ڪتاب جو نالو: سونو ڏند
مصنف: رسول ميمڻ
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 30 نومبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 310 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 84 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪهاڻين جي هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو ڪهاڻيڪار، ناولنگار ۽ اديب ”رسول ميمڻ“ آهي. رسول ميمڻ جو شُمار جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي مُهندار ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو، جنهن جو ڪهاڻي لکڻ جو هڪ پنهنجو الڳ ۽ منفرد انداز آهي ۽ جنهن ڪهاڻيءَ کي پڙهندڙن جو هڪ پنهنجو وسيع حلقو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل گهري فڪر ۽ تخليقي حُسن سان ٽمٽار هي ڪهاڻيون يقيناً پڙهندڙن کي دل ۾ پيهي وينديون.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • پنهنجي پاران
  • ڪهاڻيون

  • صفورا چورنگي
  • آزار
  • سونو ڏند
  • قلم جو قيدي
  • ڀاءُ جي نصيحت
  • ڳوٽ
  • گونگا، ٻوڙا ۽ انڌا
  • مورتي
  • پريو مڙس
  • سوڙهه
  • پيار
  • گڏهن جي آزادي
  • چور ۽ بهادر سپاهي

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا

    هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    POPAT BOOK NO. 30
    سونو ڏندُ
    (ڪهاڻيون)
    ليکڪ: ڊاڪٽر رسول ميمڻ
    ڇاپو پهريون: 2012ع
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
    لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڪمپوزنگ: فهيم احمد سولنگي
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس مال روڊ خيرپور.
    ملهه: 120/-روپيه


    All Rights Reserved with the Author

    SONO DAND
    (Stories)
    By: Dr. Rasool Memon
    First Edition: 2012
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design: Saeed Mangi
    Layout: Asif Nizamani
    Composing: Faheem Ahmed Solangi
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by: Popat Publishing House, Mall Road Khaiprur.
    Price: Rs. 120/-

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2017ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    زوار احمد جي نالي
    جنهن ڪهاڻيون ٻُڌايون،
    ۽ مون، ڪاغذ تي لکيون.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سونو ڏند“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڪهاڻين جي هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو ڪهاڻيڪار، ناولنگار ۽ اديب ”رسول ميمڻ“ آهي.
    رسول ميمڻ جو شُمار جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي مُهندار ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو، جنهن جو ڪهاڻي لکڻ جو هڪ پنهنجو الڳ ۽ منفرد انداز آهي ۽ جنهن ڪهاڻيءَ کي پڙهندڙن جو هڪ پنهنجو وسيع حلقو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل گهري فڪر ۽ تخليقي حُسن سان ٽمٽار هي ڪهاڻيون يقيناً پڙهندڙن کي دل ۾ پيهي وينديون.
    هو لکي ٿو:
    ”منهنجي ڪهاڻين جا صوف منهنجي پڙهندڙن لاءِ آهن. اهي انهن جي خوشبوءِ ۽ ذائقو محسوس ڪري سگهندا.
    هن مجموعي ۾ ڪل تيرهن ڪهاڻيون شامل آهن. ڪجهه ڪهاڻيون منجھيل محسوس ٿي سگهن ٿيون. فن جي وضاحت ڪرڻ تخليق جي توهين ڪرڻ آهي. تفسيرون لکڻ مُلن جو ڪم آهي، جيڪي مذهبن کي منجھائن ٿيون. “
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2012ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبليڪيشن جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي. مهربانيون رسول ميمڻ صاحب جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    رسول ميمڻ جو شُمار جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي مُهندار ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو، جنهن جو ڪهاڻي لکڻ جو هڪ پنهنجو الڳ ۽ منفرد انداز آهي ۽ جنهن ڪهاڻيءَ کي پڙهندڙن جو هڪ پنهنجو وسيع حلقو آهي. رسول ميمڻ ويجھڙائيءَ ۾ تمام گهڻيون ڪهاڻيون لکيون آهن، جيڪي وقت به وقت مختلف رسالن ۾ شايع به ٿينديون رهيون آهن. انهن مان ڪجهه ڪهاڻيون هِن مجموعي ۾ شامل آهن. گهري فڪر ۽ تخليقي حُسن سان ٽمٽار هي ڪهاڻيون يقيناً پڙهندڙن کي دل ۾ پيهي وينديون. ادارو پوپٽ پبلشنگ هائوس سنڌي ٻوليءَ جي هِنَ سرموڙ ڪهاڻيڪار جو ڪتاب سهڻي انداد ۾ ڇاپيندي نهايت خوشي محسوس ڪري رهيو آهي. اسان جي اِها به خواهش آهي ته رسول ميمڻ جا باقي اڻ ڇپيل ڪتابَ به ڇپرائي اوهان جي مهربان هٿن تائين پهچايون. اوهان جي لاءِ ۽ رهنمائيءَ جو اوسيئڙو رهندو.


    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس،
    خيرپور ــ سنڌ


    پنهنجي پاران

    مون وٽ ڪهاڻين جا، جن، ڀوت، پريون ۽ ڏائڻيون، سڀ ماڪوڙن ۽ ڪاڪروچن ۾ تبديل ٿي چُڪا آهن، سڀ شهزادا شهزاديون ۽ جادوگر دونهين، ٻاڦ ۽ هوا ۾ تحليل ٿي چڪا آهن.
    ”ڪهاڻيون“ ڏاڍو پراڻو نالو آهي. منهنجين تخليقن کي ڪهاڻيون سمجھي پڙهيو وڃي ٿو، جنهن ڪري اهي سمجھه جي دائري کان ٻاهر نڪري وڃن ٿيون. مونکي سمجھيو نه ويو آهي، ڇو جو صحيح معنيٰ ۾ پڙهيو نه ويو آهي.
    ”ڪهاڻيءَ جو ٻيو نالو ڇا ٿي سگهي ٿو“؟ وري اها ڳالهه منهنجي سمجھه کان ٻاهر آهي.
    علامتي ڪهاڻي. سرئلسٽڪ ڪهاڻي. جادوئي حقيقت نگاريءَ واري ڪهاڻي. ايبسٽريڪٽ ڪهاڻي. صحافتي ڪهاڻي. يقين ڪيو مونکي ڪا خبر نه آهي، منهنجيون ڪهاڻيون ڪهڙي سانچي ۾ ماپن ٿيون. بس مان لکندو آهيان. علامت، سرئلزم، ايبسٽريڪٽ، سحرا انگيزي ۽ حقيقت نگاريءَ جي ڪا به ڄاڻ نه آهي. مون وٽ پنهنجو وجدان آهي. پنهنجي اڏام آهي.
    ڪنهن نقاد کي اجازت نه ڏيندس ته اهو منهنجي اجازت کانسواءِ ڪنهن تخليق جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري. سنڌ ۾ جنهن اڃاڻ لکڻ جي شروعات نه ڪئي آهي. اهو لکڻ جي شروعات ئي تنقيد سان ڪري ٿو جيئن سستي شهرت حاصل ڪري سگهي.
    ڪنهن تخليقڪار جي اجازت کانسواءِ ان تي لکڻ ائين آهي جيئن ڪو باغ مان صوف پٽي هلڻ لڳو. مالهي پويان ڪڍ ويس ۽ وڃي ويڻيءَ ۾ هٿ وجھي چيائينس: ”اجازت کانسواءِ پرائي باغ مان توکي صوف پٽيندي شرم نه ٿو اچي“ ان ويڻي ڇڏائيندي، وڏي هَٺ مان وراڻيو.
    ”اجازت جي ڪهڙي ضرورت آهي. مون ته ڏسڻ پئي چاهيو جڏهن ٻين باغن ۾ ڳاڙهي رنگ جا صوف آهن ته هن جو رنگ هيڊو ڇو آهي؟“
    منهنجي ڪهاڻين جا صوف منهنجي پڙهندڙن لاءِ آهن. اهي انهن جي خوشبوءِ ۽ ذائقو محسوس ڪري سگهندا.
    هن مجموعي ۾ ڪل تيرهن ڪهاڻيون شامل آهن. ڪجهه ڪهاڻيون منجھيل محسوس ٿي سگهن ٿيون. فن جي وضاحت ڪرڻ تخليق جي توهين ڪرڻ آهي. تفسيرون لکڻ مُلن جو ڪم آهي، جيڪي مذهبن کي منجھائن ٿيون.
    پڙهندڙن جي آسانيءَ لاءِ ڪجهه ڪهاڻين جو پس منظر بيان ڪيان ته بهتر ٿيندو. ڪهاڻي ”گڏهن جي آزادي“ انساني نفسيات تي لکيل آهي. ڪُند ذهن انسان سدائين غلام آهي. اهو گڏهه جيان خيالي رسي سان ٻڌل آهي. هڪ رهنماءَ جي موت کانپوءِ ٻيو رهنماءُ اچي خيالي رسا ڇوڙي انهن کي آزاد ڪري ٿو ۽ اهي اکيون ٻوٽي گڏهه جيان ان جي ڪڍ لڳي پون ٿا. ڪهاڻي ”سوڙهه“ ان پس منظر ۾ لکيل آهي ته دنيا ۾ سڀني کي پنهنجا سور آهن، ڪهاڻيءَ ۾ ننڍو ڀاءُ ناراض زال کي روئيندو ڇڏي ڀاڄائيءَ جي موت تي تعزيت ڪرڻ وڏي ڀاءُ وٽ وڃي ٿو. تڏي تي سڀ سوڙهه ۾ سمهيل آهن. ننڍو ڀاءُ زال کي خواب ۾ پرچائيندي وڏي ڀاءُ کي ڀاڪر وجھي سمهيل آهي ۽ وڏو خواب ۾ قبر اندر زال کي مرڪندي ڏسي ٿو.
    ڪهاڻي ”ڳوٽ“ منهنجو ذاتي الميو آهي. هيءَ زندگي، توهان ۽ قسمت جي وچ ۾ شطرنج راند آهي. شطرنج راند ۾ ڪردار پنهنجي بادشاهه کي بچائڻ جي پوري ڪوشش ڪري ٿو، پر بادشاهه مري وڃي ٿو. مان پنهجي نوجوان پٽ کي بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر اهو دنيا مان هليو ويو. روئڻهار ڪو ٿي پيو آهيان، وڌيڪ لکڻ نه ٿو چاهيان.

    جيئي سنڌي ٻولي
    جيئن سنڌي ٻوليءَ جا پڙهندڙ

    رسول ميمڻ
    ڪراچي


    ڪهاڻيون

    صفورا چورنگي

    مينهن،
    وسي نه وسي
    شهر ۾
    گپ آهي.
    موسم،
    هجي نه هجي
    اوڳرائيءَ ۾
    گدري جي
    ڌپ آهي.
    قديم ڳوٺ جو رهواسي گل محمد جڏهن صبح جو سوير گاڏو تيار ڪري ان تي ٽپو ڏئي چڙهندو هيو ته پاڻ کي سگهارو ۽ چست محسوس ڪندو هيو. گاڏي سان ٻڌل هن جي گڏهِه جا نخرا ڪنهن عورت کان گهٽ نه هوندا هيا. ان جا چپ وات ۾ وڌل واڳ جي ڇڪ تي ڄڻ مرڪندي نظر ايندا هيا. گڏهه روڊ تي ڊڪندي ڪڏهن پويون ڄنگهون مٿي ڪري گاڏي کي ٺڪاءُ ڪرائيندي هئي ۽ گل محمد ان کي پيار مان ٻچڪر ڏيئي سٿر تي هلڪي لٺ وهائي ڪڍندو هيو.
    صدين کان آباد ان ڳوٺ جي پراڻين جاين جا بلاڪ پاڙن وٽان ڇڻي بي ترتيب ٿي چڪا هيا. پاڻيءَ جي نيڪاس جو بندوبست نه هجڻ ڪري ڀتيون اڌ آليون هونديون هيون. رستا گپ سان ڀريل هوندا هيا ۽ عورتون مٿي تي دٻا رکي ور وجهي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي ڳولها ۾ گندي پاڻيءَ مان اينديون وينديون هيون. ڪل ملائي چاليهارو گهر هيا. اتي اڪثريت اهڙن اڻ پڙهيل ماڻهن جي هئي جيڪي يا ته مزدوري ڪري پيٽ پاليندا هيا، يا گڏهه گاڏا ۽ سزوڪيون هلائي روزگار ڪندا هيا. انهن جون عورتون شهر جي گهرن ۾ ڪم ڪنديون هيون. اتي نه ڪو اسڪول هيو نه اسپتال. هڪ وڏيرو هيو جنهن جي اوطاق اڃان به وچ ڳوٺ ۾ ٺهيل هئي جيڪا ويران هوندي هئي. اتي ڳوٺ جا ڪتا ليٽيل هوندا هيا ۽ وڏيرو ڪڏهن پراڻا ڪلف لڳل ڪپڙا پائي نشي ۾ لڏندو پاچا مٿي ڪري گهٽيءَ مان لنگهيندي نظر ايندو هيو. اهو اڪثر خاموشيءَ سان اوطاق جي هڪ ڪنڊ ۾ پنهنجو وقت گذاريندو هيو ڇو جو هاڻي هن وٽ ڪجهه نه بچيو هيو. ايئرپورٽ کان ڪينٽ تائين زمين جيڪا ڪڏهن ان جي ملڪيت هئي اها ڀڳڙن مٺ تي وڪامي ان جي هٿن مان نڪري چڪي هئي.
    گل محمد صبح جو سوير چورنگيءَ تي راجپوت پڪوان سامهون فوٽ پاٿ وٽ گاڏو بيهاري گراهڪن جو انتظار ڪندو هيو. گهڙي نه گذرندي هئي ته ڪوهن کي پاڻ سان وٺي وڃي سيمنٽ يا لوهه جي دڪان تي بيهاريندو هيو ۽ پوءِ گاڏو وزن سان ڀرجي ويندو هيو. هن جي گڏهه وٺي اڳين ڄنگهن تي زور ڏيندي هئي ۽ وزن سان ڀريل گاڏو ويندو هيو سگهارين ڄنگهن سان روڊ تي ڀڄندو ۽ هر شيءِ کي پوئتي ڇڏيندو.
    اتي روزگار هيو. شهر کان ٿورو پري هجڻ ڪري پلاٽ سستا هيا ۽ جايون جام ٺهي رهيون هيون. اڏاوت جي استعمال ۾ ايندڙ ننڍين وڏين شين لاءِ گاڏن ۽ سوزوڪين جي ضرورت محسوس ٿيندي هئي. گل محمد صبح کان سانجهيءَ تائين ڪم ڪري صفا ڌوڙ ٿي ويندو هيو. ۽ جڏهن واپس ڳوٺ پهچندو هيو ته هن لاءِ گهر ۾ وهنجڻ جيترو صاف پاڻي به نه هوندو هيو.
    صفورا چورنگيءَ جي پسگردائيءَ ۾ عمارتون بلند ٿي رهيون هيون جيئن ڌرتيءَ تي ناسورجا ڳوڙها اڀري وقت سان وڌندا هجن. اتي ٻاهران آيل ماڻهن جي پيهه هئي ۽ ويران روڊن تي گاڏين جي اچ وڃ تيزيءَ سان وڌندي پئي وئي.
    هڪ ڏينهن گل محمد ڳوٺ جي ناهموار رستي تان گاڏو ڀڄائيندو جيئن آيو پئي ته سوسائٽيءَ وٽ هڪ پيٽي ٺيڪيدار هن کي هٿ ڏيئي روڪيو. اهو پيٽي ٺيڪيدار بنگلن جي شٽرنگ ۽ ڀرائيءَ جو ڪم ڪندو هيو. انهن ڏينهن اتي مرزا شفيق الرحمان صديقيءَ جي بنگلي جو ڪم شروع ٿيو هيو، جيڪو سٽي گورنمينٽ ۾ ڪلارڪ هيو ۽ ويجهڙائيءَ ۾ ان چڱو پئسو هٿ ڪيو هيو. گل محمد گڏهه جون واڳون ڇڪي گاڏو ٺيڪيدار ڀرسان روڪيو ۽ سواليا نظرن سان ان ڏانهن ڏٺو.
    ”اڙي ڀائي، موسميات وٽ گودام مان شٽرنگ جو سامان کڻائڻو آهي، گهڻو وٺندين؟“ ٺيڪيدار چيو،
    ”سائين، توهان سان ڪهڙو حساب. ڳوٺ جا پاڙيسري آهيو جيڪي ڏيو.“ گل محمد چيو.
    پوءِ جڏهن گل محمد سامان کڻي سوسائٽيءَ پهتو ته ٺيڪيدار هن کي اجرت کان گهٽ پئسا ڏنا جيڪي هن رب جو شڪر سمجهي کيسي ۾ وجهي ڇڏيا. ٺيڪيدار هن جي سادگيءَ مان ناجائز فائدو وٺڻ لاءِ پوري عمارت جي لوهه ۽ سيمنٽ جي کڻائيءَ جو ڪم به هن جي حوالي ڪيو. يونيورسٽي روڊ تي سفاري پارڪ ڀرسان شيرباز جي دڪان تان هن کي ڪل ملائي ٻارنهن ٽن لوهه ۽ سيمنٽ جا هڪ هزار ٻاچڪا کڻڻا هيا جيڪي ضرورت وقت قسطن ۾ ڍوئي اتي پهچائڻا هيا. ٺيڪيدار پنهنجي مرضيءَ مطابق اجرت طئي ڪئي جيڪا گل محمد ٿوري بحث کانپوءِ قبول ڪئي. گل محمد سوچيو گهر ڀرسان روزگار مليو آهي رب کان ٻيو ڇا گهرجي. پوءِ هو مرزا شفيق الرحمان صديقيءَ جي ٺهندڙ بنگلي تي سامان لاهي پئسا وٺي کيسي ۾ وجهي ڳوٺ وڃي، گهر ٻاهران گڏهه ٻڌي، کٽ تي ڊگهو ٿي سمهي پوندو هيو.
    ڏينهن سدائين ساڳيا نه هوندا آهن. گل محمد لاءِ اهو ڏينهن نڀاڳ کان گهٽ نه هيو. هو شيرباز وٽان سيمنٽ ۽ لوهه سان گاڏو ڀري يونيورسٽي روڊ تان پئي آيو. گاڏي ۾ ٻڌل گڏهه وزن ڪري پٽن مان پاڻ پئي ڇڏايو. اها ائين چنگهي رهي هئي جيئن ڪا مظلوم عورت چنبي ۾ ڦاٿل وار ڇڏائيندي هجي. گل محمد پيار مان هر هر ان کي سٿر واري لٺ پئي وهائي ڪڍي. گاڏو جڏهن يونيورسٽيءَ ٻاهران نرسريءَ وٽ پهتو ته پويان ٻه شيراز ڪوچ هڪ ٻئي کان نمبر کڻڻ جي ڪوشش ۾ وچ روڊ تي ڊوڙنديون پئي آيون. ڪڏهن هڪ اڳتي پئي ٿئي ته ٻئي پوئتي ۽ ڪڏهن هڪ پوئتي پئي ٿئي ته ٻئي اڳتي. سڄو رستو ڌوڙ ۽ دونهي سان ڀرجي ويو. گل محمد واڳون ڇڪي گاڏي کي پاسي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر وٽ سان نرسريءَ جون ڪونڊيون رکيل هيون جنهن ڪري هن کي روڊ کان هيٺ لهڻ جي جاءِ نه ملي. هڪ ڪوچ اچي هن جي گاڏي پويان ٽڪرائي، گڏهه اونڌي ٿي وئي. لوهه ۽ سيمنٽ جا ٻاچڪا مٿان وري اچي گل محمد تي ڪريا. ٻئي رتورت ٿي ويا. ٻنهي ڪوچن ۾ ويٺل ماڻهن وٺي رڙيون ڪيون. ڊرائيورن بريڪ هنيا. ماڻهون هيٺ لٿا ۽ انهن ڊرائيورن کي ڳچيءَ کان جهلي مارڪٽ ڪئي. ٽريفڪ جام ٿي وئي. پوليس پهچي وئي. ٻنهي ڊرائيورن کي چالان ڪري جيل موڪليائون. گل محمد تان لوهي سيخون پري ڪري، سيمنٽ جا ٻاچڪا هٽائي ٻاهر ڪڍيائون. هن جي هڪ ٻانهن گوشت ۾ لڙڪي رهي هئي. سخت زخمي حالت ۾ هن کي اسپتال نيو ويو. گڏهه همت ڪري پاڻ اٿي بيٺي. ان جي اڳين ڄنڳهه کر مٿان ڪٽجي چڪي هئي. گاڏو ۽ سامان سهيڙي نرسريءَ جي هڪ پاسي رکيائون. گڏهه کي پاڻي پياري ڪنڊ ۾ ويهاري ڇڏيائون.
    پهچڻ شرط سرڪاري اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ گل محمد جو آپريشن ڪري ٻانهن ڪٽيائون ۽ رت جون ٻه بوتلون چاڙهي سمهاري ڇڏيائون. جڏهن هوش ۾ آيو ته شيراز ڪوچ جو مالڪ شير خان هن وٽ پهچي ويو. هن پهچڻ شرط گل محمد سان ڏک جو اظهار ڪيو.
    ”اوڀائي صاحب، معاف ڪيو. غلطي ٿي وئي. ڊرائيور وڏا چنڊا آهن، انهن کي لک دفعا منع ڪئي آهي ته گاڏيون احتياط سان هلايو. تنهنجي زخمي ٿيڻ تي افسوس آهي. جيڪو خدا کي منظور.“ هن کيسي مان نوٽ ڪڍي گل محمد کي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”اوڀائي صاحب، هي ڏهه هزار وٺ. تنهنجي علاج معالجي لاءِ آهن. خدا توکي جلد شفاياب ڪندو.“
    گل محمد آلين اکين سان هن ڏانهن ڏٺو. هن هٿ هڻي پنهنجي ڪٽيل ٻانهن کي محسوس ڪيو ۽ پوءِ هڪ سڏڪو هن جي زخم مان وهندو ڄڻ بستر ۾ جذب ٿي ويو. هن جي آهه نڪري وئي. ”منهنجي گڏهه جا ڪهڙا حال آهن.“ هن سوال ڪيو.
    ”تنهنجي گڏهه بلڪل ٺيڪ آهي. هن کي ڄنگهه ۾ معمولي ڌڪ آهي. گهٻرائڻ جي ضرورت نه آهي. بابا هر ڳالهه ۾ الله جي مرضي آهي.“ شير خان چيو.
    شير خان وڃڻ کان اڳ ڏهه هزار گل محمد کي ڏنا ۽ هن وعدو ڪيو ته هو ڪيس واپس وٺندو. ۽ ڪورٽ ۾ ڪابه دعوى داخل نه ڪندو. پوليس پئسا وٺي ڊرائيورن کي آزاد ڪيو ۽ هڪ بيان لکي گل محمد کان آڱوٺو هڻائي ڪيس فائيل ۾ وجهي ڦٽو ڪيو.
    هڪ هفتي کان پوءِ ايمبولينس گل محمد کي گهر ڇڏي وئي. در تي منڊي گڏهه هن جو استقبال ڪيو. شير خان پاران مليل ڏهه هزار پاڻيءَ وانگر وهي ويا. هو سڄو ڏينهن گهر ۾ ڇڳل کٽ تي ليٽيو پيو هوندو هيو هو. هر هر هٿ هڻي پنهنجي ڪٽيل ٻانهن کي محسوس ڪري مايوس ٿي ويندو هيو ۽ پوءِ در ٻاهران بيٺل منڊي گڏهه کي ڏسي دلگير ٿي ويندو هيو. هو گڏهه جي اکين ۾ ڏسي محسوس ڪندو هيو ڄڻ اتي بک جا ڳوڙها لڪيل هجن ۽ هو بي وسيءَ جا لڙڪ لاڙي اندر وڃي وري سمهي پوندو هيو. وقت سان هن جي ڏاڙهي جا وار وڏا ٿي ويا. جسم تي پاتل ڪپڙا پراڻا ٿي ڦاٽي پيا. هو گهر کان ٻاهر نڪري آهستي هلندو روڊ تي اچي بيٺو. پريان يارهن سي بس اچي رهي هئي. هو همت ڪري هڪ هٿ وجهي بس ۾ چڙهي ويو ۽ پوءِ هن اتي ويٺل ماڻهن کي پنهنجي ڪٽيل ٻانهن ڏيکاري پنڻ شروع ڪيو.
    ”سائين، ڪڏهن مان توهان وانگر چاڪ چڱو ڀلو هيس. گاڏو هلائيندو هيس. عزت جي روزي ڪمائيندو هيس. يونيورسٽي روڊ تي منهنجي گاڏي سان حادثو پيش آيو. ٻانهن ڪٽجي ويئي. معذور ٿي پيس، ڪمائڻ لائق نه آهيان. منهنجي مدد ڪندا. الله توهان جو ڀلو ڪندو.“ بس ۾ ڪنهن گهٽ وڌ ڳالهايس. ڪنهن روپيو ٻه روپيا ڏنس. ڪنڊيڪٽر بس ۾ سوڙهه هجڻ ڪري جلدي لاهي ٻاهر ڦٽو ڪيس. شام جو جڏهن گهر موٽيو ته پاسي واري کيسي ۾ کردو کڙڪي رهيو هيس. هن راجپوت پڪوان وٽان پنهنجي لاءِ برياني ورتي ۽ گڏهه لاءِ سرائيڪي چارا هائوس تان ڪڙٻ جي ڪتر ورتي. ان رات گهڻن ڏينهن کانپوءِ گڏهه ڍو ڪري. پڇ سان مکيون هڪليون ۽ گل محمد برياني کائي ننڊ ۾ اوڳرايون ڏنيون. پوءِ هو روز يارنهن سي بس ۾ چڙهي ماڻهن کي پنهنجي ڪٽيل ٻانهن ڏيکاري خيرات گهرندو هيو ۽ هن جي گڏهه هن کي دعائون ڏيندي هئي.
    اهو شام جو وقت هيو جڏهن اڃان سج نه لٿو هيو. وڏين عمارتن جا پاڇا ڊگها ٿي هرشيءِ مٿان حاوي ٿيڻ وارا هيا. گل محمد جيئن ڳوٺ پهتو ته هن جي حيرت جي انتها نه رهي. هن ڏٺو اتي هن جو ڳوٺ نه هيو. هر طرف ڊٺل جاين جا ڍير هيا. ماڻهو پنهنجج ڀڳل سامان ڳولهي هڪ طرف رکي رهيا هيا. ٻار روئي رهيا هيا ۽ عورتون پٽي رهيون هيون. هو هلندو پنهنجي جاءِ اڳيان اچي بيٺو. هن ڏٺو سندس جاءِ جو ڪو وجود نه هيو. ڀڳل بلاڪن هيٺان ڇڳل کٽ ائين ڏسجي رهي هئي جيئن اتي زخمي وجود پيل هجي. گڏهه جو نانءُ نشان نه هيو. هن جي هٿ مان ڪترجي ٿيلهي ڇڏائجي هيٺ ڪري پئي ۽ ورتل گرم برياني هٿ کي يخ ٿڌي محسوس ٿيڻ لڳي. هن هيڏانهن هوڏانهن گڏهه کي ڳولهيو پر اها نه ملي. هو مايوس ٿي وري گهرجي ڍير مٿان آيو ۽ ڀڳل سامان گڏ ڪرڻ لڳو. ٻئي سامان سان گڏ ڍير مان شهيد راڻيءَ جي تصوير نڪتي، جيڪا هن ڪمري جي ڀت تي هنئي هئي. شهيد راڻيءَ جي تصوير ٻاهر ڪڍي اتي پيل ميري ڪپڙي سان اگهي ۽ پوءِ هن عزت سان پنهنجي ڀڳل سامان ۾ رکي ڇڏي.
    جڏهن رات ٿيڻ واري هئي ته ڪامريڊ برڪت باغي پنهنجن ڪجهه ساٿين سان اتي آيو ۽ ان ماڻهن کي گڏ ڪري هڪ جذباتي تقرير ڪئي. ”آخر ڪيسين اسان جا قديم تاريخي ڳوٺ ائين ڌرتيءَ تان مليا ميٽ ڪيا ويندا؟ ڌرتيءَ جي وارثن کي لاوارث ڪيو ويندو؟ ڪيسين ماڳ مڪان ڌارين حوالي ڪري بي گهر ڪيو ويندو؟ مان شهري حڪومت جي اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري عوامي حڪومت کان مطالبو ٿو ڪريان ته اها هر اهڙي عمل کان پاسو ڪري جنهن سان مقامي ماڻهن جو استحصال ٿئي. ماڻهن ووٽ ان لاءِ نه ڏنا آهن ته حڪومت پاڻ بچائڻ لاءِ دهشت گردن جو ساٿ ڏئي سڪون سان راڄ ڪري.“
    برڪت باغيءَ جي تقرير تي ڪجهه نوجوان جذباتي ٿي ويا. انهن شهري حڪومت خلاف نعري بازي شروع ڪري ڏني. برڪت باغي ڳوٺ جي جوشيلن کي ساڻ ڪري صفورا چورنگيءَ تي آيو. ٽائرن کي ساڙيو ويو برڪت باغيءَ هڪ ننڍڙي سوزوڪي ڪار کي روڪي ور مان پيٽرول جي بوتل ٻاهر ڪڍي.ان کان اڳ جو اهو ڪار کي باهه ڏئي. سوزوڪيءَ ۾ ويٺل همراهه ٻاهر نڪري هٿ ٻڌي بيهي رهيو.
    ”بابا مان توهان جو ماڻهو، پير بخش پنهور. ٽنڊي آدم جو. سنڌ سيڪريٽريٽ جو سيڪشن آفيسر. گاڏي وري منهنجي ٿا ساڙيو؟“ ان عرض ڪندي چيو.
    ”حڪومت جو ساٿاري آن...“ برڪت باغيءَ چيو، ”نه ڇڏيندو سانءِ.“
    پوءِ باغيءَ شعر پڙهيو،
    ”مون پڪ سڃاتا پنهنجا ها، ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾.“
    هن پيٽرول جي بوتل گاڏيءَ اندر هاري، تيلي ٻاري باهه ڏني. گاڏيءَ کي باهه وڪوڙي وئي. پير محمد پنهور منهن مٿو پٽيندو پاسي ٿي ويو. پوليس آئي. ڳوڙها گيس جا گولا هليا. هوائي فائرنگ ٿي. خبر نه پئي ته گولي زوڪٽ ڪندي هڪ نوجوان جي سيني کي چيريندي هلي وئي. نوجوان روڊ تي ڪري تڙپڻ لڳو. ان جو رت ريڙهيون ڏيندو کليل گٽر ۾ ڪرڻ لڳو. نوجوان روڊ تي راجپوت پڪوان جي تنور مان نڪتل، گراهڪ جي انتظام ۾ رکيل مانيءَ جيان ٿڌو ٿي ويو. ڳالهه زور وٺي وئي، نوجوان جا وارث لاش مٿان سينو ڪٽي روئڻ لڳا. لاش کي وچ روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو ويو. روڊ رستا بند ٿي ويا. پوليس هجوم کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ حڪومت جو نمائندو پهچي ويو. ان پهچڻ شرط مري ويل جي وارثن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. برڪت باغيءَ ڪجهه ساٿين کي ساڻ ڪري نعري بازي ڪئي،
    ”ظالمو جواب ڏيو. خون جو حساب ڏيو.“
    حڪومت جي نمائندي کيسي ۾ هٿ وجهي چيڪ بوڪ ڪڍيو. ٿوري ڏي وٺ کانپوءِ مري ويل جي وارثن لاءِ برڪت باغيءَ ٻن لکن جي امداد جو چيڪ وصول ڪيو. ماڻهو ڏاڍا ٿڪيل ۽ بي حال هيا. انهن جا گهر ڊهي چڪا هيا. ۽ واپس وڃڻ جا سڀ رستا بند ٿي چڪا هيا.
    ”توهان سڀني کي مان پناهه ڏيندس.“ برڪت باغيءَ چيو، ”مون سان گڏ هلو... توهان جي رهڻ جو بندوبست مان ڪندس.“
    هن هڪ ٽرڪ آندي ۽ ڳوٺ وارن کي ڀڳل سامان سميت کڻي گلستان جوهر جي پهلوان ڳوٺ وٽ هڪ خالي پلاٽ ۾ آباد ڪيو. سڀني پنهنجا پراڻا ڦاٽل ڪپڙا ميڙي چونڊي ڪاٺين سان ٻڌي جهوپڙيون ٺاهيون. صبح جي سج اڀرڻ کان اڳ هڪ وڏي ايراضيءَ تي جهوپڙيون ٺهي ويون. گل محمد پاڻ سان آندل پراڻيون رلهيون ۽ چادرون ڏئي لڪڻ جي جاءِ ٺاهي ورتي. هن کي هر هر پنهنجي گم ٿيل گڏهه جو خيال پئي آيو. هو سوچي رهيو هيو. خبر نه آهي اها ڪيڏانهن هلي وئي؟ اها ڪهڙي حال ۾ هوندي؟ داڻو پاڻي نصيب ٿيو هوندس الائي نه؟ هو سوچيندو ويو ۽ هڙ مان پنهنجو ڀڳل سامان ڪڍي جاچيندو ويو. صبح سان برڪت باغي انهن وٽ آيو ۽ چيائين،
    ”جيڪڏهن توهان کان ڪو جهوپڙين جو قبضو ڇڏرائڻ اچي ته ان کي ٻڌائجو توهان برڪت باغيءَ جا ماڻهو آهيو، پوءِ به نه مڙي نه هڪدم مونکي اطلاع ڏجو ته اچي ان کي سڌو ڪيان.“
    برڪت باغيءَ جي وڃڻ کانپوءِ هر ڪنهن کي ڌنڌي ڌاڙيءَ جي لڳي. گل محمد پهلوان ڳوٺ کان صفورا چورنگي پهچي وري يارهن سي بس ۾ چڙهي خيرات گهرڻ شروع ڪئي. هو وري زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويو. هن جي اندر ۾ صرف هڪ پريشاني هئي. هو هر وقت پنهنجي وڃائجي ويل گڏهه کي ياد ڪري پيو ٿڌا ساهه ڀريندو هيو. هن صفورا چورنگيءَ جي آسپاس روڊن تي گهمي گهڻا دفعا ان کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي پر اها هن کي ڪٿي نظر نه آئي.
    ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اتي رهندڙ ماڻهن کي خبر پئي ته ايراضيءَ تي قبضو ڇڏائڻ لاءِ برڪت باغيءَ کي آڇ ٿي آهي، پر برڪت باغيءَ هڪ وڏي رقم جي گهر ڪئي آهي. اها خبر ٻڌڻ شرط هرڪو پاڻ کي لاوارث سمجهڻ لڳو ۽ مايوس ٿي مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهيو.
    بس ۾ پنندي هڪ دفعي گل محمد جي نظرمنڊي گڏهه تي پئجي وئي. جوهر ڪامپليڪس سامهون ڪنڊيءَ جي وڻن سان چار پنج عبدالله ڳوٺ جا افغاني گڏهه کي چهبڪ هڻندا ڊيڪائيندا، گڏهه تي ٽپا ڏئي لهندا چڙهندا پاڻ ۾ مذاق ڪندا ۽ وڏا ٽهڪ ڏيندا پئي آيا. اهو ڏسي ڪاوڙ مان گل محمد جو منهن ٽامو ٿي ويو. گل محمد زندگي ۾ ڪڏهن نه وڙهيو هيو. هن صبر ۽ شڪر سان وقت گذاريو هيو. هن جي ٻانهن ڪٽجي وئي. هن جو ڳوٺ مليا ميٽ ٿي ويو. هن جو گهر مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو. قبضي مافيا هن کي غلط استعمال ڪيو، هن ڪو احتجاج نه ڪيو. پر پنهنجي گڏهه جي تذليل ٿيندو ڏسي هن جي منهن ۾ رت ڀرجي آيو. هو بس بيهاري هيٺ لهي، هڪ هٿ سان لٺ سڌي ڪري وڃي افغانين تي ڪڙڪيو. هڪ ٻن کي چيلهه واريون وهائي ڪڍيائين. هڪ افغانيءَ پٿر کڻي مٿي ۾ هينس. هن جي نرڙ مان رت وهندو اکين ۾ اچي پيو. هن هٿ هڻي رت اگهيو. ٻيو افغاني ڊڪندو هن جي چيلهه ۾ اچي وچڙيو. هن هٿ ۾ جهليل لٺ جو ڳن وات ۾ وهائي ڪڍيس.
    ماڻهو وچ ۾ پيا ۽ افغانين کي ڇنڊ پٽي پري ڪيائون.
    ”اڙي شرم نه ٿو اچيوَ، اپاهج فقير سان ٿا وڙهو.“
    افغاني ڪاوڙ ۾ ٿڪون اڇلائيندا هليا ويا. ۽ هن وڃي گڏهه کي ڪن ۾ هٿ وڌو. ڪاوڙ ۾ هڪ لٺ گڏهه کي به وهائي ڪڍيائين.
    ”رن رلي مئي آن.“ هن چيو ۽ گڏهه مالڪ کي سڃاڻي چپ مٿي ڪري ڏند ڪڍڻ لڳي. پوءِ هن جي من ۾ پيار ڀرجي آيو ۽ هو گڏهه جي مٿي تي ائين هٿ ڦيرڻ لڳو جيئن ڪو نياڻيءَ کي پيار ڪندو آهي.
    ”مان ايڏو به بي غيرت نه آهيان جو توکي وساري ڇڏيان.“ هن اکين جا ڳوڙها اگهندي چيو.
    هن رسو ڳولهي گڏهه جي ڳچيءَ ۾ وڌو ۽ گڏهه ڪنهن حيادار عورت جيان ڪنڌ هيٺ ڪري منڊ ڪائيندي هن پويان هلڻ لڳي.

    ***


    آزار

    هڏن ڪهڙو ذائقو
    هِڏن ناهي
    سَتُ
    پنهنجي زخمي
    وات جو،
    ڪتو چوسي
    رَتُ.
    هن کي پيشاب لڳو هيو. هڪ عجيب بي چيني محسوس ڪري رهيو هيو. ائين پئي لڳس ڄڻ مغز سُن ٿي ويو هجيس. ڊڪيو پئي ته ڊڪي نه پئي سگهيو. گهميو پئي ته بانبڙا پئي پاتائين. هو آهستي هلندو اسپتال جي در وٽ پهتو. جڏهن چانٺ ٽپيو ته جسم ۾ سيون لڳندي محسوس ڪيائين. ماڻهن جي هجوم کي چيريندو هلندو ويو. هر طرف آهون بلند ٿي رهيون هيون. ماڻهون چچريل وجودن سان فرش تي ريڙهيون پائي رهيا هيا.
    ”جسم کي ڪٽڻو پوندو.“ ڪٿان ڪو آواز آيو.
    ”وجود کي ڊاهڻ جي قيمت. وجود کي ٺاهڻ جي قيمت... توکي ادا ڪرڻيون پونديون.“
    هو تيز هلندو ڪرندو، اٿندو پيشاب خانو ڳولهڻ لڳو. هن جا نرا سجي ويا هيا. هو تيزيءَ سان اسپتال جي وارڊن ۽ ورانڊن ۾ ڊوڙڻ لڳو . هر هنڌ هجوم هيو. ڪٿي ڪا جاءِ خالي نه هئي. هن جو پيشاب نڪرڻ وارو هيو. هو ڊوڙڻ لڳو. هن محسوس ڪيو تيز ڊوڙڻ باوجود هو اڳتي نه وڌي رهيو آهي. هن کي سور محسوس ٿيڻ لڳو. هن جا نرا ناسور جي ڳوڙهين جيان لڙڪي رهيا هيا. آپريشن ٿيٽر جو سيکڙاٽ ڊاڪٽر هن جي ڀرسان لنگهيو، ان جي ٺوڙهه جي پاسن کان ڊگها وار هيٺ وهي رهيا هيا. هن پيشاب وهندي محسوس ڪيو. سڀ پيشاب خانا ڀريل هيا. ماڻهو اگهاڙن پيرن سان پيشاب خانن ۾ بيٺل هيا. ڪا جاءِ خالي نه هئي. هن جي همت جواب ڏئي وئي. هو هلندو هڪ ڪنڊ وٽ پهتو، نه چاهيندي به هن پيشاب ڪرڻ شروع ڪيو. پيشاب جيڪو هڪ ليڪ جيان هيو. ليڪ جيڪا ڊگهي ٿيندي وئي. ليڪ جيڪا ڏنگي ڦڏي ٿي لفظن ۾ تبديل ٿي وئي. لفظ جيڪي ڄڻ وات مان نڪري رهيا هيا. لفظ جيڪي ڳالهائي رهيا هيا. جن ۾ صدائون هيون. آهون هيون. ليڪ جيڪا ڊگهي ٿيندي هيٺ فرش تي نانگ جيان رڙهندي اڳتي وڌي هلڻ لڳي. اها وارڊن، ورانڊن، آفيسن ۽ انتظار گاهن مان لنگهيندي، پئي وئي. جنهن ۾ لحظا، منٽ، ڪلاڪ، ڏينهن، رات، مهينا، سال، ۽ صديون سيخ ۾ ٽانڊن تي رکيل گوشت جي ٻوٽين جهڙا هيا. ليڪ جي ڌار جنهن جي تک ٻوڏ جيان هئي، جنهن ۾ ڦيٿن واريون ڪرسيون، لوهي پلنگ، ڪينچيون، چاقو، آڪسيجن جا سلينڊر ۽ رت جون بوتلون لڙهنديون پئي ويون.
    وهندڙ پيشاب ڪري هن کي سڪون محسوس نه ٿئي رهيو هيو. هن جي نرن جي سوڄ وڌندي پئي وئي. هو پريشان ٿي ويو. سڪون جي ڳولا ۾ ڀڄندو اڳتي وڌڻ لڳو. هن هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ شروع ڪيو. ڪٿي ڪابه پناهگاهه نه هئي. هو تيز ڊڪڻ لڳو. هن جا قدم ڌرتيءَ کان مٿي ٿي ويا. هن پنهنجو وجود مٿي کڄندو محسوس ڪيو. هو پکيءَ ۾ تبديل ٿي ويو هن ڏٺو هن جي چوڌاري هزارين ڪاغذ اڏامي رهيا هيا. سڀ ڪاغذ پکين ۾ تبديل ٿي ويا. جن جي پرن تي ڪارا چٽ هيا. هر چٽ ۾ هڪ تصوير هئي. معذورن جون تصويرون. اڏامندڙ دونهين جون تصويرون. تباهه ٿيل عمارتن جو تصويرون. باهه ۾ سڙيل انسانن جون تصويرون. آپگهاتي دهشت گردن جي منڍين جون تصويرون. تباهه ٿيل گاڏين جون تصويرون. هزارين لکين لامحدود تصويرون. اهي سڀ ڪنهن واچوڙي ۾ تبديل ٿي ويون. هن جو وجود وڪڙ کائيندو مٿي بلند ٿيندو ويو. ناسي جهڙ هيٺان هن هٿ هڻي محسوس ڪيو. جهڙ آسمان جي اک مان وهي رهيو هيو. هڪ وسيع اک جيڪا اوڀر کان اولهه تائين ڦهليل هئي ۽ اک ۾ پيل سج جو گول تارو جنهن مان باهه جا اُلا ڪر کڻي لهرائي رهيا هيا. پوءِ جهڙ ڳوڙهن ۾ تبديل ٿي ويو. لکين ڳوڙها ڌرتيءَ تي ڪري وهڻ لڳا. هن محسوس ڪيو هن جو پيشاب وهي رهيو آهي. هن جا نرا جهڙ جهڙا آهن. هو آپگهاتي بمبار آهي. هن جي نرن وٽ بم ٻڌل آهي. هو ڦاٽندو ۽ ذرا ذرا ٿي آسمان ۾ اٽڪي پوندو. رات جي اوندهه ۾ هن جا ذرا آسمان ۾ اٽڪي پوندا. ۽ اهي پيشاب جي قطرن جيان چمڪڻ لڳندا. هن پنهنجا ٻئي هٿ نرن تي رکي ڇڏيا. سور کان هن جي ڪنن ۾ سيٽيون وڄڻ لڳيون. هن جي نس نس پيشاب سان ڀريل هئي. هن جي وجود اندر پيشاب رڳن ۾ روڊن تي تيز گاڏين جيان ڊوڙي رهيو هيو. هن جي وجود ۾ هر طرف گاڏيون ڊوڙي رهيون هيون. هزارين هارن وڄي رهيا هيا. روڊن تي گَپَ هئي. رستا ڀڳل هيا. سوين گاڏيون ماڻهن سان ائين سٿيل هيون جيئن هن جي نرن ۾ پيشاب ڦاٿل هيو. گاڏيون وزن ڪري سور کان چيچلائي رهيون هيون. ماڻهو گاڏين مان پيشاب جيان وهڻ وارا هيا. ڀيڙ ۾ ماڻهن جي بدن ۾ بوءِ هئي. انهن جي جسم مان پگهر هيٺ ڳڙندو سٿرن تي وهي رهيو هيو. اهي دانهين رهيا هيا.
    ”اڙي ڪتي جا پٽ. او حرامي، گاڏي تيز هلاءِ.“
    ماڻهو هٿن سان گاڏيءَ کي ڌَڪ هڻي رهيا هيا. ڊرائيور سامهون لڳل آئيني ۾ ڏسي کلي رهيو هيو. ان جا ٽهڪ ڏينڀن جيان ماڻهن مٿان ڀون ڀون ڪري رهيا هيا. ماڻهن کي بس جي پائيپ ۾ لڙڪندڙ ٻانهن تي ڏنگ محسوس ٿي رهيا هيا. اهي سجنديون ڦاٽڻ لڳيون. انهن ۾ پيشاب جهڙو زهر ڀريل هيو. روڊ تي اوچتو ٽريفڪ جام ٿي وئي. هن جا نرا سڄي ويا. هن جو پيشاب وهي ويو. اهو وهندو هڪ ڊگهي ليڪ ۾ روڊن تي اڳتي وڌندو ويو. ماڻهن جي پراڻن بوٽن هيٺان. فٽ پاٿ تي پيل آنڊن ڀرسان ڪانٽي ۾ ٽنگيل ڍڳي جي ڪٽيل ران هيٺان. اها ڊگهي ليڪ کليل گٽر ۾ ٻار جيان ڪري پئي. ماڻهن ٻار جو لاش ڪڍي روڊ تي رکيو. اهو لڪير ۾ بدلجي ويو. لڪير ڊگهي ٿيندي اڳتي وڌندي نيٽي جيٽيءَ جي پل وٽ پهچي خودڪشي ڪري ڇڏي.
    ماڻهو پل تي بيهي پيٽ مان اٽو ڪڍي هيٺ سمنڊ ۾ اڇلائي رهيا هيا. مڇيون کائي انهن جي پيٽ کي دعا ڪري رهيون هيون. ماڻهو پنهنجا ڦڦڙ ڪڍي پل مٿان اڏامندڙ هِلين ڏانهن اڇلائي رهيا هيا. هليون هوائي جهازن جيان گهت هڻي ڦڦڙن تي حملو ڪري رهيون هيون. افغاني ڇوڪري جي ٿالهه ۾ جهليل ڦڦڙن جا ٽڪر ساهه کڻي رهيا هيا. سمنڊ جي وير چڙهندي وئي. سمنڊ جي وچ ۾ نظر ايندڙ ڌٻڻ پاڻيءَ سان ڍڪجي وئي. تمر جا وڻ ٻڏي ويا هن محسوس ڪيو هن جا نرا ماشڪيءَ جي پخال جيان سجي مئل ڍور جي پيٽ جهڙا ٿي ويا آهن. هن نه برداشت ٿيندڙ درد محسوس ڪيو. ٽٽل دل جي سور کان به وڏو درد. هن جي دل ڳاڙهي شربت جي ڀريل گلاس جيان هئي. شربت جو گلاس جيڪو چپن تائين ايندي ڪنهن جي هٿن مان ڪري ذرا ذرا ٿي ويو هجي. هن جي محبوبا جيڪا هن جي وفا جي ٻيڙيءَ مان سمنڊ جي ڌٻڻ کي ڪنارو سمجهي هيٺ لهي بيهي رهي. ان جي ڪپڙن تي تمر جي ساون ٻوٽن جهڙا نشان هيا. سمنڊ جي وير وڌي رهي هئي ۽ پورو سمنڊ هن جي نرن ۾ سمائجي ويو. هو اڀرندڙ وير کان رڙيون ڪري روئڻ لڳو. هر هنڌ پيشاب خانن جا در بند هيا. ماڪوڙين جون ڊگهيون قطارون ڄڻ مينهن وسڻ کان اڳ پناهگاهه جي در وٽ بيٺل هيون. ڪولين جي هٿن ۾ درخواستون هيون. اهي در کلڻ جي انتظار ۾ ڪاري ڌاڳي ۾ تبديل ٿي ويون. اهي بي وس هيون. ڪوليون پيرن هيٺان لتاڙجي رهيون هيون. ڪوليون ڪمزور هيون. هو به درخواست جهلي بيٺل ڪول هيو. هن کي اهڙي نوڪريءَ جي ڳولها هئي جنهن ۾ هو پيشاب ڪري سگهي. چور دروازي کان پيشاب خانو کليل هيو. جمعدار پئسا وٺي فارغ ڪري رهيو هيو. هن وٽ پئسا نه هيا.
    ”اڙي جمعدار رحم ڪر.” هن چيو، “پيشاب خاني جو در کول... هاڻي حد ٿي وئي... ڳالهه برداشت کان ٻاهر آهي.“
    جمعدار هن کي چور دروازي ڏي اشارو ڪيو. هن ان کي نرا ڏيکاريا. هن جو پيشاب وهڻ لڳو. هن جو سڪون ختم ٿي ويو. هو سڪون جي ڳولها ۾ ڊوڙڻ لڳو. هن کي ڪٿي به سڪون نظر نه آيو. هن سوچيو ڌرتيءَ تي ڪٿي به سڪون نه آهي. سڪون کي ڳولهڻ سڪون وڃائڻ آهي.
    هو ڊڪي رهيو هيو. هن جون ڄنگهون تيز حرڪت ڪري رهيون هيون. هو محسوس ڪري رهيو هيو ڌرتي هڪ هنڌ بيٺل آهي، اها هن جي قدمن هيٺان پوئتي نه لنگهي رهي آهي. هو هيٺ ويهي رهيو. ڌرتي گول ڦرڻ لڳي. ڌرتيءَ جي گردش ڪري موجود سڀ شيون هڪ ٻئي ۾ ملي گم ٿي ويون. اتي هُن جي چوڌاري دائرا هيا. هن جو وجود هڪ مرڪز جيان هيو جنهن ۾ دائرن جون سڀ لڪيرون اوتجي رهيون هيون. هن جو وجود پاڻيءَ جي ڌار ۾ وهنجي رهيو هيو. هو پاڻ کي هيڻو ۽ ڪمزور محسوس ڪري رهيو هيو.
    “پريشانيون ڪمزورين کي جنم ڏين ٿيون.” ڪنهن هن جي ڪن ۾ ڀڻڪو ڪيو.
    ”مان ڏاڍو پريشان آهيان.“ هن چيو.
    ”پريشانين مان ڇوٽڪارو ڪمزورين تي ضابطي سان حاصل ٿئي ٿو.“
    ”اهو ڪيئن؟“ هن چيو.
    ”ڪمزورين کي قابو ڪرڻ لاءِ توکي ڏاڍو ڪمزور ٿيڻو پوندو. هٿيار ڦٽا ڪرڻا پوندا... ڪنڌ نوائڻو پوندو.“
    هو ڏاڍو ڪمزور ٿي ويو. هن جي وهندڙ پيشاب ڪري عدالت جو ڪمرو خراب ٿي ويو. جج ڪرسي ڇڏي ڀڄي ويو. ڀرسان بيٺل سرڪاري وڪيل تشويش ۾ مبتلا ٿي ويو. هو سزا جو مستحق ٿي ويو. هن کي اگهاڙو ڪري ٿاڻي ۾ ٿڌي فرش تي اونڌو سمهاري ڪو ڦٽڪا وهائي رهيو هيو. چيلهه تي لڳندڙ ڦٽڪن ڪري هن کي ڏاڍو سڪون محسوس ٿي رهيو هيو. هو هر ڦٽڪي تي فرحت مان هڪ آهه ڀري رهيو هيو. سڪون کان هر هر هن جون اکيون بند پئي ٿي ويون. ڪو هن کي بيهوش سمجهي پاڻيءَ جو گلاس چپن تي رکي رهيو هيو. هن منهن پري ڪري ڇڏيو.
    ”منهنجو مسئلو پيئڻ نه پيشاب ڪرڻ آهي... مون کي پيشاب ڪرڻ ڏيو... مان مري رهيو آهيان... مان ڏاڍو ڪمزور آهيان... مان ڏاڍو پريشان آهيان.“
    ٻن سپاهين هن کي ٻانهن کان وٺي پيشاب خاني ۾ اڇلايو. هن پيشاب ڪرڻ شروع ڪيو. اڻ کٽ پيشاب... لامحدود پيشاب... لامڪان پيشاب... لافاني پيشاب... پيشاب جيڪو بي انت هيو... جنهن جي نه ڪا ابتدا هئي نه ڪا انتها... پيشاب جيڪو امر هيو... جنهن کي جاري رهڻو هيو.
    هو ان رات سوير سمهيو هيو. ڏينهن جو نوڪريءَ جي ڳولها ۾ شهر مان ڀٽڪي سانجهيءَ جو موٽيو هيو. ڏاڍو ٿڪيل هيو. بک تي پاڻي پي سمهيو هيو. ٿڪ کان هن جي اک نه پئي کلي. هو اٿيو- ٿيڙ کائيندو اکيون مهٽيندو پيشاب خاني جو درکولي اندر هليو ويو.

    ** *


    سونو ڏند

    حياتي پڳ جيان آهي،
    ماڻهوءَ جي مٿي تي ويڙهيل.
    ڪنهن جي ننڍي،
    ڪنهن جي وڏي.
    ڪنهن جي اجري،
    ڪنهن جي ميري.
    ۽ ان جي پاندَ سان،
    هرڪو اگهي ٿو،
    زندگيءَ جا ڳوڙها.

    تن ڏينهن سکر ۽ شڪارپور وچ ۾ پڪو رستو نه هيو. ماڻهوءَ گهٽ سفر ڪندا هيا. هرڪو ڳوٺن تائين محدود هيو. پنهنجي حد اندر وسيلن کي ڪتب آڻي پورت ڪندو هيو. ڏيتي ليتيءَ جا ايڏا ذريعا نه هيا ۽ سڀ ڪو پنهنجي حال ۾ خوش رهڻ جي ڪوشش ڪندو هيو.
    چيٽ ۾ نظرپور چوڌاري سرنهن جا فصل ايڏا ڀلا ٿيندا هيا جو پورو ڳوٺ ڄڻ گلن جي ٻوڏ ۾ ويڙهيل نظر ايندو هيو. آڙين جا ولر ڳوٺ ٻاهران ڍنڍن تي لهندا ۽ اڏامندا هيا. ڪنب جي ڪنارن تي نرم مٽيءَ ۾ ٽُٻڻيون کڏ کوٽي آنن تي آرو ڪنديون هيون ۽ کٻڙن تي رنگبرنگي ڀنڀورين جا ڪٽڪ لامارا ڏيندا هيا. سانوڻ ۾ پاڻيءَ جو وڏو زور هوندو هيو. ڪا خبر نه پوندي هئي ته ٻوڏ اچي ڪڙڪو ڪندي هئي. ۽ پاڻ سان سڀ وهائي ويندي هئي. چانور جام ٿيندا هيا ۽ دُٻن ۾ ڪُرڙيون ترندي نظر اينديون هيون.
    ربڏني جو گهر ڳوٺ جي اتر پاسي ڪنب جي ڪناري هيو. چڱو وڏو گهر هيو جنهن ۾ هڪ پاسي ڪچين ليپو ڏنل ڀتين تي شهتير رکيل چار ڪوٺيون هيون. ۽ انهن اڳيان ونگ وارن کليل درن تي ٺهيل دالو هيو. پري تائين پڌر هيو جنهن جون حدون هڪ ننڍي اوڏڪي ڀت ۽ ڍينگرن جا ڍير هيا. کليل در وٽ ٻه ڪتا پنهنجين اڳين ڄنگهن تي منهن رکي ستل هوندا هيا. هڪ ڪوٺيءَ ۾ ڇڳل واڻ واريءَ کٽ تي نابين پوڙهي ويٺل هوندي هئي. ٻئي پاسي ٻن ڪمرن اڳيان آڏاڻان رکيل هوندا هيا جن جي سٽ جون تانيون اڱڻ جي اڌ تائين ڦهليل هونديون هيون.
    رب ڏني کي رب سٺو روزگار ڏنو هيو. آڏاڻن مان آمدني ٿيندي هئي ۽ زمينن مان ايترو اناج ملندو هيو جو اهو پوري سال لاءِ ڪافي هوندو هيو. هن بچت ڪري ٿورا ڏوڪڙ پڻ ڪٺا ڪيا هيا جيڪي هن کي وڏي پٽ جي طهر تي خرچ ڪرڻا هيا. هن کي ٻه پٽ هيا. هڪ ننڍو جيڪو اڃان ماءُ جي ٿڻن تي هيو. ۽ ٻيو جيڪو پورن ڇهن سالن جو ٿي چڪو هيو. هن جي خواهش هئي ته ٻنهي جا طهر ساڳي ڏينهن تي ٿين. پر حڪيم هادن هن کي صلاح ڏني، “ننڍي جو نه وڏي جو طهر ڪراءِ. ننڍي جي کل وقت سان وڏي ٿي ويندي ۽ ڪو فائدو نه ٿيندو.”
    ربڏني کي حڪيم جي ڳالهه ۾ وزن نظر آيو.
    “سچ چوين ٿو حڪيم هادن.” ربڏني چيو، “پئسا هٿن جي مَرُ آهن. وري ٿيا ته ڏسنداسين. اجايو تڪڙ جو ڪهڙو ضرور آهي.”
    حڪيم هادن نظرپور جو نالي وارو جراح هيو. هر هنڌ هن جي هاڪ هئي. پوري تڪ جا طهر هو ڪندو هيو. انبن جي مند ۾ جڏهن ٻارن کي ڳاڙهيون ڳوڙهيون نڪرنديون هيون ته حڪيم هادن ڪانيءَ ۾ پَٽ ڦاسائي ٻار کي ٽڪو ڏئي گند ٻاهر ڪڍي ڳوٿل چيڪي مٽي وجهي مٿان اڳڙي ٻڌندو هيو. ٻار سور کان ڌرتيءَ تي ليٿڙيون پائي روئندو هيو. ۽ حڪيم هادن کيسي مان جَنوَر جي ٽڪي ڪڍي ٻار جي وات ۾ وجهندو هيو. هو نم جي ڪاٺيءَ تي ڪپهه ويڙهي ڪٽيل ڦودني ۾ ٻوڙي پوڙهن کي وات ۾ وجهي انهن جا ڪاڪڙا کڻندو هيو ۽ سمنڊ ڦيڻ جي ناس وجهندو هيو. هن جي گهر واري ٽامي جي ٿانءَ ۾ تلسي رکي ان کي دکائي دونهي مٿان هڪ پاٽ رکندي هئي جنهن جي پاسي کان سوراخ هوندو هيو، هوءَ ان ۾ نڙ وجهي دونهون ٻار جي ڪن ۾ وجهندي هئي. ٻار ماءُ جي هنج ۾ رڙيون ڪندا هيا. ۽ پوءِ جڏهن اها نڙ هٽائي پاٽ مٿي ڪندي هئي ته سڙيل تلسيءَ ۾ جيئرا جيت ڦتڪندي نظر ايندا هيا. جيترا جيت نڪرندا هيا اوترا پئسا وٺندي هئي.
    هڪ سياري جڏهن چڻا مٽر جام ٿيا ۽ سرنهن سان هر شيءِ واسجي وئي. ربڏني فيصلو ڪيو ته هو وڏو پٽ طهرائي اڌ وزن هلڪو ڪندو. سياري ۾ ڪپڙو به ڪافي وڪاميون هيو جنهن ڪري هن جي آڏاڻن جي آمدني ڪوٺيءَ جي ڪنڊ ۾ پوريل پانڍاري جي ڀرجڻ کانپوءِ به بچي پئي هئي. هو هڪ ڏينهن صبح جو سوير اٿيو. هن پڌر ۾ بيٺل برمي هيٺيان ويهي گرم پاڻيءَ ۾ ٽٻي ڏئي، سائي اڇي ڪِناريءَ واري گوڏ ٻڌي نيري رنگ جي ڪالر واري قميص پائي مٿي تي پڳ ويڙهي ۽ پيرن ۾ زين تي ٺهيل ونگوڙيدار جتي وجهي هن ڀت ۾ مٽيءَ سان ليپ ڏنل آئيني اڳيان بيهي جڏهن ڦڻي ڏني ته خوشيءَ کان هن کي پنهنجيون ڀوريون اکيون چمڪندي محسوس ٿيون. هن هٿ هڻي پنهنجن ڪنن ۾ لڙڪندڙ سونين والين کي مهٽي صاف ڪيو. هو جڏهن گهر کان نڪري کهيءَ وٽ پهتو ته ٽانگي وارو تيار بيٺو هيو. ان ربڏني جي ويهڻ سان وٺي گهوڙو ڀڄايو. ناهموار رستي تي ٽانگو ائين هيٺ مٿي ٿي هلڻ لڳو ڄڻ ان جا ڦيٿا ننڍا وڏا هجن. جڏهن ٽانگو سکر پهتو ته ڪچڙي منجهند ٿيڻ واري هئي. ربڏني سِيرو چوڪ وٽ ڌرمشالي ۾ ديوان جي هوٽل تي ننڍي گوشت سان ماني کاڌي. ۽ پوءِ هو مندر ٻاهران پهتو. اتي عورتون ۽ مرد دهل وڄائي هار مونيم تي ڀڄن ڳائي رهيا هيا. هو مندر پويان ڦري هڪ گهري نيري رنگ واري جاءِ وٽ اچي بيٺو. هن اڳتي وڌي در کڙڪايو ۽ اندر هليو ويو. سامهون صندل تي صابو ويٺل هيو. صابو هن کي ڏسي کليو ته هن جي وات ۾ پاسي کان ڏند چمڪڻ لڳو. صابوءَ جي ان ڏند تي سونو پٽ چڙهيل هيو. جيڪو هن کي شڪارپور جي واڳو در واري سواميءَ ان تي ڪي پوتر شبد لکرائي سوکڙيءَ ۾ ڏنو هيو. صابو، سواميءَ کي گرو ڪوٺيندو هيو. پنهنجي من جي هر پيڙا ان آڏو اوري آٿت ماڻيندو هيو. اهو سونو ڏند هن وٽ گروءَ جي نشاني هيو. جنهن ۾ وڏي مڻيان ۽ رمز رکيل هئي. ان تي اڪريل سنها پاڪ شبد صابوءَ لاءِ وڏي معنى وارا هيا. هن کي لڳندو هيو جڏهن هو کائيندو آهي ته ان ڏند معرفت اهو حلال ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. رات جو سمهڻ کان اڳ هو ان کي لاهي اکين تي رکي چمندو هيو ۽ پوءِ ڪپڙي جي ننڍڙيءَ ڳوٿريءَ ۾ وجهي ڌاڳو سُوٽي بند ڪري ويهاڻي هيٺان رکي سمهندو هيو. ان ڏند جي هن وٽ اهميت ان ڪري به هئي ته ٽي مهينا اڳ سوامي ديهانت ڪري ويو هيو ۽ ان جي پرلوڪ سڌارڻ کان پوءِ ان جهڙو ٻيو ڏند حاصل ڪرڻ محال هيو.
    ربڏني کي اندر ايندو ڏسي صابو صندل تي سڌو ٿي ويٺو.
    “اچ رئيس اچ.” هن چيو، “ڀلي ڪري آئين. ويهه.”
    ربڏني ويهڻ سان پاسي واري کيسي ۾ هٿ وجهي سوَ وارا ٻه نيرا نوٽ ڪڍي صابوءَ اڳيان رکيا.
    “پري کان آيو آهيان فقير.” پوءِ هن چيو، “وقت ڪونهي. واپس به ورڻو آهي. پٽ جو طهر آهي. حالي هي وٺ ٻيا ڳوٺ ايندين ته جام. پوري سٿ سان اچجانءِ. ڌوم ڌڙاڪو ڪري. مانيءَ گرهه کائي. ننڍڙي لاءِ خير جي دعا ڪجانءِ.”
    “حاضر رئيس حاضر.” صابوءَ هٿ ٻڌندي چيو، “ڀڳوان وڌائيندءِ. رب ڪيچ ڪندءِ.” ربڏني صابوءَ کي ڳوٺ جا سڀ پار پتا ڏنا. ۽ تاريخ جي پڪ ڪري روانو ٿيو. هو ڌرمشالي مان نڪري. پهلومل گهٽيءَ مان ٿيندو شاهي بازار پهتو. هن رکئي ميمڻ جي دڪان تان ڳاڙهي گوڏ جو ڪپڙو ورتو ۽ ڀرسان ئي ڳانا ورتا. آخر اهو وقت به آيو جڏهن ٻار کي وهنجاري هن جا مينديءَ لڳل هٿ ۽ پير ڌوئي اڇي قميص پارائي ڳاڙهي گوڏ ٻڌي وئي. ٻانهن ۾ ڳانا پائي ڳچيءَ ۾ ماڪي فقير جو تعويذ وڌو ويو. وچ ڳوٺ ۾ شاهه جي پڌر وٽ کهيءَ چوڌاري ٻهارا ڏئي ڇڻڪار ڪيا ويا. اتي ڪاٺ جي ٿوڻين تي بيٺل نبات نما شيشي جي فانوسن جي صفائي ڪري گاسليٽ اوتيو ويو. سانجهيءَ ٽاڻي صابو پنهنجي سٿ سميت نظرپور پهچي ويو. سندس سٿ جو شهناز کدڙو سڀني جي نظرن جو مرڪز هيو. ڀورو لال جو ان هيو جنهن جي ڳٽن مان رت پئي ٽميو. ڳوٺ جا شونقين ان مٿان فدا پئي ٿيا. جڏهن رات ٿي ته پڌر ۾ فانوس روشن ڪيا ويا. سڀ کان پهريون لڏڻ فقير آيو ۽ پنهنجين ڳالهين سان راڄ کي کلائي کيرو ڪري وڌو. پوءِ صابوءَ دهل تي ٿاڦ هنئين ۽ ٻين سر ملايو. شهناز پيرن ۾ گهگهرو پائي جڏهن ناچ شروع ڪيو ته رات جي چپ ۾ وڻن تي ويٺل پکي جاڳي پيا. ماڻهن جون اکيون ڦاٽي ويون ۽ ڪن کڙا ٿي ويا. ڳوٺ ۾ اهڙو مزو انهن پهريون ڪونه ڏٺو هيو. شهناز جڏهن گهنگهرو ڇمڪائي دهل جي ٿاڦ تي چيلهه لوڏي گول ڦريو ته ڪيترن جون دليون اڇل ڏئي مٿي چڙهي آيون. شهناز نچندو رهيو ۽ رات جو دير تائين فانوسن ۾ گاسليٽ اوتبو رهيو. محفل جي گرمي ڪٿي به ٿڌي نه ٿي. نيٺ پرهه کان پهريون سڀ گهرن ڏي روانا ٿيا. ربڏني صابو ۽ ٻين فقيرن کي گهرجي اڱڻ ۾ کٽون وجهي سمهڻ جي جاءِ ٺاهي ڏني، جيئن اهي سج اڀرڻ کان اڳ ٿوري دير آرام ڪري تازا توانا ٿين ۽ شام جو طهر کانپوءِ وري منڊلي مچائي سگهن. فقير ڏاڍا ٿڪيل هيا جنهن ڪري سمهڻ سان انهن کي ننڊ وٺي وئي. سمهڻ کان اڳ صابوءَ جيئن ئي سونو ڏند لاهي صاف ڪري ڪپڙي جي ڳوٿريءَ ۾ وجهي ڌاڳو سُوٽي وهاڻي هيٺان رکيو ته پريان پڌر ۾ لڳل برمي جي اوٽ مان مريم جو پٽ اهو سڀ ڏسي رهيو هيو. ان جي نظر صابوءَ جي سوني ڏند ۾ هئي جيڪو هن جي وهاڻي هيٺيان ڳوٿريءَ ۾ پيل هيو.
    مريم جو پٽ ڳوٺ جو شرارتي ڇوڪرو هيو. ماڻهو هن کي پيءُ جي نالي بدران ماءُ جي نالي سان سڏيندا هيا. مائي مريم کي سدائين ڪاري قميص ۽ ٻانهن ۾ ڪولابا پاتل هوندا هيا. هوءَ گهٽيءَ ۾ گهر ٻاهران ويٺي حقو ڇڪيندي هئي. ڳوٺ جي ڪا عورت ويامبي هئي ته هرڪو مائي مريم کي وٺي ويندو هيو. مائي مريم پنهنجي ڪم ۾ ماهر هئي. جڏهن عورت پير لهندي هئي ته مائي مريم ٻن وڏن ديڳڙن کي هڪ ٻئي مٿان رکي انهن جي ڪنارن کي مٽيءَ سان لنبي وڏڦ چکائيندي هئي ۽ اهو عرق وياميل عورت کي ڏئي چڱا پئسا ڪمائيندي هئي. هن جو مڙس هڪ ضعيف ۽ ننڍي قد وارو شخص هيو جيڪو سڄو ڏينهن زال جي خدمت ۾ گذاريندو هيو ۽ شام جي پهر تماڪ ڌوئي ڇاڻي ڦل ۾ وجهي ٽانڊا رکي حقو ٺاهي زال اڳيان رکندو هيو پوءِ ڪٻ ڪڍي هن اڳيان ويهي رهندو هيو. ان کي ڇڙو گوڏ ٻڌل هوندي هئي ۽ اگهاڙي پٺيءَ جو ڪرنگهو ائين نڪتل هوندو هيو ڄڻ هن کي ڪنڌ کان وٺي ويهڪ تائين نانگ چنبڙيل هجي. مائي مريم جي وڏي ڌيءَ جوان ٿي هڪ تپيدار سان ڀڄي وئي. باقي اٺن سالن جو پٽ هيو جنهن کي ماڻهو مريم جو پٽ سڏيندا هيا. ڇوڪرو ڏاڍو ٽڻڪ هوندو هيو. هڪ دفعي رئيس علڻ ڳوٺ ۾ سرائڪين کي گهرايو جيڪي پتلين جو تماشو ڏيکاريندا هيا. جڏهن رات جو ٽي کٽون ڏئي اندر ڏيئا ٻاري پتلين کي هيٺ لاٿو ويو ته ڇوڪرو پتلين جو ناچ ڏسي چريو ٿي پيو. اوندهه ۾ وجهه وٺي هو هڪ پتلي چورائي ڀڄي ويو. سرائيڪي فنڪارن پنهنجي وڃائجي ويل پتليءَ کي گهڻو ڳولهيو پر اها نه ملي. مريم جو پٽ پوءِ پتلي هٿ ۾ کڻي چار ماڻهو ڏسي انهن سامهون نچائيندو هيو. ماڻهو خوش ته نه ٿيندا هيا پر هن کي منهن ۾ ڀونڊا ڏئي اهڙي حرڪت تي ملامت ڪندا هيا. هڪ دفعي مريم جو پٽ ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ ٻڏندي بچيو. نظرپور ۾ هڪ اهڙي ڍنڍ هوندي هئي جنهن ۾ فيروزي ڪنول ٽڙندا هيا. ان ڍنڍ جا ڪنول هندو مهانگي اگهه وٺي مندرن ۾ چاڙهيندا هيا. ڪنولن مان ساوا واڱڻائي ڌاريدار پٻڻ پيدا ٿيندا هيا، جن جو ذائقو ۽ خوشبو پنهنجو مٽ پاڻ هئي. مريم جو پٽ پٻڻ پٽڻ لاءِ پاڻيءَ ۾ لٿو ۽ وچ ڍنڍ ۾ پاڻيءَ اندر اونهيءَ کڏ ۾ هيٺ هليو ويو. ٻڏڻ لڳو. ڪجهه رهاڪن جي نظر پئجي وئي. انهن ڊڪي پاڻيءَ ۾ ٽپا ڏنا ۽ گهلي ٻاهر ڪڍي ڪناري تي ڦٽو ڪيائونس. ڇوڪرو ڪڏهن نه سڌريو. ماءُ سان وڙهندو هيو ته پٿر پاڙي وارن جي گهر ۾ هڻندو هيو. راڄ ڏسي کجندو هيو ۽ پاڻ وڻائڻ لاءِ مچلائپ ڪندو هيو.
    ان رات جڏهن صابو صبح جي هير ۾ ساڻو ٿي سمهيو ته سمهڻ سان هن کي اهڙي ننڊ وٺي وئي جو کونگهرا هڻڻ لڳو. ڇوڪرو پير پير ۾ ڏئي هن مٿان آيو ۽ وهاڻي هيٺان هٿ وجهي ڪپڙي جي ڳوٿري هٿ ۾ کڻي ڌاڳو ڍلو ڪري سونو ڏند ٻاهر ڪڍي پنهنجي وات ۾ وجهي جڏهن ڏند تي چاڙهيو ته ڄڻ هن جي جسم ۾ ڪرنٽ اچي ويو. هن جا ڪلها حرڪت ڪرڻ لڳا ۽ چيلهه لڏڻ لڳي. نچندي ڪنڌ کي سٽ ڏنائين ته سونو ڏند هن جي وات مان ڇڏائجي پري وڃي ڪريو. ڇوڪرو پنهنجي اهڙي حرڪت تي حيران ٿي ويو ۽ ڪجهه دير حواس وڃائي ويٺو، پوءِ هيڏانهن هوڏانهن ڏند ڳولهڻ جي ڪوشش ڪيائين. پڌر ۾ برمي چوڌاري گپ هئي ۽ پريان لئي جي سڪل ڪاٺين جو ڍير پيل هيو. اڃان پرهه ڦٽيءَ ۾ دير هئي. اوندهه ۾ برمي چوڌاري گپ ۾ هٿ هڻي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪيائين پر ڏند ائين گم ٿي ويو ڄڻ جادوءَ جو ٺهيل هيو. ڇوڪري پويان پير ڪيا ۽ ڀڄي جان ڇڏائي. جڏهن صبح ٿيو ته صابوءَ ننڊ مان اٿي برمي مان گلاس ڀري کٽ تي ويهي گرڙي ڪئي ۽ پوءِ وهاڻي هيٺان هٿ هڻي ڳوٿري ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن هن کي ڳوٿري نه ملي ته هن ڪنڌ ورائي کٽ هيٺان ڏٺو. هن جي ذريءَ گهٽ دانهن نڪري وئي. کٽ هيٺان ڳوٿري ائين پيل هئي جيئن بکايل ٻليءَ جي ٻچي جو لاش. جنهن جو پيٽ سڪل هجي. هن هيٺ نوڙي ڳوٿري کڻي هٿ وجهي سونو ڏند ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي پر اتي ڪاريءَ وارا ڪک هيا “اڙي گهوڙا ڙي.” هن وٺي رڙ ڪئي، “مري ويس.” منهنجو سونو ڏند هائي، منهنجي گرو سوامي ڀڳت جي نشاني. اڙي او ربڏنا ڌوڙ پوي تنهنجي طهر کي. منهنجي گروءَ جو سونو ڏند. ڪاٿي. هاڙي ربڏنا شل خدا تنهنجو خانو خراب ڪري. شل سنئين نه ٿئين.”
    صابو کٽ تي ويهي روئيندو پٽيندو رهيو. هن جي گوڙ تي ٻيا فقير به اٿي ويٺا ۽ انهن به وٺي دانهون ڪيون. ربڏنو ڀڄندو انهن وٽ آيو ۽ صابوءَ کي دلاسو ڏئي هيڏانهن هوڏانهن ڏند ڳولهڻ جي ڪوشش ڪيائين پر ڏند نه مليو. گپ ۽ ماڻهن جي اچ وڃ ايتري هئي جو ڪاشيءِ پنهنجيءَ جاءِ تي نه هئي. ربڏنو پريشان ٿي ويو. هن ڪنن کي هٿ هڻي پنهنجيون واليون لاهي صابوءَ کي ڏنيون.
    “اڙي فقير ڇو هيانءُ لاٿو ٿي.” هن واليون صابوءَ کي ڏيندي چيو، “هي وٺ سونيون واليون ٻيو گهڙائي پائجانءِ.”
    “مان ڌوڙ وجهان تنهنجين والين کي.” صابوءَ چيو، “ڏند منهنجي گروءَ جي سوغات هيو. واڳوڻي سواميءَ جي سوکڙي هيو. اڙي شل ڀڳوان ڀينگو ڪريئي. ٻار ٻچو مرئي.”
    ربڏنو هيسجي ويو ۽ واليون هٿ ۾ جهلي سوچڻ لڳو ته هو سونو ڏند ڪٿان آڻي.
    صبح جو سوير نه صابوءَ ڏُڌ پيتو نه نيرن ڪئي. ڪاوڙ مان ٽانگو گهرائي ساٿين سميت لانگ ورائي وڃي ويٺو ۽ منهن مٿو پٽيندو سکر روانو ٿي ويو.
    ڄڻ راڄ مان رنگ ئي نڪري ويو. سڀ بي دليا ۽ بي مزي ٿي ويا. شام جو حڪيم هادن ڪاني صاف ڪري پاڪي روهيءَ تي لائي تکي ڪري پهچي ويو. ٻار کي پاٽ اونڌي ڪري ان تي ويهاري ڪاڪي نورل پويان ٻانهن ۾ هٿ وجهي سوگهو ڪري پڪڙيو. حڪيم هادن ڳاڙهي گوڏ مٿي ڪري مصريءَ جو ڳنڍو ٻار جي وات ۾ وڌو، پوءِ هن آڱر مٿي ڪري ٻار کي چيو، “هو ڏس جهاز.”
    ٻار جيئن ڪنڌ مٿي ڪري ڏٺو ته ڪاني وجهي تيز پاڪي وهائي ڪڍيائين. ٻار جا ڪيڪر نڪري ويا. وٺي رڙيون ڪيائين. رت ايئن وهڻ لڳس جو ڪتا نه چٽين. ڪاڪي نورل پويان هٿ وجهي کڻي کٽ تي سمهاريس. مبارڪن جا ٽڙڪا پئجي ويا. پاٽ سڌي ڪري ان ۾ حڪيم هادن گهور ورتي ۽ پوءِ هو رت هاڻي پاڪي صاف ڪري ڪپڙي ۾ ويڙهڻ لڳو. ٻار جو رت ائين وهڻ لڳو ڄڻ نلڪو کلي ويو هجي. هن سوچيو جهٽ ۾ بند ٿي ويندو. پر رت بند نه ٿيو. سڄي رلهي رت ۾ آلي ٿي وئي ۽ رت واڻ هيٺان ٽمي پٽ تي پوڻ لڳو. سڀ پريشان ٿي ويا. حڪيم هادن چيلهه کي هٿ ڏئي ٻار مٿان بيهي ماجرا ڏسندو رهيو. هن هيڊي مرهم جي دٻي کولي ليپ ڪيو ۽ مٿان پٽي ويڙهي پر رت نه رڪيو. هن ڳاڙهي مرهم جي دٻي کولي پٽي ڪئي ۽ پوءِ هن هر دوا آزمائي. ٻار جو رنگ اڇو ٿيندو صفا پيلو ٿي ويو. هن جون اکيون ڍريون ٿي ويون ۽ ڪنڌ هڪ پاسي لڙي ويو.
    ”اڙي حڪيم ڪو بِلو ڪر.“ ربڏني جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا.
    حڪيم هادن پريشان ٿي ويو. اهڙو منجهيو جو هن کي ڪو حيلو نه پئي سجهيو. سانجهيءَ ٽاڻي ٻار دنيا مان موڪلائي ويو. هن جو ميندي لڳل هيڊو لاش ڳاڙهي رلهيءَ تي رکيل هيو. سڀ روئي رهيا هيا. عورتون سينو ڪٽي رهيون هيون ۽ ماءُ وار پٽي رهي هئي.
    ”اڙي صابو ڏاڍي ڪيئي.“ ربڏني روئندي چيو.
    هن جي اڇي پڳ ڇڙي ڍلي ٿي ڳچيءَ ۾ لوڙهي جيان لڙڪڻ لڳي.
    ”اڙي اهڙي ڪيئي ڪو دشمن سان به نه ڪري.“ ربڏني ٻئي هٿ مٿي کي ڏيندي ڌرتيءَ تي ويهندي چيو، “مان مران ها. اڙي ٻچڙو نه مري هان.”
    پوءِ سال لنگهي ويا. ويڙهي مان ٻار جي جدائيءَ جو ڏک ڪڏهن نه گهٽيو. جڏهن ڏس انڌڙي ڇڳل واڻ واريءَ کٽ تي ويٺي نير وهائيندي هئي. ماءُ ڪاري رئي سان لڙڪ اگهندي هئي ۽ ربڏنو برمي ڀرسان اوڪڻو ويهي ٻئي هٿ مٿي کي ڏئي پيو “هاءِ هاءِ” ڪندو هيو. هن جو ننڍو پٽ وڏو ٿي ويو پر هن ان کي طهرائڻ جي همت نه ڪئي. هن کي پڪ هئي ته صابوءَ جي بددعا ويڙهي ۾ ڪارا ڪپڙا پائي ڏند ڪڍي ڏائڻ جيان گهمي ٿي. ڪڏهن به ڪجهه ٿي پئي سگهيو. ڇڙو بهانو گهرجي. هن ٻه چار دفعا شهر رقم موڪلي صابوءَ کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر صابو ڏند جي گم ٿيڻ تي اهڙو ڪاوڙيل هيو جو صفا بِر لڳو پيو هيو.
    هڪ سانوڻ ۾ جڏهن تيز مينهن وسي رهيو هيو ۽ ربڏنو مَنهيءَ ۾ ويهي پٽ کي ياد ڪري ٻاهر وسندڙ مينهن جي ڪرندڙ بوندن ۾ ٺهندڙي ڦاٽندڙ ڦوٽن کي ڏسي رهيو هيو. هن کي پري کان برمي ڀرسان گپ ۾ ڪاشيءِ چمڪندي نظر آئي. هن غور سان ان کي ڏٺو ۽ پوءِ هو اٿي مينهن ۾ ٻاهر آيو. هن هيٺ نوڙي اها هٿ ۾ کڻي برمي تان ڌوئي جڏهن ڏٺو ته اهو صابوءَ جو گم ٿيل سونو ڏند هيو. جنهن تي هڪ پاسي سنها ديوناگري حرف اڪريل هيا. هن ڏند کي مٺ ۾ ائين سوگهو ڪيو جيئن هن کي خزانو ملي ويو هجي. هو ڊڪندو اندر آيو ۽ ڏند کي ڪپڙي سان اگهي ڪپهه ۾ ويڙهي تختي تي سائي پوتيءَ ۾ لڪائي ڇڏيو. هو خوشي محسوس ڪرڻ لڳو ۽ سوچڻ لڳو ته هو شهر وڃي سونو ڏند صابوءَ کي ڏئي مڪتي ماڻيندو.
    ٻئي ڏينهن صبح جو ٽانگو ڪري هو سکر پهتو ۽ وڃي صابوءَ سان مليو. هن جڏهن سونو ڏند کولي صابوءَ اڳيان رکيو ته ان جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. هو زار و قطار روئڻ لڳو. هن ڏند هٿ ۾ کڻي ان کي چار دفعا چميو. پوءِ اکين تي رکي صندل تان اٿي ربڏني کي ڀاڪر پاتو.
    ”اڙي ربڏنا تنهنجا لک ٿورا، اڙي تنهنجيون مهربانيون.“ هن روئڻ گاڏڙ ٽهڪ ڏيندي چيو، ”اڙي ماريا، ايڏا ڏينهن اجايو رلايئي. خلق کلايئي ۽ راڄ رڙايئي.“
    ربڏني هن کي سڄي ڳالهه کولي ٻڌائي ۽ پوءِ هٿ ٻڌي عرض ڪيو، ”فقير پنهنجي پِٽَ واپس وٺ. توکي پنهنجي گروءَ جي سوغات ملي ۽ هاڻي مون کي مڪت ڪر ته ٿورو سک جو ساهه کڻان.“
    صابوءَ ربڏني مٿان ٻئي هٿ ڦيري پنهنجي مٿان ائين آندا ڄڻ ان جون سڀ مصيبتون ميڙي پنهنجي مٿان اڇلايون هجن.
    ”شل ڀڳوان ڀلو ڪريئي. حياتي ڏيئي. اڙي شل تنهنجا ٻچا جيئن.“ صابوءَ چيو.
    جڏهن ربڏني کي پڪ ٿي وئي ته هاڻي صابوءَ جي دل صاف آهي ته هن هٿ ٻڌي موڪلاڻي ڪئي ۽ واپس ڳوٺ اچي ٻئي پٽ جي طهر جون تياريون شروع ڪيون. ربڏني کي محسوس ٿيو جيئن هن جو وزن هلڪو ٿي ويو هجي. هو اهڙن زنجيرن مان آزاد ٿيو هجي جن تي وقت جي ڪٽ چڙهي وئي هجي. وڏي پٽ جي وفات کانپوءِ هن جون خوشيون ختم ٿي چڪيون هيون. پر پوءِ به هن سوچيو، ”ٿوري گهڻي خير خيرات ڪري هو ننڍي پٽ جو طهر سادگيءَ سان ڪندو. هن ڪاج ڪٺو ڪيو ۽ ڳاڙهي گوڏ وٺي ان کي ائين ڏسڻ لڳو ڄڻ اتي هن جي مئل پٽ جو رت لڳل هجي. پوءِ هن سوچيو، گهٻرائڻ جي ڳالهه نه آهي. هاڻي هن جي پٽ جي جيءَ کي جوکو نه آهي. رب ۾ اميد آهي ته سڀ خير ۽ خيريت سان ٿي ويندو.” جڏهن طهر جي تاريخ ويجهي ٿي ته هن حڪيم هادن بجاءِ سکر وڃي حڪيم صالح جراح کي دعوت ڏني ته اهو اچي هن جي پٽ جو طهر ڪري. حڪيم صالح جراح جو دواخانو واري تڙ تي ٺاري خان جي اجرڪن واري ڪارخاني پويان هيو. هو سياڻو حڪيم ۽ قابل جراح هيو. هن جي پوري اتر جي علائقي ۾ هاڪ هئي. هن هٿان طهر ڪندي ڪڏهن ڪا غلطي ڪانه ٿي هئي. حڪيم هڪ وڏي رقم عيوض نظر پور هلڻ لاءِ تيار ٿيو. پٽ جي مرتيي کانپوءِ ربڏنو ڏاڍو محتاط هيو. هن بهتر سمجهيو ته هن ڀيري حڪيم هادن کي ڇڏي ڪنهن چڱي جراح جو بندوبست ڪجي جيئن ڪا ڪسر نه رهجي وڃي ۽ هٿ نه ملڻا پون.
    هن نه ڪنهن کدڙي فقير کي ڪوٺ ڏني نه ناچن جو بندوبست ڪيو. هن سوچيو ڪهڙي منهن سان شڪارپور واري لڏڻ فقير کي سڏائي ڀوڳ ڪرائي ۽ کل مچائي. پٽ جي وڇوڙي کانپوءِ هن جي اکين جو پاڻي ئي نه پئي سڪيو. ان ڏينهن نه لنگهن توتلي وڄائي نه دهلن کي ڌڪ لڳا. پري ڪنب ڪناري ڪنهن چارڻ جي بين جو آواز وڍ وجهندو رهيو ۽ ڀت جي ديڳين هيٺان ٻرندڙ ڪاٺين جو دونهون دکندو رهيو.
    ان ڏينهن اوچتو مينهن وسي پيو. حڪيم صالح جڏهن ٽانگي مان لٿو ته هن جا بوٽ پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويا. تڙ تڪڙ ۾ مينهن ڪري ٽمندڙ منهيءَ هيٺان ماڻهن ماني کاڌيءَ ۽ پوءِ ٽپهريءَ ٻانگ سان ٻار کي تيار ڪري ڳاڙهي گوڏ ٻڌي. ڳانا پارائي اچي اونڌيءَ پاٽ تي ويهاريائون. حڪيم صالح جراح پاڪي سنڀالي ڪاني وجهي ٽڪو ڏنو ته مبارڪن جا آواز بلند ٿيا. ٻار کي کنڀي وڃي کٽ تي سمهاريائون. حڪيم پاٽ سڌي ڪئي ته گهور سان گڏ پاڻيءَ جون بوندون به ان ۾ ڪرڻ لڳيون. ڪا گهڙي گذري ٻار کي ماڻس چادر مٿي ڪري ڏٺو ته هن جي دانهن نڪري وئي. رت ائين وهي رهيو هيو جيئن وسڪاري ۾ پاڻي ٻنا ڀڃي وهندو هجي. هن وٺي رڙ ڪئي.
    “اڙي منهنجو ٻچڙو. اڙي ربڏنا هي ويل ته ڏس.”
    ربڏنو ٻار مٿان آيو. هو ڏسڻ سان هيسجي ويو. سندس لڱ ڏڪڻ لڳا. ماڻهن صالح جراح کي سڏيو. ان هڪڙيون پٽيون لاٿيون ٻيون چاڙهيون. پر رت نه رڪيو. وهندو ويو ۽ ٻار هيڊو ٿي ڍرو ٿيندو ويو. صالح جراح ڪو حيلو نه ڏسي هٿ مهٽي چپ ٿي ويو ۽ روڄ پئجي ويو. هرڪو ڍاڍيون ڪري روئڻ لڳو.
    “اڙي حڪيم ڪجهه ڪر. رب جو نانءُ ٿي ڪجهه ڪر. اڙي هي هٿن مان هليو ويندو. اڙي ڪو هيلو هلاءِ.” ربڏني ليلائيندي چيو.
    حڪيم اهڙو چپ ٿي ويو جهڙي ڀت. نه ڪري نه ڪڇي.
    “بابا جيڪا رب جي مرضي.” ان چيو، “حياتي هوندس ته بچندو. باقي بندي جي وس کان ٻاهر آهي.”
    ٿوري دير ۾ رلهي گوڏ وانگر ڳاڙهي ٿي وئي ۽ کٽ هيٺان رت تي ماڪوڙا ڪٺا ٿي ويا. ربڏنو حڪيم صالح جراح مان مايوس ٿي ويو. هن جي پڳ ڍري ٿي گوگهي جيان ڳچيءَ ۾ ڪري پئي. سڀ رستا بند ٿي ويا. هو هٿن سان پنهنجا وار پٽڻ لڳو ۽ پوءِ چرين جيان وسندڙ مينهن ۾ وٺي ٻاهر ڀڳو. هو برمي ڀرسان ويهي گپ ۾ هٿ وجهي ڪا شيءِ ڳولهڻ لڳو.
    (هيمو فليا جي مريضن ڏانهن)

    ***


    قلم جو قيدي

    اهي جمهوريت جا ڏينهن هيا. ماڻهن گهڻن سالن کانپوءِ سک جو ساهه کنيو هيو. مارشلا جو دور ختم ٿي چڪو هيو. نشرياتي ۽ اشاعتي ادارن کي ڪنهن حد تائين آزادي ڏني وئي هئي. سول عدالتون پنهنجو ڪم ڪري رهيون هيون. جلسن ۽ جلوسن تان پابندي هٽائي وئي هئي. پر ڪا خبر نه پوندي هئي اوچتو ملڪ ۾ مارشلا لڳي ويندي هئي ۽ ماڻهن جا بنياد حق غصب ڪري انهن کي مفلوج ڪيو ويندو هيو.
    اهي ملڪي تاريخ جا سٺا ڏينهن هيا. روئڻ ۽ ٽهڪ ڏيڻ جي آزادي هئي. ڪتابن جا دڪان ماڻهن سان سٿيل هوندا هيا. روسي ادب جا ترجما سستن اگهن تي دستياب هيا. هرڪو اديب ۽ دانشور ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو هيو. ڪميونسٽ ۽ دهريو سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هيو. ۽ پاڻ کي شراب جو عادي سڏائڻ فيشن ۾ شامل هيو.
    ڪامريڊ غلام حسين غازيءَ جي من ۾ به وڏي آنڌ مانڌ هئي. هن جي من اندر اهڙي پيڙا هئي جيڪا هن کي هڪ ناول لکڻ تي مجبور ڪري رهي هئي. هڪ اهڙو ناول جيڪو منفرد ۽ حقيقت کي ويجهو هجي. جنهن ۾ ڪردارن جا اندروني احساس سمايل هجن. غلام حسين ڪو وڏو اديب نه هيو. هن جون ٻه چار تخليقون غير معروف رسالن ۾ ڇپجي چڪيون هيون. تخليقڪارن جي سيلاب ۾ هن جي حيثيت ان ڪک جهڙي هئي جيڪو لڙهندي نظر نه ايندو آهي. پر هن وٽ جذبن جو طوفان هيو جيڪو هن کي ان ڳالهه تي اڀاري رهيو هيو ته هڪ ڏينهن هو ملڪ جي وڏي ناول نگار جي حيثيت ۾ سامهون ايندو. ۽ سڀ ماڻهو هن جي تخليقي صلاحيتن جو اعتراف ڪندا.
    هڪ ڏينهن غلام حسين پين ۽ پنوکڻي پنهنجي لکڻ واري ڪنڊ ۾ وڃي ويٺو ۽ هن سوچڻ شروع ڪيو. هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو لکڻ جي شروعات ڪيئن ڪري. هن جي ذهن ۾ ناول جا ڪيئي خاڪا هيا. پر هو اهڙي موضوع تي لکڻ پيو چاهي جيڪو نئون ۽ ڇرڪائيندڙ هجي. جنهن ۾ اندر جي احساسن جون ٿڌيون بوندون ماڻهو پنهنجي مغز تي وسندي محسوس ڪري. هن همت ڪري لکڻ شروع ڪيو. جڏهن ڪجهه صفحا لکيا ته هن جو هٿ رڪجي ويو، هن محسوس ڪيو، هو سٺو نه لکي رهيو آهي. هن جي لکڻ ۾ گهرائپ نه آهي. مايوسي ۽ نراسائيءَ کان هو بددل ٿي ويو. هن پنا هٿن ۾ کڻي ڦاڙي ڦٽا ڪيا ۽ مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهيو. هن گهڻا ڏينهن ڪوشش ڪئي. هو ڪجهه نه لکي سگهيو. اٿندي ويهندي. کائيندي پيئندي سوچن ۾ غرق هوندو هيو. هن وٽ پيڙائن جو طوفان هيو. هو چاهي پيو ته پهرين ناول لکڻ کانپوءِ هو ملڪ جو سڀ کان وڏو ناول نگار ٿي سامهون اچي. هو روز لکڻ شروع ڪندو هيو. ۽ ٿوري دير لکڻ کانپوءِ پنا ڦاڙي ڦٽا ڪندو هيو. گهڻن ڏينهن کانپوءِ هن کي خيال آيو ته هو هڪ اهڙي شخص جا احساس چٽيندو جيڪو بي ڏوهي ڪنهن جيل ۾ آندو ويو آهي. ۽ پنهنجي بي گناهيءَ جي احساس ۾ وڪوڙجي زندگيءَ جا ڏينهن گهاري رهيو آهي. ان شخص جو ڪو ڏوهه نه آهي. هو حالتن ۽ ناانصافين جو شڪار آهي. اهو هڪ معصوم شخص آهي جيڪو دنيا جي حالتن اندر پيسجي اهڙي احساس ۾ مبتلا آهي جيڪو معاشري جي ناانصافين ۽ اڻ برابرين سان ڀرپور آهي. هن لکڻ شروع ڪيو ۽ هو لکندو ويو. هو پنهنجي لکڻ مان مطمئن هيو. هن کي لڳي رهيو هيو ته هو جيڪي ڪجهه لکي رهيو آهي ان ۾ سچائي سمايل آهي. ۽ حقيقتن جي ويجهو آهي. هن هڪ معصوم شخص جي حياتيءَ جو خاڪو لکيو. ۽ هڪ اهڙو معصوم ڪردار تخليق ڪيو جيڪو زماني جي ويساهه گهاتين ۾ وچڙندو ويو. ۽ ان جو انجام جيل جي هڪ اهڙي ڪوٺڙي ٿيو جتان هن جو ٻاهر نڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هيو. ان معصوم ڪردار جا جيل ۾ گهاريل ڏينهن ڏاڍا عذابناڪ هيا. هو لکندو ويو ۽ ان معصوم بي ڏوهي ڪردار کي اڳتي اڀاريندو ويو. هڪ جاءِ تي اچي هن جو قلم رڪجي ويو. هن سوچيو هو جيل ۾ موجود ان ڪردار سان انصاف نه ڪري رهيو آهي. ڇو جو هن وٽ جيل جو ڪوبه مشاهدو نه آهي. هن زندگيءَ ۾ نه ڪڏهن جيل ڏٺو ۽ نه اتي رهندڙ انسانن جي ڏکن ۽ سورن جو مشاهدو ڪيو آهي. ۽ هو منجهي پيو ۽ سوچڻ لڳو ته هاڻي هن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ هن سوچيو، لکڻ کان اڳ ضروري آهي ته جيل جو مشاهدو ڪجي. ٻه چار ڏينهن اندر رهي اتان جي رهڻي ڪرڻيءَ جو جائزو وٺجي جيئن لکڻ ۾ آساني ٿئي ۽ ڪردار سان انصاف ڪري سگهجي. هن ناول جي صفحن کي ويڙهي ٽيبل جي خاني ۾ رکيو. ۽ هڪ ڏينهن همت ڪري هو شهر جي سينٽرل جيل ۾ وڃي اتان جي جيلر سان مليو. جڏهن هن جيلر سان پنهنجو تعارف هڪ لکندڙ جي حيثيت ۾ ڪرايو ته جيلر هن کي عزت سان ويهاريو.
    ”ڪيئن اچڻ ٿيو آهي. مان توهان جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهان ٿو؟“ جيلر چيو.
    ”دراصل مان هڪ ناول لکي رهيو آهيان. جنهن جو هڪ ڪردار جيل جو قيدي آهي ۽ سزا ڀوڳي رهيو آهي. مان چاهيان ٿو ان ڪردار جي احساسن جي عڪاسي ڪيان. منهنجو جيل جو مشاهدو نه آهي. جيڪڏهن اجازت ڏيو ته ٻه چار ڏينهن جيل ۾ رهي اهو سڀ پاڻ ڀوڳي محسوس ڪيان ۽ پنهنجي تخليق ڪيل ڪردار سان انصاف ڪري سگهان،“ هن ذري گهٽ جذباتي ٿيندي چيو.
    جيلر هڪ چڀندڙ مرڪ سان هن ڏانهن ڏٺو. ان جون تيز اکيون ان ڳالهه جو جائزو وٺڻ لڳيون ته هن جي سامهون ويٺل شخص چريو ته نه آهي.
    ”قانون ان شيءِ جي اجازت نه ٿو ڏئي.“ جيلر چيو.
    ”جيلر صاحب ائين نه ڪيو.“ غلام حسين چيو، ”ٻن چئن ڏينهن جي ڳالهه آهي. مان توهان جو احسانمند رهندس. هڪ سٺي ڪم ۾ توهان ڀاڱي ڀائيوار ٿيندا ۽ مان ڪتاب جي مهاڳ ۾ توهان جو ذڪر ڪندس جنهن مان توهان جي نيڪ نامي ٿيندي.“
    هن جي ڳالهه تي جيلر کليو ۽ ان جو رويو دوستاڻو ٿي ويو.
    ”چڱو جيڪا تنهنجي مرضي.“ جيلر چيو، ”پر هڪ ڳالهه جو خيال رکجانءِ جيل گلن جي سيج نه آهي، هوشياريءَ سان رهجانءِ.“
    هن گهنٽي وڄائي هڪ سپاهي کي گهرايو ۽ ان کي چيو، ”هو غلام حسين کي جيل ۾ رجسٽرار سان ملائي.“
    غلام حسين جڏهن جيل جي رجسٽرار سان مليو ته ان هن کي پنجون نمبر بيرڪ ۾ ٽيون نمبر جاءِ ڏني. سپاهي هن کي ساڻ ڪري بيرڪ ۾ ڇڏي ويو. بيرڪ جا سڀ قيدي حيرت ۾ هن ڏانهن ڏسڻ لڳا. هن اتي پيل فراسي کولي سڌي ڪري وڇائي ۽ ان تي ليٽي پيو.
    ”شڪل مان تون شريف ۽ لکيل پڙهيل ماڻهون ڏسجي رهيو آهين. توکي آخر ڪهڙي ڏوهه ۾ جيل اماڻيو ويو آهي؟“ هڪ قيديءَ هن جي ويجهو ويهندي چيو.
    قيديءَ جي اهڙي سوال لاءِ هن جو ذهن تيار نه هيو.
    ”خون جي ڏوهه ۾ .“ پوءِ هن پڪو منهن ڪندي چيو، ”مون خون ڪيو آهي. هڪ ظالم کي موت جي ننڊ سمهاريو آهي.“
    هن اهو سڀ ان ڪري چيو جيئن قيدي هن کي پاڻ جهڙو سمجهي هن جي ويجهو اچن ۽ دل جا حال اورين.
    اها رات هن بيرڪ ۾ جاڳنديءَ گذاري. هن چوگرد هر شيءِ جو جائزو ورتو. هن پاڻ کي اتان جي ماحول ۾ کپائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن اتي موجود قيدين سان ڪچهري ڪري انهن جي زندگيءَ جي تجربن کي ذهن ۾ سانڍڻ شروع ڪيو. هن کي خبر هئي ته هن وٽ صرف ٻه راتيون آهن ۽ ٻن راتين ۾ هن کي گهڻو ڪجهه حاصل ڪرڻو آهي.
    ٻئي ڏينهن صبح جو جيل اندر اها خبر گردش ڪرڻ لڳي ته ملڪ ۾ مارشلا لڳي چڪي آهي ۽ جمهوري حڪومت کي برطرف ڪري وڏيون گرفتاريون ڪيون ويون آهن. ملڪ جو وزيراعظم نظربند آهي. ۽ ماڻهو روڊن تي نڪري فوجي حڪومت خلاف نعري بازي ڪري رهيا آهن. اها خبر ٻڌڻ سان غلام حسين جون وايون بتال ٿي ويون. هن بيرڪ ٻاهران بيٺل سپاهين کي سڏي ٻڌايو ته هو جيلر سان ملڻ چاهي ٿو. سپاهي جيڪي ڏاڍا منجهيل ۽ پريشان هيا. انهن هن کي ٻڌايو، ”رات هڪ ترت حڪم ذريعي سڀني آفيسرن جون بدليون ڪري فوج نوان آفيسر مقرر ڪيا آهن. نئون جيلر جڏهن بيرڪ جي دوري تي اچي ته تون ان سان ملاقات ڪري سگهين ٿو.“
    اها ڳالهه ٻڌڻ سان غلام حسين ڏاڍو پريشان ٿي ويو. هو ٻئي هٿ مٿي کي ڏئي بيرڪ اندر ويهي رهيو.
    ”پريشان ٿيڻ جي ڳالهه نه آهي.“ هڪ قيديءَ هن کي چيو، ”اهو سڀ هن ملڪ اندر ٿيندو رهندو آهي.“
    غلام حسين سوچيو هو هن کي ڪيئن ٻڌائي ته هن جي پريشانيءَ جو سبب ڪهڙو آهي؟ هن ان کي ڪو جواب نه ڏنو ۽ وقت جو انتظار ڪرڻ لڳو. هڪ ڏينهن جيل اندر سڀني کي ٻڌايو ويو، ”نئون آفيسر جيڪو هڪ فوجي آهي جيل جي دوري تي نڪتل آهي هرڪو فضيلت جو مظاهرو ڪري ۽ ان کي اکيون مٿي ڪري نه ڏسي.“
    غلام حسين اها خبر ٻڌڻ شرط ڏاڍو جذباتي ٿي ويو ۽ بي چينيءَ مان نئين آفيسر جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. جڏهن نئون آفيسر گهمندو هن جي بيرڪ ٻاهران آيو ته هو همت ڪري لوهي سيخن وٽ وڃي بيٺو.
    ”مان بي گناهه آهيان.“ هن ذري گهٽ رڙ ڪندي چيو، ”مان هڪ اديب آهيان. منهنجو ڏوهه صرف اهو آهي ته مان هڪ ڪردار جي احساسن کي حقيقت جو رنگ ڏيڻ لاءِ جيل ۾ آيو هوس. مون ڪوبه ڏوهه نه ڪيو آهي. مون کي آزاد ڪيو وڃي.“
    فوجي آفيسر ڪجهه دير بيرڪ اڳيان بيهي هن کي ڏسندو رهيو. ٻه سپاهي اڳتي وڌيا ۽ انهن غلام حسين کي ڌڪا ڏئي پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”مان تنهنجو رڪارڊ ڏسندس. جيڪڏهن تون بي گناهه هوندين ته توکي ڪابه سزا نه ملندي.“ آفيسر چيو ۽ هو اتان هليو ويو.
    غلام حسين کي آفيسر جي ڳالهه تي ٿورو آٿت مليو. هو هلڪا قدم کڻندو واپس وڃي پنهنجي بستر تي ويٺو. آفيسر پنهنجي دفتر ۾ پهچي ڏٺو. پنجون نمبر بيرڪ ۾ ٽيون نمبر جاءِ تي غلام حسين جي نالي اڳيان ڏوهه جي ڪالم ۾ قاتل جو لفظ لکيل هيو. اهو سڀ پڙهڻ کانپوءِ آفيسر ٿڌو شوڪارو ڀريو.
    ”چريو ڪنهن جاءِ جو.“ هن ڀڻڪيو.
    هن حڪم ڏنو ته غلام حسين جو نالو انهن قيدين ۾ شامل ڪيو وڃي جن کي پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ لاءِ فوجي عدالت ۾ پيش ڪرڻو آهي. ان حڪم تي جلد عمل ڪيو ويو ۽ غلام حسين جو نالو شامل ڪري هن کي ٻين قيدين سان فوجي عدالت سامهون آڻي بيهاريو ويو. ڪيترن ڏينهن کان جيل ۾ رهڻ ڪري غلام حسين جي ڏاڙهي وڌي وئي هئي. ۽ هن جا وار وڏا ۽ بي ترتيب ٿي چڪا هيا، ڏسڻ سان ائين پئي لڳو ڄڻ هو عادي مجرم ۽ خوني هجي. فوجي عدالت ۾ هڪ آفيسر هن جو فائيل پڙهندي سوال ڪيو.
    ”ڇا تون قتل جو اعتراف ڪرين ٿو... يا ڪجهه صفائيءَ ۾ چوڻ چاهيندين؟“
    ”مان ايترو چوڻ چاهيندس ته اهو سڀ ڪنهن غلط فهميءَ جو نتيجو آهي. مان ڏوهاري نه پر هڪ اديب آهيان. مان جيل جي انتظاميا کان اجازت وٺي صرف ٻن راتين لاءِ جيل آيو هوس جيئن پنهنجي رهيل ناول جي ڪردار جي ڪيفيتن جي جيل اندر رهي سٺي ترجماني ڪري سگهان. جيل جي ماحول جو مشاهدو ڪيان ۽ هڪ ناول لکي ماڻهن آڏو آڻيان. پر جيل ۾ هڪ رات گذارڻ کانپوءِ ملڪ ۾ مارشلا لڳي وئي. جيل انتظاميا تبديل ٿي وئي ۽ منهنجي بي گناهيءَ جي گواهي ڏيڻ وارو ڪوبه نه بچيو.“
    عدالت هڪ دفعو ٻيهر هن جي رڪارڊ جو مطالعو ڪيو ۽ فوجين پاڻ ۾ ٿورو بحث ڪيو.
    ”اڙي ڄٽ جا پٽ ڇا ٿو بڪين.“ هڪ فوجي آفيسر جنهن جون اکيون ڳاڙهيون هيون ان رڙ ڪري چيو، ”اسان کي چريو سمجهيو ٿي يا اسان ڪي بيوقوف آهيون. ڳالهيون اهڙيون ڪر جيڪي سمجهه ۾ اچن. اجايو اسان جو وقت نه وڃاءِ. تنهنجي رڪارڊ ۾ سنئون سڌو لکيل آهي ته تون هڪ قاتل آهين. ۽ اسان جي خابروءَ جي رپورٽ مطابق اهڙو اظهار ٿو بيرڪ جي قيدين سان پڻ ڪيو آهي. باقي اديب هوندين پنهنجي لاءِ... اجايو رعب رکي اسان کي ڇتو نه ڪر.“
    فوجي عدالت هن کي ڏوهي قرار ڏئي قتل جو قلم هنيو ۽ عدالت ۾ ٻڌڻيءَ جي تاريخ ڏئي روانو ڪري ڇڏيو.
    غلام حسين کي پهريون دفعو احساس ٿيو ته هو ڦاسي چڪو آهي جيڪڏهن هن هٿ پير نه هنيا ته هو بي ڏوهي ماريو ويندو. اهو سوچي هو پنهنجن ڪجهه ويجهن دوستن سان رابطو ڪيو. هڪ سپاهيءَ معرفت هر هڪ اهڙي دوست سان رابطو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جيڪو همدرد ماڻهو هيو. اهو هڪ ڏينهن جيل ۾ هن سان ملڻ آيو. ملاقات دوران هن پنهنجي ان دوست کي سڄي صورتحال کان واقف ڪيو ۽ اهو عرض ڪيو ته ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ فلاحي تنظيمن ۽ رابطي جي ذريعن وسيلي حقيقت کي سامهون آندو وڃي جيئن فوجي حڪمرانن کي خبر پوي ۽ هن جو ڪيس سمجهڻ ۾ آساني ٿئي، پر هن جي دوست کيس ٻڌايو، ”ملڪ اندر سخت سنسرشپ لاڳو ڪري سڀني ادارن تي ڪڙي نظر رکي وئي آهي. بنياد حقوق معطل آهن. هرڪو ڊنل آهي ۽ ڪير به جبر خلاف آواز اٿارڻ لاءِ تيار نه آهي.“
    اهو ٻڌي غلام حسين ڏاڍو دلگير ٿي ويو. ۽ افسوس مان مٿو جيل جي سيخن تي رکي سڏڪي پيو. هن جي دوست کيس تسلي ڏني ۽ چيو، ”هڪ صورت آهي جيڪڏهن اسان ان جيلر تائين پهچي پئون جنهن توکي ٻه راتيون جيل اندر گهارڻ جي اجازت ڏني هئي. اهو جيلر جيڪڏهن انساني همدرديءَ جي بنياد تي فوجي عدالت ۾ اچي اهو بيان ڏئي ته تو ڪو ڏوهه نه ڪيو آهي ۽ ان صرف هڪ ڪردار جي مشاهدي لاءِ توکي جيل اندر ٻه راتيون رهڻ جي اجازت ڏني هئي ته پوءِ تنهنجي جان ڇٽي سگهي ٿي.“
    دوست جي ڳالهه ٻڌي غلام حسين جي منهن تي ڪجهه سرهائي اچي وئي. ”پوءِ تون ڪوشش ڪري ان جيلر جو پتو لڳاءِ. مان سمجهان ٿو تون ان جيلر کي ڳولهڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿيندين. جيڪڏهن تون ان تائين پهچي وئين ته اهو ضرور تنهنجو ساٿ ڏيندو. ڇو جو منهنجي خيال ۾ هو هڪ کرو ماڻهو آهي.“
    دوست جي وڃڻ کانپوءِ غلام حسين واپس بيرڪ ۾ آيو. ۽ بستر تي ويهي پنهنجي بي وسيءَ تي روئندو رهيو. هن جي دوست جيلر جي ڳولها ۾ ڪا به ڪثر نه ڇڏي. فوجي حڪومت جي اچڻ کانپوءِ سِول ملازمن کي غير اهم ذميواريون سونپيون ويون هيون جنهن ڪري اهي سڀ پَس منظر ۾ هليا ويا هيا. اهوئي سبب هيو جو هن جو دوست ان جيلر کي ڳولهيندو رهيو پر ان تائين پهچي نه سگهيو.
    ٻڌڻيءَ جي تاريخ تي غلام حسين کي ٻين قيدين سان جيل گاڏيءَ ۾ وجهي فوجي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو. هو جڏهن عدالت ۾ آيو ته آفيسرن هن جو ڪيس پڙهي هن ڏانهن ڏٺو.
    ”تون پنهنجي صفائيءَ ۾ ڪجهه چوڻ چاهيندين؟“ ڳاڙهين اکين واري فوجيءَ چيو.
    ”مان چئي چڪو آهيان ته مان ڏوهي نه پر هڪ اديب آهيان ۽ هڪ غلط فهميءَ جو شڪار ٿيو آهيان. منهنجي ڪيل وضاحت تي ٿڌي دل سان غور ڪيو وڃي. مان قاتل نه پر هڪ مظلوم آهيان جنهن کي بي گناهه قيد ۾ بند ڪيو ويو آهي.“
    فوجي ڪاوڙ مان پنهنجن هٿن ۾ جهليل پين کي مهٽڻ لڳو.
    ”گهڻي بڪ بڪ جي ضرورت نه آهي.“ پوءِ ان چيو، ”حالتون ۽ شاهديون اهو ثابت ڪري رهيون آهن ته تون هڪ قاتل آهين. ۽ هيءَ عدالت توکي ڏوهي قرار ڏيندي موت جي سزا ٻڌائي ٿي. ايندڙ مهيني جي پنجين تاريخ تي توکي ڦاسي ڏني ويندي.“
    اهو ٻڌڻ سان غلام حسين جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. هن جي مٿي کي چڪر اچي ويو ۽ هن کي ڀرسان بيٺل سپاهيءَ جي ڪلهي جو سهارو وٺڻو پيو. هو ٿيڙ کائيندڙ قدمن سان واپس موٽيو. هن کي ان رات بيرڪ مان موت جي ڪوٺڙيءَ ۾ منتقل ڪيو ويو جتي هو بي سڌ ٿي ڪريو ۽ روئي پنهنجي بي گناهيءَ جا ڳوڙها ڳاڙيندو رهيو.
    هن جي دوست کي جڏهن اها خبر پئي ته غلام حسين کي ڦاسيءَ جي سزا اچي چڪي آهي ته اهو ڏاڍو پريشان ٿيو. هن لاءِ هاڻي اهو ضروري ٿي چڪو هيو ته هو ان جيلر کي جلد ڳولهي عدالت ۾ آڻي جيڪو غلام حسين جي بي گناهيءَ جو واحد ثبوت هيو. پر اهو جيلر هن کي ڪٿي نه مليو. هو نااميد نه ٿيو ۽ پنهنجي ڳولها کي جاري رکيو.
    مهينو گذرندي دير ئي نه لڳي. غلام حسين ڦاسيءَ جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ سڀ آسرا لاهي موت جو انتظار ڪندو رهيو. هن کي ڪٿان به ڪا اميد جي روشني ايندي نظر نه آئي. هو ڪمزور ٿي چڪو هيو ۽ اونداهي ڪوٺڙيءَ جي هڪ ڪنڊ ۾ منهن گوڏن ۾ لڪائي ويٺل هوندو هيو. هو هاڻي محسوس ڪري رهيو هيو ته بي گناهي ڇا ٿيندي آهي؟ مظلوميت ڪهڙي شيءِ جو نالو آهي؟ ۽ بي رحميءَ جي ڪهڙي معنى آهي؟ هو لاچار ٿي چڪو هيو ۽ موت هن کي ڪجهه قدمن جي فاصلي تي نظر اچي رهيو هيو.
    جڏهن هن کي ڦاسي اچڻ ۾ ٻه ڏينهن بچيا ته هن جو دوست نيٺ ان جيلر تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جيڪو ڪنهن ڏورانهين ڳوٺ ۾ هڪ اهڙي ننڍڙي ٿاڻي جو انچارج هيو جتي اڃان بجلي نه هئي. ان اتي پهچي جيلر سان حال احوال ڪيو ۽ ٻڌايو ته هن جي دوست کي جلد ڦاسي اچڻ واري آهي. ڳالهه جي اهميت کي سمجهي اهو هن سان گڏ هلڻ لاءِ تيار ٿي ويو. هڪ ڏينهن جي سفر کانپوءِ اهي فوجي عدالت جي هڪ آفيسر سان ملڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جيلر اتي پهچي فوجين کي حقيقت کان آگاهه ڪيو. پر انهن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. انهن سمجهيو شايد جيلر هڪ وڏي رشوت وٺي ان جي حق ۾ گواهي ڏئي رهيو آهي.
    ”پو تون ايڏا ڏينهن ڪٿي هنئين؟“ هڪ فوجيءَ هن کان سواءِ ڪيو، ”ان وقت ڇو نه ظاهر ٿئين جڏهن مقدمو هلي رهيو هيو؟“
    ”مونکي ڪا خبر نه هئي.“ جيلر چيو، ”مون ته ڪڏهن اهو سوچيو به ڪونه هيو ته اهو بي گناهه شخص موت کي ايڏو ويجهو ٿي ويندو؟“
    وضاحت کانپوءِ فوجين کي اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته ڪجهه آهي ضرور جيڪو پوريءَ طرح کلي انهن سامهون نه آيو آهي. ڳالهه سمجهڻ کانپوءِ فوجين غلام حسين کي شڪ جو فائدو ڏيندي هن جي موت جي سزا معطل ڪري هڪ حڪمنامي ذريعي اهو پيغام اماڻيو ته نئين گواهيءَ جي روشنيءَ ۾ هن تي نئين سر مقدمو هلايو ويندو ۽ حڪم نامي جي هيٺان ٻڌڻيءَ جي تاريخ درج ڪئي وئي.
    غلام حسين کي لڳو ڄڻ ڪنهن اونداهي کوهه ۾ هيٺ ڪرڻ کان اڳ هن کي پويان پڪڙي پري ڪيو ويو هجي. هو دل ۾ پنهنجي ان دوست جو شڪر گذار ٿيڻ لڳو جنهن جي جستجو هن جي جان بچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي هئي. گهڻن ڏينهن کانپوءِ هن ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ رات ننڊ ڪندي گذاري. ٻئي ڏينهن هن کي واپس بيرڪ ۾ آندو ويو، جتي هو عدالت پاران ڏنل ٻڌڻيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳو. ان وچ ۾ ملڪ جون حالتون خراب ٿي چڪيون هيون. ڪيترن ماڻهن کي شهرن جي چوراهن تي سرعام ڦاسيون ڏنيون ويون ۽ سوين بي گناهن کي ڪوڙا هنيا ويا. جمهوريت لاءِ جدوجهد ۾ ماڻهو هٿيار کڻي ٻاهر نڪتا ۽ هڪ وڏي ويڙهه شروع ٿي وئي. ڪيترن ڳوٺن تي بم وسايا ويا. ڪيئي ماڻهو ٽينڪن هيٺان چيڀاٽجي ويا. پوري فوج ان مصلح جدوجهد کي منهن ڏيڻ ۾ مصروف ٿي وئي.
    غلام حسين جيل اندر مقدمي جي تاريخ جو انتظار ڪندو رهيو. پر ملڪي حالتن ڪري هن کي ڪڏهن به ڪنهن فوجي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو. تاريخن پويان تاريخون گذرنديون ويون ۽ غلام حسين کي جيل ۾ ڪيترا سال گذاري ويا. باغين هڪ دفعو جيل جي ڀت ڀڃي ڪيترن قدين کي آزاد ڪرايو پر غلام حسين کي ڀڄڻ جو موقعو نه ملي سگهيو. باغين پاران ٿيل ان حملي ۾ هو مرندي مرندي بچيو. ڪيتريون گوليون هن جي ڪنن وٽان لنگهي ويون ۽ جيل ۾ هر طرف ٻرندڙ باهه ۾ هن لڪي جان بچائي. رت ۽ باهه جي درياهه ۾ وقت لڙهندو ويو. غلام حسين جيڪو جيل ۾ اچڻ وقت نوجوان هيو ان جي ڏاڙهيءَ ۾ اڇا وار ڳوڙهن جيان چمڪڻ لڳا. هو اڌوهيءَ جو ٿي چڪو هيو. هن جي زندگيءَ جا خوبصورت ڏينهن جيل اندر بسر ٿي چڪا هيا. غلام حسين هاڻي گهڻو نه ڳالهائيندو هيو. هو جيل جي ماحول جو حصو ٿي چڪو هيو. هن کي محسوس ٿي رهيو هيو ڪاري رات جو انت ڪٿي به نه آهي. اميد جو سج ڪڏهن اڀرڻو نه آهي. بي بيگناهيءَ جي واٽ تي هلندي لاوارث بي ڪفن مري ويندو ۽ جيل جي انتظاميا هن جي لاش کي ڀت ٻاهران ڦٽو ڪندي. جتي هو گمنامين جي انڌيرن ۾ گم ٿي ويندو. هو بي گناهيءَ جي احساس کان ذري گهٽ چريو ٿي چڪو هيو. ڪڏهن هو جنون ۾ اچي پنهنجن بي ترتيب وڏن وارن کي هٿ وجهي پٽڻ جي ڪوشش ڪندو هيو. هو سوچيندو هيو اهڙي ڊگهي قيد کان چڱو هيو ته هن کي ڦاسي اچي وڃي ۽ هو موت جي منهن ۾ وڃي بي گناهي ۽ بي وسيءَ جي احساس کان آجو ٿئي.
    هڪ دفعي هو بيرڪ ۾ بستري تي ليٽي ڇت کي گهوري پنهنجي ماضيءَ تي سوچي رهيو هيو ته جيل اندر هڪ وڏو لڙمچي ويو. ڪيترن قيدين جي ٽهڪن جا آواز اچي رهيا هيا ۽ ڪيترا قيدي هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏئي رهيا هيا. هر طرف نعرا بلند ٿي رهيا هيا. غلام حسين اٿيو ۽ هن جڏهن پڇيو ته هن کي ٻڌايو ويو، ”فوجي آمر پنهنجي ساٿين سميت جهاز جي حادثي ۾ مارجي چڪو آهي.“
    ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ملڪ اندر اليڪشن ٿي ۽ جمهوري دور واپس اچي ويو. نشرياتي ۽ اشاعتي ادارن تان سنسرشپ ختم ڪري انهن کي آزاد ڪيو ويو. انساني حقن جون تنظيمون وري سرگرم ٿي ويون. غلام حسين جي ڪيس جو نئين سر جائزو وٺي هن کي آزاد ڪيو ويو. جمهوري حڪومت هڪ خط ذريعي هن سان معذرت ڪئي. جنهن ۾ اهو لکيو ويو، ”آمريت جي دور ۾ هڪ غلط فهميءَ جي بنياد تي هن سان جيڪي وهيو واپريو ان تي هرڪو شرمسار آهي ۽ جمهوري حڪومت هن سان معذرت ڪندي آزاديءَ جو حڪم نامو جاري ڪري ٿي.“
    غلام حسين جڏهن جيل مان نڪتو ته هو ڀتين کي هٿ ڏئي هلي رهيو هيو. هن جي ڄنگهن جي طاقت ختم ٿي چڪي هئي پر هن جي من اندر هڪ وڏو طوفان لڪيل هيو. هو هڪ اهڙي تجربي مان گذريو هيو جيڪو جهنم جي باهه جي احساس کان به بدتر هيو. هن وٽ هزارين مشاهدا ۽ ڀوڳنائن جا انبار هيا. آزاد ٿي هو گهر پهتو. هن ٽيبل جي خاني ۾ هٿ وجهي پنهنجو اڻ پورو ناول ٻاهر ڪيو ۽ پوءِ هن لکڻ شروع ڪيو. هو لکندو ويو. لکندو ويو. ۽ لکندو ويو.

    ***


    ڀاءُ جي نصيحت

    وڏو ڀاءُ ڏاڍو فڪرمند هيو. سدائين ننڍي ڀاءُ لاءِ پيو سوچيندو هيو. ننڍو ڀاءُ ڪو ڪم نه ڪندو هيو. ڳوٺ ٻاهران ڌمڻ ماڇيءَ جي هوٽل تي ويهي چانهه پيئندو هيو ۽ مائي ڀاڳيءَ جا ڪلام ٻڌندو هيو.
    اهي سانوڻ جا ڏينهن هيا، هر طرف جل ٿل هيو. چڱا مينهن وسيا هيا. دريائن ۾ پاڻي به سرس آيو هيو. ٻنيون ٻارا پاڻيءَ سان اهڙا سٿيل هيا جو انهن وچ ۾ زمين ٽڪر نظر نه پئي آيو. هر ڪو ڪم ڪار سان لڳل هيو. هارين جا هر چيڪڙ ۾ ڀرجي ويا ۽ ڏاند سهڪڻ لڳا. هر ڪو ساريالي فصل جي تياريءَ ۾ مصروف هيو. گوڏي پاڻيءَ ۾ رونبو ٿيڻ لڳو ۽ نانگ ترندي نظر آيا. چنڊ ڳڀا ڳڀا ٿي پوک جي پاڻيءَ ۾ لڏڻ لڳو ۽ ڏيڏرن آسمان مٿي تي کنيو.
    وڏو ڀاءُ ڪوڏر ڪلهي تي رکي گهر کان ٻاهر نڪتو ۽ آلي چيڪڙ ۾ احتياط سان آهستي هلندو جڏهن هوٽل اڳيان لنگهيو ته ڏٺائين ننڍو ڀاءُ گوڏن کي پوتڙ ويڙهي چانهه جون چسڪيون وٺي مائي ڀاڳيءَ جي ڪلام تي ڪنڌ لوڏي رهيو آهي. اهو ڏسي وڏي ڀاءُ جو اڳتي وڌڻ رڪجي ويو. هن سوچيو ڇو نه ننڍي ڀاءُ کي نصيحت ڪيان جيئن هو راهه راست تي اچي ۽ جڏهن هر ڪو ڪم سڪار سان لڳل آهي ۽ روزگار جو رستو کليل آهي، هو به نڀاڳ ڇڏي اچي ٻين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي محنت ڪري پنهنجن پيرن تي بيهي. اهو سوچي هو گپ ۾ پير پير ۾ ڏئي اچي هن ڀرسان ويٺو. وڏي ڀاءُ کي ڀرسان ويٺل ڏسي ننڍو گوڏن تان پوتڙو ڇوڙي ادب مان سڌو ٿي ويٺو. ”منهنجا ڀاءُ.“ وڏي چيو. ”ڇو ٿو اجايو وقت وڃائين. مان توکي هوٽل تي ويهڻ ۽ چانهه پيئڻ کان روڪڻ نه آيو آهيان. تون ڀلي هتي ويهه ۽ چانهه پي مائي ڀاڳيءَ جا ڪلام ٻڌ، پر منهنجي نصيحت تي پڻ عمل ڪر.“ نئين پئرا ”حڪم ڪر منهنجا ڀاءُ... ڪهڙي نصيحت؟“ ننڍي وراڻيو.
    وڏي هوٽل ۾ ٽيبل ڀرسان ڪوڏر رکي ۽ ڀاءُ سامهون سڌو ٿي ويٺو.
    ”مان توکي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته دنيا ڪيڏي ترقي ڪئي آهي. ماڻهون ڪڏهن جو وڃي چنڊ تي پهتو آهي ۽ مريخ تي پهچڻ وارو آهي. هر طرف انسان محنت ۽ ڀڄ ڊڪ ۾ مشغول آهي. هرڪو چاهي ٿو ته هڪ سٺي زندگيءَ گذاري دنيا ۾ سرخرو ٿئي. هن وٽ دولت هجي. پئسو پائي ۽ ڪار بنگلو هجي ۽ صحتمند ٻار هجن. پر مان ڏسان ٿو ته تو ۾ ڪو حال ڪونهي ڳوٺ جا سڀ پورهيت پوکن ۾ مصروف آهن. هرڪو رونبو ڪري روزگار حاصل ڪري رهيو آهي، پر تون هتي هوٽل تي ويهي اجايو وقت وڃائي پاڻ کي برباد ڪري رهيو آهين.“
    ”ته پوءِ مونکي ڇا ڪرڻ گهرجي ادا... جيئن تون صلاح ڏئين.“ ننڍي چيو.
    ”منهنجي ڳالهه مڃ.“ وڏي چيو.“ محنت ڪر. محنت ڪندين ته وڏو ماڻهون ٿيندين. سستي ڇڏي چستي ڌار. پنهنجا هڏ ۽ مغز کول. جسم کي تڪليف ڏي. اٿ ۽ ڪم کي لڳي وڃ. اَن ايندو گنديون ڀربيون ته سياڻو سڏبين.“
    ننڍو سوچ ۾ پئجي ويو ۽ ڏاڙهي کنهي وڏي کي ڏسڻ لڳو.
    ”پر ادا ڳالهه ته ٻڌ.“ ننڍي چيو، ”صبح سان سبزين جا ٽوڪرا گاڏيءَ تي رکرائيم. ڪڙهائيءَ واري کي واڙي تان کير کڻائيم ۽ گاهه ڪٽي واڙي تي پهچائيم. بس چانهه پاڻيءَ جا پئسا نڪري آيا... ٻيو ڇا گهرجي؟“
    وڏو ڀاءُ ننڍي جي ڳالهه ٻڌي منجهي پيو. هو سوچڻ لڳو ته ننڍي کي ڪيئن سمجهائجي ته اهو سڀ زندگي گذارڻ لاءِ اڻپورو آهي.
    ”نه منهنجا ڀاءُ تون منهنجي ڳالهه نه سمجهي.“ وڏي چيو. ”اهو جيڪي ڪجهه ڪمائي رهيو آهين اهو نه هجڻ جي برابر آهي. توکي گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي ۽ هن زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ سڀ کان گوءِ کڻي اڳتي وڌڻو آهي.“
    ننڍي ڪجهه نه ڳالهايو ۽ وڏي ڀاءُ جي ڳالهين کي غور سان ٻڌندو رهيو. وڏو هن کي سمجهائڻ جي پوري ڪوشش ڪرڻ لڳو.
    ”منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌ.“ وڏي چيو. ”اڄ مان جيڪا توکي نصيحت ڪرڻ وارو آهيان اها زماني جي حقيقت آهي. توکي اهڙي رستي جو ڏس ڏئي رهيو آهيان، جيڪو سولو ۽ ويجهو آهي. جيڪڏهن تون ان تي هلندين ته وقت کان پهريون منزل تي پهچي ويندين. توکي جيڪڏهن ڪمائڻو آهي ته دل کولي ڪماءِ. وڌيڪ محنت ڪري وڌيڪ پئسا ڪماءِ. هڪ ڏينهن تو وٽ ايترا پئسا ڪٺا ٿي ويندا جو تون انهن مان هڪ مينهن وٺجاءِ. ۽ مينهن جي خوب خدمت ڪجانءِ. ان کي تازو گاهه کارائجانءِ ۽ جهنگ ۾ گهمائجانءِ ڦرائجانءِ. اها توکي ججهو کير ڏيندي. پوءِ تون اهو کير وڪڻي پئسا گڏ ڪجاءِ. تو وٽ ايترا پئسا گڏ ٿي ويندا جو تون پوءِ هڪ ٻي مينهن وٺجاءِ ۽ ائين هڪ ڏينهن تو وٽ مينهن جو واڙو ٿي ويندو. پر هڪ ڳالهه ٻڌ تون کير ۾ پاڻي ضرور ملائجاءِ، پر ايترو گهڻو نه ملائجاءِ جو کير ڇڊو ٿي وڃي ۽ ماڻهون توکان کير وٺڻ کان پاسو ڪن، اهڙي طريقي سان ملائجانءِ جو وٺڻ واري کي خبر نه پوي. جڏهن تو وٽ گهڻا پئسا گڏ ٿي وڃن ته تون انهن مان ٿوري زمين وٺجانءِ. زمين ڪنهن هاريءَ کي بٽيءَ تي ڏئي وقت جو انتظار ڪجانءِ ۽ جڏهن فصل تيار ٿئي ته ان سان ڦڏو ڪري گهڻو اَن ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪجاءِ. جيڪڏهن هاري ڪِرڪِر ڪري ته ان کي چيلهه ۾ لت هڻي ان جي عزت ۾ هٿ وجهجانءِ. جيڪڏهن پوليس ۾ وڃي ته تو وٽ پئسي جي ڪمي نه هوندي. صوبيدار کي رشوت ڏئي واپس روانو ڪجانءِ. هاري مجبور ٿي تنهنجن قدمن ۾ ڪري پوندو. جاڏي ويندين تنهنجي پويان هلندو ۽ تنهنجو وفادار ٿي پوندو. ائين تون گهڻيون زمينون وٺجانءِ. تو وٽ هڪ ڏينهن سوين ايڪڙ زمين هوندي ۽ هزارين هاري هوندا. تو وٽ وڏو راڄ ڪاڄ هوندو. ماڻهو تنهنجا سلامي ٿيندا ۽ تون پنهنجي تڪ جو چڱو مڙس ٿي ويندين. جڏهن تنهنجي تڪ يا ڀرپاسي جهيڙا ۽ ڪاري ڪاريءَ جا قصا ٿيندا ته سڀ جرگو سڏائي تو وٽ پهچي ويندا. تون انهن ڏينهن ۾ وڏيون مڇون رکرائجانءِ ۽ هر هر هٿ سان وڪڙ ڏئي مڇ کي مٿي ڪجانءِ. هر جرگي کان پوءِ ماڻهو هڪ وڏي رقم توکي منصف طور عيوضي ۾ ڏيندا ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڪاريءَ کي قتل ڪرڻ کان اڳ تو وٽ رهائين ته ان سان تو وٽ ڇيڙڇاڙ جا مڪمل اختيار هوندا. سڀ تنهنجي هٿ ۾ هوندو، ڪنهن جي پڳ لاهين يا ڪنهن کي ٻڌرائين. جيڪڏهن تون اڃان به همت ڪندين ۽ پنهنجي ڀرپاسي وڏيرن ۽ چڱن مڙسن کي گڏ ڪري انهن جي صلاح سان قبيلائي جهڳڙا ڪرائي ٻه چار معمولي ماڻهو مارائي انهن جي وارثن جي پٺڀرائي ڪري فيصلن ۾ انهن جو امين ۽ همدرد ٿي بيهندي ته ماڻهن جي دل ۾ تنهنجي عزت ۽ خوف وڌي ويندو سڀ تنهنجي تابع ٿي پوندا ۽ جتي ويندين اتي تنهنجا هٿ چمندا. پنهنجي دهشت ويهارڻ لاءِ هڪ ٻيو ڪم ڪجانءِ. اوڙي پاڙي جا لوفر گڏ ڪري ڌاڙيلن جو ٽولو ٺاهجانءِ ۽ انهن کي ضرورت وقت پنهنجي اوطاق ۾ پناهه ڏجانءِ. تڪ جا لاوارث ۽ واڻيا اغوا ڪرائي انهن وٽ همدرديءَ طور تڏي تي وڃي ڏک جو اظهار ڪجانءِ ۽ انهن کي خاطري ڪرائجانءِ ته انهن جا اغوا ٿيل ماڻهو تنهنجي ڪوششن سان جلد بازياب ٿي گهر پهچي ويندا. پوءِ شريفن ۽ ڌاڙيلن جي وچ ۾ دلاليءَ جو ڪم ڪجانءِ. ڀنگ ۾ جيڪي پئسا ملن انهن مان اڌ پاڻ کڻجانءِ ۽ اڌ ڌاڙيلن کي ڏجانءِ. تنهنجو اثر ۽ رسوخ ڏسي فوجي حڪمران توڏانهن پنهنجو ايلچي موڪلي وزارت جي آڇ ڪندا جيڪا تون ڪڏهن نه ٺڪرائجانءِ ۽ هڪدم وزارت قبول ڪري سياست ۾ داخل ٿجانءِ. جيئن فوجي چون انهن سان ها ۾ ها ملائجانءِ. جيڪڏهن ايئن ڪندين ته ڪاميابي تنهنجا قدم چمندي ۽ تنهنجن هٿن ۾ وڏي طاقت اچي ويندي.

    پوري تڪ ۾ تو جهڙو طاقتور ماڻهو ٻيو ڪوبه نه هوندو. پوليس توکان ڊڄندي ۽ اها تنهنجي مرضي هوندي ته ڪنهن کي اندر ڪرائين يا ٻاهر. وڏا آفيسر تنهنجي در تي ايندا ۽ اهي پنهنجيون بدليون روڪرائڻ ۽ سڻڀيون ڪرسيون وٺڻ لاءِ توکي ايلاز منٿ ڪندا. حڪمرانن سان ڪنهن به ڳالهه ۾ ضد نه ڪجانءِ. ماڻهو جيڪڏهن آمريت خلاف آواز اٿارين ته انهن کي ڌمڪائي چپ ڪرائجانءِ. ۽ ها هڪ خاص ڳالهه ڪڏهن به غيرت جو مظاهرو نه ڪجانءِ، ٻه چار شراب جون بوتلون گاڏيءَ جي ڊگيءَ ۾ پاسيريون ڪري رکجانءِ ۽ ضرورت وقت ڪنهن فوجي آفيسر کي پيش ڪري سرخرو ٿجانءِ. آگسٽ جي مهيني ۾ ان ڏينهن صبح جو سوير اٿي هڪ منٽ جي خاموش اختيار ڪجانءِ پوءِ قومي سلامتيءَ جي دعا گهرجانءِ. ملڪي سياست تي سمجهي ڦوڪي قدم کڻجانءِ. فوجي حڪومت کي ڪمزو ٿيندو ڏسين ته هڪدم ملڪ جي وڏي سياسي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪجانءِ ۽ هڪ ڏينهن تون ڏسندين ته شاهه صاحب تو وٽ اچي مانجهاندو ڪري تنهنجي اهڙي عمل تي خوش ٿي ان کي آمريت جي شڪست ۽ جمهوريت جي فتح قرار ڏيندو. فوجي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ تون عوامي نمائندي جي صورت ۾ سامهون ايندين ۽ تنهنجا وار نيارا ٿي ويندا.
    توکي پارٽي هر صورت ۾ صوبائي اسيمبليءَ جي ٽڪيٽ ڏيندي ۽ ڪاميابي تنهنجا قدم چمندي، بس تون ڇڙو ڪوشش ڪري مخالف اميد وارن جا سَنڌ ڀڃائجانءِ. ٻه چار هوائي فائر ڪري، هڪ اڌ سڌو فائر ڪجانءِ. ماڻهو مرندا يا زخمي ٿيندا انهن جي پرواهه نه ڪجانءِ. ابتا سبتا ٽپا هڻي پاڻ کي ڪامياب ڪرائي، دهلن ۽ دمامن سان شرنائيون وڄائيندو هڪ وڏي جلوس جي صورت ۾ چار ڪلاڪ روڊ بلاڪ ڪري پنهنجي اهميت جو احساس ڏيارجانءِ.
    جڏهن اليڪشن کٽي پهريون دفعو اسيمبليءَ ۾ ويهندين ته تنهنجي سامهون مٿي هڪ ٺوڙهو اڳواڻ تقرير ڪندو. تون ڪوشش ڪري اڳين سيٽ تي ويهجانءِ ۽ ان جي تقرير جي هر جملي تي پنهنجي اڳيان پيل ٽيبل کي زور سان ڌڪ هڻي وڄائجانءِ. تون ڏسجانءِ اهي توکي وزارت ۾ هڪ وڏو قلمدان ڏيندا ۽ تون قلم هٿ ۾ جهلي هر ڪاغذ تي صحيح ڪجانءِ. ڪڏهن به آڱوٺي جو استعمال نه ڪجانءِ. منهنجي خيال ۾ ان پوري عرصي اندر قدرت توتي ايتري مهربان ٿي چڪي هوندي جو تون ٿورو گهڻو لکڻ پڙهڻ سکي پوندين ۽ توکي ڪابه ڳالهه سمجهڻ ۾ ڪا تڪليف ڪونه ٿيندي پر تڏهن به هوشياريءَ سان ڪم ڪجانءِ. توکي هڪ وڏو دفتر ملندو. جڏهن تون ڪرسيءَ تي ويهندين ته سڀ ماڻهو تو مٿان گهور پيا ويندا. هرڪو تو اڳيان مٺي زبان ڳالهائيندو ۽ احساس ڏياريندو ته وقت اچڻ تي اهو تو مٿان قربان ٿي ويندو. تون انهن جي ڳالهين ۾ نه اچجانءِ. اهي سٺا ماڻهو نه هوندا. تون سياڻپ ڪري انهن کي استعمال ڪجانءِ. ڪڏهن به سڌا پئسا نه وٺجانءِ. آفيس ٻاهران ويٺل منشيءَ معرفت وٺجانءِ. هر نئين بجٽ ۾ تو وٽ پئسي جي ريل پيل وڌي ويندي. تو وٽ ٺيڪيدار ايندا ۽ شهر جا سرمائيدار تنهنجي دعوت ڪندا. نيون نوڪريون نڪرنديون ته نوجوان درخواستون کڻي تو وٽ پهچي ويندا. انهن کي آسرا دلاسا ڏئي درخواستون وٺي ٽوڪريءَ ۾ ڦٽي ڪري ڇڏجانءِ ۽ اهي نوڪريون وڪڻي ڪروڙين روپيا ڪمائجانءِ. ڪڏهن وقت ڪڍي اسپتالن ۽ اسڪولن ۾ وڃجانءِ. جيڪڏهن اسيمبليءَ ۾ ڪڏهن ڳالهائڻ جو موقعو ملئي ته هڪ جملو هر هر استعمال ڪجانءِ ۽ اهو جملو اٿئي، ”ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جو سودو ٿيڻ نه ڏبو.“
    جيڪڏهن تون منهنجي صلاح ۽ نصيحت تي عمل ڪيو ته اهو ڏينهن پري نه آهي جنهن ڏينهن تو وٽ ڪيتريون ئي گاڏيون هونديون ۽ هر وڏي شهر ۾ تنهنجا خوبصورت بنگلا هوندا. تون هزارين ايڪڙ ٻنين جو مالڪ هوندين ۽ ٻاهرين ملڪن جي بئنڪن ۾ تنهنجا ڪروڙين روپيا جمع هوندا.“
    وڏي ڀاءُ ڳالهه پوري ڪري ننڍي ڀاءُ کي ڏٺو جيڪو وڏي ڌيان سان هن جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هيو.
    ”پوءِ ڇا ٿيندو؟“ ننڍي ڀاءُ سوال ڪيو.
    ”پوءِ اهڙو وقت ايندو جڏهن تون آرام سان بنگلي جي اڱڻ ۾ ويٺو هوندين. سڀ ڪم ڪار تنهنجا نوڪر ڪندا. هڪ خوبصورت ٽيبل تي تنهنجي اڳيان چانهه جو ڪوپ رکيل هوندو ۽ تون ڍڪ ڀري مزي سان مائي ڀاڳيءَ جا ڪلام ٻڌندين. تون سوچ اهي ڏينهن ڪيڏا نه سڪون ۽ فرحت وارا هوندا.“ وڏي ڀاءُ چيو.
    ننڍو ڀاءُ هڪ گهري سوچ ۾ ٻڏي ويو.
    ”ادا اهوئي ته ڪري رهيو هوس.“ ننڍي ڀاءُ چيو. ”مزي سان چانهه پي رهيو هوس ۽ مائي ڀاڳيءَ جا ڪلام ٻڌي رهيو هوس. جيڪڏهن چانهه پي مائي ڀاڳيءَ جا ڪلام ئي ٻڌڻا آهن ته پوءِ ايڏي هڻهڻان جو ڪهڙو فائدو!.“ وڏو ڀاءُ هن جي ڳالهه تي ڏاڍو شرمسار ٿيو ۽ ڪوڏر ڪلهي تي رکي هليو ويو.
    ** *


    ڳوٽ

    اوندهه جي
    ٻن ڇيڙن وچ ۾،
    رکيل آهن،
    انسان جي هٿ ترين تي،
    زندگيءَ جا ڏيئا.
    حياتي تيل جيان آهي
    ۽ موت،
    لاٽ جو انجام.
    راند ڪنهن به صورت ۾ کيڏڻي هئي. وقت جي پونجيءَ کي ڪٿي ته خرچ ڪرڻو هو. وقت جا لمحا، گهڙيون، ڏينهن رات، مهينا سال ۽ صديون آڪاش ۾ جهڙجي ڇڳل ٽڪڙن جيان لنگهي رهيا هيا. سج اڳيان ڪڏهن ڇانوَ ڪڏهن اس ۽ وجود وهڪري ۾ ويو پئي ڌڪجندو، ڪاراٽجندو ۽ ڇڏندو.
    هو ڄاڻي پيو ته هن جو مدمقابل عام رواجي رانديگر نه آهي. اهو پنهنجي عقل ۾ لاثاني ۽ حرفت ۾ بي مثال آهي. ان جي آڱرين ۾ جادو آهي ۽ اکين ۾ اهڙي شرارت سمايل آهي، جنهن کان هو محفوظ نه رهي سگهندو، پر پوءِ به هن کي کيڏڻو هيو. کيڏڻ تمام ضروري هيو. چوهٺ اڇن ڪارن خانن واري راند هن اڳيان وڇائي وئي. ان جا خانا ڏينهن ۽ رات جيان هيا. هن سوچيو، جيڪر هو آخري حد ڇهي سفلتا ماڻي سگهي ۽ سامهون ويٺل کي شڪست جا ٽوٽا چٻائي ڏند کٽا ڪري سگهي. هن جو مدمقابل بظاهر ڏاڍو محتاط هيو ۽ هيءُ پر اعتماد. هن سوچيو، هو ڀل وڏو رانديگر هجي پر هيءُ پنهنجي عقل ۽ ڏات کي استعمال ڪري، ان لاءِ اهڙا ڄار وڇائيندو جو اهو وچڙندو ويندو ۽ هٿيار ڦٽا ڪري پيش پوندو.
    جڏهن راند شروع ٿي ته هن جي حصي ۾ اڇا اَٺ پيادا، ٻه هاٿي، ٻه اُٺ ٻه گهوڙا، هڪ وزير ۽ بادشاهه آيو. هن کي بادشاهه ڏاڍو عزيز هيو بادشاهه جنهن ۾ هن جي عزت، پيار ۽ روح محفوظ هيو. بادشاهه جيڪو قداور ۽ هشمت وارو هيو. بادشاهه جنهن جي سونهن ۽ رعب هر شيءِ مٿان حاوي هيو. بادشاهه جنهن جا هٿ هن پنهنجن چپن سان سوين دفعا چميا هيا. بادشاهه جنهن مٿان هو جان گهورڻ لاءِ هر وقت تيار هوندو هيو. هن ڏٺو، اڇن ڪارن چوهٺ خانن مان ٻٽيهه والاريل هيا. هن جو مدمقابل بظاهر فڪرمند هيو. هن سوچيو هو اهڙي چال هلندو جو مخالف جون وايون بتال ٿي وينديون ۽ اهو اچرج ۽ حيرت مان هن ڏانهن ڏسي پنهنجن ڪمزور هٿن جي ڏڪندڙ آڱرين سان ڳوٽ بچائڻ جي ڪوشش ڪندو. هو ڏاڍو پر اعتماد هيو. هن کي پڪ هئي ته راند هن جي هٿن مان نه ويندي ۽ هو فتحياب ٿيندو. راند شروع ٿيڻ کان اڳ مدمقابل نظرون کڻي هن جي پراعتماد منهن ڏي ڏٺو. هن جي چپن تي مرڪ هئي ۽ هو چال هلڻ جو منتظر هيو.
    ”ڇا توکي راند جي اصولن جي خبر آهي؟“ مدمقابل چيو.
    ”ها... مان ڄاڻان ٿو، راند جا اصول ڪهڙا آهن.“
    ”ته پوءِ توکي ان ڳالهه جي به خبر هوندي ته راند توڙ تائين کيڏڻي آهي. جيستائين هڪ ڳوٽ به جيئري آهي يا جيستائين سڀ ڳوٽون مري ختم نه ٿيون ٿي وڃن.“
    ”پر اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته بادشاهه جي مرڻ جي صورت ۾ ننڍين ڳوٽن جي ڪهڙي حيثيت هوندي؟“
    ”بادشاهه جي مرڻ سان راند ڪمزور ٿيندي... ختم نه ٿيندي.“
    ”بادشاهه جي مرڻ سان، پيادا، هاٿي، اٺ، گهوڙا ۽ وزير ڪنهن لاءِ وڙهندا؟“
    ”بادشاهه جي مرڻ جي صورت ۾ اهي سڀ پنهنجي جان جي حفاظت ڪندا ۽ پنهنجي بچاءَ خاطر وڙهندا.“
    ”ته پوءِ انت ڪٿي ٿيندو؟“
    ”جڏهن آخري ڳوٽ پنهنجو دَمُ ڏيندي.“
    هو ٻئي ڪجهه دير چپ ٿي ويا ۽ نظرون هيٺ ڪري ڳوٽن کي ڏسندا رهيا.
    هن جي مدمقابل سوچيو. هو هرچال محتاط ٿي کيڏندو. هن کي خبر هئي ته راند ۾ بادشاهه کي وڏي اهميت آهي. بادشاهه جي ختم ٿيڻ سان راند ختم ته نه ٿيندي پر ان جو مقصد فنا ٿي ويندو. اها بي سبب ٿي ويندي. هن جي هر ڳوٽ لاوارث ٿي مرڪز کان الڳ ٿي ويندي. ڳوٽ جو هر قدم لاحاصل ٿي ويندو ۽ ان جي وجود جي ڪا اهميت نه رهندي. جيڪڏهن اهي بادشاهه جو بچاءُ نه ڪري سگهيون ته پنهنجي جان جي حفاظت ڪيئن ڪنديون؟ ۽ ائين بادشاهه جي ختم ٿيڻ جي صورت ۾ ڀاڄ کائي پوئتي ڀڄندڙ لشڪر جي حيثيت پويان لڳندڙ تير ڪري هيٺ ڪرندڙ سپاهين جهڙي ٿي ويندي. هو سوچ ۽ فڪر سان اهڙي چال هلندو جو پنهنجي هر ڪارآمد ڳوٽ جو بچاءُ ڪندي اڳتي وڌي هڪ ڪاپاري ڌڪ هڻندو.
    مدمقابل جي انداز کي ڏسي هن سوچيو. هو جيئن پيادي کي اڳتي وڌائندو ته هو پنهنجي گهوڙي کي ٽپ ڏياري وڃي هن جي آخري قطار ۾ بيٺل فوج جي مک سربراهه آڏو بيهاريندو ۽ پوءِ جڏهن هن جو مخالف هن جي ويجهو ايندو ته هو اٺ کي پاسي سان رکي حملي لاءِ تيار ڪندو ۽ هاٿين کي ٻاهر آڻي وزير کي ڇيڀاٽڻ جي ڪوشش ڪندو. جڏهن راند اڳتي وڌندي ته هو پنهنجي وزير کي ميدان ۾ آڻي بادشاهه کي ”شهه“ ڏئي ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيندو. هو سوچيندو ويو ۽ مرڪندو ويو. هن زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيترا تجربا ڪيا هيا ۽ مشاهدا ماڻيا هيا. هن ڪافي اٽڪلون ۽ ڪرتب سکيا هيا. هن ڪيتريون چالون سکيون هيون.
    ”ته پوءِ پهرين چال تون هلندين؟“ هن جي مدمقابل چيو.
    ”نه... تون.“ هن جواب ڏنو.
    هن کي خبر هئي ته چال جي شروعات انت جو ڏس ڏيندي آهي. شروعات جي انداز مان مدمقابل جي ارادي جي پروڙ پوندي آهي.
    هن جي مدمقابل تعريف ڀريل نظرن سان هن ڏانهن ڏٺو. ان جي اکين ۾ هن لاءِ داد سمايل هيو. پوءِ ان هٿ وڌائي آڱرين سان هڪ پاسي وارو پيادو اڳتي سوريو. هو سمجهي ويو ته هن جو مدمقابل هاٿين جو رستو کولي رهيو آهي ۽ هڪ وڏي وارَ جي تياري ڪري رهيو آهي. هن مدمقابل جي چال کي سمجهي گهوڙن جو رستو کولڻ لاءِ اڳتي هٿ وڌايو. پوءِ هڪ جنگ ڇڙي پئي. راند جا جانور پيادن مٿان ٽپا ڏئي هڻڪڻ لڳا. وات سان سنک وڄائي رڙڻ لڳا ۽ ڪٻ ڪڍي ڊوڙڻ لڳا.
    هن جو مدمقابل ڇنڊي ڦوڪي قدم کڻي رهيو هيو ۽ وڏي اعتماد مان ڳوٽن کي اڳين صفن ۾ آڻي ڄار وڇائي رهيو هيو. راند هلندي رهي ۽ اڃان سڀ ڳوٽون سلامت هيون.
    هڪ گهڙي اهڙي آئي جو هن جو مدمقابل ڄڻ منجهي بيهي رهيو. هن جي نرڙ ۾ گهنج پئجي ويا ۽ هو سوچ ۾ ٻڏي ويو. ائين پئي ڏٺو ڄڻ اهو داوءَ جي چال ۾ ڦاسي پيو هجي. ان محسوس ڪيو هجي راند ان جي هٿن مان نڪرندي پئي وڃي. اهو گهڻي دير چپ ڪري ويهي ڳوٽن کي جاچيندو رهيو.
    ”اڃان ته راند جي شروعات آهي.“ هن چيو، ”تنهنجي منهن تي مايوسي جون ايڏيون ريکائون ڇو؟“
    هن جي ڳالهه ته مدمقابل جو ڪنڌ هيٺ ٿي ويو. ڄڻ ان کي ڏک پهتو هجي.
    ”مان واقعي ئي مايوس ٿيو آهيان.“ ان چيو، ”ڇو جو راند وقت کان اڳ ختم ٿي چڪي آهي.“
    ”ڪيئن؟“
    ”شايد توکي خبر نه آهي؟“
    ”مان سمجهان ٿو اهڙي ڳالهه نه آهي.“
    ”نه.“ مدمقابل چيو، ”تون غلط سمجهي رهيو آهين.“
    ”ته پوءِ چال هل.“ هن چيو.
    هن جي مدمقابل هٿ وڌائي ڳوٽ کي اڳتي وڌايو ۽ پوءِ چيو.
    ”شهه“
    هن هيٺان ڌرتي نڪري وئي. هن هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو، سڀ رستا بند ٿي چڪا هيا. هن جو پيارو بادشاهه ڀڳل تلوار سان زخمي وچ ميدان ۾ بيٺل هيو. ان جي ساڄي پاسي اٺ هيا. کاٻي پاسي هاٿي هيا. سامهون گهوڙا هيا ۽ هڪ وزير کي هٿن ۾ فرمان هيو، جنهن کي هو تيز آواز ۾ پڙهي پنهنجي فتح ۽ هن جي شڪست جو اعلان ڪري رهيو هيو. وزير پويان فاتح بادشاهه پنهنجي چمڪندڙ تلوار مياڻ مان ڪڍي هوا ۾ لهرائي ٽهڪ ڏئي رهيو هيو.
    هن پنهنجي زخمي بادشاهه کي بچائڻ لاءِ آخري ويڙهه شروع ڪئي. وزير کي وزير اڳيان آندو جنهن تلوار هڻي هن جي منڍي الڳ ڪري ڇڏي. سڀ گهوڙا پٿر جا ٿي ويا. سڀ اٺ ميڻ جا ٿي ويا. سڀ هاٿي عاج ۾ تبديل ٿي ويا ۽ پيادا رڻ ۾ مٿان بيٺل تيز سج هيٺان پگهرجي واريءَ ۾ جذب ٿي ويا. ميدان ۾ بادشاهه پنهنجي ليڙون ليڙن لباس سان بيٺو رهيو. هو نه پيو چاهي ته هن جو بادشاهه ختم ٿي وڃي. هن جو بادشاهه ميسارجي وڃي. هن وٽ رحم جي اپيل جو ڪوبه اختيار نه هيو. اها سڀ راند هئي ۽ راند جا ڪي اصول هيا جن تي هلڻ ضروري هيو. هن گهڻو سوچيو پر هن جو اعتماد ذرا ذرا ٿي ڀڳل شيشي جيان وکرجي ويو. هن جي سوچن جا قدم زخمي ٿي رت ڳاڙڻ لڳا. هو روئڻ هارڪو ٿي ويو. هن محسوس ڪيو، هو وڏي خوشفهميءَ ۾ مبتلا هيو. هن مدمقابل جي قابليت جو صحيح اندازو نه لڳايو هيو. اهو وڏو حرفتي ۽ هوشيار هيو. راند عروج تي نه پهتي هئي ته ان جو انت ٿي ويو. سندس هن پئي چاهيو ته جيڪر بادشاهه نه مري. هو جيڪر ان لاءِ ڪجهه ڪري سگهي، پر اهو سڀ هن جي وس کان ٻاهر هيو. هن جو بادشاهه مايوس اکين سان هن ڏانهن نهاري رهيو هيو. انهن ۾ حياتيءَ لاءِ التجا سمايل هئي. هڪ اداسي سمايل هئي. ”مونکي معاف ڪجانءِ منهنجا پيارا بادشاهه. مان تولاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيس“ هن چيو، .اهو سڀ منهنجو قصور هيو. مان تنهنجي حياتي ۽ بچاءَ لاءِ بهتر نه سوچي سگهيس. مان تنهنجي زخمي وجود تي مرهم نه هڻي سگهيس. منهنجو ضمير ڏوهي آهي ۽ مان ان ڏوهه کي روح جي گهرائين تائين محسوس ڪري رهيو آهيان.“
    هو هڪ ڊگهي سوچ ۾ گم هيو ته اوچتو ساڳيو آواز گونجيو.
    ”شهه“
    هن راند مان پنهنجو هٿ ڪڍي پاسي ڪيو ۽ پوءِ چپ ڪري ويهي اندر ۾ سڏڪڻ لڳو. ٿوري دير ۾ بادشاهه اکيون ٻوٽي هيٺ ڪري پيو ۽ سڌو ٿي سمهي پيو. هن جو اندر رڙيون ڪرڻ لڳو. هن جي من ڳوڙهن جا ڍڪ ڀريا، ڳيت ڏئي هن هر هر لڙڪن جو سيلاب اندر پيئي اوتيو. هن جو بادشاهه مري چڪو هيو. سڀ گهوڙا، اٺ، هاٿي ۽ پيادا شڪست کاڌل لشڪر وانگر ۾ بيٺل هيا. اتي بادشاهه نه هيو. هن جي مدمقابل واهه جو وار ڪيو هيو. پهرين ڌڪ سان راند جو پاسو پلٽي وڌو هيو. هو مايوس ٿي چڪو هيو. هن ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو. هن ۾ مدمقابل سان اکيون ملائڻ جي همت نه هئي.
    ”راند جاري رهندي.“ مدمقابل چيو.
    ”پر منهنجو بادشاهه مري چڪو آهي.“ هن جواب ڏنو.
    ”بادشاهه جي مرڻ سان ڪو فرق نه ٿو پوي.“
    ”اهو ڏکيو آهي ته مان بادشاهه بنا راند جاري رکان.“
    ”نه... تون راند جا اصول ٽوڙي رهيو آهين.“
    ”مان مايوس ٿي چڪو آهيان.“
    ”پر ميدان مان ڀاڙي ٿي ڀڄڻو نه آهي.“
    ”مونکي ان لاءِ وڏو پٿر سيني تي رکڻو پوندو.“
    ”مان توکي ڀڄڻ جي اجازت نه ڏيندس.“
    ”ائين نه ڪر... رحم ڪر... ڪجهه ڪهل کاءُ... راند ختم ڪر.“
    ”ايڏو بزدل نه ٿيءُ.“
    هو وري هيٺ ڪنڌ ڪري ويهي رهيو. ڳوڙها هن جي اکين مان وهي راند مٿان ڪري هاريل رت جيان نظر اچڻ لڳا. هن همت ڪري هٿ وڌائي ڳوٽ کي اڳتي سوريو ۽ پوءِ هن جا اٺ چرين جيان تِرشا ڊوڙي صحرا جي انت کي ڳولهڻ لڳا. هن جا هاٿي مستن جيان هلندا ڀتين سان ٽڪرائجڻ لڳا. هن جا گهوڙا بي سبب ٽپا ڏئي ٻوٿ ڀر پئي ڪريا. هن جا پيادا رستو وڃائي ويٺل لشڪر جا بچي ويل اڃايل فرد هيا.
    هو بادشاهه بنا راند کيڏندو رهيو ۽ سڏڪندو رهيو.

    ** *


    گونگا، ٻوڙا ۽ انڌا

    هن سان دنيا ۾ وڏيون ناانصافيون ٿيون. هو رنو ته هن جي اکين جا ڳوڙها سڪي چڪا هيا ۽ خشڪ چپن مان اڃ هيٺ ڳڙي رهي هئي. وقت ۽ حالتن هن کي نستو ڪري ڇڏيو. هن سوچيو هو وقت کان بدلو وٺندو. ناانصافين جو حساب ڪندو. ظلم ۽ نفرت جي باهه کي پنهنجي رت سان وسائيندو. هو هر هنڌ درد جي دانهن ڏيندو. ماڻهن جي من ۾ جذبو جاڳائيندو ۽ هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو هر هنڌ امن هوندو، شانتي هوندي ۽ پيار گيتن جي پايل پائي رقص ڪندو. هو پنهنجو چچريل زخمي جسم کڻي سٽ ڏئي اٿيو ۽ ليڙون ليڙون لڙڪندڙ لٽن سان زخمن کي لڪائي منڊڪائيندو هڪ اهڙي دنيا ۾ اچي پهتو جتي هر طرف اوندهه هئي. ماڻهو اوندهه ۾ ٿاڦوڙا هڻي هيڏانهن هوڏانهن رستو ڳولهي رهيا هيا. اتي اوندهه ڪاري ڪپڙي جيان اکين کي ويڙهيل هئي. هرڪو ٻئي سان ٽڪرائجي رهيو هيو. افراتفريءَ جو عالم هيو. اوندهه ۾ هيٺ ڪريل کي ڪوبه سهارو ڏئي اٿارڻ وارو نه هيو. ماڻهو پيرن ۾ لتاڙجي پيسجي رهيا هئا.
    ”ڪير آهي هن سماج جو رکوالو. هن اوندوهه جي انڌي معاشري جو جوابدار ۽ بي نور قدمن هيٺان پيسجندڙ مظلوم لاچار رڙين کان بيگانو؟“ هن اتي اوندهه ۾ پهچي زور سان چيو، ”ڪير آهي هن ڪاري دستور جو محافظ جنهن تحت هر طرف جهالت کي پروان چڙهڻ لئي ائين آزاد ڇڏيو ويو آهي؟ ڪير آهي هن انڌي سماج جو اڳواڻ؟ ڳالهايو. اي اوندهه جو کاڄ ٿيندڙ انسانو.اي ازل کان اوندهه جي چڪيءَ ۾ پيسجندڙ ايامن کان انڌيرن ۾ ٿاڦوڙا هڻندڙ هيڻن هڏن وارا حيوان کان بدتر انسانو.!“
    هو اوندهه ۾ رڙيون ڪندو رهيو ۽ هو اتي افراتفريءَ جي عالم ۾ ڪاري اوندهه اندر ڪنهن کي نظر نه آيو. هن جو آواز انڌي ٿاڦوڙا هڻندڙ عوام جي آهن ۾ دٻجي ويو.
    ”اٿو ۽ هر طرف آڳ لڳائي ڇڏيو. اها آڳ توهان جي اکين کي جلا بخشيندي. ان آڳ جي روشنيءَ ۾ اوندهه سڙي رک ٿي ويندي ۽ اها آڳ جي روشني توهان کي نوبنو ڪندي.“
    هو وڏي آواز ۾ اوندهه اندر رڙيون ڪري چوندو رهيو. هن جي ڪنهن هڪ نه ٻڌي. سڀ اوندهه جا هيراڪ ٿي چڪا هيا. اوندهه انهن جي زندگي هئي. اوندهه انهن جو فلسفو هيو. اوندهه انهن جي سياست هئي ۽ اوندهه انهن جو ادب هيو علم هيو.
    هو پوءِ ان دنيا جو حصو ٿي ويو. اوندهه هن جي اکين ۾ لهي وئي. اوندهه ۾ مسلسل رهڻ ڪري هن جي اکين ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. هن جو نور موڪلائي ويو. هو ٿاڦوڙا هڻڻ لڳو۽ رستو ڳولهڻ لڳو. جڏهن هو گهڻي جدوجهد کانپوءِ ان اوندهه جي دنيا مان نڪري ٻاهر آيو ته هو انڌو ٿي چڪو هيو.
    هو پنهنجي لاغر چڪنا چور زخمي جسم سان لٺ سهاري ٿاڦوڙا هڻندو اڳتي وڌيو. هن جون اکيون موڪلائي ويون هيون. هو اڳي کان هيڻو ٿي چڪو هو. هن جا هٿ هوا ۾ هيڏانهن هوڏانهن تڙپي رستو تلاش ڪري رهيا هيا. هڪ اهڙو رستو جنهن تي هلي هو پنهنجي ناسور بڻيل زخمن جي مرهم تلاش ڪري سگهي. پنهنجن ڏکن دردن ۽ پيڙائن جو حل ڪڍي سگهي. هو هلندو رهيو ۽ پوءِ هو گونگن جي دنيا ۾ پهچي ويو.
    گونگن جي دنيا ۾ سڀني جون زبانون ڪٽيل هيون. انهن کي قطار ۾ بيهاري ڪنڌ مٿي ڪري آسمان کي نهارڻ لاءِ چيو ويو هيو ۽ پوءِ پڇيو ويو هيو. ”ڇا آسمان ۾ ڏينهن جو تارا آهن؟ ڇا آسمان ۾ رات جو سج اڀري ٿو؟ ڇا آسمان ۾ هو آهي؟ ڇا آسمان ۾ هي آهن؟ ڇا آسمان جو رنگ آسماني آهي؟“ پوءِ انهن جي زبانن کي پاڙن کان ڇڪي ٻاهر ڪڍي ڪٽيو ويو. اهي رت ڳاڙيندا رڙيون ڪندا ڀڄندا ويا. ڪٽيل زبانن جا ڍير لڳي ويا ۽ اهي وڍيل وات جيان ڳالهائڻ لڳيون.اهي ڌپ ڪري ويون ۽ انهن مان بغاوت جي بوءِ هر طرف ڦهلجڻ واري هئي ته انهن کي نفرت جي باهه ڏئي ساڙي رک ڪيو ويو. پوري قوم گونگي هئي۽ هو وڍيل وجود وارو ذرا ذرا ٿيل انسان پنهنجين نابين اکين مان ڳوڙها وهائي هڪ ڀرجي آيل وڏي آواز ۾ انهن کي مخاطب ٿي رهيو هيو.
    ”اي نادانو! اي اٻوجهه انسانو. ڳالهايو. توهان جي بقا ڳالهائڻ ۾ آهي. رڙ ڪيو جيڪا زندگي آهي. آهه ڪيو جيڪا آزادي آهي. اي بي زبان وڍيل وات وارا انسانو. خاموشي جي دنيا جا مظلومو. وقت جا وڍيل گگدامو. اٿو هڪ آواز ۾ انسانيت جو نعرو هڻي ظلم جا در ۽ ديوار ڊاهي ڇڏيو. اي انسانو منهنجي التجا جو ڪو ته اثر وٺو. منهنجي آواز تي ڪو ته لفظ ڪڍو. منهنجي صدا تي ڪو ته سڏ ڏيو. منهنجي روئڻ تي ڪا ته آهه ڀريو. نڙيءَ جا دروازا کوليو ته لفظ بغاوت جي گهوڙن تي سوار ٿي توهان جي چپن مان نڪرن ۽ اهي ظالم سان جنگ ڪري ڪنهن انقلاب جي اڳواڻي ڪن. اٿو ۽ هڪ آواز ٿي هر طرف ڦهلجي وڃو.“
    هو چوندو رهيو ۽ ماڻهن هڪ نه ڪُڇي. اهي سڀ گونگا هيا. لفظ انهن کان موڪلائي چڪا هيا. انهن چوڻ چاهيو ٿي ته اهي چئي نه پئي سگهيا. اهي مجبور هيا. بيوس هيا. لاچار هيا. پوءِ هو اجڙيل دنيا وارو شخص هڪ ڏينهن رڙيون ڪندي چپ ٿي ويو. هن کي اتي گونگن جي دنيا ۾ سال گذري ويا ۽ پوءِ صديون گذري ويون. هن جي ڪنن ڪڏهن ڪو آواز نه ٻڌو. هن جا ڪن گونگن جي دنيا ۾ آواز ٻڌڻ لئي سڪي مئا. آخرڪار هن جي ڪنن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ هو ٻوڙو ٿي ويو.
    هو ڪمزور جسم وارو مظلوم انسان جيڪو هاڻي انڌو هيو، ٻوڙو هيو تنهن سوچيو ته هن جي زبان اڃان سلامت آهي. هو پنهنجي زبان کي استعمال ڪندو، ماڻهن کي ٻڌائيندو ته سچائيءَ جي واٽ ڪهڙي آهي؟ انصاف ڪٿي آهي؟ ظلم مان ڇوٽڪارو ڪيئن ممڪن آهي؟ هڪ دفعو وري اٿيو ۽ لٺ سهاري پنهنجي ڇيهون ڇيهون وجود سان اڳتي وڌيو. هن رڻ جهاڳيا، ريگستان رليا ۽ سمنڊ پار ڪيا. هن جا لٽا ليڙون ليڙون ٿي ڪنهن غريب ملڪ جي جهنڊي جيان لهرائجي رهيا هيا. هو مايوس نه هيو. هڪ آس هئي جنهن سهاري هو هيڻين هڏن ۾ وڏو زور محسوس ڪري رهيو هيو. هو هلندو رهيو. هن جي لٺ هن کي هڪ نيئن دنيا ڏانهن گهليندي رهي. هو وڌندو رهيو. نيٺ هو هڪ اهڙي دنيا ۾ پهچي ويو جتان جا رهاڪو ٻوڙا هيا.
    هو ٻوڙن جي دنيا ۾ پهتو ته هن جي قدمن جو آواز ڪنهن جي ڪن تي نه پيو. ان دنيا جي رهواسين جا ڪن ڪٽيل هيا. ڪنهن وقت اها آوازن جي دنيا هئي. اتي هر طرف آواز هيا. ماڻهو اهي آواز ٻڌي سگهندا هيا. پوءِ انهن آوازن کي نفرت خوف مايوسي ۽ موت جو روپ ڏئي ايڏو ته اوچو ڪيو ويو جو اهي آواز ڪنهن ڏائڻ جي ڳلي مان تيزيءَ سان نڪرندي محسوس ٿيا. اهي تيز ٿيندا ويا. اهي هر طرف ڦهلجي ويا. اهي ايڏا ته تيز ٿي ويا جو ماڻهن هٿ ڏئي پنهنجا ڪن بند ڪري ڇڏيا ۽ جڏهن انهن اهي هٿ پنهنجن ڪنن تان هٽايا ته اهي ٻوڙا ٿي چڪا هيا.
    هن وڍيل وجود واري ٻوڙن جي وچ ۾ بيهي ڳالهائڻ شروع ڪيو هن جو آواز ڪنهن نه ٻڌو. هن رڙيون ڪيون ۽ پوءِ رنو. هن جي اهڙي عمل تي اتان جي انسانن جي منهن تي ڪو تاثر نه اڀريو. اهي جانورن جيان ڪنڌ هيٺ ڪري رستن تي رليا پئي. هن اڳتي وڌي هڪ انسان کي ٻانهن ۾ هٿ وڌو.
    ”ٻڌ، اي انسان ٻڌ.“ هن ان کي روڪي چيو، ”منهنجي درد جو داستان ٻڌ. منهنجي دل جا ارمان ٻڌ. منهنجي من جا مونجهارا ٻڌ. منهنجي اندر جي آهه ٻڌ.“
    هو هن کي زور سان چوندو رهيو پر هن سامهون بيٺل انسان کي هن جي ڪا ڳالهه ٻڌڻ ۾ نه آئي. ان وائڙن جيان هن اجنبيءَ کي ڏٺو پوءِ اهو ٻانهن ڇڏائي هليو ويو. ان جي اهڙي عمل تي هن کي روئڻ اچي ويو. هو سڏڪڻ لڳو. هن جي بي نور اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا. ماڻهن جا ڪن پٿرن ۾ تبديل ٿي چڪا هيا. هن وري همت ڪئي ۽ هو لٺ سهاري اٿي بيٺو.
    ”ٻڌو اي انسانو، ٻڌو.“ هن وڏي آواز ۾ چيو، ”اچو منهنجي زبان مان وکرندڙ لفظ چونڊيو. پنهنجا ڪن کوليو ۽ آوازن کي رستو ڏيو. آواز جيڪو جادو آهي. آواز جيڪو سامري آهي. آواز جيڪو حڪمران آهي. آواز جيڪو ڪنن جا درواز کولي ٿو. آواز جيڪو جا ڳائي ٿو. آواز جيڪو حڪم هلائي ٿو. آواز جيڪو اٿاري ٿو. پردا هٽايو ۽ ٻڌو. اها ڪپهه ڪڍو جيڪا وڌي وئي آهي. اهو سيهو جيڪو تپايو ويو آهي. اها ڪِلي جيڪا لڳائي وئي آهي. توهان ڪوشش ڪيو توهان جا ڪن ڪم ڪرڻ لڳندا. توهان ٻڌي سگهو ٿا. ٻڌڻ اڃان به توهان جي وس ۾ آهي.“
    هو وڏي آواز ۾ چوندو ويو ۽ ٻوڙن جي دنيا جي رهاڪن هن جو هڪ لفظ نه ٻڌو. اهي هن تي رحم جي نظر وجهي ائين گهوريندا رهيا هيا جيئن هو ڪو چريو هجي ۽ سياڻن جي دنيا ۾ رستو ڀلجي پيو هجي. ماڻهن هن جي هڪ نه ٻڌي. هو رڙيون ڪندو ڳالهائيندو رهيو ۽ پوءِ وقت سان گڏ هو چپ ٿي ويو. ٻوڙن جي دنيا ۾ هن کي ڪيئي سال گذري ويا. هن جي زبان پوءِ ڪڏهن نه اٿلي. هن ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو. ڇو جو هن کي پڪ ٿي چڪي هئي ته سندس ٻڌڻ وارو ڪير به نه آهي. پوءِ هن جي چپ کي صديون گذري ويون. هن جي زبان سُن ٿي وئي ۽ هو گونگو ٿي ويو.
    هو وقت جو ستايل انسان جيڪو مظلوم هيو. بکايل هيو. بي گهر هيو. جنهن جا ڪپڙا سفر جي ڌوڙ ۾ لٽجي ڦاٽي چڪا هيا. جيڪو دردن جي دانهن بنجي در در گهميو هيو، ان وري همت ڪئي ۽ هو لٺ سهاري اٿيو. هن جون ٽنگون ڏڪي رهيون هيون ۽ ڏٻرو جسم چيلهه وٽان چٻو ٿي چڪو هيو هو ڍنڍو ٿي لٺ سهاري ڏڪندو اڳتي وڌندو. رت گاڏڙ پگهر ڳاڙيندو. لڙکڙائيندو. ٿيڙ کائيندو، گهڻي وقت کانپوءِ هڪ اهڙي دنيا ۾ اچي پهتو جتان جا رهواسي ڳالهائي رهيا هيا ٻڌي رهيا هيا ۽ ڏسي رهيا هيا. هو جڏهن ان دنيا ۾ پهتو ته ماڻهو هن کي چوگرد ورائي ويا. اهي ان اجنبي پوڙهي کي ڪنهن عجوبي جيان ڏسڻ لڳا جنهن جو وجود وقت جي واءُ ۾ لرزي رهيو هيو ۽ سندس منهن جي چمڙي ڍلي تي هيٺ لڙڪي رهي هئي.
    ”تون ڪير آهين؟“ هجوم مان ڪنهن هن چيو.
    ”توسان هي ظلم ڪنهن ڪيو آهي؟“ ڪنهن ٻئي چيو.
    ”ڇا تون ڳالهائي سگهين ٿو؟“ وري ڪنهن چيو.
    ”ڇا تون ٻڌي سگهين ٿو؟“ ڪنهن ٽئين چيو.
    ”ڇا تون ڏسي سگهين ٿو؟“ ڪنهن چوٿين چيو.
    وقت جو چچريل پوڙهو اتي ماڻهن جي وچ ۾ چوسول تي هيٺ ڪري پيو ۽ هن جي بند بي نور اکين مان ڳوڙها ڪنارن کان هيٺ وهڻ لڳا. هو نه ڳالهائي سگهيو پئي. نه ٻڌي سگهيو پئي ۽ نه ڏسي سگهيو پئي.

    ***


    مورتي

    ساڌوءَ جي ڳالهه
    سمجهڻ ۾
    دير لڳي.
    ڀڳوان جي
    جلد ڀڳي.
    جڏهن ٽي محقق اسٽوپا واري کنڊر ويجهو ٿيا ته ٽاڪ منجهند هئي. انهن جا ڪپڙا پگهر ۾ آلا ٿي چڪا هيا. اهي ٿڪيل قدمن سان پنهنجن خشڪ چپن تي زبان ڦيري اڳتي وڌي رهيا هيا.
    ”ڇا توکي پڪ آهي ته اهو ساڌن جي ان ڪٽنب جو آخري فرد آهي جنهن جي سيني ۾ ڀڳوان جي ان دفن ٿيل مورتيءَ جو راز محفوظ آهي؟“ راهه هلندي هڪ محقق پڇيو.
    ”ها، مون وڏي کوجنا کانپوءِ اها ڳالهه معلوم ڪئي آهي.“ ٻئي محقق جواب ڏيندي چيو، ”ان مندر ۾ موجود ساڌو ان سلسلي جي ڪڙي آهي، جنهن جي سيني ۾ ڀڳوان جي ان ناياب مورتي جو راز محفوظ آهي.“
    ”ته پوءِ دير نه ڪرڻ گهرجي.“ ٽئين محقق چيو، ”جلدي هلو ته ان ساڌوءَ جي مڙهيءَ ۾ پهچي مدفون ڀڳوان جي ان مورتيءَ جو راز معلوم ڪري ان کي حاصل ڪريون.“
    هو ٽيئي ڳالهائيندا کنڊرن ڏانهن وڌندا رهيا. جڏهن هو اتي پهتا ته هر طرف سانت ڇانيل هئي. پري کان انهن ڏٺو هڪ کنڊر جي ڀت تي ڪانءَ ويٺل هيا. انهن اوڏانهن رخ ڪيو. ڪانءَ ٽهي اڏاڻا ۽ هر طرف گوڙ مچي ويو. انهن اتي پهچي ڏٺو. ڊٺل ڀتين وچ ۾ هڪ ڪوٺڙي هئي. ان اندر هڪ ساڌو پلٿ ماري اکيون بند ڪري گيان ۾ گم هيو. هو ٽيئي وڏي ادب مان اندر وڃي ان آڏو ويٺا. انهن جي اچڻ جو ساڌوءَ تي ڪو اثر نه ٿيو. ساڌو اکيون بند ڪيو سانت ويٺل هيو. هو هڪ ٻئي جي منهن ڏي ڏسي چپ ڪري ويهي رهيا. انهن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڳالهه ڪيئن شروع ڪن. هڪ محقق ڀرسان پيل ٿڌي پاڻيءَ جو مٽ ڏسي ڍڪڻ کولي جيئن گلاس ڀريو ته ساڌوءَ جون ٻئي اکيون کلي ويون. ساڌوءَ ٿوري دير گنڀير منهن سان انهن ڏانهن ڏٺو. ۽ پوءِ هٿ سان اشارو ڏنو ته ڀل پاڻي پي پنهنجي اڃ اجهائي ٿڪ ڀڃن. جڏهن هو پاڻي پي ٿڌا ٿيا ته هڪ محقق هن آڏو هٿ ٻڌي عرض ڪيو،
    ”سائين، ويڄن جي جلد ستين باب چوٿين جي پنجيتاليهين پني تي اهو لکيل آهي ته اڄ کان ساڍا ست هزار سال پهريون هن خطي ۾ هڪ مهاڀاري ويڙهه ٿي هئي، ان ويڙهه جو سبب ڀڳوان جي اها مورتي هئي جيڪا ان وقت وڏي ڪرامت واري ليکي ويندي هئي، اها جنهن قبيلي يا ملڪ وٽ هوندي هئي ان جا ڀاڳ کلي پوندا هيا، اتي ترقي ۽ امن جو دور شروع ٿي ويندو هيو. ان مورتيءَ پويان وڙهندي لکين ماڻهو مارجي ويا، هزارين هاٿي ڪم آيا. اڳتي هلي ول برائون پنهنجي ڪتاب، ‘تهذيبن جي تباهي’ جلد ٻيون باب پنجون صفحو سورهون، لکي ٿو ته، ”جڏهن سڪندراعظم هن خطي ۾ آيو ته وڏي ويڙهه کانپوءِ اها مورتي ان جي هٿ لڳي. جيڪا هن اهو سوچي هتي دفن ڪري ڇڏي هئي ته واپس يونان ويندي هو اتان کوٽي ٻاهر ڪڍي پاڻ سان گڏ کڻي ويندو، پر حياتيءَ هن کي مهلت نه ڏني ۽ هڪ زهريلي تير لڳڻ سبب هن جو موت واقع ٿيو. هڪ تحقيق کانپوءِ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته اها مورتي هنن کنڊرن ۾ ڪٿي دفن ٿيل آهي. اها به ڄاڻ ملي آهي ته ان مورتيءَ جي راز بابت صرف ساڌن جي ان گهراڻي کي خبر آهي جنهن جي آخري ڪڙي توهان آهيو.“
    ڳالهائيندي ڳالهائيندي محقق جو آواز ائين جهيڻو ٿي ويو جيئن هن کي ٿڌ لڳي هجي. هو چپ ٿيو ته ٻئي محقق ڳالهايو،
    ”سائين، جيڪڏهن توهان مدد ڪريو ته اها تاريخي مورتي ٻاهر ڪڍي دنيا آڏو آڻيون. اسان جو مانُ مٿانهون ٿئي ۽ دنيا کي خبر پوي ته اسان ڪيڏا نه مهان آهيون.“
    ڳالهه ٻڌي ساڌوءَ کڻي اکيون بند ڪيون ۽ ان کان اڳ جو گيان ۾ گم ٿئي، ٽئين محقق ڳالهايو،
    ”سائين، آهي ته نيڪيءَ جو ڪم. مدد ڪندا ته مهرباني ٿيندي.“ ساڌو جيڪو سماڌيءَ تي اکيون بند ڪيو انهن جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هيو ان وري اکيون کولي انهن ڏانهن ڏٺو. ان جي اکين مان ائين لڳي رهيو هيو جيئن هو انهن تي رحم کائيندو هجي. ان محققن جي سوالن جو ڪوبه جواب نه ڏنو. هن صرف پنهنجو هٿ مٿي ڪيو ۽ پوءِ اشهد آڱر سان عرش ڏي اشارو ڪيو، جنهن سان اهو پئي ظاهر ٿيو هن کي ان مورتيءَ بابت ڪابه ڄاڻ نه آهي. ساڌوءَ جي اهڙي جواب تي هو ٽيئي ڏاڍا مايوس ٿيا. پر انهن همت نه هاري ۽ هڪ دفعو وري هٿ جوڙي عرض ڪيائون،
    ”سائين، ائين مايوس نه ڪيو. اسان کي پڪ آهي ته ان عظيم مورتيءَ متعلق توهان وٽ اها سڀ ڄاڻ آهي جيڪا صدين کان اوهان جي وڏڙن جي سيني ۾ سانڍجي هلندي پئي اچي.“
    محقق جي ڳالهه تي ساڌوءَ ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ هن وري پنهنجي اشهد آڱر مٿي ڪري عرش ڏي اشارو ڏنو. ساڌوءَ جي اهڙي رويي تي محقق ڏاڍا پشيمان ٿيا. هڪ ٻئي جي منهن ڏي ڏسي ڪجهه دير ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيا. جڏهن کنڊرن مٿان سانجهيءَ پنهنجا پر پکيڙيا ته انهن آخري دفعو ساڌوءَ ڏانهن آس ڀريل اکين سان نهاريو. پر ساڌو ساڳيو سانت پنهنجي ٺڪاڻي ۾ پلٿ ماري اکيون ٻوٽيو ويٺو هيو. لاچار ٽئي محقق ڪپڙا ڇنڊي اٿيا. ۽ ساڌوءَ اڳيان ادب مان هٿ ٻڌي موڪلائي مڙهي مان ٻاهر نڪري اچي کنڊر جي ڀت تي ويهي خاموشيءَ سان لهندڙ سج ڏي نهارڻ لڳا. انهن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي ته آخر هو ان ناياب مورتيءَ تائين ڪيئن پهچن. انهن کي اها پڪ هئي ته مورتي اتي کنڊرن ۾ ڪٿي دفن آهي. پر کنڊر ايڏا ته وسيع هيا جو انهن جي وَس کان ٻاهر هيو ته صحيح هنڌ جو اندازو لڳائي کوٽائي شروع ڪن. ٽيئي محقق لهندڙ ڳاڙهي سج اڳيان کنڊڙ جي ڀت تي ويهي سوچيندا رهيا ته هو ساڌوءَ کي ڪيئن راضي ڪن جيئن اهو انهن کي ان مورتيءَ جي راز کان آگاهه ڪري ۽ هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿين.
    ٿوري دير کان پوءِ هڪ محقق پنهنجا چپ چوريا،
    ”جڏهن اسان ساڌوءَ کان مورتيءَ متعلق معلوم ڪيو ته هن آڱر سان عرش ڏي اشارو ڪري ڇا واقعي ئي اهو پئي چوڻ چاهيو ته ان جي ڄاڻ ڀڳوان کي آهي؟“
    ان جي اهڙي سوال تي ٻن ٻين محققن جي نرڙ جا گهنج گهرا ٿي ويا.
    ”ته ڇا تنهنجو خيال آهي ساڌو اهو پئي چوڻ چاهيو ته اها مورتي مٿي مڙهي جي ڇت تي موجود آهي؟“ ٻئي محقق ڳالهه وڌائيندي چيو،
    ”ٿي سگهي ٿو اهوئي چوڻ چاهيندو هجي.“ ٽئين محقق چيو، ”ڇو نه ڇت تي چڙهي ڏسجي متان اها اتي موجود هجي.“
    هو ٽيئي اهو سوچي اٿيا ۽ کنڊرن ۾ڦهلجندڙ هلڪي اوندهه ۾ پير پير ۾ ڏئي هلندا ساڌوءَ جي مڙهي پويان هڪ ڀڳل ڀت وٽ وڃي بيٺا. هڪ محقق کي سهارو ڏئي مٿي ڀت تي چاڙهيائون. ان اتي سڌو ٿي بيهي مڙهي جي ڇت مٿان هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، اتي ڪکن ۽ ڪانن کانسواءِ ڪجهه به ڪونه هيو، پوءِ هن هيٺ ڏسي ٻين محققن ڏانهن مايوسيءَ مان ڪنڌ لوڏيو ۽ هيٺ لهي آيو. نااميدي ۽ ٿڪ کان ٽنهي محققن جون ڳچيون ڊگهيون ٿي ويون ۽ انهن جا ڪنڌ هيٺ جهڪي آيا.
    هو جڏهن واپس پنهنجي ڪمري ۾ پهتا ته تازا توانا ٿي اچي کاڌي جي ٽيبل چوڌاري ويٺا. ماني کائي چانهه جي ڪوپ مان ڍڪ ڀريائون ته انهن جو دماغ هڪ دفعو وري تيزيءَ سان ڪم ڪرڻ لڳو. اهي ٽيئي ساڌوءَ جي ڏنل اشاري تي غور ڪرڻ لڳا. انهن اڳيان تصور ۾ مڙهيءَ تي ويٺل ساڌو هيو جيڪو هر هر آڱر سان عرش ڏي اشارو ڪري رهيو هيو. هو چانهه جي ڪوپ مان ڍڪ ڀريندا ويا ۽ سوچيندا ويا. سوچيندي اوچتو هڪ محقق جو ڇِرڪ نڪري ويو. ان جي هٿ ۾ جهليل چانهه جو ڪوپ ڏَڪڻ لڳو.
    ”مون سمجهيو. ان ذريءَ گهٽ رڙ ڪندي چيو، ”مون ساڌوءَ جو اشارو سمجهيو.“
    ٻيا ٻه محقق وائڙن وانگر ان جي منهن ۾ ڏسندا رهيا.
    ”جڏهن ساڌوءَ جي هڪ آڱر مٿي اشارو پئي ڪيو ته هن جي ٽن آڱرين هيٺ اشارو پئي ڪيو.“ ان ڳالهه سمجهائيندي چيو.
    ٻن ٻين محققن جو تجسس وڌي ويو.
    ”ڳالهه ٿوري کولي بيان ڪر ته سمجهه ۾ اچي.“ هڪ محقق چيو.
    ”ڳالهه صاف ظاهر آهي جڏهن ساڌوءَ هڪ آڱر مٿي ڪري اشارو پئي ڪيو ته هن جون ٽي آڱريون هيٺ اشارو ڪري رهيون هيون.“
    ”جيڪڏهن ٽي آڱريون هيٺ اشارو ڪري رهيون هيون ته هيٺ مان ڇا مطلب آهي؟“ هڪ محقق سوال ڪيو.
    ”ساڌوءَ جون ٽي آڱريون هيٺ اشارو ڪري اسان ٽنهي کي ٻڌائي رهيون هيون ته ڀڳوان جي مورتي هيٺ دفن آهي.“ محقق ڳالهه سمجهائيندي چيو.
    اهڙي ڳالهه تي ٻه محقق وڏي سوچ ۾ ٻڏي ويا.
    منهنجي خيال ۾ ڀڳوان جي مورتي بلڪل اتي دفن ٿيل آهي جتي ساڌو مڙهيءَ تي ويٺل آهي.“ پهريون محقق جيڪو بي حد ذهين هيو ان وڏي اعتماد سان چيو.
    ٽيئي محقق ان ڳالهه تي متفق ٿيا ته ساڌوءَ جي هٿ جي هڪ آڱر مٿي ۽ ٽي آڱريون هيٺ اهو ظاهر ڪري رهيون آهن ته توهان ٽنهي لاءِ اهو اشارو آهي ته مٿين ڀڳوان جي مورتي بلڪل اتي دفن ٿيل آهي جتي ساڌوءَ جي مڙهي آهي.
    ٻئي ڏينهن صبح جو سوير هو ٽيئي هوٽل مان نڪتا ۽ ساڌوءَ جي ماڳ کان ٿورو پري هڪ کنڊر ۾ اچي لڪي ويهي رهيا. ساڌو ڪم سانگي جيئن جهنگ جو رخ ڪيو ته هو ٽيئي بيلچن سان کنڊر مان ٻاهر نڪري اچي ساڌوءَ جي مڙهي تي بيٺا. انهن وٺ سٺ ڪري کوٽائي شروع ڪئي. انهن ساڌوءَ جي واپس ورڻ کان اڳ پنهنجو ڪم مڪمل ڪرڻ پئي چاهيو. انهن جي ٻانهن ۾ جوانن جهڙي طاقت اچي ويئي. تيزيءَ سان کوٽائي ڪرڻ سبب مڙهي ۾ هر طرف ڌوڙ ڦهلجي وئي ۽ انهن جا منهن مٽيءَ ۾ ڀڀوت ٿي ويا. کوٽيندي اوچتو هڪ محقق جو بيلچو ڪنهن سخت شيءِ سان ٽڪرائجڻ ڪري آواز پيدا ٿيو. انهن خوف ۽ حيرت مان هڪ ٻئي جي منهن ڏي ڏٺو. هڪ محقق بيلچو اڇلي ان سخت شيءِ چوڌاري مٽيءَ کي هٿن سان هٽائڻ شروع ڪيو، پوءِ انهن گڏجي ان کي ٻاهر ڪڍيو. اها بيرجي ٽجوڙيءَ نما پيٽي هئي. جنهن تي پراڻي رسم الخط ۾ الفاظ اڪريل هيا. انهن برش سان صاف ڪري اهي الفاظ پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پر وقت گهٽ هجڻ ڪري جلديءَ ۾ اهي انهن کي سمجهه ۾ نه آيا. پيٽيءَ کي پاسي کان پراڻو ڪٽ لڳل تالو هيو. هڪ محقق پنهنجي چمڙي جو ٿيلهو کولي ان مان هٿوڙي ٻاهر ڪڍي جيئن تالي کي هنئي ته تالو ڀڄي وڃي پري ڪريو. انهن پيٽيءَ جو ڍَڪ کولي اندر ڏٺو ته حيرت ۽ خوشيءِ مان انهن جي منهن تي چڙهيل ڌوڙ ڳاڙهي ٿي وئي. اهي وڏي تجسس ۽ پيار مان اندر ڏسندا رهيا جتي ڀڳوان جي مورتي موجود هئي. انهن پيٽيءَ ۾ هٿ وجهي ڀڳوان جي مورتيءَ کي ڇڪي ٻاهر ڪڍيو. ڀڳوان جي مورتي ڏاڍي وزني هئي جنهن ڪري انهن وڏي احتياط سان ان کي هموار پٿر تي رکي صاف ڪيو، پوءِ هو ٽيئي ڪنهن فاتح جيان ڪنڌ مٿي ڪري سامهون رکيل مورتيءَ آڏو ويهي جائزو وٺڻ لڳا. انهن ڏٺو ڀڳوان ڄڻ پلٿ ماري مڙهيءَ تي شانت گيان ۾ ويٺل هيو. ان جون اکيون بند هيون ۽ هڪ هٿ مٿي هيو. هٿ جي آڱرين کي ڏسي ٽنهي محققن جي رڙ نڪري وئي. انهن ڏٺو ڀڳوان جي مورتيءَ جون ٽي آڱريون مٿي اشارو ڪري رهيون هيون ۽ هڪ آڱر هيٺ اشارو ڪري رهي هئي. ٽنهي محققن ڀڳوان جي عرش ڏانهن اشارو ڪندڙ ٽن آڱرين کي ڏٺو ۽ پوءِ ڌرتيءَ ڏانهن اشارو ڪندڙ آڱر کي ڏٺو. هو جيئن ڀڳوان جي آڱرين جي اشارن کي سمجهندا ويا، انهن جي نرڙ ۾ پيل گهنجن تي پگهر وڪڙ هڻي هيٺ وهندو ڪنن وٽان ٽمڻ لڳو.
    هو ٽئي تڪڙ ۾ اٿيا ۽ خوف مان پنهنجون اتي پيل سامان ڇڏي وٺي ڀڳا. جڏهن ساڌو واپس مڙهي ۾ آيو ته مڙهي جي حالت ڏسي هن کي ڪوبه ڏک نه ٿيو. هن ڀڳوان جي مورتيءَ کي واپس پيٽيءَ ۾ وجهي کوٽيل کڏ ۾ رکي مٿان مٽي وڌي ۽ پوءِ هو سماڌيءَ کي سڌو ڪري وڇائي ان مٿان پلٿ ماري اکيون بند ڪري گيان ۾ گم ٿي ويو.

    ***


    پريو مڙس

    ڪلراٺين قبرن مٿان
    ڪنهن روح جيان
    اڏرندڙ يادون
    سي سڀ
    اگربتي
    دونهين ۽
    واءُ ۾
    بدلجي ويون.
    ان شام ائين ئي ٿيو. پوڙهو اکيون ٻوٽي کٽ تي ليٽي زندگيءَ جو ٿڪ ڀڃي رهيو هيو. ڪجهه ماڻهو هن جي در تي آيا ۽ انهن ڪڙو کڙڪايو. هڪ ٻار ڊڪندو در تي ويو ۽ جڏهن در کولي ڏٺائين ته اتي ٻه شخص بيٺل هيا. اندر جي ڪنهن گهري صدمي کان انهن جا منهن ڪپهه جهڙا اڇا ۽ نرم پئي ڏٺا . ائين پئي لڳو ڄڻ انهن کي اڇي ڏاڙهي نه ڊگها منهن هيا جيڪي انهن جي پيٽ تائين لڙڪي رهيا هيا.
    ”ٻچا، ڏاڏي کي ٻڌاءِ ماڻهو آيا آهن. هلڻو آهي.“
    ٻار ڊوڙندو واپس آيو ۽ ڏاڏي مٿان بيهي ان کي سڏڻ لڳو.
    ”ڏاڏا، او ڏاڏا ماڻهو آيا آهن. توکي سڏين ٿا.“
    ٻار جي سڏ تي پوڙهي جون اکيون ائين کلي ويون جيئن اهي ان جي وس ۾ نه هيون.
    هو چادر سوري اٿيو ۽ ٻار ڏي منهن ڪري پڇيو،
    ”ڪير آهن؟“
    ٻار ڏاڍو گهٻرايل هيو.
    ”خبر نه آهي ڪير آهن.“ هن جواب ڏنو.
    پوڙهي ڪجهه گهڙيون سوچيو.
    ”ڪهڙا وري فرشتا هوندا؟“ هن چيو. هو کٽ تان اٿيو.
    هن پاسي سان پيل ٽيڪم ۽ بيلچو کنيو. پوءِ در کولي انهن سان روانو ٿي ويو.
    پوڙهو قابرو جنهن کي سڀ پريو مڙس چوندا هيا، ڪمري جي ڪنڊ ۾ کٽ تي اکيون ٻُوٽي ائين بي سڌ پيل هوندو هيو جيئن هڪ ڊگهي ڊوڙ کانپوءِ ٿڪجي ڪريو هجي. ۽ هن جي بت ۾ ڪم ڪرڻ جي سگهه نه رهي هجي. ڳوٺ ۾ مرتيو ٿيندو هيو ته ماڻهو ڪانو ڪڇي هن جي در تي ايندا هيا ۽ ڪڙو کڙڪائي انتظار ڪندا هيا. پوڙهي قابروءَ جو اهو ڪو خانداني پيشو نه هيو. حالتن هن کي ائين ڪرڻ تي مجبور ڪيو هيو. جوانيءَ جي ڏينهن ۾ هو رئيس جو خاص ملازم هيو. هن کي ويڪري منهن تي وڏيون وٽيل مڇون هونديون هيون. هو رئيس جون زمينون سنڀاليندو هيو. ڳوٺ ۾ هن جو رعب ۽ دٻدٻو هيو. انهن ڏينهن بازار ۾ ريشمي ڪپڙي جي وڏي کپت هوندي هئي. جپان کان اهڙو ته شفاف ريشم ايندو هيو جو اس پوڻ سان ان جو اولڙو ٺهندو هيو. ريشم جي گهڻي کپت ڪري اهو ڪوٽا تي ملندو هيو ۽ ڪارخاني اندر ڪوٽا کان وڌيڪ ريشم رکڻ ڏوهه هوندو هيو.
    هو رئيس جي مدد سان ريشم جي ڪوٽا وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ ريشم جو ڪارخانو هنيو جيڪو هن جي هڪ دوست جي دغا سبب گهڻا ڏينهن نه هلي سگهيو.
    زماني جا ٿاٻا کائي واپس ڳوٺ پهتو ته رئيس مري چڪو هيو ۽ ان جي پوين لاءِ هو ڪارآمد نه هيو. هن پيٽ گذر لاءِ مزدوري ڪئي ۽ مٿي تي گاري جون ٽوڪريون ڍوئڻ ڪري اهڙا زخم کاڌا جن جا نشان هن کي يا ڄمار ياد رهجي ويا.
    ڪالراجي ڏينهن ۾ جڏهن روز ماڻهو مري رهيا هيا ۽ قبرون کوٽيندڙن جي کوٽ ٿي وئي ته هو قابرو ٿي پيو. زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين رزق حاصل ڪرڻ لاءِ هن ساڳي پيشي کي جاري رکيو. ڳوٺ ۾ ڪوبه مرتيو ٿيندو هيو ته ماڻهو هن جي در تي اچي ڪڙو کڙڪائيندا هيا. هو بيلچو ۽ ڪوڏر کڻي انهن سان گڏ روانو ٿي ويندو هيو.
    ڪجهه ڏينهن اڳ پوڙهو سخت بيمار ٿي پيو. هن تي دمڪشيءَ جو حملو ٿيو ۽ سيني اندر سيٽيون ائين وڄڻ لڳيون جيئن آنڌيءَ ۾ تيز هوا جي روشندانن سان ٽڪرائڻ ڪري پيدا ٿينديون آهن. ڳوٺ جي حڪيم هادن هڪ هفتو ساندهه هن جو علاج ڪيو پر ڪو افاقو نه ٿيو. سڀ هيانءُ هاري ويٺا. اها پڪ ٿي وئي ته پوڙهو ڪجهه ڏينهن جو مهمان آهي. ۽ هن جو بچڻ مشڪل آهي.
    تڪ جي سڀني ماڻهن ڏي نياپا موڪليا ويا ته پوڙهو موت جي ويجهو آهي جيڪڏهن ڪو هن سان ملڻ چاهي ته جلد پهچي وڃي.
    پري مڙس جو ٻڌي ٻُچي ڏاڙهيءَ وارو موسى ڏهه ڪوهه پري کان ڪهي آيو هيو. هن جا بوٽ ڊاٻ ۾ ڀريل هيا ۽ پاسن کان ائين ڦاٽل هيا جيئن اڃ ۾ خشڪ چپ. هو جڏهن اتي پهتو ته ٻيا ڪجهه ماڻهو اڳ ئي موجود هيا. ڀورين مڇن ۽ سرمئي اکين وارو سچل. سڄي ٻانهن جي ويڻيءَ ۾ ڪارو ڪنگڻ پائي ويٺل احمد. ننڍڙي قد ۽ هيڊي منهن وارو جيئند ۽ ٻيا ڪجهه پاڙي جا ماڻهو جيڪي ڇڳل کٽن تي ڪنڊيءَ هيٺان ڳالهائي رهيا هيا. ٻيڙين جو دونهو وڪڙ ڏئي هوا ۾ ملي هڪ پئي ٿي ويو. ڀرسان ڌرتيءَ ۾ کوڙيل پاڻيءَ جو برمو ان پوڙهي عورت جيان پئي ڏٺو جيڪا ڄڻ نٿ پائي بيٺل هجي ۽ ان جا ڊگها وار لوهه جي هٿئي جيان چيلهه تي ايندا هجن.
    ٻار هر هنڌ کيڏيا پئي. پڌر ۾، ڪوٺي تي ۽ پاسي کان هو وڪڙ ڏئي ويندڙ ڏاڪڻ ۾. ڪمري اندر عورتون ائين ڏسجي رهيون هيون جيئن ڀتين تي لڳل مورتيون هجن.
    پوڙهو آخري ساهه کڻي رهيو هيو. هو زندگيءَ جي ان در وٽ بيٺل هيو، جيڪو حياتي ۽ سڪرات جي وچ تي کلي ٿو. موت کي ٽي در آهن. هڪ در جيڪو حياتيءَ وٽ کلي ٿو. ٻيو در جيڪو حياتي ۽ سڪرات وٽ آهي ۽ ٽيون در جيڪو سڪرات کان موت ڏي وڃي ٿو. پوڙهي لاءِ اڃا موت جو در نه کليو هيو. بس اهو کلڻ وارو هيو. موت جو در جنهن جو فاصلو ايترو ته گهٽ آهي جيترو ڌرتيءَ آسمان جو- ڇو جو ڌرتي آسمان جو حصو آهي.
    ”پريا مڙس، او پريا مڙس.“ پري کان ڪهي آيل موسى هن مٿان بيهي هٿ سان ٿلهن شيشن واري عينڪ کي اکين تي هيٺ مٿي ڪري چئي رهيو هيو،
    ”مونکي سڃاڻين ٿو؟“
    پوڙهو کٽ تي شانت اکيون ٻوٽي ائين ليٽيل هيو جيئن پٿر جو ٺهيل هجي. هن جو جسم اڇو کير جهڙو هيو ۽ هلڪي روشنيءَ ۾ ڏاڙهي ءَ جا وار چمڪندڙ سئين جهڙا هيا. اهو هڪ ٿڪيل وجود هيو جنهن تي موسى جي سڏن جو ڪو اثر نه ٿي رهيو هيو. هو ان کي سڏيندو رهيو.
    ”پريا مڙس، او پريا مڙس.“
    پوءِ پوڙهي اکيون ائين کوليون جيئن بدامنيءَ جي ڏينهن ۾ ماڻهو احتياط سان گهر جو در کولي ٻاهر ڏسندو آهي.
    ”مونکي سڃاڻين ٿو؟“ موسى چيو.
    پوڙهي جي اڌ کليل اکين مٿان نرڙ تي گهنج پئجي ويا. هن کي لڳو ڏور ڌرتيءَ تي اٿندڙ ڄر ۾ ڪو پاڇو لڏي رهيو آهي. ڄڻ شيشيءَ تي پيل مينهن ڪڻين پويان ڪو هن ڏانهن ڏسندو هجي. هن جي ذهن اندر يادگيرين جي ميلي ۾ ڪو ماڻهو گهمڻ لڳو. هن جو دوست موسى جنهن جي پاسن کان وار هن جي ڪلهن تي لڙڪي رهيا هيا. اهو تارونءَ وٽ گنج لڪائڻ لاءِ ٽوپي پائيندو هيو، انهن ڏينهن سنڌوءَ جي ڪچي واري علائقي ۾ پڪا هنداڻا ٿيندا هيا. هر هنداڻي جو وزن ايڏو ته هوندو هيو جو مڙس ڪلهي تي نه کڻي سگهندو هيو. موسى هنداڻن جو ڪاروبار ڪندو هيو. طاقتور مڙس هيو. قد ۾ ڊينڊو ۽ جسم ۾ وريل هجڻ ڪري ڳوٺ کان ٻاهر ان، ’جنن واري بڙ‘ هيٺان ٺهيل پراڻي مندر جي ڪريل پائي جهڙو ڏسبو هيو، جيڪو مندر هندن جي وڃڻ ڪري ويران ٿي ويو هيو ۽ اتي بيٺل بڙجي لڙڪندڙ پاڙن تي جن لڏندا هيا. هن کي موسى ائين نظر آيو جيئن ڪنهن ڇريءَ سان هنداڻي کي ٻه اڌ ڪيو هجي. هنداڻي جي ٻن لڏندڙ ناهموار اڌن ۾ ڪارن ٻجن مان موسى هن ڏانهن ڏسندو هجي.
    ”ها.“ پوڙهي چيو ۽ ڪنڌ لوڏيو.
    موسى جي چپن تي مرڪ اچي وئي. هن کي خوشي محسوس ٿي ته هن جو دوست مرڻ ڪنڌيءَ تي به هن کي سڃاڻي رهيو هيو.
    ”برابر.“ هن پوءِ ماڻهن ڏي منهن ڪندي چيو، ”ساڃاهه اٿس.“
    هو واپس اچي کٽ تي ويٺو ۽ پوڙهي جي ساراهه ڪرڻ لڳو.
    ”وڏي عقل ۽ فهم وارو شخص هيو. مان هن کي سڃاڻان- جڏهن ننڍا هياسين ته ڏاڍو ذهين هيو. مولويءَ کان اسان نه سکياسين. پريو مڙس ائين سکي ويو جيئن لفظ آڱرين ۾ ڦاٿل هيس. واهه جون صلاحون ڏيندو هيو. مان ڪيترا دفعا نقصان کان بچي ويس. الله حياتي ڏيس.“
    سڀ ڪنڌ هيٺ ڪري پوڙهي جون چڱايون ياد ڪرڻ لڳا.
    پوڙهي جو آخري وقت ٻُڌي هن سان اهڙا ماڻهو به ملڻ آيا جيڪي هن جي صحتمند هوندي. ڪڏهن لڙي نه آيا هيا. انهن کي ملي سال گذري چڪا هيا. ڪنهن وقت اهي پوڙهي جا دوست هيا پر پوءِ زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ ايڏا ته پوئتي رهجي ويا جو پويان ايندي انهن جا منهن اڳين جي قدمن جي اڏامندڙ ڌوڙ ۾ لٽجي اوجهل ٿي ويا. انهن مان هڪ اهڙو شخص جيئند به هيو. هو کيرٿر واهه جي پريان ٻيلي مان ماکي لاهيندو هيو. هن کي منهن تي ماتا جا نشان هيا ۽ منڊڪائي گهمندو هيو. ٻيلي ۾ هڪ دفعي جڏهن ماکي لاهي رهيو هيو ته هڪ سوئر لڪي هن تي حملو ڪيو. کيس ڪاتن تي کڻي پري ڦٽو ڪيو. حملي ۾ هو موت کان ته بچي ويو پر پوءِ سڄي عمر منڊڪائي گهميو. هن جي هٿ ۾ جستي ڏول هوندو هيو. جنهن ۾ ڏانڊيءَ سميت مانارو لاهي گڏ ڪندو هيو. هن جي اڪ جي ماکي مشهور هوندي هئي. ماڻهو ڏانڊيءَ کي ڏسي سڃاڻي ويندا هيا. جڏهن پريو مڙس رئيس جون ٻنيون سنڀاليندو هيو ته ان هن کي خاطري ڪرائي هئي ته کيرٿر جي ٻيلي مان ڀل ماکي لاهي هن کي ڪوبه نه روڪيندو ان عيوض جيئند پري مڙس کي ان وقت تائين ماکي پهچائيندو رهيو جيسين رئيس جي زمينن جو سنڀاليندڙ هيو. جيئند هٿ ۾ ڏول لڙڪائي شهر جي ڪپڙي مارڪيٽ ۾ ويندو هيو ۽ ڪاٺياواڙي ڏانڊيءَ کان ماناري کي جهلي ڏسي پڪ ڪندا هيا ته واقعي ئي ماکي اصلي آهي.
    جيئند منڊڪائيندو پري مڙس مٿان آيو.
    ”پريا مڙس، او پريا مڙس.“ هن ان کي ائين سڏ ڪيا جيئن دشمن کي سامهون ايندو ڏسي ڪو خوف مان ڀرسان بيٺل دوست کي هوشيار ڪندو آهي.
    ”مون کي سڃاڻين ٿو؟“ هن ان جي منهن مٿان ويجهو ايندي چيو. پري مڙس هلڪيون اکيون کولي هن ڏانهن ڏٺو. هن جي پوڙهي منهن جا گهنج ائين هيا جيئن ڪيترا ناهموار رستا هڪ ٻئي ۾ ڦاٿل هجن. هو هن کي نه سڃاڻي رهيو هيو.
    ”مان جيئند ماکيءَ وارو، تنهنجو دوست جيئند.“
    هن هڪڙي جملي ۾ ٻه دفعا نالو کڻي ڄڻ هن کي اهو ياد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو پنهنجي ماکيءَ جي نه وسرندڙ ذائقي جيان هن جي يادن ۾ ڪٿي موجود هوندو.
    پوڙهي جون اکيون وسامي ننڍڙيون ٿي ويون. هن کي ائين لڳو جيئن پوئتي سفر ڪري اهڙي بيابان ۾ پهتو هجي جتي پڙاڏا شڪست کائي پوئتي ڀڄندا هجن.
    هن ٻن پاڻيءَ ڀريل مٽڪن جهڙين اکين سان وري ان جي منهن ۾ ڏٺو. هن محسوس ڪيو جيئن اڃايل نارنگي پٽن واريون راڳ ڳائيندڙ مکيون هن جي ڪنن وٽان گذري ويون هجن. هو اهڙو جوان هجي جنهن جي مٿين چپ تي نم جو ٻُور لڙڪندو هجي. هن پٿر هٿ ۾ کڻي ماکيءَ جي ماناري ۾ وهائي ڪڍيو هجي. سوين نارنگي پٽن واريون مکيون اڏاميون هجن ۽ انهن هيٺان هڪ منهن ظاهر ٿيو هجي. جيئند جو منهن جنهن تي ماتا جا نشان هيا.
    ”ها.“ پوڙهي ڪنڌ لوڏيو.
    ”شابس ٿي پريا مڙس، شابس.“ جيئند چيو ۽ پوءِ هن کٽ تي واپس ويهندي پنهنجي ڳالهه جاري رکي، ”ورهيه ٿيا مون سمجهيو پريو مڙس نه سڃاڻيندو هوندو. پر برابر ذهين ۽ حوصلي وارو ماڻهو آهي.“
    هو سڀ پرئي مڙس مٿان ويهي هن جي گذريل وقت کي ياد ڪندا رهيا. پريو مڙس زندگيءَ جا آخري ساهه کڻندو رهيو. هو چوڌاري ويٺل ماڻهن جون ڳالهيون غير واضح ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ ٻُڌي رهيو هيو. هن کي خبر هئي ته هو مري رهيو آهي ۽ ڪجهه گهڙين جو مهمان آهي. هو پاڻ متعلق ٿيندڙ ڳالهين کان بي سڌ هيو. اهي نه هن لاءِ خوشيءَ جو باعث هيون نه ڏک جو. ماڻهن جا آواز هن لاءِ پکين جا آواز هيا جيڪي حياتي جي جهنگ مان گذرڻ ويل وڻن تي ٻڌبا آهن. هو ڄڻ رسي ۾ ٻڌل هيو. ماڻهو هن کي سڏي هر هر رسو ڇڪي اهڙي کوهه مان ٻاهر ڪڍي رهيا هيا جنهن کوهه جي تري ۾ هو تيزيءَ سان هيٺ لهندو پئي ويو.
    اتي ڪمري جي در وٽ اهو ڊگهو شخص ظاهر ٿيو جنهن کي بوسڪيءَ جي پڳ ٻڌل هئي. ان جي منهن تي پاسن کان پگهر ائين وهي رهيو هيو جيئن تڪڙ ۾ ڪيترا ڪوهه سفر ڪري پهتو هجي. اهو آيو ۽ پنهنجي بوسڪيءَ جي پڳ لاهي پري مڙس جي پيرن تي رکيائين.
    ”پريا مڙس، مونکي معاف ڪجانءِ.“ هن عاجزي مان هٿ ٻڌي چيو، ”مون توکي تڪليف ڏني. توسان دغا ڪئي. دوستيءَ جو ناجائز فائدو ورتو. مرڻ کان اڳ منهنجو ڏوهه بخش.“
    پري مڙس اهي لفظ ائين ٻڌا جيئن پاڻيءَ ۾ غوطا کائيندو هجي ۽ ٻڏڻ کان اڳ ڪنهن ٻانهن ۾ هٿ وجهي ٻاهر ڇڪيو هجيس. هن جڏهن آهستي اکيون کولي ان کي ڏٺو ته سندس دل چاهيو هن کان ٻانهن ڇڏائي ٻڏي وڃي. اهو ساڳيو شخص، هيو جنهن ڪري هن حياتيءَ ۾ ڏکيا ڏينهن ڏٺا. ان شخص ڪري پري مڙس تي اهڙو وقت به آيو جو هن وٽ کيسي ۾ ويلي جيترا پئسا به نه هيا. هن جي پوڙهي زال سبزي مارڪيٽ جي گند مان ڦٿل شيون ميڙي ايندي هئي ۽ جڏهن پچنديون هيون ته ٻار کائيندا هيا. هن کي اهو شخص اهڙي سِرڻ جيان نظر آيو جنهن پنهنجا ڊگها پر ڪٽي هن جي پيرن تي رکيا هجن. پري مڙس جي دماغ ۾ يادن جي قبرستان اندر هڪ اهڙي واقعي جي دل ڌڙڪي رهي هئي، جڏهن ان ڊگهي شخص ڳوٺ جي هڪ عورت سان پيار ڪري ان کي گهر کان ڀڄايو هيو. تن ڏينهن هو رئيس جي ٻنين جو سنڀاليندڙ هيو. اثر رسوخ وارو هيو. ان کان اڳ جو هن کي ڪارو ڪري مارين، پري مڙس ان کي اهڙي هنڌ پناهه ڏني جتي ڪوبه پهچي نه سگهيو.
    اهو ڊگهو اندر جو ننڍڙو هيو. ان پري مڙس کي ڪيل ڀلائيءَ جي سِلي ۾ سٺي موٽ نه ڏني. جڏهن پري مڙس رئيس جي نوڪري ڇڏي ريشم جي پٽ تي ٺهندڙ ڪپڙي جو ڪارخانو هنيو ته ڪجهه ڏينهن اندر ڪاروبار اهڙو چمڪيو جو هر هنڌ هن جي ڪارخاني جي ريشم جا تاڪيا پيا جرڪندا هيا. ريشم جا پڙا ڪوٽا تي ملندا هيا ڇو جو ان جي کپت تمام گهڻي هئي. پري مڙس ڪجهه ريشم بليڪ تي خريد ڪري ڪارخاني ۾ رکيو هيو. ان ڊگهي شخص کان پري مڙس جي ترقي ڏٺي نه وئي. هن پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو ته پري مڙس جي ڪارخاني ۾ بليڪ جو سٽ پيل آهي. پوليس ڇاپو هنيو ۽ پريو مڙس گرفتار ٿي ويو. هن جي زندگيءَ جي جمع پونجي ڪيس ۾ لڙهي وئي. هن جي جان ته ڇٽي پرکائڻ لاءِ ڪجهه نه بچيو.
    هن جو مٿو تارونءَ وٽان چچريل هوندو هيو. هو ڪڏهن ڀرايل اکين سان پوٽن کي پڳ لاهي نشان ڏيکاريندو هيو ۽ چوندو هيو،
    ”هي انهن ڏينهن جا نشان آهن جڏهن مون وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه نه بچيو. منهنجو سڀ ڪجهه ڪيس ۾ لڙهي ويو. مون مٿي تي گاري جون ٽوڪريون ڍوئي رزق ڪمايو.“
    پري مڙس ان ڊگهي شخص سان وري ڪڏهن نه ڳالهايو. ان ڳالهه کي گهڻو وقت گذري ويو. ٻه ڏينهن پهريان ان کي خبر پئي ته پريو مڙس دنيا مان موڪلائڻ وارو آهي، هو ڪجهه ڏينهن جو مهمان آهي. سوچيائين ڇو نه مرڻ کان اڳ ان سان ملاقات ڪري ڏوهه بخشرايان. هو سهڪندو اتي پهتو ۽ پري مڙس مٿان بيهي ليلائيندو رهيو.
    پري مڙس جڏهن هن کي ڏٺو ته محسوس ڪيو ڄڻ هن جو دماغ مري چڪو آهي. هزارين ڪيڙا مغز کي چنبڙي ريشم ٺاهي رهيا آهن. شهتوت جا پن مينهن ۾ آلا ٿي پاڻ ۾ ڳنڍجي ويا آهن. انهن مان پاڻي ٽمي هيٺ ان ڦوهاري جي گندي پاڻيءَ ۾ ڪري رهيو آهي. جنهن ۾ مڇرن جا ٻچا پڇ سان ساهه کڻي رهيا آهن. اهو ڦوهارو جيڪو رئيس جي اوطاق ٻاهران هوندو هيو. جنهن جي ڪناري هو ان ڊگهي شخص سان ويهندو هيو.
    ”پريا مڙس، مونکي معاف ڪر.“ اهو هر هر چئي رهيو هيو.
    پري مڙس پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ اهو مايوس ٿي کٽ تي ائين ويهي رهيو جيئن مزار تي پهچندڙ آخري فقير هجي جنهن جي پهچڻ کان اڳ ديڳ ورهائجي وئي هجي.
    پوڙهي اکيون بند ڪيون ته هن کي هڏڪي شروع ٿي وئي. سڀ مايوس ٿي ويا ۽ عورتون سڏڪڻ لڳيون.
    ڪالراجي ڏينهن جي بچي ويل مرادي هن مٿان آئي ۽ سڏڻ لڳي،
    ”او پريا مڙس، پريا مڙس.“
    پري مڙس اکيون نه کوليون. هن کي مٿان بيٺل مراديءَ جو آواز گند تي ويٺل مکين جهڙو محسوس ٿيو. هن کي لڳو ڄڻ هو هوا ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. اهڙي هنڌ گهلي رهيو آهي جتي سوين بيمار هڪ مزار ٻاهران وڏي پڌر ۾ موت جو انتظار ڪري رهيا آهن. هر طرف آهون ۽ دانهون آهن. هو قبرستان ۾ بيٺل کبڙن جي پنن سان ٽڪرائجي رهيو آهي. کٻڙن هيٺان هنن جون کوٽيل قبرون آهن.
    مرادي جيڪا ڪالراجي بچي ويل ڪجهه مريضن مان هڪ هئي. جڏهن اها بيمار هئي ته هن جو ڪفن تيار ٿي چڪو هيو ۽ پوڙهي هڪ اهڙي قبر کوٽي هئي جنهن ۾ مراديءَ کي دفن ٿيڻو هيو. پر اها بچي وئي ۽ ان قبر ۾ هڪ ٻيو شخص دفن ٿيو جيڪو بيمار نه هيو پر دهشت ۾ مري ويو.
    مرادي هن مٿان بيهي سڏيندي رهي پر پوڙهي هن دفعي اکيون نه کوليون. هو ائين هڏڪندو رهيو جيئن ساهه هن جي هاضمي جي نليءَ ۾ ڦاٿل هجي.
    ان شام ائين ئي ٿيو. پوڙهو اکيون ٻوٽي کٽ تي ليٽي زندگيءَ جو ٿڪ ڀڃي رهيو هيو. ڳوٺ ۾ ٿيل مرتيي کانپوءِ ڪجهه ماڻهو هن جي در تي آيا ۽ انهن ڪڙو کڙڪايو. هڪ ٻار ڊڪندو در تي ويو ۽ جڏهن در کولي ڏٺو ته اتي ٻه شخص بيٺل هيا. اندر جي ڪنهن گهري صدمي کان انهن جا منهن ڪپهه جهڙا اڇا ۽ نرم پئي ڏٺا. ائين پئي لڳو ڄڻ انهن کي اڇي ڏاڙهي نه ڊگها منهن هيا جيڪي انهن جي پيٽ تائين لڙڪي رهيا هيا.
    ”ٻچا ڏاڏي کي ٻڌاءِ ماڻهو آيا آهن. هلڻو آهي.“
    ٻار ڊوڙندو واپس آيو ۽ ڏاڏي مٿان بيهي ان کي سڏڻ لڳو.
    ”ڏاڏا، او ڏاڏا ماڻهو آيا آهن توکي سڏين ٿا.“
    ٻار جي سڏ تي پوڙهي جون اکيون ائين کليون جيئن اهي ان جي وس ۾ نه هيون. هو چادر سوري اٿيو ۽ ٻار ڏي منهن ڪري پڇيو.
    ”ڪير آهن؟“
    ٻار ڏاڍو گهٻرايل هيو.
    ”خبر نه آهي ڪير آهن.“ هن جواب ڏنو.
    پوڙهي ڪجهه گهڙيون سوچيو.
    ”ڪهڙا وري فرشتا هوندا.“ هن چيو. هو کٽ تان اٿيو. هن پاسي سان پيل ٽيڪم ۽ بيلچو کنيو، پوءِ رواني ٿيڻ کان اڳ هن پٺ ورائي پوئتي ڏنو. هن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته ڪمري ۾ ويٺل عورتون ۽ ٻار آخر ڇو روئي رهيا هيا؟

    ***


    سوڙهه

    ان رات:
    هو، ست ٻار ۽ اميران ننڍڙي پلنگ تي ائين ويڙهيا سيڙهيا پيا هئا جيئن گدام ۾ رکيل ٻوريون. غربت ڀتين جي لٿل چوني ۾ چٽيل هئي. اتي چٽيل هيو هڪ پيءَ جيڪو قداور هيو. ان پويان ڪلهي جيتري زال ۽ ست ننڍا ٻار جيڪي هڪ ٻئي پويان پاتال ۾ ويندڙ لاهيءَ جيان بيٺل هيا. هڪ ڪٽنب جو چتر جيڪو پوسل ڪري ڇڻيل چوني ۾ نروار ٿيو هيو. ٻار اڌپيٽ کائي سوڙهه ۾ سمهيا هيا. هو ننڊ جي انتظار ۾ هيو. هن پويان اميران سڏڪي رهي هئي. ان وٽ پنهنجيون حسرتون هيون، پنهنجا احساس هيا. وٽس ڪجهه نه رهيو صرف پيار هيو، جيڪو بک مٽائي نه پئي سگهيو. هو سڌو ٿي سمهيو ۽ پوءِ هن کي ڀاڪر ۾ ڀري پرچائڻ لڳو.
    ”نه روءُ، ڏک حياتيءَ جيان اچڻي وڃڻي شيءَ آهي.“ هن چيو.
    زال هن جي ويجهو آئي ۽ ائين سڏڪندي رهي جئين ڏک ضدي ٻار جيان هن جي من ۾ ڦاٿل هجي. ۽ ٻاهر نڪرڻ لاءِ احتجاج ڪندو هجي. هو اميران کي سيني سان لائي پرچائيندو رهيو. اميران هن جي گرم ٻانهن ۾ سڏڪندي رهي.
    دريءَ کان ٻاهر:
    اتي ڀڳل ڳاڙهين سرن جو روڊ هيو. انهن ڳاڙهين سرن جي چُوري ۾ ٻار کوٽا سڪا مهٽي صاف ڪندا هيا. ٽامي جا ٽنگر سڪا جن تي فيروزي ڪٽ چڙهيل هوندي هئي. ان ڀڳل رستي جي ڪنڊ اڳتي هلي ائين ٽيڙي ٿي ويندي هئي جئين زخمي سپاهيءَ جي چٻي تلوار جيڪا هن جي هٿن مان هيٺ ڪري هجي ۽ ان تي ڳاڙهين سرن جي ڇڻيل چوري جهڙي رت جا نشان هجن. اهو رستو اڳتي هلي ان شهر جي گهٽين مان لنگهندو هڪ وڏي رستي ۾ ٿي پيو. اهو وڏو روڊ ائين هلندو هيو جيئن وقت جي ابابيل کي گهڙيال جي سئين جهڙا پرلڳل هجن- ان کانپوءِ ڪجهه ميلن جو فاصلو ۽ سمنڊ ڪناري اڏيل هڪ شهر جنهن جي گهرن جا دريون ۽ در اڏوهي کاڌل هيا- اهو اهڙي لٺ سهاري بيٺل هيو جيڪا ٻاهران چمڪندڙ ۽ اندران کوکلي هئي- اتي ڀاءُ جو گهر هيو- اهو گهر نه هيو ڄڻ ڀڳل مجسمو هيو جنهن جي مرمرتي چانڊوڪيءَ جا داغ هيا- هڪ ويران باغ هيو جنهن جي مئل نرگس ۾ بلبل جي قبر هئي-شهر طرف رستو نه هيو هڪ ليڪ هئي ۽ هر شيءَ رولاڪ ليڪ مان اڻيل هئي
    ان شهر ۾:
    اتي وڏو ڀاءُ رهندو هيو جنهن جي زال تازو وفات ڪري وئي. ڀاءُ ائين رنو جيئن زندگيءَ ۾ ٻيو ڪم نه ڪيو هجي. هوسڏڪيو پئي ته هن جو وجود لرزيو پئي. هو رنو پئي ته لڳو پئي دنيا ۾ روئڻ کانسواءِ هر شيءَ اسٽور اندر پيل فضول ۽ بيڪار آهي-اهو ڏک کي ڳڀي جيان چٻاڙي ڳوڙهن جا ڍڪ ڀري رهيو هيو- اهو روئندو رهيو ۽ ماڻهو ان کي پرچائيندا رهيا.
    ان گھر ۾:
    اتي ڏاڍي سوڙهه هئي- اهڙو ته ننڍو ۽ بدبودار هيو جئين وئشيا جو ڄاول ٻار جنهن ۾ غير مرد جي بوءَ هوندي آهي- نون ورتل ڪارن بوٽن جي دٻي جيترو اڱڻ ۽ ڪوٺي جنهن جون ڀتيون ايتريون ته ويجهو هيون ۽ هڪ ٻئي سان ملڻ لئي بي قرار هيون جو ان اندر ويٺل ماڻهو ڄڻ ڪباب ۾ هڏيءَ جهڙا هيا- مٽن مائٽن ۽ اوڙي پاڙي مائيءَ جي مرڻ جي خبر بيماريءَ جيان ڦهلجي وئي هرڪو ڪاري ڀڳ ٻڌي اچي سهيڙيو-ننڍي گهر ۾ وڏي خلق سمائجي وئي.
    در اندر:
    اتي هو اميران کان موڪلائي رهيو هيو. ”ڀاڃائي گذاري وئي“ هن چيو ڀاءٌ جو فون آيو، ٽيجهو گذاري موٽندس.“
    اميران هيٺ ڪنڌ ڪري ٻڌندي رهي.
    ”تون نه وڃ.“ ان ڏکوئيل آواز ۾ چيو،”گهر جون حالتون خراب آهن.“ ڪٻٽ مٿان ڪاري ٿيلهي ۾ ڪجهه پئسا رکيا آهن.“ هن ويجهو اچي اميران کي دلجاءِ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. هوءَ سوڙهي ٿي پلنگ تي رئي ۾ اڌ منهن لڪائي روئندي رهي. ست ٻار ننڊ ۾ چنڊ ڏسي رهيا هيا. ستارا ڏسي رهيا هيا گول ماني بک جي ڪاري رات جنهن ۾ کنڊ چمڪي رهي هئي.
    وقفي کانپوءِ:
    اتي وڏي ڀاءُ وٽ پهتو ته اهو ڏک ۾ ورتل هيو- هڪ رات جي انتظار کانپوءِ لاش سرد خاني مان پهتو هيو-اٽڪل سڀ گڏ ٿي چڪا هيا-ان بڙجيڏي ڪٽنب جا ڀاتي، بڙ جنهن جون پاڙون هيٺ ڌرتيءَ ۾ وڃي الڳ الڳ ٿي رهيون هيون-ڌرتيءَ مٿان بيٺل سگهاري بڙ جهڙو ڪٽنب جنهن جا ڏار ويهارو کن ٻانهن جهڙاهيا ۽ انهن ٻانهن جي هٿن جون پنج آڱريون جيڪي هڪ جهڙيون نه هيون. اولهه واري ٻانهن اوڀر واري ٻانهن ڏکڻ واري ۽ اتر واري ٻانهن. انهن ۾ ڪيتريون ٻانهون هيون جن جو ڪو طرف نه هيو- ساون پنن جهڙا ٻار. هڪ مضبوط ٿڙ ۽ ڌرتيءَ تائين لڙڪندڙ پاڙون پوڙهي جي ڏاڙهي جي لڙڪندڙ وارن جيان هيون جيڪي مٽيءَ ۾ ملي رهيون هيون-
    جنازي ۾:
    اتي هو هيو جيڪو وڏي ڀاءُ جي سڄي ڪلهي ڀرسان ڪنڌ هيٺ ڪري ائين ٿي هليو جئين سندس پٿر چيلهه سان بڌل هجي. هڪ هجوم هيو جنهن وٽ هلڻ کانسواءِ چارو نه هجي- ڍوري وارا-ناري وارا- اولهه وارا- اوڀر وارا- ڏکڻ وارا- اتر وارا- هيڏانهن وارا- هوڏانهن وارا- مٿان وارا- هيٺان وارا- مون وارا- اوڙي وارا- پاڙي وارا- ڪانءَ قبرستان ۾ گوڙ مچائي رهيا هيا- ٻاهرين ڀت وٽ گندجي ڪونڊي هئي ميونسپل جي مزدا گند سان لوڊ ٿي رهي هئي- ان ڀڪ ۾ بس اسٽاپ هيو. جنهن جون سيٽون پٽيل هيون- قبرن مٿان نم جا وڻ هيا- انهن تي ڪانءَ گند ڍوئجڻ تي احتجاج ڪري رهيا هيا. جڏهن عورت کي قبر ۾ لاٿائون ته وڏي ڀاءُ آخري ديدار ڪيو- اهو منهن جنهن کي جيئري هو وري ڪڏهن ڏسي نه سگهندو. هو سڏڪيو رنو ڏاڍو رنو-ننڍو هن کي ڪلهي ۾ هٿ وجهي جهلي بيٺو رهيو. ”نه روءَ“ ان چيو. ”اهو مقدر آهي، ائين ٿيندو آهي رضاتي راضي رهه“ هن ڀاءُ کي دلداري ڏئي سيني سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وڏو ڀاءُ هٿن مان ٿي نڪتو ويو- هن ياد ڪيون اهي راتيون اهي ڏينهن. سوڙهي گهر ۾ انسان هڪ ٻئي کي وڌيڪ ويجهو هوندا آهن. ايڏا ويجهو جوسوڙهه جو احساس قرب ۾ بدلجي ويندو آهي. اها سوڙهي گهر جي مالڪياڻي جيڪا هاڻ قبر جي اڱڻ ۾ دفن ٿي رهي هئي- مٿي وڻن تي ڪانءَ هڪ وڻ کان ٻي وڻ تي اڏامي گوڙ ڪندا رهيا. بس اسٽاپ تي ماڻهو سيٽن بنا بيهي ايندڙ بس جو انتظار ڪندا رهيا- ميونسپل جي گاڏي وڃي چڪي هئي- ڪچري ڪونڊي خالي هئي پر پوءِ به بوءِ جو احساس ساڳيو هيو.
    مرڻي جي پهرين رات:
    اتي هڪ بدگونياڪمري ۾ جنهن جون بنيادي لڪيرون ٽڪنڊي ۽ چوڪنڊي جي وچ جهڙيون هيون- ماڻهو سوڙهه ۾ ائين سمهيل هيا جيئن نموريون ڪريل هجن- ماڻهن جي پيهه ۾ گهر جي پاليل ٻليءَ کي لنگهڻ جيتري جاءِ نه ملي- ڀاءُ زال جي غم ۾ بي حال هيو. هن ڪجهه نه کاڌو هيو. لنگهڻ جي ڀلاءَ جا ٻه گرهه هن کي زوريءَ کارايا ويا هيا. پلاءَ جي نمڪيات هن جي ڳلي ۾ لهندڙ ڳوڙهن جي نمڪيات کان گهٽ هئي. هن جو هيانءَ ڦاٽل هيو- اندر ۾ مسلسل سڏڪي رهيو هيو. بدگونيا ڪمري جي گونيا ڪنڊ سان هو مئل زال کي اڱڻ ۾ گهمندي ڏسي رهيو هيو.
    ”پياري،“ هن ڳوڙها اگهندي چيو، ”ملڻ جي مند ۾ وڇڙڻ ائين آهي جيئن مينهن بنا سانوڻ جو لنگهي وڃڻ.“
    هوءَ ڄڻ هلندي هن وٽ آئي،
    ”ها.“ ان چيو، ”تنهنجي منهن جي وچ ۾ جيڪو خال آهي- مان ان خال ۾ ڍليل هوندس. ا تي غير موجودگي منهنجي هم شڪل هوندي.“ هو ڳالهائيندو رهيو- مسلسل سڏڪندو رهيو- ننڍو هر هر هن وٽ پئي آيو پرچائڻ. هٿ هٿ ۾ وٺي گونيا ڪنڊ مان ڪڍي پنهنجيءَ ڀر ۾ سمهارڻ لاءِ التجائون ڪرڻ. هونه آيو- سوڙهه ۾ سڀ سمهيل هيا. ننڍي سمهڻ کان اڳ تصور ۾ ڏٺو. هن جي ڀاڄائي جيڪا هڪ سٺي عورت هئي. عبادت گذار. زندگيءَ سان مطمئن. هن ان جي وڇوڙي جو ڏک محسوس ڪيو-ڀاءُ جي حالت هن کان ڏٺي نه پئي وئي- هو سوڙهه ۾ ليٽي ڀاءُ کي سڏيندو رهيو ته ڀر ۾ اچي سمهي ۽ ڪجهه آرام ڪري. ڪمري ۾ ماڻهو سڪل سيمنيٽ ۾ ڪنڪريٽ جي ڦاٿل پٿرن جيان ڄميل هيا. ڪا وٿي نه هئي. هو بدگونيا ڪمري جي گونيا ڪنڊ ۾ گوڏن تي مٿو رکي سڏڪندو رهيو- ننڍي کي ننڊ ورائي وئي-ان ڏٺو اميران ستن ٻارن سان سمهيل هئي- پلنگ تي هن جي جاءِ خالي هئي جيئن پاڇو ڇڏي آيو هجي. هن خواب ۾ سوچيو. انسان جو خال هڪ پاڇي جيان رهجي وڃي ٿو-ڀرجي وڃي ٿو- پر ڏک من اندر ائين سمائجي وڃن ٿا جو گهڻي جاءِ خالي رهجي وڃي ٿي. ڏکن لئي هر گونيا بدگونيا وڏي وسعت رکي ٿي. ڏک سوڙهه نه ٿاڪن. ڏک جي هڪ قطري ۾ پيڙائن جو سمنڊ سمايل ٿئي ٿو. هو ان رات ننڊ ۾ اميران کي روئندي ڏسندو رهيو- تڙپندو رهيو-
    مرڻي جي ٻي رات:
    اتي سمهڻ کان اڳ ٽيجهي جي انتظار ۾ گذري رهي هئي- لنگهڻ جي ماني- ڳوڙهن جهڙا نمڪين چانور ۽ وڇوڙي جهڙا چهرا سوسٽ. سڀاڻي سڀني کي دعا کانپوءِ روانو ٿيڻو هيو. ٻئي رات پهرين رات کان ٿوري مختلف هئي. ان رات هن زال جي لنگهڻ جا اٺ گرهه کاڌا. کيس بک محسوس ٿي هئي. ڳلي ۾ ڳوڙهن جي آلاڻ اڃان هئي پر پوءِ به هن کي پاڻي پيئڻو پيو- جڏهن گلاس مان ڍڪ ڀريائين ته هن جي ڳلي جو اڀريل هڏو هن جي زال جي قبر جهڙو هيو. اهو ائين هيٺ مٿي ٿيو جئين ساهه کڻندي هجي. ان رات هو ڀاءُ جي پڪ ۾ سمهيو. هو ڀاءُ ڀرسان سوڙهه ۾ ائين سمائجي ويو جئين صدين کان ڦآٿل پنڊ پهڻ هجي. هن جي وجود جهڙو خال هجي جنهن ۾ ماپي سوگهو ٿي ويو هجي- ننڊ هن جي اکين کان ڏور قبرستان جي اوندهه ۾ گم هئي. اهار ات هن لاءِ اهو نياپو کڻي آئي هئي ته هن جي زال پڪ سان مري چڪي آهي. گهر اندر ڪٿي به ان جو پاڇو نه آهي. اهو احساس ته هن جي پياري شيءَ هيٺ ڪري سدائين لاءِ مٽيءَ ۾ ملجي چڪي آهي. ڏاڍو دل ڏاريندڙ هيو- هو جاڳي سوڙهه ۾ ڀاءُ ڀرسان اکيون کولي ليٽي سڏڪندو رهيو. هن جو منهن ڀاءُ جي ڪن ڀرسان هيو. وچ ۾ وڇونءَ جيتري وٿي هئي هو ڏڪندو رهيو ۽ ننڍي ڀاءُ کي ننڊ ورائي وئي. اهو خواب ۾ هڪ ليڪ ۾ تبديل ٿي ويو.
    اها ليڪ ڊگهي ٿيندي هن جي ڀاءُ جي در وٽ اک وجهي ٻاهر ڏسڻ واري سوراخ مان نڪري وئي- نڪرندڙ لڪير جي ڇهاءَ کان در ائين لڏيو جيئن هوا تي کڙڪيو هجي. پنهنجي گهر ٻاهران پهچندي هن جي رفتار فرش تي هاريل ڀڳل شيشي جي گلاس جي ذرن وچ مان وهندڙ کير جهڙي ٿي وئي. روڊ رستا ڳاڙهين سرن واري گهٽي ائين گذري ويا جيئن ڄايو وڌيو. گهميو ۽ پوڙهو ٿي ويو هجي. هوا جئين داخل ٿي پلنگ تي پهتو ته هن جهڙو خال موجود هيو، ان ۾ سمائجي ويو. هن جي ڪن وٽ اميران مسلسل سڏڪي رهي هئي. ان جون اکيون سجي ٻن قبرن ۾ تبديل چڪيون هيون. اهي ڳاڙهيون هيون جيئن انهن تي گل رکيل هجن. بکايل جون اکيون ڳوڙهن جو سرمايو هونديون آهن.
    هو ڀرسان سمهيل اميران جا سڏڪا مسلسل ٻڌندو رهيو. اميران جنهن جي ڳوڙهن ۾ مينهن جي پهرين بوندن سان ڪرڻ ڪري تازي قبر جي مٽيءَ جهڙي خوشبوءَ هئي- هو اميران ۽ ست ٻار ننڍڙي پلنگ تي ائين ويڙهيا سيڙهيا پيا هئيا جئين گدام ۾ رکيل ٻوريون. غربت ڀتين جي لٿل چوني ۾ چٽيل هئي، اتي چٽيل هيو هڪ پيءَ جيڪو قداور هيو- ان پويان ڪلهي جيتري زال ۽ ست ننڍا ٻار جيڪي هڪ ٻئي پويان پاتال ۾ ويندڙ لاهيءَ جيان بيٺل هيا. هڪ ڪٽنب جو چتر جيڪو پوسل ڪري ڇڻيل. چوني ۾ نروار ٿيو هيو. ٻار اڌ پيٽ کائي سوڙهه ۾ سمهيا هيا. هو ننڊ جي انتظار ۾ هيو. هن ڀرسان اميران سڏڪي رهي هئي- ان وٽ ڪجهه نه هيو صرف پيار هيو جيڪو بک مٽائي نه پئي سگهيو. هو سڌو ٿي سمهيو ۽ پوءِ هن کي ڀاڪر ۾ ڀري پرچائڻ لڳو. ”نه روءٌ.“ ڏک حياتيءَ جيان اچڻي وڄڻي شيءَ آهي.“ هن چيو. زال هن ويجهو آئي ۽ ائين سڏڪندي رهي جئين ڏک ضدي ٻار جيان هن جي من ۾ ڦاٿل هجي ۽ ٻاهر نڪرڻ لاءِ احتجاج ڪندو هجي. هو اميران کي سيني سان لائي پرچائيندو رهيو. اميران هن جي گرم ٻانهن ۾ سڏڪندي رهي. ٻئي ڀائر هڪ ٻئي جي ٻانهن ۾ هيا. ننڍو اميران کي پرچائيندو رهيو ۽ وڏو جنهن کي ننڊ جو گيرٺ اچي ويو هيو. ڏسي رهيو هيو. هڪ اونداهو قبرستان جتي هڪ قبر اندر سج جهڙي تيز روشني هئي. ان روشنيءَ ۾ هن جي زال جو منهن هيڊي ريشم جهڙو هيو. اها ڳاڙهن چپن سان مرڪي، ناسي اکين سان هن ڏانهن نهاري رهي هئي.

    ***


    پيار

    پيءُ دنيا مان بيزار ٿي چڪو هيو.هو پوڙهو هيو، سندس مٿي جا وار مينهن وسڻ کانپوءِ ڇڳل اڇي جهڙ جهڙا هيا. زندگيءَ جي تجربي هن کي مايوسيءَ کانسواءِ ڪجهه نه ڏنو هيو. دنيا ۾ ڦهليل بدامني ۽ فسادن ڪري هو ان کي جيئڻ لائق نه سمجهي رهيو هيو. هو دنيا جي مستقبل تي سوچيندو هيو، پوءِ اکين تي پاتل عينڪ لاهي ان جا ڌنڌلا شيشا صاف ڪري وري پائي ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهندو هيو.
    هن جي دل ۾ دنيا ۽ ان جي رهاڪن لاءِ ڪابه عزت نه هئي. هر شيءِ کي نفرت مان ڏسندو هيو ۽ هر انسان کان خوف محسوس ڪندو هيو.
    نوجوان پٽ جنهن جي عمر ٻاويهه سال هئي، سهڻو قداور هيو. ان جي منهن جي تازگي بهار ۾ ٽڙيل ڳاڙهي گل جهڙي هئي. اهو ڏاڍو خوش مزاج ۽ پر اميد هيو. اهو مرڪندو هيو ۽ هر ڳالهه ۾ چڱائي ڳولهي دل تي ڪڏهن ٻوجهه نه کڻندو هيو.
    اهو هڪ ڊگهو گهر هيو، جنهن جي اڳياڙي ريل جي ڪٽ چڙهيل دٻي جهڙي هئي. پاسن کان سوڙها ڪمرا هيا ۽ پوياڙيءَ جو ننڍڙو پڌر پپل جي سڪل پنن سان ڍڪيل هوندو هيو.
    هڪ ڏينهن نوجوان دنيا جو نقشو خريد ڪري آيو ۽ اهو دالان ۾ پيل کاڌي واري ميز جي شيشي هيٺان هڻي ڇڏيو. هو جڏهن کاڌو کائيندو هيو ته هن جون نظرون ان نقشي تي کتل هونديون هيون.
    پيءُ هن سامهون ويٺل هوندو هيو، اهو ڌڪار ۽ نفرت مان هن ڏانهن ڏسندو هيو. ان کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي هئي ته هن جو نوجوان پٽ آخر ان نقشي ۾ ڇا ڳولهي رهيو آهي. ان دنيا جي نقشي ۾ آخر ڪهڙي ڳالهه آهي جيڪا هن کي متاثر ڪري رهي آهي؟
    ”آرام سان کاڌو کاءُ.“ هڪ ڏينهن هن پٽ کي ٽوڪيندي چيو، ”خبر نه آهي ته تنهنجو کاڌو ڪيئن ٿو هضم ٿئي؟ جيڪڏهن مان ائين ماني کائيندي دنيا تي نظر وجهان ته جيڪر اوڪارا ڏئي ٿڪجي پوان.“
    پٽ اکيون مٿي کنيون ۽ پيءُ جي ڳالهه تي مرڪيو.

    ”بابا تاريخ ۽ سياست منهنجا تعليمي مضمون آهن. مونکي دنيا جي نقشي ڏسڻ سان مطالعي ۾ مدد ملي ٿي ۽ خبر پوي ٿي ته دنيا سياسي طرح ڪيئن ورهايل آهي ۽ اسين هڪٻئي کان ڪيترو پري ۽ ويجها آهيون.“
    پيءُ کائيندي مڇيءَ جي ٻيري مان ڪنڊو ائين ڪڍيو جيئن هن جي وجود ۾ ٽنبيل هجي.
    ”ڇاجي تاريخ؟ ڇاجو فلسفو؟ ڇا جي سياست؟ سڀ بڪواس.“ هن ڪاوڙ مان چيو، ”علم ۽ سائنس دنيا کي تباهيءَ طرف وٺي وڃي رهيا آهن. دنيا جون حالتون ڏينهون ڏينهن بدتر ۽ زوال پذير آهن. دنيا رهڻ لائق نه رهي آهي.“
    نوجوان ڪنڌ هيٺ ڪري گرهه وات ۾ وجهي چٻاڙيندو رهيو. هن پيءُ جي ڳالهه جو ڪو جواب نه ڏنو.
    ٿوري ماٺ کانپوءِ پيءُ وري ڳالهايو.
    ”ڪهڙي دنيا جي ڳالهه ٿو ڪرين؟... اها دنيا جنهن ۾ هر هنڌ بي امني ۽ فساد ڦهليل آهي. انسان انسان جو دشمن آهي. جتي مذهب، ناڻي، رنگ، نسل، زبان ۽ اقتدار جي نالي ۾ ڪيترن بي گناهن جو رت وهايو وڃي ٿو. جتي تاريخ جي ڪنهن به حصي ۾ امن جو دور ڪنهن خواب جهڙو ۽ حقيقت کان ڏور نظر اچي ٿو.
    اهڙي دنيا جتي هر ڪو هڪٻئي جو ماس کائي ٿو، ان جي رت چوسي زندگي برقرار رکڻ جي جدوجهد ڪري ٿو. دنيا جيڪا خصي ڍڳي جي سڱ تي رکيل آهي يا جيڪا راهه وڃائي ويٺل جيان پولارن ۾ بي مقصد ڦري رستو ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.“ پيءُ جي ڳالهين تي نوجوان ڪنڌ هيٺ ڪري مرڪندو رهيو. هو پر عزم ۽ جوشيلو جوان هيو.
    هن وٽ پنهنجا خواب هيا. پنهنجا خيال هيا. هن ڪڏهن به پيءُ جي ڳالهين کي دل تي نه ورتو. پيءُ جون ڳالهيون ٻڌي هن انهن کي بردباري ۽ مزاح سان ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”بابا اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي.“ هن چيو. ”جيڪڏهن ڪوشش ڪجي ته دنيا ٺيڪ ٿي سگهي ٿي. منهن جي خيال ۾ اهو ٿوري دير ۾ ممڪن آهي.“
    پيءُ ڄڻ چڙي پيو.
    ”سڀ بڪواس جيڪڏهن تون تاريخ ۽ سياست جي ڄاڻ رکندڙ آهين ته پوءِ ٻڌاءِ دنيا جي ڪهڙي ملڪ ۾ امن آهي؟“ پيءُ چيو ۽ پوءِ هن دنيا جي نقشي ۾ گهوريندي، سڀ کان پهريون آمريڪا تي آڱر رکي.

    ”ڇا توکي خبر آهي ته هتي ڇا ٿي رهيو آهي؟ دنيا جي ناڻي ۽ وسيلن تي قبضي ڪرڻ لاءِ هن ملڪ ۾ ڪهڙيون سازشون ٿي رهيون آهن. سائنس ۽ جدت جي نالي ۾ تسلط کي نئون روپ ڏئي آزاديءَ جي نالي ۾ ڪيترن ملڪن کي غلام بنائي لٽيو ويو آهي. ٻارڻ ۽ ٻين معدني ذخيرن تي قابض ٿيڻ لاءِ تبليغي ذريعن جو غلط استعمال ڪري ماڻهن کي بيوقوف بنائي، ملڪن کي هڪ ٻئي سان وڙهائي، ٽياکڙي جو ڪردار ادا ڪري پاڻ کي طاقتور ثابت ڪري انهن کي زير ڪيو ويو آهي. دنيا جا ڪمزور ملڪ مانيءَ ڳڀي لاءِ آمريڪا طرف واجهائي رهيا آهن.
    هيءُ اهو ملڪ آهي جنهن سوويت يونين خلاف دنيا ۾ مذهبن کي هوا ڏني. هاڻي دنيا جو سڪون تباهه ٿي چڪو آهي. اسين پنهنجي ٻاريل باهه ۾ پاڻ سڙي رهيا آهيون.“
    نوجوان ساڳيو مرڪي هن ڏانهن ڏسندو رهيو. هن کي پيءُ جي جذبن جو احساس هيو پر هو مايوس نه هيو. پيءُ جي ڪاوڙ جو بظاهر هن تي ڪو اثرنه ٿي رهيو هيو.
    ”بابا اها ڳالهه بلڪل درست آهي ته هر طرف نفرت جي باهه ڀڙڪي رهي آهي.“ نوجوان چيو، ”سڀ نفرتون ختم ٿي سگهن ٿيون. يقين ڪيو اهو سڀ ٿوريءَ دير ۾ ممڪن آهي.“
    پٽ جي ڳالهه ٻڌي پيءُ ڳاڙهو ٿي ويو. هن جو جوش ۽ ڪاوڙ پهريون کان وڌي ويو. هن وري نقشي ۾ نهاريو ۽ روس تي آڱر رکي.
    ”هيءُ اهو ملڪ آهي جتي انقلاب جي نالي ۾ دنيا کي برباد ڪيو ويو. هڪ مخصوص نظريي کي دنيا تي مڙهڻ لاءِ پورهيتن ۽ غريبن کي سنهري خواب ڏيکاري ڀڙڪايو ويو.
    پاڙيسري ملڪن تي ڪاهه ڪري انقلاب جي آڙ ۾ انساني حقن جي لتاڙ ڪئي وئي. غريب پورهيت هاري ٽينڪن هيٺان ڇيڀاٽجي مئا. دنيا ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. دنيا جو توازن هيٺ مٿي ٿي ويو. امن جي نعري هيٺ جنگين جو بنياد پيو. دنيا کي پڇتاءَ ۽ پريشانيءَ کانسواءِ ڪجهه نه مليو، دنيا انقلاب جي دفن ٿي وڃڻ کانپوءِ ان جي قبر تي مرثيا پڙهي رهي آهي. اڄ به جارجيا جي گهٽين مان سرندڙ لاشن جي بوءِ اچي رهي آهي. چيچنيا ۾ بدامني آهي. دنيا ان قابل نه آهي جو ان جي تعريف ڪجي.“
    نوجوان پيءُ ڏي پيار ۽ عزت مان ڏسندو رهيو.
    ”واقعي ئي اسين ماضيءَ جي غلطين جو ڀوڳي رهيا آهيون.“ نوجوان چيو، ”پر بابا منهنجيءَ ڳالهه تي يقين ڪيو سڀ نفرتون ختم ٿي سگهن ٿيون. اهو سڀ ٿوريءَ دير ۾ ممڪن آهي.“
    پيءُ پٽ ڏي ڪاوڙ ۽ حيرت مان ڏسندو رهيو. هن کي يقين ئي نه پئي آيو ته هن جي ايڏي تقرير جو هن مٿان ڪو اثر نه ٿي رهيو هيو. هو پٽ جي مطمئن منهن ڏانهن ڏسي وري قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
    پيءُ وري دنيا جي نقشي ۾ يورپ جي ملڪن ڏانهن اشارو ڪيو، ”هيءُ ڏس برطانيه جنهن سوين سال دنيا جو سڪون تباهه ڪيو. پرامن ملڪن تي قابض ٿي انهن جو استحصال ڪيو. غدارن کي انعام ۽ اڪرام ڏئي سورهين جا سِر ڪپايا. دنيا جي وڻج واپار جو رخ پاڻ ڏانهن ڪري غربت جو ٻج ڇٽيو. مذهب جي نانءَ تي ملڪ ٺاهيا ۽ عوامي طاقتن کي ٽوڙي ٻه اڌ ڪيو.“
    پوءِ هن نقشي ۾ فرانس تي هٿ رکيو.
    ”هيءُ اهو ملڪ آهي جنهن يورپ جو سڪون تباهه ڪيو. غير قانوني قبضا ڪيا ۽ عوام کي ڪوڙي انقلاب جي آڙ ۾ سدائين جنگين لاءِ تيار رکيو.“
    هن نقشي ۾ جرمنيءَ تي هٿ رکيو.
    ”هيءُ اهو ملڪ آهي جنهن نفرتن مان جنم ورتو، جيڪو استحصال جي باهه جي ٽانڊن تي پچي راس ٿيو. هٽلر جهڙو دماغي مريض ان جي ڄر مان نڪتو ۽ ان دنيا کي هيٺ مٿي ڪري وڌو.“ پوءِ هن پنهنجي پٽ کي نقشي ۾ اسپين ۽ اٽليءَ ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌايو ته ڪيئن اسلام جي نانءَ جو غلط استعمال ڪري عياشيءَ جا اڏا کوليا ويا ۽ ماڻهن کي بدظن ڪيو ويو. ڪيئن اٽليءَ آفريقي ملڪن تي قابض ٿي ظلم جا دروازا کوليا. ميسوليني ۽ جنرل فرانڪو دنيا سان ڪهڙيون تعديون ڪيون.“
    هن پوءِ وري پٽ ڏانهن ڏٺو جيڪو اڃان هن ڏانهن ڏسي مرڪي رهيو هيو. پيءُ کي محسوس ٿيو هن جو پٽ بي حس ۽ ڪند ذهن آهي. پنهنجي ڳالهه مڃائڻ لاءِ پيءُ وري ڪوشش ڪئي. هن دنيا جي نقشي ۾ ڏسندي هندستان طرف اشارو ڪيو.
    ”هيءُ ڏس اهو ملڪ آهي جنهن کي استحصالي قوتن ٽوڙي ٽڪر ڪيو. هتي مذهب جي آڙ ۾ اهڙي باهه ڀڙڪائي وئي جنهن جا شعلا ڏينهون ڏينهن بلند ٿيندا پيا وڃن. هتي لکين ماڻهو جلاوطن ٿيا. ان الميي جو سڀ کان گهڻو اثر سنڌ تي ٿيو. جنهن جو وجود خطري ۾ آهي. جنهن جا ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ تي دربدر آهن. مذهب جي آڙ ۾ آپگهاتي بمبارن ظلم مچائي ڏنو آهي. خدا جا گهر سلامت نه آهن. شهرن ۾ نسلي فساد ٿي رهيا آهن. بي گناهه ماڻهو قتل ٿي رهيا آهن. ٻاهران آيل طاقتور ۽ حڪمران آهن. ڌرتيءَ جا وارث ڊنل ۽ پريشان آهن. شريف جو ڪو قدر نه آهي. بدمعاش جي لٺ کي ٻه مٿا آهن. مونکي ٻڌاءِ ڇا دنيا رهڻ لائق آهي؟ اهڙي دنيا جي ڪهڙي تعريف ڪري سگهجي ٿي جتي بدامني، آپگهاتي بم ڌماڪا هجن. جتي خدا جا گهر محفوظ نه هجن ۽ نسلي بنيادن تي انسانن جو قتل عام ڪيو وڃي. جتي جاهل حڪمران هجن ۽ جتي سياستدان مري ويل نظرين جي قبرن تي حڪمراني ڪنداهجن.“
    پيءُ ڏاڍو جذباتي ٿي چڪو هيو. پٽ پيءُ جي جذبن کي محسوس ڪيو. ”تون بلڪل ٺيڪ چئي رهيو آهين بابا.“ هن چيو، ”واقعي ئي ناانصافيون ۽ ظلم دنيا ۾ عروج تي آهي. هر طرف نفرت جي باهه ڀڙڪي رهي آهي، پر مان توهان کي عرض ڪيان ته دنيا ۾ بي امني ۽ ظلم جو دؤر ختم ٿي سگهي ٿو. نفرت جون پاڙون پٽجي سگهن ٿيون. منهنجي خيال ۾ اهو ٿوري دير ۾ ممڪن آهي.“
    پٽ جي ڳالهه ٻڌي پيءُ جوش ۾ڏڪڻ لڳو. هن هٿ ورائي ٽيبل جي شيشي هيٺان لڳل دنيا جو نقشو ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ۽ ٻنهي هٿن سان ڇيهون ڇيهون ڪري پري ڦٽو ڪيو. نقشو ذرا پرزا ٿي ويو. ان جي ڪاغذ جا ٽڪر هيڏانهن هوڏانهن وکرجي ويا.
    ”دنيا آهي ئي ان لائق ته ان کي گند جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلايو وڃي.“ پٽ ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ هيٺ جهڪي فرش تي وکريل دنيا جي نقشي جا ڦاٽل ٽڪر گڏ ڪرڻ لڳو. پيءُ ان جي اهڙي حرڪت تي حيران ٿي ويو. هو سمجهي ويو ته هن جو پٽ اهي ڦاٽل نقشي جا ٽڪر ميڙي انهن کي ضرور ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪندو پر نقشو ايڏو ته بي ترتيب ڦاٽل هيو جو ان جو پاڻ ۾ ڳنڍجڻ ڏکيو پئي نظر آيو.
    ”ڇا تون سمجهين ٿو ته ان ڦاٽل نقشي کي ڳنڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندين؟ منهنجي خيال ۾ اهو ناممڪن آهي. اهو ايئن آهي جيئن ڀت سان مٿو ٽڪرائڻ.“ پيءُ چيو. ڇو جو هن کي پڪ هئي ته سندس پٽ ڪوشش باوجود به انهن کي اصلي صورت ۾ آڻي نه سگهندو.
    پٽ ڦاٽل نقشي جا ٽڪر ميڙي ڪمري ۾ ويو ۽ ٿوري دير ۾ نقشو ڳنڍي کڻي اچي پيءُ اڳيان ٽيبل تي رکيائين. پيءُ ڏٺو. نقشو بلڪل صحيح ڳنڍيل هيو. سڀ ملڪ پنهنجي جاءِ تي موجود هيا. بارڊرن جون سڀ لڪيرون ترتيب سان هيون ۽ ڪابه گهٽ وڌائي ڪانه هئي. پيءُ عجب ۾ پئجي ويو ۽ حيرت مان پٽ ڏانهن ڏسڻ لڳو. پٽ ساڳيو مرڪي هن ڏانهن نهاري رهيو هيو.
    ”تون ايترو جلدي آخر نقشي کي ڳنڍڻ ۾ ڪيئن ڪامياب ٿي وئين؟“ پيءُ پڇيو.
    پٽ جي منهن جي مرڪ وڌيڪ گهري ٿي وئي.
    ”مان دنيا جو نقشو ڳنڍڻ جي ڪابه ڪوشش نه ڪئي، پر مون نقشي پويان لفظ پيار لکيو هيو. مون نقشي جي پوئين پاسي کان لفظ پيار کي ڳنڍيو، جيڪو آسان هيو. دنيا جو نقشو پنهنجو پاڻ ڳنڍجي ويو. پٽ جي ڳالهه ٻڌي پيءُ جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون. هو اٿيو ۽ هن پٽ کي سيني سان لائيندي چيو.
    ”بيشڪ پٽ پيار ئي آهي جيڪو اسان کي ڳنڍي سگهي ٿو.“

    ***


    گڏهن جي آزادي

    اهي سانوڻ جا ڏينهن هيا، اڃان مينهن نه وٺو هو. بي آب ڀٽن تي تيز اُس ۾ واريءَ جا ذرا چمڪندڙ اکين سان اڀ مان آب جو انتظار ڪري رهيا هئا. خشڪ هوا ۾ مورن جي اڃايل ڳلي جي ٽهوڪن جا آواز ڳورا ٿي چڪا هئا. ڀٽن وچان ويندڙ پيچرن جي پاسن کان بيٺل گاهه ان ڪولهڻ جي ميرن وارن جيان ٿي لڳو جيڪا واٽ تي ويهي روزگار جي ڳولها ۾ ڏور ويل محبوب جو انتظار ڪندي آهي. واءُ جي پڙاڏن ۾ ڌوڙ پئي گُهلي ۽ اڀ ۾ اڇي جهڙ جا ڪڪر ڪنهن اڃايل جيان ٿي ڀٽڪيا.
    ٽهڪندڙ زمين مان اڀرندڙ ڄر ۾ نظر ايندڙ وڻ ڄڻ پاڻي ۾ عڪس جيان پئي لڏيا. رمو ڪولهي جيڪو هاڻي سؤ گڏهن جو مالڪ هو، پراڻي پڳ تي ميري ڌوتي پائي اڳين گڏهه تي ائين ويٺل هيو جيئن ڏيهه مات ڪرڻ نڪتو هجي. هن پويان نوانوي گڏهه ادب مان ڪنڌهيٺ ڪري هڪ ٻئي پويان ائين هلندا هيا جيئن ماڪوڙن جي قطار مينهن وسڻ کان اڳ محفوظ جاءِ جي ڳولها ۾ هوندي آهي.
    ڪو وقت هيو، هو ٻن گڏهن جو مالڪ هيو جيڪي هن کي پيءُ پاران ورثي ۾ مليا هيا. هن محنت ڪئي ۽ وڏي جاکوڙ کانپوءِ هو هاڻي سؤ گڏهن جو مالڪ هيو.پنهنجي تڪ ۾ گڏهن جو مشهور واپاري هيو. ڪڏهن ڪنهن کي ضرورت پوندي هئي ته اهو رموءَ کان ئي گڏهه خريد ڪندو هيو. رمو ٿوري منافعي تي گڏهه وڪڻي رقم ڪمائيندو هيو جنهن ڪري هن جي گڏهن جا خريدار گهڻا هيا.
    ڀل ٿر جو پاڻي هر هنڌ ڪسارو هجي پر ڪاسبي کان ننگر تائين اهڙو ته مٺو هيو جو اڃ ته اجهائيندو هيو پر بک ڀڙڪائي وجهندو هيو. اتي گڏهه روزگار جو وڏو وسيلو هيا. ڪمي ڪاسبي انهن جي پٺ تي پاڻيءَ جون مشڪون ڀري ننگر پارڪر جي سرڪاري آفيسن، اسپتال ۽ گهرن تائين پهچائيندا هيا. ڪٿي گڏهه جي پاسن کان ڪنڊيءَ جون ڪاٺيون لڙڪندي نظر اينديون هيون ته ڪٿي گڏهه گاهه ڍوئيندي ڏسبا هيا. ڪارونجهر جي جڙ مان وٽيل ننگر شهر جي رات جتي مورن جي ٽهوڪن سان گونجندي هئي اتي گڏهه هينگون ڪري ماڻهن جي ننڊ ڦٽائيندا هيا.
    رموا ڪولهيءَ جو ننڍپڻ اتي ئي گذريو هيو. ننگر کان ڀوڏيسر ويندڙ رستي تي جهوني مسجد جي مٿين پاسي ڀٽن تي ڪل ملائي يارنهن چونئرا هيا. اولهاري ڀٽ جي لهواري تي ڪنڊيءَ جي وڻن جو جهڳٽو هيو. ڪنهن وقت اتي هڪ چونئري اندر رموءَ جو پيءُ ميگهو پن جون ٻيڙيون وٽي انهن ۾ تماڪ ڀريندو هيو. ان جي آمدنيءَ جو ذريعو اهي ٻيڙيون ۽ ٻه گڏهه هيا، جيڪي ڪنڊيءَ ۾ رسي سان ٻڌل هوندا هيا. رمو چونئري جي ڪنڊ ۾ ويهي پيءُ کي ٻيڙيون ٻڌندي ڏسندو هيو جيڪو روز پنهنجي ٻڌل ٻيڙين جو وڏو انگ پاڻ ئي پي ويندو هيو. رموءَ کي اها عادت به اتان ئي پئي. هو پيءُ کان پيئڻ لئي ٻيڙي گهرندو هيو. پيءُ پٽ تي رحم کائي ڪڏهن ٻيڙي ڏئي ڇڏيندو هيو نه ته هو اڪثر پيءُ جون ٻڌل ٻيڙيون ان کان اک بچائي چوري ڪري پيئندو هيو.
    ”اڙي ڇورا ايڏيون ٻيڙيون پيئندي ته کائينداسين ڇا؟ گڏهه جي لڏ.“
    هو جڏهن پٽ کي نصيحت ڪندو هيو ته هن جي ڳالهائڻ تي چپن جي ڪنڊ ۾ ڦاٿل ٻيڙي ائين لڏندي هئي جو ان مان نڪرندڙ دونهي مان هن جا لفظ اکرن جي صورت ۾ لکجندي نظر ايندا هيا.
    اڃا پڻس جي ڏاڙهيءَ جا وار اڇا ئي نه ٿيا هيا جو دنيا مان راهي ٿيو. رمو ٻن گڏهن سان اڪيلو رهجي ويو. وقت سان رمو سگهارو ثابت ٿيو. هن پيرين پند سوين ميل سفر ڪيو. ڪارونجهر جي سلسلي کان اڳتي ڪاسبي جي زرخيز زمينن تائين ويو. جتي گڏهه جو ملهه ٽڪو هيو اتي هن کي رپيو مليو. هو آيو پنهنجي علائقي مان سستا گڏهه خريد ڪري وري ويو ۽ وڪيا. هن ججها ڏوڪڙ هٿ ڪيا. رمو ويو واپار ڪندو۽ وڌندو.
    هڪ ڏينهن هو سؤ گڏهن جو مالڪ بڻجي ويو. اولهاري ڀٽ جي لهواري پاسي ڪنڊيءَ جي وڻن ۾ هن جا سؤ گڏهه ٻڌل هوندا هيا. ننگر ۽ ڪاسبي وڃڻ کان اڳ هو گڏهن جي سٺي سيوا ڪندو هيو. صبح جو سوير ڀلو گڏهه چونڊي ان تي ويهي اڳتي هلندو هيو ۽ نوانوي گڏهه هن پويان ڪنڌ جهڪائي قطار ٺاهي هلندا هيا. ڪنهن کوهه ڪناري گڏهه گاهه کائي پاڻي پي تازا توانا ٿيندا هيا. سج لٿي کان اڳ واپس ورندو هيو ۽ اولهاري ڀٽ جي لهواري پهچي هر گڏهه کي ڳچيءَ ۾ رسو وجهي ڪنڊيءَ جي وڻ سان ٻڌي چونئري ۾ وڃي پيءُ جي ڇڏيل پاٿاريءَ تي ليٽي ٻيڙيءَ جا سوٽا هڻندو هيو.
    هڪ دفعي هن واپار سانگي ننگر ۽ ڪاسبي وڃڻ جو پهه ڪيو. صبح جو اٿيو ۽ گڏهه ڇوڙيا. جڏهن ڀلي گڏهه تي چڙهي هڪليندو پويان ايندڙ نوانوي گڏهن سان ننگر کان ٿورو پري پهتو ته آسمان ڪارن ڪڪرن سان ڍڪجي ويو. رموءَ سوچيو، ڪيترا ڪڪر آيا، ڪيترا ويا. ڪڏهن مينهن نه وٺو. اهي وري ڪهڙو مينهن وسائيندا جو ڊڄي واپس وري جيڪي ٿيڻو هوندو ٿيندو. اهو سوچي سؤ گڏهه ساڻ ڪري هنومان مندر وٽ پهتو ته مينهن شروع ٿي ويو. مينهن جون بوندون هن جي پراڻي پڳ تي ڪري ان ۾ جذب پي ٿينديون ويون. هو اڳتي هلندو رهيو. جڏهن ڳاڙهي جبل وٽ پهتو ته هن جي پڳ ڪرندڙ بوندن ۾ ايڏي ته ڳوري ٿي چڪي هئي جو ان جو وزن مٿي تي محسوس ڪري رهيو هيو. هن جي ڏاڙهي جا وار آلاڻ ۾ ڄمي هڪ ٿي ويا ۽ گڏهه تي ويٺي هن جي پسيل ڌوتيءَ مان ڪاراسٿر ائين ڏسجي رهيا هيا جيئن ٻه سانوريون رئي ۾ منهن لڪائي هن جي گوڏن ويٺل هجن.
    هن پويان هلندڙ نوانويءَ گڏهن جي رفتار سست ٿي وئي. وسندڙ مينهن جي بوندن ۾ هر شيءِ ڌنڌلي ٿي وئي. ڀٽن ۽ ڳاڙهي جبل تان پاڻي رڙهندو هيٺ وهڻ لڳو. سمورا گس پاڻيءَ جي وهڪرن ۾ تبديل ٿي ويا. اهو سانوڻ جو پهريون وسڪارو هيو. هر طرف خوشيءَ جي لهر هئي پر رموءَ جي دل جي هورا کورا وڌندي وئي. هو گهڻو اڳتي نڪري آيو هيو. هاڻي واپس ورڻ محال هيو. هن کي خبر هئي ته ڀٽن ۽ جبلن تان رڙهندڙ پاڻيءَ سڀ گس ٻوڙي ڇڏيا هوندا. هو گڏهن کي هڪليندو اڳتي وڌندو رهيو. هن محسوس ڪيو هاڻي اڳتي هلڻ ڏکيو آهي. هن ڪنڌ ورائي هيڏانهن هوڏانهن نهاريو جيئن لڪڻ جي جاءِ ڳولهيندو هجي. پريان هن کي هڪ ڀٽ نظر آئي جنهن تي ڪنڊين جا وڻ هيا ۽ اها وهندڙ نين کان گهڻو مٿي ۽ محفوظ هئي. هو گڏهن کي هڪليندو ان ڀٽ طرف وڌيو. اتي پهچي مٿي ڪنڊين جي جهڳٽي ڏانهن هليو. جڏهن پهتو ته گڏهن کي گڏ ڪري ڪنڊين هيٺيان پناهه ورتائين. هن شڪر ڪيو ته کيس لڪڻ لاءِ سٺي جاءِ ملي هئي نه ته گڏهن مان آسرو لاهي ويٺو هيو. هن محسوس ڪيو جيڪڏهن اها جاءِ نه ملي ها ته جيڪر گڏهه پاڻيءَ ۾ لڙهي وڃن ها. هو گڏهن کي ساڻ ڪري چڱي دير مٿي ڀٽ تي ويهي مينهن بند ٿيڻ جو انتظار ڪندو رهيو. جڏهن مينهن جهڪو ٿيو ته هن ڏٺو هيٺ وڃڻ جا سڀ رستا بند ٿي چڪا هيا. پاڻي گسن تان ندين جي صورت ۾ وهي رهيو هيو. هن لاءِ اهو ممڪن نه هيو ته گڏهن کي ساڻ ڪري سفر جاري رکي سگهي. انهن ئي سودائن ۾ هيو ته هن کي پريان ڪو واٽهڙو ڀٽن جي وٽ وٺي ايندي نظر آيو. هن کي اٻاڻڪو ڏسي مٿي چڙهي آيو ۽ پڇيائينس.
    ”ڏي خبر ڏاڍو منجهيل ڏسجي رهيو آهين؟ ڪو مسئلو هجي ته جيڪر مان تنهنجي مدد ڪيان.“
    هن جي ڳالهه ٻڌي رموءَ ٿڌو ساهه ڀريو.
    ”گڏهن جو واپاري آهيان. سؤ گڏهه ساڻ ڪري اهو سوچي گهران نڪتو هوس ته ننگر ۽ ڪاسبي وڃي اهي وڪڻي سٺو ناڻو ڪمائيندس پر مينهن رستو روڪي وڌو آهي. هجان ها اڪيلو سِرُ ته منهن ڏئي مٿانهين کان هلندو ڳوٺ پهچان ها پر هاڻي هنن سؤ گڏهن جو ڇا ڪيان؟“
    هن جي ڳالهه ٻڌي واٽهڙو سندس ڀڪ ۾ ويٺو ۽ ڪنڌ ورائي ڏٺو. ڪو گس خالي نه هيو جتي پاڻي نه هجي.شام ٿيڻ واري هئي ۽ رات تائين رستن تان پاڻي جي نڪرڻ جو ڪو امڪان نه هيو.
    ”لڳي ٿو توکي رات هتي رهي صبح سان سفر ڪرڻو پوندو.“ واٽهڙوءَ چيو.
    ”چوين ته سچ ٿو.“ راموءَ مايوسيءَ مان چيو. ”پر هنن گڏهن کي ڪٿي لڪايان. هجي ها گهر ته هنن کي رسن سان ٻڌي هٿيڪو ڪيان ها. هن رڻ پٽ ۾ مون وٽ ايڏا رسا نه آهن. رات ٿيندي ئي جيڪڏهن اوندهه ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪي ويا ته وڏي نقصان ۾ پئجي ويندس. رسن بنا هنن کي هٿيڪو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“
    هن جي ڳالهه ٻڌي واٽهڙو ٽهڪن ۾ ٻڏي ويو.
    ”اها ڪهڙي ڳالهه آهي.“ هن چيو. ”مان سمجهان ٿو ته تون ضرور سؤ گڏهن کي سؤ رسن سان ٻڌي هٿيڪو ڪندو هوندين پر اهو ڪو مسئلو نه آهي. منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌ.“
    پوءِ واٽهڙو راموءَ ڀرسان اچي وڏي راز مان ٻڌائڻ لڳو.
    ”تون هيئن ڪر. جيئن گهر اڳيان گڏهن جي ڳچيءَ ۾ رسو وجهي ڪنڊيءَ جي وڻن سان ٻڌندو آهين ائين هر گڏهه کي ڪنڊيءَ جي وڻ وٽ بيهاري خالي هٿ ان جي ڳچيءَ چوڌاري ڦيرائي ڪنڊيءَ جي ٿڙ ۾ ڳنڍ جو اشارو ڏي. گڏهه ائين سمجهنداته اهي ٻڌجي ويا آهن. تون منهنجيءَ ڳالهه تي يقين ڪر اهي پاڻ کي ٻڌل سمجهي بيهي رهندا. جڏهن رات گذري ته صبح سان راهي ٿجانءِ.“ واٽهڙو هن کي صلاح ڏئي روانو ٿي ويو. ان جي وڃڻ کان پوءِ رموءَ ايئن ئي ڪيو. هن هر گڏهه کي ڪنڊيءَ جي وڻ وٽ وٺي خالي هٿ ان جي ڳچيءَ چوڌاري ڦيري ٿڙ ۾ ڳنڍ جو اشارو ڏنو. جڏهن هو واندو ٿيو ته ڏٺو سڀ گڏهه ائين بيٺل هيا جيئن اولهاري ڀٽ جي لهواڙيءَ تي ٻڌجڻ کان پوءِ بيٺل هجن. رموءَ سک جو ساهه کنيو ۽ سوچيو چڱو ٿيو واٽهڙو مليو جنهن اهڙي صلاح ڏني جا وقت تي ڪارائتي ثابت ٿي.
    جڏهن رات پنهنجا پنک پکيڙيا ته مينهن بند ٿي چڪو هيو پر وڄ آسمان ۾ چير وجهي چمڪي رهي هئي. ڀٽ هيٺ نانگن جي تيز ترڻ ڪري پاڻيءَ ۾ سرڙاٽ پئي ٿيا. هن جا کيسا ڀريل هيا پر کائڻ لاءِ ڪجهه نه هيو. هن سوچيو هيو. ننگر پارڪر پهچي مختيارڪاريءَ ٻاهران دينوءَ جي هوٽل تان دال ماني کائي اڳتي وڌندو پر ننگر پارڪر اتان ڪجهه پنڌپري ڪارونجهر جي ڪاراڻ ۾ لڪيل هيو. هن کي بک ورائي وئي هئي. موسم جي وٺ سٺ ۾ هن مانجهاندو به نه ڪيو هيو. هن سوچيو الاءِ هوٽل کليل هوندو الاءِ نه. اهو سوچي وري مايوسيءَ مان ڪَرَ ڀڃي اوٻاسيون ڏيڻ لڳو. کيس بک تپائي رهي هئي. هو لٽو ڇنڊي اهو سوچي اڳتي وڌيو ته جي دينوءَ جو هوٽل بند هوندو ته مانيءَ ڳڀو ضرور هِتان هُتان ملي پوندو. هو هلندو جڏهن ڪارونجهر کي ويجهو ٿيو ته اوچتو اتر کان واءُ مينهن ٿي ويو. وڏڦڙو وسيو ۽ آسمان ۾ ٺڪاءُ ٿيو، ڄڻ اڀ ڦاٽي پيو هجي. وڄ باهه جيان وسڻ لڳي ۽ جڏهن ڪارونجهر تي ڪري ته اهو ٻرڻ لڳو. هو منهن ڀر هيٺ ڪريو. جبل تان رڙهندو جڏهن جين مندر جي پڌر ۾ ڪريو ته کپر ڇرڪي وڃي مها وير جي بت ۾ لڪيا. رموءَ جي وات مان وهندڙ رت ڄمي ويو. هن جون اکيون کليل هيون ۽ اڀ مان مينهن ڪڻيون ڳوڙهن جيان انهن تي ڪري رهيون هيون.
    ڀٽ تي ڪنڊيءَ جي وڻن هيٺان بيٺل گڏهه اتي ئي بيٺا رهيا. صفا نه چريا. رمو نه اچڻو هيو نه آيو. چار ڏينهن گذري ويا. ساڳيو واٽهڙو جنهن رموءَ کي صلاح ڏني هئي اوچتو اتان اچي لنگهيو. ڏٺائين رموءَ جو ڪو نانءُ نشان نه هيو. گڏهه ڪنڊيءَ جي وڻن هيٺان بکن ۾ پاهه ٿي رهيا هيا. هو سمجهي ويو ضرور ان رات رموءَ سان ڪو حادثو ٿيو آهي. گڏهه ان خيال کان ته رسي سان ٻڌل آهيون پنهنجيءَ جاءِ تان نه چريا آهن.بک ۽ اڃ انهن جا حال هيڻا ڪري ڇڏيا هيا. گڏهه ڏاڍا مظلوم پئي ڏٺا. هو هر گڏهه وٽ ويو ۽ انهن کي آزاد ڪرڻ جي نيت سان ڳچيءَ چوڌاري ائين هٿ ڦيريا جيئن رسي مان ڇوڙيندو هجي. گڏهن جڏهن محسوس ڪيو ته اهي رسن مان آزاد ٿي چڪا آهن، خوشيءَ مان نڪ ڇنڊي چپ ڦڙڪائڻ لڳا. واٽهڙوءَ انهن کي گاهه کارائي پاڻي پيئاريو. پوءِ هو ڀلي گڏهه تي چڙهي ويٺو ۽ نوانوي گڏهه ادب مان هيٺ ڪنڌڪري قطار ٺاهي ائين هلڻ لڳا جيئن هو رموءَ پويان هلندا هيا.

    ***


    چور ۽ بهادر سپاهي

    هو چور هيو، هڪ عقلمند چور. جڏهن ننڍو هيو ته هن انڌن فقيرن جي ڪشڪولن مان پئسا چورايا. جڏهن جوان ٿيو ته دليون چورايون ۽ جڏهن پوڙهائپ کي ويجهو ٿيو ته هن کي خبر پئي ڪٿي نوفل جو محل آهي جتي ابوجهل جي پندرنهن سو سال پراڻي بوتل ڪنهن پياڪ جو انتظار ڪري رهي آهي.
    ڪنهن وقت نوفل ۽ ابوجهل جي پاڻ ۾ ياري هئي. انهن ان محل ۾ گڏجي ٽي بوتلون پيتيون ۽ هڪ ڪٿي اهو سوچي لڪائي ڇڏي ته ڪڏهن ايندڙ نسلن جو ڪو پياڪ اتي ايندو ۽ پراڻيءَ جو مزو ماڻيندو. هن کي اها بوتل چورائڻي هئي جيڪا ناياب هئي. هن کي ڪا خبر نه هئي ته نوفل جو محل ڪٿي آهي. ڪنهن کيس ٻڌايو هيو، ”نوفل جو محل اهڙي جهنگ ۾ آهي جتي گڏهه نما انسان رهن ٿا. اتي هڪ کنڊر آهي جنهن ۾ مرڪندڙ ٻلي ستن ڪوئن کي کير پيئاري ٿي.“
    هن کي اهڙي کنڊر جي ڳولها هئي. ۽ هن کي اها بوتل چورائڻي هئي. هڪ ڏينهن هن اهڙو جهنگ ڳولهي لڌو جتي گڏهه نما انسانن جي حڪمراني هئي. ۽ انسان نما انسان ڪلهن تي بار ڍوئي رهيا هيا. جهنگ ايڏو ته گهاٽو هيو جو مٿان بيٺل سج جا ڪرڻا اتي نه پهچي رهيا هيا. اتي جهڙو ڏينهن هيو تهڙي رات ۽ جهڙي رات هئي تهڙو ڏينهن. هو هلندو سردار وٽ پهتو ۽ ان کي نِوڙي سلام ڪيائين.
    ”اي ظل خراساني سردار عالمِ پريشاني، توهان بيشڪ هوشمند حڪمران آهيو. پر مان به وقت جو ولي آهيان. توهان جي خدمت ۾ انڪري حاضر ٿيو آهيان ته مونکي نوفل جي محل ڏسڻ جو ڏاڍو شوق آهي. اهو محل هن گهاٽي جهنگ جي ڪنهن حصي ۾ موجود آهي. جيڪڏهن مهرباني ڪري ڪو سونهو ساڻ ڏيو جيڪو دڳ ڏيکاري ته اهو محل ڏسي توهان کي دعائون ڏيندس.“
    هن جي ڳالهه تي سردار ڏاڍو کليو جنهن جي منڍي گڏهه جي هئي ۽ ٽهڪ ماڻهوءَ جهڙا هيا.
    ”ڪهڙي نوفل جي ڳالهه ٿو ڪرين جيڪو اسان جي ڏاڏي جو دوست هيو؟“
    ”ها سردار.“ چور چيو، ”اهوئي جيڪو عقلمند ابوجهل جو دوست هيو.“
    پنهنجي بزرگ جي تعريف ٻڌي سردار ڏاڍو خوش ٿيو. هن هڪ بهادر سپاهيءَ کي سڏ ڪيو جيڪو تازو ان لشڪرن سان گڏ موٽيو هيو. جنهن زالن جو حڪم مڃيندڙ ڪافرن کي گهرن ۾ گهري شڪست ڏني هئي. اهو گڏهه جي منڍيءَ وارو بهادر سپاهي بدن جو ڏاڍو سگهارو هو. اهو قداور ۽ ڪثرتي جسم وارو هيو. ان جي ويڪري ڇاتيءَ تي ڳچيءَ ۾ پاتل سونو تعويذ لڙڪي رهيو هيو. سردار سپاهيءَ کي حڪم ڪيو.
    ”هن وليءَ کي نوفل جي تباهه ٿيل کنڊر ۾ وٺي وڃ. پر اهو ياد رکجانءِ . هيءُ اتي ڪا اهڙي حرڪت نه ڪري جو اسان جي وڏڙن جو روح رنجائي ۽ پريشاني پيدا ڪري وجهي.“
    بهادر سپاهي هٿ ۾ تلوار جهلي سينو سڌو ڪري هن اڳيان ائين هلڻ لڳو جيئن ڪنهن جو سر قلم ڪرڻ نڪتو هجي. چور ان پويان هلندو جڏهن کنڊر ٻاهران پهتو ته هن کي دروازي تي هڪ ڪاري ٻلي ويٺل نظر آئي جيڪا ستن ڪوئن کي کير پيئاري رهي هئي. سپاهيءَ اڳتي وڌي مقدس ٻليءَ کي سلام ڪيو. ۽ ان کان اندر وڃڻ جي اجازت گهري. ٻليءَ اک کي ائين ڇنڀيو جيئن چوندي هجي، ”لنگهي وڃ مون کي ڪو اعتراض نه آهي.“ پوءِ اها مرڪڻ لڳي.
    کنڊر سوين سال پراڻو هيو. پر ان جون ڀتيون اڃان بيٺل هيون. ڀتين جي پراڻن پٿرن ۾ انيڪ شبيهون اڀريل هيون. هڪ ڊگهي برج مٿان شينهن اڪريل هيا جن جي وات مان مينهن وسڻ کانپوءِ پاڻي نيسارن جي صورت ۾ هيٺ وهي رهيو هيو. اتي اڇي ڪاري پٿر جو اڱڻ هيو ۽ اندر هڪ ڪمرو هيو جنهن جي ڇت اڃان سلامت هئي. اوڀر واري دَرَ مان اس جو پاڇو فرش تي ائين پيل هيو جيئن اڪيلائپ جي زندگي گذاري مري ويل ڪنهن ڪوڙهه جي مريض جو لاش هجي. چور ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو. اهو خالي هيو. اتي ڪجهه نه هيو هر طرف سوين سال پراڻي ڌوڙ ڦهليل هئي. هو مايوس ٿي ويو. هن کي اتي ابوجهل جي لڪايل بوتل ڪٿي نظر نه آئي. هن مٿي ڇت ڏي نهاريو اتي چير ائين پيل هيا جيئن وقت چاقوءَ سان ان تي حملو ڪيو هجي. هن جون نظرون ڇت تان ٿينديون هيٺ ڀتين تي پيون. هن ڏٺو هڪ ڀت جي مٿين جاري ۾ پراڻي بوتل رکيل هئي جنهن مٿان مٽيءَ جا تهه چڙهيل هيا. اها بوتل ڪنهن وسري ويل محبوب جي ياد ايندڙ ڊگهي ڳچيءَ جيان هئي. ان کي ڏسي چور سمجهي ويو ته اها ساڳي بوتل آهي جنهن جي هن کي ڳولها هئي پر اها مٿي رکيل هئي ۽ هن جي پهچ کان پري هئي.
    بهادر سپاهي هن ڀرسان سينو کولي هر حرڪت جو جائزو وٺي رهيو هيو. هن کي خبر هئي ته جيڪڏهن هن ڪا اهڙي حرڪت ڪئي ته اهو گڏهه جي منڍيءَ وارو بهادر سپاهي هٿ ۾ جهليل تلوار هڻي ٻه اڌ ڪندي دير نه ڪندو. چور محسوس ڪيو اهو ناممڪن آهي ته هو سپاهيءَ کان اک بچائي ٽپو ڏئي اها بوتل کڻي لڪائي ڇڏي. اها گهڻو مٿي رکيل هئي. هن کي وڏي پٿر جي ضرورت هئي جيڪو اتي رکي ان تي چڙهي بوتل کي حاصل ڪري سگهي. هن ٻاهر اڱڻ ۾ نظر ڦيرائي اتي اهڙا پٿر پيل هيا جيڪي ڪم جا نه هيا. هنکي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته ڇا ڪري ۽ ان بوتل تائين ڪيئن پهچي. سندس دل چاهيو ته هو بهادر سپاهيءَ جي ڪلهن تي چڙهي هٿ وڌائي اها کڻي وٺي پر اهو ناممڪن هيو. هو هيڏانهن هوڏانهن ڏسي سوچيندو رهيو ته آخر هن کي ڇا ڪرڻ گهرجي. هن وٽ ان کانسواءِ ڪو چارو نه هيو ته هو بهادر سپاهيءَ کي ان ڳالهه جو قائل ڪري ته هن کي ڪلهن تي کڻي ان جاري تائين پهچائي. پر بهادر سپاهي ڏاڍو اٽل ۽ سيٽيل پئي نظر آيو. هن سوچيو، اهو هن کي ڪلهن تي چڙهڻ جي اجازت ڪڏهن نه ڏيندو. اهو ڪڏهن نه چاهيندو ته نوفل جي تاريخي محل جي ڪاشيءِ سندس ڪو سامهون کڻي هليو وڃي. اهو گڏهه جي منهن وارو بهادر سپاهي هن پويان ائين بيٺل هيو جيئن هن کي ٻانهن کان وٺي محل کان ٻاهر اڇلائڻ وارو هجي. تيز تلوار ان جي هٿ ۾ چمڪي رهي هئي ۽ هن جي هر حرڪت جو جائزو وٺي رهيو هيو.
    هن وٽ ان کانسواءِ ٻيو ڪو طريقو نه هيو ته هو بهادر سپاهيءَ کي پاڻ سان ملائي ان کي اهڙيءَ طرح زير اثر ڪري جو اهو مدد لاءِ تيار ٿي وڃي. کيس ان کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نظر نه آيو. هن ڇا ڪيو جو هيٺ ميري فرش جي پراڻين سرن تي پَلَٿ ماري اکيون ٻوٽي ويهي رهيو.
    ”مان ڏاڍو ٿڪيل آهيان.“ هن سپاهيءَ کي چيو، ”جيڪڏهن اجازت ڏين ته هت ويهي ڪجهه دير آرام ڪريان.“
    سپاهيءَ ڪجهه نه چيو ۽ هو اکيون ٻوٽي ويٺو رهيو. سپاهي ڪجهه دير بيهي هن کي ڏسندو رهيو. ۽ پوءِ اهو به هن سامهون تلوار پاسي رکي ويهي رهيو.
    ”مان وقت جو ولي آهيان.“ چور اکيون کوليندي چيو، ”مون اڌ دنيا جو سفر ڪيو آهي ۽ ڪيترا ماڻهو منهنجا پوئلڳ آهن. مان توکي هڪ قصو ٻڌائڻ چاهيان ٿو جنهن جي ٻڌڻ سان تنهنجي من جو بار هلڪو ٿي ويندو ۽ سڀ پيڙائون ختم ٿي وينديون.“
    بهادر سپاهيءَ هن جي نوراني چهري کي چتائي ڏٺو ۽ متاثر ٿي هن کي ان قصي ٻڌائڻ لاءِ چيو.
    چور دل ۾ خوش ٿيو ته سندس پهريون تير ڪاميابيءَ سان نشاني تي لڳو آهي، پوءِ چور هن کي، ’اصل وڏو قصو دائمي خوشي حاصل ڪرڻ جو‘ ٻڌايو.
    ”ڪو بڙهيو ان جو ٿڙ ڏاڍو ٿلهو هيو. ان بڙ هيٺان هڪ پاسيريون نڪتل سنهڙو جوان اکيون ٻوٽي ويٺل هوندو هيو. هوا تي بڙ جا پن ته لڏندا هيا پر هن جي ڏاڙهيءَ جا وار هوا ۾ نه اڏرندا هيا ڇو جو اهي هن جي اميدن موجب انسان ذات جيان ڄميل مٽيءَ ۾ ملي هڪ ٿي ويا هيا. ان ڪيئي سال ان بڙ هيٺان ويهي گذاريا. روز رات جو حورون هن اڳيان اچي پنهنجا ٿڻ لوڏينديون هيون پر هن تي ڪو اثر نه ٿيندو هيو. ان جي ويراڳ جو سبب ڌرتيءَ تي اتان جون ڀوڳنائون ۽ درد هيا. محدود زندگي هئي جيڪا کن پل ۾ اک ڇنڀ جيان گذريو وڃي ۽ موت جي خوف مان پيدا ٿيندڙ ڪيفيت هئي. اهو جڏهن شهزادو هيو ۽ محل کان پهريون دفعو ٻاهر نڪتو ته هن جي نظر هڪ جنازي تي پئي. هن ڪنهن کان پڇيو، ”اهو ڇا آهي؟“
    ”اهو جنازو آهي.“ ڪنهن کيس جواب ڏنو.
    ”جنازو ڇا ٿيندو آهي؟“ هن سوال ڪيو.
    ”جڏهن ماڻهو مري ويندو آهي ته ان جو جنازو نڪرندو آهي.“
    ان شخص جي جواب تي هن کي حيرت ٿي ۽ سوچيائين، ”ڇا انسان مرندو به آهي؟ جيڪڏهن انسان مرندو آهي ته پوءِ هن مختصر زندگيءَ جو ڇا حاصل؟ هو ڏاڍو دُکي ٿيو. ۽ هن کي هر شيءِ ۾ ڏک کانسواءِ ڪجهه نظر نه آيو. هن تاج ڦٽو ڪيو. ۽ جهنگ ۾ نڪري ويو. هو بڙ هيٺان اچي ويٺو ۽ حياتيءَ متعلق سوچڻ لڳو. دنيا ۽ ان جي ڏکن سورن بابت سوچيو. هن چاهيو پئي ته جيڪر ڌرتيءَ جا ڏک گهٽائي سگهي. شل هن جي عمل سان انسان اهڙي خوشي حاصل ڪري جيڪا عارضي نه پر دائمي هجي. انسان هر حال ۾ پاڻ کي مطمئن ۽ مڪمل سمجهي، اهو اندر ۾ کُٽيل نه هجي.
    چور ڳالهيندي سپاهيءَ جي منهن ۾ ڏٺو. اهو مڪمل طرح هن جي گرفت ۾ اچي چڪو هيو. ان جي گڏهه جهڙي منهن تي نرڙ وٽ فڪر انگيز گهنج ظاهر ٿيا هيا. اهو ادب مان ڪنڌ لوڏي هن جي نصيحت جو جواب ڏئي رهيو هيو. جيئن چور ڳالهيندو پئي ويو سپاهيءَ جي دل نرم پئي ٿيندي وئي. نيٺ اهڙو وقت به آيو جو سپاهيءَ جذبات ۾ اچي هٿ ۾ جهليل تلوار پري ڦٽي ڪئي ۽ اها ويران محل جي خاموش فرش جي ڀڳل سرن جي ننڊ ڦٽائيندي پري وڃي پئي.
    ”اهنسا.“ چور چيو. جنهن جي مانڱرمڇ جهڙين اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو.
    ”اهنسا ئي آهي جيڪا دنيا جي تقدير بدلائي سگهي ٿي. تشدد ۽ ظلم بي چينيءَ جا سبب آهن.“
    پوءِ هن سپاهيءَ جي اهڙي جذبي جي تعريف ڪئي جنهن تحت هن تلوار کي هڪ پاسي ڦٽو ڪيو هيو.
    ”توکي لک شابس اي بهادر سپاهي.“ هن چيو، ”فتح حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن هٿيار جي ضرورت نه آهي. فتح صرف ان صورت ۾ حاصل ڪري سگهجي ٿي جڏهن من کي مات ڪبو، اندر کي شڪست ڏبي. اصل جنگ تنهنجي اندر ۾ جاري آهي. تنهنجا دشمن تو ۾ موجود آهن. تون جيڪڏهن انهن کي مات ڏيندين ته جيئڻ جو مزو ماڻيندين. جيڪڏهن توتي اهي حاوي ٿي ويا ته ڏکن ۽ ڏوجهرن کانسواءِ ڪجهه پڙ نه پوندو. تون انهن کي تلوار سان وڙهي نه ٿو حاصل ڪري سگهين، ڇو جو تنهنجا دشمن ٻاهر نه آهن اندر آهن. ٻاهر اوندهه آهي. اندر کي اجرو ڪندين ته ڪڏهن ڪمزور نه ٿيندين. اصل بهادري پاڻ سان مقابلو آهي. توکي فتح حاصل ڪرڻ لاءِ اهنسا جي هٿيار جي ضرورت پوندي. هڪ اهڙي تلوار جي ضرورت پوندي جيڪا تو اندر موجود آهي. تون جڏهن ان کي ڳولهي لڌو ته امر ٿي ويندين. تولاءِ موت بيڪار ٿي ويندو. اهو ڪڏهن توتي حاوي نه ٿي سگهندو. جڏهن تو مرندين ته محسوس ڪندين ٻيو ڪو مري ويو.“ چور جي ڳالهين جو بهادر سپاهيءَ تي ايڏو اثر ٿيو جو هن جو ٻوٿ لڙڪي پيو ۽ ذري گهٽ روئڻ وارو هيو. ان جذبات ۾ اچي پنهنجي ورديءَ جا بٽڻ کولي ڪوٽ لاهي پري ڦٽو ڪيو ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري هن کي ٻڌندو رهيو. چور جنهن جي لفظن جو جادو هن تي هلي رهيو هيو. اهو دل ۾ مرڪڻ لڳو. سندس من جي مراد پوري ٿيڻ واري هئي ۽ اهو وقت پري نه هيو جڏهن سپاهي هن جي چنبي ۾ هوندو ۽ هو جيئن چاهيندو ان کي استعمال ڪري سگهندو. چور ڳالهيندو ويو ۽ بهادر سپاهي هن کي ٻڌندو ويو.
    ”انسان جا وڏا دشمن ان جي اندر ۾ آهن.“ چور چيو، ”جنهن ڪاوڙ ڪئي ان پاڻ سان ظلم ڪيو. تون ڪاوڙ ڪري ٻئي کي ڌمڪائي ته سگهين ٿو پر ان سان گڏ پنهنجي اندر کي پڻ تباهه ۽ برباد ڪرين ٿو. ڪاوڙ تنهنجي شخصيت کي نقصان پهچائي ٿي. اها جذبن جي اڀار سان بيمارين کي جنم ڏئي ٿي. تنهنجو روح بي چين ٿئي ٿو ۽ سڪون موڪلائي وڃي ٿو. تون جڏهن ڪاوڙ ڪرين ٿو ته دنيا کي ناراض ڪرين ٿو. توسان هر ڪو پاڻ کي ناخوش ۽ بيزار محسوس ڪري ٿو. تون دشمن پيدا ڪرين ٿو جنهن صورت ۾ تنهنجي من ۾ خوف جي ڪيفيت بيدار ٿئي ٿي. تون پاڻ کي اڪيلو ۽ ويڳاڻو محسوس ڪرين ٿو. جيڪڏهن ڪاوڙ نه ڪندين ته ماڻهو توکي سٺو سمجهي ويجهو ايندا. تون پاڻ مان مطمئن ۽ پرسڪون هوندين. هر ڪو تنهنجو دوست هوندو.“
    هن جون ڳالهيون ٻڌي بهادر سپاهيءَ جي منهن تي اهڙي مرڪ اچي وئي جيڪا ٻي تاريخ جي چنڊ جهڙي هئي.
    ”بيشڪ ولي بيشڪ.“ بهادر سپاهيءَ چيو، ”تنهنجيون ڳالهيون ٻڌي دل کي ڏاڍي فرحت پئي محسوس ٿئي. دل جا بار هلڪا پيا ٿين ۽ جسم ۾ سرور جون لهرون پيون پيدا ٿين.“
    چور دل ۾ ٽهڪ ڏنو جنهن کان هن جو نڪ ڳاڙهو ٿي ويو.
    ”مان چاهيندس ته تنهنجا سڀ مونجهارا ختم ڪري توکي دائمي خوشيءَ جي پلصراط پار ڪرائي هڪ اهڙي دنيا ۾ پهچايان جتي ڪو خوف نه هجي ڪا مايوسي نه هجي. جتي پريشانيون ختم ٿي ويون هجن ۽ موت بي موت مري چڪو هجي. مان توکي اهڙي دنيا جو سير ڪرائڻ چاهيان ٿو جيڪا تو اڳ نه ڏٺي آهي. تون جيڪڏهن اهڙي دنيا ڏسڻ چاهين ٿو ته پاڻ کي فنا ڪر. هر برائيءَ جي جڙ انا آهي. انا پرستي انسان کي اهڙي اڪڙيل وڻ جيان ڪري وجهي ٿي جنهن جا ڏار طوفان ۾ ٽڙڪا ڏئي ڪري پون ٿا. تون نرم ٻوٽو ٿيءُ جڏهن طوفان ايندا ته تون هيٺ نوڙي پوندين ۽ اهي تنهنجو ڪجهه بگاڙي نه سگهندا. جهڪڻ سک ۽ نوڙت ڌار.“
    چور ڏٺو سپاهيءَ جا ڪلها مٿي ٿي ويا. هن جو ڪنڌ هيٺ ۽ ڪٻ ٻاهر نڪري آهي. هو نوڙت ۽ عقيدت مان هيٺ جهڪي ويو. چور چاهيو ته وقت آهي ان تي چڙهي پنهنجو ڪم سرانجام ڏئي پر محسوس ڪيائين اڃان منزل پري آهي. ڪهڙي خبر سپاهيءَ جي حيواني صفت جاڳي پوي. ۽ تلوار کڻي هن جو سر تن کان جدا ڪري وجهي. اهو سوچي چور مقناطيسي شخصيت سان لفظن جي جادوگري جاري رکي ۽ ويو هن کي ڄار ۾ ڦاسائيندو ۽ زير ڪندو.
    ”لالچ هڪ بري بلا آهي.“ چور چيو، ”جڏهن اسين لالچ ۾ پئون ٿا ته گِڦ اسان جي کٻي واڇ کان وهندي هيٺ ڪري ڪپڙا خراب ڪري ٿي. لالچ اسان جي اندر کي بزدل ۽ منافق بنائي ٿي. اسين دنيا ۾ پاڻ کي ڪمزور ۽ ٻين جي سهاري محسوس ڪيون ٿا. حلال ۽ حرام جي تميز ختم ٿي وڃي ٿي. لالچ مفاد پرستي ۽ غداريءَ کي جنم ڏئي ٿي. اسين پنهنجي ۽ پرائي ۾ تميز وساري ويهون ٿا. خواهشون جيڪي پڻ بري بلا جيان اسان جي پٺيان اچن ٿيون اهي ڊيڪائي سهڪائي مارين ٿيون. اسان جون خواهشون اهڙا زنجير آهن جن مان پاڻ ڇڏائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. خواهشون مايوسين کي جنم ڏين ٿيون. جڏهن خواهشن جو پورائو نه ٿو ٿئي ته اسين غمگين ٿي وڃون ٿا. ۽ ائين مايوسين ۾ وڪوڙجي اڪيلائين جي دنيا جو حصو بنجي وڃون ٿا. اسان جيڪڏهن لالچ نه ڪيون ۽ خواهشن جي تمنا وساري ڇڏيون ته ذهني طرح آزاد ٿي اهڙي هنڌ پهچي وينداسين جتي دائمي خوشيون اسان جو انتظار ڪنديون. ۽ اسين ڪڏهن مايوسين ۽ ڏکن جو منهن نه ڏسنداسين.“
    چور جي ڳالهين جو بهادر سپاهيءَ تي ايڏو ته اثر ٿيو جو ان کي گهاريل زندگي ڏوهن ۽ گناهن کانسواءِ ڪجهه نظر نه آئي. سندس ضمير جاڳي پيو جنهن کان محسوس ڪيائين هن ڪيڏا نه ظلم ڪيا. ڪيترن بي گناهه معصوم ماڻهن کي قتل ڪيو. انهن جا گهر اجاڙيا ۽ عورتن کي بيواهه ڪيو. بهادر سپاهيءَ کي پنهنجو ماضي ائين نظر آيو جيئن ڪو ازدها هن آڏو ڪنڌ کڻي وات کولي بيهي رهيو هجي ۽ ان جي وات مان اهڙي باهه نڪرڻ واري هجي جنهن ۾ هن جو وجود سڙي رک ٿي ويندو. بهادر سپاهيءَ کي ڏاڍو خوف محسوس ٿيو ۽ هن جو جسم ڏڪڻ لڳو. هن هٿ ٻڌي چور کي عرض ڪيو.
    ”اي ولي تنهنجيون ڳالهيون ٻڌي مان گناهن جي خوف ۾ وٺجي ويو آهيان.“ چور اکيون بند ڪري سڌو ٿي ويٺل ته سانت هيو پر اندر ۾ ٽهڪ ڏئي تاڙيون وڄائي ايڏو ته کلي رهيو هيو جو سندس پيٽ ۾ سور پئجي ويو. ”موهه“ پوءِ هن چيو، کنڊر ۾ هن جي آواز جو پڙاڏو پيدا ٿيو. ”موهه انسان کي چريو ڪري وجهي ٿو. موهه جي ڌاڳي ۾ هو ٻڌل ڪٽ پتليءَ جيان اشارن تي ناچ ڪري ٿو. هن جي حياتي پنهنجي حياتي نه ٿي رهي. هن جي زندگي ٻين جي غلام بنجي وڃي ٿي. جدائي هن کي ڏک ڏئي ٿي. ۽ وڇوڙو هن لاءِ پريشانيءَ جو سبب بنجي ٿو. موهه اهڙو ڏوهه آهي جنهن کي ڪرڻ سان ماڻهو سزا طور پاڻ ۾ قيد ٿي وڃي ٿو. ۽ ان کي ضمير ڪڏهن آزاد نه ٿو ڪري. موهه جا ڌاڳا ايڏا ته ڪچا آهن جو اهي انهن ۾ ٻڌل لڙڪندڙ دلين جو بار نٿا جهلي سگهن. اهي ڇڏن ٿا ۽ دليون هيٺ ڪري مٽيءَ ۾ ملي وڃن ٿيون. جيڪڏهن تون دائمي خوشي چاهين ٿو ته توکي رسا ڇنائڻا پوندا. رسا ڇنائيندين ته آزاد ٿيندين ۽ دائمي خوشي تنهنجا قدم چمندي.“
    چور جي ڳالهه ٻڌي بهادر سپاهيءَ کي پنهنجي بيوفا زال ياد اچي وئي. جنهن سان هن کي موهه هيو. اها هن کي ڇڏي هلي وئي. هو جڏهن مهاڀاري جنگ تان ٻن سالن کانپوءِ موٽيو هيو ته هن جي زال گهر ۾ موجود نه هئي. اها گهٽيءَ جون ناليون صاف ڪندڙ هڪ ڀيل سان ڀڃي وئي. زال کي ياد ڪري هو ڏاڍو رنو ۽ اهو گڏهه جي منهن وارو سپاهي کنڊر جي پراڻي ڊَسَ ۾ ليٿڙيون پائي ڇڙيون هئڻ لڳو.
    بهادر سپاهيءَ جي حالت ڏسي بظاهر سانت ويٺل چور جي من ۾ ايڏا ته ٽهڪ اڀامي رهيا هيا جو هن ضروري سمجهيو ته ڳالهائڻ جاري رکي نه ته اهي ٽهڪ هن مٿان حملو ڪندا ۽ سندس سمورو کيل ختم ٿي ويندو. هن پوءِ بهادر سپاهيءَ کي جنت ۽ دوزخ جون ڳالهيون ٻڌايون. حورن ۽ ماکيءَ جي ذائقي جو ذڪر ڪيو. طوفانن زلزلن ۽ قهرن جا قصا بيان ڪيا ۽ قبر جي عذاب کان ڊيڄاريو. بهادر سپاهي رڍ جي ٻچي جيان سامهون ويهي رحم جي نظرن سان هن ڏانهن ڏسڻ لڳو. چور اٿيو ۽ هن کي هٿ کان جهلي ان ڀت وٽ وٺي ويو جنهن مٿان جارو هيو. هن کي اتي بيهاري چيائين،
    ”هيءُ اهو مقام آهي جتي جهڪندين ته تنهنجا سڀ گناهه ڌوپي ويندا. تنهنجو مرتبو بلند ٿيندو ۽ دائمي خوشي حاصل ٿيندي.“
    هن سپاهيءَ کي ڪلهن کان وٺي هيٺ ڪيو ۽ سپاهي ائين جهڪندو ويو جيئن ميڻ جو ٺهيل هجي. سپاهي گوڏن ڀر جهڪي ٺوٺين تي ٻانهون رکي پٺي مٿي ڪئي ته هو ان تي لت رکي چڙهيو ۽ هن جو هٿ آرام سان جاري تائين پهچي ويو. هن پندرهن سو سال پراڻي ابوجهل جي لڪايل بوتل هٿ ۾ کنئي ۽ ٽپو ڏئي کنڊر کان ٻاهر نڪري ويو.
    بهادر سپاهي اتي ائين جهڪيل هيو جيئن فنا ٿي ويو هجي.

    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 533
    ڪتابن جو مشاهدو: 550734
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 212771
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ