ڪتاب جو نالو: سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻي جي ڪارڪردگي رپورٽ (سال 2002ع، 2003ع ۽ 2013ع)
مصنف: عيسى ميمڻ
ڇپائيندڙ: سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 05 ڊسمبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 132 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 27 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب حاضر آهي. نوجوان ليکڪ عيسيٰ ميمڻ جي محنت ۽ محبت سان هي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جي سال 2002ع ۽ 2003ع ۽ سنگت لاڙڪاڻي جي 2012-13ع جي ڪارڪردگي رپورٽ آهي، جيڪا ڪتابي صورت ۾ پڌري ڪري عام ڪئي وئي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • سنڌي ادبي سنگت اسان جو اتساهه آهي : عزيز منگي
  • سنڌي ادبي سنگت ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻي جو سونهري دور : علي بخش پٺاڻ
  • 2013ع سنگت لاڙڪاڻي جو سرگرم ترين سال آهي : روشن ٽوٽاڻي
  • ها، اهو ڏوڪري ادبي سنگت جو اوج هيو! : غفور زهراڻي
  • سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جو هڪ شاندار سال2013ع : استاد گل دايو
  • سنگت جي ادبي تاريخ : گلاب سومرو
  • پنهجي پاران : عيسيٰ ميمڻ
  • مهاڳ : هڪ خواب جي ساڀيا : آزاد انور ڪانڌڙو
  • سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري : ڪارڪردگي رپورٽ 2002ع
  • سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري : ڪارڪردگي رپورٽ 2003ع
  • سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻو ڪارڪردگي رپورٽ سال 14-2013ع
  • سنڌي ادبي سنگت کي پنهنجو قبلو درست ڪرڻ گهرجي
  • سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل ڏانهن کليل خط
  • بئڪ ٽائيٽل

  • حق ۽ واسطا

    Book No. 19


    ڪتاب جو نالو؛ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري ۽
    لاڙڪاڻي جي ڪارڪردگي رپورٽ.
    (سال 2002ع، 2003ع ۽ 2013ع)
    مرتب؛ عيسيٰ ميمڻ
    ڇاپو پهريون؛ مارچ 2017ع
    تعداد؛ هڪ هزار
    ڪمپوزنگ؛ ادريس بلوچ
    ٽائيٽل ۽ لي آئوٽ؛ مرتضيٰ ميمڻ (پلس ڪمپوزنگ سسٽم) لاڙڪاڻو
    ڇپائيندڙ؛ سرسوتي ساهت گھر ڏوڪري.
    مُلہه؛ 50 روپيه.


    رابطي لاءِ؛ عيسيٰ ميمڻ

    0333-7555986

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2017ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    هي ڪتاب ارپيان ٿو
    پنهنجي خوابن
    ۽
    محبتن جي شهر
    ڏوڪريءَ کي
    ۽
    ڏوڪريءَ جي نئين نسل کي
    جيڪي منهنجي خوابن جي ساڀيان
    ۽
    محبتن جو مرڪز آهن.

    - عيسيٰ ميمڻ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب حاضر آهي. نوجوان ليکڪ عيسيٰ ميمڻ جي محنت ۽ محبت سان هي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جي سال 2002ع ۽ 2003ع ۽ سنگت لاڙڪاڻي جي 2012-13ع جي ڪارڪردگي رپورٽ آهي، جيڪا ڪتابي صورت ۾ پڌري ڪري عام ڪئي وئي آهي.
    هي ڪتاب سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري عيسيٰ ميمڻ جا جنهن ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    نوجوان ليکڪ عيسيٰ ميمڻ جي محنت ۽ محبت سان هي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جي سال 2002ع ۽ 2003ع ۽ سنگت لاڙڪاڻي جي 2012-13ع جي ڪارڪردگي رپورٽ آهي، جيڪا اوهان جي هٿن ۾ آهي. سنڌي ادبي سنگت، 1947ع کان وٺي اڄ تائين نه صرف ترقي پسند ادب ۽ شعور جي آبياري ڪئي آهي پر ثقافتي قدرن ۽ ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ پڻ تمام گهڻي جاکوڙ ڪئي آهي. اها جاکوڙ ۽ جدوجھد، قديم ۽ جديد سنڌ جي تاريخ جو اٽوٽ ۽ روشن باب آهي. سنڌي ادبي سنگت ون يونٽ خلاف جيڪا مزاحمت ڪئي آهي، جيڪا ضيائي آمريت خلاف ويڙهه وڙهي آهي، جيڪا جمهوري قدرن جي پاسداري ڪندي، جدوجھد ڪئي آهي. اها مزاحمت، ويڙهه ۽ جدوجھد جيڪڏهن لکجي/ سهيڙجي ته هوند نئين نسل لاءِ ڪيترائي روشن ۽ اتساهيندڙ پهلو سامھون اچي ويندا پر اسان وٽ نئين رخ ۽ انداز سان تاريخ جا پيرا کڻڻ جو رجحان اڃان نه آيو آهي ۽ اڃان ان طرف ڪو سنجيده رويو به موجود نه آهي. هيءَ سنگت جي تاريخ سان گڏ سنڌ جي شعوري، فڪري ۽ ادبي تاريخ به آهي، جيڪا يقيني طور ايندڙ نسلن لاءِ رهنمائي جو باعث ثابت ٿيندي.
    سرسوتي ساهت گهر ڏوڪريءَ پاران سنگت جي سرگرمين جي هيءَ تاريخ اميد اٿؤن ته اوهان وٽ گھربل مان ضرور ماڻيندي، وڌيڪ اوهان جي راين جو اوسئيڙو رهندو. اوهان جون محبتون ۽ خلوص ئي اسان جي محنتن جو سمر آهن.

    ادارو؛
    سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري
    ضلعو لاڙڪاڻو.
    تاريخ؛ 20-02-2017


    سنڌي ادبي سنگت اسان جو اتساهه آهي : عزيز منگي

    سنڌي ادبي سنگت سان منهنجو لاڳاپو اڻويهه سؤ چوراسيءَ ۾ جُڙيو، جڏهن ڳوٺ بگيءَ ۾ سنگت جي شاخ قائم ٿي ۽ مان ان وقت نائين جماعت ۾ پهتو هوس. ڏوڪري ۽ پوءِ لاڙڪاڻي شاخ تائين پهچڻ ۾ سالن جو سفر ڪرڻو پيو. ڪوشش اهائي رهي ته جتي به هجان شاعر کان وڌيڪ سنڌي ادبي سنگت جو ڪارڪن سڏجان ته مون لاءِ اعزاز هوندو.
    جنهن دؤر جو ذڪر هن ڪتاب ۾ ڪيو ويو آهي، انهيءَ ۾ سڌو يا اڻ سڌو سهڪاري مان به رهيو آهيان. جڏهن شاخ ڏوڪريءَ جو حوالو اچي ٿو ته، جيتوڻيڪ مان عيسيٰ ميمڻ جي ڪابينا جو حصو ته نه رهيس، البته سنگت ڏوڪريءَ جي پراڻي عهديدار ۽ ڪارڪن طور شاخ ڏوڪريءَ سان جذباتي لڳاءُ اڻٽرهيو. منهنجو هن سان سهڪار سنگت جي عام سرگرمين کان وٺي اهم پروگرامن تائين محدودو نه رهيو، پر سندس سٿ جوئي هڪ اهم فرد سمجهيو ويندو هوس. دستوري گڏجاڻين توڙي پروگرامن ۾ اخلاقي سهڪار سان گڏ، مالي سهڪار به منهنجو ڪن اصل ميمبرن کان گهڻو وڌيڪ رهيو. هنن نوجوانن جي اتساهيندڙ جذبي کي ڏسي اسان جي حوصلن ۽ همتن ۾ نه صرف روح ڦوڪجي ويندو هو ۽ سندن علم ۽ ادب دوستي ڏسي هر موڪل وارو ڏينهن سندن مقصد جي حاصلات ۽ علمي ادبي خدمتن ۾ گذارڻ ڄڻ ته پسند جو مشغلو بڻجي ويو هو. جڏهن به سنڌي ادبي سنگت جا مفاد سامهون آيا آهن، تڏهن مون انهن آڏو دوستي ۽ رشتيداري پاسيري رکي سچ ۽ سنگت جو پاسو ورتو آهي. ان سبب وقتي طور تي ناراضگيون به پلئه پيون آهن، پر ڪڏهن ڪمپرومائيز نه ڪيو اٿم.
    سو ذڪر پئي ڪيم عيسيٰ ميمڻ سان سهڪار جو ته، جڏهن هي يار ڏوڪري ڇڏي معاشي معاملا نبيرڻ لاءِ لاڙڪاڻي پهتو، تڏهن مون سندس ميمبر شپ هتان واري شاخ ۾ هجڻ تي زور ڏنو. نيٺ ڪافي وقت کان پوءِ هن جي مرضيءَ سان، سنگت شاخ لاڙڪاڻي ۾ ميمبرشپ منتقل ٿي وئي. سال ڏيڍ مس گذريو ته هن پنهنجي محنت ۽ اورچائيءَ سان شاخ جي سربراهه طور نئين سڃاڻپ حاصل ڪري ورتي.
    چونڊجڻ واري ڏينهن ئي ڪجھ فتوائون ٻُڌڻ لاءِ مليس ته ڪجھ ڪم نه ڪرڻ جا انديشا به ڳنڍڙيءَ ۾ ٻڌل مليس، مون وانگر هن يار جي ترجيح به ذاتيات کان وڌيڪ سنگت رهي آهي، سو سندرا ٻڌي لهي پياسين ميدان تي، ٻنهي لاءِ مسئلو ساڳيو ته، ملهه مليا ڪجھ اناڙي، جنهن ڪري وڌيڪ همت ۽ حوصلي سان ڪم ڪرڻو پيو. حقيقت اها آهي ته، جيتري نظر عيسيٰ ميمڻ ۽ اسان جي ڪارڪردگيءَ تي رکي وئي ڪم اسان ان کان وڌيڪ بهتر ۽ صاف سٿرا نتيجا پيش ڪندي، سرانجام ڏيندا رهياسين. جيترو اتساهه اسان عهديدارن (عيسيٰ، عزيز، استاد گل ۽ روشن ٽوٽاڻي) هڪ ٻئي کي پئي ڏنو ان کان اڻ ڪٿ اتساهه سنڌي ادبي سنگت اسان کي ڏيندي رهي. عيسيٰ ميمڻ کي مون يقين ڏياريندي ڪم ڪرڻ ۽ سنگت لاءِ جاکوڙڻ جي وڌيڪ همت پيدا ڪندي چيو هو ته، تاريخ هن سان انصاف ضرور ڪندي ۽ سندس ڪم ۽ ڪارڪردگيءَ جا مثال ان جو حصو بڻجي ٻين لاءِ اتساهه جو سبب بڻبا.

    عزيز منگي


    سنڌي ادبي سنگت ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻي جو سونهري دور : علي بخش پٺاڻ

    سنڌي ادبي سنگت جو سماجي ڪارج محسوس ڪندي گوبند مالهي، شيخ اياز، آسانند مامتوراءِ، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي ۽ ٻين هن تنظيم جا بنياد وڌا. ڊاڪٽر اياز قادريءَ کان وٺي شمشيرالحيدري، تاج بلوچ، ڊاڪٽر شمس سومري، غلام حسين رنگريز، تاج جويي، ادل سومري، اياز گل ۽ يوسف سنڌيءَ جي سرواڻيءَ ۾ سنگت ادب جي آبياري ڪندي آئي آهي. جهڙي ريت فرد ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾ هوندو آهي، اهڙي ريت ادارن ۽ تنظيمن کي به ڪڏهن سوکي ته ڪڏهن اوکي وقت مان گذرڻو پوندو آهي. جيتوڻيڪ ويجهي ماضيءَ کان وٺي ادبي سنگت ڏکئي وقت منجهان گذري رهي آهي جنهن جي نتيجي ۾ کيس ڪڙي تنقيد جو به منهن ڏسڻو پئي ٿو. پر ان مايوس ڪندڙ ڪارڪردگيءَ باوجود سنڌي ادبي سنگت جو ڪارج گهٽيو نه آهي، پر اهو تِهائين وڌيو آهي. ڇاڪاڻ ته اسان جو گيڙوءَ رتو سماج سهپ ۽ رواداري جنهن جو شيوو هو، ان کي چئوڦير مذهبي مورچن ورائي ورتو آهي. وستي وستي، واهڻ واهڻ فرقي بنديءَ جا دڪان ۽ فيڪٽريون کلي ويون آهن. ننڍڙن ٻارڙن جي زرخيز مٽيءَ جهڙن ذهنن ۾ بنيادپرستيءَ جو ٻج ڇٽي انهن کي نفرت جو ريج ڏنو پيو وڃي، ان سڄي صورتحال جو نتيجو دهشتگرديءَ جي صورت ۾ اسان سڀ ڀوڳي رهيا آهيون. هن مرحلي تي سنڌي ادبي سنگت کي اڳتي اچي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن کي نه رڳو ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌ ويجهه لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو پر اهڙو ماحول به جوڙڻو پوندو جنهن سان نئين نسل جو ناتو قلم ۽ ڪتاب سان جڙي سگهي. مان سوچيان ٿو ته سنڌي ادبي سنگت، ان جو ڪردار ۽ ڪارڪردگي ڪيئن هئڻ گهرجي؟ ان سوال جو جواب عيسيٰ ميمڻ جو سنڌي ادبي سنگت جي موجوده مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مشتاق ڦل ڏانهن کليل خط ۾ ڀرپور انداز ۾ ملي ٿو. اهو خط اڳ ۾ اخبارن ۾ به شايع ٿيو هو ۽ هاڻي هن ڪتاب ۾ به شامل آهي. بس ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان خط کي ذاتي تنقيد سمجهڻ بدران ڪشاده دليءَ جو مظاهرو ڪندي هيئن سان هنڊائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته خط ۾ موجود سموريون تجويزون سنڌي ادبي سنگت جي آئين جي روشنيءَ ۾ ڏنل آهن. هن خط ۾ عيسيٰ لکي ٿو ته، ”سنگت کي موجوده بحراني حالت مان ڪڍڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري بڻجي ٿي.“ هاڻي اها ذميواري ادا ڪرڻ لاءِ عيسيٰ ته پهل ڪري چڪو آهي باقي سنڌ جي ٻين ساڃاهه وندن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته گهڻن کنئي ئي ڇپر کڄي. هن ڪتاب ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جي ٻن سالن 2002ع ۽ 2003ع جڏهن ته لاڙڪاڻي شاخ جي سال 2013ع جون ڪارڪردگي رپورٽس شامل آهن.
    انهيءَ ڳالهه ۾ ٽڪي جو به وڌاءُ ڪونهي ته سنڌي ادبي سنگت ڏوڪري شاخ ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي سرگرم ترين شاخن منجهان هڪ رهي آهي. عيسيٰ ميمڻ جي تحقيق موجب 1963ع ۾ هن شاخ جو بنياد پيو ۽ ڪامريڊ حيدر جويو ان جو پهريون سيڪريٽري ٿيو. ۽ پوءِ ڪامريڊ امداد قاضيءَ کان وٺي قربان گاڏهي، نثار کوکر، ڊاڪٽر مظفر کوهاري، دادلي ناصر زهراڻي، انور ابڙي، عزيز منگي، خير محمد چني، حاڪم مڱريي، شهمير سومري، پروفيسر ديدار سولنگي، عيسيٰ ميمڻ، عبدالغفور زهراڻي، اقرار پيرزادي، حاڪم منگي ۽ قربان جتوئيءَ تائين ڪيترائي دوست هن شاخ کي سرگرم رکڻ لاءِ ڪوشان پئي رهيا آهن. ان سموري سفر ۾ ڏوڪري ادبي سنگت ڪيترائي لاها چاڙها ۽ بحران پڻ ڏسندي رهي آهي. پر پوءِ به هي سلسلو ڪٿي ٽُٽُو ناهي. هن ڪتاب ۾ شامل ڏوڪري شاخ جي رپورٽس جو جائزو وٺڻ سان پتو پوي ٿو ته عيسيٰ ميمڻ جي سرواڻيءَ ۾ ڏوڪري شاخ جو اهو سونهري دور هو. جنهن ۾ ڪابه هفتيوار گڏجاڻي مِس نه ٿي. ۽ ڪيترائي شاندار پروگرام توڙي لطيفي ميڙاڪا ٿيا. اهو ئي سبب هيو جو ڪيترائي نوجوان ادب ڏانهن راغب ٿيا ۽ هنن تعليم سان گڏ پنهنجو تعلق ادبي سرگرمين سان به سلهاڙيو. هن ئي دور جي اهم اچيوِمينٽ اها به هئي ته ڏوڪري شاخ موهين جي دڙي جي ميوزيم مان مهرن جي چوريءَ خلاف وڏي احتجاجي تحريڪ هلائي، جنهن جي نتيجي ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ڪائونسل ۽ بعد ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي فلور تان انهن احتجاجن جا حوالا ڏئي بحث ڪرايو ويو. عيسيٰ جي اها خوبي آهي ته هو جتي به هجي ٿو اتي ميلامچائي ڇڏيندو آهي، ايئن ئي هو جڏهن ٽي سي وٺي لاڙڪاڻي ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو ته کيس سال 2013ع لاءِ سيڪريٽري چونڊيو ويو. ڪم سان لڳاءُ ۽ جاکوڙي سڀاءُ هئڻ ڪري هن لاڙڪاڻي شاخ کي به زبردست نموني سرگرم رکيو ۽ ڪيترائي يادگار پروگرام ڪرايائين. اهو ئي سبب آهي جو هو جڏهن ڏوڪري سنگت جو سيڪريٽري هو تڏهن ڏوڪري شاخ کي مرڪز پاران بهترين ڪارڪردگيءَ جو ايوارڊ مليو ۽ جڏهن لاڙڪاڻي سنگت جو سيڪريٽري ٿيو ته مرڪز ان کي مڃتا ايوارڊ ڏنو. يقينن ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻو شاخ عيسيٰ جي انهن ڪاوشن کي سدائين قدر جي نگاهه سان ڏسندي.

    علي بخش پٺاڻ


    2013ع سنگت لاڙڪاڻي جو سرگرم ترين سال آهي : روشن ٽوٽاڻي

    مان سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي سان 2004ع کان وٺي باضا بطه لاڳاپيل رهيو آهيان. سنگت شاخ لاڙڪاڻي جا ڪيترائي لاها چاڙها ۽ سرگرميون منهنجي اکين اڳيان ٿيون آهن، انهن سرگرمين ۾ نه صرف شامل آهيان پر انهن جو حصو به رهيو آهيان. سنگت جيتري مون کي محبت ۽ شعور ڏنو آهي، اهو منهنجي لاءِ سڀ کان وڏو اعزاز آهي.

    سنگت لاڙڪاڻي جون 2013ع ۾ جڏهن چونڊون ٿيون تڏهن مان خزانچيءَ جي عهدي تي متفقه راءِ سان بنا مقابلي چونڊجي آيس. سنگت ۾ جيڪي به دوستن جا حلقه هئا انهن مون تي گڏيل اعتبار ڪيو. هي دؤر سنگت جو سڀ کان وڌيڪ متحرڪ دؤر رهيو، جنهن ۾ سنگت سنڌ جي سرگرم ترين شاخن ۾ سرفهرست بڻجي ويئي. جيتوڻيڪ اسان جي باڊيءَ اڳيان رڪاوٽون به تمام گھڻيون هيون پر تنهن باوجود به هي دؤر سنگت جو يادگار دؤر رهيو آهي. اسان جي دوستن عيسيٰ ميمڻ، عزيز منگي، گل دائي ۽ ٻين ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنگت کي متحرڪ ۽ منظم ڪيئن ڪري سگهجي ٿو. مان پاڻ کي خوش نصيب ٿو سمجھان ته هن دؤر ۾ مان سنگت جو خزانچي رهيس.

    روشن ٽوٽاڻي


    ها، اهو ڏوڪري ادبي سنگت جو اوج هيو! : غفور زهراڻي

    عيسيٰ ميمڻ محنتي نوجوان آهي، هو ڪم سان محبت ڪندو آهي. سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان هن سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ کي سال 2002ع ۽ 2003ع ۾ تمام سٺي نموني سرگرم رکيو، شاندار پروگرام ۽ ميڙاڪا منعقد ڪيائين ۽ پابنديءَ سان هفتيوار تنقيدي ڪلاس هلايائين. مان سمجهان ٿو ته انهن ٻنهي سالن کي ڏوڪري ادبي سنگت جي اوج وارو دور چئجي ته قطئي غلط نه ٿيندو. ان سموري ساٿ ۾ مان، علي بخش پٺاڻ، پروفيسر گلاب سومرو ۽ ٻيا هڪ سٺي ٽيم وانگر گڏ هئاسين ۽ هر دوست پنهنجون پنهنجون ذميواريون ڀرپور نموني نڀائيندو هيو.
    . عيسيٰ ميمڻ سنڌي ادبي سنگت ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻي شاخ جو رڪارڊ جنهن سليقي سان سانڍيو ۽ سهيڙيو آهي اهو عمل قابِل تحسين آهي. عيسيٰ هن عمل ذريعي نه رڳو ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻي شاخ جي رڪارڊ کي تاريخ جو حصو بڻايو آهي پر مرڪز کان وٺي سنڌ جي سمورين شاخن لاءِ هن مثال به قائم ڪيو آهي ته رڪارڊ جي اهميت ۽ افاديت ڇا ٿيندي آهي ۽ ان کي ڪهڙي نموني محفوظ بڻائجي. هنن رپورٽن مان ڪيترن ئي دوستن کي لاڀ حاصل ٿيندو.

    غفور زهراڻي


    سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جو هڪ شاندار سال2013ع : استاد گل دايو

    سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ ادب جي آبياري هجي يا سنڌ جي حقن جي حاصلات، انهيءَ سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ماضي شاندار رهيو آهي. هميشه ٻوليءَ جي بقا توڙي سنڌ جي تاريخي حقن جي حفاظت لاءِ سنڌي ادبي سنگت، ويڙهاند لاءِ مضبوط پليٽ فارم رهي آهي.
    سنڌي ادبي سنگت جو جيڪو به شانائتو ڪردار رهيو آهي، انهيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻو، سنڌي ٻوليءَ جي بقا يا ون يونٽ ۽ ڪالا باغ ڊئم خلاف ويڙهاند ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. اُتي اڪيڊمڪ حوالي سان به تنقيدي ڪلاس منعقد ڪري، خوب نڀايو آهي. سنگت لاڙڪاڻو تي مختلف وقتن ۾ ماٺار به ڇانئي آهي ته زوردار تحرڪ به پيدا ٿيو آهي. ان سٺي تحريڪ جو هڪ مثال 2013 جو سال به آهي. جڏهن س ا س لاڙڪاڻي جو سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ هو. هڪ طرف عيسيٰ سان اسان سڀني دوستن جو ڀرپور ساٿ به هو ته ٻئي پاسي ڪجھ دوستن راهه ۾ رڪاوٽون به حائل ڪيون. پر انهن سڀني رڪاوٽن کي ٽوڙيندي عيسيٰ ۽ ان جي ڪابينا شاندار ڪم ڪندي رهي. ان جو هڪ وڏو مثال اهو به آهي ته، ذڪر ڪيل عرصي ۾ ٻين علمي ادبي پروگرامن سان گڏ تنقيدي ڪلاسن جو انعقاد وقت سر، (پندرهن وار) ٿيندو رهيو، جنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ته، وڏي تعداد ۾ اديب، شاعر ۽ ادب دوست شامل ٿيندا هئا ۽ اُهي واري اچڻ سان پنهنجون لکڻيون، تنقيد لاءِ پيش ڪندا هئا ۽ تنقيد ۾ حصو وٺندا هئا.
    بهرحال وقت گذرندي ويرم ئي نه ٿي. سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڪاڻي جو هي سال به شاندار ماضيءَ جو حصو بڻجي، سنگت جي تاريخ جو سونهري ورق ٿي ويو آهي. جڏهن به سنگت لاڙڪاڻي جو ذڪر ٿيندو تڏهن هي سال هميشه فخر سان ياد ڪيو ويندو.

    استاد گل دايو


    سنگت جي ادبي تاريخ : گلاب سومرو

    عيسيٰ ميمڻ جيتري قدر مون کي ياد پيو اچي ته جڏهن سنگت ڏوڪريءَ ۾ پهريون دفعو دستوري گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيو هو ته ائين لڳو ته هو نهايت سادڙو، سيپڪڙو ۽ ٻارڙو آهي. پر جڏهن هن کي سنگت جي گڏجاڻين ۾ ٻڌو ۽ ڏٺو ته نهايت پختو ۽ برجستوماڻهو نظر آيو.
    ٿورڙي ئي عرصي ۾ هن سنگت ڏوڪريءَ ۾ چڱو خاصو مقام ماڻي ورتو هو. هي 2002 ۽ 2003ع ۾ س ا س ڏوڪريءَ جو سيڪريٽري چونڊجي آيو. جيئن ته منهنجو سنگت ڏوڪريءَ سان ڪافي پراڻو واسطو رهيو آهي ۽ ڪيترن ئي سنگت جي سيڪريٽرين جي دؤر ۾ عهديدار رهيس مگر ڪڏهن به سيڪريٽريءَ جو خواهشمند نه رهيس. ان جي باوجود سنگت جا ميمبر زور ڀريندا رهيا.
    هن رپوٽ مان ظاهر ٿئي ٿو ته، عيسيٰ ميمڻ نهايت ايمانداريءَ کان ڪم وٺندي گڏجاڻين جو سمورو وچور، سنگت جي ميمبرن جا نالا، منعقد ڪرايل ادبي ميڙاڪا، پروگرام ۽ سندس دور ۾ جيڪي مڃيا ايوارڊ ڏنا ويا، اهي سڀ ان رپورٽ ۾ تفصيل سان شامل ڪيا آهن.
    مجموعي طور تي 2002 ۽ 2003ع جي س ا س ڏوڪريءَ جي رپورٽ ڄڻڪه ڏوڪريءَ جي ادبي تاريخ آهي. هي دؤر سنگت جو سرگرم ترين دؤر رهيو آهي.
    عيسيٰ ميمڻ پنهنجي ادبي کيتر ۾ وک وڌائيندي هن وقت ڪيترن ئي ڪتابن جو مرتب ۽ ليکڪ رهيو آهي ۽ نهايت جاکوڙي انسان آهي ۽ ڏوڪري هن جي ترجيح ۾ شامل آهي.

    گلاب سومرو


    پنهجي پاران : عيسيٰ ميمڻ

    سنڌي ادبي سنگت سان اسان جي وابستگي شعوري به آهي ته جذباتي به. سنڌي ادبي سنگت سماج ۾ مثبت لاڙا پيدا ڪرڻ لاءِ نه صرف ڪوشش ڪئي آهي پر سماج جا فڪري طور تي نئين سر اڏاوت جا بنياد رکڻ لاءِ پڻ هڪ ڊگهي ۽ تاريخي دؤر مان گذري آهي جنهن جي خود تاريخ سهيڙڻ جي ضرورت آهي ڇوته تاريخ ماضيءِ جو حافظو ۽ رڪارڊ به آهي ته مستقبل جي اڏاوت لاءِ به هڪ آئيني مثل به آهي. انهيءَ خيال کي نظر ۾ رکندي سنڌي ادبي سنگت جي سرگرمين کي ڪتابي صورت ۾ آڻي رهيا آهيون. هي ڪتاب سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جي 2002ع ۽ 2003ع، ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جي سال 2013ع جي ڪارڪردگي رپورٽ آهي جيڪا خود هڪ تاريخ آهي. هي ڪارڪردگي رپورٽ ثقافتي سرگرمين جو اولڙو پڻ پيش ڪري ٿي. هن رپورٽ کي جيئن جو تيئن پيش ڪري پنهنجي ذاتي پسند ۽ ناپسند جي گنجائش کي ٻاهر رکيو اٿم ڇاڪاڻ ته تاريخ کي تعصب توڙي پسند ۽ ناپسند جي بنيادتي جيڪڏهن پيش ڪبو ته اها تاريخ سان خود ويساهه گهاتي ٿيندي. آخر ۾ انهي سڀني جو احسان مند آهيان جن ڪتاب تي ٻه اکر لکيا، صلاحون ڏنيون ۽ حوصلا افزائي ڪئي جنهن سبب هي ڪتاب اوهان جي هٿن تائين پهچي سگھيو.
    هن ڪتاب جي باري ۾ جيڪي به صلاحون، رايا (مثبت توڙي منفي). ملندا انهن جي دل کولي آجيان ڪندس.

    عيسيٰ ميمڻ


    مهاڳ : هڪ خواب جي ساڀيا : آزاد انور ڪانڌڙو

    سنڌي ادبي سنگت ، سنڌي اديبن ، شاعرن ، دانشورن جو اهو سگهارو ادبي پليٽ فارم آهي. جنهن 1947ع کان سنڌي ادب جي اوسر ۽ نوجوان اديبن ، شاعرن جي تربيت ۾ وڏو ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ ، سنڌ جي وجود خلاف ٿيندڙ سازشن تي ڀرپور آواز پئي بلند ڪيو آهي. سنڌي ادبي سنگت ننڍي کنڊ ۾ جن سيڪيولر ، جمهوري ، محب وطن ۽ غير فرقيوار ادبي روايتن جو بنياد وڌو آهي، انهن روايتن تي عملي طور ڪاربند رهي وک وڌائي آهي.
    سنڌي ادبي سنگت جي ”ٻوليءَ لاءِ جدوجهد“ ايوبي ڏاڍ واري زماني جو هڪ اهڙو ڪارنامو آهي، جيڪو سنڌي قوم ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهي. ”شريف ڪميشن“ جي مخالفت ، لکين صحيحن جو اسڪرول ۽ ” يوم سنڌي زبان“ جا ميڙاڪا ، ان ڳالهه جا شاهد آهن ته سنڌي ٻولي ۽ تعليم کي سنگت ان دور ۾ ائين بچايو ، جيئن سنڌ جي عظيم شاعر شاهه لطيف ڪلهوڙن جي دور ۾ سرڪار جي زبان فارسي جي مخالفت ڪري سنڌي زبان جو ست ۽ سيل سلامت رکيو هو. ون يونٽ جي قيام سنڌ جي جدا قومي وجود جو خاتمو ڪري ڇڏيو هو ۽ سنڌ ”سابق سنڌ“ بنجي وئي هئي. اهو درد ۽ پيڙا محسوس ڪندي شيخ اياز چيو هو ته ،
    سنڌڙي تنهنجو نانءُ ڳـڌو،
    ڄڻ ڪاريهر تي پـيـر پـيـو.
    ون يونٽ جي خلاف سياسي ميدان ۾ سائين جي ايم سيد ، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ، قاضي فيض محمد ۽ ڪامريڊ غلام محمد لغاري جدوجهد ڪئي ۽ جيلن ۾ قيد ۽ نظر بند ٿيا. ليڪن ادبي مورچو ، سنڌي ادبي سنگت ، سنڌ جي هٿن ۾ هو ۽ ان مورچي تان اسان جي باشعور ۽ باضمير اديبن ، شاعرن جيڪا جدوجهد ڪئي ۽ خود سياست جي جيڪا رهنمائي ڪئي ، اها تاريخ جو رڪارڊ آهي. ڪامريڊ سوڀي جي لفظن ۾ ون يونٽ جي 10 سالن جي دور ۾ احساس محرومي ۾ واڌارو ٿيندو ويو. انهيءَ سموري عرصي ۾ سنڌي ادبي سنگت قومي ادبي تحريڪ کي منظم ڪرڻ ، ترقي ۽ اشاعت لاءِ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، سي بي مثال ۽ تاريخي آهن. پر مان چوندس ته سنڌي ادبي سنگت قوم پرستي ۽ سنڌي معاشري کي ترقي پسند لاڙن تي منظم ڪرڻ جي خواهش ۽ امنگ جي علامت بڻجي چڪي آهي. جڏهن سنڌ جي سياست ، موقعي پرستي ، ضمير فروشي ، محلاتي سازشن جو شڪار هئي ته ان وقت سنڌي ادبي سنگت ئي اها تنظيم هئي ، جنهن جدوجهد ڪئي هئي ۽ هي سنڌي نوجوان ، اديبن ، شاعرن ۽ دانشورن جو مخلصانه ، دلير ترقي پسند جدوجهد ۽ ڊگهين قربانين جو نتيجو هو، جو سياستدانن کي به انهيءَ راهه تي واپس ورڻو پيو، جيڪا نوجوان سنڌي اديبن اختيار ڪئي هئي. سنڌي ادبي سنگت جي ان ڪردار بابت ناليوارو سياسي اڳواڻ يوسف لغاري لکي ٿو ته، 1958ع کان پوءِ سنڌ جي سموري سياست تي گهٽ ۽ ٻوسٽ ڇانيل هئي ۽ ڪوبه اهڙو سياستدان ڪونه هو جيڪو ايوب خان جهڙي آمر سان سنڌ جي مسئلن ۽ حقن بابت ڳالهائي سگهي. جي ايم سيد ، حيدر بخش جتوئي ، شيخ اياز ۽ قاضي فيض محمد ۽ انهن کانسواءِ فقط سنڌي ادبي سنگت ئي هئي ، جيڪا سنڌ جي مسئلن تي وقت بوقت آواز اٿاريندي رهي.
    سنڌي ادبي سنگت ، پنهنجو تنظيمي ، تخليقي ، ۽ قومي سفر طئي ڪندي 70 سالن جي ڊگهي سفر ۾ سنگت جي پهرئين باني سيڪريٽري جنرل گوبند مالهيءَ جي تسلسل کي برقرار رکيو. افسوس ته گذريل ڪجهه سالن کان سنڌي ادبي سنگت جي ان تاريخي جدوجهد جي تسلسل کي برقرار رکڻ بجاءِ سنگت کي سرڪار جي چاپلوسي ۽ هر اڀرندڙ سج جي سلاميءَ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. هاڻي ته بوگس شاخن جي آڌار تي پاڻ کي 3 ڀيرا لاڳيتو چونڊرائيندڙ سيڪريٽري جنرل جي هاڻوڪي دور ۾ سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ سان وڏي هٿ چراند ڪئي پئي وڃي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي بنياد 1947ع کان ئي انڪار ڪيو پيو وڃي. اهڙي روش جي شروعات سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڪئي هئي.

    سنڌي ادبي سنگت جو بنياد

    سنڌي ادبي سنگت جو بنياد ورهاڱي کان اڳ 1947ع ۾ پيو. ان حوالي سان ڪامريڊ اي جي . اُتم ، ايڊيٽر ماهوار “ نئين دنيا ” پنهنجي 1 آگسٽ 1947ع جي پرچي ۾ ، هيٺين خبر شايع ڪئي:
    “گذريل آرتوار تي ڪراچيءَ جي سنڌي ليکڪن جو ميڙ “ بايرس شپرس چيمبر” ۾ پروفيسر ايم . يو ملڪاڻيءَ جي صدارت هيٺ ٿي گذريو ، جتي پروفيسر ايم . يو ملڪاڻي ، لالچند امر ڏنو مل ، آسانند مامتوراءِ ، چوهڙ مل هندوجا ، منوهر داس ڪوڙو مل ، تيرٿ سڀاڻي ، سوڀو گيانچنداڻي ، گوبند مالهي، بهاري ڇاٻڙيا ، آنند گولاڻي ، ڪيرت ٻاٻاڻي ، موهن پنجابي ، ڀڳوان لالواڻي ۽ ٻيا ڪيترا جهونا خواهه نوان سنڌي ليکڪ حاضر هئا. شروعات ۾ گوبند مالهيءَ ، ترقي پسند ادب جي باري ۾ پنهنجا ويچار رکيا، جنهن کان پوءِ ، منوهر داس ڪوڙيمل ، آسانند مامتوراءِ ، لالچند امر ڏني مل ۽ پروفيسر ملڪاڻيءَ به پنهنجا پنهنجا رايا پيش ڪيا. آخر ۾ “سنڌي ليکڪن جي جماعت بندي” ڪرڻ لاءِ حال ڪراچيءَ ۾ “ سنڌي ادبي سنگت” جي نالي سان هڪ جماعت برپا ڪئي وئي. اُن خبر شايع ٿيڻ جي هفتي اندر سنڌي ادبي سنگت جي پهرين باڊيءَ جي چونڊ ٿي.
    گوبند مالهيءَ جو ساٿي، ڪيرت ٻاٻاڻي ، پنهنجي دوست گوبند مالهيءَ جي لاڏاڻي کان پوءِ ، سنڌي اڪيڊمي دهلي پاران نڪرندڙ ڇماهي رسالي “سنڌي جوت” جي “گوبند مالهي خاص شماري” (جنوري- جون 2001) ۾ ديو- قد مفڪر: گوبند مالهي مضمون ۾ لکي ٿو:
    ........... اهوئي سمو هئو، جو گوبند مالهيءَ جي جماعتبندي ۽ تخليقي قوتن جو نکار ٿيو. ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي اسٿاپنا جو سوال اٿيو ته سڀني جون اکيون وڃي گوبند مالهيءَ تي کتيون. اديبن جو ميڙ آگسٽ 1947ع ۾ بايرس – شپرس چيمبر ۾ گهرايو ويو، جنهن ۾ ڪراچيءَ جي بزرگ توڙي نوجوان ساهتڪارن شرڪت ڪئي. مٿين جماعت کي وجود مليو. سيڪريٽريءَ جون جوابداريون گوبند مالهيءَ مٿان رکيون ويئون. آسانند مامتوراءِ : پريزيڊنٽ ، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: نائب پريزيڊنٽ ، شيخ اياز ۽ بهاري ڇاٻڙيا جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيا.” (ص - 16 -17)
    1947ع ۾ ، ورهاڱي کان ڇهه مهينا اڳ گوبند مالهي ڪراچيءَ ۾ ، ڪميونسٽ پارٽيءَ تان استعيفا ڏني هئي. هو پنهنجي آتم ڪٿا “ ادب ۽ اديب” جي ٽئين جلد “نرواس ۾ آس” ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو:
    “ مون کي پارٽي ورڪ مان فارغ ڏسي، منهنجي پبلسٽي سروس ۾ ڀائيوار ايسر پوپلي صلاح ڏني ته ماهوار مخزن ڪڍجي ، اشتهار ملڻ ۾ دقت ڪانه ايندي ، پريس جي سهولت به موجود آهي. مون کي هن جي صلاح جچي. “نئين دنيا” ماهوار مخزن جاري ٿي....... ان جي اردگرد ساهتڪارن جو مجموعو به مڙي ويو. سنڌي ساهتڪاري جي جماعتبندي به ٿي، “سنڌي ادبي سنگت” به جڙي، جنهن جو پريزيڊنٽ آسانند مامتوراءِ ۽ جنرل سيڪريٽري مان چونڊيس، جوائنٽ سيڪريٽري بهاري ڇاٻڙيا ۽ شيخ اياز چونڊيو ويو.
    ”(ڏسو نرواس ۾ آس “ ص – 26 ۽ پنجئي جلد گڏ” سنڌڙي منهنجي جندڙي” ، ص -183 ، سنڌي ساهت گهر ، حيدرآباد ، اپريل 2004ع)
    خود گوبند مالهي جڏهن 1989ع ۾ ، سگا پاران سڏايل ”انٽرنيشنل سچل سيمينار“ ۾ هند جي ٻين اديبن سان گڏجي سنڌ آيو هو ته حيدرآباد ۾ ، ان وقت جي سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل غلام حسين رنگريز جي باڊيءَ کيس آجياڻو ڏنو هو، جتي هن تقرير ڪندي چيو ته:

    “سڄڻو! اها منهنجي لاءِ نهايت فخر ۽ خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي ته هڪڙو ننڍڙو ٻوٽو مون لڳايوهو. مارچ – اپريل 1947ع ۾ ، ڪوشش اها هئي ته هر قسم جي ويچار ڌارا رکندڙ سنڌي اديب هڪڙي ماڳ تي اچي گڏ ٿين ۽ رابطي ۾ رهن جيتوڻيڪ ، هڪ ترقي پسند جي حيثيت ۾ ، ترقي پسند ليکڪن جي جماعت هتي اڳ ۾ ئي ٺهيل هئي، جنهن جي جنرل سيڪريٽري هئڻ جو شرف به مون کي رهيو، پر مون چاهيو پئي ته هر پيڙهيءَ ۾ هر پيڙهيءَ جا سنڌي اديب هڪڙي ئي ماڳ تي هجن............. ۽ اها تنظيم ”سنڌي ادبي سنگت اسان هتي پيدا ڪئي“.
    (سنگت پبليڪيشن ڪتاب نمبر 4 ، فيبروري 1990ع ، ص - 64)
    ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌي ادبي سنگت لاءِ ڪوششون مارچ - اپريل 1947ع کان شروع هيون، وري گوبند مالهيءَ ، ڊاڪٽر ادل سومري کي ، (جنهن سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ تي شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي رهنمائيءَ ۾ پي . ايڇ . ڊي ڪئي آهي) 1- سيپٽمبر 1992ع تي ممبئيءَ مان خط ۾ لکيو هو:
    ”در حقيقت ، اسان جي سنڌ ۾ هجڻ تائين ، سنڌي ادبي سنگت جي بلڪل مختصر تاريخ رهي. 1947ع ۾ جيئن ئي “ سنڌي ادبي سنگت“ جڙي، تيئن ئي هن اپکنڊ جي آزادي ۽ هندن جي ڀارت ڏانهن لڏ پلاڻ جون ڳالهيون شروع ٿيون. مان اوهان کي سنگت جي پهرين عهديدارن جي خبر چار ڏيان ٿو:

     پريزيڊنٽ: آسانند مامتوراءِ
    وائيس پريزيڊنٽ: پروفيسر ايم . يو ملڪاڻي
    جنرل سيڪريٽري: گوبند مالهي
    جوائنٽ سيڪريٽري: شيخ اياز ۽ بهاري ڇاٻڙيا
    ڪاروباري ڪاميٽيءَ تي بزرگ اديب لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي ، سوڀو گيانچنداڻي ۽ شايد عبدالرزاق رازبه هو.”
    (سنگت گولڊ جوبلي ڪانفرنس – 97 سووينيئر ، ص – 6)
    1956ع جي سنڌي ادبي سنگت ڪنوينشن (ڪراچي ، 17 – آڪٽوبر 1956ع) بابت ”سنگت هڪ ادبي تحريڪ – هڪ نئين تاريخ“ ڪتابڙي ۾ مرحوم ڊاڪٽر اياز قادريءَ (ان وقت جي سيڪريٽري جنرل) جي رپورٽ ڇپيل آهي، جنهن ۾ هو خود لکي ٿو؛
    ”سنڌي ادبي سنگتون به انهيءَ دور (آزاديءَ کان پوءِ) جي پيدائش آهن. پهريائين ڪراچي شهر ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ برپا ٿي ۽ جنهن بعد سنڌ جي جدا جدا حصن ۾ سنڌي ادبي سنگتون هستيءَ ۾ اچڻ لڳيون.” (ص – 64) ان بعد لاڙڪاڻي اجلاس جي ذڪر بعد ڪراچي ۾ ٿيل سنڌي ادبي سنگت ڪنوينشن بابت لکي ٿو:
    “ هي ڪنوينشن آچر 17 آڪٽوبر 1956ع تي سنڌ مدرسي ۾ گڏ گڏ ٿي ۽ ان ۾ سنڌ جي جملي 12 سنگتن، 33 عيوضي موڪلي شرڪت ڪئي. ”(ص - 66)، اهي 12 سنگتون – شڪارپور، لاڙڪاڻي، قمبر علي خان، سکر، خيرپور، مورو، نوابشاهه، جيڪب آباد، ٽنڊومحمد خان ، جهمپير ، ميرپور بٺورو ۽ ڪراچي هيون. “
    سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل شمشير الحيدري، هلال پاڪستان حيدرآباد جي 23 مارچ 1956ع واري اشاعت ۾ لکي ٿو:
    ”سنڌي ادبي سنگت جي نالي سان سڀ کان پهرين جماعت ڪراچيءَ ۾ سن 1946ع ڌاري ٺهي، جنهن جو پايو وجهندڙ گوبند مالهي ، شيخ اياز ، موهن پنجابي ۽ شيخ راز جهڙا قابل ۽ پختا اديب هئا، پر 1947ع واري لڏ پلاڻ سان هيءَ سنگت پڻ خودبخود ختم ٿي وئي. ان بعد 1952ع ۾ نورالدين سرڪي ۽ عبدالغفور انصاريءَ جي دلچسپيءَ سان اها سنگت نئين سر ترتيب ۾ آئي“.
    سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري رشيد ڀٽي ، پنهنجي مضمون ”سنڌي ادبي سنگت جا 23 سال ( 1947ع کان 1970ع )“ ۾ لکي ٿو:
    ”سنڌي ادبي سنگت جي پيڙهه جو پٿر تڏهن پيو، جڏهن هندو پاڪ اپکنڊ ۾ هڪ پاسي انگريز سامراج جي خلاف هلچل زورن تي هئي ته ٻئي پاسي نوان اقتصادي نظريا دنيا جي ڳپل حصي ۾ ڏتڙيل ۽ ڦريل لٽيل عوام جا ڀاڳ ڀلائي چڪا هئا. اهي ٻئي عمل ئي وقت جي ادبي لاڙن ۽ قدرن تي ڪم ڪري رهيا هئا. لازمي طور سنڌي اديب به انهن نون اثرن کان متاثر ٿيو. 1946ع ڌاري ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ پروفيسر گربخشاڻيءَ جي رهنمائيءَ هيٺ اهڙن خيالن ۽ نظرين جي حامي شاگرد اديبن ۽ شاعرن هڪ جماعت جو بنياد وڌو. جنهن جو نالو “ سنڌي ادبي سرڪل” رکيو ويو. ان سرڪل جي جوڙ جڪ ۾ اهم حصو وٺندڙ اديبن ۾ نارائڻ شيام، شيخ اياز، شيخ راز، مرحومه روشن آرا مغل، ارجن شاد ۽ سندري اتمچنداڻيءَ جا نالا قابل ذڪر آهن..... 1947ع جي وچ ڌاري ان تنظيم کي ڪاليج جي حدن کان ٻاهر ڪڍيو ويو. ورهاڱي کان ٻه ٽي مهينا اڳ ڪراچي شهر جي هڪ اداري “شپرس ۽ بايرس” جي آفيس ۾ سنڌ جا هم خيال شاگرد ۽ اديب پاڻ ۾ گڏيا ۽ فيصلو ڪري “ سنڌي ادبي سنگت” جو پايو وڌائون. انهن اديبن ۾ شيخ اياز ،مرحوم احسان بدوي، نعيم صديقي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، گوبند پنجابي، سندري ۽ روشن آرا مغل جا نالا قابل ذّڪر آهن. جماعت جو پهريون سيڪريٽري سنڌ جو مشهور ناول نويس ۽ نقاد گوبند مالهي چونڊيو ويو. ترت ئي ورهاڱو ٿي ويو ۽ هندو سنڌي اديبن جي گهڻائي هندستان هلي وئي.
    (هفتيوار صبح سنڌ 14 – آگسٽ 1970، ص – 5)
    رشيد ڀٽيءَ کان چارج ڇڏائي، قائم مقام سيڪريٽري جنرل بڻيل تاج بلوچ پنهنجي پاران ڇپايل ”سنگت: هڪ ادبي تحريڪ ، هڪ نئين تاريخ“ ڪتابڙي ۾ رقم طراز آهي:
    ”.........اهڙن ئي اديبن جي ڪوشش سان ”سنڌي ادبي سنگت“ جي تحريڪ جي ابتدا، پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان هڪ ٻه يا مهينا اڳ، ڪراچيءَ ۾ شپرس اينڊ بايرس جي آفيس مان، شروع ٿي. سنگت جي پايي وجهندڙن مان ، محترمين گوبند مالهي ، مرحوم احسان بدوي ، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ شيخ اياز جا نالا قابل ذڪر آهن. گوبند مالهيءَ کي ان وقت سنگت جو پهريون سيڪريٽري چونڊيو ويو.“
    (2 آڪٽوبر 1966ع س.(الف). سنگت ڪراچي پاران ڪوٺايل سنڌي ادبي ڪانفرنس، خالقڏني هال ۾ پڙهيل استقباليه خطبو)
    مشهور محقق ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ پنهنجي پي ايڇ ڊي جي مقالي ”ڪراچي ضلعي جون عملي ادبي جماعتون ۽ اشاعتي ادارا“ ۾ لکي ٿو:
    ”سنڌي ادبي سنگت 1947ع ۾ قائم ڪئي وئي، جنهن جي پايي وجهندڙن مان گوبند مالهي ، احسان بدوي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ شيخ اياز جا نالا قابل ذڪر آهن. گوبند مالهيءَ کي ان وقت سنگت جو پهريون سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.“
    (ڏسو، ڊاڪٽر ادل سومري جو مضمون: ”سنڌي ادبي سنگت جو قيام“ سنگت گولڊن جويلي سووينيئر ص -6)
    سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ادل سومرو، پنهنجي مضمون ”سنڌي ادبي سنگت جو قيام“ ۾ لکي ٿو ته: ”نئين دنيا آگسٽ 1947ع جي پرچي ۾ شايع ٿيل ان خبر ۾ جماعت جو نالو نهايت واضع ۽ صاف اکرن ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ لکيل آهي، تنهنڪري سنگت جي قيام بابت هيل تائين ٿيل تحقيق ۾ هن نئين ثبوت کان پوءِ ڪنهن به مبالغي جي گنجائش نه ٿي رهي ۽ اهو پڌرو ٿئي ٿو ته سنگت جو قيام ورهاڱي کان ٻه مهينا کن اڳ ٿيو هو. جيئن ته اهو ثابت ٿي ويو ته ”سنڌي ادبي سنگت“ 1947ع ۾ قائم ٿي هئي، تنهنڪري ان حساب سان، سال 1997ع سنگت جو گولڊن جوبلي سال ٿيندو.
    (سنگت گولڊن جوبلي سووينيئر – 1997ع ، ص – 7)
    هنن تحريري ثبوتن کان پوءِ به سنڌي ادبي سنگت جي موجوده قيادت پاران ”سنڌي ادبي سنگت“ جو بنياد 1956ع کان ڄاڻائڻ سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ سان وڏي هٿ چراند آهي.

    سنڌي ادبي سنگت جي قيام کان اڄ تائين جا رهندڙ مرڪزي عهديدار؛

    پهرين گڏجاڻي ڪوٺائيندڙ:
    گوبند مالهي ، شيخ اياز ، بهاري لال ڇاٻڙيا

    تاريخ ۽ جاءِ : مارچ – اپريل 1947ع انڊين مرچنٽس ايسوسيئيشن هال ، سٽي اسٽيشن ڪراچي) .
     صدارت: لال جڳتياڻي
    صدر : آسانند مامتو راءِ
    نائب صدر : ايم . يو ملڪاڻي
    جنرل سيڪريٽري : گوبند مالهي
    جوائنٽ سيڪريٽري: اياز شيخ ۽ بهاري لال ڇاٻڙيا
    ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر:
    سوڀو گيانچنداڻي ، لال چند
    امر ڏنو مل جڳتياڻي

     (مارچ – اپريل 1947ع انڊين مرچنٽس ايسوسيئيشن هال ، سٽي اسٽيشن ڪراچي) .
     سيڪريٽري جنرل: ڊاڪٽر اياز قادري
    جوائنٽ سيڪريٽري: شمشير الحيدري
    خزانچي: موتي رام رامواڻي
    آڊيٽر: ع – ق شيخ
    (7 آڪٽوبر 1956ع سنڌ مدرسو ڪراچي)
     سيڪريٽري جنرل : (قائم مقام) شمشير الحيدري
    خزانچي: موتي رام رامواڻي
    آڊيٽر: ع – ق شيخ
    (اپريل 1957ع)
    سيڪريٽري جنرل : ڊاڪٽر تنوير عباسي
    جوائنٽ سيڪريٽري : پروانو ڀٽي
    خزانچي : حميد سنڌي
    آڊيٽر: تاج بلوچ
    ( 2 آڪٽوبر 1966ع 17- اورنگزيب مارڪيٽ بندر روڊ ڪراچي )
     سيڪريٽري جنرل رشيد ڀٽي
    جوائنٽ سيڪريٽري : تاج بلوچ
    خزانچي : محمد بخش سومرو
    آڊيٽر : منير سنڌي
    (24 جنوري 1970ع ميونسپل ٽائون هال ، سکر)
     سيڪريٽري جنرل : (قائم مقام ) تاج بلوچ
    خزانچي : محمد بخش سومرو
    آڊيٽر : منير سنڌي
    (1979ع سکر)
     سيڪريٽري جنرل : تاج جويو
    جوائنٽ سيڪريٽري : شفيع محمد مخفي
    خزانچي : علي نواز ڦل
    آڊيٽر : امين ٿيٻو
    ( 5 آگسٽ 1983ع پريس ڪلب خيرپور)
     سيڪريٽري جنرل : تاج جويو
    جوائنٽ سيڪريٽري : اياز گل
    خزانچي : رسول بخش درس
    آڊيٽر : اسير ملاح
    ( 9 آگسٽ 1985ع مسلم ڪاليج هاسٽل حيدرآباد )
     سيڪريٽري جنرل : غلام حسين رنگريز
    جوائنٽ سيڪريٽري : راشد مورائي
    خزانچي : گل ملاح
    آڊيٽر : اختر درگاهي
    (1 اپريل 1988ع مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد )
     سيڪريٽري جنرل : تاج جويو
    جوائنٽ سيڪريٽري : اياز گل
    خزانچي : نياز پنهور
    آڊيٽر: پارس حميد
    (23 مارچ 1990ع ٽيچرس ڪلب ڄامشورو)
     سيڪريٽري جنرل : ڊاڪٽر ادل سومرو
    جوائنٽ سيڪريٽري : منٺار سولنگي
    خزانچي : غلام نبي ناشاد
    آڊيٽر: نعيم شيخ
    (22 مئي 1992ع قاسم آباد ڪاليج حيدرآباد)
     سيڪريٽري جنرل : ڊاڪٽر شمس سومرو
    جوائنٽ سيڪريٽري: ممتاز بخاري
    خزانچي : ڊاڪٽر ذوالفقار سيال
    آڊيٽر: آزاد انور ڪانڌڙو
    (3 جون 1994 ڀٽ شاهه)
     سيڪريٽري جنرل : (قائم مقام) ممتاز بخاري
    خزانچي: ڊاڪٽر ذوالفقار سيال
    آڊيٽر: آزاد انور ڪانڌڙو
    (17 نومبر 1995ع مورو)
     سيڪريٽري جنرل: اياز گل
    جوائنٽ سيڪريٽري: وسيم سومرو
    خزانچي: غلام نبي ناشاد
    آڊيٽر: معشوق ڌاريجو
    (8 نومبر 1996ع مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد)
     سيڪريٽري جنرل: مختيار ملڪ
    جوائنٽ سيڪريٽري: ضراب حيدر
    خزانچي: اختر درگاهي
    آڊيٽر: اصغر سجاڳ سنڌي
    (13 ڊسمبر 1998ع قاسم آباد ڪاليج حيدرآباد)
     سيڪريٽري جنرل: ڊاڪٽر ادل سومرو
    جوائنٽ سيڪريٽري: گل ڪونڌر
    خزانچي: آزاد انور ڪانڌڙو
    آڊيٽر: اسد سولنگي
    (19 فيبروري 2001ع مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد)
     سيڪريٽري جنرل: تاج جويو
    جوائنٽ سيڪريٽري: رياضت ٻرڙو
    خزانچي: آصف مٺياڻوي
    آڊيٽر: نور چاڪراڻي
    (14 ڊسمبر 2003ع مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد)
     سيڪريٽري جنرل: ڊاڪٽر ذوالفقار سيال
    جوائنٽ سيڪريٽري: ڊاڪٽر مشتاق ڦل
    خزانچي: معشوق ڌاريجو
    آڊيٽر: غلام محمد غازي
    (16 فيبروري 2005 مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد)
     سيڪريٽري جنرل: يوسف سنڌي
    جوائنٽ سيڪريٽري: محمد علي مانجهي
    جوائنٽ سيڪريٽري عورت: زيب نظاماڻي
    خزانچي: جبار ملاح
    آڊيٽر: منظور اڄڻ
    (27 اپريل 2008ع سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد)
     سيڪريٽري جنرل: ڊاڪٽر مشتاق ڦل
    جوائنٽ سيڪريٽري: مشتاق بخاري
    جوائنٽ سيڪريٽري عورت: مهرالنساءِ لاڙڪ
    خزانچي: نبي بخش ناز
    آڊيٽر: بشير منگي
    (جولاءِ 2010ع سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد)
     سيڪريٽري جنرل: ڊاڪٽر مشتاق ڦل
    جوائنٽ سيڪريٽري: ملهار سنڌي
    جوائنٽ سيڪريٽري عورت: مهرالنساءِ لاڙڪ
    خزانچي: نبي بخش ناز
    آڊيٽر: رضا ڏاهري
    (سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد)
     سيڪريٽري جنرل: ڊاڪٽر مشتاق ڦل
    جوائنٽ سيڪريٽري: پريل دايو
    جوائنٽ سيڪريٽري عورت: مهرالنساءِ لاڙڪ
    خزانچي: ذوالفقار گاڏهي
    آڊيٽر: فقير محمد انڙ
    ( 19 اپريل 2015ع سنڌ ميوزيم حيدرآباد)

    هن وقت تائين ڪل 22 سيڪريٽري جنرل رهيا آهن.
    3 سيڪريٽري جنرل شمشير الحيدري ، تاج بلوچ ۽ ممتاز بخاري قائم مقام سيڪريٽري جنرل رهيا آهن.
    4 سيڪريٽري جنرلن اياز قادري ، رشيد ڀٽي ، شمس سومرو ۽ ادل سومرو استعيفائون ڏنيون ، جن مان ڊاڪٽر ادل سومرو جي استعيفا سيڪريٽرين ، ڪائونسلرن جي متفقه فيصلي کانپوءِ موري ۾ ڪاروباري ڪميٽي جي سال 2001ع ۾ ٿيل اجلاس ۾ واپس وٺرائي وئي.
    وڌ ۾ وڌ مدو رشيد ڀٽي لڳ ڀڳ 10 سال شمشير الحيدري 9 سال ۽ ٻه مهينا ۽ تاج بلوچ 4 سال سيڪريٽري جنرل رهيو.
    سنگت جي تاريخ ۾ 4 ڀيرا سيڪريٽري جنرل رهڻ جو اعزاز تاج جويي کي ۽ 2 ڀيرا سيڪريٽري جنرل رهڻ جو اعزاز ڊاڪٽر ادل سومرو کي رهيو. جڏهن ته لاڳيتو ٽي ڀيرا سيڪريٽري جنرل رهڻ جو اعزاز ڊاڪٽر مشتاق ڦل کي رهيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس دور تڪراري رهيو آهي.
    سنگت جي 56 سالن جي تاريخ ۾ مرڪزي آفيس لاءِ اختر ڪاٽيجز قاسم آباد ، حيدرآباد ۾ پلاٽ اڳوڻي سيڪريٽري جنرل اياز گل ورتو، جڏهن ته مرڪزي آفيس جي اڏاوت جي شروعات يعني پيڙهه جو ڪم ڊي پي سي تائين ڊاڪٽر ادل سومري اپريل 2003ع ۾ ڪرايو. جڏهن ته بعد ۾ سنگت جي آفيس جو ڪم ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي دور ۾ مڪمل ڪيو ويو.

    سنڌي ادبي سنگت جي گولڊن جوبلي 1997ع

    سنڌي ادبي سنگت جو قيام ورهاڱي کان اڳ 1947ع ۾ پيو. ان ڪري سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران پنهنجي قيام جا 50 سال پورا ڪرڻ تي سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ سنڌ جي برک شاعر سائين اياز گل جي دور ۾ سنگت – گولڊن جوبلي ڪانفرنس، 28 ڊسمبر 1997ع تي حيدرآباد جي سنڌ ميوزيم ۾ ملهائي وئي. ان ڏهاڙي سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي اوچتي لاڏاڻي سبب سنگت جي گولڊن جوبلي ڪانفرنس کي “ تعزيتي اجلاس ”۾ تبديل ڪيو ويو. شمشير الحيدري ، نياز همايوني ، فتاح ملڪ ، اياز گل ، نصير مرزا ۽ ٻيا مهمان اسٽيج تي ويٺل هئا. ان موقعي تي شيخ اياز جي لاڏاڻي سبب خاموشيءَ سان سمورن سيڪريٽري جنرلن کي ايوارڊ ۽ ٻين مرڪزي عهديدارن کي مڃتا سرٽيفيڪٽ ڏنا ويا. جڏهن ته 1996ع ۾ ڇپيل ڪتابن تي هيٺيان ايوارڊ ڏنا ويا.
    نارائڻ شيام ايوارڊ (شاعري) محترم تنوير عباسي
    نارائڻ شيام ايوارڊ (شاعري) محترم تاجل بيوس
    نسيم کرل ايوارڊ (ڪهاڻي) محترم طارق قريشي
    نجم عباسي ايوارڊ (ناول) محترم غلام بني مغل
    رشيد ڀٽي ايوارڊ (ترجمو) محترم انعام شيخ
    الهداد ٻوهيو ايوارڊ (تحقيق) محترم اشتياق انصاري
    سنڌي ادبي سنگت جي 1997ع ۾ ملهايل گولڊن جوبلي جي حوالي سان ناميارو اديب ، سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل محترم يوسف سنڌي پنهنجي ڪتاب ”اونداهيءَ ۾ سوجهرو“ 2002ع ۾ صفحي 143 تي مضمون ”سنڌي ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت “ ۾ لکي ٿو؛
    ”اها اسان جي خوش قسمتي چئبي جو، 1997ع سال ، سنڌي ادبي سنگت جو گولڊن جوبلي سال ڪري ملهائي رهيا آهيون. يعني ان حساب سان ، سنڌي ادبي سنگت جي عمر پنجاهه سال آهي. پنجاهه سال، ڪنهن ملڪ ۽ قوم جي ادب ۽ زبان لاءِ ۽ خود ان ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ ترويج جي لاءِ تمام وڏا سال آهن. 1947ع، جيڪو پاڪستان ٺهڻ سان گڏ ، ”سنڌي ادبي سنگت“ جي جنم جو سال به آهي ۽ 1997ع جيڪو پاڪستان سان گڏ سنڌي ادبي سنگت جي به گولڊن جوبليءَ جو سال آهي. 1947ع کان وٺي اڄ تائين ، سنڌي قوم، سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت ۽ سنڌي ادبي سنگت، جاگرافيائي لحاظ کان پاڪستان سان ئي لاڳاپيل رهي آهي. انهن پنجاهه سالن ۾، سنڌي ادب، قوم ، ۽ ثقافت جي ترقي ۽ واڌاري جي لاءِ ادا ڪيل ڪردار ئي اسانجو موضوع هئڻ کپي. ان موضوع تي اسان کليل دل ۽ دماغ سان بحث ڪريون ته بهتر.“

    سنڌي ادبي سنگت جي تڪراري گولڊن جوبلي ۽ سالگرهه

    سنڌي ادبي سنگت جي 1997ع ۾ نامياري شاعر سائين اياز گل جي سيڪريٽري جنرل جي دور ۾ گولڊن جوبلي ملهائي وئي هئي. جنهن کانپوءِ ٺيڪ 10 سالن بعد سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي دور ۾ سنڌي ادبي سنگت جي عمر 10 سال گهٽائي، سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ سان هٿ چراند ڪندي، ٻيهر 1956- 2006 جي حساب سان 15 ۽ 16 ڊسمبر 2007ع تي سنڌي ادبي سنگت جي تڪراري ۽ فرضي گولڊن جوبلي ملهائي وئي. افسوس ته آرگنائيزنگ ڪاميٽيءَ ۾ شمشير الحيدري به شامل رهيو. ان وقت ۾ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل تاج جويي ۽ مون سنڌ جي ساڃهه وند اديبن، دانشورن ۽ عالمن مظهر الحق صديقي ، پيرزاده محمد قاسم ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويو ، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، سراج الحق ميمڻ، شمشير الحيدري، امر جليل، امداد حسيني، مظهر جميل، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو، سحر امداد، فهميده حسين، ج.ع منگهاڻي ڏانهن 13 صحفن تي مشتمل ثبوتن سان هڪ کليل خط لکيو هو ۽ کين سنڌي ادبي سنگت جي فرضي گولڊن جوبلي ڪانفرنس ۾ شريڪ نه ٿيڻ ۽ سنڌي ادبي سنگت کي ورهائڻ واري ڪوشش جو حصو نه بنجڻ جي گذارش ڪئي هئي.
    ان وقت 14 ڊسمبر 2007ع جي روزاني ”ڪاوش اخبار“ جي هائيڊ پارڪ ۾ نامياري شاعر سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي قائم مقام سيڪريٽري جنرل شمشير الحيدري جو ”سنگت گولڊن جوبلي“ جي حوالي سان حيران ڪندڙ ۽ جديد منطق وارو خط ڇپيو. جنهن ۾ هن اهو موقف اختيار ڪيو ته ”15 - 16 ڊسمبر تي ڪراچيءَ ۾ ملهائجندڙ سنگت گولڊن جوبلي، سنڌي ادبي سنگت جي جنم 1947ع جي نه پر ان جي مرڪزي تنظيم جڙڻ 1956ع جي گولڊن جوبلي ملهائي پئي وڃي. جنهن جي جواب ۾ نامياري اديب ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل تاج جويي ، شمشير الحيدري صاحب جو جديد منطق جي عنوان سان جوابي خط ۾ لکيو هو ته ”اسان جي بزرگ دوست جو هيءُ جديد منطق جيڪڏهن مڃجي به کڻي پوءِ، ان جو مثال ائين ٿيندو ته ڪو شخص پنهنجي ڄمڻ جي گولڊن جوبلي هڪڙي تاريخ تي ملهائي ، بالغ ٿيڻ جي گولڊن جوبلي ٻي تاريخ تي ملهائي ۽ سرڪاري نوڪري ماڻڻ جي سالگرهه ٽين تاريخ تي ملهائي. ان حساب سان پوءِ سنڌي ادبي سنگت جون ٽي گولڊن جوبليون ملهائڻيون پونديون. هڪڙي آگسٽ 1947ع جي حساب سان ، جڏهن منگهارام ، گوبند مالهيءَ ۽ شيخ اياز ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو هو. ٻي گولڊن جوبلي آڪٽوبر 1956ع جي حساب سان ، جڏهن سنڌي ادبي سنگت جي سنڌ ۾ موجود ٻارهن شاخن ، سنگت جي آئيني جوڙجڪ ڪري ، ان جو آئين منظور ڪرائي ، مرڪزي ڪنوينشن ۾ سنگت جا مرڪزي عهديدار چونڊايا هئا. ٽين گولڊن جوبلي 1965ع جي حساب سان ، جڏهن سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ، سنڌي ادبي سنگت کي سوسائٽي رجسٽريشن ايڪٽ 1860 هيٺ ، جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيز حيدرآباد ۾ رجسٽرڊ ڪرايو هو.“
    اهڙي ريت سيڪريٽري جنرل جي دور ۾ وري 17 آڪٽوبر 1956ع جي حساب سان سنڌي ادبي سنگت جي سالگرهه ملهائي سنڌي ادبي سنگت جي 1947ع ۾ قيام کان انڪار ڪيو ويو. جنهن تي پڻ سنڌ جي سينيئر اديبن ، دانشورن اعتراض ڪيو. سنڌي ٻوليءَ جي مشهور اخبار روزاني ڪاوش ۾ 15 آڪٽوبر 2016ع تي ڇپيل اسٽوريءَ ۾ به سنڌ جي سينيئر اديبن ، شاعرن ، دانشورن سنگت جي 69 هين بجاءِ 60 هين سالگرهه ملهائڻ کي سنگت جي تاريخ سان هٿ چراند قرار ڏنو هو. ”سنڌ جي گهڻ گهرن 69 سالن جي تاريخ رکندڙ سنڌي ادبي سنگت کي 60 سالن جو قرار ڏئي 60 هين سالگرهه ملهائڻ کي سنگت جي تاريخ سان هٿ چراند قرار ڏنو آهي. ان حوالي سان گڏ ڪيل ڄاڻ موجب سنڌي ادبي سنگت پاران سنگت جي 60هين سالگرهه 17 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌي لينگويج اٿارٽي جي هال ۾ مک تقريب به رٿي وئي آهي، جنهن تي سنڌ جي گهڻ گهرن سخت اختلاف ظاهر ڪندي 69 سالن جي تاريخ رکندڙ سنڌي ادبي سنگت کي 60 سالن جو قرار ڏيڻ کي سنگت جي تاريخ سان هٿ چراند ۽ باني سيڪريٽري جنرل گوبند مالهي جي ڪردار کان انڪار قرار ڏنو آهي ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ اديب ۽ شاعر ڊاڪٽر ادل سومرو ڪاوش سان ڳالهائيندي چيو ته دنيا ۾ جتي به ڪا تنظيم ٺهي ته انهيءَ جي ٺهڻ واري ڏينهن کان تاريخ ڳڻي ويندي آهي. سنڌي ادبي سنگت جو بنياد 1947ع ۾ پيو، ان ڪري اها سالگرهه سنڌي ادبي سنگت جي نٿي ٿي سگهي. 1947ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جي باڊيءَ ۾ صدر آسانند مامتو راءِ ۽ سيڪريٽري جنرل گوبند مالهي هو، ان کانسواءِ شيخ اياز، سوڀو گيانچنداڻي عهديدار هئا، تنهن ڪري اها 60هين سالگرهه سنڌي ادبي سنگت جي نٿي ٿي سگهي، پر مرڪز جي ٿي سگهي ٿي. ناليواري شاعر اياز گل چيو ته مون سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل هوندي 1997ع ۾ سنگت جي 50هين گولڊن جوبلي تقريب ملهائي هئي ته پوءِ هاڻ 60هين سالگرهه ڪيئن ٿي؟ سنڌي ادبي سنگت جي بنياد ۾ اچڻ جي تاريخ سڀني جي سامهون آهي، باقي دوستن جي مرضي! ناليواري ليکڪ ۽ دانشور حميد سنڌي چيو ته سنڌي ادبي سنگت ورهاڱي کان اڳ جي تنظيم آهي، گوبند مالهي ان جو بنياد رکيو ۽ هو پهريون سيڪريٽري جنرل هو. سنڌي ادبي سنگت کي 60 سالن جو ظاهر ڪرڻ يقينن تاريخ سان هٿ چراند آهي، ناليواري ڪهاڻيڪار شوڪت حسين شورو چيو ته سنڌي ادبي سنگت ورهاڱي کان اڳ جي تنظيم آهي، ان جو پهريون سيڪريٽري جنرل گوبند مالهي هو. پاڪستان کي ٺهي به تقريبن 70 سال ٿي ويا آهن ته پوءِ سنڌي ادبي سنگت 60 سالن جي ڪيئن هوندي؟ اهو غلط عمل آهي. ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ صحافي مدد علي سنڌيءَ چيو ته سنڌي ادبي سنگت 1947ع ۾ گوبند مالهيءَ ٺاهي. 1948ع ۾ هو ورهاڱو ٿيڻ سبب هليو ويو هو. سنگت جي سالگرهه ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي، باقي سنگت جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ رڪارڊ گڏ ڪرڻ گهرجي. ليکڪ ڊاڪٽر قاضي خادم چيو ته سنڌي ادبي سنگت جو رڪارڊ موجود ناهي، اسان ته شمشير الحيدري جي دور واري سنگت ڏٺي آهي ۽ اهو ٻڌو آهي ته ادبي سنگت ورهاڱي کان اڳ جي تنظيم آهي. نوجوان ليکڪ محسن جوکيو چيو ته 1991ع ۾ سائين محمد ابراهيم جويو ۽ ٻين گهڻ گهرن سان گڏ هندستان ياترا لاءِ ويو هو، جتي سندن آجيان لاءِ گوبند مالهي، دادا ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ ٻين تقريب منعقد ڪئي. جنهن ۾ گوبند مالهي پنهنجي لکيل تقرير جيڪا بعد ۾ وقت ۽ ويچار ۾ شايع ٿي جيڪا رڪارڊ تي موجود آهي، جنهن ۾ هن چيو ته ننڍي کنڊ جي عظيم دانشور محمد ابراهيم جويو ۽ ٻين جي آشيرواد سان 1948ع تائين سنڌي ادبي سنگت جي پهرين سيڪريٽري جنرل واري عهدي تي رهيس. سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ شاخ جي سيڪريٽري، آزاد انور ڪانڌڙي چيو ته سنڌي ادبي سنگت 1947ع ۾ قائم ٿي ۽ ان جو پهريون سيڪريٽري جنرل گوبند مالهي هو پر ڊاڪٽر مشتاق ڦل ٺوڪي 60هين سالگرهه ملهائي، سنگت جي تاريخ سان هٿ چراند ڪئي آهي. هن سنڌ جي ناليواري برک اديبن محمد ابراهيم جويو، غلام حسين رنگريز ۽ ٻين کان سنگت جي تاريخ سان هٿ چراند ٿيڻ تي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي. ٻئي طرف ڄاڻايل معاملي تي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل چيو ته اسان سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سالگرهه ملهائي رهيا آهيون. 17 آڪٽوبر 1956ع ۾ ڪراچي ۾ سنڌ مدرسته اسلام ۾ ٿيل ڪنوينشن ۾ جمال ابڙو، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي، بردو سنڌي، ع ق شيخ، شمشير الحيدري، احسان بدوي، اياز قادري ۽ ٻين 33 عيوضين شرڪت ڪئي. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو بنياد رکيو ويو، انهيءَ جي 60هين سالگرهه ملهائي رهيا آهيون ۽ اڳ ۾ به ملهائيندا رهيا آهيون. هن چيو ته اسان کي گوبند مالهيءَ جي ڪردار تي ڪو اعتراض ناهي پر سندس دور ۾ سنڌي ادبي سنگت سرڪل هئي ۽ ان جو سڪريٽري هو. هن چيو ته گوبند مالهي جي نالي سان منسوب لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ به ڪنهن شخصيت کي ڏنو ويندو، هن چيو ته 2007ع ۾ ڪراچيءَ ۾ گولڊن جوبلي ملهائي وئي. اعتراض ڪندڙ دوست پنهنجي رڪارڊ کي درست ڪن، هوڏانهن سنڌي ادبي سنگت جي سرگرم ميمبر ۽ سياسي ڪارڪن مشڪور ڦلڪاري جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌي ادبي سنگت ورهاڱي کان اڳ موجود هئي، گوبند مالهي سنڌي ادبي سنگت جو باني سڏجي ٿو. سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ کي رڪارڊ تي تبديل ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي. سائين ابراهيم جويو ۽ ٻين بزرگن وٽ موجود رڪارڊ جي شاهدي جي بنياد تي تاريخ مقرر ڪري پوءِ سالگرهه پروگرام رکيو وڃي.“ ( 15 آڪٽوبر 2016ع روزاني ڪاوش حيدرآباد.)
    17 آڪٽوبر 2016ع تي سنگت جي 1947ع ۾ قيام کان انڪار ڪري سنگت جي 60هين سالگرهه ملهائيندڙ ڊاڪٽر مشتاق ڦل پاڻ 10 فبيروري 2009ع ۾ نوشهرو فيروز ۾ سنگت جي باني سيڪريٽري جنرل گوبند مالهي جي ورسي جي موقعي تي تقرير ڪندي چيو هو ”گوبند مالهي هن ديس جو مالهي بڻجي ادبي ٻوٽو پوکيو ، جنهن جي ڇانو ۾ سنڌوءَ جي سڀيتا جا گيت سرجيون پيا. مالهيءَ حوصلو ۽ همٿ ڏني، جنهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي، هن جون ادبي خدمتون هميشه ياد رهنديون. گوبند مالهي جو سنڌي ادب ۽ علم جي واڌاري لاءِ تاريخي ڪردار آهي. هن ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي. هن ادبي سنگت جهڙو ادارو جوڙي هر خيال جي ماڻهو کي گڏ بيهاريو“. (ڏسو روزاني ڪاوش، عوامي آواز 11 فيبروري 2009ع) افسوس ته ڊاڪٽر مشتاق ڦل 8 سالن بعد سال 2016ع ۾ پنهنجي موقف تان پاڻ ئي ڦري ويو!!
    17 آڪٽوبر 2016ع تي سنڌي ادبي سنگت جي سالگرهه تقريب ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه جي صدارت ۾ ملهائي ، ڊاڪٽر مشتاق ڦل وارن سنگت جي ماضي واري مزاحمتي ڪردار ۽ باغي روح ختم ڪري، ان کي ”سرڪار نواز پاليسين“ هيٺ هلائڻ واري رويي تي سنڌ جي مزاحمتي شاعر گدا خاصيخلي پنهنجي شعر ۾ هيٺين ريت احتجاج ڪيو هو.

    چاڪُو هٿ ۾ جڏھن وزير کنيو هوندو ،
    ادبي سنگت سُڏڪي ساھ ڏنو هوندو.
    ” گوبند مالهي“ جو ٿَي رُوح رُنو جڏھين،
    زرداري جي نوڪر ڪيڪ ڪٽيو هوندو.
    . ”گدا“ خاصخيلي.

    سنگت جي دستور جي ترميمن ، پيٽي قاعدن ، پڌرنامي، مونو گرام جي منظوري ۽ رجسٽريشن

    سنڌي ادبي سنگت جي دستور جي ترميمن ، پيٽي قاعدن ، پڌرنامي ۽ مونو گرام جي منظوري 24 جنوري 1970ع تي سنڌي ادبي سنگت جي سکر ۾ مهان ڪوي شيخ اياز جي صدارت ۾ ٿيل ڪنوينشن ۾ ڏني وئي. ان ڪنوينشن ۾ شيخ اياز ( سکر) حميد سنڌي (حيدرآباد) اقبال جتوئي (ڪراچي) تنوير عباسي (خيرپور) غلام رسول ڪلهوڙو (جيڪب آباد) شوڪت سنڌي (دادو) علي بابا (ڪوٽڙي) محبوب علي شاهه (ٺٽو) سرويچ سجاولي (سجاول) سيد اڪبر (دڙو) ڪرم علي شاهه ( ٻوٻي) پٿر سنڌي (بٺورو) معصوم هالائي ( جهول) انورهالائي (هالا) مخدوم اشرف ڀٽي (پراڻا هالا) پروانو ڀٽي (ٽنڊو محمد خان ) نور عباسي (نواب شاهه) ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. ان حوالي سان سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل سائين رشيد ڀٽي پنهنجي مضمون سنڌي ادبي سنگت جا 23 سال
    (1947ع کان 1970ع تائين) ۾ لکي ٿو ”سنگت جو پويون ڪنوينشن 24 جنوري 1970ع تي سکر جي ميونسپل ٽائون هال ۾ شيخ اياز جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ دستور جي ترميمن ، پيٽي قاعدن ۽ پڌرنامي سان گڏوگڏ سنگت لاءِ مونو گرام به منظور ڪيو ويو.“
    ان کان اڳ ڊاڪٽر تنوير عباسي جي سيڪريٽري جنرل شپ جي دور ۾ رشيد ڀٽي تي سنڌي ادبي سنگت لاءِ پيٽي قاعدا (باءِ لاز) ۽ جوڙ جڪ ۾ ترميمن جو ڪم ۽ تنوير عباسي ، نورالدين سرڪي ۽ غلام ربانيءَ کي پڌرنامي جو مسودو تيار ڪرڻ جو ڪم مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي پاران سونپيو ويو هو. ان حوالي سان سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل سائين رشيد ڀٽي پنهنجي مضمون سنڌي ادبي سنگت جا 23 سال ( 1947ع کان 1970ع تائين) ۾ لکي ٿو ”تنوير جي دور ۾ ٻه ٽي ڪاروباري ڪميٽي جا ميڙ ڪوٺايا ويا، جن ۾ نهايت ئي اهم ٺهراءِ پاس ڪيا ويا ۽ تنظيم لاءِ سيبائتا فيصلا ڪيا ويا. مون تي سنگت لاءِ پيٽي قاعدن ( باءِ لاز) ۽ جوڙ جڪ ۾ مناسب ترميمن جو ڪم رکيو ويو ۽ تنوير عباسي، نورالدين سرڪي ۽ غلام ربانيءَ کي پڌرنامي جي مسودي تيار ڪرڻ جو ڪم ڏنو ويو. اهي ٻئي شيون وقت سر جوڙي ڪاروباري ڪميٽيءَ کان پاس ڪرايون ويون پر ڪن اڻ ٽر سببن ۽ سياسي ۽ ادبي اجتماعن جي مشغولين سبب ڪنوينشن وقت اندر نه ڪوٺائجي سگهيو. 1965ع ۾ سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ، سنڌي ادبي سنگت کي سوسائٽي رجسٽريشن ايڪٽ 1860 هيٺ ، جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيز حيدرآباد ۾ رجسٽرڊ ڪرايو.“

    سنڌي ادبي سنگت جي پڌرنامي ۽ آئين ۾ ترميمن ۽ سڌارن جي ٻيهر منظوري

    سنڌي ادبي سنگت ، سنڌ جي پڌرنامي ۾ 26 سالن کان پوءِ 8 نومبر 1996ع تي سنڌ سنگت جي مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد ۾، سنڌ سنگت ڪائونسل جي اجلاس ۾ پڌرنامي کي ٻيهر ترميمن ۽ سڌارن سان سنڌي ادبي سنگت جي قائم مقام سيڪريٽري جنرل ممتاز بخاري ، خزانچي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، آڊيٽر آزاد انور ڪانڌڙو جي دور ۾ منظور ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت جي آئين ۾ به ترميمون ان اجلاس ۾ منظور ڪرايون ويون. سنڌي ادبي سنگت جي آئين جي ترميمن لاءِ محترم وليرام ولڀ ، تاج جويو ، يوسف سنڌي تي مشتمل ڪاميٽيءَ آئين ۾ ترميمن لاءِ سڄي سنڌ مان پهتل تجويزن کي ترتيب ڏئي مرڪزي عهديدارن حوالي ڪيو بعد ۾ آئين ۾ ترميمن وارو مسودو سنگت جي قائم مقام سيڪريٽري جنرل ممتاز بخاري 8 نومبر 1996ع تي سنڌ سنگت جي مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد ۾ سنڌ سنگت ڪائونسل جي اجلاس ۾ پيش ڪري منظور ڪرايو.

    سنڌي ادبي سنگت ۾ ماضيءَ ۾ پيدا ٿيل بحران

    سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جو سگهارو پليٽ فارم آهي، جنهن سنڌي ادب جي اوسر ۽ نوجوان اديبن ۽ شاعرن جي تربيت ۾ وڏو ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي وجود خلاف ٿيندڙ سازشن خلاف پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي.سنڌي ادب ۽ شاعري جا ڪيترائي وڏا نالا سنڌي ادبي سنگت جي به سڃاڻپ رهيا آهن، جن پنهنجي دؤر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان سنگت کي سرگرم ۽ فعال بڻائڻ توڙي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي وجود خلاف ٿيندڙ سازشن خلاف ڀرپور جدوجهد ڪري پاڻ مڃايو آهي.محترم سائين ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب سنڌي ادبي سنگت جي اهڙن سرواڻن مان هڪ هو.
    ڊاڪٽر تنوير عباسي سنڌي ادبي سنگت کي ٻئي دؤر ۾ سرگرم ۽ فعال بڻائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. پاڻ سنگت جي 1956ع ۾ ڪراچي ۾ ٿيل مرڪزي ڪنوينشن ڪوٺائڻ ۽ حيدرآباد ۾ سنگت جي شاخ قائم ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ان دؤر ۾ سنگت جي مرڪزي اجلاسن ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪندو رهيو.
    ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کي 2 آڪٽوبر 1966ع ۾ اورنگزيب مارڪيٽ بندر روڊ ڪراچي ۾ ٿيل مرڪزي چونڊن ۾ سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. جڏهن ته پروانو ڀٽي جوائنٽ سيڪريٽري،حميد سنڌي خزانچي ۽ تاج بلوچ آڊيٽر چونڊيا ويا.هن پنهنجي دؤر ۾ سنڌي زبان جي بقا،سنڌي زبان جي واڌاري ۽ ٻين اهم معاملن تي ڀرپور ۽ عملي ڪردار ادا ڪيو.هڪ مضمون ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو ته:”منهنجو،سنڌي ادبي سنگت سان تعلق، ڪافي ڪهنو آهي .حيدرآباد سنگت جو بنياد وجهڻ ۽ 1956ع واري ڪنوينشن ۾ منهنجون نماڻيون ڪوششون شامل آهن.“
    ڊاڪٽر تنوير عباسي سنگت سان هر دؤر ۾ پنهنجو ساٿ نڀائيندو آيو ۽ سنگت کي هڪ مضبوط ادبي پليٽ فارم بڻائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. 1994ع کان 1996ع تائين سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي عهديدارن سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر شمس سومرو، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ بعد ۾ قائم مقام سيڪريٽري ممتاز بخاري، خزانچي ذوالفقار سيال ۽ آڊيٽر آزاد انور ڪانڌڙو جي وچ ۾ پيداٿيل اختلافن ۽ رنجشن کي ختم ڪرائڻ ۾ به هن پنهنجو شفقت ۽ محبت وارو ڪردار ادا ڪيو.انهن اختلافن جي خاتمي لاءِ وٽس خيرپور ۾ سرمد جي گهر ۾ 02 ڊسمبر 1994ع تي پهرين گڏجاڻي محترم ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب جي صدارت ۾ ٿي هئي، جنهن ۾ سرچاءُ ڪاميٽي جا ميمبر سائين ادل سومرو، سائين اياز گل ۽ سنگت جو ان وقت جو سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر شمس سومرو، جوائنٽ سيڪريٽري ممتاز بخاري، آڊيٽر آزاد انور ڪانڌڙو شريڪ ٿيا هئا ۽ خزانچي ذوالفقار سيال فون ڪري فيصلي تي رضامندي جو يقين ڏياريو هو. هن گڏجاڻيءَ ۾ سڀني مرڪزي عهديدارن پنهنجون شڪايتون، مسئلا ۽ رنجشون کليءَ دل سان پيش ڪيون هيون. آخر ۾ سنڌي ادبي سنگت، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي بهتريءَ ۽ سنڌي قوم جي اجتماعي مفادن کي نظر ۾ رکندي، سمورن مرڪزي عهديدارن پنهنجي وچ ۾ موجود غلط فهمين ۽ اختلافن کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ گڏجي عهد ڪيو ته هاڻي سنگت کي سرگرم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ورتي ويندي ۽ آئيندي اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ نه ڏني ويندي جنهن سان ادبي سنگت، ادب ۽ اديبن جي مفادن کي ڪو ڇيهو رسي.
    اهڙي ريت سنگت جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر شمس سومري پاران استعيفيٰ جي 17 نومبر 1995ع ۾ مورو ۾ سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ سندس غير موجودگيءَ ۾ منظوري بعد ڊاڪٽر شمس سومري پاران استعيفى ٻيهر واپس وٺڻ واري اخباري اعلان بعد جڏهن سنگت جي عهديدارن وچ ۾ اختلاف ٻيهر تيز ٿيا ۽ هڪٻئي تي الزامن جو سلسلو شروع ڪيو ويو ته هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي اڳواڻن ،اڳوڻن سيڪريٽري جنرلن ۽ سينئرن دوستن جو هڪ اجلاس 12 جنوري 1996ع تي سرمد جي گهر خيرپور ۾ سائين تنوير عباسي جي صدارت ۾ ٿيو. جنهن ۾ سائين ادل سومرو، ڊاڪٽر شمس سومرو، ممتاز بخاري، آزاد انور ڪانڌڙو، تاج جويو، مختيار ملڪ، منٺار سولنگي ۽ يوسف سنڌي شريڪ ٿيا. هن اجلاس ۾ موجود سمورن ميمبرن ،سنڌي ادبي سنگت جي اتحاد، وقار ۽ تنظيمي حيثيت کي برقرار رکڻ لاءِ سمورن ويڇن وسارڻ جو اعلان ڪيو ۽ اتفاق راءِ سان هيٺيان معاملا طئي ڪيا هئا.
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي 1 مارچ 1996ع تي رٿيل ڪاروباري ڪاميٽي جي اجلاس کي سنڌ ڪائونسل اجلاس ۾ تبديل ڪيو ويندو، جيڪو 1 مارچ 1996ع تي خيرپور ميرس ۾ ٿيندو.
    ان وچ ۾ تاج جويو ۽ يوسف سنڌي آئيني ڪميٽيءَ جي ڪوآرڊينيٽرس طور آئيني واڌارن ۽ سڌارن لاءِ رٿون 31 جنوري 1996ع تائين وصول ڪري، اڳ رٿيل آئيني ڪميٽي کي پهچائيندا. آئيني ڪميٽي وٽان وصول ٿيل آخري مسودو ولي رام ولڀ، تاج جويو ۽ يوسف سنڌي ڇپائي 15 فيبروري 1996ع تي شاخن کي موڪليندا ۽ انهن کي آخري شڪل سنڌ سنگت اجلاس ۾ ڏني ويندي.
    1 مارچ 1996ع واري سنڌ سنگت ڪائونسل ۾ هڪ عبوري نگران ڪميٽي جوڙي ويندي،جنهن کي موجوده مرڪزي اڳواڻ پنهنجا اختيار رضاڪارانه طور سونپيندا، جيڪا ڪميٽي ،نئين آئين هيٺ چونڊون ڪرائيندي.
    ان وچ ۾ سنگت جون شاخون پنهنجون چونڊون مڪمل ڪرائي عهديدارن جي لسٽ ائڊريسن سميت، ممتاز بخاري پوسٽ باڪس نمبر102سکر جي پتي تي ڏياري موڪلين .
    اڄ کان پوءِ سنگت جا مرڪزي اڳواڻ ۽ شاخون، سنگت بابت ڪي به اختلافي بيان نه ڏيندا.اخبارن، رسالن ۽ همدرد دوستن کي اپيل ڪئي وئي ته سنگت جي وسيع تر مفاد ۾ ڪي به اختلافي مسئلا نه ڇيڙين.
    ان بعد خيرپور ميرس ۾ پهرين مارچ 1996ع تي سنڌ ڪائونسل جو اجلاس محترم تنوير عباسيءَ جي صدارت ۾ ٿيو هو، پر ان ۾ سنڌي ادبي سنگت جو نئون آئين ڪورم پورو نه هجڻ سبب پاس نه ٿي سگهيو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي سربراهيءَ ۾ سائين تاج جويو ۽ يوسف سنڌيءَ تي مشتمل چونڊ ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن جي نگرانيءَ ۾ 08 نومبر 1996ع تي مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد ۾ ٿيل چونڊن ۾ سيڪريٽري جنرل برک شاعر محترم اياز گل، جوائنٽ سيڪريٽري وسيم سومرو، خزانچي غلام نبي ناشاد ۽ آڊيٽر معشوق ڌاريجو چونڊيا ويا. سنڌ ڪائونسل جي محترم تنوير عباسي جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ سنگت جي قائم مقام سيڪريٽري جنرل ممتاز بخاري سنڌي ادبي سنگت جي آئين ۾ واڌارن ۽ سڌارن واريون رٿون پيش ڪيون جيڪي پاس ڪيون ويون. سنڌي ادبي سنگت جو موجوده آئين محترم ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻن مرڪزي عهديدارن ممتاز بخاريءَ ۽ آزاد انور ڪانڌڙو جي ڪوششن جو نتيجو آهي.

    سنڌي ادبي سنگت جو موجوده دور

    سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي چونڊن ۾ ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي حادثاتي طور لاڳيتو بوگس شاخن جي مدد سان 3 ڀيرا سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ کانپوءِ سنڌي ادبي سنگت جو حال اهڙو ٿيو آهي. جنهن جي عڪاسي نامياري شاعر آسي زميني پنهنجي هائيڪي ۾ ڏاڍي سهڻي ۽ شاعراڻي انداز ۾ ڪئي آهي.

    آءُ ادا ڙي ڦل!
    ادبي سنگت تي بيهي،
    گڏجي پڙهون قل!

    سنڌي ادبي سنگت جي آئين موجب سنگت جو مقصد فقط اهو آهي ۽ رهندو ته سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي بقا بهبود ۽ ترقي لاءِ ڪوششون وٺڻ، سنڌي اديبن، شاعرن، مصورن فنڪارن ۽ سنڌي ٻوليءَ سان لڳاءُ رکندڙن کي وقت بوقت گڏ ڪرڻ ، سنڌي ٻوليءَ جي جائز حيثيت تسليم ڪرائڻ، پراڻي سنڌي ادب کي ٻيهر ڇپرائڻ، جديد ادب کي اهميت ڏئي شايع ڪرائڻ، سنڌ ۽ ملڪ اندر مختلف قومي وحدتن ۽ دنيا ۾ موجود ادبي تنظيمن سان ناتا قائم ڪرڻ، سنڌ جي بزرگ هستين، قلمڪارن جي فن ۽ فڪر جي حوالي سان سيمينار ، ورڪشاپ ، ڪانفرنسون ڪوٺائڻ ۽ انهن جون ورسيون ملهائڻ ، سنڌ جي جدا جدا شهرن ۽ ڳوٺن ۾ لائبرريون قائم ڪرڻ، قلمڪارن جي مالي امداد لاءِ ٽرسٽ قائم ڪرڻ، تخليقي، تحقيقي، ترجمي ۽ تنقيدي ادب جا ڪتاب ڇپرائڻ، معياري سنڌي ادب کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرائڻ ۽ ٻين ٻولين جي معياري تخليقن کي سنڌيءَ ترجمو ڪرائڻ، سنڌي ادب ۾ نون جديد لاڙن کي همٿائڻ، سنڌي ادب ۾ تنقيد کي همٿائڻ شامل آهي. پر سنگت جي موجوده مرڪزي قيادت جي دور ۾ سنگت پنهنجا اهي فرض ۽ ذميواريون نڀائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي.
    حيدرآباد ۾ نامياري ليکڪا ۽ شاعره امر سنڌو، عرفانا ملاح ۽ ٻيون خواتين ۽ دوست گڏجي 2015ع ۾ پورو هفتو شيخ اياز ادبي ميلو منعقد ڪن ٿا. 2016ع ۾ ناميارو شاعر علي آڪاش، اظهار سومرو ۽ ٻيا گڏجي حيدرآباد ۾ ادبي ميلو مچائن ٿا، 2016ع ڪراچيءَ ۾ ناميارو شاعر علي آڪاش، نصير گوپانگ، بخشڻ مهراڻوي گڏجي سنڌ لٽريچر فيسٽيول، 2016ع ۾ حيدرآباد ۾ امر سنڌو، عرفانه ملاح، حسين مسرت، تاج جويو ۽ ٻيا گڏجي 5 ڏينهن لاڳيتو اياز ميلو، 2017ع ۾ نوجوان شاعر ۽ ليکڪ اظهار سومرو ٻيو حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۽ ٻيا ڪامياب پروگرام منعقد ڪن ٿا پر ايشيا جي وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت سال ۾ سنڌ سطح تي ڪا هڪ به ادبي ڪانفرنس نه ٿي ڪري سگهي. جيتوڻيڪ ان جو سيڪريٽري جنرل موجوده هر ٻئي ٽئين مهيني غير ملڪي دورن ۾ مصروف هجي ٿو.
    هن جي دور ۾ سنگت جي تنظيمي ڪارڪردگي مڪمل طور تباهه آهي. تنظيمي حوالي سان سندس دور ۾ شاخن ڏانهن ڪوبه خط، ڪارڪردگي رپورٽ، سنڌ ڪائونسل، ڪاروباري ڪميٽي جي اجلاسن جي رپورٽ نه ملندي. سندس دور ۾ نه ته مرڪزي عهديدارن جا اجلاس ٿين ٿا، نه ئي ضلعي رابطا سيڪريٽرين جا اجلاس ٿيا. جڏهن ته سنڌ سنگت ڪائونسل ۽ مرڪزي ڪاروباري ڪميٽيءَ جا اجلاس به جيڪي سال ۽ ڏيڍ سال جي وقفي کان پوءِ ٿين ٿا. جنهن جو مثال ٻيو ته ٺهيو پر سنڌ ڪائونسل ۽ ڪاروباري ڪميٽي جا اجلاس به وقت سر نه ٿا ٿين. اهي اجلاس به وقت سر نه ٿيڻ سندس ”مثالي ڪارڪردگي“ کي ظاهر ڪن ٿا. سنڌي ادبي سنگت مرڪز جو شاخن سان ڪوبه رابطو ناهي. ان باوجود سنڌي ادبي سنگت جون شاخون متحرڪ آهن. سنڌي ادبي سنگت جو هيءُ اهو دور آهي، جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت جو مرڪز مڪمل طور غير فعال ۽ سنڌي ادبي سنگت جون شاخون فعال آهن!!!

    عيسى ميمڻ

    عيسى ميمڻ سنڌ جو نوجوان اديب ، ليکڪ ۽ قومي ڪارڪن آهي. سندس شمار سنڌي ادبي سنگت جي جاکوڙي ڪارڪنن ۾ ٿيندو آهي. هو لکڻ ۽ پڙهڻ سان گڏ سنڌي ادبي سنگت سميت مختلف تنظيمن سان سلهاڙيل رهيو آهي. تنهن ڪري سندس هر لکڻي ۽ ڪم، سرگرمي ۾ سچائي، ڌرتي ۽ ٻوليءَ سان محبت جو چٽو جذبو نظر اچي ٿو. ڌرتي جي آجپي لاءِ قومي قافلي جي هن سچي قومي ڪارڪن جو پنهنجي ادبي سڃاڻپ واري تنظيم سنڌي ادبي سنگت سان به اهڙو ئي لڳاءُ رهيو آهي. جڏهن به دوستن، اديبن، شاعرن، ليکڪن مٿس اعتماد ڪري ڪا ذميواري سونپي آهي ته عيسى ميمڻ ان ذميواريءَ کي نهايت سچائي ۽ ايمانداريءَ سان نڀايو آهي. پوءِ اها ذميواري سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جي سيڪريٽريءَ جي هجي يا سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻو جي سيڪريٽريءَ جي هجي. سندس سيڪريٽري شپ جي دور ۾ ٿيل سرگرمين، پروگرامن جي رپورٽ پڙهي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي.
    ڏوڪريءَ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ کونھارا ۾ 09 جولاءِ 1985ع تي الله ڏني ميمڻ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ محمد عيسيٰ ميمڻ ننڍڙي عمر ۾ ئي ادبي دنيا ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو آهي. اهڙو اعزاز ان عمر ۾ ماڻهن کي مشڪل حاصل ٿيندو آهي. عيسيٰ ميمڻ 2006ع ۾ سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪئي ۽ گڏوگڏ 2007ع ۾ ايل. ايل. بيءَ جي سَنَدَ پڻ ماڻي ورتائين. 1998ع ۾ هن ادبي سفر جو آغاز شاعري ، ڪالم ۽ مضمون لکڻ سان ڪيو. عوامي آواز اخبار جي ٻارن جي صفحي ”جوت“ ۾ سندس تخليقون شايع ٿينديون رهيون جن کيس سنڌ جي ادبي حلقي ۾ نئين سڃاڻپ ڏني آهي. پاڻ ادبي سفر دوران 1998ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ڏوڪريءَ جو ميمبر بڻيو ۽ 2002ع ۽ 2003ع ۾ ساڳي شاخ جو ٻه دفعا سيڪريٽري ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ ساڳي شاخ ۾ مختلف عھدن تي سرگرميون جاري رکندو آيو ۽ ائين ئي اڳتي اچي سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي شاخ جو سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر به ٿيو. 07-2006ع ۾ سنڌ سنگت ضلعي لاڙڪاڻي جي ترجمان پرچي ”سنگت سماچار“ جو جوائنٽ ايڊيٽر ٿي رهيو جڏهن ته ماهوار ”سارنگ“ ڪراچي جو پڻ 2009ع ۾ جوائنٽ ايڊيٽر بڻيو. سنڌو سڀيتا جي قديم اهڃاڻن جي زبون حاليءَ خلاف وس وارن تائين سنڌ جو آواز پھچائڻ لاءِ 2007ع ۾ ادل سولنگي ۽ عزيز منگيءَ سان گڏجي مُھين جو دڙو اڪيڊمي آف سنڌ جو بنياد رکيائين ۽ ان جي ترجمان پرچي ”سمبارا“ جو ايڊيٽر پڻ بڻيو ۽ اڪيڊميءَ ۾ مختلف عھدن تي ڪم ڪري چُڪو آهي. اڪيڊميءَ کان اڳ ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جي پليٽ فارم تان مھين جي دڙي لاءِ سندس جاکوڙ ۽ پورهيو هميشه ياد رکيو ويندو. ادب جي ميدان تي تيز رفتاريءَ سان هلندي هلندي 2007ع ۾ ايڪِٽِو اسٽوڊنٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن جو صدر چونڊيو ويو ۽ اتي به وڏو اهم ڪردار ادا ڪيائين. ائين هو پنهنجي وطن ۽ ڌرتيءَ سان محبت جي جذبي سبب رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر کان متاثر ٿي ، قومي قافلي جو حصو بڻجي ويو. جنوري 2012ع ۾ ئي هن سرسوتي ساهت گھر ڏوڪريءَ جو بنياد رکيو ۽ ڪيترائي ڪتاب ڇپرايا اٿس. سندس ڇپايل ڪتابن ۾ مُھين جو باغي (ڪامريڊ غلام قادر جوڻيجو) ترتيب: مسيح ڪالاڻي- 2012ع پرهه جو پيغمبر (سائين جي ايم سيد جون يادگار تقريرون) ترتيب: مسيح ڪالاڻي 2012ع. سياست، تاريخ ۽ ڪردار (ڪالم ۽ مضمون) (عيسى ميمڻ) 2013ع، اڻپوري ڪويتا شاعري (منتـظر سومرو)، 2012ع فلسفو ۽ زندگي (جوڻيجو عبدالخالق) 2013ع سياسي تعليمي نصاب (ڊاڪٽر مير عالم مري) 2012ع، سياست، سماج ۽ آزادي (خالد چانڊيو) 2013ع سماج ۽ ادب جوسفر (سرور منگي جون تخليقون) مرتب: عيسى ميمڻ- 2013ع، خانا بدوش لفظن جا قافلا (ادل سولنگيءَ جي شاعري) 2013ع، سنڌ پنھنجي جدا گهرجي (موريل زھراڻيءَ جي شاعري)، 2013ع، سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ: سراج (خالد چانديو)، 2017ع، ارپڻ کان رهجي ويل محبت، (ڪهاڻيون وفا صالح راڄپر“ 2013ع عيسيٰ ميمڻ جي شاعري لاڙڪاڻي ضلعي جي 16 شاعرن جي گڏيل مجموعي ”مون ڏات انوکي آندي آ“ ۾ شايع ٿي چُڪي آهي، جيڪو رياضت ٻرڙي ترتيب ڏئي شايع ڪرايو آهي. هن کي ادبي ۽ علمي ۡخدمتن جي مڃتا طور مختلف اعزاز ۽ سَنَدون به ملي چڪيون آهن، جن مان 2000ع ۾ سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن حيدرآباد ٻاراڻي ادب جي ۡخدمت طور محمد ابراهيم جويو جي صحيءَ سان ”مڃتا سَنَدَ“، 2004ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ڏوڪريءَ پاران ”سنگت جو بھترين ورڪر“ ايوارڊ نمايان آهن.
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻي جي ڪارڪردگي
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جي سالياني چونڊ 03 فيبروري 2002ع چونڊ ڪاميٽي جي چيئرمين محترم عزيز منگي ۽ چونڊ ڪاميٽيءَ جي ميمبر محترم حمز علي سوهوءَ جي نگراني ۾ ٿي جنهن ۾ سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ، جوائنٽ سيڪريٽري علي بخش پٺاڻ، خزانچي گلاب سومرو ، آڊيٽر منظر ميتلو چونڊجڻ ۽ انور ڏنگڙائي کي بنا مقابلي ڪائونسلر مقرر ڪرڻ بعد سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جي ڪارڪردگيءَ کي سچ ته چار چنڊ لڳي ويا. ان عرصي دوران الوداعي پارٽي، آجياڻو ۽ ايوارڊ تقريب ۽ مشاعرو، عيد ملن مشاعرو ۽ محفل موسيقي ، سائين سرور منگيءَ جي پهرين ورسي ، فڪر لطيف ، نون ميمبرن جي مان ۾ چانهه پارٽي ، منٺار سولنگي ۽ حسين بخش ناريجي جي آزاديءَ لاءِ بک هڙتال ، هفتيوار دستوري گڏجاڻيون، ڪاروباري ڪاميٽيءَ جون گڏجاڻيون ، جنرل ڪائونسل جو اجلاس ، افساني جو فن ۽ ٽيڪنڪ: لڪچر، سماج ۾ خود ڪشيءَ جا وڌندڙ لاڙا؛ لڪچر ادل سولنگي، سان رهاڻ، مشاعرو، محفل موسيقي ۽ ايوارڊ تقريب، ادب جو سماجي ڪارج، ليڪچر، موهن جي دڙي جي مهرن جي واپسيءَ لاءِ تاريخي احتجاج ۽ ٻين ياد گار پروگرامن سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري کي سڄي سنڌ ۾ وڏي پذيرائي ڏياري.
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري مختلف پروگرامن سان گڏ مقامي سطح تي پنهنجي تخليقڪار دوستن جي ادبي خدمتن مڃتا طور کين سنڌي ادبي سنگت جي ان دور جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ادل سومري هٿان 16 نومبر 2002ع تي مڃتا سندون ڏياري سندن همٿ افزائي ڪري هڪ نئين روايت جو بنياد وڌو.
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جي 20 اپريل 2003ع تي چونڊن ۾ ٻيو ڀيرو سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ، جوائنٽ سيڪريٽري علي بخش پٺاڻ، خزانچي غفور زهراڻي، آڊيٽر گلاب سومرو، ڪائونسلر انور ڏنگڙائي جي عهديدار چونڊجڻ بعد به سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري سال 2002ع وارين روايتن کي برقرار رکيو ۽ سال 2003ع ۾ به ڪيترائي يادگار پروگرام ڪيا. جن ۾ مزدور جدوجهد جو تاريخ پسمنظر تي ليڪچر، ڀٽائي ۽ کاهوڙي تحريڪ“ تي ليڪچر، پڪنڪ ڊي، سرور منگيءَ جي ياد ۾ مشاعرو، انور ڏنگڙائي جي سالگرهه، ساڻس رهاڻ، مشاعرو، ايوارڊ تقريب ۽ راڳ رنگ، لطيفي ميڙَ، تعزيتي ميڙاڪا ۽ آجياڻو، لطيف ڊي، احتجاجي مظاهرا ۽ بک هڙتالون، موهن جي دڙي مان چوري ٿيل نواردات جي واپسيءَ لاءِ تاريخي احتجاج، ڪاروباري ڪاميٽيءَ جا اجلاس ، دستوري گڏجاڻيون ۽ ٻيا پروگرام شامل آهن.
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري سال 2003ع ۾ به تخليقڪارن جي ادبي خدمتن تي مڃتا واري روايت کي برقرار رکيو ۽ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج جويي هٿان 25 ڊسمبر 2003ع تي مڃتا سندون ڏئي پنهنجي اديبن ، شاعرن جي همٿ افزائي سان گڏ کين اتساهه به ڏياريو.

    سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻو

    سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻو جي 28 اپريل 2013ع تي ٿيل چونڊن ۾ سيڪريٽري عيسى ميمڻ، جوائنٽ سيڪريٽري استاد گل دايو، خزانچي روشن ٽوٽاڻي، آڊيٽر عزيز منگي، ڪائونسلر احمد علي صابر چانڊيو چونڊيا ويا. عيسى ميمڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻو جي سيڪريٽري چونڊجڻ بعد سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي کي به نئين جذبي سان سرگرم ۽ فعال بڻايو. سنگت لاڙڪاڻو پاران ڪيترائي يادگار پروگرام ان جي شاهدي ڏين ٿا، جن ۾ ليڪچر پروگرام، تعزيتي ميڙاڪو، سالگره تقريب، مشاعرو ۽ محفل موسيقي، رهاڻ پروگرام، ٽي ڪتاب - ٽي نقاد ۽ مهورتي تقريب، سوشل ۽ پرنٽيڊ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي سرگرميون، لڳاتار دستوري گڏجاڻيون، ڪاروباري ڪاميٽيءَ جا اجلاس، جنرل ڪائونسل جا اجلاس، ٻولي ڪاميٽيءَ جون سرگرميون، عهديدارن جا اجلاس ۽ ٻيا پروگرام سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻو جي سرگرميءَ جو مثالي ثبوت آهن.
    عيسى ميمڻ جي سيڪريٽري هئڻ دوران سنگت لاڙڪاڻو پنهنجي شاعر، اديبن جي مسئلن ۽ بيماريءَ جي حوالي سان به سندس علاج لاءِ قابل تعريف سرگرميون فرض سمجهي ڪيون. جن ۾ البيلي شاعر سعيد ميمڻ جي علاج لاءِ ورتل ڪوششون، نثار شاهين تي قتل جي ڪوڙي F.I.R ۽ سنگت جو ڪوششون، حميد الله عباسي سان ٿيل مسئلي جي حل لاءِ ڪوششون شامل آهن.

    مرڪز پاران سنگت لاڙڪاڻي کي بهترين ڪارڪردگي تي مليل ”مڃتا سَنَدَ “

    عيسى ميمڻ جي سيڪريٽري هئڻ دوران سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻو کي سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران سال 14-2013ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي مان بهترين شاخ طور نامياري محقق، مترجم سائين عطا محمد ڀنڀرو جي صدارت ۾ ٿيل پروگرم ۾ بهتر ڪارڪردگيءَ تي مڃتا سند به ڏني وئي.

    هڪ خواب جي ساڀيا
    سنڌ جي نامياري شاعر، دانشور سائين انور پيرزادي حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي آفيس جي پيڙهه جي پٿر واري افتتاحي تقريب ۾ 13 اپريل 2003ع تي برک دانشور ۽ ڏاهي سائين محمد ابراهيم جويي جي صدارت ۾ تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو هو ته ”سنڌي ادبي سنگت جي شاخن جي گڏجاڻين ۾ جيڪو ڳالهايو وڃي ٿو يا جيڪي تخليقون پيش ڪيون وڃن ٿيون يا جيڪي پروگرام ٿين ٿا اهي تاريخ جو اهم حصو آهن. جن کي سانڍڻ گهرجي.“ اڄ اسان جي دوست عيسى ميمڻ سنگت ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻي شاخن جي ڪارڪردگي رپورٽ کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪري، سچ ته سائين انور پيرزادي جي خواب کي ساڀيا ڏني آهي. عيسى ميمڻ پنهنجي دور جي سنگت جي سرگرمين کي سهيڙي، ڪتابي صورت ۾ ڇپائي ان کي نه رڳو سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ پر سنڌ جي تاريخ ۾ محفوظ بڻائي هڪڙو شاندار ۽ مثالي ڪم ڪيو آهي. جنهن کي هميشه ياد رکيو ويندو.

    آزاد انور ڪانڌڙو
    16 فيبروري 2017ع ميهڙ


    سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري : ڪارڪردگي رپورٽ 2002ع

    سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري

    ڪارڪردگي رپورٽ 2002ع
    (03 فيبروري 2002ع
    کان 29 ڊسمبر 2002ع)

    عهديدار؛

    1. سيڪريٽري؛ عيسيٰ ميمڻ
    2. جوائنٽ سيڪريٽري؛ علي بخش پٺاڻ
    3. خزانچي؛ گلاب سومرو
    4. آڊيٽر؛ منظر ميتلو
    5. ڪائونسلر؛ انورڏنگڙائي


    ڪارڪردگي رپورٽ 2002ع

    سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جي سالياني چونڊ گڏجاڻي 03 فيبروري 2002ع بروز آچر ڏينهن چونڊ ڪاميٽي جي چيئرمين محترم عزيز منگي ۽ چونڊ ڪاميٽيءَ جي ميمبر محترم حمز علي سوهوءَ جي نگراني ۾ ٿي گذري. جنهن ۾ هيٺيان عهديدار بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنا ويا.
    1. سيڪريٽري: عيسيٰ ميمڻ
    2. جوائنٽ سيڪريٽري: علي بخش پٺاڻ
    3. خزانچي: گلاب سومرو
    4. آڊيٽر: منظر ميتلو
    جڏهن ته ڪائونسلر جي چونڊ سنگت جي ڪن معاملن سبب مقرر وقت تي نه ٿي سگهي. بعد ۾ 30 جون 2002ع بروز آچر تي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ اڪثريتي راءِ سان انور ڏنگڙائي کي بنا مقابلي ڪائونسلر قرار ڏنو ويو.

    پروگرامن جو تفصيل:

    الوداعي، آجياڻو ۽ ايوارڊ تقريب ۽ مشاعرو:
    • 17 فيبروري 2002ع آچر ڏينهن سنگت پاران سال 2001ع جي عهديدارن کي الوداعي ۽ سال 2002ع جي عهديدارن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو. جنهن جي صدارت سنگت جي سابق سيڪريٽري حاڪم مڱريي ڪئي. ”سنگت ايوارڊ“ سنگت جي بهترين سيڪريٽري حاڪم مڱريي، سنگت جي خدمتن عيوض محترم گلاب سومري، سنگت جي ڏوڪريءَ جي باني حيدر جويي ۽ سنگت ۾ معياري مواد پڙهندڙ منظر ميتلي کي ڏنو ويو. ان کان اڳ عيسيٰ ميمڻ آجياڻو ۽ سنگت جي مختصر تاريخ پڻ پيش ڪئي. پروگرام ۾ شهر جي سماجي، ادبي ۽ سياسي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. جنهن جو ڪُل تعداد 45 آهي. انهيءَ موقعي تي مشاعرو پڻ ٿيو. جنهن ۾ مختلف شاعرن پنهنجي نڪور شاعري پيش ڪئي. ڪاروائي انور ڏنگڙائيءَ هلائي. پروگرام جي آخر ۾ ريفريشمينٽ جو پڻ بندوبست ڪيو ويو هو.

    عيد ملن مشاعرو ۽ محفل موسيقي:
    • 24 فيبروري 2002ع عيد جي ٻئي ڏينهن سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري پاران موهن جو دڙي تي عيد ملن مشاعرو ۽ محفل موسيقيءَ جو پروگرام ٿي گذريو. پهرين نشست ۾ مشاعري جو صدر عيسيٰ ميمڻ، مهمان خاص ادل سولنگي ۽ اعزازي مهمان جبران سولنگي هئا. مشاعري ۾ ڏوڪري تعلقي جي آسپاس جي شاعرن سميت جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، نصيرآباد، قمبر، باڊهه، آريجا ۽ دادوءَ جي شاعرن پڻ شرڪت ڪئي. ٽوٽل شرڪت 87 رهي. محفل موسيقيءَ جي نشست ۾ اصغر مڱڻهار، بچل سولنگي، سليمان سنڌي ۽ سڪندر بڙديءَ پنهنجا سُر وکيريا. ڪاروائي حاڪم مڱريي هلائي. پروگرام جي آخر ۾ مانيءَ جو بندوبست پڻ ٿيل هو.

    سائين سرور منگيءَ جي پهرين ورسي:
    • 7 اپريل 2002ع آچر ڏينهن سنگت طرفان سماجي ۽ ادبي کاهوڙي ڪردار سائين سرور منگيءَ جي پهرين ورسي گورنمينٽ سائنس ڪاليج ڏوڪريءَ ۾ منعقد ڪئي وئي. جنهن جي صدارت سائين سرور منگيءَ جي ڀاءُ امجد منگيءَ ڪئي. مهمانِ خاص ناميارو ليکڪ سڪندر علي هليو، اعزازي مهمان ناليوارو شاعر ادل سولنگي ۽ قربان منگي هئا. آجياڻو سنگت جي سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ ڏنو. سائين سرور منگيءَ جي شخصيت تي جن مقالا پڙهيا. انهن ۾ پروفيسر موهن لعل پريمي، انور ڏنگڙائي، حاڪم مڱريو، معراج منگي، لالو ماڇي، شفيق آريجو، ادل سولنگي، قربان منگي ۽ امجد منگي شامل هئا. جڏهن ته سائين سرور منگيءَ جي ڪيل ادبي، سماجي خدمتن عيوض ”سنگت ايوارڊ 2002ع“ سندس ڀاءُ امجد منگيءَ وصول ڪيو. پروگرام ۾ 100 کان مٿي ماڻهن جي شرڪت رهي. پروگرام جي ويڊيو رڪارڊنگ پڻ ڪئي وئي.

    فڪر لطيف:
    • 28 اپريل 2002ع بروز آچر ڏينهن گورنمينٽ پرائمري مين اسڪول ڏوڪريءَ ۾ سنگت طرفان سنڌ جي آفاقي شاعر شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ انقلابي لاڙن تي ڳالهائڻ لاءِ ”فڪرلطيف“ پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت لطيفي لغات جوڙيندڙ لطيف جي ڄاڻو انور ڏنگڙائي ڪئي. مقالا پڙهندڙ ۽ لطيف تي ڳالهائيندڙ ۾ حمز علي سوهو، گلاب سومرو، ڪاشف گاڏهي، عيسيٰ ميمڻ، ڪامريڊ رجب سولنگي، خير محمد چنه، آزاد جروار، حاڪم مڱريو، علي خان ۽ علي بخش پٺاڻ شامل هئا. هن پروگرام ۾ 57 ماڻهن جي شرڪت رهي. ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ هلائي.

    نون ميمبرن جي مان ۾ چانهه پارٽي:
    • 14 جولاءِ 2002ع آچر ڏينهن گورنمينٽ پرائمري مين اسڪول ڏوڪريءَ ۾ سنگت طرفان سنگت ۾ نئين ميمبرشپ وٺندڙ ارشد ”نواب“ ميراڻي، احمد جتوئي، رجب سولنگي، غفور زهراڻي ۽ احمد نواز کوسي جي مان ۾ چانهه پارٽي جو پروگرام ڪيو ويو. جنهن جي صدارت علي بخش پٺاڻ ڪئي ۽ مهمان خاص احمد جتوئي هئا. پروگرام ۾ انور ڏنگڙائي، حمز علي سوهو، قاضي راشد، دريا خان، نديم باغي، ادل سولنگي، نون ادب دوستن جي مان ۾ خطاب ڪري، ادب ۽ ادبي سنگت جي ڪردار کان روشناس ڪيو. ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽريءَ هلائي. پروگرام ۾ ڪُل شرڪت 46 رهي.

    منٺار سولنگي ۽ حسين بخش ناريجي جي آزاديءَ لاءِ بک هڙتال:
    • 3 فيبروري 2002ع آچر ڏينهن پريس ڪلب ڏوڪريءَ اڳيان سنڌي ادبي سنگت ڏوڪريءَ پاران ناليواري شاعر منٺار سولنگي ۽ حسين بخش ناريجي کي ڌاڙيلن کان بازياب ڪرائڻ لاءِ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. جنهن ۾ شهر جي سياسي، سماجي تنظيمن کانسواءِ عام ماڻهن شرڪت ڪئي. شرڪت جو تعداد 57 رهيو.

    هفتيوار دستوري گڏجاڻين جو تفصيل:
    • 10 فيبروري 2002ع: سنگت ڏوڪريءَ جي آفيس ۾ سنگت جي پهرين دستوري گڏجاڻي ڪامريڊ رجب سولنگيءَ جي صدارت ۾ ٿي. جنهن ۾ منظر ميتلي ”بيت“، دولهه دريا خان ”غزل“، عيسيٰ ميمڻ ”هڪ خط محبوبا جي نانءُ“ ۽ احمد کوسي ”غزل“ پيش ڪيو. راحيل قاضي، حاڪم مڱريو، حمز علي سوهو، قاضي راشد، انور ڏنگڙائي، رشيد زهراڻي، علي بخش پٺاڻ ۽ جليل ٿيٻي سميت 17 دوست شريڪ رهيا. ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽريءَ هلائي.
    • 3 مارچ 2002ع: سنگت جي ٻي دستوري گڏجاڻي محترم گلاب سومري جي صدارت ۾ سنگت جي آفيس ۾ ٿي. جنهن ۾ منظر ميتلي ”غزل“ ۽ آزاد جروار ”نظم“ پڙهيو. جنهن تي احمد نواز کوسي، حاڪم مڱريي، نظير ميتلي، منور جوڻيجي، وسيم قاضي، قاضي راشد، علي بخش پٺاڻ فني ڇنڊڇاڻ ڪئي. هن گڏجاڻيءَ ۾ ڪُل شرڪت 21 رهي. ڪاروائي سيڪريٽريءَ هلائي.
    • 10 مارچ 2002ع: سنگت جي ٽين دستوري گڏجاڻي سنگت جي آفيس ۾ غفور زهراڻي جي صدارت ۾ ٿي. جنهن ۾ عيسيٰ ميمڻ ڪهاڻي”ها! مان بزدل هان“ ۽ منظر ميتلي ”نظم“ پڙهيو، جڏهن ته حاڪم مڱريي، قاضي راشد، علي بخش پٺاڻ ۽ احمد نواز کوسي سميت 17 دوستن شرڪت ڪئي. ڪاروائي سنگت جي جوائنٽ سيڪريٽريءَ هلائي.
    • 17 مارچ 2002ع آچر ڏينهن: سهڻي سنگيت ڪلب ڏوڪري تي سنگت جي چوٿين دستوري گڏجاڻي محترم انور ڏنگڙائي جي صدارت ۾ ٿي. جنهن ۾ گلاب سومري ”ڊائريءَ جو ورق“، دولهه دريا خان، حاڪم مڱريي، منظر ميتلي ”غزل“ ۽ شهمير سومري ”وائي“ پيش ڪئي. ڪاروائي قاضي راشد هلائي. هن گڏجاڻيءَ ۾ ڪُل شرڪت 16 رهي.
    • 31 مارچ 2002ع آچر ڏينهن: سهڻي سنگيت ڪلب تي سنگت جي پنجين دستوري گڏجاڻي حمز علي سوهوءَ جي صدارت ۾ ٿي. جنهن ۾ منظر ميتلي ”غزل“، حاڪم مڱريي ڪهاڻي ”پاڙي جا چڪر“ ۽سارنگ ٻُٽ ”غزل“ پيش ڪيو. تنقيد ۾ سيد عباس شاهه، خير محمد چنه، غفور زهراڻي، جمن ڀنڊ ۽ قاضي راشد حصو ورتو. جڏهن ته هن گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت جو انگ 18 رهيو. ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽريءَ هلائي.
    • 14 اپريل 2002ع: گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڏوڪريءَ ۾ سنگت جي ڇهين دستوري گڏجاڻي انور ڏنگڙائيءَ جي صدارت ۾ ٿي. گڏجاڻيءَ ۾ احمد نواز کوسي ”اسان جي ڌرتي“ مضمون، دريا خان ڪهاڻي، علي خان ۽ ادل سولنگي ”غزل“ پڙهيا. سڌير ملاڻي، آصف کوسي ۽ عارف کوسي سميت ڪُل 13 دوستن شرڪت ڪئي.
    • 21 اپريل 2002ع: گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڏوڪريءَ ۾ سنگت جي ستين دستوري گڏجاڻي سنگت جي سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ جي صدارت ۾ ٿي. گڏجاڻيءَ ۾ سفير جتوئي ”نثري نظم“، دريا خان ”غزل“، احمد نواز کوسي ”غزل“، منظر ميتلي ”بيت“ تنقيد لاءِ پيش ڪيا. حمز علي سوهو، خير محمد چنه، ڪامران سومري، ڪامران منگي، انور ڏنگڙائي، حاڪم مڱريي ۽ راحيل قاضيءَ سميت 18 دوستن شرڪت ڪئي.
    • 5 مئي 2002ع: گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ سنگت جي اٺين دستوري گڏجاڻي احمد نواز کوسي جي صدارت ۾ ٿي. جنهن ۾ عيسيٰ ميمڻ ”ڊائريءَ جو ورق“، علي خان ”غزل“، منظر ميتلي ”غزل“، ڪامريڊ رجب سولنگيءَ ”چوسٽا“ ۽ سيد عباس شاهه ڪهاڻي پيش ڪئي. تنقيد ۾ حمز علي سوهو، ڪامران سومري، خير محمد چنه، ڀڳت رام، سڌير ملاڻي ۽ غفور زهراڻيءَ سميت 16 دوستن حصو ورتو. ڪاروائي سيڪريٽريءَ هلائي.
    • 12 مئي 2002ع: مشتاق ڪوچنگ سينٽر ڏوڪريءَ تي سنگت جي نائين دستوري گڏجاڻي قاضي ارشد جي صدارت ۾ ٿي. جنهن ۾ ارشد ميراڻي، جان محمد سومري ۽ سيد عباس شاهه ”ڊائري جا ورق“ پڙهيا ۽ علي خان ڪهاڻي پيش ڪئي. ڀڳت رام، علي بخش پٺاڻ، امير بخش جروار، احمد نواز کوسي سميت 17 دوستن شرڪت ڪئي. سنگت جي سيڪريٽريءَ ڪاروائي هلائي.
    • 19 مئي 2002ع: گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڏوڪريءَ ۾ سنگت جي ڏهين دستوري گڏجاڻي ڪامريڊ رجب سولنگيءَ جي صدارت ۾ ٿي. گڏجاڻيءَ ۾ وسيم قاضي ”چئو سٽا“، جان محمد سومري ”ڊائري جو ورق“، سارنگ ٻُٽ ” غزل“، منظر ميتلي ”هائيڪا“، ارشد ”نواب“ ميراڻيءَ ڪهاڻي ۽ سيد عباس شاهه ”غزل“ پيش ڪيو. تنقيد ۾ علي بخش پٺاڻ، راحيل قاضي، ڀڳت رام، علي محمد پٺاڻ، دريا خان ۽ شهمير سومري سميت 19 دوستن حصو ورتو. ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽريءَ هلائي.
    • 26 مئي 2002ع: گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڏوڪريءَ ۾ سنگت جي يارهين دستوري گڏجاڻي حاڪم مڱريي جي صدارت ۾ ٿي گذري. گڏجاڻيءَ ۾ سارنگ ٻُٽ ڪهاڻي ”هُوءَ ڪاري هئي“، احمد نواز کوسي ”غزل“، مجيب ”نواب“ ميراڻي ۽ سيد عباس شاهه ”چئوسٽا“، علي خان ”غزل“، وفا صالح راڄپر ڪهاڻي ”رَکيلَ“ پيش ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ ڀڳت رام، گلاب سومري، غفور زهراڻي، انور ڏنگڙائي، قاضي ارشد، ڪامران منگي ۽ دريا خان سميت ڪُل 22 جي شرڪت رهي. ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽريءَ هلائي.
    • 2 جون 2002ع: گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ سنگت جي ٻارهين دستوري گڏجاڻي ارشد ”نواب“ ميراڻي جي صدارت ۾ ٿي. جنهن ۾ غفور زهراڻي چئوسٽا، مجيب ميراڻي ڪهاڻي، احمد نواز کوسي ”نظم“، عباس شاهه ”چئو سٽو“ پيش ڪيو. انور ڏنگڙائي، قاضي راشد، علي بخش پٺاڻ سميت 13 دوستن نقادن جي حيثيت ۾ حصو ورتو.
    • 9 جون 2002ع: گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ سنگت جي تيرهين دستوري گڏجاڻي قاضي راشد جي صدارت ۾ ٿي. گڏجاڻيءَ ۾ ڪامريڊ رجب سولنگي بيت، احمد کوسو ”وائي“، عيسيٰ ميمڻ مضمون ”جنهن دل پيتا عشق دا جام“، سارنگ ٻُٽ ڪهاڻي، احمد جتوئي ”غزل“ پيش ڪيو. جڏهن ته جان محمد سومري، دريا خان، حمز علي سوهو، صابر جهتيال، حسن جتوئي، ارشد ميراڻي، غفور زهراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڪاروائي احمد نواز کوسي هلائي.
    • 16 جون 2002ع: گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ سنڌي ادبي سنگت جي چوڏهين دستوري گڏجاڻي سيد عباس شاهه جي صدارت ۾ ٿي. جنهن ۾ احمد نواز کوسي ”وائي“، جان محمد سومري ”ڊائريءَ جو ورق“، سارنگ ٻُٽ ڪهاڻي ”انتظار“، صابر جهتيال ”نظم“، ارشد ”نواب“ ميراڻي ڪهاڻي تنقيد لاءِ پيش ڪئي. جڏهن ته دريا خان زهراڻي، انور ڏنگڙائي، ڪامريڊ رجب سولنگي، احمد جتوئي، ڀڳت رام، گلاب سومري، حمز علي سوهوءَ ۽ ٻين تنقيد ۾ حصو ورتو. ڪاروائي عيسيٰ ميمڻ هلائي.
    • 23 جون 2002ع: گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ پندرهين هفتيوار دستوري گڏجاڻي دولهه دريا خان جي صدارت ۾ ٿي گذري. گڏجاڻيءَ ۾ ڪامريڊ رجب سولنگي ”نظم“، احمد جتوئي ”چئوسٽا“، غفور زهراڻي ”غزل“ پيش ڪيو. شرڪت ڪندڙن ۾ اسد سوهو، ڪامران سومرو، صابر جهتيال، سيد عباس شاهه، علي بخش پٺاڻ، سفير جتوئي، ڀڳت رام، امر لعل، امجد ميمڻ، سڌير ملاڻو، انور ڏنگڙائي، زبير منگي، اڪبر جوڻيجو ۽ ٻيا شامل هئا. ڪاروائي سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ هلائي.
    • 30 جون 2002ع: گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ سنگت جي سورهين دستوري گڏجاڻي حمز علي سوهوءَ جي صدارت ۾ ٿي. گڏجاڻيءَ ۾ احمد جتوئي ”چئوسٽا“، صابر جهتيال ”مضمون“ ۽ راشد سومري نثري نظم پيش ڪيو. جنهن تي ڪامران سومرو، مجيب نواب ميراڻي، علي بخش پٺاڻ، مصدر جهتيال، گلاب سومري، قاضي راشد ۽ حاڪم مڱريي ٽيڪاٽپڻي ڪئي. ڪاروائي عيسيٰ ميمڻ هلائي.
    • 7 جولاءِ 2002ع: گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ سنگت ڏوڪريءَ جي سترهين دستوري گڏجاڻي احمد نواز کوسي جي صدارت ۾ ٿي. جنهن ۾ ارشد ميراڻي ”ڪهاڻي“، احمد جتوئي ”بيت“، نواز سوهوءَ ”غزل“ پيش ڪيو. شرڪت ڪندڙن ۾ ڪامران سومرو، مجيب نواب ميراڻي، ڀڳت رام، نديم ٻُٽ، سڌير ملاڻي، شهمير سومرو ۽ قاضي راشد ۽ ٻيا شامل هئا. ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ هلائي.

    ڪاروباري ڪاميٽيءَ جون گڏجاڻيون:
    • 3 مارچ 2002ع: سنگت ڏوڪريءَ جي آفيس ۾ مختلف ايجنڊائن تي غور ويچار ڪرڻ لاءِ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس سنگت جي خزانچي گلاب سومري جي صدارت ۾ ٿيو. جنهن ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ڇهن ميمبرن مان چئن ميمبرن شرڪت ڪئي. جن ۾ حاڪم مڱريو، عيسيٰ ميمڻ ۽ علي بخش پٺاڻ شامل هئا. جڏهن ته راشد قاضي، وسيم قاضي، دولهه دريا خان، احمد نواز کوسو، منور جوڻيجو ۽ آزاد جروار مبصر طور شامل هئا.
    • 30 جون 2002ع: گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ سنگت ڏوڪريءَ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ٻيو اجلاس حمز علي سوهوءَ جي صدارت ۾ مختلف ايجنڊائن تي غور ويچار ڪرڻ لاءِ ٿي گذريو. شريڪ ميمبرن علي بخش پٺاڻ، حمز علي سوهو، عيسيٰ ميمڻ، حاڪم مڱريو ۽ گلاب سومرو هئا. جڏهن ته مبصر طور صابر جهتيال، ڪامران سومرو، قاضي راشد، مجيب ”نواب“ ميراڻي، احمد جتوئي ۽ راشد سومرو شامل هئا.

    جنرل ڪائونسل جو اجلاس:
    • 3 فيبروري 2002ع: سنگت جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس سنگت جي آفيس ۾ چونڊن جي حوالي سان عزيز منگيءَ جي صدارت ۾ ٿي گذريو. جنهن ۾ حمز علي سوهو، حاڪم مڱريي، گلاب سومري، قاضي راشد، انور ڏنگڙائي، علي بخش پٺاڻ، غفور زهراڻي، وفا صالح راڄپر، عيسيٰ ميمڻ، منظر ميتلي، راحيل قاضي، بچل سولنگي ۽ اسد ٻگهيي شرڪت ڪئي.
    • جڏهن ته جنرل ڪائونسل جو ٻيو اجلاس 18 جون 2002ع ڪورم پوري نه ٿيڻ سبب، نه ٿي سگهيو.

    نوٽ:
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جي باڊيءَ جو مدو 03 فيبروري 2002ع کان 29 ڊسمبر 2002ع تائين رهيو. جنهن جو تفصيلي رڪارڊ مون ٺاهيو هو. پر وقت جي ستم ظريفيءَ ۽ خانه بدوش رهڻ جي ڪري، اهو رڪارڊ 07 جولاءِ ۽ 2002ع کان پوءِ باضابطه محفوظ رهي نه سگهيو 07 جولاءِ 2002ع کان پوءِ جيڪا سنگت جي ڪارڪردگي رپورٽ هتي ڏني اٿم اها يادگيري ۽ مختلف دوستن جي ڏنل معلومات جي بنياد تي لکي اٿم جنهن ۾ اگر ڪا ڪمي ڪوتاهي رهجي وئي ته دوستن کي ان غلطيءَ جي درستگيءَ جي گذارش ڪيون ٿا..


    ”افساني جو فن ۽ ٽيڪنڪ: ليڪچر“


    28 جولاءِ 2002ع تي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڏوڪريءَ ۾ ”افساني جوفن ۽ ٽيڪنڪ“ جي موضوع تي نامياري محقق محترم پروفيسر موهن لعل پريميءَ جو ليڪچرٿي گذريو. جنهن ۾ خصوصي مهمان طور سنڌ- سنگت ضلع لاڙڪاڻي جي رابطا سيڪريٽري ملهار سنڌي ۽ نامياري محقق ديدار سولنگيءَ شرڪت ڪئي. پروگرام ۾ 53 شاعرن ۽ اديبن جي شرڪت رهي. ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ هلائي.

    ”سماج ۾ خود ڪشيءَ جا وڌندڙ لاڙا: ليڪچر“


    * 11 آگسٽ 2002ع تي مهراڻ (ٽيڊي) هوٽل ڏوڪريءَ جي ڇت تي ”سماج ۾ خود ڪشيءَ جا وڌندڙ لاڙا “موضوع تي ترقي پسند دانشور ڊاڪٽر عنايت مگسيءَ جو ليڪچر ٿي گذريو. جنهن ۾ 133 شاعرن، اديبن، سياسي سماجي ۽ ادبي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. پروگرام ۾ آجياڻو سنگت جي سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ ڏنو. پروگرام جي آڊيو ۽ وڊيو رڪارڊنگ پڻ ڪئي ويئي. ڪاروائي ادل سولنگيءَ هلائي.

    ”ادل سولنگيءَ سان رهاڻ، مشاعرو، محفل موسيقي ۽ ايوارڊ تقريب“

    * 16 نومبر 2002ع تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ پاران نامياري شاعر ادل سولنگيءَ سان رهاڻ، مشاعرو، محفل موسيقي ۽ ايوارڊ تقريب ٿي گذري. جنهن جي صدارت سنڌ- سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ادل سومري ڪئي. مهمان خاص ادل سولنگي، اعزازي مهمانن ۾ ساجد سومرو ۽ عادل عباسي شامل هئا. شاعريءَ ۾ ڪيترن ئي شاعرن پنهنجي نڪور شاعري پيش ڪئي. محفل موسيقي ۾ استاد اصغر منڱڻهار، استاد بچل سولنگي، ۽ استاد حيات فقير شامل هئا. جڏهن ته مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اديبن، شاعرن، مصورن، استادن ۽ فنڪارن کي مڃتا سندون 2002 ۾ پڻ ڏنيون ويون. ڪاروائي غفور زهراڻي ۽ احمد جتوئيءَ هلائي. آجياڻو سنگت جي سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ ڏنو. پروگرام ۾ 173 ماڻهن جي شرڪت رهي.


    ”ادب جو سماجي ڪارج: ليڪچر“
    • 01 ڊسـمبـر 2002ع مشـتــاق ڪـوچـنگ سينٽر تـي ”ادب جو سمــاجــي ڪـارج“ جـي مـوضوع تـي ناميـاري ليـکـڪ عــزيــر مـنـگـيءَ جـو ليـڪـچر ٿـي گـذريـو. جــنــهـن ۾ ڪــل 57 دوســـــتــن جــــي شــرڪـــت رهـــي. ڪـــاروائــي ســـنـگـــت جـــــي سيڪريٽري هلائي. آجياڻو سنگت جـي جـوائـنـٽ سيڪــريٽري علي بخش پٺاڻ ڏنو.

    موهن جي دڙي جي مهرن جي واپسيءَ لاءِ احتجاج

    سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ پاران موهن جي دڙي جي ميوزيم مان چوري ٿيل 37 قيمتي مهرن جي واپسيءَ لاءِ مختلف وقتن تي ڪيل احتجاج جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.

     29 سيپٽمبر 2002ع، پريس ڪلب ڏوڪريءَ اڳيان احتجاجي مظاهرو ۽ بک هڙتال ڪئي وئي
     20 آڪٽوبر 2002ع پريس ڪلب ڏوڪريءَ اڳيان احتجاج ڪيو ويو.
     03 نومبر 2002ع تي ٽائون هال ڏوڪريءَ جي سامهون احتجاج ڪيو يو.
     17 نومبر 2002ع ٽائون هال ڏوڪريءَ جي اڳيان، سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ادل سومري جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو.
     24 نومبر 2002ع ڏوڪريءَ کان موهن جي دڙي تائين پيادل مارچ ڪيو ويو.

    مڃتا سَندَ 2002ع
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ پاران مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ اديبن، شاعرن، تعلمدانن، راڳين، ادبي ۽ سماجي ڪارڪنن کي مڃتا سند 2002، 16 نومبر تي سنڌ سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ادل سومري جي هٿان ڏني وئي.

    01. ادل سولنگي - بهترين شاعر 02. حفيظ قاسماڻي - آرٽ
    03. فاطمه ميراثي - سماجيات 04. موهن لال پريمي - تحقيق
    05. لطف پيرزادو - لطيفيات 06. عزير منگي - ادب
    07. قربان منڱڻهار - موسيقار 08. روشن ڪوري - لوڪ ادب
    09. علي شير ٿهيم - لطيفيات 10. محمد ادريس سومرو - صحافت
    11. استاد حيات منڱڻهار - راڳي 12. ڊاڪٽر ضمير منگي - طب

    سنگت جا ميمبر سال 2002
    سيڪريٽري: عيسيٰ ميمڻ
    جوائنٽ سيڪريٽري: علي بخش پٺاڻ
    خزانچي: گلاب سومرو
    آڊيٽر: منظر ميتلو
    ڪائونسلر: انور ڏنگڙائي
    ميمبر:
    قاضي راشد، راحيل قاضي، حيدر جويو، امام ٻُٽُ، ارشد ميراڻي، ڪامريڊ رجب سولنگي، احمد جتوئي، احمد نواز کوسو، طارق ”امر“ آريجو، فيض پيرزادو، خير محمد چنه، رشيد زهراڻي، مظفر منگي ۽ شهمير سومرو.


    سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري : ڪارڪردگي رپورٽ 2003ع

    سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري
    ڪارڪردگي رپورٽ 2003ع

    (20 اپريل 2003ع کان 04 جنوري 2004ع تائين)


    عهديدار:

    1. سيڪريٽري: عيسيٰ ميمڻ
    2 . جوائنٽ سيڪريٽري: علي بخش پٺاڻ
    3. خزانچي: غفور ذهراڻي
    4. آڊيٽر: گلاب سومرو
    5. ڪائونسلر: انور ڏنگڙائي


    ڪارڪردگي رپورٽ سال 2003ع

    جِــئــان وَهــي تِئان واٽَ، ڪَپَرَ پُڇَنِ ڪُـــوڙيــــون،
    جن کي سِڪ ساهَڙَ جي، سي گهيِڙَ نه پُڇَنِ گَهاٽَ،
    جن کي عِشق جي اُساٽَ، سي واهَڙُ ڀانئِن وَکــڙي.
    (شاهه)
    مانوارا همسفر ساٿيو!
    جيئي سنڌ – جيئي سنڌي ادب.

    سماج فڪري ڏيوالپڻي جو شڪار ٿيندو پيو وڃي، چئو طرف روشنيون، اوندهه کان مات کائي رهيون آهن. اهڙين حالتن ۾ سنڌي ادبي سنگت جو هئڻ اسان لاءِ سڀ کان وڏي آٿت جو ذريعو آهي، نظرياتي آڪسيجن آهي. جنهن کان سواءِ اسان اڻپورا آهيون.
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري پنهنجي چاليهن سالن جي عرصي ۾ سماجي اُٿل پُٿل جي حوالي سان اهم ڪردار ادا پئي ڪيو آهي: جنهن کان ڪو به ساڃاهه وند انڪاري ٿي نه ٿو سگهي. هن ادبي قافلي کي اڳتي وٺي هلڻ لاءِ دوستن اسان تي اعتماد ڪندي 20 اپريل 2003ع تي سنگت جي جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ، ج. سيڪريٽري علي بخش پٺاڻ، خزانچي غفور زهراڻي، آڊيٽر گلاب سومري ۽ ڪائونسلر انور ڏنگڙائي کي سنگت جون واڳون ڏنيون ويون.
    اوهان سڀ ڄاڻو ٿا ته جڏهن سنگت جون واڳون اسان کي ڏنيون ويون، تڏهن سنگت بحران جو شڪار هئي. ٽي مهينا سنگت جو ڪاروهنوار ماٺار جو شڪار هيو. اسان پنهنجي پوري ايمانداريءَ سان سنگت کي بحران مان ڪڍڻ ۽ سنگت جي وکريل قوت کي ميڙي مُٺ ڪرڻ لاءِ ڀرپور کان ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. ان ڪوشش ۾ ڪيتري قدر سوڀارا ٿيا آهيون، اهو فيصلو اسان تاريخ تي ڇڏيون ٿا، ڇاڪاڻ ته تاريخ ڪنهن جو پورهيو ضايع نه ڪندي آهي.
    پنهنجي هن مختصر عرصي ۾ ڪيتري قدر سنگت کي سرگرم رکيو آهي. اهو اوهان اڳيان هن ميڙ ۾ پيش ڪيون ٿا.
    سنگت جون ٻيهر چونڊون: 20 اپريل 2003ع تي ٿي گذريون. ان کان پوءِ جيڪي پروگرام ٿي گذريا انهن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو؛

    ”مزدور جدوجهد جو تاريخ پسمنظر“ ليڪچر:
    سنگت ڏوڪريءَ پاران 4 مئي 2003ع آچر ڏينهن مشتاق ڪوچنگ سينٽر ڏوڪريءَ ۾ ”مزدور جدوجهد جو تاريخي پسمنظر“ جي موضوع تي مانواري دانشور اصغر سنڌيءَ جو ليڪچر ٿي گذريو. جنهن جي صدارت حمز علي سوهو ڪئي. آجياڻو سنگت جي جوائنٽ سيڪريٽري علي بخش پٺاڻ ڏنو. ڪاروائي عيسيٰ ميمڻ هلائي. پروگرام ۾ اديبن، شاعرن، سماجي توڙي سياسي ڪارڪنن جي ڪُل شرڪت 63 رهي.

    ”ڀٽائي ۽ کاهوڙي تحريڪ“، ليڪچر:

    سنگت پاران 20 جولاءِ 2003ع آچر ڏينهن مهراڻ هوٽل جي ڇت تي ”ڀٽائي ۽ کاهوڙي تحريڪ“ جي موضوع تي لطيف جي پارکو مانواري لطف پيرزادي جو ليڪچر ٿي گذريو. آجياڻو سنگت جي آڊيٽر گلاب سومري ڏنو ۽ ڪاروائي عيسيٰ ميمڻ هلائي. پروگرام ۾ اديبن، شاعرن، سماجي توڙي سياسي ڪارڪنن جي ڪُل شرڪت 75 رهي.

    پڪنڪ ڊي:
    سنگت ڏوڪريءَ پاران 27 جولاءِ 2003ع آچر ڏينهن دادو ڪئنال جي ڪپ (سونهري پل) تي ”تفريح ڏينهن“ ملهايو ويو. جنهن جي ميزبانيءَ جا فرائض سنگت جي خزانچي مانواري غفور زهراڻيءَ ادا ڪيا. يادگيريءَ لاءِ فوٽو پڻ ڪڍيا ويا. پروگرام ۾ اديبن، شاعرن، سماجي توڙي سياسي ڪارڪنن جي ڪُل شرڪت 34 رهي.

    سرور منگيءَ جي ياد ۾ مشاعرو:

    سنگت ڏوڪريءَ پاران سماج سڌارڪ، اديب ۽ شاعر سرور منگيءَ جي ياد ۾ 19 آڪٽوبر 2003ع آچر تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ ۾ مشاعرو ٿي گذريو. جنهن جي صدارت نالي واري شاعر ”اياز گل“ ڪئي. مهمان خاص سرڪش سنڌي ۽ اعزازي مهمانن ۾ سرمد چانڊيو ۽ جوش ابڙو هئا. آجياڻو سنگت جي سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ ڏنو. ڪاروائي ادل سولنگيءَ هلائي. پروگرام ۾ اديبن، شاعرن، سماجي توڙي سياسي ڪارڪنن جي ڪُل شرڪت 107 رهي.

    انور ڏنگڙائي جي سالگرهه، ساڻس رهاڻ، مشاعرو، ايوارڊ تقريب ۽ راڳ رنگ:
    سنڌي ادبي سنگت ڏوڪريءَ پاران 25 ڊسمبر 2003ع خميس ڏينهن ٽائون ڪاميٽي هال ڏوڪري ۾ لطيف جي پارکو، اديب ۽ شاعر انور ڏنگڙائيءَ جي 40هين سالگرهه جي موقعي تي ساڻس رهاڻ، مشاعرو، ايوارڊ تقريب ۽ راڳ رنگ جو پروگرام ٿي گذريو. جنهن جي صدارت سنڌ سنگت جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري رياضت ٻرڙي ڪئي. مهمان خاص انور ڏنگڙائي، اعزازي مهمانن ۾ ممتاز لوهار ۽ سڄڻ سنڌي هئا. آجياڻو سنگت جي سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ ڏنو. ڪاروائي ادل سولنگي ۽ غفور زهراڻيءَ هلائي. پروگرام ۾ اديبن، شاعرن، سماجي توڙي سياسي ڪارڪنن جي ڪُل شرڪت 130 رهي.

    لطيف ميڙَ ۽ تعزيتي ميڙاڪا ۽ آجياڻو:
     سنڌي ادبي سنگت پاران 28 اپريل 2003ع آچر ڏينهن ”لطيف ڊي“ ملهايو ويو. جنهن جي صدارت لطيف جي پارکو انور ڏنگڙائيءَ ڪئي ۽ لطيف جي شخصيت، فڪر ۽ جدوجهد تي ڪيترن اديبن، شاعرن ۽ دانشورن ڳالهايو. ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ هلائي. پروگرام ۾ اديبن، شاعرن، سماجي توڙي سياسي ڪارڪنن جي ڪُل شرڪت 52 رهي.
     سنگت پاران 01 جون 2003ع آچر ڏينهن لطيف جي سُرڪَلياڻ داستان نمبر 1 جي بيت نمبر 1 کان 10 تائين بحث مباحثو ڪيو ويو. جنهن جي صدارت انور ڏنگڙائيءَ ڪئي، ڪاروائي عيسيٰ ميمڻ هلائي. هن گڏجاڻيءَ ۾ دوستن جي شرڪت ڪُل 18 رهي.
     سنگت پاران 03 آگسٽ 2003ع آچر ڏينهن ”لطيفي ميڙ“ سُرڪَلياڻ جي داستان پهرين جي بيت نمبر 11 کان 21 تائين ٿي گذريو، صدارت انور ڏنگڙائيءَ ڪئي، ڪاروائي عيسيٰ ميمڻ هلائي. هن گڏجاڻيءَ ۾ دوستن جي شرڪت ڪُل 22 رهي.
     سنگت پاران لطيفي ميڙ 07 سيپٽمبر 2003ع آچر ڏينهن لطيف جي سُرڪَلياڻ داستان 2، جي بيت نمبر 1 کان 10 تائين ٿي گذريو، جنهن جي صدارت عيسيٰ ميمڻ ڪئي ۽ ڪاروائي عرفان موريي هلائي. هن گڏجاڻيءَ ۾ دوستن جي شرڪت ڪُل 21 رهي.
     سنگت پاران 05 آڪٽوبر 2003ع آچر تي ”لطيفي ميڙ“ سُرڪَلياڻ داستان 2، جي بيت 11 کان 20 تائين ٿي گذريو، جنهن جي صدارت انور ڏنگڙائيءَ ڪئي ۽ ڪاروائي عيسيٰ ميمڻ هلائي. هن گڏجاڻيءَ ۾ دوستن جي شرڪت ڪُل 17 رهي.
     27 آڪٽوبر 2003ع تي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري خير محمد چنه وفات ڪري ويو، سوڳ ۾ سنگت جون سرگرميون 28 آڪٽوبر 2003ع کان 02 نومبر 2003ع تائين معطل رهيون ۽ 02 نومبر 2003ع آچر ڏينهن خير محمد چنه جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو نامياري سگهڙ روشن ڪوريءَ جي صدارت ۾ ٿي گذريو. ڪاروائي عيسيٰ ميمڻ هلائي. هن تعزيتي گڏجاڻيءَ ۾ دوستن جي شرڪت ڪُل 53 رهي.
     سنگت پاران 21 ڊسمبر 2003ع آچر ڏينهن سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر شمس سومري جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو مانواري گلاب سومري جي صدارت ۾ ٿي گذريو. ڪاروائي عيسيٰ ميمڻ هلائي. هن تعزيتي پروگرام ۾ دوستن جي شرڪت ڪُل 56 رهي.
     سنگت پاران 28 ڊسمبر 2003ع آچر ڏينهن مهان ڪوي ”شيخ اياز“ جي ياد ۾ ميڙاڪو ٿي گذريو. جنهن جي صدارت نامياري شاعر عبدالحق ساريي ڪئي. ڪاروائي عيسيٰ ميمڻ هلائي. هن ميڙاڪي ۾ ڪُل شرڪت 68 رهي.
     سنگت طرفان 17 آگسٽ 2003ع آچر ڏينهن نون ميمبر دوستن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو. صدارت مانواري غفور زهراڻيءَ ڪئي. مهمان خاص ڪامران سومرو ۽ آزاد جروارهئا ۽ ڪاروائي عيسيٰ ميمڻ هلائي. هن گڏجاڻيءَ ۾ دوستن جي شرڪت ڪُل 28 رهي.

    احتجاجي مظاهرا ۽ بک هڙتالون.


    • سنگت ڏوڪريءَ پاران 8 جون 2003ع آچر ڏينهن موهن جي دڙي مان چوري ٿيل مُهرن جي واپسيءَ لاءِ مشتاق ڪوچنگ سينٽر کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنهن ۾ دوستن جي ڪُل شرڪت 25 رهي.
    • 04 جولاءِ 2003ع آچر ڏينهن سنگت پاران موهن جي دڙي مان چوري ٿيل مهرن جي واپسيءَ لاءِ پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. جنهن ۾ دوستن جي ڪُل شرڪت 24 رهي.
    • سنگت پاران 14 سيپٽمبر 2003ع آچر ڏينهن ”موهن جو دڙو بچايو“ جي عنوان هيٺ بک هڙتال پريس ڪلب ڏوڪري اڳيان ڪئي وئي. هن بک هڙتال تي ڪُل شرڪت 32 رهي.
    • سنگت پاران 5 آڪٽوبر 2003ع آچر ڏينهن سنڌي ادبي بورڊ جي غيرسنڌي چيئرمين جي مقرريءَ خلاف سنگت جي مرڪزي سڏ تي بک هڙتال ڪئي وئي. جنهن ۾ دوستن جي ڪُل شرڪت 27 رهي.
    • سنگت ڏوڪري پاران 23 نومبر 2003ع آچر ڏينهن ”موهن جي دڙي مان چوري ٿيل مُهرن جي واپسيءَ لاءِ لاڙڪاڻي ۾ مهراڻ هوٽل کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنهن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي شاخن سميت سنگت جي مرڪزي خزانچي آزاد انور ڪانڌڙي پڻ شرڪت ڪئي. هن احتجاج ۾ 42 دوستن شرڪت ڪئي.

    ڪاروباري ڪاميٽيءَ جا اجلاس:
     سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جي پاليسي ساز اداري ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو پهريون اجلاس 18 مئي 2003ع آچر ڏينهن مانواري گلاب سومري جي صدارت ۾ ٿي گذريو. جنهن ۾ پروگرام ڪرائڻ، لطيفي ميڙ ڪوٺائڻ، نئين ميمبر شپ ڪرڻ، موهن جي دڙي جي چوريءَ جي واپسيءَ لاءِ احتجاج ڪرڻ ۽ ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽريءَ هلائي.
     ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ٻيو اجلاس 10 آگسٽ 2003ع تي مانواري ادل سولنگيءَ جي صدارت ۾ ٿيو. جنهن ۾ آفيس جو مسئلو حل ڪرڻ، پروگرام ڪرائڻ، غير سرگرم دوستن کي سرگرم ڪرڻ، موهن جي دڙي جي چوريءَ جي واپسيءَ لاءِ احتجاج ڪرائڻ لاءِ لائحه عمل طئي ڪيو ويو. ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽري هلائي.
     ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ٽيون ۽ آخري اجلاس 09 نومبر 2003ع تي مانواري حمز علي سوهوءَ جي صدارت ۾ ٿيو. جنهن ۾ سنگت کي سرگرم ڪرڻ، مرڪزي چونڊن ۾ حصو وٺڻ، شاخ جون چونڊون ڪرائڻ، موهن جي دڙي جي چوريءَ جي واپسيءَ لاءِ احتجاج ڪرڻ ۽ پروگرام ڪرائڻ متعلق غور ويچار ڪيو ويو. ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽري هلائي.

    دستوري گڏجاڻيون:
     سنگت جا هن سال ڪُل 21 دستوري ميڙ ٿي گذريا. جن ۾ 13 غزل، 7 نظم، 8 بيت، 5 وائيون، هڪ ڪافي، 4 نثري نظم، 3 ڊائريءَ جا ورق، 3 ترجما، هڪ تبصرو، 15 ڪهاڻيون، 4 مقالا ۽ 2 تاثر پيش ڪيا ويا.

    سنگت جي ميمبرن جي سرگرمين جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.
    نمبر ميمبر جو نالو شرڪت پڙهيل مواد جو تفصيل
    پروگرام گڏجاڻيون لطيفي ميڙ ميڙاڪا
    01 عيسيٰ ميمڻ
    سيڪريٽري 5 20 9 3 غزل، 2 ڪهاڻيون، هڪ نظم.
    02 علي بخش پٺاڻ
    ج. سيڪريٽري 5 16 8 هڪ تبصرو، هڪ مقالو ۽ هڪ ڪهاڻي
    03 غفور زهراڻي
    خزانچي 4 15 8 هڪ وائي، هڪ غزل.
    04 گلاب سومرو
    آڊيٽر 3 4 2 هڪ مقالو
    05 انور ڏنگڙائي
    ڪائونسلر 3 13 7 هڪ ڪافي، هڪ غزل ۽ هڪ وائي
    06 حمز علي سوهو
    م.ڪ.ڪ 3 7 4 پڙهيل مواد ۾ ڪجهه به نه.
    07 ديدار سولنگي
    م.ڪ.ڪ 2 7 4 پڙهيل مواد ۾ ڪجهه به نه.
    08 ادل سولنگي
    م.ڪ.ڪ 5 17 7 2 نظم، 2 تاثر، 2 وائي.
    09 ڪامران سومرو 4 12 4 3 ڊائري جا ورق، 3 نظم ۽ هڪ ڪهاڻي.
    10 احمد جتوئي 4 10 6 8 بيت، 3 غزل، هڪ مقالو.
    11 قاضي راشد 3 12 4 پڙهيل مواد ۾ ڪجهه به نه.
    12 راحيل قاضي 3 7 2 هڪ ڪهاڻي
    13 طارق ”امر“ آريجو 3 7 2 پڙهيل مواد ۾ ڪجهه به نه.
    14 امام بخش ٻُٽ 2 7 1 پڙهيل مواد ۾ ڪجهه به نه.
    15 احمد کوسو 4 12 6 هڪ ترجمو
    16 شهمير سومرو 4 1 6 هڪ غزل
    17 آزاد جروار 5 16 8 3 غزل، 3 وائيون، 7 ڪهاڻيون، هڪ نثري نظم
    18 ارشد ”نواب“ ميراڻي 3 8 5 3 ڪهاڻيون، هڪ مضمون.
    19 رجب سولنگي 2 3 2 2 نظم.
    20 اسد ٻگهيو 1 2 2 پڙهيل مواد ۾ ڪجهه به نه.

    گڏجاڻيءَ ۾ سنگت جي ميمبرن کانسواءِ جن شاعرن، اديبن شرڪت ڪئي. انهن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.

    21 سارنگ ٻُٽ 1 8 5 2 غزل، 2 نظم، هڪ ڪهاڻي
    22 محمد نواز سوهو 2 5 1 غزل، مضمون، نظم
    23 مظهر ابڙو 3 8 6 پڙهيل مواد ۾ ڪجهه به نه.
    24 دريا خان 2 6 2 پڙهيل مواد ۾ ڪجهه به نه.
    25 منير ”ايس“ سومرو 5 12 4 2 وائيون، هڪ غزل، هڪ نثري نظم
    26 مجيد زهراڻي 3 4 2 پڙهيل مواد ۾ ڪجهه به نه.
    27 عرفان موريو 3 12 6 4 نثري نظم، هڪ مضمون
    28 مجيب ”نواب“ ميراڻي 5 12 6 پڙهيل مواد ۾ ڪجهه به نه.
    29 نظر محمد سومرو 1 2 0 پڙهيل مواد ۾ ڪجهه به نه.
    30 ڀڳت رام 2 2 2 پڙهيل مواد ۾ ڪجهه به نه.
    31 ارشاد ٻگهيو 2 2 1 پڙهيل مواد ۾ ڪجهه به نه.

    انهيءَ کان علاوه مختلف دوستن، مختلف پروگرامن، گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي. جن جو تفصيل رڪارڊ بوڪ تي موجود آهي.
    سنگت جي 8 مهينن جي مختصر عرصي ۾ ڪُلُ 5 پروگرام، 5 احتجاجي مظاهرا، بک هڙتالون، 5 لطيفي ميڙ، 3 تعزيتي ميڙاڪا ۽ 3 ڪاروباري ڪاميٽيءَ جا اجلاس ٿيا.
     مختلف شخصيتن ۽ تنظيمن طرفان 70 ليٽر ۽ دعوت نامه پهتا. مختلف تنظيمن پاران مليل دعوتن ۾ 46 پروگرامن ۽ گڏجاڻين ۾ سنگت طرفان شرڪت ڪئي وئي. مرڪزي ۽ ضلعي اجلاسن ۾ سنگت جي نمائندگي رهي. سنگت طرفان 43 تنظيمي ليٽر جاري ڪيا ويا. جڏهن ته پروگرامن ۽ احتجاجن لاءِ 1230 دعوت نامن جا ڪارڊ سنگت طرفان جاري ڪيا ويا. سنگت جي دستوري ميڙن جي جن دوستن مختلف وقتن تي صدارتون ڪيون انهن ۾ غفور زهراڻي 4 گڏجاڻيون، حمز علي سوهو 3 گڏجاڻيون، احمد نواز کوسي ۽ عيسيٰ ميمڻ ٻن ٻن گڏجاڻين ۽ گلاب سومري، عارف کوسي، حاڪم مڱريي، احمد جتوئي، مظهر ابڙي، آزاد جروار، رجب سولنگي، انور ڏنگڙائي، ادل سولنگي ۽ نظر محمد سومري هڪ هڪ گڏجاڻيءَ جي صدارت ڪئي. سنگت جي گڏجاڻين جي ڪاروائي جن دوستن هلائي انهن ۾ 17 گڏجاڻين جي عيسيٰ ميمڻ، 2 گڏجاڻين جي احمد نواز کوسي، غفور زهراڻي ۽ ڪامران سومري هڪ هڪ گڏجاڻي جي ڪاروائي هلائي.
     هن سال ڪامران سومري ۽ آزاد جروار کي پڪي ميمبرشپ ڏني وئي ۽ جي ايم سيد جويي ۽ منير ”ايس“ سومري کي ايندڙ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي اجلاس تائين ڪچي ميمبرشپ پڻ ڏني وئي.

    مڃتا سَنَدَ 2003ع:


     سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ پاران مختلف شخصيتن کي مختلف شعبن ۾ ڪيل خدمتن عيوض ”مڃتا سَندَ 2003ع“ 25 ڊسمبر 2003ع تي سنڌ سنگت جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري محترم رياضت ٻرڙي جي هٿان ڏني وئي. ان جو تفصيل هن ريت آهي.
    نمبر نالو شعبو
    01 لُطف پيرزادو لطيفيات
    02 عزيز منگي ادب
    03 ديدار سولنگي تحقيق
    04 نظر محمد ڪنڀر تعليم
    05 نثار کوکر صحافت
    06 منور ابڙو مصوري
    07 ڇٽل زهراڻي لوڪ ادب
    08 عطا محمد ڀان سماجيات
    09 اصغر مڱڻهار موسيقي
    10 انور ڏنگڙائي لِسانيات

    تعزيتي ٺهراءَ ۽ قراردادون:
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري پاران سال 2003ع ۾ جيڪي تعزيتي ٺهراءَ ۽ قراردادون مختلف پروگرامن ۽ گڏجاڻين ۾ پيش ڪيون ويون. انهن جو تفصيل ڏجي ٿو.
    o دنيا جي عظيم تهذيب موهن جي دڙي مان چوري ٿيل مُهرن واپس ڪرايون وڃن.
    o گريٽر ٿل ڪئنال سميت سمورا ڊيم سنڌ لاءِ ڊيٿ وارنٽ برابر آهن، انهن جون رٿائون رد ڪرائي سنڌ کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.
    o سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين غيرسنڌيءَ جي مقرري سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ هاڃيڪار آهي. جنهن کي هٽائي سنڌي اديبن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.
    o سنڌ جي انقلابي شاعر ابراهيم منشي، صحافي اميربخش بروهي، ليکڪ ڊاڪٽر علي احمد رند، سنگت ڏوڪريءَ جي اڳوڻي سيڪريٽري خير محمد چنه، مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر شمس سومري، صحافي محمد ادريس سومري جي وفات تي سنگت طرفان گهري ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪندي، سندن پونيئرن سان تعزيت ڪئي آهي.


    سنگت شاخ ڏوڪري جا هن وقت ڪُل 20 ميمبر آهن.
    جن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
    عيسيٰ ميمڻ علي بخش پٺاڻ
    غفور زهراڻي گلاب سومرو
    انور ڏنگڙائي حمز علي سوهو
    ادل سولنگي ديدار سولنگي
    آزاد جروار ڪامران سومرو
    شهمير سومرو احمد کوسو
    اسد ٻگهيو امام بخش ٻُٽُ
    ارشد ”نواب“ ميراڻي طارق ”امر“ آريجو
    ڪامريڊ رجب سولنگي قاضي راشد
    راحيل قاضي احمد جتوئي

    ڪچا ميمبر:
    جيئم سيد جويو منير ”ايس“ سومرو
    آخر ۾ سنگت جي سمورن ميمبرن، همدرن جا ٿورا، جن جي سهڪار ۽ ساٿ سان سنڌي ادبي سنگت ڏوڪريءَ جو هي قافلو پنهنجي سفر تي ڪاميابيءَ سان گامزن آهي.



    (نوٽ: هيءَ ڪارڪردگي رپورٽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جي 04 جنوري 2004 تي جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ پيش ڪئي وئي. جيڪا اڪثريتي راءِ سان منظور ڪئي وئي).


    سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻو ڪارڪردگي رپورٽ سال 14-2013ع

    سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻو

    ڪارڪردگي رپورٽ
    سال 14-2013ع

    28- اپريل 2013ع کان 20-اپريل 2014ع تائين.

    عهديدار:
    سيڪريٽري: عيسى ميمڻ
    جوائنٽ سيڪريٽري: استاد گل دايو
    خزانچي : روشن ٽوٽاڻي
    آڊيٽر: عزيز منگي
    ڪائونسلر: احمد علي صابر چانڊيو


    (نوٽ: هي رپورٽ سنگت جي سيڪريٽري عيسى ميمڻ جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ 20-اپريل 2014ع تي پيش ڪئي.)

    مانوارا ساٿيو!
    جيئي سنڌ!
    سنڌي ادبي سنگت، سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌ ويجهه لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. سنگت لاڙڪاڻو شاخ 1956ع کان ان سفر ۾ همسفر ۽ هم رڪاب رهي آهي. جنھن ڪيترائي لاها چاڙها ڏٺا آهن، سنگت جو سفر ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن وڌ پر مسلسل جاري رهيو آهي جيڪو عمل سماج ۾ صحتمند لاڙن جي نشاندهي ڪري ٿو. سنگت لاڙڪاڻي جي هن سفر ۾ سال 14-2013ع ۾ ساڃاهه وند ساٿين اسان تي اعتماد ڪندي، سنگت جون واڳون اسان جي حوالي ڪيون. ان ڏس ۾ 28-اپريل 2013ع تي سنگت جي سالياني جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ هيٺيان دوست متفقه راءِ سان چونڊجي آياسين:
    سيڪريٽري: عيسى ميمڻ
    جوائنٽ سيڪريٽري: استاد گل دايو
    خزانچي: روشن ٽوٽاڻي
    آڊيٽر: عزيز منگي
    ڪائونسلر : احمد علي ”صابر“ چانڊيو
    جڏهن ته ڪاروباري ڪاميٽي تي، عادل عباسي، نثار شاهين، قدير شيخ، ناطق ڳيريلائي ۽ بقا الله بوزدار شامل آهن.
    سال 14-2013ع ۾ اسان سنگت کي سرگرم ڪرڻ لاءِ ڪھڙو ڪردار ادا ڪري سگهيا آهيون. ان جو اوهان پاڻ ئي بھتر فيصلو ڪري سگهو ٿا، ڇاڪاڻ ته اوهان ئي بھترين منصف آهيو. هن اجلاس ۾ صرف اوهان جي اڳيان ان ڪارڪردگي کي آئيني طور تي پيش ڪريون ٿا. اسان کي اميد آهي ته تاريخ ڪنھن جو پورهيو ضايع ناهي ڪندي، يقيناً اسان جو هي پورهيو به ضايع نه ٿيندو.


    سنگت لاڙڪاڻي پاران ڪرايل پروگرامن جو وچور

    1. ليڪچر پروگرام:
    سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي پاران 5-جولاءِ 2013ع جمع ڏينھن لاڙڪاڻي پريس ڪلب ۾ ناليواري دانشور ۽ ماهر نفسيات ڊاڪٽر عنايت مگسيءَ جو ليڪچر ”سماج، مذهبي انتھاپسندي ۽ اسان جون ذميواريون“ عنوان تي ٿي گذريو، جنھن ۾ سنگت لاڙڪاڻي جي رابطا سيڪريٽري جيئل اوڏ پڻ خطاب ڪيو. آجياڻو سنگت جي آڊيٽر عزيز منگيءَ ڏنو ۽ ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽري عيسى ميمڻ هلائي. پروگرام ۾ جملي 83- ماڻهن جي شرڪت رهي.

    2. تعزيتي ميڙاڪو:
    سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي پاران سنڌ ۽ هند جي ناليواري شاعره ۽ ليکڪه سندري اتمچنداڻيءَ جي دهانت تي 14- جولاءِ 2013ع آچر ڏينھن ايشيا کنڊ جي ڏاهي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي صدارت ۾ تعزيتي ميڙاڪو ٿي گذريو. آجياڻو سنگت جي جوائنٽ سيڪريٽري استاد گل دائي ڏنو. جڏهن ته ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽري عيسى ميمڻ هلائي. پروگرام ۾ اديبن، شاعرن، ليکڪن جي ڀرپور شرڪت رهي.

    3. سالگره تقريب، مشاعرو ۽ محفل موسيقي:
    سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي پاران سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ احمد علي ”صابر“ چانڊيي جي 60هين سالگره 14- جولاءِ 2013ع آچر ڏينھن شھباز ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ ملھائي وئي، جنھن جو مھمان خاص احمد علي صابر چانڊيو، اعزازي مھمانن ۾ عبدالستار عبد مگسي، ڀائو در محمد ٻرڙو، اعجاز علي چانڊيو ۽ ناياب سرڪش سنڌي جن هئا. آجياڻو سنگت جي سيڪريٽري عيسى ميمڻ ڏنو. ڪاروائي سنگت جي جوائنٽ سيڪريٽري استاد گل دائي هلائي. جڏهن ته مشاعري تقريب ۾ سنڌي جي ناليوارن شاعرن پنھنجون نڪور تخليقون پيش ڪيون ۽ آخر ۾ محفل موسيقيءَ جو پروگرام پڻ ٿيو. پروگرام ۾ جملي 70- ماڻهن جي شرڪت رهي.

    4. ”رهاڻ“ پروگرام:
    سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي پاران 18- آگسٽ 2013ع آچر ڏينھن نظاماڻي ليبر هال لاڙڪاڻي ۾ سنڌ جي ڪھنه مشق شاعر ناطق ڳيريلائي ۽ برجستي ڪھاڻيڪار ادا قاضيءَ سان ”رهاڻ“ رچائي ويئي، جنھن ۾ ناطق ڳيريلائي ۽ ادا قاضيءَ جي شخصيت، فن ۽ فڪر تي ڪيترن ئي شاعرن، اديبن روشني وڌي. ڪاروائي سنگت جي جوائنٽ سيڪريٽري استاد گل دائي هلائي ۽ آجياڻو سنگت جي سيڪريٽري عيسى ميمڻ ڏنو. پروگرام ۾ جملي 76- ماڻهن جي شرڪت رهي.

    ٽي ڪتاب - ٽي نقاد، مهورتي تقريب:


    سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي پاران 12- جنوري 2014ع آچر ڏينھن نظاماڻي ليبر هال لاڙڪاڻي ۾ ”ٽي ڪتاب- ٽي نقاد ۽ مھورتي تقريب“ ٿي گذري. جنھن ۾ عيسى ميمڻ جي ڪتاب ”سياست، تاريخ ۽ ڪردار“ تي ننگر چنا، ڪامل امداد جتوئيءَ جي ڪتاب ”سانڍي ڇڏ ساهه ۾“ تي ناياب سرڪش سنڌي ۽ سرتاج جاگيراڻيءَ جي ڪتاب ”هجوم درد جو“ تي ممتاز لوهار تنقيدي مقالا پيش ڪيا. پروگرام جي صدارت سنڌ جي نامياري شاعر ۽ نقاد سرمد چانڊئي ڪئي. ڪاروائي سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽي جي ميمبر قدير شيخ ۽ آجياڻو سنگت جي آڊيٽر عزيز منگيءَ ڏنو. پروگرام ۾ جملي 96- ماڻهن جي شرڪت رهي.

    مرڪز پاران سنگت لاڙڪاڻي کي بهترين ڪارڪردگي تي مليل ”مڃتا سَنَدَ“.
    سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي لاءِ سڀ کان وڏو ايوارڊ ۽ اعزاز سال 14-2013ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ مرڪز پاران بھترين ڪارڪردگي جي عيوض ”مڃتا سَنَد 2013ع“ حيدرآباد ۾ سنڌي لئنگويج اٿارٽي ۾ رٿيل ايوارڊ تقريب ۾ ڏني ويئي. هيءَ سَنَد سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي هٿان سنگت لاڙڪاڻي جي سيڪريٽري عيسى ميمڻ کي ڏني ويئي، جڏهن ته سنگت لاڙڪاڻي جي بھترين سرگرمين تي سنڌ جي مڙني شاخن جي اڳواڻن سنگت لاڙڪاڻي جي مانَ ۾ ڪيترو ئي وقت تاڙيون وڄايون. هن پروگرام جي صدارت ناليواري محقق عطا محمد ڀنڀري ڪئي.

     سنگت جي سٿَ ۾ شامل ٿيل نوان ميمبر:
    سال 14-2013ع ۾ سنگت لاڙڪاڻي جي سٿَ ۾ جيڪي شاعر ۽ اديب شامل ٿيا، انھن ۾:
    1. ناياب سرڪش سنڌي (شاعره، اديبه)
    2. محمود اياز شيخ (شاعر)
    3. شھمير سومرو (شاعر)
    4. عزيز قاسماڻي (ڪھاڻيڪار ۽ شاعر)
    5. حمز علي سوهو (نقاد)
    جڏهن ته منور علي منور ڪيھر ۽ احمد نواز کوسي کي ايندڙ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ ميمبرشپ ڏني ويندي. ڇاڪاڻ ته انھن جون آئيني گهرجون مڪمل ٿيل آهن.

    سوشل ۽ پرنٽي توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي سرگرميون:
    28- اپريل 2014ع تي جيئن ئي سنگت جي نئين باڊي چونڊجي آئي ته فيس بوڪ تي سنگت جو اڪائونٽ ٺاهي، سنگت جون سرگرميون آن لائين ڪيوسين، اڄ فيس بوڪ تي سنگت جي اڪائونٽ تي هزار کان وڌيڪ ميمبر آهن. جيڪي سنگت جي سرگرمين کان وقت به وقت باخبر رهن ٿا. هزارن جي تعداد ۾ لائيڪس ۽ ڪمينٽس سنگت جي بھتر ڪارڪردگيءَ جي علامت آهن. ان کان سواءِ سڄي سال ۾ سنگت جون سرگرميون اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽي ميڊيا تي شاندار نموني هليون.

    دستوري گڏجاڻيون:
    19 مئي 2013ع آچر ڏينھن: سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جي دستوري گڏجاڻي اسد شاپنگ سينٽر ۾ عزيز منگيءَ جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنھن ۾ عادل عباسي ”غزل“، ڪامل امداد جتوئي ”غزل“، شھمير سومري ”غزل“ ۽ رياضت ٻرڙي گيت تنقيد لاءِ پيش ڪيو. جڏهن ته منتظر سومري، استاد گل دائي، قدير شيخ، بقاءُ الله بوزدار، احمد کوسي، صفدر لغاري، رئوف عباسي، مختيار جاگيراڻي، ستار هليي، قاسم ڪيھر ۽ حامد ڪلھوڙي شرڪت ڪئي. ڪاروائي عيسى ميمڻ هلائي.
    2- جون 2013ع آچر ڏينھن: سنگت جي دستوري گڏجاڻي قدير شيخ جي صدارت ۾ ٿي. جنھن ۾ عطاءُ الله انڙ مضمون، ڪامل امداد جتوئي ”غزل“، شھمير سومري ”غزل“ ۽ عادل عباسي ”غزل“ تنقيد لاءِ پيش ڪيا. گڏجاڻيءَ ۾ طارق ميتلي، رضا ٻرڙي، مختيار جاگيراڻي، بقاءُ الله بوزدار، ستار هليي، خاور قبولائي، رئوف عباسي ۽ قاسم ڪيھر شرڪت ڪئي. ڪاروائي عيسى ميمڻ هلائي.
    14- جون 2013ع آچر ڏينھن: سنگت جي دستوري گڏجاڻي عادل عباسيءَ جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنھن ۾ ڪامل امداد جتوئي ”وائي“، طارق ميتلي ”مضمون“، عطاءُ الله انڙ ”مضمون“، محمود اياز ”غزل“، احمد نواز کوسي ”غزل“ ۽ شھمير سومري ”غزل“ تنقيد لاءِ پيش ڪيو. گڏجاڻيءَ ۾ گل دائي، عادل عباسي، ناطق ڳيريلائي حمز علي سوهو، ناياب سرڪش سنڌي، ستار هليي، صدام عباسي، گوهر شيخ، خالد چانڊئي، احمد آزاد، عرفان ابڙي، ساجد نائچ، منير چانڊئي، مھراڻ ڌامراهي، قاسم ڪيھر، جيئل اوڏ، ڪريم بلوچ، خالد سيال ۽ نثار شاهين شرڪت ڪئي. ڪاروائي عيسى ميمڻ هلائي.
    30- جون 2013ع آچر ڏينھن: سنگت جي دستوري گڏجاڻي حمز علي سوهوءَ جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنھن ۾ رئوف عباسي ”آتم ڪٿا“، ڪامل امداد جتوئي ”غزل“، عطاءُ الله انڙ ”مضمون“، شھمير سومري ”غزل“، احمد ”آزاد نظم“، قادر جاگيراڻيءَ ”غزل“، محمود اياز ”غزل“ تنقيد لاءِ پيش ڪيو. گڏجاڻي ۾ قدير شيخ صفدر لغاري، ناطق ڳيريلائي، عادل عباسي، طارق ميتلي، عزيز منگي، قاسم ڪيھر، منور علي ”منور“ ڪيھر ۽ عيسى ميمڻ شرڪت ڪئي. ڪاروائي استاد گل دائي هلائي.
    28- جولاءِ 2013ع آچر ڏينھن: سنگت جي دستوري گڏجاڻي ناياب سرڪش سنڌيءَ جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنھن ۾ ڪامل امداد جتوئي ”غزل“، عطاءُ الله انڙ ”مضمون“، مصور حسين ”وائي“، نثار شاهين ”غزل“، سجاد منگي ”مضمون“ تنقيد لاءِ پيش ڪيو. جڏهن ته ناطق ڳيريلائي، محمد رمضان لاڙ، ڊاڪٽر نظير سومري، فقير محمد سنڌي، حمز علي سوهو، منور علي منور ڪيھر، رئوف عباسي، عزيز منگي، عزيز قاسماڻي، شھمير سومري، احمد علي صابر چانڊئي، عادل عباسي، مختيار جاگيراڻي، بقاءُ الله بوزدار، عرفان ابڙي، محمود اياز شيخ، ستار هليي، نثار شيخ ۽ گوهر شيخ شرڪت ڪئي. عيسى ميمڻ ڪاروائي هلائي.
    8- سيپٽمبر 2013ع آچر ڏينھن: سنگت جي دستوري گڏجاڻي حمز علي سوهوءَ جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنھن ۾ محمود اياز ”غزل“، ڪامل امداد جتوئي ”غزل“ ۽ عطاءُ الله انڙ ”مضمون“ تنقيد لاءِ پيش ڪيو. جنھن تي لطيف راشد مورائي، ارشاد ابڙي، انور علي ابڙي، منير ترڪ، حمز علي سوهو، ناياب سرڪش سنڌي، رئوف عباسي، حميد الله عباسي، قدير شيخ، اختيار ٻٻر، عزيز منگي، رضا ٻرڙو، صفدر لغاري، عادل عباسي، سعيد ميمڻ، عزيز قاسماڻي، ستار هليي ۽ مصطفى انڙ شرڪت ڪئي. ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽري عيسى ميمڻ هلائي.
    22- سيپٽمبر 2013ع آچر ڏينھن: سنگت جي دستوري گڏجاڻي قدير شيخ جي صدارت ۾ ٿي، جنھن ۾ ڪامل امداد جتوئي ”غزل“، عطاءُ الله انڙ ”مضمون“، ناياب سرڪش سنڌي ”غزل“، حميد الله عباسي ”مضمون“، رئوف عباسي ”تاثر“، حيدر جوئي ”ڪھاڻي“، عادل عباسي ”غزل“، شھمير سومري ”غزل“ ۽ محمود اياز ”غزل“ تنقيد لاءِ پيش ڪيو. جڏهن ته حمز علي سوهو، ستار هليي، لطيف اياز سيال، لطيف راشد مورائي، نظر پنھور، ناطق ڳيريلائي، احمد علي صابر چانڊيو، صفدر لغاري، مختيار جاگيراڻي، منير چانڊئي ۽ نثار شاهين شرڪت ڪئي.
    6- آڪٽوبر 2013ع آچر ڏينھن: سنگت جي دستوري گڏجاڻي حافظ سڪندر علي تونئي جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنھن ۾ مصطفى انڙ ”نظم“، محمود اياز ”غزل“، مصور حسين ”وائي“، احمد آزاد ”نثري نظم“، عطاءُ الله انڙ ”مضمون“، حيدر جوئي ”نظم“، منور علي منور ڪيھر ”غزل“، تنقيد لاءِ پيش ڪيو. جڏهن ته حمز علي سوهو، حميد الله عباسي، عادل عباسي، قدير شيخ، عزيز منگي، عزيز قاسماڻي، لطيف اياز سيال، محمد ابراهيم ٻٻر، شھمير سومري، ڊاڪٽر غلام رسول ابڙي ۽ سيد شفقت علي شاهه شرڪت ڪئي. ڪاروائي سنگت جي سيڪريٽري عيسى ميمڻ هلائي.
    20- آڪٽوبر 2013ع آچر ڏينھن: سنگت جي دستوري گڏجاڻي حبدار سولنگيءَ جي صدارت ۾ ٿي، جنھن ۾ منور ڪيھر ”نثري نظم“، سجاد منگي ”مضمون“، شھمير سومري ”غزل“، عطاءُ الله انڙ مضمون ۽ محمود اياز ”غزل“ تنقيد لاءِ پيش ڪيو. جڏهن ته لطيف راشد مورائي، جيئل اوڏ، بقا الله بوزدار عزيز منگي، شھزادو لانگاهه ۽ عزيز قاسماڻيءَ شرڪت ڪئي. ڪاروائي عيسى ميمڻ هلائي.
    10- نومبر 2013ع آچر ڏينھن: سنگت جي دستوري گڏجاڻي حمز علي سوهوءَ جي صدارت ۾ ٿي، جنھن م محمود اياز شيخ غزل، منور علي ڪيھر ”غزل“، ڪامل امداد جتوئي ”مرثيو“، ناياب سرڪش سنڌي ”غزل“، احمد آزاد ”نظم“، احمد کوسي ”مضمون“، شھمير سومري ”غزل“ ۽ نثار شاهين ”وائي“ تنقيد لاءِ پيش ڪئي. جڏهن ته قدير شيخ، ناطق ڳيريلائي، ستار هليي، رئوف عباسي، بقاءُ الله بوزدار، عزيز قاسماڻي ۽ عزيز منگيءَ شرڪت ڪئي. ڪاروائي عيسى ميمڻ هلائي.
    24- نومبر 2013ع آچر: سنگت جي دستوري گڏجاڻي حمز علي سوهوءَ جي صدارت ۾ ٿي. جنھن ۾ منور علي ”منور“ ڪيھر ”گيت“، شھمير سومري ”غزل“، عطاءُ الله انڙ ”مضمون“، ڪامل امداد جتوئي ”غزل“ ۽ توفيق الزمان ميمڻ ”غزل“ تنقيد لاءِ پيش ڪيو. جڏهن ته ناطق ڳيريلائي لطيف راشد مورائي ۽ عزيز قاسماڻيءَ شرڪت ڪئي. ڪاروائي عيسى ميمڻ هلائي.
    15- ڊسمبر 2013ع آچر ڏينھن: سنگت جي دستوري گڏجاڻي اخلاق انصاريءَ جي صدارت ۾ ٿي گذري. جنھن ۾ حميد الله عباسي ”مضمون“ تنقيد لاءِ پيش ڪيو، جڏهن ته عيسى ميمڻ، لطيف راشد مورائي، ناطق ڳيريلائي، منور علي منور ڪيھر، فرحان علي ٻٻر، محمود اياز شيخ، شھمير سومري، حمز علي سوهو، ياسر منگي، امر ابڙي، نثار شاهين، مختار جاگيراڻي، سڄڻ سنڌي، رياض حسين ميتلي، منير چانڊئي ۽ قاسم ڪيھر شرڪت ڪئي. ڪاروائي عزيز منگيءَ هلائي.
    26- جنوري 2014ع آچر ڏينھن: سنگت جي دستوري گڏجاڻي ناطق ڳيريلائيءَ جي صدارت ۾ ٿي، جنھن ۾ منور علي منور ڪيھر ”غزل“، محمود اياز ”غزل“، شھمير سومري “غزل“ ۽ ڪامل امداد جتوئي “غزل“ تنقيد لاءِ پيش ڪيو. جڏهن ته حمز علي سوهو، نثار شاهين ۽ عزيز قاسماڻيءَ شرڪت ڪئي. ڪاروائي عيسى ميمڻ هلائي.
    9-فيبروري 2014ع ڏينھن آچر: سنگت جي دستوري گڏجاڻي روشن ٽوٽاڻيءَ جي صدارت ۾ ٿي. منور علي ڪيھر ”نظم“ ۽ شھمير سومري ”غزل“ تنقيد لاءِ پيش ڪيو. جڏهن ته نثار شاهين عزيز منگيءَ ۽ ٻين تنقيد ۾ حصو ورتو.
    25- فيبروري 2014ع آچر: سنگت جي دستوري گڏجاڻيءَ ۾ عيسى ميمڻ، عزيز منگي، رئوف عباسي، محمود اياز شيخ ۽ شھمير سومري شرڪت ڪئي پر ان ڏينھن استاد خالد چانڊيي جي ڪتاب جي مھورتي تقريب جي ڪري گڏجاڻي ملتوي ڪري. مھورتي تقريب ۾ شرڪت ڪئي سين.
    9- مارچ 2014ع آچر: سنگت جي دستوري گڏجاڻي محمد سچل منگيءَ جي صدارت ۾ ٿي. جنھن ۾ محمود اياز شيخ ”غزل“، منور علي منور ڪيھر ”نظم“، رئوف عباسي ”تاثر“، ۽ شھمير سومري ”غزل“ تنقيد لاءِ پيش ڪيو. جڏهن ته حافظ سڪندر علي تونئي، اياز لطيف سيال، اظھار احمد ٻرڙي، ناطق ڳيريلائي، وهاب جروار، عزيز قاسماڻي، نثار شاهين ۽ عزيز منگي شرڪت ڪئي. ڪاروائي عيسى ميمڻ هلائي.

    ڪاروباري ڪاميٽيءَ جا اجلاس:
    3- مئي 2013ع جمع ڏينھن: سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جي پاليسي ساز اداري ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو پھريون اجلاس بقاءُ الله بوزدار جي صدارت ۾ ٿي گذريو. جنھن ۾ روشن ٽوٽاڻي، قدير شيخ، استاد گل دائي، احمد علي ”صابر“، عادل عباسي، نثار شاهين ۽ عزيز منگي شرڪت ڪئي. ڪاروائي عيسى ميمڻ هلائي. اجلاس ۾ سنگت کي سرگرم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي فيصلا ڪيا ويا.
    21-جولاءِ 2013ع آچر: سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس نثار شاهين جي صدارت ۾ ٿيو، جنھن ۾ استاد گل دائي، قدير شيخ، عادل عباسي، ناطق ڳيريلائي ۽ بقاءُ الله بوزدار شرڪت ڪئي. ڪاروائي عيسى ميمڻ هلائي. اجلاس ۾ گذريل ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺڻ سميت سنگت کي وڌيڪ سرگرم ڪرڻ لاءِ فيصلا ڪيا ويا.
    23- جولاءِ 2013ع اڱارو: سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس روشن ٽوٽاڻيءَ جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ عادل عباسي، نثار شاهين، بقاءُ الله بوزدار ۽ ناطق ڳيريلائي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنگت ۾ پيدا ٿيل بحران کي حل ڪرڻ لاءِ روشن ٽوٽاڻي، بقاءُ الله بوزدار ۽ عطاءُ الله انڙ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪاميٽي ٺاهي وئي.
    4- آگسٽ 2013ع آچر: سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس عادل عباسيءَ جي صدارت ۾ ٿيو، جنھن ۾ استاد گل دائي، روشن ٽوٽاڻي، ناطق ڳيريلائي، قدير شيخ، عزيز منگي، نثار شاهين ۽ بقاءُ الله بوزدار شرڪت ڪئي. عيسى ميمڻ ڪاروائي هلائي. اجلاس ۾ ناطق ڳيريلائي ۽ ادا قاضيءَ سان رهاڻ ۽ سنگت کي سرگرم ڪرڻ لاءِ مختلف فيصلا ڪيا ويا.
    17- آگسٽ 2013ع آچر: سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس عزيز منگيءَ جي صدارت ۾ ٿيو، جنھن ۾ نثار شاهين، ناطق ڳيريلائي، روشن ٽوٽاڻي، بقاءُ الله بوزدار ۽ عادل عباسي شرڪت ڪئي. ڪاروائي عيسى ميمڻ هلائي. اجلاس ۾ ناطق ڳيريلائي ۽ ادا قاضيءَ سان رهاڻ پروگرام جي سرگرمين جو جائزو وٺي، ان کي حتمي شڪل ڏني ويئي.
    4- آڪٽوبر 2013ع جمع ڏينھن: سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس استاد گل دائي جي صدارت ۾ ٿيو. جنھن ۾ بقاءُ الله بوزدار، قدير شيخ، روشن ٽوٽاڻي، ناطق ڳيريلائي، عزيز منگي ۽ عادل عباسيءَ شرڪت ڪئي. ڪاروائي عيسى ميمڻ هلائي. اجلاس ۾ مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي فيصلن جي آگاهي، نوان پروگرام ڪرائڻ ۽ دستوري گڏجاڻين جو جائزو ورتو ويو.
    28 ڊسمبر 2013ع آچر: سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس عزيز منگيءَ جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ قدير شيخ، عادل عباسي، بقاءُ الله بوزدار، گل دائي، نثار شاهين، ناطق ڳيريلائي شرڪت ڪئي. ڪاروائي عيسى ميمڻ هلائي. جڏهن ته ليڪچر پروگرام ڪرائڻ، سنگت جي دستوري گڏجاڻين جو شيڊول جاري ڪرڻ ۽ ڪتابن جي مھورت ڪرائڻ جي حوالي سان فيصلا ڪيا ويا.
    16- آڪٽوبر 2013ع سومر: سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس ”عيد مشاعرو“ ڪرائڻ لاءِ رکيل هو پر ڪورم پوري نه ٿيڻ سبب نه ٿي سگهيو. جڏهن ته اجلاس ۾ صرف عيسى ميمڻ ۽ عزيز منگي شريڪ رهيا.
    10- جنوري 2014ع آچر: سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس بقاءُ الله بوزدار جي صدارت ۾ ٿي گذريو. جنھن ۾ عيسى ميمڻ، استاد گل دائي، روشن ٽوٽاڻي، عزيز منگي، ناطق ڳيريلائي ۽ عادل عباسي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 12- جنوري 2014ع تي ٽن ڪتابن جي گڏيل مھورتي تقريب کي حتمي شڪل ڏني ويئي.
    28- مارچ 2014ع جمع ڏينھن: سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس رکيل هو، جنھن ۾ عيسى ميمڻ، عادل عباسي ۽ استاد گل دائي شرڪت ڪئي پر ڪورم پوري نه هجڻ سبب گڏجاڻي ايندڙ جمعي تائين ملتوي ڪئي وئي.
    4- اپريل 2014ع جمع ڏينھن: سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس عادل عباسيءَ جي صدارت ۾ ٿي گذريو. جنھن ۾ بقاءُ الله بوزدار، قدير شيخ، عزيز منگي ۽ عيسى ميمڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 20- اپريل 2014ع تي چونڊون ڪرائڻ لاءِ چونڊ ڪاميٽي تشڪيل ڏني ويئي.

    جنرل ڪائونسل جا اجلاس:
    1- 31 مئي 2013ع جمع ڏينھن: سنگت جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس ڪامل امداد جتوئيءَ جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ سعيد ميمڻ، عادل عباسي، رئوف عباسي، عبدالقادر جاگيراڻي، ڊاڪٽر سريش ڪمار، نثار شاهين ۽ روشن ٽوٽاڻيءَ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنگت جي ميمبر نثار شاهين تي داخل ٿيل ڪوڙي ايف.آءِ.آر جي ڏس ۾ سھائتا لاءِ غور ويچار ڪيو ويو. ڪاروائي عيسى ميمڻ هلائي.
    2- 13- آڪٽوبر 2013ع آچر: سنگت جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس ڪورم پورو نه ٿيڻ سبب نه ٿي سگهيو. جڏهن ته عيسى ميمڻ، بقاءُ الله بوزدار، عطاءُ الله انڙ، روشن ٽوٽاڻي، شھمير سومرو، نثار شاهين، عزيز منگي ۽ يامين بلوچ شريڪ رهيا. ياد رهي ته اجلاس مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي فيصلي مطابق آئين ۾ ترميمن ۽ تجويزن لاءِ رکيو ويو هو.

    ٻولي ڪاميٽيءَ جون سرگرميون:
    3- مئي 2013ع جمع ڏينهن:
    سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي پاران لاڙڪاڻي جي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ تي بندش خلاف جدوجھد ڪرڻ لاءِ 4- رڪني ڪاميٽي تشڪيل ڏني ويئي، جنھن ۾:
    1- عيسى ميمڻ 2- عادل عباسي
    3- قدير شيخ 4- عزيز منگي شامل هئا.

    23- مئي 2013ع:
    ٻولي ڪاميٽيءَ جو اجلاس عادل عباسيءَ جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ قدير شيخ، عزيز منگي ۽ عيسى ميمڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ، ۽ لاڙڪاڻي جي خانگي اسڪولن ۾ ٻوليءَ تي بندش خلاف صحيح مھم هلائڻ ۽ عام ماڻهن کي ٻوليءَ سان وفاداريءَ لاءِ سنڌي ٻوليءَ سان وچن نالي پمفليٽ شايع ڪرائڻ لاءِ فيصلو ڪيو ويو.
    6- جون 2013ع: ٻولي ڪاميٽيءَ جو اجلاس قدير شيخ جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ عادل عباسي، عزيز منگي ۽ عيسى ميمڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صحيح مھم لاءِ مواد ۽ ”سنڌي ٻوليءَ سان وچن“ نالي پرچي جي مواد کي حتمي شڪل ڏني ويئي.
    4- آگسٽ 2013ع:
    سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ ٻولي ڪاميٽي تان عادل عباسي جي دستبردار ٿيڻ کانپوءِ ٻولي ڪاميٽيءَ کي نئين سر تشڪيل ڪيو ويو. جنھن ۾ عيسى ميمڻ ، عزيز منگي، استاد گل دايو ۽ عطاءُ الله انڙ شامل هئا. جڏهن ته بقاءُ الله بوزدار ۽ نثار شاهين سھڪاري ميمبر طور تي کنيا ويا.
    7- فيبروري 2014ع:
    ٻولي ڪاميٽيءَ جو اجلاس عطاءُ الله انڙ جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ عزيز منگي، نثار شاهين، عيسى ميمڻ ۽ روشن ٽوٽاڻيءَ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 14- فيبروري 2014ع محبت جي عالمي ڏينھن تي سنڌي ٻوليءَ سان محبت جي ڏينھن طور تي ملھائڻ لاءِ ريلي ڪڍڻ ۽ هينڊ بل ڇپائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

    8- کان 12 فيبروري 2014ع:
    ٻولي ڪاميٽيءَ پاران عام ماڻهن جي سجاڳيءَ لاءِ ”سنڌي ٻولي جو وچن“ نالي پرچو ۽ صحيح مھم لاءِ 1500 پرچا شايع ڪرايا ويا، جيڪي لاڙڪاڻي جي عام ماڻهن، دڪاندارن، ٽرانسپورٽ توڙي اسڪولن ۾ ورهايا ويا. جنھن لاءِ سنگت جي سيڪريٽري عيسى ميمڻ، استاد گل دايو ۽ عزيز منگيءَ سڄو هفتو عوامي رابطا مھم هلائي.

    13- فيبروري 2014ع:
    ٻولي ڪاميٽيءَ جو اجلاس بقاءُ الله بوزدار جي صدارت ۾ ٿي گذريو. جنھن ۾ عيسى ميمڻ، عزيز منگي، عطاءُ الله انڙ ۽ نثار شاهين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 14- فيبروري 2014ع تي ٿيندڙ احتجاج جو جائزو وٺي لائحه عمل جوڙيو ويو.
    14- فيبروري 2014ع:
    ٻولي ڪاميٽيءَ پاران محبت جي عالمي ڏينھن تي ”لاڙڪاڻي جي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي لازمي پڙهايو“ جي نالي سان لاڙڪاڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي، جنھن ۾ سنگت جي سيڪريٽري عيسى ميمڻ، استاد گل دائي، عطاءُ الله انڙ، ادل سولنگي، ڪوڙل قربدار، بقاءُ الله بوزدار، مصور حسين، ايم.بي ابڙو، نثار شاهين، عزيز منگي، عزيز قاسماڻي، ڊاڪٽر سريش هوتچنداڻي، منور علي منور ڪيھر، پنھل قادري، عزيز بروهي، مختيار جاگيراڻي، رضوان گل، احسان دانش، شھمير سومري، فقير محمد سنڌي، توفيق ميمڻ،حفيظ زخمي چانڊيو، ستار هليو، حميد الله عباسي، عبدالقادر جاگيراڻي، احمد علي تونئي، بشير احمد سومري، احمد خان بروهي، احمد کوسي، مظفر منگي، حفيظ انصاري ۽ سڪندر علي ابڙي سميت ڪيترن ئي شرڪت ڪئي.

    عهديدارن جا اجلاس
    7- جون 2013ع جمع ڏينهن:
    سنگت جي عھديدارن جو اجلاسُ استاد گل دائي جي صدارت ۾ ٿي گذريو. جنھن ۾ احمد علي صابر چانڊيو، روشن ٽوٽاڻي، عزيز منگي شرڪت ڪئي. ڪاروائي عيسى ميمڻ هلائي. اجلاس ۾ سنگت جي ماليات کي بھتر ڪرڻ، پروگرام ڪرائڻ سميت ڪيترائي فيصلا ڪيا ويا.
    22- جولاءِ 2013ع سومر:
    سنگت جي عھديدارن جو اجلاس استاد گل دائي جي صدارت ۾ ٿي گذريو. جنھن ۾ عيسى ميمڻ، عزيز منگي، روشن ٽوٽاڻي ۽ احمد علي صابر چانڊئي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنگت جي ڪمن ۾ غير ضروري مداخلت ۽ ٻين سببن جي ڪري سنگت جي سيڪريٽري عيسى ميمڻ، جوائنٽ سيڪريٽري استاد گل دائي، آڊيٽر عزيز منگي ۽ ڪائونسلر احمد علي ”صابر“ پنھنجن عھدن تان استعفى ڏئي ڇڏي.
    26- جولاءِ 2013ع جمع:
    سنگت جي عھديدارن جو اجلاس ٿيو، جنھن ۾ عيسى ميمڻ، استاد گل دائي، احمد علي صابر ۽ عزيز منگيءَ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۽ عھديدارن جي وچ ۾ پيدا ٿيل بحران کي حل ڪرڻ لاءِ جوڙيل ڪاميٽي کي مان ڏيندي استعفائون واپس ورتيون ويون.

    سعيد ميمڻ جي علاج لاءِ ورتل ڪوششون
    15- ڊسمبر 2013ع آچر ڏينهن:
    سنگت لاڙڪاڻي جي سينئر ميمبر ۽ ڀلوڙ شاعر سعيد ميمڻ جي علاج جي ڏس ۾ سنگت جي دستوري گڏجاڻيءَ کي جنرل اجلاس ۾ تبديل ڪيو ويو. جنھن جي صدارت ناليواري ڪھاڻيڪار اخلاق انصاريءَ ڪئي. اجلاس ۾ سعيد ميمڻ جي مالي توڙي علاج جي سھائتا لاءِ 5- رڪني ڪاميٽي عيسى ميمڻ، اخلاق انصاري، قدير شيخ، مختيار جاگيراڻي ۽ عزيز منگيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ جوڙي ويئي، جن کي هنگامي بنيادن تي فنڊ گڏ ڪرڻ ۽ علاج لاءِ ڪوششون وٺڻ جون ذميواريون ڏنيون ويون.
    16- ڊسمبر 2013ع سومر ڏينهن:
    نامياري شاعر سعيد ميمڻ جي بيماريءَ سبب تشويشناڪ حالت ٿيڻ تي قائم ڪيل ڪاميٽيءَ جو اجلاس مختيار جاگيراڻيءَ جي صدارت ۾ ٿيو، جنھن ۾ عيسى ميمڻ، عزيز منگي ۽ اخلاق انصاريءَ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 20- ڊسمبر 2013ع تي لاڙڪاڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪرڻ، اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا سان رابطو ڪري گهڻگهرن کي علاج جي ڏس ۾ مدد ڪرڻ لاءِ فيصلا ڪيا ويا.
    20- ڊسمبر 2013ع جمع ڏينهن:
    سعيد ميمڻ جي علاج جي ڏس ۾ لاڙڪاڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج لاءِ گڏ ٿياسين پر ثقافت کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل واسطيدارن جي رابطي ڪرڻ کان پوءِ احتجاج ملتوي ڪري جنرل اجلاس ڪيو ويو. جنھن جي صدارت نثار شاهين ڪئي. جڏهن ته عيسى ميمڻ، اخلاق انصاري، حفيظ منگي، عزيز منگي، مختيار جاگيراڻي، سيد عابد حسين شاهه، رئوف عباسي، رضوان گل، مھراڻ ڌامراهو، روشن ٽوٽاڻي، بشير نوناري، منور علي منور، قدير شيخ، خالد چانڊئي، بقاءُ الله بوزدار، فقير محمد سنڌي، استاد گل دائي ۽ عزيز قاسماڻي شرڪت ڪئي.

    نثار شاهين تي اغوا جي ڪوڙي F.I.R ۽ سنگت جون ڪوششون
    30- مئي 2013ع:
    سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري نثار شاهين تي اغوا جي ڪوڙي ايف.آءِ.آر باقراڻي ٿاڻي تي ڪٽرائي ويئي، جنھن جو اطلاع نثار شاهين بروقت جيئن ئي ڏنو، ان عمل خلاف ترت ۾ ميڊيا وارن سان رابطو ڪري عمل جي مذمت ڪئي سين ۽ 31- مئي 2013ع تي هنگامي بنيادن تي سنگت جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس سڏائي، ان عمل خلاف لائحه عمل جوڙيوسين. 3-رُڪني ڪاميٽي عيسى ميمڻ، عادل عباسي ۽ عبدالقادر جاگيراڻيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ايس.پي صاحب سان ملاقات ڪري معاملي کان آگاهه ڪيوسين. جنھن انصاف جي خاطري ڪرائي. ان ڏينھن ئي سنگت پاران اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا تي موقف جاري ڪيو ويو. سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل پڻ نثار شاهين تي ايف.آءِ.آر جي مذمت ڪندي پنھنجو بيان جاري ڪيو. جڏهن ته ڊي آءِ جي ثناءُ الله عباسي کي قومي دانشور عبدالواحد آريسر ۽ ڊاڪٽر مير عالم مري خصوصي فون ڪري، نثار شاهين سان انصاف لاءِ چيو. انھن سڀني ڪوشش جي نتيجي ۾ نثار شاهين مٿان ڪاٽيل ڪوڙي ايف آءِ آر خارج ٿي.

    حميد الله عباسي سان ٿيل مسئلي جي حل لاءِ ڪوششون
    نومبر ۾ سنگت جي سرگرم ساٿي حميد الله عباسي تي ٽي.ايم.او لاڙڪاڻي پاران مليل ڌمڪين ۽ حملن جو نوٽيس وٺندي، سنگت جو اجلاس سڏايو ويو، جنھن ۾ حميد الله عباسيءَ جي حق ۾ سنگت پاران اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا تي بيان جاري ڪياسين. جڏهن ته سنگت جي سيڪريٽري عيسى ميمڻ ۽ ٽي.ايم.او جي وچ ۾ فون تي سخت جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي. ٽي.ايم.او پاران اسان کي سخت نتيجا ڀوڳڻ تائين گفتگو ٿي. سنگت جي ڪيل ڪوششن ۽ حميد الله پاران ورتل ڪوشش جي نتيجي ۾ مسئلو حل ٿي ويو.
    نوٽ: سنگت کي سال 14-2013ع ۾ مختلف سياسي، سماجي ۽ ادبي تنظيمن / شخصيتن پاران ڪل 96 دعوت ناما مليا جن ۾ 62 پروگرامن ۾ سنگت جي سيڪريٽري عيسى ميمڻ شرڪت ڪئي. جڏهن ته باقي عھديدارن جي شرڪت جو تعداد الڳ آهي.
    ٿورا: آخر ۾ خاص ٿورا استاد گل دائي ۽ عزيز منگيءَ سميت سنگت جي سمورن عھديدارن ۽ ميمبرن جا جن وک وک تي سنگت کي سرگرم ڪرڻ لاءِ ڀرپور سھڪار ڪيو.
    سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي پاران 2013 ۾ سنڌي ٻولي جو وچن جي عنوان سان هيٺيون هينڊ بل ڇپائي ورهايو ويو.اَلا ايئن مَ هوءِ جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
    ته هُـئـي سـنـڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي. (نارائڻ شيام)
    مانوارا ساٿيو!
    اوهين سڀ ڄاڻو ٿا ته سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي انيڪ خطرا ۽ مسئلا درپيش آهن. ”مِڙيا مڇَ هزار، ڀاڱا ٿيندي سھڻي.“ واري صورتحال ۾ اسان سڀني جو اهو قومي، اخلاقي ۽ تاريخي فرض آهي ته اسان سڀ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۽ بقا لاءِ پنھنجو پنھنجو ڪردار ادا ڪيون. ان ڏس ۾ اسان سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻو پاران سڀني سڄاڻ استادن، شاگردن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن، وڪيلن، اديبن، صحافين هارين، مزدورن، عورتن ۽ زندگيءَ جي مڙني شعبن سان واسطو رکندڙ ڌرين کي اپيل ٿا ڪريون ته اهي سڀ سنڌي ٻولي ۽ ادب سان محبت جي ثبوت طور هيٺ ڏنل وچن کي ورجائي قومي يڪجھتي ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿين.

    ** سنڌي ٻوليءَ جو وچن**
    اسان کي سنڌي هجڻ ناتي اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته اسان پنھنجي ٻارڙن کي اهڙن اسڪولن ۾ داخل نه ڪرايون جتي سنڌي پڙهڻ ۽ ڳالھائڻ تي پابندي مڙهيل هجي.
    اسان جو هي وچن آهي ته اسان نه صرف پنھنجن گهرن ۾ سنڌي ٻولي ڳالھائينداسين پرادارن، گڏجاڻين ۽ ميڙاڪن ۾ به سنڌي ڳالھائڻ ۾ فخر محسوس ڪنداسين.
    اسان جو هي وچن آهي ته اسان روزانو هڪ سنڌي اخبار، مھيني ۾ هڪ سنڌي رسالو يا هڪ سنڌي ڪتاب خريد ڪري پڙهنداسين.
    اسان جو هي وچن آهي ته اسان پنھنجن ٻارڙن کي علمي ڄاڻ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم به ضرور ڏيارينداسين ۽ انھيءَ جي اهميت بابت آگاهي پڻ ڏينداسين.
    اسان جو هي وچن آهي ته پنھنجي دڪانن، گاڏين، دفترن ۽ گهرن وغيره تي سڃاڻپ جون تختيون توڻي اشتھاري بينر ۽ بورڊ به سنڌي ۾ لکرائينداسين.
    اسان جو هي وچن آهي ته سنڌيءَ ۾ ڳايل معياري موسيقيءَ کي فروغ ڏيڻ لاءِ سنڌي ڪئسٽون ۽ سي-ڊيون خريد ڪري ٻڌڻ جي ڪوشش ڪنداسين، گڏوگڏ شادين مـُرادين، ڪاڄن، ميلن يا ڏڻن تي سنڌي راڳ، ڳيچن ۽ سھرن جي محفلن ۾ اهتمام جي همت افزائي ڪنداسين.
    اسان جو هي وچن آهي ته ريڊيو توڙي ٽيليويزن جا سنڌي پروگرام خبرون وڌيڪ اوليت سان ڏسندا ۽ ٻڌنداسين.
    اسـان جـو هـي وچن آهي ته پنھنجي موبائيل فونن تي رنگ ٽون سنڌيءَ ۾ رکنداسين ۽ موبائيل تي سنيھن (ايس ايم ايس) وغيره جي ڏي وٺ پڻ سنڌيءَ ۾ ڪنداسين.
    اسان جو هي وچن آهي ته اسان پنھنجن گهرن ۾ شاهه جي رسالي جي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين.
    اسان جو هي وچن آهي ته انٽرنيٽ سوڌو هر سوشل نيٽ ورڪ تي سنڌي ٻوليءَ کي اوليت جي بنياد تي استعمال هيٺ آڻينداسين.
    اسان جو هي وچن آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ اسان پنھنجي وس ۽ وت آهر هر ممڪن ڪوشش وٺنداسين.
    اسان جو وچن آهي ته ڪاروباري مقصد ۽ واپاري لکپڙهه سنڌي ۾ ڪنداسين ۽ روزاني اجرت واري روزگار لاءِ عام هوڪا وغيره سنڌي ۾ ڏينداسين.
    اسان جو وچن آهي ته اسان پنھنجي ڏِهاڙي واري عام ڳالهه ٻولهه ۾ غير سنڌي لفظ ڳالھائڻ کان پرهيز ڪنداسين ۽ عام ڳالهه ٻولهه ۾ سنڌي ٻوليءَ جا ئي لفظ ڳالھائڻ ۾ فخر محسوس ڪنداسين.


    سنڌي ادبي سنگت کي پنهنجو قبلو درست ڪرڻ گهرجي

    21- اپريل 2015ع ”روزانه عوامي آواز ۽ سوڀ“ ۾ چوٿين دنيا جي مفڪر محترم عبدالواحد آريسر جو ڪالم ”سنگت جون چونڊون: اچو ته ماتم ڪريون“ جي عنوان سان شايع ٿيو آهي. جنھن ۾ آريسر صاحب سنگت سان شعوري ۽ جذباتي وابستگيءَ جي ناتي سنگت ۾ غير جمھوري روايتن ۽ سنگت جي چونڊن ۾ ناڻي تي ورتل ووٽن کي سنڌ جي اديبن کي ميارَ به ڏني آهي ته سنڌ-سنگت جي حوالي سان هڪ نئين بحث جو آغاز پڻ ڪيو آهي. آريسر صاحب جي جواب ۾ سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل محترم ڊاڪٽر مشتاق ڦل جو ”اچو ته محبتون ورهايون“ جي عنوان سان ليک شايع ٿيو آهي. اصولي طور تي ڊاڪٽر مشتاق ڦل صاحب کي سنگت جي ڪارڪردگي ۽ ترقي پسند رُخن تي وڌيڪ لکڻ ۽ وضاحت ڪرڻ کپندي هئي پر ڊاڪٽر صاحب، آريسر صاحب سان شڪايتون، ڪجهه عقيدتون ۽ آخر ۾ ويندي ويندي ميارون به ڏنيون آهن. جنھن مان محسوس ٿيو ته ڊاڪٽر صاحب سنگت تي تنقيد کي پنھنجي ذات تي تنقيد سمجهي جواب ڏنو آهي، جيڪو عمل ڊاڪٽر صاحب کي سونھين نه ٿو. آءٌ سمجهان ٿو ته ڊاڪٽر صاحب ۽ آريسر صاحب جي وچ ۾ ٿيل گفتگو کي ڇڏي مجموعي طور تي سنگت جي هڪ ڏهاڪي جي ڪردار تي خصوصاً ۽ سنگت جي مستقبل جي ڏس ۾ بحث ڪرڻ جي ضرورت وڌيڪ آهي. ان ڪري سنڌ جي ساڃاهه وندن کي سنگت جي مثبت ۽ منفي پاسن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ، سنڌي ادبي سنگت جي ترقي پسند رخن، سنڌي ادب جي واڌ ويجهه ۾ سنگت جو ڪردار ڇا هئڻ گهرجي تي کليل نموني بحث مباحثي جي لاءِ ايمانداريءَ سان لکڻ ۽ راءِ ڏيڻ لاءِ هي اهم موقعو ۽ مھل آهي. سنگت جي مجموعي ڪردار جي حوالي سان ڪجهه حقيقتون سنڌ جي ساڃاهه وندن جي اڳيان رکان ٿو. ان اميد سان ته دوست تعصب جو چشمو پائي تنقيد کي ڏسڻ بجاءِ تعميري انداز ۾ سنگت کي هلائڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ضرور وٺندا.

    سيڪيولر روايتون ۽ سنگت جو ڪردار:
    سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جي سيڪيولر روايتن جي امين جماعت رهي آهي. سنڌ ۾ مذهبي انتھاپسنديءَ کي روڪڻ لاءِ جتي سنڌ جي سياسي پارٽين جو ڪردار آهي ته اتي سنگت جو ڪلچرل محاذ ۽ فنون لطيفه توڙي ادب جي ميدان تي سيڪيولر روايتن جي آبياري ڪرڻ ۾ پڻ اهم حصو رهيو آهي. اڄ اها سنگت پنھنجون ڪاروايون مذهبي انداز ۾ هلائي رهي آهي. سنگت جي ڪيترين ئي شاخن ۾ مذهبي ڏينھن ملھائڻ جون روايتون پڻ پئجي ويون آهن، جنھن ڪري سنگت جون سيڪيولر روايتون زبردست نموني متاثر ٿيون آهن. هڪ طرف جيڪي سياسي ڌريون مذهبي انتھاپسندي کي روڪڻ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪنديون هيون، اڄ انھن جو اهو ڪردار نه رهيو آهي ته ٻئي طرف سنگت به هڪ ڏهاڪي کان سيڪيولر روايتن کان منھن موڙي ڇڏيو آهي، جنھن ڪري سنگت جو اصل روح مجروح پڻ ٿي رهيو آهي.

    سنگت: مزاحمت کان مفاهمت تائين:
    سنڌي ادبي سنگت ون يونٽ کان وٺي ايم.آر.ڊي تحريڪ، توڙي پاڻيءَ جي مسئلي کان وٺي سنڌ جي ننڍي وڏي مسئلي تي هر اول دستي جو ڪردار ادا پئي ڪيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جو اديب عوام سان پنھنجو رشتو جوڙي ۽ سرڪار کان ڪنھن مراعت وٺڻ کي عيب سمجهندو هو. پر هڪ ڏهاڪي کان سنڌي ادبي سنگت تي سرڪار جي ايتري ڇاپ رهي آهي جو سرڪار ۽ سرڪاري ادارن کان پئسا، فنڊ، ايوارڊ ۽ مراعتون وٺڻ عيب جو معاملو نه رهيو آهي. اهي سڀ سھولتون سرڪار کان وٺڻ لاءِ سنگت ڄڻ ته هر وقت دروازا کولي ڇڏيا آهن. اها سنگت جيڪا ”ڀلي بک ڀرم جي، شال مَ وڃي شانُ“ جو مثال هئي، اڄ سرڪار کان مراعتون ۽ سھولتون وٺڻ پنھنجو آئيني ۽ قانوني حق سمجهي ٿي. يقيناً سنگت جو سالن جو سفر جيڪو مزاحمت جي علامت هو اڄ اهو مفاهمت جي بي لغام گهوڙي تي سوار آهي. تاريخ هن موڙ تي سنگت کي يقينن ڪٽھڙي ۾ ضرور بيھاريندي.

    سنگت جي جمھوري قدرن جي پائمالي:
    يقيناً سنڌي ادبي سنگت جمھوري قدرن جي نمائنده تنظيم رهي آهي. خصوصاً 1983ع جي چونڊن کان پوءِ سنگت جون باضابطه چونڊون هر ٻئي سال ٿينديون رهيون آهن. جنھن ۾ سنـگـت جــا ووٽــر پـنـھـنجي ضمير کي سامھون رکندي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪندا رهيا آهن پر خاص ڪري 06-2005ع جي چونڊ ۾ سرڪش سنڌيءَ جي پئنل کي هارائڻ لاءِ پئسن جي استعمال کان وٺي سرڪاري سطح تي ووٽرن کي خريد ڪرڻ ۽ ڊيڄارڻ جھڙا سمورا غير جمھوري طريقا استعمال ڪيا ويا، جيڪو سلسلو اڄ تائين ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ جاري آهي ته ٻئي طرف صرف پنھنجي ووٽ کي بچائڻ لاءِ سنڌ ۾ صرف ووٽر شاخون قائم ڪرائڻ ۽ مخالف شاخن جا الحاق رد ڪرڻ کان وٺي سمورا اهي رستا اختيار ڪيا وڃن ٿا، جيڪي ادبي سنگت جھڙي ترقي پسند جماعت کي ڪڏهن به سونھنَ نه ٿا. هن ڀيري ته سنگت جي چونڊن جو شيڊول به جنھن انداز ۾ جاري ڪري من پسند ضلعي رابطا سيڪريٽري چونڊرايا ويا اهو به ڪنھن صورت ۾ سنگت لاءِ سٺو سنوڻ نه آهي. اهي سڀ غير جمھوري قدر سنگت جي بھتر مستقبل لاءِ ڪنھن به صورت ۾ چڱائي جي خبر نه کڻي ايندا.

    سنگت جي تنظيمي جوڙجڪ ۽ مرڪزي آفيس:
    سنگت جون هن وقت ڪل 123-شاخون آهن، جن مان تمام ٿوري تعداد ۾ شاخون نه صرف سرگرم آهن پر ادب جي واڌ ويجهه ۾ حصو پڻ ادا ڪن ٿيون. باقي اڪثر شاخون من پسند ماڻهن تي مشتمل آهن جيڪي ووٽ وٺڻ لاءِ قائم ڪيون ويون آهن. نتيجي طور سنگت جو تنطيمي بنياد مڪمل طور تي ڪمزور ٿي ويو آهي. ضلعن کان وٺي شاخن تائين تنظيمي ضابطي نالي ڪابه شيءِ نه بچي آهي. جنھن ڪري نئين نسل جي تربيتي نرسري هاڻي ڄنڊن پٽڻ ۽ غير تخليقي عملن ۾ تبديل ٿي رهي آهي. يقيني طور تي جڏهن تخليقي ڪم نه ٿيندو اتي تخريب جي لاءِ وڏي گنجائش موجود هوندي آهي. مرڪزي عھديدار ڀُلجي به ڏهن سالن کان ڪڏهن شاخ جو رڪارڊ چڪاس ڪرڻ، سنگت جي سرگرمين تي نظر رکڻ جھڙو ڪم غير ضروري سمجهن ٿا. ته ٻئي طرف سنگت جي مرڪزي آفيس هاڻي سواءِ ڇھين، اٺين مھيني اجلاس ڪرڻ جي ٻئي ڪنھن به ڪارائتي ڪم لاءِ استعمال نه ٿي ٿئي. ان صورت ۾ سنگت جي آفيس جو ڪارج ڄڻ ته رهيو ئي نه آهي. سنگت جي موجوده قيادت سنگت کي فعال ڪرڻ ۾ ڪوبه ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ نه وري ان ڏس ۾ ڪا سنجيده نظر اچي ٿي.
    سنڌي ادبي سنگت جي ويب سائيٽ جيڪا 2007ع کان پوءِ ڪڏهن به اپ ڊيٽ نه ڪئي ويئي آهي، سنگت جو ترجمان رسالو ٻن ٽن سالن کان وٺي شايع نه ٿيو آهي. جنھن جو اعتراف سنگت جي سيڪريٽري 19- اپريل 2015ع جي جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ پڻ ڪيو آهي. اڄ جڏهن سنگت جي موجوده صورتحال تي نظر وجهون ٿا تڏهن سواءِ ڪنھن مايوسيءَ جي ڪجهه به پلئه نه ٿو پوي. ان ڪري هن مايوس ڪن صورتحال ۾ سنگت جي بھتريءَ لاءِ ڪجهه تجويزون پيش ڪجن ٿيون.
    سنگت سيڪيولر روايتن جو شاندار ماضي رکي ٿي. ان ڪري سنگت کي پنھنجو جائزو وٺي سيڪيولر روايتن کي نه صرف برقرار رکڻو پوندو پر ان جي واڌ ويجهه لاءِ عملي طور تي وڏي جدوجھد پڻ ڪرڻي پوندي. ڇاڪاڻ ته هن وقت سماج وڏي مذهبي انتھاپسنديءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي رهيو آهي. ان لاءِ سنڌي ادبي سنگت کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
    سنڌي ادبي سنگت، سماج جي نمائنده جماعت رهي آهي، جنھن جو رشتو سرڪار سان جوڙڻ بجاءِ عوام سان جوڙڻ جي ضرورت آهي. جيڪا مزاحمت سنگت مختلف دؤرن ۾ اڀري سڀري حال ۾ پئي ڪئي آهي اڄ ان کي مراعتن ۽ سھولتن جي آسري ۾ مفاهمت جي جهوليءَ ۾ڪيرڻ نه گهرجي.
    سنڌي ادبي سنگت، جمھوري قدرن جو مثال رهي آهي اڄ اها غير جمھوري روين جو شڪار ٿي رهي آهي. پنھنجي مخالفن کي سزائون ڏيڻ، ووٽن لاءِ پئسن جو استعمال ڪرڻ وغيره، سنگت جو ڪڏهن به وڙ نه رهيا آهن، ان ڪري سنگت جي قيادت کي اهڙن روين خلاف وڙهڻ ۽ جمھوري قدرن جي پاسداري ڪرڻ لاءِ ڪوشش وٺڻي پوندي.
    سنگت جي تنظيمي جوڙجڪ مڪمل طور تي تباهيءَ جي ڪناري تي آهي. ان ڪري سنگت جون شاخون سرگرمين ۽ اهليت جي بنياد تي کولڻ يا ان جا الحاق ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. جڏهن ته سنگت جي مرڪزي آفيس جي بھتر ڪارج لاءِ مرڪزي سيڪريٽري ۽ مرڪزي عھديدارن جي اتي موجودگي، علمي ادبي سرگرمين ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ، سنگت جو ڪار وهنوار هلائڻ لاءِ مرڪزي آفيس کي مستقل ٺڪاڻو بنائڻ جي ضرورت آهي.
    سنگت جي ترجمان رسالي کي ريگيولر شايع ڪرائڻ، ان ۾ معياري ادب کي جاءِ ڏيڻ، پنھنجا نوازيءَ بجاءِ اهليت جي بنياد تي مواد شايع ڪرڻ ۽ وقت سر شاخن ۽ اديبن تائين پھچائڻ جي اشد ضرورت آهي.
    سنڌ جي اديبن، شاعرن، مصورن، راڳين جي مالي سھائتا ڪرائڻ لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ، جنھن ۾ سرڪار جي مدد بجاءِ ”پنھنجي مدد پاڻ تحت“ جھڙا وسيلا پيدا ڪرڻ گھرجن ته جيئن سرڪار جي وانگار وهڻ بجاءِ پنھنجي خودداريءَ وارو تاريخي ڪردار ادا ڪري سگهجي.
    تاريخي ماڳن جي تحفظ لاءِ ڪوشش وٺڻ، فن، ادب ۽ راڳ جي تاريخ ۽ واڌ ويجهه لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ ۽ نوجوان نسل جي ادب جي ڏس ۾ تربيت ڪرڻ جھڙن ڪمن ڪرڻ جي فوري ضرورت آهي.
    هن سڄي بحث ڪرڻ جو مطلب هرگز اهو نه آهي ته منھنجي راءِ پھرين ۽ آخري آهي جنھن تي هرحال ۾ عمل ڪيو وڃي پر هي هڪ ڪوشش آهي. جيڪا سنڌي ادبي سنگت جي قبلي درست ڪرڻ ۽ ان کي بھتر مستقبل اڏڻ لاءِ ڪوشش وٺڻ جي. بيماريءَ جي بستري تي هوندي به آريسر صاحب جو هنن حالتن ۾ بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿُر اڇلڻ جو مطلب به اهو ئي ٿي سگهي ٿو. اسان کي پنھنجو دامن ڪشادو ڪري تنقيدن ۽ بحث توڙي راين لاءِ گنجائش پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته تضاد زندگيءَ جي علامت آهي، شيون تضاد جي ذريعي ئي سفر ڪنديون آهن.

    ***


    سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل ڏانهن کليل خط

    سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل ڏانهن کليل خط....

    مانوارا مشتاق ڦل صاحب
    سيڪريٽري جنرل
    سنڌي ادبي سنگت – سنڌ

    اميد ته خوش هوندا !
    محترم سائين!

    هيءُ منهنجي لاءِ پهريون موقعو آهي جو آءُ هن خط ذريعي اوهان سان سڌيءَ ريت مخاطب آهيان. هونئن بحيثيت سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪن جي اوهان سان رابطن ۽ محبتن جو سلسلو ڪافي پراڻو آهي پر سنگت جي متعلق تفصيلي انداز ۾ هي خط پهريون دفعو لکي رهيو آهيان. يقينن هن خط لکڻ جو مقصد هي آهي ته سنگت جي بهتريءَ لاءِ جيڪو درد اوهان وٽ آهي، اهو درد مون وٽ به آهي. ڇاڪاڻ ته سنگت تي جيترو حق اوهان جو آهي اوترو ئي حق منهنجو به آهي. ان درد جي ناتي سان هي خط جڏهن لکي رهيو آهيان. ان جي پٺيان هڪ نيڪ نيتيءَ جو جذبو ڪارفرما آهي جنهن لکڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي.
    سائين منهنجا!
    اوهان چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ته جڏهن هٽلر، اقتدار جو دائرو وڌائڻ لاءِ فاشزم جي انتها ڪري ڇڏي هئي. هن اديبن، دانشورن کي مارائڻ، ڪتاب ساڙائڻ کان وٺي انسان دشمنيءَ جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا هئا، تڏهن دنيا جي روشن خيال اديبن 1935ع ۾ پئرس شهر ۾ ڪلچر ۽ ادب جي تحفظ لاءِ هڪ ڪانگريس سڏائي هئي، جنهن ۾ عالمي پائي جي اديبن مئڪسم گورڪي، هينري بايرس، رومين رولان، ٿامس مان، آندري مارلو ۽ والڊو فرينڪ ۽ ٻين شرڪت ڪري، اُهو طئي ڪيو هو ته ليکڪ، اديب، شاعر ۽ دانشور کي پنهنجي ذات کان ٻاهر نڪري انسانن جي اجتماعي مفادن، معاشي توڙي تهذيب جي اعليٰ قدرن جي واڌ ويجهه لاءِ گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. انهيءَ ڪانفرنس جي اثر ۾ 1936ع ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي پهرين ڪانفرنس لکنوءَ ۾ ترقي پسند اديب منشي پريم چند جي صدارت ۾ ٿي هئي. جنهن ۾ برصغير جي مڙني علائقن سميت سنڌ مان حشو ڪيولراماڻيءَ شرڪت ڪئي هئي. هن ڪانفرنس ۾ ترقي پسند ادب جي ترقي توڙي واڌ ويجهه لاءِ عملي قدم کڻڻ لاءِ ڪيترائي اهم فيصلا ٿيا جيڪي تاريخ جو حصو آهن.
    هن ڪانفرنس کان پوءِ سنڌ ۾ ترقي پسند ادب جو اثر واضع نظر اچي ٿو. هونئن ته ترقي پسند ادب سنڌ ۾ اڳ به لکيو ويندو هو مثال طور تي شاهه لطيف جي شاعري، جاگيرداري مخالف ۽ انسان دوستيءَ جو لازوال مثال آهي. ان بعد ڪشنچند کان وٺي ڪيترائي نالا ڳڻي سگهجن ٿا پر ترقي پسند ادب، هڪ تحريڪ جي صورت ۾ هن ڪانفرنس کان پوءِ سوويت يونين جي سوشلسٽ بلاڪ جي اثرن جي نتيجي ۾ ورتي هئي. جنهن ۾ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي ۽ ٻين اديبن سنڌي ادبي سرڪل کي قائم ڪيو، جنهن ۾ 1941-42 ۾ لعل چند امر ڏني مل، شيخ اياز، رام پنجواڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي هئي ۽ ان ادبي سرڪل ئي سنڌي ادبي سنگت جي صورت اختيار ڪئي، جنهن جي 1947ع ۾ باضابطه تنظيم ڪاري ٿي، جنهن جو پهريون صدر آسانند مامتورا، سيڪريٽري گوبند مالهي ۽ جوائنٽ سيڪريٽري شيخ اياز ٿيا هئا. جنهن جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ادبي سنگت جو بنياد 1947ع ۾ ئي باضابطه نموني پيو هو. ورهاڱي کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ 1956ع تائين سنڌ - سنگت جون 12 شاخون کلي چڪيون هيون. 1956ع ۾ ڪراچي ۾ سنڌ - سنگت جي 12 شاخن جو گڏيل اجلاس ٿيو. جنهن ۾ سنگت جي مرڪزي تشڪيل ڪئي وئي. جنهن جون پهريون سيڪريٽري اياز قادري ٿيو. ان کان پوءِ اڄ تائين سنڌي ادبي سنگت، نه صرف ترقي پسند ادب جي آبياري ڪئي آهي پر ترقي پسند تحريڪن جي رهنمائيءَ وارو ڪردار به ادا ڪيو آهي. سنگت نه صرف سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ جدوجهد ڪئي آهي پر سنڌي ثقافت جي تحفظ لاءِ پڻ نه وسرندڙ ڪم ڪيو آهي. ون يونٽ خلاف تحريڪ هجي يا مارشلائي دور هجي پر سنڌ - سنگت هميشه گائيڊ لائين واري حيثيت ۾ پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ جي تاريخ، سنڌي ادبي سنگت جي ڪردار کان سواءِ اڻ مڪمل رهندي.

    مانوارا سائين!
    يقينن هن تمهيد جو مقصد ۽ سنگت جي ماضيءَ کان وٺي اڄ جي سنگت جي ڪردار جي جائزي وٺڻ جو اهو ئي آهي ته سنڌ - سنگت سنڌ جو مثالي ادارو هو ۽ اڄ اهو مثالي ادارو، جنهن جڳهه تي پهتو آهي، اهو ڏسي افسوس به ٿئي ٿو ته ڳڻتي به ٿئي ٿي. ان ڪري سنگت کي موجوده بحراني حالت مان ڪڍڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري بڻجي ٿي. ان ڏس ۾ سنگت جي آئين جي پسمنظر ۽ پيش منظر ۾ اوهان سان ڪجهه ڳالهيون عرض رکجن ٿيون. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به جماعت جو آئين ۽ منشور نه صرف منزل جو تعين ڪندو آهي پر منزل ڏي ويندڙ رستن ۽ حڪمت عملين کي به متعين ڪندو آهي. سنگت جي آئين جي روشنيءَ ۾ ڪجهه گذارشون اوهان آڏو رکجن ٿيون.

    شق. 01: سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي بقا، بهبودي ۽ ترقيءَ لاءِ ڪوشش وٺڻ.
    ٻولي ڪنهن به قوم جي نه صرف لاڳاپي پر ان کي متحد رکڻ لاءِ اهم ۽ بنيادي حيثيت رکي ٿي. قومن جي نه صرف سڃاڻپ پر ان جي عزت ۽ وقار لاءِ پڻ ٻولي جي اهميت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. سنڌي ادبي سنگت، تاريخ جي ان ضرورت ۽ اهميت کي سمجهندي پنهنجي بنياد کان وٺي، اڄ تائين نه صرف جدوجهد ڪئي آهي پر ان لاءِ قومي تحريڪن جي گائيڊ لائين وارو ڪردار به ادا ڪيو آهي. پر سنگت وٽ سواءِ فيبروري مهيني ۾ احتجاج جو سڏ ڏيڻ جي ڪو منظم، متحد ۽ مسلسل جدوجهد جو تصور ئي موجود نه آهي ۽ نه وري هن ڏس ۾ سنگت ٻين سياسي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي تنظيمن کي پاڻ سان گڏ کڻي سگهي آهي ۽ نه وري ان طرف ڪا ڪوشش ڪئي وئي آهي.

    شق نمبر 02: سنڌي اديبن، شاعرن، مصورن، فنڪارن ۽ سنڌي ٻوليءَ سان لڳاءُ رکندڙن کي وقت به وقت گڏ ڪرڻ.
    آئين جي هن شق موجب سنڌ جا شاعر، اديب، مصور ۽ فنڪار نه صرف سنگت جو گڏيل اثاثو آهن پر انهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ رابطو قائم رکڻ به سنگت جي بنيادي مقصدن ۾ شامل آهي. پر سڄي سنڌ ۾ سنگت اديبن ۽ شاعرن کانسواءِ مصورن ۽ فنڪارن کي گهربل عزت ڏني آهي نه وري انهن ۽ سنگت وچ ۾ ڪا گڏيل جدوجهد ۽ هم آهنگي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪا پيش رفت ڪئي آهي. هاڻي به 17، آڪٽوبر 2016ع تي حيدرآباد ۾ سنڌ - سنگت پاران ڏنل لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ۾ نه ڪو فنڪار شامل آهي ۽ نه ئي مصور. جنهن مان اوهان جي سنجيدگي جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.

    شق نمبر03: پراڻي سنڌي ادب کي ٻيهر ڇپائڻ ۽ جديد ادب کي اهميت ڏئي شايع ڪرڻ:

    شق نمبر 10: تخليقي، تحقيقي، ترجمي ۽ تنقيدي ادب جا ڪتاب ڇپائڻ:

    شق نمبر 11: معياري سنڌي ادب کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرائڻ ۽ ٻين ٻولين جي معياري تخليق کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائڻ:
    سنگت جي آئين جي شق نمبر 03، 10 ۽ 11 ۾ متفقه مقصد هئڻ مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ - سنگت ڪتاب (اهي قديم ڪتاب هجن يا جديد ادب سان واسطو رکندڙ توڙي ترجمو ٿيل ڪتاب) هر صورت ۾ انهن کي ترجيحي بنيادن تي شايع ڪرائڻ لاءِ ڪوشش وٺندي. سنگت جي متن ۽ مقصدن جي 11 شقن مان 3 شقون ڪتابن جي ڇپائي لاءِ ڏنل آهن. اوهان جي 6 سالن جي عرصي دوران سنڌ - سنگت هڪ ڪتاب به نالي ماتر شايع ڪرائڻ جي زحمت نه ڪئي آهي. نه وري ان متعلق توهان اجلاسن ۾ ڪڏهن سنجيدگيءَ سان بحث ڪيو آهي ۽ نه وري ڪڏهن اهڙي ايجنڊا بحث لاءِ آندي آهي. ڇاڪاڻ ته اوهان چڱي طرح سمجهو ٿا ته ڪتاب جي ڇپائيءَ جو ڪم ڪيترو محنت ۽ صبر طلب هوندو آهي. ان ڪري اوهان ڪنهن ڪتاب جي خود نمائي ته ڪري سگهو ٿا پر ڪتابن جي ڇپائيءَ جو ڪم هٿ ۾ کڻڻ، انتهائي ڏکيو عمل آهي. جنهن لاءِ نه اوهان وٽ وقت آهي نه وري ڪا ترجيع.

    شق نمبر 04: سنڌ ۽ ملڪ اندر مختلف قومي وحدتن ۽ دنيا ۾ موجود ادبي تنظيمن سان ناتا قائم ڪرڻ:
    هيءَ سنڌ - سنگت جي آئين جي اهم شق آهي جيڪا ملڪ جي چئن وحدتن ۽ دنيا جي ادبي تنظيمن وچ ۾ ناتا قائم ڪرائڻ لاءِ سنگت جي آئين ۾ اهم حيثيت رکي ٿي. اوهان دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ”امڙ جي دعا“ سان ذاتي دورا ته ڪريو ٿا پر سنگت ۽ دنيا جي ادبي تنظيمن ۾ لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ نه ڪڏهن ڪوشش ڪئي آهي نه وري ان جي ضرورت محسوس ڪئي آهي. هاڻي ته دنيا انٽرنيٽ ۽ جديد ٽيڪنالاجي سبب هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ تبديل ٿي ويئي آهي پر اوهان هن دنيا جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ کي چڱيءَ طرح محسوس ئي ڪو نه ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن ننڍڙي ڳوٺ جي سنگت جي رابطن جي اهم ذريعو سنڌ - سنگت ويب سائيٽ آهي. جيڪا 2006ع کان پوءِ جيڪڏهن اپ ڊيٽ ٿي آهي ته ان ۾ صرف اوهان جي تصويرن جو اضافو ٿيو آهي. جنهن مان ائين ٿو لڳي ته سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ جو ادب، اوهان جي ذات کان شروع ٿئي ٿو ۽ اوهان جي ذات تي ئي ختم ٿئي ٿو. نتيجي ۾ سنڌ - سنگت گلوبل وليج ۾ ته شامل نه ٿي سگهي آهي پر هڪ وليج ضرور بڻجي وئي آهي سو به دنيا کان بلڪل الڳ ٿلڳ هڪ خول ۾ بند. سنڌ - سنگت جا دنيا جي ادبي تنظيمن سان رابطا ۽ لاڳاپا ته ڇا دنيا جي ادبي تنظيمن جي نالن کان به غير واقف نظر اچي ٿي.
    شق نمبر 05: سنڌ جي بزرگ هستين، شاعرن، اديبن جي فن ۽ فڪر جي باري ۾ سيمينار، ورڪشاپ، ڪانفرنسون ڪوٺائڻ ۽ ورسيون ملهائڻ:
    سنڌ جي بزرگ هستين، شاعرن، اديبن جي فن ۽ فڪر تي سنگت جو (ڪنهن قدر) ڪردار ماضيءَ ۾ ته رهيو آهي پر سنگت جي هڪ ڏهاڪي کان ۽ خصوصن اوهان جي 6 سالن جي عرصي ۾ ڏڪر واري صورتحال رهي آهي. هاڻي جڏهن چونڊون ويجهو اچي رهيون آهن تڏهن اوهان پنهنجي من پسند اديبن، شاعرن سان رهاڻين رچائڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي. جنهن ۾ انهن جي فن ۽ فڪر تي ڪو به سيمينار، ورڪشاپ يا ڪانفرنس ته نه هوندي آهي جتي سنجيدگيءَ سان انهن جي فن ۽ فڪر جو جائزو ورتو وڃي پر سندن دل خوش ڪرڻ ۽ سنگت کي فوٽو سيشن ۽ خوشامد جا عنصر وڌيڪ جهلڪندي نظر اچن ٿا، جنهن ڪري انهن رهاڻين جو اصل روح توڙي مقصد ڪٿي به نظر نه ٿو اچي.

    شق نمبر 06: سنڌي ادبي سنگت جي جدا جدا شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سنڌ - سنگت جي شاخن قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ:
    2006ع ۾ جڏهن تاج جوئي وارن جو پينل هارائي ويو هو، ان وقت کان پوءِ اوهان جي سٿ تاج جوئي وارين حمايتي شاخن جا الحاق ختم ڪرڻ، انهن شاخن جي ووٽرن خلاف، جنهن انداز سان انتقامي ڪاروايون ڪيون اهو پڻ تاريخ جو هڪ ڏکوئيندڙ باب آهي. خود 2006ع ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال وارن جنهن انداز سان چونڊون وڙهيون، جنهن انداز سان غير جمهوري رويا اختيار ڪيا، اهو خود الڳ باب آهي پر جڏهن اوهان سنگت جي واڳ سنڀالي ته هڪ اميد پيدا ٿي ته اوهان سنگت کي انتقامي ڪارواين کان بچائي سنگتين کي ميڙي مٺ ڪندئو، پر اوهان اڳين جي نه صرف ان غط عمل کي جاري رکيو پر ان ۾ زبردست اضافو به ڪيو. سڄي سنڌ ۾ اوهان پنهنجو ووٽ وڌائڻ لاءِ ووٽر شاخون (جن کي بوگس شاخون نه ٿا سڏيون) قائم ڪيون. انهن ووٽر شاخن جو تعداد خيرپور ۾ ئي 23 شاخن تائين پهتل آهي. سنڌ ۾ 127 شاخن مان 23 ووٽر شاخون رڳو خيرپور ۾ هجن ته ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هاڻي جيڪڏهن شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ سامي به اوهان سان مقابلي ۾ بيهن ته اهي به کٽي نه سگهندا. ڇاڪاڻ ته اوهان جون قائم ڪيل ووٽر شاخون، صرف ووٽ پرچي لاءِ قائم ٿيل آهن. انهن جو سڄي سنڌ ۾ زبردست تعداد آهي. سڄي سنڌ ۾ تنقيدي ڪلاس هلائيندڙ ۽ ادبي سرگرميون ڪندڙ شاخون 25 به مَسَ آهن، جن جون سرگرميون اخبارن توڙي سوشل ميڊيا تي رڪارڊ ٿين ٿيون. باقي شاخون ته اوهان جي ڪرم نوازيءَ سان چونڊن ۾ ووٽ ڪرڻ وقت ظاهر ٿينديون آهن.

    شق نمبر 07: سنڌ جي جدا جدا شهرن ۽ ڳوٺن ۾ لائبريريون قائم ڪرڻ:
    هتي ان ڳالهه تي بحث نه ٿا ڪريون ته لائبريريون شعور جي آبياري ڪيئن ڪنديون آهن پر اوهان خود باشعور فرد آهيو، ڪنهن به قوم جي فڪر ۽ ساڃاهه جي پرورش ۽ واڌ ويجهه لائبريري کان سواءِ ممڪن ئي نه آهي. ان ڪري سنڌ - سنگت سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ لائبريريون قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ پنهنجي بنيادي مقصدن ۾ شامل ڪيو آهي. اڄ سڄي سنڌ ۾ سنڌ - سنگت جي ڪنهن به شاخ کي نه لائبريري آهي نه وري لائبريري قائم ڪرڻ لاءِ ڪا ڪوشش ڪئي آهي. ڪنهن اديب وٽ ذاتي لائبريري ته موجود ٿي سگهي ٿي پر اها پبلڪ ڪاز لاءِ ڪٿي به موجود نه آهي. ايتري قدر جو، سنڌ - سنگت جي مرڪزي آفيس ۾ نالي ماتر به لائبريري نه آهي. اوهان ايمانداريءَ سان ٻڌايو ته اوهان ڪڏهن شاخن، ضلعن يا مرڪز کي لائبريري قائم ڪرڻ لاءِ ڪا هدايت ڪئي آهي؟ يقينن ان جو جواب انڪار ۾ ئي هوندو.

    شق نمبر 08: اديبن، شاعرن، مصورن ۽ فنڪارن جي مالي مدد ڪرڻ لاءِ هڪ ٽرسٽ قائم ڪرڻ، جنهن جو نالو ” سنڌ - سنگت“. ڀلائي ٽرسٽ“ هوندو:
    سنگت نه صرف ادب ۽ فنون لطيفه سان تعلق رکندڙ مڙني معاملن جي آبياري ڪرڻ کي پنهنجو فرض سمجهي ٿي پر اديبن، شاعرن، مصورن ۽ فنڪارن جي مالي مدد ڪرڻ ۽ ڏکئي وقت ۾ انهن جي سهائتا ڪرڻ کي به پنهنجو اولين فرض سمجهي ٿي. حقيقت ۾ سنگت کي پنهنجي مدد پاڻ تحت مخير حضرات يا همدردن کان فنڊ گڏ ڪري انهن جي مالڪي ۽ وارثي ڪرڻ گهرجي، پر اوهان ۽ اوهان جا ساٿي هڪ ڏهاڪي کان سنگت کي سرڪار جي پيرن ۾ اڇلي، سرڪار کان مراعتون وٺڻ پنهنجو حق سمجهو ٿا. جڏهن ته اديب، شاعر فنڪار توڙي مصور 99 سيڪڙو عوام جو نه صرف نمائندو آهي پر انهن جو ادب ۽ فن 99 سيڪڙو عوام جي امانت آهي. اديب، فنڪار يا مصور جڏهن عوام سان گڏ بيهي ٿو، تڏهن يقينن مٿئين طبقي بجاءِ وسيع ترين عوام جو گڏيل آواز بڻجي ٿو جڏهن اهي سرڪار کان مراعتون وٺن ٿا، تڏهن يقينن ان جي خلاف آواز اٿارڻ بجاءِ مصلحت جو شڪار به بڻجن ٿا. ون يونٽ جي مخالف تحريڪ کان وٺي مارشلائي دور هجي يا جمهوريت جي آڙ ۾ عوام دشمن حڪومتون هجن. انهن خلاف سنڌ سنگت مسلسل پنهنجي وس آهر جدوجهد جي هڪ شاندار تاريخ رکي ٿي. پر هاڻي ته سنگت جو ”مزاحمتي ڪردار“ به ”مراعت يافته“ ڪردار بڻجي ويو آهي. يقينن جڏهن سنڌ - سنگت جي نئين سري سان تاريخ لکي ويندي. تڏهن سنڌ - سنگت جي مزاحمتي ڪردار کان مصلحت ۽ مراعت يافته ڪردار تائين سڀ ڳالهيون تاريخ جو حصو بڻبيون. سنڌ - سنگت جي هن مصلحت ۽ مراعت يافته ڪردار بڻائڻ ۾ اوهان جون ڪوششون به رڪارڊ تي ضرور رهنديون.

    شق نمبر 09: سنگت پاران ٽماهي ادبي مخزن جاري ڪرڻ، جنهن جو نالو ”سنگت“ هوندو.
    ڪنهن به جماعت جو ترجمان رسالو، ان جماعت جي تنظيمي سرگرمين جو آئينو هوندو آهي ۽ ان جي فڪر جو اهم پرچارڪ به هوندو آهي. سنگت جو ٽماهي ترجمان يوسف سنڌيءَ جي دور تائين ڪنهن حد تائين جاري ٿيندو رهيو ۽ اوهان جي پهرين دور ۾ به يوسف سنڌيءَ ان عمل کي جاري رکيو پر هڪ وقت کان پوءِ جڏهن يوسف سنڌي اوهان جي سرگرمين کان مايوس ٿيو، تڏهن هن نه صرف ”سنگت“ ترجمان مان هٿ ڪڍيا پر اوهان جي سٿ کان به ڪنڊائتو ٿي ويو. جنهن جو اظهار ۽ جهلڪ 25 سيپٽمبر 2016ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿيل اجلاس ۾ يوسف سنڌيءَ پاران توهان تي ڪيل تنقيد ۽ اجلاس جي صدارت کان انڪار مان لڳائي سگهجي ٿو. يوسف جي پاسيري ٿيڻ کان پوءِ سنگت جو هي ترجمان نه صرف بند ٿي ويو پر ڪڏهن به سنگت جي اجلاس ۾ اوهان ان کي جاري ڪرڻ لاءِ ايجنڊا بحث هيٺ نه آندي آهي.

    مانوارا سائين!
    يقينن مون اوهان جو گهڻو وقت ورتو آهي. ڇاڪاڻ ته سنگت سان نينهن جي ناتي ۽ شعوري ناتو هئڻ سبب سڀ ڳالهيون آئين جي روشنيءَ ۾ اوهان اڳيان رکيون اٿم. جنهن ۾ مون ڪنهن به ذاتي تعصب کان ڪم نه ورتو آهي، نه ئي ان پٺيان ڪو ٻيو مقصد آهي. ان اميد سان هي ڳالهيون رکيون اٿم ته اوهان نه صرف سنڌ - سنگت جي قبلي کي درست ڪندئو پر ان جو ماضيءَ ۾ ادا ڪيل شاندار تاريخي، مزاحمتي ڪردار ۽ وقار کي به بحال ڪرائيندئو، جيڪو ايندڙ 5 مهينن تائين ممڪن ته نه آهي پر گهٽ ۾ گهٽ ان جا بنياد ضرور رکندئو. جنهن سان ايندڙ ساٿين جي لاءِ نه صرف راهه هموار ٿيندي پر انهن لاءِ هڪ مثال به قائم ٿي پوندو.

    نيڪ تمنائن سان
    اوهان جو پنهنجو

    عيسيٰ ميمڻ
    ڪائونسلر
    سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻو


    بئڪ ٽائيٽل


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 533
    ڪتابن جو مشاهدو: 550725
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 212771
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ