ڪتاب جو نالو: اوڻويههَ عورتون
مصنف: رسول ميمڻ
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 03 ڊسمبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 328 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 86 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ناولنگار ۽ اديب ”رسول ميمڻ“ جو پهريون ناول آهي. هو لکي ٿو:
تاريخ هن ناول جو پَس منظر آهي. جڏهن ته پيش منظر خيالي ڪردار آهن. اهڙا ڪردار جيڪي تاريخ اندر گذريل خاص وقت جو الميو پيش ڪن ٿا. ”اڻويهه عورتون“ ناول لڳ ڀڳ تيرهن سوَ سال پراڻي تاريخي واقعي اندر پيش ايندڙ خيالي خاڪو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران :
  • پبلشر نوٽ
  • پنهنجي پاران
  • (1)
  • (2)
  • (3)
  • (4)
  • (5)
  • (6)
  • (7)
  • (8)
  • (9)

  • سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اڻويهه عورتون“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ناولنگار ۽ اديب ”رسول ميمڻ“ جو پهريون ناول آهي. هو لکي ٿو:
    ”اوڻويهه عورتون“ تاريخي ناول نه آهي. ناول ڪڏهن به تاريخي نه هوندو آهي. ناول پاڻ تاريخ هوندو آهي، ڇو جو اهو ماضيءَ جي حوالي سان واقعن کي ياد ڪندي، حال ۾ ان وقت متعلق احساس ۽ تجزيو بيان ڪندو آهي. تاريخ جي حوالي سان هن خطي اندر سدائين فاتحن جي تعريف جا ڍڪ ڀريا ويا آهن، پر عظيم آهن اهي جن وطن جو بچاءُ ڪندي جانين جو نذرانو پيش ڪيو.
    تاريخ هن ناول جو پَس منظر آهي. جڏهن ته پيش منظر خيالي ڪردار آهن. اهڙا ڪردار جيڪي تاريخ اندر گذريل خاص وقت جو الميو پيش ڪن ٿا. ”اڻويهه عورتون“ ناول لڳ ڀڳ تيرهن سوَ سال پراڻي تاريخي واقعي اندر پيش ايندڙ خيالي خاڪو آهي.
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2012ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ هائوس جي سرواڻ قربان منگي صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي. مهربانيون سائين رسول ميمڻ صاحب جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    سنڌي ٻوليءَ ۾ ناول واري صنف جي حوالي سان ڪم ٿيو ضرور آهي پر اهو خاطر خواهه ڪم نه آهي. ناول لکڻ نستباً وڌيڪ محنت طلب ڪم هوندو آهي. اِهوئي سبب آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿورڙا ئي ناول سامهون اچن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سرموڙ ڪهاڻيڪار رسول ميمڻ جو هي ناول سنڌي ڪتاب پڙهندڙن لاءِ يقيناً دلچسپيءَ جو سبب ئي بڻجندو.
    رسول ميمڻ جا هونئن ته ڪيترائي ڪهاڻين جا ڪتاب شايع ٿيا آهن، پر هي سندس پهريون ناول آهي جيڪو ادارو پوپٽ پبلشنگ هائوس ڇپرائي اوهان جي مهربان هٿن ۾ پهچائي رهيو آهي. انهيءَ اُميد سان ته رسول ميمڻ جي لکڻين سان پيار ڪندڙ پڙهندڙ هِنَ ناول کي به ايتري ئي محبت واري موٽ ڏيندا. سنڌي ٻوليءَ ۾ معياري ڪتاب شايع ڪرڻ واري سلسلي کي جاري رکڻ واري عزم کي ورجائيندي اسان اها به اميد رکون ٿا ته اوهان اسان جي رهنمائي ڪندا رهندؤ


    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس،
    خيرپور ــ سنڌ


    پنهنجي پاران

    ”اوڻويهه عورتون“ تاريخي ناول نه آهي. ناول ڪڏهن به تاريخي نه هوندو آهي. ناول پاڻ تاريخ هوندو آهي، ڇو جو اهو ماضيءَ جي حوالي سان واقعن کي ياد ڪندي، حال ۾ ان وقت متعلق احساس ۽ تجزيو بيان ڪندو آهي. تاريخ جي حوالي سان هن خطي اندر سدائين فاتحن جي تعريف جا ڍڪ ڀريا ويا آهن، پر عظيم آهن اهي جن وطن جو بچاءُ ڪندي جانين جو نذرانو پيش ڪيو.
    تاريخ هن ناول جو پَس منظر آهي. جڏهن ته پيش منظر خيالي ڪردار آهن. اهڙا ڪردار جيڪي تاريخ اندر گذريل خاص وقت جو الميو پيش ڪن ٿا. ”اڻويهه عورتون“ ناول لڳ ڀڳ تيرهن سوَ سال پراڻي تاريخي واقعي اندر پيش ايندڙ خيالي خاڪو آهي.
    تاريخ جا هيرو ڏاڍا متضاد هوندا آهن. خدا ۽ شيطان ۾ سمجھ جو فرق آهي. ڏاڍو ڏکيو آهي. شهيدن جي شناخت ڪرڻ ۽ حق جو تغاوت ڪرڻ. ڪن جي نظر ۾ ڏاهر هيرو آهي، ڪن جي نظر ۾ ظالم. سنڌ جي وڏي محقق نبي بخش بلوچ ”چچ نامي“ جي ڇنڊ ڇاڻ ۾ هن کي ڪافر ملعون ڪوٺيو آهي، پر منهنجي نظر ۾ ڏاهر سنڌ ملڪ جو اهو بادشاهه هيو، جنهن ڌارين سان جنگ جوٽي. پوءِ اها جنگ سنڌي عوام لاءِ هئي يا پنهنجي شهنشاهيت کي تحفظ ڏيڻ لاءِ؟
    هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ مان ڌر نه آهيان. ڪنهنجو حامي يا ننديندڙ نه آهيان، پر هڪ سوچيندڙ جي حيثيت ۾ مان وٽ تاريخ جو پنهنجو تت آهي. ڇند ۽ شڪل آهي. منهنجي پيار جو محور منهنجو ملڪ سنڌ آهي. منهنجيون همدرديون سنڌ سان آهن نه ڪي راجائن ۽ سپاهه سالارن سان. ناول ۾ مان ڪنهنجي پٺ ڀرائي نه ڪئي آهي. ڪردار آزاد آهن، انهن تي ڪا پابندي مڙهيل نه آهي. مون ڏاهر کي يا ڏاهر جي سپاهين کي بهادرن جيان گھوڙن تي ابتا سبتا ٽپا کائيندي نه ڏيکاريو آهي. مان ڪٿي به ڪردارن جي ڪيفيت سان جذباتي نه ٿيو اهيان. نه تاريخ لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهيان، نه ڪو تاريخ جو سچو واقعو بيان ڪيو آهي. هڪ پيار جي ڪهاڻيءَ پويان ان وقت جي سنڌ کي پنهنجين نظرن سان ڏٺو آهي. سنڌ ملڪ ڪيئن هُيو؟ انهن جي پرڳڻن ۽ خطن جا نالا، ماڻهن جا نالا، انهن جون رهڻيون ڪرڻيون، اٿڻيون ويهڻيون، معاشي ۽ جاگرفيائي حالتون ڪيئن هيون؟
    منهنجي ناول جو هيرو ”ڪهيداس“ آهي. جيڪو نه سياستدان آهي نه حڪمران، نه فوجي آهي، نه سپهه سالار، نه هندو، نه عرب، نه ڏاهر يا جيسينا جو حامي، نه عربن جو دشمن. اهو هڪ عام رواجي ڪردار آهي، جنهن جي جدوجهد جو مقصد پنهنجي وڇڙي ويل محبوبا ”هارانسي“ آهي. اهو عام رواجي ڪردار سنڌ جو عقلمند، وفادار ۽ پرامن شهري آهي، جيڪو پنهنجي ڏاهپ سان هڪ مسئلي جو حل ڳولهي قيد ٿيل محبوبا کي حاصل ڪري ٿو.
    سنڌ ۾ عربن جي ڪاهه وقت تاريخي مواد گهٽ ميسر آهي. ناول کي تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ مونکي هڪ تصوراتي دنيا قائم ڪرڻي پئي. منهنجي تصوراتي دنيا پڪ سان ان وقت جي حالتن سان مشابهه هوندي. اها لڳ ڀڳ ائين ئي هوندي جيئن مان سوچي آهيان. پر چئي نه ٿو سگهان سمورو فيصلو پڙهندڙن تي ڇڏيان ٿو. پڙهي محسوس ڪندا. ڇا مان غلط ته نه آهيان؟

    جيئي سنڌي ٻولي
    جيئن سنڌي ٻوليءَ جا پڙهندڙ

    رسول ميمڻ
    ڪراچي


    (1)

    ديبل کان روانو ٿئي ٻيڙي کي ٻه ڏينهن گذري چڪا هيا. سمنڊ جي تهه تي ڪوهيڙو ڇانيل هو. ڪوهيڙو ايڏو ته گهاٽو هيو جو نظر جي حد ٻيڙي جي اڳين حصي تائين مس ٿئي پئي جتي ڪاٺ مان ٺهيل گهوڙي جي منڍي لڳل هئي. مٿي ڊگهن سڙهن جون نوڪون ڌنڌ ۾ ائين اوجهل هيون جيئن تلوارون آسمان جي سيني ۾ کتل هجن.
    ديبل جو ڪهيداس جنهن کي برهمڻ آباد مان پڪڙي غلام بنايو ويو هيو ونجهه ائين هلائي رهيو هيو جيئن ٻين کان گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. ٻيڙي جي ٻن پاسن کان ويٺل وانجهي پيرن تي زور ڏئي ڪلهن کي ڇڪي هٿن کي ائين حرڪت ڏئي رهيا هيا جو ونجهن پاڻيءَ مان نڪري سارس پکيءَ جيان وري ٿي سمنڊ جي گج ۾ ٽٻي هنئين. ٻيڙو ويو ٿي مها ساگر ۾ ڪوهيڙي کي چيريندو اڳتي وڌندو.
    موسى يمني جنهن جي بيد جي لٺ تي اٺ جو چمڙو چڙهيل هيو، ان جون نظرون هر غلام مٿان گوشت خور پکيءَ جيان پرواز ڪري رهيون هيون. جڏهن به ڪنهن سستيءَ جو مظاهرو ٿئي ڪيو ته اٺ جي کل وارو ڦٽڪو زور سان هن وهائي ٿي ڪڍيو. غلامن جي پٺين تي ڳاڙها ريٽا نشان سندر نارين جي سينڌ جهڙا هيا جن ۾ ڄڻ رت جو سيندور ڀريل هيو. عالم دين عشريءَ ان کي اهڙي عمل کان روڪيو پئي.
    ”دين ۾ اهڙي سختيءَ جي گنجائش نه آهي.“
    پر هو نه پئي مڙيو. ان کي کتو جواب پئي ڏنائين.
    ”مونکي پنهنجو فرض نڀائڻو آهي. عراقي حڪمرانن آخر مونکي مقرر ڪهڙي ڪم لاءِ ڪيو آهي؟ وقت تي پهچندس ته مال غنيمت جي حصي جو حقدار ٿيندس. سستيءَ جو مظاهرو ڪندس ته ان جي قهر جو طلبگار ٿيندس.“ موسى يمني جيڪو بيد جي لٺ تي چڙهيل اٺ جي چمڙي وارو ڦٽڪو پيو ڦيرائيندو هيو، اهو وادي الدوا سر جي ان برپٽ جو باشندو هيو جتي بگا اٺ هوندا هيا. اتان جي اٺڻين جي ناسي کير مان ٺهيل پنير ڦٽ ۾ مڙيل روڳ جهڙو هوندو هيو. موسى غلام جي پٺيءَ تي ڌڪ هڻي جهليل پنير چٻاڙيندو هيو ته اهو هن جي واڇن وٽان وهندي نظر ايندو هيو. موسى يمني جنهن مان رحم موڪلائي نڪري ڪنهن ظلم جي برپٽ جي خشڪ زمين تي هيـٺ ڪري جذب ٿي چڪو هيو. اهو جڏهن ڳالهائيندو هيو ته سندس وات مان ابهم ٻار جي الٽيءَ جهڙي بوءِ ايندي هئي.
    ٻيڙي جي وچ تي ميري جهالر وارو چبوترو هيو. تيز اس ۾ وڏا سڙهه ان مٿان ڇانوَ ڪيو بيٺا هوندا هيا. ان چبوتري هيٺان ڪاٺ جي وڪڙ ڏئي ويندڙ ڏاڪڻ هئي جيڪا اهڙي هنڌ پئي کٽي جتي هڪ قيد نما ڪمري ۾ اڻويهه عورتون بند هيون. اهي اڻويهه عورتون برهمڻ آباد مان قيد ڪيون ويون هيون. عربي لشڪر جا هزارين تير انداز، سج جي ڪرڻن جيان تجلا ڏيندڙ تلوارن سان زرهن ۾ ملبوس سپاهي ۽ انهن اڳيان ٿلهن رسن سان منجنيقون ڇڪيندڙ حبشي غلامن جون قطارون هاڻي نيرون ڪوٽ طرف وڌي ويون هيون.برهمڻ آباد جي بت خاني مان گوتم جو مجسمو ڪڍي ان ڍير تي اڇلايو ويو هيو جنهن ۾ قلعي جي ڀڳل سرن ۽ ڳاڙهين چوڙين جي ٽڪرن سان گڏ پروهتن جي گوشت جا ڳڀا به شامل هيا. اتي هر طرف لاش هيا. سامهون پوندڙ جوانن کي سيني ۾ لڳل تير ۽ انهن جي گريبانن تي رت رنگيل آڱرين جا نشان جن کي نازڪ ڪراين کان ڇڪي الڳ ڪيو ويو هيو.
    قلعي جو محاصرو ڪيو ويو هيو ته بت خاني جو شمني وڏي در کان نڪري هلندو انهن سامهون آيو هيو ۽ اهو ڳجهو دستاويز پڻ پيش ڪيو هيائين جنهن تي عراقي حڪمران جي مهر ثبت ٿيل هئي. جڏهن ديبل تي قبضو ٿيو هيو ته برهمڻ آباد جي رهواسين کي خوف ورائي ويو هيو. انهن سوچيو هيو عرب لشڪر اتي به پهچڻ وارو آهي. اتان جي مکين بت خاني جي شمنيءَ کي اها صلاح ڏئي هئي ته نيرون ڪوٽ ڏانهن ويندي عرب برهمڻ آباد ضرور پهچندا ۽ وڏي تباهي مچندي. ان کان اڳ جو اهڙو وقت اچي ڇونه ڏاهر کي اطلاع ڏيڻ بنا عراق جي حڪمرانن ڏانهن قاصد موڪلي اڳواٽ اهڙو ڳجهو معاهدو ڪيو وڃي جو برهمڻ آباد تي نازل ٿيندڙ مصيبت ٽري وڃي. انهن اهڙو قاصد موڪلي عراقي حڪمرانن کي راضي ڪري ورتو هيو ته عرب فوجون برهمڻ آباد تي حملو نه ڪنديون جنهن عيوض اهي پنجاهه هزار درهم ساليانو خراج ڏيندا.
    شمنيءَ جڏهن اهڙو معاهدو عرب سپهه سالار کي پيش ڪيو هيو ته ان سندس آدرڀاءُ ڪيو ۽ اهڙي عمل جي تعريف ڪئي هئي. برهمڻ آباد جا دروازا عرب فوج لاءِ کوليا ويا.جڏهن عرب فوجي داخل ٿيا ته اهي بت خاني جا خزانا ڏسي هراسجي پيا. مندر جون اڻويهه خوبصورت داسيون جيڪي رنگ برنگي ڪپڙن ۾ ملبوس هيون ۽ انهن تي سونا زيور چڙهيل هيا، عرب سپاهين ڏٺيون ته ديوانا ٿي پيا. انهن معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي. مندر جي خزاني کي لٽيو ۽ اڻويهه عورتن جي جسم تي جيڪي زيور سجايل هيا ڪيترا سپاهي ويجهو اچي هٿن سان لاهڻ لڳا. عورتن ڪو احتجاج نه ڪيو جيئن انهن کي خبر هئي ته اهي ساڻن ڪابه رعايت نه ڪندا. عرب سپاهين جي اهڙي حرڪت تي قلعي اندر نفرت ڦهلجي وئي.هڪ برهمڻ سردار انهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، نتيجي ۾ خون خرابو شروع ٿي ويو. پورو شهر عتاب ۾ اچي ويو. قلعي جي برجن تي قبضو ڪري بيٺل عرب سپاهين ڪمانيون سڌيون ڪيون- تير باغي جوانن جي سيني ۾ کُپي ويا. ڪيترن گهرن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو ۽ پڪڙيلن کي غلام بنائي پير ڪڙيون وڌيون ويون. عرب سپاهين کي گهڻو مال غنيمت هٿ آيو، جنهن ۾ هيرا موتي، ٻانها ۽ خوبصورت داسيون شامل هيون. مال غنيمت جا ٽي حصا ڪري، هڪ سپاهين ۾ ورهايو ويو. ٻيو سپهه سالار جي حصي ۾ آيو ۽ ٽيون جنهن ۾ هيرا موتي ۽ مندر جون اڻويهه داسيون شامل هيون عراق جي حڪمران لاءِ منتخب ڪيون ويون. عرب لشڪر جڏهن نيرون ڪوٽ روانو ٿيو ته سپاهين جي هڪ جٿي سان مال غنيمت عراق روانو ڪيو ويو ۽ عرب سپهه سالار اهو حڪم ڏنو ته، ”ديبل پهچي ڪجهه ڏينهن آرام ڪري ان مال غنيمت کي ڪنيزن سميت بحربانيا روانو ڪيو وڃي ۽ اتان جي خليفي کي پيغام پهچايو وڃي ته اهي عراق جي حڪمران جون امانتون آهن، کين ان وقت تائين ترسايو وڃي جيسين عراق مان ڪو حڪم نه ٿو اچي. خليفي کي اها گذارش پڻ ڪئي وڃي ته هڪ هزار گهوڙن جي سخت ضرورت آهي جيڪڏهن اهي ڪرمان کان مڪران خشڪيءَ رستي موڪليا وڃن ته ٻڌيا ۽ سيوستان تي حملي وقت انهن جي ضرورت پيش اچي سگهي ٿي.“
    ٻيڙي جو ونجهه هلائيندڙ ڪهيداس به انهن غلامن مان هڪ هيو جيڪي برهمڻ آباد مان پڪڙيا ويا هيا. ونجهه هلائيندي هن جي ٻانهن جا ڏورا سڄي سخت ٿي چڪا هيا. هن جي پٺيءَ تي پوندڙ موسى يمنيءَ جي ڦٿڪن جا نشان پٿر تي پيل اڻمٽ لڪيرن جهڙا هيا. جڏهن هو ونجهه هلائي رهيو هيو ته هن کي ٻيڙي جي وچ تي ميري جهالر لڳل چبوتري هيٺان وڪڙ کائي ويندڙ ڪاٺ جي ڏاڪڻ ڀرسان قيد جهڙي ڪمري مان ڪنهن عورت جي رڙ جو آواز آيو. اها رڙ ائين نڪتي ڄڻ مٿي سڙهه تي ويٺل ڪو پکي اوچتو ڀڙڪو ڏئي اڏاميو هجي. هن منهن مٿي ڪري ڏٺو. آسمان ۾ ڪوهيڙي کانسواءِ ڪجهه نه هيو. ڪهيداس کي لڳو اها رڙ سندس محبوبا جي هئي جيڪا انهن اڻويهه عورتن ۾ شامل هئي جن کي قيد ڪيو ويو هيو. برهمڻ آباد جي مندر جي داسي. هن جي محبوبا هارانسي جنهن جا سڏڪا هندي سمنڊ تي هلندڙ ان ٻيڙي ۾ ٻڌجي رهيا هيا.هارانسيءَ جا سڏڪا جيڪي ڳوڙهن جا گهنگهرو پائي تهه خاني جي ڏاڪڻ چڙهي هن آڏو اچي ڄڻ ڀڳوان جي بت اڳيان نچي رهيا هيا.
    جڏهن ٻيڙو بحربانيا جي ڪنارن سان ٽڪرايو ته ڪهيداس جا هٿ ڦاٽي چڪا هيا. غلامن ونجهن مان هٿ ڪڍيا ته انهن جون پير ڪڙيون کولي پاسيرو ڦٽي ڪيائون. موسى يمني ان پوري سفر دوران پهريون ڀيرو سک جو ساهه کنيو. ان جي منهن تي رحم ۽ پڇتاءَ جون لڪيرون ظاهر ٿيون. لوهي زرهون پاتل سپاهي غلامن تي حقير نظرون وجهندا هيٺ لٿا. زخمي غلامن کي ڪناري تي آڻي بيهاريو ويو ۽ جڏهن اڻويهه عورتون هيٺان تهه خاني مان ٻاهر نڪري سامهون آيون ته گهڻو وقت اوندهه ۾ رهڻ ڪري سج جي روشنيءَ ۾ انهن جون اکيون ننڍيون ٿي ويون. سپاهي اڻويهه عورتن ۽ غلامن کي ساڻ ڪري قلعي ۾ داخل ٿيا. ماڻهو انهن جو استقبال ڪرڻ رستن تي نڪري آيا. هر طرف نعرا گونجڻ لڳا. ان هجوم ۾ ڪهيداس زخمي وجود سان هلي رهيو هيو. ان جون اداس اکيون اڻويهه عورتن جي قطار ۾ هارانسيءَ کي ڳولهي رهيون هيون. هن ڏٺو هارانسي ڄار ۾ ڦاٿل ڪونج جيان بي چين هئي. اها اداس اکين سان هجوم ۾ هلي رهي هئي. ان جا نازڪ پير جيڪي مندر جي مرمر کي ڌڙڪائي وجهندا هيا اهي ناهموار رستي تي هلي زخمي ٿي چڪا هيا. هن ڪوشش ڪئي ته هجوم کي چيري هارانسيءَ ويجهو وڃي کيس تسلي ڏئي. پر سوچيائين هن وٽ تسليءَ لاءِ آخر لفظ ئي ڪهڙا آهن؟ هو ڪهڙي تسلي ڏئي پئي سگهيو. جڏهن پاڻ کي خبر نه هئي ته ڇا ٿيڻ وارو آهي؟ موسى يمني پويان هر غلام تي نظر رکندو پئي آيو. چمڙي وارو بيد اڃان به هن جي هٿ ۾ هيو.
    ٻئي ڏينهن انهن کي خليفي سامهون پيش ڪيو ويو. غلامن ۽ ٻانهين سميت اهي سڀ سوکڙيون آڏو رکيون ويون جيڪي اتان عراق جي حڪمرانن ڏانهن اماڻڻيون هيون. خليفي هڪ سون جو سڪو کنيو ۽ ان تي اڪريل صورت ڏسندي پڇيو،
    ”ڇا هيءَ تصوير ان ڏاهر جي آهي، جنهن جي سلطنت ديبل کان ڪشمير تائين ڦهليل آهي؟“
    ”ها.“ ٻيڙي سان آيل امير جواب ڏنو، ”انهن سون جي سڪن تي ساڳي ڪافر جي تصوير آهي جنهن هندي سمنڊ ۾ قزاقن کي بازن جيان ڇڙواڳ ڇڏي ڏنو آهي.“
    خليفي سون جي سڪي تي ڏاهر جي تصوير ڏسي ٽهڪ ڏنو.
    ”ڪهڙو وقت آيو آهي؟“ ان چيو، ”لٽيرن جون تصويرون سونن سڪن تي اڪريل آهن !!“
    پوءِ خليفي آڏو اهي اڻويهه عورتون پيش ڪيون ويون جيڪي ائين بيٺل هيون جيئن سنگ مرمر جا بت هجن جن تي هٿوڙين جا بي ترتيب نشان هجن. خليفو عمر جي ان حد کي پهتو هيو جتي حواس گلابن جي واس کان محروم هوندا آهن. اهي اڻويهه عورتون هن لاءِ ڪنهن به ڪشش جو باعث نه هيون. آخر ۾ اهي غلام پيش ڪيا ويا جن جا هٿ زخمي ۽ پير پٿون هيا. انهن ۾ اڪثريت اهڙن هارين جي هئي جيڪي ٻيو ڪم نه ڄاڻيندا هيا. خليفي انهن کي گهوڙن جا استبل سنڀالڻ جو حڪم ڏنو. جيڪي رازا هيا انهن کي قلعي جي مرمت لاءِ اهڙي حصي ۾ موڪليو ويو جتي سمنڊ جي وير ۾ سرون ڳري لوڻ ۾ تبديل ٿي چڪيون هيون. ڪهيداس پاڻ کي خليفي آڏو ماهر فلڪيات ۽ حڪيم جي روپ ۾ ظاهر ڪيو. هن خليفي کي ٻڌايو ته هو اهڙو جوتشي آهي جيڪو ستارن جي حساب سان مستقل جا نتيجا اخذ ڪندو آهي، حڪمت جو ڄاڻو ۽ ڳجهن مرضن جي علاج جو ماهر آهي. ”جيڪڏهن جوتشي آهين“ خليفي پُڇيو ”ته ڇا تون ستارن جو حساب لڳائي اتان جي حڪمرانن کي آگاهه نه ڪيو ته شڪست انهن جو مقدر آهي. هڪ ڏينهن انهن کي عرب فوج اڳيان هٿيار ڦٽا ڪرڻا پوندا.“
    خليفي جي ڳالهه تي ڪهيداس هٿ ٻڌي عرض ڪيو،
    ”مون انهن کي آگاهه ڪيو هيو ته روءِ زمين تي هڪ ڏينهن انهن جي جهنڊي کي لهرائڻو آهي. سڀ جنگيون فضول ۽ جان جوکي برابر آهن. پر ڏاهر کي بدگماني آهي ته هو راجائن جو راجا ۽ وڏي طاقت وارو آهي.“ ڪهيداس جي ڳالهين جو خليفي تي اثر ٿيو ۽ هن کي سٺو سمجهڻ لڳو. ”ڇا تون حڪمت مان چڱيءَ ريت واقف آهين؟“ خليفي پڇيو.
    ”ان ماٿريءَ جو آهيان جنهن جي زمين مان شفا ڦٽندي آهي ۽ درياهن جو پاڻي زخم ڌوئي صاف ڪندو آهي.“
    خليفو ڪهيداس مان متاثر ٿيو. فرمان جاري ڪيائين ته، ’هن کي ان قيد ۾ رکيو وڃي جتي امير زادن کي ڏوهن جي سزا ڏيڻ لاءِ رکيو ويندو آهي.‘ اهو قيدخانو ٻين جي نسبت سٺو هيو. هن اها رات گهڻي وقت کانپوءِ سڪون سان گذاري. ڊگهي ننڊ ڪئي جيڪا هن کي مختصر محسوس ٿي. هن کي لڳو جيئن رات اک ڇنڀ ۾ گذري وئي هجي. هن جي هٿن جا زخم رت ۾ ڄمي چڪا هيا ۽ پير ڪڙين جا نشان ائين ڏسجي رهيا هيا جيئن پير ڀيڏين وٽان ڪٽجي الڳ رکيل هجن. هو قيدخاني جي ڪنڊ ۾ ويهي در کلڻ جو انتظار ڪندو رهيو. ۽ سوچيندو رهيو، ’ڪو حبشي اتان ظاهر ٿيندو جنهن جي ڳچيءَ ۾ ڏول ان جي گناهن جيان لڙڪيل هوندو. اهو ڪاٺ جي ڏوئيءَ سان کاڌو ڪڍي هن آڏو ڪنهن ميري ٿانءَ ۾ رکي هليو ويندو. ان سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ حبشي ٿلهن چپن تي آڱر رکي ڀتين ڏانهن اشارو ڪندو، جنهن جو مطلب هوندو. خبردار قيدخاني جي ڀتين کي ڪن آهن. چپن مان نڪتل ڀڻڪ رڙ جو روپ ڌاري سگهي ٿي.‘ ڪهيداس اهڙين سوچن ۾ گم هيو ته هن تصور ۾ هارانسيءَ کي ڏٺو جيڪا جيئن قيدخاني جي اتر واري دريءَ مان اندر ايندڙ واءُ تي فرش تي وڇايل گاهه جي تاندورن جي سرسر جهڙي آواز جيان پيرن ۾ گهنگهرو پائي هن سامهون آئي هجي. ان جي سنهري لباس سان قيدخاني جي اوندهه چانديءَ جيان چمڪي پئي هجي. هارانسي جيڪا ڪارونجهر جي ڳاڙهي پٿر مان تراشيل هئي.جنهن جو وجود اروڙ جي پهاڙن مان وهندڙ سنڌوءَ جي جهرڻن جهڙو هيو. جنهن جي چپن ۾ نيرون جي گلابن جي مهڪ هئي. جنهن جون اکيون ديبل جي مهامندر اڳيان ٽڙندڙ رابيلن مٿان ڦيرا ڏيندڙ ڀنورن جهڙيون هيون. هارانسي جيڪا پاڻ هڪ مجسمو هئي جنهن کي سونهن سيس نمائي چمڻ لئي تيار هئي. ڪهيداس لاءِ اهو احساس موت برابر هيو ته هن جي دل جي راڻي ڪنهن قيد ۾ بي وسيءَ جا ڳوڙها ڳاڙي رهي هئي. هارانسي جنهن کي وڇڙڻ کان پوءِ کن پل لاءِ به وساري نه سگهيو هيو. ان جي بي وسيءَ کي ياد ڪري سڏڪندو رهيو. هارانسي جنهن سان هن جو ننڍپڻ گذريو هيو. نيرون ڪوٽ کان رائوڙ ۽ برهمڻ آباد کان ديبل تائين ڪشالا ڪڍيا هيا.
    ڪهيداس قيدخاني جي ڪارين ڀتين اندر اهي ڏينهن ياد ڪيا جڏهن هڪ بازيگر جو پٽ هيو ۽ هارانسي ننڍڙي ٻار جيان هن آڏو بيٺل هئي. ان جي پيشانيءَ تي ڳاڙهو سورج ديوتا جو نشان ڪنهن عرش ڏي اڏامي، ويل شهيد جي روح مان ڇڻيل رت ڦڙي جيان وهندي محسوس ٿي رهيو هيو. نازڪ جسم واري هارانسي جيڪا اڃان پنجن سالن جي مس هئي. اها واسل بهماسيءَ جي اڪيلي اولاد هئي. ان کي ماءُ جنم ڏئي دنيا مان ايئن هلي وئي ڄڻ غائب ٿي ڌيءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿي هجي. اها چئن سالن جي هئي ته ڳوٺ تي ڪارن پيشابن جي بيماريءَ حملو ڪيو. جنهن ۾ هن جي پيءُ واسل بهماسيءَ جو موت واقع ٿيو. مرڻ کان اڳ واسل بهماسيءَ ڪهيداس جي پيءُ ڏانهن پيليون اکيون کڻي چيو، ”هارانسي تنهنجي امانت. هن جي پالنا ڪجانءِ. منهنجي روح کي راحت تڏهن نصيب ٿيندي جڏهن اها داسيءَ جي روپ ۾ ٻُڌ جي مجسمي اڳيان نرت وجهندي ۽ ان جي گهنگهرن جو آواز منهنجي روح تائين پهچندو.“
    ننڍڙي هارانسي انهن ڏينهن بازيگرن جي قافلي پويان ائين هلندي هئي جيئن بيابانن ۾ ماءُ کي ڳولهيندي هجي. هوءَ رڃ ۾ پيءُ جهڙا پاڇولا ڏسندي هئي، جيئن وڃائجي ويل هرڻي هجي جنهن جون اکيون شفقت جو نخلستان ڳولهينديون هجن. ڪهيداس هن کان ڇهه سال وڏو هيو پر جسماني لحاظ کان نوجوان نظر ايندو هيو. يارنهن سالن ۾ ان کي مڇن جي ساول آئي ۽ بغلن مان بوءِ ايندي هئي. هو هڪ مهل ست بال هٿن ۾ ائين ڦيرائيندو هيو جو پري کان ڪنهن ڦيٿي جيان ڦرندي نظر ايندا هيا. باهه جا ڪرتب ڏيکاريندو هيو. باهه جي شعلي کي زبان تي رکي وسائيندو هيو ۽ وسيل شعلي کي ڦوڪ ڏئي ٻاريندو هيو. هن وٽ اهڙو محلول هوندو هيو جنهن کي لڳائڻ سان جسم جو اهو حصو غائب ٿي ويندو هيو. هو نظر نه ايندڙ دستانا ڏندن سان ڇڪي لاهيندو هيو ته هٿ ظاهر ٿي پوندا هيا. ٻڌيا جي وهندڙ چشمن مان وهنجي مريض صحتياب ٿي رهيا هيا ته هن اتان جي پهاڙن ۾ گندرف ڳولهي لڌو هيو. هن گندرف تي تجربا ڪيا هيا. ان جي شفايابيءَ جي جوهر کي دريافت ڪيو هيو. سدا بهار گلن جي عرق ۾ اهڙا صفوف ٺاهيا هيا جو ڪيڪانان جي زخمي سپاهين جا ڦٽ سڪي ويا ۽ انهن کي آزمائڻ کانپوءِ ٻيهر وڙهڻ جي قابل ٿي ويا. هن گندرف کي قلمي شوري سان ملائي آتشبازيءَ جو سامان ايجاد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پر هڪ حادثاتي ڌيٻوڙي جي نتيجي ۾ مرندي بچيو هيو. هن ڪيڪانان جي پهاڙين مان سنکيو پڻ ڳولهي ڪڍيو هيو جيڪو بي ذائقي ۽ بوءِ کان پاڪ هيو. هن سنکيي کي نانگ سان تشبيهه ڏني هئي. هو چوندو هيو، ”سنکيو مري ته ٺري نه ته ڪاريهر جيان وري.“ هو سنکيي کي ست ڏينهن ان چلهه جي تهه ۾ دفن ڪندو هيو جنهن تي مندر جي داسين جو کاڄ پچندو هيو. ستن ڏينهن کانپوءِ جڏهن سنکيو کوٽي ڪڍندو هيو ته اهو سون جيان چمڪندو هيو. ان سنکيي مان اهڙن نامردن جو علاج ڪيو جيڪي مباشرت کي گناهه سمجهندا هيا. هن اڻ مئل سنکيو ٻڌيا جي جيل ۾ بند اهڙن جاسوسن تي استعمال ڪيو هيو جن تي شڪ هيو ته اهي ڳجهي طرح ڪرمان جي حڪمرانن کي پنهنجي ديس جي ڪمزورين کان واقف ڪن ٿا. هن کي خبر هئي ته جتي سنکيو نامرد بادشاهن تي استعمال ڪري مملڪتن جا وارث پيدا ڪري سگهجن ٿا، اتي انهن کي ماري سلطنتون برباد ڪري سگهجن ٿيون.
    ڪهيداس نجوم جو علم پنهنجي مامي کان سکيو جنهن کي ٻه ڏينهن اڳ پنهنجي موت جو علم هيو. ان ٻن ڏينهن اندر سمورا ڪم ائين نبيريا جيئن قافلي جي پهچڻ کانپوءِ ان جي اڻ اعلانيل ڪوچ جو وقت اچي ويو هجي. هن ٻن ڏينهن ۾ جيڪي ڪيو ان کي ناڪافي قرار ڏنو. ۽ چيو، ”جڏهن چئن ڏينهن ۾ ڪجهه نه ڪري سگهيو ته ٻه ڏينهن ڪهڙي ڪم جا؟“ اهو رات جو سمهيو. هن ايڏا کونگهرا هنيا جو گهر وارا سمهي نه سگهيا. کونگهرا بند ٿيا ته انهن ڏٺو اهو مري چڪو هيو. جڏهن ان جي مڙهه کي ساڙيو ويو ته ان مان اڀرندڙ دونهي ۾ اهڙي بوءِ هئي جيڪا پاڪ ورقن کي پيرن هيٺان لتاڙجي بي حرمتيءَ کان بچائڻ لاءِ گڏ ڪري ساڙڻ وقت ايندي آهي.
    ڪهيداس کي اوندهه ۾ عرش جا ستارا سڏ ڪري رستو ٻڌائيندا هيا. ستارن جا ڪرڻا اشارو ڪندڙ آڱرين جهڙا هوندا هيا ۽ انهن آڱرين ۾ منزلن جون منڊيون پاتل هونديون هيون. هو محفلن ۾ انهن پوٽوهاري راجائن جا عشقيا داستان ٻڌائيندو هيو. جن راجائن جي منهن تي وٽيل ڏاڙهيون هيون ۽ مڇون تيز ڌار تلوارن جيان وار ڪرڻ لئي آتيون هونديون هيون. انهن جي بخملي محبوبن جي سونهري منهن جي ڪارن ترن تي پڳون قربان ڪرڻ جا قصا ۽ چکيا تي انهن سان گڏ سڙي مرڻ جا اهي امر داستان جيڪي زماني جي زبانن کان ٿيندا انهن تائين پهتا هيا. ڪهيداس هارانسيءَ کي ان عمر کان چاهيندو هيو جڏهن عشق معنا وڃائي ويهندو آهي. پنجن سالن جي هارانسي جيڪا بازيگرن جي قافلي ۾ هڪ هاٿيءَ تي سوار هوندي هئي ۽ ان جو فيلبان هاٿين جي ديوتا جهڙو هوندو هيو. اهو منڊليءَ ۾ هاٿين کي بيهاري تماشو ڏيکاريندو هيو ته هاٿي اڳيون ڄنگهون جوڙي ان کي نوڙي سلام ڪندا هيا. اهو فيلبان وات مان هاٿيءَ جي سونڊ جهڙي زبان ڪڍي پيشانيءَ تي رکي ڏسندڙن کان داد وٺندو هيو. هارانسيءَ ڀرسان ڪاٺ جي صندوق رکيل هوندي هئي جنهن ۾ مختلف رنگن جا عطر پيل هوندا هيا. انهن جو ڍڪ کولڻ سان خوشبوءِ تي پوپٽن جا ولر لهندا هيا ۽ بلبليون ٻولڻ لڳنديون هيون. انهن ۾ راجائن لاءِ خاص اهو عطر به شامل هوندو هيو جنهن کي دهليلا جو شمني خوبصورت داسين جي بغلن مان چکائي ٺاهيندو هيو اهو قافلو جنهن ۾ چار هاٿي، ڇهه اٺ، ٻه گهوڙا ۽ ويهارو کن فرد هيا، تن لاءِ ڏينهن ۽ رات ۾ ڪو فرق نه هوندو هيو. سياري جي راتين ۾ ٻرندڙ مچن تي تماشا ٿيندا هيا ۽ بازيگر باهه جا الا هٿن ۾ کڻي هجومن ۾ نچندا هيا. جهانجهه ۽ چنگ جي ڌُن تي بهرور جون اپسرائون چيلهه لوڏي وارن کي جهٽڪا ڏئي نچنديون هيون. سونڊ مٿي ڪري هاٿين جي چنگهاڙڻ جا آواز رات جو سينو چيري عرش ڏي ائين بلند ٿيندا هيا جيئن اوندهه جي ڇاتي ٻه اڌ ٿي وئي هجي. انهن جا پڙاءَ ڪڏهن ديبل ۾ هوندا هيا ته ڪڏهن برهمڻ آباد ۾. اهي رائوڙ جا بر لتاڙي بهرور ۽ دهليا پهچندا هيا ۽ ڪڏهن سيوستان ۽ ٻڌيا کان ٿيندا اروڙ تائين هليا ويندا هيا.
    هارانسي جڏهن تيرنهن سالن جي ٿي ته هن کي برهمڻ آباد جي شمنيءَ حوالي ڪيو ويو. اهي سانوڻ جا ڏينهن هيا جڏهن برهمڻ آباد جي مندر ۾ ٻڌ جي ڏٻري بت اڳيان بيڪانيري ٻيلي جي ماکين جي مانارن مان ٺهيل ميڻ بتين مان ڳوڙها مينهن جي بوندن جيان ڳڙي هيٺ ڪري رهيا هيا. پوڙهي شمنيءَ جڏهن هيڊي روشنيءَ ۾ هارانسيءَ کي ڏٺو ته ان جون اکيون قسم کائڻ تي مجبور ٿي ويون ته انهن اهڙو سندر چهرو ڪڏهن نه ڏٺو.
    ”هيءَ ڇوڪري منهنجي دوست واسل بهماسيءَ جي اڪيلي اولاد آهي.“ ڪهيداس جي پيءُ شمنيءَ کي چيو، ”کيس وصيت موجب تنهنجي حوالي ڪرڻ آيو آهيان.“
    شمنيءَ ان خوبصورت ڇوڪريءَ جي مٿي تي هٿ رکيو ته سندس دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي.
    ”شل ٻڌ هن تي ٻاجهه ڪري.“ شمنيءَ چيو.
    پوءِ هارانسيءَ کي بت اڳيان گوڏن ڀر چرڻن ۾ ويهاريو ويو. سترهن سالن جو ڪهيداس جڏهن پيءُ سان مندر مان واپس وريو ته هن ڪنڌ ورائي ڏٺو. گوتم جي بت اندر هن جي وساريل دل ڌڙڪي رهي هئي.
    هن ڪيترا دفعا قافلي سان گڏ اتان موٽندي هارانسيءَ سان ملاقاتون ڪيون. پيار جا انجام ورجايا ۽ نوان اقرار ڪري يقين ڏيارو ته هو هڪ ٻئي لاءِ جنميا آهن. جسم جا اهي حصا آهن جن هڪ ٻئي کي ڳولهي لڌو آهي. انهن جو وجود هڪ ٻئي کانسواءِ اڌورو ۽ نامڪمل آهي.
    ڪهيداس قيدخاني اندر اهڙين ئي سوچن ۾ هيو ته اوڀر کان روشندان ۾ نيراڻ ڦهلجي ويئي. هن کي اوجاڳيل سوچون خواب جيان محسوس ٿيون. جڏهن صبح جي روشني پکڙي ته قيدخاني جو لوهي در ڪرندڙ ڀت جهڙو آواز ڪري کلي ويو. ان مان موسى يمني نروار ٿيو جنهن جي هڪ هٿ ۾ بيد وارو ڦٽڪو هيو ۽ ٻئي ۾ شاهي فرمان.


    (2)

    قيدخاني کان خليفي جي محل تائين ڪو ايڏو ڊگهو رستو نه هيو. خليفي جي محل جي هڪ دريءَ کان اهو قيدخانو ڏسبو هيو ۽ ٻئي دريءَ کان مقتل جتي ڳجهون خاموش ويٺل هونديون هيون ۽ ڪانءَ گوڙ مچائي مقتل ۾ ڦهليل افسردگيءَ کي متاثر ڪندا هيا. محل جي مک دروازي کان سرن جو فرش ان ڦوهاري اڳيان پئي کٽيو، جنهن جي چوڌاري ڪبوتر اڏرندا ۽ لهندا هيا.
    موسى يمني ڪهيداس کي ساڻ ڪري ان مختصر رستي تان هلندو محل ۾ پهتو. هن کي جڏهن خليفي سامهون پيش ڪيو ته ان جا ٽي پٽ جن کي عمر جي حساب سان ننڍيون وڏيون ڏاڙهيون هيون، ڇٽ واري ڪرسيءَ چوڌر بيٺل هيا. ڪهيداس پهچڻ سان نوڙي سلام ڪيو ۽ خليفي جي عبا کي هٿ ۾ کڻي چميو. خليفو ٿڪيل ۽ بيمار ڏسجي رهيو هيو.
    ”مون هندستاني حڪيمن جا قصا ٻڌا آهن.“ خليفي ائين ڳالهيو جيئن اندر مان آواز کي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. ” مون ٻڌو آهي ته سنڌ جون جڙي ٻوٽيون اثر ۽ علاج ۾ بي مثال آهن. ڇا تون سمجهي سگهين ٿو، منهنجو علاج ممڪن آهي؟“ ڪهيداس محسوس ڪيو خليفو هن تي اعتماد ڪري رهيو آهي ۽ سندس دل ۾ نرم گوشو پيدا ٿي چڪو آهي.
    ”جيڪڏهن حضور پرور نبض تپاسڻ جي اجازت ڏين ته مرض جي تشخيص ڪري علاج تجويز ڪري سگهان ٿو. هڪ جوتشيءَ جي حيثيت ۾ هٿ جون لڪيرون ڏسي قسمت جو حال پڻ ٻڌائي سگهان ٿو.“
    خليفي کيس اجازت ڏني ته ڀل نبض تپاسي ۽ هٿ جون لڪيرون ڏسي قسمت جو حال معلوم ڪري. ڪهيداس خليفي جي نبض تي هٿ رکي ڪن ڀرسان ائين آندو جيئن ڪو غيبي آواز ٻڌڻ جي ڪوشش ڪندو هجي، پوءِ خليفي جي هٿ جي لڪيرن کي ڏٺو جيڪي هڪ ٻئي مٿان ايئن چڙهيل هيون جيئن مدرسي ۾ رياضيءَ جي استاد ڪنهن شاگرد جي حساب کي ڪٽي غلط ڪيو هجي. ڪهيداس غور ۽ فڪر ۾ پئجي ويو جنهن کان هن جي پيشانيءَ جون لڪيرون گهريون ٿي ويون.
    ”توهان جو علاج ممڪن آهي ۽ مستقبل شاندار.“ ڪهيداس چيو، ”اهڙو علاج هن دنيا جي تختي تي موجود آهي جنهن جي واپرائڻ سان اوهان صحتياب ٿيندا ۽ مستقبل اوهان جو انتظار ڪندو. ٻي صورت ۾ بروقت علاج نه ٿيو ته توهان جي مملڪت کي سانحو پيش اچي سگهي ٿو. توهان جي صحت ۽ حياتي هڪ اهڙو راز آهي جنهن کان مستقبل جا سڀ سانحا ۽ حادثا دور ٿي سگهن ٿا.“
    ڪهيداس جي ڳالهه ٻڌي خليفي جي منهن تي سرهاڻ اچي وئي.
    ”پوءِ تون علاج شروع ڪر.“ خليفي عجلت مان چيو، ”وقت خراب نه ڪر. مون وٽ وقت گهٽ آهي ۽ ها... ان ڳالهه کان پڻ واقف ڪر ته مستقبل جي حادثن مان تنهنجي ڪهڙي مراد آهي؟“
    ”توهان جي هٿ جي لڪيرن مان اها ڳالهه واضح آهي ته زحل ۽ مريخ جو ٽڪراءُ ٿيڻ وارو آهي. جنهن صورت ۾ مملڪت جي مال متاع ۽ اولاد کي نقصان جو انديشو آهي.“
    خليفو چپ ٿي ويو. هن جا ٽي پٽ ائين ڏسڻ لڳا جيئن اشاري جا منتظر هجن، ڪو حڪم ٿئي ته ان تي عمل ڪري سگهن.
    ”مملڪت جي معاملن جو فڪر نه ڪر.“ خليفي چيو، ”مان منهن ڏيئي ويندس باقي بيماريءَ جو بلو ڪر.“
    ”پوءِ بندي کي اجازت ڏيو ته جهر جهنگ گهمي اهڙيون جڙيون ٻوٽيون حاصل ڪري سگهي جيڪي علاج ۾ مددگار هجن.“
    خليفو وري سوچ ۾ ٻڏي ويو.
    ”ڇا تون سمجهين ٿو؟“ خليفي چيو، ”ته مملڪت بحر بانيا جي بيابانن ۾ اهڙيون جڙيون ٻوٽيون ملي سگهنديون جيڪي سنڌ جي سرسبز ميدانن ۾ موجود آهن؟“
    خليفي جي سوال تي ڪهيداس منجهي پيو. هن سوچيو تڪڙ ۾ خليفي جي طبيعت خلاف ڪا ڳالهه ڪئي ته چڙي پوندو.
    ”جيڪڏهن مملڪت بحر بانيا جي بيابانن ۾ آزاد ڇڏيو ته توهان سان وعدو ٿو ڪريان ڪيڏانهن نه ويندس. ايمانداري ۽ وفاداريءَ سان ڪوشش ڪري جڙي بوٽيون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.“
    خليفي ٽنهي پٽن ڏانهن ڏٺو جيڪي سمجهي ويا ته هن کي سندن صلاح جي ضرورت آهي. خليفي جو وڏو پٽ ابوالقاس جنهن جي طبيعت ۾ زنانپڻو هيو، صلاح ڏيندي چيو. ”بابا سائين، هيءُ قيدي مونکي وفادار ۽ فرض شناس ڏسجي رهيو آهي. جيڪڏهن هن تي اعتماد ڪيو وڃي ته ڪا خرابي نظر نه ٿي اچي.“
    ”پر منهنجي راءِ مختلف آهي.“ وچين پٽ چيو، ”هيءُ قيدي ڀل ڪيترو به پهتل ڇو نه هجي. اها اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي ته مملڪت جي سرحدن اندر گهمي رازن کان واقف ٿئي ۽ دشمنن جي مدد ڪري.“
    خليفي جو ننڍو پٽ جيڪو جوشيلو هيو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو.
    ”هن سان رحم جو ورتاءُ نه ڪيو وڃي.“ ان چيو، ”عقلمندي ان ۾ آهي ته هن کي قيد ۾ رکي نجوم جا ڪم ورتا وڃن ۽ ڪنهن به صورت ۾ آزاد نه ڇڏيو وڃي.“
    بظاهر ڪهيداس جي منهن تي انهن متضاد راين جو تاثر پيدا نه ٿيو. ساڳيو ادب مان انهن آڏو بيٺل رهيو. پر سندس من ۾ نفرت ۽ بدلي جا مچ ٻري رهيا هيا. هن چڱائي ان ۾ سمجهي ته ڪجهه نه ڳالهائي ۽ خليفي جي فيصلي جو انتظار ڪري. خليفو پٽن جي ڳالهه کي نظرانداز ڪري سوچيندو رهيو ته مرض ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو وڌندو، ڪافي علاج ڪيا پر ڪو افاقو نه ٿيو. جيڪڏهن طبيعت ائين رهي ته ڪجهه ڏينهن اندر مرندي دير نه ڪندو. ضروري هيو ته ڪهيداس جي حڪمت کي آزمائي جو ٻڏندڙ کي نانگ جو سهارو به وڏو لڳندو آهي. هن ڄاڻي ورتو هيو ته ڪهيداس جي من ۾ ڀل نفرت سمايل ڇو نه هجي پر وقت تي زهر جي مرهم پراڻا ڦٽ ڇٽائي وجهندي آهي. هن پٽن جي اعتراضن کي نظرانداز ڪندي ڪهيداس کي اجازت ڏني ته مملڪت جي بيابانن ۾ ڀل اهڙيون جڙيون ٻوٽيون ڳولي پر پاڻ کي آزادانه سمجهي. هن پويان ڪجهه خابرو ڳجهي طرح نظرداري ڪندا ۽ ڪنهن به غير قانوني حرڪت تي پڪڙي سزا ڏيندا.
    ڪهيداس هٿ ٻڌي خليفي جا ٿورا مڃيا. خليفي هڪ اشرفين جي ٿيلهي هن حوالي ڪئي ۽ شهر ۾ گهر جو بندوبست ڪيو.
    گهر ايڏو ته سوڙهو هيو جو سج جي روشني اندر نه اچي سگهندي هئي. هن گهڻن ڏينهن کانپوءِ پيٽ ڀري کاڌو. جڏهن سامت ۾ آيو ته کيس هارانسيءَ جي ياد پئي. هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. هن جي زندگيءَ جو مقصد هارانسيءَ جي آزاديءَ کانسواءِ ڪجهه نه هيو. هن اهڙي حڪمت عملي جوڙڻ پئي چاهي جيئن خليفو مهربان ٿي هارانسيءَ کي قيد مان ڪڍي هن جي حوالي ڪري سگهي.هو ڪمري جي هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ ۾ سوچيندو رهيو، ڪهڙو رستو آهي جنهن تي هلي هارانسيءَ کي حاصل ڪري سگهي ٿو. هن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. اهڙن ئي ويچارن ۾ هيو ته ٻه سپاهي ڪمري ۾ گهري آيا ۽ اطلاع ڏنائون. ”خليفي جو وڏو پٽ ابوالقاس توهان سان اڪيلائيءَ ۾ ملاقات ڪرڻ چاهي ٿو.“
    جڏهن نخلستان جي ان ننڍي محل ۾ پهتو ته شام ٿيڻ واري هئي. سج کجين پويان لهڻ جون تياريون ڪري رهيو هيو. مٽيءَ جي گاري مان ٺهيل اهو قلعي نما محل اوندهه جي پاڇن ۾ ڍڪبو پئي ويو. اتي پهتو ته هن کي ٻاهر بيهاري اندر ابوالقاس کي ٻڌايائون. ابوالقاس ڪهيداس جو انتظار ڪري رهيو هيو. ان کي اها اڻ تڻ هئي ته متان ڪهيداس بيابانن ۾ نڪري وڃي ۽ ان سان حال اورڻ کان رهجي وڃي. ڪهيداس جي رواني ٿيڻ کان اڳ هن کي دل جي ڳالهه ڪرڻي هئي جيڪا ڪيترن ڏينهن کان اندر ۾ سانڍيو ويٺو هيو. ان سان اهي سڀ ڳالهيون اڪيلائيءَ ۾ ڪرڻيون هيون. اهوئي سبب هيو جو هن ڪهيداس سان ملاقات لاءِ اهو نخلستان وارو محل چونڊيو هيو جيڪو پري هيو ۽ ڪهيداس سان ڪيل ملاقات جي خبر ڪنهن کي پوڻ جو انديشو نه هيو، ڇو جو اڪيلائيءَ ۾ اهڙي ملاقات خليفي ۽ سندس ڀائرن ۾ شڪ پيدا ڪري پئي سگهي ته شايد انهن خلاف ڪن ڳُجهين سازشن ۾ مشغول آهي.
    ٿوري انتظار کانپوءِ ڪهيداس کي ابوالقاس آڏو پيش ڪيو ويو جيڪو هڪ ڊگهي هال ۾ فارس جي قالين تي وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي ويٺل هيو. ڪهيداس اتي پهچي نوڙي سلام ڪيو. ابوالقاس اشارو ڏنو ته اچي سندس ڀر ۾ ويهي. ڪهيداس ڀر ۾ ويٺو. ابوالقاس دل جي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ لڄي پئي ٿيو. ان جي ڳٽن ۾ رت ڀرجي آيو۽ شرم کان اکيون ملائڻ کان عاري هيو.
    ”شهزادا، توهان جو ٿورائتو آهيان.“ ابوالقاس کي چپ ڏسي ڪهيداس پاڻ ڳالهه چوريندي چيو، ”اوهان ناچيز کي ملاقات جو شرف بخشيو آهي.“
    ابوالقاس ڊگهو ساهه کڻي دل جو راز ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي. ”سڀ کان پهريون توکي انجام ڪرڻو پوندو.“ ابوالقاس چيو، ”ته جيڪي ٻڌائيندس تنهنجي اندر ۾ راز رهندو. تنهنجي منهنجي ڳالهين جي ٽئين کي خبر پئي ته تنهنجي سِر جو خير نه آهي.“
    ڪهيداس ابوالقاس جي ڳالهائڻ مان اندازو لڳايو ته معاملو مختلف نوعيت جو آهي. هن جي وات مان نڪتل ڪابه غلط ڳالهه حياتيءَ لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿي. پر اندر ۾ اها خوشي به محسوس ٿي رهي هئي ته شاهي خاندان جي فردن ۾ سندس اهميت وڌندي پئي وئي.
    ”مان انجام ٿو ڪريان.“ هن چيو، ”ته سڀ ڳالهيون سيني اندر سانڍي رکندس. مون تي ڀروسو ڪيو. بندو هر ممڪن مدد لاءِ تيار آهي.“
    ابوالقاس ٿڌو ساهه ڀريو، ڳيت ڏني ۽ ڳالهايو.
    ”توکي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته مان نامرد آهيان. انهن خصلتن کان وانجهيل آهيان جيڪي ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ ضروري هونديون آهن. منهنجيون چار شاديون ٿيل آهن ۽ ڪئين ڪنيزون حرم ۾ موجود آهن. ڪيترا دفعا ڪوشش ڪئي ته انهن ويجهو وڃان پر ڪڏهن ڪامياب نه ٿيس. مون لاءِ اهو احساس شرمندگي ۽ محروميءَ جو سبب آهي. اڄ ڏينهن تائين اهڙو ذڪر ڪنهن سان ڪين ڪيو اٿم، ڇو جو اهڙي ڳالهه جو ظاهر ٿيڻ منهنجن ڀائرن لاءِ خوشيءَ جو باعث ٿيندو ان لاءِ ته خليفي کانپوءِ وڏي پٽ جي حيثيت م هن مملڪت جو ڪاروبار مون کي سنڀالڻو آهي. مون کانپوءِ منهنجي اولاد هن مملڪت جو ڪاروبار هلائيندي. جيڪڏهن ان صفت کان محروم رهيس ته اها ڀائرن ۽ انهن جي اولاد جي هٿ چڙهي ويندي، جيڪا ڳالهه سوچي منهنجي راتين جي ننڊ حرام ٿي چڪي آهي. شايد توکي خبر نه آهي ته اندروني طرح اسان ڀائرن ۾ وڏا تضاد آهن. ظاهري طرح کلندي ڳالهائيندي نظر اچون ٿا، حقيقت ان جي ابتڙ آهي. جيڪڏهن وس پڄي ته هڪ ٻئي کي ماري ڳجهن کي کارائي ڇڏيون. مان پنهنجن ڀائرن کان ڏاڍو ڊنل ۽ محتياط آهيان. خبر نه آهي سڀاڻي خليفي جي موت کانپوءِ جڏهن مملڪت جون واڳون سنڀاليندس ته منهنجا ڀائر ڪيئن برداشت ڪندا؟ توکي منهنجي محروميءَ جو علاج ذهن ۾ رکڻو آهي. جيڪڏهن ٺيڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب وئين ته توسان وعدو ٿو ڪريان جيڪي گهرندين تنهنجي حوالي ڪندس. ٻيو تون ستارن جي حساب سان ٻڌاءِ. مستقبل ۾ منهنجن ڀائرن جو رويو ڪيئن هوندو؟ ڇا اهي نقصان ته نه پهچائيندا؟“
    ابوالقاس جون ڳالهيون ٻڌي ڪهيداس حيرت ۾ پئجي ويو. ان جي نامردي انديشا ۽ وسوسا هن لاءِ دلچسپيءَ جو باعث هيا. هن ابوالقاس کي هٿ ڏيکارڻ جي درخواست ڪئي. ابوالقاس هٿ کولي هن آڏو ڪيو ۽ ڪهيداس لڪيرن کي ائين ڏسڻ لڳو جيئن وڃائجي ويل رستن ۾ پنهنجي ڇوٽڪاري جا دڳ ڳولهيندو هجي. هن جو ڇوٽڪارو هن جي محبوبا هارانسيءَ جو ڇوٽڪارو، پر اتي سڀ رستا بند هيا. سڀ وچڙيل ۽ هڪ ٻئي ۾ الجهليل هيا. هو ڪافي دير ابوالقاس جي هٿ جون لڪيرون ڏسندو رهيو. هڪ ڪاغذ تي ڪجهه انگ لکي ڪنهن رياضيدان جيان حساب لڳائي زائچو ٺاهيو ۽ ابوالقاس جي منهن ڏي ڏسي مرڪيو.
    ”توهان جا ستارا روشن ۽ قسمت جا در کليل آهن.“ هن کيس خوشخبري ڏيندي چيو، ”هيءَ مملڪت ويجهڙائيءَ ۾ توهان جي ماتحت هوندي ۽ زبردست حڪمران ثابت ٿيندا. ڌڻي توهان کي خوبصورت پٽ سان نوازيندو.“
    اهڙي پيشنگوئي ٻڌي ابوالقاس جي منهن تي سرهائي اچي وئي.
    ”توکي يقين ٿو ڏياريان ته پنهنجي صحتيابي ۽ ڪامرانيءَ جي صورت ۾ غلاميءَ مان آزاد ڪري انعامن ۽ اڪرامن سان نوازيندس.“
    ابوالقاس جي ڳالهه ٻڌي ڪهيداس جي من ۾ مايوسيءَ جو طوفان گهلڻ لڳو. هن کي هارانسيءَ جي آزادي عزيز هئي. جيڪا قيدخاني جي دل ڏاريندڙ اوندهه ۾ خوف جا ساهه کڻي رهي هئي. هن جا سڀ حيلا پنهنجي محبوبا جي آزادي ۽ ڇوٽڪاري لاءِ هيا. ان کانسواءِ اڪيلو آزاد ڪيئن پئي ٿي سگهيو. هن جي حياتي ان بنا اڌوري هئي. سوچن ۾ ٻڏي ويو ۽ فڪر جون ريکائون منهن تي تتل واريءَ جي ڊهن مٿان هلندڙ لڪ جيان گهلڻ لڳيون.
    ”جيڪڏهن تنهنجي من ۾ ڪو مونجهارو آهي ته ٻڌاءِ.“ هن کي پريشان ڏسي ابوالقاس چيو.
    ڪهيداس سوچيو. شايد اهو وقت اچي چڪو آهي جو اندر جي ڳالهه ابوالقاس اڳيان ظاهر ڪري. هن کي ٻڌائڻ گهرجي ته هارانسيءَ کي حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. پوءِ سوچيو. اهڙي ڳالهه ڪرڻ وقت کان پهريان آهي. انهن ئي سوچن ۾ وٽ کائي رهيو هيو ته ابوالقاس ساڳيو سوال ورجهايو.
    ”ڪهيداس ڪجهه چوڻ چاهين ٿو ته حجاب نه ڪر.“
    ابوالقاس جي ڳالهه تي ڪهيداس همت ڪئي ۽ دل جو حال اوريو.
    ”شهزادا، مان صرف ايترو عرض ڪندس. جيڪڏهن انهن اڻويهه عورتن مان هڪ عورت منهنجي حوالي ڪئي وڃي ته عمر ڀر احسان مند رهندس.“
    ڪهيداس جي ڳالهه ٻڌي ابوالقاس جي منهن مان رت ڇڏائجي ويو ۽ اهو املتاس جي گلن جيان هيٺ لڙڪي پيو.
    ”شايد توکي خبر نه آهي؟“ هن چيو، ”سنڌ مان هٿ آيل مال غنيمت ۽ اهي اڻويهه عورتون اسان وٽ عراق جي حڪمرانن جون امانتون آهن. اسان جي مملڪت انهن جي زيراثر ۽ تابع آهي. اهڙا احڪام آيل آهن جن تحت اسين مالِ غنيمت جا مالڪ يا دعويدار نه آهيون پر اهو سڀ عراقي حڪمرانن لاءِ آهي. اڄ ڏينهن تائين انهن ڪنيزن کي اک کڻي به نه ڏٺو آهي. متان اها خبر عراقي حڪمرانن کي پوي ۽ ڪا مصيبت نازل ٿي پوي. عراقي حڪمرانن کي پهريون ئي غلط فهميون آهن ته اسين اندروني طرح مڪران ۽ ڪيڪانان جي علاقين جي حمايت ۽ مدد ڪري رهيا آهيون. اهڙي صورت ۾ ان مال غنيمت سان ڪابه هٿ چراند نه ٿا ڪري سگهون. عراقي حڪمرانن جي اشاري جا منتظر آهيون ته سنڌ مان حاصل ڪيل ان مال غنيمت جو ڇا ڪجي؟ اهو سمورو روانو ڪيو وڃي يا جزيي طور ان جو ڪجهه حصو پاڻ کڻڻ جا مجاز آهيون؟“
    ڪهيداس مايوس ٿي ويو ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيو. هن سوچيو جيڪڏهن انهن اڻويهه عورتن کي عراق موڪليو ويو، اهو ناممڪن ٿي پوندو ته هارانسيءَ کي حاصل ڪري سگهي. هن کي خبر هئي ته عراقي حڪمران ظالم ۽ بي رحم آهن. هارانسي انهن ور چڙهي وئي ته حرم مان هن جو لاش به حاصل نه ڪري سگهندو. هو دل ۾ دعا گهرندو رهيو. شل اهي اڻويهه عورتون عراق روانيون نه ٿين ۽ انهن حڪمرانن جي هٿ نه چڙهن نه ته هارانسيءَ تان هٿ کڻڻو پوندو ۽ اها سدائين لاءِ وڇڙي جيئري دوزخ حوالي ٿي ويندي. هن ابوالقاس کي عرض ڪيو.
    ”ڀلا اجازت ڏيو ته ان عورت سان ملاقات ڪيان.“
    ابوالقاس گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ سپاهيءَ کي حڪم ڪيو، ”صبح جو ڪهيداس کي ساڻ ڪري قيدخاني وڃي، ان عورت سان ملاقات ڪرائي جنهن سان ملڻ جو خواهشمند آهي.“
    هن سپاهيءَ کي اڪيلائيءَ ۾ وٺي اهو به سمجهايو ته ملاقات وقت ڪهيداس جي ڀرسان رهي خيال ڪري ته ڪا اهڙي حرڪت نه ڪري جنهن سان خليفي جي نظر تان ڪري پوي.
    ٻئي ڏينهن صبح جو سپاهي هن کي ساڻ ڪري ان قيدخاني روانو ٿيو جتي اڻويهه عورتون قيد هيون. اهو قيد خانو ٻين کان مختلف ۽ سٺي حالت ۾ هيو. پراڻي حرم جهڙو هيو جنهن جون ڀتيون ٿلهيون ۽ مٽيءَ جون ٺهيل هيون. ان ۾ هوادار روشندان ۽ ونگن وارا در هيا. اڱڻ ۾ کجيءَ جا وڻ هيا ۽ وچ تي حوض هيو جنهن ۾ بيٺل پاڻيءَ تي سينور ڄميل هيو. سپاهيءَ هن کي وٺي اهڙي هنڌ بيهاريو جتي ڪچي فرش ڪري پوسل جي بوءِ ڦهليل هئي.
    ”ان عورت جو نالو ڇا آهي جنهن سان ملڻ چاهين ٿو؟“ سپاهيءَ پڇيو. ”هارانسيءَ.... هارانسي واسل بهماسي ان جو پورو نالو آهي.“ هن تڪڙ مان چيو جيئن جلد اندر وڃي ۽ وقت وڃائڻ بنا سڏي واپس اچي ڇو جو هارانسيءَ جي ملڻ جي حسرت سندس من ۾ ذبح ٿيل اٺ جيان ڇڙيون هڻي رهي هئي. سپاهي اندر ويو ۽ ڪجهه دير کانپوءِ هڪ عورت کي ساڻ ڪري اتي پهتو. ڪهيداس ڏٺو. اها هارانسي هئي. هن جي محبوبا. اکين جي روشني. دل جو سرور. جنهن کي ڏٺي ڏينهن گذري چڪا هيا. ان جي حالت ڏسي ذري گهٽ رڙ نڪري وئي. سڏڪو اڀري نڙيءَ ۾ ڦاسي پيو. ان جا وار وچڙي چڪا هيا ۽ چهري تي پيل داڳ چنڊ جهڙا هيا. ويڪرين اکين ۾ ساڳي چمڪ ۽ روشني هئي. ان جا مرڪندڙ چپ اداس ۽ واريءَ جيان خشڪ هيا. هن ڊڪي ان کي سيني سان لڳايو.
    ”منهنجي هارانسي.“ هن چيو.
    ڪهيداس سان ملي ان جون اداس اکيون سڪون کان بند ٿي ويون. سندن سڏڪا ائين اڀريا جيئن هڪ ٻئي جو پڙاڏو هجن. هارانسيءَ محسوس ڪيو مدتن کانپوءِ ڪنهن بڙ جي ڇانوَ ۾ ويهاري کيس زخمي پيرن تي مرهم جون پٽيون رکيون هجن. ”منهنجا ڪهيداس... مونکي ڇڏي ڪيڏانهن هليو وئين.“ هن چيو- پوءِ ان ٻار جيان روئڻ لڳي جيڪو وڃائجي ويو هجي ۽ پنهنجن سان ملڻ کانپوءِ سڃاڻي خوشيءَ مان هنجون هاريندو هجي.
    ”مونکي ٻوسٽ مان ٻاهر ڪڍ نه ته بي موت مري وينديس.“ هارانسيءَ چيو. ڪهيداس هن جي بيوسيءَ جا ڳوڙها اگهيا ۽ منهن کي هٿن ۾ وٺي ڏسڻ لڳو.
    ”همت کان ڪم وٺ.“ کيس دلجاءِ ڏيندي چيائين، ”مان ڪوشش ڪري رهيو آهيان جيڪر توکي آزاد ڪرائي سگهان. هيانءُ نه هار.بهادري ان ۾ آهي ته حالتن جو مقابلو ڪجي ۽ مصيبت مان پار پوڻ جي ڪوشش ڪجي.“
    هن هارانسيءَ کي پيار ڪيو ۽ ان جي خشڪ چپن تي چمين جي بارش ڪئي. سپاهي اوٽ مان اهو ڏسي رهيو هيو. ان کان اڳ جو ڳالهه وڌي رسوائيءَ جو سبب بنجي اڳتي وڌي ڪهيداس ويجهو آيو.
    ”ملاقات جو وقت ختم ٿيو.“ ان چيو ۽ هن کي گهلي هارانسيءَ کان پري ڪيو. هارانسي هن کان ائين الڳ ٿي وئي جيئن ميڻ جو مجسمو گرميءَ تي پگهرجي تاندورن جيان ڇڪجي به اڌ ٿي ويو هجي. قيدخاني جا ٻه سپاهي هارانسيءَ کي ساڻ ڪري اندر هليا ويا ۽ هوءَ هنجون هاريندي قيدخاني جي اوندهه ۾ گم ٿي وئي. ڪهيداس جڏهن سپاهيءَ سان ٻاهر نڪري رهيو هيو ته حرم نما قيدخاني جي ڀتين جي پوسل مان هارانسيءَ جي سڏڪن جي بوءِ اچي رهي هئي.


    (3)

    رواني ٿيڻ کان اڳ عبا ۽ عربي گهوڙو خليفي پاران ڪهيداس حوالي ڪيو ويو. ڳجهيءَ طرح هڪ خابرو پڻ سندس پويان روانو ٿيو. جيئن اهو هن جي نظرداري ڪري ۽ ڀڄڻ جي صورت ۾ اڳين چوڪيءَ کي آگاهه ڪري ته سپاهي پويان وڃي گرفتار ڪري کيس سيکت ڏين.
    اها اونهاري جي شام هئي پورو بحربانيا اهڙو تتل هيو جيئن بخار ۾ ٻرندڙ مريض جو جسم- هو روانو ٿيو. بيابانن ۾ رلندو، نخلستانن ۾ ٿيڙ کائيندو اولهه طرف يمن جي سرحدن ويجهو اهڙن نوڪيلن پهاڙن وٽ پهتو جتي ٻرندڙ جبل هيا جيڪي وسامي چڪا هئا. انهن تي لاوو ڄمي يخ ٿي ويو هيو. نوڪيلن جبلن تي سوين باندر ٽپا ڏئي تيز آوازن سان بيابانن جي خاموشي ٽوڙي رهيا هيا. آسمان ۾ بکايل باز شڪار جي ڳولها ۾ ڌرتيءَ تي نظرون وجهي جهڙپ لئي تيار هيا. هن ڏٺو ان بي آب ملڪ جي وسيع ريگستانن ۽ بيابانن ۾ ڪا ساوڪ نه هئي. اهڙا ٻوٽا يا وڻ نه هيا جيڪي حڪمت ۾ ڪم اچي سگهن. هر هنڌ ڪنڊيدار ٿوهر گناهگارن جي پنڊ پهڻ جسمن جيان بيٺل هيا.
    هو بحربانيا جي اتر طرف نه وڃي سگهيو ڇو جو هن کي خبر هئي ته اتي ڪرمان ۽ مڪران جي سرحدن تي جنگ ڇڙيل آهي. علاقين عرب لشڪر سان بغاوت ڪري ڪيڪانان تي قبضو ڪيو هيو. علاقين جي اهڙي سرڪشيءَ دوران عراق جي حڪمرانن پاران اتي مقرر ڪيل هڪ سپهه سالار قتل ٿي چڪو هيو. اهو سپهه سالار ٻڌيا مان حاصل ڪيل مال غنيمت کڻي جڏهن ڪيڪانان جي پهاڙن وٽ پهتو ته علاقين حملو ڪيو جنهن ۾ سپهه سالار جو موت واقع ٿيو. اها خبر جڏهن عراقي حڪمرانن کي پئي ته علاقين کي سيکت ڏيڻ لاءِ وڏو لشڪر موڪلي ڏنو. علاقين اروڙ پهچي راجا ڏاهر کان مدد طلب ڪئي. ڪجهه علاقي راجا ڏاهر جي پناهه ۾ پڻ رهيا. علاقي بهادر ۽ جنگ جي فن کان واقف هيا. انهن راجا ڏاهر جي فوج کي مضبوط ڪيو ۽ جاسوسيءَ جي محڪمي کي ڪارگر بنايو. عربن کي علاقين جي بي وفائيءَ ڪري سنڌ تي حملي دوران ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا.
    ڪهيداس انهن سرحدن کي ڇڏي بحربانيا جي ڪابه ڪنڊ نه ڇڏي جتي هو نه پهتو. هن ستارن جي رخ کي سامهون رکي بحربانيا جا اهڙا گس ڳولهيا جيڪي ان جي نقشي ۾ شامل نه هيا. سفر دوران هن جي ڪيترن ماڻهن سان ملاقات ٿي جن ۾ صحرا جا اهي بدو به هيا جيڪي تيرن سان ڳوهن جو شڪار ڪندا هيا ۽ انهن کي باهه جي شعلن تي لڙڪائي شوق سان کائيندا هيا. هن کي يمن کان ست ڪوهه پري هڪ اهڙي ڳوٺ ۾ ترسڻو پيو جتي ماڻهن، ڌرتي ۽ اٺن جي رنگن ۾ ڪو تفاوت نه هيو. بدوئن جا جسم ڌرتيءَ جهڙا هيا ۽ اٺ بيابانن جي وسندڙ ڌوڙ جهڙا. جڏهن اٺ ۽ ماڻهو ٿڪجي سمهندا هيا ته نظرن کان ائين اوجهل هوندا هيا جيئن اتي ڪوبه موجود نه هجي. صرف ڌرتي هجي جنهن تي ڌوڙ دڙن جي صورت ۾ وکريل هجي.
    ڪهيداس اتي پهريون دفعو ڳوهه جو گوشت کاڌو ۽ اٺڻيءَ جو کير پيتو. اهو هن جي زندگيءَ جو پهريون تجربو هيو ڇو جو سفر دوران کاڌي جو ذخيرو ختم ٿي چڪو هيو. سَتُن جي ٿيلهي جيڪا هن دارلخلافا مان حاصل ڪئي هئي خالي ٿي چڪي هئي ۽ اها وڻ سان ٻڌل گهوڙي جي پاسي کان ائين لڙڪي رهي هئي جيئن بکايل پيٽ جيڪو پٺيءَ سان لڳل هجي ۽ ان جي چمڙي ڍلي ٿي هيٺ لڙڪندي هجي. هن کي پنهنجي خالي پيٽ جي کڏ ڀرڻ لاءِ ڪيترا دفعا پٿر ٻڌڻو پيو. هن بدوئن سامهون ڪڏهن به اهو اظهار نه ڪيو ته سنڌ مان آيل اهو ٻڌ آهي جنهن ڪڏهن ڳوهه جو ماس نه چکيو آهي. هن پاڻ کي ڪرمان جو سپاهي ظاهر ڪيو جيڪو حجاز ڏانهن ويندي رستو ڀلي اتي پهتو آهي. پاڻ کي ڀڳوان جيان بيوس سمجهيو جڏهن بدو حبش جي ڳاڙهي ڳئونءَ تي ترار ڦيري ذبح ڪندا هيا ۽ ڇڙيون هڻي دانهون ڪندي هئي.
    هڪ اهڙي ئي رات جڏهن چنڊ جي روشنيءَ ۾ واري ڪاري حبشيءَ جي اڇن ڏندن جيان چمڪي رهي هئي هن کي ان سپاهيءَ سان ڳائيون ٻوٽيون چٻاڙڻڻيون پيون جيڪو راؤڙ کان موٽيو هيو ۽ ان وٽ تازين خبرن جا انبار هيا. لڙڪندڙ گوشت هيٺان ٻرندڙ کجيءَ جي سڪل ڦرهن مان ٽڙڪا ڏيئي اڏامندڙ چڻنگن تي ان سپاهيءَ گوشت چٻاڙيندي جنگين جا داستان پئي ٻڌايا. مال غنيمت ۽ محلاتن مان هٿ آيل نارين جي حسن جا قصا ائين پئي بيان ڪيا جيئن انهن ويجهو ويندي حاصل ڪرڻ کان محروم رهجي ويو هجي ۽ حسرتن جا انبار سندس سيني اندر گڏ ٿي ٻاهر نڪرڻ لاءِ اڇلون ڏيندا هجن. هن دل کولي ان سندريءَ جي حسن جي ساراهه ڪئي جيڪا عراقي حڪمران جي محل ۾ پيش ڪئي وئي ۽ اهو ان تي فدا ٿي پيو. جڏهن حڪمران کي سندس سوٽ اها سندري حوالي ڪرڻ جي خواهش ڪئي ته ان کي خوش ڪرڻ لاءِ حوالي ڪرڻ کان اڳ سيني تي هٿ رکي اظهار ڪيو ته ”اي سؤٽ دل ته چوي ٿي تو حوالي نه ڪيان. پاڻ وٽ رکي حجري جي سونهن ۾ اضافو ڪيان پر تنهنجي التجا ۽ چاهت ڏسي تو حوالي ڪيان ٿو جيئن مون مان راضي رهين.“
    هن عرب فوج جي فتحن جو ذڪر پئي ڪيو جنهن کان ٻرندڙ باهه جي نچندڙ شعلن ۾ نظر ايندڙ هن جو منهن ڳاڙهو پئي ٿيندو ويو. اهو وڏي جوش ۽ جذبي سان حيرت انگيز داستان ٻڌائي رهيو هو. دهليلا ۽ بهرور جي مندرن جا قصا جتي بتن جا پيٽ خزانن سان ڀريل هيا. نيرون ڪوٽ جي ڀڪ مان لنگهيندڙ سنڌوءَ جي سندرتا جا داستان جيڪو چراگاهن ۽ ميدانن کي آباد ڪندو سمنڊ ڏي وڌندو پئي ويو. اتان جا ديومالائي قصا اهي تلاءَ جتي پريون اڌ گهاڙيون ململ جهڙا پرَ لاهي ڪنارن تي رکي وهنجنديون هيون. بدو ان جون ڳالهيون ٻڌي حيران ٿي ويا ۽ انهن جون اکيون مچ مان اڀرندڙ چڻنگن جهڙيون هيون. ڪهيداس ان ميڙ ۾ پاڻ کي انهن جهڙو محسوس ڪري رهيو هيو. هن لاءِ اهي ڳالهيون نيون نه هيون. هن وٽ انهن ڳالهين جي اهميت هئي جيڪي ويجهڙائيءَ ۾ اتي درپيش هيون.
    ”ڇا تون سمجهين ٿو سنڌ ملڪ مڪمل فتح ٿي ويندو؟“ هن سپاهي کان سوال ڪيو.
    ”ها ڇونه.“ سپاهي چيو. ”عراقي حڪمران ان شڪست جو بدلو وٺڻ لاءِ تيار آهي جنهن ۾ نيرون ڪوٽ وٽ هڪ سپهه سالار مارجي چڪو آهي. اهو وڏي حيثيت ۽ دٻدٻي وارو هيو. عراقي حڪمران کي ان جي موت جو ايڏو ڏک ٿيو آهي جو کيس اٿندي ويهندي ياد آهي. ان قسم کنيو آهي ته قتل جو بدلو ضرور وٺندو.“
    ”ڇا تون اروڙ جون حالتون ٻڌائي سگهندين جيڪو اتان پري اتر طرف آهي؟“ ڪهيداس اهو انڪري پڇيو جيئن هن کي حالتن جي چڱي ڄاڻ هجي ۽ واپسيءَ جي صورت ۾ ڪا ڏکيائي پيش نه اچي.
    ڪهيداس جي اهڙي سوال تي ان سپاهيءَ جو ڇرڪ نڪري ويو ۽ گهڙي پل ماٺ ٿي ويو. ان کي يقين نه پئي آيو ته بحربانيا جي بيابانن ۾ ڪو اهڙو به آهي جنهن کي ان ملڪ متعلق ايڏي ڄاڻ آهي.
    ”ڇا تون سنڌ ملڪ کان واقف آهين؟“ سپاهيءَ هن کان سوال ڪيو.
    ان جي اهڙي سوال تي ڪهيداس پاڻ سنڀالي اعتماد مان ڳالهائيندي اهو ظاهر ڪرڻ جي ٿوري به ڪوشش نه ڪئي ته هو ڌاريو ۽ غير مذهب آهي.
    ”مون ان ملڪ جو قصو ڪرمان جي انهن سپاهين کان ٻڌو هيو جيڪي شڪست کائي موٽيا هيا.“ ڪهيداس چيو، ”ڇا ڏاهر ايڏو طاقتور آهي جو هيل تائين کيس ڪو شڪست نه ڏئي سگهيو آهي ۽ سڀ حملا ناڪام ويا آهن؟“
    ڪهيداس ڄاڻي واڻي اهڙو سوال ڪيو جيئن اروڙ، ٻڌيا ۽ سيوستان جي ڄاڻ ملي سگهي جيڪي اڃان عربن جي پهچ کان پري هيا. هن جي سوال تي سپاهيءَ جي منهن تي نفرت جون ريکائون بلند ٿيون، ايڏو جوش طاري ٿيو جو سندس دل چاهيو ته مياڻ مان تلوار ڪڍي هن جو ڪنڌ ڪپي ڇڏي.
    ”اتان جو بادشاهه طاقتور نه، پر بزدل ۽ چالاڪ آهي. وقت پري نه آهي جڏهن ان جي منڍي تيزي تي عراق رواني ٿيندي. هن جو پٽ جيسينا گدڙ جيان لڪي اسان جي فوج کي نقصان پهچائي رهيو آهي. فوجن جي اڳتي وڌڻ ۾ اهو رڪاوٽ آهي. ڪجهه سردارن ۽ بااثر ماڻهن جي حمايت سبب گهڻا مسئلا پيدا ڪري رهيو آهي. اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن مڪمل فتح حاصل ڪري وٺبي.“
    سپاهيءَ جي ڳالهين مان ڪهيداس اندازو لڳايو ته اروڙ اڃان فتح نه ٿيو آهي ۽ بحربانيا مان نڪرڻ کانپوءِ سٺي پناهگاهه ثابت ٿيندو.
    صبح سان اهو سپاهي يمن روانو ٿي ويو ۽ ڪهيداس گهوڙي تي سوار ٿي اڳتي وڌيو، کيس ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي ته منزل ڪٿي آهي؟ انهن ويران بي آب بيابانن ۾ ڇا ڳولهڻو آهي؟ جنهن مقصد لاءِ روانو ٿيو هيو اهو حاصل ٿيندي نظر نه پئي آيو. هن کي خبر هئي ته هڪ خابرو هن پويان هر حرڪت جو جائزو وٺي رهيو آهي. اتان ڀڄڻ جي صورت ۾ اهو هن جي موت جو سبب بڻجي پئي سگهيو. هن جي فرار جا سڀ رستا بند ٿي چڪا هيا. ڪرمان طرف رستو موت جي واديءَ ڏانهن ٿي ويو. اتي عرب فوجي علاقين کي ڳولهي ماري رهيا هيا. ڪيڪانان جي پهاڙين ۾ جنگ ڇڙيل هئي. بحربانيا ٽن طرفن کان سمنڊ سان ويڙهيل هيو. آخر اتان فرار ٿي ڪيڏانهن وڃي ٿي سگهيو. هن جي محبوبا هارانسي ان ملڪ ۾ قيد هئي. ان بنا وڃڻ ائين هيو جيئن روح بنا جسم جو پرواز ڪري وڃڻ. ڪهيداس بحربانيا جي بيابانن ۾ نااميد گهمندو رهيو ۽ آخر مايوس ٿي واپس موٽيو. جڏهن شهر ۾ پهتو ته خبر پئي خليفي جي حالت خراب ٿي چڪي آهي ۽ ان جو وڏو پٽ ابوالقاس مملڪت جون واڳون سنڀالڻ لاءِ ڪَرَ کڻي رهيو آهي.
    ڪهيداس جي واپس پهچڻ شرط خابروءَ محل ۾ وڃي ابوالقاس سان ملاقات ڪري سمورا تفصيل ٻڌايا ۽ ڪهيداس جي شهر پهچڻ جو اطلاع ڏنو. ابوالقاس هڪدم ڪهيداس ڏانهن سپاهي موڪلي کيس محل ۾ گهرايو. محل ۾ داخل ٿيڻ وقت ڪهيداس کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ابوالقاس کي ڪيئن مطمئن ڪري! ڪيئن ٻڌائي ته جنهن مقصد لاءِ روانو ٿيو هيو ان کي حاصل نه ڪري سگهيو آهي. جڏهن ابوالقاس اڳيان پهتو ته مايوس ۽ منجهيل هيو. ابوالقاس هن جو بي چينيءَ سان انتظار ڪري رهيو هيو. ان دوا جي سخت ضرورت هئي جنهن ۾ هن جو ڇوٽڪارو لڪيل هيو. هن ڪهيداس کي آخري سهارو سمجهيو هيو. سوچيو هيو ته هيءُ ئي اهو شخص آهي جيڪو کيس اهڙيون ستيون ڏئي سگهي ٿو جو اولاد پيدا ڪرڻ جي قابل ٿي پوندو ۽ مملڪت کي مستقبل جو وارث ملي پوندو. مملڪت جون واڳون سنڀالڻ کانپوءِ هن جا ڀائر ناخوش ۽ ناراض هيا. اهڙو وجهه ڳولهي رهيا هيا ته سمورو نظام پاڻ سنڀالين پر اهو انهن جي وس ۾ نه هيو. خليفي جي معذوريءَ کانپوءِ قانون موجب وڏي پٽ جو حق هيو. اهڙي حقيقت کان عراق جي حڪمرانن کي پڻ واقف ڪيو ويو هيو. انهن اجازت ڏني هئي ته خليفي جي ناچاڪيءَ جي صورت ۾ حڪومت سندس وڏي پٽ ابوالقاس حوالي ڪئي وڃي. بحربانيا جي مملڪت عراق جي زيراثر هئڻ ڪري اتان جي حڪمران پاران جاري ڪيل اهڙي فرمان جي قانوني حيثيت هئي جنهن تي ڪوبه اعتراض نه پئي ڪري سگهيو. عراق جا حڪمران بحربانيا جي صورتحال کي گهري نظر سان ڏسي رهيا هيا. اتي جي حالتن کان پوريءَ ريت واقف هيا. بحربانيا جي فوج ۾ ڇڏيل خابرو اتان جي سياسي تبديليءَ جا تفصيل عراق پهچائي رهيا هيا. عراق جا حڪمران بحربانيا جي خليفي مان خوش نه هيا. انهن کي خبر هئي ته بحربانيا جا سردار ڳجهيءَ طرح انهن جي اڳتي وڌڻ ۾ رڪاوٽ آهن. اهي علاقي جن جو تعلق شامي نسل سان هيو عرب فوج کان انڪري بغاوت ڪئي ته هڪ سپهه سالار هٿان انهن جو سردار قتل ٿي چڪو هيو. اهو سردار جيڪو فوج جي هڪ جٿي جو سربراهه هيو ان کي ڪيڪانان جي پهاڙين ۾ عرب فوج جي سپهه سالار معمولي اختلاف تان قتل ڪري وڌو هيو. علاقين پنهنجي سردار جي قتل جو بدلو وٺڻ لاءِ ان سپهه سالار تي ان وقت حملو ڪيو جڏهن مال غنيمت کڻي ڪيڪانان مان لنگهي رهيو هيو. ان سپهه سالار جي موت کانپوءِ علاقي مڪران ۽ ڪيڪانان تي قابض ٿي ويا. اروڙ جي راجا ڏاهر انهن جي مالي مدد ڪئي ۽ وڏن عهدن سان نوازيو. هن کي خبر هئي ته عرب نسل جا اهي ماڻهو جنگ جي فن کان چڱيءَ ريت واقف آهن. بحربانيا جي خليفي ڳجهيءَ طرح انهن علاقين جي مدد ڪئي ڇو جو اهي نسلي طرح انهن سان لاڳاپيل هيا. عراق جي حڪمرانن کي بحربانيا جي اهڙي صورتحال جي چڱيءَ ريت ڄاڻ هئي. انهن کي خبر هئي ته بحربانيا علاقين جي مالي ۽ افرادي مدد ڪري رهيو آهي پر اهي بحربانيا ۾ سڌيءَ طرح مداخلت ڪرڻ کان مجبور هيا. انهن هڪ نئون محاذ کولڻ نه پئي چاهيو ڇو جو عرب فوجون پهريون ئي سنڌ اندر وڏي محاظ کي منهن ڏئي رهيون هيون ۽ انهن جو ڏاهر جهڙي دشمن سان مقابلو هيو جيڪو ٻڌيا جي ٻيلن ۾ زخمي هاٿيءَ جيان سونڊ مٿي ڪري انهن کي لتاڙڻ لئي تيار هيو. عراق جا حڪمران موقعي جي ڳولها ۾ هيا. بحربانيا خلاف فوجي ڪاروائيءَ کان پري اهڙي انتظار ۾ هيا جيئن جنگ بنا اتي اهڙي سياسي تبديلي آڻي سگهن جيڪا انهن جي حمايت ۾ هجي. انهن سڀ ڄاڻيندي بحربانيا تي اهو انڪشاف ڪڏهن نه ڪيو ته اهي ان جي حڪومت مان ناراض آهن. اهڙين حالتن ۾ ابوالقاس جا ڀائر هن سان ناراض ۽ بغاوت لاءِ تيار هيا. انهن ملي اهڙي منصوبي تي غور ڪيو هيو ته عراق جي حڪمرانن کي حقيقت کان آگاهه ڪري انهن جي مدد سان ابوالقاس جو تختو اونڌو ڪري مملڪت تي قابض ٿي ان کي ٻن حصن ۾ ورهائي حڪومت ڪندا.
    ڪهيداس ابوالقاس لاءِ اميد جو آخري سهارو بنجي چڪو هيو. هن کي ان جي حڪمت، نجوم ۽ ڏاهپ جي سخت ضرورت هئي. پنهنجي اڳيان ڪهيداس کي مايوس ۽ نااميد ڏسي سوال ڪيو.
    ”تنهنجي حالت مان اندازو لڳائي ورتو آهي ته جنهن مقصد لاءِ روانو ٿيو هئين اهو حاصل نه ڪري سگهيو آهين. ڇا منهنجو اندازو صحيح آهي يا حقيقت ان جي برعڪس آهي؟“
    ڪهيداس منهن مٿي ڪيو ته ان تي ندامت جون ريکائون هيون.
    ”توهان جو اندازو صحيح آهي.“ ڪهيداس چيو، ”گهڻي جستجو ۽ ڳولها ڪئي. بحربانيا جا رڻ رلي هر هنڌ ويس پر اهڙيون جڙي ٻوٽيون ڪٿي نظر نه آيون جيڪي توهان جي والد بزرگوار ۽ توهان لاءِ ڪارگر ٿي سگهن. يمن جي سرحدن کان حجاز جي صحرائن تائين سفر ڪيو پر ڪٿي به اهڙا ٻيلا ۽ ڪنارا نظر نه آيا جتي اهي جنم وٺنديون هجن. پنهنجي ناڪاميءَ تي شرمندگي محسوس ڪري رهيو آهيان ۽ توهان کان معافيءَ جو طلبگار آهيان.“
    ڪهيداس جي گفتگو ٻڌي ابوالقاس جي دل ۾ غصي جي باهه ٻرڻ لڳي. پاڻ تي ضبط ڪندي بردباريءَ جو مظاهرو ڪيائين. هن کي خبر هئي ته ڪهيداس گهٽايو ڪين آهي. سچيءَ دل سان مملڪت جي صحرائن ۾ انهن جي ڳولها ڪئي آهي. پر شايد اهي هن سرزمين تي ناپيد آهن. اهي صرف سنڌ جي سرسبز ميدانن ۾ ئي ڦٽن ٿيون. اتي وهندڙ درياهن جي ڪنارن تي سيراب ٿيندڙ چراگاهن ۽ ٻيلن ۾ ئي دستياب آهن. جتي جو پاڻي پيئڻ سان ڪوڙهين کي شفا ملي ٿي. ابوالقاس کي ڪهيداس تي ڀروسو هيو. ان پويان ويل خابروءَ هن کي هر حقيقت کان آگاهه ڪيو هيو. هن سفر دوران اهڙي ڪابه حرڪت نه ڪئي هئي جيڪا ابوالقاس جي دل ۾ خدشا پيدا ڪري سگهي. هن کي اهڙي علاج جي ضرورت هئي جنهن تحت هو ٻار پيدا ڪرڻ جي قابل ٿي پوي. هن لاءِ اها شرم جهڙي ڳالهه هئي ته بحربانيا جي مملڪت جو سربراهه مردانگيءَ کان وانجهيل ۽ اولاد پيدا ڪرڻ جي صلاحيت کان محروم آهي. اهو سوچي ڪاوڙ کان مٺيون ڀيڪوڙيندو رهيو ۽ پوءِ بي رخيءَ مان چيو ”وڃ وڏو خليفو تنهنجو انتظار ڪري رهيو آهي.“
    هو محل جي ٻئي پاسي هلندو جڏهن ان سامهون آيو ته خليفي جي حالت ڏسي ڏڪي ويو. ان جي هٿن ۾ پيرن تي ڦلوسڻا هيا. منهن سجي وڏو ٿي ويو هيو ۽ بي ترتيب اڇا وار ڪلهن تائين لٽڪي رهيا هيا. اهو وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي بي سڌ ويٺل هيو. اکين ۾ ڳاڙهين رڳن جا نشان مينهن ۾ پيدا ٿيندڙ وڄ جهڙا هيا. خليفي جڏهن ان کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو ته ان جي منهن تي اميد جون ريکائون اڀريون ۽ ڪنڌ ورائي ائين ڏٺو جيئن سوين سوال اندر دٻيل هجن. هن خليفي کي نوڙي سلام ڪيو ۽ چوغي کي چمي اکين تي رکيو.
    ”اي حڪيم ڇا تون واپس اچي وئين؟“ هن سوال ڪيو جيئن کيس اکين تي اعتبار نه پئي آيو.
    ”اوهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيو آهيان.“ ڪهيداس چيو جيئن چوڻ لاءِ ٻيا ڪي لفظ نه هجن.
    ”ته پوءِ ڪٿي آهي منهنجو مدائو... آزارن جو علاج؟“
    ڪهيداس ڪو جواب نه ڏنو. هو چپ رهيو. خليفو خالي اکين سان نهاري جواب جو انتظار ڪندو رهيو ۽ سمجهي ويو ته ڪهيداس هٿين خالي آيو آهي. يا ته هن کي مملڪت جي صحرائن مان ڪا اهڙي شيءِ هٿ نه آئي آهي يا ڄاڻي واڻي علاج کان روڪيو ويو آهي جيئن هو دنيا مان روانو ٿي وڃي ۽ سندس پٽ خلافت جي پڳ پائي حڪومت هلائي سگهن. خليفو خاموشيءَ سان هيٺ ڪنڌ ڪري بيٺل ڪهيداس کي ڏسندو رهيو پوءِ هن جي منهن تي ڪاوڙ جا آثار اڀريا.
    ”ڏور ٿي وڃ منهنجين نظر کان.“ ان چيو ۽ مايوسيءَ مان منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو.
    ”مونکي افسوس آهي خليفا مان توهان جي ڪم نه اچي سگهيس.“ ڪهيداس چيو ۽ سر جهڪائي اتان روانو ٿي ويو.
    ٻئي ڏينهن ابوالقاسم علاؤ الدين علاقيءَ کي محل ۾ گهرايو. علاؤ الدين علاقي انهن قزاقن جو سردار هيو جيڪي هندي سمنڊ ۾ ٻيڙا ڦريندا هيا. اهي ٻيڙا هندي وڏي سمنڊ کان ٿيندا نار جي ملڪن ڏانهن واپار سانگي ويندا هيا. انهن تي اناج گرم مصالحو ڪپهه ۽ تماڪ رکيل هوندو هيو. ڪجهه بازاري عورتون پڻ هونديون هيون جيڪي سيلاني سفر ۾ ساڻ کڻندا هيا. سمنڊ جي سطح تي هلندڙ انهن ٻيڙن مان ڪڏهن بنسريءَ جون پر سرور ڌنيون اڀرندي ٻڌبيون هيون. ڪڏهن انهن تي سوار خواجا سرا مستيءَ مان نچندي ڀرسان لنگهيندڙ ٻين ٻيڙن تي سوار ماڻهن مٿان چٿرون ڪري ٽهڪن سان سمنڊ جي خاموشيءَ کي ٽوڙي وجهندا هيا. علاؤ الدين علاقي هندي سمنڊ جو وڏو قزاق هيو. هو اهي ٻيڙا پڻ ڦريندو هيو جيڪي هندي سمنڊ جي هيٺائين کان ڦرندا يمن جي ڪنارن کان ٿيندا ڳاڙهي سمنڊ ۾ داخل ٿيندا هيا. انهن ٻيڙن تي دنيا جي نفيس ترين ململ رکيا هوندي هئي جيڪا سنڌ کان مصر شام ۽ حبش جي ملڪن ڏانهن ويندي هئي. علاؤ الدين علاقي ان لٽيل مال جا ٽي حصا ڪندو هيو. هڪ حصو پاڻ رکندو هيو ۽ باقي ٻن حصن مان هڪ انهن علاقين جي مدد لاءِ موڪليندو هيو جيڪي ڪيڪانان ۽ مڪران ۾ عرب فوج سان ويڙهه ۾ مصروف هيا ۽ ٻيو حصو بحربانيا جي خليفي جي خدمت ۾ پيش ڪندو هيو جيڪو ڏکين ڏينهن ۾ هن کي پاڻ وٽ پناهه ڏيندو هيو.
    علاؤ الدين جڏهن ابوالقاس جي خدمت ۾ پهتو ته ابوالقاس هن کي ڀاڪر ۾ وٺي پنهنجي ڀڪ ۾ ويهاريو.
    ”مان هڪ شخص جنهن جو نالو ڪهيداس آهي تنهنجي حوالي ڪرڻ چاهيان ٿو.“ ابوالقاس چيو، ”اهو سنڌ روانو ٿيندو. ان کي اهڙين جڙي ٻوٽين جي ڳولها آهي جيڪي بحربانيا جي صحرائن ۾ موجود نه آهن. جيڪڏهن ان کي اروڙ ۾ رهندڙ علاقين معرفت نظرداريءَ ۾ ڏين ته جيڪر موٽي خليفي جو علاج ڪري ۽ اهو صحتياب ٿي حڪومت جون واڳون سنڀالڻ جي قابل ٿي پوي.“
    ابوالقاس ڳالهائي رهيو هيو ته چور سندس سيني اندر لڪيل هيو. هن جون نظرون بحري قزاق سان ملي ٿيڙ کائي رهيون هيون. هو نالو ته خليفي جو وٺي رهيو هيو پر اصل مسئلو پنهنجي علاج جو هيو. اهو مسئلو اڄ ڏينهن تائين ڪنهن آڏو ظاهر نه ڪيو هيو. هن حرم ۾ زالن ۽ ڪنيزن کي روڪيو هيو ته اهي هن جي محروميءَ جو ذڪر ڪنهن سان ڪين ڪن نه ته انهن جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيندو.
    علاؤ الدين وعدو ڪيو ته ڪهيداس کي انهن علاقين جي نظرداريءَ ۾ سنڌ موڪلي سندس واپسيءَ جو بندوبست ڪندو جيئن اچي خليفي جو علاج ڪري سگهي. ان بحري قزاق جي رواني ٿيڻ کانپوءِ ابوالقاس ڪهيداس کي گهرائي آگاهه ڪيو ته سنڌ وڃڻ جي تياري ڪري کيس علاقين جي پناهه ۾ اتي پهچي اهو ڪم ڪرڻو آهي. ابوالقاس جو اهڙو حڪم ٻڌي ڪهيداس جو منهن لهي ويو ۽ سوچڻ لڳو. هن پويان هارانسيءَ جو ڪهڙو حال ٿيندو؟ ان بنا ڪيئن واپس روانو ٿي سگهي ٿو؟ هارانسيءَ کي بحربانيا جي قيد ۾ اڪيلو ڪيئن ڇڏي سگهي ٿو؟ ڪهيداس ابوالقاس کي عرض ڪيو. ”جيڪڏهن رواني ٿيڻ کان اڳ قيد اندر ان ساڳي عورت سان ملاقات جي اجازت ڏيو ته ٿورائتو ٿيندس.“
    ابوالقاس اهڙي التجا تي چڙي پيو ۽ منهن خراب ٿي ويس.
    ”توکي اڳ ان عورت سان ملاقات جي اجازت ڏئي چڪو آهيان.“ هن چيو، ”وڌيڪ اجازت نه ٿو ڏئي سگهان. ٻڌائي چڪو آهيان ته اهي عورتون عراق جي حڪمرانن جون امانتون آهن. عراق جي حڪمرانن کي ڄاڻ آهي ته اهي اسان وٽ موجود آهن خبر نه آهي ڇو اوڏانهن ڪو اهڙو اشارو نه مليو آهي ته اهي ڪڏهن روانيون ڪيون وڃن؟ هڪ قاصد کي اوڏانهن موڪليو آهي ته اهي امانتون اوهان جون منتظر آهن، انهن کي ڪڏهن روانو ڪيو وڃي؟ پر اڃان ڪو جواب نه مليو آهي. جڏهن به اوڏانهن ڪو اشارو آيو ته اهي روانيون ڪيون وينديون. مان انهن امانتن ۾ ڪا خيانت نه ٿو ڪرڻ چاهيان. تنهنجي اهڙي خواهش کي پورو نه ٿو ڪري سگهان. متان ڪو اهڙي تهمت هڻي وجهي جو عراق جا حڪمران ڪاوڙجي پون. انهن کي اڳ ئي اسان خلاف ڪافي بدگمانيون ۽ غلط فهميون آهن.“
    ابوالقاس جي اهڙي جواب کانپوءِ ڪهيداس جي من مان هارانسيءَ جي ملاقات جو ارمان نڪري ويو. پاڻ کي بيوس ۽ لاچار سمجهڻ لڳو. هن کي ڄاڻ هئي ته ابوالقاس جن علاقين حوالي ڪري رهيو آهي اهي اروڙ جي حڪومت ۾ اثر رسوخ وارا آهن. ڏاهر انهن علاقين کي عزت جي نظرن سان ڏسي ٿو جيڪي سندس ڏکي وقت ۾ مددگار ۽ صلاحڪار آهن. انهن حوالي ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي وطن ۾ هوندي به آزاد محسوس نه ڪندو. اهي علاقي ابوالقاس جي احڪامن کي مدنظر رکي سندس نظرداري ڪندا. انهن جي اهڙي عمل کي ڏاهر ۽ سندس پٽ جيسينا جو قانون به روڪي نه سگهندو. هو بحربانيا مان نڪرڻ کانپوءِ انهن علاقين جو غلام ٿي رهندو.
    ڪهيداس بحري قزاق علاؤ الدين سان اڃان سنڌ روانو نه ٿيو هيو ته عراق جي حڪمرانن پاران هڪ گهوڙي سوار صحرائن جي ڌوڙ اڏاريندو اچي قلعي جي مک دروازي تي پهتو. ان جي هڪ هٿ ۾ پروانو هيو جنهن تي مهر ثبت ٿيل هئي. ان قاصد کي محل ۾ ابوالقاس آڏو پيش ڪيو ويو جنهن جهڪي سلام ڪيو. پروانو پڙهي ٻڌايو، جنهن ۾ مال غنيمت ۽ انهن اڻويهه عورتن متعلق احڪام درج ٿيل هيا ته انهن اڻويهه عورتن جو ڇا ڪجي ۽ مال غنيمت عراق ڪيئن منتقل ڪيو وڃي؟


    (4)

    عراق جا حڪمران بحربانيا مان ڪڏهن خوش نه هيا. انهن کي خليفي جي بيماريءَ کانپوءِ مملڪت جون واڳون سنڀالڻ لاءِ ڀائرن وچ ۾ جاري ڪشمڪش جي ڄاڻ هئي. انهن کي خبر هئي ته ٽئي ڀائر هڪ ٻئي خلاف سازشون سٽڻ ۾ مشغول آهن، پر وقت جي تقاضا کي مدنظر رکي اهڙو ڪوبه قدم نه پئي کڻڻ چاهيو ته انهن کي ناراض ڪري بغاوت جي باهه ڀڙڪائي وجهن. عراق جون فوجون دنيا جي مختلف ملڪن اندر جنگين ۾ مصروف هيون. اهي جنگيون بحربانيا جي مسئلي کان وڌيڪ اهم هيون. اهي موقعي جي ڳولها ۾ هيا جيئن بحربانيا ۾ اهڙيون حالتون پيدا ڪري وجهن جو هڪ گهرو جنگ ڇڙي پوي ۽ مملڪت تي قابض ٿي ان خاندان جو خاتمو آڻي سگهن.
    عراق جا حڪمران تڪڙ ۾ اهڙو قدم کڻڻ جا حامي نه هيا جيڪو انهن کي نقصان پڄائي ڪنهن نئين مسئلي ۾ ڦاسائي وجهي. بحربانيا جي سردارن جي علاقين لاءِ مالي ۽ افرادي مدد انهن کان ڳجهي نه هئي جيڪا عرب فوجين لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي رهي هئي. عراقي حڪمرانن ان جو اهڙو حل پئي چاهيو جو دشمن به مري ۽ هٿيار به نه هلي. انهن سوچيو هاڻي وقت اچي ويو آهي جو ٽن ڀائرن جي ڪشمڪش جو فائدو وٺي پاڻ ۾ ويڙهائي/ورهائي کين ڪمزور ڪيو وڃي. ۽ انهن جي خاتمي کانپوءِ اهڙو حڪمران مقرر ڪجي جيڪو علاقين جي امداد بند ڪري کين ٽوٽا چٻائي جيئن ڪرمان ۽ مڪران مان انهن جو خاتمو ٿي وڃي ۽ عرب فوجن لاءِ سنڌ ڏانهن اچ وڃ جا رستا ڪنهن به رنڊڪ خوف ۽ خطري کان پاڪ ٿي وڃن. اهو سوچي عراق جي حڪمران شاهي نجوميءَ کي گهرائي ان کان ستارن جو حال معلوم ڪيو، جنهن کيس هڪ زائچي جي تياريءَ کانپوءِ ٻڌايو، ”بحربانيا جي حڪومت جو زوال ويجهو آهي پر هڪ ستارو اڃا گردش ۾ آهي. جيڪڏهن قسمت ساٿ ڏنو ته ستارو صحيح رخ تي هلي سگهندو نه ته ٻيءَ صورت ۾ اها گردش ايڏي اطمينان بخش نه آهي.“
    نجوميءَ جي ڳالهه ٻڌي حڪمران ٿورو پريشان ٿي ويو، پوءِ هن کي اميد جي چمڪ نظر آئي. ٿي سگهي ٿو حالتون هن جي حق ۾ وڃن. هن خاص صلاحڪار کي گهرائي ان سان مسئلي تي ڳالهايو. اهو صلاحڪار بحربانيا جي مسئلي کان چڱيءَ ريت واقف هيو. ان کي خبر هئي ته ٽئي ڀائر ڳجهي طرح هڪ ٻئي خلاف سازشون سٽڻ ۾ مصروف آهن. ان حڪمران کي اها صلاح ڏني، ”جيڪڏهن ڪنهن طريقي انهن ٽن ڀائرن کي ويڙهائجي ته مشڪل آسان ٿي ويندي.“
    ”پر اهو ڪيئن ممڪن آهي؟“ هن پڇيو، ”اهي ٽئي ڀائر هڪ ٻئي تي تلوارون اڀيون ڪري سگهن ٿا.“
    حڪمران جي ڳالهه تي صلاحڪار سوچيو ۽ پوءِ سندس چپن تي مرڪ اڀري.
    ”هڪڙو تضاد آهي.“ هن چيو، ”جنهن کي هوا ڏيڻ سان اهڙي باهه ڀڙڪائي سگهون ٿا جنهن ۾ اهي سڙي مرن.“
    ”ڪهڙو؟“ حڪمران پڇيو.
    ”اهي اڻويهه عورتون جيڪي پڪ سان خوبصورت هونديون. اهي عورتون ۽ ٻيو مال غنيمت بحربانيا ۾ توهان جي اشاري جو منتظر آهي. منهنجي صلاح آهي ڌن دولت عراق منتقل ڪيو وڃي ۽ اهي اڻويهه عورتون انهن ڀائرن کي ورهائي ڏنيون وڃن.“
    حڪمران کي صلاحڪار جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.
    ”اي عظيم سلطنت جا بهادر حڪمران.“ صلاحڪار چيو، ”توهان چڱيءَ ڄاڻو ٿا ته سنڌ ديس جون ڪنيزون ڪيتريون نه خوبصورت آهن. مونکي يقين آهي ته اهي مندر جون اڻويهه داسيون انهن عورتن کان به سونهن ۾ سرس هونديون جيڪي هيل تائين حضور جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويون آهن.“
    ”اهي اڻويهه عورتون تضاد جو سبب ڪيئن ٿي سگهن ٿيون؟“ حڪمران چيو.
    ”انهن اڻويهه عورتن کي ٽن ڀائرن ۾ ائين ورهايو وڃي جو انهن جي ورهاست هڪ مسئلو ٿي پوي ۽ اهي هڪ ٻئي سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي وڃن.“
    صلاحڪار جي ڳالهه حڪمران کي سمجهه ۾ ايندي وئي. هو غور سان ٻڌڻ لڳو.
    ”ٽن ڀائرن ۾ اڻويهه عورتن جي ورهاست ڪيئن تضاد پيدا ڪري سگهي ٿي؟“ حڪمران وري سوال ڪيو.
    ”انهن اڻويهه عورتن جا ٽي حصا ڪري ٽن ڀائرن ۾ ائين ورهايا وڃن جو انهن جي ورهاست ناممڪن بنجي پوي ۽ ٽنهي ڀائرن کي ان ورهاست ۾ ناانصافي ۽ حق تلفي نظر اچي.“
    صلاحڪار جي ڳالهه وري حڪمران کي منجهائي وڌو.
    ”آخر اها ڪهڙي ورهاست آهي جنهن تحت انهن اڻويهه عورتن کي ورهائي تضاد پيدا ڪري سگهجي ٿو؟“
    ”توهان هڪ فرمان ذريعي ابوالقاس کي ان ڳالهه کان واقف ڪيو ته برهمڻ آباد مان هٿ آيل ڌن ۽ دولت عراق موڪلي ڏين. باقي اڻويهه عورتون ٽن حصن ۾ ورهائي ائين کڻن جو ابوالقاس انهن عورتن جو اڌ حصو پاڻ کڻي ۽ باقي ٻين حصن مان چوٿون حصو وچين ڀاءُ کي ۽ پنجون حصو ننڍي ڀاءُ کي حاصل ٿئي.“ صلاحڪار جي راءِ تي حڪمران غور ڪيو ۽ سوچ ۾ پئجي ويو.
    ”حضور توهان کي ڳالهه سمجهڻ ۾ ڪابه ڏکيائي نه ٿيندي.“ صلاحڪار چيو، ”ڳالهه ظاهر آهي. ابوالقاس کي عورتن جو اڌ ملڻ گهرجي ۽ اڻويهن جو اڌ ڪڏهن نه ٿيندو. وچين کي چوٿون حصو ملي جيڪو ناممڪن آهي، ڇو جو اڻويهن جو چوٿون حصو ڪڏهن نه ٿي سگهندو. ننڍي کي پنجون حصو ملي ۽ اڻويهن جو پنجون حصو ناممڪن آهي. انهن عورتن جي ورهاست ناممڪن ٿي پوندي ۽ اهي ٽيئي ڀائر جيڪي ڳجهيءَ طرح هڪ ٻئي جا دشمن آهن انهن کي فساد جو موقعو ملي پوندو. اهڙي مسئلي ۾ وچڙي پوندا جو حل ناممڪن ٿي پوندو. انهن اڻويهه عورتن جي ورهاست انهن لاءِ تضاد جو باعث ٿيندي جنهن جو حل دنيا جي ڪنهن به ڏاهي ۽ رياضيدان وٽ نه هوندو. ڌرتيءَ تي ڪوبه اهڙو عقلمند موجود نه آهي جيڪو اڻويهه عورتن کي ورهائي ٽن ڀائرن حوالي ڪري سگهي.“ حڪمران کي ڳالهه پوريءَ ريت سمجهه ۾ اچي وئي ته اهي اڻويهه عورتون انهن ٽن ڀائرن ۾ فساد جو سبب ٿي سگهن ٿيون. هن هڪ فرمان تيار ڪري سمورا تفصيل لکي مهر لڳائي قاصد کي تاڪيد ڪئي ته ويل وڃائڻ بغير اڏامندو ابوالقاس وٽ پهچي کيس حڪم نامو هن حوالي ڪري ۽ اتان تفصيل معلوم ڪري واپس پهچي.
    قاصد ابوالقاس جي محل ۾ پهتو ۽ ان اهڙو حڪم نامو پڙهي ٻڌايو.
    ”حڪم ٿو ڏجي ته مال-دولت ۽ هيرا جواهرات بغداد موڪلي ڏنا وڃن. باقي مابدولت توهان جي وفاداريءَ کان متاثر ٿي اهي اڻويهه عورتون توهان حوالي ڪري ٿو. انهن اڻويهه عورتن کي ٽن حصن ۾ ائين ورهائي کڻندا جو ابوالقاس کي انهن جو اڌ حصو ملي ۽ باقي ٻن حصن مان چوٿون حصو وچين ڀاءُ کي ۽ پنجون حصو ننڍي ڀاءُ کي حاصل ٿئي. تنبيهه ٿي ڪجي ته اهڙي ورهاست تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي. مابدولت توهان جي وفاداري ۽ ايمانداريءَ مان خوش ۽ مطمئن آهي. شل وڌندا ويجهندا رهو. فرمان کڻي ايندڙ قاصد جي سٺي خدمت ڪندا جيئن توهان جي مهمان نوازيءَ جي هاڪ ٿئي.“
    قاصد جڏهن عراقي حڪمران جو فرمان پڙهيو ته تحسين جا نعرا بلند ٿيا. قاصد ڏٺو درٻار ۾ موجود سڀني جي چهرن تي خوشيءَ جي مرڪ ۽ اکين ۾ عراق لاءِ عزت جي چمڪ هئي. قاصد کي محل ۾ رهايو ويو ۽ سٺي سيوا ڪئي وئي. ٻئي ڏينهن دفتر جي اندراج موجب اهو سمورو ڌن دولت جيڪو برهمڻ آباد مان هٿ آيو هيو گڏ ڪري بخمل جي ٿيلهين ۾ وجهي بغداد موڪلڻ لاءِ تيار ڪيو ويو ۽ اڻويهه عورتن کي قيد مان ڪڍي محل منتقل ڪري صاف هوادار ڪمرن ۾ رهايو ويو. انهن اڻويهه عورتن گهڻن ڏينهن کان سج جي روشني نه ڏٺي هئي، قيد مان نڪرڻ کانپوءِ انهن جي ناسي نيڻن جي چمڪ موٽي آئي. انهن کي گلاب جي عرق ۾ وهنجاريو ويو ۽ اوڍڻ لاءِ صاف لباس ڏنو ويو. عمان جا ڳاڙها صوف کارايا ويا. ۽ دمشق جي گلابي انگورن سان چپن کي سيراب ڪيو ويو. انهن جي سونهن نکري آئي. انڌياري رات ۾ شهر واسين ڏٺو محل جي درين مان انهن جي حسن جي تجلي عرش ڏي اڀري رهي هئي.
    انهن اڻويهه عورتن جي اکين ۾ اڃان به برهمڻ آباد جي مندرن جا ڏيئا ٻري رهيا هيا ۽ وقت سان انهن جي يادن جي لاٽ جهڪي پئي ٿيندي وئي. يادون رک جيان وکري مٽيءَ ۾ ملنديون ٿي ويون. انهن جي اکين ۾ اڃان به اهي رت جا داغ ڏسجي رهيا هيا جيڪي انهن سامهون ڪٺلن جي ڪنڌن مان اڏاميا هيا. اهي عورتون بي وسيءَ جي ڄار ۾ ڦاٿل هيون. پاڻ تي جبر ڪري پئي سگهيون يا انهن لاءِ آپگهات جا رستا کليل هيا جن تي هلي قلعي جي بلند ديوارن تان پاڻ اڇلائي پئي سگهيون، پر اڃان به اميد جي لاٽ سندن سيني اندر ڀڙڪي رهي هئي. اهي انتظار ۾ هيون من ڪا واٽ نڪري اچي. ۽ باعزت آزادي ممڪن ٿي پوي.
    هارانسيءَ کي ڪهيداس سان گهڻيون اميدون واڳيل هيون. پڪ هئي ته ڪهيداس هن جي جان ڇڏائڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿيندو. ڀروسو ۽ اعتماد هيو ته اهو هن کي ڪنهن صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندو. ڪا اهڙي صورتحال پيدا ڪري وجهندو جو بحربانيا جا حڪمران هن کي ان حوالي ڪرڻ ۾ ڪو عار محسوس نه ڪندا- هن کي ڪهيداس جو فڪر پڻ هيو جيڪو گهڻن ڏينهن کان هن سان ملاقات لاءِ نه آيو هيو- اها سوچڻ لڳي، ”ڪهيداس ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسي پيو ته هن جي آزاديءَ جا سڀ دروازا بند ٿي ويندا.“ اهو سوچي مايوسيءَ جي انڌيرن ۾ گم ٿي وئي. ڪهيداس سان ملڻ جي حسرت سندس من ۾ سڏڪا ڀرڻ لڳي.
    ڪهيداس پرواني جيان محل جي آس پاس ائين ڦرندو هيو جيئن محل مان نڪرندڙ هارانسيءَ جي وجود مان ڦٽندڙ روشنيءَ جو مداح هجي ۽ پنهنجا پر ساڙڻ لاءِ بي قرار هجي. هن کي محل اندر ٿيندڙ سڀني سازشن جي خبر هئي. ان قاصد سان پڻ مليو هيو جيڪو عراقي حڪمرانن جو پيغام کڻي پهتو هيو. هن لاءِ اها خوشيءَ جي خبر هئي ته اهي اڻويهه عورتون عراق روانيون نه ٿينديون. پر اصل مسئلو هارانسيءَ جي آزادي جو هيو. هو منتظر هيو ته ابوالقاس کي راضي ڪري انعام طور هارانسيءَ کي حاصل ڪري. اهو سوچي ته ڪجهه ڏينهن اندر بحري قزاق علاؤ الدين علاقيءَ سان سنڌ روانو ٿيڻو هيو اندر ۾ وڍ ٿي پيس. اهڙي وقت جڏهن هارانسي محل ۾ موجود هئي ۽ سندس قسمت جو فيصلو ٿيڻو هيو. هن جي سنڌ روانگي دل ڏکوئيندڙ هئي. هن کي خبر هئي ته جيڪڏهن ابوالقاس کي روانگي ملتوي ڪرڻ جو مشورو ڏنو ته اهو ڪڏهن اجازت نه ڏيندو ۽ ٿي سگهي ٿو ڪاوڙجي اهڙا احڪام ڏئي جو جيئڻ جنجال ٿي پوي. بحري قزاق علاؤ الدين هن وٽ رهيل هيو ۽ هر وقت پنهنجي بهادريءَ جا داستان ٻڌائي وقت پيو وڃائيندو هيو. اهو جڏهن ڳالهائيندو هيو ته جوش کان سندس وات مان نڪرندڙ لفظن تي وڏيون مڇون جهرڪيءَ جي پرن جيان ڦڙڪنديون هيون. علاؤ الدين ابوالقاس جي اشاري جو منتظر هيو. هن جا ساٿي ڪناري تي ٻيڙو تيار ڪري بيٺل هيا ۽ سڙهه کلڻ جي انتظار ۾ هيا. ڪهيداس کي خبر هئي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر هر حال ۾ روانو ٿيڻو آهي ۽ اهو وڇوڙو هن لاءِ دل ڏاريندڙ هيو. نيٺ اهو ڏينهن به آيو جو انهن اڻويهه عورتن کي جلترنگي لباسن ۾ ٽنهي ڀائرن آڏو پيش ڪيو ويو. انهن اڻويهه عورتن جا جسم سندن وجود مان اڀرندڙ حسن جي خوابناڪ ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل هيا. اهي اڻويهه عورتون سانوڻ جي جهڙ جيان هيون ۽ هر طرف وڄ جا تجلا ڦهلجي ويا. محل ۾ روشني ٿي وئي. ٽنهي ڀائرن جون اکيون انهن جي حسن جو تاب سهي نه سگهندي بند ٿي ويون ۽ حسن جو نور سندن منهن تي تيزاس جيان پوڻ لڳو. اهو ساڳيو وقت هيو جڏهن شهر ۾ انهن اڻويهه عورتن جي حسن جو چرچو هيو ۽ ڪهيداس علاؤ الدين علاقيءَ سان سنڌ روانو ٿي رهيو هيو. سندس من پيڙا سان ڀريل هيو ۽ اکين مان لڙڪ ڳڙي بحربانيا جي صحرائن ۾ جذب ٿي رهيا هيا. ان وڇوڙي کي هو پهاڙ جيان سيني تي محسوس ڪري رهيو هيو. ٻيڙو ونجهه کڻي سڙهه ڇوڙي اڳتي هليو ته سمنڊ جي گج ۾ هن هارانسيءَ جو چهرو ٺهندي ۽ ڊهندي ڏٺو.


    (5)

    انهن ڀائرن زندگيءَ ۾ اهڙو لقاءُ نه ڏٺو هيو. ابوالقاس سامهون براجمان هيو ۽ سندس ڀائر پاسن کان ويٺل هيا. اڻويهه عورتن انهن کي گهائل ڪري وڌو. هرڪو ائين سوچڻ لڳو جيڪر سموريون عورتون سندس حرم جو حصو هجن. انهن عورتن جا جسم گلابي سنگ مر مر جي مجسمن جهڙا هيا. انهن جا لڏندڙ وار نانگن جيان ڏنگڻ لئي تيار هيا. انهن جا ناسي نيڻ عرش ۾ اڏامندڙ ڀورن بادلن جيان اڃايل دلين تي وسڻ جا سانڀاها ڪري رهيا هيا. ابوالقاس ۽ سندس ڀائرن جي من ۾ آيو ته جيڪر اڇل ڏئي اٿن ۽ انهن عورتن کي چنبڙي شيراز جي ڳاڙهي شراب جيان پيئن. ابوالقاس نامرد هوندي به حسن جو پڄاري هيو حسن هن جي من ۾ اهڙي هلچل مچائي رهيو هيو جو ان جي احساس کان سندس جسم ۾ ڌرڙيون پئي اڀريون. هن چاهيو ته انهن جي شفقي ڳلن تي چپ رکي پر شرمندگي ۽ محرومي پئي محسوس ڪيائين.هن کي ڪهيداس سان اميدون وابسته هيون. اهي عورتون هن لاءِ ايتريون ئي اهم هيون جيتريون سندس ڀائرن لاءِ.
    شاهي منصف کي گهرايو ويو جيئن عراق جي حڪمران پاران مليل احڪامن کي مدنظر رکي انهن عورتن جو ورهاڱو ڪري سگهجي. شاهي منصف آيو ۽ نوڙي سلام ڪيائين. اهو منصف گهٽ، مسخرو وڌيڪ هيو. ان اماڻيل احڪامن کي غور سان پڙهي فڪر مان انهن اڻويهه عورتن ڏانهن نهاريو جيڪي جلوا افروز هيون، پوءِ گهري سوچ ۾ ٻڏي ويو. ان کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته حڪمنامي موجب انهن عورتن جي ورهاست ڪيئن ڪري. هن کي انهن ٽن ڀائرن جي ضد ۽ وڏائيءَ جي خبر هئي. ڄاڻي پيو ته اهي ڪنهن به صورت ۾ ڪسُ کائڻ لاءِ تيار نه هوندا. ٽئي ڀائر منصف ڏانهن ڏسندا رهيا اهي پڻ ساڳي ڳالهه تي غور ڪري رهيا هيا ته حڪم نامي موجب انهن عورتن جو ورهاڱو ڪيئن ممڪن آهي؟ پر پوءِ به منصف ۾ اکيون اٽڪائي ويٺل هيا ته من ڪا صورتحال سامهون اچي جو حل نڪري پوي ۽ اهي عورتون مقرر حصن جي بنياد تي ٽنهي ۾ ورهائجي پون.
    شاهي منصف گهڻي سوچ ۽ ويچار کانپوءِ ڳالهايو، ”حڪم نامي موجب انهن اڻويهه عورتن جو اڌ ابوالقاس جي حصي ۾ اچڻو آهي. چوٿون حصو وچين ڀاءُ حوالي ڪرڻو آهي ۽ پنجون حصو ننڍي ڀاءُ کي ڏيڻو آهي. هاڻي پاڻ فيصلو ڪيو. اڻويهه عورتن جو اڌ ڪيئن ممڪن آهن. اڻويهن جو اڌساڍا نوَ ساڍا نوَ ٿيندو. ڇا هڪ عورت کي ڪٽي ٻه ٽڪر ڪرڻو پوندو؟ جيڪڏهن وچين ڀاءُ کي چوٿون حصو ڏنو وڃي ته اڻويهن جو چوٿون حصو پوڻا پنج ٿيندو ۽ پنجون حصو ننڍي ڀاءُ حوالي ڪيو وڃي ته اڻويهن جو پنجون حصو اٽڪل پوڻا چار ٿيندو. مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته انهن عورتن کي ڪيئن ورهائي توهان جي حوالي ڪيان جو انصاف ٿئي ته منصفيءَ جو مان به مٿانهون ٿئي.“
    شاهي منصف جي اهڙي لهجي تي ابوالقاس ۽ ان جي ڀائرن جا منهن ٽانڊن جهڙا ٿي ويا. ننڍو ڀاءُ ڪمر بند ۾ ٻڌل خنجر جي هٿئي کي مهٽڻ لڳو ۽ ڪاوڙ مان چيو، ”هيءَ ڪهڙي چريائپ آهي؟ ڳالهائڻ جو ڪهڙو طريقو آهي؟ شاهي منصف آهيو يا مارڪيٽ جا سبزي فروش. توهان جي لهجي ۾ شائستگي ۽ برجستگي هجڻ گهرجي پر افسوس اهڙين خصلتن کان محروم ۽ نا آشنا آهيو.“
    شاهي منصف نوڙي ادب مان هٿ جوڙيا، ”جان جي امان سرڪار.“
    ان چيو، ”دراصل مسئلو ايڏو منجھيل ۽ ڏکيو آهي جو حواس خطا ٿي ويا آهن. زندگيءَ ۾ ڪيترا دفعا وڏا ۽ ڏکيا فيصلا ڏنا آهن. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ان مسئلي جو حل ڪيئن ڪڍان. مهرباني ڪري ڪجهه وقت ڏيو ته ڪنهن ٻئي سان صلاح ڪيان ۽ مسئلي جو حل ڪڍان جيڪو قابل قبول هجي.“
    ابوالقاس هن کي اجازت ڏني ته ڀل ڪجهه ڏينهن ترسي انهن وٽ اچي ۽ اهڙو حل ڪڍي جو ڪنهن سان ناانصافي نه ٿئي. جڏهن منصف روانو ٿيڻ لڳو ته ننڍي ڀاءُ هن کي هٿ جي اشاري سان روڪيو ۽ چيو، ”ڪو اهڙو حل نه ڪڍجانءِ جو حيثيت کي سامهون رکي فيصلو ڏين. ان صورت ۾ خير نه سمجهجانءِ.“ پوءِ هن هٿ ڪمربند سان لڙڪندڙ خنجر تي رکيو. وچون ڀاءُ به ڪاوڙ مان اکيون ڪرڙيون ڪري هن کي ڏسڻ لڳو. شاهي منصف خوف مان نوڙي آداب ڪري هليو ويو. ابوالقاس ڀائرن ڏانهن ڏٺو سندن پيشانيءَ تي بغاوت جي پگهر جون بوندون چمڪي رهيون هيون. محل مان اها خبر ٻوڏ جيان شهر ۾ داخل ٿي ته برهمڻ آباد مان هٿ آيل اڻويهه عورتون ناياب ۽ وڏي حسن جون مالڪياڻيون آهن سندن شباب ۽ جمال جو ثاني نه آهي. شهر ۾ اهي خبرون گشت ڪرڻ لڳيون ته ٽئي ڀائر انهن عورتن جا اسير ٿي چڪا آهن ۽ عورتن جي ورهاست انهن ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪري وڌو آهي. محل مان اهڙيون افواهون پکڙجي رهيون هيون جيڪي ڏند ڪٿائي قصن جيان هيون. اتان جيڪي خبرون پهچي رهيون هيون اهي حيرت انگيز هيون. ڪن جو خيال هيو ته اهي اڻويهه عورتون آدمزاد نه پر باهه مان ٺهيل ديوتائن جي وجود جا حصا آهن جيڪي ٻرندڙ خوبصورت چهرن سان ڌرتيءَ تي موجود آهن. ڪي وري ائين چئي رهيا هيا ته اهي سنڌوءَ ڪناري لهندڙ پريون آهن جيڪي وهنجي رهيون هيون ته انهن جا ڪناري سان رکيل پر ڪنهن چوري ڪيا، اڏامي نه سگهيون ۽ جهلجي پيون. ڪن کي گمان هيو ته اهي ڏاهر جي طلسم جون ڏائڻيون آهن، روپ بدلائي آيون آهن جيئن تفرقو پيدا ڪري خونريزي ڪرائي سگهن. جيڏيون زبانون هيون، تيڏا لفظ هيا. جيڏا چپ هيا، ايڏي چرپر هُئي. ايڏي چرپر هئي ۽ جيتريون اکيون هيون اوڏا افسانا هيا. شهر جي سرائن ۽ ميخانن ۾ انهن عورتن جو ذڪر هيو. شاعرن انهن اڻ ڏٺل عورتن جي ٻڌل قصن تي ڪلام چيا. نوجوانن اهڙين محبوبائن جي خواهش ڪئي جن جا چهرا انهن اڻ ڏٺل عورتن سان ملندڙ هيا. ميخاني ۾ هڪ شاعر مڌ جو ساغر ڇلڪائيندي پنهنجو ڪلام سُر سان ٻڌايو ته محفل کي جهومائي ڇڏيو،

    ”مينهن وسي ٿو
    ستارن جو
    عرش لڳي ٿو عجيب.
    سنڌڙي انبن جهڙيون
    اڻويهه عورتون
    جيڪي نه ٿيون نصيب.
    کارڪ جي کوکڙيءَ تي
    گذران ڪندڙ
    اسين صحرا جا فقير-
    چمڻ کان اڳ
    چوڏهينءَ جيئن
    ٿي وئي گول
    پهرينءَ جهڙي
    وات جي لڪير-
    شل ٿين نصيب
    اهڙيون اڻويهه عورتون
    سچ ڳالهاءِ شاعر
    ڪجهه ته چپ چور تون.“
    ان شاعر جي پوئواري ڪندي شهر ۾ پنجويهه هزار شاعر پيدا ٿي پيا. جن اڻويهه عورتن کي سندن حسن جي ڀيٽا پيش ڪئي. ان شهر جي ايڏي آدمشماري نه هئي ڪل ملائي چوويهه هزار چار سؤ هئي باقي ڇهه سؤ شاعر انهن عورتن جي تعريف ٻڌي ٻين شهرن کان لڏي آيا. جڏهن ابوالقاس کي اها خبر پئي ته ڪجهه سپاهي ميخاني ۾ موڪلي هڪ ٻن شاعرن کي شهر جي چوسول تي ٻڌي درا هڻايا. هڪ فرمان ذريعي ملڪ ۾ شاعريءَ تي بندش وڌي ۽ ان کي ڏوهه قرار ڏنو. جڏهن ته اهي ٽئي ڀائر اندروني طرح پاڻ به شاعر هيا ۽ هڪ ٻئي جي ساڙ ۾ نفرت انگيز شاعري ڪندا هيا. اهو قاصد جيڪو عراقي حڪمرانن جو پروانو کڻي پهتل هيو. صورتحال کي مد نظر رکي عراقي حڪمرانن کي باخبر رکندو پئي آيو. بحربانيا جي مملڪت مان جيڪي خبرون عراق پهچي رهيون هيون اهي دلچسپ ۽ کل جهڙيون هيون. بغداد وارا بحربانيا تي ڪرڙي نظر رکيون پئي آيا. بحربانيا مان قاصد اهڙا شعر به اوڏانهن موڪليا جيڪي انهن اڻويهه عورتن متعلق هيا. اهي شعر ٻڌي عراق جا حڪمران حيران ٿي ويا ۽ سوچڻ لڳا ته سندن ملڪ اهڙي عظيم شاعريءَ کان ڇو محروم آهي؟
    محل اندر سازشون سَٽجي رهيون هيون ۽ ٽئي ڀائر ڪشمڪش ۾ هيا. انهن کي شاهي منصف جي فيصلي جو انتظار هيو جيڪو رياضيدانن سان مشوري ۾ مصروف هيو. هڪ ڏينهن منصف مسخري جيان منهن لڙڪائي محل ۾ آيو ۽ پنهنجي ناسمجهيءَ جو اعلان ڪيو.
    هن چيو، ”سوچي سوچي چريو ٿي چڪو آهيان. عقل موڪلائي ويو آهي. علم کسجي چڪو آهي. اهو حساب منهنجيءَ سمجهه کان بالا ۽ ڏکيو آهي. اهو ممڪن نه آهي ته اوهان سان انصاف ڪري سگهان. توهان مان ٻن سان ناانصافي ڪندس ته مقصد ۾ ڪامياب ويندس نه ته هيءَ منصفيءَ جي پڳ حاضر آهي جيڪا لاهي توهان جي قدمن ۾ رکان ٿو. ڀل ان کي ٺوڪر هڻي پري اڇلايو ۽ جيڪا وڻي سزا ڏيو. باقي سوچون جواب ڏئي چڪيون آهن. پاڻ کي ڏوهي ۽ اوهان جو گناهگار محسوس ڪري رهيو آهيان. سِر حاضر آهي ڀل تلوار هڻي سِسِي ڌڙ کان ڌار ڪريو.“
    منصف جون ڳالهيون ٻڌي ڀائر سوچ ۾ پئجي ويا. ان کان اڳ جو ننڍو ڀاءُ خنجر ڪڍي هن تي حملو ڪري ابوالقاس ان کي روڪيو.
    هن چيو، ”جيڪڏهن هن جو عقل موڪلائي ويو آهي ته اسان جو ته سلامت آهي. ڇڏيو هن بيوقوف کي ته باقي عمر ماڻهن جا غلط فيصلا ڪري ناجائز ڏنڊ وجهي مملڪت جا خزانا ڀريندو رهي. ڇو ٿا محل جي فرش کي هن جي خون سان خراب ڪيو. هن کي ٻاهر ڪڍو ته پاڻ ۾ ويهي ٿا صلاح ڪيون.“
    ابوالقاس شاهي منصف کي چيو، ”پڳ فرش تان کڻي هِتان هليو وڃ، ٻي صورت ۾ هو مصري خواجا سرائن کان سندس اهڙي تعدي ڪرائيندو جو ملڪ ۾ منهن ڏيکارڻ جي قابل نه رهندو.“
    ڪهيداس بحري ٻيڙي تي ليٽي هوا ۾ انهن لهرائيندڙ سڙهن کي ڏسي رهيو هيو جيڪي ٻيڙي کي رسن سان ڄڻ گهليندا پئي ويا. سڙهه پراڻا هيا انهن تي چيني ريشم جون رنگين چتيون ائين لڳل هيون جيئن هوا ۾ طوطا اڏامندا هجن. هو اداس ۽ منجهيل هيو. سندس اکين اڳيان هر وقت هارانسيءَ جو چهرو پئي ڦريو. ان جو وڇوڙو هن لاءِ عذاب هيو. اهڙن ئي خيالن ۾ هيو ته هڪ بنسري نواز جيڪو ننڍي قد جو هيو ۽ سندس ڳريل آڱريون ڪوڙهين جهڙيون هيون ان چپ گول ڪري بنسي رکي ۽ ڦٽل آڱرين کي سوراخن تي اهڙي ته ترتيب سان ڦيرايو جو ان مان مٺڙا سُر نڪري سمنڊ جي کاري پاڻيءَ تي ترڻ لڳا. سُر هوا ۾ وکرجي ويا. اهي جڏهن ڪهيداس جي ڪنن سان ٽڪرايا ته سندس اکيون ڀرجي آيون. هن محسوس ڪيو جيئن هارانسي هن اندر نچندي هجي ۽ دل جي ڌڙڪن ان جي ڇير جو ڇمڪو هجي. هو بانسريءَ جي سرن ۾ مست ليٽي ٻيڙي جي سڙهن ۽ آسمان ۾ ترندڙ جهڙ کي نهاري رهيو هيو ته بحري قزاق علاؤ الدين هن مٿان اچي بيٺو. سندس خوفائتو منهن ڏسي سڌو ٿي ويٺو. علاؤ الدين هڪ قزاق کي اشارو ڏنو جيڪو ڪاٺ جي ڊرم مان ٻه کونجا ڀري آيو ۽ هن حوالي ڪيا. علاؤ الدين هڪ کونجو هٿ ۾ جهليو ۽ ٻيو ڪهيداس کي ڏنو.
    هن چيو، ”شيراز جي انگورن جو تراشيل آهي. وٺ پيءُ هن جي ڳاڙهاڻ ۾ ڌرتيءَ جو رت شامل آهي.“
    ڪهيداس کونجو ورتو ۽ نڪ تي آڻي سنگهي ڍڪ ڀريو.
    هن چيو، ”بيشڪ سٺو آهي. گهڻن ڏينهن کانپوءِ سٺي شيءِ نصيب ٿي آهي.“ هن جي ڳالهه تي علاؤ الدين ٽهڪ ڏنو. هڪ مصري خواجا سرا جيڪو علاؤ الدين جو دوست هيو ان وچ ٻيڙي ۾ بيهي نچڻ شروع ڪيو. ڪجهه قزاقن دڦ هٿن ۾ کڻي وڄائڻ شروع ڪيا. وايومنڊل ٽهڪن سان گونجڻ لڳو. جڏهن اڇا ٻگهه قطار ٺاهي نيري اُڀ مان لنگهيا ته هڪ قزاق خوشيءَ مان رڙ ڪئي، ”ڪنارو ويجهو آهي.“ ان آسمان ۾ اڏامندڙ ٻگهن ڏانهن اشارو ڪندي چيو. پر اوچتو اڀ ڪارن ڪڪرن سان ڍڪجي ويو. مينهن ڪڻيون هڪ ٻئي پويان هيٺ ڪري سڙهن کي آلو ڪرڻ لڳيون. تيز هوا گهلي ۽ علاؤ الدين علاقيءَ حڪم ڏنو، ”سڙهه ويڙهيا وڃن نه ته ٻيڙي ٻڏڻ جو خطرو آهي.“ هڪ قزاق مٿي چڙهيو، سڙهن جي رسيءَ ۾ هٿ وجهي ڇڪيو ته اهي سوڙها ٿي ويا ۽ ٻيڙي جي رفتار سست ٿي وئي. پري کان ڪارو جهڙ ائين ڊوڙندو آيو، جو ان جي سمنڊ تي پوندڙ پاڇي کان لهرون حبشي غلام جي وٽيل ڏورن جهڙيون ٿي ويون. هوائن تي سمنڊ اٿلي پيو. ان جون ڇوليون ٻيڙي سان ٽڪرائجي مٿي اڀري اندر داخل ٿيڻ لڳيون. وڏڦڙو هٿوڙن جيان ٻيڙي جي ڪاٺ تي وسڻ لڳو. ڪجهه قزاق ڏول کڻي ٻيڙي ۾جمع ٿيل پاڻي ڪڍي ٻاهر سمنڊ ۾ اڇلائڻ لڳا. وڄ چمڪي ۽ آسمان جا زخم ظاهر ٿي پيا. هڪ چير آسمان کي وڍ وجهندو هيٺ سمنڊ ۾ ڪريو. جڏهن وڄ جو ٻيو چير پيدا ٿيو ته ٻيڙي جي ويڙهيل سڙهن کي باهه لڳي وئي. ٽڙڪو ٿيو ۽ ٻرندڙ سڙهه ڪاٺ سميت اچي هيٺ ڪريا. هر طرف گوڙ مچي ويو. قزاق هيڏانهن هوڏانهن ڀڳا. ڪهيداس قدرت جي اهڙي ماجرا ڏسي دنگ رهجي ويو. هن به پناهه وٺڻ لاءِ واجهايو. تيز هوا ۾ ٻيڙو گول ڦرندو هڪ پاسي جهڪي ويو. ٻيڙي ۾ ڀڄندڙ ڪوئا پاڻيءَ ۾ وڃي هيٺ ڪريا. ڪهيداس جو ڪنڌ هڪ جاءِ تي نه هيو ڪڏهن هيڏانهن ته ڪڏهن هوڏانهن واجهائيندو رهيو. ٻيڙو غرق ٿيو ته ڪاٺ جي ڊرم ۾ هن جا هٿ پئجي ويا، پوءِ خبر نه پئي ته ڪو ڪيڏانهن ويو ڪو ڪيڏانهن. جڏهن طوفان جهڪو ٿيو ته پاڻ کي ڪناري تي ڪريل محسوس ڪيو. هن جا ڦڦڙ پاڻيءَ سان ڀرجي چڪا هيا. پاسيرو ٿي کنگهيو ۽ کنگهي کنگهي ساڻو ٿي سڌو ٿي سمهي پيو. ٿوريءَ دير ۾ اٿيو ڏٺائين کيس ڪير به نظر نه آيو. سمنڊ جي لهرن ۾ وکريل سامان سان گڏ اها بنسري به ڪناري سان ٽڪرائجي رهي هئي جنهن جي سرن جو آلاپ ٻڌي هارانسيءَ جي ياد ۾ گم ٿي ويو هيو. هن هيٺ نوڙي اها بنسري هٿ ۾ کنئي ۽ اڳتي وڌيو جتي ڪيلن جو باغ هيو. جڏهن وڻ تي ويٺل ٻه ننڍڙا نيرا طوطا ڏٺائين ته سمجهي ويو اهو دهران جو علائقو آهي. هن رائوڙ جي جوتشين کان هڪ شعر ٻڌو هيو جنهن ۾ محبوب جي اکين کي دهران جي نيرن طوطن سان تشبيهه ڏنل هئي.
    ”اي پرديسي!
    پرينءَ جي اکين ۾
    نه نهارجانءِ
    جيڪي دهران جي طوطن
    جهڙيون آهن
    نه ته انهن جي سحر کان
    دنيا جا سڀ رنگ
    نيرا ٿي ويندا.“
    اهو دهران جو علائقو هيو جتي پارسي رهندا هيا. ديبل جي واپارين جو ٻيو گهر. هاڻي ان جو ساڳيو عروج نه رهيو هيو. پارسي جيڪي سمنڊ جا سالار سمجهيا ويندا هيا اهي ونجهه ڇوڙي اوڀر وارن ڪنارن ڏانهن اوندهه ۾ آتشڪدن جي باهه هٿن ۾ کڻي نوان ماڳ ڳولهي رهيا هيا. دهران جي قبرستانن ۾ خاموشيءَ جي منارن تي جنازن جي انتظار ۾ ويٺل ڳجهون بک کان پنهنجا پاسن وارا کنڀ کوٽي رهيون هيون. لڙڪندڙ انگورن جي گهاٽين ولين مان شراب ڪشيد ڪندڙ نازڪ هٿ ڪرائين کان ڪٽجي هيٺ ڪري پيا هيا. تراشيل انگورن جي بٺين هيٺان ٻرندڙ باهه جا ٽانڊا اڃان پڃريل هيا ۽ اٿندڙ ٻاڦ جو مدهوش ڪندڙ سرور هر ڪنڊ ۾ واسو ڪيون لڪيل هيو.
    ڪهيداس هلندو جڏهن هڪ آتشڪدي ۾ پهتو ته ويٺل يوگي ڳچيءَ ۾ پاتل پانڌ کولي ان سان آتشڪدي جي باهه کي لڪائڻ لڳو.
    ڪهيداس چيو، ”دشمن نه، دوست آهيان. قدرت هڪ آفت ذريعي آڻي ڪناري تي اڇلايو آهي. سنڌ ملڪ جو باشندو آهيان ۽ پناهگاهه جي ڳولها ۾ ڀٽڪندو هت پهتو آهيان.“
    يوگيءَ پانڌ آتشڪدي تان هٽائي هن تي نظر وڌي.
    ان چيو، ”اسين دهران جا دهريا آهيون. اسان جو وجود ناقابلِ برداشت ٿي چڪو آهي. مون سمجهيو آتشڪدي جي باهه وسائڻ آيو آهين.“
    ڪهيداس يوگيءَ جي اندر ۾ خوف ۽ وسوسن کي محسوس ڪيو.
    ڪهيداس چيو، ”مون کان خوف نه ڪر. رات جا چار پهر گذارڻ جي اجازت ڏين ته صبح سان روانو ٿي ويندس.“
    يوگيءَ اٿي هن کي پنير سان مانيءَ ڳڀو ڏنو، پوءِ آتشڪدي مٿان ٺهيل زرتشت جي مجسمي اڳيان بيهي امن جي دعا گهري ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيون، سندس منهن تي پوندڙ باهه جي روشنيءَ ۾ لڙڪندڙ ڏاڙهي نارنگي ڄر جهڙي هئي. ڪهيداس کائي سامت ۾ آيو.
    ڪهيداس سوال ڪيو، ”ڇا ٻڌائيندين ته ماضيءَ کي سامهون رکي تنهنجو شعور ڪهڙي پيشنگوئي ڪري رهيو آهي؟ تون مستقبل کي ڪيئن ڏسي رهيو آهين؟“
    يوگي ڏاڍو گهٻرايل ۽ هيسيل هيو. ان ڪو جواب نه ڏنو. ڪنڌ کڻي ڪهيداس جي هٿ ۾ جهليل بنسريءَ کي ڏٺو جيڪا هن تباهه ٿيل ٻيڙي جي سامان مان سمنڊ ڪناري کنئي هئي.
    ”بنسري وڄاءِ.“ ان ڪهيداس کي چيو جيئن ڳالهه لنوائڻ چاهيندو هجي.
    ”مون ڪڏهن بنسري نه وڄائي آهي.“ ڪهيداس جواب ڏنو.
    يوگيءَ اکيون بند ڪري ڇڏيون.
    ”تون بنسري چپن تي آڻ.“ هن چيو.
    ڪهيداس حيرت مان يوگيءَ کي ڏٺو ۽ بنسريءَ کي چپن تي رکيو. اها وڄڻ لڳي. ان مان سر ڦٽي آتشڪدي جي هر ڪنڊ ۾ ڦهلجي ويا. اهي سر واءُ ۾ بدلجي ويا جنهن کان آتشڪدي جي باهه جا شعلا ڀڙڪا ڏئي وسامڻ لڳا. يوگيءَ اکيون کوليون ۽ پانڌ سان باهه جي شعلن کي ڍڪيو جيئن وسامي نه وڃن.
    ”بنسري چپن تان هٽاءِ.“ هن چيو.
    ڪهيداس بنسريءَ کي چپن تان هٽايو ۽ حيرت مان يوگيءَ کي ڏسڻ لڳو.
    يوگيءَ چيو، ”منهنجي خيال ۾ توکي جواب ملي ويو هوندو. انهن هوائن کي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي جيڪي غيب مان ڦٽي نڪتيون آهن. هڪ ڏينهن هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي وينديون. انهن کان ڪي به آتشڪدا محفوظ رهي نه سگهندا. مون جهڙن يوگين جا پانڌ انهن شعلن کي بچائڻ جي رهندڙ دنيا تائين ڪوشش ڪندا.“
    ڪهيداس اها رات آتشڪدي ۾ گذاري ۽ سندس اکيون باهه جي شعلن کي ائين ڏسنديون رهيون ڄڻ اهي ان چکيا جهڙا هجن جن تي هن جو وجود جلندي هارانسيءَ کي پڪاريندو هجي. زرتشت جو مجسمو هن کي گهوريندو رهيو ۽ هو هارانسيءَ کي ياد ڪري سڏڪندو رهيو.
    صبح سان يوگيءَ کان موڪلائي اڳتي وڌيو، کيس خبر هئي ته جيڪڏهن هن سمنڊ ڪناري اوڀر ڏي سفر شروع ڪيو ته ديبل پهچندي ڪئي مهينا لڳي ويندا. هن کي خبر هئي ته ديبل رائوڙ برهمڻ آباد ۽ نيرون ڪوٽ قبضي هيٺ اچي چڪا آهن. اوڏانهن وڃڻ فضول آهي. هن کي اروڙ پهچڻو هيو. اهو سوچي ڏکڻ جي ڪنڊ ڏانهن سفر جاري رکيو. جڏهن رستمانيا پهتو ته نفرت مان هٿ ۾ جهليل بنسريءَ کي پري ڦٽو ڪيو جيڪا پٿريلي زمين تي رڙهندي پري وڃي پئي. هن اڳيان اڻ کٽ بيابان هيو جتي پاڻيءَ جو نانءُ نشان نه هيو.
    هو اڳتي وڌيو ته هن کي هڪ ويران گرجا ۾ زرتشت جي ڀڳل مجسمي جي پيٽ تي ويهي آتشڪدي جي باهه ۾ ڳوهون سيڪيندڙ شخص نظر آيو. هو ان وٽ ويو ۽ پڇيو.
    ”هيءُ ڪهڙو علائقو آهي؟“
    ”هيءُ آب گم جو بيابان آهي.“ ان چيو ۽ پوءِ سوال ڪيو، ”ڇا تون ڪيڪانان وڃڻ چاهين ٿو؟“
    هن چيو، ”ها، مونکي ٻڌيا وڃڻو آهي ۽ اتان اروڙ.“
    جواب تي ان شخص هن کي اوپرين اکين سان ڏٺو.
    ”ڇا تون ٻڌ آهين؟“ ان پڇيو.
    ”نه، مان انسان آهيان.“
    ”پر انسان ڪو مذهب ته نه آهي. دنيا ۾ سڀ انسان آهن.“
    هن ان سان بحث ڪرڻ مناسب نه سمجهيو. اهو ڳوهه کائيندڙ ماڻهو هن کي سٺو نه لڳو. ان کيس کائڻ جي صلاح ڪئي ۽ هن جي انڪار تي حيرت ٿي ته اهو آب گم جي علائقي ۾ ناياب نسل جي ڳوهه جي ذائقي جو انڪاري آهي. رات ٿي چڪي هئي. جڏهن اڳتي وڌيو ته کيس بيابان جي هڪ پٿر مان آواز آيو، ”ٿُڪ هجئي آسمان.“
    هن ڪنڌ کڻي مٿي نهاريو، کيس ڌرتي ۽ آسمان جي وچ تي ڪا شيءِ لڙڪندي نظر آئي جيڪا هڪ ستاري ۾ تبديل ٿي وئي. علم نجوم کي سامهون رکي هن جڏهن حساب لڳايو ته اهو قسمت جو منحوس ستارو هيو جنهن جي پيدا ٿيڻ جي سڀ کان وڌيڪ خوشي شيطان کي ٿي هئي.
    جڏهن ڪيڪانان جي سرحد کي ويجهو ٿيو ته پري کان کيس پٿريلي زمين تي گهوڙن جي ٽاپن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. اهي آواز گهوڙن جي سنبن مان نڪري پهاڙن ۾ پڙاڏو پيدا ڪري رهيا هيا. جڏهن ويجهو پهتا ته هن جي حيرت جي ڪا حد نه رهي. هن ڏٺو اهو علاؤ الدين علاقي هيو جيڪو ساٿين سميت هن پويان اچي اتي پهتو هيو. ان پويان اهو بنسري نواز به هيو جنهن جي هٿ ۾ هن جي رستي ۾ اڇلائيل بنسري هئي. ان ڪهيداس وٽ پهچي خوشيءَ مان بنسري وڄائڻ شروع ڪئي. ان جي ڌن تي مٿي آسمان جي اوچائين ۾ اڏامندڙ ابابيل هڪ هنڌ بيهي سنهن پرن سان رقص ڪرڻ لڳا. علاؤ الدين ٽپو ڏئي گهوڙي تان لٿو ۽ ڪهيداس سان مليو.
    ”اسان سمجهيو تون مري چڪو آهين.“ علاؤ الدين چيو، ”پر رستي تي اڇلائيل بنسيءَ شڪ دور ڪري ڇڏيو. بنسي نواز جڏهن اها پٽ تان کنئي ته سنگهي ٻڌايو ڪهيداس جيئرو آهي ۽ هن رستي تان اڳتي لنگهيو آهي. هن جي ڳالهه سچ ثابت ٿي. ان رستي تان آياسين ته توکي ڳولهي ڪڍيوسين.“
    علاؤ الدين سان ملي ڪهيداس کي خوشي ته ڪونه ٿي پر پوءِ به هن کي اظهار ڪرڻو پيو.
    هن چيو، ”پاڻ پريشان هيس. توهان سان ملي مسرت حاصل ٿي.“
    پوءِ هن علاؤ الدين پويان گهٽ ماڻهو ڏسي سوال ڪيو.
    ”ٻيا ڪيڏانهن ويا... ڇا طوفان جي نظر ٿي ويا؟“
    علاؤ الدين ٿڌو ساهه ڀريو.
    هن چيو، ”اهي سڀ مارجي ويا. ان طوفان اسان جي ماڻهن کي غرق ڪري ڇڏيو. تنهنجي زندگي اسان لاءِ تحفو آهي. خليفي کي منهن ڏيکارڻ لائق ته ٿياسين.“
    هن ڪهيداس کي گهوڙي تي ويهاريو ۽ مڪران طرف روانا ٿيا جتي علاقين جو قبضو هيو.
    جڏهن مڪران پهتا ته انهن کي خبر پئي امير الدين عربن هٿان قتل ٿي چڪو آهي. ان جي منڍي سندس کل ۾ ويڙهي عراق موڪلي وئي آهي. ڪجهه علاقي پهاڙين ۾ لڪي اتان لنگهيندڙ عرب فوج کي نقصان پهچائي رهيا آهن. علاؤ الدين لاءِ اهڙي صورتحال خطرناڪ هئي. هن کي اتي پهچي خوف ورائي ويو. امير الدين جيڪو سندس سوٽ هيو ان جي قتل جو ٻڌي هن جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، هو ڪهيداس کي ساڻ ڪري ساٿين سميت روپوش ٿي ويو. هن مڪران جي ڏورانهن علائقن ۾ انهن سرڪش علاقين کي ڳولهي لڌو جيڪي لڪيل هيا. انهن هن کي سڃاتو ۽ عزت سان خيمي ۾ وٺي سٺي خدمت ڪيائون. علاؤ الدين انهن کي سڄي حال کان واقف ڪيو. ڪهيداس کي انهن حوالي ڪري پڪ ورتائين ته اهي ڪنهن به صورت ۾ هن کي نظرن کان اوجهل نه ڪندا. ان جي اروڙ پهچڻ کانپوءِ ڪم پورو ٿي وڃڻ جي صورت ۾ بحربانيا روانو ڪندا جيئن اهو بيمار خليفي جو علاج ڪري سگهي. علاقين جي چڱي مڙس واعدو ڪيو ته هو ڪڏهن به انهن جي اعتماد کي دوکو نه ڏيندو ۽ ڪهيداس جي اروڙ پهچڻ کانپوءِ اتي موجود علاقين کي تاڪيد ڪندو ته اهي ان تي نظر رکن.
    علاؤ الدين کي جڏهن پڪ ٿي ته ڪم پورو ٿي چڪو آهي اهو ساٿين سميت موٽي ويو ۽ ڪهيداس علاقين جي حفاظت ۾ ٻڌيا روانو ٿيو جتان هن کي درياهه پار ڪري اروڙ پهچڻو هيو.
    ڪهيداس جڏهن علاقي سپاهين سان ٻڌيا مان هلندو درياهه جي ڪپ تي پهتو ته هن جي نظر ان ساڳي سپاهيءَ تي پئي جنهن سان ڪڏهن يمن جي سرحد تي ملي چڪو هيو. اهو عرب خابرو هيو جيڪو ويس مٽائي اروڙ پهتو هيو ۽ واپس درياهه پار ڪري سيوستان جي رستي عراق وڃي رهيو هيو. اهو جڏهن ڪپ تي لٿو ته هندو واپاريءَ جيان ان کي ڌوتي ٻڌل هئي ۽ هڪ ڳاڙهي بندي ڪڇ ۾ ساڻ هئي. ڪهيداس ان سپاهيءَ کي پري کان سڃاڻي ورتو ۽ وڌي ان وٽ آيو. سپاهيءَ جي نظر جيئن ڪهيداس تي پئي ته ان کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ حيرت ٿي. گهڻو وقت گذرڻ باوجود بدليل ويس ۾ به اهو هن کي سڃاڻي رهيو هيو. هن سپاهيءَ کي چيو، ”مان ساڳيو شخص آهيان. جنهن سان تون پهريون به ملي چڪو آهين.“
    سپاهيءَ پري منهن ڪري لنوائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    پوءِ ان چيو، ”ها مون توکي سڃاتو. پر اها ڳالهه ڪنهن ٻئي سان نه ڪجانءِ.“
    ڪهيداس چيو، ”مون تي اعتماد ڪر. مان ڪنهن سان ڳالهه نه ڪنديس.“
    هن اڪيلائيءَ ۾ ان سان ڪجهه حال احوال اوريا. ڳالهين ۾ ان کيس ٻڌايو ته بحربانيا کان خبر پهتي آهي ته خليفو سوزاڪ جي بيماريءَ سبب فاني دنيا مان ڪوچ ڪري چڪو آهي.“
    اها خبر ٻڌي ڪهيداس سوچڻ لڳو هو موٽي صرف ابوالقاس جو ئي علاج ڪري سگهندو. ابوالقاس جي قيد ۾ هارانسي هن جو انتظار ڪري رهي آهي. هارانسيءَ کي ياد ڪري غمگين ٿي ويو ۽ سپاهيءَ سمجهيو شايد خليفي جي موت جو ٻڌي ڏک ۾ وٺجي ويو آهي.
    سپاهيءَ چيو، ”خدا ان کي جنت نصيب ڪري. چڱو مان هلان ٿو. منهنجي منزل ڏور آهي ۽ وقت تمام گهٽ.“
    اهو سپاهي روانو ٿي ويو. ڪهيداس جڏهن درياهه ٽپي ٻئي ڀر پهتو ته هن کي اروڙ جو شهر ويران ۽ ڏک ۾ ٻڏل نظر آيو. سڀ گهٽيون خالي هيون. بازارون ۽ دڪان بند هيا. ڪو اڙيو ٿڙيو شخص لنگهيندي نظر پئي آيو. هو پريشان ٿي ويو. سندس دل جي ڌڙڪن وڌي وئي. هن کي خوف ورائي ويو. هن سمجهيو ضرور ڪجهه ٿيو آهي جنهن کان اروڙ جون پُررونق گهٽيون ماتم ڪري رهيون آهن. هن اڳتي وڌي شمشان گهاٽ ڏانهن ويندڙ هڪ پروهت کان پڇيو، ”ڇا ڳالهه آهي. هيءُ شهر ڇو ويران آهي؟“
    ان پروهت جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون.


    (6)

    بحربانيا ۾ خليفي جي وفات کانپوءِ چاليهه ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو هيو. هڪ حڪمنامو جاري ڪري شهر جا ميخانا بند ڪرايا ويا. ماڻهن کي چيو ويو ته اهي ڪارا ڪپڙا پائين ۽ ڪنهن جي چهري تي مرڪ ڏٺي وئي ته ان کي تيزاب هاري ساڙيو ويندو. ابوالقاس جيڪو پيءُ جي پڳ ٻڌي تخت تي ويٺو هيو ان چاليهه ڏينهن مٿي تي پڳ نه رکي. شهر ۾ هر ماڻهو اداس گهمي رهيو هيو. ڪنهن جي منهن تي مرڪ نه هئي. ڪاروبار بند هيا جنهن ڪري بک شهر تي واسو ڪيو ۽ ماڻهو بيروزگاريءَ کان تنگ اچي روئڻ لڳا. محل جا مشير اهو سوچڻ لڳا ته خليفو ڪيڏو نه عوام شناس ۽ همدرد هيو جو ان جي مرڻ جي صورت ۾ پورو شهر ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي.
    خليفي جي موت جو سڀ کان وڏو اثر شاهي مارڪيٽ جي آخري ڇيڙي وٽ ٺهيل شراب خاني جي ان رقاصا تي ٿيو جيڪا وزن وڌي وڃڻ سبب ٿلهي ٿي پئي هئي پر خليفي جي موت کانپوءِ بکون ڪاٽي صفا سنهي ٿي پئي. جڏهن آئيني ۾ پاڻ کي ڏٺائين ته ڏهه سال ننڍي پئي نظر آئي. سوچيائين خليفي جي موت کي اڃان پنجويهه ڏينهن گذريا آهن. ايندڙ پندرنهن ڏينهن اندر خبر نه آهي سندس عمر ڪٿي پهچندي؟ نوراني سرڪس ۾ ڪم ڪندڙ ٻه مسخرا جيڪي ڦٽي تي بيهي ناچ ڪندا هيا ۽ مذاق ڪري ماڻهو کلائيندا هيا، اهي سرڪس بند ٿي وڃڻ سبب بازار جي بند دوڪان اڳيان دڪيءَ تي ڪارا ڪپڙا پائي ويٺل هيا. سڄو شهر انهن کي سڃاڻيندو هيو ۽ جڏهن به انهن مسخرن تي ڪنهن جي نظر پوندي هئي ته ان جي منهن مان کل نڪري ويندي هئي. بازار جي بند دوڪان اڳيان دڪي تي ويٺل مسخرن کي ايڏو اداس ڏسي ايندڙ ويندڙ ماڻهوءَ انهن کي ڏسي هٿ سان وات پئي لڪايو ته متان ڪنهن شاهي سپاهيءَ جي نظر پئجي وڃي. اهڙي صورتحال ڏسي هڪ ٻن ماڻهن داروغي کي شڪايت ڪئي ته انهن مسخرن کي جيترو جلد ٿي سگهي ان دڪي تان اٿاري گهر موڪليو وڃي. داروغي سپاهي موڪلي انهن مسخرن کي روڪيو ته اهي اتان هليا وڃن ۽ سرعام نه گهمن ڇو جو انهن کي ڏسي ماڻهو قانون هٿن ۾ کڻڻ تي مجبور ٿي پوندا. اهڙي ڳالهه ٻڌي ٻئي مسخرا نماڻو منهن ڪري هليا ويا ۽ قسم کنيائون ته اهي اڄ کانپوءِ ڪڏهن مذاق نه ڪندا. جڏهن چاليهه ڏينهن گذريا ته ماڻهن ڪارا ڪپڙا لاهي گڏ ڪري سرڪاري حوالدار حوالي ڪيا. ان ٻوري ٻڌي ڳاڙهي سمنڊ کان ٻيڙي ۾ چاڙهي مصر موڪلي ڏني ته ان کي نيل درياهه ۾ اڇلايو وڃي جيئن دنيا مان موڪلائي ويل خليفي جي روح کي تسڪين پهچي ۽ ابوالقاس کي اعتبار اچي ته سندس پيءُ جي وفات تي مخلوق ڏک ۽ افسوس ۾ ڪيڏو نه ڀوڳيو جو اهي ڪارا ڪپڙا ڏسي نيل درياهه جون مڇيون پڻ رنيون هونديون ته بحربانيا جو سخي مرد جنهن کي پنهنجي مخلوق سان بي حد پيار هيو، اهو پڪ سان دنيا مان موڪلائي ويو ۽ درياهه ۾ مڇين سان گڏ ڪجهه واڳون به هوندا جن جون اکيون ڳوڙهن سان ڀريل هونديون.
    چاليهي کانپوءِ ابوالقاس نئي پڳ مٿي تي رکي جنهن تي ٺهيل چوٿين تاريخ جي چنڊ اندر چئن ڪنڊن وارو ستارو هيو. اهو ستارو درٻار جي هڪ نجوميءَ جي پيشنگوئيءَ کانپوءِ لڳايو ويو هيو. ان شاهي نجوميءَ حساب لڳائي معلوم ڪيو هيو ته ابوالقاس جي حڪومت جو چرچو دنيا جي چئن ئي ڪنڊن ۾ هوندو جنهن ڪري ان جي پڳ ۾ چنڊ اندر سوَن جو اهڙو ستارو هنيو وڃي جنهن کي چار ڪنڊون هجن ڇو جو دنيا ۾ پنجون طرف موجود نه آهي انڪري پنجن ڪنڊن وارو ستارو بيوقوفي ۽ ڇهن ڪنڊن وارو ڪفر آهي.
    ابوالقاس جڏهن پڳ ٻڌي تخت تي ويٺو ته هن جا ڀائر اڳين ڪرسين تي ويهي هن کي حريس نظرن سان ائين ڏسڻ لڳا جيئن شينهن جهنگ ۾ هرڻ جي هر حرڪت جو جائزو وٺندا هجن. ابوالقاس مطمئن ۽ پرسڪون پئي ڏٺو. هن کي تخت ائين محسوس ٿي رهيو هيو جيئن ڪنهن حبشيءَ جي هنج ۾ ويٺل هجي. هن تخت تي ويهڻ شرط جيڪو فرمان جاري ڪيو، اهو سندس ڀائرن لاءِ دل ڏاريندڙ ۽ حيران ڪندڙ هيو.
    ”جيئن ته پيءُ جي وفات کانپوءِ رواج موجب حڪومت جو وارث آهيان انڪري اڄ کانپوءِ منهنجي وات مان نڪتل هر لفظ قانون هوندو. ڪنهن کي به اجازت نه هوندي ته اعتراض واري ٻئي صورت ۾ کيس نتيجو ڀوڳڻو پوندو.“ پوءِ هن ڀائرن ڏانهن ڏسندي چيو، ”منهنجا ڀائر منهنجين ٻانهن جهڙا آهن. فرد جون ٻانهون ان جي اختيار ۾ هونديون آهن ۽ منشا مطابق ڪم ڪنديون آهن. اميد ته منهنجا ڀائر به چئي ۾ هوندا ۽ خليفي جي حيثيت ۾ عزت ڪندا. منهنجي هر حڪم تي عمل ڪندا. اهڙو ڪوبه قدم نه کڻندا جنهن سان دل آزاري ٿئي ۽ حڪومت جي وهنوار ۾ رڪاوٽ اچي.“
    ابوالقاس پهريون دفعو رعب ۽ دٻدٻي سان ڳالهايو جنهن کان هن جو سنهو آواز ٿلهو ٿي ويو. اهڙي تقرير کانپوءِ درٻار ۾ شاهي نشست برخواست ڪئي وئي. ابوالقاس محل ۾ وڃي سوچڻ لڳو ته جيڪڏهن هن طاقت کي استعمال ڪري انهن اڻويهه عورتن تي قبضو ڪيو ته پوءِ ڇا ڪندو؟ هن کي نامرديءَ جو احساس هيو. ڪهيداس کي وئي ڪئي مهينا گذري ويا هيا. اهو نه موٽيو هيو. هن کي انتظار هيو، پڪ هئي ڪهيداس موٽندو ته سندس من جي مراد پوري ٿيندي. بحربانيا جي مملڪت کي ولي عهد ملندو. هو ان ڳالهه کي هرگز قبول نه ڪندو ته سندس جيئري يا مئي هن جا ڀائر يا انهن جو اولاد حڪومت تي قابض ٿين. هن کي پنهنجن ضدي ڀائرن ۽ انهن جي ناجائز اولاد کان نفرت هئي.
    هڪ ڏينهن جڏهن ابوالقاس محل ۾ ٻن خالي ڪرسين اڳيان اڪيلو شطرنج کيڏي رهيو هيو ته هن جا ڀائر هَٺَ مان هلندا اچي سندس سامهون ويٺا ۽ خاموشيءَ مان ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺل ابوالقاس کي اڪيلو شطرنج کيڏندي ڏسندا رهيا. هن جي هڪ چال تي ننڍي ڀاءُ کان ٽهڪ نڪري ويو. ابوالقاس ڪنڌ مٿي ڪري ان کي ڏٺو.
    ”ان ۾ کلڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي. اها دشمن جي چال هئي جنهن کي غلط کيڏي مات ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس.“ ابوالقاس چيو ۽ ننڍو ڀاءُ ٽهڪ ڏيندي ائين چپ ٿي ويو جيئن کيس وڇونءَ ڏنگيو هجي.
    ”دشمن جي چال جو اختيار پاڻ وٽ رکڻ خواب ۾ جنگ کٽڻ برابر آهي.“ وچين وچ ۾ ڳالهائيندي چيو.
    ابوالقاس ان کي رحم جي نظرن سان ڏٺو.
    ”طاقتور هٿ هر چال پاڻ وٽ رکڻ جا مجاز هوندا آهن. پوءِ اها چال پنهنجي هجي، دشمن جي يا دوست جي.“ هن جواب ڏنو.
    ابوالقاس جي تکي لهجي کي ٻنهي ڀائرن شدت سان محسوس ڪيو. پوءِ مطلب جي ڳالهه ڪئي.
    ”اسان تو وٽ انڪري آيا آهيون ته انهن اڻويهه عورتن جي ورهاست جو فيصلو جلد ٿيڻ گهرجي نه ته انصاف کي طول ڏيڻ ناانصافي هوندي آهي.“ ابوالقاس جي اکين ۾ ڪاوڙ ڀرجي آئي جنهن کان منهن جون مشڪون ڇڪجي ويون ۽ گهنج گهرا ٿي ويا. ان جو منهن مرحوم خليفي جهڙو ٿي ويو.
    ”توهان ڄاڻو ٿا ته انهن عورتن جي ورهاست سولو ڪم نه آهي. جيئن ته مان وقت جو خليفو آهيان ۽ هاڻي حالتون بدلجي چڪيون آهن. انڪري انهن تي منهنجو حق آهي. جيئن چاهيندس تيئن ڪندس. اوهان کي منهنجي فيصلي ٺُڪرائڻ جو ڪو اختيار نه آهي. توهان کي جيترو ڏيان قبول ڪرڻو پوندو. توهان جي منشا موجب ورهائي نه ٿو سگهان. جيڪڏهن ڳالهه وڻي ٿي ته واهه نه ته جيڪي ڪرڻو اٿوَ ڪيو.“
    هن جي ڳالهه ٻڌي ٻئي ڀائر باهه ٿي ويا. ڪاوڙ مان ڪرسيون سوري اتي هليا ويا. ابوالقاس ڀائرن جي وڃڻ کانپوءِ ڪافي دير ڪنڌ هيٺ ڪري شطرنج جي مهرن کي ڏسندو رهيو، کيس ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته پنهنجي پاران ڪهڙي چال هلي ۽ دشمن پاران ڪهڙي ۽ اهو سوچيندي هن ڪاوڙ ۾ شطرنج کي مهرن سميت سَٽَ ڏئي پري اڇلائي ڇڏيو.
    اهو جمعي جو ڏينهن هيو جڏهن منجهند کانپوءِ ٻن ڀائرن ابوالقاس خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو. اهڙو اعلان ٻڌڻ شرط جهر جهنگ ۾ باهه لڳي وئي ۽ هر ڪنهن تي خوف طاري ٿي ويو. ملڪ ۾ شيون مهانگيون ٿي ويون ۽ ماڻهن وٽ جائيداد وٺڻ جيترو پئسو نه گڏ ٿيو. زمينن ۽ عمارتن جا اگهه ڪري پيا. شاهي مارڪيٽ ۾ پنندڙ خواجا سرا کي ڪنهن خيرات نه ڏني ۽ ان ڪاوڙ ۾ اچي بک کان شهر جي ڪوٽوال جي پٽ کي ٻانهن ۾ چڪ وڌو. ان خواجا سرا کي پڪڙي سزا طور سرعام ڏند ڀڳا ويا. ڪوٽوال جو پٽ چڪ جي اثر مان نڪري جڏهن بخار مان اٿيو ته ان تاڙي وڄائي پنهنجي شفايابيءَ جو اظهار ڪيو.
    ٻنهي ڀائرن ڪن باغي سردارن کي پاڻ سان ملايو ۽ پري پهاڙن ۾ لشڪر ترتيب ڏنو. ان لشڪر ۾ اهي پکالي به شامل هيا جيڪي روز صبح جو شهر ۾ ڇنڪار ڪندا هيا، انهن جون پکالون پراڻيون ٿي پيون هيون. حڪومت وٽ ايترا پئسا نه هيا جو نيون وٺي ڏئي، انهن کي چيو ويو ته پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري پکالون وٺن نه ته ڪم نه ڪرڻ جي صورت ۾ پگهارون بند ڪيون وينديون. غريب پکالين وٽ ايترا پئسا نه هيا جو خرچ ڪري نيون پکالون وٺي سگهن. سندن پگهارون بند ٿي ويون ۽ اهي باغي فوج ۾ شامل ٿي ويا. سوچيائون خودڪشيءَ کان وڙهڻ چڱو آهي. انهن کي باغي فوج ۾ نيون پکالون وٺي ڏنيون ويون ۽ نالي ماتر پگهار ڏئي اهو ڪم سونپيو ويو ته جنگ جي صورت ۾ اهي سپاهين کي پاڻي پيئاريندا. جيڪڏهن ڪو زخمي سپاهي جنگ جي ميدان ۾ انهن کي ائين چوي ته، ”پهريون مون کي نه هن کي پيئار.“ ته سزا طور پوري پکال ان مٿان هاري خالي ڪندا.
    ٻئي ڀائر ٿورن ڏينهن ۾ تر جي سردارن کي فتح جي صورت ۾ وڏيون جاڳيرون ڏيڻ جي لالچ ۾ پاڻ سان ملائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جڏهن چڱي فوج تيار ٿي ته ننڍي ڀاءُ سوچيو ابوالقاس جي فوج تي حملي کان اڳ جيڪڏهن عراق وڃي اتان جي حڪمرانن کي حقيقت کان آگاهه ڪري جديد اسلحو وٺڻ ۾ ڪامياب ٿئي ته پوءِ فتح حاصل ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿيندي. اهو سوچي ننڍوڀاءُ ڪجهه ساٿي ساڻ ڪري عراق جي حڪمران وٽ پهتو ۽ عرض ڪيائين.
    ”اي عظيم سلطنت جا بهادر حڪمران. اهو ٻڌائيندي ڏک پيو ٿئي ته توهان جي احڪامن تي بحربانيا ۾ ڪو عمل نه ٿو ڪيو وڃي. اهڙن احڪامن کي پڙهي ڦاڙي ڦِٽو ڪري سرعام توهين ڪئي پئي وڃي. توهان ابوالقاس کي انهن اڻويهه عورتن متعلق جيڪو حڪم ڏنو هيو ان تي عمل ڪرڻ کان نابري واري ويٺو آهي، سندس دل ۾ بي ايماني پيدا ٿي چڪي آهي. اهو انهن علاقين جي پڻ مالي ۽ افرادي مدد ڪري رهيو آهي جيڪي مڪران جي ساحل تي سنڌ ڏانهن وڌندڙ عرب فوجن جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن. ان جي افعالن کي ڏسي اسان ٻنهي فيصلو ڪيو آهي ته اهڙي سرڪشيءَ جو حال اوهان اڳيان پيش ڪري گستاخيءَ جي سزا ڏيون. اسان اوهان جي مدد جا منتظر آهيون ۽ اميد رکون ٿا ته اسان جي اخلاقي مدد ڪندا جيئن ان نافرمان کي سزا ڏئي سوگهو ڪيون ۽ اوهان جي سلطنت جو مان مٿانهون ڪري سگهون.“
    عراقي حڪمرانن کي ان گهڙيءَ جو انتظار هيو جيئن تتل لوهه تي ڌڪ هڻي سگهن. انهن محسوس ڪيو اهڙو موقعو اچي چڪو آهي جو اڳتي وڌي انهن ڀائرن جي اختلافن جو فائدو وٺي بحربانيا ۾ تبديلي آڻي انهن علاقين جي امداد بند ڪرائي سگهن جيڪي مملڪت جي راهه ۾ روڙا اٽڪائي رهيا هيا. عراقي حڪمرانن ڳالهه غور سان ٻڌي ۽ پوءِ خليفي چيو.
    ”توهان کي ڪهڙي امداد جي ضرورت آهي؟ اسان مالي ۽ افرادي مدد ڪرڻ کان قاصر آهيون ڇو جو توهان کي خبر هوندي ته اسان جون فوجون دنيا جي ڏورانهن علائقن ۾ وڏين جنگين کي منهن ڏئي رهيون آهن.“
    خليفي جي ڳالهه تي ننڍي ڀاءُ ادب مان چيو، ”اي عظيم حڪمران مان ڪا مالي يا افرادي امداد وٺڻ نه آيو آهيان پر انهن منجنيقن متعلق عرض ڪرڻ آيو آهيان جيڪي سنڌ تي حملو ڪندڙ فوجين وٽ آهن. جيڪڏهن هڪ اهڙي منجنيق عطا ڪئي وڃي ته حملي ڪرڻ ۾ سهولت ٿيندي ۽ ان سرڪش ابوالقاس کي زير ڪرڻ ۾ دير نه لڳندي.“
    ننڍي ڀاءُ جي ڳالهه تي درٻار ۾ موجود صلاحڪارن سس پس ڪئي. هڪ صلاحڪار اٿي خليفي جي ڪن ۾ ڳالهايو ۽ خليفي ڪنڌ کي ها ۾ لوڏيو.
    ”اسان درخواست تي غور ڪيو آهي. سڀني جو خيال آهي ته هڪ اهڙي منجنيق اوهان حوالي ڪئي ويندي جيڪا ٿوري مشق کانپوءِ اوهان جا نشاني باز استعمال ڪرڻ جي قابل ٿي ويندا.“
    حڪمران جي اهڙي اشاري تي ننڍي ڀاءُ جي منهن تي سرهائي اچي وئي ۽ ان نوڙي ٿورا مڃيا.
    ننڍو ڀاءُ جڏهن بحربانيا موٽيو ته هڪ منجنيق سندس ساڻ هئي. ان کي اوڏانهن منتقل ڪيو ويو جتي ابوالقاس خلاف باغي فوجون صف آرا هيون. جڏهن ابوالقاس کي خبر پئي ته هن جا ڀائر هڪ وڏي حملي جون تياريون ڪري رهيا آهن. قلعي جا دروازا بند ڪرائي ڇڏيا ۽ تيراندازن کي فصيلن تي چاڙهي سخت نگرانيءَ جي هدايت ڪئي.
    هڪ رات جڏهن فصيلن تي ٻرندڙ شعلن ڪري ايڏي اوندهه نه هئي. برج تي بيٺل هڪ سپاهي پري کان لشڪر کي ايندي ڏٺو. اهي دفن ۽ شرنائين سان اڳتي وڌندا پئي آيا. انهن جي جهليل فانوسن مان ڪرڻا بلند تي عرش کي ڇُهي رهيا هيا. هڪ منجنيق هئي جنهن کي سوين سپاهي رسن سان ڇڪيندا پئي آيا. اهڙو منظر ڏسي برج تي بيٺل سپاهيءَ سنک وات تي چاڙهي ڦوڪ ڏني. هرڪو ننڊ مان ڇِرڪ ڀري ائين اٿيو جيئن اسرافيل قيامت جو اعلان ڪيو هجي.


    (7)

    ڪهيداس اروڙ ۾ ايڏي اداسي پهريون ڪڏهن نه ڏٺي هئي. هن کي ياد هيو ڪيترا دفعا پيءُ سان ان شهر ۾ آيو هو، انهن نوبهار بت خاني ٻاهران ميدان ۾ ڪيترا ڪرتب ڏيکاريا هيا، سندن نوٽنڪيءَ جا خيما ميدان ۾ ڪيترن ڏينهن تائين لڳل هوندا هيا ۽ اروڙ جا ماڻهو ڪٽنبن سميت شرڪت ڪندا هيا. اتي منهن جون مرڪون ڪڏهن نه اجهامنديون هيون. هرڪو خوش ۽ موج ۾ مگن هوندو هيو. اهو خوشحاليءَ جو دور هيو ۽ سهانگائيءَ ڪري ماڻهو دولتمند هيا. اروڙ ٻاهران وسيع سنڌو شينهن جيان گجندو اڳتي وڌندو پئي ويو. ان ڪناري بڙ جي وڻن هيٺان گيڙو ڪپڙن ۾ پروهت گيان ۾ ويٺل هوندا هيا. اتي امن ۽ شانتيءَ جو دور رهندو پئي آيو. اوچتو ايڏي تبديلي ڏسي ڪهيداس حيرت ۾ پئجي ويو. ماڻهو هيسيل ۽ پريشان پئي نظر آيا. هر هنڌ افواهون گردش ڪري رهيون هيون. ڪن جو چوڻ هيو ته راجا ڏاهر اڃان جيئرو آهي ۽ عرب فوج کي پوئتي ڌڪڻ ۾ مصروف آهي. جڏهن ته ڪي چئي رهيا هيا راجا ڏاهر رائوڙ وٽ مارجي چڪو آهي، سندس سرڪٽي نيزي تي رکي عراق روانو ڪيو ويو آهي. وري ڪي اهي ڳالهيون مڃڻ لاءِ تيار نه هيا ۽ سندن ويچار هيو ته اهي سڀ دشمن جون هُلايل افواهون آهن جيئن ڏاهر جي موت جو ٻڌي اروڙ وارا همت هاري ويهن ۽ هٿيار ڦٽا ڪري پيش پون.
    اهڙين خبرن کانپوءِ شهر جي حڪمران گوپيءَ محل ۾ سردارن جو ميڙ گهرايو ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان ميڙ ۾ جوڳڻي نالي اها جادوگردياڻي به موجود هئي جيڪا علم کي استعمال ڪري دنيا ۾ ٿيندڙ واقعن کان واقف ڪندي هئي. جڏهن گوپيءَ جوڳڻيءَ کان ڏاهر متعلق پڇيو ته ان پنهنجيون گول باز جهڙيون اکيون ڦيرائيندي جواب ڏنو ”منهنجي علم موجب ڏاهر ڌرتيءَ تي موجود نه آهي. اهو ڪائنات جي اهڙي ڪنڊ ڏانهن روانو ٿي چڪو آهي جتي منهنجو علم پهچڻ کان عاري آهي.“ ان جي اهڙي ڳالهه ٻڌي ميڙ ۾ موجود ماڻهن تي سڪتو طاري ٿي ويو. سوچڻ لڳا هاڻي ڪهڙو قدم کڻجي؟ هڪ سردار اڳتي وڌي گوپيءَ کي صلاح ڏني ته ”وڙهي دم ڏجي ان کانسواءِ ٻي ڪا واٽ نه آهي. جڏهن عرب فوجون هتي پهچنديون ته ساڳيو قتل عام شروع ڪنديون جيئن ان کان اڳ ٻيا قلعا فتح ڪرڻ کانپوءِ ڪيو آهي. بزدلن جيان ڪنڌ نوائي ساهه ڏيڻ کان بهتر آهي بهادرن جيان وڙهي مرجي.“
    گوپيءَ ان جي تائيد ڪئي. ان کان اڳ جو ٻيو راءِ ڏي. برهمڻ آباد کان هڪ قاصد پهتو جيڪو زخمي هيو. ان جي کڙين وٽ رت ڄميل هيو، ائين پئي لڳو گهوڙي تي مسلسل سفر ڪرڻ ڪري ان جي پيرن جون کڙيون پائيدان سان گسي ڦٽجي چڪيون هيون. ان جون اکيون ڏرا ڏئي ويل ۽ چپ خشڪ هيا. اتي پهچڻ شرط گوپيءَ کي سندس ڀاءُ جيسينا جو خط ڏنو جنهن ۾ ڏاهر جي موت جي تصديق ٿيل هئي ۽ لکيل هيو.
    ”والد بزرگوار بهادرن جيان وڙهندي رائوڙ وٽ مارجي چڪو آهي. تون اروڙ ۾ پنهنجا قدم مضبوط رکجانءِ ڇو جو دشمن ڪنهن وقت به حملو ڪري سگهي ٿو.“
    اهو خط ملڻ شرط گوپيءَ جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ۽ پيءُ جي موت جو ٻڌي کيس صدمو رسيو. ڏاهر جي موت جي پڪ ٿي وڃڻ کانپوءِ اها خبر قلعي ۾ هر شخص جي چپن تي اچي وئي ۽ سڀني کي خوف ورائي ويو. نوبهار مندر جي شمنيءَ نغارا وڃائي ڏاهر جي روح کي مڪتي ڏيڻ لاءِ ماڻهو گڏ ڪري هڪ اجتماعي پرارٿنا ڪئي. هر طرف سنک گوجڻ لڳا. ديويءَ اڳيان جڏهن لوبان ٻاريوويو ته ان جي اٿندڙ دونهي مان ڏک ۽ وڇوڙي جو واس اچڻ لڳو. ڪهيداس ان وقت نوبهار بتخاني ۾ موجود هيو. هن کي لوبان جو اڀرندڙ دونهون ائين محسوس ٿيو جيئن هارانسيءَ جي ياد هوائن ۾ گهلندي هجي. هن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪرڻ گهرجي؟ هن سوچيو هيو ته اروڙ پهچي ابوالقاس لاءِ اهڙيون جڙيون ٻوٽيون حاصل ڪري وٺندو جيڪي سندس فائديمند ثابت ٿينديون پر اتي نفسا نفسي ڦهليل هئي. هر ڪنهن کي سرجي لڳل هئي. ڪو ڪنهن کي ٻڌڻ لاءِ تيار نه هيو. اهي علاقي جيڪي سندس نظرداريءَ لاءِ مقرر ڪيا ويا هيا هر وقت هن پويان پاڇي جيان لڳل هوندا هيا. اهي رات هن سان گڏ ان سراءِ ۾ گذاريندا هيا جيڪا قلعي جي ڏکڻ واري در ڀرسان هئي. اتان ٻڌيا کان ايندڙ قافلا داخل ٿيندا هيا. انهن قافلن ۾ علاقين جي اچ وڃ تي ڪا پابندي نه هئي جيڪي شڪل صورت ۽ لباس ۾ مختلف هوندا هيا. انهن علاقين کان بحربانيا جون خبرون پهچنديون هيون.
    هڪ رات سراءِ ۾ بحربانيا کان آيل هڪ علاقي هن کي تازي صورتحال کان آگاهه ڪيو. ان ٻڌايو ته ”اتي هڪ وڏي جنگ جي تياري مڪمل ٿي چڪي آهي. ابوالقاس خلاف ٻئي ڀائر عراق جي حڪمرانن جي مدد سان وڏو لشڪر ترتيب ڏئي هڪ منجنيق سان سامهون ٿيا آهن. ڪنهن وقت به جنگ لڳي سگهي ٿي جنهن ۾ جاني نقصان جو خدشو آهي. جهڳڙي جو اصل سبب اهي اڻويهه عورتون آهن جن جي ورهاست مسئلو بڻجي چڪي آهي. ابوالقاس خليفي جي موت کانپوءِ هڪ سخت گير حڪمران جي صورت ۾ سامهون آيو آهي. انهن اڻويهه عورتن جي سونهن ۾ ايڏو ته گرفتار ٿي چڪو آهي جو رت جا رشتا هن لاءِ زهر بڻجي چڪا آهن. سندس ڀائر به ضدي ۽ هٺيلا آهن. اهي پڻ انهن اڻويهه عورتن جي عشق ۾ انڌا ٿي چڪا آهن. ڪنهن به صرت ۾ ان لاءِ تيار نه آهن ته کين پنهنجي حصي کان گهٽ تعداد ڏنو وڃي. اهڙي صورتحال جو عراقي حڪمران پورو فائدو وٺي رهيا آهن. اهي موقعي جي تاڙ ۾ آهن جو ٽن ڀائرن کي وڙهائي تباهه ڪن ۽ اهڙي ماڻهوءَ کي بحربانيا جون واڳون ڏين جيڪو انهن جي چوڻ ۾ هجي ۽ وفاداريءَ سان حڪومت جا فرائض سرانجام ڏئي.“
    ان علاقيءَ جڏهن ڪهيداس کي بحربانيا جي تازن واقعن کان واقف ڪيو ته هو هارانسيءَ لاءِ فڪر مند ٿي ويو. سوچڻ لڳو اهڙي جنگ جي صورت ۾ خون خرابو ٿيندو جنهن جو شڪار هن جي محبوبا هارانسي به ٿي سگهي ٿي. منجنيق مان اڇلايل پٿر قلعي اندر هر شيءِ کي تباهه ڪري ڇڏندا. اهي محل ۽ جيل خانن جون پتيون ڊاهي پٽ ڪندا. اهڙي صورت ۾ هارانسيءَ جي جان کي خطرو آهي. اهو سوچي فڪر ۾ پئجي ويو. پوري رات بستر تي پاسا ورائي سوچيندو رهيو ته هارانسيءَ جي حياتي ڪيئن بچائي سگهجي ٿي؟ کيس ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. بستر تان اٿيو ۽ سراءِ ٻاهران هڪ توڻيءَ کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيو جنهن مٿان سوراخن واري ٽڪر نما فانوس ۾ ڏيئو روشن هيو. ڪجهه تير انداز فصيل تي بيٺل هيا. شهر ويران هيو ۽ خاموشي ڇانيل هئي. هن ڪنڌ مٿي ڪري آسمان کي ڏٺو. ستارا ائين ٽمڪي رهيا هيا جيئن ٽانڊا وسامڻ کان اڳ چمڪندا هجن. نامڪمل چنڊ هن جي حسرتن جيان بيٺل هيو. هن لاءِ ملڪي سياست بي معنا هئي. هن کي ڏاهر جي موت جو ڏک نه هيو. جيسينا جي جلاوطنيءَ جو فڪر نه هيو. انهن ڳالهين کان پري پنهنجي دنيا ۾ گم هيو. هن لاءِ سڀ کان قيمتي شيءِ هارانسي هئي. هن لاءِ انهن حڪمرانن ۽ خليفن کان وڌيڪ هئي جيڪي حوس لالچ ۽ اقتدار جا بکايل هيا. هن جو اقتدار سياست ۽ حاصلات هوءَ هئي. هن جي محبوبا جيڪا اڀ تي کڙيل نامڪمل چنڊ ۾ڏسي مرڪي رهي هئي. هو چنڊ کي ڏسي هارانسيءَ کي ياد ڪندو رهيو ۽ سوچيندو رهيو ته سندس حياتي بچائڻ ڪيئن ممڪن آهي؟ ان کي بحربانيا مان ڪيئن آزاد ڪرائي سگهجي ٿو؟ ڪهيداس جي من ۾ آيو ته جيڪر بحربانيا جي انهن ٽن ڀائرن وچ ۾ صلح ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿئي ته اها سندس زندگيءَ جي وڏي ڪاميابي هوندي. هو سنجيدگيءَ سان سوچڻ لڳو ته آخر انهن ڀائرن ۾ صلح ڪيئن ممڪن آهي؟ جيئن هڪ ٻئي کي ويجهو اچن ۽ جنگ ٽري وڃي جنهن ۾ وڏي نقصان جو انديشو آهي. هن سوچيو اصل مسئلو انهن اڻويهه عورتن جي ورهاست آهي جيڪا ڀائرن ۾ تضاد جو سبب آهي. ڇا ڪو اهڙو حل نه آهي جو انهن عورتن جي ورهاست ممڪن ٿي پوي؟ اهي حصن جي بنياد تي انهن ڀائرن ۾ اهڙي طريقي ورهائجي پون جو هارانسي اڻويهه عورتن کان الڳ ٿي هن جي حصي ۾ اچي. هڪ رياضيدار جيان ان مسئلي تي ويچارڻ لڳو. ذهن تي زور ڏئي سوچڻ لڳو ته آخر انهن اڻويهه عورتن کي عراق جي حڪمران جي فرمان جي روشنيءَ ۾ ڪيئن ورهائي سگهجي ٿو؟
    پوري رات شهر جي ويرانيءَ ۾ ٿوڻيءَ کي ٽيڪ ڏئي چنڊ ڏانهن ڏسي سوچيندو رهيو ۽ چين ۾ ورجهائيندورهيو.
    ”اڻويهه عورتن جو اڌ وڏي کي
    ڇوٿون وچين کي
    پنجون ننڍي کي
    ۽ هارانسي؟“
    هر هر ساڳيا جملا ورجائيندو رهيو. هن محسوس ڪيو چنڊ ٽي ٽڪر ٿي ڌرتيءَ تي ڪريو هجي ۽ ستارا وسامي ويا هجن. خالي آسمان ڏاڍو مفلس پئي نظر آيو. خالي آسمان تي انگ اڀريا ۽ هن پڙهي ورتا. جڏهن حساب لڳايو ته خوشيءَ کان سندس ٽهڪ نڪري ويو. هن کوڙو ڀڃي وڌو هيو.هڪ ماهر نجومي ۽ رياضيدان جيان حساب لڳائي انهن اڻويهه عورتن کي ٽن حصن ۾ ورهائي هارانسيءَ کي حاصل ڪري ورتو هيو. اهي اڻويهه عورتون هن جي حساب موجب ورهائجي چڪيون هيون ۽ هارانسي هن جي حصي ۾ اچي چڪي هئي. ڪهيداس عراقي حڪمرانن پاران بحربانيا ۾ پيدا ڪيل ان مسئلي جو حل ڳولهي ڪڍيو هيو. سندس ذهن ۾ اهڙي جدول اچي چڪي هئي جيڪا مسئلي جو حل هئي. کيس دل چاهيو ته اڏامي بحربانيا پهچي ۽ اتي اڀرندڙ طوفان جو رخ موڙي وجهي هن انهن ٽن ڀائرن کي راضي ڪرڻ لاءِ اهڙو راز هٿ ڪيو هيو جو اهي انهن اڻويهه عورتن جي ورهاست تي راضي ٿي پون ۽ خوني جنگ کان بچي پون جنهن ۾ بحربانيا جي تباهه ٿيڻ جو امڪان هيو. هن کي پڪ هئي ته سندس سوچيل جدول انهن ڀائرن لاءِ ضرور قابل قبول هوندي جنهن تحت اڻويهه عورتون گهربل حصن ۾ ورهائي سگهبيون ۽ جدول ۾ اها گنجائش جود هئي ته هارانسي سندس حصي ۾ اچي پئي سگهي. ڪهيداس اهڙو حل سوچڻ کانپوءِ بحربانيا پهچڻ لاءِ بي چين ٿي ويو.
    اها چنڊ جي نائين تاريخ هئي جڏهن عرب فوجن اروڙ تي حملو ڪيو. قلعي جي فصيل تان نظر وجهڻ سان ائين پئي ڏٺو جيئن باهه جو سيلاب جهر جهنگ جلائيندو اڳتي وڌندو پيو اچي. ايندڙ هر سپاهيءَ جي هٿ ۾ باهه جا اُلا موت جو ناچ پئي نچيا. دف ۽ شرنائين جي سرن تي ڳورن بوٽن جي هلڻ جا آواز ڌرتيءَ جي دل دهڪائي رهيا هيا. هر طرف هيڊن شعلن ۾ اٿندڙ قدمن جي اڏامندڙ مٽيءَ اوندهه کي ناسي بڻائي ڇڏيو هيو. عرب فوجون قلعي ويجهو آيون ۽ ٽولن ۾ ورهائجي ويون. هر ٽولي پنهنجي چوڌاري خندق کوٽڻ شروع ڪئي. چار هاٿي اڳتي وڌيا جن تي تيرانداز سوار هيا. هڪ هاٿيءَ تي پالڪيءَ ۾ ڏاهر جي زال لاڏي سوار هئي ٻه تلوار باز سندس پاسن کان بيٺل هيا. فيلبان هاٿين جي مڻڪن تي لانگ ورائي ائين ويٺل هيا جيئن پهاڙ جي چوٽيءَ تي پهچي اتي پيل پٿرن تي ويهي ساهه پٽيندا هجن.
    گوپي ڪجهه سردارن سان قلعي جي فصيل تي بيهي هيٺ اهو سڀ ڏسي رهيو هيو. هن کي خبر هئي ته حالتون هٿن مان نڪرنديون پيون وڃن پوءِ به هن هٿيار ڦٽا نه ڪيا. قلعي جا دروازا بند ڪرائي تاڙ ۾ هيو ته ڪهڙو وار ڪجي جو ان آيل مصيبت کي ٽاري پار پوڻ جو رستو ڳولهي ڪڍجي. هن کي جيسينا مان گهڻيون اميدون وابستا هيون. دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اڃان به اهو گمان هيو ته متان ڏاهر جيئرو هجي ۽ ڪٿان ڪنهن وڏي فوج سان ظاهر ٿي دشمن ٿي ڪڙڪي پوي.
    هڪ فيلبان هاٿي هڪليندو جڏهن فصيل هيٺان پهتو ته پالڪيءَ مان لاڏيءَ رڙ ڪري چيو، ”اي معصوم قلعي جا رهواسيو ٻڌو. ڏاهر مارجي چڪو آهي. مان ان ڏاهر جي زال لاڏي اوهان سان مخاطب آهيان. هاڻي ان ڏاهر جي راڻي نه رهي آهيان پر عرب سپاهه سالار جي حصي ۾ اچي سندس حرم جي داسي بڻجي چڪي آهيان. مونکي حڪم ڪيو ويو آهي ته توهان کي امن ۽ سلامتيءَ جو پيغام ڏيان. ان غلط فهميءَ ۾ نه رهجو ته ڏاهر جيئرو آهي۽ اچي توهان جي مدد ڪندو جيڪڏهن هٿيار ڦٽا ڪري پيش پوندا ته توهان سان سٺو سلوڪ ڪيو ويندو ۽ جان جي امان ڏئي عزت سان نوازيو ويندو.“
    مٿان فصيل تان گوپيءَ ان کي سڃاتو. اها لاڏي هئي جنهن جو منهن فيلبان پويان سپاهيءَ جي هٿ ۾ جهليل باهه جي الي جي روشنيءَ ۾ دوزخ جي مخلوق جهڙو پئي ڏٺو. اها هراسيل ۽ مجبور هئي. لاڏيءَ جي حالت ڏسي گوپيءَ جو ڪنڌ شرم کان هيٺ ٿي ويو. سندس دل مان اهو گمان ته ڏاهر جيئرو آهي صفا ختم ٿي ويو. هن کي جيسينا جي مدد جو خيال ان زمين تي پر ڦهلائي ڪريل ڪانءَ جي وجود جهڙو محسوس ٿيو جنهن جو موت زهريلي تير ڪري مئل ماڻهوءَ جو ماس کائڻ ڪري ٿيو هجي. گوپي مايوس ٿي ويو. ٿڪيل قدمن سان هلندو فصيل تان هيٺ لٿو. محافظن کي حڪم ڏنائين، ”سڀ مال دولت گڏ ڪري پيٽين ۾ وڌو وڃي ۽ ٻانهين کي محل مان جيل منتقل ڪيو وڃي.“ اروڙ پنهنجي تاريخ ۾ اهڙو ڏکيو دور نه ڏٺو هيو. ديبل کان چيتور تائين ڪڏهن ڪو اهڙو زلزلو نه آيو هيو جنهن اتان جي سلطنت جي بنيادن کي لوڏي وڌو هجي. قلعي اندر سڀ هيسيل هيا. انهن عرب فوج جي منجنيقن جا قصا ٻڌا هيا جيڪي جبل جيڏا پٿر مينهن جيان وسائي پئي سگهيون. انهن منجنيقن اڳيان ٿلهيون ديوارون ڪپهه جهڙون نرم ۽ ململ جهڙيون سنهيون هيون. هر ڪنهن کي سرجي لڳي ۽ امن لاءِ واجهائڻ لڳا. ڪجهه سردارن فيصلو ڪيو ته قلعي کان ٻاهر نڪري عرب فوج کي وفاداريءَ جو يقين ڏياري سِر جي امان گهرندا. قلعي اندر اهي افواهون گردش ڪرڻ لڳيون ته گوپي فرار ٿي پنهنجي ڀاءُ جيسينا ڏانهن چتور روانو ٿيڻ وارو آهي. اهڙي صورت ۾ هر ڪو پاڻ کي بي وس ۽ لاچار سمجهڻ لڳو. اتي پناهه ورتل علاقين پڻ بهتري ان ۾ سمجهي ته معافي وٺي عرب جو ساٿ ڏين ۽ سر بچائين.
    قلعي اندر موجود علاقين جي سربراهه هڪ رات لڪي ٻاهر وڃي عرب فوج جي سپهه سالار سان ملي جان جي امان گهري ۽ وفاداريءَ جو يقين ڏياريو. ان سان اقرار ڪيو ته عرب فوجن لاءِ اهي قلعي جا دروازا کولڻ ۾ مدد ڪندا ۽ وقت به وقت اندروني صورتحال کان واقف ڪندا رهندا. عرب فوج جي سپهه سالار کيس خاطري ڪرائي ته اهڙي عمل ڪري پراڻيون ڳالهيون وساري جان جي امان ڏئي کين عهدن سان نوازيو ويندو.
    ڪهيداس لاءِ اهي اڻوسرندڙ ڏينهن هيا. نوبهار مندر اندر پناهه ورتل اڌ شهر جي آبادي سنگ مرمر جي گهوڙي تي سوار امن جي ديويءَ اڳيان جهڪيل هئي. سون مان ٺهيل ديويءَ جو رنگ فيروزي ڪٽُ چڙهيل ٽامي جهڙو ٿي چڪو هيو. هر شيءِ جو حسن حملي جي خزان ۾ مرجهائجي چڪو هيو. قلعي جا رهواسي پنهنجيون قيمتي شيون ديويءَ تي گهوري رهيا هيا، پڪ هئي ته اها سندن آخري سهارو ۽ طاقت جو سرچشمو آهي جيڪا غيبي مدد ڪري بچائي وجهندي. سنک وڃي رهيا هيا ۽ لوبان جي دونهي ۾ موت جي فرشتي جو روح گهمي رهيو هيو.
    عرب فوجن اروڙ جو محاصرو ڪري رسد ڪٽي ڇڏي ۽ ماڻهو بک مرڻ لڳا. هڪ علاقي جيڪو قلعي جي فصيل تي حفاظت لاءِ معمور هيو اهو روز رات جو تير سان خط ٻڌي عرب فوج ڏانهن اڇلائيندو هيو جنهن ۾ قلعي جي اندروني صورت حال جا تفصيل هوندا هيا. هڪ رات ڪهيداس ان علاقيءَ کي ائين ڪرڻ کان روڪيو.
    ”توکي سهاسي خاندان جو نمڪخوار هوندي اهڙي غداري نه ڪرڻ گهرجي.“ ان ڪهيداس جي چوڻ کي ڪا اهميت نه ڏني.
    ”ياد رکجانءِ تون اسان جي نگهبانيءَ ۾ آهين. اها ڳالهه ڪنهن ٻئي کي ٻڌائيندين ته سر جو خير نه سمجهجانءِ.“ ان علائقي چيو.
    ڪهيداس کي ڪاوڙ وٺي وئي. محسوس ڪيائين اهڙي وقت ۾ جڏهن ملڪ جا ماڻهو مصيبت ۾ ڦاٿل آهن ان علاقي کي ڪڏهن اجازت نه ڏيندو ته اهو وچ ۾ ويهي منافقي ڪري. جڏهن علاقيءَ خط لکي پورو ڪيو ۽ تير سان ٻڌي عرب فوج ڏي اڇلائڻ جون تياريون ڪري رهيو هيو ته ڪهيداس هٿ سان روڪيو.
    ”توکي ان جي اجازت نه ڏيندس ته جنهن ٿالهيءَ ۾ کائي رهيو آهين ان ۾ ٽنگ ڪر.“
    علاقيءَ هن کي ڌڪو ڏنو ۽ پري ڪري تير جو رخ هن ڏانهن ڪري کيس ڌمڪي ڏني.
    ”توکي خبر نه آهي ته سهاسي خاندان جي فوج ۾ اسان ڪيترا طاقتور آهيون وڌيڪ گوڙ ڪندين ته فوجين کي گهرائي قيد ڪرائي ڇڏيندو سانءِ.“
    ڪهيداس نه مڙيو. هن علائقيءَ تي حملو ڪيو. قلعي جي فصيل تي ٻن شخصن کي وڙهندو ڏسي سپاهي اتي پهتا. انهن کي الڳ ڪيو. علاقي جنهن جي هٿن مان تير ڪمان ڇڏائجي هيٺ ڪريو هيو ڪهيداس تي الزام هنيو ته اهو عرب فوج جو جاسوس آهي ۽ خط لکي تير سان ٻڌي قلعي جي فصيل تان هيٺ اڇلائي رهيو هيو ته نظر پوڻ تي اتي پهچي کيس روڪيو جنهن تي هن حملو ڪيو. اهڙي ڳالهه ٻڌي سپاهين ڪهيداس کي پڪڙي سوگهو ڪيو ۽ گهليندا قلعي جي ڀت تان هيٺ لهي قيد خاني طرف وڌيا. ڪهيداس رڙيون ڪري ٻڌائيندو رهيو، ”حقيقت ان جي برعڪس آهي. تير سان خط ٻڌي هو نه پر اهو علاقي اڇلائي رهيو هيو جيڪو الزام مڙهي رهيو آهي. هن کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر علاقي نه مڙيو ۽ هن مٿان حملو ڪيو.“
    ڪهيداس هر هر ساڳيا جملا ورجائيندو رهيو. هن جي ڪنهن نه ٻڌي. سپاهي گهليندا هن کي قيدخاني ۾ وٺي اندر اڇلي ٻاهران لوهي دروازو بند ڪري هليا ويا. ڪهيداس جيل جي ڪوٺڙيءَ ۾ اڪيلو هيو. اتي هر طرف سانت هئي ۽ انڌيرو ڦهليل هيو. اڪيلائيءَ ۾ ويهي سوچيو جيڪڏهن ائين قيدخاني ۾ رهيو ته وقت هٿن مان نڪري ويندو. هن وٽ وقت جي وڏي اهميت هئي. جلد بحربانيا پهچڻو هيو جتي هارانسي هن جو انتظار ڪري رهي هئي. اها آزاديءَ لاءِ واجهائي رهي هئي ۽ ڇوٽڪاري جي راهه ڳولهي رهي هئي. اهو سوچي بي چين ٿي ويو ۽ پاڻ کي بي وس محسوس ڪيائين. هن کي قيدخاني مان نڪرڻ جو ڪو رستو نظر نه آيو. مايوس ٿي ڀتين کي ڌڪ هڻڻ شروع ڪيائين. جڏهن ڀتين کي ڌڪ هڻي رهيو هيو ته هڪ ڀت پويان هن کي ساڳيا ڌڪن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا، محسوس ڪيائين ڀت پويان ڪو موجود آهي جيڪو هن جي کڙڪائڻ تي ساڳين آوازن ۾ ورنائي رهيو آهي. هن ڀت جو جائزو ورتو. اها ڪا ايڏي مضبوط نه هئي. ان جو ليپو هر هنڌ لٿل هيو ۽ ڪمزور پئي ڏٺي. هن هٿ وجهي بوٽ جي ڳجهي خاني مان چاقو ڪڍيو جيڪو مصيبت کي منهن ڏيڻ لاءِ اتي لڪائي رکندو هيو پوءِ کوکلي جاءِ هٿ ڪري اتان کوٽڻ شروع ڪيو. ڀت جي پار هڪ سوراخ ٺهي ويو. ان ۾ اک وجهي ڏٺائين. هن کي سوراخ جي گول دائري ۾ هڪ عورت نظر آئي جيڪا خوبصورت ۽ جوان هئي. اها هراسيل ۽ خوف ۾ ورتل هئي.
    ”مونکي پنهنجو سمجهه“ ڪهيداس هن کي آواز ڏنو ”مان به تو جيان هڪ قيدي آهيان.“
    عورت ڪجهه نه ڳالهايو اها هيسيل هرڻيءَ جيان سوراخ ڏانهن ڏسندي رهي.
    ”تون ڪير آهين؟“ ڪهيداس پڇيو ”توکي ڪهڙي ڏوهه ۾ قيد ڪيو ويو آهي؟“
    ”منهنجو نالو حسينا آهي“ عورت جواب ڏنو ”منهنجو واسطو ان بحري ٻيڙي سان آهي جيڪو سرانديپ کان عراق وڃي رهيو هيو ته ديبل وٽ ان کي قزاقن لٽيو. مان ان ٻيڙي مان هٿ آيل عورت آهيان. مونکي بعد ۾ اروڙ منتقل ڪيو ويو.“
    ”ڇا تون ان ٻيڙي جي ڳالهه ڪري رهي آهين جنهن کي قزاقن لٽيو. مان ان ٻيڙي مان هٿ آيل عورت آهيان. مونکي بعد ۾ اروڙ منتقل ڪيو ويو.“
    ”ڇا تون ان ٻيڙي جي ڳالهه ڪري رهي آهين جنهن کي قزاقن لٽيو ۽ عراقي حڪمرانن لاءِ سنڌ تي حملي جو سبب بڻيو.“ ڪهيداس پڇيو.
    ”ها.“ عورت چيو، ”ساڳي ٻيڙي جي قيدي عورت آهيان پر مان ڪنهن به حال ۾ عراق وڃڻ لاءِ تيار نه آهيان. اتان جا حڪمران ظالم ۽ عياش آهن.“
    ”ته ڇا تون سنڌ ۾ رهڻ چاهين ٿي؟“
    ”نه.“ عورت چيو، ”هتي ڪجهه وقت ڏاهر جي حرم ۾ رهي آهيان.
    هن مونسان همبستري ڪئي ۽ عزت کي داغدار ڪيو. منهنجي دل ۾ ان خلاف نفرت جي باهه ڀڙڪي رهي آهي. جيڪڏهن پنهنجي ملڪ بحربانيا ۾ قبر جي جاءِ ملي ته خوشنصيبي سمجهندس.“
    بحربانيا جو نانءُ ٻڌي ڪهيداس جي دل جي ڌڙڪن تيز تي وئي.
    ”ته ڇا تون بحربانيا جي آهين؟“ هن پڇيو.
    ”ها بحربانيا منهنجو وطن آهي.“ عورت چيو، ”پنهنجي ديس کي ياد ڪري اڄ به اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي اچن ٿا.“
    ”ڇا اتي اڄ به تنهنجا عزيز موجود آهن؟“ ڪهيداس چيو.
    ”نه.“ عورت جواب ڏنو، ”اهي مروان جي ڏينهن ۾ هڪ گهرو لڙائي سبب مارجي ويا. اتي منهنجو ڪير به نه آهي.“
    ڪهيداس سوچيو هن کي جنهن عورت جي ڳولها هئي اها ملي چڪي آهي. هن کي هڪ اهڙي ئي خوبصورت ۽ جوان عورت جي تلاش هئي جنهن کي ساڻ وٺي بحربانيا پهچي ۽ سوچيل منصوبي تي عمل ڪري انهن اڻويهه عورتن کي ورهائي هارانسيءَ کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي.
    ”جيڪڏهن حالتون سازگار رهيون ته ڇا مونسان ساٿ ڏئي سگهندينءَ“ ڪهيداس چيو، ”مان توکي بحربانيا پهچائڻ ۾ مدد ڪري سگهان ٿو ۽ جيڪڏهن قسمت ساٿ ڏنو ته توکي اتان جي شاهي خاندان ۾ سٺي حيثيت ڏياري سگهان ٿو.“ ڪهيداس جي ڳالهه تي عورت کي اعتبار نه آيو.
    ”پر ڪيئن.“ هن پڇيو، ”تون پاڻ هڪ قيدي آهين. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته سهاسي خاندان جي حرم جي هڪ ٻانهيءَ کي بحربانيا جي شاهي خاندان تائين پهچائي سگهين؟“
    ”فڪر نه ڪر.“ ڪهيداس چيو، ”وقت جو انتظار ڪر. ڪڏهن به اهڙو وقت اچي سگهي ٿو.“
    ڪهيداس جي ڳالهه تي عورت ۾ اعتماد آيو ۽ سندس خوف ڪنهن حد تائين گهٽجي ويو.
    جنهن رات علاقيءَ جي اڇلايل تير ۾ ٻڌل خط مان عرب فوجين کي اها خبر ملي ته گوپي قلعو ڇڏي چيتور روانو ٿي چڪو آهي ۽ هر ڪنهن جا حوصلا پست آهن. ان رات منجنيقن جا رسا ڇڪي قلعي تي پٿر وسايا. پٿر هوا ۾ بلند ٿي فصيلن تي ڪرندا رهيا ۽ فصيلون پڪل هنداڻن جيان ٽٽي رت ڳاڙينديون رهيون. ڪجهه پٿر نوبهار مندر تي ڪريا ۽ ڪجهه قيد خانن کي لڳا. ڀتيون ڊهنديون ويون ۽ ماڻهو ڪرندا ويا. جڏهن قيدخاني جي ڀت ڊٺي ته ڪهيداس چستيءَ مان ڊوڙيو. قيدخاني جي ٻئي پاسي پهچي حسينا کي ساڻ کنيو. اوندهه جو فائدو وٺي نڪري ان سراءِ تائين پهتو جتي ترسيل هيو. اتي ساڳيا گهوڙا ٻڌل نظر آيا جيڪي علاقي استعمال ڪندا هيا. هن هڪ گهوڙو حسينا حوالي ڪيو ۽ ٻئي تي پاڻ چڙهي ويٺو. گهوڙي کي پاسن کان کڙيون هنيون ۽ گهوڙو واءُ مينهن ڪندو ان دروازي ڏانهن ڀڳو جتي جنگ جو زور گهٽ هيو. حسينا هن پويان گهوڙو ڊڪايو ۽ اتان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
    هن جي منزل بحربانيا هئي جتي هارانسي مقدر جي فيصلي جي منتظر هئي.


    (8)

    ڪهيداس جڏهن حسينا کي ساڻ ڪري ڪيڪانان جي سرحد پار ڪئي ته سوچيو.جنهن مقصد لاءِ سنڌ ويو هيو اهو پورو نه ڪري سگهيو آهي. هو ابوالقاس کي ڪهڙو جواب ڏيندو؟ هن کي خليفي ۽ ابوالقاس جو علاج ڪرڻو هيو. اهي جڙيون ٻوٽيون حاصل ڪرڻيون هيون جيڪي سنڌ ملڪ ۾ ميسر هيون پر اتي ڇڙيل جنگ ۽ افراتفريءَ ڪري حاصل نه ڪري سگهيو هيو. خليفو ته سوزاڪ سبب دنيا مان موڪلائي چڪو هيو پر ابوالقاس هن جي راهه نهاري رهيو هيو. ڪهيداس منجهي پيو ته بحربانيا پهچي ابوالقاس کي ڪهڙو جواب ڏيندو؟ جيڪڏهن ابوالقاس کي مايوس ڪيائين ته اهو هن کي سزا ڏيندي دير نه ڪندو. اهو سوچي ڪيڪانان جي سرحد وٽ گهوڙو بيهاري هيٺ لهي هڪ پٿر کڻي کيسي ۾ وڌائين. هو رستمانيا کان ٿيندو دهران پهتو. جڏهن سمنڊ ڪناري آيو ته علاؤ الدين علاقيءَ جو ٻيڙو نظر اچي ويو. دهران جو اهو علائقو انهن قزاقن جي محفوظ پناههگاهه هيو. هن کي پهچڻ کان اڳ پڪ هئي ته علاؤ الدين اتي ضرور موجود هوندو ۽ اهوئي واحد شخص هيو جيڪو هن کي بحربانيا پهچائڻ ۾ مددگار ٿئي پئي سگهيو ڇو جو ابوالقاس ان مٿان اها ذميواري رکي هئي. ڪناري تي گهمندڙ قزاقن جي نظر جڏهن ڪهيداس تي پئي ته ان کي وٺي علاؤ الدين وٽ آيا. علاؤ الدين ان وقت ڳاڙهي شراب جا ڍڪ ڀري ڍاري راند کيڏي رهيو هيو. ڪهيداس کي ايندي ڏسي ڄڻ خوشيءَ مان ٽڙي پيو. اٿي هن کي ڀاڪر پاتائين پوءِ نظرون ڦيري ان پويان بيٺل حسينا کي ڏٺو.
    ”هي ڪير آهي؟“ هن سوال ڪيو.
    ڪهيداس کي خبر هئي ته علاؤ الدين عورت جي معاملي ۾ سٺو ماڻهو نه آهي.
    ”اها عورت ابوالقاس جي امانت آهي“ هن جواب ڏنو ”اصل بحربانيا جي آهي. هن کي ديبل ڀرسان قزاقن ان بحري ٻيڙي مان اغوا ڪري اروڙ موڪليو هيو جيڪو سرانديپ کان عراق وڃي رهيو هيو. هيءَ پنهنجي وطن موٽي رهي آهي. هن جا سڀ ڀاتي هڪ گهرو لڙائي ۾ مارجي چڪا آهن.“
    اهو ٻڌي علاؤ الدين ان مان اکيون پري ڪيون.
    ”جيڪڏهن ابوالقاس جي امانت آهي ته پوءِ ڪنهن خيانت جي ضرورت نه آهي.“ هن چيو.
    شراب جو کونجو ڀري ڪهيداس کي ڏنو ۽ ڀر ۾ ويهاريو. هن خواجا سرا کي حڪم ڏنو ته حسينا کي ٻيڙي جي تهه خاني ۾ وٺي مهمان نوازي ڪري. جڏهن ٻيڙو بحربانيا هليو ته آسمان ۽ سمنڊ ۾ ڪو فرق نه هيو. نيري آسمان تي جهڙ جون لهرون ٺهيل هيون ۽ هيٺ سمنڊ تي لهرن جو جهڙ هيو. هوا ٿڌي ۽ خشڪ هئي. ٻيڙي جا سڙهه تيز هوا ۾ پاڻيءَ بنا مڇيءَ جيان پئي ڦتڪيا. جڏهن بنسري نواز چپ گول ڪري آڱرين کي حرڪت ڏني ته ٻيڙو مست ٿي لهرن تي نچڻ لڳو. حسينا آئي ۽ ڪهيداس اڳيان ويٺي. دلڪش چهري واري عورت جنهن جا وار هوا ۾ اڏري رهيا هيا، اهي هر هر ان جي سرخ ڳٽن سان ٿي ٽڪرايا. هو ان جي چهري ۾ هارانسيءَ جو چهرو ڏسي رهيو هيو. هارانسي جيڪا هن جي دل تي نقش هئي. جنهن کي ڪڏهن نه وساريو هيو. هو حسينا ويجهو آيو ۽ بي خوديءَ ۾ ان جي زلفن سان کيڏڻ لڳو.
    ”هارانسي... منهنجي هارانسي.“ هن جي چپن مان هلڪا آواز ائين نڪري رهيا هيا. جيئن ڪو عبادگذار اکيون بند ڪري معبود کي پڪاريندو هجي. هن سامهون ويٺل حسينا مرڪندي رهي.
    ”ڪهيداس“ ان چيو ”تون ڀليو آهين.“
    هن جي آواز تي ڪهيداس جو ڇرڪ نڪري ويو.
    ”مونکي معاف ڪجانءِ.“ هن چيو، ”تنهنجي چهري ۾ پنهنجي محبوبا ڏسي رهيو هوس جيڪا بحربانيا ۾ قيد آهي. دعا ڪر جيئن تون قيد مان آزاد ٿي آهين شل اها به ٿئي پر ان لاءِ تنهنجي قربانيءَ جي ضرورت آهي.“ حسينا کيس همدرديءَ مان ڏٺو.
    ”تون حڪم ڪر.“ هن چيو، ”هر قربانيءَ لاءِ تيار آهيان. جيڪڏهن توکي جان جي ضرورت پوي ته اها به حاضر آهي.“
    ”توکي ان جي آزاديءَ لاءِ انهن اڻويهه عورتن ۾ شامل ٿيڻو پوندو جيڪي اتي شاهي حرم ۾ موجود آهن ۽ ٽن ڀائرن ۾ فساد جو سبب آهن. جيڪڏهن انهن اڻويهه عورتن ۾ شامل ٿيندينءَ ته تنهنجي بدلي هارانسيءَ کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندس.“
    ڪهيداس جي ڳالهه حسينا کي سمجهه ۾ نه آئي.
    ”مونکي انهن اڻويهه عورتن ۽ ٽن ڀائرن جي تضاد جي ڪا خبر نه آهي. انهن کي ڪيئن ورهائيندين ۽ مونکي انهن حوالي ڪري هارانسيءَ کي ڪيئن حاصل ڪري سگهندين اهي سڀ مون لاءِ سوال آهن. يقين ڪر مان هر قربانيءَ لاءِ تيار آهيان.“
    ڪهيداس حسينا جي وفا شعاريءَ مان متاثر ٿيو. ان جي هٿ کي هٿن ۾ وٺي چميو ۽ اکين تي رکي ڇڏيو.
    ٻيڙو سمنڊ جي لهرن تي هيٺ مٿي ٿي هلندو رهيو. رات ٿي ته ستارا آسمان ۾ ڪرڻن جي آڱرين جي اشارن سان ٻيڙي کي رستو ڏيکاريندا رهيا. علاؤ الدين جي طبيعت ۾ اڳي شوخي نه رهي هئي. اهو مايوسيءَ مان ليٽي آسمان جي اوندهه کي نهاري رهيو هيو. ڪهيداس ان وٽ آيو کيس حيرت مان ڏسڻ لڳو. علاؤ الدين ڪنڌ ورائي ڏٺو ۽ ڪهيداس سوال ڪيو.
    ”اداس ۽ نراس ڏسجي رهيو آهين. تو جهڙي ماڻهوءَ کي اهڙي حالت ۾ ڏسي حيرت ٿي آهي.“
    علاؤ الدين سڌو ٿي ويٺو.
    ”شايد توکي خبر نه آهي“ هن چيو، ”بحربانيا جون حالتون بدلجي چڪيون آهن. اتي ابوالقاس قلعي اندر محصور ٿي چڪو آهي. هن جا ڀائر عراقي حڪمرانن جي مدد سان لشڪر ڪاهي آيا آهن. بحربانيا جي اهڙي صورت حال سبب منهنجي مالي امداد بند ٿي چڪي آهي. مان قزاق آهيان مون لاءِ پناهه گاهه جو هجڻ ضروري آهي. خوف آهي ته مالي مدد بند ٿي وڃڻ کان پوءِ بحربانيا منهنجي پناهگاهه نه رهندي. ابوالقاس جي حڪمراني ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي. جيڪڏهن ڪو صلحنامو نه ٿيو ته سندس ڀائر حملو ڪري هرشيءِ تباهه ڪري ڇڏيندا.“
    ڪهيداس اهڙي صورتحال کان پهريون واقف هيو.
    ”تون بحربانيا پهچاءِ.“ ڪهيداس چيو، ”ابوالقاس کي مسئلي جو حل ڪڍي صلح جي صلاح ڏيندس. پڪ آهي ته منهنجي صلاح قبول ڪندو ۽ ناراض ڀائر هن سان راضي ٿي پوندا.“
    ”پر اصل مسئلو اهي اڻويهه عورتون آهن.“ علاؤ الدين چيو، ”جن جي سونهن ۽ حسن انهن کي ديوانو ڪري ڇڏيو آهي. جن جي ورهاست جنگ جو سبب آهي. انهن اڻويهه عورتن کي ڪوبه ڏاهو ۽ عقلمند مقرر حصن جي بنياد تي ورهائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو آهي. تون اها دعوى ڪيئن ٿو ڪرين ته انهن ڀائرن کي راضي ڪري وجھندين ۽ صلح جي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿيندين؟“
    ڪهيداس جي چين تي خود اعتماديءَ جي مرڪ اچي وئي.
    ”ان مسئلي جو حل آهي.“ هن چيو، ”جڏهن ان مسئلي کي حل ڪندس ته بحربانيا جو هر شخص حيران ٿي ويندو.“
    علاؤ الدين عجب مان هن ڏانهن ڏسندو رهيو جيئن کيس ڪهيداس جي ڳالهين تي يقين نه پئي آيو.
    جڏهن ٻيڙو بحربانيا پهتو ته سج نڪرڻ ۾ اڃان وقت هيو. اوندهه ڦهليل هئي ۽ هر طرف ويراني ڇانيل هئي. علاؤ الدين ڪهيداس کي وٺي اهڙي هنڌ پهتو جيڪو جبلن جي اوٽ هيو. ان کي هڪ ويران جاءِ ۾ ڇڏي هليو ويو. ڪهيداس حسينا کي ساڻ ڪري اتي ويهي سج نڪرڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. جڏهن ڏينهن نڪتو ته هو حسينا کان موڪلائي ٻاهر آيو. ويندي کيس نصيحت ڪيائين ته، ”ان جاءِ کان ٻاهر نه نڪرجانءِ جيئن ڪنهن کي شڪ نه پوي ته تون اتي موجود آهين.“
    ڪهيداس جڏهن قلعي کي ويجهو ٿيو ته کيس پري کان هزارين فوجي محاصرو ڪري بيٺل نظر آيا. هن جي نظر ان منجنيق تي پڻ پئي جيڪا ڪنهن ديوَ جيان قلعي سامهون بيٺل هئي. قلعي ۾ داخل ٿيڻ جا سڀ رستا بند هيا. هو پري کان ڏسندو رهيو ۽ موقعي جي تلاش ۾ رهيو ته اندر پهچي ابوالقاس سان ملاقات ڪري سگهي. اهڙن ئي خيالن ۾ هيو ته ڪنهن تلوار جي چهنب سندس پٺيءَ تي رکي. هن ڇرڪ ڀري پوئتي نهاريو. ڏٺو اهو هڪ سپاهي هيو جنهن جي هٿ ۾ تلوار چمڪي رهي هئي.
    ”خبردار.“ سپاهيءَ چيو، ”هٿ مٿي کڻ ۽ سڌو ٿي بيهه.“
    ڪهيداس هٿ مٿي ڪري بيهي رهيو.
    ”ڪير آهين ۽ هت ڇا ڪري رهيو آهين؟“ ان سوال ڪيو.
    ”هڪ نجومي ۽ حڪيم آهيان.“ ڪهيداس چيو، ”منهنجو ڪم شفا ڏيڻ ۽ قسمت جو حال ٻڌائڻ آهي.“
    سپاهيءَ جي نرڙ ۾ گهنج پئجي ويا. غور سان ڏسڻ لڳو جيئن ڪهيداس کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندو هجي.
    ”ڇا تون ڪهيداس آهين.“ ان سپاهيءَ چيو، ”جنهن جو ابوالقاس کي انتظار آهي.“
    ”ها مان ڪهيداس آهيان.“ هن چيو، ”۽ ابوالقاس سان ملڻ لاءِ بي چين آهيان.“
    ”مان شاهي فوج جو خابرو آهيان.“ سپاهيءَ چيو، ”منهنجو ڪم قلعي کان ٻاهر واءُ سواءُ لهڻ آهي. چڱو ٿيو توسان ملاقات ٿي. پويان اچ توکي چور دروازي کان قلعي اندر وٺي هلان.“
    ڪهيداس سپاهيءَ پويان هلندو چور دروازي کان قلعي ۾ داخل ٿيو. جڏهن ابوالقاس سامهون پيش ٿيو ته هن ڏٺو اهو ڪمزوري ۽ هيڻو ٿي چڪو هيو. سندس منهن هڏائون ۽ پيلوپئي نظر آيو. ڪهيداس کي سامهون ڏسي اهو خوش ٿيو. ڪهيداس پهچڻ شرط جهڪي سلام ڪيو ۽ کيس چوغي کي چُمي ڏني. هن هٿ وجهي اهو پٿر ٻاهر ڪڍيو جيڪو ڪيڪانان جي سرحد وٺ کيسي ۾ وڌو هئائين.
    ”حضور وڏي مشڪل کان پوءِ اهو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهيان.“ هن پٿر ابوالقاس حوالي ڪندو چيو، ”توهان جي شفا ان پٿر جي جوهر ۾ لڪيل آهي. ان کي مشڪ ۽ عنبر ۾ پسائي پيهي استعمال ڪرڻ سان شڪايت دور ٿي ويندي.“
    ابوالقاس پٿر کي ائين ڏٺو جيئن کيس اعتبار نه پئي آيو ته ان ۾ سندس شفايابيءَ جو راز لڪيل آهي.
    ”ان کي پٿر نه سمجهو حضور“ ڪهيداس چيو، ”اهو ڪيڪانان جي جبلن جو جوهر آهي جنهن ۾ ٻرندڙ جبلن جو سڙيل سکيو موجود آهي.“
    ابوالقاس اعتبار ڪري ان کي رومال ۾ ويڙهي پاڻ وٽ رکيو.
    ”اهو ته ٻڌاءِ.“ ابوالقاس پڇيو، ”ايڏا ڏينهن ڪٿي پئي ٺوڪرون کاڌئي. اچڻ ۾ ايڏي دير جو ڪهڙو سبب هيو؟“
    ”جڏهن سنڌ پهتس ته خليفي جي موت جي خبر پئي جنهن جو ڏک ٿيو. شل خدا توهان کي صبر عطا فرمائي. ٻيو صدمو ان خبر سان ٿيو ته توهان جا ڀائر باغي ٿي صف آرا آهن. مان ان مسئلي تي سنڌ جي ڏاهن ۽ نجومين سان ڳالهايو، جن ڏاڍيون سهڻيون صلاحون ڏنيون ۽ هڪڙو حل ٻڌايو آهي جيڪو توهان لاءِ قابل قبول هوندو. اتان جي نجومين کان بحربانيا جي مستقبل بابت ڄاڻ پڻ ورتي آهي سندن چوڻ آهي ته بحربانيا جو مستقبل ابوالقاس ۽ سندس اولاد جي هٿن ۾ هوندو. خدا توهان کي ولي عهد عطا ڪندو جيڪو هڪ عرب عورت مان هوندو.“
    ابوالقاس اهڙيون ڳالهيون ٻڌي ٽڙي پيو. سندس هيڊي منهن تي سرخي نروار ٿي ۽ گهڻن ڏينهن کانپوءِ مرڪيو.
    ”ته پوءِ اهي سڀ ڳالهيون بيان ڪر جيڪي اتان جي ڏاهن ۽ نجومين کان معلوم ڪري آيو آهين. جيڪڏهن وڻيون ته انهن تي ضرور عمل ڪندس.“ هن چيو.
    ”پوءِ توهان کي جنگ نه امن جي صلاح ڏيندس.“ ڪهيداس چيو، ”جنگ توهان جي حق ۾ نه آهي. ان سان تباهي ايندي جنهن صورت ۾ نقصان ٿيندو. توهان ڀائرن سان صلح جي ڪوشش ڪريو. راضي ڪيو ته واپس اچي ويهن ۽ ڳالهيون ڪري ان آفت کي ٽارين.“
    ابوالقاس کي ڪهيداس جي اڌوري ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.
    ”پر اصل مسئلو ته انهن اڻويهه عورتن جو آهي. ان کي ڪير حل ڪندو.“ ابوالقاس چيو.
    ”ان جو حل مون وٽ آهي.“ ڪهيداس چيو، ”اهي اڻويهه عورتون ورهائي سگهجن ٿيون.“
    ”پر ڪيئن.“ ابوالقاس پڇيو.
    ”مون وٽ ان مسئلي جو حل آهي.“ ڪهيداس چيو، ”توهان جي اجازت جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ڀائرن کي راضي ڪري گڏ ويهارڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته درٻار ۾ منصفن سامهون انهن اڻويهه عورتن کي مان ورهائي هر هڪ حوالي ڪندس. انهن جي اهڙي ورهاست ڪندس جيڪا هر ڪنهن لاءِ قابل قبول هوندي ۽ ڪنهن کي اعتراض نه هوندو.“
    ڪهيداس جي صلاحن جو ابوالقاس جي دل تي چڱو اثر ٿيو. هن کي پڪ هئي ته اهو عقلمند ۽ هن جو گهڻگهرو آهي. ان جون همدرديون هن سان آهن ۽ سندس حڪمرانيءَ کي ڪامياب ڏسڻ جو خواهشمند آهي. اهو سوچي ابوالقاس ڪجهه سردارن کي قلعي ٻاهران موڪليو ته اهي وڃي سندس ڀائرن کي صلح جو پيغام ڏين ۽ راضي ڪن ته جنگ ڪنهن جي فائدي ۾ نه آهي، اچن ته کين انهن اڻويهه عورتن مان انصاف موجب حصو ڏئي مملڪت ۾ سٺيون نشستون ڏئي ڌن دولت سان نوازيو ويندو. ڪجهه سردار قلعي ٻاهران ويا جڏهن انهن اتي پهچي نظر ڦيرائي ته هر طرف خيما ڏسجي رهيا هيا. نظر جي حد تائين خيما ائين ڦهليل هيا جيئن جيئرن انسانن جو قبرستان هجي جنهن مٿان جهنڊا ڪبوترن جيان اڏامندا هجن. قلعي اڳيان منجنيق بيٺل هئي ۽ اتي گهڙيل پٿر پيل هيا جيڪي قلعي جي ديوارن سان ٽڪرائجڻ لاءِ بي چين هيا.
    انهن ٻنهي ڀائرن ايندڙ سردارن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ خيمي ۾ وٺي سامهون ويهاريائون. اهي سردار بحربانيا جي ڪجهه قبيلن جا سرواڻ هيا ۽ شاهي محل ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺا ويندا هيا. اهي ڀائر انهن جي حيثيت کان واقف هيا ۽ کين خبر هئي ته اهي جن قبيلن جا سردار آهن انهن قبيلن جا ڪجهه ماڻهو بغاوت ڪري اچي هنن سان مليا آهن. جڏهن اهي سردار ٻن ڀائرن سامهون ٿيا ته انهن جون اکيون التجائن سان ڀريل هيون ۽ ائين ڏسجي رهيا هيا جيئن ڪو ڏوهه ڪيو هئائون.
    ”اسان بحربانيا جا سردار وڏيون اميدون رکي توهان وٽ آيا آهيون.“ مک سردار ڳالهائيندي چيو، ”ابوالقاس اوهان جي بغاوت تي غمگين ۽ مايوس آهي. هن توهان لاءِ صلح جو پيغام موڪليو آهي. سندس دلي خواهش آهي ته توهان جنگ کان ڪنارو ڪري واپس محل ۾ اچو ته توهان کي منشا مطابق انهن عورتن مان حصو ڏنو ويندو ۽ بحربانيا جي ڪجهه علائقن جي اپت توهان حوالي ڪئي ويندي. هو توهان کي وڏن عهدن تي فائز ڪندو ۽ محل ۾ وڏن مرتبن تي ويهاريو ويندو. سندس چوڻ آهي ته جنگ مسئلي جو حل نه آهي. ٻنهي پاسن کان نقصان بحربانيا جي ماڻهن ۽ ملڪيتن جو ٿيندو. قوم ورهائجي چڪي آهي. ڀاءُ سامهون ڀاءُ آهي ۽ پيءُ سامهون پٽ تلوار ڪڍي بيٺل آهي.“
    مک سردار جي ڳالهه ٻڌي ٻنهي ڀائرن ڦڪا ٽهڪ ڏنا جن ۾ ڪاوڙ ۽ بدلي جي باهه ڀڙڪي رهي هئي.
    ”ته پوءِ ابوالقاس ان وقت ڪٿي هيو جڏهن هن کي وڏي ڀاءُ جي حيثيت ۾ التجا ڪئي وئي. کيس عرض ڪيو ويو ته هو نا انصافي نه ڪري. پنهنجي رويي کي درست رکي. هاڻي جڏهن اسان مڪمل تياريءَ سان هن آڏو آيا آهيون ته توهان کي تڪليف ڏئي اسان ڏانهن ڇو موڪليو آهي؟ ان کي ٻڌايو ته هو مقابلي لاءِ تيار ٿئي ڇو جو شڪست ان جو مقدر بڻجي چڪي آهي.“
    وڏي ڀاءُ ڪاوڙ مان جواب ڏنو.
    انهن جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي سردار مايوسيءَ جي بادلن ۾ ڍڪجي ويا.
    ”توهان جو غصو ۽ ڪاوڙ بجا آهي پر جڏهن ابوالقاس توهان کي حق ڏيڻ تي راضي ٿيو آهي ته پوءِ آخر جنگ جو سبب ڪهڙو آهي؟“ هڪ سردار چيو.
    ننڍو ڀاءُ وڏي کان وڌيڪ جذباتي ٿي ويو.
    ”اسان کي ابوالقاس جي وعدن تي ڪو اعتبار نه آهي.“ ان چيو، ”هو پهريون به اهڙا واعدا ڪري ڦري چڪو آهي. ان کي وڃي ٻڌايو ته قلعي جو محاصرو ڪنهن به صورت ۾ ختم نه ڪيو ويندو، بهتري ان ۾ آهي ته هو اقتدار کان الڳ ٿي مملڪت جون واڳون اسان حوالي ڪري.“
    سردارن محسوس ڪيو ڪو کڙتيل نه پيو نڪري. ٻنهي ڀائرن جي رويي کي ڏسي سمجهي ويا ته اهي جنگ لاءِ تيار آهن ۽ صلح ڪنهن به صورت ۾ نه قبوليندا. جڏهن اهي نااميد ٿيا ته مايوسيءَ مان هڪ ٻئي ڏي ڏٺائون ۽ اکين ئي اکين ۾ اشارا ڪيائون ته واپس ورڻ کانسواءِ ڪو چارو نه آهي. اهي اٿيا ۽ ٻنهي ڀائرن کان موڪلائي جڏهن خيمي جي در تي پهتا ته ننڍي ڀاءُ انهن کان سوال ڪيو.
    ”توهان بيشڪ صلح جو پيغام کڻي آيا آهيو پر اهو ته ٻڌايو ابوالقاس انهن اڻويهه عورتن کي مقرر حصن ۾ ورهائيندو ڪيئن!“
    ”هن انهن اڻويهه عورتن کي منصفاڻي طريقي ورهائڻ جو راز ڳولهي ورتو آهي.“ مک سردار چيو، ”يقين ڪيو اهو توهان سان ناانصافي نه ڪندو. هر ڀاءُ کي حصي مطابق عورتون ملنديون ۽ ڪنهن کي شڪايت نه ٿيندي.“
    ”اسان کي يقين نه ٿو اچي.“ وڏي ڀاءُ چيو، ”هن کي اها ورهاست هاڻي سمجهه ۾ آئي آهي؟ جڏهن موت کي سامهون ڏسي صلح تي راضي ٿيو آهي.“
    ”هن کي ان مسئلي جو حل ڪهيداس ٻڌايو آهي.“ هڪ سردار چيو، ”جنهن کي توهان چڱي ريت سڃاڻو، جيڪو ماهر نجومي ۽ حڪيم آهي.“
    ڪهيداس جو ٻڌي ٻئي ڀائر حيرت ۾ پئجي ويا.
    ”اهو غلام جيڪو سنڌ کان بحربانيا ۾ آيو هيو؟“ وڏي ڀاءُ چيو، ”ته ڇا هاڻي بحربانيا جي مستقل جا فيصلا اتان جا غلام ڪندا؟ هاڻي آقائن تي اهڙو وقت اچي ويو آهي جو اهي هٿ ٻڌي غلامن جي حڪم جا منتظر آهن؟ ائين پيو لڳي ابوالقاس کان عقل موڪلائي ويو آهي ۽ هو شڪست کي سامهون ڏسي وڦلي رهيو آهي.“
    سردار نااميد ٿي قلعي ۾ موٽي آيا ۽ ابوالقاس کي حال کان واقف ڪيائون. اهڙي خبر ٻڌڻ کانپوءِ ابوالقاس فڪرمند ٿي ويو. ڪهيداس ڪيترا دفعا ابوالقاس سان مليو ۽ ان هر دفعي کيس دلداري پئي ڏني ته حالتون بهتر ٿي وينديون ۽ جيئن وقت گذرندو هن جا ڀائر بيزار ٿي محاصرو ختم ڪري صلح تي راضي ٿيندا.
    جڏهن قلعي جي محاصري کي ٽي مهينا گذري ويا. عراق کان اها خبر پهتي ته زال هٿان زهر ڏيڻ سبب خليفي جو موت واقع ٿي چڪو آهي. اتان جون حالتون خراب ٿي چڪيون آهن. اقتدار جي ڪشمڪش ۾ گهرو لڙائي شروع ٿي چڪي آهي ۽ سوين ماڻهو موت جو کاڄ ٿي چڪا آهن. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وڙهي ويندڙ جنگين ڏانهن رسد بند ٿي چڪي آهي ۽ رستا ڪٽجي چڪا آهن. جيڪي فوجون جتي هيون انهن کي اتي روڪيو ويو آهي.
    اهڙي صورت ۾ عراق کان هڪ ايلچي اتي پهتو ۽ ٻنهي ڀائرن کي اهو پيغام پهچايو ته فوج ۽ اصلحي جي عراق ۾ سخت ضرورت آهي جيڪڏهن اها منجنيق واپس ڪري هڪ هزار فوجين جو جٿو موڪليندا ته عراق ۾ ڦهليل بغاوت کي ڪچلڻ ۾ مدد ملندي.
    اهڙو پيغام پهچڻ شرط ٻنهي ڀائرن جي پيشانيءَ تي پگهر جون بوندون نروار ٿيون ۽ سندن چپ خشڪ ٿي ويا. انهن سوچيو به ڪين هيو ته حالتون اهڙيون ابتر ٿي وينديون جو انهن کي وٺڻ بدران ڏيڻو پوندو. انهن ايلچيءَ کي سختيءَ سان منع ڪئي ته اهڙي حال کان ڪنهن ٻئي کي واقف نه ڪري ڇو جو اهڙي خبر عام ٿيڻ سان انهن جي ڪمزوري سامهون ايندي ۽ دشمن ان جو فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. انهن ڀائرن هڪ دستاويز تيار ڪري ايلچي هٿان واپس عراق ڏياري موڪليو جنهن ۾ اهو اشارو ڏنائون ته ”هزار سپاهين جو جٿو ۽ اها منجنيق واپس موڪلي ڏيندا پر ڪجهه مهلت ڏني وڃي ڇو جو حالتون اجازت نه ٿيون ڏين ته اهڙي حڪم تي جلد عمل ڪيو وڃي.جيئن حالتون ٺيڪ ٿيون ته بجا آوري ڪئي ويندي.“
    ايلچيءَ جي رواني ٿيڻ کانپوءِ ٻئي ڀائر سودائن ۾ پئجي ويا. اهي اهڙي حڪم جي بجا آوري ڪيئن ڪندا جڏهن ته پاڻ جنگ جي حالت ۾ هيا. انهن سوچيو جيترو جلد ٿي سگهي قلعي تي حملو ڪري ڏين پر کين خبر هئي ته ٽن مهينن جي محاصري باوجود قلعي اندر ڪافي طاقت موجود هئي ۽ بحربانيا جا سردار جنگ لاءِ تيار هيا. حالتون انهن جي حق ۾ نه هيون. تڪڙ ۾ انهن جو فيصلو غلط ثابت ٿي پئي سگهيو.


    (9)

    ان سال ايڏا مينهن نه وٺا هيا جنهن ڪري بحربانيا جا چراگاهه ويران ٿي ويا. قلعي چوڌاري محاصرو ڪري بيٺل فوج جا گهوڙا بک مرڻ لڳا ۽ جڏهن ڪو گهوڙو بک وگهي مرندو هيو ته سپاهي ان کي ذبح ڪري گوشت واپرائيندا هيا. سخت صورتحال سبب ٻئي ڀائر بدحال ٿي پيا ۽ ابوالقاس ڏي ايلچي موڪليائون ته اهي صلح لاءِ تيار آهن پر کين اها ضمانت ڏني وڃي ته ناانصافي نه ڪئي ويندي ۽ سندس پاران سردارن هٿان موڪليل صلح نامي جي شرطن تي عمل ڪيو ويندو.
    اهڙي خبر پوڻ شرط ابوالقاس جي منهن تي سرهائي اچي وئي ۽ قلعي جي دروازي تي وڃي انهن جو استقبال ڪيائين. ابوالقاس ڏٺو ان جا ڀائر بيزار ۽ پريشان هيا، سندن منهن تي ندامت جون ريکائون هيون. اهو انهن کي احترام سان وٺي آيو ۽ توازع ڪيائين. محل اندر خوشيون ڦهلجي ويون ۽ جڏهن سڀني کي خبر پئي ته جنگ جا بادل جهڪا ٿي چڪا آهن ته ساڳيون سرگرميون بحال ٿي ويون ۽ ڏيتي ليتي عروج تي پهچي وئي.
    ڪجهه ڏينهن آرام کانپوءِ ابوالقاس ڀائرن سان ڳالهيون شروع ڪيون. اتي اهي سردار به موجود هيا جن ٻنهي ڀائرن کي صلح نامو پيش ڪيو هيو. سڀ کان پهريون ابوالقاس ٻنهي ڀائرن جو ٿورائتو ٿيو جن جنگ کان پاسو ڪري ڳالهين تي راضپو ظاهر ڪيو هيو. هن کين يقين ڏياريو ته اهي فڪر مند نه ٿين ساڻن انصاف ڪيو ويندو ۽ منشا موجب انهن عورتن جي ورهاست ڪري مقرر حصن ۾ حوالي ڪيون وينديون.
    ”پر اهو ڪيئن ممڪن آهي؟“ ننڍي ڀاءُ چيو، ”شاهي منصف ان مسئلي کي سلجهائي نه سگهيو آهي ته آخر اهو غلام انکي ڪيئن حل ڪندو؟“
    ”اهو غلام نه پر هڪ دانانءُ شخص آهي.“ ابوالقاس چيو، ”توهان ڀروسو ڪيو ۽ ڏسو ته اهو مسئلو ڪيئن ٿو حل ڪري.“
    ”ٺيڪ آهي.“ وچين چيو، ”اسان کي ڪو اعتراض نه آهي. جيڪڏهن اهو شخص ائين ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿو وڃي ته اها اسان جي خوشقسمتي هوندي.“
    ابوالقاس ڀاءُ جي اهڙي جواب تي خوش ٿيو ۽ حڪم ڏنائين ته ڪهيداس ۽ انهن اڻويهه عورتن کي درٻار ۾ پيش ڪيو وڃي. جڏهن اهي اڻويهه عورتون درٻار ۾ پيش ڪيون ويون ته انهن جي سونهن جي تجليءَ سان هر شيءِ روشن ٿي وئي. اهي وڄ جيان چمڪڻ لڳيون ۽ سندن روشنيءَ ۾ هر شيءِ ڌنڌلائجي وئي.
    ڪهيداس درٻار ۾ داخل ٿيو ته حسيناهن سان ساڻ هئي. هن هيٺ جهڪي سلام ڪري ابوالقاس جي چوغي کي چميو ۽ سڌو ٿي سندس ڪن ڀرسان ڳالهائيندي چيو، ”حضور مونسان گڏ آيل عورت اها آهي جنهن مان نجوم مطابق اوهان کي اولاد عطا ٿيندو ۽ بحربانيا کي وارث نصيب ٿيندو.“ اهڙي ڳالهه ٻڌي ابوالقاس حسينا ڏانهن حسرت مان نهارڻ لڳو. ان جون اکيون مسلسل ڏانهس ڏسنديون رهيون. سندس ٻن ڀائرن جي دل ۾ شڪ ۽ وسوسا جنم وٺڻ لڳا. اهي ڪهيداس کي ابوالقاس ڀرسان ڳالهيندي سوچڻ لڳا ته شايد انهن خلاف ڪا سازش ٿي رهي آهي.
    ”هيءَ عورت ڪير آهي؟“ ننڍي ڀاءُ حسينا ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”هن کي هتي ڇو آندو ويو آهي؟“
    ”حضور.“ ڪهيداس چيو، ”توهان ڏسندا ته هيءَ عورت انهن اڻويهه عورتن جي ورهاست ۾ ڪيئن ٿي مددگار ثابت ٿئي.“
    ”اي غلام.“ ننڍي ڀاءُ چيو، ”اسان کي اڃان يقين نه پيو اچي ته تون انهن اڻويهه عورتن کي ورهائڻ ۾ ڪامياب ويندين.“
    ڪهيداس ادب مان ڪنڌ هيٺ جهڪائي عرض ڪيو.
    ”ٿورو انتظار ڪيو. جيڪڏهن انهن اڻويهه عورتن کي ورهائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيان ته جيڪا سزا سمجهه م اچي ڏجو. جيڪڏهن ڪامياب ٿيان ته اها خوشنصيبي هوندي. شل توهان ڀائرن کي راضي ڪري بحربانيا کي جنگ جي باهه کان بچائي وجهان.“
    ”ته پوءِ دير نه ڪر.“ ابوالقاس چيو، ”انهن عورتن کي ورهاءِ جيئن منهنجن ڀائرن کي يقين اچي ته هيءَ دل انهن ڏانهن صاف آهي.“ ڪهيداس درٻار ۾ سڀني تي نظر ڦيرائي. هن انهن اڻويهه عورتن کي ڏٺو جن ۾ سندس محبوبا هارانسي به شامل هئي. اها پيار ۽ حسرت مان کيس نهاري رهي هئي پوءِ حسينا ڏي ڏٺو جيڪا سندس اشاري جي منتظر هئي.
    درٻار ۾ سڀ ڪهيداس ڏانهن تجسس مان نهاري رهيا هيا جيئن کين يقين نه پئي آيو ته اهو غلام ائين ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. هارانسي پر اميد نظر سان ڪهيداس ڏانهن نهاري رهي هئي. ان کي ڪهيداس جي چمڪندڙ اکين ۾ پنهنجو ڇوٽڪارو نظر اچي رهيو هيو. درٻار ۾ وزيرن ۽ مشيرن کانسواءِ اهو منصف به موجود هيو. جيڪو عورتن جي ورهاست واري مسئلي تي سوچيندي چريو ٿي چڪو هيو. اهو ڪهيداس ڏانهن حيرت ۽ شڪ مان نهاري رهيو هيو.
    ڪهيداس انهن اڻويهه عورتن کي سامهون بيهاريو پوءِ ٽنهي ڀائرن جو ٿورو مڃيو.
    ”توهان جي بردباري ۽ تعاون جو ٿورائتو آهيان.“ هن چيو، ”ڪوشش ڪندس ته ڪنهن سان ناانصافي نه ٿئي ۽ منهنجي ڪيل ورهاست اوهان لاءِ قابل قبول هجي.“
    هن پوءِ حسينا ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”هيءَ عورت جو تعلق بحربانيا سان آهي، کيس قزاقن ان ٻيڙي مان گرفتار ڪيو هيو جيڪو سرانديپ کان عراق وڃي رهيو هيو. جيئن ته هن جو تعلق بحربانيا سان آهي کيس وٺي هتي حاضر ٿيو آهيان. اها انهن اڻويهه عورتن کي ورهائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.“
    ”اهو ڪيئن؟“ شاهي منصف اعتراض واريو.
    هن جي ڳالهه درٻار ۾ ويٺلن جي ذهن ۾ مونجهارا پيدا ڪري وڌا. جيئن ته ڪهيداس ابوالقاس کي اشارو ڏنو ته کيس ان عورت مان اولاد عطا ٿيندو ۽ بحربانيا کي وارث ملندو. ابوالقاس مونجهاري کي ختم ڪرڻ لاءِ وچ ۾ ڳالهايو. ”مونکي ان عورت تي ڪو اعتراض نه آهي.“ هن چيو، ”جيڪڏهن اها مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي ته ان کي آزمائڻ ۾ ڪو حرج نه آهي.“
    ”مان عاليجناب ابوالقاس جي عقلمنديءَ جو تهه دل سان شڪر گذار آهيان.“ ڪهيداس چيو، ”اميد ته ٻين ڀائرن لاءِ اها ڳالهه مونجهاري جو سبب نه هوندي.“
    ”پر ان عورت کي ملائڻ سان انهن جو تعداد ويهه تي ٿيندو. ته ڇا تون اڻويهه عورتن بجاءِ ويهن کي ورهائيندين.“ ننڍي ڀاءُ پڇيو.
    ”نه حضور.“ ڪهيداس چيو، ”مان توهان کي صرف اڻويهه عورتون ورهائي ڏيندس.“
    ”ته پوءِ اها عورت ڪيڏانهن ويندي.“ وچين سوال ڪيو.
    ڪهيداس ڪنڌ هيٺ ڪري سوچڻ لڳو. هن وٽ وضاحت لاءِ لفظ ته هيا پر چوڻ جي جرئت نه هئي. هن محسوس ڪيو جيڪڏهن ڳالهائڻ ۾ احتياط نه ڪيائين ته کيس ڀائر ناراض ٿي ويندا ۽ سندن دل ۾ بدگماني جنم وٺندي جنهن ڪري نئون فساد شروع ٿي ويندو.
    ”حضور.“ ڪهيداس چيو، ”هيءَ عورت مونسان آئي آهي ۽ مونسان گڏ ويندي.“
    ابوالقاس ڪهيداس جي راءِ سان متفق هيو پر ٻنهي ڀائرن جي دل ۾ خدشا جنم وٺي رهيا هيا.
    ”اي غلام.“ ننڍي چيو، ”تنهنجيون ڳالهيون سمجهه کان بالاتر آهن.“ وچين پڻ شوڪارو ڀريندي چيو، ”خبر نه آهي ڪهڙي ڳجهارت آهي. مونکي تنهنجيون ڳالهيون عجيب غريب محسوس ٿي رهيون آهن.“
    ”ڪهيداس دير نه ڪر.“ ابوالقاس تجسس کي ٽوڙيندي چيو، ”ڳالهه منجهائڻ کان چڱو آهي ته ان کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪر.“
    ابوالقاس جي چوڻ تي ڪهيداس اڳتي وڌيو ۽ هن حسينا جي نازڪ ويڻيءَ ۾ هٿ وجهي ان کي اڻويهه عورتن ۾ شامل ڪيو.
    درٻار ۾ موجود سڀ غور سان ڏسندا رهيا ۽ سندس هر حرڪت جو جائزو وٺندا رهيا. ”جيئن ته معاهدي موجب وڏي ڀاءُ کي اڻويهه عورتن جو اڌ وچين ڀاءُ کي چوٿون ۽ ننڍي ڀاءُ کي پنجون حصو ملڻو آهي جيڪا ناممڪن ۽ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. تنهنڪري هڪ وڌيڪ عورت ملائي انهن جو انگ ويهه ڪيو ويو آهي.“ ڪهيداس چيو ۽ پوءِ هن ويهن عورتن مان ڏهه عورتون جن ۾ حسينا به شامل هئي ابوالقاس حوالي ڪيون ۽ چيو:
    ”حضور معاهدي موجب عورتن جو اڌ حصو توهان کي مبارڪ هجي.“ هن پنج عورتون وچين ڀاءُ کي ڏنيون.
    ”ويهن عورتن جو چوٿون حصو توهان حوالي.“
    هن پوءِ چار عورتون ننڍي ڀاءُ حوالي ڪيون.
    ”ويهن عورتن جو پنجون حصو توهان جي امانت.“
    جڏهن ڏهه پنج ۽ چئن جي انگ ۾ اڻويهه عورتون ورهائجي ويون ته هارانسي اڪيلي رهجي وئي. ڪهيداس اڳتي وڌي هارانسيءَ جي ٻانهن ۾ هٿ وڌو ۽ ان کي آڻي پاڻ سان بيهاريو.
    ”هيءَ ويهين عورت مونسان گڏ آئي هئي ۽ مون سان گڏ واپس ويندي.“ هن چيو.
    ٽنهي ڀائرن غور ڪيو ته کين ڳالهه سمجهه ۾ اچي چڪي هئي. اهي اڻويهه عورتون مقرر حصن موجب ورهائجي چڪيون هيون.
    ”اي غلام.“ ننڍي ڀاءُ چيو، ”تنهنجو عقل ۽ دانائي پنهنجيءَ جاءِ تي ڀر تون گڏ آندل عورت بدلي ٻي عورت کي پاڻ سان ڇو ملايو آهي؟“
    ننڍي ڀاءُ جي ڳالهه تي ابوالقاس تاڙيون وڄائيندو تخت تان اٿيو ۽ هن ڪهيداس کي ڀاڪر ۾ وٺي ڀرسان ويهاريو.
    ”مان تنهنجي دانائي ۽ ڏاهپ کان متاثر ٿيو آهيان.“ هن چيو، ”جيئن ته حسينا منهنجي حصي ۾ آئي آهي. مونکي ان بدلي سندس چونڊيل عورت تي ڪو اعتراض نه آهي. انهن جو ورهاڱو معاهدي موجب ٿي چڪو آهي. اميد ته ڀائرن جي شڪايت دور ٿي وئي هوندي.“
    انهن ٻن ڀائرن وٽ اهڙي ورهاست کانپوءِ ڏڦيڙ جو ڪو جواز نه هيو. اهي مطمئن ڏسجي رهيا هيا. انهن جي دل ۾ بغاوت جي باهه ٿڌي ٿي چڪي هئي.
    ڪهيداس کي اجازت ڏني وئي ته هارانسيءَ کي وٺي وڃڻ جو مجاز آهي. ابوالقاس پٺي ٺپيندي کيس شاهي چوغو عطا ڪيو. ”اڄ کانپوءِ تون آزاد آهين.“ هن چيو، ”جيڏانهن چاهين وڃي سگهين ٿو.“
    ڪهيداس هارانسيءَ کي ساڻ ڪري روانو ٿيو ته هن کي دنيا جي وڏي دولت ملي چڪي هئي. هن هارانسيءَ کي سيني سان لڳائي پيار ڪيو. هارانسيءَ جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون. هن ڪهيداس جي هٿن کي چميو ۽ اکين تي رکي ڇڏيو.
    ”پاڻ کان ڪڏهن جدا نه ڪجانءِ.“ هارانسيءَ چيو، ”تنهنجي آهيان، تنهنجي رهندس.“
    ڪهيداس هن جا ڳوڙها اگهيا ۽ دلجاءِ ڏني.
    ”هارانسي يقين ڪر توکان الڳ ٿي مري چڪو هوس. توسان ملي جيئرو ٿي پيو آهيان.“ هن هارانسيءَ کي گهوڙي تي ويهاريو ۽ جڏهن پويان ويٺو ته هارانسيءَ سوال ڪيو. ”ڪيڏانهن؟ سنڌ جا رستا ته بند ٿي چڪا آهن.“ ڪهيداس هن جي وارن کي چميو ۽ چيو، ”هڪ اهڙي سنڌ جي ڳولها ۽ جتي مذهب نظريا فرقا ۽ ذاتيون نه هجن. اهڙي ملڪ جي ڳولها ۾ جتي امن شرافت ۽ پيار هجي. جتي انسان انسان جي خون جو اڃايل نه هجي. جتي جنگين ۽ تباهين جو ڪو وجود نه هجي. جتي انسان آزاد هجي. جتي بک بربادي ۽ غلاميءَ جو تصور نه هجي. ماڻهو خوف کان آزاد هجن. استحصال جا دربند هجن. تحفظ جي حڪمراني هجي. هر طرف خوشيون ۽ ٽهڪ هجن.“
    ”ها ڪهيداس.“ هارانسيءَ چيو، ”مونکي اهڙي سنڌ وٺي هل. اهڙو ملڪ ڏيکار.“
    ڪهيداس گهوڙي جي پاسن ۾ کڙيون هنيون ۽ واڳن کي ڍلو ڇڏيو. گهوڙو واءُ مينهن ڪندو پنهنجن سنبن سان بيابانن جي مٽي اڏائيندو اڳتي ڊوڙندو ويو. ڪجهه وقت کانپوءِ حسينا جي وجود مان ابوالقاس کي بحربانيا جي مملڪت جو وارث پيدا ٿيو. جنهن جي شڪل ڏاهر جهڙي هئي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 533
    ڪتابن جو مشاهدو: 550742
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 212771
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ