ڪتاب جو نالو: نجومي
مصنف: رسول ميمڻ
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 12 ڊسمبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 615 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 290 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هن ناول جو ليکڪ ناميارو ڪهاڻيڪار، ناولنگار ۽ اديب ”رسول ميمڻ“ آهي. هو لکي ٿو:
”ناول نجوميءَ جو ماحول اهڙي وقت جو آهي، جيڪو وقت ڪڏهن نه ٿو گذري. اهو وقت پنهنجي سيني ۾ ماضي، حال ۽ مستقبل سمايو بيٺو آهي. هيءُ ناول اهڙي واديءَ جيان آهي جنهن تي ڄميل برف ڪڏهن نه ٿي رجي. برف جا بت به ايڏائي مضبوط آهن جهڙا پٿر جا ــ مان پنهنجي شهر جو اهڙو گواهه آهيان، جنهن اکين سان شهر جڙندي ڏٺو، ڊهندي ڏٺو ۽ وري جڙندي ڏٺو. مون ان شهر جا پنج نسل پنهنجين اکين سان ڏٺا. پر حقيقت اها آهي ته نجوميءَ جا ڪردار اڃان به اوائلي آهن. شايد مان تنهن وقت شهر ۾ موجود نه هيس پر منهنجو روح جسم ڳولهي رهيو هيو. جسم جي غير موجودگيءَ ۾ اهي لقاءَ منهنجي روح ڏٺا. جڏهن اڃان ورهاڱو نه ٿيو هيو ۽ ان کان ٿورو پوءِ جڏهن بانبڙا پائي گهٽين جي خاڪ چَٽي رهيو هوس.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران :
  • پنهنجي پاران
  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10

  • انتساب

    ان فقير جي نالي
    جنهن
    اميري عطا ڪئي.


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”نجومي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ناول جو ليکڪ ناميارو ڪهاڻيڪار، ناولنگار ۽ اديب ”رسول ميمڻ“ آهي. هو لکي ٿو:
    ”ناول نجوميءَ جو ماحول اهڙي وقت جو آهي، جيڪو وقت ڪڏهن نه ٿو گذري. اهو وقت پنهنجي سيني ۾ ماضي، حال ۽ مستقبل سمايو بيٺو آهي. هيءُ ناول اهڙي واديءَ جيان آهي جنهن تي ڄميل برف ڪڏهن نه ٿي رجي. برف جا بت به ايڏائي مضبوط آهن جهڙا پٿر جا ــ مان پنهنجي شهر جو اهڙو گواهه آهيان، جنهن اکين سان شهر جڙندي ڏٺو، ڊهندي ڏٺو ۽ وري جڙندي ڏٺو. مون ان شهر جا پنج نسل پنهنجين اکين سان ڏٺا. پر حقيقت اها آهي ته نجوميءَ جا ڪردار اڃان به اوائلي آهن. شايد مان تنهن وقت شهر ۾ موجود نه هيس پر منهنجو روح جسم ڳولهي رهيو هيو. جسم جي غير موجودگيءَ ۾ اهي لقاءَ منهنجي روح ڏٺا. جڏهن اڃان ورهاڱو نه ٿيو هيو ۽ ان کان ٿورو پوءِ جڏهن بانبڙا پائي گهٽين جي خاڪ چَٽي رهيو هوس.“
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبليڪيشن جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي. مهربانيون رسول ميمڻ صاحب جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران

    ناول نجوميءَ جو ماحول اهڙي وقت جو آهي، جيڪو وقت ڪڏهن نه ٿو گذري. اهو وقت پنهنجي سيني ۾ ماضي، حال ۽ مستقبل سمايو بيٺو آهي. هيءُ ناول اهڙي واديءَ جيان آهي جنهن تي ڄميل برف ڪڏهن نه ٿي رجي. برف جا بت به ايڏائي مضبوط آهن جهڙا پٿر جا ــ مان پنهنجي شهر جو اهڙو گواهه آهيان، جنهن اکين سان شهر جڙندي ڏٺو، ڊهندي ڏٺو ۽ وري جڙندي ڏٺو. مون ان شهر جا پنج نسل پنهنجين اکين سان ڏٺا. پر حقيقت اها آهي ته نجوميءَ جا ڪردار اڃان به اوائلي آهن. شايد مان تنهن وقت شهر ۾ موجود نه هيس پر منهنجو روح جسم ڳولهي رهيو هيو. جسم جي غير موجودگيءَ ۾ اهي لقاءَ منهنجي روح ڏٺا. جڏهن اڃان ورهاڱو نه ٿيو هيو ۽ ان کان ٿورو پوءِ جڏهن بانبڙا پائي گهٽين جي خاڪ چَٽي رهيو هوس.
    سٺ واري ڏهاڪي تائين شهر ۾ ويشالي ڀرسان هڪ تاڙي خانو هيو. ”تاڙي“ کجيءَ جي ٿڙ مان تراشيل آهي جيڪا ڇڊي کير جھڙي ٿئي ٿي. سکر جي پسگردائيءَ ۾ کجيءَ جا وڻ ڪنهن لشڪر جيان بيٺل آهن. ٿي سگهي ٿو انهن جو تعداد محمد بن قاسم جي ان فوج جيترو هجي. جنهن اروڙ تي حملو ڪيو. اهي وڻ ان وقت جا يادگار آهن، جڏهن عرب فوجين عراق کان آندل کارڪون کائي ککڙيون اڇلايون ۽ انهن مان وڻ ڦٽا.
    ”تاڙي“ جنهن تي بندش آهي، ڪنهن زماني ۾ عام هوندي هئي. ان جي پيئڻ سان نشو طاري ٿيندو هيو. تاثير جي لحاظ کان ٿڌي هئي. تاڙي سستي هجڻ ڪري هر ڪو پئسي، ٽڪي وٺي پيئندو هيو. سکر جي گرميءَ کي مات ڏيڻ لاءِ تاڙي ٽانڊن تي پاڻيءَ جو ڪم ڪندي هئي.
    تاڙي خاني ڀرسان هڪ نجومي طوطو رکي ويٺل هوندو هيو ۽ سندس سامهون قسمت جا لفافا پيل هوندا هيا. ناول ۾ گهڻيون شيون حقيقت کي ويجھو آهن پر ياد رکڻ گهرجي ته اهو سڀ افسانوي آهي ڪنهن اخبار جو صفحو نه.
    ڪراچي اچڻ کان پوءِ ڊاڪٽر موهن بسنتاڻيءَ سان دوستي ٿي. ڊاڪٽر موهن بسنتاڻي اکين جو ماهر آهي (اکين جي بيمارين جو نه). جڏهن ڪو مريض اسپتال ۾ اچي چوندو آهي ته ”اکين واري کي ڏيکارڻو آهي.“
    اسان ان کي ڊاڪٽر موهن ڏي موڪليندا آهيون ڇو جو اسان مان ڪنهن کي به اکيون نه آهن. سچ به اهو آهي ڊاڪٽر موهن بسنتاڻيءَ اسان دوستن کي اکيون عطا ڪيون. ماڻهو وصيت ڪندا آهن ته مرڻ کان پوءِ سندن اکيون عطيي ۾ ڏنيون وڃن. ڊاڪٽر موهن جيئري اکيون عطيي ۾ ڏنيون.
    هيءُ ناول انهن بحثن تي مشتمل آهي جيڪي ڊاڪٽر موهن ۽ مون وچ ۾ ٿيا. اسان ٻئي خدا ڳولهڻ نڪتاسين ۽ هڪ ٻئي کي ڳولهي لڌوسين. مان ننڍي هوندي مذهبي هيس. جوانيءَ ۾ دهريو ۽ هاڻي Agnostic آهيان. منجھيل آهيان. ”نه“ ۽ ”ها“ جي وچ ۾ ڪو لفظ هجي ها ته ان ۾ سمائجي پاڻ ڳولهي لهان ها.
    سکر ۾ ڪڏهن ٿيوسافيڪل سوسائٽي کولڻ جو خيال آيو. دوستن سان گڏ ڪم شروع ڪيم پر ان ڪري نڀائي نه سگهيس جو من مطمئن نه هيو. منهنجو محبوب دوست دارا مرزا دنيا مان موڪلائي ويو. ان جا لکيل خط اڄ به مون وٽ محفوظ آهن. دارا مرزا جون ٿيوسافيڪل سوسائٽيءَ لاءِ ڪيل خدمتون ساراهڻ جوڳيون آهن. افسوس مان هن جي معيار تي پورو لهي نه سگهيس.
    ماڻهو مسئلن جي ور چڙهيل آهن، پر ڪڏهن مسئلو طاقتور ٿي پوي ته ائين ڏسبو آهي جيئن ڪو پهلوان ۽ مان اکيون بند ڪري ان جي ڪلهن تي سوار آهيان. پهلوان پاڻ ئي پار پڄائيندو. انسان دائمي خوشي ڪيئن حاصل ڪري سگهي ٿو؟ ـــ اهو سوال آهي جنهن تي ڊاڪٽر موهن ۽ مان ڪلاڪن جا ڪلاڪ مٿي ماري ڪئي. مون سوچيو. خوشيون ڳولهڻ آسمان ۾ مڇيون ڳولهڻ آهي. انسان مسئلن مان آجو ٿي پوي ته اها ئي وڏي ڳالهه آهي.
    هن ناول جو هر ڪردار دکي آهي ۽ اهو دک مٽائڻ لاءِ تاڙي خاني اچي ٿو. ان وٽ مسئلن جا انبار آهن ۽ نجومي کين مسئلن جا حل ٻڌائي ٿو.
    ”نجومي“ نصيحت آميز ناول نه آهي، ڇو جو دنيا ۾ ٻه ڪم آسان آهن. نصيحت ڪرڻ ۽ صلاح ڏيڻ. نجومي اهڙو ڪردار آهي جيڪو پاڻ مسئلن جي ور چڙهيل آهي. فيصلو پڙهندڙن تي آهي ته پڙهي ڇا ٿا محسوس ڪن؟


    رسول ميمڻ
    ڪراچي


    1

    هاڻي هو پوڙهو ٿي چڪو هيو. ڪو وقت هيو، شهر جي مک شاهراهه تي تاڙي خاني ٻاهران پراڻي چادر وڇائي ويٺل هوندو هيو. ڪو قسمت جو ماريل هن وٽ ايندو هيو ته طوطي کي آڱر تي کڻي لفافن مٿان لاهيندو هيو ۽ طوطو ڪنهن مفڪر جيان چيلهه پويان هٿ ٻڌي نوڙي لفافن تي چڪر هڻي ڳولهي اهڙو لفافو ڪڍندو هيو جو ان ۾ موجود قسمت جو حال ٺهڪي ايندو هيو. هن کي نجومي نه، جادوگر چوندا هيا. لفافن جي لفظن ۾ جادو سمايل هيو. جڏهن طوطي جي ڪڍيل لفافي مان رقعو ڪڍي پڙهڻ شروع ڪندو هيو ته لفظ هن جي وات مان کجيءَ جي کارڪن جيئن ڇڻي هيٺ ڪرندا هيا.
    شهر جي گرميءَ جا ماريل جن جي چمڙي سج جي تپش ۾ ڳاڙهي داڻيدار ٿي ويندي هئي، ڪم کان واندا ٿي تاڙي خاني ۾ ويهي گوڙ گمسان ڪندا هيا. دخل وٽ هڪ هٿ بتي رکيل هوندي هئي جنهن جي هيڊي روشنيءَ ۾ اهي ٿڪيل ماڻهو ڏاڍا ٿڪيل نظر ايندا هيا. تاڙي ٿڌي پاڻيءَ جيان انهن جي ٻرندڙ جسم تي ڪرندي هئي. ڪو کٽيون اوڳرايون ڏيندو ٻاهر نڪرندو هيو ته نجوميءَ وٽ وڃي ويهندو هيو.
    ”مان مايوس....... قسمت جو ماريل آهيان. مونکي مسئلي جو حل ٻڌاءِ“ اهو چوندو هيو.
    نجومي جڏهن طوطي جو ٻاهر ڪڍيل لفافو هٿن ۾ کڻي رقعو پڙهڻ شروع ڪندو هيو ته اهو بيان ڪيل لفظن جي سحر ۾ کوئجي ويندو هيو. ان کي پڪ هوندي هئي ته نجومي سچو آهي، ان جو هر لفظ حقيقت آهي.
    نجوميءَ ان روڊ تي زندگيءَ جا پنجٽيهه سال گذاريا هيا. وڏي ٻوڏ کانپوءِ جڏهن سڀ هيٺيائين وارا علائقا ڇڏي ان پهاڙيءَ تي ٻڌل شهر جو رخ ڪري رهيا هيا ته هو پنهنجن عزيزن سان آيو هيو. تڏهن هن جي عمر ارڙهن سال هئي. ننڍ پڻ کان ڪمزور ۽ لاغر هيو. هن کان جسماني پورهيو نه ٿي سگهيو. هو ڪجهه ڏينهن بي روزگار رهيو. شهر جي رستن تي رلندو هيو. هڪ ڏينهن اهڙي پراڻي مندر ۾ ويو جنهن جو ڀتيون ڊهي چڪيون هيون ۽ اتي موجود ڀڳوان جي بت جا هٿ پير ڀڳل هيا. ورهاڱي کانپوءِ مندر جا واسي لڏي چڪا هيا ۽ ان کي نقصان رسايو ويو هيو. هن جڏهن ويران مندر ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهاريو ته ڀڳل ڀت جي ڍير هيٺان هڪ ٿيلهو نظر آيو. هن سرون هٽائي جڏهن ٻاهر ڪڍي ڏٺو ته اهو لفافن سان ڀريل هيو. هن هڪ لفافو ڪڍي کولي پڙهيو ان ۾ ماڻهن جي قسمت جو حال لکيل هيو. هن سمجهيو اها پوريل ٿيلهي ڪنهن اهڙي نجوميءَ جي آهي جيڪو لفافا ڪڍي ڪڏهن قسمت جو حال ٻڌائيندو هيو. ڪجهه سوچي هو ٿيلهو کڻي ٻاهر آيو. هن لفافا ٻاهر ڪڍي ڇنڊي صاف ڪيا ۽ بازار مان طوطو وٺي ان کي تربيت ڏئي تيار ڪيو. طوطو جڏهن قطار ۾ پيل لفافن ۾ چهنب وجهي هڪ سوري ٻاهر ڪڍندو هيو ته انعام طور تيل ۾ ڀڳل دال جو داڻو ان جي وات ۾ وجهندو هيو. طوطو دال جي داڻي جي لالچ ۾ هر ڪم ڌيان ۽ سمجهه سان ڪندو هيو. جڏهن طوطو تربيت وٺي مڪمل طور تيار ٿيو ته هو چادر وڇائي تاڙي خاني ٻاهران اچي ويٺو. هن هيٺ لفافا قطار ۾ رکي طوطي کي هڪ صليب نما ڪلي کوڙي ان تي ويهاري ڇڏيو.
    وقت سان طوطو ڪم ۾ ماهر ٿي ويو ۽ ان کي زندگيءَ جو مقصد اهو ئي ڏسجڻ لڳو ته صليب نما ڪليءَ تان نجوميءَ جي آڱر تي ويهڻو آهي ۽ لفافن مٿان چڪر هڻي هڪ لفافو ٻاهر ڪڍي ڀڳل دال جو داڻو وات ۾ وٺي کائڻو آهي.
    نجومي ڪڏهن لفافن جي باري ۾ سوچيندو هيو. اهي عجيب ۽ غريب هيا. انهن تي قسمت جو حال اهڙي علامتي انداز ۾ لکيل هوندو هيو جو ٻڌڻ واري جي سمجهه ۾ گهٽ ايندو هيو، جنهن ڪري ان جي وضاحت ڪرڻي پوندي هئي. ٻڌندڙ کي علامتن جي هر رخ ۾ پنهنجو عمل نظر ايندو هيو ۽ اهي علامتون ائين هونديون هيون جيئن انهن جي قالب ۾ هر ڪو ماپي ويندو هجي. علامتون مختلف انداز سان روين جي ترجماني ڪنديون هيون. لفافن ۾ موجود رقعن تي ڄڻ مورتون اڪريل هونديون هيون جيڪي ڏسندڙ کي هر ڪنڊ کان ان جو اولڙو پسائينديون هيون. عمر سان نجوميءَ وٽ ايترو علم اچي ويو جو قسمت جي ماريل ماڻهن کي ويهاري آسانيءَ سان انهن علامتن جي وضاحت ڪري مطمعن ڪندو هيو. اهي رقعا ڪنهن جادوءَ کان گھٽ نه هيا ائين لڳندو هيو، هڪ دفعو لفافي مان نڪتل رقعي تي لکيل لفظ انهن جي حياتيءَ جو حصو ٿي گڏ جيئرا رهن ٿا.
    شهر کان ٻاهر کجين جا باغ هيا، انهن جي ٿڙن ۾ ٺڪر جا مٽ ائين لڙڪندا هيا جيئن کجيون وار کولي بيٺل ڳورهاريون عورتون هجن.کجيءَ جي ٿڙ ۾ ٿيل سوراخ مان تاڙي ٽيپو ٽيپو ٿي لڙڪندڙ مٽ ۾ گڏ ٿيندي هئي. ان کي شهر تاڙي خاني ۾ پهچايو ويندو هيو جيڪا اتي گهٽ قيمت تي مهيا هوندي هئي.
    تاڙي خاني ۾ هر قسم جا ماڻهو ايندا هيا، انهن ۾ گھڻو حصو اهڙن ماڻهن جو هوندو هيو جن جو روزگار انهن جي پيٽ تائين محدود هيو. ڪڏهن ڪا پوڙهي وئشيا به هوندي هئي جنهن جو اگهه بازار جي ٻين عورتن کان گھٽ هيو. ماڻهو تاڙي پي ٻاهر نڪري نجوميءَ کان لفافو ڪڍرائي ان جي وضاحت ٻڌندا هيا ۽ حيثيت آهر ڪجهه سڪا ڏئي روانا ٿيندا هيا.
    وقت سان نجومي پوڙهو ٿي ويو ۽ هڪ ڏينهن بيمار ٿي پيو. هن کي ڇاتيءَ ۾ سور محسوس ٿيڻ لڳو. اٿندي ويهندي کنگھه وڪوڙي وئي هن ۾ هلڻ جي سڪت نه رهي. هن لفافن کي ويڙهي ڪاٺ جي پيٽيءَ ۾ رکيو ۽ زندگيءَ جا باقي ڏينهن ڄڻ موت جي فرشتي جو انتظار ڪندي گذارڻ لڳو. هن سوچيو هاڻي حياتي جي فيصلي جو وقت اچي چڪو آهي هو ڪجهه ڏينهن جو مهمان آهي، جنهن کانپوءِ هليو ويندو ۽ اهي لفافا دنيا ۾ رهجي ويندا.
    نجومي موت جو انتظار ڪندي ڪمري جي ڪنڊ ۾ اڪيلو ويهي بيزار ٿي پيو. هن لاءِ وقت گذارڻ مسئلو ٿي پيو. هن طوطي کي ڪليءَ تان لاهي آڱر تي کنيو ۽ چيو.
    ”مٺو پٽ ٻول،
    کنڀڙا پنهنجا کول
    آهي دنيا ائين،
    جيئن اکيون تنهنجون گول“
    طوطي خوشيءَ مان کنڀ ڇنڊيا ۽ مالڪ ڏي منهن ڪندي چيو.
    ”ٺوڙهي جا وار،
    ڪوڙا قول قرار.
    ڪڏهن نه ڪيان مان،
    ڏينهن جو ٻيون ٻيون،
    رات جون ٽيون ٽيون،
    نجومي خوشيءَ مان کليو، ڪاٺ جي پيٽي کولي لفافن کي ٻاهر ڪڍيو . هن چادر وڇائي انهن کي ائين رکيو جيئن تاڙي خاني ٻاهران رکندو هيو. هن صليب نما ڪلي کوڙي طوطي کي ويهاريو ۽ پوءِ ڀڳل دال جا داڻا وٽيءَ ۾ وجهي ڀرسان رکيا. هو پلٿ ماري هيڏانهن هوڏانهن ائين ڏسڻ لڳو ڄڻ ڪنهن قسمت جي ماريل جو انتظار ڪندو هجي. هن طوطي کي آنڱر تي کنيو ۽ پوءِ لفافن تي لاٿو. طوطي ڪنهن فلسفيءَ وانگر گهمي هڪ لفافو ڇڪي ٻاهر ڪڍيو. هن ڀڳل دال جو داڻو ان جي وات ۾ وڌو ۽ طوطو ائين ڄٻاڙڻ لڳو ڄڻ ڪافي وقت کانپوءِ حق حلال جو رزق حاصل ڪيو هجي.
    نجوميءَ لفافو کولي رقعو ٻاهر ڪڍي پڙهيو. هن کي اهو عامل ياد اچي ويو، جنهن کي سڀ نوراني چهري وارو سڏيندا هيا. اهو ڪنهن ڀوري بادل جهڙو هيو. ان جو منهن اهڙي مڙهه جيان هيو جنهن کي ڄڻ جلاوطنيءَ جي حالت ۾ پرڏيهه امانتن دفنايو ويو هجي ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ جڏهن قبر کوٽي ٻاهر ڪڍيو ويو هجي ته ان جي چهري جي تازگي برقرار هجي.
    اهو عامل مايوس هيو. ان جي حالت خراب هئي اهو چرين جيان شهر جي گھٽين ۾ گھمي رهيو هيو. هڪ ڏينهن ان تاڙي خاني جو رخ ڪيو ۽ ٻه چار گلاس پي ٿيڙ کائيندو ٻاهر نڪتو ته نجوميءَ کي ويٺل ڏٺائين.
    ”ڪهڙو نجومي آهين جو زماني جي ٺوڪرن ۾ پيو آهين“ ان چيو ”پهريون پنهنجي قسمت ڏس پوءِ ٻين جي قسمت جو فڪر ڪر“.
    نجوميءَ لاءِ اها نئين ڳالهه نه هئي هر ايندڙ ويندڙ هن سان اهڙيون ڳالهيون ڪندو هيو. هن ڳالهه دل ۾ نه ڪئي ۽ مرڪيو. سانجهي جي اڌ اوندهه ۾ هن جا مرڪندڙ چپ مزار جي وسيل ڏيئي جهڙا هيا.
    ” سائين مان تاڙي خاني جو مجاور“ نجوميءَ چيو ” مان قسمت لکندو نه ٻڌائيندو آهيان. منهنجي قسمت ڏاڍي خراب آهي. پر اوهان سان ڪهڙي ويڌن آهي. ڇا ڏاهپ کي ڪٽ چڙهي وئي آهي؟ عقل کي اڏوهي کائي وئي آهي؟ جو مضبوط قدمن تي بيهڻ واري داناءَ جا قدم هلڪي هوا تي لڏي رهيا آهن“. عامل ڳالهه ٻڌي ته ان جا نشا ٽٽي ويا منهن تي مايوسي وري آئي ۽ ڍلو ٿي هيٺ جهڪي نجوميءَ ڀرسان ويهي رهيو. ”لڳي ٿو قسمت خراب آهي“ عامل چيو ”هڪ مسئلي منجهائي وڌو آهي“.
    ” ڪهڙي مسئلي؟“ نجوميءَ پڇيو ”متان تنهنجي مدد ڪري سگھان“.
    عامل هڪ آهه ڀري چيو
    ”توکي شايد خبر هوندي، ماڻهو مون وٽ خوابن جون تعبيرون پڇڻ ايندا آهن“
    ”ها مان توکي سڃاڻان“ نجوميءَ چيو ”توکي ڪير نه سڃاڻي!“.
    ”شهر جو ميئر پويان پئجي ويو آهي“ عامل چيو ”توکي خبر هوندي ته شهر جو ميئر پنهنجي وقت جو بدنام ڏوهاري آهي. اهو ڪجهه سال اڳ هڪ بي روزگار شخص هيو، جنهن قتل ۽ غارت جي سياست ڪري عهدو ماڻيو، هو خونخوار شخص آهي، ڪنهن به عزتدار جو پٽڪو لاهي ڀيرن ۾ لتاڙيندي دير نه ڪندو آهي“.
    ”ها هرڪو ان ڳالهه کان واقف آهي“. نجوميءَ چيو ” هو بنيادي طرح اهڙي عورت جو ٻار آهي جيڪا هن کي گند جي ڍير تي ڦٽو ڪري وئي هئي. هو خيرات گھر جي سڪل ٽڪڙن تي پلجي وڏو ٿيو ۽ خونخوار ثابت ٿيو......... در اصل هن ويچاري جو ڏوهه نه آهي، اهو هنجي تربيت جو اثر آهي. زماني جا ٿاٻا کائي اهڙي ٺڪر ۾ تبديل ٿي چڪو آهي جنهن ٺڪر جي ٿانو ۾ شهر جي قسمت جون ٻوٽيون ٽهڪي رهيون آهن“.
    ”ته تون ٻڌاءِ“. عامل چيو ” اهڙي پٿر دل شخص مان ماڻهو رحم جي ڪهڙي اميد رکي سگھي ٿو. در اصل ان مونکي ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن سڀاڻي تائين ان جي ڏٺل خواب جي تعبير نه ٻڌائي سگهيس ته اهو ابتو ٽنگرائي ڇڏيندو. هن کي ان ساڳي خواب جي تعبير هڪ ٻيو عامل ٻڌائي چڪو آهي، جنهن مان هو مطمعن نه ٿيو ۽ ان جي زبان وڍرائي ڇڏي“.
    ”مان مطلب نه سمجهيو“ نجوميءَ چيو” ٿورو کولي ٻڌاءِ جيئن ڳالهه جي تهه تائين پهچي سگهون“.
    عامل جيڪو هاڻي سامت ۾ اچي چڪو هيو ان ڊگهو ساهه کنيو ۽ نجوميءَ کي پوري ڳالهه ٻڌائي.
    ”ان شهر جو ميئر ڏنڊي جي زور تي گذريل پنجن سالن کان حڪمراني ڪري رهيو هيو. ڪنهن کي همت نه هئي جو ان کي للڪاري سگھي. ننڍپڻ ۾ نفرتن ۽ محرومين جو منهن ڏسڻ ڪري ان جي من ۾ جيڪا بغاوت جنم وٺي چڪي هئي ان جو اثر اهو ٿيو جو هن کي جانورن سان پيار ٿي ويو. هو جيئن انسانن کي سٺو نه سمجهندو هيو تئين جانورن کي انتهائي سچو ۽ معصوم سمجهندو هيو. هن جو قول هيو ته ”انسان ڪڏهن به جانور ٿي نه سگهندو. جانور ساهوارن جو ترقي يافته نسل آهي“ هن کي اڇي گھوڙي سان ايڏو پيار هيو جيئن ڪو انسان اولاد سان پيار ڪندو آهي. هو ٻڪرين کي منهن تي هٿ ائين ڦيريندو هيو جيئن اهي هن جون نياڻيون هجن ۽ ڳئونءَ جو کير پي ان کي ٻار وانگر ڳراٽڙي پائي روئيندو هيو. هو ڳئونءَ کي چوندو هيو ” تون اولاد کي ڄڀ سان چٽي ٿڻ آڇين ٿي.......... منهنجي ماءُ ڄڻي ڪچري جي ڍير ٿي ڦٽو ڪيو. اها توکان بدتر ۽ نفرت لائق آهي. تون منهنجي ماءَ کان هزار ها درجا بهتر پيار ڪرڻ واري آهين. “
    هو اٺن کي وقت جو ولي چوندو هيو ۽ لومڙيءَ کي عالم. هو ڪتي کي لشڪر جو بهترين سپهه سالار ڪوٺيندو هيو. هو چوندو هيو. هرڻي گاهه کائي ٿي انڪري رحمدل محبوبا آهي ۽ شينهن چڱو مڙس آهي جيڪو پيٽ ڀري کائڻ کانپوءِ بک لڳڻ تائين ڪا ذخيرا اندوزي نه ٿو ڪري. هاٿي دنيا جو عزتدار آهي ڇو جو هن جو نڪ باقي مخلوق کان ڊگهو آهي.
    هن کي پنهنجي باغ جا سڀ جانور عزيز هيا پر اڇي رنگ جو گھوڙو ايڏو اهم هيو جيئن ان ۾ جادوگر جي طوطي جيان روح سمايل هجي. هو گھوڙي جي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي ڳالهائيندو هيو ۽ ڄڻ اهو هن جون ڳالهيون سمجهندو هيو. هڪ دفعي گھوڙو بيمار ٿي پيو، ان جي صحتيابي لاءِ هڪ انسان جو صدقو ڏنو. جڏهن گھوڙو چڱو ڀلو ٿيو ته هن شڪراني طور نجي جيل اندر قيد شهر جي لوفرن جي کولين ۾ سوئر ڇڏيا جيئن اهي انهن مان سبق حاصل ڪري سگهن.
    شهر جي ڏکڻ طرف ميئر جو عاليشان باغ هيو جنهن ۾ ڦلدار وڻ هيا. ميئر جڏهن باغ جي دوري تي ويندو هيو ته مندائتا ڦل نه کائيندو هيو. هو چوندو هيو ”مندائتا ڦل ماءُ جي ٿڻن جهڙا بي مزي هوندا آهن“ هو ڪيلو ڇلي کل کائيندو هيو ۽ اڻ مندائتا زيتون هن کي وڻندا هيا. هو بندوق سان پکي ماري باهه تي پچائيندو هيو ۽ ڪتن سان گڏکائيندو هيو.
    هڪ هفتو اڳ جڏهن چن جي پهاڙن وٽ محل نما گھر ۾ ستل هيو ته رات جو رڙ ڪري اٿيو. هن وٺي هاءِ گھوڙا ڪئي سڀ اکيون مهٽيندا هن وٽ پهتا. انهن اڳ ڪڏهن به ميئر جي اهڙي حالت نه ڏٺي هئي. ميئر جون اکيون سجيل هيون سرڪاري حڪيم کي گھرايو ويو جنهن ميئر کي تپاسي دلجاءِ ڪئي ته اهڙو مسئلو نه آهي جنهن سان هن جي جان کي خطرو هجي. سڀ ميئر مٿان ڪٺا ٿي فڪرمند نظرن سان ڏسندا رهيا. ميئر جڏهن سامت ۾ آيو ته وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي ويٺو. حڪيم ادب مان پڇيو .
    ”خدا خير ڪري ....... سائين جن جي طبيعت ته ٺيڪ آهي نه؟“ ميئر جيڪو پريشان هيو. شوخ نظرون کڻي حڪيم کي ڏٺو ” ها .......... درد ناڪ به آهي ته خوفناڪ به“ . ....
    ”دلگير نه ٿيو هاڻي ٿا عامل کي گھرايون جيڪو توهان کي تعبير ٻڌائيندو“ .
    عامل اڌ رات جو اکيون مهٽيندو اتي پهتو.
    پوءِ ميئر سربستو خواب ٻڌايو.
    ”مون ڏٺو پنهنجي اڇي گھوڙي جي کير جهڙي پٺيءَ تي سوار ٿي ان جي ڳچيءَ ۾ پيار مان ٻانهون وجھي باغ جي وڻن مان ڊوڙائيندو وڃان ٿو. گھوڙو ڄڻ سنگ مر مر جو تراشيل آهي جنهن جي پٺي ٺوٺ ۽ ترڪڻي آهي. مان گھوڙي جي ڳچيءَ ۾ جيئن ٻانهون مضبوط ڪري جهليان ٿو تيئن پٺيءَ تي ترڪندو وڃان ٿو. مونکي محسوس ٿئي ٿو گھوڙي جي پٺي هيٺان نڪري ويندي ۽ پٽ تي ڪري پوندس. اوچتو اتي موجود سڀ جانور گھوڙي پويان ڊوڙڻ لڳن ٿا، جيئن مونکي بچائڻ چاهيندا هجن. اٺ، ٻڪريون، لومڙيون، شينهن گڏهه، سوئر ۽ ڳئون مختلف آواز ڪڍندا ڊوڙيندا ويجهو ٿيندا پيا وڃن، پوءِ سڀ گھوڙي پويان هڪ وڏي زيتون جي وڻ چوڌاري ڦرڻ لڳا. هر طرف گوڙ گمسان ۽ جانورن جي ڊوڙڻ ڪري اڏامندڙ ڌوڙ ڦهليل آهي. اوچتو وڻ جا سڀ زيتون ڇڻي هيٺ ڪرن ٿا سواءِ هڪ زيتون جي جيڪو پهچ کان پري مٿي وڻ ۾ لڙڪي رهيو آهي. سڀ جانور غائب ٿي وڃن ٿا مان رڻ جي رولاڪ جيئن وڻ ۾ بيٺل ان اڪيلي زيتون کي ڏسندو رهان ٿو ته اک کلي وڃي ٿي“.
    خواب ٻڌي عامل پريشان ٿي ويو ۽ هٿ ادب جا ٻڌي بيهي رهيو. ”سرڪار توهان لاءِ سٺي خبر آهي“ ان چيو ”توهان جي گھوڙي کانسواءِ سڀ جانور مري ويندا“.
    ميئر جيئن ٻڌو ان جا ڪن ڳاڙها ٿي ويا ۽ نڪ طوطي جي چهنب جهڙو ٿي ويو. هن جڏهن پنهجن پيارن جانورن لاءِ اهڙي خبر ٻڌي ته تپي باهه ٿي ويو. هو ڪڏهن سوچي به نه پئي سگھيو ته هن جي جيئري سندس جانور دنيا مان موڪلائي ويندا. هن کي عامل جي اهڙي تعبير تي ڪاوڙ آئي. هن جلاد کي گھرائي حڪم ڏنو.
    ”عامل جي زبان وڍي ڪتي کي کارائي وڃي“.
    ” مان پنهنجي علم موجب سچ ڇئي رهيو آهيان توهان کي اهڙي سزا نه ڏيڻ گھرجي“. عامل احتجاج ڪيو.
    ميئر وڌيڪ باهه ٿي ويو. جلاد عامل کي هيٺ دسي ان جو وات کولي زبان ڪٽي هليو ويو. عامل جي واڇن مان رت ائين وهڻ لڳو ڄڻ ڪٺل جانور جو رت پيتو هجي.
    ميئر ڪنهن اهڙي عامل کي ڳولهڻ لڳو جيڪو کيس خواب جي سٺي تعبير ٻڌائي. هن کي خبر پئي ته شهر ۾ هڪ ٻيو عامل موجود آهي. جيڪو خوابن جي تعبير ٻڌائي ٿو. هن ڪجهه ماڻهو ان ڏانهن موڪليا جن کيس نياپو ڏنو ته شهر جو ميئر هن جو منتظر آهي. عامل نجوميءَ کي سربستي ڳالهه ٻڌائي ۽ پوءِ دانهيندي چيو. ”هاڻي ٻڌاءِ مان ڇا ڪريان؟ ان کي ڪيئن مطمعن ڪريان. پهرين عامل ان خواب جي تعبير صحيح ۽ سچي ٻڌائي هئي. خواب جي تعبير اهائي آهي جيڪا هو ٻڌائي چڪو آهي. هاڻي ڪهڙو ڪوڙ ڳالهائي ان کي مطمعن ڪريان. جڏهن ان وٽ ويندس ۽ مون کان به ساڳيو سوال ڪندو ته اهوئي جواب ڏيندس جيڪو اڳ عامل چئي چڪو آهي. مون کي خوف محسوس ٿي رهيو آهي. منهنجي زبان به وڍجي ويندي ۽ زندگي ڀر لاءِ گونگو ٿي ويندس. جيڪڏهن نه ويندس ته ميئر جا غنڊا مونکي اغوا ڪري اتي پهچائيندا ۽ ڪنهن به عزت لائق نه رهندس. تون ٻڌاءِ ڇا ڪرڻ گھرجي؟ شهر ڇڏي ڀڄي وڃان يا درياهه ۾ ٽپو ڏئي انت آڻيان. صبح سان ميئر سامهون پيش ٿي جواب ڏيڻو آهي. ڪهڙو ڪوڙ ڳالهائي جان ڇڏايان. سمجهه ۾ نه ٿو اچي. اهو سوچي من جي مونجهه گهٽائڻ خاطر تاڙي خاني آيس ۽ توسان ملاقات ٿي.
    نجومي عامل جو اهڙو احوال ٻڌي سوچ ۾ ٻڏي ويو، پوءِ عامل جي دل جوئي ڪئي ۽ کيس چيو.
    ” گھٻرائڻ جي ضرورت نه آهي..... چڱائيءَ جي اميد رک“
    هن صليب نما ڪليءَ تان طوطو لاهي هيٺ لفافن تي ڇڏيو. طوطي هڪ لفافو سوري هن کي ڏنو ۽ ڀڳل دال جو داڻو چٻاڙيندو واپس وڃي ڪليءَ تي ويٺو. نجوميءَ لفافو کولي رقعو پڙهيو. اتي لکيل هيو.
    هر ڪو پنهنجي،
    پاڻُ دُکائي
    هوا باهه وسائي،
    هوا باهه لڳائي.
    رقعو پڙهي نجوميءَ عامل جي منهن ۾ ڏٺو. ان کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي سندس منجهيل منهن تي ڪئي سوال هيا.
    ”تنهنجي ڳالهه جو مطلب سمجهه ۾ نه آيو“ عامل چيو. ٿورو ٻڌاءِ ان جو ڪهڙو مفهوم آهي؟“
    نجوميءِ رقعو ٻيهر پڙهيو ۽ پوءِ چيو.
    ”هوا باهه ٻاريندي به آهي ته باهه وسائيندي به آهي. توهان جي هٿن ۾ آهي جيئن استعمال ڪيو. هوا سان باهه وسايو يا هوا سا باهه ٻاريو. هوا توهان جي زبان جيان آهي. زبان کي صحيح استعمال ڪريو ته ڪامراني قدم چمندي ۽ غلط استعمال ڪريو ته جان جو جوکو ٿي پوندي. زبان توهان جي وس آهي جيئن هلايو. جيئن چوريو. ميئر اڳيان جلد بازيءَ ۾ سوچ ۽ سمجهه کانسواءِ پهرين عامل خواب جي تعبير ٻڌائي زبان وڍرائي. جيڪڏهن ڳالهائڻ کان اڳ ٿورو سمجهه جو مظاهرو ڪري ها ته ان جو حشر اهڙو نه ٿي ها. اهو تو لاءِ اشارو آهي ته سوچ ۽ سمجهه ڌار، زبان کي اهڙي طريقي استعمال ڪر جيئن نانگ به مري ۽ لٺ به بچي“.
    نجوميءَ جي ڳالهه ٻڌي عامل جي منهن تي مرڪ اچي وئي. هو ڪجهه سڪا ڏئي گھر روانو ٿيو. صبح سان ميئر جا ماڻهو اچي عامل جي در تي بيٺا ۽ در کڙڪائي پاڻ سان وٺي ميئر سامهون پيش ڪيائون. ميئر هن کي عزت سان ويهاريو ۽ پوءِ پنهنجو خواب ٻڌايو.
    ميئر جيئن خواب ٻڌائي پورو ڪيو ته عامل اٿي هن کي مبارڪ ڏني. ”سرڪار توهان لاءِ سٺي خبر آهي“. هن چيو ” توهان جي پياري گهوڙي جي عمر باغ جي باقي جانورن کان وڏي آهي“. اهو ٻڌي ميئر خوش ٿيو ۽ هن کي انعام ڏئي عزت سان روانو ڪيائين. نجومي اهو ياد ڪري مرڪيو ۽ پوءِ سيني مان اٿندڙ اڌمن ڪري کنگھه ۾ مچي ويو. طوطو ڪنڌ ورائي اکيون ٽمڪائي هن کي ڏسڻ لڳو جيئن بيمار نجوميءَ جي حالت ڏسي پريشان ٿي ويو هجي. نجوميءَ گذريل ڏينهن کي ياد ڪري حسرت مان اڳيان وڇايل لفافن کي ڏسندو رهيو. هن وقت گذارڻ لاءِ سامهون پيل لفافن مان هڪ ڪڍي کولي پڙهيو ۽ ڪن خيالن ۾ گم ٿي ويو.
    هن تاڙي خاني ٻاهران روڊ ڪناري ڪيترن ئي قسمت جي ماريلن لاءِ اهو رقعو ڪئي دفعا پڙهيو هيو پر ان پويان سڀ کان يادگار واقعو صحت کاتي جي هڪ دفتريءَ سان پيش آيو. هن کي ياد هيو، صحت کاتي جو دفتري جيڪو خودار شخص هيو. ان خوداري ڪري ڏاڍو ڀوڳيو. هن پنهنجي عزت نفس کي متاثر ٿيڻ نه ڏنو ۽ هر تڪليف کي مڙس ٿي منهن ڏنو. جڏهن ان جون تڪليفون وڌي ويون ته من جي آنڌ مانڌ کي گھٽائڻ لاءِ تاڙي خاني ۾ آيو. هن تاڙيءَ جا ٻه چار گلاس اوتيا ۽ جڏهن ٿيڙ کائيندو ٻاهر نڪتو ته هن جي نظر نجوميءَ تي پئي. اهي سياري جا ڏينهن هيا. هر ڪنهن جي وات مان ٻاڦ ائين پئي نڪتي جيئن سينن اندر ڏک جا ڪوئلا ٻرندا هجن. اهو نجوميءَ وٽ آيو. نجوميءَ ڪنڌ مٿي ڪري ڏٺو. جسم ۾ سنهو هجڻ ڪري دفتريءَ جو ڪوٽ ڍلو چادر جهڙو پئي نظر آيو. ان کي اڌ چپن تي ڦهليل مڇون هيون. اهو نجوميءَ ڀرسان ويٺو. ”مونسان ويڌن آهي“ هن چيو ”جيڪڏهن بيان ڪيان ته ان جو حل ڪڍي سگهندين؟“.
    ”طوطو لفافو ڪڍندو آهي ۽ مان وضاحت ڪندو آهيان“. نجوميءَ چيو.
    ”منهنجو مسئلو تمام منجهيل آهي.“
    ٿي سگهي ٿو ڪو ڏس ڏئي وجهان“.
    دفتريءَ نجوميءَ کي سموري ڳالهه ٻڌائي.
    ”اهو شهر جي صحت کاتي جو ملازم هيو، جيڪو بيمارين ۽ دوائن جو حساب ڳاڙهي جلد واري بنديءَ ۾ شمار ڪندو هيو. جيئن ضروري وقت ڪارڪردگيءَ کي ڪنهن اڳيان ظاهر ڪري سرخرو ٿي سگهجي. هو عمارت جي مک دروازي وٽ هڪ ننڍي ڪمري ۾ ٽيبل ڪرسي رکي ڳاڙهي جلد واري بندي کولي ڪم ۾ مشعول هوندو هيو. پنهنجو ڪم ايمانداري ۽ سليقي سان ڪندو هيو. هن نه ڪڏهن رشوت ورتي نه ڏني. صبح جو سوير پهچي ويندو هيو ۽ شام تائين ڪم پورو ڪري روانو ٿيندو هيو. سڀ کي عزت ڏيندو هيو ۽ احترام سان ملندو هيو. هن جي دل ۾ ڪنهن لاءِ نفرت نه هئي. هو ظاهري ڏيکاءَ جي خلاف هيو. هو چوندو هيو. ” نيڪي ڪيو ۽ ظاهر نه ڪيو“ چاپلوسي ۽ لونجهه عزت جي ٻيڙيءَ ۾ ٽنگ ڪرڻ برار آهي.
    دفتري عمر جو ڳچ حصو ان محڪمي ۾ گذاري چڪو هيو . محڪمي جا ڪئي سربراهه آيا ۽ ويا پر هو ساڳي ڪمري اندر ڪم ۾ مصروف رهيو. شايد ان غير اهم ڪم لاءِ هن کي بدلي ڪرڻ جو خيال ڪنهن کي ذهن ۾ نه آيو. هن جو ڏکيو سکيو وقت گذريو پئي. وقت جي سرڪار پاران ايترو ملي ويندو هيو جو هن جو گذر سفر ٿي ويندو هيو.
    اتي اهڙو سربراهه بدلي ٿي آيو جيڪو سخت ۽ مغرور هيو. اهو سرڪاري موٽر گاڏيءَ ۾ ايندو هيو ۽ آڪڙ مان دفتر ۾ داخل ٿيندو هيو. ان کي اڇا اجرا ڪلف لڳل ڪپڙا پاتل هوندا هيا ۽ مٿي تي ترڪي ٽوپي پاتل هوندي هئي. دفتر ۾ داخل ٿيڻ سان ان کي ڏسي هر ڪو اٿي بيهندو هيو. جيئن ته دفتريءَ جو ڪمرو عمارت جي داخلي دروازي وٽ هيو پر ڪرسيءَ تي ڪنڌ هيٺ ڪري لک پڙهه ۾ مصروف هوندو هيو. جڏهن سربراهه اتان لنگهيندو هيو ته دفتري ڪرسيءَ تان اٿي ان جو استقبال نه ڪندو هيو. ڪڏهن ويٺي سلام ڪندو هيو جيڪا ڳالهه سربراهه کي پسند نه هئي. هو دفتريءَ کي بدتميز ۽ هوڏي سمجهڻ لڳو. سربراهه هڪ ٻن ماتحتن کي ان متعلق دانهن پڻ ڏني ته ”ان وٽ مون لاءِ ڪا به عزت نه آهي. دفتر جو هر فرد اٿي بيهي ٿو پر اهو دفتري وڏو نالائق ۽ ناسمجهه آهي جنهن کي منهنجي عزت جو ڪو خيال نه آهي“.
    ماڻهن دفتريءَ کي اها ڳالهه ٻڌائي.
    ”سربراهه تومان خوش نه آهي. هر ڪنهن کي تنهنجي نه اٿڻ جون شڪايتون پيو ڪري“
    دفتريءَ اهو هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي مان ڪڍي ڇڏيو. ڇو جو هن وٽ ان ڳالهه جي ڪا وقعت نه هئي. اهو هن جي خوداريءَ جي خلاف هيو ته جڏهن سربراهه لنگهي ته هو ڪم ڇڏي اٿي بيهي. دفتر جا سڀ ماتحت سربراهه جي ڪمري ۾ وڃي ويهندا هيا ۽ هر ڪم جي تعريف ڪري هن جي وڏائي بيان ڪندا هيا پر دفتري نه سربراهه جي ڪمري ۾ ويو ۽ نه ڪڏهن تعريف ڪئي.
    سربراهه هڪ ڏينهن سرڪاري گاڏيءَ مان لٿو ۽ هن کي ڪم ۾ مصروف ڪرسيءَ تي ويٺل ڏسي ڪمري ۾ ويو.
    ”توکي شرم نه ٿو اچي........ تو وٽ ايترو لحاظ به نه آهي جو دفتر جو سربراهه لنگھي ٿو ان جي احترام ۾ اٿي بيهين. ڇا تنهنجيون ڄنگھون ڀڳل آهن؟ يا جوڙن ۾ سور اٿئي؟ توکي ڪنهن جي عزت جو خيال نه آهي؟ ”سربراهه ڪاوڙ ۾ وڦلڻ لڳو
    ”سائين توهان کي غلط فهمي ٿي آهي“ دفتريءَ چيو ” مون وٽ ڪم ايڏو ته گھڻو هوندو آهي جو مٿي کنهڻ جي مهلت نه ملندي آهي ان هوندي به توهان کي سلام ڪندو آهيان، رهيو سوال اٿي بيهڻ جو، جيڪڏهن هر هر اٿي بيهندس ته ڪم مان ڌيان هٽندو ۽ فرض چڱي نموني نڀائي نه سگھندس“.
    هن جي وضاحت تي سربراهه ويتر چڙي ويو.
    ”جيڪڏهن سلام ڪندو آهين ته ڇا مونتي احسان ڪندو آهين، تو وٽ ڪم گھڻو آهي ته ڇا ٿيو. عزت ڪرڻ به ته ضروري آهي“
    سربراهه بدشد ڳالهائيندو هليو ويو ۽ هو ڪم ۾ مصروف ٿي ويو. انهن ڏينهن دفتريءَ جي زال ڳورهاري هئي. ويم جو وقت ويجهو آيو ته موڪل جي درخواست لکي سربراهه وٽ ويو ۽ عرض ڪيائين ” ٻن ڏينهن جي موڪل عنايت ڪئي وڃي. زال ويم کي ويجهي آهي. متان ان کي ڪنهن اسپتال ۾ داخل ڪرائڻو پوي“.
    سربراهه اهڙي موقعي جي ڳولها ۾ هيو. ان درخواست وٺي پڙهي واپس منهن ۾ وهائي ڪڍيس.
    ”سال جا آخري ڏهاڙا آهن. دفتر جي ڏيتي ليتيءَ جو شمار نئين سال کان اڳ مٿي سرڪار تائين پهچائڻو آهي. اڄڪلهه موڪل بند آهي ٻئي دفعي اچجان ته ڏسنداسين“.
    دفتري ڪجهه نه ڳالهايو. درخواست کڻي واپس موٽي آيو ۽ ڪرسيءَ تي ويهي ڪنڌ هيٺ ڪري ڪم ۾ مصروف ٿي ويو. سربراهه سمجهيو شايد ان اهڙي سخت رويي مان سبق حاصل ڪيو هوندو. پر دفتري اصولن تي اٽل رهيو. سربراهه جي اچڻ تي اٿي نه بيٺو. سربراهه به ان کي عزت جو سوال بڻايو ۽ ويو دفتريءَ سان چيٽ پوندو. هڪ ڀيري ڪاوڙ مان اردليءَ کي حڪم ڏنو.
    ”اهو دفتر مان وڃي ته ان جي ڪرسي کڻائي گم ڪري ڇڏ، جيئن مان صبح جو اچان ته اهو بيٺل نظر اچي“.
    ان ڏينهن دفتريءَ جي وڃڻ کانپوءِ اردليءَ ان جي ڪرسي لڪائي ڇڏي. صبح سان دفتري ڪمري ۾ پهتو ته ڪرسي نه ڏسي پريشان ٿي ويو. هن پڇا ڪرائي پر کيس ڪو خاطر خواهه جواب نه مليو. هو ڪمري ۾ اچي ٽيبل وٽ بيهي رهيو ۽ پوءِ چڪر هڻي سوچڻ لڳو ته هاڻي ڇا ڪرڻ گھرجي. هن کي ڪو رستو نظر نه آيو. هو بوٽ لاهي ٽيبل تي چڙهي پلٿ ماري ويهي رهيو. دفتر جو سربراهه اهو سوچيندو عمارت ۾ داخل ٿيو ته دفتري اڄ ڪرسي نه هجڻ ڪري بيٺل هوندو، پر جڏهن ڏٺائين پلٿ ماري ٽيبل تي ويهي ڪم ۾ مصروف آهي ته هن جون وايون بتال ٿي ويون. هر درٻاهران بيهي هن کي ڏسڻ لڳو. دفتريءَ ڳاڙهي بنديءَ تان نظرون هٽائي هن کي ڏسي سلام ڪيو پر ڪاوڙ مان سلام جو جواب ڏيڻ بجاءِ اڳتي وڌي ويو.
    سربراهه دفتريءَ کي سبق سيکارڻ جو پڪو پهه ڪيو هيو. هن هڪ خط ذريعي بالا آفيسر کان ان ڳالهه جي اجازت طلب ڪئي ته ڇو نه دفتريءَ جي پگھار بند ڪئي وڃي، ڇو جو هو نالائق ، ڪم چور ۽ عزت لائق نه آهي. هن کي ننڍي وڏي جو احترام نه آهي، سڄو ڏينهن دفتر ۾ واندو ويهي چانهه پيئي ٿو جنهن ڪري دفتر جو ماحول خراب ۽ ڇڙواڳ ٿي ويو آهي. ڇو نه ان کي سزا ڏئي راهه راست تي آندو وڃي جيئن ٻيا ان مان سبق حاصل ڪن ۽ دفتر جو ڪارو وانهه دستور موجب هلي سگهي“.
    دفتريءَ کي جڏهن اها خبر پئي ته هن کي پهريون دفعو پيشانيءَ تي گھنج پيا ۽ ٿڌهوندي به نرڙ تي پگھر جون بوندون چمڪڻ لڳيون. هن سوچيو. اهڙن ضرورت جي ڏينهن ۾ جڏهن هن جي زال ڳورهاري آهي، پئسي جي ضرورت پئجي وئي ته ڪهڙو حال ٿيندو؟ ڪير هن جي مدد ڪندو؟ اهو سوچي هو ڏاڍو پريشان ٿيو. قلم ڳاڙهي بنديءَ ۾ رکي ٽيبل تي ويهي سودائن ۾ ويڙهجي ويو. هن محسوس ڪيو جيئن سربراهه جي ترڪي ٽوپي مٿان لڙڪندڙ ڌاڳي دار ڪارو گل ڪنهن ڪاريهر ۾ تبديل ٿي ويو هجي ۽ ان جي ڪلهن تان رڙهندو هيٺ لهي فرش تي هلندو هن جي ڪمري ۾ اچي، ٽيبل تي چڙهي ڦڻ ڪڍي زبان سان چڙائيندو هجي. هو ڊڄي ويو. رزق جا دروازا بند ٿيندو ڏسي وقت کان پهريون بک ۾ پاهه ٿيڻ لڳو. هن کي لڳو سندس آڱريون ڪٽجي ڪري پيون هجن. قلم سنڀالڻ جي قابل نه رهيو هجي. هن پيڙا ۽ پريشانيءَ کي گھٽائڻ لاءِ تاڙي خاني جو رخ ڪيو جيئن ٻه چار گلاس پي ڏک ۽ وسوسن کان آجو ٿي سگھجي. جڏهن تاڙي خاني کان ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي“.
    نجوميءَ سربستو حال ٻڌي هن کي دلداري ڏيندي چيو..
    ”فڪر نه ڪر..... رب پاران هر ڳالهه ۾ چڱائي هوندي آهي“.
    نجوميءَ صليب نما ڪليءَ تان طوطو آڱر تي کڻي لفافن مٿان لاٿو، طوطي چڪر هڻي هڪ لفافو سوري ٻاهر ڪيو. نجوميءَ لفافو کولي رقعو پڙهيو اتي لکيل هيو.
    سڪون،
    سانت ۾ هوندو آهي،
    لوڏن ۾ نه،
    عزت،
    دل ۾ هوندي آهي..
    گوڏن ۾ نه!
    دفتريءَ ٻڌو پر ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي،
    ”جيڪڏهن وضاحت ڪرين ته آساني ٿيندي“. هن چيو.
    نجوميءَ هن کي ڌيرج سان سمجهايو.
    ”تون اجايو پاڻ کي لوڏن ۾ وجهي سڪون تباهه ڪيو آهي. خوداري سٺي ڳالهه آهي پر جڏهن ان کي انا جو مسئلو بڻايو وڃي ته اندرجي ماٺ ختم ٿي وڃي ٿي. پريشانيون پڙپون ٿيون. اها ڳالهه ٺيڪ آهي ته عزت گھربي نه پر ڪئي ويندي آهي. عزت ڪردار جي ترجمان آهي جيڪا پنهنجو پاڻ ٿي ويندي آهي. عزت جي جاءِ دل ۾ آهي گوڏن ۾ نه. جيڪڏهن سربراهه جي اچڻ وقت اٿي بيهندين ته تنهنجا گوڏا گسي ڪونه ويندا. تنهن جي دل ڀل ان جي عزت کان خالي هجي پر جاهل ڏيکاءُ تي خوش ٿئي ٿو. هن کي عزت جي وصف جي خبر نه آهي هو عزت کي ائين سمجهي ٿو جيئن ڪاسائي گوشت ڪٽي تارازي ۾ توري وڪڻندو هجي. جيڪڏهن تنهنجا گوڏا ان جي عزت ڪندا ته اها ان لاءِ عزت نه هوندي. انڪري اٿي بيهڻ سان تنهنجي خوداريءَ تي ڪو اثر نه پوندو. ڪوشش ڪري جڏهن اهو اچي ته اٿي بيهه. تون لوڏن کان بچي ويندي“.
    دفتريءَ کي نجوميءَ جي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ۽ مرڪڻ لڳو. بي چيني گھٽجي وئي جنهن ڪري پاڻ کي پرسڪون محسوس ڪرڻ لڳو. هن ڪجهه سڪا نجوميءَ کي ڏنا ۽ گھر روانو ٿيو.
    صبح سان دفتر وڃي ٽيبل تي پلٿ ماري ويهي رهيو ۽ ڳاڙهي بندي ۾ قلم وجهي پاسي رکي سربراهه جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. سربراهه سرڪاري گاڏيءَ مان لهي عمارت ۾ داخل ٿيو ۽ هن جي ڪمري ٻاهران پهتو. دفتريءَ هن کي ڏسي ادب مان ٽيبل تي اٿي بيهي رهيو ۽ نرڙ تي هٿ رکي سلام ڪيو. سربراهه ٽيبل تي بيٺل دفتريءَ ڏي جيئن ڪنڌ مٿي ڪري نهاريو ته هن جي ٽوپي وڃي هيٺ ڪري، پر هو خوش ٿيو. ڇو جو دفتريءَ کي عقل اچي ويو هيو ۽ هن کي ڏسي اٿي بيٺو هيو. اردليءَ ٽوپي ڇنڊي سربراهه کي ڏني ۽ هو مٿي تي پائي مرڪندو هليو ويو.
    نجوميءَ کي هر لفافي پويان سڀ واقعا ياد هيا. هن کي اهي لفافا ڏاڍا عزيز هيا. زندگيءَ جو عظيم سرمايو هيا. روزگار ۽ وندر جو سامان هيا. بيماريءَ هن کي منجهائي وڌو هيو. هن جي دل اڃان چاهي پئي ته تاڙي خاني ٻاهران وڃي ويهي، ماڻهن جا حال ٻڌي ۽ انهن کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪري پر هن جي هيڻي جسم ۾ اها شڪتي نه بچي هئي.
    هن وقت گذارڻ لاءِ وري هڪ لفافو ڪڍي پڙهيو. هن کي اهو نوجوان ياد آيو جيڪو هڪ فقير جو پٽ هيو. ان جي پيءَ سان ويساهه گھاتي ٿي هئي. ان جو پيءُ ڊگهي ڏاڙهيءَ وارو بزرگ هيو جيڪو مٿي تي اڇي ٽوپي پائيندو هيو ۽ ڪاري سٿڻ تي ميرانجھڙو ڪڙتو اوڍيل هوندو هيو. ان فقير متعلق اهي افواهون هونديون هيون ته ان پيرين پنڌ ست حج ڪيا آهن. هو هر دفعي ٻوري ڀڳڙن جي ڪلهي تي کڻي حج لاءِ نڪرندو هيو ۽ منزلون جهاڳيندو اتي پهچندو هيو. جڏهن ڪجهه سالن کانپوءِ گھر ايندو هيو ۽ ماڻهو هن کي دعا لاءِ چوندا هيا ته جواب ۾ هو چوندو هيو.
    ”الاراضي“
    انڪري هن کي هر ڪو ”الا راضيءَ“ جي نالي سان سڏيندو هيو. هو رات جو ٿالهه کڻي محلي ۾ پنندو هيو. هن کي ڪا روڪ ٽوڪ نه هوندي هئي. هر گھر جو در ٽپي سين هڻڻ بجاءِ وڏي آواز ۾ ڪلمو پڙهندو هيو. گھر ڀاتي سمجهي ويندا هيا ته الاراضي آهي جيڪو خير وٺڻ آيو آهي. ماڻهو ٿال ۾ خيرات ڏيندا هيا، جنهن ۾ چانور، ڀاڄي ۽ مانيون هونديون هيون. هو خيرات وٺي وڏي آواز ۾ چوندو هيو. ”الا راضي“ مائرون خيرات ڏئي ڪڏهن بيمار پيل ٻار کي هن آڏو آڻي چونديون هيون.
    ” ڪاڪا صلوات پڙهي شوڪارو هڻيس ته صحت ياب ٿئي“.
    هو آيت پڙهي چپ گول ڪري ٻار کي منهن تي ڦوڪ ڏيندو هيو ۽ ٻار جون اکيون چپن مان نڪرندڙ هوا ڪري بند ٿي وينديون هيون. انهن ڏينهن شهر جي گھٽين ۾ تيل تي ٻرندڙ فانوس، سار سنڀال نه هجڻ ڪري وسايل هوندا هيا. گھٽين ۾ اوندهه هوندي هئي. ڪتن جا ڏاڙهيل ٻار حڪيم خانن ۾ زخمن تي ساوا مرچ ٻڌي ليٽيل هوندا هيا ۽ پاڻيءَ کان ڇرڪي نيٺ چريا ٿي مري ويندا هيا. رات جو اوندهه ۾ جڏهن ڪتا ڀونڪندا هيا ته الاراضي لڏندڙ ڀاڇي جيان ظاهر ٿيندو هيو ۽ هو بي خوف هلندو گھر گھر وڃي ونڊ وٺندو دير سان جڏهن وڏي ميدان وٽ پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ پهچندو هيو ته هڪ پوڙهي زال ۽ نوجوان پٽ جيڪو بيروزگار هيو اتي انتظار ڪندا هيا. اهي ونڊهان مليل ماني کائي رب جو شڪر ڪندا هيا، پر ڪنهن رات انهن کي نرهه به سمهڻو پوندو هيو. هڪ رات ائين ٿيو جو، الا راضي جڏهن ونڊ وٺي وڃي رهيو هيو ته پاڙي جا ڪجهه ٻار گھٽيءَ ۾ کيڏي رهيا هيا. جڏهن هو انهن وٽان لنگهيو ته هڪ ٻار کي ڪا حرڪت ذهن ۾ آئي. هن گھران ٿالهي کڻي ٻاهر اچي مٽيءَ سان ڀري پوڙهي فقير جي ٿالهه ۾ وڌي.
    ”اچي .......... خير وٽ الاراضي“ ان شرارتيءَ چيو.
    اوندهه ۾ فقير کي ڪجهه نظر نه آيو. ٻار کي دعائون ڏنائين.
    ”الا راضي......... مولا حياتي ڏيئي“ . هن چيو.
    جڏهن ٻيا کلياته هو سمجهي ويو ته ڪاويڌن ٿي آهي. هن ٿالهه مان چانور چکيا ته ان ۾ ڪچ ڪچ محسوس ٿي. هو ڪاوڙجي پيو. ”اڙي ڇورا........ ڪامار پوئي.. ڪاڌوڙ پوئي.. هي ڇا ڪيئي، هاڻي ٻچا ڇا کائيندا؟“ هن چيو.
    پوءِ ڏک ۾ چنگھندو ائين هلڻ لڳو ڄڻ هٿن ۾ ٿالهه نه پر ڪو ٻوجهه جهليل هجي جنهن کي کڻندي ٿڪجي پيو هجي.
    الاراضي ڪڏهن ڪنهن لاءِ برو نه سوچيو.. دل جو صاف ۽ ٿڌي طبيعت جو مالڪ هيو. پاڙي جا ڇوڪرا ڏنگا ۽ گھر کان واندا هيا. اهي اسڪول کان موٽي رات دير تائين گھٽيءَ ۾ ليٿڙيون پائيندا هيا. گھرن ۾ سک جو سامان نه هيو. گرمين ۾ هرڪو گھر کان ٻاهر نڪتل هوندو هيو. ٻار به دير سان رلي گھر موٽندا هيا. هڪ دفعي الاراضيءَ کي ڀريل ٿالهه هٿن ۾ هيو. هو وچ گھٽيءَ ۾ هلندو جڏهن ٻارن وٽ پهتو ته ٻه چار ڇوڪر جيڪي بدمعاش قسم جا هيا، انهن وڃي هن جي ٻانهن ۾ هٿ وڌو. گھٽيءَ ۾ گھڻي اوندهه هئي ڪا شيءِ نظر نه پئي آئي. انهن هن کي چيو.
    ”اچ فقير مائي سڏئي ٿي.... توکي خير ڏيندي“.
    انهن ڏينهن پاڙي ۾ مٺي پاڻيءَ جي لائين وڇائڻ لاءِ کڏا کوٽيل هيا. هڪ کڏو پاڻيءَ سان ڀريل هيو. ڇوڪرن هن کي ٻانهن کان وٺي وڃي پاڻيءَ سان ڀريل کڏي ۾ اڇلايو. هو ڪلهن تائين ٻڏي ويو. چانور، مانيون ۽ ترڪاري گندي پاڻيءَ ۾ ترڻ لڳا. هن رڙيون ڪيون.
    ”اڙي رب خانو خراب ڪريوَ. ڌوڙ پئيوَ. گھوڙا ڙي ٻاهر ڪڍو“.
    پاڙي جا چڱا مڙس گھرن مان نڪتا. پوڙهي کي ٻاهر ڪڍي ڇورن کي ڇنڊ پٽيائون. فقير آلن ڪپڙن ۾ گرمي هوندي به سيءَ ۾ پئي ڏڪيو. ماڻهن هن کي اگھي ٿالهه ۾ ٻيا چانور وجهي گھر روانو ڪيو. هو پوءِ وري دعائون ڏيندو هليو ويو.
    هڪ ڏينهن ان پوڙهي فقير جو پٽ پريشانيءَ جي حالت ۾ تاڙي خاني اندر ويو. ٻه چار گلاس پي پريشاني گھٽائڻ جي ڪوشش ڪيائين. جڏهن ٻاهر نڪتو ته هن جي نظر نجوميءَ تي پئي. نجوميءَ کي ڏسي ان وٽ اچي ويٺو ۽ پنهنجي پريشاني ظاهر ڪيائين.
    ”ڇا تو وٽ هر مسئلي جو حل آهي؟“ ان چيو.
    نجوميءَ نوجوان کي نهاريو ۽ ڏسي ان ڳالهه جو اندازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان فقيراڻي ٻار کي ڪهڙي پريشاني ٿي سگهي ٿي.؟
    ”تون مسئلو ٻڌاءِ... متان ڪو حل نڪري اچي“. نجوميءَ چيو.
    ” ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس منهنجي پوڙهي پيءُ کي پڪڙي جيل ۾ وڌو آهي. هن جو ڪو ڏوهه نه آهي. هو ونڊ وٺندڙ فقير آهي ۽ هن جي چپن تي هر وقت دعائون هونديون آهن. هن جي من ۾ ڪامدائي نه آهي. هو نيڪ مرد عبادتگذار الحاج بزرگ آهي. جيل وڃڻ کانپوءِ ان لاءِ ڪجهه نه ٿو ڪري سگهان. غريب ۽ لاوارث آهيان. نه ڪا ڏيٺ ويٺ آهي نه ڪنهن جو سلامي آهيان. نه مون وٽ پئسا آهن جو ڪيس وڙهي ڇڏائي سگھان. بي گناهه پيءَ زندگيءَ جا پويان ڏينهن جيل اندر عذاب ۾ گذاري رهيو آهي. ان جي معصوميت ۽ بيگناهي کي ڪيئن ثابت ڪريان. ان جي ڪا به مدد نه ٿو ڪري سگهان. مان مجبور ۽ مايوس آهيان“.
    نوجوان چيو ۽ اهو روئڻ لڳو.
    ”تنهنجي پوڙهي پيءُ کان آخر ڪهڙو گناهه ٿيو آهي؟ نجوميءُ پڇيو.
    ” هن جو ڪو ڏوهه نه آهي“ نوجوان چيو، ”ڏوهه ان مائيءَ جو آهي جيڪا محلي ۾ رهي ٿي ۽ پوڙهي جي ٿالهه ۾ ونڊ وڌو“.
    ”ڳالهه کولي ٻڌاءِ جيئن سمجهه ۾ اچي“ نجوميءَ چيو.
    نوجوان هن کي پوري ڳالهه ٻڌائي.
    جن ڏينهن پوڙهو فقير ونڊ وٺندو هيو. هن کي هر گھر جي حيثيت آهر ونڊ ملندو هيو. ڪنهن گھر مان ديسي گيهه ۾ ڀڳل گوشت ملندو هيو ته ڪٿان پاڻيءَ ۾ اٻاريل بي ذائقي ترڪاري. ڪٿان روغني نان ملندو هيو ته ڪٿان سڪل ماني. ڪٿان ڊگهاسين جهڙا چانور ملندا هيا ته ڪٿان پڪل ڏارو. فقير کي جيڪي ملندو هيو ٿالهه ڊگهو ڪري شڪر سان قبول ڪندو هيو. هن وٽ اڻڀي سڻڀي جو ڪو تفاوت نه هيو.


    2

    محلي ۾ هڪ پٺاڻ جي حويلي هئي. جڏهن هندو لڏي ويا ته هن بندوق جي زور تي ڪافي جايون قبضي ڪيون ۽ حويلي ٺهرائي. حويليءَ سامهون هن جو هوٽل هيو، جنهن جي آمدني ايڏي هئي جو هن جا ڪتا به صبح جو بسريون کائيندا هيا. هن وٽ دونالي بندوق هئي جيڪا هر معمولي ڳالهه تي سڌي ڪري بيهي رهندو هيو. سڀ هن کان ڊنل هيا. ان جي وڏي حويليءَ هيٺان هڪ پرديسيءَ ننڍي جاءِ مسواڙ تي ورتي. جاءِ حويليءَ جي تري ۾ هئي ۽ ڪمري جي ڇت کانسواءِ سموري کليل هئي. مٿان حويليءَ جي دريءَ مان هيٺ نظر پوندي هئي. هڪ دفعي پٺاڻ جي نظر پرديسيءَ جي زال تي پئجي وئي جيڪا پڌر ۾ ويٺل هئي. پرديسيءَ جي زال خوبصورت هئي. پٺاڻ کي وڻي وئي ۽ ان تي عاشق ٿي پيو. عورت کي جڏهن اڪيلو ڏسندو هيو ته مٿان بيهي اشارا ڪندو هيو. عورت به پرديسيءَ مان بيزار هئي. پرديسيءَ جي آمدني ايتري نه هئي جو عورت کي خوش رکي سگهي. هڪ ڏينهن عورت به پٺاڻ سان اشارن ۾ ڳالهايو ۽ ملاقات تي راضي ٿي. جڏهن مليا ته پٺاڻ عورت کي شاديءَ لاءِ چيو. عورت هڪدم ها ڪئي. عورت پرديسيءَ کان طلاق ورتي ۽ پٺاڻ سان شادي ڪئي. پرديسي عورت جي بيوفائيءَ تي رنو ۽ ٻه ٻار وٺي هليو ويو. اها عورت پٺاڻ سان حويليءَ ۾ رهڻ لڳي. پٺاڻ کي پهرين زال مان ڪافي ٻار هيا. جڏهن اها عورت پٺاڻ جي حويليءَ ۾ پهتي ته پهريل زال ان کي برداشت نه ڪيو ۽ جهڳڙا شروع ٿي ويا. ٻئي عورتون وڙهي حويلي مٿي تي کڻنديون هيون. پهرين زال ٻئي مان جان ڇڏائڻ لاءِ کاڌي ۾ تعويز ملائڻ شروع ڪيا. اها جڏهن ان جي کاڌي ۾ تعويز ملائيندي هئي ته ٻي زال اک بچائي اهي چانور پوڙهي فقير جي ٿالهه ۾ وجهي ڇڏيندي هئي. پوڙهي فقير کي سڀ کان سٺا چانور اتان ملندا هيا. پوڙهو ونڊ وٺي دعائون ڏيندو هيو.
    ”الاراضي.... خدا خوش رکي“. هو چوندو هيو ۽ پوءِ ڪلمو پڙهندو هليو ويندو هيو.
    پوڙهو فقير ساڳي پاڙي جي هڪ غريب گھر ۾ ويندو هيو ته اتي عورت فقير جي ٿالهه ۾ سٺا چانور ڏسي هرسجي پوندي هئي. اها ونڊ ۾ وڌيڪ چانور ڏئي فقير جي اجازت سان پٺاڻ جي گهر مان مليل چانور ڪڍي وٺندي هئي. جيڪي هن جي پڪل چانورن کان بهتر هوندا هيا. اهي ذائقيدار چانور هن جو پنجن سالن جو ٻار وڏي شوق سان کائيندو هيو. فقير کي ڪو اعتراض نه هوندو هيو ته مائي سٺا چانور ڪڍي اڻڀا ڇوٿي ڏئي. هو ٻار جي خوشيءَ ۾ خوش هوندو هيو.
    ٻنهي عورتن جو جهيڙو وڌندو ويو. وقت سان پٺاڻ جي پهريل زال محسوس ڪيو ته تعويزن جو ڪو اثر نه ٿي رهيو آهي. پٺاڻ جي دل ۾ نفرت بجاءِ ٻي زال سان پيار وڌندو ٿو وڃي. هن سوچيو، بنگالي ڀوپي جا تعويز ڪنهن ڪم جا نه آهن. هڪ ڏينهن ان چانورن ۾ زهر ملائي ننڍي ءَکي ڏنو. ننڍي زال اهو ورائي پوڙهي فقير جي ٿالهه ۾ وڌو ۽ فقير جڏهن غريب عورت جي گھر پهتو ته اهي ساڳيا چانور ٻار کاڌا، جيڪي کائڻ سان تڙپڻ لڳو ۽ ٿڏي تي مري ويو. عورت ٻار جو حشر ڏسي هٿن مان نڪري وئي. هن وار پٽيا ۽ سينو ڪٽڻ شروع ڪيو. ”منهنجي معصوم ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو ان سان اهڙو هاڃو ٿيو“. جڏهن پوليس کي خبر پئي ته پوڙهي فقير کي پڪڙي جيل ۾ بند ڪري ڇڏيو.
    فقير جي پٽ جي ڳالهه ٻڌي، نجومي سوچ ۾ ٻڏي ويو. هن طوطو آڱر تي ويهاري لفافن تي لاهي ڀڳل دال جو داڻو ان جي وات ۾ وڌو. هن جڏهن لفافو کولي پڙهيو ته اتي لکيل هيو.
    ”ڳالهه هجي نه هجي،
    هرو ڀرو جو هل،
    شادي ٿئي شعبان جي،
    موچڙا کائي دهل“.
    اهو پڙهي نجوميءَ نوجوان کي دلداري ڏيندي چيو. ”ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو هڪڙن جو ڪرڻو ٻين کي ڀرڻو پوندو آهي. شادي ڀل شعبان جي ٿئي پر ڌڪ دهل جهليندو آهي. فقير جو ڏوهه نه آهي. اهو ٻين جو ڀوڳي رهيو آهي. اهو سڀ هروڀرو جو هل آهي ڇو جو ڪنهن به ڳالهه جي حقيقت کي نه سمجهيو آهي. ان الزام جو ڪو سبب نه آهي. جڏهن منصفن کي پروڙ پوندي ته فقير رها ٿيندو. تون وڃ چڱائي ٿيڻ واري آهي“.
    نوجوان اکين جا ڳوڙها اگھندي راهي ٿيو.
    جڏهن حقيقت جي خبر پئي ته فقير آزاد ٿي گھر پهتو.
    نجومي ڳالهيون ياد ڪندو ويو ۽ ماضيءَ ۾ کوئجي وقت گذارڻ لڳو. هن وٽ هاڻي ڪو به مشغلو نه بچيو هيو. ماضيءَ کي ياد ڪري اڪثر دکي ٿي ويندو هيو. ماضيءَ ۾ ڀوڳنا ۽ پچتاءُ کانسواءِ ڪجهه نه هوندو آهي. هو اٿيو ۽ ڪمري ۾ پسار ڪرڻ لڳو. پهريون کان ڪمزور ٿي چڪو هيو. هن کي کنگهه جو دورو پيو ۽ هيٺ ويهي رهيو. هن بند ڪمري کي ڏٺو. هن کي ڀتيون پاڻ تي جهڪيل محسوس ٿيون ڄڻ انهن وچ ۾ دفن ٿي چڪو هجي.
    هن ڊگھو ساهه کنيو ۽ وري هڪ لفافو کڻي کولي پڙهيو. هن کي ياد هيو، اهو هڪ ساڌوءَ جي ڀاڳ ۾ نڪتو هيو. ساڌو جنهن کي کُٿل ڏاڙهي هئي. اهو گيڙو ڪپڙا پائي سري گھاٽ وٽ هڪ جهوني بڙهيٺان ويٺل هيو. بڙ پنج سئو سال پراڻو هيو ۽ ان جي ٿلهي ٿڙ ۾ سوين ٿڙ سمائجي ويا هيا. ان جون پاڙون هوا ۾ رسن جيان لڙڪنديون هيون ۽ بڙ جي ڇانو ڌرتي جي وڏي حصي کي تپش کان بچائيندي هئي. ساڌو بڙ هيٺان چيلي سان گڏ ٿلهي تي ويٺل هوندو هيو.
    اهو ساڌوهڪ دفعي ويس بدلائي تاڙي خاني ۾ آيو. ساڌو لڪندو تاڙي خاني ۾ ائين ويو ڄڻ چوري ڪرڻ پئي ويو. هيسيل ۽ ڊنل پئي نظر آيو. اندر وڃي تاڙي پي ٻاهر نڪتو ته نجوميءَ کي ويٺل ڏسي هن وٽ آيو.
    ”مان سري گھاٽ جو ساڌو آهيان“. ان نجوميءَ کي چيو “مون سان هڪ ويڌن آهي“
    نجوميءَ هن کي غور سان ڏٺو. جڏهن ساڌوءَ منهن تان ڪپڙو هٽايو ته هن کي ان جو منهن ڏسي رحم آيو. ان جي منهن تي رهنڊن جا نشان هيا ۽ ڏاڙهي جا وار پٽيل هيا.
    ”توسان اهڙي حالت ڪنهن ڪئي آهي؟“ نجوميءَ پچيو.
    ”مونسان اهو سڀ پوئلڳن ڪيو آهي“. ساڌوءَ جواب ڏنو.
    ”ڇا اڄڪلهه پوئلڳن ساڌن جون ڏاڙهيون پٽڻ شروع ڪيون آهن؟“. نجوميءَ طنز ڪندي چيو.
    ”سمجهه ۾ نه ٿو اچي ڇا چوان“. ساڌوءَ چيو. ”منهنجي پوئلڳن کي ڏاڙهيءَ ۾ ڪو اهڙو چوٽڪارو نظر اچي ويو جو پٽڻ لئي ڪڍ پئجي ويا“.
    ”مان مطلب نه سمجهيو“ نجوميءَ چيو.
    ”ڀڳوان منهنجي ڏاڙهيءَ ۾ اهڙي ڪرامت رکي آهي جو ان جو هر وار مسئلن جو حل ٿي پيو آهي. ماڻهو ڏاڙهيءَ جي ڪڍ آهن. جيڪڏهن انهن سڃاڻي ورتو ته رهيل ڏاڙهيءَ جو به خير نه آهي. مان خوف ۾ ويڙهيل زندگي بسر ڪري رهيو آهيان. خوف کي زائل ڪرڻ لاءِ منهن لڪائي تاڙي خاني ۾ آيس. جيئن ٻه چار ڍڪ پي ذهن هلڪو ڪريان“.
    نجوميءَ کي ڪيترائي سوال ذهن ۾ هيا.
    ”ڳالهه پوري ٻڌاءِ ته قسمت جي طوطي کان لفافو ڪڍائي مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون“. نجوميءَ چيو.
    ساڌوءَ سموري ڳالهه بيان ڪئي.
    اهو سري گھاٽ جو ساڌو جيڪو ڪجهه سالن کان ان بڙ هيٺان دونهي دکائي چيلي سان ويٺل هوندو هيو، ان کي هڪ ڏينهن شيطان من ۾ آيو. سوچيائين ڇو نه ڌن دولت ۽ مال ملڪيت گڏ ڪري عيش ۽ عشرت جي زندگي گذاريان. اهو سوچي ساڌو ۽ چيلو تيار ٿيا ته يوڳ جو کٽيو هن جهان ۾ ئي کائيندا.
    هڪ ڏينهن ساڌو چيلي سان بڙ هيٺان دونهي دکائي ويٺو هيو ته ڪا پوڙهي عورت ان وٽ آئي.
    ”منهنجي گھر ۾ نفرت جي باهه پئي ڀڙڪي“ ان عورت چيو“ گھر جا سڀ ڀاتي هڪ ٻئي کان ناراض آهن ڪو به ڪنهن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي. منهن پري ڪري ويٺو آهي. ٿوري ڳالهه تي وڏو جهيڙو مچي پوي ٿو. ننهن نه ٿي سهي. پٽ بيزار آهي“.
    عورت جون دانهون ٻڌي ساڌو سانت ٿي ويو. اکيون بند ڪري. سوچ ۾ ٻڏي ويو. هن سوچيو ڇو نه ڪو ٽڪو پنجو ڪري عورت کان دان وٺي ڪوزو ڀريان.
    ”مائي تنهنجن سورن جو مدائو مان وٽ آهي“ هن اکيون کوليندي چيو ”جيڪڏهن تون وشواس رکين ٿي ته ضرور سفلتا ماڻينديءَ.“. پوءِ ساڌوءَ ڊگھي ڏاڙهيءَ جو وار پٽي مائيءَ کي ڏنو. ”هيءَ وٺ“ هن چيو ”رنڌڻي ٻاهران ڀت جي ڪنهن سوراخ ۾ وجھي ڇڏ. ڀڳوان چاهيو ته ڀلو ٿيندو“.
    مائيءَ ٻئي هٿ ڊگھا ڪري وار ورتو ۽ چمي ويڙهي رئي جي ڪنڊ سان ٻڌي ڇڏيو. مائيءَ ان عيوض ساڌوءَ کي چڱو دان ڏنو. هن قبول ڪري ٽڪر جي ڪوزي ۾ وجهي ڇڏيو ۽ پلٿ ماري ويهي رهيو. هڪ ٻيو سوالي هن وٽ آيو ۽ هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪيائين.
    ”سائين سال ٿيو گھر واري جهان مان لاڏاڻو ڪري موڪلائي وئي. دنيا ۾ ڪو به سار سنڀال وارو نه بچيو. هڪ پٽ آهي جيڪو بي چيو ۽ بي حياءُ آهي. اهو شاديءَ کانپوءِ ڳالهائڻ پسند نه ٿو ڪري. سموري دولت ان حوالي ڪئي ۽ هاڻي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. جيئن زال چويس ٿي تيئن ڪري ٿو. ڪو اهڙو ڏس ڏيو پٽ ويجهو اچي ۽ پيريءَ ۾ ٿورو خيال ڪري“.
    ساڌوءَ ڳالهه ٻڌي اکيون بند ڪيون سوچيو. مڙس امير آهي، وڏو دان ملندو. پوءِ هن اکيون کوليون.
    ”مون وٽ ان مسئلي جو حل آهي“ ساڌوءَ چيو ” جيڪڏهن تنهنجو عقيدو سچو آهي ته پٽ کي قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندين“. ساڌوءَ سٽ ڏئي وار پٽي سائل کي ڏنو.
    ”هي وٺ ويڙهي ان ڪٻٽ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ رکجانءِ جنهن ۾ تنهنجو پٽ ۽ ننهن ڪپڙا رکندا آهن. ائين ڪرڻ سان انهن جي دل ۾ تولاءِ ديا ٿيندي ۽ توکي ويجهو رکندا“.
    ان ساڌوءَ کان وار وٺي ويڙهي مٺ ۾ ائين جهليو جيئن کيس خزانو ملي ويو هجي. هن کيسي ۾ هٿ وجهي چڱا ڏوڪڙ ساڌوءَ کي ڏنا جيڪي هن وٺي ڪوزي ۾ وجهي ڇڏيا.
    گھڙي گذري ته ڪا اڌ عمر جي ٿلهي عورت آئي ۽ ادب مان هٿ جوڙي هن آڏو ويٺي.
    ”منهنجيون ڌيئر جو ان ٿي ويون آهن“ ان چيو ”انهن لاءِ رشتا آيا پر ماڻهون مزي جا نه هيا. ڪا اهڙي دعا ڪر جو پنهنجي جوڙ جا ملي پون. منهنجون ڌيئر لکيل پڙهيل آهن. شل اهڙا رشتا ملن جو من جو مونجھارو گھٽجي ۽ سڪون جو ساهه کڻان“.
    ساڌو وري ڊگھو ساهه کڻي سانت ٿي اکيون بند ڪري گيان ۾ گم ٿي ويو. هن سوچيو. لکيل پڙهيل پئسي واري ڪٽنب جي آهي. ضرور دان ايڏو ڏيندي.
    ”مائي مان مسئلي جو حل ڳولهي لڌو آهي. فڪر نه ڪر. تنهنجي نياڻين لاءِ سٺا ور در تي پاڻ ئي پهچي ويندا“. ساڌوءَ چيو ۽ سٽ ڏئي ڏاڙهيءَ جو وار پٽي هن حوالي ڪيو.
    ”هي وٺ ان کي ويڙهي گھر ٻاهران چانٺ وٽ پوري ڇڏجانءِ وارا نيارا ٿيندا ۽ نياڻين جا ڀاڳ کلندا“.
    مائيءَ وار ورتو ۽ چمي، چيچ مان سوني منڊي لاهي ساڌوءَ کي ڏني. ساڌوءَ منڊي وٺي ڪوزي ۾ وجھي ڇڏي.
    هن وٽ وري هڪ شخص آيو ۽ هٿ ادب جا ٻڌي چيائين.
    ”سائين ساڌو صاحب منهنجي زال بخيل آهي. مون هن جي منهن تي ڪڏهن مرڪ نه ڏٺي. سدائين جهيڙي لاءِ تيار هوندي آهي. نياڻي ۽ پٽ جو اولاد آهي. هن کي ڇڏڻ نه ٿو چاهيان. اهڙو ڏس ڏي جو ناچاڪي دور ٿئي ۽ خوش گذاري سگھون“.
    ساڌوءَ سٽ ڏئي وري وار پٽي ان حوالي ڪيو ۽ دلجاءِ ڏني ته اهو ويڙهي قميص جي کيسي ۾ رکي، ان جي ڪرامت سان زال سندس قدمن ۾ ڪري پوندي. ان عزت سان وار ورتو ۽ دان ڏئي هليو ويو. ساڌوءَ جي ڏاڙهيءَ جو وار ايڏو مشهور ٿيو جو پري پري کان ماڻهو اچڻ لڳا ۽ وار هٿ ڪرڻ لاءِ هٿ ٻڌي بيهي رهيا. ساڌو هر سائل کي وار پٽي ڏيندو هيو ۽ چڱو ڌن ڪٺو ٿي ويو. شهر جا امير غريب هن وٽ اچڻ لڳا ۽ من جي مراد ماڻڻ لاءِ چوڌاري ڪٺا ٿي ويا. شهر جا ڪامورا ساڌوءَ کي سڻڀي ڪرسي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏاڙهيءِ جي وار جي فرمائش ڪندا هيا. اتي شهر جا ٺيڪيدار ڪٺا ٿي ٺيڪا حاصل ڪرڻ لاءِ ساڌوءَ کي چوندا هيا. ڪڏهن ڪو سياستدان اچي ويندو هيو، جيڪو چونڊن ۾ ڪاميابيءَ لئي عرض ڪندو هيو. اهڙو وقت به آيو جو ساڌوءَ ڌن ته ڪٺو ڪيو پر ڏاڙهيءَ جا وار کٽي ويا. سوين سائل بڙ چوڌاري ويٺل هوندا هيا ۽ هر ڪنهن جي ڪوشش هوندي هئي ته ساڌو ڏاڙهي جو وار پٽي ڏي. ساڌوءَ لاءِ اها ڳالهه ممڪن نه هئي. نوان وار اچڻ ۾ وقت لڳندو هيو. پر ماڻهن جو عقيدو اهڙو ويهجي ويو جو ڏاڙهيءَ جي وار تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار نه هيا. ساڌو دونهي وسائي سوير سمهي پوندو هيو. ماڻهو به اتي سمهي صبح جو انتظار ڪندا هيا. ساڌوءَ چوڌاري هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويا.
    تڪ جو مشهور ڌاڙيل به ويس بدلائي ڪجهه ساٿين سان گڏ اتي اچي ويٺو. اهو حياتيءَ لاءِ فڪرمند هيو، سندس من ۾ عقيدو ويهجي ويو هيو ته جي ڏاڙهيءَ جو وار ملي پوي ته پوليس مقابلي کان محفوظ رهندو ۽ کيس حياتيءَ کي جوکو نه رسندو. هن کي ساٿين جي زندگي به عزيز هئي ۽ سوچيائين جيڪڏهن ڏاڙهيءَ جا وار ڪجهه وڌيڪ ملي پون ته ٽولو سلامت ٿي ويندو ۽ لوڏو نه ايندو. ڌاڙيل ساڌوءَ چوڌاري هزارين ماڻهو ڏسي پريشان ٿي ويو. سوچڻ لڳو ساڌوءَ سامهون وڃڻ ۾ ته ورهه لڳي ويندا. اهو سوچي رات جو انتظار ڪرڻ لڳو. جڏهن ساڌو سوير دونهي وسائي ستو ته اڌ رات جو اٿي ڌاڙيل ساٿين کي ساڻ ڪري وڃي هن مٿان بيٺو. ساٿين ساڌوءَ کي جهليو. ڌاڙيل هٿ وجهي هن جا ڪافي وار پٽي ورتا. ساڌو ڦتڪيو، ڪنجهيو ڪجهه رانڀوٽن جا نشان پئجي ويس. ڌاريل وار ويڙهي سوگھا ڪيا ۽ ان کان اڳ جو ٻيا جاڳن ۽ گوڙ وڌي ساٿين کي ساڻ ڪري هليو ويو.
    ساڌو اهڙي جٺ تي رنو ۽ رڙيو. ڪجهه وار بچائي، سوير منهن تي ڪپڙو ڏئي وٺي ڀڳو. هجوم ۾ چئمگيون پئجي ويون.
    “بابا ڪاڏي ويو ساڌو“ ڪنهن چيلي کان پڇيو ” اسان هت درشن لاءِ ٿا ٿاٻا کائون ۽ نظر ئي نه ٿو اچي“.
    چيلي ٻيو ڪو رستو نه ڏسي ماڻهن کي دلداري ڏئي ٿڌو ڪيو. کيس خبر هئي جي هن اهو ٻڌايو ته ساڌو ڪنهن هنڌ لڪو آهي ته ماڻهو هن کي ماري وجھندا. اهي ڪيترن ڏينهن کان ترسيل هيا ۽ واري جا منتظر هيا.
    ”ساڌو ست ڪوهه پري هڪ سماڌي ۾ ويٺل آهي“. هن ڪوڙ ڳالهائيندي چيو ” هن جي ڪوشش آهي ته بڙ چوڌاري ويٺل ياترين لاءِ اجتماعي دعا گھري. ساڌو خير انديش آهي. توهان جوئي ڪم ڪري رهيو آهي. جيئن موٽيو ته درشن ڪرائيندو. توهان کي اجازت آهي ڀل جيڪي وڃن جيڪي ويهن“.
    چيلي جي ڳالهه تي يقين ڪري اتي ويهي سڀ ساڌوءَ جو انتظار ڪرڻ لڳا. ساڌو جڏهن ڀڳو ته پريشاني گھٽائڻ لاءِ هن تاڙي خاني جو رخ ڪيو. هن تاڙي پي ڪجهه سڪون ماڻيو ۽ ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي.
    نجوميءَ جڏهن ساڌوءَ جو قصو ٻڌو ته طوطي کي آڱر تي کڻي لفافن مٿان لاٿو طوطي هڪ لفافو ڪڍيو. ان جي رقعي تي لکيل هيو.
    ڪوئن جي ڀيڙ،
    پئي لتاڙجي،
    پيرن ۾
    هڪڙي هريڙ.
    ساڌوءَ جڏهن سوچيو ته وڌيڪ پريشان ٿي ويو.
    ”پريشانيءَ جي ڳالهه نه آهي“ نجوميءَ چيو ”ڳالهه ظاهر ۽ آسان آهي. ڪنهن ڪوئي هريڙ لڌي ۽ پنساري ٿي ويٺو. ان هڪڙي هريڙ تي ڪيترا ڪوئا حڪيم ٿي ويا. حڪمت هريڙ جي محتاج نه هوندي آهي. حڪمت جو دائرو وسيع آهي. ڪوئن کي ڪير سمجهائي ته هڪڙي هريڙ سڀ مرضن جو علاج نه آهي. دراصل عقيدو هريڙ جيان آهي ۽ سڀ ڪوئا هريڙ ۾ ڦاٿل آهن. اها تنهنجي ڏاڙهي جي وارن جي ڪرامت نه آهي پر ڪوڙي عقيدي جي ڪرتا آهي. ڪوڙ جو ڄار سگھارو آهي، ماڻهو ڦاسندي دير ئي نه ٿا ڪن. انهن جا رستا وهمن جي کاهين تي کٽن ٿا. تون اجايو پريشان ٿيو آهين. خوامخواهه ٿو ڏاڙهي پٽرائين“ پوءِ نجوميءَ هن جي ڪن وٽ اچي راز مان چيو.
    ”اڄ کانپوءِ ڏاڙهي بچاءِ. وار پٽي پاڻ کي ناس نه ڪر. سامهون روڊ جي ٻئي پاسي هادن جي هٽ تان ڏهين آني جي ڏاڙهي ملندئي. اها وٺي پائي سائلن جي سامهون وڃي ويهندين ته به اوترائي پئسا ڪمائيندي جيترا پهريون ڪمايا اٿئي“.
    ساڌوءَ کي نجوميءَ جي صلاح وڻي. هو هادن جي هٽ تي ويو ۽ ڏهين آني جي ڏاڙهي وٺي پائي ماڻهن سامهون ويٺو. هن کي ڏسي ماڻهن شڪر جا شوڪارا ڀريا ۽ ادب مان اٿي استقبال ڪيو.
    نجومي ساڌوءَ جو قصو ياد ڪري مرڪيو ۽ وقت گذارڻ لاءِ وري هڪ لفافو کولي پڙهيو. رقعو پڙهي هن کي شهر جو اهو اديب ياد آيو جيڪو ڪڏهن تاڙي خاني ۾ آيو هيو ۽ جڏهن ٻاهر نڪتو ته هن سان ملاقات ٿي هئي. اهو اديب پريشانيءَ ۾ ائين ويڙهيل هيو جيئن هڪ هنڌ ساڪت ٿي ويو هجي ۽ ڪوريئڙو ان مٿان ڄارا اڻي ويو هجي. ان جي جسم تي سوچن جا زنجير لڙڪي رهيا هيا. اهو ايڏو منجهيل هيو جو هن کي ان جو حل ڪٿي نه سجهي رهيو هيو. تاريخ فلسفو ۽ ادب ان لاءِ بي معنا بنجي چڪا هيا. هن لاءِ ڪوڙ ۽ سچ ۾ ڪو تفاوت نه رهيو هيو. هن وٽ حقيقت جو عڪس غير واضع ٿي چڪو هيو. اهو تاڙي خاني مان نڪري ٿيڙ کائيندو نجوميءَ وٽ آيو ۽ سوال ڪيائين.
    ”ڇا انسان قسمت جو غلام آهي؟..... ڇا ايڏو بيوس آهي جو لڪيرن جي راند ۾ وجود وڃائي ويٺو آهي؟ ڇا تون ٻڌائي سگھندين سچ ڇا آهي؟ حقيقت ڪهڙي آهي؟“
    نجوميءَ اديب کي ڏٺو ۽ پهريون ڀيرو محسوس ڪيو، هن جو واسطو هڪ مختلف ماڻهوءَ سان پيو آهي.
    ”اچ ويهه ته ٿورو بحث ڪري ڳالهه سلجھائڻ جي ڪوشش ڪريون“ نجوميءَ سري هن کي جاءِ ڏيندي چيو.
    ”ڇا بحث سان ڳالهيون سلجهائي سگھجن ٿيون“. اديب ڀرسان ويهندي ڳالهه جاري رکندي چيو “. ڇا بحث مونجهارن جو حل آهي؟ ڇا اسان علم جي ان حد کي ڇهيو آهي جو بحث ڪري مقصد حاصل ڪري وٺون؟” نجومي منجھي پيو. هن جو واسطي عام انسان سان نه پر وقت جي وڏي ماڻهوءَ سان پيو هيو.
    ”مان گھٽ پڙهيل ٿوري علم وارو شخص آهيان“ نجوميءَ چيو” انهن سوالن جا جواب مون وٽ نه آهن. آخرتوهان جي پريشانيءَ جو سبب ڪهڙو آهي؟”
    اديب ٿڌو ساهه کنيو.
    ”منهنجي پريشانيءَ جو سبب منهنجون سوچون آهن“ هن چيو ”منهنجون سڀ سوچون بي معنا ٿي پيون آهن. منهنجي هر سٽ بي مقصد ٿي وئي آهي. سڀ ڪوڙ ۾ بدلجي چڪو آهي. حقيقت ڌنڌلي ۽ غير واضع آهي. قلم تي ڪو اعتبار نه رهيو آهي. جڏهن لکندو آهيان ته ڪمري جي سامهون ڀت مان ڪتو نڪري هر لفظ تي ڏاڙهيندو آهي. جيئن مان چور هجان، ڪوڙو هجان، منافق هجان ۽ مشرڪ هجان. ان ڪتي جي ڀونڪ منهنجي مغز جي پردن سان ٽڪرائجي پڙاڏا ڪندي آهي. مان ڏوهه جي احساس ۾ وڪوڙجي ويندو آهيان. جڏهن پنهنجا لکيل لفظ پڙهندو آهيان ته ڪوڙ لٻاڙ ۽ لفاظيءَ کانسواءِ ڪجهه نظر نه ايندو آهي. مان لکڻ جي قابل نه رهيو آهيان. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا لکان؟ ڇهه مهينا اڳ هڪ پبلشر کان بيانو وٺي چڪو آهيان پر ڪتاب لکي هن حوالي نه ڪري سگهيو آهيان. ان کي ڪهڙو جواب ڏيندس؟“
    نجوميءَ جي اکين ۾ سوين سوال هيا جن جو جواب پڇڻ پئي چاهيو. ”پوري ڳالهه ٻڌاءِ ته مسئلي جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشس ڪريون“. هن چيو اديب هن کي پوري ڳالهه ٻڌائي.
    اهو اديب هڪ ناول نگار هيو. جڏهن لکندو هيو ته سندس سامهون واري ڀت مان هڪ ڪتو نڪري ڄڀ لڙڪائي ڀرسان ويهندو هيو. اديب ڄڻ پنن تي ليڪون پائيندو هيو ۽ ليڪون ٽٽي لفظن ۾ تبديل ٿي وينديون هيون. ڪڏهن لفظ ڄڻ اديب جي ٽيبل تي رکيل هوندا هيا ۽ هٿ سان کڻندو انهن کي پنن تي ترتيب ڏيندو هيو. ڀرسان ويٺل ڪتو هر لفظ تي خوش ٿي هن جا هٿ چٽيندو هيو ۽ پير چمي ڪنڌرکي پڇ لوڏيندو هيو. لفظ هن جا غلام هيا ۽ ڪارن حبشين جيان هٿ ٻڌي هن آڏو بيٺل هوندا هيا. هو انهن کي سڏ ڪري ڄڻ ڪاغذ جي اڏيءَ تي ڪنڌ رکائي قلم سان قتل ڪندو هيو. هن وٽ سوچن جا طوفان هيا جن ۾ لفظ مٽيءَ جي ذرن جيان اڏامندا هيا. هو سٽن ۾ بيٺل لفظن جو سپهه سالار هيو ۽ پوري فوج هن جي هڪ اشاري جي منتظر هئي.
    هن ڪيترا ناول لکيا ۽ هر ناول پويان هن جي عظمت جو مينار وڌندو پئي ويو. پبلشر اڳواٽ بيانو ڏيندا هيا ۽ هو ناول پورو ڪري انهن حوالي ڪندو هيو.
    ڪجهه وقت کان لفظ هن آڏو باغين جيان بيهجي ويا. هو جڏهن انهن جي ويڻين جي هٿ وجهندو هيو ته اهي زرخريد نقاب پاتل سرڪش ٻانهيءَ جيان پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندا هيا. هو لفظن سان زوري ڪندو هيو ۽ سندس ڀڪ ۾ ويٺل ڪتو هن تي ڀونڪڻ لڳندو هيو. هن سوچيو، ڇو نه اهڙو ناول لکان جيڪو يادگار هجي. جنهن ۾ مٽيءَ جي خوشبوءِ هجي. ڌرتيءَ سان لاڳاپيل مسئلا هجن. ان جا ڪردار امن، جنگ، نفرت ۽ پيار جي اوڙاهه مان نڪري منزل تي پهچن. ان ۾ اهو واضع ڪيو وڃي ته فلسفو سائنس ۽ سياست ڪهڙي طريقي انساني زندگي تي اثر انداز ٿين ٿا. نا انصافين ۽ ظلم مان ڪيئن نجات حاصل ڪري سگھجي ٿي. اهو سوچي هن قلم کنيو ۽ لکڻ شروع ڪيو. هو لکندو ويو ۽ لفظ ڊگهي قطار ۾ مينهن وسڻ کان اڳ پنا هگاهه طرف وڌندڙ جيتامڙن جيان هلندا ڪاغذن ۾ جذب ٿيندا ويا. هن جي ناول جا ڪردار رت جي ڏٻڻ مان نڪري تلوارون هٿن ۾ کڻي نروار ٿيا. اهي ڌرتيءَ لئي وڍجي مئا، انهن نفرت جي باهه کي پيار سان ساڙيو. انهن امن ۽ محبت جو پيغام ڏنو. نفرت ۽ ناانصافي ختم ڪري سچ ۽ ڪوڙ جو مطلب سمجهايو. انهن ٻڌايو ته عقيدي ۽ مذهب جو فلسفو اندر کي مضبوط بنائي ٿو. سياسي ۽ سائنسي بنيادن تي ماڻهن جا مسئلا حل ڪري انهن کي نجات ڏياري سگھجي ٿي. غلامي جي زندگيءِ کان موت بهتر آهي. انساني آزادي هن جو بنيادي حق آهي. هو وڏي جوش ۽ جذبي سان ڪاغذن تي ڪردارن کي چٽيندو ويو ۽ هن ناول جا سوين صفحا مڪمل ڪري هڪ فائيل ۾ وجهي تيار ڪري رکي ڇڏيا.
    ڪيترائي ڏينهن ۽ راتيون مسلسل لکڻ ڪري هو ٿڪجي پيو. هن جون آڱريون ڏڪڻ لڳيون ۽ جڏهن هن کي بک محسوس ٿي ته رس مان ٻوڙيل گرهه هن جي آڱرين ۾ ائين ڏڪڻ لڳو جيئن تاريخ جي وجود مان پٽيل ٻوٽيءَ منهنجان رت ڇڻندو هجي. هن جي سوچن جو ڪتو سامهون ڀت ۾ سهڪي ڄڀ لڙڪائي هن طرف نهاريندو رهيو. هن محسوس ڪيو ڪتو هن مان خوش نه آهي. ان جي اکين ۾ اوپرائپ آهي. ان جي انداز ۾ ڪٿي به وفاداريءَ جي جهلڪ نه آهي. هن ٻئي هٿ مٿي کي ڏنا ۽ ٽيبل تي ٺوٺيون رکي خيالن ۾ گم ٿي ويو. هن محسوس ڪيو، سوچون تاريخ جي اونداهين گھٽين ۾ رولو ڪتي جيان آهن. رولو ڪتي جو ڪو مالڪ نه هوندو آهي. جتي ملندو اتي وات وجهندو. چانڊوڪيءَ بنا اوندهه ۽ رستن جا پٿر ڀل ستارن جيئن چمڪندا هجن پر انهن سان منزل ڳولهڻ آسان نه آهي. هو ناول جي لکيل صفحن تي ڦهليل ڪردارن کي ائين محسوس ڪرڻ لڳو جيئن ٻريل ٽانڊن جي رک هجي جيڪا واءُ لڳڻ سان وکرجندي هجي. هو مايوس ٿي ويو ۽ پاڻ کي ڍلو ڇڏي ڏنو. هن جي اک لڳي وئي. جڏهن جاڳيو ته محسوس ڪيو. هن جي وجود کي ويڙهيل مايوسيءَ جي ول ڪٽ چڙهيل زنجير جيان ٽٽي هن جي قدمن ۾ ڪريل آهي. هن کي اهو ناول جلد مڪمل ڪري ڏيڻو هيو. ان کي پڙهڻ شروع ڪيو ته سامهون ڀت مان ڪتو نڪري هن جي هر لفظ تي ڏاڙهڻ لڳو. هو پڙهندو ويو ۽ ڪتي جي ڏاڙهڻ جو آواز هن جي دماغ جي پردن سان ٽڪرائجي پڙاڏا ڪرڻ لڳو. هن محسوس ڪيو ڪٿي به ٻولي درست نه آهي. انسان سوچن جي بند ٿيل پڃري ۾ طوطي جيان آهي. لفظن جي مفهوم جي خبر ڪنهن کي نه آهي. هن ناول جا ڪيترائي لفظ لڪيرون ڏئي ڪٽي ڇڏيا. هن سوچيو سچ ڪوڙ ظلم ۽ نا انصافين جي حقيقت ڇا آهي. اڄ جو سچ سڀاڻي جو ڪوڙ آهي. بقا جي جدوجهد ۽ جيئري رهڻ جي خواهش ظالم کي مظلوم ۽ مظلوم کي ظالم بنائي ٿي. هڪڙن لاءِ ناانصافي سڀ کان وڏو انصاف آهي ۽ ٻين لاءِ انصاف سڀ کان وڏي ناانصافي آهي. هو سوچيندو ويو ۽ محسوس ڪندو ويو هن ناول ۾ حقيقت کي پيش نه ڪيو آهي. اهو سوچي هن ناول جا ڪيترائي صفحا لڪيرون ڏئي ڪٽي ڇڏيا. هو ناول پڙهندو ويو ۽ هن کي ان جي هر سٽ ۾ ڪوتاهيون نظر اينديون ويون. هن مذهب، عقيدي ۽ فلسفي تي سوچيو. هن محسوس ڪيو ته عقيدو ۽ مذهب اهڙي پناهه گاهه جيان آهن جن جي ڇت ٿوري مينهن وسڻ سان ٽمڻ لڳي ٿي. فلسفو ذهني خلفشار آهي جيڪو انسان کي مهذب بنائڻ جي ناڪام ڪوششش ڪري ٿو. آزادي ۽ غلامي انسان جون ذاتي سوچون آهن. هو غلامين ۾ آزادي محسوس ڪري ٿو ۽ آزاد رهي غلام رهي ٿو. حقيقت لا حاصل آهي جيسين انت جي خبر پوي تيسين ڪا به شيءِ مڪمل نه آهي. ڪائنات جي انت تائين انسان انجام کي ڪڏهن رسي نه سگھندو، انڪري تجربي ۽ تاريخ جي اوندهه ۾ جيڪا راهه ڳولهي لهندو ان کي سچ سمجهندو، ان کي سائنس ڪوٺيندو. هو نظريا تخليق ڪري سياست ڪندو ۽ انساني آزاديءَ جو نعرو هڻي ان کي گمراهه ڪندو، هُو سوچيندو ويو ۽ لکيل ناول جا جملا قلم سان لڪيرون ڏئي ڪٽيندو ويو. هن سامهون ڪتو مسلسل ڀونڪندو رهيو. هن نظرون کڻي ان جي اکين ۾ نهاريو. هن کي ڪتي جي ڀونڪ دنيا جي سڀ کان وڏي حقيقت محسوس ٿي. هن کي لڳو، اها نه پيار آهي، نه امن، نه انصاف آهي. ان ۾ غلامي سمايل نه آهي پر آزاديءَ جو احساس آهي جيڪو عقيدن ناانصافين نابرابرين ۽ ظلم خلاف بغاوت جو اعلان ڪري ٿو. هن پاڻ کي ڪتي کان بدتر محسوس ڪيو ۽ سوچيو جيڪر تاريخ جي گم نام انڌيرن رستن تي ڪتي جيان گھمي ڀونڪي سگھجي ها. هن جي ڀونڪ مظلومن جو آواز بنجي ظالم جي ضمير جي ننڊ ڦٽائي ها. هن کي پنهنجي لکيل ناول ۾ ڪٿي به سچ ۽ حقيقت نظر نه آئي. هو نه اتي انسانذات جي تشريح ڪري سگهيو هيو نه قوم جي وصف بيان ڪري سگهيو هيو. هو نه ظالم ۽ فاتح ۾ تفاوت ڪري سگهيو هيو ۽ نه جوڌي ۽ قاتل ۾ هن جي لکيل لفظن ۾ پيار بي معنا ٿي چڪو هيو. اتي نفرتون دنيا جي سڀ کان وڏي حقيقت ۾ تبديل ٿي چڪيون هيون. اتي ڪيل گناهه سڀ کان وڏا ثواب هيا ۽ عقيدن جي ڄار ۾ وچڙيل ماڻهو پاڻيءَ بنا مڇين جيان ڦتڪي رهيا هيا. هو پڙهندو ويو ۽ قلم سان لفظن جون قطارون قتل ڪندو مٽائيندو ويو. هو لکيل ناول جي ڪنهن به سٽ مان مطمعن نه هيو. هن کي اتي هر شيءِ فضول ۽ بي معنا نظر آئي.
    هن پاڻ کي لفظن جو جادوگر محسوس ڪيو، جيئن لفظ ڪوٽ جي کيسي ۾ پيل هجن جن کي هو هٿ جي صفائيءَ سان استعمال ڪري معمو حل ڪندو هجي. هن کي هر شيءِ لفاظي ۽ گوڙ جيان ٻڌڻ ۾ آئي. ناول جا سڀ ڪردار بي وقوف ۽ بي عمل نظر آيا. هو لکيل ناول جي هر سٽ لڪيرون ڦيري ڪٽيندو ويو ۽ پاڻ کي مايوسين جي انڌيرن ۾ محسوس ڪيو. هن جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون. من جي پيڙا کي گھٽائڻ لاءِ هن تاڙي خاني جو رخ ڪيو، جڏهن ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي.
    نجوميءَ هن جي آنڌ مانڌ کي محسوس ڪيو. هن طوطو کڻي لفافن تي لاٿو. طوطي هڪ لفافو سوري ٻاهر ڪڍيو. هن جڏهن لفافو کولي پڙهيو ته اتي لکيل هيو.
    ”توکي خبر آهي!
    ته ڇا
    اکر، لفظ،
    زير ۽ زبر آهي؟
    سمجهه!
    بي خبري
    وڏي خبر آهي“.
    هن پڙهيو ۽ پوءِ اديب ڏي ڏٺو. اديب رقعي جي هر سٽ کي سمجهي چڪو هيو. هن اهو سوچي ناسمجهيءَ جو اظهار ڪيو جيئن نجومي ان جي وضاحت ڪري ته ڪي نوان نقطا سامهون اچن.
    نجوميءَ رقعي جو مطلب واضع ڪندي چيو.
    ”جيڪي بي خبر آهن سي سڪون ۾ آهن. جنهن ڄاتو سو ڦاٿو. ڏاهپ پريشانين جو سبب آهي. جنهن سوچيو تنهن لوچيو. جنهن ولوڙيو تنهن ٻوڙيو. سوچون انسان کي مونجهارن کانسواءِ ڇا ڏئي سگھيون آهن؟ بي خبريءَ ۾ موج آهي. اڻ ڄاڻائيءَ ۾ مزو آهي. دنيا ۾ جانور انسانن کان خوش آهن. گلن مٿان ڦيرا ڏيندي پوپٽ جي بي خوديءَ جا چار ڏينهن انسان جي سالن تي محيط زندگيءَ کان بهتر آهن. اسين فطرت جا تراشيل بت آهيون. اسان جي بناوٽ جي ڦير گھير فطرت جي محتاج آهي. اسانجي پهچ ٻانهن جي پکيڙ تائين به نه آهي. شيون تنهنجي ڀاڪر مان کسجي وينديون. نقطا لفظ زيرون، زبرون بي معنا آهن. لفظ آسمان جا اجها مندڙ ۽ ٻرندڙ ستارا آهن. لفظ روز معنائون بدلائين ٿا. لفظ بي وس آهن. رحم ۽ ڪرم تي آهن. حال ئي حقيقت آهي. جيڪي وهي ٿو تنهن مان ڍڪ ڀرڻ ئي شفا آهي. جيڪي وهي چڪو آهي. جيڪي وهندو اهو لا حاصل آهي. سوچن جو نه هجڻ عقل جي معراج آهي. لفظن جو بي معنا ٿيڻ حقيقت آهي. تنهنجين سوچن توکي ڳولهي لڌو. جڏهن سچ ڪوڙ محسوس ٿئي ته اهوئي وڏو سچ آهي. جڏهن لکڻ لاءِ لفظ نه بچن ته لکڻ جي انتها آهي. تنهنجي مايوسيءَ جو سبب منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي. تون جيڪي ڪيو صحيح ڪيو. جڏهن پبلشر اچي ته جيڪي آهي پيش ڪجانءِ. تون جيئن سمجهيو تيئن لکيو ۽ مٽائي ڇڏيو. اميد ته هو قبول ڪندو ۽ رضا تي راضي رهندو“.
    نجوميءَ جي وضاحت ٻڌي اديب خوش ٿيو. هن ڪجهه سڪا ڪڍي هن حوالي ڪيا ۽ روانو ٿي ويو.
    پبلشر هن وٽ آيو ۽ هن لکيل ناول ان حوالي ڪيو. اهو ”گھڻو ڪجهه“ جي عنوان سان شايع ٿيو ۽ ان اندر سڀ ڪاغذ ڪورا هيا. ان ناول جون ڪئي ڪاپيون وڪاميون ۽ نقادن ان کي منفرد ڪتاب قرار ڏئي ساراهيو.


    3

    نجوميءَ سوچيو، زندگي به ائين ئي آهي جنهن جا ورق وقت سان ڪورا ٿيندا وڃن ٿا ۽ هڪ ڏينهن ان جا لفظ حياتيءَ جي ڏينهن جيان ختم ٿي ويندا، اتي خاموشيءَ کانسواءِ ڪجهه نه هوندو. هن وٽ به زندگيءَ جا ٿورا ڏينهن ڪجهه لفظن جيان آهن. هڪ ڏينهن دنيا مان روانو ٿي ويندو. اهو سوچي هن تي مايوسي طاري ٿي وئي ۽ وقت گذارڻ لاءِ هڪ لفافو کڻي کولي پڙهيو. ان جو رقعو پڙهي نرڙ تي هٿ ڦيري زخم جي ان نشان کي ڇهي محسوس ڪيو جيڪو هڪ پٿر لڳڻ ڪري پئجي ويو هيو. هن جي نرڙ مان رت ڦوهاري جيان وهيو هيو ۽ منهن وهندڙ رت ڪري آلو ٿي ويو هيو. ان لفافي جي رقعي تي لکيل لفظن پويان هڪ المناڪ ڪهاڻي لڪيل هئي. هن کي اهو واقعو ياد هيو جڏهن تاڙي خاني ٻاهران ويٺل هيو ۽ هڪ ديوان جنهن جو نالو نارائڻ داس هيو تاڙي خاني مان ٿيڙ کائيندو ٻاهر نڪتو هيو. اهي اونهاري جا ڏينهن هيا ۽ رات جو وقت هيو سڄي ڏينهن جي تپش کانپوءِ سنڌوءَ کان هير شهر جي گھٽين ۾ ڇير پائي هلي رهي هئي. مڌر خوشبوءِ هوا ۾ سمايل هئي ۽ نم جو ٻور پئي ڇڻيو. نارائڻ داس کي وڪڙ ڌنل ڍلي ڌوتي ٻڌل هئي ۽ سنهي ململ جي چولي هيٺان گنجي پئي ظاهر ٿئي.
    نارائڻ داس ڪاڻو هيو. انڪري هن کي اک مٿان چمڙي جو پوش پاتل هوندو هيو. جسم ۾ ٿلهو هجڻ ڪري پيٽ ٻاهر نڪتل هيو. هوڏاڍو ڏکايل ۽ دلگير ڏسجي رهيو هيو. تاڙي خاني مان نڪري جڏهن روڊ تي آيو ته هن جي نظر نجوميءَ تي پئي. هن مٿان بيهي ڪيتري دير لفافن ۽ طوطي کي ڏسندو رهيو. ائين محسوس ٿي رهيو هيو ڄڻ هن جو اهڙين ڳالهين ۾ عقيدو نه هجي. هو پوءِ به هن وٽ ويٺو ۽ چيائين.
    ”جيڪڏهن تو وٽ منهنجي مسئلي جو حل آهي ته ضرور ٻڌاءِ“.
    نجومي شهر جي وڏي سيٺ کي ڀرسان ويهندو ڏسي ٿورو لڄي ٿيو. هن کي يقين ئي نه پئي آيو ته ايڏو ان داتا هن کا پنهنجي پيڙا جو حل پڇي رهيو آهي.
    ”جيڪڏهن وس ۾ هوندو ته توهان کي حل ڳولهي ڏيندس“. نجوميءِ چيو.
    ”شايد توکي خبر هجي ته ننڍپڻ کان وٺي اک کان ڪاڻو آهيان. ننڍي هوندي ڏاڍو حرڪتي هوندو هوس. ڏياريءَ رات سيٽي کي باهه ڏئي جيئن اڏارڻ جي ڪوشش ڪئي ته اڏامي اک ۾ لڳي ۽ ضايع ٿي وئي. هاڻي ان ۾ منهنجو ڪهڙو قصور. جيڪڏهن هڪ پاسي نظر اچي ٿو ته ٻئي پاسي نه. هيڏانهن ڏسان ٿو ته هوڏانهن نظر نه ٿو اچي. ماڻهو چون ٿا منهنجو ڏوهه آهي. سچ اهو آهي مونکي پنهنجو ڏوهه ڪٿي نظر نه اچي ٿو. ماڻهو ڳالهه گھٽ سمجهن ٿا“. نارائڻ ڳالهائيندو ويو ۽ نجوميءَ کي هڪ به سمجهه ۾ نه آئي.
    ”سيٺ ڳالهه کولي ٻڌاءِ ته تهه تائين پهچي طوطي کان لفافو ڪڍائي مسئلو حل ڪيون“. نجوميءَ ڳالهه ڪٽيندي چيو.
    نارائڻ ٿلهو جسم هن جي ميري چادر تي اڇلي ٺهي ويٺو ۽ ٻئي هٿ ٻاهر نڪتل پيٽ مٿان رکي هن کي پوري ڳالهه ٻڌائي.
    نارائڻ داس شهر جو وڏو شاهوڪار هيو. هن کي تيل جا گهاڻا هيا. ڍڪ بازار وٽ هن جي حويلي هئي. اها ايڏي وڏي هئي جو هر ڪمري اندر ڪمرو هيو ائين لا محدود ڪمرن جا سلسلا هيا. جيڪڏهن ڪو ڪمرن جو انت ڳولهڻ نڪرندو هيو ته اوندهه ۾ گم ٿي وجود وڃائي ويهندو هيو. هن وٽ هڪ وسيع ڳئون شالي ۾ اڻ ڳڻت جانور هيا. ڳئون شالي ڀرسان واڙي هئي جنهن ۾ سبزين اگائڻ لاءِ پاڻيءَ بجاءِ کير اسعتمال ٿيندو هيو. سبزي ايڏي ته صاف سٿري ۽ ڳردار هوندي هئي جو ان جي هڪ پاسي ڄڻ نارائڻ داس جو پيٽ نڪتل هوندو هيو.
    نارائڻ داس اناج جو بادشاهه هيو. هن جا لامحدود گدام ان جي ٻورين سان ڀريل هوندا هيا. هو وڪڙ ڏنل ڍلي گوڏ ٻڌي گنجي پائي ڍڪ بازار وٽ هڪ گھاڻي تي ويٺل هوندو هيو. گھاڻي کي ويڪرو ديال جو دروازو هيو. اتي در وٽ هن جو دخل هيو. دخل ۾ تاڪ هيٺان نوٽ ڀريل هوندا هيا. ڏيتي ليتيءَ وقت دخل جو تاڪ کولي پئسا رکندو ۽ ڪڍندو هيو. اندر تيل جو گھاڻو هيو. جتي ٻن ڏاندن کي اکين تي ڪپڙو ٻڌل هوندو هيو ۽ اهي گھاڻي ۾ گول ڦرندا هيا. گھاڻي جو رينگٽ ائين ٻڌبو هيو جيئن ڪنهن درٻار جو گويو. واندي بادشاهه اڳيان ڳائيندي نه ٿڪجندو هجي. اکين تي ڪپڙو ويڙهيل ڏاند گهاڻي ۾ ائين ڦرندا هيا جيئن اها ڪل ڪائنات هجي. ڌرتي ڄڻ انهن جي کرن هيٺان محدود هجي. نارائڻ داس جي گهاڻي ۾ جست جا دٻا رکيل هيا. جڏهن هڪ دٻو تيل سان ڀرجي ويندو هيو ته ٻيو دٻو سوري رکندو هيو، پر چمڙي جي پوش هيٺان ڍڪيل ڪاڻي اک ڪري هڪ پاسي رکيل دٻا نظر ايندا هيا ته ٻئي پاسي پيل نظرن کان اوجهل هوندا هيا. هو هڪ ڪم ڪندو هيو ته ٻيو رهجي ويندو هيو. گھاڻي جي رينگٽ تي انڌا ڏاند پنهنجو فرض سٺي نموني نڀائيندا هيا. اهي ڪڏهن نه ٿڪبا هيا. پنهنجي گھاڻي جي پيٺل کڙ پاڻ کائيندا هيا. جيڪا انهن لاءِ ڪڏهن سوادي هوندي هئي ته ڪڏهن بي مزي . ڏاند ڪم ۾ مست هوندا هيا. انهن اوندهه ۾ هزارين ميل فاصلو طئي ڪيو هجي پر ڦرندا نارائڻداس جي گھاڻي ۾ ئي هيا. گهاڻي جي چيڪٽ ۾ ڪانواڻ نه هوندي هئي. ان جي آوازن تي ڏاندن جا ڪن هري ويا هيا. ماڻهو نارائڻداس کان ٿيت تي تيل ۽ ٻيو سودو وٺندا هيا. اهي هر مهيني اعمالن جهڙا نوٽ کڻي هن وٽ ايندا هيا ۽ نارائڻداس هڪ بنديءَ ۾ انهن جي نالن اڳيان شمار ڪندو هيو. ڪنهن جا نوٽ گھٽ هوندا هيا ته ڪنهن جا وڌيڪ. ڪنهن جو کاتو سِٽن تي محدود هوندو هيو ته ڪنهن جو صفحن تي. نارائڻداس جي ڪوشش هوندي هئي ته ماڻهو ناراض نه ٿين ۽ وقت تي ورتل نوٽن جي آڌار تي سٺو سامان مهيا ڪري، پر هڪ اک هجڻ ڪري هن کان ڪافي ڪاتاهيون ٿينديون هيون. گھاڻي مان تيل جا دٻا ڀرڻ وقت ڪجهه دٻا خالي رهجي ويندا هيا. خالي دٻا جن ماڻهن جي حصي ۾ ايندا هيا، اهي منهن مٿو پٽيندا هن وٽ ايندا هيا ۽ دانهن ڏيندا هيا.
    ”هڪڙن کي ڀريل ٿو ڏئين ٻين کي خالي ٿو اماڻين. ٻڌاءِ ڪهڙو قصور ڪيو آهي جو اهڙي سزا پيو ڏيئن؟“.
    نارائڻداس اهڙين ڳالهين تي شرمندگي محسوس ڪندي معزوري پڻ بيان ڪندو هيو. ماڻهو وري به تيل نارائڻداس کان وٺندا هيا، ڇو جو هو شهر جو ان داتا هيو. هن جي هر شيءِ خالص ۽ نج هئي.
    نارائڻ داس ويو تيل جا دٻا ڀريندو هڪ پاسي رکندو، هن کي ماڻهن جي دانهن هوندي به ٻئي پاسي رکيل دٻا ڪڏهن نظر نه آيا.
    نيٺ ماڻهو بيزار ٿيا. انهن سوچيو جڏهن سيٺ کي گھر ويٺي پئسا به پهچايون ٿا ته آخر ناانصافي جو ڪهڙو سبب؟ ڪجهه نوجوانن ناانصافيءَ خلاف آواز اٿاريو ۽ نارائڻداس کي گھاڻي تي وڃي گھٽ وڌ ڳالهايو.
    ”سيٺ تو وٽ انصاف نه آهي. تون اسانجو حق کائي پيٽ ٿو ڀرين بيشڪ ان داتا ۽ چڱو مڙس آهين پر چڱايون نه پيو ڪرين. هڪڙن کي تيل جا ڀريل ٿو ڏئين ته ٻين کي خالي ٿو اماڻين. هڪڙا سڻڀيون ٿا کائين ته ٻيا اڻڀيون. اهو ڪهڙو انصاف آهي جو ماڻهو اجر تو حوالي ڪن ۽ موٽ ۾ ڪنهن جي جهول ڀريل هجي ۽ ڪنهنجي خالي“.
    نارائڻداس نوجوانن جي اهري رويي تي سخت ناراض ٿيو.
    ”اڙ ي بابا ڄاڻي واڻي ته ڪونه ٿو ڪريان “ . هن چيو ” منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته ڪنهن سان نا انصافي نه ٿئي. مون لاءِ سڀ برابر آهيو. ڪوئي ننڍو وڏو نه آهي. جيڪڏهن ٿي به وڃي ته صبر ڪريو. شڪر ڪري وقت گذاريو. ڇو جو صبر ۽ شڪر جو ذائقو تيل جي ذائقي کان بهتر آهي“.
    نوجوان گھٽ وڌ ڳالهائيندا هليا ويا ۽ پوءِ اهو روز جو معمول بڻجي ويو. شهر جو ڪو نه ڪو ماڻهو گھاڻي تي اچي هن کي گھٽ وڌ ڳالهائي هليو ويندو هيو. نيٺ نارائڻ داس پريشان ٿيو. هن ڪاوڙ گھٽائڻ لاءِ تاڙي خاني جو رخ ڪيو، جتي هن جي ملاقات نجوميءِ سان ٿي.
    نجوميءَ ڳالهه ڌيان سان ٻڌي ۽ پوءِ طوطي کي آڱر تي کڻي لفافن تي لاٿو. طوطي چڪر هڻي هڪ لفافو ڇڪي ٻاهر ڪڍيو. نجوميءَ لفافو کولي پڙهيو . اتي لکيل هيو.
    ساڳيو رينگٽ،
    ساڳيو گھاڻو،
    انڌا ڏاند،
    مالڪ ڪاڻو.
    نجوميءَ جيئن پڙهيو ته نارائڻداس کي اڌ مطلب سمجهه ۾ اچي ويو، پوءِ به هن نجوميءَ کي چيو. ”ڳالهه کولي ٻڌاءِ جيئن سمجهه ۾ اچي“.
    ”ڳالهه واضع ۽ صاف آهي“ نجوميءَ چيو. ”ان ۾ تنهنجو قصور نه آهي ڇو جو تون اک کان معزور آهين. توکان اهڙو ئي ڪم ٿيندو جهڙو ڪري رهيو آهين. ماڻهن لاءِ تنهنجي من ۾ نابرابري ۽ ٻيائيءَ جو تصور نه آهي. تولاءِ سڀ هڪجهڙا ۽ وقت تي عملن ڪري حاصل ڪيل اجرت جا حقدار آهن. تون پنهنجي حساب سان تيل جا دٻا ڀرين ٿو ۽ انهن کي ماڻهن تائين پهچائين ٿو. پر صبر ۽ شڪر جي حد آهي، اهي هڪ ڏينهن تنهنجي گھاڻي کي نقصان پهچائيندا. تنهنجي وجود کي خطرو آهي. ماڻهو ڪنهن وقت به ممڻ مچائي سگھن ٿا. نا انصافيءَ جو رينگٽ گهاڻي مان پيدا ٿي انهن لاءِ عذاب بڻجي ويو آهي. ماڻهو رينگٽ مان بيزار ٿي پيا آهن. اهي انڌا ڏاند آهن. جڏهن انهن جي اکين تان پٽي هٽندي ته حقيقت معلوم ٿي پوندي“. نارائڻداس نجوميءَ جي وضاحت تي وڌيڪ پريشان ٿي ويو.
    ”تنهنجي انڌن ڏاندن مان ڇا مراد آهي. ڪهڙن ڏاندن جي ڳالهه ٿو ڪرين“. هن پڇيو.
    ”رقعي ۾ لکيل انڌن ڏاندن جو اشارو ماڻهن ڏانهن آهي. جڏهن ڏاندن هوش سنڀاليو ته ڏسي سگھندا، انهن ڪيترو ڪشالو ڪڍيو آهي؟ ڪهڙا فاصلا طي ڪيا آهن. جڏهن رينگٽ بند ٿيو ته ٻيا آواز ڪنن تائين پهچي سگھندا“.
    نجوميءَ جي ڳالهه ٻڌي نارائڻداس جي نرڙ تي پگھر اچي ويو.
    ”اڙي نجومي تون ته ڪو فسادي آهين. ڇو منهنجي گھاڻي جو ڪڍ پيو آهين؟ مان توکي نه ڇڏيندس ۽ ان گناهه جي سزا ضرور ڏيندس“.
    نارائڻداس جي ڳالهه تي نجومي هڪو ٻڪو ٿي ويو.
    ”مان ڪير ٿيندو آهيان پنهنجي پاران ٻڌائڻ وارو . مون ته توهان جي لفافي مان نڪتل رقعي جي وضاحت پئي ڪئي“.
    هو ڪاوڙ مان هليو ويو ۽ ٻئي ڏينهن هن اها ڳالهه ڍڪ بازار ۾ مدرسي جي ملان سان ڪئي. هن کيسي ٻڌايو ته اهو نجومي منافق ماڻهو آهي، جيڪو روڊ تي ويهي ماڻهن کي ورغلائي رهيو آهي. ملان اڌ ڳالهه سمجهي اڌ نه سمجهي ۽ طالبن کي حڪم ڪيو ته وڃي ان منافق نجوميءَ کي سنگسار ڪيو. طالب قطار ٻڌي مدرسي مان نڪتا ۽ پٿر کڻي تاڙي خاني ٻاهران ويٺل نجوميءَ تي وسڪارو ڪيو. هن کي ڪافي پٿر لڳا پر نرڙ تي هڪ اهڙو پٿر لڳو جنهن کان هن جو منهن رت سان ڀرجي ويو ۽ ان پٿر جي زخم جو نشان سدائين رهجي ويو.
    نجومي اڄ به هٿ هڻي نرڙ تي ان نشان کي محسوس ڪري رهيو هيو. هن رقعو واپس لفافي ۾ وڌو ۽ ڊگهو ساهه کڻي ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيو. نجومي ڪو وقت ڀت کي ٽيڪ ڏئي کنگھندو رهيو. هن جي طبيعت ڏينهون ڏينهن خراب پئي ٿيندي وئي هن کي محسوس ٿيو، شايد اهي ڏينهن وري نه موٽندا جڏهن تاڙي خاني باهران طوطو رکي قسمت جو حال ٻڌائي سگھندو. اهو سوچي هن مونجهه محسوس ڪئي ۽ دل جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ وري هڪ لفافو کولي پڙهيو. هن جي وات مان ٽهڪ نڪري ويو. هن کي ياد هيو، اهو لفافو شهر جي بيوقوفن جي قسمت ۾ نڪرندو هيو. هن کي شاهي بازار جي برتنن جي دوڪان جو اهو ملازم ياد هيو، جيڪو سڄو ڏينهن اتي ڪم ڪندو هيو ۽ اجرت ۾ هن کي گھٽ پئسا ملندا هيا.
    اهي سانوڻ جا ڏينهن هيا. شام جو وقت هيو ۽ مينهن کان اڳ وارو هبس ۽ مونجهه محسوس ٿي رهي هئي. روڊ جي ٻئي پاسي دينو دال واري مٿان بيٺل پپل جا پن ائين چپ هيا جيئن ظلم جي دور ۾ ڳالهائڻ تي بندش هجي. اهو ٿانون جي دوڪان تي ڪم ڪندڙ ملازم ان ڏينهن سخت پريشان هيو. اهو تاڙي خاني ۾ ويو، ٻه چار گلاس منهن تي چاڙهي موج ۾ اچي جيوڻي ٻائي جو ڪلام جهونگاريندو، نشي ۾ ٿيڙ کائيندو ٻاهر نڪتو ته نجوميءَ کي ويٺل ڏسي اچي ان وٽ ويٺو. ان جڏهن ڳالهايو ته ڏکن کي ياد ڪري روئي پيو. هو نشي ۾ لڏي به رهيو هيو ته روئي به رهيو هيو. هن جي نڪ مان پاڻي پئي وهيو، جنهن کي ٻانهن هڻي هر هر صاف پئي ڪيو.
    ”مونسان وڏي ويڌن آهي“. ان نجوميءَ کي چيو ”مان اهڙي مسئلي ۾ ڦاسي پيو آهيان جو پاڻ ڇڏائڻ ڏکيو ٿو لڳي“.
    ”ٿي سگھي ٿو مان تنهنجي مدد ڪري سگھان“. نجوميءَ چيو ”مسئلو بيان ڪر متان حل نڪري اچي“.
    پوءِ ان شخص نجوميءَ کي پورو احوال ٻڌايو.
    اهو شخص غريب آباد جي هڪ انڌياري گھٽيءَ ۾ رهندو هيو. هن جو گذر سفر ڏکيو ٿيندو هيو. هن کي ٻه ٻار هيا. هڪ پٽ هيو ۽ هڪ نياڻي. پٽ عمر ۾ ڌيءَ کان وڏو هيو. آمدنيءَ جي اڻاٺ ڪري هو ٻارن کي تعليم ڏياري نه سگھيو. هن جي ڌيءَ ڪڏهن اسڪول جو منهن نه ڏٺو. پٽ به دل لڳائي پڙهي نه سگھيو جو ڪنهن وڏي مقام تي پهچي سگھي. هن جي ڌيءَ سڄو ڏينهن نم هيٺان سئيءَ ۾ ڌاڳو وجهي ڀرت ڀريندي هئي ۽ پٽ گھٽين ۾ رلي وقت وڃائيندو هيو. اهي جڏهن شادي لائق ٿيا ته ڪو به گھر انهن سان مٽيءَ لاءِ تيار نه ٿيو. ڇوڪري ته صبر ڪري وئي پر ڇوڪرو هڪ ڏينهن ڪا بازاري عورت هٿ ڪري گھر وٺي آيو. پيءُ کي ڳالهه نه وڻي هو پٽ وٽ ويو ۽ ان کي سمجهايائين.
    ”تون چڱو ڪم نه ڪيو آهي. جيڪا ٿوري عزت هئي سا به مٽي ۾ ملائي ڇڏي“ پيءُ چيو.
    ”بابا ڪير ٿو ڏسي عزت ۽ ذلت کي“ پٽ بي حيائيءَ سان جواب ڏنو ”ماڻهوءَ کي کائڻ لاءِ ڪجهه نه هجي. هن کي بک لڳي ته هو پاروٿي ماني به شوق سان کائيندو“.
    پيءُ پٽ جي اهڙي بي حيائي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو ۽ هيٺ ڪنڌ ڪري هليو ويو. ان شخص جو پٽ سڄو ڏينهن ڪمري ۾ زال سان ستل هوندو هيو ۽ هن جي ڌيءَ ڪنهن رشتي جي اوسيئڙي ۾ ويهي نم هيٺان ڀرت ڀري هر هر رئو سوري مٿي تي رکندي هئي.
    ڇوڪري کي رولو عورت مان ٻار ڄمندي دير ئي نه لڳي. ٻار ڄمڻ کانپوءِ اهو پنهنجي ماءَ وٽ آيو ۽ پاسو وٺي ويهي رهيو. ماءُ پٽ کي پريشان ڏسي پيار جي نظرن سان ڏٺو ۽ حال پڇيو.
    ”امان پئسن جي سخت ضرورت آهي“ هن چيو ” ٻار جي کير جيترا پئسا به نه آهن. جيڪڏهن رکيل سوني منڊي ڏين ته وڪڻي ڪجهه وقت گذاريان“ ماءُ ڳالهه ٻڌي ڇرڪي وئي.
    ”اها تنهنجي ڀيڻ جي امانت آهي“ ان چيو ” جيڪڏهن هٿن مان نڪري وئي ته تنهنجيءَ ڀيڻ کي ڏاج ۾ ڪجهه نه ڏئي سگھنداسين“.
    ماءَ منڊي پٽ حوالي نه ڪئي. گھر ۾ فساد مچي پيو. هن زال سان ملي ماءَ جي بي حرمتي ڪئي ۽ بي عزتو ڪيو.
    رات جو جڏهن اهو برتنن جي دوڪان تي ڪم ڪندڙ شخص پهتو ته گھر ۾ متل فساد جو ٻڌي ڏاڍو ڏکي ٿيو. هن جي آمدني ايڏي نه هئي جو پٽ جي وڌندڙ گھرجن کي منهن ڏئي سگھي. گھر جون حالتون ڏسي ان شخص ٿانون جي دوڪان تان چوري شروع ڪئي. سيٺ جي پئسن جي پيٽي هن جي پهچ کان پري هئي. اها سدائين دخل وٽ سيٺ اڳيان رکيل هوندي هئي ۽ سيٺ ڪاريهر جيان ڪر کڻي ان مٿان ويٺل هوندو هيو. ان شخص هڪ ٻيو طريقو اختيار ڪيو. جست جا ٿانو جيڪي وڏا ۽ ويڪرا هيا انهن کي چوري ڪرڻ هن لاءِ مسئلو هيو. هو ٿالهيون ور ۾ وجهي ڪجهه اهڙي طريقي لڪائيندو هيو جو ٿورو هيٺ جھڪندو هيو ته اهي ظاهر نه ٿينديون هيون. هو روز وڃڻ کان اڳ هڪ ٿالهي ور ۾ وجهي هيٺ جهڪي مالڪ کي عرض ڪندو هيو.
    ”مون کي پيٽ ۾ سخت سور آهي.... بيهي نه ٿو سگھان“.
    مالڪ هن تي رحم کائي موڪل ڏيندو هيو ته ڀل گھر وڃي آرام ڪري. اهو شخص دوڪان تان لهي، ٿورو پاسي ٿي ور مان ٿالهي ڪڍي ڪنهن ٻئي هنڌ وڪڻي ڇڏيندو هيو ۽ ائين جيڪي پئسا ملندا هيا اچي پٽ کي ڏيندو هيو. هڪ حڪيم ان دوڪان جي مالڪ جو دوست هيو. هڪ دفعي حڪيم ان وٽ ويٺو هيو ته ان شخص ٿالهي ور ۾ لڪائي مالڪ کي عرض ڪيو ”پيٽ ۾ سور آهي اجازت ڏيو ته گھر وڃي آرام ڪيان“.
    مالڪ به ڏهاڙي پيٽ جي سور مان عاجز اچي چڪو هيو. تنهن مناسب موقعو ڏسي ڀڪ ۾ ويٺل حڪيم کي چيو.
    ”حڪيم صاحب هن ملازم کي ڪا اهڙي ڦڪي ڏيو جو چاڪ چڱو ڀلو ٿئي. گھڻن ڏينهن کان هن کي پيٽ ۾ سور آهي جيڪو گھٽجي ئي نه ٿو“. مالڪ جي ايتري چوڻ تي اهو شخص ڊڄي لنوائڻ لڳو ته متان پول پڌرو نه ٿي پيو.
    ”سائين ڪهڙو ضرور آهي“ ان چيو ” دوا اڳ ئي جاري آهي چڱو ڀلو ٿي ويندس“.
    ان باوجود حڪيم اٿيو ۽ جيئن تپاسڻ لاءِ هن جي چولي جو پاند مٿي ڪيائين ته ور ۾ وڌل ٿالهي ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو. مالڪ ان جي ور مان ٿالهي ٻاهر ڪڍي، بي عزتو ڪري نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. اهو شخص شرم ۽ ندامت کان ڳوڙها ڳاڙيندو هليو ويو. هن پريشانين کي گھٽائڻ لاءِ تاڙي خاني جو رخ ڪيو جتي هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي. نجوميءَ جڏهن ان شخص جو احوال ٻڌو ته طوطي کي آڱر تي ويهاري لفافن تي لاٿو. طوطي هڪ لفافو ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ۽ ڀڳل دال جو داڻو وات ۾ ورتو. نجوميءَ لفافو کولي رقعو ڪڍي پڙهيو. اتي لکيل هيو.
    ”ڏنگ جو مزو
    چک“.
    چيو،
    ماکيءَ جي
    مک.
    نجوميءَ پڙهي ان شخص جي منهن ڏي ڏٺو جيڪو هن اڳيان حيرت مان وات کولي ڏسي رهيو هيو.
    ”آئي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ “؟ نجوميءَ پڇيو.
    ”ڳالهه سمجهه ۾ اچي ها ته دنيا ۾ خوار ڇو ٿيان ها“. ان شخص چيو.
    ”سڀ تنهنجي سمجهه جو ڏوهه آهي“. نجوميءَ چيو. ”انسان جتي ماکي کائي ٿو اتي ڏنگ به چکي ٿو. ڏنگ جو مزو جنهن ورتو ان کان ماکيءَ جو سواد وسري ويو. مک جو ڪم ماکي گڏ ڪرڻ آهي جيڪا هوءَ ٻچن لاءِ ڪندي آهي. جيڪو ماکيءَ سان هٿ چراند ڪندو آهي مک ان کي ڏنگ جو مزو چکائيندي آهي. ٻڌاءِ تون اولاد لاءِ ڪهڙي ماکي ڪٺي ڪئي؟ انهن جي حفاظت ڪيئن ڪئي؟ ڪهڙي ڪفايت ڪئي؟ تون عقل جو استعمال ڪيئن ڪيو؟ جيڪڏهن انهن جي سٺي تربيت ڪرين ها. تعليم تي ڌيان ڏين ها. ڪفايت ڪري چوريءَ کان بچين ها ته تون هي ڏينهن نه ڏسين ها. تون به صفا ان ڪوچوان جيان آهين جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ تاڙي خاني مان نڪتو ۽ ان پاڻ سان ٿيل کل جهڙي واردات ٻڌائي. ان ڪوچو ان جو قصو توکي ضرور ٻڌائيندس جيڪو صفا تنهنجي ڳالهه جهڙو آهي.“
    پوءِ نجوميءَ هن کي ڪوچو ان جو قصو ٻڌايو.
    ”ڪجهه ڏينهن اڳ ڪو ڪوچوان ٿيڙ کائيندو تاڙي خاني مان نڪتو. اهو مون وٽ آيو ۽ چيائين ”منهنجي زال مون تي سدائين ڪاوڙيل هوندي آهي“.
    ”آخر تون زال جو ڏوهه ڪهڙو ڪيو؟“ مون ان کان پڇيو.
    ”هوءَ مون مان خوش نه آهي“ ڪوچوان چيو ”مون وٽ ايترا پئسا نه آهن جو گھر هلائي سگھان. جيڪو هيو ضايع ٿي ويو. “
    ”ته ٻڌاءِ مان ڪهڙي مدد ڪري سگھان ٿو“؟ مون چيو.
    ”ڇا منهنجي قسمت ۾ ڌڪا ۽ ٿاٻا آهن يا ڪي چڱا ڏينهن به لکيل آهن؟“ ڪو چوان پچيو.
    ”قسمت جي لفافي ڪڍڻ کان اڳ سڄو واقعو بيان ڪر ته سمجهڻ ۾ مدد ملي“ مون پڇيو.
    هن واقعو بيان ڪيو.
    اهو ڪوچوان شهر جي شمس آباد علائقي ۾ رهندو هيو. انتهائي نڪمو ۽ سست هيو. هن کي چار ٻار هيا. ڪرائي جي ڪچي جاءِ هئي جنهن جي گاري جا پلستر هن جي ڦاٽل قميص جيان اڍڙيل هيا. هن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه نه هيو. اهڙي حالت ڏسي هن جي ساهورن نياڻيءَ کي سکيو رکڻ لاءِ پئسا گڏ ڪري بگي گهوڙو وٺي ڏنو. ڪوچوان ان شهر جي رستن تي بي دليءَ مان ٽانگو هلائيندو، واندڪائيءَ ۾ ٽانگي جي پوئين سيٽ تي چادر وجهي سمهي پوندو هيو ۽ جڏهن ڪو مسافر هن کي لوڏيندو هيو ته جاڳ نه ٿيندي هئي ۽ جي جاڳندو هيو ته مسافر سان الجهي پوندو هيو. هن جي آمدني ايڏي نه هئي جو پيٽ پالي سگھي. هن جي زال سدائين ناراض هوندي هئي ۽ مهڻا ڏئي چوندي هئي ”تون دل لڳائي ڪم نه ٿو ڪرين جنهن لاءِ ڏکيا ڏينهن ٿا ڏسڻا پون“.
    ان ڪوچوان جي سستيءَ ڪري اهڙو ڏينهن به آيو جو اهي مانيءَ ٽڪر جا محتاج ٿي ويا. هڪ ڏينهن ڪوچوان گھر موٽيو ته هن جي هٿن ۾ گھوڙي جون واڳون هيون ۽ پويان بگي ٻڌل نه هئي. عورت جڏهن اهو ڏٺو ته هن کان پڇيو.
    ”اڙي بگي ڪيڏانهن وئي“؟
    ”مون بگي وڪڻي ڇڏي“. ڪوچوان چيو ”خرچ لاءِ پئسا نه هيا. سوچيم بگي وڪڻي ڪجهه ڏينهن گذر سفر ڪريون“.
    مائيءَ کي هنجي بيوقوفيءِ تي ڪاوڙ آئي.
    ”بگي وڪڻڻ جو ڪهڙو ضرور هيو. اهڙي آفت آئي به هئي ته گھوڙو وڪڻي ها. ڇو جو بگي گاهه نه کائي ها پر گھوڙو ته گاهه کائيندو.“
    پوءِ ائين ئي ٿيو جيئن عورت چيو. ڪوچوان گھر ۾ ڇڳل واڻ تي ستل هوندو هيو ۽ بگيءَ مان مليل پئسا گھوڙي جي گاهه تي خرچ ٿي ويا. زال ڪاوڙ مان سوٽي هٿ ۾ کنئي جيئن واڻ تي سمهيل هيو هن کي وهائي ڪڍيائين. منهن مٿو پٽيندو گھر مان ڀڳو. ٻه چار آنا جيڪي کيسي ۾ هيس اچي تاڙي خاني ۾ خرچ ڪيائين. اتان ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ جڏهن ان حال احوال ٻڌايو ته مون طوطو لاهي لفافن تي ڇڏيو ۽ ان ساڳيو لفافو ڪڍيو جيڪو پڻ تنهنجيءَ قسمت ۾ نڪتو آهي. دراصل ماکي دنيا داري آهي جنهن کي اها لاهڻ جو فن نه آيو ان ڏنگ چکيو. ماکي به کائجي ۽ هٿ به نه سجن، اهڙو هنر جنهن حاصل ڪيو سو دنيا ۾ سرخرو ٿيو. تون ماکي نه چکي ماکيءَ جو ڏنگ چکيو. جيئڻ هنر آهي جنهن سکيو تنهن سواد ماڻيو. “
    پوءِ اهو جست جي دوڪان تان بي دخل ٿيل ملازم ڪنڌ هيٺ ڪري هليو ويو.
    نجوميءَ کي سڀ ڳالهيون ياد هيون. قسمت جي ماريلن جا سوين واقعا ذهن ۾ هيا. هن کي بگڙ جندڙ صحت مجبور ڪري وڌو هيو. هزارين حسرتون هاڻي به هن جي هيئين ۾ هري رهيون هيون. جيڪر ڪم ڪرڻ جا قابل ٿي پوان. هن وقت گذارڻ لاءِ وري هڪ لفافو کولي پڙهيو. هن کي اهو قيدي ياد آيو جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ جيل مان آزاد ٿيو هيو. اهو قيدي پنهنجي پوڙهائپ جي حدن کي ڇهي رهيو هيو. تمام غمگين ۽ مايوس پئي نظر آيو. ان کي پنهنجي آزاد ٿيڻ جي ڪا خوشي نه هئي. اهو پندرهن ڏينهن پهريون قيد مان نڪتو هيو ۽ شهر جي روڊن تي دربدر ڦريو پئي. ويهه سال قيد ڪاٽڻ کانپوءِ دنيا ۾ هن جو ڪو عزيز نه بچيو هيو. هو دنيا ۾ اڪيلو هيو ۽ اڪيلائپ جي احساس ڪري پاڻ کي ٿڪيل محسوس ڪري رهيو هيو. هن وٽ پنهنجون ڀوڳنائون هيون، جن جو احساس اندر ۾ دٻائي ڪنهن ٻوجهه جيان رستن تي رلي رهيو هيو. جيل ۾ رهي هن واڍڪو ڪم سکي ورتو هيو. هن سوچيو شهر ۾ ڪرائي تي ڪو دوڪان وٺي اتي واڍڪو ڪم ڪري زندگيءَ جا ڏينهن گذاريندو. جيل مان آزاد ٿيڻ کان اڳ هن کي اتي ڪيل محنت جي صلي ۾ ايترا پئسا مليا هيا جو هو ڪجهه ڏينهن پنهنجي پيٽ پالنا ڪري پئي سگھيو. هو هڪ ڏينهن تاڙي خاني ۾ ويو ۽ اتي تاڙي پي دل جو ٻوجهه هلڪو ڪيو. هن کيسي ۾ هٿ وجهي ٻيڙي ڪڍي دکائي ۽ سوٽو هڻي نڪ مان دونهون ائين ڪڍيو جيئن ڪنهن ٽانڊن تي پاڻي هاريو هجي. هن تاڙي پي پاڻ کي هلڪو محسوس ڪيو ۽ وڏي سرور مان ٻيڙيءَ جا سوٽا هڻندو ٻاهر نڪتو. ٻاهر نجوميءَ کي ويٺل ڏسي هن وٽ آيو.
    ”مونکي منهنجي ننڍپڻ جو دوست نه ٿو سڄاڻي“ ان نجوميءَ کي چيو ”منهنجو دوست جنهن سان مونکي بيحد پيار هيو. اسان هڪ ٻئي کان الڳ نه ٿيندا هياسين. هر وقت گڏ گذاري ٽهڪ ڏيندا هئا سون. هو مونکي نه سڃاڻي رهيو هيو. مونکي افسوس آهي آخر ان مونکي ڪيئن وساري ڇڏيو؟ جڏهن ته منهنجي جيل وڃڻ جو سبب اهو دوست ئي هيو. مان ان دوست خاطر جيل ويس. مون ان جو الزام پاڻ تي کڻي جيل کان بچايو. جڏهن مليو ته مان ان لاءِ اجنبي هوس“.
    نجوميءَ قيديءَ جي ڳالهه ٻڌي هن کي ڀڪ ۾ ويهاريو. ” آرام سان ويهه ۽ پوءِ ٻڌاءِ“ نجوميءَ چيو.
    ”منهنجو من ڏاڍو منجهيل آهي“ هن ڀريل آواز ۾ چيو ”مونکي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ان ڏک کي تو آڏو ڪيئن بيان ڪيان، ڇو جو اهو دوست منهنجي محبوب جيان هيو. مون ان لاءِ زندگي قربان ڪئي، پر ان جي بي رخيءَ ماري وڌو“.
    ”مونکي ڳالهه ٻڌي ڏک ٿيو“ نجوميءَ چيو ” پر کولي ٻڌاءِ ته ڪو حل ڪڍڻ ۾ آساني ٿئي“.
    قيدي ٺهي ويٺو ۽ هن پوري ڳالهه ٻڌائي.
    اهو شخص ڳوٺ ”قبوليي“ جو رهاڪو هيو. هن جوننڍپڻ ڏاڍو کل خوشيءَ ۾ گذريو هيو. تڏهن پندرهن سالن جو مس هيو. هن جي چپن تي مڇن جي ساول بهار اچڻ سان ڌرتيءَ تي ڦٽندڙ ساوڪ جهڙي هئي. هو پاڻ کي ايڏو ته چست ۽ خوش محسوس ڪندو هيو جو هن جي چپن تي گيتن جي جهونگار ڪڏهن ختم نه ٿيندي هئي. هن جو بدن سگھارو ۽ وريل هيو. جڏهن ڳوٺ ۾ ملهه جو مقابلو ٿيندو هيو ته پهلوانن کي دسي آڻ مڃائيندو هيو. هن سڀني کي چت ڪيو هيو. وڏيري وٽ آيل ڪامورو جيڪو پوءِ ملڪ جو وڏو سياستدان ٿيو هيو ان کيسي مان چار آنا ڪڍي هن کي انعام ڏنو هيو ۽ پٺي ٺپي هئي. اهي ساڳيا ڏينهن هيا جڏهن هن جي دوستي وڏيري جي پٽ سان ٿي. وڏيري جو پٽ هن کان عمر ۾ ننڍو هيو. اهو ڏاڍو ٽڻڪ ۽ ڦڙتيلو ٻار هيو، ڪاوڙ ايندي هيس ته ڪنهن سان وڙهندي دير نه ڪندو هيو. اهو شڪل جو سهڻو هيو ۽ ان جي ڀوري گلابي منهن تي کٻي پاسي تر هيو. هن جا وار گھاٽا ناسي هيا. ان جون اکيون اهڙيون هونديون هيون جو انهن تي ڪنهن عورت جو گمان ٿيندو هيو. مرڪندو هيو ته مهربان نظر ايندو هيو، ڪاوڙبو هيو ته اکيون ڳاڙهيون شوخ ٿي وينديون هيو. لاڏلو ٻار هجڻ ڪري جوانيءَ جي حدن کي ڇهندي ان ۾ ڪجهه بريون عادتون اچي ويون. هو سگريٽ پئيندو هيو ۽ گريبان جا بٽڻ کولي ڳوٺ ۾ گھمندو هيو. ان کي ڳوٺ جون سهڻيون ڇوڪريون وڻنديون هيون ۽ ڪجهه ڇوڪريون هن تي پڻ موهت هيون.


    4

    جڏهن هن جي دوستي وڏيري جي پٽ سان ٿي ته اهو ڄڻ هن جو مريد بڻجي ويو. هو ان کي دل جي گھرائين سان چاهيندو هيو ۽ ان کان ٻه گھڙيون پري رهڻ به هن لاءِ عذاب جهڙيون هونديون هيون. هو ان کي ڀر ۾ ويهاري ڪچهريون ڪندو هيو.
    هڪ دفعي ”مسُو“ ڳوٺ جا نظر بند اتي جوئا کيڏڻ آيا. اهي هٿ ۾ تاس جهلي پتا ائين ڦيريندا هيا جو ڏسندڙن جون نظرون دوکو کائي وينديون هيون. اهي نظربنديءَ جا ماهر هيا. ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي هر شيءِ کٽڻ کانپوءِ جوا ۾ زال به کٽي ويندا هيا. وڏيري جو پٽ ضد ۾ اچي انهن سان جوئا ۾ ويٺو ۽ پئسن هارائڻ کانپوءِ ڳچيءَ ۾ پاتل سوني زنجيريءَ کان به محروم ٿي ويو. هن جڏهن دوست کي هارائيندي ڏٺو ته واچ لاهي داءُ تي رکي ۽ مسو ڳوٺ جي ٺڳن جي نظر بندي ٽوڙيندي تاس کڻي ان کي اهڙي جادوگر جيان ڦيرايو جو پتن جا رنگ ئي بدلجي ويا. هر داءَ تي هو ويو انهن کان کٽيندو. هن نه صرف دوست کان کٽيل پئسا ۽ سوني زنجيري واپس ڪرايا پر انهن وٽ جيڪي ڪجهه هيو تنهن کان به هٿ ڌوئي ويٺا. اهي هارائڻ کانپوءِ هن ڏانهن حيرت مان ڏسڻ لڳا ۽ سوچڻ لڳا ته آخر هيءُ ڪير آهي. جيڪو ٺڳن جو ٺڳ آهي. جنهن انهن جي نظر بندي ٽوڙي اهڙي هٿ جي صفائي ڏيکاري آهي. اهي آڱر سان نڪ گسائيند اهليا ويا.
    وقت سان گڏ انهن جي محبت ۽ دوستي ايڏي وڌي چڪي هئي جو اهي هڪ ٻئي کي وجود جو حصو سمجهڻ لڳا. هن جو دوست دنيا ۾ هن لاءِ سڀ ڪجهه هيو. اهو ماني کائيندو هيو ته هن کي وڻندي هئي. اهو پاڻي پيئندو هيو ته هن جي اڄ اجهندي هئي.
    هڪ دفعي ڳوٺ ۾ ميلو لڳو. ميلي ۾ ايڏا ته ماڻهو گڏ ٿيا جو پري کان رڳو پٽڪا پئي نظر آيا. هڪ وڏو گوڙ مچي ويو. فونن تي گانن جا آواز ملي سمجهه کان ٻاهر ٿي ويا. شڪارپور جي ڳاڙهي بازار جون افغاني ڪڃريون هر هنڌ چيلهه لوڏي پئي نچيون. مٺائين جي دوڪانن تي رش لڳل هئي. هر ڪو خوش هيو ۽ ٽهڪڙا متل هيا. هو ان دوست سان ميلي ۾ ويو. ان وڃڻ کان پهريون پيءُ جو پستول ور ۾ وڌو ۽ ڳلي جا بٽڻ کولي سگريٽ جا ڪش هڻندو هن سان روانو ٿيو.هن کي ڪا خبر نه هئي ته سندس دوست کي ور ۾ پستول آهي. هو ميلي ۾ پهتا ته ڪلهن تي هٿ رکي آڪڙ مان گھمڻ لڳا. نچندڙ ڪڃرين هر هر هن جي دوست اڳيان اچي ڇاتيون پئي لوڏيون. هن کي ڪڃرين جي اهڙي ادا تي ڪاوڙ پئي آئي. هن انهن کي هٿن سان ڌڪا پئي ڏنا. هن نه پئي چاهيو ته ڪو هن جي دوست جي ويجهو اچي.
    ”پري هٽ ڪميني..... ويجهو نه اچ“ هو هر هر چئي رهيو هيو. پر هن تي ان ڪاوڙ جو ڪو اثر نه ٿي رهيو هيو. هن هٿ وڌائي انهن جي ڳٽن کي پئي ڇهيو ۽ چپ گول ڪري ٻچڪر پئي ڏني. هن ان کي گھلي پري ڪيو ۽ پوءِ مٺائي جي دوڪان وٽ ڪنهن لوفر هلندي ڄاڻي واڻي هن جي خوبصورت دوست کي ڪلهو هنيو. ”واهه جو ٺاهوڪو جوان هان“ لوفر چيو ” ڪڏهن مونکي به پاڻ سان گھماءِ“ هن جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو. دوست جي وچ ميلي ۾ ٿيندڙ بي عزتيءَ ڪري هو آپي مان نڪري ويو. هن لوفر کي ڳچيءَ مان جهلي مٿي کڻي پري اڇلايو. لوفر کيسي مان چاقو ڪڍي هن تي حملي جي ڪوشش ڪئي. ان کان اڳ جو اهو وار ڪري هن جي دوست ور مان پستول ڪڍي ان تي فائر ڪيا ۽ اهو رت ۾ ڦتڪي ٿڌو ٿي ويو. ميلي ۾ ڀاڄ پئجي وئي، ماڻهو دوڪان ڇڏي ڀڳا ۽ ان کان اڳ جو پوليس پهچي هن دوست کان پستول کسي هٿ ۾ کنيو.
    ”قتل تون نه مان ڪيو آهي“ . هن چيو ”مان نه ٿو چاهيان ته منهنجي هوندي تنهنجو وار ونگو ٿئي. ان کان اڳ جو پوليس پهچي تون هتان هليو وڃ ۽ ڪنهن کي نه ٻڌائجاءِ ته گولي تون هلائي آهي“.
    اهو قتل ڪرڻ کانپوءِ ڏاڍو منجهيل هيو.
    ”ائين نه ڪر“. ان چيو ”مان پاڻ ئي پوليس سان منهن ڏيندس“.
    ”مونکان اهو برداشت نه ٿيندو“ هن کيس جواب ڏنو. آخر هن جو دوست اتان هليو ويو. پوليس هن کي پڪڙي لاڪپ ڪيو. فوجي حڪومت هئي هڪ ننڍڙي عدالت ۾ مختصر ٻڌڻي کانپوءِ هن کي ويهه سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
    جيل وڃڻ کانپوءِ ڪجهه وقت هن جو دوست ايندو رهيو. پوءِ اهو دوست هن وٽ ڪڏهن ملاقات لاءِ نه آيو. سال گذري ويا. ان ڪڏهن هن جي سار نه لڌي. هو جيل ۾ ان متعلق سوچيندو هيو. ڇا اهو بيوفا هيو؟ ان کي منهنجي دوستي ياد نه آهي؟ ڇا اهو ڪڏهن نه ايندو؟ هو سدائين انهن خيالن ۾ ويٺو هن کي ياد ڪندو هيو. آخر ويهه سال پورا ٿيڻ ۾ ڪجهه ڏينهن بچيا. هن جا وار اڇا ٿي ويا. چمڙي لڙڪي پئي ۽ اکيون ڪمزور ٿي ويون. هو پنهنجي دوست کي ڪڏهن وساري نه سگهيو. هو سوچيندو هيو، جڏهن هن کي جيل مان آزادي ملندي ته هن کي ڳولهي لهندو.
    هڪ ڏينهن هن جي حيرت جي ڪا حد نه رهي. هن ڏٺو ته هن جو دوست جنهن لاءِ هو جيل ڪاٽي رهيو هيو، اهو قيدي بنجي آيو. هن جي دوست تي وقت جو ڪو اثر نه ٿيو هيو. اهو ائين ئي جوان هيو جيئن ان کي ڪيترا سال پهريون ڏٺو هيو. ان جي خوبصورت منهن تي کٻي پاسي ساڳيو تر هيو ۽ ان جي مٿي جا وار گهاٽا ناسي هيا. هو ڊڪندو وڃي ان کي چنبڙيو.
    ”منهنجا دوست“ هن ڀاڪر پائيندي چيو ” وري توکان ڪهڙي خطا ٿي؟ مان ته ڪجهه ڏينهن اندر ٻاهر نڪرڻ وارو هوس. مون سوچيو هيو ٻاهر نڪري توسان ملندس پر توکي هتي ڏسي مونکي ڏاڍو افسوس ٿيو آهي“.
    اهو هن کي ڌارين نظرن سان ڏسندو رهيو. ائين پئي لڳو ڄڻ هن کي پهريون دفعو ڏسندو هجي. ان جي اکين جي حيرت ڏسي هن سمجهيو شايد سالن جي وڇوڙي کانپوءِ هن جي شڪل وساري ويٺو آهي.
    ”مان تنهنجو دوست“ هن چيو ” جنهن تو لاءِ قرباني ڏني جنهن تنهنجو الزام سر تي کنيو. ڇا تون مونکي نه ٿو سڃاڻين“؟
    ” مونکي خبر نه آهي تون ڪير آهين!“ پوءِ ان چيو ” مان ان کان اڳ توکي نه ڏٺو آهي. تون ڪنهن غلط فهميءَ ۾ مبتلا آهين“.
    اهو ٻڌي هن جي پيرن هيٺان ڌرتي نڪري وئي. هو ٽڪ ٻڌي ڦاٽل اکين سان هن ڏانهن ڏسندو رهيو. هو ڄمي ڄڻ پنڊ پهڻ ٿي ويو. هن ۾ ڳالهائڻ جي سڪت نه رهي. نوجوان ڌارين اکين سان ڏسندو هليو ويو.
    جيل ۾ جڏهن به هو ان جي ويجهو ايندو هيو ته ماضيءَ جون ڳالهيون ياد ڪرائيندو هيو جيئن اهو هن کي سڃاڻي ۽ ايڏي بيگانگيءَ جو مظاهرو نه ڪري. اهو هر ملاقات کانپوءِ چوندو هيو.
    ” هو اهو شخص نه آهي جيڪو ماضيءَ ۾ هن جو دوست رهيو آهي“. دوست جي اهڙي رويي تي هن کي رنج پهتو. هن آخر ان کان سوال پڇيو. ”تون جيڪڏهن منهنجو دوست نه آهين ته ڪير آهين“.؟
    هن جي اهڙي سوال تي ان پنهنجو داستان ٻڌايو.
    ”جڏهن مان پنجن سالن جو هوس ته خانه بدوشن وٽ وڪرو ٿي ويس اهي سرڪس جا ڪرتب ڏيکاري روزگار ڪمائيندا هيا ۽ سدائين سفر ۾ هوندا هيا. سندن پڙاءَ ڪڏهن ڪٿي هوندا هيا ته ڪڏهن ڪٿي. مان ننڍو هوس ۽ انهن پويان ڪنهن گلر وانگر پيو گھمندو هيوس. سرڪس ۾ هڪ نشاني باز استاد هوندو هيو. جيڪو عورت کي ڦٽي اڳيان بيهاري پريان هٿ ۾ خنجر کڻي هن ڏانهن اڇلائيندو هيو. هن جا نشانا اهڙا ته پڪا هوندا هيا جو خنجر عورت جي جسم ويجهو ڪاٺ کي جنبڙي پوندا هيا. اهو ڪيترائي خنجر اڇلائيندو هيو ۽ سڀ خنجر عورت چوڌاري لڳي ويندا هيا. ان نشاني باز کي مٿي سان چمڙي جي پٽي ويڙهيل هوندي هئي ۽ ڪاري صدري تي اڇي ٽڪلي ٺهيل هئي. ان کي سڀ ”استاد ٽڪلو“ چوندا هيا. اهو ڦڙ تيلو ۽ پنهنجي ڪم ۾ ماهر هيو. ان کان نشاني بازيءَ ۾ ڪڏهن ڪا خطا نه ٿي. ان کي مون تي رحم اچي ويو. ۽ منهنجي پرورش ڪئي.هن ننڍي هوندي کان مونکي نشاني بازي جي تربيت ڏني. جڏهن مان جوانيءَ جي حدن کي ڇهڻ لڳس ته هڪ سٺو نشاني باز ثابت ٿيس. استاد ٽڪلو ڪڏهن مونکي موقعو ڏيندو هيو ۽ مان عورت کي ڦٽي اڳيان بيهاري ساڳي انداز سان نشاني بازيءَ جو مظاهرو ڪندو هوس. وقت سان استاد ٽڪلو پوڙهو ٿي ويو ۽ هن جا هٿ ڏڪڻ لڳا. هن سرڪس جي محرر کان معافي ورتي ۽ کيس چيو.
    ”هاڻي هو نشاني بازيءَ جي قابل نه رهيو آهي کيس ٻيو ڪو ڪم سونپيو وڃي“. محرر هن کي هاٿين جي سارسنڀال جو ڪم ڏنو. نشاني بازيءَ جو ڪم منهنجي حوالي ڪيو ويو. مان استاد ٽڪلي جيان ساڳي صدري پائي مٿي تي چمڙي جي پٽي ويڙهي سوين ماڻهن سامهون ايندو هوس ۽ وڏي اعتماد سان نشانا هڻندو هوس.
    سرڪس جي محرر جي ڌيءَ هوندي هئي جيڪا عمر ۾ مون کان ڏهه سال وڏي هئي. اها انتهائي خوبصورت عورت هئي. سڀ ملازم هن تي فدا هيا. ان جون ادائون ايڏيون ته دلربا هيون جو هڪ اشاري تي دليون سينن کان ٻاهر نڪري ڦتڪڻ لڳنديون هيون. اها سرڪس جي رسن تي ٽپا ڏئي پاڻ کي هيٺ ڇڏيندي هئي ۽ ابتيون سبتيون قلابازيون کائيندي اچي ڄار ۾ ڪرندي هئي. جڏهن مان نشانا هڻندو هوس ته هوءَ ڦٽي تي منهنجن وسندڙ خنجرن سامهون بيهندي هئي. هر نشاني تي پيار مان مرڪي چپ گول ڪري مون ڏانهن خيالي چمين جا وسڪارا ڪندي هئي. ان عورت کي مان ايڏو وڻي ويس جو مون کي کيمي ۾ وٺي وئي ۽ پيار جو اظهار ڪيو. مان به جوانيءَ جي جوش ۾ هوس. هن مونسان جيئن پيار جو اظهار ڪيو ته مان ان کي چهٽي چپن تي چميون ڏنيون ۽ ان جي عشق ۾ گرفتار ٿي ويس. ان عورت مونسان جنسي تعلقات رکيا ۽ مان ان عورت جي عشق ۾ اهڙو ته انڌو ٿي پيس جو ڪنهن ٻئي مرد جو هن سان ڳالهائڻ پسند نه ڪندو هوس.
    هڪ دفعي مون ان عورت کي ٻئي مرد سان ڏٺو اهو شخص ” شينهَن جو بادشاهه“ سڏائيندو هيو. هو شينهن سرڪس جو گول دائري ۾ بيهاري انهن کي هلڪا چهبڪ هڻي ڊيڄاري ٻڪرين مٿان ٽپا ڏياريندو هيو. شينهن ايڏا ته هيسيل هوندا هيا جيئن اهي هن جا غلام هجن ۽ هن جي هر حڪم جا منتظر هجن. شينهن جو بادشاهه تجربيڪار ۽ خفتي ماڻهو هيو. ان جو جسم ڪثرتي پهلوانن جهڙو ڳوڙهيلو ۽ سخت هيو.
    مون ان رات پير پير ۾ ڏئي جيئن کيمي جو پاسي وارو پردو مٿي ڪيو ته هلڪي روشنيءَ ۾ اها شينهن جي بادشاهه سان ستل هئي. منهنجيءَ دل چاهيو ته اندر وڃي خنجر جا وار ڪري ٻنهي کي ختم ڪري ڇڏيان پر شينهن جو بادشاهه ڏاڍو طاقتور هيو. مون ۾ ان سان مقابلي جي سڪت نه هئي. ان ڪري مان اهو منظر ڏسي غمگين ٿيس ۽ ان عورت جي بيوفائيءَ تي ڳوڙها ڳاڙي خنجر هٿ ۾ کڻي ڪاوڙ مان لڇندو رهيس . هڪ رات منهنجي هن سان ملاقات ٿي.
    ”ڏس.... مونسان بيوفائي نه ڪر” مون ان کي ليلا ئيندي چيو ” مان توکان سواءِ جيئرو نه رهندس. مونکي تنهنجي بيوفائي تي ڏک رسيو آهي“.
    هوءَ منهنجين ڳالهين مان سمجهي وئي ته مون هن کي شينهن جي بادشاهه سان ستل ڏسي ورتو آهي. هوءَ منهنجين ڳالهين تي کلي ۽ پنهنجي ويجهو آڻي پيار ڪيائين.
    ”توکي غلط فهمي ٿي آهي“ هن چيو ” مان صرف تنهنجي آهيان. ڀلا تنهنجي هوندي ٻئي ڪنهن جي ڪيئن ٿي سگھان ٿي“. پوءِ ان مونکي پنهنجي ويجهو آندو ۽ مان ان جون بيوفائيون وساري وري ملي هڪ ٿي ويس.
    هن واعدي خلافي ڪئي. مون جڏهن ٻيو ڀيرو ان کي شينهن جي بادشاهه جي کيمي ۾ ڏٺو ته باهه ٿي ويس. پڪو پهه ڪيم ته ان کي ڪڏهن معاف نه ڪندس ۽ بيوفائيءَ جو مزو چڪائيندس. ٻئي ڏينهن سرڪس جي رسن تي ٽپا ڏئي هوءَ واندي ٿي ۽ منهنجي مظاهري جو وقت آيو. مون هن طرف خنجر اڇلايا جيڪي پنهنجن نشانن تي لڳا. مون هڪ خنجر هن جي سيني جو نشان وٺي اڇلايو. جيڪو هن جي دل ۾ لڳو. ڦٽي تان رت بي وفائيءَ جي نانگ جيان هيٺ لهندو هن جي پيرن کان ٿيندو سرڪس جي ٻاهرين در ڏي هليو ويو. هوءَ ڪري پئي ۽ اتي ئي مري وئي. پوليس مونکي پڪڙي عدالت ۾ پيش ڪيو. جيسين ڪو فيصلو ٿئي انهن جيل موڪليو“.
    نوجوان جي ڳالهه ٻڌي هن کي يقين نه پئي آيو. ان جي ڳالهائڻ جو انداز هن جي دوست جهڙو هيو. هو سوچڻ لڳو شايد هو ڪوڙو آهي. ان افسانو ٺاهي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ٿورن ڏينهن ۾ هن جي سزا پوري ٿي ۽ هو جيل مان نڪري آيو. هن کي دوست جو ارمان هيو. هو ان ڏک کي سانڍي تاڙي خاني ۾ آيو جڏهن ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي. نجوميءَ پوري ڳالهه ٻڌي ته طوطو لاهي لفافن تي ڇڏيو. طوطي هڪ لفافو ڪڍيو. ۽ نجوميءَ جڏهن لفافو کولي پڙهيو ته اتي لکيل هيو.
    ”نه مئو،
    نه ڄائو،
    جيءَ اندر،
    جيءُ
    ماڻهو پنهنجي
    ماءُ.
    ماڻهو پنهنجو
    پيءُ،
    رقعو پڙهي نجوميءَ ان شخص کي ڏٺو. ان کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. نجوميءَ هن کي ڳالهه سمجهائيندي چيو.
    ”بيشڪ انسان امر آهي. انسانن کي ڪنهن صورت ۾ رهڻو آهي. انسان نه مري ٿو، نه جيئي ٿو. ڇو جو ان جي ذات ڪائنات جي وجود سان پيدا ٿي آهي ۽ ان جي وجود سان فنا ٿيندي. ڇا موت ڪڏهن ماڻهو کٽايا آهن؟ هر ڪو پاڻ مان جنم وٺي ٿو ۽ پنهنجي وجود جو حصو آهي. نه ڌرتيءَ جو پهريون انسان ڄايو هيو نه ڄمڻ وارو اها دعوا ڪري ٿو ته هو نئون انسان آهي. جيڪي آهي وجود سان موجود آهي. صرف ماڻهو جنم نه ٿو وٺي پر ماڻهوءَ جي ڪائنات جنم وٺي ٿي ۽ ماڻهوءَ جي انجام سان ڪائنات انجام کي پهچي ٿي. اسين وڏڙن جي وجود جا ڇڻيل حصا آهيون ۽ وڏڙن جي ترجماني ڪريون ٿا. اسان جا ماءَ پيءَ اسان ۾ موجود آهن. ۽ اسان ۾ جيئرا رهن ٿا. اسين منتقل ٿيون ٿا ۽ تخم ۾ اهي خصلتون ظاهر ڪيون ٿا جيڪي تحفي ۾ مليون آهن. اسين پنهنجي ماءَ آهيون. اسين پنهنجا پيءُ آهيون. ساڳيا جيءُ آهيون. ساڳيا روح آهيون“.
    نجوميءَ هن کي رقعي تي لکيل عبارت جو مفهوم سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ وڌيڪ ٻڌائيندي چيو.
    ”تون پنهنجي ڳوٺ وڃ ۽ معلوم ڪر ته تنهنجي دوست جو ڪهڙو حال آهي. ٿي سگھي ٿو ته اتي پهچي تنهنجو مسئلو حل ٿي وڃي“.
    هن نجوميءَ جي صلاح تي عمل ڪيو ۽ هڪ ڏينهن هو ڳوٺ ويو. اتي پهچي هڪ واقفڪار سان ملاقات ڪئي. جڏهن احوال پڇيائين ته ان ٻڌايس ”تنهنجو دوست توکان وڇڙڻ کانپوءِ ڏاڍو پريشان رهندو هيو. ائين لڳندو هيو جيئن ڪنهن پڇتاءُ جو شڪار هجي. اهو چرين جيان ڳوٺ جي گھٽين ۽ واهه ڀرسان وڻن هيٺان چڪر ڏيندو هيو. وڏيري کان هن جي حالت ڏٺي نه وئي. هن سندس سوٽ سان شادي ڪرائي، جنهن مان هن کي پٽ ڄائو. جڏهن هن جو پٽ پنجن سالن جو ٿيو ته مسو ڳوٺ جي ڪنهن نظربند اهڙو خوبصورت ٻار ڏسي ان کي سڏي پنهنجي ڀرسان بيهاري ڪجهه دير ان جي اکين ۾ نهاريو. جڏهن اهو نظر بند اڳتي هليو ته ٻار ان جي سحر ۾ ڦاسي خودبخود ان پويان هلڻ لڳو ۽ گم ٿي ويو. تنهنجي دوست ٻار کي گھڻو ڳولهيو پر اهو نه مليو. هو پٽ جي ڏک ۾ روئيندو رهيو ۽ آخر ان صدمي ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو“.
    دوست جو حال ٻڌي هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. هن سوچيو جيل ۾ هن جي دوست جي شڪل وارو شخص ڪير آهي؟ هن کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي. اهو نوجوان هنجي دوست جو پٽ هيو. جنهن کي نظر بند ڳوٺ مان اغوا ڪري خانا بدوشن کي وڪيو هيو. هن کي جيئن ڳالهه سمجهه ۾ آئي هو وڏيري وٽ ويو ۽ ان کي ٻڌايائين ته هن جو ننڍي لاءِ وڇڙي ويل پوٽو قيد ۾ آهي، جنهن تي هڪ عورت جي قتل جو مقدمو هلي رهيو آهي. جنهن جي آزاديءَ لاءِ اُپاءَ نه ورتا ويا ته اهو موت جي منهن ۾ هليو ويندو. هن ڇوڪري جي ڏاڏي کي سڄي حقيقت کان آگاهه ڪيو. ڇوڪر جو ڏاڏو وڏي اثر رسوخ وارو شخص هيو. اهو شهر آيو ۽ فوجي عدالت کي خوش ڪري قتل خطا جو قلم هڻائي وڏي رقم جرماني طور ڏئي پوٽي کي آزاد ڪرائي گھر وٺي ويو. ان نوجوان جا باقي ڏينهن ڳوٺ ۾ سٺا گذريا. هو پنهنجي پيءَ جي ان دوست جو ٿورائتو رهيو جنهن هن کي قيد مان آزاد ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي هئي.
    هن کي نجوميءَ جا لفظ ياد اچي ويا. نجوميءَ جا لفظ سچا هيا. دنيا ۾ انسان مري نه ٿو پر منتقل ٿئي ٿو. هن ۾ هن جا ماءُ پيءَ جيئرا رهن ٿا. هن محسوس ڪيو. هن جو دوست مئو نه آهي پر جيئرو آهي.
    نجومي اها ڳالهه ياد ڪري سوچيو. ڌرتيءَ تي ڪو به انسان سکيو نه آهي. ڏک هن سان گڏ پيدا ٿيا آهن. هن سان گڏ جيئرا رهندا ۽ هن سان گڏ دفن ٿيندا. ڏک انسان جو روح آهن. جڏهن ڏک ختم ٿين ٿا ته موت واقع ٿئي ٿو.
    نجوميءَ وقت گذارڻ لاءِ وري هڪ لفافو کولي پڙهيو. اهو هڪ بدنصيب شخص جي قسمت ۾ نڪتو هيوجنهن کي حالتن ۽ وقت چريو ڪري وڌو. اهو شخص هڪ ڳوٺ جو غريب هاري هيو جنهن کي قسمت سزا ڏني. ان کي ننڍي حرڪت تي گھڻو ڀوڳڻو پيو. اهو هاري هڪ ڏينهن تاڙي خاني ۾ آيو ۽جڏهن ٻاهر نڪتو ته پنهنجي بدنصيبي جو حال اورڻ نجوميءَ وٽ اچي ويٺو. نجوميءَ ان هاريءَ کي ڏٺو. اهو اڌروٽ عمر جو ننڍي قد وارو شخص هيو، جنهن کي ڊگهي چولي تي گوڏ ٻڌل هئي ۽ ان جا وار هن جي سوچن جيئن وکريل هيا. ان جي ڪڻڪ رنگي منهن تي هلڪي ڏاڙهي هئي. ان شخص جي ناسي اکين ۾ ڏک جا ڳوڙها مزار تي ٻرندڙ ڏيئي جي لاٽ جهڙا هيا. اهو بدنصيب شخص نجوميءُ ڀرسان ويٺو ۽ اندر جا احوال کولي ان اڳيان رکيا.
    ”مون زندگيءَ ۾ گھڻا گناهه ڪيا آهن پر هڪ گناهه ائين آهي جيئن مونسان گڏ جيئندو هجي. جڏهن سمهندو هجان ته اڌ وهاڻي تي گڏ سمهندو هجي. جڏهن اکيون کولي ڏسندو هجان ته هو اکيون ٻوٽي ليٽيل هجي ۽ جڏهن اکيون بند ڪري سمهندو هجان ته اهو اکيون کولي ڏسندو هجي. اهو گناهه جنهن کي مان وساري نه ٿو سگهان وڏي عرصي کان ڪنهن پاڇي جيان منهنجي ڪڍ آهي. ان گناهه کي محسوس ڪري مان به ڄڻ تبديل ٿيندو پيو وڃان. اهو گناهه مون تي ايڏو حاوي آهي جو منهنجون سوچون ان مان جان ڇڏائڻ لاءِ آتيون آهن“.
    ان شخص جڏهن ڳالهايو پئي ته ان جا هٿ سيءَ ۾ ويٺل ڪنهن بکايل پوڙهي جي هٿن جيان پئي ڏڪيا. اهو شخص اندر ۾ ڏاڍو ڊنل ۽ گھبرايل هيو. ”لڳي ٿو ڪنهن ڪيل گناهه جي احساس توکي نهوڙي وڌو آهي“. نجوميءَ چيو.
    ”ها گناهه جو احساس جنهن منهنجين سوچن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن سوچن جي زير اثر منهنجي اندر وڏي آنڌ مانڌ آهي“ هن چيو.
    ”جيڪڏهن تون چاهين ته مان تنهنجي مدد ڪري سگهان ٿو ته توکي سموري ڳالهه ٻڌائڻي پوندي“. کيس نجوميءَ چيو.
    اهو شخص نجوميءَ وٽ گوڏا کوڙي ويٺو ۽ پنهنجي ڳالهه ٻڌائي.
    شهر کان ست ڪوهه پري دودي درياهه وٽ هڪ ڳوٺ هيو جنهن چوڌاري ڍنڍن تي سياري جا مسافر پکي ترندا هيا. اتي ڍنڍن مٿان ڪوهيڙي جو غبار ڪڏهن ختم نه ٿيندو هيو.
    سياري جو وڻ جھڙ ۾ تبديل ٿي ويندا هيا، ڪو وڻن هيٺان ويهندو هيو ته پنن تان ماڪ ٻار جيان بانبڙا پائيندي هيٺ لهندي هئي. ان ڳوٺ جو قبرستان سڀ کان پرسڪون جاءِ هيو. قبرون ڪوهيڙي جي چادر پائي ڌرتيءَ جي سيني کي ٻارن جيان چهٽل هونديون هيون. انهن ڏينهن اڃان ڪنوارو هيو ۽ هن تي ڪي جوابداريون نه هيون. هن کي جوئر جون گلابي مانيون وڻنديون هيون، انهن کي مکڻ سان ائين کائيندو هيو ڄڻ زندگيءَ سان عشق ڪندو هجي. هو واندو ۽ حرڪتي هيو. ڳوٺ جي ڪنهن مزار يا اوتاري تي ويٺل هوندو هيو.
    اهو صبح جو وقت هيو. هو قبرستان مان لنگهي رهيو هيو. هر طرف ٿڌ ۽ ڪوهيڙو ڦهليل هيو. هن هر هر هٿ مهٽي انهن کي ڦوڪون پئي ڏنيون. ان ڏينهن پاڻ کي خوش ۽ توانو محسوس ڪري رهيو هيو. قبرستان ۾ حاڪم شاهه جي مزار هئي. مزار جي در وٽ لڙڪندڙ گھنڊن هيٺان هن کي هڪ شخص ويٺل نظر آيو. هو ڪتبن پويان لڪندو آهستي هلندو ان شخص کي ويجهو ٿيو. هن ڏٺو ان ڪڏهن ٽهڪ پئي ڏنا ۽ ڪڏهن رنو پئي، مسلسل ويو پئي روئيندو ۽ رڙيون ڪندو، وري هڪ ڊگھي چپ کانپوءِ ان وڏي آواز ۾ گاريون ڪڍڻ شروع پئي ڪيون. ان جون حرڪتون ڏسي هن کان کل نڪري وئي. هن شرارت مان پٿر کڻي ان کي وهائي ڪڍيو. پٿر مست جي پٺيءَ ۾ لڳو ۽ ان ڪنڌ ورائي هن کي ڏٺو. هو ڪتبن پويان نڪري آيو ۽ مست ڏي ڏسي کلڻ لڳو. مست افسوس مان هن ڏانهن ڏٺو. مست جي اکين ۾ ڳوڙها هيا. ائين پئي لڳو ميدانن ڍنڍن قبرستانن ۽ ٻنين مٿان بيٺل ڪوهيڙو مست جي ڳوڙهن مان پيدا ٿيندڙ غبار آهي. ٿڏ ڪري مست جي اکين ۾ جهليل ڳوڙها سمنڊ جي سپين ۾ پيل موتين جيان پئي جهرڪيا. هو مست جي اکين ڏي ڏسي پنڊپهڻ ٿي ويو. هن کي اندر جي ڪنهن آواز کان دل تي اهڙوڌڪ لڳو جو وجود پڇتاءَ جي باهه ۾ پاڻي ٿي رجي ويو. هو مست جي اکين کي ڪڏهن وساري نه سگھيو. هن کي لڳو هن وڏو گناهه ڪيو آهي. جنهن جو ڪرڻو هن کي ڀرڻو پوندو. قدرت هن کي ان گناهه جي سزا ضرور ڏيندي.
    هو گناهه جي پڇتاءَ ۾ زندگي گذارڻ لڳو. هن جو عادتون تبديل ٿي ويون. هن کي لڳندو هيو ڪو ٻوجهه آهي جيڪو ڪلهن تي رکيل آهي ۽ وزن کان هيٺ جهڪي ويو آهي. هڪ دفعي رات جو سمهيو پيو هيو ته هن کي گھر ٻاهران سڏ ٿيا. هو اٿيو ۽ در کولي ڏٺائين اتي ڪو به نه هيو. پوءِ روز رات جو سڏ ٿيندا هيا. ڪو هوندو هيو جيڪو زور سان وڏي آواز ۾ هن جو نالو کڻي پڪاريندو هيو. اهي سڏ صرف هن کي ٻڌڻ ۾ ايندا هيا. هو جڏهن پنهنجي گھرڀاتين کان پڇندو هيو.
    ”ڇا انهن سڏ ٻڌا؟“ ته اهي حيران ٿي ويندا هيا.
    ”ڪهڙا سڏ“ اهي چوندا هيا” وڃ وڃي سمهي پوءُ.اهو سڀ تنهنجي دماغ جو خلل آهي“.
    هن کي سڏ صاف ٻڌڻ ۾ ايندا هيا. اها ڳالهه هن هڪ پهتل بندي سان ڪئي. ان کيس ٻڌايو ته ” اهي تنهنجي ضمير جا سڏ آهن. جڏهن تون رات جو سمهين ٿو ته تنهنجو ضمير ٻاهر نڪري توکي جاڳائي ٿو. تنهنجو ضمير مطمعن نه آهي، ضرور ڪنهن پڇتاءَ کان تنهنجي من ۾ مانڌاڻ پيل آهي“.
    هو سمجهي ويو ته اهو سڀ ان مست فقير کي تنگ ڪرڻ سبب آهي. هو وري قبرستان ويو ۽ حاڪم شاهه جي مزار تي مست کي ڳولهيو. پر اهو هن کي نظر نه آيو. مزار جي در تي لڙڪندڙ گهنڊن هيٺان اهو پٿر اڃان پيل هيو. جيڪو هن فقير کي وهائي ڪڍيو. پٿر هٿ ۾ کڻي ٻئي هٿ مٿي کي ڏئي ويهي رهيو.
    جڏهن هن جي شادي ٿي ته اهو مست هن کي پنهنجي ڪاج ۾ نظر آيو. مست کلندو روئيندو پنهنجي منهن ڳالهائيندو هڪ پاٽ تي اچي ويٺو ۽ ڀت کائڻ لڳو. هن پنهنجن ميرن هٿن سان پاٽ کائي صاف ڪئي. هو جڏهن مست جي ويجهو ويو ته مست ٻوٽي کائي هڏو هن کي هٿ ۾ ڏنو ۽ ٽهڪ ڏيڻ لڳو. اهو مست ائين هليو ويو جيئن هيو ئي نه. هو ڪيتري دير سوچيندو رهيو ته ان کان معافي ڇو نه ورتي، پر هو مست کي ڏسي ايڏو ته هراسجي ويو هيو جو هن جي زبان مان ڳالهائڻ جي سڪت نڪري چڪي هئي.
    شاديءَ کانپوءِ هن کي جاڙا پٽ ڄايا جن جون پٺيون پاڻ ۾ مليل هيون. ٻار خوبصورت ۽ صحتمند پئي ڏٺا پر اهي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هيا. انهن جون شڪليون هڪ جهڙيون هيون. ماءُ هڪ کي کير پيئاريندي هئي ته ٻئي جو منهن پيءُ ڏانهن هوندو هيو ۽ جڏهن ٻئي کي کير پيئاريندي هئي ته پهرين جو منهن هن ڏانهن هوندو هيو. هو عجب مان ٻارن کي ڏسندو هيو ۽ قدرت تي ڪڙهندو هيو. هن کي انهن جي مستقبل جو فڪر هيو. اهي ماءُ ڀرسان لوئيءَ ۾ ليٽيل هوندا هيا. ائين لڳندو هيو ڄڻ هڪ ٻئي کان ناراض آهن. پر اهي هڪ ٻئي جو حصو هيا. ڳوٺ ۾ هڪ حڪيم هيو. ان جڏهن ٻار ڏٺا ته چيو .
    ” دنيا ۾ هي ڪي اهڙي قسم جا نوان ٻار نه آهن. ان کان اڳ به اهڙا ٻار پيدا ٿيا آهن“.
    پوءِ هن پيغمبر جي ڳالهه ٻڌائي.
    ”اهڙا ٻار هڪ عورت کي ڄايا هيا. اها پيغمبر وٽ وئي ۽ پيغمبر تلوار سان چيري انهن کي الڳ ڪيو“.
    حڪيم ڪجهه دير چپ ٿي ويو ۽ ٻار جو جائزو وٺڻ لڳو.
    ” هي ٻار آخر ائين زندگي ڪيئن گذاري سگھندا“ پوءِ هن چيو ” ٿي سگھي ٿو اهي گھڻو وقت جيئرا نه رهي سگھن. منهنجي صلاح آهي ته انهن کي الڳ ڪيو وڃي“.
    ماءَ ان ڳالهه جي اجازت نه ڏني ۽ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي. پيءُ هن کي سمجهايو.
    ”اهو ٻارن جي مستقبل جو سوال آهي. حڪيم کي اجازت ڏني وڃي ته هو پنهنجي حڪمت کي آزمائي“.
    حڪيم هڪ آڙاهه تي ڇري گرم ڪئي ۽ پوءِ هن ٻن ماڻهن جي مدد سان ٻارن کي جهلي اها وچ تي وهائي. گرم ڇري ڄڻ مکڻ اندر هلي وئي. ٻارن دانهون ڪيون ۽ ڪجهه گھڙين کانپوءِ اهي چپ ٿي ويا. جڏهن پيءُ ماءُ ڪمري ۾ ويا ته ٻه ٿڌا ٻار ماڻهن جي ڪڇ ۾ هيا ۽ حڪيم جي ڇريءَ مان گرم رت هيٺ ڳڙي رهيو هيو.
    هو اهو منظر ڪڏهن وساري نه سگهيو. هن جي زال وار پٽي ڪمري ۾ ليٿڙي رهي هئي ۽ هو ڪلهي تي لڙڪندڙ ڪپڙي ۾ منهن لڪائي روئي رهيو هيو.
    ”جيڪا رب جي مرضي..... جيڪا رب جي مرضي“.
    حڪيم هر هر ساڳيو جملو ورجهائي رهيو هيو. هن کي اهي لفظن ائين لڳي رهيا هيا جيئن مزار تي ويٺل مست جي چپن مان نڪرندا هجن، جيڪو ٽهڪ ڏئي کلي چوندو هجي ۽ اهي لفظ ڪوهيڙي جيان هن جي وات مان نڪري قبرستان جي ڪتبن سان ٽڪرائجي پڙاڏي جيان گونجندا هجن. هو انهن گھڙين کي ڪڏهن وساري نه سگھيو ۽ هن محسوس ڪيو سندس زندگي ويران ٿي چڪي آهي. هو اجڙجي چڪو آهي. هن جي زال ان ڏينهن کانپوءِ مايوس ۽ پري رهڻ لڳي. هو به اڪيلائي پسند ٿي ويو. هن محسوس ڪيو سندس جنسي ضرورتون گھٽجي ويون آهن. هو ويرانين ۾ رلڻ لڳو. ڪوهيري ۾ ويڙهيل ٻارن جون قبرون ڏسي هن کي لڳندو هيو ڄڻ اهي هن جي اکين جا ٻه ڇڻيل ڳوڙها آهن جيڪي پٽ تي پيا هجن. هو شهر ويو ۽ تاڙي خاني ۾ وڃي ڏکن کي گھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي. تاڙي پي سڪون ۾ آيو. جڏهن ٻاهر نڪتو ته هنجي نظر نجوميءَ تي پئي ۽ اچي ان وٽ ويٺو.
    نجوميءَ هن جي ڳالهه ٻڌي ۽ پوءِ طوطو لاهي لفافن تي رکيو. طوطي چڪر هڻي هڪ لفافو ڇڪي ٻاهر ڪڍيو. نجوميءَ جڏهن لفافو کولي پڙهيو ته اتي کليل هيو.
    ٽيپو ٽيپو ٿي،
    ڪري پيس،
    جيئن سوچيو،
    تيئن
    ٿي پيس،
    هن کي نجوميءَ جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، نجوميءَ ان جو مفهوم ٻڌايو. ”انسان جي دل ايڏي ته نرم آهي جو هر سانچي ۾ ڍلجي وڃي ٿي. اها پاڻيءَ جيان آهي، جيڪو جنهن ٿانوَ ۾ ٽيپو ٽيپو ٿي ڪري ٿو ان جهڙو ٿي پوي ٿو. انسان جون سوچون به ائين آهن. هو پنهنجن سوچن جي زير اثر آهي. هو سوچن ۾ ٻڏي ٿو ۽ انهن ۾ تري ٿو. انسان ڀل لوهه جهڙو سخت ڇو نه هجي اهو وقت جي بٺيءَ ۾ رجندي دير ئي نه ٿو ڪري. اهو جيئن چاهي تيئين ڍلجي وڃي ٿو. جيئن چاهي ٿي پوي ٿو. هن جي ڪردار تي سوچن جو اثر آهي. هو سوچي ٿو ته دنيا سٺي ٿي پوي ٿي يا خراب نظر اچي ٿي. هو چاهي ته هر شيءِ کي سٺو ڪري وجهي يا ان کي بگاڙي وجهي. اسين سوچن جا غلام آهيون. شخصيت سوچن جو مجموعو آهي. سوچون غالب ٿين ٿيون ته انهن جي آڌار تي بدلجي وڃون ٿا. دنيا المين سان ڀريل آهي. اسين مثبت سوچن سان المين کي دفنائي گل وجهي سگهون ٿا.“
    نجوميءَ مفهوم سمجهايو ۽ ان شخص جي منهن ۾ نهاريو، اتي اڃان به سوين سوال هيا. نجوميءَ وري ڳالهايو.
    ”تون جيئن سوچيو تيئن ٿي پئين. گناهه جي احساس تنهنجي شخصيت کي لوڏي ڇڏيو. تون ارادي ۽ همٿ سان حالتن جو مقابلو ڪري سگهين ٿو. توکان هڪ گناهه ٿيو جنهنجي سزا ڀوڳي رهيو آهي. تون پاڻيءَ ۾ تبديل ٿي چڪو آهين. پاڻيءَ کي جيڪو دڳ ملندو اوڏانهن رستو ٺاهي وهندو“.
    نجوميءَ جون ڳالهيون ٻڌي هن محسوس ڪيو، هو جنهن سانچي ۾ ڍلجي رهيو آهي، ان کي پڃي ٻاهر نڪرڻ هن جي وس جي ڳالهه نه آهي.
    هو نجوميءَ کان موڪلائي ڳوٺ آيو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هن جي زال بيمار ٿي پئي، هن جي هڪ واڇ ڦري وئي ۽ جسم جو اڌ حصو سن ٿي ويو. علاج لاءِ هن راجستاني ڀوپا گھرايا. جن هن کي ٻڌايو ته اهو سڀ گھر ۾ رهندڙ ڪاري ٻليءَ ڪري ٿيو. انهن ٻليءَ کي ماري جسم ۾ سئيون هڻي گھر ٻاهران پوري ڇڏيو، پوءِ دونهي دکائي کٽن تي ويهي ست ڏينهن سرندا وڄائيندا رهيا. هن جي زال دونهيءَ جي ڌپ کان کنگھندي رهندي هئي. ڀوپا دونهيءَ چوڌاري ويهي سرندا وڄائي هر هر هڪ اهڙو آواز ڪڍندا هيا جيئن اهي رهڙ ڏئي ڪنهن شيءَ کي تڙي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا هجن. انهن هڪ ڏينهن هن کي چيو.
    ”عورت جي جسم مان گوشت توري ڪڍڻو پوندو. ائين ڪرڻ سان هوءَ مرڻ کان بچي ويندي“.
    اها هن جي زندگيءَ جي دردناڪ گھڙي هئي. راجستاني ڀوپا دربند ڪري هن جي زال جي جسم جو گوشت وڍيندا رهيا ۽ هو وارن ۾ هٿ وجهي پڌر ۾ چرين جيان گھمندو رهيو. جڏهن ڀوپا تارازيءَ ۾ گوشت وجهي ٻاهر نڪتا ته اهو منظر ڏسي هو دهلجي ويو ۽ پٽ تي ڪري پيو. جڏهن هوش ۾ آيو ته هن جي وات مان گگ وهي رهي هئي. هو ڀوپن پويان قبرستان طرف ڀڳو جيڪي گوشت دفنائڻ ويا هئا. هو اتي پهتو ۽ چرين جيان قبرستان ۾ گھمڻ لڳو. هن جي ڏاڙهي جا وار وڏا ٿي چڪا هيا. هن جي مٿي ۾ مٽي پئجي چڪي هئي. هن جا ڪپڙا ليڙون هيا. هو ڦاٽل قميص جي ڇڳل گريبان ۾ هٿ وجهي ڪوهيڙي ۾ رلڻ لڳو. هن جون اکيون ڳوڙهن سان ڀريل هيون. هو هلندو حاڪم شاهه جي مزار تي آيو ۽ اتي ٻاهر ٽنگيل گھنڊن هيٺان اچي ويٺو. هن کي اهي ڏينهن ياد آيا جڏهن ڪنوارو هيو ۽ ڏاڍو خوش هيو. ڳوٺ جي گھٽين ۾ بدمست جوانيءَ جا ڏينهن گذاريندو هيو. اهي ڏينهن ياد ڪري هو ٽهڪن ۾ مچي ويو ۽ وري چپ ٿي ويو. هن جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويون. هن کي اهو حڪيم ياد آيو جنهن جي هٿ ۾ ڇري هئي ۽ هر هر چئي رهيو هيو. ”جيڪا رب جي مرضي.... جيڪا رب جي مرضي.“ هو روئڻ لڳو. ۽ ڪيتري دير روئندو رهيو. پوءِ هن کي اهي پوڀا ياد آيا جيڪي هن جي زال جو گوشت وڍي تارازيءَ ۾ توري رهيا هيا. اهو ياد ڪري هن گاريون ڏيڻ شروع ڪيون. هو ڪڏهن کلڻ لڳو. ڪڏهن روئڻ لڳو ۽ ڪڏهن گاريون ڏيڻ لڳو.
    اهو صبح جو وقت هيو. ڪو نوجوان قبرستان مان لنگھي رهيو هيو. هر طرف ٿڌو ڪوهيڙو ڦهليل هيو. ان هر هر هٿ مهٽي انهن کي ڦوڪون پئي ڏنيون. ان ڏينهن پاڻ کي خوش ۽ توانو محسوس ڪري رهيو هيو. هو قبرستان ۾ حاڪم شاهه جي مزار وٽ آيو. مزار جي در وٽ لڙڪندڙ گھنڊن هيٺان هن هڪ شخص کي ويٺل ڏٺو. هو ڪتبن پويان لڪندو آهستي هلندو ان شخص کي ويجهو ٿيو. هن شرارت مان پٿر کڻي ان کي وهائي ڪڍيو. پٿر ان جي پٺيءَ ۾ لڳو ۽ ان ڪنڌ ورائي هن کي ڏٺو. هو ڪتبن پويان نڪري آيو ۽ ان ڏي ڏسي کلڻ لڳو. ان افسوس مان هن ڏانهن ڏٺو. ان جي اکين ۾ ڳوڙها هيا. ائين پئي لڳو ميدانن، ڍنڍن قبرستانن ۽ ٻنين مٿان بيٺل ڪوهيڙو ان جي ڳوڙهن مان پيدا ٿيندڙ غبار آهي. ٿڌ ڪري ان جي اکين ۾ جهليل ڳوڙها سمنڊ جي سپين ۾ پيل موتين جيان پئي جرڪيا. هو ان جي اکين ڏي ڏسي پنڊ پهڻ ٿي ويو.
    نجوميءَ جو چوڻ سچ ثابت ٿيو. هو گناهه جي شدت کي محسوس ڪندي سوچن جي زير اثر تبديل ٿي ويو.
    نجومي گذريل ڏينهن ائين ياد ڪرڻ لڳو ڄڻ اهي هن جي دماغ جي ديوارن تي اڪريل الفاظ هيا جن کي هو اکيون بند ڪري ڏسندو ۽ پڙهندو پئي ويو. ماضيءَ کي ياد ڪري نجوميءَ محسوس ڪيو، ماضي ڏکن سان ڀريل هوندو آهي. ماضيءَ ۾ سک جون گھڙيون اٽي ۾ لوڻ برابر هونديون آهن. هن جو وقت ماضيءَ کي ياد ڪندي سٺو گذري رهيو هيو. هن وٽ ايندڙ ماڻهو ڏکن ۾ وڪوڙيل هوندا هيا.
    شهر جو تاڙي خانو انهن لاءِ اهڙي پناهگاهه هيو جتي هو من جا زخم ڌوئي سورن کان نجات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هيا. هن وقت گذارڻ لاءِ وري طوطي کي لفافن تي ڇڏيو ۽ طوطي اهڙو لفافو ڪڍيو جيڪو ڪڏهن هڪ بدنصيب پيءُ جي قسمت ۾ نڪتو هيو. اهو بدنصيب پيءُ جنهن جي گھر ۾ مانڌاڻ متل هيو. هن جا ٻه پٽ پاڻ ۾ وڙهيا هيا. ننڍي ڀاءُ وڏي کي زخمي ڪري وڌو هيو. جيئري پٽن کي اکين سامهون وڙهندو ڏسي هن جي قيامت ڪاري ٿي وئي. هن سوچيو به نه هيو ته زندگيءَ ۾ اهڙا ڏينهن ڏسڻا پوندا. هن کي پنهنجو گھر ڪنهن دوزخ کان گھٽ نظر نه آيو. هو پريشان ٿي ويو ۽ من جي آنڌ مانڌ کي گھٽائڻ لاءِ تاڙي خاني جو رخ ڪيو. جڏهن تاڙي پي هلڪو ٿيو ۽ ٻاهر نڪتو ته هن جي نظر نجوميءُ تي پئي ۽ ان وٽ ويو .
    ”منهنجي گھر ۾ مانڌاڻ متل آهي“ هن چيو ” گھر جو سڪون تباهه ٿي چڪو آهي. اهو جنگ جي ميدان ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. ننڍي ڀاءُ وڏي کي زخمي ڪري وڌو آهي. مان مصيبت ۾ ڦاٿل آهيان. ڳڀو پيٽ ۾ نه آهي. گھر ۾ روڄ راڙو آهي“.
    نجوميءَ ٻڌو ۽ هن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو.
    ”مونکي افسوس آهي“. ان چيو ”رب توهان کي صبر ۽ اولاد کي هدايت ڏيندو“.
    ”منهنجي گھر ۾ نفرت جي باهه ٻري رهي آهي“ هن وري ڳالهائيندي چيو. ”منهنجا پٽ ڏاڍا جذباتي آهن. انهن کي وڙهڻ وقت منهنجي پيريءَ جو خيال به نه آيو. آخر مان گھڻا ڏينهن جيئرو رهندس ۽ غذاب سهندس“
    پيءُ جي اکين مان ڳوڙها وهي شرم کان هن جي گهنجن ۾ لڪي پيا. نجوميءَ ان ڏکايل پيءُ کي همدرديءَ مان ڏٺو ۽ پوءِ چيو.
    ”ڳالهه کولي ٻڌاءِ ته سمجهه ۾ اچي جيئن تهه تائين پهچي سگهون“. پيءُ ڳوڙها اگھيا ۽ پوءِ ڳالهه ٻڌائي.
    هو هڪ سکيو ستابو شخص هيو جنهن کي مينهن جو واڙو هيو. هن جي واڙي ۾ مينهون ڪونرن مٿان ائين ٻڌل هونديون هيون جو انهن وچ مان لنگھڻ جيتري جاءِ به نه هوندي هئي. مينهن جا پيٽ پاڻ ۾ پيا گسندا هيا. هو صبح شام مينهن جو کير ڏهي واڙي ٻاهران ڪاٺ جي صندل تي وڪڻندو هيو. هن چوڌاري ماڻهو ٿانو کڻي ائين ڪٺا ٿيندا هيا ڄڻ مفت ۾ ورهائيندو هجي. هن جي نج کير جي هاڪ هئي. کير گھاٽو ۽ صاف هوندو هيو. هن کي کير مان وڏي آمدني هئي.
    گھر ۾ ڪنهن به شيءِ جي کوٽ نه هئي. هن جو گھر ڪنهن جنت جيان هيو، جتي خوشيون ۽ ٽهڪ هيا. هن جا ٻئي پٽ سمجهدار پر جذباتي هيا. اهي زندگيءَ ۾ ڪڏهن نه وڙهيا. انهن جو وقت امن امان ۽ ماٺ ميٺ ۾ گذريو هيو. اهي پيءُ جي عزت ڪندا هيا ۽ سمجهندا هيا ته انهن جو پيءُ هڪ محنتي ۽ ايماندار شخص آهي جنهن انهن لاءِ گھڻو ڪجهه ٺاهيو آهي. ٻنهي پٽن جو شاديون ٿيل هيون ۽ ٻارن جي پالنا سٺي طريقي سان ٿي رهي هئي.
    واڙي مان آمدني گھڻي هجڻ ڪري هڪ ڏينهن اهو شخص سونارڪي بازار ويو ۽ ٻنهي نهرن لاءِ سونا لاڪيٽ ٺهرايا. سوناري ڪارن ڌاڳڻ ۾ سونا پتلا وجهي ان حوالي ڪيا. هو گھر آيو ۽ لاڪيٽ نهرن کي ڏنا. لاڪيٽ وزن ۾ ڳورا هيا. ننهرون خاص موقعن تي پائينديون هيون نه ته لاهي بند ڪري رکي ڇڏينديون هيون.
    هڪ دفعي اهي ڪنهن شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ ويون. جڏهن دير سان موٽيون ته گھر جا گھڻا ڪم رهيل هيا. ننڍي ننهن جيڪا روز ڏڌ ولوڙيندي هئي اها تڪڙ ۾ وڃي چاڏيءَ تي ويٺي. هن کان ڳچيءَ ۾ ڪاري ڌاڳي ۾ پاتل لاڪيٽ لاهي رکڻ وسري ويو. جڏهن اها ڏڌ ولوڙي رهي هئي ته ان جي ڳچيءَ ۾ پاتل لاڪيٽ هيٺ لڙڪي هر هر هن جي ڪم ۾ رڪاوٽ وجهي رهيو هيو. هن تڪڙ ۾ لاڪيٽ جي لڙڪندڙ پتلي کي سوري پويان ڪري ڇڏيو . جڏهن ڏڌ ولوڙي واندي ٿي ته گھڻي دير کانپوءِ هن کي لاڪيٽ ياد آيو. هن ڳچيءَ اڳيان هٿ هڻي ڏٺو، اتي لاڪيٽ نه هيو پر ڪنڌ ۾ ڪارو ڌاڳو هيو جيڪو هن کي روز پاتل هوندو هيو. هوءَ پريشان ٿي وئي ۽ دانهن ڪيائين.
    ”منهنجو لاڪيٽ الائي ڪيڏانهن ويو.... ڪٿي ڪري پيو يا ڪو لاهي ويو؟“ ٻنهي ڀائرن گڏجي گھر ۾ لاڪيٽ ڳولهيو. انهن هر ڪنڊ ۽ پاسو چڱيءَ طرح چڪاسي پڪ ڪئي ته اهو گھر ۾ ڪٿي نه ڪريو آهي. انهن شاديءَ واري گھر جتان عورتون موٽيون هيون ماڻهو موڪلي نياپو ڪرايو ته ”اسان جي عورت جو سونو لاڪيٽ ڪريو آهي جيڪڏهن اتي هٿ اچي ته مهرباني ڪري موٽائي ڏيندا“.
    سڄي ڪاڄ ۾ پڇا ڪرائي وئي ته ”مائيءُ جو سونو لاڪيٽ ڪريو آهي ڪنهن کي خبر هجي ته ضرور ٻڌائي“.
    مائيءَ جو لاڪيٽ نه لڀڻو هيو نه لڀيو. سڀ مايوس ٿي چپ ڪري ويهي رهيا. ننڍي ننهن کي آرام ئي نه پئي آيو. هن جي من ۾ اڻ تڻ هئي ته هيڏو قيمتي لاڪيٽ هٿن مان هليو ويو آهي، هوءُ چپ ڪري نه ويهندي ۽ لاڪيٽ ڳولهي لهندي.
    هن پاڙي ۾ جاڙي ماءُ ڏانهن ماڻهو موڪليو ته هن وٽ اچي ڦار وجهي اهو ٻڌائي ته سونو لاڪيٽ ڪاڏي ويو.
    جاڙي ماءُ بزرگ عورت هئي، جنهن وٽ گھڻا ماڻهو ڦار وجهائڻ ايندا هيا. هوءُ ڌرتيءَ تي ليڪ پائي مٿان ڏوئي لڙڪائي ان سان ڳالهائيندي هئي. جاڙي ماءُ کي جڏهن ننڍي ننهن جو نياپو مليو ته هوءُ ڀڄندي آئي ڇو جو هن کي خبر هئي ته سکيو ستابو گھر آهي موٽ ۾ سٺا پئسا ملندا. جڏهن جاڙي ماءُ پهتي ته ننڍي ننهن ان کي پوري ڳالهه ٻڌائي. جاڙي ماءُ ڌرتيءَ تي ليڪ پائي ان مٿان ڏوئي لڙڪائي ويهي رهي. وئي ڏوئيءَ کان سوال ڪندي ۽ ان جي لڙڪندڙ انداز مان پاڻ ئي جواب ڏيندي. آخر هن منهن مٿي ڪري ننڍي ننهن کي ٻڌايو.
    ”تنهنجو لاڪيٽ گھر ۾ آهي. اهو ٻاهر ڪٿي نه ڪريو آهي. ڳولهه لڀي ويندو“.
    اها ڳالهه ٻڌي هوءَ سوچ ۾ پئجي وئي. هن جاڙي ماءُ کي پئسا ڏئي روانو ڪيو ۽ پاڻ پريشانيءَ ۾ مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهي. جڏهن مڙس حال احوال ورتس ته هن سموري ڳالهه ان کي ٻڌائي.
    ”لاڪيٽ گھر ۾ آهي ته اهو ڪيڏانهن ويو“ مڙس سوچ ۾ پئجي ويو. ”اهو لاڪيٽ منهنجي ڏيرياڻي کانسواءِ ڪير کڻي سگهي ٿو“ هن ڪاوڙ مان چيو ”ان لاڪيٽ واپس نه ڪيو ته سمجهه خير نه آهي“.
    ننڍي ننهن هٿن مان پئي نڪتي وئي. مڙس هن کي سمجهايو.
    ”اجايو اهڙيون ڳالهيون نه ڪر..... سٺو نه آهي“.
    هوءَ نه مڙي ۽ وٺي وڏي آواز ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو. زال جي رويي کي ڏسي ننڍو ڀاءُ وڏي وٽ ويو. هن کي سمورو حال اوريائين. وڏي ڀاءُ جڏهن ڳالهه ٻڌي ته باهه ٿي ويو.
    ”اسان تي ٿا چوريءَ جا الزام هڻو. اڙي بابا ڳالهائڻ کان اڳ ٿورو سوچيو ته سهي“ وڏي ڀاءُ چيو.
    ننڍي ڀاءُ جو منهن به ڳاڙهو ٿي ويو.
    جڏهن لاڪيٽ گھر ۾ آهي ته ضرور ڪنهن ڀاتيءَ کي هٿ آيو هوندو. ڀاڄائيءَ کان پڇ مٿان ان وٽ هجي“. ننڍي چيو.
    وڏو ڀاءُ زال وٽ ويو ۽ ان کي ڳالهه کان آگاهه ڪيائين، ان جڏهن ڏيرياڻيءَ پاران لڳايل الزام ٻڌو ته جوش ۾ اچي وئي.
    ” مان ڪڏهن چوري ڪئي آهي جو هاڻي ڪندس“؟ ان چيو ” ڀاءُ کي سمجھاءِ زال جي ڳالهين ۾ نه اچي“.
    وڏو ڀاءُ موٽي ننڍي وٽ آيو ۽ هڪ ڊگهي بحث کانپوءِ ٻکين پئجي ويا. ننڍو وڌيڪ طاقتور هيو. ان وڏي کي ڀاڪر ۾ کڻي پري ڦٽو ڪيو ۽ ويجهو وڃي لغدو منهن ۾ وهائي ڪڍيو. پيءُ ڊڪندو آيو ۽ ٻنهي کي الڳ ڪيائين.
    ”اڙي سياڻا ٿيو. هوندي سوندي ڇو خانو خراب ٿيو اٿو. صفا ڄٽ آهيو“. پيءُ ڏک وچان ڏڪندي چيو.
    ٻئي ڀائر هيٺ ڪنڌ ڪري بيهي رهيا. پيءُ ڏک مان گھڻي دير پٽ تي ويهي ڳوڙها ڳاڙيندو رهيو. جڏهن شام ٿي ته هو من جي پيڙا ۽ ڏک گھٽائڻ لاءِ تاڙي خاني ۾ آيو. جتي هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي.
    نجوميءَ پوري ڳالهه ٻڌي. طوطي کي آڱر تي کڻي لفافن مٿان لاٿو ۽ طوطي سوچي سمجهي هڪ لفافو سوري ٻاهر ڪڍيو. نجوميءَ جڏهن لفافو کولي پڙهيو اتي لکيل هيو.
    ”ناني نوريءَ
    ڏڌ ولوڙيو.
    نج کير جو
    ٻيڙو ٻوڙيو“.
    نجوميءَ رقعو پڙهي ڏکايل پيءُ کي ڏٺو ۽ پوءِ ان جو مفهوم سمجهايو.
    ”هر شيءِ پنهنجي اصلي حالت ۾ سٺي آهي. جڏهن اسين ڪنهن شيءِ جي چير ڦاڙ ڪريون ٿا ته ان جي اصليت وڃائي ويهون ٿا. اسين سادين ۽ صاف ڳالهين کي غير ضروري وضاحتن ۽ تشريحن سان منجهيل ۽ ڏکيو بنائي وجهون ٿا. دنيا ۾ هر ڳالهه پنهنجي اصلي صورت ۾ آسان آهي. اسان ان کي مختلف معنائون ۽ غير ضروري نانءَ ڏئي نامناسب ڪري وجهون ٿا. هر شيءِ تنهنجي واڙي جي کير جيان نج ۽ اصل آهي. جڏهن اسين ان ۾ پاڻي ملائي مانڌاڻي وجهي مکڻ ڪڍي لسي ٺاهيون ٿا ته کير جي اصليت ختم ٿي وڃي ٿي. ائين هر شيءِ کي ولوڙي ان جي هيت ۽ اصليت کي بگاڙيو وڃي ٿو. ماڻهو دنيا ۾ مونجهارن ۽ مشڪلاتن جو شڪار آهن. ڳالهه واضع ۽ صاف هوندي آهي اسين ان کي منجهائي مصيبتن جا دروازا کوليون ٿا. تنهنجي ننڍي ننهن به اهڙو ئي ڏڌ ولوڙيو آهي. وڙهڻ کان پهريون اهو ته ڏسن ها متان ڳالهه ايڏي منجهيل نه هجي. متان مائيءَ ڪٿي لاڪيٽ لاهي رکيو هجي ۽ ان کان ڳالهه وسري وئي هجي. هوندو اسان جي اندر ۾ آهي ڳولهيندا ٻاهر آهيون“.


    5

    نجوميءَ جي ڳالهه ٻڌي پيءَ هن کان موڪلائي سڌو گھر آيو. هن ننڍي پٽ کي گھرائي سمورو احوال ٻڌايو. ننڍو پٽ زال وٽ ويو ۽ چڱيءَ طرح لاڪيٽ ڳولهيو. اهو زال جي ڳچيءَ ۾ پٺيءَ واري پاسي وريل هيو. اهو ڏسي هو ڏاڍو لڄي ٿيو ۽ شرم کان ڪنڌ هيٺ جهڪائي اچي پيءُ سامهون بيٺو. ”بيشڪ ڳالهه سچي آهي“ ان چيو ”غلطي منهنجي آهي. مون کي معاف ڪيو“. هو پڇتاءُ کان روئڻ لڳو. جڏهن وڏي ڀاءُ کي خبر پئي ته هو هن وٽ آيو ۽ معاف ڪري ڀاڪر وجهي پرچائڻ لڳو.
    نجوميءَ جا ڏينهن گذريل وقت کي ياد ڪندي گذري رهيا هيا. هو ڏينهون ڏينهن ويو ٿي ڪمزور ۽ لاغر ٿيندو. هنجي بيماريءَ ۾ ڪو افاقو نه آيو. هن وٽ وقت گذارڻ لاءِ ٻي ڪا مصروفيت نه هئي. هن پوءِ وري طوطي کي آڱر تي کڻي لفافن مٿان ڇڏيو. طوطي جڏهن لفافو ڪڍي هن سامهون رکيو ته پڙهي هن کي ياد آيو، اهو لفافو هڪ زميندار جي قست ۾ نڪتو هيو، جنهن کي شهر ٻاهران هڪ پرفضا جاءِ تي ويهارو ايڪڙ زمين هئي. هن جي زمين تي کوهه هيا جيڪي ڏاندن تي ٻڌل ايٽن تي آباد ٿيندا هيا. ڌرتيءَ هيٺان صاف مٺو پاڻي هيو. هن جي زمين ۾ فصل سرسبز ۽ ججها ٿيندا هيا. ايٽن ۾ ڏاند صبح کان شام تائين ڦرندا هيا ۽ زمين تي پاڻيءَ جون نديون پيون وهنديون هيون. هو ٻنيءَ ۾ سبزيون اپائيندو هيو، ڇو جو هن جون زمينون شهر کان گھڻو پري نه هيون. شهر جون جايون اتان نظر اينديون هيون. شهر ۾ سبزين جي ضرورت هوندي هئي. اهو آسان هيو ته هو انهن کي اپائي شهر پهچائي سٺو ناڻو ڪمائي سگهي.
    هن هڪ دفعي ٻنيءَ ۾ بند گوبيون پوکيون. جڏهن بند گوبيون ڦٽيون ته اهي ڏسڻ ۾ ايڏيون ته سايون ۽ وڏيون هيون جو ائين پئي ڏٺو ڄن ڌرتيءَ تي سائي ڪپڙي جا ٿان پيا هجن. ٻني گوبن سان سٿيل هئي ۽ ڏسڻ واري کي نظارو ايڏو ته وڻيو پئي جو ان اتي بيهي رب جي وڏائي پئي بيان ڪئي. هڪ ڏينهن زميندار جو مرشد ٻنين تي آيو ۽ ان پوکيل بند گوبيون ڏسي چيو.
    ”قدرت هر هنڌ موجود آهي. مان ڏسان ٿو ته تنهنجين بند گوبين ۾ وڏي مڻيان لڪيل آهي. جيڪڏهن تون اها مڻيا ڳولهي لهين ته تو لاءِ وڏو انعام هوندو. قدرت ۽ فطرت کي جيڪو ويجهو ٿيو ۽ ان کي حاصل ڪيو ان سفلتا ماڻي ۽ زندگيءَ جو مقصد حاصل ڪيو. ڳجهه اندر سڀ لڪيل آهي. جنهن ڳجهه کي ڳولهي راز پروڙيو اهو مڻيا جو مالڪ ٿيو. هر شيءَ بند گوبي جيان آهي. ان جي هر پن پويان راز لڪيل آهي ۽ جڏهن اندر نهاربو ته مڻيا موجود ملندي جنهن جي آشا رکي هر ڪو ڌرتيءَ تي آيو آهي. جيڪڏهن تون مڻيا ڳولهي لڌي ته ڀاڳن وارو هوندين. تنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن سکيا ۽ سڪون ۾ گذرندا. توکي دائمي خوشي حاصل ٿيندي ۽ اندروني خواهشن جو پورائو ٿيندو“.
    مرشد زميندار کي چيو ۽ پوءِ حڪم ڏنو.
    ”وڃ بند گوبين کي کولي راز پروڙ ۽ مڻيا حاصل ڪري سفلتا ماڻ“
    مرشد جي ڳالهه ٻڌي زميندار هٿ ادب جا ٻڌي بيهي رهيو.
    ”جيڪو حڪم سائين........ ايندڙ سال جڏهن توهان موٽي ايندا ته بندو بند گوبين جي راز کي حاصل ڪري جيڪا مڻيا موجود هوندي اوهان آڏو پيش ڪندو“.
    مرشد جي رواني ٿيڻ کانپوءِ زميندار سوچڻ لڳو. ضرور مرشد جي ڳالهه سچي آهي.هن جيڪا ڳالهه ڪئي ان ۾ فائدو ۽ چڱائي هوندي. اهو سوچي هو هڪ ڏينهن صبح جو ننڊ مان اٿي اچي ٻنيءَ تي ويٺو ۽ هڪ بند گوبي پٽي ان جو پن پن الڳ ڪري ان ۾ اندر ڪجهه ڳولهڻ لڳو. هو ويو زمين مان گوبيون پٽيندو ۽ انهنجو پن پن الڳ ڪري اندر ڏسندو ۽ اڇليندو. شام تائين هن ڪافي بند گوبيون پٽي وڃائي ناس ڪيون پر هٿ ڪجهه نه آيو. ڪو شخص اتان لنگهيو ۽ ان بيهي اهو تماشو ڏٺو. بند گوبين جي گھاٽي فصل کي ان جو مالڪ چرين جيان پنهنجو پوکيل فصل وڃائيندي هن کي نظر آيو ته اهو وڌي هن ويجهو آيو.
    ”ڀوتار ڀلا ڪهڙي ماجرا آهي جو ويٺو آهي پنهنجي پوکيل کي پنهنجن هٿن سان تباهه ۽ برباد ڪرڻ“ ان راهه ويندڙ شخص چيو ”گھڻي دير کان ڏسان ٿو، وڃين ٿو بند گوبين کي پن پن ڪري پٽيندو وڃائيندو ۽ اڇليندو. ڀلا پوک پنهنجي ٿي يا پرائي“؟
    ان شخص جي ڳالهه تي زميندار ناراض ٿيو.
    ”اڙي ڀوڪ توکي ڪهڙي خبر“ هن ڪاوڙ مان چيو ”پنهنجي پوکئي جو ثمر حاصل ڪرڻ لاءِ بند گوبين کي کولي مڻيا پيو ڳولهيان. مرشد چيو آهي ته بند گوبيءَ جي هر پردي پويان هڪ راز لڪيل آهي ۽ ان اندر مڻيا موجود آهي. جنهن مڻيا حاصل ڪئي تنهن دولت حاصل ڪئي. مان اهو سوچي بند گوبين کي کولي حقيقت ڳولهي رهيو آهيان. متان هڪ ۾ نه هجي ٻئي ۾ هجي. ٻئي ۾ نه هجي ٽئين ۾ هجي“.
    اهو راهه ويندڙ شخص زميندار جي اهڙي جواب تي مرڪيو ۽ چيو. ”چوين سچ ٿو. موتيءَ جي ڳولها ۾ سمنڊ جون سڀ سپيون ماري سگهجن ٿيون. پر موتي سپ ۾ تڏهن پيدا ٿيندو جڏهن عقل جو ڦڙو ان ۾ اندر ويندو“. ائين چئي اهو واٽهڙو روانو ٿي ويو ۽ زميندار کي ان جي ڳالهه نه وڻي.
    ”چريو ڪنهن جاءِ جو “ زميندار چيو ”عقل اٿس ڪونه هليو آهي کاهوڙين سان کونس ڪرڻ“.
    زميندار ٻئي ڏينهن صبح سان آيو ۽ وري ساڳي ڪرت کي لڳي ويو. هو ويو بند گوبيون کوليندو انهن ۾ اندر ڏسندو ۽ وڃائيندو. آخر اهڙو وقت به آيو جو هن جي پوکيل ٻني پن پن ٿي پٽجي وئي. جڏهن هوا پئي لڳي ته گوبين جا پيلا پن پئي اڏريا. پوري ٻني خالي ٿي وئي ۽ هن جي هٿ ڪجهه نه آيو. هو واندو ٿي کوهه تي ويٺو ۽ هٿ مهٽي سوچڻ لڳو.
    مرشد جيڪا ڳالهه ڪئي ان تي عمل ڪيو. هن چيو مڻيا ڳولهه. مان هر پن پويان ان کي ڳولهيو. ٻنيءَ جي ڪنهن به بند گوبي ۾ مڻيا نه ملي. جيڪر مڻيا ملي ها ته چڱو ٿئي ها. ڌن به هجي ها ته عقل به. مرشد به خوش ٿئي ها ته مان به. هاڻي جڏهن مرشد موٽندو ته ان آڏو ڇا پيش ڪندس.
    هو ويو سوچيندو ۽ هٿ مهٽيندو.
    هن جو وڏو نقصان ٿيو. سڄو فصل ناس ٿيو ۽ مالي پريشاني ورائي وئي. چيائين ”پوکيم ته مور به نه نڪتو، مورڳو نقصان ۾ پئجي ويس“. هو سوداءَ پچائيندو هڪ ڏينهن شهر جي تاڙي خاني ۾ آيو ۽ ٻه چار گلاس پي جڏهن ٻاهر نڪتو ته هن جي نظر نجوميءَ تي پئي. هو ان وٽ ويو. نجوميءَ هن کي ڀرسان ويهاري طوطي کي آڱر تي کڻي لفافن مٿان رکيو. طوطي هڪ لفافو سوري هن حوالي ڪيو. نجوميءَ جڏهن لفافو کوليو ته اتي لکيل هيو.
    ”وار سڪائي،
    واءُ ۾،
    مٿان وسي مينهن،
    ماس ڦاٿل
    ماس ۾،
    ڏند نه کوٽي،
    شينهن“.
    نجوميءَ جڏهن رقعو پڙهيو ته زميندار کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. نجوميءَ زميندار کي ڳالهه سمجهائيندي چيو.
    ”مينهن ۾ وار سڪائڻ بيوقوفي آهي. دنيا ۾ هر قدم سوچي سمجهي کڻڻو پوي ٿو. کوٽڻ سان گند کانسواءِ ڪجهه نه نڪرندو آهي. سونهن جي چيرڦاڙ ڪجي ته بگڙجي پوندي. جيڪو آهي جيئن آهي تئين آهي. ڳولهڻ جي ضرورت نه آهي ڇو جو اهو موجود ۽ حاضر آهي. ڳولڀو ان کي آهي جيڪو وڃائجي وڃي. ياد ان کي ڪبو آهي جيڪو وسري وڃي. سپ ۾ موتيءَ جي موجودگي سپ کي موتيءَ جيان چمڪائي وجهندي آهي. گلن جي واس کي ڳولڀو نه آهي پر محسوس ڪبو آهي. مڻيا منهن ۾ هوندي آهي بغل ۾ نه. عقلمند وات نه کوٽيندا آهن. جڏهن کائڻو ئي آهي ته کوٽڻ مان ڇا فائدو. ڍڪي کول ته ڪيڙن کانسواءِ ڪجهه نه آهي. ڪو به ڳجهه نه آهي. ڪائنات ۾ هر پردي پويان ٻيو پردو آهي. ۽ لامحدود پردن جو ڄار آهي. هر پردو پاڻ حقيقت آهي. بند گوبيءَ جي پنن اندر ڪجهه نه آهي پر هرپن پاڻ سچ آهي. تون اجايو پاڻ کي تڪليف ڏني ۽ وقت ضايع ڪيو“.
    نجوميءَ جي ڳالهه ٻڌي زميندار شرمسار ٿيو. هو موٽي ڳوٺ آيو. هن وري بند گوبين جو فصل پوکيو. جڏهن اهو پچي راس ٿيو ته هن بازار ۾ وڪڻي سٺي رقم حاصل ڪئي ۽ سوچيو. ڪجهه حاصل ڪرڻ جو اهوئي طريقو آهي. ڦل وڍي ٻج ڳڻڻ مان ڇا فائدو. کاڌو وڃي ته بهتر آهي. ٻئي سال جڏهن مرشد موٽي آيو. ان کي هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪيائين.
    ”معاف ڪجانءِ مرشد مونکي تنهنجي مڻيا جو مطلب سمجهه ۾ نه آيو“. هن جي ڳالهه ته مرشد مرڪيو،
    ”بيشڪ مڻيا کي مطلب جي ضرورت نه آهي“ ان چيو ۽ پوءِ هليو ويو. نجوميءَ کي هر ان ماڻهوءَ جو ڏک ياد هيو جيڪو هن وٽ آيو، پنهنجا ڏک بيان ڪيا ۽ قسمت جو حال پڇيو. نجومي ماڻهن جا ڏک ياد ڪري وقت سان ويو وڌيڪ دکي ٿيندو. هن جي صحت بگڙجندي وئي ۽ هو اٿڻ ويهڻ کان لاچار ٿي ويو.
    نجوميءَ وقت گذارڻ لاءِ وري سامهون پيل لفافن مان هڪ کڻي کولي پڙهيو. هن کي ياد هيو اهو هڪ سبزي فروش جي قسمت ۾ نڪتو هيو. ان جي شاديءَ کي چار سال ٿيا هيا. ٻه سال اڳ هن کي هڪ نياڻي ڄائي ان کانپوءِ ڪو به اولاد نه هيو. ان جو دوڪان سبزي مارڪيٽ جي آخري ڇيڙي وٽ هيو جنهن کانپوءِ مهاڻن جا دوڪان هيا. مڇي مارڪيٽ کي ٽِين جي پڳل ڇت هئي جنهن ۾ ڪبوترن جا آکيرا هيا. ائين لڳندو هيو ڄڻ ٽين جي ڇت مڇي مارڪيٽ جي گوڙ ڪري ڦاٽي پئي هجي. هر طرف مڇي ڪٽڻ جا آواز ايندا هيا. جيڪي ڇت سان ٽڪرائجي ويٺل ڪبوترن کي بي چين ڪري ڇڏيندا هيا. سبزي فروش هڪ دفعي من جي موجهه گھٽائڻ تاڙي خاني ۾ آيو. هن تاڙي پي جڏهن دل جو بار هلڪو ڪيو ته ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ هن جي نظر نجوميءَ تي پئي.
    اهو نجوميءُ وٽ آيو.
    ”مونسان هڪ ويڌن آهي“. ان چيو ” هڪ اهڙي ويڌن جنهن منهنجو سڪون چٽ ڪري ڇڏيو آهي، نه سمهي سگھان ٿو نه کائي سگھان ٿو. ڪنهن محسوس ٿيندڙ بوءِ کان اوڪارا ڏئي ٿڪجي پيو آهيان منهنجي زندگي زهر ٿي چڪي آهي. دل چئي ٿي درياهه ۾ ٽپو ڏئي آپگھات ڪري ڇڏيان“.
    نجومي هن جا ارادا ڏسي پريشان ٿي ويو.
    ”آپگھات حرام آهي“ نجوميءَ چيو: ”دنيا ڏکن سان ڀري پئي آهي. جيڪڏهن هر ڪو توجيان سوچي ته سڀ انسان مري وڃن ۽ دنيا ۾ ڇڙا حيوان رهجي وڃن ڇو جو جانور ڪڏهن آپگھات نه ڪندا آهن. انهن جي برداشت جي قوت انسانن کان وڌيڪ آهي“.
    ”پر منهنجو مسئلو ڪنهن ٻئي قسم جو آهي“ سبزي فروش چيو ” مونکي پنهنجي زال جي جسم مان مڇيءَ جي بوءِ اچي ٿي. مان جڏهن هن جي ويجهو وڃان ٿو ته لڳي ٿو هوءَ وچان ٻن حصن ۾ چيريل مڇيءَ جيان آهي. مان ان مڇيءَ جي ٻن حصن وچ ۾ پيل آهيان ۽ هر طرف بوءِ ڦهليل آهي. مون کي اوڪارا اچن ٿا ۽ هن کان پري ٿي وڃان ٿو“.
    سبزي فروش جي ڳالهه ٻڌي نجوميءَ ان جي منهن ۾ ڏٺو. ان جو منهن هيڊو هيو ڄڻ ان جي منهن مان رت ڇڏائجي چڪو هجي. اهو بي دل ۽ خفي پئي نظر آيو.
    ”مان تنهنجي مدد ڪري سگهيس ته ضرور ڪندس“ نجوميءَ چيو ”تون پورو حال ٻڌاءِ ته ڪو حل ڪڍي وجهون“.
    سبزي فروش هن ڀرسان ويٺو ۽ پوءِ ڳالهه ٻڌائي.
    ان سبزي فروش جو ڪٽنب ملتان کان لڏي چاليهارو سال اڳ ان شهر ۾ آيو. اهو هڪ مذهبي گھراڻو هيو. ڪٽنب جا ڀاتي عبادتگذار ۽ پرهيز گار هيا. انهن کي منهن تي ڊگهيون ڏاڙهيون هيون ۽ گھڻو وقت مسجد ۾ گذاريندا هيا. اهي ملتاني غوث جا مريد هيا ۽ هر سال ڏن پهچائيندا هيا. بازار جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين انهن جا دوڪان هيا. ان جي شادي پنهنجي ڪٽنب جي هڪ ڇوڪريءَ سان ٿي. ڇوڪري حسين ۽ قداور هئي. ان کي زال سان جنون جي حد تائين پيار هيو. هو ان کي عزيز رکندو هيو ۽ ان جي هر جائز گھرج پوري ڪندو هيو. دوڪان جي محدود آمدنيءَ مان گھر هلائڻ جي پوري ڪوشش ڪندو هيو. هن کي جيترا پئسا ملندا هيا زال آڏو پيش ڪندو هيو. ٻن سالن کانپوءِ هن کي ڌيءَ ڄائي جنهن هن جي خوشين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو.
    هن جي ننڍي ساليءَ جي شادي پاڙي جي هڪ لکيل پڙهيل نوجوان سان ٿي. اهو نوجوان شهر جي خزاني جي آفيس ۾ سرڪاري ٽڪلين جي شعبي ۾ ڪم ڪندو هيو. نوجوان ڏاڍو ذهين ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو هوشيار هيو. ان ڪليڪٽر سان ملي وڏو مالي فائدو حاصل ڪيو. هو ماڻهن کان پئسا وٺي ڪاغذن تي ٽڪليون هڻڻ بنا انهن کي ڪليڪٽر ڏي موڪلي ڏيندو هيو ۽ ڪليڪٽر انهن تي حڪم ناما جاري ڪري ڪم پورو ٿي وڃڻ کانپوءِ ڳاڙهي ڦيٿ ويڙهائي بند ڪري ڇڏيندو هيو. ان نوجوان لکين روپيا ڪمايا. ان جو خوبصورت گھر هر قسم جي سامان سان سٿيل هيو. جڏهن هن جي زال ننڍي ڀيڻ ڏي گھمڻ ويندي هئي ته ان جو رهڻ ڪرڻ ڏسي رشڪ کائيندي هئي. اها سوچيندي هئي. هن جي ڀيڻ ڪيڏي نه خوشنصيب آهي. زندگيءَ جون سڀ راحتون هن وٽ آهن ۽ هوءَ پاڻ هر شيءِ کان محروم آهي. هن کي ڪي به سهولتون ميسر نه آهن. ننڍي ڀيڻ گھر اچڻ تي ان جي سيوا ڪندي هئي. اها پنهنجا ڳهه ڳٺا ۽ لٽا ڪپڙا هن آڏو اچي رکندي هئي جيئن اها ڏسي خوش ٿي ته سندس ننڍي ڀيڻ ڪيڏي نه خوشنصيب ۽ ڀاڳن واري آهي. پر وڏي ڀيڻ تي انهن ڳالهين جو ابتو اثر ٿيندو هيو. اها ڀيڻ جي اهڙي خوشحالي ڏسي ڪڙهندي هئي ۽ جڪ کائيندي هئي ته آخر هن تي قسمت ايڏي مهربان ڇو نه آهي؟ هوءَ دل تي پٿر رکي هن جي خوشحاليءَ تي سرهائي جو اظهار ڪندي هئي ۽ جڏهن گھر ايندي هئي ته مڙس سان وڙهندي هئي. ”اسان وٽ ڇا آهي“؟ اها چوندي هئي. ”ڇهه مهينا اڳ منهنجي ڀيڻ جي شادي ٿي. ان وٽ دنيا جو هر سک موجود آهي. هوءَ هڪ عاليشان گھر جي مالڪياڻي آهي. ان وٽ پئسي جي ڪمي نه آهي. ان وٽ خوبصورت ڪپڙا آهن. ڪم ڪرڻ لاءِ نوڪرياڻيون آهن. سڀ ان کي عزت جي نظرن سان ڏسن ٿا. مان گھر جو ڪم ڪري ٿڪجي پوان ٿي. ننڍي ڌيءَ آهي جنهن کي سنڀالڻ وارو ڪو به نه آهي. نه اسان وٽ زيور آهن ۽ نه ئي ڏکي وقت لاءِ پئسا. ڀلا ٻڌاءِ هيءَ به ڪا زندگي آهي“؟
    هو رات جو دير سان موٽندو هيو ۽ ٿڪيل هوندو هيو. اهو زال جي ڳالهين تي ڪنڌ هيٺ ڪري ڏاڙهيءَ جي وارن ۾ آڱرين سان ڦٽي ڏيندو هيو. ”رب سڀ ڪجهه ته ڏنو آهي“ هو چوندو هيو ”ڪهڙي شيءِ جي گھٽتائي آهي. ماڻهوءَ کي هر حال ۾ شڪر ڪرڻ گھرجي“.
    زال جون ڳالهيون ٻڌي هو ڏاڍو پريشان ٿي ويو. هن جو وقت سدائين سوچن ۾ گذرڻ لڳو. هو سڄو ڏينهن مارڪيٽ ۾ ماڻهن سان منهن ڏيندو هيو ۽ جڏهن رات جو موٽندو هيو ته گھر ۾ زال جهڳڙي لاءِ تيار ويٺي هوندي هئي.
    ڪڏهن ننڍي ڀيڻ وڏي وٽ گھمڻ ايندي هئي. اها گھر ڏسي هن تي رحم کائيندي هئي. هن جي گھر جي هر شيءِ مٿان غربت مٽيءَ جي تهه جيان ڄميل هوندي هئي. اها وڏي ڀيڻ سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي هئي ۽ چوندي هئي.
    ”ادي رب توکي به ڏيندو... پر تنهنجو حال ڏسي مونکي روئڻ ٿو اچي“.
    ننڍي ڀيڻ جي ڳالهين تي وڏي ڀيڻ اندر ۾ ڪڙهندي هئي ۽ ائين ان سبزي فروش جو هر ايندڙ ڏينهن بدتر کان بدتر ٿيندو ويو.
    مڇي مارڪيٽ ۾ هڪ مهاڻو هن جو دوست هيو. جڏهن هو واندو ٿيندو هيو ته ان مهاڻي وٽ وڃي ويهندو هيو ۽ ڳالهائي دل جو بار هلڪو ڪندو هيو. مهاڻي اڳيان صندل تي مڇيون ائين رکيل هونديون هيون جيئن اهي اکيون کولي ڪنهن ٻوڏ جو انتظار ڪنديون هجن. اهو پن جي ٻيڻي وات جي ڪنڊ ۾ ڦاسائي وڏيءَ مهارت سان مڇيءَ کي پاسي وٽان چيري ٻه اڌ ڪري ٻيرا ٺاهيندو هيو. اهو جڏهن ڳالهائيندو هيو ته لفظن سان گڏ دونهون به ان جي وات مان نڪرندو هيو. هڪ دفعي هن مهاڻي سان زال جي بي واجبيءَ جو ذڪر ڪيو.
    ”منهنجي زال جنهن سان مونکي بي پناهه محبت آهي. اڄڪلهه مونکان سخت ناراض آهي. مان جڏهن ٿڪجي رات جو گھر پهچان ٿو ته اها رات خالي نه آهي جو هوءَ نه وڙهي. مان بيزار ٿي پيو آهيان. چوان ٿو گھر ڇڏي هليو وڃان“.
    مهاڻي هن جي ڳالهه تي ٻيڻيءَ مان سوٽو هڻي ٽهڪ ڏنو.
    ”اها ڪهڙي نئين ڳالهه آهي“ ان چيو ”زالن جو ڪم آهي رسڻ ۽ وڙِهڻ. اجايو ان ڳالهه کي پنهنجيءَ دل تي نه کڻ. هڪ ڪن سان ٻڌي ٻئي مان ڪڍي ڇڏ“.
    ”چوين سچ ٿو“. ”سبزي فورش چيو” مون لاءِ اها ڳالهه برداشت کان ٻاهر آهي ته جنهن سان ايڏو چاهه هجي اهو ائين نفرت ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪري“. هڪ ڏينهن ان عورت هن کان طلاق جي گھر ڪئي. ڪٽنب ۾ هر ڪنهن کي انهن جي تڪرار جي خبر پئجي چڪي هئي. سبزي فروش نه پئي چاهيو ته هو زال کي طلاق ڏئي پر عورت پنهنجيءَ ضد تي قائم رهي ۽ ڪٽنب جي ڀاتين ان ۾ ئي ڀلائي سمجهي ته عورت کي طلاق ڏياري معاملي کي ٿڌو ڪيو وڃي جيئن سڀ سڪون جو ساهه کڻي سگھون. آخر هڪ ڏينهن سبزي فروش زال کي طلاق ڏني ۽ اها ننڍي ڌيءَ ساڻ ڪري هلي وئي. سبزي فروش قسمت تي ڏاڍو ڪنجھيو ۽ ڪرڪيو. هو رات جو گھر موٽي کٽ تي اڪيلو ليٽي ڏاڙهيءَ جي وارن ۾ آڱرين سان ڦڻي ڏئي زال کي ياد ڪندو هيو.
    سبزي مارڪيٽ ۾ هن جي دل نه لڳندي هئي. هو ڪم ڪرڻ نه چاهيندو هيو. سڄو ڏينهن خيالن ۾ گم هوندو هيو. هو مهاڻي وٽ وڃي ويهندو هيو ۽ ان کي ڪات سان مڇيون چيريندي ڏسندو هيو.
    ”سٺو نه ٿيو“ مهاڻو چوندو هيو ”عورت توسان چڱائي نه ڪئي“.
    مهاڻي جي ڳالهه هن کي نه وڻي
    ”ائين نه چوءَ“ هن چيو ”اها منهنجي محبت هئي. مان ان کي ڪڏهن وساري نه سگھندس“.
    مهاڻو دوست جي ڏک کي محسوس ڪري هن کي دلاسو ڏئي صبر ڪرڻ لاءِ چوندو هيو. هن کي پاڻ کان پري ٿيڻ نه ڏيندو هيو. متان اهو اڪيلائين ۾ ماضيءَ کي ياد ڪري وڌيڪ ڏکي نه ٿئي.
    وقت سان عورت کي احساس ٿيو، هن سخت غلطي ڪئي آهي. هن ڀيڻ سان ريس ڪري اجايو گھر وڃايو. هوءَ سوچڻ لڳي هن جو مڙس خراب ماڻهو نه هيو. ان کي هن سان پيار هيو. ان هن کي سکي رکڻ لاءِ پنهنجي حيثيت آهر ڪوشش ڪئي. ان سوڙ آهر پير ڊگهيڙيا. جيڪي هيو پيش ڪيو. ڪجهه به نه لڪايو. هن اجايو ڪروڌ ڪري ان کي تڪليف پهچائي. عورت جڏهن اڪيلي ٿي ته هن کي مڙس جي چڱائين جو احساس ٿيو. هن جي من ۾ پيار جاڳيو ۽ هوءَ روئڻ لڳي.
    ”مون کان غلطي ٿي وئي“. ان چيو ”مونکي معاف ڪيو. مون طلاق نه ورتي آهي. مان مڙس ڏي وڃڻ چاهيان ٿي“.
    سڀني ان کي سمجهايو ته اهو ممڪن نه آهي. مذهبي طرح هن کي طلاق اچي چڪي آهي ۽ اهو هاڻي نا محرم آهي. ان جو هن سان ڪو واسطو نه آهي پر عورت چري ٿي پئي. پنهنجي گھر ۽ مڙس کي ياد ڪري روئڻ لڳي. سبزي فروش کي جڏهن اها خبر پئي ته عورت کي پنهنجي نادانيءَ جو احساس ٿيو آهي ۽ هن کي ياد ڪري روئي رهي آهي ته هو به ان کي ويجهو وڃڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳو. ڪٽنب جي چڱن ماڻهن کي جڏهن اها ڄاڻ پئي ته اهي سخت ناراض ٿيا ۽ ٻنهي کي گھٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا.
    ”اها ڪهڙي ٻاراڻي حرڪت آهي. مذهب ان ڳالهه جي اجازت نه ٿو ڏئي ته طلاق کانپوءِ عورت ۽ مرد ملي سگھن“.
    پر سبزي فروش پڪو پهه ڪيو هيو ته هو زال کي وري حاصل ڪندو ان لاءِ هن کي ڪيتري به قرباني ڇونه ڏيڻي پوي. هڪ ڏينهن هن ڪٽنب جي چڱن مڙسن آڏو ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته هو وري شادي ڪرڻ لاءِ تيارآهي. هڪ چڱي مڙس کيس ٻڌايو ته ”ان لاءِ حلالو ڪرڻو پوندو. ان طلاق ڏنل عورت کي ڪنهن ٻئي مرد سان شادي ڪري حق ادا ڪرڻو پوندو ۽ پوءِ جڏهن اهو ان کي طلاق ڏئي ته اها هن لاءِ حلال ٿي ويندي“.
    سبزي فروش دل ٿي پٿر رکي ها ڪئي ۽ هر ڪو سوچڻ لڳو ته ان عورت سان ڪير آهي جيڪو شادي ڪندو. ڪٽنب ۾ ڪو شخص ان ڳالهه تي راضي نه ٿيو ته هو هڪ رات گذاري ان کي طلاق ڏئي صبح سان ڪنهن بازاري عورت جيان ٻاهر ڦٽو ڪري.سبزي فروش ٻيو ڪو رستو نه ڏسي مهاڻي وٽ آيو ۽ ان کي سڄي حقيقت کان آگاهه ڪيائين. دوست جي ڳالهه ٻڌي مهاڻي جي وات ۾ جهليل ٻيڻي وسامي وئي. هن نه پئي چاهيو ته ڀائرن جهڙي دوست جي زال سان حلالي جا حق ادا ڪري. مهاڻي هن کان معافي وٺڻ پئي چاهي پر ٻيو ڪو رستو نه ڏسي دوست جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ اها حامي ڀري ۽ ڏاڍي بي دليءَ مان راضپو ظاهر ڪيو ته هو عورت سان شادي ڪري صبح جو طلاق ڏئي هن حوالي ڪندو.
    جنهن رات عورت جي شادي مهاڻي سان ٿي اها رات هن لاءِ ڪنهن قيامت کان گھٽ نه هئي. اهو تصور ته هن جي زال جيڪا سندس دل تي حڪمراني ڪندي هئي اها ڪنهن ٻئي مرد جي ٻانهن ۾ ستل آهي ۽ اهو هڪ مڙس جيان حق ادا ڪري رهيو آهي. هو تازي مڇيءَ جيان پاڻيءَ ٻاهر ڦتڪندو رهيو. هن تصور ۾ ڏٺو. مهاڻو ڪات سان مڇيءَ کي چيري ٻه اڌ ڪري رهيو آهي. مڇيءَ مان بدبودار رت ٽمي رهيو آهي. اهو سوچي هو ٻاهر اڱڻ ۾ آيو ۽ پيٽ تي هٿ رکي الٽيون ڪرڻ لڳو. هن جي طبيعت خراب ٿي وئي. پوءِ اها رات جاڳ ۾ هو مڇيءَ جون کليل اکيون ڏسندو رهيو. جيڪي هن کي گھوري رهيون هيون.
    مهاڻي صبح سان عورت کي طلاق ڏني ۽ هن جو نڪاح ان عورت سان پڙهايو ويو. ان عورت واپس گھر پهچي خدا جو شڪر ادا ڪيو ۽ پڪو پهه ڪيو ته هوءَ وري ڪڏهن ڪرود نه ڪندي ۽ حياتيءَ جا ڏينهن صبر سان گذاريندي. هن ڪڏهن جهڳڙو نه ڪيو ۽ مڙس جو خيال رکڻ لڳي. ان عورت جي دل ۾ مڙس لاءِ عزت ۽ پيار جاڳي پيو. پر ان جي برعڪس سبزي فروش هن کان پري رهڻ لڳو. اهو جڏهن عورت جي ويجهو ايندو هيو ته هن کي ان جي جسم مان مڇيءَ جي بوءِ ايندي هئي. اها جڏهن هن سان سمهندي هئي ته هن جا جذبا نه جاڳندا هيا. هن گھڻي ڪوشش ڪئي ته اهو احساس ختم ٿي وڃي پر ائين نه ٿي سگھيو. مڇيءَ جي بوءِ هن جي دماغ ۾ ڄڻ آکيرو اڏي آنن تي ويهي رهي. هڪ ڏينهن هو ان احساس کي گھٽائڻ لاءِ تاڙي خاني ۾ آيو. جڏهن ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي.
    نجوميءَ پورو قصو ٻڌو ۽ طوطو لاهي لفافن مٿان رکيو. طوطي هڪ لفافو سوري ٻاهر ڪيو. نجوميءَ لفافو کولي پڙهيو ته اتي لکيل هيو.
    ”ڇوٿو مارين
    فقير.
    لٺ سان
    نانگ جي
    لڪير“.
    جڏهن نجوميءَ رقعو پڙهيو ته سبزي فروش کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ۽ هن ان جي وضاحت لاءِ نجوميءَ کي چيو. نجوميءَ هن کي ٻڌايو.
    ”نانگ جي لنگھي وڃڻ کانپوءِ ان جي پوئتي ڇڏيل لڪير جي نشان کي لٺ هڻڻ بيوقوفي آهي. نانگ جنهن کي نقصان پهچائڻو هيو اهو ته هليو ويو. پويان ان جي ڇڏيل نشان کي ڪٽڻ مان ڪهڙو فائدو؟ وقت ۽ سانحا نانگ جيان آهن جيڪي جڏهن لنگھي ويندا آهن ته اسان انهن کي ياد ڪري ماضيءَ جو پٽڻو پٽيندا آهيون. ماضيءَ کي ياد ڪري روئڻ مان ڪو فائدو نه آهي. توسان جيڪي الميو ٿي چڪو آهي اهو ياد جي صورت ۾ تنهنجي دماغ تي نشان ڇڏي ويو آهي . اهو هڪ وڏو الميو هيو جنهن مان تون گذري چڪو آهين. تنهنجي مغز ۾ جيڪا مڇيءَ جي بوءِ آهي اها نانگ جي لڪير جيان آهي. اهو بهتر آهي ته نانگ جي لڪير کي مارڻ بجاءِ ان کي ميساريو وڃي. جيڪڏهن تون ڪوشش ڪرين ته ان بوءِ جي احساس کي دماغ مان ڌوئي صاف ڪري سگھين ٿو. جيڪي گذريو سو ٿي گذريو. هاڻي ان کي ياد ڪري روئڻ مان ڇا حاصل. نانگ لنگهي چڪو آهي هاڻي خطري جي ڪا ڳالهه نه آهي. تون ارادي ۽ همٿ سان ماضيءَ جي ڄار مان ٻاهر نڪري هڪ دفعو وري زندگي گذاري سگھين ٿو“.
    نجومي جي ڳالهه ٻڌي سبزي فروش محسوس ڪيو جيئن هير هلي هجي ۽ خوشبوءِ ۾ مڇي جي بدبوءِ جو احساس ڪافور ٿي ويو هجي. هن ڪجهه سڪا نجوميءَ حوالي ڪيا ۽ پوءِ گھر روانو ٿي ويو.
    نجومي ياد ڪري اکيون بند ڪيون ۽ ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيو. هن کي محسوس ٿيو هن جو ڪمرو ماڻهن سان ڀريل آهي جيڪي هن آڏو ويهي ڏاهنس نهاري رهيا آهن. اهي هن جي اکين کلڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن جيئن هو اکيون کولي ۽ انهن کي ڏکن مان آجپو ڏياري سگهي. نجومي اکيون بند ڪري ڪيتري دير ويٺو رهيو، پوءِ وري سامهون پيل لفافن ڏانهن نهاريو. هن هٿ وڌائي هڪ لفافو کنيو ۽ ان کي کولي پڙهيو. رقعو پڙهي هن کي ياد آيو. اهو اهڙي شخص جي قسمت ۾ نڪتو هيو جيڪو هڪ پوڙهي عورت جو پٽ هيو. اهو ماءُ کان ناراض ٿي تاڙي خاني ۾ آيو. هن جڏهن تاڙي پي ڪاوڙ کي دور ڪيو ته ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ هن جي ملاقات نجوميءِ سان ٿي.
    ”منهنجي ماءُ سخت ناراض آهي“ ان چيو ”هن وچ گھٽيءَ ۾ بيهي مونسان جهيڙو ڪيو. ماءُ جون ڳالهيون ٻڌي ڏک ٿيو ۽ تاڙي خاني ۾ آيس“.
    ”ماءُ سان ڪهڙو حساب“. نجوميءَ هن کي سمجهائيندي چيو ”ماءُ ڌڻيءَ جو ٻيو روپ آهي“.
    ”پر منهنجي ماءُ کي ڪجهه سمجهه ۾ نه اچي ٿو“ پٽ چيو ”هوءَ هر ڳالهه تي ضدي ٻار جيان اڙ جي بيهي رهي ٿي. مان سمجهائڻ جي ڪيان ٿو پر هن کي سمجهه ۾ نه ٿي اچي“.
    ”تنهنجي ماءُ آخر ڪهڙي مونجهاري جو شڪار آهي“. نجوميءَ چيو ”ٿي سگھي ٿو تون غلط هجين“.
    ” نه........ “ پٽ جذباتي ٿيندي چيو” مونکي اهو هڪ مونجهاري جيان محسوس ٿئي ٿو. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ان کي ڪيئين دور ڪيان“.
    ”ته پوءِ پوري ڳالهه ٻڌاءِ“ نجومي چيو ”ٿي سگھي ٿو ان جو ڪو حل ڪڍي وجهون“.
    نجوميءَ کي هن پوري ڳالهه ٻڌائي.
    اهو شخص فانوس محلي جو رهاڪو هيو. جڏهن سانجهي ٿيندي هئي ته هڪ وڏين مُڇن وارو شخص جنهن کي ٽڪڻ تي چوٽي هئي، اهو لوهه جي ٿنڀن تي بيٺل نباتنما شيشي جي فانوسن کي کولي انهن جي رک صاف ڪندو هيو. هو اندر پيل ڏيئن ۾ تيل وجهي انهن کي ٻاري روشن ڪندو هيو. ان جا هٿ سدائين ڪارا هوندا هيا. اهو هڪ گدلو شخص هيو، جيڪو ڪارن هٿن سان سٿرن وٽ هر هر کنهندو هيو. وچ محلي ۾ هڪ ٿلهي تي سنهين اروڙي سرن سان
    ٺهيل کوهه هيو، جنهن مٿان هڪ ايٽ تي هيٺ رسيءَ ۾ ڏول لڙڪندو هيو. عورتون ايٽ کي هٿن سان ڦيري ڏول ڇڪي پاڻي ڀريندو هيون. گھٽيءَ ۾ هر ٽن گھرن کانپوءِ هڪ نباتي فانوس ٻرندو هيو. گھٽي ائين ڏسبي هئي جيئن اتي روشن دماغ مفڪر بيٺل هجن. گھرن ٻاهران درن تي سڻيءَ جا کٿا ڪنهن پرديدار عورت جي منهن تي پيل نقابن جهڙا هيا. محلي جا رستا صاف ۽ ڪشادا هيا، جتي ڳاڙهين سرن جو فرش هيو. روز صبح جو هڪ ٿلهي جمعدار عورت جنهن کي ويڪرو پڙو پاتل هوندو هيو، اها هڪ مهل ٻه وڏا ٻهارا هٿن ۾ کڻي ڏيندي هئي. اها ڳاڙهين سرن واري گھٽي ڏاڍي روشن ۽ صاف هئي. ان گھٽيءَ ۾ هڪ پوڙهي عورت رهندي هئي جيڪا سون جي سئيءَ ۾ ريشم جو پٽ وجهي ڀرت ڀريندي هئي. ان عورت جا ڀرت خوبصورت ۽ اکين کي وڻندڙ هيا. ان جي گھر اندر روشنيءَ جو جوڳو بندوبست نه هيو. اتي اوندهه هوندي هئي. هوءَ ڏينهن جو ڪمري جي دري کولي روشنيءَ ۾ ڀرت ڀريندي هئي. ۽ رات جو سج لٿي کانپوءِ ڪم بند ڪري آرام ڪندي هئي. هن کي سون جي سئي ڏاڍي عزيز هئي. ان کي ساهه ۾ سانڍيندي هئي اها ڪيترا ورهه اڳ هن کي ماءُ کان ڏاج ۾ ملي هئي. سئيءَ ۾ ڄڻ هن جو ساهه هيو. هوءَ چوندي هئي.
    ”سهڻا ڀرت مان نه ڀريندي آهيان پر منهنجي سئي ڀريندي آهي. مان سئي هٿ ۾ جهليندي آهيان ۽ اها پنهنجو پاڻ هلندي آهي“.
    ڪم ختم ڪرڻ کانپوءِ اها ان کي پتل جي دٻيءَ ۾ سنڀالي رکندي هئي. پوڙهي عورت جتي سهڻا ڀرت ڀريندي هئي اتي هڪ وهم ۾ مبتلا هئي. ان کي خوف هوندو هيو ته متان اها سئي ڪٿي گم نه ٿي وڃي ۽ هوءَ ان خانداني سئي کان محروم ٿي سٺا ڀرت ڀرڻ کان رهجي نه وڃي. هوءَ سج لٿي کانپوءِ جڏهن ان کي پتل جي دٻيءَ ۾ وجهي رکندي هئي ته هر گهڙي کانپوءِ هن کي وهم ورائي ويندو هيو ته هن اها اتي رکي آهي الائي نه؟ هوءَ کٽ تان چيلهه کي هٿ ڏئي اٿندي هئي ۽ دٻي کولي پڪ ڪندي هئي ته اها اتي موجود آهي.
    هڪ رات هوءَ اوندهه ۾ کٽ تان اٿي ۽ هن پڪ ڪرڻ لاءِ جيئن ئي دٻي کولي ته سئي هن جي هٿن مان ڇڏائجي وڃي هيٺ ڪري. پوڙهيءَ جي جسم مان ڄڻ ساهه ئي نڪري ويو. هيٺ ويهي اوندهه ۾ هٿ هڻي هيڏي هوڏي گھڻو ڳولهيائين پر سئي نه لڌي. سوچيائين، ڪاري اوندهه ۾ جتي هٿ هٿ کي نظر نه ٿو اچي اتي سنهي سئيءَ کي ڪير ڳولهيندو. هوءَ گهر جو کٿو مٿي ڪري ٻاهر گھٽيءَ ۾ آئي ۽ درٻاهران ٻرندڙ فانوس جي روشنيءَ ۾ ويهي سئي ڳولهڻ لڳي. هن جو پٽ جيڪو ان وقت شهر کان موٽندي گھٽيءَ ۾ داخل ٿيو هيو، جڏهن پري کان ڏٺائين ته پوڙهي ماءُ در ٻاهران فانوس هيٺان ڪاشيءِ ڳولهي رهي آهي ته هو تڪڙو هلندو هن مٿان آيو.
    ”امڙ ڇاپئي ڳولهين هن مهل جو؟“ پٽ حيرت مان سوال ڪيو.
    ماءُ پوڙهيون ڪمزور اکيون کڻي هن کي ڏٺو.
    ”ابا سئي گم ٿي وئي آهي. اها ڳولهيان ٿي“ هن جواب ڏنو.
    پٽ کي ماءُ جي ڳالهه ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو. هو به پوڙهيءَ سان ويهي فانوس هيٺان سئي ڳولهڻ لڳو. ڳاڙهين سرن جو فرش فانوس جي روشنيءَ ۾ جرڪيو پئي. اتي هر شيءِ صاف ۽ واضع پئي ڏٺي پر سئي جو نانءُ نشان نه هيو. پٽ کي حيرت لڳي ۽ سوچيائين جيڪڏهن سئي اتي هجي ها ته ضرور نظر اچي ها.
    ”امان هتي ته سئي ڪانه ٿي نظر اچي“ پٽ چيو ”ڀلا اهو ته ٻڌاءِ ڪِري ڪٿي آهي“.
    ماءُ پٽ ڏي پيار سان ڏٺو ۽ وري هيٺ ڪنڌ ڪري سئي ڳولهيندي چيو ”پٽ سئي ڪري ته اندر آهي پر ڳولهيان ٻاهر ٿي“.
    پٽ پريشان ٿي ويو.
    ”امان جيڪڏهن سئي اندر ڪري آهي ته پوءِٰ اتي ڳولهه...... ٻاهر ڳولهڻ مان ڇا فائدو؟“
    پٽ جي ڳالهه جو پوڙهيءَ تي ڪو اثر نه ٿيو.
    ”نه ابا اندر اوندهه آهي“ عورت چيو ”ان ڪري ٻاهر روشنيءَ ۾ ٿي ڳولهيان“. ڳالهه ٻڌي پٽ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي.
    ”امان تنهنجو مٿو خراب ٿيو آهي“ هن چيو ”جڏهن سئي هتي ڪري ئي نه آهي ته لڀندي ڪيئين؟.“
    پوڙهي جيڪا پهريون ئي سئي وڃائڻ جي ڏک ۾ ورتل هئي ۽ روئڻ جو بهانو پئي ڳولهيائين تنهنجي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو.
    ”اوندهه ۾ ڪڏهن ڪا شيءِ لڌي آهي جو مان وقت وڃائي ان کي اندر ڳولهيان؟ شيءِ لڀندي اتي آهي جتي روشني هجي“. پوڙهيءَ زور سان ڳالهائيندي چيو. انهن جي آواز تي گھرن مان ماڻهو نڪري آيا ۽ ٻاهر اچي تماشو ڏسڻ لڳا.
    ”آهي ته خير؟“ هڪ بزرگ چيو ”اويلي ڪهڙو اچي محلي کي مٿي تي کنيو اٿو.“
    ”منهنجو پٽ ناسمجهه آهي“ پوڙهيءَ چيو ”چوي ٿو اندر اوندهه ۾ سئي ڳولهه. ڀلا سئي ٻاهر روشنيءَ ۾ لڀندي يا اندر اوندهه ۾“
    جڏهن پٽ ماءُ جي اهڙي ڳالهه ٻڌي ته هو ناراض ٿي هليو ويو ۽ هن تاڙي خاني جو رخ ڪيو. جڏهن تاڙي خاني مان ٻاهر نڪتو ته هن جي نظر نجومي تي پئي ۽ هن وٽ آيو.
    نجوميءَ ان شخص جي ڳالهه ٻڌي ۽ طوطي کي هٿ تي کڻي لفافن تي لاٿو. طوطي هڪ لفافو ڪڍي هن کي ڏنو. جڏهن هن رقعو پڙهيو ته اتي لکيل هيو.
    ”سورج کي آ
    ڏينهن ڏيکارڻ،
    انڌي اڳيان
    ڏيئو ٻارڻ“
    نجوميءَ وضاحت ڪندي ان شخص کي ٻڌايو
    ”انڌي اڳيان ڏيئي ٻارڻ سان اهو ڏسڻ شروع نه ڪندو. سئي ٻاهر ڳولهڻ سان نه لڀندي آهي. اندر جي اوندهه کي ڏور ڪرڻ لاءِ اهڙي روشنيءَ جي ضرورت پوندي آهي جنهن ۾ وڃايل نظر اچي. سج کي ڏينهن نه ڏيکاربو آهي ڇو جو ڏينهن سج جي پيداوار آهي. ڏينهن سج روشن نه ڪندو آهي پر سج ڏينهن روشن ڪندو آهي. سچ سج جيان روشني آهي. جنهن ۾ وڃايل سئي چمڪي ٿي. سچ کي ڪوڙ ڏيکاري ان جي اصليت کي بدلائي نه ٿو سگھجي. سچ اندر جي اوندهه کي روشن ڪري ٿو، ظاهري روشني ڪوڙ آهي. انڌي کي ٻاهرين روشني بصارت نه ٿي بخشي. اندر جي اوندهه ختم ڪرڻ لاءِ ان کي اجارڻو پوندو، اجالي اندر موجود سون جي سئي جي چمڪ کي ڏسي سگھجي ٿو. هر شيءِ اندر موجود آهي ٻاهر ڳولهڻ مان ڪو فائدونه آهي. هر ڪو اندر جو غلام آهي. هو اندر ۾ موجود تجليءَ جي زير اثر آهي. هن جو ڪردار اٿڻ ويهڻ. سچ ڪوڙ. جنت دوزخ سڀ اندر موجود آهن. بيشڪ ٻاهرين دنيا ڏاڍي روشن ۽ واضع آهي پر اها شيءِ اتي موجود نه آهي جنهن کي اسين ڳولهڻ چاهيون ٿا. ٻاهر سئي آهي ئي ڪونه ته اها ڪيئن لڀندي، اهو ائين آهي جيئن انڌي اڳيان ڏيئو ٻرندو هجي ۽ روشني بي معنيٰ هجي، هو روشنيءَ ۾ ٿا ڦوڙا هڻي اڻ ڏٺل ڳولهيندو هجي جيڪو اتي موجود ئي نه هجي. ڏسڻ لاءِ اندر جون اکيون کولي بينائيءَ کي بحال ڪرڻو پوندو. سچ جو سج اندر ۾ اڀرندو ته ڪڏهن غروب نه ٿيندو. ان جي روشني ۾ هر شيءِ پري کان چمڪندي نظر ايندي“.
    نجوميءَ ان شخص کي رقعي جو مفهوم سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ چيو.
    ”هو واپس وڃي پوڙهي ماءُ جي مدد ڪري. اها عقل کان وانجهيل نه آهي، پر منجهيل آهي. ان کي ٻڌائي ته وڃايل سئيءَ کي ڪيئن هٿ ڪري سگھجي ٿو.“ ان شخص ڪجهه سڪا ڪڍي نجومي کي ڏنا ۽ گھر روانو ٿيو.
    نجومي کي پنهنجي زندگي جا سڀ قصا چڱي طرح ياد هيا. يادن ۾ هن جي نجات سمايل هئي. هو ماضيءَ ۾ گم ٿي حال کي وساري ويٺو هيو. هو جڏهن ماضيءَ مان نڪري ٻاهر ٿي آيو ته پاڻ کي بند ڪمري ۾ قيد ٿي محسوس ڪيو. هڪ اهڙي قيد خاني جيان جتي هن جو ڪمزور هيڻو وجود زندگيءَ جا آخري پساهه کڻي رهيو هيو. هو ماضي ۾ کوئجي حال کان غافل پئي ٿي ويو. ماضي هن لاءِ هڪ نشي جو ڪم ڪري رهيو هيو. جنهن نشي ۾ مبتلا ٿي هن پنهنجن غمن کي وساريو پئي.
    نجوميءَ وري هڪ لفافو هٿ ۾ کنيو ۽ ان کي کولي پڙهيو. رقعو پڙهي هن کي اهو آبادگار ياد اچي ويو. جيڪو پنهنجي قسمت کي گاريون ڏيندو تاڙي خاني ۾ آيو ۽ پوءِ جڏهن تاڙي پي من جو بار هلڪو ڪري ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي. اهو نجومي وٽ ويٺو ۽ ان سان دل جو حال اوريو.
    ”مان خراب قسمت وارو ماڻهو آهيان“ آبادگار چيو ”زندگيءَ ۾ ڪڏهن قسمت ساٿ نه ڏنو. مون جڏهن جيڪي سوچيو اهو ابتڙ ٿيو. جنهن ڪم ۾ هٿ وڌو تنهن ۾ نقصان ٿيو. مون چڱائي ڪئي ته ان جو سلو مدائي ۾ مليو. مون ڪنهن کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو ناراض ٿيو. مونکي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي رهي آهي ته آخر منهنجو مقدر اهڙو ڇو آهي؟“
    ڳالهه ٻڌي نجوميءَ ان بدقسمت آبادگار کي ڀر ۾ ويهاريو.
    ”زندگيءَ ۾ اميدون به آهن ته مايوسيون به آهن. جتي خوشيون آهن اتي ڏک به آهن. جتي محبتون آهن اتي نفرتون به آهن. جيڪڏهن غور ڪندين ته دنيا جوڙن ۾ ورهايل آهي توکي هر جوڙي ۾ ٻه متضِاد قوتون نظر اينديون جيڪي هڪ ٻئي سان زور آزمائي ڪري رهيون آهن” نجومي چيو.
    ”پر اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي“ آبادگار چيو ”ته آخر جڏهن ڌڻيءَ سک ٺاهيا ته ڏکن پيدا ڪرڻ جو ڪهڙو ضرور هيو. پيار ٺاهيو ته نفرت ڇو پيدا ڪئي. هن جزا ڏني ته سزا جو ڪهڙو مقصد هيو؟“
    آبادگار جون ڳالهيون ٻڌي نجوميءَ محسوس ڪيو اهو ڏاڍو مايوس انسان آهي. جنهن ۾ همت ۽ ارادي جي کوٽ هئي.
    ”تنهنجين ڳالهين مان مايوسيءَ جي بوءِ اچي ٿي“ نجوميءَ چيو ”آخر ڪهڙي ڳالهه آهي جنهن توکي پريشان ڪيو آهي؟ جيڪڏهن اندر جو حال اورين ته متان ڪو حل ڪڍي وجهون ۽ اهڙي نتيجي تي پهچي پئون جيڪو تنهجين مايوسين جو مدائو هجي“. نجومي جي ڳالهه ٻڌي آبادگار هن ڀرسان ٺهي ويٺو ۽ سموري ڳالهه ٻڌائي.
    اهو آبادگار هڪ سکيو ستابو ماڻهو هيو. ست درجا پڙهيل ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو سيبتو هيو. ان جي قميص جي پاسي واري کيسي اندر ولائتي سگريٽن جو پاڪيٽ پيل هوندو هيو. هن جو اٿڻ ويهڻ وڏن اثر ۽ رسوخ وارن ماڻهن سان هيو. شهر جا سڀ سرڪاري ڪامورا هن کي سڃاڻيندا هيا. هو جڏهن به ڪنهن محفل ۾ ويندو هيو ته کل ۽ مرڪ هن جي منهن تان ڪڏهن غائب نه ٿيندي هئي. هو هر ڳالهه تي ٽهڪ ڏئي کلندو هيو. ۽ پاسي واري کيسي ۾ هٿ وجهي ولائتي سگريٽن جو پاڪيٽ ڪڍي سامهون ويٺل کي آڇيندو هيو، سامهون ويٺل جڏهن هن کان سگريٽ وٺي وات ۾ وجهندو هيو ته هو ماچيس جي تيلي ٻاري اڳتي وڌي وڏي احترام سان ان جو سگريٽ دکائيندو هيو. هو هر ماڻهو جي ها ۾ ها ملائيندو هيو ۽ ڏاڍو خوش ۽ خرم انسان هيو. شهر جو ڪليڪٽر هن تي سدائين مهربان هوندو هيو. اهو جڏهن پنهنجي گوري منهن کي اس کان بچائڻ لاءِ وڏو ٽوپلو پائي ٺهندڙ بئريج جي ڪم جو جائزو وٺي ڪٿي وڻ جي ڇانو ۾ بيهندو هيو ته ٽوپلو لاهي هن کي ڏيندو هيو ۽ هو ان کان ٽوپلو هٿن ۾ وٺي ائين جهلي بيهندو هيو جيئن اهو مٿي اڀريل ٽوپلو اهڙي قبر جيان هجي جتي ڪليڪٽر جي عزت دفن ٿيل هجي. درياهه جي پيٽ ۾ ڪچي جو علائقو پري تائين ڦهليل هوندو هيو. جيڪو ڏاڍو زرخيز ۽ وڏي زرعي اپت ڏيندڙ هيو اهو شهر جي ڪليڪٽر جي هٿ ۾ هوندو هيو ته ڪنهن کي به ڀڳڙن مٺ تي پوري سال لاءِ پٽي تي ڏئي.اهو آبادگار پنهنجي نياز مندي ۽ نوڙت ڪري هر سال اهو علائقو پٽي تي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو هيو. ڪچي جي ان زمين تي هر قسم جي پوک ٿيندي هئي. اتي سبزين کان وٺي هر ميوو ڦٽندو هيو جيڪي خوشبو ۽ ذائقي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هيا.
    بئراج ڀرسان ڪچي جو اهو علائقو ان آبادگار کانسواءِ ڪڏهن ڪنهن ٻئي کي نه مليو. آبادگار محنتي ۽ هر ڪم ڌيان سان ڪندو هيو. هن کي زيتون جا وڻ پوکڻ ۽ انهن مان سٺو ڦل حاصل ڪرڻ جو خاص تجربو هيو. هن اتي زيتونن جي وڻن جون چونڊ چڪيون هنيون ۽ انهن کي سڪو ميوو گھوٽي پاڻي ۾ ملائي پاڙن ۾ ڏيندو هيو. جڏهن وڻن ڦل ڏيڻ شروع ڪيو ته انهن هيڊن زيتونن تي ڳاڙها پٽا ٺهيل هيا. انهن ۾ مٺاس ۽ ذائقو اهڙو ته هوندو هيو جو کائڻ واري جي دل بس ڪرڻ نه چاهيندي هئي. آبادگار انهن خاص زيتونن جا ٽوڪرا ڀري شهر جي اثر رسوخ وارن ماڻهن ۽ سرڪاري ڪامورن کي پهچائيندو هيو. سڀ هن جي زيتونن جي تعريف ڪندا هيا. شهر جي ڪوٽوال کان وٺي مختيارڪار تائين سڀ هن جي زيتونن جا مداح هيا. هو سڀ کان سٺا ۽ چونڊ زيتون ڪليڪٽر جي گھر پهچائيندو هيو. ۽ پوءِ هٿ ٻڌي ان جو ٿورائتو ٿيندو هيو.
    ”سائين هيءَ سڀ توهان جي ڪرم نوازي آهي“ هو نوڙت مان چوندو هيو ”هي سڀ توهان جي امانت آهي جيڪا توهان کي ڏيان پيو. مان ناچيز اهڙو اهل نه آهيان جو انهن جو پاڻ کي حقدار سمجهان“. ڪليڪٽر هن جي نياز منديءَ تي خوش ٿيندو هيو.
    ”جيستائين تون جيئرو آهين، اها زمين توکان سواءِ ٻئي ڪنهن کي پٽي تي نه ڏيندس“. ڪليڪٽر چوندو هيو ”ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته تون هڪ سٺو آبادگار آهين“.


    6

    آبادگار ڪليڪٽر جي اهڙي ڳالهه ٻڌي خوش ٿيندو هيو ۽ محسوس ڪندو هيو هن کي نئڙت ۽ نياز منديءِ جو صلو ملي ويو، ڇو جو هن جي دلي خواهش هوندي هئي ته اها زمين هن کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي نه ملي. آبادگار جا اهي ڏينهن ڏاڍا سٺا پئي گذريا. هن جي آمدني عروج تي هئي ۽ هر ماڻهو هن سان ملي خوش ٿيندو هيو.
    هڪ ڏينهن ڪليڪٽر جي بدلي ٿي وئي ۽ ڪجهه ڏينهن اندر بنگلو خالي ڪري هليو ويو. ان جاءِ تي هڪ اهڙو ڪليڪٽر آيو جيڪو طبيعت جوسخت ۽ ڏاڍو بخيل هيو. هو نه ڪنهن سان ملندو هيو ۽ نه ڳالهائيندو هيو. هر وقت ڪاوڙ کان ان جو منهن گھنجيل هوندو هيو. هن جا ٻار ملڪ کان ٻاهر هيا جتي اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا هيا. بنگلي ۾ هو پوڙهي زال سان رهندو هيو. ان پوڙهي عورت کي ڏندن جي بيماري ڪري انهن وچ ۾ وٿيون هيون، جن کي هوءَ سدائين ڪاٺيءَ سان پئي کوٽيندي هئي،. جڏهن آبادگار کي خبر پئي ته نئون ڪليڪٽر بدلي ٿي آيو آهي. هن ضروري سمجهيو ته ان سان ملاقات ڪري جيئن وقت اچڻ تي اها ڪچي جي زمين هن جي هٿن مان نه وڃي ۽ اها پٽي تي هن وٽ برقرار رهي. اهو سوچي باغ مان چونڊ ذائقي دار زيتون پٽي هڪ ٽوڪري ۾ وڌا ۽ هو ڪليڪٽر جي بنگلي ڏانهن روانو ٿي ويو. ڪليڪٽر هن سان بي رخيءَ سان مليو، پر جڏهن هن ٽوڪرو کولي ان کي زيتون ڏيکاريا ته اهڙا منفرد ۽ عمدا زيتون ڏسي هن جي وات ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ رويو هڪدم تبديل ٿي ويو.
    ”سائين مان پراڻو خادم “ آبادگار چيو ”توهان کان پهريون واري ڪليڪٽر جو به خادم هوس ۽ اوهان جو به خادم ٿي رهندس“.
    ڪليڪٽر ڏاڍو خوش ٿيو.
    ”مون ڪڏهن اهڙا عمدا ۽ خوبصورت زيتون نه ڏٺا آهن“ ڪليڪٽر چيو ”اهي ڪهڙي علائقي جي پيداوار آهن؟“
    ”سائين اهي توهان جا عطا ڪيل آهن ”آبادگار چيو” ڪچي جي بئريج واري زمين جيڪا پٽي تي مليل آهي اهي اتان جي پيداوار آهن“.
    ڪليڪٽر ڳالهه سمجهي ويو ۽ مرڪيو. زيتونن جو ٽوڪرو وٺي اردلي کي ڏنو جيڪو بنگلي اندر کڻي ويو.
    جڏهن منجهند جي مانيءَ کانپوءِ هو زال سان گڏ باغ ۾ اچي ويٺو ته اردلي زيتون ڪٽي هڪ پليٽ ۾ آڻي انهن آڏو رکيا. زيتونن جي خوشبو ۽ رنگ ڏسي انهن جي اکين ۾ چمڪ اچي وئي. ڪليڪٽر جڏهن زيتون کاڌا ته انهن جي ذائقي کان سندس دل باغ بهار ٿي وئي. هو ويو زيتون کائيندو ۽ انهن جي تعريف ڪندو. هن جي زال کي به زيتون ايڏا وڻيا جو وئي ڪٽيل ڦارن ۾ چڪ وجهندي ۽ چٻاڙيندي.
    ”واهه ڇا ته زيتون آهن“ ڪليڪٽرچيو ”ڇا ته انهن جو رنگ آهي. ڇا ته انهن جي خوشبو آهي ڇا ته انهن جو سواد آهي“.
    کائيندي اوچتو زيتون جو داڻو ڪليڪٽر جي زال جي هوڙ ۾ وڃي ڦاٿو. هن زيتون کائڻ بند ڪيا ۽ اردليءَ کان ڇيت گھرائي هوڙ کوٽڻ لڳي. زيتون جو داڻو هوڙ ۾ ڪنهن اهڙي هنڌ وڃي ڦاٿو جو ان نڪرڻ جو نانءُ ئي نه پئي ورتو. عورت کوٽي ساڻي ٿي پئي پر داڻو ٻاهر نه نڪتو. گھڻي کوٽڻ ڪري شام تائين هن جون مهارون سجي ويون ۽ انهن مان رت رسڻ لڳو. هن جو ڳٽو سجي ويو ۽ سورجي شدت کان پلنگ تي ڪري وهاڻي تي پاسيري ٿي سمهي پئي. ڪليڪٽر زال جي اهڙي حالت ڏٺي ته ڏاڍو پريشان ٿيو. رات جو ڏندن واري ڊاڪٽر کي آندو ويو جنهن چڪاس ڪري هوڙ ۾ داڻي کي ڳولهي لڌو. هن هر اوزار آزمايو پر عورت جي هوڙ مان داڻو ڪڍي نه سگھيو. هن سور گھٽائڻ لاءِ دوا جو پوپو هن جي هوڙ ۾ رکيو ۽ ڪليڪٽر کي دلجاءِ ڏئي روانو ٿي ويو. عورت کي رکيل پوپي ڪري گھڙي سوا آرام آيو پر پوءِ وري سور جي شدت کان اها پلنگ تي ليٿڙيون پائڻ لڳي. زال جي تڪليف ڪري ڪليڪٽر سڄي رات نه ستو. صبح سان اٿيو ته هن جون اکيون سڃيل هيون ۽ ڪاوڙ کان سڄو پئي ڏڪيو. هن جيپ تيار ڪري وڏي شهر جو رخ ڪيو جتي پهچي هڪ اسپتال ۾ زال کي داخل ڪرايو ۽ هڪ آپريشن کانپوءِ زيتون جو داڻو ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو ويو. ان حادثي ۾ ڪليڪٽر جو هڪ هفتو ضايع ٿي ويو. جڏهن واپسي پهتو ته اچڻ سان اردليءَ کي چيائين.
    ”ڪو ٽوال کي حڪم پهچاءِ هو آبادگار کي هڪدم پڪڙي منهنجي سامهون پيش ڪري جنهن ڪجهه ڏينهن اڳ زيتون پهچايا هيا.“
    حڪم ملڻ شرط اردلي ڪوٽوال وٽ پهچي ڪليڪٽر جو حڪم ٻڌايو. ڪوٽوال سپاهي ساڻ ڪري آبادگار وٽ ويو ۽ وڃي هن کي گريبان کان جهليائين. آبادگار اوچتي آفت ڏسي گھٻرائجي ويو.
    ”پر منهنجو قصور ڪهڙو آهي؟“ هن دانهن ڪئي ”ڪليڪٽر ته مون مان خوش آهي. آخر ڪهڙي خطا ٿي جو ڪليڪٽر ڪاوڙيو آهي“.
    ڪوٽوال هن کي پوري ڳالهه ٻڌائي ته ڪيئن هن جي موڪليل زيتونن ڪري ڪليڪٽر جي زال عذاب ۾ مبتلا ٿي ۽ ڪليڪٽر بي آرام ٿيو. اها ڳالهه ٻڌي آبادگار دل ۾ پڃرڻ لڳو ته هن اجايو تڪڙ ڪري ڪليڪٽر کي زيتون ڏنا، ٻه چار ڏينهن صبر ڪري هن جي طبيعت جو اندازو لڳائي ها ته آخر ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي؟ هن اجايو پاڻ وڻائڻ لاءِ پاڻ کي مصيبت ۾ گرفتار ڪيو. آبادگار ڪوٽوال سان گڏ ڪليڪٽر آڏو پيش ٿيو ۽ ڪليڪٽر کائي ويندڙ نظرن سان هن ڏانهن نهاريو.
    ”مونکي ڪهڙي نڀاڳ کنيو جو توکان اهڙا زهر جهڙا زيتون وٺي گهر موڪليم“ هن نفرت مان چيو”مونکي جيڪا تڪليف آئي آهي تون ان جو اندازو نه ٿو لڳائي سگھين. اهو سڀ تنهنجي ڪري ٿيو آهي. نه اهڙا زيتون پوکين نه ائين ٿئي“.
    ڪليڪٽر چيو پوءِ اردلي ڏي منهن ڪري حڪم نامو جاري ڪيو.
    ”هن آبادگار جي بئريج واري ڪچي جي زمين جو پٽو منسوخ ڪري هڪدم محروم ڪيو وڃي ۽ ڪا به سرڪاري زمين ڪڏهن به هن کي نه ڏني وڃي. فرض ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڏوهه تحت هن کان ڏهه هزار ڏنڊ ورتو وڃي ۽ جيڪڏهن اهو ادا نه ڪري ته هڪ سال سخت پورهئي سان ٽيپ ڏني وڃي.“
    حڪم ٻڌڻ شرط آبادگار هن اڳيان هٿ ٻڌي بيهي رهيو.
    ”سائين ان ۾ منهنجو ڏوهه نه آهي“ هن عرض ڪيو ”مونکي ڪهڙي خبر ته انهن ذائقيدار زيتونن جو ٻج ايڏو هاڃيڪار هوندو. جيڪڏهن مونکي اڳواٽ اهڙي خبر هجي ها ته اها حرڪت ڪڏهن ڪين ڪريان ها. مونکي سزا نه ڏني وڃي ته سائين جن جو شڪر گذار رهندس“.
    ڪليڪٽر جيڪو ڪاوڙ ۾ ٻريو پئي، ان هن جي رحم جي درخواست تي ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ سپاهي هن کي گھليندا وٺي ويا. هن کان پٽو منسوخ ڪري زمين واپس ورتي وئي ۽ هن ڏنڊ جي رقم پڻ ادا ڪئي. ايڏي وڏي رقم ڏنڊ ۾ ڏيڻ کانپوءِ هن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه نه بچيو. هو مسڪين ۽ لاچار ٿي پيو. ان ڏک کي دل ۾ سانڍي هو تاڙي خاني ۾ آيو جتي ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي.
    نجوميءَ هن جي ڳالهه ٻڌي طوطو هٿ تي کڻي لفافن مٿان لاٿو. طوطي چڪر هڻي لفافو ڇڪي ٻاهر ڪڍيو. نجوميءَ لفافو کولي پڙهيو. اتي لکيل هيو.
    ”شڪر آ ڌڻي
    تو ڏنا،
    بيشڪ
    زيتون سٺا
    پر
    ٻج ڪنا“.
    نجوميءَ رقعو پڙهيو ۽ آبادگار ڏانهن ڏٺو. آبادگار کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو. نجوميءَ ان رقعي جي وضاحت ڪندي ٻڌايو.
    ”اسين صرف رب پاران مليل خوشين تي شڪر ڪريون ٿا ۽ ڏکن کي دل سان قبول نه ٿا ڪريون پر اهو سوچڻ گھرجي ته جيڪڏهن دنيا ۾ خوشيون ملنديون ته ڏک به ضرور ملندا، ڇو جو خوشيون ۽ ڏک الڳ نه آهن. جيڪڏهن خوشيون ذائقيدار زيتونن جيان آهن ته ڏک انهن ۾ پيل ٻجن جيان آهن. جڏهن ماڻهو دنيا جا مزيدار زيتون کائي ٿو ته اهو سوچڻ گھرجي انهن جا ٻج عذاب جو باعث بڻجي سگھن ٿا. ٻج زيتون کان الڳ نه آهن. زيتون سان گڏ اهي به وات ۾ چٻاڙبا ۽ زيتون جي ذائقي کي زائل ڪندا. جڏهن اسان ڌڻيءَ آڏو شڪر ڪريون ٿا ته پوءِ ان پاران مليل هر شيءِ کي کليءَ دل سان قبول ڪريون، ڇو جو اهي سڀ ان جون عطا ڪيل آهن. جتي چڱايون آهن اتي مدايون به آهن. جڏهن پيار ڪيون ٿا ته نفرتون ۽ بي وفايون اسان لاءِ عذاب جو سبب بڻجن ٿيون. جيڪڏهن اسان انهن نفرتن ۽ بيوفائين کي به پنهنجو سمجهي قبول ڪيون ته جيڪر عذابن مان آجپو ماڻيون. سکن سان گڏ ڏکن کي قبول ڪيون ته ڪڏهن به ڏکن ۾ نه پئون. جيڪڏهن آسانين سان گڏ مصيبتن کي به پنهنجو سمجهون ته ڪڏهن به مصيبت ۾ مبتلا نه ٿيون“.
    نجوميءَ پوءِ آبادگار کي وڌيڪ سمجهائيندي چيو.
    ”جتي تنهنجي زندگي سک ۽ آرام سان گذري آهي اتي توکي ڏک ۽ تڪليفن کي به برداشت ڪرڻو پوندو. تون مايوس نه ٿي ۽ اميد جي چڻنگ کي ڳولهي لهه. سڀ ڏينهن ساڳيا نه آهن. وقت ڦرندو ۽ وري تنهنجا سٺا ڏينهن موٽندا“.
    نجوميءَ جون ڳالهيون ٻڌي آبادگار کي حوصلو مليو ۽ دل جو بار هلڪو ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه سڪا هن حوالي ڪري هليو ويو.
    نجومي وقت کي ياد ڪندو ويو ۽ وقت وارن ۾ جونءَ جيان سرندو رهيو. هن اڳيان وقت جا لمحا روپ بدلائي ٺهندا بگڙ جنڊا ڪڏهن اکيون ڦوٽاري ڏسندا ڊيڄاريندا ۽ ڪڏهن مرڪندا ٽهڪ ڏيندا لنگھيندا رهيا. نجومي پاڻ اڳيان ماضيءَ جي ان وهي ويل ڌار کي پري کان ڏسندو رهيو ۽ ان ڌار جي وهندڙ سيلاب اندر سوين ٻانهون هٿ مٿي ڪري هن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ لڳيون. نجوميءَ وٽ ٻيو ڪو مشغلو نه هيو سواءِ ان جي ته هو ماضي جي مورتين اندر موجود رهي، پنهنجين اڪيلاين کي دور ڪري سگھي.

    هن وقت گذارڻ لاءِ وري سامهون پيل لفافن مان هڪ کولي ان کي پڙهيو. هن ڏٺو اهو ساڳيو لفافو هيو جيڪو هڪ نيڪ سيرت انسان جي قسمت ۾ نڪتو هيو. اهو نيڪ سيرت انسان جيڪو پرهيزگار هيو. اهو قسمت جي اهڙي ڪوڙڪي ۾ اچي ڦاٿو هيو جو هن لاٰءِ جان ڇڏائڻ ڏکي ٿي وئي. شايد عبادتون هن کي اهو سڪون نه ڏئي سگھيون. هڪ ڏينهن اهو اندر جي آنڌ مانڌ کي گھٽائڻ لاءِ تاڙي خاني ۾ آيو. جڏهن ٻاهر نڪتو ته نجوميءَ کي ويٺل ڏسي ان وٽ ويو ۽ پنهنجي مقدر متعلق هن سان ڳالهايو.
    ”شايد منهنجي قسمت ڏکن کانسواءِ ڪجهه نه آهي“ هن نجوميءَ کي چيو ”مان ڏاڍو پريشان آهيان“.
    نجوميءَ ان نيڪ سيرت انسان کي پاڻ وٽ ويهاريو.
    ”توکي ڪهڙي پريشاني آهي“؟ نجومي پڇيو ”شايد مان تنهنجي پريشاني دور ڪري سگھان“.
    اهو نيڪ دل انسان نجوميءَ وٽ ويٺو ۽ هن کي ٻڌايو.
    ”منهنجو پٽ جنهن جي عمر پندرهن سال آهي، اهو گذريل ٻن سالن کان گم آهي. ٻه سال اڳ اهو گھر مان وڙهي نڪتو هيو ۽ اڄ ڏينهن تائين ڪا خبر نه آهي ته ڪيڏانهن ويو. مان تمام پريشان آهيان. ان کي ڳولهيندي ٿڪجي چڪو آهيان. جنهن جتي ڏسيو مون اتي ڳولهيو پر اهو ڪٿي نظر نه آيو. مان اهو پڇڻ ٿو چاهيان ته ڇا اهو ٻڌائي سگھندي ته اهو ڪٿي آهي؟“ نجوميءَ هن جي ڳالهه ٻڌي پر اڃان گھڻو ٻڌڻ پئي چاهيو.
    ”تون جيڪڏهن پورو قصو ٻڌائين ته جيڪر ڳالهه جي تهه تائين پهچي ڪو حل ڪڍي وجهون“ نجوميءَ چيو.
    اهو نيڪ دل انسان وات تي هٿ ڏئي کنگھيو ۽ پوءِ پوري ڳالهه ٻڌائي.
    اهو شخص شهر جي ان حصي جو رهاڪو هيو جتي نئي آبادي جنم وٺي رهي هئي. ماڻهو ڳوٺن کان لڏ پلاڻ ڪري اچي رهيا هيا ۽ هڪ نئون شهر آباد ٿي رهيو هيو. ان نيڪ دل انسان جو گھر به اهڙي محلي ۾ هيو. محلي جو ماحول سٺو نه هيو. اتي جوا جا اڏا هيا ۽ ڳاڙهي بازار جون ڪجهه تڙيل وئشائون اچي ويٺيون هيون. ان شخص کي خدا ججهي اولاد سان نوازيو هيو. هن کي ست پٽ ۽ پنج نياڻيون هيون. هن جو چوٿون پٽ بري صبحت ۾ اچي هٿن مان نڪري ويو. اهو ڏاڍو ڏنگو ثابت ٿيو. سڄو ڏينهن جوا جي اڏي تي ويٺو هوندو هيو ۽ ان کي جيترا پئسا ملندا هيا اهي جوا جي داءَ تي لڳائي ڇڏيندو هيو. بري سنگت ۾ اچي ان ويڙهه جهيڙ شروع ڪئي. پاڙي ۾ شهر جو بدنام بدمعاش رهندو هيو جنهن کي ”ٽڳڙي بادشاهه“ جي نالي سان سڏيندا هيا. ٽڳڙي بادشاهه هڪ تپيدار جو پٽ هيو. اهو تپيدار جڏهن گھر موٽندو هيو ته ان کي ڪڪڙ ڪڇ ۾ هوندي هئي. ڪڏهن هو ڪنهن ٻڪري کي رسي کان ڇڪيندو نظر ايندو هيو. هڪ دفعي اهو ڪنهن غريب کان ڳوري کٽ کڻائي ايندي به نظر آيو. هڪ ٿلهو ڪتاب ان جي ڪڇ ۾ هوندو هيو ۽ ڪنهن بيماريءَ ڪري ان جا پير مٿي ڀيڏين تائين سجيل هوندا هيا. اهو تپيدار دنيا داري ۾ ايڏو ته ڦاٿل هيو جو پٽ جي تربيت طرف ڌيان نه ڏئي سگھيو ۽ اهو بگڙجندو هڪ ڏينهن شهر جو وڏو بدمعاش ثابت ٿيو. ان کي ور ۾ ست چڪرو چاڪو پيل هوندو هيو. گريبان کولي سڄو ڏينهن ڪنهن سينيما تي بيٺل هوندو هيو. جڏهن ڪلهو هڻي ڪنهن سان وڙهندو هيو ته ور مان ست چڪرو چاقو ڪڍي کوليندو هيو. گراڙي ءَ جي آواز تي ماڻهو پري ڀڄي ويندا هيا. ڪنهن کي جرئت نه ٿيندي هئي جو ان بدمعاش سان مهاڏو اٽڪائي سگھي. هڪ دفعي ان نيڪ دل انسان جي ڇوٿين نمبر پٽ سان ان بدمعاش جو ڪنهن ڳالهه تي جهيڙو ٿيو. ڇوڪرو ڏاڍو ڦڙتيلو هيو. هن دوڪان تان ٻارڻ واري ڪاٺي کڻي ان بدمعاش کي مٿي ۾ وهائي ڪڍي. بدمعاش کي چڪر اچي ويو ۽ روڊ تي ڪري پيو. ڇوڪرو وٺي ڀڳو ۽ نظرن کان گم ٿي ويو. بدمعاش کي جڏهن هوش آيو ته ان ڇوڪري کي ڳولهيو پر اهو هن کي نه مليو. ان کي پريان ان ڇوڪري جو پيءُ ايندي نظر آيو. هن بدلو وٺڻ لاءِ ويجهو وڃي چاقو ڪڍي کولي ان کي سٿر ۾ وهائي ڪڍيو. اهڙي اوچتي حملي تي اهو نيڪ دل هراسجي ويو ۽ سور کان رڙ ڪري پڇيائين.
    ”اڙي خير ته آهي. مان تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو“؟
    ان تي بدمعاش ڏند ڪرٽيندي چيو.
    ”تون نه ڪيو، تنهنجي پٽ ته ڪيو“.
    ماڻهو وچ ۾ پيا. بدمعاش کي ڇڪي پري وٺي ويا ۽ ان نيڪ دل انسان کي ڊاڪٽر وٽ وٺـي مرهم پٽي ڪرائي گھر موڪليائون. اهو نيڪ دل انسان ماٺ ڪري ويهي رهيو، نه ڪنهن کي دانهن ڏنائين ۽ نه شڪايت ڪيائين. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اهو بدمعاش چريو ٿي پيو. ان جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا وار وڏا ٿي ڪلهن تي لڙڪڻ لڳا. اهو جڏهن ڳالهائيندو هيو ته ان جي وات مان چچريل لفظ نڪرندا هيا. هڪ دفعي اهو گھر کان ٻاهر آيو. ٻانهن جا ڪف مٿي ڪري گھٽيءَ ۾ وهندڙ گندي پاڻيءِ جي ڪسي تي اچي ويٺو. هن هٿ منهن ڌوئي گرڙيون ڪري هڪ ڀڳل ڀت تي چڙهي ملان جيئن ٻانگ ڏني ۽ سجدي ۾ ڪري پيو. اهو دماغي توازن وڃائي ويٺو هيو. هن کي جڏهن پريان اهو نوجوان ڇوڪرو نظر آيو جنهن هن کي مٿي ۾ ڪاٺي وهائي ڪڍي هئي ته هن ڊڪي ان کي پڪڙيو ۽ پوءِ چيو.
    ”مونکي قميص جي ڪالر پٽي ڏي مان چانهه سان کائيندس“.
    نوجوان جي لٺ جو اثر هيو يا نيڪ دل جي صبر جو ڪرشمو جو اهو بدمعاش ڪنهن ڪم جو نه رهيو. هڪ دفعي ان چري جي ننڍي ڀيڻ نيڪ دل انسان جي پويان پئي آئي. اهو نيڪ دل جيئن لنگھيو پئي ته ڇوڪري هن جي قدمن جي مٽي کڻندي پئي آئي. ڪنهن انهن کي چيو هيو ته اهو سڀ ان نيڪ دل انسان جي بد دعا جو اثر آهي. بد دعا کي زائل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جي قدمن جي مٽي باهه ۾ ساڙي وڃي ان بد دعا جو اثر ختم ٿي ويندو ته اهو وري پنهنجن حواسن ۾ موٽي ايندو، پر ائين نه ٿيو. اهو چريو هڪ ڏينهن ڦڙو مل جي واڙي ۾ مئل پيو هيو. شايد هو ڪنهن نانگ جي ڏنگڻ سبب مئو هيو.
    اتي ڪرايي جي جاءِ ۾ بسن جا ڪنڊيڪٽر رهندا هيا. انهن کي فوجين جهڙا ڪپڙا پاتل هوندا هيا ۽ اسٽالن جهڙيون مڇون هونديون هيون. اهي شام جو موٽڻ مهل ايڏا ته ٿڪيل هوندا هيا. جو انهن جا گيتلا زمين سان رڳڙجي پويان مٽيءَ جو غبار ڇڏيندا هيا. موڪل ڏينهن اهي ڪنڊيڪٽر جاءِ جي ٻاهرين دريءَ وٽ هارمونيم ۽ ڍولڪ وڃائي بي سري آواز ۾ ڳائيندا هيا. رونشو ڏسي پاڙي جا ڇوڪرا دريءَ وٽ ڪٺا ٿيندا هيا. اهي ڪنڊيڪٽر هٿن جي اشارن سان ڇوڪرن کي اندر سڏي پاڻ وٽ ويهاريندا هيا. اهي بي سري آواز ۾ ڳائيندي اکين جي اشارن ۽ هٿن سان فحش حرڪتون ڪندا هيا.
    هڪ دفعي نيڪ دل جو پٽ به انهن وٽ وڃي ويٺو. هڪ ڪنڊيڪٽر ڍولڪ وڄائيندي هن سان حرڪت ڪئي. ڇوڪري کان برداشت نه ٿيو. ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. هن اتي پيل بس جي اوزارن جي پيٽيءَ مان پانو ڪڍي ان کي مٿي تي وهائي ڪڍيو. ڪنڊيڪٽر بيهوش ٿي ڍولڪ مٿان ڪري پيو ۽ ان تي ٽمندڙ رت ڌڙڪندڙ دل جي آوازن جيان ڪرڻ لڳو.
    اهي ڏينهن ان نيڪ دل انسان لاءِ سٺا نه هيا جڏهن هن جي پٽ ننڍي ڀيڻ جو سونو هار جوا ۾ هارايو. اهو هڪ رات پئسن هارائڻ کانپوءِ گھر آيو ۽ ڪاٺ جي الماڙي کولي ان مان سونو هار ڪڍي هليو ويو. جڏهن جوا ۾ هارايو ته ڄڻ هن جي دل کي ڌڪ لڳو. هن کي احساس ٿيو ته هن سٺو ڪم نه ڪيو آهي. هن کي ڀيڻ جو هار چوري نه ڪرڻ کپندو هيو. ان احساس هيٺ مايوس ٿي جواخاني ۾ ويهي رهيو ۽ سوچڻ لڳو.جيڪڏهن هو گھر ويو ته پيءُ کي ڪهڙو جواب ڏيندو ڇو جو اتي سڀني کي خبر چئجي چڪي هوندي ته سونو هار هن چوري ڪيو آهي. ان ذلت جي احساس ڪري پوري رات ڪنڊ وٺي سوچيندو رهيو. ڪنهن هن کي نشي آور گوريون کارائيون ۽ هو حواس وڃائي ويٺو. ڪاوڙ خوف ۽ ضمير جي ملامت کان وڦلڻ لڳو. هو اٿيو ۽ جوارين کي گاريون ڏيڻ شروع ڪيون. ٻه چار جواري جيڪي پئسا هارائي ويٺا هيا توائيءَ ۾ اٿيا ۽ هن کي منهن ۾ ڌڪ وهائي ڪڍيا. هو رت وهائيندو جواخاني مان ٻاهر نڪتو، ٿيڙ کائيندو بئريج روڊ تان اڳتي وڌيو ۽ بندر روڊ کان ٿيندو پل تي آيو. هن لوهه جي گيڊر ۾ هٿ ڀيڪوڙي عرش ڏي منهن ڪري روئي ڍڍڪيون ڏنيون. ڳوڙها هن جي ڳلن تان چانڊوڪي جذب ڪري رجيل سون جيان هيٺ ڪرڻ لڳا. هن پل تان ٽپو ڏنو ۽ هوا ۾ گسندو هيٺ پاڻيءَ ۾ گم ٿي ويو. ٿوري دير کانپوءِ مٿي ظاهر ٿيو ۽ وري هيٺ هليو ويو. هو وري ڪڏهن ظاهر نه ٿيو،
    نيڪ دل پٽ کي ڳولهيندي ڏاڍو پريشان ٿي ويو. هن ماڻهن کان ڏس ورتا. هو جواخاني ويو ۽ هن کي اتي ٿيل سڄي ماجراجي خبر پئجي وئي. هن سوچيو سون جو هار گهوريو شل پٽ واپس وري پئي. هن سمجهيو متان ان شرم کان ته سون جو هار جوا ۾ هارايو آهي هو ڪنهن ٻئي شهر وڃي لڪيو هجي ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ واپس اچي وڃي. هو پٽ جو انتظار ڪندو رهيو. پر جڏهن ٻه ڏينهن گذريا ۽ هو واپس نه آيو ته هن جي پريشانيءَ ۾ اظافو ٿي ويو. هو اٿيو ۽ درياهه مٿان پل تي اچي پهتو. اتي هڪ سپاهيءَ هن کي ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ نوجوان پل تان پاڻ اڇلائي آپگهات ڪيو هيو. اهو سپاهي اوندهه هجڻ ڪري ان جا ڪپڙا ۽ چهري جا نقش نه ڏسي سگھيو هيو. ان نيڪ دل سمجهيو مٿان اهو ڪو ٻيو هجي جنهن آپگھات ڪيو آهي هو موٽي گھر آيو ۽ پٽ جو انتظار ڪرڻ لڳو.
    ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڪن ماڻهن هن کي ٻڌايو ته دودي ڳوٺ وٽ واهه مان هڪ لاش مليو آهي، جيڪو ڪنهن نوجوان جو آهي ۽ ان جا پارپتا هن جي گم ٿي ويل وپٽ جهڙا آهن. هو ننڍي ڀاءُ کي ساڻ ڪري دودي ڳوٺ پهتو. انهن ڏٺو لاش جي جسم تي ساڳيا ڪپڙا پهريل هيا، جيڪي گھر ڇڏڻ وقت هن جي پٽ کي هيا، پر جڏهن انهن غور سان ڏٺو ته ان کي سڃاڻي نه سگھيا. گھڻا ڏينهن پاڻيءَ اندر هجڻ ڪري اهو اصل حالت ۾ نه رهيو هيو. ان جو منهن سجيل ۽ جسم ڳورو ٿي چڪو هيو. ان کي ڏسڻ کانپوءِ نيڪ دل اها ڳالهه قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هيو ته اهو لاش هن جي پٽ جو آهي. هن جي دل اهو مڃڻ لاءِ تيار نه هئي ته هن جو پٽ مري چڪو آهي ۽ دنيا ۾ نه رهيو آهي. هن کي آسرو هيو ته اهو هڪ ڏينهن ضرور موٽندو ۽ ان سان ملاقات ٿيندي. اهو سوچي ٻنهي ڀائرن لاش کي اتي ئي ڳوٺ ۾ دفنائي ڇڏيو. ۽ گھر موٽي آيا،
    ٽي مهينا گذري ويا ڪوشخص هن وٽ آيو ۽ چيائين،
    ”مان تنهنجو پٽ هڪ هنڌ ڏٺو آهي. جيڪڏهن اچڻ وڃڻ جو ڪرايو ڏين ته مان ان کي راضي ڪري تو وٽ وٺي اچان“.
    اها ڳالهه ٻڌي نيڪ دل ڏاڍو خوش ٿيو.
    ”ته پوءِ مان به توسان هلندس“ ان چيو ”مونکي وٺي هل جيڪو خرچ ٿيو ڏيندس“.
    ”مون ان سان ڳالهايو آهي“ ان شخص چيو ”تنهنجو پٽ گھر واپس اچڻ لاءِ تيار آهي. متان توکي مونسان ڏسي اتان ڀڃي وڃي. بهتر ائين آهي ته مونکي پئسا ڏي وعدو ٿو ڪريان ته ڪيئن به ڪري ان کي واپس وٺي تو وٽ ايندس“.
    نيڪ دل ان کي پئسا ڏنا ۽ اهو پئسا وٺي ائين گم ٿي ويو ڄڻ جن هيو. وري ڪڏهن نه وريو. اهو نيڪ دل ان جو انتطار ڪندي مايوس ٿي ويو.
    هڪ ڏينهن ماڪي فقير وٽ ويو ۽ ان سان حال اوريائين ماڪي فقير هن کان پئسا وٺي اهڙو ڏس ڏنو جو جڏهن اهو ان جي ڏسيل راهن تي پٽ کي ڳولهيندو، ريل گاڏين، بس اڏن ۽ پيرين پيدل سفر ڪندو ڏور جهنگن، جبلن ۽ ريگستانن تائين هليو ويو، پر هن کي ماڪي فقير جو ڏسيل ماڳ ڪٿي نه مليو، هو رستو وڃائي ويٺو ۽ هڪ اهڙي آستان تي اچي نڪتو جتي هڪ ڀوپو ڀت کي ڌڪ هڻي سوال ڪندو هيو ۽ جواب ۾ ڀت اندران هڪ ڳورو آواز ايندو هيو، جنهن ۾ سائل جي ٻڌايل مسئلي جو حل هوندو هيو. اهو نيڪ دل جڏهن اتي پهتو ته اتي اڳواٽ ويٺل شخص ڪنهن طريقي سان هن کان دل جو احوال ورتو ۽ جڏهن ڀوپي ڀت کي ڌڪ هڻي ڳالهايو ته ڀت اندران اڳواٽ احوال ٻڌي هو حيران ٿي ويو.
    ڀوپي جڏهن ڀت کي ڌڪ هنيا ته اندران آواز آيو
    ”توکي پٽ ملي ويندو. فڪر ڪرڻ مان ڪو فائدو نه آهي. تنهنجو پٽ عيش واري زندگي گذاري رهيو آهي. هن کي جڏهن احساس ٿيو ته وطن واپس ورندو ۽ توسان ملندو. دلجاءِ ڪر، گھٻرائڻ جي ضرورت نه آهي“.
    نيڪ دل جڏهن اهڙيون ڳالهيون ٻڌيون ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو. هن جي دل مطمعن ٿي وئي ۽ اندر ۾ اميد جاڳي ته اهو ڏينهن ضرور ايندو. هن وڏي رقم ڀوپي کي ڏني ۽ گھر روانو ٿيو.
    چار سال گذري ويا هن جو پٽ نه موٽڻو هيو نه موٽيو. هو پٽ کي ياد ڪري ڏاڍو رنو. گھر کان نڪتو ۽ دل جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ تاڙي خاني ۾ آيو. تاڙي پي دل جو بار هلڪو ڪيائين جڏهن ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي.
    نجومي هن جي حال کان واقف ٿيو ته طوطي کي هٿ تي کڻي لفافن تي لاٿائين. طوطي هڪ لفافو ٻاهر ڪڍيو ۽ پوءِ ڀڳل دال جو داڻو کائي واپس ڪلي تي وڃي ويٺو. نجوميءَ لفافو کولي پڙهيو. اتي لکيل هيو.
    ”مالڪ جي
    آهي اها راءِ.
    هر شيءِ
    نه آهي تنهنجي،
    پر
    آهي تنهنجي لاءِ“
    رقعو پڙهي نجوميءَ نيڪ دل ڏانهن نهاريو جيڪو خاموش ويٺل هيو.
    نجوميءَ ضروري سمجهيو ته ان جي وضاحت ڪري.
    ”دنيا جي ڪنهن به شيءِ تي ڪنهن جي دعويداري نه آهي. شيون اسان جون نه آهن پر اسان لاءِ آهن. ٻين جو ته ڇا پر هرڪو پنهنجي پاڻ جو به دعويدار نه آهي. اسين نه پنهنجي اولاد جا دعويدار آهيون. ۽ نه مال ملڪيت جا. بيشڪ شيون اسان لاءِ خلقيون ويون آهن. پر اسان انهن کي پاڻ سان گڏ نٿا کڻي وڃون. دنيا ڪروڙها سال پراڻي آهي. اتي هڪڙا آيا ٻيا ويا. دنيا موجود آهي، ماڻهو بلدجن ٿا. جنهن دعوا ڪئي ان پاڻ سان دغا ڪئي. دعويداري هڪ اهڙي ڄار جيان آهي جنهن ۾ جيڪو ڦاٿو سو جيئري مئو. شين تي اسان جو وس نه آهي، ڇو جو اهي آهن ته اسان لاءِ پر اسان جون نه آهن. اولاد به ائين آهي، تون ان تي دعويداري ڪري پاڻ کي تڪليف ۾ مبتلا نه ڪر. انساني نسل اهڙي ڦوهاري جيان آهي. جيڪو دنيا جي باغ ۾ لڳل آهي. ان مان انسان قطرن جيان ڪرن ٿا ۽ هيٺ ڪري پاڻيءَ سان ملي هڪ ٿي وڃن ٿا. اسان پنجن پيڙهين کانپوءِ وڏڙن کي وساري ويهون ٿا. دنيا ۾ ڪروڙين قبرون اهڙيون آهن جن جي وارثي جو ڪو دعويدار نه آهي. اهي گمنام ماڻهن جون قبرون آهن. ويندڙ ماڻهن کي گهڻا ڏينهن ياد ڪري روئڻو پوندو؟ جيڪا شيءِ وئي اها تنهنجي نه هئي. بيشڪ تنهنجي لاءِٰ هئي پر دعويداريءَ جو ڪهڙو ضرور“.
    پوءِ نجوميءَ هن کي پنهنجي ننڍپڻ جو واقعو ٻڌايو.
    جڏهن ننڍو هيو ته هن جو ڏاڏو فوت ٿي ويو. هن کي قبرستان ۾ هڪ چن جي پهاڙيءَ کان چاليهه قدم پري دفانيو ويو. ڳوٺن ۾ قبرن تي ڪتبن جو رواج نه هيو. قبرن کي خاص نشانين سان سڄاتو ويندو هيو. چن جي پهاڙي ۽ ان جو فاصلو قبر جا نشان هيا. هو عيد برات تي پيءُ سان ڏاڏي جي قبر تي ويندو هيو. ان چن جي پهاڙ ڀرسان هڪ بٺي هئي جتي پهاڙ کي بارود سان ٽوڙيو ويندو هيو. وقت سان اهو چن جو پهاڙ ويو ننڍو ٿيندو. آخر اهڙو وقت به آيو جو قبر ۽ چن جي پهاڙ وچ ۾ فاصلو وڌي ويو. هڪ عيد تي جڏهن هو ڏاڏي جي قبر تي ويو ۽ دعا گھري رهيو هيو ته ڪو شخص هن ڀرسان اچي بيٺو ۽ ان به دعا گھرڻ شروع ڪئي. جڏهن هو دعا گھري واندا ٿيا ته ان هن ڏانهن حيرت ۾ ڏٺو ۽ چيو
    ”ادا توهان ڀليا آهيو.... هيءَ قبر منهنجي پيءُ جي آهي“.
    ”پر هيءَ منهنجي ڏاڏي جي آهي“. هن چيو ”اسان سالن کا هت دعا گھرڻ ايندا آهيون“.
    پوءِ هن کي احساس ٿيو ته اها هن جي ڏاڏي جي قبر نه هئي. ٽڪجندڙچن جي پهاڙ ۽ وڌندڙ فاصلي هن جي ڏاڏي جي قبر جا نشان مٽائي ڇڏيا هيا. هن قبرستان اندر سڀ نشان ذهن ۾ رکي قبر ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڳولهي نه سگھيو. ۽ ڏاڏي جي قبر کان محروم ٿي ويو.
    پوءِ نجوميءَ هن کي آٿت ڏنو.
    ”مونکي ڏاڏي جي قبر وڃائجڻ جو ڪو ملال نه آهي. مان ان جو دعويدار نه آهيان. تون مالڪ نه سڏاءِ جيڪا شيءِ تنهنجي نه هئي ان تي دعويدار ي ڪري پاڻ کي نه وچڙاءِ، شين مان آجو ٿيڻ سان دل جو بار هلڪو ٿئي ٿو. آخر اهڙو وقت به اچڻو آهي جڏهن تنهنجي دل توسان دغا ڪندي ۽ تنهنجو وس نه هلندو“.
    نجوميءَ جون ڳالهيون ٻڌي نيڪ دل سڪون محسوس ڪيو ۽ اها ڳالهه هن کي سمجهه ۾ اچي وئي ته انسان مالڪ نه آهي هو صرف سنڀاليندڙ آهي. مالڪ شيءِ موٽائي وٺي ٿو ته هن کي اعتراض نه هجڻ گھرجي. دعويداري ان رانديڪي جيان آهي جنهن جي ڀڄي پوڻ تي ٻار روئيندو آهي.
    نجومي جڏهن ماضيءَ تي سوچيندو هيو ته اهو هن لاءِ اطمعنان جو باعث ان ڪري به هوندو هيو ته هن ماڻهن سان چڱايون ڪيون. انهن جي هن پيڙا کي ڏور ڪرڻ لاءِ صلاحيتن کي استعمال ڪيو. هن سوچيو متان هن جي ڪنهن نيڪ عمل ڪري هن کي شفا ملي پوي. هو وري طوطي کي ساڻ ڪري تاڙي خاني ٻاهران ويهي سگھي. هن وقت گذارڻ لاءِ وري هڪ لفافو کنيو ۽ ان کي کولي پڙهيو. هن کي اهو پوڙهو ياد اچي ويو جيڪو اسي سالن جو هيو. اهو ڪڻڪ رنگو شخص هيو جنهن کي ڪاري ڪوٽي پاتل هوندي هئي. جسم ۾ سنهو هجڻ ڪري پنهنجي عمر کان گھٽ پئي نظر آيو. ان جون ڏاڙهي مڇون ڪوڙيل هيون ۽ وارن کي رنگ ٿيل هيو. ان جي منهن ۾ نسوانيت هئي. جڏهن ان ڳالهايو پئي ته هن جو منهن ڳِٽن وٽان ڳاڙهو پئي ٿي ويو. اهو شهر جو مشهور شاعر، صحافي ۽ سياستدان هيو. ان شاعري گھڻي ته نه ڪئي هئي پر صحافت ۾ پاڻ ملهايو هيو. سياست ۾ هن تي گانڌي جو اثر هيو ۽ هو پاڻ کي پڪو ڪانگريسي سڏائيندو هيو. اهو ٽن زالن هوندي اسي سالن جي عمر ۾ پنجويهن سالن جي ڇوڪريءَ تي عاشق ٿي پيو ۽ ان جي عشق ۾ ايڏو ته مبتلا ٿي ويو جو هن جي دل جو چين لٽجي ويو. هڪ ڏينهن تاڙي خاني ۾ آيو. هن تاڙي پي پنهنجي من جي لٽيل سڪون کي بحال ڪيو ۽ پوءِ جڏهن ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي.
    ”منهنجي من جي پيڙا جو ڪهڙو علاج آهي“؟ هن نجوميءَ کان سوال ڪيو ”ڇا اندر جي آس پوري ٿيندي؟ ڇا اهو ملندو جنهن کي من ڳولهيندو رهي ٿو“؟
    نجوميءَ ان پوڙهي کي پاڻ وٽ ويهاريو.
    ”تنهنجي اندر جي آس جي انجام جي خبر تڏهن پوندي جڏهن تنهنجي قسمت جو لفافو کلندو“ نجوميءَ چيو.
    ”مان هڪ خوبصورت شاعرا جي عشق ۾ مبتلا ٿي پيو آهيان“ پوڙهي چيو ”منهنجي من جي حسرت آهي ته ان کي حاصل ڪريان. ڇا مونکي ٻڌائي سگهندين ته اها منهنجي ءَ قسمت ۾ لکيل آهي؟ ڇا اها مونسان شادي ڪرڻ تي راضي ٿي ويندي؟“
    نجومي پوڙهي جون ڳالهيون ٻڌي پريشان ٿي ويو. هن کي يقين ئي نه پئي آيو ته هڪ پوڙهي جو سڀ کان وڏو مسئلو هڪ نوجوان عورت سان شادي آهي. ان عمر ۾ جڏهن ماڻهو موت لاءِ فڪر مند هوندا آهن، ان پوڙهي کي گهوٽ بڻجڻ جي خواهش هئي.
    ”ڳالهه پوري ٻڌاءِ ته پوءِ قسمت جو لفافو ڪڍي ڪو مسئلي جو حل ڪڍون“. نجوميءَ چيو.
    پوڙهي نجوميءَ کي پنهنجي عشق جو پورو داستان ٻڌايو.
    اهو ڪانگريسي پوڙهو جنهن کي گانڌيءَ جي صحبت نصيب ٿي هئي، کائڻ پيئڻ جي معاملي ۾ سٻاجهڙو هوندو هيو. اهو پنهنجي ملڪ جو لوڻ وجهي انگريزي ڀاڻ کان پاڪ سبزيون اٻاري کائڻ جو شوقين هيو. اهو ٺوڙهي ٻڪريءَ جو کير پيئندو هيو جنهن ڪري هن جي مٿي جا وار ڪڏهن نه ڇڻيا. هو ناشتي ۾ ڏڌ سان جوئر جي ماني کائيندو هيو ۽ پنهنجي سنهڙي جسم تي کاڌيءَ جا ڪپڙا پائي مٿان اها ڪاري رنگ جي ڪوٽي پائيندو هيو جيڪا هن کي ڪڏهن هڪ الهه آباديءَ تحفي ۾ ڏني هئي. جڏهن اڃان ورهاڱو نه ٿيو هيو ته هو بمبئيءَ ۾ هيو. هر طرف نفرت جي باهه ٻري رهي هئي، مذهبي ڇڪتاڻ عروج تي هئي. هڪ هندو آشرم ۾ جتي مسلمانن جي داخل ٿيڻ تي پابند هئي، اتي هو ڪجهه ڪانگريسي دوستن سان ڌوتي ٻڌي تلڪ هڻي ڪنهن ديويءَ جو ڪلاسيڪل نرت ڏسي رهيو هيو. اتي موجود ڪجهه ڪٽر هندن کي شڪ پيو ته شايد اهو مسلمان آهي. انهن اعتراض ڪيو ته ان کي هڪدم ٻاهر ڪڍيو وڃي. انهن جي اعتراض باوجود هو اتان نه ويو. هن جي ڪانگريسي دوستن ڳالهه ٽارڻ لاءِ انتهاپسندن کي چيو. ”بابا.......... هي هندو آهي. مسلمان نه آهي. اجايو ڇو مذهبي چڪر ۾ پيا آهيو. وڃو پنهنجو ڪم ڪيو“.
    مذهبي ڪٽر نه مڙيا.
    ”اسان پڪ ڪرڻ چاهيون ٿا ته هي واقعي ئي مسلمان نه، هندو آهي“ انهن چيو. پوءِ جڏهن اهي هن جي ڌوتي لاهڻ لاءِ اڳتي وڌيا ته ڪانگريسي وچ ۾ پيا ۽ هن جي جان بچائي وٺي ڀڳا.
    ورهاڱي کانپوءِ ملڪ ٻه ٽڪر ٿيو ته هو پنهنجي شهر موٽي آيو. هن جي پهريل زال اتي رهندي هئي. جيڪا هن جي سوٽ هئي. هو جڏهن چوڏهن سالن جو هيو ته هن جي شادي ٿي هئي. هن کي ان عورت مان ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئر هيون. هن واپس اچي هڪ هفتيوار اخبار شروع ڪئي. هڪ دفعي شهر جي ايئرپورٽ تي جناح جو جهاز لهڻ وارو هيو. هو ڪيمرا ڳچيءَ ۾ لڙڪائي ٽانگي تي چڙهي اتي پهچي ويو. هن کي اخبار لاءِ فوٽو ڪڍڻا هيا ۽ رپورٽ لکڻي هئي،. جناح جيئن جهاز مان لٿو ته هو ان جي استقبال ڪرڻ وارن جي قطار ۾ بيٺل هيو. هن کي نئون کاڌيءَ جو جوڙو ۽ تازي ڌوتل ڪوٽي پاتل هئي. وڏو سياستدان ۽ حيثيت وارو پئي نظر آيو. هن جڏهن جناح سان هٿ ملايو ته اڳواٽ پنهنجي ڪيمرا ڪنهن دوست کي ڏئي ڇڏي هئي، جنهن سندس هڪ سٺو فوٽو ڪڍي هن حوالي ڪئي. اهو فوٽو جڏهن صاف ٿي هن جي هٿن ۾ آيو ته سندس يادگار بڻجي ويو. هو سڄي زندگي اهو فوٽو هر ايندڙ ويندڙ کي ڏيکاري ڏاڍو متاثر ڪندو هيو. ان فوٽو ڪري هن وڏا فائدا حاصل ڪيا.
    جناح جڏهن ائرپورٽ کان ٻاهر پئي آيو ته هو به وفد ۾ شامل هيو. هن جي نظر هڪ راجستاني ڇوڪريءَ تي پئي جيڪا جناح جو استقبال ڪرڻ اتي ماءَ سان آيل هئي. هو ڇوڪريءَ کي ڏسي ان تي عاشق ٿي پيو. ڇوڪريءَ جي ماءُ سمجهيو ته اهو جناح جي وفد ۾ شامل ڪو وڏو سياستدان ۽ پئسي وارو آهي. هن کي پنهنجي ڌيءَ لاءِ هڪ اهڙي ئي شخص جي ضرورت هئي. ان سوچيو هن جي ڌيءَ لاءِ ان کان وڌيڪ ڪهڙو موزون رشتو هوندو. شهر جو هڪ وڏو شاعر وچ ۾ پيو ۽ ان هن جي شادي ڪرائي.
    شاديءَ کانپوءِ ڇوڪريءَ جي ماءَ کي جڏهن خبر پئي ته هو هڪ معمولي صحافي ۽ اڳواٽ ٻارن ٻچن جو پيءُ آهي ته ان جي پيرن هيٺان ڌرتي نڪري وئي. ان گھڻا هٿ پير هنيا ته ڌيءَ کي ان کان آجو ڪري پر ان جي هڪ نه هلي. ڇوڪري جلد پيٽ سان ٿي وئي ۽ ان عمر جا باقي سال هن سان گذاريا. هن کي ان عورت مان ٻه پٽ ۽ چار ڌيئر ڄايون.


    7

    چوونجاهه سالن جي عمر ۾ هو اهو شهر ڇڏي هڪ ٻئي شهر آيو. اتي هڪ وطن دوست عالم دين سان هن جي دوستي ٿي وئي. اهو عالم عمر ۾ هن کان وڏو ۽ ضعيف هيو. ان ملڪ ۾ وڏا دانشور ۽ سياستدان پيدا ڪيا هيا. هر ڪو ان جو شاگرد سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هيو. پر ان جي اولاد سڌريل نه هئي. ان کي ٻه پٽ هيا، جيڪي پڙهي نه سگھيا، سڄو ڏينهن شهر ۾ رلي وقت وڄائيندا هيا. ان جي لئبريري جنهن ۾ هزارين قيمتي ۽ ناياب ڪتاب هيا ان کي سنڀالڻ وارو ڪو به نه هيو. هن جي ٻنهي پٽن فيصلو ڪيو ته ڪنهن ڪٻاڙيءَ کي ڏئي پئسا حاصل ڪجن. جڏهن هن کي خبر پئي ته هن جي دوست جي لئبريري کي ان جا پٽ ڀڳڙن مٺ تي وڪڻڻ لاءِ تيار آهن ته هن ڪٿان قرض کڻي انهن کان ان لئبريري جا ڪتاب حاصل ڪيا. ڪتاب ايڏا ته هيا جو جڏهن هن ڪتابن سان ڀريل ڪٻٽ پنهنجي جاءَ ۾ رکيا ته هڪ کٽ جيتري جاءِ مس بچي. هن جو گهر وڏي لائبريريءَ ۾ بدلجي ويو. هر هنڌهيٺ مٿي، ڪٻٽن جارن ۽ فرش تي ڪتاب نظر ايندا هيا. هن کي ان عالم جو اهو آٽو گراف بڪ به هٿ اچي ويو. جنهن ۾ نهرو، گانڌي ۽ ٽئگور جا هٿ اکر هيا. اهو بڪ ۽ جناح سان نڪتل فوٽو هن جو سڀ کان وڏو اثاثو هيا. جيڪو به هن سان ملڻ ايندو هيو ته اهو هن کان متاثر ٿيندو هيو. دنيا جي مشهور شخصيتن جا هٿ اکر ڏسي دنگ رهجي ويندو هيو. هن وٽ شهر جا ڪامورا سياستدان اديب ۽ شاعر ايندا هيا جيڪي هن جي ڪتابن جو ذخيرو ڏسي پاڻ کي غريب محسوس ڪندا هيا. هڪ اهڙي ئي هندوستاني ڇوڪري جنهن جو سانورو رنگ ٻئي جنگ عظيم تي لکيل ڪتاب جي ٽائيٽل تي ٺهيل دونهي جهڙو هيو. اها جڏهن هن سان ملڻ آئي ته هن کي عظيم ڏاهو سمجهي عقيدت مان هن آڏو نوڙي سندس عظمت کي سلام ڪرڻ لڳي. هو ان هندستاني ڇوڪري تي عاشق ٿي پيو ۽ جڏهن هن سندس شاديءَ جي خواهش ظاهر ڪئي ته ان سانوريءَ ڇوڪريءَ چيو.
    “جنهن سان عقيدت هوندي آهي، ان سان شادي نه ڪبي آهي ۽ جيڪڏهن شادي ڪبي آهي ته عقيدت ختم ٿي ويندي آهي“.
    هن اڳتي وڌي سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ ورتو.
    ”عشق جي حيثيت عقيدت کان مٿاهين آهي. مان توسان عشق ڪيان ٿو ۽ چاهيان ٿو ته تنهنجي محبت حاصل ڪريان“.
    اها نوجوان ڇوڪري هن سان شاديءَ تي راضي ٿي وئي. شاديءَ کانپوءِ اها لائبريريءَ جهڙي گھر ۾ رهندي هئي ۽ ان عورت مان هن کي ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ ڄائي. اها عورت هن لاءِ سٺـي ثابت نه ٿي. وقت سان ان عورت کي احساس ٿيو ته هوءَ اهڙي غريب جي زال آهي جنهن وٽ ڪجهه به نه آهي. جڏهن ان عورت وٽ ٻارن کي کارائڻ لاءِ ڪجهه نه هوندو هيو ته اها ڇليءَ ۾ ڪجهه ڪتاب وجهي بازار ويندي هئي ۽ ڪٻاڙيءَ کي وڪڻي سودو وٺي ايندي هئي. هڪ دفعي هو لائبريريءَ ۾ ڪو ناياب ڪتاب ڳولهي رهيو هيو. جيڪو شهر جي ڊپٽي ڪمشنر کي ڏئي وڏي رقم حاصل ڪرڻ جو خواهشمند هيو. جڏهن هن کي اهو ناياب ڪتاب نه مليو ته هو هٿن مان نڪري ويو ۽ چرين جيان لائبريري جا ڪتاب هيٺ مٿي ڪرڻ لڳو.
    ”منهنجو اهو ڪتاب جنهن تي نهروءَ جا هٿ اکر هيا ڪيڏانهن ويو؟“ هن زال کان پچيو
    ”بابا ...... اهو نه امان ڪٻاڙيءَ کي ڏئي ڇڏيو“ هن جي ننڍڙي ڌيءَ معصوميت سان چيو“. گھر ۾ پئسا نه هيا. امان انهن مان اٽو وٺي آئي“.
    ڌيءَ جي ڳالهه ٻڌي مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهيو.
    ”مونکي اهو ڪٻاڙي ڏيکار ڪٿي آهي”؟ هن ڪاوڙ مان چيو ”مان پئسا ڏئي اهو ڪتاب واپس وٺندس“.
    هن جي زال کيس ٻڌايو ته اهو ريڙي وارو هيو. خبر نه آهي اهو ڪٿي هجي. هو تڪڙ ۾ گھر کان ٻاهر نڪتو ۽ ان ريڙهي واري ڪٻاڙيءَ کي شهر جي گھٽين ۾ ڳولهيندو رهيو پر اهو کيس نه مليو.
    اهي هن جا سٺا ڏينهن نه هيا. هو پنجهٺ سالن جو ٿي چڪو هيو. ۽ هن کي گدودن جي بيماري هئي. هو جڏهن گدود ڪڍائي اسپتان کان گھر موٽيو ته هن کي وري دل جي تڪليف ٿي پئي. کيس سختي سان منع ڪيو ويو ته هو جنسي عمل کان پاسو ڪري. هن جي رت جو دٻاءُ وڌيل آهي. اهڙي عمل ڪري اهو تمام وڌي ويندو ۽ هن کي دل جو دورو پوڻ جو امڪان آهي. انهن ڏينهن هن سخت پرهيز ڪئي ۽ جڏهن هن جي طبيعت ڪجهه بهتر ٿي ته هو پنهنجي لائبريري جا چونڊ ڪتاب ٿيلهي ۾ وجهي لاڙڪاڻي روانو ٿيو. هن کي اهي ڪتاب اتان جي ڪامورن ۽ سياستدانن کي وڪرو ڪرڻا هيا. هو جڏهن لاڙڪاڻي پهتو ته کيس رات ٿي وئي. هن جو هڪ واقفڪار شاگرد اتي هاسٽل ۾ رهندو هيو. هو رات گذارڻ ان وٽ پهچي ويو. ان رات ڪاليج ۾ مشاعرو هيو. هو جڏهن هاسٽل پهتو ته اهو نوجوان هن کي مشاعري ۾ وٺي ويو. جنهن ۾ هرڪو وطن جي حب ۾ شعر پڙهي رهيو هيو. جڏهن مشاعري ۾ شرڪت ڪندڙن کي خبر پئي ته هڪ اهم شخص جيڪو گانڌيءَ ۽ نهروءَ جو هم عصر آهي ته اهي هن سان وڏي عزت ۽ احترام سان مليا ۽ مشاعري ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان ويهاريائون. جڏهن مشاعرو شروع ٿيو ۽ ان ۾ هڪ قومپرست شاعرا پنهنجو ڪلام پيش ڪرڻ آئي ته هو ان تي عاشق ٿي پيو.
    اها هڪ نوجوان شاعرا هئي جنهن جا شعر رسالن ۾ شايع ٿيندا هيا ۽ جڏهن ڳايا ويندا هيا ته شاگرد اجرڪ پائي نچندا هيا. اها شاعرا ايڏي خوبصورت نه هئي پر ان جي شاعري وڻندڙ هئي. هو ان شاعرا تي ان حد تائين عاشق ٿيو جو مشاعري ختم ٿيڻ کانپوءِ جڏهن اهو نوجوان سان هاسٽل واپس پهتو ته اهو چئي ڪمرو مٿي تي کنيائين ته ”خدا جي واسطي ان سان شادي ڪراءِ. اها توسان گڏ پڙهي ٿي. ان کي اهو پيغام پهچاءِ ته مان شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. نه ته ٻي صورت ۾ مان پکي سان پاڻ ٽنگي ڦاهو کائيندس“.
    نوجوان پوڙهي جي حالت ڏسي پريشان ٿي ويو . ان کي آسرا دلاسا ڏئي ٿڌو ڪيائين ته هو ان کي اهڙو پيغام ضرور پهچائيندو.
    پوءِ هر هفتي ڪتابن جو ٿيلهو ڳچيءَ ۾ وجهي هن وٽ هاسٽل پهچي ويندو هيو ۽ نوجوان کان پڇندو هيو.
    ”ڇا تون منهنجو پيغام پهچايو“؟
    نوجوان ڪوڙ ڳالهائيندي چوندو هيو.
    ”مان توهان جو پيغام پهچايو آهي. هوءَ سوچي ٿي. ڪجهه ڏينهن اندر جواب ڏيندي“. ان پوڙهي بازار مان هڪ لاڪيٽ ورتو ۽ پوءِ ڪنهن رسالي مان ان شاعرا جو فوٽو ڪٽي لاڪيٽ ۾ وڌو. هو جڏهن هاسٽل ايندو هيو ته ڳچيءَ ۾ پيل لاڪيٽ کولي فوٽو ڏيکاريندو هيو.
    ”ڏس .......... مان ان کي قيد ڪري ڇڏيو آهي.“ هو چوندو هيو“. هوءَ لاڪيٽ جيان منهنجي من ۾ سمايل آهي“.
    اهي ساڳيا ڏينهن هيا جڏهن پوڙهي کي ان شاعرا پاران ڪو خاطر خواهه جواب نه مليو. هو مايو س ٿي ويو. هن انهن ڏينهن عشقيا شاعري ڪئي جيڪا گھوٽڪيءَ جي هڪ هفتيوار اخبار ۾ شايع ٿي. هو ديوانن جيان شهر جي گھٽين ۾ گھمندو هيو. هڪ ڏينهن هن تاڙي خاني جو رخ ڪيو. جتان نڪرڻ کانپوءِ هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي.
    نجوميءَ جڏهن پورو قصو ٻڌو ته پنهنجي طوطي کي آڱر تي کڻي لفافن مٿان لاٿو ۽ طوطي هڪ لفافو سوري هن کي ڏنو، نجوميءَ جڏهن لفافو کولي پڙهيو ته اتي لکيل هيو.
    ”هڏن
    ڪهڙو ذائقو
    هڏن ناهي
    ست،
    پنهنجي زخمي وات جو
    ڪتو چوسي
    رت“.
    رقعو پڙهي هن پوڙهي ڏانهن نهاريو. پوڙهي جي منهن مان ائين پئي لڳو ڄڻ اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. نجوميءَ ضروري سمجهيو ته هو هن کي کولي سمجهائي.
    ”ڪتو جڏهن هڏو کائيندو آهي ته هن کي ذائقو هڏي مان نه پر ان زخم مان وهندڙ رت ڪري ايندو آهي جيڪو زخم هڏي چٻاڙڻ ڪري هن جي وات ۾ پيدا ٿيندو آهي. تون به پنهنجي زخمي وات جو رت چوسي رهيو آهين. هڏا تنهنجي ذائقي جو سبب نه آهن اهي تولاءِ پيڙا ۽ ناسور جو سبب آهن. ذائقو ماڻهوءَ جي اندر موجود هوندو آهي. تون جيڪڏهن ان کي ڳولهي لڌو ته ٻاهريون شيون تولاءِ بي ذائقي ٿي پونديون. هر هنڌ منهن وجهي گند اندر ڳولهڻ سان توکي سٺا ئي نه لڀندي. تون جنسي خواهشن جي تڪميل ۾ پاڻ سان ويساهه گھاتيون ڪري رهيو آهين. هڏا تنهنجي بک نه مٽائيندا. تنهنجي ذائقي ۽ تسڪين جو سبب نه بڻبا، پر اهي توکي زخمي ڪري وجهندا. تون سڄي زندگي پنهنجي زخم جو رت چوسي مزو ورتو آهي. تون هڪ ٻئي زخم لاءِ سرگردان آهين. تنهنجو وجود شايد وڌيڪ زخم برداشت نه ڪري سگھي. تنهنجي عمر جي تقاضا اها آهي ته هاڻي ان ۾ هڏن چٻاڙڻ جي سڪت نه رهي آهي. پاڻ کي تڪليفن کان بچاءِ ۽ اهڙو ڪو به قدم نه کڻ جنهن سان تنهنجي جيءَ کي جوکو رسي“.
    نجوميءَ جي ڳالهه ٻڌي پوڙهو وڌيڪ مايوس ٿي ويو. هن تڪڙ ۾ ڪجهه سڪا ڪڍي هن کي ڏنا ۽ اٿي هليو ويو. هو عشق جي انڌي گھوڙي تي سوار هيو. هن لاءِ سڀ رستا هڪ جهڙا هيا. هن نجوميءَ جي ڳالهين تي ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ هڪ ڏينهن ڪتابن جو ٿيلهو کڻي لاڙڪاڻي روانو ٿيو. جڏهن هو هاسٽل پهتو ته نوجوان هن کي مبارڪ ڏني.
    ”سائين توهان جو بندوبست ٿي ويو. جلدي تيار ٿيو ته توهان جي ان شاعرا سان ملاقات ڪرايون“.
    اهڙي خبر ٻڌي هو هڪدم تيار ٿي نوجوان سان روانو ٿيو. نوجوان ان شاعرا کي اهو نه ٻڌايو هيو ته پوڙهو ڪانگريسي هن سان شاديءَ جو خواهشمند آهي. پر هن صرف ايترو چيو هيو ته اهو توهان سان ملاقات ڪرڻ چاهي ٿو. ڇو جو هو توهان جي شاعريءَ مان متاثر آهي. ان شاعرا لاءِ اهو پوڙهو پڻ وڏي حيثيت جو مالڪ هيو. ڇو جو ان کي خبر هئي ته اهو گانڌيءَ جو پوئلگ ۽ مشهور ڪانگريسي آهي. جڏهن هو نوجوان سان انتظار گاهه ۾ پهتو ته شاعرا اتي موجود هئي. پوڙهي ڪانگريسيءَ کي ڏسي ان جي من ۾ عقيدت ۽ پيار ڀرجي آيو. هوءَ ائين اٿي بيٺي جيئن ڪا نياڻي پيءُ جي اچڻ تي اٿي بيهندي آهي.
    جڏهن پوڙهو صوفي تي ويٺو ته هوءَ ان ويجهو آئي. عقيدت مان ان جي پيرن کي ڇهي کيس نرڙ تي چمي ڏنائين. ائين ڪرڻ سان پوڙهي جي رت جو دٻاءُ وڌي ويو. هن جي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي. جسم ڏڪڻ لڳو ۽ هڪ واڇ ڦري وئي. هن کي سيني ۾ سور محسوس ٿيو. هن دانهن ڪئي. ايمبولنس گھرائي وئي. ۽ هن کي وجهي اسپتال روانو ڪيو ويو.
    نجوميءَ ان پوڙهي متعلق سوچيو ۽ پوءِ وري هو ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيو. هن محسوس ڪيو. ماضي جا سڀ ڪردار هن آڏو ويٺل هجن ۽ وري ڪنهن قصي ٻڌڻ جا منتظر هجن. هن پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون ڄڻ هن جو ذهن ٿڪجي پيو هجي ۽ هو ان کي هلڪي ڪرڻ لاءِ سڀ سوچون صاف ڪري ٿانيڪو ٿيڻ چاهيندو هجي. هن وري اکيون کوليون ۽ سامهون پيل لفافن کي ڏٺو. هن وٽ وقت گذارڻ لاءِٻيو ڪو بهانو نه هيو. هن هڪ لفافو هٿ ۾ کڻي ان کي کولي پڙهيو. هن کي ياد اچي ويو.
    اهو هڪ سيٺ جي نوڪر جي قسمت ۾ نڪتو هيو. اهو نوڪر ڏاڍو منجهيل هيو. پنهنجي مالڪ جا ڪم ڪري ٿڪجي پيو هيو. اهو هڪ ڏينهن اک بچائي تاڙي خاني ۾ آيو ۽جڏهن ٿڪاوٽ دور ڪري ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي.
    ”مان مالڪ جي خواهشن جي بجاآوري ڪندي ٿڪجي پيو آهيان“ نوڪر چيو ”هن جا حڪم ختم ئي نه ٿا ٿين. هڪ حڪم پويان ٻيو حڪم صادر ڪري ٿو. . مونکي مٿي کنهڻ جيتري مهلت به نه آهي. مان نو مهينا مسلسل هن جي ڳورهاري زال جون گھرجون پوريون ڪندو رهيس. توکي ته خبر هوندي، هڪ ڳورهاري عورت جون فرمائشون ڪڏهن ختم نه ٿينديون آهن. هاڻي جڏهن ان ڄم ڪيو آهي ته سيٺ تمام گھڻو خوش آهي. سندس من ۾ خواهش جاڳي آهي ته ان خوشيءَ جي موقعي تي هو شراب پيئي. جيئن ان خوشيءَ جي موقعي کي سٺي طريقي ملهائي سگھجي. جيڪا هڪ پٽ ڄمڻ جي صورت ۾ هن کي حاصل ٿي آهي. مون سوچيو هيو. جڏهن ان جي زال کي ٻار ڄمندو ته سک جو ساهه کڻندس ۽ ڪجهه آرام ڪري سگھندس پر لڳي ٿو منهنجيءَ قسمت ۾ آرام لکيل نه آهي. ڇا سڄي زندگي ائين ٿا ٻن ۾ گذري ويندي“؟.
    ”هن نوڪر جي ڳالهه ٻڌي ۽ هن کي پاڻ وٽ ويهاريو.
    ”هڪ نوڪر جو ڪم هوندو آهي مالڪ جي گھرجن جو پورائو ڪرڻ“ نجوميءَ چيو ”تون به هڪ نوڪر آهين. مالڪ جي گھرجن کي پورو ڪرڻ تنهنجو فرض آهي“.
    نوڪر کي نجوميءَ جي ڳالهه نه وڻي.
    ”پر نوڪر به ته هڪ انسان هوندو آهي“ هن چيو ”نوڪر چاٻيءَ تي هلندڙ لوهه جو ٺهيل ته نه هوندو آهي. نيٺ انسان کي آرام گھرجي. هن جون پنهنجون ضرورتون هونديون آهن“.
    نجوميءَ سوچيو، نوڪر سان ڪا وڏي تعدي آهي. اهو محنتي ۽ ايماندار پئي ڏٺو پر گھڻي محنت ان کي ٿڪائي وڌو هيو.
    ”تون پنهنجي ڳالهه پوري ٻڌاءِ ته پوءِ قسمت جي طوطي کان تنهنجو فيصلو ڪرايون“. نجوميءَ چيو.
    نوڪر هن وٽ ٺهي ويٺو ۽ پوءِ قصو ٻڌايو.
    اهو نوڪر هڪ مالدار شخص وٽ ڪم ڪندو هيو. ان کي شهر جي ڳتيل علائقي ۾ برف جا ڪارخانا هيا. انهن مان هڪ ڪارخاني اندر هن جو گھر هيو. گھر ٻاهران گيس جا سيلينڊر رکيل هوندا هيا، جن جي بدبو هر طرف ڦهليل هوندي هئي. ان مالدار شخص ٻه شاديون ڪيون پر اولاد کان محروم رهيو. هن ڪو پير نه ڇڏيو جنهن جي مزار تي حاضري ڀري اولاد لاءِ دعا نه گھري هجي . هن ڪيترا تعويز گھوٽي زالن کي پيئاريا پر هن کي اولاد نصيب نه ٿي. نيٺ دعا دوا کانپوءِ هن جي ننڍي زال اميد سان ٿي. هن خوش ٿي پئسا غريبن ۾ ورهايا ۽ بکايلن کي ماني کارائي. ان جو هڪ وفادار نوڪر هيو جيڪو هن وٽ پلجي وڏو ٿيو هيو. هن جي ان نوڪر جو تعلق بنگال سان هيو. اهو ورهاڱي وقت پنهجن کان وڇڙجي ويو. ان وقت هن جي عمر نو سال هئي. جڏهن بنگال ۾ مذهبي فساد ٿيا ته هن جي گھر کي ساڙيو ويو. هو پنهنجن وڏڙن سان هڪ اسٽيشن تي ريل جي انتظار ۾ بيٺل هيو. ماڻهن جي سيلاب ۾ ترندي جڏهن اها ريل پهتي ته ماڻهو ان مان پاڻيءَ جي قطرن جيان ٽمي رهيا هيا. هر طرف آهون ۽ دانهون هيون. ڪٿي به پير پائڻ جي جاءِ نه هئي. ماڻهن جي هجوم ۾ اهو اڪيلو رهجي ويو. هن ڏٺو هو پنهنجن کان وچڙجي چڪو هيو. هو ڊوڙي ريل جي ڇت تي چڙهيو ۽ جڏهن ان شهر ۾ پهتو ته هن کي سڃاڻڻ وارو ڪو به نه هيو. ان مالدار شخص هن کي يتيم سمجهي پاڻ وٽ پناهه ڏني ۽ پرورش ڪئي. اهو بنگالي هن لاءِ سٺو نوڪر ثابت ٿيو. سڄو ڏينهن ڪارخاني ٻاهران هڪ موڙي تي ويٺل هوندو هيو ۽ جڏهن هن کي سڏيندو هيو ته هو ڀڄندو پهچندو هيو. هن جو مالڪ طبيعت جو تيز هيو ۽ وڏي آواز ۾ ڳالهائيندو هيو. اهو حڪم مٿان حڪم ڏيندو هيو ۽ هو ڪنڌ هيٺ ڪري ٻڌندو هيو ۽ پوءِ حڪم جي پوئواري لاءِ پاڻ پتوڙيندو هيو.
    جڏهن مالڪ جي ننڍي زال اميد سان ٿي ته هن جا ڪم وڌي ويا. مالڪ سدائين ان سوچ ۾ هوندو هيو ته خير جو وقت گذري ۽ هن جي زال ٻار کي جنم ڏئي. هو زال جو ڏاڍو خيال رکندو هيو. هن کي ان جي آرام ۽ خوراڪ جو فڪر هوندو هيو. هو رڙ ڪري نوڪر کي سڏيندو هيو. نوڪر ڊڪندو هن وٽ پهچندو هيو ۽ هو زال جي ضرورت جي پورائي لاءِ ان کي حڪم ڏئي روانو ڪندو هيو. هڪ دفعي هن نوڪر کي حڪم ڏنو.
    ”اڄ منهنجي زال جي دل پلي کائڻ لاءِ چوي ٿي. ڪٿان ڪو تازو پلو وٺي اچ“. اها پلي جي مند نه هئي. درياءَ ۾ ايڏو پاڻي نه هيو جو پلو مري سگھي. سو نوڪر هٿ ادب جا ٻڌي هن آڏو بيهي رهيو.
    ”سرڪار پلو پاڻيءَ جي مند ۾ مرندو آهي. اڄ ڪلهه اهو ڪٿي ملندو“ ان چيو.
    ”مان چوان ٿو اهو ڪٿان به هٿ ڪري اچ“ مالڪ ڪاوڙ ۾ چيو ”اجائي بڪ بڪ نه ڪر“.
    هن مالڪ کان پئسا ورتا ۽ پوءِ مڇي مارڪيٽ روانو ٿي ويو. هن کي ڪٿي به پلو نظر نه آيو. هن پڇا ڪرائي ته کيس پلو ڪٿان ملندو؟ ڪنهن هن کي ٻڌايو ته ٿي سگھي ٿو اهو درياهه جي هيٺائينءَ وارن علائقن ۾ ملي وڃي. هو مالڪ جي حڪم جي بجاآوري ڪندي گاڏيءَ ۾ چڙهيو ۽ جڏهن ٽن ڏينهن کانپوءِ موٽيو ته پلو هن جي هٿ ۾ هيو. جڏهن هو مالڪ وٽ پهتو ته مالڪ خوش ٿيڻ بجاءِ هن تي ڪاوڙ جي پيو.
    ”ايڏا ڏينهن ڪٿي گم ٿي ويو هئين“ مالڪ تارا ڦوٽاريندي چيو ”تون ڏاڍو نڪمو ۽ بي چيو ٿي پيو آهين“.
    مالڪ جي ڪاوڙ ڏسي نوڪر هيسجي ويو.
    ”سائين حڪم جي بجا آوري ڪندي ڏاڍو پري وڃڻو پيو“.
    جڏهن تون ايڏو پري به وئين ”مالڪ هن کي سمجهائيندي چيو ته ”توکي سوچڻ گھربو هيو ته هڪ ڳورهاري عورت جون ضرورتون ڪهڙيون ٿي سگھن ٿيون. ڇا توکي اتي کٽاڻ نّظر نه آئي. ڪو ذائقي دار ڦل نه مليو. ڇڙو اهو پلو هٿن ۾ لوڏائيندو ڀڃندو آيو آهين“.
    مالڪ جي ڳالهه جو هن ڪو جواب نه ڏنو ۽ هيٺ ڪنڌ ڪري بيهي رهيو.
    هڪ دفعي ان ڳورهاري عورت نوڪر کي سڏ ڪري چيو.
    ”پاسن ۾ سور آهي. پئسا وٺ ۽ ڄيـٺي ماءُ کان وڏف جو عرق وٺي اچ“ هن پئسا ورتا ۽ ڀڄندو ڄيٺي ماءُ وٽ پهتو. جڏهن هو عرق وٺي گھر پهتو ته در تي مالڪ بيٺل هيو. مالڪ هن جي هٿن ۾ عرق جي بوتل ڏسي جڏهن سوال ڪيو ته هن سڄي ڳالهه هن کي ٻڌائي. اها ڳالهه ٻڌي مالڪ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ چيو.
    ”جڏهن عرق وٺڻ وئين ته توکي ان ڳالهه جو احساس نه ٿيو ته متان مسئلو وڌيل هجي ۽ ڪنهن دائيءَ جي ضرورت پئي. ماڻهوءَ کي پنهنجي سوچ به ڌارڻ گھرجي. تون جڏهن عرق ورتو ته دائي ڳولهيندي توکي ٻرو پئي ڇڙهيو؟“
    مالڪ جي ڳالهه ٻڌي هو چپ ٿي ويو ۽ اکيون هيٺ ڪري بيهي رهيو.
    ان نوڪر جو وقت گذرندو رهيو. هو مالڪ جون ڇڙٻون کائي دل ۾ نه ڪندو هيو. هو سوچيندو هيو. اهو مالڪ هن جي پيءَ جهڙو آهي. جنهن هن کي پناهه ڏني ۽ پالي وڏو ڪيو. هن جي دل چاهيندي هئي ته مالڪ ناراض نه ٿئي. اهو هن مان خوش هجي. پر هو محسوس ڪندو هيو، مالڪ هن جي ڪنهن ڪم مان خوش نه آهي.
    آخر اهڙو وقت به آيو جو مالڪ جي زال ويم کي ويجهي ٿي. ان نوڪر کي پاڻ وٽ گھرائي چيو.
    ”ٻار جي پيدا ٿيڻ سان ڪپڙن ۽ رهلڪن جي ضرورت پوندي. اهي وڃ ۽ وٺي اچ“. نوڪر بازار ويو ۽ جڏهن وٺي واپس پهتو ته هن سان مالڪ جي ملاقات ٿي وئي. مالڪ جڏهن هن کي ڏينهن تتي جو سهڪندي سامان سميت ايندي ڏٺو ته سوال ڪيو. هن ٻڌايو ته زال رهلڪن ۽ ڪپڙن لاءِ بازار اماڻيو هيو ۽ اهي وٺي واپس موٽيو آهيان“.
    اها ڳالهه ٻڌي مالڪ تپي باهه ٿي ويو.
    ”توکي خبر نه آهي ته ڪڏهن عقل ايندو“. مالڪ چيو ”تون ٿوري سوچ به استعمال ڪندو ڪر. توکي خبر آهي ته ٻار ڄمڻ وقت ڪهڙين شين جي ضرورت ٿي سگھي ٿي. جڏهن تون رهلڪا ۽ ڪپڙا ورتا ته توکي پينگھو به وٺڻ گھربو هيو جيئن ٻار ڄمڻ سان آرام ڪري سگھي.“.
    نوڪر ورتل سامال مالڪ حوالي ڪيو ۽ هو وري بازار طرف روانو ٿيو جيئن ٻار لاءِ پينگھو وٺـي سگھي. جڏهن هن پينگھو ورتو ته اهو ڪلهن تي رکي گھر روانو ٿيو، جڏهن گھر پهتو ته هن سمجهيو مالڪ پينگھو ڏسي ضرور خوش ٿيندو ۽ پيار مان پٺي ٺپي شاباس ڏيندو، پر مالڪ پينگھو ڏسي ڪاوڙجي چيو.
    ”جڏهن تون پينگھو ورتو ته توکي اهو خيال نه آيو ته ڄاري به وٺان جيئن مڇر مکيون ٻار کي تنگ نه ڪن ۽ ٻار سڪون سان سمهي سگھي“.
    مالڪ جي ڳالهه ٻڌي نوڪر چپ ٿي ويو ۽ هٿ ادب جا ٻڌي معافي ورتائين. هو سهڪندو وري بازار ويو ۽ پينگھي جي ڄاري وٺي گھر موٽيو.
    هو واندو ٿي هڪ دائيءَ کي وٺي آيو. دائي ڳورهاري عورت جي چڪاس ڪري نوڪر کي چيو.
    ”متان ڊوهه ڏيڻ لاءِ تيل جي ضرورت پوي. بازار وڃ ۽ جلدي وٺي اچ“. نوڪر ڀڄندو بازار ويو. جڏهن تيل وٺي واپس موٽيو ته مالڪ اهو وٺـي هن کي ڏاڍو ڇڻٻيو.
    ”اڙي صفا ڀوڪ آهين“ مالڪ چيو ” تون اهو نه سوچيو ته تيل سان گڏ ڏاڻ ۽ سرمو به ورتيون وڃان متان انهن جي ضرورت پوي“.
    نوڪر وري بازار ويو ۽ جڏهن ڏاڻ ۽ سرمو وٺي پهتو ته مالڪ هن کي وري پئسا ڏئي روانو ڪيو.
    ”جيئن ته ٻار کي ڄمڻ سان کير جي ضرورت پوندي. ٿي سگھي ٿو ماڻس جي ٿڻن ۾ ايڏو کير نه هجي. ان لاءِ وڄ ۽ ٻڪري وٺي اچ. کير جي بوتل ضرور وٺجانءِ متان وساري ويهين“.
    نوڪر ويو. هن ٻڪري خريد ڪري، کير جي بوتل وٺي گھر جو رخ ڪيو. جڏهن مالڪ وٽ پهتو ته مالڪ ڏاڍو پريشان ٿي ويو.
    ”مونکي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته الله توکي عقل ڪڏهن ڏيندو“. ان ڪاوڙ ۾ چيو ” جڏهن تون ٻڪري ورتي ته توکي اها ڳالهه ذهن ۾ نه آئي ته ان لاءِ گاهه ورتو وڃان. ٻڪريءَ کي بک لڳندي ته اها پٿر کائيندي“.
    نوڪر کي غلطيءَ جو احساس ٿيو ۽ ان ڪنڌ هيٺ ڪري مالڪ کان معافي ورتي. مالڪ هن جي عقل تي کلندو رهيو.
    مالڪ نوڪر مان ڪڏهن خوش نه ٿيو. هو هن تي رحم کائي اهو سوچي ٽن ويلن جي ماني ڏيندو هيو ته اهو ڪيئن به هيو پر تعبيدار هيو. هن جي حڪم جي بجاآوري ڪندي ان منهن ۾ ڪڏهن گھنج نه وڌو پر نوڪر ڏاڍو مايوس ٿي چڪو هيو. هو مالڪ جون خواهشون پوريون ڪندي ٿڪجي چڪو هيو.
    جڏهن ٻار ڄايو ته مالڪ ڏاڍو خوش ٿيو. هن ٻار ڄمڻ جي خوشيءَ ۾ دوستن کي گھرايو ۽ نوڪر کي چيو.
    ”هو گتي تي وڃي شراب جي بوتل وٺي اچي“.
    نوڪر ڪنڌ هيٺ ڪري شراب وٺڻ گتي ڏانهن روانو ٿيو. هو ڏاڍو ٿڪيل ۽ مايوس هيو. هن پنهنجي من جي مونجهه گھٽائڻ لاءِ تاڙي خاني جو رخ ڪيو ۽ جڏهن تاڙي پي ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي.
    نجوميءَ جڏهن پورو حال ٻڌو ته طوطي کي آڱر تي ويهاري لفافن تي لاٿو. طوطي هڪ لفافو ڇڪي ٻاهر ڪڍيو. نجوميءَ جڏهن اهو کولي پڙهيو ته اتي لکيل هيو.
    ”اميدون
    آنن تي
    آرو
    ڪنديون آهن،
    خواهشون
    ٻچا
    ڏينديون آهن“.
    نوڪر کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. هن نجوميءَ کي چيو ته کولي سمجهائي.
    نجوميءَ هن کي انجو مطلب سمجهايو.
    ”اميدون انتظار جو ٻيو روپ آهن. اميدون انسان جو رت پي جوان ٿينديون آهن. اميدون ڪاميابين ۽ ناڪامين جي اوسيئڙي جو نانءَ آهن. اهي وقت جي آنن تي آرو ڪنديون آهن. آنا جيڪي وقت جيان سٺا به هوندا آهن ته خراب به. خواهشن جي سمنڊ کي ٻيو ڪنارو نه آهي. هڪ خواهش ٻين خواهشن کي جنم ڏئي ٿي. خواهشن جو ڪو انت نه آهي. انسان خواهشن جو مجموعو آهي. خواهشون انسان سان جيئرو رهن ٿيون ۽ ان جي مرڻ سان مرن ٿيون. خواهشون اميدن کي اجاگر ڪن ٿيون ۽ ناڪاميون مايوسين جو سبب بنجن ٿيون. تنهنجي مالڪ جي خواهش هئي ته هن کي ٻار ڄمي. هن جي زال جي پيٽ مان ٻار اميد جيان پيدا ٿيو. اميد جي آس ۾ عورت اندر هزارين خواهشون جاڳيون. تون انهن خواهشن کي پورو ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪوشش ڪئي پر مالڪ کي راضي رکڻ ۾ ناڪام وئين . ڇو جو خواهشن جو پورائو انسان جي وس جي ڳالهه نه آهي. ٻار جي ڄمڻ کانپوءِ مالڪ جي من ۾ خواهش جاڳي ته هو شراب پي خوشيون ماڻي. توکي خبر هجڻ گھرجي ته هڪ خواهش پويان هزارين خواهشون آهن. خواهشن جي اهڙي نه ختم ٿيندڙ قطار آهي جنهن جو انت نه آهي. توکي اها ڄاڻ هجڻ گھرجي ته شراب پيئڻ کانپوءِ ان جي من ۾ ڪهڙيون خواهشون جاڳنديون. ان لاءِ ضروري آهي ته تون هن جي خواهشن جي پورائي جو اڳواٽ بندوبست ڪر، جيئن هن جي ڪاوڙ ۽ ڏمر کان بچي سگھين. هاڻي اهو تون سوچ ته شراب پيئڻ کانپوءِ هن جي من ۾ ڪهڙيون خواهشون جاڳي سگھن ٿيون“. نوڪر ڪجهه سڪا نجوميءَ حوالي ڪيا ۽ پوءِ هو سوچن ۾ ٻڏي ويو.هن نجوميءَ جي ڳالهه تي غور ڪيو ۽ سوچيو ته هو ڪيئن مالڪ جي سڀني خواهشن جو اڳواٽ پورائو ڪري ان جي ڪاوڙ کان بچي سگھي ٿو.


    8

    مالڪ جي اڳواٽ خواهش جي پورائي ۾ هن کي وقت لڳي ويو. ٻن ڏينهن کانپوءِ جڏهن گھر پهتو ته مالڪ اتاولو ويٺل هيو. هن کي ڏسي ڪاوڙ ۾ رڙ ڪيائين“.
    ”اڙي ڀوڪ ايڏا ڏينهن ڪٿي گم ٿي ويو هئين. مان توکي شراب وٺڻ لاءِ موڪليو ۽ تون هاڻي موٽيو آهين.“
    نوڪر شراب جي بوتل مالڪ حوالي ڪئي ۽ هٿ ادب جي ٻڌي عرض ڪيو.
    ”سائين مون شراب جي بوتل ان ڏينهن ئي وٺي ڇڏي هئي. جڏهن مون شراب جي بوتل ورتي ته سوچيو. شراب پيئڻ کانپوءِ توهان سرور ۾ ايندا ۽ توهان جي دل ناچ گاني ٻڌڻ لاءِ چوندي. تنهنڪري شهر جي ڳاڙهي بازار ويس ۽ ٻن وئشائن جو بندوبست ڪيم جيئن اهي وقت تي نچي توهان جي دل وندرائي سگھن. پوءِ سوچيم شراب ۽ شباب سان گڏ توهان کي ڪبابن جي ضرورت محسوس ٿيندي. انڪري اڳواٽ بازار مان هڪ ٻڪرو خريم ڪيم. وري سوچيم جڏهن توهان شراب جي نشي ۾ گھڻو گوشت کائي ويندا ته توهان جو پيٽ خراب ٿيندو ان ڪري اڳواٽ هڪ حڪيم کي به پاڻ سان گڏ ورتيو آيم جيئن توهان جو علاج ڪري سگھي. وري سوچيم جيڪڏهن توهان جي طبيعت گھڻي خراب ٿي ۽ حڪيم جي علاج اثر نه ڪيو ته توهان جي مرڻ جي صورت ۾ ڪفن به پاڻ سان گڏ ورتيو آيم جيئن وقت سر ڪم اچي سگھي. ان سموري بندوبست ۾ مونکي ٻه ڏينهن لڳي ويا، جنهن لاءِ مان معافيءَ جو طلبگار آهيان.“ مالڪ نوڪر جي ڳالهه ٻڌي شرم کان ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيو. نجومي ڳالهه ياد ڪري مرڪيو. هن ٿڌو ساهه کنيو ۽ ڀت کي ٽيڪ ڏئي طوطي کي ڏسڻ لڳو. هن جو طوطو ڪنهن ساڌوءَ جيان اکيون بند ڪري هڪ ڄنگهه تي بيٺل هيو. ائين پئي لڳو ڄڻ گيان ۾ گم ٿي اهو ماضيءَ ۾ پٽڪندو هجي. ان کي به اهي سڀ ڪردار ياد هجن جيڪي ڪڏهن تاڙي خاني کان ٻاهر آيا ۽ هن انهن جا لفافا چهنب سان سوري ٻاهر ڪڍيا. نجوميءَ لاءِ ماضيءَ کان وڏو خزانو ڪو به نه هيو. هو ماضيءَ جي مٽيءَ هيٺان جيئرو دفن هيو. هن جي پوري ڪائنات اتي دفن هئي. هن جا ڪردار ماضيءَ جي مزارن مان جيئرين اکين سان هن ڏانهن نهاري رهيا هيا. انهن اکين ۾ سوين سوال هيا ۽ هن جا چپ انهن سوالن جا جواب ڏيڻ لئي ٿڌي هوا ۾ وڻ جي پنن جيئن ڦڙڪي رهيا هيا.
    هن پوءِ وري وقت گذارڻ لاءِ سامهون پيل لفافن مان هڪ ڪڍي کولي پڙهيو. هن کي ياد اچي ويو، اهو لفافو هڪ ڊاڪٽر جي قسمت ۾ نڪتو هيو. ان ڊاڪٽر کي غفلت سبب اسپتال مان نيڪالي ڏني وئي هئي. اهو مايوسيءَ جي حالت ۾ هڪ ڏينهن تاڙي خاني اندر آيو. ان تاڙي پي پنهنجي ملامت ڪندڙ ضمير کي سمهارڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن هو تاڙي خاني مان ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي. نجوميءَ ان کي سڃاتو. اهو شهر جي ڳتيل آباديءَ ۾ موجود اسپتال جو ڊاڪٽر هيو. هن ان ڊاڪٽر کي پنهنجي ڀرسان ڇنڊي ڦوڪي هڪ صاف چادر تي ويهاريو. ڊاڪٽر ويٺـو ۽ ان نجوميءَ کي پنهنجي مسئلي کان آگاهه ڪيو.
    ”مونکي اهڙن گناهن جي سزا ڏني پئي وڃي جيڪي مون نه ڪيا آهن“. ڊاڪٽر چيو ” اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته هڪ مئل ماڻهو جنهن جي نبض ۽ دل ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هيو اهو ڪيئن جيئرو ٿي پيو. منهنجي خيال ۾ سڄو ڏوهه اسان جي نظر جو آهي، جو اهي ڏسي نه سگھيون يا اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ آيا جو آهي، جنهن جي نظرن دوکو کائي ٻئي جون اکيون بند ڪيون ۽ مئل کي ڇرڪائي وڌو. مون پنهنجي پاران ڪنهن کي ڏک پهچائڻ جي ڪڏهن ڪوشش نه ڪئي آهي پر تنهن هوندي به مون کان ڪجهه غلطيون ٿيون آهن، جن جو نتيجو ڀوڳي رهيو آهيان“.
    نجوميءَ ڊاڪٽر جي منهن ۾ غور سان ڏٺو. ڏوهه جي احساس ڪري ان جون اکيون جهڪيل هيون ۽ ضمير جي ملامت سبب ان جي منهن ۾ ندامت هئي،. ”هڪ بيمار جي ساهه جي تند ان جي مسيحا جي هٿن ۾ هوندي آهي. توکي پنهنجو ڪم احتياط سان ڪرڻ گهربو هيو. ڇو جو تنهنجو واسطو انساني زندگيءَ سان آهي“ نجوميءَ چيو.
    ” اهوسچ آهي“. ڊاڪٽر چيو ”مون فرض تي پئسي کي ترجيح ڏني. مون کان اهڙيون غلطيون ٿيون جيڪي نه ٿيڻ گھربيون هيون. هن وقت مون لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو منهنجو َضمير آهي، جنهن مونکي بي چين ڪري ماري وڌو آهي. مان ڏوهه جي احساس هيٺ دٻجي رهيو آهيان. مونکي ٻاهر ڪڍڻ وارو ڪو به نه آهي. تون ٻڌاءِ ته آخر ملامت جي ان احساس مان ڪڏهن ڇوٽڪارو ملندو ۽ مان وري هڪ سٺي زندگي بسر ڪري سگھندس“.؟
    نجومي اڃان ڊاڪٽر جي ڳالهه پوريءَ ريت سمجهي نه سگھيو هيو. هن ڊاڪٽر کي چيو پوري ڳالهه ٻڌائي جيئن ان جي تهه تائين پهچي طوطي کان قسمت جو لفافو ڪڍائي ڪو نتيجو اخذ ڪري سگھون.
    ڊاڪٽر پنهنجي پوري ڳالهه ٻڌائي.
    اهو ڊاڪٽر شهر جي ڳتيل علائقي ۾ اسپتال اندر ڪم ڪندو هيو. اها اسپتال ورهاڱي کان ٻه سال پوءِ هڪ ڪاٺياواڙي سيٺ ٺهرائي هئي. ان اسپتال جي ٻاهرين در مٿان هڪ سنگ مر مر جي سر تي لال ٻائي اسپتال لکيل هوندو هيو. لال ٻائي ان ڪاٺياواڙي سيٺ جي ماءُ جو نالو هيو جيڪا ورهاڱي کانپوءِ مذهبي ڇڪتاڻ سبب ڀاڄ جي نتيجي ۾ دوارڪا کان ڪراچي ايندڙ سامونڊي جهاز ۾ گذاري وئي. ان جي لاش کي هڪ تختي سان ٻڌي وزن لڙڪائي سمنڊ ۾ ڇڏيو ويو. ڪاٺيواڙي سيٺ لاءِ اهي گھڙيون ڪنهن قيامت کان گھٽ نه هيون. هو سڄي زندگي ماءُ کي وساري نه سگهيو. جڏهن ڪليم ۾ هن کي ان شهر جي ڪجهه ملڪيت ملي ته هن حاصل ڪيل هڪ ڳئون شالا کي ڊهرائي ماءُ جي ياد ۾ اسپتال ٺهرائي. تڪڙ ۾ ٺهرايل ان اسپتال اندر ڪيتريون خاميون رهجي ويون. ان شهر اندر تعليم يافتا ڊاڪٽرن جي کوٽ هئي. جڏهن ڪو ٻيو ڊاڪٽر نه مليو ته اها هڪ سيکراٽ ڊاڪٽر حوالي ڪئي وئي. اسپتال جي آپريشن واري ڪمري ۾ پان جون ٿڪون اڇلايل هونديون هيون ۽ مٿان کليل روشندان مان جهرڪيون اندر آکرو ٺاهڻ لاءِ پنهنجي چهنب ۾ ڪک ڍوئيندي نظر اينديون هيون. ڳتيل آبادي ۾ هجڻ ڪري اها اسپتال ماڻهن جي مجبوري بڻجي وئي. هر ڪو علاج ڪرائڻ لاءِ اوڏانهن رخ ڪندو هيو. جتي خيرات جي نالي ۾ ٿورا پئسا وٺي انهن جو علاج ڪيو ويندو هيو. ڊاڪٽر کي مٿي کنهڻ جيتري فرست نه هوندي هئي. هو سڄو ڏينهن مريضن جي چڪاس ڪري دوائون ڏيڻ ۾ گذاريندو هيو ۽ هفتي ۾ ٻه ڏينهن ايڏا ته آپريشن ڪندو هيو جو اسپتال جون کٽون ڀرجي وينديون هيون ۽ مريضن کي سمهارڻ جيتري جاءِ نه هوندي هئي. اسپتال ٻاهران کٽون وجهي مريضن کي سمهاريون ويندو هيو. هڪ دفعي اسپتال ٻاهران ڏهه ٻارنهن مريض ليٽيا پيا هيا ته ڪو ڊرائيور رات جو نشي ۾ روڊ تي ٽرڪ هلائيندو پئي آيو. ان کي اسپتال ٻاهران مريضن جون کٽون نظر نه آيون ۽ تيز رفتار ٽرڪ جي ٽڪرائڻ ڪري سڀ کٽون اڏامي پري ڪريون. ٽي مريض ٿڏي ٿي فوت ٿي ويا ۽ باقي مريضن کي سخت زخمي حالت ۾ هڪ وڏي شهر جي اسپتال روانو ڪيو ويو.
    انگريزي علاج جي نالي ۾ اها پنهنجي تڪ جي مشهور اسپتال هئي. ان سيکراٽ ڊاڪٽر هٿان ڪي شفاياب ٿيندا هيا ته ڪيترا مري ويندا هيا. باغ حيات جو هڪ حڪيم جيڪو ڳجهن مرضن ۽ مثاني جي گدودن جو شرطيا علاج ڪندو هيو. اهو پاڻ گدودن جو مريض ٿي ويو. ان جو پيشاب بند ٿي ويو ۽ سور کان دانهون ڪرڻ لڳو. هن کي خبر هئي ته هن جي ستين ۽ ڪکن ۾ڪو افاقو نه آهي. اهي کائڻ فضول آهن. ٻيو ڪو رستو نه ڏسي ان حڪيم کي انگريزي علاج لاءِ اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽر هن کي تپاسي آپريشن جو مشورو ڏنو. پهرين ته حڪيم آپريشن تي راضي نه ٿيو ۽ ضد ٻڌي بيٺو ته دوائن وسيلي سندس علاج ڪيو وڃي پر جڏهن ڊاڪٽر هن کي ٻڌايو ته اهو مرض دوائن سان ٺيڪ نه ٿيندو ۽ آپريشن ڪرائڻ ضروري آهي ته اهو آپريشن لاءِ راضي ٿيو. ڊاڪٽر وڏي احتياط سان ان جو آپريشن ڪيو ڇو جو اهو شهر جو مشهور حڪيم هيو پر هڪ هفتي کانپوءِ ان حڪيم جو وات بند ٿي ويو ۽ ڏند ڏندن سان ملي ويا. ان جو زخم ايڏو ته خراب ٿي ويو جو جڏهن تيزاب مان پٽيون ٻوڙي صاف ڪرڻ لاءِ ان ۾ وڌيون وينديون هيون ته هو جڪڙيل وات ڪري رڙ نه ڪري سگھندو هيو، پر تڪليف کان ٻيڻو ٽيڻو ٿي ويندو هيو. ڪجهه ڏينهن اندر اهو حڪيم وفات ڪري ويو. ان جي وارثن دانهون ڪيون ته حڪيم سان انصاف نه ٿيو آهي. ڊاڪٽر جي غلط آپريشن ڪري ان جو موت واقع ٿيو آهي. ماڻهن جي دانهن تي سرڪار هڪ وڏي شهر مان ٽيم موڪلي جنهن اسپتال جو جائزو وٺڻ کانپوءِ اها رپورٽ پيش ڪئي ته ”ان اسپتال ۾ آپريشن جون معياري سهولتون موجود نه آهن. آپريشن جي ڪمري جو ماحول سازگار نه آهي ۽ استعمال ٿيندڙ اوزارن کي صاف رکڻ جو بندوبست نه آهي. جيڪڏهن بنيادي اپاءُ نه ٿا ورتا وڃن ته اسپتال اندر آپريشن جو سلسلو بند ڪيو وڃي“.
    رپورٽ کانپوءِ ڪاٺياواڙي سيٺ آپريشن جي ڪمري جي صفائي ڪرائي جهرڪين جا آکيرا ڪڍرائي ٻاهر ڦٽا ڪيا ۽ هن ڪجهه پئسا گڏ ڪري ٻاڦ جي دٻاءَ تي ڪم ڪندڙ اها مشين به گھرائي جيڪا بجليءَ تي هلندي هئي ۽ ان اندر رکيل آپريشن جا اوزار جراثيمن کان پاڪ ٿي ويندا هيا. هڪ ملازم جو بندوبست به ڪيو جيڪو ان مشين کي هلائڻ جي ڪجهه وقت سکيا به حاصل ڪري آيو هيو. اهو ملازم ننڍڙي قد جو هيو جنهن کي مٿين چپ تي ڇڊيون مڇون هيون . ان کي اکين تي ايڏي ته ٿلهن شيشن واري وزندار عينڪ هوندي هئي جو هو هر هر هٿ هڻي ان کي مٿي ڪندو هيو. اهو هڪ دفعي ان مشين جي بجليءَ جو بٽڻ کولي پان وٺڻ هليو ويو. جڏهن پان کاڌائين ته هن کان ڳالهه ئي وسري وئي. ان مشين ۾ ٻاڦ جودٻاءُ ايڏو ته وڌي ويو جو ڌماڪي سان تري وٽان ڦاٽي پئي ۽ راڪيٽ جيان مٿي اڏامي ڇت سان ٽڪرائجي هيٺ ڪري پئي. سڄي اسپتال لڏي وئي. هر ڪنهن سمجهيو زلزلو آيو آهي. ماڻهو وٺي ڀڳا. ڪي ڀتين سان ٽڪرايا ته ڪي ڏاڪڻين مان ڪريا. آپريشن واري ڪمري جا دروازا ڀڄي پيا ۽ ٽيبل اونڌي ٿي وئي. ڪو جاني نقصان نه ٿيو ڇو جو ان وقت ڪمرو خالي هيو. ملازم جي اهڙي لاپرواهيءَ تي اسپتال جو ناظم جيڪو هڪ رٽائرڊ فوجي هيو. ڏاڍو ناراض ٿيو پر هو ان کي نوڪريءَ مان انڪري نه ڪڍي سگھيو جو ان جهڙو ٻيو ملازم ملڻ ڏاڍو ڏکيو هيو، جيڪو اهو ڪم ڄاڻيندو هجي. رٽائرڊ فوجيءَ ملازم کي ڇنڊ پٽي پوءِ پيار مان سمجهايو ته ان جي اهڙي حرڪت ڪري هو پاڻ به مري پئي سگھيو. فوجيءَ جي اهڙي ڳالهه تي اهو ملازم هٿ سان هر هر عينڪ مٿي ڪري کندو رهيو. اهو رٽائرڊ فوجي جيڪو ڪڏهن ڪشمير ۾جنگ وڙهيو هيو اٿندي ويهندي بهادريءَ جا قصا ٻڌائيندو هيو ۽ داخل مريضن جا غلط بل ٺاهي اڌ پئسا اسپتال ۾ جمع ڪرائيندو هيو ۽ اڌ پئسا گھر کڻي ويندو هيو. جڏهن ان فوجيءَ جي ماءُمري وئي ته ان ڀڳڙن ۽ نڪلن جون ٻوريون ڀرائي رکيون. جيڪو به هن وٽ تعزيت ڪرڻ ويو پئي ته ان جي جهول ۾ هڪ ڪپي ڀڳڙن جي ڀري وڌي پئي ته ٻئي نڪلن جي. ان فوجيءَ اسپتال مان چڱو ڪمايو ۽ پوءِ جڏهن هن کي فارغ ڪيو ويو ته مرچن جي بازار ۾ هن کنڊ جو دڪان کوليو.
    اسپتال ڀرسان گوبند مل جي جاءِ هئي. جنهن حالتن جو مقابلو ڪيو ۽ ورهاڱي کانپوءِ هندوستان نه ويو. ان جون ٻه زالون هيون جيڪي جاءِ جي پهرين ۽ ٻئي منزل تي رهنديون هيون. ان جي جاءِ ۾ جنگ لڳل هوندي هئي. هر ايندڙ ويندڙ زاعفن ۽ ٻارن جون رڙيون ۽ وڙهڻ جا آواز پيو ٻڌندو هيو. عمارت هيٺان دوائن جو دڪان هيو جتي گوبند مل ناسي مفلر ويڙهي سيءَ کان ڪن ڍڪي ويٺل هوندو هيو. ان کي بواسير جي بيماري سبب ان اسپتال مان علاج ڪرائڻو پيو. جڏهن دوائن اثر نه ڪيو ته ڊاڪٽر هن کي سمجهائي آپريشن تي راضي ڪيو.
    آپريشن کانپوءِ چاليهه ڏينهن هن سخت تڪليف ۾گذاريو. هو پوءِ دوائن جي دڪان تي ڪنن سان مفلر ويڙهي هوا سان ڀريل هڪ ٽيوب تي ويهندو هيو.هڪ دفعي هو ٽيوب تي ويهي ماڻهن جا نسخا پڙهي دوائون ڏيئي رهيو هيو ته ڪي انتها پسند هن وٽ آيا. انهن کيسي مان هڪ نسخو ڪڍي هن کي ڏنو. هن ٽيوب تي ويٺي ڪنڌ هيٺ ڪري جيئن پڙهڻ شروع ڪيو ته هڪ انتها پسند ور مان پستول ڪڍي هن جي لوندڙيءَ تي رکي ٺڪاءُ ڪرايو. گوبند مل اونڌو ٿي هيٺ ڪريو ۽ دڪان جو فرش هن جي رت سان آلو ٿي ويو. انتهاپسند آرام سان اوندهه ۾ گم ٿي ويا. ٽي ڏينهن دڪان بند رهيو. ڇوٿين ڏينهن هن جي ٻنهي زالن جا نوجوان پٽ هٿن ۾ ٻهارا کڻي پيءُ جو فرش تي ڄميل رت ڌوئي رهيا هيا. رت پاڻيءَ سان ملي هيٺ نالي ۾ ڪري رهيو هيو. ڪنهن هن جي پٽن کان پڇيو.
    ”اڙي پٽ......... اهو ڪيئن ٿيو؟“
    ”جيڪا ڀڳوان جي مرضي“ انهن چيو ”ڇا ٿو ڪري سگھجي“.
    پوءِ انهن هڪ دڪان مان ٻه دڪان ڪيا ۽ ڪم جاري رکيو.
    ان اسپتال ۾ مائي موٽي ءَ نالي هڪ عورت ڪم ڪندي هئي اها جسم ۾ ٿلهي هئي ۽ مٿان ويڪرا ڪپڙا پائيندي هئي. ان عورت جي ڪپڙن تي گھرن رنگن ۾ گل ۽ ٻوٽا ڇريل هوندا هيا. ان جو تعلق مهاڻن جي اهڙي ڪٽنب سان هيو جيڪو اسپتال ڀريان سنڌوءَ ڪناري ٻيڙين ۾ رهندو هيو. اها عورت اتي آيا طور ڪم ڪندي هئي. ۽ سڄو ڏينهن اسپتال ۾ مصروف گذاريندي هئي. هر ننڍي وڏي ڪم لاءِ رڙ پئي پوندي هئي.
    ”مائي موٽيءَ کي سڏ ڪيو“
    ”مائي موٽي ڪٿي آهي“؟
    ”مائي موٽي اچي ته مونڏي موڪلجو“.
    اها ٿلهي عورت اسپتال جون ڏاڪڻيون لهندي چڙهندي ڪڏهن نه ٿڪبي هئي. جيڪڏهن ڪنهن هن تي رحم کائي ٻه چار آنا ڏئي ڇڏيا ته خوشيءَ سان قبول ڪندي هئي ۽ دعائون ڏيندي هئي.
    اسپتال جي وارڊ ۾ ڇوٿين ۽ پنجين نمبر بسترن تي ٻه پوڙها مريض هيا جيڪي گھڻو وقت اسپتال ۾ رهڻ ڪري هڪ ٻئي جا دوست ٿي ويا. ڇوٿين نمبر واري کي دمڪشيءَ جي بيماري هئي. اهو جڏهن ساهه کڻندو هيو ته ان جي سيني ۾ سيٽيون وڃنديون هيون. اهو بستر ئي سڄو ڏينهن سڌو ٿي ويهاڻي کي ٽيڪ ڏئي ويٺل هوندو هيو. رات جو به ان کي ننڊ نه ايندي هئي ۽ هر هر اٿي وڏا ساهه کڻي کنگھڻ شروع ڪندو هيو. ان کي جڏهن گيس چاڙهي ويندي هئي ته ڪجهه سڪون محسوس ڪندو هيو. پنجين نمبر بستري تي پيل جو مرض تشخيص نه ٿي سگھيو هيو. ان جي ڪمزوري ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وئي ۽ جسم ۾ لاغر پئي ٿيندو ويو. اکيون ڏارا ڏئي ويون هيون ۽ رنگ هيڊو ٿي ويو هيو. اهي ٻئي مريض وقت گذارڻ لاءِ ويٺا هڪ ٻئي سان ڳالهائيندا هيا.
    ”موت ڏاڍي ڀيانڪ شيءِ آهي“ ڇوٿين نمبر واري چيو ”مون کي موت کان ڏاڍو ڊپ ٿيندو آهي. قبر جو تصور مون لاءِ دل ڏاريندڙ آهي“ پنجين نمبر واري پنهنجيون اکيون کڻي ان دمڪشيءَ جي سهڪندڙ مريض کي ڏٺو ۽ پوءِ هلڪي لهجي ۾ ڳالهائيندي چيو. ”بيشڪ موت ڀيانڪ شيءِ جو نالو آهي پر هر ڪنهن کي هڪ ڏينهن مرڻو پوي ٿو ۽ دنيا ڇڏي قبر حوالي ٿيڻو پوي ٿيو“.
    ”خدا موت جي عذاب کان پناهه ڏي“. ڇوٿين نمبر واري چيو ”منهنجي وس ۾ هجي ته ڪڏهن نه مران ۽ قبر جو منهن ڪڏهن نه ڏسان“. اهي ٻئي موت کان ڏاڍا ڊنل هوندا هيا ۽ انهن جي گھڻي ڳالهائڻ جو سبب اهوئي هوندو هيو ته اهي موت جي تصور کان فرار چاهيندا هيا.
    هڪ رات اوچتو پنجين نمبر وارو مريض فوت ٿي ويو. ڊاڪٽر ڊڪندو هن مٿان آيو. ان تپاسڻو ڪنن ۾ وجهي ان کي ڏٺو،. ان جي ڌڙڪن بند ٿي چڪي هئي ۽ نبض بيهجي چڪي هئي. ان جو اکيون کليل هيون جيئن اهو ڊاڪٽر جي اکين ۾ اکيون وجهي سوال ڪندو هجي ته ”ڇا مان واقعي ئي مري چڪو آهيان؟“
    ڊاڪٽر ان جي اکين ۾ اکيون وجھي تصديق ڪئي ته هو فوت ٿي چڪو آهي. هن جي ڇوٿين نمبر وارو دوست بستر تي وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي سهڪي اکيون ڦاڙي سڀ ڏسي رهيو هيو. دوست جو ائين اوچتو موت ڏسي ان جون اکيون ڦاٽي ويون ۽ اهو سڪتي جي حالت ۾ چپ ڪري ويهي رهيو. ان جي منهن ۾ ڏک کان وڌيڪ خوف جا تاثر هيا. ڊاڪٽر ڪمري مان ٻاهر نڪري پريان اوجاڳي ۽ ٿڪاوٽ کان ٿيڙ کائي ايندڙ مائي موٽيءَ کي ڏٺو جيڪا اوٻاسيون ڏيندي پئي آئي. ڊاڪٽر مائيءَ کي چيو ته:
    ”وارڊ ۾ وڃي، مري ويل شخص جون اکيون بند ڪري پٽي ٻڌي ڇڏ“.
    مائي حڪم جي بجا آوري ڪندي وارڊ ۾ وئي ۽ هن مري ويل شخص بدران ڇوٿين نمبر بستر تي سڪتي ۽ خوف کان اکيون ڦاڙي ويٺـل سهڪي جي مريض کي مئل سمجهي هٿ سان اکين کي بند ڪيو. ان جيئن ان جي اکين کي بند ڪيو ته سهڪي جي مريض خوف کان ايڏي دردناڪ رڙ ڪئي جو پنجين نمبر بستر تي مئل شخص اٿي ويهي رهيو. پوري اسپتال جا ماڻهو ڪٺا ٿي ويا ۽ انهن اکين سان اهو منظر ڏٺو. ڳالهه اخبارن ۾ اچي وئي ۽ ان کي ڊاڪٽر جي غفلت قرار ڏنو ويو، جنهن هڪ جيئري شخص کي مئل ظاهر ڪيو. ڪاٺياواڙي سيٺ کي ماڻهن وچ بازار ۾ بدشد ڳالهايو.
    ”هيءَ ڪهڙي اسپتال کولي اٿئي جو ماڻهن جي عذابن کي گھٽائڻ بدران انهن لاءِ عذاب گھر بڻجي وئي آهي. مريضن کي شفا ته ڪونه ٿي ملي پر جيئرن کي به مئل قرار ڏنو ٿو وڃي“.
    ڪاٺـيا واڙي سيٺ ناراض ٿي ڊاڪٽر کي اسپتال مان ڪڍي ڇڏيو. سڄي شهر ۾ اسپتال ۽ ڊاڪٽر جي بدنامي ٿي. ڊاڪٽر ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ هڪ ڏينهن مايوسيءَ جي حالت ۾ تاڙي خاني آيو جتي ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي.
    نجوميءَ پوري ڳالهه ٻڌي ۽ طوطي کي کڻي لفافن مٿان رکيو. طوطي چڪر هڻي هڪ لفافو چهنب سان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو. نجوميءَ جڏهن اهو لفافو پڙهيو ته اتي لکيل هيو.
    ”هر هنڌ
    هوندي آهي.
    نظر کي نظر،
    نظر نه
    ايندي آهي.“
    نجوميءَ رقعو پڙهي ڊاڪٽر کي ڏٺو ان کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. نجوميءَ ڊاڪٽر کي ڳالهه سمجهائيندي چيو.
    ”دنيا دوکو آهي. جيئن نظر اچي ٿي ائين نه آهي. دنيا انسان جي اندر آهي، ٻاهر ان جو اولڙو آهي. سچي نظر مالڪ جي آهي جيڪا هر هنڌ موجود هوندي آهي پر اسان جون انڌيون اکيون انهن حقيقي نظرن کي ڏسڻ کان عاري آهن. توکي مالڪ جون نظرون نظر نه آيون جيڪي تنهنجي هر حرڪت جو جائزو وٺي رهيون هيون. اهو سڀ تنهنجي اکين جو قصور آهي. تون دنيا جي دوکي ۾ اچي وئين. تون پنهنجن اعمالن جو ڀوڳي رهيو آهين. تنهنجون نظرون ان آيا جي نظرن جيان آهن جن دوکو کائي پنجين نمبر بستري تي مري ويل بدران ڇوٿين نمبر جي اکين کي بند ڪيو. ان ڇوٿين نمبر جون اکيون دنيا جو ڪوڙ ڏسي رهيون هيون اهي خوف ۽ حيرت ۾ ورتل هيون. جڏهن آيا انهن کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته موت جو خوف ان تي ايڏو حاوي ٿيوجو ان جي دهشتناڪ رڙ تي مري ويل شخص جيئرو ٿي پيو. اهو شخص مئل نه هيو پر ان جون کليل اکيون حقيقت کي پسي رهيون هيون. هڪ اهڙي حقيقت جيڪا موت کان پوءِ موجود آهي. ڪا به شيءِ حتمي يا آخري نه آهي. اسان جون نظرون هڪ دوکو پويان سوين دوکا کائين ٿيون. حقيقت کي پسڻ انسان جي وس کان ٻاهر آهي.ا نسان جون اکيون ڪائنات جي انت تائين انجام کي ڳولهي نه سگھنديون. تون آيا جهڙيون اکيون نه ڌار پر هڪ عاشق جي نظرن سان ڏس، جنهن جي هڪ اک ان جي دل هوندي آهي. تون محبت ڪرڻ سک اها توکي خوف کان بچائيندي. همدردي توکي مهارت ڏيندي ۽ اها مهارت توکي مڪمل ڪري تنهنجي پيشي کي ڪماليت ڏيندي. تون پيار ڪر ته تنهنجي ڇهڻ سان سڀ شفاياب ٿيندا. هاڻي هٿ هڻڻ مان ڪو فائدو نه آهي. توبهه تائب ٿي ۽ ڪم جو آغاز ڪر“.
    نجوميءَ هن کي چيو. هن جي منهن تي ندامت ختم ٿي وئي. هن ڪجهه سڪا هن حوالي ڪيا. هو نئين جذبي سان اٿيو ۽ هليو ويو.
    نجوميءَ ان ڊاڪٽر جو قصو ياد ڪيو ۽ پوءِ پاڻ کي مطمعن ۽ پر سڪون محسوس ڪيو. هن کي لڳو زندگيءَ ۾ ڪجهه چڱائي جا ڪم به ڪيا آهن. هن ماڻهن جي من مان نفرت ختم ڪري پيار جا ڏس ڏنا آهن. پوءِ هن وقت گذارڻ لاءِ وري سامهون پيل لفافن مان هڪ کولي پڙهيو.
    هن جي ذهن ۾ اهو جج اچي ويو جيڪو نوڪريءَ جا ڏينهن پورا ٿي وڃڻ کان پوءِ وڪالت ڪندو هيو. اهو ڪارو ڪوٽ پائي. شهر جي روڊن تي هڪ ڪٻي ڪار هلائيندي نظر ايندو هيو. اهو هڪ ڏينهن سخت پريشانيءَ جي حالت ۾ تاڙي خاني ۾ آيو ۽ جڏهن ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي. ان کان سوال ڪيائين.
    ”ڪجهه ڏينهن کان مان هڪ منجهيل خواب ڏسي رهيو آهيان“ ان چيو: ”جيئن ته مان جج رهيو آهيان ۽ ڪجهه ماڻهن کي ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي اٿم. مان عدالت ۾جنهن ڏينهن ڪنهن مجرم کي ڦاسي جي سزا ٻڌائڻ وارو هوندو هيس ته ان رات خواب ۾ پاڻ کي کجيءَ جو کاٻر ڪٽي رسيون واڻيندي ڏسندو هيس. مان هاڻي ڪنهن به عدالت جو جج نه آهيان. وڪالت ڪري رهيو آهيان، پر ڪجهه ڏينهن کان مونکي هڪ خواب ڏسجي رهيو آهي. مون سامهون کجيءَ جو کاٻر پيو آهي ۽ مان ان کي ڪٽي رسيون وٽي رهيو آهيان. ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته اها ڦاسي ڪنهن جي ڳچيءَ ۾ پوندي“. نجوميءَ جج جي ڳالهه تي غور ڪيو پر هن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. ”ڇا ان خواب کانسواءِ ٻيو به ڪو مسئلو آهي؟“. نجوميءَ پڇيو.
    ”ها“ جج چيو ”تمام وڏو مسئلو، هڪ ايڏو مسئلو جنهن منجھائي وڌو آهي“.
    ”ته پوءِ مسئلو ٻڌاءِ“. نجوميءَ چيو ”جيئن ڳالهه سمجهه ۾ اچي ۽ ان کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون“.
    جج نجوميءَ ڀرسان ويٺو ۽ پنهنجو داستان ٻڌايو.
    اهو جج هڪ کاٻر ڪٽيندڙ مزدور جو پٽ هيو. هن جو پيءُ کجين جي باغ ۾ ڪم ڪندو هيو ۽ فارغ وقت ۾ کاٻر ڪٽي واڻ وٽيندو هيو. جج جڏهن ننڍڙو هيو ته هن کي پيءُ ڳوٺ جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. هو ڏاڍو ذهين ۽ هوشيار هيو. پنجين ڪلاس ۾ هن کي حڪومت پاران وظيفو مليو ۽ شهر اچي هن تعليم جاري رکي. هو ترقيءَ جون منزلون طي ڪندو قانون جي ڊگري وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. حڪومت هن کي اهڙي شهر ۾ جج مقرر ڪيو جيڪو هن جي ڳوٺ ويجهو هيو. ان ننڍڙي شهر جا ماڻهو اٻوجهه اڻپڙهيل ۽ رسمن رواجن ۾ ويڙهيل هيا. جج جي شادي پنهنجن پري جي مائٽن مان ٿي. جيڪي گھڻو اڳ ڳوٺ ڇڏي شهر اچي آباد ٿيا هيا ۽ شهارن جي ڪاروبار ۾ وڏي ترقي ڪئي هيائون. جج جي زال گھڻي لکيل پڙهيل نه هئي . ان مان هن کي ٻه ڌيئر ۽ ٻه پٽ ڄايا. اهي جج جا سـٺا ڏينهن هيا. هن جي زال نيڪ سيرت عورت هئي جنهن هن جي دل سان خدمت ڪئي. ٻارن جو خيال رکيو ۽ اٿڻ ويهڻ جي تميز سيکاري. وقت سان جج ڪجهه اهڙن وڪيلن جي صحبت ۾ اچي ويو جيڪي کيس ڏوهين کان وڏيون رقمون رشوت ۾ وٺي ڏيندا هيا ۽ هن کان مطلب جا فيصلا ڪرائيندا هيا. اهي وڪيل رات جو شراب جون بوتلون کڻي هن جي گهر ايندا هيا ۽ ڪڏهن هن جي دل وندرائڻ لاءِ ناچ گاني جو بندوبست ڪري، ڪا سهڻي عورت پڻ حوالي ڪندا هيا. جج ناچ جي محفلن ۾ شراب جو پيالو کڻي اڌ گھاڙين عورتن سان نچندو هيو.
    گھڻي شراب پيئڻ ڪري هن جي اکين هيٺان سوج هوندي هئي ۽ گوشت کائڻ ڪري هن جا ڳٽا هيٺ لڙڪي پيا. ٿولهه ڪري هن جا سڀ فل سوٽ سوڙها ٿي ويا جيڪي هن جو ڊرائيور پائيندو هيو. ماڻهو هن جي ڊرائيور کي جج سمجهي سلام ڪندا هيا ۽ هو کين چوندو هيو.
    ”مان جج نه ان جو ڊرائيور آهيان ۽ ان جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيو آهيان“ ماڻهو سوچيندا هيا جيڪڏهن جج جو ڊرائيور اهڙو آهي ته پوءِ جج الائي ڪهڙو هوندو. ان شهر ۾ هن ڪجهه ماڻهن کي ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي.
    پهريون شخص هڪ هاري هيو جنهن جا ٻه جريب هڪ وڏيري جي زمين وچ ۾ ائين هيا جيئن سمنڊ اندر نوڪيلن جبلن وارو ٻيٽ هجي. جڏهن وڏيرو گھوڙي تي چڙهي زمين جو سير ڪندو هيو ته هن جي گھوڙي جي سنبن هيٺان زمين نه کٽندي هئي. پر اها ٻه جريب زمين هن جي اک ۾ ٽانڊن جيان دکندي هئي.ان هاريءَ جڏهن اها ٻه جريب زمين وڏيري کي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته وڏيري هن کي پنهنجي گم ٿي ويل نوڪر جي ڪيس ۾ ڦاسائي پوليس کي پئسا ڏئي گرفتار ڪرايو. پوليس قتل جو ڪوڙو ڪيس ٺاهي عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ وڏيري هڪ وڪيل معرفت وڏي رقم جج کي رشوت ۾ ڏني. ان رات جج خواب ۾ ڏٺو هو کجيءَ جو کاٻر ڪٽي رسي وٽي رهيو آهي. صبح جو هو عدالت ۾ آيو ۽ ان هاريءَ کي ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
    ٻيو شخص هڪ لوهر جو پٽ هيو. جنهن جو لوهارڪو دوڪان شهر جي مک روڊ تي هڪ سينيما سامهون هوندو هيو. اهو لوهر اڳيان ٻرندڙ باهه جي الن مان لوهه تپائي سنڌاڻ تي رکندو هيو. هن جو پٽ هٿوڙو جهلي پٺيءَ واري پاسي کان ڦيرائي لوهه تي هڻندو هيو. ان ڳاڙهي لوهه مان چڻنگون ائين نڪرنديون هيون جيئن رت جي دٻي مان ڦيگون اڏامنديون هجن. ان لوهر جي هڪ خوبصورت ڌيءَ هئي. جنهن سان رستي ويندي شهر جي هڪ ڏاڍي شخص جي پٽ حرڪت ڪئي جيڪا لوهر جي پٽ کان برداشت نه ٿي. هن لوهه ڪٽڻ وارو هٿوڙو کڻي ان کي مٿي ۾ وهائي ڪڍيو ۽ اهو ٿڏي تي مري ويو. پوليس نوجوان کي پڪڙي قتل جي ڪيس ۾ چالان ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو.ا ن رات جج خواب ۾ ڏٺو هو کجين جو کاٻر ڪٽي رسي وٽي رهيو آهي. صبح سان هو عدالت ۾ آيو ۽ ان نوجوان کي ڏوهي قرار ڏئي ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
    ٽيون شخص هڪ عاشق هيو جيڪو هڪ سيٺ جي ڌيءَ سان عشق ڪندو هيو. ڪنهن وقت اهو سيٺ چڪ جي بس اسٽاپ تي کٿي وڇائي ماڻهن جي حجامت ڪندو هيو. اسٽاپ تي بيٺل هڪ هندوءَ جي ڀڳل بس تي قبضو ڪري ڪٻاڙيءَ کي وڪرو ڪيائين. شهر آيو ۽ چانهه جو هوٽل کوليائين. پوليس کي پئسا کارائي هڪ يتيم جي پلاٽ تي قبضو ڪري ڪڪڙن جي تيل جي مل هنيائين ۽ پئسي وارو ٿي ويو. اهو سيـٺ ڌيءَ لاءِ اهڙي رشتي جي ڳولها ۾ هيو جيڪو امير هجي. اهڙي رشتي جي انتظار ۾ هن جي ڌيءَ جي مٿي ۾ اڇيون چڳون پئجي ويون. هن جي ڌيءَ پنهنجي وڌندڙ عمر ڏسي پاڙي ۾ صبح جو ريڙهي تي دال مڱ وڪڙندڙ هڪ نوجوان سان زيور کڻي گھران ڀڄي وئي. انهن ٻنهي کي رات گذارڻ لاءِ هڪ سراءِ ۾ ترسڻو پيو. سراءِ ۾ ترسڻ دوران ڪجهه چورن کي خبر پئي ته هڪ عورت پنهنجي چاهيندڙ سان زيورن سميت اتي ترسيل آهي. اڌ رات جو انهن حملو ڪيو. نوجوان کي رسن سان ٻڌي، عورت کان زيور کسي ان کي جنسي تشدد جو نشانو بڻايو. ان حادثي ۾ اها عورت مري وئي. پوليس خون جي ڏوهه ۾ نوجوان کي پڪڙي عدالت ۾ پيش ڪيو. جج ان رات خواب ۾ ڏٺو ته هو کجين جو کاٻر ڪٽي رسي وٽي رهيو آهي. صبح سان هو عدالت ۾ آيو ۽ ان کي رهزن قرار ڏئي قتل جي ڏوهه ۾ ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
    ڇوٿون شخص ڪاسائي هو. بازار ۾ هن جي دوڪان تان جج جو اردلي گوشت وٺندو هيو. اهو شهر جي ڪاسائي محلي ۾ رهندو هيو ۽ گھر جي اڱڻ ۾ ڳئون ڪهي ٻاهر گهٽيءَ ۾ ميونسپل جي نلڪي هيٺان ڪاتيون ڌوئيندو هيو. ان جو گوشت تازو ۽ سٺو هوندو هيو جنهن ڪري هن جي دوڪان تي رش لڳل هوندي هئي. ان ڪاسائيءَ جي زال طبيعت جي تيز ۽ ناشڪري هئي. هڪ دفعي شام جي وقت ڪاسائي جهڳڙي کانپوءِ ڇري کڻي ان کي دسي تڪبير ڏئي ڳئون وانگر منڍي ڪٽي ٻاهر گھٽيءَ ۾ آيو. هو ميونسپل جي نلڪي هيٺان ڪاتيون ڌوئي رهيو هيو ته ڪنهن کيس پڇيو.
    ”افضل پهلوان هي ڪهڙو وقت آهي ڍور ڪهڻ جو؟ ڍور تون صبح جو سوير ڪهندو آهين؟“
    ڪاسائيءَ وڏي اطمعنان سان ڇريون ڌوئي ڪپڙي ۾ ويڙهندي چيو.
    ”قرباني جو وقت مقرر نه آهي. بيشڪ قرباني آفتن کان بچائي ٿي“.
    جڏهن ڪجهه عورتن گھر جو کٿو مٿي ڪري ليئو پائي ڏٺو ته انهن کان رڙيون نڪري ويون. پوليس آئي ۽ ڪاسائيءَ کي پڪڙي وٺي وئي. جڏهن جج سامهون پيش ڪيائون ان رات هن خواب ۾ ڏٺو هو کجين جو کاٻر ڪٽي رسي وٽي رهيو آهي. صبح سان هو عدالت ۾ آيو ۽ هن کي ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
    پنجون شخص روهيءَ جو هڪ سرائڪي هيو جيڪو اٽي ۾ ڳاڙهو رنگ ۽ گدامڙي ملائي چٽڻي ٺاهيندو هيو ۽ شهر جي گھٽين ۾ وڪڻندو هيو. اهو ڪنول جي پن تي چٽڻي رکي لوهه جي تار مصالحي ۾ ٻوڙي ان مٿان هڻندو هيو ته دونهون نڪرندو هيو. ٻارن کي ان جي چٽڻي ڏاڍي وڻندي هئي. اهو جڏهن ڇٻو مٿي تي رکي گھٽين مان لنگھيندو هيو ته ماڻهو ان کي چڙائڻ لاءِ ”ايوب خان“ چئي سڏ ڪندا هيا. هو ايوب خان چوڻ تي چڙندو هيو ۽ ڪنڌ ورائي سرائڪي ۾ چوندو هيو.
    ”بندو گندو، ڪنو ڪو جهو، مان ٻڏي مران ان ايوب خانيءَ کان. کانوان جوئر ماني سائي پلي. مان بي وس لاچار ڏوهي“.
    بدقسمتيءَ سان ان سرائڪيءَ جو نوجوان پٽ ڪنهن بيماريءَ وگھي فوت ٿي ويو. هن کي پٽ جي وڇوڙي جو ايڏو ڏک ٿيو جو قبرستان ۾ پٽ جي قبر مٿان منهي ٺاهي پاڻ به ان منهيءَ ۾ سمهڻ لڳو. هو سڄو ڏينهن قبر جي سيوا ۾ گذاريندو هيو. اتي ٻهاري ڏيندو هيو. نلڪي تان ڏول ڀري ڇنڪار ڪندو هيو ۽ قبر مٿان ويهي پٽ سان ڳالهائيندو هيو.
    هڪ دفعي رات جو شهر ۾ ڪنهن سرمائيدار جي گھر ۾ ڌاڙو لڳو. چور جڏهن گھر مان مال گڏ ڪري ٿيلهي ۾ وجهي رهيا هيا ته ان سرمائيدار ٽيبل جي خاني مان پستول ڪڍي انهن تي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان کان اڳ جو اهو حملو ڪري هڪ ڌاڙيل بندوق سڌي ڪري ان کي سيني ۾ گولي وهائي ڪڍي. سرمائيدار ٿڏي تي مري ويو ۽ چور قبرستان طرف ڀڳا. پوليس انهن پويان قبرستان ۾ وئي. انهن کي چور ته هٿ نه آيا پر نظر وڃي ان سرائڪيءَ تي پئي جيڪو پٽ جي قبر مٿان سمهيل هيو. پوليس ان کي پڪڙي عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ بيان ڏنو ته هو انهن ڌاڙيلن مان هڪ آهي جن سرمائيدار کي قتل ڪيو.
    جج عدالت ۾ هن کان پڇيو ”ڇا تون قتل ڪيو آهي؟“
    سرائيڪي جواب ڏنو
    ”بندو گندو، ڪنو ڪوجهو، مان ٻڏي مران ان ايوب خانيءَ کان . کانوان جوئر ماني سائي پلي. مان بي وس لاچار ڏوهي“.
    ان رات جج خواب ۾ ڏٺو هو کجيءَ جو کاٻر ڪٽي رسو وٽي رهيو آهي. صبح جو عدالت ۾ آيو ۽ ان کي ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
    ان شهر ۾ جج جا شاندار ڏينهن گذريا هيا. هن وٽ دولت جا در کليل هيا. شراب ۽ شباب جون محفلون عروج تي هيون. حڪومت هن جي ڪارڪردگيءَ کان متاثر ٿي ترقي ڏئي هڪ ٻئي شهر موڪليو. هو جڏهن ان شهر ۾ پهتو ته اڪيلو هيو. ان شهر ۾ جج جا ڏينهن اداس پئي گذريا.
    جيستائين وڪيلن ۽ واسطيدارن سان واقفيت ٿئي ۽ اهي هن ويجهو اچن. تيستائين جج واندڪائيءَ ويلي بنگلي ۾ وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي اڪيلو ويٺو هوندو هيو. هڪ دفعي هن جي بنگلي جي گھنٽي وڳي. نوڪر ٻاهر وڃي ڏٺو اها هڪ عورت هئي جيڪا ڀرسان رهندي هئي. ان جو فون خراب ٿي پيو هيو. ان جج جي نوڪر کي چيو ته،
    ”فون خراب آهي هڪ ضروري فون ڪرڻو آهي. اجازت ڏيو ته اندر اچي ڪيان“.
    نوڪر جڏهن واپس اچي جج کي ٻڌايو ته جج کيس جازت ڏني ته ڀل اها اندر اچي فون ڪري. جڏهن اها عورت اندر آئي ته جج ڏٺو اها نوجوان خوبصورت ڇوڪري هئي، جيڪا پڙهيل پئي لڳي. ان کي ڏاڍا نفيس ۽ عمدا ڪپڙا پاتل هيا. جج ڇوڪريءَ کي ڏسي ان تي عاشق ٿي پيو. جڏهن فون ڪري واندي ٿي ته جج ڳالهين ۾ هن سان شاديءَ جو اظهار ڪيو، ڇوڪريءَ جڏهن ڏٺو ته هڪ وڏي عهدي وارو شخص کيس قبول ڪري رهيو آهي ته هن اکين ئي اکين ۾ ها ڪئي. ان ڏينهن کانپوءِ جج جون اڪيلائيون ختم ٿي ويون. هن عورت سان نڪاح ڪيو ۽ بنگلي ۾ رهايو. جڏهن اها خبر هن جي پهرين زال ۽ ٻارن کي پئي ته انهن هاءِ گھوڙا ڪئي پر اهو سوچي چپ ڪري ويا ته انهن جي هٿن ۾ ڪجهه به نه آهي. سڀ فيصلا جج جي هٿن ۾ هيا.
    جج کي ٻئي زال مان هڪ ڌيءَ ڄائي. جج جي ٻي زال تيز ۽ چڙاڪ ثابت ٿي. هوءَ جج جي عزت نه ڪندي هئي پنهنجو حڪم هلائيندي هئي. جج جي ڪا به ڳالهه برداشت نه ڪندي هئي. جج چوندو هيو.
    ”گھر ۾ منهنجي مرضي هلندي. هر فيصلو مان پاڻ ڪندس“.
    هن جي زال باهه ٿي ويندي هئي.
    ”اهي فيصلا وڃي عدالت ۾ ڪر“ هوءَ چوندي هئي ”گھر ۾ صرف منهنجو حڪم هلندو“.
    جج جيڪو عدالت جو بادشاهه هيو ان جي گھر ۾ ڪا حيثيت نه هئي. هو منهن سجائي گھر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اڪيلو ويٺل هوندو هيو. جج جا اهي ڏينهن ڏاڍا ڏکيا هيا. نيٺ اهو وقت به اچي ويو جڏهن هن جي نوڪريءَ جي معياد پوري ٿي. هن واندي ويهڻ کان بهتر سمجهيو ته وڪالت ڪري. هن شهر جي وڪيلن واري محلي ۾ جاءِ ورتي ۽ ان جي ٻاهرين ڪمري ۾ دفتر ٺاهي وڪالت شروع ڪئي. هن جي ڌيءَ جيڪا هاڻي جوان ٿي چڪي هئي ان لاءِ سندس ڀائٽي جو رشتو آيو. جيڪو هن هڪدم قبول ڪيو ۽ زال سان صلاح ڪئي. هن جي زال جڏهن اها ڳالهه ٻڌي ته ڳاڙهي ٿي وئي. وڏي آواز ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيائين ۽ گھر جا ٻه ٽي ٿانو فرش ٿي وهائي ڪڍيائين.
    ”اهو ٿيندو ڪير آهي تو وارو ڀائٽو منهنجي ڌيءَ سان شادي ڪرڻ وارو“ هن چيو ”توکي خبر نه آهي ته مان اڳ ئي پنهنجي ڀيڻ کي رشتي لاءِ ها ڪئي آهي“.
    جج به ڪاوڙ ۾ اچي ويو.
    ”منهنجي ڌيءَ جي شادي منهنجي ڀائٽي سان ٿيندي“ هن تيز ڳالهائيندي چيو. ” اهو وساري ڇڏ ته اها تنهنجي ڀيڻ جي گھر ويندي“.
    ”اهي فيصلا هتي نه هلاءِ“ هن جي زال چيو ”هي گھر آهي عدالت نه آهي“.
    هو ٻئي وڙهندا رهيا ۽ نوجوان ڇوڪري ٻئي ڪمري ۾ سڏڪندي رهي. تن ڏينهن جج ڏاڍو مايوس ۽ اٻاڻڪو ٿي ويو. رات جو سمهندو هيو ته خواب ۾ ڏسندو هيو. هو کجيءَ جو کاٻر ڪٽي رسو وٽي رهيو آهي. هن کي سمجهه ۾ نه ايندو هيو ته هو رسو ڪنهن لاءِ وٽي رهيو آهي ڇو جو هو هاڻي جج نه رهيو هيو. هن وٽ ڪنهن کي ڦاسي ڏيڻ جا اختيار نه هيا. انهن ئي سوچڻ ۾ هڪ ڏينهن تاڙي خاني ۾ آيو جڏهن تاڙي پي ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي.
    نجوميءَ جڏهن هن جي پوري ڳالهه ٻڌي ته طوطو آڱر تي کڻي لفافن تي لاٿو. طوطي چڪر هڻي چهنب سان هڪ لفافو سوري ٻاهر ڪڍيو. نجوميءَ جڏهن لفافو کولي پڙهيو ته اتي لکيل هيو.
    ”بندو
    بي وس
    قدرت جو
    قرضي،
    جيڪو هلائي
    مرضي
    آهي وڏو
    مرضي“.
    هن رقعو پڙهي جج جي منهن ڏي ڏٺو. جج پوري ڳالهه نه سمجهي هئي. نجوميءَ ضروري سمجهيو ته ان جي وضاحت ڪري.
    ”انسان جي وس ۾ ڪجهه نه آهي. انسان هيڻو ۽ ڪمزور آهي. هر شيءِ قدرت کان عطا ٿيل آهي، تنهنڪري هو قدرت جو قرضي آهي. دنيا ۾ هن کي اهو قرض ادا ڪرڻو پوي ٿو. جيڪي وڏڙن کان مليو آهي. ننڍڙن کي ڏيڻو پوي ٿو. انسان جي زندگي پنهنجي نه آهي پر وراثت ۾ مليل آهي. هو زندگي تخم ذريعي منتقل ڪري نسلن ۾ جيئرو رهي ٿو. انسان کي اوڌر ادا ڪرڻي پوندي. مرضي هلائڻ مرض آهي. اها بيماري آهي جنهن ۾ انسان مبتلا آهي. جنهن مرضي هلائي ان مصيبتن کي دعوت ڏني. اهو قرض آهي جيڪو تون ادا ڪري رهيو آهين. تون پهرين زال سان بيوفائي ڪئي جيڪو ٻئيءَ سان ادا ڪرڻو پيو. توکي ذلت ۽ مصيبت کي منهن ڏيڻو پيو. تون چڱا ڪم نه ڪيا جن جو ڀوڳي رهيو آهين. مرضي هلائي تون مصيبتن کي منهن ڏيندين. دنيا جي ڪنهن به شيءِ تي انسان جي مرضيءَ جو عمل دخل نه آهي. اولاد کي ملڪيت سمجهڻ ڪوتائي آهي. تون زال سان ضد نه ڪر. دنيا ۾ ڪي جنگيون هٿيار ڦٽا ڪري کٽي سگھجن ٿيون“.
    جج نجوميءَ جون ڳالهيون ٻڌي اداس ٿي ويو. هن ڪجهه سڪا ڪڍي نجوميءَ کي ڏنا۽ پوءِ گھر روانو ٿي ويو.
    هو پنهنجي هوڏ ۽ ضد تي قائم رهيو. ڇوڪري هڪ ڏينهن پاڻ سان گڏ ڪاليج ۾ پڙهندڙ ڇوڪري سان ڀڃي وئي.
    ان رات جج خواب ۾ ڏٺو. هو کجيءَ جو کاٻر ڪٽي رسو وٽي رهيو آهي. صبح جو هن پاڻ کي ڦاسي ڏئي ڇڏي.
    نجوميءَ کي جج جي انجام تي ڏک ٿيو هيو. اها افسوس جي ڳالهه هئي. هن جي سمجهائڻ جو ان تي ڪو اثر نه ٿيو ۽ ان پاڻ کي موت حوالي ڪري ڇڏيو.
    نجوميءَ جي صحت خراب پئي ٿيندي وئي. هن کي اها حسرت پوري ٿيندي نظر نه پئي آئي ته هڪ ڏينهن وري تاڙي خاني ٻاهران ويهي پنهنجو ڪم جاري رکي سگهندو. هن اوٻاسي ڏني ۽ ڪر ڀنڃي ليٽي پيو. جڏهن جاڳيو ته هن سامهون ساڳيا لفافا موجود هيا. هن وقت گذارڻ لاءِ هڪ لفافو کولي پڙهيو. هن کي ياد آيو اهو لفافو هڪ اهڙي شخص جي قسمت ۾ نڪتو هيو جيڪو هڪ ٺوڳي مرشد هيو. ان جو هڪ مجذوب سان وير هيو. مجذوب هڪ لاپرواهه فقير هيو جنهن کي دنيا داريءَ سان ڪو مطلب نه هيو. اهو مجذوب ٺوڳي مرشد جي اکين ۾ ڪنڊي جيان ڪکندو هيو. ان پنهنجي هڪ چالاڪ مريد کان مجذوب تي خوني حملا ڪرايا. اهو چالاڪ مريد جيڪو ڏيڍ ٺڳ جي نالي سان مشهور هيو، ان مجذوب مٿان ڪيترا حملا ڪيا. اهو هن جي هر وار کان محفوظ رهيو. آخر اهو چالاڪ مريد مايوس ٿي هڪ ڏينهن تاڙي خاني ۾ آيو، جڏهن تاڙي پي ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي.
    ”ڇا تون اهو ٻڌائي سگھندين ته غيبي طاقتون انسان جي مدد ڪنديون آهين“ هن چيو ”مون کي محسوس ٿي رهيو آهي ان مجذوب وٽ ڪي اهڙيون ڪرامتون آهن جو منهنجي هر حملي کان محفوظ رهيو. مون هن تي ڪئي وار ڪيا پر هو بچي ويو. هاڻي ته هن کي ان ڳالهه جي پروڙ پئجي وئي هوندي ته اهي سڀ وار مون ڪيا آهن. مان گذريل ٻن راتين کان سمهي نه سگھيو آهيان. سوچان ٿو ان جي بد دعا ڪو نقصان ضرور پهچائيندي“.
    نجوميءَ کي ان جون ڳالهيون سمجهه ۾ نه آيون.
    ”ڳالهه پوري ٻڌاءِ ”نجوميءَ چيو ”سمجهه ۾ نه ٿو اچي تون چوڻ ڇا ٿو چاهين؟“ هو هن جي ڀر ۾ ويٺو ۽ پوري ڳالهه ٻڌائي.


    9

    هو جنهن مرشد جو مريد هيو ان جو اوتارو شهر کان ٻاهر هڪ واهڻ ۾ هيو. اهو هڪ کٽ تي ويهي تعويذ لکندو هيو. پوءِ کاري کوهه جو پاڻي ڦوڪي پيئاريندو هيو. ننڍي هوندي هو چمڙيءَ جي بيماريءَ ڪري اڇي رنگ جو ٿي ويو. هو اڇا ڪپڙا پائيندو هيو. هن جي مٿي ۽ ڏاڙهي جا وار اڇا هيا. هو ڪاٺ جي ڪلڪ زعفران ۾ ٻوڙي لکندو هيو ۽ رات جو گھري اوندهه ۾ هن جي ويڻي ۾ پاتل واچ چمڪندي هئي. شهر جا معتبر ماڻهو واهڻ وڃي ان جي سيوا ڪندا هيا. مرشد مزي ۾ هيو ۽ ان وٽ ڏن ۾ مليل ان جا انبار هيا.
    ڪجهه ڏينهن اڳ ان علائقي ۾ هڪ مجذوب ظاهر ٿيو، جيڪو پري کان سنهي جسم تي لهرائيندڙ پيرن تائين پاتل الفيءَ ۾ ائين نظر ايندو هيو جيئن ڪنهن مزار تي لڳل جهنڊو هلڪي هوا تي لڏندو هجي. اهو فقير چانهه گھڻي پيئندو هيو جنهن ڪري ان کي ڪٽلي فقير چوندا هيا. ڪٽلي فقير سڄو ڏينهن شهر جي گھٽين ۾ گهمندو هيو ۽ شام جو ڪو ٽانگي وارو هن کي ساڻ ڪري واهڻ وٺي ايندو هيو جتي هو وڏيري جي ويران اوطاق ۾ رهندو هيو. وڏيري کي ان فقير ۾ ڪا اهڙي مڻيا نظر آئي جو ان کي پاڻ وٽ ويهاريون ويٺو هوندو هيو ۽ وقت تي ماني ٽڪي ڏيندو هيو. ڳوٺ جا ماڻهو به ان کي عزت جي نگاهه سان ڏسندا هيا ۽ ان جي سيوا ڪري سمجھندا هيا ته ان معرفت قدرت پاران چڱائي ٿيندي، سندن مصيبتون ٽري وينديون. هو جڏهن شهر ويندو هيو ته بڙ جي چاڙهيءَ وٽ هڪ درزي هن کي موڙي تي ويهاريندو هيو ۽ هر هر چانهه جو ڪوپ پيئاريندو هيو. درزي سوچيندو هيو ته مجذوب جي دوڪان تي ويهڻ ڪري برڪت پوندي ۽ ڪمائي وڌندي.
    ان مجذوب جي اهميت ۾ اظافو ٿيندو ويو. بازار ۾ هر ماڻهوءَ جي ڪوشش هوندي هئي ته اهو فقير پير گھمائي جيئن ان ڪرامت سان ڪاروبار چمڪي پوي. ڪٽلي فقير خيرات ۾ پئسا نه وٺندو هيو، صرف چانهه پيئندو هيو. ڪٽلي فقير جي عزت ڏسي ٺوڳي مرشد سڙڻ لڳو. ٺوڳي مرشد جي اهميت ۾ ڪا گھٽتائي نه آئي هئي پر تڏهن به هو مجذوب کي ڏسي دل ۾ ڪڙهندو هيو ۽ سوچيندو هيو ته آخر ماڻهن وٽ ان گدلي فقير جي ايڏي عزت ڇو آهي؟ ٺوڳي مرشد ان فقير جا لاڏ ڏسي حسد ۾ سڙي خاڪ ٿي ويو. هڪ ڏينهن هن اهڙي مريد کي نياپو ڏئي گھرايو جيڪو ”ڏيڍ ٺڳ“ هيو. اهو مريد وڏو حرفتي ۽ چالاڪ هيو. ڏيڍ ٺڳ جڏهن مرشد وٽ پهتو ته هن سڄو قصو ٻڌايو. ٺڳ سمجهي ويو ته مرشد جي نيت ڪهڙي آهي.
    ”پرواهه نه ڪر مرشد“ ٺڳ چيو ” اهڙي ڪندو مانس جو ڏيهه ڏسندا“. ڏيڍ ٺڳ مرشد کان موڪلائي روانو ٿيو ۽ سوچڻ لڳو ته مجذوب سان ڪيئن منهن ڏئي جيئن نانگ به مري ۽ لٺ به بچي. اهو سوچي هو وڏيري جي ويران اوطاق ۾ ويو جتي مجذوب رهندو هيو. اها ويران اوطاق ڪڏهن وڏيري جي استعمال ۾ هئي پر ڪجهه ڏينهن اڳ اها خالي ڪري هليو ويو هيو. هن هڪ ٻئي هنڌ شاندار حويلي جوڙائي هئي. ان ويران حويليءَ ۾ هيٺ هڪ ڪمري ۾ ڪٽلي فقير رهندو هيو ۽ مٿيون حصو هڪ ڪمدار حوالي هيو. ڏيڍ ٺڳ ان ويران حويليءَ ۾ آيو ۽ جائزو ورتو. هن ڪٽلي فقير جي ڪمري جي کليل دريءَ مان اندر ڏٺو اتي هڪ ڪکن ڪانن جي پاٿاري ۽ پراڻيون رلهيون پيل هيون . ٺڳ سوچيو ڪکن کي ساڙڻ سولو آهي. هڪ تيليءَ جي ضرورت آهي ۽ سمهڻ کانپوءِ باهه مجذوب کي ويڙهي ويندي. جڏهن رات ٿي ته ڏيڍ ٺڳ اتي آيو ان ڏسي پڪ ڪئي ته مجذوب اندر ستل آهي. هن تيلي ٻاري اندر ڦٽي ڪئي جيڪا ڪکن تي وڃي ڪري. دونهون اٿيون ۽ ڏيڍ ٺڳ ڀڃي ويو.
    ان وقت ڪمري مٿان ڪمدار جي زال فرش ڌوئي رهي هئي. هن ٻه بالٽيون فرش تي هاريون ته پاڻي هيٺ کليل دريءَ مان وهي اندر ڪمري ۾ هليو ويو ۽ باهه وسامي وئي. مجذوب دونهين تي کنگھيو ۽ وري پاسو ورائي سمهي پيو. ڏيڍ ٺڳ اڳتي وڃي اهو سوچيو ته باهه مجذوب کي ورائي وئي هوندي ۽ اهو سڙي ويو هوندو پر جڏهن صبح سان هن مجذوب کي ٽانگي ۾ شهر ويندي ڏٺو ته هن جا هوش اڏامي ويا. هو هڪو ٻڪو ٿي هٿ مهٽڻ لڳو ۽ سوچڻ لڳو ڪمان مان نڪتل تير ڪيئن گسي ويو؟ پوءِ هن پڪو پهه ڪيو ته مجذوب کي ڇڏيندو ڪين، ڇوجو اهو مرشد جو حڪم هيو.
    هن هڪ رات ڪوڏر هٿ ڪئي ۽ پوءِ ان رستي تي ويو جتان صبح جو سوير مجذوب جهنگ ڏي ويندو هيو. ان رستي تي گھاٽا ڪنڊيءَ جا وڻ هيا. ڏيڍ ٺڳ ان رستي تي کاهي کوٽي ڪک ڪانا ڏئي مٿان مٽي وجهي ڍڪي ڇڏي. هن سوچيو صبح سان جڏهن مجذوب اتان لنگهيندو ته کاهي ۾ هيٺ ڪري زخمي ٿي پوندو. ان ويران رستي سان جڏهن هن کي ڪڍڻ وارو ڪو به نه هوندو ته هو تڙپي تڙپي جان ڏيندو. اهو سوچي هو مجذوب جي اچڻ کان اڳ اتي جهاڙين ۾ لڪي ويٺو. ڪجهه دير کانپوءِ هن ڏٺو مجذوب ڊگھي الفي ۾ ڄڻ هوا ۾ اڏرندو پئي آيو. جڏهن اهو کاهي وٽ پهتو ته ٺڳ سوچيو، ڄاڻ ان جيئن ئي ڪکن ڪانن تي پير رکيو ته ڌو وڃي هيٺ ڪرندو پر ائين نه ٿيو مجذوب جسم ۾ سنهو ۽ وزن ۾ هلڪو هيو. ڪک ڪانا هن جو وزن برداشت ڪري ويا. هو هيٺ نه ڪريو پر لنگھي هليو ويو. اهو ڏسي ٺڳ حيرت ۾ پئجي پيو.هن سمجهيو شايد ڪا غلطي ٿي آهي. اهو سوچي هو کاهيءَ مٿان آيو ان کي جاچڻ لاءِ جيئن ئي پير جو زور ڏنو ته اندر هليو ويو هو. رڙ ڪري کاهيءِ ۾ ڪريو ۽ زخمي ٿي پيو. ان ويران رستي تي شام تائين کاهي ۾ پيو رهيو. جڏهن اتان هڪ ڌنار ٻڪريون ڪاهي لنگھيو ته ان جي نظر پئي. اهو واهڻ ويو ڪجهه ماڻهو وٺي مدد لاءِ پهتو جن هنکي ٻاهر ڪڍيو.
    ٺڳ منجهي پيو. هن سان زندگيءَ ۾ ڪڏهن اهڙي جٺ نه ٿي هئي پر هن کي مرشد سان ڪيل قول پاڙڻو هيو. ان لاءِ وري هو نئين چال سوچڻ لڳو.
    واهڻ ۾ هڪ هوٽل هيو جتي مجذوب سانجهيءَ وقت شهر کان موٽندي ٽانگي تان لهي ماني کائيندو هيو. ان هوٽل جا ساڳ ۽ بهه مجذوب کي وڻندا هيا جيڪي هو جوئر جي مانيءَ سان کائيندو هيو. هوٽل وارو مجذوب کان پئسا نه وٺندو هيو ۽ مجذوب مزي سان ماني کائي وات اگھي هليو ويندو هيو. هڪ سياڻي ماڻهوءَ هوٽل واري کي صلاح ڏني ته مجذوب جو امتحان وٺي ته واقعي ئي اهو پهتل آهي يا ٻهروپ ڌاري مفت جون مانيون ڄٻاڙي رهيو آهي. ان سياڻي صلاح ڏني ته پهتل بندو ٻه متڙيو نه هوندو آهي. اهو پنهنجي مت هلائيندو آهي. جيئن ڪو مانيءَ سان ڳنڍيريون کائي. جيڪڏهن ڪو مانيءَ سان ڳنڍيريون کائيندو ته نه ماني کائي سگھندو نه ڳنڍيريون چوسي سگھندو. ان سياڻي جي چوڻ تي هوٽل واري فيصلو ڪيو ته ڇو نه مجذوب کي پالڪ ۾ بهن جي جاءِ تي ڳنڍيريون وجهي ڏنيون وڃن جيڪڏهن هن مانيءَ سان ڳنڍيريون کاڌيون ته ڪوڙو آهي ۽ جيڪڏهن ٻور مان ڳنڍيريون چونڊي کاڌيون ته سچو آهي.
    هڪ ڏينهن هوٽل جي مالڪ مجذوب جو امتحان وٺڻ لاءِ هن کي بهن بجاءِ پالڪ ۾ ڳنڍيريون وجهي ڏنيون. مجذوب مانيءَ جو گرهه ڀڃي ڳنڍيريءَ کي بهه سمجهي ان ۾ وجهي جيئن چٻاڙيون ته هن کي مزو نه آيو. هن گرهه ڪڍي پري ڦٽو ڪيو. پريان ڪتو ڀڄندو آيو ۽ مجذوب جو هيٺ اڇلايل گرهه نوسي کائڻ لڳو. مجذوب جوئر جي ماني ڪتي کي ڏني ۽ پاڻ پالڪ مان ڳنڍيريون چونڊي کائڻ لڳو. هوٽل جي مالڪ ۽ ان صلاح ڏيندڙ سياڻي خوش ٿي وڃي مجذوب کي ڀاڪر پائي چمي ڏئي ”واهه واهه“ ڪئي.
    ”تون سچو آهين“ سياڻي عقيدت مان چيو ”برابر تون پهتل آهين“.
    مجذوب کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي هو ڇڙو انهن ڏانهن ڏسي کلندو رهيو. ڪتو جوئر جي ماني کائڻ کانپوءِ هيٺ ڪري ڦتڪڻ لڳو ۽ ٿوري دير ۾ مري ويو. سڀ حيران ٿي ويا ۽ سوچڻ لڳا ته آخر ڪتي کي ڇا ٿي ويو؟ ڪنهن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.
    ڏيڍ ٺڳ هوٽل جي ونگ پويان لڪي اهو سڀ ڏسي رهيو هيو. اهڙو منظر ڏسي ڪاوڙ ۽ افسوس مان هن جي وات جون واڇون ڇڪجي هيٺ ٿي ويون. ان ڏينهن مجذوب کي مارڻ لاءِ تندور واري وٽ وڃي ان مانيءَ ۾ زهر ملايو هيو، جيڪا هو مجذوب ڏانهن موڪلڻ وارو هيو پر مجذوب ان مانيءَ کان محفوظ رهيو.
    ڏيڍ ٺڳ وري هٿ مهٽڻ لڳو. هو ڪاوڙ مان ڏند ڪرٽي سوچڻ لڳو ته ان مجذوب کي ڪيئن ختم ڪري مرشد جو مان رکي. هن جي ذهن ۾ وري هڪ حرفت آئي. هن کي ياد هيو ته ٻه سال اڳ هن پئسا وٺي ميونسپل جي سربراهه جي چوڻ تي ان جي هڪ مخالف کي پريان برف جا خنجر اڇلائي ماريو هيو. شهر جي نديءَ واري پاسي ڪناري سان اهڙا پرڏيهي رهندا هيا جيڪي پاڻيءَ ۾ ايٿر ملائي ان کي سانچي ۾ ڄمائي اهڙا ته برف جا خنجر ٺاهيندا هيا جو اهي لوهه کان به مضبوط هوندا هيا. انهن کي جڏهن استعمال ڪبو هيو ته ماڻهوءَ کي مارڻ کانپوءِ رجي ختم ٿي ويندا هيا. واردات ۾ استعمال ٿيل ڪنهن به هٿيار جو نشان نه ملندو هيو. ٺڳ سوچيو ته هو هڪ دفعو وري اهڙا خنجر آزمائيندو ۽ مجذوب کي ايندو ڏسي پريان وهائي ڪڍندو. اهو سوچي هن هڪ ٿرماس ورتو ۽ ان ۾ قلفين سان گڏ پرڏيهين کان خنجر وٺي وجهي ڇڏيا. هو واهڻ پهتو ۽ هوڪا ڏئي قلفيون وڪڻڻ لڳو. هن کي پري کان مجذوب ايندي نظر آيو. هن ڏٺو مجذوب پويان وڏيرو به پڳ ٻڌي اچي رهيو هيو. ٺڳ پريشان ٿي ويو. هن سوچيو حملو ڪندي وڏيري جي نظر نه پئجي وڃي. ان لاءِ هن ضروري سمجهيو ته لڪي حملو ڪجي. هو ٿرماس کڻي کجيءَ جي ٿڙ پويان لڪي پيو. مجذوب ڪجهه ويجهو آيو ته هن هٿ وجهي سانچي مان برف جو خنجر ڪڍيو ۽ زور سان هن ڏانهن اڇلايو. مجوب وڏيري کي پويان ايندو ڏسي اوچتو ان ڏي منهن ڪري عزت مان هٿ ٻڌي جيئن نوڙيو ته خنجر گسي وڃي وڏيري جي سيني ۾ لڳو. وڏيرو رڙ ڪري ڪِري پيو ۽ ٺڳ ٿرماس کڻي کجيءَ جي ٿڙ پويان نڪري گم ٿي ويو. وڏيرو ٿڏي تي مري ويو ۽ برف جو خنجر رجي پاڻي ٿي ويو.
    مجذوب وڏيري جي موت تي ڏاڍو رنو. ان کيس پاڻ وٽ پناهه ڏني هئي جنهن ڪري هو ان جو احترام ڪندو هيو.
    سانجهيءَ وقت جڏهن وڏيري کي دفنائي رهيا هيا ته مينهن وسي رهيو هيو. قبرستان ۾ ماڻهن جو هجوم هيو. مجذوب روئي رهيو هيو ۽ پويان ٺڳ چمڙي جي ٽوپي پائي هر شيءِ جو جائزو وٺي رهيو هيو. جڏهن وڏيري کي دفنائي واپس موٽي رهيا هيا ته ٿڌ لڳڻ ڪري مجذوب ڇڪون ڏئي رهيو هيو. ائين پئي لڳو ڄڻ ان کي بخار هجي ۽ مٿي جي سور ڪري اکيون ڍريون ٿي ويون هجن. ٺڳ مجذوب جي حالت ڏسي اندازو لڳايو ته صبح تائين ان جي طبيعت خراب ٿي ويندي ۽ هن کي حڪيم وٽ وڃڻو پوندو. جڏهن صبح ٿيو ته ٺڳ اڳواٽ حڪيم جي دوڪان جي ڪنڊ وٺي ويهي رهيو. هن حڪيم کي ٻڌايو ته هو جڙين ٻوٽين جو ماهر آهي. ۽ هن وٽ اهي وڏي مقدار ۾ موجود آهن. جيڪي کيس تحفي ۾ ڏيڻ چاهي ٿو. حڪيم لالچ ۾ اچي ان کي دوڪان تي ويهاريو ۽ چانهه جي صلاح ڪئي. ڪجهه دير کانپوءِ مجذوب پريان شيشي کڻي حڪيم ڏي ايندي نظر آيو. اهو حڪيم وٽ پهتو. حڪيم ان کي عزت سان ويهاري حال احوال ورتو. مجذوب ان کي نبض ڏيکاري مٿي جي سور جي شڪايت ڪئي. حڪيم ان جو معائنو مڪمل ڪيو ۽ شيشي وٺي اتي ويٺل ٺڳ کي ڏني ته اهو ليمي جو شربت ۽ ڪاري توت جو عرق وجهي ان کي ڏئي. ٺڳ شيشي وٺي حڪيم کان اک بچائي ان ۾ زهر وجهي هن حوالي ڪئي. مجذوب جڏهن دوا وٺي ويران اوطاق طرف هليو ته هن جو مٿو پئي ڦريو. هو غش ۽ ٿيڙ کائيندو اڳتي پئي وڌيو. هو پڪين سرن واري چاڙهيءَ تي پهتو ته هن کي پيشاب لڳو. هن اتي ويهي پيشاب ڪرڻ شروع ڪيو. پيشاب مٿي چاڙهيءَ تان رڙهي هن ڏانهن وڌيو. هن سمجهيو شايد نانگ آهي. جيڪو چاڙهيءَ تان رڙهندو هن طرف وڌي رهيو آهي. هن خوف مان هٿ ۾جهليل دوا واري بوتل زور سان ان کي وهائي ڪڍي بوتل ڀڄي پئي ۽ دوا هارجي وئي.
    ڏيڍ ٺڳ جو ڪوبه حربو ڪامياب نه ٿيو. هو سخت مايوس ٿي ويو ۽ سوچڻ لڳو هن سان زندگيءَ ۾ ڪڏهن اهڙي حالت نه ٿي. هن مجذوب تي ڪئي وار ڪيا ۽ اهي خطا ٿي ويا. هن جون هلايل حرفتون ڪنهن ڪم نه آيون. هو مجذوب مان خوف محسوس ڪرڻ لڳو. هن محسوس ڪيو ضرور ان وٽ ڪي اهڙيون ڪرامتون آهن جو هو هر دفعي محفوظ رهيو. هو مجذوب جي بد دعا کان ڊڄڻ لڳو. آخر هڪ ڏينهن مايوس ٿي هن تاڙي خاني جو رخ ڪيو. جڏهن تاڙي پي ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي“.
    نجوميءَ هن جي ڳالهه غور سان ٻڌي ۽ پوءِ طوطي کي آڱر تي کڻي لفافن مٿان لاٿو.
    طوطي هڪ لفافو سوري هن کي ڏنو. هن لفافو کولي پڙهيو.اتي لکيل هيو.
    ”ڪهڙي آهي
    جنگ؟
    وڙهي ڪنهنجي
    ڪاڻ؟
    پاڻ ئي کٽي
    جنگ،
    پاڻ ئي هاري
    پاڻ“.
    هن رقعو پڙهي ٺڳ جي منهن ڏي ڏٺو. ٺڳ کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.
    هن ٺڳ کي ڳالهه کولي سمجهائي
    ”جنگ ٻاهر نه هوندي آهي پر انسان جي اندر هوندي آهي. انسان کٽيندو به پاڻ آهي ته هارائيندو به پاڻ. اندر جي جنگ پنهنجي بچاءَ لاءِ هوندي آهي جيڪا هارائڻ جي صورت ۾ بربادي جو سبب بڻبي آهي. جنگ ٻين لاءِ نه پر پاڻ لاءِ وڙهي ويندي آهي. ٻاهريان دشمن مارڻ سان انسان فتحياب نه ٿو ٿئي پر اها جنگ اندر سان وڙهي کٽي ٿو. اسان جا وڏا ويري اندر ۾ موجود آهن جنهن انهن کي هارايو ان حقيقي خوشي حاصل ڪئي.
    تنهنجو مرشد دنيا داريءَ جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي ان کي انا انڌو ڪري وڌو آهي ۽ پاڻ کانسواءِ ڪجهه نظر نه اچي رهيو آهي . اهو ان مجذوب کي برداشت نه ٿو ڪري. اهو دنيا داري لوڀ ۽ لالچ ۾ اهو وساري ويٺو آهي ته دنيا جي ڪوڙي زندگي ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي. ڪاوڙ ان کي بيوقوف بنائي وڌو آهي ۽ اهو خواهشن جي انڌي کوهه ۾ ڪريل آهي
    تون مرشد جي موهه ۾ غلط راهه تي هلي رهيو آهين. موهه هٿ ڪڙين جيان آهي. جنهن ۾ ڦاسي انسان قيد ٿي وڃي ٿو. ان مجذوب کي مارڻ مان ڪو فائدو نه آهي. تون گناهن کان ڪنارو ڪري مجذوب کان معافي وٺ، ماڻهن سان پيار ڪرڻ سک تنهنجي سيني مان خوف ختم ٿي ويندو. مايوسين جو دروازو دوزخ ڏانهن کلي ٿو. اندر مان ٺڳي ڪڍ ۽ من صاف ڪر. اهڙي مرشد کان پاسو ڪر جيڪو ڪوڙ جو دڳ ڏيکاري ۽ ناڪا مين جي رڃ ۾ رولي“.
    ٺڳ نجوميءَ جون ڳالهيون ٻڌيون ۽ هن جو اندر جاڳي پيو. هو واهڻ ويو. جڏهن هن جي نظر مجذوب تي پئي ته هو ڊوڙي وڃي ان جي قدمن تي ڪريو.
    ”فقير مونکي معاف ڪر“ هن التجا ڪندي چيو ”مان توکي ڏاڍو تنگ ڪيو. توکي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ خوني حملا ڪيا“.
    مجذوب هن ڏي عجب مان ڏٺو ۽ حيرت مان چيو
    ”بابا تون آهين ڪير؟... مان ته توکي سڃاڻا ئي ڪونه ٿو!“
    ڪٽلي فقير جو قصو ياد ڪري نجوميءَ سوچيو اڃان به ڪي آهن جيڪي لوڀ ۽ لالچ کان پري آهن. نجوميءَ لاءِ اهڙا انسان سڪون ۽ بي خوفيءَ جو مثال هيا. هو جڏهن انهن متعلق سوچيندو هيو ته انهن جي ڀيٽ ۾ پاڻ کي محروم ۽ کٽل محسوس ڪندو هيو پر سمجهندو هيو زندگي اهڙي شيءِ جو نالو آهي جنهن کي لاتعلقي سان گذاري ڪنهن کي رنجائڻ بنا روانو ٿجي.
    هو هاڻي تمام گھڻو ضعيف ٿي چڪو هيو. هن ۾ هلڻ جي همٿ نه رهي هئي. هو پاٿاريءَ تي سمهيل هوندو هيو ۽ ڪليءَ تي ويٺل طوطي سان ڳالهائي وقت گذاريندو هيو. هن وري لفافو کڻي کوليو ۽ پڙهي هن کي شاهي بازار جو اهو سيٺ ياد آيو جيڪو شهارا منڊيءَ وٽ وڏي دوڪان ۾ ويٺل هوندو هيو. ان نوجوان سيٺ جي شادي پنج سال پهريان ٿي هئي. هن کي پنهنجي خوبصورت زال جي موت جهوري وڌو. اهو نوجوان سيٺ جنهن جون ست پيڙهيون ان شهر ۾ ڪپڙي جي ڪميشن واري ڪاروبار ۾ گذري چڪيون هيون. اهو ڏاڍي سٺي سڀاءَ ۽ نرم طبيعت جو مالڪ هيو. ان کي اکين تي ٿلهن شيشن واري عينڪ هوندي هئي. هن جو منهن گول ۽ صاف رنگت وارو هيو. ان ڪپڙي جي ڪميشن واري دوڪان اندر ڊگهي چادر وڇايل هوندي هئي جنهن تي طول وهاڻا رکيل هوندا هيا. انهن طول وهاڻن تي دوڪان جي در وٽ ان نوجوان جو ڏاڏو ويٺل هوندو هيو ۽ ان پريان هن جو پيءُ ٽيڪ ڏئي پويان سائي ڀت تي مٿو رکي ويٺل هوندو هيو. اتي هر ڪنهن اڳيان ڪاٺ جا دخل رکيل هوندا هيا جن تي ڊگھيون ڳاڙهي رنگ جون بنديون پيل هونديون هيون. اهي ڪپڙي مارڪيٽ جا آر تي هيا ۽ ٻاهران آيل گراهڪن کي پاڻ سان گڏ وٺي ڪپڙي جي خريداري ۾ مدد ڪري ڪميشن حاصل ڪندا هيا. انهن سيٺين جي ڀائرن جون بمبئيءَ ۾ ڪوٺيون هيون جيڪي سنڌ مان ململ گھرائي اتي وڪرو ڪندا هيا.
    ان نوجوان سيٺ جي گھر واري ڊگھو عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي. هو ان غم کي برداشت نه ڪري سگھيو ۽ دل جو مريض ٿي پيو. هو پاڻ کي ڏوهي محسوس ڪندو هيو ۽ سمجهندو هيو ته هن زال سان انصاف نه ڪيو. ان جي بيماري ۽ علاج جو صحيح بندوبست نه ڪري سگھيو. ان جي موت کان پوءِ سندس جيءُ جهري پيو. دٻيل ڏوهه جي احساس ۽ ڳڻتين ۾ ڳرندو هڪ ڏينهن تاڙي خاني ۾ آيو. هن تاڙي جا ٻه گلاس پيتا ته سڪون محسوس ڪيو. جڏهن ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي. ”مونکي ڏوهه جي احساس ماري وڌو آهي“. هن نجوميءَ کي چيو ”ڪجهه وقت پهريان منهنجي زال دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي. مونکي ٻه ٻار آهن جيڪي ان لاءِ روئي رهيا آهن. مونکي اندر جي ان احساس دل جو مريض بڻائي وڌو آهي ته مون زال سان انصاف نه ڪيو. هن کي بيماريءَ مان بچائڻ لاءِ اهي اپاءَ نه ورتا جيڪي وٺڻ گھرجن ها. مون هن جو صحيح علاج نه ڪرايو. مان توهم پرستي پويان ان جي زندگي کي ضايع ڪيو. جيڪڏهن سوچي سمجهي قدم کڻان ها ته شايد اها نه مري ها ۽ منهنجو گهر آباد هجي ها. منهنجي اندر کي اهو احساس اڏوهيءَ وانگر کائي رهيو آهي ته اها منهنجي نا سمجهي ۽ نادانيءَ ڪري هن دنيا مان هلي وئي. مايوسين جي اوندهه ۾ ڌڪا کائڻ لاءِ دنيا ۾ اڪيلو رهجي ويس“.
    نجومي نوجوان سيٺ جون ڳالهيون ٻڌيون ۽ پوءِ پاڻ وٽ ويهڻ جي صلاح ڪئي. اهو نوجوان سيٺ اتي ويٺو.
    ”ڇا تون ٻڌائي سگھندين“. نوجوان سيٺ وري ڳالهائيندي چيو ”منهنجو حشر ڪهڙو ٿيندو ؟ منهنجي معصوم ٻارن جو مستقبل ڪهڙو آهي؟ ڇا اهو منهنجو ڏوهه هيو جو منهنجي زال دنيا مان موڪلائي وئي؟“
    هو روئڻ لڳو ۽ نجوميءَ هن کي دلجاءِ ڏني.
    ”قسمت جي خبرقادر کانسواءِ ڪنهن کي ڪين آهي“ هن چيو ”مان ڪوشش ڪندس ته طوطي کان فال ڪڍائي تو آڏو حقيقت بيان ڪريان. پر پورو قصو ٻڌاءِ ته ڪنهن نتيجي تي پهچي سگھون“.
    نجوميءَ جي ڳالهه تي سيٺ پورو قصو ٻڌايو.
    اهو نوجوان جيڪو وڏڙن جو واحد وارث هيو لاڏڪوڏ سال پلجي وڏو ٿيو هيو. انهن چاهيو پئي ته سندن ڪاروبار جو وارث لکيل پڙهيل ۽ تعليم يافته هجي جيئن مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکي ڏيتي ليتي کي منهن ڏئي سگھي. انهن جا ڪجهه عزيز آفريڪا ۽ يورپ جي ڪنارن تي نيون ڪوٺيون کولڻ جو جائزو وٺـي موٽيا هيا. انهن کي اهڙن نوجوانن جي ضرورت هئي جيڪي لکيل پڙهيل ۽ ڪاروبار جي سائنسي طريقن کان وقف هجن. اهو نوجوان ملڪ جي وڏي شهر آيو ۽ اتي تعليم دوران هن جي آهوجا خاندان جي هڪ ڇوڪريءَ سان واقفيت ٿي. ان آهوجا خاندان ٽي پيڙهيون اڳ اسلام قبوليو هيو ۽ اهي مذهب قبولڻ کانپوءِ ان جي پوئواري ۾ ايڏا ته پختا ثابت ٿيا جو مسلمانيءَ ۾ سڀ کان اڳرا هوندا هيا. انهن جي نوراني چهرن تي خوبصورت ڏاڙهيون هيون ۽ اڇين شلوارن جا پاچا ڀيڏين کان مٿي هوندا هيا. اهي نماز روزي جا پابند هيا ۽ رمضان ۾ انهن جي در ٻاهران زڪوات ۾ ڪپڙو وٺڻ لاءِ غريب عورتن جون نه کٽندڙ قطارون هونديون هيون. اهي پنهنجي پوري ڪٽنب سان حج ۽ عمرا ڪندا هيا. آهوجن جي سڀ کان وڏي خصلت اها هئي ته انهن پنهنجي خاندان جي هر فرد کي ديني تعليم سان گڏ دنوي تعليم پڻ ڏياري. اهو ساڳيو وقت هيو جڏهن ان نوجوان جي ملاقات ڊي جي سائنس ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران ان ڇوڪريءَ سان ٿي. ڇوڪري جو مذهب سان سخت لڳاءُ هيو. پر هن وٽ زندگي جا ڪجهه آزاد اصول به هيا.
    ٻنهي خاندانن جي رضا منديءَ سان نوجوان جي شادي ان ڇوڪريءَ سان ٿي. هو جڏهن تعليم پوري ڪري پنهنجي شهر موٽي آيو ته هن جو وقت ڏاڍو سٺو پئي گذريو. هن کي چئن سالن جي عرصي اندر ٻه ٻار ڄايا پر شادي جي پنجين سال هن جي زال بيمار ٿي پئي. هن کي خون لٿي جي بيماري ٿي پئي. هن جو چهرو هٿن تي لڳل پراڻي مهنديءَ جهڙو ٿي پيو. هو ڪمزور ٿي وئي، سندس ڪلها هيٺ لهي آيا ۽ ڪنڌ جهنوي ويو. هن شهر جي حڪيمن کان ان جو علاج ڪرايو پر ڪو فائدو نه ٿيو. ڇوڪري جيڪا روزي نماز جي پابند هئي بيماريءَ جي ڪري عبادت کي ويجهو نه پئي وڃي سگھي. ان مٿي تي رئو رکي مصلي تي ويهي اکيون ٻوٽي رب کان دعا گھري.
    ”اي رب شفاياب ڪر، جيئن پاڪ ٿي تنهنجي عبادت ڪري سگھان منهنجن ٻچن تي رحم ڪر ۽ پناهه ڏي“.
    ان عورت جي طبيعت نه سڌري. هڪ ڏينهن هو ان کي وٺي ڪراچي پهتو. آهوجا خاندان لاءِ اهي ڏينهن ڪنهن صدمي کان گھٽ نه هيا. پنهنجي خوبصورت نياڻيءَ جو لٿل چهرو ڏسي اهي سڪتي ۾ اچي ويا. هڪ وڏي اسپتال مان ان جو معائنو ڪرايو ويو. مرض جي تشخيص ان خاندان جي برنس روڊ واري گھر مٿان وڄ جيان ڪري ۽ آسمان ٻه اڌ ٿي ويو. هڪ ڊاڪٽر انهن کي ٻڌايو ته ”ڇوڪريءَ کي ٻچيدانيءَ جو ناسور آهي جنهن جو علاج ملڪ اندر موجود نه آهي، لنڊن جي هڪ اسپتال ۾ ان جو علاج ٿي رهيو آهي جيڪڏهن اهي اتي پهچي پون ته ٿي سگھي ٿو ڇوڪريءَ جي جان بچي پوي“.
    اها خبر ٻڌي نوجوان فيصلو ڪيو ته هو زال کي لنڊن وٺي ويندو ۽ هن جو علاج ڪرائيندو. پر آهوجا خاندان جي هڪ بزرگ چيو.
    ”ان مرض جي شفا دوا نه پر دعا آهي“ هن کين ٻڌايو ته ”هن جي هڪ واقفڪار لنڊن جي ساڳي اسپتال مان ناسور جو علاج ڪرايو هيو پر اهو بچي نه سگھيو. ان ڳالهه جي ڪهڙي پڪ آهي ته نياڻي کي اوڏانهن موڪليون ته شفاياب ٿي اچي“.
    سڀ سوچ ۾ پئجي ويا. ڪنهن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي ته ڇاڪرڻ گھرجي.
    ”ان بيماريءَ کي استخاري سان ختم ڪري سگھجي ٿو. ”خاندان جي هڪ فرد صلاح ڏيندي چيو ”کارادر وٽ هڪ بزرگ آهي جيڪو استخاري سان ان مرض جو علاج ڪري ٿو“.
    هو بزرگ وٽ پهتا جنهن ڇوڪريءَ کي ڏسي انهن کي استخارو ڏنو. هو ان استخاري کي چاليهه ڏينهن پڙهندا رهيا ۽ هڪ ڏينهن ڇوڪريءَ جي ماءُ خواب ڏٺو کيس دونهي مان ٺـهيل ڪو فقير ٻڌائي رهيو هيو ته ڇوڪريءَ کي مڪي موڪليو وڃي جتي هوءَ ڪعبة الله جي غلاف کي منهن تي ڦيريندي ته شفاياب ٿي ويندي. ان صبح جو خواب سڀني کي ٻڌايو، سڀ ان ڳالهه تي متفق ٿيا ته جيترو جلد ٿي سگھي ڇوڪريءُ کي مڙس سان مڪي موڪليو وڃي جيئن خواب ۾ آيل ان اشاري تي عمل ڪري سگھجي. ٻن ڏينهن کانپوءِ پاڻيءَ جو جهاز جدي روانو ٿيڻو هيو. ٻنهي کي جلدي تيار ڪري ان جهاز تي ويهاريو ويو. جڏهن جهاز روانو ٿيو ته آهوجا خاندان جا فرد هٿ لوڏي انهن کي الوداع چئي رهيا هيا. اهي سڀ مطمعن هيا ته انهن جي نياڻي مڪي وڃي ضرور صحتياب ٿي انهن وٽ موٽندي پر هو ٻڌتر ۾ مبتلا هيو ۽ سوچي رهيو هيو ته ڇا هو صحيح قدم کڻي رهيو آهي؟ هو سڄي واٽ انهن سوچن ۾ زال ڀرسان ويهي کيسي مان ياسين شريف ڪڍي پڙهندو رهيو.
    ”خدا مددگار آهي“ هن جي زال چيو ”تون اعتماد ۽ عقيدي ۾ يقين رک. شفا ڏيڻ وارو رب کانسواءِ اڪو به نه آهي“.
    هو زال ڀرسان ياسين شريف پڙهندو رهيو ۽ ڪڏهن ان ۾ منهن لڪائي سڏڪندو رهيو.
    ”توکي وڃائڻ نه ٿو چاهيان“ هن چيو ”دنيا جي رستن تي اڪيلو نه هلي سگھندس“. هن جي زال ٿڌو ساهه کنيو.
    ”چڱائي ٿيندي“. زال چيو ”دل نه لاهه. مونکي اميد آهي“
    جهاز سمنڊ جي گج تي هيٺ مٿي ٿي هلندو رهيو. اتي هر طرف آسمان هيو. ڪڏهن سج هيو ڪڏهن چنڊ. اوندهه ۽ سوجهري جي راند ۾ جهاز ترندو ڄڻ هيٺ کاهيءَ ۾ ڪرندو ويو. زندگي ۽ موت جي ٻڏتر ۾ ڏينهن ۽راتيون گذرندا رهيا.
    جڏهن هو جدي پهتا ته هن جي زال جي جسم ۾ ڄڻ طاقت موٽي آئي. ان جي ڪمزوري ختم ٿي وئي. هڪ جوش ۽ جذبو جاڳي پيو. زال کي سرهو ۽ باهمت ڏسي هن به اندر ۾ خوشي ۽ سرهاڻ محسوس ڪئي. هو سامان ساڻ ڪري بندرگاهه کان ٻاهر نڪتا ۽ مڪي طرف روانا ٿيا. مڪي پهچي اتي هوٽل جي ڪمري ۾ سامان رکي تيار ٿي ڪعبت الله آيا. جڏهن انهن جي نظر ڪاري غلاف تي پئي ته اکين ۾ جهڙ لهندي محسوس ڪيائون. هو رنا ۽ غلاف کي هٿن ۾ جهلي مٿي ڪنڌ ڪري رب کي ٻاڏائڻ لڳا. انهن جي ڀريل اکين ۾ ڪعبت الله مٿان پرواز ڪندڙ ابابيلن جا عڪس ڳوڙها بنجي اڏامندا رهيا.
    ”اي رب رحم ڪر“. ٻنهي جي وات مان ساڳيا لفظ نڪتا ”شفا ڏي ، بيمارين کي ناس ڪر ۽ پناهه ۾ رک“.
    هو غلاف ۾ منهن وجهي ٻاڏائيندا رهيا. انهن عمرو ڪيو ۽ آب زم زم پي دل کي مطمعن ۽ سڪون محسوس ڪيو. روئڻ ۽ ٻاڏائڻ ڪري من هلڪو ٿي ويو. اهي روز ڪعبت الله ايندا هيا ۽ اتان سومهڻي کان پوءِ هوٽل روانا ٿيندا هيا.
    ڪجهه ڏينهن اندر عورت محسوس ڪيو سندس من ته مطمعن آهي پرمرض ۾ ڪو فرق نه آهي. گھڻي اٿ ويهه ۽ بي آرامي ڪري هن جي اکين هيٺان ڪارا نشان ائين ظاهر ٿيا جيئن ڪنولن هيٺان ميرو پاڻي هجي. ان جو منهن هيڊو ۽ لڱ ساڻا ٿي ويا. اها پوءِ به همٿ ڪري هن سان گڏ ڪنهن سهاري کانسواءِ ڪعبت الله پهچندي هئي ۽ هوڪاري غلاف کي هٿن ۾ جهلي رب کي ٻاڏائيندا هيا.
    آخر اهڙو وقت به اچي ويو جو اها هلڻ کان لاچار ٿي وئي. هن چئن حبشين کي اجورو ڏئي ان کي ڏوليءَ ۾ کڻايو. ڪعبت الله ۾ جڏهن هو ڏوليءَ ۾ ويهي طواف ڪندي هئي هو لڙڪندڙ ڍلي احرام ۾ ڪنهن ديواني جيان هن پويان ڦرندو هيو.
    هڪ اداس ڏينهن جڏهن ابابيل عرش ۾ قسمت جي سنهين ليڪن جيان اڏامي انهن ٻنهي جو انتظار ڪري رهيا هيا. اهي ڪعبت الله نه آيا. هوٽل جي ڪمري ۾ ان رات اسر ويل آذانن سان عورت جو روح پرواز ڪري ويو. هو زال جي مڙهه مٿان اڇي ٽوپي پائي ياسين شريف پڙهندو ۽ روئيندو رهيو. پرديس ۾ هن کي پرچائڻ وارو ڪو به نه هيو. هو ڳوڙهن جا ڍڪ ڀريندو رهيو ۽ ڪعبت الله جا رولاڪ ابابيل انهن روز اچڻ وارن جو انتظار ڪندا رهيا. منجھند کانپوءِ سفارتخاني جا ڪجهه ماڻهو اتي پهتا. سعودي حڪومت جي اجازت سان لاش کي جنت البقيع ۾ دفنايو ويو. اها سعادت جي ڳالهه هئي ته سندس خاڪي مڙهه لاءِ اهڙي رحمت واري جاءِ کي چونڊيو ويو هيو. جڏهن ان کي دفنائي هو واپس موٽيو ته هن محسوس ڪيو جيئن زندگي جي ڊوڙ ۾ هو ڪٿ ڪو سامان وساري ويٺو هجي. هن جي هٿن ۾ ڪا شيءِ جهليل هجي جنهن کان هاڻي خالي هجن. هن جا هٿ ڪمزور هيا، اهي ڏڪي رهيا هيا. هن جنت البقيع ٻاهران هٿ مٿي ڪيا ۽ دعا گھري. اتي قبر جو ڪو به نشان نه هيو. هن محسوس ڪيو سندس قبر دل ۾ آهي. هوءَ جيئري آهي ۽ هن ۾ رت جيان موجود رهندي. هو مسجد نبويءَ جو مجاور بنجي ويو. هن جي گريبان جا سڀ بٽڻ ڌاڳن تي لڙڪندڙ دل جيان ٽٽي پيا. هو ديوانن جيان جنت البقيع جا چڪر هڻي مسجد نبوي جي درتي ويهي سائي گنبد کي ڏسندو هيو. تيز اس ۾ هن کي هر شيءِ سائي نظر ايندي هئي.
    جڏهن هو ڪراچيءَ جي بندرگاهه تي پهتو ته آهوجا خاندان جي ماڻهن هن جو سڏڪن سان استقبال ڪيو. هو اڪيلو هيو. اتي اها خوبصورت ڇوڪري نه هئي جيڪا ڪڏهن آهوجا خاندان جي اکين جو تارو هئي. هو هلڪا قدم کڻندو ڏاڪڻ تان هيٺ لٿو ۽ پنهنجن ٻنهي ٻارن کي سيني سان لڳائي زارو قطار رنو. آهوجا خاندان جي ماڻهن هن کي حوصلو ڏنو.
    ”سڀ رب جي رضا آهي“ هڪ بزرگ چيو ”حياتي ۽ موت جو مالڪ اهو ئي آهي“هو ڪجهه ڏينهن اتي رهيو ۽ پوءِ ٻارن کي ساڻ ڪري پنهنجي شهر موٽي آيو. هن جو اندر مطمعن نه هيو. هو محسوس ڪري رهيو هيو، هن زال سان انصاف نه ڪيو آهي. هن ان جي علاج ۾ ڪوتاهي ڪئي جنهن ڪري اها دنيا مان موڪلائي وئي. هن کي لنڊن وڃڻ گھربو هيو جيئن ان جي بيماريءَ جو علاج ٿي سگھي ها. ٿي سگھي ٿو اها بچي وڃي ٿا. دعا سان گڏ ان کي دوا به جاري رکڻ گھرجي ها. هو پاڻ کي ڏوهي سمجهڻ لڳو. هن کي لڳو هو ڪنهن خونيءَ جيان آهي جنهن پنهنجن هٿن سان زال جو قتل ڪيو آهي. هو ڏوهه جي احساس کان مايوسيءَ جي هالت ۾ شهر جي گھٽين ۾ گھمندو رهيو. هن بي چيني گھٽائڻ لاءِ سڪون جون گوريون کائڻ شروع ڪيون ۽ آخر هڪ ڏينهن هو تاڙي خاني ۾ آيو ۽ جڏهن تاڙي پي ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي.
    نجوميءَ جڏهن هن جو دردناڪ قصو ٻڌو ته هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو“ هن طوطي کي آڱر تي ويهاري لفافن مٿان ڇڏيو. طوطي هڪ لفافو چونڊي هن کي ڏنو. جڏهن هن کولي پڙهيو ته اتي لکيل هيو.
    ”مٿي
    آڱرين جي
    اشارن تي
    جهليل هئي تند،
    هيٺ
    نچي پئي
    ڪاٺ پتلي
    لوڏي پنهنجو ڪنڌ“.
    هن سيٺ جي منهن ڏي نهاريو ۽ پوءِ وضاحت ڪندي چيو.
    ”اسين ڪاٺ جي پتلين جيان آهيون. اسان جي تند نچائڻ واري جي هٿ ۾ آهي. جيئن وڻيس تيئين ڪري اٿاري ويهاري، ماري جيئاري، اسين بي وس آهيون. لاچار آهيون. اسان جي نه ٿي هلي. هلي ان جي ٿي جنهن جي هٿ ۾ ڏور آهي. اسان جي وس ۾ هجي ته ڪڏهن نه مرون. ڪڏهن بيمار نه ٿيون. ڏکن ۽ تڪليفن کي ويجهو اچڻ نه ڏيون. اسين مجبور آهيون. اسان کي نه جيئڻ جو اختيار آهي، نه مرڻ جو، نه بچائڻ جو اختيار آهي، نه ٽارڻ جو. اسان جي بي وسي اسان کي ڏوهه جي احساس کان آجو ڪري ٿي. جڏهن ڪيون ئي ڪونه ٿا ته پڇتائڻ جو ڪهڙو جواز. ڪجهه ڏئي واپس وٺي ته مالڪ آهي. هن جي مرضي اسان ڪرڻ وارا ڪير آهيون؟ پڇتائڻ ۽ روئڻ وارا ڪير آهيون؟ اسان بي جان بندا جيسين تند ۾ ٽنگيل آهيون جيئرا آهيون، ڇڏڻ کانپوءِ هيٺ ڪرڻ ۾ ڪا ويرم ئي نه ٿي لڳي. اسين حياتي ۽ موت جا دعويدار نه آهيون. دنيا تماشو آهي ۽ اسين تماشي جو حصو آهيون. تماشي تي تاڙيون وڄن ٿيون .ٽهڪ کڙن ٿا ۽ سڏڪا اڀرن ٿا. هر ڪردار پنهنجي انجام کي پهچي ٿو. ڪنهن جو ڪهڙو ڏوهه؟ ڪنهن جو ڪهڙو گناهه؟ ڪنهن جو ڪهڙو ثواب؟ ڪهڙو پڇتاءُ ۽ ڪهڙيون ضمير جون صدائون؟ ......... اول فنا ......... آخر فنا...........“
    ”روئڻ ۽ ڀڇتائڻ مان ڪو فائدو نه آهي. وس آهر جيڪي پڳو تو ڪيو. تون مالڪ نه آهين جو جيئن چاهين تيئن ڪري وجهين. اُٿ! پاڻ کي سهارو ڏي ۽ ٻارن جو رکوالو ٿيءُ. گناهه جي احساس مان نڪري زندگيءَ جي تند سنڀال“.
    نوجوان سيٺ جو اندر مطمعن ٿي ويو. هن وٽ اعتماد موٽي آيو ۽ منهن تي سرهاڻ اچي وئي. هن کي نجوميءَ جون ڳالهيون سچيون محسوس ٿيون. هن کيسي ۾ هٿ وجهي ڪجهه سڪا ان کي ڏنا ۽ پوءِ گھر روانو ٿي ويو.


    10

    نجوميءَ کي سڀ واقعا ياد هيا. هن اڳيان پيل هر لفافي اندر هڪ دنيا ويڙهيل هئي. اتي جيئرا انسان دفن هيا. جن جا گڏيل آواز گوڙ جيان هن جي ڪنن ۾ گونجي رهيا هيا.
    نجوميءَ کي پڪ ٿي وئي ته هن کي حياتي هاڻي ايتري مهلت نه ڏيندي جو هو وري لفافا کڻي تاڙي خاني ٻاهران ويهي طوطي کان ڪڍرائي سگھي. هو حد کان وڌيڪ هيڻو ۽ اٿڻ ويهڻ کان لاچار ٿي ويو. هن سامهون ويٺل طوطو گول اکيون مچڪائي ڏسي ڄڻ ڪئي سوال ڪندو هيو، ان جي اکين ۾ اهڙا سوال هوندا هيا جن جا جواب هن وٽ نه هيا. ڄڻ طوطو سمجهي چڪو هيو ته اهو نجوميءَ جو آخري وقت آهي ۽ هاڻي اهي گذريل گھڙيون وري ڪڏهن ڪين اينديون جو هو هن سان گڏ تاڙي خاني ٻاهران ويهي چهنب سان لفافا ٻاهر ڪڍي دال جو داڻو کائي سگهندو.
    نجوميءَ سوچيو، هن سڄي زندگي ٻين جا لفافا ڪڍي قسمت جو حال ٻڌايو آهي. اڄ ڇو نه پنهنجي قسمت جو لفافو ڪڍي اهو ڄاڻي سگھي ته هن جي بچيل بيمار زندگيءَ جو انت ڪٿي آهي؟ ڇا هو لفافا هڙ ۾ وجهي تاڙي خاني ٻاهران ويهي سگھندو؟ يا هو ڪنهن لفافي ۾ بند ٿي قبر ۾ دفن ٿي ويندو؟ اهو سوچي نجوميءَ طوطي کي آڱر تي ويهاريو ۽ پوءِ سامهون پيل لفافن مٿان ڇڏيو. طوطو لفافن مٿان لهي ڪنهن ويچارن ۾ ويڙهيل مفڪر جيان چيلهه پويان ٻانهون ڏئي هيٺ ڪنڌڪري چڪر هڻندو رهيو. طوطي کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو لفافو ڪنهن لاءِ ڪڍي رهيو آهي؟ اتي ٻيو ڪو به شخص نه هيو. طوطو پريشانيءَ جي عالم ۾ هيڏانهن هوڏانهن گھمندو رهيو. جيئن هو نجوميءَ جي نه پر پنهنجي قسمت جو لفافو ڳولهيندو هجي. نجوميءَ جڏهن ڏٺو ته طوطو لفافو ٻاهر ڪڍندي دير ڪري رهيو آهي ته هن هشڪر ڏني. طوطي مالڪ جي مرضيءَ کي ڄاڻي هڪدم لفافو سوري باهر ڪيو. نجوميءَ جڏهن پنهنجي قسمت جو لفافو کولي پڙهيو ته هن جي رڙ نڪري وئي. هن ڏٺو اتي اهو ساڳيو رقعو موجود هيو. جيڪو ڪڏهن اهڙي شخص جي قسمت ۾ نڪتو هيو جنهن کي تاڙي خاني ٻاهران بي درديءَ سان قتل ڪيو ويو هيو. اهو ٿيڙ کائيندو تاڙِي خاني مان ٻاهر نڪتو هيو. هو جانٺو جوان هيو جيڪو جسم ۾ ڀريل ۽ قداور هيو.
    نجوميءَ کي ياد هيو. شام جي پهر شمس آباد واري پاسي کان ڪجهه ماڻهو ڪهاڙيون کڻي انکي ڊيڪائيندا پئي آيا، اهو جوان تاڙِي خاني ٻاهران ڪنهن شيءِ ۾ وچڙي ڪريو ۽ ان مٿان ڪهاڙيون اڀيون ٿي ويون. رت جا ڇنڊا هر طرف مينهن جي ڪڻين جيان وسوڻ لڳا. ان جو لاش رت ۾ سڻڀو ٿي ويو. ان جي چچريل منهن تي اڻڀا وار هيا. ان جون اڌ کليل اکيون آسمان کي گھوري رهيون هيون. اهو منظر ياد ڪري نجوميءَ جو جسم ٿڌو ٿي ويو. سامهون واري ڀت تي موت ڪاري پاڇي جيان نچندي محسوس ٿيو. هن کي لڳو هاڻي هو مهمان آهي. هن جو موت ويجهو آهي. طوطو ڪمري جي ڪنڊ ۾ منڍي ورائي کنڀن ۾ وجهي هڪ ڄنگهه تي بيهي رهيو. نجومي حياتيءَ مان مايوس ٿي ويو. هن ڀت کي ٽيڪ ڏني ۽ اکيون بند ڪري ويهي رهيو. هو تصور ۾ ان جا نٺي جوان متعلق سوچڻ لڳو. جنهن کي قتل ڪيو ويو هيوجيڪو ڏاڍو ڊنل ۽ هيسيل هيو. اهو پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪرڻ تاڙي خاني ۾ آيو هيو ۽ جڏهن ٻاهر نڪتو ته ان جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي.
    ”مان هڪ ظالم شخص آهيان“. ان چيو ” مان اهو بدنصيب آهيان جنهن هٿان هن جي محبوبا قتل ٿي وئي. اهو سڀ حادثو هيو. مون کي ان سان عشق هيو. مون ان کي قتل ڪرڻ نه پئي چاهيو پر مون کان قتل ٿي وئي. مون لاءِ اهو ڏک ائين آهي جيئن ڪو پهاڙ سيني ۾ کڻي جيئندو هجان. مان مايوس ۽ پريشان آهيان. ان ندامت جي احساس ڪري منهنجو ڪنڌ جهڪيل آهي. ڇوڪريءَ جا مالڪ منهنجي ڳولها ۾ آهن جيڪڏهن مان انهن جي هٿ چڙهي ويس ته اهي جيئرو نه ڇڏيندا. منهنجو من خوف سان ڀريل آهي. ڇا تون مونکي ٻڌائي سگھندين ته ان خوف جو انجام ڪهڙو ٿيندو. ڇا مان مري ويل محبوبا جي ندامت واري احساس ۾ تڙپي زندگي گزاري ڇڏيندس؟ منهنجي دل چوي ٿي آپگھات ڪري زندگيءَ جو انت آڻيان يا پاڻ کي انهن بگھڙن حوالي ڪري ڇڏيان جيڪي مونکي ختم ڪرڻ لاءِ مون پويان ڊوڙِي رهيا آهن“.
    نجوميءَ هن جي ڳالهه ٻڌي پوءِ پاڻ وٽ ويهاريو.
    ”ڳالهه کولي ٻڌاءِ ته ان تي سوچي ڪجهه ڪري وجهون“. نجوميءِ چيو .
    اهو جوان ڳوٺ آرياڻيءَ جو رهاڪو هيو. جيڪو ان شهر جي واهڻ ۾ واقع هيو. آرياڻيءَ ۾ مختلف ذاتين جا ماڻهو آباد هيا. ان جو عشق هڪ ٻئي ذات جي ڇوڪري سان ٿيو.
    جوان وٽ وڏڙن کان مليل ڪجهه زمين هئي جيڪا هن جي آمدنيءَ جو ذريعو هئي. هن وٽ ڪميت گھوڙو هيو جنهن تي هو ڪلهي ۾ دونالي بندوق پائي ويهندو هيو. سانجهيءَ وقت هو ڊوڙندڙ گھوڙي تي ٻنين مان لنگھندي ائين نظر ايندو هيو جيئن اڇي جهڙ جو ٽڪر هوا ۾ اڏامندو پيو وڃي. هو ڪڏهن واهه جي ڪڙ تي ويهي رومال سان دوناليءَ کي صاف ڪندو هيو ۽ ڪڏهن سڌي ڪري کجين تي ويٺل وهين کي وهائي ڪڍندو هيو. وهيا مينهن جيان وسي هيٺ ڪرندا هيا. هو دلير ۽ بهادر شخص هيو.
    واهه جي ڪناري کان ٿورو پري ڪمند جي پوک ۾ هو محبوبا جو انتظار ڪندو هيو. جڏهن ڀرسان ڪميت اڳين ٽنگ سان زمين کرڙيندو هيو ته هو سمجهي ويندو هيو ته اها اچڻ واري آهي. هن جي محبوبا پير پير ۾ ڏئي لڪندي هن جي پوئين پاسي کان ڦرندي اچي اکين تي هٿ رکندي هئي ۽ هو ان کي ڇڪي ويڻي ۾ هٿ وجهي ورائي هنج ۾ ڦٽو ڪندو هيو. هوءُ ٽهڪ ڏيندي هئي هو هٿ ان جي وات تي رکندو هيو.
    ”خيال ڪر“ هو چوندو هيو. ”تنهنجا ٽهڪ بندوق جي گولين کان به تيز ٿي سگھن ٿا“.
    هڪ دفعي ڇوڪريءَ سوال ڪيو.
    ”اسان ٻنهي وچ ۾ ذات ڪاري نانگ جيان بيٺل آهي، ڇا اسان جو ميلاپ ٿيندو“؟
    هن جي اهڙي سوال تي منجھي پيو.
    ”مان اها ڀت ڪيرائي وجهندس“ هن چيو ” مان رواج موجب ماڻهو موڪلي تنهنجو سڱ گھرندس“.
    ڇوڪري سوچ ۾ پئجي وئي.
    ”جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ”؟ هن وري سوال ڪيو.
    ”مان توکي کڻي هليو ويندس“ هن چيو ”اهڙي هنڌ رهائيندس جتي ذاتين جو وجود نه هجي“.
    هنن ٻنهي ڀرسان ڪميت ڪنهن فرشتي جيان بيٺل هوندو هيو. جڏهن اوڏانهن ڪو اچڻ وارو هوندو هيو ته ڪميت هڻڪي اڳيون ٽنگون مٿي ڪري ڌرتي تي هڻندو هيو ۽ هن جي محبوبا هن کا الڳ تي ڪمند جي فصل ۾ گم ٿي ويندي هئي.
    کجين جي باغ ۾ ويڙهيل آرياڻي ڳوٺ ۾ صدين کان ڪيترا قبيلا آباد هيا پر اهي پنهنجي ذات کانسواءِ ٻاهر سڱ ڏيڻ پنهنجي گھٽتائي سمجهندا هيا. اهو انهن لاءِ غيرت جو مسئلو هيو ته سندن قبيلي جي ڪا عورت ڌاري ذات ۾ پرڻجي. اتي غيرت جي مسئلي تي ڪهاڙيون اڀيون ٿينديون هيون ۽ ڇاتيون گولين سان پروڻجي وينديون هيون. ان جا نٺي جوان کي اها ڄاڻ هئي ته ان ڇوڪريءَ کي هٿ ڪرڻ سولوڪم نه آهي، پر پوءِ به هڪ ڏينهن هن چار چڱا مڙس گڏ ڪري انهن کي راضي ڪيو ته اهي هن لاءِ رشتي جي ڳالهه ڪن ۽ اتي وڃي ڇوڪريءَ جو سڱ گھرن. پهريان ته انهن جوان کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو ان ڳالهه تان هٿ کڻي وڃي ڇو جو اهو ناممڪن آهي پر جڏهن ڏٺائون ته هو ضد تي ٻيٺو آهي ۽ ان جي ناسمجهيءَ ڪري ڪو وڏو سانحو پيش اچي سگھي ٿو. اهي تيار ٿيا ته جوان لاءِ رشتي جي ڳالهه ڪري ڪنهن ايندڙ مصيبت کي ٽاري سگھن.
    چڱا مڙس جڏهن پٽڪا پائي ڇوڪريءَ جو سڱ گھرڻ اتي پهتا ته کين عزت سان ويهاري پوري ڳالهه ٻڌي ڇوڪريءَ جو سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيائون. اهي نا اميد ٿي ڪنڌ لڙڪائيندا واپس پهتا. جڏهن جوان کي ان ڳالهه جي خبر پئي ته انهن سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي. هن پڪو پهه ڪيو ته هو ڇوڪريءَ کي ڪميت تي ويهاري ڪنهن اهڙي هنڌ هليو ويندو جتي ڪنهن کي واس به نه پوندو.
    هو انهن ڏينهن سخت مايوس هوندو هيو. کجين تي وهين جي ويهڻ جي موسم ختم ٿي چڪي هئي پوءِ به هو دوناليءَ جو منهن مٿي ڪري وڻن ۾ وهائي ڪڍندو هيو. ڪانءَ هن مٿان اڏري ڄڻ چڙائيندا هيا ۽ ڳيري جي آواز کان هن کي خوف محسوس ٿيندو هيو. هن جي ڀيٽ ۾ سندس محبوبا جي شوخ طبيعت ۾ ڪو فرق نه آيو. اها ساڳي چنچل ادا سان هن وٽ ايندي هئي. پويان لڪي هن جي اکين تي هٿ رکندي هئي ۽ هن جي هنج ۾ سمهي ڪچهريون ڪندي هئي.
    هڪ ٻيپهريءَ جو جڏهن هوءَ هن جي ڀر ۾ ويٺل هئي، هوا تي ڪمند جا پن سانت ۾ وسيهر جي سينڍ جيان وڄي رهيا هيا. اوچتو ڪيمت هڻڪيو ۽ هن اڳيون ٽنگون مٿي ڪري زمين تي وهائي ڪڍيون. هو خوف کان سڌا ٿي ويهي رهيا. ان کان اڳ جو ڇوڪري ڪمند ۾ لڪي گم ٿي وڃي هن جي اکين تي ڪنهن چمڪندڙ شيءِ جا ترورا پيا. هن ڪنڌ ورائي ڏٺو سرڙاٽ ٿيا ۽ ڪجهه ماڻهن ٻاهر نڪري هن مٿان ڪهاڙيون اڀيون ڪيون. هن دونالي ۾ هٿ وجهي سڌي ڪري ٺڪاءُ ڪرائي. هڪ شخص اونڌو ٿي هيٺ ڪريو. جوان ڇوڪريءَ کي ٻانهن ۾ هٿ وڌو، ڊوڙي گھوڙي تي چڙهيو ۽ گھوڙو هڻڪار ڪري اڳتي وڌي واءُ جيان ائين گم ٿي ويو جيئن هيو ئي نه، حملو ڪندڙ هڪا ٻڪا ٿي ويا. حيرت ۽ خوف مان ڪهاڙيون انهن جي هٿن ۾ ڄمي ويون. تارا ڦوٽار جي ويا. هيٺ ڦتڪندڙ ساٿيءَ کي ڏٺـائون اهو رت ۾ وهنتل شخص پاڻي بنا مڇيءَ جيان ڦتڪي رهيو هيو. جڏهن اها خبر ان قبيلي جي ماڻهن کي پئي ته نوجوان ڇوڪريءَ کي هڪ ڌاري ذات وارو ڀڄائي ويو آهي ته شرم کان انهن جا ڪنڌهيٺ ٿي ويا. انهن جي دل ۾ بدلي جي باهه ٻرڻ لڳي. قبيلي جي چڱن مڙسن انهن کي ڪاري ڪارو قرار ڏنو. ڪجهه ماڻهو جٿو تيار ڪري انهن پويان روانا ٿيا. جڏهن ڳولهيندا آرياڻيءَ جي ان حصي ۾آيا جتي ان جوان جو گھر هيو. ته کين خبر پئي اهو اتي موجود نه آهي. ان ذات جي چڱي مڙس کين پڪ ڏياري ته اهو جوان اتي نه پهتو آهي. ان کين اهو به ٻڌايو ته قبائلي اصولن موجب ڪنهن به ذات جي عورت ڀڄائڻ ڏوهه آهي. جوان جو تعلق ڀل ان قبيلي سان ڇو نه هجي جيڪڏهن اهو هٿ اچي ويو ته ڇوڪري ڇڏائي واپس ڪندا ۽ جيڪي جرمانو ٿيو ڀري ڏيندا.
    ان چڱي مڙس جي ڳالهه انهن کي سمجهه ۾ آئي ۽ واپس هليا ويا. اهي ان نوجوان جوڙي کي نوسيندا جهر جهنگ گھمندا رهيا.
    هو ڇوڪري ڪميت تي ويهاري ڀڳو ته پنهنجي قبيلي وارن ڏي نه ويو. هن کي خبر هئي ته قبائلي اصولن موجب ڪا عورت ڀڃائڻ ڏوهه آهي. جيڪڏهن اهو اوڏانهن ويو ته قبائلي ويڙهه شروع ٿي ويندي. مجبور ٿي هن جا ماڻهو هن کي راڄوڻي فيصلي جي نذر ڪندا. اهو سوچي هن جهنگ جو رخ ڪيو ۽ ڪميت ڀڄندو سنبن سان پوئتي ڌرتي ڇڏيندو هڪ اهڙي آبادي ۾ اچي نڪتو جتي جا ماڻهو هنر مند ۽ پر امن هيا. اتي ڪو وڏيرو نه هيو. ڪنهن زميندار جو ڪو وجود نه هيو. پورهيتن جو اهو ڳوٺ ”ڪورڪا“ جي نالي سان مشهور هيو. جتي هر گھر ۾ ڪپڙي جي کڏي هئي جن تي ٺهندڙ ڪپڙو ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليو ويندو هيو. جڏهن اهي ڪورڪا پهتا ته انهن جي اچڻ تي ڪنهن اعتراض نه ڪيو. جوان ڳوٺ ٻاهران لانڍيون ڏئي ڇت وجهي هڪ گھر ٺاهي ورتو. پوءِ هو بندوق ڪلهي ۾ وجهي هوشيار ٿي ويهي رهيو. هن ڪميت کي بڙ هيٺان ٻڌي ڇڏيو. لانڍيءَ کان ٿورو پري هڪ ڍنڍ هئي جنهن چوڌاري ڊگھا وڻ هيا. ڍنڍ جو پاڻي ايڏو ته اڇو هوندو هيو جو ان جي تري ۾ مڇيون صاف نظر اينديون هيون. ڪورڪا جا ماڻهو ان ڍنڍ جو پاڻي واپرائيندا هيا. هن جي محبوبا اتان پاڻي ڀري موٽندي هئي ته ڪميت ڌرتيءَ سان ٽنگ کرڙي هن جي اچڻ جو اطلاع ڏيندو هيو. هوءَ دلو رکي چنچل ادا سان پير پير ۾ ڏئي جوان پويان ايندي هئي. ان جي اکين تي هٿ رکندي هئي.
    ”ڪير “ ؟ هوءُ پڇندي هئي
    ”منهنجي روح جي راڻي“. هو جواب ڏيندو هيو ۽ پوءِ هن کي ٻانهن کان ورائي هنج ۾ سمهاريندو هيو.
    ڪورڪا ٻاهران هن جا سٺا ڏينهن پئي گذريا پر هڪ خوف هن جي من ۾ هوندو هيو. هو سوچيندو هيو جيڪڏهن انهن کي خبر پئجي وئي ته اتي رهڻ ڏکيو ٿي ويندو. هن محسوس ڪيو ڄڻ ڌرتي تنگ ٿي وئي هجي. اها هڪ سنهي گھٽيءَ جيان هجي جنهن جا ٻئي ڇيڙا بند هجن. هن سوچيو ڀڄڻ کان بهتر آهي وڙهي مرجي. ڀڄڻ جا سڀ رستا بند ٿي چڪا هيا. اهو سوچي هن سر تان آسرو لاهي ڪنهن به صورت ۾ ڪورڪا ڳوٺ کي نه ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. هو وڏي هوشياريءَ سان بندوق جهلي لانڌي ٻاهران ويٺل هوندو هيو. هن جو ڪميت اڇي ملائڪ جيان بڙ هيٺان بيٺل هوندو هيو،. ان وٽ ڪا اهڙي حس هئي جو دوست ۽ دشمن جي بوءِ سنگھي وٺندو هيو. جوان جي ڀيٽ ۾ هن جي محبوبا ڏاڍي خوش هوندي هئي ان وٽ ڪنهن به ڊپ جو احساس نه هوندو هيو.
    اهو ڪچڙي منجهند جو وقت هيو جڏهن هو بندوق سنڀالي لانڍيءَ ٻاهران ويٺل هيو. هن سامهون بڙ هيٺان ڪميت اکيون ٻوٽي ڪن خيالن ۾ گم هيو. پريان ڍنڍ تي موسمي پکي پر هڻي اڏريا پئي ۽ لٿا پئي. اوچتو ڪميت هڻڪيو. هن اڳيون ٽنگون مٿي ڪري هيٺ زمين ۾ وهائي ڪڍيون. هو هوشيار ٿي ويو.هن ڪلهي مان بندوق لاهي سڌي ڪئي. لانڍي پويان پير پوڻ ڪري ڪاٺيءَ جي ڀڄڻ جو ٽڙڪو ٿيو. هن اوڏانهن گولي هلائي رڙ جو آواز ٿيو. ڊڪي ڏٺائين هڪ شخص ڇاتي تي هٿ رکي ڦٿڪي رهيو هيو. ڪنڌ ورائي ٿورو ڀري ڏٺائين ٻيو شخص طمنچو تاڻي هن تي وار ڪرڻ لاءِ تيار هيو. هو پاسي ٿي ويو. ٺڪاءُ ٿيو گولي گسي وئي،. هن مقابلو ڪيو. حملو ڪندڙ ڀڃي ويا. هو آيو ۽ ڪميت جي پٺي ٺپي ان کي پيار ڪيو.
    ان واقعي کانپوءِ وڌيڪ هوشيار ٿي ويو. هر وقت خوف جي احساس ۾ ورتل هوندو هيو. بندوق جهلي ڪن کولي ويهندو هيو. هن جون اکيون هر شيءِ جو جائزو وٺنديون هيون ۽ هو ڪميت کي ڏسندو هيو جيڪو اکيون بند ڪري شانت سوچن ۾ بيٺـل هوندو هيو.
    هڪ دفعي هن جي محبوبا دلو کڻي ڍنڍ تي وئي. جڏهن گھڻو وقت ٿيو واپس نه آئي ته هو فڪرمند ٿي ويو ۽ سوچڻ لڳو ته اها ڪنهن مصيبت ۾ نه گرفتار ٿي وئي هجي. هو اڃان سوچي رهيو هيو ته ڪيمت هڻڪيو ۽ اڳيون ٽنگون مٿي ڪري زمين ۾ وهائي ڪڍيون. هو هوشيار ٿي ويو. هن بندوق سڌي ڪئي، لانڍيءَ ٻاهران پير هيٺان ڪاٺي ڀڄڻ جو ٽڙڪو ٿيو. هن گولي وهائي ڪڍي. رڙ ٿي هن ڏٺو رت ۾ هن جي محبوبا ڦٿڪي رهي هئي. ان لانڍيءَ پويان اچي لڪندي هن جي اکين تي هٿ رکڻ پئي چاهيا. هن سان ڪميت بي وفائي ڪئي. ان جي هڻڪار کي هن دشمن جي اچڻ جو اطلاع سمجهيو. هن جي محبوبا ڦٿڪي جان ڏني. هو ان جي لاش ڀرسان بندوق اڇلي ڍنڍ ڪيون ڏئي روئيندو رهيو. هن کي ڪميت سان نفرت ٿي وئي. هن ڪميت جون واڳون ڇوڙي ان کي جهنگ ۾ ڇڏي ڏنو ۽ وري بندوق ۾ هٿ نه وڌو. هو محبوبا جي ڏک ۾ روئيندو رهيو. هو زندگيءَ مان مايوس ٿي ويو.
    ان ڏک کي ساڻ ڪري هو ڪورڪا ڇڏي شهر آيو. دشمن هن کي ڳولهيندا پهتا. ۽ ڪجهه ڏينهن کان هن کي محسوس ٿي رهيو هيو ته هو انهن جي نظرن ۾ اچي چڪو آهي. اهي هن جي آس پاس موجود آهن. هو ڪڏهن به موت جو کاڄ ٿي سگھي ٿو. هو هڪ ڏينهن تاڙِي خاني ۾ آيو، جڏهن ٻاهر نڪتو ته هن جي ملاقات نجوميءَ سان ٿي.
    نجوميءَ هن جي ڳالهه ٻڌي طوطي کي لفافي تي لاٿو. طوطي هڪ لفافو سوري هن کي ڏنو. جڏهن هن کولي پڙهيو ته اتي لکيل هو.
    ”زخم زندگيءَ جو
    کليل آهي.
    ٽيپو ٽيپو
    وهي ٿو رت.
    موت جو
    ڄميل آهي“.
    هن رقعو پڙهي جوان کي ڏٺو . جيڪو پڇتاءُ جي احساس ۾ ويڙهيل هيو. خوف کان ان جو اکيون نڪتل هيون ۽ منهن تي مايوسيءَ جون ريکائون هيون. هن کولي ان جو مطلب سمجهايو. ”تنهنجي زندگي ڪنهن زخم جيان آهي جنهن مان تازو رت هيٺ ڪرندو رهي ٿو. اهو هڪ الميو آهي ته تنهنجن هٿن سان تنهنجي محبوبا جو موت واقع ٿيو جنهن احساس توکي زخمي ڪري وڌو ۽ تون موت کان به بدتر زندگي بسر ڪرڻ تي مجبور آهين، تون جانور تي اعتبار ڪيو. هڪ حيواني عقل توتي حاوي رهيو. تون پنهنجي سوچ ۽ سمجهه کي استعمال نه ڪيو. اهوئي سبب آهي جو تون خطا کاڌي، تون پنهنجي وجود کي پاڻ زخمي ڪيو. تنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن ٿورڙا آهن. موت توپويان تنهنجا قدم سنگھندو پهچڻ وارو آهي. جيڪڏهن تون ڀڄڻ چاهين ته موت کي دوکو ڏئي ڪجهه ڏينهن جيئرو رهي سگھين ٿو.“
    هن ڪجهه سڪا نجوميءَ کي ڏنا پوءِ هيٺ ڪنڌ ڪري روانو ٿي ويو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ان جوان کي چئن ڄڻن تاڙِي خاني ٻاهران دسي بي درديءَ سان قتل ڪيو.
    نجوميءَ جڏهن ان جوان جو قصو ياد ڪيو ته هن جي جسم مان ڌرڙيون نڪري ويون. هو سوچ ۾ ٻڏي ويو. اهو ساڳيو لفافو هيو جيڪو طوطي هن جي قسمت ۾ ڪڍيو هيو. هو سوچڻ لڳو ته ڇا هن جو انت به ائين ٿيڻ وارو آهي. هن جي حياتيءَ جون گھڙيون به ائين ختم ٿيڻ واريون آهن. هن رقعي جي مفهوم تي سوچيو، هن جي پيشانيءَ تي پگھرجون بوندون ظاهر ٿيون. ان رقعي جو مفهوم ڳاڙهي رت سان لکيل هيو. اتي زخم هيا. انهن مان وهندڙ رت هيو. موت هيو ۽ ڄميل رت جهڙو احساس هيو. هو سوچڻ لڳو. ڇا هن کي به ماريو ويندو. هن جي موت جو سبب بيماري نه پر اهڙو گھاءُ هوندو جيڪو هن کي موت طرف وٺي ويندو. هو سوچيندو ويو ۽ خوف ۾ ويڙهبو ويو. هن پاڻ کي اهڙي لاش جي صورت ۾ ڏٺو جيڪو تاڙي خاني ٻاهران پيل هيو. ان جي جسم مان رت جون بوندون وهي ڄمي چڪيون هيون. هن پاڻ کي ميڻ جو ٺهيل محسوس ڪيو. هو سوچيندو ويو ۽ هن کي نڙيءَ چوڌاري سنهي ڌاڳي جو احساس ٿيو. هو کنگھيو. اٿيو ۽ هن پاڻي پيتو. هن سيخن واري دري کولي دروازو بند ڪري ڇڏيو. دريءَ مان تازي هوا اندر آئي. هن ساهه کنيو ۽ پاٿاريءَ تي ليٽي پيو. طوطو کنڀن ۾ منهن وجهي هڪ ڄنگهه تي بيهي رهيو.
    اها رات نجوميءَ لاءِ قيامت کان گھٽ نه هئي. هو ڪافي دير اکيون کولي حياتيءَ متعلق سوچيندو رهيو. هن کي موت ڳاڙهي رنگ جيان هيٺ هاريل نظر آيو. هو اٿيو ۽ هن دروازي کي جانچيو. ان جو ڪڙو اندران بند هيو. هو واپس آيو ۽ اهو سوچي سمهي پيو. ته اها سندس زندگيءَ جي آخري رات آهي. گھڻي دير کانپوءِ جڏهن هن جي اک لڳي ته هن طوطي جي کنڀن جي ڦڙ ڦڙاهٽ جو آواز ٻڌو. هن اکيون کولي ڏٺو تازي هوا لاءِ کوليل دريءَ مان هڪ ٻلو اندر ٽپي آيو هيو ۽ ان طوطي تي حملو ڪيو هيو. طوطو ٻلي جي وات مان پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيو. هن اٿي هڪل ڪئي هڪ سوٽي کڻي ٻلي کي وهائي ڪڍي، ٻلي جو وات کلي ويو ۽ طوطو ڇڏائجي ويو. ٻلو ٽپو کائي کليل دري مان ٻاهر هليو ويو. هن ڏٺو طوطو پٽ تي پيل هيو. ان جون اڌ کليل اکيون هن ڏانهن ڏسي رهيون هيون ڳچيءَ وٽ زخم هيو جنهن مان رت وهي رهيو هيو. طوطو بي وسيءَ مان ڦتڪندو رهيو ۽ پوءِ ان جي کنڀن مان رسجندڙ رت ڄمي ويو. طوطو دنيا مان موڪلائي ويو. نجومي ٻئي هٿ مٿي کي ڏئي طوطي مٿان ويهي روئندو رهيو. طوطو دنيا ۾ نه رهيو. نجومي اڪيلورهجي ويو.
    هو طوطي جي لاش تان اٿي لفافن مٿان آيو. هن کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي. اهو آخري لفافو طوطي هن جي نه پر پنهنجي قسمت جو ڪڍيو هيو. اهو سوچي نجومي وڌيڪ غمگين ٿي ويو. هو ڀت کي ٽيڪ ڏئي سڏڪا ڀري سوچيندو رهيو. هن حياتيءَ ۾ ڪيترن ئي انسانن کي قسمت جي حال کان واقف ڪيو پر افسوس هن جي قسمت جو لفافو ڪڍڻ وارو ڪو به نه بچيو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 646
    ڪتابن جو مشاهدو: 817686
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 281635
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ