ڪتاب جو نالو: قالوبلا
مصنف: رسول ميمڻ
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 06 ڊسمبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 239 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 119 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ناولنگار ۽ اديب ”رسول ميمڻ“ جو ٻيو ناول آهي. هو لکي ٿو:
”هيءُ ناول موت جي تاريخ آهي. هن جو وقت جي تاريخ سان ڪو واسطو نه آهي. هن ناول جا تاريخي واقعا ڪردار جي گهرج مطابق گهـڙيل آهن. اميد ته تاريخدان هن ڪتاب کي ناول سمجھي پڙهندا. “
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران :
  • پبلشر نوٽ
  • پنهنجي پاران
  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • 11
  • 12
  • 13
  • 14

  • انتساب

    نجمه ظفر جي نالي
    جيڪا
    ڊاڪٽر ظفر مختيار جي
    ٻانهن ۾ گذاري وئي.


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”قالو بلا“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ناولنگار ۽ اديب ”رسول ميمڻ“ جو ٻيو ناول آهي. هو لکي ٿو:
    ”ناول جو ڪردار جيڪو مرندڙ محبوبا کي ٻانهن ۾ سمهاري خوابن ۾ ان جو ڇوٽڪارو ڳولهي ٿو. ڇو جو اها هڪ اهڙي بيماريءَ ۾ ورتل آهي جنهن بيماريءَ جو علاج اڃان دريافت ٿي نه سگهيو آهي. اها لا علاج ٿي چڪي آهي. هر گذرندڙ گهڙيءَ سان موت کي ويجھو پئي ٿيندي وڃي. اهو ڪردار خواب ۾ تاريخ جي هر هستيءَ کي محبوبا جي زندگيءَ لاءِ ٻاڏائي ٿو. اها تاريخ هاڻوڪي وقت کان پوئتي ٿيندي اونڌائي وقت تائين هلي وڃي ٿي ۽ آدم کان اڳ ان هستيءَ کي ڳولهي ٿي جنهن اڃا ڪائنات کي وجود نه ڏنو آهي. اتي پهچي هو مايوس ٿئي ٿو ۽ هن جي محبوبا سندس ٻانهن ۾ مري وڃي ٿي. اهو مئل محبوبا جي جسم جي ٿڌ محسوس ڪري ٿو ۽ ڏڪڻ لڳي ٿو.
    هيءُ ناول موت جي تاريخ آهي. هن جو وقت جي تاريخ سان ڪو واسطو نه آهي. هن ناول جا تاريخي واقعا ڪردار جي گهرج مطابق گهـڙيل آهن. اميد ته تاريخدان هن ڪتاب کي ناول سمجھي پڙهندا. “
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ هائوس جي سرواڻ قربان منگي صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي. مهربانيون سائين رسول ميمڻ صاحب جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    پنهنجي منفرد اسلوب سبب رسول ميمڻ جون ڪهاڻيون ۽ ناولَ، پڙهندڙن جو هڪ وسيع حلقو رکن ٿا. رسول ميمڻ سنڌي ٻوليءَ جو اهو ڀاڳ وارو تخليقڪار آهي، جنهن مٿان ڏات جي ديوي هميـشه مهربان رهي آهي ۽ هُنَ سنڌي ادب پڙهندڙ کي غير معمولي تخليقون ڏنيون آهن.
    ”پوپٽ“ پاران جڏهن رسول ميمڻ جو ناول ”اوڻويهه عورتون“ ۽ ڪهاڻي ڪتاب ”سونو ڏند“ شايع ڪيا ويا ته اُهي ڪِتابَ مارڪيٽ مان هٿو هٿ وڪامي وَيا، ۽ هاڻ رسول ميمڻ جو ناول ”قالو بلا“ اوهان جي مهربان هٿن ۾ آهي. انهيءَ ئي اميد ساڻ ته اوهان هِنَ شانائتي ناول کي به جيءَ ۾ جايون ڏيندا. ادارو ”پوپٽ“ تيزيءَ سان لکندڙ پنهنجي هِنَ مانائتي تخليقڪار جي ٻين ڪتابن کي پڻ جلد اوهان جي هٿن تائين پهچائڻ جو واعدو ڪري ٿو.
    اوهان جي راءِ ۽ رهنمائيءَ جو اوسيئڙو رهندو.


    قُربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس،
    خيرپور، سنڌ


    پنهنجي پاران

    پندرهين مارچ جو ڏينهن اسان دوستن لاءِ سٺي خبر کڻي نه آيو. ان ڏينهن صبح سان خبر پيئي ته رات ڊاڪٽر ظفر مختيار جي زالَ گذاري وئي.
    ظفر مختيار اسانجي اسپتال جو سينيئر ڊاڪٽر آهي. گذريل پنجويهن سالن کان هن اسپتال ۾ ڪم ڪري ٿو. نيو ڪراچيءَ جي هيءَ اسپتال جتي عملي کي پهچڻ ۾ ان ڪري دقعت ٿيندي آهي، جو اسپتال ڏانهن ويندڙ سڀ رستا خطرن سان ڀريل آهن. روز روڊن تي ٽائر سڙندا آهن ۽ بسن کي باهيون لڳل هونديون آهن. ماڻهو مئل يا زخمي حالت ۾ رستن تي پيل هوندا آهن. پوءِ به هرڪو ڊيوٽيءَ تي پهچي ويندو آهي پر ان ڏينهن ڊاڪٽر ظفر مختيار نه پهتو. اها خبر پهتي ته ڊاڪٽر ظفر مختيار جي زالَ گذاري وئي.
    ڊاڪٽر ظفر مختيار ڪڏهن دوستن سان اهي ڳالهه به نه ڪئي هئي جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ته سندس زال بيمار يا ڪنهن ڊگهي آرزي ۾ مبتلا آهي. مون هڪ دفعو ان کي ڊاڪٽر ظفر مختيار سان ڏٺو هيو. اها خوبصورت ۽ صحتمند عورت هئي، ڦڙتيلي ۽ چاڪ چوبند پئي ڏٺي. اهي عورت جو موت سمجهه کان ٻاهر هيو، ڇو جو جنهن رات سندس موت واقع ٿيو، اها پوري رات هوءَ مڙس جي ٻانهن ۾ ستل هئي.
    ظفر مختيار هڪ دفعو ٻڌايو هيو.
    ”منهنجو زالَ سان عشق اهي. ان کان سواءِ هڪ رات به الڳ گذاري نه ٿو سگهان.“
    اسان دوست هن تي ٽهڪ ڏئي کليا هياسين. ڊاڪٽر عتيق جيڪو زال جو ماريل آهي، ان چيو هيو.
    ”نڪاح ڪرڻ سان عشق ائين ٽٽي ويندو آهي جيئن مُلان جو وضو“.
    وڏو مسخرو آهي ڊاڪٽر عتيق، زال هوندي نرسن سان عشق ڪندو آهي، ڇو جو هن کي ڪنهن به نرس سان شادي ڪرڻي نه آهي.
    سڀ ڳالهيون هڪ پاسي، ڳالهه ظفر مختيار جي الميي جي آهي. خدا ظفر مختيار کي صبر جي توفيقَ ڏئي. ان ڏينهن کان هو ڏاڍو غمگين ۽ روئڻهارڪو پئي رهندو آيو آهي. چار سال گذري چڪا آهن، پر سندس زال ڄڻ دل تي نقش آهي. دوستن سان هن جيڪو زالَ جي موت واري رات جو تذڪرو ڪيو، اهو هن ناول جو موضوع آهي.
    هونئن نيو ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ ٻيا به گهڻا ڊاڪٽر آهن، پر اسان ڊيوٽيءَ دوران واندا ٿي هڪ دفعو چانهه ضرور پيئندا آهيون. چانهه پيئندي جڏهن هڪ دوست ڊاڪٽر ظفر مختيار کان سندس زالَ جي موت جو سبب پڇيو ته هن جون اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيون.
    ”يقين ڪيو مونکي ڪا خبر نه هئي ته ڪا منهنجي زالَ دل جي مريض آهي.“ هن ٿڌو ساهه ڀريندي چيو. ”ان ڪڏهن ڪا اهڙي شڪايت به نه ڪئي هئي، سندس صحت ڏسي مون ڪڏهن سوچيو به نه هيو ته ڪا اها ائين اوچتو مونکان جدا ٿي ويندي.“
    ڊاڪٽر ظفر مختيار پوءِ چانهه جو ڍڪ ڀريو ۽ ڪوپ ٽيبل تي رکي عينڪ لاهي ان جا شيشا صاف ڪيا.
    ”اسان جو صبح سان ڪوهه مري وڃڻ جو پروگرام هيو.“ هن ڳالهه جاري رکندي چيو ”اسان سڄو سامان بند ڪري هڪ پيٽيءَ ۾ وجھي رکيو هيو. ٻئي ڏاڍا خوش هياسين. ٻارڙا ٻئي ڪمري ۾ سمهيل هيا.“ ڊاڪٽر ظفر مختيار ڳالهه ڪندي چپ ٿي ويو. اهو وڌيڪَ ڳالهائي ها ته شايد روئي پوي ها.
    دوستن هن کي دلجاءِ ڏني ۽ وڌيڪَ ڳالهائڻ کان روڪيو پر هو نه مڙيو. هن چيو.
    ”مان توهان کي پوري ڳالهه ٻڌائيندس، ڇو جو ان سان منهنجي دل جو بار هلڪو ٿيندو.“
    پوءِ هن ٻڌايو.
    ”اسان ٻئي زالَ مڙس هڪ رات به الڳ نه سمهيا هياسين. ان رات به هوءَ منهنجين ٻانهن ۾ هئي. مان ان جا ساهه سيني تي محسوس ڪري رهيو هيس. خبر نه آهي. منهنجين ٻانهن اندر رات جي ڪهڙي پهر ۾ هن جو موت واقع ٿيو. مان گهري ننڊ ۾ خوابن جي دنيا اندر گم هيس. مرڻ کانپوءِ هن جو جسم منهنجين ٻانهن اندر ٿڌو ٿي ويو ۽ مون سردي محسوس ڪئي. ان رات مون خواب ۾ برف کانسواءِ ڪجهه نه ڏٺو. مون کي لڳو ته مان اڌ اگهاڙو برف سان ڍڪيل پهاڙن وچ ۾ گهمي رهيو آهيان. اوچتو منهنجي جسم تي سرديءَ جو اثرٿيو ۽ مان ڏڪڻ لڳس. اک کلي مون ڏٺو اها مري چڪي هئي ۽ سندس جسم برف جيان ٿڌو ٿي چڪو هيو.“
    ڊاڪٽر ظفر مختيار روئڻ لڳو. دوست هن جو الميو ٻڌي اداس ٿي ويا. انهن هن کي دلداري ڏني ۽ هو ڪرسيءَ تي ويهي ڳوڙها اگهندو رهيو.
    اهو الميو هڪ ڊاڪٽر جو سچو واقعو آهي.
    هن ناول جو موضوع ڊاڪٽر ظفر مختيار سان پيش آيل الميو آهي. ناول جو ڪردار جيڪو مرندڙ محبوبا کي ٻانهن ۾ سمهاري خوابن ۾ ان جو ڇوٽڪارو ڳولهي ٿو. ڇو جو اها هڪ اهڙي بيماريءَ ۾ ورتل آهي جنهن بيماريءَ جو علاج اڃان دريافت ٿي نه سگهيو آهي. اها لا علاج ٿي چڪي آهي. هر گذرندڙ گهڙيءَ سان موت کي ويجھو پئي ٿيندي وڃي. اهو ڪردار خواب ۾ تاريخ جي هر هستيءَ کي محبوبا جي زندگيءَ لاءِ ٻاڏائي ٿو. اها تاريخ هاڻوڪي وقت کان پوئتي ٿيندي اونڌائي وقت تائين هلي وڃي ٿي ۽ آدم کان اڳ ان هستيءَ کي ڳولهي ٿي جنهن اڃا ڪائنات کي وجود نه ڏنو آهي. اتي پهچي هو مايوس ٿئي ٿو ۽ هن جي محبوبا سندس ٻانهن ۾ مري وڃي ٿي. اهو مئل محبوبا جي جسم جي ٿڌ محسوس ڪري ٿو ۽ ڏڪڻ لڳي ٿو.
    هيءُ ناول موت جي تاريخ آهي. هن جو وقت جي تاريخ سان ڪو واسطو نه آهي. هن ناول جا تاريخي واقعا ڪردار جي گهرج مطابق گهـڙيل آهن. اميد ته تاريخدان هن ڪتاب کي ناول سمجھي پڙهندا.

    ــــ رسول ميمڻ


    1

    هوءَ ’عرشنا‘ هئي. سندس نالو ’مهين‘ کان ست ڪوهه اولهه طرف ’ارجنا ڪوٽ‘ جي مک دروازي کان کٻي هٿ ڏي ويندڙ گهٽيءَ ۾ ٺهيل گهرجي ان ٻاويهن سالن جي ڇوڪريءَ سان ملندڙ هيو جنهن ٻانهن جا گجرا سنڌوءَ ۾ وهايا ته پاڻيءَ ۾ خوشبوءِ ڏهن هزار سالن تائين برقرار رهي.
    هو ’وارث‘ هيو، جنهن جو نالو ان ديوتا جهڙو هيو جنهن جي هاٺي هماليا جيڏي ۽ مياڻ ۾ لڙڪندڙ تلوار تي وقت جي ڪٽيل لاش جورت لڳل هيو.
    عرشنا ۽ وارث. هڪ محبوب هڪ عاشق. سندن پيار وٽيل رسي جيان هيو جنهن ۾ پتڻ تي پيار جي ٻيڙي ٻڌل هئي. تيز وهڪروجيڪوانهن اڳيان بي وس هيو. اهي وچڙيا ته پاڻ ڇڏائي نه سگهيا، ڇو جو پيار جي هر هٿ کي ڏهه آڱريون آهن.
    ٻاويهن سالن جي عرشنا جيڪا مرمر مان تراشيل هئي، سندس وجود ۾گلاب ائين سمايل هيا جوسج اڳيان هلندي هئي ته ڪرڻا وجود مان پار ٿي ڌرتيءَ تي گلابن جو پاڇو ٺاهيندا هيا. وارث هڪ تاريخدان جنهن جو وجود ڪتابن جي جيو گهرڙن جو ٺهيل هيو- سندس وجود لامحدود ڪتابن جو ڍير هيو. تاريخ جي اکرن مان تراشيل. اڻکٽ ڌاڳي جيان جنهن جا ڇيڙا ماضي ۽ مستقبل جي اوندهه ۾ گم هيا ۽ ڌاڳي جو وچون حصو حال جيان جرڪي رهيو هو. ڌاڳو جنهن ۾ ڳالهائيندڙ لفظ لڙڪي رهيا هيا.
    وارث هڪ تاريخدان هيو جيڪو حال جي وهڪري ۾ عرشنا سان وهندو پئي ويو. عرشنا سندس ٻانهن جي گهيري ۾ قابو هئي. ان جي چپن جو اسير هيو. مدهوش نيڻن جو قيدي، جن نيڻن ۾ ٻه ڪارا سج غروب ٿي رهيا هيا ته روشني طلوع ٿي رهي هئي. هن عرشنا کي چاهيو ۽ سندس هاڻي خواهش هئي ته هو چاهيندو رهي. زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين ان ۾ جيئرو رهي. سندس روح سان ملي ان جهڙو ٿي وڃي. عرشنا پيار جي ڏوهه ۾ سزا طور کيس قيد ڪري ۽ پنهنجي وجود مان ڪڏهن آزاد نه ڪري. هو عرشنا جي وجود جو قيدي بنجي زندگيءَ جا ڏينهن آسانيءَ سان بسر ڪري. اهڙي پڃري جو قيدي بنجي وڃي جنهن پڃري کي پنهنجو آسمان هجي.
    پيار ڪو الهامي ڪتاب نه آهي جنهن جي صفحن تي ميلاپ ۽ وڇوڙي جا احڪام درج ٿيل هجن. پيار خالي ڪتاب آهي جنهن کي پاڻ لکيو وڃي ٿو. اتي آڱرين جا نشان آهن. نشانن ۾ سنهيون گهٽيون آهن. منجهائيندڙ رستا آهن. جيڪو رستن کان هٽيو سو بيوفا، جيڪو ڦاٿو باوفا. هو رهجي ويل آڱرين جي نشانن ۾ ڦاٿل وجود هيو. وڃائجي ويل رهگزر هيو جنهن کي منزل ڏسڻ جو شوق نه هيو.
    عرشنا سان سندس پهرين ملاقات انهن ڏاڪڻين تي ٿي هئي جيڪي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي ادارن وچ ۾ هيون. انهن ڏاڪڻين هيٺان هڪ ڦوهارو هيو جنهن جي شفاف پاڻيءَ ۾ ڪميون ترنديون هيون. اداري جو پينٽر ڪمين تي رنگن سان منجهيل چتر ٺاهيندو هيو. ڪميون ڪجهه ڏينهن اندر مري وينديون هيون. اڌ ڪلوميٽر پري ڪمين جو قبرستان هيو. مينهن جي موسم ۾ زهريلا وڇون انهن جي ڍانچن ۾ پناهه وٺندا هيا. پهرين ملاقات ۾ هو عرشنا جو اسير ٿي پيو. ويڪرين ڏاڪڻين تان جتي ويٺل شاگردن ڪري سوڙهه هوندي هئي، عرشنا هلندي تاريخ تي تنقيد ڪئي.
    ”مان نه ٿي سمجهان ته تاريخ ماضيءَ جي لاش مٿان ڳوڙهن ڳاڙڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه آهي. اسين حادثن جا لاش ڪلهن تي کڻي نمائش لاءِ پيش ڪري رهيا آهيون. ڇا اهو ان لاءِ آهي ته ايندڙ وقت کي ڊيڄاري المين کان پري رهي سگهون؟“
    هو لاجواب ٿيڻ بنا سوچن ۾ ٻڏي ويو.
    ”نه ائين نه آهي.“ هن چيو: ”تاريخ وهي ويل وقت کانسواءِ ڪجهه نه آهي. ان جا حادثا ۽ الميا حال تي اثر انداز نٿا ٿين. انسان دنيا ۾ اهو ڪجهه ڪرڻ لاءِ مجبور آهي جنهن ڪم لاءِ خلقيو ويو آهي. هو وڙهندو، ماريندو، روئندو کلندو ۽ هٿ ڇنڊيندو دنيا مان روانو ٿئي ٿو. انڪري ته اهو سڀ ڪرڻ تي مجبور آهي. ائين ڪرڻ لاءِ جواز پيدا ڪري پاڻ کي حق بجانب سمجهي ٿو.“
    عرشنا سندس ڳالهين جي ڄار ۾ وچڙندي وئي. پوءِ اها ڪڏهن الڳ نه ٿي. هن عرشنا کي ائين حاصل ڪيو جيئن تاريخ تي تحقيق ڪري ڪجهه حاصل ڪيو هجي. اها تسلسل جي وڃايل ڪڙي هجي.
    هڪ دفعي هن ڍنڍ ڪناري سرنهه جي وڻ هيٺان عرشنا جا گلابي چپ ڇهيا ته سينور پاڻيءَ جي لهرن تي لڏڻ لڳو. سندس وکريل وارن کي ڳلن تان هٽايو ته سرنهن جا پيلا گل آسماني ٿي ويا.
    ”مان تاريخ جو پهريون ۽ تون آخري صفحو آهين.“ هن چيو: ”تنهنجي منهنجي وچ ۾ اهو ڪجهه آهي جيڪو ٿي چڪو. سڀ حادثا ۽ سانحا اسان ۾ سمائجي ويا آهن. دنيا گناهن کان پاڪ ٿي چڪي آهي. صاف ۽ شفاف ٿي رهڻ جي قابل بنجي چڪي آهي.“
    عرشنا ڪو جواب نه ڏنو، اها ويڪرين اکين سان ڏسندي رهي. سندس نيرين اکين ۾ روشن آسمان هيو، جنهن ۾ چنڊ چمڪي رهيو هيو. ان جي نرم ساهن ۾ چانڊوڪي وسامنجندڙ ٽانڊن جيان دکي رهي هئي.
    ”ڇا توکي خبر آهي؟“ عرشنا چيو: ”رابيل روئندا آهن ته خوشبوءِ کلندي آهي. تون منهنجين اکين ۾ سمايل رهندين. منهنجن ڳوڙهن مان تنهنجي خوشبوءِ ايندي.“
    ”ها، تو ۾ جيئرو رهندس.“ هن چيو: ”فنا کان لاتعلق تنهنجين اکين جي آب حيات ۾ ساهه کڻندو رهندس.“
    اهي ٻئي ايڏا ويجهو ٿي ويا جو هڪ وجود ۾ تبديل ٿي ويا. سندن تعلق وڌيو ته هر شيءِ کان لاتعلق ٿي ويا.
    چوماسي کان اڳ ٻئي سمنڊ ڪناري ان ٽڪريءَ تي ويٺل هيا جنهن سان سمنڊ جون ڇوليون ٽڪرائجي چڻنگن جيان ٿي وکريون. اتي کيس وارث تاريخ جو اهو قصو ٻڌايو جنهن ۾ اطابلس جا هٿ، نه ڪيل گناهه ڪري ڪٽيا ويا. ان کي شهر جي چوواٽي تي ويهاري اڏيءَ تي هٿ رکرائي ڪات جو ڌڪ هڻي الڳ ڪيا ويا. اطابلس اپاهج ٿي ويو ۽ سندس ڪٽيل هٿ ظالم کي ڳولهيندا رهيا. اهي هڪ ڏينهن ان تائين پهچي ظلم جو حساب وٺندا. اطالبس دنيا مان هليو ويو پر هن جا هٿ موجود آهن. جڏهن مقصد ۾ ڪامياب ٿيندا ته دنيا مان ظلم ختم ٿي ويندو.
    ”تون ۽ مان اطابلس جا هٿ آهيون.“ وارث چيو: ”جيڪي ڌرتيءَ تي آڱرين سان هلي تاريخ جي ڇڏيل قدمن جي نشانن تي ويرين جي ڳولها ۾ ڪائنات جي ٻئيءَ ڪنڊ تائين هليا ويندا. هڪ وجود جا ڪٽيل ٻه حصا آهيون. پنڌ ساڳيو آهي. مقصد ساڳيو آهي.“ عرشنا هن سان متفق نه هئي. ان چيو.
    ”مونکي لڳندو آهي اپاهج اطابلس جيئرو آهي. هو هر ان مظلوم جي ترجماني ڪري ٿو جنهن جا هٿ اڄ به ڪٽيل آهن. اطابلس جا هٿ ظالم کي ڳولهيندي ٿڪجي چڪا آهن. تاريخ نانگ جيان آهي. جنهن جي لنگهي وڃڻ کانپوءِ اسين ڇڏيل نشان کي ڌڪ هڻي رهيا آهيون.“
    سمنڊ ڪناري جنهن پهاڙيءَ تي ويهندا هيا ان سان جڏهن سمنڊ جون لهرون ٽڪرائجي موٽنديون هيون ته واريءَ جي ناهموار سطح تي لفظ ٺهندا ۽ ڊهندا هيا. اهو منظر انهن لاءِ سحرانگيز هيو. هو خيالي لفظن جون مختلف معنائون ڪڍندا هيا. اتي خدا، انسان، حيوان، شيطان، نفرت ۽ پيار جهڙا لفظ ٺهندا ۽ ڊهندا هيا.
    ”اڻ هوند ڪائنات جي ماءُ آهي، سندس لاتعداد ٿڻ پولارن ۾ لڙڪي رهيا آهن. اسين وات وجهي ٿڻن ۾ لڙڪيل آهيون. هر شيءِ اوندهه مان جنم ورتو آهي ڇو جو اوندهه چمڪي ٿي. اسين آهيون ڇو جو نه آهيون. جڏهن نه هونداسين يقين ڪر ضرور هونداسين.“ وارث چيو ۽ عرشنا جي هٿ کي چپن تي آندو. عرشنا مدهوش ٿي سمنڊ جي لهرن جيان سندس وجود سان ٽڪرائجي وئي. موٽي ته وارث جي ناهموار وجود تي ڪيترا سمجهه ۾ نه ايندڙ اکر اڀريا. هن عرشنا جي چپن کي چميو ته ٻاڦ ٺهي. نيڻن ۾ ڏٺو ته جُهڙ ٺهيو.
    انهن جو پيار پهاڙيءَ تان ول جيان وڌي سامهون سمنڊ جي سطح تي ڦهلجي ويو.
    ”ڇا توکي تاريخ جو اهو واقعو ياد آهي.“ عرشنا پڇيو، ”جڏهن اوائلي انسان ارافيل کي هڪ اک هوندي هئي. کيس هڪ اک سان ڏسڻ تي اعتبار نه ايندو هيو. هوند ۽ اڻ هوند جي شڪ ۾ گذاريندو هيو. ان خدا کان ٻئي اک گهري جيئن ٻئي اک پهرينءَ جي شاهدي ڏئي. خدا دعا قبول ڪئي. ارافيل کي ٻئي اک ملي ته انڌو ٿي پيو. انڌو ٿيو ته هن اڳيان هرشيءِ واضح ٿي پئي.“
    ”ها عرشنا.“ وارث چيو: ”منهنجي هڪ اک تنهنجي ۽ تنهنجي هڪ اک منهنجي آهي. اسين هڪ ٻئي جا اڌ چهرا آهيون. منهن سان منهن ملاءِ ته مڪمل ٿي سگهون.“
    ”وارث.“ عرشنا چيو: ”اسين مڪمل آهيون. سج جيان چنڊ جيان. اسين ٻه الڳ سج نه آهيون. ٻه الڳ چنڊ نه آهيون. جڏهن دنيا تي ٻه سج اڀرندا ته چنڊ آپگهات ڪندو. رات وڌوا ٿيندي. اسين سرشتي جو حصو آهيون. تون ۽ مان اهڙو توازن آهيون جنهن جي چوڌاري پيار ڦري ٿو. فنا جي حد کان پري. لامڪان جي ويراني ۾ هوند جو فسلفو آهيون.“
    انهن هڪ ڏينهن همبستري ڪئي. لذت جي لهرن ۾ لڙهندا ندي نالن مان ٿيندا وسيع سمنڊ ۾ ڪريا. ٻڏڻ لڳا. ترڻ لڳا. غوطا کائڻ لڳا. هڪ ٻئي کي پڪارڻ لڳا. انهن محسوس ڪيو اهي پڇ ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. هڪ پڇ جيڪو نانگ جيان تري رهيو آهي. هو اهڙي هنڌ پهتا جتان واپسيءَ جا در بند ٿي چڪا هيا. اهي ترندي پاڻيءَ ۾ تبديل ٿي ويا.
    سڌو ٿيو ته کيس عرشنا جي ڇاتيءَ ۾ پنهنجو عڪس نظر آيو. عرشنا هن جي ٻانهن ۾ پاڻ ڳولهي رهي هئي. هو نه هيو عڪس هيو. عرشنا نه هئي هو هيو.
    صبح جو پوڙهو پروفيسر مائيڪ جهلي ليڪچر هال ۾ ڳالهائي رهيو هيو، ”تاريخ پاڻيءَ جو وهڪرو آهي جيڪو مسلسل وهي رهيو آهي. تاريخ ماضي نه آهي، حال يا مستقبل نه آهي. تاريخ وقت نه آهي. ڇو جو وقت جو وجود نه آهي. تاريخ سيلاب آهي جنهن ۾ بادشاهه، وزير، امير غريب، آقا، غلام، ظالم مظلوم، فاتح مفتوح، ديوتا ڀڳوان، بهادر بزدل، عاشق محبوب، شاهوڪار سرمائيدار ۽ هاري مزدور. ٻڏندا ترندا. ٻانهون مٿي ڪري هٿن جي اشارن سان سمجهه ۾ نه ايندڙ صدائن سان لڙهندا پيا وڃن. اسين ڪنارن تي خاموش تماشائيءَ جيان بيٺل آهيون، ڪنهن کي بچائي نه ٿا سگهون. چيلهه پويان هٿ ٻڌي ڏسي رهيا آهيون. اسين ڪناري تي پاڻيءَ بنا لڙهي رهيا آهيون. پاڻيءَ ۾ لڙهندڙن کي ڪنارو ملي سگهي ٿو. خبر نه آهي پاڻيءَ بنا لڙهندڙن کي ڪهڙو ڪنارو ملي سگهندو؟“
    عرشنا ۽ وارث ٻن ڪنارن تي بيٺل هيا، سندن پيار پُل جيان هيو ۽ ٻانهن جي پکيڙ لامحدود هئي. جُهڙ انهن جي آڱرين سان پگهرجي ٿي پيو. وڄ چپن جو ڇهاءُ هئي.
    اهي سرءُ جا ڏينهن هيا جڏهن عرشنا پيلي پن جيان وارث جي جهول ۾ ڪري پئي. هن ڏٺو عرشنا جون آڱريون بهار کان اڳ ڌرتيءَ ۾ لڳل گلابن جي ڪٽيل قلمن جهڙيون هيون. ان جي سڄي هٿ جي وچين آڱر ۾ پاتل منڊيءَ مان ڳوڙها ڳڙي پٽ تي ڪري رهيا هيا. هوءَ بيمار هئي. اوچتو بيماريءَ کيس بدحال ڪري ڇڏيو. هن کي شهر جي مشهور اسپتال آندو ويو. تشخيص کانپوءِ کيس ٻڌايو ويو ته، ”عرشنا ڪينسر ۾ مبتلا آهي.“
    وارث محسوس ڪيو، دنيا ۾ ڳاڙها گلاب ناياب ٿي ويا هجن.
    عرشنا جي چپن جو رنگ مهنديءَ هٿن جهڙو هيو. ڳل چنڊ جهڙا زرد هيا ۽ اکيون ڪومايل ڪنولن ۾ ڦاٿل ڀنورن جهڙيون هيون. ان ڳالهايو پئي ته املتاس پئي ڇڻيا ۽ ٻڌو پئي ته سانوڻ ۾ ڪوئل پئي سڏڪي. عرشنا نيرن گلن واري ول جيان هئي. ول جنهن کي سهاري جي ضرورت هئي. وارث هن جو سهارو هيو. هوءَ واث جي وجود کي ويڙهيل هئي.
    اها اسپتال جتي عرشنا جو علاج ٿي رهيو هيو ايڏي خوبصورت هئي جو ڏسڻ سان خوف ٿيندو هيو. اڇي پٿر جي اسپتال تي چنڊ چمڪندو هيو ته ميري پاڻيءَ ۾ لڏندڙ عڪس جهڙي نظر ايندي هئي. ڏينهن جو ان جي شفاف شيشن ٻاهران ڪارا پوپٽ اڏرندي نظر ايندا هيا. عرشنا ڪجهه ڏينهن اتي رهي. هڏن ۾ گودو وجهڻ باوجود شفاياب نه ٿي سگهي. سڀ ڪوششون بيڪار ثابت ٿيون. عرشنا موت جي ڪناري پهچي وئي. کيس اسپتال مان اهو چئي فارغ ڪيائون ته ”اها ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي.“
    وارث ٻڌو ته محسوس ڪيو هڪ ڄنگهه تي بيٺل آهي، سندس اڌ حصو زمين تي ڪريل آهي. ان کي هٿ ڏئي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي هڪ ڄنگهه تي توازن برقرار رکي نه سگهيو ۽ هيٺ ڪري مڪمل ٿي ويو.
    عرشنا دانهن ڪندي چيو، ”پاڻ سنڀال ۽ منهنجو سهارو ٿيءُ.“ وارث کي ٻن ماڻهن سهارو ڏنو. هڪ وجود کي پٽيون ويڙهيندڙ ڊريسر ۽ ٻيو هو پاڻ. جڏهن عرشنا جي ڀڪ ۾ ڪرسيءَ تي ويٺو هيو ته سندس هڪ اک ٻئيءَ کي ڳوڙها ڳاڙيندي ڏسي رهي هئي.
    ”عرشنا“ وارث چيو. ”تنهنجي وڇوڙي جو سوچي لڳي ٿو دنيا جا سڀ رنگ ڪچا هجن. دنيا ڪچن رنگن مان ٺهيل هجي، وسندڙ مينهن جو پاڻي سڀ رنگ پاڻ ۾ سمائي اڳتي وڌندو هجي. منهنجي چهري جا رنگ مٽجي چڪا آهن. تو سوا مونکي ڪير سڃاڻيندو؟“
    عرشنا هٿ اڳتي وڌايو. هن ڏٺو سندس هيڊي هٿ جون سايون رڳون چيريل وجود جهڙيون هيون. هن هٿ عرشنا جي هٿ ۾ ڏنو. اهو گرم هيو دوزخ جيان جنهن ۾ موت گناهگارن جيان دانهي رهيو هيو.
    ”مونکي معاف ڪجانءِ عرشنا.“ هن چيو، ”جيڪر زندگيءَ جا ڪجهه پل تنهنجي حياتيءَ جي کاتي ۾ وجهي سگهان. جيڪر حياتي تنور جي تازي نان جيان هجي جنهن کي گڏ چٻاڙي سگهون. پنهنجي حياتيءَ جو ڪجهه حصو ڏئي جيڪر توسان گڏ روانو ٿي سگهان.“
    عرشنا ڇت کي ڏسي رهي هئي، سندس اکين جي ڪنارن ۾ ڦاٿل ڳوڙها وارث جي سڏڪن تي لرزي رهيا هيا.
    ”موت زندگيءَ جي سرحد نه آهي.“ عرشنا چيو، ”ان سرحد تي ڪي ڪنڊيدار تارون نه آهن. موت جو تصور ان وسري ويل واديءَ جهڙو آهي جتي جنم کان اڳ اسين رهي چڪا آهيو. وسري ويل وادي جيڪا يادن کان پري گم آهي. جتي خاموشيءَ جون سيٽيون وڄن ٿيون. ان واديءَ ۾ تنهنجو انتظار ڪندس. موت کانپوءِ آواز ڏيندس ته اها وسريل وادي توکي ضرور ياد ايندي.“
    وارث لاءِ عرشنا جي موت جو تصور ائين هيو جيئن ڪمري ۾ بلب دماغ جيان ڦاٽي پيو هجي. وارث ياد ڪيو جڏهن عرشنا سان نه مليو هيو. اڪيلائي ۽ پاڇي جو پيار هيو. پاڇو عرشنا جي وجود ۾ تبديل ٿي ويو. سندس اڪيلائيون سڪل پنن جيان ڇڻي ويون. پيار المين جو خالق آهي. چاهتون وڇوڙن جي احساس کي اجاگر ڪن ٿيون. جڏهن پيار نه هيو الميانه هيا.
    هن عرشنا جي چپن کي ڏٺو محسوس ڪيائين صحرا ۾ هلندي کيس لڦون نڪري آيون هجن، تاريخ جو سفر طي ڪيو هجي ۽ عرشنا جي اکين جي کنڊر ۾ پناهه ورتي هجي. کنڊر چوڌاري عرشنا جي وارن جهڙا ڪاريهر ويٺل هجن. عرشنا جون اکيون پاڪ ڪتاب تي ويڙهيل ڪپڙي جهڙيون هيون. هن چيو.
    ”سوچيو هيو توکان هٿ اڌارو وٺي نئين تاريخ لکندس. تنهنجين آڱرين سان لفظ ڇهي ماضيءَ جي چهرن جون ريکائون محسوس ڪري سگهندس. توکانسواءِ هٿ ڪٽيل آهن. آڱريون وڍيل آهن.“ عرشنا هٿ وڌائي سندس چهري کي ڇهيو. وارث محسوس ڪيو عرشنا چهري تي ڪجهه لکيو هجي. سندس آڱرين جي نرم ڇهاءَ چهري جي لڪيرن کي بدلائي وڌو هجي. هو وات لڙڪائي ويٺل هجي ۽ چهري جي زخمن ۾ جيت چرندا هجن.
    ”تاريخ پڄاڻيءَ کي پهچي وئي آهي.“ عرشنا چيو، ”ان جو آخري صفحو مان آهيان. هر انسان جو پنهنجو چنڊ سج ڏينهن ۽ رات آهي. هر انسان وقت آهي سندس وقت پاڻ سان پڄاڻيءَ کي پهچي ٿو. تاريخ پنن تي رهجي ويل خواب آهي. خواب، ننڊ ۽ موت جو تفاوت آهي.“
    عرشنا جا لفظ قديم قلعي جي فصيل تان ڪمانيون ڇڪي اڇلايل زهر ۾ ٻڏل تير هيا جيڪي سندس روح جي گهرائين ۾ لهي ويا.
    ”عرشنا“ وارث چيو، ”تنهنجي حياتيءَ لاءِ موت جي اکين ۾ دعا گهرندس. موت انڌو آهي. جيڪر تنهنجو چهرو ڏسي ته زندگيءَ تي عاشق ٿي پوي.“
    عرشنا مرڪي، سندس ڪنارن ۾ ڦاٿل ڳوڙها ڇڻي پيا. هن جي مرڪ جدائيءَ جي سنهي چير جهڙي هئي.
    ڊاڪٽر ڪمري ۾ آيو ۽ عرشنا جو معائنو ڪيو. سندس ڀيڪوڙيل چپ تشويش ظاهر ڪري رهيا هيا.
    ”ڪجهه دوائون لکيون آهن.“ هن چيو، ”جيڪي عارضي آرام ڏينديون. باقي ٻڌائي چڪو آهيان. جيڪڏهن گهر وڃڻ چاهيو ته وڃي سگهو ٿا.“
    ڊاڪٽر هليو ويو. لفظ ڪمري ۾ رهجي ويا جيئن مينهن کانپوءِ ڪمري ۾ سوين کنڀڙيون بلب چوڌاري ڦرنديون هجن. هو الوداع چوڻ کان اڳ اهڙي ويران رستي تي ويٺل هجي جتان صرف هڪ بس لنگهيندي هجي جيڪا اڻ ڏٺل واديءَ ڏي ويندي هجي.
    ڊاڪٽر جي هدايت مطابق هن دوائون ورتيو. گهر پهتو ته بند ڪمري ۾ بستر جي دز جاڳي پئي. عرشنا کي سمهاري نرم وهاڻو ڏنو. سندس ڀڪ ۾ اکيون ڦاڙي بي سُڌ ائين سمهي پيو جيئن رانديڪو هجي. هڪ گڏو جنهن چوڌاري عرشنا هڪ ٻار جيان ٻانهون ورائي ڇڏيون.
    ”موت جو خوف موت کان خوفائتو آهي.“ عرشنا چيو، ”جڏهن ننڍي هوندي هيس ته سئيءَ کان ڊڄندي هيس، لڳندي هئي ته ايڏي عذابناڪ نه هوندي هئي. شايد موت سئيءَ کان سنهو آهي.“
    ”پوپٽ جنهن جي زندگي چار ڏينهن آهي.“ وارث چيو، ”مونکي هڪ پوپٽ جي زندگيءَ جو مشاهدو آهي. سورج مکيءَ تي ويٺل پوپٽ جنهن جا رنگ چئن ڏينهن ۾ ڇڻي ويا. اڏام کان قاصر ٿي پيو. هڪ بلبل کيس چهنب ۾ وجهي آسمان ڏي اڏامي وئي.“
    عرشنا جي اکين ۾ چمڪ اچي وئي. هن ڪنڌ ورائي ڏٺو ۽ چيو.
    ”پوپٽ جي چئن ڏينهن جي زندگي انسان جي سؤ سالن کان بهتر آهي. بي فڪريءَ جو هڪ لمحو صدين تي حاوي آهي. جيڪر تون مان چار ڏينهن رهي ٿوهر جي گلن جو رس پي ريگستان جي واريءَ ۾ بي فڪريءَ جو موت مري سگهون ها.“
    هن عرشنا کي سيني سان لائي چپ سندس پيشانيءَ تي رکيا. پيشانيءَ تي سج پئي ٻريو. ڪرڻا اکين ۾ لهندي محسوس ڪيائين. سندس اکيون بند ٿي ويون. عرشنا جو جسم ٽانڊن جهڙو هيو ۽ ٽانڊا رک پئي ٿيا.
    رات لڙي چڪي هئي، ڪمرو گرم هيو. ٻاهر سرد هوا جا ڏند کڙڪي رهيا هيا، اها گهر ۾ گهرڻ لاءِ بي چين هيڏانهن هوڏانهن ڦري درين ۽ دروازن جون وٿيون ڳولهي رهي هئي.
    وارث لاءِ وڇوڙي جو تصور سنهي تند جهڙو هيو جنهن تي بيٺل هيو. کيس يقين نه پئي آيو ته سندس پيار جنهن جي عمر اڃان ٻار جيتري هئي اهو آڱر ڇڏائي ميلي ۾ گم ٿي ويندو. اندر ۾ اونهي کڏ محسوس ڪيائين جيڪا وجود کان ويڪري، زندگيءَ کان اونهي ۽ اوندهه سان ڀريل هئي. هن کي سيني اندر ساهه اوڌر تي ورتل ۽ ڏاڍا مهانگا محسوس ٿيا. سوچيائين جيڪر ساهه بچائي رکي سگهي. سنڀاليل ساهن کي گلابي ربن ويڙهي عرشنا کي ڏئي سگهي. اها کاڻ ڳولهي ڪڍي جتي زندگيءَ جا ذخيرا موجود آهن. تاريخ جي ورقن مان ٽپي ان ڪمري ۾ داخل ٿي سگهي جتي پراڻي ميز تي زندگيءَ جي ڪتاب مٿان رکيل قلم جي مس سُڪي چڪي آهي. قلم ۾ جسم جو رت ڀري ڪتاب ۾ ٽرميم ڪري سگهي جنهن ۾ حياتيءَ جا انگ مايوسيءَ مان سمهي موت جو انتظار ڪري رهيا آهن.
    وارث ياد ڪيو ننڍپڻ ۾ کيس گهرجي اڱڻ ۾ نم تي ويٺل طوطا وڻندا هيا. هن هڪ دفعي اڱڻ ۾ ڪريل طوطو پڪڙيو. طوطي هر هر ڪنڌ ورائي کيس هٿن ۾ چڪ پئي پاتا. هن خوشيءَ مان ٽهڪ پئي ڏنا ۽ چڪن کان دانهون پئي ڪيون. طوطو سندس هٿن مان پاڻ ڇڏائي اڏامي ويو. هو رنو ۽ زندگيءَ ۾ ان طوطي کي وساري نه سگهيو. طوطي کي ياد ڪري عرشنا جي وارن ۾ ائين هٿ ڦيرڻ لڳو جيئن ساوا کنڀ هجن.
    وارث ڪمري جي ڀتين کي ڏٺو. اهي ڪتابن جون ٺهيل هيون. ڇت کي ڏٺو، اتي اڪريل چترن ۾ آدم جي آڱر ڪٽيل هئي، سندس سڄي هٿ ۾ چار آڱريون هيون. آسمانن ۾ رب کان آڱر ڇڏائي ڌرتيءَ تي ايندي اها رب جي هٿ ۾ رهجي وئي. آدم آڱر رب وٽ گروي رکي آيو آهي. ڪتابن جي ڀت روشني ۽ اوندهه وچ ۾ سرحد آهي. هن ڀت تي عرشنا جو پاڇو ٺهندي ڏٺو. پاڇي وٽ ڪتابن کي اڏوهي لڳل هئي. اهي خاڪ ٿي ڇڻي پيا. هن ڏٺو عرشنا جي پاڇي وٽ خاڪ ٿي ويل ڪتابن وٽان پري اوندهه ۾ مايوسيءَ جا تارا چمڪي رهيا هيا.
    ”مونکي معاف ڪجانءِ.“ وارث سُڏڪندي چيو، ”جيڪر مان تو لاءِ ڪجهه ڪري سگهان. اي رمتو ڪشڪول اڌارو ڏي. ڳچيءَ پائي مذهب تاريخ فلسفي ۽ حڪمت جا در کڙڪائي ڪجهه گهڙيون پني سگهان. تاريخ جوچور بنجي ماضيءَ ۾ وڃان ڪنهن ڊگهي عمر واي پيغمبر جون وساريل راتيون گودڙيءَ ۾ وجهي روپوش ٿي سگهان. اي زندگي سڏ ڏي! تنهنجو ديرو ڪهڙيءَ قبر ۾ آهي؟ اي موت اها سيٽي مون حوالي ڪر جيڪا وڄائين ٿو ته زندگيءَ جي رواني رڪجي وڃي ٿي.“
    گهر پهچڻ جي چوٿين ڏينهن عرشنا بخار ۾ ٻرڻ لڳي. سندس لڱ تپي باهه ٿي ويا. وارث محسوس ڪيو اهو عرشنا جو آخري وقت آهي. پاڻيءَ جون پٽيون کيس مٿي تي رکيون. عرشنا جون اکيون وڌندڙ وير ۾ ٻيٽن جيان ٻڏنديون پئي ويون. هن هڏڪي ڏني ته ڪائنات جي نڙيءَ ۾ ٿوهر جو ڪنڊو ڦاسي پيو. اڏرندڙ عزرائيل جا پرڇڻي پيا اونڌي منهن ڪنهن تعزيت جي تڏي تي ڪري پيو. عرشنا ڳالهايو ته سندس چپ ڏڪڻ لڳا.
    ”منهنجو وجود اڪيلائين ۾ سانت جيان رهندو. جڏهن ڏکڻ جي واءُ تنهنجا هٿ ڇهي ته اها مان هوندس. نظر نه ايندڙ پکيءَ جي لات گونجي ته تنهنجن وهمن ۾ هوندس. گم ناميون در کڙڪائين ته ڪڙي تي نشان هوندا. تنهنجي سيني ۾ دفن ٿي يادن ۾ جيئري رهندس.“
    عرشنا جي ڳالهين تي وارث جي وجود جو وزن هلڪو ٿي ويو. پاڻ کي عرشنا جي هٿ جو سهارو ڏنو. رنو ۽ هٿ تي ڳوڙها ڳاڙيندو رهيو.
    ”توکي مرڻ نه ڏيندس“ وارث چيو، ”قديم دنيا جي تاريخ عظيم ديوتائين سان ڀري پئي آهي. خدا جي عظمت جا نشان راهه جي هر پٿر تي اڪريل آهن. پيغمبر ولي اوتار آزارن ۾ ورتل انسانن جي هجوم اندر پنهنجي شفا جا هٿ جهلي بيٺل آهن. مونسان هل تاريخ جو سفر طي ڪر. جتي ڪجهه نه آهي اتي هو آهي. غيب انهن لاءِ آهي جن اکيون ٻوٽيون. جن کوليون تن لاءِ ائين آهي جيئن ڪائنات جي قلعي جو دربان. مان مايوس نه آهيان. عرشنا اٿ! در ٻاهران جيڪو رٿ کڙو آهي ان جي مسافت تاريخ جي اهڙن دروازن ڏانهن آهي جيڪي هڪ ٻئي پويان کلن ٿا. رٿ جي پائيدان تي خاڪ شفا جي اپسرا جي قدمن جي آهي جنهن جا نيڻ ناسورن جو علاج آهن.“ عرشنا جي آهه نڪري وئي.
    ”پير پٿون آهن.“ هن چيو، ”هلڻ جي سڪت نه آهي. تاريخ جي ادوارن جا اوتار اڳتي نڪري چڪا آهن. سڀ ولي وڃي چڪا آهن. ڪي نبي نظرنه اچي رهيا آهن. خدا خوديءَ ۾ فنا ٿي چڪو آهي. جنهن کي ڳولهڻ چاهين ٿو اهو ڪلهن تي سوار آهي. ڪنارن تي بيابانن کانسواءِ ڪجهه نه آهي. دل جي چراگاهه جا سڀ هرڻ مري چڪا آهن.“
    هن عرشنا کي سهارو ڏئي اٿاريو ۽ پاڻيءَ جا ٻه ڍُڪ ڏنا.
    ”همت ڪر.“ هن چيو، ”توکي ٻانهن ۾ کڻي تاريخ جو سفر طي ڪندس. ڪائنات جي وجود تائين وٺي هلندس. تاريخ جي هر پيغمبر جي چائنٺ چمندس. خدا ۽ ديوتائن کان تنهنجي لکيل حياتيءَ ۾ ترميم ڪرائيندس. تنهنجي وجود جو نئون آئين لکرائيندس ۽ نئون نظريو جوڙائيندس. هل... تاريخ ڪميت گهوڙي جيان ڀڄندي پئي وڃي. اچ روشنيءَ جي رفتار سان وقت کي مات ڏيون.“
    عرشنا سندس ٻانهن ۾ ڍرڪي پئي. هن کيس سهارو ڏئي سمهاريو. منهن تان وارن کي هٽايو. گرم ساهن کي آڱرين تي محسوس ڪيو. وارث ڀتين کي نهاريو اهي اکيون ڦاڙي عرشنا کي ڏسي رهيون هيون. ڇت جون اکيون ڏک کان بند هيون. سانت سڏڪي رهي هئي. بستر جي کٻي پاسي الميو ڪنهن انتظار ۾ بيٺل هيو. رات گهر مٿان ازدها جيان رڙهي رهي هئي جنهن جي جسم تي ستارن جهڙا چٽ هيا. هو عرشنا جي ڀڪ ۾ سمهيو سندس ٻانهن کي سيني سان ورائي سوچڻ لڳو. شايد اها ڪائنات جي آخري رات آهي. ڪائنات انجام کي پهچڻ واري آهي. جيڪو سج اوجهل ٿي چڪو آهي نظر نه ايندو. آسمان ۾ دکندڙ ٽانڊن جهڙا ستارا پنهنجن ڳوڙهن ۾ وسامي رک ٿي ويندا. کڙيل چنڊ اگهور ننڊ ۾ ٻُڏي ويندو. اها قيامت جي اڻ کٽ رات آهي. ڊگهي رات جنهن ۾ ڪائنات جي تاريخ جي طوالت آسانيءَ سان سمائجي ويندي. هو سوچيندو رهيو پوءِ کيس عرشنا جي ٻانهن ۾ ننڊ اچي وئي.
    سيني تي محسوس ٿيندڙ عرشنا جا گرم ساهه خواب ۾ ائين ڏسي رهيو هيو جيئن پيرين اگهاڙو ريگستان ۾ بيٺل هجي. لڪ سندس جسم سان ٽڪرائجي رهي آهي. هن ڀرسان بيمار عرشنا بيٺل آهي ان جا چپ خشڪ ٿي ڦاٽي پيا آهن. هن ڏٺو ڪو قافلو تاريخ جو سفر ڪندو اڳتي وڌندو پيو اچي. هو عرشنا کي ساڻ وٺي قافلي پويان ائين هلڻ لڳو جيئن وڃائجي ويل زندگيءَ جي ڳولها ۾ نڪتو هجي.


    2

    عرشنا جي گرم جسم کي سيني سان لائي خوابن جي دنيا ۾ گم ٿي ويو. هو ٿڪيل هيو، ننڊ جي سمنڊ ۾ خوابن جي لهرن تي لڏندڙ. هن پاڻ کي لهرن حوالي ڪري ڇڏيو. سمنڊ جنهن کي ڪنارو نه هيو. سندس وجود ٻڏندڙ عرشنا کي ڀاڪر ۾ ڀري خوابن جو ڪنارو ڳولهڻ لڳو. مٿي آسمان ۾ ترندڙ بادلن هيٺان اميد جا ڪي به ڪنگ پکي نه هيا. عرشنا سندس سيني وٽ گرم ساهه کڻي رهي هئي. ساهن جي ڇهاءَ کان کيس سيني وٽ سوراخ ٿي ويو. محسوس ڪيائين خوف کان هو سيني اندر سوراخ ۾ لڪيل آهي. عرشنا جي مرڻ جو خوف پنهنجي جيئڻ جو خوف. هن کي خبر هئي ته موت مئلن لاءِ نه پر جيئرن لاءِ هوندو آهي. اگهور ننڊ ۾ هن سيني وٽ واري وسندي محسوس ڪئي جيئن اکيون ٻوٽي کڏ ۾ ستل هيو ڪو هن مٿان واري وجهي دفن ڪري رهيو هيو. جڏهن خواب ۾ ڇرڪ ڀري اکيون کوليون ته اهو به هڪ خواب هيو. هو خوابن جي گهرائين ۾ لهندي ستين سطح تي پهتو. کيس جاڳ جي سطح تي اچڻ لاءِ ڇهن ڇرڪن جي ضرورت هئي.
    ريگستان جي واريءَ جو رنگ ڳاڙهو هيو. هوا ۾ هلي پئي ته منهن تي رت جون ڦينگون پئي پيون. هن پاڻ کي پيرين اگهاڙو ڪمزور عرشنا سان کجيءَ هيٺ بيٺل ڏٺو. کجيءَ جي پاڇي ۾ سندن پير پئي سڙيا. هن فيصلو ڪيو ته تاريخ جو سفر طي ڪندو. تاريخ جيڪا هماليا کان بلند آهي. جتان پاڻي هيٺ ڪرندو تهذيبن کي جنم ڏيندو، سمنڊ ۾ دفن ٿئي ٿو. هو عرشنا کي ساڻ ڪري ڪرندڙ پاڻيءَ جو سينو چيري ان پهاڙ تي چڙهندو جتي چوٽيءَ تي ڇوٽڪارو پٿر سان ٻڌل آهي ۽ آزاديءَ لاءِ واجهائي رهيو آهي. هٿ ۾ پيالو کڻي عرشنا جي شفا پنندو. حياتيءَ جو خير گهرندو. تاريخ جي لنگهي ويل قافلي پويان ڊڪندو. هر ديوتا پيغمبر ولي ۽ اوتار پويان ويندو جيڪو سرحدون لتاڙي ويو آهي. ڪائنات آڪاش پولارن ۽ ستارن جي اوٽ ۾ لڪيل هستيءَ کي ڳولهي لهندو جنهن وٽ ڳاڙهي بندي آهي ۽ ان ۾ زندگيءَ جي طوالت جو تذڪرو ٿيل آهي. عزرائيل جو قلم چورائي عرشنا جي وحيءَ مٿان وهائي انگ بدلائي وجهندو. عرشنا امر ٿي ويندي ۽ هو عرشنا جي صدقي ڪڏهن فنا نه ٿيندو.
    جڏهن خواب جي ستين سطح تان رب کي پڪاريو ته ست پڙاڏا ٿيا ست رب ٺهيا جن ۾ هڪ سمايل هيو. هن عرشنا کي آواز ڏنو ست عرشنائون ٺهيون جن ۾ هو سمايل هيو. هن خواب ۾ وجود جي رڳن جهڙي وڄ چمڪندي ڏٺي سندس وار لوهه جي سيخن ۾ تبديل ٿي ويا جيڪي دماغ جي گهرائين ۾ کتل هيون. هن عرشنا جي وجود کي محسوس ڪيو اهو وهاڻي جيان نرم هيو جنهن جي ڪپهه ۾ وجود جي گرمي سمايل هئي. ان جا ڳل اوندهه ۾ فانوس جيان ٻري رهيا هيا. ويراني ۾ انيڪ رستا روشن هيا. رستا سندس قدمن مان ڪرڻن جيان ڦهليل هيا. ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل سنڌوءَ جا رستا هٿ لڪيرن جهڙا فارس جا رستا. موسى جي قدمن سان چٽيل ڪنعان جا رستا. مهاوير جي زخمن ۾ چرندڙ ڪيئَنَ جا رستا. ٻڌ جي پيڙائن سان ڀريل درد جا رستا. کوپڙين جي مينارن سان سجايل تاتارين جا رستا. انقلاب جي رت سان رنگيل روس جا رستا. جهنڊن سان لهرائيندڙ ترڪيءَ جا رستا. ڀڳل ڀت مان ويندڙ جرمنيءَ جا رستا. نيلام ٿيندڙ يوسف جي چوراهي ڏي ويندڙ مصر جا رستا. فرانس جا باغي رستا. آفريڪي محڪوم رستا. برطانيه جا استحصالي رستا. ڪارو نقاب پائي نچندڙ رقاصا جي سنهي چيلهه جهڙا الحمرا جا رستا. رستا جيڪي ڏور انڌيارن ۾ اوجهل پئي ٿيا.
    ’ماضي اوندهه نه آهي.‘ هن عرشنا سان ڳالهايو ته خوابن جي آئيني تي پٿر لڳڻ ڪري چير پئجي ويا. ’ماضي سرد موسم جيان آهي جنهن ۾ يادون ڄميل آهن. ان کي گرمائي ڪردارن کي جيئرو ڪري وجهون.‘ عرشنا اکيون ٻوٽي سندس سيني تي ساهه کڻندي رهي. هن خواب ۾ ڏٺو ڏور ٻرندڙ جبل مان چڻگون تجلا ڏئي ٻاهر نڪرنديون هجن. آسمان ڏي دونهي جا هزارين چهرا اڏاميا هجن.
    ’مون کي هٿ ڏي.‘ هن ڳالهايو.
    ’هل ٻرندڙ جبل جي ٻئي پاسي جتي لائو مردانگيءَ جيان وهي رهيو آهي. اتي نوح ٻيڙي ۾ اسان جو انتظار ڪري رهيو آهي. هل ته ٻيڙي تي هلي حياتيءَ کي ڳولهي لهون.‘
    عرشنا جي اگهاڙن پيرن ۾ ڪنڊا ٽنبيل هيا سندس چپن تي درد مرڪي رهيو هيو.
    ’توسان گڏ هلڻ لئي تيار آهيان.‘ عرشنا چيو، ’هلڻ جو احساس زخمي پيرن کي ڇوٽڪاري جو احساس ڏئي ٿو.‘
    هن عرشنا کي ساڻ ڪيو ۽ ماضيءَ ڏي سفر شروع ڪيو. عرشنا کي يقين ڏياريو ته حال ۾ موجود مادي دنيا ۾ سندس مرض جو ڇوٽڪارو ناممڪن آهي. ڇوٽڪارو ماضيءَ جي لامحدود حدن اندر موجود آهي. جيڪي لاتعداد مسيحائن سان ڀريل رب جي ٻاجهه ۽ آفتن سان ٽمٽار آهن. هو هن کي ساڻ کڻي ماضيءَ جي هر گهٽيءَ ۾ شفا جا در کڙڪائيندو. رمتو بڻجي رحم ۽ ڇوٽڪاري جي سين هڻي سندس حياتيءَ جو خير گهرندو.
    هو خوابن ۾ عرشنا سان ڪنهن بي چين روح جيان اڏاڻو سندس پر جهڙ جا ٺهيل هيا ۽ اکيون پاڪ دامن عورت جي آڱرين ۾ پاتل منڊين جي ڪارن ٻڙن جهڙيون هيون. اڏريا ته مايوسيءَ جي مزار تان اڏري اميد جا اڇا پکي انهن پويان ويا. دنيا جي هر وادي انهن اڳيان هئي. جبلن کان هيٺ مٽيءَ کي سيراب ڪندڙ هاٿين جي هجوم جيان ڊوڙندڙ بدمست سنڌو جنهن جي ڪنارن تي عظيم تهذيبون گوتم جيان گيان ۾ گم هيون. سوين تهذيبون ڪنڌ جهڪائي عقيدت مان ان جي عظمت جو اعتراف ڪري رهيون هيون. ان کان پري عظيم مصر جا تعمير ٿيندڙ اهرام جن اندر دفن ٿيڻ جي شوق ۾ فرعون انهن جي مڪمل ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيا هيا. ٻئي پاسي ڪاري ڪڪر جيان بيٺل ابابيلن جا ولر جيڪي پٿرن جو مينهن وسائڻ لاءِ تيار هيا. يثرب جا مقدس مسافر جن جي هٿن ۾ پاڻيءَ جون مشقون سندن چپن جيان خشڪ هيون. ٻئي طرف ڪنعان جي رستن تي وڇڙي ويل پٽ جي انتظار ۾ نابين ٿي ويل نبي ۽ سندس عصا جيڪا ڀتي ٿي ڀڄڻ واري هئي. اڃان به اڳتي رب سامهون گوڏن ڀر جهڪي ڪلام ڪندڙ موسى جنهن جي قوم جي قدمن جا نشان ڳاڙهي سمنڊ جي لهرن مٽائي ڇڏيا. اولهه طرف يونان جا اهي ڏاها جن جي کاڌي جي ميز تي رکيل بوتل ۾ مڌ بجاءِ زهر ڀريل هيو ۽ روم جا سگهارا جن پنهنجيون طاقتور ٻانهون پنهنجي منڍيءَ ۾ ورائي آرام سان آپگهات ڪيو. مقدونيا جا عظيم سپهه سالار، جن وجود جا ٽڪر ڪٽي ٽانڊن تي پچائي ڪجهه پاڻ کاڌا ۽ ڪجهه ٻين کي کارايا. حڪمراني ڪندڙ هم جنس پرست عورتون جن جا ارهه غرق ٿيل ايٽلانٽا جي گنبذن جهڙا هيا. مائيڪل اينجيلو جنهن جون اکيون ڪليسيا جي ڇت تي چٽساليءَ کانپوءِ ست رنگيون هيون. چريو ڊاونچي جنهن تي موناليزا مرڪي رهي هئي. مايوس موزارٽ جنهن پاڻ کي مٿي ۾ وائلن هڻي زخمي ڪيو جڏهن مئو ته کيس دفنائڻ لاءِ ڪنهن وٽ وقت نه هيو ڇو جو هرڪو سندس موسيقي ٻڌڻ ۾ مشغول هيو. عقلمند والٽيئر جنهن جي واچن جي ڪارخاني کي باهه لڳي ته ٽوپلو لاهي ان سان وسائي رهيو هيو. وارث عرشنا کي خوابن ۾ ياد ڪري رهيو هيو عرشنا جاڳ ۾ هڏڪيون ڏئي رهي هئي. عرشنا جو گرم وجود باهه جي شعلن جيان سندس ٻانهن ۾ ويڙهيل هيو. جيڪڏهن ڀاڪر ۾ نه هجي ها ته دنيا سڙي رک ٿي وڃي ها. عرشنا وارث جي بند اکين کي ڏٺو اهي قبرون هيون. اتي خواب پوريل هيا. خوابن ۾ زندگي جاڳي رهي هئي. زندگيءَ جي جدوجهد ۾ اکيون ڏرا ڏئي ويل هيون. اهي ڊٿل قبرون هيون جن ۾ گمنام ڪتبن تي تاريخ جا وساريل نانءَ لکيل هيا. عرشنا سيني ۾ ٻرندڙ ڏيئي کي اجهامندي محسوس ڪيو مونجهه کان ڊگهو ساهه کڻي جهيڻي آواز ۾ سڏيو.
    ”موٽي آءُ.“
    وارث اهو آواز تڏهن ٻڌو جڏهن حڪيم مانيءَ اڳيان اکيون بند ڪري تناسخ جا گر سکي رهيو هيو. هن جو ڇرڪ نڪري ويو. اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون. ڳوڙهن ۾ عرشنا جو ٻڏندڙ وجود محسوس ڪيو. عرشنا جا ارهه سرءُ ۾ پپرجي پن جهڙا هيا. کليل اکين ۾ ترورا هيا. ڊٿل گلابي رنگ جهڙا چپ ڪجهه چئي رهيا هيا. سندس آواز درياهه جي ٻئي ڪپ تي ويٺل سنهي چهنب واي پکيءَ جهڙو هيو. هن کي آواز سمجهه ۾ نه آيو، پوءِبه ايترو ضرور سمجهيو ته ويرانيءَ ۾ هلندي ڪنهن کيس سڏيو هجي. هن ڪنڌ ورائي ڏٺو اتي رڃ هئي. رڃ جو آواز اڃايل هيو. سوچيائين. ’رڃ تي هلندڙ ٻيڙين کي سڙهه نه هوندا آهن. رڃ ويجهي وڃڻ سان فنا ٿي ويندي آهي.‘
    وارث رڃ جي نخلستان جون کارڪون کاڌيون انهن ۾ اک جهڙي کوکڙي هئي. رڃ ۾ حڪيم مانيءَ کي ڏٺو. حڪيم مانيءَ جو جسم ٽرنگو هيو. ان جا پير ڳاڙها. هٿ گيڙو ۽ منهن هيڊو هيو. سندس پير زرتشت جي موڪدي جي شعلن جو پاڇو هيا. هٿ ٻڌ جو گيڙو لباس ۽ منهن تي عيسى جو هيڊو رنگ هيو. ماني مجموعو هيو جنهن ۾ فرقن جا هجوم هيا. همدان جي زرتشتي ’فاتڪ‘ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ماني جنهن جي جواني دجلا ڪناري گذري. هن مذهبن جو مطالعو ڪيو. عيسى جي صبر ۽ گوتم جي اواگوان سان آبياري ڪئي. ماني ايران جي موڪدن ۾ ٻرندڙن باهه جي ٽانڊن تي اهڙا انگور اٻاريا جو تراشيل جامن ۾ نظر ايندڙ هر اک سرور ۾ خماريل هئي. هو سنڌوءَ جو مداح هيو ان جي پاڻيءَ سان ڪيل هڪ وضوءَ جي پاڪيزگي سندس سدائين قائم رهي. هن سنڌوءَ ڪناري جهونن بڙن هيٺان مراقبا ڪيا. هن اڳيان سنڌو ائين وهندو هيو جيئن بند اکين سان وقت وهندو هجي. هن ٻڌيا جي مندرن ۾ راتيون بسر ڪيون، اوجاڳا ڪڍيا، اهڙو ڪامل ٿيو جو اڏامندڙ روحن سان گفتگو ڪري ستن جنمن جو شجرو ٺاهي محفوظ ڪندو هيو. چوندو هيو. ’سٺايون ڪيو جيئن رب جي روپ ۾ ظاهر ٿيو. عقلمند گڏهن لاءِ دنيا دوزخ آهي.‘
    هو پکين ۽ جانورن کي ڀوڳيندڙ روح ڪوٺيندو هيو ۽ ديوتائن کي انسانيت جو معراج. هن وٽ عيسى جو صبر هيو ۽ سندس ڪلها زرتشت جي نيڪي ۽ بديءَ جا اهڙا آستان هيا جن تي ڪاري ۽ اڇي منهن وارا سوار ويٺل هيا جن جا هٿ هڪ ٻئي جي گريبانن ۾ هيا. ماني سنڌ جي صحرائن ۾ رليو گم ٿي ويو ۽ پاڻ ڳولهي ڪڍيو. سيوستان ۽ ڪيڪانان جي جبلن ۾ چلا ڪڍي اڳيان ٻرندڙ باهه ۽ مراقبي جي سنگم تي زرتشت ۽ ٻڌ کي هڪ ٿالهه ۾ کائيندي ڏٺو. پنهنجين پاسيرين ۾ عيسى جي ڌڙڪندڙ دل محسوس ڪئي. سندس وجود ۾ چوٿين اک ظاهر ٿي ۽ هن ماني مت جو بنياد وڌو. ماني ڌرتيءَ تي صوفين جو پهريون پيغمبر هيو جنهن جي پگهر ۾ سنڌوءَ جو پاڻي هيو. وارث جڏهن عرشنا جو سڏ ٻڌو ته پڙاڏي کي پهچندي وڏو وقت لڳي ويو. پڙاڏو پنهنجي اصليت ڳولهيندو آهي. جڏهن ڳولهي لهندو آهي ته وراڻيءَ ۾ ان جي گواهي ڏيندو آهي. عرشنا کيس سڏي رهي هئي.
    ”زندگيءَ پويان ڊوڙ فضول آهي. زندگيءَ کي ڪير پڪڙي سگهيو آهي. موٽي آءُ ته زندگيءَ کي بيقدريءَ جو احساس ٿيندو. توکي ڳولهي پاڻ تنهنجي در ايندي.“
    وارث مانيءَ کي التجا ڪئي.
    ”اي پيغمبر. تناسخ جي ترغيب ڏي. عرشنا موٽي ته عرشنا هجي جنهن روپ ۾ فنا ٿئي تنهن ۾ جاڳي. هن جو اواگوان صحتمند هجي. توکي سندس کاڏيءَ جي تِر جي پارت هجي.“
    ماني کيس ناسور کان پاڪ اواگوان جووچن ڏنو ۽ چيو.
    ”عرشنا به ائين جيئندي جيئن مان زرتشت جو چوٿون اواگوان آهيان. ڳجهن جو چٻاڙيل جسم آهيان. ڪانون اکيون کاڌيون ته عقلمند ٿيا. اهو روح آهيان جيڪو عيسى جي جسم ۾ گروي رهيو. ٻڌ جو اڌ اگهاڙو جسم آهيان جنهن تي منع ٿيل عورت جو عذاب ڄور جيان چنبڙيل آهي.“
    بادشاهن مانيءَ تي ايمان آندو. ميڪدن جي باهه برف جيان رجڻ لڳي. جڏهن ماني مت پکڙيو ته خطي جي پکيڙ گهٽجي وئي. شاهپور رنگيو ته ان جا ڀائر بابل جو والي مهر شاهه ۽ خراسان جو پيروز. سرنگو ٿيا.
    موڪدي جا موبد عاجز اچي ويا. زرتشت جو ماس کائيندڙ ڳجهن جا پر ڪٽجي ويا. باهه وسامڻ لڳي. رک اڏامڻ لڳي. موبدان موبد سنهري هٿئي واري لٺ ڦيرائي ائين ڏيکاري جيئن ڪپڙن کان عاجز خاص هنڌ ڏانهن اشارو ڪندو آهي. بادشاهه بهرام موبدن جي اثر ۾ اچي ويو. تخت نشينيءَ جي ڏينهن ۾ مانيءَ تي زور ڀريو ته ”مذهبي معاملن تي موبدان موبد سان بحث ڪري جيڪڏهن سچو ثابت ٿئي ته ايمان آڻيندو ٻئي صورت ۾ کيس قتل ڪرائي ڇڏيندو.“
    هن کي زبردستي اهڙي محل ۾ آندو ويو جتي موبدان موبد تجليدار تاجن سان موجود هيا. انهن مانيءَ سان بحث ڪرڻ چاهيو. مانيءَ جواب نه ڏنو. اٿي بيٺو ۽ چيو.
    ”خدا بحث سان حاصل نه ٿو ڪري سگهجي.“
    هٿ ٻڌا ۽ وري چيو، ”مون آڻ مڃي.“
    وارث جيڪو واءُ جيان سندس وجود چوڌاري ويڙهيل هيو. ان رڙ ڪئي.
    ”اي پيغمبر بحث شروع نه ٿيو آهي، تون آڻ ڪيئن مڃي؟ اهي توکي قتل ڪري ڇڏيندا. مون اڃان اواگوان جو راز حاصل نه ڪيو آهي. تنهنجو موت منهنجي عرشنا جو موت آهي.“
    ماني ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي رهيو. تلوار لڳي ۽ سندس ڪنڌ ڪٽجي ائين پري وڃي پيو جيئن وجود تي اُڇاترو رکيل هجي هن جي هڪ پيروڪار حامي ڀريندي گواهي ڏني.
    ”بيشڪ ڪوپن جا ڪنڌ ڪٽجڻ لئي بيقرار هوندا آهن. فطرت انهن کي مضبوطيءَ سان نه ڳنڍيندي آهي جيئن ڪنڌ ڪٽجندي کين عذاب محسوس نه ٿئي.“
    سندس منڍيءَ کي گنديشاپور جي ڦاٽڪ تي ٽنگيو ويو. اها ايترو عرصو ٽنگيل رهي جو ان جي اکين اهو سڀ ڏٺو جيڪو بهرام جي ڏينهن ۾ ٿيو. ماني مت جو هر پيروڪار چونڊي ماريو ويو. ماني مت ڌرتيءَ تي روپ مٽائي ختم ٿي ويو.
    ’بندوس‘ مانيءَ جو پيروڪار هيو. هن روم ۾ پناهه ورتي. جڏهن واپس ايران وريو ته ماني مت ۾ ڪجهه ترميمون ڪيون. هن مذهب کي خير جو نالو ڏنو. چيو.
    ”شر فنا ٿي چڪو آهي. خدا خير جو خالق آهي. بديءَ جو وجود مٽجي چڪو آهي. هر چڱائي رب پاران آهي. رب عذابن کان نفرت ڪري ٿو. سزائون انسان جو ذاتي عمل آهن.“
    جڏهن ’بندوس‘ جو مريد ’مزدڪ‘ ڌرتيءَ تي آيو. وارث ڳاڙهو جهنڊو ٺاهيءَ ’قباد‘ جي محل تي هنيو. ڳاڙهي جهنڊي ۾ اڇين بوندن جا نشان هيا. وارث قباد وٽ ويو ۽ چيو.
    ”اي شهنشاهه ڌرتيءَ تي انسانن جي رت جو رنگ اڇو ٿي چڪو آهي. اهو کير جهڙو آهي. ان کان اڳ جو جانور رت جهڙو کير ڏين تون بند چراگاهن جا رستا کول.“
    قباد فراخدليءَ جو مظاهرو ڪيو. مزدڪ کي نائب مقرر ڪري ڀر ۾ ويهاريو. مزدڪ ماني ۽ بندوس جو پيروڪار هيو. قباد ڪليسائن کي ناراض ڪيو. زرتشتي ڪليسائن جي باهه ازدها جو ٻيو روپ هيون. اهي ازدها مجوسين جي محلي مان نڪري فرات ۽ دجلا ڪناري اڃ اجهائيندا هيا ته پيئڻ لئي بوند نه بچندي هئي. ڪليسيا طاقتور هئي. ان جا موبد جنس سميت هر شيءِ ڏن ۾ وٺندا هيا. موبدن جا ولي موبدان موبد هيا جن جي صلاحن سان مملڪتن جا والي تخت تي چڙهندا ۽ لهندا هيا. اهي ئي موبدان موبد هيا جن جون فتوائون ولين کي تختن تي لڙڪائينديون هيون.
    مزدڪ دجلا ڪناري ’مادرايا‘ ۾ ڄايو. سندس پيءُ ’نامداز‘ ڌنار هيو هن جي ٻڪرين جي شڪل ان وقت جي مظلومن جهڙي هئي. ٻڪريون ٻانهون ۽ ٻايون مختلف رنگن جا جانور هيا. خوشحالي قباد جي محل ۾ قيد هئي. محل ٻاهران مک دروازي وٽ انڌو موت، ڪشڪول جهلي ويٺل هيو. ڪشڪول ڪنارن تائين ڀريل هيو. خيرات ۾ ملندڙ هر سڪو هيٺ ڪري ٿي پيو. موت بيزار ٿي چيو.
    ”آخر موت آهيان دل نه آهي ته ڇا ٿي پيو؟ انڌو آهيان ڪهڙو فرق ٿو پوي؟ زندگين جو وزن جهليندي هٿ ٿڪجي چڪا آهن. فرض جي يڪسانيت بيزار ڪري وڌو آهي. آهي ڪو ٻيو جيڪو ڪشڪول جهلي قباد جي در تي ويهي ڄڀ ڪڍي سهڪي؟“
    وارث اتي ويٺل هيو، وڌي هن مٿان آيو ۽ چيو.
    ”اي موت توکان زندگي گهرڻ بکايل کان کاڌو کسڻ برابر آهي. مونکي معاف ڪر مان زندگيءَ جو متلاشي آهيان. جنهن شيءِ لاءِ عرشنا واجهائي رهي آهي اها تو وٽ ناپيد آهي.“
    موت لڄي ٿيو. رنو ته ان جون اکيون خشڪ هيون.
    ’سچ چوين ٿو.‘ موت چيو، ’مان انسان جون خواهشون پوريون ڪرڻ کان لاچار آهيان. ان جلاد کان بدتر آهيان جيڪو سوليءَ تي چاڙهڻ کان اڳ آخري خواهش پڇي ٿو. ان سنگدل حڪمران جهڙو به نه آهيان جيڪو ڪڏهن راضي ٿي رعايا تي رحم ڪري ٿو. ياد رک موت جو ڪارو پکي رحم جا آنا نه ڏيندو آهي.‘
    وارث اتاولو ٿي پڇيو.
    ”ٻڌاءِ، زندگي ڪٿي آهي؟“
    ”جتي مان نه آهيان.“ موت چيو.
    ”تون ڪٿي نه آهين؟“ هن وري پڇيو.
    ”جتي خدا نه آهي.“ موت جواب ڏنو.
    وارث صحرا ۾ رلندڙ هرڻ جهڙو ٿي ويو جنهن جي مٿي تي سڱ نه هيا.
    ”اي موت ڪڏهن مرندين؟“ هن ڪاوڙ مان پڇيو.
    موت ملامت محسوس ڪئي.
    ”جڏهن زندگي منهنجو ڪم سنڀاليندي.“ موت جواب ڏنو.
    وارث وٽ چوڻ لاءِ ڪي به لفظ نه بچيا. محل ۾ ويو ۽ قباد کي زندگيءَ جي التجا ڪيائين.
    ’تنهنجن گدامن ۾ زندگيءَ جا انبار آهن. ان کان اڳ جو بيمار ڪوئا انهن کي ٽڪي وڃن ۽ اڏوهي اندر داخل ٿئي. ورهاءِ ته بکايل ٻار جي رڙ زندگيءَ جي صدا بنجي مملڪت جا در کڙڪائي.‘
    وارث جو آواز مزدڪ جي صدا هيو. مزدڪ جڏهن قباد جو نائب هيو. سوڪهڙي ۾ انسانن جون اکيون ڌرتيءَ جي دراڙن جيان ڏرا ڏئي ويون. هو ڀڄندو قباد وٽ پهتو ۽ عرض ڪيائين. ’اي بادشاهه ڪنهن کي نانگ ڏنگي. ٻئي وٽ ترياق هجي. اهو ترياق استعمال نه ڪري ته ان کي ڪهڙي سزا ڏجي؟‘ قباد ٺهه پهه وراڻيو.
    ”اهڙي شخص کي ڦاهيءَ چاڙ هجي.“
    پوءِ مزدڪ بکايلن وٽ ويو ۽ چيائين.
    ”بادشاهه اجازت ڏني آهي. ان جا گدام لٽيو ۽ پيٽ ڀريو.“
    عوام ان لٽيو. چلها دکيا. مئل پيٽ جيئرا ٿي پيا.
    قباد سخت ناراض ٿيو. مزدڪ کي گهرائي بغاوت جو سبب پڇيائين.
    ”توکي اها اجازت ڪنهن ڏني ته اهڙو فرمان صادر ڪر؟“
    مزدڪ قباد جي سوال تي حيرت جو اظهار ڪيو ۽ چيو، ’توهان ئي ته چيو هيو جيڪڏهن ڪنهن وٽ ترياق هجي ۽ اهو استعمال نه ڪري ته ان کي ڦاهيءَ چاڙهيو وڃي. مون اهڙي حڪم تي عمل ڪيو آهي. عوام بک مري رهيو آهي. ان گدامن ۾ بند آهي. ان عوام تائين نه پهتو ته بک کان مري ويندو. ڏوهه نه ڪيو آهي. ترياق جو ڏس ڏنو آهي.‘
    قباد تخت تي ويهي ڊگهي سوچ ۾ گم ٿي ويو. مزدڪ قباد کي فڪرمند ڏسي سٺيون صلاحون ڏنيون. کيس ٻڌايو، ’ان ۾ ڪوشڪ نه آهي ته بادشاهه مملڪت جو سڀ کان طاقتور ستون آهي. رعايا ان صورت ۾ خطرو آهي جو کيس کائڻ لاءِ ڪجهه نه هجي. رعايا خوش رکڻ حڪمرانيءَ کي طول ڏيڻ برابر آهي. رعايا خوش تڏهن ٿي سگهي ٿي جڏهن ان کي حق حاصل هجن. وهنوار جي هر شيءِ مشترڪ هجي. نجي ملڪيت جو تصور نه هجي. عورتون اجتماعي زالون هجن. ٻار ماءُ جي نانءَ سان سڃاتا وڃن. اهي مملڪت جي ملڪيت هجن.‘
    قباد مزدڪ جي مشوري تي عمل ڪندي اهڙو قانون نافذ ڪيو جو ڪليسيا جي موبدان موبد جون اکيون ڪاوڙ مان چڻگون ڏئي ٻرڻ لڳيون. قباد مزدڪ کي مرشد جو درجو ڏنو، عقيدت مان ان آڏو هٿ جوڙيندي عرض ڪيو،
    ”اي ولي، نسلن جي پاڪيزگيءَ جي باري ۾ تنهنجي ڪهڙي تجويز آهي؟“
    مزدڪ محتياط ٿي ڳالهايو، ”اسين تخم جا غلام آهيون. ورثي ۾ مليل هرشيءِ تخم ۾ محفوظ رهي ٿي. خدا به تخم مان منتقل ٿي وجود ۾ موجود رهي ٿو. پاڪ تخم شفاف دليون ۽ روشن دماغ ڄڻي ٿو. جڏهن ته گڏهه گڏهه کي ئي جنم ڏئي ٿو. سڌريل ڪٽنبن ۾ ملاوٽ کان پاڪ نسل تڏهن برقرار رهن ٿا جڏهن محرمن کي نڪاح ۾ آندو وڃي ٿو.“
    قباد ان تي عمل ڪيو ۽ ڀيڻ سان شادي ڪئي. موبدان موبد قباد کي ڪافر قرار ڏئي طبقي جي بااثر ماڻهن سان ملي سندس تختو اونڌو ڪري وڌو. قباد رڻ ۾ رلي ويو. هن واري ڇاڻي ڌوڙ حاصل ڪئي. سندس وار ايڏا وڏا ٿي ويا جو انهن ۾ جهرڪين آکيرا ڪيا. هو ڀٽ تي ’مزدڪ نامگ‘ پڙهي رهيو هيو ته حياتيءَ جو متلاشي وارث لهندڙ سج اڳيان ٿوهر جي وڌندڙ پاڇي جهڙي ڊگهي نانگ جيان سرندو هن جي کڙين وٽ آيو ۽ پنهنجا چپ سندس لڦن مان وهندڙ نمڪين پاڻيءَ تي رکي ڇڏيا. ٿوهرن جا پاڇا وارث جيان زندگيءَ جو پاڻي ڳولهي رهيا هيا.
    قباد مزدڪ نامگ جون آخري سٽون پڙهيون.
    ”باهه، پاڻي ۽ مٽي هر تخليق جو جز آهن. شَرَ سڙي چڪو آهي. خير مٽيءَ مان ڳوهجي امن جي اُسَ ۾ خشڪ ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي.“
    هن ڪتاب بند ڪيو ته وارث ڳالهايو.
    ”حياتي لڦ مان وهندڙ نمڪين پاڻيءَ جيان آهي. اي قباد تنهنجين لڦن جو پاڻي ناسورن جو علاج آهي.“
    قباد ڀٽ تي ٽيڪَ ڏئي ويٺو. رات ٿي وئي. عرش ستارن جي واريءَ سان ڍڪجي ويو.
    ’اي زندگي ڳولهيندڙ آسمان جا جهڙ.‘ قباد چيو، ”اڻ ڏٺل کي ڳولهڻ ايئن آهي جيئن پنڊيءَ ۾ ڳڀو کڻي اناج ڳولهڻ. حاملا جو ٻار لاءِ ٻاڏائڻ. شر ٻاهر نيڪي اندر آهي. پاڻ تي غالب ٿي يا غالب ٿيڻ ڏي. “
    وارث مايوس ٿي ليٽي پيو. سج اڀريو پاڇو گم هيو. ٿوهر جو رنگ گهرو سائو هيو. اتان اٿي وارث ان کوهه ڪناري آيو جيڪو مزدڪ جي پيروڪار ’المقنع‘ خراسان ۾ کوٽايو هيو، ان ۾ چنڊ لهندو ۽ چڙهندو هيو. جڏهن چنڊ لهي کوهه ۾ ويندو هيو ته ٿڪيل محبوب جيان اکيون ٻوٽي ستل هوندو هيو. هو ڪناري تي ويهي پٿر اڇلائي لهرون پيدا ڪندو هيو ته چنڊ جون اکيون کلي وينديون هيون.
    ’اي مقنع ڇو ٿو جاڳائين؟‘ چنڊ چوندو هيو، ’تاب سهي نه سگهندين.‘ مقنع مرڪي ان کي مخاطب ٿيندو هيو.
    ”جاڳندين ته خماريل اکين سان وڌيڪ وڻندين؟“
    وارث ڏٺو کوهه ۾ چنڊ نه هيو. هيڊي منهن واري عرشنا هئي. هن المقنع کي عرض ڪيو.
    ”ڇا عرشنا چنڊ جيان کوهه ۾ محفوظ رهي سگهي ٿي؟ جيڪر پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلائي کيس موت جي ننڊ مان جاڳائي سگهان.“
    هن وارث کي کوهه جو محافظ مقرر ڪيو. وارث ڏٺو هيٺ پاڻيءَ ۾ چنڊ آخري پساهه کڻي رهيو هيو. اهو اوڻٽهينءَ جو ٿي ويو. المقنع مزدڪ جو جهنڊو بلند ڪيو ته ’آثار البلاد‘ جا صفحا ڳاڙها ٿي ويا. اها خراسان جي وڏي بغاوت هئي جنهن کي سختيءَ سان ڪچليو ويو.
    انڌيرن قباد کي مايوس ڪري وڌو، ڀٽڪي موبدن کان معافي وتي. حڪومت حاصل ڪئي ته ولي عهد وڏي پٽ ڪلئوس کي قرار نه ڏنو ڇو جو اهو مزدڪي هيو. ننڍي نوشيروان کي مقرر ڪيو جيڪو موبدن جو معتبر هيو.
    هارين فصلن کي باهيون ڏنيون. بکايل شاهي رنڌڻن ۾ گهري پيا. بادشاهه جو تاج چورائي اٺ کي پارايو ويو. سرمائيدارن جون ملڪيتون لٽي غريبن ۾ ورهائيون ويون. نوشيروان جي صلاح تي قباد مزدڪ کي پڪڙي زندان حوالي ڪيو. اها تجويز ڏني وئي ته مباحثي جو اهتمام ڪري مزدڪ کي موبدان موبد سامهون ويهاريو وڃي جيڪڏهن سچو آهي ته ثابت ڪري.
    مناظرو منعقد ڪري راز مهرِ، خراد، فرائين، بندوي ۽ بهزاد جي آتشڪدن جا موبدان موبد گهرايا ويا. مزدڪ کي ساٿين سميت انهن آڏو پيش ڪيو ويو. مباحثو ٿيو. مزدڪ کي ڪوڙو قرار ڏئي ساٿين سميت جڏهن جيئرو دفنائيو ويو ته قبر ۾ کيس مرندي ڏهه ڏينهن لڳا. وارث هن مٿان ويٺو رهيو. ساميءَ جي ڀت کي ٽيڪ ڏئي مزدڪ جي منهن ۾ نهاريندو رهيو. مزدڪ محسوس ڪيو انڌيرن کي اکيون آهن. ڦهليل خاموشيءَ ۾ چپ چري رهيا آهن.
    ”اي مزدڪ ڇا باهه وسامي وئي. پاڻي سڪي ويو؟ مٽي اڏامي وئي؟“ وارث جو آواز گونجيو ”موت کان فرار جو رستو ڪهڙن ڪاڻن جي جنت ۾ وڃي ٿو؟ عرشنا جيئن تون به ڪجهه گهڙين جو مهمان آهين؟“
    ساميءَ ۾ سمهيل مزدڪ ڳالهايو ته اوندهه وڄڻ لڳي.
    ”نه مئو آهيان... نه مرندس. جزا ڊهن ٿا. ملن ٿا. ٺهن ٿا. حياتي سمنڊ جي تهه تي ترندڙ پاڻيءَ سان ڀريل دلو آهي. دلو ڀڳو. پاڻي پاڻيءَ سان ملي هڪ ئي ويندو.“
    مزدڪ اکيون ٻوٽيون ته پنهنجي زال خرم ۾ جيئرو رهيو. خرمي مزدڪ جو پيغام کڻي اڳتي هليا. ان قطار ۾ محمري آيا. مبيضي آيا. طيفسون شهر جي گهٽين ۾ مزدڪ جو روح وارث جي ڀٽڪندڙ پاڇولن جيان ڦرندو رهيو. بابڪ خرمي چوري ٿيل دنيا جي وهڙي کي طاقتور هٿن مان کسي ذبح ڪيو. هن ٽڪر ٽڪر ڪري ورهايو. مزدڪ کي سدائين ڪلهن تي ويٺل ڏٺو. مزدڪ جهڙ آهي. مزدڪ خواب آهي. هو وارث جي هر دور جو همعصر آهي. وارث کي زندگيءَ جي ڳولها آهي ۽ مزدڪ کي مارڪس جي.


    3

    وارث خواب ۾ عرشنا سان اڏرندو روم جي کنڊرن ۾ لٿو ته رات ٿيڻ واري هئي. لهندڙ سج جو اڌ حصو ان مينار سان ڍڪيل هيو جنهن مينار تان اقطاديانوس جي پهچڻ کان اڳ نوجوان نارين ٽپا ڏئي عزت بچائي هئي. لهندڙ سج جو ظاهر ٿيندڙ اڌ حصو شرم کان ڳاڙهو ٿي چڪو هيو. هو رات کنڊر جي ان بت جي پناهه ۾ ستا جنهن بت اڳيان جوليس سيزر قتل ٿيڻ کان هڪ رات پهريون آيو هيو. چيلهه مان تلوار ڇوڙي بت جي قدمن ۾ رکي هئي. گوڏن ڀر ويهي پنهنجي وڏي ڄمار لاءِ دعا گهري هئي ۽ بت جي پاسن کان ٻرندڙ مقدس باهه مان هٿ ڦيري پيشانيءَ تي گهمايا هيا. جڏهن پٺ ورائي واپس وڃڻ جي ڪئي ته وارث عرشنا سان گڏ بت پويان نڪري سندس سامهون آيو.
    ”اي تهذيبن جا فاتح.“ وارث چيو، ”موت کي شڪست ڏيندڙ بهادر سردار. محل جي ميخاني ۾ سنگ مرمر جي صراحيءَ مان ٻه ڍڪ مڌجا ڏئي ته عرشنا جي چپن تي رکي سندس سرخي واپس ڪري سگهان. گهوڙي جي چيلهه سان ٻڌل گودڙيءَ مان انسانن جون ٻوٽيون ٿالهه ۾ وجهي ڏي ته عرشنا جي وجود جي مرمت ڪري سگهان. تنهنجي جتيءَ ۾ اڃا مصر جي مٽي لڳل آهي. ڪلهن ۾ اڃان قلوپيٽرا جي ساهن جي خوشبوءِ مهڪي ٿي. هٿن جون مٺيون کول ته ڦاٿل رنگ اڏامي عرشنا جون اکيون روشن ڪري سگهن. اي ارڏا انسان، ٻانهون اڌاريون ڏي ته عرشنا جي روح جي حفاظت ڪري سگهان. تلوار حوالي ڪر ته ان واڍ کي وڍي وجهان جنهن ۾ عرشنا لڙڪي ٿي. انهن زنجيرن کي ڪٽي وجهان جن ۾ روح قيد آهن.“
    جوليس سيزر کيس حيرت مان ڏسندو رهيو جيئن هو به خواب ۾ محو هجي. اوچتو سج اڀريو. بت جي پاسن کان مقدس باهه اجهامي وئي. روشنيءَ ۾ پٿر جو شهر نروار ٿيو. سينيٽ جي ستن پاون تي بيٺل عمارت ظاهر ٿي. اڳيان هڪ چوراهو هو جتي بروٽس چوڏهن ساٿين سان خنجر ٻاهر ڪڍي سيزر جي وجود کي چيري هيٺ ڦِٽو ڪيو. مرڻ کان اڳ سيزر بروٽس ڏي منهن ڪري افسوس مان چيو.
    ”بروٽس تون به؟“
    هن ويڙهيل چادر منهن تي ڏني ۽ مري ويو.
    سيزر جو موت ڏسي وارث سوچيو. جيڪو پنهنجي حياتي نه بچائي سگهيو. عرشنا کي موت کان ڪهڙي پناهه ڏئي پئي سگهيو. هن پري کان مرداني وجاهت واري انٿونيءَ کي ڏٺو. اڌ اگهاڙي ورديءَ مان سندس ڄنگهن جا سٿر ديوتا جي بت کي سهارو ڏئي بيٺل پاون جهڙا هيا. ان جي تلوار مياڻ اندر سيزر جي خون جو بدلو وٺڻ لاءِ عاشق جي دل جيان بي قرار هئي. هو سمنڊ ڪناري ان قلوپيٽرا جو استقبال ڪرڻ وڃي رهيو هيو جيڪا سيزر جي اڌ بستر جي مالڪ هئي. قلوپيٽرا جيڪا اسپيني قالين ۾ ويڙهيل حبشي واپاريءَ جي ڪلهي تي رکيل لڪيل حسن جو اڻ ڏٺل جلوو هئي. قالين مان نڪتي ته جولس سيزر جي شهوت ڇرڪ ڀري جاڳي پئي. هن قلوپيٽرا جي ٻنڊڻن تي سڀني فتحن کي قربان ڪري ڇڏيو.
    قلوپيٽرا کي بي درديءَ سان قتل ٿيل سيزر جو ايترو ڏک نه ٿيو، جيتري خوشي انٿونيءَ جي وصال مان حاصل ٿي.
    قلوپيٽرا جي جسم تي انٿونيءَ جي چمين جا نشان چاٻيءَ جي سوراخ جهڙا هيا جتي بند دروازي پويان شفا جي ديوي مالها پائي ويٺل هئي. وارث چمين جي نشانن ۾ شفا جا دروازا ڳولهيا. هن ڏٺو قلوپيٽرا جي اگهاڙي ٻانهن تي بازو بند جيان هڪ ننڍو نانگ ويڙهيل هيو. نانگ جون اکيون کليل هيون. اهي اکيون اسڪندريا جي اوچي قُبي تي ٺهيل شمعدان مان بلند ٿيندڙ روشنيءَ ڪري پيدا ٿيندڙ انهن عڪسن کي ڏسي رهيون هيون، جيڪي انٿوني ۽ قلوپيٽرا جا هيا. تيز ساهن جا آواز جيڪي طوفانن کان گهٽ نه هيا جن ۾ اٿندڙ لهرن ڪري حملي آورن جا ٻيڙا ٽٽي اونڌا ٿي ويندا آهن.
    اسڪندريا جي ويران محل ۾ جڏهن شڪست يافتا انٿوني مڏي تلوار زور سان سيني ۾ لاهي آپگهات ڪيو ته وارث ڊڪندو اهي ڏاڪڻيون چڙهيو جيڪي قلوپيٽرا جي اڳواٽ اڏايل عاليشان مقبري طرف وڃي رهيون هيون. اتي پهتو ته ڏٺو اداس قلوپيٽرا جا اڇا ڪپڙا ڪاحل سمنڊ جي واءُ ۾ ڪرڙيءَ جي ڪَٽيل پُڇ جيان ڦتڪي رهيا هيا. هن اڳتي وڌي قلوپيٽرا کان اهو نانگ گهريو جيڪو کيس ٻانهن ۾ ويڙهيل هيو.
    ”تنهنجي سونهن جي درياهه ۾ زندگي تري ٿي.“ هن چيو، ”تنهنجون اکيون حياتيءَ جي ڀوري بدن تي ٻه ڪاراتر آهن. تنهنجن ڳاڙهن چپن جو چير موت جي وجود تي خنجر جو گهاءُ آهي.“
    قلوپيٽرا اداس هئي. مٿان مقبري مان اسڪندريا جي اڳيان ڪاحل سمنڊ جون پرجوش ڇوليون ڏسي رهي هئي. شيشي جهڙي سمنڊ ۾ آسمان جو چهرو ڀڳل هيو. قلوپيٽرا تي وارث جي تعريف جو ڪو اثر نه ٿيو. مقبري جي ونگ کان ڏور آسمان جي آخري لڪير جي ٻئي طرف جهازن جا لهرائيندڙ سڙهه ڏسي رهي هئي. وارث وري ڳالهايو.
    ”اسڪندريا جي گهٽين ۾ اهي افواهون آهن ته تنهنجي ٻانهن ۾ ويڙهيل ننڍڙي نانگ جي ڳلي ۾ جيڪا مڻ آهي اها مرندڙ کي زندگي عطا ڪري ٿي. عرشنا جي بستر جي کٻي پاسي موت ڪاري چادر ۾ منهن ڍڪي خاموش بيٺل آهي. اهو نانگ ڏي ته آستين ۾ وجهي موت سان هٿ ملائي ان کي ماري وجهان.“ قلوپيٽرا جي ڪارين اکين مان ڳوڙها هٿن تي ڪريا ۽ ڪجل ڪاريهر جيان هٿن تان هيٺ رڙهڻ لڳو. سندس ساهيڙيون اڳتي وڌيون. قلوپيٽرا جي مدد ڪئي. بازو بند جهڙو نانگ ڇوڙي کيس ڏنگرائي وڌو. ڏنگ وٽان ظاهر ٿيندڙ زهر جو سائو ڳوڙهو ابليس جي اڱڻ ۾ لڳل گناهن جي وڻ مان ڇڻيل پن جهڙو هيو.
    قلوپيٽرا مري وئي. عرشنا جيئري هئي. وارث هڪ خواب جهڙو هيو. سنڌو ماٿري ۾ پيدا ٿيندڙ ڪپهه جهڙو هو. هو هندي سمنڊ جي ٻاڦ مان ٺهيل اڇو ڪنگ پکي هيو. سپنن جو سنسار هيو جنهن ۾ ماڻهو جل جا ٺهيل هوندا آهن. شفاف ماڻهو سندن سيني ۾ دل صاف نظر ايندي آهي، ڌڙڪندڙ آکيري ۾ آرو ڪندڙ جنهن هيٺ زندگيءَ جا آنا ڦٽڻ جي انتظار ۾ هوندا آهن. هو ڪجهه نه هيو، بس عرشنا جو عاشق هيو. حياتيءَ جو متلاشي هيو. سندس زندگيءَ جو مقصد عرشنا جي زندگي هيو. عرشنا جيڪا بستر تي سندس سيني ويجهو ساهه کڻي رهي هئي. ان جا گرم ساهه جيڪي زندگيءَ جي علامت هيا، جن جي گرمائش ۾ زندگيءَ جي دوزخ جي ڄَرَ هئي. گرمائش ۾ عرشنا جي اندر رڙيون ڪندڙ هزارين حسرتن ۽ آهن جا آواز هيا. هو خوابن ۾ سيني ڀرسان عرشنا جا گرم ساهه محسوس ڪري پيرين اگهاڙو گرم واريءَ تي هلندو رهيو. اڏامندو رهيو. سندس پر عرشنا جا پرهيا. اها عرش ۾ اڏامندڙ ان پريءَ جيان هئي جيڪا هيٺ وادين ۽ صحرائن ۾ وڃائجي ويل طلسمي ڇڙيءَ کي ڳولهيندي هجي جنهن ۾ زندگيءَ جا ڳجهه سمايل هجن.
    هن ڏٺو مصر جي بيابانن ۾ وڇونءَ جيان پڇ مٿي ڪري گهمندڙ اگستوس ڪاوڙ مان پٿرن کي ڏنگي رهيو هيو. سندس ڏنگ کان پهاڙ پئي لڏيا. اگستوس جڏهن اسڪندريا پهتو ته هو فاتح هوندي به هارايل هيو. سندس سامهون قلوپيٽرا ۽ انٿونيءَ جا لاش رکيل هيا. هن ڪڏهن زندگيءَ ۾ لاشن جو پيار نه ڏٺو. فاتح اگستوس تلوار اڇلي هار جو اعلان ڪيو. هن چيو.
    ”انهن کي دفنائڻ کان اڳ منهنجا هٿ ڪرائين کان ڪٽي انهن جي قدمن ۾ رکيا وڃن.“
    اگستوس هٿ ۾ مٽي کڻي ڇوٽڪاري جي دعا گهري ۽ اها قبر ۾ اڇلائي. وارث اهو سڀ اڳواٽ اڏيل ان مقبري تان ڏسي رهيو هيو جتي جهنگلي ڪبوتر جي صورت ۾ ويٺل هيو. پر هڻندو هيٺ لٿو ۽ هن اگستوس کان زيتون جي اها ڏانڊي گهري جيڪا سندس مٿي چوڌاري ويڙهيل هئي.
    ”اها ڏانڊي منهنجي حوالي ڪر ته چهنب ۾ وجهي عرشنا ڏي اڏام ڪيان. سندس وجود کي ويڙهي ناسورن کي قابو ڪري ٻڌي ٻاهر اڇلايان. اها ڇڙي جنهن ۾ ديوتائن جو واس آهي. ديوين جي زلفن جو زعفران آهي. ڏي ته عرشنا کي امر ڪري وجهان. ستل صحت کي جاڳائي موت کي مات ڏئي سگهان. مان ڪشڪول جيان چهنب کولي بيٺل آهيان. اها مٿي تان لاهه ۽ چهنب ۾ اٽڪاءِ.“
    اگستوس زيتون جي ڏانڊي لاهي هن حوالي ڪئي. هو جڏهن اڏاڻو ته اسڪندريا مان نڪرندي کيس رات ٿي وئي. اهو ساڳيو وقت هيو جڏهن يروشلم ۾ عيسى جو جنم ٿي رهيو هيو.


    4

    اسڪندريا جي عرش تي ايڏو خوبصورت ستارو ڪڏهن نه اڀريو. سندس هڪ لاٽ آڱر جيان اوڀر ڏي اشارو ڪري رهي هئي ڳاڙهي سمنڊ جي هن پار ڪنعان جي واديءَ طرف يروشلم جي ڪنواري جنهن جي گرڀ ۾ مسيحا اکيون ٻوٽي دنيا ۾ اچڻ جو انتظار ڪري رهيو هيو. اها ڳورهاري پاٿاريءَ تي ليٽي در جي وٿيءَ مان اڀرندڙ سج جي ايندڙ ڪرڻن جو انتظار ڪري رهي هئي.
    اڀرندڙ سج يروشلم جي ان جهوپڙيءَ مان ننڍڙي ٻار جي روئڻ جو آواز ٻڌو جنهن جهوپڙيءَ مٿان ٻه ڪمانيءَ جيان مڙيل کجيون مٿي جا وار کولي بيٺل هيون. ڪنواري مريم يسوع کي سمهاري سندس منهن ڏي ڏٺو ان جا مهانڊا اڻ ڏٺل هستيءَ جهڙا هيا. اهو اڻ هوند جي هوند هيو. ڪجهه نه مان پيدا ٿيندڙ ڪجهه هيو. ان رات چنڊ جي چهري جو ڪوڙهه ڇٽي ويو سندس شفاياب چهري تي داغ رهجي ويا. اوندهه جي پاڻيءَ تي سوجهرو سونهن جي تيل جيان ترڻ لڳو.
    عرشنا جي ٻانهن ۾ سمهيل وارث خواب ۾ يسوع جو چهرو ائين ڏسي رهيو هيو جيئن ريگستان تي بيٺل سج عقيدت مان اکيون بند ڪيون هجن ۽ رات ٿڌي ٿي وئي هجي. رڃ جي سيلاب سان نخلستان پيدا ٿي پيا هجن. هن کي سيني تي عرشنا جي ساهن جي گرمائش جهڪي محسوس ٿي. پاڻ کي عرشنا جي وجود ۾ ٻرندڙ باهه مٿان اڀرندڙ ڪاري دونهي مان ٺهندڙ سنهڙو ابابيل محسوس ڪيو جيڪو اڏاڻو ۽ مريم جي جهوپڙيءَ مٿان ان کجيءَ تي ويٺو جنهن رات کارڪون ڏنيون هيون. هن اڱڻ ۾ يسوع جون اکيون کلندي ڏٺيون انهن ۾ عرشنا جو عڪس نظر آيو. عرشنا يسوع جي پتلين ۾ ڪارو ويس پائي ويٺل هئي. وارث ڏٺو. هنج ۾ سمهيل يسوع جا چپ مريم جي ڇاتيءَ کان الڳ ٿيا. هو هيٺ اڏاڻو ۽ يسوع جي واڇن کان وهندڙ ٿڃ جا ٻه قطرا چهنب ۾ محفوظ ڪيا. قطرا جن ۾ شفا هئي. عرشنا جي زندگيءَ جو جوهر هيو. مٿي اڏاڻو ۽ بادلن کي چيريندو عرشنا وٽ پهتو ته سندس ساهه وچڙي رهيا هيا.
    قطرا وات تي رکيا ته ڳوڙهن ۾ تبديل ٿي ويا. قطرا جن ۾ ابهم يسوع جي مستقبل جو غم سمايل هيو. قبر جهڙن ڳوڙهن جي اڀار ۾ اهي سڀ هاڃان دفن هيا جن جو دنيا انتظار ڪري رهي هئي. ٻانهن جي پکيڙ وارو صليب سچ جي لاش کي ڳلي لڳائڻ لاءِ بي چين هيو. جتي يورشلم جي گهٽين ۾ وڇايل سائي ٿوهر جو رنگ ڳاڙهو هيو. يروشلم جي گهٽين مان لنگهيندڙ فوجي جن جي ٽوپلن تي آگسٽسن جو نشان هيو. ٽوپلن جي چمڪ ۾ گهٽين جي پاسن کان پاڻيءَ جون مشقون جهلي بيٺلن جا عڪس ٺهي رهيا هيا. اهي يسوع جو انتظار ڪري رهيا هيا جنهن کي ڪنڊن جو تاج پائي ڪلهن تي صليب کڻي اتان گذرڻو هيو. ”يسوع ڪجهه نه آهي.“ هن خواب جي ڇهين سطح تان عرشنا جو آواز ٻڌو ”اک مان وهيل ڳوڙهو آهي. ڳوڙهو ڌرتيءَ تي ڪريو ان مان اکيون ڦٽي نڪتيون. هر اک ۾ نظر ايندڙ ڪائنات الڳ آهي. اسين ڪائناتن جي هجوم ۾ رهون ٿا. هر ماڻهوءَ جي ڪائنات پنهنجي آهي. ڪائنات جنم وٺي ٿي ۽ دفن ٿئي ٿي. هر ڪو پنهنجي ڪائنات ڪلهن تي کڻي بيٺل آهي.“
    عرشنا جو آواز گرم ساهن سان سندس سيني سان ٽڪرائجي رهيو هيو. هو تيز هوا ۾ ڦاٽل سڙهه هيو. هوائن جو حياتيءَ جي ٻيڙي تي ڪو اثر نه ٿي رهيو هيو. هن عرشنا جي ٻيڙي جا سڙهه تبديل ڪرڻ گهريا. ماتمي ڪارا سڙهه جيڪي ڌاڳي بدران عزرائيل جي وارن مان اڻيل هجن.
    ”هل عرشنا“ وارث آواز ڏنو. ”ڪنعان جي ويران واديءَ ۾ هلون جتي هڪ غار اندر ڪوڙهي انهن آڱرين جو انتظار ڪري رهيا آهن جيڪي ناسورن کي ڇهنديون ته اهي سڪل پنن جيان ڇڻي پوندا. آڱريون جن جي وٿين ۾ فرشتن جا گهر آهن. هل ان غار وٽ امر هستيءَ جو انتظار ڪيون. ان جي آمد سان تنهنجا عذاب موڪلائي ويندا. جتي بيمارين جي بوءِ پاروٿن رابيلن ۾ تبديل ٿي رهي آهي. گلابن جي سرخي ڪاراڻ مائل آهي.“
    هو اڏاڻا، انهن ڏٺو ابابيلن جو ولر پويان اڏامي رهيو هيو. لٿا ته سندن اميدون فصلن جيڏيون وسيع ۽ دل ڪڻڪ جي داڻي جيان هئي. ماڻهن جا هجوم عذاب ڪڇ ۾ سانڍي ڊٿل جبلن جي ڀڳل پٿرن تي قدم رکندا اڳتي وڌي رهيا هيا. جتي يسوع جا هٿ عذابن جون ڳٺڙيون وٺي سندن ڀوڳنائن کي هلڪو ڪري رهيا هيا. عذابن جون ڳٺڙيون جيڪي مسيح جي ڪنڌ ۾ مالها جيئن لڙڪي رهيون هيون. يسوع جنهن جي هٿن ۽ پيرن ۾ سوراخ هيا. ڪلهي جو ماس ڳجهون کائي چڪيون هيون، سندس وارن ۾ رت مينديءَ جيئن ڄميل هيو. ٿڪيل هيڊا ڳل نارنگين جيان هيا جن ۾ شفا جي رس ڀريل هئي.
    وارث ڏٺو هو عرشنا جي اک ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. اک پاڻيءَ ۾ بدلجي ڳوڙهو بڻجي يسوع جي قدمن ۾ ڪري پئي.
    ”اي يسوع“ قدمن تي ڪريل ڳوڙهي ڳالهايو. ”مونکي آڱريون اڌاريون ڏي. جهول کي شفا جي ڀنڊار سان ڀر. پنهنجي مرڪ ڏي ته گوندرن جي ويران واديءَ ۾ خاموش ٽهڪ جاڳائي وجهان. اي مئلن کي خواب موٽائي ڏيندڙ. اي مجروحن جا زخم ميساريندڙ نابين کي ديد جي عصا عطا ڪندڙ. عرشنا آخري پساهن ۾ آهي. ناسور سندس وجود ۾ ڪنڊي جيان ڦاٿل آهن. ڏرا ڏئي ويل اکين ۾ اميد ۽ آسَ جا مڙهه رکيل آهن. عرشنا تي آڱريون ڦير. زندگيءَ جي ڌاڳي جي ڍلي ڳنڍ مضبوط ڪر ته روح محفوظ رهي. اي يسوع تنهنجي هٿ ترين جا سوراخ شفا جا در آهن.“ هو يسوع جي قدمن تي ڪريل ڳوڙهو هيو. يسوع جا قدم عرشنا جي ساهن کان وڌيڪ گرم هيا. ننڊ ۾ عرشنا جا ساهه ائين محسوس ڪيائين جيئن يسوع جي قدمن کي سيني لائي سڏڪندو هجي. هو ڳوڙهو هيو. نرگس تي ڪريل ماڪ، يسوع جي وجود جي گرميءَ ۾ ٻاڦ بڻجي ويو. اڏامندڙ روح. ڪونجن جي قطار جو آخري پکي. عرش ۾ وڃي بوند بڻجي برسيو ۽ عرشنا جي اک ۾ اٽڪي پيو. يسوع هڪ خواب هيو جيڪو ميري ڌوتل ڪفن جيان اس ۾ صليب تي ٽنگيل هيو. يسوع دونهون هيو جيڪو بائبل جي رک مان بلند ٿي رهيو هيو. يسوع ٻاڦ هيو جيڪو بکايل جي جهوپڙيءَ ۾ چلهه تي رکيل سکڻي ڪنيءَ مان بلند ٿي رهيو هيو. يسوع هيو شايد نه هيو. هڪ خواب هيو. خوابن جي بيابان ۾ رڃ تي هلندڙ ٻيڙي جو بادبان هيو. هو واءُ هيو جيڪا عرشنا جي وجود کي ڇهڻ بنا وار جيتري وٿيءَ تان گذري وئي. هو اڻ ڏنل سونهو هيو جنهن جي شڪل پاڇي جهڙي هئي. هو وات جي قبر ۾ پوريل زبان جي نه ٻڌجندڙ صدا هيو.
    پوءِ هن مايوسيءَ مان چيو.
    ”اي مرض تون دنيا جو سڀ کان ڊگهي عمر وارو شيطان آهين. اي حياتي سرنهن جي داڻي کان به ننڍي آهين پر ڦٽين ٿي ته زندگيءَ جا پيلا گل ڪيڏا نه وڻندڙ آهن. بيشڪ هر شيءِ فنا آهي موت کانسواءِ. اي مصيبت مونکي ڇوٽڪارو عطا فرماءِ. اي مرض ڪڌي ٻار جيان نه وچڙ. پنهنجي پاڙ پيدا ڪر بي پاڙيءَ جيان ڇو ٿو وچڙين. اي موت اڻ سڏيل زندگيءَ جي دسترخوان جو ڪمهلو مهمان آهين. اي مرض شل توتي موت نازل ٿئي، تون به ڪنهن مريض جيان موڪلائي وڃين.“
    هو عرشنا سان گڏ ڌرتيءَ تي پوندڙ صليب جي پاڇي ۾ بيٺل هيو. هن ڏٺو يسوع جي زخمن مان لفظ قطار جي صورت ۾ هيٺ لهي رهيا هيا. رت جا لفظ جن جي وات ۾ ڪولين جيان کاڄ هيو. ڪنهن ايندڙ قهر کان اڳ تاريخ جي ورقن جي پناهگاهه ڳولهي رهيا ها. ورق جن تي نئين دنيا آباد ٿي رهي هئي. نوان قدم گهمي رهيا هيا. نيون اکيون نروار ٿي رهيون هيون. نوان چپ نکري رهيا هيا. تاريخ جو نئون سفر شروع ٿي رهيو هيو. صليب تان وهندڙ رت ڳجهن کي متاثر ڪري رهيو هيو.
    يسوع ان سڪي جيان غائب ٿي ويو جيڪو ننڍي هوندي ماءُ وارث کي ڏنو هيو ته هو فقير جي ڪشڪول ۾ وجهي اچي. سڪو وٺي هو جيئن فقير ڏانهن پئي ويو ته اهو هن جي هٿ مان ڇڏائجي ڪري پيو.
    حواري سينٽ پال يروشلم کان روانو ٿيو ته سندس چادر ۾ يسوع جي ساهن جي خوشبوءَ اڃان به موجود هئي. آخري مانيءَ جو منظر اڃان به سندس اکين ۾ سمايل هيو. الوداعي گرهه جيڪو هن يسوع سان گڏ کاڌو. يسوع چيو.
    ”زندگيءَ جو هر گرهه ڀوڳنا جي ذائقيدار رس ۾ ٻوڙيل آهي. بکايل آهن اهي جن ڀوڳنا کي نه چکيو. اڃايل آهن اهي جن صبر جو شراب نه چکيو.“
    سينٽ پال جا قدم ڦٽجي چڪا هيا. هو ’ميلان‘ جي هڪ سنگمرمر جي پهاڙ تي لٺ سهاري ويٺل هيو، سندس منزل ڏور هئي. وارث فضا ۾ اڏامندو هڪ رنگين طوطي جان سندس لٺ تي لٿو. سينٽ پال کيس يسوع جو روح سمجهيو. سوچيو شايد يسوع جو ڀٽڪندڙ روح آهي جنهن جو مقصد دنيا ۾ پورو نه ٿيو آهي. ڪي خاص هدايتون ڏيڻ لاءِ لٺ تي لٿو آهي.
    ”ڇا تون يسوع آهين؟“ هن سوال ڪيو.
    ”نه“ وارث چيو ”عرشنا جو عاشق آهيان. خوابن جي حقيقت آهيان. ڇوٽڪارو ڳولهيندڙ آزاد پکي آهيان جنهن کي پيار جي پڃري ۾ قيد جي تمنا آهي.“
    سينٽ پال لٺ تي ويٺل طوطي کي ڏسي مرڪيو. هن کان پيرن جا زخم وسري ويا.
    ”پيار جي غلامي سڀ کان وڏي آزادي آهي.“ سينٽ پال چيو ”پيار ڀوڳنا کي سهل ڪري ٿو. خوف کان آجو ڪري امن جو پيغام ڏئي ٿو.“
    وارث دل جي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ کنڀ ڇنڊيا.
    ”اي سينٽ پال“ هن چيو، ”منهنجو پيار آخري پساهن ۾ آهي. مان خوف ۾ ورتل ڀٽڪندڙ خواب آهيان. عرشنا زندگيءَ جون آخري هڏڪيون ڏئي رهي آهي. شفا لاءِ هٿ کڻي عرش ڏي ويل عيسى کي عرض ڪر. عيسى جڏهن آسمان جو ڪڙو کڙڪائي ته در کوليندڙ دربان جي هٿن ۾ جهليل ٿالهيءَ منجهه عرشنا جي شفا جو سامان هجي.“
    ڳالهه ٻڌي سينٽ پال فڪر ۾ پئجي ويو.
    ”مان ڪائي مدد نه ٿو ڪري سگهان.“ هن چيو، ”يسوع جي واپسيءَ جو انتظار ڪر. ان جي اچڻ جي دعا ڪر. يسوع اهڙو ستارو آهي جيڪو ٻج جيان ڌرتيءَ تي ڪرندو ۽ شفا جو ٻوٽو پروان چڙهندو“ وارث مايوسيءَ مان سينٽ پال جي هٿ ۾ جهليل لٺ کي ٽڪڻ لڳو.
    ”ڇا موت ايڏي مهلت ڏيندو؟“ هن پڇيو، ”موت عيسى جو انتظار ڪندو؟ موت بي رحم بادشاهه آهي جنهن جي دربار ۾ مهلت ڪنهن به ڪرسيءَ تي ويٺل نه آهي. موت ٻوڙو سردار آهي جنهن تي آهن جو ڪو اثر نه آهي. موت انڌو فقير آهي جيڪو بنا تفريق سڀني جي در تي سين هڻي ٿو. اچ سينٽ پال مان موت کي هڪ ٻانهن کان جهليان تون ٻيءَ ٻانهن کان جهل.“
    ”خدائيءَ ۾ هٿ وجهڻ“ سينٽ پال چيو ”هوا مٺ ۾ قيد ڪرڻ آهي.“
    لٺ سهاري اٿيو ته وارث ان پويان ويو. ميلان کان سلسليءَ تائين اڏامندو مٿان ائين ٻوليندو هليو جيئن کيس چٿرون ڪندو هجي.
    روم پهتا ته آگسٽس امن جو جشن ملهائي رهيو هيو. قلوپيٽرا ۽ مارڪ انٿونيءَ کي دفنائي جڏهن اسڪندريا کان موٽيو هيو ته روم سونن سڪن هيٺان دٻجي چڪو هيو. دولت ۽ امن جي ڏينهن ۾ شهوت پروان چڙهندي آهي. هڪ نئون روم وجود ۾ اچي رهيو هيو. پٿرن تي چٽسالي ٿي رهي هئي. نعل جي شڪل جهڙا اسٽيڊيم جڙي رهيا هيا. هر فانوس ۾ شراب جا ڏيئا روشن هيا. هو سينٽ پال مٿان اڏامندو پئي آيو جيئن نظر نه ايندڙ ڌاڳي سان سندس آڱر ۾ ٻڌل هجي. اوچتو سينٽ پال جي هٿن مان سندس تند ڇڏائجي وئي. هو ڀٽڪي ويو، پاڻ کي اهڙو غلام سمجهيو جنهن کي روم جي هڪ چوواٽي تي چنڊ ٽڪن عيوض نيلام ڪيو ويو هجي. وارث احتجاج ڪندي چيو.
    ”مان تاريخ آهيان. تاريخ جو سفر آهيان. تاريخ جي قدمن جي خاڪ ۾ شفا ڳولهيندڙ سنياسي آهيان. منزل ڏور آهي. مونکي ڇڏيو. مان اک مان آزاد ٿيل ڳوڙهو آهيان.“
    هن جي ڪنهن نه ٻڌي. هو غلام هيو. طاقتور غلام، سندس ڏورا وٽيل ۽ جسم مضبوط هيو، کيس سکيا گهر ۾ وڙهڻ جي تربيت ڏني وئي. هو روم جو گليڊئيٽر هيو.
    وينس جي جنم ڏهاڙي کيس ايمفي ٿيٽر ۾ لاٿو ويو. هن ڏٺو نعل نما اسٽيڊم جي نمايان ڪرسيءَ تي آگسٽس ويٺل هيو. مٿي ڏٺو آسمان رڙين سان ڀريل هيو. رڙيون جن کي وات هيو وات جن ۾ زبانون جنگ ۾ ڪنڌ ڪٽيل جسمن جيان پئي ڏڪيون. سردارن جا ٽهڪ ڏندن جيان نوڪيلا ۽ سخت هيا. هزارين ماڻهن جي هجوم ۾ نظر ڦيرائي ته تجلا ڏيندڙ لباسن ۾ کيس هڪ اداس چهرو نظر آيو. هيڊو معصوم چهرو. هن ڏٺو اها عرشنا هئي. هن جي محبوبا. دل جو چين، سندس اکيون بي حد اداس هيون، ڪپڙا ڪفن جهڙا هيا.
    نظر عرشنا تي پئي ته بي وسءَ جي احساس کان سندس جسم جي هر رڳ ڏڪڻ لڳي. نئون جوش ڀرجي آيو. هن عرشنا لئي ڪجهه ڪرڻ پئي چاهيو. ايمفيءَ ۾ هن سامهون شينهن کي لاٿو ويو. شينهن گجگوڙ ڪئي، پاسي وارا تلوارن جيڏا ڏند ڪڍي الر ڪئي. وارث جوش ۾ ڏڪيو پئي. ناحاصلات جي احساس کيس چڙچڙو ڪري ڇڏيو هيو. اهو احساس ته هزارن جي هجوم ۾ سندس بيمار محبوبا مظلوم نظر اچي رهي آهي هن کي شينهن ناسور جهڙو نظر آيو. شينهن عزرائيل جهڙو محسوس ٿيو. وارث جي منهن تي نفرت جا آثار اچي ويا. پوري جسم جي طاقت ٻانهن ۾ اچي وئي. هن تلوار سڌي ڪئي، ان کان اڳ جو شينهن حملو ڪري ان جا ٻه ٽڪر ڪري وڌا. هزارين ماڻهن جو هجوم ٻانهون مٿي ڪري پيرن تي بيهي رهيو. تحسين جا نعرا بلند ٿيا. آسمان ۾ ڳجهون گول ڦرڻ لڳيون. هجوم ۾ هن ڏٺو عرشنا جو اداس چهرو ڪٿي به نه هيو. اها موجود نه هئي. هن جي محرومين جو سپنو هئي. چاهت جو سراب هئي.
    ”هن غلام آڏو طاقتور هابروس کي آندو وڃي.“ آگسٽس مٿان حڪم ڏنو.
    وارث گذريل رات قيدخاني ۾ هابروس سان گڏ ماني کاڌي هئي. هو هابروس جو هڪ رات جو دوست هيو. ان سان چانڊوڪيءَ جي لڙيل پاڇن تائين ڳالهايو هيو. تاريخ ديوتا فلسفو ۽ نجوم اهي سڀ جيڪي وقت جا موضوع هيا. هابروس جيڪو يونان مان قيد ٿيل غلام هيو. سندس پيشاني هرڪيولس جيان ۽ ڇاتي ايٿينا جي ڪريل برج جهڙي هئي.
    ايمفيءَ ۾ هابروس هن سامهون آيو ته وارث دلگير هيو. همت هاري ويٺل هيو. هجوم ۾ ڪٿي به عرشنا نه هئي. سندس اکيون مسلسل ڳولهي رهيون هيون. وائڙو ۽ اجنبي هيو. هن هابروس کي پاڻ اڳيان ديو جيڏو محسوس ڪيو. هو پٽ تي هلندڙ ماڪوڙي ۾ تبديل ٿي ويو. هابروس هن کي للڪاريو.
    ”موت جي اکين ۾ ڪوبه دشمن ۽ دوست نه هوندو آهي.“ وارث جوش ۾ اچي ويو.
    ”موت جهڙو ڪو بزدل نه هوندو آهي.“ هن چيو ”اهو لڪي وار ڪندو آهي.“
    وارث تلوار سڌي ڪئي ۽ موت کان شڪست کائي ويو.
    ”بيشڪ موت طاقتور ۽ چالاڪ آهي.“ هن هيٺ ڪرندي چيو. گهاءُ سندس سيني کي پار ڪري پٺيءَ تائين هليو ويو. هابروس هيٺ ڪريل وارث مٿان تلوار جي چهنب رکي ۽ ايمفيءَ ۾ ويٺل هجوم ۾ ڏٺو. هر طرف تحسين جا نعرا بلند ٿيا. اتي ويٺلن آڱوٺو مٿي کنيو جنهن جو مطلب هيو، ’ان کي نه بخش.‘
    هابروس تلوار مٿي ڪري وارث جي سيني ۾ لاهي ڇڏي. وارث کي لڳو جيئن گهاءُ ڏاڍو گرم هجي. دوزخ جهڙو. عرشنا جي ساهن جهڙو. عرشنا جيڪا سندس سيني ڀرسان ساهه کڻي رهي هئي. بيمار عرشنا جنهن جا سيني تي محسوس ٿيندڙ ساهه تلوار جي گهاءَ جهڙا هيا.


    5

    رات ايڏي ڊگهي نه هئي. ويڙهيل ڌاڳي جيان هئي. اهي عرشنا جا آخري پساهه هيا. سندس زندگي ڪنهن ڏاهي جي گفتگوءَ جيان مختصر هئي ۽ ڪنهن حور جي رئي جهڙي نرم. هوءَ وارث جي سيني سان لڳي جڏهن ساهه کڻي رهي هئي ته سندس هر ساهه ڳڻجي وقت جي خاتمي جو اعلان ڪري رهيو هيو. ان اوچتو ڇرڪ ڀريو. ڇرڪ تي وارث جي خواب جون اکيون کلي ويون. ”ڇا تو خواب ۾ زندگي ڳولهي لڌي؟“ وارث سوال ڪيو، ”زندگي ايڏي خوفائتي ته نه آهي؟“
    ”ڇا خوف زندگيءَ جي نشاني نه آهي؟“ هن عرشنا جو آواز ٻڌو. سندس دل رُڃ ۾ ڀڄندڙ هرڻ جي قدمن جيان ڌڙڪي رهي هئي. عرشنا جو آواز وري اڀريو.
    ”مون ڏٺو تاريخ ڊگهي ازدها جيان ڌرتيءَ جي چيلهه کي ويڙهيل آهي. تاريخ ظالم آهي جابر آهي. تلوار جي نوڪ سان لکيل آهي. تاريخ کان رحم گهرڻ رمتوءَ جو بادشاهه کان تاج گهرڻو آهي. شايد منهنجو علاج تاريخ جي ڪنهن به باب ۾ موجود نه آهي. تاريخ جي قافلي جي ڪنهن به پيغمبر ولي، اولياءَ، بادشاهه ۽ سپهه سالار وٽ نه آهي. مان تاريخ جو لاعلاج ناسور آهيان. ڇڳل وقت جي زنگ لڳل زنجير جي نامڪمل ڪڙي آهيان. زندگيءَ جي جهنگ ۾ حياتيءَ جو دڳ وڃائي ويٺل واءُ آهيان. اهڙي صدا آهيان جنهنجي پڙاڏي جو ورناءُ واپس نه پهتو آهي. تنهنجو سڏ آهيان جيڪو توکي پڪاري ٿو. منهنجو ڇرڪ اوندهه ۾ اوچتو تنهنجي ڪلهي تي رکيل منهنجي هٿ جهڙو آهي.“
    وارث عرشنا جي اندر جو آواز ٻڌو. ۽ تاريخ جي ڪوهيڙي ۾ ويڙهجي ويو. ظاهر ٿيو ته هو پٿر جو شهر هيو. بابل هيو. نينوا هيو. دجلا هيو. فرات هيو. آرمينيا جي پهاڙن جو وهندڙ روڳ هيو. هن ڏٺو نمرود هڪ جبل تي بيهي احڪام ڏئي رهيو هيو. سندس هر حڪم قانون هيو. لفظ بت تراشيندڙ هٿوڙا هيا. ايوانن جي ستونن جا بنياد هيا. اهي شهوت ۾ ٻڏل تهذيب جي ٻانهن جون چوڙيون هيا. لفظ ڇڙواڳ حاڪم جا بي ربط محڪوم غلام هيا. لفظ بي جان ڪليسائن جي قبن جهڙا اگهاڙا ارهه هيا. هڪ حاڪم جنهنجي آڱر جي اشارن سان شهر جون عمارتون گوڏن تان اٿي بيهي رهيون. واري پاڻيءَ ۾ بدلجي وئي. سمنڊ سراب ۾ بدلجي ويا.
    جڏهن نمرود خدائيءَ جو اعلان ڪيو ته وارث عرشنا جي حياتي گهري.
    ”اي آڱر جي ضرب سان پٿر تي چٽسالي ڪندڙ گناهگارن جي ديس جا مجسما ساز، اي دجلا ڪناري اڏيل محڪومن جي شهر جا لافاني خلقڻهار، تنهنجي خدائيءَ جو اقرار ڪيان ٿو. رب مڃيان ٿو. سجدو ڪيان ٿو. حمد پڙهي تنهنجي پٿر کي پوڄيان ٿو. نوڙي عرض ڪيان ٿو. عرشنا آخري پساهن ۾ آهي. ڪجهه گهڙين جي مهمان آهي، ان بنا جيئرو نه رهي سگهندس کيس شفا ڏي. حياتي عطا فرماءِ. زندگي ڏي.“
    نمرود هٿ جو اشارو ڏنو. هڪ اڌ اگهاڙي عورت دربار ۾ ظاهر ٿي سندس وار جيئرا نانگ هيا ۽ عاج جا هٿ هاٿيءَ جي ڏندن جهڙا. پيٽ اندر چيلهه سنهي اها حبش جي بکايل عورت جهڙي خوبصورت هئي. کلي ته سپ اندر موتي چمڪيا. نمرود ڀرسان هڪ ٻئي جلترنگ وڄائيندڙ عورت جون آڱريون ائين هلڻ لڳيون جيئن ڦتڪندڙ مڇيءَ جا ڇلڙ لاهينديون هجن. اڌ اگهاڙي عورت نچندي وارث ڀرسان آئي. وارن جا نانگ ڦڻ ڪڍي سندس وجود کي ڏنگڻ لڳا. زهر رڳن کي وڍيندو وجود ۾ ڊوڙڻ لڳو. رڳون بي ترتيب لڪيرن ۾ تبديل ٿي ويون. وجود سڪل لام جهڙو هيو جنهنجي شاخن جاپن سڙيل هيا. وارث لاش هيو. شر جو لاش. هڪ بي جان بت. ان ديول جو بت جنهن جي درٻاهران توحيد پرست يونس انسان جي مقدر تي ڳوڙها ڳاڙي رهيو هيو. هو خواب مان جاڳيو ته ان جهڙو سهانو خواب ڪوبه نه هيو. هو ثابت هيو سالم هيو. هوا باهه پاڻي هيو. اهڙي روشني هيو جنهن اندر ڪجهه نظر نه ايندڙ هيو.
    هو اٿيو ۽ نينوا جي تاريخ جي اهڙي در تي پهتو جتي حرم ۾ بادشاهه سراقس عورتاڻا ڪپڙا اوڍي سُٽ ڪتي رهيو هيو. ان جا انداز سندس ستر محبوبائن جهڙا هيا. لڇڻ لاتعداد معشوقائن جهڙا هيا. اهو ملڪ نه هلائيندو هيو، حرم هلائيندو هيو. چوندو هيو. ”مرڻ کان اڳ زندگيءَ جا چار ڏينهن سهڻن جي زلفن ۾ دفن ٿي گذارجن.“
    حرم جي عورتن سان ايڏو ته مانوس هيو جو انهن جهڙا انداز اختيار ڪري تخت تي ويهي حڪم هلائيندو هيو. زنانا ڪپڙا پائيندو هيو ۽ وڏا وار کيس چيلهه تي لڙڪندا هيا. چپن کي سرخ ڪري محبوبائن جا ڳل چمندو هيو ۽ هر شڪست تي ڪجلارين اکين سان روئندو هيو. ان جا ڪنگڻ ششخارجي برج تي رکيل ڳاڙهي پٿر جي ديوين جي امانت هيا. ڳلي جو نوَ لکو هار انهن جوتشين جي سوکڙي هيو جيڪي کيس ستارن جون خوشخبريون ٻڌائيندا هيا.
    وارث سراقس جي حرم جو خواجا سرا هيو. محبوبائن جو خادم هيو. نينوا جو شهر ڪنوار جيان هيو. اهڙي گهونگهٽ جيان هيو جنهن ۾ بند ٻه اکيون شرم انگيز خواب ڏسي رهيون هيون. شهر جيڪو عيش جي پاروٿن گلابن سان ڍڪيل هيو. شهر جيڪو نازڪ ويڻين ۾ پاتل گجرن جي ڪومايل رابيلن جي اداس خوشبوءِ ۾ وهنتل هيو.
    هو سراقس جي محبوبائن جي ڊگهن وارن ۾ ڦڻي ڏيندو هيو ته محل ۾ سُرندي جو آواز گوجندو هيو. مرمرين جسمن کي وهنجاريندو هيو ته پاڻيءَ ۾ سون وهندو هيو. وارث جا هٿ جسمن جي گهنجن جون لڪيرون مٽائي ڇڏيندا هيا. اهي جوانيون بخشيندا هيا. خوبصورت نينوا جي برج تي اڪريل مورتين جهڙيون لازوال جوانيون. اڻ مٽ ۽ لافاني مرڪ سان ثبت ٿيل عظيم تخليقون.
    سراقس هڪ ڀيري حرم ۾ زنانا ڪپڙا پائي ڀرت ڀري رهيو هيو ان خوش ٿي وارث کي ڀرسان ويهاريو.
    ”مان تومان ڏاڍو خوش آهيان.“ سراقس چيو، ”تون منهنجي حرم جو اهڙو مالهي آهين جنهن گلن جي تازگي برقرار رکي.“
    وارث جيڪو خواجا سرا هيو جنهن جا جذبا آرمينيا جي جيلن جهڙي برف ٿي چڪا هيا. ان جي زبان ڪاغذ ۾ بدلجي وئي. هن ڳالهايو نه چپ رهيو، کيس خاموش ڏسي سراقس وري چيو.
    ”اي خواجا سرا چاهين ته محل جي تهه خاني ۾ رکيل ٽجوڙي کولي ويڙهي رکيل مردانگي تو حوالي ڪيان. چاهين ته توکي جنس جي جستجوءَ ۾ بي قرار ڪري حرم مان آزاد ڪيان.“
    وارث ڪاغذ جهڙي ڏڪندڙ زبان هن آڏو ڪئي. اتي ڪي لفظ لکيل هيا. عرشنا جون نانءُ لکيل هيو. چهرو اڪريل هيو. شفا جي التجا هئي.
    سراقس ڀرت ڀريندڙ سئيءَ سان ڪاغذ جهڙي زبان ۾ سوراخ ڪيا. لاتعداد سوراخ جن ۾ زخمي لفظ ڏسجي رهيا هيا. شڪست کاڌل لشڪر جي مئل سپاهين جهڙا لفظ جن جون ٻانهون الڳ هيون. سرڪٽيل هيا. پير وڍيل هيا. سراقس اهڙي عمل سان لفظ اندوز ٿيو. ڪاغذ جهڙي زبان ۾ سئي وجهڻ سان لڪيل جنسي جذبن جو پورائو ٿيو. وارث گگ جيان گونگا لفظ ڳاڙيندو وٺي ڀڳو ۽ بابل پهچي دانيال کي دانهن ڏني.
    ”اي دانيال“ هن ڳالهايو ته سور ڌاڳي جيان سندس وات ۾ وچڙيل هيو. ”گناهن جي شهر ۾ ڀٽڪيل باز جيان محلاتن جو اڇلايل پاروٿو گوشت کائي بيزار ٿي چڪو آهيان. مون ڪئي دفعا ڪوئي جي روپ ۾ رات جو نڪري بادشاهن جي پيالن ۾ ڇڏيل شراب جي اوڀر پيتي آهي. هڪ گلر جي روپ ۾ عطر سان ڀريل انهن حوض ڪنارن تي ويهي پڇ لوڏيو آهي جن مان گناهگار جسم وهنجي ٻاهر نڪتا آهن. سج جي پرستش ڪئي ته دڳ ڏيکاري راهه روشن ڪري. سج چيو, ”اڃا دڳ خلقيا نه ويا آهن. رستا گهڙيا نه ويا آهن. اڃان راهون رستن ۾ آهن. منزلون پنهنجين منزلن کي نه پهتيون آهن. مان مايوس آهيان. زخمي آهيان. اي نبي سامهون ديوارن تي تحريرون اڀري مستقبل جو ڏس ڏين ٿيون. توکي الهام حاصل آهي. ايندڙ وقت جي ڄاڻ آهي. مستقبل تنهنجي ڪن ۾ سرگوشي ڪري لنگهي ٿو. مونکي ٻڌاءِ. عرشنا جو موت ڪيترو پري آهي. ڇا ان ۽ عرشنا وچ ۾ ايتري وٿي آهي جو مان سمائجي سگهان؟ وقت کي وهائڻ لاءِ آڱرين جي وچ جي وٿي ڪافي آهي. هم خيال جي من ۾ راز بغل جي لاتعداد وارن جيان سمائجي سگهندا آهن. اناج جا ٻوٽا سٿرن وچ ۾ جنم وٺندا آهن. پير هيٺان ڪنڊي جهڙو ڪک عذابناڪ آهي. بي وفا عورت جي جسم جي خوشبوءَ ۾ نڪ ٽانڊن تي رکيل گوشت جيان سڙندو آهي. اي نبي مان فلسفي نه آهيان. تاريخ جو وڃائجي ويل اهڙو واقعو آهيان جيڪو پنهنجو مقام ڳولهي ٿو. منهنجي پيشانيءَ تي هٿ رک ۽ ٻڏندڙ سوچن کي ڪنارو ڏي. سوچن جا وار ايڏي ته وڏا آهن جو ڏک انهن ۾ پکين جيان لڪن ٿا. ماضيءَ کان بچاءِ ۽ مستقبل ڏي. حال جي وجود کي پاڙان پٽي پري اڇل جيئن هاڃن کان محفوظ رهون. اي پيشنگوئيون ڪندڙ مستقبل ۾ ترميم ڪر جيئن عرشنا جيئري رهي. سندس حياتيءَ جي صفحي تان موت کي ميسار جيئن امر ٿي وڃي.“
    دانيال دعا لاءِ هٿ نه کڻي سگهيو سندس هٿ زنجيرن ۾ بند هيا. هو ڪنعان جو قيدي هيو. بخت نصر جي تخت هيٺ ويٺل ڏاهو غلام هيو جنهن جون اکيون محل جي ڀت تي اڀرندڙ الفاظ پڙهي رهيون هيون. بابل جو بادشاهه بخت نصر جنهن ڪنعان جو هڪ سال محاصرو ڪيو. فتحياب ٿيو ته يهودي بادشاهه صدقيا جون اکيون ڪڍي عقابن کي کارايون. ڳڀا ڳڀا ڪري ڪتن کي ڏنو. هن جي پٽن جا هڪ هڪ ڪري قتل گاهه ۾ سر قلم ڪيا. مصر فتح ڪئي ۽ فرعونن کي احرامن ۾ آباد ڪيو. بابل جنهن بخت نصر جو عروج ڏٺو. بابل جيڪو دنيا جي طاقت جو محور هيو. جنهن چوڌاري قلعي جي ڀت ايڏي ويڪري هئي جو چار رٿ گڏ هلندا هيا. شهر جي وچ ۾ اڏيل بعل جي مندر جي نغارن جي آواز تي فرات جي پاڻيءَ ۾ لهرون پيدا ٿينديون هيون.
    ڪنعان جو قيدي دانيال جنهن جا هٿ زنجيرن مان آزاد ٿيا ته عرشنا لاءِ دعا نه گهري سگهيو، سندس هٿ سائرس جي ڊگهي ڄمار لاءِ اٿيا. بخت نصر مئو ته ان جا هٿ تاراج شهر جي مقدس مٽيءَ سان ميرا هيا. مئل اکيون پاڻيءَ سان ڀريل هيون جن ۾ ڦتڪندڙ روح مڇيءَ جيان تري رهيا هيا.
    بخت نصر کانپوءِ بابل جي باغن ۾ ڦوهارن مان شراب وهندو هيو. ٻوٽن ۾ گلابي بدن ڦٽندا هيا ۽ نرگس جون اکيون شرم کان ٻوٽيل هونديون هيون. بعل جي مندر مان اٿندڙ سنک جي آواز تي سندريون سگهاري بت اڳيان ڇاتيون کولي نچنديون هيون. گهر گهر ۾ گُھگُھرن جا آواز گونجندا هيا. گهٽين ۾ فاتح لشڪر جا مدهوش سپاهي ڳچيءَ ۾ گناهن جا گهنڊ وجهي مست هاٿين جيان گهمندا هيا. چاهت جي چڪلن جا در کليل هيا ۽ بيوفائيون معنى وڃائي ويٺيون هيون. اهو بابل ۾ بليئرز جو دور هيو. دانيال گناهگارن جي هجوم ۾ ڀت تي پوندڙ اگهاڙن پاڇن جي وچ ۾ اڀرندڙ تحريرون پڙهي رهيو هيو ”هيءُ فنا... هو فنا... سڀ فنا.“
    دانيال جون اکيون سائرس کي ڏسي رهيون هيون. فارس جي وسيع ميدانن ۾ ٻرندڙ سج هيٺان چمڪندڙ تلوارون جن جا تجلا اقباطنا جي پهاڙين تي جرڪي رهيا هيا. ليڊيا جا پهاڙ جيڪي سون سان سٿيل هيا. پڪتولوس درياهه جي واري جنهن ۾ سونا ذرا اڌوهيءَ جي سائرس جي ڪارن وارن ۾ اڇن جيان جرڪي رهيا هيا. ڪريمسوس جيڪو سونين وادين جو حڪمران هيو. وقت جو سڀ کان وڏو سرمائيدار جنهن جي گهوڙن کي سون جا نعل لڳل هوندا هيا. دانيال جنهن جون اکيون سولن کي ڏسي رهيون هيون. ڪريمسوس جو يوناني غلام. وقت جي ڏاهي بي باڪ ڪريمسوس پنهنجي غلام سولن آڏو سون جا انبار لڳائي پڇيو.
    ”اي سولن ٻڌاءِ دنيا جو وڏو ماڻهو ڪير آهي؟“
    ڪريمسوس سمجهيو هو هن جو نالو وٺندو پر سولن وراڻيو، ”يونان جو اهو امن پسند بادشاهه جيڪو ملڪ جو دفاع ڪندي ماريو ويو.“
    ڪريمسوس وري هن کان پڇيو، ”ڀلا ٻڌاءِ ان يوناني حڪمران کانپوءِ ڪير وڏو؟“
    ”يونان جا اهي پٽ.“ سولن چيو، ”جن ماءُ جي خدمت ڪئي کين ماءُ جنت جي بشارت ڏني. اهي ليٽيا ۽ عقيدت مان سندن روح پرواز ڪري ويو.“ ڪريمسوس کي سولن تي حيرت لڳي.
    ”ته ڇا هيڏي دولت هوندي منهنجو ڪو رتبو نه آهي؟“ هن پڇيو.
    ”جيڪو دولت تي فخر ڪري ۽ عيش ۾ مسرور هجي تاريخ ان جو قدر نه ڪندي آهي.“ هن جواب ڏنو.
    سائرس سارڊيس تي قبضو ڪري ڪريمسوس کي قيد ڪيو. کيس زنجيرن ۾ جڪڙي چکيا تي چاڙهڻ جون تياريون ڪيون ويون جڏهن سپاهي ڪريمسوس کي زنجيرن کان پڪڙي اوڙاهه ڏي ڇڪڻ لڳا ته کيس سولن جو قول ياد اچي ويو. ان رڙيون ڪيون.
    ”سولن... سولن... اڙي او سلن.“
    رڙيون سائرس جي ڪن تي پيون ته سپاهين کي حڪم ڏنائين، ”ڪريمسوس کي هن سامهون پيش ڪيو وڃي.“
    زنجيرن ۾ جڪڙيل ڪريمسوس سائرس سامهون پيش ٿيو ته هن کان رڙين جو سبب پڇيو. ڪريمسوس کيس سولن سان ڪيل گفتگو ٻڌائي ۽ چيو، ”سولن سورهن آنا سچ چئي رهيو هيو جيڪو عيش ۾ مسرور آهي تاريخ ان جو ڪو قدر نه ڪندي.“
    سائرس هن کي معاف ڪيو ۽ کيس عهدو ڏئي آزاد ڪري ڇڏيو.
    سائرس آتشڪدي اڳيان ائين جهڪيل هيو جو هر شعلو سندس پيشانيءَ تي پگهرجي بوندن ۾ ڀڙڪي رهيو هيو. چپ سورج ديوتا جي ذڪر ۾ محو هيا. سندس بند اکيون بابل جي گهٽين ۾ گهمي رهيون هيون ۽ ڪن گناهن جا گهنڊ ٻڌي رهيا هيا. بابل جو بادشاهه بليشرز چانديءَ جي پيالي ۾ مڌ اندر خوبصورت عورتن جون آڱريون ٻوڙي پي رهيو هيو. دانيال ٻرندڙ ڀتين تي الهامي تحريرون پڙهي رهيو هيو. جڏهن اها تحرير اڀري جنهن ۾ بابل جي زوال جو ذڪر هيو. بليشرز وٽ ويو ۽ چيائين،
    ”اي بادشاهه تنهنجو وقت پورو ٿيو. اي بي رحم بخت نصر جا بابل اڄ آزاديءَ جو ڏينهن آهي.“
    سائرس آنڌيءَ جيان بابل ۾ داخل ٿيو. آنڌي هلڪي ٿي ته سڀني ڏٺو هر شيءِ مٽيءَ ۾ دفن ٿي چڪي هئي. بليشرز جي مُنڍي سندس قبر جي سيرانديءَ کان کتل نيزي جي نوڪ تي رکيل هئي. هزارين سپاهي اجتماعي چکيا تي چڙهي رهيا هيا ۽ دونهون گناهگارن جي جسم مان ديو جيان عرش ڏي اڏامي رهيو هيو. بابل فنا ٿي ويو. گهگهرو خاموش ٿي ويا. مَڌ جا مَٽ ٽٽل دلين جيان ڀڄي پيا. قلعا ڪري پيا. باغ ويران ٿي ويا. وچ شهر مان لنگهيندڙ فرات جو پاڻي رت سان رنگجي ويو. عشرت جون سڀ رنگينيون وقت جي واءُ ۾ ڌنڌليون ٿي ويون. چپن جون چميون زخم بنجي رت ڳاڙڻ لڳيون. سڀ ٽهڪ گهاءَ بنجي ويا. ڀاڪرن جون ٻانهون ڪٽجي ويون. ڌڙڪندڙ دليون مندر جي ناد جيان ڦاٽي پيون رات جي گود جون سڀ تمنائون وساميل چلهن جيان سرد ٿي ويون پر بعل جي مندر ۾ رکيل پٿر جي ديويءَ جي چپن تي ساڳي مرڪ هئي.
    سائرس غلامن کي آزاد ڪيو. ڪنعان جي قيدين جون پير ڪڙيون کولي الڳ ڪيون ته وارث کيس التجا ڪئي.
    ”اي آزاديءَ جي قافلي جا اڳواڻ. عرشنا جي پيرن جا زنجير کول، موت جا زنجير جيڪي کيس اونهي کاهيءَ طرف گهلي رهيا آهن.“
    سائرس ٻوڙو هيو. اهي الفاظ نه ٻڌا. سائرس ماضيءَ جي رستي تي ايڏو ته ڏور هيو جو وارث جي التجا جا آواز اڌ رستي تان پڙڏاڏا بنجي هن کي چڙائڻ لڳا. وارث خيالن جي آکيري ۾ ويٺل پکيءَ جو پاڇو هيو. هو چهنب هيو جنهن ۾ جوئر جي داڻي جيتري اميد ڦاٿل هئي.
    سائرس سڀ زنجير کوليا. عرشنا جا زنجير سندس آڱرين جي پهچ کان پري هيا. هن بني اسرائيل کي ارض مقدس واپس وڃڻ جي اجازت ڏني. يوشع کي چيو، ”واپس وڃ ۽ هيڪل سليمانيءَ جي ٻيهر تعمير ڪر.“
    دانيال نبيءَ هن کي دعا ڏني، ”اي ڌنار جا پٽ شل ڌڻي تنهنجي ڌڻ کي محفوظ رکي. سپاهين کي سلامت رکي. اهي طاعون کان محفوظ رهن. بيمارين جو منهن نه ڏسن. رب توکي ڊگهي ڄمار ڏئي.“
    جڏهن دانيال سائرس کي دعا ڏئي رهيو هو ته وارث دعا لاءِ کنيل هٿن جي پاڇي هيٺ بيٺل هيو. وارث روئي رهيو هيو. هن جي روئڻ کان آواز موڪلائي ويو هيو سندس سڏڪا فرات ڪناري نمرود جي برج کان هڪ ٻئي پويان دجلا ۾ ڪري آپگهات ڪري رهيا هيا. هن جي اکين جي ڳوڙهن کي ڪنهن اک نه ڏٺو. وارث فرات جي پاڻيءَ تي چمڪندڙ سج ڪرڻن ۾ بابل جي ڀتين تي لڏندڙ اولڙو هيو.
    دانيال نبيءَ وارث جو روئڻ نه ٻڌو. آواز نه ٻڌو. جنهن ۾ عرشنا جي عمر جي سين سمايل هئي. آزارن جو احوال سمايل هيو، سندس بيمارين جو قصو شامل هيو. هڪ التجا هئي. هڪ آهه هئي.
    دانيال سائرس کي ڊگهي عمر جي دعا ڏني. اهو 90 سال جيئرو رهيو. عرشنا زندگيءَ جي ڏاڪڻ جي ٻاويهين ڏاڪي تي ڪنڌ جهڪائي ويٺل هئي. اها ٿڪل هئي، کيس مٿي چڙهڻ جيتري قوت نه هئي. سندس منهن جو رنگ توريت جي پراڻن پنن جيان پيلو هيو.


    6

    وارث مايوس ٿي چڪو هيو. هو آڱر بڻجي تاريخ جي صفحن تي ڦهليل لفظن جي قطارن جي قافلي پويان گهميو، ڪنهن به واٽ تي اهڙي خاڪ نظر نه آئي جيڪا شفا بنجي عرشنا کي نجات ڏئي سگهي. سندس ڊوڙ پاڇن پويان هئي. هو پاڻيءَ جهڙو شفاف هيو. هلي رهيو هيو ته پويان ست سورج روشن هيا. سندس ست نظر نه ايندڙ پاڇا منزل جا مٽيل نشان هيا.
    جڏهن ڪوهه اولمپس پهتو ته رات ٿي چڪي هئي. آسمانن کي ڇهندڙ اولمپس ڇڊي رات ۾ گهري اوندهه جهڙو هيو. اهو اوندهه جو آبشار هيو جيڪو عرش کان وهي هيٺ ڦهلجي رهيو هيو. اتي ستارن کي پر هيا. اڇا پر- ستارن جا منهن ايڏا معصوم هيا جو کين چنڊ ڏسي روئي رهيو هيو. چنڊ کي اٺٽيهه گهوڙا ٻڌل هيا. گهوڙن کي وڏا وار هيا جيڪي سون جي تندن جيان پئي جرڪيا. اولمپس جي نوڪدار چوٽيءَ تي جيوپيٽر هڪ پير تي بيٺل هيو، نوڪ تي بيٺل جيوپيٽر جي توازن تي دنيا قائم هئي. جيوپيٽر ڪائنات ۽ خلق جو خالق هيو. هر مادي شيءِ سندس جسم جو حصو هئي ۽ روح هن جي ڦوڪ مان پيدا ٿيا هئا.
    وارث اولمپس ۾ اهڙي پاڇي جيان هيو جيڪو اوندهه ۾ ٺهيو. ان ڳالهايو ته لفظ ڪنهن قبر تان ڪبوتر جيئن اڏاڻا.
    ”اي جيوپيٽر! عرشنا جا ڏک ڏور ڪر. هن جي بگڙيل وجود کي درست ڪر. خاميون ڏور ڪر. محال آهي ته کيس ساڳي صورت ۾ وري ٺاهه. سندس وجود کي مڪمل ڪر. بحال ڪر.“
    هڪ پير تي بيٺل جيوپيٽر ڪجهه نه ڳالهايو. زبان اٿلائي ها ته ڌرتي اٿلي پوي ها. اکيون کولي ها ته وڄ ڪري ها. ڪاوڙجي ها ته توازن خراب ٿئي ها، آفتون اچن ها. زلزلا نازل ٿين ها. خوش ٿئي ها ته موسمون بدلجن ها. رحم کائي ها ته دنيا هلڪي ٿي اڏامي وڃي ها.
    ”اي جيوپيٽر“ وارث وري چيو، ”ڇا ڪوهه اولمپس جوپٿر آهين؟ ڪجهه نه آهين؟ ڇا سنگتراش جي ڇيڻيءَ جو شاهڪار آهين؟ تو کانسواءِ ٻي ڪا هستي آهي جنهن جي هٿ ۾ قدرت جو هٿوڙو جبل ٽُڪيندڙ مزدور جيان چمڪي ٿو؟“
    جيوپيٽر هٿ جي اشهد آڱر سڌي ڪئي جيڪا ڊگهي لاٽ ۾ تبديل ٿي وئي. روشنيءَ جي لاٽ ستن رنگن ۾ تبديل ٿي وئي ۽ لڪيرون بنجي ڪوهه اولمپس جي دامن ڪري پئي. هن ڏٺو اتي لڪيرن مان ڪرونس ٺهيو، ريها ٺهي. زيوس فطرت جي ٻچيدانيءَ مان زيتون جي ٻج جيان ڌرتيءَ تي ڪريو. زيوس ڪرونس جو پٽ کيس ماءُ ريها گود ۾ کنيو ته سندس جهول ستارن سان ڀرجي وئي.
    زيوس ڌرتيءَ تي پالڻهار جو پاڇو. آسمانن جي ملڪا هيرا جو مڙس. ڪائنات جي ديوتائن جو پيءُ. ڪوهه اولمپس تي سج اڀريو ته اوندهه رجي مس جيان وهي تاريخ جي صفحن تي روشن ٿي وئي. وارث تيز روشنيءَ ۾ انڌن جيان ٿاڦوڙا هڻندو اچي زيوس جي قدمن ۾ ڪريو. زيوس کيس سهارو ڏيئي زيتون جي مقدس وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهاريو ۽ چيو،
    ”ڇا ڪائنات جي ٻن چيڙن ابتدا ۽ انتها جي منزلن وچ ۾ ٺوڪريون کائيندڙ مسافر آهين؟ توکي خبر نه آهي جيڪي پوئتي مڙي نهاريندا آهن، اهي ٺوڪرون کائيندا آهن. ماضيءَ ڏي ڇو نهاري رهيو آهين؟ تاريخ جا ابتا صفحا ڇو اٿلائي رهيو آهين. ائين ڪرڻ سان حال ڏکيو ٿي ويندو، مستقبل انڌيارو ٿي ويندو.“
    وارث ڪنڌ مٿي ڪري زيوس کي ڏٺو. زيوس ايڏو قداور هيو جو هن جو چهرو نظر نه پئي آيو. هن ڏٺو سج جا ڪرڻا زيوتن جي وڻ مان ڇڻندا سندس وجود تي ڪري رهيا هيا. لڏندڙ پاڇن مان اڇي اس ان جي هٿن تي ائين ڪري رهي هئي جو اهي ڪنهن ڪوڙهيءَ جا پئي محسوس ٿيا. اهي هٿ اهڙي اپاهج جا هيا جيڪو لاچار ڏسجي رهيو هيو.
    ”اي زيوس, مان تاريخ جي گنمام وسندين مٿان اڏامندڙ خيال آهيان اهڙو آزاد پکي آهيان جنهن جو ڪنڌ پيار جي نيري ڳانيءَ ۾ قيد آهي. ڪنڌ ورائي ڏسڻ سان خطائون نظر اينديون آهن. ٿاٻي کائڻ سان گناهن جو احساس گهرو ٿيندو آهي. پر اي زيوس منهنجي عرشنا معصوم آهي، نه ڪيل گناهن جو ڀوڳي رهي آهي، منهنجو ٻڪ فقير جي خالي ڪشڪول جيان آهي. بکايل جي پيٽ جيان آهي، ان ۾ ڪجهه اوت ته سرخرو ٿيان. تاريخ جو سفر سجايو ٿئي. عرشنا شفاياب ٿئي ۽ ان جا ڏک ڏور ٿين.“
    زيوس جلال ۾ آيو. وڄ پيدا ٿي. رومي سمنڊ جون لهرون پري وڃي قرطا جينيا جي ڪنارن سان ٽڪرايون.
    زيوس چيو، ”بيماريون اهڙيون بلائون آهن، جيڪي ستارن جي اوٽ ۾ لڪيل آهن. اهي ديوتائن جي پاڇن ۾ پناهه وٺن ٿيون ۽ ديوتائن جي پاڇن ۾ انسان گهر جوڙين ٿا.“
    زيوس پنهنجي ڌيءَ پلاس ايسٿنا کي هٿ جو اشارو ڏنو. اها ٽٽل ستاري جيان ڊگهي لاٽ ۾ ٻرندي هيٺ آئي، سندس هٿ ۾ ڍال هئي جنهن تي مورگن جي تصوير هئي. ان زيوس آڏو ڪنڌ جهڪايو.
    زيوس چيو، ”اي منهنجي ڌيءَ آسمانن جي راڻي، هيءَ ڪهڙي حڪمراني آهي؟ توکي ان لاءِ مقرر ڪيو ته شيطانن کي ٻنجو ڏي، انهن کي آسمانن ۾ زنجيرن سان قيد ڪر. بلائن جو مقابلو ڪري انهن کي ختم ڪر. پر افسوس اهي ڌرتيءَ تي انسانن کي آزاري رهيون آهن. ڏکن کي وڌائي رهيون آهن.“
    پوءِ وارث ڏي اشارو ڏنو.
    ”هن انسان ڏانهن ڏس جيڪو تاريخ ۾ شفا ڳولهي رهيو آهي، سندس مايوسين کي ڏور ڪر. بلائن کي شڪست ڏي جيئن انسان ڌرتيءَ تي صحتمند زندگي گذاري سگهن.“
    پلاس ايسٿينا پيءُ اڳيان ڪنڌ نوايو ۽ وارث کي وٺي اڏاڻي. وارث باهه جي گولي ۾ تبديل ٿي ويو. جڏهن لٿو ته خاڪ هيو. رک هيو. رک جي هر ذري مان ستارو ٺهيو ۽ ستارن جا جهرمٽ ديوتائن ۾ بدلجي ويا. پلاس ايسٿينا جنهن جي ڍال تي بدصورت مورگن جي تصوير هئي. جڏهن ڍال جو رخ شيطانن ڏانهن ڪندي هئي ته اهي پٿر جا بنجي ويندا هيا.
    آسمانن تي پلاس ايسٿينا ان بلا کي ڳولهي ڪڍيو جنهن جو پاڇو عرشنا تي پئجي رهيو هيو. اها پاڇي اڳيان آئي ۽ پاڇو پٿر ۾ تبديل ٿي ويو. وارث کي ٻرندڙ ستارن جي هجوم ۾ عرشنا جا تپندڙ ساه سيني تي محسوس ٿيڻ لڳا. پٿر جا ساهه لوهه جي مترڪي جيان سيني تي وسندڙ تڙپندڙ دل جيان سيني کان ٽپا ڏئي ٻاهر نڪرندڙ.
    هو خوابن جي ستين تهه تان عرشنا کي محسوس ڪري رهيو هيو. عرشنا جا ساهه جن ۾ زندگي ٻري رهي هئي. ان جو گرم وجود سندس سيني تي لهندڙ سج جيان ٻري رهيو هيو. اها غروب ٿي رهي هئي. شفق جي لالاڻ دکندڙ دوزخ جو اولڙو هئي ۽ ان کان پري ڦهلجندڙ اوندهه جنهن ۾ خواب اکيون ڳولهي رهيا هيا. گول خوفائتون اکيون جن مان حيرت ٻرندڙ اگربتين جي خاڪ جيان ڇڻندي هجي. هر طرف ڦهليل دردناڪ دونهون جنهن جي ڪارين چڳن ۾ عرشنا جو وجود ويڙهجندو پئي ويو. اها نظرن کان اوجهل پئي ٿيندي وئي، سندس وجود اڻ ڏٺل واديءَ جي هوائن ۾ لڙهندو پئي ويو. ڪارو ڪفن جنهن ۾ اڇو وجود ويڙهيل هيو، جنهن جي چپن جي اداس مرڪ ۾ سوين سڏڪا سمايل هيا، جنهن جي بند بي خواب اکين اندر ڳوڙهن ۾ هزارين خواب تري رهيا هيا.
    ”الوداع اي عرشنا.... الوداع.“
    اڻ ڏٺل واديءَ مان آواز گونجيو. جنهن جا هزارين پڙاڏا پکي بنجي آڪاش ڏي اڏاڻا. رستو وڃائجي ويل پڙاڏا جيڪي هڪ ٻئي کي ڳولهڻ لڳا. پٿر پڙاڏا جيڪي وارث جي وجود سان ٽڪرايا ته سندس ڇرڪ نڪري ويو. سوين خواب شيشي جي ذرن جيان ٽٽي مينهن ڪڻين جيان وسڻ لڳا. هو خواب جي ستين تهه تان اڏاڻو حقيقت جي مٿاڇري تي پهتو ته پگهر ۾ شِل هيو. سندس پيشانيءَ تي سوين بوندون گهاٽي بڙجي لامن تي ٺهيل آکيرن ۾ جهرڪيءَ جي ٻچن جي چمڪندڙ اکين جيان کاڄ جو انتظار ڪري رهيون هيون. سندس من چاهيو ته عرشنا جي چهنب ۾ چهنب وجهي زندگي اوتي ڇڏي. هن ڏٺو عرشنا بخار ۾ ڏيئي جيان ٻري رهي هئي. ڏيئي جو تيل ختم ٿي چڪو هيو. ان جي آلي وٽ ۾ ساهه جي آخري تند پساهه کڻي رهي هئي. عرشنا مري رهي هئي. هو ڪجهه نه پئي ڪري سگهيو. سندس دعائن جون سڀ آيتون بند ٻُڪ ۾ بي وسيءَ جا ڳوڙها ڳاڙي رهيون هيون. عرشنا بي سُڌ سندس سيني ڀرسان ساهه کڻندي رهي ۽ هو هر ساهه ۾ بادل بنجي بوندن کي ڳولهيندو رهيو. گمنام ڀٽڪي ويل بوندون جن ۾ مينهن جي ڳوڙهن جي خوشبوءِ هئي. حياتيءَ جي جستجو هئي. موڪلائنيدڙ زندگيءَ جي الوداعي چمين جي آلاڻ هئي.
    مايوسيءَ جي صحرا ۾ تاريخ جي اٺ جي پٺيءَ تي مرندڙ عرشنا جو وجود کڻي گهمندڙ وارث. ناسي خوابن جو سائو پکي. تاريخ جي وهڪري ۾ وهائجي ويل پيغمبرن جا لاش ڳولهي مزارون جوڙي ڇوٽڪاري جون دعائون گهرندڙ وارث. پٿر جو وارث. پلاس ايسٿينا جي ڍال تي مورگن جي مورتيءَ جو شڪار ٿيل وارث.
    وارث چيو، ”اي پلاس، ايسٿينا تنهنجي مورگن مونکي پٿر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. مون وٽ اکيون ڍڪڻ لاءِ ڪا اڳڙي نه هئي. اکيون ڍڪيان ها ته مورگن تي نظر نه پوي ها. تو وٽ نيڪي ۽ بديءَ جي ڪا تميز ڪونهي. تو وٽ حياتيءَ ۽ موت جو ڪو پيمانو ڪونهي.“ زلزلو آيو بت ڀڳا. ڪنڌ ٽٽا ته زيتون جي لام ڇڏڻ جهڙو آواز آيو. ڌرتيءَ ۾ چير پيو، هر شيءِ پاتال ۾ هلي وئي. وارث پاتال جو قيدي هيو، کيس پلوٽو نظر آيو. پاتال تي حڪمراني ڪندڙ بي تاج بادشاهه، سندس هٿ ۾ ڦٽڪو هيو ۽ ڪنهن عاشق جي دل چٻاڙي رهيو هيو. وڌي ان وٽ ويو ۽ عرض ڪيائين,
    ”پاتال کان ٻاهر ڌرتيءَ تي جيئڻ کان وڏو الزام ڪهڙو آهي. چاهت کان وڏو گناهه ڪهڙو ٿي سگهيو ٿو. مون تي الزام مڙهه ۽ سزا جو مستحق قرار ڏي جيئن گناهه گهٽجن. پاتال ۾ انسان ڪيتي جو لوڙهي ٿو. سزا ڏي ته ڇوٽڪارو حاصل ڪيان. ڀوڳنا جو در ڏيکار. ويراڳ ڏي ته ڀٽڪي آزاديءَ جو در کڙڪائي سگهان. ناسور ڏي ته پاتال جي باهه ۾ وهنجي شفاياب ٿيان. عرشنا جي ڀوڳنا منهنجي کاتي ۾ داخل ڪر ته ڀوڳي کيس مڪت ڪيان.“
    پلوٽو جون اکيون ٻرندڙ جبلن جهڙيون هيون. نرڙ جا گهنج بي رحم هيا.
    ”جيئڻ کان وڏي ڀوڳنا ڪهڙي آهي؟“ پلوٽو چيو، ”سڀ تڪليفون جيئڻ سان آهن. زندگي زهر جو پيالو آهي. جيڪو حياتي عطا ڪري ٿو. سڀ ثواب فنا ٿي ويل عبادتون آهن. سچ ڪنواريءَ جي پيٽ مان جنم وٺڻ جي انتظار ۾ آهي. سڀ حقيقتون ڪوڙ جا نقش و نگار آهن. پاتال ۾ سڀ ڀوڳي رهيا آهن. تون به ضرور ڀوڳيندين.“
    پلوٽو هن کي وڏو پٿر ڏنو ۽ حڪم ڪيو ته، ”ان کي جبل تي چاڙهي هيٺ لاهي ۽ وري جبل تي چاڙهي هيٺ لاهي. زندگيءَ جو مقصد اهوئي آهي.“
    هو سسيفس هيو. وقت جو سسيفس. زندگيءَ جي سزا ڪاٽيندڙ. ٿوهر جهڙو ڳردار. لوهه کان مضبوط جسم وارو سسيفس جنهن جي هٿن ۾ پٿر هيو جيڪو گهليندو جبل تي لاهي ۽ چاڙهي رهيو هيو. سندس نه ڪيل گناهن جو ازالو. زنجيرن ۾ قيد ڇوٽڪارو.
    وارث جڏهن پٿر لاهي چاڙهي ٿڪجي پهاڙ جي چوٽيءَ تي سمهي پيو ته پلوٽو حڪم ڏنو، ”هن کي زنجيرن ۾ جڪڙي پٿر سان ٻڌو وڃي.“
    هن کي اگهاڙو پٿر سان ٻڌو ويو ته سندس پيٽ تي ڳجهون لهنديون هيون ۽ جيرو کائي اڏامي وينديون هيون. روز رات جو نئون جيرو ٺهندو هيو ۽ وري ڳجهون ڏينهن جو کائڻ لاءِ لهنديون هيون. هو پروميٿيس هيو. لافاني جيري جو مالڪ جنهن مٿان ڳجهون ڪاري جهڙ جيان بيٺل هونديون هيون.
    هن هڪ ڏينهن رڙ ڪري پلوٽو کان پڇيو.
    ”اي ديوتا، عرشنا کي وري جيري جيان ڄمڻ جي شڪتي عطا ڪر. کيس لافاني ڪر جيئن بيماريءَ جون ڳجهون جيري جو زهر کائي فنا ٿي سگهن.“
    ”ڳجهون ڪڏهن فنا نه ٿينديون.“ پلوٽو چيو، ”ڳجهون سزائن جو بدليل روپ آهن. ڀوڳنائن جو اڏامندڙ پاڇو آهن. پيٽ ۾ پيل جيري جيان لڪيل خواهشون آهن. خواهشون روز جنم وٺن ٿيون ۽ روز مرن ٿيون. اسين پنهنجن هٿن جا زنجير پنهنجن هٿن سان ٺاهيندا آهيون. جيڪي ڄار اڻندا آهيون انهن ۾ پاڻ ڦاسندا آهيون.“
    ”پر عرشنا بي قصور آهي.“ وارث چيو. ”هن وٽ ڪي خواهشون نه آهن. گناهن جا ايڏا انبار نه آهن. ڪي وڏا ڏوهه نه آهن. سندس ڀوڳنائن جو سبب آخر ڪهڙو آهي؟“
    ”ڀوڳنائن جا سبب نه هوندا آهن.“ پلوٽو چيو، ”زندگي پاڻ ڀوڳنا آهي. زندگي اهڙي بيماري آهي جنهن جو علاج ڪٿي به موجود نه آهي.“
    وارث نااميد ٿي ويو. هو پٿر سان ٻڌل پيٽ اگهاڙي پروميٿيس جي وجود جو روح هيو. جڏهن روح ڳجهن جي پرن تي سوار اڏاڻو ته تارا ڇڻي چڪا هيا. اها تارن بنا رات هئي. اٽلانٽا ۾ ٻرندڙ جبل مٿان آسمان جي پيشانيءَ تي پگهر جون بوندون چمڪي رهيون هيون. چنڊ کي چار گڏهه گهلي رهيا هيا. چنڊ ارٿميس جي رٿ هيو. ان چهبڪ هڻي گڏهن کي روڪيو پئي ته گهڻو نه هينگن مخلوق جي ننڊ ڦٽندي. گڏهه کيس چئي ۾ نه هيا، اهي عرش تي مسلسل هينگندا ويا. ڌرتيءَ تي سمهيل مخلوق جا خواب اڌورا رهجي ويا.
    ”اي چنڊ ديوتا“ وارث چيو، ”چانڊوڪيءَ سان نواز جيڪا عرشنا جي وجود تي مرهم جيان هڻي ناسورن کي ٿڌو ڪيان.“
    ”توکي غلط فهمي آهي.“ ارٿميس چيو، ”مان ڪجهه نه آهيان. اپولو جو پاڇو آهيان. اولڙو آهيان. داغدار آئينو آهيان. مون ۾ منهن نه ڏسجانءِ داغدار ٿي ويندئين.“
    ”پر توکان افرودائتي سونهن اڌاري ورتي.“ وارث چيو، ”تنهنجو پاڇو پدمڻيءَ تي پيو ته جنگيون ڇڙي پيون. تون دنيا جي شاعرن جو مرڪز. حسينن جو آفتاب. تنهنجي چانڊوڪي رات جي راڻيءَ تي پوي ته خوشبوءِ اڀري. اي ديوتائن جا محور تنهنجي واتان مايوسيءَ جون ڳالهيون ٻڌي اندر اڌ ٿي ويو آهي.“
    ”تون سچ ٿو چوين.“ ارٿميس چيو، ”حقيقت ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه نه هوندي آهي.“
    هو مايوس ٿي اڏاڻو. ان وقت ايوس گلابي آڱرين سان اپالو لاءِ عرش جو در کولي رهي هئي. اپالو سج جي رٿ تي سوار هيو جنهن کي چوڏهن ڪتا گهلي رهيا هيا. عرش ۾ ڪتا ڀونڪي رهيا هيا. ڌرتيءَ تي ماڻهو هڏي لاءِ وڙهي رهيا هيا.
    اها ٽاڪ منجهند هئي وارث دانهن ڏيڻ لاءِ اپالو جي رٿ کي روڪيو ته ڪتن سندس ڀٽڪندڙ روح کي رتوڇاڻ ڪري ڇڏيو.
    ”روح جون ٻوٽيون جسم جي گوشت کان وڌيڪ ذائقيدار آهن.“ هڪ ڪتي ٻئي کي چيو.
    ”روح جون ٻوٽيون اڻ کٽ لافاني آهن.“ ٻئي ڪتي جواب ڏنو.
    اپولو سج جي شعلن مان ڪنڌ ڪڍي ڏسندو رهيو. هن ڏٺو ڪُتا ڏاڍا خوش هيا، توانا ۽ ڦڙت هيا. سندن رفتار تيز هئي. اپالو خوش ٿيو ۽ چهبڪ اڇلائي ڇڏيو.
    ”ڪتا خوش ته ڪائنات خوش.“ هن مرڪندي چيو.
    وارث جو روح ڳڀا ڳڀا ٿي ويو. ڪتا سندس روح جون آڱريون چٽڻ لڳا. ان ڏينهن سج جي رفتار تيز هئي. ڏينهن ننڍو ٿيو. مرندڙ عرشنا جي زندگيءَ جو کٽندڙ ڏينهن.


    7

    عرشنا جي زندگي ۽ موت بابت هن سقراط کان صلاح ورتي. سقراط چيو، ”هو سچ نه ڳالهائيندو، ڇو جو سچ حتمي يا حرف آخر نه آهي. سچ جبل تي ڌاڳي سان چڙهڻ برابر آهي. جبل جي چوٽي ڪنهن ڏٺي آهي؟ جيڪو جنهن منزل تي آهي اهو ان منزل کي سچ ڪوٺي ٿو. سچ مسلسل جستجو آهي. جستجوءَ جي انجام ۽ انتها کي ڪير ڇهي سگهندو چوڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. انسان جي زندگي ان لاءِ ناڪافي آهي ته پنهنجي ذات يا فطرت جي راز کي ڳولهي سگهي.“
    سقراط جي ڳالهه تي وارث کي حيرت لڳي.
    ”ته ڇا تون جيڪو زهر جو پيالو پيتو اها تنهنجي ناسمجهي هئي؟“ کيس سوال ڪيو.
    ”ڪلهه جا سچ اڄ ڪوڙ ۾ بدلجي چڪا آهن. ڪلهه جا ڪوڙ اڄ حقيقت جو روپ ڌاري چڪا آهن. نه سچ آهي نه ڪوڙ. ڪنهن ڏٺو آهي پردي پويان ڇا آهي؟ اسين حقيقت جي لٺ سهاري هلندڙ انڌا آهيون جيڪي مختلف راهن کان ايندي ٽڪرائجي رهيا آهيون. زهر جي پيالي پيئڻ کان مڌ جو پيالو بهتر آهي.“
    سقراط ڳالهائيندي جذباتي ٿي ويو، سندس ڏرا ڏئي ويل اکين مان ڳوڙها ائين ڪريا جيئن کاهيءَ ۾ خوف کان لڪيل سپاهي ميدان صاف ڏسي ٻاهر نڪتا هجن.
    ”ٻڌاءِ ڇا موت جو علاج ممڪن آهي؟“ وارث پڇيو.
    ”موت اهڙي بيماري آهي جنهنجو علاج ڪائنات جي آخري ڪناري تي لڙڪندڙ ناريلن جي پاڻيءَ ۾ موجود آهي پر ڪائنات جي آخري حد جو فاصلو حياتيءَ جي ڊيگهه کان گهڻو آهي. جتان سڀ اچن ٿا اتي ڪو جيئري پهچي نه سگهيو آهي. امرتا جي ماکيءَ کان موت جي ڏنگ جو ذائقو چڱو آهي.“
    ”موت ظالم آهي. موت اهڙو عادل آهي جنهنجي تارازيءَ ۾ ڪاڻ آهي. ان وٽ مهلت جا الڳ پيمانا آهن. ڊيگهه جا فرق آهن.“ وارث چيو.
    ”نه“ سقراط چيو. ”موت جي هيئت نه آهي. بناوٽ يا جسم نه آهي. موت حالت جو نالو آهي. اها حالت تڏهن نازل ٿئي ٿي جڏهن اسين پنهنجي توهين ڪيون ٿا. پاڻ تي ظلم ڪيون ٿا. نفسانفسيءَ جي ڊوڙ ۾ قدمن هيٺان زخمي ٿيون ٿا. جسم اسان کان معافي وٺي ٿو. هٿ ٻڌي ٿو. رحم لاءِ چوي ٿو ۽ اسين ان کي ماري وجهون ٿا.“
    ”پر عرشنا معصوم آهي.“ وارث چيو. ”سندس جسم جوان آهي. ان تي وقت جي تذليل جون ڪي به ريکائون نه آهن. نفسانفسيءَ جا گهنج نه آهن، سندس دل تيل ۾ ٻڏل نه آهي. موت جي اهڙي ناانصافيءَ کي ڪيئن روڪي سگهجي ٿو؟“
    وارث جي سوال تي سقراط منجهي پيو. هن وٽ ڪو جواب نه هيو. سچ ڪوڙ موت حياتي اهڙا سوال نظر آيا جن جا جواب عقل جي ڪنهن به تهخاني ۾ موجود نه هيا. سندس من چاهيو ته هو ڪوڙ ڳالهائڻ عيوض زهر جو پيالو پيئي. هن پاڻ کي ٽيهن قاضين جي عدالت جو مجرم محسوس ڪيو. ٽيهه ظالم قاضي جيڪي سچا هيا. هو ڪوڙ هيو. دنيا جو سڀ کان وڏو ڪوڙ. کيس ڪوڙ ڳالهائڻ عيوض قيد ڪيو ويو. هن کي قيد مان فرار ٿيڻ جو رستو پڻ فراهم ڪيو ويو. داروغي هن کان معافي گهري ۽ قيد جي کليل در ڏانهن اشارو ڏنو. سقراط قيد مان ڀڄڻ کان انڪار ڪيو. هن چيو، ”قانون انڌو هجي يا کيس اکيون هجن ڪو فرق نه ٿو پوي. قانون جو تعلق سندس موجودگيءَ سان آهي.“
    سقراط قيد کان نه ڀڳو. ارسطو هن ويجهو آيو ۽ چيائين.
    ”استاد افسوس آهي بي ڏوهي ماريو ويندين.“
    سقراط هن ڏي رحم جي نظرن سان ڏٺو.
    ”تنهنجي مرضي آهي ته مان ڏوهي ماريو وڃان؟“ هن جواب ڏنو.
    افلاطون پنهنجي چادر لاهي سقراط کي ڏيندي چيو.
    ”استاد هن ۾ منهن لڪائي هتان هليو وڃ.“
    سقراط هن کان چادر وٺي پري ڦٽي ڪئي ۽ چيو.
    ”چادر ۾ منهن لڪائڻ سان ڇا موت کي دوکو ڏئي سگهجي ٿو؟ ڇا آٽيڪا جي جيل ٻاهران موت موجود نه آهي؟“
    جلاد هملوڪ هن کي نيري مس جو پيالو ڀري ڏنو. سقراط وڏي صبر سان چپن تي آندو. هو مطمئن ٿي سمهيو ۽ مري ويو . موت طاري ٿيڻ جو تاثر ڪنهن اڳيان بيان نه ڪري سگهيو. وارث هن مٿان آيو ۽ سڏڪيا.
    ”اي عظيم استاد ويندي ايترو ته ٻڌاءِ اها واٽ ڪهڙي طرف وڃي ٿي؟“
    کيس لاش مان آواز آيو.
    ”خاموشيءَ مان اندازو لڳاءِ. ان ڳالهه جو جواب ڪير ڏئي سگهيو آهي؟“
    وارث مايوس ٿي آٽيڪا جي گهٽين ۾ ڀڳو. هڪ رستي تي آيو جنهن جي ٻنهي پاسن کان قطار ۾ بيٺل هرمس اعظم جي بتن جون منڍيون ڀڳل هيون.
    اهو يونان ۾ اسٽيواڪ فرقي جو عروج هيو. وارث گهر جي چانٺ تي بيهي تقرير ڪندڙ ايپيڪيو رس جي دامن کي جهلي ان آڏو عرشنا جي زندگيءَ جي سين هنئي. ايپيڪيورس اسٽيواڪ فلسفي جو باني هيو. اسٽيواڪ گهرن جي چانٺ تي بيهي تقريرون ڪندا هيا. ماڻهن کي سمجهائيندا هيا ته زندگي چئن ڏينهن جي مهمان آهي. ان کي فضول نه وڃايو. هر گهڙيءَ جو لطف وٺو. جيڪي آهي موجود آهي ان کانسواءِ ڪجهه نه آهي. اهوئي آهي جيڪو نظر اچي ٿو. ڪابه شيءِ اکين کان اوجهل نه آهي. ڪي به پردانه آهن ڪي به راز نه آهن. سڀ رمزون اگهاڙيون ٿي محفل ۾ رقص ڪري رهيون آهن. تون آهين. مان آهيان. هي آهي. هو آهي ۽ اهو ئي آهي جيڪو توهان اڳيان آهي. مصيبتن کي ڳلي لڳائي ڏکن مان لطف اندوز ٿيو. جام کڻو پر مُسرور رهو. طيش ۾ نه اچو عيش ڪيو ۽ مري وڃو.“
    ايپيڪيورس وارث کي ڪلهن ۾ هٿ وجهي اٿاريو ۽ دلفريب ٽهڪ ڏنو.
    ”اي الميا نگار سوفوڪلس جا ڀٽڪندڙ ڪردار“ هن چيو، ”مرندڙ مختصر زندگيءَ جي مالڪ عرشنا جي پيار جا دعويدار. تون ڪهڙو عاشق آهين محبوب کان ڏور رهي تاريخ جي رڻ ۾ ڀٽڪي رهيو آهين. ڪهڙن اڻ ڏٺل خوابن ۾ ڀٽڪي رهيو آهين؟ جاڳي هوش جي هڪ گهڙي مرندڙ محبوب سان گهاري ان کي امرڪر.“
    ايپيڪيورس پوءِ اهل ايٿينيا ڏانهن منهن ڪندي چيو،
    ”ٻوٽي ۾ گل جي مرجهائجي وڃڻ کان اڳ اهو ضروري آهي ته ان کي پٽي هار ۾ پوئجي.“
    وارث جي دل ڀرجي آئي.
    ”اي ايپيڪيورس“ هن چيو، ”منهنجي اڱڻ جا ڪارا گلاب سڙي چڪا آهن. گهر جي چانٺ تي ڪي اسٽيواڪ تقريرون نه ڪندا آهن. اتي ڪي نعل لڳل نه آهن. گهوڙا هڻڪندا نه آهن.“
    هو وري مايوس ٿي ڀڳو. شهر جي ٻي گهٽيءَ ۾ پهتو جتي فيشاغورث سائي چادر ويڙهي ويٺل هيو. اهو بت پرستن جي شهر ۾ روحن جون ڳالهيون ڪري رهيو هيو. اهو اواگوان جو پرچارڪ هيو. روحن جي تناسخ جو عقيدتنگار هيو. هن چوڌاري محفل ۾ اٺ نفس ويٺل هيا. چار انسان، چار حيوان. هڪ وارث هيو جيڪو نه انسان هيو نه حيوان. اهو خيال هيو جيڪو خوابن ۾ اڏامي رهيو هيو. وارث ڳالهايو ته ڄڻ عالم غيب مان آواز آيو.
    ”اي فيثاغورث ڪو اهڙو اواگوان نه آهي؟ اهڙو تناسخ نه آهي؟ جو روح ڪنهن حيوان ۾ پناهه وٺڻ بنا ڀٽڪي واپس پنهنجو جسم ڳولهي لهن؟ مونکي اهڙو عمل ٻڌاءِ جو روح جو رستو روڪي سگهجي، ان کي موڙي سگهجي. ڇا روح اهڙي رڍ جيان نه آهي جيڪا واڙ مان نڪري ته واپس واڙ ۾ ورائي وٺجي؟“
    فيثاغورث سائي چادر مٿي ڪري ڏٺو. هن کي ڪاري ويس ۾ ويٺل وارث نظر آيو.
    ”ڇا انسان آهين؟“ هن پڇيو، ”جي انسان آهين ته ياد رک جسم جهوپڙيءَ جيان آهي جيڪا هر موسم ۾ جهري ٿي. اها ڪرندي ۽ روح ٻي پناهگاهه حاصل ڪندو. عرشنا ڪريل عمارت جي هيٺان دٻيل آهي. موت ڇوٽڪارو آهي. اها آزاد ٿيندي ته سسلياجي چراگاهن ۾ گهمندڙ خوبصورت هرڻي هوندي. موت کان پناهه جي دعا نه گهر، ڇو جو روح زخمي ٿي پوندو. ڇا تون ڪڏهن شينهن جي منهن تي انسان جي ننهن جا نشان ڏٺا آهن؟ صحتمند عمارت ۾ روح سک جا ساهه کڻندو آهي.“
    ”اي فيثاغورث منهنجي عرشنا ڪا عمارت نه آهي. اها اهڙو کنڊر نه آهي جنهنجي ويران ڪنڊ جو ويٺل فقير آهيان. ڇا جهوپڙيون وري اڏي نه ٿيون سگهجن؟ ڊٿل عمارتون تعمير ٿي نه ٿيون سگهن؟ ڇا روح ايڏا بيوفا آهن جو مرمت جو انتظار نه ٿا ڪن. اواگوان ۾ روح ان عورت جهڙا آهن جيڪا هڪ رات به مرد بنا نه ٿي سمهي.“
    فيثاغورث کيس اخلاقيات تي خطبو ڏنو. وارث ڪنڌ جهڪائي ائين ويهي رهيو جيئن هن کي ويٺي ننڊ اچي وئي هجي. هو خواب ۾ سمهي پيو. جڏهن جاڳيو ته انهن ڏهه هزار سپاهين ۾ شامل هيو جيڪي وطن جي ڳولها ۾ نڪتا هيا، انهن جي رهنمائي زينوفون ڪري رهيو هيو.
    سپارٽا جا ڏهه هزار جوڌا جن ڊگهين ٻانهن واري اردشير اڳيان تلوارون ڦٽيون نه ڪيون. سپارٽا جا اشتراڪيت پسند جن جي گهرن ۾ بورچيخانا نه هيا. کاڌي وقت شهر جا ماڻهو طعامگاهه ۾ ڪٺا ٿيندا هيا ۽ هڪجهڙو کائيندا هيا. هر پنجن سالن کانپوءِ گهر مٽائيندا هيا جيئن عمارتن جي مالڪيءَ جو ڪو دعويدار نه هجي. سندن هر شيءِ قومي امانت هئي. ڪا ذاتي ملڪيت نه هئي. هڪ دفعي اپيلياس گڏيل کاڌي جي ميز تي سڀني کان سوال ڪيو، ”اسان وٽ ڪا نجي شيءِ نه آهي سواءِ زالن جي ڇا اهو قانون جو انحراف نه آهي. جڏهن هر شيءِ گڏيل ملڪيت آهي ته زالن جي نجي هجڻ جو ڪهڙو سبب؟“
    ان ڳالهه تي کيس الڪوسوس يخنيءَ جو پيالو هڻندي چيو، ”ياد رک غيرت نجي شيءِ آهي جيڪا فطرت ۾ شامل آهي.“ اپيلياس اهڙي جٺ تي جوش ۾ نه آيو. هن رومال سان منهن اگهندي چيو،
    ”منهنجو اهو مطلب نه هيو. چوڻ پئي چاهيم ته ٻار جن کي فوج ۾ شامل ڪري وڙهڻ جي ترغيب ڏني وڃي ٿي، شهيد ٿين ٿا ته ڏک ٿئي ٿو. زالون مشترڪه هونديون ته ٻار تي فرد واحد جو نالو نه هوندو. ڪا خبر نه پوندي ته جنگ ۾ ڪير شهيد ٿيو، ڪنهن جي وڇڙڻ جو ڪو ڏک نه ٿيندو. اسين اشتراڪيت تي مڪمل عمل ڪري ڏکن کي اڃان به گهٽائي سگهون ٿا.“
    ان کان اڳ جو ماڻهو بحث ڪري مٿا ڦاڙين. فلاسافر زينوفون اڳتي وڌيو ۽ وچ ۾ اچي سڀني کي خاموش ڪندي چيو. ”سياست ۾ مذاق جي اجازت نه آهي. اسين سڀ قوم جي امانت آهيون. ڪو ننڍو وڏو نه آهي. ڪو سهڻو ڪوجهو نه آهي. اسان جي ملڪ جا ڪوئا اردشير جي سپاهين کان دلير آهن. اسين عظيم معاشري جا اڳواڻ آهيون.“
    زينوفون ڳالهايو ته سڀ ٿڌا ٿي ويا. هيٺ ڪنڌ ڪري کائڻ لڳا. سندن کاڌي ۾ لوڻ جو ساڳيو مقدار هيو.
    پيءُ جي موت کانپوءِ ايران جي ٻن ڀائرن سائرس ۽ اردشير وچ ۾ اقتدار جي ويڙهه هلي. سائرس مدد لاءِ سپارٽا کي سڏيو. سپارٽا جا ڏهه هزار فوجي فرات ڪناري پهچي ويا، انهن سائرس جي مدد ڪئي. جنگ هلندي سائرس قتل ٿي ويو ۽ سپارٽا جا ڏهه هزار فوجي فرات کان دجلا جي ٻئي ڪناري برپٽ ۾ رلي ويا. اردشير انهن جو رستو روڪيو. ڏهه هزار فوجي همت هاري ويٺا، انهن جي اکين اڳيان موت نينوا ۾ نمرود جي خدائي مينار جيڏو ٽوپ پائي ڪاري جبي ۾ هٿ وجهي گول ڦرڻ لڳو. زينوفون مياڻ مان قلم ٻاهر ڪڍيو.
    ”خبردار“ هن چيو، ”همت نه هارجو. اسان کي وطن واپس پهچڻو آهي. درياهن ۽ دشمنن اسان جا رستا روڪيا آهن. پر هڪ رستو کليل آهي جيڪو اڻ ڏٺل آهي. جنهن کان ڪوبه سونهون نه آهي جيڪو ڏور برفاني جبلن ڏي وڃي ٿو. جتي آرمينيا جا ڀورا رڇ رهن ٿا. ان کان پري اڇا ڪانءَ ڄمن ٿا ۽ انڌا باز جيڪي ٽئين اک سان شڪار ڪن ٿا.
    زينوفون جڏهن اتر جو سفر شروع ڪيو ته رستن تي ڄميل برف جا پهاڙ ٽڪيندي پويان ايندڙ وارث جون آڱريون نيريون ٿي ويون. زينوفون جي قلم جي مس ڄمي وئي. هن ان کي جڏهن پرجوش تريءَ تي رکيو ته اها رجي رستن تي ٽمڻ لڳي. زينوفون جو سفرنامو رستن تي موجود پهاڙن جي پٿرن تي لکيل آهي جيڪو اتان ڏسي صفحن تي نقل ڪيو ويو. رستن جي برف ٽڪيندي سپاهين جون آڱريون ڳري ويون. اهو ڏکيو ۽ ڊگهو رستو هيو. زينوفون جي رهنمائيءَ ۾ انهن همت نه هاري. اهي وطن دوست مصيبتن کي منهن ڏيندا اڳتي وڌندا رهيا. زينوفون جيڪو سقراط جي شاگردن مان هيو. ان هڪ جبل جي اوٽ ۾ گوڏن ڀر ويهي اڻ ڏٺل کي پڪاريو. ”اي نظر نه ايندڙ ديوتا. توکي ڪهڙو نانءُ ڏيان. اي جيوپيٽر خلقڻهار. اي زيوس جا خدا. رهنمائي ڪري دڳ ڏيکار. ڇا ڪوهستانن جون قطارون تنهنجي در کٽن ٿيون؟ ڇا انڌن رستن جي اوٽ ۾ تنهنجيون اکيون لڪيل آهن. ڊگها رستا گناهگارن لئي هوندا آهن. مونکي مختصر ڪر جيئن منزل ماڻي سگهان.“
    جڏهن دعا گهري رهيو هيو ته هن ڀرسان وارث ويٺل هيو. ان جا هٿ مٿي هيا پر آڱريون ڳريل هيون.
    ”اي فلسفي جوڌا.“ وارث چيو، ”دعا لاءِ کنيل هٿن جون آڱريون حسرتن جيان ڏڍيل آهن. ٻڪ کي رحمتن جهلڻ جي سگهه نه آهي. تون ٻڪ اڌارو ڏي جيئن اڻ ڏٺل کان عرشنا جي حياتيءَ جي خيرات وٺي سگهان. لافاني قلم ڏي جيئن آسماني لوح ۾ ترميم ڪري سگهان. تنهنجن ڀٽڪيل سپاهين جيان عرشنا زندگيءَ جو رستو ڳولهي رهي آهي سندس رهنمائي ڪر.“
    زينوفون کيس آڱريون ڏيکاريون اهي ڌاڳي سان ٻڌل قلم هيا. سندس هٿ تريون ٿوهر جيان هيون جن جي ڪنڊن ۾ زخمي دعائون لڙڪي رهيون هيون.
    ”زخمن کانسواءِ ڪجهه نه آهي.“ زينوفون چيو، ”پيرن جي لڦن جو روڳ برف ٿي چڪو آهي. اکين جا ڳوڙها جذبن جيان سرد ٿي چڪا آهن. مونکي معاف ڪر. مون وٽ مرندڙ گهوڙي کانسواءِ ڪجهه نه آهي. مرندڙ گهوڙي جو ماس هضم ڪري سگهين ته شاندار شهسوار آهين باقي ان جا نعل ڪنهن ڪم جا نه آهن. چوين ته توکي ڏيان پر هڪ قدم هلي نه سگهندين“.
    زينوفون وارث سان ڳالهائيندو رهيو ته سندس ڪلهن تي ڄميل برف اڇي ٻگهه ۾ تبديل ٿي وئي جنهن کيس خوشخبري ڏني ته سمنڊ ويجهو آهي. هو اٿيو ڪيسپئن سمنڊ وٽ پهچي قسطنطنيا ۾ داخل ٿيو. سپارٽا جا اهي سپوت وطن پهتا ته روئي سجدو ڪري وطن جي مٽيءَ کي مٿي ۾ وڌو. انهن جو تعداد اٺ هزار ڇهه سؤ ٻاهتر هيو. جن ۾ وارث شامل نه هيو.


    8

    وارث مقدونيا جي فيلقوس جي مزار جو مجاور هيو. مزار جنهن جي هر پٿر تي چتر هيا. چترن ۾ اولمپيا جي ڊوڙندڙ رٿن جي قطارن جا عڪس هيا، جن ۾ جيئرا گهوڙا ڄڻ پٿرن ۾ هڻڪي رهيا هيا. سندس زال المپياس جون مورتيون مزار جي چئن ڪنڊن کان لڳل هيون.
    هڪ مجاور جنهن کي چانٺ تي ويٺي ٻه هزار سال ٿي ويا. هن جا وار اڇا ٿيا، وري ڪارا ۽ وري اڇا. سندس ڍلي چمڙي جسم تي ڪپڙي جيان لڙڪڻ لڳي. آڱرين جا وڌيل ننهن جن ۾ ماضيءَ جو روڳ ڀريل هيو. مٿي جي وارن جون چڳون پراڻين اڳڙين جيان لڙڪي رهيون هيون هن فيلقوس کي ٻاڏايو.
    ”اي فاتحن کي جنم ڏيندڙ. اي سڪندر جا پيءُ. ڇا تنهنجي سيني ۾ اهو خنجر اڃان لڳل آهي جيڪو توکي ڌيءَ جي شاديءَ جي تقريب ۾ هڪ رئيسزادي ٺوڪيو هيو؟ جادوئي خنجر جيڪو تنهنجي سيني مان مقدونيا جو ڪوبه جوڌو ڇڪي ٻاهر ڪڍي نه سگهيو. ان خنجر جي هڪ پاسي شفا جا ڪلما آهن ۽ ٻئي پاسي موت جا مڪالما. اجازت ڏي ته تنهنجو سينو کولي شفا جا ڪلما پڙهي سگهان. شل ان خنجر کي تنهنجي سيني مان ڪڍي موت جا مڪالما مٽائي سگهان.“ اهي يونان جي اسيريءَ جا ڏينهن هيا. مقدونيا مان اٿندڙ طوفان ان کي لوڙهي ڇڏيو. بلغاريا جي اوندهه ۾ گم غير مهذب علائقي مان فيلقوس خوفائتن ڪرڻن جيان اڀريو ۽ يونان دهلجي ويو. اهي همت هاري ويٺا، انهن جي همت وڌائڻ لاءِ ٻاتو مقرر ڊيمانٿيسز اڳتي وڌيو. اهو تقرير ڪندي ائين هٻڪي رهيو هيو جيئن زبان کان ڪم وٺڻ لاءِ ان کي چهبڪ هڻندو هجي. بازار ۾ بيهي ٻڌندڙ سندس نڪرندڙ لفظن جو انتظار ڪندا هيا. ان کان اڳ جو لفظ نڪرن ٻڌندڙ هليا ويندا هيا.
    ڊيمانٿيسز سمنڊ ڪناري ويو. پٿر جا ذرا وات ۾ وڌا ۽ لهرن سان مخاطب ٿيو.
    ”اي شور مچائيندڙ لهرون خاموشي اختيار ڪيو ۽ مونکي ٻڌو منهنجا لفظ بهادر سپاهي آهن، زخمي آهن پر وڙهي رهيا آهن. اهي ايٿينس جي اميرن جيان اطلس جون پوشاڪون پهريل نه آهن، جيڪي محلاتن ۾ شڪست جا منتظر آهن. اي ميڊيٽرينين جون لهرون توهان ڪيڏيون نه عظيم آهيو هڪ ٻئي پويان ڪناري سان ٽڪرائجي ٽڪر ٿيڻ کان پوءِ به وري اڳتي وڌو ٿيون.“
    هٻڪ ڊيمانٿيسز کي ايٿينس جو وڏو مقرر بڻائي ڇڏيو، سندس تقرير جو وار تلوار جي ضرب کان سرس ثابت ٿيو. وارث جيڪو اٿينس جي گهٽين ۾ خاڪ ڇاڻي شفا ڳولهي رهيو هيو. ڊيمانٿيسز جي تقرير کان ايڏو ته متاثر ٿيو جو فيلقوس سان ويڙهه لاءِ تيار ٿي ويو. هو يونان جي فوج جو زخمي گهوڙو هيو جيڪو پويان اچي رهيو هيو. سندس پٺيءَ تي اهو رئيسزادو سوار هيو جنهن جي چيلهه ۾ ٻڌل خنجر سان فيلقوس جو موت واقع ٿيڻو هيو. اهو ناياب خنجر جنهن تي شفا ۽ موت جا ڪلما درج ٿيل هيا، جنهن جي هڪ ڌار ۾ موت جو انجام هيو ۽ ٻئيءَ ۾ زندگيءَ جو پيغام.
    زخمي گهوڙو منڊڪائيندو جڏهن ڪردينيا پهتو ته دير ٿي چڪي هئي فيلقوس يونانين جا مڙهه چتا تي چاڙهي رهيو هيو. سڙندڙ گوشت جي دونهي ايٿينس مٿان اڏامندڙ ڳجهن کي پريشان ڪري ڇڏيو. فيلقوس جنهن جي سيني ۾ رئيسزادي جو خنجر ويو ته سٽ ڏئي ڪير به ڪڍڻ وارو نه هيو. اهو سندس ڌيءَ جو ڪاج هيو جيڪو فتح جي چوٿين سال ڪردينيا ۾ ٿيو. رئيسزادي درٻارين وچ ۾ اچي کيس خنجر وهايو. خنجر غروب ٿي ويو جنهن کي حاصل ڪرڻ جي حسرت وارث جي سيني ۾ دٻجي وئي. وارث تاريخ جي مزار جو مجاور هيو . گنبذ تي اڏامندڙ پاريهر هيو. هن جي عرشنا جنهن جي جسم ۾ بيماريءَ جو زهر ڌرتيءَ تي نفرت جيان ڦهلجندو پئي ويو جيڪا موت کي ائين ويجهي پئي ٿيندي وئي جيئن سمنڊ ۾ ٻه ٻيڙا لڙائيءَ وقت ٽڪرائجڻ وارا هجن.
    سڪندر ڄايو ته ان ڏينهن شهر جي بتخاني کي باهه لڳي. باهه لڳندي آهي ته سڀ کان پهريون ڪتاب سڙندا آهن. بت جيڪي ديوتائن جا ٺوٺيلا وجود هيا جن جي اڇي مرمر ڪاراڻ ۾ ڦري وئي ۽ اهي قهري ٿي پيا. هڪ نجوميءَ چيو، ”بتخاني جي باهه اهو ظاهر ڪري ٿي ته سڪندر ايشيا جي جهر جهنگ ۾ باهه لڳائنيدو.“
    ارسطوءَ اهو پيالو لڪائي رکيو هيو جنهن ۾ سقراط کي زهر ڏنو ويو هيو. ان ۾ خاص ڏڻن تي شاگردن کي امر جل پيئاريندو هيو.
    جڏهن سڪندر چوڏهن سالن جو ٿيو ته امرجل پيئڻ کانپوءِ سندس مڇن جي ساول ۾ بوندون اٽڪي پيون. هٿ هڻي انهن کي صاف ڪيائين ۽ مدرسي ۾ خوبصورت قليطوس تي عاشق ٿي پيو. هو ان کي پنهنجي گهوڙي بوقيفانوس تي ويهاريندو هيو. گهوڙو سڪندر جي وجود کانسواءِ سندس دوست جو وزن برداشت ڪندو هيو. ان گهوڙي تي ٻيو ڪوبه سوار نه ٿي سگهيو جيڪو سندس واڳ کان وٺندو هيو ان کي اڳيان کر هڻي هيٺ ڪيرائي ڇڏيندو هيو. بوقيفانوس اڇي رنگ جو گهوڙو هيو جنهن جي سٿرن تي هڪ پاسي ايران ۽ ٻئي پاسي سنڌ جي نقشن سان ملندڙ قدرتي ڪارا چٽ هيا. تڏهن سڪندر شاعر هيو. رات جو سمهي ستارا ڏسي سوچيندو هيو ۽ چنڊ ڏسڻ سان بي چين ٿي ويندو هيو. هن جي وهاڻي هيٺان هومر جو ڪتاب رکيل هوندو هيو. هن هرمس اعظم جي بت اڳيان ڪنڌ کڻي چيو، ”منهنجو پيءُ فيلقوس هرڪيولس جي شجري مان آهي ۽ ماءُ المپياس ٽرائي جي اڪيلس مان. آئون آسمانن جو شهزادو آهيان جنهن جو وجود شينهن جي کل ۾ ويڙهيل آهي. زخمي اڪيلس جو روح آهيان جنهن جي کڙي لوهه کان مضبوط آهي. مان ڌرتيءَ جو آخري ديوتا آهيان.“
    هرمس جي بت جي مرڪ ائين گم ٿي وئي ڄڻ سندس وات تي ويٺل پکي اڏامي ويو هجي.
    سڪندر ايران تي حملو ڪيو. مقابلي لاءِ دارا جو نائب شهريار ميدان ۾ آيو. شهريار کي شڪست آئي. سڪندر طرطوس ۾ داخل ٿيو. اهي گرميءَ جا ڏينهن هيا. سج سوا نيزي هيو. ماڻهو گرميءَ کان نه، سڪندر کان گهرن ۾ لڪيل هيا. سڪندر قدنوس درياهه جي ٿڌي پاڻيءَ وهنجيو ته تپ ۾ وٺجي ويو. جنهن خيمي ۾ سمهيل هيو اهو عرشنا جي ڪمري جهڙو هيو. وارث اتي موجود هيو. حڪيم فلپ سڪندر جو علاج ڪري رهيو هيو، ڪاراٺيل جسم جو علاج جيڪو قدنوس درياهه جي ٿڌي پاڻيءَ ۾ سڙي رک ٿي چڪو هيو.
    ”اي فلپ ڪا اهڙي ستي ڏي ته زرتشت جي کوري جهڙي باهه ٿڌي ٿي. شفا جو ڇنڊو هڻ. ٻرندڙ کي وساءِ.“
    فلپ هن کي ڪاري دوا پيئاري. سائي دوا پيئاري. ڳاڙهي دوا پيئاري. ست رنگي پيئاري ۽ اهڙي دوا پيئاري جنهن جو ڪو رنگ نه هيو. سڪندر جو من آتشڪدو هيو سندس جسم جلي رهيو هيو. فلپ جي دوا ۾ سسليا جي مندرن ۾ ٻرندڙ ڏيئن جو تيل سمايل هيو. تيل جيڪو سڪندر کي ٻاري رهيو هيو.
    وارث هرڻ جي منڍي پائي ڀت ۾ ٽنگيل هيو سندس اکين جي چرپر اتي رکيل دوائن جي بوتلن ۾ نظر اچي رهي هئي، کيس فلپ جي ست رنگي دوا چورائڻي هئي جنهن ۾ عرشنا جو ڇوٽڪارو نظر اچي رهيو هيو. دوا جنهن جو ڪو رنگ نه هيو. ان ۾ وارث جون اکيون ٻڏل هيون. ٻه اکيون بستري تي بيمار اڌ اگهاڙي سمهيل سڪندر جي ڪليءَ ۾ لڙڪندڙ ورديءَ جي پاسن کان لڳل ٻن خوبصورت بٽڻن جهڙيون اکيون جن ۾ اميد چمڪي رهي هئي. عرشنا جي شفايابيءَ جي اميد. ان کان اڳ جو حڪيم فلپ بوتل مان دوا ڪڍي سڪندر کي پيئاري وارث اها لڪائڻ چاهي پر هڪ خابرو جيڪو گهوڙي تي سوار تيز اڏامندو اچي اتي پهتو هيو. ان هڪ خط سڪندر حوالي ڪيو. سڪندر خط کولي پڙهيو. اهو هن جي هڪ بي وفا دوست جو هيو جنهن وفا جا ڍُڪ ڀريندي کيس خبردار ڪيو هيو،
    ”حڪيم فلپ ايران جي بادشاهه دارا سان مليل آهي. ان کي اهڙيون دوائون ڏئي رهيو آهي جن ۾ زهر مليل آهي.“
    سڪندر خط پڙهيو ته سڀ دوائون حڪيم فلپ کي پيئاريون. حڪيم فلپ بخار ۾ وٺجي ويو. هو ان ساڳي بستري تي سمهيو جنهن تان سڪندر شفاياب ٿي اٿيو. وارث چمڙاپوش ٿي فلپ مٿان آيو ۽ چيو،
    ”اي دوائن کي مارڻ ۽ جيئارڻ جي سگهه عطا ڪندڙ، جيڪڏهن زهر ترياق آهي ته مونکي عطا ڪر. وچ سير ۾ ٻڏندڙ پاڻ کي بچائڻ لاءِ ترندڙ نانگ ۾ هٿ وجهندو آهي. مان عرشنا جي چپن تي هر رنگ آزمائڻ لاءِ تيار آهيان.“
    حڪيم فلپ رُنو. ان جي ڳوڙهن ۾ سيسليا جي مندرن جي ٻرندڙ ڏيئن جي تيل جي بوءِ هئي.
    ”دنيا جي هر دوا زهر جو بگڙيل روپ آهي.“ فلپ چيو. ”زهر ماريندو آهي مرض کي يا مريض کي. ڪو اهڙو زهر ايجاد نه ٿيو آهي جيڪو موت کي ماري وجهي.“
    مرڻ کانپوءِ حڪيم فلپ جو جنازو جڏهن خاموشيءَ جي مينار تي پهچايو ويو ته سڀ ڳجهون هجرت ڪري چڪيون هيون. تپندڙ سج هيٺان سندس جسم ميڻ جيان رِجي ويو. خاموشيءَ جي مينار هيٺ ڦهليل وسيع ميدان ۾ دارا سان آخري مقابلي جي تياري ٿي رهي هئي. وارث ڏٺو سج آئينو هيو جنهن ۾ ديوتا جو منهن چمڪي رهيو هيو. سندس اکين اڳيان اوندهه اچي وئي ڏينهن رات ۾ تبديل ٿي ويو. رات جي وهاڻن ۾ ڪپهه جهڙا خواب ڀريل هيا. وهاڻو جيڪو ٻن حصن ۾ ورهايل هيو. عرشنا جو اڌ وهاڻو جنهن تي ليٽي هوءَ موت ڏانهن ويندڙ رستي تي زندگي ڳولهي رهي هئي. ٻيو اڌ جنهن تي وارث ننڊ ۾ ائين سڏڪي رهيو هيو جيئن خوابن جي چوراهي تي وڃائجي ويل ٻار هجي. هن عرشنا جي سيني تي ڪنڌ رکي ڌوڻيو سندس من ۾ اڃان زندگيءَ جو پاڻي ڇلڪي رهيو هيو. هن خواب ۾ عرشنا جي چپن تي چپ رکيا ته ڏينهن ٿي ويو. سج هڪ نئين خواب جيان اڀري اوندهه کي جنم ڏنو.
    هو خاموشيءَ جي مينار تي ويٺل ڳيرو هيو، سندس گيڙو کنڀن هيٺان دل ڏڪي رهي هئي. هن هيٺ وسيع ميدان ۾ ڏٺو. دارا جو اهو آخري معرقو هيو جنهن ۾ ٽي سو پنجهٺ ننڍا ڳپرو ڪلهن تي باهه جا چلها کڻي لشڪر جي اڳواڻي ڪري رهيا هيا. سج جهڙي رٿ تي دارا سونين تارن مان اڻيل عبا پائي جنگ جي ميدان ۾ اچي رهيو هيو. فوجين جي ڪپڙن تي هيرا جواهرات جڙيل هيا. جڏهن جنگ ۾ پهريون لاش ڪريو ته رت جي بوءِ تي لامارا ڏيندڙ پکي نه هيا. وارث رحمدل ڳيرو هيو. ماس نه پئي کائي سگهيو پر انسانن جي معدن ۾ موجود اناج هن لاءِ ذخيرو ٿيل هيو.
    دارا شڪست کائي يروشلم ڀڄي ويو. سڪندر ايران جو فاتح هيو. دارا جي ماءُ سيسيگمبس آڻ مڃي سڪندر جي استقبال لاءِ تيار ٿي وئي. ننڍي قد وارو سڪندر جڏهن همبستري ڪندڙ خوبصورت فيسٽون کي ساڻ ڪري ان سامهون آيو ته دارا جي ماءُ سهڻي فيسٽون کي مقدونيا جو سڪندر سمجهيو. ان اڳتي وڌي فيسٽون جو آڌرڀاءُ ڪندي چيو،
    ”ايران جي ڌرتيءَ تي توهان کي ڀليڪار چوان ٿي ۽ درخواست ڪيان ٿي ته آڻ مڃڻ کانپوءِ اميد ته ڪنهن کي قتل نه ڪيو ويندو.“
    اهڙي ماجرا ڏسي خاموشيءَ جي مينار تي ويٺل وارث کان ٽهڪ نڪري ويو. هن سوچيو، ”بيشڪ دنيا ۾ حڪمرانن کان وڌيڪ انهن جي يارن جي عزت آهي.“ سڪندر اڳتي وڌي سيسيگمبس جي مٿي تي هٿ رکيو.
    ”سڪندر اهو نه مان آهيان.“ هن چيو. ”پر ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي. دوست جو شان به اهڙو ئي آهي جيئن منهنجو.،
    ايران جي فتح کانپوءِ سڪندر يروشلم ۾ پناهه وٺندڙ دارا پويان اتي پهتو ته قلعي جا در بند ڪيا ويا. قلعي جي درن جي وٿين ۾ اکيون ڀريل هيون. خوف کان وٿيون ايڏيون ته سوڙهيون ٿي ويون جو اکين مان رت جا ڳوڙها ٽِمڻ لڳا.
    مصيبت وقت هيڪل سليمانيءَ جو يدوا ٽوپي لاهي عبادت ڪندو هيو. سندس ٽوپي ميز تي رکيل هئي. وارث ٽوپيءَ ۾ لڪيل هيو. اهو ٽوپيءَ جي ڄاريءَ کان ٻاهر ڏسي رهيو هيو. يدوا حضرت هارون جا اڇا ڪپڙا پائي رب کي ٻاڏائي رهيو هيو.
    ”الاهي، ايندڙ آفت کان پناهه ڏي.“
    وارث يدوا جي ٽوپيءَ هيٺان پاڻ کي ڏاڍو محفوظ محسوس ڪيو. ”هيڪل سليمانيءَ جي يدوا جي ٽوپيءَ کان وڌيڪ ڪهڙي پناهگاهه ٿي سگهي ٿي.“ هن ڏٺو ٽوپي آر سان اڻيل خيمي نما هئي جنهن جي سوراخن مان رحمت جا ڪرڻا اندر اچي رهيا هيا.
    ”تنهنجي ٽوپيءَ کان وڌيڪ ڪهڙي پناهگاهه آهي. اي يدوا، مان ان ۾ عرشنا کي لڪائيندس.“ هن منٿ ڪندي چيو.
    ”اي الاهي“ يدوا رب کي پڪاريو، ”پناهگاهون خطري ۾ آهن تون ڪٿي لڪيل آهين.“
    يدوا تي الهام ٿيو. دانيال نبيءَ جا ڀت تي ڏٺل پراڻا لفظ ڪلراٺين ڀتين مان ڇڻي پيا.
    ”مقدونيا جي ٻڪر کي روڪڻ جي ڪوشش نه ڪجو نه ته ڌوڻا هڻي در ڪيري وجهندو.“ يدوا ٻاهر ڀڳو ۽ هن رڙ ڪندي چيو.
    ”قلعي جا در کوليا وڃن. سڪندر جو رستو روڪڻ مقدر سان ٺڳي آهي.“
    سڪندر يروشلم ۾ داخل ٿيو ته هيڪل سليمانيءَ جي ڀت کي ان هنڌ چميو جتي سوراخ ۾ ويٺل وڇون پاڻ کي ڏنگي رهيو هيو. سڪندر يدوا جي نوراني منهن ڏي ڏٺو ۽ چيو،
    ”بيشڪ تون ئي اهو شخص آهين جنهن خوابن ۾ مونکي فتحن جي بشارت ڏني.“
    هن هيڪل سليمانيءَ جي آرائش لاءِ ايران مان لٽيل اشرفين جي ٿيلهي يدوا حوالي ڪئي. اشرفين تي دارا جي مورت هئي. اهو پڻ اعلان ڪيو ته هي اشرفيون نه اشتهار آهن جيڪو دارا کي جيئرو يا مردو گرفتار ڪندو ان کي بابل ٻاهران بخت نصر جي باغ جا چار سؤ ايڪڙ انعام ڏيندس.“
    يدوا خوش ٿي هيڪل سليمانيءَ ٻاهران سڪندر جي ياد ۾ ٻڪر جو مجسمو ٺهرايو. وارث سج لهڻ کان اڳ مجسمي سامهون ويو ۽ گوڏن ڀر ويهي عرض ڪيائين،
    ”اي مقدونيا جا سردار، جيڪڏهن دارا جو ڏس ڏيان ته ڇا انعام ۾ زندگي عطا ڪري سگهندين؟ موت کي مات ڏئي سگهندين؟ قدرت کان ڪجهه ڏهاڙا کسي مون حوالي ڪري سگهندين؟ ته پوءِ ٻڌ. دارا تنهنجو ڀاءُ آهي. تون فيلقوس جو فرزند نه آهين. تنهنجي ماءُ المپياس دارا جي پيءُ وٽ رهي هئي. تون ان جو تُخم آهين.“
    جڏهن وارث پوئتي نهاريو ته لهندڙ سج ۾ سندس پاڇو نه ٺهي رهيو هيو. سوچيائين خوابن ۾ گهمندڙن جا پاڇا نه ٺهندا آهن.“ پوءِ چيائين، ”ها ڀتين جيان پاڇن کي به ڪن هوندا آهن.“ ان ڏينهن المپياس مقدونيا ۾ پٽ کي ياد ڪري ڏاڍو رُني. هن هڪ خط لکي قاصد کي ڏنو. قاصد جڏهن يروشلم پهتو ته سڪندر پڙهي اکين تي رکيو ۽ چيو، ”امڙ تنهنجو هڪ ڳوڙهو منهنجي پوري لشڪر کي وهائي وڃڻ لاءِ ڪافي آهي.“
    جڏهن سڪندر بااختر پهتو، دارا پنهنجن ٻن سپاهين هٿان قتل ٿي چڪو هيو. سڪندر رُنو. چوغو لاهي هن مٿان وڌائين. شان ۽ شوڪت سان لاش بابل روانو ڪيو. دارا جي ماءُ سيسيگمبس پنهنجن هٿن سان لاش خاموشيءَ جي مينار تي ڇڏي آئي. هن ڪنڌ ورائي مٿي نهاريو. ڪابه ڳجهه نه هئي. تيز سج چمڪي رهيو هيو. هڪ ڳيرو ويٺل هيو جنهن جي دل ڏڪي رهي هئي. فتح جي نشي ۾ چور سڪندر جشن ملهائيندي گهڻو شراب پئي مدهوش ٿي بود مان تلوار ڪڍي ويجهي يار قليطوس جو ڪنڌ ڪٽي وڌو. هوش ۾ آيو ته افسوس مان چيو، ”مون کي معاف ڪجانءِ هوش ۾ نه هيس. اميد آهي توکي ڪنڌ ڪٽجڻ جو درد محسوس نه ٿيو هوندو. تون وجدان جي ان اوچائيءَ تي هئين جتي ڌڪ لڳندي ان جو عذاب محسوس نه ٿيندو آهي.“
    مرندڙ قليطوس جو روح فينيڪس پکيءَ ۾ تبديل ٿي ويو. امر پکي جن ۾ لازوال روح وسندا هيا. عاشقن ۽ شهيدن جا نانءَ فينيشيا ۾ اڏرندڙ ست رنگي پکين جي پرن تي لکيل هوندا هيا. باهه جا پکي جيڪي رک ٿيندا هيا ۽ رک جنهن مان وري جنم وٺندا هيا.
    فينيشيا جو شهر ’طائر‘ جنهن مٿان اهو نالو انهن پکين پويان پيو. جڏهن سڪندر طائر ۾ داخل ٿيو ته ڪنهن کيس فينيڪس پکي تحفي ۾ ڏنو. سڪندر پکيءَ کي آزاد ڪندي چيو،
    ”قانون پکين تي لاڳو نه آهي. پکي آزاد آهن. هوائن ۾ سڪندر لاءِ ڪي سرحدون نه آهن.“
    وارث طائر شهر جو غلام هيو. تهه خاني ۾ چيتي جون کلون رنگيندو هيو. اسيريا جي ٻيلن مان شڪار ڪيل چيتا جن جي کلن مان سڪندر ۽ سندس ساٿين جا جوتا جوڙيا ويندا هيا. هن هڪ خوبصورت جوتو جوڙي سڪندر کي پيش ڪيو. سڪندر خوش ٿيو. چيائينس، ”جيڪي گهرڻو اٿئي گهر.“
    ”فينيڪس پکيءَ کان عمر اڌاري وٺي ڏي.“ هن چيو، ”امرتا جو ڪجهه حصو مون حوالي ٿئي ته جيڪر مرندڙ عرشنا کي جيئندان ڏئي سگهان.“
    سڪندر مرڪيو ۽ چيو،
    ”عمريون اڌاريون ملن ها ته خلقڻهار جو ڏيوالو نڪري وڃي ها. ڪنهن کي طاقت آهي جو عمريون اڌاريون وٺي واپس ڪري؟ جڏهن خضر مٺ کولي هئي ته سندس واري هٿن مان وهي چڪي هئي. موقعو ملئي ته ڪفن کان ٻاهر منهنجا هٿ ضرو ڏسجانءِ.“
    وارث ان ميڻ بتيءَ جيان رِجي وسامي ويو جنهن کي پوئين پهر تائين ٻرڻو هيو. دونهي ۾ بدلجي ويو. دونهون جنهن جي چڳن ۾ باک جي ميندي لڳل هئي. ميندي جنهن ۾ عرشنا جي خوشبوءِ هئي. وارث جي ٻانهن ۾ مرندڙ عرشنا. نازبوءِ جو مرجهايل ٻوٽو جنهن جا پن ڇڻڻ کان اڳ واس هوائن حوالي ڪندا آهن. هن عرشنا جي ٻوٽيل اکين کي ڏٺو. اتي سڀ ديوتا. سڀ سڪندر دفن ٿيل هيا. بيمار عرشنا جي چمڪندڙ پيشانيءَ تي پگهر جي بوندن ۾ پيغمبرن جون قطارون ڏٺيون جيڪي جهڙ جو لباس پائي بي وس بيٺل هيا. عرشنا جا چپ موت جو استقبال ڪندي مرڪي رهيا هيا. سندس مرڪ سڪندر جي تلوار جي ڌار کان تيز هئي.
    سڪندر سنڌ ۾ داخل ٿيو. زهريلي تير جو ڌڪ پچائي ويو.
    ”ڇا عرشنا ائين موت جو ڌڪ پچائي ويندي؟“ وارث سوال ڪيو. سڪندر سنڌ مان موٽي فرات ڪناري پهتو. اهي سرءُ جا ڏينهن هيا، کيس دماغي مليريا ٿي پئي. نيم بي هوشيءَ ۾ وڦلڻ لڳو.
    ”مونکي خبر آهي تاريخ ۾ مون لاءِ ڪٿي به آبحيات نه آهي. زندگيءَ جو پڪل نان نه آهي. مان چوٽيهن سالن ۾ روانو ٿي رهيو آهيان. ڏس! ڇا منهنجي زندگيءَ جي ويلي جي ماني پنڊيءَ ۾ موجود آهي؟“
    وارث جون اکيون مرندڙ سڪندر جي حياتيءَ جي بورچيخاني ۾ بکايل ڪُوئي جيان گهمڻ لڳيون. سڪندر مري ويو. ڪفن کان ٻاهر سندس ٻئي هٿ خالي هيا.


    9

    اهي بهار جا ڏينهن هيا. ورجل ايلپس جي واديءَ ۾ زينيا جا گل پسي رهيو هيو. هن ايڊيليڊ لکيو. چار سٽون فينيشيا مان جلاوطن ٿيل ڪار ٿج جي شهزادي ايلسياتي به لکيون جنهن اينياس جي وڇوڙي ۾ چتا چڙهي وچ باهه ۾ بيهي سيني اندر خنجر ٺوڪيو. مدتن تائين سسليءَ جا جپسي بيابانن ۾ مچ چوڌاري ويهي چنگ تي ورجل جا داستان ٻڌائيندا رهيا. ايلسيا ۽ اينياس جي وڇوڙي جا قصا اتان پئي شروع ٿيا جڏهن موسى جي وفات کانپوءِ يوشع بن نون ڪنعان ۾ داخل ٿي اصلوڪن کي جلاوطن ڪيو. ڪنعان جي علائقي فينيشيا جا تڙيل سسليءَ سامهون ميڊيٽرينين جي ٻئي پاسي آفريڪي ساحل تي آباد ٿيا. انهن ڪارٿج جو بنياد وڌو. فينيسشيا جا دربدر سرمائيدار جن ڪارٿج کي واپاري مرڪز ۾ تبديل ڪري وڌو. ديو جيڏا ٻيڙا ايجاد ڪيا. اهي مڊيٽرينين جي اولهه ۾ جتي سمنڊ سوڙهو ٿي اسپين ۽ مراڪوجي وچ مان پئي لنگهيو، اتي ٻن پاسن کان جبلن کي ڄڻ هرڪيولس هٿن سان روڪي بيٺل هوندو هيو. هيبتناڪ ٻيڙا هلندا نار مان لنگهيندا هيا ته اتي هرڪيولس جي بغلن جي بوءِ هوندي هئي. دربدر سرمائيدارن جو اڏيل اهو شهر جهنگلي گينڊي جيان چراگاهن ۾ گهمي ٿوڻا هڻڻ لڳو. انهن سسليءَ تي قبضو ڪيو ته ورجل دنيا مان وڃي چڪو هيو. جڏهن ايڊيليڊ مڪمل ٿيو ماضيءَ جا سڀ داستان کٽي ويا. ورجل وٽ لکڻ لاءِ ڪجهه نه بچيو. ويو ته نشانيءَ طور صفحن وچ ۾ چنگ ڇڏي ويو، جنهن تي سندس چپن جا نشان لفظن جي صورت ۾ موجود هيا.
    اها ڪارٿج جي واپاري جمهوريت هئي جيڪا روم جي فوجي جمهوريت سان مهاڏو اٽڪائي نه سگهي. سسليءَ تي قبضي کانپوءِ روم انهن کي ٽن لڙائين ۾ شڪست ڏني. اهي گوڏا کوڙي بيهي رهيا، نه صرف سسليءَ تان دستبردار ٿيا پر ڏنڊ ۾ سارڊينا جو ٻيٽ انهن حوالي ڪيو ۽ ڪيترا سال ڏن ڀريندا رهيا. امن جي ڏينهن ۾ جنگ جي ديوتا يانوس جي مندر جو دربند ڪيو ويو. ان جي تالي کي ڪٽ چڙهي وئي. تجارت جا در کلي ويا. ترقيءَ جو دور عروج تي پهتو ته يانوس جي مندر جون چاٻيون چورائي ڪنهن ان جو در کولڻ جي ڪوشش ڪئي. ڳوڙهن جي آلاڻ ڪري ڪٽ لڳل تالي جو رنگ سندوري ٿي چڪو هيو. ڪنهن چاٻيءَ جو ڪو اثر نه ٿيو. مندر جو در نه کليو يانوس ديوتا اڳيان باهه نه ٻري پر نفرت جي باهه ڪارٿج جي هر شهريءَ جي من ۾ ٻري رهي هئي. ڏن ڏئي انهن جا هٿ ٿڪجي پيا. شڪست کانپوءِ نفرت بند نانگ جيان ٽٻڻي کي ڏنگڻ لڳي. مدبر ’هاملڪار‘ جي نون سالن جي پٽ هني بال بهل جي ديويءَ اڳيان قسم کنيو ته روم کان انتقام وٺندو. هن يانوس ديوتا جي در کي لت هنئي ته ڍانچي جيان ان جون پاسيريون پري وڃي پيون. جڏهن بت اڳيان باهه ٻري ته ديوتا سان گڏ اوندهه ۾ ويٺل وارث جو چهرو روشن ٿي ويو. ان کي اتي ويٺل ڏسي هني بال سوال ڪيو.
    ”تون ڪهڙو ديوتا آهين جو يانوس جي سٿر تي چڙهي در کلڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي.“
    وارث هن سامهون اهڙي پاڇي جيان آيو جنهن جي شڪل تازي مس سان لکيل ان ورق جهڙي هئي جنهن جا لفظ مينهن جي بوندن ۾ وهي چڪا هجن.
    ”پيار جو پاڇو آهيان جيڪو نظر ايندي به اوجهل آهيان.“ هن چيو، ”امن آهيان جيڪو جنگ جي ميدان ۾ گهوڙي جي هڻڪار کان خوف کائي ورهن کان بند مندر ۾ لڪيو آهيان.“
    هني بال تلوار سڌي ڪري هن تي وار ڪيو.
    ”مونکي مارڻ لاءِ تلوار جي ضرورت نه آهي.“ وارث چيو. ”ياد رک انسان پنهنجي پاڇي جي ڇانوَ ۾ هلندو آهي پر مان تنهنجو پاڇو آهيان. تون موت جو متلاشي آهين، مان حياتيءَ کي ڳولهي رهيو آهيان. منهنجي جستجو توکي بقا بخشيندي، تنهنجي جدوجهد مونکي راهون ڏيکاريندي. اهڙو ڪبوتر آهيان جيڪو تنهنجي فتح جي هر مينار تي پهريون ويٺل هوندو.“
    جڏهن هني بال هليو ته وارث هن جا ٻاويهه هاٿي هڪلي رهيو هيو. لاتعداد لشڪر جنهن ۾ سڀ شامل هيا. ڪارٿج جا ڀورا. مراڪو نيو ميڊيا جا ناسي. اسپين جا ٽامڻي ڪلٽ. گاليا جا گورا جرمن ۽ وارث جنهن جو ڪو رنگ نه هيو. هو پاڻي هيو. هوا هيو. خالي شفاف بوتل هيو. ڪارو خواب. سڙيل اکين وارو اڏامندڙ روح هيو. ڪنهن چيو، ”ايلپس جا جبل پٿر جا نه آهن. برف جا تراشيل اهڙا نشان آهن جن تي رانڀوٽا پائي رستو ٺاهي سگهجي ٿو“.
    جڏهن جنگ لڳي ته رت نه وهيو. رت ڳنڍاهيو. ڳاڙهي برف هيو. پهاڙن جا رستا کوٽيندي برف نه رجي سپاهين جون آڱريون رجي ويون. اهي سچ لکندڙ قلمڪار جيان رونڊا ٿي ويا. هني بال ’ارنو‘ جي ڌٻڻ ٽپندي برف ۾ غرق ٿيڻ لڳو. وارث دعا گهري.
    ”اي منجلا جي ديوي عرشنا جي وارن کي سگهه ڏي. ڊگهي عمر جيڏي طوالت ڏي جيئن رسي جي روپ ۾ هني بال کي ڇڪي ٻاهر ڪڍن.“
    هوا ۾ عرشنا جا وار لڙڪي رهيا هيا. هني بال وارن ۾ هٿ وڌو ۽ نڪري ٻاهر آيو ٿڌ ڪري سندس هڪ اک ضايع ٿي وئي. اک تي چمڙي جي پٽي ويڙهي ته کيس چوڏهينءَ رات ۾ برف تي ڪريل چانڊوڪي زهر جهڙي نظر آئي.
    انهن ڏينهن روم جا سپاهي ستارن جي چونڊ تي ڀاڳ جي منڊي پائيندا هيا، سندن عقيدو هيو ته اها کين شڪست ۽ موت کان بچائيندي. هني بال هزارين رومي قتل ڪيا. جڏهن ڪو رومي قتل ڪندو هيو ته ان جي منڊي لاهي هڙ ۾ وجهندو هيو. هن جيڪي منڊيون گڏ ڪيون اهي وزن ۾ ٻن مڻن کان وڌيڪ هيون. انهن ۾ آخري منڊي پولوس جي هئي جيڪو روم جو تجربيڪار حڪمران هيو. جڏهن هني بال نوڙي کيس کڙين وٽ تلوار هنئي ته سندس رت گرڙاٽ ڪندو ٻاهر نڪتو. ان مرڻ کان اڳ ڪاري ٻڙي واري منڊي لاهي پري اڇلائي جنهن ۾حياتيءَ جو ويساهه هيو ۽ چيو،
    ”اهي مقدس جوتشي عقيدي کي هٿي ڏيڻ لاءِ مرڻ کان اڳ منڊي لاهي اڇلايان ٿو جيئن توتي الزام نه اچي.“
    پولوس مري ويو. هني بال منڊي لاهي هڙ ۾ وڌي. جڏهن هليو ته وارث سندس اڪيلي هاٿيءَ جو فيلبان هيو. سڀ هاٿي برف بڻجي رجي چڪا هيا. بچيل زخمي سپاهين جي منهن تي رهڙن جا نشان مري ويل شينهن جي چنبن جا هيا. هني بال ’پَو‘ درياهه ڪناري تلوار ڌوئي رهيو هيو ته وارث هن سامهون گوڏا کوڙي ويٺو ۽ چيو ”هاٿيءَ جهڙو خواب آهيان. منهنجون خدمتون ان سونڍ جي ڊيگهه کان وڌيڪ آهن جيڪا تنهنجي عظمتن جو سلام ڀري ٿي.“
    هني بال درياهه مان ٻڪ ڀري پيتو. سامت ۾ اچي سڌو ٿي ويٺو. وارث ڏي ڏٺو ۽ چيو.
    ”ڪهڙو اجورو ڏئي سگهان ٿو؟“
    وارث ان گهڙيءَ جي انتظار ۾ هيو. هن سوچيو ۽ چيو.
    ”پولوس جي منڊي جيڪا هن مرڻ کان اڳ آڱر مان لاهي اڇلائي. ڪاري پٿر واري آفتن کان پناهه ڏيندڙ. جيڪڏهن ڏين ته عرشنا کي آڱر ۾ پارائي موت کان محفوظ ڪري سگهان.“
    هني بال هڙ کولي هن اڳيان رکي.
    ”زندگيءَ جا متلاشي! هيءَ هڙ تو حوالي. ڳولهي سگهين ته ڳولهه.“ هن چيو. وارث هڙ ۾ نظر وڌي. سڀ منڊيون هڪجهڙيون هيون. هزارين منڊيون آڱرين جيان چري رهيون هيون. هن هڪ منڊي کنئين. بدقسمتيءَ سان اها بزدل طبريوس جي هئي. جڏهن هني بال طربياتي قبضو ڪيو هيو ته طبريوس ڀڃي نڪتو. ڪانيا جي ميدانن ۾ زهريلو پاڻي پيئڻ ڪري ڪاري ڪامڻ ۾ مبتلا ٿي مريو. هني بال جي هڙ مان نڪتل هڪ بزدل جي منڊيءَ کانپوءِ سندس بهادريءَ جا سڀ قصا ختم ٿي ويا. زاما جي لڙائيءَ ۾ هني بال کي شڪست آئي. فاتح رومي سردار اسڪوپيو کيس قتل نه ڪيو، اهو چئي جيئندان ڏنو، ’تولاءِ ذلت جي زندگي موت کان بهتر آهي.‘
    هني بال تلوار ڪڍي پنهنجي سيني تي رکي ۽ چيو،
    ”شڪست کي مات ڏيڻ لاءِ خودڪشيءَ کان وڌيڪ ڪهڙو انتقام آهي؟“ اسڪيپيو هن کي روڪيو ۽ تنبيهه ڪندي چيو.
    ”ائين ڪندين ته توکي ٻڌي فتح جي جشن واري ڏينهن روم جي گهٽين ۾ گهمائيندس.“
    هني بال تلوار ڦٽي ڪئي ۽ هيٺ ڪنڌ ڪري ويهي رهيو. شڪست کانپوءِ هو جڏهن زاما جي ميدانن ۾ موت ڳولهيندي ٿڪجي پيو ته هن وارث کي آواز ڏنو.
    ”ڪٿي آهين تاريخ جي کنڊرن ۾ رهندڙ ويران روح! اچ ته حياتي تو حوالي ڪيان. زندگي ڄور جيان چنبڙيل آهي.“
    بزدل بطريوس جي منڊي چمڻ کانپوءِ وارث جا چپ نيرا ٿي ويا. هن ڳالهايو ته ڪارٿج جي وادين ۾ گل ڦٽا. نيري رنگ جا دائودي جن ۾ عرشنا جي وارن جي خوشبوءِ هئي.
    هن هني بال کان حياتيءَ جا ڏينهن نه ورتا، سندس ڏينهن زخمي هيا. انهن ۾ روڳ جي بوءِ هئي. اهي ان پاروٿي مڇي جهڙا هيا جيڪا هڪ دفعي وارث ڪاحل مهاڻن جي ڳوٺ ۾ کاڌي هئي ۽ هن اوڪارا ڏنا هيا. هني بال زخمي ڍور هيو جنهن جي رانپ کان شينهن جا ڇرڪ پئي نڪتا.
    هني بال جي ننڍي ڀاءُ هدسو بال بدلو وٺڻ لاءِ روم تي حملو ڪيو. نيروءَ جي حڪمراني هئي. ان کي بين وڄائڻ جو شوق هيو. ان جي محل ۾ آئيني جو فرش هيو. هيٺ آئيني ۾ سڀ اگهاڙا هيا. ڏک جي هر گهڙيءَ ۾ بين وڄائي ستن عورتن سان ڦيرا پائيندو هيو. هدسو بال روم ساڙيو ته باهه جا شعلا بين تي نچي رهيا هيا. نيرو اکيون بند ڪري بين وڄائيندو رهيو ڇو جو شعلن جي عرياني کيس شرمائي رهي هئي. روم سڙي رک ٿيو. اٿندڙ دونهي جي انگڙائين ۾ هن رٺل محبوبا ڏٺي. ننڊ مان ڪر ڀڃي جاڳندڙ محبوبا، جنهن جو جسم ڏنگي ويندڙ نانگ جهڙو هيو. نيرو شڪست کائي مدهوش ٿي ستن عورتن سان بين وڄائي کڙيون فرش تي هنيون ته آئينو ڀڄي پيو. اهو نيروءَ جي زندگيءَ جو يادگار ڏينهن هيو. اڳ هن اهڙو نظارو هيٺ آئيني ۾ نه ڏٺو هيو.
    وارث روم جي رک ۾ پوريل هيو. روم جنهن جا پنا سڙي چڪا هيا، جلد محفوظ هيو جنهن تي عرشنا جو نانءُ لکيل هيو. هو رک بنجي اڏاڻو ته سندس پر ڪتاب جي جلد جيان هيا.
    ڪارٿج جي ٻي لڙائيءَ ۾ نيروءَ بين وڄائيندي ميطروس درياهه ڪناري هدسو بال جو ڪنڌ ڪپي وڌو. شڪست کائي هدسو بال جو لشڪر ڪارٿج طرف ڀڳو. بين جا سُر بهادر سپاهين جيان انهن کي ڀڄائيندا ويا.
    جڏهن نيرو مئو ته سندس روح روم جي خاڪ ٿيل گهٽين ۾ ٻار جيان بانبڙا پائي مٽي چٽيندو رهيو.
    ڪارٿج شڪست کائي ميڊيٽرينين ۾ رت جا ڳوڙها ڳاڙيا. انهن وري انتقام وٺڻ لئي مقدونيا جي وحشين ۽ يونان جي سرقوسا عالمن کي پاڻ سان ملائي فوج ترتيب ڏني. عالمن فوج جي اڳواڻي ڪئي. جنگ لڳي ته عالم پاسي ٿي ويا. پويان ايندڙ وحشين دشمن کي ٽوٽا چٻايا. عالم اڳتي آيا انهن وحشين جون پٺيون ٺپيندي کين خراج تحسين پيش ڪيو. انهن عالمن ۾ ارشميدس به هيو جنهن منجهيل مسئلن کي سلجهائڻ ۾ مدد ڪئي. اهڙو وقت وري آيو جو رومي جنگ جي ميدان ۾ ڇانئجي ويا. انهن يوناني ٻيٽ سرقوسا تي ڪاهه ڪئي. ارشميدس تهه خاني ۾ منجهيل مسئلو سلجهائي رهيوهيو، سندس سامهون وارث ويٺل هيو، جنهن کيس حياتيءَ جي جوڙجڪ جو اهڙو حل ڳولهڻ جي گذارش ڪئي هئي جنهن سان حياتيءَ جي پاڇيءَ ۾ ٻڙي نه اچي سگهي.
    رومين کي سرقوسا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ وڏين آزمائشين مان گذرڻو پيو. ارشميدس قلعي باهران اهڙيون ڪلون نصب ڪيون هيون جن کي ڏسي رومي ٽاهه کائي ڀڳا. نيٺ انهن ڀت جو اهو ڀُتو حصو ڳولهي ڪڍيو جنهن کي ڊاهي سرقوسا ۾ داخل ٿيا. قلعي ۾ داخل ٿيڻ سان سپهه سالار ’مرقس قلادوس‘ رڙ ڪري چيو،
    ”سڀني کي قتل ڪجو پر ارشميدس کي ويجهو نه وڃجو، سندس حياتي قيمتي آهي.“
    قلادوس کي خبر هئي ته ارشميدس وقت جو عالم ۽ داناءُ آهي. ان کي جيئرو پڪڙجي ته روم لاءِ ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو.
    تهه خاني ۾ ارشميدس انگن اکرن ۾ ايڏو الجهيل هيو جو کيس خبر ئي نه پئي ته مٿي سرقوسا جي قلعي تي قبضو ٿي چڪو آهي. وارث تجسس مان هن کي ڏسي رهيو هيو، انتظار ۾ هيو ته ارشميدس جيترو جلد ٿي سگهي حياتيءَ جي انگن اکرن کي سلجهائي هن جي مدد ڪري وجهي. ان اتاولو ٿي کيس عرض ڪيو،
    ”ڇا حياتيءَ جي ونڊ ۾ بچيل پاڇيءَ اندر ڪجهه بقايا بچيو آهي يا صفا صفر آهي؟“
    ارشميدس مٿو کنهيو ۽ چيو،
    ”حياتيءَ جو حساب هر حال ۾ عقل کان بالاتر آهي. جيڪر عزرائيل جي ڳاڙهي بندي هٿ اچي ته هڪ دفعو پڙهي ان جو حوالو ڏئي سگهان. انتظار ڪر عزرائيل آيو ته ان سان صلاح ڪري مسئلو حل ڪري ٿا وٺون.“
    هو جڏهن ڪنڌ هيٺ ڪري مسئلي ۾ مشغول هيو ته هڪ رومي سپاهي تهه خاني ۾ تلوار اڀي ڪري ڏاڪڻ لهندو اچي هن مٿان بيٺو. ارشميدس ڪنڌ کڻي ان کي ڏٺو ۽ فڪرمند لهجي ۾ چيو،
    ”ٿورو انتظار ڪر. هڪ مسئلي ۾ منجهيل آهيان.“
    جاهل سپاهيءَ هن کي عجب مان ڏٺو ۽ سوچيو،
    ”پوڙهو يوناني چوي ڇا ٿو؟ هن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. تلوار جو ڌڪ هڻي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيائينس.
    رت ڪاغذن تي ڪريو ۽ حياتيءَ جو هر حساب پورو ٿي ويو. وارث اهي رت ٻڏل ڪاغذ کنيا ۽ انگ پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. اتي زندگيءَ جا انگ نه هيا. موت هيو جيڪو ڳاڙهي چادر پائي ليٽيل هيو.


    10

    وارث پاڻ کان سوال ڪيو.
    ”زندگيءَ کي ڪٿي ڳولهي رهيو آهين؟ انهن راهن تي جتي ديوتا جي جهول موت جي خزاني سان ڀريل آهي. هو موت ورهائي ٿو. ايندڙ ويندڙ هن اڳيان هٿ جهلي مٺ ۾ موت وٺي راه اجل ۾ اکين کان اوجهل ٿي وڃي ٿو. ڇا ائين ته نه آهي. ڄار مان فرار ٿيل پکيءَ کي ماريءَ جون اکيون ڳولهين ٿيون. هر حربو ڦاسائڻ لاءِ آهي. جاندار جي فرار جي جدوجهد زندگي آهي. انسان جٽادار نه آهي سندس تخليق ۾ ڪوتاهيون آهن. فطرت جي پيمانن تي پورو نه آهي.“ وارث يهودا پهتو ته هن ڏٺو هيڪل سليمانيءَ ۾ سوئر ٻڌل هيا. انطيوگوس جو پٽ اپيفانس انهن کي چميون ڏئي رهيو هيو. هڪ ڏينهن هن ڏهه سوئر قربان ڪري انهن يهودين کي کارايا جن ’يانوس‘ ديوتا جي مندر ڏي ويندڙ جلوس ۾ شرڪت کان انڪار ڪيو هيو. هجوم جنهن ۾ هر ڪنهن کي مٿن تي ڳاڙها رومال ويڙهيل هوندا هيا، ٿالهه ۾ ايويءَ جا گل کڻي ديوتا ڏي ويندا هيا.
    ”اي يهوديو! ياد رکجو.“ اپيفانس چيو، ”ايويءَ جا گل فرعون جي ان داسيءَ کان خوبصورت آهن، جنهن جا انگ نظر نه ايندڙ ڪپڙي سان ڍڪيل آهن. انهن گلن ۾ شفا آهي ’يابچوس‘ ديوي خلقڻهار جي شر کان محفوظ رکي ٿي جنهن موت تخليق ڪيو.“
    وارث ان هجوم ۾ شامل هيو جن جي مٿن تي ايويءَ جا گل رکيل هيا. ڳاڙهن رومالن وارو جلوس جن جي رهنمائي ترين تي ناپاڪ چرٻيءَ مان رجيل تيل جا ڏيئا کڻي هلندڙ اڌ اگهاڙيون عورتون ڪري رهيون هيون. اهي يهودي به شامل هيا جن منع ٿيل گوشت کائڻ کان پٿر آڏو سر جهڪائڻ کي ترجيح ڏني هئي.
    وارث اهي گل چوري ڪرڻ چاهيا. يابچوس ديوي سندس اڳيان ائين هئي جيئن سينا جي نخلستان ۾ کجيءَ جي ڪنڊن ۾ وچڙيل ڪانءُ. بدصورت ديوي. هن مٿي تي رکيل ٿالهه ۾ هٿ وجهي گل چورايو. اهو گل ڪنڊا هيو. اهي ان ڌرتيءَ جي پيداوار هيا جنهن ڌرتيءَ تي اڃا ڪنهن پيغمبر جي پيرن جا نشان نه هيا. ’موون‘ جي ريگستانن ۾ ايويءَ جا گل اهڙي ٿوهر تي پيدا ٿيندا هيا جيڪو ست منهين نانگڻ جيان هوندو هيو.
    ميڊيٽرينين جي گهميل هوا انهن سان گسي مرليءَ جيان وڄندي هئي. ايويءَ جي ٿوهرن جون ست ڦڻيون لامون لهر ڪري هڪ ٻئي کي ڏنگي وجهنديون هيون. گل جن وارث کي ڏنگي وڌو. وارث هٿ وات سان چوسيو، ٿڪ اڇلائي ته اها يابچوس ديويءَ جي منهن ۾ لڳي، کيس سزا طور هيڪل سليمانيءَ جي ان ڀت سان لڙڪايو ويو جتي ٻه عورتون اڳ لڙڪي رهي هيون. انهن عورتن جي چيلهه سان ٻار ٻڌل هيا جن جي طهر مان رت ڦڙا هيٺ ٺوڙهي اونياس جي مٿي تي ڳڙي رهيا هيا، جيڪو يهودين لاءِ فڪرمند هيو. انهن ٻن عورتن کي ان ڪري سزا ڏني وئي ته پنهنجن ٻارن جا طهر ڪرايا هيا. رومن قانون موجب يهودا ۾ طهر تي بندش هئي.
    رومي حڪمران اپيفانس اڇا ڪپڙا پائي فارس جي ’اليماٽس‘ جو تيز شراب پي رستي تي آيو ۽ اتان لنگهيندڙ هر يهوديءَ کي پٿر هنيا. پوءِ نصيحت ڪندي چيو: ”اي وحدانيت جي خوابن ۾ ڇرڪ ڀريندڙ قوم. اڻ ڏٺل کي ٻاڏائيندڙ انڌن جي قوم. ديوتائن انساني انگ کي پردي سان نوازيو. توهان ان جي بي پردگي ڪئي. تخليق مان غلطيون ڪڍڻ جو اختيار توهان وٽ نه آهي.“
    پوءِ هن يهودين کي ٻارنهن سال پراڻو قصو ٻڌايو. جڏهن سندس پيءٌ انطيگوس جنگين ۾ مصروف هيو. هن چيو،
    ”استاد ’اڪيليوديو‘ جي سرپرستيءَ ۾ فتح جي ديويءَ جو مجسمو تيار ڪيو ويو. جڏهن مڪمل ٿيو ته هن ڇيڻي کڻي مجسمي جي پيشانيءَ وٽ ڪا ترميم ڪرڻ چاهي. مون ڌڪ هڻي اڪليو ديو جو نڪ ڀڃي وڌو ۽ چيو، ’فتح جو تصور بادشاهن کان وڌيڪ ڪنهن وٽ ٿي سگهي ٿو. تون هڪ پگهاردار آهين. توکي ان ترميم جو اختيار نه آهي.‘ هاڻي ٻڌايو جڏهن انسان جو اهڙو حال آهي جو اصلاح برداشت نه ٿو ڪري ته ڇا خدا اهڙي ترميم تي توهان مان خوش هوندو.“
    هن هيڪل سليمانيءَ کي جيوپيٽر ديوتا جو درجو ڏئي طهرن جي هاريل رت کي سوئر جي شوروي سان ڌوئي صاف ڪيو. يهودي اونياس کي ڀائرن هٿان مارائي بت پرستيءَ کي فروغ ڏنو. هيڪل سليمانيءَ ۾ زيوس ديوتا جو مجسمو نسب ڪري، يهودين کي چيو،
    ”ان سامهون مشت زنيءَ جي مشق ڪن.“
    هارون جي ستين پيڙهيءَ جي هڪ جوڌي مٿاٽياس رومين خلاف بغاوت ڪئي. ڪجهه ساٿين سان صيهون جي پهاڙن تي چڙهي ويو. هن چيو.
    ”صيهون جي جبلن تي ڦٽندڙ گلابن جون پنکڙيون توريت جا ورق آهن. سوئر جي بوءِ کان بچو. گلابن مان توهان کي وحدانيت جي خوشبوءِ ايندي.“ مٿاٽياس کي ٽي پٽ هيا. هن جي ڌيءَ اوياس جي ڪنن ۾ لڙڪندڙ واليون ڄڻ واليون نه هيون، روح چوڌاري وريل گهيرا هيا. انهن گهيرن جي ڳولائين ۾ روح قيد هيا. انهن والين ۾ عرشنا جو روح محفوظ هيو. وارث ٻرندڙ جبلن جي لاوي مان هٿوڙو ٺاهي مٿاٽياس جي ننڍي پٽ ’يهودا‘ کي ڏنو. يهودا هٿوڙي سان رومين جا مٿا چٿي وڌا. فتحياب ٿيو ۽ کيس مڪانيوس (هٿوڙي وارو) جي لقب سان ياد ڪيو ويو. هن خوش ٿي وارث کي چيو: ”اي مووان جي حرم ۾ اپسراجي چيلهه هيٺان پيل وهاڻي کان نرم لوهار، تنهنجو ٺاهيل هٿوڙو جاهل روميءَ جي دماغ کان سخت آهي. ڇا اهو تون ڪنهن ظالم جي دل مان ٺاهيو آهي؟“
    وارث جيڪو ٺهندڙ ۽ ڊهندڙ جهڙ هيو، ان جي چهري جا روپ نروار ٿيا. ڪنڌ نوائي چيو: ”ڌرتي رڙ ڪندي آهي ته جبلن جو سينو ڦاٽي پوندو آهي. اهو هٿوڙو نه جبلن جو روڳ آهي. زخمي پهاڙن جي بدلي جي باهه آهي. مان لوهار نه تاريخدان آهيان. تاريخ جا لفظ ڪڙيون بنجي وجود کي ويڙهي ويا آهن. حياتيءَ جو متلاشي آهيان. عرشنا جو چوڪيدار آهيان جيڪو خوابن ۾ سندس روح جي نگهباني ڪري ٿو.“
    يهودا کان کل نڪري وئي.
    ”اي وديشي.“ هن چيو، ”ان کان وڏي بيوقوفي ڪهڙي آهي جو نگهبان جاڳڻ بدران ننڊون ڪري حفاظت جا خواب ڏسن؟“
    وارث تي سندس طنز جو ڪو اثر نه ٿيو.
    ”اهو نه وسار يهودا ته روح خواب جو حصو آهن. اوجاڳا انسان کي پاڻ تائين محروم ڪن ٿا. اڏام اوچائي عطا ڪري ٿي ۽ اوچائي نظرن جي پهچ کان پري آهي. تنهنجي محل ۾ مون عرشنا جو روح ڏٺو آهي.“
    ”ڪٿي؟“ يهودا پڇيو.
    ”اوياس جي پاتل والين جي گهيرن ۾.“ وارث جواب ڏنو. هن جي جواب تي يهودا سوچ ۾ ٻڏي ويو.
    ”ڇا عرشنا اوياس جي همشڪل آهي؟ وري پڇيو.
    ”روحن کي شڪليون نه هونديون آهن. اهي خوابناڪ آهن.لکيل ميساريل بوندن ۾ مليل رنگ. تراشيل ڀڳل مجسما.“
    يهودا سوچيو وديشي لوهار پورهيي جو صلو گهرڻ چاهي ٿو.
    ”تون بيشڪ چڱائي ڪئي.“ هن چيو، ”مون هٿوڙي سان منافقن جو مٿو چٿيو. شڪست ڏني ۽ فتح سان همڪنار ٿيس پر صلو اهڙو نه گهرجانءِ جيڪو ڏئي نه سگهان.“
    وارث هيٺ ڪنڌ ڪري ويهي رهيو.
    ”مونکي عرشنا جو روح ڏي.“ هن چيو، ”اهو اويناس جي والين ۾ محفوظ آهي.“
    ”ناممڪن.“ يهودا چيو ۽ هٿوڙو پري ڦٽي ڪيو جيڪو فرش سان گسندو چڻگون ڪڍندو ڀت سان ٽڪرائجي چپ ٿي ويو.
    ”اويناس جون واليون هٿوڙي کان ڳريون آهن.“ يهودا چيو.
    واقعي جي ڇهن مهينن کانپوءِ يهودا کي شڪست آئي. مئو ته وچون ڀاءُ جونيٿن آيو. وڏي ڀاءُ شمعون ترار هڻي سندس سر قلم ڪري وڌو. ڪنعان ۾ سڀ بت پرست ٿي ويا. وحدانيت اڃايل اٺ جيان پاڻيءَ لاءِ ٻاڏائڻ لڳي. آئيسس ديوتا جو مندر ٺاهيو ويو. اتي مصر جا فرعون آيا ۽ ٻليون قربان ڪيون.
    رومي بدمست هاٿي هيا. دنيا جهنگ هئي. جهنگ جي شينهن گاهه کائڻ کان موت کي ترجيح ڏني. جڏهن يونان فتح ٿيو ته هر سال ٻنين جو اڌ ان ۽ ايڪيلس جي خاندان جون ٻه عورتون خراجِ مقرر ٿيو. يونانين جا ڪنڌ هيٺ جهڪي ويا. اڌ دنيا تي حڪومت ڪندڙ يوناني بي وس هيا. انهن جا منهن شڪست کاڌل حڪمران پريوموس جي تلوار جيان چٻا هيا. پريوموس ڏک ۾ ورتل هيو. پيڊوا جي ميدان ۾ ڪٺل يونانين جي ڍانچن ۾ جهنگ جي گدڙن گهر ٺاهيا.
    اها چوڏهينءَ جي رات هئي. ڪورنٿ جي گهٽين ۾ چانڊوڪي ماتمي لباس پائي گهمي رهي هئي. وارث ختم ٿيندڙ تيل جي ڏيئي تي ’اعضا المجروح‘ پڙهي رهيو هيو. اها ڪورنٿ جي سڀ کان وڏي لئبريري هئي جنهن ۾ تاريخ جي ڪتابن ۾ قتل جا قصا اهڙي جام جيان ترهيا جنهن ۾ قطري جي گنجائش نه هئي. اتي ويٺل يوناني مطالعي ۾ مشغول نه هيا پر سندن ڪنڌ شرم کان ڪتابن تي جهڪيل هيا. انهن ۾ اکيون ملائڻ جي همت نه هئي. ڪيل ڪارنامن جي تاريخ پڙهندي انهن تي مرگهيءَ جيان بهادريءَ جو دورو ٿي پيو. اهي بيوس هيا. آخر اها بي وسي بغاوت ۾ بدلجي وئي. يوناني ٽٽل دل جهڙيون ڀڳل تلوارون کڻي ميدان ۾ آيا. فتح هڪ دفعو وري انهن سان بيوفائي ڪئي. رومي سپهه سالار موميوس جوانن کي غلام بڻايو. عورتن کي ڪنيز، ٻارن کي ڪٺو ۽ پوڙهن کي جيئري زمين دوز ڪري ڇڏيو. هن باهه ڏني. اهو عجائب گهر جهڙو شهر سڙي خاڪ ٿي ويو. ان جون عظيم مورتون، تراشيل مجسما. طلسمي محلات. اڏرندڙ قالين. چمڪندڙ حوض ۽ قلمي نسخا سڙي هڪ ٿي ويا. ان سڄي سڙيل مواد مان هڪ نئون ڌاتو ٺهيو جنهن کي ’ڪورنٿي‘ ڪوٺيو ويو. ڪورنٿيءَ جي مواد مان روم جي چوراهن تي مجسما ٺاهيا ويا. مجسمن ۾ يوناني ديوتائن جي اڌ اگهاڙي اولاد مٿان سيٽيل جسمن وارا رومي سٿر سڌا ڪري بيٺل هيا.
    ڪورنٿ مان لٽ مار ڪندي جيڪي مورتيون ۽ عجائبات رومين کي هٿ لڳا اهي ٻيڙي تي چاڙهندي سپهه سالار موميوس چيو،
    ”خبردار! احتياط سان. ڪابه شيءِ ڀڳي يا ضايع ٿي ته ڏنڊ ۾ ان جهڙي ڀرائي ورتي ويندي.“
    سندس ڳالهه تي پريان چانڊوڪيءَ ۾ ڪتاب پڙهندڙ وارث جو ٽهڪ نڪري ويو. اهو بچيل آخري ڪتاب هيو جيڪو وارث جي هٿن ۾ هيو ۽ هو سڙيل لئبريريءَ جي ڪاري دڪي تي ويهي پڙهي رهيو هيو. ٽهڪ تي ٻيڙي ۾ عجائبات چاڙهيندي موميوس جي نظر سمنڊ ڪناري تان ڊڪندي ان تائين پهتي. هن ڏٺو هڪ غير واضح ڏٻرو ناسي ڪمبل ۾ ويڙهيل شخص اطمينان سان مطالعي ۾ مشغول هيو. ميميوس وڌي هن وٽ آيو ۽ مٿان بيٺو.
    ”تون ڪير آهين ٽهڪ ڇو ڏنو؟“ هن سوال ڏنو.
    وارث منهن مٿي ڪندي نرڙ تان ڪمبل هٽايو. جهڙ جهڙي پيشاني ڏسي ميميوس پوئتي سري ويو.
    ”مون ٽهڪ ان ڪري ڏنو ته ڇا اهو ممڪن آهي انسان جي قتل کانپوءِ قاتل کان ساڳيو انسان ڏنڊ ۾ ڀرائجي؟“
    ميميوس تنقيد تي باهه تي ويو.
    ”توکي هتي ويهڻ جي اجازت ڪنهن ڏني آهي.“ هن پڇيو، ”اهو ڪتاب مون حوالي ڪر نه ته تلوار هڻي توکي به ٻه اڌ ڪري ڇڏيندس.“
    وارث ڪتاب نه ڏنو ۽ چيو،
    ”اي ميميوس مون تنهنجي شڪل ۾ موت ڏٺو ۽ جهليل ڪتاب ۾ حياتيءَ کي ڳولهي لڌو. اهو معجزو آهي ته هڪ ئي رات ۾ ڪو زندگيءَ جا ٻه رک پسي. جڏهن حياتي ۽ موت هڪ وقت طاري ٿين ته پاڻ ۾ ٽڪرائجي زائل ٿين ٿا. وجود جٽادار ٿي امرتا ماڻي ٿو. تون حقيقت آهين. مان خواب ۽ خواب مرندا نه آهن.“
    ميميوس سپاهين کي سڏ ڪيو جن وارث کي ٻانهن کي جهليو. وارث جون ٻانهون ڪمبل جون هيون ۽ پير ڦاٽل جورابن جا. هن جا هوا جهڙا ڪمزور هٿ ڪتاب جهلي نه سگهيا اهو هيٺ ڪريو. ميموس ڪتاب کنيو ۽ ڏسي ورق ورايا، انهن ۾ مجروح انسانن جون تصويرون هيون جيڪي جانورن جيان ڪٻا هيا، سندن پٺيءَ تي ناسورن جا نشان ڌرتيءَ تي جيتن جي سوراخن جهڙا هيا. اهي مجروح انسان مرڪي رهيا هيا ۽ مرڪ ۾ نرمتا هئي. جيئن موت ماءُ جيان هجي ۽ کين هنج ۾ سمهاري حياتيءَ جي لولي ڏيندو هجي. ڪتاب ڏسي هن وارث کان پڇيو،
    ”هن ۾ ڇا ڳولهي رهيو آهين؟“
    وارث سپاهين کان ڪمبل جهڙيون ٻانهون ڇڏايون ۽ چيو،
    ”عرشنا جي زندگي. عرشنا آخري پساهن ۾ آهي. اهڙي موت جي ڳولها ۾ آهي جيڪو هن کي حياتي ڏئي. ان ڪتاب ۾ حياتيءَ جا راز سمايل آهن. اهڙا طريقا درج ٿيل آهن جن سان زندگيءَ کي راضي ڪري سگهجي ٿو. ڪتاب واپس ڪر. اهو ڪورنٿ جو آخري ڪتاب آهي جنهن ۾ خدا جا هٿ اکر آهن.“
    ميميوس ڪنڌ کڻي چنڊ کي ڏٺو، پوءِ هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي چيو،
    ”رات ڏاڍي سرد آهي. ڪٿي ڪو مچ نه آهي. هٿ سيڪڻ لاءِ هيءُ بهانو سٺو آهي.“
    هن ڪتاب کولي ورق ڦاڙيو. ڪورنٿ جي سڙيل پٿر تي تلوار هنئي ته چڻنگون بلند ٿيون. ورق اڳتي وڌايو. باهه ورق کي ائين وچڙي وئي جيئن کيس پيار هيو. هن ورق پويان ورق ڦاڙي باهه ۾ ساڙيو ۽ مزي سان هٿ سيڪڻ لڳو. گرمائش محسوس ڪئي ته چيو،
    ”اي ڀٽڪيل ان کان وڌيڪ زندگيءَ جو ڪهڙو احساس ٿي سگهي ٿو ته ٻرندڙ باهه جسم جي سرديءَ کي شڪست ڏي. حرارت حياتي آهي ۽ ٻرندڙ ڪتاب يونانين جو موت.“
    ڪتاب سڙي ويو. موميوس واپس ڪناري ڏانهن موٽندي ڪنڌ ورائي سپاهين کي چيو،
    ”هن ڀٽڪيل کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيو. پويان اچو. عجائبن جا انبار انتظار ڪري رهيا آهن.“
    ويا ته وارث ورقن تي ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو. سندس ڳوڙهن جون آڱريون سڙيل ورقن کي ڇهڻ لڳيون، ائين جيئن عرشنا جا ناسور ڇهنديون هجن.


    11

    وارث وجود بنا ٺهندڙ پاڇو هيو. ان پاڇي جو ٻيو پاسو عرشنا جو وجود هيو. جڏهن موسى مصر مان ٻارنهان قبيلا وٺي ڪنعان وڃي رهيو هيو ته وارث فنيشيا ۾ رومي سمنڊ ڪناري ڳاڙهين سپن مان عرشنا جي چپن لاءِ زندگيءَ جي سرخي ٺاهي رهيو هيو. فينيشيا جيڪو لبنان ۽ شام جي سرحدن تائين ڦهليل هيو. ان جي پکيڙ حملو ڪندڙ واڳونءَ جهڙي هئي.
    فينيشيا جي سمنڊ ڪنارن تي ڳاڙهيون سپون ائين پکڙيل هونديون هيون جيئن ڪو رت ڳاڙيندڙ پيغمبر اتان لنگهيو هجي. انهن سپن مان ڳاڙهو رنگ ٺاهيو ويندو هيو. هو ان ڪارخاني جي ڪنڊ ۾ لڪيل هيو جتي فرعونن جا چوغا رنگيا ويندا هيا. ڪم ڪندڙ مزدورن جا پير خدائي مينار تي ويٺل ڪبوترن جهڙا هيا. رومي سمنڊ جي ڪنارن کان پري ساڳ جا ڪومايل وڻ گناهگارن جيان بيٺل هوندا هيا جن جي ڪاٺ کي ٻاري ان باهه کي ڀڙڪايو ويندو هيو جيڪا ’منجلا‘ جي وڏي بت جي هٿن ۾ جهليل تئي هيٺان ٻرندي هئي. ان تئي تي کير پياڪ ٻارن جي ٻلي چاڙهي ويندي هئي. جڏهن ٻار کي تئي تي رکيو ويندو هيو ته رڙ دونهي ۾ تبديلي ٿي ويندي هئي ۽ خاڪ رومي سمنڊ کان ايندڙ هوا ۾ اڏامي ويندي هئي. ٻار کي ٻلي چاڙهي سامري ٻئي هٿ بلند ڪري وڏي آواز ۾ چوندو هيو.
    ”فينيشيا جي رهواسين کي ڊگهي عمر مبارڪ. ٻلي چڙهيل ٻار جي عمر سندن کاتي ۾ لکجي چڪي آهي. سڀ شفاياب ٿيندا. آزار مٽجي ويندا.“ باهه سامهون بيٺل سوين پگهريل چهرن تي خوف جون ريکائون سمنڊ جي ورندڙ وير هيٺان ميسارجي وينديون هيون.
    ”مصيبتون معاف اي منجلا جي ديوي.“ اهي گڏيل آواز ۾ چوندا هيا، ”بيشڪ تنهنجو قهر کير پياڪ جي رڙ کان وڌيڪ عذابناڪ آهي.“
    وارث جڏهن زندگيءَ جي سرخي ٺاهي رهيو هيو ته موت جي خوف کان سندس چپ اڇا هيا. عرشنا جي موت جو تصور منجلا جي هٿن ۾ جهليل تئي هيٺان ٻرندڙ باهه کان وڌيڪ ساڙيندڙ هيو، سندس موت جي الڪي جا شعلا هن جي وجود ۾ ڀڙڪي رهيا هيا. هو اٿيو ۽ پاڻ کي سامريءَ حوالي ڪيو.
    ”اي حام بن نوح جي قوم جا سرواڻ. ڪنعان جا زدوني.“ هن چيو، ”منهنجي وجود جي باهه محسوس ڪرين ته ٻوسٽ ۾ ٻاڦ بنجي اڏامي وڃين. نبض تي هٿ رکين ته موت بنجي ڌڙڪي پوين. منهنجين اکين ۾ نهار توکي مرندڙ عرشنا زندگيءَ جي انتظار ۾ ويٺل نظر ايندي.“
    ان رات سامري ساڳ جون ڪاٺيون بٺيءَ ۾ وجهي رهيو هيو، کيس هڪ نئين ٻلي چاڙهڻي هئي.
    ”فنا جو وجود نه آهي.“ سامريءَ چيو، ”فنا لافنا آهي اها روپ بدلائي ٿي. سمنڊ جهڙي آهي ۽ جهڙ سمنڊ. رهجي ويل زندگي ڪنهن زندگيءَ کي حيات ڪري ٿي. حياتي کوهه جي مالهه جيان آهي، اوتي ٿي ۽ وري اوتي ٿي. اسين دائري ۾ گول ڦرون ٿا. دائرو هر حال ۾ مڪمل آهي. دائري جون سڀ گولائيون سلامت آهن.“
    ”اي سامري مون کي ٻلي چاڙهه.“ وارث چيو، ”منهنجي حياتيءَ جا بچيل ڏينهن عرشنا جي وجود کي ڳولهي لهندا.“
    سامريءَ کيس ديويءَ جي هٿن ۾ جهليل تئي تي سمهاريو. هو خواب ۾ بدلجي ويو. خواب جيڪو پاڻي هيو. پاڻي جيڪو مينهن جيان موسى جي ٻارنهن قبيلن تي وسي رهيو هيو. من و سلوا جنهن ۾ ڪوهه تورسينا جو ڪارو لوڻ سمايل هيو.
    چاليهه سال ’تيا‘ جي واديءَ ۾ ڀٽڪندڙ بني اسرائيل جي قوم جون اکيون يعقوب جيان نابين ٿي چڪيون هيون. سهڻي يوسف کي ڏسڻ جي حسرت ۾ ڳوڙها بڻجي ڳري چڪيون هيون. يوسف جنهن جي سونهن ڏسي فرعون جي حرم جون عورتون صوف ڪٽيندي هٿ وڍي ويٺيون. يوسف جنهن جي چولي جي پٺ ڦاٽل هئي. ڪنعان جي ٻارنهن قبيلن جو سرواڻ موسى جنهن جي شڪايت ڌرتيءَ تي گهمندڙ هڪ ماڪوڙي خدا کي ڪئي. ان ماڪوڙي جو خاندان ڪنعان ڏي ڪوچ ڪندڙ ماڻهن جي پيرن هيٺان اچي چيٿاڙجي چڪو هيو. ماڪوڙي ڇاتيءَ تي ڌڪ هڻي ٻلوان جيان رب کي چيو.
    ”رب ڌرتيءَ تي موسى جي اچڻ جو ڪهڙو ضرور هيو جنهن جي پيرن هيٺان اسين نيست و نابود ٿياسين.“
    خدا ڏمريو ۽ ٻارنهن قبيلن کي راهه ۾ رولي ڇڏيو. موسى کي ڏهه احڪام ڏنا. لوح کڻي جبل تان لٿو ته سندس قوم سون جي گابي جي عبادت ڪري رهي هئي. جيئري موسى جي شريعت نافذ نه ٿي. ڳاڙهو سمنڊ هڪ دفعو ٻيهر ڦاٿو ۽ ظاهر ٿيندڙ زمين مان ڪو فرعون جو لاش چورائي ويو. موسى جي لٺ نانگ بڻجي فرعون کي ڏنگيو. نانگ مري ويو. دنيا ۾ نانگن جي ضرورت نه آهي. فرعون جيئرا آهن. موسى راهه ۾ گذاري ويو. يوشع بن نون قبيلا وٺي ڪنعان پهتو ته اتان جي اصلوڪن ڏٺو هڪ ٻارنهن سڱون يورشلم جي جهاڙين ۾ ڦاٿل هيو. انهن سندس سڱ ڇڏايا ته ٻارنهن سڱي کين زخمي ڪري وڌو. هر سڱ تي هڪ قبيلو سوار هيو. ٻارنهن سڱي جي پٺي خالي هئي. جڏهن وارث اتي ويٺو ته ان جي ڪا قوميت نه هئي. ڪو قبيلو نه هيو. پاڇن جي ڪا ذات نه هوندي آهي. هوائن جو ڪو مذهب نه هوندو آهي. جهڙ جي ڪا زبان نه هوندي آهي. روحن جي ڪا قوم نه هوندي آهي. وارث وڃايل وجود هيو. ان کي آب حيات جي ڳولها هئي. زندگيءَ جي نانَ جي جستجو هئي. هن جي عرشنا نڙيءَ ۾ ڦاٿل موت جي ڪنڊي کان آخري هڏڪيون ڏئي رهي هئي. هن جي عرشنا عظيم اهرام ٻاهران ابوالهول جي شينهن نما مجسمي جي پيرن هيٺ ڦاٿل هئي. اها اهڙي تابوت ۾ بند هئي جنهن اندر سندس وجود کي اڃان ململ نه ويڙهي وئي هئي. جڏهن يوشع بن نون ٻارنهن قبيلا وٺي ڪنعان ۾ داخل ٿيو ته اصلوڪن چيو.
    ”اي يوشع اسين هن ڌرتيءَ جا بت آهيون. اسان جو وجود ديس جي پٿر مان ٺهيل آهي. تون بيشڪ وحدانيت جو دعويدار آهين پر اسان کي نه ڊاهجانءِ. اسين ديس جا کوٽيل پهاڙ آهيون. اهي بت آهيون جيڪي ڌرتيءَ جي عبادت ڪن ٿا. بي دخل نه ڪجانءِ.“
    يوشع بن نون انهن کي تڙي ڪڍيو. اصلوڪن جي ٻن ڌڙن کي رهڻ جي اجازت ڏني. هڪڙا فلسطيني ٻيا زدوني. فينيشيا جازدوني جن جا قبيلا رومي سمنڊ کان ڳاڙهي سمنڊ تائين ڦهليل هيا. طائر ۽ زدون دنيا جا وڏا بندرگاهه هيا. تجارتي مرڪز هيا. محنت ڪش زدوني جن وٽ ديوتا جو تصور هڪ سرمائيدار جهڙو هيو. جنهن جون ٽجوڙيون هيرن جواهرن اشرفين ۽ حياتيءَ جي ڏينهن سان ڀريل هيون، سندس ڳاڙهين بندين ۾ زندگيءَ جا انگ اکر درج هيا. ديوتائون جيڪي بي رحم ۽ صدقو گهرندڙ هيا. بيابانن چراگاهن ۾ اڏامندڙ طائر جا پکي، منجلا ديوي جي باهه مٿان جهليل تئي تان پرواز ڪندڙ معصوم روحن جو روپ هيا. اهي امر پکي جن جي عمر خضر کان وڏي هئي.
    ٻارنهن سڱي جي چيلهه تي ويٺل وارث ڪنعان پهتو ته دائود ڪوهه سليمان تي ٻڪريون چاري رهيو هيو. ان جي ٻڪرين کي لوهه جا نعل لڳل هيا. نعل جڏهن ڪوهه سليمان جي پارس پٿرن سان ٽڪرائبا هيا ته سونا ٿي پوندا هيا. دائود ان ٻڪريءَ جو صدقو ڪري سونا نعل ’سائول‘ جي خزاني ۾ جمع ڪرائيندو هيو. سائول جي وارن مان گهٽي جي چرٻيءَ جي بوءِ ايندي هئي. پيغمبر سموئل سائول کي بن يامين جي قبيلي مان چونڊي ڪنعان م شهنشاهيت عطا ڪئي، سندس وارن جي گهٽي جي چرٻيءَ سان تدئين ڪئي وئي. جابر سموئل هڪ رات حام بن نوح جي پرپوٽن مان هڪ عبراني عورت سان زنا ڪئي. صبح سان وهنجيو ته سندس وار گهنجڙي ٿي ويا. خدا قهر نازل ڪيو. مئو ته خدا ترس دائود تخت نشين ٿيو. وارث دائود جي ٻڪرين جو ڌنار هيو. ڪوهه سليمان جا پارس پٿر وري ڪنهن ٻڪريءَ جي نعل کي سونو نه ڪري سگهيا. وارث ستر سال ڪوهه سليمان تي ٻڪريون چاريندو رهيو. هن جي ٻڪرين جو کير عبرانين جا اهڙا روح پيئندا هيا جن جو تاريخ ۾ ڪو ذڪر نه آهي. دائود جي وفات کانپوءِ سوڪهڙو آيو. چراگاهه سڙي ويا. ڪوهه سليمان سينا جي صحرا ۾ ڀٽڪندڙ گناهگارن جي ڳلي جيان خشڪ ٿي ويو. دائود جي ڌڻ جون ڇڏيل شينهن جهڙيون ٻڪريون ڪمزور ٿي ويون ۽ اهي سڀ ڪنعان ۾ ڇڏيل فرعونن جي گدڙن جو شڪار ٿي ويون. وارث جڏهن ڏڪندڙ ڄنگهن سان ڪوهه سليمان تان لٿو ته هيڪل سليماني تعمير ٿي رهي هئي. اهو سليمان جو دور هيو. شيشي مان ٺهيل محلاتن جو دور. جهرڻن مان وهندڙ سون جو دور. وڻن ۾ لڙڪندڙ هيرن جو دور. سليمان جي سلطنت جون حدون اورانگڻ لاءِ هڪ گهوڙي جي عمر ناڪافي هئي. رات جو سليمان جي محل مان ايندڙ روشنيءَ ۾ چاندي ڇڻندي هئي. هن جي محل ۾ شيشي جي فرش کي ملڪا ’سبا‘ پاڻي سمجهيو. داخل ٿي ته پيرن کان پڙو مٿي سوريائين، سندس سونهن جي تجليءَ تي شيشي اندر چير پيا. سليمان هٿ کڻي هن کي منع ڪئي.
    ”اي بلقيس اهو پاڻيءَ نه آهي پير ڍڪ.“
    بي بيءَ جڏهن پير ڍڪيا ته شيشن جا سڀ چير مٽجي ويا. سبا سان تخت تي ويٺو، سندس تخت کي جيئرا طائوس اڏاريندا هيا. هو تخت تي آسمانن جو سير ڪري رهيو هيو ته وارث ڌرتيءَ تي هن جي محل ۾ داخل ٿي اهو تاج چورايو جنهن ۾ سليماني زرقون مڙهيل هيو. زرقون ۾ زندگيءَ جو راز سمايل هيو. اهو مڻيا هيو جيڪو موت کي زهر جيان چوسي وٺندو هيو. ان ۾ عرشنا جي حياتي هئي. سورن جو علاج هيو. لاشفا مرض جو ترياق هيو. هن تاج پاتو ته نظرن کان اوجهل ٿي حڪمران شيشاڪ جي سلطنت ۾ نمودار ٿيو. مصر جو سگهارو فرعون جنهن جي رٿ کي نوَ بادشاهه گهليندا هيا. شيشاڪ جڏهن فتحياب ٿيندو هيو ته شڪست کاڌل بادشاهه کي سوني زنجير سان گهوڙي جي جاءِ تي ٻڌندو هيو. شيشاڪ ڪنعان تي چڙهائي ڪئي ته صحرا ۾ نمودار ٿيندڙ وارث کي هن سليمان سمجهيو. سندس تاج ۾ مڙهيل زرقون ڏسي سوال ڪيو.
    ”اي وحدانيت جا پرچارڪ سليمان ڇا تون به خدا جيان اڪيلو آهين؟“ ائين اوچتو پڪڙجي پوڻ تي وارث جا هوش خطا ٿي ويا.
    ”مان سليمان نه، پر صحرا ۾ ڀٽڪندڙ خواب آهيان.“ وارث چيو، ”چور آهيان جنهن حياتيءَ جون ساعتون چورايون آهن.“
    شيشاڪ ٽهڪ ڏنو.
    ”اي سليمان! بيشڪ تون خواب جيان آهين ڇو جو مونکي اکين تي اعتبار نه ٿو اچي.“
    هن وارث کي سونو زنجير وجهي رٿ سان ٻڌو ۽ جڏهن چهبڪ گهمايو ته وڏي فخر سان چيو،
    ”تون منهنجي رٿ جو ڏهون بادشاهه آهين. اهو نيڪ شگون آهي. منهنجي بابي ’خوفوءَ‘ کي مرڻ کانپوءِ ڏهن جيئرن عورتن سان اهرام ۾ دفنايو ويو هيو. پڪ سان پٽيون کولي سڀ کان سهڻي عورت سان ستو هوندو.“
    رٿ ڇڪيندي وارث جي پٺيءَ تي چهبڪ لڳو ته سندس ڇرڪ نڪري ويو. هن جو خواب پٽ تي ڪريل روح جي هڏيءَ جيان ٽڙڪي پيو. منڊڪائيندو اٿيو، هو زخمي خواب جي ٽمندڙ رت هيو. قطار ۾ ڪريل رت ڦڙا پنڌ ڪندا هن پويان اچي رهيا هيا. ٽٽل خوابن جا گهمندڙ ذرا جيڪي هريل جانور جيان ڪڏهن پيڇو نه ڇڏيندا آهن.
    هو هلندو فرات ڪناري بني سام پهتو ته کيس ڪن تي آواز پيو.
    ”يا قوم اني بري مما تشرڪون. اي لوڪو مان توهان جي شرڪ کان بري آهيان.“
    ابراهيم نمرود جي خدائيءَ جو انڪاري هيو. هن هڪ رب جي تلقين ڪئي جيڪو اڻ ڏٺل لامحدود آهي. ابراهيم کي ساڙڻ لاءِ باهه جو مچ ٻاريو ويو.
    ”يا نار ڪوني بردا- و سلامًا علي الابراهيم. اي باهه ابراهيم جي حق ۾ ٿڌي ۽ سٺي ٿي وڃ.“
    باهه جا ڪن خدا جو آواز ٻڌي سگهندا آهن. ٽانڊا گلن ۾ بدلجي ويا. وارث هڪ گل کڻي نڪ تي آندو، ان ۾ خدا جي خوشبوءِ هئي. سڀ خواب جيئرا ٿي پيا. خواب جن کي ڇهه حواس هيا. انهن جي رڳن ۾ تاريخ گردش ڪري رهي هئي. خواب جن جي پيرن ۾ سورهن آڱريون آهن.
    هو ابراهيم سان هلندو ’يردن‘ درياهه وٽ پهتو. ابراهيم سان سندس ڀائٽو لوط ساڻ هيو. جڏهن لوط دولتمندن جي شهر ’سدوم‘ جو رخ ڪيو ته اتي ميلو متل هيو. وارث ان هجوم ۾ موجود هيو. هر طرف نمرود جي خدائيءَ جو چرچو هيو. ماڻهو ان جي مورتيءَ آڏو جهڪيل هيا. اهو نمرود جو ڏڻ هيو جڏهن هن عرشي مينار تان بيهي خدائيءَ جو اعلان ڪيوهيو. ڏڻ جي خوشيءَ ۾ نواڪل جون سڀ ڪرسيون ڀريل هيون. ميدان ۾ بازيگريءَ جا ڪرتب هلي رهيا هيا. هڪ جادوگر مرلي وڄائي، ٽٻڻيءَ ۾ پيل رسو نانگ جيان مٿي بلند ٿيو. ڪو ننڍي قد وارو بونو هٿن تي قلابازيون کائيندو ميدان ۾ آيو ۽ ان رسي تي مٿي چڙهي چوڌاري ويٺل ماڻهن کان داد وٺڻ لڳو. جادوگر مرلي بند ڪئي اهو رسي سوڌو هيٺ ڪريو. چيلهه تي هٿ رکي منڊڪائي گهمڻ لڳو. هر طرف ٽهڪڙا پئجي ويا. آخر ۾ اهو مقابلو پيش ڪيو ويو جنهن جو سڀني کي انتظار هيو. سدوم شهر جا ڏهه چونڊيل خفتي ميدان ۾ آيا جن مشتزنيءَ جو مقابلو ڪيو. کين قطار ۾ بيهاري ڳاڙهي رومال سان اشارو ڏنو ويو. سڀ کان وڌيڪ مشتزني ان ڪئي جنهن جو شهر ۾ ڪو دوست نه هيو. اهو دولتمند ’شنار‘ جي ان غلام جو عاشق هيو جنهن جو تعلق آرمينيا سان هيو. مقابلو کٽڻ کانپوءِ جڏهن ان کان ايڏا دفعا مشتزنيءَ جو سبب پڇيائون ته ان اقرار ڪيو، ”مان شنارجي خوبصورت غلام جو عاشق آهيان جيڪو انارڪل ۾ منهنجي سامهون ويٺل هيو ان جو تصور ڪافي هيو“. هن ڏک مان چيو. ”شهر سدوم ۾ ڪو دوست نه آهي. من ۾ صرف ان جي خواهش آهي. مان نمرود جي جنت ڏي ويندڙ رستي جو لوهار آهيان. سڄي عمر ڌئوڻ ڦوڪيندي کٻي ٻانهن سڄي پئي آهي. يار جو تصور ئي آهي جنهن سهاري اڄ ڪاميابي حاصل ڪئي اٿم.“
    سندس ڳالهه تي اهل سدوم تحسين جو نعرو بلند ڪيو. دعائن سان نوازيو ته شل ائين ڪاميابي سندس قدم چمندي رهي. دولتمند شنار جيڪو مٿي امرائن سان گڏ ويٺل هيو، ان بيهي اعلان ڪيو، ’ان شخص جي جذبي کان متاثر ٿي کيس اهو غلام انعام ۾ ڏجي ٿو.‘
    شهر سدوم ۾ هوا ڇهن رخن کان هلندي هئي. لوط رب کي عرض ڪيو. ’هن شهر جي هوا جا رخ بدلاءِ. هوا کي توفيق ڏي ته اها صحيح رخ ۾ هلي.‘
    سدوم جي هوا جو رخ ڪڏهن نه بدليو. هم جنس پرستن حامل ٿي ڀينگ کي جنم ڏنو. قهر نازل ٿيو. ٻرندڙ جبل جي لاوي مان بحرالموت وجود ورتو. بحر مردار شفاف پٿر جو سمنڊ، جنهن جي پاڻيءَ ۾ گناهگارن منهن ڏٺا ته سندن اکيون نڪري سپن جي پيٽ ۾ هليون ويون. موتي جيڪي انسانن جي انگن جهڙا هيا. عورتاڻا عضوا. مرداڻا عضوا. ڪارون جي خزاني جا موتي جن جون چاٻيون ست گڏهه کڻي هلندا هيا. اٺين گڏهه تي ويٺل ڪارون جي کيسي ۾ صرف هڪ چاٻي هوندي هئي. جيڪا بيت الخلا جي هئي جيئن کيس کوليندي دير نه لڳي.
    وارث لوط کي چيو، ’اي بحرالموت ۾ زندگيءَ جي ٻيڙي هلائيندڙ! گناهگارن جي قهر يافتا شهر جو واحد روح آهيان جيڪو دوزخ جي باهه کان بري آهي. حياتيءَ جي نهر مان ڪناري سان پيل خالي بوتل ڀري ڏي. اڻ تارونءَ کي بحر الموت ۾ تڙڳڻ جي تربيت ڏي.“
    لوط بحر مردار ۾ ٽٻي هنئي ته سمنڊ شرم ۾ ٻڏي ويو. هن ڏٺو سمنڊ جي تهه ۾ خضر تسبيهه پڙهي رهيو هيو. تسبيهه جا داڻا سندس عمر جي ڏينهن کان وڌ هيا. لوط پڇيو،
    ”اي خضر ڇا عمر جا ڏينهن ڳڻي رهيو آهين؟ يا رب جو ورد پيو ڪرين؟“ سوال تي خضر اکيون کوليون. تسبيهه جا داڻا رڪجي ويا.
    ”طوالت کان وڏو عذاب نه آهي.“ خضر چيو، ”تسبيهه پڙهي وقت گذاري رهيو آهيان. ڌرتي گناهن جو گهر آهي ۽ پاڻي پناهگاهه.“
    ”جيڪر حياتيءَ مان ڪجهه داڻا ڪڍي ڏين ته ڪنهن سائل حوالي ڪري ان جي حاجت دور ڪيان. اهو حياتيءَ جو متلاشي آهي، ڪجهه ڏهاڙن جي ضرورت آهي جيڪي سندس محبوبا جي حصي ۾ اچي سگهن.“ خضر سائي رنگ ۾ تبديل ٿي ويو.
    لوط ابراهيم سامهون پهتو ته سندس ڪپڙا آلا هيا. لوط کي اهڙي حال ۾ ڏسي ابراهيم نصيحت ڪئي.
    ”پلئُه بچاءِ. ڪناري سان هل.“
    ”انسان اکين کي ڳوڙهن کان ڪيئن بچائي سگهي ٿو.“ لوط جواب ڏنو. ”هو هوا سان جڙيل آهي نڪ ڪيئن بند ڪري سگهي ٿو.“
    ابراهيم لاجواب ٿي ويو، محسوس ڪيائين گناهه انسان جي ڳنڍ ۾ ٻڌل آهن. انسان جبل جي پٿر کي ماس سمجهي. وات وجهي ٿو، سندس ڏند اميدن جيان ڀڳل آهن.“
    هن حجاز ۾ پيڙهه جو پٿر رکيو. ڪعبو ٺهيو. اسماعيل دڙا هنيا. چشمو ڦٽيو. آب زم زم جرڪڻ لڳو. چشمي ڪناري وڻ ڦٽو، ان ۾ هد هد آنا ڏنا. ٻچا نڪتا. هڪ ٻچي ٻئي کي ماري وڌو. جڏهن ابراهيم کي الهام ٿيو. وارث ’واديءِ غير ذي زرع ۾ موجود هيو. هن ڏٺو. ابراهيم ۽ اسماعيل وڃي رهيا هيا. اهڙي هنڌ جتي جبل جي چوٽ تي هڪ پٿر بي خوابيءَ جي حالت ۾ انهن جو انتظار ڪري رهيو هيو. واديءَ غير ذي زرع جتي ڪا زراعت نه ٿي. چيڪي مٽي ٻرندڙ جبلن جي لاوي هيٺان دفن ٿي چڪي هئي. وارث ڏٺو هن اسماعيل کي پٿر تي ليٽايو. ڪاتي هلائي ته وارث اسماعيل جي ڳچيءَ تي هٿ رکيو. هن جو هٿ ڪٽجي ويو. ڦٽ سڪو ته ليڪ ٺهي.
    هڪ دفعي ’متفلا‘ جي غار ٻاهران هٿ کڻي دعا گهري رهيو هيو ته هڪ جوتشيءَ جي نظر سندس هٿ تي پئي. جوتشيءَ کان رڙ نڪري وئي. اڳتي وڌي هٿ کي غور سان ڏٺائين ۽ چيو،
    ”حياتي ۽ موت جي وچ ۾ واضح لڪير آهي. اهڙي ورهاست آهي جنهن کي اڄ ڏينهن تائين ڪو لتاڙي نه سگهيو آهي. تنهنجو وجود ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪڙو جنهن تي پنج آڱريون بيٺل آهن، ٻيو وجود جنهن تي پنجن آڱرين جا نشان آهن.“
    وارث قسمت جي لڪير کي افسوس مان ڏٺو.
    ڪنعان جي ڏکڻ ۾ اسحاق ان قافلي جي اڳواڻي ڪري رهيو هيو جن کي خيما ڪلهن تي هيا. اهي بيابانن جا سيلاني جن جي پيرن جا زخم پرڏيهه کان موٽندڙ جي رهنمائيءَ جا نشان بڻيا. ’عيص‘ جنهن جي اولاد ڳاڙهي نسل جي هئي. اهي ’ادومي‘ هيا جن جبل ٽڪي وسيع غارن ۾ گهر جوڙيا. ادومين جي قبيلي جو ايوب جنهن ڏک مٽائڻ لاءِ صبر جا ڍڪ ڀريا. وارث کيس التجا ڪئي.“ اي پيغمبر مون صحرائن ۾ ڀٽڪي زندگي ڳولهيندڙ لاءِ دعا ڪر.“
    ايوب سندس پٺي ٺپي ۽ چيو،
    ”جيئن اسين وقت جو انتظار ڪندا آهيون، ائين وقت اسانجو انتظار ڪندو آهي. صبر ڪر وقت ڪشڪول کڻي تنهنجي در تي ايندو“.


    12

    ڌرتيءَ تي مهين جي ويدن جو چرچو هيو. مهين مٿان ڏاهپ جو سج ڪڏهن غروب نه ٿيو. جڏهن فرات جي اتر ۾ هبرو پنهنجي سڃاڻپ ڳولهي رهيا هيا ۽ ابراهيم ڌرتيءَ تي نه آيو هيو. اڃان فرعونن جي سلسلي جو عظيم خوفو اهرامن جي اڏاوت لاءِ سوچي رهيو هيو. شينهن جهڙي ابوالهول تي ملڪا جي منڍي نه تراشي وئي هئي. بابل ۽ نينوا اهو عروج نه پسيو هيو جيڪو انهن کي نصيب ٿيو. مهين جي عظمت ائين هئي جيئن ڌرتي ان چوڌاري ڦرندي هجي. ان جا ويد جيڪي جراح هيا تن انسان جي اندروني عضون جي جوڙجڪ کي ڳولهي لڌو هيو. انهن کي آنڊن جي اهميت جي خبر هئي ۽ ڄاڻيندا هيا ته سخيءَ جي دل وڏي عمر ماڻي ٿي ۽ بي ايمان جي دل دغا ڪري ٿي. دماغ کي ٻه روشندان آهن هڪ مان روشني ۽ ٻئي مان اوندهه اچي ٿي. ڦڦڙ سهڪن ٿا ته انسان ڊوڙي ٿو. انسان جون ڄنگهون ايڏيون ڊگهيون نه آهن جو اڀ کي رسي سگهن. هٿ ايڏا ويڪرا نه آهن جو گناهن جو بار جهلي سگهن. علم جي اکين ۾ عقل موتيي جيان پيل آهي. اڻ ٻڌل آوازن کان ڪنن ۾ ٻجا پئجي چڪا آهن. انسان نامڪمل آهي، جنهن ڪري هو مري ٿو. مرڻ جو خوف آهي جيڪو جيئاري ٿو.
    عظيم ’مورايا‘ جنهن جي حڪمت گاهه اوڀر طرف هيٺ ويندڙ انهن ڏاڪڻين جي ختم ٿيڻ کان ڪجهه قدمن جي فاصلي تي هئي جيڪي ڏاڪڻيون مهين جي امرائن جي قدمن کي چمندي ڪڏهن نه ٿڪبيون هيون. مهين جا اهي امراءَ جن جي تن تي نيري ململ جا گلدار ڌوتي بوڇڻ نما ڪپڙا اوڍيل هوندا هيا. انهن ڏاڪڻين تان ايندي مورايا جي حڪمت گاهه ۾ پنهنجا پير ضرور گهمائيندا هيا، جتان کين روحاني ۽ بدني شفا جا اهڙا ڪک ملندا هيا جن کي ڦڪڻ سان سندن حياتيون ڊگهيون ۽ جسم سگهارا ٿيندا هيا. ان جا عجيب کوهه جن جون ڳچيون صحرائي اٺن جيان منهن مٿي ڪري ڄڻ انهن غورابن لاءِ واجهائينديون هيون جن کي وئي ورهه گذري چڪا هوندا هيا. اهي ونجهه اهي وڻجارا جن جي ٻيڙن جا سڙهه ڪڏهن نه سُتا، هوائن ۾ انهن جا ڦرڙاٽ ڪوهن تائين ٻڌبا هيا. ململ ۽ نير ۽ غذائي اجناسن سان ڀريل جهونا جهاز جن جا پيرا سمنڊ ڪڏهن ڊاهي نه سگهيو. وڻج انهن جي تجربي ۽ ڄاڻ آڏو ٻانهون ڦهلائي بيٺل هوندو هيو. سپت سنڌو جيڪو مهين جي ڪنارن کي چمندي وهندو هيو، جنهن جي ويڪري پيٽ ۾ غورابن لئي وڏي وٿي سمايل هوندي هئي. اهو اهڙي ازدها جيان هوندو هيو جنهن کي جهلڻ ڪنهن جي وس نه هيو. ان جا گجگوڙ بک کان رانڀون ڪندڙ جهنگ جي شينهن جهڙا هيا. سنڌو مهين جي ساهه جي رڳ هيو. ڪڏهن پاڻيءَ جو قدر رت کان وڌي ويندو آهي.
    سمبارا قبيلي جا اهي ڇڙواڳ جوڌا جن جي بستي مهين جي اوڀر ۾ ان مقام تي هئي جو جڏهن سج لهندو هيو ته کوهن جا ڊگها ٿيندڙ پاڇا انهن جي گهٽين مان لنگهي درن تي پهچندا هيا. اهي سمبارا جا ڇڙواڳ خدا جي نانءَ کان وانجهيل ڪافر قبيلا جيڪي مهين کان پري ان جي دامن ۾ گناهن جا کيڏ کيڏندا ها. سندن سرعام چڪلا جن جي درن تي ڪڻڪ رنگيون ناسي نيڻن واريون وئشيائون اوسيئڙي ۾ بيٺل هونديون هيون. جن جي مڌشالن ۾ بدڙي چانورن جي تراشيل هيڊي شراب جون ڪوناريون ڪڏهن نه سڪيون، سانجهيءَ پهر سرنهه جي تيل جي ٻرندڙ ڏيئن جي نارنگي روشنين ۾ عاج جا چوڙا پائي نچندڙ اڌ اگهاڙيءَ ’نيهان‘، جنهن جي نرت تي هڪ هٿ ۾ مڌ ۽ ٻئي ۾ دل کڻي بيٺل جوانن جو تجسس ڪڏهن ختم نه ٿيو.
    سمبارا جا اهي سخي جيڪي روڪ رقم ڏئي ويشالي جون اڻ ڇهيل ناريون نوجوانن حوالي ڪرائيندا هيا ته جيئن اهي چيٽي چنڊ جي رات ۾ شهر ٻاهران کين کيتن ۾ سمهاري روان ڪن ته قدرت کي تخم جو احساس ٿئي. زمينون زرخيز ٿين ۽ اناج جي اپت ۾ واڌ اچي. اتي ڪنهن ڏاهي جو قول هيو ته ’هر شيءِ انگ سان سيراب ٿئي ٿي. اپت ڏيڻ کان اڳ ڌرتي ڪنواري نار جيان آهي.‘
    سمبارا جا اهي گناهگار جن جي مندر جو شمني ڪاري ڏاڙهيءَ وارو ’بهل‘ هيو. ان ٺڪر جي پاٽ ۾ پاڻيءَ کي اهو رخ ڏنو هيو جو چڙهندڙ ۽ لهندڙ سج جو پاڇو ان تي پوندو هيو ته سوين ڪرڻا ڦٽي نڪرندا هيا. انهن ڪرڻن جي روشنيءَ ۾ انسان جون اکيون کيريون ٿي وينديون هيون. اهڙي طلسم تي سڀني سر جهڪايو ۽ سندس سحر ۾ ڦاسي پيا. ماڻهو انهن عڪسن آڏو ٻَلي چاڙهيندا هيا. نير جي کيتن ۾ ڪم ڪندڙ وانڱڻائي چپن واريون سورج سڙيل سانوريون سنهڙي ڳچيءَ جا چندن هار ’بهل‘ جي جهول ۾ وجهنديون هيون جيئن نير جا کيت آباد رهن. انهن جو رنگ وفادار محبوب جيان سدائين پڪو هجي ۽ ڪپڙن تان نه لهي. مصر جا فرعون ۽ حبش جا غلام انهن کي پنهنجين پوشاڪن تي چاڙهيندا رهن. فينيشيا جون عورتون ان کي ميڻ سان ملائي چپ رنگينديون رهن. بابل ۽ نينوا جون داسيون پنهنجن جسمن تي ملي مندر ۾ نفرت جي ديويءَ اڳيان وات مان ڄڀ ڪڍي مرگهيءَ جي مريض جيان جسم ڏڪائي، شدت سان نچي کيس پيار ۾ تبديل ڪرڻ جا جتن ڪنديون رهن.
    وارث واءُ جيان اتي پهتو ته عرشنا جهڙ جيان سندس ساڻ هئي. وارث بهل جي طلمس تي رڪيو. جهڙ جهڙي عرشنا وسي ته بوندن بدران ان ڪڻا بهل جي جهول ۾ ڪريا. بهل نذرانو قبول ڪيو ۽ اداس عرشنا جي جهڙيالن نيڻن ۾ ڏسي کيس ڪا دل جوئي نه ڪري سگهيو.
    ’اي خوابن ۾ اڏرندڙ اڇکنڀي جهڙيالي مخلوق. تنهنجي سورن جو مدائو مون وٽ نه آهي.‘ ان چيو، ’هيءُ طلسم سمبارا جي ان مخلوق تائين محدود آهي جيڪو ان کي انديشن جو علاج سمجهي ٿو. وس ۾ نه آهي ته تنهنجن زخمن کي ڌوئي صاف ڪيان. تنهنجو مدائو مهين جي مورايا وٽ آهي جنهن جراحيءَ ڪري ڪيترن ئي راجائن جي مغز جا ناپاڪ حصا ڪٽي الڳ ڪيا آهن.‘
    وارث وچ ۾ ڳالهايو.
    ’اي بهل، هن سحر جو ڇا مطلب؟ سورج جا ڪرڻا ڪهڙي ڪم جا؟ ٿي سگهي ٿو منهنجي عرشنا جا ناسور وهم هجن. توهمات هجن. خدشا هجن. خوف هجن. ڪو علاج نه آهي ته ڪو اهڙو سحر ئي صحيح جنهن سان ڪو مدائو ٿي سگهي. ڪنهن گمان جي حقيقت ٿي پوي. ڪنهن خواب جي سچائي ٿي سگهي. ڪنهن ننڊ جو انت ٿي پوي.‘ بهل اٿيو ۽ پاڻيءَ جي پاٽ هاري ڇڏي. ان رات نيهان عاج جون چوڙيون پائي مڌشالي ۾ نه نچي. سندس پير جي لڦن بي چين ڪري وڌو. سمهي ته سندس روح ۾ ڄاڱريءَ ٻير جا ڪنڊا نڪري آيا. جاڳي ته ڇاتيءَ جي پاسن کان ڳاڙها ٻير رکيل هيا.
    وارث مايوس ٿي عرشنا سان ان قبي تي لٿو جنهن هيٺ مندر ۾ ستر ديوتائن جا مجسما رکيل هيا. ان رات مينهن وُٺو ۽ مندر ڏي ويندڙ ڏاڪڻ جي هر سر ڳاڙهي ٿي چڪي هئي.
    پاڻيءَ جا دٻا پري پري تائين ڦهليل هيا ۽ امرائن جي اوچين عمارتن وچ ۾ وسيع تلاءَ جو پاڻي ايڏو ٿڌو ٿي چڪو هيو جو ترندڙ جسمن کي ڪنهن ڀاڪر جي ضرورت پئي محسوس ٿي.
    وارث عرشنا سان گڏ ڏاڪڻ تي آيو ته مينهن ۾ ڀڳل ٻه ڪبوتر ڀڙڪو ڏئي آکيري مان اڏامي ويا ڄڻ انهن جا روح هيا. ڏاڪڻ چڙهي مندر ۾ آيا ته سندن حيرت جي حد نه رهي. انهن ڏٺو اتي ستر مجسمن مان ٻه مجسما انهن جا هيا. ڪبوترن جيان اڏامي ويل ٻه لافاني روح، ڌرتيءَ تي رهجي ويل جسمن جا مجسما جن جي مرڪ ۾ اميد جي لڪير چتائي ڏسجندڙ چنڊ جيان هلڪي هئي. عرشنا ۽ وارث ديوي ۽ ديوتا هيا. جڏهن تاريخ اڃان وک نه وڌي هئي. لفظن کي علامتن ۾ آندو ويو هيو. هرشيءِ مورتن ۾ واضح ڪئي ويندي هئي. سگهاري ڏاند کي بيان ڪرڻ لاءِ سڱ ٺاهيا ويندا هيا. سڪن جي پاسن کان حڪمرانن جي آڱوٺن جا نشان هيا. ڏاند گاڏين جي چيڪاٽن تي لوڪ ڌنيون ترتيب ڏئي تهوارن تي ڳايون وينديون هيون. لوهه کي نفرت سان ڏٺو ويندو هيو ڇو جو اهو هٿيارن جي ڪم ايندو هيو ۽ هڪ بٺيءَ جي مالڪ ’ڀمشيا‘ ٽامو ڳولهي لڌو هيو جنهن تي اهو چئي پابندي وڌي وئي ته اهڙو ڌاتو امن ۽ شانتيءَ جو انت آڻيندو. ان جو بيجا استعمال رحم جو خاتمو آڻي غرور ۾ اضافو ڪندو جيڪو ڪمزور قومن لاءِ قيامت کان گهٽ ڪونه هوندو. مندر جا ناد وڳا ته سمبارا جي هڪ وئشيا مڌ کي چپن تي آڻيندي ائين پري ڪيو جيئن ان کي ڀڳوان روڪيوهجي. اها مڌ ٻڏل نوجوان وئشيا ناد جي پهرين ڏونڪي تي پيالو پري ڪري عقيدت مان اکيون ٻوٽي اڻ ڏٺل جي ياد ۾ گم ٿي ويندي هئي. ان جي اهڙي ادا ڪري ڪنهن کيس سرڳ جي بشارت ڏيندي چيو،
    ”ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته تنهنجي بدن تي چمين جا بي انت نشان آهن مختلف مردن جي وجود جا بي پناهه داغ آهن، پر تنهنجي ان ادا جي صدقي اهي سڀ ڌوپجي ويندا. سرڳ ۾ سوين غلام تنهنجي تعبيداري ڪندا.“
    اهڙي بشارت کانپوءِ اها وئشيا چار ڏينهن جيئري رهي ۽ مرڻ وقت وصيت ڪيائين، ”سندس هيٺين ڪمري ۾ پيل مڌ جا چار ڊرم سمبارا جي لالچي پروهت ’ڪڻڇ‘ جي فصلن ۾ هاريا وڃن جيئن جوَن جو فصل سٺو ٿئي.“
    مهين جي اولهيائين سمنڊ ڏي ڊڪندڙ سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ووڻن جا فصل ائين وڇايل هيا جيئن ٻرندڙ سج مان برف هيٺ ڪري فرلانگن تائين ڦهليل هجي. نظر جي حد کان پري کيتن ۾ اڇي پڳ پائي پرئي مڙس جيان بيٺل ووڻن جا ٻوٽا هلڪي هوا تي ڪنڌ لوڏي پيا پاڻ ۾ ڪچهريون ڪندا هيا. اهو مهين جو صنعتي تجارتي اوج هيو. امرائن جي تلاءَ کان هڪ گهٽي اڳيان جتي بندر هيو ۽ ماڻهن جي اچ وڃ عام هئي ان جي مک در اڳيان مال سان سٿيل ڏاند گاڏين جون قطارون پنهنجي واري جو انتظار ڪنديون هيون. سگهارا مزدور مال ڍوئي غورابن تي رکندا هيا ۽ غوراب پرديسي پرينءَ جيان موڪلائي گجندڙ سنڌوءَ جي بي قرار لهرن مٿان لڏندا روانا ٿيندا هيا. بندر جي ڀر ۾ سرمائيندار ’برهاس‘ جو مشهور سٽ جو ڪارخانو هيو جنهن اندر سوين ناريون ايٽ جي ڦرهي ۾ آڱر وجهي گهمائي ڪتڻ جي ڪرت ڪنديون هيون. سنهڙين آڱرين ۾ جهليل ڪپهه چرخي جي چهنب تي چڙهي ناياب ڌاڳي جي صورت ۾ ويڙهبي ويندي هئي. ان کان اڳتي هڪ وسيع هال ۾ اهي آڏاڻا رکيل هيا جن جي تانيءَ ۾ بابينو گهمائيندڙ مزدورن جا هٿ ڪڏهن نه ٿڪبا هيا. وقت جي نفيس ترين ململ جيڪا هٿ ۾ کڻڻ سان ائين کسڪي ويندي هئي جيئن ڪو پاڇي کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. پرڏيهه اماڻيل غورابن تي سٿيل ناقابل يقين ململ جنهن کي ويڙهڻ سان فرعونن جون مميون اهرامن ۾ دفن ٿيڻ کانپوءِ جاڳي پونديون هيون.
    وارث ۽ عرشنا مندر ۾ داخل ٿيا ته پاسي کان پيل ٻن مجسمن مان متاثر ٿيا جن جا نقش انهن سان ملي رهيا هيا. اهي عرشنا ۽ وارث جا مجسما هيا جيڪي تاريخ کان اڳ جا ديوتا هيا، اڃان جڏهن يونان ديوتا ڳولهي رهيو هيو ۽ روم ان آسري ۾ هيو ته ڏاها ڇا ٿا ڳولهين ته هو به عمل ۾ حصيدار ٿين.
    وارث ۽ عرشنا پنهنجي عبادت ڪئي. انهن عقيدت مان نيڻ جهڪايا ته کين محسوس ٿيو پاڻ خدا آهن. اهڙا ديوتا آهن جيڪي ڪنهن جنم ۾ چڱايون ڪري اعلى پد تي پهتا آهن. اتي هڪ عرشنا هئي هڪ وارث هيو ۽ اڳيان مهين جي اوچائين تي ٺهيل مندر. اندر ٻه مجسما جن جي پنڊ پهڻ روح ۾ سندن ماضيءَ جو ڪردار هيو. انهن موت کان نجات ۽ حياتيءَ جي درازيءَ جي دعا گهري ته ڄڻ پاڻ آڏو سين هنئي. وارث چيو: ”خدا آدم کي مٽيءَ مان ٺاهيو ۽ آدم خدا کي پٿر مان ٺاهيو. عرشنا ۽ مان پٿر به آهيون ته مٽي به. ڪنهن آڏو سين هڻڻ کان سٺو آهي پاڻ کي ٻاڏائجي. ٻي ڪنهن جي پيڙا کي ڪير محسوس ڪري سگهيو آهي. دل جو سور دل واري کي ئي محسوس ٿيندو. پاڻ کان گهرڻ سان پڪ هوندي ته ڇا ڏئي سگهجي ٿو.“
    وارث چپ ڪئي ته عرشنا جو آواز اڀريو جيڪو شڪاريءَ جي چنبي مان ڇڏايل پکيءَ جيان زخمي هيو.
    ”ڪجهه نه ٿا ڏئي سگهو ته ماٺ جو ڪشڪول ڏيو. پانڌ ۾ خاموشيءَ جا ڪڻا وجهو ته ڪائنات جي نئين سر تخليق ٿئي. اهڙو پولار پيدا ٿئي جنهن ۾ ماٺ مٺيون ڀيڪوڙي گوڏن ۾ منهن لڪائي ويٺل هجي.“
    هو مندر ۾ ويا ته مورايا جو پاڇو در وٽ پيو. پاڇي پويان مورايا ائين نڪتو جيئن پاڇو حقيقت ۽ مورايا پاڇو هجي. هن جي هٿ ۾ ٺڪر جي لوح هئي جنهن ۾ آسمانن کان اڳ جي تاريخ جا چتر چٽيل هيا. اها مورتي تحرير جيڪا مورايا جي لوح خاني جو ناياب اثاثو هئي. ان ۾ عرشنا ۽ وارث جو تذڪرو هيو. مورايا اڳتي آيو ۽ سندن ٻاڦ مان ٺهيل شفاف وجودن کي سجدو ڪيو. خوشخبري ڏني.
    ”اهو توهان جو ٻاويهون جنم آهي.“ هن چيو، ”ان کان اڳ جيڪي جنم وٺي چڪا آهيو اهي دنيا جي مختلف ادوارن ۾ وڃائجي ويل تاريخ جي صفحن اندر قدمن جي ڌوڙ ۾ نقش ٿيل آهن. توهان ئي آهيو جن مهين جي پيڙهه جو پٿر رکيو. جڏهن چنڊ تخليق ٿيو. اها چنڊ جي پهرين چانڊوڪي رات هئي جنهن ۾ عرشنا ’ڪرهل‘ کي جنم ڏنو. مهين جو والي ڪرهل ۽ اوهين ڪرهل جا تخليقڪار. ڪرهل ڌرتيءَ تي آيو ۽ ان حمورابيءَ جهڙا سوين اخلاقيات جا پرچارڪ پيدا ڪيا.“
    مورايا انهن کي اها لوح ڏيکاري جنهن تي سمجهه ۾ نه ايندڙ صورتي علامتون اڀريل هيون. مورايا جي وضاحت تي اهي حيران ٿي ويا. انهن کي اها خبر نه هئي ته ڪي ديوتائون به شفا لاءِ ٻاڏائيندا آهن. ڏيڻ واري کي وٺڻ جي ضرورت پوي ته ان کي ڏيڻ وارو ڪير آهي؟ ورهائيندڙ هٿ مجبور ٿين ته اهي ڪنهن آڏو ليلائين؟
    وارث ۽ عرشنا اهڙن ئي ويچارن ۾ هيا ته شهر ۾ شور ٿيو. اها انقلاب لاءِ اتهاس جي پهرين بغاوت هئي. گوديءَ ۾ گدامن اندر ڪپهه کي لڳل باهه ڪري ڦهليل دونهي ۾ مخلوق جو ساهه منجهڻ لڳو. چرخا رڪجي ويا ۽ آڏاڻا خاموش ٿي ويا. کيتن جي مالڪ ’وڌاتيا‘ کي ڏينهن جو تارا نظر آيا. هووائڙن جيان ان خيس ۾ منهن لڪائي ڀڳو جيڪو لومڙ جي وارن مان ٺهيل هيو. ان بهل جي اونڌي پيل پاٽ واري مندر ۾ پناهه ورتي جتي جنن ديرا ڪيا هيا ۽ جنڙيون اوچتو هن کي ڏسي ڊڄي ويون. محنت ڪشن عدالت جي ڀتين تي لڳل اهي لوحون ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيون جن تي اهڙا استحصالي قانون درج ٿيل هيا جن ۾ پروهتن کي ڏنل ڏن جو بچاءُ ڪندي وسيلن تي قابض قوتن جي پٺڀرائي ڪئي وئي هئي.
    اهڙي شورش جو اثر وٺي عمارتساز چندر ان خيالي شهر جي نقش جا اهي سڀ علامتي اکر مٽائي ڇڏيا جيڪي هن چيڪي مٽيءَ سان ڪاٺ جي تختي تي جوڙيا هيا. هن مورايا جي مدد سان حڪمران ڪڻڇ لاءِ هڪ اهڙي مثالي شهر جي رٿابندي ڪئي هئي جنهن ۾ گهڻ مار عمارتن سان گڏ اهڙا غسلخانا هيا جن ۾ پاڻيءَ جو ڳجهو نظام هيو. اهڙا پاخانا ايجاد ڪيا جن مان ڪرفٽيءَ کي ميڙي ٻاهر اڇلائڻ جي ضرورت پيش نه اچي. هن نلڪن لاءِ اهڙو لوهه جوڙيو هيو جنهن کي ڪٽ نه لڳي ۽ شهر جون ناليون ان شرمسار عورت جيان لڪيل هجن جنهن کي ڄڻ ڪنهن غير مرد سان پڪڙيو ويو هجي.
    عمارتساز چندر اهڙي منصوبي کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. هن کي خبر هئي ته اهڙي رٿابنديءَ سان طبقاتي اثر گهرا ٿيندا ۽ استحصال جا نوان رستا کلي هيٺين طبقي کي تباهه ڪري ڇڏيندا. سرمائيداري پروان چڙهندي ۽ غربت مڙهي ماڻهن کي محتاج بنايو ويندو. مهين جي رٿابندي هن جي ڏاڏي ’گومليا‘ سو سال اڳ ڪئي هئي. ان کان اڳ مهين هڪ پراڻي قسم جو ڳوٺ هيو جنهن جي سرن بٺن جو واس نه ورتو هيو. گومليا ڊگهين چمنين وار بٺا متعارف ڪرايا ۽ پاڻيءَ کي پاڪ رکڻ لاءِ کوهن چوڌاري ڊگهين ديوارن کي مروج ڪرايو. جيئن کوهه محفوظ رهن. انهن ۾ ڪنهن جي ڪرڻ جو خدشو نه هجي. مٽي ۽ گند کان مٿي هجن. ڪنارا ڪوٺن کي ڇهن ۽ مٿين منزل تي بيهي ڏول ڀري سگهجن.
    ان بغاوت ۾ امراءَ محفوظ رهيا. کترين جي محلي جو اڌ حصو سڙي رک ٿي ويو ۽ شودرن جي ڪنن ۾ شيهو وڌو ويو. بغاوت کي دغابازيءَ سان ڪچلي ڪجهه اڳواڻ ڀڳڙن لپ تي خريد ڪري پاڻ سان ملايا ويا. سرڪش ’نهروان‘ کي ڳچيءَ کان پڪڙي مندر ڏي ويندڙ مک ڏاڪڻ وٽ هڪ پائي سان ٻڌي مصر مان آيل ڪوڙو تماڪ پيئاري ماريو ويو.
    تڏهن مورايا آپگهات ڪيو. مندر ۾ عرشنا ۽ وارث جا بت ڀڄي پيا.


    13

    عرشنا جا ساهه ائين وچڙيا پئي جيئن مڌ پيتل جا پير. وارث بي وس پکي جنهن جا کنڀ مخالف هوا ۾ ڇڻي چڪا هيا. ان جي هر اڏام ڪک ڳولهڻ لئي هئي جيئن اهڙو آکيرو اڏي سگهي جنهن ۾ عرشنا محفوظ رهي. هن بي هوش عرشنا جي اکين کي چميو، ٻه ڪارا ڀنور جنت جي باغ مان نڪري ڌرتيءَ تي آيا.
    وارث آدم جي اور ڏسي رهيو هيو. دن سان ڳنڍيل تند. آدم جي اور عرش ۾ پوريل آهي. ستن آسمانن کان مٿي ستارن جي سرزمين ۾ جتي پولار ڦاٽ کائيندڙ سانت ۾ لامحدود آهي. آدم عرش مان تند ۾ لڙڪي ٿو. خلا ۾ دن وٽان تند ۾ لڙڪي گول ڦري ٿو. ڪائنات جي هرشيءِ گردش ڪري ٿي. آدم جي ماءُ ڀونءِ تي ٻانهون ڦهلائي بيٺل آهي. اها آدم جي اچڻ جو انتظار ڪري ٿي.
    ان کان اڳ وارث ستين عرش تي ان مٽيءَ وٽ ويٺل هيو جيڪا تازي ڳوٿل هئي. هن اهي هٿ چمڻ چاهيا جن ڳوٿي هئي. هن سوچيو. چمندو ته سندس چپ حياتيءَ سان آلا ٿي ويندا. اهي چپ عرشنا جي چپن تي رکندو ته اها جاڳي پوندي.
    هن اتي انتظار ڪيو. جڏهن آدم جڙيو ته التجا ڪئي.
    ”آلي آدم جي ڪجهه مٽي مون حوالي ڪئي وڃي ته عرشنا جي ناسورن جي مرمت ڪيان.“
    آدم جڙيل هيو. ڦوڪ جي انتظار ۾ هيو. ان کان اڳ جو مٽيءَ هاڻان هٿ ڌوپجن کين ڪهل آئي، اڳتي وڌيا. آدم جي پيٽ وٽان مٽيءَ ذرو وارث حوالي ڪيو. آدم جون دن ٺهي پيو. اور جو احساس جتان فطرت رڳن ۾ گردش ڪري ٿي. وارث مٽيءَ ذرو وٺي ڌرتيءَ تي آيو. مٽي ڌوڙ بنجي چڪي هئي.
    ”سڀ ڪوڙ... آدم ڪوڙ... ڌرتي ڪوڙ... هوا ڪوڙ... باهه ڪوڙ...“
    سوچيو، آدم اڃان مڪمل نه ٿيو آهي. کيس فطرت تراشي رهي آهي. ان جي خامين کي اصلاح جي ضرورت آهي. آدم ڪجهه نه هيو پولارن جي چپ هيو. خاموشيون ٽڪرايون ته وڄ چمڪي. قطري جيان ڪريو سمنڊ ٺهيو. سمنڊ اوڳاڇيو ته ڏيڏر جيان ٽپا ڏيندو ناريلن جي جهنگ ۾ ويو. ڏونگهي کاڌي ته سندس ڏند ڄميا. گوشت کاڌو نوڪون نڪتيون. زلزلا جاڳيا ننڊ ڦٽي. طوفان آيا ٻانهن ۾ لڪيو. وڄ چمڪي روشنيءَ انڌو ڪيو. سج گرهڻ ۾ رب ڏٺو. چنڊ گرهڻ ۾ محبوب مليو. اوگهڙ جو احساس ٿيو. شرمسار ٿيو. ڪک ٻڌا. عضوا ڍڪيا،گوڏ ٻڌي، پڳ پاتي معتبر ٿيو. گهوڙي تي ويٺو سردار سڏيو. هاٿيءَ تي ويٺو حاڪم ٿيو. سچ ڳولهيو ڪوڙ ٿيو. ڪوڙ ڳولهيو سچ ٿيو.
    وارث عرش تان تڙيل ڌرتيءَ تي گهمندڙ وجود جنهن جي هٿن ۾ خاڪ هئي. آدم جي دن جي خاڪ جنهن مان ڪتو ٺهيو. ڪتي جي ڀونڪ تي آدم جاڳيو. هن اک پٽي ڪجهه نه هيو. هڪ تارو هيو جنهن کي پڇ هيو. پڇڙ تارو جنهن جي ڀونڪ تي ڪائنات ڏڪي رهي هئي. عورت مرد جي ڀڳل پاسيري جنهن جو سور صدين تائين ڀوڳيندو. وارث وسري ويل خواب هيو. عرشنا کنڀ کولي سندس ذهن تي ستل هئي. هن جي هر اڏام عرشنا جا پر هيا. هن جون يادگيريون دونهي جهڙيون هيون. پولار جهڙيون جنهن جي حد ڳولهڻ خوابن ۾ ننڊ ڳولهڻ آهي. ٻه هٿ جن تي آلي مٽي ڄميل هئي. ماءُ جي آڱرين جيان ڳوٿل اٽي جا نشان. چمڪندڙ ٽانڊا، گرم چلهه. آدم پچي ٺڪر ٿي چڪو آهي. ڪريو ته ڀڄندي دير نه ڪندو. سندس وجود جا وڍ دڙڪندڙ دل کي ڪهڙو سهارو ڏيندا. دل اهڙو ٿانءُ آهي جنهن ۾ ڳاڙهو شراب ٽهڪي ٿو.
    ”اي پالڻهار، مونکي ڊاهه ۽ ٻيهر ٺاهه.“ وارث چيو، ”اهو نه چوندس تنهنجي تخليق ۾ ڪي ڪوتاهيون آهن پر ائين چوندس ته اهي مون ۾ آهن. حياتيءَ جي ڦرهي جاچ. چڪون ڪڍ ته ميساري ٻيهر لکان. الاهي، دنيا کي اڃان وجود قبول نه ٿو ڪري. اها اهڙي صراحيءَ جيان آهي جنهن جو ڍڪڻ وڃائجي چڪو آهي ۽ سرور ڏيندڙ مڌ روح جيان اڏامي چڪي آهي.“
    آدم آرام پسند آهي. جنت جا ڏينهن وساري نه سگهيو آهي. ڪڻڪ کاڌائين ڪرفٽي ڪيائين. تڙجي ڌرتيءَ تي آيو. ڌرتيءَ تي جنت ڳولهيائين جنت ڳولهيندي زندگي دوزخ بڻائي وڌائين. وارث آدم جو پاڇو ڪڏهن رهنماءُ ٿي اڳيان پٺي هليو ته ڪڏهن مريد ٿي پويان. امڙ حوا جو اڱڻ وسيع آهي ۽ اسين بانبڙا پائيندڙ ٻار. ڪروڙها ٻار. حوا هڪ آهي. خوشنصيب جي وات ۾ ٿڻ. بدنصيب جي وات ۾ آڱوٺو آهي. ڌرتيءَ تي آدم خدا کي وساري ويٺو. هڪ ڏينهن هن کي هڏڪي آئي کيس خدا ياد ڪري رهيو هيو. ڪانءُ انسان جو ازلي استاد جنهن کيس پورڻ سيکاريو. ڪانءُ نه هجي ها ته انسان لاش ڪلهن تي رولي ها. وارث حوا جي اڱڻ ۾ ويو، سندس رئو چمي اکين تي رکيو ۽ عرض ڪيو،
    ”لوليءَ جا لفظ خيرات ۾ ڏي ته پاند ۾ وجهي مرندڙ عرشنا تي جھونگاريان. ٿي سگهي ٿو سڪون محسوس ڪري ۽ سندس روح دنيا ۾ ڪجهه ڏينهن ترسڻ لاءِ راضي ٿي پوي.“
    حوا هن جا ڳل چميا ۽ چيو: ”چريا پٽ، پالڻهار اڃان لوليءَ جا اهڙا لفظ نه خلقيا آهن جو موت کي مات ڏئي سگهن. عزرائيل ٻڌي ته ان جي اکين مان ڳوڙها ڳڙن.“
    آدم جي اٺين پيڙهيءَ جو فرد ’فرهيل‘ جڏهن ڄايو ته سندس اور کي الڳ نه ڪيو ويو. اور کي دفنايو ويو ته اهو ان ۾ ڳنڍيل هيو. اور ان اٺين پيڙهيءَ جي پاڙ هئي. هو وڻ هيو، ڌرتيءَ جو رت سندس وجود ۾ گردش ڪرڻ لڳو. ان شاخون ڪڍيون. پن ڦٽا. گل ڏنا ۽ ميوا نروار ٿيا. هر ميوو هڪ فرد هيو. هر فرد تخم سان جهنجهيل هيو. قبيلا ٺهيا. قومن وجود ورتو. جبل صحرا سمنڊ وڇوٽيون بڻيا. لهجا ٺهيا. اچار بدليا. زبانن وجود ورتو. توريت جا ترجما ٿيا ۽ تفسيرن تفرقو مچائي وڌو. سڀ سچائيءَ جا دعويدار ٿيا. پاڻ کي حق ٻئي کي ناحق چيو. ڪوڙ کي مروڙي ائين مڙهيو جو ڇوٽڪاري جا سڀ دڳ اوڏانهن ويندي نظر آيا. گناهن جا در کليا. انسان جهالت جي نشي ۾ ٿاٻڙجڻ لڳو. جڏهن قهر نازل ٿيو ته نوح ڪاٺ ڪٽي رهيو هيو. جودي جبل تي شاهه بلوط جا وڻ هن سان مخاطب ٿيا.
    ”اسين جودي جبل جي ساڪت مخلوق آهيون. ان کان اڳ جو ٻوڏ اچي اسان جو وجود امت لاءِ استعمال ڪري سگهين ٿو پر تون آخر انهن کي ڪيترو لڪائيندين. مصبيتون انهن جو مقدر. آفتون انهن جو انجام ۽ قهر انهن جي قسمت جو حصو آهن.“
    ڪٽجي هيٺ ڪرندڙ هر بلوط آهه پئي ڪئي. جودي جبل جا پٿر دهشت کان هيٺ رڙهي دجلا ۾ ٿي ڪريا. ڪاٺ ڪٽجي تيار ٿيو. نوح پهريون ڪوڪو هنيو ته ڄڻ سندس ماس ۾ گهري ويو. چُڀن جي احساس کان سِٽ اڀري رڳ رڳ ۾ ڦهلجي وئي.
    ”اي بني سام.“ هن چيو: ”اڄ پهريون ڪوڪو هڻي نئين دنيا جو آغاز ڪيو آهي. ٻوڏ ايندي سمنڊ اٿلندا. پراڻي دنيا جا سڀ پاپ وهائي ويندا. منهنجي ٻيڙي جون ٻانهون توهانجي هٿن جو انتظار ڪري رهيون آهن. هن جا ونجهه اوڏانهن وڃن ٿا جتي عذابن کان پاڪ پناهگاهون آهن ۽ سڙهه هر آفت جي سِٽ سهڻ جي سگهه رکن ٿا.“ بني سام نوح کي مجذوب سمجهي چرين جيان ٽهڪ ڏنا.
    ڪنهن چيو: ”تنهنجو ٻيڙو ٻلهڻ جي شڪار لاءِ موزون آهي. اهڙا رَڇ ضرور رکجانءِ جن ۾ جل پريون ڦاسي سگهن.“
    جڏهن ٻيڙو تيار ٿيو ته ڪو قهر نه آيو. اڏوهي کاڌل دنيا ڪاٺ جي ٻيڙي کان مضبوط هئي. ٻيڙو ٻوڏ جي انتظار ۾ پوڙهو ٿي ويو. بني سام ان ۾ بيت الخلا بڻايو. ڪو ڪوڙهي ڪرفٽيءَ ۾ ڪري شفاياب ٿيو. بني سام جا سڀ ڪوڙهي ڪٺا ٿيا ۽ انهن امرت سمجهي گندگيءَ کي گڏ ڪري عضون تي آزمايو. وارث ڏٺو، بني سام جي وجود جا ناسور ڌوپجي صاف ٿي ويا. اهڙو منظر ڏسي جودي جبل تي نوح مرڪي ڏنو.
    ”پاڪيزگي غلاظت ۾ ڳولهيو.“ پنهنجي منهن ڀڻڪيو، ”ڪوڙ سچ ڳولهي ٿو. مرض شفا آهي. تشدد سگهه عطا ڪري ٿو. روح جي رڙ جسم جاڳائي ٿي. ڀوڳنا مدافعت جو روپ آهي.“
    جودي جبل تي وارث ڪٽيل وڻ مان ڪريل ’هُد هُد‘ جي آکيري جو دربدر پکي هيو. نوح اڳيان آيو ۽ چهنب کوليائين، سندس ڪاري وات ۾ ڳاڙهي زبان ڏڪي رهي هئي.
    ”اي نوح اجازت ڏي.“ هن چيو: ”ٻيڙي مان ڪجهه ڪرفٽي کڻان. ڪرشنا جا ناسور بني سام جي ڪوڙهين کان گهٽ ڪين آهن. مونکي خبر آهي موت گناهگارن جي بدبوءِ کان نڪ جهلي پاسيرو ٿئي ٿو.“ نوح ڪريل آکيري مان کڻي کيس تريءَ تي ويهاريو.
    ”اي جاڳ ۾ اڏامندڙ خوابن جا پکي.“ هن چيو: ”بني سام جي سزائن ۾ ڇو ٿو شامل ٿئين؟ اها شفا نه آهي سزا آهي. انهن توهين ڪئي پاڻ ئي مجاز ٿيا. تون ڪهڙي توهين ڪئي آهي جو اجازت ڏيان ته سندن ڀوڳنا ۾ ڀائيوار ٿيءُ؟ کين ڪرڻ ڏي جيڪي ڪن ٿا. ايندڙ وقت انهن لاءِ آفت کان گهٽ ڪين هوندو.“
    وارث ڇڳل آکيري جو، نوح جي تريءَ تي ويٺل مايوس پکي. ڳالهايو ته سندس لفظ سڏڪن جو ٻيو روپ هيا. ”ان هر سزا جو مستحق آهيان. جنهن عيوض عرشنا کي شفا ملي.“
    ”توکي عرشنا جي حياتي ايڏي عزيز آهي ته سڀ سوڻ ڇڏي هن ٻيڙي تي ويهه جيڪو نسلن جي نجات ۽ آدم جي اولاد جو آخري سهارو آهي.“ نوح چيو.
    وارث اهو واعدو ڪري اڏاڻو ته واپس اچي ٻيڙي ۾ سوار ٿيندو، جيڪو جودي جبل تان روانو ٿيڻ وارو آهي. دنيا ٻڏندي ته ٻيڙو ترندو. آدم جي اولاد نوح جي نسل ۾ جيئندي. نئين دنيا جا رستا ڌوپجي ويندا. صحرائن جي واري اجري ٿي چمڪندي ۽ سمنڊ جو پاڻي انسانن جا ڳوڙها اگهندو. نوح جو نسل ڪوڙهه کان پاڪ ۽ بيمارين کان بري هوندو.
    وارث اڏاڻو ته دونهون ٿي ويو. دونهون پاڇي ۾ تبديل ٿي ويو. پاڇي مان سوين پکي عرش ڏي اڏاڻا. ڪارا پکي جهڙ هيا جنهن جي گرم ٻاڦ ۾ رت ڀريل هيو. رت جا ڳوڙها. ڳوڙهن جو مينهن وسيو ته طوفان آيو. جبلن تان ريڙهيون ڏيندو ائين وهيو جيئن سندس رڳون ڪٽيل هجن. پاڻي هٿ هڻندو ترندو اڳتي وڌيو. ٻيڙي ۾ ساهه پئجي ويو. ديو جيان اٿيو ته سندس گوڏن مان ٺڪاءُ نڪتا. ڄنگهون سڌيون ڪيائين. قهر کي منهن ڏيڻ لاءِ هيٺيون چپ ڀيڪوڙي گناهگارن کي ڏٺائين. نوح جودي جبل تي بيٺل پنهنجي پٽ کي آخري گذارش ڪئي.
    ”ان کان اڳ جو پاڻي تنهنجن ڪلهن کان پٽي ڪنڌ تي اچي. ٻيڙي ۾ ويهه ته چڱائي ٿئي. توبهه تائب ٿيءُ ته عذابن کان آجو ٿئين.“
    سندس پٽ جنهن جو ڪنڌ تڪبر کان مٿي هيو تنهن چيو: ”جودي جبل جي اوچائين کي ڪير لوڏي سگهيو آهي؟ تنهنجي ٻيڙي کان هيءَ پناهگاهه محفوظ آهي.“ اهو نه چڙهيو. ٻوڏ هر شيءِ کي لوڙهيو. ٻيڙو مٿي اڀريو ته جودي جبل ائين غرق ٿي ويو جيئن سانجهيءَ کانپوءِ سج.
    ٻيڙي ۾ سڀ جوڙا ساڻ هيا. ڀولن مباشرت ڪئي ارتقائي عقلمند ڄايو. ڪتن مباشرت ڪئي بادشاهه جي قلعي جو دربان ڄايو. ڪانون مباشرت ڪئي جاهلن کي صلاحڪار مليو. لومڙن مباشرت ڪئي شريفن جي شهر جو ٺڳ ڄايو. گدڙن مباشرت ڪئي پاڇي کان ڊڄندڙ بزدل ڄايو. اٺن مباشرت ڪئي دانشور ڄايو. گڏهن مباشرت ڪئي استحصالي دنيا جو مزدور ڄايو. گهوڙن مباشرت ڪئي ڪاڻن جي ملڪ جو فاتح ڄايو. ڪبوترن مباشرت ڪئي گونگن جو گوتم ڄايو. بازن مباشرت ڪئي بي رحم شڪاري ڄايو. هاٿين مباشرت ڪئي پوئتي ٽهي ڀڳل لشڪر جو سپهه سالار ڄايو. شينهن مباشرت ڪئي انڌو پهلوان ڄايو. انسانن مباشرت ڪئي پر ڪٽيل فرشتو ڄايو. ٻيڙو پاڻيءَ تي ترندڙ دنيا هيو. ڪاٺ جي ڌرتي جنهن تي مخلوق جا قدم ائين پئي ٿاٻڙيا جيئن شراب جون ڇوليون ٻيڙي کي بدمست ڪنديون هجن. مهاٻوڏ جنهن ۾ ڪوهه جودي ٻڏو. ڪنعان جي وادي نظرن کان اوجهل ٿي وئي. فرات دجلا ملي هڪ ٿي ويا. فينيشيا جا امر پکي اڀ ۾ اڏامي هيٺ لهڻ لئي جاءِ ڳولهڻ لڳا. ڪارٿج کان روم تائين لَس ٿي وئي. مصر جو لاش ستن سمنڊن ۾ غرق ٿي ويو. آرمينيا جا آبشار ابتا وهڻ لڳا. يونان ۽ مسوپوٽيميا جي وچ واري لڪير ميسارجي هڪ ٿي وئي. سائپرس جو سائو شراب سمنڊ سان ملي هڪ ٿي ويو. سنڌو ائين اڀامڻ لڳو جيئن ان هيٺان باهه ڀڙڪي پئي هجي. وارث عرشنا کي وٺي پهتو ته ٻيڙو روانو ٿي چڪو هيو. هو هوا جي روپ ۾ هيو ۽ عرشنا ڀورو بادل. ان کي اڏاريندو آيو ته دنيا غرق ٿي چڪي هئي. ٻيڙو دنيا جي مٿاهينءَ طرف وڃي چڪو هيو جتي روس جون سرحدون وجود وٺندڙ عظيم تهذيبن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هيون. جتي ارارات جون اوچائيون ٻوڏ جي لهندڙ پاڻيءَ جو انتظار ڪري رهيون هيون. جتي ظاهر ٿيندڙ ڌرتيءَ تي عظيم ٻيڙي جا آخري پڙاءُ هيا. جتي اولاد آدم نسل نوح ۾ نروار ٿيڻو هيو. جتي پيغمبري سلسلا گابي جي ڳچيءَ ۾ پيل زنجير جي ڪڙين جيان هڪ ٻئي ۾ ڦاٿل هيا. جتي همورابيءَ کي اخلاقيات تي ڳالهائڻو هيو ۽ نمرود کي عرش تائين رسائيءَ لاءِ اهڙو مينار جوڙڻو هيو جتي بيهي ستارن کي ڇُهي سگهي.
    وارث مايوس ٿي چڪو هيو. ڌرتي غرق ٿي چڪي هئي. هن جي عرشنا ڀورو بادل جنهن کي هنج پکيءَ جا کنڀ هيا. نڀ جهڙيون نيريون اکيون جن جي ترورن ۾ تارا چمڪي رهيا هيا. ناسور جن مان درد جا ڳوڙها هيٺ ڳڙي رهيا هيا. وارث هوا جو نظر نه ايندڙ جهوٽو سندس وجود ڪجهه به نه، هوندي به اوجهل. اوجهل وجود ۾ ترندڙ محبوبا. محبوبا جو وجود هن جي وجود جي گواهي هيو. دنيا پاڻيءَ ۾ تبديل ٿي چڪي هئي. جاندار پاڻيءَ جو حصو ٿي چڪا هيا. پاڻي جيڪو جاندارن جي وجود جو حصو هيو. هر جاندار پاڻي آهي. جل ڦوٽو جڙي ٿو، ڊهي ٿو. تري ٿو ٻڏي ٿو. مري ٿو جيئي ٿو.
    عرشنا پاڻيءَ جو بدليل روپ-پاڻيءَ مان نڪتل ٻاڦ- جسم مان نڪتل روح- روح جيڪو بادل آهي. ڳوڙها جيڪي جهڙ آهن. اکين ۾ اوتجي آيل جهڙ. باهه تي رجندڙ لوهه. لوهه جنهن کي پاڻيءَ جي دل آهي. عرشنا ڳالهايو ته لفظن جو مينهن وسيو.
    ”اڄ دنيا جا زخم ڌوپجي ويا. ڌرتيءَ جا داغ مٽجي ويا. گناهن جا ناسور نيست ٿيا. جن ڏوهه ڪيا نابود ٿيا، پر منهنجي وجود جا زخم نانابود ٿيندڙ نخلستان جي کجين جيان آهن. ڪو اهڙو قهر نه آهي نازل ٿئي ته گناهگارن جهڙا ڦٽ فنا ٿين.“
    وارث چپ ٿي ويو. هوا بند ٿي وئي. ڳالهايائين ته جهڙ رسي تي پيل رئي جيان لرزيو.
    ”آفتون ان لاءِ هونديون آهن ته انسان عقيدي تي ايمان آڻين. شڪتيءَ جي ظهور کي هٿي ڏين. ظهور کي يقين ڏئي دٻدٻي کي قائم رکن. فطرت رهجي ويل خامين کي ڏور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. خاميون ڏور ڪندي فطرت جاندارن جي هيئت بدلائي وڌي آهي. خاميون تڏهن ڏور ٿينديون جڏهن انسان ڪنهن ٻي مخلوق ۾ تبديل ٿي پوندو.“ هن جي ڳالهه تي عرشنا ٿڌو ساهه ڀريو.
    ”جيڪر لافاني خواب جا عرش ۾ اڏرندڙ امر ڪردار هجون. اهڙي ننڊ هجون جنهن جو انت نه هجي. اهڙي جاڳ هجون جنهن جون اکيون ڪڏهن نه کلن. ڌرتيءَ کان ڏور عرش هيٺ ڪا دنيا ڳولهڻ بنا آباد هجون. نه مئل هجون نه جيئرا هجون. اهڙي مخلوق هجون جنهن جو تخيل اڃان خلقڻهار جي خيال ۾ نه آيو هجي. اهڙا وجود هجون جيڪي اڻ هوند جي سانت ۾ سمايل هجن.“
    هو نوح کي ڳولهيندا رهيا. نوح نه هيو ڌرتيءَ تي خضر هيو. پاڻيءَ جو پيغمبر جنهن جو سينو جودي جبل جيان ڦاٽي پيو هيو. پناهه نه وٺندڙ پکي پريشان هيا. اهي عرش ۾ اڏامي ڌرتي ڳولهي رهيا هيا جتي لهي ٿڪ ڀڃن. اتي ڪا وٿي نه هئي جنهن ۾ وڻن جون چوٽيون چرنديون هجن. پکي پريشان ٿي پاڻيءَ تي لٿا سندن پر ائين ڦهلجي ويا جيئن مڙهه کي سهارو ڏيندا هجن. گناهگارن جا لاش لڙهندا پئي ويا، انهن جي ڦاٽل اکين ۾ ڪوبه ڳوڙهو نه پئي ٽڪيو. ڇوليون هڻندڙ پاڻي انهن کي هر هر اگهيون پئي ويو.
    وارث ۽ عرشنا جي بي ربط خوابن جو اڻسهائيندڙ تسلسل- ٻه ڀٽڪيل روح- سيني تي ساهه کڻندڙ عرشنا- تاريخ جي صفحن ۾ شفا ڳولهيندڙ وارث. جدا ٿيندڙ روح. وڇوڙي ۾ وچڙيل وجود. ڪمري جي اداسيءَ ۾ ساهه کڻندڙ رات- رات جو انجام- موت حياتي وڇوڙو وسوسا ۽ اميدن جا اڻ کٽ قافلا جن پويان وارث حياتيءَ جي سين هڻي عرشنا جي ڇوٽڪاري لاءِ سرگردان هيو. انهن کي نوح نه مليو. نوح ارارات جي اوچائين تي آيو ته طوفان جهڪو ٿيو. آفت ٽري. ٻوڏ گهٽي. ٻيڙو بيٺو. نئين دنيا وجود ورتو. هرشيءِ پاڻيءَ مان ائين نڪتي جيئن فطرت جي گرڀ مان ٻار. ٻار جي رڙ جيڪا مرڪ کان مٺي هئي. سڀ لٿا- گهوڙا، گڏهه، هرڻ، هاٿي، باز، بگهڙ، لومڙ، مرون، مينهون، ڍڳا، ٻڪريون وغيره جهان جا سڀ جوڙا موجود هيا. انهن ۾ وارث ۽ عرشنا نه هيا.


    14

    آدم کان اڳ ڪل جڳ ۾ ڪير هيو؟ عرشنا جو اٿندڙ آواز خيالن جي خول ۾ ساز جيان وڄي نه سگهيو. لفظن کي سهارو ڏيڻ لاءِ آواز جنم نه ورتو هيو. ڪنن جا پردا سانت جي سيٽيءَ ۾ ڦاٽي چڪا هيا. آواز مئل پکي هيو. لفظن اچارڻ لاءِ زبان جي جستجو ناڪارا هئي.
    ”جڏهن هويت نه هئي هيت پاڻ پسائڻ لاءِ اکيون تراشي رهيون هئي اڻ هوند جي حڪمرانيءَ ۾ ماٺار تي سڃ جو سينوَر هيو.“
    وارث ڪائنات جي آخري ڪناري تي هن سان ڳالهايو. هوءَ خوابن ۾ آد جي چپ کان وڌيڪ اداس ۽ هيڊي هئي. هوا نه هئي پر وار گهلي ناسي نيڻن تي لهرائي رهيا هيا.
    ”اهو ڪٿي آهي جنهن تخليق ڪئي؟“ عرشنا چيو: ”جنهن جي هٿن جو ڇُهاءُ ڇاتيءَ تي محسوس ڪيان ٿي. وجود جي رڳ رڳ آڱرين جي احساس کان آشنا آهي.“
    وارث خوابن جي مٿاهين سطح تي عرشنا سان ويٺل هيو. هن آڏو اڻ کٽ پولارجي ڪا حد نه هئي، چوڌاري لامحدوديت اهڙي گولائيءَ جيان وريل هئي جنهن جي وچ مان ٻاٽ ٻاهر نڪرڻ جا رستا ڳولهي رهي هئي. دونهي جو لامحدود غبار پاڻ ۾ ويڙهيل هيو. اهي ڪائنات جي آخري ڪناري تي ويٺل هيا. سندن پير لڙڪي رهيا هيا. پيرن تي ڪائنات جا نقش هيا. جڏهن باهه نه بڻي هئي عرشنا جو وجود باهه هيو. دکندڙ وجود جنهن جا ٽانڊا سندس اکين ۾ ٻري رهيا هيا. هن جا ساهه اڻ ڏٺل رستن تي خوف کان هيٺ ڪنڌ ڪري هلي رهيا هيا. هن جو وجود جنهن جي ناسورن مان پيڙا ٽهڪي ڪنارن کان وهي رهي هئي. هوءَ بند ڪمري ۾ وارث سان ستل هئي. وارث جي جڪڙيل ٻانهن ۾ ان جو جسم پڄري رهيو هيو. بخار جيڪو روح جو احتجاج آهي. لاعلاج ناسور جن مان درد ڳوڙهن جيان وهي رهيو هيو. وارث ان جي وجود جي گرمائش ۾ دل ٻرندي محسوس ڪري رهيو هيو. هن جو سينو جنهن ۾ عرشنا ٻاڦ جيان جذب ٿي رهي هئي. ان جو احساس سندس رڳ رڳ ۾ سمائجي خون ۾ گردش ڪري رهيو هيو. هوءَ جيڪا ڦڙو ڦڙو وهي رهي هئي. جنهن جي وجود ۾ روح بند دريون کڙڪائي ٻاهر نڪري تازي هوا ۾ ساهه کڻڻ لئي بي چين هيو. هن ڄاتو پئي موت وٽ انتظار لئي وقت گهٽ آهي. موت پاليل ڪتو آهي جيڪو ايندڙ ويندڙ جا پير سنگهي ٿو. هو عرشنا سان اڻ هوند جي ان مقام تي ويٺل هيو جتي لفظ معنى وڃائي ويهن ٿا. وضاحت لاءِ موجودات ناپيد آهي. ڪجهه نه هجڻ جي صدمي ۾ عالم سڪتي ۾ آهي. مونجهه ۽ حبس ۾ خلائن جو ساهه منجهيل آهي ۽ سانت جي صحرا ۾ سڃ، رڃ جي رڙ ٻڌڻ لاءِ بي چين آهي. سواد اعظم جي اڻ کٽ ڊگهائيءَ ۾ بصارت ۽ بصيرت نابين ٿي چڪي آهي. ڪائنات جو لامحدود مراقبو جنهن ۾ امن اکيون ٻوٽي ڪنهن ڌماڪي جي اوسيئڙي ۾ آهي.
    وارث پولارن ۾ ان شڪتيءَ کي ڳولهڻ چاهيو جيڪا وساميل وايومنڊل ۾ ٻرڻ جو انتظار ڪري رهي هئي. اتي ڪنهن به قدرت جو ڪوبه مظاهرو نه هيو. سڀ توانائيون ناتوان هيون. اوجارا اجهاميل هيا. وارث جا ڪن ڌيان جي ڌاڳي ۾ لڙڪي رهيا هيا. سندس سماعت ستوڻي ٿي پردا کولي پري ٻڌي رهي هئي. وادي جنهن ۾ هاديءَ جو نانءُ نشان نه هيو. اڻ ڏٺل جيڪو اوجهل هيو. هستي جنهن جي مستي ايڏي ته سست هئي جو پير کڻندي کيس خوف پئي محسوس ٿيو. سامت ۾ ساعت جو ڪو تصور نه هيو. ڌڙڪندڙ دل وهندڙ لحظن کي ياد ڪري روئي نه رهي هئي. تسبيح جا ڪي به داڻا ڏڪندڙ آڱرين ۾ ڳڻجي عبادت جا رستا نه ڳولهي رهيا هيا. هڪ ڊگهي لڪير جيڪا آد کان عدم ڏي وڃي رهي هئي. وايومنڊ: جيڪو عروج ۽ معراج کان پري فنا جي لافاني سمنڊ ۾ غرق هيو. وارث جي تاريخي سفر جي آخري سرحد جتي ڳُجهه جون ڳجهون وات ڦاڙي ماٺ جي مرڻ جو انتظار ڪري رهيون هيون. سرحدون جتي لابقا بقا جي اهتمام لاءِ اکيون وڇائي ويٺل هئي. عرشنا هن جي ڪلهي تي ڪنڌ رکي ويٺل هئي سندس اڳيان اڻ هوند جو عڪس ائين هيو جيئن انڌي جي من ۾ روشنيءَ جو محل- عرشنا جي اداسي اڻ هوند تي حاوي هئي، سندس مونجهه پولارن کان پري تائين ڦهليل هئي.
    وارث لامحدوديت جي مٿاهين ڇيڙي کي ڳولهي لڌو هيو جتي ڪجهه نه هجڻ جو صدمو سندس من ۾ سڏڪي رهيو هيو. هن آواز ڏنو، ”ڪٿي آهين، پولارن ۾ رهندڙ لامحدود ماٺ جا سرجڻهار. عين کان اوجهل لا اين. هاهوت ۾ وسيل لاهوت جي لامڪان جا انديشا ۽ اڻ ڏٺل امڪان. خدشن مان خلقيل. تمنائن جا تخليقڪار تنهنجو اوجارو ڪائنات جي ڪهڙيءَ ڪنڊ ۾ آهي؟ جلون جو جهان ڪٿي آهي؟ تجلو ڪٿي چمڪي تنهنجي چهري کي عيان ڪري ٿو؟ تو در دانهين پهتو آهيان. رڻ رلي ڪشالا ڪڍي تو دوار آيو آهيان. انبيائن اوليائن جي ڪلهن تان ٿيندو هن منزل تي پهتو آهيان. بادشاهن حڪمرانن سپهه سالارن جي لشڪر جو اهو سپاهي آهيان جنهن جا پير پٿون آهن. مظلومن غلامن گناهگارن جي قافلي جو اهو سرڪش آهيان جنهن جي پٺن تي تشدد جا نشان دهڪي رهيا آهن. سڏ ڏي ۽ ٻڌ. منهنجي عرشنا لاعلاج آهي سندس جسم جا ناسور تنهنجي پولارن جي ماٺ کان گهرا آهن. درد جون دانهون ڦهليل سانت جي آهن کان وڌيڪ ٻڌجندڙ آهن. اي شفا ڏيندڙ. زندگيءَ جي ٻوٽي کي پاڻي ڏيندڙ حياتيءَ جي باغ جا مالهي. ان اپائيندڙ پالڻهار. ڍڪيندڙ پردن پويان لڪيل اڻ ڏٺل اڻ هوند جي رڳن ۾ سمايل روان روح ۽ پارئون پار شفافيت جي اڻ ڇهيل آئيني جا عڪس. عرشنا جي پارت اٿئي. اها آخري پساهن ۾ آهي. کيس حياتي ڏي ۽ زندگيءَ سان همڪنار ڪر.“
    وارث جو آواز خلائن جي خول ۾ پکيءَ جيان پر هڻي رهيو هيو. آواز آزاد نه هيو. ڀنور جا پر ڪٽيل هيا. ڪا ڪوئل ڪونه هئي، جا ٻولي ته نم جو ٻور ڇڻي ماٺ جي مزار تي ڪري. ڪي پوپٽ ڪين هيا اڏامن ته رنگ ڇڻن. ڀنڀوريون نه هيون جن کي پڪڙڻ لاءِ آڱريون اڳتي وڌن ۽ چرپر پيدا ڪري وجهن. ڪو گهنڊ نه هيو جنهن ۾ انساني انگنما لڙڪي ديوتا کي جاڳائي وجهي. وارث اڻ ڏٺل کي ڏسڻ لاءِ واجهائيندو رهيو. اتي ڪجهه به نه هيو.
    ”لا“ مان انڪار جو آواز اچي رهيو هيو. سڀ ’لا‘ هيو. ’لا‘ مان اڻيل ڄار ۽ ڄار جي هر تند ۾ ماٺ تارا ڦوٽاري ويٺل هئي. وارث بي خوديءَ مان چيو. ’لا‘
    عرشنا ساڳيو لفظ اچاريو.
    ”ال لا.“
    هڪ ٻئي کي ڇُهيو وڄ پيدا ٿي. ڪائنات جا سڀ باب بند ٿي ويا. غيب طاري ٿي ويو. خوف حاوي ٿي ويو. اڻ هوند وجود وڃائي ويٺي. ماٺ جي ڪنن جا پردا ڦاٽي پيا. سانت جو سينوَر لهرن تي لرزڻ لڳو. پولارن ۾ باهه ڀڙڪي. خلائن جا خول ٻاڦ جي دٻاءَ کان ڦاٽي پيا. غيب جا عيب ظاهر ٿي پيا.
    ”مرڻ کان اڳ هڪ دفعو.“ وارث التجا ڪئي، ”اڻ هوند لامڪان لا اين ريب ۽ فريب جي جادونگريءَ ۾. ڪجهه نه هجڻ جي صحرا ۾. تون ۽ مان ئي آهيون جيڪي وجود رکون ٿا ۽ اڻ هوند کي هوند جو احساس ڏيون ٿا. اچ هڪ ٻئي کي ڇهون ۽ امر ڪري وجهون. ڪائنات جي ڪنڊ ۾ جتي اڪيلا آهيون. اچ گناهه جو ارتڪاب ڪيون. مونکي ڇهه مان توکي ڇهان. تون مون ۾ سمائجي وڃ مان تو ۾ سمائجي وڃان. ڪائنات جي ڪهڙي پناهگاهه ان کان وڌيڪ محفوظ آهي. مونکي ڏس مان توکي ڏسان. ڪهڙو نظارو آهي جيڪو تنهنجي جسم کان سگهارو آهي. تنهنجي چپن جي چميءَ تي لامڪان در کولي ٿي. ڳلن تي ماٺ رقص ڪري ٿي. تون ۽ مان پولارجي ويڪر کان وڏا آهيون. لامحدوديت تنهنجي جسم جو تِر آهي. فنا ڇاتين مان ڦٽيل ابديت آهي. لاتعين ڪلهن جي قطبيعت تي متعين آهي. تنهنجا نيڻ سرچشما آهن جن مان ڪائنات جا سند عضوا عضوا ٿي عيان ٿين ٿا. تنهنجي هٿ تريءَ تي رکيل آهي منهنجي دل جنهن جي ڌڙڪن ۾ وقت پاڻ ڳڻي ٿو.“
    وارث اتاولو ٿي ويو. عرشنا جي اداس منهن کي هٿن ۾ وٺي چُميو. سندس منهن مرڪيو ۽ گلابي ٿي ويو. کيس ڇاتيءَ سان لڳايو، بي چين ٿي رخسارن تي ساهه کنيا. هن جا ناسور گلابن جيان ٽڙي پيا. پنکڙي پنکڙي ڇڻي پيا. وارث هن جا جذبا جاڳائي وڌا. سندس ساهه تيز ٿي ويا. اکيون بند ٿي ويون ۽ پاڻ کي وارث حوالي ڪري ڇڏيو.
    ”عشق ’لا‘ جون حدون اورانگهي امر ٿئي ٿو.“ عرشنا بي خوديءَ مان چيو: ’جڏهن ڪو نه آهي ڪير ڏسي ٿو؟ اڻ هوند کان ڪهڙا حجاب؟‘
    عريانيت عدم کي اگهاڙو ڪري وڌو. هاهوت هيت ۾ ڍلجي ويو، پردي مان نروار ٿيو. هو جيڪي جهڙ هيا. گسندڙ بادل- گاج ٿي وڄ آسمان ۾ ڊڪندي ڪائنات جي ٻي ڪنڊ ۾ ڪري ڌماڪو ٿيو. چڻگون نڪتيون. ماٺ جا سڀ ذرا اڏامڻ لڳا. اڀ روشن ٿي ويو. پولار سڙي ويو.
    وارث عرشنا جا چپ چوسيا ته پاڻي پيدا ٿيو. ٿڻ ڇُهيا ته آدم جاڳي پيو. ان جي دن هيٺان ستارا ڇڻي رهيا هيا. وارث جي سٿرن وچ ۾ ڪڻڪ جو ٻوٽو ڦٽيل هيو، سندس خصين ۾ قيد نانگ نما نسلن جا ترندڙ تخم آزاد ٿيڻ لاءِ مٿو ٽڪرائڻ لڳا. عرشنا جي ٻچيدانين ۾ سرنهه جا گل ڦٽا. سٿر جي سنهي تِر جيترا رائي داڻا هيٺ ڇڻيا. گول سنها تيل سان ڀريل حياتيءَ جا اڻ ٻريل ڏيئا. ٻج جنهنجو سميل سلو پاڻيءَ جي انتظار ۾ هيو. اڌ تخم جيڪو اڌ کي ڳولهي مڪمل ٿيڻ جي جستجوءَ ۾ هيو. وارث جي وجود جي نلي جيڪا آد کان عدم ڏي ويندڙ ڳُجهه هئي. هڪ درياهه جنهن ۾ سمنڊ اٿلي رهيا هيا. هن جا خصيا ٻرندڙ جبل جن جي چڻنگن ۾ زندگي دکي رهي هئي. دل خون جو آبشار ۽ ڌڙڪن جي ڌڪ تي لڏندڙ عضوا- سندس ساهه جنهن جي طوفان ۾ ڪائنات جي ٻيڙي جا سڙهه کلي ويا. شهوت جيڪا لذت کي جنم ڏئي رهي هئي، جيڪا پيڙا جي پالنا ڪري رهي هئي. پيڙا جنهن مان جستجو ڦٽي ٿي. جستجو جيڪا جيئڻ سيکاري ٿي. جيئڻ گهوڙي ڊوڙ- وڌڻ جي ڪلپنا- ٿڪاوٽ موت ساهي ڪوئلو، دونهون، ٻاڦ، بوند ندي، سمنڊ، ڪو ڪوئلي جو هيرو، ڪو سپ جو موتي، لاتعداد بوندون، سمنڊ جي سطح تي ڪري گمنام ٿين ٿيون. سمنڊ ۾ ڪرندڙ بوند کي ڪير ڳولهي سگهيو آهي؟ آڱر ٻوڙي تريءَ تي کنيل قطري ۾ سمنڊ نه سمنڊ جي خاصيت سمايل هوندي آهي. ڳوڙهي جي لوڻاٺ سمنڊ کان گهٽ نه آهي. تخم سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ تري ٿو. تخم جو پڇ ڀولي کان اڌارو ورتل آهي. عرشنا جي ڪک ۾ ڌرتي گول آني جيان ڳڀرجڻ جي انتظار ۾ آهي. تخم ڏنڊي کي ويڙهيل ڏاڪڻ جنهن جي هر ڏاڪي تي شبيهن جي شڪل ۾ گوشت لڙڪي ٿو. ڏاڪڻيون جيڪي بند گدامن ۾ رکيل آهن گدامن جي گولائي اوندهه ۾ لڪيل چنڊ جهڙي آهي جنهن تي سج جو پاڇو نه پيو آهي.
    عرشنا جو وات ويڪرو ٿي ويو. هزارين لفظ وهندا سندس چپن تي چنبڙي پيا. اڻ چيل لفظ. ساڪت زبان جا اڻ اٿلايل لفظ. لفظ جيڪي شڪلين جي صورت ۾ نروار ٿي رهيا هيا. لفظ جن جون لڪيرون شبيهن کي ترتيب ڏئي رهيون هيون. شبيهون جيڪي اڻ هوند جي هوند هيون. جيڪي اڻ ڏٺل اڻ ڇهيل. لاتعين خاليپڻي جون لاتعداد وجودي صورتون هيون. انام صفتون جيڪي اڻ ڏٺل کي عيان ڪري رهيون هيون. ڇهڻ سان عرشنا جي ڇاتين جي گولائيءَ مان سج اڀريو. چنڊ اڀريو. وارث جي انگ مان وهندڙ پڇڙ تارا پولارجي بيٺل پاڻيءَ ۾ تري ڪاري هول جو رستو ڳولهڻ لڳا.
    جيئڻ جي جدوجهد ۾ فطرت جا عذاب سهي انهن جا پڇ گسي ويا. ڊوڙيا ته ڄنگهون نڪتيون. اڏاميا ته پر نڪتا. تريا ته ڪلين ساهه کنيو. گهميا ته ڦڦڙ ڦوڪجي ويا. وقت جي خزان ۾ غير ضروري عضوا ڇڻي ويا. دڙڪا دهمان ٻڌي ڪن لڏڻ بند ٿي ويا. دنيا جي دوزخ جي تنور تي ويٺل نانوائي پاروٿو اٽو سنگهي هاٿي ٿي ويو. بادشاهه جا هٿ چمندڙ لومڙ ٿي پيو. هرام هڏي تي هريل ڪتو ٿي پيو. هارايل سپاهي دل چٻاڙي شينهن ٿي پيو. جهنگ جو ڀليل شهر ۾ گدڙ ٿي پيو. سور سهي گڏهه ٿي پيو. عرشنا جا عضوا وارث جي هنج ۾ گينڊي جي گلن جيان هاريل هيا. وارث جي جهول ناسورن سان ڀريل هئي. ناسور جن ۾ عرشنا جي بدن جي بوءِ هئي. اڇا رابيل جن کي پٽي وارث ڦوڪ ڏئي پولارن ۾ ڇڏيو ته هر شيءِ پيارجي واس ۾ وڪوڙجي وئي. پيار جيڪو عشق جو ناسور آهي.
    عرشنا جي عضون ۾ زندگي روان ٿي وئي. ان جي اڌ دنيا وارث جي اڌ دنيا سان ملي مڪمل ٿي وئي. هوءَ ماءُ جي عهدي تي فائز ٿي وئي. ماءُ جنهن جو پيٽ قبر جيان آهي، جنهن ۾ نامڪمل انسان دفن هوندو آهي جيڪو اکيون ٻوٽي زندگي ڳولهيندو آهي ۽ ڌرتي جنهن جي پيٽ جي قبر سواداعظم جهڙي اڻ کٽ ۽ لا اين جي اوندهه سان ٽمٽار آهي.
    عرشنا جو اندر ڳڀرجي روشن ٿي پيو. سندس ٻچي دانيءَ جو قطرو سانت جي سڪل سرزمين تي ڪريو ان ۾ رت جي رواني شروع ٿي وئي. ڪريل قطري جي پيدا ٿيل آواز کان ماٺ جا پکي پر هڻندا اڏامي ويا. اتي آواز اٿيا. آواز جيڪي چپ جي چادر پائي مدتن کان ڪجهه چوڻ جي انتظار ۾ هيا. عرشنا جي گرڀ ۾ ڌرتي پروان چڙهي رهي هئي. ڌرتي جيڪا فطرت جي ماءُ آهي.
    مرندڙ عرشنا جي من جي حسرت پوري ٿي چڪي هئي. بند ڪمري جي اوندهه ۾ وارث جي ٻانهن ۾ ساهه کڻندڙ عرشنا جنهن جا ناسور سندس پيلن چپن جيان چيرجي اکين جيان ناسي ٿي چڪا هيا. زندگيءَ جو روڳ نانگ جيان جسم تي رڙهي رهيو هيو. وارث جيڪو تاريخ جي صحرا ۾ اميدن جو ڪشڪول کڻي هن لاءِ حياتيءَ جي صدا هڻي رهيو هيو. عرشنا جيڪا خوابن جي هر سطح تي پر هڻي هن سان پکيءَ جيئن اڏامي رهي هئي. سندن اڏام ڪائنات جي اهڙي ڪنڊ وٽ اچي کٽي هئي جيڪا لامڪان جي آخري حد هئي، جتي پولارن ۾ ماٺ جي پڪار هئي. سانت جي صحرا ۾ آوازن جا پاڇا چپن کي ڳولهي رهيا هيا. زمان ۽ مڪان نيست ۽ نابود هيا. الک ۽ انام پڪارجي اوسيئڙي ۾ ڌيان جي گيان ۾ گم هيا.
    انهن جي طريقت عشق هيو. اها اوچائي جتي شريعت ڇرڪ ڀري ٿي. لاتعين لقاءَ پسي ٿي. لامتعين مجاز ڏسي ٿي. معرفت محبوب سان ملي ٿي. حجاب پردن پويان هر انگن جو ڏيک ڏئي ٿو.
    وارث جي ٻانهن ۾ عرشنا جو ٻرندڙ جسم. عرشنا جنهن جو اندر ٽهڪي رهيو هيو. گرڀ ۾ گول دنيا پروان چڙهي رهي هئي. دنيا ٻچيدانيءَ مان ڪريل بي جان بوند جنهن کي انگ جاڳائي وڌو. ستارن جي سمنڊ مٿان آوازن جا اڏامندڙ ڪارا ڪنگ جن جي چهنب ۾ حياتيءَ جا ٻج هيا. وڻ جي ٻن ڏارن وچ ۾ عرشنا جو آکيرو جتي ڪائنات جا ڪک حياتي تخليق ڪري رهيا هيا.
    ”ڪن فيڪون.“ چڻگون اڏاميون. ڦاٽل رڳ جا رت ڦڙا. انا جي فنا. بي انت بقا. رڳو رت. لافاني لائو. باهه دونهي جو طوفان ٻاهر نڪرندڙ ٻاڦ. سانت کي چيريندڙ سيٽي. تلوار جي تجلي جهڙا شهاب ثاقب. هڪ ٻئي کي چيريندڙ روشنيءَ جون بي تهاشا لڪيرون.
    سواداعظم جو صبح عرشنا جي سينڌ جي سنهي وار ۾ لڙڪندڙ سج. دن هيٺان اڀرندڙ دنيا. تپيل صحرا جي واريءَ تي ٽپا ڏيندڙ پير. چلهه تي چڙهيل سکڻي تئي جهڙي گول دنيا، عرشنا جي اور ۾ اٽڪيل پولارن جو پينڊيولم. سانت جون ساعتون. لڙڪندڙ لحظا. وقت آڱرين مان واريءَ جيان وهڻ لڳو.
    ڌرتي عرشنا جي ٿڻن جو بوند بوند وقت پي رهي هئي. ان ۾ عرشنا جي وجود جو لوڻ سمايل هيو. ڌرتي جنهن جا جبل عرشنا جي اندر جيان دکي رهيا هيا. ان جي صحرائن تي سندس سڪتو طاري هيو. اها ٻرندڙ جسم جيان تتل هئي. ٻرندڙ عرشنا وهندڙ رت ڪري جنهن جو منهن چنڊ جهڙو ٿي ويو. رات ٿڌي ٿي. اوندهه ڄمي وئي. پهريون مينهن وسيو. خوابن جا سڀ ڪردار قطرو قطرو هيٺ ڪريا. تاريخ جا لفظ ڪيڙن جيان قطار ۾ پناهگاهه طرف وڌيا. تپندڙ تئي تي پاڻيءَ ڇنڊو- سوسٽ- وجود- اڀامندڙ ٻاڦ- تبديلي- نرواڻ- ٿڌ جو احساس- وهندڙ وقت. لڙهندڙ لحظا- باهه- گرمي-موسمون-پوپٽ ڀنڀوريون- ڪارو گلاب- مئل بلبل- خزان بهار جي انتظار ۾ ڪنڊا- سانوڻ جي صدا- سمونڊ جي سپ- يخ سيارو جيڪو عرشنا جي وجود تي طاري ٿي ويو. دنيا ٿڌي ٿي وئي ٽارين تي برف لڙڪڻ لڳي. پهاڙ ڍڪجي ويا. سمنڊ سمهي پيا. عرشنا جو تپندڙ وجود سج جيان سمنڊ ۾ ڪريو. ٿڌو ٿي چنڊ جيان اڀريو. هيڊو گمنام مندر مٿان بيٺل خزان ۾ ڇڻيل پپر جي پن جهڙو.
    هوءَ وارث جي ٻانهن ۾ ٿڌي ٿي چڪي هئي.
    ٿڌ روح جي گهرائين تائين محسوس ڪري رهيو هيو. برفاني وجود جنهن جي سردي هن جي رڳن ۾ سمائجي رت ۾ ڊوڙڻ لڳي. عرشنا هن جي ٻانهن ۾ مري چڪي هئي. تاريخ جو ڪوبه باب. ڪوبه ڪردار. پيغمبر ولي، اولياءُ هستي هن کي بچائي نه سگهيو. پولارن جي اڻ هوند ۾ سمايل سانت اندر سمهيل ڪوبه گمنام غائب موت کان مڪتي نه ڏئي سگهيو. محسوس ٿيندڙ ٿڌ کان خواب ۾ محو وارث جو وجود ڏڪڻ لڳو. هن جون ٻانهون بي قرار عاشق جيان ڪجهه کسجي وڃڻ جي خوف کان لرزڻ لڳيون. سيءُ سندس سيني ۾ گهري آسيب جيان واسو ڪري ويو. اکيون کلي ويون. خواب ذرا ذرا ٿي ويا.
    هن ڏٺو عرشنا جو ڪنڌ هڪ پاسي لڙيل هيو، سندس وار اجهاميل چهري تي رک جيان اڏامي رهيا هيا. وارث کان سڏڪو نڪري ويو. هن رڙ ڪئي ۽ رنو. ڳوڙهن جا ڍُڪ ڀريا. عرشنا هن کان وڇڙي چڪي هئي. هن برف ٿي ويل عرشنا کي ٻانهن مان الڳ ڪيو. چپن تي الوداعي چُمي ڏني. چپ برف مان تراشيل سنگ مرمر جي ڪتبي تي محسوس ڪيا. ڪتبي تي چپن جا لفظ وارث جي وجود جيان رجي رهيا هيا.
    ”الست بربڪم.“ هن پڇيو.
    ”قالو بلا.“ عرشنا جي لاش مان آواز آيو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 533
    ڪتابن جو مشاهدو: 550715
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 212768
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ