي شرارت سجهي ۽ منهنجي لاءِ فرمائش ڪئي ته راڳ ٻڌائي، جنهن تي جاگرافي ٽيچر تائيد ڪئي. هونءَ به مان جڏهن اسڪول ۾ ڪو فنڪشن يا ڊرامو ٿيندو هو ته بهرو وٺندو هيس. مان جاگرافي ٽيچر جي زور ڀرڻ تي ڳائڻ لڳس. گاڏي ۾ بلڪل خاموشي ڇانيل هئي . منهنجي ڳائڻ تي ڇوڪريون به پنهنجي ڪمپارٽمينٽ مان نڪري اسان ڇوڪرن جي ڪمپارٽمينٽ جي لنگهه ۾ اچي بيٺيون، تون به انهن سان گڏ هئينءَ. جاگرافي ٽيچر ٻن چئن ڇوڪرن کي هڪ ڀرت تان اٿاري اوهانجي ويهڻ لاءِ جاءِ خالي ڪرائي ۽ اوهان اچي ان ڀرت تي ويٺيون. توکي ڏسي منهنجي دل جون تارون ڇڙي پيون ۽ سوز جو سُر ڪڍڻ لڳيون. مان ڳائيندو رهيس منهنجي ڳائڻ ۾ شڪوه ۽ شڪايت هئي. التجا هئي. پنهنجيون اکيون تنهنجي اَهو چشم ۾ کتل ڏٺم ٿي ته تنهنجو صراحي دار گردن فخر کان اُچو هو ۽ تنهنجن پياري شرير نگاهن مان ائين پئي معلوم ٿيو ته هيءُ سورن جو سٽيل ڳائيندڙ منهنجو ئي پرستار آهي. ان وقت منهنجي حالت عجيب هئي مون ائين ٿي ڀانيو ته اسان ٻنهي کانسواءِ گاڏيءَ ۾ ٻيو ڪو به موجود نه آهي. منهنجو ڳائڻ بس ٿيو ته سڀني جي وات مان واه واه نڪتي ۽ اوهان سڀئي پنهنجي ڪمپارٽمينٽ ۾ هليون ويون. بس منهنجي دل جي اها تمنا هئي ته تون ساري زندگي منهنجي اڳيان ائين ويٺي هجين ۽ مان تنهنجي اڳيان سوز جي ستار جي تارن تي پنهنجي سورن جي ڪهاڻي راڳ جي صورت ۾ ڳائيندو رهان.
    ريل گاڏي به راولپنڊي جي اسٽيشن تي پهتي. اسان سڀ گاڏيءَ مان هيٺ لهي پليٽ فارم تي بيٺاسون. مون توکي ڏٺو ته تون مونکي ڏسي مرڪي رهي هئينءَ. تو مون کي چيو ته، ”مسٽر اشرف مهرباني ڪري منهنجي بيگ به ته کڻجو.“ ۽ مون تنهنجي فرمائش خوشيءَ سان قبول ڪئي. آخر بس اسٽينڊ تي پهتاسون. بس ۾ سامان رکي پُر رونق راولپنڊيءَ جو شهر لتاڙي ور وڪڙ رستا پار ڪندي اچي ڪوه مريءَ جي رستي تي پهتاسون . بس پنهنجي رفتار سان هلي رهي هئي. بس جي درين مان ٿڌڙي هوا سرڙاٽ ڪندي بدن کي ٿي ٺاريو. هر هڪ شاگرد پنهنجي مستيءَ ۾ مگن هو ۽ قدرتي نظارن جي لطف وٺڻ لاءِ هو ٻاهر درين کان ڏسڻ ۾ مشغول هو، پر منهنجي دل اڃان به اونهي سوچ ۾ هئي، شايد انهيءَ وقت جو انتظار هو ته آءٌ توسان ٻه چار محبت جون مٺيون ڳالهڙيون ڪريان ۽ دل جي درد جو داستان ٻڌايان.
    اڃان مان سوچ جي بحر ۾ غوطه زن هوس ته هڪ جهٽڪو آيو ۽ بس بيهي رهي. ٻاهر بس مان نڪري سڀ المنزل هوٽل ۾ گهڙياسون. قدرتن هوٽل ۾ لاڳيتا ٻه ڪمرا ملي ويا هڪ ۾ ڇوڪريون ۽ ٻئي ۾ ڇوڪرا رهڻ لڳا. صبح نمودار ٿيو ۽ ماڻهن جي اچ وڃ لڳي ويئي.
    آسمان اڄ به ڪارن ڪڪرن سان ڇانيل هو ۽ رکي رکي وڄ به وراڪا ڪري چمڪاٽ ٿي ڪيو. اسين سڀ نيرن ڪري سير جو سواد وٺڻ لاءِ نڪتاسون. هڪڙي هنڌ ويهي توسان ڳالهائڻ جو موقعو ملي ويو ۽ محبت جون ڳالهيون ڪيوسين. تو چيو:” ڏس جيئن بجلي بادلن کان جدا نه آهي تيئن پاڻ به ڪڏهن جدا نه ٿينداسين.“ پوءِ زندگيءَ لاءِ هڪ ٻئي جا ساٿي ٿي رهڻ جا واعدا به ڪياسين.
    وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو ويو ۽ اسانجا امتحان به ختم ٿيا. اوچتو توکي لاهور وڃڻو پيو. مان ريلوي اسٽيشن تي توکي ڏسڻ آيس. تو وڃڻ وقت مونسان جلدي واپس اچڻ جو واعدو ڪيو ۽ يقين ڏياريو.
    نوري! مان ان تنهنجي واعدي تي اعتبار ڪيو. گاڏي وسل هنئي ۽ آهستي آهستي رواني ٿي . مون هٿ لوڏي توکي ”خداحافظ“ چيو . گاڏي تيز ٿيندي رهي ۽ غائب ٿي ويئي. مان ڏک وچان آهستي قدم کڻندو اچي گهر سهڙيس ۽ تنهنجي جدائي جي غم ۾ گم ٿي ويس. ڏينهن پٺيان ڏينهن گذرندا رهيا اچي سال پورو ٿيو، پر منهنجو جيئڻ تنهنجي جدائي ۾ جنجال ٿي پيو ۽ تنهنجي جدائي ۽ انتظار جي گهڙي مثل ورهيه ٿي گذري. پنهنجي دل کي تنهنجي جلد ورڻ ۽ هڪ ٻئي کان نه جدا ٿيڻ جي دلاسي تي زنده رکندو رهيس. اُف منهنجي دل ۾ جو تو پيار جو گهر بنايو هو سو توکانسواءِ ويران هو.
    مون مئٽرڪ کان پوءِ پڙهڻ ترڪ ڪري ڇڏيو هو . ڇاڪاڻ ته منهنجي مالي حالت به ڪمزور ٿي ويئي.
    منهنجي مٺڙي ماءُ جنهن مونکي پالي، نپائي وڏو ڪيو ۽ مونکي خوش رکڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ٿي ڪئي، اها ماءُ مونکان هميشه لاءِ جدا ٿي ويئي ۽ راه رباني وٺي ويئي. منهنجي جيجل امڙ کي فوت ٿئي اڃا اڍائي سال مس ٿي چڪاهئا ته منهنجي ننڍي ڀيڻ رضيه جي حالت بگڙندي رهي، جا اڳ دم جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي چڪي هئي. مون ڪنهن فرم ۾ 90 رپيه ماهوار تي نوڪري ڪئي. چوندا آهن ته ڪمبختي اڪيلي ڪانه ايندي آهي. منهنجي ڀيڻ ٻارهن سالن جي اچي ٿي هئي، مان سندس پرورش ڪندو رهيس ۽ علاج ڪرائڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي هيم پر آخر هن کي به ظالم موت ڪين ڇڏيو ۽ مونکي هن زماني ۾ سورن جي دنيا ۾ اڪيلو ڇڏي ويئي هلي. هاڻي ڇو نه روئان، ماڻهن کي ڳوڙها ڳاڙي ڏيکاريان، منهنجو ته غم هڪ بهترين ساٿي آهي. ڏس مونکي سڀ ڇڏي ويا پر منهنجي ساٿي غم مونکي ڪونه ڇڏيو آهي ۽ ساٿ ڏيندو رهي ٿو پر خوشي ۽ غم ته انسان جي زندگيءَ جا ورق آهن. تنهنجي ياد منهنجي ذهن تي نقش ٿيل آهي ۽ جنهن به ساعت تنهنجي ياد جو نقش منهنجي اکين آڏو اچي ٿو ته اکين مان نير نيسارا ڪري وهن ٿا ۽ اندر مان سرد آه نڪري ٿي. مان ايتري عرصي ۾ تنهنجي جدائي ۾ لڇندو رهيس. تنهنجي تصور جي دنيا ۾ غرق هيس، ۽ تنهنجي واعدي جي سهاري جيئندو رهيس، پر اهڙو وقت آيو، اوچتو خبر پيم ته تون هڪ ڊاڪٽر سان شادي ڪئي آهي. منهنجي اکين اڳيان اوندهه اچي ويئي ۽ سڪل بنڊ وانگر ڌڙام ٿي ڪري پيس. جڏهن هوش آيو ته ڏٺم ته منهنجو سارو بدن لرزي رهيو هو ۽ پگهر ۾ شل هيس، توهڪ ڊاڪٽر سان شادي ڪري پنهنجا ڪيل واعدا وساري ڇڏيا. تو جيڪو سِڪ جو صلو منهنجي دل جي چمن ۾ پوکيو هو، جنهنکي پيار جو پاڻي ڏيئي وڌائي وڻ ڪري ڇڏيو هو تنهنکي تو بيوفائيءَ جي هڪ ئي جهٽڪي سان پٽي ڇڏيو. بس تنهنجا واعدا سئنيما جي مورتن وانگر منهنجي اکين اڳيان ڦرڻ لڳا ۽ ڳوڙها ڳاڙيندو رهيس.
    ياد ڪر اهو واعدو ڪوه مريءَ جي ٿڌين هوائن ۾ بادلن جي سايي ۽ بجليءَ جي ڪڙڪاٽ ۾ ته ”موت پسند ڪنداسون پر جدا ڪونه ٿينداسون.“
    تنهنجي واعدي شڪني، تنهنجي بيوفائي جو غم مونکان سٺو نه ٿيو مان اڳئي بيحال هوس، پر....پر مونکي اڃان به يقين ڪونه آيو. ۽ تنهنجي شادي جي ڳالهه کي ڪوڙ سمجهيم ته تو هڪ ڊاڪٽر سان شادي ڪئي آهي، پر اڄ اخبار ۾ ڏنل سرخيءَ ۾ تنهنجي رهيل يادگيرين جو خاتمو آندو ته ”ڊاڪٽر سليم رضا لاهوري ۽ سندس اهليه نور بيگم ڪار ذريعي ڪراچيءَ کان ايندي ريلوي ڪراسنگ وٽ حادثي ۾ مري ويا.“
    ***


    پريت پِرايا سُور

    ڪمري جي درين جا پردا لڏي رهيا هئا. هوءَ هڪ آرام ڪرسيءَ تان اُٿي ۽ دريءَ وٽان شهر جو نظارو ڪرڻ لڳي، هرطرف چهچٽو لڳو پيو هو. دريءَ مان ٿڌڙا هوا جا جهوٽا اچي رهيا هئا. پيشاني تي ڪريل وارن جي چڳ هوا جي گهلڻ ڪري هيڏانهن هوڏانهن ٿي رهي هئي. آخر هڪ نازڪ هٿ ان کي هٽائڻ لڳو مگر نازڪ هٿ جي ڪوشش رائگان ويئي، هٽايل چڳ هن جي چهري تي ڪري سندس حسن ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ لڳي. آخر هوءَ پنهنجي جڳهه تي موٽي اچي ويٺي. ميز تي رکيل ڪتاب کڻي مطالعو ڪرڻ لڳي. سندس ڪتاب تي هن جو نالو ”راڻي“ لکيل هو.
    ”راڻي“ هڪ خوبصورت ڇوڪري هئي. هوءَ مئٽرڪ ڪلاس جي شاگردياڻي هئي. هن جو سڀاءُ تمام سنجيده هو. نرگس جي گل جهڙي موهڻي، صورت، وات ننڍڙو، چپ سنها ۽ ڳاڙهيرڙا، نڪ ڊگهو، اکيون شرارتي ۽ ڀرون وريل، پاسي تي سينڌ، ٻه چوٽيون ڊگهيون ، جيڪي سندس چيلهه کان به هيٺ لڙڪي رهيون هيون. ڇاتي نڪتل.، قد پورو پنو، پاڻ هميشه حيا ۾ ٻڏل، ڪنهن کي نظر کڻي ڪونه ڏٺو هئائين. ڪلاس ۾ هميشه پهريون نمبر ايندي هئي، ڪنهن به شاگرد کي سندس سهيلي بنجڻ جو فخر حاصل ڪونه هو.
    ”راڻي“ جو پيءُ هڪ ڪوٺيءَ وارو هو ۽ وڏو مُکي هو. سندس والد جي تمنا هئي ته هو، هن کي ڊاڪٽرياڻي بڻائي، راڻي کيس تمام عزيز هئي ۽ کيس بيحد چاهيندو هو.”راڻي“ جي چوڻ تي ٽيوشن لاءِ هڪ ٽيچر والد مقرر ڪيو، جيڪو روزانو کيس پاڙهڻ ايندو هو.
    ”سليم“ هڪ هاءِ اسڪول ۾ سائنس ٽيچر هو، جيڪو شهر ۾ تمام مقبول هو، 25 سالن جي ان نوجوان ۾ اهي سڀئي خوبيون موجود هيون، جيڪي هڪ خوبصورت نوجوان مرد ۾ هونديون آهن. طبيعت جو سادو محبت جي نالي کان بيخبر هو.
    اڄ پهريون ڏينهن هو جو ”راڻي“ پنهنجي اوطاق ۾ ڪتاب رکي ويٺي هئي ۽ کيس ٽيچر جو انتظار هو.....دروازو کڙڪيو.
    راڻي دروازي جي اوريان بيهي پڇيو،
    ”ڪير آهيو؟“
    ٻاهران ڪنهن چيو ”آءٌ سليم آهيان.“
    ”Oh Sir هليا اچو.“ راڻي آهستي چيو.
    سليم ميز جي ڀرسان هڪ ڪرسيءَ تي اچي ويٺو. راڻي به ڪتاب کڻي اچي سندس ڀرسان ويٺي.
    راڻي جي چهري کي به اکيون گُهورڻ لڳيون، اهڙي زنده مورت ۽ من موهيندڙ موهڻي صورت، هن پوري جيون ۾ نه ڏٺي هئي. راڻي پنهنجي چهري کي ميز تان کڻي، انهن گُهوريندڙ اکين کي ڏسڻ لڳي.
    پهريون ڏينهن تعارف ۽ رسمي ڳالهين ۾ گذري ويو. وقت گذرندو ويو....ٻنهي جي دلين۾ جيڪو محبت جو سلو پيدا ٿيو هو سو وڌي وڻ بڻجي ويو. هنن اهو محسوس ڪيو ته سندن وجود هڪ ٻئي کان سواءِ بيڪار آهي. هنن ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪئي ته هڪ ٻئي کي پنهنجي دل جو راز ٻڌائين پر راڻي فطري شرم حيا ۽ سليم پنهنجي شرافت ۽ سادگي سببان ، هڪ ٻئي کي اندر جو حال اوري نه سگهيا. آخر هڪ ڏينهن سليم دل جهلي هڪ خط لکيو ۽ انهي کي راڻي جي ڪتاب ۾ وجهي ڇڏيو.
    ٻئي ڏينهن راڻي سليم جي انتظار ۾ ڪتاب جا پنا اٿلائڻ پٿلائڻ لڳي، پنا اٿلائيندي هڪ خط ڪري پيو راڻي هڪدم خط کڻي پڙهڻ لڳي.
    ”راڻي.......!“
    ”ائين ٿو محسوس ٿئي ته اسان جنم جنم جا ساٿي آهيون....اسان جي ڄاڻ سڃاڻ ازل کان....مان توسان محبت ڪريان ٿو.....محبت جيڪا اسانجي دلين جي سرهاڻ آهي....راڻي....چئه زندگي جي ڪٺن، مشڪل ۽ پرپيچ راهن ۾ منهنجو ساٿ ڏيندينءَ.
    سدائين تنهنجو....!!
    سليم.“
    سليم، راڻي جي دانهن نڪري ويئي، ”ها سليم.....مان تنهنجو ساٿ ڏينديس زندگي جي آخري ڪنارن تائين تنهنجو ساٿ ڏينديس پر....پر....“
    سندس اکين اڳيان اوندهه ڇانئجڻ لڳي. سندس مٿو چڪرائڻ لڳو....
    ٿوري وقت کان پوءِ سندس منهن مٿي ٿيو ۽ اکين مان ٻه لڙڪ وهي نروار ٿيا....مهراڻ جون زوردار لهرون ....لهرن جا لوڏا هڪ زوردار آواز ....اهو ڇا آهي؟ هڪ پيتي.....هرطرف شر...شر جو آواز....!
    يڪدم خاموشي....! هڪڙي کٽيءَ جو ڌيان! درياه ۾ پري کان هڪ پيتي ترندي پئي آئي....!
    اڳتي وڌي ان کي ٻاهر ڪڍيو هڪ نئون ڄاول ٻار.....
    ڌوٻي اهو ٻار کڻي جهوپڙيءَ ڏانهن آيو! هڪ زوردار جهوٽو؟....جهوپڙي غائب، هوا جو بند ٿيڻ! جهوپڙيءَ جي جاءِ تي هڪ عاليشان محلات!
    اوه...!منهنجا خدا...محلات جي اڳيان خوبصورت باغ! پکي عجيب و غريب ٻولي ٻولي رهيا آهن. خاموشي ڇانئجي وئي.
    محلات جو دروازو...کليو....اوه سونهن جي ديوي....چنڊ جي روشني....اوه! ڪيتري نه خوبصورت ديوي آه! ساهيڙي سان گڏ محلات کان پئي اچي.....هو باغ ۾ ٽهلڻ لڳيون.
    اتان قافلي ڏانهن وڃڻ....تصويرن جي نمائش....!هڪ خوبصورت ديوي جي تصوير جو پسند ڪرڻ....اُن جو گهرڻ، ليڪن انڪار! آخر گهرائڻ جي تمنا، وعدو ڪيو!
    آخر اها خوبصورت زنده مورت، انهي شهزادي جي تصوير ۾ سمائجي ويئي.
    هڪ شعلو ظاهر ٿيو....تصوير ٽڪرا ٽڪرا ٿي پئي، روشني ختم ٿي....هڪ ستارو نمودار ٿيو. ستاري مان هڪ خوبصورت جوڙو نڪتو، جنهن جي ڳچيءَ ۾ هارَ!
    انهي خوبصورت باغ ڏانهن وڃڻ ، سج جو لهڻ....!
    هڪ قافلو...محل ۾ محفل....!راڳ رنگ ....شراب نوشي.....قافلي ڏانهن کڻي ويا.....قافلو روانو....!
    صبح جي روشني.... نظر نه اچڻ.... دانهون ڪرڻ. قافلي ڏانهن روانو ٿيڻ....ڦاٽل ڪپڙا! کليل وار.....ديواني....مستاني، ڪڏهن ڪڏهن پيرن مان ڪنڊا ڪڍڻ. ويران بيابان....جهنگل.....ٽڪر.....جبل لتاڙڻ، اُڃ لڳڻ...ٻڪرار جو کير... بري مُري نيت ڪرڻ.....لعل ڪنوار....لعل ڪنوار چوڻ.....آسمان ڏانهن منهن ڪري ٻئي هٿ مٿي کڻڻ.
    دعا جو منظور ٿيڻ....!زوردار طوفان....! خاموشي....! قبر ۽ ڀرسان ويٺل ماڻهو جو روئڻ....!
    هڪ شهزادي جو لانگهائو ٿيڻ....پڇڻ...!دعا گهرڻ......دعا جو قبول ٿيڻ.....طوفان برپا....زمين ڦاٽي پوڻ.
    هر طرف خاموشي ڪنهن جو موجود نه هجڻ.
    پري کان خوبصورت عورت جو ڊوڙي اچڻ ۽ انهيءَ قبر جي مٿان ڪري پوڻ، سوال ڪرڻ....قدرتي ڪرشمو! ڊڄي وڃڻ.....انڪار ڪرڻ ...نه...نه....نه، ائين نه ٿيندو...ائين مونکان نه ٿيندو. اها ڪير هئي، ويجهو وڃڻ....اوه. راڻي، سونهن جي ديوي، جيڪا پنهنجو داستان ٻڌائي ڊڄي ويئي....آواز جو اچڻ....نه....نه، آءٌ پيار ڪونه ڪنديس....نه....سندس، ايترا ڪشالا ڪير ڪندو...!!
    دروازو کڙڪيو، راڻيءَ جي خيالن جو محل مسمار ٿي ويو، ٿاٻڙندي اُٿي.
    ”ڪير آهي....؟“ راڻي سوال ڪيو.
    ”مان سليم آهيان،....راڻي.“
    راڻي ڪجهه دير خاموش رهي. هن جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا....هن جهيڻي آواز ۾ چيو:
    ”سليم مان تنهنجو ساٿ ڏيئي نه ٿي سگهان...، مان....،مان سسئي بنجي روهه ۾ رلي نه ٿي سگهان....،اسانجون راهون جدا آهن، تنهنجو مذهب ٻيو...، منهنجو ٻيو. اسان ڪڏهن به گڏ رهي نٿا سگهون....، منهنجا...سليم....“
    ”راڻي...!“ سليم دانهن ڪئي پر سندس آواز گهر جي دروازي سان ٽڪرائجي واپس ٿيو.
    ***


    اڻپورو سپنو

    تارا آڪاش ۾ کڙي چڪا هئا ۽ ٽم ٽم ڪندي رات جي گناه دار پاڇن تي ڄڻ ٺٺوليون ٿي ڪيائون، سارو وايومنڊل هڪ خاموش ساز جيئن سرد هو، ڪٿي ڪٿي ڪتن جي ڪوڪاٽ ، ڪنهن ڪنهن مهل رات جي ٻاٽ ڪاري چادر کي ٿي چيريو. آءٌ اڱڻ ۾ کٽ تي ستل هئس. ڪڏهن تارن ڏي نهاريم ته ڪڏهن آس پاس، هر ڪو ستل آهي، ڏينهن جي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ کٽن تي پاسا ورائي توڙي سڌا ستل هوندا، ڪٿي ڪا ڦوه جواني پنهنجي ور سان ڀاڪر پاتيون پئي هوندي. يا ڪٿي ٻه پوڙها ٿڌن جذباتن سان هڪ ٻئي جي خلاف منهن ڪيو خيالن ئي خيالن ۾ ريجهه ڪندا هوندا يا وري پنهنجي گذريل ڏينهن جي ڊائري جي نوٽ بڪ جا ورق ورائي رهيا هوندا. ڪٿي ڪٿي کنگهه جي کنگهار، هڪ ٽي_بي جي مريض جيئن اوڙي پاڙي جي ننڊ ڦٽائي رهي آهي. مان سوچڻ ٿو لڳان ته :”هر انسان دائم المريض آهي. ڪنهن نه ڪنهن مرض سان هن جو جسم توڙي روحاني وجود جڪڙيل آهي. ڪنهن کي ڳڻتين، ڪنهن کي غمن، ڪنهن کي دردن، ڪنهن کي بيمارين منجهائي ڇڏيو آهي! هتي جي سڀني مرضن پاڻ کي انسانن ۾ ورهائي ڇڏيو آ، آءٌ پاڻ به ساڳي روڳ ۾ رنگيل آهيان. مان پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي، پنهنجي ولهي ڇڏي، پنهنجو ويڙهو ويران ڪري، ڳوٺن جا وڻ ڇڏي هت ويٺو آهيان . هن شهر ۾ ۽ هن دنيا ۾ جتي ڪي قدر سڪون ماڻيو اٿم پر پراڻا ڦٽ ڪي ڇٽڻ جا آهن. پراڻا سور ڪي وسرڻ جا آهن، سي راڳ ائين بند ٿيڻ جا آهن، زندگي هڪ ڪتاب آهي ۽ اسانجا حالات، جي روزاني زندگي ۾ ٿي گذرن سي باب آهن. مان پنهنجي حياتيءَ جي ڪتاب کي اڃان سوڌو پيو قلمبند ڪيان، اڳ لکيل ورق ورايان ٿو، اهي ورق جن ۾ منهنجون خوشيون، ٽهڪڙا، غم، مرڪون، پيار ۽ مفاصلا پڻ هڪ ڪهاڻي جيئن پني تي اڪريل آهن ۽ ماضيءَ جي کوه ۾ ان جي ويڪرائي ۾ جهاتي پايان ٿو، ان جي اونهائي ۾ هڪ دفعو وري پاڻ کي اڇلائڻ چاهيان ٿو ۽ پنهنجي وياڪل من کي هڪ ڀيرو وري آٿت ۽ دلداري ڏيڻ چاهيان ٿو. منهنجو من هڪ ساگر آهي جنهن جون ڇوليون منهنجي پيڙا آهن هڪ ڀيرو ٻيهر، آءٌ انهن ڇولين ۾ ساڳيوئي طوفان پسڻ چاهيان ٿو، ساڳيون ڇوليون ساڳيا ئي روپ ڪري هن حالت ۾ وري به ماندي من کي پراڻن سورن ۾ ڪيهون ڪندي اهي ساڳين ڪنن سان ٻڌڻ چاهيان ٿو. پنهنجي روح کي ريجهائڻ چاهيان ٿو. مان پنهنجي ”خانل“ کي پنهنجي ويجهي ٿو آڻڻ چاهيان . اهائي ”خانل“ جنهن سان مون ڪجهه ڏينهڙا گذاريان ڳالهيون ڪيون هيون، جنهن کي مون پنهنجو سمجهيو هو، جنهن کي مون جيءَ ۾ جاءِ ڏئي هنن اونهين اکين ۾ وسايو. ها! اهائي ”خانل“ جا منهنجي هئي، ڇڙي منهنجي، منهنجي سئوٽ مون سان گڏ کڙي جوڀن ۾ آئي اهائي ”خانل“ جنهن سان مون چوڏهين جي رات گهرن جي پويان ٻنيءَ ۾ سرنهن جي هيٺان عمر ڀر هنجو رهڻ جو اقرار ڪيو هو ۽ هن به اقرار ڪندي منهنجي ٿي رهڻ جي ساک ڏني هئي. اهائي چوڏهين جي ڊگهي رات مونکان وسرڻ جي نه آهي.
    چوڏهين جي چنڊ جي چانڊاڻ سڄي ڳوٺ مٿان هڪ کير جهڙو ٿڌو ڍڪ ڏيئي ڇڏيو هو، هرڪو ستل، ڏيڏرن جي ٽان ٽان هڪ سريلي آواز ۾ پئي محسوس ٿي. هر ڪو ڪم ڪار کان واندو ٿي کٽن تي ائين ستل هو ڄڻ مئل آه. ڀلا هيڏي ڪم ڪار جي ٿڪ ڪا لهڻ جي آهي. اسان جي محنت ٿوڙي هڪ ڪارخانيدار مزدور جي محنت جي پگهر جو هڪ هڪ ڦڙو سون رتو آهي. دنيا جو سارو وهنوار اسان هارين جي بدولت آهي. ان هوندي به اسان جي زندگي هڪ وه جو پيالو آهي. اسانجي حياتي ڪنڊن جي سيج آهي، جهولن، ٿڌن ڪوسن ڏينهن، طوفاني ۽ مينهوڳي موسم جي به ڪا پرواهه ڪيون ڪانه. اسانجي زندگي جهڙي آهي تهڙي ئي صدين کان رهي آهي. مطلب ته سڄي ڪائنات جو درد اسانجي دلين ۾ آهي. آءٌ هنڌ مان اٿي وهاڻي هيٺان بانسري ڪڍي ڪوٽ ٽپي ٻاهر آيس. ڪرڙن جي قطار کان ڦريو، ٻنيءَ تي پهتس.
    سرنهن جي گلن جي سرهاڻ، هوا جي رخ تي وکرجي چڪي هئي، منهنجو سرير خوشيءَ ۾ ٻهڪڻ لڳو ۽ انهي سرهاڻ، کي نڪ ذريعي زور زور سان ساهه کڻندي پنهنجي روح کي به سنگهائڻ لڳس، ڪيڏي نه سهڻي ۽ وڻندڙ خوشبوءِ آهي. چئو طرف سرنهن جي سرهاڻ جي هٻڪار متل هئي. آءٌ سرنهن جي سرهاڻ جي وچ ۾ سرنهن جي هيٺان ويهي رهيس. پري کان ڪانگن جي هڪ قطار وڳر ڪيو اچي رهي هئي. ”الا، ڪيڏو نه ايڪو، ڪيڏو نه قرب ۽ پيار آهي انهن پکيئڙن ۾ جي وڳر ڪيو پنهنجي منزل يا سير سپاٽي تي نڪتل آهن. سچ آهي ته جيڪو ايڪو انهن پکين ۾ آهي سو هوند ڳولهيو مشڪل ملي. هن ڌرتيءَ تي رمندڙ انسان هڪ ٻئي جي رت جا پياسا آهن، جن کي خدا اشرف المخلوقات جو لقب ڏيئي هن ڌرتيءَ تي آندو. اهي انسان پنهنجي رت جا پياسا ته ڇا ان ڌرتيءَ جا به ويري آهن، جتي سندن رهڻ لاءِ گهر آهن، ٻنيون آهن، باغ آهن، مطلب ته سندن هر گهرج انهي ڌرتي جي دعا سان ڌرتي جي سيني تي کين ٺهي ٺڪي ملي ٿي تڏهن به انسان انهي ڌرتي جو سودو ٿا ڪن. حيف هجي انسان توکي جو اڃان تون ماءُ جو سودو ...ويري سان ٿو ڪرين. ماءُ کي ڏکن کانسواءِ تو سک ڏنا به ته ڪهڙا ڏنئي.
    گدڙ جي اونائي تي منهنجي خيالن جون ڪڙيون ڌار ڌار ٿي ويون. آءٌ هڪ ڀيرو وري به سرنهن جي پويان پاڻ کي ويٺل ڀانيم. مون بنسري ڪڍي چين ئي آندي ۽ ڀٽائي جي ڪافي کي بنسري جي وياڪل سُرن وسيلي پري پري پکيڙڻ شروع ڪيم.
    گهوريو وڇوڙو ٿو ماري
    آءٌ ٻاروچل اچ
    سر پکڙڻ لڳو، سر سڏڪا ڏيئي سڏ ڪرڻ لڳو، وياڪا ڪرڻ لڳو. ڪنهن کي اچڻ جي نينڍ ٿي ڏنم، اهوئي جنهن لاءِ وياڪل من کي پرچائڻ لاءِ هت آيم. مان بنسري جي سوراخن تي آڱريون رکي سر کي هيٺ مٿي ڪندي ڦوڪ سان وڇوڙي جا ورلاپ آلاپي رهيو هوس . هڪ هٿ کي پنهنجي ڪلهن تي رکيل سمجهيم، مون بانسري چپن کان پري ڪئي ۽ هڪ هٿ ۾ جهليندي ٻئي هٿ کي پنهنجي ڪلهي تائين کڻي ويس. هڪ نرم هٿ جنهن ۾ ڪنگڻ پهريل هئي ان ۾ منهنجو هٿ لڳو. مون ان هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ سوگهو جهلي ڇڪي، ڦيرائي پنهنجي آڏو اندو.
    ”خانل! اچي وئينءَ“ مون کيس هٿ کان ڇڪي ويهاريندي چيو.
    ”ها راڻل! مان اچي ويم، سڻي تنهنجو سڏ ڪلهي پاتم ڪينرو“ پر تون ۽ ڇو چپ ٿي وئين. تنهنجي ويڻا ڇو خاموش ٿي ويئي. خانل ڀر ۾ ايندي چيو.
    ”هون، خانل هي ويڻا ڇڙو تولاءِ سر الاپيندي آهي، توکي سڏي پئي، تون آئينءَ ۽ ويڻا خاموش ٿي ويئي. خانل! چپ ڇو ٿي وئينءَ، ڪجهه ڳالهاءِ ڪجهه ٻول اسين چپ رهڻ لاءِ ته نه آيا آهيون.“ مون کيس ڀاڪر ۾ آڻيندي چيو.
    ”ڇا ٻوليان، ڇا چوان، تون نه هوندو آهين ته بس ائين پيئي چوندي آهيان لوچيان لوچيان شال ملان هوت سان...مان سڄو ڏينهن هڪ ڍڳي جيئن وهان پيئي. گهر جي ڪم ڪار ۾ سارو ڏينهن گذريو وڃي ته به پروڙ ڪانه پوي. ڏينهن سارو وقت تنهنجي شڪل مون آڏو ڦرندي رهي. بس ڇڙو اهائي دعا پئي مڱندي آهيان ته پاڇا لڙن، رات ٿئي ۽ ويڻا مان راڳ نڪري ۽...۽......مان بي اختيار تو وٽ ڇڪجي اچان. آخر توساڻ پيار جو اٿم.“ خانل پنهنجو ڪنڌ منهنجي سيني ۾ لڪائيندي چيو.
    ”پيار، ڀلا ٻڌاءِ خانل پيار ڇا آهي. توکي مون سان پيار آ نه.“ مون چيو.
    ”ها“ هن وراڻيو.
    ”ته پوءِ ٻڌاءِ پيار ڇا آهي؟“
    ”پيار....پيار....بس اهوئي آهي نه جو تون ۽ مان ملياسين، ڳالهيون ڪيون سين. اهوئي ته پيار آهي نه “ هن معصوم ٿيندي چيو.
    ” نه چري، پيار هڪ پاڪ پوتر جذبو آهي، پيار جو ٻيو نالو چاهنا آهي. ڏس مان توکي چاهيان ٿو، تون مونکي چاهين ٿي، اسانکي هڪ ٻئي لاءِ دل ۾ اڪير آهي، اسانجا جذبا پاڪ آهن، اسانجو ارادو به ته هڪ آهي، هڪ ٻئي کي چاهڻ ئي پيار آهي.“ مون چيو.
    ”ڀلا پيار ڪيئن ٿو ٿئي،“ هن ڪنڌ مٿي کڻي چئي ۽ وري ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو.
    ”پيار، بس ٿي ٿو وڃي، هر سهڻي شئي کي چاهڻ ئي پيار آهي، اسانجي بي قراري، انتظاري اهو سڀ ڪجهه پيار ئي ته آهي. اهو پيار ٻوٽو انسان جي دل ۾ ڄائي ڄم وقت ٿئي ٿو ۽ انسان جي واڌ سان گڏوگڏ اهو پيار به وڌي ٿو ۽ پيار جون پاڙون اسان جي دلين ۾ پڪي طرح سان مضبوط ٿينديون وڃن ٿيون. پيار محسوس ٿو ٿئي.“ مون هن کي زور سان سيني ۾ کپائيندي چيو.
    ”راڻا پوءِ. پوءِ ته پيار ڪرڻ سٺو آهي، پر پوءِ هي سنسار ٻن چاهيندڙن کي هڪ ٻئي کان ڇو ٿو ڌار ڪري، جڏهن اسانجي محبت پاڪ جذبي ۽ چاهنا سان ٽمٽار آهي.“ ”هن ڪنڌ منهنجي سيني کان ڪڍندي ٿورو سڌو ٿي وري منهن منهنجي سيني ۾ لڪائيندي چيو.
    ”ها! الاءِ جو ڇو؟ پر شايد ان ڪري جو هنن ڪڏهن پيار ڪين ڪيو آهي ۽ نه ڪي کين پيارجي پرک ٿئي ۽ نه ئي سندن دلين ۾ پيار جو جذبو ٿئي.“ مون هن جي ٻنهي ڳٽن کي پنهنجي هٿن تي ويڙهيندي چيو.
    ”پر تون خانل تون مونکي پيارکان جدا ڪين ڪندينءَ نه ۽ مونکي هن ويڪري دنيا جي ويڪري وجود جي حوالي ته نه ڪري ويندينءَ نه؟ ته آءٌ ساري ڄمار تو لاءِ تڙپندس، تو لاءِ هنجون هاريندس ۽ تنهنجي اڻ چٽي تصوير هميشه مون آڏو پئي ڦرندي. مونکي وري ساڳي طوفان جي لهر ۾ اڇلائي ڇڏيندي جتي هڪ تختي جيئن لڙهندو رهندس، لڙهندو ويندس. اوه ! تو ۾ مون ۾ مفاصلو تمام وڌي ويندو ايتري قدر جو اسانجي آه به اسان تائين ڪين پهچندي.“ مون خيالن ئي خيالن ۾ خانل کان پاڻ کي جدا محسوس ڪندي چيو.
    ”نه نه، راڻل اهي اوپرا خيال دل ۾ ڪين ڌارج، انهن ڌارين ڳالهين کي پنهنجي سانتيڪي من جي ڪنڊن ۾ ڪين لاهيندو وڃ. مان، مان تنهنجي آهيان ڇڙي تنهنجي، اسان کي ڪابه وير، ڪوبه طوفان هڪ ٻئي کان جدا ڪين ڪندو. اسين ته ڄايائي هڪ ٻئي لاءِ آهيون....“
    ....۽ ماضي جي ويڪري کوهه ۾ ڪنهن پٿر اڇلايو ۽ اهي لهرون ختم ٿيون ۽ نين لهرن وچ کوهه ۾ اڀرندي مونکي منهن ٻاهر ڪرڻ تي مجبورڪيو.
    ماضيءَ جون ويرون منهنجون يادون آهن، پيار جي سٽيل جيو انمول خزانو آهن، اباڻا ڪک ياد ايندا اٿم ته وڍ پوندا آهن، خانل ياد ايندي اٿم ته زندگي ڊانوان ڊول ٿيندي محسوس ٿيندي اٿم، وساري ويهڻ چاهيان ٿو ته به کيس وساري نه ٿو سگهان، زندگي به هڪ عجيب چڪر آهي، داستان سو به دردن جو داستان، منهنجي لاءِ هڪ وڏو خزانو آهي، خانل ، جيڪا، جيڪا منهنجي هئي صرف منهنجي، منهنجي جذبن جي سونهن، منهنجي سونهن، منهنجي زندگيءَ جي سونهن، سا هُئي ته مان ائين سمجهندو هئس ڄڻ منهنجي زندگي مون سان آهي، منهنجا خيال ۽ خمار مون سان آهن. مونکي چڱي طرح چٽي طرح خانل جي ...آخري ملاقات ياد آهي جنهن کان پوءِ اسان جي زندگي تقسيم ٿي، زندگي جو بوتو ٻه حصا ٿي ويو، پيار جا پيچ ۽ قرب جا ڪيچ نظرن کان دور دونهن ڪارنهن ۾ مٽجي ويا.
    مونکي ياد آهي ته اهڙي ئي هڪ ڪاري ڏائڻ رات، جنهن ۾ کنوڻ کلي رهي هئي، وڏ ڦڙو وسي رهيو هيو، هر ڪو پنهنجي گهرن۾ هٿيڪو هيو، ڄڻ زندگي آرامي هئي، خاموشيءَ جي ماحول کي بادلن جي گجگوڙ چيري رهي هئي، اونده ۾ بجلي جا تجلا آسمان کان زمين تي اچي رهيا هئا. اهو ڏينهن، اهو وقت اسان ٻنهي کي ميلاپ ۽ ملاقات تي هرکائي رهيو هيو ، مان کٽ تي ستل هوندي به سرنهن جي هيٺان وڃي ۽ بنسريءَ وڄائڻ تي بي چين ٿي ويس، مون بانسري کنئي ۽ مٽن مائٽن کي چوڻ بجاءِ سرنهن ڏانهن هلڻ لڳس، ٿڌي هوا بهار جي ۽ سياٽي جي هلڪي لهر، جسم کي ٿڌ بخشي رهي هئي، وڏ ڦڙي سبب منهنجا ڪپڙا آلا ٿيندا ويا، پر ان هوندي به مان هر ڳالهه کان بي نياز چڪ ۽ گپ، ڪنڊن ڪرڙن کان پاڻ بچائيندو سرنهن وٽ پهتس، جت سرنهن جي گلن جي خوشبوءِ وکري ساري ڳوٺ کي مست ڪري چڪي هئي، سچ پچ ايڏي هٻڪار مون ڪڏهن به ڪونه واسي هئي. خوشبوءِ جي خمارن ۾ ويڙهجي مست ٿي، بالم بڻجي آءٌ سرنهن سان ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيس. ڪجهه وقت ماحول ۽ آسمان کي ڏسندو رهيس، وري ٻه ٽي ڊگها ساهه کڻي خوشبوءِ کي پنهنجي اندر ۾ آندم ۽ پنهنجي وجود کي به ان خوشبو ۾ ويڙهي مون کيسي مان بنسري ڪڍي ۽ وڄائڻ شروع ڪيم. ساه جي لهه چڙهه سان سرنهن جي خوشبو، بنسري جي سوراخن مان نڪري وکرڻ لڳي، وڇوڙي جي اڻانگي راه ميلاپ ۾ تبديل ٿيڻ لڳي.
    راڻل، مان اچي ويئي آهيان.“
    ”خانل“ مون بنسري جي سوز ۽ نينڍ جو انت آڻيندي چيو.
    ”خانل هن ڀري برسات ۽ اونده جي وڳڙي ۾ تون ۽ هتي، ڪٿي برادريءَ کي خبر پيئي ته راڄ ۾ رولڙا پوندا ۽ پوءِ تون سمجهي سگهين ٿي ته تنهنجو منهنجو حشر ڪهڙو ٿيندو؟“ مون هن کي ٻانهن کان وٺي پنهنجي وجود سان ويڙهيندي چيو.
    ”برادري اسان کي ڏنو ڇاهي راڻل، تون ۽ مان هڪ جند ۽ جان آهيون، توکي مون کي هڪ ٻئي کان جدا ڪندا ته اسانجون پيار ڀريون ڳالهيون ڳوٺ وارن جي چپن کان چري داستان بڻبيون ۽ پوءِ اسان نه هونداسين ته هرڪو اسان کي ياد ڪندو.“ خانل منهنجي هٿن کي چمندي چيو.
    ”خانل جي تو ۾ ۽ مون ۾ وڇوڙي جا جبل ڪوئي اڏي ته پوءِ.“ مون چيو.
    ”اسين انهن جبلن کي هٽائي ڇڏينداسين، اسين ڪابه روڪ ٽوڪ برداشت ڪونه ڪنداسين، تون مرد آهين ۽ مان عورت، اسان ٻنهي جي دليري ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪندي.“ هن چيو.
    ”چري تولاءِ ته مان سڄي جڳ سان به دشمني ڪري سگهان ٿو، منهنجي حياتي به ته تون ئي آهين، توکانسواءِ مان به اڻ پورو آهيان، اسين ٻئي هڪ ٻئي لاءِ پيدا ٿيا آهيون ۽ هڪ ٻئي جا نيٺ ٿي رهنداسين.“
    ”مگر اهو به ڪڏهن ٿيندو، ڇا انهي چوري جي ملاقاتن جو سلسلو ائين پيو هلندو، نيٺ تون به ته ڪجهه ڪر، تنهنجون همتون ڏسي ته مان به جيئري آهيان.“
    ”اهو ته صحيح آهي پر تون سئوٽ جي مڱ آهين، مان ڳالهه چوريان به ته ڪنهن سان چوريان.“
    ”بهرحال ڪجهه نه ڪجهه توکي ڪرڻو پوندو، منهنجي وريل سان هونئن به نه پوي، نشئي ماڻهو آهي منهنجي سنڀال ته ڇڏ، هو ته پاڻ کي به پالي نٿو سگهي.“ خانل ٻک وجهندي چيو.
    ”ٺيڪ آ پاڻ ئي سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، مان سڀاڻي ئي امڙ سان ڳالهه چوريان ٿو“
    ”پڪ ڳالهه ڪندين.“ خانل چيو.
    ”ها منهنجي راڻي“ مون کيس چيو.
    ”چڱو هينئر مونکي هلڻ کپي، ڪوئي اٿي پيو ته ٻنهي جو خير ناهي، تون به هل، ڪجهه رستو گڏ هلون ٿا، پوءِ مان اڳ ۾ ويندم ۽ پٺيان کڻي تون اچجانءِ.“ خانل اٿندي چيو.
    ”چڱو هل ڀلا“ چئي مان به اٿيس.
    اسين ٻيئي گڏجي، پير پير ۾ پائي هلڻ لڳاسين. واه اڪري پرين ڀر پهتاسين.
    ”چڱو خانل اڳ تون هل، ته پوءِ مان اچان ٿو.“
    ”چڱو“ خانل چيو ۽ وري پوئتي بيهي مونکي ڏسڻ لڳي.
    ”اباڙي، راڻل مونکي ڪنهن جيت چڪ پاتوآهي، ڏس ته.“
    هن جي رڙ تي مون هيٺ ڏٺو ته هڪ ڪاريهر شوڪارو ڪري کبڙن ۾ هليو ويو.
    منهنجي پيرن هيٺان زمين ڇڏائجي ويئي. خانل سور کان رڙيون ڪري هيٺ ڪري پيئي ۽ پير کي وٺي ”راڻل ، راڻل“ ڪرڻ لڳي.
    منهنجا ڇيهه ڇڄي پيا، رڳن مان رت سڪي ويو، زندگي جون سموريون خوشيون فنا ٿيڻ لڳيون.
    ”راڻل مونکي کڻي هل، مان گهمڻ جهڙي ناهيان، مونکي الاءِ جي ڇا ٿيندو ٿو وڃي.“
    مون هن کي کنيو ۽ ڳورن قدمن سان، هن جي بوجهه سان پاڻ کي چوريو ۽ گهرن ڏانهن وڃڻ لڳس، مون بجليءَ جي چمڪ ۾ ڏٺو ته خانل جون اکيون بند ٿي رهيون هيون.
    راڻل آخري ڀيرو مونکي پنهنجي وجود ۾ ڍڪي ڇڏ، پوءِ الاءِ جي ستيون سلامت هجن يا نه، ساه هجي يا نه“ هن چيو.
    ”نه خانل همت ڪر، ائين ڪيئن ٿيندو، توکي مونکي پنهنجي دنيا وسائڻي آهي، خوابن کي سچو ڪرڻو آهي، ڪهاڻي کي ڪهاڻي ڪرڻو آهي.“ ڪجهه دير همت ڪر، ڏس سامهون پنهنجا گهر آهن، مون هن کي ٻانهن ۾ سوگهو ڪندي چيو.
    ”راڻل“ آخري سڏ ڪندي خانل هميشه لاءِ اکيون ٻوٽي ڇڏيون، مونکي منهنجي سوال جو جواب به ڪونه مليو.
    مون هن کي ويڙهي ۾ آندو، منهنجي اکين اڳيان اوندهه اچي ويئي، خانل هميشه لاءِ مونکي وڇوڙو ڏيئي ويئي، مون قوتون ميڙي سڀن کي اطلاع ڏنو ته خانل کي نانگ ڏنگي وڌو آهي ، هرڪو ڀڄ ڊڪ ۾ هئو پر مان گوڙ کان دور، گهمسان کان دور ڪجهه دير اڳ جي ملاقات ۽ پنهنجي جان، زندگي، روح ۽ پيار جو سوچي رهيو هئس، هوءَ هلي ويئي، منهنجو جيون اڌورو، مان وياڪل، منهنجا سپنا وياڪل، منهنجي دل وياڪل، ماحول وياڪل، زندگي جو سپنو اڻ پورو رهجي ويو، منهنجي دنيا اجڙي ويئي. منهنجي اکين مان ڳوڙها وهي هليا، جڏهن دنيا ئي ناهي ته پوءِ هت رهڻ ڇا معنيٰ ٿو رکي.
    مون بانسري کي چپن تي آندو ۽ هميشه هميشه جي لاءِ، وڇوڙي، دوري، درد ۽ پيڙا جي گيتن کي گونجاريندو اهو ديس، اها زمين، اهو ڳوٺ، اهو ويڙهو ڇڏي آيس. هوءَ اڄ به مون کي ياد ايندي آهي، مان اڄ به کيس ياد ڪيان ٿو، مان اڄ به هن لاءِ گيت ڳايان ٿو، ڪڏهن ته هوءَ ايندي، منهنجا خواب سچا ٿيندا، منهنجي زندگي مڪمل ٿيندي.
    مان آڪاش ۽ تارن کي ڏسان ٿو، خاموش ماحول کي ڏسان ٿو ۽ ان ۾ خيالي تصوير خانل جي ڏسان ٿو، هوءَ مون وٽ ايندي آهي، منهنجو درد دور ڪرڻ ۽ مونکي ڏسڻ، مان زنده آهيان ته هوءَ ايندي رهندي ڪنهن لاءِ صرف مون لاءِ مون لاءِ.


    مان ڪافر ناهيان!

    هن جي گفتگو مان مون کي پڪ ٿي ويئي ته هوءَ شوقيه ڌنڌوڙي آهي. هن جي ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو اندازو تور تڪ سڄي ڪاروباري هئي. بهرحال ٽيهن روپين ۾ معاملو حل ڪري اسين رڪشا ۾ اچي ويٺاسين. رڪشا گهر اڳيان اچي بيٺي. اسين ٻيئي اندر آياسين، مون دروازو بند ڪيو ۽ هن جي ڪڍ ڪمري ۾ گهڙي آيس.
    ”برقعو سامهون ڪليءَ ۾ ٽنگي ڇڏ“ مون ڪلي ڏانهن اشارو ڪندي هن کي چيو. هن منهنجي چوڻ تي عمل ڪيو ۽ برقعو ٽنگي ڀر واري کٽ تي ويهي رهي. مان هن جي سامهون پيل کٽ تي ويهي رهيم. بغير چون چراند جي يا پڇڻ ڳاڇڻ جي هن سٻاڻا لاٿا ۽ ڄنگهون پٿاري کٽ تي اچي ويهي رهي ڄڻ گهر جي اڪيلي سر مالڪڻ آهي. مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ آءٌ هن گهر ۾ هڪ ڌارئي جي حيثيت ۾ ويٺل آهيان.
    ”توهان هتي اڪيلا رهندا آهيو؟“ هن پڇيو.
    ”ڇو گهر وڏو آهي ڇا؟“ مون کيس جواب وهائيندي چيو.
    ”نه نه- مطلب هو ته گهر هڪ ڪوٺي ۽ ورانڊي تي مشتمل آهي ان ڪري.“ هن چيو. هن جي ڳالهائڻ جو اندازو پنجابين وارو هو. ڇاڪاڻ ته ڪٿي ڪٿي هوءَ ڳالهائڻ ۾ اثر ضرور ڇڏي پيئي.
    ” جي ها. مان ڇڙو ڇاٽ، پٽيو وات ۽ اڪيلو ئي گهر جو هڪ ڪرائي دار جي حيثيت سان مالڪ آهيان.“ مون سنجيدگي مان چيو.
    ”۽ اوهانجو نالو.“
    ”پانڌي چوندا آهن.“ مون چيو.
    ”ايترو مهذب نالو ڪو نه آهي ڄٽڪو ضرور آهي.“ هن چيو.
    ”اسانجا وڏا به مهذب ڪو نه هئا ڄٽ هئا، تنهن کانسواءِ سفر ۾ ئي مان ڄايو هئس، تنهن ڪري نالو به پانڌي رکي ڇڏيائون، رکي رکي مونکي به جَڪ ان نالي تي ايندا آهن.“ مون چيو.
    ”تون تمام مزيدار آهين.“ هن کلي چيو.
    ”نه مان عيبدار آهيان.“ مون چيو.
    ”ڏاڍو سٺو.“ چئي هوءَ اڃان به کلي ويٺي.
    ”ڀلا هاڻ پنهنجو نالو ٻڌاءِ.“ مون کانئس نالو پڇندي چيو.
    ”ملڪ نسيم بانو زيب“ هن نالي کي اچاري ٻڌائيندي چيو.
    ”سٺو ۽ سئنيما اسڪوپ نالو آهي.“ مون چيو.
    هن کان هڪ ٽهڪ نڪري ويو.
    ”ڀلا تون شاعري ڪندي آهين ڇا؟“ مون کيس چيو.
    ”ڇو؟“
    ان ڪري جو نالي پٺيان ”زيب“ ڳنڍيل آهي.“ مون چيو.
    ”نه مان شاعري ڪو نه ڪندي آهيان پر دلچسپي ڏاڍي اٿم.“ هن چيو.
    ”تون تمام سٺو ۽ دلچسپ آهين تنهنجي تعليم ڪيستائين ورتل آهي.“ ملڪ نسيم بانو زيب کنڊريل وارن کي هٿن سان ڄمائيندي پڇيو.
    ”مان بي اي بعد تعليم بند ڪئي آهي.“ مون چيو.
    ”ڇو؟“
    ”ان ڪري جو خدا ناراض آهي منهنجي پڙهائي ۾ ۽ وسيلا بند ڪري ويٺو آهي؟“ مون چيو.
    ” نه نه- ائين نه چئو- خدا رازق آهي، روزي رسان رحمان آهي ، هو سڀن کي روٽي ۽ گهرج پيو ڏئي.“ هن چيو.
    ”جهڙي طرح روزي توکي ٿو ڏئي.“ مان به کٽ تي سولائي سان ويهندي چيو.
    هوءَ ڪجهه نه ڪڇي ڪنڌ هيٺ ڪري خاموش ٿي ويئي پر پوءِ جيسين ڪجهه آءٌ وڌيڪ سوچيان هن جي چپ جدا ٿيا ۽ هن چيو.
    ”ڀلا ٽيهن روپين جو معاوضو به وٺندين يا ائين ڳالهين ۾ ڳوهجي ويل گذاريندين.“
    ”تنهنجي محنت توکي ڏنم جا تنهنجي کيسي ۾آهي جي وڌيڪ گهرجي ته اها به ڏيئي ڇڏيندس مان کائڻ وارن مان نه آهيان.“ مون چيو.
    ”پر گهر ۾ روٽي جو بندوبست به ته ڪرڻو اٿم هو به آيو هوندو.“ هن چيو.
    ”روٽي جو بندوبست رازق پاڻ ئي ڪندو، توکي فڪر ڇا جو آهي.“ مون کٽ تي سمهندي چيو.
    ”تون تمام ناشڪرو آهين، مزيدار هئڻ سان تو ۾ ڪيتريون ئي خاميون آهن. هاڻ ڊيگهه ڇڏ ڪپڙا لاهه.“ ايترو چئي هن ڪپڙا لاهڻ شروع ڪيا. مون ڏٺو ته هو ڪجهه ڪپڙا لاهي به چڪي هئي. مان خاموشي سان هن جي چر پر کي ڏسندو رهيس گڏوگڏ هن جي ننگي بت ڏانهن پڻ پئي نهاريم.
    مون کي تيز نظرن سان ڏسندي چيائين ”مون ڏانهن ڇا ٿو ڏسين اٿي پنهنجو ڪم ڪر.“
    ”مان تنهنجي بت ۾ خدا جو روپ ڏسي رهيو آهيان.“ مون چيو.
    ”توبهه نعوذ با الله، تون ته ڪنو ماڻهو آهين، خدا منهنجي هن ننگي ۽ گناهگار بت ۾.“ هن ننگي هئڻ باوجود به ٻيئي هٿ نڪ ۽ ڪنن تائين آڻيندي. چيو.
    ”ها چوندا آهن ته خدا هر شرير ۾ آهي.“ مون چيو.
    ”توکي الاءِ جي ڇا پيو ٿيندو وڃي، اڳ ڪجهه گهڙيون ڪهڙي نه سٺي موڊ ۾ هئين.“ هن ننگين ٽنگن کي وڪوڙي چيو.
    ”اڳ ۾ تون به ڪپڙن ۾ هئينءَ ۽ هاڻ تون به ته ننگي آهين، ڀلا ٻڌ توکي ننگي ڪرڻ وارو ڪير آهي.“ مون ڄنگهه ڄنگهه تان لاهي، هن جي طرف منهن ڪندي چيو.
    ”مونکي ننگو ڪرڻ وارو منهنجو پيٽ آهي ٻيو ته ڪو به ڪو نه آهي.“ هن چيو.
    ”ڀلا توکي پيٽ ڏنو ڪنهن؟“ مون پڇيو.
    ”اهو گنهگار پيٽ خدا ڏنو.“ هن چيو.
    ”ته پوءِ توکي ننگو ڪرڻ ۾ به ان جو هٿ آهي سمجهين.“ ٿي نه؟
    ”توبهه توبهه تون صفا ڪافر آهين.“
    ”مان ۽ ڪافر“ مون چيو.
    ”ها تون ۽ صرف تون، - ڪٽو ڪافر.“
    ”ڀلا تنهنجو مذهب ڪهڙو آهي؟“هن پڇيو.
    ”منهنجو مذهب ڪجهه به نه آهي، هر مذهب ۾ حيوان آهن، مان اهو ناهيان.“ مون چيو.
    ”تون حيوان ناهين ته پوءِ مونکي هت ڪيئن آندئي، جي اڃان به حيوان ڪو نه آهين ته پوءِ تون جلد ئي حيوان ٿي، منهنجيون ٻوٽيون پٽيندين.“ هن چيو.
    ”نه مان حيوان ڪو نه آهيان، مان تنهنجي بک ختم ڪرڻ لاءِ توکي هت آندو. ڇو ته خدا توکي بکيو ماري رهيو آهي ان ڪري مان حيوان ڪو نه ٿيندس، مان بس توکي....“
    ”تون مونکي ملحد ۽ دهريو لڳين ٿو، مون تو جهڙو ڪافر اڳي ڪو نه ڏٺو آهي، تون صفا ڪافر آهين، اسلام جو پڪو دشمن آهين، مان توسان گڏ ڪو نه سمهنديس. اچي هي وٺ پئسا پنهنجا، مان تنهنجي شڪل کي به ڪو نه ڀانيان.“
    ”مگر مان ته تنهنجي جسم ۾ لڪل شخصيت کي ڏسڻ چاهيان ٿو، جهٽ ويهه.“
    ”نه نه مان ڪو نه ويهنديس.“ چئي هوءَ کٽ تان اٿي ۽ ڪپڙن کي کنيائين.
    ”پر جهٽ ته ويهه.“
    ”مان تو جهڙي ڪافر ۽ بي دين وٽ ويهڻ به ڪو نه ٿي چاهيان-“ چئي هن سٿڻ پهرڻ شروع ڪئي.
    ”مان ڪافر ناهيان ملڪ نسيم بانو زيب، مان پانڌي آهيان.“
    ”تون ذليل ۽ ڪافر آهين.“ چئي هن پاڊي پائڻ شروع ڪئي.
    ”پر مان تنهنجو گراهڪ به نه آهيان.“ مون چيو.
    ”مننهجو گراهڪ ڪافر ۽ ذليل نه هئڻ کپي.“ چئي هن قميص پاتي.
    پر تنهنجا ٻار بکيا هوندا هي پئسا ته وٺ نه.“
    ” نه نه مان ڪافرن جي پئسن کي ٿڪ هڻندي آهيان.“ چئي هن نوٽن ڏانهن ٿڪ اڇلائي ۽ برقعو کڻي رواني ٿي ويئي.


    روح جو رشتو

    خيبر ميل پنهنجي تيز رفتاريءَ سان هوا سان ڳالهيون ڪندي پنهنجي منزل ڏانهن هلي رهي هئي. رات ڪافي گذري چڪي هئي، هر ڪو مسافر پنهنجي پنهنجي سيٽ تي آرامي هو، مگر منهنجي نيڻن کي ننڊ ڪو نه هئي ۽ اکيون آرام جو نالو ئي نه پيون ڳنهن . منهنجي دل نامعلوم خوف وچان ڌڪ ڌڪ ڪري ڪنهن اوچتي حادثي لاءِ ڄڻ ته سوچي رهي هئي. مون دماغي ارتعاش کي هٽائڻ لاءِ سگريٽ ڪڍي دکايو، ۽ فضا ۾ دونهين کي اڇلائيندو رهيس. منهنجو ذهن ماضي ڏانهن هليو ويو... دل ۾ هڪ عجيب قسم جي هلچل مچي چڪي هئي، مون سوچيو، جڏهن انور مون سان ملندو ته ضرور شڪايت ڪندو ۽ چوندو ته ”هيڏو سارو وقت ڪٿي هئين، اسان جي ياد به توکي نه آئي، ايترو ته پڪو هئين جو هڪ خط به نه لکيئه.“ انهيءَ وقت مان کيس ڪهڙو جواب ڏيندس پر کيس راضي ڪرڻ لاءِ سندس اڳيان ڪتاب اڇلائي چوندس ته، ڏس، هي ڪتاب تو لاءِ ئي آندا اٿم، هينئر معاف ڪر نه، آئينده ائين بنهه نه ڪندس.“
    انور منهنجو ننڍپڻ جو دوست هئڻ سان گڏوگڏ همراز به آهي. انور جو ڳوٺ اسان جي شهر کان 8 ميل پري آهي. هو پنهنجي بگيءَ تي روزانو ايندو ويندو هو. مون سان گڏ ”رضيه“ به ان جو انتظار ڪندي هئي. هن جي اچڻ تائين سچ ته مونکان وڌ رضيه منهنجو مغز کائيندي رهندي هئي، ”ادا اڃان انور ڪو نه آيو آهي، الائجي ڇو دير ڪئي اٿائين، ڇا انور نه ايندو؟ وغيره“ آءٌ رضيه کي تسلي ڏيندي چوندو هوس، هينئر ايندو ئي هوندو، ڪجهه وقت بعد گهٽي ۾ ٺپ ٺپ ڪري بگي اچي بيهندي هئي- مان آواز ٻڌي گهر کان ٻاهر نڪري ويندو هوس ۽ انهي وقت ائين محسوس ٿيندو هو ، جڏهن اسين ٻئي ڳلي ملندا هئاسون ڄڻ ته ڪيترن سالن جا وڇڙيل وري مليا آهيون. بگيءَ مان لهي اوطاق ۾ ٽئي گڏجي ناشتو ڪري ڪاليج روانا ٿي ويندا هئاسون.
    مونکي ياد آهي جنهن ڏينهن انور پيٽ جي سور جي تڪليف ڪري شهر جي اسپتال ۾ داخل ٿيو هو، تنهن ڏينهن رضيه کي نهايت گهڻي خوشي ٿي هئي، اهو انهيءَ ڪري جو هونءَ ته انور رضيه جي اسرار هوندي به شهر ۾ اصل ڪو نه رهندو هو ۽ اڄ ته زوري ڪنهن غيبي طاقت ذريعي پاڻ مرادو شهر کڄي آيو هو، پوءِ ڇو نه رضيه خوش ٿئي- هينئر هن کي پنهنجي انور جي خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو هو، هوءَ هر روز صبح سان پاڻ ناشتو تيار ڪري ڏانهس کڻي ويندي هئي ۽ وري شام جو مونسان گڏ موٽندي هئي، انور کي اسپتال ۾ آئي پنج ڏينهن ٿيا هيا، سندس طبيعت هينئر ڪافي قدر ٺيڪ هئي، صرف ڪجهه ڪمزوري هيس، ڪمزوري جو بهانو بڻائي رضيه کيس رهايو ٿي آئي، رضيه منهنجي هڪ ئي ڀيڻ هئي- هن جي هر خوشي مونکي جان کان عزيز هئي، هن جي انور سان محبت جي مونکي پڪي طرح پروڙ هئي، سندس پيار مونکي به پيارو هو- انور به ته لائق ۽ قابل مرد هو- جي رضيه جون اکيون ڪاريون ۽ ڍنڍ جهڙيون ويڪريون هيون ته انور جو ڪشادو سينو ۽ کليل رنگ مرداڻي حسن لاءِ ڪافي هو- بس مطلب ته جي هوءَ ڪينجهر جي راڻي نوري هئي ته هو به سنڌ جو والي ڄام هو.
    منهنجي ذهن ۾ هڪ ٻئي پٺيان سڀ ڳالهيون اينديون ويون. مون سوچيو، اهو ڏينهن به ڪهڙو نه غم آلود هو جنهن ڏينهن حسب عادت رضيه نيرن کڻي انور ڏانهن ويئي ۽ جلد ئي موٽي آئي- پڇڻ تي ماجرا معلوم ٿي ته انور صبح جو سوير ئي گهر روانو ٿي ويو هو، ڇو ته سندس والد گذاري ويو هوس- اسين ڏاڍا پريشان ٿيا هئاسون- مان سندس والد جي تعزيت لاءِ سواري ڪري سندس ڳوٺ ويو هوس- انور جي والد کي سپرد خاڪ ڪيو ويو- انور لاءِ سورن جو سج اڀريو. ننڍپڻ ۾ سڀ بار ڪلهن تي کڻڻا پيس- هو پريشان ضرور ٿيو پر دوستن جي ڏڍ ۽ پنهنجي جوانمردي ڪري سڀ سور سانڍي مڙس ٿي منهن مٿو ڏنائين-هينئر سندس جوابداريون به وڌي چڪيون هيون، هيڏي ساري زمين کيس اڪيلي سر سنڀالڻي پئي. هونءَ ته ڪڙمي ڪمدار گهڻا هئس پر پنهنجي ڪانبي ٻڌڻ کانسواءِ ڪٿي ٿو ڪم هلي. هن پنهنجو پڙهڻ جو شغل به ترڪ ڪري ڇڏيو. اسان سان سندس ملاقات ايترن ڪمن هوندي به ٿيندي رهندي هئي.
    هينئر مون فيصلو ڪيو هو ته رضيه جي شادي جلد از جلد انور سان ڪرائجي- ڇو جو ان باري ۾ انور به مونکي اشارن اشارن ۾ پنهنجي دل جي تمنا ٻڌائي چڪو هو. مون جڏهن اهو ذڪر بابا سان ڇيڙيو هو، تڏهن پهريون ته هو صفا چپ ٿي ويو هو ۽ آخر مونکي ٻرندڙ جبل جيان ٻرندي جواب ڏنو هئائين ته ”انور کي آءٌ رضيه جو سنڱ قطعي نٿو ڏيئي سگهان، ڇاڪاڻ ته هو اسانجي ذات مان ناهي، ۽ ڌاري ذات وارن کي سڱ ڏيڻ اسانجي خانداني روايت ۽ وڏن جي اصولن جي خلاف آهي، اهو منهنجو آخري فيصلو آهي.“ مون بابا کي انور جي باري ۾ گهڻو سمجهايو پر سندس اڳيان منهنجي هڪ به نه هلي- سندس آخرين فيصلي تي رضيه ڪيترو رني هئي، هن جو روئڻ مون کي اڃان به ياد آهي- مان بابا سان رضيه ۽ انور جي رشتي لاءِ نهايت گهڻي سخت ڪلامي ڪري ويٺو هيس. ان سخت ڪلاميءَ جو اجهو هي نتيجو آهي جو ٽن سالن بعد وري گهر وڃي رهيو آهيان- سو به رضيه ڀيڻ جي جدائي مونکي ڇڪي هت آندو آهي، نه ته جيڪر وري وطن نه وران ها، ڇو ته اهو حڪم به ته بابا جو هو ته ”وري هن گهر ۾ پير به نه پائج.“
    منهنجي سوچ جو سمنڊ وڌيڪ تيز ٿيندو ويو، ماضي جي موج هڻندڙ مهراڻ ۾ شايد اڃان وڌيڪ ٽٻيون هڻان ها پر اوچتو منهنجي آڱرين ۾ اٽڪيل، سگريٽ جي آخري ٽوٽي جي آگ، منهنجي دل جي گهراين جي تسلسل کي ٽوڙي رکيو- مون ٻاهر هلندڙ گاڏي مان نهاريو، گاڏي منزل جي نزديڪ پهچي چڪي هئي ۽ منهنجي دل خوشيءَ وچان تيزي سان ڌڙڪڻ لڳي.“ آءٌ رضيه لاءِ سوچڻ لڳس ته کيس ڪيتري نه شڪايت هوندي جو ٽن سالن تائين مون سندس پر گهور ئي نه ڪئي ۽ نه وري خط يا سنيهو موڪليو پر هن جو پرچائڻ سولو آهي. مون دل ئي دل ۾ سوچيو.
    اسٽيشن اچي چڪي هئي، گاڏي هڪ جهٽڪي سان بيهي رهي- مان گاڏي مان بئگ لاهي پليٽ فارم تي آيس، سامهون ڏٺم ته انور منهنجي انتظار ۾ مخموم مون ڏانهن اچي رهيو آهي- سوچيم هن کي منهنجي اچڻ جي ڪيئن سُڌ پئي. انور مونسان نهايت سڪ سان مليو. مون پڇيو، ”انور تون ڪنهن جي لاءِ هت آيو آهين؟“
    چيائين، ”تون جو اچڻو هئين تڏهن هليو آيس.“
    ”ڀلا توکي منهنجي اچڻ جي تار ڪنهن ڏني؟“ مون مسخري ڪندي کيس چيو.
    ”وراڻي ڏنائين، ”دوست تنهنجي اسانجي دل جي تار ڳنڍيل آهي پوءِ تنهنجي تياري جي سڌ مونکي ڪيئن نه پوندي.“
    سندس چهرو ڪوماڻيل ۽ ڪنهن ڳوڙهي سوچ ۾ ٻڏل ٿي لڳو. منهنجي پڇڻ تي چيائين، ”محبوب ! رضيه سخت بيمار آهي، هو توکي سنڀاري ٿي، ڊاڪٽر کيس لاعلاج ٺهرائي چڪا آهن، گهر جا سڀ ڀاتي نهايت مايوس ٿي چڪا آهن، ڏاڍو سٺو ٿيو جو تون اچي وئين، رضيه توکي ڏاڍو سنڀاري ٿي.“
    مون نهايت پريشان ٿيندي کيس چيو، ”ڀلا ٻڌايو ته منهنجو ايترو وقت هليو وڃڻ ڪارآمد ثابت ٿيو يا نه، بابا اوهان کي رضيه جو سڱ ڏنو يا نه....۽ رضيه کي ايڏي وڏي بيماري ڪيئن نهوڙيو.“ هن چيو، ”محبوب انهيءَ معاملي کي ڇيڙڻ جو هي وقت نه آهي، پر تنهنجي ڄاڻ لاءِ اهو ڪافي آهي ته اسانجي شادي ڪا نه ٿي آهي.“
    آءٌ سارو رستو چپ چاپ ۽ سوچ ۾ گم ويٺو رهيس تان جو بگي اچي در تي بيٺي، انور لهي اوطاق ۾ هليو ويو ۽ آءٌ سڌو وڏا وڏا قدم کڻندو حويليءَ ۾ آيس.
    رضيه جو ڪومل چهرو واقعي ڪومائجي ٽار مان ڇنل گلاب جي گل جيان ٿي ويو هو. اکيون ڏار ڏئي ويون هيس. بدن نيستو ۽ نٻل- مطلب ته رضيه بوتو ٿي لڳي. ايئن ٿي لڳو اجهو ٿو ٽمڪندڙ ڏيئي جوتيل ختم ٿئي، ڀڀ ڪري ٿو وسامي- مان ڊوڙي وڃي ڳراٺڙي پائي کيس مليس. دلداري ڏيندي چيم، ”رضيه گهٻراءِ نه آءٌ تنهنجو علاج تمام وڏي ڊاڪٽر کان ڪرائيندس. توکي مرڻ نه ڏيندس گهر جا مڙيئي ڀاتي مون سان مليا. رضيه جي هن حالت بابا جي دل مان منهنجي خلاف ڪا نفرت ڪو نه رهائي هئي. سور سليندي رات ڪافي وهامي چڪي هئي، تنهن ڪري سڀ سمهي رهياسون.
    صبح سان سوير جيئن ئي سجاڳ ٿيس ته انور جو خيال پيو. هن جي رات کان وٺي مون ڪا پرگهور ڪو نه لڌي هئي. اها منهنجي سنگين غلطي هئي، پر مون وٽ رضيه جي وڏي بيماري ۽ ٽن سالن جي جدائي وارو جواب به ڪافي هو. پر هو پاڻ به ته رضيه جي خدمت لاءِ مون سان بنهه نه ڪاوڙيو، اوطاق ۾ گهريس ته انور مون کان اڳ تيار ويٺو هو.
    چيائين، ”جلد تيار ٿي ته رضيه کي هڪ تمام ڀلي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي هلون.“
    مون پڇيو، ”ڀلا ڪنهن وٽ.“
    هن وراڻيو، ”هڪ اهڙو پير هت آهي ، جو لاعلاج ۽ مايوس مريض اتان صحتياب ٿي موٽن ٿا، پري ڪو نه آهي هتان ٿوري پنڌ تي آهي.“
    ”پر انور منهنجو عقيدو تنهنجي خلاف آهي، ڀلا علاج کانسواءِ پير ڇا ٿو ڪري سگهي، مريض کي ماهر ڊاڪٽر ڏانهن وٺي وڃڻ گهرجي، پر جي تون بضد آهين ته رضيه جي ڪري اڳ ۾ کڻي اوڏانهن ئي هلون ٿا.“ مون چيو.
    رضيه کي هٿ جي آڌار تي ٽيڪسي جي پوئين سيٽ تي ويهاري مان ۽ انور اڳيون ويٺاسين. اڌ ڪلاڪ اندر اسين مقام ۾ هئاسين. انور جي رهبري ۾ اسين هڪ رنگين پٿرن سان ٻڌل، گلن سان سجيل هڪ نئين قبر تي پهتاسون. رضيه هڪ طرف کان ٿي ويٺي ۽ اسين قبر جي ٻئي طرف. سڀئي سندس لاءِ دعاگُو هئاسون. ايتري ۾ رضيه هڪ زوردار چيخ ڪري ڪِرِيِ پئي. منهنجو ساهه منجهي ويو. سوچيم رضيه اسان کان اجهو موڪلايو، پر انور جي آڌار تي ڪجهه ساهه پيم.
    هن چيو، ”هت جيڪو ڊڄي بيهوش ٿيندو آهي سمجهه ته سندس مطلب پورو ٿيو، هينئر رضيه تندرست ٿيندي اوهان گهٻرايو نه.“
    اسين يڪدم گاڏيءَ ۾ سوار ٿي گهر پهتاسون. انور اوطاق ۾ هليو ويو. مون سارو ڏينهن رضيه جي تيمارداريءَ ۾ گذاريو . صبح جو سج رضيه جي صحت جو پيام هو. اڄ واقعي رضيه خوش نظر اچي رهي هئي. هن کي هڪڙي ڏينهن ۾ چنري جي رنگت ۽ بدن جي چستي واپس ملي هئي. هونءَ پاڻ مرادو اٿي ويٺي هئي. اسين ڏاڍا سرها ٿياسون. مون سوچيو ته جڏهن انور ٻڌندو ته رضيه خوش آهي ته هو ڪيترو نه سرهو ٿيندو، مان سندس شادي به هينئر جلد ڪرائيندس، پر رضيه کي خبر اصل نه ڪندس، اوچتو انور کي گهوٽ ڏسي هوءَ ڪيترو نه خوش ٿيندي.
    گهران نڪري سڌو اوطاق ۾ انور ڏانهن آيس ته اتي کيس ڪو نه ڏٺم. مون سوچيو شايد انور منهنجي بي ڌيانيءَ ڪري ڪاوڙجي ڳوٺ هليو ويو هجي. ٺهيو، ڪا وڏي ڳالهه ناهي، مان کيس هينئر وڃي روبرو ٿي پرچايانس ٿو. سواري ڪري آءٌ سندس ڳوٺ ويس. منهنجي عجب جي انتها نه رهي جڏهن مون کي انور جي گهران معلوم ٿيو ته انور کي ڪار جي حادثي ۾ مئي اٽڪل ڇهه مهينا گذري چڪا آهن. مان مڃڻ لاءِ تيار ڪو نه هوس، پر پوري ڳوٺ جي يقين ڏيارڻ تي آءٌ رئندو، انور کي ياد ڪندو سندس آخري آرامگاهه تي ويس.
    منهنجي حيرت ۾ دانهن نڪري ويئي جڏهن ڏٺم ته ساڳي قبر انور جي آهي، جنهن تي هو ڪالهه رضيه کي کڻائي آيو هو، ۽ آءٌ اندر ئي اندر ۾ روح جي هن پاڪ رشتي بابت سوچيندو رهجي ويس.
    ***


    سڏڪن جي سيج

    رات جي ماٺ جي خاتمي جو ڪارڻ وڏ ڦڙو هئو. گهگهه اوندهه جو راڄ ڪمري جي ٻاهريان اڱڻ ۾ هئو. هڪ لمبو ڪش هڻندي هو ڪمري کان ٻاهر ورانڊي ۾ آيو، هڪ نظر ڪوشليا کي ڏسڻ ڪارڻ سندس ڪمري ۾ آيو، دروازو کليل هئو، چپن تي مرڪن جو مچ مچايو، الهڙ اوج سان، رات جهڙن ڊگهن وارن کي ڳچيءَ ۾ ڪلهن تي الوٽ ننڊ ۾ ڪيرايو، غفلت جي گهري ننڊ ۾ ورتيل پئي هئي، ڪوشليا جو بدن پاسيرڙو، هڪ ٻانهن پلنگ جي ٻاهران لڙڪيل، سون ورنين سونهري چوڙين سان، قميض جو اڳيون پلئه پيٽ کان ٿڙي پلنگ تي ڪريل هئو، ڀورو ڀورو پيٽ ، سنئون سڌو، ڀورڙن پر ننڍڙن هلڪڙن وارن سان ورتل، مرڪيوري جي لائيٽ سان کير جهڙو سونهائتو معلوم ٿي رهيو هئو. ساهه سڏڪن ۽ هچڪين جيئن سيني ۽ پيٽ کي اڇاترو ۽ هيٺانهون ڪندو عجيب بهار ڏيئي رهيو هو، هن کي اها لذت ائين معلوم ٿي ڄڻ چوڏيل وڏي بلندي تان لهڻ وقت ڪتڪتايون ۽ هڪ عجيب لهر بدن ۾ پيدا ٿيندي آهي. پنين کان شلوار ٿورو مٿي گوڏن تائين کڄي، ڀورن ڀورن وارن سان ورتل پنين کي ننگو ڪري چڪي هئي، ڪوشليا جي ترتيب سمهڻي، ڄڻ هن کي ڏنگ هڻي ڪڍيو، هن جا پير فرش سان چنبڙي هن کي پنڊ پهڻ ڪري چڪا هئا، صرف دل جي ڌڪ ڌڪ هئي جا کيس صاف ٻڌڻ ۾ پئي آئي. تڪڙي ساهه هن جي اندر ۾ دٻيل جذبن کي کوٽي ڪڍي اٿل پٿل مچائي ڇڏي.
    ”سي“ ڪري هن آڱرين مان ڇرڪي سگريٽ ڪڍي، ان مختصر وقت ۾ ٿيل خشڪ چپن تي آندو، پر نظرون هڪ وار وري به ڪوشليا جي جسم تي ڪري پيون.
    ”اُف مونکي ڇا پيو ٿيندو وڃي، نه نه- مونکي ائين سوچڻ ۽ ڏسڻ ڪو نه کپي، ڪيڏو نه پست ۽ ڪريل آهيان.“ سوچي هن قدمن کي حرڪت ڏيندي پاڻ کي ڪمري جي ٻاهر پهچايو.
    ”اف مون جيڏو تڇ به شايد ئي سنسار ۾ هجي، مونکي غليظ ۽ ايتري ڪريل نظرن سان ڪوشليا ڏانهن ڏسڻ نه کپي، اڃان پرڪاش کي سور گباش ٿئي ڏهاڪو ئي ڏينهن مس ٿيا آهن ۽ مان پرڪاش سان ڪيل واعدي کي لوڏن ۾ آڻي رهيو آهيان، آخر دوست سمجهي ڪوشليا پنهنجي ڀيڻ جو هٿ منهنجي هٿ ۾ ڏيئي ويو آهي، ان ناتي ته ڪوشي به منهنجي ڀيڻ....نه، نه، ڪجهه به ناهي نظرن کي مٽائي ڇڏڻ کپي.“ سوچيندي هو ورانڊي ۾ رهيو.
    ”هڪ مفت خورن جيئن پرڪاش وٽ اچي ڪريو، پر پرڪاش ۽ ڪوشليا منهنجي ڪيتري نه سهائتا ۽ آڌر ڀائي ڪئي، آخر ته هو دوست سمجهي ڪوشليا جي ٻانهن هٿ ۾ ڏيئي ويو، مونکي اهڙا ڪنا خيال دل ۾ ڌارڻ ئي ڪو نه کپن، ڪيئن نه پوئين وقت پرڪاش دل کي آٿت ڏيندي سور گباش ٿيڻ کان اڳ نماڻي وينتي ۽ آهن سان ڀريل وينتي ڪري ويو هو.
    ”ارجن ڏسجائين، ڪوشليا ڀيڻ جي پارت اٿئي، مون پڄاڻان تون ئي سندس آسرو آهين، هن کي ڏولي چاڙهي منهنجي آتما کي شانتيڪو ڪجانءِ، مونکي اميد آهي ته سنسار جي شوشن ۽ اجاين سجاين تي ڪن نه ڏيندين ڇو ته سنسار جا پڙاڏا ايٽم بم آهن پر اٽل انسانن جيئن ڪوشليا جي پر گهور ڪري آسرو، دم دلاسو ڏيئي ڇايا ڪجانءِ، جيئن هو منهنجي درد کي ستت ئي وساري ڇڏي.!!“
    پرڪاش جا لفظ بڙڇي جيان گهري هن کي ايذاءَ ڏيڻ لڳا، ڪيڏي نه آس جي جهلڪ هئي، ڪيڏو نه درد ۽ ڪيڏي نه تڙپ هئي پرڪاش جي لفظن ۾، پر هن پرعزم نموني سان چيو هو.
    ”ساٿي، ڪوشليا تنهنجي ناهي، ڪوشليا دوست تنهنجو ڏک وساري نه ويهي ته منهنجو نالو ارجن ناهي، “ ڪاش اهي لفط نه چوين ها، چئبو انهن کي آهي جيڪي غير هوندا آهن، تنهنجي منهنجي دوستي ته آڪاش کان به بلند آهي پرڪاش، پر تون اجايو اهڙيون ردي ڳالهيون ڇو ٿو ڪرين، توکي اڃان زندهه رهڻو آهي، دل مضبوط ڪر، مونکي ته افسوس آهي ته تون اٽل ۽ مضبوط انسان هوندين به ايڏو هيڻو ڇو ٿو پاڻ ڀانئين.“
    پر گفتگو ٻڌڻ کان اڳ ئي پرڪاش ڀروسي جهڙي مٺي ننڊ ۾ پئجي ويو هو. برسات ٽمي چڪي هئي، هن ٻيو سگريٽ دکايو ۽ ويچارن ۾ پئجي ويو.
    ”پر مونکي هاڻ ڇا ٿو ٿيندو وڃي، منهنجا پير ٿڙي ٿاٻڙجي ڇو رهيا آهن، مونکي ايترو جلد ڇا ٿو ٿيندو وڃي، ڪوشليا اها ئي ڪوشي آهي پر منهنجي سوچن جي اڏام ڪيتري نه نوڙيل ۽ هيٺاهين ٿي چڪي آهي، مونکي قول ياد ڪري پنهنجي پيرن کي مضبوط ڪرڻ کپي . مونکي ڪوشليا کي ڏولي چاڙهڻ کپي، پرڪاش جي آتما کي چين بخشڻ کپي، مان واعدو پاڙيندس، مون کي سوڳنڌ پورو ڪرڻ کپي.“ ايترو سوچي هن سگريٽ جو اونهو ڪش هنيو، ٿڌڙي ٿڌڙي هوا خيالن کي ٺاري چڪي هئي، اندر ۾ ڪو وقت اڳ اڀريل جذبو سرد ٿي چڪو هو، هن جا تمام خيال کڄي هن جي اندر کي صاف ڪري چڪا هئا، لڳاتار ٻه چار ڪش هڻي هن ذهن کي توانو ڪيو ۽ دور اڱڻ جي اوندهه ۾ ڏسڻ لڳو، ڪارنهن راتڙي جو راڄ ۽ ماٺ، اکيون ڏسنديون رهيون، واجهائيندو رهيو، اوچتو اونده ۾ اکين آڏو ڪوشليا جو بت ست وري هن آڏو تري آيو، پورا پورا لڱ، گورو چم، پيٽ ۽ ڇاتين جو اڀار، ساهه جو سيج، مرڪن جو مچ....
    ”اوهه- مونکي چند ڏينهن کان ڇا پيو ٿيندو وڃي، مان ڇا ڪيان ڪيئن ڇوٽڪارو پايان اف“ هن ٻنهي هٿن سان مٿي کي ويٺي جهڪائيندي سوچيو.
    هڪ ٿڌڙي هوا هن جي پوري جسم کي ڏڪائي ڇڏيو، نَنهن کان چوٽي تائين ڪنبي ويو، ”مان ڪيڏانهن وڃان ڪٿي وڃان!“
    قول- ڪوشليا- پرڪاش- پوءِ بدن ۽ هڪ تيز رفتار فلم جيئن عڪس هن آڏو ڦرندا رهيا، هڪ عجيب بي ڊپي لهر بدن ۾ ڪهي پيس هڪوار وري ڏڪي ويو ۽ جلدي جلدي سگريٽ جا اجايا سجايا ڦوڪا هڻي، سگريٽ اڇلائي ڪوشليا جي ڪمري ۾ آيو.
    بي ترتيبي ۽ اڀار ويتر پيٽ اگهاڙو ڪري ڇڏيو هو. آٽوميٽڪ مشن جيئن دل جي ڌڪ ڌڪ وڏا ڌڪ هڻي ٺاٺاڪو ڪم ڪيو، ٽنگون ڏڪڻ لڳس، سٽ ڏيئي پلنگ جي ڀرمان ٻانهن وٽ اوڪڙو ٿي ويٺو. لاتعداد لهرن لپيٽ ڏيئي هن جي هٿن کي جنبش ڏيئي ڪنول جي ڪومل مک تي پهچايو. ڪونئرا نرم ڳل، خشڪ چپن تي ننڍڙا ننڍڙا سڪل چاپوڙا هن جي جسم کي باهه جهڙو سيڪ ڏيڻ لڳا، ڄڻ بٺي ءَ ويجهو ويٺي هئي. هٿ ڦيرائي ڦيرائي پشم جهڙي نرم ۽ ٿڌي پيٽ تي ڦيرائڻ لڳو. عجيب سرور هن کي ڏڪڻي ڏيئي ڇڏي. هٿ سان هلڪا هلڪا ٿڌڙا ڪڍڻ لڳو، هٿ وڌائي چولو آهستي سان مٿي ڪري ڪوشليا جو پيٽ ويتر ننگو ڪري ڇڏيائين. هاڻ هٿ ارهن مٿان هلي رهيا هئا، ڪولي جي رفتار جيئن لچڪ ڇڪاءُ سان ڇڪيل لسڙو لسڙو ماس گرم هٿن جي گرمائش وٺڻ لڳو. ليٽيل لڱن ۾ چرپر ٿي ۽ ڪوشليا ڇرڪ ڀري اٿي ويٺي.
    ”ڀائو“ هن تڪڙو تڪڙو ساهه کڻندي ڊنل هرڻي جيئن ارهن ڏانهن ڏسندي چيو.
    ڪوشليا جي اکڙيل ساهه مٿان ارجن جو ساهه اکڙجي ويو ۽ ارجن جو سايو وڌي ويڪرو ٿي ويو، البته ڪوشليا جي رڙ ضرور اڀري رهي هئي.
    ڀائو هوش ڪر، ڀائو هوش ڪر، مان ڪوشليا آهيان ڪوشليا.“
    ”ڪوشي، مان ارجن ناهيان مان پروس شڪتي آهيان، مان چريو ٿي ويو آهيان، پاڳل ٿي ويو آهيان، ڇڏي ڏي پاڳل کي ڪوشي ڇڏي ڏي“ ارجن هوش کان بي هوش ٿيندي چيو.
    ۽ آهستي آهستي ڪوشي جو آواز ”ڀائو ڀائو“ ڪندو ڍرو ٿيندي ٿيندي سڏڪن ۾ وٺجي ويو. ڪوشيءَ جا سڏڪا ارجن جو پيڇو ڪرڻ لڳا ۽ زوردار مينهن سڏڪن کي دفن ڪري ڇڏيو.
    ٺاپريل لڱن ان وقت ڪر کنيو جڏهن سج جي ڪرڻن ڪمري ۾ قدم رکيو. هڪ ڊگهي اوٻاسي ڏيئي ارجن اٿيو. ”روز جيئن نڪا چانهه نه اڄ ناشتو، سڃو سڃو ماحول، شرم ۽ نيچ پڻي جي راتوڪي حرڪت هن جي ڪنڌ کي زمين ۾ هڻي ڇڏيو. ضمير جي آواز ملامت جي ڪارنهن هن جي منهن تي مکي ڇڏي. ملامتي ڪارو منهن پشيمانيءَ ۾ جهڪايو ڪوشليا جي ڪمري ۾ آيو. ڪوشليا ساڳي ريت ڦٽل کير جيئن، ڦاٽل اکين سان پئي هئي ، اکين ۾ گج ۽ هيٺان نيرن جي لار ميرانجهڙن سنهڙن چاپوڙن ۾ مٽجي ويئي هئي، کڙڪي تي ڪوشليا ڇرڪ ۽ ٿڌو ساهه ڀري اٿي، ارجن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ درد ۽ پيڙا جون هزارين چڻنگون ان ۾ سمايل آهن، شڪوه آهي، شڪايتون آهن.
    ”ڪوشي مان شرمندو آهيان، هن دور جو ذليل ترين انسان آهيان، راتوڪي حرڪت تي پشيماني جا ور وڪڙ کنيون آيو آهيان، مونکي الائجي ڇا ٿي ويو هو، مونکي معاف ڪر ڪوشي...“ ارجن هن جي پيرن تي ڪرندي چيو.
    ”تون، انسان نه وحشي آهين، ذليل تر آهين، حيوان ڪتو، ڪمينو، نيچ ۽ لچ آهين. شيطان ۽ معافي“ ”نه!“ سان ڪوشليا جو هٿ ارجن جي ڳل کي ڳاڙهو ڪندو وري آيو.
    ”نڪري وڃ. مئل ضمير جا جيترا مالڪ، تون، انساني مورت ۾ بگهڙ آهين، پشيمانيءَ جا ڳوڙها ڳاڙڻ آيو آهين يا منهنجي حال تي رحم تي ڇنڊا اڇلڻ، نڪري وڃ- نڪري وڃ-“ ڪوشليا هڪ لمبي رڙ ڪئي ۽ هن جو ڳلو بند ٿي ويو ۽ سڏڪن جو سيلاب جاري ٿي ويو.
    ”مان وڃان ٿو ڪوشي، وري منحوس صورت منهنجي ڪو نه ڏسندينءَ.“ ايترو چئي ارجن زمين ۾ گهرندو، جهڪندو سڏڪن کي پوئتي تمام پوئتي ڇڏي گهر کان نڪري ويو.
    بي مقصد ڀنواٽيون، چرين جيئن چڪر، روڊ اڪاري پنڌ جا پيچرا اجايا سجايا شهر ۾ لتاڙيندو رهيو، جهڪيل سر، منهن اڻ ڌوتو، اکيون گجين سان ڀريل، منهن تي ڦٽاڻ جي ڍير، اجايو سجايو گهمندو رهيو ۽ صبح منجهند موڪلائي رات ٿي، اڻ تڻ رولو پنڌ کٽائي نه سگهيو، سوچن جا، ويچارن جا اوٿر ۽ ڇوها هن جي دل ۾ گهلي رهيا هئا.
    ”ڪيڏانهن وڃان، ڪٿي وڃان، ڪنهن وٽ وڃان سوچيندي رات جي اڌ راڄ ۾ اڻ کٽ رستو پنڌ جو پيچرو.“ لتاڙي کٽائي گهر جي در تي پهتو. ڊڄندي ڊڄندي اندر داخل ٿيو، پير پير ۾ پائي پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو ۽ کٽ تي ڦهڪو ڏيئي ڪري ويو. گج ڀريل اکين سان ڇت ۾ گرڊر تي نظرون کپايائين، سوچن ۾ محو ٿي ويو.
    کڙڪي تي سوچن جا سلسلا ٽٽي پيا.
    ڪوشيءَ جي هٿن مان ماني جي ٽري هئي ۽ ڪنڌ هيٺ ڪيو اچي ٽيبل تي رکيائين.
    هڪ اوڇنگار ڏيئي اچي روئڻ ۾ لڳي ويو، وڏيون وڏيون هچڪيون ۽ سڏڪا ڪمري ۾ ڪاهي پيا متو ٻنهي هٿن ۾ جهلي ڳوڙها سڏڪن سان ڪڍڻ پيو.
    سنتوشي پاڻ اڇلائي سندس ڀر ۾ ڪري سڏڪا ڀرڻ لڳي.
    ”مان-مان سڄو ڏينهن وحشت ۾ گذاريو، اوهانجي انتظار ۾ گذاريو، مونکي ڊپ ٿو لڳي، واعدو ڪر ڇڏي ته ڪو نه ويندين، مونکي ماري ڇڏ، ڀل سزا ڏئي، جيڪو وڻئي ڪر مان- مان معافي ٿي چاهيان.“
    سڏڪن ۽ ڳوڙهن جي ساٿ سان ارجن ڪوشيءَ ڏانهن نهاريو. ڀنل ڀنل اکين سان ڏکوئجي هوءَ سندس گوڏن ۾ منهن لڪائي روئي رهي هئي. پشيماني ۽ ذلالت جي ويرن ۾ وڪوڙجي، هن پاڻ کي پلنگ تان کنيو ۽ ڇڪي ڪوشيءَ کي سيني سان لڳايائين.
    ”ڪوشي مان خطاوار آهيان. تنهنجو ڏوهي، تنهنجو مجرم آهيان، سمجهه ته اڄ کان تون ڏولي چڙهي منهنجي مقدر ۾ آئي آهين، اسانجو وهانءُ ٿي ويو آهي ڪوشي ڇا ٿي چوين، منهنجو ساٿ ڏينديءَ نه.“
    باوجود سڏڪن هوندي به مرڪن جو مچ ڪوشليا جي لبن تي تري آيو ۽ ڪوشي سندس سيني ۾ منهن لڪائيندي ٻنهي ٻانهن سان ارجن جي ڳلي کي ڪڻي پائيندي چيو.
    ”ها پر مونکي معاف ڪر.“
    ”ڪوشي – مجرم تون نه مان آهيان نيچ، نيچ مان آهيان، تون مرڪندڙ ڪومل ڪنول آهين، مان ڀنورو هئس، پاڳل مونکي معاف ڪر، بخشي ڇڏ ڪوتاهين کي ته زندگي کي نئين سر سنواري سنسار ۾ قدم قدم سان ملائي، وک وک سان ملائي، هٿ هٿ ۾ ڏيئي، ماٺيڻي ساگر جي هن پار هلون، جتي لاءِ پرڪاش وچن وٺي ويو هيو، چئه معاف ڪيئي يا ڪو نه.“ارجن رات جهڙن وارن جي سڳنڌ کي سنگهندي چيو.
    ”غصو ۽ ڪاوڙ ته پاپ آهي ارجن، ساک ڏئي هينئر ڇڏي ته ڪو نه ويندين، نه ته مان رلي وينديس، مري وينديس، جيون جهوٽو ته سٺو گذري، واعدو ڪر هينئر ڪو نه ويندين.“ ڪوشي هن جي سيني جي وارن جي سڳنڌ کي سنگهندي چيو.
    ”چوان، ناراض ته نه ٿيندينءَ ڪوشي.“ ارجن چيو.
    ”نه“ ڪوشليا وراڻيو.
    ۽ ارجن پريم ۽ پاٻوهه منجهان پنهنجا خشڪ چپ ڪوشيءَ جي ڦرڪندڙ چپن سان لڳائي ”نه“ جو جواب ڏيئي اونهي لذت ۽ سرور ۽ مٺاس چٽڻ ۾ ڪاهي پيو.
    ***


    احساسِ محبت

    ”نيٺ ڇا ڪجي جو ڪڏهن ڪڏهن ته ذهن اهڙيون ڳالهيون حل ڪرڻ کان ٺپ جواب ڏيو ڇڏي، ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي ، هڪ ته تون شادي شده ۽ ٻيو مان ان روڳ کان اڃان تائين آزاد آهيان، اڪير کي ڏسان ٿو ته دل چوندي آهي ته جيڪر توکي قرب جي ڪوٽ ۾ ويهاري سماجي هوائن کان دور هر ستم ۽ ظلم کان پري تمام پري ڪري رکان.“ انور لان تي ليٽي ، ٻنهي پيرن ۾ پهريل بوٽن کي ملائي ٺڪ ٺڪ جو آواز اٿاريندي چيو.
    ”ساٿي جي تون اهي ڳالهيون ٿو حل ڪري سگهين ته پوءِ مان عورت ذات ڇا ٿي ڪري سگهان، پريم وهه ته پي ورتو اٿم، هاڻ پنهنجي حالت اها آهي جو ڏينهن جو سک، راتين جو چين نهوڙي، بيقرار ۽ اڃايل اميد ڀرين اکين سان لٽائي ويٺي آهيان، گهر ۾ به رڳو وحشت پاڇو بڻجي پٺيان لڳل آهي، گهر ۾ ته ڪنهن سان ڳالهائيندي ائين لڳندو اٿم ڄڻ بيسود ڳالهايان ٿي، سڀ اوپرا، ماحول اوپرو، گهر اوپرو ڄڻ ڀلجي ڪنهن گهر ۾ قدم رکي ويٺي آهيان، امجد اها حالت ڏسي ڪئين ڀيرا پڇيو آهي مگر مون کيس کٿو جواب ڏيئي خاموشي اختيار ڪئي، هن جو ته هر لفظ مونکي زهريلو تير محسوس ٿيندو آهي. مان ته سڌي منهن هن ڏانهن ڳالهايان به ڪو نه، ڌاريو ايئن چوندو ته هي زال مڙس ئي نه آهن. مان ته چاهيندي آهيان ته هن کان دور هن جي پاڇي کان دور، پري اصل پري اهڙي هنڌ نڪري، وڃان جتي اسان ٻئي هجون ۽ وقت زندگي لازم ملزوم بڻجي فرحتن ۽ لذتن جا لاڏ ڪن، بهارن جو رقص هجي.“ مهرو پنهنجون نظرون سنڌوءَ جي هن پار اڇلائيندي چيو ته ڄڻ هن کي منزل اکين آڏو هجي.
    ”مهرو اهي سپنا، ويچار ۽ اڌما توڙي منزل ۽ ان راهه جو روڳ اسان ٻنهن جو هڪجهڙو ئي نه آهي، مونکي ته هر شئي کان نفرت، هن سماج جي هر نظام هر ٻنڌن، هر جوڙجڪ جي قانون کان نفرت ٿي پئي آهي. پريشانين جا ولر غلام بڻائي سوچڻ جا سهارا کسي وٺندا آهن، تڏهن مان پاڻ کي بلڪل هيڻو ۽ نيستو محسوس ڪندو آهيان، جيتوڻيڪ ننڍو صوبيدار آهيان پر مان ته هن نوڪريءَ کان به باغي ٿي پيو آهيان، پر جڏهن تنهنجو ڀولو ڀالو منهن تصور ئي تصور ۾ آڏو ايندو آهي دل مضبوط ٿي پوندي آهي ۽ مان هڪ خاص تراوت ۽ فخر پاڻ ۾ محسوس ڪندو آهيان. بس انهي انتظار ۾ هوندو آهيان ڪڏهن ته اسان جو ميل ٿيندو، ڪڏهن ته سک جون گهڙيون گهنگهور گهٽائن جيئن ڀرجي اينديون ۽ پوءِ سپنو سپنو نه رهندو، ويچار تڙپي تڙپي ساهه وڃائي ويندا، اسان هونداسين، سانوڻ جي سرهاڻ هوندي، بوندون بس نه ڪنديون، مينگهه ملهار مچي ويندي، هر رات چوڏهين جي چانڊاڻ پر اهي ڳالهيون به ته تدبيرن سان پوريون ٿينديون، لڪير جا فقير ٿي قدرت جي در تي ڪرڻ سان ڪجهه ڪو نه ورندو، تنهنجو ۽ منهنجو جوڙ آهي، سماج ڪيترو نه سنگدل آهي جو بغير تنهنجي رضامندي جي تنهنجو بي جوڙ سان زوري جوڙ ڪيو آهي، تون طلاق جي ڪوشش ڪر، ڇو ته توکي تنهنجون ملندڙ خوشيون به ڪين مليون آهن پوءِ قانون جو سهارو وٺڻ جو ڪهڙو عيب آهي.“ انور سڌو ٿي ويهندي چيو.
    ”وٺان به ڪيئن وٺان، عورت ذات هميشه گونگي ٻوڙي ٿيندي آهي، ماءُ پيءُ ڳلو گهٽي ماري ڇڏيندا، ايتري وت ۽ قوت هجي ها ته اڄ انتظار بڻجي پاڻ سوچن جي محلن سان سر ڪو نه ٽڪرايون ها، ائين چورن جيان هڪ ٻئي سان دل جو حال ونڊي دک درد ڪو نه ونڊيون ها.“ مهرو جذباتي لهجي ۾ انور کي چيو. ”خير ڪجهه نه ڪجهه سوچڻو ئي پوندو، ائين ويهي ويهي روئڻ مان ڪجهه ڪين ورندو، مان توکي اپنائڻ جو فيصلو دل سان ڪري چڪو آهيان، پٺتي ته مان به ڪين ورندس، افسوس جو مان پڙهيل بزدل آهيان، ڄٽ هجان ها ته اڄ ائين اکٻوٽ پاڻ کي به ڪو نه ڪرڻ کپي ها، خير وقت ۽ نينهن جي ڳانڍاپي سان رستي جا جبل هٽائڻا ئي پوندا، راهون اسانجون آهن، پنڌ اسانجا آهن، ڀڄي هلڻ سان بدناميءَ جا پر لڳندا، ائين پاڻ کان به ڪجهه ڪين ٿيندو، خير ڪا ڳالهه ناهي منزل نيٺ جلد هن جبلن کي جهوري رستو ۽ ماڳ ماڻيندي.“ انور سگريٽ دکائيندي چيو، ”بس انور تون ئي ڪجهه سوچ منهنجو ذهن ايترو قوت ڀريو ڪين آهي.“ مهرو چيو ۽ کن پل بيٺي خاموش رهيا، خاموشيءَ جو سمان تڏهن ٽٽو جڏهن مهرو چيو.
    ”چڱو انور هينئر ڪافي دير ٿي چڪي آهي، هاڻ مونکي هلڻ گهرجي.“
    ”مگر ايترو جلد.“ انور واچ ڏانهن ڏسندي چيو.
    ”ڏاڍو سياڻو آهين، ڪڪرن جي ڪري ڀليو آهين، ڏس سج لهڻ تي آهي.“ ايترو چئي مهرو برقعو پائي اٿي بيٺي.
    ”هل نه“ مهرو چيو.
    ”نه مونکي هٿ سان ڇڪي اٿار.“ انور ڪرندي چيو.
    ”ڏاڍا نخرا سکي پيو آهين.“ چئي مهرو هٿ هٿ ۾ ملائي ڇڪ ڏني ۽ انور کلندو مهرو جي اکين ۾ گهوريندي اٿي بيٺو.
    ”انور انهن نظرن سان مونکي نه ڏسندو ڪر.“ مهرو چيو.
    ”ڇو انهن نظرن ۾ جادو سمويل آهي ڇا؟“
    مونکي الاءِ جي ڇا ٿي ويندو آهي، هونئن به تنهنجون نظرون ائين هونديون آهن ڄڻ چور ڏانهن ٿو ڏسين.“ مهرو کلندي چيو.
    ”هونءَ به ته دل چور آهين چري،“ چئي انور کلڻ لڳو، ڇرڪ تي راهون جدا جدا ٿيون ۽ انور سرڪندو گهر پهتو، ڪمري ۾ صبح جو لائٽ سان اوجاڳيل اکين کي ڇنڀي اٿي تيار ٿي آفيس پهتو.
    ”هلو مسٽر انور، هينئر جو هينئر هڪ جمعدار ۽ ٽي ڪانسٽيبل وٺي جوابدار منير پويان وڃ، عورت جي اغوا جو ڪيس آهي، اڃان شهر کان ڪجهه پنڌ نڪتا هوندا، اڇي ٽويوٽا نمبر ZB 332 اٿيئي.“ ايس-ايڇ-او چيو.
    ”YES SIR“ چئي انور سليوٽ ڪيو ۽ سپاهي وٺي گاڏي ۾ چڙهيو. انور پاڻ ڊرائيو ڪري رهيو هئو، گاڏي شهر مان ڪڍي هاءِ وي تي آندائين، ايڪڙ ٻيڪڙ ڪارون وڃي رهيون هيون، اڃان ٽرئفڪ هلڪي هئي. انور جون نظرون بدستور هاءِ وي تي هيون. اڳيان اسپاٽ سنئون سڌو روڊ هئو، ايڪسيليٽر تي پير جي زور سان اسپيڊ ميٽر رفتار ۾ واڌ ڏيکاري رهيو هو. پنجاهه ميلن تائين انور ڪنهن گاڏيءَ کي ڪراس ڪرڻ ڪو نه ڏنو ۽ گاڏي اڃان به بدستور تيزيءَ سان وڃي رهي هئي. انور دور نظرن پهچ تائين انهي ڪار کي ويندي ڏٺو.
    ”رائيفل لوڊ ڪري ويهو“ هن ڪار کي ڏسندي سپاهين کي حڪم ڏنو گاڏي اڳيان ويندڙ گاڏيءَ جي ويجهو پهچندي ويئي.
    ”جوابدار جي ويجهو پهتا آهيون اها ئي گاڏي آهي توهان تيار ٿيو.“ انور چيو هڪ چيڪاٽ ڪري گاڏي ڪراس ڪندي اچي ٽويوٽا جو اڳ وٺي بيهي رهي، انور پوئتي ڏٺو گاڏي پويان ڪچو رستو وٺي چڪي هئي. هن گاڏيءَ کي بيڪ ڪري تيزي سان ٽويوٽا جو اڳ ورتو ۽ هڪدم گاڏيءَ مان لهي پسٽل هٿ ۾ ڪري گاڏي وٽ پهتو.
    ”هڪدم مسٽر منير گاڏيءَ مان هيٺ لهي اچو.“ انور حڪمانه انداز ۾ چيو تيستائين سمورا سپاهي گاڏي کي گهيري ۾ آڻي چڪا هئا.
    ”پاڻ کي گرفتار سمجهو، جلد نڪرو ٻاهر.“ انور چيو ۽ ان جي بجا آوري ۾ مسٽر منير ۽ هڪ برقعي سان ڍڪيل عورت اندران نڪري آيا.
    ”صوبيدار صاحب خدا جي واسطي اسانکي ڇڏي ڏيو، مان ثميره کي اغوا ڪو نه ڪيو آهي، اسين رضامنديءَ سان نڪتا آهيون، اهڙي تصديق ثميره پاڻ به ڪري سگهندي.“ نوجوان چيو.
    ۽ ان جي ايتري چوڻ سان ثميره برقعي جو پلئه مٿي ڪيو ۽ انور ڏانهن ڏٺائين. انور ائين محسوس ڪيو ڄڻ سڄي طاقت هن کان ڪنهن هڪدم کسي ورتي هجي، ڄڻ بادلن مان چنڊ نڪتو آهي، اونهيون اونهيون اکڙيون، ٻرندڙ پيشاني ڏسي انور ڳچ وقت اکين جي اونهائي ۾ ٻڏي ويو!! اف ايڏي سونهن، اهو دل ئي دل ۾ چوڻ لڳو.
    ”صوبيدار صاحب مان مرضي موجب منير سان وڃي رهي آهيان، اسانکي ڇڏي ڏيو جيئن اسين پنهنجي منزل تي پهچون، اسانجي اميدن جو دڳ نه جهليو، اسانجا سپنا سڙي خاڪ ٿي پوندا، شادي ڪرڻ ڪو ڏوهه نه ڪين آهي، سماج جي ستايلن جي مدد ڪريو.“ منير چيو. ”مان فرض جا ڳهه ڳڻا پهري هڪ فرياد تي آيو آهيان، اهڙي ڪوتاهي آءٌ ڪونه ڪندس،“ انور پستول مضبوطيءَ سان تاڻيندي چيو.
    ”اسانجو وقت ايترو قيمتي آهي جيترو انسان جي زندگي، هر پل اڻ ملهه آهي، وقت نه ته اسان جي سماج جيئن ويري ٿي پوندو، خوابن جي تڪميل لاءِ تعميل ڪو گناه ڪو ڏوهه ڪونهي، ٻن دلين جي آڏو جبل ٿي نه بيهو صوبيدار صاحب، اسان کي ڇڏي ڏيو.“ منير ليلائيندي چيو.
    ”فرض به قيمتي آهي، فرياد به قيمتي آهي، مونکي پنهنجي فرض جي تعميل ڪرڻي آهي، مسٽر منير.“ انور چيو.
    ”فرض، فرض، فرض- آءٌ چوان ٿو ٻن زندگين جي حياتي کان وڌيڪ فرض ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ مسٽر خدارا اسانکي وڃڻ ڏيو، منزل اسان جي انتظار ۾ گهڙيون ڳڻي رهي آهي، سوچن کي سچ ثابت ڪرڻ ڏيو نه ته اسانجو من اسانجي آتما صدين تائين رڙندي رهندي، مان ان جو معاوضو به ڏيڻ لاءِ تيار آهيان جي احسان ڪيو.“ ايترو چئي منير ٻه نوٽن جون ٿهيون کيسي مان ڪڍي انور ڏانهن وڌائيندي چيو.
    ”مسٽر منير مان فرض کان مجبور آهيان، آءٌ ڪجهه به ڪو نه وٺندس. فرض جي تڪميل ڪرڻ مان ضروري سمجهندس.“ انور چيو.
    ”تڪميل آرزوئن جي تڪميل، سهانن سپنن جي تڪميل، ٻن دلين جي ميلاپ کان وڏو فرض ڪهڙو فرض ٿي سگهي ٿو صوبيدار صاحب، ارمان لٽجڻ جو ارمان وساري، صدين تائين واڪا ڪرڻ لاءِ اسانکي ڇڏي ڏيڻ ڪو فرض ناهي، نه ته ٻن دلين جو موت ٿي ويندو، هي فرض اتم فرض آهي، اسان مجبور دلين کي ڇڏي ڏيو ته وڃي پنهنجي مڪان ۽ ماڳ رسون، اهو توهانجو احسان مان سڄي حياتي ڪو نه وساري سگهنديس.“ ثميره- مرجهايل منهن سان چيو، ائين ٿي محسوس ٿيو ڄڻ سج لهڻ تي آهي ۽ چانڊوڪي چورائجي ويئي آهي.
    ”مڃان ٿو پر مان اٽل انصاف جي اٽل قانون اڳيان مجبور آهيان، مونکي افسوس آهي، مان ڪجهه ڪو نه ڪري سگهندس.“ انور چيو.
    ”شايد تون چاهت ۽ پيار جي جذبن کان تمام پري آهين نه ته پريمين جو احساس توکي ٿئي ها ۽ مذهب جي آسيس وٺڻ چاهين ٿو ته اسانکي ڪنڌيءَ تي پهچاءِ، ڇڏي ڏي اسانکي الله نانءِ ڇڏي ڏي.“ ثميره ليلائيندي چيو.
    ”مان انسان آهيان، ثميره، هڪ حساس دل ڌاريندڙ انسان، پريم ماءُ جي هنج ۾ لولي جي روپ ۾ ڏٺم ۽ هينئر به پريت رت بڻجي منهنجي پيڙا ۾ رت بڻجي جسم ۾ گردش ڪري رهي آهي، مذهب جي آسيس ۽ انصاف جدا شيون آهن، مان واعدو ٿو ڪريان ته پوليس ڪارروائي ۾ توهانجي هر مدد ڪندس، ساٿ ڏيندس مون تي ڀروسو رکو.“ ايترو چئي هن ثميره ڏانهن نهاريو، جيڪا بت بنجي هن کي گهوري رهي هئي . هن ائين محسوس ڪيو ڄڻ زهريلا تير هن جي اندر ۾ کپجي ويا هجن.
    ”ڇا پيا سوچيو معاوضو گهٽ آهي ته آءٌ وڌيڪ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، پر خدا واسطي اسانکي ڇڏي ڏيو، اسان هڪ ٻئي کان ايترو ته دور ٿي وينداسين جيترو زمين ۽ آسمان جي وچ جي وڇوٽي آهي.“ منير چيو.
    ” سنگدل انسان ۽ پريت کان عاري انسان چوڻ به اف، اسانجي دنيا ويران، سپنا، ڪنڌيون ويران ٿي وينديون، اسانجو هر منٽ اسان کي موت ۽ تباهي جي ڇيڙي تي پهچائي رهيو آهي، صوبيدار صاحب، احساس ڪيو ڪجهه“ ”ثميره اکين کي ڳوڙهن سان ڀلائيندي چيو.
    انور اکين ڏانهن ڏٺو جن ۾ هن کي مهرو جا لفظ ۽ پنهنجا سپنا، سوچن جا محل لڙهندي نظر آيا. هو سوچڻ لڳو ”اف پنهنجا جذبا، سوچون به هنن جيئن سڳنڌ لاءِ سرگردان آهن، فرق صرف اهو آهي ته مهرو شادي شده آهي.“
    صوبيدار صاحب ان پيار ڀري لولي ۽ ماتا جي هنج ۽ هيج جو قسم اسانجي زندگي جو ڳلو گهٽي سهڪي سهڪي نه مارايو، سپنا وکري ويا ته وري ملڻ محال، اسان جو من اڳي ئي روڳي آهي. تڙپي تڙپي ساهه نڪري ويندو.“ ايترو چئي ثميره سندس پيرن ۾ اچي ڪري.
    انور لڙڪ ڀريل اکين کي ڏٺو، مک مرجهايل کي ڏٺو، ڄڻ ڦاٽل ٽڪرا ٽڪرا ٿيل ڪاغذ هوائن ۾ وکري رهيو هجي، هڪ تڙپ، هڪ ارمان، افسوس جا پاڇا ۽ ڪک پن جئن تري هڪ ٻئي کان دور ٿي رهيا هجن. هن ائين محسوس ڪيو ڄڻ ”مهرو چئي رهي آهي“ ڏٺم، ڏٺم پيار جو مانُ ۽ تون ته وڏو سنگدل آهين، آئنده توسان ملڻ محال آهي.“ هن پسٽل ور ۾ وڌو ۽ ثميره کي ڪلهن کان وٺي کنيو.
    ”مسٽر منير وڃي منزل تي پهچو، مان ڄاڻان منهنجو قانون، پر هتان دور منزل تي پهچڻ جي ڪيو، اهي پئسا کيسي ۾ رکو، ايترو چئي انور گاڏيءَ ۾ ويٺو ۽ ٻه گاڏيون پنهنجن پنهنجن رستن تي هلڻ لڳيون.

    ***


    حوا جي ڌيءُ

    شام جو پنجين وڳي فيڪٽري مان موڪل ٿي، سڌو ڪوارٽر تي هليو آيس، مون کي ٻين دوستن جو انتظار هو، ايئن چار دوست هڪڙي ئي ڪوارٽر ۾ رهندا آهيون، جيڪو شير شاهه جي محلي ۾ آهي، اسين چار ئي الڳ الڳ فيڪٽرين م ڪم ڪندا آهيون. ٻين ٽنهي دوستن مان هڪڙو دوست مولابخش منهنجي ڳوٺ جو رهندڙ آهي، هو هڪڙي هفتي کان ڳوٺ ويل آهي ۽ اڄ سڀاڻ ۾ واپسي اٿس.
    اسين پاڻ گڏجي ڪوارٽر جو ڪرايو به ادا ڪندا آهيون ۽ کائڻ پيئڻ ۾ به حصو وجهندا آهيون، اهڙيءَ طرح اسين ڪنهن هڪڙي مٿان وزن نه پوندا آهيون. انهيءَ گڏيل خرچي کان پوءِ به چڱا پئسا بچائي ابي امڙ ڏانهن موڪلي ڏيندا آهيون.
    ڳوٺ جا حال پورا آهن، مهانگائيءَ ۽ بيروزگاريءَ ويتر حال پورا ڪري ڇڏيا آهن، نه ڪوئي اسڪول، نه اسپتال ۽ نه ئي ڪوئي صحت صفائيءَ جو مرڪز. هر جڳهه گندگي جا ڍير ۽ گندي پاڻي جا دٻا نظر ايندا. چار پنج سؤ پڪن گهرن جو ڳوٺ پوءِ به اهڙو، جيڪڏهن ڪوئي بيمار ٿئي ته انهيءَ کي ڪنهن وڏي شهر کڻائي وڃڻو پوي ٿو. الاءِ ته ڇو هلنديءَ واري ڳوٺ جو وڏيرو، ان طرف توجهه نه ٿو ڏي. شايد انهيءَ ڪري جو گهڻو ڪري هُو وڏي شهر ۾ رهي ٿو. هتان جا حال هتان وارا ڄاڻن.
    ڳوٺ جي بدحالي ۽ بيروزگاريءَ چور ۽ ڌاڙيل پيدا ڪري وڌا آهن، ڪوبه امن ۽ سڪون سان پنهنجي زندگيءَ گذاري نه ٿو، ڪنهن جون مينهون چوري ٿي ويون ته وري ڪنهن جون ٻڪريون، ماڻهون رات جاڳي گذارين ٿا. هڪڙي ڏينهن ڳوٺاڻن پاڻ ۾ کُلي ڪچهري ڪئي ۽ فيصلو ٿيو ته جڏهن وڏو رئيس هٿ اچي ته گڏجي دانهين ٿيندا سين ۽ عرض ڪندا سين ته ڪو وسيلو ڪر هن عذاب مان اسان جي جند ڇڏاءِ. ڪجهه ڏينهن ۾ وڏو رئيس ڳوٺ پهچي ويو، سڄي ڳوٺ جا ماڻهو ساڻس ملڻ ويا ۽ ڳوٺ ۾ چوري چڪاري جي دانهن به ڏنائونس.
    وڏو رئيس پهريان ته مُرڪي ويٺو. پوءِ چوڻ لڳو ته هت به چور پهچي ويا آهن ڇا! مان سمجهان پيو ته چور شايد وڏن شهرن ۾ رهندا آهن، ماڻهن جون موبائلون کسن ٿا، کيسا خالي ڪن ٿا، اُهي به ڏينهن ڏٺي جي وقت، مان پاڻ به ٻه ڀيرا ڦرجي ويو آهيان، پوءِ ٻڌايو مون ڪنهن کي دانهن ڏني.
    وڌيڪ چوڻ لڳو ته ”مان سمجهان ٿو ته چور هِن ڳوٺ جو لفنگو ڇورو هوندو، سڄو ڏينهن هوٽلن ۾ گذاريندو ۽ رات جو غريبن جي گهرن جون ڀتيون ٽپندو هوندو.“
    ڳوٺاڻا هڪٻئي جو منهن تڪيندا رهيا. ڪجهه دير جي خاموشي کان پوءِ وڏو رئيس چوڻ لڳو ”چڱو چڱو حد جي صوبيدار کي چوان ٿو ته اهو جاچ ڪري، ڪهڙا چور جاڳي پيا آهن. چڱو چڱو هاڻي وڃو هتان ، گهڻو وقت وڃايو نه.“ هر ڪو پنهنجو مُنهن بڇڙو ڪري گهر ڏانهن هليو ويو، ڪنهن کي به وڌيڪ ڳالهائڻ جي همت نه ٿي، هر ڪنهن کي خبر هئي ته ڌاڙيل ڪير ٿو پالي، سڀ کان وڏو پاٿاريدار سندس وڏو مُنشي مِٺل آهي، جنهن جي اوطاق تي خميسو ڌاڙيل سدائين ويٺو هوندو آهي. انهيءَ ڪري وڏي مُنشي جو رُعب به وڏو، ڪنهن نه ڪنهن کي حڪم ڪندو وڃ ڙي ٻه چار ڪُڪڙ پچرائي اچ، اوطاق تي مهمان لٿل آهن، ڪنهن کي مکڻ ته وري ڪنهن کي چانورن جي ماني پليءَ جو ساڳ کڻي اچڻ لاءِ چوندو. غريب ماڻهوءَ جو ڪهڙو حال، ڪي ته شهرن ڏانهن لڏي ويا ته ڪي ڀر وارن ڳوٺن ڏانهن.
    هڪڙي ڀيري ڳوٺ جي مُکي ڀڳوانداس جو پٽ گم ٿي ويو، سڄي ڳوٺ ۾ ڪهرام مچي ويو، ڳوٺاڻن گڏجي شهر ڏانهن ويندڙ رستو بند ڪري ڇڏيو، هڙتال ڪيائون، حڪومتي مشينري حرڪت ۾ اچي وئي. واعده اقرار ٿيا ماڻهو خاموش ٿي ويهي رهيا. ٿيو ڪجهه به نه.
    ڪنهن ماڻهوءَ، مُکيءَ جي دماغ ۾ عقل وڌو ۽ سمجهايو ته وڃ وڏي مُنشي وٽ کيس عرض به ڪريس ۽ لالچ به ڏيئس، ڏس ته ڪيئن نٿو ٿئي تنهنجو ڪم.
    مُکي کي دماغ ۾ ڳالهه ويٺي، انهيءَ مهل جُتي پيرن ۾ ، پهتو وڏي منشي جي اوطاق تي.
    وڏو منشي ته اڳ ئي انتظار ۾ ويٺو هو ته ڪڏهن ٿو اچي مُکي عرض کڻي.
    وڏي مُنشي اُٿي مُکي کي هٿ ملايو، ”اچو اچو مُکي ويهو ويهو، اڄ ڪيئن اچڻ ٿيو، ٻيو ته خير آهي نه؟“
    ”منشي وڏا، خير وري ڪهڙو، اڃان منهنجو ٻچڙو ڪونه مليو آهي، هُن جي ماءُ ته روئي روئي حال بي حال ڪري ڇڏيا آهن. کائڻ پيئڻ به وسري ويو اٿس.“
    ”پوءِ پوليس ڇا ٿي ڪري“
    ”سرڪار، پوليس به پنهنجي ڪوشش ۾ لڳي پئي آهي، منهنجو عرض آهي ته توهان ڪجهه ڪريو، آئون خرچو ڀري ڏيندس.“ مکي چيو.
    ”مان ڪوشش ڪندس، مُکي ڪم ڪجهه ڏکيو آ.“ مُنشي چيو.
    ”سرڪار اوهان همت ڪندؤ ته ڪجهه مشڪل نه آهي. بس مون کي ٻچڙو ملي وڃي.“ مُکي هٿ ٻڌندي عرض ڪيو.
    ”چڱو چڱو، مان ڪوشش ڪندس، پر...“
    ”پر ڇا سائين...“
    ”پر خرچ لڳندو، چڱو خاصو خرچ لڳندو ۽ ٻُڌُ اهڙي ڳالهه ڪنهن سان ڪرڻي ناهي.“ منشي ورندي ۾ چيو.
    ”خرچ ڪيترو لڳندو سرڪار.“ مُکي پڇيو.
    منشيءَ مُکي کي پنهنجو ويجهو سڏي ڪَنَ ۾ ڪجهه چيو.
    ”سرڪار“
    “”بس بس، مُکي انهيءَ کان وڌيڪ مون کي چئو.“
    ”ته پوءِ هاڻي وڃ پئسن جو بندوبست ڪر، باقي ڪم منهنجو.“ وڏي منشي دل جي ڳالهه ڪري ڇڏي.
    پهريائين مُکي ڀڳوانداس، مُنشي مِٺل جي گُهريل رقم جو ٻڌي ٻڏتر ۾ اچي ويو پرپُٺ جو خيال ايندي تڪڙا تڪڙا قدم کڻي گهر پهچي ويو. گهر جا سڀ ڀاتي پريشان هئا، سوالن مٿان سوال ڪرڻ لڳا، ”ڪجهه خبر پئي، ڇا چيو، پوليس وارن، وڏي منشي وٽ وئين، ڇا ٿيو ڪجهه ٻڌاءِ به....!“ مُکي ڪنهن جي نه ٻُڌي، سِڌو پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو. لوهي الماري کولي ٽجوڙيءَ مان پئسا ڪڍيا، ڪپڙي جي ننڍڙي ٿيلهيءَ ۾ وجهي ويڙهي رکيا، پوءِ منشيءَ جي نياپي جو انتظار ڪرڻ لڳو، گهر جا ڀاتي پريشان هئا، هر ڪنهن کي مُکي جي ورنديءَ جو انتظار هو، پر مُکي چُپ جي مُهر لڳائي ڇڏي هئي.
    گهر جو دروازو کڙڪيو، سڏ ٿيو... ”مُکي... او مُکي...“
    مُکي آواز سڃاتو، وڏي منشي جو آواز هو.
    ”آيو، آيو،“ مُکي ورندي ڏني.
    مُکي گهر کان ٻاهر آيو .وڏو منشي مسڪرائي رهيو هو، پڇڻ لڳو.
    ”ڪم ٿيو.“
    ”جي ها، جي ها..“ مکي چيو ۽ پئسن جو ڀريل ٿيلهو مُنشي کي ڏنو ۽ پوءِ هٿ ٻڌي التجا ڪندي چوڻ لڳو ”سائين منهنجو ڪم.“
    ”مُکي، تون اسان جي پٺيان اچ، تنهنجو ڪم ٿي ويندو.“ مُنشي چيو.
    رات جو وقت هو، انڌيري جو فائدو وٺندي مُنشي هڪ دروازو کڙڪايو،. آواز آيو ”ڪير“
    ”منشي وڏو.“
    دروازو کليو، مينهن جو واڙو هو. ”ٻار کي وٺي اچ.“
    منشي حڪم ڏيندي چيو.
    ٻار کي آندو ويو، مُکي کي حوالي ڪندي وڏي منشي چيو، ”مُکي تنهنجي ٻار جي وڏي ڳولها کان پوءِ کڙتيل نڪتو، خاموشي سان هن کي وٺي وڃ ۽ ٻُڌ ڪنهن سان به اهڙو احوال نه ڪجان، جيڪو پڇي ته ٻار پاڻ ئي اچي ويو ، انهيءَ کان وڌيڪ ڪُڇ به نه.“
    اڄ ڏينهن تائين ڪنهن کي به خبر نه پئي ته ٻار ڪٿان مليو.
    مُکي ڀڳوانداس مرندي مري ويو پر اهڙي ٻڙڪ ڪنهن سان به نه ڪيائين.
    ڳوٺن جي پنهنجي زندگي آهي، ميل ميلاپ، مهمان نوازي اڃان به قائم آهي، شادي هجي چاهي غمي ، رسم ۽ رواج ساڳيو هلندو پيو اچي.
    اسان جي ڳوٺ کان سڏ پنڌ تي سيد بچل شاهه بخاري جي مزار آهي، هر جمعي رات جو هت محفل لڳندي آهي، مقامي ۽ ٻاهرين تر جا لوڪ فنڪار اچي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن، سچ پُڇو ته سڄي رات پرهه ڦٽيءَ تائين مزو ايندو آهي. روح کي وڻندڙ سرور محسوس ٿيندو آهي، سڪون واري جڳهه، هت هر ڪو پنهنجو غم مٽائي محبت جو پيغام کڻي ويندو آهي. اُتي گذريل گهڙيون ياد اچن ٿيون.
    ڳوٺ جي ڀرسان وهندڙ سُون واهه جي ڪناري ٽاري جا وڻ ياد اچن ٿا، جنهن جي ڇانَو هيٺان ويهي اسڪول جا سبق ياد ڪندو هيس. اسڪول جي ڀرسان وَلُوءَ واري هوٽل به ياد اٿم، سڄو ڏينهن مَلائيءَ واري شيشي جي گلاس ۾ چانهه هلندي هئي. وَلُوءَ واري هوٽل ۾ چورن ۽ لُچن ماڻهن جي بيٺڪ به رهي ٿي، انهيءَ ڪري چڱو ماڻهو چانهه پي کسڪي ويندو هو، خبرون چارون ۽ سياست جي معلومات وٺڻي هجي ته شمن حجام جي سئلون تي هليو وڃ، وارن جي ڪٽنگ به ڪندو، مُلڪي واءُ سواءُ به ڪندو، خبرن تي تبصرو اهڙو ڪندو جو ٻُڌندڙ سوچ ۾ پئجي ويندو ته اهڙيون خبرون ڪٿان ٿو آڻي.
    اسان جي ڳوٺ جي وڏي رئيس کي ڀلوڙ ڪتن پالڻ جو شوق به ڏاڍو آهي، ڪتن جي سارسنڀال لاءِ چڱن ڀلن ماڻهن جي نوڪري لڳائي ڇڏي آهي.
    وڏو رئيس پاڻ به ڪتن جي کاڌ خوراڪ جو خيال رکندو، ڪتن جي پالنا ۾ ڪابه ڪسر ڪونه ڇڏيندو، هن کي اها خبر هئي ته ڪابه ڪسر رهجي وئي ته رِڇَ ڪتن کي ڦاڙي چيري ڇڏيندا، هر ماه جي پهرين آچر ڏينهن رِڇَ ڪتي جي ويڙهه ٿيندي آهي، ويڙهه ۾ پهريائين هڪ ڪتو جي مارجي ويو ته پوءِ ٻه ڪتا وڙهندا، شرطون به وڏيون . لونگ فقير جو رِڇ مکڻ جو پليل ڪتي، کي ڀاڪر ۾ وڌائين ته پوءِ ڪتي جي هڏين ٽٽڻ جو آواز ايندو ۽ جي چنبو هنيائين ته منهن به چيرجي ويندس.
    ماڻهو تماشو ڏسڻ الاءِ جي ڪٿان ڪٿان ڪَهي ايندا هئا.
    هر سال ڊسمبر واري مهيني ۾ وڏي پيماني تي جانورن ۽ صنعت جي نمائش لڳندي هئي. ڪٿان ڪٿان کان اسٽال لڳائڻ وارا يندا هئا، راڳ رنگ ۽ تماشو ڏيکارڻ وارن جا ٿيٽر لڳندا هئا.، سرڪس، موت جو کوهه ۽ جهولا ڏسڻ لاءِ ماڻهن جو سدائين ميلو لڳل هوندو هو. ڀلي نسل جا جانور ڪٿان ڪٿان کان هت اچي مقابلي ۾ حصو وٺندا هئا، اُٺن، گهوڙن ۽ ڏاندن جي گوءِ ٿيندي هئي، رنگ رنگ، مشاعرو ۽ سگهڙن جون ڪچهريون واه واه پئي ٿيندي . حُسن وارن جا نخرا ڏسي عاشق ويچارا مجبور ٿيندا هئا ۽ جي انهيءَ موسم ۾ برساتون ٿي پيون ته سڄي پروگرام تي پاڻي ڦري ويندو هو. گهڻا سال اڳ جڏهن مان اڃا ننڍو هئس، اسان جي ڳوٺ ۽ ڀر وارن علائقن ۾ سالن کان مينهن جو وسڪارو به ڪونه ٿيو. ڳوٺ جا ماڻهو پريشان ۽ مايوس رهڻ لڳا خشڪ ساليءَ سبب زمينون بنجر ۽ جانورن به مرڻ لڳا. هڪڙي ڏينهن ڳوٺ جا ماڻهو کلي آسمان هيٺان دعا گهرڻ لاءِ گڏ ٿيا، خدا اڳيان ٻاڏائي رهيا هئا. پياسي زمين، پياسا ماڻهو آسمان ڏانهن ٻئي هٿ مٿي ڪري گهري رهيا هئا. مينهن جو هڪ ڦڙو، آسمان بلڪل صاف سٿرو هو، ڪٿي به هڪ ڪڪر جو ٽڪڙو ڏسڻ ۾ نه آيو. مان ۽ منهنجو ابو گهر جي ٻاهران بيٺا هئاسين. منهنجي امڙ کي تڪليف هئي، ڳوٺ جون عورتون گهر جي ڪمري ۾ اچن وڃن پيون.
    ٿوري دير ۾ ڪمري جو دروازو کليو، ٻار جي روئڻ جو آواز آيو. عورتون ٻاهر آيون، مبارڪ مبارڪ، ڌيءَ ڄائي آهي، ٻڌائڻ لڳيون. ابو خوش ٿيڻ لڳو، مون کي چوڻ لڳو سوڍل خوش ٿي، تنهنجي ڀيڻ اچي وئي.
    مان خوش ٿيڻ لڳس. ٻاهر ڏٺم، ڏينهن اونداهي ۾ ڇانئجي ويو. آسمان ڏانهن ڏٺم، آسمان ڪارن ڪڪرن ۾ ڍڪيل هو. حيران ٿيس، ته اوچتو ڪڪر ڪٿان اچي نڪتا، برسات شروع ٿي، وڏ ڦڙو مينهن لهي پيو، ماڻهو خوشي وچان گهرن مان نڪري پيا، پياسي زمين برسات ۾ تَرَ ٿيڻ لڳي.
    مان ورانڊي مان ڊوڙندو ٻاهر نڪري آيس. برسات جو پاڻي جسم کي ڌوئي رهيو هو. سالن جي ميراڻ زمين ۾ جذب ٿي رهي هئي.
    ماڻهو خوش هئا، هنن جي دعا قبول ٿي. مان برسات ۾ پاڻي جو مزو وٺي رهيو هيس ۽ بابو گهر جي ورانڊي مان سڏي رهيو هو. ڊوڙندو گهر پهتس.
    ”ابا سوڍل، وڃ ڪجهه وٺي اچ، ماڻهن جو مُنهن مِٺو ڪيون، ڪجهه مِٺي شيءِ وٺي اچ.“ ابي چيو.
    مان ڊوڙندو مٺائي جا ڪجهه دٻا وٺي آيس، منهنجي گهر ۾ اهڙي خوشيءَ ۾ منهنجي ڀيڻ جو نالو بختاور رکيو ويو.
    بختاور، هوءَ بخت واري هئي، هن جي ڄمڻ وقت اوچتو برسات وسي پئي. هر ماڻهوءَ جي چهري تي مسڪراهٽ هئي. وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا ٽڙي پيا. تنهن وقت منهنجي عمر پندرهن سالن کن ٿيندي. مان خوشيءَ وچان پنهنجي ڀيڻ کي پيار ڪرڻ لڳس. جيڪا جنهن گهڙيون اڳ هن دنيا ۾ پنهنجون اکيون مَس کوليون هيون، مان ڏاڍو خوش هيس.
    ايئن وقت گذرندو ويو،بختاور اڄ ننڍي سڀاڻي وڏي ٿيندي وئي، اچي ٻاويهن سالن جي ٿي. انهيءَ وچ ۾ امڙ سخت بيمار ٿي پئي، دوائن جو ڪو اثر ڪونه ٿيو، بيماريءَ ويتر امڙ کي ڪمزور ڪري وڌو، هن کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو هو. مون کي شهر کان گهرائي ورتائين.
    بيمار امڙ جي سيرانديءَ وٽ ويٺس. گهڻا دلاسا ڏيندو رهيس.
    ”امڙ تون جلد ٺيڪ ٿي ويندين، ڳڻتي نه ڪر، توکي شهر جي وڏين اسپتالن ۾ ڏيکاريندس، تون فڪر نه ڪر.“
    ”ابا سوڍل، ڪجهه به نه ٿيندو، وقت اچي پورو ٿيو آهي، اوهان ڪجهه به نه ڪيو.“
    ”نه امڙ، تون دل نه هار، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، حوصلو رک.“ مون کيس تسلي ڏيندي چيو.
    منهنجي اکين مان ڳوڙها وهي نڪتا. مان پاڻ کي جهلي ڪونه سگهيس، روئڻ لڳس، مون سان گڏ منهنجي ڀيڻ به روئي رهي هئي.
    منهنجي امڙ پوين پساهن ۾ هئي، هوءَ جلد ڪجهه ڳالهائڻ ٿي چاهيو، مون کي ويجهو سڏيندي چوڻ لڳي.
    ”ابا سوڍل،“
    ”جي امڙ“
    ”ابا، منهنجي ڳالهه ڌيان سان ٻُڌ“
    ”جي امڙ، منهنجي مِٺي امڙ.“
    ”ابا، مون سان هڪ واعد ڪر.“ هن ساهه کي ڇڪ ڏيندي چيو.
    ”حڪم، امڙ، ٻڌان پيو“، مون چيو.
    هن ٿورو ساهه کنيو، هن جو آواز ٿورو ٿورو هلڪو ٿيندو ويو.
    ”ابا“
    ”“ٻڌان پيو، امان... ڳالهاءِ.... ٻڌان پيو... امان، امان... ٻڌان پيو.“ مان هن جي بلڪل ويجهو ٿيندي چيو.
    هن ٿوريون اکيون کوليون ۽ هن جي اکين مان ڳوڙها وهي نڪتا.
    مان سڏڪن ۾ پئجي ويس، منهنجي ڀر ۾ ويٺل منهنجي ڀيڻ بختاور روئي رهي هئي.
    امڙ منهنجي مٿي تي هٿ ڦيريندي چوڻ لڳي، ”واعد ڪر... پنهنجي ڀيڻ جو هر حال ۾ خيال رکندين، هن کي ڪڏهين ڏکيو نه رکندين، واعدو ڪر ابا، واعد ڪر..“ امڙ آهستي آهستي ڳالهائي رهي هئي، هن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا.
    مون هن جا ڳوڙها اگهيا، مون چيو، ”امڙ تون فڪر نه ڪر.“ الله کي حاضر سمجهي واعدو ٿو ڪريان ، هن کي خوش رکندس، هر حال ۾ خيال رکندس. مان سڏڪن ۾ پئجي ويس.
    هن مٿي ڏٺو، ”الله“ پوءِ ڪلمو پڙهيو ۽ اکيون پورجي ويون.
    پوري گهر ۾ راڙو پئجي ويو.
    امڙ گذاري وئي.
    انهيءَ صدمي کي اڄ گهڻا سال گذري ويا آهن، مان پنهنجي ڀيڻ جو گهڻو خيال رکندو آهيان ،هن جي هر ڳالهه مڃيندو آهيان. هُن ڏانهن جڏهن ڏسندو آهيان تڏهن محسوس ڪندو آهيان ته هوءَ هينئر جوان جماڻ ٿي چڪي آهي پوءِ سوچيندو آهيان ته هن کي به هڪ ڏينهن پنهنجي گهر وڃڻو پوندو ۽ پنهنجي ابي امڙ جو گهر هميشه لاءِ ڇڏي وڃڻو پوندس. هوءَ پنهنجون ننڍپڻ جون يادون هميشه لاءِ پاڻ سان کڻي ويندي! انهيءَ سوچ ۾ منهنجو هيانَو به هيڻو ٿي پوندو آهي. اکين مان ڳوڙها وهي نڪرندا آهن. انهيءَ ڪري مان هن لاءِ سڀ ڪجهه ڪندو آهيان، جيڪو هوءَ چاهيندي آهي.
    چاچي وريام پنهنجي پٽ لاءِ بختاور جو سنڱ گهريو، مون هن کان هُن جي مرضي پُڇي. هُن اهو فيصلو ڪرڻ اسان جي مٿان ڇڏيو. اسان خوشيءَ سان چاچي وريام جي پٽ سان رشتو ڳنڍي ڇڏيوسين.
    چاچي وريام جو پٽ نئون نئون تعليم واري کاتي ۾ ماستر ڀرتي ٿيو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته اڳئين سال رمضان شريف جي عيد کان پوءِ ڪابه تاريخ مقرر ڪري شاديءَ جي رسم ادا ڪئي ويندي، تيستائين هر ڪو پنهنجي پنهنجي تياري ڪري.
    آئون به ڏينهن رات محنت ڪري پنهجي ڀيڻ لاءِ ڪجهه ٺاهڻ ۾ لڳيس ويس.
    اڄ آچر جو ڏينهن آهي، فيڪٽريءَ کان موڪل جو ڏينهن. گهر ويٺي ڏينهن گذاري رهيو آهيان، اوچتو گهرجو در کڙڪيو، در کوليم ٻاهر ٽپالي بيٺو هو، هڪ لفافو ڏنائين.
    لفافي کي کوليم، خط لکيل هو، جيڪو منهنجي نالي لکيل هو. خط جو پورو مضمون پڙهيم، منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، هڪ مون خط هڪ ڀيرو ٻيهر پڙهيو، منهنجو پورو جسم ڏڪي رهيو هو. مون هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو، مون کان سواءِ ڪوبه موجود ڪونه هو، منهنجو مٿو چڪرائجي ويو، وڃي کٽ تي ڪِريس ۽ سُڏڪن ۾ پئجي ويس. خبر نه اٿم ته ڪيترو وقت روئيندو رهيس. جڏهن هلڪو ٿيس ته تڏهن هڪ ڀيرو خط کي پڙهڻ شروع ڪيو، لکيل هو،
    ”تنهنجي ڀيڻ جو هِت ڳوٺ ۾ گهر گهر چرچو پيو هلي، تنهنجي ڀيڻ تنهنجي دوست مولابخش سان کريل آهي، تون شهر ۾ ويٺو مزو ماڻين ۽ تنهنجي ڀيڻ هِت....!“
    خط پڙهڻ کانپوءِ منهنجي حالت اهڙي هئي جهڙي جهنگ رهندڙ جانور جي. مون بيگ کنيو، ڪپڙا ۽ ٻيو سامان وجهي تڪڙا تڪڙا قدم کڻي ٻاهر روڊ تي نڪري آيس، اهو به ڪونه ڏٺو ته گهر کي تالو لڳايو يا نه، رڪشو ڪيو، بس اسٽينڊ تي پهتس، برسات تيز ٿيندي ٿي وئي، ڳوٺ واري بس تي ويٺس. مقرر وقت تي بس ڳوٺ رواني ٿي. انهيءَ وقت ڏينهن جا يارهن وڄي رهيا هئا، برسات سبب بس جي رفتار گهٽ هئي ۽ مزي مزي سان هلي رهي هئي. مان پريشانيءَ ۾ هيڏا نهن هوڏانهن ڏسي رهيو هيس ۽ جسم وڪڙ کائي رهيو هو، جوش سبب عقل ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. صرف اهو سوچيان پيو ته اڃان ڪيتري دير لڳندي ڳوٺ پهچڻ ۾، تيز برسات سبب ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه پيو اچي. بس جي رفتار گهٽجڻ لڳي ۽ منهنجي بيچيني جي رفتار وڌڻ لڳي. وقت کٽڻ جو نانءُ ئي نه پيو وٺي. مون سوچي ڇڏيو هو ته ڳوٺ پهچڻ وقت مون کي ڇا ڪرڻو آهي ۽ منهنجو پهريون قدم ڪهڙو هوندو.
    ائين سوچيندي سوچيندي پنهنجي منزل تي پهچي وياسين. بس ڳوٺ سامهون اچي بيٺي ۽ مان بس مان هيٺ لٿس. شام جو وقت ٿي چڪو هو.
    برسات هلڪي هلڪي ٿيندي وئي. مون مٿي آسمان ڏانهن ڏٺو، آسمان تي اڃان ڪاراڻ هئي. ڳوٺ ڏانهن ڏٺم، صرف پاڻي ئي پاڻي هو. ڳوٺ ڏانهن ويندڙ رستو به پاڻي ۾ ٻڏل هو. مون تڪڙا تڪڙا قدم کڻي گهر ڏانهن ويندڙ رستو ورتو.
    ماڻهو گهرن جي ڇتين ۽ گهرن مان برسات جو پاڻي ٻاهر ڪڍي رهيا هئا، ٻار برسات جي پاڻي ۾ کيڏي رهيا هئا. برسات سبب ماحول آلودگو هو، مان تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو مولابخش جي گهر پهتس.
    در کڙڪايو
    ”ابا ڪير آهي؟“ گهر مان سندس والد پڇيو
    مون هڪ ڀيرو در کڙڪايو.
    ”آيو، آيو، ابا آيو،“ در کليو، منهنجي سامهون مولابخش جو پوڙهو پيءُ بيٺل هو.
    ”ابا ڪير؟“
    ”چاچا مان آهيان، سوڍل، مولابخش ڪٿي آ؟“ مون پڇيو.
    ”ابا مولابخش پنهنجي ساهرين ويل آهي، اٺ ڏينهن ٿيا اٿس، اڃان ڪونه آيو آهي، ڇو ابا خير ته آهي نه؟!“
    ”چاچا، خير ڪونهي، اوهان چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا، پوءِ به خير ٿا پڇو.“ مون ٿوري گرمي ڏيکاريندي چيو.
    ”ابا اندر اچ، ڳالهه ويهي ڪر، ڪهڙي ڳالهه آهي.“ هن چيو
    ”چاچا، توکي خبر آهي ،پوءِ ڳوٺ کي خبر آهي.“ مون ڪاوڙ مان چيو.
    ”ابا، جيڪا ڳالهه تو ٻُڌي آهي اهو سچ نه آهي.“
    سچ آهي ته تنهنجي ڀيڻ پاڪ ۽ صاف آهي. ڪوئي دشمني ڪري رهيو آهي. دشمن ڳولهه، سچ ۽ ڪُوڙ پاڻ ئي ظاهر ٿي پوندو، ابا غصو حرام آهي، غصي ۾ ڪوئي نقصان نه ڪجانءِ، پوءِ پڇتاءُ به ڪم نه ايندئي. ”هن نصيحت ڪندي چيو.
    ”مون کي تنهنجي نصيحت نه کپي چاچا، مون کي ته تنهنجو پُٽ کپي مولابخش، هينئر نه مليو ته پوءِ ڳولهي وٺندس.“ مون غصي ۾ جيڪو چوڻ هو، سو چئي ورتم.
    مون کي مولابخش هٿ ڪونه آيو، غصي ۾ پنهنجي گهر روانو ٿيس، برسات هلڪي ٿي وئي هئي، صرف ڪڻ ڪڻ پئجي رهي هئي،
    گهر جي دروازي تي پهتس، ٿورو ڌِڪو ڏنم، دروازو کلي ويو، بابي اوچتو دروازو کلندي ڏسي هَڪل ڪئي. ”ڪير آهين؟“
    مون ورندي ڪونه ڏني. ڏٺم بابا کٽ تان اٿيو،دروازي ڏانهن ٿي آيو. مون ڏٺو، منهنجي ڀيڻ نماز پڙهي پئي. هوءَ سلامي ورائي دعا گهري رهي هئي. بابو دروازي تي پهچي ويو مون کي ڏٺائين ۽ حيراني ۾ پُڇڻ لڳو.“ ابا خير ته آهي نه، ائين خاموش ڇو آهين، ورندي نه پيو ڏين؟“
    مون پوءِ به خاموشي اختيار ڪئي.
    ”ابا تون خاموش ڇو آهين، ڳالهائين ڇو نٿو.“ هن حيراني مان پڇيو.
    آئون بابا کان پڇڻ لڳس ڇا توکي خبر آهي ته ڳوٺ ۾ بختاور جو چرچو پيو هلي.“
    ”ها خبر آهي، اهو بلڪل ڪُوڙ آهي، ماڻهن جو مُنهن ڪير بند ڪندو، جيڪي ڪجهه تو ٻڌو آهي اهو سچ نه آهي، سچ اهو آهي بختاور پاڪ ۽ صاف آهي.“بابي ورندي ڏيندي چيو.
    ليڪن مان عقل جي انڌي گهوڙي تي سوار هيس، منهنجي اندر ۾ غيرت جو ڀُوت ويٺل هو، سو پنهنجو ڪم ڪري پوءِ نڪرندو. مان بابي جي ڳالهه کي ڪيئن مڃيندس. بابو سمجهائيندو رهيو پر مان ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه هيس، مون ڏٺو بختاور نماز جو مُصلو ويڙهي هڪڙي هنڌرکيو ۽ اسا نجي ڳالهه ٻڌندي رهي. جڏهن هُن کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته روئڻ لڳي ۽ جسم ڏڪي رهيو هيس.
    هوءَ رڙيون ڪري رهي هئي. ”بابا، بابا“
    مون هڪل ڪئي ۽ ڊوڙي وڃي ورانڊي مان ڪهاڙي کنئي. بختاور، کليل دروازي کان ٻاهر ڊوڙ پاتي ۽ بچايو بچايو ڪري رهي هئي. بابي مون کي ڀاڪر ۾ جهليو ۽ رڙيون ڪرڻ لڳو، ”نه ابا نه، نه ابا نه... اڙي گناهه ٿو ڪرين، اڙي بي ڏوهي ٿو مارين. خدا جو واسطو ٿئي نه ڪر ايئن، اڙي تنهنجي ڀيڻ آهي، اڙي تنهنجي ڀيڻ آهي، خدا جو ، رسول جو واسطو اٿئي ايئن نه ڪر، ابا ائين نه ڪر ابا...“
    بابي جا ڪمزور هٿ ڍرا ٿي ويا، هو روئڻ لڳو، مون هڪ به نه ٻڌي ۽ دروازي کان ٻاهر ڊوڙ پاتي، ڪهاڙي منهنجي هٿن ۾ هئي ۽ بختاور مون کان اڳيان رڙيون ڪندي ڊوڙندي پئي وڃي. برسات جي پاڻيءَ ڪچي مٽي ۾ ڇڪناهٽ پيدا ڪري ڇڏي هئي. مون ڏٺو ته بختاور ٻه ڀيرا هيٺ زمين تي ڪري پئي ۽ ساهه جي ڀوَ کان ڊوڙڻ لڳي. ائين اسين ڳوٺ کان ٻاهر نڪري آياسين. بختاور ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پئي ۽ ڪيچڙ ۾ ڪري پئي، مان اچي پهتس ۽ سندس مٿان اچي بيٺس.
    هوءَ روئي رهي هئي، مون کي واسطا ڏئي رهي هئي. مون ڪهاڙي ٻنهي هٿن سان مٿي کنئي . هيٺ زمين تي منهنجي ڀيڻ روئي ، چئي رهي هئي ”نه ادا نه... ادا نه...“
    منهنجي اکين اڳيان انڌيرو ڇانيل هو. جيئن منهنجي هٿن مان ڪهاڙي هيٺ آئي، مون ڏٺو امڙ رڙيون پئي ڪري...“ نه ابا نه مار... ابا نه مار...“
    منهنجا هٿ اتي جهلجي ويا.
    مون ڏٺو، امڙ زمين تي ڪريل آهي ۽ روئي پئي، منهنجي هٿن مان ڪهاڙي هڪ پاسي ڪري پئي، مان هيٺ جهڪي ڪري پنهنجي ڀيڻ بختاور کي کنيو ۽ ڀاڪر ۾ وڌو.
    هوءَ روئي رهي هئي، هن جو پورو جسم خوف کان ڏڪي رهيو هو، مون پنهنجي جسم تان چادر لاهي هن جي جسم کي ڍڪي ڇڏيو.
    ***


    مٽيءَ هاڻا ماڻهو

    تقريبن ڇهن سالن کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر خانڳڙهه بدلي ٿي آيس. جڏهن پهريون ڀيرو هت آيس، تڏهن زمانو ۽ ماحول ڪجهه ٻيو هو، پر هينئر سڀ ڪجهه بدلجي ويو آهي. جڏهن هتان هليو ويو هيس، تڏهن مون سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو هو، پر هڪ هلڪي چڻنگ دل ۾ دکندي هئي.
    خانڳڙهه جون پراڻيون يادون هينئر هڪ ڀيرو ٻيهر اُڀري رهيون هيون.
    سوچيان پيو ته ڪڏهن ڪڏهن انسان انهن يادگيرين سهاري زندهه رهي ٿو ته وري ڪڏهن انسان جي زندگيءَ کي اُڏوهي جيئن کوکلو ڪري ڇڏن ٿيون. اهڙيءَ حالت ۾ انسان لاچار ۽ بيوس ٿي پوي ٿو.
    مان به ائين هيس. لاچار ۽ بيوس. وقت گهڻو گذري ويو، پر يادگيريون زندهه ۽ تازا آهن، ائين سمجهان ٿو جيئن ڪالهه جي ڳالهه هجي.
    ساڳي آفيس، ساڳيو ڪمرو، ساڳي ڪرسي، بدليو آهي صرف ماحول، مون جيڪو آفيس لان ۾ انب جو ٻوٽو لڳايو هو، اهو وڌي وڻ ٿي ويوآهي، گلن جي پنيري لڳائي هئي، هينئر گلڪاري ۽ ٻوٽن جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي وقت سڀ ڪجهه بدلائي ڇڏيو.
    مون گهڙيءَ ۾ ڏٺو ته شام جا چار ٿي رهيا هئا، آفيس جو وقت ختم ٿي چڪو هو. مان آفيس جي ڪمري مان ٻاهر نڪتس، سامهون چوڪيدار کي بيٺل ڏٺم، چيومانس
    ”مان بازار وڃي رهيو آهيان، يارن، دوستن سان ملڻ، گهڻن سالن کان پوءِ آيو آهيان، انهيءَ ڪري تون ائين ڪجانءِ، منهنجو بسترو اتي آفيس جي لان ۾ لڳائجان، جيستائين آءٌ پنهنجي جڳهه جو بندوست ڪيان في الحال آءٌآفيس ۾ رهندس، ٺيڪ آهي.“
    ”جي حاضر سائين، جيئن اوهان جو حڪم.“هن چيو.
    مان آفيس کان ٻاهر نڪتس ۽ پيرين پنڌ شاهي بازار جو رستو ورتم. آفيس کان چند قدمن تي بيهي رهيس. انهيءَ گهر ڏانهن نهارڻ لڳس، جنهن جو وڏو گيٽ بند هو ۽ منهنجون يادون بند گيٽ جي هُن ڀر هيون. آئون ڪجهه دير حسرت ڀري نگاهن سان ڏسندو رهيس ۽ پوءِ تڪڙا تڪڙا قدم کڻي شاهي بازار ڏانهن روانو ٿيس. منهنجي نظر سامهون وچ شهر ۾ بيٺل وڪٽوريه ٽاور تي پئي، صدين کان گُهلندڙ هوائن ۽ طوفانن ميرانجهڙو ڪري ڇڏيو اٿس، ويتر چؤطرف ريڙهين ۽ پاٿاري وارن سونهن ئي کسي ڇڏي اٿس. ائين ڀانيم ته شايد هر ڪو انهيءَ کي بي مقصد محسوس ڪري رهيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن جي لاءِ توجهه جو مرڪز بس جوڙڻ وارا پنهنجو نشان ڇڏي ويا.
    گهنٽي گهڙيال کان فقيرن واري گهٽي وٺي شاهي بازار ۾ اچي پهتس. رونق ڏسي وڏي خوشي ٿي. ساڳيا ماڻهو ساڳيا دڪان، فرق صرف اهو هو جوماڻهو، ماڻهو مٿان پير پائڻ لاءِ جڳهه ڪونه هئي، حيراني به ٿي ته هي ايترا سارا ماڻهو ڪٿان ڪَهي آيا آهن .ڄڻ ميلو متو پيو هجي. مان ٿورو اڳيان وڌيس ۽ پنهنجي پراڻي دوست ديوان پلهه رام سوناري جي دڪان اڳيان اچي بيٺس. هن مون کي ڏسي ورتو. ٽپو کائي اٿي بيٺو ۽ مون ڏانهن ڊوڙندو آيو.
    ”اچو سائين، اچو، ڀلي ڪري آيا، ڀلي ڪري آيا ڪيو هن آڌرڀاءُ ڪيو.
    مون وڌي هن کي ڳلي لڳايو.
    ”مون کي خوشي ٿي، توسان ملڻ جي.“ مون چيو.
    ”مون کي پڻ خوشي ٿي، هيترن سالن کان پوءِ ملڻ جي.“ هن چيو
    اسين ٻئي ڄڻا دڪان ۾ داخل ٿياسين ۽ هيٺ وڇايل فراس تي ويهي رهياسين. هن آڌرڀاءُ ڪندي هڪ گول وهاڻو ٽيڪ لڳائڻ لاءِ ڏنو. مون وهاڻي تي ٽيڪ لڳايو ۽ ويٺاسين حال احوال ڪرڻ.
    ”ٻڌايو ايترا سال ڪٿي هُيؤ اوهان، نه خط نه پَٽَ؟“ هن چيو.
    ”ڇا ڪيون پَلُو رام ڪمن ۾ ايترا مصروف ٿي وياسين جو ڪا واندڪائي نه ملي.“ مون جواب ۾ چيو.
    ”نه، نه اهڙي ڳالهه نه آهي، ڪا ٻي ڳالهه هوندي، شايد اسان خانڳڙهه وارن کان اوهان گهڻو ناراض هوندؤ، ائين آهي نه؟“ هن چيو.
    ”نه نه اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي. بس وقت نه مليو.“ مون چيو.
    ”چڱو چڱو، ٻڌايو ايترا سال اوهان ڪيئن گذاريا؟“ هن پڇيو.
    “”بس يار پَلُو رام وقت جهڙو به هو، گذري ويو ۽ گذرندو ويندو.“ مون چيو.
    هُن چانهه جو آرڊر ڏنو ۽ پوءِ فون تي ڪنهن سان ڳالهائڻ ويٺو.
    آئون سامهون ديوار تي لڳل سندس تصوير ڏسي رهيو هئس. گهنگهرو گهنگرو وار، سندس ننڍڙو چهرو ۽ ڪنن ۾ ننڍڙيون سون جون واليون پيل، جيئن ڳوٺن ۾ عام رواج آهي. عورتن جيئن مرد به ڪنن ۾ واليون پائيندا آهن.
    منهنجي هن سان پهرين ملاقات سِبي ۾ ٿي هئي.
    اتي منهنجي دوست جي شاديءَ ۾ آيل هو. هُن سان ڪچهري ڪندي منهنجي دوستي ٿي هئي. سدائين مُسڪراهٽ هُن جي چهري تي لڳل هئي، جي ڳالهائيندو ته منهن مان موتي ڇڻندو هو. وڏي ڄاڻ رکڻ وارو ماڻهو، ڪچهريءَ جو ته مور، هڪ ڀيرو ملڻ وارو ماڻهو، ٻيهر ملڻ جي خواهش ظاهر ڪندو.
    ”اچي سائين چانهه وٺو.“ هن آواز ڏنو.
    منهنجي خيالن جو تسلسل ٽٽي پيو. مون چانهه ورتي ۽ اڳيان ڪري رکي. پَلُو رام ڪنهن ماڻهوءَ سان دڪانداريءَ تي ڳالهائڻ ويهجي ويو.
    مون چانهه جو ڍُڪ ڀريو ۽ هُن ڏانهن ڏسڻ لڳس. تقريبن ڏهه سال گذري ويا هوندا، اسان جي پهرين ملاقات کي پر هو جهڙو تهڙو پئي لڳو، ڪابه تبديلي ڪونه آئي هيس.
    هُن مون ڏانهن ڏٺو، مسڪرائيندي چيو،. ”ڪافي تبديلي آئي آهي تو ۾.“
    مون صرف مُسڪرايو.
    ”جهڙو اڳ مون ڏٺو اوهان کي،اهڙا ڪونه ٿا لڳو، ڪهڙو روڳ دل ۾ رکيون ٿا اچو.“ هن منهنجي دل جي ڳالهه پڙهي ورتي هئي.
    ”اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي. زندگيءَ ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، وقت جي ڦيٿي جيان انسان به ڦرندو رهي ٿو، پوءِ هڪ جهڙو ڪيئن ٿو رهي.“ مون چيو.
    هُن مسڪرايو.
    دل ۾ سوچيم ته پَلُو رام ڳالهه سچ ٿو ڪري، دل جي ڳالهه دل سان پڙهي ورتي اٿائين.
    اها دل ئي آهي، جيڪا پنهنجي اندر ڪنهن لاءِ روڳ سمايو ويٺي آهي، جنهن کي دل چاهيو تنهن سان جوڙ ئي نه ٿيو، پوءِ انسان دل هٿان مجبور آهي
    ”اوهان ڪهڙن خيالن ۾ گُم ٿي وَيَو، چانهه ٿڌي ٿي وئي هن مسڪرائيندي چيو.
    مون چانهه پيئڻ شروع ڪئي.
    فون جي گهنٽي وڳي، پَلُو رام رسيور کنيو ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    ”هيلو، هيلو جي ڳالهايان پيو....!“
    مون هن جي ديوار تي لڳل تصوير ڏانهن ڏٺو ۽ خيالن ۾ هليو ويس....
    جڏهين پهريون ڀيرو هِن سان سِبيءَ ۾ مليو هوس تڏهن خبر پئي هئي ته پلو رام هڪ سماج سيوڪ ماڻهو آهي،. هن جا ڪيئي سماج سڌار ادارا هلي رهيا آهن، هن جو هڪڙو ادارو بيواه عورتن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، ٻيو پوڙهن ماڻهن جي سيوا ڪري رهيو آهي، ٽيون غريب ٻارن لاءِ خيراتي اسڪول هلائي رهيو آهي ۽ چوٿين هڪ خيراتي اسپتال، جنهن ۾ غريبن جو مفت علاج ڪيو وڃي ٿو. اهو سڀ ڪجهه پاڻ اڪيلي سر ڪري رهيو آهي ۽ انهيءَ لاءِ هلندي وارا ماڻهو مدد ڪري رهيا آهن. مون جيڪي ٻُڌو هو سو مون هن جي دوستيءَ کان پوءِ ويجهي کان ڏٺو. مون هُن کي ڪڏهين به وڏائپ ۾ نه ڏٺو. هو هميشه چوندو رهندو هو هن کان وڌيڪ ٻي ڪا وڏي عبادت نه آهي، اسين مِٽيءَ جهڙا ماڻهو مٽيءَ ۾ هليا وينداسين پر ان کان اڳ پنهنجي سڃاڻپ ڇڏي وينداسين.
    هُن رسيور رکيو ۽ مون ڏانهن ڏسڻ لڳو.
    ”چانهه جو هڪ دور ٻيو هلندو؟“ هن پڇيو.
    ”جي هلندوَ“ مون چيو.
    هن مسڪرائيندي چانهه جو آرڊر ڏنو ۽ پوءِ مون کي چوڻ لڳو، ”اوهان سان کلي ڪچهري ٿيندي، هتان اٿنداسين ته پوءِ.“
    ”ٺيڪ،“ مون چيو ۽ سوچڻ لڳس، پَلُو رام هڪ شخصيت نه پر هڪ ادارو آهي، جيڪو سماج سڌار لاءِ وقف آهي.
    پر منهنجي دل ۾ بار بار اهو خيال اڀري ٿو ته هن جي دل جي ڪنهن هڪڙي خاني ۾ محبت جي ڪا چڻنگ ٻري ٿي. مون جڏهن به هن جي اندر جي ڳالهه ڳولڻ جي جي ڪوشش ڪئي، هن مسڪرائيندي خاموشي اختيار ڪئي.
    ليڪن اڄ کُلي ڪچهري ٿيندي. هن جي دل جو لِڪل راز ڳولي وٺندس.
    هن جي دڪان ۾ ويٺي ويٺي رات جا اچي اَٺَ ٿيا، اسين اٿياسين.
    پهريائين اسين بيواه ۽ پوڙهي عورتن جي منڊلي وياسين، پوءِ پوڙهن ماڻهن جي منڊلي وياسين ۽ پوءِ خيراتي اسپتال وياسين. هر هنڌ معلومات ۽ ڄاڻ وٺي، پلو رام فارغ ٿيو، اتي رات جا ڏهه وڄي رهيا هئا. ٻئي ڏينهن ملڻ جو واعدو ڪيوسين ۽ پوءِ موڪلاڻي ٿي.
    مون سڌو آفيس جو رستو ورتو. آفيس پهچڻ تي ڏٺم ته ڪجهه ماڻهو منهنجي واپسيءَ جو انتظار ڪري رهيا هئا، چهرا سڃاتل ٿي لڳا، سڀ جو آڌرڀاءُ ڪيم.
    آفيس کان سڏ پنڌ تي چؤديواري اندر ڪنڀرن جا گهر هئا. مِٽيءَ جا ٿانوَ ٺاهيندا هئا. غريب ۽ شريف خاندان.
    مان جڏهين پهريون ڀيرو هت آيو هيس، تڏهين منهنجي هنن سان ڏيٺ ٿي هئي. مون وٽ رهڻ جي جڳهه ڪونه هئي. هنن مون کي ڪرائي تي ٻاهرين پاسي کان جڳهه ڏني هئي. گهڻو اليڪ سليڪ سبب پرديداري ڪونه رهي هئي. مان هنن جي ڏک سُک جو ساٿي رهيو هيس. ڪڏهين ڪڏهين شهر کان ٻاهر ويندي دير ٿي ويندي هئي ته هي پريشان ٿي ويندا هئا. هنن جون پاڻ ۾ رشتيداريون هيون، ڏي وٺ ۾ شاديون ٿيل هيون، جنهن ڪري جهيڙا جهٽا به ٿيند ارهندا هئا، آءٌ هنن جا فيصلا ڪري کيرکنڊ ڪري ڇڏيندو هيس.
    پر هڪڙو فيصلو منهنجو هو، جيڪو هو نڀائي نه سگهيا. منهنجو فيصلو سهڻيءَ سان شاديءَ جو هو. سُهڻي منهنجو پيار هو. جڏهن کان مون سُهڻيءَ کي ڏٺو، تڏهين کان دل هارائص ويٺس. جهڙو نالو تهڙي سُهڻي. سنها چپ، ڊگهو نڪ، هرڻي جهڙيون اکيون، سُائيدار ڳچيءَ، ڊگها وارا، چيلهه تائين ۽ هلڻ هن جو ڊيل جيان. سدائين چهري تي مسڪراهٽ، قدرت هن کي صورت سان گڏوگڏ سيرت به ڏئي ڇڏي هئي.
    جوان دلين جو پيار، پهاڙ جيئن مضبوط ٿيندو ٿي ويو. مرڻ جيئڻ جا قسم کنيا ٿي ويا. سِرن جو سودو ٿي چڪو هو.
    هڪ ڏينهن مون سُهڻي کان پڇيو.
    ”سُهڻي، جيڪڏهن تنهنجي پيار ۽ منهنجي پيار تي پهرو لڳي ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو.؟“
    ”انور، ائين ڪجهه به نه ٿيندو، ٿيندو اهو جيڪو اسان جون دليون چاهن ٿيون.“ هن چيو.
    ”ليڪن سُهڻي، مون کي اڄاڻ خوف ڪمزور ڪري وڌو آهي.“ مون چيو.
    ”تون ڪمزور نه ٿيءُ، مان توسان گڏ آهيان.“ هن چيو.
    ”پوءِ به....!“
    ”بس بس دل ۾ ڪوبه خوف پيدا نه ڪر.“ هن چيو.
    مان هُن جي پيار ۾ ايترو ته اڳتي وڌي ويس جو هن کي ڏسڻ ۽ ڳالهائڻ کانسواءِ رهي ڪونه ٿي سگهيس. جيڪڏهن مان بيمار ٿي پوان ته هُوءَ بنا ڪنهن جي اجازت جي منهنجي ڪمري ۾ هلي ايندي ۽ مٿي تي هٿ رکي چوندي ”توکي تيز بخار آهي، تنهنجي مٿي تي ٿڌيون پٽيون رکان ٿي.“
    ۽ پوءِ ٿڌيون پٽيون رکندي رهندي.
    ۽جيڪڏهن هُوءَ بيمار رهندي ته آءٌ وپريشان ٿي ويندس. ڊاڪٽر وٺي ايندس، جيستائين هوءَ ٺيڪ نه ٿي وڃي.
    سياري جي راتين ۾ باهه جو وڏو مچ ٻاري ويهندا هئاسين، ننڍا وڏا مچ جي چؤ طرف ويٺل، پوءِ قصا ۽ ڪهاڻيون هلنديون، ڪڏهن سسئي پنهون ته ڪڏهين هير رانجهي جون، ته ڪڏهن عمر مارئي ته ڪڏهين سُهڻي ميهار جون.
    سُهڻي چوڻ لڳي، ”آئون به ائين سُهڻي جيئن ڪچو گهڙي کڻي لهي پونديس پاڻي ۾.“
    هن جي انهن ڳالهين ۽ پيار جي روش کي ابي امڙ ۽ ٻين سمجهي ورتو ته ڪهڙي کچڻي پچي رهي آهي. ڪهڙو طوفان اچڻ وارو آهي، ڪٿي ائين نه ٿئي جو انهيءَ طوفان سان سارو خاندان لڙهي نه وڃي. ڇو ته سُهڻيءَ جو پنهنجي سؤٽ سان مڱڻو ٿيل آهي.
    جيڪڏهن سُهڻيءَ پنهنجي سؤٽ سان شادي نه ڪئي ته خاندان ٽٽي ويندو ۽ گهر برباد ٿي ويندو. انهيءَ کان اڳ جو طوفان اٿلي پئي دلين جي دروازن تي تالا لڳائڻا پوندا ۽ پيار تي پهرو لڳائڻو پوندو، انهيءَ لاءِ سختيءَ کان به ڪم وٺڻو پوندو.
    ايئن ئي ٿيو، جيئن سُهڻي جي وڏڙن فيصلو ڪيو هو، ڪجهه ڏينهن ۾ مون کي نياپو موڪليو ويو ته اوهان ڪٿي ٻئي هنڌ رهڻ جو بندوبست ڪيو.
    اوچتو اهو ٻُڌي منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. منهنجو اچڻ وڃڻ بند ٿي ويو.
    مان آسمان کان هيٺ اڇلايو ويس. مون کي هوش نه رهيو ته ڪهڙي واٽ وٺان، منهنجي سوچ ۽ سمجهه سُن ٿي وئي. آفيس جو ڪم ڪار ڪرڻ به ڇڏي ڏنو. ڏينهن ۽ راتيون بيچينيءَ سان گذرڻ لڳيون. دل جي بيقراري وڌندي ٿي وئي. ڪوبه فيصلو ڪرڻ مشڪل ٿي لڳو.
    هڪ ڏينهن پلو رام شام جي وقت منهنجي معلومات وٺڻ آفيس آيو، مون کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو. پڇڻ لڳو،
    ”ڇو ايترا ڏينهن ملڻ نه آئين.“
    مون پوري حقيقت هن کي ٻڌائي.
    پهريان هن محبت جو داستان پوري غورسان ٻڌو، پوءِ چوڻ لڳو هن ۾ گهٻرائڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، سُهڻيءَ جي پيءُ ۽ ماءُ سان ڳالهائبو، اصولي طريقي سان سُهڻي جو سڱ گهربو، پوءِ ڏسبو ته هو ڪهڙو ٿا جواب ڏين، پوءِ ڏسبو ته ڪهڙي واٽ وٺجي.
    مون پلو رام جي ڳالهه سان اتفاق ڪيو، نيڪ ڪم ۾ دير نه ڪبي، پلو رام ائين چئي سُهڻي جي ماءُ پيءُ سان ملڻ ويو. رات جا اچي يارنهن ٿيا. انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون. پلو رام واپس موٽيو. مون هُن کان سوال ڪرڻ شروع ڪيا. هُن ويهڻ جو اشارو ڪيو.
    پوءِ احوال شروع ڪيو.
    چوڻ لڳو، سُهڻيءَ جي ماءُ ۽ ڀيڻ تنهنجي حق ۾ آهن، هن جو پيءُ پنهنجي برادريءَ کان فيصلو وٺڻ جي حق ۾ آهي، هن جو پيءُ چوي ٿو ته جيڪڏهن ايئن نه ڪندس ته زمانو ڇا چوندو، برادريءَ وارا ڇا چوندا.
    چوندا برادري ڇڏي ڌارين ۾ ڌيءُ ڏنائين، مان پنهنجي برادري کان ٻاهر نه آهيان.
    پلو رام ٻڌائڻ لڳو، ليڪن مون هن کي چيو ته ڌيءَ جو فيصلو به توکي وٺڻو آهي. جيڪڏهن تنهنجي ڌيءَ ان هنڌ تي شادي کان انڪاري ٿئي، جتي اوهان چاهيو ٿا ته پوءِ ڇا ٿيندو.
    سُهڻي جو پيءُ چوڻ لڳو ته اسان جي خاندان ۾ ڌيءَ کان ڪونه پڇبو آهي، ائين ڪرڻ سان ڌيئريون ڌارين ۾ هليون وينديون، ڌيءَ کي پنهنجي پيءُ ماءُ جو مڃڻو پوندو.
    ”پوءِ مان ڇا ڳالهايان.“ پلو رام چوڻ لڳو.
    ڪجهه دير خاموشي کانپوءِ پلو رام چوڻ لڳو ته منهنجو وڃڻ ۽ ڳالهائڻ هنن کي چڱو نه لڳو. هنن جو چوڻ هو ته انور جا وڏا اچن ها ته چڱو هو.
    خير سڀاڻي ٻيهر ڳالهائڻ لاءِ چيو اٿن.
    پلو رام موڪلائي گهر هليو ويو.
    مون کي طرح طرح جا خيال ۽ وسوسا پيدا ٿيڻ لڳا، سوچن وڪوڙي وڌو، مون کي هڪڙي ڳالهه جو يقين ٿي ويو هو ته هُو جلد ڪوبه فيصلو نه ڪندا، هُو پنهنجي ريت، رسم ۽ رواج جا پڪا هئا. پراڻن خيالن ۽ اصولن تي هلڻ وارا.
    مون هنن کي وڌيڪ امتحان ۾ نه وجهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ راتون رات ڪنهن کي به نه ٻڌائي خانڳڙهه کان ڪراچي روانو ٿي ويس.
    ٻئي ڏينهن صبح جو سج منهنجو ڪراچي ۾ آڌرڀاءُ ڪيو. مان پنهنجي هيڊ آفيس هليو ويس ۽ هڪ سال جي ڊگهي موڪل منظور ڪرائي. انهيءَ عرصي ۾ مون سڀ ڪجهه وسارڻ جو فيصلو ڪيو هو.
    فيصلو ڪيو هو ته ڪجهه عرصو پنجاب ۽ پوءِ ٿڌن پهاڙن ۾ گذاربو.
    سفر جي شروعات مون ڀٽ شاهه کان ڪئي، جتي سنڌ ۽ هند جي وڏي ۾ وڏي شاعر ۽ اولياءَ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار آهي، پوءِ درازن ۾ سچل سرمست جي مزار ۽ پوءِ ملتان هليو ويس، جتي شمس تبريز جي مزار آهي. اهڙيءَ طرح لاهور ۾ داتا جي دربار تي حاضري ڀري پوءِ پنڊيءَ کان اسلام آباد ۾ شاهه لطيف بري امام جي مزار تي حاضري ڀري. اُتي ڪيئي ڏينهن گذاريا ۽ پوءِ ڪوه مريءَ جي پهاڙن ۾ رهڻ لڳس. مريءَ گليون، نٿيا گلي، گهوڙا گلي، شانگله گلي، باڙيان، لوئر باڙيان ڏسڻ لاءِ مليون. هن کان اڳ به هنن تفريحي هنڌن تي ايندو رهيو آهيان، ليڪن هن ڀيري تقريبن ڇهه مهينا لڳائي ڇڏيا. آهستي آهستي منهنجي زندگي نارمل ٿيندي وئي. مون اهو سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو، جنهن لاءِ مون سفر شروع ڪيو هو. انهيءَ بهاني پراڻن دوستن سان ملڻ جو موقعو مليو.
    مون فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته واپسيءَ ۾ پنهنجي نئين زندگيءَ جي شروعات ڪندس.
    سفر تان واپسيءَ تي مان پنهنجي وڏي ڀيڻ سان ملڻ ميرپورخاص هليو ويس، اتي ڪجهه عرصو گذاريو. هن کان سواءِ منهنجو هن دنيا ۾ ڪوبه ڪونه هو، هن سان جڏهن به مليس ته چوندي ”ادا تون شادي ڪر، اڪيلو آهين، گهر ٺهي پوندئي، اڪيلو ڪيترو گذاريندين.“
    ورندي ۾ چوندس. ”ادي تون جو آهين، مان اڪيلو ڪٿي آهيان.“
    ”بس بس ڳالهه کي گهماءِ نه، بس تون ها ڪر ته ڪا ڇوڪري ڏسي وٺان.“ هوءَ چوندي هئي.
    مان بهانو ڪري چوندس ”چڱو هن ڀيري نه ٻئي ڀيري فيصلو ٻڌائيندس.“
    هر ڀيري فيصلو ٻڌائڻ کان قاصر رهيس. ڀيڻ سان ملڻ کان پوءِ پنهنجي هيڊ آفيس اچي پنهنجي ڊيوٽي جوائن ڪئي. منهنجي نئين ڊيوٽي حيدرآباد لڳي، پوءِ نوابشاهه، پوءِ سکر ۽ پوءِ عمرڪوٽ هليو ويس.
    تقريبن ڇهن سالن کان پوءِ ترقيءَ ڏئي مون کي خانڳڙهه موڪليو ويو.
    ڇهن سالن کان پوءِ هت خانڳڙهه پهتو آهيان. انهن ڇهن سالن ۾ ڪافي تبديلي اچي وئي آهي. سڀ ڪجهه بدلجي ويو آهي. پراڻا، پراڻيون ڪهاڻيون ختم ٿي ويون آهن. اها خبر به نه اٿم ته هت ڇهن سالن ۾ ڇا ٿي گذريو. سڀ يادون مٽجي ويون آهن. بس ياد اٿم ته هن شهر ۾ منهنجو هڪڙو دوست پلو رام رهي ٿو، منهنجو همدرد، منهنجي ڏک سک جو ساٿي، بس ٻيو ڪجهه به نه.
    جڏهن پلو رام کان موڪلائي آفيس پهتس تڏهن رات جا ڏهه وڄي رهيا هئا. آفيس پهچڻ تي ڏٺم ته ڪجهه ماڻهو منهنجي واپسيءَ جو انتظار ڪري رهيا هئا. چهرا سڃاتل ٿي لڳا. سڀ جو آڌرڀاءُ ڪيم، منهنجي خيالن جو تسلسل ٽٽي پيو.
    چوڪيدار کان پڇيم هنن کي چانهه پاڻي پياريو اٿئي.
    هن ٻڌايو ته هي ڪجهه به نه پيئڻ چاهين ٿا، صرف اوهان سان ملڻ آيا آهن.
    تون مهمانن لاءِ چانهه جو بندوبست ڪر، جيستائين آءٌ هنن کان حال احوال وٺان، مون چوڪيدار کي چيو.
    مون هنن کي سڃاتو، انهن مان هڪڙو سُهڻيءَ جو مامو هو، ٻيو سندس والد ۽ ٻه ٻيا ويجها عزيز هئا. مون هنن کان احوال وٺڻ شروع ڪيو.
    ”اسان کي اڄ ئي خبر پئي ته اوهان اڄ ئي هت آيا آهيو، سوچيوسين ته اوهان سان ملون، پراڻي ناراضگي ختم ڪجي، اسان به اصولن هٿان مجبور هئاسين، خاندان کي ناراض نه ٿي ڪري سگهياسين“ سُهڻي جي مامي حقيقت کان آگاهه ڪيو.
    ”ليڪن مون سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو آهي.“ مون چيو.
    ”ڪوبه ماڻهو پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪجهه به وساري ڪونه ٿو سگهي.“ هن چيو.
    ايتري ۾ چوڪيدار چانهه کڻي آيو، سڀ جي اڳيان رکيائين.
    ”اسين چاهيون ٿا ته اوهان پنهنجن وڏن کي موڪليو، انهن سان ڳالهايون.“ هن ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    ”ليڪن منهنجو هن دنيا ۾ ڪوبه ڪونه آهي، مان اڪيلو آهيان، منهنجي صرف وڏي ڀيڻ آهي، مان اڪيلو آهيان.“ مون عاجزيءَ سان ٻڌايو.
    پهريائين ته هنن هڪٻئي ڏانهن حيرانيءَ ۾ نهاريو ۽ سُهڻي جي پيءُ ڳالهايو،.
    ”پوءِ اسان کي پنهنجو سمجهه، اوهان اڪيلا نه آهيو.“
    مون خاموشي اختيار ڪئي. هو مون کان موڪلائي هليا ويا.
    هنن جي وڃڻ کان پوءِ مان سوچن ۾ پئجي ويس، سوچان پيو، جڏهن مون هنن سان رشتو ڳنڍڻ ٿي چاهيو ته هنن ڪوبه جواب نه ڏنو هو ۽ هينئر... رات جيئن تيئن گذري وئي. ٻئي ڏينهن تي آءٌ آفيس جي ٽوئر تي ٽن ڏينهن لاءِ ٻاهر هليو ويس.
    واپسيءَ تي خبر پئي ته سُهڻي جا مائٽ مون سان ملڻ لاءِ ٿي آيا. مان اڃان ڪو فيصلو نه ڪري سگهيو هيس. رات جو ٻيهر مون سان ملڻ آيا. ساڳيون ڳالهيون هلنديون رهيون. نيٺ مون پنهنجي ڀيڻ کي گهرائي ورتو، ڳالهين جا دور هليا، ڳالهيون پڪيون ٿي ويون، چنڊ جي تاريخ ڏسي شادي مقرر ڪئي وئي.
    شاديءَ جا ڪارڊ ڇپرايا ويا، يارن، دوستن، عزيزن، رشتيدارن، اوڙي پاڙي وارن کي دعوت ڏني وئي. ٻنهي خاندانن ۾ خوشيءَ جا گيت ڳايا ٿي ويا. جيئن جيئن تاريخ ويجهو ٿيندي ٿي وئي تيئن تيئن منهنجي خوشيءَ جي انتها نه هئي. گهڻن سالن کان پوءِ ٻن دلين جو ميلاپ هو، پيار جو سنگم هو.
    مون ڪڏهن به ائين نه سوچيو هو ته فيصلو ائين ٿيندو، سُهڻي مون کي ملي ويندي.
    جيئن جيئن تاريخ ويجهو ٿيندي وئي تيئن ئي برساتن اچي ڪڙڪو ڪيو. برسات بند ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺي. شاديءَ جي تاريخ مقررٿي چڪي هئي، برسات ۾ به ٿيندي، اهو فيصلو ڪيو ويو.
    ڪنواريتا چون، گهوٽ ضرور ڪُنيون چٽيون آهن. برسات بيهڻ جو نانءُ ئي نه ٿي وٺي. مان شرمندو به ڏاڍو ٿيس. اها گهڙي اچي وئي، جنهن جو مون کي انتظار هو.
    اڄ رات منهنجي شاديءَ جي رات آهي، اڄ رات کان پوءِ منهنجي نئين زندگيءَ جي شروعات هوندي. مان پاڻ کي ڪڏهن اڪيلي محسوس ڪونه ڪندس.
    مون کي جيون ساٿي ملي ويندو. منهنجي پيار جي سوڀ ٿيندي ۽ هميشه هميشه لاءِ خانڳڙهه جو ٿي ويندس.
    اڄ صبح کان طوفاني برسات شروع ٿي وئي آهي، شهر جا نالا ۽ روڊ رستا پاڻي سان ڀريا پيا آهن، اهڙي تيز برسات ۾ ماڻهو ڪيڏانهن نڪرڻ جهڙو ناهي، پوءِ به منهنجا يار دوست شادي تي پهچي ويا.
    رات جو اٺ وڳي نڪاح ٿي گذريو، مبارڪون مبارڪون چؤطرف آواز ئي آواز. شهنائيءَ ۽ دهل جو وڄٽ، عورتون شادي جا سهرا ڳائڻ لڳيون. انهيءَ خوشيءَ جي ميلي ۾ عورتن پنهنجون رسمون ادا ڪيون.
    آخر رات جو ٻارهين وڳي گهوٽ ڪنوار کي نويڪلو ڪيو ويو.
    آسمان ۾ گجگوڙ هو، برسات تيز ٿيندي ٿي وئي، گهرن جون بتيون گل ٿي ويون، چؤطرف انڌيرو ڇانئجي ويو.
    اوچتو وڏو ڌماڪو ٿيو، ڪمري جي ڇت ديوار سميت ڪري پئي، جنهن ۾ اسين ٻئي گهوٽ ڪنوار هئاسين.
    منهنجي اکين اڳيان انڌيرو ڇانيل هو. ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه پئي آيو.
    ٻڌان پيو عورتون پار ڪڍي روئي رهيون آهن.
    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 533
    ڪتابن جو مشاهدو: 550740
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 212771
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ