ڪتاب جو نالو: اخوت جو سفر
مصنف: ڊاڪٽر محمد امجد ثاقب / يوسف سنڌي
ڇپائيندڙ: سنگِ ميل پبليڪيشن، لاهور
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 18 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 1186 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 217 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هن ڪتاب جي شروعات هارورڊ يونيورسٽيءَ جي هڪ سفر سان ٿئي ٿي. آمريڪا جو هي سفرنامو اصل ۾ اخوت جو ئي سفر آهي. يارهن سالن تي ٻڌل، اخوت جي شروعات، اُن جو فلسفو، اصول، طريقي ڪار، ان جا گُڻ ۽ اوڳُڻ، امڪانن جا نوان اُفق، ائين کڻي چئجي ته اهو سفر در سفر آهي. هڪ اهم سفر، جيڪو هلندي گهمندي ٿيو ۽ ٻيو اهو سفر جيڪو خيالن ۾ ٿيو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • مترجم پاران : يوسف سنڌي
  • • پهرين وک : محمد امجد ثاقب
  • • ”بابا“ امجد ثاقب : عطا الحق قاسمي
  • • امام، امجد ثاقب جي پويان : مجيب الرحمان شامي
  • • هيءَ سماج اڃا سُنڍ نه ٿيو آهي : جاويد چوڌري
  • باب پهريون

  • 1.1 عشق جي دردمنديءَ جي ڳالهه ئي ٻي آ
  • 1.2 سفر جي شروعات مانچسٽر کان نيويارڪ
  • 1.3 هن ناڻي واڌ نظام کي هاڻ برباد ٿيڻ گهرجي
  • 1.4 اسين نون ارادن سان صبح جي شروعات ڪريون ٿا
  • 1.5 پهريون ڏينهن
  • 1.6 ڇا زندگي ڪنهن مفلسيءَ جو چولو آهي؟
  • 1.7 مواخات (ڀائپي) جو سبق ۽ پهريون قرض
  • 1.8 مسجد هجي يا مدرسو يا وري خانقاهه
  • 1.9 سونهن سان ايڏي ته ٽُٻ آهين
  • 1.10 ڪندو ياد مون کي هي سارو زمانو
  • 1.11: منهنجي محبت جو پيغام، جيستائين به پهچي
  • 1.12: وٺڻ وارا يا ڏيڻ وارا
  • 1.13: قافلو
  • 1.14: هڪ ٻي ساروڻي
  • 1.15: عشق اسان وٽ آرائين جيئن
  • 1.16: پري تائين پکڙيل آهي سلسلو زنجيرن جو
  • 1.17: ڇا اخوت وٽ ڪو حل آهي
  • 1.18: مونکي حڪم آهي اَذان لااله ٰ الا الله
  • 1.19: هن خوشبوءِ جيان منهنجي پذيرائي ڪئي
  • 1.20: هارورڊ اسڪوائر
  • 1.21: عبدالقادر حسن
  • 1.22: هڪ تصور- هڪ تحريڪ
  • 1.23: دردمنديءَ تي اختيار ڪونهي
  • 1.24: بوسٽن کان واشنگٽن
  • 1.25: آمريڪا جو پهريون صدر جارج واشنگٽن
  • 1.26: گلن جو شهر
  • 1.27: ڏينهن ۽ رات جو ڦيرو
  • 1.28: چؤڏس چٽاڻون
  • باب ٻيو

  • 2.1: باهه وسائيندڙ
  • 2.2: نيٺ ته ٿيندو سوجهرو
  • 2.3: ڳولائي ڳولا
  • 2.4: هڪ ٻيو سفر
  • 2.5: خواجه سرا
  • 2.6: ميڪ اي ڊريم
  • 2.7: اُڌاري زندگي
  • 2.8: لاس اينجلس
  • 2.9: اعزاز جي گهر ۾
  • 2.10: هڪ خوبصورت ڊنر
  • 2.11: غربت ڇا آهي؟
  • 2.12. اچو ته ڪنهن خواب جي اُڻت ڪريون
  • 2.13: صبح جو ٿڌڙي هير اهو پيغام ڏيئي ويئي
  • 2.14: واپاري برادري: اسين پنهنجي منزل جا دڳ چٽيون ٿا.
  • 2.15: فقير منش واپاري
  • 2.16: ڪيلي فورنيا ۽ اصلوڪا آمريڪي
  • 2.17: هڪ عجيب شخص، منهنجي سڄي ڪٿا
  • 2.18: هالي وڊ: بابر به عيش ڪوش که عالم دوباره نيست
  • 2.19: جيڪڏهن
  • 2.20: پهريون ڪرڻون
  • 2.21: پٿرن ۽ ڪَنڊن مان جهان پيدا نٿو ٿئي
  • 2.22: ايندا مستن جا قافلا وچن پاڙهڻ
  • 2.23: عقيدت بدران عمل
  • 1.24: آئون ته اڪيلو ئي هليو هئس منزل ڏانهن پر
  • 2.25: پنهنجي زندگي گهوريان، پنهنجي وفا پيش ڪريان
  • 2.26: جيڪا ڳالهه دل مان نڪري ٿي
  • 2.27: اي دوست! ڪنهن همدم جو ملڻ
  • 2.28: مڪالمو ۽ ترقي جو سفر
  • 2.29: لبريشن لون ۽ نعيم مسيح
  • 2.30: نعيم مسيح جي ڪهاڻي
  • 2.31: ازنگاهِ مصطفيٰ صه پنهان بگير
  • 2.31: جالنڌر ۽ اخوت
  • باب ٽيون

  • 3.1: هزارين سال نرگس پنهنجي بي نوريءَ تي روئي ٿي
  • 3.2: ابراهام لنڪن
  • 3.3: ٽيڪساس، گذريل ڏينهن ڏانهن ڊوڙ
  • 3.4: اصلوڪا رهاڪو ۽ شيدي.... رت هاڻون داستان
  • 3.5: پراڻيون ڳالهيون ياد آيون
  • 3.6: گذريل زمانا سي ياد پيا
  • 3.7: هڪ ٻرندڙ شعلو منهنجي روح مان نڪتو
  • 3.8: ڪڏهن مسافر کي ڇڏيل منزل به ياد ايندي آهي
  • 3.9: ڪندو ياد مونکي هي سارو زمانو
  • 3.10: شام جا ڪجهه مهمان
  • 3.11 شل توتي هرگهڙيءَ رحمتون وسن
  • 3.12: ڪيڏو آهي شور فضا ۾
  • 3.13: هڪ چڻنگ
  • 3.14: خليفو ڪي الدين
  • 3.15 هاءِ پوائنٽ شهر ۾
  • 3.16: غاليچن جا واپاري
  • 3.17: ڊاڪٽر اجمل نيازي
  • 3.18: غريبيءَ جي بدران اميري ختم ڪريو
  • 3.19: تنهنجو آواز مڪو ۽ مدينو
  • باب چوٿون

  • 4.1: عشق جا امتحان اڃا اڳتي آهن
  • 4.2: گهر جي رونق هُل تي هجي ٿي.
  • 4.3: دل چيري ته ڏس
  • 4.4: اچ ته گڏجون پاڻ ۾
  • 4.5: واشنگٽن ڊي سي
  • 4.6: وائٽ هائوس ۽ ڪيپيٽل هل
  • 4.7: نيشنل هال
  • 4.8: مارٽن لوٿر ڪنگ: اهڙو ڏينهن به ايندو ساٿي
  • 4.9: انسان خساري ۾ آهي
  • 4.10: جيفرسن: ڏاهو صدر
  • 4.11: شفق جو ڳاڙهو رت
  • 4.12: اسين ته ڪرم ڏانهن جهڪيل آهيون
  • 4.13: بالٽي مور
  • 4.14: ٻيو ڏينهن
  • 4.15: امريڪن يونيورسٽي
  • 4.16: هڪ حلقو منهنجو آهي، هڪ هُن جو
  • 4.17: سروري در دين ما خدمت گري ست
  • 4.18: هن جو جلوه مون کي متاثر ڪري نه سگهيو
  • 4.19: تان مڃ محمد صه ڪارڻي
  • 4.20: اسين سخن فهم آهيون
  • 4.21: دعا
  • 4.22: يونيورسٽي آف ميري لينڊ
  • 4.23: منهنجي ان سوال تي غور ڪجو
  • 4.24: ساک سان ٿو چوان باک ڦٽندي ضرور
  • 4.25: نيڪيءَ جا ٻه واقعا
  • 4.26: لا وارث لاشن جو محافظ
  • 4.27: هڻ وٺ مان ڇا هڙ حاصل
  • باب پنجون : بوسٽن- نيويارڪ- نيوجرسي

  • 5.1: ايندڙ منزل
  • 5.2: هوائن جي دوش تي انهن جا نالا ولبرائٽ ۽ آرول رائٽ هئا.
  • 5.3: بيڪر هال
  • 5.4: مومن جو زوال هٿين خالي هئڻ سان ڪونهي
  • 5.5: گر قبول افتدز ہے عزو شرف
  • 5.6: يوتي الحڪمته من يشاء
  • 5.7: غم جي اونداهي جي رات
  • 5.8: بوسٽن ٽي پارٽي
  • 5.9: آسمان پرهه ڦٽي جي سوجهري سان سهائو ٿيندو
  • 5.10: عبدل ۽ راشد
  • 5.11: اسان کي مواخات جي گهرج آهي
  • 5.11: ماڻڪ موتي ميڙي ويٺو
  • 5.12: عجيب شئيِ آهي آشنائي جي لذت
  • 5.14: هڪ ٻيو ڊيوڊ
  • 5.15: مارٽن لوٿر ڪنگ، ميلڪم ايڪس، محمد علي ۽ مائيڪل ڊيوڊ.
  • 5.16: هل ته نڪري هلون بتڪدي مان
  • 5.17: ڪو مونکي منهنجو ننڍپڻ موٽائي ڏي
  • 5.18: نيويارڪ: فيصلا هتي نٿا ٿين
  • 5.19: خزان مون کي رئاڙي ٿي، بهار جي ياد ۾
  • 5.20: آمريڪا رڳو وال اسٽريٽ ته ڪونهي
  • 5.21: عورت جي وجود سان ئي ڪائنات جا رنگ نکرن ٿا
  • 5.22 : نظر جي ڳالهه زبان سان ڪيئن ڪجي
  • 5.23: اهو به ته حج آهي
  • 5.24: عطا الحق قاسمي
  • 5.25: منهنجو ماڳ آهي سوجهري جو جهان
  • 5.26: ميزبان هجن ته ههڙا
  • 5.27: ٿئي ته محبت جي زبان سان اخوت جو بيان
  • 5.28: اخوت يونيورسٽي
  • 5.9: يونيورسٽي ڪيئن جُڙندي؟
  • 5.30: دنيا ڏاڍي وڏي آهي
  • 5.31: نيويارڪ کان روانگي
  • 5.32: وياج نه پر قرض حسن: اوريان مقبول جان
  • 5.33: ڪاميابيءَ جون ڪهاڻيون عامر خاڪواني
  • 5.34: ناقصان را پير ڪامل ڪاملان را راهنما
  • 5.35: پنهنجي حصي جي روشني: عرفان صديقي
  • 5.36: تنهنجي نانءُ تي ڏکويل گڏ ٿي ويندا
  • 5.37: اچو ته ڪو ڏيئو ٻاريون
  • 5.38: موڪلاڻي
  • باب ڇهون : نيويارڪ- واپسي-لاهور

  • 6.1: اسان سڀني کي پنهنجي رب طرف موٽڻو آهي
  • 6.2: يختص برحمته من يشاء
  • 6.3: پنجاب ايجوڪيشنل انڊومنٽ فنڊ
  • 6.4: فائونٽين هائوس
  • 6.5: فائونٽين هائوس سرگوڌا
  • 6.6: پنجاب ويلفيئر ٽرسٽ فارڊس ايبل
  • 6.7: اخوت هيلٿ سروس
  • 6.8: راولپنڊي
  • 6.9: فيصل آباد
  • 6.10: نوشهره
  • 6.11: ڪوئٽا: شهيدن جو رنگ ضرور رنگ لائيندو
  • 6.12: ڪراچي
  • 6.13: راجن پور
  • 6.14: منهنجي ڳوڙهن جو ازالو ته ممڪن ڪونهي
  • 6.15: چنيوٽ
  • 6.16: جهان کي ڏيو مبارڪون، اسين پيا ڪاهيندا اچون
  • 6.17: درد جو رشتو وڏو آهي
  • 6.18: مون کانپوءِ اها مصيبت ڪيڏانهن ويندي
  • 6.19: ليلائي لهين، تان پڻ ليلائج
  • • محمد امجد ثاقب جو تعارف

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (129) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڊاڪٽر امجد ثاقب جو لکيل هي ڪتاب ”اخوت جو سفر“ جنهن جو سنڌي ترجمو يوسف سنڌيءَ ڪيو آهي قرض حسن جي سڀ کان وڏي پروگرام جي ڪهاڻي آهي. ڊاڪٽر امجد ثاقب کي آمريڪا جي هارورڊ يونيورسٽي جي لا، اسڪول ۽ بزنس اسڪول ۾ ڌار ڌار خطاب ڪرڻ جي دعوت ملي هئي. هڪ هنڌ موضوع اسلامي فنانس هو ۽ ٻي هنڌ مائيڪرو فنانس جا ادارا. ٻنهي تقريبن جي وچ ۾ ٻن هفتن جو فاصلو هو. ڊاڪٽر امجد ان دوران هڪ هزار پاڪستانين سان رابطي جوپروگرام رٿيو. هو ڪيترن ئي شهرن ۾ پهتو، تقريبن کي خطاب ڪيائين ۽ ”اخوت“ جي طاقت ۾ واڌارو ٿيندو ويو. ان سفر جي ڪهاڻي پاڻ ڏاڍي مائيدار اسلوب ۾ لکي اٿائين. هي هڪ منفرد سفر نامو آهي. هڪ سفر ۾ ڪيترائي سفر... هڪ رنگ ۾ ڪيترائي رنگ...
    هي ڪتاب سنگِ ميل پبليڪيشن لاهور پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو آهي جنهن جي ڪمپوزنگ ساحل پرنٽرس حيدر آباد ڪئي آهي. اسان ٿورائتا آهيون يوسف سنڌي ۽ مور ساگر جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏيڻ سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • مترجم پاران : يوسف سنڌي

    عادت موجب پبلڪ لئبرري سجاول ۾ ڪتاب ڏسندي، لئبرري جي انچارج محترم حاجي عبدالعزيز مينڌري کان پُڇيم، ”حاجي صاحب ! ڪو نئون ڪتاب آيو آهي؟“
    ”هائو!“ چئي حاجي عبدالعزيز سامهون رکيل خاڪي لفافي ڏانهن اشارو ڪيو. مون وڌي وڃي اهو لفافو کوليو ۽ ان ۾ پيل ڪتاب ڪڍيم”اخوت ڪا سفر.“ پوءِ اتي ئي بيٺي بيٺي ڪتاب جا ورق ورائڻ سان گڏ وچان وچان ٿورو ٿورو پڙهندو به ويس ته منهنجي دلچسپي وڌڻ لڳي.”اخوت ڪا سفر“ بظاهر ته هڪ سفرنامو هو، پر بلڪل نئين اسلوب ۾ لکيل . دلچسپ ۽ معلومات سان ڀريل، تنهنڪري حاجي مينڌري کان اهو ڪتاب پڙهڻ جي لاءِ کڻي آيس.
    پوءِ جڏهن مون ڪتاب باقاعده پڙهڻ شروع ته ڄڻ ڪتاب جي مَنڍ ۾ مَنڍجي ويس. سفر ڪهاڻيءَ ته پنهنجي جاءِ تي، پر ڪتاب ۾ ڪيئي ئي ڪهاڻيون، محنت جو ڪهاڻيون هيون، جستجوءَ جون ڪهاڻيون، خدمت جون ڪهاڻيون هيون، پاڻ ارپڻ جون ڪهاڻيون، ايثار ۽ قربانيءَ جون ڪهاڻيون، ۽ هر ڪهاڻي ڄڻ ٻئي ڪهاڻيءَ جو تسلسل ۽ هڪ ڌار ڪتاب جو تَت پئي لڳي. اخوت جو سفر هڪ ڪتاب نه پر”ڪيئي ڪتاب“ لڳم. ڪتاب پڙهندي پڙهندي ڪٿي احساس جي شدت سبب اکين ۾ لُڙڪ ڀرجي ٿي آيا ته ڪڏهن زبان مان بي اختيار اخوت جو سرواڻ ڊاڪٽر محمد امجد ثاقب ۽ سندس ٽيم جي ڪارڪردگيءَ تي واهه واهه ۽ داد جا لفظ نڪري ٿي ويا.
    اخوت جي ’ميڪ اي ڊريم‘ پروگرام ۾ ٻارن جي ننڍين ننڍين خواهشن جي پورائيءَ جي ڪهاڻي ۽ هڪ پاسي ماءُ جو جنازو رکيو هجي ، ٻي پاسي اخوت جي تقريب هجي ۽ اخوت جي سرواڻ جنهن نموني اِهي ٻئي ڪم ڪيا اڃا اهي سندس ڪمٽمنٽ جو ثبوت هئڻ سان گڏ، سچ ته روئاڙڻ ۽ اخوت کي دعا ڪرڻ جهڙا آهن..
    هونئن پاڻ وٽ اڪثر اين جي اوز پاران لفظن جي هيرا ڦيري ۽ انگ اکري هير ڦير تي ٻڌل بي روح ۽ بي چس ڪتاب ڇپجندا رهندا آهن ۽ انهن ڪتابن ۾ ڏنل ڪهاڻين ۾ ڪيتري سچائي هوندي آهي، انهن بابت انهن ڪتابن جا لفظ خود رڙيون ڪري ڳالهائي ٻڌائيندا آهن.
    پر ڊاڪٽر امجد ثاقب جي هن ڪتاب ”اخوت جو سفر“ جي هڪ هڪ لفظ ، هڪ هڪ سٽ منهنجي روح ۾ لهي ويئي ۽ ڪتاب جي هر ڪهاڻي، جيڪا حقيقي ڪهاڻي هئي، تنهن منهنجي روح کي بي چين ڪري ڇڏيو. ڇو ته اخوت ڪا اين جي اوز ڪونهي . سڄو ڪتاب هڪ پيغام آهي غربت ختم ڪرڻ، غريبن جي ڏکن کي ختم ڪرڻ، انهن جي عزت نفس کي سلامت رکڻ ۽ انهن کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ جو ۽ اهو رڳو ڪو لفظي پيغام ڪونهي، پر اخوت جي ڪارڪردگي ان پيغام جي عملي ثبوت آهي ۽ اهو پيغام اهڙو آهي، جنهن جي هن وقت پاڻ کي وڌ ۾ وڌ گهرج آهي. اهو پيغام الله ۽ ان جي محبوب رسول ﷺ جو پيغام مواخات يعني ڀائپي/ڀائيچارو، اوهان وٽ پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ جيڪا شئي هجي. اها پنهنجي غريب ۽ بي سهارا ڀاءُ کي ڏيئي ڇڏيو ۽ کيس پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۾ مدد ڪريو، جيئن هن جي زندگي ۾ ڪجهه گهڙيون سک جون به اچي سگهن، هو روزگار جي اُلڪي کان آجو ٿئي ۽ وري اُن پيغام کي اختيار ڪري ٻين جي سهائتا جي لاءِ اڳتي وڌي.
    هي ڪتاب ”اخوت جو سفر“ هڪ چٽو پيغام آهي ته پاڻ سڳورن مديني ۾ هڪ اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي، جنهن تحت هر ماڻهوءَ کي ٻي جي مدد ڪرڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ جي فڪري ۽ عملي سگهه ملي .
    ڪتاب جو آخري صفحو پڙهي، مون ڪتاب ٺپي رکيو ۽ کاڏيءَ تي هٿ ڏيئي ويهي سوچڻ لڳس ته هن ڪتاب جي پڙهڻ سان مون تي جيڪو اثر ٿيو آهي، مون تائين جيڪو سنهيو پهتو آهي، ان کي ٻين تائين پهچائڻ لاءِ آئون ڇا ٿو ڪري سگهان.؟ پوءِ مون بي اختيار پين ۽ پنو کڻي ڊاڪٽر امجد ثاقب کي خط لکيو ۽ لکيم ته ’هن ڪتاب جو ٻين ٻولين م پڻ، خاص ڪري پاڪستان جي سڀني قومي ٻولين سنڌي، پنجابي، پشتو ۽ بلوچي وغيره ۾ پڻ ترجمو ٿيڻ کپي.‘
    ۽ مون کي اندازو ڪو نه هو ته منهنجي ان تجويز تي قدرت وارو سنڌيءَ ۾ ان ڪتاب جي ترجمي جو ڪم مون کان وٺندو.
    ڊاڪٽر امجد ثاقب ورندي ڏيندي خط ۾ لکيو:
    ”اخوت ڪا سفر“ جو جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿئي ته مونکي گهڻي خوشي ٿيندي. مون ان سلسلي ۾ ڪجهه دوستن کي درخواست به ڪئي آهي، پر جيڪڏهن اها ذميداري اوهين کڻي سگهو ته وڌيڪ سٺو. ڇا آئون گذارش ڪري سگهان ٿو ته اوهين ئي ان ڪتاب کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪريو. مون کي پوري پڪ آهي ته اوهانجي بدولت اهو ڪم سٺي نموني ٿي ويندو“
    ڊاڪٽر امجد ثاقب جي انهن لفظن جو مون تي ايترو اثر ٿيو، جو مون ٿوري ئي وقت ۾ هن ڪتاب جي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ورتو. ۽ ڪتاب جي ترجمي دوران ۽ اخوت جي غربت جي خاتمي ڏانهن ڏينهون ڏينهن ڪاميابي ۽ ڊاڪٽر امجد ثاقب جي شخصيت منهنجي اکين اڳيان ڦرندي رهندي هئي. سوچيندو هئس ته تمام ٿورن پئسن سان شروع ڪيل ڪم، جنهن نموني، پکڙجي، وڌي ۽ ويجهي رهيو آهي، ان جي پويان خلوص، محنت، درد مندي جو عنصر ته آهي ئي پر مونکي سندس ڪاميابي جي پويان جيڪو وڏو عنصر نظر آيو، اهو ”عشق رسول“ آهي.”مواخات مدينه“ جي سنت جيارڻ کان وڏو ڪو ٻيو عشق رسول آهي ئي ڪونهي. جيڪو به ماڻهو مُحسن انسانيت، غريبن جي دوست ۽ ساٿي، آقاءِ نامدار جي سنت تي هلي ٿو ته ان جي رهنمائي به اتان ئي ٿئي ٿي ۽ ڪاميابي جا پروانا به اتان ئي جاري ٿين ٿا...
    مون هي ڪتاب ’پيهي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ‘ واري ڪيفيت ۾ ترجمو ڪيو آهي. جيئن غربت جي ان خاتمي جي عملي جنگ ۾ يوسف جي خريدار پوڙهيءَ جيان منهنجو به ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ حصو ڳڻيو وڃي.

    يوسف سنڌي
    ___________
    حيدرآباد 28 جون 2014ع


    • پهرين وک : محمد امجد ثاقب

    هي ڪتاب اخوت جي سفر جي ڪهاڻي آهي.

    ”اخوت“ جي شروعات ته گهڻو اڳ ٿي، پر هن ڪتاب جي شروعات هارورڊ يونيورسٽيءَ جي هڪ سفر سان ٿئي ٿي. آمريڪا جو هي سفرنامو اصل ۾ اخوت جو ئي سفر آهي. يارهن سالن تي ٻڌل، اخوت جي شروعات، اُن جو فلسفو، اصول، طريقي ڪار، ان جا گُڻ ۽ اوڳُڻ، امڪانن جا نوان اُفق، ائين کڻي چئجي ته اهو سفر در سفر آهي. هڪ اهم سفر، جيڪو هلندي گهمندي ٿيو ۽ ٻيو اهو سفر جيڪو خيالن ۾ ٿيو. هونئن به سفرنامو هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن جون ڪي حدون مقرر نه ٿي سگهيون آهن. سفر جي دوران اوهان جيڪو به ڏٺو، ٻڌو، سو چيو، ان جو بيان ئي سفرنامو آهي. جيڪو پردي پٺيان آهي، ان جي ذڪر کان ڀلا ڪير ٿو روڪي، جيڪڏهن واقعن کي هڪ ترتيب سان ئي پيش ڪرڻو آهي ته پوءِ سفرنامي جي بدران ڪو ناول يا ڪهاڻي ئي لکي سگهجي ٿي. هونئن به هر ڪتاب جي لاءِ اهو لازمي نه آهي ته ان کي ناول يا ڪهاڻي/ افسانو ئي چيو وڃي. ڪتاب ته فقط ڪتاب ٿي سگهي ٿو، جنهن کي اوهين پنهنجي پسند جو ڪوبه نالو ڏيئي سگهو ٿا.
    اخوت جي دلپذير سفر تي ٻڌل هي به هڪ ڪتاب آهي. منتشر، متنوع، هنڌ هنڌ تي خود ڪلامي، جابجا خوش گماني. هن ڪتاب ۾ غربت ۽ غريبيءَ جو پڻ ذڪر آهي ته ان کان ڇوٽڪاري جي اميد پڻ. تاريخ، مذهب، جذبا، اميدون، خواب ۽ پوءِ انهن جي ساڀيان پڻ. هي ڪتاب رڳو اخوت جي ڪهاڻي ڪونهي، پر هن ۾ ڪجهه ٻين ماڻهن جو پڻ ذڪر آهي، اهي ماڻهون جيڪي اخوت وانگر خواب ڏسن ٿا، زندگيءَ ۾ تبديليءَ جا خواب، انسانيت جي ڀلائيءَ جا خواب ۽ پوءِ پنهنجي محنت سان انهن خوابن ۾ حقيقت جو رنگ ڀرين ٿا. ڪنهن ٻي جو سچ به ته سچ ٿي سگهي ٿو. ڇا انسان کي آزادي ڪونهي ته هو پنهنجي لاءِ جيڪو رستو وڻي سو ڌُڻي. سڄي دنيا خدا جو ڪٽنب آهي. ايثار، قرباني ۽ اخوت گڏيل گڻ آهن. جنهن به انسان جا لڙڪ اگهيا، اهو انهيءَ جي لائق آهي ته ان کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون وڃن يا کيس مٿي جو موڙ بنايو وڃي. اهي ئي فرد تاريخ جي حسن ۽ زندگي جي قافلي جو حاصل آهن.
    هي ڪتاب انهن ماڻهن جي ڳولا جو نالو به آهي، هڪ وڏو خواب، جيڪو ڏسجي ٿو ۽ پوءِ ان کي ساڀيان ڪيئن ٿي ملي ”نالہء نيم شب، آهي سحر گاهي.“ هر شخص جو هڪ خواب هئڻ گهرجي. سر سيد جو هڪ خواب هو. اقبال جو هڪ خواب هو. مارٽن لوٿر ڪنگ جو به هڪ خواب هو. اسين خواب نٿا ڏسون، تنهنڪري اسان کي اُن جي ساڀيان نٿي ملي. خوابن جو اهو سفر ڏکيو ڪونهي، هائو، البت پهرين وک ڏکي هوندي آهي.
    مین حيرت و حسرت کا مارا حیران کھڑا ہوں ساحل پر،
    دریائے محبت کہتا ہے، آ کچھ بھی نہیں نایاب ہیں ہم۔
    اخوت ۽ اخوت جو سفر، ڪجهه به ڪونهي، رڳو پهرين وک آهي.

    محمد امجد ثاقب


    • ”بابا“ امجد ثاقب : عطا الحق قاسمي

    ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن ڊاڪٽر امجد ثاقب پنهنجي آمريڪا جي سفرنامي جو مسودو ”اخوت جو سفر“ مونکي موڪليو ۽ چيو ته اُن تي ڪجهه سٽون لکي ڏيان ته جيئن ڪتاب ۾ شامل ڪري سگهجن ته ڪيترائي ڊپ مون کي ويڙهي ويا. پهريون ڊپ اهو هو ته ابو! هاڻ هڪ ٻي ڪتاب جو مسودو به ٻين ڪيترن ئي ڪتابن جي مسودن جي هيٺان خدا ٿو ڄاڻي ته ڪيستائين دٻيل رهندو ۽ پوءِ امجد ثاقب جي دل ۾ منهنجي لاءِ ڪو سٺو تاثر نه رهندو ۽ ٻيو ڊپ هي ته امجد ثاقب نهايت شريف سڀاءُ وارو انسان آهي. هن ڪڏهن مقامي حسينه ڏانهن ئي اک کڻي نه ڏٺو ۽ جي کڻي ڏٺو به ته ان جو ڪڏهن به ڪنهن سان ذڪر نه ڪيو، سو اهڙي شخص جو سفر نامو لکڻ ۽ اڄڪلهه سفر جي دوران ڪيترن ئي معاشقن جي ذڪر کانسواءِ هر سفرنامو مڪمل سمجهيو ئي نٿو وڃي. ٽيو ۽ اصلي ڊپ اهو ته بيشڪ نه رڳو امجد ثاقب مائيڪرو فنانس جي حوالي سان وڏو نالو آهي، پر سڄي دنيا ۾ بنا وياڄ جي قرض متعارف ڪرائيندڙ هو اڪيلو شخص آهي، پر سفر نامو لکڻ سندس وس جي ڳالهه ڪونهي. اهو ته ائين آهي، جيئن آئون فزڪس تي ڪو ڪتاب لکڻ ويهي رهان.
    پر سچي ڳالهه اها آهي ته منهنجي من ۾ جيڪي ٽي ڊپ هئا، تن مان صرف ٻه صحيح نڪتا. هڪ اهو ته مون لکڻ ۾ واقعي دير ڪري ڇڏي، پر اهو به جزوي طور تي صحيح نڪتو، ڇو ته ان دير جي ڪري امجد ثاقب جي دل ۾ منهنجي لاءِ ڪو ڪٽر پيدا نه ٿيو، پر هو چوندو رهيو ته جڏهن به لکو، پر ڪتاب پڙهي پوءِ لکو. جيتوڻيڪ کيس خبر نه هئي ته آئون ڪتاب پڙهڻ کانسواءِ ئي سٺو لکندو آهيان ۽ جلد ئي لکي وٺندو آهيان. منهنجو ٻيو انديشو هيءُ هو ته سفرنامو حسينائن جي ذڪر کانسواءِ ڪيئن ٿو لکي سگهجي ۽ منهنجو اهو انديشو صحيح نڪتو ۽ ڪيئن صحيح نڪتو، ان جو ذڪر اڳتي هلي ڪبو. البت منهنجو ٽيون ڊپ ته بلڪل ئي بي بنياد ثابت ٿيو ۽ اهو ڊپ هو ته مائيڪرو فنانس ۾ نالو ڪڍڻ واري شخص جي شهرت ۽ مقام پنهنجي جاءِ تي، پر ڪتاب لکڻ هڪ ڌار معاملو آهي. مونکي ڪهڙي خبر ته هيءَ همراهه جنهن جو نالو امجد ثاقب آهي، ان ڪري لڪل رستم نڪرندو ۽ مون سميت ڪيترن کي حيران ڪري ڇڏيندو.
    صورتحال هيءَ آهي ته ڊاڪٽر امجد ثاقب آمريڪي يونيورسٽين ۾ مائيڪرو فنانس جي حوالي سان ليڪچر ڏيڻ جي لاءِ دعوتيو ويو هو. تنهنڪري هن اهو سفر ڪيو ۽ آمريڪا پهچي ويو. آمريڪا پهتو ته کيس هِتان هُتان مشهور پاڪستانين جا نياپا پهچڻ شروع ٿي ويا ته اسان ڏانهن به لڙي اچو. تنهنڪري پاڻ مختلف شهرن ۾ ويو ۽ پنهنجي تنظيم ”اخوت“ جي مول ۽ متن کان هزارين ماڻهن جي دلين ۾ جايون پيدا ڪندو ويو. اهو ته هو سندس سفرنامي جو هڪ حصو، جيڪو روٽين جو سفرنامو هو، پر اصل ”سفرنامو“ ته ان سفرنامي جي اندر هو، جيڪو خيال مان خيال پکڙبو ويو. هي هڪ بي حد حساس، ملڪ ۽ قوم سان عشق جي حد تائين محبت رکندڙ شخص جو سفرنامو آهي، جيڪو وک وک تي پنهنجي ملڪ جي ڪنهن هڪ مسئلي جي حوالي سان سوچيندو ۽ ان جون شڪليون بيان ڪندو ۽ ان جي نبيري لاءِ رستو ڳوليندو ٿو نظر اچي. هو لڳاتار سفر ۾ هو ۽ سندس خيال به ساڻس هم سفر هئا. ڪٿي ڪٿي زميني سفر پٺتي ۽ خيالن جو سفر اڳتي نڪرندو محسوس ٿو ٿئي ۽ اهو امجد ثاقب جي بيان جو ڪمال آهي ته هو پاٺڪ کي بور ٿيڻ نٿو ڏي. جيتوڻيڪ هڪ ديول ۾ اهو بورڊ لڳل هو ته، ”پادريءَ جي وعظ جي دوران کونگهرا هڻڻ شريعت موجب سخت گناهه آهي.“ پر اسانجو پادري ڳالهه ڪرڻ جو هنر ڄاڻي ٿو، تنهنڪري سندس پڙهندڙ سندس آڱر جلهي هن سان گڏ هلندو ٿو رهي ۽ ان سان گڏ هو آمريڪا جي ڪيترن ئي هنڌن جو سير پڻ ڪندو ٿو رهي ۽ سندس خيال به ايتري ته دلچسپي ۽ ڌيان سان ٿو ٻڌي، هو ننڍي هوندي ناني امان جون آکاڻيون ٻڌندو هو. سو مون اهو جيڪو چيو ته حسينن جي ذڪر کانسواءِ سفرنامو ڪيئن ٿو لکي سگهجي ته امجد ثاقب اهو ”معجزو“ ڪري ڏيکاريو. پر آئون جيئن ته هڪ بدگمان شخص آهيان، تنهنڪري منهنجي ذاتي خيال ۾ آمريڪا ۾ حسينائن سان هن منهن ضرور ڏنو، پر هو انهن جو ذڪر گول ڪري ويو. بس انهن مان اُتساهه وٺندو رهيو. منهنجي بدگماني جو سگهارو دليل اهو آهي ته ههڙو خوبصورت ۽ جامع سفرنامو ان قسم جي انسپائريشن کانسواءِ لکي ئي نٿو سگهجي.
    هاڻ رهيو مائيڪرو فنانس ۾ نيڪ نالو ڪمائڻ واري شخص جو ڪتاب لکڻ، ته خبر جي حد تائين ته اها ڪا وڏي ڳالهه نه آهي... اوهين مهرباني ڪري منهنجي هن بيان کي منهنجي اڳين بيان سان متضاد قرار ڏيڻ کان اڳ منهنجي ٽي ڳالهه به ٻڌي وٺو، ڳالهه هيءَ آهي ته مون آبادگارن، صنعت ڪارن، سفارتڪارن ۽ ڪيترن ئي بيڪارن جا ڪتاب به پڙهيا آهن، پر انهن جي مطالعي دوران اهو احساس ٿو رهي ته هن همراهن نيٺ به اهو جوکم ڇو کنيو؟ پنهنجي پنهنجي کيتر ۾ هنن جيڪا عزت ماڻي هئي، اها هروڀرو وڃائي ڇڏي. پر امجد ثاقب جو نثر پڙهندي مون کي ڪيترن ئي هنڌن تي اهو احساس ٿيو ته آئون شايد ڪو خوبصورت انشائيه پيو پڙهان. سادو ۽ سليس، مائيدار ۽ دل ۾ پيهي وڃڻ واري لکڻي. اسان مان ڪيترائي اهڙا آهن، جيڪي بظاهر ادب سان لاڳاپيل نه هوندي به ههڙو سهڻو نثر لکڻ تي قادر آهي. اها الله جي ڏنل ڏات آهي ۽ الله تعاليٰ اها ڏات هروڀرو به نٿو ڏي. ان جي پويان انهن لکين غريبن جي ”سفارش“ موجود آهي، جن جي گهرن ۾ چُلهه ٻرڻ جو وسيلو امجد ثاقب جي تنظيم بڻي آهي.
    ۽ پڇاڙيءَ ۾ ڪجهه لفظ ”اخوت“ جي باري ۾. ان جو تفصيل ته اوهان سندس ڪتاب ۾ پڙهي ورتو. مختصر اهو ته امجد ثاقب فقط ڏهن هزارن روپين سان هن تنظيم جو بنياد رکيو هو. سندس مقصد اهو هو ته بي روزگاري يا گهٽ وسيلا رکندڙ ماڻهن ۾ ٻه ڪلو مڇي ورهائڻ جي بدران کين مڇي جهلڻ جو سامان ڏنو وڃي ته جيئن انهن جي انا زخمجڻ کانسواءِ ئي کين پنهنجن پيرن تي بيهاريو وڃي. تنهنڪري ان تنظيم ننڍن ننڍن ڌنڌن جي لاءِ ’قرض حسن‘ ڏيڻ شروع ڪيو ۽ هيستائين اها تنظيم پنج ارب روپيا حقدارن ۾ ورهائي چڪي آهي. پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف ڪڏهن ڪنهن نااهل همراهه جي ڪلهي تي هٿ رکيو ڇڏي ته اهو اتي ئي ويهي ٿو رهي ۽ جڏهن هن اصل شخص جي ڪلهن تي هٿ ٿو رکي ته هو ان مان سگهه حاصل ڪري اڳ کان به وڌيڪ سينو ساهي بيهي ٿو رهي. امجد ثاقب جي اهليت ۽ ديانت جو ميان صاحب به قائل آهي، تنهنڪري هاڻ هو به ان تنظيم سان سهڪار ڪري رهيو آهي. سڀ کان وڌيڪ خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته جن غريب ماڻهن کي بنا وياڄ جي قرض ڏنا ويا آهن، انهن جي واپسي جو تناسب 99 ڏهائي 88 سيڪڙو آهي، بلڪ جڏهن اهي همراهه پنهنجن پيرن تي بيهن ٿا ته ان تنظيم جا ڊونر به بنجي وڃن ٿا.
    ڪير ٿو چوي ته پاڪستاني عظيم قوم نه آهي؟ بنگلاديش ۾ اهو تجربو ڪيو ويو، پر اُتي وياج جو سيڪڙو لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو ۽ اخوت ۾ وياڄ جو سيڪڙو ٻُڙي آهي. بنگلاديش جي جينئس کي نوبل پرائز ملي ويو ۽ امجد ثاقب کي فقط اوهان جون ۽ منهنجون دعائون. خدا ٿو ڄاڻي ته انهن ٻنهي مان ڪير وڌيڪ فائدي ۾ رهيو آهي؟ جيڪڏهن اڄڪلهه جا ”بابا“ مون کي معاف ڪن ته اهو ”بابا“ امجد ثاقب آهي ۽ ان جو ڪارڻ اهو ئي آهي، جيڪو مون اجهو بيان ڪيو آهي. ماڻهو کيس دعائون ڏين ٿا ۽ مون کي جڏهن دعائن جي گهرج پوندي آهي ته آئون وٽس ويندو آهيان. هن جي سامهون گوڏن ڀر ويهي چوندو آهيان. ”بابا جي! منهنجي لاءِ دعا ڪجو!“

    عطا الحق قاسمي


    • امام، امجد ثاقب جي پويان : مجيب الرحمان شامي

    الله تعاليٰ بنگلاديش جي ڀاڳ ۾ پروفيسر ڊاڪٽر محمد يونس لکيو ته پاڪستان کي ڊاڪٽر امجد ثاقب سان نوازيو. پهرينءَ 1976ع ۾ گرامين بئنڪ (ڳوٺاڻي بئنڪ) جو بنياد وڌو ته ٻي 2001ع ۾ اخوت جي پهرين سر رکي. گرامين بئنڪ پنهنجي ڏيهه ۾ غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گهاريندڙ ڳوٺاڻن کي قرض ڏيئي، انهن جي زندگي بدلائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ته ”اخوت“ پنهنجي ڏيهه واسين جي غربت دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. سڄي دنيا ۾ گرامين ۽ سندس بانيءَ کي مڃتا ڏني وڃي ٿي. کيس ڪيترا ئي عالمي اعزاز ڏنا ويا آهن. 2006ع ۾ کيس ”نوبل امن پرائز“ جو حقدار قرار ڏنو ويو. ته غربت جي خاتمي جي ڪوشش به ڪنهن سماج ۾ امن قائم ڪرڻ جو پهريون شرط آهي. هاڻ ”اخوت“ ۽ سندس باني عالمي نقشي تي اُڀري سامهون اچي رهيا آهن. گرامين جو سفر 37 سالن تي ٻڌل آهي، جڏهن ته اخوت ٻارهين سال ۾ وک رکي آهي.
    گرامين، اخوت ۽ ان جو باني هڪ ئي پنڌ جا پانڌيئڙا آهن... انهن ٻنهي جو نشانو غربت جو خاتمو آهي، پر ڏسڻ ۾ هڪ هئڻ جي باوجود به ٻئي اتر ۽ ڏکڻ آهن. ٻنهي جي سوچ ۽ رستا ڌار ڌار آهن. گرامين جي مٽي اولهائين معيشيت جي اصولن موجب ڳوهي ويئي آهي، پر اخوت جو سلسلو پندرهن سؤ سال پهرين آباد ٿيندڙ بستي ”مدينه“ ۽ ان جي عظيم بنياد وجهندڙ سان ڳنڍيل آهي. گرامين ڳري وياڄ تي قرض ٿي ڏي. پر اخوت جو ايمان آهي ته قرض بهرحال قرض حسن هئڻ گهرجي. جيتري رقم ادا ڪئي وڃي، اوتري ئي وصول ڪئي وڃي، ان ۾ ڪنهن به قسم جو واڌارو هن جي حساب سان الله ۽ سندس رسول سان جنگ جوٽڻ جي برابر آهي. گرامين جي جدوجهد کي جيڪڏهن غربت جي خلاف جنگ جو نالو ڏنو وڃي ته اخوت جي ڪاوش جهاد سڏبي. في الدنيا حسنه و في الآخره حسنه...
    ”اخوت“ جو پروگرام جن جا ڏينهن بدلائي ٿو، الله تعاليٰ جو ڪرم انهن جون دليون بدلائي ٿو ڇڏي.... هو کل ۽ خوشي ”اخوت“ جي سگهه بنجي وڃن ٿا ۽ ڏيئي مان ڏيئو ٻري ٿو پوي. ڊاڪٽر امجد ثاقب اخوت جي ان ئي جذبي کي ڌونڌاڙي سجاڳ ڪري رهيو آهي، جيڪو پندرهن سؤ سالن کان مسلمانن جي رت ۾ موجود ته آهي، پر غفلت جي ڌُنڌ ۾ ويڙهيل آهي. ان جو دائرو رڳو مسلمانن تائين محدود نه آهي. هو ته ان نبي رحمت جا پيروڪار آهن، جيڪو رحمته العالمين آهي. تنهنڪري ”اخوت“ جون ٻانهون هر مذهب، رنگ، نسل ۽ علائقي جي پاڪستانين جي لاءِ کليل آهن. مسجدن، مندرن ۽ ديولن جي لاءِ هوا ۽ سج جي سُهائي جيان، اخوت جي روشني به برابر آهي. شهر شهر، بستي بستي، واهڻ واهڻ، وستي وستي، شاخون کُلنديون پيون وڃن. فرض شناس پاڪستاني اڳيان وڌي رهيا آهن. عطيا ڏيئي رهيا آهن، جائيدادون وقف ڪري رهيا آهن. اهل اقتدار کي سهڪار جي سعادت نصيب ٿي رهي آهي ۽ مخالف ڌر به رونق بنجڻ جي لاءِ ان پاسي ڌيان ڌري رهي آهي.
    ڊاڪٽر امجد ثاقب ۽ ”اخوت“ جي همت تي ڪجهه عالمي ادارا به ڇرڪي رهيا آهن. اهو سڄي دنيا ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون پروگرام آهي. بنا وياڄ جي قرض ڏيڻ جو پروگرام، جيڪو ڪجهه هزارن کان شروع ٿي ائين پکڙيو، جو هاڻ ڪيترن ئي ارب روپين تائين وڃي پهتو آهي. ان جو مطالعو ڪرڻ ۽ اُن کي سمجهڻ جي ڪوشش جاري آهي. ان تجسس ته وياڄ کانسواءِ زر جي پکيڙ ڪيئن ممڪن آهي، ڊاڪٽر امجد ثاقب کي دنيا جي بهترين يونيورسٽي هارورڊ ۾ گهرايو ويو. اها يونيورسٽي هڪ درسگاهه نه پر هڪ رياست آهي ۽ ان جي بجيٽ دنيا جي ڪيترن ئي ڊزن ملڪن کان ججهي آهي.ان جا وسيلا ۽ موڙي پاڪستان جهڙن ڪيترن ئي ملڪن جي معيشتن ۾ توانائي جي لهر ڊوڙائي سگهي ٿي. ان يونيورسٽي جي صورت گريءَ ۾ مسيحي مولوين (پادرين) بنيادي ڪردار ادا ڪيو هو. ان آمريڪا کي ڪيترائي صدر، ڏاها، سياستدان، سائنسدان ۽ اڳواڻ عطا ڪيا ۽ اڄ به ان سان لاڳاپي تي فخر محسوس ڪري سگهجي ٿو. اسان جي مولوي سڳورن جا قائم ڪيل مدرسه ۽ دارالعلوم ڏسو ۽ پوءِ هارورڊ ۽ ان جهڙين ٻين يونيورسٽين کي ڏسو، هڪ گهڙي جي لاءِ راز کلي پوندو ته اسين هِت ڇو آهيون ۽ ڌاريان هُت ڇو آهن؟
    ڊاڪٽر امجد ثاقب کي هارورڊ يونيورسٽي جي لا، اسڪول ۽ بزنس اسڪول ۾ ڌار ڌار خطاب ڪرڻ جي دعوت ملي هئي. هڪ هنڌ موضوع اسلامي فنانس هو ۽ ٻي هنڌ مائيڪرو فنانس جا ادارا. ٻنهي تقريبن جي وچ ۾ ٻن هفتن جو فاصلو هو. ڊاڪٽر امجد ان دوران هڪ هزار پاڪستانين سان رابطي جوپروگرام رٿيو. هو ڪيترن ئي شهرن ۾ پهتو، تقريبن کي خطاب ڪيائين ۽ ”اخوت“ جي طاقت ۾ واڌارو ٿيندو ويو. ان سفر جي ڪهاڻي پاڻ ڏاڍي مائيدار اسلوب ۾ لکي اٿائين. هي هڪ منفرد سفر نامو آهي. هڪ سفر ۾ ڪيترائي سفر... هڪ رنگ ۾ ڪيترائي رنگ...
    ”اخوت جي سفر“ ۾ سڀ ڪجهه مِڙي آيو آهي. ماضي، حال ۽ آئيندو... گذريل ٻارهن سال نه پر پندرهن سؤ سالن جي ڪهاڻي ۽ ايندڙ ڪيترن ئي سالن جو منظر نامو به... مديني کان لاهور، آمريڪاکان ٻيهر واپس لاهور ۽ لاهور کان مدينو... مدينو شروعات به آهي پُڄاڻي به... هي سفر جتان شروع ٿيو، نيٺ اُتي ئي پُڄاڻي تي پهچڻون آهي. هر ڳوٺ واهڻ ۽ وستي، هر شهر ۾ مدينه النبي جي اخوت جو جذبو سجاڳ ٿيندو ۽ وياڄ کان ڇوٽڪارو ممڪن ٿي سگهندو. غربت گهٽ ٿي سگهندي. ڊاڪٽر امجد ثاقب ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي. اسان سڀني کي جيترو به ممڪن ٿي سگهي، سندس ساٿ ڏيون. ان سفر ۾ هو امام آهي ۽ اچو ته پاڻ سڀ سندس مقتدي بنجي وڃون. اچو ته وڏي سڏ چئون هن امام جي پويان الله اڪبر!

    مجيب الرحمان شامي


    • هيءَ سماج اڃا سُنڍ نه ٿيو آهي : جاويد چوڌري

    هارورڊ يونيورسٽي شايد دنيا جي سڀ کان وڏي يونيورسٽي آهي! هيءَ يونيورسٽي 1636ع ۾ ٺهي ۽ ان کي وڌائڻ ۽ ويجهائڻ ۾ پادرين مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. دنيا جي 50 نوبل انعام يافته شخصيتون هارورڊ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل آهن. هن يونيورسٽي جي بجيٽ دنيا جي 22 ملڪن جي بجيٽ جي برابر آهي ۽ اها يونيورسٽي اڪيلي سر پاڪستان جو سڄو قرض ادا ڪري سگهي ٿي. اسانجي سڄي قوم گڏجي هر سال برآمدات جي ذريعي جيترا ڊالر ڪمائي ٿي، اها يونيورسٽي ايتري موڙي رڳو پنهنجي ريسرچ ۽ پنهنجي ايجادن جي حقن مان حاصل ڪري ٿي. ان يونيورسٽيءَ ۾ تعليم پرائڻ هڪ اعزاز آهي. ان يونيورسٽي ۾ ڪنهن ملڪ جي شخصيت يا ڪنهن اداري جي باري ۾ ريسرچ هجي يا وري اها يونيورسٽيءَ اوهان کي ليڪچر جي لاءِ سڏي، اها به اعزاز جي ڳالهه هوندي آهي.
    ان يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر امجد ثاقب کي خاص خطاب جي لاءِ هارورڊ گهرايو. ڊاڪٽر امجد اڄ کان ڏهه سال اڳ پنهنجن ڪجهه دوستن سان گڏجي ”اخوت“ جي نالي سان هڪ فلاحي اداري جو بنياد رکيو هو. اهو ادارو نادار ۽ غريب ماڻهن کي ڪاروبار جي لاءِ ’قرض حسن‘ ڏي ٿو، اهو قرض بنا وياج جي هوندو آهي ۽ قرضدار کي اها رقم ٻارهن قسطن ۾ واپس ڪرڻي هوندي آهي. اخوت هڪ برڪت وارو ادارو ثابت ٿيو، اهو هيستائين لکين ڪٽنبن کي اربين روپين جو قرض ڏيئي چڪو آهي ۽ اهي ڪٽنب پنهنجن پيرن تي بيٺل آهن. اخوت هڪ طلسماتي تنظيم آهي. تنظيم جون سڄي ملڪ ۾ هڪ سئو پنجاهه کان به وڌيڪ آفيسون آهن. هڪ هزار جي لڳ ڀڳ ملازم آهن. تنظيم جون آفيسون مسجدن ۾ قائم آهن. تنظيم ڪنهن ضامن کانسواءِ قرض ٿي ڏي ۽ قرضدار اُن رقم مان ڌنڌو ڌاڙي ٿو ڪري. الله تعاليٰ اُن ۾ برڪت ٿو وجهي ۽ اهو شخص نه رڳو قرض موٽائي ٿو، پر پنهنجن پيرن تي بيهي ٿو. دنيا پاڪستاني قوم کي بي ايمان ۽ نالائق سمجهي ٿي، پر پاڪستاني قوم جي باري ۾ اخوت جو تجربو بلڪل ڌار آهي. اخوت جي قرضن جي واپسيءَ جو تناسب 99.85 سيڪڙو آهي. اخوت بنا وياج جي قرض ڏيڻ واري دنيا جي سڀ کان وڏي آرگنائيزيشن به آهي. اُن سڄي دنيا ۾ مائڪرو فنانسنگ کي لوڏي ڇڏيو آهي. ان کان اڳ ”گرامين بئنڪ“ دنيا کي حيران ڪيو، ’پر گرامين بئنڪ‘ چاليهه سيڪڙي تائين وياڄ ٿي وصول ڪري، جڏهن ته اخوت بنا وياڄ جي قرض ٿي ڏي، جنهن ۾ قرض جي حاصلات لاءِ ضمانت جي گهرج ڪونهي ۽ جنهن جي واپسي لڳ ڀڳ سؤ سيڪڙو آهي ۽ اها اُن جي هوندي به ترقي پيئي ڪري. اخوت جي اُن وڌڻ دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو، تنهنڪري هارورڊ يونيورسٽيءَ ڊاڪٽر امجد ثاقب کي خطاب جي دعوت ڏني. ڊاڪٽر امجد اڄ 23 مارچ تي هارورڊ يونيورسٽيءَ جي اسڪالرن کي ٻڌائيندو ته اخوت عام ماڻهن جي زندگي ۾ ڪهڙو ڪهڙو انقلاب آندو آهي. پاڪستاني سماج بنا قرض کي ڪيئن امانت سمجهيو. دنيا جي پهرين ۽ هيڏي وڏي آرگنائيزيشن ڪيئن هلي رهي آهي. هيءَ آرگنائيزيشن ڪيئن وڌي ويجهي رهي آهي ۽ هن تنظيم فقط ڏهن سالن ۾ هيترو سفر ڪيئن طئي ڪري ورتو.
    ڊاڪٽر امجد ثاقب هارورڊ يونيورسٽيءَ جي اسڪالرن کي ڪهڙو ٿو جواب ڏي، اهو ته ڊاڪٽر امجد ثاقب ئي ڄاڻي ٿو يا هارورڊ يونيورسٽي، پر جيستائين اخوت جي ڳالهه آهي، اخوت بهرحال پاڪستان ۽ پاڪستانين جي لاءِ اعزاز آهي. پاڪستان تاريخ جي بدترين دور مان پيو گذري، دنيا اسان تي ڀروسو ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي، پاڪستان جي ڪرپشن جون ڪهاڻيون سڄي دنيا ۾ اسان جي بدناميءَ جو ڪارڻ بنجي رهيون آهن. پر انهن سڀني خراب خبرن ۽ خراب حالتن جي هوندي به ’اخوت‘ جهڙيون سٺيون خبرون به آهن. ملڪ ۾ اهڙا مخير ماڻهون موجود آهن، جو انهن جون ڪهاڻيون ٻڌي حيرت وٺيو وڃي. ان نوعيت جون ڪهاڻيون سڄي ملڪ ۾ پکڙيل آهن ۽ اهي ڪهاڻيون ۽ انهن ڪهاڻين سان لاڳاپيل شخصيتون ئي اصل پاڪستان آهن. اسان جو پاڪستان اهو ڪونهي، جيڪو اسين روزانو ٽي.وي چينلز تي ڏسون ٿا. پر اسان جو پاڪستان اهي شخصيتون ۽ اخوت جهڙا ادارا آهن ۽ اسين انهن تي جيترو ڳاٽ اوچو ڪريون، اهو گهٽ آهي.
    آئون ڊاڪٽر امجد ثاقب ۽ اخوت ٻنهي کي واڌايون پيش ٿو ڪريان ۽ انهن لکين گهراڻن کي به مبارڪون ٿو ڏيان، جن ’قرض حسن‘ واپس ڪري ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته پاڪستان ۾ اڃا ايمانداري مُئي ڪونهي. اڃا رُڃ مان رڙ اچي پئي، متان سمجهين مُئا مور سارا. هي سماج اڃا سُنڍ نه ٿيو آهي ۽ مونکي پڪ آهي ته ڊاڪٽر امجد ثاقب جهڙا ماڻهو جيستائين جيئرا آهن، ان وقت تائين هي سماج سُنڍ نه ٿيندو، اسان جي اُميد ان وقت تائين قائم رهندي.

    جاويد چوڌري


    باب پهريون

    1.1 عشق جي دردمنديءَ جي ڳالهه ئي ٻي آ

    ”اخوت ايندڙ وقت جو خواب آهي“
    هڪ نئين رسم، هڪ نئين شڪل، مٽيءَ سان مٽي ٿي وڃڻ جي سَڌ، ضد، چريائپ، جنون يا پاڳل پڻون، اُن ڏينهن آئون ڳچ دير تائين اهو سوچيندو رهيس، اُن ڏينهن مونکي هڪ نئين سفر تي اُسهڻون هو.
    سفر ننڍو هجي يا وڏو، سفر کان اڳ سفر جي ڇڪتاڻ وڌيڪ ڊگهي ٿئي ٿي. آئون ڪيترائي ڀيرا اُن احساس مان گذري چڪو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ڪلاڪن جو سفر جُڳن جي سفر کان به ڊگهو هوندو آهي. آمريڪا اُسهڻ ڪا نئين ڳالهه نه هئي. روزانو هزارين ماڻهو وڃن ٿا. مون کي به ڪيترائي ڀيرا آمريڪا وڃڻ جو موقعو مليو آهي، پر هن ڀيري سفر گهڻو منفرد هو. هارورڊ جي لا- اسڪول ۾ خطاب، هارورڊ بزنس اسڪول ۾ هڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ يونيورسٽي ڪينيڊي اسڪول ۾ هڪ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ شرڪت منهنجي آمريڪا اُسهڻ جو مقصد هو. پهرين ته اهو سفر ڏاڍو ڏکيو نظر آيو، پر شوق جو ڪو مُلهه ئي ڪونهي. هارورڊ يونيورسٽي پاران ڪيترائي مهينا اڳ اها دعوت ملي چڪي هئي. ڊاڪٽر ناظم علي ڏهن ورهين کان هارورڊ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل آهي. پنهنجي سڀاءُ ۽ سيرت توڙي سهڻي صورت جو ڌڻي، حيدرآباد دکن جي سڀيتا جو نشان، هارورڊ يونيورسٽي جي لا- اسڪول ۾ هر ٻن سالن کانپوءِ هڪ تقريب ڪوٺائيندو آهي. هن ڀيري ان تقريب جو نالو هو: Tenth Harvard University forum on Islamic finance and development. تقريب جي پُڄاڻي واري اجلاس ۾ مونکي به خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني ويئي، شايد کين ڪٿان اها سُڻس پئجي ويئي هئي ته ڪجهه همراهه ”اخوت“ جي نالي سان اُبتي گنگا وهائي رهيا آهن يا اهو ته عشق جي دردن هاڻي دلڙيءَ جي ڳالهه ئي ٻي آهي. منهنجي ڳالهه ٻولهه جو عنوان هو: Faith Based investment and social responsibility اڄ ڪلهه اهو ڏاڍو دلچسپ موضوع آهي. آمريڪا ۾ ٿيندڙ مالي گهوٽالي ان موضوع کي اڃا به اهم بنائي ڇڏيو. هارورڊ يونيورسٽيءَ ان موضوع تي مختلف پاسن کان تحقيق ڪئي ۽ مونکي ان حوالي سان پنهنجو نقطه نظر پيش ڪرڻون هو. ان سفر جي ٻي اهم ڳالهه هارورڊ يونيورسٽي جي ”بزنس اسڪول“ ۾ مائيڪرو فنانس جي هڪ پنجن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ شرڪت به هئي.
    ان ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا جي مائيڪروفنانس ادارن جا همراه دعوتيل هئا، کين مائڪروفنانس جي مسئلن ۽ نون امڪانن تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ گهرايو ويو هو. هر سال ٿيندڙ ان تقريب ۾ بهترين ادارن جا همراه شريڪ ٿيندا هئا ۽ پاڻ ۾ ڳالهيون مُهاڙيون ۽ بحث مباحثو ڪندا هئا. ان دوران ڪيترن ئي سوالن جا جواب ملندا آهن ۽ ڪيترائي نوان سوال جنم وٺندا آهن ته تحقيق ۽ جستجو ئي زندگي جو هئڻ آهي. ٽين سرگرمي ڪينيڊي اسڪول ۾ ٿيندڙ ’انٽر نيشنل ڊويلپمنيٽ ڪانفرنس‘ ۾ مقرر جي حيثيت سان شرڪت ڪرڻ هئي. دنيا جي ان مشهور درس گاهه جا ٽئي اسڪول اهم آهن. هارورڊ لا، اسڪول، هارورڊ بزنس اسڪول ۽ هارورڊ ڪينيڊي اسڪول، انهن ٽنهي اسڪولن پاران ملندڙ دعوتن هن سفر کي گهڻو يادگار بنائي ڇڏيو. هارورڊ فورم (23 مارچ کان 25 مارچ) ۽ ٻين ٻنهي سرگرمين (9- کان 14 اپريل) جي وچ ۾ ٻن هفتن جي وٿي هئي، تنهنڪري سوال اهو ٿي پيدا ٿيو ته انهي وٿيءَ جي دوران ڇا ڪجي، واپس وطن اچي ٻيهر موٽڻ ته ڏاهپ ڪا نه هئي. تنهنڪري فيصلو ٿيو ته انهن پندرهن ڏينهن کي اخوت جي رابطا مهم جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي، ان مهم جو عنوان: Reaching One Thousand Americans (هڪ هزار آمريڪين تائين رسائي) رکيو ويو ۽اهو طئي ٿيو ته ان مهم جي دوران واشنگٽن ڊي سي، لاس اينجلس، شڪاگو، ڊيلس، نارٿ ڪيرولينا، ورجنيا، ميري لينڊ ۽ نيويارڪ ۾ رهندڙ پاڪستانين سان گڏجي انهن جي دلين کي کُڙڪائجي ته جيئن اهو آفاقي پيغام، انهن تائين به پهچي سگهي. حفيظ جالندري چواڻي:
    دوستوں کو بھی ملی درد کی دولت یا رب،
    صرف میرا ہی بھلا ہو، مجھے منظور نہیں۔
    لا-اسڪول، بزنس اسڪول، ڪينيڊي اسڪول ۽ ان جي وچينءَ واري وقت ۾ وطني ڀائرن سان ملڻ ۽ اخوت جي ان سُپني جو پرچار. اهو هو ان سڄي سفر جو مقصد، جيتوڻيڪ سفرنامو لکڻ جو ڪوبه ارادو نه هو، پر ڪجهه شيون گهرڻ کانسواءِ به ملي ٿيون وڃن. جڏهن هي سفرنامو پورو ٿيو ته ائين لڳم ڄڻ سفر جي سڄي ڪٿا به مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ انهيءَ احوال ۾ اخوت جي ڪهاڻي به شامل آهي.


    1.2 سفر جي شروعات مانچسٽر کان نيويارڪ

    22 مارچ 2012ع روانگي جو ڏينهن هو، اهو ڪهڙو سفر آهي، جنهن کان پهرين ڪو ڏکيو موڙ نه اچي. مونکي، ڪيترين ئي رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پيو، ويزا، ٽڪيٽ، پروگرام جو تفصيل، رهائش، سامان جي ٻڌڇوڙ، آمريڪا جي اندر مختلف شهرن جي وچ ۾ سفر هڪ ٻيو مرحلو هو ۽ پوءِ انهن سڀني همراهن سان لڳاتار رابطو، جن هن سفر جي دعوت ڏني هئي ۽ پنهنجي دل کولي ڀليڪار ڪئي. پر قدرت سدائين جيان مهربان هئي، رڪاوٽون پاڻمرادو هٽنديون ويون، رستو سولو ٿيندو ويو، نيٺ مقرر تاريخ اچي سهڙي، الل وهاڻي ٽين بجي، لاهور ايئرپورٽ جا صبر سان سهڻ وارا مرحلا به ذهن ۾ هئا، پر اهي مرحلا ذوالفقار چوڌري حل ڪري ڇڏيا. پي.آءِ.اي جو پنهنجائپ وارو ماحول، هلڻ ڦرڻ، وٺ پڪڙ ۽ ايندڙ ٻاويهه ڪلاڪ سفر جا هئا. ستن سمنڊن جو سفر رڳو ٻاويهن ڪلاڪن ۾، پهريون ڊاٻو مانچسٽر ۽ ايندڙ نيويارڪ هو. جهاز ۾ ويٺل لڳ ڀڳ سڀ مسافر پاڪستاني هئا. ٻار، ٻڍا، جوان ۽ زائفائون. انهن مان گهڻائي جو وطن هاڻ يا ته برطانيا هو يا وري آمريڪا. پاڪستان هاڻ سندن وطن نه رهيو هو. ڪجهه حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه ڇڏڻو به پوي ٿو. ڪولمبس جيڪڏهن پراڻي دنيا نه ڇڏي ها ته نئين دنيا ڪيئن ڳولهي لهي ها. فضائي عملي جي ڦڙتي ساراهه جوڳي هئي، جيڪي انهن سڀني جي سڏ ۾ سڏ ڏيئي رهيا هئا. جهاز جيئن ئي هوائن جي آڌار اڏاڻون ته آئون هڪ وک پوئتي هٽيس ۽ ماضيءَ ۾ گم ٿيڻ لڳس، ماضي جيڪو ماءُ جي هنج جيان سدائين پنهنجي هنج ۾ وٺي ٿو لائي. اخوت جي ساروڻين جو ڄڻ ميلو مچي ويو. وقت اسان کي اڳتي وٺي پي ويو ۽ ساروڻيون پويان- آسپاس ويٺل هيترن سارن ماڻهن کي وساري پنهنجو پاڻ ۾ گم ٿيڻ به هڪ سرشاري آهي. ان سرشاري جو نانءُ ”اخوت“ آهي.


    1.3 هن ناڻي واڌ نظام کي هاڻ برباد ٿيڻ گهرجي

    اها 2000 جي ڳالهه آهي. آئون انهن ڏينهن ’پنجاب رورول سپورٽ پروگرام‘ لاهور ۾ ڪم ڪندو هئس. رورل سپورٽ پروگرام، ڳوٺاڻي ترقي جو اهڙو تصور آهي، جنهن کي ڪيترن ئي ڏاڪن جي محنت کانپوءِ عملي شڪل ملي. ان ڪارنامي جا موڙ جن ماڻهن جي مٿي تي ٻڌڻ گهرجن، انهن ۾ ٻه نالا مٿانهان آهن: اختر حميد خان ۽ شعيب سلطان. انهن جون ڪوششون ۽ ڪاوشون ۽ ان کان اڳ سڄي دنيا ۾ امداد باهميءَ جي هڪ ڊگهي جاکوڙ ان تصور جي شڪل وٺي ظاهر ٿي. پي.آر.ايس. پي. جو هڪ اهم ڪم ننڍن قرضن جو ڏيڻ هو ته جيئن ماڻهو ان جي مدد سان ڪو ڪاروبار ڪري، غربت مان نڪري پنهنجن پيرن تي بيهي سگهن. اهو هڪ غير معمولي ڪم هو ته ماڻهن کي مُوڙي ڏيئي کين چئجي ته وڃو وڃي ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪريو. غربت جي زنجير ايتري سگهاري نه آهي، جيڪا ٽٽي نه سگهي، پر اُن نظام ۾ هڪ خرابي هئي، سا اها ته انهن قرضن تي ويهه سيڪڙي کان به وڌيڪ سروس چارجز وصول ڪئي ويندي هئي. ان سان ملندڙ جلندڙ ڪجهه ٻين پروگرامن ۾ ته سروس چارجز جو سيڪڙو ٽيهن، چاليهن يا پنجاهه کان به وڌيڪ هوندو آهي. ننڍن قرضن جي ڪاميابيءَ جو تمام وڏو رستو آهي. پر سروس چارجز جي ڳري شرح تي ڪيترن ئي ماڻهن کي اعتراض هو. دنيا جي هر اخلاقي نظام ۽ مذهب ۾ وياج جي جنهن سختيءَ سان منع ڪئي ويئي آهي، ان کان ته پاڻ چڱي طرح واقف آهيون. غريبن کي قرض ضرور ملڻ گهرجي ته جيئن هو ڌنڌو ڌاڙي ڪن ۽ غربت جي ڄار مان نڪري سگهن، پر اهو قرض ”قرض حسن“ هجي، ان ۾ مالي مفاد جي بدران ايثار ۽ قرباني جو عنصر هجي. پي.آر.ايس.پي ۾ رهي اهو احساس ٿيو ته دنيا هڪ ظالماڻي معاشي نظام جي تابع آهي. هڪ شاهوڪار همراه قرض کڻي ٿو ته اهو ڏهه يا ٻارهن سيڪڙي وياڄ تي ۽ جي هڪ غريب ماڻهو قرض کڻي ٿو ته ٽيهه يا چاليهه سيڪڙي تي، جيتوڻيڪ شاهوڪار همراهه جو قرض وڌيڪ دولت ٺاهي ٿو ۽ غريب ماڻهو جو قرض کيس ٻه گرهه مَس مهيا ڪري ٿو. هن جو ٻارڙو اسڪول ويندو، مٿي تي ڇت اڏبي، ٻڍڙن مائٽن کي دوا ملندي، ڇا ڪو اهڙو نظام جُڙي نٿو سگهي، جنهن ۾ غربت جي محنت جو ڦل ان جي ئي جهوليءَ ۾ پوي. اسان جي سَپنن جي ساڀيان ڪنهن ٻي جي ڀاڳ ۾ ڇو لکي وڃي ٿي. اخوت ان ئي ڇڪتاڻ جو نتيجو هئي. هڪ اهڙي سماج جي اڏاوت، جنهن ۾ محرومي ۽ پرماريت نه هجي. لالچ، جوف ۽ لوڀ جي جاءِ تي قرباني ۽ ايثار جو جهنڊو جهولي. انهن ئي ڏينهن ”گرامين بئنڪ“ جي باني ڊاڪٽر محمد يونس سان ڳالهين مُهاڙين جو موقعو مليو. ڊاڪٽر يونس جو ڳاڻيٽو انهن ماڻهن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي تاريخ جو رخ موڙڻ جي صلاحيت رکن ٿا. مون سندس خدمتن جي مڃتا کانپوءِ سندس ڌيان ننڍن قرضن تي وٺجندڙ سروس چارجز ڏانهن ڏياريو ته کيس اها ڳالهه نه وڻي، سندس چوڻ هو ته جيڪي همراه مائيڪرو فنانس تي سروس چارجز تي اعتراض وارين ٿا، سي مائيڪرو فنانس کي سمجهي نٿا سگهن. جيڪڏهن کين غريبن سان ايتري ئي همدردي آهي ته هو پاڻ ڪو اهڙو نظام جوڙي ڏيکارين، جيڪو وياڄ کان آجو هجي. آئون ادب جي تقاضائن کان واقف هئس، تنهنڪري مُرڪي ماٺ ٿي ويس. البت ان ڳالهه ٻولهه مان هڪ اهڙو نظام جوڙڻ جي ارادي ۾ اڃا به واڌارو ٿيو، جيڪو وياڄ کان پاڪ هجي. ڳولا ۽ جاکوڙ بند ڪڙن کي کولي ٿي. سوچ ويچار شروع ٿي ته رستا کلندا ويا، منزل سولي ٿيندي ويئي. شرط ته رڳو سفر جو آهي.


    1.4 اسين نون ارادن سان صبح جي شروعات ڪريون ٿا

    اخوت جي شروعات مارچ 2001ع ۾ بي حد نهٺائي، نوڙت ۽ ماٺ مٺيءَ ۾ ٿي. قرض، اهي به وياج کانسواءِ ۽ وري مسجد ۾ ويهي ڏيڻ. خدمت کي ڌنڌو ڪرڻو ڪونهي، پاڻ پڏائڻ کان پري رهڻ، ڌارين کان ڪجهه به نه وٺڻ، هر اصول مختلف، هر ڳالهه اُبتي.
    انوکھی وضع ہے سارے زمانے سے نرالے ہیں،
    یہ عاشق کون سی بستی کی یا رب رھنے والے ہیں۔
    مائڪرو فنانس جو مشهور ماهر ميلڪم هارپر، لنڊن مان خاص سيڙجي اهو ڏسڻ آيو ته اسين ”مائيڪروفنانس“ جي نالي تي ڇا پيا ڪريون. جڏهن هو مسجد ۾ پهتو ۽ ان نظام کي ڏٺائين ته چوڻ لڳو: مونکي حيرت ان ڳالهه جي ڪونهي ته ”اخوت“ مائيڪرو فنانس جي لاڳو اصولن کي ٽوڙيو آهي. پر حيرت اها اٿم ته ان هوندي به اها ڪاميابيءَ ڏانهن وڌي رهي آهي. ان ڳالهه کي يارهن سال گذري چڪا آهن، اڄ ”اخوت“ ان هنڌ تي آهي، جو ان جا پڙاڏا هارورڊ يونيورسٽي ۾ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. ايثار ۽ قرباني، جذبي ۽ ولولي ۽ روايتن جو خوبصورت استعارو، پر اهو سڀ ڪجهه ڪو ائين ته نه ٿيو آهي.
    آئون پٺيان مُڙي ڏسان ٿو ته گهڻو ڪجهه ياد ٿو اچي. ڪيترائي يار دوست، حريف، ساٿي ۽ سڏ ۾ سڏ ڏيندڙ، ان مان گڏ ڪجهه عجب جهڙا واقعا پڻ. چنيوٽ جي اها رنڙ عورت، جنهن جا لکين روپيا وياڄ جي بلي ٿي ويا ۽ سندس آخري سهارو سندس گهر به وياڄ خورن جي حوالي ٿيڻ وارو هو. لنڪ ماڊل ٽائون روڊ تي ڦوڪڻا وڪڻندڙ اهو همراه، جنهن جو واسطو ”حافظ آباد“ سان هو، قرض وٺي سدائين جي لاءِ گم ٿي ويو. ”ڪوٺا پنڊ“ وٽ ”مُلواري پراٺا هائوس“ جو ڪيپٽن، جيڪو ڀيڻ جي شادي جو ڏٽو ڏيئي قرض وٺي اهڙو ته ويو جو وري واپس نه وريو، پرنٽنگ پريس جو نابينا حافظ صاحب، جنهن گهرجي مسواڙ ڏيڻ جي بهاني ڳچ رقم ورتي ۽ وري واپس نه ڪئي. شاد باغ جي اها رهاڪو عورت، جنهن ڪاروبار جي نالي مدد گهري ۽ پوءِ انهن پئسن مان ٽڪيٽ خريد ڪري جرمني پهچي ويئي. اهڙا ۽ ان قسم جا ڪيترائي واقعا، اُن سفر ۾ سکڻ جو هڪ ڊگهو عمل هو.

    اک عمر چاھی کہ گوارا ہو نیش عشق،
    رکھی ہے آج لذت زخم جگر کہاں۔


    1.5 پهريون ڏينهن

    اهو پهريون ڏينهن!
    جڏهن ”اخوت“ جي ڪابه آفيس ئي نه هئي. لاهور جنرل اسپتال جي پويان هڪ غريب ڪچي وستي ”رسول پارڪ“ جا ٽٽل، گپ هاڻا ۽ ڌڌڙ سان ڀريل رستا ئي اسان جي آفيس هوندا هئا. پي.آر.ايس.پي. جي آفيس ۾ ڪاٺ جي اها ننڍڙي ڪيبن به نٿي وسري، جنهن ۾ ڏيڍ سال تائين اخوت جو اسٽاف ڪم ڪندو رهيو ۽ پوءِ اهو ڏينهن به ياد اٿم، جڏهن اسين سج جي اُس کان بچڻ جي لاءِ هڪ مسجد ۾ گهڙياسين ۽ مسجد اسان کي اهڙي نموني هنج ۾ ورتو، جو اتان کان اسان جي واپسي جو هر رستو بند ٿي ويو. امام صاحب وڏي اُڪير مان چيو ”هائو! خدمت جو اهو ڪم ته مسجد ۾ ئي ٿيڻ گهرجي.“ ائين مسجد اخوت جي نظام ۽ ڪردار جو حصو بنجي ويئي.
    هوائي ميزبان چانهه پيش ڪئي ته خيالن جو سلسلو ڪجهه گهڙين جي لاءِ ٽٽي پيو، پي. آءِ.اي. پنهنجي سڀني ڪمزورين جي باوجود خدمت جي روايتن کان پري نه ٿي آهي. شائستگي جو پنهنجو جادو آهي. هيڏانهن چانهه ختم ٿي، هوڏانهن يادن جو سلسلو ٻيهر جڙي ويو. اخوت جي شروعاتي ڏينهن جو هڪ ساٿي ”رسول پارڪ“ جو رهاڪو ”باغ مسيح“ ياد اچڻ لڳو، باغ مسيح ۽ سندس سڄو ڪٽنب اخوت جي يادن جو هڪ اهم موڙ آهي. هن جي گهر ۾ ٻير جو هڪ وڻ هو، جنهن جي ڇانوري ۾ اسان ڪيترا ڀيرا اچي پناهه ورتي. ٻنپهرن جي اُس ۽ لُڪ جون ٿڦڙون، اتي ئي ويهي غربت جي ڪيترن ئي پاسن جو ڳجهه ظاهر ٿيو، لڙڪ، آهون، سڏڪا، پيڙا ۽ ڏک- سڀ وڻ گيان ڏيندا آهن، پوءِ ڀلي اهي بڙ جا وڻ هجن يا ڪي ٻيا- ٻير جو اهو وڻ سدائين ياد رهندو. باغ مسيح هڪ بهترين سماجي ڪارڪن هو، جنهن اسان جو ڪيترن ئي غريب گهراڻن سان تعارف ڪرايو. جڏهن غربت جي ڳالهه عام ٿي ته واهرو به اچي وريا. شروع ۾ ٻن ٻن لکن جا ٻه عطيا مليا ته خوشيءَ سبب ڪپڙن ۾ ئي نه ٿي ماپياسين، ائين لڳو ڄڻ سڄي جڳ جهان جا خزانا ملي ويا هجن. اهي 2001ع ۽ 2002ع جا تاريخ ساز سال هئا. انهن سالن ۾ اخوت جا رڳو ٻه ملازم هئا. سڀني کان پهرين ريحان ۽ پوءِ تبسم، هاڻ اهي ٻيئي اسان سان گڏ نه آهن. ان دوران شهزاد، طبيب، آفتاب، شاهد ۽ سجاد آيا. انهن کي ڪم سمجهائڻ ۾ وڏو وقت لڳو. سهيل اعواڻ ۽ سعيد پي.آر.ايس.پي. جا تجربي ڪار ملازم هئا. اهي به اخوت جا رضاڪار بنجي ويا. ڪوميلا، اورنگي، آر.ايس.پي، گرامين، براڪ، آسا، فِنڪا، پراشيڪا، سڄي دنيا جي ادارن کي پڙهي، پوءِ مقامي گهرجن کي سمجهي، نوان نوان تجربا ڪياسين. ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪرڻو هجي ته ڪتابن مان نه پر خود انهن مان ئي سکڻون پوي ٿو.
    ڪم وڌڻ لڳو ته ڪاٺ جي ڪيبن ننڍي لڳي، ٽائون شپ ۾ موجوده هڪ مسجد وٽ هڪ گهر جو هيٺيون حصو مسواڙ تي ورتو ويو. ان زماني ۾ مون پي.آر.ايس.پي. تان استعفيٰ ڏني ۽ ان گهر جي ٻن ڪمرن مان هڪ ڪمرو منهنجي آفيس بنجي ويئي. ان آفيس ۾ ڪوبه ٺٺ ۽ ٺانگر، ڪو رعب يا دٻدٻو نه هو. هو ته رڳو هُل، ڌوڙ ۽ مٽي هئي. مونکي ياد آهي ته ڪجهه ”وڏا ماڻهو“ مون سان اُت گڏجڻ آيا ته هو مونکي رحم جي نگاهن سان ڏسڻ لڳا. هنن ڪڏهن منهنجي عقل جو ٿي روئڻون رنو ته ڪنهن مهل وري منهنجي حالت تي افسوس جو اظهار ٿي ڪيو. ڊسٽرڪٽ مئنيجمينٽ گروپ جي هڪ اڳوڻي آفيسر کي اٺ فوٽ ويڪري ۽ ڏهه فوٽ ڊگهي سنواريل ڪمري ۾ ڀڳل ٽٽل ڪرسيءَ تي ويٺل ڏسي، هنن کي افسوس ئي ٿيڻون هو، پر الله جا لک شڪر آهن، جو هاڻ اهي ئي همراه منهنجي ان فيصلي کي تاريخ ساز سڏين ٿا.


    1.6 ڇا زندگي ڪنهن مفلسيءَ جو چولو آهي؟

    ساروڻين جي ڳڙکي کلي ٿي ته پوءِ بند نٿي ٿئي. مون کي ياد آيو ته اخوت جي پهرين آفيس ۾ جيڪو فرنيچر رکيو ويو هو، اهو گهٽ ۾ گهٽ ويهه سال پراڻو هو. جڏهن آئون گهران هڪ پراڻي ڪرسي، صوفو ۽ ميز کڻي رهيو هوس ته منهنجي امڙ جي اکين ۾ هڪ عجيب سوال هو ته ”نوڪري ته ڇڏي ڏنئي، هاڻ ڇا هن ڪرسيءَ تي ويهندين؟“ هوريان هوريان محسوس ٿيو ته هيءَ ڪرسي به گهڻي جڳهه والاري ٿي. ماڻهن کي ويهڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي ۽ ڪرسيءَ ۾ شان به آهي، جڏهن اخوت ته سادگي جي تقاضا ٿي ڪري. ڪنهن چيو ته ڪرسيءَ کانسواءِ به ته ڪم ٿي سگهي ٿو ته پوءِ فرشي نشست جو اصول اختيار ڪيو ويو. چٽائي، دري، گاديلا ۽ وهاڻا. ڀت مان چُن ڇڻي ڪرندو هو، تنهن ڪري اُت سر هنئي ويئي. ان ٽٽل ڦٽل آفيس ۾ ڪيترائي نالي وارا ماڻهو آيا. مشهور سماجي ڪارڪن حاجي انعام الاهي، جسٽس نسيم حسن شاهه، ڪالم نگار توفيق بٽ ۽ جاويد چوڌري، شاعر منير نيازي، دانشور مجيب الرحمان شامي. اهائي هيڊ آفيس هئي ته اهائي برانچ آفيس پڻ. پشاور مان ايندڙ محمد سعيد ڊگهي عرصي تائين مالي معاملا ڏسندو رهيو. شروع ۾ سمورو ڪم عورتن کي جٿن جي صورت ۾ منظم ڪري ٿيندو هو. هر جٿي ۾ ڏهه عورتون هونديون هيون ۽انهن مان هر مهيني ٻن عورتن کي قرض پيش ڪيو ويندو هو. انهن ئي جٿن ۾ اها عورت به هئي، جنهن کي پهريون يا ٻيو قرض مليو ۽اها هڪ استعارو بنجي ويئي. عورتن جي انهن جٿن جا نالا به ڏاڍا سهڻا هئا. اهي نالا عام طور تي عورتن جي جذبن ۽ شوق جي عڪاسي ڪندا هئا. ڪيترائي نالا مونکي اڃا تائين ياد آهن. همت، نفيس، عوامي، سدره، گلشن، انمول، خوشبوءِ، اقراء، باغ، توحيد، ستاره، بسم الله، مريم ۽ مقدس. هر نالو عورتن جي پنهنجن پنهنجن جذبن جو لقاء هو. تمام جلد پندرهن جٿا بنجي ويا ۽ هر مهيني ٽيهه قرض جاري ٿيڻ لڳا. ڏهن ڏهن هزارن جا ٽيهه قرض- مهيني جي آخري ڏينهن ۾ اهو خدشو ورائي ويندو هو ته ايڏي وڏي رقم جو ڪيئن بندوبست ٿيندو، پر ائين ڪڏهن به نه ٿيو ته انهن قرضن جو بندوبست نه ٿيو هجي. هر شيءِ بلڪل پنهنجي وقت تي ٿيندي هئي. اسان کي جلد ئي خبر پوڻ لڳي ته اسين ته رڳو ورهائڻ جو هڪ وسيلو آهيون، ڏيڻ وارو ته ڪو ٻيو هو.
    پهرين هڪ سئو قرضن کانپوءِ ”پنج عورتون، پنج ڪهاڻيون“ جي نالي سان هڪ ڪتابڙو لکيو ويو. ان ۾ هڪ ڪهاڻي حاڪم بي.بي جي هئي. حاڪم بي بيءَ جيڪو ڪجهه ٻُڌايو، ان ڪيترن ئي ماڻهن کي رئاڙي ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته منهنجي عمر ستر سالن کان به وڌيڪ آهي. آئون شگر ۽ هاءِ بلڊ پريشر جي مريض آهيان. منهنجي مڙس جي ماهوار پينشن ڇهه سو روپيا آهي، ايتري پينشن ۾ جيئرو رهڻ ڪيترو نه ڏکيو آهي، ان جو اندازو لڳائڻ ڪو ڏکيو ڪونهي. اسين ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺان واڻ ۽ پيش گهرائي وڪڻندا هئاسين، ائين ٻه ٽي واڌو ڏوڪڙ هٿ اچي ويندا هئا. زندگي جا ڏينهن ڏاڍا ڏکيا پي گذريا، جو هڪ ڏينهن ڪنهن مونکي ٻڌايو ته ڪجهه ماڻهو عورتن جي مدد ڪرڻ چاهين ٿا، اهي ماڻهو بنا وياڄ جي قرض پيا ڏين، جيڪو هڪ سال جي اندر واپسيءَ جوڳو هوندو. آئون عورتن جي هڪ گروهه ۾ شامل ٿي ويس، جنهن جو نالو ”اقرا“ هو ۽ مونکي ايندڙ مهيني ڏهه هزار روپيا ڏنا ويا. مون مٿين شين کانسواءِ ڳوٺان مرچ گهرائي پيهڻ شروع ڪيا. پيش، واڻ ۽ مرچ وڪامڻ لڳا ۽ منهنجي گهر جون حالتون سڌرڻ لڳيون. پاڙي جا دوڪاندار ۽ ضرورتمند پاڻ اچي اهي شيون وٺي ويندا هئا. ان ڪاروبار مان نه رڳو قرض جي قسط پئي ڏيان، پر گهر جي خرچ پکي ۾ پڻ مدد ڪري رهي آهيان. صحت گهڻي ڪم جي موڪل نٿي ڏي، پر آئون سمجهان ٿي ته اڳيان وڌڻ ئي زندگي آهي. ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ محنت ته ڪرڻي ئي پوندي. منهنجي عمر ستر سال آهي، منهنجو مڙس اسي سالن جو آهي، پنڻ تي دل نٿي چوي. هن اداري جا ماڻهو ڪيترا نه ڀلا آهن، جن ٻڌايو ته پنهنجو بار کڻڻ ئي زندگي جو معراج آهي. الله تعاليٰ انهن ماڻهن کي سدائين خوش رکي. اها ڪهاڻي هئي يا دعا، نيويارڪ ڏانهن ويندي هزارين فوٽن جي مٿاهينءَ تي مونکي ان عورت جو گُنجهيل منهن ياد آيو، جنهن جي چوڌاري نور جو هڪ دائرو پکڙيل هو. آئون دريءَ مان ٻاهر ڏسڻ لڳس. نيرو آسمان، جهومندڙ ڪڪر، يا خدا! تنهنجي هن دنيا ۾ ڪجهه ماڻهن تي زندگي ايتري ڏکي ڇو آهي.


    1.7 مواخات (ڀائپي) جو سبق ۽ پهريون قرض

    جهاز جي درين تي پردا سرڪايا ويا، همسفر سمهڻ لڳا، ڪي موسيقيءَ ۾ گم هئا ته ڪي خوابن ۾. يادن جي هڪ ٻي ڳڙکي کُلي، اخوت جي شروعاتي سفر جي هڪ هڪ وک، هڪ هڪ موڙ منهنجي سامهون هو. پهرين ستن سالن جي دوران ننڍا ننڍا عطيا گڏ ڪري، اخوت ڪُل ست ڪروڙ روپيا قرض ڏنو هو ۽ اڄ ان کان ٻيڻي رقم هر مهيني پيش ڪئي وڃي ٿي. ڪجهه هزارن کان ڪيترن اربن تائين، ڇا اهو الله تعاليٰ جي نعمت جو دليل ڪونهي.
    اخوت جو سڄو فلسفو، اصول ۽ طريقيڪار، اهو سڀ هڪ وڌڻ جو عمل هو. ان ٻوٽي جيان جنهن تي روز نوان سلا ڦٽن ٿا. ان تصور جو اصل سرچشمون ’مواخات مدينه‘ جي اها عظيم روايت آهي، جنهن جي شروعات چوڏهن سئو سال اڳ اُن وقت ٿي، جڏهن مسلمانن کي مڪي مان وطن بدر ٿيڻو پيو. هجرت جو اهو سفر ۽ تڪليفون سهي، جڏهن ماڻهو مديني پهتا ته هٿين خالي هئا. مديني جا رهاڪو کين پنهنجي گهرن ڏانهن وٺي ويا ۽ چوڻ لڳا ته اسان وٽ جيڪو ڪجهه موجود آهي، اڄ کان ان مان اڌ اوهانجو ۽ اڌ اسان جو. مواخات (ڀائپي/ ڀائيچاري) جو اهو رشتو هڪ شاندار روايت جي شروعات هئي. پر اسان ان کي هڪ واقعو سمجهي تاريخ جي ڪتابن تائين محدود ڪري ڇڏيو. اڄ اسان اخوت جي ذريعي مواخات جو اهو ئي عمل ورجائڻ ٿي چاهيو. اسان جي وس ۾ جيڪڏهن ٻه مانيون آهن ته هڪ يا اڌ ماني ان شخص کي ڏيون، جنهن کان هو محروم آهي، اهو ئي احساس اخوت جي قيام جو بڻياد بنيو. مذهب کان اُڌارو ورتل اهو اصول انهن ماڻهن جي لاءِ به آهي، جيڪي مذهب کان پري آهن. اسين مذهبي آزادي ۽ رواداريءَ جي اصول تي پورو يقين رکون ٿا.
    اخوت جي عالمگير فلسفي کي سمجهڻ کانپوءِ اهو سوال اُٿيو ته اخوت جي عملي شڪل ڪهڙي هوندي. گهڻي سوچ ۽ ويچار کانپوءِ اسين ان نتيجي تي پهتاسين ته هڪ حيثيت رکندڙ گهراڻو، ڪنهن ڪمزور ڪٽنب جي ٻن طريقن سان مدد ڪري سگهي ٿو. يا ته اها مدد خيرات جي صورت ۾ ٿي سگهي ٿي يا قرض جي شڪل ۾، خيرات جي نتيجن کان اسين چڱي طرح واقف هئاسين، ان مان بي وسي ۽ بي توقيري جو احساس ٿيو ٿي، تنهنڪري اسان جي چونڊ قرض طرف ويئي. اتان کان اسانجو ’قرض حسن‘ طرف ٿيو، جنهن جو مطلب اهو آهي ته هڪ اهڙو قرض، جنهن تي ڪنهن به نموني وياڄ يا فائدي جو شرط لاڳو نه هجي. اخوت جي شروعاتي قرضن مان هڪ قرض ’رسول پارڪ‘ نالي ڪچي آبادي جي رهاڪو هڪ رنڙ عورت کي مليو. ان عورت جو چوڻ هو ته سندس مڙس جي وفات کانپوءِ گهر جون سڀئي ذميداريون سندس ڪلهن تي آهن، هوءَ انهن ذميدارين کي نباهڻ ٿي چاهي، پر کيس پنڻ جو رستو منظور نه هو. سندس حالتن جي تصديق کانپوءِ کيس ڏهه هزار روپيا ’قرض حسن‘ طور ڏنا ويا. جنهن مان هن سلائي جون ٻه جديد مشنيون ورتيون، ان عورت ۽ سندس ڌيئرن نه ڪشڪول کنيو ۽ نه ئي وري خيرات گهري، بس ڏينهن ۽ رات محنت ڪئي. ايندڙ ڇهن مهينن ۾ ان بهادر عورت انهن مشينن جي آمدني مان پنهنجي گهر جي خرچن جو پورائو ڪيو، هڪ ٻارڙي جي شادي ڪئي ۽ قرض به ادا ڪري ڇڏيو. اهو قرض غربت جي بنجر سرزمين تي مينهن جو پهريون ڦُڙو هو. ان قرض اُن احساس کي اڃا به اونهون ڪري ڇڏيو ته هزارين باعزت گهراڻن جي ائين به مدد ڪري سگهجي ٿي. جهاز پُرسڪون انداز ۾ اڳيان وڌي رهيو هو. اوچتو هڪ جهٽڪو لڳو، شايد ڪو ايئر پاڪٽ هو، ڪيترن جون اکيون، پٽجي ويون، ڪيترائي ماڻهو بي چين ٿيڻ لڳا. غريبن کي ته روزانو اهڙا جهٽڪا لڳندا ٿا رهن، پر هو نه بي چين ٿين ٿا ۽ نه ئي وري هنن جي اک ٿي کلي. اخوت جو هڪ ڪم غفلت مان سجاڳ ڪرڻ به آهي.


    1.8 مسجد هجي يا مدرسو يا وري خانقاهه

    اخوت هوريان هوريان اڳتي وڌڻ جي سڃاڻپ آهي. مواخات جي فلسفي تي قائم اُن اداري جا پنج اصول آهن. پهريون اصول وياڄ کان پاسو، ٻيو اصول مسجد ۾ ويهي ڪم ڪرڻ، ٽيو اصول رضاڪاراڻي نموني ڪم ڪرڻ، چوٿون اصول اهو پيغام آهي ته اڄ جي وٺندڙ کي سڀاڻي جو ڏيندڙ بنجڻون آهي. پنجون اصول مذهبي آزادي ۽ رواداريءَ بابت آهي. اخوت جون ڪجهه سرگرميون مسجد يا ديوار جي اندر ته ڪجهه وري ٻاهر پوريون ٿين ٿيون. اسلامي معاشري ۾ مسجد فيض جو سرچشمون به آهي ته هدايت ۽ نصيحت جو مرڪز به، خود احتسابي، سادگي، ڪفايت شعاري، وقت جي پابندي ۽ برابري. مسجد ۾ اهو ڪجهه نه پر ٻيو به گهڻو ڪجهه آهي. ائين ترقي جو عمل اُن وقت تائين ممڪن ڪونهي، جيستائين ان ۾ معاشري جا سڀ پرت شامل نه هجن. سهڪار، شفافيت ۽ احتساب، مسجد اسان کي گڊ گورننس جا هڙئي اصول سيکاري ٿي، پر افسوس، جو اسين ان اداري کي غربت جي خاتمي جي لاءِ استعمال نٿا ڪريون. مسلڪ يا فقهه جي اسان وٽ ڪا به پابندي نه آهي. اسان جي نظر ۾ مسجد الله جو گهر آهي ۽ الله جي گهر کي ڪوبه تعصب جي نظر سان نٿو ڏسي سگهي. اخوت جون آفيسون هر فقهه جي مسجدن ۾ قائم آهن. جيئن مديني ۾ مواخات (ڀائيچاري) جو مظاهرو هر قسم جي فرق/ويڇي کان هٽي ڪري ٿيو هو، تيئن اسين به ڪنهن به قسم جي متڀيد کي جائز نٿا سمجهون، اسين مسجدن کانسواءِ ديولن ۽ گردوارن کي به خلق جي خدمت جي ان ڪم لاءِ استعمال ڪرڻ ٿا چاهيون. لاهور جي هڪ مشهور ديول ۾ اسان اهو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي. اسان کان اڪثر هڪ سوال پُڇيو ويندو آهي ته ڇا عورتون ۽ ٻين مذهبن کي مڃيندڙ مسجد ۾ اچي سگهن ٿا. اسان جي تحقيق اها هئي ته شرعي تقاضائن جي احترام کانپوءِ عورتن کي مسجد ۾ اچڻ جي موڪل آهي. سڀني کان سڳوري مسجد، مسجد نبوي آهي، جيڪڏهن عورتون اُتي نماز پڙهي سگهن ٿيون ته ٻين مسجدن ۾ ان جي منع ڇو آهي؟ پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم مخصوص حالتن ۾ ته عيسائين کي به مسجد ۾ عبادت ڪرڻ جي موڪل ڏني هئي. پنهنجي دل جا دروازا بند ڪري ڇا اسين ڪنهن ٻي دل جا دروازا کولي سگهون ٿا. اخوت جو فلسفو اسلامي اصولن تان ورتو ويو، پر ان جو دائرو رڳو مسلمانن تائين محدود نه آهي.


    1.9 سونهن سان ايڏي ته ٽُٻ آهين

    خيالن جو اهو سلسلو ان مهل ٽٽو، جڏهن ماني کڄي آئي. آزمودگار ميزبان ۽ وطن جي خوشبوءِ سان ٽٻٽار لذيذ ماني، هڪ ڀيري هڪ دوست چيو هئم ته آئون پي.آءِ.اي ۾ رڳو ان ڪري ٿو سفر ڪريان، جو مونکي ان جي برياني سٺي لڳندي آهي. مونکي اهي پراڻا سفر ياد اچڻ لڳا، جيڪي مون پي.آءِ.اي ۾ ڪيا هئا. 1993ع ۾ پرڏيهه جو اهو سفر جڏهن آئون پهريون ڀيرو آمريڪا پهتس، اُن ڏينهن منهنجي منزل واشنگٽن هئي، جتي مونکي آمريڪن يونيورسٽي ۾ هڪ سال گذارڻو هو، اهو عرصو ٻن سالن تائين پکڙجي ويو. آمريڪن يونيورسٽي ۾ منهنجو پهريون سال ’هيو برٽ همفري‘ فيلوشپ پاران اسپانسر ڪيل هو. آمريڪا جي هڪ مشهور سينيٽر جي نالي سان شروع ڪيل ان فيلوشپ تحت سڄي دنيا مان چونڊ ماڻهن کي هڪ سال جي لاءِ آمريڪا گهرايو ويندو آهي ۽ انهن جي بهترين ادارن ۾ سکيا ٿيندي آهي. ان سال پاڪستان مان مون سان گڏ عارفه صبوحي هئي، جيڪا پاڪستان جي پهرين عورت ڊپٽي ڪمشنر بڻي ۽ ٻيو اظهر عباس چونڊيو ويو. هڪ سال جي فيلوشپ کانپوءِ اسان کي واپس موٽڻو هو. پر مونکي اتي ’هال آف نيشنز اسڪالرشپ‘ جي آڇ ٿي ۽ آئون وڌيڪ هڪ سال جي لاءِ ٽِڪي پيس. ’هال آف نيشنز اسڪالرشپ‘ به هڪ اعزاز هو. گذريل ڇائيتاليهن سالن ۾ آئون پهريون پاڪستاني هئس، جنهن کي اهو اعزاز مليو هو. ائين مونکي پبلڪ ايڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرز جي ڊگري مڪمل ڪرڻ جو موقعو مليو. آمريڪن يونيورسٽي جي پهرين ساروڻي ايپرل April هئي. سونهن سان ٽٻٽار، پنهنجي نالي جيان سهڻي، ڪجهه ماڻهو واقعي اهڙا هوندا آهن، جيڪي ڏسڻ سان ئي دل ڌڙڪڻ وساري ڇڏيندي آهي، مصطفيٰ زيدي هروڀرو ته نه چيو آهي:
    کس کو دیکھا ہے پندار نظر کے با وصف،
    اک لمحے کیلئے رُک گئی دل کی دھڑکن۔
    ايپرل جو ذڪر، بهارن جو ذڪر آهي. ڪجهه ماڻهو سهڻا هوندا آهن ته ڪجهه وري ڏاڍا سهڻا، پر جيڪي اُن کان به مٿانهان هجن ته انهن کي ڪهڙو نانءُ ڏجي. ايپرل جي ڳڻپ به اهڙن ئي ماڻهن ۾ ٿيندي هئي، جن لاءِ شاعري ڪئي وڃي ٿي. جهنڪار، جهرڻا، چنڊ، تارا، گيت، گُل ۽ خوشبوءِ سڀ ڪنهن هڪ شخصيت ۾ گڏجي وڃن ته شايد ڪي ٿورا ئي ان جي ويجهو پهچي سگهن. پر هوءَ شيءِ ئي اور هئي. پرهه ڦٽيءَ جي پهرين ڪرڻي جهڙي، جنهن کانپوءِ سُهائو ٿيندو آهي. رات جو پهريون تارو، جنهن کانپوءِ چنڊ جي چانڊوڪي وکربي آهي. مون جڏهن کيس ڏٺو ته ڪٿان کان هي شعر ٻُريو:
    پھلے اک شخص میری ذات بنا،
    اور پھر پوری کائنات بنا۔
    ايپرل هڪ شخص نه پر سڄي ڪائنات هئي... پهرين سيمسٽر جي دوران آئون کيس لئبرري ڪيفي ٽيريا ۽ ڏاڪڻين تي دوستن ۾ ويٺل ڏسندو هوس. ٻيو سيمسٽر شروع ٿيو ته مون کانئس پُڇيو ته هوءَ ڪهڙا ڪورس پئي کڻي ۽ ائين اسين ٻيئي هڪ ئي ڪلاس ۾ پهچي وياسين. آئون ان ڪلاس ۾ ڪڏهن به دير سان نه پهتس. مون اُن ڪلاس ۾ سڀني کان وڌيڪ مارڪون کنيون. اهي ته ننڍڙيون ڳالهيون آهن، کيس متاثر ڪرڻ جي لاءِ انسان ڪجهه به ڪري سگهيو ٿي. اهو سيمسٽر ڏاڍي تيزيءَ سان گذريو. گل ٽڙندا رهيا، وکرندا ۽ مُرجهائجندا رهيا، نيٺ سيمسٽر جو آخري ڏينهن اچي پهتو. مون کي لڳو ته اهو بهار جو آخري ڏينهن هو. ايپرل پنهنجي سيٽ تان اُٿي مون وٽ آئي ۽ چوڻ لڳي ”مونکي حيرت آهي ته هڪ پاڪستاني شاگرد آمريڪي تاريخ جي ڪورس ۾ مون کي پويان ڇڏي ويو.“ سندس اها حيرت منهنجي لاءِ انعام هئي. ماڻهو شايد ان ئي هڪ گهڙي کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشالا ڪاٽين ٿا. ايپرل جو اهو آخري سيمسٽر هو، هن جي ڊگري مڪمل ٿي چڪي هئي ۽ هو واپس فلوريڊا هلي ويئي ۽ ان سان گڏ اهي سمورا گُل به ساڻس گڏ هليا ويا. فلوريڊا کي چمڪندڙ سج جي رياست Sun Shine State چئبو آهي. مونکي پڪ آهي ته اهو سج ساڳئي نموني چمڪندو هوندو. ايپرل ته هئي ئي اهڙي.


    1.10 ڪندو ياد مون کي هي سارو زمانو

    آمريڪا جي منهنجي ٻي اهم ياد ’روزا پارڪس‘ هئي. ٻي آمريڪي عورت، جنهن منهنجي دل تي چَٽ ڇڏيا. اهي چٽ ڪجهه ٻي قسم جا هئا. مظلوم پر بهادر ’روزا پارڪس‘ مونکي ٻڌايو ته احتجاج ڪيئن ڪبو آهي ۽ ظلم جي سامهون سينو ساهڻ جي معنيٰ ڪهڙي آهي. اهي نقش وڌيڪ اونها ۽ هميشه رهڻ وارا آهن. روزاپارڪس آمريڪا جي ناليوارين شخصيتن جي فهرست ۾ شامل آهي. هو بهادري ۽ جرئت جو هڪ مثال آهي. روزا پارڪس جڏهن ظلم جي خلاف جهڪڻ کان نابري واري، ته کيس اها خبر نه هئي ته سندس اهو انڪار انساني تاريخ ۽ انساني حقن جي تاريخ ئي بدلائي ڇڏيندو. ان ڳالهه کي ڪو گهڻو وقت به نه گذريو آهي. اهو ڊسمبر 1955ع جو واقعو آهي. آمريڪا جي جارجيا رياست جي رهاڪو ان ڪاري عورت کي رنگ ۽ نسل جي بنياد تي روزانو توهين وارو رويو برداشت ڪرڻو پوندو هو. ان ڏينهن به هوءَ گهر وڃڻ جي لاءِ هڪ بس ۾ چڙهي ته رستي ۾ ڪرڙيون نظرون سندس پيڇو ڪنديون رهيون. ڇا شڪست ۽ ٺوڪرون ئي سندس ڀاڳ ۾ لکيل آهن. ان بس جا ٻه حصا هئا، هڪ ڳورن جي لاءِ ۽ ٻيو ڪارن جي لاءِ. انهن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ ليڪ نڪتل هئي. روزاپارڪس ماٺ ڪري پنهنجي حصي ۾ وڃي ويٺي. ان وقت جي قانون موجب بس ۾ مسافرن جي تعداد وڌڻ جي حالت ۾ ڪارن کي پنهنجون سيٽون ڇڏي اُٿڻو پوندو هو. بس ۾ جڏهن ڳورن مسافرن جو تعداد وڌيو ته ڪنڊيڪٽر جي حڪم تي ٽي ڪارا پنهنجي جاءِ تان اُٿي کڙا ٿيا ۽ انهن سيٽن تي ڳورا ويهي رهيا. هاڻ روزاپارڪس جو وارو هو. ڪنڊيڪٽر ڏانهنس ڏٺو، پر هن اهو حڪم ملڻ جي باوجود به پنهنجي سيٽ ڇڏڻ کان انڪار ڪيو. روز روز جي بي عزتيءَ کيس ڄڻ چريو ڪري ڇڏيو هو. هن ڪاوڙ مان پُڇيو، ”ڇا آئون پنهنجي سيٽ رڳو ان ڪري ڪنهن ٻي کي ڏيان جو اُن جو رنگ ڳورو آهي.“ ڪنڊيڪٽر روزا کي ٻڌايو ته اهو انڪار قانون جي نظر ۾ ڏوهه آهي، ان ڏوهه ۾ کيس گرفتار به ڪري سگهجي ٿو. ”آئون جيل وڃڻ جي لاءِ تيار آهيان، پر ان ظلم جي سامهون جهڪنديس ڪونه.“ پوليس کي گهرايو ويو، روزا گرفتار ٿي. ڪجهه ڏينهن جيل ۽ چوڏهن ڊالرن جي سزا مليس. ان سزا سبب سڄي آمريڪا ۾ ماٺار ڇانئجي ويئي ۽ پوءِ ان سانت مان هڪ مزاحمت جنم ورتو، جيڪا انساني برابري جي تحريڪ جي پيڙهه جو پٿر بنجي ويئي. مارٽن لوٿر ڪنگ ان تحريڪ جو روح روان هو. اها مزاحمت ٽي سؤ ڏينهن تي ڦهليل آهي. ان دوران شهر جو هڪ به ڪارو بس ۾ نه چڙهيو. اهي ماڻهو نسلي متڀيد جي خلاف هلچل جو مهڙيون دستو بنجي چڪا هئا. هڪ ڊگهي آئيني ويڙهه، مظاهرا، مزاحمت، هنگاما، ڪيترائي صبر وارا مرحلا گذرڻ کانپوءِ نيٺ اها جدوجهد ڪاميابيءَ سان پُڄاڻي تي پهتي. بس جي اندر ڇڪيل ليڪ مٽجي ويئي. هاڻ ڪوبه ڪارو پنهنجي سيٽ ڇڏڻ جو پابند نه هو. هڪ ڪمزور عورت جي سامهون ظالماڻون قانون سَٽ سهي نه سگهيو. ”ظلم ايستائين ظلم آهي، جيستائين کيس للڪاريو نه وڃي.“ روزا پارڪس اهو چئي ظلم جي سڄي نفسيات کي پڌرو ڪري ڇڏيو.
    روزا پارڪس کي آمريڪا جي سڀ کان وڏي سول ايوارڊ سان نوازيو ويو. ٻن ڊزنن کان به وڌيڪ يونيورسٽين کيس ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري پيش ڪئي. ان مزاحمت ۽ انڪار هيڻن کي هڪ نئون حوصلو بخشيو. انڪار جي اها گهڙي سندس زندگيءَ جي سڀ کان روشن گهڙي هئي. اها گهڙي نه رڳو روزا جي زندگيءَ جي، پر آمريڪي تاريخ جي به روشن گهڙي هئي. مارٽن لوٿر وڏي فخر سان اها ڳالهه چئي. اهڙو ئي هڪ انڪار هڪ ڀيرو پاڪستان ۾ به ٿيو. ان ڏينهن جڏهن ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت جي جج، پرويز مشرف نالي هڪ آمر جو حڪم مڃڻ کان نابري واري. ان جي نتيجي ۾ به هڪ تحريڪ هلي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه ماڻهن کي جُهڪڻون پيو. جنهن انڪار ۾ اصلاح هوندي آهي ته اهو انڪار ڪنهن وڏي سچائيءَ جو نقيب هوندو آهي. اسان جي تاريخ جي ريگستان ۾ به جرئت جا گُل موجود آهن.
    مون ٻه ڀيرا روزاپارڪس سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي... هاڻ هو هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري چڪي آهي. سندس جسم مٽي جي مڻن هيٺان دٻيل آهي، پر مِٽيءَ ۾ ملي به هوءَ مٽي نه ٿي آهي. هوءَ احتجاج جي لازوال صدا آهي، جيڪا نسلي متڀيد جي ايوانن ۾ سدائين ٻُرائجندي رهندي.


    1.11: منهنجي محبت جو پيغام، جيستائين به پهچي

    ماني پوري ٿي، ٿانوَ کنيا ويا. سيٽون وري ڊگهيون ٿيڻ لڳيون. ايپرل ۽ روزا پارڪس، آئون انهن جي قيد مان آزاد ٿي هڪ ڀيرو ٻيهر اخوت ڏانهن مُڙڻ لڳس. وياڄ کان انڪار مسجد سان لڳاءُ. اخوت جو ايندڙ اصول رضاڪاريت آهي. رضاڪار ڪنهن به معاشري جو اصل مقصد آهي، اهي ماڻهو جيڪي پنهنجو پاڻ جي قيد مان نڪري سڄي انسانيت کي پنهنجو ڪري وٺن. رضاڪاريت صوفياڻون گُڻ آهي، درويشن جو طريقو، اها پيغمبرن جي نسبت آهي. خدمت جي ڪم ۾ رضاڪاريت نه هجي ته اهو ڪاروبار بنجي وڃي ٿو،اخوت جا ملازم به رضاڪار آهن، جو هو پگهار ته اٺن ڪلاڪن جي وٺن ٿا، پر هو صبح، شام، رات ڏينهن، گرمي سرديءَ جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ٻارهن ٻارهن ڪلاڪ ڪم ڪن ٿا. هنن کانسواءِ سوين شاگرد، اُستاد ۽ سماجي ڪارڪن به ڪم ۾ جنبيل هوندا آهن. اخوت جو لفظ رضاڪاريت جو هم معنيٰ بنجي چڪو آهي ۽ اسان جا والنٽيئر پنهنجي سڃاڻپ Akhuwateers جي نالي سان ڪرائين ٿا. اخوت سان لاڳاپيل همراهه اهو ڪم ڪنهن جوف يا لوڀَ ۾ اچي نٿا ڪن، هو انسانيت جي ڀلائيءَ کي سياست يا ذاتي مفاد جي عينڪ سان نٿا ڏسن، هو هر قسم جي فرق کان مٿانهان رهن ٿا. اسين هڪ اهڙي سماج جي جوڙجڪ چاهيون ٿا، جتي هر شخص کي ساڃهه ۽ معاشي انصاف هجي. هر شخص کي زندگيءَ جون بنيادي گهرجون ملي سگهن. اسين باهمي سهڪار ۽ گڏپ جو هڪ اهڙو ماحول ٺاهڻ ٿا چاهيون، جنهن ۾ هر شخص پنهنجي لاءِ به سوچي ته ٻين جي لاءِ به. اخوت جو فلسفو سرمائيداري نظام جي بدران ”مواخات مدينه“ تان اخذ ڪيو ويو آهي. اخوت جا قرض فردن جي لاءِ نه پر گهراڻن جي لاءِ آهن. اسين سمجهون ٿا ته سماج ۾ گهراڻون ئي هڪ بنيادي ايڪائي آهي. گهراڻي کي ڪُل جي حيثيت سان سگهارو ڪرڻ گهرجي. مرد ۽ عورت جي ورهاست ان ايڪائيءَ ۾ ڏار ٿي وجهي. انهن سڀني ڪمن جي بنياد ۾ رضاڪاريت جو هئڻ ضروري آهي. پنهنجي ذات جي گهيري مان ٻاهر نڪري ٻين جي مدد ۽ اڳواڻي ئي هن ڪم کي اڳڀرو ڪندي.


    1.12: وٺڻ وارا يا ڏيڻ وارا

    آئون پنهنجن خيالن ۾ گم هوس ته هڪ خوبصورت آواز اُڀريو، سفر جي پهرين منزل اچڻ واري هئي يعني اسين مانچسٽر پهچي چڪا هئاسين. هتي ٻن ڪلاڪن جو ڊاٻو هو ۽ پوءِ اڳتي اُسهڻو هو. مسافر اٿيا ۽ پنهنجو پنهنجو سامان سهيڙڻ لڳا. حڪم ٿيو ته سڄو جهاز خالي ڪرڻون آهي، مسافرن جي نئين سر جڙتي ٿيندي ۽ جهاز جو پڻ معائنو ٿيندو. پاڪستان مان هلڻ وقت ته احتياط سمجهه ۾ اچي ٿو، پر اڌ سفر کانپوءِ جڙتي جو جواز سمجهه ۾ نه آيو. ڪيترائي ضعيف همراه تڪليف جو شڪار ٿيڻ لڳا، پر ڌارينءَ ملڪ ۾ ڪير هو، جيڪو سندن ڳالهه ٻُڌي ها. ٻه ڪلاڪ ان ئي ڀڄ ڊڪ ۾ گذري ويا ۽ جهاز کي ٻيهر اُڏام جي اجازت ملي. نوان مسافر جلد ئي ماحول جو حصو بنجي ويا. خاطر تواضع جي پڄاڻي ٿي ۽ خاموشي جي ڊگهي چادر ماڻهن کي پنهنجي هنج ۾ وٺڻ لڳي. خيالن جو سلسلو جتي رڪيو هو، اتان کان ٻيهر جڙڻ لڳو. اخوت جو چوٿون اصول وٺڻ وارن کي ڏيڻ وارو بنائڻون هو. قرض وٺندڙ، ڪيئن قرض ڏيندڙ بنجي سگهن ٿا؟ ان حقيقت تائين اسين ان وقت پهتاسين، جڏهن اسان وٽ اهڙا ماڻهون آيا، جن اخوت کان قرض وٺي ڪو ڌنڌو شروع ڪيو هو ۽ چڱي موچاري رقم ڪمائڻ لڳا. هنن وڏي فخر سان اهو ٻڌايو ته هاڻ هنن جا ٻارڙا ماني کائي سگهن ٿا، اسڪول وڃي سگهن ٿا. جڏهن هو اسان کي اهو ٻڌائيندا هئا ته انهن جي اکين ۾ احسانمنديءَ جا لڙڪ ترندا نظر ايندا هئا، هنن جو لهجو احسامندي جي باري ۾ دٻيل نظر ايندو هو. هو اهو چئي اسان کي وڌيڪ حيران ڪري ڇڏيندا هئا ته هو اخوت جو ڊونر بنجڻ ٿا چاهين، سندن چوڻ هو ته اخوت کين پنهنجن پيرن تي بيهڻ جو موقعو ڏنو آهي، تنهنڪري هو به اخوت جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ پنهنجو فرض ٿا سمجهن. ائين انهن مان اڪثر ماڻهو ٻه ٻه روپيا ڏيئي ڊونر بنجي ويا. هنن پنهنجي دوڪان يا ريڙهين تي اخوت جي ڊونيشن جو باڪس رکيو ۽ روزانو شام جو ان ۾ چار يا پنج روپيا وجهي ڇڏيندا هئا، کين ڏسي گراهڪن به ان ۾ پنهنجو حصو وجهڻ شروع ڪيو. ائين هر مهيني ان باڪس مان سؤ ٻه سؤ نڪرندا هئا ۽ اهي عطيا اخوت جي ’قرض حسن‘ جي فنڊ جو حصو بنجي ويندا هئا. اها هڪ يقين جوڳي ڳالهه ته نه هئي، پر نيڪيءَ جو جواب رڳو نيڪي نه، پر وڏي نيڪي آهي. اسان اهو اصول اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اسين هر Borrower کي اهو پيغام به ڏيڻ لڳاسين ته جيڪڏهن هو چاهي ته فقط هڪ روپيو ڏيئي ڊونر بنجي سگهي ٿو، پر عطيو ڏيڻ شرط ڪونهي، اهو سندس شخصي فيصلو آهي. اسان جو ڪم ته رڳو هرکائڻ ۽ اهو ٻڌائڻ ته ڏيڻ وارو وٺڻ واري کان اُتم آهي. سٺي سماج ۾ وارن جو تعداد وٺڻ وارن کان گهڻو هئڻ گهرجي. ائين اخوت جي منزل هڪ اهڙي سماج جي اڏاوت آهي، جتي ماڻهو ڏيڻ جي لذت کان به آشنا هجن، هو رڳو پنهنجي ڀلي جي لاءِ نه پر ٻين جي ڀلي لاءِ پڻ سوچين.


    1.13: قافلو

    اخوت، خوشبوئن جي نگري آهي. هتان کان واپسيءَ جو ڪو به رستو نه آهي، ڪوبه شخص جيڪڏهن مواخات (ڀائيچاري) جي تصور سان سهمت آهي ته اهو اخوت ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. اخوت جي بورڊ آف ڊئريڪٽرس ۾ ماڻهو اُن ئي جذبي سان شامل ٿيا، فيصلو، طلب ۽ جستجو جوش ۽ همت ۽ ديوانگي تي هوندو آهي. اخوت ان جي آهي جيڪو ان جو ٿيڻ جي لاءِ تيار آهي، اسين ڀاڳوان آهيون، جو پهرين ئي ڏينهن کان اسانکي بي مثال سنگتي مليا آهن، ڊاڪٽر ڪامران شمس، اظهار الحق هاشمي، همايون احسان ۽ سليم احمد رانجها جهڙا هم سخن، هم درد ۽ هم خيال انسان. اهي ڪمال جا ماڻهو آهن. ان ۾ وري خاور رفيق، زاهد کوکر، فضل يزداني، ڊاڪٽر محمد سعيد ۽ علي ارشد حڪيم به شامل ٿي ويا. ڪجهه وقت کان پوءِ انور صادق ۽ زبير نواز به اچي شامل ٿيا. اخوت انهن جي ئي اخلاص جو نتيجو آهي. جيڪڏهن انهن جي مدد حاصل نه هجي ها ته شايد اخوت، اخوت بنجي نه سگهي ها. اهي اخوت سان ڪيئن لاڳاپي ۾ آيا، اهو به هڪ دلچسپ واقعو آهي. پي.آر.ايس.پي سان لاڳاپجڻ کانپوءِ مائيڪروفنانس مٿي تي سوار ٿي چڪو هو. آئون اڪثر ڪري دوستن يارن کي پاڻ سان گڏ وٺي ڏورانهن ڳوٺن ڏانهن نڪري ويندو هوس. منهنجي خواهش هئي ته هڪ اهڙو ئي ادارو جوڙيو وڃي، پر اُن ۾ وياج نه هجي. مونکي چڱي طرح ياد آهي ته هڪ ڀيرو ڪجهه دوست مون سان گڏ ”جيابگا“ نالي ڳوٺ ۾ پي.آر.ايس.پي. جو ڪم ڏسڻ جي لاءِ پهتا. ڊاڪٽر ڪامران اتي هڪ عورت کان پڇيو ته ڏهن هزارن جو قرض وٺي هن جي زندگيءَ ۾ ڪهڙي تبديلي آئي آهي. عورت جو جواب هو ته پهرين هن جا ٻارڙا رات جو هڪ ماني جو ڦلڪو کائيندا هئا ۽ هاڻ ٻه مانيون کائڻ لڳا آهن. ان هڪ جملي ۾ غربت جي سڄي ڪهاڻي لڪيل آهي. ان ڏينهن اسين ’جيابگا‘ مان سڌو لاهور جيمخانه آياسين ۽ سڄي دنيا جا موضوع بحث هيٺ آيا، پر غربت انهن ۾ سڀني کان مٿاهون هو. پي.آر.ايس.پي. جي ڪم کي واکاڻيو ويو، پر وياڄ تي سڀني کي اعتراض هو. مون چيو جيڪڏهن ننڍا قرض وياڄ کانسواءِ ڏنا وڃن ته ڪير ساٿ ڏيندو. کين ۽ ڪجهه ٻين دوستن کي ٻيهر دعوت ڏنم ۽ هڪ اداري جو نقشو پيش ڪيم. منهنجي گذارش تي ان اداري جو نالو ”اخوت“ رکيو ويو. ان گڏجاڻي ۾ موجود سڀني همراهن جو واسطو سول سروس سان هو، مائڪرو فنانس انهن جو شعبو نه هو. تنهنڪري ان تصور کي باقاعده هڪ اداري جي شڪل ڏيڻ جي ذميداري به مون کي ئي سونپي وئي. اهو منهنجي زندگي جو اهم ڏينهن هو.


    1.14: هڪ ٻي ساروڻي

    آمريڪن يونيورسٽيءَ ۾ منهنجو پهريون ڏينهن به گهڻو اهم هو. يونيورسٽي جي سير دؤران اسان کي سڀ کان پهرين لئبرري نيو ويو. ان لئبرري ۾ گهڙي انسان دنگ رهجي ٿو وڃي. مون ان لئبرري ۾ مان ڏاڍا سٺا ڪتاب وٺي پڙهيا. سڀني کان پهريون ڪتاب رچرڊنڪسن جي مشهور تصنيف ”ليڊرز“ هو. رچرڊنڪسن، آمريڪا جو مشهور صدر ۽ مشهور سياستدان هو. واٽرگيٽ اسڪينڊل سندس مشهوريءَ کي داغدار ڪري ڇڏيو. پر ليکڪ جي حيثيت سان به هن جي اهميت جو گهٽ ماڻهن کي انڪار هوندو. سندس چوڻ هو ته هو سڄي دنيا گهميو ۽ ڦريو. هن اسي کان به وڌيڪ ملڪن جا دورا ڪيا ۽ انهن دورن جي دوران کيس انهن ملڪن جي سياستي قيادتن سان گڏجڻ ۽ ساڻن ڊگهيون ملاقاتون ڪرڻ جا موقعا مليا. اڳواڻ ڪهڙن گڻن جا حامل هوندا آهن ۽ کين ڪهڙي شيءِ متحرڪ رکي ٿي، انهن جا نقش ايترا چٽا ڇو هوندا آهن ۽ تاريخ انهن جي پويان ڇو هلندي آهي، انهن سڀني ڳالهين جو تجزيو سندس اُن ڪتاب ۾ موجود آهي. سندس چوڻ آهي ته اڳواڻ ته اڻ ڳڻيا آهن، پر انهن اڳواڻن جي عظمت جو تعين ٽن عنصرن سان ٿئي ٿو. وڏو انسان، وڏو ملڪ ۽ ان ملڪ کي درپيش حالتون. انهن عنصرن جي روشنيءَ ۾ هن ويهين صدي جي انهن عظيم اڳواڻن جو مطالعو ڪيو، جن سان هو گڏيو ۽ پوءِ انهن تي هن نهايت اثرائتا ۽ جاندار خاڪا لکيا. انهن اڳواڻن جي سوچ، فڪر، عمل ۽ عادتن جون نهايت دلپذير انداز سان ذڪر ڪيو اٿس. اهي ڪهڙيون شيون آهن، جيڪي کين عام ماڻهن کان مٿانهون ڪن ٿيون. اهو طلسم، اهو شعلو، اها ديوانگي جنهن کي ليڊرشپ چيو ويندو آهي. ان فهرست ۾ ونسٽن چرچل چارلس ڊيگال، ڊگلس ميڪارٿر، ڪونارڊ ايڊينار، خروشچيف ۽ چواين لائي جهڙا ماڻهو شامل آهن. اهو ڪتاب ويهين صديءَ جي سياسي قيادت کي سمجهڻ جي هڪ بهترين ڪوشش آهي. اڳواڻي ڀروسي جو نالو آهي. ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته اهو عمل آهي، ڪن جو وري خيال آهي ته اهو اخلاص ۽ قرباني آهي، سچ جي ڳولا آهي، ڪردار جي بُلندي آهي، امانت آهي، ديوانگي ۽ جنون آهي. اقبال جي لفظن ۾ اهو پنهنجي رت جي باهه ۾ سڙي رک ٿيڻ جو نالو آهي. پاڪستان ڪو ننڍو ملڪ نه آهي، آبادي، پکيڙ ۽ وسيلن، هر لحاظ کان اهو هڪ وڏو ملڪ آهي. ان کي پنهنجي تاريخ جي انتهائي ڏکين حالتن مان گذرڻو پيو پوي، پر ڪو به اڳواڻ سامهون نه پيو اچي. نه ڪو چرچل نه ڪو ڊيگال، نه ڪو ميڪارٿر، نه ڪوئي سرسيد، اقبال يا جناح... ڪو ميرڪاروان، ڪو ديده ور، هڪ بي نانءُ خلش ۽ ڏک جو احساس هن سفر سان گڏ گڏ هلي ٿو. منهنجي سيٽ سان گڏ ويٺل همراهه بٽڻ دٻايو، کيس شايد اُڃ لڳي رهي هئي. فضائي ميزبان کيس پاڻيءَ جو هڪ گلاس پيش ڪيو. اُڃ ته مونکي به لڳي رهي هئي، پر ان جي نوعيت ڪجهه ٻي هئي، سوچ پاسو بدلايو ۽ آئون هڪ ڀيرو ٻيهر اخوت ڏانهن موٽڻ لڳس.


    1.15: عشق اسان وٽ آرائين جيئن

    اخوت ۾ اسان اهي ڪم ڪيا، جيڪي مائيڪرو فنانس ۾ اڳ ۾ نه ٿيندا هئا. تحقيق، تجربو ۽ جستجو. اسان هڪ اهڙو نظام ٿي چاهيو، جيڪو سادو به هجي ته سولو به. صاف به هجي ته شفاف به. ان ۾ ڪاروبار جي جاءِ تي قرباني ۽ رضاڪاريت هجي. اسين وياڄ کي خراب ته چئون ٿا، پر اسان جي وچ ۾ ڪو به اهڙو گروهه نه آهي، جيڪو ان وياڄ جي خلاف عملي جهاد ڪري، ڪو نبيرو، ڪو نظام ڏي. اسان چاهيو ٿي ته وعظ ۽ نصيحت جي ٻي طرف عمل جي ميدان ۾ به گهڙجي. عشق جيڪڏهن پاهوڙو نٿو کڻي ته فقط دعويٰ آهي. جنون جيڪڏهن مٿو نٿو ڦاڙي ته اجايو آهي. پهريان ٻه سال اهو ڪم خاموشيءَ سان ڪيو ويو. اسان کي پاڻ خبر نه هئي ته اسين ڪيستائين پهچنداسين. ڪاميابي جي ته پڪ هئي، پر واٽ جي خبر نه هئي. پهريون قرض مارچ 2001ع ۾ ڏنو ويو، پر اخوت جي رجسٽريشن ٻه سال پوءِ 2003ع ۾ ٿي. اهي ٻه سال وڏي محنت ۽ ڀڄ ڊڪَ جا هئا. انهن ٻن سالن ۾ ان تصور کي حقيت جو رنگ مليو. اسان جون ڪيتريون ئي مشڪلاتون هيون. مالي توڙي انساني وسيلن جي اڻ هوند، اسان وٽ ته ڪجهه به نه هو. ڪجهه همراهه تنقيد ڪندا رهيا، ڪن مذاق اُڏايو، ڪن وري بي سروساماني جو طعنو هنيو. اسان جي برانچن ۾ چوريءَ جون وارداتون ٿيون. اسانجن ڪارڪنن کي ماريو ۽ ڪٽيو ويو. هٿيارن جي زور تي آفيسن کي ڦريو ويو. قرض نه ملڻ تي ڌڙڪا ڏنا ويا. هڪ ڀيرو هڪ پوليس ڪانسٽيبل ناراض ٿي پيو ۽ اخوت جا چار ملازم ڪيترائي ڪلاڪ ڪنهن قانوني ڪارروائي کانسواءِ واڙيل رهيا. هڪ ستم ظريف قتل ۽ اغوا جون ڌمڪيون به ڏنيون، پر خدمت جي جذبي سبب انهن سڀني ڳالهين جي ڪا اهميت ئي نه رهي. اسان جا همراهه بئنڪن ۾ ويا ته کين ڪيترائي ڪلاڪ انتظار ۾ بيهاريو ويو. ظاهر آهي ته هڪ غريب جي بئنڪن ۾ ڪهڙي عزت ٿي سگهي ٿي. اهي سڀ مشڪلاتون ۽ تڪليفون پنهنجي جاءِ تي پر جڏهن ڪو ڪمزور شخص يا رنڙ زال هٿ مٿي کڻي دعا ٿي ڪئي ته اهي سڀ تڪيلفون لحظي منجهه لهي ٿي ٿي ويون.
    سفینہ جب کہ کنارے پہ آ لگا غالب،
    خدا سے کیا ستم و جور نا خدا کہی۔
    جيڪي محبت ڪن ٿا، سي شڪايت نه ڪندا آهن. رڳو انتظار ڪندا آهن. ان ڏينهن جو، جنهن ڏينهن انسان کي هر اُن ڪم جو بدلو ملندو، جيڪو هو دنيا ۾ ڪندو رهيو هو. اسان کي ته رڳو ان جي رضا گهربل آهي، جيڪو دلين جي هر ڳالهه ٻُڌي ٿو ۽ پوءِ اهو سڀ ڪجهه هڪ لوح محفوظ تي لکندو ويندو آهي. اخوت جي تصور کي عملي جامو پهرائڻ ڪو سولو ڪم نه هو، جيئن ڪنهن چيو آهي:
    رھر و راہ محبت کا خدا حافظ ہے
    اس میں دو چار بہت سخت مقام آتے ہیں۔

    اسانجي واٽ ۾ ٻه چار نه پر هر هنڌ گهڻيون ئي رڪاوٽون هيون.


    1.16: پري تائين پکڙيل آهي سلسلو زنجيرن جو

    جهاز هڪ لوڏي سان بيٺو ۽ اعلان ٿيو ته اسين نيويارڪ پهچي چڪا آهيون. جان.ايف.ڪينيڊي ايئرپورٽ تي لهڻ ۽ جڙتي جي مرحلن مان لنگهڻ به هڪ سخت امتحان آهي. اسين جهاز مان نڪري اميگريشن ڏانهن روانا ٿياسين. نه ڪا سختي ۽ نه ئي وري ڪا شڪي نظر. اسين ڏاڍي آرام سان انهن مرحلن مان لنگهياسين. ڪنويئر بيلٽ تان سامان کنيوسين ۽ ٻي ٽرمينل طرف روانا ٿياسين. نيويارڪ ته وقتي ڊاٻو هو، اسان کي ٻاويهين مارچ جي شام جو ئي هارورڊ پهچڻو هو، تنهنڪري اسان جي پهرين منزل بوسٽن هئي. ٻي جهاز تي چڙهڻ کان اڳ اسان کي هڪ ڀيرو ٻيهر جڙتي جي مرحلن مان گذرڻون پيو. سمورو سامان کوليو ويو، بوٽ به لهرايا ويا، پر اهو سلوڪ رڳو اسان سان نه هو. اهو سلوڪ هر عام ۽ خاص سان ڪيو ويو. جهاز اُڏام ڪئي ته نيويارڪ جون روشنيون نظر اچڻ لڳيون. سڄو شهر ڪنوار جيان سينگاريل هو. رنگ ۽ روشنيءَ جي هڪ ڄڃ هئي. گويا کڙکبيتو جڳمڳ جڳمڳ ڪري رهيو هو، پر انهن کڙ کٻيتن جي روشني افغانستان ۽ بغداد کي اونداهين تائين ڇو ٿي وٺي وڃي. آئون پنهنجو پاڻ کان پُڇندو رهيس. بوسٽن پهتس ته رات جا ڏهه ٿي چڪا هئا. چوويهن ڪلاڪن کان به وڌيڪ وقت جي ٿڪاوٽ هئي. ايئرپورٽ تان ٽئڪسي ڪري نيٺ پاڻ شهر ۾ هوٽل ۾ پهتاسين. اخوت جو پراڻو ساٿي عمران سرور اتي اڳ ۾ ئي موجود هو، جنهن مُرڪي گرمجوشيءَ سان ڀليڪار ڪئي. هو ڪينيڊي اسڪول ۾ پڙهي ٿو. هن پاڪستان جي هڪ نالي واري تعليمي اداري مان بي.اي. ڪئي ۽ پوءِ هارورڊ اچي پهتو. اخوت سان سندس لاڳاپو انيق چيمه جي وسيلي ٿيو. انيق به سندس جيان LUMS جو پڙهيل آهي. 2011ع جي دوران اخوت جي ڏهن سالن جون تقريبون ڪوٺائڻ جون ذميداريون انهن ٻنهي جي ڪلهن تي هيون. اهي تقريبون ڪيترن ئي ڏينهن تي مشتمل هيون. اخوت ماڊل تي هڪ بين الاقوامي ڪانفرنس ۽ ٽن هزار ڪٽنبن کي هڪ ئي وقت قرض جي ورهاست اُن ۾ شامل هئي. اهي ٻئي تقريبون ان سالگرا جو حامل هيون. عمران ۽ انيق، انهن تقريبن جي ذميداري حسين حيدر جي اڳواڻيءَ ۾ نهايت سهڻي نموني انجام ڏني. انيق به فل برائيٽ جي لاءِ چونڊجڻ کانپوءِ ڪارنيگي جي علمي ماحول جو حصو بنجي ويو. فاطمه رشيد، عمران سرور، انيق چيمه ۽ سندس ٻيا ڪيترائي ساٿي اڄ به اخوت جي آسمان تي تارن جيان چلڪي ۽ چمڪي رهيا آهن.


    1.17: ڇا اخوت وٽ ڪو حل آهي

    عمران بوسٽن ۾ اسانجي ٽن ڏينهن جي رهائش جي سڄي تياري مڪمل ڪري رکي هئي. فون جي نئين سم، ڪمپيوٽر جو ڪنيڪشن، ڪيڏانهن وڃڻو آهي، ڪنهن سان ملڻو آهي. يونيورسٽيءَ جا نقشا ۽ اچ وڃ جا سڀ تفصيل. اهي سڀئي ڪم هن جي ئي مدد سان ٿيا. ٻي ڏينهن هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ ننڍڙي نشست جو بندوبست هو. جنهن جو عنوان هو. Microfinance: does Pakistan’s Akhuwat have the answer. اهو هاروڊ ۾ اخوت جي ڪهاڻي پيش ڪرڻ جو پهريون موقعو هو. ان ڳالهه ٻولهه ۾ پروفيسر عاصم خواجه ۽ پروفيسر ترن کنه کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي شاگرد دعوتيل هئا. ڊاڪٽر ترن کنه هارورڊ اسڪول ۾ پروفيسر ۽ ڏکڻ ايشيا Initiative جو ڊئريڪٽر آهي. هندستان ۾ مائيڪروفنانس جي سڀ کان وڏي اداري ايس ڪي ايس مائيڪروفنانس سان لاڳاپي کانسواءِ پروفيسر کنه بين الاقوامي سطح جي ڪيترن ئي ادارن سان لاڳاپيل آهي. عاصم خواجه هارورڊ ڪينيڊي اسڪول ۾ پروفيسر آهي. هن ايم.آئي.ٽي. MIT جيان رياضي ۽ ڪمپيوٽر ۾ ماسٽرز ۽ هارورڊ يونيورسٽي مان ئي پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري ورتي ۽ ننڍي وهيءَ ۾ ئي وڏو نالو ڪمايو. بزنس اسڪول ۾ ٿيندڙ اها نشست عمران سرور جي ڪوششن جو نتيجو هو. هن ئي ڊاڪٽر عاصم خواجه ۽ ڊاڪٽر ترن کنه کي مدعو ڪيو هو. ڊاڪٽر عاصم خواجه مائيڪروفنانس جي موضوع ۽ پسمنظر تي ڳالهايو ۽ اخوت جو تعارف ڪرايو ۽ پوءِ عمران سرور جو وارو آيو. عمران جو چوڻ هو ته مائيڪروفنانس جو مروج ماڊل سڄي دنيا ۾ تنقيدي نظرن سان ڏٺو پيو وڃي، ڳري سروس چارجز جي ڪري انهن قرضن جي واپسي مشڪل ٿيڻ لڳي آهي. ڏکڻ ايشيا، خاص ڪري هندستان ۾ ڪجهه ادارن تي الزام هنيا ويا آهن ته انهن جي ملازمن قرضدارن کي گهڻو پريشان ڪيو ۽ ڊيڄاريو آهي. ڪن عورتن تي ايترو ته دٻاءَ وڌو ويو، جو هنن جي لاءِ آپگهات کانسواءِ ڪو ٻيو رستو ئي نه بچيو. ننڍا قرض ايترو ته بار بنجي ويا، جو واپس ئي نه ٿي سگهيا ۽ هو ويچاريون پنهنجي زندگيءَ تان ئي هٿ ڌوئي ويٺيون. انهن واقعن جي ڪري مائڪرو فنانس جي تحريڪ کي نقصان رسيو ۽ ڪيترن ئي شڪن ۽ شبهن جنم ورتو. ڇا مائيڪرو فنانس رڳو ڪاروبار آهي. ڇا غريبن جي مدد جي لاءِ ڳري وياڄ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو ڪونهي. ڇا مالي مفاد ئي معاشي نظام جي محرڪ سگهه آهي؟ هي اُهي سوال آهن، جيڪي اڄ چئني طرفن کان پُڇيا وڃن ٿا. هندستان ۾ جڏهن اُن گهوٽالي ڪَر کنيو ته ماڻهن مالي ڏکيائين جي ڪري قرضن جون قسطون واپس ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، نتيجو اهو نڪتو ته ڪيتريون ئي مائڪرو فنانس بئنڪون ٻُڏڻ لڳيون ۽ موڙي واري نظام جي ٻيڙي ڪُن ۾ ڦاسي پئي. سياستدان، سماجي ورڪر، صحافي ۽ دانشور، سڀ همراهه ان ميدان ۾ ڪاهي پيا ۽ احتساب جو آواز بلند ٿيڻ لڳو. ته ڇا مائيڪرو فنانس جو ڪنونشنل (Conventional) ماڊل هاڻوڪين للڪارن جي اڳيان مقابلي جي لائق نه رهيو آهي. ان صورتحال جن سوالن کي جنم ڏنو، ڇا اخوت وٽ انهن سوالن جا جواب آهن. عمران ڏاڍي خوبصورتيءَ سان انهن سوالن کي کنيو ۽ مونکي ڳالهائڻ جي دعوت ڏني. مون مهرباني مڃڻ کانپوءِ اخوت جي فلسفي ۽ اصولن جي حوالي سان تفصيلي ڳالهايو. بنا وياڄ جي قرض، سهڪار ۽ تعاون، اخوت جي بلڪل هيٺين سطح کان شروعات ۽ پوءِ غير معمولي جدوجهد، انهن سڀني هيٺ مٿاهين جو ذڪر، جن کانپوءِ اسين هن هنڌ تي پهتا آهيون.
    منهنجي ڳالهه ٻولهه جو تت هي هو ته جيڪي ماڻهو مائڪرو فنانس کي ڪاروبار سمجهن ٿا، تن کي ڪجهه دردمنديءَ کان ڪم وٺڻو پوندو. غربت ڪاروبار سان نه پر قربانيءَ سان ختم ٿيندي. سوالن جوابن جو سلسلو به ڏاڍو دلچسپ هو، پاڪستاني شاگردن اخوت جي باري ۾ گهڻي دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. پروفيسر ترن کنه ڳالهه ٻولهه کي سهيڙيندي چيو ته غربت هڪ گورک ڌنڌو آهي، ان جو ڪو هڪ نبيرو نه آهي ۽ نه ئي اسين ڪنهن هڪ نبيري کي حرف آخر سمجهون ٿا. جيڪڏهن ڪنونشنل مائڪرو فنانس ۾ تيزي سان پکڙجڻ جي گنجائش آهي ته اخوت جهڙا ادارا ڪم جي معيار کي بهتر بنائي سگهن ٿا. آخري منزل جي حوالي سان ڪو تضاد نه آهي. هڪ ٻئي کان سکڻ جي ضرورت آهي. بنگلاديش، هندستان، سريلنڪا ۽ پاڪستان،ڪيترن ئي ملڪن جا شاگرد اُتي موجود هئا. انهن مان گهڻن گڏيل سڏيل خيالن جو اظهار ڪيو، پر ان ڳالهه تي سڀ سهمت هئا ته ان ڪم کي ڪاروبار بنجڻ نه کپي ۽ نه ئي سرمائيداريءَ کي ان ڳالهه جي موڪل هئڻ گهرجي ته هو مائيڪرو فنانس کي پنهنجو مهرو بنائي غريبن کي مات ڏي. مونکي آڪسفورڊ جي تعليم يافته هڪ اڳواڻي پروفيسر ميلڪم هارپر جي ڳالهه ياد اچڻ لڳي هن جو چوڻ هو:
    Microfinance has come of age and has lost its innocence. It is now coming to be seen as just another business which makes its profits as and where it can….. It is also moving away from government and NGO into the hands of real businesses; it has been `wal-martised.` Akhuwat reminds us of what we set out to do and why we did it. It takes us back to the early days of innocence when poverty alleviation was what microfinance was for. Akhuwat is breaking the mould, and is one of the most important innovations in microfinance anyware… Akhuwat demonstrate that there is another way, that generosity and brotherhood can be equally powerful motivation as profit maximization. This conclusion goes far beyond microfinance.
    آئون جڏهن به ميلڪم جي اها لکت پڙهندو آهيان ته حيرت ٿيندي اٿم ته برطانيا ۾ رهندڙ هڪ پروفيسر ’رسول پارڪ‘ نالي ڪچي بستي مان اُٿندڙ روح تائين ڪيئن پهتو.
    اخوت وٽ انهن سوالن جا جواب آهن يا نه، جيڪي عمران سرور اُٿاريا يا ميلڪم هارپر چيو، پر هڪ ڳالهه آخري هئي ته اخوت مائيڪروفنانس جي نياپي کي جيئرو ضرور رکيو، جيڪو سندس اصل روح هو. رورل سپورٽ پروگرام جي باني ۽ ڳوٺاڻي ترقي جي بين الاقوامي ماهر شعيب سلطان جو اهو چوڻ بي مهل نه آهي ته:
    The journey of Akhuwat is a testament of the ability of volunteerism and self-reliance to transform the lives of thousands. It is a story that seeks to inspire… but most importantly it serves as a reminder of the spirit and objectives which initiated the birth of the microfinance movement.
    تقريب پُڄاڻيءَ تي پهتي ته هڪ پاڪستاني شاگردياڻي ردا قاضي ياد ڏياريو ته اڄ 23 مارچ آهي يوم پاڪستان، ان ڏينهن اسانکي اخوت جو ئي پرچار ڪرڻ گهرجي. جنهن شخص هڪ آزاد وطن جو تصور پيش ڪيو، ان اهو به چيو هو:

    ھوس نے کر دیا ہے ٹکڑے ٹکڑے نوع انسان کو،
    محبت کی زبان ہو جا اخوت کا بیان ہوجا۔


    1.18: مونکي حڪم آهي اَذان لااله ٰ الا الله

    هارورڊ يونيورسٽي فورم
    ايندڙ ٻه ڏينهن يعني 24 ۽ 25 مارچ هارورڊ يونيورسٽي فورم جي لاءِ مخصوص هئا، جيڪي هارورڊ اچڻ جو اصل سبب هئا. هر ٻن سالن کان پوءِ ٿيندڙ اهو فورم اسلامڪ فنانس کانسواءِ سماجي ۽ معاشي ترقي جهڙن موضوعن جو احاطو ڪندو آهي. هن ڀيري فورم جا ٽي اهم موضوع هئا. اسلامي مالياتي نظام، ننڍن ڪاروبارن جي ترقيءَ ۾ اسلامي مالياتي نظام جو ڪردار ۽ مذهب جي بنياد تي سيڙپ ڪاري ۽ اسان جي ذميداري. ٽيهن ملڪن مان ٽن سون کان به وڌيڪ شرڪت ڪندڙ ۽ پنجاهه مقرر هئا. انهن ۾ ڪيترائي تجربيڪار، ڏاها ۽ ذهين همراه شامل هئا. هن سال جو فورم انتظامن ۽ شرڪت جي حوالي سان به ڀرپور هو. لا-اسڪول جي شانائتي عمارت ۽ دلڪش آڊيٽوريم، ڪو اهڙو ڏينهن ڪونه ٿي گذريو، جنهن اُن آڊيٽوريم ۾ ڏاهپ جي خوشبوءِ نٿي پکيڙي. سڄي دنيا جا ماڻهو ڏاهپ جون ڳنڍيون کولڻ جي لاءِ هتي ايندا هئا.
    فورم ۾ گهڻين تڻين تقريرن جو عنوان غربت ئي هو. ٻه ارب ماڻهو غربت ۽ محرومين جو شڪار ڇو آهن؟ انهن جي زندگي ۾ خوشين جا ڏيئا ڪڏهن ٻرندا. سرمائيداري جي نظام جي ڪُک مان جنهن پرماريت جنم ورتو، تنهنجو نبيرو ڪهڙو آهي. ڪيترن ماڻهن جو خيال هو ته اسلام جو مالياتي نظام اُميد جي هڪ ڪرڻي کان گهٽ ڪونهي. معاشي همواري ۽ بربادي جو هاڻ ان کانسواءِ دنيا ۾ ٻيو ڪهڙو رستو بچيو آهي. سوچ جون نيون راهون کلڻ لڳيون. پاڪستان مان مون کانسواءِ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي نمائندي طور نثار احمد موجود هو. هن اسلامڪ مائيڪروفنانس جي اهميت ۽ ضرورت جي باري ۾ ڳالهايو ۽ پاڪستان جي اهم اسلامي ادارن جو ذڪر ڪيو. ڪانفرنس جي آخري اجلاس جو عنوان هو: Fath based investment and social responsibility ان دلچسپ عنوان تي سڀ کان پهرين ڊاڪٽر عمر اويسيني پنهنجي تحقيق جو تت پيش ڪيو. هن جو چوڻ هو ته عالمي معيشت کي پرماريت جي ڄار مان ڪڍڻ جي لاءِ مذهب جي نقطي نگاهه سان ڏسڻ جي گهرج آهي، رڳو هاڻوڪي مالي گهوٽالي تي تنقيد ڪافي نه آهي، ۽ نه ئي خراب نتيجن تي بحث ۽ مباحثي مان ڪو کڙتيل نڪرندو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪو متبادل نبيرو پيش ڪيو وڃي. اهڙو نبيرو، جيڪو دنيا جي معيشيت کي مڪمل طور تي تباهيءَ کان بچائي سگهي، ڪروڙين اربين ماڻهو ڪنهن کان ڇوٽڪاري جي واٽ نهاري رهيا آهن. ڊاڪٽر عمر بي حد مدلل ۽ دلنشين انداز ۾ ڳالهايو. سندس هر ڳالهه دل ۾ لهندي ويئي. ان کانپوءِ مختلف مقررن کي خيالن جو اظهار ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي. مونکي اخوت جي باري ۾ ڳالهائڻو هو، مائيڪرو فنانس جي ان عظيم تجربي جو ذڪر ڪرڻو هو، جنهن جو بنياد مواخات (ڀائپي/ڀائيچاري) جي جذبي تي رکيو ويو هو ۽ جيڪو وياجي نظام کان انڪار جو جهنڊو ٿو اُوچو ڪري.

    مانوارا صدر
    ڀائرو ۽ ڀينرون!
    سماجي شعور يا اخلاقي قدرن تي ٻڌل سيڙپ ڪاري هڪ منفرد تصور آهي، اهو تصور فائدي جي حوالي سان اسان جي سامهون ڪجهه نيون راهون ظاهر ڪري ٿو. عام طور تي ”فائدي“ جو تعين مادي فائدن جي حوالي سان ڪيو ويندو آهي، پر منافعي جي اهڙي محدود تشريح انسان کي ملندڙ انعامن جي مڪمل تصوير ڪشي نٿو ڪري سگهي. سماجي ۽ اخلاقي قدرن تي ٻڌل سيڙپڪاريءَ جو مقصد رڳو مادي فائدن جي حاصلات ڪونهي. ٻيئي نظريا ان ڳالهه جي تقاضا ڪن ٿا ته فائدي جي تصور کي وسيع بنيادن تي لاڳو ڪيو وڃي ۽ ان ۾ ڪجهه ٻيا امڪان به شامل هجن. ڪجهه ماڻهن منافعي جي تصور کي زمان ۽ مڪان جي دائري ۾ قيد ڪري رکيو آهي، سندن نظر ۾ ذاتي مفاد جي حاصلات ئي اصل منافعو آهي. اهو تصور تنگ نظريءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي. فائدي جو مفهوم ڪنهن فرد جي ذاتي زندگي تائين محدود ٿي رهجي وڃي ته ان جي وضاحت سندس مادي وجود جي بنياد تي ئي ٿي سگهندي. يعني منافعو ان شيءِ کي چونداسين، جيڪو ان شخص کي پنهنجي شخصي زندگي جي دوران ئي ملندو رهي يا ان جي ورهاست سندس زندگيءَ تائين محدود هجي، پر اعليٰ اخلاقي قدرن جي تقاضا اها آهي ته منافعو ان شيءِ کي چيو وڃي، جنهن جو فائدو هن دنيا ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن کي ملي ۽ ان جي بدولت انسان ۽ فطرت جي وچ ۾ توازن ۽ هم آهنگي به برقرار رهي. ائين ڪندي نه ته ڪنهن فرد کي ۽ نه ئي ان جي پنهنجي حياتي جي عرصي کي حوالو بنايو وڃي. منافعو اهو ته نه اُهي ته انسان جي ساهن جو سلسلو ٽٽندي ئي سلسلو ختم ٿي وڃي ۽ ان جي ادائيگي به ختم ٿيڻ لڳي. ان مفهوم تحت منافع جي وضاحت ۾ نه فقط هن دور، پر ايندڙ سڀني دورن جي انسانن جي مفاد جو احاطو ڪرڻ ضروري آهي.
    سماجي ۽ اخلاقي قدرن تي ٻڌل سيڙپڪاري جي تصور جي پويان اهڙا ڪيترائي آفاقي محرڪ ۽ مقصد ڪارفرما آهن، جن تحت فرد کان مٿانهون ٿي، عوام، ماحول ۽ ڪائنات کي هڪجهڙي اهميت ڏني ويندي آهي. پر اخلاقي سيڙپڪاريءَ جو هڪ واڌو پهلو اعليٰ ۽ اُتم درجي جو اجر به آهي، نه ته هن زمين تي ۽ نه ئي وري هن زندگي ۾ حاصل ڪري سگهجي ٿو. اسين ان کي هن دنياوي ۽ مادي زندگي کان مٿانهان به چئي سگهون ٿا. ڪو به اهڙو اقتصادي اصول يا ضابطو جيڪو منافعي ۽ وقت جي مروجه تصور جو پابند هجي. ان واڌو پهلوءَ جي تشريح کان لاچار هوندو آهي. اقتصادي نظرين جي مدد سان جيتوڻيڪ اخلاقي سيڙپڪاري جي گُڻن کي سمجهي سگهجي ٿو، پر ان ڳالهه جو خيال رکڻ ضروري آهي ته ان جي روشني ۾ حقيقت جو فقط جزوي احاطو ئي ممڪن آهي. عقيدي تي ٻڌل قدرن يعني قرباني، سخاوت، بقا، همدردي ، انصاف ۽ ترقيءَ جي حوالي سان هڪ ضروري متبادل حڪمت عملي جي حيثيت رکي ٿي ۽ ان حڪمت عملي جو وڌيڪ گهرائي سان جائزو وٺڻ جي گهرج آهي. هتي آئون اخوت جو مثال پيش ڪرڻ جي موڪل گهرندس. جيڪو منافع جي وسيع تصور کي سامهون رکندي عالمگير ڀائيچاري جو جهنڊو اُڀو ڪري ٿو. اخوت بنا وياڄ جي مائڪرو فنانس جو هڪ اهڙو وسيع ۽ جامع پروگرام آهي، جنهن موجب هيستائين هڪ لک ٽيهه هزار غريب گهراڻن ۾ هڪ ارب ستر ڪروڙ روپيا قرض حسن يا وياڄ کان پاڪ قرض ورهايو ويو آهي. اهي ڪهڙا گُڻ آهن، جيڪي اخوت جي سماجي ۽ اخلاقي سيڙپڪاري جي تناظار ۾ هڪ خصوصي ۽ مناسب مقام عطا ڪن ٿا.
    1. سڀني کان وڌيڪ اهو ته اخوت جو تصور تمام مٿانهون ۽ سگهارو آهي. غربت ۾ ڪميءَ جي لاءِ اخوت جي تصور جو بنياد سماجي انصاف، پاڻ ڀرائپ ۽ هڪٻئي سان سهڪار جي اصولن تي رکيو ويو آهي. اخوت مائيڪروفنانس جي روايتي تصور کان گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي. اخوت هڪ استعارو آهي، اهو لفظ بذات خود گهري تاريخي ۽ مذهبي مفهوم جو حامل آهي. اهو ڀائيچاري، محبت، واسطي ۽ قربانيءَ جي جذبي جي عڪاسي ٿو ڪري. اهو به ياد رهي ته اهو ڀائيچارو رڳو هڪ عقيدي يا مذهب تائين محدود نه آهي. اهو تصور عالمگير ۽ آفاقي خصوصيت جو حامل ۽ سڄي انسانيت جو احاطو ڪري ٿو. جتي مائڪرو فنانس جا ٻيا ادارا اهو چون ٿا ته اسان جو مقصد فقط ڪاروباري سرگرميون ڪرڻ آهي، اُتي اخوت جي اها دعويٰ آهي ته اها ڀائيچاريءَ تي يقين ٿي رکي. غريب ۽ انتهائي محروم طبقن سان ڀائيچارو، اخوت کي ان ڳالهه تي يقين آهي ته هر انسان کي اهو حق حاصل آهي ته هو پنهنجي روحاني ڇوٽڪاري واسطي، جيڪو رستو چاهي، سو ڀلي اختيا ڪري.
    2. اخوت پنهنجن قرضن تي ڪنهن به قسم جو وياڄ نٿي وٺي. اخوت جو اهو طريقو کيس روايتي مائڪروفنانس کان ڌار حيثيت عطا ڪندڙ سڀني کان اهم خاصيت آهي. اسين سمجهون ٿا ته اسان کي غريبن مان گڏ ڏيتي ليتي ڪاروباري اصولن جي بنياد تي نه ڪرڻ گهرجي. اسان کي ٽيهه سيڪڙو يا وڌيڪ وياڄ جي شرح جو بار نه وجهڻ گهرجي. اسان کي سندن ديني عقيدن جي نفي نه ڪرڻ گهرجي. وياڄ کان پاڪ اهي قرض سماجي انصاف ۽ ڪارخير جي انهن ئي اصولن جي عڪاسي ڪن ٿا، جيڪي سماجي ۽ اخلاقي سيڙپڪاريءَ جو اهم خاصو آهن. جيڪي ماڻهو حيثيت جا ڌڻي ۽ وسيلن سان مالا مال آهن، تن کي ترغيب ڏني ٿي وڃي ته هو پنهنجن انهن وسيلن ۾ پنهنجن غريب ۽ ضرورتمند ڀائرن کي به شريڪ رکن، جو اهو ئي انسانيت جو اعليٰ پَد آهي.
    3. ٽيو نمايان اصول هي آهي ته اسين پنهنجي سرگرمين جي لاءِ مذهبي هنڌن جي چونڊ ڪندا آهيون. مذهبي هنڌن جي چونڊ ڇو ڪئي ويندي آهي. ان ڪري ته جيئن سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ديني ادارن جي ڪردار کي اُجاگر ڪري سگهجي، ائين هيٺيان مقصد به پورا ڪري سگهجن.
    خرچن ۾ ڪمي ۽ شفاف طور ۽ طريقو
    رابطا ۽ هم آهنگي ۽ تعارف ۾ سولائي
    باهمي اعتماد، ذميداري ۽ صاف سٿري ماحول جو واڌارو
    غربت جي اخلاقي پهلو جو احاطو ۽ علاج
    ان حڪمت عملي جي آڌار تي مذهبن جي وچ ۾ هم آهنگي به وڌي سگهي ٿي، ڇو ته اخوت جي انهن تقريبن ۾ سڀئي ماڻهون يا ته مسجدن ۾ يا وري ديولن ۾ گڏ ٿيندا آهن.
    4. چوٿون اصول انسان دوستي ۽ ڀلائي جي جذبي جو واڌارو آهي. روايتي اقتصادي ڏاهپ موجب سخاوت ۽ فراخدلي جو جذبو وسيلن کي گڏ ڪرڻ ۽ سيڙپڪاريءَ ڪرڻ جي حوالي سان هڪ اڻ ٽر ۽ ناقابل اعتبار عنصر جي حيثيت رکي ٿو، جڏهن ته اخوت جو تجربو اُن جي ابتڙ آهي، اخوت جا قرضدار جڏهن هڪ ڀيرو مناسب مالي يا خود مختياري ۽ استحڪام حاصل ڪري ٿا وٺن ته پوءِ هو پاڻ ئي ان ڪارخير ۾ پنهنجو حصو وجهڻ شروع ڪندا آهن، خيرات ۽ سخاوت جو جذبو رڳو مٿئين طبقي تائين محدود نه آهي، جيڪي ماڻهو ڪڏهن پاڻ مدد ۽ ڌيان جو گهرجائو هوندا آهن، اهي هڪ ڏينهن عطيو ڏيندڙن ۾ شامل ٿي ويندا آهن، پر شرط اهو آهي ته سندن عزت ۽ آبرو جو خيال رکيو وڃي ۽ کين فقير نه پر دوست سمجهيو وڃي. وٺندڙن جو ڏيندڙن جي قطار ۾ بيهڻ هڪ يقين نه ايندڙ تبديلي جو لقاءُ آهي.
    5. پنجون اصول رضاڪاراڻي جذبي بابت آهي. هڪ حقيقي سماجي ۽ عوامي تنظيم طور اخوت سماج جي هاڪاري پاسن تي مدار رکي ٿي. اها رضاڪاراڻي جذبي کي وڌائي ٿي. اهي رضاڪار ان تحريڪ لاءِ پنهنجو علم، پنهنجي مهارت، توانائي، ۽ وقت سڀ ڪجهه وقف ڪري ڇڏيندا آهن. رضاڪاراڻو جذبو عقيدي تي ٻڌل ۽ سماجي سيڙپڪاريءَ جي هڪ پهلو يا جز جي حيثيت رکي ٿو. اخوت جي حقيقي ڪاميابي جو تعين انگن اکرن سان نٿو ڪري سگهجي، ڇو ته نسل جي واڌ ويجهه بذات خود نه ڪاميابي جي اڪيلي علامت آهي، ۽ نه ئي وري سماجي ۽ اقتصادي ترقي جو ڪو ماڻ يا ماپو چئي سگهجي ٿو. حقيقي معنيٰ ۾ ڪاميابي جو واسطو تبديلي يعني هڪ تمام گهڻي هاڪاري، با معنيٰ ۽ دائمي تبديليءَ سان ٿئي ٿو. ان دائمي چرپر/تبديلي لاءِ جاکوڙيندڙ ڪيترين ئي تنظيمن جيان اخوت به ترقي جي عمل کي وڌائڻ جي لاءِ عقيدن تي ٻڌل قدرن جي سگهه ۽ حيات آفريني تي يقين رکي ٿي. اُن سان گڏ ئي اهو هڪ اهڙو مرڪز به مهيا ڪري ٿي، جتي مختلف عقيدن سان واسطو رکندڙ سماجي گروهه هڪ ئي جهنڊي هيٺ گڏ ٿي انساني ڀلائي ۽ بهتري جي لاءِ ڪم ڪري سگهن ٿا.
    اهي منفرد گُڻ اخوت جي پنهنجي تشريح ڪونهن، پر همدردي، ڀائيچاري ۽ پاڻ ۾ سهڪار جا اهي قدر اهڙا آهن، جيڪي مختلف عقيدن وارن جي سڀني طبقن ۾ موجود آهن ۽ ترقيءَ جو بنياد رکڻ ۽ تبديلي جي عمل کي وڌائڻ ۾ رهبري جو ڪردار ادا ڪن ٿا.
    فائدي جي حصول جو روايتي نظريو، جيڪو عالمي اقتصادي نظام جي اڻ ٽٽ حصي جي حيثيت رکي ٿو ۽ رڳو هڪ فرد جي ذاتي مفاد جي چوڌاري گهمي ٿو، مسئلن جو نبيرو ڪونهي. جديد معاشي نظام موجب منافعي جي تصور جي عقلي تشريح ته اها ئي آهي، پر عقيدي ۽ يقين جي دولت جي ذريعي ان ۾ ذميداريءَ جو احساس ۽ فرض شناسي جهڙن ڪارڻن جو روح ڦوڪي، ان کي نه رڳو هڪ نئون رخ ڏيئي سگهجي ٿو، پر اهو وڌيڪ سگهارو به بنائي سگهجي ٿو:
    ڀائرو ۽ ڀينرون!
    اخلاقي قانونن ۽ قدرن تي ڪنهن هڪ مذهب يا عقيدي جي اجاراداري نه آهي، اهي سڀ عالمي قدر آهن. انهن جو واسطو انساني فطرت سان آهي. اخوت يا ڀائيچارو ته رڳو هڪ مثال آهي. ان تصور تي اسلام جو حق به ايترو ئي آهي، جيترو عيسائين، يهودين ۽ ٻُڌمت جو. ترقي جي جيڪا مثالي شڪل ان تصور جي بنياد تي اُجاگر ڪئي ويئي آهي ته اهي ڪنهن مخصوص عقيدي جي حامل ماڻهن جي خدمت تائين محدود ڪونهي ۽ نه ئي ڪو مخصوص گروهه ان تي فقط پنهنجو ئي حق ڄمائي سگهي ٿو. اخوت جي هڪ ڪاميابي اها به آهي ته ان ۾ مختلف عقيدن سان واسطو رکندڙ ڪيترن ئي فردن ۽ تنظيمن کانسواءِ رياست کي به ان هلچل ۾ شامل ٿيڻ تي راغب ڪيو ويو آهي.
    اسان کي اهو نقطو به لازمي طور تي ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته جيڪڏهن عالمي سطح تي موجود معاشي گهوٽالي جي خاتمي جي لاءِ ڪو مناسب نبيرو ڳولڻون آهي ته پوءِ مذهب ۽ اخلاقي قدرن کي ان مثالي نبيري جو اڻ ٽٽ حصو بنجڻو پوندو. هن وقت مسئلو اهو ڪونهي ته عقيدي جي بنياد تي ٿيندڙ سيڙپڪاري جي لاءِ عالمي اقتصادي نظام ۾ موجود خال کي ڪيئن ڀريو وڃي، پر اصل مسئلو اهو آهي ته ان ڳالهه کي ڪيئن يقيني بنائجي ته عقيدي تي ٻڌل قدر گهٽ کان گهٽ وقت ۾ اقتصادي نظام جي نئين شڪل جوڙي سگهن ۽ پوءِ ان کي مڪمل طور تي بدلائڻ جو فرض ادا ڪري سگهن.
    پڇاڙيءَ ۾ ان دلچسپ ۽ سمجهه جوڳي بحث کي منظر عام تي آڻڻ تي اوهان سڀني حاضرين کي واڌايون ٿو پيش ڪريان. ڏک، پيڙا ۽ پرماريت سان ڀريل هن دنيا جي ٻي پاسي هڪ سُهائو اُفق اسانجي اوسيئڙي ۾ آهي. اوهان سڀني جي وڏي مهرباني.“

    اهو آواز ڪجهه ڌار پي لڳو. ڪن ماڻهن جي نظر ۾ اهو دقيانوسي ۽ ڪن جي نظر ۾ اهو منفرد هو، پر ماڻهن اهي ڳالهيون پوري ڌيان ۽ خاموشيءَ سان ٻُڌيون. گويا اهو آواز سندن دلين مان نڪري رهيو هو. اخوت جو اهو عالمگير تصور، ايثار ۽ قرباني تي ٻڌل هو. جيڪا به شيءِ روايتن کان هٽي ڪري هجي، اها چرپر پيدا ڪري ٿي. اسلامي ملڪن جا عيوضي متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه سگهيا. پاڪستاني شاگردن جا منهن خوشي سبب ٻهڪي رهيا هئا. هال ۾ ڪجهه دير تائين تاڙيون وڄنديون رهيون. اها ان عظيم فلسفي جي حقانيت جي مڃتا هئي، جنهن جو نالو مواخات (ڀائپي) آهي، جنهن کي ڀائيچاري يا Brotherhood به چئي سگهجي ٿو. جنهن جي ڪري غريب ۽ هٿين خالي به اڄ ڪامياب زندگي گذارڻ لڳا آهن ۽ سوين سال اڳ هڪ اهڙي سماج جو بنياد پيو، جيڪو قرباني جي جوهر تي ٻڌل هو. سوالن ۽ جوابن جي نشست شروع ٿي. سڀ کان پهرين جيڪو سوال ڪيو ويو، اهو اخوت جي Sustainability جي باري ۾ هو. جيڪڏهن عطيا نه مليا ته ڇا اهو ادارو ڊگهي عرصي تائين قائم رهي سگهندو. اداري جا خرچ ڪيئن هلندا. هي ڪم ڪيئن وڌندو. ڇا قرباني ۽ ايثار ذاتي مفاد کان وڏا جذبا آهن. منهنجي لاءِ اهي سوال نوان نه هئا. گذريل ڏهن سالن کان اسين اهي ئي سوال ٻُڌي رهيا هئاسين. منهنجو جواب هي هو ته اخوت جو وجود ٻن بنيادي مفروضن Assumptions تي اڏيل آهي. پهرينءَ مفروضي موجب هر سماج ۾ ڏيندڙ موجود آهن، اهڙا ماڻهو جيڪي ڏيڻ جي اهميت کي سمجهن ٿا ۽ پنهنجي دولت ۾ ٻين کي شريڪ ڪرڻ جا خواهشمند آهن. اِهي اُهي ماڻهون آهن، جيڪي اُن حڪم تي يقين رکن ٿا ته اوهين تيستائين نيڪي جي واٽ لڀي ئي نٿا سگهو، جيستائين الله جي راهه ۾ اها شيءِ قربان ڪريو، جيڪا اوهان کي سڀني کان وڌيڪ پياري آهي. ٻيو مفروضو اهو آهي ته وٺڻ وارا مدد وٺڻ چاهين ٿا خيرات نه. هو وٺي وري واپس ڪرڻ جي خواهش رکن ٿا، هو غريب ضرور آهن، پر پينو نه آهن. جيستائين اهي ٻئي مفروضا سچ ثابت ٿيندا رهندا، تيستائين اخوت جو ڪم وڌندو رهندو ۽ ان جي Sustainability تي ڪير آڱر به نه کڻندو. ٻيو دليل اهو آهي ته جيڪو ادارو ڪجهه هزارن کان شروع ٿي 25 ملين ڊالرز تائين وڃي پهتو آهي، ان جي Sustainability جي لاءِ اڃا ٻيو ڪهڙو ثبوت گهرجي ۽ پوءِ وري اها ڳالهه جيڪا پهرين ميلڪم هارپر پنهنجي هڪ مضمون ۾ هيئن چئي هئي:
    Why a programme which depends on brotherhood, generosity and goodwill should be any “Less Sustainable”, than one which depends on purely financial incentives”?
    هي ادارو قائم رهندو، کيس عطيا به ملندا ۽ هن جي ڪم ۾ واڌارو به ايندو. منهنجي جواب ۾ موجود دليل ۽ لهجي ۾ اٽلتا ڪيترن ئي ماڻهن کي خاموش ڪري ڇڏيو.


    1.19: هن خوشبوءِ جيان منهنجي پذيرائي ڪئي

    اها ڪانفرنس جي آخري ويهڪ هئي.
    جيئن ئي ڪانفرنس جي پُڄاڻيءَ جو اعلان ٿيو، ماڻهو منهنجي چوڌاري مِڙڻ لڳا. انهن ۾ ڪجهه پاڪستاني هئا. ڪئناڊا مان آيل هڪ شاگردياڻي شهرين چوڻ لڳي ”اڄ آئون ڪنڌ کڻي هلي سگهان ٿي.“ فيصل ايتري ته گرمجوشيءَ سان هٿ ملايو جو دل ۾ هڪ عجيب محبت گهر ڪري ويئي. ”اوهين نيويارڪ ڇو نٿا اچو.“ اوهان پاڪستان جي هڪ نئين شڪل پيش ڪئي آهي.“ ”اسان جي اسٽوڊنٽس ڪائونسل اوهان کي ڀليڪار ڪندي.“ سڀني پاسن کان دعوتون اچڻ لڳيون. مونکي لڳو ته پهريون پٿر اڇلڻ ڏکيو آهي، باقي لهرون ته پاڻ ئي جنم ٿيون وٺن. اخوت جي تصور ماڻهن جي ذهن ۾ هڪ نئين تصوير اُجاگر ڪري ڇڏي، ايثار، قرباني ۽ ڀائيچارو، منهنجي وطن ۽ منهنجي وطن جي ماڻهن جي اصل تصوير به اها ئي آهي. غربت، بي روزگاري، دهشت گردي، ڌماڪا، اغوا، ڀنگ، ڊرون... اهو سڀ بين الاقوامي حالتن جو نتيجو آهي. ڏهه ويهه سال پهرين اهو سڀ ڪجهه ڪٿي هو، پر مون ڪجهه ٻيو چوڻ مناسب نه سمجهيو. تڪرار ابلاغ جي منافي آهي، جنهن کي سچ جي ڳولا آهي، اهو پاڻ اسان وٽ اچي ۽ ڏسي ته ڇا وٺڻ وارا واقعي به ڏيندڙ بنجي رهيا آهن. ڇا قرباني جو فصل پرماريت جي ڪنڊن کي ڪڍي رهيو آهي. ان پذيرائي تي ڪنن ۾ مجيد امجد جي هڪ مشهور نظم جا ڪجهه لفظ ٻُرڻ لڳا... ميں اجنبي، ميں بي نشان، ميں پابگل... ميں لوح دل، یہ لوح دل... مواخات سان محبت ڪيڏي نه وڏي عزت ڏياري ڇڏي. وڏن جي محبت به وڏو بنائي ٿي ڇڏي.

    سب میر کو دیتے ہیں آنکھون پہ اپنی
    اس خاک رہ عشق کا اعزاز تو دیکھو


    1.20: هارورڊ اسڪوائر

    ڪانفرنس ختم ٿي.
    آئون ۽ عمران لا اسِڪول مان نڪري هارورڊ اسڪوائر طرف هلڻ لڳاسين، مونکي اڄ ئي شام واري فلائيٽ ۾ واشنگٽن وڃڻو هو. اڃا ٽي چار ڪلاڪ باقي هئا. وقت گذرڻ جي لاءِ هارورڊ اسڪوائر کان ٻيو ڪو سٺو هنڌ ڪهڙو ٿي سگهيو ٿي. هلڪي جهڙ ڦڙ ۽ تيز هوا لڳي رهي هئي. اسين ڪافيءَ جي هڪ مشهور دڪان اسٽاربڪس تائين پهچندي ڀڄي چڪا هئاسين. اندر گهڙياسين ته ماڻهو هڪٻئي سان ڪچهري ڪندي نظر آيا. هلڪو گوڙ هو، جيڪو ايڏو پريشان ڪندڙ نه هو. ڪجهه شاگرد ڪيفي جي اندر ڪمپيوٽر تي ڪم ڪري رهيا هئا، يعني وندر ۽ پڙهائي گڏوگڏ. اسين ٻيئي هڪ ڪنڊ وٺي وڃي ويٺاسين ۽ ڪافي پيئڻ جو ارادو ڪيوسين. هارورڊ جي علمي فضا ۽ ڪيفي جو ماحول، ٻاهر هلڪو پوندڙ مينهن، بلڪل اها ئي ڪيفيت هئي، جنهن جي سَڌ ڪڏهن غالب ڪئي هئي.
    پھر دیکھئے اندازِ گل افشانی گفتار،
    رکھ دے کوئی پیمانہ ء صہبا میرے آگے۔
    هارورڊ يونيورسٽي بوسٽن شهر جي اندر هڪ ننڍي وستي ڪيمبرج ۾ اڏي ويئي آهي. يونيورسٽي ۽ ڪيمبرج جو مرڪزي هنڌ هارورڊ اسڪوائر سڏجي ٿو. ان اسڪوائر جي آسپاس ڪيترائي پارڪ ۽ آمريڪا جي آزادي جي جنگ جا ڪيترائي يادگار اڏيا ويا آهن. سڀني کان وڌيڪ دلچسپ اهي فنڪار آهن، جيڪي پٽ تي چادر وڇائي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن، جن کي واٽ ويندڙ ڪجهه سڪا اڇلي، سندن حوصلي افزائي ڪندا آهن. هارورڊ يونيورسٽي ۾ ڪامياب زندگي جا گُر سيکاريا ويندا آهن. ناليوارو ڪيئن ٿيڻون آهي، امير ڪيئن ٿيڻو آهي. ڪيپيٽل ازم جي واڌاري جو ڪهڙو رستو آهي. ان ماحول ۾ پاڻ کان هارايل اهي ماڻهون. آئون ۽ عمران سوچي رهيا هئاسين ته هنن جي محنت جو جوهر هر ڪنهن چورائي ورتو آهي. انهن فنڪارن جي پرفارمنس رات جو دير تائين جاري رهندي آهي. شاگردن جي لاءِ اهو سڀ وندر به آهي ته سڪون وارو هنڌ به. جان ايف ڪينيڊي اسٽريٽ، جان ايف ڪينيڊي پارڪ ۽ ڀرسان وهندڙ چارلس درياهه ان ماحول کي دلڪش بنائين مون کي جيڪا شيءَ سڀني کان وڌيڪ دلچسپ لڳي. هڪ هوٽل جي سامهون پيل شطرنج جون ڪيتريون ئي ميزون پيل هيون. ڪجهه ماڻهو سڄو ڏينهن شطرنج راند کيڏندي ۽ ڪافي پيئندي دل وندرائيندا آهن تيز ڀڄندڙ زندگي ۾ شطرنج جهڙي راند اهي ئي کيڏي سگهن ٿا، جيڪي خواهشن جي گهيري مان ٻاهر نڪري چڪا هجن، پر ڪي ماڻهون ٻن ڊالرن جي ان انعام جي لاءِ به کيڏڻ ويهي رهندا آهن، جيڪي هتي بازي کٽڻ تي ملي سگهن ٿا. هارورڊ اسڪوائر ۽ يونيورسٽي لازم ۽ ملزوم آهن. هارورڊ يونيورسٽي، آمريڪا جي سڀ کان قديم يونيورسٽي آهي، جيڪا 1636ع ۾ اڏي هئي. هارورڊ کي دنيا ۾ سڀني کان امير يونيورسٽيءَ جو اعزاز پڻ حاصل آهي. ان جي انڊومينٽ فنڊ ۾ ٽيهه ارب ڊالرن جي وڏي رقم محفوظ آهي، جيڪا رقم پاڪستان جي ٻن ورهين جي بجٽ جي برابر آهي. ڪيترن سون ايڪڙن تي پکڙيل هيءَ درسگاهه علم ۽ ادب جو لامحدود خزانو آهي. هن يونيورسٽي جي لئبرري دنيا جي سڀني يونيورسٽين کان وڏي آهي. آمريڪا جا اٺ صدر هن يونيورسٽي جا شاگرد هئا. هتان جا پنجهتر شاگرد ۽ استاد نوبيل انعام حاصل ڪري چڪا آهن ۽ اسان جا نوبل پرائز ونر... اهي بدنصيب ته ڪنهن يونيورسٽي، پهچڻ کان پهرين ئي اونداهين ۾ ٻُڏي ويندا آهن. آمريڪا جا ٻاهٺ کرب پتي (جيڪي اڃا جيئرا آهن) هن يونيورسٽي مان پڙهي نڪتا آهن. جڏهن هن درسگاهه جي شروعات ٿي ته اهو هڪ ڪاليج هو، جنهن جو نالو ’نيو ڪاليج‘ رکيو ويو. جان هارورڊ نالي هڪ همراهه بوسٽن پهتو ته ان پنهنجي اڌ دولت ۽ ذاتي لئبرري ان ڪاليج کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ائين ’نيو ڪاليج‘ جو نالو بدلائي هارورڊ ڪاليج رکيو ويو. اڄ هارورڊ جا ٻه ڪئمپس آهن، انهن ٻنهي جي وچ ۾ چارلس درياهه حد جو ڪم ٿو ڏي. ان درياهه جي هڪ خوبصورتي اهي ننڍيون ننڍيون ٻيڙيون آهن، جيڪي پاڻي جي مٿان ڪنول جي گل جيان ٽڙنديون رهنديون آهن. شاگرد جڏهن ٿڪند اآهن ته ٻيڙيون هلائڻ جي لاءِ هتي پهچي ويندا آهن، سونهري وارن ۽ نيرين اکڙين واريون دوشيزائون. انٽرنيشنل ريڪنگ ۾ هارورڊ ۽ برطانيا جي ڪيمبرج يونيورسٽي پاڻ ۾ مد مقابل آهن. ڪڏهن هارورڊ اول ته ڪڏهن ڪيمبرج پهرين نمبر تي... پر ڪيمبرج کان اهو اعزاز ڪير به کسي نٿو سگهي ته اُتان جي پڙهيل ڳڙهيل همراهن ئي هارورڊ جو بنياد رکيو. سورهين ۽ سترهين صدي اهل يورپ جي عروج ۽ اسان جي زوال جي صدي هئي. ذهني، فڪري ۽ سماجي زوال، جيڪو معاشي ۽ فوجي زوال جي ڏاڪڻ بڻيو. انهن ٻن صدين اولهه ۽ اوڀر ۾ فاصلا ايترا ته وڌائي ڇڏيا، جو هاڻ اهي گهٽجن ئي نٿا. مغل، ترڪ، عرب، بربر، ايراني، خراساني. اهي سڀئي مسلم حڪمران، دانشور، سپهه سالار ۽ عالم جن جي ڪلهن تي ان دور هڪ عظيم ذميداري رکي هئي، هڪ ڏينهن تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ ڪنڌ جهڪايو بيٺا هوندا. اسان جي اُن تباهيءَ ۾ سندن ڪوتاهه نظري به ته شامل آهي.
    اسان ٻنهي ڪرسيون والاريون ۽ ڪافيءَ جي هڪ سرڪ ڀري. ڳالهين جو رخ پهرين ڪانفرنس ۽ پوءِ اخوت ڏانهن مُڙيو. ماضي، حال ۽ مستقبل. آئون عمران کي ٻڌائڻ لڳس ته اخوت جو شروعاتي سفر ڏاڍو ڏکيو هو. خواب کي جاکوڙ ۽ جاکوڙ کي جذبو بنجندي بنجندي گهڻو وقت گذري ويو. اخوت کي هڪ نمايان ڪاميابي تڏهن ملي، جڏهن ناليواري صحافي مجيب الرحمان شاميءَ منهنجو تعارف پنجاب جي اڳوڻي گورنر ليفيٽنٽ جنرل (ر) خالد مقبول سان ڪرايو. اسين جنرل خالد مقبول سان ملڻ جي لاءِ گورنر هائوس وياسين ته هن قرضن جي اُن تصور جي واکاڻ ڪئي ۽ پنهنجي سهڪار جي آڇ ڪئي. اسان جي ان جواب ته اسين اهو ڪم حڪومت جي بدران رڳو مخير ماڻهن جي سهڪار سان ڪرڻ ٿا چاهيون، هو گهڻو متاثر ٿيو. مون کيس دعوت ڏني ته هو اسان جي آفيس اچي ۽ پاڻ ئي ماڻهن کان اسان جي ڪم جي باري ۾ پُڇي، جيڪڏهن کيس اطمينان ٿئي ته پوءِ سهڪار جو فيصلو ڪري. گورنر اهي ٻئي ڪم ڪيا. هو مارچ 2003ع ۾ ’رسول پارڪ‘ نالي ان ڪچي وستي ۾ آيو، جتان کان اخوت جي شروعات ٿي هئي. ڪيترن ئي زائفائن کيس اخوت جو داستان ٻڌايو. انهن لفظن ۾ خدا ڄاڻي ته ڪهڙو اثر هو، جو ٿورن ئي ڏينهن کانپوءِ جنرل خالد مقبول ان پاڙي جي پنج سؤ عورتن کي گورنر هائوس چانهه تي گهرايو، اها پنهنجي نوعيت جي منفرد تقريب هئي. غريب عورتون گورنر هائوس جي لان تي نهايت اطمينان سان چانهه پي رهيون هو. ان موقعي تي ڪيترائي مخير ماڻهو به دعوتيل هئا. هڪ طرف اهي هئا، جيڪي سون جو چمچو وات ۾ وجهي پيدا ٿيا هئا، ۽ ٻي طرف غريب ۽ مسڪين، جن جي پلئه ۾ ڪنڊن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو. غريب عورتن ڀڳل ٽٽل لفظن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ڪهاڻي سُڻائي. جدوجهد ۽ اميد جي لازوال ڪهاڻي، جيڪا دلين کي پگهرائي ٿي وجهي. ائين ويٺي ويٺي عطين جو هڪ سلسلو نڪري پيو. تقريب ۾ ڪجهه دانشور ۽ ڪالم نگار پڻ موجود هئا. جيئن اقبال چيو آهي ته: بھر آئی پھول کی آنسو پیام شبنم سی ۔۔۔ انهن زائفائن جي لهجي ۾ اهڙو ته ڪو اثر هو، جو انهن ڪالم نگارن مان ڪيترن جون اکيون ڀرجي آيون. ان تقريب تي ڪيترائي ڪالم لکيا ويا، جن جي ڪري اخوت جو نالو پکڙجڻ لڳو. سڀني کان پهريون ڪالم عبدالقادر حسن جو 15 جنوري 2004ع تي روزاني ’جنگ ‘۾ ڇپيو.


    1.21: عبدالقادر حسن

    عبدالقادر حسن پنهنجي ڪالم ۾ اخوت جو نهايت وڻندڙ تعارف ڪرايو. هن چيو: ”گهڻا ڏينهن ٿيا آهن، جو لاهور جي گورنر هائوس ۾ خدمت خلق ۾ رڌل هڪ تنظيم هڪ تقريب ڪوٺائي. پنجاب جي گورنر وڏي شوق ۽ جذبي سان اُن تقريب جي ميزباني ڪئي ۽ ان بي حد متاثر ڪندڙ تقريب ۾ اهي صحافي به شريڪ هئا، جن جي کيسن ۾ پگهار کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو. هو هتي آيا ته تقريب جي رپورٽنگ ڪرڻ هئا، پر ان دوران هو ايترا ته متاثر ٿيا، جو هنن پنهنجي رزق حلال مان ان ڪارخير ۾ حصو وٺڻ مناسب سمجهيو. ان مان اوهين اندازو لڳايو ته اها تقريب ڪيتري نه ڪامياب ۽ ولولي انگيز هئي، جنهن اداري جي اها تقريب هئي، اهو ”اخوت“ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.
    گورنر هائوس جي ڇٻر تي ڪوٺايل ان تقريب ۾ پنهنجي اداري جو تعارف ڪرائيندي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر امجد ثاقب ٻڌايو ته اسين انهن ماڻهن جي لاءِ ڪم ڪريون ٿا، جن جي بئنڪن تائين رسائي نه آهي. اسين بنا وياڄ جي قرض ڏيئي انهن غريبن کي پنهنجن پيرن تي بيهاريون ٿا ۽ هو غربت جي لڪير کان مٿي اُٿي کڙا ٿين ٿا. اسين حقدار ماڻهن کي قرض ڏيڻ جي لاءِ حڪومت کان ڪابه امداد نه ٿا وٺون ۽ نه ئي ڊونر ايجنسين ۽ عالمي ادارن کان خيرات ٿا گهرون. اسان جي خيال ۾ غربت جي خاتمي لاءِ حڪومت کان اڳ سماج جي ذميداري به آهي. ان اخوت جو پهريون مظاهرو ”مدينه شريف“ ۾ ٿيو، جتي مسلمانن پنهنجي مال ۽ مڏيءَ ۾ مڪي جي مهاجرين کي به شامل ڪيو. پاڪستان ۾ پنج ڪروڙ انسان غريب آهن ۽ اسين انهن جي غربت جو خاتمو ڪري سگهون ٿا. اسان جو پروگرام هڪ مسجد مان شروع ٿيو ۽ اهائي مسجد هاڻ اسان جي آفيس آهي. اُتي ئي اسين حقدار ماڻهن ۾ چيڪ ورهائيندا آهيون. ۽ اتي مسجد ۾ ئي اسان جي ماهوار گڏجاڻي ٿيندي آهي. ائين اهو مسجد سان هڪ لاڳاپو ڳنڍڻ جي ڪوشش پڻ آهي. گذريل ٻن سالن ۾ اسان اٺ سؤ گهراڻن کي 80 لک روپين کان به وڌيڪ رقم فراهم ڪئي. اسان وٽ چاليهه لک روپين جي رقم گڏ ٿيل آهي ۽ جيئن ته رڪوري سؤ سيڪڙو آهي، تنهنڪري اها رقم لڳاتار واري ڦيري ۾ رهي ٿي. هر مهيني اسين چاليهن ماڻهن کي چار لک روپيا قرض ڏيو ٿا. اسانجي خواهش اها آهي ته ڪو به غريب موڙي جي لاءِ اسانکي چوي ته اسين اها موڙي سندس گهر جي چانئٺ تائين پهچايون. اسين ان اداري مان فائدو وٺندڙن جو تعداد هزارن کان لکن تائين کڻي وڃڻ ٿا چاهيون. ڏسڻ ۾ ته اهو ڪم ڏکيو آهي، تنهنڪري اسان کي صلاح ڏني وڃي ٿي ته ٻاهرين مالياتي ادارن ڏانهن رجوع ڪريون. پر اسين هڪ مسلمان جي حيثيت سان ڪُل ۽ خدا جي مدد تي ڀروسو رکون ٿا. اسان جو يقين آهي ته اهو جنهن جو ڪم آهي، اهو ئي وسيلن جو بندوسبت پڻ ڪندو. جيڪڏهن ”ايڌي فائونڊيشن“ کي هر سال ڪروڙين روپين جو عطيو ملي سگهي ٿوته اهل دل ”اخوت“ سان پنهنجي وابستگي جو مظاهرو ڇو نٿا ڪري سگهن؟
    گورنر هائوس جي ان تقريب ۾ اهي ماڻهو به موجود هئا، جيڪي ان اداري مان مستفيد ٿيا هئا. ڪنهن ڪئبن هنئي ته ڪنهن ريڙهي لڳائي هئي. ڪنهن وري ڪو ٻيو ڇوٽو موٽو ڪم ڪري غربت ۽ محتاجي مان ٻاهر نڪري پنهنجي پيرن تي بيٺا هئا. انهن ۾ ڳچ تعداد عورتن جو به هو. گورنر صاحب ان تقريب ۾ شهر جي دولت مند ماڻهن کي به شرڪت جي دعوت ڏني هئي، جن اخوت جي چڱي خاشي خدمت ڪئي. ٻين ته ٺهيو پر اسان صحافين به پنج سؤ هزار تائين حصو ورتو، جڏهن ته ٻين ماڻهن ته لکن جي صورت ۾ هن خير جي ڪم ۾ حصو ورتو.
    خواتين و حضرات! ملڪ ۾ ايتري غربت ڪونهي، جيتري دولت جي اڻ برابريءَ جي ورهاست. هڪ طرف خودڪشيون آهن ته ٻي پاسي ڪروڙن ۾ کيڏڻ وارا آهن ۽ اسان جا حڪمران به انهن وڏن ماڻهن ۾ شامل آهن، جيڪي سرڪاري خرچن جي صورت ۾ غربت ۾ لڳاتار واڌارو ڪندا پيا وڃن. اخوت وارا جيڪڏهن ڪنهن مسجد کي مرڪز ٺاهي اهو ڪم ڪري رهيا آهن ته ٻيا ماڻهو ائين ڇو نٿا ڪري سگهن ۽ لاهور کان ٻاهر ٻين شهرن ۾ اهو ڪم ڇو نٿو شروع ٿي سگهي. اهي غريب جيڪي ڪجهه هزارن جي مدد وٺن ٿا، اِهي سؤ سيڪڙو اُهي واپس به ڪن ٿا ۽ انهن جي جاءِ تي هڪ ٻيو غريب گهراڻو نڪري ٿو اچي. اهي غريب ماڻهو بئنڪ خور ڪونهن اهي ته فقط عزت جي زندگي ۽ رزق حلال جا گهرجائو آهن. اهو حساب ڪير ٿو لڳائي سگهي ته جن ماڻهن اهو ڪم شروع ڪيو، تن جي ڀاڱي ۾ ڪيتريون نيڪيون گڏ ٿي رهيون آهن. هي اُهي ماڻهو آهن، جن سان هي سماج جيئرو آهي ۽ منجهن اڃا به حيا آهي. انهن ماڻهن ۽ انهن ماڻهن جي ڪم جي واکاڻ جي لاءِ مناسب لفظ ڪٿان آڻجن. اصل اسلام ته اهو ئي آهي ۽ اصل مسلمان ته اهي ئي همراهه آهن، جيڪي هڪ فلاحي معاشرو قائم ڪرڻ طرف وڌي رهيا آهن، اهو معاشرو جيڪو انساني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مديني جي مسلمان رياست شروع ڪيو هو.“

    عبدالقادر حسن جيڪو ڪجهه لکيو، اها شروعاتي ٽن سالن جي ڪهاڻي هئي. ان وقت تائين رڳو اسي لک روپيا قرض ڏنو ويو هو ۽ اٺ سؤ گهراڻن سان اخوت جو رشتو ڳنڍيو هو. اڄ ايتري ئي رقم روزانو ڏني وڃي ٿي. اسين اُن وقت به ٿورائتا هئاسين ۽ اڄ به اسان جا ڪنڌ جهڪيل آهن. ڪاميابي تعداد ۾ نه پر اخلاص ۾ آهي، ڇا اخوت جي ترقي ان ڳالهه جو چٽو ثبوت ڪونهي ته الله حلال کي وڌائي ٿو ۽ وياڄ کي گهٽائي ٿو.


    1.22: هڪ تصور- هڪ تحريڪ

    سوين ملازم، هزارين گهراڻا، لکين قرض.
    اخوت هاڻ هڪ تصور نه پر تحريڪ بنجي چڪي آهي، هاڻ اها ڪجهه ماڻهن جي چريائپ ڪونهي، پر هڪ ادارو آهي. سماج کي سرمائيداري نظام جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي نٿو سگهجي. ان نظام جو بنياد ئي پرماريت تي رکيو ويو آهي. جيڪي ماڻهو دولتمند آهن، بئنڪون تن کي وڌيڪ دولتمند بنائي ٿيون ڇڏين. جيڪي ماڻهو غريب، مسڪين ۽ لاچار آهن، انهن سان شودرن جهڙو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي. ايڪيهين صديءَ جي اها ورهاست، معاشي متڀيد Financial Apartheid جي بدترين شڪل آهي. ڪائنات جي خزانن کي ٿورن ماڻهن پنهنجي قبضي ۾ وٺي لاٿو آهي. هنن جو وس پُڄي ته ڪر هو سج جي اُس ۽ تارن جي روشنيءَ جو به اگهه مقرر ڪري ڇڏين. هنن شايد تخليق جي مقصد کي سمجهيو ئي ڪونهي. جيڪو ڏاڍو سو گابو جو اصول انسان تي لاڳو ٿي نٿو سگهي. جيڪو رب جو آهي، اهو سڀني جو آهي. وسيلن جي برابر ورهاست، محنت ۽ صلاحيت موجب هئڻ گهرجي. جيڪڏهن رياست ئي غريب ۽ لاچار ماڻهن کان اکيون ٻوٽڻ لڳي ته پوءِ ان جو باقي جواز ئي نٿو رهي. اللهج جي رسولصه چيو آهي ته آئون پناهه ٿو گهران، فقر کان، کوٽ کان، ذلت کان ۽ آئون تنهنجي پناهه ٿو گهران اُن کان ته آئون ڪنهن تي ظلم ڪريان، يا مون تي ڪو ظلم ڪري. آئون توکان پناهه ٿو گهران غريبي کان، ڪفر کان، فسق کان، دشمني ۽ نفاق کان. غريب خيرات جا نه پر سهڪار جا گهورا آهن. اسين خيرات ڏيئي کين خيرات جو عادي بنائي ڇڏيندا آهيون. هو مال ۽ مڏي کان محروم ته آهن، پر عزت نفس کان نه، ۽ اسين خيرات ورهائي کين عزت نفس کان به محروم ڪري ٿا ڇڏيون. الله جي رسول فرمايو آهي ته: غربت، خيرات ۽ وياڄ کان بچو. غربت ڪفر تائين وٺي ٿي وڃي. خيرات تذليل آهي ۽ وياڄ الله سان جنگ ڪرڻ وانگيان آهي. اسان کي نه ته ڪفر ۽ تذليل گوارا آهي، ۽ نه ئي الله ۽ سندس رسول سان جنگ جا روادار ٿي سگهون ٿا. اخوت ڪو نئون ڪم نه ڪيو آهي. اسلام جي قرض حسن جي انفرادي نظام کي Institutionalize ڪيو آهي ته جيئن ماديت پرستيءَ جي هن دور ۾ ڀائيچاري ۽ امداد باهمي جي اصول کي عام ڪري سگهجي.
    مون کي ٻن ماڻهن جا رايا ياد اچن ٿا. هڪ مائڪرو فنانس جي ماهر آمريڪي عورت ۽ ٻي ’انڊين انسٽيٽيوٽ آف مينيجمينٽ بنگلور‘ جي هڪ پروفيسر جي. اهي ٻئي مونکي مراڪش جي هڪ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ گڏيا. انهن مان هڪ جو چوڻ هو ته ”اخوت بنا وياڄ جي ننڍن قرضن جو هڪ منفرد ۽ بي مثال نظام متعارف ڪرائي دنيا ۾ پنهنجي لاءِ هڪ منفرد مقام حاصل ڪري ورتو آهي. اوهان ڪميونٽي جي سهڪار سان هر مڪتبه فڪر، عقيدي ۽ جديد ثقافت سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي هڪجهڙي احترام سان مالي سهولتون فراهم ڪيون آهن. اهو بنا ڪنهن شڪ جي هڪ بهترين ڪارنامو آهي. اخوت سوسائٽي جي بهترين قدرن جو هڪ مثال آهي.“ ٻي چيو، ”اخوت پنهنجي ڪاوشن کي پنهنجي شاندار ڪلچرل قدرن سان جوڙي رکيو آهي. ان ئي شيءِ مون کي سڀني کان گهڻو متاثر ڪيو. اهي قدر ضرورتمند ڀائرن جي امداد جي همت افزائي ڪن ٿا. منهنجي خواهش آهي ته مون کي به هڪ ڏينهن اخوت جي آفيس اچڻ جو موقعو ملي ته جيئن آئون اخوت جي ڪم جي طريقي جو اڀياس ڪري سگهان. مون کي پڪ آهي ته هندستان ۾ اڻ ڳڻيا ادارا اخوت کان گهڻو ڪجهه سکي سگهن ٿا.“ سوين ملازم، هزارين گهراڻا ۽ لکين قرض. ڇا اهو ان ڳالهه جو ثبوت نه آهي ته اخوت هاڻ هڪ تصور نه پر هڪ تحريڪ بنجي چڪي آهي؟ جيئن فيض چيو آهي:

    انہی کے فیض سے بازار عقل روشن ہے،
    جو گاہ گاہ جنون اختیار کرتے ہیں۔


    1.23: دردمنديءَ تي اختيار ڪونهي

    اسين اسٽاربڪس ۾ ويٺا ڪيتري ئي دير تائين پراڻين ساروڻين کي ساريندا رهياسين. عمران سرور LUMS مان وانڌو ٿيڻ کانپوءِ ڪيترن ئي مهينن تائين اخوت سان لاڳاپيل رهيو. ڏهه ساله تقريبن ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪمن ۾ هٿ ونڊائيندو رهيو. ان دوران اخوت تي هڪ ڪافي ٽيبل بُڪ لکڻ جي رٿا سامهون آئي ته عمران پنهنجي سنگتي علي محسن گرديزي سان ڳالهايو. علي پنهنجي ڪئميرا کنئي ۽ هو ٻئي انهن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ نڪري پيا، جتي اخوت جون آفيسون قائم هيون. سندن خواهش هئي ته هو انهن ماڻهن کان انٽرويو وٺن، جن کي اخوت کان قرض مليا آهن. کانئن اهو پُڇن ته انهن قرض جي بدلي سندن زندگي ۾ ڪهڙي تبديلي آئي آهي. قرض حسن، رڳو هڪ دعويٰ آهي يا ان جو ڪو نتيجو به نڪري ٿو. رُل رُلان جو اهو سلسلو ڊگهو ٿيندو ويو، راولپنڊي، مانسهره، ڪراچي، ملتان ۽ لاهور کان وٺي راجن پور تائين ڪيترائي شهر هنن لتاڙي قرض وٺندڙن جا انٽرويو ۽ انهن جون تصويرون ڪڍيون. سفر جي ڪجهه حصي ۾ آمنه سيد به ساڻن گڏ هئي. آمنه اڄڪلهه Stanford ۾ پڙهي ٿي، پر اخوت کان اڃا به پري نه آهي. هنن سخت گرميءَ ۾ اهو ڪم وڏي شوق سان ڪيو، سفر جون سڀ تڪليفون سندن اڳيان بي معنيٰ بنجي ويون. سٺو ڪم خود انعام هوندو آهي. مسلم ڪمرشل بئنڪ چيو ته اهو ڪتاب اسين ڇپينداسين. اخوت جي شروعاتي دوست ميان محمد منشا اها ذميداري بئنڪ جي هڪ سينيئر آفيسر مبشر بشير جي حوالي ڪئي ۽ ائين پاڪستان جي بهترين ڪافي ٽيبل بُڪ مرتب ٿي. ميان منشاء جو چوڻ هو ته منهنجي وس ۾ هجي ته اخوت جي اها ڪهاڻي سڄي دنيا ۾ پکيڙي ڇڏيان. ڪيتري ئي عرصي کانپوءِ انهن سڀني ماڻهن ۽ انهن جي محنتن کي ياد ڪرڻ ڪيترو نه سٺو ٿو لڳي. مون عمران کي ٻڌايو ته ڪو وقت هو جڏهن اخوت جو ذڪر ڪندي به هٻڪ پيئي محسوس ٿيندي هئي ۽ اڄ دنيا جي بهترين يونيورسٽيءَ ۾ ٽيهن ملڪن کان آيل ماڻهن جي روبرو اها ڪهاڻي ٻڌائي ويئي. دردمنديءَ تي ڪنهن جو به اختيار ڪونهي، اها ته عطا ٿئي ٿي، خدا جنهن کي چاهي، تنهن کي ڏي ۽ جنهن کي چاهي، تنهن کي ان کان محروم ڪري ڇڏي. دهلي ۾ انشاء نالي هڪ شاعر رهندو هو. ان جو هڪ شعر ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳو:
    سنا یا رات کو قصہ جو ہیر رانجھے کا،
    تو اہلِ درد کو پنجابیوں نے لوٹ لیا۔
    هارورڊ اسڪوائر تان اُٿڻ تي دل ته نٿي ٿي، سڄي دنيا جي شاگردن جي وچ ۾ ٿورڙن پاڪستاني شاگردن کي ڏسي دل کي ڏڍ مليو... کریں گے اہل نظر تازہ بستیاں آباد۔


    1.24: بوسٽن کان واشنگٽن

    عمران مون کان اُتان ئي موڪلايو، ٽئڪسي مونکي واپس هوٽل کڻي آئي، سامان ته اڳ ۾ ئي ٻڌو رکيو هو. هوٽل جي لابيءَ ۾ رفيع الدين شڪوه کي ڏسي حيرت ٿيم. هو به هارورڊ فورم ۾ شرڪت جي لاءِ آيو هو. فورم جي دوران روزانو ساڻس مِيل ملاقات ۽ ڳالهيون مُهاڙيون ٿينديون رهنديون هيون. وطن جي محبت ۾ سرشار رفيع الدين نيويارڪ ۾ ئي رهندو آهي ۽ وڏين ڪاروباري ڪمپنين کي انتظامي مامرن ۾ صلاحون ڏيندو آهي. ”آئون اڄ کان اخوت جو هم سفر آهيان.“ اهو چئي هن اخوت جي ڪتاب رفاقت تي صحيح ڪئي ۽ نيويارڪ ۾ ملڻ جو وعدو ڪري روانو ٿي ويو. آئون ٿوري دير لابي ۾ ويٺو رهيوس. سفر جو پهريون مرحلو ختم ٿي چڪو هو ۽ ايندڙ مرحلو شروع ٿيڻ وارو هو. هاڻ اسان کي ان پاڪستان سان ملڻون هو. جيڪو پنهنجو وطن ڇڏڻ کانپوءِ آمريڪا ۾ آباد آهي. کين ٻڌائڻو هو ته اخوت ڇا آهي؟ تصور، ادارو يا تحريڪ يا قافلو؟ ان جا مقصد ڪهڙا آهن. اسان اهو خواب ڇو ڏٺو. فلائيٽ جو وقت ويجهو اچڻ لڳو هو. اسان سامان کنيو، ٽئڪسي ڪري ۽ بوسٽن جي لوگن ايئرپورٽ جو رستو اختيار ڪيوسين. ايئرپورٽ تي اها ئي جڙتي، اها ئي بي زاري. نائن اليون کانپوءِ دنيا اڳ جهڙي نه رهي آهي، اولهه ۽ اسلام جي وچ ۾ وٿي اڃا به وڌڻ لڳي آهي. جهاز ڏيڍ ڪلاڪ کانپوءِ نيشنل ايئرپورٽ واشنگٽن پهچي ويو. ان ايئرپورٽ جو نالو بدلائي هاڻ، ’رونالڊريگن ايئرپورٽ‘ رکيو ويو آهي. ايئرپورٽ تي ڊاڪٽر قدير اوسيئڙي ۾ هو. جڏهن آئون پهريون ڀيرو ان ائيرپورٽ تي لٿس ته به هن ئي ڀليڪار ڪئي هئي. هن پنهنجي گهر جا دروازا اسان لاءِ ائين کوليا، جو اهو گهر اسان کي پنهنجو گهر لڳو ۽ پوءِ نه رڳو اسان کي، پر آمريڪا ايندڙ اسان جي سڀني دوستن کي اُتي ئي جڳهه ملندي رهي.
    قدير سامان گاڏي ۾ رکڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ايئرپورٽ کان نڪري اسين جارج واشنگٽن پارڪ وي تي وڃي پهتاسين. رات ان خوبصورت رستي تي اوندهه جي چادر پکيڙي ڇڏي هئي. وشال رستو، گلن ۽ وڻن سان سينگاريل، ساوڪ سان جنجهيل اهو رستو، منهنجي واشنگٽن ۾ قيام جي ٻن سالن دوران منهنجي پسند جو لنگهه هو. وڃڻو ڪيڏانهن به هوندو هوم، اتان اچي نڪرندو هوس. انهن ڏينهن آئون هڪ پراڻي فورڊ گاڏيءَ جو مالڪ هئس، جيڪا مون ٻه سؤ پنجهتر ڊالرن ۾ خريد ڪئي هئي ۽ واپس ورڻ مهل ٽن سؤ ڊالرن ۾ وڪڻي ڇڏيم. ان خوبصورت رستي تان هڪ ٻيو رستو ”مائونٽ ورنن“ وڃي ٿو. مائونٽ ورنن آمريڪا جي پهرين صدر جارج واشنگٽن جي ذاتي رهائشگاهه هئي. هڪ خوبصورت ٽڪريءَ تي موجود اها رهائشگاهه آمريڪا جي آزاديءَ کانپوءِ گهڻي شهرت اختيار ڪري ويئي هئي. ماضي جون ڳڙکيون کلڻ لڳيون. مائونٽ ورنن ۽ ٻيا ڪيترائي تاريخي هنڌ آئون گهڻو وقت اڳ ڏسي چڪو هوس. 1993ع ۾ منهنجو اهو ئي مشغلو هوندو هو. يونيورسٽيءَ مان وانڌڪائي جو جيڪو وقت به ملندو هو. اهو آئون انهن هنڌن تي گذاريندو هوس، ٽٽل ڦٽل ۽ پراڻي گاڏي منهنجو تمام گهڻو ساٿ ڏنو. مائونٽ ورنن، جيفرسن ميموريل، لنڪن ميموريل، سمٿ سونين مال. ڏاهپ مومن جي گم ٿيل ميراث آهي. آئون بظاهر ته قدير کي بوسٽن جي رهائش ۽ هارورڊ جي باري ۾ سُڻائي رهيو هوس، پر منهنجو ڌيان ڪنهن ٻي پاسي هو. مائونٽ ورنن جي اها خوبصورت ٽڪري مونکي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهي هئي. اهو هنڌ ئي اهڙو آهي ۽ ان جڳهه جو رهائشي جارج واشنگٽن! آمريڪا جو ناليرو صدر، آئون ان جي ياد کي ذهن مان کوٽي ڪڍڻ تي لاچار هئس. آمريڪا جي وڏن اڳواڻن ۾ هن جو نالو سڀني کان مٿانهون آهي.


    1.25: آمريڪا جو پهريون صدر جارج واشنگٽن

    جارج واشنگٽن آمريڪا جو پهريون صدر هو. ان شخص کي قدرت بهترين گُڻن سان نوازيو هو. آمريڪا جي آزادي کان اڳ هو رياست ورجينيا پاران فوجي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. اهي سندس جواني جا ڏينهن هئا. هو هڪ بهادر، ذهين ۽ بردبار شخص هو. برطانيا ۽ فرانس جي جنگ ۾ هن وڏو نالو ڪمايو، جنگ کانپوءِ هو واپس پنهنجي گهر ”مائونٽ ورنن“ موٽي آيو ۽ پنهنجي ڪٽنبي روايتن موجب سياست ۾ حصو وٺڻ لڳو. پهرين هن جو خيال هو ته آمريڪا تي برطانيا جي حاڪميت برقرار رهي، پر هوريان هوريان هو ان قبضي کان بيزار ٿيڻ لڳو. 1775ع ۾ جڏهن آمريڪي عوام آزادي جو نعرو هنيو ته کيس گڏيل فوج جي اڳواڻي جي لاءِ چونڊيو ويو. هن جي ڏاهپ ۽ تجربو سندس ترڪش جا ٻه وڏا تير هئا. آزاديءَ جي اها جنگ ڪا ايڏي سولي نه هئي، پر سوڀ نيٺ واشنگٽن جا قدم چميا. هو هڪ قومي هيرو بنجي ويو. پر ايڏي وڏي سوڀَ کانپوءِ هو هڪ ڏينهن ماٺ مٺيءَ ۾ واپس مائونٽ ورنن پهتو ۽ وري پنهنجن پالتو ڪتن ۽ گهوڙن سان دل وندرائڻ لڳو. فتح کان پوءِ هر سپهه سالار پنهنجي مٿي تي بادشاهت جو تاج رکڻ چاهيندو آهي، پر واشنگٽن اهڙي ڪنهن به سَڌ جو اظهار نه ڪيو. اهو پاڻ تي جبر جو هڪ يقين کان ٻاهر مثال آهي. سندس اهو انداز ماڻهن کي وڻي ويو ۽ کيس گڏيل راءِ سان آمريڪا جو پهريون صدر چونڊيو ويو، صدر جي حيثيت سان هو بي حد قابل منتطم ثابت ٿيو. هن جي اڳيان سڀ کان وڏي للڪار قومي ايڪي کي وڌائڻ هو، جنهن ۾ هو گهڻو ڪامياب ويو ۽ آمريڪي رياستون فيڊرل ازم جي اصول تحت پنهنجي پنهنجي خودمختياري جي باوجود هڪ مرڪز تي سهمت ٿيڻ لڳيون.
    1792ع ۾ هو آمريڪا جو ٻيهر صدر چونڊيو. صدارت جي ٻي دؤر ۾ سندس لاءِ ڪجهه مشڪلاتون وڌيون، ان وقت برطانيا ۽ فرانس عالمي سياست جا ٻه ڪردار هئا. جارج واشنگٽن نئين جنم ورتل رياست کي انهن ٻنهي طاقتن کان جهڙي نموني بچايو، اهو دنيا جي تاريخ جو هڪ روشن باب آهي. 1797ع ۾ هن جي صدارت جو ٻيو دؤر ختم ٿيو، هو چاهي ها ته ٽيون ڀيرو به صدر چونڊجي سگهيو ٿي، ڪجهه همراهن کيس تاحيات صدر بنائڻ جي به رٿ ڏني، جڏهن ته ڪن وري کيس بادشاهه جو درجو ڏيڻ ٿي چاهيو، پر آمريڪا جي اولين قيادت جنهن کي Founding Fathers چيو وڃي ٿو، تاريخ جو مڪمل شعور رکندي هئي. يعني جيفرسن، هملٽن، جان ايڊم ۽ فرينڪلن، انهي چمڪندڙ ڪهڪشان ۾ واشنگٽن هڪ چمڪندڙ تارو هو. هن هڪ ڀيرو ٻيهر مائونٽ ورنن جي پرسڪون خاموشي کي اهميت ڏني ۽ ذاتي اقتدار جي خواهش کي جمهوريت جي نئين شمع تي نڇاور ڪري ڇڏيو. اهڙا ماڻهو مدبر سڏبا آهن، اهڙا ماڻهو ئي قومن جا بنياد رکندا آهن. جارج واشنگٽن 1799ع ۾ گذاري ويو. جمهوري قدرن جو علمبردار هيءَ هڪ عجيب جرنيل هو. سپهه سالاري، سياست ۽ پوءِ قناعت ۽ گمنامي جو پرسڪون رستو، اهڙي گڏپ تاريخ ۾ تمام گهٽ ماڻهن کي ملي ٿي. اسان جهڙن ملڪن ۾ اها گڏپ ته تمام گهٽ آهي. هڪ طرف اهي ماڻهو آهن، جيڪي ڪا جنگ وڙهڻ کانسواءِ ئي فيلڊ مارشل بنجي ٿا وڃن ۽ ٻي طرف اهي ماڻهو آهن، جيڪي پاڻ صليب تي لڙڪي ملڪ ۽ قوم کي بقا جي سوکڙي ڏيئي ويندا آهن. افسوس جو اسان کي جارج واشنگٽن جهڙو هڪ به سپاهي ڀاڳ ۾ نه مليو.
    حمیت نام تھا جس کا گئی تیمور کے گھر سے
    ايتري دير ۾ اسين قدير جي گهر پهچي وياسين. ان هنڌ جو نالو پوٽومڪ ويلي آهي.


    1.26: گلن جو شهر

    ايندڙ ٻئي ڏينهن داڪٽر قدير سان گڏ گذريا. ورجينيا ۽ ميري لينڊ، ايندڙ ٻن هفتن جو پروگرام سامهون هو. ڇا ڪرڻو هو، ڪنهن سان ملڻو هو Reaching one thousand Americans جي تفصيلي رٿابنديءَ کانپوءِ جيڪو خاڪو ترتيب ڏنو ويو، اهو ڪجهه هن ريت هو. اٺاويهين مارچ تي ڪيلي فورنيا جي شهر لاس اينجلس روانگي، جتي اعزاز ڊار پاڪستان سرڪار پاران ڪمرشل ڪائونسلر هو. اخوت کي آمريڪا ۾ رجسٽر ڪرائڻ جي ذميداري هن قبولي ۽ پوءِ ڪجهه ٻين دوستن کي ان ۾ شامل ٿيڻ تي راضي ڪيو ۽ ائين رجسٽريشن جو عمل شروع ٿي ويو. واشنگٽن کان ڪيلي فورنيا يعني آمريڪا جي اوڀرندي ڪنڌي کان اولهندي ڪنڌي تائين جو اهو هوائي سفر ڇهن ڪلاڪن جو آهي، پر اُتي وڃڻ ۽ اخوت جي باري ۾ تفصيلي ڳالهائڻ بنهه اهم هو. اعزاز ان ملاقات کانسواءِ پاڪستان جي ڪونسلر جنرل محترمه رفعت مسعود جي اجازت سان ڪيلي فورنيا جي 25 ڪاروباري همراهن سان گڏ هڪ مانجهاندي جو بندوبست ڪيو هو، جنهن ۾ کين اخوت جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏيڻي هئي. ٽيهين ۽ ايڪٽيهين مارچ شڪاگو جو پروگرام هو، جتي ڊاڪٽر اعجاز ۽ ڊاڪٽر علي رضا نقوي اوسيئڙي ۾ هئا. پهرين ۽ ٻي اپريل ٽيڪساس جي فتح خان وٽ، ٽين ۽ چوٿين اپريل نارٿ ڪيرولينا ۾ ذڪي الدين خليفه ۽ پوءِ چوٿين کان اٺين اپريل تائين ٻيهر قدير سان گڏ واشنگٽن، ورجينيا ۽ ميري لينڊ- آخري چئن ڏينهن جون سرگرميون نهايت ترتيب سان طئي ٿيون، جن ۾ قدير کانسواءِ اسان جي دوست ڊاڪٽر امتياز نور جي ڀرپور مدد شامل هئي.
    ميري لينڊ جي شهر ”گيدرزبرگ“ ۾ اهي ٻه ڏينهن ڏاڍا يادگار هئا. ان شهر جون هوائون ڄاتل سڃاتل لڳيون. ويهه سال اڳ جڏهن آئون آمريڪا آيو هوس ته ڏيڍ سال ان ئي شهر ۾ رهيو هوس. آمريڪن يونيورسٽي جتي مونکي داخلا ملي هئي، هتان کان مُني ڪلاڪ جي مسافري تي هئي. گلن سان جنجهيل هي سهڻو شهر، بهار ۾ ته پنهنجي جاءِ تي خزان ۾ به گيدرزبرگ ڏسڻ وٽان هوندو آهي. خزان جي منڌ ۾ پتن جا جيترا رنگ مون هن شهر ۾ ڏٺا، اوترا اڳ ڪٿي به نظر نه آيا. ڳاڙهو، نارنگي، زرد، سُرمئي، گلابي، نيرو، پيلو، شربتي شايد لغت ۾ انهن سڀني رنگن جا نالا نه هجن، جن کي قدرت انهن ڏينهن هت وکيريندي آهي. آئون انهن ٻن ڏينهن ۾ انهن ڪيترن ئي هنڌن تي ويوس، جتي مون پنهنجي گهرواري فرخ، پُٽ جنيد ۽ ڌيءَ فرزين سان گڏ هڪ ڊگهو عرصو گذاريو هو. اهو خوبصورت اپارٽمينٽ جت اسان رهائش اختيار ڪئي هئي، اڃا سوڌي اُت ئي هو. ڀرپاسي جو منظرنامو گهڻو بدلجي چڪو هو. نيون عمارتون، نوان گهر، گيدرزبرگ ايليمينٽري اسڪول جي عمارت به اُتي ئي بيٺي هئي. جنيد ۽ فرزين شروعاتي تعليم اُتي ئي پرائي هئي ۽ فرخ جو گهڻو وقت به هت ئي گذرندو هو. ٻارڙن اسڪول وڃڻ جو پهريون شرط اهو رکيو ته سندن امڙ هر وقت اسڪول جي ٻاهران موجود رهندي. ماءُ پنهنجي زندگيءَ جون ڪيتريون ئي گهڙيون اولاد جي ننڍين ننڍين خوشين جي نذر ڪري ٿي ڇڏي. فرخ به سدائين هڪ ماءُ جو ڪردار ادا ڪيو. گيدرزبرگ ۾ انهن ڏينهن چوڌري الله بخش ۽ سندس گهرواري سان به ملاقات ٿي. چوڌري الله بخش بي حد مهربان ۽ مرنجان مرنج شخصيت جو مالڪ آهي. سندس گهرواري عسڪري بخش به ايتري ئي مهربان ۽ مهمان نواز آهي، هو گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪينسر جهڙي موذي مرض سان منهن ڏيئي رهي هئي، پر ان جي باوجود به ٻاجهائپ ۽ زنده دلي قائم هيس. سندس ڌيءَ منال سان به ملاقات ٿي. جنهن اخوت جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو وعدو ڪيو. مائيڪرو فنانس جي هڪ وڏي اداري فنڪا FINCA جي صدر سان ملاقات جو بندوبست به سندس ئي وسيلي ٿيو. ان ملاقات جي ڪهاڻي اڳيان هلي بيان ڪبي. قدير جو چوڻ هو ته اسان کي انهن ٻنهي مان سڀ کان پهرين ’منٽگمري مسلم ڪائونسل‘ مان متعارف ٿيڻ گهرجي.
    منٽمگري مسلم ڪائونسل، ميري لينڊ جو ئي هڪ سماجي ڀلائي جو ادارو آهي، جنهن جا روح روان ڪجهه پاڪستاني آهن. ڪيترائي ٻيا با اثر مسلمان، جن جو لاڳاپو ٻين ملڪن سان آهي، ان اداري سان لاڳاپيل آهن. انهن مان ڪجهه اهڙا به آهن، جيڪي هڪ ڪامياب زندگي گذارڻ کانپوءِ ريٽائرڊ ٿي چڪا آهن، پر منجهن اڃا به ڪجهه ڪرڻ جي خواهش باقي آهي، بيڪار کان بيگار ڀلي، سو جڏهن کين اخوت جي باري ۾ خبر پئي ته هو حيران ٿيڻ کانسواءِ رهي نه سگهيا، ڀلا مون ۽ قدير ان موقعي کي هٿان وڃڻ ڇو ٿي ڏنو. هڪدم هڪ گڏجاڻي ٿي ۽ اخوت جو پيغام عام ڪرڻ جي لاءِ ”اخوت ڊنر“ جو بندوبسنت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪائونسل جو هڪ اهم رڪن، هڪ پاڪستاني محمد طفيل آهي، جيڪو ڪنهن وقت پاڪستاني حڪومت وٽ نوڪري ڪندو هو، پر هاڻ ڳچ وقت کان آمريڪا ۾ رهيو پيو آهي، طفيل صاحب کي سڀ ماڻهو محبت مان طفيل ڀائي چوندا آهن. طفيل ڀائي پنهنجي مدد جي لاءِ هڪ نوجوان قاسم وليد جي خدمت حاصل ڪئي آهي. سٻاجهو ۽ پڙهيل لکيل وليد جو واسطو صوماليا سان آهي. طفيل صاحب ان ڊنر جي سڄي ذميداري قاسم جي حوالي ڪئي. ڏيڍ سؤ ماڻهن کي چونڊڻ، کين دعوتون ڏيڻ ۽ پوءِ يونيورسٽي آف ميري لينڊ ۾ جڳهه ۽ ماني جو بندوبست ڪرڻ، قاسم اهي سڀئي ڪم نهايت ڦڙتائي ۽ محنت سان ڪيا. قدير، طفيل صاحب، ڊاڪٽر امتياز نور، انهن سڀني پنهنجو پنهنجو حصو وڌو، پر قاسم ۽ ڊاڪٽر قدير جي ڌيءَ شمن قدير جي محنت سڀني کان نمايان هئي. ٻه ڏينهن ان ئي ڊنر جي تياري ۽ واشنگٽن ۽ بالٽي مور جي ٻين مصروفيتن کي طئي ڪرڻ ۾ گذريا. ان دوران ”گيدرزبرگ“ ۾ وکريل خوبصورت پراڻين ڏينهن جي ياد تازي ٿيندي رهي. سندر ساروڻيون ذهن مان محو ٿيڻ جي باوجود به دل جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ آباد رهن ٿيون.


    1.27: ڏينهن ۽ رات جو ڦيرو

    27 - مارچ جي شام چوڌري الله بخش پنهنجي گهر دعوتيو هو. هو ورجينيا جي ڪائونٽي فيئر فيڪس ۾ رهندو آهي ۽ اهو هنڌ قدير جي گهر کان هڪ ڪلاڪ جي مسافريءَ تي آهي. چوڌري الله بخش ڪافي عرصي کان آمريڪا ۾ رهي ٿو. آئون جڏهن آمريڪا ۾ تعليم پرائي رهيو هوس ته هن هڪ ويجهي مائٽ جيان اسان جو خيال رکيو. اسين ڪيترائي ڀيرا سندس گهر دعوتن ۾ مدعو ڪيا وياسين. انهن دعوتن ۾ هندستان جا اهي سک ۽ هنڌو به شامل ٿيندا هئا، جن جا والدين پاڪستان ۾ جنميا ويا هئا، پر 1947ع کانپوءِ کين لڏڻو پيو. لڏ پلاڻ جي اُداسي ۽ وساريل ياد جي برکا- اسين سڀ پنهنجي پنهنجي دنيا ساڻ کڻي ٿا هلون. قدير گاڏي هلائي رهيو هو ۽ ويهه سال پراڻيون اهي ساروڻيون منهنجي ذهن ۾ گهمي رهيون هيون. يادن جي ان ٻيڙي تي هڪ ڪلاڪ جو اهو سفر به يادگار هو. چوڌري صاحب گهر پهتو ته محبت ۽ پنهنجائپ جو اهو ئي ماحول ٻيهر موٽي آيو. اسين گهر ۾ گهڙي سڌو ٽي وي لائونچ ۾ وڃي ويٺاسين. اهو ئي آتشدان ۽ ساڳي ترتيب سان رکيل ڪرسيون، گويا ڄڻ اسين اڇا ڪالهه هتان ويا هئاسين. رميش کنه، خليل الرحمان، ۽ سندن گهروارا ۽ محمد شفيق، ڪيترائي مهانڊا نظرن جي سامهون گذرڻ لڳا، پر رميش کنه جي ياد انهن سڀني ۾ نمايان هئي. هندستاني نسل جي رميش کنه سان منهنجي ملاقات چوڌري الله بخش جي گهر ئي ٿي هئي. اها عيد جي موقعي تي ٿيندڙ هڪ يادگار ڊنر هئي. سخت سيءَ ۽ برسات- مانيءَ کانپوءِ سڀ آتشدان جي چوڌاري ميڙو ڪري ويهي پراڻين ساروڻين کي سارڻ لڳاسين، باهه جا شعلا ۽ جلترنگ، دل جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ پيل خوبصورت گهڙيون، ان وقت مونکي اندازو نه هو ته عمر جي هڪ خاص حصي ۾ يادون ڪيتريون نه وڏواثاثو بنجي وڃن ٿيون.
    رميش کنه جي ڪهاڻي ۾ عجيب قسم جي پنهنجائپ نظر آئي. هن ٻڌايو ته هو پنجويهه سال اڳ آمريڪا آيو. جڏهن هو دهليءَ مان نڪتو ته هٿين خالي هو، پر هن جي دل ۾ خواهشن جي هڪ دنيا آباد هئي. آمريڪا اُمڪانن جي سرزمين آهي، محنت جي عادت هجي ته ترقي جا دروازا اُپٽبا ويندا آهن. رميش کنه وٽ به اهو گُڻ هو. پنجٽيهه سال پوءِ جڏهن هو رٽائرڊ ٿيو ته وٽس ڪجهه موڙي گڏ ٿي چڪي هئي. رٽائرڊمينٽ کانپوءِ رميش ۽ سندس زال گهران نڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جڏهن هنن اڌ دنيا ڏسي ورتي ته هڪ ڏينهن کين چنيوٽ نالي اهو ننڍو شهر ياد آيو، جتي سندن ننڍپڻ گذريو هو. جنهن جون گهٽيون سندن سُندر ساروڻين جو حصو هيون. جنهن جون ڀتيون، گس، گهيڙ ۽ گهٽيون هنن جي دلين جي ڌڙڪن هيون. جنهن جون حويليون کين کير وڪرو ڪنديون هيون.
    اهو اڻويهين صدي جي چوٿين ڏاڪي جو ذڪر آهي، جڏهن رميش پاڪستان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ چنيوٽ ۾ پنهنجي والدين سان گڏ رهندو هو. کيس اتي ٽي شيون سٺيون لڳنديون هيون. مندر، مندر جي ڀرسان مسجد ۽ اُن مسجد جا مينار. لاهور جي سنت نگر پاڙي ۾ رهندڙ هڪ ننڍي ڇوڪري به کيس سٺي لڳندي هئي، جنهن جو نالو نمل هو. بعد ۾ اها ئي نمل سندس جيون ساٿياڻي بڻي. مندر، مينار، مسجد ۽ نمل، ان دوران آزادي جو گهنڊ وڳو ۽ اهو سڀ ڪجهه کانئس کسجي ويو. سواءِ نمل جي! چنيوٽ جو چڪ جهمرا ريلوي اسٽيشن، اِتان کان لاهور ۽ پوءِ هندستان. ڊپ جي ڊگهي پاڇي ۾ رميش پنهنجي ڪٽنب سان گڏ دهلي پهتو. زندگي جا ايندڙ پنجاهه سال محنت ۾ گذري ويس، ڪجهه دهلي ته ڪجهه آمريڪا ۾، جستجو، ڪاميابي، ريٽائرڊمينٽ، گهمڻ ڦرڻ، پوءِ کيس الائجي ڇا ٿيو جو کيس چنيوٽ جي ياد بي چين ڪرڻ لڳي. هڪ ڀيرو، فقط هڪ ڀيرو آئون نمل سان گڏ اُت وڃڻ ٿو چاهيان، جتي منهنجي وڏڙن جي زندگي گذري. رميش کنه اهو چيو ۽ پوءِ سوچڻ لڳو ته اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿو ٿي سگهي. سوچيندي سوچيندي هڪ ڪرڻو نظر آيس. کيس ڊسمبر 1993ع جي اها رات ياد اچڻ لڳي، جڏهن چوڌري الله بخش جي گهر آتشدان جي چوڌاري ڪيترائي همراهه ميڙو ڪري ويٺا هئا. پوءِ کيس ياد آيو ته اتي سندس ملاقات هڪ اهڙي همراهه سان ٿي هئي، جيڪو پاڻ به چنيوٽ جي محبت جو دعويدار هو. رميش کنه چوڌري الله بخش سان ان سَڌ جو اظهار ڪيو ۽ ڪيترائي مرحلا لنگهڻ کانپوءِ رميش ۽ سندس بيگم نمل مون وٽ لاهور پهتا. منهنجي زور ڀرڻ تي هنن مونکي ئي ميزبانيءَ جو شرف بخشيو. ايندڙ ست ڏينهن هنن ائين گذاريا، ڄڻ هو ڪنهن جنت ۾ رهيا پيا هجن. رميش کنه جي خوشين جي ڪا حد ئي نه هئي. هو چنيوٽ جي گهٽين ۾ چرين وانگر گهمندو رهيو. هن هر اُن ياد کي تازو ڪيو، جيڪا هن جي دل ۾ آباد هئي. چنيوٽ جي ماڻهن به کيس ائين ورتو ۽ سندس رستي ۾ پنبڻيون وڇايون ته دل جا دروازا به کولي ڇڏيا. شهر جي ناظم ذوالفقار شاهه کيس پنهنجي گهر مدعو ڪيو ۽ کيس ايتري ته عزت ڏني، جو هن جون اکيون خوشيءَ سبب ڀڄي پيون. جڏهن هو واپس وريو ته پاڻ سان گڏ ان گهر جي مٽي جي ننڍڙي هڙ به ساڻ کڻي ويو، جنهن گهر ۾ هن پهريون ڀيرو اک کولي هئي. سرحدن جي ديوار ڀلي ڪيتري به مٿاهين هجي، پر مٽي جي محبت سدائين جيئري رهي ٿي.
    اهي ڪجهه ڏينهن اک ڇنڀ ۾ لنگهي ويا. وڃڻ کان اڳ رميش کنه اخوت کي ٻه سؤ ڊالر عطيو به ڏنو. اهو ڪنهن پرڏيهيءَ جو اخوت جي لاءِ پهريون عطيو هو. ”اخوت جو رشتو سرحدن کان مٿاهون آهي.“ رميش کنه عطيي سان گڏ هڪ نياپو به ڏنو. آمريڪا وڃي رميش مون کي هڪ خط ۾ لکيو ته: ”هندستان جي ورهاڱي وقت منهنجا وڏڙا جڏهن چنيوٽ مان نڪتا هئا ته هو نه رڳو معاشي غربت جو شڪار هئا، پر ڪنهن وڏي سماجي رتبي جا مالڪ به نه هئا. جيڪڏهن آئون پنهنجي مرحوم پيءُ کي اهو ٻڌائي سگهان ته آئون چنيوٽ ۾ انهن ماڻهن جو مزمان هئس جن جون حويليون ڏسي اسين حيران ٿيندا هئاسين ته کيس شايد يقين نه اچي. چنيوٽ منهنجي ساروڻين جو حرم آهي. واپس اچڻ جي باوجود به مون کي ائين ٿو لڳي ته ڄڻ آئون اڃا چنيوٽ ۾ هُجان... ڊاڪٽر صاحب! اوهان هڪ عام انسان کي ايڏو وڏو بنائي ڇڏيو آهي.“
    اهو ئي رميش کنه، جيڪو هڪ وچئين طبقي جو فرد هو، سو لڏ پلاڻ جي تڪليفن جي باوجود ماڻهن کي گهڻو پٺتي ڇڏي ويو. ان جو ئي ته نالو رات ۽ ڏينهن جو چڪر آهي. ماڻهو پنهنجي ماضيءَ کي وساري ٿا ويهن، پر رميش پنهنجي ماضي کي نه وساريو. هن پنهنجي محنت سان هڪ مٿانهون سماجي درجو حاصل ڪيو. پر سندس وڏو ڪارنامو اهو آهي ته هن پنهنجي گودڙي سنڀالي رکي. يادن جو حرم ۽ طواف. اڄ کان پنجهٺ سال اڳ رميش کنه جڏهن ڊپ جي هالت ۾ چنيوٽ مان نڪتو ته کيس ڪا به خبر نه هئي ته هو هڪ ڏينهن ان ئي شهر جو مزمان هوندو. شهر جو ناظم کيس جيءَ ۾ جايون ڏيندو. ڪڏهن مٽ ماٽيءَ تي، نه ڪڏهن ماٽي مٽ تي. غم ۽ خوشي... عزت ۽ ذلت... اسان ۾ ڪيترا آهن، جيڪي ان هيٺ مٿاهين جي حقيقت کي سمجهن ٿا.


    1.28: چؤڏس چٽاڻون

    اڄ آئون ورجينيا جي گهر جي اُن ئي آتشدان جي سامهون بيٺو آهيان، جتي ويهه سال اڳ رميش سان ملاقات ٿي هئي. ٻن ڏهاڪن کانپوءِ، اهي ئي سُندر ساروڻيون. چوڌري صاحب جي چوڻ تي رميش کنه سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، هو انهن ڏينهن هندستان ويل هو. پهرين هن افسوس جو اظهار ڪيو ته منهنجي آمريڪا ۾ هئڻ جي دوران هو اُتي ڪونهي ۽ پوءِ چنيوٽ کي ياد ڪري اکيون ڀرجي آيس. سندس بيگم نمل هن دنيا مان پرلوڪ پڌاري ويئي هئي. چنيوٽ جي گهٽين، گهيڙن، گهرن ۽ گامن ۽ لاهور جي ’سنت نگرپاڙي‘ ۾ سندن جيڪا محبت وڌي ويجهي هئي، ان ”پوٽو مڪ درياهه“ جي ڪنڌيءَ تي اچي آخري پساهه کنيا. ماڻهو ته گڏ هلڻ جا واعدا ۽ وچن ٿا ڪن، پر قدرت اهو وعدو پورو ڪرڻ نٿي ڏي. دهلي ۾ هن پنهنجي بيگم جي ياد ۾ هڪ سماجي ڀلائيءِ جو ادارو جوڙيو آهي. هن اهو چئي مونکي حيران ڪري ڇڏيو ته، ”ان اداري جي اُتساهه ۾ اوهين به شامل آهيو. دردمنديءَ جو اهو سبق مون اوهان ۽ اخوت کان ورتو آهي.“ اهو ٻُڌي مون کي ڪا خوشي ٿي ڇا- نيڪي، سُڳنڌ جيان چؤڏس پکڙجي ٿي. ڪا به ڀت ڪا به سرحد کيس روڪي نٿي سگهي. چوڌري صاحب ۽ سندس بيگم روايت موجب اسان جي خدمت چاڪري ڪئي. سندس ناٺي ڊاڪٽر مبارڪ احمد ۽ عامر ملڪ به موجود هئا. انهن سڀني وڏي دلچسپيءَ سان اخوت جي ڪهاڻي ٻُڌي مونکي ائين لڳو ڄڻ Reacing one thousand Pakistani نالي ان مهم جي شروعات، اڄ سندس ئي گهر مان ٿي رهي آهي. اسان جي واپسي رات جو نوين بجي جي لڳ ڀڳ ٿي.
    غربت، لڏ پلاڻ، هڪ ٻي لڏ پلاڻ ۽ پوءِ سهولتون، آسائشون ۽ امارات. مندر، مسجد ۽ نمل- رستي ۾ رميش کنه جي ڪهاڻي ياد ايندي رهي. ڪو اسان کي ٿورو ڏک ته ڪو وري ٿوري مشڪل سان آزمائي ٿو. سرخرو اهو ئي ٿئي ٿو، جيڪو محنت جو پلئه جهلي ۽ صبر کان ڪم وٺي ٿو. واپس پهچندي ئي اسان ماني کاڌي. قدير جي مهمان نوازيءِ جي به ڇا ڳالهه ڪجي، پر سندس بيگم ڀاڀي عاصمه ته کانئس به وڌيڪ مهربان ۽ ٻاجهاري. مون کي آمريڪا پهچندي ست ڏينهن ٿي چڪا هئا. پر مون کي لڳو ته اها ڄڻ ڪلهه جي ڳالهه هجي ۽ جو آئون لاهور ايئرپورٽ تي هئس. ايڪهين ڪلاڪن جو ڊگهو سفر، ان سفر جي دوران هڪ ٻيو سفر، اخوت جي ساروڻين جو ۽ پوءِ نيويارڪ ۽ بوسٽن، هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ مختصر قيام ۽ لا-اسڪول جو فورم، جت مواخات جي ڳالهه ٿي، ڀائيچاري جي ڳالهه ٿي. اتان نڪتاسين ته ميري لينڊ ۽ پوءِ پوٽومڪ ماٿري ۾ قدير جي گهر ۾ ٻه ڏينهن ٽڪڻ، جيڪو ايندڙ ٻن هفتن جي تياري جي لاءِ هو. هر لمحي جون ڪڙيون ڪڙين سان جڙنديون رهن ته هڪ زنجير بنجي پوي ٿي. جنهن کي اسين گذرندڙ زندگي چئي سڏيون ٿا. اهي ڪجهه ڏينهن به گذرندڙ زندگي جو حصو هئا.
    *


    باب ٻيو

    2.1: باهه وسائيندڙ

    مستنصر حسين تارڙ ناليوارو سفرنامه نويس.
    سندس چوڻ آهي ته ”اخوت هڪ ننڍڙي ٻيڙي آهي، پر اُن ۾ اها سگهه آهي، جيڪا انهي کي سمنڊ جي ٻي پار سُهائي طرف وٺي وڃي سگهي ٿي.... اسان کي پڪ آهي ته اسين ان ٻيڙيءَ کي وڏو جهاز بنجندي ڏسنداسين.“ هن اها ڳالهه اڄ کان ست سال اڳ 2006ع ۾ چئي هئي، اڄ ستن سالن کانپوءِ اها ٻيڙي واقعي هڪ جهاز بنجي چڪي آهي. اخوت جي پهرين ڊاڪيومينٽري ٺاهڻ جي لاءِ اسان جن ماڻهن سان رابطو ڪيو، انهن سڀني اخوت جي باري ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ هائوڪار ڪئي. انهن ۾ جاويد احمد عامدي، مجيب الرحمان شامي، منير نيازي، امجد اسلام امجد، عبدالقادر حسن، پروفيسر عبدالجبار شاڪر ۽ پوءِ مستنصر حسين تارڙ. هن اخوت جي باري ۾ جيڪا ڳالهه چئي، قدرت اها سچ ڪري ڏيکاري. اها ڊاڪيومينٽري جاويد چوڌريءَ جي نگرانيءَ ۾ ٺهي ۽ ان جي پُڄاڻي به سندس ئي آواز ۾ هڪ پيغام تي ٿي. جاويد چوڌري پنهنجي ان پيغام کي هڪ تاريخي واقعي سان جوڙيندي چيو... ”خواتين و حضرات! جڏهن نمرود حضرت ابراهيم عليه السلام کي باهه ۾ اُڇليو ۽ ان جا ٻانها باهه تي تيل ڇڙڪڻ لڳا ته هڪ ابابيل آئي. هن پنهنجي چُهنب ۾ پاڻي جو هڪ ڦڙو کنيو ۽ باهه تي اڇليو. ڪنهن ابابيل کان پڇيو: ڇا تنهنجي هن ڦڙي سان باهه وسامي ويندي ته ابابيل وراڻيو نه وسامندي. پڇڻ واري پڇيو ته پوءِ تون اها ڪوشش ڇو پئي ڪرينءِ؟ ابابيل وراڻيو حشر جي ڏينهن جڏهن الله تعاليٰ جي سامهون ٻه فهرستون پيش ڪيون وينديون، هڪ فهرست انهن ماڻهن جي هوندي، جن ابراهيم عليه السلام جي لاءِ باهه ٻاري هوندي، جڏهن ته ٻي فهرست باهه وسائيندڙن جي هوندي. منهنجي خواهش آهي ته منهنجو نالو باهه وسائيندڙن ۾ شامل هجي... اخوت ۽ اخوت جا ڪارڪن ٻي فهرست جا ماڻهون آهن، جن جو ڳاڻيٽو باهه وسائيندڙ ۾ ٿئي ٿو. آئون اها دعويٰ ته نٿو ڪريان ته اهي همراهه پاڪستان مان غربت کي تڙي ڪڍندا، پر مون کي اها پڪ ضرور آهي ته حشر جي ڏينهن جڏهن پالڻهار جي سامهون غربت پکيڙڻ ۽ غربت ختم ڪرڻ وارن جون فهرستون پيش ڪيون وينديون ته اخوت جي ساٿين جو نالو ٻي فهرست ۾ هوندو، مونکي پوري پڪ آهي ته ان مهل رب تعاليٰ انهن همراهن کي سڏي سندن مٿن تي ٻاجهه جو هٿ ڦيريندو ۽ پوءِ فرمائيندو ته هنن ماڻهن دنيا ۾ منهنجي لاچار ماڻهن جي ڏکن کي ختم ڪيو هو ۽ اڄ آئون آخرت ۾ هنن جون هڙئي تڪليفون، هنن جا سڀ ڏک ختم ٿو ڪريان.
    ڀائرو ۽ ڀينرون! اخوت جي فهرست ۾ اوهان جي نالي جو خانو اڃا سوڌي خالي پيو آهي. اوهين ڪجهه هزار روپيا ڏيئي غربت جي باهه وسائيندڙ هنن همراهن سان شامل ٿي، رب تعاليٰ جو قرب حاصل ڪري سگهو ٿا، اخوت اوهان جي اوسيئڙي ۾ آهي.“
    جاويد چوڌري جي اُن سڏ ۾ وڏو اثر هو. اها ڊاڪيومينٽري جنهن به ڏٺي اهو اخوت جي فهرست ۾ پنهنجو نالو لکائيندو ويو. غربت جي باهه وسامي يا نه وسامي، پر سڀني کان اهم ڳالهه اها آهي ته اسان جو نالو ڪهڙي فهرست ۾ هجڻ کپن، باهه وسائيندڙن ۾. يا باهه ٻاريندڙن ۾ ڪٿي ائين نه ٿئي، جو اسين حضرت ابراهيم عليه السلام سان محبت جي باوجود به نمرود جي قطار ۾ بيٺل هجون. مستنصر حسين تارڙ کان وٺي، جاويد چوڌريءَ تائين. پاڪستان جي انهن ڌُڻيل ماڻهن اخوت جي باري ۾ جن خيالن جو اظهار ڪيو، جيڪي تاثر بيان ڪيا، اهي اخوت جي لاءِ وڏو اعزاز آهن.


    2.2: نيٺ ته ٿيندو سوجهرو

    ٻي ڏينهن صبح جو ڇهين وڳي واري فلائيٽ تي پاڻ کي لاس اينجلس جي لاءِ اُسهڻو هو. الل وهاڻيءَ جو اُٿڻ ۽ وري ايئرپورٽ تي پهچڻ، جڙتيءَ جي ڏکين مرحلن مان لنگهڻ... هڪ ڀيرو ائين مرڻون هجي ها ته خير هو، پر بار بار جي اها تڪليف اعصابن تي سوار ٿي وڃي ٿي. صبح جو ٽين بجي اٿي سفر جي تياري شروع ٿي، تيسين قدير سڏ ڪيو. ايئرپورٽ جو نالو ڪمپيوٽر ۾ فيڊ ٿيو ۽ سڄو رستو هڪ نقشي جي صورت ۾ ڊيش بورڊ تي ظاهر ٿيڻ لڳو. اها به عجيب دريافت آهي. اوهان کي ڪيڏانهن به وڃڻو هجي، اهو نقشو اوهان کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي اوڏانهن وٺي ويندو. ڪو سمئه هو جڏهن سونهان گهربل هوندا هئا، هاڻ انهن جي گهرج نه آهي. الل وهاڻي، پکين جي لاتين جي باوجود هڪ گهري سانت... پر اسين جيئن ئي هڪ ڊگهي شاهراه تي پهتاسين ته منظر بدلجڻ لڳو. الل وهاڻي ٽريفڪ جو هجوم هو. هوريان هوريان ان ۾ واڌارو ٿيڻ لڳو. ڇا هي ماڻهو سمهن نٿا. منهنجو اهو ٻاراڻو سوال هو! پر قدير اهو سوال ٻُڌي مُرڪڻ لڳو. سندس چوڻ هو ته آمريڪا جي ترقي جو اهو ئي ته راز آهي. هي ملڪ هر وقت جاڳندو ۽ هلندو رهي ٿو. مونکي اقبال جو اهو نظم ياد آيو، جيڪو اسان ننڍي هوندي پڙهيو هو، رڳو مون ئي نه پاڪستان جي گهڻن ئي ٻارن پڙهيو هوندو. پر افسوس جو اسان سڀني اها وساري ڇڏي آهي. ان نظم ۾ تارا، چنڊ کي مخاطب ٿي چون ٿا:
    ڈرتے ڈرتے دم سحر سے تارے کہنے لگے قمر سے،
    کام اپنا ہے صبح و شام چلنا چلنا چلنا، مدام چلنا،
    ہوگا کبھی ختم یہ سفر کیا منزل کبھی آئے گی نظر کیا۔
    ۽ پوءِ چنڊ هيئن ٿو وراڻي ڏي:
    کہنے لگا چاند، ہم نشینو ، اے مزرعِ شب کے خوشہ چینو
    جنبش سے ہے زندگی جہاں کی، یہ رسم قدیم ہے یہاں کی
    چلنے والے نکل گئے ہیں، جو ٹھہرے ذرا، کچل گئے ہیں
    انجام ہے اس خرام کا حسن، آغاز ہے عشق، انتہا حسن۔

    گويا، هن ڌرتي جي گولي جي هر شيءِ بي تاب آهي. تارا، انسان، وڻ ۽ ٽڻ، سڀ چرپر ۾ آهن. عشق ان سفر جي شروعات آهي ۽ حسن ان جي انتها آهي. جن ماڻهن اهو اصول ياد رکيو، اهي ڪامياب ٿيا، جن اهو وساري ڇڏيو، اهي ناڪام ويا. جيڪي هلندا رهيا، سي اڳتي وڌي ويا، جيڪي بيٺا سي چُپجي ويا. باد صبا اهو چيو ۽ اڳتي وڌي ويئي.


    2.3: ڳولائي ڳولا

    باد صبا جو پيغام کڻي اسين خوشگوار جهونڪن جي وچ ۾ ٽلندا ڊيلس ايئرپورٽ پهتاسين. خوبصورت ۽ جديد سهوليتن تي مشتمل اهو ايئرپورٽ جيترو زمين کان مٿي آهي، ان کان وڌيڪ زمين جي هيٺ ، هڪ ٽرمينل کان ٻي ٽرمينل تائين وڃڻ جي لاءِ زير زمين ريل ٿي هلي. سوين مسافر، نه ڪو قلي، نه پورٽر، نه هل نه بکيڙو. سهڻا نشان اوهان جي رهبري جي لاءِ موجود هوندا. اڪثر ڪري هتي رستو ٻڌائڻ جي لاءِ ڪو سونهون ٿو ملي، جو ڪنهن وٽ به ايترو وقت نه آهي. پنهنجو رستو ۽ پنهنجي منزل پاڻ ئي ڳولهڻي ٿي پوي، شيطان جي آنڊي جيان پکڙيل اهو زير زمين نظام انتهائي صاف سٿرو، دلڪش ۽ سولو آهي. ٻن ٽن هنڌن تي ريل بدلائيسين. ايليويٽر تي چڙهياسين ۽ نيٺ ڊيلٽا ايئرلائن جي ٽرمينل تي وڃي پهتاسين. سامان جو وزن ٿيو، بورڊنگ پاس ملي ۽ ان هنڌ وڃي پهتاسين، جيڪو سفر جو سڀني کان سخت هنڌ هو يعني ذاتي جڙتيءَ جو مرحلو. پهرين بوٽ لٿو، پوءِ ڪوٽ لٿو ۽ پوءِ بيلٽ لٿو، پوءِ ڪمپيوٽر ڪڍيو ويو. پوءِ والٽ، گهڙي، موبائيل، چاٻيون، سڪا ۽ عينڪ، اهي هڙئي شيون ڪئميرا جي اک مان لنگهيون ۽ اسان کي به هڪ سيڪيورٽي گيٽ جي سامهون بيهاري تصوير ڪڍي ويئي. اهو ته ڀلو ٿئي جو ڪا به اعتراض جوڳي شيءِ نه نڪتي. هائو، البته جيڪڏهن ڪا ڪئميرا دل تي لکيل شڪايت ڀريل لفظ پڙهي سگهي ها ته پڪ سان آئون ته واڙجي وڃان ها. دل دريا سمندر ڊونگي، ڪون دلاڻ دياڻ جانڳ هو. ڪڻو ڪڻو ٿيل سامان وري گڏ ڪري، مقرر گيٽ جي سامهون پيل ڪرسي والاريم. اوسيئڙو ٿيڻ لڳو ته ڪڏهن ٿو اُڏام جو اعلان ٿئي ۽ اسين جهاز ۾ چڙهي پنهنجي سيٽ سنڀاليون. جهاز جي اُڏام بلڪل مقرر وقت تي ٿي.


    2.4: هڪ ٻيو سفر

    واشنگٽن کان لاس اينجلس جو سفر ڇهن ڪلاڪن تي ٻڌل هو. جهاز ۾ ويهي پتو پيو ته انهن ڇهن ڪلاڪن ۾ کائڻ پيئڻ. ناشتي يا لنچ جو ڪو به بندو بست نه هوندو. جيڪڏهن ڪنهن کي بُک لڳي ته فضائي ميزبان کي گهرائي، ڪريڊٽ ڪارڊ پيش ڪري ۽ جيڪو کپي سو کائڻ جي لاءِ خريد ڪري، ايئرلائن کائڻ پيئڻ جي ڪا به شيءِ مفت ۾ نه ڏيندي. اسين پي آءِ اي کي خراب ٿا چئون، پر اهو ڪاروباري ۽ رُکو انداز پهريون گهمرو نظر آيو. مون چوڌاري نظر ڦيرائي، يورپين، اسپيني، ڪارا ۽ ايشيائي، هر رنگ ۽ نسل جا ماڻهو ويٺل نظر آيا. ڪجهه سُٺن ڪپڙن ۾، ته ڪي وري عام جينز پاتل. هڪ طرف ڏهن ٻارهن عجب جهڙن همراهن جو هڪ ٽولو ويٺل نظر آيو. رنگين ڪپڙا، زنانو آواز، ميڪ اپ، شايد کدڙا هئا. آمريڪا جي ڪيترين ئي رياستن ۾ هم جنس پرستن جي وچ ۾ شادي کي تحفظ حاصل آهي. رڳو واشنگٽن ۾ پنج هزار اهڙا پرڻيل جوڙا آهن، جن جو واسطو هڪ ئي جنس سان آهي. کين گڏ رهڻ جي لاءِ عدالت باقاعده اجازت نامون جاري ڪري ٿي. اهي پنج هزار پرڻيل جوڙا ۽ ٻيا هم جنس پرست جڏهن پنهنجي حقن جي لاءِ جلسو يا جلوس ڪڍن ٿا ته وڏي هلچل مچي وڃي ٿي. منهنجي ڀر ۾ سيٽ تي هڪ ڪراڙو شخص ويٺو هو. ڪراڙپ جي باوجد به هڏ ڪاٺ سگهارو هئس. هن ان ٽولي کي ڏٺو ته پنهنجو منهن مٿو پٽڻ لڳو، کيس شايد انهن جي چال چلت پسند نه هئي. هو سڄو رستو کين گهٽ وڌ ڳالهائيندو ۽ ڪمپيوٽر تي هڪ ناول پڙهندو رهيو. ڪجهه صفحا کانپوءِ ڪمپيوٽر تان نظرون هٽائي ۽ مٿي فضا ۾ تڪڻ ٿي لڳو. لکت مان لذت حاصل ڪرڻ جو اهو انوکو انداز هو. هر لفظ يادن جي ڪنهن دبستان ۾ کلندو هوندو. هن پنهنجي بيگ مان ڪجهه بسڪوٽ ڪڍيا ۽ مونکي ٻه بسڪٽ پيش ڪيا. اها غير معمولي ڳالهه هئي. مونکي لڳو ته آمريڪا ۾ اڃا تائين اڳين شرافت جا نمونا موجود آهن. ايئرلائن جي بي رخي جي شڪايت ختم ٿي ويئي، ان شخص جي وفاداري متاثر ڪندڙ هئي. ٻه ڀيرا ٽوائلٽ وڃڻ جي لاءِ اٿيو، پر ڏهه ڀيرا ان زحمت تي معذرت ڪيائين. هن جي لهجي ۾ شائستگي ادب سان محبت جي سوکڙي هئي. سٺا ڪتاب گهڻو ڪجهه سيکارين ٿا، تهذيب به ته صبر به. آسپاس ويٺل اڪثر ماڻهو ڪتابن سان دل وندرائي رهيا هئا. مون وٽ ڪو به ڪتاب نه هو، پر هڪ ڪتاب سدائين منهنجي ڀر ۾ رهي ٿو. جيئن ئي مون سيٽ تي ڪنڌ رکيو، اخوت جي ڪتاب جا ورق کلڻ لڳا. ان ڪتاب جو هڪ باب خواجه سرائن جي باري ۾ به آهي، بيمار ۽ ڪراڙن خواجه سرائن (کدڙن) جي مدد جو هڪ منفرد قدم، جيڪو اخوت لکيو هو.


    2.5: خواجه سرا

    خواجه سرا؟
    اهي ماڻهو ڪير آهن؟ ڇا انهن جو زندگيءَ تي ڪو به حق نه آهي.
    ڪو تارو جيڪو انهن جي لاءِ چمڪڻ لڳي.
    ڪو ڏيئو، جيڪو انهن جي نالي سان ٻرڻ لڳي.
    ڪو اهڙو سپنو، جنهن جي ساڀيان انهن جي اڱڻ ۾ لهي ۽ کين سدائين جي لاءِ پُرسڪون ڪري ڇڏي، پر اهي ٽوڪ ۽ نفرت جو شڪار آهن، ڪنگلا ۽ بي روزگار بي گهر ۽ بي نشان انسان. ماڻهو کين کدڙا چوندا آهن، پر جي ڪو کڻي مٿن مهربان ٿئي ته کين ”خواجه سرا“ جو لقب ملي ٿو. غربت ڇا آهي؟ دولت جو نه هئڻ، علم جو نه هئڻ، روزگار جو نه هئڻ، گهر يا دوستن يارن جو نه هجڻ. جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه غربت آهي ته پوءِ وٽن ته انهن مان ڪابه شيءِ نه آهي. هنن کان وڌيڪ ٻيو ڪير غريب هوندو، نه ڪنهن جي هٿ جو ڇهاءُ، نه ڪنهن جي اک جو نور، نه ڪنهن جي دل جي ڌڙڪڻ، گُل جيان نازڪ ۽ خوشبوءِ جيان پريشان. هڪ خواجه سرا مونکي چيو: اسان ڪڏهن به چوري نه ڪئي آهي، ڦر نه ڪئي آهي، قتل نه ڪيو آهي، ڪنهن کي اغوا نه ڪيو آهي ڪنهن مسجد کي نه ساڙيو آهي، ڪنهن ديول کي باهه نه لڳائي آهي. پوءِ به اسان جي پلئه تي نفرت جا ڪنڊا اُڇليا وڃن ٿا. قانون اسان کي انسان نٿو سمجهي. ظلم ۽ حادثن جا اهي ٿڦڙ، بي وسيءَ جا اهي ڪُن، اسين ڪٿي پناهه وٺون. مون هڪ خواجه سرا کان پُڇيو، تو وٽ بوٽن جا ڪيترا جوڙا آهن؟ هن ڏکاري مُرڪ مرڪندي چيو، ”هڪ وقت رڳو هڪ ۽ اها به ڪئنچي چپل. جڏهن اها گسي گسي کجور جي ڦڙن جهڙي ٿي وڃي ٿي ته ڪٿان ٻي پني وٺندو آهيان... مون اڄ ڏينهن سوڌي گنجي خريد نه ڪئي آهي بدن تي فقط ٻه ڪپڙا اٿم. اڄ تائين جوراب نه پاتا اٿم. مونکي شوگر ۽ هيپاٽائٽس آهي. مونکي بلڊپريشر آهي. منهنجي لاءِ ڪا به دوا نه آهي، ڪو ڊاڪٽر ڪونهي. ڪا اسپتال ڪونهي. اسين هر وقت زماني جون ٺوڪرون ۽ ڌڪا سهندا آهيون. اسان کي کدڙا، فقير، زنانا، خواجه سرا جي نالن سان سڏيو ويندو آهي، پر ڪهاڻي هڪ ئي آهي.“ اسين اخوت جي ذريعي سوين خواجه سرائن جي مدد ڪري چڪا آهيون. مون جڏهن هڪ ڀيرو هڪ خواجه سرا جا مٽي هاڻا پير پنهنجي هنج ۾ رکي اُن جو زخم ڌوئڻ جي ڪوشش ڪئي ته مونکي لڳو ته مون سڀني کان وڏي نيڪي ڪئي آهي. اخوت خواجه سرا بحالي پروگرام. انهن خواجه سرائن جي لاءِ آهي، جن جون عمريون پنجاهه سالن کان وڌيڪ آهن ۽ جن جي ڀاڳ ۾ بُک، بيماري، ۽ ڌڪن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. اسين هر مهيني کين گهرائيندا آهيون، انهن جو علاج ڪندا آهيون، کين ماني کارائيندا آهيون ۽ وڃڻ مهل کين ٿوري خرچي پيش ڪندا آهيون. اها تقريب هر مهيني جي پهرين هفتي ۾ ٿيندي آهي. هيستائين سوين خواجه سرا رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن. انهن سڀني جو چوڻ آهي ته اسين سڄو مهينو ان اوسيئڙي ۾ گهاريندا آهيون ته ”ڪڏهن ٿو ايندڙ مهيني جو پهريون هفتو اچي ۽ اسين اخوت وارن سان ملون. ان ڏينهن اسان کي ايئن لڳندو آهي ته اسين پنهنجي گهر پيا وڃون، ڀيڻن، ڀائرن، يا ماءُ ۽ پيءُ وٽ پيا وڃون. اسان کي زندگي ۾ ايتري سِڪَ سان ڪنهن به ڪنهن دعوت نه ڏني آهي. بلال، صائمه، عائشه، روبي، عاصم، جمرود، سليم، زرين، روبينه ۽ فاطمه رشيد، اهي سڀ جڏهن اسان جي راهه ۾ پنهنجي دل وڇائيندا آهن ته ائين لڳندو آهي ته ڄڻ اسين اڪيلا نه آهيون. بلال ۽ صائمه واقعي انهن جي راهن ۾ دليون وڇائي ڇڏيون ۽ انهن جي خدمت ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي هڪ نئون باب لکيو.
    گوگي، نيلم، سپنا، بنديا، راڻي، مٺو، چاندني، بوبي، مالا، شمع، انهن سڀني مونکي هڪ ڀيرو پنهنجي ملڪ گير ڪنوينشن ۾ گهرايو، مون انهن جي اکين ۾ جيڪا محبت ڏٺي، تنهن مون کي حيران ڪري ڇڏيو. گوگي چيو، ”اسين ڄمندي ئي نفرت جو نشانو بنجڻ لڳندا آهيون. ماءُ، پيءُ، ڀيڻ ۽ ڀاءُ، اسان کي دنيا جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏيندا آهن... اسان جا ڳيچ ٻڌي ماڻهو سمجهندا آهن ته اسين، ڪو دُهل يا ڇير آهيون. دل جو اهو شيشو روز ٽٽي ٿو. اڄ ڏينهن تائين اسان کي ڪنهن به اسڪول نه موڪليو آهي، اسان کي وراثت ۾ حصو نٿو ملي. ان بي وسيءَ واري حالت ۾ جيڪڏهن اسان سان ڪو کلي ڳالهائي ٿو ته ان لاءِ دل مان دعائون نڪرن ٿيون.“ مٺو چوڻ لڳو. ”اوهان اسان کي دوست بنائي ڇڏيو“. ان کانپوءِ هو مون کي ڳراٽڙي پائي ايترو ته رُنو، جو ڄڻ مينهن وسي پيو. رڳو لاهور ۾ پنجاهه سالن جي عمر کان وڌيڪ ڪيترا هزار خواجه سرا بُک، بيماري ۽ ڪراڙپ جو شڪار آهن. هو ان ڳالهه جي اوسيئڙي ۾ آهن ته ڪير هنن ڏانهن محبت جو هٿ ڊگهيري ۽ چوي ته: اڄ کان تنهنجا ڏک منهنجا آهن.
    ”اخوت خواجه سرا بحالي پروگرام اوهان جي لاءِ ئي ته آهي. اهو هڪ ڏينهن اوهان جي ڀلائي جو وڏو پروگرام بنجندو.“ جڏهن مون کين اهاڳالهه چئي ته هنن جا هٿ دعا لاءِ کڄڻ لڳا. مون کي لڳو ته اها ئي دعا آهي جيڪا آسمان کي چيري عرش عظيم تي وڃي پهچي ٿي.
    اهي ماڻهو ڪير آهن؟
    ڇا انهن جو زندگيءَ تي ڪو به حق نه آهي؟
    آسمان جي اڱڻ تي ڪو تارو هجي، جيڪو انهن جي لاءِ به ٽمڪي.
    پيار جو ڪو آواز هجي جيڪو انهن جي ڪنن ۾ به ٻُري.
    مونکي لڳو ته زندگي جو به انهن تي ايترو ئي حق آهي،
    گوگي، نيلم، سپنا، بنديا، راڻي.
    اخوت جي اصل منزل هڪ اهڙي سماج جي قيام ۾ مدد ڏيڻ آهي، جتي هر شخص کي بنا ڪنهن متڀيد جي اڳتي وڌڻ جو موقعو ملي سگهي. ان جو مقصد قرض ڏيڻ نه پر سهارو بنجڻ آهي، ڪاروبار ڪرڻ نه پر قرباني ڪرڻ آهي.
    مون هڪ نظر جهاز ۾ ويٺل انهن خواجه سرائن تي وڌي، اهي اُن نفرت جو نشانو نٿا بنجن، جن جو مظاهرو اسان وٽ ٿئي ٿو.


    2.6: ميڪ اي ڊريم

    جهاز جي اُڏام جاري هئي. ڀر ۾ رکيل کليل ڪتاب جا ورق ڦڙ ڦڙائيندا رهيا. خواجه سرا بحالي پروگرام جهڙي هڪ ٻي پروگرام جو نالو ’ميڪ اي ڊريم‘ آهي. جنهن جو مقصد انهن ٻارڙن جي زندگيءَ ۾ خوشيون وکيرڻ آهي، جن جي جيئري رهڻ جا امڪان نه هئڻ جي برابر آهن.
    گلشن حيات جا اهي معصوم گل جن جي عمر باقي ڪي ڏينهن آهي. ڊاڪٽر چون ٿا ته اهي ٻارڙا جن بيمارين جو شڪار آهن، انهن جو علاج نه لڀيو آهي. بلڊ ڪئنسر، ٿيليسيميا، لمفوما. انهن جا مائٽ کين هر گهڙي بي وسيءَ مان موت جي انهي ڌُٻڻ ۾ ڪرندا ڏسندا رهندا آهن، پر هنن جي وس ۾ سواءِ ڪجهه لڙڪن، آهن، بي وسي ۽ سڏڪن جي ٻيو ڪجهه به نه هوندو آهي. آمريڪا ۾ ”ميڪ اي وش“ نالي هڪ ادارو موذي مرضن ۾ مبتلا اهڙن ٻارڙن جون خواهشون پوريون ڪندو آهي. جيڪي هو موت جي وات جو گرهه بنجڻ کان اڳ ڪندا آهن. اخوت به هڪ اهڙو ذيلي ادارو بنايو، جنهن جو نالو ”ميڪ اي ڊريم“ رکيو، جن ٻارن جي زندگي رڳو ڪجهه مهينا يا ڪجهه هفتا هجي، هي ادارو انهن جي اهڙي خواهش پوري ڪندو آهي، جنهن کانپوءِ انهن جا باقي ڏينهن خوشي جي ڪيفيت ۾ گذري وڃن. هڪ ٻارڙو جنهن جي باري ۾ ڊاڪٽرن جو خيال هو ته هن جي زندگي جو ڏيئو گُل ٿيڻ وارو آهي، پڇيو ويو ته هن جو ڪو اهڙو خواب جيڪو پورو ٿي نه سگهيو ته هن چيو، مون اڄ سوڌي جهاز جو سفر نه ڪيو آهي. آئون ڏسڻ ٿو چاهيان ته اهو اندران ڪيئن ٿو لڳي.
    اخوت جي ٽيم هڪ پائلٽ ڳوليو، جنهن چيو ته هو اُن کي لاهور کان اسلام آباد پاڻ سان گڏ ڪاڪ پٽ ۾ گڏ وٺي ويندو. ائين کيس لڳندو ڄڻ جهاز ئي هو پيو هلائي. سڀئي بندوبست مڪمل ڪيا ويا. ٽڪيٽ خريد ڪئي ويئي، نوان ڪپڙا، نوان بوٽ ۽ نئين بيگ خريدي ويئي. پر جنهن ڏينهن اهو يادگار سفر ٿيڻون هو، ان کان عين هڪ رات اڳ اهو ٻارڙو ڪنهن ٻي سفر تي روانو ٿي ويو، موت کيس مهلت نه ڏني ته اسين کيس ايئرپورٽ وٺي وڃون، الوداع چئون ۽ هو جهاز جو سير ڪري ها. ٻارڙن جون اهڙيون سوين معصوم خواهشون، ڪجهه پوريون ٿيون ۽ ڪجهه اڌوريون رهجي ويون. هڪ ٻارڙي چيو، ”آئون پاڪستاني فوج جي سپهه سالار سان ملڻ ٿو چاهيان.“ ڊاڪٽر عصمت لغاريءَ ڪيترائي در کڙڪايا، پر ڪنهن به هامَ نه هنئي ته هن سپهه سالار کي خط لکيو ته هي ٻارڙو ڪجهه ئي ڏينهن جو مهمان آهي ۽ اوهان سان ملڻ ٿو چاهي. ان خط جو جواب ڇو نه اچي ها. ڪور ڪمانڊر ملتان جي ڊيوٽي لڳي ته هو هڪ ڏينهن ان ٻارڙي سان گڏ گذاري، ٻارڙي کي احترام سان هيڊ ڪوارٽر نيو ويو، سلامي ڏني ويئي. جنرل پاڻ گاڏي هلائي، ٻارڙو اڳين سيٽ تي ويٺو ۽ فوج جي هڪ تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شريڪ ٿيو.
    هڪ ٻارڙي چيو، ”مون ڪڏهن به پنهنجي سالگرا نه ملهائي آهي. ڇا اوهين منهنجي سالگرا ملهائيندا؟ اخوت جي رضاڪارن سڄي اسپتال سان گڏجي اُن جي سالگرا ملهائي. ڦوڪڻا، جهنڊا، ڪيڪ، ميڻ بتيون، چانهه، ۽ پوءِ هيپي برٿ ڊي جا نعرا. ايندڙ ڪجهه ڏينهن اهو ٻارڙو ان مَنڊ ۾ مَنڊيل رهيو، کلندو، ڪڏندو، ڊوڙندو هن دنيا مان موڪلائي ويو، اهي سوکڙيون جيڪي ان ڏينهن کيس مليون هيون، سي بستري تي وکريل رهيون، ريموٽ ڪنٽرول ڪار، موبائيل فون ۽ ننڍي ڪئميرا، سندس امڙ جو چوڻ هو ته، ”جڏهن هو هن جهان مان موڪلايو ته سندس منهن تي لازوال مُرڪ هئي، اهڙي مُرڪ هِنَ اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي هئي.“ ميڪ اي ڊريم، موت کي ته ٽاري نه سگهيو، پر موت جو سفر سولو ٿي پيو. غريبن جون سَڌون به غريب ئي هونديون آهن.
    هڪ ٻارڙيءَ چيو، ”مون زندگي ۾ ڪڏهن به گُڏي خريد نه ڪئي آهي.“
    هڪ چيو: ”مون ڪڏهن به آئسڪريم نه کاڌي آهي.“
    هڪ چيو: ”آئون مينار پاڪستان گهمڻ ٿو گهران.“
    هڪ چيو: ”مونکي ڪئميرا وٺڻي آهي.“
    اها گُڏي اهو آئسڪريم، مينار پاڪستان گهمڻ ۽ اها ڪئميرا، جڏهن اهي سڀ خواهشون پوريون ٿيون ته کين ڄڻ دنيا جهان جا خزانا ملي ويا. هيستائين ڪيترن ئي سوَن ٻارن جون آخري خواهشون پوريون ٿي چڪيون، آهن انهن مان اڌ کان به وڌيڪ ٻارڙا هاڻ هن دنيا ۾ نه آهن، پر انهن جون تصويرون اسان وٽ آهن. انهن تصويرن ۾ هو پنهنجن تحفن سان مُرڪي رهيا آهن. گلشن حيات جا اهي معصوم ٻارڙا فقط ڪجهه ڏينهن جي لاءِ دنيا ۾ آيا هئا.
    جهاز اُڏامندو رهيو. ڪتاب جا ورق ڦڙڦڙائيندا رهيا.


    2.7: اُڌاري زندگي

    منهنجي ڀرواري سيٽ تي ويٺل اهو ئي ڪراڙو عادت موجب وري ٿوري دير کان پوءِ ڪمپيوٽر تان نظرون هٽائي مُرڪڻ ٿي لڳو. هن ڀيري آئون به سندس مُرڪ ۾ شريڪ هئس. منهنجي سامهون اهي سوين ٻارڙا هئا جن کلندي دنيا مان موڪلايو. ميڪ ڊريم جي اُن سڄي ڪم کي اخوت جي رضاڪارن جي مدد سان منظم ڪيو ويو، جڏهن اسڪول ۽ ڪاليج جي ٻارڙن اسان کان پڇيو، اسين اخوت سان ڪيئن ٿا سهڪاري بنجي سگهون. ته ڊاڪٽر عصمت چيَن، اوهين به ڪنهن اهڙي بيمار ٻارڙي کي پنهنجو دوست بنائي وٺو. اها ئي اوهان جي ڀائپي (مواخات) آهي. هنن ائين ئي ڪيو. مواخات جو اهو بهترين اظهار هو، غريب ۽ امير ٻارڙا همسفر، وک سان وک ملائي هلن. زندگي ۽ موت تي ته ڪنهن جو اختيار ڪونهي، پر ڪجهه وقت کانپوءِ جڏهن اها خبر ملندي آهي ته ڪو ٻارڙو اسان کي وڇوڙي جو ڏهاڳ ڏيئي ويو آهي ته اسان کي ائين لڳندو آهي ته ڄڻ اسان جو ڪو ويجهو مٽ مائٽ گذاري ويو آهي. انهن ٻارن کي اپنائڻ ڏاڍو رئاڙڻ وارو ڪم آهي، ڊاڪٽر عصمت لغاري، روبي دانيال ۽ سدره، اهي بهادر انسان آهن، جن ان ڪم کي اڳتي وڌايو آهي. لاهور جي ڪيترين ئي اسپتالن ۾ ميڪ اي ڊريم جا رضاڪار گهمندا رهندا آهن، انهن جي هٿن ۾ اهي سوکڙيون هونديون آهن، جيڪي انهن معصوم ٻارن جو خواب هيون. گُڏيون، رموٽ ڪنٽرول ڪار، ليپ ٽاپ، ڪئميرا... اخوت جي ٽيم ۽ رضاڪار مُرڪندي انهن ٻارن کي ڳوليندا آهن، جيڪي گلشن حيات جا گُل آهن، جن جون عمريون باقي ڪي ڏينهن ڏيهاڙا آهن.
    حياتي جي وهندڙ وهڪري ۾ ڪجهه ڏينهن گهٽ هجن يا وڌ اُن جي اهميت نه آهي. اهميت ته اُن ڳالهه جي آهي ته اهي ڏينهن ڪيئن ٿا گذرن. گولي، نيلم، سپنا، بنديا، راڻي ۽ وري ارشد، احمد، دانيال، سلميٰ، شيرين... منهنجو جهونو همسفر ڪتاب پڙهندو رهيو، مون وٽ ڪو به ڪتاب نه هو، انهن درد هاڻي ڪهاڻين کانسواءِ ٻيو ڪهڙو سٺو ڪتاب ٿي سگهيو ٿي.


    2.8: لاس اينجلس

    ڇهن ڪلاڪن جو ڊگهو سفر نيٺ پنهنجي پُڄاڻيءَ تي پهتو، جهاز لاس اينجلس ايئرپورٽ تي لٿو. مسافر پنهنجو سامان کڻڻ لڳا، اتي به ٻاهر نڪرڻ جي ايتري ئي تڪڙ هئي، جيتري پاڻ وٽ هوندي آهي. پاڻ به ان ٻيڙي بلڪه جهاز ۾ سوار هئاسون. تڪڙو ڪئبن مان ٻاهر نڪتس ۽ ان هنڌ پهتس جتان سامان کڻڻون هو، ٿوري ئي دير ۾ سامان اچي ويو ۽ آئون پنهنجي بيگ گهليندو ٻاهر نڪري آيس. ڪيلي فورنيا جي خوشگوار هوا جو پهريون جهونڪو ئي وڻندڙ هو. اهو ان خوبصورت موسم جو ڪمال آهي جو سڄي دنيا ايڏانهن ڇڪبي ايندي آهي. قدرت هتي جيڪي خزانا لٽايا آهن، انهن تي انسان پنهنجي محنت سان دلڪش چَٽ چٽي ڇڏيا آهن. اها ئي ڪيلي فورنيا جي ڇڪ، اها ئي اُن جي خوبصورتي آهي. آئون پورچ ۾ بيٺو ساڄي ۽ کاٻي ڏسي رهيو هئس ته اوچتو اعزاز جو هٿ لڏندو ڏٺم. ڊرائيور جلدي سامان کنيو ۽ اسين گاڏي ۾ وجهي ايئرپورٽ مان ٻاهرنڪري آياسين، ان سان گڏ ڪراڙو همسفر ۽ بيمار خواجه سرا ۽ معصوم ٻارڙا پويان رهجي ويا.
    لاس اينجلس آمريڪا جو ٻيو وڏو شهر آهي. 1994ع کانپوءِ ان شهر جو منهنجو اهو ٽيو دورو هو. لاس اينجلس کي عام طور تي ”ايل اي“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. 1781ع ۾ جڏهن هن شهر جو بنياد رکيو ويو ته اهو اسپين جي ملڪيت هو. ان کانپوءِ ميڪسيڪو جو حصو بنيو ۽ 1848ع ۾ ان سڄي علائقي ۽ ڪيلي فورنيا رياست کي آمريڪا خريد ڪري ورتو. گويا هي شهر به انهن وستين مان جنهن کي اهل نظر آباد ڪن ٿا ۽ اهل زر خريد ڪن ٿا. نظر ۽ زر جي اها ڇڪتاڻ گهڻي پراڻي آهي.
    لاس اينجلس بزنس، ڪلچر، فلم، آرٽ، فيشن ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو هڪ عظيم مرڪز آهي. دنيا جي امير ترين شهرن جي فهرست ۾ ان جو ٽيو نمبر آهي. هالي ووڊ جي ڪري ايل اي کي Entertainment capital of world به چيو وڃي ٿو. فلم سان لاڳاپيل ناليواريون شخصيتون هت رهن ٿيون. 1821ع ۾ هن شهر جي آبادي رڳو هڪ هزار ماڻهن تي مشتمل هئي، جيڪا 1900ع ۾ وڌي هڪ لک ٿي ۽ اڄ هن شهر ۾ هڪ ڪروڙ ٽيهن لکن جي لڳ ڀڳ ماڻهو رهن ٿا. 1876ع ۾ هت ريل آئي ۽ 1892ع ۾ تيل لڀيو. پوءِ هوريان هوريان هالي ووڊ قبضو ڪري ورتو. لاس اينجلس قدرتي نظارن جو شاهڪار آهي، هتي پهاڙ به آهن ته ميدان ۽ سمنڊ به. چوئيتاليهه ميل ڊگهي ۽ ٽيهه مِيل ويڪري هن شهر ۾ نيويارڪ جيان Sky Scrappers نظر نٿا اچن، ڇو ته زلزلن جي ڪري هتي اوچين عمارتن ٺاهڻ تي پابندي وڌل آهي. هتي جا ماڻهو آرٽ ۽ فن سان محبت ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ان کي Creative capital of the world به چيو وڃي ٿو. انساني تاريخ ۾ اڄ سوڌي ڪنهن ٻي شهر ۾ ايترا فنڪار، اديب، رقاص ۽ موسيقار گڏ نه ٿيا آهن، جترا هن شهر ۾ رهيل آهن. شايد روم ۽ اٿينس ۾ ڪڏهن اهو منظر نظر آيو هجي. ڪجهه ماڻهو لاس اينجلس کي حُسن جي تخليق جو گهوارو به چون ٿا، پر اهو ضروري نه آهي ته اوهين به ان تخليقي حسن جا شيدائي هجو. عرياني، فحاشي، ماديت پسندي ۽ جنسي بي راهه روي... اوهين ڪيترا ئي الزام به هڻي سگهو ٿا. پر ان ڳالهه کان انڪار ممڪن ئي ڪونهي ته هي هنڌ فن جو خزانو آهي. سڄي شهر ۾ موجود ساڍا اٺ سؤ آرٽ گئلريون ۽ عجائب گهر ان جي شاهدي ٿا ڏين. اهي گئلريون جگر جي رت سان سينگاريل آهن. آمريڪا۾ نيويارڪ کان پوءِ سڀ کان گهڻا يهودي هن شهر ۾ رهن ٿا. اها ڪا حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه ڪونهي، ڇاڪاڻ ته يهودي اتي رهندا آهن، جتي دولت جي ريل ڇيل هجي. 1923ع ۾ يهودين هن شهر ۾ سڀ کان وڏي عبادت گاهه جوڙي، هاڻ ان عبادت گاهه کي عجائب گهر ۽ ڪميونٽي سينٽر ۾ بدلايو ويو آهي. عبادت گاهون عجائب گهرن ۾ بدلجڻ لڳن ته اهو قدرن جو مٽجڻ ئي ته ٿئي ٿو. دنيا جي ڊوڙ ڊڪ ۾ خدا ڪٿي پويان رهجي ويو، مون اهاڳالهه پنهنجي هڪ دوست کي ٻڌائي ته هن جو چوڻ هو ته هالي ووڊ ڏاڍي ظالم جاءِ آهي. هتي خد اکي عجائب گهر ۾ جاءِ ملي وڃي ته اها به وڏي ڳالهه آهي. دولت جي ريل ڇيل ڏسي اها ڳالهه چٽي ٿي ته هتي دولت ئي خدا آهي، سڄو شهر اُن خدا جي پوڄا ڪري ٿو. يهودين ۽ عيسائين کانسواءِ هتي ٻڌڌرم، هنڌوڌرم، زرتشت، بهائي، سک ۽ هر مذهب جا مڃيندڙ ۽ انهن جون عبادت گاهون موجود آهن. مسلمانن جو وڏو انگ هتي رهي ٿو، پر ڪي حتمي انگ اکر موجود نه آهن. پنهنجن قدرن جي حوالي سان مسلمان هت پنهنجي ڌار سڃاڻپ قائم رکيو پيا اچن. پر نيٺ به ته ڪيستائين؟ ٽوڪيو ۽ نيويارڪ کانپوءِ ايل اي دنيا جو سڀ کان وڏو ڪاروباري مرڪز آهي. دنيا جون ڪجهه بهترين يونيورسٽيون به هت ئي آهن. پر اهي Ivy league جهڙي شان ۽ ٺٺ کان پٺتي آهن. هتي هڪ سئو کان به وڌيڪ پبلڪ لئبرريون آهن. هتي هالي ووڊ جي بي باڪ فضا تي ته اعتراض جي گنجائش نڪري سگهي تي، پر لئبررين تي ڪير ٿو تنقيد ڪري سگهي. فلمي دنيا جي اکيون کيريون ڪندڙ سُهائي ڀلي مرعوب نه ڪري، پر انهن ڪتابن جي روشني ضرور مرعوب ڪري ٿي.
    اعزاز ٻڌايو ته لاس اينجلس ۾ هڪ سؤ چوئيتاليهن ملڪن جا ماڻهو رهن ٿا، جيڪي سوا ٻه سؤ ٻوليون ڳالهائين ٿا. ڳورا 49 سيڪڙو ۽ ٻين قومن جا ماڻهو 51 سيڪڙو آهن. گويا هي شهر نه پر سڄي دنيا آهي. هن دنيا ۾ ڏوهه به منظم انداز ۾ ٿين ٿا. ڏوهارين جا ننڍا وڏا ساڍا چار سؤ گئنگ گروپ آهن، جن جي ڪري هن شهر کي Gang Capital of America به چيو وڃي ٿو. لاس اينجلس مونکي سُٺو لڳو. ڇاڪاڻ ته ان شهر کي پاڪستان جي هڪ شهر فيصل آباد سان خصوصي نسبت آهي جو 2009ع ۾ ٻنهي شهرن کي جاڙا شهر Sister Cities قرار ڏنو ويو هو.


    2.9: اعزاز جي گهر ۾

    اسان جي ميزبان اعزاز جو گهر هڪ نهايت خوبصورت وسنديءَ ۾ هو. ڪيترن سالن کان اهو گهر پاڪستان جي قونصليٽ جي قبضي ۾ آهي. اعزاز کان اڳ شاهد اشرف تارڙ ۽ طارق باجوه هتي رهيل هئا. شاهد منهنجو پيارو دوست ۽ سول سروس ۾ منهنجو ساٿي. جڏهن ته طارق باجوه دوست به آهي ته اسان کان سينئر به- ٻئي انتهائي ديانتدار، لائق ۽ هر دلعزيز انسان آهن. ڪيلي فورنيا جي پاڪستاني ڪميونٽي اڃا تائين انهن ٻنهي کي ياد ڪندي آهي. سول سروس ۾ سٺن ماڻهن جي کوٽ نه آهي، پر بيورو ڪريسي جو سٺو يا برو هئڻ سياسي قيادت جي سٺائي يا برائي تي مدار رکي ٿو. ڪڏهن اهو ادارو لوهي ڀت جيان سگهارو هوندو آهي ته ڪڏهن وري واريءَ جي گهرندڙي جيان ڪمزور ۽ هيڻون، جنهن کي سياست، نااهلي ۽ بدديانتي جا ٿڦڙ ڏسندي ئي ڏسندي ڊاهي پَٽ ڪري ڇڏيندا آهن. انگريز ان راڄ کي ”اسٽيل فريم“ چيو ۽ اسان ان کي ديوارگريه بنائي ڇڏيو. گهر ۾ گهڙي سامان رکيوسين. گهرجي ترتيب مان اهاڳالهه پڌري هئي ته اعزاز اڃا پرڻيون نه آهي. بقول شخصي اڃا ان اعزاز کان محروم آهي، جنهن کي عام طور تي زال چيو ويندو آهي. ڪيلي فورنيا ۾ سندس مقبوليت جو هڪ راز اهو به آهي ته هو اڃا سوڌي ڇڙوڇانڊ آهي. هٿ منهن ڌوئيندي ئي لنچ جي دعوت ملي، اها لنچ گهر ۾ ته ٿي نٿي سگهي، تنهنڪري ٻاهر ئي وڃڻو هو. اعزاز مون کي ويجهي ئي هڪ اهڙي بازار ۾ وٺي آيو، جتي جشن نوروز جا بينر لڳل هئا ۽ دڪانن تي اردوءَ ۾ لکيل تحريرون، اڃا منهنجي حيرت برقرار هئي، جو اندازو ٿيو ته اها اردو نه پر فارسي آهي ۽ اسين ان علائقي ۾ آهيون، جتي ايراني نسل جي ماڻهن جي گهڻائي آهي. اهي ماڻهو گهڻو ڪري اُن وقت هتي آيا، جڏهن ايراني اسلامي انقلاب قدم وڌائڻ شروع ڪيا. اُن وقت به اهي شاهه جا پرستار هئا۽ اڄ به هنن جون همدرديون مرحوم شاهه ايران سان آهن. رضا شاهه پهلوي جا ٻارڙا ۽ گهروارا به هن ئي شهر ۾ رهن ٿا. بادشاهت ته سندن ساٿ ڇڏي ڏنو، دولت البت اڃا به هنن وٽ آهي. شطرنج جي بساط تي ايران ڪڏهن آمريڪا جو بهترين مهرو هو، هاڻ اهو کيس ڪنڊي جيان کٽڪي ٿو. اسين هڪ ايراني ريسٽورنٽ ۾ داخل ٿياسين، اتي اچڻ جو سڀ کان وڏو فائدو اهو ٿيو ته هتي حلال کاڌو ملي سگهيو ٿي. اسان ڍؤ ڪري ماني کاڌي، آمريڪي ايئرلائين ۾ ماني نه ملڻ جي کوٽ هتي پوري ٿي. اعزاز جي ڳالهين ۾ اها ئي پراڻي خوشبوءِ هئي. اسان جي دوستي جي شروعات 1999ع ۾ ان وقت ٿي، جڏهن آئون پنجاب جي چيف سيڪريٽري سان گڏ ڪم ڪندو هوس، اها هڪ اهم ذميداري هئي. صوبي جا سڀ سينئر آفيسر چيف سيڪريٽري سان ملڻ جي لاءِ پهرين منهنجي آفيس ئي ايندا هئا. انهن ڏينهن اعزاز جي سروس جي شروعات هئي ۽ هو پنهنجي پهرين پوسٽنگ جي اوسيئڙي ۾ هو. اهي سڀ پراڻيون ڳالهيون ٿيون، ائين لڳو، ڄڻ اهو سڀ ڪجهه ڪلهوڪي ڳالهه هجي. ماني کائي اسين هوٽل مان ٻاهر نڪتاسين. اعزاز مونکي گهر ڊراپ ڪيو ۽ پاڻ آفيس وڃڻ جي لاءِ لاءِ مُڙيو. اڄ شام جو هن گهر ۾ هڪ ڊنر جو بندوبست ڪري رکيو هو، جنهن ۾ اخوت يو ايس اي جا سڀئي ٽرسٽيز دعوتيل هئا. آئون گهر ۾ گهڙيوس ۽ ٿوري دير آرام ڪرڻ کانپوءِ ڪمپيوٽر کولي نين اي ميلز جو جواب ڏيڻ لڳس. مجنون جي باري ۾ مشهور آهي ته هن زندگي ۾ ٻيو ته ڪجهه نه ڪيو، البت ڇوڪرن جي لاءِ هڪ نئين راند ايجاد ڪري ويو، جنهن جو نالو هن عشق رکيو. اهڙي ئي هڪ راند ڪمپيوٽر به آهي، جيڪو به ان سان متعارف ٿيو، بس ان جو ئي ٿي ويو.


    2.10: هڪ خوبصورت ڊنر

    ڪجهه دير ڪمپيوٽر ۽ ڪجهه دير آرام ۾ گذري ويئي. ڪيلي فورنيا جي خوشگوار موسم قدرت جو سهڻو تحفو آهي. آمريڪا جي اُڀرندي ساحل تي برف جي گهري چادر وڇايل رهندي آهي، پر هتي اعتدال ۽ توازن آهي. ايتري ۾ اعزاز به پهچي ويو. هن جي ايندي ئي گهر ۾ جهڙي ڪر رونق اچي ويئي. ڊنر جا مهمان هڪ هڪ ٿي پهچڻ لڳا، اهو ويڪ ائنڊ نه هو ۽ نه ئي وري ڪي مهمان ويجها رهندڙ هئا. آمريڪا ۾ موڪل واري ڏينهن کانسواءِ ماڻهو ڊنر تي اچڻ کان لنوائيندا آهن. پر اها عزاز جي محبت هئي ته ماڻهو پنهنجون مصروفيتون ڇڏي هتي اچڻ تي راضي ٿيا هئا. سني پنهور، صغير سيال، فاروق عزيز، فيصل جميل، محترمه زهره جميل ۽ فائزه ڀٽي شهرمان ٻاهر هئڻ جي ڪري پهچي نه سگهيا. اهي سڀ ڳچ وقت کان لاس اينجلس ۾ رهيل هئا. هڪ جهڙا ارادا کڻي اهي سڀ هت پهتا هئا. اڳتي وڌڻ جي جستجو، نئين دنيا جي ڳولا ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي ڌُن، آمريڪا ايندڙ هر شخص پنهنجي پاند ۾ اهائي موڙي کڻي هتي پهتو آهي. صغير سيال جو واسطو سيالڪوٽ سان آهي ۽ هو راندين جي وکر جو واپار ڪري ٿو. سني پنهور حيدرآباد سنڌ جو رهاڪو آهي ۽ ٻه ڏهاڪا اڳ آمريڪا پهتو هو. فاروق عزيز ساهيوال ۽ فيصل جميل جو واسطو لاهور سان آهي. انهن سڀني جو ڳاڻيٽو سيلف ميڊ همراهن ۾ ٿئي ٿو. مونکي انهن جي اخلاص ۽ بي تڪلفي گهڻو متاثر ڪيو. هنن جي سوچ هڪ آزاد ملڪ جي شهرين جي سوچ هئي. پاڪستان جي نالي سان هنن جا چهرا ٻهڪي ٿي اُٿيا. لاهور، سيالڪوٽ، ساهيوال ۽ سنڌ. وطن جي خوشبوءِ کين هڪٻئي سان جوڙي ڇڏيو هو. پاڪستان ۾ حالتن جي سنگيني انهن لاءِ تشويش جو ڪارڻ هئي. هو پنهنجي ڏک جو اظهار پڻ ڪندو رهيو، ”اسين ته هڪ خوبصورت ملڪ ڇڏي آيا هئاسين، پر اُتي هي سڀ ڇاپيو ٿئي؟“. ”اسين اڳتي وڌڻ بدران پٺتي ڇو پيا وڃون.“. ”هيءَ بدامني ڇو آهي؟“. ”؟بجلي جو گهوٽالو ڪڏهن ختم ٿيندو.“. ”ادارا ڪمزور ڇو پيا ٿين.“. ”اسين انتها پسند ڪڏهن هئاسين. مسجدن ۽ درسگاهن تي آپگهاتي حملا .“. ”اسين هڪٻئي جا ڪنڌ ڇو پيا ڪپيون.“. ”هي وڌندڙ بي روزگاري اسان کي ڪيستائين نيندي.“ اهي ۽ ان قسم جا سوال، پر هر سوال ۾ دردمنديءَ جي هڪ لهر هئي، هڪ اهڙي شڪايت هئي، جنهن ۾ اصلاح ۽ احوال جي خواهش ٿي نظر آئي. آئون انهن سوالن جا ڪهڙا جواب ڏيان ها، انهن سوالن جي جوابن جي کين به خبر هئي. ٽي.وي. چينلز جي ذريعي کين هرگهڙي جي خبر پي پئي. مون پنهنجي پَر ۾ وضاحتون پيش ڪيون، ڪجهه اندريان ۽ ڪجهه ٻاهريان سبب بيان ڪيا. الزام بهرحال پاڻ تي ئي آيو. دنيا ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ترقي ڪرڻ چاهي ته کيس ڪير ٿو روڪي سگهي. اهو اصول فردن تي نه پر قومن تي پڻ لاڳو ٿئي ٿو. قدرت ته هر ان شخص ۽ قوم کي نوازي ٿي، جيڪو ڪجهه ڪرڻ جي ڌن ۾ لڳل آهي. افسوس جو اسين پاڻ ئي شوق سفر کان محروم آهيون. مون کين هاڪاري پاسا ڏيکارڻ جي ڪوشش به ڪئي. ته سڀ ڪجهه خراب به نه آهي، مايوسي جي اُن اُڀ تي ڪجهه ڏيئا به ٻرن پيا. منهنجي ڳالهه ٻُڌي هو سڀ مُرڪيا، هو سمجهي ويا ته منهنجو اشارو ڪهڙي پاسي آهي. ائين ڳالهه ٻولهه جو رخ اخوت طرف مڙڻ لڳو.


    2.11: غربت ڇا آهي؟

    اخوت جي ڪهاڻي دل تي اثر ٿي ڪري، مون جڏهن ڳالهه شروع ڪئي ته اهي همراه ڌيان ڌرڻ کانسواءِ رهي نه سگهيا، اها بي چينيءَ جي ڪيفيت جنهن جو اظهار شروع ۾ ٿيو هو، دٻجي ويئي، ڇا ائين به ٿيندو آهي، ماڻهو حيرت مان پُڇي رهيا هئا، سندن ڀروسو واپس اچڻ لڳو. اميد کان وڏي ٻي ڪهڙي شيءِ آهي. اميد جو پانڌ پکڙجي ٿو ته سڄي آڪاس کي پنهنجي گهيري ۾ وٺي ٿو لائي. مون جڏهن ڳالهه پوري ڪئي ته کين چيم ته هاڻ سندن وارو آهي، سوال ڪريو، ڇو ته سوالن سان ڪيترين ئي ڳالهين جي وضاحت ٿي سگهندي. هو اُن مقصد جي لاءِ تيار ويٺا هئا. پهرين ته منهنجي باري ۾ پڇيو ويو. تعليم، ڌنڌي، گذر سفر وغيره جي باري ۾. جيتوڻيڪ انهن مان ڪجهه ڳالهين جي باري ۾ کين اڳواٽ ئي خبر هئي. اعزاز سان انهن موضوعن تي ڪيترائي ڀيرا ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي هئي، پر پوءِ به هنن اهي ڳالهيون منهنجي واتان ٻڌڻ چاهيون ٿي. مون پنهنجي ڪهاڻي ٻيهر ٻڌائي. تعليم، سول سروس ۽ پوءِ اهي واقعا جيڪي مونکي اخوت طرف وٺي آيا. غربت، تنگدستي ۽ محروميءَ جا اهي هڙئي منظر جيڪي آئون ڏسندو رهيو هوس. غربت اها ڪونهي، جيڪا ورلڊ بئنڪ ۽ گڏيل قومن جي نمائندن جي تشريح جي زمري ۾ اچي ٿي. غربت ته اُن کانسواءِ به آهي. اٽي، لٽي ۽ اجهي جو نه هئڻ به غربت آهي. تعليم، صحت ۽ اُن پاڻي جو نه هئڻ به غربت آهي. قانون جي تحفظ کان محرومي به غربت آهي. سياسي ۽ سماجي انصاف کان نابري به غربت آهي. اخلاق ۽ قدرن جي به غربت آهي، پر انهن سڀني کان خراب غربت اميد جي غربت آهي، جيڪڏهن ماڻهن وٽ آس ئي نه رهي ته هو ڇا ڪن؟ جيئن داغ چيو آهي:
    بڑہ گئی ہے نا امیدی اسقدر،
    آرزو کی آرزو ہونے لگی۔
    اخوت جو سڀ کان وڏو ڪارنامو اهو آهي ته ان اميد جي ٽٽڻ جي پلئه کي ڳنڍيو آهي. ماڻهن کي هي احساس ڏياريو ته هو اڪيلا نه آهن. زندگي جي هڻ وٺ ۾ ڪو اهڙو به آهي، جيڪو هنن سان گڏ بيٺل آهي. پاڪستان ۾ ڪيترا ماڻهو غربت جو شڪار آهن. غربت جي خاتمي لاءِ انگن اکرن جو ڄاڻڻ بي حد ضروري آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن اهي انگ اکر بي معنيٰ ٿي وڃن ٿا. حقيقت اها آهي ته جيستائين هڪ به پاڪستاني غريب آهي، اسين هڙئي غريب آهيون. خوشين جا ڪيترائي ڏيئا ٻرندا هجن، سُک جو ڪيترو به مينهن وسندو رهي، جيستائين اسان جو پاڙيسري بُکيو رهندو، تيستائين اسين سُک جي ننڊ سمهي نه سگهنداسين. ويهه، ٽيهه يا چاليهه سيڪڙو... اهو هڪ دوکو آهي، سچ اهو آهي ته جيستائين هڪ به گهر جي چلهه ٻرڻ کان وانجهي آهي، هڪ به ٻارڙو ڪتاب کان محروم آهي، هڪ به بيمار دوا درمل وٺڻ کان لاچار آهي، اسين غربت جي خاتمي جي دعويٰ نٿا ڪري سگهون. ڳالهه اڳتي وڌندي رهي، هارورڊ جي باري ۾ پڻ سوال ٿيا، کين اهو ٻُڌي خوشي ٿي ته اخوت جي حيثيت کي اُت به مڃيو ويو آهي. مون کين ڪهاڻيون ٻڌايون ته ڪيئن هڪ معمولي رقم مان ماڻهن جي زندگي بدلي ۽ پوءِ وٺڻ بدران ڏيڻ جي واٽ تي هلڻ لڳا. رضيه بيگم، شاهد محمود، خورشيد ڪمال، اهي سڀ هاڻ لوڪ داستانن جيان مشهور آهن. هو سڀ آمريڪا ۾ اخوت کي هڪ قانوني حيثيت ڏيڻ ٿا چاهين. مون کين ٻڌايو ته يو.ڪي ۾ اخوت باقاعده هڪ ٽرسٽ طور رجسٽر ڪرائي ويئي آهي. جنهن جو سهرو عمر افضل ۽ ڊاڪٽر نديم بٽ جي سر تي سونهين ٿو، جن پهرين قانون جي ڪيترن ئي ڪتابن کي پڙهيو ۽ پوءِ اخوت جي رجسٽريشن جو عمل مڪمل ڪيو. عمر افضل آڪسفورڊ مان اڪنامڪس ۾ ايم فل ڪئي ۽ جڏهن اڪنامڪس سمجهه ۾ آيس ته اخوت جو رضاڪار بنجي ويو. هيستائين هو پنهنجي شهر مان سٺ هزار پائونڊن کان به وڌيڪ جو عطيو گڏ ڪري اخوت کي موڪلي چڪو آهي. پر ان عطئي کان وڌيڪ عطيو، سندس اڻ ٿڪ محنت ۽ بي لوث وابستگي آهي. هن اخوت کي يورپ ۾ منظم ڪرڻ جو وعدو به ڪيو آهي، اخوت يوڪي جي ٻين ٽرسٽيز ۾ ڊاڪٽر نديم بٽ، ڊاڪٽر افضل جاويد ۽ ڊاڪٽر شاهنواز طارق شامل آهن ۽ ٻيو ته اتي ميلڪم هارپر به ته رهي ٿو، جيڪو اهو چوندي ٿڪجي ئي نٿو ته ”اخوت انهن خوبصورت ڏينهن جي ياد ٿي تازي ڪري، جڏهن اڃا مائيڪرو فنانس ڪاروبار نه ٿيو هو.“
    مهمان موڪلائي ويا. هنن سان ڳالهيون بي حد اطمينان جو باعث بنيون، انهن سڀني آمريڪا ۾ اخوت جو ٽرسٽي بنجڻ قبوليو. هو سڀ مستقبل جي باري ۾ پُراميد هئا. سڀني جي گڏيل راءِ اها هئي ته اخوت جي رجسٽريشن کانپوءِ يو.ڪي جيان هت به ڪم ٿي سگهي ٿو. هن ملڪ جون سياسي ترجيحون ڀلي ڪهڙيون به هجن، پر هتان جا ماڻهو ڏاڍا همدرد آهن. هڪ مهمان چيو. وطن کان پري رهي، اهي سڀ وطن جي محبت ۾ گم هئا. مهمانن جي موڪلائڻ کانپوءِ مون اعزاز سان گڏ ڪجهه پراڻيون ساروڻيون ساريون ۽ ڪجهه وقت ٻي ڏينهن جا تفصيل طئي ڪندي گذاريا.


    2.12. اچو ته ڪنهن خواب جي اُڻت ڪريون

    خواب، خواب، خواب... ڪو خواب اُڻي ٿو، ڪو خواب بنجي ٿو. ساحر لڌيانوي ننڍي کنڊ جو مشهور شاعر هو. تاج محل، هڪ خوبصورت موڙ ۽ پرڇائيان، خبر ڪونهي ڪهڙا ڪهڙا نظم لکيائين. سندس هڪ مشهور ڪتاب ”آئو ڪه خواب بُنين.“ ڪنهن اهو ڪتاب پڙهيو ته چيو، ”اهي شاعر به ڪمال جا ماڻهو آهن، هر وقت خوابن جي اُڻت ته ڪندا پر خواب بنجندا نه آهن.“ خوابن جي اُڻت ڪرڻ ۽ خواب بنجڻ ٻه ڌار ڪم آهن. اخوت، خوابن جي اُڻت ڪرڻ جو نالو به آهي ته خواب بنجڻ جو به. خوابن اُڻت ڪرڻ جي معنيٰ آهي ته اوهان جا خواب ٻين جا خواب بنجي وڃن. ماڻهو انهن کي پنهنجو سمجهي انهن جي پورڻتا جي لاءِ سندرو ٻڌڻ لڳن. ماڻهو ٻين جا خواب سولائيءِ سان اختيار نه ڪندا آهن، پر جيڪڏهن ڪنهن خواب ۾ آفاقيت هجي ته ائين ٿي به پوندو آهي. اخوت به اهڙو ئي ڪو خواب آهي. ان ۾ آفاقيت به آهي ۽ اها هڪ وڏي هستي سان خاص نسبت جي حامل آهي. اڄڪلهه گهٽ ۾ گهٽ پندرهن ٻيا ادارا آهن، جيڪي اخوت جي قرض حسن ماڊل کي اختيار ڪري اهو ئي ڪم ڪري رهيا آهن. اهي اصول، اهوئي جذبو، اهو ئي خلوص. شايد ان کان به وڌي ڪري، جڏهن ڪو شخص چوي ٿو ته مونکي اهو ڪم سُٺو لڳو آهي، آئون به ان واٽ جو پانڌيئڙو ٿيڻ ٿو چاهيان ته اسان جي لاءِ اها سُٺي خبر هوندي آهي. اونداهيءَ ۾ ڪنهن ڏيئي جو روشن ٿيڻ اُن ڳالهه جو دليل آهي ته اونداهيءَ کي نيٺ به ختم ٿيڻون آهي. پر اُن رستي تي هلڻ جا ڪي ڏکيا شرط به آهن. جيڪو به اهو ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿيندو، کيس سڀ کان پهرين پنهنجو پاڻ کي وسارڻون پوندو. عشق ۾ اها ئي اصل قرباني آهي. ان مزاحمت کانپوءِ هر مزاحمت دم ٽوڙي ٿي وڃي.
    مولاءِ روم چيو آهي، ”عشق جا ست شهر آهن ۽ هر شهر جون ستر هزار گهٽيون آهن... آئون اڃا پهرينءَ شهر جي پهرين گهٽي ۾ بيٺو آهيان. منزل جو پتو نه آهي ته ڪڏهن ايندي:“
    پتنگ چائين پاڻ کي ته ڄيري پئو ڄاڻي،
    تان تان تاڻج توڏي، جان آڳ نه اجهاڻي،
    وسهه وهاڻي، آڳ نه ڏجي عام کي.
    (شاهه لطيف)


    2.13: صبح جو ٿڌڙي هير اهو پيغام ڏيئي ويئي

    ڪيلي فورنيا جو هر صبح سُهڻو هوندو آهي
    آئون ٻي ڏينهن ڪمري مان ٻاهر نڪتس ته نيرو وشال آسمان سامهون هو. پرهه ڦٽيءَ جا پهريان ڪرڻا، فرحت ۽ تازگي. اعزاز جي گهر جو سهڻو باغيچو، ائين پي لڳو ڄڻ ڪائنات اجهو هينئر ئي خلقي ويئي هجي. پکين جون لاتيون، هلڪي خنڪي. پتن تي پکڙيل ماڪ ڦڙا. سج جا ڪرڻا انهن ڦڙن سان ٽڪرائجي آرسي بڻجي ٿي ويا. گاهه جو سائو سمونڊ ۽ گُل. اها به ڪا گهڙي هوندي، جڏهن خدا چيو. هوندو ته ”ٿي پئو“ ۽ ڪائنات بنجي ويئي. ”ٽڙي پئو“ ۽ گل ٽڙي پيا. ”هلو پئو“ ۽ هوا هلڻ لڳي. ”وسي پئو“ ۽ ڪڪر وسڻ لڳا. درياهه ، جبل، ماٿريون، سمنڊ ۽ پوءِ انسان، جنگهلن مان نڪري جهوپڙين ۾، جهوپڙين مان نڪري وستيءَ ۾، وستين مان شهرن ۾، انسان ان سڄي سفر ۾ خدا کي نه وساريو، هن اهو نه وساريو ته کيس ٻيهر واپس وري اچي ڪنهن سان گڏجڻون آهي، اها ملاقات ته طئي آهي، اهو ئي احساس کيس گناهه کان بچائي ٿو، سٺي واٽ جو تعين ڪري ٿو. انسان ڪائنات کي جنهن نموني جيتيو ۽ اُن ۾ پنهنجي محنت جا رنگ وکيريا، ان تي خدا کي خوش ٿيڻ گهرجي. نيرو آسمان، باک ڦٽيءَ جا ڪرڻا، سائي گاهه جو سمنڊ، ماڪ جا ڦڙا ۽ آرسين جي جڳمڳاهٽ، هر ايندڙ صبح ان ڳالهه جو اعلان ٿو ڪري ته خدا اڃا انسان مان مايوس نه ٿيو آهي. جيڪڏهن خدا اسان جي مستقبل مان مايوس ڪونهي ته پوءِ اسين انسان جي آئيندي مان مايوس ڇو آهيون. اچو ته ڪنهن خواب جي اُڻت ڪريون. زندگي خوابن جي اُڻت ڪرڻ ۽ خواب ڏسڻ جو نانءُ آهي.


    2.14: واپاري برادري: اسين پنهنجي منزل جا دڳ چٽيون ٿا.

    اڄ لاس اينجلس جي هڪ خوبصورت ڪلب ۾ مانجهاندي جو بندوبست هو. پنجويهن جي لڳ ڀڳ مزمان به دعوتيل هئا. اعزاز منهنجي جاڳڻ کان اڳ ئي آفيس وڃي چڪو هو. هڪ اڻ پرڻيل شخص جي گهر ۾ ناشتو ٺاهڻون هجي ۽ اهو به مون جهڙي اڻ ڄاڻ کي ته جنهن ڏکيائي مان گذرڻون پوندو، ان جو اوهين اندازو لڳائي سگهو ٿا. کير ڪٿي آهي؟ پتي ڪٿي آهي؟ جام، ٽوش، ماکي، ٽوسٽر، چلهه، اهي سڀ شيون گهڻي ڳولا کان پوءِ ملڻ شروع ٿي ويون ۽ اهو ناشتو جيڪو روزانو پنجن منٽن ۾ تيار ٿي ويندو هو، سو اڌ ڪلاڪ ۾ ٺهي سگهيو. آئون پڪ سان ته چئي نٿو سگهان ته اهو ڪهڙو بيدو هو، پر فرائي ۽ آمليٽ جو امتزاج هو. جيڪي ماڻهو گهر جو قدر نٿا ڪن، انهن کي ڪڏهن ڪڏهن اهڙي سفر تي ضرور نڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ هنڌ بسترو، ناشتو ۽ ماني ٽڪي پاڻ ئي تيار ڪرڻي پوي. ٻنپهرن ڌاري قونصليٽ جي گاڏي پهچي ويئي، ۽ اسان کي ايل.اي. ڊائون ٽائون جي اُن ڪلب ۾ پهچڻ ۾ دير نه لڳي. مانجهاندي ۾ پاڪستاني ڪونسل جنرل رفت مسعود کانسواءِ پاڪستاني واپاري برادري جا نمائندا همراهه موجود هئا. اعزاز گڏجاڻي جي شروع ۾ ئي ٻڌايو ته آمريڪا ۽ پاڪستان واپار جي ميدان ۾ اهم ساٿي آهن. پاڪستان جي ٻاويهه سيڪڙو برآمدات آمريڪا کي وڃي ٿي. ان ۾ ٽيڪسٽائل، قالين، دوائون، سرجري جو سامان، راندين جو سامان، چمڙي جي مصنوعات، زيور ۽ کاڌي پيتي جون شيون شامل آهن. 1999ع ۾ باهمي واپار جو ڪاٿو ٻه بلين ڊالر هو، جيڪو هاڻ وڌي وڃي ساڍا ڇهه بلين ڊالرن جي ويجهو پهتو آهي. اهو سڀ حڪومت جو نه پر انهن ماڻهن جي محنت جو ڦل هو، جيڪي ان گڏجاڻي ۾ شريڪ هئا. اعزاز جو چوڻ هو ته حڪومتن جا باهمي لاڳاپا ڪيترين ئي هيٺ مٿاهين جو شڪار ٿي سگهن ٿا. ڪامياب واپار جي گهرج اها آهي ته اسين عوامي سطح تي پڻ لڳ لاڳاپا قائم ڪريون. آمريڪا ۽ دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن ۾ واڌاري ۾ آمريڪا آباد انهن ملڪن جي رهاڪن جو وڏو هٿ آهي. ميڪسيڪو ۽ ڪوريا ان جا جيئرا مثال آهن. پاڪستاني واپاري به جيڪڏهن چاهين ته ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. عوامي ۽ ڪاروباري سطح تي ٿيندڙ رابطا وڏي پئماني تي معاشي لاڳاپي ۽ واپار کي وڌائي سگهن ٿا. گڏجاڻي ۾ موجود سڀئي واپاري ڪروڙ پتي ماڻهن جي فهرست ۾ ڳڻبا هئا. انهن جا ڪاروبار پاڪستان ۽ آمريڪا ٻنهي هنڌن تي هزارين ڪٽنبن کي روزگار مهيا ڪري رهيا هئا. انهن جي به دلي خواهش هئي ته اُن واپار کي وڌائڻ ۾ هو پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ڏکي بين الاقوامي صورتحال جي باوجود به هو پُراميد هئا. شڪايت رڳو اها هئي ته حڪومت جو ان پاسي ڌيان ڪونهي. غربت جي خاتمي ۽ خوشحاليءَ جي سفر ۾ حڪومت کان وڌيڪ اهم ڪردار واپارين جو آهي، پر اسان واپاري برادري کي ڪوبه مقام نه ڏنو آهي. اسين اڃا سوڌي هڪ قبائلي ۽ جاگيردار سماج جي عذاب کان ٻاهر نڪري نه سگهيا آهيون.
    اعزاز جي رٿن ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ بحث ۽ مباحثي کانپوءِ ڪونسل جنرل مونکي ڳالهائڻ جي دعوت ڏني. هن اخوت جو ذڪر ڏاڍن سٺن لفظن ۾ ڪيو. مون سندس خصوصي ٿورو مڃڻ کانپوءِ ويهن منٽن تائين ڳالهايو ۽ باقي وقت سوالن ۽ جوابن جي لاءِ ڇڏيم. اهي سڀ همراهه ننڍن قرضن جي تصور کان چڱي طرح واقف هئا. هنن ”گرامين بئنڪ“ جي باري ۾ به ٻڌو هو. ڪيترا ته پاڪستان ۾ مائيڪرو فنانس بئنڪن جي ڪارڪردگي کان واقف هئا، هنن جا سوال ڪافي اهم ۽ وقتائتا هئا. هڪ ڄڻي پڇيو ته ڏهن پنڌرهن هزارن جي رقم مان ڀلا ڇا ٿو ٿي سگهي، ڇا اهي ڏوڪڙ ڪنهن ڪاروبار جي لاءِ مناسب آهن. مون وراڻيو، بظاهر ته اها رقم گهٽ ٿي لڳي، پر جڏهن ان رقم ۾ انسان جي محنت به شامل ٿي وڃي ٿي ته پوءِ اها گهٽ نٿي رهي. آئون اهڙن ڪيترن ئي ماڻهن کي سڃاڻان ٿو، جن سائيڪل تي ڪپڙو رکي وڪيو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن ٽيڪسٽائل ملن جا مالڪ بنجي ويا. اوهين پاڻ ڪاروبار ڪريو ٿا، اوهان کان وڌيڪ ٻيو ڪير ڄاڻندو هوندو ته موڙيءَ کانسواءِ اڳتي وڌڻ جا موقعا نٿا ملن. اسان جو مقصد اهو ئي موقعو فراهم ڪرڻ آهي. پهرين سهارو بنجڻون آهي جيڪو ڪشڪول کان بي نياز بنائي ڇڏي. ڪجهه ماڻهن مختصر وقت ۾ پنهنجا پنهنجا تجربا ٻڌايا. جاويد لوڌي پنهنجي هڪ اداري ’نور فائونديشن‘ جي باري ۾ ٻڌايو ته اهو ڪيئن نه سنڌ جي ڳوٺن ۾ شمسي توانائي عام ڪري رهيو آهي. نور فائونديشن پنهنجي نالي جو پرتوو آهي. اها هيستائين هزارين گهراڻن کي بلب ڏيئي چڪي آهي. اونداهين راهن ۾ روشني پکيڙڻ ڪنهن هڪ شخص جي وس جي ڳالهه نه آهي. مانجهاندو به هلندو رهيو ۽ ڳالهيون به ٿينديون رهيون. ٻه سؤ سال اڳ جڏهن يورپي واپاري ڪيلي فورنيا آيا ته ائين ئي مٿو مٿي سان ڏيئي ويٺا هوندا. ڪنهن وڻ جي هيٺان، ڪنهن ماٿري ۾، ڪنهن ڪنڌيءَ جي ڀنل واري تي. هي ويهه پنجويهه همراهه به پنهنجا پنهنجا خواب کڻي هتي پهتا. قدرت سندن لاءِ رستا سولا ڪري ڇڏيا. انهن ۾ عزم به آهي ۽ صلاحيت به، پر جنهن شيءِ مون کي سڀني کان وڌيڪ متاثر ڪيو، اها سندن دردمندي هئي. هنن رڳو پنهنجي لاءِ نٿي سوچيو، پر انهن جي سوچن ۾ ٻيا ماڻهو به شامل آهن. اهي ماڻهون جن کي اڃا اُن مقام تي پهچڻو آهي.


    2.15: فقير منش واپاري

    واپار پيغمبراڻون گُڻ آهي
    مون کي هڪ ٻي سٺي واپاري جي ياد اچڻ لڳي جنهن جو نالو حاجي انعام الله اثر آهي. اخوت جو دوست، ساٿي ۽ همسفر، کيس پالڻهار ايترو ڪجهه ڏنو آهي، جو هاڻ هو واپس کيس قرض ڏيندو آهي. جيڪو شخص الله کي قرض ٿو ڏي، ان کان وڏو رتبو ڪنهن جو ٿي سگهي ٿو.
    حاجي صاحب بي لوث، بي غرض، ايثار ۽ قربانيءَ جو مثالي نمونو آهي. کانئس هزارين ماڻهو فيضياب ٿين ٿا. هو سڄي زندگي رزق حلال جي ڳولا ۾ رهيو ۽ پوءِ اهو رزق خدا جي خلق ۾ ورهائڻ شروع ڪيائين. منهنجو ساڻس لاڳاپو ٻن ڏهاڪن کان آهي. هن جي شفقت منهنجي لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ نه آهي. ٻاجهارو، ذهن ۽ کلمک. هن زندگيءَ کي بي حد ويجهڙائي کان ڏٺو آهي، ڪيترين ئي هيٺ مٿاهين مان گذريو، پر سندس نيڪي سان رشتو ڪڏهن به نه ٽُٽو. هو پاڻ به الله جي واٽ ۾ لُٽائي ٿو ۽ ٻين کي به ان لاءِ راضي ڪري ٿو. ميان عبدالوحيد، ايس.ايم اشفاق، سهيل اقبال وهره، ثاقب اقبال، انسانيت جي لاءِ کيس گهرڻ ۾ ڪو به عار ڪونهي. لاهور جي ’حجاز اسپتال‘ حاجي انعام الاهي اثر جي لاءِ آخرت جو توشو آهي، پر هن رڳو ان تي بس نه ڪيو آهي، سندس اعمال نامي ۾ نيڪيءَ جا ٻيا به ڪيترائي ڏيئا روشن آهن. فائونٽين هائوس، چنيوٽ بيت المال، اسلاميه اسپتال چنيوٽ، مونکي ڪو به شخص يا ادارو اهڙو نه مليو، جنهن حاجي صاحب کي سڏ ڪيو ۽ هن جواب ۾ لبيڪ نه چيو هجي. هن ڪيترن ئي ماڻهن کي نيڪي جا گُر سيکاريا. ايترو ته سفر جي لاءِ زادراهه گڏ ڪيو جو رشڪ ٿو اچي، هڪ ڀيرو مونکي چوڻ لڳو ته آئون هن شهر جو سڀ کان وڏو پينو آهيان، ڇو ته مونکي الله جي واٽ ۾ هٿ ڊگهيرڻ سٺو لڳندو آهي. مونکي يقين آهي ته هڪ ڏينهن تون مون کان به وڏو فقير بنبين. مون چيو، ”خدا ڪري ته ائين ئي ٿئي. “ حاجي صاحب کي ڏسي مون هڪ پراڻي روايت ياد ٿي اچي. ڪنهن شهر ۾ ڏڪار پيو ته هڪ شخص غريبن جي لاءِ لنگر چالو ڪيو. ماڻهو اُن لنگر تان وٺي کائڻ لڳا. هڪ همراهه لنگر ورهائيندڙ کي چيو، ”مون کي ٻن ڄڻن جو لنگر ڏي. هڪ منهنجي لاءِ ۽ ٻيو سامهون ڀت سان لڳ ويٺل همراهه جي لاءِ منجهس ايتري به سگهه نه آهي جو اُٿي هيستائين اچي.“ لنگر ورهائيندڙ پريان ويٺل همراهه کي ڏٺو ته هن جي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا. هن چيس، ان ڪمزور شخص کي لنگر جي گهرج ڪونهي، ڇو ته هي لنگر سندس ئي پئسن سان پيو هلي، هو ته رڳو اهو ڏسڻ آيو آهي ته ڪا ڪمي پيشي ته ڪونهي... مون کي لڳي ٿو ته ڀت جي پاڇي ۾ ويٺل شخص حاجي انعام الاهي اثر ئي هوندو، جيڪو پنهنجو سڀ ڪجهه نڇاور ڪري هڪ پاسي بيٺو اهو ڏسي ٿو ته ڪو حاجتمند ۽ حقدار اڪيلو ته ڪونه رهجي ويو آهي. حاجي صاحب پنهنجي ملڪيت پنهنجي زندگي ۾ ئي ورهائي ڇڏي، ڪجهه ٻارن ۾ ته ڪجهه خلق خدا ۾، جنهن گهر ۾ هو رهي ٿو، ان جي ملڪيت گهٽ ۾ گهٽ اڌ ارب روپيا آهن، اهو گهر حجاز اسپتال جي حصي ۾ آيو، تنهن کانسواءِ ٻيو به گهڻو ڪجهه دان ڪيو، جنهن جو هن اعلان نه ڪيو. آمريڪا ۾ بل گيٽس ۽ وارن بلفٽ جي سخاوت جا چؤڏس پڙاڏا آهن، اسان وٽ ڏڪر ضرور آهي، پر ايتري به ڪونهي. مون کي يقين آهي ته اهي سڀ واپاري هڪ ڏينهن ان شخص جي نقش قدم تي هلندا، جنهن جو نالو ’انعام الاهي اثر‘ آهي، جيڪو الله کي قرض حسن ڏي ٿو.


    2.16: ڪيلي فورنيا ۽ اصلوڪا آمريڪي

    آئون ۽ اعزاز ڪلب جي خوبصورت عمارت مان ٻاهر نڪتاسين ۽ گاڏيءَ ۾ ويهي ڪجهه دير ڊائون ٽائون ۾ گهمندا رهياسين. وڏيون عمارتون، دولت جي ريل ڇيل. ڪيلي فورنيا آمريڪا جي هڪ منفرد رياست آهي، هتي ساڍن ڇهن لکن کان به وڌيڪ ارب پتي رهن ٿا. پاڪستاني روپئي جي حساب سان کرب پتي ٿيا. اهو تعداد آمريڪا جي ڪنهن به رياست کان وڌيڪ آهي. دولت جي اها ريل ڇيل اُن تيل ۽ سون جي ڪري آهي جيڪي هتي لڀيا. ان کانسواءِ هالي وڊ جي فلمي صنعت ۽ ٽيڪنالاجي. آمريڪا جي تاريخ جيان ڪيلي فورنيا جو ماضي به مثالي ڪونهي. هڪ پاسي خوشحاليءَ جي دلڪش ڪهاڻي ۽ ٻي طرف قتل ۽ غارت ۽ رتوڇاڻ جا داستان آهن. اها جنت ائين ئي آباد نه ٿي آهي، ان جي بنيادن ۾ انهن ماڻهن جو وهندڙ رت آهي، جن کي ريڊ انڊينس چيو ويندو آهي. هاڻ اهي اصلوڪا آمريڪي يا Native Americans سڏبا آهن. اهي ماڻهو هزارين سالن کان هتي آباد هئا. پوءِ پندرهين صديءَ ۾ هڪ طوفان اُٿيو ۽ هو يورپ مان ايندڙ ان طوفان جي دٻ جهلي نه سگهيا، ڳورن کين ماري مُڃ ڪري، سندن آزادي کسي ورتي. لکين معصوم ۽ بي گناهه پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا. ڀاڙي جي سپاهين ۽ هٿياربند لشڪرن ظلم جي حد ڪري ڇڏي. ڪمزوري فنا جي نشاني آهي. جيڪي قتل ٿيڻ کان بچي ويا، تن کي وڏن قيد خانن ۾ واڙيو ويو. بک، ڏڪار، بيمارين سبب اهي اصلوڪا لوڪ هوريان هوريان زمين تان نابود ٿيڻ لڳا. ڪٿي ڪٿي ڪجهه ٽولا اڃا تائين پنهنجي روايتن کي گلي سان لڳايو جيئرا آهن، پر مروجه معنيٰ ۾ آمريڪي شهريت جا حقدار نه آهن. ٻي طرف اهي ماڻهو جن جي هٿن ۾ خنجر هئا، اڄ مسيحا آهن. اهو ئي تاريخ جو الميو آهي.
    دامن پہ کوئی چھیٹ نہ خنجر پہ کوئی داغ،
    تم قتل کرو ہو کہ کرامات کرو ہو۔


    2.17: هڪ عجيب شخص، منهنجي سڄي ڪٿا

    اسين تاريخ جي هيٺ مٿاهين ۾ گم ٿي سچائين کي ڳولهي رهيا هئاسين. وڏيون اوچيون عمارتون اسان کي ڌيان سان ڏسنديون رهيون. ڪجهه گهڙيون لاس اينجلس ڊائون ٽائون ۾ گهمڻ کانپوءِ اسان جو دماغ هڪ ويجهي وستي طرف ٿيڻ لڳو. اُتي اسان کي هڪ ٻي واپاري شيخ ايس الاهي سان ملڻو هو. ٽريفڪ جو زور ۽ رش جو هُل بکيڙو. شيخ الاهي سان اها ملاقات ڪيترن ئي ڏينهن کان طئي ٿي رهي هئي. هو ڪيلي فورنيا ۾ بوٽن جو واپار ڪندو آهي ۽ ڪيترن ئي اسٽورن جو مالڪ به آهي. ننڍي وهيءَ ۾ هو پنهنجي پيءَ سان گڏ آمريڪا پهتو. سندس چوڻ هو ته پڻهنس هتي اچڻ کانپوءِ کيس هڪ سُٺي اسڪول ۾ داخل ڪرايو، سندس پيءُ جي خواهش هئي ته پٽهنس ڊاڪٽر ٿئي، پر شيخ صاحب کي جلد ئي ان ڳالهه جو احساس ٿيڻ لڳو ته کيس اُن ڌنڌي سان ڪا به دلچسپي نه آهي. ”آئون جڏهن پنهنجن سنگتين سان گڏ راند کيڏندو هوس ته انهن جا جوتا ڏسي ڏاڍو لطف وٺندو هوس. هوريان مونکي اهو خيال آيو ته جوتا ٺاهڻ کان سٺو ٻيو ڪوبه ڪم نه آهي. منهنجي مائٽن کي منهنجي ان فيصلي سبب ڏاڍي مايوسي ٿي، ڪٿي ڊاڪٽر ۽ ڪٿي وري هڪ جوتا ٺاهيندڙ، پر کين منهنجي ضد اڳيان هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا. پاڪستان ۾ هجان ها ته شايد ڪجهه به ڪري نه سگهان ها. ظاهر آهي ته اُتي ڪهڙا مائٽ هوندا، جيڪي چوندا ته سندن پُٽ جوتا ٺاهي. جوتن ٺاهڻ جو اهو شوق نيٺ مونکي ڪاروباري دنيا ۾ وٺي آيو ۽ مون جوتن ٺاهڻ جي فيڪٽري ۽ اسٽور کولڻ جو فيصلو ڪيو. لڳاتار محنت ۽ اٽل ارادا ئي منهنجي موڙي هئا. الله تعاليٰ منهنجي محنت کي نه وڃايو، هاڻ ان ميدان ۾ منهنجي هڪ سڃاڻپ آهي. عورتن ٻارن، مردن جا هر قسم جا بوٽ، بيگون، هيٽ، پرس، جيڪٽس، پتلو نون، شرٽون، سوئيٽر، مون ڇا ڇا نه ٺاهيو. ”شيخ اسٽورز“ جون شيون هڪ معتبر نالو بنجنديون پيون وڃن.
    مون کيس پاڪستان ۾ جوتن جي صنعت سان لاڳاپيل ٻن ماڻهن جي باري ۾ ٻڌايو. بورجان جو زاهد حسين ۽ سروسز انڊسٽري جو عارف سعيد. اهي ٻئي اخوت جا دوست آهن. زاهد حسين ته ان راهه ۾ ايترو ته اڳيان وڌيو، جو اخوت جي طرز تي پنهنجو هڪ ادارو بنائي ورتائين. ”هرل بنياد“ جي نالي سان اهو خوبصورت ادارو لاهور جي ڪچي آبادين ۾ ڪم ڪري ٿو. شيخ ايس الاهي جي ڪهاڻي به ڏاڍي دلچسپ آهي. عام طورتي پاڪستاني آمريڪا وڃي نوڪري ئي ڳولهيندا آهن، جيڪڏهن ڪاروبار ڪندا به آهن، ته به گئس اسٽيش سيون اليون کان اڳتي ناهن وڌيا. مون کي هي پهريون شخص مليو، جنهن پنهنجي لاءِ ڌار رستو چونڊيو ۽ پوءِ وري هڪ يا ٻه نه پر اڌ ڊزن کان به وڌيڪ اسٽورن جو مالڪ بنجي ويو. شيخ صاحب صاحب جنهن شوق سان پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي رهيو هو، ان مان صاف پي نظر آيو ته هو رڳو ان تي بس نه ڪندو. شيخ صاحب اخوت جي ڪم ۽ تصور جي گهڻي واکاڻ ڪئي. اخوت سان هن جو تعارف سندس ڀيڻ ڪرايو ۽ ان جي ئي زور ڀرڻ تي هو اخوت سان سهڪار ڪرڻ ٿو چاهي. ”غربت، جهالت ۽ پسماندگي... انهن کان اسان کي ڪڏهن ڇوٽڪارو ملندو.“ هن موڪلائڻ کان اڳ اهو سوال ضرور پُڇيو. پر ان دوران هن اهو چئي اسان کي حيران ڪري ڇڏيو ته سندن پُٽ جو نالو ”ڪشمير“ ۽ ڌيءَ جو نالو ”بيت المقدس“ آهي، اهو ٻڌي اسين هڪ گهڙي جي لاءِ ته حيران رهجي وياسين. ڪشمير ۽ بيت المقدس ٻارن جا نالا ملڪن ۽ شهرن جي نالن تي. اسان سبب پڇيو ته جواب مليو. جيئن منهنجا ٻئي ٻارڙا آزاد آهن... تيئن آئون ڪشمير ۽ بيت المقدس کي آزاد ڏسڻ ٿو گهران. ”غلامي ۽ آزادي جي اها انوکي تعبير هئي. ائين لڳو ته تاريخ کان آشنا هڪ شخص پنهنجي پيڙا جو اظهار پيو ڪري. شيخ اسٽورز، لاس اينجلس، ڪشمير ۽ بيت المقدس.
    میری تمام سرگذشت کھوئے ہوؤں کی جستجو
    اسان جي وچ ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي آزاديءَ سان ائين به محبت ڪن ٿا.


    2.18: هالي وڊ: بابر به عيش ڪوش که عالم دوباره نيست

    شيخ الاهي جي اسٽور مان نڪري اسان واپسي لاءِ مڙياسين. پهرين اسانکي اعزاز جي گهر وڃڻون هو ۽ پوءِ ويهه ڪلوميٽر پري سپال صاحب وٽ. جنهن وڏي محبت سان رات جي ماني جي دعوت ڏني هئي. رستي ۾ هڪ هنڌ هالي ود جا نشان نظر آيا ته اعزاز اوڏانهن وٺي وڃڻ جي آڇ ڪئي. اعزاز جو چوڻ هو ته جيڪو شخص لاس اينجلس اچڻ کان پوءِ هالي وڊ نه وڃي ته ان کي بي ذوق چوندا آهن. پر پاڻ وٽ وقت جي تنگيءَ جو احساس هو. هونئن به گذريل ڀيري پاڻ هالي ووڊ جي رولاڪي ڪري چڪا هئاسين. اهو شهر سڄي دنيا جي نگاهن ۽ شوق جو مرڪز به. هن شهر جي روشنين ۾ سڀني کان يادگار شيءِ Walk of fame نالي هڪ رستو آهي. جنهن تي انهن ستارن جا نالا لکيل آهن، جن عالمي شهرت ماڻي. زمين تي ننڍا ننڍا تارا ٺاهي، انهن تارن ۾ انهن جا نالا لکيا ويا آهن. شايد اهو سڀ ٻڌائڻ جو مقصد اهو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن تارا زمين تي به لهي ايندا آهن. مونکي ياد آهي ان وقت اسان ڪيترن ئي نالن سان گڏ تصويرون ڪڍرايون هيون. ان وقعي کي ڪيترائي سال گذري ويا آهن. هاڻ نه اهو وقت رهيو آهي، نه اها خواهش ۽ نه وري بي تابي. منزل بدلجي وڃي ٿي ته رستا به مٽجيو وڃن. جنون جو پهريون شرط اهو آهي ته ٻي ڪا شيءِ ياد نه رهي.
    سپال صاحب جي گهر پهچڻ ۾ دير ٿي ويئي. ڪجهه ته ٽريفڪ جو هجوم هو ۽ ڪجهه وري فاصلو گهڻو. ماڪوڙين جي رفتار سان سرندڙ گاڏيون، ائين پي لڳو ته سڄو شهر رستي تي آهي. سپال صاحب جو واسطو سيالڪوٽ سان آهي. پنجاب يونورسٽيءَ مان قانون جي ڊگري ورتائين ۽ پوءِ وڪالت وساري ڪاروبار شروع ڪري ڏنائين. اخوت جي بورڊ آف ڊائريڪٽر جو ميمبر همايون احسان هن جو هم ڪلاسي هو. ان حوالي سان ڪيترن ئي ٻين گڏيل دوستن جا نالا سامهون آيا، رائو فضل الرحمان ۽ نديم اشرف جيڪي ٻيئي اخوت جا بهترين دوست به آهن. اعزاز ۽ مون کانسواءِ هتي ٻيا به ڪيترائي دوست موجود هئا. ڳالهه ٻولهه شروع ٿي. لاس اينجلس کان لاهور ۽ آمريڪا کان پاڪستان، اسين پٺتي ڇو آهيون. آمريڪا ۾ رهندڙ هر پاڪستاني پنهنجي وطن کي عروج تي ڏسڻ ٿو چاهي. جهالت، تعصب، فرقي پرستي، اسان ڪهڙيون ڪهڙيون ڀتيون کڙيون ڪري ڇڏيون آهن. مذهب اسان کي جوڙڻ جي بدران ورهائي ڇڏيو. سپال صاحب ۽ سندس سنگتين اخوت جي حوالي سان ڪيترائي سوال ڪيا. نيٺ چوڻ لڳو، اوهان جي ڳالهين تي يقين نٿو اچي. ڇا ماڻهو واقعي ’مواخات‘ تي يقين رکن ٿا. اوهين وڏي خوشفهمي ۾ ٿا لڳو. ان ۾ ارادي کانسواءِ ٻيو ڇا گهربل آهي. اسين پرڏيهه ۾ رهي ڇا ٿا ڪري سگهون. اهي سڀ سوال ان تجسس جو اظهار هئا. ڪجهه وقت اڳ مشهور ڪالم نويس هارون الرشيد پنهنجي ڪالم ۾ اخوت جو ذڪر ڪيو. منهنجي دل چوي ٿي ته اهو ڪالم کين پڙهي ٻڌايان، هنن جي ڪيترن ئي سوالن جا جواب اُن ڪالم ۾ آهن.


    2.19: جيڪڏهن

    ”جيڪڏهن“ (اگر) جي نالي سان جنگ ۾ ڇپجندڙ اهو ڪالم هڪ معتبر شاهدي آهي. سپال صاحب اهو ڪالم پڙهي چڪو هو، پر ائين کڻي چئجي ته اهو ئي ڪالم ”اخوت“ سان سندس پهرين تعارف جو ڪارڻ بنيو. ”جيڪڏهن“ نالي اها لکڻي هڪ خواهش به آهي ته دعا به. هارون الرشيد لکي ٿو... ”ملڪ ۾ رڳو حڪمران طبقو ئي ڪونهي، جيڪو اهل دل ۽ اهل نظر آهي. اهو جنهن چوڏهن سؤ سال اڳ مديني ۾ برپا ٿيندڙ ”مواخات“ مان پنهنجو ڏيئو ٻاريو. مايوسي ڪفر ۽ اميد ايمان آهي، جاڳو، جاڳي پئو اي منهنجا ديس واسيو. ان جي جاءِ تي ڪو ٻيو هجي ها، ڪهڙو به معزز ۽ معتبر ته آئون اهو گمان ڪريان ها ته غلط بياني نه پيو ڪري ته به خود فريبي ۾ مبتلا ضرور آهي، پر اهو ڊاڪٽر امجد ثاقب هو. سندس ڳالهه پٿر تي ليڪي جيان هوندي آهي، ٻه واڌو ٻه برابر چار جي اکر وانگر. ان هوندي به اهو يقين نه آيو ۽ عرض ڪيم، ”ڊاڪٽر صاحب آخر اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته رڳو هڪ تنظيم پنجاهه هزارن تي مشتمل هڪ شهر کي وياڄ کان پاڪ ڪري ڇڏي. ڌيمي، تمام ڌيمي لهجي ۾ ڳالهائيندڙ طبيب جواب ڏنو، ”گهڻو ڪم ته اسين اڳ ۾ ئي ڪري چڪا آهيون. ستن هزار ڪٽنبن تي ٻڌل ان وستي ۾ ئي هزار ضرورت مند ڪٽنب رهن ٿا. انهن مان ٻه هزار ته روزگار تي چڙهي چڪا آهن، صرف هڪ هزار اڃا آهن، انهن لاءِ جيترن ڏوڪڙن جي گهرج آهي، سي اسان وٽ موجود آهن. اسان ته هڪ ٻي شهر جي چونڊ پڻ ڪري ورتي آهي. ڪاٺ جي خوبصورت گهرن وارو شهر چنيوٽ، جنهن ۾ مٽيءَ جي ٿانون ۽ رڌجندڙ کاڌو ”ڪنا“ هڪ تباهه ڪندڙ فيشن جيان راولپنڊي کان ڪراچي تائين پکڙجي چڪو آهي ۽ جنهن جي چار سؤ سال پراڻي مسجد ۾ هن جي تنظيم ”اخوت“ جي آفيس قائم آهي. رات جو ٽين بجي تائين ’شرتپور‘ جي ڪجهه معززين سان خيالن جي ڏي وٺ جاري رهي ته ٽيون شهر ”شرتپور“ هئڻ گهرجي، اتفاق سان ان جي آبادي ”جهانيان“ جيتري آهي، پر تعليم جو تناسب وڌيڪ آهي.
    ست سؤ سال ٿيا آهن، ان ئي جهانيان جو حضرت مخدوم جهانيانرحه جهان گشت جي شيخ الاسلام نجم الدين خضريٰءِ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، جو هو هڪ محتاج جي تڪليف تي بي چين هو. هن ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جو همسفري بري بلا آهي، پوءِ وري ٻيهر آيو. ٻڌايو ويو ته مطالعي ۾ رڌل آهي، ٽي ڀيري ڪو ٻيو بهانو، پر نيٺ ڪيستائين. جيل ته پنهنجي جاءِ تان هتي سگهيو ٿي، پر صوفي جڏهن ارادو ڪري ٿو وٺي ته اهو نٿو ٽري. نيٺ بيزار ۽ چڙيل نجم الدين ٻاهر نڪتو ۽ ڪاوڙ مان چيائين، ”آخر عزت نفس به ڪاشيءِ هوندي آهي، بار بار چورايو مائين ته واڌو نه آهيان ته توکي سمجهي وڃ گهرجي ته سفارش ڪرڻ تي راضي نه آهيان، تون ڪهڙو ماڻهو آهين، جيڪو اهڙي توهين جي باوجود به هر هر هليو اچين. جواب ۾ فرمايائين: فقير جي ڪا به هاجت نه آهي، هجي ها ته به ٻي ڪنهن جو دروازو نه کڙڪايان ها. مجبوري اها آهي ته هڪ مسلمان تي ڏکيو وقت آيو آهي، جيستائين هو اُن ڪُن مان نٿو نڪري، تيستائين آئون ان جو هٿ ڇڏي نٿو سگهان. نجم الدين هڪدم ميڻ جيان نرم ٿي ويو. ڪٿي اهو هٺ ۽ وڏائي، جو دل پٿرجي ٿي ويئي هيس، پر هاڻ اُس ۾ ڳرندڙ برف جيان پيرن ۾ اچي ڪريو. معافي گهريائين ۽ عرض ڪيائين: حڪم فرمايو: بادشاهه جي خدمت ۾ ويندس ۽ تيستائين اُٿي نه ايندس، جيستائين عرض نه اگهائبو.
    ڊاڪٽر امجد ثاقب مخدوم جهانيان ڪونهي ۽ نه ئي شيخ الاسلام، پر ضد اهڙو ئي اٿس. فولادي عزم ۽ ريشم جي دل اٿس. اٺن سالن کان ان ارادي تي اٽل آهي ته هر اُن شخص کي قرض حسن ڏنو ويندو، جيڪو رزق جي لاءِ پگهر ڳاڙڻ لاءِ تيار آهي. يقين ئي نٿو اچي، پنجاهه ڪروڙ روپيا فقط پنجاهه ڪروڙ روپين سان هيستائين 59 هزار ڪٽنبن کي روزگار تي چاڙهي چڪو آهي. (هيستائين اِها رقم پنج ارب۽ ڪٽنبن جو تعداد ٽي لک ٿي چڪو آهي. الحمدلله) هن سياست جو ڪاروبار ۽ حڪمراني ٻين جي لاءِ ڇڏي ڏني آهي ۽ پاڻ خدا جي خلق جي خدمت ۾ چاڪيءَ جي ڏاند جيان جوٽيل آهي.
    ان کا جو کام ہے 09 اہل سیاست جانیں
    میرا پیغام محبت ہے، یہاں تک پہنچے
    حيرت ٿي ٿئي ۽ يقين ئي نٿو اچي ته جڏهن الله جو بندو ارادو ڪري ٿو وٺي، پڪو ارادو ته ڪهڙو نه معجزو ظاهر ٿو ٿئي. فرد کان جماعت تائين، جماعت کان قافلي تائين، ۽ قافلي کان ڪاروان، پتو نه آهي ته ڪير آهي، جيڪو رستي تان ڪنڊا ميڙيو ڇڏي ۽ هو منزل تائين ائين ڊڪندو ٿو وڃي، ڄڻ ڪنهن لاهياريءِ تان لهندو پيو وڃي. نسخو ڏاڍو سادو آهي. ڊاڪٽر صاحب چوي ٿو ته ”محنت ڪندڙ هٿ تمام گهڻا هئا ۽ خواهش به، پر موڙي نه هئي. جنهن جو حل پاڻ اهو ڳولهيائين ته پهرين پنهنجي کيسي مان پئسا ڪڍجن، ۽ پوءِ دوستن کي راضي ڪجي ته ڏهن هزارن کان وٺي ٽيهن هزار روپين تائين جيترا به ڪنهن کي گهربل هجن، اهي شخصي ضمانت تي بنا وياڄ جي ڏنا وڃن. پوءِ هو سائيڪل جون گاڌيون سبُي يا پي.سي. او کولي، پلاسٽڪ جون چپلون وڪڻي يا فروٽ جو گاڏو لڳائي. لڳ ڀڳ ڏيڊ سؤ ڌنڌا آهن، انهن مان ڪنهن به هڪ جي چونڊ ڪري. گهڻن ۾ سکيا جي گهرج ڪونهي، هڪ اڌ هنر کان ته اڳ ۾ ئي واقف هوندا آهن. جيڪڏهن بندوبست ٿي وڃي ته هڪ وڌيڪ ڪٽنب تي روزگار جا دروازا اُپٽجي سگهن ٿا.
    رسول پارڪ لاهور جي اها رنڙ زائفان اڃا تائين ڊاڪٽر صاحب کي ياد آهي، جيڪا اٺ سال اڳ وٽس آئي هئي ۽ اهو چيو هو ته نه خيرات گهرنديس، نه خيرات قبولينديس، نه ڪنهن مٽ مائٽ جو دروازو کڙڪائينديس، زندگي جي بازيءَ ۾ مون پنهنجو ور وڃايو آهي زندگي نه. قرض کپي، پر واپسيءَ جي بنياد تي. کيس ڏهه هزار روپيا ڏنا ويا، هن ان مان جديد سلائيءَ جون ٻه مشينون خريد ڪيون. هن پاڙي جي اسڪول جي ٻارن جون ڊريسون سبڻ جو معاهدو ڪيو. ڇهن مهينن ۾ هن ڌيءَ پرڻائي، قرض موٽايو ۽ هڪ تنگ گهٽيءَ مان نڪري حياتي جي ڪشادي رستي تي هلڻ لڳي، جنهن جي آسمان تي هر رات آشا جا ديپ چمڪندا هئا. جنهن جي اُفق تي هر صبح نين اميدن سان اُڀرندو هو. ’ڏاڍا ڪٺور آهن‘. ڊاڪٽر صاحب چيو، اهل حڪمران ۽ اهل زر ڏاڍا ڪٺور آهن، پر انهن ۾ ڪي اهڙا به دل وارا آهن جو انهن بابت اوهان کي ڇا ٻڌايان.
    لاهور جو هڪ پورهيت جولاءِ 2009ع ۾ وٽس آيو ۽ چيائين. اوهان جي مهربانيءَ سان منهنجي زندگي سنوارجي ويئي. ٿورن جي ادائيگي لاءِ نذرانو پيش ڪرڻ جو خواهشمند آهيان ته جيئن ڪنهن ٻي جي زندگي جو بار هلڪو ٿئي، پر ڏکيائي اها آهي ته منهنجي آمدني صفا ٿوري آهي. ڇا ڪريان؟ ڊاڪٽر صاحب چيس؛ روزانو هڪ روپيو ڏيندو ڪر، هو روئي پيو ۽ چيائين هڪ روپيو ڇو؟ ڏهه روپيا ڇونه؟ ڏٻا ٺهرايا ويا جيڪي انهن ريڙهين، گاڏن، مانڊڻين تي رکيا ويا، جيڪي اخوت جي اهتمام سان رزق حلال جي ڏيئن سان روشن ٿيا هئا. پهرين مهيني ۾ سٺ هزار ۽ پوءِ نوي هزار ۽ ٽي مهيني ۾ هڪ لک ڏهه هزار. هاڻ فقط داتا جي نگريءَ مان ماهوار ٽي لک روپيا ماهوار آمدني آهي. ڏيئي مان ڏيئو ٿو ٻري، ڪراچي وارن جو ڊاڪٽر صاحب وڏو مداح آهي. چيائين: ڏسي وٺجو دنيا جي سڀ کان وڏي شهر ۾، شوڪت خانم اسپتال ڏسندي ئي ڏسندي اڏجي ويندي ۽ لاهور کان وڌيڪ ڪامياب ويندي. ڇا ان ئي شهر جي فرزند مولانا عبدالستار ايڌي معرڪو سر نه ڪيو؟ اميد جو هڪ چنڊ اُڀريو ۽ چوڏس چانڊوڪي پکڙجي ويئي. ورق پورو ٿيو ۽ داستان اڃا به باقي آهي. تفصيل تمام گهڻا آهن. خلاصو اهو آهي ته جيڪڏهن ديس واسي خاص طور تي سمنڊ پار پاڪستانين ”اخوت“ نالي هن تنظيم سان سهڪار ۾ واڌارو ڪري ڇڏيو، جنهن جا آفيس خرچ صفا معمولي آهن ۽ قرض جي واپسي جو تناسب 99.8 سيڪڙو آهي ته انشاالله 27 رمضان المبارڪ جي ڏينهن قائم ٿيندڙ هن ملڪ ۾ محتاجيءَ جو ڀوت ويڙهجي سيڙهجي هڪ ڏينهن کيسو ڪتريندڙ جو هٿ وڃي بچندو ۽ کيسي ڪتريندڙ سان منهن ڏيڻ ڪو ڏکيو آهي ڇا؟ پنجاهه ڪروڙ روپين مان جيڪڏهن 59 هزار ڪٽنبن کي روزگار ملي سگهي ٿو ته پنجاهه ارب روپين مان پنجاهه لکن کي ڇو نه؟ اهو خيرات ڏيڻ جو ڪو پروگرام ته ڪونهي. اٿو اي ديس واسيو! پاڪستان ۾ رڳو حڪمران طبقو نه آهي. اهل دل ۽ اهل نظر به آهن. اچو چوڏهن سؤ سال اڳ مديني ۾ پهرين برپا ٿيندڙ ”مواخات“ سان پنهنجا من ۽ ڏيئا روشن ڪريو.“


    2.20: پهريون ڪرڻون

    هارون الرشيد جي لکڻيءَ ته صفا جادو ڪري ڇڏيو.
    سسپال صاحب جي گهر تي ڪافي دير تائين ڪچهري ٿيندي رهي. ”اُٿو اي ديس واسيو! پاڪستان ۾ رڳو حڪمران طبقو نه آهي، اهل دل ۽ اهل نظر به آهن. اهي جن چوڏهن سؤ سال اڳ مديني ۾ برپا ٿيندڙ ”مواخات“ سان پنهنجا من ۽ ڏيئا روشن ڪيا.“ منهنجا مخاطب جيڪي پهرين مايوس هئا، سي مطمئن ٿيڻ لڳا. ان کان سٺو پيغام اسين ٻيو ڪهڙو ڏيئي ٿي سگهياسين. صغير سسپال ۽ سندس دوستن ڏاڍي گرمجوشيءَ سان موڪلايو. سمنڊ جي ڪنڌي جي ويجهو هڪ خوبصورت گهر ۾ درد جا ڪجهه ٻيا ڏيئا روشن ٿيا Reaching one thousand Americans جي پيڙهه جو هڪ ٻيو پٿر. اسين وڏي شاهراهه تان گذرندا واپس اعزاز جي گهر پهتاسين، ٻي ڏينهن صبح جو سوير شڪاگو روانو ٿيڻون هو. صبح جو سوير تياري ڏکي ٿئي ٿي، تنهنڪري رات جو ئي سامان سهيڙڻ شروع ڪيم. چئن ڪلاڪن جو هڪ ٻيو سفر، ڪجهه ڪپڙا، ڪجهه ڪاغذ، ڪجهه انهن ڏينهن جون ساروڻيون. تياريءَ ۾ ڪو گهڻو وقت نه لڳو. سمورو سامان بيگن ۾ وڌو سين ۽ بيگون سهيڙي هڪ پاسي رکي ڇڏيوسين. اعزاز ڊرائيور کي ٽين بجي اچڻ جي لاءِ چيو هو. ڊرائيور جو اچڻ، گهر کان روانگي، ايئرپورٽ تي پهچڻ ۽ پوءِ سامان جي بُڪنگ، هڙيئي مرحلا سولائيءَ سان گذري ويا. پاڻ کي خبر هئي ته ايئرلائن سفر جي دوران کائڻ پيئڻ جي لاءِ ڪجهه به پيش نٿي ڪري، تنهنڪري چڱائي ان ۾ هئي ته ايئرپورٽ تي ئي ڪو بندوبست ڪيو وڃي. ڪافي جو ڪوپ ۽ ڪجهه بسڪوٽ. چانهه ته آمريڪا ۾ هوندي ئي ڪونهي. جنهن کي هو چانهه چوندا آهن، اهو ڦڪو سفوف آهي. مغرب جي ميخاني جو اهو ئي دستور آهي. رات جو آخري پهر ۽ صبح جا پهريان لمحا. لاس اينجلس ايئرپورٽ جاڳي رهيو هو. ڀڄ ڊڪ، هُل هنگامون، ڪتابن جي هڪ دوڪان تي نظر پيم ته اندر گهڙيس. ايئرپورٽ تي موجود ان ننڍي دوڪان ۾ هر موضوع تي ڪتاب موجود هئا. دوڪان جي هڪ ڪنڊ ۾ هڪ مشهور ڪتاب UncleTom’s Cabin تي نظر پيم. ان جو شمار انهن ڪتابن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي تبديلي ۽ انقلاب جو پيش خيمون بنجن ٿا. ان ڪتاب، غلاميء جي مسئلي تي آمريڪي ضمير کي جنجهوڙي ڇڏيو. تمام گهٽ ڪتابن انساني تاريخ کي ائين متاثر ڪيو هوندو. اهو ڪتاب انهن ڪارن (شيدين) جي ڪهاڻي آهي، جيڪي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيا ويا ۽ پوءِ نسل در نسل ظلم جو شڪار ٿيندا رهيا. مون ڪتاب کڻي کولڻ شروع ڪيو.
    اهو ڪتاب پهريون ڀيرو 1852ع ۾ ڇپيو. ايندڙ ٻن سالن ۾ آمريڪا ۾ ڪتاب جون ٽي لک ۽ برطانيا ۾ ڏهه لک ڪاپيون وڪرو ٿيون. بائبل کان پوءِ سڀ کان گهڻو وڪرو ٿيندڙ ڪتاب Uncle Tom’s Cabin هو. جيڪي ماڻهو انساني سماجن تي ادب جي اثرن کان اڻ ڄاڻ آهن، تن کي هي ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي. هن ڪتاب ۾ لڙڪ ئي ڪونهن، ظلم جي خلاف نفرت به آهي ۽ تبديلي جي خواهش به. آمريڪا ۾ غلامي جي جنگ جو هڪ ڪارڻ هي ڪتاب به آهي. هن ڪتاب جي ليکڪا کي پهريون ڀيرو جڏهن لنڪن ڏٺو ته اهو چوڻ کانسواءِ رهي نه سگهيو: So, this is the little lady who start that great war (ته هيءَ آهي اُها ننڍڙي عورت، جنهن جي ڪري هيڏي وڏي جنگ شروع ٿي) دوڪان مان ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ ڪجهه دير هيڏانهن هوڏانهن گهمندي ڦرندي گذاريم. آسپاس ڪيترائي هر قسم جا ماڻهو نظر آيا. ڪجهه نيم خواب، ڪجهه ٿڪل ٿڪل، ڪجهه تازا توانا، ڪجهه عام لباس ۾ ۽ ڪجهه وري ٺهيل جڙيل، ايتري ۾ جهاز جي اُڏام جو اعلان ٿيو ۽ آئون مختصر سامان کڻي جهاز ڏانهن هلڻ لڳس. سج جي پهرين ڪرڻن جي آجيان ۾ لاس اينجلس ائيرپورٽ تان روانگي جو نغارو وڄي رهيو هو.


    2.21: پٿرن ۽ ڪَنڊن مان جهان پيدا نٿو ٿئي

    شڪاگو آمريڪا جو ٽيو وڏو شهر آهي
    تيز هوائون، وڏيون اوچيون عمارتون، سهڻيون ڍنڍون، شڪاگو صرف اهو ڪونهي، بلڪه ڪاروبار ۽ واپار جو به وڏو مرڪز به آهي. 1833ع ۾ جڏهن هي شهر آباد ٿيو ته ان جي آبادي ٻن سؤ ماڻهن تي مشتمل هئي. هوريان هوريان ان جي آبادي وڌندي ويئي. انهن ڏينهن ريل اچ وڃ جو اڪيلو ذريعو هئي. شڪاگو ريلوي جو مرڪز قرار ڏنو ويو ۽ هن شهر ۾ صنعتي سرگرمين ۾ تيزي آئي. نيريون ڍنڍون، برفيلو پاڻي، رنگا رنگي پکي، ڪير هوندو، جيڪو اهڙي رومانوي ماحول ۾ رهڻ پسند نه ڪري ها، پکين کي سٺو دوست ملي ويو، شهر اڃا آباد ٿي رهيو هو، جو 1871ع ۾ هڪ ڏينهن باهه ڀڙڪي پئي. تيز هوائون اُن باهه کي تيز ڪرڻ لڳيون، ڪيترن ئي ڏينهن تائين باهه جا اُلا آسمان سان ڳالهيون ڪندا رهيا. جڏهن باهه ٿڌي ٿي ته اڌ شهر سڙي رک ٿي چڪو هو. ڪاٺ جي ٺهيل خوبصورت عمارتن جو باقي نالو ۽ نشان ئي نه هو. ڦلهيار جي ان ڍڳ ۾ تعمير نو جو هڪ شعلو جيئرو هو. ان شعلي ان شهر کي هڪ نئون روپ ڏنو. اِهي ئي عمارتون، جيڪي سڙي رک ٿي ويون هيون، ٻيهر اڏجڻ لڳيون. پر هن ڀيري رازن ان ۾ ڪاٺ جي بدران اسٽيل ڀري ڇڏيو. اهو اڏاوت جو نئون انداز هو، جنهن جي ڪري سڄي دنيا ۾ وڏيون ۽ اوچيون عمارتون Sky Scrapers جو دور شروع ٿيو. اڏاوت ۽ ترقي، صنعت ۽ حرفت، ڪارخانا، اِهي ئي اُهي ڏينهن هئا، جڏهن ننڍو کنڊ هيٺانهين ۾ ٻُڏي رهيو هو. هوريان هوريان هي شهر مزدورن جي آماجگاهه بنجڻ لڳو. سڄي دنيا ۾ ملهايو ويندڙ ڏينهن پهرين مئي جي روايت به هتان ئي شروع ٿي. انهن ڏينهن هتي ڪنهن کي به انساني حقن جي ايتري پرواهه نه هئي. مزدورن کي ٿورڙو اجورو ڏنو ويندو هو ۽ کانئن گهڻو ڪم ورتو ويندو هو. نتيجي ۾ هڪ ڏينهن احتجاج ٿيو ۽ احتجاج جي دوران ڪجهه ماڻهو بغاوت بلند ڪرڻ لڳا. بغاوت جو پهريون انعام تشدد ۽ ٻيو موت آهي. گولي هلي ۽ ڪجهه بي گناهه مارجي ويا. شڪاگو جي انهن شهيدن جو رت علامت بنجي ويو، اها علامت هڪ سؤ سالن تائين انهن جو رت گرمائيندي رهي. هاڻ نه اها علامت آهي ۽ نه ان علامت جا علمبردار آهن. موڙي جي انڌي طوفان اُن احتجاج جو ڏيئو به گُل ڪري ڇڏيو. شڪاگو پنهنجن مزدورن کي وساري ڇڏيو ۽ مزدورن شڪاگو کي. هائو، ڪٿي ڪٿي پهرين مئي تي موڪل ضرور ٿئي ٿي، پر موڪل سان حق ته نه ملندا آهن. 1871ع ۾ شڪاگو ۾ لڳندڙ باهه ته وسامي ويئي، پر اُن باهه معاشي ترقي جي ڀنڀٽ کي ڀڙڪائي ڇڏيو. يورپ جي ڏورانهن ملڪن مان ماڻهو شڪاگو جو رخ ڪرڻ لڳا. شهر ۾ موجود سهڻين ڍنڍن جي چوڌاري گهر، آفيسون ۽ ڪاروباري مرڪز بنجي ويا. اڄ لڳ ڀڳ شهر جو وڏو حصو ڍنڍن جي آسپاس آباد آهي. شڪاگو ڊائون ٽائون کي لوپ (Loop) چيو ويندو آهي. ڪاروباري مرڪز، هوٽلون، شاپنگ مالز، عجائب گهر، آرٽ گيلريون، وڏيون وڏيون عاليشان عمارتون ۽انهن سڀني جي وچ ۾ گهيريل انسان. سئيزر ٽاور شڪاگو جي سڀ کان وڏي عمارت آهي، ان جي آخري منزل کان هيٺ ڏسبو ته انسان تمام پتڪڙو نظر ايندو. وڏن وڏن ترقي يافته شهرن جو اهو ئي الميو آهي.


    2.22: ايندا مستن جا قافلا وچن پاڙهڻ

    شڪاگو هڪ خوبصورت شهر آهي
    1994ع ۾ شڪاگو جي پهرين دوري جي دوران مونکي هتي هڪ هفتي کان به وڌيڪ ترسڻ جو موقعو مليو. اُن وقت آمريڪا ۾ اچ وڃ جون ايتريون پابنديون نه هيون ۽ ٻاهرين ملڪن مان ايندڙن کي شڪ جي نظر سان نه ڏٺو ويندو هو. نه وضاحتون ۽ نه ئي شڪايتون هيون. مونکي اهي مهربان مهانڊا ياد اچڻ لڳا، جن سان ان وقت شڪاگو ۾ مکا ميلو ٿيو هو. افتخار نسيم سڀني کان وڌيڪ ياد اچڻ لڳو، شايد اُن ڪري ته هو هاڻ هن جهان ۾ نه رهيو آهي. افتخار نسيم شڪاگو جو ڄاتل سڃاتل نالو هو. شڪاگو جي پاڪستاني ڪميونٽيءَ ۾ شايد ئي ڪو اهڙو شخص هجي جيڪو کانئس واقف نه هجي. هن جي زندگي ٻن انتهائن جي وچ ۾ گذرندي هئي. ساڻس محبت ڪندڙ، ساڻس بي حد محبت ڪندا هئا، جيڪي کانئس نفرت ڪندا هئا، اها به نفرت جي انتها تي پهچي ويندي هئي. فيصل آباد جي رهاڪن کي هڪ مشهور مقامي اخبار روزاني ”غريب“ اڃا به ياد آهي، جنهن جو مالڪ ۽ ايڊيٽر جو نالو خليق قريشي هو. خليق قريشي هڪ سلجهيل ۽ سمجهدار صحافي هو. افتخار نسيم سندس ئي پُٽ هو. هو نوجواني جي ڏينهن ۾ فيصل آباد ڇڏي شڪاگو اچي ويو ۽ پوءِ سڄي زندگي هتي ئي رهيو. شاعر، اديب ۽ دانشور، شڪاگو جي هوائن کيس آزاد منش بنائي ڇڏيو. پهرين هو شهري ۽ انساني حقن جو علمبردار بنيو ۽ پوءِ هن هم جنس پرستن جي حمايت به شروع ڪري ڇڏي. آئون جڏهن پهريون ڀيرو شڪاگو آيس ته هو مون سان ڏاڍي گرمجوشيءَ سان گڏيو. هن منهنجي اعزاز ۾ هڪ خوبصورت تقريب ڪوٺائي، جنهن ۾ ڪيترائي شاعر ۽ اديب دعوتيل هئا. ماني جي اها دعوت هڪ ننڍي مشاعري ۾ بدلجي ويئي. هن مونکي پنهنجن سنگتين سان به ملرايو، مون کي لڳو ته هو سڀ محبت جا ڳولائو آهن؛ تنها ۽ اُداس. بقول شخصي: غربت فقط دولت کان محرومي نه آهي، اڪيلائي به ته غربت آهي. سڄي دنيا ۾ ڪو به شخص اوهان جو دوست نه هجي، اوهان جو سهارو نه بنجي. اشفاق احمد هڪ ڀيرو چيو هو: اسان سڀني کي اهڙو ڪلهو گهرجي، جنهن تي ڪنڌ رکي ٻه لڙڪ لاڙي سگهجن، اهو ڪلهو نه ملي ته اسين غريب آهيون. افتخار نسيم ۽ سندس دوست، مونکي لڳو ته هو به اهڙي ئي غريبيءَ جو شڪار هئا. افتخار نسيم اجڙيل ۽ بي قرار ماڻهن جو دوست هو. خواجه سرائن سان محبت جو پهريون سبق به مونکي شايد ان ئي ڏنو. ”ماڻهو يا ته مون سان محبت ڪن ٿا يا نفرت“ افتخار نسيم اهو چوندي هن دنيا مان موڪلائي ويو، پر اڄ به ڪيترائي ماڻهو کيس ياد ڪن ٿا. نوشي گيلاني، معظم بن ظهور، پروفيسر رياض مجيد، امجد اسلام امجد. جهاز فضائن کي چيريندو اڳتي وڌندو رهيو ۽ مونکي افتخار نسيم جو هڪ شعر ياد اچڻ لڳو.

    تو میرے ساتھ کہاں تک چلے گا میرے غزال،
    میں راستہ ہوں مجھے شہر سے گذرنا ہے۔

    افتخار نسيم ته مري چڪو آهي، پر اهو شعر مري نٿو سگهي. ٿوري ئي دير ۾ آئون افتخار نسيم جي شهر شڪاگو پهچڻ وارو هوس.


    2.23: عقيدت بدران عمل

    جها ز جي لهڻ جو اعلان ٿيو. سيٽون سڌيون ڪيون ويون. اسان اُتاهين کي خدا حافظ چيو ۽ زمين کي ڇُهڻ جي تياري ڪرڻ لڳاسين. شڪاگو ايئرپورٽ، نيويارڪ ۽ لاس اينجلس جي ايئرپورٽن مان تمام وڏو ۽ جديد سهوليتن سان سينگاريل آهي. هتي هر سال هر ديس ۽ هر ملڪ جا لکين مسافر لهن ٿا. ڪجهه هتي ئي ٽڪيو پون ته ڪن جي منزل اڃا به اڳتي هوندي آهي. اسان جي سامان اچڻ ۾ دير ئي نه ٿي. ايئرپورٽ تي ڊاڪٽر اعجاز نبي ۽ چوڌري عبدالستار پهتل هئا. ڊاڪٽر اعجاز نبيءَ سان ته معاملا طئي ٿيل هئا، پر ستار صاحب کي اُت ڏسي ڏاڍي خوشگوار حيرت ٿي. هو گذريل ڏينهن ئي پاڪستان کان شڪاگو آيو هو ۽ هاڻ پنهنجي پُٽ وٽ ٽڪيل هو. هن سڄي عمر زرعي يونيورسٽي فيصل آباد ۾ گذاري هئي ۽ هاڻ شڪاگو ۾ رهڻ جو ارادو هوس. ڊاڪٽر اعجاز نبي به زرعي يونيورسٽي فيصل آباد ۾ ئي پڙهيو هو، ست اٺ سال اڳ شڪاگو پهتو هو. منجهس صلاحيتن جي ڪا کوٽ نه هئي، جلد ئي پي.ايڇ.ڊي ڪري ورتائين. سندس شعبو پالتو جانورن جو آهي. آمريڪا ۾ ڪجهه ماڻهو جانورن سان ڪيتري محبت ڪن ٿا ۽ انهن جو ڪيئن خيال رکن ٿا، ان بابت وٽس اڻ ڳڻيون ڪهاڻيون موجود آهن. اسين جانورن کي ته ڪنهن شيءَ جي قابل ئي نٿا سمجهون ۽ هتي ماڻهون پنهنجون جائيدادون انهن جي نالي وقف ڪري ڇڏيندا آهن. شايد اسان کي جانور ان ڪري نٿا وڻن ته دل جي جنم ڪدي ۾ ٻه ٽي نالا ئي سُٺا ٿا لڳن، خدا يا انسان جا. انهن سان ئي محبت سُٺي ٿي لڳي. ڊاڪٽر اعجاز ۽ ستار صاحب سامان کي هٿ ئي لڳائڻ نه ڏنو، ٻاهر نڪري گاڏيءَ ۾ ويٺاسين ۽ ڊاڪٽر اعجاز نبي جي گهر روانا ٿياسين. ايندڙ ٻه ڏينهن سندس ئي مزمان هئس.
    ڊاڪٽر اعجاز ان گهر ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ئي منتقل ٿيو هو. ان کان اڳ هو مسواڙي گهر ۾ رهندو هو. آمريڪا ۾ ڪاميابيءَ جو هڪ معيار اهو به آهي ته اوهين ڪيترو جلد پنهنجو گهر ٿا جوڙيو. ماڻهن جي اڌ وهي ان خواب جي پويان ڊوڙندي گذري ٿي وڃي. منجهند جو وقت ٿي چڪو هو. مانجهاندي دوران ايندڙ ٻن ڏينهن جو پروگرام بحث هيٺ رهيو. مانجهاندي کانپوءِ مقامي اخبار ’پاڪستان ٽائمز‘ جو نمائندو نديم ملڪ به اچي پهتو. ساڻس ڳالهه ٻولهه ٿي. شام جو پاڪستاني ڪميونٽي سان گڏ اخوت ڊنر هئي ٻي ڏينهن Illinois Institute of Technology (IIT) ۾ پاڪستاني شاگردن سان ملاقات هئي. ٻنپهرن جو ڊاڪٽر علي رضا وٽ ڊاڪٽرن ۽ پروفيشنلز سان مانجهاندو ۽ پوءِ شام جو اوڀر پنجاب جي ڪجهه همراهن سان ملاقات رٿيل هئي، جن جالنڌر ۾ اخوت جي طريقي تي ڪو ڪم ڪرڻ ٿي چاهيو. ڊاڪٽر اعجاز ۽ علي رضا اهو سڄو پروگرام ڏاڍي محنت سان ترتيب ڏنو هو. مانجهاندي کانپوءِ ڪجهه دير ستار صاحب سان ڪچهري ٿيندي رهي. زرعي يونيورسٽي پاڪستان جو تمام وڏو سرمايو آهي، پر اُتي تحقيق ۽ جستجوءِ سان گڏوگڏ قبيلن ۽ علائقن جي نالي تي گروهي سياست به ٿيندي آهي. اولهه جي ڪنهن درسگاهه ۾ اهڙي صف بنديءَ جو گمان ئي ناممڪن آهي. انسان جي گروهن ۾ ورهاست تعارف جي لاءِ هئي، نه ڪي تعصب جي لاءِ. اهو سبق به اهل مغرب حاصل ڪري ورتو. هاڻوڪي وائس چانسلر ڊاڪٽر اقرار خان ان يونيورسٽي کي هڪ بهترين ادارو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. آئون آمريڪا جي يونيورسٽين جا دورا به ڪري رهيو هوس. ان پسمنظر ۾ مونکي ذات ۽ برادري جو اهو فرق اڃا به وڌيڪ کٽڪڻ لڳو. ايتري ۾ نديم پهچي ويو، جنهن جو واسطو ”پاڪستان ٽائمز“ سان هو. سندس اها اخبار اتر آمريڪا جي سڀ کان وڏي اردو اخبار آهي، جيڪا هڪ ئي وقت ڪيترن ئي شهرن مان ڇپجي ٿي. اردو پڙهندڙن جي لاءِ اها هڪ نعمت آهي. اخبار جو هڪ وڏو حصو سماجي ۽ ڪاروباري سرگرمين تي مشتمل هوندو آهي. ديس کان دور، وطن جي خبرن لاءِ اها اخبار ڊگهي وقت کان ماڻهن جي خدمت ۾ رڌل آهي. نديم ملڪ جو چوڻ هو ته سندس اخبار رڳو خبر ئي نٿي ڏي، پر خبرگيري به ڪري ٿي. مون کي ته هو خود اخوت جو علمبردار نظر آيو. ڳالهين جو سلسلو شروع ٿيو ته ڳالهه اڳتي وڌندي ويئي. اخوت تي ڳالهه ٻولهه رڳو قرض تائين ئي محدود نه تي رهي، پر مواخات جي هر پهلو کي پنهنجي دائري ۾ وٺي ٿي. غربت جي خاتمي ۾ رياست جو ڪردار ڪهڙو آهي، ان سلسلي ۾ پڻ ڪيترا ئي سوال اٿيا. ڊاڪٽر اعجاز ياد ڏياريو ته اسان کي ڊنر جي لاءِ پهچڻو هو. ائين اها ڳالهه ٻولهه پڄاڻي تي پهتي. اسين سڀ جلدي تيار ٿي شڪاگو جي مشهور Devon Street ڏانهن روانا ٿياسين. اها شڪاگو جو هڪ مشهور هند آهي، جنهن تي هاڻ آمريڪا جو نه پر ننڍي کنڊ جو قبضو آهي. پاڪستان ۽ هندستان مان ايندڙ ماڻهن ان کي ديسي مرڪز ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. پاڪستاني ۽ هندستاني دڪان، شورومز ۽ آفيسون.انهن تي ٻنهي ملڪن جي آزادي جا ڏينهن به باقاعدي ملهايا وينداآهن. چوڏهن ۽ پندرهن آگسٽ تي خاص تقريبن جو بندوبست هوندو آهي. Devon جي هڪ مخصوص حصي جي اڌ کي قائداعظم اسٽريٽ ۽ باقي اڌ حصي کي مهاتما گانڌي اسٽريٽ جو سرڪاري درجو ملي چڪو آهي، پر عقيدتمندي نمائش جي نه پر عمل جي تقاضا ٿي ڪري. ڪاش اهي ٻئي قومون قائداعظم ۽ گانڌي جي چوڻ تي عمل به ڪن.


    1.24: آئون ته اڪيلو ئي هليو هئس منزل ڏانهن پر

    ديوان اسٽريٽ تي موجود اُن ريسٽورينٽ جو نالو ”عثمانيه ريسٽورينٽ“ آهي. پاڪستاني ۽ هندستاني کاڌن جو مرڪز. اڄوڪي ڊنر جو بندوبست اتي ئي هو. جڏهن اسين اندر گهڙياسين ته ميزبان پهچي چڪا هئا. ڊاڪٽر اعجاز نبي تعارف ڪرائڻ شروع ڪيو. انهن ۾ نوجوانن جو به چڱو موچارو تعداد هو. نوجوانن کي ڏسي خوشي ان ڪري ٿي ته اهي ئي اخوت جو آئيندو آهن. شڪاگو ۾ فيصل آباد ۽ حيدرآباد (هندستان) جا ڪيترائي ماڻهو آباد آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي ته اردو زبان هتي اوپري نه آهي پاڪستان ۽ هندستان جا ڪيترائي شاعر ۽ اديب پنهنجي پنهنجي سوکڙين سان گڏ هتي پهتا آهن. سياستدان، مذهبي اڳواڻ ۽ عالم به پوئتي نه رهيا آهن. هال جڏهن ميزبانن سان ڀرجي ويو ته تقريب جي باقاعده شروعات ڪئي وئي. نعمت الله صاحب ڪارروائي جي شروعات ڪئي. هن جي تقرير فصاحت سان ڀرپور هئي. کيس اخوت جي باري ۾ سڄي معلومات هئي، ايتريقدر جو انگ اکر به صحيح هئا. نعمت الله فيصل آباد جو رهاڪو آهي. ستر جي ڏهاڪي ۾ هو يونيورسٽي جي بهترين مقررن ۾ ڳڻيو هو. ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي هر بحث مباحثي ۾ انعام کٽندو هو. معظم بن ظهور جو چوڻ آهي ته ان دور جو جيڪو شاگرد کيس نٿو سڃاڻي. ان جي ڊگري ڪوڙي آهي. هن اخوت جي فلسفي ۽ طريقي تي به سٺي روشني وڌي. مونکي ائين لڳو ڄڻ مون وٽ ٻڌائڻ لاءِ باقي ڪو گهڻو نه بچيو آهي، مون کي ان اديباڻي ڳالهه ٻولهه جي توقع نه هئي. مون اخوت جو تفصيلي تعارف ڪرايو، اهي شروعاتي ڏينهن جڏهن ڳالهه ٻڌائڻ جي لاءِ ڪيترائي جتن ڪرڻا پوندا هئا. اخوت کي وڏي محنت ۽ جاکوڙ کانپوءِ پذيرائي ملي. جنهن شوق سان مون ڪهاڻي ٻڌائي، ان ئي شوق ۽ ڌيان سان ٻُڌندڙن اها ٻُڌي. مقرر کي اندازو ٿي وڃي ٿو ته ڳالهه دل تائين پهتي يا نه. منهنجي اُن اطمينان تي تعريف جي مهر ان وقت لڳي، جڏهن ماڻهن سوال پُڇڻ شروع ڪيا. انهن سوالن جي مدد سان اهڙين ڳالهين جي به وضاحت ٿي ويئي، جيڪي آئون تقرير جي دوران چئي نه سگهيو هوس. ڳالهه جو اظهار ڪرڻ ايترو سولو نه هو. سوال ختم ٿيا. ماڻهن سهڪار جو يقين ڏيارڻ شروع ڪيو. مسعود ساهي، محمد شفيع، راجا جاويد، محمد راشد، قافلو ائين ٿو ٺهي. ڪجهه ماڻهن عطيا ڏيڻ چاهيا، پر اسان جو زور هو ته اسين عطيا نه وٺنداسين، پهرين اوهين پاڪستان اچو، اسان جو ڪم ڏسو، پوءِ ئي ڪو فيصلو ڪريو. اسان جو مقصد چندو گڏ ڪرڻ نه پر مواخات جو پرچار ڪرڻ آهي. اسين چاهيون ٿا ته ماڻهو پاڻ ئي ڪنهن اهڙي شخص کي ڳولهين، جيڪو عزت نفس سان جيئرو رهڻ چاهيندو هجي. خيرات جو گهرجائو نه هجي، پوءِ ان کي پنهنجائپ جي زنجير ۾ جڪڙي وٺو. ان شخص کي محسوس ٿئي ته ڪو ٻيو به آهي، جيڪو هن جي ڀلائي جا خواب ڏسي ٿو. پنهنجائپ جو اهو عمل سڀني کي پنهنجي گهيري ۾ وٺي لائي ۽ ڏيئي مان ڏيئو ٻرڻ لڳي. تبديلي ان کانسواءِ نه ايندي. ڏک ۽ سور ائين ختم نه ٿيندا. سوالن ۽ جوابن جي پُڄاڻي ٿي. ماني جو اعلان ڪيو ويو. ماني جي دوران به ڳالهين مُهاڙين جو سلسلو هلندو رهيو. هڪ ڏينهن اڳ لاس اينجلس ۾ ملندڙ همراهن جو شمار وڏن وڏن واپارين ۾ ٿيندو هو، جڏهن ته شڪاگو ۾ اڄ جيڪي همراه گڏيا اهي وڏا واپاري ته نه هئا، پر فياضيءَ ۾ گهٽ نه هئا ۽ اخوت ته آهي ئي وڏي دل ۽ اخلاص جو نالو.


    2.25: پنهنجي زندگي گهوريان، پنهنجي وفا پيش ڪريان

    ديوان اسٽريٽ تان رات جو يارهين بجي ڌاري واپسي ٿي. موڪلائيندي موڪلائيندي به ڪجهه وقت لڳو. هنن سڀني اخوت جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ ٿي چاهيو، هنن ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو وعدو ڪيو ۽ اسين واپس ڊاڪٽر اعجاز نبي جي گهر روانا ٿياسين. ٻي ڏينهن صبح جو Illinois Institute of Technology (IIT) ۾ پاڪستاني شاگردن سان ملاقات ۽ ڪجهه ٻيا پروگرام هئا. IIT اچڻ جي دعوت فاطمه رضويءَ طرفان ملي، فاطمه هتي انجنيئرنگ جي شاگردياڻي آهي. هوءَ منهنجي ڌيءَ فرازين جي ننڍپڻ جي ساهيڙي آهي. نهايت سُلڇي ۽ سهڻي اخلاق جي ڌڃاڻي. جڏهن کان آمريڪا آيو آهيان، مون سان رابطي ۾ هئي ۽ لڳاتار بي چين ته ڪڏهن ٿي اخوت جي ڪهاڻي سندس يونيورسٽي ۾ عام ٿئي.
    گهر پهچڻ ۾ ڪو گهڻو وقت نه لڳو. هلڪي هلڪي وسندڙ مينهن موسم کي خوشگوار بنائي ڇڏيو هو. صبح جو اُٿياسين ته مينهن اڃا وسي رهيو هو. فطرت جي اک سان وسندڙ موتي، شايد اهو سلسلو سڄي رات هلندو رهيو هو. ناشتي مان وانڌا ٿي IIT جو رخ ڪيوسين. شڪاگو يونيورسٽيءَ جي وچ ۾ هڪ ننڍي آڊيٽوريم پهتاسين، جتي ڪيترائي پاڪستاني شاگرد موجود هئا. فاطمه جي اميد ته گهڻي هئي، پر هفتي جي صبح جو شاگردن جو يونيورسٽي اچڻ سولو نه هوندو آهي. انهن مان ڪجهه يارن جا مائٽ مستقل آمريڪا ۾ ئي رهيل هئا، هو هتي ئي ڄميا، وڌيا ۽ وڏا ٿيا هئا، پر ان جي باوجود به وڏي روانيءَ سان اردو ڳالهائي رهيا هئا. پاڪستان سان محبت هنن جي روح ۾ واسو ڪري ويٺل هئي. اخوت جي ڪهاڻي ٻُڌي هنن جي حوصلن کي اڃا به مهميز ملي. اتي ويٺي ويٺي انهن سڀني پنهنجن کيسن ۾ هٿ وڌا ۽ جيڪو ڪجهه هو، اهو اخوت جي نذر ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ اسان جو عطيا وصول ڪرڻ جو ڪو ارادو نه هو، پر ائين لڳو ته اهي عطيا نه پر ٻيو ڪجهه آهن.
    محبت جو اهو اظهار ڏسي يادن جو هڪ ٻيو جهروڪو کلي پيو. مونکي ٻه سال پراڻو واقعو ياد اچڻ لڳو. اهو واقعو خانيوال جي هڪ علائقي جهانيان جو آهي. گرمين جا ڏينهن ۽ گرم هوا. اناج منڊي جهانيان جي مسجد ۾ قرض جي ورهاست ٿي رهي هئي. الله جي واٽ ۾ ڏيڻ جي ڳالهه ٿي ته مقرر جي زبان تاثير ۾ ٻُڏي ويئي. تقريب ختم ٿي، ماڻهو گهرن ڏانهن وڃڻ لڳا ته هڪ نوجوان کيسي مان سؤ جو نوٽ ڪڍي هٿ ۾ ڏنو. مون وٽ الله جي واٽ ۾ ڏيڻ جي لاءِ اهو ئي ڪجهه آهي. هن هٻڪندي هٻڪندي چيو ۽ پوءِ تيزيءَ سان ميڙ ۾ گم ٿي ويو. نه نالو نه پتو، نه رسيد، مون کيس سڏڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن مڙي به نه ڏٺو. سؤ روپين جو اهو نوٽ ڳچ دير وقت تائين مون وٽ محفوظ رهيو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن مون ان گمنام ڊونر جي نالي ٻه سؤ روپيا جمع ڪرائي، اڌ نوٽ کي فريم ڪرائي پنهنجي آفيس ۾ هڻي ڇڏيو. آئون جڏهن به ان نوٽ کي ڏسان ٿو ته مونکي اهو نوجوان ياد ٿو اچي. منهنجي ڪنن ۾ اها آيت ٻرڻ ٿي لڳي... ”اوهين تيسائين نيڪيءَ جو رستو لڀي نٿا سگهو، جيستائين الله جي واٽ ۾ پنهنجي سڀ کان پياري شيءِ قربان نٿا ڪريو.“ ان نوٽ کي ٻين ماڻهن به ڏٺو ۽ متاثر ٿي عطيا به ڏنا. پر ڪو به عطيو انهن هڪ سؤ روپين جو مقابلو ڪري نٿو سگهي. ڇا ڪو ان نوجوان جي جاءِ تي پهچي سگهي ٿو. ڪجهه ڏيڻ ۽ سڀ ڪجهه ڏيڻ ۾ اهوئي ته فرق آهي.
    IIT جا نوجوان عطيا ڏيئي رهيا هئا ۽ آئون سوچي رهيو هئس ته آئون انهن مان ڪهڙي ڪهڙي نوٽ کي فريم ڪري پنهنجي آفيس ۾ هڻان. جهانيان جي ان نوجوان ۽ شڪاگو جي هنن شاگردن جا عطيا ان ڳالهه جو پيغام آهن ته اخوت هڪ نه مٽجندڙ جذبي جو نالو آهي.
    فاطمه ۽ سندس ساٿين پرتڪلف چانهه جو پڻ بندوبست ڪيو هو. جيتوڻيڪ اسين ناشتو ڪري پهتا هئاسين، پر انڪار ڪري نه سگهياسين. اسان سان گڏ شڪاگو جو هڪ ٻيو ساٿي نويد سرور به گڏ هو. نويد پاڪستان مان سول انجنيئرنگ جي ڊگري ورتي ۽ هاڻ شڪاگو ۾ رهي ٿو. هو رضاڪاريت جي جذبي سان سرشار آهي. ساڻس پهريون ڀيرو ڪالهه ڊنر تي ملاقات ٿي هئي، پر هن اخوت سان نهايت پرخلوص وابستگي جو اظهار ڪيو. چانهه پي اسين ٻاهر نڪتاسين، اسان جو رخ علي رضا نقويءَ جي گهر طرف هو، جتي ڪيترائي مزمان اسان جي اوسيئڙي ۾ ويٺل هئا. اهو هنڌ لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ جي مسافري تي هو.


    2.26: جيڪا ڳالهه دل مان نڪري ٿي

    اسين IIT کان نڪتاسين ته هلڪي بوندا باندي ٿي رهي هئي.
    پاڪستاني شاگردن جو ڏنل لفافو منهنجي کيسي ۾ هو. ان لفافي مونکي ڪيترائي ايثار ۽ قربانيءَ جا واقعا ياد ڏياريا. جهانيان جو نوجوان. لاهور جو حاجي بابا، اسلام آباد جو ڊاڪٽر صاحب، پر هي هڪ ٻي قسم جو واقعو آهي. ان ڏينهن به تيز مينهن پئجي رهيو هو. فطرت جي اک مان ڳرندڙ موتي. آئون آفيس پهتس ته اتي ڪجهه عورتن کي هڪ طرف پريشان بيٺل ڏٺم. مون سندس پريشاني جو سبب پڇيو ته هڪ اڌڙوٽ عورت جي اکين مان لڙڪ وهي آيا. سندس چوڻ هو ته کين 18 تاريخ تي اخوت پاران قرض جو چيڪ ملڻو هو، پر هاڻ اهو چيڪ چار ڏينهن پوءِ ملندو، ان زائفان جو چوڻ هو ته هاڻ هن جي لاءِ وڌيڪ اوسيئڙو بي حد ڏکيو آهي. مون دير جو سبب پڇيو ته خبر پئي ته وسيلن جي کوٽ سبب تاريخ کي اڳتي ڪيو ويو آهي، عام طور تي ائين نه ٿيندو آهي. ان عورت جي مايوسي ڏسي مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو. برانچ مئنيجر ٻڌايو ته ارڙهين تاريخ هڪ سؤ ٽن گهراڻن کي قرض ملڻو هو ۽ اها رقم ڪل ويهه لک ٿئي ٿي ۽ ايتري رقم جو بندوبست ٿي نه سگهيو آهي. آئون پريشاني جي حالت ۾ انهن عورتن جي سامهون بيٺو هوس. جڏهن ڪو رستو نظر نه اچي ته دعا جي لاءِ هٿ کڄن ٿا. اوچتو موبائل جي گهنٽي وڳي. هڪ پراڻي دوست جو آواز ڪن تي پيم. هن جي آفيس، اسان جي آفيس جي ڀرسان ئي هئي. هو مونکي پاڻ وٽ اچڻ جي لاءِ چئي رهيو هو. مون انهن عورتن کي دلاسو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کانئن معذرت گهري ۽ ان دوست جي آفيس پهتس. اسان جي ڳالهه ٻولهه پندرهن منٽن تائين هلندي رهي، ان دوران انهن عورتن جا چهرا بار بار منهنجي اکين جي اڳيان ڦرندا رهيا ۽ سور جي سٽ دل ۾ اُڀري رهي هئي. تڪليف ۽ دعا. اڃا اهو سلسلو هلي رهيو هو، جو ميزبان پنهنجي ميز جي خاني مان چيڪ بوڪ ڪڍيو ۽ پوءِ هڪ چيڪ لکيو. چيڪ لفافي ۾ وڌو ۽ مونکي ڏنو، مون کيس ان چيڪ جي لاءِ ڪا به درخواست نه ڪئي هئي. هن پاڻ ئي فون ڪئي، پاڻ ئي چيڪ منهنجي هٿ ۾ ڏنائين. مون گاڏيءَ۾ ويهي لفافو کوليو ته پورن ويهن لکن جو چيڪ منهنجي هٿن ۾ هو. انهن عورتن کي ويهه لک گهربل هئا. ٻي ڏينهن چيڪ ورهايا ويا. سڀني ماڻهن کي قرض مليا، ڪنهن کي به اوسيئڙي جي صليب تي لڙڪڻون نه پيو.
    اهو واقعو جڏهن به ياد ٿو اچيم ته ڪجهه سوال به اُڀرن ٿا. ان ڏينهن عين وقت تي آفيس ڇو پهتس، جڏهن انهن عورتن کي اُتي پهچڻو هو. منهنجي پُڇڻ تي عورتن جا لڙڪ ڇو لڙي پيا. فطرت جي اکين مان ڳڙندڙ لڙڪ... مون انهن سان دعا ڇو گهري. ان شخص جو اُن مهل فون ڇو آيو ۽ پوءِ هن مونکي جيڪو چيڪ ڏنو اهو ويهن لکن جو ئي ڇو هو. انهن سوالن جا مون وٽ جواب نه آهن، شايد اسان مان ڪنهن وٽ به نه آهن. اهو رڳو اتفاق هو يا ٻيو ڪجهه. هر دعا پوري نٿي ٿئي ۽ هر دعا رد به نه ٿي ڪئي وڃي.
    علي رضا جو گهر هڪ ڪلاڪ جي مفاصلي تي هو. مينهن جي باوجود به اسان کي ايترو ئي وقت لڳو.


    2.27: اي دوست! ڪنهن همدم جو ملڻ

    علي رضا سان منهنجي ياري 1973ع ۾ ان وقت ٿي، جڏهن مون گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ داخلا ورتي. انهن ڏينهن اُتي داخل ٿيڻ هڪ اعزاز هو. ننڍي کنڊ جو نالي وارو ادارو. علم ۽ ادب کان وٺي شاعري، راندين، سياست ۽ صحافت تائين ڪو به اهڙو ميدان نه هو، جنهن ۾ ان اداري جا شاگرد عروج تي نه پهتا هجن. آئون جڏهن فرسٽ يئر ۾ داخل ٿيس ته اسٽوڊنٽس سياست جو ڏاڍو زور هو. تبديلي، انقلاب ۽ بغاوت. ان حوالي سان علي رضا سان دوستي ٿي ويئي، فتح خان اسان جو اڳواڻ هو. بهترين مقرر، سٺو دوست. اوپن يئير ٿئيٽر ۾ جڏهن هن جو آواز ٻُرندو هو ته ڄڻ طوفان مچي ويندو هو. علي رضا گورنمينٽ ڪاليج مان نڪري ميڊيڪل ڪاليج پهتو، ڊاڪٽر ٿيو ۽ آمريڪا هليو آيو. پر تبديلي، انقلاب ۽ بغاوت جا خواب ساڻس گڏ رهيا. شايد اهو ئي سبب هو ته جڏهن کيس اخوت جي خبر پئي ته هو اسان سان نڪري پيو. شڪاگو اچڻ جو سبب هن جو زور به هو. علي رضا جي گهر ڪيترائي دوست موجود هئا، جيڪي سڀ ڊاڪٽر يا واپار سان لاڳاپيل هئا. ڊاڪٽر نعيم ڪوهلي جي شموليت سان محفل ۾ ڄڻ چار چنڊلڳي ويا.ڪنگ ايڊورڊ جو اسانجو پراڻو ڪلاس فيلو ۽ دوست نعيم جوگهر اُتان کان ڪيترن ئي ڪلاڪن جي فاصلي تي هو. هو خاص دعوت تي اتي پهتو هو. مزمانن ۾ ڪجهه عورتون به شامل هيون. علي ۽ سندس گهر واريءَ ڏاڍي محبت سان انهن سڀني کي دعوتيو هو. ڊرائنگ روم ۾ ويهڻ جو بندوبست هو. تهه خاني ۾ ملٽي ميڊيا، اسپيڪر ۽ ٻين شين جو بندوبست هو. سڀني کان پهرين منهنجو مزمانن سان تعارف ٿيو ۽ پوءِ اخوت جي ڳالهه ٿيڻ لڳي. ماڻهن کي پرزنٽيشن روم ۾ هلڻ جي دعوت ڏني ويئي، جتي اخوت جي ڊاڪيومينٽري ۽ ڪجهه تصويرون ڏيکاريون ويون. اخوت جي پهرين ڊاڪيومينٽري جاويد چوڌريءَ جي نگراني ۾ ٺهي هئي. ان ۾ سندس آواز ۾ اهو خوبصورت پيغام به شامل هو، جنهن جو اڳ ۾ ئي ذڪر ڪيو ويو آهي. ٻي ڊاڪيومينٽري اخوت جي طور ۽ طريقي جي وضاحت ٿي ڪري.ان ۾ ڊاڪٽر اظهار الحق، همايون احسان ۽ حاجي انعام الاهي اثر جي ڳالهه ٻولهه شامل آهي. اها ڊاڪيومينٽري علي محسن گرديزي ۽ ظهير شاهد جي محنت جو نتيجو آهي. اهي ڊاڪيومينٽريون ڌار ڌار تاثر قائم ڪن ٿيون. ڊاڪيومينٽرين کانسواءِ انهن ڌنڌن ڌاڙين جون تصويرون به ڏيکاريون ويون، جيڪي اخوت جي مدد سان شروع ڪيا ويا هئا. ماڻهو عام طور تي اُهو سوال ڪن ٿا ته پندرهن ويهن هزارن جي رقم جيڪا ٻه سؤ ڊالر ٿئي ٿي، ان مان ڪهڙو ڪاروبار شروع ٿي سگهي ٿو. اهي تصويرن اهڙن سوالن جا جواب آهن. اخوت جي آفيسن ۽ مسجدن ۾ ٿيندڙ تقريبن جون تصويرون به ڏيکاريون ويون، جتي قرض پيش ڪيا وڃن ٿا. ادب ۽ احترام مان ويٺل ماڻهو، نه ڪو بندو رهيو نه ڪو بنده نواز. اهي ماڻهو اخوت جي عالمگير پيغام جي تصوير به پيش ڪن ٿا. انهن تصويرن جي باري ۾ ماڻهن وڌيڪ ڄاڻڻ چاهيو، مونکي ترقي جي سفر ۾ مڪالمي يا ڊائلاگ جي اهميت تي ڳالهائڻو پيو.


    2.28: مڪالمو ۽ ترقي جو سفر

    ”قرض جي فراهمي جو سڀ کان اهم مرحلو ماڻهن سان مڪالمو آهي.“ مون وضاحت ڪندي جواب ڏنو. اخوت جي هر آفيس ۾ قرضن جي ورهاست جو هڪ ڏينهن مقرر هوندو آهي. مهيني جي دوران جيترن به ماڻهن جا قرض منظور ٿيا هوندا آهن، اهي مقرر وقت تي آفيس سان لڳ مسجد ۾ گڏ ٿيندا آهن. عام طور تي ڪنهن نماز کان پوءِ ڳالهه ٻولهه جي شروعات ٿيندي آهي. ويهه پنجويهه منٽ اخوت جو فلسفو طريقيڪار، مقصد ۽ متا، مستفيد ماڻهن جون ذميداريون. اخوت جو هڪ نمائندو اهي سڀ ڳالهيون بيان ڪندو آهي. ان کان پوءِ سوالن ۽ جوابن جي نشست ٿيندي آهي. اها نشست ئي اصل تقريب جو حاصل آهي. ان دوران اخوت جو اسٽاف پاڻ کي احتساب جي لاءِ پيش ڪندو آهي ته جيڪڏهن ڪا غلطي يا ڪوتاهي ٿي هجي ته ان تي تنقيد ۽ رهنمائي ڪئي وڃي. ان کانپوءِ ماڻهو اخوت جي فلسفي کي سمجهڻ، ان جي پنجن ئي اصولن ۽ قدرن تي عمل ڪرڻ جو عهد ڪندا آهن. اهو عهد هڪ نئين رفاقت جو بنياد رکندو آهي. ماڻهو جيڪڏهن اهو عهد نه ڪن ته اخوت رڳو هڪ طرفي ڪاروائي رهندي. جيڪڏهن ڪو انسان پنهنجي زندگي بدلائڻ جي لاءِ تيار نه هجي ته ڪو ٻيو اهو ڪم نٿو ڪري سگهي. اهو عهد نامو ماڻهن کي Recipient باب Partner بنائي ٿو ڇڏي ۽ ان جي اندر ٻين سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ انهن جي زندگي بدلائڻ جي هڪ خواهش ڪر موڙي ٿي. ان عهد جو پسمنظر اهو احساس به آهي ته اخوت جا ڪجهه هزار ڪارڪن سماج ۾ ڪا وڏي تبديلي ته نه ٿا آڻي سگهن، پر اهي لکين ماڻهون جيڪي اخوت سان لاڳاپيل هوندا، سي اهو ڪم ضرور ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن اهي ماڻهو اخوت جي فلسفي کي پنهنجي زندگي جو حصو بنائي ڇڏين ته اسان جو ڪم سولو ٿي سگهي ٿو.
    غربت جي خاتمي ۽ ترقي جو بنياد مڪالمي تي آهي. مون هنن جي دلچسپي ڏسي وڌيڪ وضاحت ڪئي. رورل سپورٽ پروگرام جي باني شعيب سلطان جو چوڻ آهي ته ’دل جي ڳڙکي مڪالمي سان ئي کلي ٿي. محرومي جي مهر به مڪالمي سان ئي ٽٽي ٿي. ماڻهو پنهنجي پنهنجي دنيا ۾ رهن ٿا ۽ مڪالمو کين هڪ هنڌ وٺي ٿو اچي.‘ شعيب صاحب مڪالمي کي ڊائلاگ چوندو هو. اسان ساڻس گڏ پنجاب رورول سپورٽ پروگرام ۾ اُترين علائقن، گلگت، هنزه ۽ چترال ۾ ڪيترائي ڊائلاگ ٻُڌا. جڏهن اخوت جي شروعات ٿي ته مڪالمي جي عمل کي هڪ حڪمت عملي طور اختيار ڪيو ويو. تبديلي رڳو اها ڪئي ويئي ته اهو مڪالمو مسجد ۾ ٿيڻ لڳو. مسجد شراڪت جو هڪ نئون اُفق هو. ٻه سؤ، چار سؤ، پنج ۽ ست سؤ. جڏهن انهن مڪالمن جو تعداد وڌڻ لڳو ته ڳڻپ ختم ڪئي ويئي. سهپ، تحمل، رواداري ۽ باهمي سهڪار کي اهميت ڏني ويئي. مڪالمو برڪت جو سبب آهي. مڪالمي سان هڪ رشتو جنم ٿو وٺي. هڪ ٻي جي راءِ تائين رسائي ٿئي ٿي. اخوت مسجد ۾ ويهي مڪالمي جو جيڪو رخ متعارف ڪرايو، ان جا ڪيترائي هاڪاري نتيجا سامهون آيا.
    مهمانن سڀ ڳالهيون دلچسپيءَ سان ٻُڌيون، مون کي خوشي ٿي ته ڪنهن به وقت جي تنگي جي شڪايت نه ڪئي. هنن اهي سڀ ڳالهيون سمجهڻ ٿي چاهيون. شڪ ۽ شوق پڙهيل لکيل ماڻهن جو خاصو آهي. ان تصويري پريزنٽنيشن کين هڪ قسم جو اطمينان بخشيو. پريزينٽيشن سان گڏ کاڌي پيتي جو سلسلو به جاري رهيو. علي رضا ۽ سندس گهرواريءَ ست رڇي طعام تيار ڪيا هئا. تهه خاني مان نڪري اسين سڀ واپس ڊرائنگ روم ۾ آياسين ۽ چانهه جو اوسيئڙو ٿيڻ لڳو. اسان مان هر شخص ڪنهن نه ڪنهن نيڪي سان لاڳاپيل آهي. هڪ همراهه چيو، ”ڪو اسڪول ڪو يتيم خانو، ڪا اسپتال، گهرج انهي جي آهي ته انهن نيڪين کي گڏ ڪيو وڃي. نيڪيون گڏ ٿيون ته انهن جو اثر وڌي ويندو.“ چانهه جي دوران نعيم ڪوهلي سان ڪچهري هلندي رهي. هن پنهنجي شاعري جا ٻه ڪتاب ڇپرايا آهن. اديبن ۽ شاعرن سان سندس محبت مثال بنجندي پي ويئي. ڪنگ ايڊورڊ جون سندر ساروڻيون. اهي دوست اهي در ۽ ديوارون ۽ پپر جا اهي وڻ، جيڪي هاڻ ڪرندا پيا وڃن. انهن سڀني تي چهڪندڙ پکي هاڻ نڄاڻ ڪٿي هوندا. اسان سڀني گذريل ڏينهن کي ياد ڪيو. هاڻ انهن هنڌن تي اسان کان سٺا ماڻهو رهن ٿا. ڊاڪٽر سائره، سدرا، خالد... جيڪو ڪم اسان ڪيترن ڏينهن کانپوءِ ڪيو، انهن انهي جي شروعات هينئر کان ئي ڪري ڇڏي. آئون نعيم کي ٻڌائيندو رهيس. هن ڪيمڪولين اخوت ڪلب جي نالي سان هڪ تنظيم ٺاهي ۽ اخوت جي ڪم کي اڳتي وڌائڻ لڳو، پروفيسر محمود شوڪت سندس وڏي سرپرستي ڪئي. اهڙين تنظيمن جي شروعات ڪيترين ٻين ادارن ۾ به ٿيڻ لڳِي آهي. ايئن چئجي ته اخوت تي رڳو اسان جو حق ڪونهي، اهو ته اسان جو اجتماعي ورثو آهي. اسان علي رضا کي به ڪنگ ايڊورڊ جي ساروڻين ۾ به شامل ڪرڻ ٿي چاهيو، پر کيس ته مهمانداري کان وانڌڪائي ئي نه هئي.


    2.29: لبريشن لون ۽ نعيم مسيح

    ڊرائنگ روم جي فرنچ ونڊو مان گهر جو لان ڏاڍو سهڻو لڳي رهيو هو. ڪيترن ئي رنگن جا گل ۽ نفاست سان تراشيل ڇٻر، مينهن سڄي ماحول کي پُسائي خوبصورت بنائي ڇڏيو هو.
    چانهه کان پوءِ مون مزمانن جو هڪ ڀيرو ٻيهر ڌيان ڇڪرايو. مون کين لبريشن لون جي باري ۾ ٻڌائڻ ٿي چاهيو. اخوت جو هڪ ٻيو رخ. مون کين ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته اسان جي گهٽين ۽ ڳوٺن ۾ ننڍن قرضن ۽ وياڄي ڪاروبار زهر جيان گهر ڪري ويو آهي. مملڪت خدادا ۾ خدا سان جنگ، سؤ کان ٻه سؤ سيڪڙ ي جي سالياني شرح تي ڏنل انهن قرضن جو نشانو عام طور تي غريب ۽ سفيد پوش ماڻهو هوندا آهن. ڪڏهن اهي ماڻهو ٻن يا ٽن وياڄ خورن جي چنبي ۾ ڦاسي ويندا آهن، هر گهڙي موت ۽ نااميدي، اها بي وسي نيٺ ڏوهه ۽ گناهه جا دروازا کولي ڇڏيندي آهي.
    مون کين ٻڌايو ته شروع شروع ۾ اخوت جا قرض فقط ڌنڌي ڌاڙيءَ جي ڪمن لاءِ ڏنا ويندا هئا، پر جڏهن اسان کي خبر پئي ته هزارين ماڻهو وياڄ خورن جي چنبي ۾ ڦاٿل آهن ته اخوت جي قرضن جو ڏهه سيڪڙو انهن قرضن جي ڇوٽڪاري جي لاءِ مخصوص ڪيو ويو. اخوت جي انهن قرضن کي آزادي يا لبريشن لون چيو ويندو آهي ۽ اهي قرض انهن ماڻهن کي ڏنا ويندا آهن، جيڪي ڪنهن بيماري يا حادثي جي نتيجي ۾ قرضن جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسي ويندا آهن. ڀيڻ جي شادي، ماءُ جي بيماري، پُٽ جي تعليم، ڪاروباري نقصان، ڪنهن ملڪ جي ويزا، سٺي نوڪري ۽ ٻيا ڪيترائي ڪارڻ، ماڻهن کي وياج خورن جي درن تائين وٺي ويندا آهن ۽ پوءِ اهي سڄي زندگي ان صليب تي لڙڪندا گذاريندا آهن. اخوت پاران هيستائين لبريشن لون جي مد ۾ ٽن هزارن کان به وڌيڪ قرض جاري ڪيا ويا آهن. ان ڪهاڻي جو عنوان نعيم ميسح آهي. جيڪو تيرهن سالن کان وياڄ جو قرض لاهيندي لاهيندي ٿڪي چڪو هو. اها ئي هِڪ ڪهاڻي وياڄ کان نفرت ۽ جهاد جي لاءِ ڪافي آهي.


    2.30: نعيم مسيح جي ڪهاڻي

    نعيم مسيح جي ڪهاڻي اسان جي سماج جي هڪ ڀوائتي تصوير آهي.
    نعيم پنهنجي زندگي جي شروعات ننڍي ڌنڌي کان ڪئي، پر تجربي جي کوٽ هئڻ سبب هو ڪامياب ٿي نه سگهيو. کيس ڪيترن ئي ماڻهن کي ڏوڪڙن جي ادائيگي ڪرڻي هئي. مجبوريءَ جي حالت ۾ کيس هڪ همراهه کان پنجٽيهه هزار روپيا وياڄ تي وٺڻا پيا. گهڻي منٿ ميڙ کانپوءِ ٽي هزار ماهوار وياڄ مقرر ٿيو. يعني سڄي سال ۾ اصل رقم کان به وڌيڪ کيس وياڄ جي رقم ڏيڻي پئي. انهن ڏينهن سندس پيءُ واپڊا ۾ ملازم هو، جنهن جي وسيلي کيس به واپڊا ۾ ننڍڙي نوڪري ملي ويئي. پيءُ ۽ پُٽ ٻئي پارٽ ٽائيم اليڪٽريشن جو ڪم پڻ ڪرڻ لڳا. ائين وياڄ جي رقم ادا ٿيڻ لڳي ۽ گهر جو گاڏو به گهلبو رهيو. وياجي گهڻو سگهارو ۽ ظالم هو. ان جو نمائند هر مهيني جي پهرين تاريخ اچي پنهنجي قسط وٺي ويندو هو.گهر ۾ چلهه ٻري يا نه ٻري، پر وياڄ جي رقم ضرور ادا ٿيندي هئي. 1992ع کان وٺي مئي 2005ع تائين نعيم مسيح وياڄ طور چار لک اٺهتر هزار روپيا ڀري چڪو هو. انهن تيرهن سالن ۾ وٽس هڪ ئي وقت 35 هزار روپيا گڏ نه ٿي سگهيا، جيئن هو اصل مور ڏيئي قرض مان جند ڇڏائي سگهي. جيترا ڏک هن ۽ سندس گهروارن ان عرصي ۾ ڏٺا هوندا، هر گهڙي موت، هر گهڙي ذلت جو احساس، وياڄ ڪيتري نه وڏي لعنت آهي. وياڄي خور ڪيترا نه بي حس آهن، اهو هن کان وڌيڪ ٻيو ڪو نٿو ڄاڻي سگهي. اخوت، نعيم مسيح کي 35 هزار ڏنا. هاڻ هو قرض جي بار کان آجو ٿي چڪو هو. ڏک جي ڀوائتي رات گذرڻ کانپوءِ سک ۽ اطمينان جي پرهه ڦٽي. نعيم، اخوت کي ڏيڍ سال ۾ قرض جي رقم واپس ڪري ڇڏي. هاڻ هو جيڪو ڪمائيندو هو، سو گهر وارن جي ڪم ايندو هو، پر هن سان جيڪي ڪجهه ٿيو ڇا اهو اسان جي لاءِ افسوس جوڳو نه آهي؟ اڄ به هزارين لکين ماڻهو دور جاهليت جي ان وياڄ جو شڪار آهن، جيڪو اسان جي آقا نبي صلي الله عليه وآله وسلم، گناهه جي ٻين رسمن جيان پنهنجي پيرن جي هيٺان لتاڙي ڇڏيو هو. ڇا ان ظلم ۽ پرماريت جي اخلاقيات کي ڪنهن به معيار تحت جاري رکي سگهجي ٿو؟ وياڄ جو اهو ڪاروبار ڪڏهن ختم ٿيندو؟ انسان کي ڪڏهن آزادي جي خوشي ملندي؟ مهمانن جي چهرن تي ڏک جي لهر ڇانئجي ويئي. سماج جي اها تصوير هنن اڳ ۾ نه ڏٺي هئي. ڪجهه ماڻهن کي خبر ئي ڪونهي ته زندگي کي لڳاتار جبر ڇو چيو ويندو آهي. علي رضا اُٿي دري کولڻ لڳو، کيس ڪمري ۾ گُهٽ جو احساس ٿيڻ لڳو هو. رڳو علي رضا ئي نه مون کي لڳو ته اسين سڀ تازي هوا جا ڳولائو آهيون.


    2.31: ازنگاهِ مصطفيٰ صه پنهان بگير

    نعيم مسيح جي اها ڪهاڻي انهن هزارين ڪهاڻين مان هڪ آهي، جيڪي اسان جي ڀرپاسي وکريون پيون آهن. هڪ مزدور ٻه هزار روپيا قرض ورتو ۽ ان تي هن ٻارهن هزار روپيا وياڄ ڀريو! هڪ عورت ڏهن هزارن تي پنجهٺ هزار روپيا ڀريا. هڪ گهريلو عورت ڪميٽيءَ جي چڪر ۾ اچي پنجاه هزار روپيا وياڄ تي کنيا ۽ ان تي گهٽ ۾ گهٽ ويهه لک روپيا وياڄ ڀريو. انهن ڪهاڻين جو هڪ هڪ لفظ تڪليفن ۽ درد سان ڳوهيل آهي، اهي سڀ اسان جي بي حسيءَ جون ڪهاڻيون آهن. انسانيت جي نالي ۾ انسان جي ايتري تذليل، ڪنهن ۾ همت آهي، جو اهو اڄ انسانيت جا گيت ڳائي سگهي. اسين جنهن جي سامهون جهولي جهليون ٿا، اُن سان وڙهون ٿا. هڪ بزرگ شخص اها ڳالهه چئي۽ ڍڪون ڏيئي روئڻ لڳو. هن جو هر لڙڪ هڪ سمنڊ هو، ڄڻ هو صدين کان ظلمت جي صحرا تي هلندو هجي. وياڄ جي جنهن رسم کي مون پيرن جي مٽي بنائي ڇڏيو، اوهين ان کي بُت ٺاهي پُوڄي رهيا آهيو. ڇا اِها ئي اُها عقيدت آهي، جنهن جي دعويٰ ڪندي ۽ نعرا هڻندي اوهان جي زبان ئي سُڪي ويندي هئي. اي ماڻهؤ، اوهان اهو ڇو چيو، جيڪو ڪري نه سگهيا. ڪو به بادشاه، ڪو به وزير، ڪو به حاڪم، ڪو به خادم، ڪير آهي جيڪو ٻنهي جهانن جي سردار جي ان شڪايت جو جواب ڏيئي سگهي. اهڙي ئي ڪا ڳالهه هئي، جنهن اقبال کان هي شعر چورايو.
    تو غنی ازہر دو عالم من فقیر
    روزِ محشر عذر ہائے من پذیر
    گِر حِسا بم را ببینی نا گزیر
    ازنگاہِ مصطفے پنہاں بگیر
    ]اي منهنجا پالڻهار! تون سخي آهين ۽ آئون هڪ عاجز ۽ بي وس فقير، قيامت جي ڏينهن تون منهنجي گناهن جو عذر ٻُڌج، منهنجو عرض اگهائج ۽ پنهنجي ٻاجهه ۽ ڪرم سان نوازج. اي منهنجا مالڪ! جيڪڏهن تون فيصلو ڪرينءَ ته منهنجو حساب ڪتاب ضروري آهي ته منهنجو فقط هڪ عرض اگهائج، اهو ته مون کان حساب ڪتاب سرور ڪائنات جي سامهون نه وٺج. منهنجو حساب ڪتاب سندس پاڪ نظرن جي سامهون نه ڪج، جو آئون گناهه گار اُمتي پاڻ سڳورن جي نظرن کي منهن ڏيئي نه سگهندس.[
    ڇا اهو ضروري ڪونهي ته هر گناهگار اُمتي ڪنهن ضرورتمند کي ٻه هزار، ڏهه هزاريا پنجاه هزار ڏيئي وياڄ جي ڌٻڻ ۾ ڪرڻ کان بچائي وٺي ۽ روز محشر کيس ائين نه ٻاڏائڻو پوي. ’گر حسابم را بيني ناگزير نگاهِ مصطفيٰ پنها، بگير.‘


    2.31: جالنڌر ۽ اخوت

    موڪلائڻ جي مهل آئي. سڀني نهايت گرمجوشيءَ سان موڪلايو. اچڻ ۽ موڪلائڻ جي گرمجوشيءَ ۾ فرق هوندو آهي. اچڻ مهل مُرڪ، موڪلائڻ مهل لڙڪ، اسان سڀني علي رضا ۽ سندس گهرواريءَ جو ٿورو مڃيو. جيتوڻيڪ اهو ٿورو اسان تي واجب نه هو. دوستن جو حساب ته دل ۾ ٿو رهي. ڊاڪٽر نبي جي گهر واپس اچڻ ۾ ڪو گهڻو وقت نه لڳو. سردار جوگندر سنگهه، جنهن جو واسطو جالنڌر سان هو اڳ ۾ ئي اچي چڪو هو.
    جوگندر سنگهه ڪافي عرصي کان شڪاگو ۾ رهي ٿو. ڊاڪٽر نبي سان سندس سٺي دوستي آهي. ڪالهه رات اخوت ڊنر ۾ به موجود هو. کيس ”مواخات“ جو سبق ڏاڍو وڻيو، مواخات ڇا آهي؟ اسان سڄي ڳالهه ٻيهر کولي بيان ڪئي. سندس سوال هو ته ڇا اهو ڪم سندس شهر جالنڌر ۾ به ٿي سگهي ٿو، ڇو نه، اهو ته هڪ عالمگير تصور آهي. پر قرض جي واپسيءَ جي باري ۾ مونکي پڪ ڪونهي. هن خدشي جو اظهار ڪيو. پريشان نه ٿيو، اسين جڏهن به ڪنهن نئين شهر ۾ ڪم ڪندا آهيون ته اتي جا ماڻهو اهڙي ئي ٻُڏتر جو شڪار هوندا آهن. کين اهو ڊپ رهندو آهي ته سندن شهر ۾واپسي جي شرح شايد سٺي نه هجي، پر جڏهن اهو ڪم شروع ٿئي ٿو ته اهي خدشا هوريان هوريان ختم ٿيڻ شروع ٿيندا آهن. نيڪي، نيڪيءَ کي جنم ڏي ٿي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اوهين گلابن جو فصل پوکيو ۽ لابارو وري ڪنڊن جو ڪريو. مواخات جو ٻج سدائين ميوا ڏيندو. ڇا اوهين اسان جي مدد ڪري سگهو ٿا. اها ته اسان جي لاءِ اڃا به وڌيڪ خوشيءَ جو سبب ٿيندي. اوهين ڪجهه ماڻهو اسان ڏانهن موڪليو يا اسان کي پاڻ وٽ پنهنجي شهر ۾ گهرايو. اسين سڄو پروگرام ٺاهي ۽ هلائي ڏينداسين. اخوت ٻارهن سالن ۾ اهو ئي ته ڪجهه ڪيو آهي. مول ۽ متا، قاعدو ۽ قانون طريقيڪار، هڪ بهترين ماڊل، هر شيءِ هڪ دستاويز جي شڪل ۾ موجود آهي. اسان وٽ سکيا جو پڻ نظام آهي. ڪو به ادارو جيڪڏهن اهو ڪم ڪرڻ چاهي ته اسين سندن هر طرح جي رهنمائي ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. پاڪستان ۾ هڪ ٻن نه پر ڪيترن ئي ادارن اسان کان قرض حسن جي سکيا ورتي آهي. مون کي هرل بنياد، ايس.اي واءِ ٽرسٽ، زاداهه، اصلاح فائونديشن، نعمت ٽرسٽ، ڊيسينٽ فائونديشن، سوجهرو، اخوت سنڌ، اخوت ڪراچي، مسلم ايڊ پنڊي جهڙا ادارا ياد اچڻ لڳا، جن ”مواخات مدينه“ جي تصور سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو ۽ قرض حسن جي راهه اختيار ڪئي. اهي اڻ ڳڻيا ماڻهو به جيڪي مذهب تي يقين نٿا رکن، پر ڀائيچاري تي يقين رکن ٿا. اهي شڪن ۽ شبهن سان اسان وٽ آيا ۽ پوءِ اسان جا مستقل ساٿي بنجي ويا. ”مواخات مدينه“ هڪ امرت دارا جو نالو آهي. ان ۾ ڪا اهڙي شيءِ آهي، جيڪا انسان کي ڪيميا بنائي ٿي ڇڏي. جوگندر سنگهه منهنجون اهي سڀ ڳالهيون ڏاڍي ڌيان سان ٻُڌيون.
    مونکي ائين لڳو، ڄڻ واهگه سرحد ختم ٿي ويئي آهي ۽ آئون جالنڌر وارن وٽ ويٺو کين اخوت جو پيغام پيو ٻڌايان. جوگندر سنگهه ٻڌايو ته ڀارتي پنجاب ۾ ڪيترائي سماجي مسئلا ڪر کڻي رهيا آهن. نوجوانن جو هڪ وڏو تعداد نشي جي لعنت جو شڪار پيو ٿئي. هو ڪنهن اهڙي رستي جي ڳولا ۾ هو، جيڪو اُميد جو ڏس بنجي وڃي، اهو رستو مواخات آهي. مون هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ڳالهه ورجائي. جڏهن مون کيس ٻڌايو ته اسين جلد اهو پروگرام ننڪانه صاحب ۾ شروع ڪرڻ وارا آهيون ته هو ڪو خوش ٿيو ڇا. بابا گورونانڪ جو محبت ڀريو پيغام اسان جو گڏيل ورثو آهي. جوگندر سنگهه جي اکين ۾ عزم جو اظهار ٿي رهيو هو. نيڪي جي تبليغ به ته نيڪي ئي آهي. اهو جيڪو غالب چيو آهي، ہے خیال محسن میں حسن عمل کا سا خیال شام جا پاڇا گهرا ٿيڻ لڳا. جوگندر ۽ سندس دوست موڪلايو. ٻي ڏينهن صبح جو اسان جي به روانگي هئي. پهرين ٽيڪساس ۽ پوءِ نارٿ ڪيرولينا. اسين پنهنجن ميزبانن سان ڳچ دير تائين شڪاگو جي روٽ تي ڳالهه ٻولهه ڪندا رهياسين. ان شهر ۾ بي حد گرمجوشي ۽ آڌرڀاءُ مليو. فرينڊز آف اخوت شَڪاگو جو بنياد ته پئجي چڪو هو. ڊاڪٽر اعجاز نبي، نويد سرور ۽ ارشد گڏجي آئيندي جي تصوير ٺاهڻ لڳا. روشن ۽ سهائو اقبال جي لفظن ۾.
    آسمان ہوگا سحر کے نور سے آئینہ پوش،
    اور ظلمت رات کی پیمانی پا ہو جاے گی۔
    *


    باب ٽيون

    3.1: هزارين سال نرگس پنهنجي بي نوريءَ تي روئي ٿي

    رات جي اونداهي ۽ صبح جي سهائي:
    شڪاگو ايئر پورٽ، ڊيلٽا ايئر لائن جو آرامده جهاز، آئون شڪاگو کان ڊلس وڃڻ جي لاءِ جهاز ۾ پنهنجي سيٽ سنڀالي چڪو هوس. منهنجي هنج ۾ ليڊرشپ جي موضوع تي هڪ ڪتاب پيو هو. ان ڪتاب ۾ انهن ماڻهن ۽ واقعن جو تذڪرو هو، جن آمريڪا جي ڀاڳ کي بدلائي ڇڏيو. قومن جي تاريخ ائين ته نٿي بدلجي. ان جي پويان قيادت کانسواءِ عمل جو به هڪ داستان هوندو آهي. آمريڪا جي تاريخ ۾ ڪيترائي نازڪ موڙ آيا، پر هر اهم موڙ تي کيس اهڙي قيادت ملندي رهي، جنهن گهري ڏاهپ جو مظاهرو ڪيو. ليکڪ جو چوڻ هو ته ان تدبر ۾ خلوص به هو ته سچائي به.
    پوءِ هو ٽن مختلف مثالن سان پنهنجي نقطه نظر جي وضاحت ڪري ٿو. پهريون مثال آمريڪي صدر ابراهام لنڪن جو آهي، ابراهام لنڪن پنهنجي صدارت جي پهرين دور (1864ع-1860ع) ۾ غلامي جي خاتمي جو اعلان ڪري چڪو هو. انهن ڏينهن ڏاکڻيون رياستون غلامي جي حق ۾ هيون، جڏهن ته اُتريون رياستون ان کي ناجائز تصور ڪنديون هيون. لنڪن جي صلاحڪارن جو خيال هو ته جيڪڏهن چونڊون ٻيهر کٽڻيون آهن ته آزاديءَ جي اعلان کي واپس وٺڻ گهرجي. لنڪن ڪيترو ئي عرصو ڇڪتاڻ جو شڪار رهيو، هن سوچيو ته آزادي جو پروانو واپس وٺي چونڊون کٽي ۽ ان کانپوءِ اهو ٻيهر جاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، پر کيس اهو قدم پنهنجي اصولن جي ابتڙ نظر آيو. هن پنهنجو پاڻ کان سوال پڇيو، ”ڇا غلاميءَ کي جائز قرار ڏيئي سگهجي ٿو؟“ هن جي دل جي اونهائيءَ مان انڪار جي صدا ٻُرائجي ٻاهر نڪتي ۽ نيٺ هن اهو ئي فيصلو ڪيو، جيڪو هڪ باضمير شخص کي ڪرڻ گهرجي ها. هن ڏکڻ جي سامهون هٿيار ڦٽا نه ڪيا ۽ غلامي جي خاتمي جي اعلان کي برقرار رکيو. ان موقعي تي هن هي تاريخي لفظ چيا: I did rather be right than be president وقت ڏٺو ته غلامي جي لعنت جو به خاتمو ٿيو ۽ هو ٻيهر صدر به چونڊيو.
    ٻيو مثال: 1940ع ۾ فرينڪلن ڊي روز ويلٽ آمريڪا جو صدر هو. هو ان کان اڳ ٻه ڀيرا صدر بنجي چڪو هو ۽ هاڻ ٽيهر صدر بنجڻ جي خواهش هيس. سندس ساٿين جو چوڻ هو ته آمريڪا کي ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ شامل ٿيڻ نه گهرجي. پر روزويلٽ جو خيال مختلف هو. هن چونڊن کان فقط هڪ هفتو اڳ اهو تاريخي اعلان ڪيو، جنهن جي بدولت آمريڪا کي ٻي مهاڀاري جنگ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو مليو. روز ويلٽ جوچوڻ هو، ”آئون اهڙي ملڪ جو صدر بنجڻ نٿو گهران، جنهن جو دنيا جي سياست ۾ ڪو ڪردار ئي نه هجي.“
    ٽيهن سالن کانپوءِ هڪ ٻيو مرحلو آيو. 1963ع ۾آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر ورهائجي چڪو هو. جان ايف ڪينيڊي پنهنجي صدارت جي اهم موڙ تي بيٺو هو، هن سياسي حقن جو بل ڪانگريس ۾ پيش ڪرڻ ٿي چاهيو. جيئن ئي اهو بل پيش ٿيو، ڪينيڊي کي ڏاکڻين رياستن جي لکين ووٽر جي مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو. سندس ڀاءُ کيس ٻڌايو ته سندس اهو قدم ايندڙ چونڊن ۾ شڪست جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو. ڪينيڊي مُرڪندي فقط ايترو چيو، ”جيڪڏهن مونکي اصولن جي بنيادن تي شڪست ٿي ته اها اکين تي.“
    ڪتاب جي ليکڪ جو چوڻ آهي ته لنڪن، روز ويلٽ ۽ جان ايف ڪينيڊي ڪي غير فاني انسان نه هئا. هو ايترائي چالاڪ ۽ موقعي پرست سياستدان هئا، جيترا سندن ٻيا همعصر سياستدان. انهن ۾ پاڻ پڏائڻ جي به عادت هئي ته اقتدار جي حصول جي سَڌ پڻ. پر ان جي باوجود به هنن اهم موقعن تي سچائيءَ جو پلئه هٿان نه ڇڏيو، ايتريقدر جو هنن پنهنجي سياسي زندگي ۽ صدارت به داءُ تي لڳائڻ کان پاسو نه ڪيو. لنڪن جيڪڏهن جرئت نه ڏيکاري ها ته آمريڪا ڪيترن ئي ٽڪرن ۾ ورهائجي وڃي ها. روزويلٽ جنگ کان ٽارو ڪري ها ته اڄ دنيا تي جرمني ۽ جاپان جي حڪومت هجي ها. ڪينيڊي ”انساني حقن جو بل“ پيش نه ڪري ها ته اڄ آمريڪا نسلي متڀيد جو بدترين شڪار هجي ها. نه رڳو آمريڪا،پر هر ملڪ جي تاريخ ۾ اهڙا موڙ ايندا آهن جڏهن ڪي اهم فيصلا ڪرڻا پوندا آهن. مون ڪتاب بند ڪيو ۽ سوچڻ لڳس ته پاڪستان به ان کان آجو نه آهي، ڪيترا موڙ ۽ ڪيترا وڏا فيصلا. افسوس جو اسان وٽ ڪنهن جي به حصي ۾ اها سعادت نه آئي ته هو تاريخ جي ڪنهن ورق تـي لکي ڇـڏي هـا. I`d rather be right than be president يا گهٽ ۾ گهٽ اهو ئي چئي ڇڏي ها ته جيڪڏهن مونکي اصولن جي بنياد تي شڪست ملي ته آئون اها شڪست قبولي وٺندس. صدر هئڻ وڏي ڳالهه ضرور آهي،پر سچو هئڻ ان کان به وڏو آهي. ڪتاب جي هڪ ورق تي لڙڪ ڪريو. مون جهاز جي دريءَ مان ٻاهر ڏسڻ چاهيو. منهنجي نظر مٿاهينءَ طرف نه پر هيٺاهينءَ طرف وڃڻ لڳي.


    3.2: ابراهام لنڪن

    آمريڪا ڪيترن ئي حوالن سان هڪ ڀاڳوان ملڪ آهي. کيس تاريخ جي هر اهم موڙ تي بهتر قيادت ملندي رهي. اقبال جي لفظن ۾: نگہ بلند، سخن درنواز جاں پر سوز... اهي ڳالهيون ڪنهن مرعوبيت جو اظهار نه پر هڪ تاريخي حقيقت کي سمجهڻ جي ڪوشش آهي. وڏي قوم يا وڏا اڳواڻ ڇا هوندا آهن، ڇا وڏا ليڊر رڳو وڏين قومن کي ئي ملندا آهن، رچرڊ نڪسن جو اهو سوال مونکي اڪثر ماضي طرف وٺي ويندو آهي. ان سوال کي سامهون رکندي مون ڪجهه مشهور آمريڪي اڳواڻن جي زندگين جا ورق اهو ڏسڻ جي لاءِ اُٿلايا ته انهن ۾ ڪهڙا گُڻ هئا جن کان اسين محروم آهيون. آمريڪا جا سڀئي Founding Fathers ڪنهن نه ڪنهن گُڻ جا ڌڻي نڪتا، پر مونکي جنهن شخص گهڻو متاثر ڪيو، اهو ابراهام لنڪن هو. لنڪن نه هجي ها ته شايد آمريڪا ڪيترن ئي ٽڪرن ۾ ورهائي چڪو هجي ها.
    لنڪن هڪ غريب ماءُ ۽ پيءُ جو پٽ هو، جنهن جي شروعاتي زندگي تڪليف سان ڀريل هئي. روزگار جي ڳولا ۾ هن ڪيترائي ڌنڌا اختيار ڪيا، پر ڪامياب ٿي نه سگهيو. نيٺ مجبور ٿي هن وڪالت جو پيشو اختيار ڪيو. وڪالت جي ڪري کيس دليل پيش ڪرڻ جو فن اچي ويو. مٿس جيڪو سڀ کان وڏو ڳجهه ظاهر ٿيو، اهو هي ته هر دليل ڪارگر نه هوندو آهي. وڪيل کي ڇا چوڻون آهي ۽ ڪڏهن چوڻون آهي، اهو ڄاڻڻ نهايت اهم آهي ۽ جيڪڏهن اهو گُر اچي وڃي ته پوءِ وڪيل ڪيس نه هارائيندو آهي. آمريڪا جي سڀ کان نازڪ ڪيس جي شروعات 1858ع ۾ ٿي. اهو ئي شڪاگو شهر، اهي ئي ٿڌيون هوائون، اهي ئي پُرسڪون ڍنڍون، پر اهي ڏينهن ايترا پُرسڪون نه هئا. ڪانگريس جي ٻن اميدوارن ابراهام لنڪن ۽ اسٽيفن ڊگلس جي وچ ۾ غلاميءَ جي موضوع تي تاريخي بحث جي شروعات ٿيڻ لڳي. اهو بحث ستن تقريرن تي ٻڌل هو. انهن ستن تقريرن کي هزارين ماڻهن ٻڌو. انهن کي آمريڪي تاريخ ۾ Most famous political debate به چيو وڃي ٿو. لنڪن کي قدرت اڳواٽ ئي ان موقعي جي لاءِ تيار ڪري چڪي هئي. هن پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۽ دليلن سان سڄي آمريڪا کي هڪ مَنڊ ۾ منڊي ڇڏيو. جيئن غالب چيو آهي.
    دیکھنا تقریر کی لذت کہ جو اُس نے کھا،
    میں نے یہ جانا کہ گویا یہ بھی میرے دل میں ہے۔
    هو سينيٽر جي چونڊ کٽي نه سگهيو، پر هن آمريڪا کي لوڏي ڇڏيو. شڪست هن جي ارادن کي اڃا به سگهارو ڪري ڇڏيو. هو مايوس ضرور ٿيو، پر هن سچائيءَ جو ساٿ نه ڇڏيو. نتيجو اهو نڪتو ته ٻن سالن کانپوءِ 1860ع ۾ سينيٽ جي چونڊ هارائيندڙ اهو اميدوار آمريڪا جو سورهون صدر بنجي ويو ۽ پوءِ زندگي جي پوين پساهن تائين صدر رهيو. هن جي اڳواڻي ۾ آمريڪا کي ٻيهر زندگي ملي. آمريڪي رياستون ان وقت وکرڻ جي ويجهو هيون. اتر ۽ ڏکڻ جي وچ ۾ وڏي خليج حائل ٿي چڪي هئي، ايتري قدر جو لنڪن جي صدارتي حلف کڻڻ کان اڳ ئي ڏاکڻين رياستن فلوريڊا، مسي سپي، الباما، جارجيا، لوزيانا ۽ ٽيڪساس يونين کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪجهه وقت کانپوءِ ورجينيا، نارٿ ڪيرولينا، ٽيني سي ۽ آرڪنساس به ان فهرست ۾ شامل ٿي ويون ۽ واشنگٽن ڊي سي جي مقابلي ۾ رچمنڊ کي گاڌي جو هنڌ ۽ جيفرسن ڊيوس کي صدر به چونڊي ورتائون. اتان کان ئي لنڪن جي سياسي سمجهه ۽ ڏاهپ جو امتحان شروع ٿيو. وائٽ هائوس ۾ ويٺل اهو شخص رڳو سياستدان نه پر هڪ مدبر به هو. هن رفوگري جو ڪم اهڙي ته مهارت سان ڪيو، جو تاريخ به حيران ٿي ويئي. آمريڪا ۾ هيستائين چوئيتاليهه صدر چونڊجي چڪا آهن. پر جڏهن به انهن 44 صدرن مان ٽن عظيم صدرن جي چونڊ ڪئي وڃي ٿي ته هر ڀيري ابراهام لنڪن، جارج واشنگٽن ۽ روز ويلٽ ئي چونڊجن ٿا. وري انهن ٽنهي مان لنڪن کي پهرين نمبر تي رکيو وڃي ٿو. هر نئين سروي ۾ هن جي مقبوليت ۾ واڌارو نظر ايندو آهي. هو انهن ماڻهن جي فهرست ۾ شامل آهي، جن جي عظمت جو راز هوريان هوريان ظاهر ٿيندو آهي. آمريڪي آئين سان محبت ۽ قانون جي بالادستي جو اٽل ارادو، اهي ٻه اهڙا گُڻ آهن، جن ۾ هو پنهنجي سڀني وطن واسين کان اڳتي هو. هو بهترين مقرر ۽ مدبر هئڻ کانسواءِ سياسي جوڙ توڙ جو پڻ ماهر، بهادر، فراخدل ۽ موقعي شناس به هو. هو خودپرست به هو. سندس هي لفظ نه رڳو آمريڪا، پر سڄي دنيا کي متاثر ڪن ٿا:
    A house divided against itself can not stand I believe this government cannot endure permanently half slave and half free.
    آمريڪي تاريخ جو سڀ کان اهم دستاويز declaration of independence سان کيس جنون جي حد تائين عشق هو. سندس چوڻ هو ته آمريڪي آئين کي ان ئي دستاويز جي روشنيءَ ۾ پڙهڻ گهرجي. سندس مشهور جملو آهي: Govt. of the people by the people for the people. هو پهريون آمريڪي صدر هو، جيڪو پنهنجي صدارت دوران قتل ٿيو. موت ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ کي دوام ٿو بخشي. هن جي موت کيس طلسماتي ۽ سدا جيئرو رهندڙ شخص بنائي ڇڏيو. سوال اهو آهي ته تاريخ جي اُن نازڪ موڙ تي لنڪن ئي صدر ڇو ٿيو. هن جي قوم صدارت جو تاج سندس ئي مٿي تي ڇو رکيو، اسٽيفن ڊگلس يا ٻي ڪنهن تي ڇو نه رکيو. اهو اتفاق هو يا قدرت جو سوچيل سمجهيل فيصلو. ڇا ليڊر رڳو وڏين قومن کي ئي ملندا آهن. نڪسن جو اهو سوال ڏاڍو ڏکيو آهي. پلو ٽارڪ، ڪارلائل ۽ ٽوائن بي وٽ به ان سوال جو جواب نٿو ملي. مختيار مسعود پنهنجي ڪتاب ”آواز دوست“۾ لکي ٿو، ”قدرت جو سڄو نظام اصولن جي تابع آهي. وڏن ماڻهن جي پئدائش جا به ڪي اصول آهن. ائين ٿو لڳي ته وڏا ماڻهو انعام طور ڏنا ويندا آهن ۽ سزا طور روڪيا ويندا آهن. نيٺ به ته قدرت هڪ بي قدري قوم کي وڏا ماڻهو ڇو عطا ڪري... کيس پنهنجي عطيي جي رسوائي ۽ بي قدري ناگوار لڳندي آهي.“ ڪيترن هزار فوٽن جي مٿاهينءَ تي شڪاگو کان ڊيلس ويندي هڪ حقيقت جو وڃايل سرو هٿ اچڻ لڳو. وڏا اڳواڻ وڏين قومن کي ئي ملندا آهن، هائو، ڪڏهن ڪڏهن ننڍين قومن کي به انعام طور اهي ملي ويندا آهن. ان اميد ۾ ته شايد ماڻهو سڌي رستي تي اچي وڃن، شايد ڪو قدرت جي طريقن کي سمجهي وٺي. پر اهو اصول ڪونهي، ڇو ته قدرت کي پنهنجي عطيي جي بار بار رسوائي اڻ وڻندڙ لڳندي آهي. ٻيو سوال اهو هو ته جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ وڏيون قومون ڪهڙيون هونديون آهن، جواب مليو، وڏي قوم اها هوندي آهي، جنهن جا ماڻهو شڪرگذار، انصاف پسند هجن ۽ حڪمرانن جي احتساب جي جرئت رکندا هجن. روشن ضمير قومن کي ئي روشن ضمير قيادت ملندي آهي. الله تعاليٰ اهو ٺلهو ته ڪونه چيو آهي ’ته هو تيستائين ماڻهن جي حالت ۾ تبديلي نٿو آڻي جيستائين هو پاڻ ئي پنهنجي حالت کي نٿو بدلائي.‘ جيڪي ماڻهو زوال کي قسمت سان ڳنڍين ٿا، سي سدائين زوال ۾ رهن ٿا.


    3.3: ٽيڪساس، گذريل ڏينهن ڏانهن ڊوڙ

    شڪاگو مان جهاز کي اُڏام ڪندي فقط ٻه ڪلاڪ ٿيا هئا. ڊيلس پهچڻ ۾ هڪ ڪلاڪ جي اڃا به اُڏام هئي. مون پنهنجي بيگ ڦلهوري ۽ اهي ڪاغذ ڏسڻ لڳس جن ۾ ٽيڪساس ۽ ڊيلس جي باري ۾ معلومات ڏنل هئي. ڪنهن به شهر ۾ تعارف کانسواءِ وڃڻ نه گهرجي.. جيڪڏهن اوهان کي تاريخ جي باري ۾ خبر نه آهي ته اتي وڃي ڇا ڏسندا. عمارتون، رستا ۽ گهر. اهو شهر ڪونهي. شهر ته ماڻهو آهن ۽ ماڻهن کي ڄاڻڻ جي لاءِ تاريخ ۽ سڀيتا کي سمجهڻ ضروري آهي. ٽيڪساس پکيڙ ۽ آباديءَ جي لحاظ کان آمريڪا جي ٻي وڏي رياست آهي. ٽيڪساس هڪ مقامي زبان جو لفظ آهي، جيڪو پوءِ اسپيني زبان جو حصو بنيو. ان لفظ جي معنيٰ آهي دوست. اسپين 1600ع کانپوءِ ان علائقي کي پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪيو ته ان کي اهو ئي نالو ڏنو ويو. فاتح، مفتوح کي دوست نه بنائيندا آهن. اهو نالو بيٺڪي حڪمت عملي جي هڪ ٽل هئي. اڍائي ڪروڙ کان به وڌيڪ ماڻهن تي مشتمل اها رياست اڄ آمريڪا جي اهم رياستن ۾ ڳڻي وڃي ٿي. ماٿرين، ٻيلن، ساحلن ۽ صحرائن جي اها سرزمين، جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي اوچا پهاڙ به آهن، ٻه سؤ سال اڳ ٽيڪساس جو وڏو حصو چراگاهن تي ٻڌل هو، جتي چوپايو مال پاليو ويندو هو. پستول يا بندوق کڻي، ڪو مهم جو گهوڙي تي چڙهي چوپائي مال جي انهن ڌڻن جي رکوالي ڪندو نظر ايندو هو. ٽيڪساس جو عمومي تاثر اڃا تائين هڪ ’ڪائو بواءِ اسٽيٽ‘ واور آهي ٽيڪساس کي جهنڊن جو ديس به چيو ويندو آهي. گذريل ٽن سؤ سالن ۾ هتي ڇهن ملڪن جو قبضو ٿيو ۽ ڇهه مختلف جهنڊا لهرايا. سڀ کان پهرين اسپين، ان کان پوءِ ٿوري عرصي جي لاءِ فرانس، پوءِ ميڪسيڪو. 1836ع ۾ ٽيڪساس، ميڪسيڪو کان بغاوت ڪئي ۽ کيس هڪ ڌار ملڪ جي سڃاڻپ جو درجو مليو، پر اها آزاد حيثيت ڏهن سالن کان وڌيڪ برقرار رهي نه سگهي 1845ع ۾ هتان جي ماڻهن پنهنجي رضا خوشيءَ سان آمريڪي رياست بنجڻ قبول ڪيو. جيئن ته ٽيڪساس ۾ غلاميءَ کي جائز قرار ڏنو ويو هو، تنهنڪري آمريڪي سول وار جي دوران ٽيڪساس ٻين ڏاکڻين رياستن سان گڏ آمريڪا کان ڌار ٿي ويئي. 1861ع ۾ ان عليحدگي جو باقاعده اعلان ڪيو ويو ۽ ڏاکڻين رياستن جي هڪ ڪنفيڊريشن وجود ۾ آئي. گهرو ويڙهه جي دوران هي علائقو جنگ جو ميدان ته نه بنيو، پر ڏکڻ جي فوج ۾ هتان جا ڪيترائي ماڻهو ڀرتي ٿيا. ان جنگ ۾ ٽيڪساس ۽ سندس ساٿاري رياستن کي شڪست ملي، ائين ٽيڪساس هڪ ڀيرو ٻيهرآمريڪا جو حصو بنجي ويو. پنهنجي وڏي پکيڙ جي ڪري آمريڪي سياست ۾ اڄ ان رياست جو ڪردار ڏاڍو اهم آهي. آمريڪا جي پنج سؤ (Fortune 500) وڏين ڪاروباري ڪمپنين مان 57 ڪمپنين جو واسطو هن رياست سان آهي. اهي ڪنهن به رياست ۾ موجود وڏين ڪاروباري ڪمپنين مان سڀني کان وڏو تعداد آهي. زراعت، ڪمپيوٽر، توانائي، اليڪٽريسٽي، ايرو سپيس، ڪهڙو شعبو آهي، جنهن جي صنعت هت موجود نه آهي. بهترين يونيورسٽيون ٽيڪساس جي هڪ ٻي سڃاڻپ آهي. پکيڙ جي لحاظ کان فرانس، جرمني، ۽ جاپان کان وڏي هيءَ رياست محنت ڪندڙن جي لاءِ سون جي کاڻ آهي. زراعت، معدنيات ۽ صنعت، ٽنهي ميدانن ۾ هيءَ رياست سڀني کان اڳيان آهي. انساني وسيلن ۽ هنر جي گهڻائي ۽ پوءِ سماجي ۽ معاشي انصاف جي ڇانوَ ۾ هلندڙ جمهوري نظام. اهي سڀ سبب گڏجي سڏجي هڪ سگهاري سماج جو بنياد بنجن ٿا. هتي چارئي موسمون سيارو، بهار، اونهارو ۽ سرءُ پسَي سگهجن ٿيون. هتي پاڪستانين جو به وڏو تعداد آباد آهي، تنهنڪري هتي جي موسم ڪراچي سان ملندڙ جلندڙ آهي. 1840ع ۾ ٽيڪساس جي آبادي چاليهن هزارن کان به گهٽ هئي، هاڻ اها آبادي ڪروڙن ۾ آهي. ٽيڪساس جي معيشت هندستان ۽ ڪينيڊا کان وڏي آهي. في ماڻهو آمدني چاليهن هزار ڊالرن کان به ججهي آهي. هتي دنيا جي هر حصي جا ماڻهو آباد آهن. اڻ ڳيڻون زبانون ۽ مذهبي گروهه، رنگ ۽ نسل جو ڪو به قيد ڪونهي. تهذيب ۽ ثقافت تي اسپين جو گهرو اثر آهي. ٽيڪساس کي ڪيترن ئي حوالن سان قدامت پسند چيو وڃي ٿو. مذهب جو اثر هئڻ جي ڪري هن جو ڳاڻيٽو آمريڪا جي Bible belt ۾ ٿئي ٿو. ڪجهه ماڻهو ان کي Bukel of the bible belt به چوندا آهن. پر ان جو مطلب اهو به ڪونهي ته چوڌاري مذهب جو چرچو آهي يا هر ديول ۾ لائوڊ اسپيڪر لڳل آهي. ڪيٿولڪ، پروٽسٽنٽ، مسلمان، يهودي، هندو، سک پنهنجي پنهنجي طور تي بظاهر آزاد پر آمريڪي آئين جي زنجيرن ۾ ٻڌل آهن. ترقي، خوشحالي، معيشت، في ماڻهو آمدني، آئين ۽ قانون، ڪاميابي جو اهو سفر ڏسي ڌيان پاڻ ڏانهن ٿو وڃي، ڏک ۽ پيڙاءُ جو احساس وڌڻ ٿو لڳي. نوانوي سيڪڙو هڪ ئي دين کي مڃيندڙ مسجدن تي پهرا.

    ایک ہم ہیں کہ لیا اپنی ہی صورت کو بگاڑ،
    ایک وہ ہیں جنہیں تصویر بنا آتی ہے۔


    3.4: اصلوڪا رهاڪو ۽ شيدي.... رت هاڻون داستان

    ٽيڪساس هجي يا آمريڪا جي ڪا به رياست. آمريڪا جي تاريخ کي عام طور تي سورهين صدي عيسوي کان شروع ڪيو ويندو آهي. اُن کان اڳ جي واقعن جو ذڪر تمام گهٽ ٻُڌڻ ۾ ايندو آهي ته سورهين صديءَ کان اڳ جي ڪهاڻي ڪهڙي هئي. انهن مقامي ماڻهن جو ڇا ٿيو، جيڪي اصل داستان آهن. الاباما، آپاشي، اتاڪاپن، بيدائي، ڪارو، ڪوماچي، چوڪتا، هسينائي، جمانو، ڪران ڪاوا، ڪسڪاپو، ڪي ادوا، واچيتا... اهي به ڪي نالا هئا، جن کي جيتن جڻين جيان چٿيو ويو. رڍن ٻڪرين جيان ڪٺو ويو. ڌرتي جي گولي تان مٽجندڙ اهي نالا انساني حقن جي دعويٰ جو ڦاٽ ڦاڙي ٿا ڇڏين. هيڻان ۽ هٿين خالي اهي اصلي رهاڪو، جيڪي هن سر زمين جا اصلوڪا رهاڪو هئا، پر انهن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ کان وٺي پئسفڪ سمنڊ تائين ڪٿي به پناهه نه ملي. ڪجهه پراڻا قبيلا ’اوڪلاهاما‘ ۾ اڃا تائين پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت سان جڙيل آهن، پر اهي اڃا ڪيترو عرصو انهن کي چهٽيل رهندا، اهو هڪ وڏو سوال آهي ۽ پوءِ اهي ڪروڙين شيدي، جن جي رت ۽ پگهر سان اها جنت اڏي ويئي آهي، جن تي ٿيندڙ ظلمن جي تصوير آمريڪا جي هر وڏي شهر ۾ چٽيل آهي. جن جي زخمي انائن جو شڪست خورده آواز اڃا تائين ٻڌڻ ۾ پيو اچي. شيدين جي اها ڪهاڻي پڙهڻي هجي ته انهن ننڍين ننڍين بستين ۾ وڃڻون پوندو، جتي اهي ماڻهو رهن پيا. هر وڏي شهر جي بلڪل وچ ۾ موجود اهي بستيون سڄي آمريڪا جون اهلون ڪڍي رهيون آهن. جيڪڏهن انهن وستين مان لنگهڻ نه ٿئي ته مشهور شيدي اڳواڻن مارٽن لوٿر يا ميلڪم ايڪس جهڙن همراهن جي زندگيءَ جو اُڀياس ڪرڻ جي ضرورت آهي، جن جي باغيانه خيالن سبب کين جواني ۾ ئي قتل ڪيو ويو.
    ميلڪم ايڪس آمريڪي تاريخ جو هڪ سربستو راز آهي. سندس آتم ڪهاڻي هر اُن شخص کي پڙهڻ گهرجي، جيڪو ظلم کان نفرت ۽ سٺي سماج جا خواب ٿو ڏسي. اهو ڪتاب Roots نالي ڪتاب جي مشهور ليکڪ ايلڪس هيلي Alex Haley جي مدد سان لکيو ويو. ان ڪتاب جو هڪ هڪ لفظ بغاوت کان علاوه ڏک۽ غم جي تصوير به آهي. سوين سالن جا لڙڪ ۽ آهون آهن. ميلڪم ايڪس چوي ٿو ته ڪروڙين شيدين کي آفريڪا مان غلام بنائي آمريڪا آندو ويو. ڪاش منهنجي وس ۾ هجي ته آئون سمنڊ جي تري ۾ پکڙيل رت، انساني گوشت جا ٻيرا، ٽٽل هڏيون ۽ ٽٽل کوپڙيون ڏيکاري سگهان. يورپي واپارين جا ٻيڙا آفريقا ويندا هئا ۽ غلامن سان ڀرجي ايندا هئا. شارڪ مڇيون انهن جهازن جو پيڇو ڪنديون هيون، کين خبر هوندي هئي ته انهن جهازن مان انساني گوشت کائڻ جي لاءِ ملندو آهي، هڪ صدي دوران يارهن ڪروڙ ڪارا ماڻهو يا ته غلام بنايا ويا، يا وري ماريا ويا. اصلوڪا آمريڪي ۽ شيدي آمريڪا جي شروعاتي تاريخ تي لڳل اهي ٻه داغ... ڦڪائي ۽ پيشوائي... هاڻ ته اهو دور نه آهي. هاڻ ته جنت جُڙي چڪي آهي. هاڻ اها ڪهاڻي ڇو پئي ورجائي وڃي. فلسطين، عراق، افعانستان ۽ پاڪستان جا قبائلي علائقا بنا ڪفن جي پيل لاش... افسوس صد افسوس... جو سگهاري تاريخ کان ڪوبه سبق نٿو سکي.


    3.5: پراڻيون ڳالهيون ياد آيون

    جهاز جا ڦيٿا رڪيا، مسافرن کي سامان کڻڻ جي تڪڙ هئي، مون به ڪجهه ڪتابن تي ٻڌل بيگ کنئي ۽ اسين سڀ ٻاهر روانا ٿياسين. مسافرن جي آمد ۽ روانگي جا سڀ منظر هڪجهڙا هوندا آهن. هل هنگامون، وٺ وٺان بس رڳو مهانڊن جو فرق هوندو آهي. سهڻن چهرن جي وچ ۾ رستو ٺاهيندي ڪنويئر بيلٽ تائين پهتس، اڃا سامان ڪونه پهتو هو. جو اهي ٻه ٽي چهرا نظر آيا، جن سان ملاقات جي ڇڪ هتي گهلي آئي هئي. فتح خان، سپنا ۽ دولت، ٽيئي بي اختيار مون سان چنبڙي پيا، فتح خان، چاليهن سالن جو پراڻو سنگتي، هيءَ اها دوستي آهي، جنهن کي وقت سون ٿو بنائي ڇڏي. اڄ ساڻس ستن اٺن سالن کانپوءِ ملاقات ٿي رهي هئي. ميان محمد بخش جي ڳالهه ياد آئي، جنهان باجون جهٽ نئين سي لنگدا، اوشڪلان ياد نان رهيا (جن کانسواءِ ساعت به ڪانه سرندي هئي، سي ته هاڻ نقش ئي ياد نه رهيا آهن) چاليهه سال بلڪل سامهون پيا هئا. منهنجي خيال ۾ اهي ڊسمبر 1972ع جا ڏينهن هئا، جڏهن مون گورنمينٽ ڪاليج ۾ پير ڌريا. ان ڏينهن صبح جو آئون اقبال هاسٽل جي ڪمري نمبر سٺ ۾ پهريون ڀيرو گهڙيس ته اتي هڪ ڇوڪرو ڪرسيءَ تي ويٺو ڪلام پاڪ جي تلاوت ڪري رهيو هو. آئون ماٺ ڪري ويهي رهيس. ٿوري دير کانپوءِ هن قرآن پاڪ ٺپيو ۽ پنهنجو تعارف ڪرائڻ لڳو. فتح خان بنديال. هو معذرت ڪري رهيو ته کيس هڪ رات عارضي طورتي اسان جي ڪمري ۾ ٽڪڻون پيو.پهرين ملاقات هوريان هوريان دوستيءَ ۾ بدلجي ويئي.
    ايندڙ پنج سال، جيستائين هو آڪسفورڊ نه ويو هو، سندس ئي ساٿ ۾ گذريا، پاڪستان مان انگلنڊ، انگلينڊ مان برونائي ۽ برونائي مان آمريڪا، سندس اهو سفر ڏاڍو ڊگهو هو. ان سفر جي دوران جڏهن هو برونائي ۾ ٽڪيل هو ته سندس ملاقات هڪ سري لنڪا جي خاتون سان ٿي ۽ پوءِ ٻيئي پنهنجا پنهنجا رستا وساري هڪ نئين رستي تي هلي پيا. محبت کان پوءِ جيڪڏهن ٻيو ڪجهه ياد رهي ٿو ته اهامحبت نه پر ٻيو ڪجهه هوندو آهي. سپنا پريرا جو پيءَ برونائي ۾ سري لنڪا پاران سفارتڪار هو. ٻنهي گهراڻن جي سخت مخالفت به محبت جي ان پالوٽ کي روڪي نه سگهي. ڪيترن ٻين ماڻهن اها شادي روڪڻ چاهي، پر هنن جي ديوانگي ۽ جنون ڏسي ماٺڙي ڪري ويهي رهيا. هو هرڪم سچائيءَ سان ٿو ڪري. سڀئي ٻيڙيون ساڙڻ کانپوءِ ڪجهه چوڻ، آکڻ ۽ سمجهائڻ اجايو هو. شادي کانپوءِ هو آمريڪا هليو آيو. جتي هو ۽ سندس بيگم سپنا بنديل وڪيل آهن، سندن هڪ ڏهن سالن جي ڌي آهي، جنهن جو نالو دولت حفيظ بنديال آهي. اهو نالو هن پنهنجي امڙ ۽ پيءُ جي نالي تي رکيو. سندس امڙ بي حد ٻاجهاري ۽ شانائتي عورت هئي. هوءَ اسان ٻنهي سان محبت ڪندي هئي. اها محبت به اسان جو گڏيل ورثو آهي. ڏهن سالن جي دولت گڏي ته ائين لڳو ڄڻ گذريل ڏينهن جي خوشبوءِ گهيري ۾ وٺي لاٿو هجي. ڊيلس جو ايئرپورٽ ڳوٺ جي ان قديم حوبلي ۾ بدلجي ويو، جتي اسين هڪ ماءُ جي محبت سان سرفراز ٿيندا هئاسين.


    3.6: گذريل زمانا سي ياد پيا

    اسين جيئن ئي ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪتاسين، آمريڪي شهرن جا اهي ئي ڄاتل سڃاتل منظر نظر اچڻ لڳا. هاءِ ويز، ٽريفڪ، وڏيون اوچيون عمارتون . آئون ۽ ايف ڪي جلد ئي خاموش ٿيڻ لڳاسين. پراڻي دوستي ۾ اها ئي ته خوبي آهي ته خاموش رهندي به ڳالهه نٿي رڪجي. البت سندس ڌيءُ ”دولت“ چاهيو ٿي ته اجنبيت جا فاصلا جلد ئي اُڪري وٺي. ايف ڪي ۽ سپنا کيس منهنجي باري ۾ گهڻو ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو هو. رستي ۾ اسين ڪجهه دير جي لاءِ هڪ ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ ترسياسين ۽ پوءِ گهر پهچي وياسين. گهر پهچندي ئي دولت ڄڻ مونکي گهيري ۾ وٺي لاٿو. ”آئون آمريڪا ڇو آيو آهيان. اخوت ڇا آهي؟“ مونکي دولت جي انهن سوالن جا تفصيلي جواب ڏيڻا پيا. ننڍپڻ جو تجسس، ننڍن ننڍن سوالن جي صورت اختيار ڪندو ويو. ڇا پاڪستان ۾ بجلي اڃان بند ٿيندي آهي؟ ڪجهه سال اڳ هوءَ پاڪستان آئي هئي ته کيس پنهنجي ڳوٺ ۾ سخت لوڊشيڊنگ ۾ رهڻون پيو هو. آئون اُن سوال جو ڪهڙو جواب ڏيان ها. هائو، بجلي اڃا به بند ٿيندي آهي، مون ڦڪائي مان وراڻيو. اها لوڊشيڊنگ ڪڏهن ختم ٿيندي؟ هن ٻيو سوال پڇيو، جڏهن تون پاڪستان اچي اسان جي اڳواڻ ٿيندينءُ. اهو جواب ٻُڌي هوءَ مرڪي پئي. دولت جا سوال ختم ئي نه پي ٿيا، نيٺ سپنا ۽ ايف ڪي منهنجي مدد لاءِ پهتا. هنن جي چوڻ تي هن خاموشي اختيار ڪئي. ماني جو وقت به ٿي چڪو هو. ماني ۾ پاڪستان ۽ سري لنڪا ٻئي سرهاڻيون شامل هيون. ماني کانپوءِ چانهه ۽ ڳالهين جو هڪ ڀيرو ٻيهر ڊگهو دور هليو، جڏهن اسان ٻاروتڻ کان نڪري يونيورسٽي جي دور ۾ داخل ٿياسين ته گورنمينٽ ڪاليج جي يادن جي وير وري موٽي آئي. ائين لڳو ڄڻ ڪا سانوڻ رُت هجي. اهي استاد جيڪي اسان کي پڙهائيندا هئا، اهي ڪتاب جيڪي اسان جي لاءِ مشعل راهه بنيا. اهي دوست، جيڪي اسان جو اثاثو هئا. واقعا، حادثا، اسان جا خوشيون، هنبوشيون، انهن ڪجهه ورهين ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو، اهو سڀ ڪجهه ورجائڻ به هڪ تجربو هو.
    اسين سڄي رات انهن سپنن جون ڳالهيون ڪندا رهياسين، جيڪي اسان ڏٺا هئا. اسان انهن ڏينهن زندگي کي بدلائڻ ٿي چاهيو. دولت جي اڻ برابري واري ورهاست اسان کي سٺي نه لڳندي هئي. اهو نظرياتي ڇڪتاڻ وارو دور هو، پر اهڙي ڪا وڏي تبديلي اچي نه سگهي. اسين سمجهندا هئاسين ته شايد نعرا هڻڻ سان تبديلي ايندي آهي يا وري اهو انقلاب جو سج شاگرد سياست جي اُفق سان اُڀرندو. انتشار ۽ ابهام هو، پر جذبن جي شدت به هئي. گورنمينٽ ڪاليج جو سڀ کان وڏو انعام اتي ملندڙ دوستن کي چئي سگهجي ٿو. بهترين ساٿي، سٺا سنگتي. انهن مان ڪجهه ملڪ ڇڏي ٻاهر هليا ويا. ڪجهه ڊاڪٽر ٿيا ته ڪن وري واپار يا سول سروس ۾ پناهه ورتي. ڪي وري عملي سياست ۾ داخل ٿيڻ لڳا. سڀ پنهنجي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪامياب ۽ ڪامران، سڀني جا ڏينهن بدلجي ويا، پر پاڪستان جا ڏينهن نه ڦريا. غربت، بک، بي روزگاري، درد ۽ پيڙا... اهي سڀ ائين ئي رهيا. انفرادي تبديلي، نظام جي تبديلي جو نعم البدل ته ٿي نٿي سگهي، اسان انهن ڪيترن ئي ماڻهن کي ياد ڪيو، جيڪي هاڻ هن دنيا ۾ نه رهيا آهن.
    ”تو سول سروس ڇڏي سٺو ڪيو“ ايف ڪي مُرڪندي چيو. هي پهريون شخص هو، جنهن منهنجي سول سروس ۾ وڃڻ جي فيصلي کي اڻ وڻندڙ نظرن سان ڏٺو هو. جڏهن آئون مقابلي جو امتحان ڏيڻ لڳس ته هن وڏي ڀروسي سان چيو هو. تون هن امتحان ۾ پهرين ٻي، يا ٽي پوزيشن مان ڪا پوزيشن کڻندين ۽ اهو ته تون جلد ئي نوڪري ڇڏي ڏيندين. اهي ٻئي ڳالهيون سچ ثابت ٿيون. مون 2003ع ۾ جڏهن سول سروس مان استعفيٰ ڏني ته سڀني کان گهڻي خوشي هن کي ٿي.
    ’اسين تبديلي آڻي نه سگهياسين، جن ماڻهن کي تون غربت جي ڌٻڻ ۾ ڪِرڻ کان بچائينءِ پيو، اهي ضرور تبديلي آڻيندا.‘ ايف ڪي رات جي پوئينءَ پهر ۾ پوري يقين سان اها ڳالهه چئي. اهو چئي هو ماٺ ٿي ويو. ڪجهه گهڙين کانپوءِ هن مون ڏانهن ڏٺو ۽ چيو، ’شايد تون اها تبديلي ڏسي سگهين، پر آئون اها ڏسي نه سگهندس.‘ هن جي لهجي ۾ شڪستگي هئي. اهو چئي هو ماٺ تي ويو. هن جي ماٺ ۾ هڪ عجيب قسم جي سانت هئي. منهنجو دوست فتح خان، جنهن جي مُرڪ ۾ زندگي ٽڙندي هئي. مون کيس ائين اداس ۽ مايوس اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو هو. مون ڪارڻ پڇيو، اوچتو هو صوفي تان اُٿيو ۽ الماڙي مان هڪ فائيل ڪڍي مونکي ڏنائين، ان فائيل ۾ سندس بيماريءَ جون رپورٽون هيون. هو هڪ انتهائي خطرناڪ ۽ موذي مرض ’گلين بيري سٽنڊ روم‘ ۾ مبتلا ٿي چڪو هو. فائيل پڙهي آئون ڏک جي هڪ گهري سمنڊ ۾ وڃي ڪريس.


    3.7: هڪ ٻرندڙ شعلو منهنجي روح مان نڪتو

    گلين بيري سٽنڊروم هڪ اهڙي بيماري آهي. جنهن جي پهرين نشاني اعصابي نظام جي ڀڃ ڊاهه آهي. ان بيماري جي شروعات عضون جي ڪمزوري ۽ ٽنگن ۾ چڀن سان ٿيندي آهي. هوريان هوريان اها بيماري سڄي جسم کي پنهنجي وڪڙ ۾ وٺي لاهيندي آهي. ائين لڳندو آهي ته ڄڻ سڄي بدن ۾ ڪنڊا چُڀي رهيا آهن ۽ پوءِ سڄو جسم مفلوج ٿي ويندو آهي. اُٿڻ ويهڻ، هلڻ چلڻ، ايتريقدر جو کائڻ پيئڻ به ناممڪن بنجي پوندو آهي. مصنوعي ساهه کڻڻ کانسواءِ مريض جو بچڻ ممڪن ئي نه رهندو آهي. نه ان بيماري جي سببن جي خبر آهي ۽ نه ئي وري علاج لڀيو آهي. هڪ شعلو جنهن مونکي ٻاريو، منهنجي اندر مان نڪتو. جسم جو مدافعاتي نظام Immune system خود ئي جسم تي حملو ڪري، ڀڃ ڊاهه ڪرڻ لڳندو آهي. جيئن ته اها بيماري اوچتوحملو ڪندي آهي، تنهنڪري هڪدم علاج نه ملڻ تي زندگي جو بچڻ محال هوندو آهي. ايف ڪي تي بيماري جا هيستائين ڪيترائي حملا ٿي چڪا آهن. مرض ۾ مبتلا ٽي سيڪڙو ماڻهن تي ان جو بار بار حملو ٿيندو آهي ۽ اهي ئي ٽي سيڪڙو انتهائي خطري جي منهن ۾ هوندا آهن. پهرين حملي جي موقعي تي هن جو بچڻ معجزي کان گهٽ نه هو. ڪيترائي هفتا هو انتهائي نگهداشت جي يونٽ ۾ پيو رهيو. سپنا جيڪا سندس سار سنڀال ڪئي. اهو محبت جو معراج هو. انهن ٽن هفتن ۾ هو ڪيترائي ڀيرا موت جي منهن ۾ ويو، پر هر ڀيري هن جي زندگي جو ڏيئو گُل ٿيندي ٿيندي بچندو رهيو. هن پنهنجي بيماري جي باري ۾ ڪنهن کي به نه ٻڌايو. اها سڄي اذيت هن پاڻ ئي سهڻ جو فيصلو ڪيو. ڪجهه عرصي کانپوءِ هن مون کي اشارن ڪناين ۾ ٻڌايو، پر ان جي تفصيل جي خبر هاڻ اچي پئي. اها بيماري مٿس ڪيترائي ڀيرا حملو ڪري چڪي آهي. ڪجهه هفتا اڳ به مٿس هلڪو حملو ٿيو هو. ان بيماريءَ۾ اعصابي نظام جي خرابي جو اثر دماغ تائين نٿو پهچي. سوچڻ ۽ سمجهڻ جون صلاحيتون به متاثر نه ٿينديون آهن. پر جسم جا ٻيا حصا ساٿ نه ڏين ته ذهن ڪهڙي ڪم جو. مون بيماري جون رپورٽون ڏٺيون ۽ ايف ڪي جون ڳالهيون ٻُڌي صفا ٻُڏي ويس. اهو شخص جيڪو ڳالهائيندو هو ته ڄڻ جادو وکرجڻ لڳندو هو، قلم کڻندو هو ته ڄڻ لفظ نرت ڪندا هجن. جنهن جي ذهانت جي سامهون ڪنهن جي مجال ئي نه هئي. منهنجو دوست اڄ ڪيترو نه بي وس لڳي رهيو هو. اسان شايد زندگيءَ کي مڪمل طور سمجهو ئي نه آهي، اهو جيڪو گوتم ٻُڌ چيوآهي ته ’حياتي ڏک آهي، موت به ڏک آهي، هي سڄي اڻ لکي ۽ بي نشان ڪائنات ڏک آهي.‘ مون ۽ ايف ڪي ڏک سان وڙهڻ جا خواب ڏٺا هئا، پر اڄ اسان مان خود هڪ ڄڻو ڏک جي تصوير بنيو ويٺو آهي. رنج ۽ ڏک، بي وسي ۽ پيڙا، مون کيس دلاسو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مونکي پنهنجا لفظ بي معنيٰ نظر آيا. اسان ٻنهي خاموش رهڻ ئي مناسب سمجهيو. گريبان ڦاڙڻ کانسواءِ به ته ماتم ڪري سگهجي ٿو.
    ”جڏهن منهنجون آڱريون لکي نه سگهنديون آهن، جڏهن منهنجا پير جواب ڏيئي ويندا آهن، جڏهن منهنجي لاءِ حرڪت به ممڪن نه رهندي آهي.... اهي گهڙيون اذيت جون گهڙيون هونديون آهن“. سمهڻ کان اڳ ڪيتروئي وقت اهي لفظ منهنجي ڪنن ۾ پڙاڏو بنجي گونجندا رهيا.


    3.8: ڪڏهن مسافر کي ڇڏيل منزل به ياد ايندي آهي

    ناليواري ڪالم نويس عرفان صديقيءَ جو چوڻ آهي ته جيڪو پاڪستاني ڪنهن ٻي ملڪ جي شهريت اختيار ڪري نئين سرزمين سان وفا جو وچن ڪري ٿو، اهو پنهنجي اندر ۾ هڪ ليڪ وجهي ٿو ڇڏي. ان ليڪ جي هڪ پاسي سندس دل هوندي آهي. سندس مٽ مائٽ، دوست يار، سندس گهر، سندس ساروڻيون، سندس وڏن جون قبرون ۽ ٻي طرف رزق جي ڳولا، آسودگي، خوشحالي، بهتر مستقبل جي اڏاوت، ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جا موقعا ۽ جديد سهوليتن سان گذرندڙ ڏينهن ۽ راتين جو هڪ جهان هوندو آهي. وطن ڪنهن عشق لاحاصل جيان گم يا خواب جيان ڏکندو رهندو آهي. ورهايل انسان کي ڪجهه به اندازو نٿو ٿئي ته پنهنجو وطن رڳو هڪ ڇڏيل منزل ئي رهجي ويو آهي... اها منزل ياد ته ضرور اچي ٿي، پر ان شدت جو غم نٿو بنجي سگهي، جو هو سڀ ڪجهه ڇڏي پنهنجي وطن موٽي اچن... عرفان صاحب جون اهي ڳالهيون غلط ڪونهن... آمريڪا ۾ ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن سان مليس، جيڪي پنهنجن لاءِ پريشان هئا، روئندا به هئا، پر واپس اچڻ جو ارادو نه هئن. پرڏيهه جو پنهنجو حُسن آهي، سٺي زندگي آهي يا وري پاڪستان کان مايوسي آهي. اهي سڀئي ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي صحيح، پر جڏهن ڪجهه ماڻهو اُن ڇڏيل منزل کي تنقيد جو نشانو بنائين ٿا ته افسوس ٿئي ٿو. مونکي اهي سڀ ڳالهيون ان وقت ياد آيون، جڏهن ٻي ڏينهن اسين ٻن پراڻن دوستن سان ملڻ وياسين. رات جو سمهڻ کان اڳ آئون ۽ ايف ڪي ان ڳالهه جو فيصلو ڪري چڪا هئاسين ته اسين سندس بيماري جي باري ۾ ڪجهه به نه ڳالهائينداسين، هن منهنجي موجودگي جي انهن ٻن ڏينهن کي مڪمل خوش گذارڻ ٿي چاهيو. آئون ڀلا کيس ان حالت ۾ ڇا ٿي چئي سگهيس. هونئن به مون سندس هر ڳالهه جو احترام ڪيو آهي. مون وٽ ڪجهه دوستن جا فون نمبر هئا، جن کي منهنجي هت اچڻ جي خبر هئي. اسان فون گهمائي، ملاقات جو وقت ٻيهر طئي ڪيوسين ۽ انهن سان ملڻ جي لاءِ روانا ٿياسين. آئون، ايف ڪي ۽ سپنا... دولت ته آفيس وڃي چڪي هئي. اسين جڏهن شهر جي ٻاهر هاءِ وي تي پهتاسين ته مونکي ياد آيو ته اسين ٽئي هن کان اڳ به اهڙو ئي سفر گڏ ڪري چڪا آهيون.
    اها 2001ع جي ڳالهه آهي، جڏهن آئون بالٽي مور مان پٽس برگ وڃي رهيو هوس، سپنا اُت يونيورسٽي ۾ پڙهندي هئي. آئون آمريڪا آيوس ته هو ٻئي مون سان ملڻ جي لاءِ بالٽي مور پهچي ويا. مونکي ڪيترائي ڪم ڪرڻا هئا. پر هنن منهنجو سامان کڻي پنهنجي گاڏي ۾ اُڇليو ۽ پاڻ سان گڏ پٽس برگ وٺي آيا. هنن ٻنهي جي محبت جا شروعاتي ڏينهن هئا. منجهن هڪ عجيب پاڻ ارپڻ ۽ محبت جو ٻنڌڻ هو. محبت جا شروعاتي ڏينهن به ته ڇا ڏينهن هوندا آهن. پر اهي سدائين گڏ نه رهندا آهن. مون ٻنهي کي هڪ نظر ٻيهر ڏٺو، يارهن سال گذرڻ جي باوجود به هنن ۾ اها ئي محبت ۽ پاڻ ارپڻ موجود هو. مونکي خوشي ٿي رهي هئي ته منهنجو دوست بيماري جي غم جي آڏو هيڻون نه ٿيو آهي. محبت جي شروعاتي خوشبوءِ ساڻس گڏ هئي. اسين سڀ کان پهرين جنهن دوست وٽ پهتاسين، اهو ٽيڪساس ۾ ئي ڊاڪٽر هو. هٿ ملائيندي ئي ائين محسوس ٿيو ته اسين غلط هنڌ تي اچي ويا آهيون. هي شخص اهو ڪونهي جيڪو آئون سڃاڻندو هوس. هن جي رويي ۾ سرد مهري هئي. اسان کي ڪجهه دير اُتي ويهڻو پيو، پر پنهنجائپ جو ماحول پيدا ٿي نه سگهيو. اسين هِتان هُتان جون ڳالهيون ڪندا رهياسين. پر هر ڀيري تان اتي اچي ٿي ٽٽي ته پاڪستان جي ماڻهن کي ڇا ٿي ويو آهي. هي ته اڳيان وڌي نٿا سگهن، ترقي ڪري نٿا سگهن، اسان موڪلائڻ ۾ ئي چڱائي سمجهي. ايندڙ ملاقات به هڪ اهڙي ئي مهربان سان هئي. ان جي رويي ۾ به اها ئي تنقيد ۽ اوپرائپ هئي. شايد اڄوڪو ڏينهن ئي اهڙو هو. هن جو پهريون سوال ئي اهو هو ته اوهين ڪهڙي گاڏي ۾ آيا آهيو.پوءِ هو پنهنجي گهر جون تصويرون ڏيکارڻ لڳو، جيڪو هن ڪجهه ڏيهاڙا اڳ ڏيڍ ملين ڊالرن ۾ خريد ڪيو هو. ٿئٽر، جمنازيم، سوئمنگ پول، الائجي ڇا ڇا هو، سپنا جي صبر جو پئمانو ڇلڪي پيو. ’ڊاڪٽر صاحب باقي ٻيو سڀ ته ٺيڪ آهي، پر اوهين پنهنجي گهر ۾ ڪجهه اوپرا اوپرا نٿا لڳو؟‘ هن هڪ تصوير تي هٿ رکندي چيو. ڊاڪٽر صاحب پڪ سان ڳالهه جي تهه تائين پهچي ويو. البم سنڀالي هڪ پاسي ڪري رکيائين. اسان جلدي جلدي چانهه پي، کانئس موڪل وٺي ٻاهر نڪري آياسين. گاڏي ۾ ويهڻ کانپوءِ اسين ڳچ دير تائين کلندا رهياسين. ظاهر آهي انهن ٻن واقعن کانپوءِ ٽي صاحب وٽ وڃڻ جي ڪير همت ڪري ها. هونئن به سپنا جو خيال هو ته اُن ٿورڙي وقت ۾ مونکي ڊيلس جو سير ڪرڻ گهرجي. هلو ته آئون اوهان کي ان هنڌ وٺي ٿي هلان، جتي مشهور آمريڪي صدر جان ايف ڪينيڊي کي گولي لڳي هئي، اهو ئي جان ايف ڪينيڊي جنهن جو مشهور قول آهي ته:
    Ask not what your country can do for you, ask what you can do for your country.
    (اوهين اهو نه پُڇو ته اوهان جي وطن اوهان کي ڇا ڏنو آهي، پر اوهين اهو ضرور پُڇو ته اوهين کيس ڇا ٿا ڏيئي سگهو.)
    اهو چوندي سندس ذهن ۾ پڪ سان اهي ٻئي همراهه هوندا، جن سان ملڻ کانپوءِ اسان کي پنهنجو وطن ياد آيو. ڊائون ٽائون، ان هنڌ تي پهچڻ جي لاءِ اسان کي هڪ ڪلاڪ ٻيو لڳي ويو. ان هڪ ڪلاڪ ۾ اسان جو موضوع اهو ئي هو ته اسان سڀني پنهنجي پنهنجي وطن کي ڇا ڏنو.... دنيا سوڙهي ٿي رهي آهي، پر هن دنيا مان اها رومانيت اڃا مُئي نه آهي، جيڪا وطن جي لفظ سان وابسته آهي. منهنجي ڪنن ۾ عرفان صديقي جو اهوجملو ٻُرڻ لڳو ۽ آئون انهن ماڻهن جي باري ۾ سوچڻ لڳس، جيڪي پنهنجو وطن ڇڏي پرڏيهه اچي وسيا آهن. انهن مان ڪي پنهنجو وطن وساري چڪا هئا، اُن وطن کي جتي هنن جنم ورتو، جنهن کين پاليو ۽ تاتيو ۽ جنهن جي مٽي هنن جي رڳن ۾ رت بنجي ڊوڙي ٿي.


    3.9: ڪندو ياد مونکي هي سارو زمانو

    سپنا جو خيال هو ته اڄ جي دور ۾ ڪينيڊي جي ڪهاڻي ڪنهن يوناني هيروءَ جي دکدائڪ ڪهاڻي کان گهٽ نه آهي. جان ايف ڪينيڊي آمريڪا جو جواڻ جماڻ سهڻو مقبول صدر. 1963ع ۾ هو ڊيلس جي دوري تي هو، جو هاروي روسوالڊ نالي هڪ قاتل پنهنجي بندوق سان اهڙي ته رٿي گولي هنيس جو پڙ تي ئي پساهه پورا ڪيائين. روسوالڊ اهو ڪم ڇو ڪيو، اهو به هڪ ڳجهه آهي، ان وقت ڪينيڊي جي عمر ڇائيتاليهه سال هئي. صدر چونڊجڻ کان اڳ هو ستن سالن تائين سينٽ جو ميمبر رهيو هو ۽ پوءِ 1960ع ۾ ريپبلڪن اميدوار رچرڊ نڪسن کي شڪست ڏيئي آمريڪا جو صدر چونڊيو. هو اڪيلو آمريڪي صدر هو جنهن کي هڪ بهترين ڪتاب لکڻ تي Pulitzer Prize به مليو. سندس اهو ڪتاب Profiles in courage انهن آمريڪي اڳواڻن جي تذڪري تي مشتمل آهي، جن سياست جي لاءِ پنهنجي نظرين کي قربان ڪرڻ کان نابري واري. پنهنجي ٽن سالن جي صدارتي دور ۾ ڪينيڊي کي ڪيترن ئي قومي ۽ بين الاقوامي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو. ڪيوبا جو گهوٽالو، برلن ڀت، خلائي ڊوڙ، سول رائيٽس جي تحريڪ ۽ ويٽنام جي جنگ جي شروعات. ڪينيڊي هڪ عام مقبول اڳواڻ هو. سندس ڪٽنب کي آمريڪي سياست ۾ خاص مقبوليت حاصل رهي. سندس هڪ ڀاءُ اٽارني جنرل هو ۽ ٻيو سينٽر. ڪينيڊي جي زال جيڪولين هڪ ڄاتل سڃاتل نالو آهي. ان هوندي به سندس مڙس هالي ووڊ جي مشهور اداڪارا مارلن منرو کانسواءِ ٻين ڪيترين ئي بدنام عورتن سان وقت گذاريندو هو، کيس ڪينيڊي سان بي حد محبت هئي. جيڪولين ڪينيڊي جو پاڪستان جو دورو به هڪ يادگار واقعو آهي. فيلڊ مارشل ايوب خان ميزباني جي بهترين روايتن جو مظاهرو ڪيو. کيس بشير ساربان نالي هڪ شخص پنهنجي اٺ تي ويهاري ڪراچي جي ساحل جو سير ڪرايو. ڪينيڊي جي موت کان ڪيترا سال پوءِ جيڪي مشهور يوناني ارب پتي راوناسس سان شادي ڪئي. پنهنجي موت کانپوءِ جيڪي به ڪينيڊي جي ڀر ۾ دفن تي. ڪينيڊي کي ايلن سيگر Alan Seegar جو نظم I have a randezvours with death ڏاڍو وڻندو هو. هاڻ نه ڪينيڊي آهي ۽ نه ئي وري جيڪولين ڪينيڊي، پر هڪ آمريڪي بينڊ انهن ٻنهي جي قبرن تي ڪڏهن ڪڏهن اهو نظم اڃا به وڄائيندو آهي.
    ڪينيڊي 1963ع ۾ آمريڪن يونيورسٽي واشنگٽن ڊي سي ۾ ”دنيا ۾ امن“ جي موضوع تي هڪ يادگار تقرير ڪئي هئي. ڪينيڊي جي ان تقرير جا ڪجهه حصا مون اُت پڙهيا. جيتوڻيڪ ان يادگار تقرير جي لفظن ۽ آمريڪا جي هاڻوڪي حڪمت عمليءَ ۾ کليل تضاد ٿو نظر اچي، پر ڪينيڊي جا ڪجهه جملا ورجائڻ جي لائق آهن.
    World peace, like community peace, does not require that each man love his neighbor… it requires only that they live together in mutual tolerance… our problems are man-made. Therefore, they can be solved by man, and man can be as big as he wants.
    ڪينيڊي جي چوڻ موجب انسان جيترو چاهي عظيم بنجي سگهي ٿو. رڳو انسان ئي ڇو، ڪا به قوم جيترو به چاهي بُلند ٿي سگهي ٿي. ترقي، عظمت عروج ۽ ڪمال، اهي ستارن جي فتني گيريون نه پر اهو سڀ عمل جي تابع آهن، عمل هجي ته زندگي جنت آهي، نه ته جهنم کان به بڇڙي. وڏا ماڻهو ڪير هوندا آهن، وڏي قوم ڪيئن ٿي جڙي. هيٺاهين ۽ مٿاهين جو فلسفو ڇا آهي. مونکي انهن سوالن جو جواب ملي رهيو هو.


    3.10: شام جا ڪجهه مهمان

    ٿوري دير ڊيلس ۾ گهمڻ گهتڻ کانپوءِ ٽپهريءَ ڌاري واپس گهر پهچي وياسين، رات جو ايف ڪي ڪجهه سنگتين کي ڊنر تي ڪوٺيو هو. انهن مان هڪ جو واسطو منگوليا ۽ ٻي جو هندستان سان هو، جڏهن ته باقي هڙئي آمريڪي هئا. هندستان سان واسطو رکندڙ هڪ عورت ڊاڪٽر به هئي. کيس ساڙهي پاتل هئي، اوڀر جو خوبصورت نمونو. هن جي ڳالهين ۾ ۽ لهجي ۾ مٺاس هئي. هن جو نالو گيتا هو. کيس آمريڪا ايندي يارهن سال ٿي چڪا هئا، پر کيس اردو ادب ۽ شاعريءَ سان لڳاءُ اڃا سوڌي برقرار هو. سندس ڳالهين سان ست سمنڊ پار دهلي جي ياد تازي ٿي ويئي، اها دهلي جي ياد ان ڀيٽا جي ياد هئي، جنهن جو نالو اردو آهي. چاندني چوڪ، درگاهه حضرت نظام الدين ۽ مرزا غالب ۽ وري داغ ۽ فراق جا سٺا سٺا شعر.
    کھلتا کسی پہ کیوں میرے دل کا معاملہ،
    شعروں کے انتخاب نے رسوا کیا مجھے۔
    آمريڪي مزمانن کي شعرن جو مفهوم سمجهائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو. شعر ڪو لفظ ته ڪونهي، جنهن جو ترجمو ڪري ڇڏجي. شعر ته واقعي ۽ ڪيفيت جو نالو آهي. شعر ته هڪ تهذيب آهي. هن جي ڳالهين سان شام وڌيڪ سُندر ٿي ويئي. پاڪستان جي باري ۾ ماڻهن ڪيترائي سوال پُڇيا. ڪي ته ڏاڍا ڏکيا هئا، ته ڪي وري ڏاڍا دلچسپ به. غربت، بي روزگاري، بک ۽ محرومي، انهن سڀني تي عالمي تناظر ۾ ڳالهيون ٿيڻ لڳيون. ٻه ارب ماڻهون پُٺ تي ڇو رهجي ويا آهن. کين بنيادي گهرجون، صحت، تعليم، گهر، ماحول ميسر ڇو ڪونهي. اهي سڀ مٿين طبقن تائين محدود ڇو آهن... ڇا انهن ڏکن جو ڪو نبيرو آهي. اخوت جو به مختصر تعارف ٿيو.
    هڪ همراهه اسلام جي تصور ”مواخات“ کي مارٽن لوٿر ڪنگ جي ڀائيچاري Brother hood جي پيغام سان جوڙيو. سندس چوڻ هو ته مارٽن لوٿر ڪنگ جي جدوجهد سنهري لفظن ۾ لکڻ جي لائق آهي. مون کي خوشي ٿي ته اسين جنهن مواخات جو ذڪر ڪريون ٿا، اهو ڪو اوپرو تصور نه آهي. مون جڏهن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هزارين ماڻهو ان تصور تحت، ضرورتمندن جو گهرجون پوريون ڪرڻ جي خواهش رکن ٿا ته اهي ڏاڍا حيران ٿيا. اسان سماج جون سٺيون ڳالهيون ماڻهن کي تمام گهٽ ٻڌايون آهن. مانيءَ کانپوءِ ڳالهين جي هڪ ٻي ويهڪ ٿي. مونکي گهڻو ڪجهه سمجهڻ جو موقعو مليو. ڊاڪٽر گيتا جي ڳالهه ٻولهه سڀني تي ڀاري هئي. هن جي گفتگوءَ ۾ سڀ لفظ ۽ استعارا پنهنجائپ جي خوشبوءِ سان موجود هئا. آئون خواهش جي باوجود به گيتا کي ڪجهه وڌيڪ دير ترسڻ جي لاءِ چئي نه سگهيس. سٺيون گهڙيون به واريءَ جيان آهن، بند مٺ مان به وهي وينديون آهن. مزمانن موڪلائڻ جي ڪئي، انهن مان هڪ ٻن کي ٻه سؤ چاليهه ڪلوميٽر پري وڃڻو هو. اسين کانئن موڪلائي واپس ڊرائنگ روم ۾ آياسين. ايف ڪي جي چهري تي ٿڪاوٽ ظاهر ٿيڻ لڳي هئي. رنج سان منهن ڏيڻ به ته رنج جو هڪ علاج آهي. اسان ٿوري دير جي لاءِ ٻيهر ڪاليج جي ساروڻين ۾ پناهه ڳولهي. گورنمينٽ ڪاليج جو اوپن ايئر ٿئٽر ۽ بخاري آڊيٽوريم، يادن جا موتي ڪٿي ڪٿي وکريل هئا. اسان ڪيترن ئي سندر ڏينهن ۽ ڪيترن ئي سٺن ماڻهن کي ياد ڪيو. منهنجي امڙ جو ذڪر ٿيو ته ايف ڪي جون اکيون ڀرجي آيون. هو سندس وڏو احترام ڪندو هو. هو سندس آخري گهڙين جي باري ۾ پُڇڻ لڳو. هڪدم ماضيءَ جون ڳڙکيون کليون ۽ اهو منظر نظر اچڻ لڳو، جڏهن آئون امڙ کي دنيا مان رخصت ڪري رهيو هوس. ان منظر ۾ به اخوت جي تصوير جڙيل آهي. اٺ سال اڳ اهو ئي اپريل جو مهينو هو.


    3.11 شل توتي هرگهڙيءَ رحمتون وسن

    17 ۽ 18 اپريل 2004ع
    منهنجي جيون ۾ اهي ڏينهن غم سان ڀرپور هئا. 17-اپريل جي شام جو وقت جڏهن منهنجي مٺڙي جيجل امڙ جي زندگي جي دروازي تي موت کڙڪو ڪيو. هو رڌڻي ۾ بيٺي پاڻي پي رهي هئي، جو پٽ تي ڪري پيئي ۽ وڃي رب کي پرتي. اهو سڀ اوچتو ٿيو، کيس نه ڪا تڪليف هئي نه ڪو ڏک، نه ئي وري ڪا ڊگهي بيماري، کيس هڪدم اسپتال پهچايو ويو، پر هوءِ ته ڪڏهوڪي موڪلائي چڪي هئي. اوچتو ئي اوچتو محرومي جي ڪاري رات مون کي پنهنجي هنج ۾ گهيري ورتو. ائين لڳم ڄڻ منهنجو ارڪو ترڪو چٽ ٿي ويو ۽ ڏک، غم ۽ بي يارو مددگار هئڻ جو زوردار احساس منهنجي وجود کي گهيري ورتو. امڙ بي حد سادي ۽ دردمند انسان هئي. کيس مذهب سان وڏو لڳاءُ هو.پنهنجي سڀاءُ۾ نرم ۽ هر وقت، هر ڪنهن جي مدد ڪرڻ ۽ ڪم اچڻ جي لاءِ تيار هوندي هئي، ڪاش هن جي گُڻن مان ڪي گُڻ اسان کي به پلئه پون ها. سترهين اپريل جي اها رات ڏک ۽ پيڙاءُ جي رات هئي. ارڙهين تي کيس مٽي ماءَ جي هنج ۾ ليٽائڻون هو. عجيب اتفاق هو، جو اُن ئي ٽپهري کانپوءِ ”اخوت“ جي هڪ تقريب به هئي، جنهن ۾ صدر پاڪستان خاص مهمان هو. اها تقريب گورنر هائوس ۾ ٿي رهي هئي. گورنر، وزيراعليٰ، ڪورڪمانڊر ۽ سوين ٻيا مزمان جن ۾ اڻ ڳڻيا ڊونرس به شامل هئا ۽ تنهن کانسواءِ اهي ڪيترائي بهادر ڪٽنب، جن اخوت کان قرض وٺي پنهنجي خوشحاليءَ جي رستي جي تعمير ڪئي هئي. ٽن سؤ ماڻهن تي مشتمل اها تقريب اخوت جي لاءِ پيڙهه جي پٿر واري هئي. پر امتحان اڳيان هئا. امڙ جي آخري رسمن ۾ شامل رهان يا ان فرض کي نباهيان، جيڪو اخوت منهنجي ڪلهن تي وڌو آهي. هڪ عجيب ڇڪتاڻ ۽ بي چيني هئي، پنهنجي ذات جو ڏک يا هڪ وڏو ڏک.
    فيصلو اهو ٿيو ته پنهنجي ڏک جي گهيري مان نڪرڻ ئي اصل زندگي آهي، امڙ کي پنهنجن هٿن سان مٽي جي حوالي ڪيو. ڪپڙا ڇنڊيم ۽ تقريب ۾ وڃي پهتس، ٻه ڪلاڪ ضبط جي بيان کان ٻاهر ڪيفيت ۾ گذريا. مونکي ائين لڳو ته منهنجي امڙ مون سان گڏ ۽ خوش به آهي ته مون سندس غم کي هڪ وڏي غم جي سامهون جهڪائي ڇڏيو. منهنجي ڪپڙن تي لڳل مٽي ڏسي ڪجهه ماڻهو حيران به ٿيا، پر ڪنهن کي به ان ڳالهه جو پتو پئجي نه سگهيو ته آئون سڌو قبرستان مان هت پهتو آهيان ۽ پنهنجي ماءُ کي مڻين مٽيءَ جي هيٺان سمهاري ڏک ۽ پيڙاءُ جو هڪ بار کڻي اسٽيج تي صدر پاڪستان سان گڏ ويٺو هوس. پنجاب جي گورنر ۽ پاڪستان جي صدر اخوت جي تصور ۽ خدمتن کي ساراهيو، پنهنجي سهڪار جو يقين ڏياريو. ڪيترن ئي ماڻهن عطين جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ صدر ۽ سندس امڙ جا ٽي لک روپيا به شامل هئا. مون ٿورن لفظن ۾ مزمانن جا ٿورا مڃيا، ان دوران مونکي پنهنجي امڙ جو ٻاجهارو ۽ مهربان چهرو ياد ايندو رهيو. ڏک جون لهرون دل جي نازڪ رڳن سان ٽڪرائجي دل ۾ ئي جذب ٿينديون رهيون.
    انهن ٻن ڪلاڪن مون کي گهڻو ڪجهه سيکاريو. بي ثباتي، خود اختياري ۽ بي نيازي، مونکي ان ڏينهن خبر پئي ته اخوت سان منهنجو عشق ڪيترو نه اونهون آهي ۽ اهو به ته پنهنجو ڏک وسارڻ ۾ ڪيتري نه لذت آهي. ڪجهه ماڻهن منهنجي اُن طريقي تي حيرت جو اظهار ڪيو. ڪجهه ماڻهن چيو ته توکي ائين ئي ڪرڻ گهرجي ها، اهي ماڻهو مون کي ڏاڍا سٺا لڳا، جو هو اُن ديوانگي کي سڃاڻي چڪا هئا، جنهن جو نالو ”اخوت“ آهي، تقريب پُڄاڻي تي پهتي، آئون واپس گهر پهتس، ماڻهو تعزيت جي لاءِ ايندا رهيا. آئون مطمئن هئس ته دردمندي جي جيڪا سوکڙي امڙ ڏني هئي، الله تعاليٰ ان غم کي غم جي حوالي ٿيڻ کان بچائي ورتو. اهو ته الله ئي آهي، جيڪو سڌي رستي تي هلائي ٿو، ڪرڻ کان بچائي ٿو ۽ اونداهي رات ۾ روشني پکيڙي ٿو. مون ايف ڪي کي اها سڄي ڪهاڻي ٻڌائي. ڪجهه لڙڪ لڙيا ۽ پوءِ ڊگهي ماٺار ڇانئجي ويئي. ڏک جي اظهار جا سوين طريقا آهن.


    3.12: ڪيڏو آهي شور فضا ۾

    صبح ٿيو ۽ ٻي منزل ڏانهن رواني ٿيڻ جي تياري شروع ٿي ويئي. اڄ مونکي نارٿ ڪيرولينا جي شهر ’هاءِ پوائنٽ‘ ذڪي الدين خليفه وٽ وڃڻو هو، جيڪو اخوت جو وڏو مداح ۽ ساٿي آهي. ذڪي صاحب انهن ماڻهن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، جيڪي سراپا نيڪي آهن. سامان ته اسان رات ئي ٻڌي ڇڏيو هو.اَلل وهاڻيءَ جو موڪلائڻ مهل سپنا ۽ دولت کي الوداع چيم. دولت ته گلي ۾ پئجي جهولڻ لڳي. هن جو معصوم ۽ خوبصورت ڳالهيون دل کي وڻي رهيون هيون. هن ڏاڍي پيار سان هڪ ڏينهن وڌيڪ ٽڪڻ جي لاءِ چيو، پر اهو شايد ممڪن نه هو. کيس ڪهڙي خبر ته مون کي پاڻ هتان ايتري جلدي وڃڻ جو ارمان آهي. ايئرپورٽ طرف روانا ٿياسين. ڊيلس انٽر نيشنل ايئرپورٽ جي عمارت تمام وڏي آهي. آئون ۽ ايف ڪي ڳالهين ۾ ايترو ته محو هئاسين جو ٻه گهمرا غلط ٽرمينل طرف وڃي نڪتاسين. نيٺ صحيح رستو هٿ اچي ويو. تلاشي وري تلاشي ۽ پوءِ جهاز ۾ ويهڻ جا مرحلا، جهاز ڏاڍو ننڍو پر ڏاڍو سهڻو هو، چند ئي گهڙين کان پوءِ اسين فضا ۾ اُڏام ڪري رهيا هئاسين. هاءِ وي پوائنٽ تائين ڏيڍ ڪلاڪ جو سفر هو، مسافر به ڪي ججها نه هئا. آئون گذريل ڏينهن جي باري ۾ سوچڻ لڳس. ڊيلس ۾ گهاريل وقت عجيب ڪيفيت ۾ مبتلا ڪري ويو هو. هڪ عجيب بي چيني اندر ۾ محسوس ٿي رهي هئي. ماضي جو لڀجڻ انتهائي وڻندڙ هو. ٽيهه پنجٽيهه سال اڳ جا واقعا دل کي خوشي ۽ ٿڌاڻ ڏيئي رهيا هئا، ننڍپڻ جي بي اُلڪائي ۽ پوءِ پراڻا خواب ۽ ان آئيڊيلزم جو ذڪر جيڪو جواني جو طور طريقو آهي. ائين لڳو ڄڻ اخوت انهن سڀني خوابن جو شروعاتي نقطو آهي. ٻي پاسي ايف ڪي جي علالت جي خبر مون تي وڄِ بنجي ڪري. خوشي ۽ پيڙاءُ گڏوگڏ هلندا رهيا. اها ئي ته زندگي آهي. سندس بيماري تي جان نثار اختر جو هڪ پراڻو شعر ياد اچي ويو.
    ساری دنیا کے مریضوں کو شفا دے یا رب!
    آج معلوم ہوا ہے کہ علالت کیا ہے۔
    ڏک بس ان ڳالهه جو هو ته، هُو پنهنجي صلاحيتن سان انصاف نه ڪري سگهيو. هن جا گُڻ هڪ موذي مرض جي ور چڙهي ويا. هن ڀرپور زندگي گهاري ۽ پوءِ سپنا جي رفاقت ۾ زندگي جا سُندر ڏينهن. پر هو ڏکارو هو ته سندس زندگي ۾ اهي لازوال خوشيون شامل ٿي نه سگهيون. جن جو واسطو ٻين جي ذات سان آهن. هن تبديلي ٿي چاهي، هن سياست جي پُر پيچ پيچرن تي هلڻ ٿي چاهيو، پر ائين ٿي نه سگهيو. فضائي ميزبان اڳيان وڌي پاڻي ڏنو ته مونکي ان ڪيفيت مان نڪرڻ ۾ مدد ملي. مرڪ جو هڪ هلڪو ڏيئو ٻريو. هوا جو رخ ڪنهن ٻي پاسي مُڙڻ لڳو. انهن ماڻهن طرف، جيڪي تبديليءَ جي لاءِ سياست جي واٽ وٺن ٿا. اهڙي ئي هڪ شخص جو نالو ڊاڪٽر خليفه شجاع الدين آهي. جيڪو سياستدان به هو ته دانشور به ۽ هڪ وڏو انسان به هو.


    3.13: هڪ چڻنگ

    ڪيترا ماڻهو آهن جن کي خليفه شجاع الدين جو نالو ياد هوندو؟ اڻويهين صدي جا پڇاڙڪا سال، سال 1887ع، لاهور جي مشهور موچي دروازي ۾ آباد هڪ ناليري علم دوست خيلفي گهراڻي ۾ هڪ ٻارڙي جنم ورتو، پيءُ تعليم کاتي ۾ آفيسر ۽ ڏاڏو ’انجمن حمايت اسلام‘ جو باني صدر هو. ان کان وڌيڪ ڀلا ڪا ٻي معتبر حيثيت ڪهڙي هوندي. علمي ۽ ديني ماحول ۾ پهريائين قرآن پاڪ حفظ ڪيائين ۽ پوءِ سينٽرل ماڊل اسڪول، اسلاميه ڪاليج، گورنمينٽ ڪاليج، پنجاب يونيورسٽي، ڪيمبرج، لنڪن ۽ پوءِ ڪينٽبري مان قانون ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائين. اهو سڀ ڪجهه اٺاويهين سالن جي وهيءَ ۾ مڪمل ٿي ويو. اهو جيئن مير چيو آهي ته:
    کام تھے عشق میں بہت پر میر،
    ہم ہی فارغ ہوئے شتابی سے۔
    وطن واپسي تي قانون جي پرئڪٽس، سماجي ۽ سياسي سرگرمين ۾ لڳي ويو. علمي ۽ فڪري جهاد ۾ لاهور جي ميونسپل ڪمشنر کان وٺي پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر بنجڻ تائين، ڪاميابي جي اها ڪهڙي منزل هئي جيڪا خليفي شجاع الدين طئي نه ڪئي. دولت به ڪمايائين ته نالو به، پر غيرت کي سدائين اهميت ڏنائين.سياست جي تلاءَ ۾ ڪنول جي گل جيان اجرو ۽ منفرد رهيو. هن زندگي ۾ جيڪي چار عهدا ماڻيا، انهن تي ڪوبه فخر ڪري سگهي ٿو. اسلاميه ڪاليج جو اعزازي پرنسپل (43-1942ع) لاهور هاءِ ڪورٽ بار جو صدر (50-1946ع) انجمن حمايت اسلام جو صدر (55-1947ع) ۽ پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر (55-1951ع). اهي عهدا سندس علمي، سماجي ۽ سياسي خدمتن جو ڦل هئا. انهن عهدن تي رهندي هن جيڪي خدمت جون روايتون قائم ڪيون، اهي اڄ به روشن راهه آهن. هو پنجاب اسيمبلي جو واحد اسپيڪر هو، جنهن نه سرڪاري گاڏي ورتي ۽ نه ئي پگهار ورتي. ان عهدي تي رهندي سندس گهر تي جيڪي به تقريبون ٿيون، انهن جو سڄو خرچ هن پنهنجي کيسي مان ادا ڪيو. هن جي سفارش تي ڪنهن به نااهل کي نوڪري نه ملي ۽ نه ئي وري ڪنهن جو ناجائز ڪم ٿيو... هن نه پلاٽ ورتو ۽ نه ئي پرمٽ، نه ذاتي مشهوري ۽ نه ئي وري پوش... پوش جون هڪلون. جڏهن هُن هِن فاني جهان مان موڪلايو ته پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر هو. رات جو ٻارهين بجي سيني ۾ سور ٿيس ته بيگم کي سڏيائين ۽ چوڻ لڳو، هاڻ پاڻ موڪلايون ٿا. ٻي ئي گهڙيءَ اکيون ٻوٽيائين ۽ وڃي ڌڻيءَ کي پرتو. دنيا جي مال ۽ دولت کي هيچ سمجهڻ وارا هن جهان مان ائين ئي موڪلائيندا آهن. صداقت، امانت، ديانت، ڪنهن کي اهو تصور ڏسڻو هجي ته خليفي شجاع الدين کي ڏسي سگهي ٿو. بهادر بي باڪ ۽ اڻٿڪ جدوجهد ڪندڙ. زندگي جا آخري سال انجمن حمايت اسلام جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين. اهو اعزاز به سندس ڪٽنب کي حاصل آهي ته ڏاڏو به انجمن حمايت اسلام جو صدر هو ته پوٽو به. مولانا صلاح الدين احمد چيو، خليفي شجاع جو صدارتي عرصو انجمن جو سونهري دور آهي. هن نه رڳو انجمن جي بگڙيل حالت کي سڌاريو، پر ان ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو. ڏسندي ئي ڏسندي انجمن جي خدمتن جو دائرو پکڙبو ويو. بيواهن، يتيم ٻارن، بي سهارا يتيمن جي ڪفالت کان وٺي نوجوانن جي تعليمي گهرجن جي پورائي تائين، اهڙا اڻ ڳڻيا نيڪ ڪم ٿيندا ويا... انجمن جي تاريخ تي هن جي خدمتن جا يادگار چٽ ابد تائين قائم رهندا. ان کان وڌيڪ ڀلا ٻي معتبر گواهي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. رهي سياسي زندگي ته اها ڪهاڻي پنجاب اسيمبلي جي ايوان ۾ محفوظ آهي. هڪ ڀيري لياقت علي خان شڪايت ڪئي ته پاڪستان ۾ اهليت وارا ماڻهو ملن ئي نٿا. خليفي شجاع الدين جو جواب هو... ’اوهان ۽ اوهان جي ساٿين قابل شخصن جو گهيرو تنگ ڪري رکيو آهي. اوهان جي نظر ان کان ٻاهر نٿي وڃي ته پوءِ اوهان کي اهل شخص ڪيئن ملندا.‘ صاف گوئي، منهن تي چئي ڇڏڻ، خودداري، بي نيازي ۽ توڪل، هو انهن سڀني گڻن جو گلدستو هو. هاڻ ته اهي گُڻ ڳولهيو به نٿا لڀن. جڏهن سياست جو مقصد دولت ۽ خدمت جو محور پنهنجي ذات بنجي وڃي ته خليفو شجاع الدين جنم نه وٺندو آهي. اهڙا ماڻهو فقط انهن قومن ۾ ڄمندا آهن، جيڪي شڪرگذار هجن اتفاق پسند هجن ۽ حڪمرانن جي احتساب جي جرئت رکندڙ هجن. سر شفيع محمد، سر فضل حسين، سر محمد اقبال، سر عبدالقادر، سر شهاب الدين جهڙا انسان ته امتحان جي طور تي ڏنا ويندا آهن، ۽ پوءِ سزا طور واپس ورتا ويندا آهن. سڄي ملڪ جي ڪابه گهٽي يا رستو، ڪو به شهر شجاع الدين جي نالي منسوب ٿيل ڪونهي. جڏهن شهر واسي ڌڪڙ ۽ ڌمچر مچائيندڙ ناچڻين ۽ ڳائڻن کي مسند تي ترجيح ڏين ته پوءِ اهو ئي ٿيندو آهي. هزارين فوٽ اوچائي تي سوچ جو رخ خليفي شجاع الدين ڏانهن ڪيئن مڙيو. بي داغ ۽ بي غرض خدمت جو حامل اهو شخص ڇو ياد آيو. ان لاءِ ته اسان جي ايندڙ منزل هاءِ پوائنٽ ۾ اسان جي ميزبان جو نالو خليفو ذڪي الدين هو ۽ ذڪي الدين، خليفي شجاع الدين جو پوٽو هو.


    3.14: خليفو ڪي الدين

    سؤ پيڙهين کان اسان جو پيشو سپاهه گيري آهي.
    جهاز جي ڦيٿن هوريان هوريان زمين کي ڇهيو ۽ ڪجهه گهڙين کانپوءِ اسين پنهنجو سامان کڻي رهيا هئاسين . ايئرپورٽ تي ذڪي الدين پال روايتي مُرڪ سان موجود هو. اها ئي گرمجوشي ۽ نوڙت. هن اڳيان وڌي منهنجو سامان کڻڻ چاهيو، کيس روڪڻ جي لاءِ گهڻو زور ڀرڻون پيم. ڪجهه ئي گهڙين کانپوءِ اسين گاڏيءَ ۾ ويٺا هن جي آفيس ڏانهن وڃي رهيا هئاسين. ”اهو 1976ع جو ڪو اهڙو ئي ڏينهن هو، جڏهن آئون هڪ نئون خواب کڻي هن ايئرپورٽ تي لٿو هئس، منهنجي کيسي ۾ رڳو چاليهه ڊالر هئا ۽ چاليهه ڊالر ان سپني جي ساڀيان واسطي تمام گهٽ هئا.“ ذڪي صاحب مونکي ٻڌايو، پر هن اهو نه ٻڌايو ته انهن چاليهن ڊالرن کانسواءِ وٽس ٻيو به گهڻو ڪجهه هو. يعني محنت ۽ ايمانداري جو اهو جذبو، جيڪو سندس وڏڙن جي نشاني هو. ذڪي صاحب ڪم ۾ لڳي ويو. هن نه ڏينهن ڏٺو نه رات، نيٺ محنت رنگ لاٿو ۽ رستا ڪشادا ٿيڻ لڳا. هن ڪيترائي ننڍا ننڍ ڪم ڪرڻ کانپوءِ غاليچن جو ڪاروبار شروع ڪيو. ٽيهن سالن تي ٻڌل ان ڪهاڻي کي ڪجهه لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن نه هو. تت اهو ته ڏسندي ئي ڏسندي هو آمريڪا ۾ غاليچن جو وڏو واپاري بنجي ويو. جنهن دوڪان کان ڪم شروع ڪيو هئائين، هوريان هوريان اُن سان لڳ سڀ دوڪان خريدي ورتائين. 2001ع ۾ اوچتو خيال آيس ۽ اهي دوڪان جن جي ماليت ان وقت ٽن ملين ڊالرن جي لڳ ڀڳ هئي، شهر جي” ايوان تجارت“ کي عطيو ڪري ڇڏيائين. سڄو شهر حيران ٿي ويو ته هي ڪهڙو واپاري آهي، جنهن ڪروڙين روپين جي مليڪت اجنبي شهر ۾ اهو چئي ورهائي ڇڏي ته، مون جيڪو ڪمايو اهو به هن شهر جي مٽي مان ڪمايو، هاڻ هن شهر جي ترقي ۾ منهنجو حصو پتي به هئڻ گهرجي. هاءِ پوائنٽ شهر، ذڪي صاحب تي پنهنجي محبت جا دروازا اُپٽي ڇڏيا. ايوان تجارت جي ڪتاب ۾ لکيل هي سٽون آمريڪا جي رهواسين پاران هڪ پاڪستاني کي خراج عقيدت آهن.
    Everyone in high Point knows that their city indeed improved because a special person came from Pakistan on July 4, 1976 and now calls high Point his home. His gift has provided and will continue to provide, an example for each of us to follow. He is a true citiez. Of the world, a prime example of a wonderful Corporate Citizen. Who cares about his community and is taking action to validate his belief.
    مون انهن ٻن ڏينهن ۾ ذڪي صاحب لاءِ ان شهر ۾ وڏي عزت ڏٺي. هو ڪنهن چوڪ تي بيهندو هو ته ماڻهو کيس ذڪي ذڪي ڪري، ويڙهي ويندا هئا. هاءِ پوائنٽ ايوان تجارت جي صدر ٽام والٽ جو چوڻ هو ته هو گذريل پنجويهن سالن کان ايوان سان لاڳاپيل آهي، پر ايوان کي هيڏو وڏو عطيو اڄ سوڌو ڪنهن به نه ڏنو آهي. منهنجو فخر سبب ڳاٽ اوچو ٿي ويو. مون کي لڳو ته ذڪي الدين اڪيلي سر ئي انهن سڀني پاڪستانين جي ڏوهن جو ڪفارو ادا ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي آمريڪا ويندا آهن ۽ پوءِ ڪريڊٽ ڪارڊ ۽ هُنڊي جي نالي تي ڦرمار جي بازار گرم ڪري ڇڏيندا آهن. مون جڏهن کانئس پڇيو ته اهو ڪهڙو جذبو هو، جنهن کيس ان طرف جهڪايو ته هن ڏاڍي سادگي سان جواب ڏنو.
    I feel that everyone has a responsibility to try to leave world a better place than they found it.
    ذڪي صاحب کي آمريڪا جي پنجاه سُٺن واپارين جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ذڪي صاحب جو ڪاروبار اڄ ان عروج تي ڪونهي، جهڙو پهرين هو، پر سندس هاڻوڪو شوروم به هڪ لک چورس فوٽن تي مشتمل آهي. آئون اُن جي سار سنڀال ۽ پکيڙ ڏسي حيران ٿي ويس. ان ۾ ڪيترائي اهڙا ايراني غاليچا ڏٺم، جن جو ملهه ٻن کان ٽي ڪروڙ روپيا هو. اهڙيون شيون گڏ ڪرڻ اميرن جا شاهاڻا شوق آهن، اها سڀ دولت جي ريل ڇيل ۽ شوق جي ڳالهه آهي. جيڪي ماڻهو انساني هٿن سان ٺهيل قيمتي غاليچن ۾ موڙي سيڙائين ٿا، خليفو ذڪي الدين انهن جي لاءِ هڪ ڀروسي جوڳو نالو آهي. اهو نالو نه رڳو آمريڪا پر سڄي دنيا ۾ هڪ معتبر حوالو آهي. خليفي شجاع الدين جي پوٽي کي ائين ئي هئڻ گهرجي ها. هڪ پاڪستانيءَ کي به ائين ئي فياض، دردمند ۽ ديانتدار هئڻ کپي.


    3.15 هاءِ پوائنٽ شهر ۾

    اسان کي ايئرپورٽ کان هاءِ پوائنٽ پهچڻ ۾ اڌ ڪلاڪ لڳو. اسين سڀ کان پهرين ايوان تجارت جي آفيس پهتاسين. هيءَ اها ئي عمارت هئي، جتي ذڪي صاحب پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو هو ۽ عروج تي پهچڻ کانپوءِ اها شهر واسين کي سوکڙي ڪري ڏيئي ڇڏيائين. ايوان تجارت جي صدر ۽ اسٽاف سان ملاقات ٿي. هنن جي اکين ۾ ذڪي صاحب جي لاءِ وڏو احترام هو. ”ايوان تجارت“ جي صدر ”ٽام بي والٽ“ ڄڻ وڇائبو پي ويو. مانجهاندي کانپوءِ هو اسان کي شهر جي سڀ کان خوبصورت ڪلب ۾ وٺي ويو، اهو لاهور جيمخاني جهڙو ڪلب هو. شهر جا ڪيترائي معززين اُتي موجود هئا. ذڪي صاحب کي ڏسي ڪيترائي ماڻهو پنهنجين ڪرسين تان اُٿي اچي ساڻس مليا. سندس اها پذيرائي ڏسي مونکي ڪا خوشي ٿي ڇا! مونکي لڳو ته اها پاڪستان جي عزت افزائي آهي. مانجهاندي جي دوران ٽام سان ڳالهيون مُهاڙيون ٿينديون رهيون. مون هڪ ڪلاڪ ۾ کيس اخوت جو سڄو فلسفو پڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي. ”فياضي ۽ ايثار جي اها ڪهاڻي ٻُڌي مونکي ڪا حيرت نه ٿي آهي، جو ثبوت اڳ ۾ ئي منهنجي سامهون موجود آهي“. هُن ذڪي صاحب ڏانهن اشارو ڪندي چيو. مون ٽام کي اهو به ٻُڌايو ته اخوت جي شروعات لاهور جي هڪ اهڙي ئي ڪلب ۾ مانيءَ جي هڪ دعوت تي ٿي هئي. ذڪي صاحب جهڙن ڪجهه ماڻهن چيو ته اسين دنيا کي پهرين کان به سٺو بنائڻ ٿا گهرون، اسين چاهيون ٿا ته جڏهن الله تعاليٰ جي روبرو پيش ٿيون ته ڪجهه ته هڙ ۾ هجي. ماني کانپوءِ اسين ”ذڪي اورينٽل رگر“ جي آفيس ۽ شوروم روانا ٿياسين. ذڪي صاحب سڄو شوروم ڏاڍي شوق سان ڏيکاريو، ڪجهه گراهڪن سان ملرايو. مونکي سندس ڪم ڏسي حيرت پي ٿي. محنت ته تمام گهڻا ماڻهو ٿا ڪن، پر قبوليت ڪنهن ڪنهن کي ٿي ملي. اهو سڀ ڪجهه سندس نيڪ نيتي جو ڦل هو. سندس گهرواريءَ جو واسطو هندستان سان هو. جيڪا بي حد مهذب، سگهڙ ۽ ديندار عورت آهي، هوءَ به ڪاروبار ۾ ذڪي صاحب جو هٿ ونڊائيندي آهي. اسان ڪجهه دير وڌيڪ شوروم ۾ گذاريو. ذڪي صاحب پنهنجي ڏاڏي جون ڪجهه تصويرون ڏيکاريون. خليفو شجاع الدين هڪ ڀيرو هڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ آمريڪا آيو ته کيس وائٽ هائوس ۾ خصوصي دعوت ڏني ويئي.
    شوروم مان نڪري اسان اُن شهر کي گهمڻ لڳاسين، جتي هڪ پاڪستاني کي ان داتا سمجهيو وڃي ٿو ۽ پوءِ ڪجهه سهڻن رستن تان لنگهندا اسين سندس گهر پهچي وياسين . وڻن، ولين ۽ گلن ۾ گهيريل ننڍڙو خوبصورت گهر، مون ٿوري دير آرام جي اجازت گهري ۽ ذڪي صاحب واپس آفيس هليو ويو. ڪيترن ئي ڏينهن جي اڻ پوري ننڍ ۽ مڪمل ٿڪاوٽ، ڪلاڪ کن آرام ڪرڻ کانپوءِ دور ٿي ويئي. ذڪي صاحب جي واپسي ۾ ٿوري دير هئي، تنهنڪري مون جوگرز وڌا ۽ پنڌ (Walk) ڪرڻ جي لاءِ نڪري پيس. هاءِ پوائنٽ هڪ ننڍي پر صاف سٿري ۽ ويڪرن رستن واري آبادي هئي. شام لڙڻ سان ئي ڇانورا ۽ پکين جي چهه چهه جو آواز اچڻ لڳو. گهر جو رستو ياد ڪري آئون گهڻو اڳتي نڪري ويس. اهو سڄو وقت اهو ئي سوچيندو رهيس ته آمريڪا ايندڙ هر پاڪستاني ذڪي صاحب جهڙي عزت ڇو نه ڪمائي؟ ڇا اصل عزت ۽ عظمت ڪردار ۾ نه آهي! واپس پهتس ته وڌيڪ تازو ۽ فريش ٿي چڪو هوس. ذڪي صاحب به پهچي ويو، بي حد لذيذ کاڌو اسان جي اوسيئڙي ۾ هو. ماني کانپوءِ ڳالهيون ۽ اخوت جي ڪهاڻي جو ايندڙ باب شروع ٿيڻ لڳو.


    3.16: غاليچن جا واپاري

    ذڪي صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات پنج سال اڳ ٿي هئي. هو انهن ڏينهن آمريڪا مان پاڪستان آيو هو. پاڻ پاڪستان ۾ ڪيترن ئي ماڻهن ۽ ادارن سان گڏيو. غربت جي وڌنڌڙ اونداهي ۾ هن ڪو ڏيئو ٻارڻ ٿي چاهيو پوءِ هن سوچيو ته بنگلاديش وڃي ”گرامين بئنڪ“ جي باني ڊاڪٽر محمد يونس سان گڏجي ۽ کيس چوي ته هو پاڪستان ۾ به ڪنهن اهڙي ئي بئنڪ جي شروعات ڪري. ان دوران سندس ملاقات اخوت جي هڪ سڄڻ ۽ ساٿي ڊاڪٽر عبدالرزاق سان ٿي ته ڊاڪٽر صاحب کيس اخوت جي باري ۾ سُڻايو ۽ کيس چيو ته هو بنگلاديش ڀلي وڃي، پر پهرين اخوت وارن سان به گڏجي، شايد سندس سپنن جي ساڀيان ٿي پوي. ائين ذڪي صاحب جي اخوت سان دلچسپي شروع ٿي. منهنجي ذڪي صاحب سان پهرين ملاقات لاهور چيمبرس آف ڪامرس ۾ ٿي، جتي مونکي هڪ سيمينار ۾ شرڪت ڪرڻي هئي، ذڪي صاحب به اُت دعوتيل هو. تقريب جي پُڄاڻيءَ تي هڪٻئي سان هٿ ملايوسين ۽ ٻي ملاقات جي لاءِ وقت طئي ٿيڻ لڳو. هن اسان جي آفيس ۾ اچڻ جو وچن ڪيو، مقرر ڏينهن تي پاڻ ڪجهه دوستن سان گڏ اخوت جي آفيس پهتو. ڊگهي بريفنگ اسٽاف سان ڳالهه ٻولهه ۽ سوالن جوابن کانپوءِ ذڪي صاحب بنگلاديش وڃڻ جو ارادو لاهي ڇڏيو، کيس هت ئي روشنيءَ جو ڪرڻو نظر اچڻ لڳو. ان ڳالهه کي ڀريا پنج سال اچي ٿيا آهن، سندس اخوت سان رشتو ڏينهون ڏينهن سگهارو ٿيندو پيو وڃي. هن ڪيترن ئي سُٺن ماڻهن سان متعارف ڪرايو، جن ۾ شاهد حسن شيخ، نديم ملڪ، عابد حسن شيخ، امتياز احمد بٽ، اعجاز بٽ، حافظ افتخار القمر ۽ عثمان اشرف شامل آهن. اهي سڀئي غاليچن جي واپار سان لاڳاپيل پاڪستان جا مشهور ماڻهو آهن. انهن اخوت سان ڀرپور سهڪار ڪيو. هزارين ماڻهن جي لاءِ قرض حسن ۽ پوءِ ٻوڏ کان متاثر گهراڻن جي لاءِ مٺڻ ڪوٽ ۾ اُخوت بستيءَ جي اڏاوت ۾ حصو ورتو. ان بستي ۾ اسي ڪٽنبن کي سندن پاران نوان گهر اڏرائي ڏنا ويا. ڪمال فريد جي نگراني ۾ ٺهيل انهن گهرن جي هڪ هڪ سر تي محبت جو لفظ لکيل آهي. شاهد حسن ۽ نديم ملڪ جڏهن انهن گهرن جون چاٻيون ڏيڻ لڳا ته سندن چهرن تي رڳو محبت ئي هئي. نديم هڪ ڀيرو پنهنجي گهر ۾ پنهنجي پيءُ سان به ملايو. اسين هن جي ڀرسان وياسين ته ائين لڳو ڄڻ ڪا خوشبوءِ وکري ويئي هجي. سندس دعا اها آهي ته هو هر سال روضي پاڪ رسول تي حاضري ڏي، خدا هر سال سندس اها دعا ٻُڌي ۽ مڃي ٿو وٺي. آئون حيران ٿي کيس ڏسڻ لڳس. ماڻهون پاڻ سان ڪهڙا ڪهڙا نه ڀاڳ کڻيو ٿا اچن. اهي سڀ همراه ذڪي صاحب وانگيان ئي آهن، اُن اصول جي پيروي ڪندڙ ته الله جي راهه ۾ ائين ڏيو، جو ڪنهن کي سُڻس ئي نه پوي. مقصد رڳو رب جي رضا هئڻ گهرجي. ذڪي صاحب ۽ سندس سنگتين جو هتي ذڪر سندن مرضيءَ جي خلاف آهي. مون سندن باري ۾ وڌيڪ ڪجهه لکيو ته ان وچن جي خلاف ورزي ٿيڻ لڳندي ۽ جيڪو اسان ۽ هنن جي وچ ۾ ڪيل آهي.


    3.17: ڊاڪٽر اجمل نيازي

    آسمان پرهه ڦٽيءَ جي نور سان ڍڪيل هوندو.
    ذڪي صاحب جهڙا ماڻهو به انساني سماج کي انعام طور ملندا آهن. ڊاڪٽر اجمل نيازي پنهنجي هڪ ڪالم ۾ لکي ٿو، هڪ ڀيري ڪنهن تقريب ۾ منهنجي ملاقات ذڪي الدين خليفي سان ٿي، جيڪو آمريڪا ۾ رهي ٿو ۽ پاڪستان ۾ سندس دل ٿي رهي. سندس ڏاڏو خليفو شجاع الدين پنجاب اسيمبلي جو پهريون اسپيڪر هو ۽ ڏاڏي جو ڏاڏو ’انجمن حمايت الاسلام‘ جو پهريون صدر هو. ذڪي الدين چوي ٿو ته مون آمريڪا ۾ رهي تمام گهڻا پئسا ميڙيا آهن، تنهنڪري آمريڪين جو به مون تي حق آهي. هو پاڪستان ۾ به ڪيترن ئي ادارن کي امداد ڏي ٿو. هو بنگلاديش جي عالمي شهرت يافته ڊاڪٽر محمد يونس جي اداري کي ڊونيشن ڏيڻ پي ويو ته کيس اخوت جي خبر پئي ۽ هن بنگلاديش وڃڻ جو ارادو لاهي ڇڏيو. اخوت پاران لکين ماڻهن کي قرض ڏنا ويا آهن، انهن قرضن تي ڪوبه وياڄ نٿو ورتو وڃي. اها بنا وياڄ جي بئنڪاري جي شاندار شروعات آهي. اسان جي ملڪ ۾ ڪروڙين اربين روپين جو قرض ملڻ ته سولو آهي، پر هزارين ۽ لکين روپين جو ملڻ ڏکيو آهي. اهو قرض قوم جي لاءِ مرض بنجي ويو آهي. ڪجهه ماڻهو قرض جي خيرات کي هڪ فرض ٿا سمجهن، قرض ۽ فرض ۾ هڪ نقطي جو فرق آهي. اها ڳالهه خليفي ذڪي الدين کي ڏاڍي ڪا وڻي. ان هڪ نقطي کي سمجهائڻ جي لاءِ ڊاڪٽر امجد ثاقب ۽ سندس سنگتي گهڻو اڳتي وڌي ويا آهن. منزل کان اڳ به ته منزلون هونديون آهن. رستن ۽ مسافرن سان محبت ڪندڙ منزلن ڏانهن ئي نه آهن، پر منزلون خود سندن راهون تڪينديون آهن. امجد ثاقب ۽ سندس ساٿي اهڙا ئي شخص آهن. هنن خليفي ذڪي الدين سان ملرايو ته ڏاڍو لطف آيو. هو هڪ بي نياز شخص آهي، هڪ قلندراڻي نياز کانسواءِ اها ادا ماڻهو کي نٿي ملي. ناز ۽ نياز گڏ هجن ته ڏس ڏين ٿا.
    آمريڪا ۾ ذڪي الدين خليفي جهڙا ماڻهو پاڪستان جي عزت به وڌائين ٿا. تَن ۽ ڌن جي قربانيءَ ۾ تن جي قرباني جي اهميت گهڻي وڌيڪ آهي، پر ڌن جي قرباني ڏاڍي ڏکي آهي. ان ڏکيائي کي سولو ڪرڻ دل وارن جو ڪم آهي. دل وارا ئي دل وارن کي ڳولهي لهندا آهن ۽ هڪ ٻئي سان گڏجي ويندا آهن. چيمبرس آف ڪامرس جي شاهد حسن ان ڏهاڙي ڏاڍيون سٺيون ڳالهيون ڪيون. همايون احسان ۽ ڊاڪٽر اظهار هاشمي ۽ ٻين ڪيترن ئي سنگتين جو ذڪر ڪيو. ”اخوت“ جي حوالي سان ڊاڪٽر امجد ثاقب کي ”يااخي“ چوڻ تي دل ٿي چوي. ڀائيچاري جو اهو انداز بي مثال آهي. ”اخوت“ جي حوالي سان جيڪي قرض ڏناوڃن ٿا، اهي سڀ قرض حسن آهن، حيرت اها آهي ته انهن قرضن جي واپسي ۾ نه ڪا تڪليف ٿي ٿئي ۽ نه ئي وري دير ٿي ٿئي. ناليوارو شاعر برادرم ناصر بشير به سڄي شهر ۾ دوستن جي لاءِ رولاڪي ڪندو آهي. هڪ ڏينهن موٽر سائيڪل تي مون وٽ آيو ۽ ٻڌايائين ته اخوت کان قرض کڻي موٽر سائيڪل ورتي اٿائين. مون امجد ثاقب کان قرض نه ورتو آهي. پر آئون سندس قرضي آهيان. مرزا غالب جي گهر جو سيڌو سامان وٺڻ واري نوڪرياڻي کي دڪاندار چيو ته مرزا ته سڄي شهر جو قرضي آهي ته نوڪرياڻي وراڻيس ’اهو به ته ڏس ته ايندڙ نسل مرزا غالب جا قرضي هوندا.‘
    ڊاڪٽر اجمل نيازي درويش صفت انسان آهي. ذڪي الدين خليفي کان سواءِ هن، اخوت تي به هڪ ڪالم لکيو ته هزارين ماڻهن کي روئاڙي ڇڏيائين. روئاڙڻ، کلائڻ کان به ڏکيو ڪم آهي. ڊاڪٽر اجمل نيازي اهڙائي ڏکيا ڪم ڪندو رهندو آهي. اهو ڪالم اخوت جي تصور ۾ لڪل ڳجهه کي به کولي ٿو.


    3.18: غريبيءَ جي بدران اميري ختم ڪريو

    اهڙي اسرارن سان ڀريل ڳالهه به اجمل نيازي ئي ڪري سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته ”اخوت سان لاڳاپيل اهي غريب ماڻهو ڪهڙا آهن، جيڪي خيرات نٿا وٺن، جيڪي زڪوات نٿا وٺن، جيڪي پنن نه ٿا ۽ وري قرض به لاهين ٿا، وري اهي ڪهڙا ماڻهو آهن، جيڪي رڳو غريبن کي ئي قرض ڏين ٿا. ”اخوت“ جي تقريب ۾ شرڪت ڪري آئون ته دنگ رهجي ويس. حيرت جهڙي ڪيفيت ٻي ڪا به ڪونهي. اڄ ڪلهه ته اسان جي ڀاڳ ۾ رڳو پريشاني ئي پريشاني آهي، حيراني ڪونهي. ڊاڪٽر امجد ثاقب غريب ته ڪونهي، پر غريبن سان پيار ٿو ڪري. اسان جا سياستدان، آفيسر ۽ حڪمران غربت کي ختم ڪرڻ جا وعدا وچن ته ڪن ٿا، دعوائون. به ڪن ٿا، پر ڪَن ڪجهه به نٿا. سندن هڙيئي رٿائون اميرن جي لاءِ هونديون آهن. هنن پاران قرض به اميرن کي ئي ملندا آهن. ڪروڙ پتي ۽ کرب پتي ماڻهن کي ڀلا قرض جي ڪهڙي گهرج آهي. پاڻ وٽ به عجيب معاملو آهي ته امارت وڌائڻ جي لاءِ غربت وڌائڻ ضروري ٿي پئي آهي. غربت جي هيٺين سطح کان به هيٺ زندگي گذاريندڙن جو ڳاڻيٽو ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي ۽ امارت جي سطح کان مٿاهين زندگي گذاريندڙ جو انگ به وڌندو پيو وڃي.
    منهنجو پيارو بابا هڪ دعا گهرندو هو. هاڻ ان جي معنويت هڪ آسمان جيان منهنجي مٿان اچي بيٺي آهي. ”اي خدا! مون کي غريبي کان بچائي.“ ان سان گڏ اهو به چوندو هو ته ”اي خدا مون کي اميري کان بچائي“. حد کان وڌيڪ غربت ڏوهه آهي ۽ حد کان وڌيڪ اميري ظلم آهي. ڏوهه ۽ ظلم ٻنهي کي ختم ڪرڻون پوندو. اسين نه ڏوهه ختم ڪري سگهيا آهيون ۽ نه ئي وري ظلم ختم ڪري سگهياسين. ڪجهه ماڻهو آهن جيڪي غربت ختم ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا. اسان جون حڪومتون ماڻهن کي پينو بنائي رهيون آهن. منهنجي آقا محسن انسانيت رسول ڪريم حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه آله وسلم فرمايو ته زڪوات ڏيندڙ کان زڪوات نه ڏيندڙ بهتر آهي. ماڻهن پڇيو اهو وري ڪيئن يا رسول الله؟ پاڻ فرمايائون ته ماڻهوءَ کي ايترو امير ئي نه هئڻ گهرجي جو مٿس زڪوات لاڳو ٿئي. اهڙو سماج آئيڊيل آهي جنهن ۾ نه ڪو امير هجي ۽ نه وري ڪو غريب. منهنجو خيال آهي ته ڊاڪٽر امجد ثاقب انهن ماڻهن مان آهي، جيڪو اهڙي سماج اڏڻ جو خواب جيئرو رکيو ۽ ان جي اڏاوت غريبن ۾ ورهائڻ ٿو چاهي. مولا عليعه فرمايو هو ته اي ماڻهو! اوهان کان ابو طالب جو پُٽ سڀ ڪجهه کسي وٺندو ته اوهين چوندا ته مون اوهان سان ناحق ڪيو، پر مون اوهان کي اصل حق طرف موٽايو. حضرت عليعه جي اها ڳالهه قرآن پاڪ جي ان آيت جو تفسير آهي ”اوهان وٽ اوهان جي گهرج کان جيڪو ڪجهه وڌيڪ آهي اهو الله جي واٽ ۾ ڏيئي ڇڏيو.“
    مونکي دولتمند نه وڻندا آهن، پر اهي دولت مند جي دردمند به هجن، ۽ ڇا اهي به انسان آهن، جن وٽ نه دل آهي ۽ نه وري ڪو دماغ، جن وٽ رڳو پئسا آهن. دولت سان گڏ دل جي دولت به هجي ته پوءِ ڇا ڳالهه ڪجي. غربت سان گڏ غيرت به هجي. ٻنهي جهانن جي سردار رسول ڪريمصه غريب هئڻ پسند فرمايو. پاڻ سڳورن فرمايو: آئون گهران ته بدر ۽ احد جا جبل سون ٿي وڃن، پر آئون الله جي بارگاهه ۾ عاجز ۽ غريب جي حيثيت سان وڃڻ ٿو گهران. غريبي ڪڏهن به بدنصيبي نه هئي، ته پوءِ اهي ڪهڙا ماڻهو آهن، جن اُن کي هڪ الزام ۽ طعنو بنائي ڇڏيو آهي. مون هڪ ڀيري سرمائيدارن جي محفل ۾ چيو هو ته اسين اهو نٿا چاهيون ته اوهين اميريءَ تان هٿ ڌوئي ويهو ۽ اسان کي به .اميريءَ سان نوازيو، پر اوهين اسان کان غريبي ته نه کسيو. اوهان اسان تي ظلم ڪيو آهي جو اسان کان اسان جي غريبي کسي ورتي آهي. اسين پنهنجي غريبي کي خوشنصيبي سمجهندا هئاسين. آسودگي ۽ عزت سان زندگي گذاريندا هئاسين. هاڻ اوهان زندگي کي ڦڪائي ۽ درندگي جي وچ ۾ عذاب بنائي ڇڏيو آهي. اسين درندا بنجي نٿا سگهون، جو اسان جي لاءِ اهو ئي ڪجهه بچيو آهي ته اسين ڦڪا ٿيون. اسين زنده نه پر شرمنده آهيون.
    ڊاڪٽر محمد امجد ثاقب ”اخوت“ جي ذريعي ماڻهن کي اها ئي غريبي موٽائي ڏيڻ جو جتن ڪيو آهي ۽ اها سڀني کان وڏي نيڪي آهي، ڇا ڪو اهو سوچي سگهي ٿو ته ڏهن پندرهن هزار روپين جي قرض سان هڪ رنڙ عورت پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪري، ٻارن کي پڙهائي، ٻارڙين جي شادي ڪري ۽ وري قرض به موٽائي ڏي. هيستائين ٻه لک گهراڻا پنهنجي زندگيءَ کي هڪ ٻي زندگي بنائي چڪا آهن. اهي ڪهڙا قرضي آهن، جيڪي ايترا معزز بنجي چڪا آهن. لڳ ڀڳ سؤ سيڪڙو ماڻهو قرض موٽائين ٿا، نه ته پاڻ وٽ ته اربين کربين روپين جا قرض معاف ڪرايا ويندا آهن. غريبن جي لاءِ قرض حاصل ڪرڻ وڏي مصيبت هوندي آهي ۽ واپس ڪرڻ اڃا به وڏي مصيبت هوندي آهي. ڪجهه لک روپين جي قرض جي لاءِ غريبن، هارين ۽ عام انسانن کي پوليس جي ذرريعي ذليل خوار ۽ خراب ڪيو ويندو آهي. ماڻهو پنهنجي گهر مان بي گهر ۽ وطن مان بي وطن ٿي ويندا آهن.
    قرض وٺڻ سنت آهي. پاڻ سڳورن به قرض ورتو ۽ ڏنو، پر اهو قرض حسن آهي. بنا وياڄ جي قرض اخوت کي عزت ۽ ڪاميابي ڏني آهي. قرض واپس ڪرڻ جي روايت به پاڻ وٽ نه آهي. اهي ماڻهو ڪيڏا نه وڏا ماڻهو آهن، جن جو خدا قرضي آهي. جنهن خدا جي بندي کي قرض ڏنو، ان ڄڻ خدا کي قرض ڏنو. اهي مقروض ۽ محبوب برابر ٿي ويا. منهنجي لاءِ اورينٽل ڪاليج ۾ هڪ سُٺي ڇوڪريءَ داخلا جي في ڏني هئي.پوءِ آئون ان جي قابل ٿي ويس ته اهو قرض لاهيان. مون کيس چيو ته آئون تنهنجو قرض لاهي سگهان ٿو پر ”آئون تنهنجو مقروض رهڻ ٿو گهران.“ هن چيو ته تون اربين روپيا ڏينءَ ته به اها ڪيفيت ڳري آهي. آئون اڄ به هن جو قرضي آهيان.“
    ڪنهن جي قرضي رهڻ ۾ جيڪو اسرار آهي، اهو اسرار اجمل نيازي ئي سمجهي سگهي ٿو. يا وري اها ڇوڪري، جيڪا ڪجهه روپين جي قرض کي اربين روپين کان وڏو ٿي سمجهي.


    3.19: تنهنجو آواز مڪو ۽ مدينو

    غربت ۽ فقيريءَ۾ به هڪ شان آهي.
    مونکي اها ڳالهه اجمل نيازي جو اهو ڪالم پڙهڻ کانپوءِ سمجهه ۾ آئي ته قومن جي مٿڀرائپ جو راز به فقر لڪل آهي. مختيار مسعود اهڙا ڳجهه پنهنجي ڪتاب ”آواز دوست“ ۾ ظاهر ڪيا آهن. هن هڪ گهمري اخوت جي باري ۾ چيو هو. ”سٺو ڪم، سٺا ماڻهو ۽ سٺو آئيندو“... اها راءِ به آهي ته دعا به. مختيار مسعود جڏهن وزيٽر بوڪ ۾ اهي لفظ لکيا ته هو بابا جمال شاهه جي درٻار ۾ اخوت جي آفيس ۾ ويٺو هو. اها آفيس ڇا هئي، بس هڪ ننڍو ڪمرو آهي، عام فرشي نشست، ڪاٺ جي ٽپائي، ڪجهه گاديلا ۽ وهاڻا. ان آفيس ۾ ڪيترائي ماڻهون آيا ۽ فرش تي ويٺا. اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، وزير، بيورو ڪريٽ، ناروي جو اڳوڻو وزير اعظم، اديب، شاعر، صحافي ۽ سياستدان. فرش نشينيءَ ۾ جيڪو ڪمال آهي اهو تخت نشينيءَ ۾ ڪونهي. ان آفيس ۾ ويهي ڪيترائي اهم فيصلا ٿيا. ان آفيس ۾ ويهي اهو عزم ڪيو ويو ته وياڄ جو متبادل نظام آڻڻون آهي. سٺو ڪم، سٺا ماڻهو، سٺو مستقل! مختيار ملڪ جي اها دعا اُن ڪمري ۾ واسو ڪري ويئي آهي. ڪاش اهڙي سٺي دعا سڄي وطن کي پنهنجي هنج ۾ وٺي لائي. سٺو ڪم سٺا ماڻهو، سٺو مستقبل! رات جا يارهن ٿي رهيا هئا. آئون بظاهر ته ذڪي الدين وٽ ويٺو هوس،پر سچ اهو آهي ته آئون اُتي نه هئس. ڪيترائي ڀيرا اسين ڪٿي هوندي به اُتي نه هوندا آهيون. ذڪي صاحب سمهڻ جي ڳالهه ڪئي ته مونکي خيالن مان واپس موٽڻو پيو. صبح جو ڇهين بجي ايئرپورٽ پهچڻو هو. ذڪي صاحب پنجين بجي جاڳائڻ جو واعدو ڪيو. مون ساڻس هٿ ملايو ۽ پنهنجي ڪمري طرف وڌڻ لڳس. سڌو سنئون چوڻ، خودداري، بي نيازي ۽ توڪل، مونکي اهي سڀ گُڻ ياد اچڻ لڳا، جيڪي خليفي شجاع الدين ۾ هئا، پر اهي اسان ۾ نه آهن، تنهنڪري اسين وڏا بنجي نه سگهيا آهيون. جارج واشنگٽن، ابراهام لنڪن ۽ ٻيا ڪيترائي وڏا ماڻهو...پوءِ پاڪستان جي تحريڪ جا شروعاتي اڳواڻ. چؤڏس ڇانيل ٻاٽ اونداهي ۽ پوءِ دور ڪٿي ٻرندڙ روشني جي ڏياٽي... ڇا سماج ۾ تبديلي سٺي قيادت کانسواءِ ممڪن نه آهي. اها قيادت ڪٿان ٿي اچي. ڇا اسين مٿاهين تي پهچي نٿا سگهون. سوال بي حد ڊگهو هو ۽ رات صفا ننڍي.

    اسی کشمکش میں گذریں میری زندگی کی راتیں،
    کبھی سوز و ساز رومی کبھی پیچ و تاب رازی۔
    *


    باب چوٿون

    4.1: عشق جا امتحان اڃا اڳتي آهن

    ڇڪتاڻ، در ۽ پيڙاءُ، ۽ بي وسي
    ڪنهن به قوم جي تقدير جو سڄو دارومدار اُن ڳالهه تي آهي ته اها پنهنجي اندر ڪهڙي قسم جون شخصيتون پيدا ڪري ٿي سگهي. اهو ڳجهه سڄي رات کلي نه سگهيو، اهو عين صبح جو ظاهر ٿيڻ لڳو. ’زوال کي روڪڻ جي لاءِ خودشناس ماڻهن جي گهرج پوندي آهي‘. ذڪي صاحب الل وهاڻيءَ جو جاڳائڻ آيو ته شاعر مشرق جو اهو مشهور جملو منهنجي ڪنن ۾ ٻُرائجڻ لڳو. مونکي لڳو ڄڻ چمن ٽڙي پيو هجي. سندس زور ڀرڻ جي باوجود به ناشتي جي گهرج محسوس نه ٿي ۽ تيار ٿي ايئرپورٽ ڏانهن روانو ٿيس.
    صبح جي سهائي ڪيترن ئي رازن کي کولي ٿي ڇڏي. هاءِ پوائنٽ کان واشنگٽن جو سفر رڳو هڪ ڪلاڪ جو آهي. هڪ عدد چانهه جو ڪوپ ۽ اخبار جو مطالعو. اخبار جي اندرينءَ صفحي تي فلوريڊا جي هڪ خبر ڇپيل هئي. فلوريڊا جو نالو پڙهي روشنيءَ جي هڪ لهر اُڀري. ائين لڳو ڄڻ سياري جي نرم اُس پنهنجي هنج ۾ وٺي لاٿو هجي. فلوريڊا، نارٿ ڪيرولينا کان ڪو ايترو پري به نه آهي، رڳو ڪجهه ڪلاڪن جو سفر هوندو. ايپرل سان گڏجڻ جي لاءِ ته پري تائين وڃي ٿو سگهجي. آمريڪا مان واپس ورڻ کانپوءِ به منهنجو ساڻس رابطو رهيو، جنهن سال به سندس موڪليل نيوايئرڪارڊ مليو، اهو سال ڏاڍو سُٺو گذريو. اڄڪلهه هو هڪ وڏي ڪمپنيءَ ۾ وائس پريذيڊنٽ آهي. منهنجي نظرن ۾ آمريڪن يونيورسٽي جا ڏينهن ۽ راتيون لهڻ لڳيون. گهرين نيرين اکين ۾ حيرت ۽ داد جي اها گهڙي، جيڪا ڪيترين ئي گهڙين تي ڳري هئي. ان هڪ گهڙيءَ جي لاءِ ته ماڻهو تيشو کڻن ٿا... منزلون هڻن ٿا. مون هڪ گهڙيءَ جي لاءِ سوچيو ۽ پوءِ ان خيال کي ذهن مان ڪڍي ڇڏيم. نا آسودگي ۽ خلش انهن جو پنهنجو حسن آهي. ايتري ۾ واشنگٽن جا نظارا نظر اچڻ لڳا. مسافر به گهٽ هئا ته رش به نه هئڻ جهڙي هئي. ايئرپورٽ مان ٻاهر نڪرڻ ۾ دير ئي نه لڳي. قدير وعدي موجب اوسيئڙي ۾ هو. سامان هن جي گاڏي ۾ رکي، ايئرپورٽ کان نڪري گهر ڏانهن روانا ٿي وياسين.’جارج واشنگٽن پارڪ وي‘ جا اهي ئي ڄاتل سڃاتل موڙ، اها ئي ساوڪ ۽ اهي ئي گل نظر اچڻ لڳا. مائونٽ ورنن تان لنگهندڙ اهو ئي لنگهه. هڪ ڪلاڪ جي اندر ئي قدير جي گهر پُڄي وياسين. ايندڙ پنج ڏيهاڙا ساڻس گڏ گذارڻا هئا. قدير جي گهر ۾ ڪڏهن به اوپرائپ محسوس نه ٿي. رهڻ ڪهڻ، اچ وڃ سڀ سندس بلي هو. هن پنهنجي ڪم تان به موڪل ورتي هئي ۽ هر گهڙي مون سان رهڻ جو فيصلو ڪيائين. جيڪي ماڻهو آمريڪا کان واقف آهن، تن کي خبر آهي ته اُتي ڪنهن کي وقت ڏيڻ ڪيترو نه ڏکيو آهي. سڀ کان پهرين اسان ايندڙ چئن ڏينهن جو پروگرام ٺاهيو. پنجين اپريل يعني ٻي ڏينهن واشنگٽن ڊي سي ۽ نيشنل مال جو وزٽ، مائڪروفنانس جي مشهور اداري ”فنڪا“ جي صدر سان ملاقات ۽ بالٽي مور جي اسلامي مرڪز ۾ اخوت تي ڳالهه ٻولهه. ڇهين اپريل تي پهرين ڊاڪٽر اختر ۽ ان کان پوءِ ڊاڪٽر اڪبر ايس احمد سان ملاقات ۽ شام جو پاڪستاني ڪميونٽي سان ڊنر، ستين اپريل تي صبح جو ورجينيا ۾ آرگنائيزيشن آف انٽر پرونيورز آف نارٿ آمريڪا ۽ شام جو ورجينيا ۾ ئي پاڪستاني ميڊيا سان ملاقات، اٺين تاريخ تي هڪ ويڊيو انٽرويو، هڪ آمريڪي صحافي سان ملاقات، ڊاڪٽر عبيد جي گهر آجياڻو ۽ اسلامي مرڪز هيگرز ٽائون ۾ ماڻهن سان ملاقات ۽ پوءِ نائين اپريل تي صبح جو بوسٽن روانگي جا پروگرام طئي ٿيا.


    4.2: گهر جي رونق هُل تي هجي ٿي.

    ايئرپورٽ کان واپسي ۽ مانجهاندي کانپوءِ اسين گهران نڪتاسين. قدير ٻڌايو ته ڇهين تاريخ تي ڊنر جا سڀ انتظام لڳ ڀڳ مڪمل آهن، پر پوءِ اسان ان جي مختصر جائزي جي لاءِ ’منٽگمري مسلم ڪائونسل‘ جي آفيس وڃڻ جو فيصلو ڪيو. طفيل صاحب جيڪو ڪائونسل جو روح روان آهي، ان سان اسان اڳ ۾ ئي گڏجي چڪا هئاسين. هن ساڳئي خوش دلي سان ڀليڪار ڪئي ۽ تفصيلن تي ڳالهيون مُهاڙيون ٿيڻ لڳيون. يونيورسٽي آف ميري لينڊ ۾ ڊنر جي لاءِ جڳهه جو بندوبست ٿي چڪو هو. صوماليا سان واسطو رکندڙ قاسم وليد مزمانن جي فهرست مڪمل ڪري دعوتون به موڪلي ڇڏيون هيون. ٻيهر ڪنفرميشن جي سلسلي جي شروعات ٿيڻ لڳي. اهو ڪم قاسم ۽ قدير پنهنجي ذمي کنيو. اخوت جي هڪ خوشنصيبي اها به آهي ته کيس هر هنڌ رضاڪار ملي ٿا وڃن. مون کي پاڪستان جون اهي ڪيتريون ئي تقريبون ياد اچڻ لڳيون جيڪي رضاڪارن جي سهڪار سان ٿيون هيون. سيد حسين حيدر، مظفر ۽ سندس شاگرد ساٿين پنهنجي محنت سان انهن تقريبن کي يادگار بنائي ڇڏيو ۽ ثابت ڪيو ته نيڪي جي لاءِ معاوضو نه پر محبت گهربل آهي.
    انهن سڀني انتظامن تي طفيل صاحب مطمئن نظر اچڻ لڳو. اسٽيج، ڪرسيون، ماني ۽ سائونڊسسٽم، ننڍيون ننڍيون شيون به هن جي نظرن کان پري نه ٿي ٿيون.سندس خيال هو ته اها هڪ يادگار تقريب هوندي. ايتري دير ۾ امتياز انور به اُتي پهچي ويو. هن به انتظامن جي سلسلي ۾ ڪيتريون ئي صلاحون ڏنيون ۽ ڪن وڌيڪ ماڻهن کي دعوتون موڪليون ويون. مسلم ڪائونسل جي آفيس امتياز جي ڪلينڪ جي هڪ حصي ۾ قائم آهي. طفيل جي ڀاءُ اسان کي پاڻ وٽ ويهاريو ۽ مون کان منهنجي گذريل هڪ هفتي جي سفر جي ڪهاڻي ڏاڍي دلچسپيءَ سان ٻُڌي. واشنگٽن کان لاس اينجلس، شڪاگو، ڊيلس ۽ هاءِ پوائنٽ ۾ اخوت جو اهو سفر ڪيئن رهيو؟ اخوت جي باري ۾ ماڻهن جا تاثرات ڪهڙا هئا؟ ڪهڙي قسم جا سوال پڇيا ويا. Reaching one thousand American جي سلسلي ۾ اسان جيڪو نشان مقرر ڪيو هو، اهو ڪيترو پورو ٿيو. طفيل جي ڀاءُ جي ڳالهه ٻولهه ۾ سنجيدگي به هئي ته دردمندي به.


    4.3: دل چيري ته ڏس

    ٽپهري کانپوءِ قدير جي هڪ سنگتي خالد سان ملڻ جو ارادو هو. اسان طفيل صاحب جي ڀاءُ کان اجازت گهري ۽ مسلم ڪونسل جي آفيس مان سڌو ڏانهنس روانا ٿي وياسين. خالد انجيئر سولر انرجي جي شعبي ۾ ڪم ٿو ڪري. هن اسان کي پنهنجي ڌنڌي ڌاڙيءَ جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌايو ۽ اخوت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. پاڪستان جي ڏورانهن هنڌن تي سولر انرجي هڪ اهم متبادل بنجي سگهي ٿي. لاس اينجلس جي دوري ۾ به هڪ مشهور پاڪستاني واپاري پرويز لوڌيءَ پنهنجي ڪوششن جي باري ۾ ٻُڌايو هو. هن جي اداري سولر انرجي سان هلندڙ خاص بلب ۽ پنکا ٺاهي سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ موڪليا هئا، جن جي ڪري اُتي هڪ وڻندڙ تبديلي اچڻ لڳي هئي. ان ڪم جي ڪري نه رڳو ٻارن جي تعليم ممڪن ٿي، پر رات جي وقت عورتون ۽ ٻارڙيون هاڻ ڀرت ڀرڻ ۽ سيبي ٽوپي جو ڪم به ڪري سگهنديون آهن. حڪومت کي ان سلسلي ۾ نه رڳو رعايتون ڏيڻ گهرجن، پر تحقيق جي لاءِ خاص شعبا به قائم ڪرڻ گهرجن. خالد صاحب زور ڏيئي اها ڳالهه ڪئي. هن چانهه پيش ڪئي ۽ ٿوري دير ڪچهري ۾ شامل رهيو، هن جي گهڻي دلچسپي عورتن جي ترقي ۽ ڀلائي ۾ هئي. مون کيس ٻڌايو ته اخوت جي ڏنل قرضن جي پئسن مان جيڪي ڌنڌا شروع ٿيا، انهن مان ٽيهه سيڪڙو ڪاروبار رائفائون پيو هلائين. انهن قرضن عورتن کي پنهنجي صلاحيتن کي آزمائڻ جو موقعو ڏنو آهي. خالد صاحب ۽ سندس گهرواريءَ سان ملڻ کانپوءِ اسين ٻاهر نڪتاسين ته ڪيترائي پهلو اسان جي سامهون هئا. سولر انرجي يقينن هڪ اهڙو شعبو آهي، جيڪو اختيار ڪرڻ جي گهرج آهي. اقبال ته ڳچ عرصو اڳ چيو هو ته ”لہو خورشيد کا ٹپک اگر ذری کا دل چیریں“ هاڻ انهن ذرڙن کي سج کي پنهنجي پڪڙ ۾ آڻڻ جو موقعو آهي. اخوت جي مرڪزي آفيس ۾ سولر انرجي جي سهوليت اُن ئي سوچ ڏانهن عملي وک آهي.


    4.4: اچ ته گڏجون پاڻ ۾

    شام جا پاڇا هوريان هوريان لڙڻ لڳا. هوا جا جهونڪا ۽ وڻندڙ موسم ۾ اسين خالد صاحب جي آفيس مان نڪري هڪ ٻي خوبصورت رستي تان ٿيندا هڪ وڏي اسٽور طرف روانا ٿياسين. مون کي ڪجهه سامان يعني هڪ ننڍي بيگ ۽ ڪجهه سوکڙيون وٺڻيون هيون. اسٽور ۾ گهڙياسين ته سامهون هڪ عجيب دنيا هئي. وشال اسٽور ۾ شين جا ڍڳ هئا ۽ انهن ڍڳن مان شين جي چونڊ ڏاڍي ڏکي ٿي پئي. گهڻائي به ڪنهن عذاب کان گهٽ نه آهي. اسٽور ۾ وڙڪندي، شين جي چونڊ ۽ ادائيگي ڪندي اسان کي هڪ ڪلاڪ ٿي ويو. اُتان کان ئي ٿورو پرڀرو هڪ هوٽل ۾ ڊاڪٽر امتياز نور رات جي مانيءَ جو بندوبست ڪيو هو. آئون، قدير ۽ امتياز هوٽل پهتاسين ته امتياز اسان جي اوسيئڙي ۾ هو، اها راڪ ويل ۾ حلال فوڊ جي مشهور هوٽل هئي، جنهن ۾ ڪيترائي مسلم گهراڻا به ويٺل نظر آيا. ڪجهه عورتن کي حجاب پاتل هئا ته ڪي بي حجاب هيون. اسين به هڪ ڪنڊ جهلي وڃي ويٺاسين، ماني سادي پر ڏاڍي لذيذ هئي. اسان جي ڳالهين جو موضوع فقط اخوت هو. هنن ٻنهي پنهنجن اباڻن شهرن ۾ اخوت جي شروعات ڪرڻ ٿي چاهي، هنن جو واسطو ڏکڻ پنجاب سان آهي، جيڪو اخوت جو مرڪز بنجي چڪو آهي. ڏکڻ پنجاب ۾ ڪم جي شروعات ”جهانيان“ نالي شهر مان ٿي، اهو شهر امتياز جي اباڻي ضلع وهاڙي کان ڪو گهڻو پري نه آهي. مون کيس ٻڌايو ته اها 8 آڪٽوبر 2007ع جي ڳالهه آهي، جڏهن اسين ”غله منڊي جهانيان“ جي هڪ سادي پر پُروقار مسجد ۾ پهتاسين. ٻن سؤن جي لڳ ڀڳ مهمان رڳو ڀائيچاري جي جذبي تحت گڏ ٿيا هئا. جهانيان جي رهاڪو اسان جو دوست راؤ سعادت اسان جو ميزبان هو. رائو ڪجهه وقت اڳ لاهور ۾ اخوت جي هڪ تقريب ۾ شريڪ ٿيو ۽ پوءِ اخوت جو حصو بنجي ويو. هن جي خلوص واري دعوت کانپوءِ اخوت جهانيان جي شروعات جي تياري ٿيڻ لڳي. شاهد صفدر جي لاءِ اهو مرحلو بي حد اهم هو، هن وڏي محنت ۽ ڦڙتائيءَ سان ڪم ڪيو. منير احمد مقامي ٽيم جو اڳواڻ چونڊيو ويو. سکيا جا مرحلا طئي ٿيندي ئي مقرر ڪيل تاريخ تي اٺن ڄڻن کي مختلف ڌنڌن جي لاءِ اسي هزار روپيا قرض طور ڏنا ويا. اهي ننڍڙا ڌنڌا ڪهڙا هئا. جهانيان جي هڪ بزار ۾ ٻه ريڙهيون، ٻه ننڍا جنرل اسٽور، ٽي سلائي جامرڪز ۽ هڪ پنساري جو دوڪان. پر ڳالهه رڳو اٺن قرضن تي بيهي نه سگهي. اڄ پنجن سالن کانپوءِ ان ننڍي شهر ۾ چار هزار قرض ورهائجي چڪا آهن. اڍائي هزارن کان به وڌيڪ ڪٽنبن ۾ ڇهه ڪروڙن کان به وڌيڪ رقم ورهائي ويئي ۽ ان رقم جي واپسيءَ جو تناسب لڳ ڀڳ سؤ سيڪڙو آهي. جهانيان اخوت جي ۽ اخوت جهانيان جي سڃاڻپ بنجي چڪي آهي. امتياز ان ڪارڪردگي تي حيرت ۾ ورتل هو.
    ٻي ڪهاڻي جيڪا مون کين ٻڌائي، اها راجن پور جي هئي. ڏکڻ پنجاب جو آخري ضلع، جنهن سان سنڌ ۽ بلوچستان جون سرحدون ملن ٿيون، خيبر پختونخواه به گهڻو پري نه آهي. چئن صوبن جي سنگم راجن پور سان گڏ هڪ ننڍو شهر مٺڻ ڪوٽ آهي. مٺڻ ڪوٽ سرائيڪي زبان جي مشهور شاعر خواجه غلام فريد جي رهائش. خواجه غلام فريد صوفياڻي شاعري جي سلسلي جي هڪ اهم ڪڙي آهي. سندس ڪلام ۾ جيڪو سوز ۽ گداز آهي، هجر جو درد آهي، وصال جي لذت آهي ۽ عشق حقيقي جون رمزون آهن، انهن جي ڇا ڳالهه ڪجي خواجه غلام فريد جي دردمندي ۽ دريا دليءِ جا قصا سڄي علائقي ۾ مشهور آهن. بهاولپور جو مشهور حاڪم ۽ نواب سر محمد صادق سندس مريد هو. چون ٿا ته هڪ ڀيري نواب ڪنهن سائل کي بي رخي ڏيکاري ته اهو خواجه غلام فريد جي در تي اچي پهتو ته پاڻ محبت منجهان نواب صاحب کي لکيائين.
    ”صادق! زير ٿي، زبر نه بنج... متان پيش پوندي هووي.“
    ”اي صادق هيٺاهين وٺ، ڏاڍو نه ٿي، ڪٿي ائين نه ٿئي جو توکي ڪنهن جي روبرو پيش پوڻون پئجي وڃي.“ اها تشبيهه اختصار ۽ بلاغت جو شاهڪار آهي. اردو جي علامتن يعني زير زبر ۽ پيش جي ذريعي ڪيڏو نه وڏو اخلاقي اصول بيان ڪيو ويو. پٺاڻي خان جي آواز ته سندس ڪلام کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. سندس هڪ نعت ۾ عشق رسولصه پنهنجي جوڀن تي آهي.

    میڈا عشق وی توں میڈا یار وی توں،
    میڈا دین وی توں ایمان وی توں

    میڈا جسم وی توں میڈا روح وی توں
    میڈا قلب وی توں جند جان وی توں

    میڈا کعبہ قبلہ مسجد منبر،
    مصحف تے قرآن وی توں

    میڈے فرض فریضے حج زکاتاں
    صوم صلوٰت اذان وی توں

    میڈا زہد عبادت طاقت تقویٰ
    علم وی توں عرفان وی توں

    میڈا ذکر وی توں میڈا فکر وی توں
    میڈا ذوق وی توں وجدان وی توں

    میڈا سانول مٹھڑا شام سلونا
    من موہن جانان وی توں

    میڈا دھرم وی توں میڈا بھرم وی توں
    میڈا شرم وی توں میڈا شان وی توں

    میڈا دکھ سکھ روون کھلن وی توں
    میڈا درد وی توں درمان وی توں

    میڈا خوشیاں دا اسباب وی توں
    میڈے سولاں دا سامان وی توں

    میڈا حسن تے بھاگ سھاگ وی توں
    میڈا بخت تے نام و نشان وی توں

    میڈی مہندی کجل مساگ وی توں
    میڈی سرخی بیڑا پان وی توں

    میڈی وحشت جوش جنون وی توں
    میڈا گریہ آہ و فغان وی تون

    میڈا شعر عروض قوافی توں
    میڈا بحر وی توں اوزان وی توں

    میڈا اول آخر اندر باہر
    ظاہر تے پنہان وی توں

    جے یار فرید قبول کرے
    سرکار وی توں سلطان وی توں

    نہ تان کہتر کمتر احقر ادنیٰ
    لا شے لا امکان وی توں

    اها نعت عقيدت جو سمنڊ آهي. جڏهن به ٻُڌجي ٿي هڪ سرشاري جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. مون ميزبان کي ٻڌايو ته ان نعت جي ڇڪ مون کي مٺڻ ڪوٽ وٺي ويئي. اها ٻه سال اڳ 30 مئي 2010ع جي هڪ تپندڙ ٻپهري هئي. آرهڙ جي ڏينهن هئڻ سبب آسمان مان ڄڻ ته باهه پي وٺي. گرمي پد پنجاهه ڊگرين کان به وڌيڪ هو ۽ مٺڻ ڪوٽ جي هڪ مشهور مسجد ۾ اخوت جو پهريون جلسو هو. مسجد جي عمارت ۾ نيري رنگ جي ٽائلس ججهي مقدار ۾ استعمال ڪئي ويئي هئي. عمارت جو دائرو، طرف ۽ گنبذ نيري آسمان جو ئي حصو ٿي لڳا، گويا نيري رنگ سڄي ڪائنات کي گڏي ڇڏيو هجي. ان سهڻي مسجد ۾ جاءِ ملڻ به هڪ اعزاز هو. اهو ڪم جيڪو ستن ماڻهن شروع ڪيو، اهو هوريان هوريان غير معمولي شڪل اختيار ڪري ويو. هاڻ صورتحال اها آهي ته يارهن هزار ڪٽنبن ۾ تيرهن ڪروڙ روپين جي رقم قرض حسنه طور ورهائي ويئي آهي، سهڻي سلوڪ ۽ بنيادي قدرن جي اها ڪهاڻي مٺڻ ڪوٽ جي ٽن ڄڻن جي ذڪر کانسواءِ اڻپوري آهي. اهي ٽي ڄڻا آهن. خواجه ڪليم ڪوريجه، ملڪ ڪمال فريد ۽ حاجي عبدالغني گوپانگ، جڏهن اهي ٽئي ڄڻا اسان سان ملڻ جي لاءِ لاهور آيا ته ڪجهه ٻيا هئا، پر اخوت سان وابستگي سندن ڪايائي پلٽي ڇڏي. ڪٿي شڪ ۽ شبهو ته ڪٿي وري يقين جي دولت. خواجه فريد جي روايت جا اهي امين ڏاڍا ڪي دردمند نڪتا. مٺڻ ڪوٽ مان ڦٽندڙ ان سُهائي ۾ سڄو علائقو جڳ مڳائڻ لڳو. ڊيره غازي خان مان جعفر خان لغاري، اويس خان لغاري ۽ محمد محسن لغاري ڀلا ڪيئن ٿي پٺتي رهي سگهيا. ’چوٽي زيرين‘ ۾ به انهن ايثار جو هڪ نئون داستان لکيو. ملتان، مظفر ڳڙهه، بهاولپور ۽ لوڌران، جعفر خان جي بيگم مينا لغاري جي ته اها خواهش هئي ته سندس قديم ۽ تاريخي حويلي ۾ اخوت جي آفيس قائم ڪئي وڃي ۽ پوءِ پاڪستان جي اڳوڻي صدر سردار فاروق احمد لغاري ۽ علائقي جي ٻن ٻين معتبر شخصيتن سردار ذوالفقار کوسي ۽ نصرالله دريشڪ ڪلاڪن جا ڪلاڪ اخوت جي ڪهاڻي ٻڌي. پر اهي سڀ سياسي طور تي ته هڪٻئي جا مخالف آهن. قدير سوال ڪيو. سياست تي ته اختلاف ٿي سگهن ٿا، پر اخوت تي ڪنهن کي به اختلاف ڪونهن. اها نه سياست آهي، نه ڪاروبار ۽ نه ئي وري ڪا شهرت جي راند. اهو ته اسان جو گڏيل ورثو آهي. ڏکڻ جي اها ڪهاڻي پُڄاڻيءَ جي ويجهو هئي ته راڪ ويل ۾ چيني هوٽل جي ڌڃاڻي بل پيش ڪيو. قهوي جو دور به ختم ٿي چڪو هو. قدير ۽ امتياز جو واسطو ”چشتيان“ ۽ ”وهاڙي“ سان آهي. منهنجي من ۾ آيو ته کين چوان ته اخوت جو ٻيڙو ايندڙ منزل جي سفر جي لاءِ بي قرار آهي. ڪنن ۾ خواجه غلام فريد جي هڪ مشهور ڪافيءَ جو هڪ مشهور بندگونجڻ لڳو.
    پیلھوں پکیاں نی وے
    آ چُنوں رل مل یار
    مفهوم هن ريت اٿس ته.... پيلهون (ريگستان جو هڪ گل) ٽڙي چڪا آهن، چوڏس بهار جهڙو ڏيک آهي. اي منهنجا سنگتي! اچ ته گڏجي خوشيءَ جون اهي گهڙيون ميڙيون. اچ ته ايندڙ منزل ڏانهن روانا ٿيوان. چشتيان، وهاڙي، ڏکڻ پنجاب، سڄو پاڪستان... سڄي ڪائنات خواهش جي هڪ نقطي ۾ گڏجي ويئي.


    4.5: واشنگٽن ڊي سي

    واشنگٽن کي ڪجهه سڄي دنيا جي گاڏي جو هنڌ به چوندا آهن. ماني کائي سڌو قدير جي گهر پهتاسين، ٻي ڏينهن واشنگٽن وڃڻ جو پروگرام هو. واشنگٽن شهر، جنهن کي ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا يا ڊي سي به چوندا آهن، آمريڪا جي ڪنهن به رياست جو حصو ڪونهي. ان جو انتظام سڌو سنئون آمريڪي ڪانگريس وٽ آهي. جمهوريت جي ٽنهي ٿنڀن يعني پارليامينٽ، عدالت ۽ انتظاميا جون آفيسون هن ئي شهر ۾ آهن. دنيا جي 176 ملڪن جا سفارتخانا ۽ اڻ ڳڻين بين الاقوامي ادارن جون مرڪزي آفيسون، ڀانت ڀانت جا شخص هن ئي شهر ۾ نظر ايندا. سياستدان، اديب، دانشور، پروفيشنلز، بئنڪار، وڪيل، واپاري ۽ پوءِ اهي ماڻهو جيڪي اوهان جو نقطه نظر ڪانگريس تائين پهچائي سگهن ٿا. اوهان جي مفاد جي لاءِ سندرو ٻڌيو بيهو رهن، پر اهي ڪي خدائي خدمتگار نه آهن، پر اهو سڄو ڪم اجوري جي عيوض ڪن ٿا. اوهين گهرو ته انهن جي وسيلي ڪانگريس جي ميمبرن کان وٺي هر انتظامي عهديدار تائين پهچي سگهو ٿا ۽ قانون سازيءَ جي عمل تي پڻ اثر انداز ٿي سگهو ٿا. انهن ماڻهن کي عام طور تي Lobbiyst چيو ويندو آهي. اهو ڪم هاڻ دنيا جي وڏي صنعت بنجي چڪو آهي. ان جي گاڌي جو هنڌ به واشنگٽن آهي. Lobbiyst پنهنجي ڪم کي نيٽ ورڪنگ چون ٿا، جيڪو سفارش يا پنهنجا نوازڻ جو ٻيو نالو آهي. واشنگٽن شروع ۾ جارج ٽائون ۽ اليگزينڊر نالي ٻن ڳوٺن تي مشتمل هو. هن وقت ان شهر جي آبادي ستن لکن کان وڌيڪ آهي. پر جيڪڏهن ڀرپاسي جا اهي علائقا جيڪي ورجينيا ۽ ميري لينڊ جا حصا آهن، انهن کي به شامل ڪجي ته اها آبادي پنجاهه لکن جي لڳ ڀڳ ٿي وڃي ٿي. هن شهر کي ٻه ڀيرا تباهي کي به منهن ڏيڻو پيو. پهرين ڀيري 1812ع ۾ ٿيندڙ برطانوي حملي ۾ ۽ ٻي ڀيري 1860ع ۾ ٿيندڙ آمريڪا جي گهرو لڙائي ۾، اوول آفيس ۾ ٿيندڙ بين الاقوامي واقعن کانسواءِ آمريڪي تاريخ جا ڪيترائي اهم واقعا هتي رونما ٿيا. ابراهام لنڪن جو قتل ۽ مارٽن لوٿر ڪنگ جو عظيم اجتماع. اڻويهين صدي ۾ غلامي جي خاتمي جو اعلان به هت ئي ٿيو ۽ هن ئي شهر ۾ ابراهام لنڪن اُن بل تي صحيح ڪئي. شهر جو نقشو ۽ ڊزائين هڪ فرانسيسي انجنيئر 1790ع ۾ ٺاهيو.
    اڏاوتي فن جي لحاظ کان آمريڪا جي ڏهن مقبول عمارتن مان ڇهه هن شهر ۾ آهن. وائٽ هائوس، نيشنل ڪيٿيڊرل، ٿامس جيفرسن ميموريل، يو ايس ڪيپٽل، لنڪن ميموريل ۽ ويٽنام جي سپاهين جو يادگار... انهن شاندار عمارتن ۾ يوناني، رومي، گوٿڪ، جارجين ۽ جديد اڏاوتي فن جا هڙئي رنگ شامل آهن. رونالڊ ريگن جي نالي تي ٺهيل عمارت شهر جي سڀ کان وڏي عمارت آهي. ان جي پکيڙ ٽيهه لک هم چورس فوٽن کان به وڌيڪ آهي. شهر جي اڌ آبادي ڪارن تي ٻڌل آهي. ان لحاظ کان هي هڪ منفرد شهر آهي، ڪنهن زماني ۾ واشنگٽن قتل ۽ رتوڇاڻ جو وڏو مرڪز هو ۽ ان کي ’مرڊر ڪيپيٽل آف دي ورلڊ‘ به چيو ويندو هو. پر هاڻ ڏوهن ۾ گهڻي ڪمي ٿي چڪي آهي. ڇهن لکن جي آبادي جي هن شهر ۾ اڄ به سٺ هزار ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي مختلف ڏوهن ۾ سزائون کائي چڪا آهن. ٻين لفظن ۾ شهر جو هر سورهون ماڻهو سزا کاڌل آهي. هن شهر جي قانون موجب هڪ ئي جنس جا ماڻهو پاڻ ۾ پرڻجي سگهن ٿا. اهڙن جوڙن کي باقاعده لائسنس جاري ڪيو ويندو آهي. هن وقت شهر ۾ اهڙن جوڙن جو تعداد پنجن هزارن جي لڳ ڀڳ آهي. شهر جي جن علائقن ۾ غربت ۽ منشيات جو واهپو آهي، اُتي ڏوهه به ججها آهن ۽ انهن علائقن ۾ گهڻي تڻي آبادي ڪارن جي آهي. گويا غربت ۽ ڏوهه اڃا تائين سندن ڀاڳ آهي. دنيا جي سڀ کان وڏي لئبرري، جنهن ۾ پندرهن ڪروڙن جي لڳ ڀڳ ڪتاب ۽ دستاويز رکيا ويا آهن، هن ئي شهر ۾ آهي. لاهور جي پنجاب پبلڪ لئبرري، قائداعظم لئبرري، ديال سنگهه لئبرري ۽ ڪراچي جي نيشنل لئبرري، ٻڌو اٿئون، ته اُتي هاڻ مٽي پئي اُڏامي ۽ ڪتاب ماڻهن جون واٽون پيا نهاريندا آهن. ڇا ڄاڻندڙ ۽ اڻ ڄاڻ هڪجيترا ٿي سگهن ٿا.


    4.6: وائٽ هائوس ۽ ڪيپيٽل هل

    ڄاڻون ۽ اڻ ڄاڻ هڪجيترا ٿي نٿا سگهن.
    اهوئي سبب آهي ته واشنگٽن آمريڪا جي گاڌي جو هنڌ به آهي ته دنيا جي گاڌي جو هنڌ، به ۽ اسين اڃا تائين منزل جي ڳولا ۾ ڀٽڪندا وتون. مون واشنگٽن ۾ انهن سڀني هنڌن کي ٻيهر ڏسڻ ٿي چاهيو، جتي امن عالم جا فيصلا ڪيا وڃن ٿا. پر ان ڏينهن ايترو وقت نه هو، جو اسين هر هنڌ وڃي سگهون ها. تنهنڪري اسان جي وزٽ رڳو نيشنل مال جنهن کي سمٿ يونين مال به چوندا آهن، تائين محدود رهي. اوڏانهن ويندي اسين سڀ کان پهرين وائٽ هائوس جي سامهون گذرياسين. چوڌاري سيڪيورٽي جو گوڙ هو. ويهه سال اڳ جڏهن آئون هتان لنگهيو هوس ته ايڪڙ ٻيڪڙ گارڊ ئي نظر آيا هئا. وائٽ هائوس جو هڪ حصو مهمانن جي لاءِ کليل رهندو هو. هتي ايندڙ هر شخص کي ڀليڪار ڪئي ويندي هئي. ٻاهرين ۽ اندرين حصي ۾ جتي آمريڪي صدر پريس ڪانفرنس ڪندو هو، گهمڻ ڦرڻ تي ڪابه پابندي نه هوندي هئي. اهو ڪمرو به کليل رهندو هو، جنهن ۾ لنڪن سمهندو هو. مون کي ياد آهي ته جڏهن آئون همسفري فيلوز سان گڏ پهريون گهمرو هن ڪمري ۾ آيس ته ڳچ دير تائين اُتي ويٺو رهيو هوس. ان ڪمري جي ٺاهه ٺوهه ان وقت به اهڙي هئي، جهڙي لنڪن جي وقت ۾ هئي. ساڳي طرح پردا، صوفا ۽ غاليچا به، لنڪن جو بيڊ بي حد سخن ۽ کهرو هو. روزويلٽ هڪ ڀيري چرچل کي ان ڪمري ۾ ترسايو، پر هڪ ڪلاڪ کان پوءِ هو پنهنجي اسٽاف جي ورانڊي ۾ وڙڪندو نظر آيو ۽ هن جي لاءِ ٻي ڪمري جو بندوبست ڪرڻون پيو. چرچل جو چوڻ هو ته ”اهڙو سخت بسترو! لنڪن جي ڪمري ۾ سمهڻ هڪ اعزاز آهي، پر آئون اهو اعزاز حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي رات جي ننڍ خراب ڪري نٿو سگهان.“ ڪجهه ماڻهو وڏن ماڻهن سان ان ڪري منسوب ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن سندن نالو به جيئرو رهي سگهي، پر اهي ماڻهو چرچل نه هوندا آهن.
    لنڪن ۽ چرچل، اڻويهين ۽ ويهين صدي جا به وڏا انسان هئا. بهترين مقرر، ليکڪ ۽ مدبر. تنهن کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي يادگار ڪمرا، جن ۾ تاريخ ساز فيصلا ٿيا هئا، پر اهي سڀ پراڻيون ڳالهيون آهن. هاڻ ته اتي پکي به پَر نٿو هڻي سگهي. دنيا ڪيئن ٿي بدلجي، ان جو اندازو گذريل ڏهن سالن جي واقعن مان ٿئي ٿو. جڏهن نفرت ۽ تعصب عام ٿي وڃي ته در ۽ دروازن تي ان قسم جا پهرا ته بيهندا آهن. وائٽ هائوس کان ڪيپٽيل هل ڪو گهڻو پري ڪونهي. وائٽ هائوس آمريڪي صدر جي رهائش گاهه ۽ آفيس آهي. جڏهن ته ڪيپيٽل هل ۾ آمريڪي ڪانگريس، سينٽ ۽ سپريم ڪورٽ آهن. ڪيپيٽل هل جو گنبذ جيڪو آمريڪا جي تصويرن ۾ ڪروڙين ماڻهن ڏٺو هوندو. 1863ع ۾ اڏيو ويو. لائبرري آف ڪانگريس به هت ئي آهي. اجلاس جي دوران آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن جو وڏو تعداد هت ئي ٽڪندو آهي. ڪيپيٽل هل جي اولهه ۾ هڪ وڏو نيشنل هال آهي. ڪجهه ماڻهن جي خيال موجب اهو هال آمريڪي تاريخ جو نادر خزانو آهي، جڏهن ته ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته آمريڪا جي ڪا به تاريخ ڪونهي، سندن چوڻ آهي ته ڇا ٽن سؤ سالن کي به ڪا تاريخ چئجي. ڪٿي مصر، بابل ۽ نينوا، ڪٿي سنڌو ماٿري، ڪٿي وري هي ٽي سؤ سال، ان هال جي اڏاوت جو اعزاز هڪ برطانوي شهري ’جيمز سمٿ سن‘ جي مٿي تي آهي.


    4.7: نيشنل هال

    جيمز سمٿ سن پنهنجي وقت جو مشهور سائنسدان هو. هو دولتمند به هو ته سخي به. ڪنهن هڪ ئي شخص ۾ اهي ٻئي گُڻ گهٽ هوندا آهن. جيمز پنهنجي چالاڻي کان ڪجهه ڏينهن اڳ وصيت جي ذريعي پنهنجي جائيداد علم جي واڌاري لاءِ مخصوص ڪري ڇڏي. ان وقت سندس اها ملڪيت اڌ ملين آمريڪي ڊالر هئي. جيمز سمٿ سن اهو به شرط لاڳو ڪيو ته اها دولت فقط آمريڪا ۾ ئي خرچ ٿيندي. سمٿ 1929ع ۾ وفات ڪئي. آمريڪي ڪانگريس ان رقم مان ڪو اسڪول يا يونيورسٽي ٺاهڻ جي بدران هڪ عجائب گهرجوڙڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اها رقم Smithsonian trust کي پيش ڪري ڇڏي. ٽرسٽ جو مقصد تاريخي ورثي جو بچاءُ هو. ٽرسٽ پنهنجي رٿ جو اعلان ڪيو ته سڄي ملڪ مان ماڻهن پنهنجون قيمتي شيون هتي موڪلڻ شروع ڪيون... هوريان هوريان اها هلچل سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويئي. اڻويهين صديءَ ۾ آمريڪا جا سامونڊي جهاز دنيا ۾ جتي به ويندا هئا، هن عجائب گهر جي لاءِ شيون گڏ ڪرڻ شروع ڪندا هئا. سمٿ سن جو خواب پورو ٿيڻ لڳو. آمريڪي ڪانگريس لنڪن ميموريل ۽ ڪيپيٽل هل جي وچ ۾ موجود زمين جو هڪ ٽڪرو به ٽرسٽ جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن هتي ننڍن ننڍن يارهن عجائب گهرن جو بنياد رکيو. اهو عجائب گهر مريڪا جي تاريخ جي سڄي ڪهاڻي سهيڙيو ويٺو آهي. ان ڪهاڻيءَ ۾ رڳو ماضي ئي نه پر مستقبل به آهي. هونئن به عجائب گهر ان لاءِ جوڙيا ويندا آهن ته انهن جي اُفق تان آئيندي جو سج اُڀرندو نظر اچي. ڪوتاه نظر انهن کي ماضيءَ جو مزار سمجهي نوحه خواني کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڪندا آهن. انهن عجائب گهرن جي ڪري نيشنل مال کي سمٿ سونين هال به سڏيو ويندو آهي. ٽرسٽ جي سالياني بجيٽ هڪ بلين ڊالرن جي لڳ ڀڳ آهي. ان جي بورڊ آف ڊئريڪٽرز ۾ آمريڪا جو چيف جسٽس، آمريڪي نائب صدر ۽ ملڪ جون ڪجهه اهم ۽ نمايان شخصيتون شامل هونديون آهن. انهن عجائب گهرن کي هر سال اڍائي ڪروڙن کان به وڌيڪ ماڻهو ڏسڻ جي لاءِ اچن ٿا. اهو ڏسڻ بي حد اُتسائيندڙ هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ڏسڻ سان هر ماڻهو هتان ڪجهه نه ڪجهه حاصل ڪري ئي ويندو آهي. ڪا خلش، ڪو خواب، ڪا خواهش. اهو ٿي ئي نٿو سگهي ته ڪو ماڻهو هت اچي ۽ پنهنجي اندر ۾ ڪا تبديلي محسوس نه ڪري.
    نيشنل ميوزم آف اميريڪن هسٽري، نيشنل ميوزم آف ايفريقن هسٽري، نيشنل ميوزم آف نيچرل هسٽري، نيشنل ميوزم آف اميريڪن انڊيز، نيشنل ميوزم آف ارٿ، نيشنل ايئر ائنڊ اسپيس ميوزم. وک وک تي حيرت جو سامان موجود آهي. اکيون پٽي ڏسندڙ جي لاءِ ته هت گهڻائي سبق سمايل آهن. سمٿ سونين هال منهنجي پسند جي جاءِ هئي. مون هتي ڪيترائي ڀيرا ڊگهو وقت گذاريو، پر ان ڏينهن ايترو وقت نه هو ته اسين هتي وکريل عجائبات کي ڏسي سگهون، تنهنڪري مون هتان لنگهي وڃڻ ئي مناسب ڄاتو. آمريڪن يونيورسٽي ۾ تاريخ جي پروفيسر جو چوڻ آهي ته سمٿ سونين هال پهچي انسان ماضي ۾ نه پرمستقبل ۾ وک ٿو رکي. ان هال کي ٺاهڻ جو مقصد به ته اهو ئي آهي.
    ہے کھاں تمنا کا دوسرا قدم یا رب
    ہم نے دشت امکان کو ایک نقشہ پا، پایا


    4.8: مارٽن لوٿر ڪنگ: اهڙو ڏينهن به ايندو ساٿي

    امڪانن جو وشال ميدان ۽ خواهشن جي ٻي وک.
    سمٿ سونين ۾ هڪ باغياڻي آواز جو پڙاڏو به ٻُڌڻ ۾ اچڻ لڳو. ان آواز جو نالو ’مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر‘ آهي. مارٽن لوٿر ڪنگ هڪ ناليوارو مذهبي ۽ سماجي اڳواڻ هو. هن آمريڪي تاريخ کي هڪ نئون موڙ ڏنو. هو شهري حقن جو علمبردار ۽ گانڌي جي فلسفي اهنسا جو پوئلڳ هو. کيس امن جو نوبيل پرائز به مليو.
    سندس مشهور تقرير I have a dream کي ويهين صديءِ جي بهترين تقريرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. جنهن ڏينهن هن اها تقرير ڪئي، ان ڏينهن سمٿ سونين هال ۾ ٻن لکن کان به وڌيڪ ماڻهو گڏ ٿيل هئا.مارٽن لوٿر سترهن منٽن تائين کين خطاب ڪيو، اهو خطاب نه پر ڪو جادو هو، جنهن پهرين ته انهن ٻن لکن ماڻهن ۽ پوءِ سڄي دنيا کي پنهنجي پڪڙ۾ وٺي لاٿو. ماڻهو چون ٿا ته ان تقرير جو پڙاڏو تيستائين برقرار رهندو، جيستائين ان ڏينهن ڏٺل سپني جي ساڀيان نٿي ٿئي. اهو سپنو ڪهڙو هو... برابري، اتفاق ۽ ڀائيچاري جو سپنو! مونکي ان خواب ۽ اخوت جي خواب ۾ ڪو گهڻو فرق نظر نٿو اچي.
    مارٽن لوٿر ڪنگ 1929ع ۾ جنم ورتو. ننڍي هوندي هو ايترو مذهبي نه هو،پر پوءِ هوريان هوريان سندس لاڙو ٿيڻ لڳو ۽ پوءِ هن مذهب جي باقاعده تعليم، پرائي 1958ع ۾ هن بوسٽن يونيورسٽيءَ مان مذهبي علمن ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري به حاصل ڪئي. مارٽن لوٿر جي زندگي انساني حقن جي مٿڀرائپ لاءِ ارپيل هئي. هو دنيا جو سڀ کان ننڍي وهيءَ وارو نوبيل پرائز ونر آهي. اهنسا ۽ ڀائيچارو ٻه اهڙا اصول هئا. جن جي چوڌاري سندس زندگي گهمندي هئي، پر خود سندس موت بندوق مان نڪتل هڪ گولي جي ڪري ٿيو. گانڌي کان وٺي مارٽن لوٿر ڪنگ تائين اهنسا جي هر علمبردار کي ماريو ويو. نظرين ۾ حقيقتن جو رنگ شايد ائين ئي ڀريو وڃي ٿو. مارٽن لوٿر ڪنگ کي نوبل پرائز سان گڏ آمريڪا جو هر وڏو اعزاز پيش ڪيو ويو. سندس ياد قومي ڏڻ طور ملهائي ويندي آهي. آمريڪا جي ست سؤ ٽيهن شهرن ۾ مختلف رستا سندس نالي منسوب ڪيل آهن. کيس آمريڪا جي عظيم مقرر جو پڻ خطاب مليو. مارٽن لوٿر ڪنگ جڏهن هن جهان مان موڪلايو ته سندس عمر فقط 39 سال هئي. ايڏي ننڍي وهيءَ ۾ ايترو گهڻو ڪم! هڪ معمولي گوليءَ هڪ اهڙي زندگي جو ڏيئو گُل ڪري ڇڏيو، جنهن ماڻهن کي حقيقي آزادي کان روشناس ڪرايو.
    ڪنگ کي شايد اندازو هو ته هو ننڍي عمر ۾ ئي گذاري ويندو. سندس خواهش هئي ته سندس مرڻ کانپوءِ جڏهن ماڻهو سندس آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ اچن ته انهن مان ڪوبه اهو نه چوي ته ڪنگ هتي جنميو هو. فلاڻي اسڪول ۾ پڙهيو هو ۽ پوءِ کيس نوبل پرائز مليو. پر هن چاهيو ٿي ته اهي فقط ان جدوجهد جي ڳالهه ڪن، جيڪا هن انسانيت جي ڀلائي جي لاءِ ڪئي، ان موقعي تي هن جيڪي لفظ چيا هئا، اهي هن ريت آهن.
    I did like somebody to mention that day that Martin Luther King tried to give his life serving others. I want you to say that day that I tried to be right on the war question. I want you to be able to say that day that I did try to feed the hungry. I want you to be able to say that day that I did try in my life to clothe those who were naked. I want you to say on that day that I did try in my life to visit those who were in prison and to say that I tried to love and serve humanity.
    Yes, if you want to say that I was a drum major. Say that I was a drum major for justice. Say that I was a drum major for peace I was a drum major for righteousness. And all of the other shallow things will not matter.
    مارٽن لوٿر ڪنگ جي زندگي شيدين جي حقن لاءِ وڙهندي گذري، هو اخوت جو پرچارڪ هو. هن پنهنجي 39 سالن جي عمر ۾ آمريڪا جي تاريخ تي اڻ مٽ ۽ گهرا نقش ڇڏيا. I have a dream نالي اها تقرير سندس زندگي جي خوبصورت تقرير هئي. ان تقرير ۾ لڪل انقلاب جو پڙاڏو انسان کي لوڏي ٿو ڇڏي. لفظن جي سادگي ۽ ورجاءَ ان تقرير کي لازوال بنائي ڇڏيو. مارٽن لوٿر ڪنگ جيڪو خواب ڏٺو هو. اهو خواب رڳو سندس خواب نه رهيو.ڪي ماڻهو پنهنجي ڏک کي دنيا جو ڏک بنائي ٿا ڇڏين.


    4.9: انسان خساري ۾ آهي

    سمٿ سونين هال ۽ اُتي وکريل ڪهاڻيون ڏاڍيون دلپذير ۽ ساهه سڌير آهن، پر ان تصوير جو هڪ ٻيو رخ به آهي. اهو عجائب گهر آمريڪا جي خلاف هڪ ”فرڊ جرم“ به آهي. اها فرم جرم تمام گهٽ ماڻهن کي نظر ٿي اچي. ڪيترين ئي صدين تائين پکڙيل ان فرم جرم جا ڪيترائي عنوان آهن. هڪ عنوان اصلوڪن رهاڪن جو موت ۽ ٻيو شيدين جي نسل ڪشي آهي. جڏهن ڪولمبس آمريڪا پهتو ته ان وقت آمريڪا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪروڙين مقامي ماڻهو جن کي ’ريڊ انڊنيز‘ چيو وڃي ٿو، آباد هئا. پر اڄ انهن جو تعداد فقط اڍائي لک آهي. نسلي واڌ ويج جي تناسب موجب اڄ انهن جو اهو تعداد ستر ڪروڙ هئڻ گهرجي ها. يعني آمريڪا جي انهن اصلوڪن رهاڪن کي گجر موري سمجهي ماريو نه وڃي ها ته اڄ اهي چين ۽ هندستان کانپوءِ دنيا جي ٽين وڏي قوم هجن ها، پر يورپ مان ايندڙ سامونڊي ڦورن، ويڙهاڪن ۽ ڌاڙيلن کين هن ڌرتي تان مٽائي ڇڏيو.
    اهو تاريخ جو وڏو الميو آهي، ڪروڙين بي گناهه ۽ هٿين خالي ماڻهو، جيڪي پنهنجي پنهنجي سڀيتائي روايتن ۾ رڌل ۽ اڻ ڳڻين قبيلن ۾ورهايل هئا. هو خود هڪ ٻئي جا دشمن به هئا، پر هڪ ڏينهن هڪ زبردست طوفان کين سدائين جي لاءِ ٻُهاري ويو، نه ڪو مرثيو، نه ڪو نوحو. اها دهلي ته نه هئي، جو شاعر لڙڪن سان ان جي لٽجڻ جو داستان بيان ڪري ۽ نه ئي قرطبه جي مسجد هئي، جو ڪو پنهنجي رت جي تسبيح سان شعرن جي داڻن ۾ پوئي. گهڻي ڳولا ڦولا کانپوءِ هڪ مشهور ريڊ انڊين شاعر جي هڪ نظم ۾ انهن معصوم ماڻهن جي قتل ۾ ان سان لاڳاپيل الميي جو تذڪرو هٿ چڙهيو.

    آئون ڏسان ٿو
    ۽ روئان ٿو
    اُن ٿڌي ۽ ويران رستي کي
    جنهن جي وک وک تي
    بُک سان تڙپندڙ
    منهنجي پَسون ٻارڙن جون رڙيون کتل آهن
    بيوس ۽ نٻل مائرن جا لڙڪ وکريل آهن
    اُن رستي تي هڪ ٻُوڙي جي هيٺان
    منهنجي نسل ۽ قبيلي جي بي گناهه
    قتل ٿيندڙ
    ٻارڙن، عورتن ۽ مردن جون
    قبرون لڪل آهن،
    آئون ڏسان ٿو ۽ روئان ٿو
    ته منهنجي وڏڙن جي وشال زمينن ۾
    اسان جي قبرن جا نشان به باقي نه رهندا.
    قبرن جي اها بي نشاني ۽ اُڀ ڏاريندڙ رڙيون، اهي سڀ ڪنهن لوح محفوظ تي لکجي چڪيون آهن. ۽ هڪ ڏينهن جڏهن زمين ڦاٽندي ۽ پهاڙ ڪپهه جي پُوڻين جيان اُڏڻ لڳندا ته هر فريادي کان آواز ملندو. اهي آواز ٻيهر اڀرندا. اصلوڪن رهاڪن کانپوءِ ايندڙ نشان شيدي ٿيا، جن کي حقارت مان نيگرو چيو ويندو هو. لڳ ڀڳ اڍائي کان ٽي ڪروڙ آفريقي شيدي سفر يا غلامي جي تڪليف سهندي هن جهان مان راهي ٿيا. پوءِ ويهين صدي تائين آمريڪي قانون انهن کي گهٽ مخلوق سمجهندو هو. آمريڪا جي شروعاتي ٻارهن صدرن وٽ غلام هئا. بکيا، ڏکيا، هٿين خالي ۽ بي وس شيدي، جن کي بگهڙ جي سامهون ڦٽو ڪيو ويو. وڻن ۾ ٽنگي ڦاهيون ڏنيون ويون. جنسي تشدد جو نشانو بنايو ويو، مائرن کان جدا ڪيو ويو، زبانون ڪپيون ويون، اگهاڙو ڪري نيلام ڪيو ويو، جنسي عضوا وڍيا ويا. برفن تي ليٽايو ويو. تپندڙ واري تي گهليو ويو. شڪاري ڪتن جو کاڄ بنايو ويو. عورتن ۽ مردن کي هڪ ئي تلوار جي وار سان ٻن ٽڪرن ڪرڻ جا شرط هنيا ويا. سگهارو، روزانو هيڻي جي خلاف جارحيت ڪري ٿو. چوڌاري بارود، توپن ۽ تفنگن جي بوءِ. اڄ به ماتم جا هزارين هنڌ آهن. تاريخ ٻڌائي ٿي ته انسانن تي ظلم ۽ ڏاڍ جو اهو جبل پهريون ڀيرو ڪونه ڪريو هو. اهي ئي قيد ڪڙولا، هٿڪڙيون، زنجيرون ۽ صليب، رڳو وقت ۽ هنڌ بدلجندا ٿا رهن. ڪڏهن اولهه ته ڪڏهن اوڀر، پر انسان نٿو بدلجي. اها ئي بي وسي ۽ ڏاڍ مڙسي، ان ڪري ته ڪائنات جي خلقيندڙ قسم کڻندي چيو ته: انسان خساري ۾ آهي... انسان خساري ۾ آهي. انسان خساري ۾ آهي.


    4.10: جيفرسن: ڏاهو صدر

    سمٿ سونين مال آمريڪي تاريخ جو لنگهه آهي.
    ان جي هڪ ڪنڌيءَ تي جيفرسن ميموريل نالي خوبصورت يادگار اڏي ويئي آهي. يادگار هڪ اڳوڻي آمريڪي صدر ٿامس جيفرسن کي خراج عقيدت پيش ٿي ڪري. ان يادگار جي چئي ڏسائن ٽڙيل چيري بلاسم جا دل کي وڻندڙ وڻ جاپان 1912ع ۾ آمريڪا کي سوکڙي ڪري موڪليا هئا. پر جاپانين کي ڪهڙي خبر ته انهن گلن جي موٽ 1945ع ۾ کين هيروشيما ۽ ناگاساڪي جي تباهيءَ جي صورت ۾ ملندي. اعلان آزادي جو ليکڪ، ٽيون آمريڪي صدر، يونيورسٽي آف ورجينيا جي باني ٿامس جيفرسن جو شمار آمريڪا جي فائونڊنگ فادرس ۾ ٿئي ٿو. پنجن هزارن ايڪڙن تي پکڙيل جاگير جو مالڪ ٿامس جيفرسن ڪيترن ئي گُڻن جو مالڪ هو. کيس پنجن ٻولين تي مڪمل عبور هو. هو ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ، تعميرات جو ماهر سائنس، مذهب ۽ فلسفي جو شيدائي هو. هو مذهبي آزادين جو حامي، پر نسلي متڀيد رکندڙ هو. سندس جاگير ۾ ڪيترائي شيدي غلام هن جي اک جي اشاري جي اوسيئڙي ۾ رهندا هئا. انهن ۾ هڪ شيدي مائي ’سيلي هيمنگ‘ به هئي، جيفرسن جو جيترو آمريڪا تي حڪم هلندو هو، اوترو وري سيلي هيمنگ جو جيفرسن تي. ٻن سؤ سالن کان پوءِ 1998ع ۾ ڊي اين اي ٽيسٽ ثابت ڪيو ته ان عورت جي پيٽان جنم وٺندڙ سڀني ٻارڙن جو پيءُ ٿامس جيفرسن هو. هڪ پاسي نفرت ته ٻي طرف عيش عشرت. جنسي ڇڙواڳي آمريڪي قيادت جي لاءِ ڪا نئين ڳالهه نه آهي. جيفرسن کان وٺي بُل ڪلنٽن تائين ۽ سيمي هيمنگ کان وٺي مونيڪاليونسڪي تائين وائٽ هائوس ڪيترائي ڀيرا اهڙين ناڪام محبتن جو مرڪز بنيو آهي. جان لاڪ، فرانس بيڪن ۽ آئزڪ نيوٽن، جيفرسن جون پسنديده شخصيتون هيون. هن جي لئبرري ۾ هزارين ڪتاب سندس مطالعي جي ذوق جي تسڪين ڪن ٿا. هن جي لئبرريءَ ۾ قرآن پاڪ جو به هڪ نسخو موجود هو، جيڪو 1764ع ۾ ڇپيو هو. جيفرسن جو چوڻ هو ته ’ڪتابن کانسواءِ سندس جيئرو رهڻ ممڪن ڪونهي.‘ اهي هن جي لاءِ روشني به آهن ته خوشبوءِ پڻ. هن پنهنجي رهڻ جي لاءِ هڪ خوبصورت مينشن اڏارايو. مونٽي چيلو (Monte cello) جي نالي سان مشهور اهو مينشن اڏاوتي فن جو هڪ شاهڪار هو. ان ۾ يوناني، رومن ۽ فرينچ عمارتن جو عڪس نظر ٿي آيو.
    جيفرسن آمريڪا جو پهريون پرڏيهي وزير، ٻيو نائب صدر ۽ ٽيو صدر هو. صدر جي حيثيت سان (1801ع-1809ع) هن جو سڀ کان وڏو ڪارنامو Lusiana purchase هو. ان معاهدي مان خبر پوي ٿي ته ناڻون هجي ته ڪڏهن ڪڏهن ملڪ به خريد ڪري سگهجن ٿا. ان معاهدي کان اڳ آمريڪا تيرهن رياستن تي ٻڌل هڪ ننڍو ملڪ هو، جنهن جو عالمي سياست ۾ ڪو ذڪر جوڳو ڪردار ئي نه هو. ان وقت جا سامراج برطانيا ۽ فرانس هئا. اتفاق جي ڳالهه اها هئي ته ٻئي ملڪ ان وقت جنگ جي حالت ۾ هئا. جيفرسن اُهو موقعو غنيمت ڄاتو، هن آمريڪي بئنڪن سان رابطو ڪري پئسا گڏ ڪيا ۽ نيپولين بوناپارٽ کي، جيڪو ان وقت جنگ ۾ رڌل هو ۽ کيس پئسن جي سخت گهرج هئي، فرانس جي قبضي هيٺ آيل ڪجهه علائقا خريدڻ جي آڇ ڪئي. اهي علائقا آمريڪا جي شروعاتي تيرهن رياستن سان لڳ هئا. جيفرسن هڪ ماهر سفارتڪار هو. هن ڪيترن ئي لک هم چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل اهو علائقو خريد ڪري سڄي دنيا جي تاريخ ئي بدلائي ڇڏي. مورخ شايد نيپولين کي ان فيصلي تي معاف نه ڪن ته هن فقط پندرهن ملين ڊالرن جي عيوضي ۾ ڌرتي جي سڀ کان زرخيز زمين جيفرسن کي وڪڻي ڏني. 20 ڊسمبر 1803ع تي فرانس جي ڪالوني ’نيوآرلين‘ تي آمريڪي جهنڊو ڦڙڪيو ۽ فرانس جو جهنڊو هڪ سهڻي صندوق ۾ ويڙهي پيرس موڪليو ويو. جڏهن اقتدار جي سَڌ نظرن کي انڌو ۽ دلين کي ماري ڇڏيندي آهي ته سرحدون ائين سُسي پونديون آهن. اک ڇنڀ ۾ آمريڪا جي پکيڙ ٻيڻي ٿي ويئي Lusiana purchase رڳو اتفاق هو يا جيفرسن جي عياري ۽ دورانديشي. تاريخ اڃا تائين حيرت ۾ آهي. جيڪڏهن نيپولين کي اهي پندرهن ملين ڊالر ڪنهن ٻي هنڌان ملي وڃن ها ته شايد اڄ آمريڪا يورپ جي ڪنهن ملڪن جيان رڳو هڪ ننڍو ملڪ هجي ها. آمريڪا جي تاريخ ۾ گهڻو ڪجهه سبق آهي، همت، جرئت، ذهانت، عياري، بي رحمي، رتوڇاڻ، سودي بازي، آهون، سڏڪا، لڙڪ، قربانيون، حب الوطني سازشون. جيفرسن ميموريل جي ٻاهر چيري بلاسم جي ڳاڙهن، اڇن، پيلن ۽ قرمزي رنگن جي گلن ۾ گهيريو بيٺو اهو سوچي رهيو هوس ته ڇا هر وڏو ملڪ ائين بنجندو آهي، ڇا هر وڏي سڀيتا جو بنياد ائين رکيو ويندو آهي.
    جيفرسن کي قدرت ڪيترن ئي انعامن سان نوازيو هو. ڪو اهڙو عهدو نه هو، جيڪو کيس نه مليو هجي. گورنر، پرڏيهي وزير، نائب صدر، صدر، پر کيس پنهنجي جنهن ڪارنامي تي ججهو فخر هو، اهو ’يونيورسٽي آف ورجينيا‘ جو قيام هو. سندس خواهش هئي ته سندس ديس واسي اهو نه وسارين ته هن هڪ يونيورسٽيءَ جو بنياد رکيو هو. ان يونيورسٽي جي عمارت به پاڻ ئي ڊزائين ڪيائين. چرج جي تسلط کان آجي ان يونيورسٽيءَ ۾ داخلا جو معيار مذهب ۽ دولت جي جاءِ تي فقط ۽ فقط تعليمي قابليت هئي. جيفرسن جو صدارتي عهدو 1808ع ۾ ختم ٿيو. ان کانپوءِ به هو سترهن سال جيئرو رهيو. اهو سمورو وقت هن يونيورسٽي جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. ڪتابن جي سنگت، گهوڙيسواري ۽ ڪاريون عورتون، آخري وقت تائين سندس من پسند مشغوليون رهيون. خوبين ۽ خامين جي مجموعي جيفرسن جو لکيل هي جملو آمريڪا جي اعلان آزادي ۾ شامل آهي ۽ هاڻ هڪ حوالو بنجي چڪو آهي.
    We hold these truths to be self-evident, that all men are created equal, that they are endowed by their creator with certain inalienable rights, that among these are life, liberty and pursuit of Happiness.
    جيفرسن جي هڪ چوڻي سمٿ سونين مال ۾ موجود عجائب گهر تي لکيل آهي، اها چوڻي زندگي جي تمام وڏي حقيقت جي ترجمان آهي. علم جي اهميت جو اُن کان ڀلو ڀلا ڪو ٻيو خوبصورت اظهار ٿي سگهي ٿو.
    If a nation expects to be ignorant and free، in a state of civilization. It expects what never was and never will be.
    جيفرسن جو اهو چوڻ ته انسانن کي برابر تخليق ڪيو ويو آهي، فقط هن جي لاءِ مخصوص ڪونهي... پاڻ به چئون ٿا ته ڪنهن ڳوري کي ڪاري تي ۽ ڪنهن عربي کي عجميءَ تي فوقيت نه آهي. جيڪڏهن فوقيت آهي ته رڳو ڪردار ۽ تقويٰ کي. هڪ عام انسان جي نصيحت ملڪي آئين جو حصو بنجي ويئي آهي، پر مُحسن انسانيت جو حڪم سندس پيروڪارن وساري ڇڏيو آهي. زوال جو سبب ڳولهڻ ڏکيو ڪونهي. چيري بلاسم جي گلن مرڪندي اهو چيو ۽ آئون آلين اکين سان اتان موڪلائڻ لڳس. سمٿ سونين مال تي ٺهيل اهي عجائب گهر ۽ يادگار ماضي جا لنگهه ئي نه پر آئيندي جو رستو به آهن ۽ اهو سبق رڳو آمريڪا جي لاءِ ئي نه پر سڀني دنياوارن جي لاءِ آهي. حقيقت ته اها آهي ته نظرون انڌيون نه هونديون آهن، اهي ته دليون انڌيون ٿي وينديون آهن، جيڪي سيني جي اندر آهن.


    4.11: شفق جو ڳاڙهو رت

    جيفرسن ميموريل کان ٿورو پرڀرو لنڪن ميموريل آهي، جيڪا سمٿ سونين جي سڀني کان شانائتي عمارت آهي. جتي موجود لنڪن جو مجسمو آمريڪي تاريخ ۾ سندس اهميت جو اعتراف آهي. سهڻن اکرن ۾ لکيل اها لکت لنڪن جي عظيم خدمتن جو احاطو ڪري ٿي.
    In this temple, as in the hearts of the people for whom he saved the union, the memory of Abraham Lincoln is enshrined forever.
    مجسمي جي روبرو هڪ چبوترو آهي، جنهن تي بيهي مارٽن لوٿر ڪنگ پنهنجي يادگار تقرير ڪئي هئي. ميموريل جي عين پيرن ۾ هڪ طرف ويٽ نام جي شهيدن جي يادگار اڏي ويئي آهي ۽ ٻي طرف ڪوريا جي جنگ ۽ ٻي مهاڀاري جنگ جا يادگار آهن. ويٽ نام جي شهيدن جو يادگار پٿر جي هڪ وڏي ڀت آهي، جنهن تي انهن اٺونجاهه هزار سپاهين جا نالا اُڪريل آهن، جيڪي تمام پري ويٽنام ۾ وڙهندي ماريا ويا. ڪڏهن ڪڏهن انهن يادگارن جي آسپاس سوين ماڻهو نظر ايندا آهن. ڪو گلن جي ڀيٽا ڪندو آهي ته ڪو دعا ڪندو آهي. ڪو لڙڪن جا نذرانا ڇڏي ويندو آهي. ايندڙ ماڻهو پڪ سان دوست يار ۽ مٽ مائٽ ئي هوندا. انهن جي اکين ۾ اوسيئڙي جا روشن ڏيئا ڪڏهوڪا وسامي چڪا آهن، پر انهن وساميل ڏيئن کي اڃا تائين انهن سوالن جا جواب نه مليا آهن ته ڇا مائرون ٻارڙن کي ان ڪري ڄڻينديون آهن ته انهن کي بارود جي حوالي ڪيو وڃي. اها جنگ انهن سوين جنگين مان هڪ آهي، جيڪا آمريڪا امن عالم جي عظمت جي لاءِ وڙهي... ڇا ان جنگ جو ڪو اخلاقي جواز هو، ڇا ڪنهن به جنگ جو ڪو اخلاقي جواز هجي ٿو. خود آمريڪا ۾ به ڪيترن ئي ماڻهن جنگين جي خلاف آواز اٿاريو، پر اهي آواز وقت جي مقبري ۾ رڳو هڪ گونج ثابت ٿيا. جنگ جي جنون ۾ امن جو هر آواز رڳو پڙاڏو ئي هوندو آهي.
    ويهه سال اڳ مونکي شهيدن سان منسوب اها ڀت سٺي لڳي هئي. ان تي لکيل نالا ڪافي دير تائين منهنجي ذهن ۾ جڳمڳائيندا رهيا. اڄ مون اها ڀت ڏٺي ته مونکي پنهنجا شهيد ياد اچڻ لڳا. خيبر کان ڪراچي تائين، گلگت، ڪوئٽا، راولپنڊي کان اسلام آباد تائين. پاڪستان ۾ به مزار قائد تي هڪ اهڙي ڀت بنجڻ گهرجي، جنهن تي انهن بهادر سپاهين جا نالا لکيا وڃن، جيڪي سرحدن جي حفاظت ڪندي ماريا ويا. دهشتگردي جو شڪار ٿيا، جيڪا نه ڄاڻ ڪهڙي ڏوهه جي سزا آهي. گهٽين، گهيڙن کان وٺي مسجدن تائين اسان ڪٿي ڪٿي ملهه ناهي چُڪايو. اها قرباني، اهو شفق جهڙي رت جو رنگ، هڪ شاندار صبح جو امين آهي.


    4.12: اسين ته ڪرم ڏانهن جهڪيل آهيون

    چيري بلاسم جا سُهڻا گل پويان رهجي ويا.
    اسان کي ٻين بجي مائيڪرو فنانس جي هڪ گرو روبرٽ فيلڊ سان گڏجڻو هو. روبرٽ سڪوفيلڊ ان اداري جي سربراهه جو نالو هو، جنهن سان مائيڪرو فنانس جون شروعاتي يادون لاڳاپيل آهن. انهن ڏينهن جو سُندر ساروڻيون جڏهن مائڪروفنانس اڃا هڪ ڪاوربار نه ٿيو هو.. جيفرسن ميموريل مان نڪري اسان نارٿ ويسٽ واشنگٽن جو رخ ڪيو. سڪوفيلڊ سان اها ملاقات منال بخش جي ذريعي طئي ٿي هئي. روبرٽ سڪوفيلڊ ”فنڪا“ نالي هڪ اداري جو صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آهي. فنڪا (Finca) يعني The foundation for international community Assistance کي غريب ماڻهن جي ورلڊ بئنڪ چيو وڃي ٿو. دنيا ۾ مائيڪروفنانس جي شروعات گرامين بئنڪ ۽ فنڪا نالي ان اداري کان ئي ٿي. فنڪا جو هيڊ ڪوارٽر واشنگٽن ۾ آهي، جڏهن ته هن جون دنيا جي ايڪيهين ملڪن ۾ شاخون آهن. واشنگٽن جي مهنگي ترين علائقي جي هڪ بلڊنگ جي مٿاهين منزل تي قائم ان اداري جي قرضن جو ڪاٿو 300 ملين ڊالر آهي.
    فنڪا جي شروعات 1984ع ۾ جان هيچ نالي هڪ شخص جي هٿان ٿي جان هيچ (John Hatch) جو واسطو آمريڪا سان هو. هو يونيورسٽي آف وسڪونس مان گريجوئيشن ڪري پوءِ لاطيني آمريڪا جي هڪ ملڪ پيرو ۾ پهتو ۽ غريبن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لڳو. اتي ئي هن پنهنجي ڊاڪٽريٽ به مڪمل هئي. پيرو کانسواءِ هو ڪيترن ئي ملڪن ۾ ترقياتي پروگرامن سان واڳيل رهيو، پر نتيجن جي لحاظ کان کيس هر ڀيري مايوسي ٿي. نيٺ هو ان نتيجي تي پهتو ته ماڻهن جي ترقي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ خود حڪومت ئي آهي ۽ ٻي رڪاوٽ پرڏيهي ملڪن مان آيل ماهر آهن. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن حڪومت ۽ ماهر ماڻهن جي رستي تان هٽي وڃن ته هو پاڻ پنهنجي ترقي جي واٽ تي هلڻ لڳندا. جان هيچ جي اها سوچ ئي ڳوٺاڻي بئنڪنگ نظام جو بنياد ثابت ٿي. سڀني کان پهرين جنهن ملڪ ۾ ڳوٺاڻي بئنڪ ڪم شروع ڪيو ان جو نالو ڪوسٽاريڪا آهي، تنهن کانپوءِ ايلسلواڊو، ميڪسيڪو، هنڊوراس، گوئٽي مالا، لاطيني آمريڪا جي ملڪن کانپوءِ يوگنڊا، ملاوي، تنزانيا، زمبيا کان ويندي ڪيترن ئي ملڪن تائين اهو ڪم پکڙجي ويو. هن وقت فنڪا جي ڳوٺاڻن بئنڪن سان ستن لکن کان به وڌيڪ ماڻهو لاڳاپيل آهن. هن نظام جي پنجن اهم مقصدن ۾ بي حد غريب ماڻهن تائين پهچ، وسعت، پائيداري، تنوع ۽ پنهنجي گراهڪن سان دوستاڻو رويو شامل آهي. انهن مقصدن جو حصول ڪيترو ڏکيو آهي، تنهن جو اندازو جان هيچ جي هڪ لکڻي مان ٿئي ٿو. سندس چوڻ آهي ته، مون 1984ع ۾ ڳوٺاڻي بئنڪنگ سان لاڳاپيل اداري فنڪا (Finca) نالي اداري جو بنياد رکيو. ان وقت کان وٺي اڄ ڏينهن سوڌي آئون ڳوٺاڻي بئنڪنگ سان ئي لاڳاپيل آهيان. جنهن تيزيءَ سان وقت گذري پيو، ان ئي تيزي سان منهنجي حيرت وڌنڌي پئي وڃي. منهنجي دامن ۾ سوال تمام ججها آهن ۽ جواب گهٽ. ڳوٺاڻي بئنڪنگ جو مقصد انتهائي غريب ماڻهن تائين پهچڻ هو، پر اڄ به اڻ ڳڻيا غريب ڪُٽنب ان سهوليت مان فائدو ماڻي نه پيا سگهن. پکيڙ ۽ مالي پائيداري جهڙن مقصدن بئنڪ جي بنيادي مقصدن کي ڌنڌلائي ڇڏيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن آئون پاڻ کان سوال ڪندو آهيان ته پائيداريءَ مان اسان جو مقصد ڪهڙو آهي؟ اسين ڪهڙي قسم جي پائيداريءَ جي لاءِ ڪوششن ۾ آهيون. ڳوٺاڻي بئنڪ جي پائيداري يا غريب ڪسٽمرز جي پائيداري؟ جيڪڏهن اسين اهي ٻئي هدف هڪئي وقت پورا نٿا ڪري سگهون ته هڪ هدف کي ٻي تي فوقيت ڇو ٿي ڏني وڃي. جيڪڏهن اسين رڳو غريب گهراڻي جي پائيداريءَ جي ڳالهه ڪنداسين، جيڪو اسان جو گراهڪ آهي ته اسان جي ترجيح ڪهڙي هئڻ گهرجي. هن پاران ماهوار قسط جي وقت سر وصولي يا هن جي ٻارن جي فيءَ جي ادائيگي. انهن ٻنهي مان ڪهڙي شيءِ کي اوليت ملڻ گهرجي. ٻيو معاملو پروگرام جي پکيڙ جو آهي. پکيڙ جي معنيٰ ڇا آهي ۽ ان جو رخ ڪهڙو هئڻ گهرجي. ڇا ان جو مطلب گهڻي ۾ گهڻا گراهڪ يا گهڻي ۾ گهڻا قرض آهن، يا اسان کي ٿورن گراهڪن کي مستقل بنيادن تي پاڻ سان گڏ رکڻ گهرجي. جيڪڏهن اسين گراهڪن جو تعداد وڌايون ٿا ته انهن جي صلاحيتن ۽ انهن جي آمدني کي ڪيئن وڌائينداسين. انهن جي ڪاروبار کي لاڳو خطرن ۽ انهن جي صحت ۽ زندگيءَ جي مامرن جو نبيرو ڪيئن ٿيندو؟ انهن سڀني ڳالهين جو اصل رڳو هڪ ئي سوال آهي ته ڇا اسين ڳوٺاڻي بئنڪنگ ۽ ننڍن قرض جي ذريعي پنهنجا گهربل مقصد ماڻي رهيا آهيون؟ پائيداري ۽ پکيڙ جهڙين ترجيحن کي بنيادي مقصدن کان هٽي ڏسي نٿو سگهجي. جيڪڏهن گراهڪ جي زندگي ۾ ڪا تبديلي نه آئي ته ان پائيداري ۽ پکيڙ مان ڪهڙي هڙ حاصل ٿيندي. جيڪڏهن بي حد غريب ماڻهو ئي غربت مان نڪري نه سگهن ته ان سڄي هڻ وٺ جو ڪهڙو فائدو؟
    جان هيچ هاڻ سنئون سڌو فنڪا سان لاڳاپيل نه آهي. فنڪا جي اڳواڻي هاڻ روبرٽ سڪوفيلڊ ۽ ٻين وٽ آهي.
    سڪوفيلڊ سان ملاقات جي دوران فنڪا کان وڌيڪ ”اخوت“ جون ڳالهيون ٿيون، هو اخوت جي ماڊل کان واقف هو. هن جي سوالن ۾ حيرت ۽ تجسس هو. هن اخوت جي ماڊل جي دل کولي واکاڻ ڪئي. سندس چوڻ هو ته ان ماڊل جي لاءِ تيزيءَ سان پکڙڻ ڏکيو هوندو، پر بنا وياڄ جي پهلو يقينن ان جي لائق آهي ته اهو واکاڻيو وڃي. سرمائيداري نظام جي هڪ حامي پاران اهو ٻُڌي گهڻي خوشي ٿي. سڪو فيلڊ پاڪستان اچڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو. غربت جي خاتمي جي لاءِ جان هيچ، سڪوفيلڊ ۽ فنڪا جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، پر ڳري سروسز چارجز جي ڪري کين تنقيد سان منهن ڏيڻو ٿو پوي. مونکي اهو سڄو بحث ياد اچڻ لڳو، جيڪو پهرين ڏينهن هاروڊ يونيورسٽي ۾ ٿيو هو. مائڪروفنانس ڪاروبار آهي يا ذميداري، ان کي ڪاروبار بنائي اسين ڪروڙين ماڻهن تائين پهچي ته وينداسين، پر ڇا ائين غربت ختم ٿي ويندي. منزل تائين پهچڻ جي لاءِ رستو ته صحيح هئڻ گهرجي. سڪوفيلڊ جي ڳالهين ۾ گرمجوشي ۽ پنهنجائپ هئي. ملاقات کانپوءِ اسين لفٽ طرف وڃڻ لڳاسين ته قدير پُڇيو، فنڪا جا هن وقت ست لک ڪسٽمر آهن ۽ اخوت وٽ هڪ لک، اسين ان هنڌ تي ڪڏهن پهچنداسين. ان جو سڄو مدار اسان جي دردمندي تي آهي. ان عظيم فلسفي جي پيروي تي، جنهن جو نالو مواخات آهي. جيڪڏهن پاڪستان جا پنجاهه سيڪڙو ماڻهو غريبن کي پنهنجو ڪن... مواخات جي ان ئي جذبي تحت اسان کي جيڪا تعليم ڏني ويئي آهي ته اهي پنجاهه سيڪڙو غربت جي ڌُٻڻ مان نڪري سگهن ٿا. هڪ شخص يا هڪ گهراڻي هڪ گهر يا هڪ شخص کي اختيار ڪري ورتو. ته پوءِ اهو ڪو ڏکيو ڪم نه آهي.“

    ہر چارھہ گر کو چارہ گری سے گریز تھا
    ورنہ ہمیں جو دکھ تھے بہت لا دوا نہ تھے


    4.13: بالٽي مور

    واشنگٽن ڊائون ٽائون مان نڪري پاڻ بالٽي مور جو رخ ڪيو. عام حالتن ۾ ته اهو سفر ڪو ايترو ڊگهو ڪونهي، پر رش سبب اسان کي اڍائي ڪلاڪ لڳي ويا. بالٽي مور جي اسلامي مرڪز ۾ گهڙندي ئي ان جي وشالتا ۽ ڪشادگيءَ جو احساس ٿيڻ لڳو. تمام وڏو اڱڻ ۽ پارڪنگ نظر آيا. هتي مسجد اڏڻ کانسواءِ مدرسو، لئبرري، ڊسپينسري ۽ هڪ وڏو هال پڻ اڏيو ويو آهي. ٻين لفظن ۾ مسجد رڳو عبادت گاهه نه آهي. اسلام مسجد جي شڪل ۾ هڪ اهم ديني ۽ سماجي اداري جو بنياد رکيو، پر اسان جي بد قسمت اها آهي ته اسان ان جي افاديت کي پٺتي ڌڪي رڳو پنهنجن گهرن تائين محدود ٿي ويا آهيون. آمريڪا ۾ مسجدن مان سماجي رابطن جي سڳنڌ ٿي اچي. اسان گاڏي پارڪ ڪئي ۽ وڏي دروازي مان مسجد ۾ گهڙياسين، اندرين سونهن سادي پر عبوديت جي بلڪل ذوق واري هئي. اسان جي ميزبان مقبول پٽيل ڪيترن ئي ماڻهن کي ڪوٺيو هو. هونئن به سانجهي جي وقت نمازين جي تعداد ۾ واڌارو ٿي ويندو آهي. اسان کي چوڌاري هر خطي آفريقا، ايشيا، وچ اوڀر ۽ مشرق بعيد جا ماڻهو نظر آيا. دنيا جو اهو ڪهڙو هنڌ آهي، جتي توحيد جو گيت نٿو گُونجي. نماز کانپوءِ امام صاحب ٿوري دير جي لاءِ نمازين کي ترسڻ جي گذارش ڪئي. سڀ کان پهرين منهنجو ۽ ڊاڪٽر قدير جو تعارف ڪرايو ۽ پوءِ مون کي ڳالهائڻ جي دعوت ڏني. اهو هڪ خوبصورت موقعو ۽ ڌارين سر زمين تي ملندڙ هڪ منفرد اعزاز هو. اخوت جو اهو ئي تصور، اها ئي ڪارڪردگي ۽ پوءِ ماڻهن ۾ اها ئي سرهائي ۽ حيرت، ڪجهه ماڻهو مائيڪرو فنانس جي نظام کان واقف هئا، هڪ ٻن گرامين بئنڪ جو نالو به ٻڌو هو، پر انهن کي ان ڳالهه جي خبر نه هئي ته گرامين بئنڪ جي قرض تي وياڄ به ورتو ٿو وڃي، ڪيترن اهو پڇيو ته ڇا اخوت، گرامين بئنڪ جو ئي تسلسل آهي. پاڻ کي وضاحت ڪرڻي پئي ته اخوت جو ماخذ ڀائيچاري جي اسلامي روايت آهي۽ اسان جو طريقو گرامين کان ڌار آهي. ڪيترا جواب ته انهن سوالن ۾ موجود هئا. ماڻهن اهو ڄاڻڻ ٿي چاهيو ته ڇا اهو ڪم وٽن به ٿي سگهي ٿو. مون ٻُڌاين ته اخوت جا دائمي اصول ته سڀني جي لاءِ آهن. اسان ان اداري جي ذريعي ڪا نئين شيءِ ته پيش نه ڪئي آهي. اخوت جو تصور، قرض حسنه جي روايت، وياڄ جي لعنت، مسجد سان رشتو ۽ رضاڪاريت، اهي سڀ ڳالهيون ته الله جي رسول جون آهن، جيڪو غريبن جو سڀني کان وڏو دوست ۽ همدرد هو. بالٽي مور جو اسلامي مرڪز عشق رسول سان معمور نظر آيو. مقبول پٽيل ۽ سندس ساٿين جو ٿورو مڃيو. پاڪستان ۾ ملاقات جو وعدو ٿيو ۽ هٿ ملائي ٻاهر نڪري آياسين. ٻاهر ڪيترائي نوجوان ۽ ٻارڙا نظر آيا جيڪي راند کيڏندي نظر آيا. مسجد کي سماجي تبديلي جو محور بنائي اسين هڪ وڏي تبديلي آڻي سگهون ٿا. مونکي مقبول صاحب جي ڳالهه ياد آئي. شايد اهو ئي ڪارڻ آهي ته آمريڪا ۾ هنڌ هنڌ تي مسجدون آباد پيون ٿين.
    بالٽي مور کان قدير جي گهر جو رخ ڪيوسين. سمٿ سونين مال، مارٽن لوٿر ڪنگ، ٿامس جيفرسن، چيري بلاسم جا خوبصورت گل ۽ فنڪا جي آفيس، ڏينهن جي پُڄاڻي اسلامي مرڪز تي ٿي. ٻين لفظن ۾ جتي جي شيءِ هئي اُتي ئي پهتي. ماني کائي ٻي ڏينهن جي پروگرامن جو جائزو ورتو ويو. اهو ڏينهن به بي حد مصروف هو، هڪ نالي واري پاڪستاني ڊاڪٽر محمد اختر، جيڪو واشنگٽن ڪيترين ئي عهدن تي رهيو آهي، ان سان گڏجڻ جي لاءِ آمريڪن يونيورسٽي وڃڻو هو ۽ اُت ڊاڪٽر اڪبر احمد سان ملاقات ۽ پوءِ شام جو وري هڪ ٻي تقريب يعني يونيورسٽي آف ميري لينڊ ۾ ٿيندڙ ڊنر ۾ شرڪت ڪرڻي هئي.


    4.14: ٻيو ڏينهن

    قدير آفيس مان موڪل وٺي چڪو هو.سندس گهر ۾ اڄ ٽيو ڏينهن هو. کانئس علاوه گهر جا ٻيا ڀاتي به مهمان نوازيءَ تي سندرو ٻڌيو بيٺا هئا. هو جڏهن ميڊيڪل ڪاليج ۾ هو تڏهن به سندس گهر مهمانن سان ڀريو پيو هوندو هو. ڪجهه ماڻهن جي ڀاڳ ۾ خدمت لکي ويندي آهي. سندس گهر تي ٿيندڙ دعوتون اسان کي اڃا سوڌي ياد آهن. سياري ۾ ساڳ پلي، مکڻ، مڪئي جي ماني، لسي ۽ چيچڙي مان نڪتل ڪمنڊ جي رس واري کير جو خاص بندوبست هوندو هو. اهي سڀئي شيون سندس ڳوٺان اينديون هيون. لسي کي هن ’گوجر ڪولا‘ جو نالو ڏنو هو. ’پوٽو مڪ ويلي‘ جي هڪ خوبصورت گهر ۾ چشتيان جي سرهاڻ پکڙجڻ لڳي.
    الل وهاڻيءَ ناشتو ڪري ۽ ٿوري ئي دير ۾ تيار ٿيڻ لڳس. قدير جي ذميداري رات جي ڊنر جي هئي، تنهنڪري مونکي ڏينهن جو پهريون حصو چوڌري الهه بخش سان گذارڻو هو. جيئن ئي مقرر وقت تي چوڌري صاحب هارن ڏنو ته آئون ٻاهر نڪري آيس. پهريون ڊاٻو ڊاڪٽر محمد اختر جي آفيس هئي. ڊاڪٽر اختر چاليهن سالن کان واشنگٽن ۾ رهي ٿو. صحت جي شعبي ۾ سندس وڏو ڪم ٿيل آهي. اڳوڻي صدر ڪلنٽن جي دور ۾ هو ڪيترن ئي عهدن تي رهيو. اڄ ڪلهه پبلڪ هيلٿ جي هڪ غير سرڪاري اداري جو اڳواڻ آهي. 1993ع ۾ هن جي سهڪار سان مون واشنگٽن سٽي گورنميننٽ جي صحت کاتي ۾ انٽرنشپ به ڪئي هئي. ان کانپوءِ هو هڪ ٻه ڀيرا پاڪستان آيو ته ساڻس مختصر ملاقاتون ٿيون. هاڻ مون ڳچ وقت کانپوءِ کيس ڏٺو، پر منجهس ڪا به تبديلي نظر نه آيم. هن پنهنجي آفيس جي ڪجهه سينئر همراهن کي به ان گڏجاڻي جي لاءِ گهرايو، ۽ ڏاڍي دلچسپيءَ سان اخوت جي ڪهاڻي ٻڌي. منهنجي ڳالهين جي دوران سندس هڪ جهونو ساٿي لڳاتار ڪنڌ ڌوڻيندو رهيو ۽ آخر ۾ هن رڳو هڪ ڳالهه چئي. اعتبار جوڳي نٿي لڳي! سندس هڪ ٻي همراه چيو اها ڏاڍي خوبصورت ڪهاڻي آهي، جيڪڏهن ان ڪهاڻي کي ڪو داستان گو ملي وڃي ته اها Instant hit آهي. ڊاڪٽر اختر ڪو خوش ٿيو ڇا، هن گڏجاڻي ختم ٿيڻ جي باوجود به اُٿڻ نه ڏنو ۽ اسين هڪ ڪلاڪ وٽس ويٺا رهياسين. ڊائون ٽائون ۾ سندس آفيس به ڪيترين ئي تاريخي هنڌن جي ڀرسان آهي. هِتان هُتان جي ڳالهين کان پوءِ موڪلايوسين. ستين ماڙ تان هيٺ لهڻ ۾ ڪجهه ئي گهڙيون لڳيون. ٿوري دير کانپوءِ پاڻ ميسا چوسٽس ايوينيو تي هئاسين، جيڪا سڌي اميريڪن يونيورسٽي ٿي ويئي.
    اميريڪن يونيورسٽي منهنجي يادن جو هڪ اهم سنگم، جتي منهنجو گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ سال گذريو هو. ڊاڪٽر اختر جي آفيس مان نڪري يونيورسٽي پهچڻ ۾ ڪلاڪ کن لڳو. منهنجي لاءِ اها يونيورسٽي ڏاڍي يادگار آهي. مون جيڪو اسلاميه ڪاليج ڪماليا کان سفر شروع ڪيو، ان جي پُڄاڻي هتي پهچي ٿي.


    4.15: امريڪن يونيورسٽي

    امريڪن يونيورسٽي جي شروعات 1892ع ۾ ٿي. آمريڪا جي پهرين صدر جارج واشنگٽن جي اها خواهش هئي ته گاڌي واري هنڌ ۾ هڪ اهڙي درسگاهه هئڻ گهرجي، جتي سڄي دنيا مان شاگرد پڙهڻ جي لاءِ اچن. هر اهو سپنو جيڪو ڏٺو وڃي ٿو، ان جي ساڀيان ضرور ٿئي ٿي. اڄ اها يونيورسٽي دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ ڳڻي وڃي ٿي. هڪ سؤ پنجاه ملڪن مان لڳ ڀڳ ڏهه هزار شاگرد هت پڙهن ٿا. امريڪن يونيورسٽي کي تمام گهڻي شهرت اُن وقت ملي جڏهن صدر جان ايف ڪينيڊي 1963ع ۾ هتي خطاب ڪيو. ان خطاب ۾ آمريڪي صدر ٻنهي عالمي طاقتن روس ۽ آمريڪا جي ذميدارين جي ڀيٽ ڪئي. ان واقعي کي اڌ صدي گذري چڪي آهي. روس جي عظمت جو سج ته لهي چڪو آهي، پر آمريڪا جو سج اڃا پنهنجي جوڀن تي آهي. پر هر عروج جو هڪ زوال به هوندو آهي. اڄ جو آمريڪي طريقو ڪينيڊي جي طور طريقي جي انهن لفظن جي نفي ٿو ڪري. گفتار ۽ ڪردار ۾ تضاد نه رڳو ماڻهن جو، پر قومن جو پڻ الميو آهي. آئون 1993ع کان وٺي 1995ع تائين ان يونيورسٽي ۾ رهيس. اخوت جي بورڊ آف ڊئريڪٽرس جو ميمبر همايون احسان به هن يونيورسٽي ۾ پڙهندو رهيو. منهنجي داخلا اسڪول آف انٽرنيشنل اسٽڊيز (SIS) ۾ هئي، پر مون آمريڪي تاريخ جو ڪورس کنيو هو. تاريخ جي استاد جي لاءِ اها ڳالهه حيرت ۾ وجهندڙ هئي ته پاڪستاني سول سروس جو هڪ رڪن آمريڪي تاريخ ۾ ايتري دلچسپي رکي ٿو. داخلا جي لاءِ انٽرويو ٿيو ته هن ڪيترائي عجيب سوال پڇيا. ظاهر آهي جواب به ايترائي عجيب ڏنا ويا. مون کيس ٻڌائي ڇڏيو ته سندس ڪلاس ۾ منهنجي دلچسپي جو هڪ ڪارڻ ايپرل به آهي. آئون ايپرل سان گڏ پڙهڻ ٿو چاهيان. هن جي حيرت اڃا به وڌي ويئي. نتيجو اهو نڪتو ته مونکي نه رڳو داخلا ملي ويئي، پر اسين پاڻ ۾ سٺا دوست به بنجي وياسين. تاريخ جا اهي هڙئي ڪتاب جيڪي هن لکيا هئا، سي مونکي سوکڙي طور مليا. آمريڪي تاريخ کي سمجهڻ ۾ هن ڏاڍو اهم ڪردار ادا ڪيو. جيڪڏهن قومن جي عروج ۽ زوال کي سمجهڻو آهي ته پاڻ کي آمريڪي تاريخ ضرور پڙهڻ کپي. هڪ بي چيني، هڪ ڇڪتاڻ... اهو هڪ روح گرمائيندڙ تجربو آهي. يقين کان ٻاهر واقعا ۽ افسانوي ڪردار نئين دنيا تائين پهچڻ جو ان کان سولو شايد ئي ڪو ٻيو رستو هجي.
    امريڪي يونيورسٽي ۾ منهنجو پهريون سال هيوبرٽ همفري فيلوشپ جي لاءِ هو، انٽرنيشنل ڊويلپمينٽ منهنجو خاص مضمون هو. ترقي، غربت جو خاتمو، هڪ خوبصورت سماج. مون سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ ترقي جي ڪوشش کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. گرامين بئنڪ سان منهنجو پهريون تعارف به هت ئي ٿيو. اڄ هتي پهچي ائين لڳم، ڄڻ اها ڪلهه ڪلهوڻي ڳالهه هئي. اهي ئي رستا، اهي ئي روڊ، اهي ئي در، اهي ئي ڀتيون، اهو ئي ماحول. يونيورسٽي جي سڀ کان خوبصورت جڳهه لئبرري هئي، ان ئي لئبرريءَ ۾ يونيورسٽي جي سڀ کان سهڻي ڇوڪري ويهندي هئي. هوءَ اتي پڙهڻ ايندي هئي ۽ کيس ڏسڻ جي لاءِ ڪيترائي همراه هتي پڙهڻ جي لاءِ هليا ايندا هئا. ان جو نالو ايپرل هو. اپريل جي مهيني ۾ ٽڙندڙ گلن جيان نرم ۽ نازڪ، انوقت لئبرري ۾ ڏهن لکن کان به وڌيڪ ڪتاب هئا، جن مان ٽي لک ڪتاب هر وقت شاگردن وٽ رهندا هئا. منهنجي ڪنن ۾ يونيورسٽي جو موٽو گونجڻ لڳو For God and country(خدا ۽ ملڪ لاءِ) اها گهڙي جڏهن مون سوين شاگردن سان گڏ ڊگري وٺندي اهو وچن ڪيو هو ته پنهنجي خدا ۽ پنهنجي ملڪ جي لاءِ جيئندس. مونکي فخر آهي ته مونکي اڄ به پنهنجو اهو وچن ياد آهي. گريجوئيشن جي ان تقريب ۾ فرخ، جنيد ۽ فرازين کانسواءِ قدير ۽ سندس گهر واري به مون سان گڏ هيون. آئون ٿوري دير لئبرري جي سامهون بيٺو رهيس. مصطفيٰ پراچنده، هائيما، سارا، ارردن، ملائيشيا، نيپال... مون کي ائين لڳو ته ڄڻ ڪجهه پراڻا سنگتي به مون سان گڏ آهن. لئبرري سان گڏ خالي پيل جاءِ اسڪول آف انٽرنيشنل اسٽڊيز جي نئين عمارت اڏجي چڪي هئي. جارج واشنگٽن جو اهو ئي خواب هو. ان عمارت ۾ اسان کي اڪبر ايس احمد سان گڏجڻون هو. اسين عين وقت تي سندس آفيس جي سامهون موجود هئاسين. کڙڪائڻ تي سندس سيڪريٽري ڀليڪاريو ۽ ٻڌايو ته اڪبر ايس احمد اسان جي اوسيئڙي ۾ آهي.


    4.16: هڪ حلقو منهنجو آهي، هڪ هُن جو

    اڪبر ايس احمد جي ڳڻپ پاڪستان جي ناليوارن ماڻهن ۾ ٿئي ٿي. سول سروس، هارورڊ ۽ ڪيمبرج ۾ استاد، امريڪن يونيورسٽي ۾ ابن خلدون چيئر. نوڪريءَ جي شروعاتي ڏينهن ۾ هن پنهنجو گهڻو وقت وزيرستان، اورڪزئي ۽ خيبر ايجنسيءَ ۾ گذاريو ۽ پوءِ بلوچستان ۾ جتي جا ماڻهو اڄ به کيس ياد ڪن ٿا. اڪبر ايس احمد هڪ شاعر به آهي ته دانشور به. هن هڪ ڊزن کان به وڌيڪ ڪتاب لکيا آهن. جن ۾ شاعري ۽ ڊراما پڻ شامل آهن. ويجهڙ ۾ سندس شاعريءَ جو ڳٽڪو ”وچ ۾ ڪٿي لڙڪيل“ جي نالي سان آمريڪا ۾ ڇپيو آهي، پر آئون ان ڪتاب مان گهڻو محضوظ ٿي نه سگهيس، جو شاعري پڙهڻ جو مزو فقط پنهنجي زبان ۾ اچي ٿو. اڄڪلهه اڪبر ايس احمد انساني حقن جي جدوجهد ۾ پڻ شامل آهي. سندس چوڻ آهي ته سڄي دنيا جون رياستون اقليتن جي لاءِ زهر قاتل بنجي چڪيون آهن. ننڍين ننڍين سڀيتائن، ثقافتي ۽ مذهبي گروهه قومي ڌارا ۾ شامل نه آهن. هو پنهنجي سڃاڻپ قائم رکڻ چاهين ٿا، پر کين طاقت جي ٻَل تي دٻايو وڃي ٿو. اهو سڀ ڪجهه هڪ سوچيل سمجهيل رٿابنديءَ تحت ڪيو ويندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ تشدد ۽ تباهي جنم وٺندي. انساني يڪجهتي، بنيادي حق، امن امان ۽ سماجي انصاف، اهي وڏا وڏا تصور ٽٽي وکري ويندا.
    هن پنهنجي ڪئريئر جو وڏو حصو بلوچستان ۾ گذاريو. نواب اڪبر بگٽي، مير غوث بخش بزنجو، ڄام غلام قادر، مير جعفر خان جمالي ۽ ٻين ڪيترن ئي بلوچ اڳواڻن سان هن جي رفاقت رهي. ڪجهه وقت اڳ بلوچن سان جيڪو سلوڪ ڪيو ويو، اُن تي کيس وڏو صدمون پهتو. سندس خيال ۾ نواب اڪبر بگٽي جي موت بلوچستان ۾ عليحدگي جي تحريڪ کي هوا ڏني آهي. اهو فيصلو اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي رعونت هئي يا سندس مُٺ جيترن ساٿين واقعي اهو سمجهيو ٿي ته جبلن تي ويٺل اهو اسي سالن جو جهونو اسلام آباد جي لاءِ خطري جو سبب آهي. اڪبر ايس احمد محقق به آهي ته تاريخ جو ڄاڻون به، ڪجهه ماڻهن جي نظر ۾ هو هڪ وکريل، منتشر ۽ تڪراري شخصيت آهي ۽ ڪجهه ماڻهو سندس فڪري ۽ علمي ڪاوشن کي شڪ جي نظر سان ڏسندا آهن، پر مون کي ته سندس هر ڳالهه ۾ پاڪستان جي محبت ئي نظر ٿي اچي. ان محبت ۾ جذباتيت نه پر هڪ گهرائي هئي. هو هر ڳالهه جي تاويل تاريخ مان ڳولي ٿو. بي.بي.سي. (B.B.C) چواڻي. Akber S Ahmed is world’s leading authority on contemporarty Islam. پر اها تمام وڏي دعويٰ آهي. سندس شاعري جي ڪتاب Somewhere between Susp ended جي به وڏي هاڪ آهي. مهاڳ لکندڙ لکي ٿو: جيڪڏهن ڪو اوهان کان پُڇي ته سمنڊ ڪيترو گهرو آهي ته اهو ڪتاب کيس ڏجو ۽ چئجو ”هيترو“. سمنڊ جهڙي گهري ان ڪتاب جي ليکڪ اخوت جي تصور ۽ نظام کي واکاڻيو ۽ پوءِ ڪتاب جي ٽائٽل تي هڪ خوبصورت پيغام سان ڪتاب پاڻ کي ڏنو.
    ان ملاقات جي دوران ڪجهه شاگرد پڻ موجود هئا. سندس چوڻ تي هڪ هندستاني شاگرد ان ڪتاب مان ڪجهه نظم پڙهي ٻڌايا. جن ۾ پاڪستان سان محبت جو اظهار ڪيل هو. ان وچ ۾ اڪبر ايس احمد جي ننهن ميلوڊي فوڪس به اچي ويئي، جيڪا جارج ٽائون يونيورسٽي سان لاڳاپيل آهي ۽ مختلف مذهبن جي وچ ۾ هم آهنگي جي واڌاري لاءِ ڪم ڪندي آهي. ساڻس منهنجي ملاقات ڍاڪا ۾ هڪ ڪانفرنس ۾ ٿي هئي. لڏ پلاڻ، لڙڪ، اميدون، دوريون، ذاتي الميا، ۽ اجتماعي ڏک... نظم پورا ٿيا ته ملاقات جو وقت به ختم ٿيو. اسان جي ميزبان ڏاڍي نوڙت سان اسان کي الوداع چئي. آئون هن جي ڪمري مان ٻاهر نڪتس ته مونکي سول سروس جا ڪجهه ٻيا همراه ياد اچڻ لڳا. جهڙوڪ: قدرت الله شهاب، مختيار مسعود، شيخ منظور الاهي، مصطفيٰ زيدي، مسعود مفتي، اطهر طاهر، طارق محمود، ظفر محمود، اوريان مقبول جان، سيد ابو احمد عاڪف وغيره. اهي سڀ همراه زنجير جون مختلف ڪڙيون آهن. آئون پاڻ به ان ڊگهي زنجير جو هڪ حصو آهيان. مونکي اهو خوبصورت شعر ياد اچڻ لڳو.

    ایک حلقہ میں ہوں اس کا دوسرا حلقہ ہے تو،
    دور تک پھیلا ہوا ہے سلسلہ زنجیر کا۔


    4.17: سروري در دين ما خدمت گري ست

    اسڪول آف انٽرنيشنل اسٽڊيز جي سهڻي عمارت مان نڪري مون ڪتاب کوليو. منهنجي نظر جنهن پهرين نظم تي پيئي ان جو عنوان ”ڪئنسر“ هو.اهو نظم بيوروڪريسي جي باري ۾ هو، جيڪو منهنجو پهريون سکيا گهر هو، آئون جڏهن مقابلي جو امتحان پاس ڪري سول سروسز اڪيڊمي پهتس ته منهنجي شوق جي ڪا حد هئي ڇا! مونکي ان خوبصورت عمارت جي پيشاني تي هڪ لکت نظر آئي. ’سروري در دين ما خدمت گري ست‘ مونکي اها لکت ڏاڍي وڻي. ان لکت کي مون ان ئي وقت پنهنجي دل جي هڪ ڪنڊ ۾ رکي ڇڏيو. 1985ع ۾ سول سروسز اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل جو عهدو شيخ منظور الاهيءَ وٽ هو. اڳتي هلي هو پنجاب جو وزير اعليٰ به ٿيو. سندس مشهوري جو سبب دردمندي ۾ ٻُڏل مضمونن جو هڪ مجموعو ’دردلڪشا‘ به آهي. ادبي ذوق جي ڪري مون کي سندس خاص ويجهڙائپ به حاصل رهي. اڪيڊمي جي سکيا دوران اسان گهڻو ڪجهه سکيو. يعني قانون جي حڪمراني، خدمت ۽ احتساب. اسان جي سامهون تمام وڏا نالا ورتا ويا، پر انهن سان جيڪي توقعات لاڳاپيل هيون، سي پوريون نه ٿيون. وقت وڏو ظالم آهي، مصلحت يا مفاد اهي همراه ڪنهن نه ڪنهن صليب تي لڙڪي پيا، جيڪي بچيا سي بنهه ٿورا هئا. تمام ٿورا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا. دنيا چوي ٿي ته بيوروڪريسي ڪنهن قوم جو ڀاڳ بدلائي نٿي سگهي، پر اسان کي اها اميد هئي. شايد ايندڙ وقت ۾ ان ڦلهيار مان چڻنگ دکي ڀنڀٽ بڻجي وڃي. ننڍي هوندي هڪ چوڻي ٻُڌي هئي سين. ”هرچه رفت در کان نمڪ، نمڪ شد“ (جيڪو به لوڻ جي کاڻ ۾ ويو، اهو لوڻ ٿي ويو) بيوروڪريسي جو رنگ به ڏاڍو گهرو آهي. ان ۾ گهڙڻ کانپوءِ هوريان هوريان سڄي چريائپ ميڻ وانگيان وگهري ويندي آهي. جيئن احسان دانش چيو آهي:
    کل دھوپ کے میلے سے خریدے تھے کھلونے،
    جو موم کا پتلا تھا وہ گھر تک نہیں پہنچا۔
    ماڻهو اڪثر مون کان پُڇندا آهن ته اوهان ان گهٽي مان ڇو نڪري آيا ۽ جواب ۾ آئون مختيار مسعود جي هڪ خوبصورت لکڻي ۾ پناهه وٺندو آهيان... اهو هنڌ جتي دلي خواهشن ۽ فرض منصبي جون حدون گڏجي وڃن، خوشبختي سڏبي آهي. فيصلو ڪرڻ ۾ ويرم ئي نه لڳي. ’اڪبر ايس احمد جو ڪتاب Suspended somewhere between منهنجي هٿ ۾ آهي يونيورسٽيءَ جي وڏي ۽ ويڪري پارڪنگ ۽ ڪينسر جي نالي سان هڪ دل کي ڇهندڙ نظم:
    I ask why
    Why has the poetry in me
    Dired up?
    Perhaps
    My blood is turning to water
    A bureaucrat’s job is not easy
    I coarsens the soul
    Blunts the mind
    Kills the heart
    And here
    Dirt, ignorance, disease
    And also poverty
    Surround me like the
    Quick sands of a forecast doom
    The slow Death of cancer

    هي نظم، اهڙين ئي گهڙين جي ڪهاڻي آهي، جيڪا اجائي هلي ويئي. زندگي هڪ ڀيرو ٿي ملي، جيڪا اجائي نه وڃڻ گهرجي. نوڪر شاهيءَ جي قيد ۾ آئيڊيل ازم جو اهو ڏيئو هلڪو ٿيڻ ٿو لڳي.


    4.18: هن جو جلوه مون کي متاثر ڪري نه سگهيو

    يونيورسٽي جي حدن مان نڪري به آئون يونيورسٽي ۾ ئي رهيس. چئني ڏسائن پکڙيل ساهه سڌير ساروڻيون. مون کي ياد آيو ته اها يونيورسٽي آمريڪا جي هڪ صدر جي چوڻ تي قائم ڪئي ويئي هئي. پوءِ ياد آيم ته يونيورسٽيءَ کان ڪوهين ڏور هڪ ملڪ آهي پاڪستان ۽ پاڪستان جي هڪ ڏورانهين هنڌ تي هڪ ننڍو پرائمري اسڪول آهي، ان پرائمري اسڪول کي ڪنهن صدر نه پر ڪجهه دردمند انسانن پاڻ ۾ سؤ سؤ رپيا ڦوڙي ڪري ٺاهيو. هنن جي شهر ۾ تعليمي ادارا بنهه گهٽ هئا. ٻارڙا گهٽين ۾ مٽي ليٿڙبا ۽ رلندا وتندا هئا. انهن ماڻهن ’انجمن اسلاميه‘ جي نالي سان هڪ ادارو ٺاهيو. پاڻ ۾ ڦوڙي ڪيائون ۽ شهر جي هڪ علائقي ۾ ٻه گهر مسواڙ تي ورتائون. ائين پنهنجي مدد پاڻ تحت هڪ اسڪول وجود ۾ اچي ويو. جنهن جو نالو ’اسلاميه پرائمري اسڪول ڪماليا‘ رکيو ويو.اسڪول جو بنياد درد جي دولت تي تعمير ٿيو. سو قبوليت جو اعزاز ڪيئن نه ملي ها. ٿوري ئي وقت ۾ اهو اسڪول سڄي ضلع جو سٺو اسڪول بنجي ويو. شهر جي ٻارن ۾ چٽاڀيٽي جو امتحان ٿيندو هو ۽ جيڪي سٺا هوندا هئا، سي ان اسڪول جي لاءِ کڄي ويندا هئا. باقي جيڪي بچندا هئا، سي حڪومت جي اسڪولن ۾ هليا ويندا هئا. ان اسڪول جو فرش ٽٽل، دريون ڀڳل، دروازن جا انجيز اُکڙيل، پاڻي پيئڻ جي لاءِ هئنڊ پمپ، جنهن جو هٿيو اڪثر ڪري گم رهندو هو. ڇتيون ٽمندڙ، ٽاٽ جا پردا، استادن جي لاءِ مختلف ڊزائينن جون ڪرسيون، ٻارڙا ئي استادن جي لاءِ ڪرسيون کڻندا هئا ۽ اسڪول جي ڪمرن جي صفائي ڪندا هئا. نه راند روند جو ميدان ۽ نه ئي وري ڪا لئبرري، نه ڪاڪوس خانو، نه بورڊ. بجلي ته سڄي شهر ۾ نه هئي، پنج استاد پڙهائيندا هئا، جن مان به اڪثر اڻ سکيا ورتل، استاد غلام محمد، ضمير حسين، مسڪين ڪمالوي، عبادت علي ۽ نظامي صاحب، ٽي استاد بهترين ڪردار جا حامل محنتي، فرشتي صفت، جڏهن ته ٻه محنت کان لنوائيندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن گاريون به ڏيندا هئا. هڪ ڀيري ڪلاس ۾ هڪ ٻارڙي جو مُٽ وهي ويو، استاد ڪُٽڪو ڏنس ۽ پوءِ پُڇيس ته هن ائين ڇو ڪيو ته ٻارڙي وراڻيو هو پاڻ تي ڪيترو جبر ڪري ها. تنهن تي استاد سختي مان چيس اسڪول جي ٻاهر گهٽي ۾ جيڪا نالي آهي، اها وري ڇا جي لاءِ آهي؟ ان هوندي به اسلاميه پرائمري اسڪول علائقي جو بهترين اسڪول هو. اتان جا پڙهيل ٻارڙا ڪنهن به هاءِ اسڪول ۾ وڃي ٿي سگهيا. امريڪين يونيورسٽي ۾ موجود سهولتون ۽ آسائشون ڏسي مونکي هزارين ميل پري الائجي ڇو اهو اسڪول ياد آيو. شايد ان ڪري ته مون به پنهنجي زندگيءَ جا ٻه سال ان اسڪول ۾ گهاريا هئا. سوڙهين گهٽين جي وچ ۾ اهو اسڪول منهنجي يادن ۾ وسيل رهي ٿو. اتان نڪري گورنمينٽ ڪاليج، ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل ڪاليج، سول سروسز اڪيڊمي ۽ امريڪن يونيورسٽي تائين جو سفر... مون کي آمريڪا ۾ جڏهن به اهو اسڪول ياد آيو ته منهنجي دل ٿورن سان ڀرجي ويئي ۽ منهنجو ڪنڌ نوڙت سان جهڪڻ لڳو. پوءِ ڪڏهن ڪڏهن اسلاميه اسڪول ڪماليا ۾ گذريل انهن ٻن سالن کان اڳ وارا ٻه سال ياد اچن ٿا، جڏهن هڪ فرشته صفت انسان سائين خواجه عبدالستار منهنجو استاد هو. خواجه صاحب مونکي گهر پڙهائڻ ايندو هو. هن مون کي شروعاتي الف بي ۽ سهڻي صورتخطي سيکاري. سندس چوڻ هو ته جنهن جا اکر سٺا هوندا آهن، ان جي سوچ ۽ عمل به سٺو هوندو آهي. هن مونکي جيڪو پهريون شعر ياد ڪرايو، اهو هي هو:
    خیرہ نہ کر سکا مجھے جلوہء دانشِ فرنگ،
    سرمہ ہے میری آنکھ کا خاکِ مدینہ و نجف۔
    ڳچ وقت تائين مونکي اُن شعر جي معنيٰ سمجهه ۾ نه آئي ۽ نه ئي مونکي خبر پئي ته مونکي اهو شعر ڇو ياد ڪرايو ويو آهي. خواجه صاحب تمام گهٽ ڳالهائيندو هو. هو اڪثر خاموش رهندو هو. کيس شايد خبر هئي ته اهو شعر ڇو ياد ڪرڻ ضروري آهي. آئون روزانو اهو شعر ٽي ڀيرا سليٽ تي لکندو هوس ۽ ايترائي ڀيرا وڏي سڏ کيس ٻُڌائيندو هوس. خبر ڪونهي ته ڪيترو عرصو آئون اهو عمل ورجائيندو رهيس. هڪ سال يا پورا ٻه سال. ايستائين جو اهي لفظ منهنجي شعور ۽ لاشعور ۾ ويهي رت جي هر ڦڙي ۾ گهڙي ويا. مون کي يقين آهي ته مواخات جي پيغام سان منهنجي محبت ان شعر جي ڪري آهي. سرمہ ہی میری آنکھ کا خاک مدینا و نجف.


    4.19: تان مڃ محمد صه ڪارڻي

    آمريڪا جي تاريخ ڏاڍي عجيب ڪهاڻي آهي. اهڙي ڪهاڻي اڳ ڪڏهن به دنيا جي منچ تي پيش نه ٿي آهي. هڪ دل کي وڻندڙ ڊرامو. همت، جرئت، حوصلي، ڏاهپ ۽ تدبر جي ڪهاڻي. ڪولمبس ۽ پوءِ جارج واشنگٽن ۽ ان جي ساٿين کان وٺي ابراهام لنڪن ۽ مارٽن لوٿر ڪنگ تائين. نيشنل مال جي جهروڪن ۾ وڏا وڏا نالا نظر اچن ٿا، پر اهي سڀ فاني انسان آهن، ڪيترن ئي گڻن ۽ اوگڻن جو مجموعو. ڪن ماڻهن جي زندگي ۾ عظمت جي فقط هڪ گهڙي ايندي آهي ۽ پوءِ باقي سڄي زندگي هو ان گهڙيءَ جي ڪمائي پيا کائيندا آهن، چرچل به اهڙي ئي ڳالهه چئي هئي. It is the brightest hours that fade away the fastest. اهي سڀ اهڙائي ماڻهو هئا. انهن مان ڪا به زندگي اهڙي نه آهي، جنهن جي هر گهڙي عظمت جي گهڙي هجي. جنهن جي پيرن جي پڻي ڪنهن اک جو سرمون بنجي سگهي. قيادت جو اصل جوهر ڪجهه ٻيو آهي. ان جوهر کي سمجهڻون هجي ته ڪنهن اهڙي شخص کي ڳولڻو پوندو، جنهن جي زندگي جي ڪنهن به گهڙيءَ تي اونداهيءِ جو پاڇو نه پيو هجي. امريڪن يونيورسٽي، خواجه عبدالستار، مديني ۽ نجف جي مٽيءِ منهنجي اکين جو سرمون آهي... تاريخ جا ورق ورن ٿا، وڏا وڏا ماڻهو ۽ پوءِ ان شخص جو تصور ٿو اُڀري جنهن سڄي دنيا جي لاءِ اُميد جو ڏيئو ٻاري ڇڏيو. ان شخص جو نالو (حضرت) محمدصه بن عبدالله آهي. مائيڪل هارٽ دنيا جي هڪ سؤ عظيم انسانن جي فهرست ٿو ٺاهي ته ان ۾ (حضرت) محمدم بن عبدالله کي انهن ۾ سڀني کان مٿي ڇو ٿو رکي؟ چوڏهن سؤ سال گذري وڃڻ جي باوجود به هڪ شخص ايترو Relevant ڇو آهي؟ ڇا اُن ڪري ته هو هڪ مذهبي اڳواڻ هو يا ان ڪري ته منجهس فڪر ۽ عقل جا بهترين گُڻ هئا. عادل، سچار ۽ امين.
    سيف الرحمان مبارڪپوري لکي ٿو ته... (حضرت) محمدصه هڪ جاهل، ڄٽ۽ زورآور سماج ۾ پيدا ٿيو، پر ان جي باوجود به مهذب ۽ سلڇڻو هو. شاهدي ته اها هوندي آهي، جيڪا دشمن ڏي، سندس سڀ کان وڏي دشمن ابوجهل چيو، ”اسين اوهان کي ڪوڙو نٿا چئون، پر اوهين جيڪو ڪجهه کڻي آيا آهيون، اهو رد ٿا ڪريون. جنهن تي الله جي هيءَ آيت نازل ٿي. ”اهي ماڻهو اوهان کي رد نٿا ڪن، پر اهي ظالم الله جي آيتن کان منهن موڙين ٿا.“ پاڻ وڏائي کان پري هئا، پاڻ مسڪينن جي عيادت ڪندا هئا، سندن اُٿي ويٺي غريبن سان هئي، ٻانهن جي دعوت قبوليندا هئا ۽ ماڻهن ۾ڪنهن فرق کانسواءِ هڪ عام ماڻهوءَ جيان ويهنداهئا. پنهنجي جتي پاڻ ٽانڪيندا هئا، پنهنجا ڪپڙا پاڻ سُبندا هئا ۽ پنهنجي هٿ سان ائين ڪم ڪندا هئا، جيئن ڪو عام ماڻهو پنهنجي گهر جو ڪم ڪارڪندو آهي. پنهنجي ٻڪري پاڻ ئي ڏهندا هئا. وعدي جي پابندي ۽ رحم فرمائيندا هئا. ماڻهن سان ٻاجهه، رحم ۽ مروت سان پيش ايندا هئا. سندن اخلاق سڀني کان اعليٰ هو. نه ڪڏهن ڪاوڙ ڪندا هئا، نه وري برائي جو بدلو برائيءَ سان ڏيندا هئا. معافي ۽ درگذر کان ڪم وٺندا هئا. ڪڏهن به ڪنهن نوڪر کي اُف به نه چيائون، ۽ نه ئي ان تي ڪو ڪم نه ڪرڻ تي ڏمريا. غريبن سان محبت ڪندڙ انهن سان ئي اٿندو ويهندو هو ۽ ڪنهن غريب کي سندس مفلسي جي ڪري گهٽ نه سمجهيائون. ضرورت کانسواءِ نه ڳالهائيندا هئا. پنهنجي سڀاءُ ۾ نرم هئا. نعمت ڪا ننڍڙي هوندي هئي ته ان جي به تعظيم ڪندا هئا. ڪنهن به شيءِ جي مذمت نه ڪندا هئا. ماني ٽڪي جي نه برائي ڪندا هئا ۽ نه ئي واکاڻ. پنهنجي نفس جي لاءِ ڪڏهن به ڪاوڙبا نه هئا، نه ئي وري بدلو وٺندا هئا. يعني اجائي ڳالهائڻ کان پاسو ڪندا هئا. ساٿين کي پاڻ ۾ ڳنڍيندا هئا ٽوڙيندا نه هئا. اعتدال پسند هئا، اجائي خرچ ۽ ميڙڻ کان پاسو ڪندا هئا. غافل نه ٿيندا هئا، ته متان ماڻهو به غافل يا ڏکارا ٿي وڃن. هر حالت جي لاءِ تيار رهندا هئا. حق گوئي ۾ ڪوتاهي نه ڪندا هئا. اُٿندي ويهندي الله جو ذڪر ڪندا رهندا هئا. پنهنجي لاءِ ڪا خاص جڳهه مقرر نه ڪندا هئا. مجلس ۾ جتي به جاءِ ملندي هُين، اُتي ويهي رهندا هئا. حاجتمندن کي نوازيندا هئا ۽ اوپرن سان به پنهنجائپ سان پيش ايندا هئا. پاڻ بي حد حيادار هئا. پنهنجون نظرون ڪنهن جي به چهري تي نه کپائيندا هئا. سندن چهري مبارڪ تي سدائين تازگي رهندي هئي. هوريان هوريان ۽ اکر اکر ڌار ڪري ڳالهائيندا هئا. نه گهڻو عتاب فرمائيندا هئا ۽ نه ئي گهڻي واکاڻ ڪندا هئا. پاڻ ٽن ڳالهين کان سدائين پنهنجي نفس کي محفوظ رکيائون. ريا کان، ڪنهن شيءِ جي گهڻائي کان ۽ اجائي ڳالهائڻ کان. پاڻ ٽن ڳالهين کان ماڻهن کي محفوظ رکيائون. نه ڪنهن جي مذمت ڪندا هئا، ڪنهن کي به گهٽ وڌ نه ڳالهائيندا ۽ نه وري ڪنهن جي عيب جوئي ڪندا هئا. گهڻو خاموش رهندا هئا. جيڪو شخص اڻ وڻندڙ ڳالهه ڪندو هو ته ان کان منهن ڦيري وٺندا هئا. بردباري، سهپ جي سگهه، وس ۾ هوندي به درگذر ڪري ڇڏڻ، تڪليفن ۽ صبر ۾ الله جي ياد، پالڻهار، خود پاڻ سڳورن جي واکاڻ ڪندي فرمايو، ”بيشڪ اوهان جو اخلاق اعليٰ آهي.“
    ڪردار جون اهي ئي خوبيون آهن، جن جو تاريخ ۾ مثال نٿو ملي. جارج واشنگٽن کان اڳ يا پوءِ، ڪو به اهڙو شخص نٿو ملي، جنهن ۾ انهن خوبين جو اڌ به هجي. ايشيا، آفريقا، يورپ... سڄي دنيا ۾ ڪٿي به ڪا اهڙي هستي جيڪا جاهل ڄٽ ۽ زورآور قوم جي سختيءَ کي نرمي ۾ بدلائي ڇڏي. جيڪا تنگ نظري، تعصب ۽ جهالت جي جاءِ تي اتحاد، نظم و ضبط جهڙين خوبين کي وڌائي. جيڪا هيڻي کي سگهارو ۽ غريب کي بي نيازي ڏي. جيڪا عدل ۽ انصاف جو جهنڊو اُڀو ڪري ۽ برابري جو نظام لاڳو ڪري. جيڪا آدميت کي انسانيت جو شرف بخشي.
    ان مهان هستيءَ کي هن جهان مان موڪلائيندي سوين سال ٿي چڪا آهن. پر تاريخ جا سڀئي ڪتاب گڏجي به ليڊرشپ جو اهڙو نمونو نه کانئس اڳ ۽ نه کانئس پوءِ پيش ڪري سگهيا. وڏن ماڻهن جي زندگي جو هڪ هڪ پهلو ڏٺو ويندو آهي. اُٿڻ ويهڻ، هلڻ گهمڻ، جنگ ۽ امن، محبت ۽ نفرت،گهر ۽ بازار-رچرڊ نڪسن پنهنجي ڪتاب ۾ هڪ سؤ کان به وڌيڪ اڳواڻن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن جون ننڍيون وڏيون هڪ هزار کان به وڌيڪ خوبيون ڳڻايون آهن. انهن مان ڪا اهڙي خوبي ڪونهي، جيڪا پاڻ سڳورن جي ذات مبارڪ ۾ نظر نه آئي هجي.


    4.20: اسين سخن فهم آهيون

    ڪو اهو چئي سگهي ٿو ته اهو سڀ ڪجهه عقيدت جي ڪري آهي. اچو ته تاريخ جو هڪ ورق اٿلايون. الفانسوڊي لامريٽن (Alphonse de la Martian) نالي هڪ فرانسيسي مورخ جي راءِ به ٻُڌو:
    Never has a man accomplished such a huge and lasting revolution in the world… If greatness of purpose, smallness of means, and astounding results are the true criteria of human genius, who would dare to compare any great man in modern history with Muhammad (PBUH).
    The most famous men created: arms, laws, and empires only. They founded, if anything at all, no more than material powers which often crumbled away before their eyes. This man moved not only armies, legislations, empires, peoples and dynasties, but millions of men in one-third of the inhabited world, and more than that, he moved the altars, the gods, the religions, the ideas, the beliefs, and the souls. On the basis of a Book, every letter of which has become law, he created a spiritual nationality, which blended together peoples of every tongue and of every race. He has left us- as the indelible characteristic of this Muslim nationality- the hatred of false gods and the passion for the One and immaterial God… The conquest of one-third of the earth to his dogma was his miracle: rather it was not the miracle of a man but that of reason. His life, his meditations, his heroic reviling against the superstitions of his country, and his boldness in defying the furies of idolatry, his firmness in enduring them for thirteen years at Makkah, his acceptance of the role of public scorn and almost of being a victim of his fellow countrymen: all these and finally, his migration, his incessant preaching, his wars against odds, his faith in his success and his super human security in misfortune, his forbearance in victory, his ambition, which was entirely devoted to one idea and in no manner striving for an empire, his endless prayers, his mystic conversations with God, his death and his triumph after death- all these… (served) to affirm conviction which gave him power to restore a creed… Philosopher, orator, apostle, legislator, warrior, conqueror of ideas, restorer of rational dogmas, of a cult without images; the founder of twenty terrestrial empires and of one spiritual empire, that is Muhammad. As regards all standards by which human greatness may be measured, we may ask, is there any greatest man than he?

    غربت، افلاس ۽ محرومي... اهي سڀ علاج جوڳيون آهن، پر انهن جو حل سمٿ سونين تي نه پر اُن زندگيءَ ۾ آهي، جيڪا محبت ۽ سخاوت جو سرچشمو ۽ اعليٰ اخلاق واري ذات هئي.


    4.21: دعا

    اميريڪن يونيورسٽي کان پاڻ سڌو قدير جي گهر پهتاسين. وسڪونسن ايوينيو، بٿيسڊ ۽ راڪ ويل اهو سڄو رستو گهڻو ڏٺل وائٺل هو. ڪا گهڻي تبديلي نه آئي هئي. ڪجهه نيون عمارتون اڏجي ويون هيون ۽ ڪجهه وڌيڪ اوچيون ٿي ويون هيون. چوڌري الله بخش اڃا تائين اسان سان گڏ هو. صبح کان وٺي هيستائين اسان جو وقت ڏاڍن سُٺن ماڻهن سان گذريو هو. ڊاڪٽر محمد اختر، اميريڪن يونيورسٽي ۽ اڪبر ايس احمد. واپسي تي ٿوري دير انهن ئي ماڻهن جي باري ۾ ڳالهيون مُهاڙيون ٿينديون رهيون. پاڻ کي شام واري تقريب جو اُلڪو هو، جنهن ۾ ڏيڍ سؤ ماڻهن کي دعوت ڏني ويئي هئي. جن ۾ پاڪستانين کانسواءِ ڪجهه هندستاني به شامل هئا. نماز کانپوءِ تقريب جي ڪاميابي لاءِ هٿ کڄڻ لڳا. ڏکئي وقت ۾ دعا ئي انسان جو سڀ کان وڏو سهارو بنجندي آهي. دعا به هڪ انعام آهي. اهو انعام به ڀاڳ وارن کي ملندو آهي. دعائن مان هڪ بهترين دعا ’سوره فاتحه‘ آهي. جيڪا پهرين ثنا ۽ ساراهه کانپوءِ دعا ۽ مناجات آهي. آئون سوره فاتحه پڙهڻ لڳس. مون کي ياد آهي ته اها سوره پڙهڻ جو هڪ ڀيري مونکي جيڪو مزو مراڪش ۾ آيو، اهو بي حد انوکو هو. ڪٿي واشنگٽن ۽ ڪٿي مراڪش، خيال هئا، سي ڪٿان کان ڪٿ پهچي ويا. اهو به اخوت جو ئي سفر هو، جڏهن مونکي مراڪش وڃڻ جو موقعو مليو. سول سروس مان استعفيٰ کان پوءِ ڪجهه عرصو آئون. LUMS سان لاڳاپيل رهيس. هڪ ڏينهن اسان جي ميزبان دائود غزنوي مراڪش ۾ هڪ ڪانفرنس جو دعوت نامو ڏنو، اها 2005ع جي ڳالهه آهي. ڪنهن به بين الاقوامي فورم ۾ اخوت جي اها پهرين شرڪت هئي. مراڪش جو منهنجو سفر اصل ۾ رباط تائين محدود هو. مائيڪرو فنانس جي ڪانفرنس ۾ اخوت جي نمائندگي، بين الاقوامي مندو بين سان ملاقات تائين محدود هئي، پر فيض (Faiz) نالي هڪ ٻي شهر جي محبت به دل ۾ ويٺل هئي، سو جيئن ئي ڪانفرنس پُڄاڻيءَ تي پهتي ته فيض ڏانهن ڀڳس.
    سرسبز پهاڙن جي پسمنظر ۾ اڏيل هي شهر نائين صدي عيسوي ۾ آباد ٿيو. ان کي صوفين ۽ عالمن جو شهر چيو وڃي ٿو. ابن خلدون به هن شهر ۾ ورهين جا ورهيه گذاريا. ابن بطوطه جڏهن ٿڪي پيو ته هن زندگي جا باقي ڏينهن هن ئي شهر ۾ گذاريائين. حضرت سيدنا عبدالقادر جيلاني به ڪيترائي سال هت رهيو. سندس رهائش واري جاءِ اڃا تائين موجود آهي. ان جي تڪئي کي مقامي زبان ۾ ’زاويه‘ چوندا آهن. ابن خلدون، ابن بطوطه، سيدنا عبدالقادر جيلاني، علم ۽ جستجو، سير ۽ سياحت، تصوف ۽ تقويٰ. فيض تائين چئن ڪلاڪن جو سفر ڊگهو، پر ڏاڍو خوشگوار هو. چؤڏس عربي ۽ فرينچ زبانن جو هُل هو. انگريزي سمجهڻ وارا ڪي ٿورائي هئا. ڪجهه اشارن سان ۽ ڪجهه لکي ۽ ڪجهه پُڇي هڪ گائيڊ هٿ ڪيوسين. مولاءِ عبدالقادر جيلاني، زاويه، اڻ ڳڻيون گهٽيون، اونداهيون، سوڙهيون، ۽ ڏکيون. ڳاڙيون ٽرڪي ٽوپيون پاتل مرد ۽ حجاب ۾ ويڙهيل جوانڙيون، ٽهڪن جا ٽاڙيا، مهنديءَ ۾ رڱيل هٿ، هڪ ڪلاڪ کانپوءِ اسين هڪ اڌ اونداهي، پر سهڻي جڳهه تي پهتاسين. ننڍڙي، ٽائيلس سان سينگاريل مسجد ۽ ان سان لڳ هڪ چبوترو ۽ اڱڻ، هي اهو ئي هنڌ هو، جتي سيدنا عبدالقادر جيلاني فيض ۾ ٽڪيو هو. ان چبوتري ۾ ويهي پاڻ درس ڏيندا هئا ته ماڻهن جو ميڙ سندس چوڌاري گڏ ٿي ويندو هو. زوايه ۾ ان مهل به ڪجهه مرد ۽ عورتون ويٺل هئا. انهن مان هڪ خدمتگار هو. مسلم؟ مسلم؟ هن پڇڻ چاهيو ته ڇا آئون مسلمان آهيان. مون هائوڪار ڪندي چيو ته آئون مسلمان آهيان. هو اُٿيو ۽ اندران وڃي قرآن شريف کڻي آيو. چمي، کولي چيائين ”پڙهه!“ مون قرآن کي چميو ۽ پڙهڻ لڳس. جڏهن کيس پڪ ٿي ويئي ته آئون مسلمان آهيان ته هن مونکي گلي سان لڳايو ۽ اُتي موجود ٻين ماڻهن کي سڏڻ لڳو.
    اسين پنج ئي ڄڻا هڪ ئي دائري ۾ ٿي ويٺاسين.اسان جي وچ ۾ هڪ عورت به هئي وڏي عمر واري ۽ حجاب ۾ويڙهيل. انهن مان هڪ شخص سوره فاتحه جي تلاوت شروع ڪئي.
    جُڳائي جبار کي، سڀڪائي ساراهه،
    پالڻهار پرٿڻين، هر دم هميشاه
    سخي سٻاجهو گهڻو، مالڪ محشر گاهه
    توئي پوڄيون، توهان ئي پِنون، حمايت هر گاه
    سهائيون سَئين واٽڙي، واٽ انهن جي واه
    جن کي توڙ ان توڙ ڪئي، نعمتون نيباه
    جن تي ڪاوڙ ناه ڪا ۽ نه گس ڪنا گمراه
    آمين يا الله، اهو عرض اگهائين.(1)“
    تلاوت ختم ٿي ته دعا جي لاءِ هٿ کڄيا. دعا ختم ٿي ته قرآن کي اڳي ڇاڻيءَ ۾ ويڙهيو ويو. مون اُٿي سڀني سان واري واري سان هٿ ملايو ته هنن مون کي گلي سان لڳائي ڇڏيو. ڪراڙي عورت منهنجي مٿي تي هٿ رکيو. جيئن ئي مسجد مان ٻاهر نڪتس ته اهو خدمتگار، جيڪو منهنجي اچڻ تي ٻڏتر ۾ پئجي ويو هو، منهنجا بوٽ پنهنجن هٿن ۾ کڻيو بيٺو هو. مون سندس ٿورو مڃيو، مسجد ۾ ٿيل چٽسالي تي نظر وڌم ۽ پوءِ فيض جي رش ۾ گم ٿي ويس. سوڙهيون گهٽيون... اسرارن جي هيٺان اسرار... زاويه پويان رهجي ويو، پر سوره فاتحه ڪيتري ئي دير تائين منهنجي ڪنن ۾ ٻرائجندي رهي هئي... ”اي منهنجا رب مونکي سڌي واٽ ڏيکار. انهن ماڻهن جي واٽ، جن تي تو پنهنجو فضل ڪيو ۽ جيڪي گمراهي کان بچي ويا.“ سوره فاتحه منهنجي دعا ۽ منهنجي لاءِ وڏو سهارو رهي آهي، اها دعا پڙهڻ سان مونکي ائين لڳو، ڄڻ اڄوڪي تقريب به اخوت جي يادگار تقريبن ۾ ڳڻبي. دعا اميد به آهي ته ڀروسو به. اها دل جي اُفق تي ڏيئا روشن ڪري ٿي ڇڏي. پاڻ تيار ٿي ٻاهر نڪتاسين ۽ يونيورسٽي آف ميري لينڊ ڏانهن روانا ٿيڻ لڳاسين.


    4.22: يونيورسٽي آف ميري لينڊ

    اسين جڏهن يونيورسٽي هال ۾ گهڙيا سين ته ڪيترائي مهمان پهچي چڪا هئا. وليد ۽ ثمن قدير انتظامن ۾ رڌل هئا. ريحان به انهن جي مدد لاءِ پهچي چڪو هو. ريحان محمود اخوت جو ڀروسي جوڳو ساٿي آهي. هو گذريل پنجن سالن کان اخوت سان لاڳاپيل آهي. هو جيئن ئي يونيورسٽي آف سينٽرل پنجاب مان واندو ٿيو ته هن اخوت ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري. کيس اخوت جي راهه حسين حيدر ڏيکاري. ريحان هڪ شرميلو نوجوان هو. پهرين ملاقات ۾ ڪنهن کي به اهو اندازو نه ٿيو ته هو اخوت جي لاءِ ڪيڏو نه وڏو اثاثو ثابت ٿيندو. کيس عملي زندگي جو ڪو به تجربو نه هو، پر ٿوري ئي وقت ۾ هن پنهنجي محنت، ديانت، سچائي ۽ لگن جي ڪري اسان سڀني جي دلين ۾ گهر ڪري ورتو. اخوت جي رفاقت سندس صلاحيتن کي اڃا به نکيريو. جڏهن هن جي نوڪري جا پنج سال پورا ٿيا ته هن وڌيڪ تعليم پرائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ نيويارڪ جي هڪ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين. هينئر هو ٻن سالن جي موڪل تي آهي. مونکي پوري پڪ آهي ته تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ هو ٻيهر واپس ورندو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻ کي اخوت جي خواب جي پورڻتا جي لاءِ ارپي ڇڏيندو. آمريڪا جي ان دوري ۾ ريحان سان منهنجي ملاقات نيويارڪ ۾ ٿيڻي هئي،پر جڏهن کيس ڊنر جي خبر پئي ته هو پويان رهي نه سگهيو ۽ انتظامن ۾ مدد جي لاءِ هڪدم واشنگٽن هليو آيو.کيس ڏسي مون کي هڪ قسم جو اطمينان محسوس ٿيو. ان دوران مهمان ايندا ويا ۽ هال ڀرجندو ويو. منهنجي لاءِ اهي سڀ اوپرا ماڻهو هئا، پر اخوت جو تصور انهن جي لاءِ اوپرو نه هو. جيئن ئي هنن هٿ تي ملايو ته پنهنجائپ جي هڪ لهر دل ۾ ڊوڙي ٿي ويئي. اٺين بجي سڄو هال ڀرجي چڪو هو. ڏيڍ سؤ کان به وڌيڪ ماڻهو هال ۾ موجود هئا. ثمن قدير، امتياز ۽ مون ڏانهن ڏٺو ۽ اسٽيج طرف وڌيو. ڪجهه شروعاتي لفظن کانپوءِ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪئي ويئي ’۽ اوهين پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪندؤ.‘ ترجمو ختم ٿيو ته طفيل اچي تقريب جي مقصدن جي باري ۾ ٻڌايو ۽ پوءِ مونکي اسٽيج تي اچڻ جي دعوت ڏني. آئون سوچي رهيو هوس ته مون کي اها ڪهڙي ڳالهه چوڻي آهي، جيڪا سڌي دلين ۾ لهي وڃي. طفيل اهڙو ته ماحول بنائي ڇڏيو هو، جيڪو ڪنهن امتحان کان گهٽ نه هو.
    اسٽيج تي اچي سڀني کان پهرين مون مهمانن ۽ ميزبانن جي مهرباني مڃي. هيترا دوست ائين ئي گڏ نه ٿا ٿين. اسين سڀ تبديلي چاهيون ٿا. مون پنهنجي ڳالهه شروع ڪندي چيو. ”اسين اهڙي دنيا اڏڻ ٿا گهرون، جنهن ۾ غربت جي لاءِ ڪا به جاءِ نه هجي، جتي انصاف جي عالمگير اصولن جي ڀيروي ڪئي وڃي. ان منزل تائين پهچڻ جا ڪيترائي رستا آهن. انهن مان هڪ رستو مائيڪرو فنانس جو پڻ آهي. اخوت جي ڪهاڻي مائڪرو فنانس جي ان ئي تصور سان لاڳاپيل آهي. اخوت ثابت ڪيو آهي ته مواخات هڪ جيئرو فلسفو آهي. ماڻهو ٻين جي مدد ڪرڻ گهرن ٿا. بنا وياڄ جي قرض ڏيڻ بلڪل ممڪن آهي. ترقي دولت جي ميڙ ميڙان يا هڪ هنڌ گڏ ٿي وڃڻ ۾ نه آهي. غريب ماڻهو ڀروسي جوڳو آهي. مسجد هجي يا چرچ، اُن کي سماجي سرگرمين جو محور بنائي سگهجي ٿو. ماڻهو رضاڪاريت جي جذبي سان سرشار آهن ۽ ڪاميابي رڳو مالي مدد جي ڪري ئي ممڪن نه آهي. اهو سمورو ڪم پنهنجي جاءِ تي اهميت جو حامل آهي، پر اخوت جو ڪارنامو اهو آهي ته ان غريبن کي ڀروسو ڏنو آهي ته هو غربت جي خلاف ويڙهه ۾ اڪيلا نه آهن ۽ ڪجهه ماڻهو ساڻن گڏ بيٺل آهن. غربت دولت کان محروميءِ جو نالو نه آهي. غربت اڪيلي رهجي وڃڻ جو نالو آهي. انسان اُن مهل غريب هوندو آهي، جڏهن سندس ڪو دوست يار نه هجي. هي دنيا سماجي ۽ معاشي ناانصافي جو ڳڙهه بنجي چڪي آهي. هڪ همراه وٽ پنجاهه بلين ڊالر آهن ته ٻي وٽ هڪ ڊالر به نه آهي... ڪو به سٺو سماج اهڙي ننڍ وڏائي جو تصور به ڪري نٿو سگهي. اسين اهڙي دنيا تي يقين نٿا رکون، جنهن ۾ ڪنهن ٻارڙي کي اسڪول جو رستو ئي نه ملي؛ جتي سندس مائٽ دوا جي لاءِ تڙپندا رهن، جتي مٿن انصاف جو هر دروازو پوريو وڃي. جتي ماڻهن وٽ ڪا به اميد باقي نه بچي. اخوت جو ٻيو اعزاز اهو آهي ته ان اداري وٺندڙن کي ڏيندڙ بنايو آهي. انهن پاران قرض جي سؤ سيڪڙو واپسي به ته وري عطين جو ڏيڻ پڻ. اسان اهي خواب ڪنهن ٻي هنڌان نه ورتا آهن، پر اسان اهو خواب پنهنجي روايتن جي ڇانوَ ۾ ويهي ڏٺو آهي. سان ايندڙ وقت جون ڳالهيون حضرت محمد مصطفيٰصه جي نقش قدم تي هلي ڳولهيون آهن.
    ويهن منٽن جي اها ڳالهه ٻولهه اخوت جي مڪمل ڪهاڻي هئي. سوال ۽ جواب ٿيا، حيرت، خوشي ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. ميري لينڊ يونيورسٽيءَ ۾ اهڙيون تقريبون بنهه گهٽ ٿينديون آهن. طفيل ڀائي، قدير، امتياز، ثمن، وليد ۽ ريحان اسين سڀ ڪيتري ئي دير تائين ماڻهن جي محويت ۽ دلچسپي تي ڳالهائيندا رهياسين. اهو خواب هاڻ اسان جو نه پر هنن جو خواب هو. هال خالي ٿيڻ لڳو، جيڪڏهن ماڻهو اهو طئي ڪري وٺي ته کين مواخات موجب زندگي گهارڻي آهي ته ڇا کين ڪو روڪي سگهي ٿو؟. موڪلائيندڙ آخري شخص هندستاني نسل جو نصيرالدين هو. هن اها ڳالهه چئي ۽ ڏاڍي گرمجوشيءَ سان موڪلايو. هن جي اکين ۾ چمڪ هئي ”منهنجي ان سوال تي ويچارجو... اهو سوال اوهان کان وڌيڪ اوهان جي ديس واسين جي لاءِ آهي.“ سيد نصيرالدين زور ڏيئي اها ڳالهه چئي ۽ منهنجي هٿ کي ڇڏي ڏنائين. آئون گهڻي دير تائين انهن لفظن ۾ گم رهيس. جيڪڏهن ماڻهو فيصلو ڪري وٺن ته کين مواخات جي اصول موجب زندگي گهارڻي آهي ته ڇا کين ڪو روڪي سگهي ٿو. نصيرالدين جي انهن لفظن جي گونج وڌڻ لڳي.


    4.23: منهنجي ان سوال تي غور ڪجو

    مونکي ائين ٿو لڳي ته منهنجو هٿ اڄ به نصيرالدين جي هٿ ۾ آهي. اُن مهل سندس سوال مونکي ماضي ۾ وٺي ويو.
    ارڙهن سال اڳ جڏهن امريڪن يونيورسٽي ۾ تاريخ جي پروفيسر مونکي ۽ ايپرل کي هڪ مقالو لکڻ جي لاءِ چيو، ان مقصد جي لاءِ مون کي واشنگٽن کان سوين ڪلوميٽر پري هنسلوانيا وڃڻو هو. آئون هنسلوانيا جي ڪائونٽي لنڪاسٽر پهتس ته اُتي زندگي جو هڪ ٻيو رخ منهنجي اوسيئڙي ۾ هو.
    پرسڪون، خاموش لنڪاسٽر ڪائونٽي جي رهاڪن کي ”آمٿس“ سڏيو ويندو آهي. اڄوڪي دور جي ڪيترين ئي سهوليتن کان پري ڏاڍا سهڻا ماڻهو، انهن جي زندگي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو ڪو به عمل دخل نه آهي. هتي اٺين ڪلاس کانپوءِ تعليم تي پابندي آهي. انهن ماڻهن جو خيال آهي ته زندگي گذارڻ جي لاءِ جن علمن جي گهرج آهي، انهن جي حاصلات لاءِ اٺ سال ڪافي آهن. آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ پکڙيل اهي ماڻهو، شهرن کان پري ڳوٺن ۾ رهن ٿا. انهن جو ڪل انگ اڍائي لکن جي لڳ ڀڳ آهي. رڳو لنڪا سٽر ۾ انهن جي آبادي پنجاهه هزارن کان وڌيڪ آهي. اهي هڪ مشهور عيسائي فرقي Mennonites جو حصو آهن. هو بگيءَ تي سفر ڪندا آهن ۽ پورهئي کي اهميت ڏيندا آهن. هنن جي نظر ۾ حمل ڪيرائڻ گناهه ۽ وڏو ڪٽنب خدا جي رحمت جو وسيلو آهي. انهن جي زندگيءَ ۾ ايثار، قرباني ۽ نوڙت کي خاص اهميت حاصل آهي. مون انهن سان ٽي ڏينهن گڏ گذاريا. انهن ٽن ڏينهن جي خوشي ۽ انهن جو رنگ اڃا تائين مون ساڻ آهي. هڪ اڌ پڪو اڌ ڪچو گهر، بجلي ۽ فون کانسواءِ، ننڍا ڪمرا، سادو پلنگ، هڪ پاسي جانورن جو وٿاڻ... تازو کير، مکڻ، ۽ ماکي، مٿي تي اسڪارف پاتل عورتون. سادگي، شان ۽ مان جي تصوير. گهر جو سڄو ڪم پاڻ ڪن ته ٻني ٻارو به پاڻ ئي ڪن. نه ڪو نوڪر نه ڪو مددگار، سڀاءُ ۾ نرمي ۽ شائستگي ۽ گفتگو ۾ ڌيرج. هنن جي نظر ۾ فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ به سٺو ڪم نه آهي. هنن جي سڄي زندگي چرچ جي چوڌاري ٿي گهمي. هو انشورنس ڪرائڻ به خراب سمجهندا آهن. هو نه عدالت ويندا آهن ۽ نه ئي وري پوليس ۽ ٿاڻي جو چڪر ۾ پون. اسڪول ۾ به هنن جو نصاب پنهنجو آهي. اهو سڀ ڪجهه آمريڪا ته ڪونهي، پوءِ به هو آمريڪا جا شهري آهن. اسان جا وڏڙا مذهبي اختلافن سبب يورپ مان نڪتا. اسين وهندڙ ڌارا جو حصو نه آهيون. اسين پنهنجي مرضيءَ سان جيئڻ ٿا چاهيون. اسان جي بگي شهر ويندي آهي ته ڪجهه ماڻهو حيران ٿيندا آهن، ته ڪي وري هٿ لوڏي محبت ۽ پنهنجائپ جو اظهار ڪندا آهن. ڪي ته مرڳي پٿر اُڇلي هڻندا آهن. شايد کين اسان جي زندگي نٿي وڻي، پر اسان کي اهو رنگ سٺو ٿو لڳي. قدامت ۽ روايت ۾ به ته حسن آهي. منهنجي ’آ مٿس‘ ميزبان وڏي فخر سان اهي ڳالهيون چيون.
    ”جيڪڏهن ڪو شخص يا قوم اهو فيصلو ڪري وٺي ته کيس ڪهڙي زندگي گذارڻي آهي ته پوءِ کيس ڪير ٿو روڪي سگهي.“ لنڪاسٽر جي هر در ۽ ديوار تي اها لکيل لکت مون ڪڏهن به نه وساري. جڏهن به آئون ان روايت کان هٽان ٿو ته مونکي لنڪاسٽر ڪائونٽي جا ماڻهو ياد ايندا آهن. وهندڙ وهڪري ۾ انهن ماڻهن پنهنجي ڌار سڃاڻپ رکي آهي. هاڻ انهن جي ياد ۾ نصيرالدين جو سوال به شامل ٿي چڪو آهي.“ جيڪڏهن ماڻهو فيصلو ڪري وٺن ته کين مواخات موجب زندگي گهارڻي آهي ته پوءِ کين ڪو به روڪي نٿو سگهي.“ مونکي لڳي ٿو ته نصيرالدين جو اهو سوال رڳو منهنجي لاءِ نه پر هر ان شخص جي لاءِ آهي، جيڪو نئين دنيا اڏڻ جا خواب ڏسي ٿو.


    4.24: ساک سان ٿو چوان باک ڦٽندي ضرور

    ميري ليند يونيورسٽي جي ڊنر ۾ ڪجهه صحافي به دعوتيل هئا. انهن ان تقريب جي ڏاڍي سٺي ڪوريج ڪئي. ايسوسيئيٽ پريس آف پاڪستان جي علي عمران ته اخوت جي ويب سائيٽ جانچڻ کانپوءِ هڪ خوبصورت مضمون به لکي ڇڏيو. جمال خان بلوچ به سهڪار جو اشارو ڪيو. هن جي ئي صلاح تي پاڪستان جي ڪجهه ٻين صحافين سان ملاقات جو پروگرام ٺهيو، جنهن جي لاءِ ورجينيا جي هڪ ريسٽورينٽ جي چونڊ ڪئي وئي. ٻي ڏيهاڙي مقرر وقت تي اسين ريسٽورينٽ ۾ موجود هئاسين. مهمانن ۾ ڪرڪٽ جو ناليوارو ڪمپيئر حسن جليل ۽ پيپلز پارٽي جو اڳوڻو سينيٽر سعيد اڪبر خواجه به موجود هئا. سعيد اڪبر واشنگٽن جي سفارتي حلقن ۾ گهڻو مقبول آهي. هن محترمه بي نظير ڀٽو سان به ڪم ڪيو هو. صحافت جو پيشو تجسس سان ڀريل آهي. صحافي سدائين ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. شايد ان ڪري انهن سان ڳالهيون مُهاڙيون هيٺ مٿاهين جو شڪار ٿينديون رهيون، اوهان جا مقصد ڪهڙا آهن، عطيا ڪٿان ٿا اچن. سياست سان ڪهڙو لاڳاپو اٿئي. وغيرهه وغيرهه. هنن ڪيترن ئي اهم پهلوئن بابت پنهنجي آزاد راءِ جو اظهار پڻ ڪيو. هنن جو خدشو هو ته مسجد ۾ ڪم ڪرڻ سان عورتون ۽ اقليتي مذهبي گروهه قرضن جي سهوليت کان محروم ٿي سگهن ٿا. پاڻ جو چوڻ هو ته انهن گروهن جي مفادن جو خيال رکيو ويندو آهي، تنهنڪري اهو ڪم مسجدن کانسواءِ ٻين مذهبن جي عبادتگاهن ۾ پڻ ڪيو ويندو آهي. عورتون جيڪڏهن مسجد ۾ اچڻ نه چاهين ته کين خاص رعايت به حاصل آهي. ان ڏينهن جو هڪ ٻيو سنگ ميل پاڪستاني امريڪن انٽر پرينيورز سان ملاقات به هئي. ساڻس رابطو ڊاڪٽر ذڪي الدين احمد جي ذريعي ٿيو. ذڪي ڪراچي جو هڪ مشهور سماجي ڪارڪن آهي ۽ اخوت ۾ ڪم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. ڪجهه وقت اڳ مون جڏهن ساڻس آمريڪا جي دوري جي ڳالهه ڪئي ته هن چيو ته مونکي آمريڪا ۾ آرگنائيزيشن آف پاڪستاني انٽر پرينيورز آف نارٿ آمريڪا (Open) جي ماڻهن سان به گڏجڻ گهرجي. اها تنظيم آمريڪا ۾ ڏاڍي تيزي سان مقبول ٿي رهي آهي ۽ ان جي وسيلي پاڪستان ۾ گهڻو ڪم ٿي سگهي ٿو. ورجينيا ۾ ان تنظيم جي اڳواڻي جاويد قمر ڪري ٿو. سندس گهر تي ٿيندڙ ملاقات ۾ ڪيترائي بزنيس مين موجود هئا. جن ۾ عاطف احمد، عمران اڪرم، جاويد قمر جي ڌيءَ عارفه سيد ۽ سندس ناٺي شامل هئا. منجهن وطن عزيز جي خدمت جو جذبو ته ڇوليون هڻي رهيو، پر هڪ بي يقيني جو ڪُن سندن اڳيان رڪاوٽ بنيل هو. ليکڪن کان وٺي انٽر پرينيورز تائين، اهي سڀ با خبر ماڻهو هئا، پر انهن جي باخبريءَ ۾ درد ۽ غم جي گهري جهلڪ به هئي.


    4.25: نيڪيءَ جا ٻه واقعا

    اخوت جي گذريل رات واري تقريب ۾ ڪيترن ئي ماڻهن مان مکا ميلو ٿيو هو. انهن ۾ هڪ پراڻو دوست عبيد پڻ هو. عبيد گورنمينٽ ڪاليج ۾ مون کان هڪ سال هيٺ هو. اقبال هاسٽل ۾ هو پاڻ سان گڏ هو، پر ايم بي بي ايس کانپوءِ آمريڪا هليو آيو. هن مون کي ورجينيا ۾ پنهنجي گهر اچڻ جي دعوت ڏني. عبيد جي زور تي مون ٻي ڏينهن شام جو وٽس دعوت کائڻ جي هائوڪار ته ڪئي، پر اهو وچن نباهڻ ۾ ڏاڍي تڪليف پيش آئي. ڊاڪٽر قدير ۽ امتياز نور به مدعو ڪيل هئا. اسين گڏجي ميري لينڊ مان روانا ٿياسين ۽ رستو ڀلجي وڃڻ سبب هڪ ڊگهو چڪر ڪاٽي ورجينيا جي ان ننڍي وسنديءَ ۾ پهتاسين. شهر جي هُل هنگامن کان پري وڻن ۽ ساين ولين ۾ گهيريل اهو گهر ڏاڍو سٺو لڳوسين. اتي عبيد جا ڪيترائي مائٽ پڻ موجود هئا. جن مان چوڌري صفدر زلزلي ۽ ٻوڏوارن ڏينهن ۾ پنهنجي وطن واسين جي وڏي خدمت ڪئي. ورجينيا جي ان علائقي ۾ هڪ وڏي مسجد ٺاهڻ ۾ به سندس اهم ڪردار آهي. هو پاڻ به هڪ سماجي ڪارڪن آهي، پر سندس خيال هو ته هاڻ شايد خدمت جو اهو دور باقي نه رهيو آهي. دنيا نيڪيءَ کان خالي ٿيندي پئي وڃي. هڪ وقت اهڙو هو جڏهن ماڻهو اسپتالون ٺاهيندا هئا ۽ اسڪول يا يتيم خانا کوليندا هئا، پر هاڻ ماڻهو اهڙا ڪم ڪرڻ کان لنوائين ٿا. قدير سندس راءِ سان اختلاف ڪيو. سندس چوڻ هو ته اڄ به ڀلا ماڻهو موجود آهن. اڄ به نيڪي جي ڪمي ڪونهي. بدقسمتي اها آهي ته اهڙا ماڻهو منظر عام تي نٿا اچن. اسين پنهنجي گندگي ته ظاهر ڪري ٿا ڇڏيون، پر نيڪي کي لڪائي رکندا آهيون. مون قدير جي ها ۾ ها ملائي ۽ صفدر صاحب کان اجازت گهري ٻه واقعا به ٻڌايم، جيڪي هن جي لاءِ ڪنهن سوکڙي کان گهٽ نه هئا. مون کيس اهو به ٻڌايو ته جڏهن به مايوسي وڌڻ لڳي ته اهي ٻه واقعا حوصلو وڌائڻ جي لاءِ هليا ٿا اچن.


    4.26: لا وارث لاشن جو محافظ

    پهريون واقعو اوڪاڙا جي محمد حسن جو آهي.
    ويهه ورهه اڳ محمد حسن جي شهر اوڪاڙا جي ڀرسان ٽريفڪ جو هڪ حادثو پيش آيو. حادثي جي خبر سُڻي شهر جا ڪجهه ماڻهو حادثي واري هنڌ تي پهتا. انهن ۾ محمد حسن به هو. هو شام تائين زخمين جي ملم پٽي ڪندو رهيو. ان حادثي سندس ذهن تي وڏو اثر ڇڏيو. ڪجهه ئي ڏينهن کانپوءِ محمد حسن اوڪاڙا جي هڪ پاڙي ۾ هڪ ننڍو ڪمرو مسواڙ تي وٺي هڪ ڊسپينسري قائم ڪئي. ڊسپينسري ۾ ڪجهه دوائون به هيون ۽ هڪ ڊاڪٽر به. ان دوران ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هڪ ٻيو ٽريفڪ حادثو ٿيو. مريضن کي ان ڊسپينسري ۾ آندو ويو، پر پوءِ به سڀني جو علاج ٿي نه سگهيو. محمد حسن فيصلو ڪيو ته هاڻ ان ڊسپينسري کي اسپتال ۾ بدلائڻو آهي. اڄ ان ڳالهه کي ويهه ورهه گذري ويا آهن. اوڪاڙا ۾ ’اوڪاڙا ويلفيئر ٽرسٽ‘ جي نالي سان هڪ خوبصورت اسپتال ٺهي چڪي آهي. هن وقت ان اسپتال جي ماليت ڏهن ڪروڙ روپين جي لڳ ڀڳ هوندي. ان جو باني محمد حسن اڪثر سوچيندو رهندو آهي ته اها ڪهڙي نيڪي هئي، جنهن جي بدلي ۾ الله تعاليٰ کيس هن عظيم ڪم جي لاءِ چونڊيو.
    هڪ ڪمري جي ڊسپينسري کان وٺي هيڏي وڏي اسپتال تائين محمد حسن جو اهو سفر محنت ۽ ديانت جو سفر هو. اسپتال جي اڏاوت ۾ ڪيترن ئي ماڻهن سندس مدد ڪئي. هزارين ماڻهن، جن ويهه، پنجاهه، ۽ سؤ سؤ روپين جا عطيا ڏنا. محمد حسن کي طبي معاملن جي ڪا گهڻي سُڌ ٻُڌ ڪونهي. سندس چوڻ آهي ته ميو اسپتال جو ڊاڪٽر سيد محمد اويس جيڪڏهن سندس رهبري نه ڪري ها ته شايد ان سپني جي ساڀيان نه ٿئي ها. محمد حسن جو ٻيو ڪارنامو ان کان به وڏو آهي. اُن ڪارنامي جو واسطو لاوارث لاشن جي ڪفن دفن سان آهي. هو هيستائين پنهنجن هٿن سان ٽن سون کان به وڌيڪ چچريل ۽ بدبودار انساني لاشن کي غسل ۽ ڪفن ڏيئي دفنائي چڪو آهي. هن اوڪاڙا ۾ هڪ ننڍو قبرستان به ٺاهيو آهي. ان قبرستان ۾ دفنايل ماڻهن جو مڪمل رڪارڊ وٽس موجود آهي. مرڻ مهل انهن جي ڪهري حالت هئي. کين ڪهڙا ڪپڙا پاتل هئا. سندن کيسن ۾ ڇا هو، هو انهي جي اوسيئڙ ي ۾ رهي ٿو ته شايد ڪو وارث ڳوليندي ڳوليندي وٽس پهچي وڃي. محمد حسن انهن لاشن جي ذميداري ڇو کنئي. سندس چوڻ هو ته، ”مون هڪ ڀيري ڏٺو ته هڪ لاوارث لاش کي غسل ڏيڻ کانسواءِ ئي دفنايو ويو، ايتريقدر جو جنازي جي نماز به نه پڙهائي ويئي. مون سوچيو ته قيامت جي ڏينهن جيڪڏهن منهنجي رسول ڪريم صلي الله عليه و آله وسلم مون کان پُڇيو ته اي محمد حسن! تنهنجي شهر ۾ منهنجو هڪ اُمتي بنا ڪفن جي پيو هو ۽ ڪنهن هن جي جنازي نماز به نه پڙهائي ته آئون ڪهڙي ورندي ڏيندس. بس! ان خيال مونکي ڏڪائي ڇڏيو. مون فيصلو ڪيو ته آئون اوڪاڙا جي ڀرسان وهندڙ واهه مان نڪرندڙ ۽ رستن تي پيل لاوارث لاشن کي اهو احترام ڏيندس، جنهن جو حڪم منهنجي دين مونکي ڏنو آهي... غسل به ۽ ڪفن به ۽ دفن جي لاءِ ڪجهه فوٽ زمين جا به. مون قيامت جي ڏينهن پنهنجي پيغمبر جي سامهون سرخرو ٿيڻ ٿي چاهيو.“
    هڪ نوجوان جيڪو پنجين ڪلاس کانپوءِ اسڪول وڃي نه سگهيو هو. جنهن جي گهرواري جي اُپت ٻن چئن هزارن کان وڌيڪ نه هجي، اهو ڪروڙين روپين جي اسپتال ڪيئن ٿو ٺاهي سگهي. مون محمد حسن کان اهو سوال پڇيو ته سندس چوڻ هو ”ڪاميابيءَ جو رستو دولت ۾ نه پر خدمت ۾ لڪل آهي. خدمت جي ڪري ئي انسان کي گهڻو ڪجهه يعني عزت ۽ آسودگي پلئه پوي ٿي. اها اسپتال ته ننڍي شيءِ آهي، جيڪڏهن خلوص هجي ته ههڙيون ڪيتريون ئي اسپتالون جڙي سگهن ٿيون.“ صفدر صاحب منهنجي ڳالهه ڌيان سان ٻُڌي، سندس دل تي ڪجهه اثر به ٿيو، پر سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اسين محمد حسن وانگيان نيڪي ڪرڻ چاهيون ته به اسين محمد حسن بنجي نٿا سگهون، اسان جون ترجيحون اسان جي ذات تائين محدود ٿي ويون آهن. مون کي لڳو ته ڪجهه ڪسر اڃا به رهجي ويئي آهي.
    گهڙي کن ترسي مون وري ٻيو واقعو ٻُڌائڻ جي مهلت گهري. ”صفدر صاحب! ان واقعي جو تعلق راولپنڊيءَ سان آهي.“ مون پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ”ڪيترا سال اڳ گارڊن ڪاليج راولپنڊي جا ڪجهه شاگرد پاڻ ۾ گڏيا ۽ هنن فيصلو ڪيو ته هو اکين جي اسپتال جوڙيندا. هنن پنهنجن کيسن ۾ هٿ هنيو ۽ جيڪو ڪجهه هئن سو ڪڍي کڻي ميز تي رکيائون. هڪ شخص اها رقم ڳڻي ته اها ڪُل پنجٽيهه روپيا هئي. هي ته تمام گهٽ پئسا آهن. ڪنهن چيو، پر ان هوندي به انهن ”راولپنڊي آئي ڊونرز آرگنائيزيشن،“ جي نالي سان هڪ اداري جو بنياد رکيو. اهو 14 آگسٽ 1977ع جو ڏينهن هو. ڪجهه وقت کانپوءِ ان اداري کي هولي فئملي اسپتال ۾ هڪ ڪمرو ملي ويو. هو هر مهيني ڪيترائي ڊاڪٽر گڏ ڪندا هئا ۽ پوءِ آءِ ڪئمپ لڳائڻ جي لاءِ نڪري پوندا هئا. پنجاب، سنڌ، بلوچستان، خيبر پختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير. واهڻ واهڻ وستي وستي. 1981ع ۾ هڪ معزز شخص اُن اداري جو سرپرست بنجڻ قبوليو، اهو شخص اتفاق سان پاڪستان جو صدر هو. اهڙا ماڻهو سرپرستي ڪرڻ لڳن ته نيڪي تيزيءَ سان پکڙجي ٿي. جنرل ضياءُالحق اُن ننڍي ڪمري جو دورو ڪيو ۽ ڪجهه مالي مدد به ڏني. اها مدد ملندي ئي انهن نوجوانن فيصلو ڪيو ته هو رڳو آءِ ڪئمپ تي ماٺ ڪري نه ويهندا، پر اکين جي هڪ مڪمل اسپتال ٺاهيندا. 1989ع ۾ راولپنڊي شهر جي وچو وچ کين چئن ايڪڙن تي زمين جو ٽڪرو هٿ چڙهي ويو ۽ جلد ئي ان اسپتال جا بنياد رکيا ويا.
    شايد قدت کي فقط ايتري امتحان جي گهرج هئي. پهرين سر رکڻ جي دير هئي، جو سڀ تڪليفون ختم ٿي ويون. هاڻ ان اسپتال ۾ هر سال چاليهن هزارن کان به وڌيڪ انگ ۾ مريض اچن ٿا. اڍائي هزارن کان به وڌيڪ آپريشن ٿين ٿا، گويا سراسري حساب سان روزانو ستن ماڻهن کي اکين جو نور ملي ٿو. ٻه سال اڳ ان اسپتال ۾ هڪ ٻي شعبي جو به واڌارو ڪيو ويو. اهو شعبو گُردن جي بيماري بابت آهي ۽ هتي ڊائيليسز جون سهولتون به ميسر آهن. جيڪي ماڻهو گردن جي بيمارين کان واقف آهن، تن کي پتو هوندو ته اُن جو علاج ڪيترو نه مهنگو آهي. هر سال ٻارهن سؤ کان به وڌيڪ مريضن جو ان اسپتال ۾ مفت ۾ ڊائيليسز ٿئي ٿو.
    صفدر صاحب! ڇا پنجٽيهن روپين مان اکين جي هيڏي وڏي اسپتال ٺهي سگهي ٿي؟ ڇا پنجٽيهن روپين مان هزارين مريضن جي اکين جو سوجهرو موٽي سگهي ٿو؟ ڇا ايتري ٿوري رقم مان ڊائيليسز جون مهنگيون مشينون خريدي سگهجن ٿيون. منهنجي خيال ۾ اهو سڀ ڪجهه ممڪن آهي، ڇو ته مون پنهنجي اکين سان اهو سڀ ڪجهه ٿيندي ڏٺو آهي. جيڪڏهن اوهان کي يقين نه اچي ته اوهين راولپنڊيءَ ۾ مري روڊ تي موجود ناز سئنيما جي پويان ’ريڊوميڊيڪل ڪامپليڪس‘ ۾ وڃي ڏسي سگهو ٿا. جيڪڏهن اتي وڃڻ ڏکيو لڳي ته پنهنجي کيسي مان 35 روپيا ڪڍو ۽ اهو خواب ڏسو، جيڪو هارون الرشيد ۽ ڪيپٽن مقبول احمد ڏٺو هو. قدرت ان سپني کي ساڀيان ضرور ڏيندي. کيس ته خلوص ۽ محنت جي ڳولا آهي، وسيلن جو بندوبست ته هو پاڻ ئي ڪندو آهي. مون کيس محمد حسن جي ڳالهه ياد ڏياري ۽ پوءِ پُڇيو ته اخوت ۽ ان جي هزارين ڊونرس کي پاڻ ڪهڙي فهرست ۾ رکنداسين. گهٽ وڌائي ته ٿيندي رهندي آهي، پر هتي دنيا نيڪي کان سراسر خالي ٿي نٿي سگهي. صفدر صاحب ڪجهه سوچڻ لڳو. ماني ۽ چانهه جو دور ختم ٿي چڪو هو. اسان اجازت گهري، جو اسان کي ٻن ڪلاڪن جي مسافري تي هڪ ٻي ننڍي شهر ”هيگرز ٽائون“ وڃڻون هو. عبيد ۽ سندس مائٽن وڏي حب ۽ اُڪير مان موڪلايو. موڪلائڻ کان اڳ صفدر صاحب منهنجي هٿ ۾ هڪ لفافو ڏنو، جنهن ۾ اخوت جي لاءِ عطيو هو. ’اوڪاڙا جي محمد حسن ۽ راولپنڊي جي ڪيپٽن مقبول ۽ هارون کي منهنجا سلام ڏجو.‘ مونکي لڳو ته صفدر صاحب جي راءِ بدلجڻ لڳي هئي.


    4.27: هڻ وٺ مان ڇا هڙ حاصل

    اخوت جي نالي سان اهي جيڪي محنتون آهن، تن مان نيٺ به ته ڪهڙي هڙ حاصل ٿئي ٿي.
    قدير، امتياز ۽ آئون، اسين سڀ هڪ ئي گاڏي ۾ سوار ٿياسين ۽ اسان جو رخ ورجينيا جي هڪ وسندي ”هيگرز ٽائون“طرف هو. اسين سومهاڻي ڌاري اُتي پهتاسين. ان ننڍي شهر ۾ ڪيترائي پاڪستاني ڊاڪٽر رهن ٿا. انهن مان ڪن جو واسطو ڪنگ ايڊورڊ سان آهي. شايد کين دير سان اطلاع مليو. اهي ئي ڳالهيون، اهي ئي سوال ۽ جواب، جيڪي بالٽي مور جي اسلامي مرڪز ۾ ٿيا، البت هڪ سوال نئون هو. ان انداز ۾ اهو سوال پهريون ڀيرو پڇيو ويو، ”اوهان جي ان سڄي ڀَڄ ڀڄان ۽ محنت جو ڪهڙو فائدو ۽ اوهان هيل تائين ڇا هڙ حاصل ڪئي آهي؟“ هڪ همراهه جيڪو ڳچ دير کان اسان جون ڳالهيون ٻڌي بي چين ٿي رهيو هو، تنهن پڇيو. مقصد ته نيڪي آهي، پر ڇا حاصلات ٿي آهي، ان جي باري ۾ ته آئون ڪجهه به چئي نه ٿو سگهان. مون سوچي ڪجهه چيو. نيڪي بذات خود به هڪ انعام آهي. ڇا اهو ضروري آهي ته ٻج پوکڻ کانپوءِ اهو پڻ ڏٺو وڃي ته ان ميوو جهليو آهي يا نه. ڇا ٻج پوکڻ ڪافي ڪونهي؟ مون صوفي شاعر ميان محمد بخش جي ڳالهه ورجائڻ چاهي.
    مالی دا کم پانی دینا، بھر بھر مشکاں پاوے،
    مالک دا کم پھل پُھل لانا، لاوے یا نہ لاوے۔
    سوال پُڇڻ واري جو تجسس اڃا به قائم هو، پر هن ڳالهه کي اڳتي نه وڌايو. هو يا ته مطمئن ٿي ويو يا وري کيس وقت جي تنگيءَ جو احساس هو. اُن کان اڳ جو ڪجهه ٻيا سوال به ٿين، اسان جي ميزبان شرڪت ڪندڙن جي مهرباني مڃي. اسان به کانئن موڪلايو. ۽ ايئن ”هيگرز ٽائون“ مان واپسي جو سفر شروع ٿيو. منهنجون اکيون ننڍ سبب پورجڻ لڳيون، پر امتياز ۽ قدير ڳالهين ۾ رڌل هئا. ڪنن ۾ ڪيتري ئي دير تائين ’هيگرز ٽائون‘ ۾ ٿيل سوال ٻُرندا رهيا. اسان جي ڪم مان ڇا هڙ حاصل ٿئي ٿي؟ ڇا ان ڪري ته ان سان غربت ختم ٿي ويندي... يا ان ڪري ته اسان کي اهو چيو ويو آهي ته بس ائين ڪرڻون آهي... اها ئي صحيح واٽ آهي. مون کي لڳو ته اصل ڳالهه ته اهائي آهي. پهرين ڳالهه ته بس اتفاقي آهي. اخوت جو واسطو ڪم سان آهي، نتيجي سان نه. اسين ته حڪم جا بندا آهيون. اها ته اطاعت ۽ پيروي آهي. اطيعو الله ۽ اطيعو الرسول... اهو ته هڪ اهڙو فرض آهي، جنهن جي ادائيگي ئي ان جي هڙ حاصل آهي. ”هيگرز ٽائون“ جو اهو سفر بي معني نه هو.
    جسکا عمل ہے بے غرض اس کی جزا کچھ اور ہے،
    حورو خیام سے گذر بادہ و جام سے گذر۔
    *


    باب پنجون : بوسٽن- نيويارڪ- نيوجرسي

    5.1: ايندڙ منزل

    وقت جو وهڪرو تيزيءَ سان وهي رهيو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته خبر ئي نه پوندي آهي ۽ رات ۽ ڏينهن اک ڇنڀ ۾ گذري ويندا آهن. پاڻ کي آچر جي صبح جو بوسٽن پهچڻون هو، پر ورجينيا ۾ عبيد جي دعوت جي ڪري ٿوري تبديلي ڪرڻي پئي. پهرين واشنگٽن مان روانگي هئي ۽ هاڻ بالٽي مور انٽرنيشنل تان وڃڻو پيو. سومر جي ڏينهن صبح جو ڏهين بجي تائين تياري ٿيندي رهي. ننڍيون ننڍيون شيون ۽ ڪجهه سوکڙيون. وانڌا ٿي بالٽي مور طرف سفر شروع ڪيوسين. پاڻ جو ورجينيا ۽ ميري لينڊ ۾ ڏيڍ سال کن گذريو هو. ڪنهن به اهڙي هنڌ تان موڪلائڻ سان ٿوري ويڳاڻپ ۽ اداسي ته ٿئي ٿي. بالٽي مور تائين هڪ ڪلاڪ جو اهو سفر پراڻين ساروڻين ۾ گذريو. ايئرپورٽ تائين اڃا اڌ پنڌ ئي طئي ٿيو هو، جو قدير جي فون جي گهنٽي وڳي. عاصمه ڀاڀي جي ڪال هئي هن ٻڌايو ته آئون ڪمپيوٽر واري بئگ ته گهر وساري آيو آهيان، واپسي ممڪن نه هئي، جو ائين ڪرڻ سان اُڏام يقيني طور تي ڇُٽي وڃي ها. عاصمه ڀاڀي ان جو حل اهو ڪڍيو ته هن پنهنجي گاڏي ۾ بالٽي مور پهچڻ جو فيصلو ڪيو. اسان جيڪو سفر هڪ ڪلاڪ ۾ ڪيو، اهو هن چاليهن منٽن ۾ طئي ڪيو ۽ بروقت ايئرپورٽ پهچي ويئي. گاڏيءَ مان لهي، رش کي چيريندو ايئرپورٽ ۾ گهڙيس. اهي ئي جڙتي جا ڏکيا مرحلا، گذريل ٻن هفتن ۾ اهو اٺون ڀيرو هو جو جڙتي ٿي رهي هئي. ايتري ٿڪاوٽ سفر ۾ به نه ٿي جيتري انهن مرحلن مان گذرڻ تي ٿي، بهرحال سفر جي ڪجهه ته قيمت ادا ڪرڻي ئي هئي. جهاز ۾ ويهندي مونکي اوچتو خيال ٿيو ته اسين جڙتي جي مرحلي تي ڪيتري نه تڪليف ٿا محسوس ڪريون، پر اهو نٿا ڏسون ته اهو سفر ڪيڏي نه وڏي نعمت آهي. هزارين ميلن جو سفر، ڇا ڪڏهن ايڏي تيزيءَ سان ممڪن هو. هڪ صدي اڳ ماڻهو يا ته جانورن تي سفر ڪندا هئا يا ٻيڙين جي سڙهن جي سهاري اڳيان وڌندا هئا. هوريان هوريان هوائون تسخير ٿيڻ لڳيون ۽ انسان پکين کي به پٺتي ڇڏي ويو. زندگي هزارين سالن تائين هڪ ئي خواب ڏسڻ جو عمل آهي. مون کي ٻه ڀائر ياد اچڻ لڳا، جن زمان ۽ مڪان جي تصور کي هڪ نئون رخ ڏنو.


    5.2: هوائن جي دوش تي انهن جا نالا ولبرائٽ ۽ آرول رائٽ هئا.

    هو پکين کي هوائن ۾ اڏرندو ڏسي حيران ٿي ويندا هئا ۽ اڪثر اهو به ڏسندا هئا ته ڪجهه پکي هوا جي لهرن تي پَر هلائڻ کانسواءِ ئي پيا اُڏرندا هئا. هڪ ڏينهن هنن اخبار ۾ هڪ انجنيئر جي خبر پڙهي، جيڪو وڏا پر ٻانهن تي هڻي هڪ ٽڪريءَ تان هيٺ اُڏيو هو. ان ڪوشش جي دوران هڪ ڏينهن هو مري ويو. ٻنهي ڀائرن کي ڏاڍو ڏک ٿيو، پر هنن اهو خواب اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
    ولبرائٽ ۽ آرول رائٽ، واشنگٽن ۾ ’سمٿ سونئن اداري‘ کي خط لکي انهن سڀني مضمونن جي فهرست گهرائي، جيڪي انساني اڏام جي باري ۾ لکيا ويا هئا. هنن وڏي جوش ۽ خروش سان انهن مضمونن جو اڀياس ڪيو. چئن سالن جي اڀياس کان پوءِ هنن لوهه جو هڪ لغڙ جهڙو جهاز ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. کين ڪهڙي خبر ته اُهو هڪ انقلاب آڻي ڇڏيندو، ٻئي ڀائر سائڪيلن جي اُڪري ۽ مرمت جي دڪان جا هئا، رات جو دوڪان بند ڪرڻ کانپوءِ هو هوا ۾ اڏام جا تجربا ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويندا هئا. هنن جي پهرين لغڙ جهڙي جهاز تي ٽي پائونڊ خرچ ٿيا. سڀئي تياريون مڪمل ڪرڻ کانپوءِ کين موسميات کاتي جي آفيس مان اها به خبر پئجي ويئي ته اُتر ڪيلي فورنيا ۾ ڪهڙو هنڌ اُڏام جي لاءِ سٺو ثابت ٿيندو. اها هڪ مٿاهين جاءِ هئي، جتي سمنڊ طرف تيز هوا هلندي هئي. اتي ساحل جي واري به نرم هئي. پهرين اُڏام، جڏهن هنن پنهنجي لغڙ جهڙي جهاز ۾ چڙهي اڏامڻ شروع ڪيو ته هو ڪجهه سيڪنڊن کان وڌيڪ هوا ۾ ترسي نه سگهيا.
    رائٽ ڀائرن جي ان اُڏام وقت هڪ انجنيئر به اتي موجود هو. جنهن کين ’شڪاگو جي سوسائٽي آف انجنيئرز‘ جي سامهون تقرير ڪرڻ جي دعوت ڏني ته انهن ڀائرن کي به حيرت ٿي. ان دوران هنن پنهنجي لغڙ جهڙي جهاز ۾ ويهي ڪيتريون ئي ڪامياب اڏامون ڪيون، پر کين پنهنجي اڏام کٽولي جي لاءِ هر هنڌ ڪا مناسب نه ٿي ملي. هوا يا ته تمام گهڻي هلڪي هوندي هئي يا و ري تيز. نيٺ تنگ ٿي هنن پنهنجي هوا ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. هنن جهاز ۾ پئٽرول سان هلندڙ انجڻ لڳائڻ کانپوءِ برقي تارن جي ذريعي اها جهاز جي پنکن سان جوڙي. ڪنهن به مينوفيڪچرز ايتري هلڪي وزن جي انجڻ نه ٿي ٺاهي، تنهنڪري هنن اهو ڪم به پاڻ ئي ڪري پنهنجي دڪان جي اندر اهڙي انجڻ تيار ڪئي. ان مشين ۽ انجڻ کي سندس ڪل خرچ 60 پائونڊن کان به گهٽ آيو.
    ان مشين جي ذريعي هنن 17-ڊسمبر 1903ع تي هوا جي مدد کانسواءِ اُڏام ڪئي. ان ڏينهن سخت سردي هئي، پر ان سردي جي باوجود جڏهن آرول رائٽ هوائي جهاز ۾ سوار ٿيو ته هن فلاور ڪوٽ نه پاتو هو، ڇو ته هن هوائي جهاز تي گهڻو وزن وجهڻ نه ٿي چاهيو. ناممڪن ڳالهه ، امڪان جي حد ۾ داخل ٿي ويئي. هوا سان ڳري مشين واقعي به هوا ۾ اڏرڻ لڳي ۽ ان 120 فوٽن جو فاصلو طئي ڪري ورتو. اڏام کٽولي جو روحاني تصور نيٺ جهاز ۾ بدلجي ويو. هڪ سال جي اندر اندر رائٽ ڀائر پنجويهه ميل ڊگهي اڏام ڪرڻ لڳا. هڪ سؤ سالن کان پوءِ هاڻ اها اڏام هزارين ميلن جو فاصلو طئي ڪري ٿي وٺي. سمنڊ، ريگستان، زمين ۽ آسمان جي وشالتا، اهو سڀ ڪجهه انسان جي هٿان مات کائي ويو.
    آرول برائٽ ۽ ولبرائٽ جي پهرين اڏام ٻارهن سيڪنڊن جي هئي، پر اهي ٻارهن سيڪنڊ اڄ به انساني تاريخ ۾ محفوظ آهن. انهن جي بدولت صديون پراڻو خواب حقيقت ۾ بدلجي ويو. انسان تارن ڏانهن اڏام ڪرڻ لڳو. آئون جهاز جي ڏاڪڻين تان هيٺ لٿس ته مون کي رائٽ ڀائرن جي عظمت جو احساس اڃا به گهرو ٿيڻ لڳو.
    خواب... خواب... خواب... غربت جو خاتمو فضا ۾ اُڏامڻ کان ڏکيو خواب نه آهي. رائٽ برادران هڪ خواب ڏٺو ۽ پوءِ ٻيهر ساڀيان تائين پهتا... اچو ته اسين به خواب ڏسون ۽ اسين جيڪو خواب اڄ ڏسنداسين، ايندڙ نسل ان سپني جي ساڀيان ماڻيندو.
    اڏامي بلبليون وينديون، گلشن ۾ نه ڪو گل رهندو،
    پکي پرواز ٿي ويندا، حويلي ۾ نه ڪو هُل رهندو.
    غربت جي سومناٿ کي بهرحال جيتڻو آهي.


    5.3: بيڪر هال

    ڏيڍ ڪلاڪ جي اُڏام کانپوءِ ٽپهري جو ٽين بجي بوسٽن پهتسن، اهو ئي هُل هنگامون ۽ رونق، لوگن ايئرپورٽ مان نڪرندي ئي ٽئڪسي ڪري هارورڊ يونيورسٽي جي بزنس اسڪول جو رخ ڪيم. منهنجي رهائش جو بندوبست اسڪول جي اندر بيڪر نالي هال ۾ ڪيو ويو هو. چارلس درياهه کان ڪجهه وکن جي فاصلي تي يونيورسٽي جي حدن جي اندر اها هڪ آرام واري رهائش گاهه هئي. جمنازيم، سوئمنگ پول، جوڪنگ ٽريڪ، اسڪوائش، ٽينس... هر قسم جون سهولتون موجود هيون. وهنجي سَهنجي تيار ٿيڻ لڳس، جو ڇهين وڳي ان ئي هال جي لائونچ ۾ پروگرام جي پهرين تقريب هئي. ليڊرشپ پروگرام ۾ ان سال 28 ملڪن مان 69 ڄڻا شريڪ ٿي رهيا هئا. اهي سڀ ماڻهو ۽ ادارا گڏجي سڏجي تيرهن ملين ماڻهن کي قرض جون سهولتون مهيا ڪري رهيا هئا. آفريقا، ايشيا پئسفڪ، يورپ، وچ ايشيا، وچ اوڀر، لاطيني ۽ اُتر آمريڪا، مطلب ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندڙ ماڻهو. ان پروگرام جي لاءِ مالي سهڪار ايڪيسون انٽرنيشنل ۽ ماسٽر ڪارڊ فائونڊيشن پاران مهيا ڪئي ويئي هئي. ريسيپشن تي خوب گهما گهمي رهي. شرڪت ڪندڙن کي وڏي گرمجوشيءَ سان ڀليڪار ڪئي ويئي. گلدستا، سوکڙيون، تقريرون ۽ پوءِ ايندڙ پنجن ڏينهن تائين ٿيندڙ پروگرامن جو تفصيل. ان سڄي پروگرام جو مقصد مائيڪرو فنانس جي ليڊرشپ کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ان راهه ۾ درپيش مسئلن ۽ امڪانن کي بحث هيٺ آڻڻون هو ته هن وقت دنيا ۾ ڇا پيو وهي واپري ۽ ڇا ٿيڻ گهرجي. ڇا غربت سان مقابلي جي لاءِ مائڪروفنانس بهترين حڪمت عملي آهي يا نه. ان ۾ وسعت ۽ گهرائيءَ جا ڪيترا امڪان آهن. تسلسل، معيار، استحڪام، اختراع ۽ ٽيڪنالاجي، ڪٿي اهو انقلاب رستي جي دوڙ ۾ ڪٿي گم ته نه ٿي ويو. اهي سڀ ڳالهيون بحث هيٺ اچڻيون هيون. ان پروگرام جا روح روان هئا. پروفيسر مائيڪل چو ۽ پروفيسر ڪستوري رانجن. ٻئي هارورڊ بزنس اسڪول ۾ پڙهائيندا هئا. پروفيسر مائيڪل چو هارورڊ جو تمام وڏو نالو آهي.پروفيسر رانجن به ڪيترن ئي سالن کان اُن پروگرام سان لاڳاپيل آهي. انهن ٻنهي جا مددگار به ڊگهي عملي تجربي جا حامل ڌُڻيل همراهه هئا. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته پنجن ڏينهن جي ان پروگرام ۾ ڪيتريون ئي نيون ڳالهيون ٻڌڻ جي لاءِ مليون. سڄي دنيا مان ايندر مندوبين علم ۽ تجربي جو امتزاج هئا. انهن مان هر ڪو ڪنهن وڏي اداري جي نمائندگي ڪري رهيو هو.


    5.4: مومن جو زوال هٿين خالي هئڻ سان ڪونهي

    موسيقي جي هلڪي ٿيندڙ وَٽ ۽ وسامندڙ ڏيئو.
    بيڪر هال جي لائونچ ۾ پهرين تقريب ختم ٿي. سڀئي ماڻهو ٻاهر نڪري پنهنجن پنهنجن ڪمرن طرف وڃڻ لڳا. پروگرام مان وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ضروري هو ته اسين ان مواد کي چڱي نموني پڙهي وٺون، جيڪو انهن ڏينهن اڀياس هيٺ اچڻو هو،پر مون ان کان اڳ هارورڊ بزنس اسڪول جي عمارت ڏسڻ جو فيصلو ڪيو. هارورڊ دنيا جو سڀ کان مهنگو اسڪول آهي. ان جي خوبصورت عمارت مان پراڻي زماني جي باس ٿي اچي. آئيوي جون وليون، سرن سان ٺهيل عمارت، چؤڏس ساوڪ ئي ساوڪ، مون کي ته اهو گورنمينٽ ڪاليج جهڙو لڳو، جنهن کي جهان کان روشني ملي وڃي. سياري ۾ هتي چوڌاري اڇي چادر هوندي آهي، پر انهن ڏينهن گل ٽڙي رهيا هئا. هتي ايم بي اي ڪرڻ جي لاءِ ٻه ڪروڙ گهربل آهن. پر ماڻهو هيتري رقم ڇو ٿا خرچ ڪن. شايد اُن ڪري به ته جنهن جي ڇاتي تي هارورڊ جو تمغو لڳل هوندو آهي، ان جي صلاحيت تي ڪو به شڪ نه ٿو ڪري. هارورڊ يا بوسٽن، ڪيلي فورنيا جيان امير ته ڪونهي، پر هن شهر جي رهاڪن تعليم کي ئي روزگار بنائي ورتو آهي. اسين به شهرن کي علم ۽ تحقيق جي لاءِ وقف ڪري سگهون ٿا. اسانکي به ته اهو چيو ويو آهي ته ڄاڻندڙ ۽ اڻ ڄاڻ برابر نه آهن،پر اسين جاهلن جي قطار ۾ بيهڻ کي ترجيح ڏيندا آهيون. گذريل چاليهن سالن ۾ طبعيات، ڪيميا ۽ فلڪيات جي موضوع تي شايد ئي ڪو مقالو ڪنهن مسلمان سائنسدان لکيو هجي. ڪِرڻ جي به حد آهي. چارلس درياهه خاموشيءَ سان وهي رهيو هو.پاڻي ۽ ان جي ڪنڌي تي ويٺل شاگرد، نه ڪو احتجاج، نه ئي وري ڪو هُل بکيڙو، نه نعرا نه هوڪريا نه وري ڪو گارڊ يا سپاهي. هڪ پرسڪون ماحول هو. هر ڪو پنهنجيءَ ۾ مست بزنس اسڪول ۾ ٿوري دير وڙڪڻ کانپوءِ، آئون هارورڊ جي مرڪزي عمارت جي ڇٻر تي ويٺو پنهنجي ڏينهون ڏينهن زوال تي ويچاريندو رهيس. ڇا اسان جي غربت ئي اسان جي زوال جو ڪارڻ آهي؟ ڇا اها مفلسي آهي، جنهن اسان کان سڀ ڪجهه کسي ورتو آهي. اقبال جو مشهور شعر ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳو.
    یہ اور شے ہے جسے خود بھی تو سمجھتا ہے،
    زوال بندہء مومن کا بے زری سے نہیں۔

    زوال جا اڻ ڳڻيا سبب آهن.
    ماڻهو پنهنجو دشمن پاڻ ئي ته هوندو آهي، جيڪڏهن ڪو پنهنجو پاڻ سان دشمنيءَ تي لهي اچي ته ڪير ڇا ٿو ڪري سگهي؟ ماضي جي خمارن ۾ ٻُڏو رهڻ، خزان جو ماتم ڪرڻ، رلهي متان وجهي سمهي رهڻ، پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي، نه ڪجهه پاڻ ڪرڻ ۽ نه ئي وري ڪنهن ٻي کي ڪجهه ڪرڻ ڏيڻ، هر ڪم مان وڏون ڪڍڻ، وڏيون وڏيون کوکليون دعوائون ڪرڻ، قوم جي مال کي مفت جو مال سمجهي لُٽڻ، ڦري ماري، چوري چڪاري، رعايتن جي ڳولا، اقربا پروري، رشوت ۽ ڪوڙ، ملاوت ۽ ذخيري اندوزي کي جائز سمجهڻ، ظلم، نا اتفاقي، وعده خلافي، بي حسي، سستي ۽ ڪاهلي، بي زاري ابد دلي، بدنيتي، بد ديانتي ۽ ڀتي خوري، شر جي ڀؤ سببان ماڻهن جي عزت ڪرڻ، زورآورن کي اڳواڻ مڃڻ، ڪوڙ تي لهي اچڻ ۽ منافقت ۾ پناهه وٺڻ. ڪم چوري، ٻين جي نه ٻُڌڻ، رڳو پنهنجي ٻولڻ، شڪ ڪرڻ ۽ حسد جي باهه ۾ سڙڻ، ڪنهن به ڳنڍيڇوڙ، بشني، نو سر باز ۽ مداريءَ جي پويان هلڻ ۽ پنهنجي ئي ملڪيت کي ساڙي ڦلهيار ڪري ڇڏڻ... جهالت جو زهر پيئڻ. آگهيءَ کان ڀڄڻ، اهو وساري ويهڻ ته اڳيان وڌندڙ پويان مُڙي نه ڏندا آهن، کين اڳتي ئي وڃڻو هوندو آهي... اڳتي... تمام گهڻو اڳتي.
    زوال جو سبب رڳو غربت ڪونهي، پٺتي رهڻ جا ڪيترائي ڪارڻ آهن.


    5.5: گر قبول افتدز ہے عزو شرف

    تعليم گاهون پنهنجي شاگردن سان ئي سڃاتيون وينديون آهن.
    رومن ۽ ڊيوڊ، هارورڊ جا ٻه شاگرد آهن. رومن جو واسطو جرمني ۽ ڊيوڊ جو هالينڊ سان آهي. منهنجو انهن ٻنهي سان تعارف عمران سرور جي وسيلي ٿيو. اهي ٻئي شاگرد به آهن ته ڪوهه پيما به آهن. علم انهن جي جستجو ۽ ڪوهه پيمائي سندن شوق آهي. انهن سان رابطو هارورڊ اچڻ کان ڪيترائي مهينا اڳ ٿيو هو. انهن ٻنهي No mountain is to high (NM2H) نالي هڪ تنظيم ٺاهي آهي. هنن جو ارادو آهي ته هو يورپ ۽ آمريڪا جي سڀني مٿاهين چوٽين تي چڙهائي ڪندا. عمران کين اخوت جي باري ۾ ٻُڌايو ته هنن فيصلو ڪيو ته هو پنهنجي هر مهم وقت اخوت جي مشهوري به ڪندا. ائين اخوت ۽ (NM2H) جي وچ ۾ هڪ با ضابطه سهڪار جو فيصلو ٿيو. منهنجي هارورڊ پهچڻ تي رومن ۽ ڊيوڊ کي ڪا خوشي ٿي ڇا؟ هنن پنهنجي گرل فرينڊز جينٽ ۽ لارين سان ملرايو، هڪ جاپاني ۽ ٻي آمريڪي، ڪٿي جرمني، ڪٿي هالينڊ، ڪٿي جاپان ۽ ڪٿي وري آمريڪا. شهرن ۽ ڏورانهن ملڪن ۾ جنم وٺندڙ ڪيئن هڪٻئي جي ويجهو اچي ٿا وڃن. ويريون هٽندي ويرم ئي نٿي لڳي. محبت هڪ عجيب مَنڊ آهي. رومن ۽ ڊيوڊ هڪ خصوصي ڊنر جو بندوبست به ڪيو، جنهن ۾ باهمي سهڪار تي ڳالهيون مُهاڙيون ٿينديون رهيون. هو سيمسٽر جي پڄاڻي کان هڪدم پوءِ الاسڪا ۾ هڪ چوٽي سر ڪرڻ جي لاءِ وڃڻ وارا هئا. ان جبل جي اوچائي ارڙهن هزار فوٽن کان به مٿي آهي. سندن چوڻ هو ته ان اوچائي تي هو ٻه جهنڊا هڻندا. هڪ NM2H جو ۽ ٻيو Akhuwat جو. الاسڪا جي اوچائي تي ڪو به ساهوارو نٿو رهي. گل ٻوٽا، نباتات ۽ جمادات ڪجهه به نه آهي. شايد محبت جو جادو به نه هجي. اتي اخوت جو جهنڊو بلند ٿيندو. مون کي لڳو ته اهو جهنڊو انهن عظيم ماڻهن جي حضور ۾ عقيدت جو نذرانو آهي، جن دنيا ۾ سڀ کان پهرين مواخات جو رشتو قائم ڪيو.
    گر قبول افتدز ہے عزو شرف
    اوچاين جو اهو سفر پڪ سان پهرين وک سان شروع ٿئي ٿو. ٻارهن سال اڳ جيڪا وک کنئي ويئي هئي، اها ڪٿي وڃي پهتي آهي. ويجهڪلم خلفا الارض.. تون هڪ معمولي نيچ ۽ بي شان تخليق آهين، توکي زمين تي عزت جي جاءِ ڪير ٿو ڏي. خليفته الله ڪير ٿو ڪري... اهو ته رڳو هُن جي عطا ڪيل آهي.
    رومن ۽ ديوڊ مون کي هڪ بيان کان ٻاهر خوشي سان سرشار ڪري ڇڏيو.


    5.6: يوتي الحڪمته من يشاء

    ڳالهه مان ڳالهه نڪتي آهي ته اها پري تائين ته ويندي.
    ڊيوڊ جي گرل فرينڊ فليچر اسڪول آف ڊپلوميسي جي شاگردياڻي آهي. هن اخوت جي ڪهاڻي ڪجهه ٻين دوستن کي ٻڌائي ۽ ائين اها ڳالهه فليچر جي اسڪول جي هڪ پروفيسر تائين پهتي. جڏهن پروفيسر ولسن کي اهو پتو پيو ته انهن ڏينهن آئون بوسٽن آهيان ته هن کي ڪا خوشي ٿي ڇا؟ هن هڪدم اي ميل جي ذريعي مون سان رابطو ڪيو ۽ ايم بي اي جي ڪلاس ۾ باقاعده ڳالهائڻ جي دعوت ڏني. پاڻ لاءِ اها ڳالهه ڏاڍي اهم هئي ته هوءَ گذريل ٽن سالن کان اخوت کي هڪ باقاعده ڪيس طور پڙهائي رهي هئي. رضاڪاريت، عبادت گاهن جو استعمال، وياڄ کان ڇوٽڪارو، اخوت مائيڪرو فنانس ۾ ايتريون ته نيون ڳالهيون متعارف ڪرايون آهن، جو آئون ڪافي وقت کان خيرت ۾ آهيان“. هن وڏي شوق سان ٻڌايو. اخوت کي ڪم ولسن سان متعارف ڪرائڻ جو ڪم ڪنهن ٻي نه پر اسان جي عزيز دوست ميلڪم هارپر ڪيو هو. جن ڏينهن هو همپشائر يونيورسٽي ۾ پڙهائيندو هو، تن ڏينهن هن اخوت تي هڪ ليک لکيو. اهو مضمون هن پروفيسر ڪم ولسن کي ڏياري موڪليو ۽ ائين اهو فليچر اسڪول جي ڪورس جو حصو بنجي ويو. آئون، ڊيوڊ ۽ سندس گرلد فرينڊ سان گڏ جڏهن اُت پهتس ته ڪم ولسن وڏي گرمجوشيءَ سان آڌ رڀاءُ ڪيو. هڪ ڪلاڪ جو ليڪچر سڄي ڪلاس وڏي دلچسپي ۽ ڌيان سان ٻڌو. اهي سڀ نوجوان سرمائيداري نظام ۾ رهڻ جي باوجود هڪ اهڙو جهان اڏڻ جا خواهشمند هئا، جنهن ۾ هر شخص کي عزت ۽ شان سان جيئري رهڻ جو موقعو ملي ۽ ان جي محنت جو ڦل سندس ئي جهوليءَ ۾ ڪري. اخوت ۾ کيس اهو ئي پيغام نظر آيو ۽ سڀ اُن وهڪري ۾ وهڻ لڳا. پروفيسر ڪم ولسن ان بي خوديءَ ۾ سڀني کان اڳيان هئي. هن پنهنجي پُڄاڻي وارن جملن ۾ اخوت کي هڪ بيان کان ٻاهر روحاني تجربي سان ڀيٽيو. هن پاران ملندڙ ۽ سندس دلي جذبن جو مڪمل اظهار ٿئي ٿو.
    You cannot imagine what a great treat you gave us last week with your spectacular presentation on Akhuwat. I am copying Malcolm Harper, your admirer, and who I know will be envious that Fletcher got a chance to hear your talk.
    I just wanted to let you know that the students attending were so taken with the simple idea of the Brotherhood. You took a complex idea and made it so human. We were all in awe. Thank you so much.
    I hope to stay in touch. You inspired so many of us. My warmest and most heartfelt thanks.
    مون کي لڳو ته شايد اهو خط ڪڏهن ڇوٽڪاري جو پروانو بنجي ويندو.
    فليچر مان ٻاهر نڪتاسين ته برسات وسي رهي هئي. مينهن جي پهرين ڦڙي ئي دل تي دستڪ بنجي ڪري ٿي. جل ٿل ٿي وڃي ته سڄو باغ ٽڙي ٿو پوي. مٽيءِ جي خوشبوءِ ۽ جلترنگ، ڊيوڊ ۽ جينٽ مون کي واپس هارورڊ وٺي آيا. مون جينٽ کي چيو ته جيڪڏهن هوءَ پاڪستان ۾ هجي ها ته جينٽ مان جنت بنجي وڃي ها ۽ جڏهن مون کيس جنت جي معنيٰ ٻڌائي ته هو مُرڪي پئي. هنن ٻنهي مون کي عاصم خواجه جي آفيس جي ويجهو لاهي ڇڏيو. نرم گفتگو، گرم دم جستجو. هارورڊ جو اهو ننڍي وهي وارو پروفيسر پنهنجي وضع قطع ۾ پاڻ ئي شاگرد پي لڳو. پر اهو ته رڳو حجاب آهي. ڏاهپ ۽ سمجهه جو عمر سان ڪو به رشتو نه آهي. الله تعاليٰ جنهن کي چاهي حڪمت عطا ڪري، ۽ جنهن ڀاڳ واري کي اها حڪمت ملي وڃي انهيءَ کي حقيقت ۾ خير جون ڀريون مليو وڃن.


    5.7: غم جي اونداهي جي رات

    ليڊرشپ پروگرام جي روح روان جو نالو مائيڪل چو آهي.
    مائيڪل چو هڪ ڏاهو ۽ سمجهو انسان آهي، گهڻي سُڌ ٻُڌ رکندڙ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ سليقو رکندڙ، هو چين ۾ ڄائو، يوراگوئي ۾ پليو نپنو ۽ آمريڪا ۾ اچي آباد ٿيو. هارورڊ بزنس اسڪول هن جي ڄڻ وجود جو هڪ حصو آهي. هو هتي ئي پڙهيو ۽ هاڻ هتي ئي پڙهائي ٿو. ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو ماهر، هن جا لفظ دل جو دروازو کڙڪائي ٿا ڇڏن. هو ڳالهين ۾ ڪڏهن به اهو تاثر نه ڏيندو آهي ته ڪو هو اوهان کان وڌيڪ علم ٿو رکي. جڏهن کيس اخوت جي باري ۾ ٻڌايم ته هو مرڪڻ لڳو. ”آئون اوهان جي ويب سائيٽ جو مطالعو ڪري چڪو آهيان. هتي جيترا به ماڻهو آهن، تن بابت ٿورو ڪي گهڻو ڄاڻان ٿو“. هن ليڊرشپ پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙن ڏانهن اشارو ڪندي چيو. ”اوهين جيڪڏهن اخوت جي باري ۾ ايترو ڪجهه ڄاڻو ٿا ته پوءِ وڌيڪ ڪهڙي صلاح اٿو.“ مون پچيس ”اوهان ڏاڍو سٺو ڪم ڪيو آهي. نئين رستي تي هلڻ سدائين ڏکيو هوندو آهي. پر اوهان کي اڃا تمام گهڻو اڳي وڃڻون آهي.“ اهو چئي هو خاموش ٿي ويو. مون وڌيڪ پڇيس ته چيائين، ”اوهان هيستائين گهڻن ماڻهن کي قرض جي سهولت ڏيئي چڪا آهيو.“ مون وراڻيو، ”ٻه لک!“ هن وري پڇيو، ”پاڪستان ۾ ڪيترن ماڻهن کي اهڙن قرضن جي گهرج آهي. ”هڪ ڪروڙ. “ وراڻيم هن پڇيو. ”اوهين هڪ ڪروڙ ماڻهن تائين ڪڏهن پهچندا؟“ آئون ٿوري دير جي لاءِ خاموش ٿي ويس. مائيڪل ڏاڍو گهرو ماڻهو آهي. ان سوال جي پويان در اصل هڪ نياپو هو ته انهن هڪ ڪروڙ ماڻهن تائين پهچڻ جي لاءِ اخوت جيڪو رستو اختيار ڪيو آهي، اهو ڏاڍو ڏکيو آهي. ايثار قرباني ۽ ڀائيچارو. يا نصيب. ماڻهن کي مواخات جو درس ڏيڻ کان وڌيڪ سولو آهي ته مائيڪروفنانس کي هڪ ڌنڌو سمجهي وٺو. مارڪيٽ مان پئسا کڻو. وياڄ ۽ سروسز چارجز جو واڌارو ڪريو ۽ غريبن کي ڏيئي ڇڏيو. اوهان کي اوهان جو فائدو ملي ويندو ۽ غريبن جي گهرج به پوري ٿي ويندي. سڄي دنيا ۾ خاص ڪري لاطيني آمريڪا ۾ جيڪي ادارا ستر کان اسي سيڪڙي جي تناسب سان قرض ڏين ٿا، مائيڪل انهن جو سڀني کان وڏو طرفدار آهي. هن جي خواهش آهي ته ترقي جو سڄو سفر اک ڇنڀ ۾ گذري وڃي. سرمائيداري جو شايد اهو ئي الميو آهي ته انسان وقت کان اڳ ۽ گهرج کان گهڻو گهرڻ لڳندو آهي. جڏهن دولت ۽ جُوف جا دروازا کلي ٿا وڃن ته صبر ۽ قناعت جا دروازا بند ٿي ٿا وڃن. آئون مائيڪل چُو کي ڪيئن ٻڌايان ها ته دولت ڪمائڻ خراب نه آهي، پر دولت ڪمائڻ جي لاءِ غلط رستو اختيار ڪرڻ خراب آهي. اسين وياڄ وٺي نٿا سگهون، ڪو به اخلاقي نظام اُن ڳالهه جي موڪل نٿو ڏي. اسان جي لاءِ ايندڙ منزل اها آهي ته ان منزل تائين پهچڻ جي لاءِ رستو به ايترو ئي اهم آهي. پر مائيڪل چيو بحث نه ڪندو آهي. رڳو راءِ ڏيندو آهي. ڪو زور ڀريندو آهي ته مرڪي موضوع بدلائي ڇڏيندو آهي. هو پنهنجي راءِ تي بي حد ديانتداري سان يقين رکي ٿو، منهنجي ڪنن ۾ هن جو سوال گونجي رهيو هو. انهن هڪ ڪروڙ ماڻهن تائين ڪڏهن پهچندا. اوهين هڪ ڪروڙ ماڻهن تائين ڪڏهن پهچندا. رڳو منهنجي لاءِ نه پر سڄي پاڪستان جي لاءِ آهي. هر حڪمران، هر دانشور ۽ صاحب حيثيت جي لاءِ آهي. ڇا غريب اسان جي قومي وجود جو حصو نه آهن. انهن جي غربت جا ٻه ئي حل آهن، يا ته اسين کين سرمائيداريءَ جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏيون يا وري مواخات جو درس اختيار ڪري وٺون. ڪاروبار يا ايثار. لاپروائپ يا مواخات، فيصلو مائيڪل کي نه پر اسان کي ئي ڪرڻون آهي.


    5.8: بوسٽن ٽي پارٽي

    پروگرام ۾ شريڪ ٿيندڙن کي هر طرح سان رڌل رکيو ويو. ڪجهه سير تفريح ۽ ڪجهه وري وندر ۽ ورونهن جي ذريعي. هڪ رات هڪ قديم ريسٽورينٽ ۾ ڊنر جو بندوبست ڪيو ويو. ماڻهو وڏي اهتمام سان اُت پهتا. مهمان به ته ميزبان! انسان عمر جي ڪهڙي به حصي ۾ هجي. سٺو لڳڻ جي خواهش سدائين ساڻس گڏ رهندي آهي. مُرڪن جي ٽڙندڙ گلن کيس اڃا به سٺو ڪري ڇڏيو آهي. ان ريسٽورينٽ جي آرائش سان ان جي قدامت جو اندازو ٿئي ٿو. ان ئي ريسٽورينٽ جي ويجهو بوسٽن ٽي پارٽي نالي تاريخي واقعو پيش آيو هو. ڊنر جي دوران هڪ ميزبان بوسٽن ٽي پارٽي جو مختصر تعارف ڪرائي ڇڏيو.
    بوسٽن ٽي پارٽيءَ کي آمريڪا جي آزادي جي جنگ جي شروعات به چئي سگهجي ٿي. سترهين صدي جي آخري ڏهاڪن ۾ برطانوي پارليامينٽ آمريڪا تي ٽئڪسن جي ڀرمار لاهي ڏني. اهو ظالماڻو طريقو ايترو ته وڌيو جو هڪ ڏينهن Tea Act جي صورت ۾ چانهه تي ڳرو محصول لاڳو ڪيو ويو. آمريڪا، برطانيا جي بيٺڪيت هئي ۽ اُتي جي حڪمران طبقي اُن بيٺڪي جنت مان اُپائجندڙ وڌ ۾ وڌ دولت ميڙڻ ٿي چاهي، پر مقامي ماڻهن کي اها ڦرمار قبول نه هئي. نتيجو احتجاج جي صورت ۾ نڪتو. جڏهن پرامن احتجاج ناڪام ٿيندو آهي ته بغاوت جنم وٺندي آهي. هوريان هوريان احتجاج بغاوت ۾ بدلجڻ لڳو. انهن ئي ڏينهن بوسٽن جي بندرگاهه تي برطانيا مان ايندڙ ٽي بحري جهاز جن ۾ چانهه لڏيل هئي، اچي لنگر انداز ٿيا. بوسٽن جي رهاڪن مهاڪ انڊيز جو ويس ڌاري انهن جهازن تي قبضو ڪري ورتو ۽ هزارين مڻ چانهه سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏي. اهو واقعو 16 ڊسمبر 1773ع تي رونما ٿيو. تاج برطانيا جي لاءِ اهو ڪو ننڍڙو واقعو نه هو. کين ائين لڳو ته سمنڊ ۾ چانهه جي پتي نه پر سندن سمورو ٺٺ ۽ ٺانگر، دهشت ۽ دٻدٻو ٻڏي ويو آهي. برطانوي وزيراعظم ۽ پارليامينٽ ان قدم کي باغياڻو قرار ڏنو ۽ انتهائي سخت قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو، پر کين شايد پتو نه هو ته تاريخ سندن انهن قدمن کان اڳ ئي پنهنجو فيصلو ٻڌائي چڪي آهي. بوسٽن ٽي پارٽي مان آزادي جي هلچل کي مهميز ملي ۽ 1775ع ۾ آزادي جي جنگ جو باقاعده طبل وڄڻ لڳو. ڪجهه وقت کانپوءِ اها جنگ هڪ نئين ملڪ جي صورت ۾ پنهنجي پُڄاڻيءَ تي پهتي. اڳتي هلي ان واقعي جو نالو ’بوسٽن ٽي پارٽي‘ رکيو ويو. 16 ڊسمبر واري رات هڪ فيصلو ڪندڙ رات هئي، ڇو ته ٻي ڏينهن سمنڊ جنهن سج کي اڀرندي ڏٺو، اهو غلاميءَ جو نه پر آزادي جو سج هو... بوسٽن ٽي پارٽي هاڻ احتجاج ۽ آزادي جي هڪ علامت بنجي چڪي آهي. غفلت جي خواب مان سجاڳ ٿيڻ جي دير آهي. هر قوم بوسٽن ٽي پارٽي ملهائي ٿي. بيٺڪي نظام جي پُڄاڻي هر ڀيري بوسٽن ٽي پارٽي تي ئي ٿئي ٿي. وقت جو ڦرڪو ڦريو آهي، دنيا جون قومون سامراج کان آزاد ٿي ويون آهن. پر بوسٽن ٽي پارٽي اڃا به ٿيندي آهي. اهڙي ئي هڪ ئي پارٽي هڪ ڏينهن ڪشمير ۾ به ٿيندي. فلسطين ۾ به ٿيندي. بوسٽن ٽي پارٽي آزاديءَ جو نشان آهي. آئون ريسٽورينٽ جي دريءَ مان ٻاهر ڏسي رهيو هوس. ٻه سؤ سال اڳ اڌ رات اُت اونداهي هئي، ٻاٽ اونداهي، هاڻ اُت روشني آهي. رات جيتري اونداهي هوندي آهي، صبح ايتروئي سهائو هوندو آهي.


    5.9: آسمان پرهه ڦٽي جي سوجهري سان سهائو ٿيندو

    بزنيس اسڪول ۾ قيام جي دوران مونکي ارڙهين سالياني انٽرنيشنل ڊويليپمينٽ ڪانفرنس ۾ شرڪت جو موقعو مليو. جيڪا هارورڊ يونيورسٽي جي ڪينيڊي اسڪول ۾ ٿي رهي هئي. ڪانفرنس جي ان سال جو موضوع هو‘. ست ارب ماڻهو- ترقي جي نئين دنيا. ’چوڌاري پکڙيل جنگين، مالي گهوٽالن، ماحول جي تباهي، قدرتي آفتون، حڪمراني جا خراب معيار، غربت ۽ سُڃائي، هن وقت دنيا ۾ ست ارب ماڻهن جي لاءِ جيئرو رهڻ ڪنهن وڏي امتحان کان گهٽ ڪونهي. جيڪڏهن دنيا کي غربت کان بچائڻو آهي ته پوءِ معيشيت جي ماهرن، دانشورن، اڳواڻن، استادن، صحافين، ڏاهن، سياستدانن، مذهبي اڳواڻن وغيره کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هيءَ ڪانفرنس به اهڙي ئي هڪ ڪوشش هئي، جنهن جي ذريعي اهل علم ۽ اهل عمل کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ويهارڻون هو ته جيئن هارورڊ جا شاگرد ان مان مستفيد ٿي سگهن. ڪانفرنس جي اهم مقررن ۾ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل ’بانڪي مون‘ به شامل هو. ان کان علاوه مختلف شعبن جا نالي وارا ماڻهو، چار سؤ مندوبين ۽ تنهن کانسواءِ هارورڊ ڪينيڊي اسڪول جا اڻ ڳڻيا شاگرد. اتي مونکي اخوت جي غير معمولي ڪم ۽ ان جي Innovations جي حوالي سان ڳالهائڻ جو موقعو مليو. پنجاهه کان به وڌيڪ همراهن سان هڪ ڪلاڪ جي ويهڪ ڏاڍي لاڀائتي هئي. هڪ شيدي شاگرد اخوت کي مارٽن لوٿر ڪنگ جي ڀائيچاري واري فلسفي جهڙو قرار ڏنو. وياڄ کانسواءِ مالي خدمتون ڏيڻ، اهو تصور انهن ماڻهن جي لاءِ انوکو به هو ۽ يقين کان ٻاهر به. هنن ڄاڻڻ ٿي چاهيو ته ڇا واقعي ائين ٿيڻ ممڪن آهي؟ هنن جيڪي معاشيات اصول پڙهايا هئا تن ۾ قرض حسنه جو ڪٿي به اتو پتو به نه هو. اتي ته وياڄ کي معيشيت جي گاڏي جو ٻارڻ سمجهيو ويندو آهي. انهن جي سوچ وال اسٽريٽ کان شروع ٿي اتي ئي ختم ٿئي ٿي.
    ان ڪانفرنس ۾ شرڪت جي ڪري اخوت جو پيغام به پکڙيو ۽ اخوت کي ڪجهه سُٺا همدرد به ملي ويا، جن ۾ ڪجهه پرڏيهي ۽ ڪجهه پاڪستاني هئا. انهن ۾ عامر به شامل هو. عامر جو واسطو ڪراچي سان هو ۽ هو هارورڊ ايجوڪيشن اسڪول ۾ پڙهي رهيو هو. هن اخوت جي تصور کي اختيار ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪئي ۽ الائجي ڪيترن ماڻهن کي ٻڌايو ته اخوت جيان هر شخص تبديليءَ جو پيامبر بنجي سگهي ٿو. کيس تعليم جو وڏو جنون هو. آمريڪا اچڻ کان اڳ هو ڪراچي جي هڪ اسڪول ۾ پڙهي رهيو هو. هن جو سپنو هو ته سندس وطن جا سڀئي ٻارڙا معياري تعليم حاصل ڪن. غريب ٻارڙن جي تعليم رڳو پنجن ڪلاسن تائين محدود ڇو آهي؟ کين ٻين جيان پڙهڻ جا هڪجهڙا حق ميسر ڇو نه آهن. انهن جي پهچ اعليٰ تعليم تائين ڇو نه ٿي ٿئي. ڪيترا آئن اسٽائن ۽ ڪيترائي چرچل واٽ ۾ ئي وڃائجي ٿا وڃن. عامر جي ڳالهين تي مون کي هڪ وسريل ڪهاڻي ياد اچڻ لڳي. اها ڪهاڻي عبدل ۽ راشد جي ڪهاڻي آهي، جيڪا ٿورو وقت اڳ ڪنهن اخبار ۾ ڇپي هئي. اها ڪهاڻي انهن ڏيڍ ڪروڙ پاڪستاني ٻارڙن جي ڪهاڻي آهي. جن وٽ نه بوٽ آهن ۽ نه ڪپڙا، نه قلم آهي ۽ نه مس، جيڪي اسڪول جو رستو ئي نٿا ڏسن. عبدل ۽ راشد.


    5.10: عبدل ۽ راشد

    عبدل ۽ راشد ان علامتي ڪهاڻيءَ جا ٻه ڪردار آهن. انهن ٻنهي پاڪستان ۾ جنم ورتو. عبدل هڪ لاڏائو ڪٽنب جو ٻارڙو آهي، جيڪو ڪراچي کان ست سؤ ميل پري هڪ ڳوٺ جي ڀرسان رهي ٿو، جڏهن ته راشد جو واسطو ڪراچي جي هڪ وچولي گهراڻي سان آهي. انهن ٻنهي ٻارن مان ڪوبه ان ڳالهه جو ذميدار نه آهي ته هنن ڪٿي جنم ورتو. انهن جي مائٽن جي آمدني، تعليم، انهن جو شهر ۽ ڳوٺ سان لاڳاپو، ايتري قدر جو هنن جو ڪهڙي صنف سان تعلق آهي، انهن سڀني جي تعين ڪرڻ ۾ هنن جو ڪو به اختيار نه هو. پر اهي شيون سندن آئيندي تي گهرا اثر ڇڏينديون. اهو امڪان ست سيڪڙي کان به وڌيڪ آهي ته عبدل پنهنجي زندگيءَ جي پهرين ئي سال موت جو شڪار ٿي وڃي، جڏهن ته راشد جي زندگي ۾ اهڙي ڪنهن ڀنڻ جو امڪان رڳو ٽي سيڪڙو آهي. جيڪڏهن ٻئي ٻالڪپڻي جي حدن مان نڪري ويا ته عبدل پنجاهه سال ۽ راشد ستر سالن تائين جيئرو رهي سگهي ٿو. راشد گهٽ ۾ گهٽ ٻارهن سالن تائين ته اسڪول ضرور ويندو،پر عبدل جي لاءِ اهو عرصو ٽن سالن کان وڌيڪ نه هوندو. راشد هڪ آرام واري سُکي ستابي زندگي گذاريندو، جڏهن ته عبدل کي نه پيئڻ جي لاءِ صاف پاڻي ملندو ۽ نه ئي وري هن جي گهر ۾ پاڻي جي نيڪال جو ڪو بندوبست نظر اچي ٿو.
    اهي ٻئي ٻارڙا هڪئي ملڪ ۾ جنميا، پر ٻنهي جي زندگي هڪٻئي کان ڌار انداز ۾ گذرندي ڏورانهين علائقي ۾ جنم وٺڻ، تعليم تائين پهچ نه هئڻ، ماءُ ۽ پيءُ جو ڌيان گهٽ، غربت ۽ ڪسمپرسي، اهي ۽ اهڙيون ٻيون ڪيتريون ئي محروميون آهن، جيڪي عبدل کي غربت طرف ڌڪين ٿيون. جڏهن ته سندس ديس ڀائي راشد جو آئيندو سندس ڀيٽ ۾ وڌيڪ روشن آهي. کيس تعليم کانپوءِ نوڪري به ملي سگهي ٿي. جيڪڏهن هن ڪاروبار طرف لاڙو رکيو ته بئنڪ به کيس موڙي فراهم ڪندي، ڇو ته هن جي ڪٽنب وٽ اڳ ۾ ئي ڪجهه اثاثا موجود آهن. عبدل ڪيترو به سلڇڻو، يا ذهين هجي، پر نه ته کيس ڪٿ نوڪري ملي سگهي ٿي ۽ نه ئي وري ڪا بئنڪ مٿس ڀروسو ڪندي، عبدل جو ڪٽنبي پس منظر سندس رستي ۾ رڪاوٽ بنجندو رهندو. هڪ ئي ملڪ ۾ جنم وٺندڙ انهن ٻنهي ٻارڙن جي زندگي ڌار ڌار وهڪرن ۾ وهندي رهندي. الائي ڪيستائين؟
    ليکڪ، ڪهاڻيءَ کي اوچتو هڪ ٻيو رخ ڏيئي ڇڏيو. سندس چوڻ آهي ته جنهن ڏينهن پاڪستان ۾ عبدل ۽ راشد جنم ورتو، ان ڏينهن يورپ جي هڪ ملڪ سويڊن ۾ به هڪ ٻارڙي اک کولي. اهو ٻارڙو ايڪا سي سالن جي عمر تائين جيئرو رهي سگهي ٿو. اها عمر راشد کان ٻارهن سال ۽ عبدل کان ٽيهه سال وڌيڪ آهي. عمر جي وڏي هئڻ کان وڌيڪ اهميت ان شيءِ جي آهي ته اها عمر ڪيئن گذري. پاڪستان جي هڪ پٺتي پيل ڳوٺ ۾ گذاريندڙ زندگي، ڪراچي جي هڪ وچولي درجي جي آبادي ۽ سويڊن جي انتهائي ترقي يافته شهر ۾ گذرندڙ زندگي هڪجهڙي ٿي نه ٿي سگهي. سويڊن ۾ جنم وٺندڙ وليم کي دنيا جو هر شهر ڀليڪار ڪندو. الائجي ڪهڙا ڪهڙا اسڪول هن جي صلاحيت کي نکاريندا. ڪيترا ئي اهڙا شعبا آهن، جن ۾ وليم پنهنجا جوهر ڏيکاري سگهي ٿو، شايد هو پنهنجي ملڪ ۾ ڪو وڏو مقام به ماڻي وٺي. عبدل کي پنهنجن ٻارن کي ڏيڻ جي لاءِ ڪجهه به نه هوندو، جڏهن ته وليم پنهنجي پويان دولت جو هڪ ڍڳ ڇڏي ويندو. انهن ٽن ٻارڙن جي وچ ۾ اها ڀيٽ ڇا ٿي ٻُڌائي؟ اهو ئي ته موقعا نه ملڻ جي ڪري غربت نسل در نسل سفر ڪري ٿي. سڄي دنيا جا عبدل رڳو ان ڪري غربت جو شڪار آهي ته وٽن اهي موقعا نه آهن، جيڪي کين اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏين. هڪ ئي ڏينهن جنم وٺندڙ هي ٽيئي ٻارڙا جن رستن تي هلندا، اهي هڪجهڙا نه آهن. عبدل جي رستي ۾ ايتريون ته رڪاوٽون آهن، جو انهن کي اُڪرڻ سندس وس جي ڳالهه نه آهي، راشد ۽ وليم جي رستي ۾ جيڪڏهن اهي رڪاوٽون هجن ها ته اهي به ڦاٽل ڪپڙن ۾ زندگي گذارين ها.
    رنگ، نسل، جنس، قوميت، سماجي رتبو، اتر ۽ ڏکڻ، اولهه ۽ اوڀر! ترقي انهن سڀني سان لاڳاپيل آهي. عبدل پنهنجي ڪمال تائين پهچي نه سگهيو. ان جو سڀني کان وڏو سبب موقعن جي اڻ برابري واري ورڇ آهي. ماڻهون ان ڪري غريب نه آهن ته منجهن صلاحيتن جي کوٽ آهي، پر ماڻهو ان ڪري غريب آهن ته کين موقعا نٿا ڏيون. اهي ئي ڳالهيون ارڙهين انٽرنيشنل ڪانفرنس جي مختلف اجلاسن ۾ بحث هيٺ آيون، جيستائين اسين صحت، تعليم ۽ روزگار جي سهوليت هر عام ۽ خاص کي مهيا نٿا ڪريون، تيستائين هڪ خوبصورت دنيا جي اڏاوت جو سپنو ساڀيان نه ٿيندو. ڪيمبرج جي گهٽين ۾ گهمندي ڳچ وقت گذري ويو. ڪيمبرج هڪ سهڻو ۽ پُرسڪون علائقو آهي. ان جي آسپاس پکڙيل بوسٽن ايترو پرسڪون ڪونهي. بوسٽن ۾ غربت به آهي. ڏوهه به- ميلڪس ايڪس جو ننڍپڻ ان ئي شهر جي گهٽين ۾ گذريو. هارورڊ، ڪيمبرج ۽ بوسٽن... انهن شهرن ۾ به عبدل، راشد ۽ ليم جهڙي ورهاست موجود آهي. اهو سرمائيداري نظام جو هڪ ٻيو الميو آهي. ان نظام ۾ دولت ۽ غربت کي بغل گير ٿيڻ جو موقعو نٿو ملي. عامر خدا حافظ چيو ۽ آئون هوريان هوريان وڙڪندو بيڪر هال طرف موٽي آيس.


    5.11: اسان کي مواخات جي گهرج آهي

    بيڪر هال جو آرامده ڪمرو.
    اڌ رات گذري چڪي هئي. ڪيترائي ڀيرا اسين سمهڻ چاهيندا آهيون ۽ ڪيترائي ڀيرا ٻيو ڪو اسان کي سمهڻ نه ڏيندو آهي. مونکي هڪ ڪهاڻي ياد اچڻ لڳي. بوسٽن کان تمام گهڻو پري اُن اونداهي شهر جون اوناهيون گهٽيون. انهن گهٽين ۾ رهندڙ هڪ بهادر عورت، جنهن جي ياد ڪنهن روشن ستاري کان گهٽ نه آهي.
    بشريٰ نالي ان عورت جو هڪ گهر آهي، جنهن ۾ هوءَ سندس ور ۽ ٻارڙا گڏجي کل ۽ خوشيءَ سان پنهنجي زندگي گذاري رهيا هئا. سندس ور سبزي منڊيءَ ۾ ڪم ڪندو هو ۽ مهيني ۾ ڏهه پندرهن هزار روپيا ڪمائي وٺندو هو. ٻارڙا اسڪول ويندا هئا ۽ هو گهر جو ڪم ڪار سنڀاليندي هئي. سندس چوڻ هو ته سندن شمار پاڙي جي خوشحال گهراڻي ۾ ٿيندو هو، پوءِ اوچتو هڪ ڏينهن سندس مڙس تي فالج جو حملو ٿيو. فالج جي ڪري سندس هيٺيون ڌڙ بيڪار ٿي ويو. هاڻ هو نه اُٿي ويهي ٿي سگهيو ۽ نه ئي وري هلي ڦري ٿي سگهيو. گهر ۾ جيڪو ڪجهه هو، سو علاج تي خرچ ٿي ويو، فقط ٻن ڪمرن جو گهر باقي وڃي بچيو هو. ڪوبه مٽ مائٽ ساٿ ڏيڻ جي لاءِ تيار نه هو. هو پاڻ به پڙهيل نه هئي، جو ڪٿ نوڪري ڪري سگهي. گهڻو ئي سوچيائين ۽ ڀڄ ڊڪ ڪيائين پر ڪو هٿ پير نه لڳس. گهر جو گاڏو ۽ مڙس جي دوا درمل ڪيئن ڪري، ڪنهن جو دروازو کڙڪائي، بي وسي ۽ محرومي کيس ڪنهن بنا ڪنڌي جي ريگستان ۾ اچي ڦٽو ڪيو هو. اُن ڇڪتاڻ ۾ هوءَ اخوت وٽ پهتي. هوءَ آفيس ۾ ويهي انهن ماڻهن کي ڏسندي رهي، جيڪي اُتي قرض وٺڻ آيا هئا ۽ پوءِ کيس رستو نظر اچي ويو. پندرهن هزارن جو قرض، جنهن مان اٺن هزارن جو گاڏو ۽ ستن هزارن جي سبزي، فروٽ ۽ ٻيو هلڪو ڦلڪو سامان، اهو سڀ ڪجهه کيس سبزي منڊيءَ مان ملي ويو. هاڻ هوءَ روزانو منڊي وڃي ڪجهه ڀاڄي، ميوو ۽ ٻيو سامان وٺي ايندي هئي ۽ پوءِ پنهنجي مڙس کي گاڏي تي ويهاري کيس گهر جي ڀرسان واري بازار ۾ وٺي ويندي هئي. باقي ڪم مڙسهنس ڪندو هو. هن جون هيٺيون ڌڙ سلامت نه هو، پر هٿ ته سلامت هئس. هو گاڏي تي ويٺي ويٺي ڀاڄي ۽ ميوو وڪڻندو هو. ٽپهريءَ تائين گاڏو خالي ٿي ويندو هو ۽ بشريٰ اچي گاڏو ڌڪي گهر هلي ويندي هئي. ائين هر روز پنج ست سؤ روپيا بچي پوندا هئا. ٻن ٽن مهينن جي اندر ئي سڀئي معاملا بهتر ٿيڻ لڳا. ٻارڙا وري اسڪول وڃڻ لڳا، دوائن خريدڻ سان گڏ گهر جو خرچ پکو به هلڻ لڳو. هوءَ روزانو جڏهن مڙس کي گاڏي تي ويهاري ٻاهر نڪرندي هئي ته منجهس هڪ نئون عزم جنم وٺندو هو. کيس سڀ کان گهڻي خوشي ان ڳالهه جي هئي ته هن ڪنهن جي اڳيان هٿ نه ڊگهيريو. کيس پڪ آهي ته هڪ ڏينهن سندس مڙس جو علاج به ٿي ويندو. مونکي هاڻ رستو ملي ويو آهي هن جو اعتماد ۽ ڀروسو ساراهه جوڳو هو.
    زندگي جي حقيقت سان ڀرپور اهڙيون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون هر گهٽي، گهيڙ، پاڙي ۽ ڳوٺ ۾ پکڙيون پيون آهن. پر افسوس جو اسين پڙهئون نٿا. اسان کي خبر ئي ڪونهي ته ڪو ڪيترو مجبور آهي. شايد اهو وقت پري نه آهي، جڏهن اسان کان پُڇيو ويندو ته اسان جو پاڙيسري ڪهڙي حال ۾ هو. خوشحال وسندين سان گڏ جيڪي ڪچيون آباديون هيون، تن جا رهاڪو ڪيئن زندگي گذاري رهيا هئا. بوسٽن شهر کان تمام گهڻو پري اونداهي شهر جون اونداهيون گهٽيون ۽ انهن گهٽين ۾ رهندڙ هڪ بهادر عورت، جنهن جي ياد ڪنهن روشن ستاري کان گهٽ ڪونهي. رات جو باقي حصو ايترو ڳرو نه هو.


    5.11: ماڻڪ موتي ميڙي ويٺو

    صبح ٿيو ته هارورڊ بزنس اسڪول ۾ پنجون ڏينهن هو. روزانو ڪو نه ڪو نئون موضوع ۽ ڪانه ڪا نئين ڪهاڻي. ماڻهن سمجهڻ ٿي چاهيو ته غربت ڪيئن گهٽبي. بهترين تجربن جا حامل ماڻهو، انهن جو خلوص ۽ ديانتداري واکاڻ جوڳي هئي. انهن جي علم ۽ سُڌ سمجهه تي ڪنهن کي به ڪو شڪ نه هو. مائيڪل چوِ، رانجن ڪمال جو استاد هو. هن ان سوچ کي مخصوص انداز ۾ اڳتي وڌڻ ڏنو. آخري ڏينهن واري ڳالهه ٻولهه ڏاڍي وڻندڙ، اثرائتي ۽ دردن سان ڀريل هئي. ڇا اسين اهو ڏينهن ڏسي سگهنداسين، جڏهن غربت ۽ تنگي جو خاتمو ٿي چڪو هوندو... گل ته سڀني جي لاءِ هئڻ گهرجن... خوشبوءِ به سڀني جي آهي... هي هوائون، هي تارا... هٿيار ڦٽا نه ٿا ڪن... شڪست نٿا مڃين... انسانيت جي رستي ۾ ڪنڊا ضرور آهن، پر گهٻرائڻ نه گهرجي... انهن ڪنڊن کي ميڙڻ گهرجي. ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڀيري سفر جي دوران ڪجهه همراهه هڪ سرنگ مان لنگهيا. رات جو وقت هو، سرنگ ۾ چوڌاري نوڪدار پٿر پکڙيل هئا. هنن سوچيو هنن کانپوءِ جيڪو به هتان لنگهندو تنهن کي تڪليف ٿيندي، اهو سوچي هنن پٿر ميڙڻ شروع ڪيا. سرنگ ختم ٿي ۽ هو ٻاهر نڪتا ته اهو ڏسي دنگ رهجي ويا. هنن جيڪي نوڪدار پٿر ميڙيا هئا، سي پٿر نه پر هيرا هئا. جن سڀني کان وڌيڪ کنيا سي وڌيڪ خوش هئا ۽ جن ٿورا کنيا سي ملول هئا ۽ جن هڪ به نه کنيو هو، سي پڇتائي رهيا هئا. هي جهان به ائين ئي آهي. ڪجهه ماڻهو چوڌاري پکڙيل پٿريون ميڙي پنهنجي جهوليءَ ۾ وجهي ٿا ڇڏين ۽ ان ڳالهه کان اڻ ڄاڻ هوندا آهن ته قيامت جي ڏينهن اهي هيرا بنجي ويندا. جن ججها کنيا هئا، اهي گهڻا خوش هئا ۽ جن جي پانڌ ۾ ٿورا هئا، اهي ملول هئا. مونکي لڳو ته ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن جون جهوليون انهن پٿرن سان ڀريون پيون آهن، تکا، نوڪدار پٿر ۽ پوءِ ائين لڳو ته جلد اهي پٿر، هيرا جواهرات بنجي ويندا. قيامت جي گوڙ ۾ هڪ آواز ٻُرائبو. ”هنن ماڻهن دنيا ۾ منهنجي ٻانهن جا ڏک ميڙيا... ۽ اڄ قيامت جي ڏينهن آئون انهن جا ڏک ميڙيندس. “


    5.12: عجيب شئيِ آهي آشنائي جي لذت

    هيرا ۽ موتي
    ان حڪايت سان مونکي ٻيا به ڪيترائي هيرا ۽ جواهر ياد آيا. اهي هيرا ۽ جواهر اخوت جا گمنام سپاهي آهن. انهن جي ڇاتين تي ڪوبه تمغو لڳل نه آهي. انهن تي ڪا به ڪهاڻي نٿي لکجي، ڪوبه ڪتاب نٿو ڇپجي. هو صبح ۽ شام، رات ۽ ڏينهن، گرمي توڙي سرديءَ کان بي پرواهه پنهنجي ڪم ۾ لڳا ٿا رهن. هو ڪم کي عبادت سمجهندا آهن. کين نه شهرت جي ضرورت آهي ۽ نه ئي وري نالي ڪڍائڻ جو شوق. انهن جو جذبو، وفا ۽ انهن جي محنت... اهو سڀ ڪجهه ڪنهن ٻي دنيا جي ڪهاڻي آهي. محمد اسلم پهرين ڏينهن مون وٽ نوڪري جي لاءِ آيو ته منهنجي وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته ڪو هو ايترين صلاحيتن جو ڌڻي هوندو. هن جنهن والهاڻي جذبي جو مظاهرو ڪيو، اهو اسان سڀني جي لاءِ حيرت ۾ وجهندڙ آهي. پهرين هو ”لون آفيسر“ هو، پوءِ ترقي ڪندو برانچ مئنيجر بنجي ويو. لون آفيسر جي حيثيت سان سندس ڪارڪردگي مثالي هئي، پر برانچ مئنيجر طور هن اڃا به وڌيڪ صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو. هو هڪ بهترين منظم هو ۽ اهو ممڪن ئي نه هو ته ڪو وٽس اچي ۽ پوءِ اخوت جي محبت جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي نه وڃي. هو ڏاڍو خوش مزاج، خوشگفتار ۽ بااخلاق آهي. هن جي تعليم ته مئٽرڪ تائين هئي، پر هڪ منتطم جي لاءِ جيڪي گُڻ گهربل هئا، سي مڙيئي منجهس موجود هئا. اهي سڀ هن پنهنجي تجربي جي آڌار تي سکيا. سٺي سوچ، سٺو عمل ۽ سٺو ڳالهائڻ. وقت کي ڪيئن استعمال ڪرڻون آهي، مسئلن کي ڪيئن سمجهڻون آهي. ماڻهن کي ڪيئن پاڻ سان گڏ کڻي هلڻون آهي. محمد اسلم وعظ ۽ نصيحت جا ڍڳ لڳائڻ تي يقين نه ٿو رکي. هو هڪ روحاني ماڻهو آهي. مون هڪ ڀيري کيس چيو ته محنت ته ٻيا ماڻهو به ڪن ٿا، پر تو وانگيان ڪامياب نه ٿا ٿين، تنهنجي ڪاميابيءَ جو راز ڪهڙو آهي. ”آئون درود شريف پڙهندو آهيان“. محمد اسلم پوري سچائيءَ سان وراڻيو. ٻڌو اٿم ته هڪ ڀيري علامه اقبال هڪ ڪروڙ ڀيرا درود شريف پڙهيو ته هو شاعر مشرق بنجي ويو. هن پوري سچائي سان وراڻيو. اثر رڳو محنت ۾ ڪونهي. اثر ته ڪرم ۽ نظر ۾ به آهي. درود شريف پڙهڻ کانپوءِ آئون جنهن به ڪم ۾ هٿ وجهان ٿو، اهو ڪم ٿي ٿو وڃي. مون تي سڄو ڏينهن عجيب ڪيفيت طاري ٿي رهي، نه ڪو ڊپ ۽ نه ئي وري ڪا بي چيني. محمد اسلم هر وقت درود شريف جو ورد ڪندو ٿو رهي. آئون کيس ڏسان ٿو ته مونکي منير نيازي جو هي شعر ياد اچيو وڃي.
    میں کہ اک برباد ہوں آباد رکھتا ہے مجھے،
    دیر تک اسمِ محمد شاد رکھتا ہے مجھے۔
    اخوت ۾ محمد اسلم وانگر ٻيا به ڪيترائي ماڻهو آهن. هڪ ٻي اهڙي شخص جو نالو نديم ڊيوڊ آهي. نديم ڊيوڊ نهايت صاف ۽ اُجري ڪردار جو ڌڻي آهي. هن نه ڪڏهن ڪوڙ ڳالهايو ۽ نه ئي وري ڪڏهن ڪنهن سان وڙهيو ۽ نهن ڪنهن جي دل رنجايائين. نه ڪنهن جو حق ڦٻايائين. اسڪول نه وڃڻ جي باوجود به هو تربيت جي شاندار زيور سان ڪيئن مالا مال ٿيو؟ اهو ڳجهه الله ئي ٿو ڄاڻي. منهنجي هٿ ۾ سندس هٿ فادر جوزف ڏنو، جنهن جي گرجاگهر ۾ اخوت جي ٽي شاخ قائم ٿي هئي. فادر چيو؛ هي همراه هيرو اٿئي هيرو. پر هو ته هيري کان به وڌيڪ نڪتو. شايد فادر واکاڻ ۾ ڪنجوسي کان ڪم ورتو هو. هو اهڙو شخص آهي، جنهن کي نه ڪو جوف آهي ۽ نه ئي وري ڪا ٻي گهرج. پگهار وٺندي به هٻڪڻ لڳندو آهي. ڀڳل ٽٽل گهر، ڪچيون گهٽيون ڌڌڙ ۾ ڀريل پاڙا، جتي مکين، مڇرن، گندگي ۽ بدبوء کانسواءِ ٻيو ڇا آهي. نديم ڊيوڊ، قئنچي چيپل پائي انهن ڪنڊن وارن رستن تي سفر ڪندو رهيو. جڏهن هو رات جو گهر پهچندو آهي ته هن جي پيرن جي کُڙين مان رت پيو ٽمندو آهي ۽ هو سور سبب سڄي رات سمهي نه سگهندو آهي. پر ٻي ڏينهن وري زخمن تي پٽي ٻڌي آفيس پهچي ويندوآهي. ٻيو ڪو به ڪونهي، جيڪو هن جيان دردمنديءَ سان ماڻهن جي خدمت ڪري. هو تڪليفن کي ڏسي خوش ٿيندو آهي. هن پنهنجي لاءِ ڪڏهن به ڪجهه نه گهريو آهي. مون کيس چيو ته تون اخوت جي لاءِ هيترو هلين ٿو ڪا موٽر سائيڪل ڇو نٿو وٺين. هو مُرڪڻ لڳو. نديم کي ان ڳالهه جو چڱي پر اندازو هو ته اخوت وٽ ايترا وسيلا نه آهن. جو موٽر سائيڪل خريدي سگهجي. آرهڙ جي سخت گرمي هجي يا مينهوڳي، نديم ڊيوڊ پنڌ ئي هلندو رهيو. هن جي پيرن شهر ۾ ايثار ۽ قرباني جا اڻ مٽ نشان ڇڏيا آهن. جيڪڏهن ڪو رزق حلال آهي ته اهو ئي آهي. ڪافي زور ڀرڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن هن سائيڪل خريد ڪئي. بي لوث خدمت جو ان کان وڏو ٻيو ڪهڙو مثال هوندو. نديم ڊيوڊ هينئر اخوت جي هڪ برانچ ۾ مئنيجر آهي. هن جي برانچ مثالي برانچن ۾ ڳڻجي ٿي. تعليم نه آهي ته ڇا ٿي پيو. درد به ته انسان کي ڪاميابيءَ جا هڙئي گُر سيکاري ٿو ڇڏي. نديم ڊيوڊ هڪ چرياڻ پُٽ آهي ۽ هن جي چرپڻ جو نالو ”اخوت“ آهي. هو هيل تائين اٺ هزار ڪٽنبن جي مدد ڪري چڪو آهي. هن جي پلئه ۾ بي انت ماڻهن جا لڙڪ گڏ ٿيل آهن. اهي لڙڪ نه پر هيرا آهن. هيرن جواهرن کان به وڌيڪ. مونکي پورو يقين آهي ته هڪ ڏينهن جڏهن پالڻهار جي درٻار لڳندي ته انهن موتين جي چمڪ نظرن کي کيرو ڪري ڇڏيندي.


    5.14: هڪ ٻيو ڊيوڊ

    نديم ڊيوڊ جي ان ڪهاڻيءَ سان مونکي هڪ ٻيو ڊيوڊ ياد ٿو اچي. ان جو نالو مائيڪل ڊيوڊ هو. مائيڪل ڊيوڊ مون کي واشنگٽن جي مشهور ديول نيشنل ڪيٿيڊرل جي ڏاڪڻين تي گڏيو. هو ماڻهن ۾ چاڪليٽ ورهائي رهيو هو. هن مون کي به ڪجهه چاڪليٽ ڏنا. مون کيس ٻڌايو ته آئون ويجهو ئي آمريڪن يونيورسٽي ۾ پڙهان ٿو. هن چاڪليٽ جو هڪ ٻيو لفافو ڪڍيو ۽ مون سان ملڻ جو وچن ڪيائين. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هو واقعي به يونيورسٽي هليو آيو ۽ اسان جي دوستي ٿيڻ لڳي. هو جڏهن به ڪيٿيڊرل ايندو هو ته مون سان گڏجڻ جي لاءِ يونيورسٽي هليو ايندو هو. هن مون کي واشنگٽن شهر جون اندروني ڪهاڻيون به ٻڌايون، قتل ڏوهن ۽ نشي جون ڪهاڻيون. هن جي پنهنجي به هڪ ڪهاڻي هئي، پر هن جي جيون ۾ هڪ گهڙي اهڙي به آئي جڏهن هن جو سڀ ڪجهه بدلجي ويو. سندس چوڻ هو ته اها گهڙي هر شخص جي زندگي ۾ ايندي آهي، پر ماڻهو اها سڃاڻي نه سگهندا آهن ۽ پوءِ سڄي زندگي اجائي هلي ٿي وڃي. مائيڪل چوڻ لڳو. هيءَ ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن آئون لوفر، بدمعاش ۽ رولو هوس. بي ڪار ۽ بي مقصد، سڄو ڏينهن نشي ۾ ٻُڏل رهڻ ۽ ڏوهه ڪرڻ منهنجو روز مره جو معمول هو. اها ڊسمبر جي هڪ ٿڌي رات هئي. منهنجي پيٽ ۾ بُک جا چڪ پئجي رهيا هئا ۽ هِتان هُتان ڌڪا ٿاٻا کائيندو شهر جي وڏي ديول ۾ پهتس ته شايد کائڻ لاءِ ڪو ٽڪر ڀور ملي وڃي. منهنجي وات مان شراب جي ڌپ جا ڀڀڪا اچي رهيا هئا ۽ آئون پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي به لائق نه هئس. ان حالت ۾ فادر مونکي قبولڻ کان نابري واري، مجبوريءَ جي حالت ۾ اها رات مون ديول جي ڏاڪڻين تي گذاري. ان انڪار مون کي ڪجهه سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، ڇا مون کي هتي پناهه ملي نٿي سگهي. صبح ٿيو ته مون فيصلو ڪيو ته هاڻ ڏوهه نه ڪندس، ڪو به گناهه نه ڪندس. مون خيرات گهرڻ کان به توبهه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، مونکي لڳو ته اهو به گناهه آهي. بس اها هڪ گهڙي جڏهن فادر مون کي ويڳاڻپ ۽ لاتعلقي مان ڏٺو ۽ منهنجي اندر ۾ تبديلي جي خواهش پيدا ٿي. آئون اتان اٿيس ۽ سڌو ڪلينڪ هليو آيس. منهنجي ارادي جي مضبوطي ڪم آئي ۽ مون نشي جي عادت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ورتو. آئون پنهنجو مسيحا پاڻ هئس. نئين زندگي شروع ڪرڻ جي لاءِ مون ڪيترن ئي هنڌن تي نوڪري جي درخواست ڏني، هڪ ڏينهن هڪ هوٽل ۾ مونکي ڪم ملي ويو. باقاعده پگهار، ماني ٽڪي، مونکي ٻيو ڇا گهربو هو. ان دوران هڪ ڏينهن عجيب واقعو ٿيو. ان ڏينهن هوٽل ۾ ڪا تقريب هئي پر مزمان صفا گهٽ آيا، ڪيترو ئي کاڌو بچي پيو. منهنجي مئنيجر لاءِ اهو مسئلو ٿي پيو ته هو اهو بچيل کاڌو ڪيڏانهن ڪري. هن مون کان ان جو حل پڇيو. مون کي پنهنجا نشائي ۽بي گهر سنگتي ياد اچڻ لڳا. مون چيس ته آئون اهو کاڌو هڪ ڪلاڪ ۾ ختم ڪري سگهان ٿو. مئنيجر کلڻ لڳو. مون جڏهن کيس پنهنجي خيال کان واقف ڪيو ته هو راضي ٿي ويو. هن مونکي هوٽل جي ٽرڪ ڏني ۽ مون بچيل سمورو کاڌو ٽرڪ ۾ رکرايو. ٻن ٽن سؤ ماڻهن جي ماني هئي. پوءِ آئون ٽرڪ شهر جي گهٽين، ڪنڊن ۽ پاسن ۾ ڊوڙائيندو رهيس. مون کي خبر هئي ته ماني جا ضرورتمند ڪٿي ڪٿي رهن ٿا. ٽن ٽن ڄڻن ماڻهن جي ماني هڪ هڪ شخص جي حوالي ڪيم. منهنجن پراڻن سنگتين جي چهرن تي ايندڙ مُرڪ مونکي عجيب خوشي ڏيئي رهي هئي. مون انهن جا ڦوٽو به ڪڍيا. واپس اچي اهي تصويرون مون مئنيجر کي ڏيکاريون ته هو حيران ٿي ويو. هو هڪ دردمند انسان هو. هن اها ڳالهه انتظاميه جي ٻين ماڻهن سان ڪئي ۽ پوءِ سڀني گڏجي اهو فيصلو ڪيو ته بچيل کاڌو ڦٽو ڪرڻ جي بدران ائين استعمال ۾ آندو ويندو. واشنگٽن ۾ ان قسم جون ٻيون به ڪيتريون ئي هوٽلون هيون. هنن سڀني سان رابطو ڪيو. ڏهن هوٽلن ان ڪم ۾ شامل ٿيڻ جي هائوڪار ڪئي. ائين بي گهر ۽ بي سهارا ماڻهن جي لاءِ مستقل کاڌي جو بندوبست ٿي ويو. ان سڄي پراجيڪٽ جو نالو Michal David’s dinner party رکيو ويو. ٻين لفظن ۾ اهو ڪم منهنجي ئي نالي منسوب ٿي ويو. جيڪو ماڻهو ڪلهه بکيو سمهندو هو، هاڻ ان جي نالي سان سوين ماڻهن کي ماني ملڻ لڳي. اهو سڀ خداوند جو انعام هو. هاڻ روزانو واشنگٽن جي هوٽلن مان ٽرڪون نڪرنديون هيون ۽ انهن سوين ماڻهن کي ماني پهچندي هئي، جيڪي نشي ۾ ڌت رهندا هئا. ڪڏهن آئون به انهن وانگر هئس، پر پالڻهار منهنجي رهنمائي ڪئي ۽ مون کي رستو ملي ويو. ان ديول جي ڏاڪڻين تي جتي آئون سڄي رات ڏڪندو رهيو هوس ان ئي پادري جي سامهون مون بي شمار ماڻهن کي ماني پيش ڪئي، جي هن مونکي پنهنجو ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. فادر بي شڪ مون کي پناهه نه ڏني، پر منهنجي خدا مون کي پناهه ڏني. خدا تعاليٰ ته اهو چوي ٿو ته جيڪو گناهه گار آهي، ان کي منهنجي ويجهو آڻيو، جو ان کي منهنجي وڌيڪ ضرورت آهي. اها ٿڌي رات نه هجي ها ته آئون اڃا به لوفر، رولاڪ ۽ نشي جو عادي هجان ها. چوريون ڪريان ها. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته گناهه جي اونداهي گهٽي ۾ ڪڏهن رستو ملي وڃي. ان ڪري ته چوندا آهن.
    Every saint has a past and every sinner has a future.
    ڪڏهن سج اڀري اچي ۽ ڪيڏي مهل مينهن پوڻ لڳي. اها بس هڪ گهڙي هوندي آهي. ڊيوڊ، مارٽن لوٿر ڪنگ سان گهڻي محبت ڪندو هو. ڪنگ جي جڳ مشهور تقرير I have a dream کيس زباني ياد هئي. جڏهن هو ڪنگ جي لهجي ۾ ٻُڏي اها تقرير ٻڌائيندو هو ته ائين لڳندو هو ته اصل مارٽن لوٿر ڪنگ اسان جي سامهون موجود آهي. روزا پارڪس سان منهنجو تعارف به مائيڪل جي ڪري ئي ٿيو. سندس نظر ۾ روزا پارڪس مڙسيءَ جي سڀ کان وڏي علامت هئي. نديم ڊيوڊ کان وٺي مائيڪل ڊيوڊ تائين، نيڪيءَ تي ڪنهن جي به اجاري داري نه آهي. خدا ته سڀني جو آهي. ڊيوڊ جهڙن ماڻهن کي ڏسي مونکي ڪجهه ٻيا همراهه به ياد اچن ٿا. جهڙوڪ: مارٽن لوٿر ڪنگ، مليڪم ايڪس، محمد علي... غربت ۾ جنم وٺندڙ اهي سڀ شهرن جي اتاهين تي پهتا. ٽيئي شيدي... ٽيئي باغي... انهن ٽنهي کي به مذهب پناهه ڏني. محمد علي کان پڇيو ويو ته تون ٿڪجڻ کان پهرين ڪيترو ڊوڙين ٿو ته هن وراڻيو منهنجي ڳڻپ ان وقت شروع ٿئي ٿي، جڏهن آئون ٿڪاوٽ سبب چور ٿي وڃان. اها گهڙي منهنجي امتحان جي گهڙي هوندي آهي. محمد علي سچ ٿو چوي. اها گهڙي معمولي ۽ غير معمولي انسان ۾ فرق جي نشاني آهي. مارٽن لوٿر ڪنگ، ميلڪم ايڪس، محمد علي ۽ مائيڪل ڊيوڊ.
    انهن سڀني جي ڪاميابي جو ڪهڙو گُر هو. محنت، عزم... شايد مونکي انهن ۾ جيڪا ڳالهه هڪجهڙي نظر اچي ٿي، اها انهن جي سچائي آهي. هنن سچ کي ڳولي لڌو ۽ پوءِ اهو سچ سندن نسن ۾ رت بنجي ڊوڙڻ لڳو. سچ کي حاصل ڪرڻ ۽ ان تائين پهچڻ به اهم آهي. اسين سچ تائين ته پهچي ٿا وڃون، پر سچ کي اختيار نه ڪندا آهيون. اسين سچ جي لاءِ موت ته قبولي وٺندا آهيون. پر ان جي لاءِ جيئرو نه رهندا آهيون.


    5.15: مارٽن لوٿر ڪنگ، ميلڪم ايڪس، محمد علي ۽ مائيڪل ڊيوڊ.

    آمريڪي سماج عجيب انتهائن جو شڪار آهي. هڪ پاسي دولت جا ڍڳ آهن ته ٻي پاسي يقين کان ٻاهر غربت. امڪانن جي هوند جي حالت اها آهي ته بل گيٽس نالي هڪ ڪاليج مان ڪڍيل همراهه ڏسندي ئي ڏسندي دنيا جو امير ترين شخص بنجي وڃي ٿو ۽ پوءِ جڏهن دولت مان دل ڀرجي ٿي وڃيس ته اها ماڻهن کي سوکڙي طور ڏيئي ٿو ڇڏي. اهو شخص ايتري دولت ڪمائي خوش نٿو ٿئي، جيترو ورهائي خوش ٿئي ٿو. ان قسم جو هڪ ٻيو شخص وارن بفٽ به آهي، جنهن پنهنجي نوي سيڪڙو دولت نيڪيءَ جي ڪمن لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي. اڳوڻي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن کانئس پُڇيو ته اهو ڪهڙو جذبو هو، جنهن کيس ٽيهه ملين ڊالر ماڻهن ۾ ورهائڻ تي آماده ڪيو، ته هن جو جواب هو.
    My gift is nothing… I can have every thing I need with less than one percent of my wealth… I am just giving back surplus claims that have no value to me but can do a lot for others.
    ”جيڪڏهن اسين سڀ ائين سوچڻ لڳون ته اها هڪ مختلف دنيا جي شروعات ٿيندي“. ڪلنٽن وارن بفٽ کي ٻيو ڇا ٿي چئي سگهيو. ان قسم جو سوال پڇڻ تي ڪرس هان نالي هڪ ٻي امير شخص چيو.
    Beyond a certain point, which we did reached mony has so further value, it cannot bring happiness, but it can save or transform my lives.
    آمريڪا ۾ قربانيءَ جون اهڙيون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون نظر اچن ٿيون، پر ڏيڻ جي لذت هر شخص جي ڀاڳ ۾ ڪونهي. ۽ نه ئي وري اهو اعزاز ڪنهن قوم جي لاءِ مخصوص آهي. آمريڪا خوشحال ڇو آهي؟ شايد ان ڪري به اُتي جا ماڻهون ڏيڻ کان نٿا لهرائين راڪ فيلر، ائنڊ ريوڪارنيگي، بل گيٽس، وارن بفٽ... اهي هڙئي آمريڪي سڀيتا جو سينگار آهن. هر آمريڪي صدر وائٽ هائوس مان نڪرڻ کانپوءِ ”سوشل انٽر پرينيور“ بنجڻ چاهيندو آهي. اڳوڻي آمريڪي صدر جمي ڪارٽر کي نوبيل پرائز جو حقدار سمجهيو ويو، هڪ آمريڪي صدر جي حيثيت سان نه پر ”سوشل پرينيور.“ جي حيثيت سان. ڪلنٽن هڪ ڪامياب صدر هو، پر غربت جي خاتمي لاءِ سندس جدوجهد جي شروعات سندس صدارتي دور کانپوءِ شروع ٿي. سندس مشهور ڪتاب Giving قرباني ۽ رضاڪاريت جو هڪ لازوال نياپو آهي. ان ڪتاب ۾ هو فقط ڏيڻ جي ڳالهه ٿو ڪري. دولت، وقت، صلاحيت ۽ آئيڊياز. سندس نظر ۾ اسان مان هر شخص ڏيڻ جي راهه تي نڪري پئي ته اهي محروميون ختم ٿي سگهن ٿيون. ڪتاب جي پهرين باب جي پُڄاڻي مارٽن لوٿر ڪنگ جي هن خوبصورت پيغام مان ٿئي ٿي. Every one be great because every can serve. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته انساني عظمت جو هر رستو خدمت جي خوبصورت ماٿرين مان لنگهي ٿو. بل گيٽس ۽ وارن بفٽ پنهنجي دولت ورهائي ڇڏي. جيڪڏهن هو نه ورهائين ها ته اها اتي ئي رهجي وڃي ها. قرآن پاڪ ۾ آهي ته، ”جيڪو شخص دنياوي صلي جو گهرجائو آهي، اهو ڄاڻي وٺي ته الله وٽ دنيا جو صلو به آهي ته آخرت جو ثواب به (الانسا 134)“ وارن بفٽ هڪ ڀيري ڏاڍي ڏکي ڳالهه بنهه سادگي سان چئي ڇڏي.
    I was born in the right country at the right time, and my work is dis-proportionality reworded compared to teachers and solders.
    اسين ڪٿي جنم وٺون ٿا، ان تي اسان جو اختيار نه آهي، پر اسين دنيا ۾ ڇا ٿا ڇڏي وڃو، ان تي اسان جو اختيار ضرور آهي. آمريڪا ۾ ويهن لکن کان به وڌيڪ غير سرڪاري ادارا خدمت جي ڪمن ۾ رُڌل آهن. هر سال 600 بلين ڊالرز عطيا ڏنا ٿا وڃن... پاڪستان جو منظر به ڪو گهٽ خوشنما ڪونهي. اخوت، شوڪت خانم، ايڌي، ايل-آر-بي-ٽي، الشفا، ڇيپا، فاطميد، سهارا، امين مڪتب، حجاز اسپتال، ٽي.سي.ايف، ريڊو، ڪاوش، ٽي.سي اي، فائونٽين... اهي سڀ نالا به ايثار جي اهڙي ئي ڪهاڻي جا عنوان آهن. ايستائين اهي عنوان جيئرا آهن، جيستائين انسانيت زنده آهي. ڏيڻ جي لذت هر شخص جي ڀاڳ ۾ نه آهي، ۽ نه ئي اهو اعزاز ڪنهن قوم جي لاءِ محفوظ آهي. پر باقي اهي ماڻهو ۽ قومون رهن ٿيون، جيڪي ضرورت کان وڌيڪ رزق الله جي واٽ ۾ ڏيڻ جي سَڌ رکن ٿيون.


    5.16: هل ته نڪري هلون بتڪدي مان

    هر سفر کي نيٺ پڄاڻي تي پهچڻون هوندو آهي. هارورڊ کان واپسي جو ڏينهن به اچي پهتو. ان سڄي عرصي ۾ اخوت جي جهڙي نموني پذيرائي ٿي اهو وسارڻ کان ٻاهر آهي. عمران سرور کان وٺي رومن ۽ ڊيوڊ تائين. لا اسڪول کان فليچر تائين. ڪم ولسن کان مائيڪل چُو. عاصم خواجه کان ترن کنه ۽ پوءِ ليڊرشپ پروگرام جي شرڪت ڪندڙن تائين، بزنس اسڪول جي ڀتين ۽ ڇتين تائين، چارلس ندي جي ڪنڌي تي کيڏندڙ دوشيزائون ۽ پاڻي ۾ ترندڙ خوبصورت ٻيڙيون، ڪيتريون ئي سُندر ساروڻيون دل تي چٽجي ويون. زندگي ڪجهه به ته ڪونهي... بس يادن جو هڪ خوبصورت مجموعو ئي ته آهي.
    يادون سنڀال ڪم ايندئي،
    وڇوڙي جي سال ڪم ايندئي.
    بظاهر ته اهي ٿورا ڏينهن هئا، پر جيڪڏهن انهن کي پکيڙجي ته اهي هڪ ڊگهي ڪهاڻي بنجي وڃن ٿا. الوداعي تقريب کانپوءِ ماڻهو موڪلائڻ لڳا. کين خبر هئي ته هاڻ ٻيهر ملاقات جو امڪان گهٽ آهي. اهو احساس ماحول کي ڏکارو بنائي رهيو هو. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ اسان کي هڪٻئي سان عجيب اُنسيت ٿي ويئي هئي. اسين ڪيترو نه جلدي هڪٻئي جي ويجهو اچون ٿا ۽ پوءِ هڪٻئي کي وساري ٿا ڇڏيون الوداعي ملاقاتن جو سلسلو هلندو رهيو. مون صبح سان ئي سامان ٻڌي ڇڏيو هو. مون چاهيو ٿي ته نيويارڪ جو ايندڙ سفر جهاز جي بدران ريل وسيلي ڪجي. آمريڪا جو اصل حسن ڏسڻون آهي ته ان جو اڪيلو رستو ريل جو سفر آهي. سمنڊ، جيل، ڍنڍون ڍورا، ماٿريون، ريگستان... ڪٿي ڪٿي وستيون ته ڪٿي عمارتون. انسان زمين جي وشالتا کي ڪيئن نه پنهنجي وس ۾ ڪيو آهي. هڪ ڀيري مون سڄو مهينو آمريڪا جي هڪ ريل تي گذاريو. واشنگٽن کان شڪاگو، اتان وسڪونس، پورٽ لينڊ، ڪيلي فورنيا، ٽيڪساس، فلوريڊا، ميامي، نيويارڪ ۽ واپس واشنگٽن، آمريڪا جي چوڌاري هڪ گول ٺهيو ۽ سڄو آمريڪا ان ۾ سمائجي ويو. آئون ريل ۾ ئي سمهندو، جاڳندو، کائيندو ۽ پيئندو هئس،۽ جنهن شهر ۾ ڪو دوست هوندو هو، ته اتي لهي پوندو هوس اها ريل به ڏاڍي سهڻي هئي، نه سمهڻ ۾ ڪا تڪليف ۽ نه ئي وري هلڻ ڦرڻ ۾ ڪو مسئلو. ٽي وي روم، ريسٽورينٽ، اسٽڊي روم موجود هئا. مون سان گڏ فرخ، جنيد ۽ فرازين به گڏ هئا. هڪ مهيني کانپوءِ اسين جڏهن واپس ورياسين ته ڪيترا هزار ڪلوميٽر سفر ڪري چڪا هئاسين.
    ٻي ڏينهن جڏهن مون يونيورسٽيءَ ۾ ان سفر جي ڪهاڻي ٻڌائي ته سڄو ڪلاس حيران ٿي ويو. انهن مان ڪوبه اهڙو نه هو، جنهن ائين پنهنجي ملڪ جو چڪر هنيو هجي. ايپرل کي ته اصل ويساهه ئي نه پي آيو. هن آڱرين جو دائرو ٺاهيو، مُنڊي تي کاڏي رکي ۽ مون کي ڏسڻ لڳي. سندس چهري تي حيرت جا ڪيترائي چٽ نظر اچي رهيا هئا. حيرت سونهن کي وڌائي ڇڏيندي آهي. مون سوچيو ته هاڻ ويهن سالن کانپوءِ اهڙي ڊگهي سفر جي وٿي ته ڪونهي، پر بوسٽن کان نيويارڪ تائين سفر ريل تي ٿيڻ گهرجي. قدير کي فون ڪيم. هن هڪدم سيٽ بوڪ ڪرائي ڇڏي. ۽ مون بيڪر هال مان نڪري ٽئڪسي ڪئي، سامان رکي، بوسٽن ريلوي اسٽيشن پهچي ريل جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳس. هڪ ڪلاڪ کانپوءِ ٽرين به پهچي ويئي. هڪ ٻي سُندر سفر جي شروعات ٿي.اها ٽرين ايتري آرامده ته نه هئي، پر ان مختصر سفر جي لاءِ نهايت مناسب هئي. مون سامان رکيو ۽ دري جي پاسي واري هڪ سيٽ تي وڃي ويٺس. گاڏي هلي ته ڪجهه ئي منٽن ۾ شهر پويان رهجي ويو. وشال ميدان، نيڻ نهار تائين ساوڪ ۽ پاڻي، نيرو آسمان ۽ سمنڊ. جتي سمنڊ ختم ٿي ٿيو، اتان آسمان شروع ٿي ٿيو. آمريڪا جو اصل حسن سامهون هو. ڪيتري ئي دير تائين خلائن ۾ گهورڻ ۽ پراڻي سفر کي ياد ڪرڻ کانپوءِ مون سمنڊ ۽ ويڪري نيري آسمان تان اکيون هٽايون. نه اهي پروفيسر، نه يونيورسٽيءَ جو اهو ڪمرو، جنهن ۾ آئون سفر جي ڪهاڻي ٻڌائي رهيو هوس. نه ئي ايپرل جو حيرت ۾ ورتل چهرو.
    خبرِ تحیرِ عشق سن نہ جنوں رہا نہ پری رہی،
    نہ وہ میں رہا نہ وہ تو رہا جو رہی تو بے خبری رہی۔
    ان اُفق مان هڪ ٻيو اُفق اُڀريو. وري اهو ئي خواب، جنهن جو نالو اخوت آهي. ٻارهن سال اڳ جڏهن مون اهو خواب ڏٺو هو ته ڪجهه به نه هو. پر پوءِ ان وڻ مان گؤنچ ڦٽا. بشريٰ اعجاز جو خوبصورت ڪالم ياد اچڻ لڳو: ”اخوت ايندڙ وقت جو خواب آهي، جيڪو هڪ مٿي ڦريل همراهه ڏسي ٿو... وڏا خواب سدائين مٿي ڦريلن جي اکين ۾ ئي لهندا آهن، ان ۾ عقل وارن جو نڪو اچي نڪو وڃي. جڏهن به وڏن خوابن جي ڳالهه نڪري ٿي ته مونکي اقبال ياد اچي ٿو، قائد ياد اچي ٿو ۽ سر سيد ياد اچي ٿو... ڊاڪٽر امجد ثاقب به اخوت جو خواب ڏٺو. عشق جو پهريون ڏاڪو، جنون جي ڏکين ۽ ور وڪڙن وارن رستن جي شروعات، انسانن کي سندن کسيل فضيلت ڏيارڻ جي خواهش، انهن جي عزت نفس جي بحاليءَ جي ڪوشش.... بوسٽن کان نيويارڪ تائين ٽرين جو اهو سفر پنجن ڪلاڪن تي ٻڌل هو ۽ ان دوران آئون اُن خواب تي سوچيندو رهيس. ڪنهن چيو ته خواب رڳو اهي نه هوندا آهن، جيڪي ننڊ ۾ ڏٺا ويندا آهن. خواب ته اصل ۾ اهي هوندا آهن، جيڪي سمهڻ ئي نه ڏين... اخوت به هڪ اهڙو ئي خواب آهي، سچ اهو آهي ته انسان کي اهوئي ڪجهه پلئه پئي ٿو، جنهن جي هو جستجو ڪري. ليس الانسان الا ماسعيٰ...


    5.17: ڪو مونکي منهنجو ننڍپڻ موٽائي ڏي

    نيويارڪ جي ريلوي اسٽيشن تي فخر چٺا ڀليڪار ڪئي. ماڻهن جو وڏو ميڙ هو، سوين نه پر هزارين ماڻهو، اها اسٽيشن به ڪنهن سمنڊ کان گهٽ نه آهي. پر هر لهر ۾ نظم ۽ ضبط . نيويارڪ ۾ منهنجي رهائش فخر چٺا جي گهر هئي، جيڪو اسان جي ساٿي انصر جو ننڍو ڀاءُ هو، انصر کيس الائجي ڪهڙي ڦوڪ ڏني، جو هن مهمان نوازي جي حد ڪري ڇڏي. نيويارڪ ريلوي اسٽيشن کان وٺي جتي هن مونکي ڀليڪار ڪئي، جان ايف ڪينيڊي ايئرپورٽ تائين، جتي هن موڪلايو. هو مون سان پاڇي وانگر گڏ گڏ رهيو. سندس وني ۽ ٻه خوبصورت ٻارڙا به منهنجي ميزبانن ۾ شامل هئا. پاڪستاني برادريءَ جي ڊنر، نيو جرسي جي دعوت، مين هٽن ول ڪاليج جي پرزنٽيشن، فخرهر هنڌ مون سان گڏ رهيو. ان دوران هن ڪيترن ئي سنگتين سان ملايو، جن ۾ ذاڪر نسيم به شامل آهي، جنهن جي ڪمپني ۾ هو ڪم ٿو ڪري.
    ذاڪر نسيم جو واسطو فيصل آباد جي ڀرسان هڪ وستيءَ سان آهي. هاڻ سندس شمار نيويارڪ جي پاڪستاني ڪميونٽي جي سرگرم ماڻهن ۾ ٿئي ٿو. اسان هڪ ڏينهن مانجهاندو گڏجي ڪيو. مانجهاندي جي دوران هو دل جا داغ ڦولهيندو رهيو. “جڏهن پاڪستان مان نڪتو هئس ته اتي زندگي مختلف هئي. اڻ هوند جي باوجود به غريب نه هئا ۽ نه ئي وري هڪ ٻئي جا ويري. شايد اها ڪا ٻي دنيا هئي. ڪو ٻيو ملڪ، ڌيمو ڌيمو، صبر وارو پُر امن، مونکي اُن جي ڳولا آهي.“ اسان کي به ان ئي پاڪستان جي ڳولا آهي. مون کيس چيو. ترقي يافته ۽ پر امن، پُرامن جو واسطو انصاف سان آهي، معاشي ۽ سماجي انصاف. خوشحالي رڳو ڪجهه گهراڻن تائين محدود هجي ته امن ٿي نٿو سگهي. اسان جيڪڏهن غربت ۽ جهالت سان ويڙهه نه ڪئي ته اهو سپنو ساڀيان نه ماڻيندو. اهڙي ئي هڪ ملاقات قيصر جي گهروارن سان به ٿي. قيصر اخوت جو پراڻو دوست آهي. هڪ سال اڳ هو آمريڪا آيو ۽ نيويارڪ ۾ پنهنجن ڀائرن سان دوائن جو ڪاروبار ڪرڻ لڳو. نيويارڪ جي هڪ جديد آباديءَ ۾ سندس گهر ۾ ٿيندڙ ڊنر جي ڇا ڳالهه ڪجي. قيصر جي وڏي ڀاءُ جي ڪهاڻي به ڏينهن ۽ رات جي محنت ۽ جستجوءَ جي ڪهاڻي آهي. ڀائو ساجد جي محنت هڪ سڄي گهراڻي کي نئين زندگي ڏيئي ڇڏي، هن جي دل ۾ به درد جي اها ئي لهر هئي. کيس به پنهنجي وڃايل پاڪستان جي ڳولا هئي. اهڙو پاڪستان جنهن ۾ امن، انصاف ۽ خوشحالي هجي، پتو ڪونهي ته اها ڳولا ڪڏهن پوري ٿيندي. جڏهن هن منهنجو هٿ جهلي مصطفيٰ زيدي جو هي شعر پڙهيو ته ڄڻ دل تي ڌڪ لڳي ويو.
    ایسی سونی تو کبھی شامِ غریباں بھی نہ تھی،
    دل بجھے جاتے ہیں، اے تیرگی صبحِ وطن۔
    ماني کائڻ کانپوءِ پاڪستان ۽ پاڪستان واسين جي لاءِ دعا به گهريسين. مختيار مسعود چواڻي. سٺا ماڻهو انعام طور ملندا آهن ۽ سزا طور روڪيا ويندا آهن. يا خدا! هن ڏيهه مان ڏڪار ختم ٿئي، جل ٿل ٿئي، چوڌاري بوند برهه جي بهار ٿئي. دل بجھ جاتی ہیں ای تیر گئی صبح وطن۔


    5.18: نيويارڪ: فيصلا هتي نٿا ٿين

    ايندڙ ٽي ڏينهن نيويارڪ جي لاءِ هئا. بروڪليس، ڪوئينز، برونڪس، نيوجرسي، نيويارڪ ڊائون ٽائون ۽ مين هٽن جون عمارتون ڏسي ماڻهو حيرت ۾ ٻُڏڻ ٿو لڳي. نيويارڪ کي دنيا جي ’فنانشل ڪيپيٽل‘ چيو ويندو آهي. هتان جي آبادي سوا ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي. نيويارڪ معيشيت ۽ واپار جو عالمي مرڪز آهي. گذريل سؤ سالن جي دوران آمريڪا ايندڙن، گهڻو تڻو نيويارڪ ڏانهن رخ رکيو. ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪنڌي، آزاديءَ جو مجسمو ۽ مين هٽن جون اوچيون عمارتون، انهن سڀني کي سڀ کان پهرين ڀليڪار چون ٿيون. نيويارڪ جي ڪهاڻي ڪا ايڏي پراڻي ڪونهي... ٽي سؤ سال اڳ هتي جهنگ ئي جهنگ هو. بهار ۾ گل ٽڙندا هئا ۽ سياري ۾ برف جي چادر ڇانيل هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن سمنڊ جوش ۾ ايندو هو ته لهرون ڇيڪ اندر گهڙي اينديون هيون. هڪ ڏينهن انسان کي ان ٻيلي جي خبر پئي ۽ هو اتي آباد ٿيڻ لڳو. سترهين صدي جي شروع ۾ ولنديزي واپارين هتي قبضو ڪيو. 1664ع ۾ برطانيا هن علائقي کي پنهنجي بيٺڪ بنايو. هڪ سؤ سالن تائين هتي برطانيا جو جهنڊو ڦڙڪندو رهيو. هڪ ڏينهن هتي جي رهاڪن تاج برطانيا کان بغاوت جو نعرو بلند ڪيو. آزادي جي جنگ جا وڏا وڏا واقعا هت ٿي گذريا. آمريڪا ۾ ٿيندڙ گهرو ويڙهه ۾ به نيويارڪ جو مرڪزي ڪردار آهي. هتان جا لڳ ڀڳ چار لک سپاهي ان ويڙهه ۾ شرڪت جي لاءِ ويا، جيڪي سڀ لنڪن جا سپاهي هئا ۽ انهن مان پنجونجاهه هزار ان ويڙهه ۾ مارجي ويا، زخمين جو ته ڪو ڳاڻيٽو ئي ڪونهي. اتر ۽ ڏکڻ جي وچ ۾ ان خوني ويڙهه جا زخم ڪڏهوڪا ڀرجي چڪا آهن. اها ئي آمريڪا جي ڪاميابي آهي.
    ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي کتل آزاديءَ جو مجسمو نيويارڪ جي سڃاڻپ آهي. اهو مجسمو فرانس پاران آزادي جي سؤ ساله جشن (1866ع) جي موقعي تي آمريڪا جي رهواسين کي پيش ڪيو ويو. اهڙو ئي هڪ مجسمو فرانس جي شهر پئرس ۾ پڻ آهي. آزادي جو اهو مجسمو دراصل هڪ علامت آهي، شايد ان ڳالهه جو اعلان آهي ته اوهين هاڻ هڪ آزاد سرزمين ۾ داخل ٿي رهيا آهيو. دنيا جو ڪو به اهڙو ملڪ ڪونهي، جنهن جا رهاڪو نيويارڪ ۾ آباد نه هجن. ڪجهه وقت اڳ هتي هڪ ڪروڙ کان به وڌيڪ رجسٽرڊ گاڏيون ۽ سوا ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ڊرائيونگ لائسنس هئا. جيڪڏهن نيويارڪ هڪ ڌار ملڪ هجي ها ته دنيا جي سورهين معيشت قرار ڏنو وڃي ها. هن شهر ۾ اچ وڃ جو زير زمين نظام ڪنهن عجوبي کان گهٽ ڪونهي. سخت پٿريلي زمين جي ڪري ان نظام جي اڏاوت ڏاڍي ڏکي هئي. ان پٿريلي زمين جي ڪري ئي مين هٽن جون اوچيون عمارتون اڏيون ۽ انسان آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو. هونئن ته نيويارڪ ۾ ڪيترائي اهم ۽ تاريخي هنڌ آهن، پر دنيا جي معاشي مرڪز هئڻ جي ڪري هتي جو سڀ کان اهم هنڌ وال اسٽريٽ ۽ نيويارڪ اسٽاڪ ايڪسچينج آهي. نيويارڪ اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ وال اسٽريٽ هاڻ هم معنيٰ بنجي چڪيون آهن... هتي جا رهاڪو اهو باور ڪن ٿا ته دنيا جي دولت ۽ معيشت جو فيصلو هن ئي هنڌ ٿئي ٿو، پر شايد کين خبر ڪونهي ته الله وٽ معيشيت جا قانون ڌار ڌار آهن. وٺ پڪڙ، ڏوهه ۽ ڏوهاري، اهو سڄو کيل اڃا ڪو ٻيو آهي. خدا ماڻهن ۽ فردن کي ان مهل وٺ ڪري ٿو، جڏهن هو پنهنجي معيشيت تي پَڏائڻ شروع ڪن ٿا. جڏهن هو ان وهم جو شڪار ٿين ٿا ته غربت ۽ امارت فقط سندن محنت جو ئي نتيجو آهي. ’ڪيتريون ئي وسنديون اسان ويران ڪري ڇڏيون، جڏهن هو پنهنجي ڌن ۽ دولت تي پڏائيندا هئا‘ (القصص 28:58). انسان ڏاڍو اتڙو آهي، هر هر اهو وساري ٿو ڇڏي ته ڦرڪو ان مهل ٿو ڦري، جڏهن ڪو خدا سان برابري جو اعلان ٿو ڪري. خد اکي ٻيو ته سڀ ڪجهه گوارا آهي، سواءِ هٺ وڏائي ۽ شرڪ جي!


    5.19: خزان مون کي رئاڙي ٿي، بهار جي ياد ۾

    وال اسٽريٽ هڪ ننڍي ڀت آهي، جيڪا ڪنهن وقت شهر جي پناهه جو ڪم ڏيندي هئي، پر هاڻ اها ڀت سرمائيداري نظام جو قلعو بنجي ويئي آهي. ظاهري طور تي ته ائين ٿو نظر اچي ته ان ۾ ڪوبه ڏرڙ وجهي نٿو سگهي. اُن ديوار جي شروعاتي اڏيندڙن مان هڪ جو نالو اليگزينڊر هملٽن آهي، جنهن کي سندس چالاڻي کانپوءِ وال اسٽريٽ جي ڀرسان ئي دفنايو ويو.
    الگيزينڊر هملٽن آمريڪا جو پهريون وزير خزانه ۽ جارج واشگنٽن جو ويجهو ساٿي هو. هن هڪ سپاهي، معيشيت جي ماهر، سياسي مدبر ۽ قانوندان جي حيثيت سان پاڻ مڃايو. آمريڪا جي مشهور بئنڪ ”بئنڪ آف نيويارڪ“ جو بنياد به هن ئي رکيو. کيس معاشي مامرن جو گهرو ادراڪ هو. هن غربت ۾ اک پٽي، پر پنهنجي بي پناهه صلاحيتن جي ٻل تي آمريڪا جي بانين ۾ ڳڻجڻ لڳو. عزت، دولت، شهرت ۽ مرتبي جي باوجود به سندس زندگي جي پُڄاڻي هڪ الميي تي ٿي. اليگزينڊر هملٽن ۽ آمريڪي نائب صد ”بر“ جي وچ ۾ مختلف سببن جي ڪري پهرين مخالفت ۽ پوءِ دشمني شروع ٿي ويئي. ان نفرت جا ڪيترائي ڪارڻ هئا. بر کي شڪايت هئي ته هملٽن جي مخالفت سبب کيس آمريڪا جون صدارتي چونڊون هاراڻيون پيون. اها دشمني جڏهن حد کان وڌي ويئي ته Duel کانسواءِ ٻي ڪا به واٽ نه بچي. ان زماني ۾ جيڪڏهن ٻن همراهن جي وچ ۾ اختلاف جو نبيرو ٿي نه سگهندو هو ته ڊوئيل يا موت جو رستو اختيار ڪيو ويندو هو. اهو انتهائي قدم هو. هملٽن ۽ بر جي گڏيل دوستن کين اهڙي قدم کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ڪاوڙ سندن اکيون پوري ڇڏيون هيون. ذاتي وير ۽ انا، انسان هٺ ۽ وڏائيءَ جي وهڪري ۾ وهي الائجي ڪٿان جو ڪٿان وڃيو نڪري. ڊوئيل جي لاءِ يارهين جولاءِ 1804ع جو ڏينهن مقرر ٿيو. ان لاءِ نيوجرسي ۾ هڊسن درياهه جي اولهائين ڪنڌي، جڳهه طور، مقرر ٿي، هملٽن ۽ بر جيڪي ٻئي آمريڪا جا ناليرا سياستدان ڳڻيا ويندا هئا، الل وهاڻي اُن بدقسمت هنڌ تي پهتا. هڪڙو آمريڪا جو اڳوڻو خزاني وارو وزير ۽ آزادي جي جنگ جو هيرو ۽ ٻيو آمريڪا جو نائب صدر. نه رڳو اهو پر انهن ٻنهي جي حيثيت ان کان به وڌيڪ هئي. ٻئي آزادي جا اڏيندڙ، دورانديش ۽ باهمت انسان هئا. ان وقت هملٽن جي عمر 49 سال ۽ بر جي ان کان ٿوري وڏي هئي. گهڙيال جي گهنٽي وڳي ۽ ٻيئي حريف مُهان منهن ٿيا. ٻنهي نشانو تاڻيو. ٺاهه جون سڀئي ڪوششون ناڪام ٿي چڪيون هيون... انا جو وڻ آسمان تائين پهچي چڪو هو. انا سڀ کان وڏي شيءِ هئي زندگي کان به. ٻنهي هڪ ٻئي سان پٺيون ملايون ۽ هڪٻئي جي مخالف طرف ڏهه وکون اڳتي وڌيا. رومال ڦڙڪندي ئي هو ڦڙتي سان مڙيا. گوليون هليون. هملٽن جي جي گولي بر جي مٿي تي ٽنگيل وڻ جي هڪ شاخ کي چيريندي گذري ويئي، پر بر جي گولي نشاني تي هئي. جيڪا هملٽن جي پيٽ جي هيٺين حصي تي لڳڻ کانپوءِ گولي گهمندي پاسراٽين تائين وڃي پهتي. رت جو ڦوهارو وهيو ۽ هملٽن پنهنجي ئي پيرن تي ڪري پيو. زخم گهرو هو.
    هملٽن ان زخم جا سور سهي نه سگهيو ۽ هو ٻي ڏينهن ٻارهين جولاءِ تي گذاري ويو. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته هملٽن ڄاڻي واڻي غلط نشانو ورتو، ڇو ته هن بر جي رت سان پنهنجا هٿ رڱڻ نٿي گهريا. ان سلسلي ۾ هملٽن جو هڪ خط به پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ هن لکيو هو ته هو بر کي ان جي لائق ئي نٿو سمجهي ته کيس پنهنجي پستول جي گوليءَ سان ماري، تنهنڪري هن گولي هڻڻ مهل ڄاڻي واڻي پستول جو رخ بر طرف نه ڪيو، پر ڪي وري ان کي هڪ افسانو چون ٿا. اهو درد ۽ رت سان ڀريل هڪ اُداس ڏينهن هو. گولين جي آواز سان هڊسن درياهه جي سانت ٽٽي پئي. معصوم پکي ۽ پکڻ پنهنجن آکيرن مان اُڏري انسانن جي وهايل رت کي ڏسڻ لڳا. هملٽن ۽ بر اڄ دنيا ۾ نه آهن. اهي پکي به نه هوندا،پر پزوي هاڪن نالي اهو هنڌ اڃا به موجود آهي. درياهه جي ڪنڌي به آهي. شاهه بلوط جا وڏا وڻ به آهن، شايد انهن پکين نسل درنسل اها ڪهاڻي ٻڌائي هوندي. ڪو ڪراڙو پکي افسوس ڪندي اهو چوندو هجي ته افسوس جو انسان ڪيترو نه ضدي آهي، جيڪو پنهنجي انا جي صليب تي لڙڪي ٿو وڃي. آزادي جي جنگ جا ٻه هيرو ڪيترا نه ڪوتاهه نظر نڪتا. وال اسٽريٽ اليگزينڊر هملٽن جو خواب هو. کيس ابدي آرام جي لاءِ جاءِ به اُت ئي ملي. آئون ٿوري دير اليگزينڊر هملٽن جي قبر تي بيٺو رهيس. سرءُ جي منڌ جا ساڙيل، هي وڻ ۽ قبر تي وکريل پتا. قبرستانن ۾ بهار نه هوندي آهي. گل ناهن ٽڙندا. البت ان قبرستان سان لڳ وال اسٽريٽ جي ڳالهه ٻي آهي. هتي سدائين بهار ٿي رهي. خزان نٿي اچي. هتي جا رهاڪو دولت سان کيڏن ٿا. وال اسٽريٽ انهن جي لاءِ پناهه گاهه آهي. هڪ سگهارو قلعو، سڄي دنيا ۾ پکڙيل مزدور ۽ پورهيت ان ڏينهن جي اوسيئڙي ۾ آهن، جڏهن اهو قلعو اليگزينڊر هملٽن جيان پنهنجي پيرن تي پاڻ ئي ڪري اچي پٽ پوندو. غربت سدائين انهن جو ڀاڳ ته ڪونهي.
    کب ڈوبے گا سرمایہ پرستی کا سفینہ،
    دنیا ہے تِری منتظرِ روز مکافات۔


    5.20: آمريڪا رڳو وال اسٽريٽ ته ڪونهي

    اوسيو لاميڪارٽي... نيويارڪ جو هڪ ٻيو راهوسڻ.
    وال اسٽريٽ ۽ هالي ووڊ جي رهاڪن کان تمام گهڻو مختلف، هڪ هيڻي شيدڻ عورت جي ڪهاڻي آمريڪي سماج جو هڪ ٻيو رخ پيش ٿي ڪري. ان ڪهاڻي جو اصل تت اهو آهي ته آمريڪا رڳو وال اسٽريٽ نه پر ٻيو ڪجهه به آهي. اوسيولا، سادگي، ڪفايت شعاري ۽ قرباني جو نمونو آهي، هو ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندي هئي، جو سندس ماسي بيمار رهڻ لڳي. ماسهينس جو ڪوبه اولاد نه هو. خدمت چاڪري جي سڄي ذميداري اولاسيو کي سونپي ويئي. هوءَ ماسي جي خدمت چاڪريءَ ۾ ايتري ته رڌجي ويئي، جو اسڪول وڃڻ به وساري ويٺي. ماسهينس کي ڪو به اولاد نه هو. ائين نيويارڪ جي گهٽين ۽ گهوٻن ۾ ڪيترائي ورهه گذري ويا. جيستائين ماسهينس هن جهان مان لاڏاڻو ڪيو، تيستائين سندس سڀ خواب مُرجهائجي چڪا هئا. هن شادي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پنهنجي پاڙي جي ماڻهن جا ٿانوَ ڌوئڻ ۽ ڪپڙا استري ڪرڻ لڳي. ان مزدوريءَ جي نتيجي ۾ کيس جيڪو اجورو ملندو هو، اهو سندس ڪپڙي لٽي ۽ کاڌي پيتي لاءِ ڪافي هو ۽ ڪجهه نه ڪجهه بچي به پوندو هو، جنهن مان هوءَ ماڻهن جي مدد به ڪندي هئي يا بئنڪ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيندي هئي. محنت ۽ بچت جو اهو سلسلو هلندو رهيو. الائجي ڪيتريون بهارون خزائن ۾ بدلجي ويون. جڏهن هن جي عمر ستاسي سال ٿي ته هڪ ڏينهن هوءَ پنهنجي بئنڪ ويئي. آفيسر کيس ٻڌايو ته سندس اڪائونٽ ۾ ڪيترائي لک ڊالر گڏ ٿي چڪا آهن. اهي سندس پنجهتر سالن جي محنت جو ڦل هئا. هن ڪجهه ڏيهاڙا سوچڻ ۾ گذاريا ۽ پوءِ دولت کي ٻن حصن ۾ ورهايو. ڏيڍ لک ڊالرن سان ’آفريقن- آمريڪن‘ شاگردن جي لاءِ انڊومينٽ فنڊ جوڙيائين ۽ باقي رقم ويجهي ديول ۽ پنهنجن غريب مٽن مائٽن ۾ ورهائي ڇڏيائين. هوءَ قرباني جو هڪ مثال هئي.
    آمريڪا جي صدر بل ڪلنٽن اولاسيو کي وائٽ هائوس اچڻ جي دعوت ڏني ته هن جهاز تي ويهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، کيس اها مشين غير محفوظ لڳي. هو نيويارڪ مان ريل ۾ چڙهي واشنگٽن پهتي. کيس آمريڪا جي صدارتي ايوارڊ سان نوازيو ويو. ڪلنٽن جو چوڻ هو ته اولاسيو سان ملاقات سندس زندگي جو اڻ وسرندڙ واقعو هو. 1995ع ۾ جڏهن هڪ ارڙهن ورهين جي نينگري اسٽفيني کي پهرين اوسيولا ميڪارٽي اسڪالرشپ ملي ته اوسيولا جي اکين جي جوت ڏسڻ وٽان هئي. ننڍپڻ کان وٺي ان ڏينهن تائين سندس دل ۾ تعليم حاصل نه ڪرڻ جو جيڪو ڏک هو، اهو دور ٿي چڪو هو. اسٽيفني کي اسڪول ويندي ڏسي کيس ائين لڳو ته ڄڻ هو پاڻ اسڪول پئي وڃي. اسٽيفني جي مُرڪ ۾ ستاسي سالن جي ٿڪاوٽ دم ٽوڙي ڇڏيو. نيويارڪ رڳو اليگزينڊر هملٽن جو نه پر اوسيولا ميڪارٽي جو به آهي. آمريڪا رڳو وال اسٽريٽ نه پر بل گيٽس ۽ وارن بفٽ به آهي.


    5.21: عورت جي وجود سان ئي ڪائنات جا رنگ نکرن ٿا

    اولاسيو کان ڪنهن پڇيو ته تو پنهنجي ميڙي چونڊي نياڻين جي لاءِ ڇو وقف ڪئي ته هن جي مُک تي مُرڪ پکڙجڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي. ”مردن جي هن دنيا تي عورتن جو پڻ حق آهي. مون کي خبر آهي ته هڪ عورت جي حيثيت سان مونکي ڪهڙين ڪهڙين تڪليفن سان منهن ڏيڻو پيو. گهر مان نڪرندي ئي اهو احساس ٿيندو هو ته هيءَ دنيا رڳو مردن جي لاءِ ٺهيل آهي. اڃا زائفان ذات کي ڪنڌ کڻي هلڻ جي موڪل ڪونهي. اڃا رستي ۾ ڪيتريون ئي رڪاوٽون آهن. آئون چاهيان ٿي ته ٻارڙيون به دل کولي جيئن انهن جا به ڪي خواب آهن“.
    اهي ڳالهيون نيويارڪ جي رهواسڻ اولاسيو جون هُيون، جيڪا هڪ سڌريل سماج جو حصو آهي، اهو سماج جنهن ۾ عورتون ڪيتريون ئي تڪليفون ۽ رڪاوٽون پار ڪري چڪيون آهن. اسان جي سماج ۾ ته عورت ۽ غربت جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو اڃا به اونهون آهي. جيڪڏهن غربت اختياريءَ کان محروميءَ جو نالو آهي ته عورت کان وڌيڪ ٻيو ڪو غريب ڪونهي. هوءَ جيستائين مائٽن جي گهر ۾ رهي ٿي، ته هن جي قسمت جو فيصلو پيءُ ۽ ڀائرن جي وس ۾ هوندو آهي. جڏهن هوءَ مڙس جي گهر ايندي آهي ته اهو اختيار به سندس مڙس کي ئي منتقل ٿي ويندو آهي. بک ۽ محروميءَ جو سڀ کان گهڻو شڪار هوءَ ئي بنجي ٿي. ڏک جو کورو کيس روزانو ساڙي ڦلهيار ڪندو رهندو آهي. جيڪڏهن گهر ۾ ڪنهن هڪ فرد کي بُکيو رهڻون پوي، ڪنهن هڪ کي جهالت جي چتا ۾ جلڻون پوي، ڪنهن کي دوا کان محروم رهڻون پوي ٿو ته اها عورت ئي هوندي آهي. غريب هئڻ تمام وڏو ڏک آهي، پر غريب عورت هئڻ هڪ بيان کان ٻاهر ڏک آهي.
    اخوت عورتن کي ڪاميابيءَ جي نين راهن سان آشنا ڪيو آهي. ننڍن ننڍن قرضن کين وڏين وڏين خوشين جي واٽ ڏيکاري آهي. انهن قرضن جي ڪري منجهن پاڻ ڀروسي ۽ عزت نفس جو واڌارو ٿيو آهي ۽ سڀني کان وڌيڪ اهو ته انهن جو سماجي رتبو بُلند ٿيڻ لڳو آهي. ”جڏهن کان مون پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو آهي تڏهن کان آئون پنهنجو پاڻ کي معتبر سمجهڻ لڳي آهيان. هينئر آئون ماهوار پنج هزار روپيا ڪمائيندي آهيان. منهنجا ٻارڙا پيٽ ڀري ماني کائيندا آهن. هاڻ منهنجون ننڍيون وڏيون گُهرجون به پوريون ٿي وينديون آهن. هاڻ منهنجي مڙس جي اکين ۾ مهرباني جي جهلڪ نظر ايندي آهي. هاڻ مونکي ۽ منهنجي ڌيءَ کي گهر تي بار نٿو سمجهيو وڃي. هن کان اڳ آئون جڏهن پنهنجي مڙس جي اڳيان هٿ وڌائيندي هيس ته ائين لڳندو هئم ته ڄڻ خيرات جي لاءِ هٿ ٽنگي رهي آهيان. هاڻ آئون پنهنجي روز مره جون گهرجون پاڻ ئي پوريون ڪري سگهان ٿي“. اها ڪنهن هڪڙي عورت جي شاهدي نه پر اهڙيون هزارين عورتون آهن، جيڪي اها ئي ڪهاڻي ورجائين ٿيون. جيڪڏهن پنجاهه سيڪڙو آبادي ان احساس جي بار هيٺان دٻيل رهي ته زندگي مردن کان ملندڙ خيرات يا دان جو نالو آهي ته پوءِ اسين غربت جو ڪيئن خاتمو ڪري سگهنداسين؟ اوسيولا جي ترجيح ايتري ڪا غلط به ڪونهي.


    5.22 : نظر جي ڳالهه زبان سان ڪيئن ڪجي

    نيويارڪ جي سڀني کان وڏي تقريب بروڪلين جي رائل بينڪوئٽ هال ۾ ٿي. جنهن ۾ هڪ سؤ کان به وڌيڪ اوري پري جي دوستن يارن شرڪت ڪئي، اها سڄي فخر ۽ ريحان جي محنت جو نتيجو هئي. انهن سڀني همراهن کي دعوتون دڙيون پهچائڻ، ساڻن رابطا ڪرڻ ۽ کين يادگيري ڏيارڻ جي لاءِ تقريب جو بندوبست ڪرڻ، اهو سڀ ڪجهه ايترو سولو به نه هو. طيبه ضياءَ چيمه، جيڪا نواءِ وقت جي مشهور ڪالم نگار آهي، مجيب لوڌي، ظهور جمال، فيض احمد، ظفر شاهه، اعجاز چٺا، عبدالخالق، محسن ظهير بٽ، هڙئي همراهه موجود هئا. اخوت جو پراڻو ساٿي ۽ رضاڪار قيصر به موجود هو. تقرير، تصوير، پرزنٽيشن ٿي. مجيب لوڌي جو واسطو فيصل آباد سان آهي. هو تقريب جي دوران ايترو ته جذباتي ٿي ويو، جو هن هڪ ٿيلهو کنيو ۽ هر ميز تي وڃي عطين جي اپيل شروع ڪري ڇڏيائين. اسين کيس جهليندا رهياسين ته اسان جو مقصد ڪجهه گڏ ڪرڻ ڪونهي، پر هن جو چوڻ هو ته نيڪيءَ ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي. هڪ هڪ، ٻه ٻه ڏهه ڏهه، سؤ سؤ ڊالر ان ٿيلهي ۾ ڪرندا رهيا. هڪ نوجوان ڀرسان اچي چوڻ لڳو. آئون هڪ ٽئڪسي ڊرائيور آهيان، منهنجي پاران ٻه سؤ ڊالر قبول ڪجو، انهن مان ٻيو ڪجهه نه ته به هڪ ڪٽنب جو ڪاروبار ته شروع ٿي سگهي ٿو. آئون ۽ ريحان سوچي رهيا هئاسين ته جيستائين دنيا ۾ اهڙو هڪ شخص به موجود آهي، اخوت جو تصور مٽجي نٿو سگهي. هن جي منهن تي پکڙيل مرڪ هر شخص جي ڀاڳ ۾ نه هوندي آهي. مونکي وري جهانيان جو نوجوان، آئي آئي ٽي جا ٻارڙا... ۽ الائجي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ٻيهر ياد اچڻ لڳيون. ڪجهه همراهن جو گجرات سان واسطو هو. انهن ڊاڪٽر اعجاز بشير کي ڏاڍو ياد ڪيو، ڊاڪٽر اعجاز بشير جي بي لوث خدمتن جي ته سڄو گجرات اعتراف ٿو ڪري. اخوت کي گجرات اچڻ جي دعوت هن ئي ڏني. هو چار ڀائر آهن. جڏهن هنن ڪاروبار شروع ڪيو ته والدين حڪم ڏنو ته ٽي ڀائر ڪاروبار ڪن ۽ چوٿون ڀاءُ خدمت ڪري. هنن والد جي حڪم اڳيان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. ٽي ڀائر ڪمائيندا آهن ۽ اعجاز بشير الله جي راهه ۾ ورهائيندو پيو ويندو آهي. هنن اشفاق نالي هڪ شخص کي به ان ئي راهه تي لڳايو. ڪو شڪ ڪونهي ته هوريان هوريان سڄو گجرات ان راهه تي لڳي وڃي. طيبه ضياءَ به تقرير ڪئي، جنهن ۾ اخوت جي باري ۾ سٺن جذبن جو اظهار ڪيائين. هن پنهنجي ڌي مونه چيمه جو به ذڪر ڪيو، جيڪا هارورڊ مان پڙهي نڪتي هئي ۽ پوءِ هڪ ڏينهن ڪارجي حادثي جو شڪار ٿي وڃي ڌڻي کي پرتي... طيبه ضيا ۽ سندس گهرواري ان غم کي طاقت ۾ بدلايو. ورلڊ مسلم ڪانگريس جو ڊاڪٽر چيمه به ساڻن اچي گڏيو. ”مومنه چيمه فائونڊيشن“ جي نالي سان هڪ ادارو ٺهيو ۽ غريب ٻارن کي اسڪالر شپ ملڻ لڳي. روڄ راڙو، پٽڪو سٽڪو، سڏڪا، آنهون، دانهون، لڙڪ... جيڪا ماءُ انهن کان اُتم بنجي وڃي تنهن جي عظمت تي ڀلا ڪنهن کي شڪ هوندو.


    5.23: اهو به ته حج آهي

    ڊنر پوري ٿي ته لوڌي صاحب مونکي ٿيلهو ڏنو، ان ۾ ڪُل يارهن سؤ ڊالر هئا. ننڍا وڏا نوٽ ۽ ڪجهه چيڪ جيڪي انهن کان الڳ هئا. ان ٿيلهي مونکي هڪ ٻي ٿيلهي جي ياد ڏياري. اهو ٿيلهو نه پرشايد پلاسٽڪ جو هڪ لفافو هو. جيڪو مونکي پروفيسر رف رف جي معرفت مليو.
    پروفيسر رف رف اخوت جو پراڻو سنگتي آهي. هو هر آچر جي ڏينهن صبح ساجهر علامه اقبال ٽائون جي هڪ پارڪ ۾ درس قرآن جو بندوبست ڪندو آهي. صبح جو سِير ڪندڙن (Walk) کي تبليغ ڪرڻ رف رف جو ڪمال آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪنهن مهمان کي گهرائي خاص ليڪچر جو بندوبست به ڪيو ويندو آهي. هڪ ڀيري پروفيسر مونکي چيو ته ڪڏهن اوهين اچي اُتي اخوت جي باري ۾ سُڻايو. آئون ٻي ڏينهن صبح ساجهر اُت پهتس. ٻن سون کان به وڌيڪ مرد ۽ عورتون اُتي موجود هئا. ڊگهي ڳالهه ٻولهه ٿي، ڪلاڪ ڏيڍ کانپوءِ ماڻهو ٽڙي پکڙي ويا. ڳالهه ٻولهه کان پوءِ هڪ جهونو همراهه مون وٽ آيو. هن رڳو ايترو پڇيو ته ڇا ڪو غريب ماڻهو به اخوت کي عطيو ڏيئي سگهي ٿو. پوءِ موڪلائي هليو ويو. ٻي ڏينهن صبح جو پروفيسر رف رف گڏيو ته وٽس پلاسٽڪ جي هڪ ننڍڙي ڳوٿري هئي، جنهن ۾ ڏهن ڏهن، ويهن ويهن ۽ سؤ سؤ جا نوٽ هئا. چوڻ لڳو هي ڪُل ڏهه هزار روپياآهن، جيڪي ڪالهه جيڪو بابا توسان گڏيو هو، تنهن اخوت جي لاءِ ڏنا آهن. هو ملتان روڊ تي فروٽ جي ريڙهي هڻندو آهي. سندس چوڻ آهي ته آئون ڪيترن ئي سالن ان حج جي لاءِ پئسا گڏ ڪري رهيو آهيان ان اميد سان ته ڏيڍ لک ٿيندا ته آئون حج جو فرض ادا ڪندس. اڃا اسي هزار ٿيا آهن. انهن مان ڏهه هزار روپيا ڪڍي اوهان کي ڏيئي رهيو آهيان. حج تي وڃڻ جو ارادو اڃا به اٿم، پر جيڪڏهن ڪجهه وڌيڪ وقت لڳي ويو ته به خير آهي، جنهن اڳ ۾ ڏنا آهن، اهو وري ڏيندو. جيڪو ڪجهه آهي، سو هُن جو ئي ته ڏنل آهي. آئون پولي ٿين جي ان ننڍي ڳوٿري کي ڏسندو رهيس، جنهن ۾ ڪيترائي ننڍا ننڍا ميرا ۽ ڪجهه ڦاٽل نوٽ موجود هئا. ڳڻيم ته پورا ڏهه هزار ئي هئا،پر مون کي خبر آهي ته اهي ڏهه هزار ڏهن لکن جي برابر هئا يا شايد انهن کان به ججها. هڪ ڪوڏي تي ستر يا ست سؤ نيڪيون. حساب ڪير ويهي ڪري. هڪ هنڌ پهچي ڪئلڪيو ليٽر به جواب ڏيو ڇڏي. سڀيئي مشينون ٽٽي ٿيون وڃن ۽ سمورو حساب بي باڪ ٿيو وڃي. مونکي پوري پڪ آهي ته بابا جيءَ جو حج ان سال ئي ٿي ويو هو. جنهن اڳ ڏنا هئا، سو ٻيهر ڏيندو، ڏيڻ وٺڻ ته ٿيندو رهندو آهي. مونکي سندس اها ڳالهه اڪثر ياد ايندي رهندي آهي.


    5.24: عطا الحق قاسمي

    نيويارڪ ۾ ڪجهه دوستن ٻڌايو ته نيويارڪ ۾ عطا الحق قاسمي جي لکڻين کي پسند ڪيو ويندو آهي. اڃا ماني ۾ ٿوري دير هئي. ريحان هڪدم نيٽ کوليو ۽ سندس هڪ ڪالم مهمانن کي ڏيکارڻ لڳو. اخوت جي باري ۾ قاسمي صاحب جو اهو ڪالم ڏاڍو مشهور ٿيو. ساڳئي روايتي شگفته انداز ۾، منجهس ٿوري گهڻي ڏک جي جهلڪ به هئي. ڪالم جو عنوان هو ”هي اهو شهر آهي، جنهن ۾ ڪو به گهر خوش ڪونهي“. قاسمي صاحب لکي ٿو، ”ڪو ڏينهن خالي ڪونهي، جڏهن مونکي لڙڪن ۽ دانهن مان ڀريل اهڙو ڪو خط نٿو ملي، جنهن ۾ خدا ۽ سندس رسول جي مُهابي مالي تڪليفن کي دور ڪرڻ جي درخواست نه ڪيل هجي. انهن مان هر خط مونکي بي حد ڏکارو ڪري ٿو ڇڏي. اهڙا لکين ماڻهون آهن، جن جي ضرورتن سندن زندگيون عذاب ۾ وجهي ڇڏيون آهن، تنهنڪري انهن سڀني جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي لاءِ سڀني تي ڌار ڌار ڪالم لکڻ جي گهرج آهي، جنهن ۾ مخير حضراتن کي گذارش ڪئي وڃي ته هو انهن مجبورن جي داد رسي ڪن ۽ ظاهر آهي ته اهو ممڪن نه آهي. ان جو اڪيلو حل ظلم ۽ ناانصافي تي ٻڌل هن نظام جي خاتمي جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ آهي ته جيئن پاڪستان جي سورهن ڪروڙ عوام کي جيڪي غاصب طاقتن ڦٻائي ڇڏيا آهن. اها منزل مونکي گهڻو پري ٿي لڳي. ان منزل تي رسائيءَ جي لاءِ پهرين اهڙن فلاحي ادارن جو قيام مظلومن جي هڪ حد تائين دادرسي ڪري سگهن ٿا، جيڪي انهن مسئلن جي نبيري واسطي هر ممڪن ڪوشش ڪن. پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ هنڌو پنهنجي فلاحي ادارن جي لاءِ مشهور هئا. جن جون ڪجهه نشانيون لاهور ۾ گنگا رام اسپتال، گلاب ديوي اسپتال ۽ ديال سنگهه ڪاليج وغيره جي صورت ۾ اڃا به موجود آهن، پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ الحمدالله هاڻ اسان جي وچ ۾ هزارين لکن جي تعداد ۾ اهڙا ماڻهو پيدا ٿي چڪا آهن، جيڪي مختلف فلاحي ادارن جي پليٽ فارمن تان غريب عوام جي تڪليفن ۾ ڪمي ڪرڻ جي جدوجهد ۾ رڌل رهندا آهن. انهن مان هڪ تنظيم اخوت به آهي، جنهن جو روح روان ڊاڪٽر امجد ثاقب آهي.
    ڊاڪٽر امجد ثاقب هڪ وڏي حڪومتي عهدي تي مقرر هو ۽ ائين شايد کيس ويجهڙ کان غريب عوام جا اهنج ڏسڻ جو موقعو مليو. هن پنهنجو عيش ۽ آرام ڦٽو ڪري غريب عوام جي خدمت جو ڪاٺ پنهنجي ڪُلهن تي کنيو ۽ اخوت جو بنياد رکيو. اهو ادارو ضرورتمند کي پينو فقير نه پر ان جو مقصد کين بنا وياڄ جي قرض ڏيئي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ پاڻ ڀرو ڪرڻ آهي ته جيئن هو ان قرض مان ڪو هلڪو ڦلڪو ڌنڌو ڌاڙي شروع ڪري سگهن. تنهنڪري ڪنهن سلائي مشين خريدڻ جي لاءِ ته ڪنهن ريڙهو خريدڻ جي لاءِ ته ۽ ڪنهن وري ڪو ٻيو ڌنڌو ڌاڙي ڪرڻ جي لاءِ تنظيم ڏانهن رجوع ڪيو ۽ ان کان ورتل قرضن سان ڪاروبار جي شروعات ڪندي پنهنجي ٻارن جي لاءِ روزي روٽي ڪمائڻ جي لاءِ قابل ٿي ويو. هن وقت تائين اخوت پنجاهه ڪروڙ روپين جي رقم ضرورت مندن کي بنا وياڄ جي قرض طور ڏيئي چڪي آهي. (هاڻ اها رقم ساڍن چئن اربن کان مٿي ٿي چڪي آهي. الحمدلله) جنهن جي حد شايد ٽيهه هزار روپيا في ڪٽنب تائين آهي. هڪ ٻي حيرت ۾ وجهندڙ ۽ خوشي جي ڳالهه اها آهي ته هيستائين پنجاهه سٺ هزار ماڻهو ”اخوت“ کان قرض وٺي ڪاميابيءَ سان ڌنڌو ڌاڙي ڪري رهيا آهن، پر انهن مان ڪوبه ڊفالٽر ڪونهي. ”اخوت“ پنهنجون شاخون مختلف مسجدن ۽ ٻين عبادت گاهن ۾ کوليون آهن. شايد ان ڪري به ته ضرورتمندن جي ڪم اچڻ پنهنجي طور تي هڪ وڏي عبادت آهي. هونئن ته مون کي ظفر اقبال جا ڪيترائي شعر وڻندا آهن، پر سندس هي شعر مونکي خاص طور تي وڻندو آهي:
    یہ وہ شہر ہے جس میں کوئی گھر بھی خوش نہیں،
    دادِ ستم نہ دے کہ ستم گر بھی خوش نہیں۔
    ۽ ان نا خوشي، مايوسي ۽ اُداسي جي وٺ ۾ اسان جي خوشحال طبقي جي ماڻهن جو به هڪ وڏو انگ شامل آهي، جيڪي مختلف قسم جي نفسياتي مونجهارن جو شڪار آهن. انهن جون زندگيون ڌڪي اسٽارٽ آهن. هو آرام ۽ سڪون جي دوائن جي واهپي کان پوءِ ئي عام روز مره جا ڪم ڪار ڪن ٿا. کين منهنجي سهڻي صلاح آهي ته هو انهن سڪون وارين دوائن جو استعمال ڪرڻ جي بدران پنهنجي دولت ۽ پنهنجي وقت جو ٿورو حصو الله جي بندن جي سيوا جي لاءِ اَرپي ڏسن. ان جي نتيجي ۾ سندن حقيقي زندگي سان رشتو ڳنڍجي ويندو. کين پنهنجي زندگين ۾ هڪ اهڙي خوشي جو احساس ٿيندو، جنهن سان هو اڃا سوڌي آشنا نه ٿيا آهن. ۽ اوهين يقين ڪريو ته انهن جي اها اندروني خوشي انهن جي فڪرمند ۽ تاڻيل مهانڊن کي تازو ڪري جرڪائي ڇڏيندي. آئون جڏهن به ڪنهن دردوندي دل رکندڙ مُهانڊي کي ڏسندو آهيان ته مونکي ان ۾ نور جي جهلڪ نظر ايندي آهي. اهي الله وارا ماڻهو آهن. هر اهو شخص الله وارو آهي، جيڪو ان جي ٻانهن سان پيار ٿوڪري. اوهين به ان نيڪ ٽولي ۾ شامل ٿي وڃو ته جيئن قيامت جي ڏينهن بُرن ماڻهن سان گڏ اُٿارڻ جي بدران سُٺن ماڻهن سان گڏ اٿاريا وڃو.
    تقريب پڄاڻي تي پهتي. ماڻهو پنهنجائپ ۽ پرجوش نموني موڪلائڻ لڳا. جڏهن نيويارڪ جا اهي رهواسي اخوت جي تقريب ۾ آيا هئا ته سڀ اوپرا هئا، پر اخوت جي پيغام کين پنهنجو ڪري ڇڏيو. درمندي، گداز ۽ پوءِ اخوت جو پيغام. هرگهر ۾ مومنه هوندي آهي، جنهن جي وڇڙڻ تي لڙڪ لاڙيا ويندا آهن. ڪاش، اهي لڙڪ صدقو جاريه بنجي ٻين جي ڪم اچي سگهن. نيويارڪ جي اردو اخبارن ان تقريب کي ڏاڍي سٺي ڪوريج ڏني. طيبه ضياء ته ”نواءِ وقت“۾ هڪ ڏاڍو خوبصورت ڪالم به لکيو. فخر ۽ ريحان جون محنتون سجايون ٿيون ۽ نيويارڪ جي پاڪستاني ڪميونٽي ۾ اخوت جون ڳالهيون ٿيڻ لڳيون.


    5.25: منهنجو ماڳ آهي سوجهري جو جهان

    هارورڊ، فليچر ۽ آئي آئي ٽي کانپوءِ اخوت جي هڪ تقريب نيويارڪ جي تاريخي’ مين هٽن ول ڪاليج‘ ۾ به ٿي. اهو ڪاليج نيويارڪ جي ڀرسان آهي ۽ ان جو ڳاڻيٽو نيويارڪ جي بهترين تعليمي ادارن ۾ ٿيندو آهي. يقين ئي نه پي آيو ته هڪ پُرهجوم شهر سان لڳ اهڙو سڪون وارو هنڌ به هوندو. وشال، ساوڪ ۽ وڻن ۾ گهيريل. اندرين سونهن به ڏسڻ وٽان هئي. ساڳ جي ڪاٺ جو اهڙو سهڻو ڪم بنهه گهٽ ٿو نظر اچي.
    هتي جي ڇهن هزارن شاگردن ۾ ڪيترائي پاڪستاني پڻ آهن. انهن پاڪستاني شاگردن ۾ هڪ اخوت جي دوست به هئي، جنهن جو نالو وردا آهي. وردا پنهنجي صلاحيتن جي ڪري سڄي ڪاليج ۾ مشهور آهي. فيڪلٽي کان وٺي ڪاليج جي پريزيڊنٽ تائين سڀ هن جي گهڻي عزت ڪندا آهن. اخوت جي تقريب ۾ پنجاهه کان به وڌيڪ شاگردن ۽ استادن کي گڏ ڪرڻ هن جو ڪمال هو. ڪاليج جو پريڊيڊنٽ به سڄي تقريب ۾ موجود رهيو ۽ هن پنهنجي خيالن جو اظهار پڻ ڪيو. هتي اخوت جي ڪهاڻيءَ سڀني کي متاثر ڪيو. ڪيترن ئي شاگردن پاڪستان اچي انٽرن شپ جو اشارو پڻ ڪيو. تقريب جي دوران استادن به ڳالهايو ۽ شاگرن کي سوالن جوابن جو ڊگهو موقعو مهيا ڪيو ويو، مين هٽن ول جي ويب سائيٽ ۽ نيوز ليٽرز ۾ ڪيترائي هفتا اخوت جي ڪهاڻي ڇپجندي رهي.
    وردا پنهنجي ڪاليج کان سواءِ هڪ ٻي ملاقات جو پڻ بندوبست ڪيو هو. اها ملاقات هندستاني نسل جي انوپم ستيا شي سان هئي. انوپم ڪجهه عرصو اڳ ”بار ڪلي بئنڪ“ ۾ هڪ اعليٰ عهدي تي مقرر هو، پر هاڻ پنهنجو ڪاروبار ڪري ٿو. هن ٻارن جي تعليم جي لاءِ هڪ اين جي او پڻ ٺاهي آهي، جيڪا مختلف ملڪن ۾ غريب ٻارن کي شروعاتي تعليم ڏيڻ جي لاءِ مدد ڪندي آهي. انوپم جو چوڻ آهي ته اعليٰ تعليم پنهنجي جاءِ تي اهم آهي، پر اسان جو پهريون ڌيان پرائمري تعليم تي هجڻ گهرجي. غريبن کي جستجو آهي ته انهن ٻارن کي اسڪول ۾ آڻڻو پوندو، جيڪي اسڪول کان ٻاهر آهن. هو پنهنجو مثال ڏيندي چوي ٿو ته جيڪڏهن سندس مائٽ کيس پرائمري تعليم نه ڏيارين ها ته هو دهلي جي هڪ غريب پاڙي مان نڪري نيويارڪ جي سڀ کان مهنگي علائقي تائين پهچي نه سگهي ها. انوپم اخوت سان سهڪار جي آڇ به ڪئي ۽ ان خواهش جو به اظهار ڪيو ته آئون ان تنظيم جي صلاحڪار طور ڪم ڪندس. انوپم هڪ عالمي شهري بنجي چڪو هو، جنهن جي زندگي جو مقصد غربت سان وڙهڻ هو، پوءِ اها ڀلي ڪٿي به هجي. سندس چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو چاهين ٿا ته دنيا ۾ ڪو به غريب نه رهي ته پوءِ کين گڏجي سڏجي ڪم ڪرڻ کپي. غربت کي عجائب گهر ۾ سجائي رکڻ جي لاءِ اتفاق کپي. اتفاق راءِ يا گڏيل عمل. انوپم، ورود، ريحان، فخر ۽ آئون ڳچ دير تائين هڪ ريسٽورينٽ ۾ ويٺا ڪافي پيئندا رهياسين. اسان جون ڳالهيون پاڪستان ۽ هندستان کان نڪري سڄي دنيا تائين پکڙجڻ لڳيون. جيستائين ٻه ارب ماڻهو ناخوش آهن، تيستائين اسين به خوش رهي نٿا سگهون. ڌرتيءَ جي گولي تي رهندڙ هر شخص جي محرومي، اسان جي محرومي آهي ۽ اسان کي اها محرومي دور ڪرڻي آهي. اسان کي تاريڪين ۽ اونداهين کي شڪست ڏيئي فتح ۾ بدلائڻون آهي. اسان جي منزل ۽ ماڳ روشني جو اهو شهر آهي، جتي سوجهري جو راج هجي.


    5.26: ميزبان هجن ته ههڙا

    انوپم سان ملڻ کانپوءِ فخر مين هٽن گهمائڻ شروع ڪيو. فخر ۽ سندس وني ڏاڍا سٺا ميزبان هئا. جڏهن به ڪو سٺو ميزبان ملي ٿو ته مونکي ٻه ٻيا ميزبان ياد اچن ٿا. جن جي ڌيان ۽ خدمت جو چٽ وساريان ته به ڪيئن؟ همسفري، فيلوشپ جي دوران شاگردن کي ڪنهن مقامي ڪٽنب سان رهڻ جو موقعو به ڏنو ويندو آهي. ڪيترائي آمريڪي ڪٽنب شاگردن جي ميزباني ڪرڻ گهرندا آهن،پر ڏيهه، مان ايندڙ فيلوز کي ڪجهه ڏيهاڙا انهن سان گذارڻا پوندا آهن. منهنجو ڪڻو ولسن گهراڻي جي نالي نڪتو. آئون جڏهن واشنگٽن مان روانو ٿي ويسٽ منسٽر نالي شهر ۾ پهتس ته مسٽر ۽ مسز ولسن ڀليڪار جي لاءِ ريلوي اسٽيشن تي موجود هئا. هنن مونکي گاڏيءَ ۾ ويهاريو ۽ شهر جي ٻاهران هن جي گهر پهتاسين ايندڙ پنج ڏينهن هنن منهنجو پنهنجي پُٽ جيان خيال رکيو. مسٽر ولسن آمريڪا جي فارن سروس مان تمام سينئر عهدي تان رٽائر ٿيو هو. هن دنيا ڏٺي هئي، ڪجهه عرصو هو پاڪستان ۾ پڻ رهيو هو. پاڪستان جي باري ۾ سندس ڄاڻ تي مونکي خوشگوار حيرت ٿيندي رهي. هتي سندس ڪيترائي دوست هئا، جن جو ذڪر هنن جي لاءِ ڏاڍي خوشيءَ جو سبب بڻيو. مسٽر ولسن سان آمريڪي تاريخ تي ڳالهيون مُهاڙيون ۽ مسز ولسن سان سندس ٻارن جون ڳالهيون ٿينديون هيون. ٻن ڏينهن کانپوءِ مونکي پوري خبر پئي ته سندس ٽي پُٽ ۽ هڪ ڌي ڪٿي ۽ ڪيئن جنميا، ڪٿي ڪٿي تعليم ورتائون. هن وقت ڇا ٿا ڪن، زندگي ۾ ڪيڏانهن وڃڻ ٿا چاهين. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ سان گڏجڻ جي لاءِ ايندا آهن. هنن جون عادتون ڪهڙيون آهن. سندن هڪ پُٽ سان ته منهنجي فون تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻئي زال۽ مڙس ستر ۽ پنجهتر سالن جي عمر جي باوجود به کڙا تڙا ۽ چاڪ چڱا ڀلا هئا. اسين گڏجي ناشتو ڪنداهئاسين. ناشتي کان پوءِ آئون ويجهي يونيورسٽي ۾ هليو ويندو هوس، ۽ رات جو اسين ڪنهن قديم ريسٽورينٽ ۾ ڪنهن شمع دان جي هيٺان ٻرندڙ وسامندڙ روشني ۾ ڊنر ڪندا هئاسين. روزانو صبح جو اٿڻ ۽ رات جو سمهڻ مهل چانڊوڪيءَ ۾ سير ڪندا هئاسين.
    مسٽر ولسن مونکي هينري ٿوريو سان متعارف ڪرايو، جيڪو آمريڪا جي مهمان اديبن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. سندس مشهور مضمون Civil Disobedience مهاتما گانڌي ۽ مارٽن لوٿر ڪنگ جي اهنسا جي هلچل جو بنياد بنيو. سندس مشهور ڪتاب ”والڊن“ انهن اهم ڪتابن ۾ ڳڻجي ٿو، جن آمريڪا جي مزاج کي متاثر ڪيو. آمريڪي ادب جو ڪلاسيڪ ناول ”انڪل ٽامس ڪئبن“ (Uncle Tom’s Cabin) به مون ان ئي گهر ۾ رهندي پڙهيو. مسز ولسن بي حد مهربان ۽ ٻاجهاري عورت هئي. مونکي ان مهل ڏاڍي ڦڪائي ٿيندي هئي، جڏهن هوءَ منهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ پوءِ استري ڪري منهنجي ڪمري ۾ رکي ڇڏيندي هئي. مروت ۽ ميزبانيءَ جو اهو پهلو وسارڻ جوڳو نه هو. مون ڪيترائي ڀيرا آمريڪا جي بين الاقوامي حڪمت عملي جي باري ۾ ڏاڍا سخت لفظ استعمال ڪيا، پر مسٽر ولسن هڪ ماهر سفارتڪار جيان انهن کي هڪ ڪَن مان ٻڌي ٻي ڪن مان ڪڍي ڇڏيندو هو. اختلاف راءِ جي باوجود به سندس رويو بي حد مهذب رهيو. تلخ ڳالهين کي شائستگي سان ٻُڌڻ ۾ ڪهڙو مزو آهي، اهو سبق مون مسٽر ولسن کان سکيو. پنجن ڏينهن کانپوءِ آئون جڏهن موڪلائڻ لڳس ته چئني ڏسائن اُداسي پکڙجي رهي هئي. اهو ڪمرو جتي آئون ٽڪيس، اهو رڌڻو جتي مسز ولسن منهنجي لاءِ آمريڪي کاڌا رڌيا، اهو اسٽڊي روم جتي آئون علم ۽ ڏاهپ جون ڳالهيون ٻڌندو رهيس. اهو ڊرائنگ روم جتي ويهي اسين هڪ خوبصورت دنيا جا سپنا ڏسندا هئاسين. ٻئي زال مڙس مونکي ڇڏڻ جي لاءِ اسٽيشن تائين آيا. مسز ولسن جو هٿ ڪيتري ئي دير تائين الوداعي انداز ۾ لهرائيندو رهيو. مسٽر ۽ مسز ولسن ٻئي هاڻ هن جهان ۾ ڪونهن. آئون هر سال ڪنهن ڏينهن شام ڌاري ٻه ميڻ بتيون ٻاريندو آهيان، اهو مسٽر ۽ مسز ولسن جي لاءِ منهنجو عقيدت جو نذرانو آهي، جن رڳو انساني جذبن تحت منهنجي ميزباني ڪئي ۽ مونکي ٻڌايو ته ضروري ڪونهي ته دل جو دروازو رڳو انهن جي لاءِ کوليو وڃي، جن کي ٻيهر موٽي اچڻون هجي. جيڪي واپس نه ورن تن کي به دل ۾ رکي سگهجي ٿو. فخر ۽ سندس وني به بهترين ميزبان هئا. هنن مسٽر ۽ مسز ولسن جي ياد تازي ڪري ڇڏي.


    5.27: ٿئي ته محبت جي زبان سان اخوت جو بيان

    نيويارڪ کانپوءِ نيوجرسي. آچر جي ڏينهن منجهند جو ٻين بجي کان چئين وڳي تائين، بيج وڊ ڪيفي ايڊيسن نيوجرسي. ان تقريب جو روح روان فيصل مسعود هو، جنهن سان هارورڊ ۾ ملاقات ٿي هئي. فيصل پنهنجن ٽيهن جي لڳ ڀڳ دوستن کي دعوتيو هو. جن ۾ ڊاڪٽر، انجنيئرز ۽ ٻيا پروفيشنل شامل هئا. فيصل مسعود جو واسطو هندستان سان آهي. سندس چوڻ هو ته مواخات هر انسان جو تصور آهي. نه رڳو پاڪستان، پر اهو ته سڄي دنيا ۾ عام ٿيڻ گهرجي. مون کي فيصل جي ان خواهش جي پويان ظفر علي خان جو هي شعر گونجندو نظر آيو.
    اخوت اس کو کہتے ہیں چھبے کانٹا جو کابل میں،
    تو دہلی تک کا ہر پیر و جواں بے تاب ہو جائے۔
    اخوت واقعي به سڄي انسانذات جي لاءِ آهي، چوڏهن سؤ سال اڳ مديني ۾ جنهن رياست جو بنياد وڌو ويو اها رڳو ڪا مسلمانن جي رياست نه هئي. ان ۾ هر مذهب جي مڃيندڙ کي اتي جو شهري مڃيو ويو هو. اڄوڪي دور ۾ مذهب جي نالي تي ٺهندڙ ٻه رياستون پاڪستان ۽ اسرائيل آهن. ڇا اتي عقيدي جي حوالي سان اختلاف راءِ جي آزادي آهي يا وري اها زبان ئي بند ٿي ويندي آهي، جيڪا ڪنهن ٻي خدا جي ساراهه ڪري. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين لڳندو آهي ڄڻ خدا کي مڃيندڙ خدا کي وڌيڪ رنجيدو ڪندا آهن. انسان هر ڀيري اُن حقيقت کي وساري ڇڏيو آهي ته دائمي جيت تلوار سان نه ٿيندي آهي. دين ۾ ته ڪوبه جبر ڪونهي. اهو ته آهي ئي قرباني جو نالو. جيڪڏهن اسين دنيا ۾ امن چاهيون ٿا ته پوءِ هر مذهب جو احترام ڪرڻو پوندو. هڪ همراهه پڇيو، ڇا اخوت جو پروگرام فقط مسلمانن جي لاءِ آهي؟ منهنجو جواب هو ته ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي. پاڻ سڳورن پنهنجي آخري خطبي جي موقعي تي فرمايو ته ”منهنجو پيغام سڄي انسانيت جي لاءِ آهي.“ اخوت جو سرچشمو اهو ئي پيغام آهي. فيصل مسعود ۽ سندس سنگتين اخوت سان سهڪار کي هڪ منظم شڪل ڏيڻ جو وعدو ڪيو. ڪيفي جي مالڪ به مهمان نوازي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي.
    ان تقريب ۾ منهنجي ملاقات طارق صاحب سان ٿي، جيڪو قاضي فائونڊيشن چڪوال جي قاضي محمد اشرف جو دوست آهي. قاضي اشرف آمريڪا ۾ رهي ٿو، پر سندس چوڻ آهي ته، چڪوال۽ پاڪستان جو قرض اڃا سودي منهنجن ڪلهن تي آهي. هن اها فائونڊيشن چڪوال سان پنهنجي محبت جي اظهار طور قائم ڪئي آهي ۽ ايتري ته فياضي سان عطيا ڏنا جو هڪ نئين تاريخ لکي ڇڏي. طارق صاحب هڪ ڏينهن اڳ ڊگهي سفر کانپوءِ آمريڪا پهتو هو، پر قاضي صاحب کيس اخوت جي باري ۾ ايترو ڪجهه ٻڌايو، جو هو ملاقات تي مجبور ٿي پيو، تقريب جي ٻي ڏينهن به هو وقت ڪڍي ملڻ جي لاءِ هليو آيو. نيويارڪ جي رستن تي گهمڻ کانپوءِ اسين ڪافي دير تائين هڪ افغاني ڪيفي ۾ ويٺا رهياسين. ڊگهي ڳالهه ٻولهه، ڪيترائي سوال. اوهين ڇا ٿا ڪرڻ گهرو. اخوت جي ايندڙ منزل ڪهڙي آهي. مونکي اهي ڳالهيون به سٺيون لڳيون ته افغاني ڪيفي جو اهو ماحول به. سماوار، جنجان ۽ قهوي جي سُرهاڻ ۽ خدمت ۾ سگهڙائپ، طارق صاحب سٽيزن فائونڊيشن جي ڊونرز ۾ شامل آهي. سٽيزن فائونڊيشن پاڪستان ۾ تعليمي انقلاب آڻي ڇڏيو آهي. انتهائي پُٺ تي پيل علائقن ۾ اعليٰ معيار جا هڪ هزار اسڪول کولڻ ڪو معمولي ڪارنامو ڪونهي. ڪاوش ٽرسٽ، سٽيزن فائونڊيشن، غزالي فائونڊيشن، پاڪ ترڪش اسڪول ۽ طاهر يوسف جا ٽرسٽ اسڪول، هي اهي ادارا آهن، جن گهٽين ۽ گهوٻن ۾ وکريل هيرن ۽ جواهرن کي ڳولي ۽ پوءِ انهن کي پنهنجي مٿي جو موڙ بنايو. طارق صاحب سان قرض حسنه کان علاوه يونيورسٽيءَ جي قيام تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ،پاڻ اخوت يونيورسٽي، جي رٿا ۾ گهري دلچسپي ورتائين ۽ مدد جو وعدو پڻ ڪيو.


    5.28: اخوت يونيورسٽي

    اهل نظرئي نيون وستيون آباد ڪري سگهن ٿا
    آئون طارق خان کي ٻڌائي رهيو هوس ته يونيورسٽي جو خواب ڪو نئون خواب نه آهي. اهو خواب به اخوت سان گڏ گڏ وڌندو رهيو. ويهه سال اڳ آئون آمريڪا ۾ ’مونٽي چيلو ‘جي وزٽ تي ويس ته ان خواب پهرين ڪرَ موڙي. مونٽي چيلو آمريڪا جي ٽي صدر ٿامس جيفرسن جي رهائش گاهه هئي. هن پنهنجي زندگي جا پڇاڙڪا ڏينهن هت ئي گهاريا ۽ پوءِ هت ئي دفن ٿيو. مونٽي چيلو ۾ هڪ ڪتبي تي ٿامس جيفرسن جي هي لکت لکيل آهي. ”آئون آمريڪا جو صدر رهيس ۽ منهنجي خواهش اها هوندي ته آئون هڪ اهڙي شخص طور سڃاتو وڃان، جيڪو هڪ يونيورسٽي جو باني هو.“... ۽ ائين آمريڪا جي مشهور ”يونيورسٽي آف ورجينيا“ جو وجود عمل ۾ آيو. ترقي جو رستو به شايد اهو ئي آهي. عارضي تبديلي آڻڻي هجي ته ڪنهن ڪاروبار جي لاءِ موڙي فراهم ڪريو ۽ دائمي تبديلي آڻڻي هجي ته ان جو رشتو قلم، ڪاغذ ۽ ڪتاب سان ڳنڍيو. مونٽي چيلو جي سفر کانپوءِ اخوت يونيورسٽي جو خواب به زندگيءَ جو حصو بنجي ويو. هڪ اهڙي درسگاهه جو خواب، جتي علم کي ڌنڌو نه سمجهيو وڃي، جتي اهي ٻارڙا پڙهن، جن وٽ ايترا وسيلا به نه آهن، جو هو پهرين سيمسٽر جي في ئي ڏيئي سگهن. عبدل ۽ راشد، انهن جو به اهو حق آهي ته هو به اعليٰ تعليم پرائي سگهن. غربت جي زنجير ڇنڻ جي لاءِ تعليم ئي ته اصل هٿوڙو آهي. بارڪ حسين اوباما جيڪڏهن هارورڊ نه پهچي ها ته آمريڪا جو صدر بنجي نه سگهي ها.
    يونيورسٽي جو سپنو مون کي پنجاب جي چيف سيڪريٽري ناصر محمود کوسي وٽ وٺي آيو. سول سروس ۾ ماڻهو ان کان وڌيڪ ٻيو نٿو گهري. مون ساڻس ذڪر ڪيو، مونکي لڳو ته سندس شوق مونکان به ٻه رتيون سرس آهي. هن هڪ گهڙي به دير نه ڪئي ۽ منهنجي مڪمل مدد ڪرڻ جي حامي ڀريائين. آخري منظوري جي لاءِ ڳالهه پنجاب جي وڏي وزير تائين پهتي. اخوت يونيورسٽي جي رٿا جڏهن ڪيبنيٽ گڏجاڻي ۾ پهتي ته ان جي حق ۾ جيڪو پهريون آواز اُٿيو، اهو ڪو ٻيو نه پر پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جو ئي هو. هن اخوت جي خدمتن کي واکاڻيو ۽ اخوت جي باري ۾ سٺن خيالن جو اظهار ڪيو ۽ بنا دير جي زمين ڏيڻ جو اعلان ڪيو، اسان کي حڪومت کان ٻيو ڪجهه گهريو به نه هو. گڏجاڻي ۾ موجود هڪ صاحبلوڪ اعتراض واريو ته وڏي وزير چيو... پئٽرول پمپن ۽ سي.اين.جي اسٽيشنن جي لاءِ ته زمين ورهائجي ٿي، ان تي ته اوهين ڪو اعتراض نٿا ڪريو، پر تعليم جي لاءِ آواز اٿي ٿو ته اوهين اعتراض ٿا ڪريو. ان کانپوءِ بحث جي وڌيڪ ڪا گنجائش ئي نه رهي. وزير اعليٰ ۽ چيف سيڪريٽري ٻنهي جو حڪم هو ته زمين جي ڏيڻ ۽ هڪ گهڙي جي به دير نه ڪئي وڃي. هيڏانهن اسان جو عزم آهي ته ڪجهه ئي سالن ۾ يونيورسٽي جي شروعات ٿي ويندي. اسان جو اهو به عزم آهي ته ان يونيورسٽي ۾ شاگردن کان نالي ماتر في ورتي ويندي. بس يونيورسٽي جو هڪ بئنڪ اڪائونٽ هجي، جنهن ۾ مائٽ پنهنجي حيثيت موجب، جيڪو ڪجهه ڏيئي سگهن، اهو جمع ڪرائي ڇڏين. جيڪو هڪ روپيو ڏيئي سگهي اهو هڪ روپيو ڏي، جيڪو هڪ لک روپيا ڏي ته اهو هڪ لک روپيا ڏي. نه ڪو جهيڙو نه ڪو تڪرار، علم جو واڌارو ڪاروبار نه پر فرض آهي. ان جي خريد ۽ فروخت کان بهتر آهي ته ان جي جستجو ئي ڇڏي وڃي. منهنجي مانواري استاد صابر لوڌي هڪ ڀيري ٻڌايو ته گورنمينٽ ڪاليج جي اڳوڻي پرنسپل ڊاڪٽر نذير احمد به اهڙي ئي هڪ درسگاهه جو خواب ڏٺو هو. پر اها يونيورسٽي جڙندي ڪيئن؟ طارق خان سوال ڪيو.


    5.9: يونيورسٽي ڪيئن جُڙندي؟

    ”آئيڊيل ازم زندگيءَ سان ٿيندڙ ضد کي چئبو آهي.“ مون مختصر جواب ڏيندي وراڻيو: اخوت يونيورسٽي به هڪ اهڙو ئي ضد آهي.
    اهو ضد ڪيئن پورو ٿيندو. اڄ کان ٻارهن سال اڳ جيڪڏهن ڪو اهو سوال ڪري ها ته شايد آئون ان جو جواب ڏيئي نه سگهان ها. پر هاڻ پاڻ وٽ اُن جو جواب موجود آهي. اخوت جي ڪهاڻي اهڙن ئي سوالن جو جواب آهي. جيڪڏهن وياڄ کانسواءِ قرض ٿي سگهن ٿا ته بنا فيءَ جي تعليم به ٿي سگهي ٿي. مواخات جو ماڊل اسان جي سامهون آهي. بس رڳو اهو ورجائڻون آهي. پهرينءَ مرحلي ۾ اڏاوت جي لاءِ ٽيهن ڪروڙ روپين جي گهرج آهي. دوستن چيو ته هڪ سر جي قيمت هڪ هزار روپيا هئڻ گهرجي. گويا اسان کي فقط ٽي لک سرون وڪڻڻيون آهن. ڇا سڄي ملڪ ۾ ٽي لک اهڙا ماڻهو به نه آهن، جيڪي پنهنجي حلال جي رزق مان فقط هڪ هزار روپيا ڏيئي سگهن. مونکي پوري پڪ آهي ته رڳو لاهور ۾ ئي اهڙا سوين ماڻهو آهن، جيڪي ان يونيورسٽي جو خرچ کڻي سگهن ٿا ۽ ٻيو ته مخير ماڻهو رڳو لاهور ۾ نه پر سڄي ملڪ ۾ رهن ٿا. ڪراچي ۾ ته ان کان به وڌيڪ هاڻ ته مايا پاڪستانين تي مينهن وانگر وسندي آهي. پوءِ اهو آمريڪا هجي يا وچ اوڀر يا يورپ. اسان کي رڳو اهو باور ڪرائڻو آهي ته نيڪي رڳو اها نه آهي ته اوهين پنهنجا چهرا اوڀر ڏانهن ڪريو يا اولهه ڏانهن، پر نيڪي اها آهي ته پنهنجي ڌن ۽ دولت جي قرباني ڏيو. زڪوات ڪڍو ۽ ان حقيقت کي مڃو ته تن ۽ ڌن لٽائڻ وارا ئي تقويٰ جي منزل تائين پهچي سگهن ٿا. حيثيت وارن ماڻهن کانسواءِ اخوت جا بهادر ساٿي ۽ ٻه لک Borrowers به ته آهن. اها دنيا جي پهرين يونيورسٽي هوندي جيڪا غريبن جي پئسن سان جُڙندي. مونکي خبر آهي ته انهن ماڻهن جي لاءِ هڪ هزار روپين جي سر خريدڻ ڏکيو هوندو، پر اهو به ڀروسو اٿم ته جيڪڏهن موقعو آيو ته هو اهو ڪم ضرور ڪندا. هو به ان ديوانگي جا قيدي آهن، جنهن جو نالو اخوت آهي. اهي نالي طور ئي غريب ته ٿي سگهن ٿا، پر ڪردار، جا غريب نه آهن ۽ اها ڳالهه انهن ورائي ورائي ثابت به ڪئي آهي. اها قرباني رڳو شروعاتي ڏهن ويهن سالن جي ڳالهه آهي. پوءِ ته يونيورسٽي مان پڙهي نڪتل شاگردن جي اها ذميداري هوندي ته هو ان جو بار پنهنجن ڪلهن تي کڻن. احسان جو بدلو احسان کانسواءِ ٻيو ڀلا ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. سوين ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيشنلز، اهل علم، قلم ڌڻي، جنهن مادر علميءَ جا ايترا سپوت هجن، ان جي سينڌ ڀلا ڪيئن ٿي ميري ٿي سگهي. ”ڀائو طارق! مالي پاڻڀرائپ جو اُلڪو انهن کي هوندو آهي، جيڪي ڌنڌي جي لاءِ آيا هجن.جيڪا زندگي جي ڪاروهنوار ۾ آيا ئي لٽجڻ آهن، تن کي ڀلا نفعي ۽ نقصان جي ڪهڙي پرواهه. اخوت يونيورسٽي جو فنانشل ماڊل ڏسي ماڻهو ڏاڍا حيران ٿيندا آهن. پر مواخات تي ڀروسو رکندڙن جي لاءِ ان ۾ حيرت جي ڪا ڳالهه نه آهي. آئيڊيل ازم زندگي سان ڪل ضد جو ئي ته نالو آهي. جنون جي بيماري لڳل هجي ته زندگي ان ضد جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي ٿي ڇڏي.“


    5.30: دنيا ڏاڍي وڏي آهي

    ”اخوت جي آسمان تي ڪيترائي ڏيئا ٻرندا نظر اچن ٿا“. آئون طارق خان کي ٻڌائي رهيو هوس.
    هر ننڍي وڏي شهر ۾ هڪ آفيس. ايثار ۽ قرباني جو ماحول، ڪيترا ماڻهو پنهنجو ڪاروبار، پاڻڀرائپ ۽ خوشحالي، ڪاروبار جا سٺا طور طريقا، جهالت جو خاتمو، علم جي روشني، صاف سٿرو ماحول، ترقي جا هڪجهڙا موقعا، نظم و ضبط، عورتن محروم طبقن ۽ اقليتن سان يڪجهتي، هڪجهڙو تعليمي نظام، امانت، ديانت، صلح، گداگري جو خاتمو، صحت، صاف پاڻي، بنيادي سهوليتن جي فراهمي ۽ سڀني کان وڌيڪ اخوت يونيورسٽي ۽ اخوت صدقات بئنڪون.
    انهن مان ڪي ڪم رياست جا آهن ته ڪجهه وري نجي شعبي جا، پر انهن ڪمن جي تڪميل تڏهن ٿيندي، جڏهن ان ۾ فرد جي شموليت به هجي. ان شموليت جو هڪ رستو مواخات آهي، پنهنجي خوشيءَ سان گڏ ٻين جي خوشي سلهاڙڻ، ترقي جي ماڳ تائين پهچڻ جي لاءِ پهريون ڪردار ادارن جو نه فرد جو آهي. فرد جي رضامندي پهريون شرط آهي. فرد جي تبديلي سماج جي تبديليءَ جو پيش خيمون بنجي ٿي. اخوت ان تبديليءَ جو کُڙڪو آهي. فرد کي اهو احساس ڏيارڻ ته هو پاڻ کي بدلائيندو ته زمانو به بدلجندو ۽ اهو به ٻڌائڻ گهرجي ته هو اڪيلو نه آهي، پر ڪجهه ٻيا ماڻهو به سندس ڀلائيءَ جو سوچين ٿا. جڏهن کيس اها پڪ ٿي ويندي ته پوءِ کيس به وٺڻ کان پوءِ ڏيڻ وارو بنائڻون آهي، ٻين ڪاڻ جيئڻ جو پيغام ڏيڻ. فرد جي تبديلي ۽ پوءِ ان جي ذريعي سماج جي تبديلي ۽ انهن ادارن جو قيام، جيڪي ان تبديليءَ کي اڳتي وڌائين. ادارا ۽ فرد، هڪ ٻه نه، پر سوين، هزارين، لکين، پر اهو ڪم ڪو هڪ ڏينهن ۾ ٿيڻون نه آهي. اهو هڪ پروسيس آهي، ان ڪم جي لاءِ وقت گهربل آهي.
    ”اوهان هتي بئنڪ جي ڳالهه ڪئي، ڪٿي اهو تضاد ته ڪونهي، بئنڪ ته وياڄ کي اڳيان وڌائي ٿي.“ طارق هوريان هوريان هڪ ٻيو سوال ڪيو. بئنڪ مان منهنجو مطلب هلندڙ بئنڪاري نظام ڪونهي، پر اهو اخوت جيان صدقن جو مستقل فنڊ آهي، جيڪو مالياتي ڊسپلين موجب ڪم ڪري ۽ اهو صدقن کي فقط قرضن حسنه جي لاءِ استعمال ڪري. اوهين ان کي ڪو به نالو ڏيئي سگهو ٿا. اسلامي بئنڪ، صدقات بئنڪ Non-Banking financial institution ڪجهه همراه چون ٿا ته ايترا صدقا ڪيئن گڏ ٿيندا. شايد کين خدا جي ان علان تي ڀروسو ڪونهي. ”آئون وياڄ کي گهٽايان ۽ صدقن کي وڌايان ٿو“ (البقره 276) وياڄ ۽ صدقن جو هڪ ئي هنڌ تذڪرو شايد ان لاءِ آهي ته وياڄ جو خاتمو فقط صدقن سان ئي ممڪن آهي. ڪو بل گيٽس، ڪو هڪ وارن بفٽ، جيڪڏهن اهي ٻه شخص گڏجي هڪ سؤ بلين ڊالر يا ڏهه هزار ارب روپيا عطيو ڪري سگهن ٿا ته پاڪستان جا بل گيٽس ۽ وارن بفٽ ائين ڇو نٿا ڪري سگهن. اهي ٻاويهه گهراڻا جيڪي هاڻ وڌي ڪيترا سؤ بنجي چڪا آهن جن جي واڌو دولت Surplus wealth به ڪيترن هزارن اربن کان ججهي آهي. ڪرس هان چواڻي ”اها دولت سندن ته ڪنهن به ڪم جي ڪونهي، پر ان دولت سان اونداهين وستين جون اونداهيون ڀڄائي سوجهرو ڪري سگهجي ٿو.“
    اخوت جي آسمان تي ڪيترائي ڏيئا ٽم ٽم ڪندا نظر اچن ٿا.


    5.31: نيويارڪ کان روانگي

    ٻي ڏينهن صبح جو ٻاهر نڪتس ته سج جي سُهائي چؤڏس پکڙجي چڪي هئي، ننڍن ننڍن گهرن جي هڪ ڊگهي قطار، وڏا وڻ ۽ سُر سُرڪندڙ تيز هوا. اڄ نيويارڪ ۾ آخري ڏينهن هو. ٽي هفتا اڳ جڏهن آئون هت پهتو هوس ته اهو اندازو نه هئم ته اهو سڄو دورو ايترو ڀرپور رهندو. اوڀر کان اولهه ۽ پوءِ اتر کان ڏکڻ تائين.ڪيترائي شهر، ڪيترائي تعليمي ادارا آهن. هڪ هزار آمريڪين تائين رسائي جي مهم وڏي ڪاميابي سان پنهنجي پُڄاڻي تي پهتي. پائيلو ڪوهلو سچ ئي چيو آهي ته ”جيڪڏهن انسان ڪنهن مقصد کي دل جي گهراين سان اختيار ڪري ته سڄي دنيا سندس ساٿي بنجي وڃي ٿي“. ڪجهه اهڙي ڪيفيت هت به هئي. رنگ، نسل ۽ مذهب ڪا به شيءِ راهه ۾ رڪاوٽ نه بڻي. محبت جو پيغام، محبت بنجي پکڙبو رهيو. بوندا باندي هئي، جيڪا هلڪي هلڪي وسندي رهي. انسان خدا جي سڀ کان خوبصورت تخليق آهي، کيس نيڪي ئي سٺي ٿي لڳي. آئون ٿوري دير فخر جي گهر ٻاهران بيٺو نيويارڪ جي ان نئين صبح کي ڏسندو رهيس، جتي هزارين لکين ماڻهون پنهنجي ڪم ۾ رڌل رهن ٿا. اهڙو ئي ڪو پُرامن صبح منهنجي وطن جي شهرن پشاور، اسلام آباد، لاهور، ڪوئٽا، ڪراچي ۽ گلگت ۾ پڻ اُڀرندو.
    آئون لان ۾ کلندڙ ٻاهرينءَ دروازي کي ڏسڻ لڳس، جتي ننڍي گهنڊڻي لڙڪي رهي هئي. ٿوري ٿوري دير کانپوءِ هڪ جهرڪي آئي ٿي ۽ شيشي ۾ پنهنجو عڪس ڏسي ۽ پَر سان گهنڊڻي کي ڇيڙي اُڏري ٿي ويئي. شايد اها رهاڪن کي ٻڌائڻ ايندي هئي ته اُٿو صبح ٿي چڪو آهي... آئون هوريان هوريان ڏاڪڻيون چڙهي واپس ڪمري ۾ آيس. سامان گڏ ڪرڻ، خاص ڪري جڏهن واپسي جو سفر اڳيان هجي ته ڪيڏي ته ڏکيائپ هوندي آهي. آئون مختلف لفافن کي هڪ لفافي ۾ ۽ پوءِ هڪ لفافي کي مختلف لفافن ۾ وجهندو رهيس. فرش تي ڪتاب، دعوت نامه، تحفا ۽ سوينيئر وکرڻ لڳا.
    کچھ یاد گارِ شہرِ ستمگر ہی لے چلیں،
    آئے ہیں اس گلی میں تو پتھر ہی لے چلیں۔
    انهن وکريل شين ۾ مونکي اخبار جون ٽي ڪٽنگس به نظر آيون. اهي ئي ڪالم هئا، جيڪي مختلف وقتن ۾ اخوت جي باري ۾ لکيا ويا هئا. انهن ٽنهي ۾ اخوت جي مختلف پهلوئن جي نشاندهي ڪئي ويئي هئي. آئون اهي ٻيهر پڙهڻ لڳس. وياڄ نه قرض حسنه، ڪاميابيءَ جون ڪهاڻيون ۽ پنهنجي پنهنجي حصي جي ذميداري. اهي ڪالم اوريان مقبول، عامر خاڪواني۽ عرفان صديقيءَ جا لکيل هئا. جيڪي هڪ نئين پرهه ڦٽيءَ جو ڏَس ڏيئي رهيا هئا. جنهن جو سپنو آئون ڪجهه گهڙيون اڳ لان ۾ بيٺو ڏسي رهيو هوس.


    5.32: وياج نه پر قرض حسن: اوريان مقبول جان

    اوريان مقبول پنهنجي ڪالم ۾ جيڪو ڪجهه لکيو، اهو شايد تمام گهڻن ماڻهن جي دلين جو آواز آهي.
    ”جنهن ملڪ ۾ هر سال اربين روپيا ننهن کان چوٽيءَ تائين ڪرپشن ۾ ٻُڏل ادارن کي ڏنا ويندا هجن. جتي ڪڏهن بي نظير انڪم سپورٽ، ڪڏهن بيت المال، ته ڪڏهن ڪنهن ٻي اسڪيم تحت اربين روپين جي خيرات ڏني ويندي هجي. جتي سستي روٽي، مفت تعليم ۽ مفت ڪتابن جي نعرن تي لکين روپيا خرچ ڪيا ويندا هجن، پر جيڪڏهن ڪو حڪمرانن کي هڪ صلاح ڏي ته انهن سڀني پئسن کي گڏي بينڪاري جو هڪ اهڙو نظام شروع ڪن، جيڪو قرض حسنه جي بنيادن تي قائم هجي ته سڀني جي نرڙن تي گُهنج پئجيو وڃن. سڀ صلاح ڏيندڙ کي دقيانوسي ۽ پراڻ پسند چوڻ لڳندا آهن. ڀانت ڀانت جا سوال اُٿندا آهن. انهن مهان معاشي تجزيي نگارن ۽ دانشورن کي منهنجي پالڻهار ٽي سال اڳ اهڙو جواب ڏنو جو هنن کي چپ لڳي ويئي. فقط ٽي سال اڳ جي ڳالهه آهي. جڏهن آمريڪا، برطانيا ۽ وياڄ جي ٻل ۽ ناجائز ڌن جي بدولت آباد ٿيندڙ دبئي ائين ٻُڏو، جو اربين ڊالر ائين لڳو ڄڻ سمنڊ جي لهرن ۾ لڙهي ويا. اهي ملڪيتون جن جو ملهه ڪلاڪن جي حساب سان وڌندو هو، تن وڃي تر ورتو ۽ ڪير خريدڻ وارو به نه هو. بئنڪن جي دروازن تي ڪلف لڳي ويا. ان حالت ۾ آمريڪا ۽ برطانيا پنهنجي معيشتن کي پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ وياڄ جي سيڪڙي کي گهٽائي ٻُڙي جي برابر آڻي بيهاريو. يعني عملي طور تي وياڄ کي ختم ڪري ڇڏيو ته جيئن سندن معيشيت وڌي ۽ ويجهي. وڏي عرصي کان وياڄ جي بنياد تي هلندڙ معيشت اهو مڃيو ته معيشت کي سگهه ڏيڻي هجي ته وياڄ کي ختم ڪرڻون پوندو. پر اسان جي ڪنهن به سياستدان، معيشت جي ماهر ۽ اقتصادي مامرن جي تجزيي نگار ان چٽي نشانيءَ مان ڪوبه سبق پرائڻ جي ڪوشش نه ڪئي.
    اهو سبق اسين ڇو نٿا حاصل ڪريون. اسين جن جي گهرن ۾ قرآن پاڪ ڪنهن صاف سٿري جاءِ تي موجود هجي ٿو ۽ اسان مان ڪيترائي اهڙا هوندا جن قرآن پاڪ جي اها آيت ضرور پڙهي هوندي، جنهن ۾ الله تعاليٰ وياجي ڪاروبار ڪرڻ کي الله ۽ سندس رسولصه جي خلاف جنگ قرار ڏنو آهي...پر اسان جي هر گهٽي گهوٻي، چوڪ ۽ چئواٽي تي الله ۽ رسولصه جي خلاف جنگ جا اعلان ڪندڙ بورڊ جرڪندا نظر اچن ٿا. انهن جا دوڪان کليل آهن ۽ انهن جي خوشنما ترغيبن جا اشتهار ٽي وي ۽ اخبارن جي سونهن بنجندا ٿا رهن. ائين ڇو آهي؟ ڇا ڪنهن سڄي بئنڪاري نظام تي ويچاريو آهي، جنهن کي لنڊن ۾ آيل، انهن يهودي سونارن شروع ڪيو، جن وٽ ماڻهو سون رکندا هئا ۽ هو ان جي عيوض ۾ هڪ رسيد ڏيندا هئا، جنهن تي ماڻهو خريداري ڪندا هئا. پوءِ هيئن ٿيڻ لڳو ته هڪ تولو سون جو رکي ٿورڙا پئسا ڏيڻ کانپوءِ ماڻهو ٻن يا ٽن تولن جي رسيد جاري ڪرائي وٺندا هئا. ائين هڪ اهڙو طبقو وجود ۾ اچي ويو، جن وٽ ماڻهن جي موڙي هئي ۽ هو اها جنهن کي وڻي تنهن کي ڏيندا هئا، جنهن به ڪاروبار ۾ چاهيندا هئا، اها استعمال ڪندا هئا ۽ سون بيشڪ گهٽ هجي، پر جيتريون به چاهيندا هئا، رسيدون جاري ڪري ڇڏيندا هئا. ائين انهن يهودي سونارن برطانيا ۾ ”بئنڪ آف انگلينڊ“ جو بنياد رکيو ۽ هڪ اهڙي سسٽم جي شروعات ڪئي، جنهن موجب لکين ماڻهن جون ٿوريون ٿوريون بچتون، وياڄ جي لالچ ڏيئي گڏ ڪيون وينديون هيون ۽ اهي وري ڪجهه من پسند ماڻهن کي ڏنيون وينديون هيون ۽ هو وري اهي پنهنجي من پسند ڌنڌي ۾ سيڙپ ڪندا هئا. ۽ فائدو ڪمائيندا هئا. نقصان ٿيندو هو ته ڏيوالي نڪري وڃڻ جو اعلان ڪري انهن غريبن جي ميڙي چونڊي هڙپ ڪري ويندا هئا. سڀني کان حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه اها آهي ته ورلڊ بئنڪ ۽ ايشيئن ڊويلپمينٽ بئنڪ هڪ يا ٻه سيڪڙو انتظامي خرچ وٺي ملڪن کي قرض ڏيندا آهن ۽ اسان جا حڪمران وري بهانو اهو ڪندا آهن ته هو وياڄي نظام جي چڪر مان ڪيئن نڪرن.
    منهنجي ملڪ جي حڪمران طبقن کي غريبن جي پئسن جي اهڙي ته چُوس پئي آهي جو هن وقت پاڪستان ۾ موجود مڙني بئنڪن کان حڪومت جو قرض ورتل آهي ۽ اهو به مهنگي وياڄ تي. اسين بجيٽ جي کوٽ ته سونارن جي ڪاغذن وانگيان نوٽ ڇاپي پوري ڪندا آهيون، يا وري ماڻهن جي بئنڪن ۾ گڏ ڪيل پئسا هضم ڪري. اسان جي سڄي معيشت انهن پئسن جي چوڌاري گهمي ٿي، جيڪي ماڻهو اهو سمجهي بئنڪن ۾ گڏ ڪندا آهن ته جيئن کين اوکيءَ ويل ڪم اچن. هن وقت بئنڪن جي ان خزاني جو ستر سيڪڙي کان به وڌيڪ حڪومت کي قرض ڏنو ويو آهي ۽ حڪومت انهن بئنڪن کي جيڪو وياڄ ادا پئي ڪري، ان سان انهن بئنڪن جون عاليشان عمارتون، ايئرڪنڊيشنڊ آفيسون، بهترين ڪارون ۽ موجون جاري آهن، لٺيون جهلي ڀولڙو کٽيو کائي فقير،ان ڀولڙي يعني عوام کي ته ڏک سور سهڻ ئي کپن، جو ان اهو تصور ڪري ورتو آهي ته الله جي خزانن ۾ ڪا ڪمي ٿيڻ واري آهي. جو آئيندي جي اوني طور بندوبست ڪري ڇڏجي.
    ماڻهو پُڇن ٿا ته اهو بئنڪاري نظام، جيڪو معيشت جو بنياد بنجي چڪو آهي، ٽوڙ ڪهڙو آهي. يارن اسلامي بئنڪاري جي نالي تي ٽوڙ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اُتي به اجاري دار بئنڪ اوهان جا پئسا گڏ ڪيا، پوءِ جتي کين وڻيو، اتي سيڙپ ڪيائون ۽ پوءِ ٻڌاين ته هيترو نفعو ۽ هيترو نقصان ٿيو. هاڻ جيڪو سرڪار کي سورهن سيڪڙو وياج تي رقم ڏني پئي وڃي، اهو ڪهڙو اسلامي ڪاروبار آهي. پر اسين خوش آهيون ته اسلام موجب اسان جا پئسا محفوظ آهن. اسلام ان قسم جي واپار ۽ نفعي ۽ نقصان کي پسند نٿو ڪري، جنهن ۾ اوهان کي اها خبر نه هجي ته اوهان جو مال حرام ڪاروبار ۾ لڳي رهيو آهي يا حلال ۾. اسلام وٽ بئنڪ جو جيڪڏهن ڪو تصور ٿي سگهي ٿو ته اهو هڪ اهڙو ادارو آهي، جنهن وٽ هڪ ڊگهي فهرست موجود هجي، جن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهجي. ماڻهو اچن ۽ پنهنجي مرضيءَ جو ادارو چونڊين ۽ خود پنهنجي مرضيءَ سان لڳائين ۽ بئنڪ هڪ نوڪر جيان انهن جي ڏوڪڙن جي سار سنڀال ڪري ۽ انهن کان پگهار وٺي. پر ائين نه سرمائيدار ٿيڻ ڏيندو ۽ نه ئي وري حڪومت، ڇو ته ان ۾ سڀني جون موجون آهن. پئسو ڪنهن ٻي جو ۽ِ کائي وري ڪو ٻيو ۽ اهو وياڄ بئنڪ وارن جي عياشين جو سبب بنجي ٿو. منهنجي پالڻهار وياڄ جي ٽوڙ جي لاءِ فقط هڪ ئي رستو بيان ڪيو آهي قرض حسنه، جنهن ملڪ ۾ هڪ اڪيلو شخص ڊاڪٽر امجد ثاقب ”اخوت“ جي نالي سان گذريل ڪيترن ئي سالن کان قرض حسنه جي اسڪيم هلائي رهيو هجي ۽ غريب ماڻهو کيس پئسا موٽائيندا به هجن ۽ ننڍا ننڍا ڌنڌا ڌاڙيون ڪري پنهنجن پيرن تي به بيهن، اتي جيڪڏهن حڪومت اهو سوال پڇي ته ان نظام کي ڪيئن ختم ڪجي ته حيرت ٿي ٿئي. الله جي نالي تي حاصل ڪيل ملڪ ۾ الله ۽ ان جي رسولصه سان جنگ جا دڪان کليل هجن. دهل وڄائي، ميڊيا تي جنگ جو نغارو وڄي رهيو هجي ۽ توقع اها هجي ته اسان تي رحم ڪيو ويندو، اسان تي الاهي ڏمر نه ايندو. اسين امن ۽ سُک سان زندگي گذاري وٺنداسين.“
    اوريان مقبول جي ڪالم هيٺان عامر خاڪواني جو ڪالم پيو هو. اوريان مقبول جي قلم ۾ بغاوت جو درس آهي، پر عامر خاڪواني ”جوئي نغمه خوان“ وانگيان پنهنجو پيغام ٿو ڏي.


    5.33: ڪاميابيءَ جون ڪهاڻيون عامر خاڪواني

    ”گذريل سال جولاءِ جي آرهڙ جي ٻپهري هئي، ندي جي ڪناري هڪ نجي يونيورسٽيءَ جي آڊيٽوريم ۾ اخوت جي بهترين ”انٽر پرينيور“ جي چونڊ ٿيڻي هئي. جن ماڻهن اخوت جي بنا وياڄ جي قرضن مان پنهنجا ڌنڌا سٺي نموني هلايا هئا، انهن مان ڪجهه ماڻهو ايوارڊن جي لاءِ چونڊڻا هئا. اها هڪ عجيب انداز جي تقريب هئي. واري واري سان همراهه ايندا ويا ۽ لڄائيندي، بنهه سادا ڪپڙا پاتل، پر پهرين ئي نظر ۾ اهو اندازو ٿي ويو ٿي ته هو پر تڪلف لباس جا عادي ڪونه هئا. هٻڪندي ڳالهائڻ شروع ٿي ڪيو، پر جيئن ئي سندن محنت ۽ اُن مان حاصل ٿيندڙ ڪاميابين جو ذڪر ٿي آيو ته انهن جي لهجي ۾ هڪ خاص اعتماد ۽ فخر اچي ٿي ويو. هنن فخر سان ذڪر ٿي ڪيو ته اسان ڪنهن جي اڳيان هٿ ناهي ڊگهيريو ۽ پنهنجي محنت سان رستو سنواريو آهي. هڪڙو ٻيو ۽ ٽيو، آئون پهرين قطار ۾ ويٺو هڪ ٽڪ انهن کي ڏسندو رهيس. انهن ۾ عورتون به هيون، پوڙها بزرگ به هئا ته معذوريءَ جو شڪار همراهه به. گرين ٽائون جو هڪ نوجوان موٽر سائيل مڪينڪ آيو. هن ٻڌايو ته هو پهرين. هڪ دوڪان تي سؤ روپيا ڏيهاڙي جي حساب سان ڪم ڪندو هو. ڪنهن اخوت جو ٻڌايو ته مون ڏهه هزار روپيا قرض حسنه کڻي هڪ دوڪان ورتو ۽ ڏينهن رات محنت ڪيم منهنجي آمدني ٽي حصا وڌي ويئي. ڌوپ سڙي سانده جي هڪ مسجد جي امام ٻڌايو ته سندس آمدني جو دارومدار جمع نماز ۾ نمازين پاران ڏنل چندي تي هوندو هو. گذر سفر ڏاڍو ڏکيو ٿيندي هو. ڪنهن جي صلاح تي پنج هزار روپيا قرض حسنه وٺي، شاپنگ بئگس سوڌي اعظم مارڪيٽ ۾ وڃي وڪڻڻ شروع ڪيم. شروع ۾ سائيڪل تي ويندو هوس، پوءِ قسطن تي موٽر سائيڪل ورتم. روزانو ٽن چئن ڪلاڪن ۾ ڏيڍ سؤ روپيا کڙا ٿي ويندا هئا. ائين زندگي سولي ٿي پئي. ٻارڙن کي به اسڪول ۾ داخل ڪرايم. هر ڪهاڻي ٻي ڪهاڻيءَ کان وڌيڪ عزم، همت واري ۽ ڇرڪائيندڙ هئي. عورتون آيون، جن ٿورڙن پئسن ۾ گهر ۾ ڀرت ۽ سلائي جو ڪم شروع ڪيو. هڪ اڌ وهيءَ جي عورت گهرجي دروازي تي ئي ڪرياني جو دوڪان کوليو ۽ ان جي آمدنيءَ مان نه رڳو ٻارڙين جون شاديون ڪيون، پر پنهنجي دم جي مريض مڙس سان عمرو پڻ ادا ڪيو.
    هڪ چاليهن پنجيتاليهن سالن وارو همراهه آيو، ان جي ڪهاڻي ته صفا جهوري ڇڏيو. ٻڌائڻ لڳو،”مون انٽر ميڊيٽ ڪئي آهي، هڪ نجي ڪمپني ۾ به چڱي خاشي نوڪري هيم. ٻارڙا وچولن درجن جي اسڪولن ۾ پڙهنداهئا. سفيد پوشي سان وقت گذري رهيو هو. جو هڪ ڏينهن ڪمپني جي مئنيجر سان جهيڙو ٿي پيو. اُن مالڪ کي شڪايت ڪئي. جنهن ڏهن ٻارهن سالن جي نوڪريءَ جو احساس ڪرڻ کانسواءِ ئي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. اهو ڌڪ ايترو ته سَنڌائتو هو، جو سڄي زندگي ئي بدلجي ويئي. ٻي نوڪري حاصل ڪرڻ جون هڙئي ڪوششون ناڪام ٿي ويون. ڪيترائي مهينا گذري ويا، جيڪا ميڙي چونڊي هئي، اها خرچ ٿي ويئي. زال جا هلڪا سلڪا زيور به وڪجي ويا. نوبت اچي فاقن تائين پهتي. پاڙي جي دڪاندارن به اوڌر تي سامان ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو. دوست، مٽ ۽ مائٽ سڀئي اوڌرون ڏيئي ڏيئي صفا بيزار ٿي پيا، ايتري قدر جو هنن فون کڻڻ به بند ڪري ڇڏي. ملڻ ويندو هوس ته اندران ئي چورائي موڪليندا هئا ته موجود نه آهي. هڪ ڏينهن جڏهن لڳاتار ٽي ويلا فاقي ڪشي ۾ گذريا ته ارادو ڪيم ته هن ذلت واري زندگي کان مري وڃڻ ۾ ئي چڱائي آهي. زهر خريدڻ لاءِ به پئسا نه هئا. اوچتو خيال آيم ته ڪجهه وقت اڳ ڪوئا مارڻ لاءِ زهريليون گوريون ورتيون اٿم، گورين جو اهو پاڪيٽ ڳولي اهو پيهي سفوف بنائي ورتم. رڌڻي ۾ وڃي ڪافي عرصي کان رکيل ڳڙ جو شربت ٺاهيم. ان ۾ اهو صوف گڏيم ۽ پوءِ ٻارڙن ۽ زال کي سڏيم. زال حيران هئي ته اٽي لاءِ پئسا نه هئا، سو هي شربت ڪيئن آيو. مون زال ۽ ٻارن کي چيو هي شربت پيئو ته اوهان کي هڪ سُٺي خبر ٻڌايان. هو خوش ٿي ويا. گلاس ۾ شربت اوتي پنهنجي وڏي ڌيءَ کي ڏيڻ لڳس ته جهٽ هڻي منهنجي چئن سالن جي پُٽ گلاس کسي ورتو، خوشيءَ سبب هن جو منهن ٻهڪي رهيو هو، چوڻ لڳو ”بابا! پهرين آئون پيئندس ته جيئن سڀني کان پهرين خوشخبري ٻڌي سگهان“. اوچتو منهنجي ذهن ۾ خيال آيو ته منهنجن ٻارڙن کي مون تي ڪيڏو نه ڀروسو آهي، جو هو منهنجي هٿن مان زهر ڀريل گلاس به وٺي رهيا آهن. کين پڪ آهي ته سندن پيءَ کين نقصان رسائي نٿو سگهي. ان هڪ گهڙيءَ مونکي ڏڪائي ڇڏيو. مون گلاس سندس هٿن سان ڦريو ۽ زهريلو شربت ڪچي اڱڻ ۾ هاري ڇڏيم. ٻي ڏينهن صبح جو مون سائيڪل کنئي۽ پنهنجي هڪ واقفڪار ڪٻاڙيي وٽ ويس، کيس چيم ته آئون ڦيري لڳائي ڪٻاڙي جو سامان کڻي ٿو اچان، هو ڏاڍو حيران ٿيو ۽ چوڻ لڳو ”تون اهو معمولي ڪم ڪري سگهندين؟“ وراڻيم ”پنهنجي گهروارن جي لاءِ هرڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيان.“ پوءِ مون سائيڪل تي مختلف پاڙن جا چڪر هڻڻ شروع ڪيا. ڪٿان ردي ته ڪٿان پراڻيون بوتلون، جوتا وغيره گڏ ڪندو شام جو گهر موٽيس ته ايترا پئسا هئم، جو ماني ٺهي سگهي. هوريان هوريان ڪم ۾ سليقو ايندو ويو ۽ آمدني به وڌڻ لڳي. پوءِ ڪنهن اخوت جو ٻڌايو ته انهن کان قرض وٺي پاڻ ئي ڪٻاڙي بنجي ويس. اڄ ڪيترائي ڦيريءَ وارا مون وٽ ملازم آهن. ٻارڙا ٻيهر اسڪولن ۾ داخل ٿي چڪا آهن. وڏي پُٽ ته هن سال ڪلاس ۾ پوزيشن به کنئي آهي. گهر ۾ فرج به ورتو اٿم. موٽر سائيڪل به قسطن تي ورتي اٿم. مونکي خبر پئي آهي ته اوهان مان ڪن جو واسطو اخبارن سان آهي، منهنجو فقط هڪ پيغام ماڻهن تائين پهچائي ڇڏجو ته محنت ۾ ميهڻون ڪونهي، محنت ۾ ئي عظمت آهي ۽ محنت ڪو خراب ڪم نه آهي. وقت اچڻ تي پڙهيل لکيل کي به محنت ۽ مزدوريءَ جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي. ان همراهه (نالو ڄاڻي واڻي نٿو لکان) جي تقرير اڄ به منهنجي ذهن ۾ ٻُري رهي آهي. آئون سوچيان ٿو ته جيڪڏهن مٿس پدري شفقت غالب نه اچي ها ۽ هو پنهنجي هٿن سان محنت مزدوري کي عار سمجهي ها ته هڪ ٻيو الميو اخبارن ۽ چينلز جي خبر بنجي وڃي ها. البت هن روايت شڪني ۽ عظمت جو جيڪو مثال قائم ڪيو آهي. ان تي ڪي ٻه سٽون به اخبار ۾ نه ڇپيون آهن. اسين ماڻهو بنيادي طور تي مايوسي جا پيامبر آهيون. ناڪاري خبرون اسان کي وڻنديون آهن ۽ اسين مايوس ڪندڙ مثالن کي پنهنجي شعله بيان تقريرن ۽ تحريرن جي زينت بنائيندا آهيون، اسين انهن پُرعزم، محنتي ۽ غربت کي شڪست ڏيندڙ گمنام هيرن جون ڪهاڻيون نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهيون، جو يوناني دور کان وٺي اڄ ڏينهن تائين الميا ۽ ٽريجڊي ئي وڪامندي آئي آهي.
    ڪرڻ جي لاءِ اصل ڪم اهو آهي ته اهڙن حوصلي مند ۽ محنتي ماڻهن جي زندگين کي مشعل راهه بنايو وڃي. ان سان گڏ جيڪي ماڻهو جيئرا رهڻ ۽ موت ۽ مايوسيءَ کي شڪست ڏيڻ چاهين ٿا، انهن کي هڪ سهارو ڏيڻ گهرجي. اخوت جهڙي بنا وياڄ جي قرض ڏيندڙ وڌيڪ تنظيمن جي گهرج آهي. اهاڳالهه به افسوس ناڪ آهي ته اخوت اٺن ڏهن سالن جي محنت، نيڪ نامي ۽ ڪريڊبيلٽي جي باوجود به پنجاهه سٺ ڪروڙ ئي ورهائي سگهي آهي. ان جو ماهيانو سرڪل به فقط ڪجهه ڪروڙن تائين محدود آهي. پاڻ وٽ وياڄ تي ڏوڪڙ ڏيندڙ همراهه آهن. اها وياڄ خور مافيا رڪوري جي لاءِ بدمعاشن جون خدمتون حاصل ڪندي آهي. لاهور جهڙي شهر ۾ رستن ۽ بازارين ۾ عام بينر لڳل نظر اچن ٿا. جن ۾ زيور ۽ ٻي ملڪيت وياڄ تي رکي قرض ڏيڻ جي خوشخبري ٻڌائي ويئي آهي. حيرت ته اها آهي ته انهن وياڄ خورن کان پُڇڻ وارو ڪوبه نه آهي.
    سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر حڪومت بنا وياڄ يا نالي ماتر فائدي تي قرض ڏيندڙ تنظيمون ڇو نه ٿي جوڙي؟ پنجاب حڪومت به اخوت جهڙين تنظيمن کي ساليانو ٻه ارب روپيا سولائي سان ڏيئي ٿي سگهي. جيئن مرڪز ۾ بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام جي لاءِ پنجاهه ارب رکيا ويا. اها رقم هڪ ئي سال ۾ ائين اُڏي ويندي جو ان جو نالو نشان به نه ملندو. ڇا اهو مناسب نه آهي ته ان رقم جو هڪ حصو نيڪ نالو ڪمائيندڙ تنظيمن کي عطئي طور ڏنو وڃي ۽ باقي رقم مائيڪرو ڪريڊٽ ۾ لڳائي وڃي ته جيئن ماڻهن کي پنهنجن پيرن تي بيهاريو وڃي. ساڳي نموني بيت المال جي فنڊن مان قرضن جي بار هيٺ دٻيل ماڻهن جا بند خلاصا ڪرايا وڃن. ياد رهڻ گهرجي ته غربت کان وڌيڪ ماڻهوءَ کي مايوسي شڪست خورده ٿي بنائي. کين اميد ڏيارڻ، ساهه کڻڻ جي مهلت فراهم ڪرڻ رياست جو ڪم آهي ۽ امدادي ڪم ڪندڙ رفاهي تنظيمون پنهنجو ڪم ڪري رهيون آهن. پر اهو ڪم اصل ۾ رياست جي ئي ذميداري آهي.“
    عامر خاڪوانيءَ جي اها لکڻي جون 2010ع جي آهي. هڪ سال کانپوءِ جون 2011ع ۾ حڪومت پنجاب هڪ ارب روپين سان قرض حسنه فنڊ جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان جي سڄي انتظام جي ذميداري اخوت جي حوالي ڪئي. اهو هڪ تاريخي فيصلو هو. ان فيصلي جو اعلان حضرت داتا گنج بخش جي درگاهه ۾ ٿيو، جيڪا عام ۽ خاص جي لاءِ هدايت جو سرچشمو آهي. شايد اهو بنا وياڄ جي بئنڪاري ڏانهن وڌندڙ وک به هجي. حضرت داگا گنج بخش جي جڏهن به ياد ايندي آهي ته ڪنڌ عقيدت سبب جهڪڻ لڳندو آهي.


    5.34: ناقصان را پير ڪامل ڪاملان را راهنما

    سيد علي هجويري، ننڍي کنڊ جي محبوب شخصيت، صوفي، درويش ۽ خدا ترس انسان هو. هو اُن قافلي جو سالار هو، جنهن جي ڪري ننڍي کنڊ ۾ محبت ۽ مروت، اخوت ۽ ايثار، انسان دوستي ۽ رواداري جي روشني پکڙجڻ لڳي. سندس مشهور تصنيف ”ڪشف المعجوب“ هڪ هزار سال اڳ لکي ويئي هئي. جيڪا ڏاهپ ڀرين لفظن تي ٻڌل هڪ شاهڪار تصنيف آهي. حضرت نظام الدين اولياء چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي مرشد نه ملي ته هن ڪتاب جو اڀياس ان جي لاءِ ڪامل مرشد وانگر آهي. اخوت جي ٽي برانچ حضرت داتا گنج بخش جي مسجد ۾ قائم ٿي. اهو هنڌ جتي حضرت نظام الدين اولياء، حضرت قطب الدين بختيار ڪاڪي، خواجه معين الدين چشتي، حضرت فريد الدين گنج شڪر جهڙين هستين قيام ڪيو، چلا ڪٽيا ۽ دعائون گهريون، اُتي اخوت جي قافلي جي ٽين منزل ٿي. اها 2005ع جي ڳالهه آهي. مرقد جي هيٺ سماع هال سان گڏهڪ وڏو ڪمرو آهي، اهو ڪمرو ڇا مليو، ائين لڳو ته سڄي دنيا ملي ويئي. بادشاهي ڀلا ٻي ڪهڙي هوند ي آهي. سيڪريٽري اوقاف جاويد اقبال اعواڻ جڏهن ان ڪري جي چاٻي ڏني ته اکيون ڀڄڻ لڳيون. نه رڳو اهو پر ڪجهه ئي عرصي ۾ هن ٽي ٻيون به چاٻيون ڏنيون. مسجد حضرت جمال شاهه بابا، مسجد حضرت ميان مير، مسجد ماڌولال حسين. مون کانئس پڇيو ته اوهان هيڏي دريا دليءَ جو مظاهرو ڇو ڪيو؟ ”مواخات جي نسبت ئي اهڙي آهي.“ سندس جواب هو. ”اوهين جيڪو چوندا سو ڪندو ويندس.“
    یہ جہاں چیز ہے کیا لوح و قلم تیرے ہیں۔
    داتا گنج بخش جي مسڪن کي ماڻهو عقيدت وچان ”درٻار“ به سڏيندا آهن. داتا درٻار. پر درٻارون ته بادشاهن جون هونديون آهن. هجوير جو سيد بادشاهه نه پر فقير هو. بادشاهه اهو هوندو آهي، جيڪو ميڙيندو آهي. پر فقير ته سڀ ونڊي ورهائي ڇڏيندو آهي. ”ڪشف المحجوب“ ۾ لکيل آهي ته هڪ بادشاهه فقير کي چيو، ”گهر جيڪو گهرڻون اٿئي.“ فقير وراڻيس، ”غلامن جي غلام کان ڇا گهران“ بادشاهه گهڻو ڪاوڙيو. ”غلامن جو غلام. هي ڇا پيو چوين.؟“ فقير چيس ”هائو، مون وٽ ٻه غلام آهن. هڪ ”جوف“ ۽ ٻي ”خواهش“ ، اهي ٻئي تنهنجا مالڪ آهن ۽ تون انهن جو غلام آهين. ڀلا تون مونکي ڇا ٿو ڏيئي سگهين“. اهو ئي سيد علي هجويري، جنهن ”جوف“۽ ”خواهش“ ٻنهي کي پنهنجو غلام بنائي رکيو. جنهن جي در تان هزارين ماڻهو فيض پرائين ٿا. هي اهو ئي سيد علي هجويري آهي، جنهن جي باري ۾ علامه اقبال فرمايو:
    سید ہجویر مخدومِ امم خاک پنجاب ازدمِ او زندہ گشت
    مرقدِ اوپیر سنجر راحرام صبحِ مااز مہرِ اوتا بندہ گشت۔
    هي ان ئي هنڌ جي برڪت آهي، جو پنجن هزارن ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ هڪ ڏينهن هڪ حڪمران اهو چوڻ جي سعادت حاصل ڪري ٿو ته ”هو مواخات جي پيغام کي اختيار ڪندو.“ ”صبح ما از مہر او تابنده گشت، صبح ما از او تابنده گشت“ منهنجو هر صبح تنهنجي وجود جي ڪرڻن سان سهائو رهي ٿو.


    5.35: پنهنجي حصي جي روشني: عرفان صديقي

    عامر خاڪوانيءَ کانسواءِ ٻين به ڪيترن ئي ماڻهن حڪومت جو ڌيان ان فنڊ طرف ڇڪرايو. انهن ۾ هڪ آواز عرفان صديقي جو به هو. منهنجي چوڌاري وکريل پنن ۾ ٽيو ڪالم عرفان صديقي جو هو.
    ”امتحان جي هر گهڙيءَ ۾ منهنجو اهو ايمان پختو ٿيندو رهيو ته هيءَ مٽي مڻيادار آهي. گهرج رڳو ان ڳالهه جي آهي ته اسين ٿوري قرباني ڏيئي، پنهنجو وقت ڪڍي، پنهنجي انتظامي صلاحيتن جو استعمال ڪري دردمندي جي دولت کي ڪنهن بي بها ۽ ٺوس ڪاوش ۾ بدلايون. اوندهه تي ڦٽڪار وجهڻ کان بهتر آهي ته پنهنجي حصي جي شمع روشن ڪجي. جڏهن اهو رواج عام ٿي ويندو ته پوءِ انسانيت جا ڪيترائي گهاءُ ڀرجي ويندا. درد کي هڪ پُڪار، هڪ للڪار، هڪ صدا ۾ بدلائڻون ۽ هڪ شفاف ۽ عمل جوڳي نظام ۾ آڻڻ... ”اخوت“ ان سلسلي جو هڪ شاندار تجربو آهي... ايترو شاندار جو بنگلاديش جي ”گرامين بئنڪ“ سان ڀيٽي سگهجي ٿو. فرق رڳو اهو آهي ته گرامين بئنڪ جيڪي قرض جاري ڪندي آهي، تن تي وياڄ ورتو ويندو آهي. پر اخوت فڪر ۽ فلسفو هجرت مديني جي وقت انصارن ۽ مهاجرن جي وچ ۾ قائم ٿيل ”مواخات“ جي رشتي تي ٻڌل آهي. اهو ئي ڀائيچارو، همدردي ۽ دستگيري جو جذبو، اهو ئي باهمي سهڪار ۽ اهائي پنهنجائپ- رضاڪاراڻي جذبي سان سرشار درويشاڻون مزاج رکندڙ ڏيڍ ڊزن جي لڳ ڀڳ همراه ڊاڪٽر امجد ثاقب جي اڳواڻي ۾ معجزن جهڙا ڪم پيا ڪن. انهن مان ڪو به ، ڪنهن به قسم جو معاوضو يا اعزازيو نٿو وٺي. اخوت جي آفيسن ۾ ڪو به فرنيچر نه آهي. سڀ فرش تي ويهن ٿا. مسجد ان تنظيم جو بنيادي مرڪز آهي، جتي اجلاس به ٿيندا آهن ته قرض جي ورهاست به. ان مقصد جي لاءِ وڌ ۾ وڌ اهل دل حضرات کي سامهون اچڻو پوندو. الله تعاليٰ جي عطا ڪيل نعمتن ۾ پنهنجن بي وسيلا ڀائرن کي شريڪ ڪرڻون پوندو. پنهنجن صدقن ۽ خيرات کي ڪنهن منظم لڙيءَ ۾ پوئڻون پوندو. اها سماج جي گڏيل ذميداري آهي. هڪ عام اندازي موجب اٺ ڪروڙ ماڻهو غربت کان به گهٽ لڪير واري زندگي گذاري رهيا آهن. سليم احمد رانجها جو خيال آهي ته هڪ سؤ ارب روپين سان لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ گهراڻن کي پنهنجي پيرن تي بيهاري سگهجي ٿو. جيڪڏهن پاڪستان جو ڪو هڪ سرنديءَ وارو شخص هڪ غريب فرد جي ذميداري سنڀالي وٺي يعني فقط هڪ ڀيرو ويهه هزار روپيا ان نيڪ ڪم جي لاءِ رکي ته هڪ سؤ ارب روپيا گڏ ٿي سگهن ٿا. اهو هڪ وڏو، شايد تمام وڏو هدف آهي. پر اها ڳالهه همت ۽ اٽل ارادن وارن جي پهچ کان ٻاهر ڪونهي. زرخيز ذهن کي نين رٿن ۽ عمل جوڳن پروگرامن کي سامهون آڻڻ گهرجي. انهن اڀاڳن لاءِ ڪا واٽ بهرحال ڪڍڻ گهرجي، جيڪي چڱا موچارا آسودا هوندا آهن، پرڪا آپدا کين گهڙي کن ۾ ئي بي سرو ۽ سامان ڪري ٿي ڇڏي. انهن ٻارن جي باري ۾ پڻ سوچڻ گهرجي، جيڪي ڪنهن سُٺي اسڪول ۾ پڙهي رهيا هوندا آهن، پر اوچتو ئي اوچتو کين ڪنهن يتيم خاني ۾ وڃڻو پوي ٿو. رات کي ڏينهن ۾ بدلائڻ ته شايد سولو نه هجي، پر پنهنجي حصي جي هڪ شمع، اونداهيءِ کي گهٽائي، سهائي جي دائري کي وڌائي سگهي ٿي.


    5.36: تنهنجي نانءُ تي ڏکويل گڏ ٿي ويندا

    وزير اعليٰ جي روزگار اسڪيم، اخوت جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي اُن جي ڪري هزارين لکين نوان ڏيئا روشن ٿيا آهن. ان ڏينهن مسجد داتاگنج بخش جي سماع هال ۾ لڳ ڀڳ پنج هزار ماڻهو عقيدت ۽ احترام وچان، تسبيح جي داڻن جيان جڙيل ويٺا هئا، ڄڻ کين مواخات جي ڏور ٻڌي ڇڏيو هجي. اخوت جا ڏهه سال پورا ٿيا ته مختلف تقريبن جو بندوبست ڪيو ويو. اها تقريب سڀني کان وڌيڪ اثرائتي ۽ وڏي هئي. ان تقريب ۾ اڍائي هزار گهراڻن کي ”مواخات مدينه“ جي روايت ۾ شامل ٿيڻو هو. اخوت جا سڀئي ساٿي، اهم ڊونرز، بورڊ آف ڊائريڪٽرز جا ميمبر، لاهور جو ڪمشنر حسن آصف، سيڪريٽري اوقاف طارق پاشا ۽ نوجوان رضاڪار، سماع هال سوڙهو، پئجي ويو. محبت جي مهڪ ۽ ايثار جي سهائي، ماڻهن جو نظم وضبط ۽ محويت، اهو سڀ غير معمولي هو. ان تقريب جو خاص مهمان شهباز شريف هو. هو اُن ڏينهن منجهند ڌاري پر ڏيهي دوري تان واپس موٽيو هو. سندس اسٽاف جو خيال هو ته هو شايد اُن تقريب ۾ اچي نه سگهي، پر مونکي خبر هئي ته هن جو اچڻ لازمي آهي. اها اڻ ٿيڻي هئي ته ڪنهن کي مواخات جي نالي تي سڏيو وڃي ۽ هو پانڌ ڇڏائي وڃي. فيض چواڻي:
    بڑا ہے درد کا رشتہ یہ دل غریب سہی،
    تمہارے نام پہ آئیں گے غمگسار چلے۔
    وزير اعليٰ عين وقت تي پهچي ويو. اها هڪ انتهائي باوقار تقريب هئي. نه نعرا لڳا، نه تاڙيون وڳيون، مهمان ۽ ميزبان محمود ۽ اياز سڀ پٽ تي ويٺا هئا. نه تخت نه تخت نشين، نظم وضبط ڏسي وڏي وزير کي ڏاڍي حيرت ٿي. اخوت جي ڏهن سالن جي ڪهاڻي ٻُڌائي ويئي. ڪجهه اسان جي ته ڪجهه انهن ماڻهن جي زباني، جن انهن قرضن مان ڪاروبار شروع ڪيو هو. وڏي وزير اخوت جي خدمتن جو اعتراف ڪندي چيو... ”اوهان ڏهن سالن ۾ هڪ ارب روپين جا قرض ڏنا آهن. آئون چاهيان ٿو ته اوهين ايترا قرض هڪ سال ۾ ڏيو.“ اها سهڪار جي آڇ هئي. ڪجهه وقت کانپوءِ وڏي وزير جي آفيس ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي ۽ هڪ ارب روپين جي موڙيءَ سان ’وزير اعليٰ خود روزگار اسڪيم‘ جو بنياد رکيو ويو. بنا وياڄ قرض ڏيڻ جي اها شايد سڀني کان وڏي اسڪيم هئي. آڪٽوبر 2011ع کان اها رقم اخوت کي منتقل ٿيڻ شروع ٿي ۽ 3 نومبر 2011ع ۾ قرض جي فراهمي جي شروعات ٿي. حضرت بابا جمال شاهه جي مسجد، ست سؤ ماڻهن جو ميڙ، هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي وزير شموليت جي سعادت حاصل ڪئي. وياڄ کان آجا قرض مسجد سان واسطو ۽ مڪمل شفافيت. ڇهن مهينن جي اندر ئي ان ڪم جي اهميت پڌري ٿيڻ لڳي. هزارين گهراڻن کي بنا وياڄ جي قرض مليا ته پنجاب حڪومت ان فنڊ۾ وڌيڪ هڪ ارب روپين جو واڌارو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. بنا وياڄ ٻن ارب روپين تي ٻڌل شايد اهو دنيا جو سڀ کان وڏو فند آهي. ڪڏهن ڪڏهن اها ڳالهه يقين کان ٻاهر ٿي نظر اچي ته ڪجهه هزارن کان شروع ٿيندڙ هڪ اداري کي حڪومت ٻن ارب روپين جو امين بنائي ڇڏي. اخوت جو سياست سان ڪوبه واسطو نه آهي. پر اهو ادارو هڪ سياستدان جو ٿورائتو آهي، جنهن مواخات جي ان تصور کي سمجهيو، ساراهيو ۽ پوءِ اهو اختيار ڪرڻ ۽ اُن کي وڌيڪ پکيڙڻ جو فيصلو ڪيو. هارورڊ يونيورسٽي جي هڪ پروفيسر چواڻي ”وزير اعليٰ خود روزگار اسڪيم پبلڪ نجي پارٽنرشپ جو هڪ منفرد مثال آهي ۽ دنيا کي ان مثال جي پيروي ڪرڻ گهرجي“. مواخات جو پيغام، الله جو گهر ۽ هزارين ماڻهن جو دعائون. مَڱ تنهن کان مڱڻا جو ڏهاڙي ٿو ڏي.


    5.37: اچو ته ڪو ڏيئو ٻاريون

    عرفان صديقيء جيڪا ڳالهه ڪئي اها ڳالهه احمد فراز به چئي هئي. پنهنجي حصي جي شمع ٻارڻ وڏي ڳالهه آهي. اسين رڳو اهو ڪم ڪريون ته اونداهي گهٽجي سگهي ٿي. هر هنڌ چراغان ڪرڻ ممڪن نه آهي، پر هر ماڻهو هڪ شمع ته ٻاري سگهي ٿو. شايد اتان کان ئي روشني جي روايت جنم وٺي. منهنجي سامهون ٻه تصويرون اُڀرڻ لڳيون. ٻه ماڻهون، ٻه شمعون، پهرين شخص جو چوڻ آهي ته سندس نالو ظاهر نه ڪيو وڃي. پهريون ڀيرو جڏهن هو اخوت جي آفيس ۾ آيو ته اخوت جي فلسفي ۽ ڪم کان هو ايترو ته خوش ٿيو، جو ٻي ڏينهن صبح جو هن ڏهن لکن روپين جو عطيو موڪلي ڏنو. انهن ڏينهن اخوت جو قيام کي اڃا ڪو گهڻو عرصو نه ٿيو هو. اسان جي لاءِ اها تمام وڏي رقم هئي. ڪجهه ڏينهن گذري ويا. ان صاحب جو ٻيهر فون آيو، چوڻ لڳو مون جڏهن کان عطيو ڏنو آهي. هڪ عجيب خوشيءَ جي ڪيفت اٿم. آئون ڏهن لکن جو هڪ ٻيو چيڪ به موڪلڻ ٿو چاهيان. اسان جي خوشيءَ جي ته ڪا حد ئي نه رهي. هڪ مهينو ٻيو به گذري ويو، هن ٻيهر رابطو ڪيو ۽ چوڻ لڳو اڃا دل نه ڀري اٿم ۽ ڏهه لک ٻيا به موڪليا هو. پوءِ اهو سلسلو ڊگهو ٿيڻ لڳو. ايندڙ ٻن سالن تائين هر مهيني ڏهن لکن جو چيڪ وصول ٿيندو رهيو. ان ئي انڪساري ۽ بي نيازي سان! شرط فقط هڪڙو هو ته سندس نالي ٻڌائڻ جي موڪل نه آهي. هن ٻين به ڪيترن ئي ماڻهن جو اخوت ڏانهن لاڙو وڌايو ۽ ائين سندس معرفت ٻيا به عطيا مليا. انهن سڀني کي گڏ ڪجي ته اها رقم ڪروڙن ۾ ٿي بيهي.ان صاحب سان پهرين ملاقات به منهنجي نظر ۾ هڪ اتفاق ئي هئي، پر ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿو لڳي ته ڄڻ اها اڳواٽ ئي طئي ٿيل هئي. ڪنهن عظيم رٿا يا Grand Design جو حصو. ايڏو وڏو واقعو رڳو اتفاق ته ٿي نٿو سگهي.
    ٻيو واقعو، ٻي شمع. اهو واقعو اسلام آباد جي هڪ ڊاڪٽر صاحب جو آهي. گهڻو وقت اڳ سندس فون آئي ته آئون اخوت کي ڪا سوکڙي ڏيڻ ٿو چاهيان. اسان کيس اخوت راولپنڊي سان سلهاڙي ڇڏيو. ڪيترا مهينا پوءِ راولپنڊي اسٽيرنگ ڪميٽي جي چيئرمين ميجر امان الله ٻڌايو ته ڊاڪٽر صاحب ان خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته اسين ٻي ڏينهن جمع جي شام جو پنجين بجي ايف سيون ٿري اسلام آباد ۾ سندس گهر اچون ۽ ٿي سگهي ته پاڻ سان ڪو وڪيل به گڏ وٺي اچون.
    آئون، ميجر امان الله ۽ سندس هڪ دوست وڪيل جڏهن اسلام آباد جي انتهائي مهنگي علائقي ۾ سندس گهر پهتاسين ته اهو وچينءَ جو وقت هو ڊاڪٽر صاحب جي عمر ستر سالن کان وڌيڪ هوندي. هو گيٽ تي اسان جي اوسيئڙي ۾ بيٺو هو. ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت ۾ هڪ عجيب سونهن نظر آئي. گهر ۾ ڪو به نوڪر نه هئس. اسان کي ڊرائنگ روم ۾ ويهاري ڪچهري ڪرڻ لڳو. سندس ڳالهين ۾ ايتري ته نوڙت هئي، جو بيان ڪرڻ مشڪل آهي. اهو جو ڪنهن بزرگ چيو آهي ته منهنجي نوڙت منهنجي وڏائي آهي ۽ منهنجي وڏائي ئي منهنجي نوڙت آهي. حضرت موسيٰعه الله تعاليٰ کان پڇيو، توکي ڪٿ ڳولهيان، جواب مليس نوڙت سان ڀريل دلين ۾. ٿوري دير کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب اٿي اندر ويو ۽ پنهنجي ڀيڻ کي سڏيائين. هوءَ پردي جي پويان بيهي رهي. ڊاڪٽر ڪجهه ڪاغذ اسان جي سامهون رکيا ۽ چوڻ لڳو هي گهر منهنجي ڀيڻ جو آهي، جيڪو هوءَ اخوت کي عطيو ڪرڻ ٿي چاهي. اها ڳالهه ٻڌي اسين ته دنگ رهجي وياسين. گهرجي ماليت ڪروڙن ۾ هوندي ۽ ٻئي ڀاءُ ۽ ڀيڻ ان عطيي جو ذڪر ائين ڪري رهيا هئا، ڄڻ اها ڪا معمولي ڳالهه هجي، مونکي ائين لڳو، ڄڻ هي گهر سندن لاءِ بي چيني جو ڪارڻ آهي ۽ هو ان بي چينيءَ مان فوري طور تي ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ٿا چاهين. ”آئون گذريل هڪ سال کان اخوت جي باري ۾ معلومات گڏ ڪري رهي آهيان“. خاتون پردي جي پٺيان چيو. ”اوهين ڪاغذ پٽ تيار ڪريو، اسين چاهيون ٿا ته هي ڪم جيترو جلد ٿي سگهي، اوترو جلد پورو ٿي وڃي.“ وڪيل صاحب ڪاغذ کنيا ۽ هِتان هُتان جون ڳالهيون ٿيون ۽ اسين مهرباني مڃڻ کانپوءِ ٻاهر نڪري آياسين. ڊاڪٽر صاحب چيو: وڃڻ کان اڳ اسان جي لاءِ دعا ڪندا وڃو. دعا گهري ويئي، ڪڏهن ڪڏهن لڙڪ وهڻ جي باوجود به نظر نه ايندا آهن. هيءُ به اهڙي ئي دعا هئي. ڊاڪٽر صاحب هڪ ڀيرو ٻيهر ٻاهر روڊ تائين ڇڏڻ آيو. موڪلائڻ کان اڳ هن هٿ ملايو ۽ اڳيان وڌي منهنجي نرڙ تي چمي ڏني، ان چمي ۾ محبت هئي. مونکي لڳو ته منهنجي نرڙ تي ڪو تمغو سجائي ويو آهي.
    شام ڌاري اسلام آباد ڪنوينشن سينٽر ۾ چيمبر آف ڪامرس جي هڪ تقريب هئي. چيمبر اخوت کي ڏهن سالن جي خدمتن جي حوالي سان Best achievement award جي لاءِ چونڊيو هو. اهو ايوارڊ ڪنهن اهم شخصيت جي هٿان ملڻو هو. ڊاڪٽر صاحب منهنجي چهري کي ٻُڪ جيان ٻنهي هٿن ۾ وٺي جهڙي نموني چميو هو، مونکي لڳو ته ان کان پوءِ مونکي ڪنهن ٻي ايوارڊ جي ضرورت ئي نه رهي آهي.ڪير نٿو ڄاڻي ته هن ڪائنات ۾ جيڪو ڪجهه آهي، اهو سڀ الله تعاليٰ جو آهي. پر جيڪي ماڻهون مال موٽائڻ جي تڪڙا هجن، اهي ڪنهن ٻي ڪيفيت ۾ هوندا آهن. انهن جي چوڌاري نور جو دائرو هوندو آهي ۽ جيڪو به ان دائري ۾ گهڙي ويندو آهي، اهو روشن ٿي ويندو آهي. آئون، ميجر امان ۽ صديقي صاحب ان نور جي دائري مان پنهنجي پنهنجي حصي جي روشني ميڙي ڪنوينشن سينٽر طرف روانا ٿي وياسين. ٻه ماڻهو، ٻه ڏيئا. سهائي جو اهو سفر اڃا مڪمل نه ٿيو آهي. پاڻ کي ان وقت جو اوسيئڙو آهي، جڏهن پاڪستان جو هر شخص پنهنجي حصي جو ڏيئو ٻاريندو. هارورڊ جو پروفيسر مائيڪل چو ۽ هندستان جي سيد نصيرالدين جي اها ئي للڪار هئي. امجد اسلام امجد اخوت جي لاءِ جيڪو نظم لکيو هو، اهو به ان اميد جو جهنڊو جهولائي ٿو:
    آؤ قریب آؤ
    ہاتھوں میں ہاتھ دیکر
    زنجیر سی بناؤ
    بی کس کی، بے زبان کی، طاقت کہیں جسی
    انسانیت کا درد محبت کہیں جسی
    پیمان دوستی ہے اخوت کہیں جسی۔


    5.38: موڪلاڻي

    اوريان مقبول، عامر خاڪواني عرفان صديقي.
    آئون دريءَ وٽ ويٺو ڳچ دير تائين انهن ٽنهي ڪالمن جي مَنڊ ۾ مَنڊيل رهيس. اهي ۽ ان قسم جون ٻيون ڪيتريون ئي لکڻيون. رحمت علي رازي، حميد اختر، سرفراز انور، عبدالقادر حسن، منو ڀائي، توفيق بٽ، ناصر بشير، سلمان عابد، طارق احمد، سيد خالد علي بخاري، محمد اشرف شريف، شاهد بخاري، سيد عارف نوناري، قيوم نظامي، شهزاد احمد شاهه، محمد مصدق، محمد ياسين وٽو، طارق حسين، حميد احمد، عمار چوڌري، صفدر محمود، ارشاد احمد عارف، امجد اسلام امجد، يوسف عالمگيرين، عطا الرحمان، نواز خان ميراڻي، امجد علي ڪليار، حسين اقبال، طيبه ضيا چيمه، نجم ولي خان، ڪرامت ڀٽي، رياض الرحمان ساغر ۽ سعدالله شاهه.انهن ماڻهن جي اڻ مئي محبت، جو انهن اخوت کي پنهنجو موضوع بنائي ۽ نيڪي جي واڌاري جو سبب بڻيا. لفظ، قلم ۽ صلاحون... اهي سڀ امانتون آهن.
    ظفر عين وقت تي آفيس مان واپس وريو. سامان تيار هو. جيڪو گاڏيءَ ۾ رکيو ويو ۽ اسين ايئرپورٽ روانا ٿي وياسين. رستن تي اها ئي رش، هُل ۽ بکيڙو هو. پر ان هُل ۽ بکيڙي ۾ به هڪ سليقو هو. اسين ايئرپورٽ پهتاسين ته ريحان ۽ قيصر ٻئي اُت موجود هئا. منهنجي روڪڻ جي باوجود به هو هليا آيا هئا. هنن جي خواهش هئي ته هو نيويارڪ مان رواني ٿيڻ مهل مون سان گڏ هجن. اسين چار ئي ايئرپورٽ جي عمارت ۾ گهڙياسين. ظفر کي آفيس مان هر هر فون اچي رهي هئي، تنهنڪري هن نه چاهيندي به موڪل گهري. ريحان ۽ قيصر آخري وقت تائين اتي ترسڻ جو فيصلو ڪيو. مون وٽ سندن محبت جو ڪوبه جواب ڪونهي. هنن ٻنهي سان اخوت جي شروعاتي ڏينهن بابت ڳالهيون مهاڙيون ٿينديون رهيون. ماڻهن ان تصور جي ڪيئن نه پذيرائي ڪئي هئي، اخوت جي جذبي تحت ٺهندڙ قرض حسنه فنڊ. ان فنڊ سان خرچ به پورا ٿيا ته ان مان قرض جو ڪم به ٿيو. رضاڪاريت ۽ مسجدن سان وابستگي، انهن اصولن خرچن ۾ ڪمي آڻي ڇڏي. هونئن به اهو سڀ ڪجهه ايثار آهي ڪاروبار نه. اسان ڪجهه وقت ڪافي پيئڻ ۾ گذاريو. ڄڻ اها ڪلهوڪي ڳالهه هئي، جڏهن آئون نيويارڪ پهتو هوس. آئون ٿوري دير کين ان يادگار دوري جي ڪهاڻي ٻڌائيندو رهيس. ان ۾ ماضي جي ڪهاڻي به هئي ريحان جو خيال هو ته مونکي اها ڪهاڻي لکڻ گهرجي. ان ۾ هڪ پيغام هئڻ گهري. اهو پيغام عام ٿيڻ گهرجي. نيٺ روانگي جو وقت ڀرجي آيو. اُڏام جو اعلان ٿيندي ئي پاڪستاني مسافر چئني طرفن کان اُٿي کڙا ٿيا. پي.آءِ.اي جي اها فلائيٽ نوييارڪ کان سڌو لاهور ويندي هئي ۽ پوءِ اتان کان ڪراچي. جيڪي مٽ مائٽ ڇڏڻ/موڪلائڻ آيا هئا، انهن جون به اکيون ڀرجي آيون ته جيڪي وڃڻ وارا هئا، تن جون به. آئون وڇڙندڙن کي ڏسندو رهيس ۽ ڳچ دير تائين منهنجن ڪنن ۾ عابد علي عابد جي شعر جو هي بند ٻُرندو رهيو.
    دمِ رخصت وہ چپ رہے عابد،
    آنکھ میں پھیلتا گیا کاجل۔
    آئون ايڪهين ڏينهن جون ساهه سڌير ساروڻيون کڻي جهاز ۾ ويهي چڪو هوس.
    *


    باب ڇهون : نيويارڪ- واپسي-لاهور

    6.1: اسان سڀني کي پنهنجي رب طرف موٽڻو آهي

    جهاز جي اندر هڪ ڌار دنيا هئي. ٽن سون کان به وڌيڪ مسافر، جن مان ڪن کي موڪلائڻ جو ڏک ته ڪنهن کي گهر پهچڻ جي خوشي. سيٽ ڪٿي آهي، وچين سيٽ تي ويهڻون ڪونهي. پٺي پويان ڪرڻي آهي. بيلٽ نه پيو ملي، هينڊ بيگ ڪٿي رکان... ميزبانن جي لاءِ اهو ڪو نئون منظر نه هو. کين خبرآهي ته ٿوري دير کانپوءِ انهن مسافرن کي ياد به نه هوندو ته ڪو هو ننڍين ننڍين ڳالهين تي اٽڪي رهيا هئا ۽ اها ڪهاڻي هت ئي رهجي ويندي. جهاز لڳ ڀڳ ڀريل هو. ڄڻ مَٿا مٿن سان ڳنڍيا پيا هئا. ايتري رش جي باوجود به پي آءِ اي گهاٽي ۾ رهي ٿي. ان سوال جو ڪڏهن به جواب نه مليو. اڌ ڪلاڪ ٻيو به لنگهي ويو، ڪجهه مسافرن کي ويهارڻ ۽ ڪن مسافرن کي سمجهائڻ ۾. سيٽون سڌيون ڪرڻ ۽ بيلٽ ٻڌڻ جو حڪم ٿيو. اُڏام کان اڳ سفر جي دعا گهري ويئي. هر سفر کان پهرين اها دعا گهري ويندي آهي. پوءِ به ڪجهه ماڻهو گهر تائين نٿا پهچن. هر دعا جو تعلق قبوليت سان ته نه هوندو آهي. دعا گهرڻ انسان جو ڪم آهي ۽ قبول ڪرڻ ڪنهن ٻي جو. اِهو ته ڄاڻي ٿو ته اسان جي چڱائي ڪهڙي ڳالهه ۾ آهي ۽ ڪهڙي ڳالهه ۾ ڪونهي. قبوليت ڪڏهن ته دعا موجب هوندي آهي ته ڪڏهن وري رب جي رضا موجب، جيڪي ماڻهو پنهنجي خواهشن کي الله جي رضا جي تابع رکڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا، انهن جي نظر ۾ ٻئي صورتون هڪجهڙيون هجن ٿيون. اهو به طئي آهي ته جيڪا دعا قبول نٿي ٿئي، اها ڪٿي لکي ويندي آهي ۽ پوءِ هڪ ڏينهن قبول به ڪئي ويندي آهي، پر ڪنهن ٻي زماني ۾ ۽ ڪنهن ٻي هنڌ، ڪنهن ٻي رنگ ۾، چون ٿا ته گهرندڙن ۾ هڪ فقير اهڙو به هوندو آهي، جيڪو پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ کانسواءِ پچر نه ڇڏيندو آهي.


    6.2: يختص برحمته من يشاء

    نيويارڪ پويان رهجي ويو ۽ اهي گهڙيون به، جيڪي اسان اُت گهاريون هيون. سفر ۾ زمان ۽ مڪان ٻئي بدلبا رهبا آهن. اخوت جو سفر به اهڙو ئي سفر آهي. ان سفر ۾ اخوت کانسواءِ به ٻيا ڪيترائي سفر ٿيا. محبت ۽ خدمت جا سفر. ڪجهه همراهن جو خيال هو ته اخوت جو ايڏو ته وڏو ڪم آهي، جو اُن کان پوءِ ٻي ڪنهن ڪم جي گنجائش ئي نه رهندي، پر وقت سان گڏوگڏ خدمت جو اُفق به وشال ٿيندو ويو. هڪ ڪم، ٻيو ڪم، پوءِ ٽيو ڪم، هرنئون ڪم اطمينان جي نئين لهر کي جنم ڏيندو رهيو. جيئن بديءَ جو هڪ سرڪل آهي، جنهن کي Viclious cycle سڏبو آهي. اهو ئي ’نهي عن المنڪر‘ ۽ اهو ئي امربالمعروف جو فلسفو آهي. اها هُن جي مرضي آهي ته جنهن کي چاهي سرڪل جو حصو بنائي ڇڏي. سهپ کان وڌيڪ ذميداري نه وِڌي ويندي آهي ۽ پوءِ نيڪي جو به پنهنجو هڪ نشو آهي، جنهن جو انسان عادي ٿيندو ويندو آهي. نيڪيءَ تي ڪنهن جي اُجاري داري نه آهي. توفيق تي ڪنهن جو استحقاق ڪو نهي. هو پنهنجي تدبر ۽ رضا سان، جنهن کي چاهي، پنهنجي رحمت جي لاءِ مخصوص ڪري ٿو ڇڏي. ان الفضل بيدالله يوتيه من يشاء. هڪ گهمري ايراني هيڊ آف مشن سان ڊگهي ملاقات ٿي. چوڻ لڳو. ڊاڪٽر صاحب، جيڪڏهن ڪنهن کي نيڪ ڪمن جي توفيق ملي ٿي ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته خدا مٿس مهربان آهي، کيس بخشش جو پروانو ڏيڻ ٿو چاهي. اهو ٻڌي آئون ڏاڍو پريشان ٿيڻ لڳس ته منهنجي اعمال نامي ۾ ته اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي، پوءِ به هو نيڪي ڪرڻ جي سگهه ٿو بخشي. اها واقعي سندس عنايت ئي ته آهي. غالب چواڻي.
    ڈھانپا کفن نے داغِ عیوبِ برہنگی،
    میں ورنہ ہر لباس میں ننگِ وجود تھا۔
    يا نارائڻ شيام جي لفظن ۾
    هجي ڪا کاڻ خوبين جي ۽ عيبن کان بنهه آجي،
    نه پنهنجي زندگي اهڙي، نه پنهنجي شاعري اهڙي.
    مون ڊاڪٽر عباس فاموري کي ٻڌايو ته اخوت، هن حياتي ۾ پهريون انعام هو. پوءِ رستا پاڻ مرادو کلندا ويا. هن سفر کانپوءِ سفر، ڪيترائي ڪم اعمال نامي ۾ پاڻمرادو لکبا ويا. پنجاب ايجيوڪيشنل انڊومنٽ فنڊ، پنجاب ويلفيئر ٽرسٽ فارڊس ايلڊ ۽ فائونٽين هائوس ته اخوت جو ئي هڪ حصو لڳي ٿو. ان جي ڪهاڻي اخوت سان گڏ ئي هلي ٿي. جهاز هوائن جي مٿاهين چيريندو اڳتي وڌندو ويو. ميزبان ناشتي جي تياري ۾ رڌل هئا. ماڻهو مائيڪرو فون ڪنن سان لڳائي موسيقي مان مزو ماڻي رهيا هئا. آئون هڪ ڀيرو ٻيهر ماضيءَ جا ورق ورائڻ لڳس.


    6.3: پنجاب ايجوڪيشنل انڊومنٽ فنڊ

    پنجاب ايجوڪيشنل انڊومنٽ فنڊ به نئين دور جو خواب آهي.
    ان خواب ۾ چاليهه هزار گهراڻن جا خواب ستل هئا. سڀني کان پهريون خواب هڪ ڏورانهين ڳوٺ ۾ رهندڙ ٻارڙي جو آهي. جنهن جا ست ڀائر ۽ ڀيڻيون، ماءُ ۽ پيءُ ۽ ڪيترائي غريب مٽ مائٽ آهن. رهڻ جي لاءِ هڪ ڪمرو، ڪچيون ڀتيون ۽ ڀڳل ڇت، نه بجلي ۽ نه ئي وري مال پاڻي، نه وري ڪو سٺو کاڌو پيتو. ڪجهه ٻڪريون ۽ ٻنيءَ ۾ مزدوري ان ڪٽنب ۾ ڪو به ٻار پنجين ڪلاس کان اڳتي نه وڌيو. اهي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به غلام آهن. ان ڪٽنب ۾ هڪ ٻارڙو جنم وٺي ٿو، جنهن کي ڪتاب سان محبت ٿي ويندي آهي. هن جهالت جو سنگهرون ٽوڙڻ ٿي چاهيون. هن آسمان کي ڇُهڻ ٿي چاهيو. ان جا ڪجهه خواب ۽ ڪجهه خواهشون آهن. هو سڄو ڏينهن ماءُ پي سان گڏ مزدوري ٿو ڪري ۽ رات جو ڏيئي جي وَٽ ۾ پڙهڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. هڪ ڏينهن کيس سندس ان ڪوشش جو ڦل مليو. مئٽرڪ جي امتحان ۾ هن سڄي ضلع ۾ پهرين پوزيشن کنئي. ماءُ ۽ پيءُ کي ته خبر ڪونهي امتحان ڇا آهي. ۽ پوزيشن حاصل ڪرڻ جو مطلب ڪهڙو آهي. ٻارڙي کي جنهن استاد هن سطح تائين پهچايو آهي، اهو چوي ٿو ته اها اڃا شروعات آهي. توکي وڌيڪ پڙهڻون آهي پر پڙهڻ جي لاءِ وسيلا گهربل آهن. نه گهر، نه ڇت، نه مال ۽ ملڪيت، نه ڪو سهارو... مڪمل محرومي ۽ غربت. جن مائرن وٽ زيور نه هجن، اهي ڇا ڪن. هي ٻارڙو به اهڙو ئي هو. پر نتيجو نڪرڻ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اُستاد گهرجي ڀڳل ٽٽل دروازي کي کڙڪائي ٿو. هو اڪيلو نه هو، پر ساڻس گڏ ٽپالي به هو. ان گهر جي ڪا به ايڊريس نه هئي، جو ٽپالي اُتي پهچي، نه ڪا گهٽي نه ڪو پاڙو. استاد ان ٻارڙي کي ٻڌائي ٿو ته هاڻ کيس اُلڪي جي گهرج ڪونهي. سندس سڀني تعليمي خرچن جو بندوبست ٿي ويو آهي. ڪاليج جي في، هاسٽل جو خرچ، ڪتابن جو خرچ، اهي سڀ هڪ دوست ادا ڪري ڇڏيا آهن ۽ ان دوست جو نالو، ’پنجاب ايجوڪيشنل انڊومينٽ فنڊ‘ آهي. ان خوشخبريءَ بهاولنگر جي هڪ ڏورانهين ڳوٺ جي ان ڀڳل ٽٽل گهر، جنهن تي ڪڏهن ڪو پکي به نه ويهندو هو، ان ڏينهن خوشي سبب ٻُرائجي رهيو هو. انڊومينٽ وٽ اهڙيون چاليهه هزار ڪهاڻيون آهن. پوٺوهار کان وٺي چولستان ۽ سون سڪسير کان وٺي سنڌو درياهه جي ڪنارن تائين. هر ڪهاڻي مايوسي کان شروع ٿئي ٿي، پر ان جي پڄاڻي اميدن تي ٿئي ٿي. شهباز شريف چار سال اڳ اهو خواب ڏٺو هو. تمام گهٽ ماڻهو اهڙا خواب ڏسندا آهن ۽ ان کان گهٽ اهڙا آهن، جيڪي اهڙن خوابن جي ساڀيان ماڻين ٿا. سيڪشن 42 جي ڪمپني، مڪمل شفاف نظام، ڏهن اربن جو فنڊ، هڪ ارب روپين جا ساليانا وظيفا، چاليهه هزار شاگرد، مئٽرڪ، انٽر، گريجوئيشن، ماسٽر تائين تعليم، گلگت، بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ چارئي صوبا. اقليتون، اسپيشل ماڻهو، يتيم ۽ معذور ٻارڙا. اهو ڪم جيڪو قيام پاڪستان کانپوءِ ٿيڻ کپي ها. سٺ سالن کان پوءِ ٿئي ٿو. شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پنهنجي محنت جو ڦل ۽ منزل ضرور ملندي. علي ڳڙهه پاڪستان ٺاهيو، انڊومنٽ فنڊ مان فائدو ماڻيندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون اُن جي اڏاوت ڪندا.
    پنجاب ايجوڪيشنل انڊومنٽ، شهباز شريف جو تصور هو. هو پاڻ ئي ان جو چيئرمين هو ۽ جڏهن مونکي وائيس چيئرمين بنجڻ جي لاءِ چيو ته مون کي ٿوري حيرت ٿي، ڇو ته مونکان اڳ ۾ ڪيترن ئي نالي وارن ماڻهن کي بورڊ اف ڊائريڪٽرز ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني ويئي هئي. منهنجي لاءِ بهرحال اهو هڪ اعزاز هو. ڊاڪٽر ڪامران شمس کي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر طور چونڊيو ويو. سچ اهو آهي ته ڊاڪٽر شمس به ان چونڊ جو حق ادا ڪيو. فنڊ جي شروعات 2008ع جي آخر ۾ ٿي، شروعاتي ڏينهن ڏاڍا ڏکيا هئا. بي حد غريب ۽ باصلاحيت ٻارن کي ڳولهڻ بظاهر سولو نظر ٿو اچي، پر هڪ فروسده انتظامي ڍانچي ۾ اهو ڪم سولو ڪونهي. گهڻي سوچ ويچار ۽ سخت محنت کانپوءِ جسٽس (ر) عامر رضا خان جي مدبرانه شخصيت وڏو سهارو بڻي. ڊاڪٽر محمد اجمل خان ۽ محترمه انوشه احسان ڀرپور ساٿ ڏنو. آفيس ٺهي، ٽيم جُڙي، مول ۽ متا ٺهيا ۽ پوءِ هڪ اداري جنم ورتو، جيڪو پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ منفرد ۽ ڌار حيثيت جو حامل آهي.
    آئون جڏهن ايجوڪيشن فنڊ سان لاڳا پيس ته ڪجهه دوستن مونکي ان ڳالهه کان پاسو ڪرڻ جي لاءِ چيو. هنن چيو ته توتي سياست جو ٺپو لڳي ويندو. پر مونکي پاڻ تي ڀروسو هو. مونکي خبر هئي ته سياستدان کان پري رهي ڪم ٿي نٿو سگهي، پر سياست کان پري رهي ڪم ٿي سگهي ٿو. الله تعاليٰ جي اها وڏي مهرباني آهي، جو پنجن سالن تائين اها عظيم ذميداري نباهيم ۽ دامن تي ڪو به اهڙو داغ نه لڳم، جنهن ۾ ذاتي جوف شامل هجي. انهن پنجن سالن ۾ وڏي وزير منهنجو راءِ جو مڪمل احترام ڪيو. نه ڪا سفارش ڪئي ۽ نه ئي ڪنهن کي ائين ڪرڻ جي موڪل ڏني. ميرٽ جي اها پاسداري يقين کان ٻاهر ٿي نظر اچي. پر اسان کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته جيڪي چاليهه هزار اسڪالرشپون ڏنيونسين. انهن جا مڪمل تفصيل فنڊ جي ويب سائيٽ تي موجود آهي ۽ انهن ۾ هڪ به ڄاڻي واڻي غلطي ڪيل نه آهي. اُن چونڊ جي خلاف مونکي ٽي ڀيرا صوبائي محتسب جي عدالت ۾ پيش ٿيڻو پيو ۽ خدا جي مهربانيءَ سان هر ڀيري فيصلو فنڊ جي حق ۾ ٿيو. ايتري شفاف ڪارڪردگي، بهترين قيادت ۽ ايماندار ٽيم کانسواءِ ممڪن نه هئي.
    آئي.ايس.او سرٽيفڪيشن، نقص کان آجون آڊٽ رپورٽون ۽ هڪ مڪمل شفاف نظام ، فنڊ جي سڄي ٽيم ۽ سڀئي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ان جي لائق آهن ته کين داد ڏنو وڃي. انهن جو نالو تاريخ جو حصو بنجي چڪو آهي. ٻارن کي اعليٰ تعليم جي لاءِ اسڪالرشپن کان سواءِ مختلف قسمن جي سکيا به ڏني وڃي ٿي ته جيئن انهن جون قائداڻيون صلاحيتون نکري سامهون اچن. اسان کي انهن ٻارڙن کي مستقل جي قيادت طور تيار ڪرڻون آهي ته جيئن اهي پاڪستان کي سنئين دڳ لائي سگهن. هتي جي مٽي ته وڏي مردم خيز آهي. اسين ته پاڪستان بدلائي نٿا سگهون. پر ڪجهه وقت کانپوءِ اهي چاليهه هزار ٻار جيڪي چار لک هوندا، سي پاڪستان ضرور بدلائيندا. پنجاب ايجوڪيشنل انڊومينٽ فنڊ، کانپوءِ پاڪستان ايجوڪيشنل انڊومنٽ فنڊ آئيندي جي اُفق تي ٻرندڙ ڏيئن جي هڪ قطار نظر اچي رهي آهي.


    6.4: فائونٽين هائوس

    فائونٽين هائوس ننڍڙي دنيا آهي ۽ دنيا هڪ وڏو فائونٽين هائوس.
    ذهني مريض جي علاج جو اهو ادارو پنجاهه سال اڳ ڊاڪٽر رشيد چوڌريءَ ڪجهه سنگتين سان گڏجي شروع ڪيو هو. ڊاڪٽر رشيد چوڌري ذهني مرضن جو هڪ عظيم معالج هو. هن سائڪاٽري جي نالي کي هڪ نئون دڳ عطا ڪيو. فائونٽين هائوس جي شروعاتي اڏيندڙن ۾ علامه علاؤالدين صديق سابق وائس چانسلر پنجاب يونيورسٽي، ڊاڪٽر محمد اجمل مخدوم سابق وائس چانسلر ۽ پرنسپل گورنمينٽ ڪاليج لاهور، ڊاڪٽر رفعت رشيد، عبدالعلي شيخ، ناليوارو صحافي مجيد الملڪي ۽ حامد مجيد شامل آهن. اهي هڙئي همراهه هاڻ اسان جي وچ ۾ نه آهن. پر انهن جي ياد فائونٽين هائوس جي درو و ديوار تي چٽيل آهن. ڊاڪٽر رشيد چوڌريءَ چاليهن سالن تائين ان اداري جي خدمت ڪئي. سندس لازوال خدمتن جي نتيجي ۾ ان عمارت کي هڪ گهر جو درجو مليو. محبت سان ٽٻٽار هڪ اهڙو گهر، جتي ماڻهو پنهنجو پاڻ کان بي خبر رهن ٿا، جتي ذهني ۽ نفسياتي مريضن جو علاج ٿئي ٿو ۽ علاج کانپوءِ سندن معاشري ۾ واپسي جي عمل جي شروعات ڪئي ويندي آهي. هتي رهندڙ مريضن کي ميمبر ڪيو ويندو آهي. راند روند، وندر ۽ ورونهن، پيشي وراڻي سکيا، مصوري، باغباني، موسيقي ۽ سنگتراشي. اهي اُهي مختلف طريقا آهن. جن جي ذريعي ميمبرن جو علاج ٿيندو آهي. ڊاڪٽر رشيد چوڌريءَ جڏهن 2006ع ۾ وفات ڪئي ته فائونٽين هائوس جو مستقل غير يقيني نظر اچڻ لڳو. پر سندس فرزند ڊاڪٽر هارون رشيد اڳيان وڌي ذميداريون سنڀاليون ۽ ادارو وڌڻ لڳو. ان دوران اجل هڪ ٻيو تير هلايو ۽ هارون رشيد به گذاري ويو. ڊاڪٽر هارون رشيد هن اداري جي لاءِ وڏي محنت ڪئي هئي. هن جي لاڏاڻي کانپوءِ فائونٽين هائوس کي ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻو پيو. پر فائونٽين هائوس جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ٽن ڄڻن تي ٻڌل هڪ مئنيجمينٽ ڪميٽي ٺاهي، جنهن ۾ غياث الدين ۽ ڊاڪٽر عمير رشيد شامل هئا. مونکي اتفاق راءِ سان ان ڪميٽيءَ جو چيئرمن مقرر ڪيو ويو. اهو منهنجي لاءِ هڪ ٻيو اعزاز هو. جڏهن ٽيهه سال اڳ جڏهن فائونٽين هائوس جو بنياد رکيو پي ويو ته آئون ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهندو هوس. مونکي هتي اچڻ جو موقعو ملندو هو ته مونکي چوڌاري ڊاڪٽر رشيد چوڌري ئي نظر ايندو هو. ڪنهن مهل اڏيندڙ، ته ڪنهن مهل مسيحا ته ڪڏهن وري مهربان علاج ڪندڙ. مون سندس نقش قدم تي هلڻ ٿي چاهيو، پر اهو ته منهنجي وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته ڪو هڪ ڏينهن ان عظيم ميراث جي حفاظت به منهنجن ڪلهن تي اچي پوندي. مئنيجمينٽ ڪميٽي جي سامهون هڪ للڪار مالي وسيلن جي کوٽ هئي. فائونٽين هائوس جي اڪائونٽ ۾ رڳو ٽن مهينن جون پگهارون وڃي بچيون هيون. پر ان کان به وڏي للڪار مايوسي جي اها ڪيفيت هئي، جيڪا فائونٽين هائوس جي ڀتين ۽ ڇتين ۾ گهڙي چڪي هئي. ادارا ۽ تحريڪون وسيلن جي کوٽ سبب نه پر بي يقينيءَ سبب ناڪام ٿينديون آهن. نئين انتطاميا کي الله تعاليٰ جيڪا سڀني کان وڏي ڪاميابي عطا ڪئي اُها اِها هئي ته اسان اُن مايوسي کي هڪ هاڪاري سوچ ۾ بدلائي ڇڏيو ۽ ڪجهه ئي مهينن ۾ ڊونرس، ايگزيڪيوٽوز ۽ عام ماڻهن جو ڀروسو موٽي آيو. کين هڪ ڀيرو ٻيهر يقين ٿيڻ لڳو ته هي ”گهر“ سدائين آباد رهندو ۽ هتان جا رهاڪو خوشيون ماڻيندا رهندا. اداري جي معاشي پاڻڀرائپ جي لاءِ هڪ انڊومنٽ فنڊ ٺاهڻ جي گهرج هئي. فنڊ قائم ٿيو ۽ ان ۾ وري اهڙي ته برڪت پئي جو ٻن سالن جي عرصي ۾ اُن ۾ ڏهه ڪروڙ روپيا گڏ ٿي ويا.
    فائونٽين هائوس ٻه ڀيرا يتيم ٿيو. هڪ ڀيري جڏهن ڊاڪٽر رشيد چوڌريءَ وفات ڪئي ۽ ٻيو گهمرو تڏهن، جڏهن هارون رشيد هي جهان ڇڏيو. پر اسان جو عزم هو ته هاڻ اهو پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به يتيم نه ٿئي. هن گهر تي الله جي رحمت آهي ۽ ان رحمت جي ڪري وجود ۾ ايندڙ اهو انڊومنٽ فنڊ ان کي سدائين مالي سگهه بخشيندو رهندو. فائونٽين هائوس جي انتظامي معاملن ۾ اڻ ڳڻيون تبديليون آنديون ويون. انڊومينٽ فنڊ (ISO) سرٽيفيڪٽس، شفاف مالي نظام، بهترين ايڪسٽرنل ۽ انٽرنل (اندرين ۽ ٻاهرين) آڊٽ، هڪ انتهائي اثرائتو انتظامي مينوئل ۽ خدمت جي جذبي سان سرشار اسٽاف. ڊاڪٽر عمران مرتضيٰ، ڊاڪٽر نوميس ۽ سندن سڀئي ساٿي. عثمان رشيد ۽ ساڻس گڏ رضاڪار، جنهن اداري ۾ چئن سون جي لڳ ڀڳ ذهني مريض رهن ٿا ۽ ڪيترو ئي عملو ڪم ٿو ڪري، ان جي تڪليفن جو نبيرو ڪو ڏکيو ڪونهي. ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن. جن پنهنجي محنت جي بدولت نئين سر اڏاوت جي ان ڪوشش کي ڪاميابي جي ڪنڌيءَ سان وڃي لڳايو. پر ٻه نالا غياث الدين، جنهن کي ماڻهو ’بابا جي‘ سڏين ٿا ۽ ٻيو ڊاڪٽر ڪامران شمس. انهن ٻنهي ڄڻن هن اداري کي جيترو وقت ڏنو، اوترو ٻين ڪيترن گڏجي به نه ڏنو هوندو. مڪمل طور تي رضاڪاراڻي جذبي ۽ نمائش جي جذبي کانسواءِ. ڪيترن ئي سماجي ڀلائي جي ادارن سان لاڳاپجڻ کانپوءِ مونکي احساس ٿيو ته سماجي ڀلائي جي ادارن تي ڪٽنبن جو ليبل لڳڻ نه گهرجي. وڏا ادارا سماج جي اجتماعي ڪاوشن جو ڦل هوندا آهن. ڪنهن مخصوص وقت ۾ ڪجهه همراهه ان جي واڌ ويجهه ۾ حصو وٺن ٿا ۽ پوءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري موڪلائي وڃن ٿا. فائونٽين هائوس به ڪيترن ئي دردمند ماڻهن جو گڏيل ورثو آهي. ان جي شان ۽ مان ۽ زندگي ان گڏيل سوچ ۾ لڪل آهي. هيستائين ڪيترن ئي مخير ماڻهن ان اداري جي سرپرستي ڪئي آهي. جن م ملڪ معراج خالد، ڊاڪٽر افضل جاويد، شيخ محمد نعيم، حاجي انعام الاهي اثر، ميان عبدالوحيد، بيگم ناصره جاويد اقبال، جناب ايم.ايم خان، ايس ايم اشفاق، ميڊم ثريا خان، احسان الله وقاص شامل آهن. فائونٽين هائوس سان انهن سڀني صاحبن جو ساٿ ڏينهن ۽ راتين جي قيد کان آزاد آهي. هنن مريضن سار سنڀال کي سدائين پنهنجو ئي ڏک سمجهيو، هنن جي نظر ۾ فائونٽين هائوس هڪ مشن هو، هڪ سڳوري ذميداري ۽ عبادت هئي. ڊاڪٽر هارون رشيد وٽ هڪ ڀيرو هڪ شخص آيو ۽ عطيو ڏيئي ماٺ مٺيءَ ۾ موٽي ويو. ڪيترن ئي ڏينهن کانپوءِ اهو ئي شخص ڪنهن تقريب ۾ نظر آيس ته هو وٽس ويو ۽ چوڻ لڳس. سائين اوهان عطيو ته ڏنو، پر پنهنجي ائڊريس ته نه ڏني ته جيئن اسين رسيد موڪلي سگهون. سندس جواب هو ته ”پروفيسر صاحب! مونکي رسيد ته ملي چڪي آهي.“ جڏهن آئون عطيو ڏيئي گهر موٽيس ته اهو ڏسي حيران ٿي ويس ته منهنجي امڙ جيڪا ڳالهائڻ جي سگهه کان محروم ٿي، ڪيترن ئي مهينن کان بستري تي ليٽيل هئي پنهنجن پوٽن ۽ پوٽين جي وچ ۾ ويهي ڳالهيون ڪري رهي هئي. ڊاڪٽر صاحب هن جذبن جي شدت کان چيو، ”ڀلا ان کان وڏي ٻي رسيد ڪهڙي هوندي ته مون پنهنجي بيمار امڙ جي نالي تي عطيو ڏنو ۽ منهنجي گهر پهچڻ کان اڳ ئي هو صحتياب ٿي چڪي هئي.“
    اهو آهي فائونٽين هائوس ۽ ان جي برڪت، پاڪستان ۾ اهڙا تمام گهٽ ادارا آهن. اهڙا ادارا ائين ئي ڪونه ٺهندا آهن. انهن جي لاءِ هڪ دردمند دل ۽ جگر جو رت گهرجي. اوريان مقبول جان هڪ ڀيري چيو هو ته اسان جي ملڪ ۾ هڪ Mcdonald کلي ٿو ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي، ٽن چئن سالن جي اندر گهٽي گهٽي ۾ ميڪڊونالڊ کلي وڃن ٿا، پر فائونٽين هائوس کلڻ کانپوءِ به ڪيترن ئي سالن تائين ٻيو فائونٽين هائوس نٿو جڙي. ڪٿي اسين ڪم نظر ۽ ڪوتاهه بين ته نه آهيون. اوريان مقبول جان جو چوڻ صحيح، پر اسين ان کان اڳ هڪ ٻي فائونٽين هائوس جي رٿابندي ڪري چڪا هئاسين. بڙ جهڙو گهاٽو هڪ ٻيو ڇانورو ڏيندڙ وڻ.


    6.5: فائونٽين هائوس سرگوڌا

    توفيق ملڻ ئي وڏو اعزاز آهي.
    فائونٽين هائوس لاهور کانپوءِ فائونٽين هائوس سرگوڌا. فائونٽين هائوس جهڙن ادارن جي ملڪ جي هر حصي ۾ گهرج آهي، جيئن ذهني مريض دربدريءَ جون ٺوڪرون نه کائين. اهائي سوچ هئي، جنهنڪري هڪ نئون فائونٽين هائوس جوڙڻ جو خيال آيو. ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جي ميمبرن جڏهن منهنجي رٿ ٻُڌي ته وڏي خوشي ۽ يڪ راءِ ٿي ان جي توثيق ۾ هڪ گهڙي به دير نه ڪيائون. اسان جي رٿ اها هئي ته ايندڙ فائونٽين هائوس سرگوڌا ۾ ٺهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ بنون، ڊي.آءِ.خان، ميانوالي، بکر، خوشاب، ليه ۽ سرگوڌا جهڙن هنڌن تان جيڪي ذهني مريض اچن ٿا، انهن جي مٽن مائٽن کي سخت تڪليف ٿئي ٿي. سرگوڌا کان پري به نه آهي. ان ڳالهه تي اتفاق راءِ ٿيو. سرگوڌا جي ڊي سي او عظمت محمود کي سرڪاري زمين جي درخواست ڪئي ويئي. عظمت ته جهڙو ڪر اڳ ۾ ئي اوسيئڙي ۾ ويٺو هو. هن شهر جي ڀرسان اٺن ايڪڙن تي ٻڌل هڪ زمين جو ٽڪرو ڳولهي ڪڍيو ۽ پنهنجي زوردار سفارش سان صوبائي حڪومت کي موڪلي ڏنائين. اهو ڪم جيڪو مهينن ۾ به نه ٿيندو آهي. اهو هفتن ۾ ٿي ويو. زمين جي الاٽمينٽ ۾ دير ٿيڻ لڳي ته وزير اعليٰ پنهنجي هڪ ٻي بهترين آفيسر شاهد اقبال کي اها ذميداري حوالي ڪئي، جنهن وعدي موجب اهو سڄو ڪم پندرهن ڏينهن ۾ اُڪلائي ڏنو، جڏهن اڏاوت جو مرحلو آيو ته ڪُڻو عبدالقيوم جي نالي نڪتو. عبدالقيوم هڪ بهترين آرڪيٽيڪٽ آهي. پهرين ته هو ڊاڪٽر ڪامران ۽ اظهار هاشميءَ جو سنگتي هو، هاڻ اخوت جو دوست آهي. اخوت جي هيڊ آفيس سندس ئي تخليقي ڪاوشن جو شاهڪار آهي. 24 سيپٽمبر اڱاري جي ڏينهن فائونٽين هائوس سرگوڌا جو ماسٽر پلان منظور ٿيو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته هڪ سال جي اندر ئي پنجاهه بسترن تي ٻڌل اها اسپتال ڪم شروع ڪري ڏيندي... نه ڪا وسيلن جي کوٽ ٿي ۽ نه ئي وري ڪا ٻي ڏکيائي ٿي. جيڪي ماڻهو الله تي ڀروسو رکن ٿا، انهن جي لاءِ الله ئي ڪافي آهي. اخوت سرگوڌا جي ساٿين دل کولي ساٿ ڏنو. خاص طور تي عرفان بٽ، جاويد چيمه، ۽ شاهه ريز. عمارت جو ٻاهريون ڏيک ويک هوبهو اهو ئي هوندو، جيڪو فائونٽين هائوس لاهور جو آهي. اسان جي خواهش هئي ته اهو لاهور فائونٽين هائوس جو ئي پرتوو نظر اچي. اهو ڪارنامو ڊاڪٽر رشيد چوڌري ۽ هارون رشيد کانسواءِ انهن سڀني مهربانن جي سڪون جو باعث هوندو، جيڪي فائونٽين هائوس جي مدد ڪندا رهيا. جن ۾ حاجي انعام الاهي، شيخ محمد نعيم ۽ ميان عبدالوحيد شامل آهن. ان موقعي تي ڪجهه ماڻهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. سڀني کان پهرين اهو درويش صفت ملڪ معراج خالد، جنهن فائونٽين هائوس لاهور جي شاندار عمارت ڊاڪٽر رشيد چوڌريءَ جي حوالي ڪئي. پوءِ جنرل ضياالحق ۽ جنرل سوار خان جن فائونٽين هائوس فاروق آباد جي لاءِ زمين فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ هاڻ شهباز شريف، جنهن سرڪار پاران زمين به ڏني ۽ شريف فائونڊيشن پاران عطيئي جو اعلان پڻ ڪيو. خدا ڪري ته سڀني کي اهڙي توفيق ملي. قرآن پاڪ جي هڪ آيت موجب الله تعاليٰ جي هڪ سڳوري نبي چيو، ’آئون ته سڌارو ٿو چاهيان، جيستائين منهنجي وس ۾ آهي ۽ مونکي جيڪا به توفيق ملي ٿي، رڳو الله جي مدد سان آهي‘ (88-12). ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته اسان جي اختيار ۽ قبضي ۾ ته ڪا به شيءِ نه آهي. اها ئي توفيق سندس عطا ڪيل آهي ۽ عطا قرب جي پهرين نشانين مان هڪ نشاني آهي.


    6.6: پنجاب ويلفيئر ٽرسٽ فارڊس ايبل

    خصوصي ماڻهو الله جي پاران انعام به آهن ته امتحان به، منهنجي دل ۾ انهن جي لاءِ محبت جا گُل اُن وقت ٽڙيا، جڏهن آئون پنجاب ويلفيئر ٽرسٽ فارڊس ايبلڊ سان لاڳاپيس. اُن اداري سان وابستگي هڪ ٻيو انعام ثابت ٿي. ان ٽرسٽ جي قيام ۾ ٽن ماڻهن جو ڪردار سڀني کان اهم آهي. اهي آهن، ڊاڪٽر محمد عارف، جسٽس (ر) عامر رضا ۽ ايم.اي.ڪي. چوڌري. اسي واري ڏاڪي ۾ جنرل ضيالحق جي خواهش تي وفاقي حڪومت معذور ماڻهن جي علاج ۽ بحالي جي لاءِ چئني صوبن کي ڏهه ڏهه ڪروڙ روپيا مالي مدد ڏني. ٽن صوبن اها رقم پاڻ وٽ ڪم ڪندڙ اين.جي.اوز جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ پنجاب ان رقم مان هڪ انڊومنٽ فنڊ جوڙي ڇڏيو ته جيئن اصل رقم خرچ نه ٿئي، بلڪ ان مان ملندڙ فائدي مان ڪم ٿيندو رهي. انڊومنٽ فنڊ ٺاهڻ جي رٿ سول سروس جي ميمبرن ڊاڪٽر محمد عارف ۽ جسٽس (ر) عامر رضا طرفان ڏني ويئي. فنڊ جڙڻ کانپوءِ ويلفيئر ٽرسٽ ٺهيو، جنهن جي ٽر سٽيز ۾ حڪومتي نمائندن سان گڏ ڪجهه ٻيا ماڻهو به شامل هئا. انهن سڀني ماڻهن رات ڏينهن هڪ ڪري ٽرسٽ کي هڪ معتبر ادارو بنائي ڇڏيو. 2007ع ۾ ٽرسٽ جي پهرين مئنيجنگ ڊئريڪٽر وفات ڪئي ته ان وقت جي سوشل ويلفيئر جي سيڪريٽري شعيب بن عزيز مون سان رابطو ڪري، مونکي اهو عهدو سنڀالڻ جي آڇ ڪئي. مونکي پهرين ته ٿورڙي هٻڪ هئي، پر مون جڏهن ٽرسٽ جي مول ۽ متن کي سمجهيو ته اها آڇ خوشيءَ سان قبولي ورتم. منهنجو رڳو هڪ شرط هو ته آئون ان ڪم جي لاءِ ڪو وظيفو وغيره نه وٺندس. منهنجو اهو ڪم اعزازي هوندو. منهنجي ان بي طلبي جو سبب ڪهڙو هو. شعيب بن عزيز کان وڌيڪ اها ڳالهه ٻيو ڪير ٿي سمجهي سگهيو.
    اے بے طلبی، قدر ہماری کہ یہاں تک،
    ہم کون سے خواہش سے گذر کر نہیں آئے۔
    هن هٻڪ کانسواءِ اهو شرط مڃي ورتو ۽ ائين منهنجو ٽرسٽ سان رشتو قائم ٿيو. ڪجهه ئي ڏينهن کانپوءِ منهنجو جسٽس (ر) عامر رضا سان ملڻ ٿيو ۽ اسان ٽرسٽ کي فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هوريان هوريان هڪ بهترين حڪمت عملي جوڙي ويئي. انڊومنٽ فنڊ ۾ ويهه ڪروڙ روپيا موجود هئا. اسان جي خواهش هئي ته اسين ڪجهه ئي سالن ۾ اها رقم هڪ ارب تائين کڻي وڃون ۽ انهن ادارن جو تعداد به وڌايون، جيڪي ان فنڊ مان مستفيد ٿين ٿا. انهن ئي ڏينهن منهنجي گذارش تي اسان جو هڪ پيارو دوست ۽ ڪنگ ايڊورڊ جو هم ڪلاسي ڪرنل ڊاڪٽر ظفر اقبال باجوه به ڊئريڪٽر پروگرام جي حيثيت سان ٽرسٽ سان واڳجي ويو. ڪرنل باجوه محنت، ديانت ۽ نظم و ضبط ۾ بي مثال آهي. هن جي موجودگيءَ مان ٽرسٽ کي هڪ نئون جذبو مليو ۽ جلد ئي هڪ سرگرم ٽيم نئين حڪمت عملي ۽ نون قدمن سان وجود ۾ اچي ويئي... اسان سڀ کان پهرين مسواڙي آفيس مان نڪري پنهنجي آفيس خريد ڪئيسين. چئن سالن ۾ انڊومنٽ ويهن ڪروڙن مان وڌي پنجاهه ڪروڙ ٿي ويو ۽ ساليانو هڪ سؤ کان به وڌيڪ اين جي اوز کي امداد مهيا ٿيڻ لڳي Outreach Programme کان علاوه Inclusive Education جو بنياد رکيو ويو. ٽرسٽ پاران پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي پرزنٽيشن ڏني ويئي ته هن ٽرسٽ جي ڪارڪردگي کي واکاڻيندي سالياني چئن ڪروڙ روپين جي گرانٽ منظور ڪئي. اها هڪ اهم وک هئي. ان قدم ياد ڏياريو ته شرط ته رڳو سفر آهي. مسافر نواز ۽ ڇانورو ڏيندڙ ته واٽون نهاريندا رهندا آهن. پنجاب ويلفيئر ٽرسٽ چئن قسمن جي ماڻهن جي خدمت ڪري ٿو. انڌا، گونگا، ٻوڙا، ذهني ۽ جسماني معذور. پاڪستان ۾ ان قسم جو ٻيو ڪو به ٽرسٽ نه آهي. هيستائين اهو ٽرسٽ ٽن ملين ماڻهن جي مدد ڪري چڪو آهي. ان جا انتظامي خرچ بنهه معمولي آهن. خاص ماڻهن جي لاءِ ڪم ڪندڙ ڪيترائي ناليرا ادارا هن ٽرسٽ مان مستفيد ٿيندا آهن. ايل.آر.بي ٽي، مين مڪتب، رائزنگ سن، انجمن بحالي معذوران، فائونٽين هائوس، راولپنڊي آءِ ڊونرز آرگنائيزيشن، عزيز جهان ٽرسٽ، روشني، النور ٽرسٽ. انهن سڀني ادارن جون خصوصي ماڻهن جي لاءِ بي انت خدمتون آهن. پر ٽرسٽ جي سهڪار سان انهن خدمتن جو دائرو پکڙجڻ لڳو. آئون شعيب بن عزيز جي لاءِ دعاگو آهيان ته هن جي دعوت تي مونکي ٽرسٽ سان واڳجڻ جو موقعو مليو ۽ آئون انهن ماڻهن جي ويجهو ٿيس، جيڪي الله جي ويجهو آهن.
    اُتي رهي اندازو ٿيم ته ذهني ۽ جسماني جڏائپ غربت جي سڀ کان بڇڙي شڪل آهي. اسپيشل ماڻهو رحم جا نه پر محبت جا حقدار آهن. بد قسمتي اها آهي ته کين ماءُ پيءُ جو به گهڻو ڌيان نه ٿو ملي. نه تعليم، نه پيار ۽ نه ئي وري وراثت ۾ ڪو حصو پتي. اڪثر ڪري کين گناهن جي سزا سمجهيو ويندو آهي. پر اِهي ته اُهي گل آهن، جن کي آزمائش جي لاءِ موڪليو ويو آهي. جنهن گهر ۾ جڏي ٻارڙي سان محبت ڪئي وڃي، ان گهر ۾ الله جي رحمت جو ڇانورو سدائين موجود هوندو آهي. ٽرسٽ ۽ ان سان لاڳاپيل هزارين ڪارڪن ان ئي جذبي سان ڪم ڪن ٿا. محترمه خاور سلطانه، صلاح الدين جدي ۽ ڊاڪٽر سلميٰ مقبول جهڙن ماڻهن اسپيشل ماڻهن جي لاءِ پنهنجون زندگيون ارپي ڇڏيون آهن ۽ ڏک جي اونهي سمنڊ ۾ عافيت جا ٻيٽ ٺاهڻ لڳا. ٽرسٽ اسپيشل ماڻهن جي ڀلائيءَ جي لاءِ اخوت سان گڏجي ڪجهه ڪم ڪيا، جن ۾ ٽن هزار اسپيشل فردن کي بنا وياڄ قرضن جي فراهمي به شامل آهي. ڇا اها خوشي ۽ حيرت جو سبب ڪونهي ته انهن قرضن جي واپسي جو تناسب 99 سيڪڙي جي لڳ ڀڳ آهي. هن وقت ٽرسٽ جو سڄو مدار حڪومتي وسلين تي آهي، جيڪڏهن انهن وسيلن ۾ واڌارو ٿيڻ لڳي ته اسپيشل ماڻهن جي لاءِ ڪيترائي ڪم ٿي سگهن ٿا. هڪ دردمند سماج جو پهريون امتحان اهو آهي ته اتي اهڙن فردن سان ڪيتري محبت ڪئي وڃي ٿي.


    6.7: اخوت هيلٿ سروس

    اخوت جا قرض غربت کان ڇوٽڪاري جو فقط هڪ رستو آهي. اخوت قرضن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ڪم ڪيا. اخوت هيلٿ سروسز به اهڙو ئي هڪ اهم قدم آهي. سٺو علاج، سٺيون دوائون مفت يا ٿورڙي اگهه تي. اخوت هيلٿ سروسز تحت جيڪا پهرين ڪلينڪ قائم ٿي ان ڪيترن ئي ماڻهن جون زندگيون به بچايون. هڪ ڀيري ڪنهن مريض کي ڊاڪٽر چيو: تنهنجو واحد علاج پير ڪٽڻ ۾ آهي نه ته تنهنجي زخم جو زهر سڄي جسم ۾ پکڙجي ويندو.
    اهو ٻُڌي هن جون اکيون ڀرجي آيون. جنهن پير تي هن بيهڻ سکيو هو. جيڪو پير چاليهن سالن تائين هن جو وزن کڻي هلندو رهيو هو، ڇا هو ان کان محروم ٿي ويندو. جڏائپ، بيساکي، ڌڪا! ڪنهن کيس اخوت جي ڪلينڪ جو ڏس ڏنو، هو اُتي پهتو. ڊاڪٽر انعام الحق سندس پير تي پنهنجو هٿ رکي چيو، ”نه ائين نه ٿيندو.“ ۽ پوءِ ائين نه ٿيو. هن جي پير تي مهارت سان مرهم رکيو ويو ته پير ڪاٽڻ جي نوبت نه آئي. ڊاڪٽر انعام الحق جي ٽيم چئن ماڻهن تي ٻڌل آهي ۽ انهن سڀني گڏجي هڪ يا ٻن نه پر اهڙن ڪيترن ئي ماڻهن جا پير ڪٽڻ کان بچائي ورتا. انهن وٽ ڪو اهڙو مرهم آهي، جيڪو نازڪ نسن تي رکڻ سان ئي رت وهڻ بند ٿيو وڃي. گند سُڪيو وڃي ۽ زخم ڀرجڻ لڳندو آهي. ڪجهه همراهه ان کي جادو چوندا آهن ته ڪجهه مسيحائي به. ڊاڪٽر انعام ۽ ڊاڪٽر طاهر رسول جي نظر ۾ اها فقط خدمت آهي. ان خدمت ۾ روبي دانيال ۽ شاهد سليم سڀني کان اڳڀرا آهن. سادگي ۽ خوش مزاجي سندن مَرڪ آهي. هنن گينگرين جي علاج جي خصوصي سکيا ورتي آهي. پر سندن چوڻ آهي ته علاج جو واحد دارومدار رڳو سکيا تي نه هوندو آهي، پر ان جي لاءِ نياز ۽ نوڙت به گهرجي. هو معاوضو نه وٺندا آهن، معاوضو ته مسيحائي جو ضد آهي. ڪنهن جي ٽنگ يا ڪنهن جو پير بچي ويو ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڀلا ڪهڙو اجورو هوندو. غريب ۽ امير جو به ڪو قيد ڪونهي، بس ايترو وعدو وٺندا آهن ته هاڻ اهو پير نيڪي جي وک بنجي وڃي. اخوت هيلٿ سروسز هڪ ننڍي ڪلينڪ آهي، پر اُن ڪلينڪ ۾ هيستائين ذيابيطس، بلڊ پريشر ۽ هيپاٽائٽس جي هزارين مريضن جو علاج ٿي چڪو آهي. ڊاڪٽر جاويد اقبال ان ڪم کي وڏي خلوص سان اڳتي وڌايو. هتي ڪا به في نٿي ورتي وڃي. بس هڪ باڪس رکيل آهي، جنهن ۾ جنهن کي جيترو وڻي، اوترو وجهي وڃي ۽ اها رقم وري ڦري گهري مريضن جي ئي ڪم ۾ اچڻي آهي. اخوت جو عزم آهي ته اهو هنڌ شگر جي علاج ۽ تحقيق جي هڪ وڏي مرڪز ۾ بدلجي وڃي. ڪو گهرو زخم ناسور نه بڻجي، نه رت وهي، نه پير وڍڻو پوي. اخوت هيلٿ سروسز تحت اخوت ڪلينڪ اڃان صرف لاهور ۾ قائم ٿي آهي. ايتريون اڃا ٻيون ڪيتريون ئي ڪلينڪس کلڻيون آهن. اُميد جا نوان ڪرڻا، ايثار ۽ درمنديءَ جا نوان رستا کلن. انسانيت جي خدمت ۾ اڳتي وڌجي.


    6.8: راولپنڊي

    ڪيترن ئي ماڻهن اهو سوال ڪيو ته اوهين لاهور تائين محدود ڇو آهيو؟ لاهور کان ٻاهر شروعات ڪڏهن ٿيندي. ان جو مدار وسيلن جي هوند تي آهي، تنهن کانسواءِ ڪجهه اهڙن سڄڻن جي به ضرورت آهي، جيڪي ان فلسفي تي يقين رکندا هجن. جڏهن به وسيلا پيدا ٿيا، جڏهن به دردمند انسان مليا ته اصل دير ئي نه ٿي. اخوت جو جهنڊو وستي وستي واهڻ واهڻ لهرائڻ لڳو. هيستائين اسين هڪ سؤ ڏهن شهرن تائين پهچي چڪا آهيون. جالب چواڻي ”آج اس شہر میں، کل نئیں شہر میں بس اسی لھر میں“ انهن سڀني شهرن جي ڪهاڻي سُڻائڻ جي لاءِ هڪ زمانو گهرجي. بس شروعاتي پيڙهه جا ڪي پٿر، ڪجهه شروعاتي شهر...
    راولپنڊي شهر ۾ اسين ميجر (ر) امان الله وسيلي پهتاسين. ميجر امان الله راولپنڊي جي مشهور سماجي شخصيت، چيمبرس آف ڪامرس جو اڳوڻو صدر ۽ ڪيتر ئي سماجي ڀلائي جي ادارن سان لاڳاپيل آهي. سندس بي لوث خدمتن جو ڪجهه لفظن ۾ احاطو ممڪن نه آهي. کيس اخوت جي خبر سليم رانجها ڏني. امان الله صاحب هڪ ڏينهن خاص طور تي سيڙجي لاهور پهتو ۽ اسان جي پهرين ئي ملاقات ۾ اخوت راولپنڊي جي قيام جو فيصلو ٿي ويو. اها اپريل 2006ع جي ڳالهه آهي. وسيلن جي ڪمي، نئون شهر، پر ميجر امان جي لهجي ۾ يقين جي سگهه هئي. انتظامن جي ذميداري اخوت جي هڪ ذهين ۽ ڀروسي جوڳي ساٿي آفتاب جي حوالي ڪئي ويئي، جيڪو پنهنجي زندگي اخوت کي ارپي چڪو آهي. هن سڀ کان پهرين خواجه زاهد کي ڳولهيو، جيڪو پنڊي جو پهريون لون آفيسر ۽ پهريون برانچ مئنيجر ٿيو. زاهد اها ذميداري وڏي جذبي سان قبولي ۽ آفتاب سان گڏ ان ڪم ۾ جنبي ويو. لياقت باغ جي ڀرسان، آريانا پاڙيَ جي هڪ ننڍي مسجد ۾ قرضن جي پهرين ورهاست ٿي. ان علائقي ۾ اسان جو پهريون رضاڪار خالد هو، جنهن جو ان پاڙي ۾ هڪ ننڍو اسٽور آهي. اٺ قرض يعني اسي هزار روپيا. افتتاح جي موقعي تي ميجر امان الله ۽ سندس ساٿي موجود هئا. اهو ئي نياپو، اها ئي اخوت جي پذيرائي. اسان کي پڪ هئي ته ڪاميابي قدم چمندي. يقين به ته سوڀ کان گهٽ نه آهي. ڪجهه وقت کانپوءِ پنڊي جون ذميداريون زاهد جي جاءِ تي مهتاب سنڀالي ورتيون. آفتاب بهترين صلاحيتن جو مالڪ، باهمت ۽ بلند حوصلي وارو هو. ڏينهن هجي يا رات، صبح هجي يا شام ڪڏهن به ائين نه ٿيو ته سندس محنت ۾ ڪمي آئي هجي. هر وقت ڦڙت! راولپنڊي ۾ اخوت جي ڪاميابي ميجر امان الله جي سرپرستي ۽ پوءِ آفتاب، زاهد ۽ مهتاب جي ڏينهن رات محنت جو ڦل آهي. پنجاهه کان به وڌيڪ ملازم، پنجويهن ڪروڙ روپين جا قرض، ويهه هزار فائدو وٺندڙ ڪٽنب ۽ قرضن جي واپسي جي شرح سؤ سيڪڙو، هتان جي اسٽاف جي جيتري واکاڻ ڪجي اها گهٽ آهي. هو امانت، ديانت ۽ محنت جي اصول تي پورو ٿا لهن. اڄ به اڻ ڳڻيا ماڻهو سندس محبت جا دعويدار آهن. پنڊيءَ ۾ اخوت جي هڪ ٻي ڪاميابي ”الاصلاح فائونڊيشن“ آهي. الاصلاح فائونديشن جن ماڻهن ٺاهي، اهي الله جا پيارا ٻانها آهن، يعني نديم خالد ملڪ، برگيڊيئر محمد سرفراز، ۽ فرخ ڪمال، دردمند دل رکندڙ انهن اخوت جي ماڊل کي اختيار ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ پوءِ قربانيءَ جا نوان معيار قائم ڪيا. هو شوق، جذبي ۽ قرباني ۾ ڪنهن کان به پُٺ تي نه آهن. مقامي چيمبر آف ڪامرس، اخوت جي ڪنهن گهاٽي وڻ جيان وڏي سرپرستي ڪئي. اهو سڀ ميجر امان الله جي ڪوششن جو نتيجو هو. چيمبر جو هر چونڊيل صدر اخوت کي پنهنجن مقصدن جي هڪ ڪڙي شمار ڪندو آهي. اخوت جي ماهوار گڏجاڻي به چيمبر جي هال ۾ ٿيندي آهي. راولپنڊي چيمبر جنهن نموني اخوت جي فلسفي کي اختيار ڪيو، اهو ٻين شهرن جي لاءِ به هڪ مثال آهي. اخوت پنڊي جي ساٿين ۽ رضاڪارن ۾ فضل الرحمان ۽ بدر هارون جهڙا بي بدل ماڻهو شامل آهن. محترمه زاهده امين ۽ ان جي ڌيءَ آمنه جي اخوت سان وابستگي مثالي حيثيت ٿي رکي. عطين ۾ سڀ کان وڏو عطيو وقت جو آهي، اخوت جي هر تقريب ۾ هن جي شموليت سندس محنت جو اکين ڏٺو ثبوت آهي. اخوت پنڊي جي هڪ ٻي خوبي سالياني تقريب آهي. اها تقريب هر سال محنت ۽ اهتمام سان ڪوٺائي ويندي آهي، جنهن ۾ اخوت سان لاڳاپيل سوين ڪٽنب ۽ پنڊي جون معتبر شخصيتون شرڪت ڪنديون آهن. لياقت هال ۾ ٿيندڙ ٻن تقريبن ۾ اٽلي جو سفير خاص مهمان هو. جڏهن هو تقريب ۾ پهتو ته ماڻهن پنهنجي ڪرسين تان اُٿي بيهي جنهن نموني سندس آجيان ڪئي، ان جو نقش منهنجي خيال ۾ سدائين سندس دل تي چٽيل رهندو. اڳوڻي ڪمشنر زاهد سعيد ۽ سابق ڊپٽي ڪمشنر امداد الله جو سهڪار به سدائين قائم رهيو. اهو سهڪار انتظامي به هو ته ذاتي به هو. 2011ع ۾ جڏهن اها تقريب ٿي رهي هئي ته آئون چيلهه جي سور سبب هلڻ کان هلاک هئس، پر ڊاڪٽر ڪامران شمس ۽ اظهار الحق هاشمي مونکي گاڏي ۾ ويهاريو ۽ اسين لاهور کان پنڊي پهچي وياسين، سفر جي ڪري منهنجي حالت ڏاڍي خراب هئي. مون کي گاڏي مان کڻي لياقت هال ۾ پهچاويو ويو. اهو منظر ڏسي ميجر امان الله گهڻو ڏکارو ٿيو، پر هن جي ڏک ۾ به هڪ خوشي هئي. هن جنهن نموني مون کي ڀليڪار ڪئي، اهو منظر اڃا به منهنجي اکين ۾ محفوظ آهي. پنڊي جي هڪ سالياني تقريب ۾ حنيف عباسي ۽ راجه انور به شريڪ ٿيا. اخوت جو سياست سان ڪو به واسطو ڪونهي، پر انهن ٻنهي صاحبن جو سياست سان ڳوڙهو واسطو آهي. حنيف عباسي ته پنهنجي ڀرپور سياسي ڪردار جي ڪري ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي، پر اڳوڻي شاگرد اڳواڻ راجا انور جو شمار به سياست جي پراڻن کيڏارين ۾ ٿئي ٿو. ڪنهن وقت هن جي هٿن ۾ انقلاب جو جهنڊو جهليل هو ۽ بغاوت جون ڳالهيون ڪندو هو، پر هاڻ بغاوت تي تدبر جو رنگ حاوي ٿي چڪو آهي. ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي مرتضيٰ ڀٽي تائين، هن قرباني جون ڪيتريون ئي منزلون طئي ڪيون. ستن سالن جي جلاوطني به ان قرباني جو حصو آهي. ”جهوٽي روپ ڪي درشن“ جهڙي نازڪ لکت جو ليکڪ راجا انور اخوت جي فلسفي ۾ ٻُڏي ويو. ”جهوٽي روپ ڪي درشن“، اهو ڪتاب هن پنجاب يونيورسٽي جي نهر تي ويهي لکيو. اها هڪ ناڪام محبت جي ڪهاڻي آهي. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته محبت ڪڏهن به ناڪام نه ٿيندي آهي. محبت ته بس محبت ئي آهي. جيئن سُهائي آهي. سرهاڻ آهي. محبت جي شروعات ئي ناڪامي جهڙي لفظ تي منديئڙو وجهي ڇڏيندي آهي. هارورڊ جي وزٽ کانپوءِ راجا انور به هڪ اخبار ۾ ڏاڍو سٺو ڪالم لکيو.
    ”امجد ثاقب پنهنجي ڪئريئر جي شروعات ڊي.ايم.جي آفيسر جي حيثيت سان ڪئي. ڊي ايم جي ۾ شامل ماڻهن کي آفيسرن جو آفيسر سمجهيو ويندو آهي. چيف منسٽر ۽ پرائم منسٽر سيڪريٽريٽ جون هڙئي اهم پوسٽون انهن جي نالي ئي هونديون آهن، سياستدانن جو ته رڳو نالو هلندو آهي، انهن جي پويان اصل حڪمراني ته انهن ڊي ايم جي آفيسرن جي ئي هوندي آهي. اڄ کان چوڏهن پندرهن سال اڳ ڊاڪٽر امجد ثاقب چيف منسٽر سيڪريٽريٽ ۾ هڪ اهم جاءِ تي مقرر هو، جيڪڏهن هو ان رستي تي هلندو رهي ها ته اڄ پڪ سان ڪنهن کاتي جو سيڪريٽري هجي ها،پر هن جاڳندي هڪ اهڙو خواب ڏٺو، جنهن وري کيس ننڊ ڪرڻ نه ڏني. ان قسم جو سپنو ڪنهن به معاشري يا ڪنهن به مذهب جي پوئلڳ شايد ڏٺو ته هجي پر هنن مان شايد ئي ڪنهن عمل جي ميدان ۾ لهڻ جو حوصلو ڪيو هجي، انهن جا خواب فقط قصن ڪهاڻين تائين محدود رهيا. خواب اهو هو ته ڇا اڄوڪي دنيا ۾ بنا وياڄ جي قرض ڏيڻ جو رواج ممڪن ٿي سگهي ٿو؟ ڇا هڪ اهڙي سماج ۾ انهن قرضن جي واپسي ممڪن آهي، جتي ماڻهو سَڄيون سَڄيون بئنڪون کايو وڃن،پر اوڳرائي به نٿا ڏين؟ پوءِ اهڙا قرض ڏيڻ جي لاءِ بنيادي فنڊ ڪٿان ايندا؟ قرض جي ڏيتي ليتي جو طريقو ڪهڙو هوندو؟ ضمانت ڪهڙي هوندي؟ سڀئي سُبحان جي ڪر حوالي ڪم، تي آسرورکندڙ هي همراهه اندران ڪو وڏو ولي آهي. جڏهن سندس دل جي هر ڪنڊ مان ”هائو، هائو“ جا آواز اُڀرڻ لڳا ته هن پاڻ جهڙا ڪجهه سنگتي ساٿي گڏ ڪيا ۽ اخوت نالي تنظيم جو بنياد رکيو ۽ ڏهن هزارن مان هڪ پاڙي مان پنهنجي ڪم جي شروعات ڪئي. هوريان هوريان ڪافي اڳڀرائپ ٿي. قرضن جو دائرو وڌندو ويو. ڪيترائي ماڻهن جن غريبن جي مدد ڪرڻ ٿي چاهي. پنهنجا صدقا ۽ عطيا کڻي ڏانهنس اچڻ لڳا. جيڪو به هڪ ڀيرو اُن دائري ۾ داخل ٿيو ۽ پوءِ چقمق جي ڇڪ سان ڄڻ چهٽي ويو، جيڪو قرض وٺندڙن جي قطار ۾ بيٺو، اهو پنهنجو قرض لاهڻ کانپوءِ پنهنجي پُڄت آهر قرض ڏيندڙن ۾ شامل ٿي ويو. هر شخص پنهنجي پنهنجي طور تي ماڻهن کي متحرڪ ڪري پنهنجي شهرن ۽ پاڙن ۾ ان پروگرام کي پکيڙڻ شروع ڪيو. نتيجو اهو نڪتو جو 11-2010ع ۾ اخوت نالي ان تنظيم هڪ ارب روپين جا بنا وياڄ جي قرض ورهايا. 12-2011ع ۾ اها رقم وڌي ٻن اربن تائين پهچي ويئي. هتي امجد ثاقب ۽ اخوت جي ڪهاڻي اسان کي هڪ پاڪستان جو چهرو نظر ٿو اچي ۽ اهو چهرو ائين آهي ته اسان جي اميرن ۾ گهڻائي اهڙن جي آهي، جيڪي لکين ڪروڙين روپين جا قرض هڙپ ڪري ويا. پر ان ملڪ جو هڪ بنهه غريب ريڙهي هلائيندڙ سؤ سيڪڙو قرض موٽائي ٿو ڏي، يعني غريب عوام نه چور آهي ۽ نه ئي وري ڌاڙيل. ڊاڪٽر امجد ثاقب جو خدا ڀلو ڪري، جنهن وڃي انهن کي جاڳايو، کين قرض ڏنا، ڪم تي لڳايو. قوم تي ايڏو وڏو احسان ته ڪو به سياستدان ڪري نه سگهيو، جيڪو پنهنجي لاءِ ووٽ گهرندي گهرندي وڃي قبر ڀيڙو ٿئي ٿو ۽ نه ئي وري مُلائيت ڪري سگهي، جيڪي چندو ڏيندڙن کي جنت جون بشارتون ڏيندي ڏيندي وڃيو ڌوڙ وسائين. گذريل مهيني ڊاڪٽر امجد ثاقب کي ڪيترن ئي آمريڪي يونيورسٽين اُن ماڊل تي ليڪچر ڏيڻ جي لاءِ گهرايو. کانئس ڪيترائي سوال پُڇيا ويا ته اهو نظام سڄي پاڪستان ۾ ڪيتري عرصي ۾ پکڙجي سگهي ٿو؟ ۽ اهو ٻين ملڪن ۾ لاڳو ڪرڻ ۾ ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون؟ اولهائين معيشيت دانن کي پوري طرح مطمئن ڪرڻ ته ان وقت شايد ممڪن نه هجي، پر امجد ثاقب ڇا اهو وڏو ڪمال نه ڪيو ته هن سڄي دنيا جي معاشي فلسفي کي لوڏي ڇڏيو. ڊاڪٽر امجد ثاقب کي اهو يقين رکڻ گهرجي ته ان لڙائي ۾ هو اڪيلو نه آهي.
    قتل گاہوں سے چن کر ہمارے علم،
    اور نکلیں گے عشاق کے قافلے۔
    مون کي راجا انور جي ان اڳ ڪٿي سان مڪمل اتفاق آهي؟ مٿي ڦريلن جا قافلا ضرور نڪرن. فيض احمد فيض جو اهو شعر هڪ لازوال فتح جي نويد آهي. زندگي ڪڏهن به هٿيار ڦٽا نه ٿي ڪري، زندگي ڪڏهن به ناڪام نٿي ٿئي. زندگي ته اسان جي گُهرجن ۽ خواهشن ۾ جيئري رهي ٿي. اها ڳالهه ول ڊيورانٽ به چئي. ”ماڻهو مري وڃن ٿا، پر زندگي انهن جي خوابن کي مرڻ نٿي ڏي ۽ هڪ ڏينهن نيٺ ساڀيان ماڻي وٺي ٿي“. اور نکلیں گے عشاق کے قافلے، اور نکلیں گے عشاق کے قافلے۔


    6.9: فيصل آباد

    فيصل آباد حبيب جالب، حسن نثار ۽ رياض مجيد جهڙن ماڻهن جو شهر آهي، پوءِ ڀلا هتي اخوت جو ڏيئو ڇو نه ٻري. فيصل آباد سان منهنجي به هڪ ذاتي نسبت آهي. هتان کان ارڙهن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هڪ وستيءَ جي ڀرسان منهنجو ڳوٺ آهي، جتي منهنجا ڪيترائي وڏڙا، ڏاڏو، پڙاڏو ۽ والد گهر ننڊ سُتل آهن. اهي ٽيئي بزرگ ڇاهٺ سال اڳ لکين ماڻهن سان گڏ هجرت ڪري پاڪستان پهتا هئا. پڙاڏي جي عمر ان وقت پنجهٺ سال، ڏاڏا جي پنجيتاليهه سال ۽ بابي جي ويهه سال هئي، هو هڪ ٻئي جون ٻانهون جلهي پاڪستان ۾ داخل ٿيا. گهرٻار، مال مڏي، ڌنڌو ڌاڙي، ٻنيون ٻارا سڀ پويان رهجي ويا ۽ هڪ نئين جدوجهد جي شروعات ٿيڻ لڳي. والد سڄي زندگي نوڪري ڪندي گذاري، سندس ايمانداري ۽ ديانت مشهور هئي. محدود وسيلن هوندي به اسان کي هر سهوليت ميسر رهي. هو عام طور تي پنهنجي ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌي بيهي رهندو هو، پر منهنجي ڪا به ڳالهه رد نه ڪيائين. منجهس هر وقت بي لوث خدمت جو جذبو حاوي رهندو هو. اهو اثاثو وري منهنجي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر افضل جاويد کي مليو.امڙ جو خاندان به هندستاني پنجاب جي هڪ ضلع هوشيارپور مان پاڪستان لڏي آيو هو. گويا هجرت جي اداسي ماءُ ۽ پيءُ کان ورثي ۾ ملي هئي. شايد اهو ئي سبب آهي جو مواخات جو درس سٺو ٿو لڳي. اخوت فيصل آباد جي شروعات ڊجڪوٽ نالي ان ڳوٺ کان 14 آگسٽ 2006ع تي ٿي. قرض جي پهرين ورهاست منهنجي پيءُ جي موجودگي ۾ ٿي. هن پنهنجي زندگي ۾ تمام گهٽ پنهنجن جذبن جو اظهار ڪيو. مون کي جڏهن ڪا ڪاميابي ملندي هئي ته اهو سوچي گهر پهچندو هوس ته اڄ بابا ڏاڍو خوش ٿيندو... اڄ ته هو اڳيان وڌي شاباس ڏيندو، پر ائين ڪڏهن به نه ٿيو. هو هڪ عملي انسان هو. جذبن سان هن جو معمولي رشتو هو. پر ان ڏينهن مون سندس اکين ۾ لڙڪ ڏٺا. شڪر جو احساس اکيون ڀڄائي ٿو ڇڏي.
    ڊجڪوٽ کان اُخوت جو قافلو فيصل آباد پهتو، جتي پهرين تقريب آڪٽوبر 2006ع ۾ ٿي. فيصل آباد ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي عمارت جي سامهون هڪ پراڻي مسجد آهي. ان مسجد ۽ بئنڪ جي وچ ۾ ٿورين وکن جي ئي وٿي آهي، پر اهو ڪجهه قدمن جو فاصلو گهڻو ڊگهو ٿو لڳي. آئون جڏهن اُن مسجد مان اسٽيٽ بئنڪ جي عمارت کي ڏسان ٿو ته مونکي قائداعظم جا اهي تاريخي جملا ياد ٿا اچن، جيڪي هن پهرين جولاءِ 1948ع تي اسٽيٽ بئنڪ جي عمارت جي مهورت جي موقعي تي چيا هئا.
    The economic system of the west has failed to do justice. The adoption of western economic theory will not help us in achieving our goal of creating a happy and contended people. We must work our destiny in our own way and present to the world an economic system based on concept of social justice… may the State Bank of Pakistan prosper and fulfil the high ideals which have been set as its goal.
    ڇا اهو وقت اڃا نه آيو آهي ته قائد جو سپنو ساڀيان ٿئي. اسين اولهه جي معاشي نظام کي ڪڏهن ڇڏينداسين. قائداعظم ۽ سندس ڳالهين جيان اسان اها ڳالهه به وساري ڇڏي آهي. اتحاد، يقين ۽ محڪم اهو به ته سندس ئي پيغام هو. جارج واشنگٽن، ابراهام لنڪن ۾ روزويلٽ، اهي سڀ همراهه جن جو ذڪر نڪسن پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو آهي... نه رڳو اهي، پر ويهين صدي ۾ ڪيترائي ٻيا اهڙا اڳواڻ پيدا ٿيا، قائد اعظم به انهن کان پويان ڪونهي، نه فڪر ۾، نه عمل ۾. جيڪي، هڪ وڏي اڳواڻ ۾ گُڻ هوندا آهن، سي سڀ منجهس هئا. ڌارين کان آزادي وٺي، هڪ زمين جو ٽڪرو حاصل ڪرڻ ۾، هڪ آزاد مملڪت جو قيام، اهي ٽئي ڪم يقين جوڳا نه آهن، پر قائد اهي ٽيئي ڪم ستن سالن ۾ ڪري ڏيکاريا. سندس ڳڻپ انهن ماڻهن ۾ ٿئي ٿي، جيڪي عشق کي ڪم ۽ ڪم کي عشق بنائي ٿا ڇڏين. اسٽينلي وولپرٽ چواڻي.
    Few individuals significantly alter the course of history. Fewer still modify the map of the world. Hardly anyone can be credited with creating a nation-state. Mohahammad Ali Jinnah did all three. (Stanley Wolpert)
    هن شخص جي پلئه تي ڪو به اهڙو داغ ڪونهي، جنهن تي تاريخ کي ندامت جا ڳوڙها ڳاڙڻا پون. جنهن قوم وٽ لا اله الا الله جهڙو نظريو ۽ محمدعلي جناح جهڙو رول ماڊل هجي، اها ترقي جي سفر ۾ دنيا جي قومن جي نظام ۾ پويان رهجي وڃي، پلڪن تي حيرت جا ڏيئا ٻاري اهو سوال روزانو پُڇندو آهيان. فيصل آباد ۾ اخوت جا ٽي وڏا دوست معظم بن ظهور، شاهد پرويز ۽ رانا محمد سعيد آهن. مقامي اسٽيرنگ ڪميٽي جو روح روان معظم ته هڪ فرشتي صفت انسان آهي. لازوال جذبن جو مظهر ۽ خلوص سان سرشار، فيصل آباد ۾ اخوت کي عام ڪرڻ ۾ هن جو وڏو هٿ آهي. اهي شروعاتي قرض، جيڪي ان ڏينهن ۾ ورهايا ويا هئا، اڄ هڪ وڏي پروگرام ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. اهو ڪم نه رڳو فيصل آباد، پر هاڻ ٻين به ڪيترن ئي علائقن ۾ به شروع ٿي چڪو آهي. ان ڪم ۾ شاهد پرويز جي محنت، محمد علي بلوچ ۽ ميان ڪمال الدين جو ڀرپور ڌيان به شامل آهي. شاهد پرويز، اخوت جو عزيز دوست ڪجهه مهينا اڳ وڃي ڌڻيءَ کي پرتو، پر پنهنجي محنت جو نقش پنهنجي پويان ڇڏي ويو. سندس ڀاءُ پرويز خالد سندس روايت کي جيئرو رکندي هڪ نئين عزم سان اخوت جي جهنڊي کي اتانهون رکيو. هن شهر ۾ اخوت جي ٻين ساٿين ۾ ميان محمد حنيف به آهي، جنهن مديني شريف ۾ ”محمد دستر خوان“ وڇائي رکيو آهي ۽ ستارا ڪيميڪل جو ميان محمد ادريس به جنهن ويهه سال اڳ اهو فيصلو ڪري ورتو هو ته سندس ڪاروبار ۾ وياڄ جي ملاوٽ نه هوندي. ڪنهن وڏي ڪاروباري گروپ پاران وياڄ جي خلاف اهو پهريون معتبر آواز هو. انهن وڏن ماڻهن ۾ اخوت جا ته ڪارڪن شايد سڀني کان اڳيان آهن، ممتاز احمد ۽ محمد ذوالفقار. ممتاز جڏهن فيصل آباد پهتو ته هو ان شهر جي گهٽين گهامن کان اڻ واقف هو. هاڻ ڇهن سالن کان پوءِ هو چاليهه هزار ڪٽنبن کي اڌ ارب روپين کان به وڌيڪ رقم پيش ڪري چڪو آهي. هو هن شهر ۾ اخوت جو مجاهد اول آهي. هو هڪ وڏي اداري ۾ ڪم ڪندو هو. هو جڏهن اخوت ۾ آيو ته سندس پگهار وڌڻ جي بدران اڌ وڃي رهي. سندس چوڻ آهي ته اهو اڌ نه پر ڪيترا ڀيرا وڌيڪ آهي. ڀلا ممتاز جي ان دليل کي ڪير مڃيندو. پر اهو دليل ئي ته کيس مجاهد اول بنائي ٿو. ذوالفقار به هن وانگيان ئي ديوانو آهي. پر هن جي ديوانگي به هوشياري کان وڌيڪ آهي. آفتاب، شاهد، فاروق ثقلين، ماهتاب خالد ۽ سعيد... ڏيئو کڻي ڳولهڻ سان به اهڙا ماڻهو نٿا ملن. فيصل آباد جي ٻن ٻين ادارن به اخوت کي پنهنجو ڪيو ۽ پنهنجي طور تي اهو پروگرام شروع ڪيو. پهريون ادارو Say ٽرسٽ آهي ۽ ٻي اداري جو نالو زاد راهه آهي. زاد راهه جو روح روان ملڪ عارف آهي. سندس عزيزن جاويد ۽ ٻين ساٿين ٿوري وقت ۾ ئي جيڪو فاصلو طئي ڪيو آهي، اهو سندن خلوص جو مظهر آهي، زندگي جي چولي ۾ نيڪيءَ جون چتيون هڻندڙ اهي ماڻهو.
    کشیدہ کارِ ازل تجھ کو اعتراض کوئی،
    کہیں کہیں سے اگر زندگی رفو کرلوں۔


    6.10: نوشهره

    جولاءِ 2010ع نوشهري جي لاءِ قيامت کان گهٽ نه هئي، اٽڪ درياهه جي بي لغام لهرن سڄي شهر کي پنهنجي وس ۾ ڪري ورتو. ڏهه ڏهه فوٽ اوچو پاڻي، نه زندگي بچي نه وري ڪا مال ۽ ملڪيت. ماڻهن جي هٿن مان اُميد جو دامن ڇڏائجڻ لڳو. اهل وطن مصيبت جي ان گهڙيءَ ۾ ٻوڏ ستايلن جي جنهن نموني مدد ڪئي، اهو به ايثار جو هڪ يادگار باب آهي. سڄو پاڪستان مڙي آيو، مصيبت ماريل، پاڻيءَ ۾ ٻُڏل ماڻهن کي هڪ نئون حوصلو مليو. شروع وارا ڏکيا ڏينهن ته گذري ويا، پر مستقل بحالي ڪير ڪندو. جن غريبن جا گهر لڙهي ويا، جن جا ڌنڌا ڌاڙيون ۽ دوڪان تباهه ٿي ويا، اهي ڪيڏانهن ويندا. هٿ ٽنگي رکڻ، انهن بهادر ماڻهن جو شيوه ڪونهي. اخوت فيصلو ڪيو ته اهل نوشهره کي به جيءَ ۾ جايون ڏيڻيون آهن. کين ٻن قسمن جا قرض ڏيڻ جي رٿابندي ڪئي ويئي. گهرن جي اڏاوت ۽ ڌنڌي ڌاڙي جي ٻيهر شروعات. اخوت جي پراڻي ساٿي مردان جي بلال طارق سهڪار جو هٿ ڊگهيريو. عمر صادق ۽ بختيار سکيا جي لاءِ راولپنڊي پهتا. اهو سڄو ڪم آڪٽوبر ۾ پورو ٿي ويو. پهرين نومبر تي آفيس جو افتتاح ٿيو. ٻوڏ جي ساڙ ۽ تباهيءَ جا آثار اڃا سوڌي موجود هئا. ماڻهن کي يقين ڏيارڻ ڏکيو هو ته کين پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ وياڄ کانسواءِ قرض ڏنا ويندا. نوشهره جي لاءِ وسيلا ”عمران خان فائونڊيشن“ ۽ ”مير خليل الرحمان فائونڊيشن“ مهيا ڪيا. عيد جي ٻي ڏهاڙي ستر ماڻهن کي پهريون ڀيرو قرض ڏنا ويا. اخوت جو ساٿي ۽ نالي وارو ڪالم نگار هارون الرشيد به ان موقعي تي موجود هو. اخوت جي ان لازوال مظاهري تي سندس اکيون ڀنل رهيون. رورل سپورٽ پروگرام پاران بيگم منور همايون ۽ ملڪ فتح خان به پهچي ويا. عمران خان فائونڊيشن جي نمائندگي سندن عهديدارن ڪئي. بلال طارق ۽ سندس سنگتي جيڪي مقامي اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جا ميمبر آهن، ڀليڪار ڪندي وڇائبا پي ويا.
    ايندڙ هڪ سال لازوال جذبن جو سال هو. جنهن به ڪٽنب قرض ٿي ورتو، اهو دعائن جو ڍڳ آفيس ۾ ڇڏي ٿي ويو. اهي دعائون اخوت جي ڪارڪنن کي ڏينهن رات ڪم ڪرڻ تي آماده ڪنديون رهيون. آفتاب، مهتاب ۽ خواجه زاهد، اخوت جا پراڻا ڪارڪن، هڪ نئين عزم سان اڳتي وڌيا. نومبر 2011ع ۾ اخوت جي ٻي برانچ جو افتتاح ٿيو. محبت جو قافلو به ڪڏهن بيٺو آهي ڇا؟ ان برانچ جي لاءِ وسيلا به عمران خان فائونڊيشن، ڏنا. هن مهل تائين پنج هزار ڪٽنبن وٽ ڇهن ڪروڙن کان به وڌيڪ رقم پهچي چڪي آهي. ٻوڏ گهڻو ڪجهه کسي ورتو،پر ڪردار نه کسي سگهي. رڪوري جي سؤ سيڪڙو شرح ان ڪردار جي عظمت جو وڏو ثبوت آهي. قرض وٺندڙن ۾ سؤ کان به وڌيڪ معذور ماڻهو هئا، جيڪي معذوري جي باوجود به ڪشڪول کڻڻ جي لاءِ راضي نه ٿيا. انهن ۾ هڪ وڏو تعداد مسيحي برادري جو به هو. اهي ويا ڄڄورن جي چنبي مان نڪرڻ جي لاءِ اخوت وٽ پهتا. نوشهري جو تجربو ترقي سا لاڳاپيل ادارن جي لاءِ هڪ سونهري مثال آهي. ماڻهن کي خيرات نه گهرجي. کين ته دوستي ۽ ساٿ جي گهرج آهي. ياسمين بي بي، سخي محمد، ناديه خان... اهي فرضي ڪردار ڪونهن، هنن پنهنجي هٿن سان زندگي جي نئين سر اڏاوت ڪئي. خودداري ڇا آهي، اها ته ڪو هنن کان اچي سکي. مالا ڪنڊ جي سيد ابرار جو چوڻ آهي ته اخوت اسان کي نئون درس ڏنو آهي. اسانکي زندگي جي معنيٰ ئي هاڻ سمجهه ۾ آئي آهي. قاسم، نياز، غلام قادر، شيراز محمود شيرازي، ميجر (ر) سجاد احمد، ڇا ته ماڻهو ملڻ لڳا. پشاور، مانسره، اڪوڙا خٽڪ، مردان، مالاڪنڊ، ان دوران فاطميڊ ميموريل اسپتال جي منتطم اسان کي نٿيا گلي وٺي ويئي. بلند پهاڙ، اتانهان جبل ۽ انهن کان به اتانهان جذبِا، هارون الرشيد غلط ته نه چيو هو. ”حيرت ٿي ٿئي ۽ يقين جوڳي ڳالهه ئي ڪونهي ته جڏهن خدا جو هڪ ٻانهون ارادو ڪري ٿو وٺي ته ڪهڙو نه معجزو ظاهر ٿو ٿئي. فرد کان جماعت تائين، جماعت کان قافلي تائين ۽ قافلي کان ڪاروان تائين. خبر ڪونهي ڪير آهي، جيڪو رستن تان ڪنڊا ميڙي ٿو وٺي ۽ ماڻهو منزل طرف ائين ٿو وڌندو وڃي، جيئن پاڻي هيٺاهينءِ طرف وهندو آهي ۽ وهندو ئي رهندو آهي.


    6.11: ڪوئٽا: شهيدن جو رنگ ضرور رنگ لائيندو

    ڪوئٽا جي ڪهاڻي شايد سڀني کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ آهي. هي شهر ڪڏهن خوبصورتيءَ جو گهوارو هو، پر هاڻ ته هڪ ماٺار آهي. محبت جي جاءِ تي رت جا ڇنڊا ۽ درد جون چَتيون لڳل آهن. هن شهر جيڪو ڪجهه ڏنو، اهو آسمان جي اکين ڪٿي ڏٺو هوندو. هڪ ٻئي جي پويان کڄندڙ لاشا. هر ڪُنڊ ۾ جنازو، ڪهڙي نه بي وسي هئي. ڪجهه معصوم ماڻهو ڪيترائي ڏينهن مٽي ماءُ جي هنج ۾ سمهي نه سگهيا. حجاج بن يوسف هڪ بهادر کي ڪيترن ئي ڏينهن تائين صليب تي ٽنگي رکيو. سندس عظيم ماءُ ڏٺو ته چيو، ”ڇا اڃا شهسوار جي لهڻ جو وقت نه آيو آهي.“ ڪوئٽا ۾ کُتل صليب به اهو ئي سوال ڪن ٿا. هن شهر ۾ اخوت جو ڪم اسلامڪ رليف جي سهڪار سان شروع ٿيو. ڪجهه دير ته اهو ساٿ قائم رهيو، پر پوءِ اهو ڳرو بار اخوت کي اڪيلي سر کڻڻون پيو. هيستائين ڪيترائي سؤ قرض ڏنا ويا آهن. خواجه زاهد ۽ مفتي محمد طاهر ته ڪمال جهڙو ڪم ڪيو. جنهن شهر ۾ ماڻهو شام جو ئي گهرن ۾ وڃي ويهي رهن، اُتي انهن قرضن سان ڪهڙو ڌنڌو ٿيندو. هڪ عورت پاڙي جي وچ ۾ گهر جو دروازو کولي دڪان هلائڻ شروع ڪيو. هڪ ننڍو جنرل اسٽور، ائين کيس عزت سان روٽي روزي ملڻ لڳي، پر اهو ڪم ڪيستائين هلي ها. شهر جي رونق اُجڙي ته پاڙي جي رونق به اُجڙي ويئي. قرض جي قسط وٺڻ وياسين ته لڙڪن هن جا پانڌ پسائي ڇڏيا. دهشت جي متوالن بظاهر سڀ ڪجهه کسي ورتو هو، پر ڀَرم اڃا هو. چوڻ لڳي، ”وعدي کان انڪار ڪونهي. ٿورو ساهي پٽڻ ڏيو، هڪ هڪ ڪوڏي ادا ڪري ڇڏيندس.“ خدايا اها ديوانگي ڪڏهن ساهه پٽيندي. اهي شهسوار ڪڏهن صليب تان لهندا، حنا ڍنڍ جي ڪناري هڪ پراڻي گيت جا ٻول ٻُرڻ لڳا.
    رنگ لائے گا شہیدوں کا لہو
    یہ لہو،
    یہ شفق رنگ لہو
    جس کے ہر قطرے میں خورشید کئی
    جس کی ہر بوند میں اک وصبح نئی
    دور جس صبح درخشاں سے اندھیرا ہوگا
    رات کٹ جائے گی گل رنگ سویرا ہوگا
    رنگ لائے گا شہیدوں کا لہو
    یہ شفق رنگ کہو ۔ یہ شفق رنگ لہو
    فقير محمد روڊ ۽ ڀرپاسي جي پاڙن جا رهاڪو اخوت جو حصو آهن. سڄو ڪوئٽا اخوت جو حصو آهي. اهو ڏينهن پري ڪونهي، جڏهن اهو شهر سونهن جو گهوارو ٿي ويندو. شايد اڃا قرباني کپي ٿي. ڪنهن چيو آهي ته: Freedom is not free ، آزادي ايتري آسان به ڪونهي.


    6.12: ڪراچي

    ڪراچي آباد هوندي ته پاڪستان به آباد هوندو.
    ڪراچي ۾ اخوت جو قيام هڪ پراڻي خواهش هئي. ان خواهش جي پورڻتا لاءِ پهرين وک اُن وقت کڻڻ جو فيصلو ٿيو، جڏهن منهنجي سيد قيصر علي سان ملاقات ٿي. هو چوڏهن سالن تائين لنڊن ۾ هڪ بئنڪ سان لاڳاپيل رهڻ کانپوءِ واپس وطن پهتو ته ڪنهن اهڙي ڪاروبار جي ڳولا ۾ هو، جيڪو وياڄ کان آجو هجي. ڏاڍي ڏکيائيءَ سان کيس پنهنجي مقصد وارو ڪم مليو. سندس خواهش هئي ته هو پنهنجي ڪم سان گڏ ماڻهن جي خدمت به ڪري. اها ئي خواهش هڪ ڏينهن کيس اخوت وٽ لاهور وٺي آئي.
    سيد صاحب پنجاهه سالن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر شاگرد بنجي اخوت جو سبق پڙهڻ لڳو ۽ اهو سبق ڪنهن ٻي قسم جو هو. هڪ ماهر بئنڪار تي اهو ڳجهه کلڻ لڳو ته معيشيت جي ڪاميابي وياڄ ۾ نه آهي ۽ اهو به ته ڪاروبار فقط نفعي جي لاءِ نه هوندو آهي. هو گوڏا ڀڃي ويٺو. ذهن تي لکيل پراڻيون لکتون به ڊهڻ لڳيون ۽ هڪ نئين لکڻي لکجڻ لڳي. ان لکت جو عنوان هو. مواخات. سيد قيصر علي ڪراچي جي هڪ بي حد پُٺ تي پيل علائقي لانڍي، ڪورنگي کان اخوت جي لاءِ ڪم جي شروعات ڪئي. فيروز خان سندس ٻانهن ٻيلي ٿيو. ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ اڻ ڳڻيا ڪٽنب اخوت سنڌ سان لاڳاپجي ويا. پهرين سيد قيصر علي ۽ فيروز خان اڪيلا هئا. هوريان هوريان ڪجهه ٻيا همراهه به ايندا ويا ۽ قافلو وڌندو ويو. ڪنهن سندن ڌيان ڪورنگي ۾ سمنڊ جي ڪنڌي تي سنڌي ۽ بلوچ مهاڻن جي ڳوٺن ڏانهن ڏياريو. ريڙهي ڳوٺ، خاصخيلي ڳوٺ، علي ڳوٺ، لال ڳوٺ، شير پائو ڪالوني. اُتي تعليم ۽ هنر جي رسائي سان گڏ موڙي به پهچائي ويئي.
    سيد قيصر علي ۽ سندس ساٿين سمنڊ جي ڪناري اچي ديرو ڄمايو. مقصد جا موتي اونهي پاڻيءَ ۾ نه پر ڪنڌيءَ جي ڀنل واريءَ ۾ ملندا آهن. سيد قيصر علي ۽ سندس سنگتي هيستائين ٽن هزار گهراڻڻ ۾ ٽن ڪروڙ روپين کان به وڌيڪ رقم قرض طور ورهائي چڪا آهن. ڪجهه ٻيا ماڻهو به اهو ڪم ڪرڻ چاهين ٿا ڪيپٽن حامد، ريحان الله والا، جمعيت پنجابي سوداگران دهلي. پر ڪراچي تمام وڏو شهر آهي. هڪ کان هڪ وڌيڪ سخي دل. هن شهر جي سڃاڻپ بارود نه پر اتفاق آهي. ايثار، سخاوت۽ درياهه دلي. اسان جي خواهش آهي ته اخوت ڪورنگي مان نڪري شهر جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي. سول سروس جو پراڻو رفيق، دردمند ۽ خلوص سان سرشار نذير تُنيو ۽ ڊاڪٽر ذڪي الدين راضي ٿي چڪا آهن. انهن جو اسان ڏانهن لاڙو ئي ڪاميابي جي نويد آهي. هنن جي اڳيان اونداهي بيهي نه سگهندي. هيڏانهن ايس ايم نصير ۽ ملڪ بوستان جو به وعدو آهي. عجب ڪونهي ته هي شهر به اخوت جو شهر بنجي وڃي. هونئن به ان شهر ۾ گهڻائي انهن جي آهي، جيڪي هجرت جي روايت ورجائي هتي پهتا آهن. ڪو دهلي ۽ لکنؤ مان آيو آهي ته ڪو پشاور مان، ڪو لاهور مان ته ڪو گلگت ۽ سنڌ جي ٻين شهرن مان. شايد ئي پاڪستان جو ڪو اهڙو علائقو هجي، جيڪو هت آباد نه هجي. ڪراچي جي هڪ ٻي فرزند سيد ابو عاطف جو چوڻ آهي ته دربار نبيصه ۾ ويهي گهريل ڪا به دعا زيان نٿي وڃي. هو به اُتي ويهي روزانو اها ئي دعا گهرندو آهي. نذير تُنيو، ابو عاطف کانسواءِ نجم الثاقب، نويد ڪامران بلوچ ۽ يونس ڌاڳا به ته آهن. سول سروس جا پراڻا ساٿي! سنڌ جي هڪ ٻي شهر سکر ۾ ته اخوت جو ڪم گهڻو اڳتي وڌي چڪو آهي. اُتي يعقوب شيخ ۽ سندس ساٿي اخوت جي رهنمائي ڪن ٿا. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري جي پرنسيپال ايس ايم يوسف ۽ آءِ بي اي سکر جي ڊائريڪٽر نثار صديقيءَ کان به چڱائي جي گهڻي اميد اٿئون. اهو سڀ پنهنجي جاءِ تي صحيح، پر دل مان آواز اُڀري ٿو ته ڪراچي آباد ٿيندو ته پاڪستان آباد ٿيندو. ڪو مواخات جو اهو آواز ٻُڌي.


    6.13: راجن پور

    اخوت راجن پور هڪ روماني تجزيو هو.
    2010ع جي مها ٻُوڏ کانپوءِ اخوت فيصلو ڪيو ته اسين ٻوڏ متاثرين ضلعن يعني نوشهري ۽ راجن پور ۾ ڪم ڪنداسين. لاهور جا ڏهه هزار، گهراڻا ۽ راجن پور جا ڏوهه هزار گهراڻا، مواخات مدينه جي پيروي ڪندا. اهو هڪ وڏو فيصلو هو. ٻوڏ ۾ ٻُڏل ڏهن هزار ڪٽنبن کي چونڊڻ ۽ انهن کي قرض حسن ڏيڻ ۽ پوءِ واپسي جي عمل کي يقيني بنائڻ. ان ڪم جي لاءِ گهربل وسيلن جو بندوبست ڪرڻ ۽ پوءِ هڪ شفاف نظام جي جوڙجڪ. راجن پور پنجاب جو سڀ کان ڏاکڻيون ضلعو آهي، جنهن جون سرحدون بلوچستان ۽ سنڌ سان ملن ٿيون. هتي جهالت، بي روزگاري ۽ مٿان وري جاگيرداري ۽ قبائلي نظام جي سخت پڪڙ آهي. انهن ڏورانهن گهٽين. گامن ۾ اخوت جو پيغام عام ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه هو. پر اها منزل به ڏکي ثابت نه ٿي. دوستن وڌي چڙهي هٿ ونڊايو ۽ آڪٽوبر 2010ع ۾ ڄام پور ۾ قرض جا پهريان چيڪ پيش ڪيا ويا. اهي چيڪ به نو شهري جيان ٻن مقصدن جي لاءِ هئا. ٻوڏ جي هٿان تباهه ٿيندڙ ڪاروبارن جي نئين سر بحالي۽ پاڻي ۾ لڙهي ويندڙ گهرن جي اڏاوت. ڪالهوڪو شعله بيان شاگرد اڳواڻ ۽ اڄ جو سياستدان خواجه سعد رفيق به ان سفر ۾ اسان سان گڏ هو. سعد رفيق، سندس گهر واري ۽ سندس ساٿين چڱي موچاري رقم گڏ ڪئي ۽ راجنپور پهتا. ميان نصير احمد ۽ شهزاد احمد، اهي سڀ سياست کي وساري، خدمت جي رستي تي نڪري پيا. راجن پور جا رهواسي خواجه رفيق شهيد فائونڊيشن جي ان عطئي ۽ اڻ مئي محبت کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ رهي نه سگهيا ۽ ڄام پور برانچ جو نالو، ’ اخوت خواجه رفيق شهيد‘ برانچ رکيو ويو.
    ”اڳتي وڌي اخوت جو ساٿ ڏيو“ جو نعرو ايترو ته مشهورٿيو، جو سڄي ملڪ مان عطين جو مينهن وسڻ لڳو. ان سلسلي ۾ دنيا ٽي وي وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو. لاهور جي اڳوڻي ناظم ميان عامر محمود جو چوڻ هو ته اخوت جي لاءِ هن جا هڙئي وسيلا حاضر آهن ۽ پوءِ هن دل کولي اسان جي مدد ڪئي. عطين جي صورت ۾ به ۽ دنيا ٽي وي جي ذريعي به. اهو اخوت جو بي مثال مظاهرو هو. ميان محمد منشاء ۽ شيخ عابد حسين وانگر، پر عامر محمود به اخوت جي وڏن ڊونرز مان هڪ آهي. ڏهن هزار گهراڻن جي ذميداري کڻڻ جو اهو عمل ڏاڍو صبر وارو به هو. وسيلن جو سلسلو ڪيترائي پيرا ٽٽو، پر اميد جو اهو سلسلو سدائين قائم رهيو. مجيب الرحمان شامي، هارون الرشيد، اجمل نيازي، اوريان مقبول جان، عامر خاڪواني، همايون احسان. اهي سڀ همراهه سڀني کان اڳيان اڳيان هئا ۽ پوءِ انهن ۾ پنجاب جي چيف سيڪريٽري ناصر محمود کوسي جي مدد به اچي پهتي. سندس زور هو ته اجائي مشهوري به نه ٿئي، جو مشهوري ٿيڻ سان برڪت ختم ٿي وڃي ٿي. خدمت جو هُل دنيا ۾ نه پر آخرت ۾ مچڻ گهرجي. الحمدالله اسان جيڪو هدف طئي ڪيو، اهو ٻن سالن کان به گهٽ وقت ۾ پورو ٿي ويو. ڪاميابيءَ جو اهو مرحلو 16- جولاءِ 2012ع تي پورو ٿيو. ٿورا مڃڻ جي لاءِ اسين شاهد حسن شيخ ۽ نديم ملڪ سان گڏ ڪوٽ مٺڻ جي ان خوبصورت مسجد ۾ پهتاسين، جتان کان اُن مهم جي شروعات ٿي هئي. خواجه ڪليم ڪوريجو، ڪمال فريد، حاجي عبدالغني گوپانگ ۽ اخوت جا ٻيا ڪارڪن به اُن موقعي تي موجود هئا. جڏهن اخوت جي ايريا مئنيجر محمد عتيق ٻڌايو ته اڄ راجن پور ضلعي ۾ قرضن جو تعداد ڏهه هزار نو سؤ کان وڌي ويو آهي يعني ڏهه هزارن کان به وڌيڪ گهراڻا اخوت جو حصو بنجي چڪا آهن ته مهمانن کي يقين ئي نه پي آيو. ڪنن ۾ خواجه غلام فريد جو سرحدي آواز ٻرڻ لڳو. پيلو پڪيان ني وي... آچنون رل يار...


    6.14: منهنجي ڳوڙهن جو ازالو ته ممڪن ڪونهي

    ملتان، لوڌران ۽ بهاولپور... اهي ته اخوت جون جايون آهن.
    ملتان، اوليائن جو شهر، درويشن جو بسيرو، حضرت بهاؤالدين ذڪريا، شاه رُڪن عالم، شاهه شمس تبريز، حضرت موج دريا، حضرت شاه گرديز، اها زمين ڪهڙين ڪهڙين هستين جي قدم گاهه بڻي. بخارا، گيلان، گرديز، ڪرخ، بسطام، نيشاپور... الائجي ڪٿان ڪٿان اهي هيرا موتي اچي هتي پهتا.
    هن شهر ۾ اخوت جو قافلو سيپٽمبر 2007ع ۾ پهتو. ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ ۽ ڊاڪٽر افتخار احمد شروعاتي ساٿي بنيا. پوءِ سيد اعجاز شاهه، فيصل سعيد، افضل سپرا. قافلو وڌندو ويو. هاءِ ڪورٽ جي پاڇي ۾ گيلاني پاڙو آهي. ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ اتي ئي رهي ٿو. ان جي هڪ موڙ وٽان ڪم شروع ٿيو. پهرين ته اهو ڪم سست رفتاريءَ جو شڪار هو، محنت ۾ ڪمي هئي يا وسيلا گڏ نه ٿيا. ڪجهه نامهربان ماڻهو به آڏو ايندا رهيا. پر سوڀ ته سدائين همت وارن جي ٿئي ٿي. اخوت جو هڪ بهترين ساٿي ثقلين رضا پنهنجي محنت ۽ مڙسي سان حالتن کي درست رخ طرف وٺي آيو. هن وقت ان شهر ۾ ست آفيسون آهن. ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ ۽ اعجاز شاهه جهڙا درمند ساٿي گڏ آهن. سندن چوڻ آهي ته هاڻ واپسي جي ڪا به واٽ ڪونهي. هو سچ ٿا چون، نيڪي جي سفر ۾ واپسيءَ جي واٽ نه هوندي آهي. ملتان سچائي جو مرڪز به آهي. ته سياست جو به. پر اخوت سياست کان مٿاهين رهي آهي. هڪ ڀيري جاويد هاشميءَ مسجد ۾ اچي ڪم ڏٺو ۽ دعا ڏيڻ کانسواءِ رهي نه سگهيو. شاهه محمود قريشي سدائين جيان سرپرستي جو وعدو ڪيو. سندس مدد ڪنهن موڙيءَ کان گهٽ نه آهي. کيس ڏسي مخدوم سجاد حسين قريشي جي ياد ٿي اچي، جيڪو درگاه بهاؤالدين ذڪريا جو سجاده نشين به آهي ته پنجاب جو اڳوڻو گورنر به. جنهن الائجي ڪيترائي ڀيرا گلي لڳائي دعائن جي خلعت عطا ڪئي 2010ع جي ٻوڏ دوران سنڌو درياهه جي لهرن ڪيترائي قهر ڪيا. اها ئي ٻوڏ اسان کي راجن پور ۽ نو شهري جيان مظفر ڳڙهه وٺي وئي. هينئر مظفر ڳڙهه اخوت جو اهم مرڪز آهي.
    لوڌران ته اسين گهڻو اڳ پهچي چڪا هئاسين. جهانگير ترين کي خبر پئي ته هن ساٿ ڏيڻ ۾ دير ئي نه ڪئي. لوڌران پائلٽ پراجيڪٽ جي نالي سان هو. ان علائقي ۾ ڪافي عرصي کان ڪم ڪري رهيو آهي. برڪت رياض، نعيم حيدر ۽ خالد وڙائچ، جهانگير ترين جا به ساٿي آهن ته اخوت جا پڻ. شعيب سلطان جڏهن اهو ٻُڌو ته چوڻ لڳو: ترقي جا ڪم ننڍا ننڍا ٻيٽ آباد ڪرڻ جي ڪوشش آهن. جڏهن اهي ٻيٽ هڪ ٻئي سان گڏبا ته غربت جو سمنڊ سُڪي ويندو. ڪنڌي ائين ئي ته ويجهي نٿي اچي. هماليا ۽ هندوڪش جي دامن کان وٺي ٿر جي ريگستانن تائين. خود شعيب صاحب به ته اڻ ڳڻيا ٻيٽ آباد ڪيا آهن. رورول سپورٽ پروگرام سندس ئي محنت جو ته ڦل آهي.
    بهاولپور ۾ اخوت جي شروعات آگسٽ 2010ع ۾ ٿي. ريگستان جي هنج ۾ هي شهر به ته ڇا شهر آهي. ڄڻ صبح جي ٿڌڙي هير، چوڏس سڳنڌ پرکڻ آئي هجي. چوڌري محمد علي، رائو طارق، سميع الله چوڌري، محمد اظهر ۽ بليخ الرحمان ڪهڙا ته گُڻائتا همراهه آهن. انهن ئي ساٿين سان گڏ اسين ”حمايتان“ نالي هڪ ڪچي وسندي ۾ گهڙياسين. هاڻ ته اهو ڪم ڏهن هزار ڪٽنبن تائين پهچي چڪو آهي. آئون جڏهن پهريون ڀيرو بهاولپور پهتس ته هڪ عجيب دنيا مون تي ظاهر ٿيڻ لڳي. محبت ماڻهن سان نه پر شهرن سان به ٿي ويندي آهي. گس، گهيڙ، گهٽيون، گهر ۽ گام به دلين ۾ لهي ويندا آهن. هي به ڪو اهڙو شهر هو. ان شهر جي ڪهاڻي سڀ کان پهرين مون پنهنجي سهري سردار منظور احمد لغاري کان ٻڌي، جيڪو ٻن سالن تائين هن شهر جو ڊپٽي ڪمشنر رهيو هو. ٻي راوي جو نالو احمد غزالي هو. هن کان وڌيڪ ڪو ٻيو خوش زبان هوندو به ڇا؟ احمد غزالي ڳالهائي نٿو، پر جادو ٿو ڪري. هن انهن گهٽين، گهيڙن، رستن کي مصوري جا ورق بنائي ڇڏيو. بهاولپور کانپوءِ ايندڙ منزل رحيم يار خان ۽ پوءِ سنڌ جي عظيم ڌرتي آهي. منهنجي ڳوڙهن جو ازالو نه بد خشان نه حجاز آهي. اهو ٻيڙو جيڪو داتا جي نگري کان روانو ٿيو، اهو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سرزمين تائين پهچندي ڪا گهڻي دير نه لڳائيندو.


    6.15: چنيوٽ

    چناب دريا محبت جو استعارو آهي.
    اها ئي ڪيفيت چناب دريا جي ڪنڌي تي آباد چنيوٽ شهر جي به آهي. هتان جا چنيوٽي شيخ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. ڪمائڻ ۾ به ته ورهائڻ ۾ به. پکيءَ جي لاءِ اُڏرڻ ۽ مڇيءَ جي لاءِ ترڻ شايد ڏکيو هجي. پر چنيوٽي شيخن جي لاءِ ڪاروبار ڪرڻ ڏکيو نه آهي. هو اڻويهين ۽ ويهين صدي ۾ ننڍي کنڊ جي وڏن وڏن شهرن ممبئي، ڪلڪتي، دهلي، لاهور، ڪراچي تائين وڃي پهتا. ڪنهن چيو ته ڪاروباري گُر سکڻ جي لاءِ هارورڊ بزنس اسڪول وڃڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي، بس ڪجهه ڏيهاڙا چنيوٽ ۾ گذارڻ ئي ڪافي آهن. هن وقت هو لاهور، فيصل آباد ۽ ڪراچي ۾ پنهنجي ڪاروبار جي جوڀن تي آهن. چنيوٽ رڳو ڪاروباري ماڻهن جو شهر نه آهي، پر هتي علم ۽ ادب جا شوقين ۽ فقير به رهن ٿا. پندرهين صدي جو مشهور شخص سعدالله خان جيڪو هندستان جو وزيراعظم ٿيو، هتي جو رهاڪو هو. مغل دور ۾ لاهور جي گورنر نواب وزير خان به هن ئي شهر ۾ جنم ورتو. جعفر قاسمي، ظفر تميمي، نذير مجيد ۽ ’ياد خدا‘ جو ايڊيٽر ڊاڪٽر عزيز علي به هن ئي شهر جي مٽي مان ڦٽا، ’شهر لب درياءِ‘ جي نالي سان منهنجو پهريون ڪتاب، جنهن کي پنجاب سرڪار خوشحال خان خٽڪ ادبي انعام ڏنو، هن ئي شهر جي باري ۾ آهي. آئون هن شهر ۾ پهريون ڀيرو 1990ع ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر طور آيس. ان کان پوءِ هن شهر سان پنهنجو ناتو ٽوڙي نه سگهيس. آئون هتي جنهن گهر ۾ رهندو هوس، اتي بڙ جو هڪ پراڻو ۽ گهاٽو وڻ هو، ان وڻ جي هيٺان مونکي گهڻو ڪجهه مليو. بڙ جي ڇانوَ وڏي سخي هوندي آهي. ان ڇانوَ ۾ مولانا جعفر قاسمي سان ڊگهيون ٿيندڙ ملاقاتون اڃا سوڌي دل تي نقش ٿيل آهن. ان ئي وٽ جي هيٺان هاڻوڪي وزير اعظم نواز شريف سان پهرين ملاقات ٿي.
    اخوت جو قافلو جڏهن چنيوٽ پهتو ته اتي ٽي سؤ سال جهوني مسجد ۾ آفيس کوڻ جو موقعو مليو. اهو رحمت خداونديءَ جو هڪ ٻيو لقاء هو. هن وقت تائين ان شهر ۾ ڏهن هزار ماڻهن کي قرض ملي چڪا آهن. انهن مان گهڻا تڻا فرنيچر جو ڌنڌو ڪن ٿا. چنيوٽ هنر ۽ فن جو مرڪز آهي. جن کي، هن شهر جي ڪاريگري جي ڪم کي ڏسڻ جي خواهش آهي ته هو هتان جو عمر حيات محل يا چنيوٽ جا مشهور ست تعزيا ڏسن. جتي فن ۽ خون جگر جي پراچين روايت پوري شان سان جڳمڳ ڪندي نظر ٿي اچي. اطهر ڪامران انهن ڏينهن هتان جو ڊپٽي ڪمشنر هو. سندس سرواڻي ۾ شهر واسين سان گڏجي گهڻو ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. ان ۾ عمر حيات محل لئبرري جا قيام سر فهرست آهي. هڪ خوبصورت حويلي ۾ ٺهيل اها لئبرري ڪنهن شاهڪار کان گهٽ نه آهي. پر جيڪا شئي نٿي وسري اها انهن ڪجهه گهراڻن جي مدد هئي، جيڪي وياڄ ڀريندي ڀريندي بربادي جي ويجهو پهچي چڪا هئا. شايد انهن جي ئي دعا اسان کي اخوت طرف وٺي ويئي آهي. عشق جي راهه مٿي اُڀن ڪاون کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي زمانا آهن. چنيوٽ جي بيوهه، لاهور جو نابينا حافظ، ڳڙهي شاهوءَ جا جڏڙا ٻارڙا، اخوت ته بس اهڙي ئي ڪنهن نيڪي جو ڦل يا ان رات جي انڌيري ۾ ليلائڻ جو نتيجو آهي، جنهن کي شان ڪريمي موتي سمجهي چونڊي ورتو.


    6.16: جهان کي ڏيو مبارڪون، اسين پيا ڪاهيندا اچون

    شروعاتي شهر ختم ٿيا.
    مونکي اهي ماڻهو ياد اچڻ لڳا، جيڪي اخوت جا سٺا ساٿي آهن. جن جي قرباني ان سپني جي ساڀيان ڪندي رهي. جيڪي آهن: ڊاڪٽر ڪامران شمس، ڊاڪٽر اظهار الحق، همايون احسان، سليم رانجها، خاور رفيق ۽ سيد حسين حيدر.
    ڊاڪٽر ڪامران شمس پهرينءَ ڏينهن کان ئي اخوت جو ساٿي، بهترين انتظامي صلاحيتن جو مالڪ، ديانت ۽ شرافت جو نمونو آهي. هن بئنڪ جي نوڪري اُن ڪري ڇڏي ته کيس وياڄ سٺو نه لڳو. ’پنجاب ايجوڪيشنل انڊومنٽ فنڊ‘ جي ڪاميابي جو سهرو سندس ئي سر تي سونهين ٿو. فائونڊيشن هائوس ۾ هن جنهن نموني ڪم ڪيو، ان جو اجر فقط الله وٽ ئي آهي. ڊاڪٽر اظهار الحق ته هڪ صوفي آهي. هن جو قرب هڪ عجيب آسودگي ٿو بخشي. صبر، تحمل ۽ قرباني جيڪڏهن مون ڪنهن هڪ شخص ۾ ڏٺي ته اهو ڊاڪٽر اظهار آهي. هن جو پانڌ هر قسم جي حسد ۽ شڪ جهڙن داغن کان آجو آهي. همايون احسان اسان سڀني جي محبتن جو محور آهي. سمجهه ۽ ساڃاهه ايثار ۽ قرباني جو سرچشمو. گهٽ ڳالهائو، علم ۽ انڪساري جو نمونو، خوش خلق ۽ نرم مزاج، اهي هڙئي خوبيون کيس دنياداريءَ کان تمام گهڻو پري وٺي ويون. سليم رانجها بي حد خوبصورت ۽ دردمند دل رکندڙ انسان آهي. سراپا محبت ۽ اخوت. دين سان پيار، پاڪستان سان پيار ۽ وياڄ کان نفرت، اهو سڀ سندس سرشت ۾ شامل آهي. اخوت جو پيغام پکيڙڻ جي لاءِ هو هر دروازو کڙڪائڻ جي لاءِ تيار آهي. هڪ عام ماڻهوءَ کان وٺي وزير اعظم تائين، ملڪ کان وٺي پرڏيهه تائين، اخوت جي معاملي ۾ ڪير به کانئس کٽي نٿو سگهي. خاور رفيق، خوش جمال، خوش مزاج، ذهانت ۽ ڪاروباري سُڌ ٻُڌ ۾ سڀني کان اڳڀرو، دورانديش ۽ معاملي فهم آهي. سندس وچٿري راءِ سدائين اخوت جي ڪم آئي آهي. سيد حسين حيدر، حسن طلب ۽ خلوص جو نمونو ۽ نوجوانن جي لاءِ بهترين ماڊل۽ ڀروسي جوڳو ساٿي، جنهن جي سامهون ڏکئي کان ڏکيو ڪم به سولو ٿيو پوي. هو انهن ماڻهن ۾ شامل آهي، جيڪي ڪنهن به اداري کي عروج تي وٺي وڃي سگهن ٿا، اهي اخوت جو سڀ کان وڏو سرمايو آهن.
    زاهد کوکر، فضل يزداني، انور صادق، ڊاڪٽر عبدالرزاق، هر گهڙي، اسان سان وک ۾ وک ملائي پيا هلن. ميجر امان الله، راؤ سعادت، معظم بن ظهور جون خدمتون ڪنهن کان گهٽ نه آهن. هر وقت شوق ۽ جستجو سان سرشار ۽ پوءِ ڏيندڙ جن جو پنهنجو مقام آهي. جنهن هڪ روپيو به ڏنو اهو به ته، جنهن هڪ ڪروڙ ڏنو اهو به. انهن جا نالا کڻي ڀلا انهن جي اجر ۾ ڇو ڪمي ڪجي. اخوت جڏهن حڪومت سان گڏجي ڪم ڪيو ته سامهون گهڻيون ڏکيائيون هيون، پر ڪجهه ماڻهن جي ڪري اسان جا رستا سولا ٿيندا ويا. انهن ۾ طارق باجوه، ڊاڪٽر شجاعت علي، فرحان عزيز خواجه، ڊاڪٽر نائله ظفر ۽ غلام نبي شامل آهن. جڏهن الله ڪنهن تي مهربان ٿئي ٿو ته پوءِ ماڻهن جي دلين ۾ اُن جي محبت جا ٻج ڦٽڻ لڳن ٿا. ميان عامر محمود، ۽ جنرل (ر) خالد مقبول، انهن جي سدائين اخوت کي سرپرستي، مدد ۽ سهڪار رهيو آهي. هنن اسان جو ان وقت هٿ جهليو، جڏهن اخوت کي تمام گهٽ ماڻهو سڃاڻندا هئا. عمران خان فائونڊيشن ۽ مير خليل الرحمان فائونڊيشن پاران نوشهري جي ٻوڏ سٽيل ماڻهن جي لاءِ ٻن ڪروڙ روپين جي وڏي رقم پيش ڪئي ويئي. اهو عطيو، اخوت جي غير سياسي حيثيت تي تصديق جي مهر هئي. عمران خان اخوت جي خدمتن کي سدائين واکاڻيو. شايد ان ڪري ته هو پاڻ به انهن منزلن مان گذريو آهي.
    عمران خان جي ساٿين به اخوت کي پسند جي نظرن سان ڏٺو. اهو ئي اسانجو اعزاز آهي ته ماڻهو اسان جي ڪم کي خدمت سمجهن ٿا. اسان جي به اهائي دعا آهي ته اخوت تعصب جي ڪنڊيدار پيچرن کان سدائين پري رهي.
    خدمت جو ڪم الله جي رضا جي لاءِ هئڻ گهرجي. ڪاش اسان جو ڪم اهڙوئي هجي... پاڪستان پيپلز پارٽي جي دور ۾ پاڻ کي ٻه ڀيرا اخوت تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ وزير اعظم سيڪريٽريٽ ۾ اچڻ جي دعوت ڏني ويئي. جماعت اسلامي جي اداري ”الخدمت“ اسان کان ڪيترا ڀيرا سکڻ جي ڪوشش ڪئي. نعمت الله خان ۽ احسان الله وقاص اخوت کي سدائين دل جي ويجهو رکيو، سهڪار به ڪيو ته سرپرستي به ڪئي. سائرا افضل تارڙ، خواجه سعد رفيق، اياز صادق، پرويز ملڪ ۽ سندس بيگم شائسته پرويز اهي سڀ ذاتي حيثيت ۾ اخوت جا ڀيچي ۽ ٻانهن ٻيلي آهن. چوڌري نثار علي خان ۽ خواجه محمد آصف گمنام رهڻ جي شرط تي مدد ڪن ٿا. اسان جي دعا آهي ته ٻيون سياسي جماعتون به اهو ماڊل اختيار ڪن ته جيئن مواخات جو تصور عام ٿئي ۽ غربت جي خاتمي جي لاءِ اها سياسي حڪمت عملي هر سياسي پارٽي جي منشور جو حصو بنجي سگهي. ان سڄي ڪم ۾ نه ذاتي مشهوري آهي، نه هٺ وڏائون، اهو ته سڀ نياز ۽ نوڙت جو داستان آهي. اهو سڀ الله جو ڪرم آهي، جيڪو ڏک ۽ سک ڏي ٿو، اهو جيڪو ذرڙن کي سج جهڙي سهائي عطا ٿو ڪري. اهو جيڪو پٿر کي ميڻ ٿو ڪري ڇڏي. پرويز مشرف ۽ سندس امڙ کي اخوت جو ڊونر بنجڻ جو اعزاز مليو. اڳوڻو لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس خواجه محمد شريف اسان جي آفيس آيو ۽ عطيو پيش ڪيائين. اڳوڻو صدر (ر) جسٽس رفيق تارڙ، جسٽس محبوب احمد، جسٽس اعجاز نثار، جسٽس خليل الرحمان، جيڪو اخوت جو شريعه صلاحڪار به آهي. جسٽس وجيهه الدين جسٽس ناصره جاويد اقبال، جسٽس عائشه ملڪ. دل جي دفتر تي ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن جي محبت جي مهر لڳل آهي. سيد بابر علي، رزاق دائود، ميان منشا ۽ ايس ايم منير. هڪ ڀيري گورنر هائوس لاهور جي هڪ تقريب ۾ گورنر خالد مقبول، جناب شوڪت عزيز سان اخوت جو تعارف ڪرايو. ان وقت هو وزير اعظم هو. ڇا بنا وياڄ جي به قرض هوندا آهن؟ هن حيرت مان پڇيو. جيڪڏهن اهي بنا وياڄ جي آهن ته پوءِ انڪم ۾ اوهين ڇا ٿا ڪمايو؟ اڃا مون ان سوال جو جواب ئي نه ڏنو، جو هن ٻيو سوال ڪيو. مونکي ائين لڳو ته پاڻ اڃا تائين ڪنهن پرڏيهي بئنڪ جا ملازم آهن، جنهن کي اها ته خبر آهي ته قرض ته اهو هوندو آهي، جنهن تي وياڄ ورتو وڃي ۽ جنهن تي وياڄ نه ورتو وڃي اهو قرض نه هوندوآهي.
    اِهو ئي اُهو نقطو آهي، جنهن کي سمجهڻ ۾ شهباز شريف هڪ گهڙي به نه لڳائي ۽ پنجاب ۾ قرض حسن جو سڀ کان وڏو فنڊ قائم ڪري ڇڏيو. شايد اها اعزاز ۽ توفيق جي ڳالهه آهي. ٻه ارب روپيا ڪا ننڍڙي رقم ڪونهي. پر ان کي اڃا وڌائڻون آهي. مونکي پوري پڪ آهي ته اها ڪاوش هڪ ڏينهن بنا وياڄ جي بئنڪاري يا ”صدقات بئنڪ“ جو بنياد بنجندي.... زندگي هٿيار ڦٽا نٿي ڪري. زندگي ناڪام نٿي ٿئي. زندگي اسان جي طلب ۽ خواهش ۾ جيئري رهي ٿي. اسان جو ڪم ته خواب ڏسڻ آهي، باقي ساڀيان ٿيڻ ته ڪنهن ٻي جي وس ۾ آهي.
    اڳوڻو وفاقي سيڪريٽري ظفر محمود منهنجو مهربان ۽ وڏو خير خواهه آهي. منهنجي هر ڪاميابي کي هو پنهنجي ڪاميابي ٿو سمجهي. اخوت جي وضاحت هن هڪ ڀيري هن شعر جي صورت ۾ ڪئي:
    مال ہے نایاب پرگا ہک ہیں اکثر بے خبر،
    شہر میں حالی نے کھولی ہے دکاں سب سے الگ۔
    رورل سپورٽ پروگرام جو باني شعيب سلطان ته منهنجو استاد آهي. مون هن کان گهڻو ڪجهه سکيو. عملي حقيقتن جو ادراڪ، صلح ڪُل ۽ مستقل مزاجي. هڪ ڪامياب سماجي ورڪر کي هر قسم جي انا جي پڪڙ کان آزاد هئڻ گهرجي. ڪاميابي جي لاءِ وڏي دماغ کان وڏي دل جي گهرج هوندي آهي. جيڪو ماڻهو سدائين کُٽندو آهي، ان جي دوستن جو تعداد گهٽ ٿيڻ لڳندو آهي. نيڪي سٺي شيءِ آهي، پر اصل نيڪي اها آهي ته ماڻهن کي نيڪي ڪرڻ سيکاري وڃي. اها ڳالهيون مون کانئس سکيون. جسٽس عامر رضا جو ساٿ ڪنهن انعام کان گهٽ نه آهي. هن جهڙو همت ڀريو ۽ حق گو اسان جي دور ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ئي آهي. اسپيشل ٻارن جي لاءِ هن جون خدمتون اسان سڀني جي لاءِ روشن راهه آهن. نورالحسن اسان جو دوست به آهي ته ڀاءُ به. اخوت جي تقريبن ۾ جڏهن هو ڪمپيئرنگ ڪندو آهي ته ائين لڳندو آهي ته ڄڻ هو اُن فلسفي ۾ ٻڏي ويو آهي. ابو بڪر صديق سدائين بهترين صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو. سانتيڪو، خوشمزاج ۽ خوش گفتار. مجيب الرحمان شامي سان ذاتي لاڳاپو ۽ احترام جو رشتوڊگهي وقت کان قائم آهي. اخوت کي هڪ معتبر ادارو بنائڻ ۾ هن جو ڪردار ڏاڍو اهم آهي. لکين مستفيد گهراڻا، هزارين رضاڪار، سوين ڪارڪن، سوين ڊونرز ۽ پوءِ انتظامي ڪميٽيون، اسٽيرنگ ڪميٽيون ۽ بورڊ آف ڊئريڪٽرز، دانشور، صحافي، ڪالم نويس، استاد ۽ شاگرد، شعر ته پراڻو آهي،پر تصوير مڪمل آهي.
    میں اکیلا ہی چلا تھا جانبِ منزل مگر،
    لوگ ساتھ آتے گئے اور کارواں بنتا گیا۔
    اخوت جي ملازمين جو ٿورو ڪيئن مڃجي. انهن سڀني جو مزاج ۽ ڪردار اخوت جي فلسفي ۾ رڱجي چڪو آهي. آفتاب احمد، ريحان خاور، شاهد صفدر، ثقلين رضا، مهتاب علي، ممتاز احمد، منير احمد، وسيم اصغر، خالد خان، فاروق احمد، عديل خالد، سعيد احمد، خواجه زاهد، حافظ اظهر السلام ۽ پوءِ وري شهزاد، سجاد ۽ انور مسيح اهي سڀ اهم ماڻهو آهن، هن پنهنجا ڏينهن ۽ راتيون اُن تصور کي هڪ حقيقت جي شڪل ڏني آهي. شروعاتي ڏينهن ۾ مون سان گڏ ريحان نالي هڪ خاتون فيلڊ ورڪ ڪندي هئي. خبر ناهي ڪيتريون شامون رسول پارڪ جي ڌوڙ هاڻين گهٽين، گهوٻين ۾ ماڻڪ موتي ميڙيندي گذري ويون. ريحان کانپوءِ تبسم، پوءِ شازيه ۽ پوءِ هوريان هوريان ٻيا ماڻهو. هاڻ ته انهن ساٿين جو تعداد هڪ هزار کان به وڌي ويو آهي، اهي سڀ اخوت جي تسبيح ۾ پوتل ماڻڪ موتي آهن.
    انهن ماڻهن جو چوڻ آهي ته اخوت، مائيڪرو فنانس ۾ اجتهاد جو نالو آهي.
    هڪ نئين رسم، هڪ نئين وضح، هڪ انوکي هلت، مٽيءَ ۾ مٽي ٿي وڃڻ جي سَڌ. چريائپ، جنون، يا پاڳلپڻون. اخوت رولاڪي ۽ سڪون جو نانءُ آهي. اها اڏولتا آهي، اهو استقلال آهي، اهو جيڪو ڪنهن چيو آهي ته جيڪڏهن خون آهي ته پوءِ اک مان ڇو نه ٿو ڳڙي. جيڪڏهن تيشو آهي ته پوءِ مٿو ڇو نٿو ڦاڙي. جيڪو سوداء آهي ته پوءِ سوريءَ تي ڇو نٿو چڙهي. ڪير ته اهڙو هجي، جيڪو چوي ته زندگي جي آزمودن رستن کان هٽي ڪري هلندس. ٺوڪرون کائيندس، مٿو ڦاڙيندس، زندگي جي اجڙيل گلستان ۾ رنگ ڀريندس. سر بازار مي رقصم، سر بازار مي رقصم. تيز ۽ تکين هوائن ۾ مواخات جو ڏيئو کڻي اهي همراهه، اخوت جي تسبيح ۾ پوتل اهي انمول ماڻڪ موتي.
    خدا رحمت کنداين عاشقانِ پاڪ طنيت را


    6.17: درد جو رشتو وڏو آهي

    سفر پڄاڻي تي پهتو، پر ڪهاڻي اڃا باقي آهي. ڪجهه مسافر، ڪجهه مسافر نواز. انهن جو ذڪر به سفر جي ڪهاڻي جو حصو آهي. انهن مان ڪن جو ته ذڪر ڪري چڪاآهيون ته ڪي رهن ٿا. سيد ابو احمد عاطف، پروفيسر اطهر عظيم، عمار ترين، اخلاق الرحمان، قاضي محمد اشرف، چوڌري محمد علي، محمد عرفان بٽ، عامر علي خان، سعود محبوب، عائشه آفندي، شيخ علاؤالدين، محترمه شاهيمه رحمان، شيراز محمود شيرازي، بلال طارق، نعيم شيخ، ايس ايم اشفاق، خليل ميان، حاجي محمد نواز، حامد زمان، شيخ قمرالحق، مولانا طارق جميل،پاڪستان جي هڪ محبوب ديني شخصيت سندس ذات دين سان وابستگي جي علامت آهي. اخوت جي حوالي سان اسين ٽي ڀيرا سندس مهمان بنياسين، تلمبه ۾ اخوت جي شروعات تي مولانا جو خطاب هڪ يادگار موقعو هو. تقرير جي پڄاڻي تي هن ڳوڙهن هاڻن اکين سان دعا ڪئي. اهڙي ئي دعا هن لاهور جي الحمرا هال ۾ پڻ ڪئي. اها اخوت جي سالياني تقريب هئي ۽ ڳالهه ٻولهه جو عنوان هو، اڄوڪي دور ۾ مواخات. اها تقرير ڪتابي صورت ۾ ڇپجي هزارن جي تعداد ۾ ورهائجي چڪي آهي. هڪ دعا هن بيت الله ۾ پڻ ڪئي، اي خدا! اخوت کي عام ڪري ڇڏ. اي خدا وياڄ کان ڇوٽڪارو ڏيار، مولانا جي بدولت ارادن جي ڪمزوري، اٽل ارادن ۾ بدلجڻ لڳي ٿي.
    جامعه اشرفيه جو مهتم مولانا فضل الرحيم هڪ بي حد احترام لائق، بزرگ سراپا محبت ۽ ٻاجهاري شخصيت آهي. هن جي ويجهڙائپ به دلين کي روشن ٿي رکي. هن ڪيترائي ڀيرا جامعه اشرفيه گهرايو ۽ اخوت جي لاءِ دعاگو ٿيو. پروفيسر احمد رفيق ۽ سيد سرفراز شاهه. سچائي، صدق ۽ علم جو پيڪر، صوفي درويش ۽ حق چوڻ وارو. پروفيسر صاحب جهڙا روشن ضمير ۽ با خبر ڪيترا هوندا؟ سندن چوڻ آهي ته اخوت جي وڌڻ ۽ ويجهڻ جو وقت بنهه ويجهو آهي. صدقات بئنڪ جي بشارت به هو ئي ٿو ڏي. تنهنجو سڏ ۽ پڙاڏو. مڪو ۽ مدينو!
    ڪيترائي شاگرد اخوت سان رضاڪار طور شامل ٿيا. پاڻ به جوان ته سندن سوچ ۽ فڪر به جوان. اخوت انهن ٻارن جي سينن ۾ اهڙيون ته لاٽون ٻاريون ، جيڪي ڪڏهن به نه وسامنديون. اخوت کين هڪ سوچ ۽ احساس طور متاثر ڪيو. انهن مان ڪيترن ته غربت کي پنهنجي مڙني بدصورتين سان پهريون ڀيرو ڏٺو. فاطمه رشيد ۽ سندس ساٿين، جنهن نموني اخوت ۾ پيهي ڪم ڪيو، ان جو مثال تمام گهٽ ٿو ملي.
    مسافر ۽ مهمان نواز- پاڻ کي ڀروسو آهي ته اهي وڌندا رهندا. روشني پکڙبي رهندي. اخوت جو اهو ئي پيغام آهي.


    6.18: مون کانپوءِ اها مصيبت ڪيڏانهن ويندي

    ڇا اسين سڀني ماڻهن جو ٿورو مڃي سگهون ٿا.
    ڪيترائي نالا وسري ويا. ڪيترن ته پاڻ ئي جهليو. فرخ جو به اهو ئي چوڻ آهي ته ذڪر نه ٿئي ته ڪر چڱو. پر سندس ذڪر کانسواءِ هيءَ ڪٿا اڻ پوري رهندي. اخوت جي لاءِ جيترا سجدا هن ڪيا، اوترا ڪنهن ٻي جي ڀاڳ ۾ ڪونهي. مون هن جي حصي جو ڪيترو ئي وقت ان چريائپ جي نظر ڪري ڇڏيو. پوءِ به کيس ڪا شڪايت نه آهي، سواءِ ان جي ته آئون پاڻ سان انصاف نٿو ڪريان. صحت جو خيال نٿو رکان. گهر دير سان ٿو موٽان. اهي ئي ننڍيون ننڍيون شڪايتون، جيڪي زندگي آهن. ڇا کائڻون آهي، ڇا پيئڻو آهي، ڊاڪٽر وٽ ڪڏهن وڃڻو آهي. دوا ڪيترا ڀيرا کائڻي آهي. فرخ کانسواءِ ٻي ڪنهن کي انهن ڳالهين جي ڪهڙي خبر. مونکي ته پنهنجي دوائن جا نالا به ياد نه آهن. هر سال ڪجهه ڏينهن پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪراڊيالاجي ۾ گذارڻا پوندا آهن. هيل تائين پنج سٽنٽ پئجي چڪا آهن. بيماري جون گهڙيون سامهون اچن ٿيون ته ان جي بي وسي ياد ٿي اچي... دل جي حملي کانپوءِ ائين لڳندو اٿم ته مڻن جي حساب سان وزن اچي سيني تي ڪريو آهي. ٽٽندڙ نسون ۽ سور جي شدت. هڪ سور جي سٽ اُڀرندي آهي. هنگامي ڀڄ ڊڪ، هيپارين، اينجوگرافي، موت ۽ زندگيءَ جي گهري ڇڪتاڻ. هڪ ڀيري آئون آئي سي يو ۾ داخل هئس. هڪ عورت سڄي رات ٻارن سان گڏ اسپتال جي لان ۾ ويٺي رهي. صبح ساجهر هوءَ فرخ وٽ آئي ۽ چوڻ لڳي، ”اصلي طاقت دوا نه پر دعا آهي.“ مون کي ڀروسو آهي ته ان رات ان عورت جي دعا قبول ٿي. مون کي ته ان عذاب سهڻ جي عادت ٿي ويئي آهي، پر فرخ جي لاءِ اهي گهڙيون انتهائي صبر واريون هونديون آهن. اهو به ڏاڍو سخت ڏينهن هو. جڏهن مون کيس چيو، ”آئون سول سروس مان استعفيٰ ٿو ڏيڻ چاهيان.“ هن جواب ۾ ڪا به اهڙي ڳالهه نه ڪئي، جيڪا مونکي ڪمزور ڪري. ماڻهن جي لاءِ اهو غير معمولي واقعو هو، پر هن جي لاءِ اها هڪ عام ڳالهه هئي. سندس چوڻ آهي ته ذڪر نه ٿئي ته چڱو، پر سندس ذڪر کانسواءِ هيءَ ڪهاڻي اڻ پوري آهي. اخوت جي هن جدوجهد ۾ سندس تمام وڏو حصو آهي. سندس ڳڻپ اخوت جي گمنام سپاهين ۾ ٿئي ٿي. سراپا ايثار، سراپا محبت ۽ سراپا ڌيان.


    6.19: ليلائي لهين، تان پڻ ليلائج

    جهاز ۾ رش وڌڻ لڳي. مون گهڙيءَ تي نظر وڌي ته اندازو ٿيم ته منزل ويجهي آهي. ارڙهن ڪلاڪن جو ڊگهو سفر، رستي ۾ پکڙيل ڪيترائي سمنڊ ۽ ريگستان، انهن ۾ ساهه سڌير ساروڻين جا روشن ڏيئا. اخوت جون پراڻيون منزلون.
    مہکتے میٹھے، مستانے، زمانے،
    تِری نظروں کے نذرانے زمانے۔
    شروع ۾ ته تمام گهٽ ماڻهن اعتبار ڪيو. شايد شروع ۾ گهٽ ئي هوندو آهي، پوءِ ته جل ٿل ٿي ويو. ان سفر جو چٽ دل تي چٽيل آهي. جيڪو زيان ٿئي ٿو، ان کي اسين نه ڏسندا آهيون. عشق جي گوشواري ۾ ٻه ۽ ٻه چار نه هوندا آهن. هتي ته گهٽ به ٿي سگهن ٿا ته وڌ به. ان جو سڄو دارومدار نيت تي هوندو آهي. نيت سٺي هجي ته هڪ اڌ واڌو ٻڙي به لڳي وڃي ٿي. اخوت جو ايندڙ سفر الائجي ڪڏهن ٿيندو. اسين هونداسين به يا:
    اسان جي مُئاسين سفر ۾ او ساٿي،
    ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي.
    يا جيئن منير نيازي چيو آهي:
    بیٹھ جائیں سایہء دامانِ احمد میں منیر،
    اور پھر سوچیں وہ باتیں جن کو ہونا ہے ابھی۔
    پي.آءِ.اي. ۾ سفر جي شروعات دعا سان ٿي هئي. اوچتو مونکي خيال آيو ته سفر جي پُڄاڻي به دعا تي ئي ٿيڻ گهرجي... مسافرن جي ته هو ضرور ٻڌندو آهي. مون کي هن مهل ڇا گهرڻ گهرجي. دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي يا اها ئي سوره فاتحه، جيڪا هر مسلمان جي پسند جي دعا آهي، جيڪا هر نماز ۾ پڙهي ويندي آهي. مونکي ياد آيو ته هڪ مشهور دعا ”سيد الشهداء حضرت امام حسين“ سان به منسوب آهي. ڏاڍي جامع ۽ اثرائتي دعا آهي. اها دعا به هڪ سفر جي شروعات هئي. اهو ڪربلا جو سفر هو يا ڪو ٻيو سفر ۽ امام الشهداء ڪنڌ جهڪايو ۽ خدا کي هيئن ٻاڏائڻ لڳو:
    اي منهنجا پالڻهار- منهنجا سچا سائين!
    سڀ کان پهرين ته آئون تنهنجو ٿورائتو آهيان، جو آئون ڄاڻان ٿو ته آئون تنهنجو ٿورو ادا ڪري نٿو سگهان. منهنجي ايمان جي سچائي، منهنجي عبادت جو اخلاص، منهنجي ضمير جي گهرائي، منهنجي نظرن جي سهائي، منهنجي نسن ۾ ڊوڙندڙ رت، منهنجي چپن مان نڪرندڙ ٻول، منهنجي دل جون سڀئي لرزشون، منهنجو جسم، منهنجو رت، منهنجو منهن، منهنجا اعصاب، منهنجون هڏيون، منهنجو سَنڌ سَنڌ، منهنجي ننڊ، منهنجي سجاڳي، منهنجي چرپر، منهنجو سڪون، منهنجا رڪوع، منهنجا سجدا... آئون انهن سڀني جو سُونهن کڻي ٿو چوان ته آئون تنهنجو ٿورو مڃي نٿو سگهان. آئون ته تنهنجي ڪنهن هڪ نعمت جو ٿورو به مڃي نٿو سگهان. اي منهنجا پالڻهار! تو مون کي حڪم ڏنا ۽ مون انهن کي پورو ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي. تو مون کي رستو ڏيکاريو، پر آئون اُن تي هلي نه سگهيس... تو مونکي هدايت ڏني، پر آئون اُن تي پورو نه لٿس، چؤڏس مايوسي، اڄ تنهنجي بارگاهه ۾ پيش ٿيو آهيان... اڄ خود منهنجو سَنڌ سَنڌ ان ڳالهه جي شاهدي ڏيڻ وارو آهي. هي اکيون، هي هٿ، هيءَ زبان... جيڪڏهن تو مونکي عذاب ڏنو ته اهو منهنجي گناهن جي ڪري هوندو ۽ جيڪڏهن تو مون کي معافي ڏني ته اهو تنهنجو ڪرم، تنهنجو احسان ۽ تنهنجي ٻاجهه جو ڪرشمون هوندو...
    اي منهنجا پالڻهار! تون پريشان حال جي دعا قبولينءَ ٿو. دردمند جي داد رسي ڪرينءَ ٿو. بيمار کي صحت ٿو ڏين... محتاج کي غني ٿو بنائينءَ... اهو تون ئي آهين جو ٽٽلن کي ڳنڍين ٿو. ننڍن تي رحم ڪرين ٿو ۽ وڏن جي مدد ڪرين ٿو. تو کان سواءِ ٻيو ڪو به اوهي واهي، يا وارث وسيلو نه اٿم. تون تمام وڏين بلندين جو مالڪ آهين. تون وڏي شان وارو آهين... اي قيديءَ کي آزاد ڪندڙ، اي بکايل کي روزي ڏيڻ وارا، اي پناهه گهرندڙ کي پناهه ڏيندڙ، اي اهو، جنهن جو نه ڪو شريڪ آهي، نه مددگار.
    منهنجا پروردگار! اڄ آئون توکان گهڻو ڪجهه گهران ٿو. اي منهنجا پالڻهار، منهنجي مزاج ۾ بي نيازي عطا ڪر... منهنجي دل کي ڀروسي سان مالا مال ڪر... منهنجي عمل کي اخلاص جي آراستگي بخش. منهنجي اکين کي جوت ڏي. منهنجي نظرن کي صبح جي سهائي عطا ڪر... مون تي زيادتي ڪندڙ جي مقابلي ۾ منهنجي مدد ڪر... منهنجي دشمن کي منهنجو دوست ڪر ۽ منهنجي دوستن کي اڻ ميون خوشيون ڏي. اي منهنجا الله! منهنجي پردي داري ڪج. منهنجون خطائون معاف ڪر... اي الله! آئون جنهن شيءِ کان ڊڄان ٿو، تنهن کان مونکي امن ۾ رک! آئون جنهن کان بچڻ چاهيان ٿو، تنهن کان مونکي پناهه ۾ رک. منهنجي ضمير ۽ منهنجي دين جي رکوالي ڪر. منهنجي سفر کي محفوظ بنائي... منهنجي اهل عيال جي حفاظت ڪر... منهنجي مال جي نگهباني ڪر... تو جيڪي ڪجهه مونکي ڏنو آهي، تنهن ۾ برڪت وجهه. مون کي پنهنجي حضور نماڻو ۽ ماڻهن جي نظرن ۾ عزت ڏي... مونکي عمل ۾ آزمائش ۾ نه وجهج. تو مونکي جيڪي نعمتون ڏنيون آهن، اهي واپس نه وٺج. يا الاهي مونکي غير جي حوالي نه ڪج. مون کي غضب جي نظرن سان نه ڏسج. مون کان ناراص نه ٿج. تون ان مهل منهنجي پناهه بنج، جڏهن رستا مونکي لنگهڻ نه ڏين ۽ زمين پنهنجي وشالتاجي باوجود به مون تي تنگ نه ٿئي. تون ان مهل منهنجي لاءِ ڇانوَرو بنج، جڏهن تکي اُس هجي ۽ پکي پنهنجن آکيرن ۾ لڪل هجن...
    يا الله! مونکان ڪو اهڙو ڪم وٺج، جيڪو مون کي تنهنجي ويجهو ڪري ڇڏي، اي منهنجا پالڻهار... مونکي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه و آله وسلم جي ٻانهپ عطا ڪر... منهنجي نگاهه کي بيناز ڪر... مونکي حريم قرب سان آشنا ڪر... مونکي سچائي سان بندگي ڪرڻ جي سگهه ڏي مونکي حقيقتن جو شناور بنائي. مون سان محبت جو منهنجو عرض اگهائج... منهنجو عرض اگهائج... منهنجو عرض اگهائج...“

    ليلائي لهين، تان پڻ ليلائج،
    آسرو مَ لاهج، سڄڻ ٻاجهائيندڙ گهڻو.
    (شاهه)
    سيد الشهداء جي دعا اُميد جا ڪيترائي ڏيئا روشن ڪري ڇڏيا. زندگيءَ جي ڪربلا ۾ ان کان وڌيڪ سٺي دعا ٻي ڪهڙي هوندي. مونکي ائين لڳو ته سڄي ڪائنات مون سان همنوا آهي. اسان جي التجا قبول ڪر... اسان جي التجا قبول ڪر... اي رب ذوالجلال اسان جي دعا قبول فرمائي.
    لاهور جون روشنيون نظر اچڻ لڳيون... جهاز جا قدم زمين کي ڇهي رهيا هئا. اخوت جي سفر جو پهريون حصو پُڄاڻي تي پهتو... ايندڙ سفر الائجي ڪڏهن ٿيندو...؟
    *


    • محمد امجد ثاقب جو تعارف

    ڊاڪٽر محمد امجد ثاقب، پاڪستان جي هڪ ڏورانهين شهر ”ڪماليه“ ۾ جنم ورتو. تعليم گورنمينٽ ڪاليج ۽ ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل ڪاليج لاهور مان حاصل ڪيائين. 1985ع ۾ سول سروس مئنجمينٽ گروپ جي لاءِ چونڊيو ويو... آمريڪا مان پبلڪ ايڊمنسٽريشن ۽ انٽرنيشنل ڊويلپمينٽ ۾ ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪيائين. اهم سرڪاري عهدي تان نوڪري تان استعيفيٰ، ايشين ڊويلپمينٽ بئنڪ، انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن، ڪينيڊين انٽرنيشنل ڊويلپمينٽ ايجنسي، يو ايس ايڊ، ڊي ايف آءِ ڊي، يو اين ڊي پي ۽ ورلڊ بئنڪ جهڙن ادارن سان صلاحڪاري. پنجاب ايجوڪيشنل فنڊ، پنجاب ايجوڪيشن فائونديشن، هيلٿ ڪيئر ڪميشن، ويلفيئر ٽرسٽ فار ڊس ايبلڊ، هلال احمر ۽ فائونٽين هائوس جهڙن ادارن سان رضاڪاراڻي وابستگي. هو انٽرنيشنل اسلامڪ مائيڪروفنانس نيٽ ورڪ جو چيئرمن پڻ آهي. پر سندس اصل اعزاز ”اخوت“ جو قيام آهي. دنيا ۾ قرض حسن جو سڀ کان وڏو پروگرام. اخوت پاڪستان جي هڪ خوبصورت تصوير پيش ڪئي آهي. ايثار، قرباني ۽ ڀائيچاريءَ جي تصوير، جنهن کيMuakat Paradingm جو نالو ڏنو ويو آهي. اها هڪ نئين اُفق جي نشاندهي ٿي ڪري. سماجي ترقي جي لاءِ سندس خدمت جي مڃتا طور کيس صدر پاڪستان پاران ”ستاره امتياز“ ڏنو ويو. پاڻ هيٺين ڪتابن جو ليکڪ پڻ آهي. شهر لب دريا (خوشحال خان خٽڪ انعام ماڻيل) گوتم جي ديس ۾ (نيپال جو سفرنامو)، هڪ يادگار مشاعرو، اخوت اور دشت ظلمت، غربت اور مائڪرو ڪريڊٽ ۽ لاهور يونيورسٽي فار مئنيجمينٽ سائنسز جي لاءِ مرتب ڪيل هڪ ڪتاب Devolution and Governance- Reformsin Pakistan (Oxford University Press)
    (www.akhuwat.org.pk.amjadsaqib1@gmail.co)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 465628
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 186505
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ