ڪتاب جو نالو: هوائيءَ جي هوائن مان
مصنف: قربان منگي
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 05 ڊسمبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 348 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 83 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هن سفرنامي جو ليکڪ ناميارو پبلشر ۽ ليکڪ قربان منگي آهي. هو لکي ٿو:
”اوهان جي هٿن ۾ موجود هي سفر نامو ”هوائيءَ جي هوائن مان“ منهنجي آمريڪا جي ٻئين سفر جي ڪٿا آهي. آمريڪا ۾ رهي مون اتان جي سماجي لقائن کي جيئن ڏٺو انهن کي تيئن ئي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون هي سفرنامو لکندي ڪٿي به ڪنهن مبالغي يا وڌاءَ کان ڪم ناهي ورتو. اُميد ته اوهان پڙهندڙ منهنجي گذريل سفرنامن جيان هن سفرنامي کي به دل جي ويجھو جاءِ ڏيندؤ.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران :
  • پبلشر نوٽ
  • پنهنجي پاران
  • مهاڳ
  • هڪ نئين سفر جو سانباهو
  • “وينچُورا” ڏي پنڌ ۽ “هالي ووڊ” سان هيلو هاءِ
  • يونيورسل اسٽوڊيو: تفريح جو انوکو جهان
  • لاس اينجلس کان هوائي جو سفر
  • “هوائيءَ” جي هوائن ۾.........
  • هر طرف “علي علي” ۽ “هالووين ڊي” جا رنگ
  • بينڪ جو اعتبار، موالي نوجوان ۽ “متبرڪ بيچ”
  • "Denny’s" جا ڪردار...... “هرشخص ڪهاڻي آ”
  • 4 نومبر: آمريڪا ۾ صدارتي اليڪشن جو ڏينهن
  • ذڪر مسٽر “پريشان” جو
  • ڪُونا جي ڪافي ۽ ڪلچرل فيسٽيول
  • “هيلو” ڏانهن پنڌ ۽ “والڪينوز” جا احوال
  • “ڪُونا” ۾ گذاريل ڪي پَــلَ، ڪي پَهرَ
  • ڪي گهڙيون “ڪوهالا” ۾
  • ڪونا ۾ آخري ڏينهن
  • شڪاگو ڏانهن سفر: سارَ ڪجهه ساعتن جي
  • فيلڊ ميوزم مان ڦيرو
  • انڊيانا رياست جو احوال ۽ “ڪُتن جو هوٽل”
  • “ايڊلر پلانيٽوريم” ۾ ڪجهه پَــلَ
  • آرٽ ميوزم: فن جو لازوال مرڪز
  • اسپرنگ فيلڊ: ابراهام لنڪن جون يادون
  • آمريڪا ۾ آخري ڏينهن ۽ ذڪر هڪ لئبريريءَ جو

  • سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”هوائيءَ جي هوائن مان“ اوهان اڳيان پيش آهي. آمريڪا جي سفر جي سلسلي جي هن سفرنامي جو ليکڪ ناميارو پبلشر ۽ ليکڪ قربان منگي آهي. هو لکي ٿو:
    ”اوهان جي هٿن ۾ موجود هي سفر نامو ”هوائيءَ جي هوائن مان“ منهنجي آمريڪا جي ٻئين سفر جي ڪٿا آهي. آمريڪا ۾ رهي مون اتان جي سماجي لقائن کي جيئن ڏٺو انهن کي تيئن ئي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون هي سفرنامو لکندي ڪٿي به ڪنهن مبالغي يا وڌاءَ کان ڪم ناهي ورتو. اُميد ته اوهان پڙهندڙ منهنجي گذريل سفرنامن جيان هن سفرنامي کي به دل جي ويجھو جاءِ ڏيندؤ.“
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    سفرنامه نگاري جي حوالي سان قربان منگيءَ جو نانءُ پڙهندڙن لاءِ ڪنهن به روايتي تعارف جو محتاج نه رهيو آهي. ”مسافر“،
    ”هڪ گهڙي پيار جي“ ۽ ”آمريڪا ۾ ايڪٽيهه ڏينهن“ کانپوءِ هيءُ
    سفر نامو ”هوائيءَ جي هوائن مان“ قربان منگيءَ جي لکڻ جي سادي ۽ سهڻي انداز ۽ واقعن ۽ مشاهدن کي بيان ڪرڻ جي دلچسپ پيرائي سبب يقيناً پڙهندڙن جي دلچسپي ماڻيندو.
    پوپٽ پبلشنگ هائوس جي ڪوشش رهي آهي ته تخليقي ادب سان گڏوگڏ تنقيدي، تحقيقي ۽ ٻيو ڄاڻ ڀريو مواد پنهنجي مهربان پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچائجي. هيءُ ڪتاب يقيناً پڙهندڙن لاءِ آمريڪا جي زندگي، سماجي وهنوار، ماڳن مڪانن، قدرن ۽ انهن مڙني شين سان لاڳاپيل عڪسن ۽ اهڃاڻن کي چٽو ڪري بيهاريندو ۽ سفر جي خواهش رکندڙن لاءِ يقيناً هي ڪتابُ هڪ مضبوط انسپائريشن جو سبب بڻجندو.
    اوهان پڙهندڙن جو ساٿُ، هاڪاري موٽ ۽ ڪتاب دوستيءَ جو جذبو، پوپٽ پبلشنگ هائوس کي مستقبل ۾ اڃان به بهتر ڪم ڪرڻ لاءِ اتساهيندا رهندا.


    امر اقبال
    amariqbal45@yahoo.com
    0331-3067097


    پنهنجي پاران

    پنهنجي پاران

    جستجو ۽ سفر منهنجي خمير ۾ شامل رهيا آهن. مون جيون جي هر پل کي سجايو ڪرڻ جا جتن ڪيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو انهيءَ ڳالهه جو قائل رهيو آهيان ته انسان کي هر وقت ڪجهه نه ڪجهه ڪندو رهڻ گهرجي. پنهنجي وت، وس ۽ وسيلن آڌار مون ننڍڙا ننڍڙا ئي سهي ادارا ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهيءَ سڄي جستجو ۽ ڪوشش کان پوءِ مون کي جڏهن به وقت وٿي ڏني آهي ته مون سفر ڪرڻ جا سانباها ڪيا آهن. منهنجي پهرين سفرنامي ”مسافر“ کان وٺي، هن سفرنامي تائين، منهنجيون رولاڪيون اوهان پڙهندڙن کان ڳُجھيون ڪونه آهن.
    اوهان جي هٿن ۾ موجود هي سفر نامو ”هوائيءَ جي هوائن مان“ منهنجي آمريڪا جي ٻئين سفر جي ڪٿا آهي. آمريڪا ۾ رهي مون اتان جي سماجي لقائن کي جيئن ڏٺو انهن کي تيئن ئي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون هي سفرنامو لکندي ڪٿي به ڪنهن مبالغي يا وڌاءَ کان ڪم ناهي ورتو. اُميد ته اوهان پڙهندڙ منهنجي گذريل سفرنامن جيان هن سفرنامي کي به دل جي ويجھو جاءِ ڏيندؤ.
    آمريڪا جي هن سفر جي دوران جن دوستن آمريڪا جي مختلف علائقن ۾ رهندي منهنجو آڌرڀاءُ ڪيو، منهنجي مهمان نوازي ڪئي ۽ انتهائي مصروف زندگين مان وقت ڪڍي منهنجو ساٿُ ڏنو، انهن جا ٿورا مان دل جي گهراين سان مڃيندس. اهڙن دوستن ۾ ايم. اي راجا، فريد ڀُٽو، ڊاڪٽر مُبارڪ ميرجت، شنڪر لعل هرياڻي، ذوالفقار سهتو، مير محمد ميرجت ۽ ٻيا شامل آهن.
    هن سفرنامي جي اشاعت جي موقعي تي مان تمام گهڻا
    ٿورا مڃيندس سنڌي ٻوليءَ جي برک ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار
    محترم عبدالقادر جوڻيجي جا، جنهن انتهائي مصروف وقت مان منهنجي هن سفرنامي لاءِ ڪجهه پَلَ ڪڍيا ۽ قيمتي راءِ مهاڳ جي صورت ۾ لکي ڏني.
    تمام گهڻي مهرباني سنڌي ٻوليءَ جي سهڻي شاعِرَ ۽ پنهنجي دوست محترم امر اقبال جي جنهن منهنجي هن ڪتاب کي نظر مان ڪڍي، ان کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ ۾ محنتون خرچ ڪيون.
    تمام گهڻي مهرباني محترم سعيد منگيءَ جي جنهن هن ڪتاب جو خوبصورت ٽائيٽل ٺاهيو ۽ پڻ مهرباني محترم آصف رضا نظاماڻيءَ جي جنهن ڪتاب جي اکر اکر کي پيار سان ڪمپوز ڪيو.
    هن ڪتاب ۾ موجود موادَ جي حوالي سان اوهان پڙهندڙن جي راءِ جو اوسيئڙو به ضرور رهندو.



    قربان منگي
    qurban82@yahoo.com
    0300-3116231


    مهاڳ

    بنا دير جي اڏامندڙ وقت گذرندي دير ئي ڪونه ٿو ڪري، انهيءَ ڪري لکڻو پئجي وڃي ٿو: ”ڪنهن زماني ۾ سو ڪنهن زماني ۾ برطانيه حڪومت جي چغلين چائين، آمريڪي FBI جي ڪار گذارين ۽ سينسر شپ جي ڏاڍ جو شڪار ٿيندڙ اخلاقي، سياسي ۽ سماجي قدرن کان بغاوت ڪندڙ آمريڪي اديبن ۾ ”بيٽ جنريشن“ جو وڏو اڀار آيو. بيٽ جنريشن جي گوروئن ۾ هڪ ته ايلن گنسبرگ (Ellin Ginsburg) هو، جنهن” Howl“جهڙو ڊگهو نظم لکي ادبي دنيا کي لوڏي ڇڏيو. انهيءَ نظم کي ويهين صديءَ جو هڪ وڏو ڪارنامو ڪري ليکيو وڃي ٿو. ٻيو گورو هو، جيڪ ڪيرويي (Jack Kerouee) . اهو جيڪ ڪيرويي پنهنجي هاڪاريل ناول (On the road) ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو. ”علم عاليشان درسگاهن مان نه، پر مسافر جي قدمن مان اڏامندڙ کهه مان جنم وٺندو آهي،“ خود اهو ناول (On the road) به سفر نامي جي فارميٽ ۾ لکيو ويو آهي. آئون جڏهين به قربان منگيءَ جو ڪو سفر نامو پڙهندو آهيان ته مون کي جيڪ ڪيرويي جو مٿي ڄاڻايل جملو ياد اچي ويندو آهي. هيءُ ڪتاب ته آهي ئي آمريڪا جو سفر نامو، جيڪو سڌي سادي، سولي ۽ هر رنگ جي پڙهندڙ کي سمجهه ۾ ايندڙ ٻوليءَ ۾ لکيو ويو آهي، تنهن ڪري هن سفرنامي جي اهميت وڌي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ ته لکڻ جي دنيا ۾ (Simplification) کي اڄڪلهه پوري دنيا ۾ لازمي سمجهيو وڃي ٿو ته جيئن ڪو به ڪتاب گهڻن هٿن تائين پهچي سگهي ۽ چڱيءَ طرح سمجهه ۾ اچي. انهيءَ معيار تي قربان منگيءَ جو هيءُ ڪتاب ”هوائيءَ جي هوائن مان‎“ پورو لهي ٿو. جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو اجايو رئڪيٽ نه هنيو ويو آهي ۽ نه ئي هن ڪتاب ۾ ڪنهن قسم جي ڪا دانشورانه ٽرڙ پائي (Intellectualistic Snoberry) پاتي وڃي ٿي. هونئن به سفرنامي جي فن ۽ هنر ۾ اها ٽرڙپائي عيب سمجهي وڃي ٿي، جنهن کان قربان منگي بچيل آهي ۽ اهو ئي سندس ڪاميابيءَ جو راز آهي. سندس اها خوبي ڪنهن به ٻئي ملڪ کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿي ۽ پڙهندڙ ساڻس سفر ۾ شريڪ رهي ٿو، ڇاڪاڻ ته قربان منگي کلندي کلندي پنهنجي پڙهندڙ سان پنهنجائپ (Intimacy) پيدا ڪري وڃي ٿو. اها پنهنجائپ پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺي ٿي. تنهن کان پوءِ قربان منگي هن ڪتاب ۾ ڪٿي به آمريڪا جي انفارميشن ۽ سياحت کاتي طرفان شايع ٿيل، پروپئگينڊا تي ٻڌل، ٿڪائيندڙ ۽ بور ڪندڙ معلومات جو سهارو نه ورتو آهي، جنهن مان سندس ايمانداري ظاهر ٿئي ٿي هن اهو ئي ڪجهه لکيو آهي جيڪو ڏٺو ۽ پرکيو اٿائين. ٻين جي ڪلهي تي بندوق رکي ڇوڙڻ کان پاسو ڪيو اٿائين. قربان منگيءَ وٽ پنهنجي ئي اسٽائيل موجود آهي، جيڪا هن سفرنامي کي نج بڻايو بيٺي آهي. هن ڪٿي به پنهنجا اصليت نه ڇڏي آهي. سندس اها اصليت ئي هن ڪتاب جي معيار جو ڪارڻ آهي. اها نج اصليت سندس ٻين ڪتابن يعني ”هڪ گهڙي پيار جي“ ۽ ”آمريڪا ۾ ايڪٽيهه ڏينهن...........“ ۾ پڻ پاتي وڃي ٿي. ڪٿي به وڏيءَ گهاگهه ۾ نه ٿو پوي.
    زماني سان گڏ جيئن تهذيبن جا مرڪز بدلبا رهيا آهن، ائين ئي لکڻ جي دنيا ۾ به مختلف صنفن تي ڏکيا سکيا ڏينهن ايندا ويندا رهيا آهن. هڪ زمانو هو جو رشين ماسٽرس، جهڙوڪ دوستو وسڪي ۽
    ليو ٽالسٽاءِ وغيره جي لکيل شاهڪار ناولن جي اڀار هيٺ اچي مختصر ڪهاڻيءَ جو فن دٻجي ويو هو. پر پوءِ انٽن چيخوف جي ڪهاڻين ناول جي صنف کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو. پر ٻي عظيم جنت کان پوءِ وري ناولن جو دور شروع ٿي ويو. ڇاڪاڻ ته جنگين ۽ انقلابن جي نتيجي ۾ انهن ڳرين (Socio – political) حالتن کي چٽڻ لاءِ وڏو ڪئنواس ٿي کتو. انهيءَ وڏي ڪئنواس ئي وڏن ناولن کي جنم ڏنو، ٻين لفطن ۾ ائين کڻي چئون ته اها هڪ گهوڙن جي ڊوڙ هئي، جنهن ۾ ڪڏهن ڪهاڻي پوئتي رهجي ٿي ويئي ته ڪڏهن ناول پوئتي رهجي ٿي ويو. پر 1960ع تائين پهچندي پهچندي ناول جي صنف ڪتابن جي دنيا تي ڇانئجي ويئي. پر هن دور ۾ انهيءَ گهوڙي ڊوڙ ۾ دستاويزي ادب جهڙوڪ: تخليقي مضمون، سوانحون، آتم ڪٿائون، ڊائريون، اعليٰ اخباري رپورٽون ۽ سفر نامه وغيره شامل ٿي ويا آهن. ائين ڪڏهن ناول ته ڪڏهن دستاويزي ادب جون صنفون اڳتي وڌنديون رهن ٿيون. هن وقت رشيارڊ ڪاپوشنسڪي (پولينڊ) ۽ مارٽن ايمس (برطانيه) جون تخليقون گرن سان ڀريل اخباري رپورٽون ۽ پال ٿيرو (آمريڪا) جا سفرناما جيترو پڙهيا وڃن ٿا، اوترو شايد ناول پڙهيو نٿو وڃي. ائين ڪتابن جي دنيا ۾ وارا ڄمارا ايندا رهن ٿا. خود اسان وٽ سنڌيءَ ۾ سفرنامه وڌيڪ شوق سان پڙهيا وڃن ٿا، جنهنجي شروعات الطاف شيخ جي سفرنامن کان ٿي. سندس سفرنامن ته (Home sick) سنڌين کي ڇڪي ملڪ کان ٻاهر ڪڍيو، جو کين انهن سفرنامن ۾ هڪ نئين دنيا نظر آئي. اسان جو هيءُ يار قربان منگي به انهيءَ جو تسلسل آهي، جنهن جي سفرنامن ۾ هڪ نئون ۽ سندس پنهنجو رنگ نظر اچي ٿو، جيڪو سنڌيءَ جي دستاويزي ادب ۾ هڪ وڏو اضافو آهي ۽ جيڪو زماني سان گڏ هلندڙ هڪ نئون رخ آهي. هو پنهنجن سفرنامن ۾ ٻين ملڪن، خاص طور تي آمريڪا کي بنا ڪنهن تعصب، هوڏ ۽ طرفداريءَ جي Explore ڪي ٿو. 9/11 کان پوءِ آمريڪا دنيا جي نگاهن جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، جنهن ۾ اسان سنڌي ماڻهو به شامل آهيون ۽ ڄاڻڻ ٿا چاهيون ته سپر پاور آمريڪا ۾ موجود عام زندگي ڪيئن ۽ ڪهڙين حالتن مان گذري رهي آهي. اسان کي پروپئگينڊا جو هٿيار بڻيل ملڪي ۽ غير ملڪي ميڊيا کان هٽي ڪري آمريڪا جي سماج جي ڄاڻ جي ضرورت آهي، جيڪا پڪي پختي ۽ اکين ڏٺي شاهديءَ تي ٻڌل هجي، هن ڪتاب ۾ قربان منگي اسان کي اهڙي ڄاڻ ڏيندو نظر اچي ٿو ۽ ائين اسان جي Imagination جو هڪ حصو بڻجي وڃي ٿو. گڏوگڏ هيءُ ڪتاب پڙهندڙ کي اهو اتساهه به ڏياري ٿو ته اهو پاڻ گهر ڇڏي پنڌ پوي ۽ آمريڪا ۾ وڃي اهو ڏسي ته اتان جون حالتون ڪيئن ۽ ڪهڙيون آهن. انهيءَ حساب سان هيءُ سفرنامو ڄاڻ ڏيڻ سان گڏوگڏ Source of Inspiration به بڻجي وڃي ٿو، جنهن لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته قربان منگي هيءُ ڪتاب لکي هڪ تير سان ٻه شڪار ڪيا آهن.
    عبدالقادر جوڻيجو
    11-02-2010
    ڄامشورو


    هڪ نئين سفر جو سانباهو

    هي ٻيون دفعو هو جو مان آمريڪا جي سفر لاءِ سانباهو ڪري رهيو هُيس ۽ انهيءَ سفر لاءِ منهنجو دوست ۽ ماضيءَ جو پي ٽي وي جو شاندار اداڪار ايم اي راجا مون کي مسلسل اُتساهي رهيو هُيو. راجا سان فون تي منهنجي اڪثر ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي هئي. هِن کان اڳ راجا لاس اينجلس ۾ هڪ سيڪيورٽي ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪري رهيو هو، مگر هينئر هُو آمريڪي رياست ”هوائي“ ۾هوٽل مئنجمينٽ ۾ نوڪري ڪري رهيو هُيو. راجا مون کي چيو ته ڪجهه هفتن کان پوءِ مان لاس اينلجس موٽندس، تون به اچ ته گڏجي لاس اينجلس گُهمون. مون کي راجا جي صلاح وڻي ۽ ان وقت جو انتظار ڪرڻ لڳس ته راجا لاس اينجلس اچي ته هيڏانهن مان به سفر جي تياري ڪريان. هڪ ڏينهن اوچتو راجا جو فون اچي ويو، چيائين: ”مان 21 آڪٽوبر 2008ع تي لاس اينجلس اچي رهيو اهيان تون به اچ“ وقت تمام ٿورو هُيو صرف هڪ هفتي جو نوٽيس هيو ۽ هتي خيرپور ۾ مون کي ڪم ايترا هُيا جو هڪ ڏينهن جي وٿي ئي نه پئي مِلي ۽ ائين ڏينهن گذرندي دير ئي ڪانه ٿي 21 آڪٽوبر تي راجا لاس اينجلس پهچي به ويو.
    مون به تڪڙ ۾ سڀني ڪمن ڪارين کي اُڪلائي 22 آڪٽوبر تي خيرپور کي خير باد چيو ۽ رات جو سکر ايڪسپريس ۾ سوار ٿيس. منهنجا دوست ضمير لاشاري ۽ امر اقبال خيرپور ريلوي اسٽيشن تي مون سان گڏ هُيا. 23 آڪٽوبر تي ڪراچي پهتس. ڪراچيءَ مان سفر لاءِ ڪجهه ضروري شاپنگ به ڪرڻي هئي پر مان سڀ کان پهريان پريس ڪلب ڪراچي جي سامهون واقع ”نائيس ٽريولز“ نالي ٽريول ايجنسي جي آفيس پهتس، کين پنهنجي سفر ۽ روٽس متعلق ٻُڌايم. مون کي منهنجي مختلف سفرن لاءِ مجموعي طور نَوَ فلائيٽس گُهربل هيون جڏهن ته انهيءَ وقت اَٺَ فلائيٽ ڪنفرم ٿي رهيون هيون. لنڊن کان لاس اينجلس تائين هڪ فلائيٽ ڪنفرم نه پئي ٿي. ايجنٽ صلاح ڏني ته مان سفر کي ٿورو ملتوي ڪريان پر مون کيس چيو ته ”مونکي اڄ ئي وڃڻو آهي............... جي اڄ ته نه پوءِ ڪڏهن به نه“ منهنجي انهيءَ جواب تي هُو حيران ٿي ويو آخر گهڻي ڪوشش کان پوءِ شام جو ڇهين بجي ڪراچيءَ کان وڃڻ ۽ واپس ڪراچيءَ تائين جون نَوَ ئي فلائيٽس ڪنفرم ٿي ويون. سمورو ڏينهن انهيءَ خفي ۾ گذري ويو، مان سفر لاءِ ڪائي شاپنگ به ڪري ڪونه سگهيس. رات جو يارهين بجي ڪراچيءَ کان دبئي تائين منهنجي فلائيٽ هئي، پر مون کي اٺين بجي تائين ايئرپورٽ پهچڻو هُيو. جنهن لاءِ مون وٽ وقت صرف ٻه ڪلاڪ هُيو.
    هن دفعي منهنجو شڪاگو ۾ رهندڙ پنهنجي دوست فريد ڀُٽو ڏانهن وڃن جو ڪو ارادو نه هو. (آمريڪا جي گذريل سفر ۾ فريد اسان جي ڀرپور مهمان نوازي ڪئي هئي) مگر عين وقت تي مون ٽريول ايجنٽ کان پڇيو ته جيڪڏهن شڪاگو کي به پنهنجي سفر ۾ شامل رکجي ته ڪيترا پئسا وڌيڪ لڳندا؟! ايجنٽ ٻُڌايو ته صرف پنج هزار روپيه وڌيڪ لڳندا. مون کان رهيو نه ٿيو کيس چيم شڪاگو کي به سفر ۾ شامل ڪري ڇڏيو. فون ڪري فريد کي ٻُڌائي ڇڏيم ته توڏانهن به اچي رهيو آهيان. فريد سرهائيءَ مان چيو: ”ضرور، پر هتي سخت سردي آهي گرم ڪپڙن جو انتظام ڪيو اچجانءِ.“ مون کيس چيو ته ”اهو انتظام به توکي ئي ڪرڻو آهي ڇاڪاڻ ته مان ڏاڍي تڪڙ ۾ نڪري رهيو آهيان.“
    ڇهين بجي بوڪنگ پڪي ڪرائي. مون ڪراچيءَ ۾ رهندڙ پنهنجي ڀائٽي اختر منگي ۽ پنهنجي نياڻي رابيل کي فون ڪيو ته توهان منهنجو سامان کڻي ايئرپورٽ پهچو مان به اتي پهچي رهيو آهيان. ايئرپورٽ پهچڻ کان پوءِ مون کي ايترو وقت به نه مليو ته شلوار قميض مٽائي پينٽ شرٽ پائي وٺان. تڪڙ ۾ ايئرپورٽ تي ئي مئڪڊونالڊ تان پيٽ پوڄا ڪئي.
    مون کي ٽي بورڊنگ ڪارڊ مليا. ڪراچيءَ کان دبئي امارات ايئر لائينز، دبئي کان لنڊن امارات ايئر لائينز ۽ لنڊن کان لاس اينجلس آمريڪن ايئرلائينز جا، ٽئي بورڊنگ ڪارڊ وٺي مان اميگريشن لاءِ اچي قطار ۾ بيٺس. مُنهنجي پويان بيٺل همراهه مون کان پڇيو ته ”ڪاڏي ٿو وڃين؟“ مون کيس چيو ته ”لاس اينجلس“، انهيءَ تي هُن کان ٽهڪ نڪري ويو ۽ چيائين ”لاس اينجلس ٿو وڃين سوبه شلوار قميض ۾؟“ مون کيس ٻُڌايو ته تڪڙ ۾ ڪپڙا مٽائي نه سگهيس جنهن تي هُن چيو ته آمريڪا وارا اڳيئي مسلمانن تي چڙيل آهن مٿان وري تون شلوار قميض پاتيون ٿو وڃين، بهرحال، دبئيءَ ۾ مٽائي وٺجان. مون کيس چيو ته مون پڻ ائين ئي سوچيو آهي. هِن موقعي تي خيرپور مان دوست ضمير لاشاري مسلسل مون سان فون تي رابطي ۾ هُيو ۽ مون کان حال احوال وٺي رهيو هو.
    منهنجو ڪالهوڪو ڏينهن خيرپور ۾ تياريءَ جي وٺ پڪڙ ۾ گذريو هو، سڄي رات سکر ايڪسپريس ۾ سفر ڪندي ۽ اڄوڪو سڄو ڏينهن ڪراچيءَ ۾ ٽڪيٽ جي ڀڄ ڊوڙ ۾. ٿڪاوٽ جي ڪري منهنجو سنڌ سنڌ چُور ٿي چُڪو هو ۽ هينئر هڪ ڊگهي سفر جو آغازٿي رهيو هو. ايئرپورٽ تي اميگريشن لاءِ هڪ ڪائونٽر هيو جنهن ڪري الاهي رش هئي. اميگريشن جي سمورن مرحلن ۾ سنڌ جي نامياري گلوڪاره شازيه خشڪ ۽ سندس مڙس ابراهيم خشڪ مون کي منهنجي پٺيان نظر آيا. هُو به دبئي ئي وڃي رهيا هئا. جهاز جي اڏام جو وقت ساڍا يارنهن هُيو پر رش جي ڪري جهاز ساڍي ٻارهين بجي روانو ٿيو ۽ پاڪستاني وقت مطابق رات جو اڍائي بجين دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لٿو.
    دبئيءَ جي وقت مطابق ان گهڙيءَ ڏيڍ ٿي رهيو هُيو. لنڊن وڃڻ لاءِ منهنجي فلائيٽ ۾ ڏيڍ ڪلاڪ باقي هيو. اسان کي خبر پئي ته گيٽ نمبر121 تي پهچڻو آهي. مان جيئن ئي گيٽ تي پهتن ته شازيه خشڪ ۽ سندس مڙس به ڀرسان اچي بيٺا. امارات ايئرلائينز وارن منهنجو پاسپورٽ فوٽو ڪاپي ڪرائڻ لاءِ روڪيو اهڙي ڪاپي ڪراچي ايئرپورٽ تي به ورتي وئي هئي. دبئي ايئرپورٽ هڪ شاندار ايئرپورٽ هُيو، پنهنجو ڪراچي ايئرپورٽ ته ان جي ڪنهن حصي ۾ به محسوس نه پئي ٿيو. گيٽ نمبر 121 تان اعلان ٿيو، پهريان بزنس ڪلاس وارن کي سڏ ٿيو ۽ بعد ۾ ٻين کي. جهاز ٻه ڪلاڪ ليٽ هُيو. دبئي جي وقت مطابق جهاز اڍائي بجي هلڻو هيو پر اهو ساڍي چئين بجي روانو ٿيو.
    مان لَت ڏئي جهاز ۾ سمهي رهيو هُيس ٿڪل ته ڏاڍو هئس ان ڪري سمهندي ئي ننڊ وٺي وئي هئي ۽ اوچتو ڪنهن جي اٿارڻ تي مون کي جاڳ ٿي هئي. مون ڏٺو ته جهاز اُتي ئي بيٺو هُيو ۽ اُنهيءَ بهاني مون کي ڪلاڪ ڏيڍ ننڊ ڪرڻ جو موقعو ملي ويو هيو. اسان جي فلائيٽ جو نمبر ”007“ هيو ۽ هي جهاز گذريل جهاز کان بهتر لڳي رهيو هو. جهاز ۾ مون کي هڪ شيدياڻي ايئر هوسٽس نظر آئي. مون محسوس ڪيو ته دبئي وارا به دُنيا سان گڏ هلڻ سکي ويا آهن. ڪاري رنگ جي ايئر هوسٽس اِنهيءَ ڳالهه جو ثبوت هُيو ته ايئرلائينز انتظاميه رنگ نسل جي ڪائي متڀيد نه ٿي رکي. دبئي ننڍڙو شهر آهي مگر جڳ مڳ روشنين سان روشن ايئرپورٽ تي مون کي سڄي دنيا جي مختلف خطن جا ماڻهو نظر آيا. جهازن جو وسيع نيٽ ورڪ ۽ ايئرپورٽ تي مصنوعي کجيون ڏسي منهنجي دل باغ بهار ٿي وئي. مان کجين جي شهر خيرپور جو مُسافر ۽ هتي به کجيون ئي منهنجي آجيان ڪري رهيون هيون.
    آمريڪا جي گذريل سفر وقت لنڊن ۾ اسان جي اِسٽي گيٽ وڪ ايئرپورٽ تي هئي، پر هن ڀيري هيٿرو ايئرپورٽ تي. گذريل ڀيري هيٿرو ايئرپورٽ اسان واپسيءَ ۾ تڙ تڪڙ ۾ڏٺو هو. ايئرپورٽ تي گهڻي ڀاڱي يورپين مسافر نظر اچي رهيا هئا. دبئيءَ جي وقت مطابق صبح جو پنجين بجي جهاز سفر جي شروعات ڪئي. جهاز ڇٽيهه هزار فوٽن جي اوچائي تي هيٿرو ايئرپورٽ لنڊن لاءِ روانو ٿيو. مسلسل ساڍا ست ڪلاڪ سفر جاري رهيو. مون کي سيٽ جهاز جي وچ ۾ ملي هئي. جهاز منجهند جو هڪ وڄي ويهن منٽن تي هيٿرو ايئرپورٽ پهتو.
    ان وقت لنڊن جي وقت مطابق صبح جا اٺ لڳي ويهه منٽ ٿي رهيا هئا. جهاز ليٽ هئڻ سبب هيٿرو ايئرپورٽ تي اسان کي انتظار گهٽ ڪرڻو پيو. لنڊن جي وقت مطابق يارنهن لڳي پنجٽيهه منٽن تي اسان جي فلائيٽ لاس اينجلس لاءِ رواني ٿيڻي هئي ۽ انهيءَ فارغ وقت جو فائدو وٺندي مون ايئرپورٽ تي آواره گردي شروع ڪري ڏني. مون شيڊيول بورڊ پڙهيو جنهن تي لکيل هيو ته اسان جي فلائيٽ نمبر 137 جي گيٽ جو اعلان سوا ڏهين بجي ڪيو ويندو ۽ ائين مان سوا ڏهين تائين هيٿرو ايئرپورٽ تي هيڏانهن هوڏانهن گهمندو رهيس ۽ مختلف چهرا ڏسندو رهيس. ”زندگي هڪ سفر آهي ۽ اسين سَڀُ مُسافر، اسان مان هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي ماڳ تي لهي، الوداع چئي وڃڻو آهي“. ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيل جُملا منهنجي ذهن ۾ ڦري رهيا هُئا.
    هيٿرو ايئرپورٽ تي مون نظر ڊوڙائي، هتي به مونکي ڪافي ڪارا نظر آيا. هتي سرڪار شيدين تي مڙئي مهربان نظر آئي، جو شيدي سڀني ادارن ۾ برابريءَ جي بنياد تي ڪم ڪندي نظر آيا. اسان وٽ لياريءَ جي ”شيدي باشاهم باشا“جا اهڙا ڀاڳ ڪٿي؟! اُهي ويچارا ته ڪسمپرسيءَ ۾ ئي وقت گذارڻ تي مجبور آهن. هيٿرو ايئرپورٽ تي سخت سيڪيورٽيءَ جي باوجود بار بار اهو اعلان ورجايو پئي ويو ته ڪوئي به اڻ ڄاتل يا لاوارث ٿيلهو ڏسو ته انتظاميه کي فوراً اطلاع ڪريو.
    هيٿرو ايئرپورٽ تي اڻ ڳڻيا دوڪان نظر آيا ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ مان ڪنهن ايئرپورٽ تي نه بلڪه ڪنهن شاپنگ مال ۾ پهچي ويو هُجان. هڪ دوڪان جي ٻاهران مون کي هڪ ڄاتل سڃاتل مونوگرام نظر آيو. مونو گرام ۾هڪ فونو ۽ ڪُتي جي شبيهه اڪريل هُئي. مون جڏهن کان هوش سنڀاليو هو اِهو مونوگرام پنهنجي گهر ۾ ڏسندو پئي آيس، اهو ”هز ماسٽرس وائيس“ جو مونو گرام هُيو، انگلينڊ جي مشهور ۽ قديمي ميوزڪ ڪمپني ۽ هي پورو دوڪان پڻ ”هز ماسٽرس وائيس“ وارن جو هو. ۽ انهيءَ وقت مون کي سنڌي ٻوليءَ جي برک شاعِرَ لکمي کلاڻيءَ جو هڪ هائيڪو ياد اچي ويو. جيڪو مون ڪنهن مخزن ۾ پڙهيو هو ته:
    ڪُتو ويٺو ٻڌي
    هز ماسٽرس وائيس جو
    فونو پيو وڄي.
    بهرحال مون بورڊ تي نظر ڦيرائي، جتان خبر پئي ته اسان جي فلائيٽ آمريڪن ايئرلائينز نمبر137، گيٽ نمبر پنج وٽان هلڻي هئي، مون اوڏانهن هلڻ شروع ڪيو جيئن ئي گيٽ نمبر پنج ۾ داخل ٿيس آمريڪن ايئرلائينز جي ملازم ڪمپيوٽر ۾ ڊيٽا انٽري ڪندي مونکان پُڇيو ته ”لاس اينجلس ۾ ڪهڙي جاءِ تي ويندين؟“ مون کيس ٻُڌايو ته ”منهنجو دوست هوائي کان لاس اينجلس آيل آهي اُهوئي مون کي رِسيو ڪندو ۽ کيس ئي اِها خبر آهي ته اسان کي ڪهڙي جاءِ تي رهڻو آهي.“ منهنجي ڳالهه همراهه کي سمجهه ۾ نه آهي، چئي: لاس اينجلس ۾ پنهنجي ائڊريس ٻُڌاءِ! مان چوان اِهو اڃا طئه ناهي ٿيو ته مون کي ڪٿي رهڻو آهي ته مان توکي ڪيئن ٻُڌايان؟!! اسان جو اِهو جهيڙو اڃا جاري ئي هو ته ٻئي ڪائونٽر تي ويٺل شڪل شبيهه مان هندستاني نظر ايندڙ خاتون مون کان منهنجو مسئلو پُڇيو. مون کيس ٻُڌايو ته منهنجو دوست هوائي کان لاس اينجلس آيل آهي، اُهو مون کي رسيو ڪندو ۽ کيس ئي خبر آهي ته مان ڪٿي رهندس. مائيءَ کي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي۽ هُن ائڊريس واري خاني ۾ هوائيءَ واري ائڊريس لکي.
    هيٿرو ايئرپورٽ تمام وڏو ايئرپورٽ هُيو هڪ ٽرمينل کان ٻئي ٽرمينل تائين پهچندي ماڻهو ٿڪيو وڃي. شڪر ٿيو جو اسان جنهن ٽرمينل تي لٿا هئاسين اُتان ئي اسان جي ايندڙ فلائيٽ وڃڻي هئي. اسان جي فلائيٽ ٽرمينل نمبر ٽي تان وڃڻي هئي. آمريڪن ايئرلائينز آمريڪا جي بهترين ۽ مهانگي ايئر لائين آهي. مون کي اِهو فائدو پيو جو مون پنهنجي سموري سفر جي شيڊيول مطابق نَوَ ئي فلائيٽس هڪ ئي مهل بوڪ ڪرائي ڇڏيون هيون جنهن ڪري مونکي نسبتاً سستيون پيون، جيڪڏهن الڳ الڳ بوڪ ڪرايان هان ته مهانگيون پون ها. جيڪڏهن مان لاس اينجلس وڃي اتان ئي واپس ٿيان ها ته مون کي اٺياسي هزار روپيه ادا ڪرڻ پون ها. پَر مان لاس اينجلس، وري لاس اينجلس کان هوائي جي ڪونا انٽرنيشنل ايئرپورٽ، ڪُونا کان لاس اينجلس، وري لاس اينجلس کان شڪاگو جون لوڪل فلائيٽس، انٽرنيشنل ۾ اِن ڪري ڪرايون ۽ ائين اِهي ٽئي ٽڪيٽون مون کي ستٽيهه هزار روپين ۾ مليون. جڏهن ته ايم اي راجا کي ڪُونا کان لاس اينجلس ۽ لاس اينجلس کان ڪونا تائين ٻاونجاهه هزار روپيه ادا ڪرڻا پيا.
    هيٿرو ايئرپورٽ دُنيا جي مختلف ايئرلائينز جي جهازن سان ڀريل هُئي. جيئن ته مون کي دريءَ واري سيٽ ملي هئي ان ڪري مان سموري دنيا جي مختلف جهاز ڪمپنين جي بيٺل جهازن جو نظارو ڪري رهيو هوس. انهن جهازن ۾ مونکي انڊيا جي ايئرلائينز جا جهاز به نظر آيا پَر پي آءِ اي جو ڪوئي جهاز ان وقت نظر نه آيو. سوا يارهين بجي اسان جو جهاز اُڏاڻو، مون هيٺ نهاريو ساوڪ سان ڀريل لنڊن شهر منهنجي اکين اڳيان هُيو. ڇا ته خوبصورت شهر آهي لنڊن. جهاز جي سفر دوران منجهند جو هِڪُ بجي مسافرن کي ڪولڊ ڊرنڪ پيش ڪئي وئي، پر مونکي بک لڳي رهي هُئي ۽ کاڌي جو انتظار هيو. آمريڪا جي هيلوڪي سفر ۾ هيءَ منهنجي ڊگهي ۾ ڊگهي فلائيٽ هئي جيڪا سوا يارنهن ڪلاڪ هلڻي هئي. وسيع ائٽلانٽڪ سمنڊ جي مٿان اسان جو جهاز 507 ميل يعني 816 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اُڏامي رهيو هيو. جهاز جي هيٺان ڪڪرن جي ڊُڪَ ڊوڙ جاري هئي جنهن ڪري سمنڊ جو صحيح نظارو نظر نه پئي آيو.
    مُنهنجي ڀر واري سيٽ تي لنڊن جي اٺاويهه ساله ڇوڪري ويٺل هُئي، جنهن سان رسمي گفتگو هلي رهي هئي ڪجهه ئي دير کان پوءِ مسافرن لاءِ کاڌو آندو ويو. کاڌي ۾ گهڻي قدر مختلف قسمن جا پيزا موجود هئا جيڪي وري مون کي گهڻو نه پئي وڻيا. کائڻ دوران منهنجي ڀرواري همسفر منهنجي پسند کي ڏسندي پنهنجي حصي جون ڪجهه شيون به مون کي ڏيندي پئي وئي ۽ ائين ساڻس گفتگو جو سلسلو به جاري پئي رهيو. کاڌي کائڻ کان پوءِ ايئر هوسٽس يونيسيف لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ باسڪٽ کڻي سڀني مسافرن جي اڳيان ايندي وئي بلڪل ائين، جيئن پاڻ وٽ جُمع جي نماز کان پوءِ مسجد ۾ چندي جي لاءِ ٻَه نمازي ڪپڙو جهلي نمازين جي قطارن جي آڏو ڦرندا ويندا آهن.
    اسان جو جهاز سوا يارنهن ڪلاڪن جو طويل سفر پورو ڪري لاس اينجلس جي وقت مطابق ٽين بجي لاس اينجلس ايئرپورٽ پهتو. ايئرپورٽ تي منهنجو پاڪستاني پاسپورٽ ڏسندي ئي مون کي هڪ ڪمري ۾ آندو ويو. جتي ڪائونٽر تي هڪ ميڪسيڪن نسل جو آمريڪي نوجوان ويٺل هُيو. هُن مون کان احوال ورتو. مون کيس ساڳيو ئي احوال ٻُڌايو ته مان رائيٽر آهيان ۽ هتي لاس اينجلس ۾ پنهنجي دوست وٽ آيل آهيان پر هُن به ساڳيو ئي بحث شروع ڪيو ته لاس اينجلس ۾ پنهنجي ائڊريس ٻُڌاءِ. اسان جو بحث اڃان جاري ئي هو ته آمريڪا جي اميگريشن ڊريس پاتل هڪ پاڪستاني نوجوان ڪنهن ڪم سانگي انهيءَ ڪمري ۾ داخل ٿيو. ميڪسيڪن نوجوان چيو ته هي تنهنجي مُلڪ جو آهي، هن سان تون ڳالهاءِ. پاڪستاني نوجوان، جنهن جو نالو ”سهيل خان“ هيو مون کان حال احوال ورتو مون کيس چيو ته منهنجو دوست ”عبدل“ هوائي ۾ رهندو آهي (اصل ۾ ايم اي راجا جو اصل نالو عبدالفتاح آهي ۽ آمريڪا ۾ کيس ”عبدل“ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي) اهو دوست لاس اينجلس آيل آهي هُو مونکي وٺڻ ايندو ۽ اسان ٻه ٽي ڏينهن هتي رهي پوءِ هوائي هليا وينداسي، نوجوان، راجا جو نانءُ ٻُڌي رڙ ڪئي ”ايم اي راجا؟!............... اڳ ۾ ڇو نه ٻُڌايئه، هُو ته منهنجو دوست آهي ۽ اسان هڪ ڏينهن اڳ هتي هڪ پارٽي ۾ گڏ هياسي، پَر هُن پاڪستان کان ايندڙ مهمان جو مون سان ذڪر ڇو ڪو نه ڪيو؟“ سهيل خان مون کان راجا جو نمبر وٺي ساڻس ڳالهايو ۽ کائنس لاس اينجلس ۾ اسان جي رهائش جي ائڊريس وٺي انٽر ڪرائي. منهنجي پاسپورٽ تي ٺپو هڻي مون کي فارغ ڪيو ويو. سُهيل خان چيو ته سامان چيڪ ڪرائڻ اچو ته منهنجي ڪائونٽر تي اچجو. سامان چيڪ ڪرائڻ لاءِ ٻه ڪائونٽر هُيا هڪ تي هڪ خاتُون ويٺل هُئي، جڏهن ته ٻئي تي سهيل خان، مان سهيل جي ڪائونٽر تي هليو ويس. سُهيل منهنجو پاسپورٽ ڏٺو ۽ پاسپورٽ ۾ لاس اينجلس مان واپسيءَ جي تاريخ ڏسي ڪاوڙ ۾ ويڙهجي ويو ۽ مون کي چيائين ته ”ميڪسيڪن تنهنجي واپسيءَ جي تاريخ 23 ڊسمبر انٽر ڪئي آهي جڏهن ته تنهنجي ٽڪيٽ ۾ واپسي به 23 تي ئي آهي، پر جيڪڏهن خدانخواسته تون بيمار ٿي ٿو پوين ۽ توکي هڪ ٻَه ڏينهن وڌيڪ ترسڻا پون ته پوءِ تنهنجو هتي رهڻ غير قانوني ليکبو ۽ ائين تون ڪيئن رهي سگهندين؟!“ سُهيل پنهنجي ڪائونٽر تان اُٿي وري ساڳي ميڪسيڪن نوجوان ڏانهن ويو ۽ کائنس منهنجي واپسيءَ جي تاريخ 30 ڊسمبر تائين وڌرائي آيو. سهيل منهنجو سامان چيڪ ڪرڻ کان سواءِ ئي مون کي ايئرپورٽ کان ٻاهر ڏانهن پيو ڇڏڻ آيو ۽ ايم اي راجا کي فون ڪري کيس ٻڌايائين ته اچي پنهنجي مهمان کي وٺي وڃ. راجا پندرنهن منٽن ۾ پهچي ويو. ساڻس گڏجي سندس گهر آيس، حالي احوالي ٿياسي، مان شيو ڪري، وهنجي سهنجي فريش ٿيس ۽ پوءِ اسان رات جي ماني کائڻ لاءِ هڪ پاڪستاني هوٽل ”الوطن“ ۾ آياسي. اسان ٻنهي صرف برياني کاڌي پر پوءِ به بِلُ 22 ڊالر يعني تقريباً 1850 پاڪستاني روپيه آيو. ساڳي ئي وقت ٻاهر نڪري موبائل چارج ڪرڻ لاءِ هڪ ”پلگ پوائنٽ“ ورتي ته اها 11 ڊالرن ۾ يعني 924 پاڪستان روپين ۾ ملي جيڪا پاڻ وٽ وڌ ۾ وڌ ڏهه روپين ۾ ملندي اهي. پلگ وٺي پسار ڪندا گهر آياسون، اسان جي رهائش واري علائقي جو نالو ”سٽي هيٿرون“ هيو. مان ٿڪل ته اڳ ۾ ئي هُيس سو جلدي سمهي پيس.


    “وينچُورا” ڏي پنڌ ۽ “هالي ووڊ” سان هيلو هاءِ

    صبح جو اُٿي تازا توانا ٿي، اسان ناشتو ڪرڻ لاءِهڪ ٻئي پاڪستاني هوٽل ”بلال“ تي آياسي جتي حلوو، پوريون ۽ ڇولا ناشتي ۾ ملي رهيا هئا. اسان ٻنهي جي ناشتي جو بل 12 ڊالر يعني تقريباً هڪ هزار روپيه آيو. راجا ٻُڌايو ته آمريڪا ۾ مالي بحران شدت اختيار ڪري ويوآهي انهيءَ ڪري هتان جو عوام به پريشانيءَ ۾ وڪوڙجي ويو آهي. راجا هوائيءَ کان لاس اينجلس پنهنجي گاڏي بحري جهاز ۾ بُوڪ ڪرائڻ ۽ پنهنجي ڀاءُ جي گهران پنهنجا سوٽ ڪيس کڻڻ آيو هُيو. ناشتي مان فارغ ٿي اسان ”وينچورا ڪائونٽي“ روانا ٿياسي جيڪو لاس اينجلس کان تقريباً سٺ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هُيو. راجا جو ڀاءُ، ”وينچورا ڪائونٽي“ ۾ پنهنجي گهر واريءَ سان رهندو هُيو، جنهن جي سندس زال کان تازو ئي علحدگي ٿي وئي هُئي، جنهن ڪري هُو ٻئي گهر خالي ڪري هليا ويا هُئا. گهر جي گئريج ۾ راجا جا سوٽ ڪيس رکيل هُئا ۽ گئريج جي دروازي جو رموٽ راجا وٽ هُيو. راجا انهيءَ آسري تي ”وينچورا ڪائونٽي“ هلي رهيو هو ته مَنَ رموٽ ذريعي گئريج جو دروازو کُلي پوي ۽ هُو پنهنجا سوٽ ڪيس کڻي اچي. اسان انهيءَ رستي تي سفر ڪري رهيا هئاسي جنهن رستي مان هڪ رستو وري سن فرانسسڪو نڪري رهيو هو ۽ سن فرانسسڪو اُتان کان تقريبن چار سو ميلن جي فاصلي تي هُيو. ”وينچورا ڪائونٽي“ هڪ ڳوٺ جو ڏيک ڏئي رهيو هو، چوڌاري اسٽرابيريءَ جا خوبصورت ۽ وسيع باغ نظر اچي رهيا هئا. راجا جي ڀاءُ جي خالي ڪيل گهر پهچي، راجا گئريج جي دروازي کولڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي پر دروازو نه کلڻو هيو سو نه کليو. گهر مالڪن شايد دروازي جو رموٽ بدلائي ڇڏيو هُيو. نيٺ مايوس ٿي اسان شامَ جو لاس اينجلس واپس موٽي آياسي. واپسيءَ تي اسان راجا جي هڪ انڊين دوست جهانگير خان جي ”پيزا شاپ“ تي آيا سي، ساڻس ڪچهري ڪئي، هُنَ اسان جي لاءِ اسپيشل پيزا ٺهرايا، گڏجي کائي، گهر واپس آياسي، گهر ۾ ٿورڙي دير آرام ڪري، رات جو تيار ٿي اسان ٻئي گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪتاسي. اسان جو رُخ هالي ووڊ طرف هيو. جي ها سموري دنيا جي فلمي صنعت تي راڄ ڪندڙ ”هالي ووڊ“ جا رنگ پسڻ لاءِ اسان ٻئي وڃي رهيا هئاسين.
    اسان مان اڪثر جي ذهنن ۾ اهو هوندو آهي ته شايد ”هالي ووڊ“ اها جاءِ هوندي جتي وڏي پئماني تي اسٽوڊيوز هوندا، جتي ڏينهن رات هالي ووڊ جي فلمن جي رڪارڊنگ جو ڪم ٿيندو هوندو پر هتي اهڙي ڳالهه ڪونه هئي. اصل ”هالي ووڊ“ هڪ علائقي جو نالو آهي ”هالي ووڊ“ جي علائقي ۾ داخل ٿيندي هڪ خاص روڊ نظر آيو، جتي هڪ تمام وڏو چائنيز ٿيٽر واقع هيو. ٿيٽر جي ٻاهران ڪيترائي سيمينٽيڊ بلاڪ نظر آيا، جن بلاڪن جي خاص خوبي اِها هئي ته انهن جي مٿان هاليووڊ جي ڪيترن ئي اداڪارن جي هٿن ۽ پيرن جا نشان ۽ سندن ئي اڱر سان لکيل سندن نالو ۽ انهن جي صَحي اُڪرل نظر آئي ۽ هيٺان وري اُن ڏينهن جي تاريخ جنهن ڏينهن تي انهن اداڪارن انهن بلاڪن تي پنهنجي اِها يادگيري ڇڏي هُئي. اهڙن سيميٽيڊ بلاڪس تي مون کي سو سال پراڻا اُڪريل ڇاپا به نظر آيا ۽ اهو سلسلو هتي اڃا سوڌو جاري آهي. مون کي اها ڳالهه ڏاڍي وڻي. پنهنجي ثقافتي هيروز جي ياد کي ان انداز ۾ محفوظ ڪرڻ جو اهو هڪ سُهڻو انداز هُيو. پَر هڪ ڳالهه جيڪا مون محسوس ڪئي اُها اِها ته بلاڪس تي پيرن جا نشان بُوٽ سميت نظر آيا جيڪڏهن انهن اداڪارن کان بُوٽ لهرائي سندن اگهاڙن پيرن جا نشان محفوظ ڪيا وڃن ها ته اڃا به بهتر ٿئي ها. خبر پئي ته جڏهن به ڪوئي اداڪار هتي اچي پنهنجي ياد جا نشان بلاڪن تي ڇڏيندو آهي ته هتي هڪ تقريب منعقد ٿيندي آهي ۽ انهيءَ پروقار تقريب ۾ ئي اهو بلاڪ نصب ٿيندو آهي تقريب کان پوءِ وري ڀرسان ئي واقع فوٽ پاٿ ۾ ستاري جي شڪل جي ٺهيل بلاڪس ۾ به اُن اداڪار جي نالي جو بلاڪ شامل ڪيو ويندو آهي. هالي ووڊ جي علائقي ۾ سوين دُوڪان ۽ سووينئر شاپ نظر آيا. اهڙن دوڪانن تي هالي ووڊ فلمي صنعت سان لاڳاپيل اداڪارن ۽ اداڪارائن جون تصويرون،انهن جي نالن ۽ تصويرن سان سينگاريل ٽي شرٽون، ڪي چين ۽ ٻيون يادگار شيون وڪامي رهيون هيون. هالي ووڊ جي فلمن جي رڪارڊنگ وارن اسٽوڊيوز جي باري ۾ پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته اهي ٻئي هنڌ آهن.
    هالي ووڊ مان واپسيءَ تي مون موبائيل فون جي هڪ دوڪان تي موبائل خريد ڪرڻ لاءِ پڇا ڪئي. ٻُڌايائون ته ٻن سالن جي پئڪيج ۾ توهان کي فري موبائل ڏنا ويندا، جڏهن ته پاڪستان ڳالهائڻ لاءِ پري پئڊ لاءِ ٻَه ڊالر ۽ ٻاونجاهه سينٽ في منٽ تي خرچ ٿيندا، يعني في منٽ ٻَه سو روپين کان به مٿي، مون موبائل وٺڻ کان ئي توبهه ڪئي. رات جو گهر ڏانهن واپس ورندي رستي ۾ هڪ ”نيوڊ ڪلب“ پئجي رهي هئي. راجا مون کي هن ڪلب ۾ ڇڏي چيو ته: ”تون گهمي ڦري وٺ مان ٻن ڪلاڪن کان پوءِ توکي هتان کڻان ٿو“ کيس ڪوئي ڪم هيو. مان ٻن ڪلاڪن تائين هِن ڪلب کي ڏٺو. بي لباس نارين جو مدهوشيءَ جي عالم ۾ رقص ۽ ڏسڻ وارن پاران مٿن نوٽن جي برسات، بهرحال راجا جي واپسيءَ تي اسان گهر هليا آياسي ان وقت رات جو تقريباً هڪ ٿي رهيو هو. اسان ٻئي ٿڪل به ڏاڍا هياسي ان ڪري جلدئي سمهي رهياسي.


    يونيورسل اسٽوڊيو: تفريح جو انوکو جهان

    ٻئي ڏينهن صبح جو تيار ٿي اسان مشهور ”يونيورسل اسٽوڊيو“ ڏسڻ لاءِ وياسي. راجا مون سان گڏ هُيو پرَ اوچتو راجا کي هڪ فون اچي ويو، ڪنهن پُراڻي سنگتياڻيءَ جو، جنهن کيس ٻُڌايو ته هوءَ لاس اينجلس آيل آهي ۽ ڪجهه ڪلاڪ ساڻس گڏ گذارڻ چاهي ٿي. مون راجا کي چيو ته تون ڀلي پنهنجي دوست ڏي وڃ، مون کي يونيورسل اسٽوڊيو ڇڏ ۽ شام جو فارغ ٿي هتان ئي مونکي اچي کڻجان. اهڙي طرح راجا مونکي صبح جو ڏهين بجي يونيورسل اسٽوڊيو ڇڏيو ۽ گڏوگڏ مون کي “AAA” ڪمپنيءَ جو هڪ ڪارڊ به ڏنو جنهن جو هو ميمبر هُيو. اِهو ڪارڊ ڏيکاري مان يونيورسل اسٽوڊيو جي مختلف ماڳن (attractions) کي ڏسڻ تي ڊسڪائونٽ حاصل ڪري پئي سگهيس. “AAA” هڪ اهڙو ادارو آهي. جيڪو آمريڪا ۾ گهڻن ماڻهن جو سهارو آهي. اهڙا ماڻهو جيڪي ڪنهن مصيبت ۾ آهن انهن جو ڪوئي گهرڀاتي يا مٽ مائٽ هن اداري جا ميمبر آهن اُهي هن اداري کان مختلف حوالن سان مدد حاصل ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن جي گاڏي ڪٿي ڦاسي پوي ته هِن اداري کي فون ڪرڻ سان هِن اداري جي پئنل تي موجود مڪينڪ اُتي پهچي گاڏيءَ کي ٺيڪ ڪري سگهي ٿو، ائين چاٻي گم ٿي وڃي ته گاڏي يا گهر جي چاٻي ٺاهڻ لاءِ به مدد ملي سگهي ٿي. گاڏي جي رجسٽريشن جو مسئلو هجي يا ٻي حوالي سان ڪائي مدد، هي ادارو پنهنجي پينل تي موجود سهڪاري ادارن وسيلي مدد فراهم ڪندو آهي. ائين ئي يونيورسل اسٽوڊيو به “AAA” ڪمپنيءَ جي پئنل تي موجود هُيو ۽ ان جي ميمبرن لاءِ هتي خاص رعايت ڏنل هئي. يونيورسل اسٽوڊيوز کي “The Entertainment Capital of Las Angles” به چيو ويندو آهي، جنهن ۾ ٿيم پارڪ، اسٽوڊيو ٽوئر، سٽي واڪ، سئنيما ۽ ڪنسرٽس سميت انيڪ دلچسپيون موجود هيون. ٽي سال اڳ مان جڏهن آمريڪا آيو هيس تڏهن اورلينڊو جي يونيورسل اسٽوڊيو ۾ داخل ٿيڻ جي ٽڪيٽ مون کي 69 ڊالرن ۾ ملي هُئي، جڏهن ته هينئر “AAA” جي ڪارڊ هجڻ ڪري مون کي رعايت ٽڪيٽ 64 ڊالرن ۾ ملي ٽڪيٽ جي پويان لکيل هُيو ته هيءَ ٽڪيٽ استعمال ڪندڙ پنهنجي ذاتي سامان جي حفاظت ۽ انفرادي جسماني حفاظت جا خود ذميوار آهن. ٽڪيٽ تي اهو به لکيل هُيو ته هيءَ ٽڪيٽ يونيورسل اسٽوڊيوز ۾ منعقد ٿيندڙ خاص موقعن لاءِ ڪم نه اچي سگهندي. يونيورسل اسٽوڊيو ۾ رنگن، روشنين، دلچسپين، حيرت ناڪين، ٽهڪن، مُرڪن جو هڪ وسيع جهان آباد هُيو. جن ۾ اسٽوڊيو ٽوئر، اسٽوڊيو ٽوئر اسپيشل، The Adventure of curious george، واٽر ورلڊ، ٽرمينيٽرٽُو، Shrek 4-D، دي بليوز برادرس، يونيورسل اينيمل ايڪٽرس، The Simpsons ride revenge of the Mummy the ride، جُراسڪ پارڪ رائيڊ، اسپيشل اِفيڪٽس اسٽيجز، دي يونيورسل ايڪسپيرئينس سميت مختلف رنگ برنگ دلچسپيون شامل هيون. تقريباً پندرنهن رائيڊس مان، مان صرف ڇهه رائيڊس ئي ڏسي سگهيس ڇاڪاڻ ته مون وٽ وقت تمام ٿورو هُيو ۽ اهو ممڪن ئي نه هو ته مان چند ڪلاڪن ۾ دلچسپيءَ جا سمورا جهان ڏسي سگهان. يونيورسل اسٽوڊيو ۾ خريداريءَ لاءِ به وڏو جهان هُيو. يادگار شين، رانديڪن، ڪپڙن، موويز، ڪئميرائن ۽ ٻين انيڪ شين جا شاپس اسٽوڊيو ۾ موجود هُيا، جتي مختلف چهرن وارا خوبصورت ماڻهو خريداريءَ ۾ مصروف هُيا. چهري تي پينٽ ڪرڻ ۽ ماڻهن کي کلائڻ وارا آرٽسٽ الڳ پنهنجيون منڊليون مچايون ويٺا هُيا. ٻارڙن جي حفاظت جا الڳ اسپاٽ موجود هُيا. هنڌين هنڌين ڪيترائي ريسٽورينٽ به يونيورسل اسٽوڊيوز ۾ موجود هُيا جتي ناشتو، برگر، پيزا، چائنيز، بيئر، ڪولڊ ڊرنڪ، سنيڪس، چڪن، سُوئيٽ ۽ ٻيون کاڌي پيتي جون شيون موجود هُيون، هر ڪوئي پيٽ پوڄا ڪندي به نظر آيو. يونيورسل اسٽوڊيو ۾ ATM ڪارڊ، فرسٽ ائڊ، سيڪيورٽي، ٽيليفون بُوٿس جو بهترين انتظام نظر آيو. پنهنجو قيمتي سامان محفوظ جاءِ تي رکڻ لاءِ لاڪرس، معذورن لاءِ وهيل چيئرز جو به سُٺو انتظام ٿيل نظر آيو. يونيورسل پارڪ ۾ سگريٽ نوشيءَ تي پابندي هئي سواءِ ڪجهه مخصوص جاين جي، جيڪي مختلف هنڌن تي ٺهيل هُيون.
    مان سڀ کان پهريان اسٽوڊيو ٽوئر، ڏسڻ لاءِ ڊگهي قطار ۾ بيهي رهيس. هي اسٽوڊيو ٽوئر دنيا جي بهترين ۽ مشهور ترين ٽوئرز مان هڪ آهي. قطار ۾ بيٺي مون ڏٺو ته منهنجي اڳيان بيٺل نوجوان جوڙا هر منٽ کان پوءِ چَپَ چپن ۾ ملائي ائين قرب ونڊي رهيا هئا ڄڻ سندن آس پاس ڪو هجي ئي ڪونه. ڊگهي قطار طئه ڪري اسان ٽن گاڏن تي مشتمل هڪ ريل ۾ ويٺاسي ۽ سفر شروع ٿيو. رستي ۾ هالي ووڊ جي قديمي فلمن جا بينر، يادگار تصويرون، اسٽوڊيوز ۽ مختلف سيٽ نظر آيا. هڪ هنڌ هڪ تباهه ٿيل هوائي جهاز ۽ ڀڳل ٽٽل عمارت نظر آئي، مختلف مشهور فلمن جا سيٽ، پراڻا شهر، گهاٽا جهنگل، فلمن ۾ استعمال ٿيل گاڏيون ۽ ڪيترائي اداڪار انهن مڙني شين جي وچ ۾ پرفارم ڪندي نظر آيا، جيڪي پڻ مصنوعي هُيا. اوچتو برسات اچي وئي، جيڪا پڻ مصنوعي هُئي، تلاءُ جي مٿان ڪاٺيءَ جي پل جو ٽٽڻ ۽ ٻيهر جُڙي وڃڻ، مطلب ته تمام گهڻا من موهيندڙ ۽ حيران ڪندڙ منظر منهنجي اکين ڏٺا. اڳتي هلي رهائشي علائقو نظر آيو جتي وري اداڪارن جي رهائش جو انتظام هُيو، اوبي وين ۽ ٻيا ٽيڪنيڪل شعبا به نظر آيا. گڏوگڏ ماضيءَ جي سُپر هٽ فلمن جا ٿيٽر به قائم ٿيل نظر آيا. اسٽوڊيو ٽوئر کان پوءِ مان ٽرمينيٽر ٽُو، جيڪو پڻ ٿِري - ڊي افيڪٽس تي ٻُڌل هيو ڏسي سگهيس، ”شيرڪ - D“ ۾ هڪ گڏهه جو ائڊوينچر هيو محسوس پئي ٿيو ڄن اهو گڏهه بلڪل توهان جي ڪن جي ڀرسان هينگي رهيو آهي ۽ سندس ناسن مان نڪرندڙ پاڻي توهان جي منهن کي لڳي رهيو آهي، ”هائوس آف هاررس“ ۾ هارر مويز جا جديد توڙي قديم ڪردار، ايتري تائين جو خاموش فلمن جا ڪردار، انهن جي چرپر ۽ پرفارمنس ڏسڻ لاءِ ملي. ”جُراسڪ پارڪ“ ۾ ڄڻ ته جيئرا جاڳندا ڊائنو سار اسان جي مٿان حملي آور ٿي رهيا هجن. ”اسپيشل افيڪٽس“ واري اٽريڪشن ڏاڍي دلچسپ هئي جنهن ۾ اهو ڏيکاريو پئي ويو ته هالي ووڊ جي يادگار فلمن ۾ اسپيشل سائونڊ افيڪٽس ڪيئن ڏنا ويندا آهن. هڪ ٽيبل تي هڪ ٻارڙو ٻنهي هٿن جي آڱرين سان آواز پيدا ڪري رهيو هو ۽ بعد ۾ ڏيکاريو ويو ته اهوئي آواز ڪيئن ماڻهن جي ڀاڄ واري منظر ۾ انهن جي پيرن جي آواز طور ڪتب آندو ويو. بهرحال هيءَ اٽريڪشن ڏاڍي دلچسپ هئي.
    مان گهمي گهمي ڏاڍو ٿڪجي پيو هُيس. ايڏيون دلچسپيون ايڏيون حيرت ناڪيون، انسان جو دماغ دنگ رهجي وڃي. ماڻهو پنهنجي پنهنجي مستي ۾ مگن انهن سڀني دلچسپين کي سميٽي رهيا هئا. شامَ لڙي رهي هئي. مون کي بک به اچي ورايو هو سو اچي هڪ فرانسيسي فوڊ شاپ جو پاسو ورتو. ڏهن ڊالرن ۾ هڪ ماڻهوءَ جو کاڌو مليو، پَر کاڌو ايترو هو جو مان کائي کٽائي نه سگهيس مجبور اڌ کاڌو واپس رکي ڇڏيو جيڪڏهن راجا، مون سان گڏ هجي ها ته اسان ٻنهي جو پيٽ آرام سان ڀرجي وڃي ها. بهرحال مون سوچيو ته يونيورسل اسٽوڊيو جون جيڪي به خوبصورتيون آهن انهن سڀني کي ڏسڻ اڄوڪي ڏينهن ۾ ممڪن نه آهي ان ڪري بهتر اهو آهي ته دنيا جي هن شاندار تفريحي ماڳ کي الوداع چئي، اڳتي جو سوچجي. مون هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي چوڌاري نظر ڊوڙائي. اڻ ڳڻيا ماڻهو، ڄڻ ته اڻ ڳڻيون دنيائون هيڏانهن هوڏانهن حرڪت ڪري رهيون هيون. شام جا پنج وڄي ڏهه منٽ ٿي رهيا هئا. مان يونيوسل اسٽوڊيو مان ٻاهر نڪري آيس. ٻاهر ايم اي راجا منهنجو مسڪرائيندي انتظار ڪري رهيو هو. هُو به ڏاڍو خوش هو ڇاڪاڻ ته هو هِڪ پُراڻي دوست سان گذريل ڪجهه ڪلاڪَ گهاري آيو هو. گهر پهچي ٿورڙو آرام ڪيو، رات جو اٺين بجي ڌاران راجا جي انڊين دوست جهانگير (پيزا شاپ وارو) جي گهر ڏانهن روانا ٿياسي.
    جتي هُن اسان جي رات جي ماني جو اهتمام ڪيو هو. سندس گهر واري پٺاڻ نسل سان تعلق رکندڙ هئي. سندس نالو پروين هيو. هُو ٻئي اسان جي انتظار ۾ هُئا. اسان جي پهچڻ تي مُرڪي آڌر ڀاءُ ڪيائون، حال احوال ڏنائون، ورتائون، ساڻن ڪچهري ڪندي مون ڏانهن خيرپور مان سنڌ چلڊرينس اڪيڊمي جي پرنسپل ميڊم دُرِ بتول جو فون اچي ويو.
    مون ساڻس حال احوال ڪرڻ کان پوءِ فون ڀاڀي پروين کي ڏنو ۽ ائين فون تي خواتين هڪ ٻئي سان ڪچهريءَ ۾ مصروف ٿي ويون ۽ اسان مرد پاڻ ۾ ڪچهري ڪرڻ لڳاسون. کاڌي جي ٽيبل تي هنن اسان جي لاءِ بهترين اهتمام ڪيو هو، هنن ٻنهي، اسان لاءِ قسمين قسمين کاڌا تيار ڪيا هئا. مانيءَ دوران ڪچهري ڪندي هنن چيو ته اسان جو گهر ننڍڙو آهي جنهن کي ڊهرائي پٺيان پيل خالي پلاٽ هن گهر ۾ ملائي وڏو گهر ٺهرائينداسي. مون دل ۾ سوچيو هِي هيترو وڏو ۽ عاليشان گهر جيڪڏهن ننڍڙو آهي ته وڏو گهر ڇا هوندو! لاس اينجلس ۾ راجا مسلسل سندن ئي ڊبل ڪئبن گاڏي استعمال ڪري رهيو هو. مانيءَ کان پوءِ ڪجهه دير ويهي اسان کانئن موڪلايو ۽ واپس اچي پنهنجي گهر سمهي رهياسي.


    لاس اينجلس کان هوائي جو سفر

    ٻئي ڏينهن صبح جو مان اڃان ننڊ ئي پيو هيس ته راجا تيار ٿي پنهنجي مرسيڊيز گاڏي ڪاهي، شپنگ ڪمپني وارن جي حوالي ڪرڻ ويو ته جيئن هُو گاڏي ”لاس اينجلس“ کان ”هوائي“ موڪلي سگهن. شپنگ ڪمپنيءَ وارا راجا سان ڦڏو ڪري ويهي رَهيا ته جنهن بينڪ مان ليزنگ تي هيءَ گاڏي ورتي اٿئي انهيءَ بينڪ جو ”اين او سي“ کڻي اچ. راجا بينڪ مان ”اين او سي“ وٺي کين ڏنو ته وري چيائونس ته گاڏيءَ جي انشورنس ٿيل ناهي، تنهن تي راجا وري بينڪ مان کين سرٽيفڪيٽ وٺي ڏنو ته هِن بينڪ طرفان ڏنل سڀئي گاڏيون انشورنس ٿيل آهن. تنهن تي وري هڪ نئون ڦڏو پيدا ڪيائون ته هِن گاڏيءَ جي انشورنس آمريڪا جي سڀني حدن لاءِ ته آهي پر سامونڊي حصي لاءِ انشورنس ٿيل ڪونهي! نيٺ تنگ ٿي راجا کين يارنهن سؤ ڊالر ڪرايو ۽ ٽي سو ڊالر انشورنس جا اضافي ڏنا. مان ننڊ مان اُٿي ناشتو ڪري سامان ٻڌي ڪري گهر ۾ راجا جو انتظار ڪري رهيو هيس. ٽن ڪلاڪن کان پوءِ راجا موٽيو. اسان جو سامان تيار هو. راجا جي گهر جي سامهون هڪ بزرگ جوڙو رهندو هو جنهن سان اڪثر واندڪائي جي وقت ۾ راجا، حال احوال ۽ سياسي صورتحال تي ڪچهريون ڪندو رهندو هو. پَر هن کين اِهو ڪونه ٻُڌايو ته هُو مسلمان آهي. جهونن جي جوڙي کي اها خبر هئي ته راجا ڪوئي عيسائي آهي. راجا چيو ته جُهونا پاڻ کي ايئرپورٽ ڇڏي ايندا پَر اتفاق سان ٻئي پنهنجي گاڏي سميت غائب هئا. شايد ڪنهن ڪم ڪار سان نڪتل هُئا. مجبوراً راجا ريڊيو ٽيڪسي وارن کي فون ڪيو جن جو وائرليس ذريعي نيٽ ورڪ جُڙيل هيو. فون کان پوءِ گهربل علائقي ۾ سندن جيڪا به ويجهي ٽيڪسي بيٺل هوندي آهي اُن کي ضرورت واري جاءِ تي موڪلي ڏيندا آهن.ٿورڙي ئي دير ۾ ٽيڪسي اچي وئي، اسان ٽيڪسيءَ ۾ سامان رکي ئي رهيا هئاسي ته جُهونا پاڙيسري به اچي ويا. راجا چيو ڏهه منٽ انتظار ڪريون ها ته ٽيڪسيءَ جو ڪرائو بچي پوي ها. بهرحال هاڻي ته ڪجهه نه پئي ٿي سگهيو اسان راجا جي جُهونن پاڙيسرين کان موڪلائي سامان رکي ٽيڪسيءَ ۾ سوار ٿياسي. ٽيڪسيءَ وارو ايراني هُيو، ساڻس دعا سلام ٿي ۽ پوءِ ڪچهري ڪندا آياسي. مُلڪ جون سياسي حالتون، سندس خاص موضوع هُيو. خير سان ايئرپورٽ پهتاسي ڊرائيور اسان کان رعايتي ڪرائو ورتو. ايئرپورٽ تي راجا هوائيءَ لاءِ بورڊنگ ڪارڊ ورتو ته کائنس سامان جا پندرنهن ڊالر چارج ڪيا ويا، جڏهن ته منهنجي سامان جو ڪجهه به چارج نه ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته مون وٽ انٽرنيشنل ٽڪيٽ هئي ۽ مون کي سامان کڻڻ جي اجازت هئي. اهڙي طرح منهنجا پندرنهن ڊالر بچي ويا. چيڪنگ واري مرحلي دوران سخت چيڪنگ نظرآئي اسان جهاز جي اڏام کان هڪ ڪلاڪ اڳ ۾ ئي لائونج ۾ پهچي چُڪا هئاسي. راجا جو چوڻ هو ته هوائي سفر لاءِ جيترو جلد ٿي سگهي اڳ ۾ پهچڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اهڙي طرح ماڻهو تڙ تڪڙ جي پريشانين کان بچي ويندو آهي. مون هيڏانهن هوڏانهن نظر ڊوڙائي سامهون هڪ گوري آمريڪن ڇوڪري هِڪ ڪاري نوجوان سان قرب ونڊيندي نظر آئي. مون دل ۾ چيو ”واهه ڪارا تنهنجا ڀاڳ“. لائونج ۾ ويٺي راجا ٻُڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ سندس هوٽل ۾ جتي هُو نوڪري ڪندو آهي، هڪ آمريڪن نيشنلٽي رکندڙ ڪورين ڇوڪري ”هوسٽ“ جي نوڪري ڪرڻ آئي ۽ کيس اِها نوڪري ملي وئي. راجا سان سندس سلام دُعا ٿيڻ کانپوءِ کيس خبر پئي ته اُها ڇوڪري لاس اينجلس ۾ رهندڙ هئي جتي هوءَ پنهنجي بواءِ فرينڊ سان رهندي هئي جڏهن ته هتي هوائي ۾ سندس ماءُ رهندي آهي ۽ هوءَ ماءُ جي ڪري ئي لاس اينجلس مان هوائي آئي هئي. جيئن ته راجا هتي هوٽل ۾ مئنيجر هيو سو هُنَ ڇوڪريءَ سان دوستيءَ جو ناتو جوڙيندي کيس چيو ته تون ۽ مان ٻه ئي ”ڳوٺائي“ آهيون ڇاڪاڻ ته مان به لاس اينجلس مان هتي آيو آهيان. بهرحال ڇوڪريءَ جو راجا سان سلام دُعا وارو رشتو قائم ٿيو ۽ هن ڀيري جڏهن راجا هوائي کان لاس اينجلس اچي رهيو هو ته هُنَ ڇوڪريءَ کي به صلاح ڪئي ته جيڪڏهن هوءَ ساڻس گڏ پنهنجي پراڻي شهر لاس اينجلس هلڻ چاهي ته هو سندس ڀاڙو ڪرائو ڀريندو. اصل ۾ راجا ساڻس واسطو وڌائڻ جي چڪر ۾ اِهي پئسا مٿس سيڙائي رهيو هو. ڇوڪري راضي ٿي وئي ۽ ائين راجا سندس هوائي کان لاس اينجلس جو ڪرائو ساڍا ڇهه سو ڊالر ادا ڪيو. پر لاس اينجلس جي ايئرپورٽ تي لهندي ئي هوءَ ڇوڪري پنهنجي گهر هلي وئي ۽ راجا وري پنهنجي گهر ۽ هينئر جڏهن اسان لاس اينجلس ۾ ايترا ڏهاڙا گذاري هوائيءَ لاءِ اڏام جي تيارين ۾ هئاسي ته هوءَ به ايئرپورٽ تي اچي ظاهر ٿي. جهاز ۾ راجا ۽ ڪورين ڇوڪريءَ کي ٿورو اڳيان واريون سيٽون مليو جڏهن ته مونکي وچ واري حصي ۾ هنن جي ڀرسان هڪ سيٽ خالي هئي پر مان ڄاڻي واڻي اوڏانهن ڪونه ويس، مان پاڻ پرڀرو ٿي ويٺس، ته جيئن ويچارو ساڻس سفر ۾ ڪچهري ڪري سگهي. واپسيءَ جو سفر پنج ڪلاڪن ۽ پنجٽيهه منٽن تي مشتمل هيو. تقريباً ايترو سفر جيترو پاڪستان کان ٿائلينڊ پهچندي ڪرڻو پوندو آهي. جهاز هلڻ شروع ڪيو، لاس اينجلس ايئرپورٽ تي مختلف هوائي ڪمپنين جا ڪيترائي جهاز نظر آيا. جن مان ڏهه، ٻارنهن جهاز ته صرف “Fed Ex” جا نظر آيا. هيءَ ساڳي ڪمپني آهي جيڪا پاڪستان ۾ ڪوريئر سروس پڻ مهيا ڪندي آهي. جهاز جي اُڏام کان ڪجهه دير بعد ئي لاس اينجلس شهر ختم ٿي ويو ۽ شروع ٿي ويو هڪ وسيع، نه کٽندڙ سمنڊ ۽ پوءِ سمنڊ جي اهو سفر هُيو ۽ اسان هئاسي. ايتري تائين جو ”هوائي“ جيڪو اسان جو ماڳ هُيو اهو به هڪ ٻيٽ تي واقع آهي. لاس اينجلس جي هڪ پاسي پهاڙي سلسلو هُيو ته ٻئي طرف سمنڊ. پاڪستان کان دبئي پهچندي ٻَه ڪلاڪ وقت لڳندو آهي، جڏهن تي هتي هڪ اسٽيٽ کان ٻئي اسٽيٽ پهچندي به ساڍن پنجن ڪلاڪن جو سفر طئه ڪرڻو پوي ٿو. جهاز ۾ سفر ڪندي هيڊ فون استعمال ڪرڻ جا الڳ پئسه چارج ڪيا ويا، جڏهن ته انٽرنيشل فلائيٽس ۾ ائين ناهي هوندو. اسان پنج لڳي چاليهه منٽن تي لاس اينجلس مان روانا ٿياسي هوائي پهچڻ وقت اُتان جي وقت مطابق رات جا اٺ لڳي سترنهن منٽ ٿي رهيا هئا. هوائي وقت جي حساب کان لاس اينجلس کان ٽي ڪلاڪ پوئتي اهي. اسان جي فلائيٽ ”هوائي“ جي ”ڪونا بگ آئرلينڊ“ جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لٿي. ”هوائي“ جو ايئرپورٽ ڏسي مان حيران ٿي ويس. هيءَ ايئرپورٽ آمريڪا جي منهنجي هيل تائين ڏٺل سڀني ايئرپورٽن کان مختلف هو، جيڪو سمورو جپاني آرڪيٽيڪچر تحت ٺهيل هو ۽ سمورو کليل، بس هنڌين هنڌين ڇپرا ٺهيل هئا ۽ باقي خالي خالي. ايئرپورٽ تي پهچي راجا، پنهنجي ڀاءُ ذوالفقار علي کي فون ڪيو جنهن جو نِڪ نيم ”علي“ هُيو. علي، ساڳي هوٽل ۾ جنرل مئنيجر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو جنهن ۾ راجا ڪم ڪندوآهي. اسان ايئرپورٽ کان ٻاهر آياسي، راجا جي دوست، ڪورين ڇوڪري به اسان جي ڀرسان ئي بيٺل هُئي، ٿوري دير کان پوءِ سندس ننڍي ڀيڻ ۽ ان جو بواءِ فرينڊ آيا ۽ کيس گاڏيءَ ۾ پِڪ ڪري ويا. ٿوري ئي دير کان پوءِ علي به اچي ويو. اسان گاڏيءَ ۾ سامان رکيو ۽ سڌو “Denny’s” نالي انهيءَ فاسٽ فوڊ ريسٽورينٽ پهتاسي جتي راجا ۽ سندس ننڍو ڀاءُ علي نوڪري ڪري رهيا هيا. عليءَ سان گپ شپ ٿي رات جي ماني گڏجي کاڌي سون. هوٽل ۾ گهرندي ئي ويٽر راجا کي ٻُڌايو ته ”سڀُ ڪراڙا ويٺا آهن“ مان ويٽر جي انهيءَ جملي تي حيران ٿيس ته الائي ڪهڙا ڪراڙا ويٺا آهن؟ اندر گهڙياسي ته ڏهن جُهونڙن فنڪارن جو هڪ گروپ ويٺل نظر آيو. انهن ۾ ڪجهه جهونڙيون هُيون ۽ ڪجهه جُهونا. هي گٽار وڄائيندڙ ميوزڪ گروپ هيو. راجا ٻُڌايو ته هُو هر آئي ڏينهن هتي اچي ڪچهريون به ڪندا آهن ۽ گٽار به وڄائيندا آهن. جڏهن ته خميس جي ڏينهن ته هُو ضرور هتي ايندا آهن. ڇاڪاڻ ته خميس جي ڏينهن هتي سينئر سٽيزنس (جن جي عمر پنجونجاهه سالن کان مٿي هوندي آهي) جي لاءِ خاص رعايت هوندي آهي. راجا ٻُڌايو ته جهونڙن جو هي ميوزڪ گروپ ڏاڍو مشهور ۽ سوشل گروپ آهي جيڪو ”ڪونا بگ آئرلينڊ“ ۾ تمام گهڻو سڃاتو وڃي ٿو ۽ هُو بنا ڪنهن پئسي جي لالچ جي هر جاءِ تي پرفارم ڪرڻ لاءِ تيار رهندا آهن. ڪونا بگ آئرلينڊ، هوائي اسٽيٽ جو هڪ شهر آهي. هوائي اسٽيٽ ٻيٽن تي مشتمل آهي جن مان ”ڪونا“ سڀ کان وڏو ٻيٽ آهي. هي آمريڪا جو آخري ٻيٽ آهي هن ٻيٽ کي “The land of valcino” به چيو ويندو آهي، يعني ”آتش فشان جي ڌرتي“. ڌرتيءَ جي هن حصي تي روز ازل کان آتش فشان پنهنجي ڪرت ۾ مصروف آهي ۽ ان جون حدون وقت سان گڏ وڌنديون ئي رهن ٿيون. ”هوائي“ جي ماڻهن جا مهانڊا مون کي سنڌين سان ملندڙ جلندڙ لڳا. ايتري تائين جو سندن عادتون به مونکي سنڌين سان ميل کائيندڙ لڳيون جن جو ذڪر اڳتي ايندو. ”هوائي“ بنيادي طرح هڪ الڳ مُلڪ هيو جيڪو بعد ۾ آمريڪا ۾ شامل ٿيو. هي ٻيٽ دُنيا جو تمام خوبصورت ٻيٽ آهي. سندس قدرتي حُسن کي لفطن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي. منهنجي هِن سفر دوران هتان جون جيڪي جيڪي خوبصورتيون مان ڏسي پَسي سگهيس انهن جو ذڪر مرحليوار ضرور ايندو. اسان رات جو يارهين تائين “Denny’s” ۾ ڪچهري ڪندا رهياسي ننڊ به ڏاڍي اچي رهي هئي. اُن ڪري ڳالهين جي ڳٺڙين کي بند ڪري اسان گهر آياسي، گهر پهچندي ئي مون کي ڀت تي هڪ رنگين ڪِرڙي نظر آئي پُڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته انهيءَ گهريلو رنگين ڪرڙيءَ کي “geico lizard” چيو وڃي ٿو. جيڪا هر گهر ۾ ملي ٿي. بلڪل بي ضرر ٿئي ٿي. انهيءَ جو رنگ سائو، پيلو ۽ نارنگي ٿئي ٿو. انهيءَ رنگبرنگي ڪرڙيءَ جي نالي سان هوائي ۾ ڪيتريون ئي ڪمپنيون ڪَم ڪري رهيون آهن جن مان گهڻيون انشورنس ڪمپنيون آهن. ٿورڙي ئي دير کان پوءِ اسان ننڊ جي وادين ڏانهن نڪري وياسي.


    “هوائيءَ” جي هوائن ۾.........

    ٻئي ڏينهن صبح جو ستين بجي مون کي جاڳ ٿي وئي. راجا اڃان تائين ننڊ ۾ آرامي هُيو. مان آهستگيءَ سان گهر کان ٻاهر نڪري آيس. گهر کي ڪائي بائونڊري وال نه هُئي ان ڪري ٻاهر نڪرندي ئي مان مئن روڊ تي اچي ويس سامهون سمنڊ جو خوبصورت نظارو هو. گهرَ سمنڊ جي سطح کان مٿي ٺهيل هُئا. سمنڊ ۾ هڪ وڏو هوٽل نما، ڇهه ست ماڙ بحري جهاز بيٺل نظر آيو. مون پنهنجي چوڌاري هڪ نظر ڦيرائي، چو طرف حد نظر تائين ساوڪ ئي ساوڪ نظر آئي. بَهار جهڙي موسم، چوڌاري ڪاٺ جا ٺهيل خوبصورت گهر ڪنهن خوبصورت لئنڊ اسڪيپ جو منظر پيش ڪري رهيا هئا. هتان کان جاپان ويجهو هو. راجا جي گهر جي ٻاهران ئي هڪ فورڊ ويگن نما گاڏي بيٺل نظر آئي پَر اها جُهوني کٽارا گاڏي هئي اها گاڏي هڪ مڪمل ننڍڙي گهر وانگر هُئي. اِها گاڏي گهڻو ڪري سياحت لاءِ ئي استعمال ٿيندي هُئي. گاڏيءَ جي پليٽ تي مون نظر وڌي، لکيل هيو “Aloha State” مان حيران ٿيس ته هيءَ ”هوائي“ اسٽيٽ آهي.... اهو ”الوها“ وري ڇا آهي؟! خير! مان ٿوري واڪ ڪري واپس گهر آيس، ڏهين بجي ڌاران راجا ننڊ مان سجاڳ ٿيو. مون راجا کان پُڇيو ته ”الوها“ جو مطلب ڇا آهي؟! راجا وراڻيو ته ”الوها“ جو مطلب آهي ”وئيل ڪم“ يعني ”ڀلي ڪري آيا“ ۽ اهو لفظ هر گاڏيءَ جي نمبر سان گڏ لکيل هوندو آهي. اسان تيار ٿي “Denny’s” ڏانهن روانا ٿياسي. راجا، جيڪا گاڏي استعمال ڪري رهيو هو اها گاڏي “Denny’s” جي مالڪ جي هئي مون ريسٽورينٽ جي سامهون لڳل بورڊ تي نظر وڌي جتي لکيل هو “Nothing good happenes after mid night except Denny’s” ڏاڍو دلچسپ سلوگن هُيو هِن ريسٽورينٽ جي باري ۾ جيڪو جهڙوڪر منهنجي من جي تختيءَ تي اُڪري ويو. صُبح جي هِنَ سُهاني پهر ويلي ريسٽورينٽ تي تمام گهڻي رش نظر آئي. مون حيران ٿي راجا کان پُڇيو ته هي ماڻهو ناشتو پنهنجي گهرن ۾ ڇونه ٿا ڪن؟ راجا ٻُڌايو ته هتي ماڻهو گهر ۾ ڪوڪنگ ڪرڻ بجاءِ هوٽلنگ کي ئي ترجيع ڏيندا آهن ۽ هن علائقي ۾ هي واحد ريسٽورينٽ آهي جيڪو چوويهه ئي ڪلاڪ کليل پئي رهيو. مان ماڻهن جي چهل پهل، ڳالهيون، سس پس، ٽهڪڙا به ٻڌندو رهيس ۽ کين ناشتو ڪندي به ڏسندو رهيس. منهنجي نظر اوچتو هڪ ويٽريس جي ڪَن ۾ پيل سفيد گُلَ تي پئي اُهو خوبصورت گل رابيل جي گُلَ کان ڪجهه وڏو هو. مون راجا سان اُنَ گُلَ جو ذڪر ڪيو ته راجا انهيءَ جو ڏاڍو دلچسپ پس منظر ٻُڌايو. راجا ٻُڌايو ته اِهو هڪ خاص گل آهي جيڪو هڪ خاص مقصد لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.جيڪڏهن اِهو گُل ناريءَ جي ساڄي ڪن ۾ لڳل هجي ته اِن جو مطلب اِهو ٿيندو ته اِها ناري اڪيلي آهي ۽ کيس پنهنجي لاءِ ڪنهن ساٿيءَ جي تلاش آهي ۽ جيڪڏهن گل ناريءَ جي کاٻي ڪن ۾ لڳل هجي ته ائين سمجهو ته اِها ناري والاريل آهي، کيس پنهنجو ساٿي آهي ۽ ڪوئي به کيس ماڻڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ جي تڪليف نه ڪري. راجا جي وضاحت کان پوءِ مان آس پاس گهمندڙ نارين جي ڪنن ۾ هنيل گُلن جو جائزو وٺڻ ۾ مصروف ٿي ويس ته اِهي گل سندن ساڄي ۾ لڳل آهن يا کاٻي ڪن ۾؟!
    راجا جنهن ريسٽورينٽ تي نوڪري ڪري رهيو هو اِهو ريسٽورينٽ سندس مطابق هندستان جي هڪ هندو واپاريءَ جو هيو ۽ سندس ان جهڙا ڇهه ٻيا به ريسٽورينٽ آمريڪا ۾ موجود هُيا. جن مان ٽي ”لاس اينجلس“ ۽ ٽي ”هوائي“ ۾ واقع هئا. انهن ريسٽورينٽن جو مالڪ يعني راجا جو ”سيٺ“ هتي “AJ” جي نالي سان مشهور هيو. راجا مون کي ڪرسيءَ تي ويهاري پاڻ مئنيجر جي ڪمري ۾ هليو ويو. انهيءَ دوران هڪ ويٽرس مون وٽ آئي۽ مون کان کائڻ پيئڻ لاءِ پڇيائين. مون کيس ”مهرباني“ چئي پر هُن وري به ”ڪولڊ ڊرنڪ“ جي آفر ڪئي مون کيس آڻڻ لاءِ چيو. هوٽل جي عملي لاءِ هتي ڪولڊ ڊرنڪ فري هُئي. هُو ڪنهن به وقت مفت ۾ ڪولڊ ڊرنڪ پي پئي سگهيا. راجا اندران ڪم ڪار اڪلائي مون سان گڏ ڪُرسي رکي اچي ويهي رهيو. راجا ٻُڌايو ته سندس ريسٽورينٽ جو مالڪ ريئل اسٽيٽ (جائداد جي خريد ۽ فروخت) جو ڪاروبار به ڪندو آهي. جنهن بلڊنگ ۾ راجا رهيل هُيو اِها عمارت به سندس ريسٽورينٽ مالڪ جي ئي هُئي. اصل ۾ اهو هڪ وڏو بنگلو هيو جنهن کي مختلف حصن ۾ ورهايو ويو هو. مٿين فلور تي جاءِ جا ٻَه حصا هُئا. هڪ حصو مالڪ جي ذاتي استعمال ۾ هُيو جتي هو ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو ۽ رهائش اختيار ڪندو هو جڏهن ته هڪ پراپرٽي ڊيلر سان سندس اِهو به طئه ٿيل هو ته سندس غير موجودگي ۾ جيڪڏهن ڪوئي سياح اچي ته جاءِ جو اهو حصو ڏيڍ سو ڊالر في ڏينهن جي حساب سان ڀلي ڀاڙي تي ڏنو وڃي. مٿين فلور تي واقع جاءِ جو ٻيو حصو راجا جي ننڍي ڀاءُ عليءَ کي ٻارنهن سؤ ڊالر ماهوار ڪرائي تي ڏنل هيو. جڏهن ته هيٺ گرائونڊ فلور تي هڪ حصي ۾ راجا رهي رهيو هو ۽ جنهن جو مالڪُ کائنس ڪوئي به ڀاڙو ڪرائو نه وٺندو هو. ڇاڪاڻ ته راجا هميشه پراپرٽي ڊيلنگ جي ڪمن ۽ معاملن ۾ سندس ٻانهن ٻيلي رهندو هو. گرائونڊ فلور جي باقي بچيل حصي ۾ پنج سنگل ڪمرا موجود هُئا. جن جا باٿ روم ۽ ڪچن گڏيل(Comman) هئا. انهن مان هر هڪ ڪمرو ساڍا ڇهه سو ڊالر ماهوار ڪرائي تي مختلف ماڻهن کي ڏنل هيو.
    شامَ جو پنجين بجي کان رات جو ٽين وڳي تائين راجا جي هوٽل تي ڊيوٽي هئي. شامَ لڙندي ئي مان راجا کي پنهنجي ڊيوٽيءَ تي ڇڏي اڪيلو ئي اڪيلو سمنڊ جو سير ڪرڻ نڪري ويس. صاف شفاف سمنڊ، اُن جو خوبصورت ڪنارو، خوبصورت چهرا، شامَ جا لڙندڙ پاڇا، مان اٽڪل ٻَه ڪلاڪ سمنڊ جو نظارو ڪري واپس هوٽل تي هليو آيس. مان هوائي ۾ جتي جتي به ويس مون کي هتان جي اصل مقامي ماڻهن جا مهانڊا سنڌي ماڻهن سان ملندڙ جلندڙ نظر آيا. مون جڏهن اها ڳالهه راجا سان شيئر ڪئي ته هُن ٻُڌايو ته هتان جي اصل باشندن جا نه صرف منهن مهانڊا بلڪه انهن جا ڪَمَ ۽ ڪرتوت به اسان اڪثر سنڌين جهڙا آهن. منهنجي پڇڻ تي هُن ٻُڌايو ته هتان جا اصل هوائي، ڪم ڪوس، حد در جي جا هڏ حرام، موالي آهن کين پنهنجي اسٽيٽ ڇڏي ڪنهن ٻئي اسٽيٽ ۾ وڃي روزگار حاصل ڪرڻ کان به ٻَرو چڙهيو وڃي. مون راجا کان پڇيو ته ڪٿي ائين ته ناهي ته اِهي اصل ۾ سِنڌُ جا ئي هجن جيڪي بحري سفر ڪري هتي هِن ٻيٽ ۾ پهتا هُجن. راجا چيو ته ممڪن اهي ائين هجي. سندن ٻولي به سنڌيءَ سان ميل کائيندڙ هئي. جيئن ”مهربانيءَ“ کي ”مهالو“ چئي رهيا هئا. راجا جي چوڻ مطابق ”هوائي“ جي اصل باشندن پنهنجي ڪاهليءَ سبب هِنَ ٻيٽ کي ترقي نه وٺرائي، خوبصورت نه بنايو، نتيجي ۾ آمريڪا ان کي پنهنجي قبضي ۾ وٺي ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ پوءِ آمريڪين اچي هتي پنهنجو ديرو ڄمايو ۽ ائين هتان جا اصل باشنده هِتي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ تبديل ٿي ويا آهن. ”هوائي“ جا اصل باشنده، آمريڪين توڙي ٻين ڌارين آبادڪارن کان شديد نفرت ڪندا اهن. منهنجي اڳيان پنهنجي سنڌ جي صورتحال تري آئي جتي پڻ ڌارين جي آباد ڪاري نه محسوس ٿيندڙ طريقي سان هوريان هوريان وڌي رهي آهي.
    راجا ٻُڌايو ته هتي ”ڪُونا بگ آئيلينڊ“ ۾ سندس ۽ سندس ڀاءُ ”علي“ کان سواءِ ڪوئي به پاڪستاني ڪونه ٿو رهي. هِتي اڪثر جاپاني به گهمڻ ڦرڻ ايندا آهن. جاپانين کي وري هوٽل ۾ ٽپ ڏيڻ جي عادت ناهي جنهن ڪري هتان جا ويٽر کين پنهنجي ٻوليءَ ۾ گاريون ڏيندا آهن. مون کي ياد آيو ته منهنجي جاپان جي سفر دوران مون به جاپان ۾ اِها ڳالهه نوٽ ڪئي هئي ته ويٽر کي ٽپ ڏيڻ جو رواج نه هو بلڪه ”ٽپ“ ڏيڻ ويٽر جي بي عزتيءَ ۾ شمار ڪيو پئي ويو. راجا ٻُڌايو ته هن هوٽل ۾ ويٽر هفتي جا پنج ڏينهن ڪم ڪندا آهن ۽ ٻَه ڏينهن آرام ڪندا آهن. انهن پنجن ڏينهن ۾ وري هُو روزانو پنج ڪلاڪ ڪم ڪندا آهن. کين هِڪَ ڪلاڪ جو معاوضو ست ڊالر ملندو آهي، جڏهن ته روزانو هڪ سو کان ٻه سو ڊالر ٽپ به ڪمائي وٺندا آهن. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته ويٽرن جي ڊيوٽيءَ جو هفتيوار شيڊيول ٺهندو آهي جنهن ۾ محنتي ويٽرن کي پنج ئي ڏينهن ڊيوٽي ملندي آهي ۽ ڪم چورن کي گهٽ ڏينهن، جڏهن ته گراهڪن يا انتظاميه سان بدتميزي ڪرڻ تي ويٽرن کي هميشه لاءِ فارغ به ڪيو ويندو آهي. اهڙي ئي هڪ ويٽريس ”اتينا“ کي راجا جي ڀاءُ ان وقت نوڪري مان فارغ ڪري ڇڏيو هو، جڏهن راجا مون سان گڏ لاس اينجلس ۾هُيو ۽ پوءِ اها ويٽرس روزانو هڪ بينر کڻي اچي هوٽل جي سامهون احتجاج ڪندي هُئي. اتفاق سان اها ويٽرس، هوٽل مالڪ جي بنگلي جي سنگل ڪمرن مان هڪ ۾ رهندڙ به هُئي.
    راجا ٻُڌايو ته ”ڪُونا“ ۾ ڪوئي به نائيٽ ڪلب ڪونهي ها باقي ”پب“ ۽ ”بار“ موجود آهن. انهيءَ ڳالهه تي مون کي حيرت زده ڏسي هُن چيو ته هتي جيڪو به گهمڻ ڦرڻ ايندو آ اُهو جوڙيءَ ۾ ئي ايندو آ. ان ڪري ڪنهن ڪلب جي ضرورت محسوس ڪونه ٿئي. اڪثر جوڙا ”پب“ ۽ ”بار“ ۾ ملاقاتون ڪندي نظر ايندا آهن . راجا جي ڪم ۽ مون ساڻ سندس ڪچهريءَ وقت جو احساس ئي ٿيڻ نه ڏنو خبر پئي ته رات جا ٽي ٿي رهيا آهن. سو راجا پنهنجي ڪَم کي سميٽيو ۽ اسان گڏجي پنهنجي گهر هليا آياسي ننڊ جي هڪ نئين سفر ڏانهن روانو ٿيڻ لاءِ.
    نئين ڏينهن تي جنهن وقت اسان کي جاڳ ٿي ان وقت صبح جا ڏهه ٿي رهيا هئا. اَڄُ راجا کي پنهنجي ڊيوٽيءَ تي ٽي ڪلاڪ اڳ ۾ پهچڻو هيو. ڇاڪاڻ ته اڄ سندس ريسٽورينٽ تي رش جو ڏهاڙو هيو. پوڻين ٻي بجي ڌاران، اسان ٻئي تيار ٿي نڪتاسي. ٻاهر نڪرڻ سان سامهون ئي شفاف سمنڊ ۾ هڪ ٻيو بحري جهاز بيٺل نظر آيو. جهاز تي نهار وجهندا اسان ريسٽورينٽ پهچي وياسي. ريسٽورينٽ جي ٻاهران وسيع پارڪنگ ايريا ۾ بيٺل وڻن جي ڇانگ جو ڪم جاري هُيو. راجا ٻُڌايو ته هي هتان جو ٻيلي کاتي جو عملو آهي. هتي پنهنجي مرضيءَ سان وڻ پوکڻ ۽ انهن کي ڪٽڻ تي پابندي آهي. ادارو پاڻ ئي پنهنجي پلاننگ سان وڻ پوکيندو آهي ۽ ضرورت آهر انهن جي ڇانگ ۽ ڪٽائي ڪندو آهي. مون کي پنهنجو شهر ياد اچي ويو جتي آبپاشي کاتي جي ملي ڀڳت سان واهن جي ٻنهي ڪنارن سان بيٺل ٽالهين جا وَڻ چوري ڪاٽيا ويندا آهن. ڪاٺ جا واپاري قيمتي وڻ ائين رشوت عيوض ڪاٽي نه صرف چوريءَ جا مرتڪب ٿيندا آهن پَر انهن ڪاٺ چورن ۽ عملي جي بي ايمانيءَ سبب ماحول تي به خراب اثر پوندا آهن. اهوئي حال اسان وٽ ٻيلي کاتي وارن جو به آهي جيڪي نه صرف وڻن جي ڪٽائي بلڪه ناياب جانورن ۽ پکين جي نسل ڪشيءَ ۾ به ڀاڳي ڀائيوار هوندا آهن. مون کي مير صوبدار سعيد ياد اچي ويو جنهن جي هڪ مزاحيه غزل جو شعر آهي ته:
    لِڪَ ڇُپ ۾ مون کي داروغا وڍرائن،
    مان ميرواهه تي بيٺل ڪا ٽاري ته ناهيان.

    ڪو زمانو هوندو هو جو خيرپور ۾ ڀرڳڙي ريگيوليٽر کان يونيورسٽيءَ طرف روڊ جي ٻنهي طرفن کان سرنگهه وانگر گهاٽا سائي دار ٽالهي جا وڻ هوندا هُئا ۽ هاڻ اُهي ڳولهيا ڪونه ٿا لڀن. خيرپور جي وچ مان وهندڙ ميرواهه ڪئنال جي ٻنهي طرفن بيٺل ٽالهين جو ذڪر ته ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ پنهنجي شعرن ۾ به ڪيو آهي. بهرحال مون ڏٺو ته ريسٽورينٽ جي ٻاهران اداري جون جديد اوزارن سان ليس گاڏيون وڻن جي ڇانگ ۾ مصروف هيون. گاڏين ۾ ئي فٽ ٿيل اوچين ڏاڪڻين ذريعي اهو ڪم آسانيءَ سان ٿي رهيو هو. جڏهن ته ڪٽيل ڏار هڪ ٻي ٽرڪ نُما گاڏيءَ گڏ پئي ويا. مان جيئن ئي اندر داخل ٿيس ته هڪ ويٽرس ناز ۽ انداز سان لُڏندي لمندي آئي ۽ اچي مون کان پڇيائين ته ڇا کائيندين؟ مون کيس فرينچ فرائيز ۽ ڪولڊ ڊرنڪ آڻڻ لاءِ چيو. راجا ٻُڌايو ته “Denny’s” ۾ هر پنجن سالن کان پوءِ فرنيچر ۽ ٻيو اندروني ڊيڪوريشن جو سامان تبديل ٿيندو آهي ۽ اهو “Denny’s” فرينچائيز حاصل ڪندڙ ڪمپنيءَ سان معاهدو ٿيل هوندو آهي. جيڪڏهن ڪوئي پنجن سالن کان اڳ اِهو سامان تبديل ڪرڻ چاهي ته ڪمپنيءَ کي انهيءَ تي ڪوئي به اعتراض ناهي هوندو باقي پنجن سالن کان پوءِ کين هر صورت ۾ تبديل ڪرڻو هوندوآهي، اڄ مون ريسٽورينٽ ۾ تفصيل سان معائنو ڪيو. کاڌي پيتي جي سامان کي گڏ ڪرڻ لاءِ هتي ٽي مختلف حصا هئا جن ۾ ڊراءِ اسٽوريج، واڪ ان ڪولر ۽ فريزر شامل هُئا هوٽل ۾ استعمال ٿيندڙ اسي سيڪڙو کاڌي پيتي جون شيون ٻاهران مختلف ڪمپنين کان پيڪنگ جي صورت ۾ پئي آيون. جن کي پوءِ ضرورت جي مطابق رَڌو، پچايو، اُٻاريو يا تريو پئي ويو. اهڙين پيڪنگس ۾ ساين ڀاڄين کان وٺي گوشت ۽ مڇي تائين جهڙيون شيون شامل هُيون. مئنيجر وٽ موجود ڪمپيوٽر ۾ هوٽل ۾ استعمال ٿيندڙ هر ننڍي وڏي شيءِ جي لسٽ موجود هُئي. مئنيجر جو اِهو به ڪم هُيو ته هُر هر هفتي انهيءَ لسٽ کي ڏِسي، وڌيڪ گهربل شين ۽ انهن جي مقدارکي لسٽ ۾ چاڙهي ۽ پوءِ اتان ئي ضرورت وارين شين جي لسٽ متعلقه ڪمپنين ڏانهن اي ميل ڪري ڇڏي. ڪمپنيءَ وارا پاڻ اُهو ميل آرڊر وصول ڪري گهربل شيون پهچائي پئي ويا. هر هفتي پهچندڙ کاڌي پيتي جي انهيءَ سامان مان خشڪ شين کي ”ڊراءِ اسٽوريج“ ۾ رکيو پئي وَيو جڏهن ته باقي شين کي واڪ ان ڪولر ۾ رکيو پئي ويو جتان پوءِ سمورو هفتو هوريان هوريان روزاني ضرورت آهر شين کي ڪڍي فريزر ۾ رکيو پئي ويو جتان وري ڪڍي پچائي گرهاڪن کي پيش ڪيو پئي ويو. ڪونا ۾ مڇيءَ کي ”ماهي ماهي“ سڏيوپئي ويو. پاڻ وٽ وري مهاڻن کي ”ماهي گير“ سڏيو ويندو آهي. ”ماهي“ جيڪو فارسيءَ جو لفظ آهي ۽ جنهن جي معنيٰ آهي ”مڇي“. منهنجو اهو خيال وڌيڪ پختو ٿي ويو ته هِتان جي باشندن جون جڙون ضرور سنڌ يا ڏکڻ ايشيا ۾ هونديون. وڌيڪ ڪو محقق انهيءَ حوالي سان تحقيق ڪري سگهي ٿو.
    راجا ٻُڌايو ته سندس ريسٽورينٽ ۾ ويٽر ايڏو ڪمائن ٿا جو دل چوي ٿي ته ويٽر ٿي وڃجي. هتي ڪم ڪندڙ ڪورين هوسٽ ڪالهه فون ڪري راجا کي ٻُڌايو ته هوءَ ڊيوٽيءَ تي نه ٿي اچي سگهي ۽ بعد ۾ هن وري فون ڪري هيءَ نوڪري ئي ڇڏڻ جو ٻُڌايو. هُن ٻُڌايو ته سندس ماءُ لاس ويگاس وئي آهي ۽ هاڻ هوءَ هتي پنهنجي ماءُ جو جنرل اسٽور هلائيندي. راجا انهيءَ ڪورين هوسٽ تي ساڍا ڇهه سو ڊالر سيڙايا هئا، انهيءَ آسري تي ته ساڻس دوستي رکندي پر سندس اِهو سرمايو کُوههَ جي تري ۾ وڃي پيو. مون ڏٺو ته ريسٽورينٽ ۾ ڪم ڪندي ڪوئي به شخص ڪنهن قسم جي شرمندگي محسوس نه پئي ڪئي. ايتري تائين جو ويٽر به پنهنجين شاندار گاڏين ۾ اچي رهيا هئا. اِهي سوٽيڊ بوٽيد ويٽر ڪپڙا تبديل ڪري ريسٽورينٽ جو يونيفارم پائي، ڊيوٽي ڪري وري ڪپڙا بدلائي پنهنجين گاڏين ۾ ”جوڳي نه ڪنهن جا مٽ“ ٿي پئي ويا. هتي ڪم ڪندڙ هڪ خوبصورت ويٽرس جو نالو ”ايشلي“ هُيو سندس بواءِ فرينڊ جيڪو ٿورڙو منڊڪائي هلندڙ هو اهو وري هتي ئي ڊش واشنگ ۽ ٽيبلون صاف ڪرڻ جو ڪم ڪندو هُيو. ايشلي اڪثر مون کي ڪائونٽر وٽ مُرڪندي نظر ايندي هئي ۽ جڏهن ڪم جو دٻاءُ وڌي ويندو هيو ته هوءَ پنهنجي بواءِ فرينڊ جي ڪم ۾ هٿ ونڊائي وٺندي هئي. رات جو ٻي بجي کان پوءِ ريسٽورينٽ ۾ رش جهڪي ٿي ويندي هئي. راجا ٻُڌايو ته هتي ”ڪونا“ ۾ پپيتو ۽ پائن ايپل جام ٿئي ٿو. راجا اهو به ٻُڌايو ته پاڻ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ”ويلڪينوز“ هلنداسي جتي وچ سمنڊ ۾ ٻرندڙ جبل لاوو اوڳاڇي رهيا آهن. روزانو ڪيترائي سياح هيليڪاپٽرس ۽ جهازن وسيلي اهو منظر ڏسڻ لاءِ ويندا آهن. هيليڪاپٽر جو ڪرائو في ماڻهو ڪونا کان 366 ڊالر ۽ هيلو کان 185 ڊالر هيو جيڪو ڪونا کان 250 ميل پري ۽ آتش فشان جبلن جي ويجهو هُيو. سياح جبل ڏانهن وڃڻ کان اڳ اتان معلومات وٺندا اهن ۽ جنهن ڏينهن اِها سُڌ پوندي آهي ته اَڄُ لاوو نڪري رهيو آهي ته سياحن جا ڪٽڪ اچي ڪڙڪندا آهن.
    اَڄُ شامَ جو “Denny’s” ۾ رش تمام گهڻي وڌي وئي ايتري تائين جو راجا کي ويٽر ۽ سندس ڀاءُ کي بورچيءَ جو ڪم ڪرڻو پئجي ويو. مان حيران ٿي ويس ته هوٽل جو جنرل مئنيجر بورچي ۽ مئنيجر ويٽر جو ڪم ڪري رهيا آهن. پَر هتي ته اهڙي قسم جو ڪوئي ڪامپليڪس هُيوئي ڪونه. اصل ۾ هر اڱاري جي شامَ جو چئين بجي کان رات جو ڏهين بجي تائين هن ريسٽورينٽ ۾ گراهڪن سان گڏ ايندڙ ٻارڙن جو کاڌو پيتو مفت هيو. اَڄُ جيئن ته اڱارو هُيو ان ڪري هر فئمليءَ سان ٻارڙا گڏ هيا جنهن سبب ئي رش هيڪاندي وڌي وئي هئي. راجا کي پنهنجي ڪم ۾ گهڻو مصروف ڏسي مان رات جو اٺين بجي واڪ ڪندو گهر موٽي آيس، گهر ريسٽورينٽ کان تقريباً ٻن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هيو. دير سان رات جي ٽين بجي راجا به موٽي آيو. آمريڪا ۾ رات جو نائين کان پوءِ اڪثر فون تي انڪمنگ ڪال فري هوندي آهي ۽ مون ان وقت پنهنجي گهر وارن ۽ دوستن کي ”مس ڪالون“ ڏئي، ساڻن ڪچهري ڪئي ۽ کين سفر جا احوال ڏنا ۽ پوءِ مان آرام ڪرڻ لاءِ سمهي پيس.
    ٻئي ڏينهن صبح جو ننڊ مان اُٿي اسان ٻنهي چانهه ۽ بسڪيٽن سان ناشتو ڪيو. ٻاهر گهٽيءَ ۾هڪ گاڏي آئي جنهن کي هڪ عورت هلائي رهي هئي اها پوسـٽ آفيس جي گاڏي هُئي. عورت گاڏيءَ ۾ ويٺي ويٺي دريءَ مان ئي گهرن جي ٻاهران پوسٽ جي دٻن ۾ اُتان جي ٽپال وجهي رهي هئي۽ ائين کيس ڪائي دير ئي نه پئي لڳي. اڄ منجهند جو ٻي بجي اسان ريسٽورينٽ پهچي وياسي. سمورو ريسٽورينٽ خالي خالي نظر اچي رهيو هو صرف هڪ ٽيبل تي هڪ ماڻهو ويٺل هُيو. راجا ٻُڌايو ته مڇي مارڻ هتان جي ماڻهن جو شوق رهيو آهي چڱا ڀلا ماڻهو شوقيه مڇي ماري انهن جا پيڪٽ ٺاهي في پيڪٽ ويهه ڊالر ۾ وڪڻندا آهن. اوهان کي خبر هوندي ته پاڪستان جا ماڻهو آمريڪا جي ويزا حاصل ڪرڻ ۽ اتي وڃي پئسا ڪمائڻ لاءِ آتا هوندا آهن ۽ حيلا بهانا هلائيندا پر هتي مون کي ”هوائي“ جي ماڻهن ۾ اها ڳالهه نظر نه آئي ته آمريڪا ۾ رهندي ئي مختلف شهرن ۽ اسٽيٽس ۾ وڃي پئسو ڪمائين.
    مون ڏٺو ته “Denny’s” جي ڪائونٽر تي هڪ شيشي جي برني رکيل هئي جنهن ۾ ايندر ويندڙ پنهنجو وزيٽنگ ڪارڊ وجهي رهيا هئا. راجا ٻُڌايو ته هر هفتي انهن ڪارڊن جي قرعه اندازي ٿيندي آهي ۽ ڪجهه ماڻهن کي ڪُڻي ذريعي مفت ۾ ڊنر ڪرڻ جي دعوت ڏني ويندي آهي. مون راجا کي مذاق ۾ چيو ته مان پنهنجو ڪارڊ انهيءَ برنيءَ ۾ وجهان؟ جنهن تي راجا کان ٽهڪ نڪري ويو ۽ چيائين ته تون اڳي ئي هوٽل ۾ مفت ۾ کائي پي رهيوآهين، توکي ڪارڊ وجهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟
    اڄ شامَ جو مان ۽ راجا گڏجي ايئرپورٽ وياسي جتي راجا کي ٻئي ٻيٽ کان ايندڙ ”هئنڊي مئن“ کي کڻڻو هيو. راجا ٻُڌايو ته ”هئنڊي مئن“ هٿ جو ڪم ڪندڙ کي چيو ويندو آهي، جيڪو هڪ ئي وقت ڊکڻ به هوندو آهي ته اليڪٽريشن به، پلمبر به هوندو آهي ته پينٽر به ۽ هي جيڪو ”هئنڊي مئن“ اچي رهيو هو ان جو نالو هيو ”چارلس“ جيڪو “Denny’s” جي ٽِن ريسٽورينٽن جو آفيشل”هئنڊي مين“ هُيو ۽ وقت به وقت ٽنهي ريسٽورينٽن ڏانهن سنهي ٿُلهي مرمت جي ڪم لاءِ ويندو رهندو هُيو. راجا اِهو به ٻُڌايو ته ”چارلس“ سندس ڀاءُ ”علي“ جو آخري سهرو به ٿئي. عليءَ جي جنهن زال کان تازو عليحدگي ٿي هئي اُها ”چارلس“ جي ڌيءُ هُئي ۽ عجيب ڳالهه ته انهيءَ عليحدگي جا چارلس ۽ عليءَ جي تعلقات تي ڪي به اثر نه پيا هئا. سندن تعلقات معمول مطابق هلي رهيا هُئا. اصل ۾ علي هڪ جذباتي نوجوان هُيو ۽ ”جهان ڀي گئي داستان ڇوڙ آئي“ سندس مزاج جو حصو هُيو. اهو ئي سبب آهي جو هُن هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪيون ۽ انهن زالن کان عليحدگي اختيار ڪئي. ايئرپورٽ تي مون کي ڪيترائي ننڍا ننڍا جهاز نظر آيا. جيڪي هڪ ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ تائين اڏامون ڪندا هُئا. ايئرپورٽ کان واپسيءَ تي مون کي ”ڪونا“ جي اڪثر زمين خالي نظر آئي. چارلس کي گهر ڇڏي اسان ريسٽورينٽ موٽي آياسي. چارلس انهن پنجن سنگل ڪمرن مان هڪ ڪمري ۾ رهندو هيو اڄ وري ريسٽورينٽ ۾ جهونڙن جو خاص ڏهاڙو هيو. اڄوڪي ڏينهن تي بزرگن کي ويهه سيڪڙو رعايت ڏني پئي وئي ۽ ماڻهو اڄوڪي ڏينهن جو فائدو وٺندي پنهنجي
    بزرگن کي تفريح ۽ کاڌي پيتي لاءِ هتي وٺي پئي آيا. اڄ راجا
    مونکي هڪ فلپائيني عورت سان متعارف ڪرايو سندس نالو
    “Epifania Sadumiano” هُيو. ٻاونجاهه سالن جي هن پروقار خاتون سان راجا منهنجو تعارف هڪ دوست ۽ ليکڪ جي حيثيت سان ڪرايو. هوءَ پنجونجاهه سالن کان مٿي عمر جي نه هئي پر راجا کيس دوستيءَ سبب اڄوڪي ڏينهن تي ويهه سيڪڙو رعايت ڏيندو هو. اصل ۾ اها عورت راجا تي عاشق هوندي هُئي پر راجا وري کائنس لهرائيندو هيو. مون ساڻس ڪچهري ڪئي. وقت آهستگيءَ سان کسڪي رهيو هو، وقت جيڪو هتي پاڪستان کان پندرنهن ڪلاڪ پوئتي هُيو جڏهن ته شڪاگو ۽ هوائي جي وقت ۾ پڻ چئن ڪلاڪن جو فرق هُيو. هِتان کان شڪاگو تائين ڏهن ڪلاڪن جو هوائي سفر هُيو۔ رات جو جهونن جو ميوزيڪل گروپ به اچي ويو. ساڻن خوب ڪچهري ٿي، کانئن مختلف گيت ٻُڌاسي ۽ مون پنهنجي موبائيل فون وسيلي انهن گيتن کي رڪارڊ به ڪيو. سندن گٽارن جي گونجار ماحول کي دلچسپ بڻائي ڇڏيو. رات جو ڏيڍ ٿي رهيو هو ۽ مون کي ننڊ اچي رهي هُئي. مون ميوزيڪل گروپ جي هڪ جهونيءَ کي گهر ڇڏي اچڻ لاءِ چيو جنهن کي هن خوشيءَ سان قبوليو ۽ مون کي گهر ڊراپ ڪري آئي گهر جي ٻاهران پهچندي ئي مونکي هڪ ڪُتي اچي ورايو. ڪتي جي ڊُڪائڻ تي مان پَري فٽ پاٿ تي چُپ ڪري وڃي ويهي رهيس. مان ڪُتي جي وڃڻ جو انتظار ڪري رهيو هئس ۽ ڪتو وري منهنجي اچڻ جو، نيٺ ويهن منٽن کان پوءِ ڪُتو پاڻ ئي پوئتي هليو ويو. مان چپ چاپ تالو کولي گهر ۾ سمهي پيس. رات دير سان راجا آيو ته مون ساڻس ڪُتي جي ڪارگذاريءَ جو ذڪر ڪيو. راجا چيو ته اِهو ڪُتو سندس پاڙيسرياڻي ستر سالن جي عورت ”اينجليءَ“ جو آهي جيڪو چَڪُ ناهي پائيندو. بهرحال مان ته پنهنجي حساب سان ڏاڍو پريشان ضرور ٿيس. راجا سان مختصر ڪچهري ٿي ۽ ان کان پوءِ اسان ٻئي آرام ڪرڻ لاءِ سمهي پياسي.
    مان صبح جو ڏهين بجي ننڊ مان اُٿي، چانهه جو ڪوپ ٺاهي، گهر جي ٻاهران ڪُرسي رکي ويهي رهيس راجا اڃان تائين آرامي هُيو. اوچتو منهنجي نظر سامهون پئي مون ڏٺو ته راجا جي پاڙيسرياڻي ۽ ڪرائيدار ستر ساله اينجلي پنهنجي ڪُتي سميت اچي رهي هئي. هو اهو ساڳيو ئي ڪتو هو جنهن رات مون کي پريشان ڪيو هو. اينجلي جيئن ئي ويجهو آئي مون کيس کيڪاري راتوڪي ڪهاڻي ٻُڌائي. اينجلي پنهنجي ڪُتي تي ڪاوڙجي پئي ۽ چيائينس ته مهمان کان معافي وَٺُ. ڪُتو منهنجي پيرن ۾ ڪري پيو وري کيس چيائين ته مهمان سان دوستي ڪر. ڪُتي مون ڏانهن پنهنجو اڳيو پير هينڊ شئڪ ڪرڻ لاءِ وڌايو، مون ساڻس هٿ ملايو. اينجلي جي مک تي مرڪ ڇانئجي وئي، هوءَ ٿوري دير مون سان بيٺي رهي ۽ پوءِ هلي وئي. اينجليءَ جا ”ڪونا“ ۾ پنهنجا ٻَه وڏا گهر آهن پَر اُهي ٻئي ڪرائي تي ڏئي پاڻ راجا جي هوٽل مالڪ جي گهر جي سنگل ڪمرن مان هڪ ڪمري ۾ ڪرائي تي رهي رهي هُئي ۽ جڏهن ته ٻنهي گهرن جي ڪرائي مان سندس زندگيءَ جا ٻيا خرچ پُورا پياٿيندا هُئا.
    راجا جي گهر واري عمارت جي ڀرسان ئي خالي پيل پلاٽ تي هڪ جهوپڙي نما عارضي گهر ٺهيل هو. جنهن ۾ هڪ اٺاويهه ساله ڇوڪري پنهنجي بواءِ فرينڊ سان گڏ رهي رهي هُئي. ٿوري دير ۾ راجا به ننڊ مان اُٿي آيو ۽ اچي منهنجي ڀرسان ويٺو. راجا ٻُڌايو ته انهيءَ ڇوڪريءَ جو نالو ”لورين“ آهي پر هُو کيس ”لوري“ سڏيندو آهي. راجا ٻُڌايو ته اِها ڇوڪري اڪثر هتي رهندڙ ڇڙن ڇانڊن کي ”ڏکئي وقت“ ۾ ڪم ايندي رهندي آهي ۽ هُو به وقت به وقت، اڙيءَ اوڌيءَ ۾ کيس ڏهه، پندرنهن ڊالرن جي مدد ڏيندا رهندا آهن. راجا ٻُڌايو ته لوريءَ کي سندس جهوپڙي نما گهر ۾ باٿ روم جي سهولت ڪونه آهي جنهن ڪري هُو ۽ سندس بواءِ فرينڊ لڪي ڇُپي اسان واري عمارت جي سنگل ڪمرن سان لاڳاپيل باٿ روم استعمال ڪري وٺندا آهن. جنهن تي وري انهن ڪمرن ۾ رهندڙن اعتراض واريو ۽ لوريءَ جي پاسي کان کُليل پلاٽ وٽ ڄاريءَ مان ٺهيل بائونڊري هڻائي ڇڏيائون. راجا ٻُڌايو ته هن لوريءَ کي چئي ڇڏيو آهي ته کيس جڏهن به شاور وٺڻو هجي ته هُوءَ سندس گهر ۾ اچي شاور ڪري وڃي ۽ ائين هاڻي ويچاري لوري ڄاري لڳڻ سبب هڪ ڊگهو وڪڙ ڪري پوءِ اچي راجا جي گهر ۾ پنهنجو ڪم ڪار ڪري ويندي آهي. راجا ٻُڌايو ته لوري، ٽهڪندي ۽ ٽپ ڏيندي ايندي آهي ان ڪري هو کيس ”جنگل ڪوئين“ ۽ ”هرڻي“ سڏيندو آهي. هينئر به راجا ٻُڌايو ته لوريءَ فون ڪيو آهي ته هوءَ ٿوري دير ۾ وهنجڻ لاءِ اچي رهي آهي. پَر جيئن ته راجا کي ڪنهن ضروري ڪم سان وڃڻو هو اُن ڪري چيائين ته مان وڃان ٿو، لوري اچي ته اُن کي وهنجڻ ڏجانءِ ۽ ساڻس ڪچهري به ڪجانءِ. راجا گاڏي ڪڍي هليو ويو ۽ ٿوري ئي دير ۾ لوريءَ اچي ڪڙڪو ڪيو. مختصر لباس، گلابي رنگ، سنهري وارن ۽ ڀريل بدن واري لوري واقعي به ”هرڻي“ لڳي رهي هئي. هُڻ اچڻ سان پڇيو ته عبدل (راجا) ڪٿي آهي؟ مون کيس ٻُڌايو ته هو ڪم سانگي ويل آهي تون ڀلي پنهنجو ڪم ڪار ڪري وٺ.
    لوري ڏاڍي زنده دل ڇوڪري هُئي ساڻس گذاريل انهيءَ مختصر وقت ۾ ڏاڍو مزو آيو مون پنهنجي موبائيل فون ذريعي سندس وڊيو ڪلپس ورتا ۽ پوءِ هوءَ پنهنجي گهر ڏانهن هلي وئي.
    ڪجهه ئي دير کان پوءِ راجا به اچي وَيو ۽ مون کان لوريءَ جا حال احوال پڇڻ لڳو. ٿوري وقت کان پوءِ اسان ٻئي تيار ٿي گهمڻ ڦرڻ لاءِ ٻاهر نڪتاسون.


    هر طرف “علي علي” ۽ “هالووين ڊي” جا رنگ

    اسان سمنڊ جي ڀرسان واقع مئن روڊ تي ڊرائيو ڪري رهيا هئا سون، هڪ طرف وسيع سمنڊ ۽ هيڏانهن هي ويڪرو روڊ، هن روڊ جو نالو “Alii drive” هيو. راجا ٻُڌايو ته پراڻي دور ۾ ”هوائي“ جا رهواسي پنهنجي بادشاهه کي “Alii” سڏيندا هُئا. مون راجا کي چيو ته اسان ”مولائين“ جو ”بادشاهه“ به ته ”علي“ آهي. راجا چيو بلڪل صحيح ”علي“ ته واقعي اسان جو ”بادشاهه“ آهي بلڪه هو ته ”بادشاهن“ جو به ”بادشاهه“ آهي. هي ڏاڍو خوبصورت روڊ هُيو جنهن جي آس پاس علي پارڪ، علي پلازه، علي گارڊن ۽ ٻيون ”عليءَ“ جي نالي سان منسوب جايون ۽ ماڳ هُيا. مون راجا کي چيو ته ”هتي ته ”علي علي“ لڳي پئي آهي“ جنهن تي راجا مُرڪيو اسان ٻئي ”علي ڊرائيو“ کان ٿيندا آمريڪا جي هڪ وڏي سُپر اسٽور “Costco” تي آياسون هن سُپر اسٽور جي چئن سموري آمريڪا ۾ ڦهليل آهي ۽ هيءَ چئن آمريڪا جي مـشهور “Wall Mart” وانگر تمام وڏي آهي. هن اسٽور مان خريداريءَ لاءِ ميمبر شپ حاصل ڪرڻي پوندي آهي جنهن جي سالياني في هوندي آهي ۽ هتان صرف ميمبر ئي شاپنگ ڪري پئي سگهيا. ميمبرن لاءِ هتي رعايتي پيڪج موجود هئا. گڏوگڏ شاپنگ سينٽر ٻاهران هن ڪمپنيءَ جو پيٽرول پمپ پڻ ميمبرن کي رعايتي اگهه تي پيٽرول فراهم ڪري رهيو هو، راجا ٻُڌايو ته ڪجهه وقت اڳ هن هتان پئڪ ٿيل اڻ پڪل ماني خريد ڪئي هُئي. جيڪا گرم تئي تي رکڻ سان ئي تيار ٿيو پئي وئي، ماني ڏاڍي لذيذ هُئي، ڇو نه اَڄُ به خريد ڪجي. اسان ٻئي اسٽور ۾ وياسي پَر گهڻي ڳولا کانپوءِ به ماني اسان کي نه ملي. شايد ختم ٿي وئي هُئي يا وري اچڻ ئي بند ٿي وئي هئي. اُهو ايڪٽيهه آڪٽوبر جو ڏينهن هيو. جيڪو ڏينهن سموري آمريڪا ۾ “Halloween Day” جي نالي سان ملهايو پئي ويو. اڄوڪو ڏينهن آمريڪين لاءِ خاص تفريح ۽ موج مستين جو ڏينهن هو. هِن ڏينهن تي آمريڪي پوري آمريڪا ۾ شام ٿيندي ئي، روپ مٽائي ٻهروپ ڌاري، روڊن ۽ شاهراهن تي نڪري ايندا آهن. اڄوڪي ڏينهن تي هُو پنهنجي عام جياپي کان هٽي ڪري ڪوئي نئون روپ ڌاريندا آهن. نچندا ڪُڏندا آهن ۽ اهڙي نموني زندگيءَ جي رنگن کي انجواءِ ڪندا آهن. راجا چيو ته اَڄُ سندس ريسٽورينٽ تي تمام گهڻي رش هوندي اُن ڪري هُو پنهنجو وقت ريسٽورينٽ کي ڏيندو. هُنَ چيو ته تون ”علي ڊرائيو“ تي هليو وڃجان ۽ اُتي ٿيندڙ ”هالو وين پريڊ“ کي ڏسجان ۽ پوءِ جلد ئي ريسٽورينٽ تي هليو اچجانءِ جتي مون کي کيس ڪم ڪار ۾هٿ ونڊائڻو هيو. راجا مطابق ”علي ڊرائيو“ تي ٿيندڙ ”هالو وين پريڊ“ کان پوءِ سڀئي ماڻهو اچي راجا وارن جي ريسٽورينٽ “Denny’s” تي پيٽ پُوڄا لاءِ ٽُٽندا. مان شامَ جو ڇهين بجي کان رات جو ساڍي اٺين وڳي تائين ”علي ڊرائيو“ تي ”هالو وين ڊي“ جا رنگ ڏسندو رهيس. مرد، عورتون، ٻارَ، ٻُڍا مختلف ٻهروپ ڌاري هل هنگامي ۽ ڊانس ۾ مصروف هُيا. ڪنهن جِنَ جو روپ ڌاريو هو ته ڪنهن ديو جو، ڪنهن جانور جو روپ ڌاريو هو ته ڪنهن ڇوڪريءَ وري پريءَ جو روپ اختيار ڪيو هو، ڪنهن پنهنجي جسم کي مختلف رنگن سان رنگي ڇڏيو هو ته ڪنهن پنهنجي جسم تي مصنوعي ٽاڪا هڻي پاڻ کي وڍيل ۽ ٽڪيل ظاهر ڪيو هو. ڪنهن وري پنهنجي جسم جي صرف مخصوص عضون کي مختصر پنن سان ڍڪي جهنگليءَ جو روپ ڌاريو هو. ڪن وري پاڻ کي مشهور ڪارٽون ڪردارن ۾ ترتيب ڏنو هو. عجيب رنگ هُيا. مون تمام گهڻي فوٽوگرافي ڪئي ۽ انهن يادگار منظرن کي پنهنجي ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ڪيو. مان شامَ جو پنڌ ئي ”علي ڊرائيو“ نڪري آيو هئس ان ڪري هينئر به هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين بي فڪريءَ سان پسار ڪري رهيو هُيس. ”علي ڊرائيو“ تي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بند لڳي پئي هئي مختلف هنڌن تي اسٽيج ٺاهيا ويا هئا جتي گانا پيش ڪيا پئي ويا، ٿيٽر ترتيب ڏنل هئا، ڪنهن جاءِ تي فنڪار يا شوقيه فنڪار ڳائي رهيا هئا، مطلب ته موج مستيءَ جو عجب جهان هُيو. ”هالو وين پريڊ“ ۾ اڃان ٿورو وقت باقي هُيو پَر مان جلد ئي ميلو متو ڇڏي، انهيءَ هُل هنگامي واري جهان مان نڪري ريسٽورينٽ تي هليو آيس ڇاڪاڻ ته راجا مون کي چيو هو ته مهل سان موٽي اچي کيس ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊايان. ريسٽورينٽ تي ڪافي رش هئي پر رات ڏهين کان پوءِ اها رش هيڪاندي وڌي وئي. الائي ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو مختلف روپن ٻهروپن ۾ خُمارن ۾ ورتل اَچي ڪڙڪيا. راجا مون کي چيو ته تون ريسٽورينٽ جي مئن گيٽ تي بيهي ”هوسٽ“ جي ڊيوٽي ڏي مون کيس چيو ته يارَ مان انهن آمريڪن سان روانيءَ ۾ انگريزيءَ ته ڳالهائي ڪونه سگهندس. جنهن تي راجا ٽهڪ ڏئي ڍيو ته تون صرف گيٽ تي انهن جو آڌر ڀاءُ ڪري کانئن پڇجان ته “How Many?” يعني اوهان ڪيترا ڄڻا آهيو ۽ پوءِ هُو جيترا ڄڻا هجن انهن کي انهيءَ حساب سان اچي ٽيبل تي ويهارجان ۽ کين ”مينو“ ڏجان ۽ بس. باقي ڪم ”سرور“ ۽ ”ويٽر“ سنڀاليندا. ۽ پوءِ ائين ٿيو جو مون اها رات “Denny’s” جي مئن گيٽ تي بيهي ايندڙ گراهڪن کي ”هائو ميني؟“ چوندي گذاري انهيءَ رات ٻه دفعا جهيڙا به ٿي پيا، گراهڪ هڪٻئي سان اٽڪي پيا ڇاڪاڻ ته سڀئي نشي ۾ ڌُت هئا ۽ مجبوراً راجا کي ٻَه دفعا “911” تي فون ڪري پوليس کي گهرائڻو پيو“911” جيڪو هتان جو ترت مدد فراهم ڪندڙ ادارو آهي. جيڪو ضرورت وقت پوليس، ايمبولينس، فائربرگيڊ مُهيا ڪندو آهي. “911” آمريڪن لاءِ عافيت جو اهڃاڻ آهي (۽ ڪيڏي نه عجيب ڳالهه ته دهشتگرن آمريڪا جي ورلڊ ٽريد سينٽر کي تباهه ڪرڻ لاءِ جنهن ڏينهن جو انتخاب ڪيو اهو ڏينهن به ”نائين اليون“ جو ڏينهن هُيو). هتي ”ڪونا“ ٻيٽ تي عام طرح ڏوهه ڪونه ٿين ان ڪري هتان جا ٿاڻا شام جو پنجين کان پوءِ بند ٿيو وڃن. سويرَ جڏهن راجا ٿاڻي جي پوليس کي گهرائڻ لاءِ فون ڪئي ته اُتان ڪمپيوٽر تان کيس اِهو ئي پيغام مليو ته هتي پوليس ڪونهي توهان “911” تي ڪال ڪري اُتان مدد وٺو.
    “911” جي سروس چوويهه ڪلاڪ ئي موجود رهندي آهي. هتي پوليس وٽ ڪي خاص موبائيل گاڏيون نظر ڪونه آيون. پوليس آفيسرن کي ذاتي گاڏيون هيون جن ۾ هو گمهي رهيا هُئا، ها باقي انهن جي مٿان نيري رنگ جو گلوب ضرور نظر آيو. جنهن مان ظاهر پئي ٿيو ته اِها پوليس جي گاڏي آهي.
    ريسٽورينٽ تي رش جو اِهو سلسلو صبح جو سوا ڇهين بجي تائين جاري رهيو. اڄوڪي رات جي رش سبب ڏاڍي گهما گهمي ۽ افراتفري نظر آئي. انهيءَ رش ۾ٻن ويٽرن جي ٽڪرجڻ سبب ٿانوَ ڪري پيا. راجا جلدي اچي ويٽرن کي چيو ته اوهان هتي نه بيهو جلدي ٻيا ٿانوَ کڻو مان پاڻ ئي صاف ڪري ٿو وٺان ۽ ائين هُن جلديءَ ۾ برش کڻي اچي ڪريل ٿانوَ ۽ کاڌو صاف ڪري ورتا. جنهن مان اهو ظاهر ٿيو ته هتي ڪوئي به وڏو ننڍو نه هو، سڀئي هڪ ورڪر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيا هئا. اڄوڪي سموري رات ڪنهن به وقت جهيڙي ٿيڻ جو خطرو باقي هيو. راجا ٻُڌايو ته مان هتي مئنيجر آهيان مگر ان جو مطلب اِهو ناهي ته مان هتان جو آفيسر آهيان بلڪه مون کي هر مسئلي کي حل ڪري، شين کي ”Manage“ ڪرڻو آهي. راجا ٻُڌايو ته هڪ دفعي هوٽل جو گٽر بند ٿي ويو هو ۽ هُن پمپ آڻي ان گٽر کي پاڻ ئي کوليو هو، سموري رات گراهڪن جي رش کان پوءِ جڏهن راجا حساب ڪتاب ڪيو ته کيس خبر پئي ته اڄ ساڍا چار سؤ ڊالرن جو ”واڪ آئوٽ“ ٿيو آهي. مون کائنس پڇيو ته اِهو ”واڪ آئوٽ“ ڇا آهي؟ هِڪُ ”واڪ آئوٽ“ ته اهو هوندو آهي جيڪو اسان جا اسيمبلي ميمبر اسيمبلي هال مان ڪندا آهن. راجا ٻُڌايو ته هِتي جڏهن ڪنهن به ٽيبل تان ويٽر کي آرڊر ملندو آهي ته هو ڪمپيوٽر ۾ ڪارڊ وجهي ڪمپيوٽر کوليندو آهي ۽ پوءِ اهو آرڊر ان ۾ ٽائيپ ڪندو آهي. اهو آرڊر ان ويٽر جي نالي سان فوراً بورچيخاني جي پرنٽر مان پرنٽ ٿي نڪرندو آهي. بورچيخاني جو انچارج آرڊر مطابق کاڌو جلد تيار ڪرائي وٺندوآهي ۽ پوءِ لاڳاپيل ويٽر اُتان اهو کاڌو کڻي وڃي ٽيبل تي پهچائيندو آهي جتان کيس گراهڪ بل ادا ڪندا آهن ۽ هُو پئسه اچي ڪائونٽر تي جمع ڪرائيندو آهي. جنهن ٽيبل جو بِلُ ڪائونٽر تي جمع ناهي ٿيندو، اُن ٽيبل جي بتي ٻرندي رهندي آهي. رش وارن ڏهاڙن ۾ ويٽر بي ايمانيءَ جو مظاهرو ڪندي ٽيبل تان پئسه وٺڻ کان پوءِ به ڪائونٽر تي جمع ناهن ڪرائيندا ۽ چوندا آهن ته اِهي گراهڪ بِلُ ادا ڪرڻ کان سواءِ ئي هليا ويا. اَڄُ به ائين ٿيو ۽ ڪم ختم ڪرڻ کان پوءِ جائزو ورتو ويو ته ڪمپيوٽر ۾ ڪيترن ئي ٽيبلن جون بتيون ٻريل هُيون ويٽرن جو اهو چوڻ ته ماڻهو رش ۽ نشي جو فائدو وٺي کائي پي ڀڄي ويا. جڏهن حساب ڪيو ويو ته ساڍا چار سؤ ڊالرن جو بل ادا نه ڪيو ويو هو. جنهن لاءِ راجا ٻُڌايو ته هو ساڍا چار سؤ ”واڪ آئوٽ“ ٿيو آهي. راجا ٻُڌايو ته ”هوائي“ ۾ موجود “Denny’s” جو ريسٽورينٽس جو هڪ ڊسٽرڪٽ مئنيجر به آهي. جيڪو انڊيا جو هندو آهي ۽ سندس نالو آهي “Parashant Own” پَر راجا کيس پيارَ مان ”بابو جي“ سڏيندو آهي. مان وري کيس ”پريشان“ سڏڻ لڳس جنهن تي راجا ٽهڪ ڏئي چيو ته هُو واقعي به ڏاڍو پريشان رهندو آهي، مختلف ڪمن جي حوالي سان. راجا ٻُڌايو ته ڊسٽرڪٽ مئنيجر پنهنجي آفيس ۾ ويهي نيٽ ذريعي ٽنهي ريسٽورينٽس جو حساب ڪتاب چيڪ ڪندو آهي ۽ ”ويب ڪيم“ ذريعي ٽنهي ريسٽورينٽس جي هر چُرپر تي به نظر رکي سگهندو آهي. راجا مطابق جڏهن ”بابو جي“ کي ساڍا چار سؤ ڊالرن جي ”واڪ آئوٽ“ جي خبر پوندي ته هُو ڪاوڙ ڪندو ۽ پوءِ کيس مطمئن ڪرڻو پوندو. بهرحال اِها رات ڏاڍي دلچسپ رات ثابت ٿي. “Halloween day” منهنجي لاءِ ڏاڍو يادگار رهيو. بعد ۾ مون جڏهن فريد سان فون تي رابطو ڪري کيس ”هالو وين ڊي“ جي دلچسپين جي باري ۾ ٻُڌايو ته فريد ٻُڌايو ته هن ڏينهن تي سندس ٻارڙا کائنس پڇي رهيا هئا ته هُو هن ڏهاڙي تي ڪهڙي ڊريس پائي ٻهروپ ڪن ۽ مون کين چيو ته توهان سنڌي شلوار قميض، اجرڪ ۽ ٽوپي پهري ٻاهر نڪرو توهان سڀني کان منفرد نظر ايندؤ ۽ هتان جا ماڻهون اهو سمجهندا ته توهان اِهو ٻهروپ ڪيو آهي. مان فريد جي ڳالهه تي کلي ويٺس ۽ کيس چيو ته جيڪڏهن ائين آهي ته مان به شلوار قميض پائي ٻهروپ اختيار ڪيان ها. صبحُ جو ڇهين وڳي اسان ٻئي سموري رات جي دلچسپين ۽ سموري رات جي ٿڪ کي پنهنجي اکين ۾ سميٽي، پنهنجي گهر هليا آياسي. ٿڪاوٽ سبب اسان ٻنهي کي ننڊ منٽن ۾ الائي ڪيڏانهن کڻي هلي وئي.


    بينڪ جو اعتبار، موالي نوجوان ۽ “متبرڪ بيچ”

    ڪالهه رات دير تائين جاڳڻ جي ڪري، اسان اڄوڪو سمورو ڏينهن ننڊ ڪندي گذاريو. شام جو چئين بجي اسان ننڊ مان جاڳياسي، تيار ٿي سڌو ريسٽورينٽ آياسي جتي ناشتو ڪيوسي. راجا چيو ته اڄ شامَ شهر ۾ آواره گردي ٿا ڪريون. ان ارادي سان جيئن ئي نڪتاسي ته عليءَ راجا کي ڪجهه پئسا ڏيندي چيو ته بينڪ ۾ ڊراپ ڪندا وڃجو. اسان سڌو “First Hawaian Bank” آياسي. راجا هِڪ سوراخ مان ٿيلهيءَ ۾ ويڙهيل رقم بينڪ ۾ ائين اڇلائي جيئن گهر جو دروازو بند ڏسي، پوسٽ مئن خط اڇلائي ويندو آهي. مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي بينڪ جو ٽائيم به اوور ٿي چڪو هو منهنجي پڇڻ تي راجا ٻُڌايو ته بينڪ ٽائيم ۾ ته رقم اڪائونٽ ۾ ئي ڊپازٽ ڪرائبي آهي جڏهن ته بينڪ بند ٿيڻ کان پوءِ هن طريقي سان رقم ”ڊراپ“ ڪبي آهي. بينڪ مان ئي اڳواٽ احاصل ڪيل شاپر (ٿيلهي) ۾ رقم وجهبي آهي ان جي هڪ ڪنڊ تي پنهنجو اڪائونـٽ نمبر ۽ پئسن جو تفصيل لکي اُها شاپر سوراخ مان اندر اڇلائي ڇڏبي آهي. صبح جو لاڳاپيل بينڪ عملو پاڻ ئي اهي پئسه اڪائونٽ ۾ جمع ڪري ڇڏيندو آهي. مون راجا کان پُڇيو ته جيڪڏهن بينڪ عملو پئسه نه باسي يا وري اڪائونٽ هولڊر شاپر ۾ موجود رقم کان وڌيڪ جي دعويٰ ڪري ته پوءِ؟ تنهن تي راجا ٻُڌايو ته هتي هڪ ته ڪئمرائون لڳل آهن جن ۾ پئسن ڊراپ ڪرڻ جو عمل رڪارڊ ٿيندو آهي ٻيو ته بينڪ عملي ۽ اڪائونٽ هولڊر وچ ۾ قائم اعتبار ئي سڀ کان وڏي شيءَ هوندي آهي جنهن ڪري اهڙي قسم جي ڪائي به گڙٻڙ پيش ناهي ايندي. بهرحال اها ڳالهه منهنجي لاءِ تعجب جوڳي هئي. بينڪ ۾ پئسه ڊراپ ڪري اسان شهر آياسي شهر هڪ ننڍي ڳوٺ وانگر هيو پر ويڪرا رستا ۽ ٽريفڪ جو اعليٰ نظام نظر آيو. قدم قدم تي ٽريفڪ سگنل ۽ قدم قدم تي ٽريفڪ جي اصولن جا سائن بورڊ نظر آيا نه صرف ايترو پر هر ڪوئي انهن جي تعميل به ڪندي نظر آيو، مون کي پنهنجو شهر خيرپور ياد اچي ويو، جتي ضلعي هيڊڪوارٽر هئڻ جي باوجود ٽريفڪ جو نظام سدائين درهم برهم هوندو آهي. خيرپور ۾ ڪٿي به ڪوئي ٽريفڪ سپاهي نظر نه ايندو ۽ جيڪڏهن نظر ايندو به ته گاڏين وارن کان اوڳاڙي ڪندي نظر ايندو. اسان وٽ ٽريفڪ جا سپاهي قانون ٽوڙن جا اجازت نامه هڪ ”اسٽيڪر“ جي صورت ۾ پاڻ پئسن عيوض گاڏي ڊرائيورن ۾ ورهائيندا آهن. ٿي سگهي ٿو اِها ڳالهه پڙهندڙن کي سمجهه ۾ نه اچي پر اها حقيقت آهي ته ٽريفڪ عملي وارا هر مهيني هڪ نئين سلوگن وارو اسٽيڪر ڇپرائيندا آهن انهن تي هر مهيني هڪ نئون جُملو لکيل هوندو آهي جيئن
    ”ماں کی دعا جنت کی ہوا“ ، ”نصیب اپنا اپنا“، ”نہ چھیڑ ملنگا نوں“ وغيره. اهي اسٽيڪر قانون ٽوڙيندڙ گاڏين خاص ڪري شهر جي اندروني روڊن تي ايندڙ هيوي ويٽ گاڏين کي ڏئي انهن کان ڀتو وصول ڪيوويندو آهي ۽ اُهي گاڏين وارا اسٽيڪر ڏيکاري ڪنهن نئين سامهون ايندڙ ٽريفڪ عملدار کان پنهنجي جان آجي ڪرائيندا آهن.
    شهر ۾ گهمندي اسان مختلف شاپنگ سينٽرس تي وياسي اڪثر ڪائونٽرن تي خوبصورت ڇوڪريون ويٺل نظر آيون. پر اهي سڀئي خوبصورت ڇوڪريون جسماني طرح ڪمزور ۽ جهڙوڪر نشي ۾ ٻُڏل نظر آيون. راجا مون کي چيوته اِهي اٿئي ”ڪونا“ جي نوجوانن جا حال اِهي نوجوان اڪثر ”ڪونا“ ۾ مقامي طور پيدا ٿيندڙ ڪوئي نشو واپرائيندا آهن جيئن اسان وٽ موالي ”ڀنگ“ جو استعمال ڪندا آهن، شهر جا مختلف روڊ رستا، بازارون شاپنگ سينٽر گهمندا اسان رات جو گهر موٽياسي. گهران پاڻيءَ جون ٻَه خالي گهگِهيُون کڻي راجا ۽ مان ڀرڻ لاءِ وري گهران نڪتاسي. ”ڪونا“ جي مختلف جاين تي واٽر ٽينڪ ٺهيل هُئا. جن ۾ 35 سينٽ وجهڻ کان پوءِ بٽڻ دٻائڻ سان هڪ گيلن صاف پيئڻ جو پاڻي حاصل ٿي رهيو هو. اسان ٻئي گهگِهيُون ڀري واپس گهر آياسي، رات جو راجا چيو ته اچ ته عليءَ سان سندس گهر ۾ ڪچهري ڪريون.عليءَ وٽ پهتاسي ته هُو نيٽ تي پنهنجين گرل فرينڊز سان چيٽنگ ۾ مصروف مليو. شايد پنهنجي لاءِ ڪائي نئين جيون ساٿڻ ڳولڻ جي چڪر ۾ هُيو، ڇاڪاڻ ته هُو اڄڪلهه اڪيلو هيو. عليءَ سان ڪجهه دير اوڀاريون لهواريون ڪري اسان واپس پنهنجي گهر ۾ اچي آرام ڪرڻ لاءِ سمهي پياسي. ٻئي ڏينهن صبح سان راجا جي ڊيوٽي هُئي ان ڪري هُو سوير مونکي ستل ڇڏي پاڻ تيار ٿي ڊيوٽيءَ تي هليو ويو ٿوري وقت کان پوءِ مان به ننڊ مان اٿي تيار ٿي چانهه پي راجا وٽ ويس پَر مونکي ننڊ اچي رهي هئي ان ڪري ٿوري دير ويهي کائي پي واپس گهر هليو آيس ۽ اچي وري لت ڏئي سمهي پيس. شامَ جو علي آيو ۽ چيائين ته اڄ مان واندو آهيان اچ ته گڏجي گهمڻ هلون. عليءَ چيو اڄ مان توکي مختلف بيچز گهمائيندس. مون ٽي شرٽ ۽ شارٽ ساڻ کنئين ۽ نڪري پياسي. هڪ بيچ کي ”متبرڪ بيچ“ چيو پئي ويو ۽ ان ڏانهن وڃڻ لاءِ هڪ چيڪ پوسٽ قائم ٿيل هُئي جتي انٽري ڪرائڻ کان پوءِ ئي اوڏانهن ڇڏيو پئي ويو، اُها مڪمل طرح آتش فشان جي سڙيل بيچ هئي. چوڌاري حد نظر تائين رنگين سڙيل پٿر ۽ انهن پٿرن کي ٽُڪي ئي مختلف پيچرا ٺاهيا ويا هئا. هتي مون کي ڀُورا تتر جام نظر آيا پَر انهن کي مارڻ وارو ڪوئي ڪونه هو. ماڻهو هڪ مذهبي تقدس سان هن ٻيٽ ۾ گهمي رهيا هئا. گهمندا ڦرندا اسان هڪ ٻي بيچ تي پهتاسون جنهن جو نالو هو ”ميجڪ سينٽ بيچ“، هن جي وري هڪ خاص خُوبي هئي ته هتي سال جا ڇَهه مهينا واري وڇائجي ويندي آهي جڏهن ته باقي ڇهه مهينا اها واري گم ٿي ويندي آهي. هِن خوبصورت بيچ کي ڏسي وائسي اسان ”علي ڊرائيو“ تي آياسي ۽ اُتي ”علي“ جي نالي سان منسوب مختلف جايون گهمي واپس پنهنجي ريسٽورينٽ “Denny’s” هليا آياسي. جتان راجا کي کنيوسي ۽ پوءِ رستي ۾ بينڪ تي پئسا ڊراپ ڪندا اسان گهر موٽي آياسي. گهر پهچي اسان ٿوري دير آرام ڪيو، تازا توانا ٿياسي ۽ پوءِ راجا چيو اَڄُ پاڻ سئينما هلنداسون فلم ڏسڻ. اِها ڳالهه مون کي وڻي ڇاڪاڻ ته ايترا ڏينهن گذرڻ باوجود مان هتان جو ڪوئي سئنيما هائوس ڏسي نه سگهيو هئس. راجا ۽ مان تيار ٿي سئنيما هائوس آياسي. پر سئنيما ڪجهه مختلف قسم جي هُئي سئنيما جو مُک دروازو ته هڪ ئي هو، جتان هڪ فلم جي ٽڪيٽ به خريد ڪئي سون، پر جڏهن اندر پهتاسون ته خبر پئي ته هِتي نَوَ سئنيما اسڪرين موجود هُيون، جتي نَوَ مختلف فلمون لڳل هُيون هاڻي اهو اسان تي هُيو ته اسان ڪهڙي فلم ٿا ڏسؤن. راجا ۽ مون گڏجي “Pride & Glory” نالي فلم ڏٺي فلم ڏسڻ کان پوءِ واپس راجا جي ريسٽورينٽ هليا آياسي. اَڄُ راجا جي ڊيوٽي نه هُئي. سندس آف هئڻ سبب ”امينڊا“ نالي هڪ خوبصورت خاتون انچارج مئنيجر طور ڪم ڪري رهي هئي. اسان ٻنهي ماني کاڌي. ماني کائيندي مون کي ياد آيو ته عليءَ سان گڏ گهمندي ”ميجڪ سينٽ“ بيچ تي مون کي جهرڪيون ۽ نورَ تمام گهڻي تعداد ۾ نظرآيا هُئا. مون راجا کان ان جو سبب پُڇيو ۽ راجا ماني کائيندي وراڻيو ته، چون ٿا ته جڏهن اِهو ٻيٽ نئون نئون آباد ٿيو هو ته اتي نانگ تمام گهڻا هئا. جن کي مارڻ لاءِ وري هٿرادو طرح گهڻي مقدار ۾ نور ڇڏيا ويا هئا ڇاڪاڻ ته نانگن مان انسانن کي خطرو هُيو ۽ پوءِ ائين ٿيو ته نانگ ته مري ويا پَر نور وڌندا ويا. بهرحال، اسان ٻنهي جي ماني کائڻ کان پوءِ راجا ڪائونٽر تي بل ادا ڪيو. منهنجي تعجب مان پڇڻ تي هن چيو ته هتي مُنهنجي لاءِ کاڌو پيتو تڏهن مُفت آهي جڏهن مان ڊيوٽيءَ تي موجود هجان. اڄ جيئن ته مان ڊيوٽيءَ تي موجود نه آهيان اُن ڪري مون کي بل ادا ڪرڻو پوندو ۽ جيڪڏهن مان بل ادا نه ڪندس ته اها وقتي انچارج مئنيجر ”امينڊا“ جي نا اهلي قرار ڏني ويندي، بجاءِ ان جي جو مان ڪجهه پئسا بچائڻ لاءِ پنهنجي ساٿي مئنيجر جي ساکَ کي متاثر ڪيان، بل ادا ڪرڻ ئي بهتر آهي . قاعدن ۽ ضابطن جي پاسداريءَ جو اِهو احوال راجا کان ٻڌي اسان گهر هليا آياسون.


    "Denny’s" جا ڪردار...... “هرشخص ڪهاڻي آ”

    هوائي ۾ گذاريل ڏينهن ۽ راتين دوران “Denny’s” ريسٽورنٽ جهڙوڪر منهنجي مصروفيتن ۽ ڪار گذارين جو مرڪز رهيو. صبح جو تيار ٿي ريسٽورينٽ اچڻ ۽ رات جو گهمي ڦري ساڳئي ئي ريسٽورينٽ واپس اچڻ منهنجو معمول رهيو. هن ريسٽورينٽ ۾ گذاريل خوبصورت لمحن دوران منهنجو جن ماڻهن ۽ ڪردارن سان مکا ميلو ٿيو، اهي ڪردار زندگيءَ ۾ منهنجي يادگيرين جو حصو بڻجي رهندا. مان چاهيندس ته انهن مان ڪجهه ڪردارن جو ذڪر مان پنهنجي پڙهندڙن سان ضرور ڪندو هلان ۽ انهن سان لاڳاپيل ننڍڙين ڪهاڻين کي به هتي شيئر ڪندو هلان. ٻاونجاهه سالن جي خاتون “Epifania Sadumian” جنهن کي مان ”فلپينو“ جي نالي سان ياد رکندو هئس، هن جي اڪثر روزانو مون سان ريسٽورينٽ ۾ ملاقات ٿيندي هئي. هيءَ مائي اها ساڳئي خاتون هئي جنهن جو ذڪر مان اڳ ۾ به ڪري چُڪو آهيان، هيءَ مائي راجا تي پئي ٺرندي هُئي پَر راجا کانئس پيو ڪترائيندو هو. مون راجا کي چيو هو ته جيڪڏهن توکي اعتراض نه هجي ته تنهنجي مصروف هجڻ جي صورت ۾ مان فلپينو سان گهمڻ ڦرڻ هليو وڃان. راجا چيو ته ڇو نه؟ ان ۾ اعتراض جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟! ۽ ان کان پوءِ مون “Epifania Sadumian” کي گذارش ڪئي ته وٽس گاڏي به آهي وقت به آهي ڇونه هوءَ مونکي ”ڪونا“ جا مختلف ماڳ ڏيکاري. ”فلپينو“ منهنجي گذارش کي خوشيءَ سان قبوليو ۽ مون کي اڍائي سؤ ڪلو ميٽر پري ”والڪينوز“ کان وٺي سٺ ڪلو ميٽر پري ”ڪوهالا“ تائين مختلف ماڳ گهمايا. هڪ ڏينهن ”فلپينو“ هوائي هارُ ۽ مالها منهنجي ڳچيءَ ۾ پارايا. اِهو سندس خلوص هُيو ۽ پوءِ مان اڪثر اِهو هار ۽ مالها پائي گهمندو هيس جنهن کي ڏسي فلپينو خوش ٿيندي رهندي هئي. ”فلپينو“ منهنجي لاءِ پنهنجو تمام گهڻو وقت خرچ ڪيو جنهن لاءِ مان سندس ٿورائتو رهيس.
    راجا جي ريسٽورينٽ تي هڪ عورت ويٽرس طور ڪم ڪندي هُئي. سندس جسم مردن وانگر مضبوط ۽ چال چلت به مردن وانگر هُيس مون کيس اڪثر محنت ۽ ڏکيا ڪم ڪندي ڏٺو، ان ڪري مون سندس نالو ”آئرن ليڊي“ رکي ڇڏيو ۽ جڏهن کيس چوندو هيس ته تون ”آئرن ليڊي“ آهين، ته هُوءَ تمام گهڻو خوش ٿيندي هُئي. هوءَ پنهنجي کاٻي ڪن ۾ گل هڻي گهمندي هُئي مون کائنس پڇيو ته ”انهيءَ گُلَ جو ڀلا ڇا چڪر آهي؟“ ته هوءَ وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلندي ويندي هئي.
    ريسٽورينٽ ۾ ٻه خوبصورت جاڙيون ڀينرون به ويٽرس طورڪم ڪنديون هيون. جن جي عُمر ارڙهن سالن کان گهٽ هُئي. انهن مان هڪ جو نالو ”سبرينا“ هيو. راجا اڪثر مذاق ۾ هڪ کي ٻيءَ جي نالي سان ۽ ٻيءَ کي پهرين جي نالي سان پڪاريندو هُيو ۽ ائين ماحول ۾ خوشگواريءَ جا گل ٽڙندا رهندا هُئا. راجا هنن ٻنهي ڀينرن کي ”خطري جون گهنٽيون“ به سڏيندو هو. منهنجي پڇڻ تي ٻڌايائين ته ٻنهي جي عمر ارڙهن سالن کان گهٽ آهي ۽ ارڙهن سالن کان گهٽ عمر وارين ڇوڪرين سان جنسي لاڳاپا رکڻ هتي جُرم آهي جنهن جي سزا ”جيل“ آهي انهيءَ ڪري هنن ٻنهي سان جيڪڏهن ڪنهن به کنئوس ڪئي ته اهو جيل ۾ هوندو، انهيءَ ڪري ئي هي ٻئي ”خطري جون گهنٽيون“ آهن.
    خوبصورت ”امينڊا“ به هتي ڪم ڪندي هئي. جيڪا ڏاڍي کل مک هوندي هئي ۽ هتي ”سرور“ جي حيثيت سان ڪم ڪندي هئي. سندس عمر ويهه سال هُئي. راجا کيس منهنجي باري ۾ مذاق ۾ چئي ڇڏيو ته هو ته هي منهنجو دوست آهي جيڪو تنهنجي مٿان عاشق ٿي پيو آهي ويٽريس ”امينڊا“ راجا جي انهيءَ ڳالهه کي سچ سجهي ورتو هو پر پوءِ به هوءَ اڪثر مون سان اچي ويهندي هئي، کلندي ڳالهائيندي هئي ۽ ڪچهريون ڪندي هئي. هڪ دفعي مون ”امينڊا“ کان پڇيو ته ”تنهنجو ڪوئي بواءِ فرينڊ آهي؟“ چيائين ”ڪوئي؟“ جو ڇا مطلب! مان هن وقت تائين چار بواءِ فريند ڪري چُڪي آهيان. منهنجي پڇڻ تي هن ٻُڌايو ته هُن پهريون بواءِ فرينڊ چوڏنهن سالن جي عمر ۾ ٺاهيو هو. سورنهن سالن جي عمر ۾ هُن پهريون دفعو جنسي عمل جو مزو ورتو ۽ هينئر جيڪو سندس چوٿون بواءِ فرينڊ آهي اهو ساڻس ٺيڪ ڪو نه ٿو هلي. هُن ڏُکاري انداز ۾ پنهنجي هاڻوڪي بواءِ فرينڊ جي باري ۾ ٻُڌايو هو ۽ مون کيس چيو ته ”ڇو نه مان تنهنجو پنجون بواءِ فرينڊ بڻجي وڃان؟“ جنهن تي هُن وڏو ٽهڪ ڏيندو چيو ”تون نشي ۾ ته نه آهين؟“، بهرحال ”امينڊا“ سان ڏاڍو سُٺو وقت گذريو ۽ ساڻس کل ڀوڳ جو سلسلو جاري رهندو هُيو.
    هڪ ٻي ڇوڪري جنهنن جو نالو ”ٽريسي“ هُيو، اُها هتي ”سرور“ جي حيثيت سان ڪم ڪندي هُئي. گول مٽول چهري ۽ ڀريل جسم واري هن ڇوڪري کي راجا ”دٻلو“ سڏيندو هيو ۽ سندس پڇڻ تي راجا کيس چوندو هُيو ته ”دٻلو“ جي معنيٰ آهي ”سهڻي“ جنهن تي هوءَ ڏاڍي خوش ٿيندي هئي. هڪ ٻي خوبصورت هوائي ڇوڪري به هتي ويٽريس جي حيثيت سان ڪم ڪندي هئي.ننڍي قَد ۽ خوبصورت ساروپن واري هن ڇوڪريءَ جو نالو “Shanon Molina” هيو. جنهن کي راجا پيار مان ”بدڪ“ چوندو هيو.
    هڪ ٻي خوبصورت ويٽريس “Clisia” به اڪثر اسان سان مُرڪون ونڊيندي رهندي هُئي. هڪ ڏينهن مان ۽ راجا ”والڪينوز“ وڃڻ لاءِ پروگرام رٿي رهيا هئا سي ته هوءَ اسان جون ڳالهيون ٻُڌي اسان ڏي آئي ۽ چيائين ته ٽي ڏينهن اڳ هوءَ هيليڪاپٽر ذريعي ”والڪينوز“ جا آتش فشان ۽ انهن مان نڪرندڙ لاوو ڏسي آئي آهي. هُن ٻُڌايو ته هُنَ ” آءِ فون“ ذريعي اتان جي فوٽوگرافي به ڪئي آهي. پنهنجي ” آءِ فون“ ذريعي هن ٿڏي تي اهي فوٽو مون ڏانهن ميل به ڪري ڇڏيا.
    هڪ ٻي ويٽرس جنهن جو نالو مونکي ذهن ۾ ڪونه ٿو اچي. اڪثر خماريل ۽ نشي ۾ ٻُڏل نظر ايندي هُئي ۽ اها ويٽرس اڪثر شام جو ”اتينا“ وٽ اچي گلائون ۽ سازشون ڪندي هُئي. ”اتينا“ اها ويٽرس هئي جنهن کي عليءَ نوڪريءَ مان فارغ ڪيو هو. جنهن سبب ئي هُوءَ راجا وارن سان چَپِ پئجي وئي هُئي. هوءَ راجا جي هوٽل مالڪ جي گهر جي سنگل ڪمرن مان هڪ ۾ رهندي هُئي پَر ان جو ڪرائو ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو هئائين، اڪثر هوءَ پنهنجي گاڏي راجا جي گهر جي در اڳيان اچي پارڪ ڪندي هُئي ته جيئن راجا کي ڪاوڙ لڳي. راجا هن جي حرڪتن جي ڪري ڊسٽرب ٿيڻ لڳو هو. هن پوليس سان به رابطو ڪيو هو پر پوليس کيس چيو هو اهو ڪورٽ جو مسئلو آهي.
    هڪ ٻي ”امينڊا“ به ريسٽورينٽ ۾ ڪم ڪندي هُئي جنهن کي اسان ”وڏي امينڊا“ ڪري سڏيندا هئاسون. هيءَ اهائي ”امينڊا“ هئي جيڪا علي ۽ راجا جي غير موجودگي ۾ ”انچارج مئنيجر“ طور به ڪم ڪندي هئي. سندس عليءَ سان سُٺا لاڳاپا هُئا ان ڪري ئي محض ”انچارج“ جي حيثيت سان به پاڻ کي هِن ريسٽورينٽ جي راڻي سمجهندي هئي. هڪ رات مان ريسٽورينٽ ۾ آيس ته سندس ڊيوٽي هئي، مون کي ڏسي هُن مرڪندي مون کي ميار ڏني ته مان سڀني جا فوٽو ڪڍيا آهن پر سندس فوٽو ڇونه ڪڍيو آهي؟! ۽ ان کان پوءِ سندس فرمائش تي مون سندس ڪجهه فوٽو ڪڍيا. ”امينڊا“ ڪنهن ٻي اسٽيٽ مان هتي آئي هئي ۽ هتي عليءَ کيس اِها نوڪري ڏني هئي. ”امينڊا“ ڏاڍي هوشيار ۽ محنتي ڇوڪري هئي. هن ٻُڌايو ته سندس بواءِ فرينڊ ڪنهن سبب جيل ڪاٽي آيو هو ۽ هتي ساڻس گڏ اچي هنن ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏٺا. شروع ۾ هوءَ پنهنجي دوست سميت سمنڊ ڪناري خيمو اڏي رهي، بعد ۾ هُن سنگل ڪمرو ڪرائي تي ورتو ۽ هاڻ هو هڪ گهر ۾ رهي رهيا آهن.
    ريسٽورينٽ جو بورچي ”چُچُو“ سڀني جي توجه جو مرڪز هوندو هيو. ننڍي قد ۽ سانوري رنگ وارو ”چُچُو“ ڏاڍو محنتي ۽ ماهر بورچي هُيو. سندس ماءُ به هتي ساڻس گڏ ”ڊش واشر“ طور ڪم ڪندي هئي. علي ”چُچوءَ“ جي تعريف ڪري کيس ٽيڪر ڏئي کائنس ريسٽورينٽ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جي “Inventry” کي اپ ڊيٽ ڪرڻ جو ڪم به وٺندو هو ۽ موٽ ۾ کيس “Inventry Manager” جو خطاب ڏئي ڇڏيندو هو ۽ گڏوگڏ کيس هڪ ويلي جو کاڌو به مفت ۾ ڏيندو هو. ”چُچُوءَ“ جي ماءُ کي سدائين اِها ڳڻتي هوندي هُئي، ته سندس پٽ سهڻو ناهي، سڀني سان گرل فرينڊز آهن پر ساڻس ڪائي ڇوڪري دوستي نه ٿي رکي. ”چُچوءَ“ جي به عجيب ڪهاڻي هئي. سندس هڪ زال ۽ هڪ پٽ به هيا هڪ ڏينهن ڪنهن ڳالهه تان ڪاوڙ ۾ اچي هن پنهنجي پٽ جا هٿ ساڙي ڇڏيا. جوڻس ڪورٽ ۾ ڪيس ڪيو، ڪورٽ ۾ هن بيان ڏنو ته ننڍي هوندي ڪنهن غلطيءَ تان سندس پيءُ به سندس هٿ ساڙيا هئا، ان ڪري هن پنهنجي پٽ جا هَٿَ ساڙيا. ڪورٽ کيس جيل موڪلي ڇڏيو ۽ جوڻس کانئس عليحدگي اختيار ڪري ڇڏي، هاڻي پٽ ساڻس گڏ هوندو آهي. مون ”چُچوءَ“ سان گڏ فوٽو ڪڍرايا جنهن تي هن چيو ته اِهي فوٽو مونکي موڪلي ڏجانءِ. مان چيو مانس ”ها موڪليندس پر ٿاڻي تي“ جنهن تي هُن ڇرڪ واري انداز ۾ٽهڪ ڏيندي چيو ”ائين نه ڪجانءِ يارَ!“.
    هتي هڪ بورچياڻي ڪم ڪندي هُئي. هُوءَ عمر جي ننڍي هُئي ۽ اصل ۾ ميڪسيڪو جي هئي. راجا مٿس موهت ٿي پيو هو. سندس خيال هو ته جيڪڏهن اِها ڇوڪري راضي ٿئي ته هُو ساڻس شادي ڪري پنهنجو گهر آباد ڪري. راجا جو خيال هو ته ميڪسيڪن ڇوڪريون وفادار هونديون آهن. راجا مٿس ڏاڍو مهربان هوندو هو ۽ اڪثر کيس اوور ٽائيم به ڏيندو هو. ريسٽورينٽ ۾ هر خميس تي ايندڙ جهونن واري ميوزڪ گروپ جو هڪ جهونو ميمبر به وري ساڳي ڇوڪريءَ تي عاشق هُيو، هو اڪثر سندس لاءِ تُحفا وٺي ايندو هو.
    ريسٽورينٽ ۾ بورچين کي وچ ۾ ريسٽ ڪرڻ لاءِ ڪلاڪ جي موڪل هوندي آهي. هڪ ڏينهن موڪل واري وقفي ۾ راجا، ميڪسيڪن بورچياڻيءَ کي هوٽل جي ٻاهران ڪار ۾ ويٺي ڪنهن ميڪسيڪن ڇوڪري سان فون تي ڪچهري ڪندي ۽ ٽهڪندي ڏسي ورتو ۽ وري ٻئي ڏينهن وقفي ۾ ٻنهي کي گاڏيءَ ۾ ڪلاڪ ڪچهري ڪندي ڏٺو، راجا جا ته ترائي نڪري ويا کيس هن ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جو آسرو هُيو پر اهو آسرو به ختم ٿيندي نظر آيس. ٻي ڏينهن جيئن ئي هُو جهونن جي گروپ آيو ته راجا جُهوني گٽارسٽ کي چيو ته ”تون ۽ مان ٻئي لُٽجي وياسي“ جهوني حيران ٿيندي پڇيس ته ”اِهو وري ڪيئن؟“ جنهن تي راجا کيس ٻُڌايو ته پاڻ واري بورچياڻيءَ کي اڳ ۾ ئي ڪوئي بواءِ فرينڊ آهي. تون ۽ مان ته اجايو جک پيا ماريون. جنهن تي جهوني ٽهڪ ڏيندي چيس، ”اها ته مونکي اڳ ۾ ئي خبر آهي، بس هاڻي اهو صدمو برداشت ڪر“.


    4 نومبر: آمريڪا ۾ صدارتي اليڪشن جو ڏينهن

    چوٿين نومبر 2008ع واري ڏينهن پُوري دنيا جون نظرون آمريڪا طرف هُيون. اڄوڪي ڏينهن تي آمريڪا ۾ صدارتي چونڊون ٿي رهيون هيون. پاڪستان مان مون ڏانهن دوستن جا فون اچي رهيا هُئا ته اليڪشن جون ڪهڙيون گهما گهميون نظر اچي رهيون آهن؟. سڄي دنيا سميت پاڪستان جي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ به آمريڪي صدارتي چونـڊون بحث جو موضوع هيون. مون صبح جو ننڊ مان اٿي تيار ٿي ناشتو ڪيو. اڄ علي واندو هُيو ان ڪري هو گاڏي ڪاهي آيو ۽ اسان تقريباً ساڍي ٻارهين بجي تيار ٿي گهران نڪتاسي. ٻاهر اسان کي اليڪشن جي حوالي سان ڪائي به گهما گهمي، وٺ پڪڙ، ماڻهن جي رش نظر نه آئي. ملڪ ۾ ڪائي به عام موڪل ڪونه هُئي سڀئي ادارا، آفيسون، معمول جي مطابق هلي رهيا هئا. عليءَ مون کي چيو ته اڄ پاڻ واندڪائيءَ جو فائدو وٺندي ڪجهه سامونڊي ڪنارا گهمي ٿا اچئون. ايئن اسان مختلف بيچز ڏانهن نڪري وياسي. جتي اسان کي ڪاراٽجي ويل ڪاري پٿريلي زمين ۽ لاوو اوڳاڇيندڙ جبل نظر آيا. جيڪي سالن صدين کان لاوا اوڳاڇي رهيا اهن رستي ويندي هڪ جاءِ تي “Wendy’s” نالي ريسٽورينٽ نظر آيو. مون عليء کان پڇيو هنن اوهان جي ريسٽورينٽ “Denny’s” تان نالو چورايو آهي ڇا؟“ علي ٻڌايو ته نه اهو ريسٽورينٽ، هنن جي ريسٽورينٽ کان به پراڻو آهي. مختتلف بيچز تان موٽي اسان ”علي ڊرائيو“ تان ٿيندا هڪ پراڻي ايئرپورٽ آياسي، جنهن جي عمارت ۾ پولنگ اسٽيسن قائم هُئي اسان سوچيو ته ٿوي دير ترسي پولنگ جو عمل ڏسي وٺنداسي پر اندر پهتاسي ته ڪاريءَ وارا ڪک نظر آيا. صرف پولنگ عملو ويٺو هُيو هڪ به ووٽر نظر نه آيو. نه ووٽرن جي قطار، نه سياسي جماعتن جون ڪئمپون،نه جهيڙو جهٽو، بس سڪون ئي سڪون نظر آيو. ٻاهر فٽ پاٿ تي باقي، پنج ڇهه ماڻهو ضرور نظر آيا جن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هيا جن تي سياسي سلوگن لکيل نظر آيا.
    اُتان ٿي اسان هڪ اهڙي ٻيٽ تي آياسي جيڪو ڌرتيءَ جو آخري ڇيڙو هيو ۽ جتي ڌرتي ختم ٿي رهي هئي، اڳتي ڪا به آبادي ڪونه هُئي، بس هڪ نه کٽندڙ سمنڊ هو. واپسيءَ تي پنهنجي ريسٽورينٽ ڏانهن ايندي مون عليءَ کان پڇيو ته سڄي دنيا جو نظرون اڄ آمريڪا طرف آهن پَر هتي ته اليڪشن جو روايتي ماحول نظر ئي ڪونه ٿو اچي؟ عليءَ ٻُڌايو ته هتي ميل ذريعي به ووٽ ڪاسٽ ٿيندو آهي، جنهن ڪري گهڻا ماڻهو ميل ذريعي ئي ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيندا آهن ۽ جي ڪوئي پولنگ اسٽيشن تي ايندو به آهي ته ووٽ ڪاسٽ ڪري تڪڙ ۾ خاموشيءَ سان پنهنجي ڪم ڪار سان هليو ويندو آهي. منهنجي لاءِ اها ڳالهه حيرت جوڳي هُئي ڇاڪاڻ ته پاڻ وٽ اليڪشن جو جيڪو روايتي ڪلچر سالن کان هلي رهيو آهي اهڙي قسم جو ڪوئي به منظر مونکي هتي آمريڪا ۾ نظر نه آيو. اسان واپس پنهنجي ريسٽورينٽ پهتاسون. ريسٽورينٽ ۾ داخل ٿيندي ئي مون کي هتان جي هوسٽ ”ايشلي“ نظر آئي. هُوءَ اڄ ڊيوٽيءَ تي نه هُئي ان ڪري گهرو ڪپڙن ۾ ملبوس هُئي ۽ ڏاڍي خوبصورت نظر اچي رهي هئي. ساڻس سندس بواءِ فرينڊ، منڊڙو ڊش واشر، گڏ هو، جنهن جا معمول مطابق بُرا حال هُيا، ڏاڙهي وڌيل، ميرا ڪپڙا. مون ٻنهي کي غور سان ڏٺو ۽ مون کي ”حور ڪي ساٿ لنگور“ وارو محاورو ياد اچي ويو. پوءِ وري دل ۾ سوچيم ته ”ڀلا ڪنهن جي ڀاڳن سان ڪهڙي ريس؟“ شامَ جو مان جلد ئي گهر هليو آيس.


    ذڪر مسٽر “پريشان” جو

    ٻئي ڏينهن صبح جو تيار ٿي، راجا ۽ مان هلڪي ڦلڪي شاپنگ لاءِ گهران نڪتاسون. هڪ اسٽور تي راجا ٽماٽا خريد ڪيا. هڪ پائونڊ ٽماٽا ٽي ڊالر ۽ پنج سينٽ عيوض مليا. يعني پاڪستاني اندازي موجب 294 روپين ۾ تقريباً اڌ ڪلو ٽماٽا مليا. مون کان ڇرڪ نڪري ويو ته ايترا مهانگا ٽماٽا، ساڳي ئي وقت ڪولڊ ڊرنڪ جو پوو ڪارٽون به راجا خريد ڪيو، جيڪو کيس في ٽِن 26 روپيه پاڪستاني جي حساب سان مليو. راجا اَڄُ به ريڊي ميڊ مانيءَ جي جاچ ڪئي پر اها کيس نه ملي. واپسيءَ تي گاڏي ڊرائيو ڪندي راجا مون کي چيو ته آمريڪا ۾ رهڻ جو سڀ کان آسان طريقو اهو آهي ته ماڻهو هتي شادي ڪري ڇڏي. شاديءَ کي ڊڪليئر ڪرڻ سان نه صرف هتي مستقل رهائش جو حق مليو وڃي پر ٻن سالن ۾ گرين ڪارڊ ۽ پنجن سالن ۾ هتان جي نيشنلٽي به ملي وڃي ٿي. راجا مون کي چيو ته تون به هِتي مستقل رهڻ لاءِ پلاننگ ڪر. مون کيس چيو ته هتي رهي مان ڪهڙو ڪم ڪندس؟ جنهن تي چيائين ته پاڻ واري ريسٽورينٽ تي نوڪري. مون چيو يعني مون کي بيراگيري ڪرڻي پوندي؟! راجا وراڻيو ته انهيءَ ۾ڪهڙو عيب آهي؟! اسان به ته اهڙائي ڪم ڪري اڳتي وڌيا آهيون. مون کيس چيو ته اهو ڪم مون لاءِ ڏکيو آهي ڇاڪاڻ ته منهنجي پنهنجي شهر ۾ هڪ ننڍڙي بادشاهي آهي ان کي ڇڏڻ مون لاءِ ڏاڍو ڏکيو آ.
    اڄ شام جو ڇهين بجي “Denny’s” جو ڊسٽرڪٽ مئنيجر ”پرشانت“ ڪُونا اچي رهيو هو. هُو Maui beach کان اچي رهيو هو، ريسٽورينٽ جي انتظام جي جاچ پڙتال ڪرڻ جي ڪم سان. هُو هونئن ته هر ريسٽورينٽ جي مئنيجر سان فون تي رابطي ۾ هوندو هيو پر وقفي وقفي سان مختلف ريسٽورينٽس جي وزٽ به ڪندو هو. مسٽر پرشانت جي باري ۾ راجا ٻُڌايو ته هو پهريائين لاس اينجلس ۾ “Denny’s” ۾ ڪم ڪندو هو. جتي هُو عليءَ جو ماتحت هوندو هو، پر بدقسمتيءَ سان علي ۽ سندس وچ ۾ اڻبڻت رهندي هُئي جنهن جي نتيجي ۾ عليءَ ريسٽورينٽ مالڪ کي شڪايتون ڪري ڪري آخر کيس نوڪريءَ مان ئي ڪڍرائي ڇڏيو. نتيجي ۾ پريشانت، بيروزگاريءَ جي عالم ۾ دربدريءَ واري زندگي گذارڻ لڳو. هُو واقعي به ”پريشان“ ٿي ويو، ليڪن هن پوءِ به همت نه هاري ۽ مختلف جاين تي ڪم ڪندو رهيو ۽ ائين سندس تجربي ۽ اِسڪلز ۾ اضافو ٿيندو ويو. اتفاق سان “Denny’s” کي ”هوائي“ ۾ ڊسٽرڪٽ مئنيجر جي ضرورت پئي جتي هن وري اپلاءِ ڪيو ۽ اپائينٽ ٿي ويو. وقت جي ستم ظريفي جو لاس اينجلس ۾ هُو عليءَ جي ماتحت هوندو هو ۽ سدائين سندس عتاب جو شڪار رهندو هو ۽ هِتي هُو سندس ”باس“ ٿي آيو هو. پريشانت راجا جو يار هيو ۽ سندس عزت ڪندو هو. راجا ٻُڌايو ته پريشانت اڪثر کيس هوٽل مئنجمينٽ جا گُر سيکاريندو رهندو هو مگر سندس ڀاءُ عليءَ ڪڏهن به ان معاملي ۾ سندس رهنمائي نه ڪئي. علي جڏهن لاس اينجلس ۾ ٺيڪ ٺاڪ حيثيت جو مالڪ هُيو تڏهن هُن راجا کي پنهنجي ريسٽورينٽ جي ويجهو به اچڻ نه ڏنو، اُلٽو هُو کيس اِهو باور ڪرائيندو هو ته، ريسٽورينٽ مالڪ ساڻس اهو ايگريمينٽ ڪيو آهي ته هو ڪنهن به فيملي ميمبر کي ريسٽورينٽ ۾ نوڪريءَ جي حوالي سان اِن نه ڪندو. وقت وقت جي ڦيري واري ڳالهه مطابق اڄ وري علي، ريسٽورينٽ مالڪ جي ايترو ويجهو نه هو جيترو راجا ۽ پريشانت هئا.
    شامَ جو پوڻين ڇهين بجي راجا ۽ مان ايئرپورٽ آياسي. ڇهين بجي هڪ ننڍو جهاز ڪنهن ٻي ٻيٽ مان اچي هِن ايئرپورٽ تي لٿو. هِن جهاز ۾ پريشانت اچي رهيو هو. راجا ٻُڌايو ته هتي سگريٽ مهانگا ملندا آهن انهيءَ ڪري هُو لاس اينجلس مان سندس لاءِ ڪافي مقدار ۾ سگريٽ هول سيل تان وٺي آيو آهي. جنهن جي ادائگي هُو کيس ڪندو. ايئرپورٽ تان پريشانت کي کڻي اسان سڌو گهر آياسي. راجا پريشانت کي عليءَ جي گهر ڇڏي آيو مان هيٺ راجا جي گهر ۾ ريسٽ ڪرڻ لڳس. ٿوري ئي دير ۾ راجا کي ننڊ وٺي وئي. راجا جو موبائيل فون فارغ هُيو ان ڪري مون سوچيو ته ڇونه خيرپور ۾ موجود پنهنجي دوستن سان ڳالهائي وٺجي. آمريڪا ۾ هنن ڏهاڙن ۾ رهندي مون پنهنجو موبائيل خريد ڪونه ڪيو هو، بس راجا واري موبائيل مان ڪم ٽپائيندو هئس. مون راڻيپور ۾ موجود پنهنجي دوست ڊاڪٽر غلام اڪبر سوڍڙي، خيرپور ۾ رهندڙ پنهنجن دوستن ضمير لاشاري ۽ امر اقبال ڏانهن فون ڪرڻ لاءِ ميسيج ڪَيا. ٿوري ئي دير ۾ واري واري سان انهن جا فون اچي ويا. ٽنهي جو پهريون سوال اهو هو ته آمريڪا ۾ صدارتي اليڪشن ڪيئن رهي؟ مون ساڻن ڪچهري ڪئي، حال احوال ڏنا ۽ ورتا ۽ ٿوري دير کانپوءِ آرام ڪرڻ لاءِ سمهي پيس.
    ڇهين نومبر جي صبح جو مان جيئن ئي سجاڳ ٿيس ته ڏٺم ته راجا ستو پيو هو، سندس شامَ جي ڊيوٽي هئي. مون شڪاگو ۾ رهندڙ ڊاڪٽر مبارڪ ميرجت کي فون ڪري ٻُڌايو ته مان پندرنهن نومبر تي شڪاگو ايندس. هن چيو ته اسان کي تنهنجي اچڻ جو انتظار آهي. ساڳي ئي وقت مون خيرپور سان تعلق رکندڙ شڪاگو ۾ رهندڙ هڪ ٻي دوست شنڪر لعل هرياڻي سان به ڳالهايو ۽ پوءِ چانهه جو ڪوپ کڻي ٽي وي ڏسڻ لاءِ ويهي رهيس. منجهند جو ٻي بجي راجا تيار ٿي پنهنجي ڊيوٽيءَ تي هليو ويو ۽ مان وري تيار ٿي اڪيلو واڪ ڪندو ”علي ڊرائيو“ هليو آيس جتي ٻه ڪلاڪ کن هيڏانهن هوڏانهن آواره گردي ڪندو رهيس. مختلف جوڙا هڪ ٻئي جي چيلهين ۾ ٻانهون وجهيو گهمندي ڦرندي نظر آيا. مان اڪيلو اڪيلو پسار ڪندو ٿڪيو هاريو واپس ريسٽورينٽ موٽي آيس. ان وقت راجا پنهنجي آفيس ۾ مسٽر پريشانت کان هوٽل مئنيجمينٽ جي حوالي سان ٽريننگ وٺي رهيو هو. ڪم مان فارغ ٿي راجا مون وٽ آيو ۽ اسان مختلف حال احوال ڪرڻ لڳاسي. راجا پنهنجي هاڻوڪي نوڪريءَ جي پس منظر بابت ٻُڌايو ته هو جڏهن لاس اينجلس ۾ ڪم ڪندو هو تڏهن هُن جي “Denny’s” جي مالڪ “AJ” سان عليءَ جي ڪري رسمي دعا سلام هوندي هئي. هڪ ڏينهن اوچتو “AJ” جو فون اچي ويو جنهن کيس چيو ته ”وينچورا ڪائونٽي“ ۾ سندس گهر اچ ته ڪچهري ڪريون. راجا ٻُڌايو ته مسٽر “AJ” وٽ ڪچهري ڪندي هُن کيس آفر ڪئي ته هُو هوائي ۾ موجود سندس ريسٽورينٽ جي مئنيجر جي حيثيت سان ذميداري قبول ڪري. راجا کيس چيو ته هن کي هوٽل مئنيجمينٽ جي حوالي سان ڪوئي تجربو ڪونهي، اِهو سَڀُ ڪجهه ڪيئن ڪري سگهندو؟ “AJ” کيس چيو ته ”ڪوئي مسئلو ناهي تون جلد ئي سڀ ڪجهه سکي ويندين“. ۽ ائين پوءِ راجا سندس آفر قبول ڪندي هوائي هليو آيو جتي اچي ”ڪونا“ ۾ هُنَ پنهنجي نئين نوڪريءَ جو آغاز ڪيو. راجا ٻُڌايو ته اُها مئي 2008ع جي ستاويهين تاريخ هُئي جڏهن هُن ”ڪونا“ ۾ نوڪري جوائن ڪئي هئي.
    جُون 2008ع جي پهرين هفتي ۾ مون کي راجا ڏانهن لاس اينجلس وڃڻو هو ڇو ته لاس اينجلس ۾ ”روٽري انٽرنيشنل“ جو ساليانو ڪنوينشن ٿي رهيو هو جنهن ۾ مون کي شرڪت ڪرڻي هئي پر راجا جي اوچتو لاس اينجلس کي ڇڏي هوائي اسٽيٽ ڏانهن ڪوچ ڪرڻ سبب مون لاس اينجلس وڃڻ جو پروگرام ڪينسل ڪري ڇڏيو هو. هوڏانهن راجا جيئن ئي ”ڪونا“ پهتو، مئنيجر جي حيثيت سان نوڪريءَ جو آغاز ڪيائين ته اوچتو ڪونا ۾ موجود “Denny’s” ريسٽورينٽ جي جنرل مئنيجر جي سيٽ خالي ٿي وئي ڇاڪاڻ ته انهيءَ سيٽ تي موجود شڪاگو جو گورو واپس شڪاگو هليو ويوهو. هُو ڏاڍو محنتي ماڻهو هو سندس وڃڻ سبب جنرل مئنيجر جي سيٽ خالي پئي هئي. ٺيڪ انهن ئي ڏينهن ۾ لاس اينجلس ۾ علي ۽ “AJ” جي وچ ۾ ڪنهن ڳالهه تان جهيڙو ٿي هو پيو، معاملو ڪورٽ تائين پهتو هو ۽ “AJ”، عليءَ کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو هو ۽ هُو فارغ ويٺو هو. “AJ” هڪ دفعو ٻيهر عليءَ کي موقعو ڏيندي، جنرل مئنيجر بڻائي ”ڪونا“ موڪليو. هِن کان اڳ لاس اينجلس ۾ علي، “AJ” سان آپريٽنگ پارٽنرطور به ڪم ڪري چُڪو هو ۽ انهيءَ حيثيت سان جڏهن هُو ”ڪُونا“ وزٽ ڪرڻ ايندو هو ته وڏي رعب ۽ دٻدٻي سان ايندو هو ۽ هتي اچي مالڪ جي گهر ۾ رهندو هو ۽ هاڻ ساڳيو علي جنرل مئنيجر جي حيثيت سان هڪ ملازم جي روپ ۾ ڪم ڪري رهيو هو. اتفاق وري اهڙو جو هنن ئي ڏينهن ۾ “Denny’s” جو ڊسٽرڪٽ مئنيجر نوڪري ڇڏي ويو. راجا جي صلاح تي “AJ”، مسٽر پريشانت کي ڊسٽرڪٽ مئنيجر طور مقرر ڪيو. وقت وقت کي سلام آهي جو هڪ دفعو وري، علي، راجا، پريشانت، اِهي سڀئي پڙ اچي هتي گڏيا هُئا، حالانڪ راجا پاڻ عليءَ کان پري رهڻ چاهيو پئي پر ڇا ڪجي جيڪو جيڪو قسمت ۾ لکيل هوندو اهو ته ٿيندو نه!.
    شامَ جا تقريباً ٽي ٿي رهيا هئا. ريسٽورينٽ ۾ ڪوئي گراهڪ ڪونه هو پر سڀئي ايئرڪنڊيشنر هلي رهيا هُئا. مسٽر پريشانت چيو ته سڀئي ايئرڪنڊيشنر هلائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي جڏهن ماڻهو ئي ڪونه آهن. انهيءَ وقت هڪ خوبصورت ڇوڪري نوڪريءَ لاءِ انٽرويو ڏيڻ آئي. ٽي ڏهاڙا اڳ راجا انهيءَ ڇوڪريءَ جي ماءُ کي ”سرور“ جي حيثيت سان هتي نوڪري ڏني هئي. راجا کائنس به مختصر انٽرويو ورتو ۽ چيو ته سڀاڻي کان اچي ملازمت ڪر. شامَ جا پاڇا لڙي رهيا هُئا مان ٿڪجي پيو هوس ان ڪري راجا جن کان موڪلائي گهر هليو آيس. هتي پبلڪ ٽرانسپورٽ ڪونهي ان ڪري يا ته پنهنجي گاڏي هجي يا وري پنڌ کي ڇڪجي، يا وري رستي تي بيهي ايندڙ گاڏين کي آڱوٺو ڏيکاري لفٽ گهرجي. مون پنڌ ڪرڻ ئي مناسب سمجهيو ۽ هوريان هوريان گهر هليو آيس. هوڏانهن سج به هوريان هوريان وسيع سمنڊ پٺيان لهڻ جي ڪري رهيو هو.


    ڪُونا جي ڪافي ۽ ڪلچرل فيسٽيول

    ڪُونا ۾ گذريل ستٽيهه سالن کان هر سال، سَتين کان سورنهن نومبر تائين، ”ڪونا ڪافي ڪلچرل فيسٽيول“ منعقد ٿيندو آهي. ڪافي، ڪُونا جي سڀ کان اهم پيداوار آهي ۽ ڪافي ۽ ڪافيءَ مان ٺهندڙ ٻين شين کي پروموٽ ڪرڻ لاءِ هي فيسٽيول هر سال ”هوائي ٽوئرزم اٿارٽي“ پاران منعقد ڪيو ويندو آهي. ڪالهه مون سان پوڙهي فلپينو ملي هُئي جنهن چيو هو ته سُڀاڻي ستين نومبر کان فيسٽيول جي شروعات ٿي رهي آهي ۽ مان توکي هي فيسٽيول گهمائيندس. هُن مون سان شامَ جو ”علي ڊرائيو“ تي ملڻ جو پروگرام ٺاهيو هو. ستين نومبر تي منجهند جو راجا پنهنجي ڊيوٽيءَ تي هليو ويو ۽ مان شامَ جو ڇهين بجي ڌاران پنڌ ڪندو ”علي ڊرائيو“ پهچي ويس. ”علي ڊرائيو“ ايترو وڏو علائقو نه هُيو. هتي ڪوئي به ڪنهن کي آرام سان ڳولهي پئي سگهيو. فيسٽيول جي پهرين ڏينهن تي ”علي ڊرائيو“ جا رُوپ سَرُوپَ ڪجهه مختلف محسوس ٿي رهيا هئا. رستي کي عام ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو هو، هنڌين هنڌين پوليس مقرر ٿيل نظر آئي. رستي جي ٻنهي پاسن کان ماڻهن جا انبوهه نظر اچي رهيا هئا. خوبصورت چهرا جوڙن جي صورت ۾ گهمندي ۽ قرب ونڊيندي نظر اچي رهيا هئا. مان
    ”علي ڊرائيو“ جو هڪ چڪر هڻي، ٿڪجي هڪ ڪنڊ ۾اچي ويهي رهيس. ٿوي دير کان پوءِ مکيه رستي تي مختلف ننڍا ننڍا جُلوس ۽ فلوٽ اچڻ شروع ٿي ويا. هر فلوٽ جي سامهون انهن جي اداري جو بينر لڳل هيو.هڪ جلوس ڪونا ۾ پڙهندڙ فلپائينين جو به هيو. جُلوس ۾ شامل ماڻهو مختلف، رنگبرنگي لباسن ۾ هيا ۽ آس پاس وارن ماڻهن ۾ چاڪليٽ، ٽافيون ۽ ڪافي فليور واريون ٻيون شيون ورهائيندا ٻئي ويا. هڪ مخصوص هالَ ۾ ڪافي فيسٽيول جي تقريب رٿيل هئي، انهيءَ هال جي ٻاهران ئي مون کي پوڙهي فلپينو ملي وئي، هُن منهنجي لاءِ ۽ پنهنجي لاءِ ٽڪيٽون خريد ڪيون ڇاڪاڻ ته هال ۾ ٽڪيٽ ذريعي انٽري هئي. هال جي ٻاهران مون نظر ڦيرائي، مان اڪيلو ايشين نظر اچي رهيو هوس. مقامي توڙي ٻين اسٽيٽس کان آيل ماڻهن جا هشام هُيا جيڪي ”ڪونا ڪافي ڪلچرل فيسٽيول“ جي رنگن کي انجواءِ ڪرڻ لاءِ پهتل هُئا. هالَ جي سامهون واري کليل ايراضيءَ ۾ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو هڪ ٽولو ”هوائي ڊانس“ ڪري رهيو هو. هالَ ۾ اندر داخل ٿياسون،سامهون ئي هڪ وڏي خوبصورت اسٽيج ٺهيل هُئي جڏهن ته حاضرين لاءِ ويهڻ جو ڪوئي انتطام نه هُيو، سڀئي بيٺي بيٺي اسٽيج پرفارمينس ڏسي ۽ ڊانس ڪري رهيا هئا. اسٽيج تي سڀ کان پهريان تقريرون ٿيون، ايوارڊ تقريب ٿي ۽ بعد ۾ ميوزڪ کي وقت ڏنو ويو (هيءَ ساڳي تقريب مون ٻن ڏينهن کان پوءِ ٽي وي چينل تي ڏٺي هئي) مان فلپينو سان گڏ ٻن ڪلاڪن تائين فيسٽيول ۾ گهمندو رهيس. هوائي ٽوئرزم اٿارٽي پاران اٺٽيهين سالياني فيسٽيول جي موقعي تي هڪ خوبصورت سووينئر پڻ شايع ڪيو ويو هو. جنهن ۾ اسٽيٽ آف هوائي جي گورنر، ميئر ۽ فيسٽيول پريزيڊنٽ جا پيغام پڻ شايع ڪيا ويا هئا. ڪونا ۾ ڪافيءَ جي پيداوار کي هڪ انڊسٽريءَ جي حيثيت حاصل آهي جنهن کي اسٽيٽ جي مڪمل سرپرستي حاصل آهي. ڪافيءَ جي اپت ”ڪُونا“ ۾ 1828ع کان شروع ٿي ۽ اهڙي طرح 2008ع ۾ ”ڪونا“ ۾ ”ڪافي جا 180 سال“ مڪمل ٿي رهيا هئا. ڪافي فيسٽيول جي موقي تي هر سال “Grand Parade Marshal” ايوارڊ ڏنو ويندو آهي. جيڪو ايوارد هن سال 2008ع ۾ هڪ 84 ساله بزرگ “Mitsyo Nagai” کي ڏنو پئي ويو. هي بزرگ 1977ع کان وٺي پنهنجي گهرواري ۽ ٽن ڌيئن سميت ”گرانڊ پيريڊ“۾ حصو وٺي رهيو هو، جيڪا پيريڊ هر سال مختلف فلوٽس جي صورت ۾ هِن موقعي تي منعقد ٿيندي پئي اچي.
    ڪونا ۾ ڪافي جي پيداوار گهڻو ڪري اتر ۽ ڏکڻ ڪونا ۾ٿئي۽ زمينون جتي ڪافيءَ جي پيداوار ٿئي ٿي اهي “Kamehameha Schools” جي ملڪيت آهن. هي غير سرڪاري ٽرسٽ تحت هلندڙ اسڪول آهن. هي ٽرسٽ 1984 ۾ “King Kamehameha” جي پڙپوٽي “Princess Berince Pauahi Bishiop” پاران قائم ڪيوويو. ڪافيءَ جا وسيع کيت ”ڪونا ڪافي پروڊڪشن“ کي ليزنگ تي ڏنا ويندا آهن ۽ انهن مان حاصل ٿيندڙ آمدني هوائي جي ٻارن جي تعليم تي خرچ ڪئي ويندي آهي. ڪونا ۾ سالياني ڪافي ڪلچرل فيسٽيول جو آغاز 1970ع کان ٿيو. هن فيسٽيول کي هر سال مختلف حوالن سان، مختلف تقريبن جي صورت ۾ مختلف ڏينهن تي، مختلف جاين تي ملهايو ويندو آهي. هونئن ته ڪونا فيسٽيول ست کان سورنهن نومبر تائين ملهائبو آهي، پر اهڙي قسم جون مختلف تقريبون پهرئين نومبر کان ئي شروع ٿي وينديون آهن ۽ سورهين نومبر تائين ”ڪُونا“ جي مختلف جاين تي منعقد ٿينديون آهن. ڪافي فيسٽيول جي حوالي سان اهڙين تقريبن ۾ اسڪولي ٻارڙن ۾ ڪونا ڪافي اسڪالرشپ جي ورهاست، ٽريننگ ورڪشاپ، ڪافي فارم ۽ ملز جا ٽوئر پروگرام، ثقافتي پروگرام، مِس ڪُونا ڪافي ايوارڊ، ڪافي جي کيتن مان ڪافي چُونڊڻ جا مقابلا، ڪونا جي ماهر بورچين جي وچ ۾ ڪافي مان ٺهيل کاڌن جي پچائڻ جا مقابلا، ڪُونا جي ڪافي وائين جي ذائقي جا مقابلا، ڪافيءَ جي ٻجن، بوتن ۽ رنگن سان سينگاريل هٿ جي هنرن جا مقابلا، ڪونا ڪافي لائيف اسٽائيل جي حوالي سان پينٽنگس جا مقابلا، ڪافيءَ جي اُپت جي حوالي سان ٽرينگ جا ڪورس، ڪافي رقص جا مقابلا، ڪونا هسٽاريڪل سوسائٽي پاران منقعد ڪيل “Kona Cofee living historical farm tour” گُلن کي سينگارڻ جا مقابلا، ڪوناڪافي ڪائونسل پاران کاڌي پيتي جون تقريبون، ڪافي ٽيلينٽ نائيٽ، ڪافي ڊوڙ مقابلا، اسڪولي ٻاررن جي گرانڊ پيريڊ، مختلف ڳوٺن ۾ تقريبون، ڪافيءَ جي بُنيادي آبادگارن جي ياد ۾ تقريبون، مختلف جاين تي گرانڊ ميوزيڪل ڪنسرٽ، اشاعتون، پوسٽ ڪارڊ، ڪونا ڪافي ٽوئر، تصويري نمائشون ۽ ٻيون انيڪ دلچسپيون هِن فيسٽيول جون سالن کان حصو رهنديون ٿيون اچن. مون کي هن موقعي تي پنهنجي شهر خيرپور جون کارڪون ڏاڍو ياد آيون. جيڪي حڪومت جي عدم دلچسپيءَ جي ڪري پروموٽ ٿي نه سگهيون آهن. جيڪڏهن خيرپور ۾ ”ڪونا ڪافي ڪلچرل فيسٽيول“ جي طرز تي هر سال ”خيرپور کارڪن جو ثقافتي ميلو“ لڳايو وڃي. حڪومت پاران کارڪن جي آبادگارن کي گهربل سهوليتون، قرض ۽ تربيتون ڏنيون وڃن، کارڪن مان ٺهندڙ مختلف پراڊڪٽس جون فيڪٽريون قائم ڪيون وڃن، کارڪن ۽ ڇوهارن جي پرڏيهي واپار جا جوڳا بندوبست ڪيا وڃن، کجي جي حوالي سان کوجنائي ادارا قائم ڪيا وَڃن ته ڪوئي شڪ ناهي ته مُلڪان مُلڪ مشهوري رکندڙ اسان جي کجي گهٽ ۾ گهٽ خيرپور واسين لاءِ خوشحالي جو اهڃاڻ بڻجي سگهي ٿي.
    ڪونا ڪلچرل فيسٽيول جي حوالي سان هن سالياني خوشيءَ کي ملهائڻ لاءِ هڪ بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۽ ڪيتريون ئي سب ڪاميٽيون جُڙيل هُيون جڏهن ته مختلف ڪمپنين خاص ڪري ڪافيءَ جي صنعت، ڪافيءَ سان وابسته پراڊڪٽس ۽ ڪافي هائوسز جو سهڪار به هن سموري سفر ۾ شامل پئي رهيو. ڪونا جي ڪافي 2003ع کان آمريڪا جي وائيٽ هائوس ۾ پڻ باقاعدگي سان پيش ڪئي ٿي وڃي. هن سال ”مس ڪونا ڪافي – 2008ع“ جو ايوارڊ هڪ خوبصورت شاگردياڻي “Malia Pucong” کي ڏنو پئي ويو. اها ڳالهه به دلچسپ هُئي ته جاپان سان جاگرافيائي ويجهڙائيءَ کي ثقافتي واجهڙائيءَ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ گذريل جون ۾ ستين سالياني ”يوڪوهاما - هوائي فيسٽيول“ جي موقعي تي جاپان ۾ پڻ ”ڪونا ڪافي ڪلچرل فيسٽيول“ منقعد ڪيوويو،جڏهن ته ايندڙ سال لاءِ جاپان ۾ انهيءَ ميلي کي اڃان به وڏي پئماني تي رٿيو ويوآهي.هتي “Shawn Steimans” نالي ان نوجوان ليکڪ جو ذڪر ضرور ڪجي جنهن تازو ئي “The Hawaii Cofee Book A Gournment’s Guide from Konato Kauai” نالي هڪ تحقيقي ڪتاب لکيو آهي جيڪو ”ڪافي“ جي حوالي سان هڪ تحقيقي ٿيسز آهي ۽ هُو يونيورسٽي آف هوائي سان پوسٽ ڊاڪٽرورل فيلو جي حيثيت سان واڳيل آهي. مان ”علي ڊرائيور“ تي جهوني فلپينو سان گڏ ٻه ڪلاڪ کن هيلوڪي فيسٽيول جا ڪجهه رنگ پسي رات جو اٺين بجي “Denny’s” تي آيس. ريسٽورينٽ ماڻهن سان ڀريل هُيو، ڏاڍي رش نظر آئي، شايد اها رش اڄوڪي فيسٽيول جي ڪري هئي، مون ڏٺو ته علي، بورچيءَ جي ڊريس ۾ ڪوڪنگ ۾ مصروف هيوجڏهن ته ڊسٽرڪٽ مئنيجر مسٽر پريشانت وري بيري وارو ڪم ڪري رهيو هو. ڪالهه جيڪا ڇوڪري راجا وٽ انٽرويو ڏيڻ آئي هئي اُها به اڄ ڪم ۾ مصروف نظر آئي. ريسٽورينٽ ڏانهن ايندي مون ڪجهه دير اڳ رستي ۾ هڪ همراهه کي بينر سميت بيٺل ڏٺو هو. سندس هٿن ۾ جهليل بينر تي لکيل هيو. “X–lay need a bear” هُو پڪ سان ڪو موالي هيو ۽ نشي پتي جي کوٽ سبب بينر کڻي صدا هڻي رهيو هو. مون کي پنڻ جو اهو نئون طريقو محسوس ٿيو. رات جو جيئن ئي ريسٽورينٽ تي رش جهڪي ٿي مان ”امينڊا“ سان ڪچهريءَ ۾ ويهي رهيس. امينڊا مون کي چيو ته ايندڙ آچر تي سندس ڊيوٽي تان موڪل آهي ۽ هُوءَ انهيءَ ڏهاڙي تي مون کي گهمائڻ ڦيرائڻ وٺي ويندي مون سندس ٿورا مڃيا. رات جو ٽين بجي جيئن راجا ڊيوٽيءَ مان فارغ ٿيو ته اسان گهر واپس هليا آياسي.


    “هيلو” ڏانهن پنڌ ۽ “والڪينوز” جا احوال

    ٻئي ڏينهن صبح جو تيار ٿي مان ۽ راجا رستي ۾ بينڪ ۾ پئسا جمع ڪرائيندا اچي ريسٽورينٽ پهتاسي. رستي ۾ فريد جو فون اچي ويو جنهن ٻُڌايو ته شڪاگو ۾ سخت سردي آهي. ريسٽورينٽ تي جهٽ کن ويهي اسان هڪ شاپنگ سينٽر آياسي. جتي اسان کي جُهوني فلپينو جي ساهيڙي “Madonna Oandasan” ملي. هن مونکي ٻُڌايو ته فلپينو ايندڙ آچر تي مون کي “Hilo” وٺي وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو آهي. جيڪو ڪُونا کان اڍائي سؤ ميل پَري ٻي ڪنڊ تي واقع آهي. ميڊونا چيو ته ”هي خوبصورت شهر آهي توکي گهمندي ڏاڍو مزو ايندو“. مون سندس ٿورا مڃيا ۽ هُن چيو ته پروگرام کي حتمي شڪل شامَ جو ڏينداسي. رات جو مان ريسٽورينٽ تي ئي هُيس جو سنڌ مان منهنجي ڀائٽي اختر منگي ۽ منهنجي نياڻي رابيل جا فون اچي ويا مون ساڻن ڪچهري ڪئي، گهر جا حال احوال ورتا ۽ کين پنهنجي سفر متعلق ٻُڌايو، ٿوري دير ۾ جهوني فلپينو اچي وئي، جنهن چيوته ”سڀاڻي تيار رهجان، مان صبح جو ستين بجي تو وٽ ايندس ۽ پوءِ پاڻ “Hilo” هلنداسون“ مون ساڻس طئه ڪيو، ٿوري دير ڪچهري ڪئي ۽ پوءِ راجا کان موڪلائي اڪيلو اڪيلو گهر ڏي پنڌ پيس. اڄ ڇنڇر جو ڏينهن جو، رستي ۾ اڪثر عورتن کي سموڪنگ ڪندي ڏسي مان سوچ ۾ پئجي ويس ته ڪُونا جون عورتون ايتري سموڪنگ ڇوٿيون ڪن؟ اهو سندن شوق آهي يا ڪائي فرسٽريشن؟ بهرحال مان گهر پهچي ٿوري دير لاءِ ٽي وي ڏسڻ ويهي رهيس. بي تحاشا رش ۽ ڊسٽرڪٽ مئنيجر جي اُتي هجڻ سبب راجا پنهنجي ڊيوٽيءَ تان دير سان موي اچي سمهي پيو.
    صبح جو اسان اڃان گهري ننڊ جا مزا ماڻي ئي رهيا هئاسي ته اسان جي گهر جي ٻاهران هڪ نئين بليڪ رنگ جي شاندار ڊبل ڪئبن گاڏي اچي بيٺي. گاڏيءَ جي آواز تي مون کي جاڳ ٿي وئي، گڏوگڏ راجا به سجاڳ ٿيو.مون گهر جي ٻاهر کلندڙ دريءَ مان نهاريو، جُهوني فلپينو ۽ سندس ساهيڙي ”ميڊونا“ ٻاهر بيٺيون هيون. راجا مون کي چيو ته جلدي ڪر ۽ بنا ڪنهن ديرجي تيار ٿي وٺ ڇاڪاڻ ته هتي انهيءَ ڳالهه کي تمام گهڻو برو سمجهيو ويندو آهي ته ڪوئي مُقرر ڪيل وقت تي اچي ۽ اڳلو اڃا تيار ئي نه ٿيوهجي. بهرحال اسان تڙ تڪڙ ۾ تيار ٿياسي جلديءَ ۾ اچي گاڏيءَ ۾ ويٺاسون. جُهوني فلپينو ۽ ميڊونا سان حال احوال ڪياسي. مون گاڏيءَ ۾ ٻٽيهه ڊالرن جو پيٽرول ڀرايو جيڪي تقريباً 2688 روپيه پاڪستان ٿي رهيا هئا. اڄ اسان جو سفر “Hilo” ڏانهن هُيو. جيڪو ڪُونا جي ٻئي ڇيڙي تي لڳ ڀڳ اڍائي سؤ کن ميلن جي پنڌ تي واقع هڪ خوبصورت شهر هيو. ”هيلو“، هوائي بگ آئلينڊ جي اتر – اوڀر ڇيڙي جي آخر تي واقع هيو. جڏهن ته ڪُونا، هوائي جي اتر – اولهه ۾ واقع هُيو، اهڙي طرح اسان کي ڪونا کان هيلو، پهچندي هِڪ پوري اڌ گول جيترو سفر طئه ڪرڻو هُيو. هيلو ڏانهن ويندي اسان رستي ۾ ڪيترائي خوبصورت ماڳ مڪان ڏٺا، سمورو رستو سمنڊ جي ڪناري ڪناري سان هلي رهيو هو، جنهن ڪري سفر جو هڪ خوبصورت احساس اُڀري رهيو هو. اسان مختلف جاين تي گاڏي، روڪي فوٽوگرافي به ڪندا وياسي. ڪچهري ڪندا، کلندا ڳالهائيندا اسان تقريبا ساڍن ٽن ڪلاڪن کانپوءِ ”هيلو“ پهتاسي. رستي ۾ ”برگر ڪنگ“ نالي هڪ ريسٽورينٽ تان برگر کاڌاسي، جڏهن ته فلپينو، گاڏيءَ ۾ اڳواٽ فروٽ، جُوس، ڪولڊ ڊرنڪ ۽ ٽشو پيپر ساڻ کنيون آئي هئي. خير سان، اسان ”هيلو“ پهتاسي. سڀ کان پهريان “KAN’S” نالي هڪ فاسٽ فوڊ شاپ تان کاڌو کاڌوسي جنهن جو بل اٺيتاليهه ڊالر آيو جيڪو مون ڪريڊٽ ڪارڊ ذريعي ادا ڪيو. فاسٽ فوڊ شاپ مان ٻاهر نڪتاسي ته هڪ بورڊ نظر آيو جنهن تي لکيو هُيو ”والڪينوز، 29 ميل“. مون جُهوني فلپينو کي چيو ته ايڏانهن به هلڻ گهرجي، جهونيءَ چيو ته تون فڪر نه ڪر اسان توکي ايڏانهن به وٺي هلڻ جو اڳواٽ ئي رٿي ڇڏيو آهي. ”هيلو“ جاروڊ رستا گهمندي ۽ هِن خوبصورت شهر جون حسناڪيون پنهنجين اکين ۾ سميٽيندي اسان ”جيپنيز پارڪ“ ۾ آياسي. انتهائي خوبصورت پارڪ جيڪو جاپان جي پارڪن جي طرز تي ٺهيل هُيو (مون کي ڪئي سال اڳ ڪيل جاپان جو سفر ياد اچي ويو) ڍنڍن جي بيهڪ، آرچ نما پُليون، وڻن ۽ ٻوٽن جي ترتيب، گهڙيءَ لاءِ ايئن محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ اسين جاپان ۾ اچي ويا هجون. سامهون پتل جي هڪ پليٽ نصب ٿيل نظر آئي جنهن تي اڪريل هيو.

    LIL’DOKLANI GARDENS
    Dedicated in 1917
    To the memory of
    Queen lil’uokoloani
    and
    Her Eduring Love
    For Hawai’s People

    هن خوبصورت پارڪ ۾ اسان تمام گهڻي فوٽو گرافي ڪئي. ”ميڊونا“ مونکي چيو ته فوٽو ڪڍرائڻ مهل تون ايڏو سيريس ڇوٿو ٿي وڃين؟ جنهن تي راجا کيس چيو ته هِن کي ان وقت پنهنجي گرل فرينڊ ياد اچي رهي آهي، جنهن تي ”ميڊونا“ ٽهڪ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اِهڙي ڳالهه آهي ته اڄوڪي ڏينهن لاءِ توهان ٻئي اسان ٻنهي کي ئي کڻي پنهنجي گرل فرينڊس سمجهو. سندس انهيءَ جملي تي اسان جا ٽهڪ جاپاني پارڪ جي خوبصورت ماحول ۾ گلن جيان ٽڙي پيا. ”هيلو“ هوائي بگ آئيلينڊ جي اوڀارين پاسي جو ڪاروباري مرڪز آهي. جڏهن ته هيلو، پنهنجي باغن، تاريخي جاين، ميوزمن، پارڪن ۽ خاص ڪري ”والڪينو نيشنل پارڪ“ جي ڪري سموري دُنيا جي سياحن جي دلچسپيءَ جو مرڪز رهندو پئي آيو آهي. هتي هر سال منعقد ٿيندڙ “Merrie Monarch Festival” پڻ ”هيلو“ جي زندگيءَ ۾ زندگيءَ جا رنگ ڀري ڇڏيندو آهي.هيلو جو ايئرپورٽ سدائين مصروف رهندو آهي جڏهن ته سياحن لاءِ هيليڪاپٽر سروس به موجود رهندي آهي. تڪڙين برساتن سبب ”هيلو“ ۾ ساوڪ ۽ گُلن جي پيداوار جام ٿئي. اسان جنهن جاپاني پارڪ ۾ پيرَ ڌريا هئا اهو تقريباً ٽيهه ايڪڙن تي ڦهليل هُيو جنهن ۾هوائي ۽ ٻاهران گهرايل وڻ ٻوٽا، پنڌ گهمڻ لاءِ Walk Ways، هٿرادو تلاءَ ۽ پُليون هِنَ پارڪ جي خوبصورتيءَ کي وڌائيندا رهيا هُئا ۽ پارڪ جي خوبصورتيءَ کي ته اهي چهرا به وڌائي رهيا هُئا جيڪا هيڏانهن هوڏانهن گهمي ڦري رهيا هئا.
    اسان هِنَ خوبصورت باغ ۾ مزي سان گهمي ڦري، والڪينوز ڏانهن رُخ ڪيوسي. ”والڪينوز نيشنل پارڪ“ جتي سڄي دنيا جا سياح آتش فشان جبلن مان نڪرندڙ لاوو ڏسڻ ايندا آهن. پارڪ ۾وڃڻ کان اڳ اسان هڪ انفارميشن سينٽر ۾ آياسي جتي هڪ سئنيما هال ۾ مُني ڪلاڪ جي هڪ دستاويزي فلم ڏيکاري وئي جنهن ۾ والڪينوز جي تاريخ ۽ انهن جي موسم تي پوندڙ اثرن بابت ڄاڻ ڏني وئي. هتي ئي گفٽ سينٽر به هُيو جنهن ۾ والڪينوز جي حوالي سان لکيل ڪتاب، سي ڊيز، وڊيو ڪئسٽون ۽ ٻيون يادگار شيون وڪامي رهيون هيون. مون هڪ ڪتاب هٿ ۾ کنيون جنهن جو نالو هيو “Hawai Land of Volcano” نيشنل پارڪ ۾ گاڏي جي داخلا لاءِ فيس هُئي پر جيئن ته فلپينو وٽ معذورن وارو ڪارڊ هيو جنهن ڪري کائنس فيس نه ورتي وئي. پڇا ڪرڻ تي هن ٻُڌايو ته سندس ٽي دفعا خطرناڪ ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي جنهن ۾ سندس الاهي جسماني نقصان ٿيو آهي اهو ئي سبب آهي جو هُنَ ڊاڪٽرن کان اِهو ڪارڊ جاري ڪرايو آهي جنهن ڪري کيس ماهوار ٻارنهن سؤ ڊالر الائونس پڻ ملندو آهي، جنهن مان هوءَ گذر سفر ڪندي آهي. والڪينوز ڏانهن ويندي اسان کي چؤ طرف دونهان نظر آيا. ”هوائي والڪينوز نيشنل پارڪ“ دُنيا جو خوبصورت، قدرتي ۽ متحرڪ والڪينو آهي جتي سموري دنيا جا سياح ايندا آهن. هي پارڪ وسيع ايڪڙن تي ڦهليل آهي۽ سمنڊ جي سطح کان 13677 فٽن تي واقع آهي. “Kilauca Caldera” هِن پارڪ جي دل آهي. پارڪ ۾ ئي “Volcano House” جي نالي سان هڪ خوبصورت قديمي هوٽل واقع آهي. اوچائيءَ طرف چڙهندي، جڏهن اسان آخري ٽڪريءَ تي پهتاسي ته چوٽيءَ تان هيٺ نهاريندي هڪ وڏي کڏ مان دونهون نڪرندي نظر آيو، هتي ئي هڪ ميوزيم قائم ٿيل هيو جنهن جو نالو “Thomas Jaggar Museium” هيو. ميوزيم ۾ اندر والڪينوز جي مختلف دؤرن جا پٿر، هتان لڌل نادر شيون، والڪينوز جي قسمن جي حوالي سان دستاويزي فلمون ۽ ٻيون شيون نظر آيون. ٻاهر هڪ فلاحي اداري جي چندي لاءِ لڳل پيٽي نظر آئي جنهن ۾ مختلف سياح ڪجهه نه ڪجهه وجهي رهيا هئا. واپسيءَ تي روڊ جي هڪ ڪنڊ وٽ اسان کي زمين مان دونهون نڪرندي نظر آيو ۽ ان ڪنڊ جي چوڌاري لوهي گرل لڳل نظر آئي. اسان گاڏي بيهاري ان جي ڀرسان وڃي ويٺاسي. هيٺان، مٿي ايندڙ دونهون جيئن ئي اسان جي جسم کي لڳو ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪنهن پچندڙ ديڳ مان گرم ٻاڦ نڪري رهي هجي، يا وري ائين لڳي رهيو هو ڄڻ اسان ”اسٽيم باٿ“ وٺي رهيا هجون. واپسيءَ تي اسان ”والڪينوز هائوس“ تي به ڪجهه دير رُڪياسي، هن قديمي هوٽل جي پهرين فلور تي شاپنگ سينٽر ٺهيل هُيو جتي ”والڪينوز“ جي حوالي سان مختلف يادگار شيون وڪامي رهيون هيون. ٻُڌايو پئي ويو ته هتي سدائين موسم “Confused” رهندي آهي. ”هوائي والڪينوز نيشنل پارڪ“ جون مختلف دلچسپيون ڏسي اسان واپس ورياسي. واپسيءَ تي الاهي دير ٿي وئي هئي رستي ۾ هڪ قديمي ماڳ “The Hawaiian Heian” تي ڪجهه گهڙيون ترسياسي. ”هيلو“ ۾ جيڪي ٻيون جايون سياحن جي دلچسپيءَ جو مرڪز آهن انهن ۾ هوائي ٽروپيڪل باٽنيڪل گارڊن، اميلوئا ايسٽرانامي سينٽر آف هوائي، ليمان ميوزم، ناني مائو گارڊن، پئسفڪ تاسونامي ميوزم، اڪاڪا فالس اسٽيٽ پارڪ، ڪائومانا ڪيتو، رينبو فالس، سينڪ ڊرائيو ۽ ڪجهه ٻيا ماڳ شامل آهن. سموري ڏينهن جو ٿَڪُ ساڻ ڪري اسان رات جو واپس ڪونا موٽي آياسي. اسان جي سفرجي ساٿياڻين جو ڪنهن سُٺي جاءِ تي ماني کائڻ جو موڊ هُيو، سو اسان علي ڊرائيو جي شروعات ۾ ئي هڪ شاندار هوٽل ۾ اچي ويٺاسي. سڀني ماني کاڌي ۽ والڪينوز جي دلچسپ سفر کي ساريو. پنجاهه ڊالر بل آيو. ماني کائڻ کان پوءِ ٻنهي مايُن اسان کي گهر ڇڏيو. اَڄُ “Denny’s” تي هڪ خاص ڏينهن سيلبريٽ ٿيڻو هو جيڪو ڪجهه سببن جي ڪري نه ٿي سگهيو هو. اصل ۾ اڄوڪي ڏينهن تي ريسٽورينٽ جي سڀني سرورس کي موڪل تي موڪلي انهن جي جاءِ تي ڪُونا جي پوليس کي ويٽرز جو ڪم ڪرڻو هيو، هُو چوويهه ڪلاڪن تائين اِها سروس ڏين ها ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ معاوضو ۽ ٽپ روٽري ڪلب کي ڊونيٽ ڪن ها. هي ايوينٽ روٽري ڪلب کي ئي منعقد ڪرڻو هيو. جيئن ته مان روٽري جو ميمبر آهيان ۽ جيڪڏهن اها ايڪٽوٽي هتي ٿئي ها ته مان هتان جي روٽري ميمبرس سان پڻ ملي سگهان ها. اڄوڪي ڏينهن تي ”امينڊا“ مون کي آئوٽنگ لاءِ وٺي وڃڻ جو چيو هو پَرَ صُبح سان جهونين سان گڏ ”هيلو“ طرف هلي وڃڻ سبب مون فون ڪري صبح سان ئي ”امينڊا“ کي ٻُڌائي ڇڏيو هو ته مان اڄ ساڻس هلي ڪونه سگهندس.
    اڄوڪو سفر منهنجي لاءِ ڏاڍو يادگار سفر ثابت ٿيو. زمين جي سيني تي صدين کان لاوو ۽ دونهون اوڳاڇيندڙ ”والڪينوز“ کي اکين سان ڏسي سچ پچ مان حيران ٿي ويو هُيس. قدرت واري هن ڪائنات کي عجب رنگن سان سينگاريو آهي ۽ هي رنگ پڻ ان جو حصو هُئا. رات جو مون کي جلد ننڊ اچي وئي ان ڪري مان ننڊ جي نيرين وادين ڏانهن نڪري ويس.


    “ڪُونا” ۾ گذاريل ڪي پَــلَ، ڪي پَهرَ

    اڄ راجا جي صبح جي ڊيوٽي هئي ان ڪري هُو سوير ئي تيار ٿي هليو ويو هو جڏهن ته مون دير تائين ننڊ ڪئي. ننـڊ مان اُٿي چانهه پي، تيار ٿي جڏهن مان ٻاهر نڪتس ته مونکي مسٽر پريشانت پنهنجي سامان سميت ٻاهر بيٺل نظر آيو. مون کائنس حال احوال ورتو، چيائين ته اڄ سندس ”ماوي“ ٻيٽ ڏانهن اُڏام آهي ۽ ٿوري ئي دير ۾ راجا کيس هتان کڻڻ لاءِ اچي رهيو آهي. مان ساڻس ڪچهريءَ ۾ بيهي رهيس، ڏهن منٽن ۾ راجا اچي ويو. راجا مون کي به ايئرپورٽ هلڻ لاءِ چيو ۽ ائين اسان ٽئي ڄڻا تڪڙ ۾ ايئرپورٽ پهتاسي جهاز جي اڏام ۾ صرف ويهه منٽ باقي هئا. اسان مسٽر پريشانت کي جهاز ۾ روانو ڪري واپس پنهنجي ريسٽورينٽ هليا آياسي. رستي ۾ ٻن نوجوانن آڱوٺو ڏيکاري راجا کان لفٽ گهري، تڪڙي اسپيڊ ۾ ايندڙ راجا گاڏيءَ کي ريورس ڪري کين لفٽ ڏني. انهن نوجوانن کي “Denny’s” جي ڀرسان ئي واقع “Wall Mart” وڃڻو هيو. ريسـٽورينٽ پهچي راجا اُتان پئسا کنيان ۽ پوءِ اسان ٻئي گڏجي بينڪ آياسي. بينڪ ۾ ڪاروباري ماڻهن جو ڪائونـٽر ئي الڳ هيو، ڪيشـئر راجا کي سُڃاڻي، پئسا مشين ۾ وڌا، جلديءَ ۾ ڳڻپ ٿي وئي ۽ هُن رسيد راجا جي حوال ڪئي. هتي مون کي سڪن جي عجيب پيڪنگ نظر آئي. سؤ سڪن جو هڪ پيڪ بلڪل ڪارتوس نُما لڳي رهيو هو. بينڪ تان ئي اسان واپس ريسٽورينٽ آياسي. هتي ريسٽورينٽ تي اڳ ڪم ڪندڙ ”اتينا“ جنهن کي راجا جي ڀاءُ راجا جي لاس اينجلس وڃڻ کانپوءِ نوڪريءَ مان فارغ ڪري ڇڏيو هو. اُن وري وڃي ليبر ڪورٽ ۾ ڪيس ڪيو هو ۽ ڪورٽ سڳوريءَ “Denny’s”‏ وارن کان سندس نوڪريءَ متعلق ڪاغذ گهريا هئا. اهي چوويهه ڪاغذ هئا جيڪي راجا کي ڪورٽ ڏانهن فيڪس ڪرڻا هئا. اتفاق سان ان ڏينهن راجا وارن جي فيڪس مشين خراب ٿي پئي هئي. مان ۽ راجا ڀرسان ئي هڪ ڪمرشل فيڪس شاپ تي آياسي. جيڪي في پيج جا ٻه ڊالر وٺي رهيا هئا. جيڪو تمام گهڻو مهانگو هيو. راجا عليءَ کي فون ڪري ٻُڌايو ته هتي فيڪس تمام گهڻي مهانگي آهي. عليءَ کيس هڪ ٻئي دوڪان جو ڏس ڏنو جنهن جو نالو هيو “Office Mat” هي هڪ وڏو ۽ شاندار ڪميونيڪيشن سينٽر هيو. جتي آفيس ۾ استعمال ٿيندڙ سامان ۽ ڪميونيڪيشن جون مڙئي سهولتون موجود هيون. هتي فيڪس چارجز في پيج سوا ڊالر ۽ ٽيڪس الڳ وصول ڪئي پئي وئي. ڪاغذ فيڪس ڪري، رسيد وٺي اسان واپس ريسٽورينٽ هليا آياسي. هتي هڪ ڳالهه مان پنهنجي پڙهندڙن سان شيئر ڪندو هلان ته “Denny’s” تي ڪم ڪندڙ سڀني ويٽرس کي پنهنجيون پنهنجيون گاڏيون هيون. هتي ڪائي پبلڪ ٽرانسپورٽ يعني بسون ڪونه هُيون صرف اسڪولن جون مخصوص بسون هُيون. باقي ٻَه اهڙيون بسون هيون جيڪي روزانو ڪونا کان هيلُو ۽ هيلُو کان ڪونا هلي رهيون هيون. جيئن ته راجا جي صبح جي ڊيوٽي هُئي ان ڪري اسان شامَ جو جلدي گهر هليا آياسي. گهر ۾ آرام ڪري رات جو اسان گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪتاسي. اسان جو فلم ڏسڻ جو مُوڊ ٿيو، سئنيما هائوس وياسي پر ڪائي به فلم نه وڻي بس ائين ئي گهمي ڦري رستي ۾ ”ٽاڪوبيل“ تان ميڪسيڪن فاسٽ فوڊ پارسل ڪرائي گهر هليا آياسي. اڄ راجا ڏي پورٽ وارن جو فون آيو ته سندس گاڏي ڪيليفورنيا مان هتي پهچي چُڪي آهي. گاڏي ستاويهه آڪٽوبر کان ڏهين نومبر تائين تيرهن ڏينهن جو سفر ڪري اڄ پهتي هئي. اڄ رات ڄامشورو مان سعيد منگي، مجيد سومري، ۽ فتاح دائود پوٽي جا مون ڏانهن فون آيا. جن سان ڳالهائي، حال احوال وٺي مان جهـڙوڪر نئون سنئون ٿي ويس.
    ٻئي ڏينهن صبح جو راجا سوير ئي ڊيوٽي تي هيلو ويو. مان به يارهين بجي ڌاران تيار ٿي ريسٽورينٽ تي آيس. جُهوني فلپينو (جنهن جو نالو اصل Epiania Sodumaino هيو، پر مان کيس ”فلپينو“ ئي سڏيندو هيس) اڇي رنگ جي ڪار ۾ تيار بيٺل نظر آئي، اصل ۾ راجا کيس ٻُڌائي ڇڏيو هيو ته پورٽ تي ڪليفورنيا کان سندس گاڏي اچڻي آهي ۽ فلپينو کيس چيو هو ته گاڏي رسيو ڪرڻ لاءِ پورٽ ڏانهن گڏ هلنداسون. هن کان اڳ هيلُو ڏانهن سفر ڪندي، فلپينو پري کان اسان کي “Kawai Hae” نالي هي پورٽ ڏيکاري چُڪي هُئي. راجا پنهنجي ڪم ۾ ڏاڍو مصروف هُيو ۽ ويچاري فلپينو ڏهين بجي کان ٻاهر بيٺي انتظار ڪري رهي هئي. راجا مون کي چيو ته تون فلپينو سان وڃي ڪمپني ڪر ته مان عليءَ کي وٺي اچان ته جيئن هُو هتي ڪم سنڀالي ۽ پاڻ ٽئي پورٽ هليا هلون. ٿوري دير ۾ علي اچي ويو ۽ پوءِ اسان روانا ٿياسي. هي ساڳيو ئي رستو هُيو جيڪو ”هيلو“ طرف وڃي رهيو هو. روڊ جي ٻنهي پاسن کان سڙيل پهاڙ جيڪي شايد صديون اڳ لاوو اوڳاڇي اهڙي حالت ۾ آيا هئا، نظر آيا. مون کي محسوس ائين ٿي رهيو هو ڄڻ اڃا ڪالهه هنن پهاڙن جي سيني مان لاوو نڪتو هُجي. تقريباً پنجيتاليهه منٽن جي ڊرائيو کان پوءِ اسان “Kawai Hae Harbour” پهتاسي. اندر وڃڻ لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ جي پُڇا ٿي رهي هئي. هتي مان پنهنجي واحد سڃاڻپ يعني پاسپورٽ گهر ئي رهائي آيو هيس ان ڪري مون کي ٻاهر رسيپشن وٽ قائم چيڪ پوسٽ وٽ ئي بيهڻو پيو، راجا ۽ فلپينو اندر ويا ۽ اڌ ڪلاڪ کن ۾ ڪاغذي ڪاروائي پوري ڪري گاڏي ڪاهي آيا. چيڪ پوسٽ تي بيٺي مون ڏٺو ته اندر ويندڙ ۽ ٻاهر ايندڙ گاڏين جا نمبر ۽ وقت نوٽ پئي ڪيا ويا. راجا جي گاڏيءَ ۾ پئٽرول ٿورو هُيو. اڳيان هڪ پوش علائقي مان گاڏيءَ ۾ پيٽرول وجهرايوسي ۽ پوءِ واپس پنهنجي ريسٽوينٽ آياسي. جتي اسان کي ”امينڊا“ ملي هوءَ گهرو لباس ۾ ملبوس نظر آئي ۽ ڏاڍي خوبصورت لڳي رهي هئي. امينڊا ٻڌايو ته هُوءَ هِتان کائڻ پيئڻ جو سامان خريد ڪرڻ آئي آهي. امينڊا کاڌو وٺي هلي وئي ۽ مان راجا جي آفيس ۾ ويهي رهيس. آفيس ۾ هڪ ڇوڪريءَ جي نوڪريءَ لاءِ درخواست پئي هئي جنهن ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جي جاءِ تي “Fedaled States of Micronesia” جو پاسپورٽ لڳل هُيو. مون راجا کي چيو ته غير ملڪي ڇوڪريءَ کي نوڪري ڪيئن ڏيندؤ؟ جنهن تي راجا ٻُڌايو ته هي جهڙوڪر آمريڪا جي ڪالوني آهي ۽ هتان جا ماڻهون هيڏانهن بغير ويزا جي ايندا آهن جيڪي نوڪري به ڪري سگهندا آهن. راجا وڌيڪ ٻُڌايو ته هن ڇوڪريءَ جو سڀاڻي هتي انٽرويو آهي. اَڄُ پورٽ تان موٽندي ”فلپينو“ پنهنجي دوست ”ميڊونا“ جون ڏاڍيون شڪايتون ڪري رهي هئي، شايد منجهن کان بدمزگي پيدا ٿي وئي هئي. اڄ مون ڏانهن خيرپور مان ضمير لاشاري ۽ ڄامشوري مان سعيد منگي جا فون به آيا. ريسٽورينٽ جي ٻاهران راجا جي ڪيلفورنيا مان آيل گاڏي ڏسي هڪ ويٽرس کيس مشورو ڏنو ته هڪ مهيني جي اندر گاڏيءَ جي رجسٽريشن ڪرائي ”هوائي“ جي نمبر پليٽ حاصل ڪر نه ته ڏنڊ لڳي ويندءِ. ريسٽورينٽ تي ويٺي ڪچهري ڪندي هتي هوائي جي هڪ مشهور فن جو ذڪر نڪتو جنهن کي هتي “Temporary Body Art” چيو پئي ويو ۽ جيڪا خاص ڳالهه ان حوالي سان مان هتي شيئر ڪرڻ چاهيندس ته اِهو فن جنهن اسٽوڊيو ۾ پيش ٿي رهيو هو ان جو نالو هيو “Kona Henna Studio” اوهان ڄاڻڻ چاهيندا ته اهو ڪهڙو آرٽ هُيو، ته اهو مهندي هڻڻ جو فن هُيو، خوبصورت جسمن جي مختلف حصن تي مهنديءَ جا سهڻا چٽ ۽ ڊزائينون چٽڻ جو فن. ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته هوائيءَ ۾ مهندي (حنا) کي “Henna” ئي سڏيو پئي ويو. بهرحال، اڄ رات اسان گهر واپس آياسي رات جو دير سان ”وڏي امينڊا“ پنهنجي هڪ بواءِ فرينڊ سان گڏ، فاسٽ فوڊ سميت، عليءَ جي ڪمري تي ڪچهري ڪرڻ آئي. راجا کيس ڏسي مون کي رازداريءَ واري انداز ۾ چيو اَڄُ هيءَ مائي بواءِ فرينڊ سان گڏ ڪچهري ڪرڻ آئي آهي. سڀاڻي وري اڪيلي ڪچهري ڪرڻ ايندي ۽ ٿيو به ائين جو ٻي رات دير سان ڏيڍ بجي ڌاران انهيءَ امينڊا جي بواءِ فرينڊ عليءَ کي فون ڪئي هئي ته امينڊا مون سان جهيڙو ڪري الائي ڪيڏانهن هلي وئي آهي ڪٿي تو وٽ ته ناهي آئي؟؟ عليءَ وري کيس ڏينهن زَٽُ هڻي ڇڏيو ته نه مون وٽ ڪونهي باقي ٿي سگهي ٿو ته عبدل سان ڪيڏانهن نڪري وئي هجي. گهرحال اسان انهيءَ رات علي، امينڊا ۽ سندس بواءِ فرينڊ سان ڪجهه دير ڪچهري ڪري اچي پنهنجي ڪمري ۾ سمهي پيا هئاسون.
    ٻئي ڏينهن صبح جو سوير پنجين بجي راجا الارم ذريعي ننڊ مان بيدار ٿيو. کيس سوير ”هئنڊي مئن“ کي ايئرپورٽ ڇڏڻو هُيو. جنهن جو هِتي “Denny’s” تي ڪم پورو ٿي ويو هو. راجا کيس سوير ئي ڇڏي واپس اچي سمهي پيو. صبح جو ستي بجي گاڏيءَ جي آواز تي منهنجي اک کُلي وئي. مون دريءَ مان ٻاهر ڏٺو ته ”اتينا“ جي گاڏي بيٺي هُئي جنهن جا ٽائر مڪينڪ کولي رهيو هو مون واپس اچي راجا کي ٻُڌايو. راجا چيو ته ”انهيءَ نڀاڳيءَ جي گاڏيءَ جا ٽيوب مون ايئرپورٽ تان موٽڻ مهل ڪٽي ڇڏيا آهن. هاڻي هڪ سؤ ڊالر خرچ ڀريندي ۽ وري ڪڏهن به اسان جي گهر جي اڳيان گاڏي نه بيهاريندي........ تون چُپ ڪري آرام سان سمهي پئه!“ مان چپ ڪري سمهي پيس، دير سان اسان ننڊ مان اٿياسي، تيار ٿي راجا جي نئين گاڏيءَ ۾ ريسٽورينٽ آياسي جتي ”فلپينو“ به اچي وئي ۽ اسان گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪري وياسي. مختلف شاپنگ سينٽر، گهٽيون، روڊ، رستا، بنگله (بنگلن ۾ وري اڪثر انبن جا وڻ نظر آيا جن جي نومبر جي مهيني ۾ انبڙيون لٽڪندي نظر آيون. ڏسندا، آواره گردي ڪندا اسان واپس ريسٽورينٽ موٽي آياسي.


    ڪي گهڙيون “ڪوهالا” ۾

    نئين ڏينهن تي راجا صبح جو سوير تيار ٿي ريسٽورينٽ ڏي هليو ويو، جڏهن ته مان آرام سان اُٿيس ۽ تيار ٿيس. ٻارهين بجي ڌاران فلپينو اچي وئي. اڄ مون کي ساڻس گڏ ”ڪوهالا“ وڃڻو هو. اسان سڀ کان پهريان سپر اسٽورز جي چين “Castco” واري گيس اسٽيشن تي آياسي جتان مون فلپينو جي گاڏيءَ ۾ پيٽرول ڀرايو ۽ پوءِ ڪچهري ڪندا، ڪوهالا طرف روانا ٿياسي. رستي ۾ جنهن جنهن ماڳ تي به فوٽو ڪڍرائڻ تي منهنجيءَ دل پئي گُهريو، مون فلپينو کان گاڏي روڪرائي فوٽو گرافي ڪئي، اَڄُ رستي ۾ فلپينو ڪچهري ڪندي کُلي پئي ۽ پنهنجي دل جي ڳالهه مون کي ٻُڌايائين ته هُوءَ راجا کي تمام گهڻو چاهي ٿي پر راجا کيس ”لفٽ“ ئي ڪونه ٿو ڪرائي. فلپينو جي ڳالهه مون کي ڏاڍو ڏُکارو ڪري ڇڏيو، اسان رستي ۾ ”وزيٽرس سينٽر“ نالي هڪ فوڊ شاپ تي ترسياسي ۽ ڪولڊ ڊرنڪ پيتي سي.
    هن سينٽر تي ڇوڪريون سروس ڏئي رهيون هيون ۽ انهن مان هڪ ڇوڪريءَ جي سونهن ڏسي مان ته دنگ رهجي ويس. ساڻن گڏ فوٽو ڇڪرايوسي (واپس اچي مون جڏهن ان ڇوڪريءَ جو فوٽو راجا کي ڏيکاريو ته هُو به سندس چهري جي معصوميت ۽ موهيندڙ مسڪراهٽ ڏسي دنگ رهجي ويو هو، بلڪه پاڪستان واپس موٽي اچڻ کان پوءِ هُن مون کي فون ڪري چيو هو ته انهيءَ ڇوڪريءَ جي ڳولا ۾ بعد ۾ پاڻ به ”وزيٽرس سينٽر“ ويو هو پر اُها فوٽوءَ واري ڇوڪري کيس نه ملي سگهي هئي). بهر حال ڪوهالا ويندي جيڪي ماڳ اسان ڏٺاسي انهن ۾ ڪوهالا سوڪ سينٽر ۽ ڪوهالا مڊل اسڪول به شامل هُيو. مڊل اسڪول جي ان وقت موڪل ٿي چُڪي هئي، اسان اسڪول ٻاهران هڪ فوٽو ڪڍرايوسي ڇاڪاڻ ته اسڪول اندر فوٽو ڪڍرائڻ جي منع هئي.
    ڪوهالا ۾ جيڪي ماڳ سياحن جي دلچسپيءَ جو مرڪز رهن ٿا انهن ۾ Lapakahi پارڪ، Kapa پارڪ، Makukon Beach پارڪ، King Kamehameha جو اسٽيچو، Keokea بيچ ۽ ٻيا ماڳ شامل آهن. جڏهن ته ڪنگ ڪميها ميها جي جنم ڀومي Mookini Heiau به سياحن لاءِ دلچسپ ماڳ آهي. جڏهن ته ڪيترائي دوڪان، گفٽ شاپس ۽ گيلريون پڻ ڪوهالا جي خوبصورتيءَ ۾ اضافو ڪن ٿيون، اهڙن گفٽ شاپس ۾ ڊبل جُواءِ ڊيزائن، دي گيلري ائٽ بامبُو، مدرز ائنٽيڪس اينڊ فائين سگارس ۽ ٻيا شامل هُئا. جتي زيورَ، هٿ جا هُنر، سِگارَ، ڪافي مان ٺهيل مختلف شيون ۽ ٻيا گفٽ ائٽم ملي رهيا هئا. ڪوهالا فريم ڪمپني، ڪوهالا بڪ شاپ ۽ ”اٽ از سو ڊفرنٽ گيلري“ پڻ سياحن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي اچڻ لاءِ موجود هُيون. جڏهن ته ڪوهالا ڪافي مِل، سُشي راڪ، بامبو ريسٽورينٽ، ڪوهالا ريمبو ڪيفي، نان بُوڪورٽ يارڊ ۽ ٻيا کاڌي پيتي جا اسپاٽ، کائڻ پيئڻ جي شوقينن لاءِ هتي موجود آهن ڪوهالا ۾ ڪنگ ڪميها ميها جو يادگار اسٽيچو ڏسڻ جو به موقعو مليو هڪ صدي پراڻو ۽ 9 فوٽ اوچو هي اسٽيچو ”ڪوهالا انفرميشن سينٽر“ جي گرائونڊ ۾ لڳل آهي. ڪنگ ڪميها ميها، هوائي جو هڪ ميٿالاجيڪل ڪردار آهي. هن اسٽيچو کي ڳاڙهي ۽ پيلي رنگ سان سنواريو ويو آهي.
    ڪوهالا ڪوسٽ، ڪوهالا جي خوبصورتيءَ جو عجيب نمونو آهي. جتي پري پري کان سياح اچي سئمنگ، فشنگ، باڊي بورڊنگ، جا مزا ماڻين ٿا. هتي ايندڙن لاءِ تمام گهڻا واٽر اسپورٽس جا اسپاٽ ۽ رهائشي جايون پڻ جوڙيل آهن. هتي ڪيتريون ئي لانچون بيٺل نظر آيون، جيڪي مختلف ماڻهن جي ملڪيت هُيون ۽ ڪجهه لانچون هتي ڪرائي تي پڻ ملي رهيون هيون.
    اسان لڙندي شام تائين اُتي رهياسين ۽ پوءِ شام جو ڪُونا واپس ورياسي. رستي ۾مختلف ٻيٽ، صديون پراڻا لاوا اوڳاڇيل جبلن جا آثار ڏسندا پنهنجي ريسٽورينٽ اچي سهڙياسي. اڄ راجا ڪورٽ ۾ ويو هيو، کيس ڪورٽ ۾ حاضر ٿيڻو هو، ڇاڪاڻ ته هُن اتينا تي جاءِ خالي ڪرڻ لاءِ ڪيس ڪيو هو. رات جو هفتيوار منڊلي مچائيندڙ جهونن موسيقارن جو گروپ به اچي ريسٽورينٽ ۾ لٿو، جن گٽارن جي موسيقيءَ جو ماحول جوڙيو. رات دير سان جهوني فلپينو هڪ ٽيهه سالن نوجوان فلپينو ڇوڪريءَ کي وٺي آئي. نوجوان فلپينو مون سان گرمجوشيءَ سان ملي ۽ ٻُڌايائين ته جهوني ساڻس پرپٺ منهنجو تعارف ڪرائي ڇڏيو هو، هن مون کي آفر ڪئي ته جيڪو وڻئي کاءُ پيءُ، بل هُوءَ پاڻ ادا ڪندي. مون کيس چيو ته هِتي هونئن ئي منهنجو کائڻ پيئڻ فري آهي. پر پوءِ به هن زور ڀريو ته مان سندس ميزبانيءَ ۾ ڪجهه کاوان. جهوني فلپينو ٻُڌايو ته هِن ڇوڪريءَ کي ڪنهن اهڙي نوجوان جي ضرورت آهي جيڪو ڪروڙ پتي هُجي ۽ هيءَ ساڻس شادي ڪري. مون جهونيءَ کي چيو دُعا ٿا ڪريون ته ڪاش اهڙو مڙس کيس ملي پوي. بهرحال اسان گڏجي ماني کاڌي ۽ پوءِ ننڍي فلپينو راجا کي چيو ته توهان اجازت ڏيو ته اسان توهان جي مهمان کي گهمائي ڦيرائي اچون. راجا کين چيو ته ڇونه ، ضرور گهمائي اچوس ۽ ان کان پوءِ ننڍي فلپينو جي گاڏيءَ ۾ اسان مختلف بار گهمندا رهياسي. هڪ بار ۾ پُهچي هُنَ پنهنجي هڪ آمريڪي دوست کي فون ڪري گهرايو جنهن اسان کي جوائن ڪيو ۽ چيو ته جيڪي به پيئڻ چاهيو، پيئو، مان بل ادا ڪندس. جهوني فلپينو منهنجي لاءِ ليمن بيئر گهرايو جيڪو ڏاڍو مزيدار هُيو. اسان ڏيڍ ڪلاڪ بار ۾ رهياسي عجيب رنگ لڳو پيو هو. جوڙا اچي وڃي رهيا هئا. پيار ونڊي رهيا هئا. اسان رات جو ٻي بجي ڌاران “Denny’s” تي موٽي آياسي. ڪچهريءَ دوران راجا مون کي هوائي جي مختلف علائقن ۾ ٺهيل “King’s Shops” (جيڪي Waikoloa ۾ ٺهيل آهن) ۽ Queen’s Market Place (جيڪو Ekomomai ۾ واقع آهي) جو ذڪر ڪيو. ڪنگز شاپس ۽ ڪئنس مارڪيٽ پليس جتي خريداريءَ جا خوبصورت مرڪز آهن اُتي هڪ خاص ڳالهه جيڪا مان اوهان سان هتي ونڊڻ چاهيندس ته هن ٻنهي مرڪزن ۾ ترتيبوار “Hawaai’s Kings” ۽ “Hawaiis Queens” جي عنوان سان هوائيءَ جي مختلف دؤرن جي بادشاهن ۽ راڻين جون ٽامي جون ٺهيل شبيهون ۽ انهن جي هيٺان انهن جي مختصر ۽ جامع بائيو گرافي اُڪريل آهي. اها ڳالهه منهنجي لاءِ نهايت دلچسپ ثابت ٿي. اسان رات دير سان ريسٽورينٽ جي ڪمن ڪارين مان فارغ ٿي پنهنجي گهر هليا آياسي. گهڻي ٿڪاوٽ سبب مون کي جلد ئي ننڊ اچي وئي.


    ڪونا ۾ آخري ڏينهن

    اڄ ڪونا ۾ منهنجو آخري ڏينهن هُيو. صُبح جو ننڊ مان سجاڳ ٿي مان ۽ راجا ، راجا جي گاڏيءَ جي رجسٽريشن ڪرائڻ لاءِ نڪتاسي. رجسٽريشن لاءِ وري گاڏيءَ جي فٽنيس جي باري ۾ ڪنهن ڊيلر کان سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻو هيو. انهيءَ سلسلي ۾ ئي اسان هڪ ڊيلر ڏي وياسي جنهن ايندڙ ڏينهن جو وقت ڏنو. ڊيلر کان وقت وٺي اسان ٻئي گهر موٽي آياسي. ٻه ڏينهن اڳ “Costco” مان خريد ڪيل جهينگا فريزر ۾ پيا هئا، راجا جهينگن کي پچايو ۽ اسان مزي مزي سان لنچ ڪئي. راجا کي خدشو هيو ته سندس گاڏي جيئن ئي هتي ڪونا ۾ پهچندي ته سندس ننڍو ڀاءُ علي ان گاڏي تي قبضو ڪري و‎يهندو ۽ جلد ئي گاڏيءَ جو خانو خراب ڪري ڇڏيندو، ڇاڪاڻ ته راجا مطابق جڏهن هُن لاس اينجلس کان ڪُونا گاڏي موڪلي پئي تڏهن به علي پاران خراب ڪيل گاڏي جي صرف بريڪن تي ٻارنهن سؤ ڊالر خرچ آيو هو.
    اڄ به ائين ئي ٿيو هو. عليءَ، راجا کان گاڏي گُهري ورتي هُئي، گڏوگڏ عليءَ اٽڪل سان وڏي امينڊا جي مڙس جيڪو “Denny’s” تي بورچي هيو کي پنج ڪلاڪ هوسٽ طور اوور ٽائيم جي آفر ڪئي هُئي. راجا جو خيال هو ته علي، امينڊا جي مڙس کي هتي پنج ڪلاڪ سُڪ ڪري گاڏيءَ ۾ امينڊ کي کڻي موج مستيون ماڻڻ هليو ويندو. بهرحال شامَ جو چئين بجي مون پنهنجو سامان پئڪ ڪيو ۽ راجا سان گڏ ريسٽورينٽ واري پراڻي گاڏيءَ ۾ ريسٽورينٽ هليو آيس. گڏو گڏ مون فريد ڀٽو کي فون پڻ ڪري ڇڏيو ته مان شڪاگو اچي رهيو آهيان. شڪاگو ڏانهن منهنجي فلائيٽ رات جو ڏهين بجي هُئي. مون سوچيو ته مان اٺين بجي ايئرپورٽ پهچي ويندس.
    منهنجي “Denny’s” تي آخري شامَ هُئي. الائي ڇو ايترا ڏينهن هتي گذارڻ جي ڪري منهنجي هتان جي ڪم ڪندڙ سڀني دوستن سان عجيب اُنسيت پيداٿي وئي هُئي. اَڄُ شام ننڍي امينڊا پنهنجي ڊيوٽيءَ کان ڪلاڪ اڳ پهچي وئي، کيس خبر هئي ته مان وڃي رهيو آهيان ان ڪري پورو ڪلاڪ مون سان ويهي ڪچهري ڪيائين ۽ پوءِ يونيفارم پائي ڊيوٽي تي لڳي وئي. اڄ ريسٽورينٽ تي معمول کان وڌيڪ رش هئي، راجا بي انتها مصروف نظر اچي رهيو هو، مٿان وري علي به ڪونه هُيو. پوءِ به اٺين بجي ڌاران راجا منهنجي لاءِ برگر پارسل ڪرائي ملازمن کي هدايتون ڏئي مون کي ايئرپورٽ ڇڏڻ هليو.
    ايئرپورٽ تي مون راجا کان جلدي موڪلائي کيس واپس ورڻ لاءِ چيو، ڇاڪاڻ ته مون کي خبر هئي ته پوئتي هُو ڪم اڌ ۾ ڇڏي آيو آهي. هتي مون کي ٻَه بورڊنگ ڪارڊ مليا هڪ ڪونا کان لاس اينجلس ۽ ٻيو لاس اينجلس کان شڪاگو لاءِ. مون کي ٻُڌايو ويو ته منهنجي سامان جي ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ جي ڪائونٽر تي چيڪنگ ٿيندي، اصل ۾ ڪونا هڪ فاريسٽ وارو علائقو آهي۽ ٻاهران آيل ماڻهن جي واپسيءَ وقت انهيءَ لاءِ چيڪنگ ڪئي ويندي آهي ته ڪٿي هوڪوئي ڪاٺ يا ڪا جهنگلي جيوت ته نه کڻي وڃي رهيا آهن.
    ايئرپورٽ تي مون کي جهونن فنڪارن واري گروپ جي هڪ ميمبر شيدياڻي ملي وئي، جنهن مون کي چيو ته چيڪنگ ڪرائي لائونج ۾ اچ ته ملون ٿا. مان چيڪنگ ڪرائي، اميگريشن وارن وٽ ويس، هُو منهنجو پاسپورٽ کڻي ويا ۽ ويهه منٽن ۾ چيڪ ڪري، موٽائي ڏنائون. مون محسوس ڪيو ته شايد هُنن ڪونا جي پوليس کان ڪليئرنس پئي ورتي. مونکي آمريڪن ايئرلائينز جي فلائيٽ نمبر 246 ذريعي ڪونا کان لاس اينجلس وڃڻو هيو. اِهو پنج ڪلاڪن جو سفر هيو. مان ڪليئرنس وٺي لائونج ۾ آيس ۽ اچي جهوني فنڪاره کي ڳولڻ لڳس پر مون کي هوءَ نظر ڪونه ائي. ٻَه وڏي عمر جون آمريڪي عورتون مليون، جن سان تعارف ٿيو، هنن ٻُڌايو ته سندس اسلام آباد ۾ ڪائي خاتون دوست آهي. جڏهن کين خبر پئي ته مان ليکڪ آهيان تڏهن هنن مون کان پڇيو ته ”اسان کي خبرآهي ته پاڪستان عوام آمريڪي حڪومت کان نفرت ڪري ٿو، تُنهنجو پنهنجو آمريڪا جي ماڻهن متعلق ڪهڙو خيال آهي؟“ مون کين چيو ته آمريڪي ماڻهو ته ڏاڍو محبت ڪندڙ ۽ تعاون ڪندڙ آهن باقي حڪومتي پاليسن سان ته پاڪستانين کي مختلف حوالن سان اختلاف هوندا آهن. رات جو ڏهه لڳي ڏهن منٽن تي اسان کي بورڊنگ لاءِ سڏ ڪيو ويو. مان جيئن ئي جهاز ۾ چڙهيم، پوڙهي ڳائڻي مون کي شروعاتي سيٽن تي ويٺل نظر آئي. منهنجي سيٽ پوئتي هئي. ڏهه لڳي پنجويهه منٽن تي جهاز اڏاڻو ۽ ٽي لڳي پنجويهه منٽن تي لاس اينجلس پُهتو.


    شڪاگو ڏانهن سفر: سارَ ڪجهه ساعتن جي

    لاس اينجلس جي وقت مطابق ان وقت پنج لڳي پنجويهه منٽن ٿي رهيا هئا. اسان جي ٻي فلائيٽ جو وقت ڇهه لڳي پنج منٽ هُيو، لاس اينجلس ايئرپورٽ تي اسان جو صرف اڌ ڪلاڪ جو وقفو هُيو ۽ انهيءَ وقفي ۾ اسان کي فوراً پنهنجي نئين جهاز ۾ ويهڻو هيو. جهاز کان ٻاهرجهوني ڳائڻي منهنجي انتظار ۾ بيٺي هُئي. مان ساڻس گڏ هلڻ لڳس اوچتو هن پڇيو ”تون ڪيڏانهن ويندين؟“ مون وراڻيو: ”شڪاگو!“ ”ته پوءِ توکي پوئتي وڃڻ گهرجي، مان جيڏانهن وڃان پئي اهو رستو ايئرپورٽ کان ٻاهر وڃي“. هن مون کي چيو. مون کائنس موڪلايو ۽ پونئيان پير ڪيا.
    شڪاگو وڃڻ لاءِ آمريڪن ايئرلائينز جي فلائيٽ نمبر 810 تيار بيٺي هُئي لاس اينجلس کان شڪاگو تائين چئن ڪلاڪن جو سفر هيو. مان بورڊنگ پاس جي چڪاس ڪرائي جهاز ۾ چڙهي پيم. جهاز ۾ ڀرسان ئي Feed Ex ۽ يونائيٽيڊ ايئرلائينز جا جهاز بيٺا هُئا جيڪي پڻ هڪ هڪ منٽ جي وقفي سان اُڏاڻا. مان پنهنجي سيٽ تي سمهي پيس. خبر تڏهن پئي جڏهن ڏهه لڳي ڏهن منٽن تي جهاز شڪاگو پهتو. اتان جي وقت مطابق صبح جا ٻارنهن ٿي رهيا هُئا. شڪاگو ايئرپورٽ تي لينڊ ڪرڻ کان اڳ جڏهن اسان جو جهاز فضائن ۾ هُيو تڏهن سج پنهنجي آب تاب سان چمڪي رهيو هيو. پر جيئن ئي ڪڪرن کي پار ڪري جهاز ايئرپورٽ تي لٿو ته هتي لهندي ئي اسان کي جهڙالي موسم ۽ اونداهي نظر آئي. صبح هوندي به شام جو منظر نظر اچي رهيو هيو.
    شڪاگو جي سرزمين تي سج جي ڪرڻن جو نانءُ نشان ئي ڪونه هُيو. مون کي گرم ڪپڙا ڪونه هُيا، شرٽ به بغير ٻانهن جي پاتل هُئي. سامان کڻي جيئن ئي ايئرپورٽ جي حدن مان نڪري کليل فضا ۾ پير رکيو ته سرديءَ جي سخت لهر اچي مون سان ٽڪرائي، مان صفا ڏڪي ويس ۽ واپس اندر موٽي آيس. شڪاگو منهنجي سفري شيڊيول ۾ شامل نه هُيو. ان ڪري مون گرم ڪپڙا ڪونه آندا هُئا، بس اوچتو پروگرام ٿي ويو هو ۽ مون فريد کي چئي ڇڏيو هو ته منهنجي لاءِ گرم ڪپڙن جو انتظام ڪجانءِ. مون ايئرپورٽ تي نصب ٿيل ٽيليفون بوٿ ذريعي سڪو وجهي، فريد کي فون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر فون نه پئي مليو. ٻاهر سخت سردي هُئي. مون پندرنهن منٽ کن انتظار ڪيو، نيٺ لاچار هڪ آمريڪيءَ کي سندس موبائيل فون ڪرڻ لاءِ عرض ڪيم،جنهن منهنجو عرض قبوليو ۽ پنهنجو موبائيل ڏنو.
    مون فريد جو نمبر ملايو فريد چيو ته مان ٽرمينل جي ٻاهران ئي پهچي ويو آهيان تون ٿورو ٻاهر نڪر. مان جلديءَ ۾ موبائيل سندس مالڪ کي ڏئي، ٿورا مڃي، ٻاهر نڪتس. فريد جي گاڏي، جيڪا 2005ع ۾ مون ڏٺي هئي، سامهون بيٺل نظر آئي. گاڏيءَ مان نڪرندي ئي فريد مون کي گرم جيڪٽ ڏني. مان ساڻس مليم، فريد سان سندس گهرواري ۽ ٻارڙا به گڏ هئا. ملياسين، خوش خير عافيت ٿي فريد ٻُڌايو ته ذاڪر شاهه نالي سندس هڪ دوست، جيڪو ڪجهه عرصو اڳ ڊاڪٽر مبارڪ وٽ ڪم ڪندو هيو. ان جي گهر ۾ قضيو ٿي پيو آهي ۽ سندس گهر رستي ۾ ئي آهي، ان ڪري ان وٽان ٿي هلڻو آهي. مون چيو ٺيڪ آ ڪوئي مسئلو ناهي. فريد ۽ ڀاڀي، گاڏيءَ ۾ ذاڪر شاهه ۽ سندس فئمليءَ لاءِ کاڌو به تيار ڪري کڻي آيا هُئا. بلڪل ائين جيئن پاڻ وٽ قضيو ٿيل گهر ۾ مانيءَ جو ويلو موڪليو ويندو آهي. اسان سندن گهر آياسي کاڌو سڀني گڏجي کاڌو ۽ پوءِ فريد جي گهر روانا ٿياسون. مون کي سخت ننڊ اچي رهي هئي. ان ڪري گهر پهچي مون ٿورو آرام ڪيو.
    شام جو فريد ٻُڌايو ته رات جي ماني هڪ دوست وٽ آهي. فريد جڏهن ڪرائي جي گهر ۾ رهندو هُيو تڏهن اهو دوست سندس پاڙيسري هيو. سندس تعلق حيدرآباد جي اردو ڳالهائيندڙ فيملي سان هيو ۽ هُنن پنهنجو نئون گهر خريد ڪيوهو، جنهن جي خوشيءَ ۾ ئي هُن ڪجهه دوستن جي مان ۾ رات جي مانيءَ جو بندوبست ڪيو هو. رات جو تيار ٿي اسان نڪري وياسي. اسان جي ميزبان بزرگ ڪليم الله ٻُڌايو ته هو مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي پهرين بئچ جو گريجوئيٽ انجنيئر آهي ۽ 1968ع ۾ يونيورسٽي جي شاگرد يونين جو جنرل سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. جڏهن ته ساڻس گڏ ويٺل سندس نياڻو يوسف مغل ڊاڪٽر هيو جيڪو 1982ع کان هيلٿ ڪيئر جي شعبي سان واڳيل هيو. اسان ماني کائي ساڻن ڪچهري ڪري واپس گهر موٽي آياسون اڄ آچر جو ڏينهن هُيو. فريد پنهنجي ٻارن سميت مسجد آيو.هُن ٻُڌايو ته سندس ٻارَ هر آچر تي مسجد ايندا آهن، جتي کين ديني تعليم ڏني ويندي اهي. سندس چوڻ هو ته هتي رهندڙ مسلمان گهڻو ڪري ڪوشش ڪندا آهن ته سندن اولاد کي دين سان رغبت پيدا ٿئي ته جيئن هُو پنهنجي اصليت ۽ بنياد وڃائي نه ويهن. ٻارن کي مسجد ڇڏي اسان مشيگن ڍنڍ ڪناري نڪري آياسي. سردي تمام گهڻي هُئي ايتري تائين جو اسان کي گاڏي مان پير زمين تي ڌري فوٽو ڪڍرائڻ جي همت به نه ٿي. ماڻهو لانگ بوٽن ۽ لانگ ڪوٽن ۾ نظر آيا. برف باريءَ جي شروعات ٿي چُڪي هُئي. پر برف اڃان ڄمڻ شروع ڪونه ڪيو هو. اسان ٿوري دير مشيگن ڍنڍ جو نظارو وٺي گهر موٽي آياسي.
    رات جو ڊاڪٽر مبارڪ ميرجت پنهنجي گهر ۾ ڪجهه دوستن جي دعوت ڪئي هُئي. هُن اِهو پروگرام منهنجي شڪاگو اچڻ جي حساب سان ٺاهيو هو. رات جو مان ۽ فريد جي فئملي ڊاڪٽر مبارڪ جي محل نما گهر ۾ پهتاسون. ڪافي مهمان هُيا جن مان ڏهه کن مرد هُيا ۽ باقي عورتون. ڊاڪٽر سان ڪچهري ٿي، شاندار مانيءَ جو انتظام هيو. هتي ئي منهنجي ملاقات اُردو جي هڪ بزرگ شاعر ڊاڪٽر صادق نقويءَ سان ٿي. هندستان جي شهر حيدرآباد سان واسطو رکندڙ هِن شاعرجا لڳ ڀڳ چوڏهن ڪتاب اردو ۽ انگريزيءَ ۾ تصنيف ٿيل هُئا. هو هڪ ئي وقت شاعر ۽ نثر نگار هُيو ۽ اردو، فارسي ۽ انگريزيءَ تي مهارت پئي رکيائين. زندگيءَ جو وڏو عرصو درس ۽ تدريس سان لاڳاپيل ڊاڪٽر نقوي شاعريءَ جي حوالي سان واقعه ڪربلا جي بيان تي به ڪافي طبع آزمائي ڪئي هُئي. هُو ڪيترائي بين الاقوامي مشاعره ۽ ليڪچر به اٽينڊ ڪري چُڪو هيو. ڊاڪٽر صاحب سان ڪافي ڪچهري ٿي هُن مون کان سنڌ جي ادب ۽ ادبي سرگرمين جي باري ۾ به پُڇيو. رات جي ماني کان پوءِ اسان گهر واپس هليا آياسي. گهر پهچندي فريد جي نياڻي ”ڪومل“ مون کي پنهنجو اسڪول لاءِ تيار ڪيل پراجيڪٽ ڏيکاريو. سندس ٺاهيل سي ڊيءَ ۾ اسلام جي پنجن بنيادي رُڪنن جي تشريح ٿيل هئي. مون کي محسوس ٿيو ته هتي آمريڪا ۾ تعليمي ادارن ۾ ڪنهن به شاگرد تي پنهنجي مذهب جي تشريح تي ڪا به پابندي ڪونه آهي. اڄ صبح جو جيئن ئي مان سجاڳ ٿيوهيس ته فريد مون کي پنهنجي گهر جا سمورا حصا تفصيل سان گهمايا هئا. گهر جي بيسمينٽ ۾ هڪ ڪمرو ۽ گيراج ٺهيل هُئي. گرائونڊ فلور تي چار بيڊروم ۽ هڪ لائونج هُيو جڏهن ته گهر جي پٺيان ويڪرو پارڪ هُيو. گهر جي ڪل ايراضي ڏهه هزار اسڪوائر فوٽ هُئي. ”آمريڪا ۾ هر ماڻهوءَ جي اها ڪوشش رهندي آهي ته سندس گهر ۾ مختصر ئي سهي پر پارڪ ضرور هُجي“ فريد ٻُڌايو هو، رات جو دير سان ”ڪومل“ جو ٺاهيل اسڪول پراجيڪٽ ڏسڻ کان پوءِ مان آرام ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪمري ۾ آرام ڪرڻ لاءِ هليو ويس.
    نئين ڏينهن تي صبح جو سوير تيار ٿي مان ۽ فريد، سندس پٽ دانيال کي سندس اسڪول ڇڏڻ لاءِ آياسي. اهو سخت سرديءَ وارو صبح هيو ۽اسڪول جي مئن گيٽ تي اسڪول کان ٻاهر شاگرد بيٺا هُئا. اسڪول جو مئن گيٽ بندهُيو ۽ اسڪول جي پرنسپال هٿ ۾ واڪي ٽاڪي جهليو ٻاهر شاگردن سان بيٺي هئي، جيڪا ايندڙ شاگردن کي ويلڪم چئي رهي هئي. مان حيران ٿي ويس ته اسڪول جو مئن گيٽ بند ڇو آهي؟! حالانڪه اڃان اسڪول شروع ٿيڻ جو ٽائيم به نه ٿيو آهي. عام طرح اسان وٽ ائين ٿيندو آهي ته، اسڪول پهچڻ جو ٽائيم اوور ٿيڻ کان پوءِ ئي گيٽ بند ڪيو ويندو آهي ته جيئن ”ليٽ ڪمرس مسٽ سفر“ واري چوڻيءَ مطابق دير ايندڙ شاگرد ٻاهر بيهي سزا ڀوڳين پر هتي اُلٽو چڪر نظر آيو. فريد ٻُڌايو ته مئن گئٽ ڪلاسز شروع ٿيڻ کان صرف ڏهه منٽ اڳ کلندو آهي ۽ اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ٻارن کي هڪٻئي سان ملڻ ۽ گپ شپ ڪرڻ جو ٽائيم ئي ناهي ملندو، انهيءَ ڪري صبح جو سوير ٻارَ جيئن جيئن گيٽ تي گڏ ٿيندا ويندا آهن، هُو هڪٻئي سان ملي وٺندا آهن ۽ ايئن انهن ۾ دوستي ۽ انڊر اسٽينڊنگ پيدا ٿيندي آهي ۽ هُو هڪٻئي سان رلي ملي ويندا آهن. فريد ٻڌايو ته آمريڪا ۾ حڪومت تعليم جي شعبي ڏانهن تمام گهڻو توجه ڏيندي آهي. دانيال کي اسڪول ڇڏي اسان فريد جي آفيس آياسي. رستي ۾ روڊ جي ٻنهي پاسي وڻ بيٺل هئا جن جا پن ڇڻي چُڪا هُئا. فريد ٻُڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ تائين، اهي وڻ سرسبز هُئا ۽ ساون پنن سان ڍڪيل هئا هاڻ سرديءَ سبب اهي ڇڻي ويا آهن. هُن ٻُڌايو ته هونئن عام طرح نومبر مهيني ۾ هتي مڪمل برف باري شروع ٿي ويندي آهي پر هن سال نومبر ۾ برفباري نه ٿي، شايد قدرت اوباما تي مهربان هئي ۽ هن شڪاگو ۾ ڀرپور اليڪشن مهم هلائي. اوباما اصل ۾ شڪاگو جو ئي آهي، آمريڪا جي صدراتي چونڊ ۾ حصو وٺڻ کان اڳ هُو شڪاگو (الينو آءِ رياست) جي سيٽ تان ئي سينيٽ جو ميمبر هيو. فريد ٻُڌايو ته هتان جي ڪائونٽي جو ڪمشنر ڊاڪٽر مبارڪ ميرجت جو دوست آهي ۽ هُو ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي فئملي سميت ڊاڪٽر مبارڪ جي گهر به آيو هو ۽ اهو وري بارڪ اوباما جو ويجهو دوست آهي ۽ ايئن جيڪڏهن ڊاڪٽر مبارڪ، آمريڪي صدر بارڪ اوباما سان ملڻ چاهي ته انهيءَ ڪمشنر جي وسيلي ملي سگهي ٿو. فريد ٻُڌايو ته شڪاگو وارا انهيءَ ڳالهه تي خوش آهن ته سندن ”ڳوٺائي“ آمريڪا جو صدر ٿي ويو آهي. بلڪل ايئن جيئن پاڻ وٽ نوابشاهه واسي خوش ٿيندا آهن ته سندن ”ڳوٺائي“ پاڪستان جو صدر آهي.
    آمريڪا ۾ رهندي مون محسوس ڪيو ته هتي سماجي اخلاقيات جي تمام گهڻي پاسداري ڪئي وڃي ٿي. هتي ننڍي ۾ ننڍي ڪم تي به اڳلي کي ”ٿئنڪس“ چوڻ لازم آهي. فريد ٻُڌايو ته هتي جيڪڏهن ڪنهن خاص مهمان جي مان ۾ دعوت ڪئي ويندي آهي ۽ انهيءَ جي ڪري ئي ٻين مهمانن کي به مدعو ڪيو ويندو آهي ته انهيءَ خاص مهمان تي لازم هوندو آهي ته هو دعوت واري هنڌ سڀني کان اڳ پهچي ۽ ميزبان سان گڏ بيهي سڀني مهمانن جي آجيان ڪري، هڪ هڪ مهمان جي ڀرسان وڃي ٿوري ٿوري دير لاءِ ساڻس حال احوال ڪري ۽ آخر ۾ سڀني مهمانن کي خدا حافظ چئي پوءِ پاڻ پنهنجي گهر وڃي. ڪيڏي نه خوصورت روايت آهي اها، مون سوچيو ته پاڻ وٽ انهيءَ جي بلڪل ابتڙ ٿيندو آهي. خاص مهمان جيڪو محفل جو چڱو مڙس هوندو آهي اُهو سڀني کان آخر۾ گهڻي انتطار کان پوءِ ايندو ۽ سڀني کان اڳ هليو ويندو، بهرحال، ڪالهه فريد سان گڏ مشيگن ڍنڍ وٽان لنگهندي فريد مون کي اهو چونڪ پڻ ڏيکاريو جتي اليڪشن کان پوءِ بارڪ اوباما فتح واري تقرير ڪئي هئي. مشيگن ڍنڍ جي مرمت جو ڪم جاري هيو، ڇاڪاڻ ته 2016ع ۾ شڪاگو اولمپڪ راندين ڪرائڻ جو اميدوار آهي جنهن جي تياري هاڻي کان ئي شروع هئي.
    فريد ۽ مان سندس آفيس آياسي، هُو پاڻ آفيس جي ڪم ڪار کي ڏسڻ لڳو ۽ مان سندس ليپ ٽاپ کڻي انٽرنيٽ تي چيٽنگ ڪرڻ لڳس. منجهند جي وقت آفيس جي ڀرسان هڪ چائينز ريسٽورينٽ ۾ مانجهاندو ڪرڻ وياسي. فريد هونئن روزانو گهران لنچ باڪس کڻي ايندو آهي پر اڄ مون کي ٻاهر لنچ ڪرائڻ جي خيال سان هُو لنچ باڪس نه کڻي آيو هو. شامَ جو ستين بجي آفيس جي ڪم مان جان ڇڏائي اسان ڊاڪٽر مبارڪ جي هيڊ آفيس آياسي. هتي مون کي هڪ پراڻو ساٿي مير غلام عابد ٽالپر ملي ويو. جيڪو اصل ۾ ڪوٽ مير محمد (خيرپور) جو آهي ۽ اسان جي دوست مير منور ٽالپر جو ڀيڻيوو آهي. مير غلام عابد شاهه لطيف يونيورسٽي مان ڪمپيوٽر سائنس ۾ ماسٽرس ڪئي آهي ۽ ڊاڪٽر مبارڪ جي چوڻ تي هُو روزگار سانگي اچي آمريڪا ۾ ترسيو هو. ڊاڪٽر مبارڪ جي اها روايت رهي آهي ته هُو پنهنجي ننڍپڻ جي دوستن، مٽن مائٽن ۽ ڳوٺائين کي وقت به وقت آمريڪا گهرائي روزگار سان لائيندو رهيو آهي. منهنجو ڀائٽو الطاف منگي جيڪو اسٽيل مل ڪراچيءَ ۾ ملازم آهي اُهو پڻ ڊاڪٽر مبارڪ جو ڪلاس فيلو رهيو آهي، کيس به ڊاڪٽر مبارڪ آمريڪا اچڻ جي آفر ڪئي هُئي. سال 2005ع ۾ مان جڏهن پهريون دفعو آمريڪا آيو هئس ۽ فريد وٽ ٽڪيل هيس، ان وقت، مير غلام عابد، فريد جي گهر جي ڀرسان ئي رهندو هو پر ايترا ڏينهن منهنجي اُتي رهڻ جي باوجود هُو مون سان ملڻ نه آيو هو. اڄ اوچتو ڊاڪٽر مبارڪ جي آفيس ۾ ٽڪرجڻ تي هُو ٿورو ٿورو شڪي ٿي رهيو هو پر پوءِ به مون کي گهر اچڻ جي دعوت ڏنائين جنهن تي مون سندس مهرباني مڃي. هتي ئي منهنجي ملاقات ڊاڪٽر مبارڪ جي ڀيڻيوئي مير محمد ميرجت سان ٿي جيڪو اصل ۾ نوابشاه جو هيو ۽ هتي ڊاڪٽر مبارڪ جي ڪلينڪ ۾ ڪم ڪندو هُيو. فريد سندس مٿان ذميداري رکي ته هُو سڀاڻي مون کي آفيس مان کڻي شڪاگو جي فيلڊ ميوزم ڇڏيندو ۽ شام جو وري اتان کڻي فريد جي آفيس پهچائيندو. مير محمد اِها ذميداري قبول ڪئي، ۽ پوءِ اسان واپس گهر هليا آياسي، رات جي مانيءَ تي فريد جي ٻارڙن سان ڪچهري ٿي مون کائنن سندس اسڪول جا حال احوال ورتا.


    فيلڊ ميوزم مان ڦيرو

    نئين ڏينهن جو سج جيئن ئي اُڀريو. اسان تيار ٿي ناشتو ڪيو. مان فريد سان گڏ سندس گهران نڪتس. فريد پنهنجي پُٽ دانيال کي سندس اسڪول ڇڏيو ۽ پوءِ ڊاڪٽر مبارڪ جي هيڊ آفيس اچي مون کي
    مير محمد ميرجت جي حوالي ڪيائين. مان ۽ مير محمد سندس گاڏيءَ ۾ ڊائون ٽائون روانا ٿياسون. اڄ مون کي فيلڊ ميوزم گهمڻو هُيو، جيڪو مشيگن ڍنڍ جي ڀرسان ئي واقع آهي. مير محمد مون کي ميوزم جي ٻاهران لاهي اهو چئي موڪلائي ويو ته ”مان شام جو پنجين بجي هتي ئي واپس ايندس“. ميوزم جي عمارت تمام گهڻي اوچائيءَ تي واقع هُئي بلڪل ايئن جيئن اسان وٽ هاءِ ڪورٽ جون عمارتون هونديون آهن. تمام سخت سيءُ پئجي رهيو هو ۽ اهڙي سخت سرديءَ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گاڏيءَ مان لهڻ واري جاءِ کان وٺي ميوزم جي مئن گئٽ تائين هڪ سرُنگهه نما رستو جوڙيو ويو هو، جيڪو شاميانن سان ڍڪيل هُيو. اهڙي قسم جا شاميانه مون کي مختلف بس اسٽاپس تي به نظر آيا جيئن گاڏيءَ جو انتظار ڪندڙ مسافر سيءَ کان بچي سگهن. مان جيئن ئي ميوزم جي مئن گيٽ وٽ واقع رسيپشن ڀرسان ٽڪيٽ گهر وٽ پهتس ته مون کان پڇيائون ته ”توهان استاد ته نه آهيو؟“ مون کين چيو ته نه مان استاد ته نه پر هڪ تعليمي اداري جو سربراهه ضرور آهيان. انهيءَ تي هُنن ڪنهن سڃاڻپ ڪارڊ جي پُڇا ڪئي. مون کين پنهنجو بزنس ڪارڊ ڏيکاريو (هتي وزيٽنگ ڪارڊ کي بزنس ڪارڊ چون) منهنجو ڪارڊ ڏسي هنن مون کي فري پاس ٺاهي ڏني ۽ ايئن منهنجا اٺ ڊالر بچي ويا. اندر وڃڻ کان پوءِ هڪ ٻي گيٽ تي مون کان ٽڪيٽ جي پُڇا ڪئي وئي. مون کين پاس ڏيکاري پرمعلوم ٿيو ته ميوزم ۾ اسي سيڪڙو اهڙا حصا هُيا جيڪي انهيءَ اڳواٽ مليل پاس ذريعي گهمي پئي سگهيا، جڏهن ته ويهه سيڪڙو ڪجهه اهڙا شعبا به هُئا جن لاءِ اٺ ڊالرن جي الڳ ٽڪيٽ وٺڻي هئي. مون ٽڪيٽ خريد ڪئي. خبر پئي ته ميوزم کي گهمڻ جو وقت صبح جو نائين کان شام پنجين بجي تائين مقرر ٿيل هُيو.
    ميوزم ۾ داخلا شام جي چئين بجي بند ڪئي ويندي آهي ۽ ميوزم صرف ڪرسمس وارن ڏينهن تي ئي بند هوندو آهي، باقي سمورو سالُ هفتي جا سمورا ڏينهن کليل رهندو آهي. فيلڊ ميوزم ۾ مستقل ميمبرشپ رکندڙن لاءِ مختلف قسم جا ڊسڪائونٽ پئڪيج به رکيل هئا. فيلڊ ميوزم جو سلوگن ڏاڍو خوبصورت هيو، جيڪو هن طرح هيو ته “Exploring the earth and its people” سبب اهو هو ته هن ميوزم ۾ زمين سان لاڳاپيل مختلف حقيقتون ئي محفوظ ٿيل هُيون. هتي ميوزم لائبريري به واقع هئي جيڪا صبح جو يارهين بجي کان شام جو چئين بجي تائين صرف سُومر ۽ جمعي جي ڏينهن کليل پئي رهي.
    فيلڊ ميوزم جي وسيع ۽ شاندار عمارت ٽن منزلن تي مشتمل هُئي جن کي گرائونڊ ليول، مئن ليول ۽ اپر ليول سڏيو پئي ويو. گرائونڊ ليول تي جيڪي ڏسڻ جهڙيون شيون هُيون انهن ۾ جيمس سمپسن ٿيئٽر، هيريز اينڊ ويبر ريسورس سينٽر، انڊر گرائونڊ ايڊوينچر ۽ ٻيا شامل هئا. هن ئي فلور تي ڪرائون فيملي پلي ليب، ٻَه وڏا فيملي ريسٽورينٽ، ميڪڊونالڊ شاپ، ٻه ليڪچر هال به موجود هئا. جڏهن ته ميوزم ۾ جي هڪ حصي ۾ قديمي مصري تهذيب جون مختلف شيون موجود هيون. جنهن کي “Inside Ancient Egypt” سڏيو پئي ويو. کائڻ پيئڻ جي شين لاءِ هڪ مخصوص ‎حصي ۾ وينڊنگ مشينون لڳل هيون جن جي سامهون ئي پڪنڪ سيٽنگ جو بندوبست ٿيل هو. هن فلور تي صاف سُٿرا واش روم، فيملي ٽوائليٽ، مختلف جاين تي پيئڻ جي صاف پاڻي جا ڪُولر، فرسٽ ايڊ سينٽر، انفارميشن ڊيسڪ (جتان گم ٿيل ٻارن جي پُڇا به ٿي رهي هئي) مختلف جاين تي فون بوٿ، ٽيڪسي فون (جتان ٽيڪسي گهرائڻ لاءِ فون ٿي رهيا هئا) ۽ ٻيون گهڻيون سهولتون هِن فلور تي موجود هيون. هِن فلور ۾ اندر داخل ٿيڻ لاءِ جتي مختلف کوڙ دروازا موجود هُئا اُتي “Group Entrance” يعني ڪنهن ويگن جي وڃڻ لاءِ به گيٽ موجود هيو. مختلف جاين تي هنگامي بنيادن تي هن عمارت مان نڪرڻ لاءِ “Fire Exit” پڻ موجود هئا. اهڙا رستا ٽنهي فلورن تي موجود هئا. گرائونڊ ليول تي هن ميوزم ۾ اسٽور روم، نرسنگ روم ۽ ٻارن کي هڪ جاءِ تي ويهارڻ جون جايون به ٺهيل هُيون.
    وِچين منزل جنهن کي ”مئن ليول“ چيو پئي ويو، هن منزل ۾ داخل ٿيندي ئي ٻَه مصنوعي هاٿي نظر اچي رهيا هُئا. مُک دروازي جي سامهون ئي نصب ٿيل اهي هاٿي ڄڻ ته سچا پچا هاٿي هُجن. (اهڙي قسم جو هاٿي ڪراچيءَ ۾ سفاري پارڪ جي سامهون مئن گيٽ تي پڻ ٺاهيو ويو آهي) پر هي هاٿي هُو بهو اصل لڳي رهيا هئا، ڀرسان ئي هڪ تمام وڏي ڊائنوسار جو ڍانچو پڻ نصب ٿيل هُيو. وڏي تعداد ۾ اسڪولي ٻارڙا پنهنجي ٽيچرز سميت هن فلور تي گهمندي ڦرندي نظر آيا. هن فلور تي مختلف اسپيشل گيلريون ٺهيل هُيون. اهڙين گيلرين ۾ رائيس گيلري، Nebber گيلري، Holleb ايگزيبيشن گيلري شامل هيون. هن ئي فلور تي Levin ايگزيبيشن گيلري به ڏسڻ وارن جي توجه جو مرڪز هئي. جڏهن ته پراڻن آمريڪين ۽ قديم آفريڪين جي لائيف اسٽائيل جي حوالي سان الڳ الڳ ماڳ موجود هُيا. پکين ۽ جانورن جي حوالي سان به مختلف ڏسڻ جهڙيون جايون هِن فلور تي موجود هيون. جن ۾Bird Habitats،Lions of Tsaro، مئملس آف ايشيا، مئملس آف آفريڪا، ورلڊ آف مئملس، نيچر واڪ، ورلڊ آف برڊس، نارٿ آمريڪن برڊس ۽ ٻيون جايون ٺهيل هُيون. جنهن ۾ رنگ رنگ جا پکي ۽ جانور ايئن محفوظ ڪيا ويا آهن ڄڻ ته بلڪل جيئرا هُجن. هن فلور تي “Replies & Amphbions” جي نالي سان ٺهيل جاءِ پڻ سياحن جي دلچسپي جو مرڪز هئي. جڏهن ته هِن ئي فلور تي نارٿ آمريڪن انڊينس جي لائيف اسٽائيل متعلق به هڪ ڪارنر قائم هيو. هن فلور تي به قديم مصري تهذيب جو ڪارنر قائم ٿيل هو. فيلڊ ميوزم جي اوڀر ۾ مشيگن ڍنڍ جڏهن ته اولهه ۾ Lake Shore Drive واقع هئي.
    فيلڊ ميوزم جي مٿئين فلور جنهن کي ”اپر ليول“ سڏيو پئي ويو، تي پڻ دلچسپين جو عجيب جهان آباد هيو. جن کي ڏسڻ لاءِ پڻ عورتون، مرد، نوجوان، اسڪولي ٻارَ وڏي تعداد ۾ موجود هئا.
    “Plants of the World” واري حصي ۾ دنيا جي مختلف حصن جا گُل، ٻُوٽا محفوظ ڪيا ويا هئا. ”ڊائنوسار هال“ ۾ محفوظ ڪيل ڊائنوسار ڏسي عقل دنگ رهجي ويو، ڊي اين اي ڊسڪوري سينٽر، اسپيشل ايگزيبيشن گيلري، پئسفڪ سمنڊ جي حوالي سان، پئسفڪ اِسپرٽس ۽ ٽريولنگ دي پئسفڪ پڻ هِن فلور تي موجود هُيا، جنهن ۾ پئسفڪ سمنڊ جي حوالي سان مختلف قدرتي منظر ۽ شيون محفوظ ٿيل هيون.هن ئي فلور تي هڪ “Fossil Preparation Laboratory” موجود هئي جڏهن ته “More on Sue” جي نالي سان خاص ڏسڻ جهڙو ماڳ پڻ هن فلور تي هُيو. سموري دنيا جي مختلف خطن جي تهذيب انهن جي ثقافتي رنگ ۽ لباس ۽ ٻوٽن جي نمائش لاءِ مختلف “Exhibit Station” پڻ واقع هيون. ڪتابن، زيورن، گفٽ آئٽمز جي نمائش جا مرڪز به موجود هئا.
    مان فيلڊ ميوزم جي ٽنهي فلورز کي دلچسپيءَ سان ڏٺو ۽ سچ ته مون کي ڏاڍو مزو آيو. “Inside Ancient Egypt” ۾ ٽيويهه مصري مميون رکيل هُيون. جيڪي مصري تهذيب جون صديون پراڻو اهڃاڻ هُيون. جڏهن ته هڪ ”مصري کٽولو“ جنهن کي “Egyptain Bed” سڏيو پئي ويو پڻ هتي موجود هُيو ۽ سياحن کي ان تي سمهڻ جي اجازت هئي. هِن صديون پراڻي کٽولي تي سُمهي مان ڄڻ ته کن پل لاءِ 2450 قبل مسيح واري مصر ۾ پهچي ويس. بلڪل ائين “The Ancient Americas” واي حصي ۾ پهچي ڄڻ ته مان تيرنهن هزار پراڻي آمريڪن تهذيب ۾ پهچي ويس. ننڍڙن ڳوٺڙن مان شروع ٿيل زندگي، برف واري دؤر “Ice Age” جا عڪس، شِڪاگو جي آباديءَ جي شروع وارا ڏينهن، ڪاٺ جي بُتن سان ڀريل پورو هال ۽ ٻيون اهڙين حيرت ناڪ دلچسپيون هتي ڏسڻ لاءِ مليون. “Lions of Tsaro” واي حصي ۾ اُهي شينهن رکيل نظر آيا جن ڪنهن زماني ۾ اوڀر آفريڪا ۾ دهشت ڦهلائي هُئي. فيلڊ ميوزم جي حوالي سان هڪ ڳالهه شيئر ڪندو هلان ته هتي مختلف حصن ۾ داخل ٿيندي ان سان لاڳاپيل ماحول مطابق پکين توڙي جانورن جا آواز پڻ “Sound effect” طور ٻُڌجي رهيا هئا. جيڪي ماحول کي حقيقت جي قريب تر بنائي رهيا هُئا.
    فيلڊ ميوزم جي هر حصي ۾ مختلف گائيڊ، وزيٽرس کي ٻُڌائيندي نظر آيا. جيتوڻيڪ ٻاهر قهر جي سردي هئي پر ميوزم ۾ اندر مناسب گرمي پد هُيو. هر حصي جي ٻاهران ان حصي متعلق معلوماتي ڪتابڙا ۽ بروشر پيل هُئا، جيڪي مفت ۾ سياحن کي ملي رهيا هئا. زيورن واري حصي ۾ جيتوڻيڪ ڪيترائي قيمتي زيور، هيرا، جواهر ۽ موتي پيل هُئا پر ڪوئي به سيڪيورٽي گارڊ نظر نه آيو. “The painted Bird” وارو حصو به ڏاڍو خوبصورت هيو جنهن ۾ دُنيا جهان جي خوبصورت رنگين پکين جو هزارين تصورون ٺهيل نظر آيون. ميوزم ۾ هنڌين هنڌين مختلف آرٽسٽ، ڪينواس جي سامهون پينسل توڙي برش سان تصويرون ٺاهيندي نظر آيا. هڪ حسين ڇوڪري پينسل سان هڪ باندر جو اسڪيچ ٺاهيندي نظر آئي. باندر سندس سامهون ئي رکيل هُيو. مون سندس ويجهو وڃي چيو ”نائيس“ جنهن تي سندس خوشيءَ جي ڪائي حد نه هئي ۽ مون کي ”ٿئنڪس “ چيائين. مون سندس تصوير پنهنجي ڪئميرا ۾ محفوظ ڪئي. منجهند جو مون کي اچي بک ورايو. مون اچي ميڪڊونالڊ جو پاسو ورتو ۽ اتان هڪ برگر خريد ڪيو. پر جيئن ئي ويهي برگر کولي ڏسان ته ان ۾ سوئر جو گوشت نظر آيو. سوئر جو گوشت مون کي “Denny’s” تي راجا ڏيکاريو هو ۽ ان جي سُڃاڻپ سمجهائي هئي مون فورا برگر واپس ڪيو ۽ چڪن برگر ورتو ۽ پوءِ اچي کاڌو، فيلڊ ميوزم جا انيڪ احساساتي رنگ ڏسندي ٽائيم جي خبر ئي ڪونه پئي ۽ مان پوڻين پنجين بجي ڌاران ميوزم کان ٻاهر نڪري آيس. ٻاهر سخت سردي هئي. مون ٻاهر نڪري مئن انٽرينس جو فوٽو ڪڍيو. ميوزم ۾ سون جي تعداد ۾ گورا ۽ ڪارا نظر اچي رهيا هئا. سوا پنجين بجي مير محمد پهچي ويو. مير محمد پندرنهن منٽ ليٽ هُيو ۽ انهيءَ معمولي دير تي به هُن مون کي ايڪسڪيوز چيو. پوڻين پنجين بجي جنهن وقت مان ميوزم کان ٻاهر نڪتو هئس ان وقت سج لهي چڪو هو.جڏهن ته آمريڪا جي ڪجهه علائقن ۾ اٺين بجي به سج بيٺل هوندو آهي. مير محمد مون کي فريد ڀٽو جي آفيس پهچايو، پوءِ فريد سان گڏ گهر آيس، گهر ڏانهن ايندي خيرپور مان منهنجي دوست محمود سومري جو فون اچي ويو. جنهن سان حال احوال ٿيا. فريد جي ٻارڙن فرمائش ڪئي ته فيلڊ ميوزم ۾ ڪڍيل تصويرون کين ڏيکاريان اهڙي طرح اڻيتاليهه انچن “H.D”جي ٽيليويزن سان ڪئميرا جي ليڊ جوڙي اسان فيلڊ ميوزم جون تصويرون ڏٺيوسين، جيڪي فريد جي ٻارن کي ڏاڍيون وڻيون ۽ پوءِ رات جي ماني کائي فريد سان ٿورڙي ڪچهري ڪري اسان ننڊ جي نيري واديءَ ڏانهن نڪري وياسي.


    انڊيانا رياست جو احوال ۽ “ڪُتن جو هوٽل”

    آمريڪا ۾ عام اخلاقيات ۽ تڪلف جو تمام گهڻو خيال رکيو ٿو وڃي. انهيءَ ڳالهه جو احساس مون کي ان وقت به ٿيو جڏهن نئين ڏينهن تي مان فريد سان گڏ صبح جو تيار ٿي سندس آفيس آيس. فريد هتي هر هڪ اسٽاف ميمبر کي الڳ الڳ ”گڊ مارننگ“ چيو. فريد جي آفيس ۾ ويٺوئي هُيس جو خيرپور کان پروفيسر غلام قادر ڦلپوٽو جو فون اچي ويو. سائينءَ مون کان سفر جا حالَ احوال ورتا. سائين غلام قادر ڦلپوٽو نائين ڪلاس ۾ منهنجو ڪلاس ٽيچر رهي چڪو آهي ۽ سائينءَ جو مون سان تمام پراڻو ساٿ رهيو آهي. پاڻ ادب سان چاهه رکندڙ هڪ متحرڪ سماجي شخصيت آهي. فريد مونکي ٻُڌايو اڄ ”انڊيانا اسٽيٽ“ هلڻو آهي جتي انڊيانا اسٽيٽ جي شهر “Munster” ۾ پڻ ڊاڪٽر مبارڪ جي هڪ ڪلينڪ موجود آهي. جيڪا نئين نئين قائم ڪئي وئي هُئي. انڊيانا اسٽيٽ ۾ ماڻهن جي آبادي گهٽ آهي جڏهن ته حڪومت پاران هتي ماڻهن کي رهڻ جي ترغيب ڏيڻ لاءِ کاڌي پيتي جي شين تي ٽيڪس ۾ تمام گهڻي رعايت ڏني ويئي آهي. فريد جيئن ئي پنهنجي آفيس جي ڪم مان فارغ ٿيو اسان ٻارهين بجي منجهند جو انڊيانا اسٽيٽ لاءِ روانا ٿياسي. هيءَ اسٽيٽ شڪاگو کان اڌ ڪلاڪ جي ڊرائيو تي آهي اسان ٿوري دير ۾ انڊيانا اسٽيٽ ۾ واقع ڪلينڪ ۾ پهچي وياسي. ڪلينڪ نئين نئين قائم ٿي هُئي. مريضن اچڻ شروع ٿي ويا هئا، پر مريضن کان ڪائي فيس نه پئي ورتي وئي. فريد ٻُڌايو ته هيءَ ڪلينڪ اڃان تائين رجسٽرڊ ناهي ٿي اُن ڪري مريض کان فيس وٺڻ جي مجاز ناهي. آفيس ۾هڪ شيدياڻي ۽ فلپائيني عورتون ڪم ڪندي نظر آيون. جن مان هڪ پنجونجاهه ساله فلپائيني عورت ”سو“ به هئي. ”سُو“ زندگي جو وڏو حصو اقوام متحده ۾ گذاري آئي هئي. هوءَ فريد جي دوست هُئي ۽ مٿس وڏي مهربان هئي. ايتري تائين جو هُن وصيت به ڪري ڇڏي هُئي ته جيڪڏهن هوءَ مري وڃي ته سندس لاش کي فلپائين ۾ سندس گهر تائين پهچائڻ جي ذميداري فريد ڀُٽو جي آهي. فريد ”سُو“ سان منهنجو اڳواٽ ذڪر ڪري ڇڏيو. اُن ڪري هُنَ مونکي به ڏاڍو قرب ڏنو. فريد آفيس ۾ پنهنجو ڪم ڪار اڪلايو ۽ منجهند جو ٻين بجي ڌاران ”سُو“ اسان کي هڪ فاسٽ فوڊ شاپ تي وٺي آئي. جتي اسان مصالحيدار کاڌا کائي پنهنجي مُلڪ جي ياد کي تازو ڪيو. بل ”سُو“ ڀريو ۽ اسان واپس ڪلينڪ تي آياسي. جتي هِڪَ ملازم مون کي ڪجهه رسالا ڏنا ته جيئن مان بورنه ٿيان ۽ويهي اِهي رسالا پڙهان. اوچتو فريد کي خيال آيو ته سندس موبائل ڪٿي رهجي ويو آهي. موبائل تي رنگ به وڃي رهي هئي. پوءِ خبر پئي ته ٻاهر گاڏيءَ مان نڪرڻ وقت سندس موبائل ڪوٽ جي کيسي مان هيٺ ڪري پيو هو، جيڪو اُتي ئي انهن گاڏين جي وچ ۾ پيو هو. بهرحال، موبائل ته ملي ويو ۽ پوءِ اسان انڊيانا ۾ شاپنگ ڪرڻ لاءِ نڪتاسي. انڊيانا ۾ به سخت سردي هُئي. روڊن تي گهمندي ان جو احساس اڃان به وڌي رهيو هو. پر ساڳي ئي وقت آفيسن ۽ شاپنگ سينٽرن ۾ ايئرڪنڊيشنرن جي استعمال سبب ٽيمپريچر مناسب هُيو. مون هڪ دوڪان تان ڊجيٽل ڪئميرا خريد ڪئي جيڪا 126 ڊالرن ۾ملي جڏهن ته ساڻس ويهه ڊالرن جو هڪ گفٽ ڪارڊ به مليو جنهن جي عيوض مان ڪا به شيءِ خريد پئي سگهيس.

    شام جو گهر واپس اچڻ کان پوءِ ڪجهه دير آرام ڪيو ۽ رات جو فريد جي ٻارن سان گڏ اسان وري شاپنگ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتاسي، فريد مون کي “Pets Mart” نالي هڪ شاپنگ سينٽر تي وٺي آيو. هونئن فريد کي ڪا خاص خريداري نه ڪرڻي هئي پر صرف منهنجي مشاهدي لاءِ هُو هِن مارٽ تي آيو هو. هي اِهو مارٽ هيو جتي مختلف جانور ۽ پکي وڪامي رهيا هُئا. مختلف قسمن جا جانور، مختلف رنگن ۽ نسلن جا پکيئڙا، ايتري تائين جو هتي نورَ، سانڊا، وڇون ۽ نانگ به وڪامي رهيا هئا. جانورن ۽ پکين جي کاڌي پيتي جا دوڪان به هتي موجود هئا. هڪ ڪنڊ ۾ هڪ هيئر ڊريسر شاپ به هُيو جتي ڪُتن جي حجامت ٿي رهي هئي. فريد ٻُڌايو ته هتي ماڻهو پالتو ڪتن سان پنهنجي ٻارن وانگر پيار ڪن ٿا. ڀرسان ئي “Pets Hotel” به موجود هيو جنهن جي سِري تي لکيل هو “All the Comforts of home” يعني ”گهر جهڙيون سموريون سهولتون.“ اوهان کي اهو ٻُڌي حيرت ٿيندي ته اهو ”ڪتن جو هوٽل“ هُيو، هتي ڪوئي به گهر مالڪ يا فئملي جڏهن شهرکان ڪجهه ڏينهن ٻاهر وڃن تڏهن پنهنجا پالتو ڪُتا هِن هوٽل تي ترسائي وڃن. هتي ڪتن جي رهائش ۽ سندن کاڌي پيتي جو بندوبست هوٽل انتظاميه ڪري، مالڪ ڪم ڪاريون لاهي واپس اچي بل ادا ڪري پنهنجا ڪُتا کڻي وڃن. مان ڏاڍو حيران ٿيس. هِن ملڪ ۾ جانورن جو به ايترو خيال رکيوپئي وَيو!!. پاڻ وٽ ته انسانن لاءِ به اهڙي سهولت موجود ڪو نه آهي. مون ڏٺو ان وقت به ماڻهو قطار ۾ بيٺا هُئا سندن بغل ۾ يا ڀرسان سندن پالتو ڪُتا هُئا جن کي هُو هتي ترسائي رهيا هُئا. اسان ٿورو گهمي ڦري واپس گهر هليا آياسون رات جو خيرپور کان محمود سومري جي فون آئي جنهن خيرپور جا حال احوال ڏنا ۽ هتان جا احوال ورتا.


    “ايڊلر پلانيٽوريم” ۾ ڪجهه پَــلَ

    ٻئين ڏينهن صبح جو تيار ٿي فريد سان گڏ سندس آفيس آيس. فريد کي سندس آفيس پاران، الٽو سان مشابهت رکندڙ ٽُو ڊور ٽويوٽا گاڏي مليل هُئي، هيءَ ننڍڙي گاڏي هئي، جڏهن ته سلور رنگ جي وڏي گاڏي سندس فئمليءَ جي استعمال هيٺ هئي. آفيس ۾ انڊيا جي هڪ ديوان ڊاڪٽر سان ملاقات ٿي سندس نالو ”نيماليا“ هو. هُو هتي فريد جي آفيس ۾ ڪم به ڪري رهيو هو. ٿڌي طبيعت وارو نرماليا اردو، هندي اسپينش ۽ انگريزي ڳالهائي پئي سگهيو. فريد مٿس ذميداري رکي ته هُو مون کي اڄ ”پلانيٽوريم“ گهمائڻ لاءِ وٺي وڃي. ”ايڊلر پلانيٽوريم“ مشيگن ڍنڍ جي ڪناري واقع هُيو، ڊاڪٽر نيماليا مون کي پلانيٽوريم جي ٻاهران ڇڏيو ۽ چيو ته هُو منجهند جو هڪ بجي واپس ايندو.
    مان ٽڪيٽ وٺي اندر داخل ٿيس. اندر وري ڪجهه حصن لاءِ الڳ ٽڪيٽ وٺڻي هُئي، جڏهن ته اڪثر حصا صرف انٽري ٽڪيٽ وسيلي ڏسي پئي سگهياسون. اسڪولي ٻارن جو تمام وڏو انگ اسٽڊي ٽوئر جي سلسلي ۾ گهمندي نظر آيو. پلانيٽوريم جي هر حصي ۾ وري مختلف سوالنامه اُتان حاصل ڪيل ڄاڻ متعلق موجود هُيا. جيڪي ٻارن جي ذهانت جي لاءِ جهڙوڪر تڪڙي امتحان وانگر هُئا.
    جيتوڻيڪ ٻاهر سخت سردي هُئي پر اندر گرمي پد مناسب هيو. پلانيٽوريم گول ٺهيل هو چوڌاري شيشي مان مشيگن ڍنڍ جا منظر ڏسڻ ۾ پئي آيا. ڍنڍ جا خوبصورت منظر ۽ شڪاگو جون اوچيون عمارتون پلانيٽوريم جي اندران عجيب سونهن ڀريو منظر پيش ڪري رهيون هيون. پلانيٽوريم ۾ مختلف دلچسپيون ۽ حيرت ناڪيون موجود هيون. جن ۾ٿِرلنگ شوز، اسڪاءِ شوز، ريسرچ اينڊ ايڊوڪيشنل پروگرامز شامل هُيا. جڏهن ته هتي گفٽ شاپ، نيٽ ڪيفي، پبلڪ ليڪچر هال به موجود هئا. هِتي سال جي مختلف ڏينهن تي خاص ڏينهن به ملهايا ويا وڃن. جن ۾ “Annual President’s Breakfast” ۽ عورتن جا خاص ڏهاڙا پڻ شامل هُئا. چنڊ، ستارا، سيارا، ڪهڪشائون ۽ انهن جي ڳُجهه دريافت ڪرڻ جي سلسلي ۾ پلانيٽوريم ڪنهن عجوبي کان گهٽ نه هو. هي پلانيٽوريم دُنيا جي تمام ٿورڙن پلانيٽوريمس مان هڪ آهي جيڪو انسانن جي، خلائي کوجنا جي مختلف رخن کي سامهون آڻي ٿو ۽ ان سان لاڳاپيل ڪردارن ۽ هيروز جي تاريخ کي پڻ محفوظ ڪري ٿو. هتي ئي “The Alder Planetarium’s Star Rider Theature”به موجود آهي جيڪو دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ترقي يافته پلانيٽوريم ٿيٽرس مان هڪ آهي. وقت جي ڳُجهن کي هتي اچي حيرت انگيز انداز ۾ پروڙي سگهجي ٿو.
    پلانيٽوريم جي مختلف دلچسپين ۾ اسڪولي ٻارڙا ۽ وڏا محو نظر آيا. ٻارَ مختلف تجربا ڪري رهيا هُئا. هِڪَ جاءِ تي دُنيا جي گولي ۾ اندر ٻَه ڪُرسيون رکيل نظر آيون مان اُني ڪرسيءَ تي ويٺس، ٻي ڪرسي تي گائيڊ ويٺي ۽ دنيا جو گولو بند ٿي ويو، انڌيرو ڇائنجي ويو ۽ پوءِ گائيڊ انڊيڪيٽر ٻاري شمسي نظام متعلق ڄاڻ ڏيندي رهي. ڏاڍو دلچسپ جهان هيو هِن پلانيٽوريم جي مختلف حصن جو، “Cosmic Collisions” اها دلچسپي هئي جتي چنڊ جي ٺهڻ جي ارتقائي عمل جي باري ۾ ڏيکاريو پئي ويو “Short for the Moon” پڻ اسپيس ايڊوينچر جو انوکو نمونو هيو.
    پلانيٽوريم جي عمارت ٽن منزلن تي مشتمل هئي جنهن ۾ انهيءَ کان علاوه به کوڙ ساريون دلچسپيون موجود هيون. جن ۾ “One world one Sky” واري حصي ۾ ڏاڍو مزيدار ايڊوينچر موجود هيو. جڏهن ته “Fly me on the Moon” وارو حصو وري ٻارن جي دلچسپيءَ جو مرڪز نظر آيو. جڏهن ته پلانيٽوريم ۾ پبلڪ لاڪرز، ويڊنگ پوائنٽس ۽ پارڪنگ جو به جوڳو انتطام نظر آيو.
    پلانيٽوريم ۾ تمام گهڻيون دلچسپيون موجود هُيون ۽ مون وٽ ايترو وقت ڪونه هُيو جو سڀني جاين کي ڏسي پَسي سگهان. منجهند جو هڪ بجي کان اڳ ئي نيماليه اچي ويو هُن مون ڏانهن فون ڪئي (اڄ مان فريد طرفان ڏنل موبائل فون ساڻ کنيو آيو هئس) مان ٻاهر نڪري آيس، ٻاهر سخت سرديءَ منهنجي هڪ دفعو ٻيهر آجيان ڪئي. مان اچي گاڏيءَ ۾ ويٺس. ڳالهه ٻُڌائيندو هلان ته اُني وزيٽرس جن کي پنهنجيون گاڏيون نه هيون انهن لاءِ ٽرام جي شڪل جي هڪ بس جي صورت ۾ “Free Ride” جي سروس موجود هئي “Chicago’s free Trolley System” جي نالي سان هيءَ ٽرانسپورٽ سروس شڪاگو جي مختلف سياحتي ماڳن کي ڏسڻ لاءِ ايندڙ سياحن لاءِ مفت ۾ مهيا ٿيل هئي.


    آرٽ ميوزم: فن جو لازوال مرڪز

    پلانيٽوريم مان واپس اچي مان ۽ ڊاڪٽر نيماليه شڪاگو جي وڏي ۾ وڏي آرٽ ميوزم ۾ آياسي. جتي دُنيا جهان جي آرٽ جا رنگ محفوظ ٿيل هئا، ايتري وسيع ۽ شاندار آرٽ ميوزم کي مڪمل طرح ڏسڻ لاءِ شايد مهينا درڪار هجن ها پر اسان هِڪَ هڪَ حصي تي تڪڙي نهار وجهندا رهياسي. ميوزم ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٽڪيٽ وٺڻي پئي “Art Institude of Chicago” جي نالي سان قائم هن آرٽ ميوزم ۾ داخل ٿيندي ئي ٻن شينهن جي مجسمن اسان جي آجيان ڪئي. هتي سيڪيورٽيءَ جو انتظام سخت نظر آيو. شايد ان ڪري ته هتي نادر آرٽ جا نمونا محفوظ هُئا. اِها آرٽ پينٽنگز ۽ اسڪلپچرز جي صورت ۾ هئي، جڏهن ته آرٽ جو هڪ وسيع جهان هِن ميوزم جي مختلف حصن ۾ موجود هيو. ميوزم جي هيءَ شاندار عمارت پڻ ٽن منزلن تي مشتمل هئي. لوئر ليول تي جيڪي گيلريز قائم هيون انهن ۾ ٽيڪسٽائيل ورڪ جا نمونا، پيپر ورڪ ڪليڪشن جا انيڪ نمونا، يورپين ڊيڪوريٽر آرٽ پيسز جا نمونا، آفريڪن ۽ قديم آمريڪن آرٽ جا نمونا، آرڪيٽيڪچر آرٽ جي گيلري، هٿ جي هنرن جي سکيا جو مرڪز، فوٽوگرافي جو شعبو، ٽچ گيلري وارا شعبا اهم هئا.
    فرسٽ ليول تي اوڻيهين صدي عيسوي جي آمريڪن آرٽ جا نمونا، 1901ع کان وٺي هيل تائين آمريڪن ڊيڪوريٽر آرٽ جا نمونا، قديم مصري، يوناني ۽ رومن آرٽ جا نمونا، همعصر آرٽ جا نمونا، انڊين ۽ سائوٿ ايشن آرٽ جا نمونا، چائينيز، جاپاني ۽ ڪورين آرٽ جا نمونا، پرنٽس ۽ ڊرائينگس جو شعبو ڏسڻ وٽان هُئا.
    سيڪنڊ ليول تي آرڪيٽيڪچر گيلري، امپريشنزم ۽ پوسٽ امپريشنزم جي گيلري، يورپي پرنٽس ۽ ڊرائنگس، سورهين، سترهين ارڙهين، اوڻيهين ۽ ويهين صديءَ جي آرٽ جا نمونا ڏسي عقل دنگ رهجيو پئي ويو. آمريڪين جتي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ معرڪا سر ڪيا آهن اتي سندن آرٽ سان دلچسپي ۽ لڳاءُ پڻ ڏسڻ وٽان هُيو.
    اسان کي ٻُڌايو ويو ته هي آرٽ ميوزم سال جا سمورا ڏينهن سواءِ ڪرسمس ۽ هيپي نيو ييئر جي، کليل رهندو آهي جڏهن ته خميس جي ڏينهن شام جو پنجين کان اٺين بجي تائين ۽ مزدورن جي عالمي ڏينهن تي ميوزم ۾ انٽري فري هوندي آهي. ميوزم جا مستقل ميمبر بغير ٽڪيت جي ڪنهن به ڏينهن تي گُهمي سگهندا آهن. ميوزم ۾ وقت به وقت آرٽ جي حوالي سان مختلف پروگرام پڻ ٿيندا رهندا آهن. آرٽ گيلرين ۾ کاڌي پيتي جي شين ۽ گُل کڻي وڃڻ جي اجازت نه هئي سگريٽ نوشي منع هُئي. فوٽو گرافي به صرف ذاتي ۽ نان ڪمرشل مقصدن لاءِ ڪري پئي سگهياسون. آرٽ ميوزم ۾ انفارميشن، چيڪ روم ۽ ريسٽ رومز جا الڳ شعبا قائم هئا. ٽيليفون ۽ فوڊ سروس جون جڳهيون موجود هيون، جڏهن ته ميوزم شاپ ۽ فئملي شاپ پڻ هڪ پاسي کان موجود هئا. جتي آمريڪا توڙي پرڏيهه جي مختلف حصن کان آيل سياح خريداري ڪري رهيا هئا.
    آرٽ جي مختلف شعبن ۽ انهن جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هي ميوزم ڪنهن جنت کان گهٽ ناهي. ميوزم جي هڪ حصي ۾ آرٽ جي سکيا جو مرڪز پڻ موجود هُيو جتي شاگردن کي آرٽ جي سکيا ڏني پئي وئي.
    شامَ جو ٽين ڌاران شنڪر جي فون اچي وئي جنهن چيو ته ”مان توهان کي ميوزم وٽان کڻڻ اچان ٿو“، سوا ٽين بجي اسان آرٽ ميوزم جي سمورين حسناڪين کي خدا حافظ چئي ٻاهر نڪري آياسي. ٻاهر شنڪر اسان جي انتظار ۾ بيٺو هو. هُو اسانکي سڌو ”ديوان اسٽريٽ“ وٺي آيو (اُهائي ديوان اسٽريٽ جنهن کي ڏسي طارق روڊ ياد اچي ويندو آهي) هڪ هوٽل ۾ ويهي ريفريشمينٽ ڪئي سي، هتي ئي فريد جو فون اچي ويو، جنهن چيو ته ديوان اسٽريٽ مان حلال گوشت ورتيون اچو. اسان فريد لاءِ پنج ڇهه مُرغيون خريد ڪري، ذبح ڪرائي گوشت جي صورت ۾ کنيوسي ۽ سڌو شنڪر جي گهر آياسي جتي اسان جي لاءِ رات جي مانيءَ جو شاندار اهتمام ٿيل هيو. ڀاڀيءَ سان ملاقات ٿي، شنڪر جون ٻه نياڻيون هتي خيرپور ۾ سنڌ چلڊرينس اڪيڊمي ۾ پڙهنديون هيون. اُهي اڪيڊميءَ ۾ نڪتل پنهنجن پُراڻن فوٽن جو البم کڻي آيون جنهن ۾ اسڪول جي مختلف تقريبن جا فوٽو اسان سڀني گڏجي ڏٺا. انهيءَ وقت شنڪر، ضمير لاشاريءَ ڏي فون ڪيو. ان وقت پاڪستان ۾ صبح جا ڇهه ٿي رهيا هُئا ۽ ضمير ڪنهن ورڪشاپ جي سلسلي ۾ اسلام آباد ترسيل هُيو. شنڪر جي فون کيس ننڊ مان سجاڳ ڪيو. شنڪر گهرواريءَ سميت اسان کي فريد جي گهر ڇڏڻ آيو. جتي پهچڻ تي وري فريد جي گهرواريءَ زوريءَ کين ويهاري ڇڏيو ۽ چانهه پياري پوءِ ڇڏيو. هُو اسان کان موڪلائي پنهنجي گهر هليا ويا.
    منهنجو اڄوڪو ڏينهن سُٺو ڏينهن گذريو. پلانيٽوريم ۾ سائنس جا ڪرشما ۽ آرٽ ميوزم جو خُمار جهڙوڪر منهنجي دماغ تي ڇائنجي ويو هُو. مٿان وري شنڪر جي مهمان نوازيءَ اصل مزو ڏئي ڇڏيو. رات جو فريد ۽ ان جي ٻاررن سان ڪچهري ڪري کين اڄوڪي ڏينهن جا حال احوال ڏئي مان سمهي رهيس.


    اسپرنگ فيلڊ: ابراهام لنڪن جون يادون

    اڄ اسان صبح جو سوير تقريباً ڇهين بجي ننڊ مان سجاڳ ٿياسي. ڇاڪاڻ ته اڄ اسان کي “Illinois” اسٽيٽ جي گادي واري هنڌ “Spring field” ڏانهن وڃڻو هو. هي اهو تاريخي شهر آهي جتي آمريڪا جي اڳوڻي صدر ابراهام لنڪن زندگيءَ جو وڏو عرصو، تقريباً ٽيهه سال گذاريو. صبح جو ستين بجي اسان سپرنگ فيلڊ ڏانهن روانا ٿياسي. رستي جي ٻنهي طرف آباديون ۽ ڪارخانه نظر آيا. رستي ۾ فاسٽ فوڊ جي هڪ دوڪان تي ٿوري دير بيهي پيٽ پوڄا به ڪئي سون. تقريباً ساڍي يارهين بجي اسان اسپرنگ فيلڊ شهر ۾ داخل ٿياسون.
    ابراهام لنڪن يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا جو سورهون صدر ٿي گذريو آهي. جنهن آمريڪا جي تاريخ کي اُٿلائي پٿلائي ڇڏيو. تاريخدانن جي چوڻ مطابق هو آمريڪا جو عظيم ترين صدر ٿي گذريو آهي. 12 فيبروري 1809ع تي ”هارڊن ڪائونٽي“ ۾ جنم وٺندڙ آمريڪا جي هن عظيم صدر نوجوانيءَ جي عمر ۾ئي سياست ۾ پير پاتو. هُو هِڪَ انقلابي ۽ باغي رُوح وارو اڳواڻ هويو. 1832ع ۾ هُو “Illinois” اسٽيٽ جي ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر ٿيڻ ۾ ناڪام ٿيو. جڏهن ته ٻن سالن کان پوءِ هُو “Whig party” ۾ ميمبر چونڊيو ويو. هڪ “Whig” جي حيثيت سان هن مثال ڪم ڪيو. روڊن، ڪينالن، ريلوي لائينن ۽ هار برس جي تعمير ۽ انهن جا نوان ڄار وڇائڻ ۾ هن اهم ڪردار ادا ڪيو. ابراهام لنڪن وڪالت جي شعبي سان به جاکوڙي انداز ۾ سلهاڙيل رهيو. هُو 1847ع کان 1849ع تائين” يُو ايس هائوس آف ريپريزينٽيٽوز“ جو ميمبر رهيو. فيبروري 1860ع ۾ جڏهن لنڪن نيو يارڪ ۾هڪ عظيم ريلي کي خطاب ڪيو تڏهن سندس وڏي پئماني تي سياسي بصيرت ظاهر ٿي ۽ هُو آمريڪي صدر جي عهدي لاءِ هڪ قابل ۽ مضبوط اميدوار طور سڃاپجڻ لڳو ۽ آخر هو هڪ مضبوط صدر ٿي ويو. 1861ع ۾ آمريڪا ۾ خانه جنگي ڇڙي پئي ۽ ڪماڊر ان چيف جي حيثيت سان هُن پنهنجي ملڪ کي ان خانه جنگي مان ٻاهر ڪڍيو.
    اسپرنگ فيلڊ هڪ صاف سٿرو، ويڪرو ۽ کليل شهرهيو. عمارتون پري پري، ڪشادا رستا ۽ انهيءَ سخت سرديءَ وارن ڏينهن ۾ هي شهر مون کي ڏاڍو خوبصورت لڳي رهيوهو. اسان شهر جا نظارا پسندا “Abraham Lincoln Presidential Library & Museum” پهتاسي. اندر داخل ٿيڻ لاءِ ٽڪيٽ ورتي سون. ٽڪيٽ ۾ شاگردن لاءِ خاص رعايت رکيل هُئي. ٽڪيٽ سان گڏ اسان کي ٻانهن جي ڪلائيءَ ۾ پائڻ لاءِ هڪ سائي رنگ جي ربن به ڏني وئي، اُهو انهيءَ لاءِ ته جيڪڏهن ڪوئي ميوزم کان ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر اچي ته ٻيهر وري اندر داخل ٿي سگهي. هن شاندار ۽ تاريخي ميوزم ۾ ابراهام لنڪن جي زندگيءَ جي مختلف حوالن کي جنهن شاندار انداز ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي، ان کي ڏسي عقل حيران ٿي ويو ته ڪيئن آمريڪي پنهنجي عظيم هيرو جي ياد کي محفوظ ڪيو ٿا اچن. ميوزم جي هڪ حصي جي شڪل وائيٽ هائوس جو ڏيک ڏئي رهي هئي. هي ميوزم روزانو صبح جو نائين بجي کان شامَ جو پنجين بجي تائين سڄي دنيا جي سياحن جي توجه جو مرڪز رهندو آهي. ابراهام لنڪن جي صدارتي زندگيءَ کان اڳ ۽ پوءِ وارن مختلف واقعن، لمحن ۽ يادگار گهڙين کي تصويرن، ملٽي ميڊيا، مجسمن ۽ مصنوعي ماڳن مڪانن ذريعي محفوظ ڪيو ويو آهي جيڪو آرٽ جو پڻ هڪ عظيم شاهڪار آهي. جڏهن ته لئبريري ۾ ٻارنهن ملين کان مٿي ڪتاب، اسٽيٽ ۽ لنڪن جي حوالي سان، محفوط ڪيا ويا آهن. جيڪا تحقيق ڪندڙن لاءِ ڪنهن جنت کان گهٽ ناهي. لائبريري ۾ داخلا مُفت آهي. ميوزم ۾ داخل ٿيندي ئي اسان ڄڻ هڪ نئين دنيا ۾ داخل ٿي وياسون. ميوزم ۾ داخلا جي ٽڪيٽ ڏهه ڊالر هُئي جڏهن ته ٻاهٺ سالن کان مٿي وارن بزرگن لاءِ ست ڊالر، ملٽري ۽ شاگردن لاءِ ست ڊالر، پنج کان پندرنهن سالن تائين عمر جي ٻارن لاءِ چار ڊالر ۽ چئن سالن تائين جا ٻارَ مفت ۾ ميوزم گهمي پئي سگهيا. ميوزم جي ڪجهه حصي ۾ فوٽوگرافي جي اجازت هئي ۽ ڪجهه حصن ۾ وري منع ٿيل هُئي. ميوزم ڏسندي مون کي ابراهام لنڪن جو هڪ مشهور جملو ياد اچي ويو ته ”جيڪڏهن اسان ٻئي هڪٻئي سان هڪ ڊالر جي مٽا سٽا ڪريون ته اسان ٻنهي وٽ هڪ هڪ ڊالر ئي هوندو پر جيڪڏهن اسان ٻئي هڪٻئي سان هڪ هڪ خيال جي مٽا سٽا ڪريون ته اسان ٻنهي وٽ ٻه ٻه خيال هوندا“ ڪيڏو نه خوبصورت جملو آهي ابراهام لنڪن جو.هتي ميوزم ۾ ابراهام لنڪن جي زندگي ۽ جدوجهد کي جذباتي انداز سان ۽ فنائتي نموني محفوظ ڪيو ويو هيو. ميوزم ۾ مختلف ٿيٽر به هُيا. جن ۾ هولو ٿيٽر ۽ فلمي ٿيٽر شامل هُئا. جن ۾ ابراهام جي زندگي تي مختلف فلمون هلي رهيون هيون. عجائب گهر ۾ گهڙڻ سان ڪيترائي جذباتي منظرن وارا مجسما ڏٺاسون. هڪ جاءِ تي ابراهام لنڪن جو اباڻو ڪچو گهر ٺهيل نظر آيو. اهو گهر اهڙي ته مهارت سان ٺهيل هيو جو ان کي ڏسي اصلي هجڻ جو گمان ٿي رهيو هو. ايتري تائين جو وَڻَ ٻوٽا ۽ ڊَڀَ به اهڙي نموني ٺاهيا ويا هُئا جو هڪ لمحي لاءِ يقين نه پئي آيو ته اِهي نقلي آهن، ٻاهر وَڻ جي ڪٽيل ٿُڙ تي ويٺي نوجوان لنڪن ڪتاب پڙهي رهيو هو. پاسي ۾بيٺل وڻ جي تُڙ کي هٿ لائي فريد چيو ته هي نقلي ٿي نه ٿو سگهي. پر جڏهن اُن کي ٿورو وڄائي ڏٺوسي ته خبر پئي ته اهو وڻ به نقلي هيو. جنهن جا ڇوڏا پڻ ٺاهيا ويا هُئا. ڪچي گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ باهه ٻري رهي هئي ۽ اها باهه به نقلي هئي. ڀرسان ئي لنڪن مطالعي ۾ مصروف ويٺو هو. ڀرسان ڪوئي رلي پاتيون سُتو پيو هو. (مون فريد کي چيو ته يار! هيءَ رلي ته صفا اهڙي رلي آهي جهڙي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ عورتون رنگين ڪپڙن جي ٽڪرن کي ڪٽي ٺاهينديون آهن ۽ فريد منهنجي ان ڳالهه سان سهمت ٿيو) هڪ جاءِ تي ابراهام لنڪن درزيءَ جي روپ ۾ پنهنجي گهر وايءَ سان گڏ ڪائونٽر تي بيٺل نظر آيو. جڏهن ته وائيٽ هائوس ۾ وري ابراهام لنڪن جي صدارتي زندگيءَ جا عڪس نظر آيا. هڪ جاءِ تي سندس گهرواريءَ جا وارَ هڪ شيدياڻي نوڪرياڻي سنواريندي نظر آئي. بورچيخاني ۽ ميٽنگ روم جا منظر به نظر آيا. هڪ ميٽنگ ۾ ابراهام لنڪن کي اها رٿ پيش ڪندي ڏيکاريو ويو آهي ته سَڀُ انسان، ڪارا ۽ گورا برابر آهن ۽ سندس انهيءَ رٿ تي ڪابينه ميمبرن کي مٿي تي هٿُ ڏيندي ڏيکاريو ويو آهي. وائيٽ هائوس جي ٻاهران لنڪن جي سموري خاندان جا بيٺل مجسما نصب ٿيل آهن ۽ اهڙي انداز سان بيٺل آهن جو ڪيئي سياح اچي ساڻن گڏ بيهي گروپ فوٽو ڪڍرائي پئي سگهيا. اسان به هتي گروپ فوٽو ڪڍرايا. وائيٽ هائوس جي هڪ ڪمري ۾ ابراهام لنڪن خلاف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل ڪارٽونن جي ذخيري کي محفوظ ڪيوويو هو پرهڪ دلچسپ ڳالهه ته اهي سڀئي اخباري ڪارٽون ٽيڙن فريمن ۾ لڳل نظر آيا. ان وقت مون کي پير صاحب پاڳارو ياد اچي ويو. ڪجهه سال اڳ پنهنجي دوست صحافي عبدالرزاق خلجيءَ جي نياڻيءَ جي شاديءَ ۾ منهنجو پير ڳوٺ وڃڻ ٿيوهو جتي پير صاحب پاڳاري سڀني ٻاهران آيل مهمانن کي پاڻ وٽ مانيءَ تي سڏيو هو ۽ اتي پير صاحب پيرين اگهاڙي بيهي سڀني مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪيو هو. پير صاحب جنهن ڪرسيءَ تي ويٺو هو ان جي پويان ديوار تي پير صاحب جا اخبارن ۾ ڇپيل ڪارٽون خوبصورت فريمن۾ لڳل نظر آيا هئا. ايتري تائين جو 78-1977ع جا ڪارٽون به اتي نظر آيا هئا.
    ابراهام لنڪن پنهنجي صدارتي اميدوار هئڻ جو اعلان هن ئي شهر ”اسپرنگ فيلڊ“ ۾ ڪيو هو. آمريڪا جا شهري لنڪن کي پنهنجو محسن تصور ڪندا آهن. هُو پنهنجي گهرواريءَ سان گڏ ٿيٽر ڏسندي ماريو ويو هو. اهو منظر به هڪ مجسمي جي صورت ۾ محفوظ ٿيل هُيو. منجهند جو اسان سڀني هڪ ”پيزاهٽ“ تي لنچ ڪئي ۽ پوءِ ڀرسان ئي “Fossils Museum” ڏسڻ وياسي. هتي مان اهو پڻ ٻُڌائيندو هلان ته آمريڪن پنهنجي هن عظيم اڳواڻ کي ياد رکڻ لاءِ مختلف جاين تي تمام گهڻا يادگار ماڳ ۽ عمارتون سانڍي رکيون آهن ڪيترائي تاريخي ڪامپليڪس ۽ سائيٽس لنڪن جي حوالي سان محفوظ آهن، جڏهن ته ڪيترائي ميوزم پڻ مختلف جاين تي موجود آهن.
    فاسلز جي حوالي سان قائم “Illionis State Museum” به سياحن لاءِ دلچسپيءَ جو مرڪز نظر آيو. جنهن ۾ هن اسٽيٽ جي زميني خزائن، زندگي، ماڻهن ۽ آرٽ جي مختلف رخن کي مختلف حصن ۾ محفوظ ڪيو ويو هُيو. هتي به داخل ٿيندي ئي اسان کي”رلي“ ٽنگيل نظر آئي. فاسلز ميوزم ۾ هڪ حصو ريڊ انڊين جي حوالي سان انهن جي زندگيءَ ۽ تاريخ کي محفوظ ڪرڻ جي حوالي سان نظر آيو.
    واپسيءَ تي اسان ابراهام لنڪن، جو يادگار “Lincon Tomb” ڏٺوسي، هي يادگار ابراهام لنڪن سندس زال ميري ۽ سندس پونئيرن جي آخري آرامگاهه آهي. 117 فوٽ اوچي هن يادگار کي ڏسي اسان ”اسپرنگ فيلڊ“ کان موڪلايو سي. رستي ۾ فريد جي ٻارڙن عُمير، نيها، دانيال ۽ ڪومل اها شڪايت ڪئي ته وقت گهٽ هئڻ سبب اسان ميوزم صحيح معنيٰ ۾ ڏسي ڪونه سگهياسون، ۽ واقعي اها حقيقت به هئي ته جنهن عظيم ورثي کي هتي شاندار انداز ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي. اسان اُن کي مڪمل طرح ۽ گهرائي سان ڏسي ڪونه سگهياسون بهرحال اها ڳالهه طئه آهي ته زندگيءَ جي وسيع رنگن کي ڏسڻ پسڻ لاءِ انسان جي عمر ته ڪنهن به صورت ۾ ڪافي نه آهي. اسان رستي ۾ اڄوڪي سفر تي تبصرا ڪندا شام جو تقريبا ساڍي ڇهين بجي گهر پهتاسي.


    آمريڪا ۾ آخري ڏينهن ۽ ذڪر هڪ لئبريريءَ جو

    آمريڪا ۾ آخري ڏينهن، آچر جو ڏينهن، مون شڪاگو ۾اچڻ مهل به ويڪ اينڊ جي چونڊ ڪئي هئي ۽ واپسيءَ لاءِ به مون ويڪ اينڊ جي چونڊ ڪئي هئي ته جيئن فريد ڀُٽو آرام سان مونکي وقت ڏئي سگهي. صبح جو سوير اسان فريد جي ٻارن سميت گهران نڪتاسون. ٻارن کي ”اسلامڪ سينٽر“ ۾ ڇڏيو. شڪاگو جي اولهه ڏکڻي پاسي جي مسلمانن هتي ”آمريڪن اسلامڪ ايسوسيئيشن“ ٺاهي آهي. جنهن جي انتطام هيٺ هِتي هڪ عاليشان مسجد تعمير ڪئي وئي اهي. جتي عيدُن جي موقعي تي عيد نمازن جا وڏا اجتماع به ٿيندا آهن. جڏهن ته آچر جي ڏينهن هتي مسلمانن جي ٻارن کي ٽي ڪلاڪ ديني تعليم پڻ ڏني ويندي آهي. في ٻار کان ساليانو اڍائي سؤ ڊالر في ورتي ويندي آهي پر جيڪڏهن هڪ ئي گهر جا ٽي يا ٽن کان وڌيڪ هجن ته پوءِ سڀني کان ملائي سِلائي ڇهه سؤ ڊالر في وصول ڪئي وڃي ٿي. اسان ٻارن کي مسجد ۾ ڇڏي، ڊاڪٽر مبارڪ جي گهر روانا ٿياسي. اصل ۾ڊاڪٽر مبارڪ اسان سان گڏ ايئرپورٽ هلي مون کي ”سي آف“ ڪرڻ پئي چاهيو پَر فريد صلاح ڏني ته ڊاڪٽر کي تڪليف نه ٿا ڏيون، کانئس سندس گهرهلي موڪلائي ٿا اچون. مون کي به اها ڳالهه مناسب لڳي. ڊاڪٽر مبارڪ جي گهر اچي ساڻس ٻَه ڪلاڪ کن ڪچهري ڪئي ۽ ان کان پوءِ کائنس موڪلائي اسان واپس اسلامڪ سينٽر آياسي. موسم ۽ ماحول ڏاڍو خوشگوار هيو ”سنو فال“ شروع ٿي وئي هُئي. پر برف ڌرتيءَ تي ڪري پاڻيءَ ۾ تبديل ٿيو پئي وئي. برف ڄمڻ جي نوبت اڃان ڪونه آئي هئي.
    ٻارن کي کڻي سندن ئي خواهش ۽ صلاح تي اسان ”وليج لئبريري“ گهمڻ آياسي. هن لئبريريءَ جو نالو “Tinely Park Public Library” هيو. جتي ڪتابن، آڊيو، وڊيو ۽ انٽرنيت جو وسيع جهان آبادهيو. هيءَ هڪ تمام وڏي لئبريري هئي. هتي توهان ڪنهن به ڪتاب جي گُهر ڪريو، لئبريري اهو ڪتاب اوهان کي مهيا ڪرڻ جي پابند هوندي. ڪتاب پنهنجي گهر ڏانهن به کڻي وڃي پئي سگهيا ۽ تاريخ پُوري ٿيڻ تي نيٽ ذريعي اُن جي تاريخ وڌرائي به پئي سگهي. لئبرريءَ جي نيٽ واري شعبي ۾ فريد جي نياڻي ڪُومل کي سندس هڪ ساهيڙي ملي وئي جنهن سان ڪومل انگريزيءَ ۾ ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي. ڪومل بنيادي تعليم خيرپور ۾ ”سنڌ چلڊرينس اڪيڊمي“ ۾ حاصل ڪئي آهي. اڄ هتي کيس روانيءَ سان انگريزي ڳالهائيندي ڏسي مان ڏاڍو خوش ۽ حيران ٿيس. منهنجي حيراني ڏسي فريد ٻُڌايو ته هتي آمريڪا ۾ ماڻهو ڪتاب خريد ڪري پڙهي گهرن جي شيلفن ۾ سجائي ڪونه ٿا رکن، پر ڪتاب پڙهي، لئبريريءَ کي گفٽ ڪري ڇڏين. اهوئي سبب آهي جو لئبريري پندرنهن ويهه ڊالرن جو ڪتاب صرف هڪ ڏيڍ ڊالر ۾ پڙهندڙن کي ڏئي ڇڏيندي آهي ڇاڪاڻ ته پڙهندڙ اهو ڪتاب پڙهي وري به اچي لئبريريءَ کي ئي گفٽ ڪندو آهي۽ ايئن ڪتاب هِڪ هٿ کان ٻئي هٿ تائين پهچندا رهندا آهن. مون فريد کي چيو ته جيڪڏهن کڻڻ جي سهولت هجي ته مان گهڻا ڪتاب هتان خريد ڪري وڃي ”سنڌ چلڊرينس اڪيڊمي“ جي لئبريريءَ ۾ رکان. بهرحال لئبريريءَ کي ڏسي مان ڏاڍو متاثر ٿيس ههڙي قسم جون لئبريريون آمريڪا ۾ هر وليج ۾ موجود آهن. لئبريريءَ ۾ جتي پڙهندڙن لاءِ ڪتابن جو وسيع جهان آباد هُيو اُتي ئي فري انٽرنيٽ جي سهولت، سي ڊيز ۽ ڊي وي ڊيز جو به وڏو خزانو موجود هيو. جڏهن ته لئبريري شهر واسين کي تفريح، سکيا ڪلاسز ۽ مختلف سرگرمين ۽ دلچسپيءَ جا موقعا پڻ فراهم ڪري رهي هئي. روزگار جي ڳولا ۾ پڻ هيءَ لئبريري نوجوانن جي رهنمائي ڪري رهي هُئي. لئبريري ۾ ڪجهه موڪل وارن ڏينهن تي
    “Holiday gift Wrapping party” جا پروگرام به منعقد ٿيندا آهن. جنهن ۾ نوجوان پنهنجا تحفا هتي کڻي اچن ۽ انهن کي هتي خوبصورت انداز ۾ پئڪ ڪرڻ سيکاريو وڃي، گڏوگڏ کين چاڪليٽ به ڏنا وڃن ۽ ميوزڪ به ٻڌرائي وڃي. لئبريريءَ پاران مختلف وقتن تي مختلف علائقن ۾ وڃي موبائيل لئبريريون پڻ قائم ڪيون ٿيون وڃن. “Book Mobile” جي نالي سان اهي لئبريريون وڏين ٽرڪ نما گاڏين۾ مختلف ڳوٺن ۾ وڃي ماڻهن کي ڪتابن طرف راغب ڪن ٿيون. لئبريريءَ ۾ ڪمپيوٽر ڪلاسز جو اهتمام ٿيل هو. ٻارن لاءِ ”اسٽوري ٽائيم“، نوجوانن لاءِ “Teen Dance” ۽ ٻيو کوڙ ساريون علمي ۽ ثقافتي دلچسپيون لئبريريءَ جي پليٽ فارم تان ٿي رهيون هيون. ”بڪ ڪلب“ جي سري هيٺ عظيم ڪتابن جو مطالعو ۽ انهن تي اڀياسي ويهڪون پڻ منعقد ڪرڻ جو اهتمام هن لئبريريءَ ۾ٿيل هيو. ڪنهن ڏينهن تي هتي ”پُتلي تماشي“ جو اهتمام به ٿيل هُيو جنهن جو مقصد پڻ شاگردن جي تعليم ۽ تربيت ئي هُيو.
    اسان لئبريري گهمي واپس گهر آياسي. مون واپسيءَ جي سفر لاءِ پنهنجو سامان سهيڙڻ شروع ڪيو. شامَ جو فريدَ پنهنجي پُٽ دانيال سميت مون کي ايئرپورٽ ڇڏڻ لاءِ تيار ٿيو، مون سڀني کان موڪلايو سندن ٿورا ادا ڪيا ۽ پوءِ اسان “O’har International Airport” روانا ٿياسون. هي تمام وسيع ۽ نئون تعمير ٿيل ايئرپورٽ آهي.
    ايئرپورٽ پهچي مونکي فنگر پرنٽس واري خاص اميگريشن مان گذرڻو هُيو. جيڪا ٻئي ٽرمينل تي واقع هئي. جتي پهچڻ لاءِ مون کي ايئرپورٽ جي حدن ۾ ئي هلندڙ لوڪل ٽرين پڪڙڻي پئي. ٽن دَٻن تي مشتمل ٽرين ۾ چڙهي مان فنگر پرنٽس ڏئي آيس. واپس اچي مون بورڊنگ پاس ورتي جنهن بعد اميگريشن ۾ داخل ٿيس. اسان جي فلائيٽ ٽرمينل نمبر ٽي تي هئي. رات جو ساڍي اٺين بجي ڌاران سَڀُ ڪاروايون مڪمل ٿي ويون ۽ ايترو وقت فريد ٻاهر منهنجي لاءِ بيٺل رهيو. مان فارغ ٿي فريد کان موڪلائي لائونج ۾ هليو آيس، پوڻين ڏهين بجي بورڊنگ ٿي ۽ مان آمريڪن ايئرلائينز جي جهاز A-98 ۾ اچي ويٺس. سوا ڏهين بجي جهاز اڏاڻو. ٻن ڄڻن واري سيٽ تي مون کي دريءَ جي پاسي واري سيٽ ملي. منهنجي ڀرسان هڪ شيدياڻي ويٺي هئي. جهاز اڏامڻ کان ٿوري ئي دير پوءِ ماني پيش ڪئي وئي. مُنهنجي لاءِ خاص مسلمانن واري حلال ماني هئي جنهنجي مٿان منهنجو نالو ۽ ”مسلم فوڊ“ لکيل هيو. مان ماني کائي سمهي پيس. صبح جو سوا ڇهين بجي لنڊن جي هيٿرو ايئرپورٽ تي منهنجي اک کُلي. لنڊن جي وقت مطابق صبح جا سوا ٻارنهن ٿي رهيا هئا. شڪاگو ۽ لنڊن جي وچ ۾ وقت جو فرق ڇهه ڪلاڪ آهي. جڏهن ته شڪاگو کان لنڊن پهچندي جهاز اٺ ڪلاڪ وقت ورتو.
    جهاز مان لهي، سيڪيورٽي مرحلا طئه ڪري، مان لائونج ۾ پهتس. مون وقت ڏٺو منُو هِڪُ ٿي رهيو هو جڏهن ته لنڊن کان منهنجي جهاز جو وقت چار لڳي پنجٽيهه منٽ هيو. مون کي چار ڪلاڪ کن ايئرپورٽ تي ئي گذارڻا هئا. ايئرپورٽ ڄڻ ته ڪنهن وڏي شاپنگ مال جو ڏيک ڏئي رهيو هو، هر قسم جا وسيع دُڪان، مان هيڏانهن هوڏانهن گهمندو رهيس. سامهون ئي هڪ نوجوان ۽ خوبصورت ڇوڪري مون ڏانهن وڌي آئي. هيلو هاءِ ڪرڻ کان پوءِ هُنَ هڪ بروشر منهنجي سامهون کوليو ۽ مون مختلف شاپنگ اسپاٽس جي لوڪيشن ۽ انهن جي باري ۾ تفصيلي ڄاڻ ڏيڻ لڳي. دراصل هيءَ ڇوڪري دڪاندار پاران مقرر ڪيل گائيڊ هُئي جيڪا مسافرن کي شاپنگ ڪرڻ ڏانهن مائل ڪري رهي هئي. ڇوڪري ذاتي دلچسپيءَ جا سوال به ڪري رهي هُئي مان ڇوڪريءَ سان ڳالهه ٻولهه ۾ ئي مصروف هيس ته اوچتو هڪ همراهه ڊوڙندو آيو جنهن اچي رڙ ڪئي ته “Have You Change?” کيس سڪا کپندا هئا. منهنجي کيسي ۾ پاڪسان سِڪا پيا هئا. مون مذاق ۾ اهي ڪڍي سندس اڳيان جهليا. جن کي ڏسي هُو حيران ٿيو. چيائين ”اهي ڇا ڪندس؟!“ مون کيس چيو ”تون ته صرف سڪا گُهريا هُئا........۽ هي سِڪا آهن“ منهنجي ڳالهه تي هو کليو ۽ هليو ويو. منهنجي بوڪنگ ايمرٽس ايئرلائينز جي جهاز Ex-30 ۾ هئي جهاز طرف ويندڙ گيٽ ٽي لڳي ويهه منٽن تي کلڻو هيو ۽ ايترو عرصو مان هيڏانهن هوڏانهن گهمندو رهيس، جنهن وقت فلائيٽ رواني ٿي، ان وقت مڪمل اونداهي ڇائنجي چُڪي هئي حالانڪه ان وقت چار لڳي پنجٽيهه منٽ ٿيا هئا. رات جو يارنهن لڳي پنجٽيهه منٽن تي جهاز دُبئي ايئرپورٽ تي پُهتو. دبئي جي وقت مطابق رات جا ٽي وڄي پنجويهه منٽ ٿي رهيا هئا. مان لائونج ۾ اچي سليپنگ بينچ تي سمهي پيس. صبح جو اٺين بجي منهنجي هتان کان فلائيٽ هئي. ڇهين بجي ڌاران مون کي جاڳ ٿي وئي مان اُتي ايئرپورٽ تي هيڏانهن هوڏانهن پَسار ڪرڻ لڳس. صبح جو ايمرٽس ايئرلائينز جي جهاز Ex-600 ۾ سوار ٿيس. بورڊنگ کان پوءِ اٺين بجي جهاز روانو ٿيو ۽ ٻن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ اچي ڪراچي پهتس ان وقت ڪراچيءَ ۾ صبح جا يارنهن ٿي رهيا هئا.
    ڪراچيءَ ۾ پنهنجي سنڌ جي سِجَ جي ڪرڻن کي ڏسي مان ڄڻ ته ڪنهن سپني مان جاڳي پيو هُجان.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 533
    ڪتابن جو مشاهدو: 550716
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 212768
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ