ڪتاب جو نالو: اداس روح ازلَ کان (مدد علي سنڌيءَ جي فن ۽ فڪرَ جو اڀياس)
مصنف: حبدار سولنگي
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 17 ڊسمبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 306 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 76 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
مدد علي سنڌيءَ جي فَنَ، فڪرَ، شخصيتَ، زندگي ۽ جدوجهد جي حوالي سان سنڌ جي جن جن قلمڪارن مختلف مضمونن جي صورتَ ۾ اظهار ڪيو آهي، هي ڪتاب انهن سمورن مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جي نئين ٽهيءَ جي انتهائي خوبصورت ۽ سُڄاڻ شاعرَ حبدار سولنگيءَ تمام گهڻي محنتَ ۽ محبت سان مُرتب ڪيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران :
  • پبلشر نوٽ
  • مُرتب پاران:
  • مُهاڳ
  • دل اندر درياهه
  • ڪڏهن نه کٽندڙ سفر جو آغاز....
  • مدد
  • ٻاجھارو شخص ۽ دلگير ڪوي
  • دل اندر اڪيلائي جو درياو
  • شهر آشوب ۾ وڃايل شخص
  • ٿڪل ــ اڌ پنڌ جا ڪي لفظ
  • وقت ۽ ويچار
  • کنهبي رتا رنگ
  • ڊائننگ ٽُو رائٽنگ ٽيبل
  • ديومالائي ڪردار...
  • مدد علي سنڌيءَ جي ڪهاڻي:
  • ڏک جي رڻ ۾ گم ٿي ويل گوتم
  • دريا دِل: مدد علي سنڌي
  • هستيءَ جي اُجاڙ ايوانن جو ڪهاڻيڪار.....
  • مختل رنگن جي ميڻ بتين جو سنگم ــ مدد علي سنڌي...
  • ”دل اندر درياوَ“ ــ ڪِتاب لاجي
  • مدد علي سنڌي جي ڪهاڻي
  • يُونان جو نيڪ دِل ديوتا
  • ڪا روشني ته ٻاريو
  • سگهارو ڪهاڻيڪار...
  • تصور، زندگي ۽ موت
  • مدد علي سنڌي ۽ پُنر مِلن جو هُڳاءُ!
  • تون سان نينهن اڳهانڊ و...
  • جيءُ جيئاريندڙ ڪهاڻين جو خالق:
  • زندگيءَ جي پُراسراريت جهڙو شخص:
  • ”شهر صحرا ڀانيان“ جو مطالعو
  • شعور جو روشن ستارو
  • عشق ۽ انقلاب جي ڪرانتيڪار ناسٽلجيا:
  • دل جي درياهه جو ڪهاڻيڪار

  • سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اداس روح ازل کان“ (مدد علي سنڌيءَ جي فن ۽ فِڪرَ جو اڀياس ( اوهان اڳيان پيش آهي.
    مدد علي سنڌي، سنڌ جو اهو مانَوارو ليکڪ آهي جنهن نه صرف ادبَ ۽ صحافتَ جي دنيا ۾ پنهنجي تخليقي صلاحيتن آڌارِ مٿانهين حيثيت ماڻي آهي پر سنڌ جي عملي سياستَ ۾ به سندس وڏو ڪردار رهيو آهي. مدد علي سنڌيءَ جي فَنَ، فڪرَ، شخصيتَ، زندگي ۽ جدوجهد جي حوالي سان سنڌ جي جن جن قلمڪارن مختلف مضمونن جي صورتَ ۾ اظهار ڪيو آهي، هي ڪتاب انهن سمورن مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جي نئين ٽهيءَ جي انتهائي خوبصورت ۽ سُڄاڻ شاعرَ حبدار سولنگيءَ تمام گهڻي محنتَ ۽ محبت سان مُرتب ڪيو آهي.
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    مدد علي سنڌي، سنڌ جو اهو مانَوارو ليکڪ آهي جنهن نه صرف ادبَ ۽ صحافتَ جي دنيا ۾ پنهنجي تخليقي صلاحيتن آڌارِ مٿانهين حيثيت ماڻي آهي پر سنڌ جي عملي سياستَ ۾ به سندس وڏو ڪردار رهيو آهي. مدد علي سنڌي سنڌ جو اهو تخليقڪار آهي جنهن، جنهن به تخليقي ميدانَ ۾ قلم کنيو آهي، پنهنجي مُنفرد اسلوبَ جي آڌارِ غير معمولي ادب تخليق ڪيو آهي.
    مدد علي سنڌيءَ جي فَنَ، فڪرَ، شخصيتَ، زندگي ۽ جدوجهد جي حوالي سان سنڌ جي جن جن قلمڪارن مختلف مضمونن جي صورتَ ۾ اظهار ڪيو آهي، هي ڪتاب انهن سمورن مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جي نئين ٽهيءَ جي انتهائي خوبصورت ۽ سُڄاڻ شاعرَ حبدار سولنگيءَ تمام گهڻي محنتَ ۽ تمام گهڻي محبت سان مُرتب ڪيو آهي.
    هي سموريون لکڻيون مدد علي سنڌيءَ جي شخصيتَ ۽ سندس ڪَمَ کي سمجھڻَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون. ساڳئي ئي وقت هي ڪِتاب تحقيقَ ڪندڙن لاءِ هِڪَ اهم ريفرنس بڪ طور پڻ ڪتب ايندو.
    ادارو ”پوپٽ“ هِنَ سهڻي ڪِتابَ کي اوهان تائين پهچائيندي نهايت خوشي محسوس ڪري رهيو آهي.

    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور


    مُرتب پاران:

    مدد علي سنڌي غير رواجي ليکڪ

    چيو ٿو وڃي ته سنڌي ادب ۾ تنقيد نه رهي آهي، يا تنقيد جو معيارُ نج ميرٽ تي نه آهي، اهي ڳالهيون گهڻي وقت کان ٻُڌڻ ۾ اچن پيون.
    جڏهن سچائيءَ سان سنڌي ادبَ کي پرکجي ٿو ته، خبر پوي ٿي ته تنقيد ته اسان وٽ هر دؤر ۾ موجودُ رهي آهي، سنڌي ٻوليءَ جي پهرين شاعر قاضي قاضن کان وٺي شاهه لطيف ۽ شيخ اياز تائين هر تخليقڪار تي نقادن جي نطر رهي آهي، ليڪن اُها ٻي ڳالهه آهي ته اسان وٽ تنقيد جو معيارُ تنقيد جي بنيادي گهرجن مُطابق تمام گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هڪ ٻي ڳالهه به محسوس ٿي آهي ته اسان وٽ ”شعري تنقيد“ ته تمام گهڻي ٿي آهي، شاهه لطيف کان شيخ اياز ۽ نارائڻ شيام تائين ايازگل ۽ ادل سومري کان احمد سولنگي ۽ اسحاق سميجي تائين تمام شاندار انداز ۾ شعري تنقيد ٿيندي رهي آهي.
    اهڙن نقادن ۾ ايڇ ٽي سورلي، علامه آءِ آءِ قاضي، ڪلياڻ آڏواڻي، رسول بخش پليجو، غلام محمد گرامي، محمد ابراهيم جويو، الهداد ٻوهيو، تنوير عباسي، شيخ اياز، ذوالفقار راشدي، امداد حُسيني، سحر امداد، لڇمڻ ڪومل، واسديو موهي، تاج جويو، مير محمد پيرزادو، ادل سومرو، اڪبر لغاري، آسي زميني، جامي چانڊيو، اسحاق سميجو، ج.ع مُنگھاڻي، روبينه ابڙو، رکيل مورائي، سرمد چانڊيو، مُبارڪ علي لاشاري، ساجد سومرو، عبدالحميد آس، رحمت پيرزادو، امر اقبال، احسان دانش، خليق ٻگھيو، ننگر چنا ۽ ٻيا اهم نقاد ڳڻيا وڃن ٿا.
    شاعريءَ جي ڀيٽَ ۾ ”فڪشن“ تي اسان وٽ تمام گهٽ تنقيد ٿي آهي، تنهن هوندي به عبدالقادر جوڻيجو، شوڪت حسين شورو، ڪليم لاشاري، ممتاز مهر، نور الهديٰ شاهه، رئوف عباسي، قدير شيخ ۽ ٻين جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا.
    اهڙي صورتحال کي مون سنڌي فڪشن جي غير رواجي ليکڪ ۽ شاعر مدد علي سنڌيءَ بابت تنقيد جي حوالي سان هي اڀياسي ڪتاب: ”اُداس روح ازل کان“ مُرتب ڪيو آهي، جيڪو خاص طور فڪشن جي تقنيد طرف هڪ قدم آهي.
    مدد علي سنڌي، سنڌي ادب جو مڃيل ڪهاڻيڪار، شاعر، ناول نويس، سفرنامه نِگار، نقاد، مُترجم، دانشور، ايڊيٽر ۽ سياسي ڪارڪن رهيو آهي. سندس ڪهاڻين جا مجموعا: ”دل اندر درياوءَ“ (1980ع) ۽ ”هستيءَ جي اُجاڙ ايوان“ ۾ (1983ع) ۾ ڇپيا. مدد علي سنڌيءَ جون ڪهاڻيون وجوديت جي حوالي سان هڪ خاص سُڃاڻپ رکن ٿيون. سندس ڪهاڻين جا رستا دل مان نڪري واپس دل ڏي وڃن ٿا. هڪ دؤر تي مدد علي سنڌيءَ جي ڪهاڻين جي ڇاپ رهي آهي.
    سندس نثري نظمن جو مجموعو ”پُنر ملن“ سنڌ ۾ نثري نظمن جو پهريون ڪِتاب آهي، جيڪو نثري نظم جي هيئت ۽ تخيل جو شاندار مثال آهي. مدد صاحب جي شاعري دل جي دُنيا تي تصورن جي روشني ۽ محبت جي موههَ جو منظر نامو آهي.
    سندس سفرنامو ”شهروُ صحرا ڀانيان“ هڪ تخليقي ۽ ادبي سفرنامو آهي، قرة العين حيدر جي لکڻين جا ٻه ڪِتاب ”قلندر“ ۽ ”عجب اکڙيون“ پڻ سندس محبت ۽ محنت جو نتيجو آهن. ”دل اندر درياوَ “ جي نالي سان سندس لکڻين جو ”ڪليات“ 2008ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي پڌرو ڪيو. ان کان علاوه سندس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون، مضمونَ/مقالا، ۽ ڪالم ڇپيلَ آهن. جن کي ڪِتابي صورت ۾ اچڻ گهرجي.
    ادب کان علاوه مدد علي سنڌي جديد صحافت جو به هڪ عاليشان نالو آهي، اڳتي قدم رسالي کان مختلف اخبارن: ”هلال پاڪستان“، ”سنڌو“، ”بختور“، ”سنڌ نيوز“، ”عبرت“، ”سچ“، ”خلق“ وغيره سان سندس صحافتي سفرُ سلهاڙيل رهيو آهي.
    سياست پڻ مدد علي سنڌيءَ جي شخصيت جو ڀرپور حوالو آهي، سياست جي اڙانگهي سفرَ ۾ جڏهن سندس پيرسن والد کي 1975ع ۾ پوليس گرفتار ڪيو، تڏهن هن 1979ع کان سياست کان ڪناره ڪشي اختيار ڪئي، پر مدد صاحب پنهنجي سياسي نظريي جي ڪڏهن به نفي نه ڪئي.
    اسان وٽ اڪثر سياستڪارن مخصوص مُفادن خاطر وقت جي ڪاري غارِ ۾ پنهنجي نظرين ۽ آدرشن جو آپگھات ڪيو، پر مدد علي سنڌيءَ جي دل ڪڏهن به پنهنجي نظرين ۽ آدرشن کي مرڻ نه ڏنو، اُهو ئي سبب آهي جو هُو اڄ به مدد علي قُريشي نه پر مدد علي سنڌي آهي.
    ”دل ۽ ڌرتي“ مدد علي سنڌيءَ جا فڪري محرڪ رهيا آهن،
    هن ڪِتاب مُرتب ڪرڻ جو مقصد هڪ تخليقڪار کي تنقيد جي روشنيءَ ۾ ڏِسي، سندس فن ۽ فڪر جو تعين ڪرڻ آهي، ٻئي حوالي سان وقت جي هڪ مڃيل ليکڪ کي سندس زندگيءَ ۾ محبت ۽ مڃتا پڻ ڏيڻ آهي.
    هڪ ٻي ڳالهه به ته هن ڪِتاب کي مُرتب ڪري ”جنريشن گيپ“ کي ختم ڪيو ويو آهي. ڪافي نوجوان ليکڪ/پڙهندڙ اهڙا به هوندا جن لاءِ مدد علي سنڌيءَ جو هڪ ليکڪ وارو تعارفُ نئون ڇرڪائيندڙ ۽ حيرت وارو هوندو، ۽ ائين هن ڪِتاب پڙهڻ کان پوءِ مدد علي سنڌيءَ جي فن ۽ فڪر تي اڃا بهتر انداز ۾ لکيو ويندو.
    جيتوڻيڪ ٻين ٻولين جي ادب ۾ هن قسم جا کوڙ ڪِتاب موجود آهن، پر سنڌي ادب جي حوالي سان پنهنجي نوعيت جو هي، پهريون ڪِتابُ آهي.
    هن ڪِتاب ۾ ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل مضمونَ ۽ مقالا سهيڙيا ويا آهن، ڇپيل مقالا مختلف ڪِتابن ۽ رسالن تان کنيا ويا آهن ۽ اڻ ڇپيل مقالا هن ڪِتاب لاءِ مختلف ليکڪ دوست خاص طور لکيا آهن.
    شوڪت حسين شوري، مُراد علي مرزا، اخلاق انصاري، منظور جوکيو، مُبارڪ علي لاشاري، آدرش، منظور جوکئي، بخشل باغي، نواز خان زنئور، ممتاز لوهار، عيسيٰ ميمڻ ۽ ابرار ابڙي هن ڪِتاب لاءِ نڪور مقالا لکي ڏنا، جنهن لاءِ آءٌ ۽ سائين مدد علي سنڌي سندن دلي طور ٿورائتا آهيون.
    هنن مختلف مقالن جي تخليقي ۽ تنقيدي نوعيت به مختلف آهي. عبدالقادر جوڻيجي جي لکڻي مدد علي سنڌي تي هڪ خاڪو آهي، مُراد علي مرزا، شوڪت حسين شوري، گُني سامتاڻي، ممتاز مهر، نور الهديٰ شاهه، لياقت رضوي، مُبارڪ علي لاشاري، رکيل مورائي، مختيار ملڪ، منظور جوکئي، عبدالوحيد جتوئي، ممتاز لوهار ۽ حبدار سولنگيءَ (راقم الحروف) سندس ڪهاڻين تي مقالا لکيا آهن، جڏهن ته امداد حُسيني، ذوالفقار راشديءَ، نثار حسينيءَ، مخمور بُخاريءَ ۽ بخشل باغيءَ سندس شاعريءَ بابت مقالا لکيا آهن.
    اهڙي طرح ابرار ابڙي سندس سفرنامي بابت لکيو آهي. ان کان علاوه نصير مرزا، مشتاق شوري، اخلاق انصاري، غلام حسين رنگريز، پير عبيد راشدي، آدرش، نواز خان زنئور ۽ عيسيٰ ميمڻ مجموعي طور مدد علي سنڌيءَ جي فن، فڪر ۽ شخصيت بابت لکيو آهي.
    مون هن قسم جو پورهيو ٻين سنڌي اديبن/شاعرن بابت به ڪيو آهي، انشاءَ الله اُهو به پڙهندڙن اڳيان جلد پيش ڪبو.
    هن ڪِتابَ جي تياريءَ ۾ مون سان منهنجي محبوب مهربان دوست رحمت پيرزادي جو ڀرپور سهڪارُ رهيو، ۽ اُنَ هِنَ ڪِتابَ جو مُهاڳ به لکي ڏنو، جنهن لاءِ آءٌ سندس دلي طور ٿورائتو آهيان.
    آءٌ سائين مدد علي سنڌي جي محبت جو پڻ مقروض آهيان، سندس محبتي ۽ ٻاجھاري شخصيت ئي مون کان هي ڪِتاب مُرتب ڪرايو، شالَ قبول پوي.
    آءٌ دعاڳو آهيان ته سائين مدد علي سنڌي وڏي ڄمارَ ماڻي، هميشه اسان جي مٿان ڇپر ڇانوَ ٿي رهي، ۽ ڪڏهن به پنهنجو تعلق لکڻ کان نه ٽوڙي (آمين)
    پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور جي سَٿَ: قربان منگي، امر اقبال ۽ آصف نظاماڻيءَ جا به ٿورا، جن جون محبتون ۽ محنتون به هِنَ ڪِتابَ جو حصو آهن.
    توهان پڙهندڙن جي قيمتي راءِ جو اوسيئڙو رهندو.
    ساٿ سَلامت ـــ سنڌ سلامت

    حبدار سولنگي
     ڳيريلو 4 آگسٽ 2014ع
    solangihubdar@yahoo.com 0334-2769868


    مُهاڳ

    ڌنڌ ۾ ويڙهيل آسمانَ جو ستارو

    سنڌي ادب ۾ ڪنهن حد تائين ان راءِ سان هم خيال ٿي سگهجي ٿو ته ”جديد سنڌي ادب ۾ ڪهاڻيءَ جي حوالي سان ڀرپور تنقيد نه ٿي سگهي آهي.“ مگر اهو الميو رڳو سنڌي ادب جو ناهي، اِهو هڪ عالمي مسئلو آهي؛ ان کي ڪنهن به هڪ ٻوليءَ جي ادب تائين محدود نه ٿو ڪري سگهجي.
    آمريڪا جي نوبل انعام يافته اديب ارنيسٽ ملر هيمنگوي جو پهريون ڪِتاب “Three Short Stories and Ten Poems” جڏهن ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو ته ان تي ڪير به تبصري ڪرڻ لاءِ تيار نه هئو؛ جيڪي به هن بابت رايا آيا اُهي سڀ منفي هيا. جڏهن ته سندس دؤر جو مڃيل اديب ايذرا پائونڊ اڳ ئي سندس تعريف ڪري چُڪو هئو.
    نوبل انعام يافته ليکڪ جان اسٽين بِڪ جڏهن ”ٽورٽيلا فليٽ“ ناول لکيو ته پوءِ نقادن کي سمجهه ۾ آيو. ان کان پوءِ انهن سندس پهريان ڪِتاب اٿلايا. اِها هر عظيم ليکڪ سان ناانصافي ٿي آهي ته سندس شروعاتي تخليقون نقادن جو قلم نه سڃاڻي سگهيو آهي. خود پائلو ڪوئيلهو جنهن جو ”الڪيمسٽ“ ۽ ”بريڊا“ دنيا جا وڌ کان وڌ ڇپجندڙ ڪِتاب ليکيا وڃن ٿا. ”الڪيميسٽ“ جون ٽي ڪروڙ ڪاپيون کپي چُڪيون ۽ اُهو ناول ستهٺ ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. ان ليکڪ جو پهريون ڪِتاب ڪنهن به پبلشر کي سمجهه ۾ نه آيو ۽ واپس ٿيندو رهيو ۽ پوءِ مشڪل سان ڇپيو. ان تي ڪنهن به نقاد تنقيد نه ڪئي ۽ ڪنهن به ان ليکڪ جي ”عظيم“ هجڻ جي اڳ ڪٿي نه ڪئي. اخبار ۾ ڪِتابن متعلق آيل صحافتي بيانن کي ٻئي ايڊيشن ۾ بيڪ ٽائيٽل ڪري ڇپيندا رهيا آهن ۽ اها دنيا جي سڌريل ٻولين جي وڏن ليکڪن جي حالت آهي. انهن جي مقابلي ۾ اسان وٽ وري به جاندار تنقيدي تسلسل آهي.
    اسان جي ويجھين ٻولين مان اڙدو ادب ۾ تنقيد جي حوالي سان چڱي ترقي ٿي آهي، مگر انهن وٽ تعريف جو عنصر وڌيڪَ آهي. هو پنهنجي معمولي ليکڪ کي به ”عصرِ نو ڪا عظيم شاعر“ چوندي نه ٿا ڪيٻائن.
    سنڌ ۾ تنقيد بابت ڪا به ترتيب ڏئي تاريخ نه سهيڙي وئي آهي، يا ائين چئجي ته تنقيد تي ڪا به تحقيق نه ٿي آهي، جنهن ڪري تنقيد جي اڻاٺ محسوس ٿي رهي آهي. نه ته اسان وٽ گربخشاڻيءَ کان گراميءَ تائين ۽ تنوير عباسيءَ کان تاج جويي تائين، ادبي تنقيد جو هڪ ڀرپور ڪئنواس آهي. اڄ ڪلهه جيڪو اسان وٽ تنقيد جي حوالي سان بحث هلي رهيو آهي ته ”سنڌي ادب ۾ ڪا به تنقيد نه پئي ٿئي.“ اهو منهنجي راءِ مطابق هڪ جذباتي رويو آهي؛ اها اصل ۾ لاعلمي آهي جنهن کي مان وڏي افسوسَ سان ”اجتماعي لاعلمي“ چوندس ته غلط نه ٿيندو. اصل ۾ اسان جي ٽهيءَ جا ۽ اسان جا سينيئر ليکڪ ۽ نقاد مطالعو نه ٿا ڪن. (اگر موجوده ادب جيڪو تازو ڇپجي پيو اهو پڙهن ٿا ته ڪلاسيڪل ۽ ويهين صديءَ جي جديد سنڌي ادب تي ٿيل فني ۽ فڪري تنقيد نه ٿا پڙهن). اڄ جيڪي اسان جا ماهوار رسالا، اخبارن جا هفتيوار مئگزين ۽ ٽماهي پرچا، ادبي اڀياسن سان ڀريا پيا آهن. انهن جي سهيڙ جي ضرورت آهي. ان کان علاوه هر ڇپجندڙ ڪِتاب پاڻ سان گڏ هڪ مفصل مهاڳ ۽ ڪجهه رايا ساڻ کڻي اچي ٿو. اسان جي نوجوان دوستن مان تمام ڪي ٿورا اهڙا دوست هوندا جيڪي ڪِتابن کي مُهاڳ سميت پڙهندا هوندا. ٻيو ته تنقيدي ڪِتابن کي ڳڻيو نه ٿو وڃي. مثال طور ڊاڪٽر فهميده حسين جي ناياب ڪِتاب ”اديون آنءٌ اڄاڻ“ بابت مون ڪٿي به ڪو حوالو ناهي ڏٺو ۽ اهو ڪِتاب ۽ ان جو ٽائيٽل مضمون ڪلاسيڪل ادب تي شاهه لطيف جي حوالي سان بلڪل نئين تنقيد آهي. اهڙي طرح تاج جويي جو ڪِتاب ”استاد بخاري سنڌ جي جوڀن جو شاعر“ جنهن ۾ جديد دؤر جي عظيم ۽ رهبر شاعر استاد بخاريءَ بابت سندس سترنهن لازوال مضمونَ موجود آهن، افسوسَ سان چوڻو ٿو پئي ته ڪنهن فورم تي مون سندس ڪِتاب بابت ڪا تفصيلي راءِ ناهي ٻُڌي. اهڙي طرح رئوف نظاماڻيءَ جي ڪِتاب ”گل گل هٻڪار“، چندر ڪيسواڻيءَ جي ڪِتاب ”نئون ادب، نيون ڳالهيون“ ۽ نصير سومري جي ڪِتاب ”ادبي ويچار“ تي به مفصل بحث ٿي نه سگهيو آهي. ائين ئي امر اقبال جو سهڻو ڪِتاب ”کنڀَ مورڻين جا“ به بظاهر شيلف ۾ بند پيل آهي، مگر ڪو به محقق انهن ڪِتابن جي جڏهن تاريخ سهيڙيندو ته اهي ڪِتاب ڪڏهن به فراموش نه ڪري سگهندو. ان جو سبب جيڪو مون کي تڪڙو سمجهه ۾ اچي ٿو، اُهو هي آهي ته تحريڪون ماٺيون ٿي ويون آهن، اسان جي قوم به سرڪاري ادارن تي ڀاڙيون ويٺي آهي. اسان کي هن وقت ننڍڙا ننڍڙا فورم متحرڪ ڪرڻ کپن ۽ وڏن توڙي نوجوان اديبن کي مجبور ڪجي ته اهي اسان جي فورمن ۾ اچن، اُهو انقلابي تحريڪن وارو نقصان پورو ڪرڻ کپي ته جيئن هڪ نئين کيپ تيار ٿئي. هنن ڪِتابن کي پڙهائڻ لاءِ ڪو عملي تحرڪ پيدا ڪرڻو پوندو.
    اڄ جيڪو ڪِتاب منهنجي سامهون پيو آهي اهو حبدار سولنگيءَ سهيڙيو آهي ۽ اسان جي سينيئر ٽهيءَ جي نمايان ۽ برجستي ليکڪ سائين مدد علي سنڌيءَ متعلق مضمونن جو ڪِتاب آهي. مدد علي سنڌي ان حوالي سان ڀاڳوند آهي ته ايترن سارن ليکڪن جي شعور مان سندس فن ۽ فڪر ٻيهر گذريو آهي ۽ انهن پنهنجي قيمتي راءِ سان مدد علي سنڌيءَ لاءِ هڪ مَقام مقرر ڪيو آهي. انهن لکڻين جو مکيه محور سندس منفرد ڪهاڻي، شاعري، سفرنامو ۽ ٻيون تصنيفون آهن. (اتي اِهو ضرور لکندس ته سنڌي ڪهاڻيءَ جي حوالي سان هڪ اهم نالو علي بابا جو به آهي، مگر مون اڄ ڏينهن تائين علي بابا تي ڪو به ڀرپور تنقيدي مقالو ناهي پڙهيو.) مدد علي سنڌيءَ بابت هن ڪِتاب ۾ شامل مضمونَ به منهنجي لاءِ وڏي اتساههَ جو سبب آهن، ڇو ته مدد علي سنڌيءَ جي ڪهاڻين ڇپجڻ جي وچ تي تمام وڏو وقفو هوندو آهي. ڪنهن به مخزن ۾ مدد علي سنڌي ريگيولر نه ڇپيو آهي. سندس لکڻ جي رفتارَ سندس طبيعت وانگر آواره (Bohemian) رهي آهي. مدد علي سنڌي الائي ڇو مون کي ڪڏهن به ڏات جو محتاج نه لڳندو آهي، منهنجي ذاتي راءِ آهي، ته هو جڏهن به چاهيندو ته ڪهاڻي سندس قلم مان آبشار جيان ڦٽي نڪرندي. سندس ڪهاڻي لساني تڪلفات (گرامر) جي به محتاج ناهي نظر ايندي. سندس لکڻيءَ جو انداز ۽ جملن جي جڙت احساس تي آڌارڪ آهي. جِتي ڪردار انتها کي پهچي سوچڻ ڇڏي ڏئي ٿو، اُتي مدد علي سنڌي ”ڊاٽ ڊاٽ“ ڏئي ٿو ڇڏي...... پاڻ پنهنجي پاران ڪمينٽس نه ٿو ڏئي، پر اڪثر ڪردار سان گڏ گڏ هلي ٿو. جڏهن ليکڪ پاڻ کي مائينس ٿو ڪري ڇڏي ته ڪردار ۽ پڙهندڙ روبرو اچي ٿا وڃن. جڏهن هُو پاڻ ٿو ڪردار جي حالت بيان ڪري ته ڪردار جي ذات ۾ داخل ٿي ٿو وڃي ۽ ڪيفيتن جي مصوري ڪرڻ کان پوءِ، ڪردار ڳالهائي ٿو. ”هاءِ حياتي... هاءِ حياتي“..... ته پڙهندڙ به ان درد جي درياهه جي وهڪري جو حصو بڻجي ٿو وڃي. سندس ڪردار حالتن جا ماريل/ڏکويل ڪردار هوندا آهن، ڇو ته هو هڪ حقيقت پسند ۽ اندر ۾ لهي ويندڙ ليکڪ آهي. داخلي درد کي بيان ڪرڻ تي کيس دسترس آهي. سندس هر ڪهاڻيءَ جي ڪُک ۾ درد جو هڪ ڪانُ ٽنبيل هوندو آهي.
    مدد علي سنڌيءَ گهڻيون ئي صنفون لکيون آهن. شاعري، ڪهاڻي، ناول، سفرنامو، مضمون (تجزيا/تنقيدون) ۽ تحقيق وغيره، مگر سندس لکيل سڀني صنفن مان مون کي مدد علي سنڌي هڪ ڪهاڻيڪار طور بيحد پيارو آهي. مون سندس ڪهاڻي ”هستيءَ جي اُجاڙ ايوان ۾“ پڙهي هئي، مگر ان وقت کان اڄ تائين ان ڪهاڻيءَ جي اثر مان نه نڪري سگهيو آهيان. ان ڪهاڻيءَ ۾ ڪٿي لکيل هئو ته: ”آڱرين ۾ ڪاشيءِ سڙيس ته ڇرڪ نڪري ويس. هٿ ۾ جھليل سگريٽ دُکي پورو ٿي ويو هو.“ يا سندس ڪهاڻي ”پکا پکن سامهان اوري اچي اڏ“ ۾ ڪملا جو ڪردار ۽ اها رات جڏهن هُو هڪ ٻئي کان ڌار ٿي رهيا هئا. ڪملا جنهن کي گُلَ ٽاريءَ کان ڇنڻ سُٺو نه لڳندو هئو، مگر ان موڪلاڻيءَ جي رات (ڪچڙو صبح) هئو. هُو گل ڇني سندس چوٽيءَ ۾ ٽاڪي ٿو، ته سمجھي ٿو ڪملا کانئس موڪلائي رهي هئي، ته ان وقت هُنَ محسوس ڪيو ته واقعي گُل ٽاريءَ مان ڇنڻ کيس ڇو برو لڳندو هئو.
    مدد علي سنڌيءَ جون ڪجهه ڪهاڻيون ورهاڱي جي پس منظر ۾ لکيل آهن. منهنجي ذاتي راءِ آهي ته مدد علي سنڌيءَ ورهاڱي کي ذهني طرح قبول ئي نه ڪيو آهي... ۽ جيڪو ماڻهو قرة العين حيدر جي ڪهاڻي ”ڪڙا ڪوٽ ڀڳاس، ته ملڪِ نه مارو ساڳيا“ پڙهي (سمجھي) ۽ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ٿو، اُهو اِنَ ورهاڱي کي ڪڏهن به قبول نه ڪندو.
    اهڙيءَ طرح مدد علي سنڌيءَ جي ڪجهه ڪهاڻين جو پس منظر يونيورسٽي لائيف ۽ پوسٽ يونيورسٽي لائيف پڻ آهي. انهن ساروڻين ۽ نوسٽيلجيائي وارتائن کي تخليقي سليقي سان مدد علي سنڌيءَ جيئن سنواريو آهي، اهڙو ڀاڳ گهـٽ ليکڪن جي ڀاڱي ۾ آيو آهي. ڇو ته مدد علي سنڌيءَ جي جوڀن واري زماني ۾ ڪهاڻيءَ جي حوالي سان موضوع Prominent هئا، مگر سندس اهم ڳالهه آهي ته اهڙن موضوعن تي به هن جاندار لکيو آهي. ورهاڱي، يونيورسٽي لائيف ۽ اندر جي ويچارن ۽ ڀاونائن جي موضوع تي سوين افسانه لکيا ويا، مگر مدد علي سنڌيءَ جيڪو لکيو پنهنجو لکيو. هو ڪٿي به تقليد جو قائل نظر نه ايندو، اها هڪ سچي Genuine ليکڪ جي نشاني آهي. باقي سندس هر ڪهاڻيءَ ۾ جيڪو درد آهي، اهو هڪ سڄاڻ فرد جو درد آهي.چون ٿا ته عُمر خيام کان سندس ماءُ پڇيو هئو ته: ”پٽ! تون هي ڇا پي رهيو آهين؟ ان مئه ۾ اهڙو ڪهڙو مزو آهي، جو تون مجبور ٿي ويو آهين؟ هڪڙو ڍُڪ مون کي به پيار ته مان به پي ڏسان“. عمر خيام کيس پيالي ۾ هڪ ڍُڪ ڀري ڏنو. سندس ماءُ اهو پي، ٿوڪاري ڇڏيو ۽ چوڻ لڳي، ”پُٽ! هيءَ ته زهر جهڙو ڪڙو آهي. تون ڪيئن ٿو پئين هي؟“ تنهن تي عمر خيام کيس وراڻيو ته: ”امان! هي دنيا ان زهر کان وڌيڪَ ڪڙي اهي.“ سائين مدد علي سنڌيءَ جي ڪهاڻين ۾ موجود درد جو پڻ سماج سان گهرو واسطو آهي. هر سڄاڻ فرد ناموزون سياسي، سماجي حالتن ۾ ڀوڳي ٿو. ذاتي طرح مدد علي سنڌيءَ جن حالتن ۾ ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي هئي، اُهي ناڪام جمهوري ۽ نام نهاد مارشلائي حالتون هيون. انهن حالتن ۾ مدد علي سنڌيءَ جيڪو ڀوڳيو آهي؛ اهو احوال پڻ هن ڪِتاب ۾ عبدالقادر جوڻيجي، مشتاق شوري، شوڪت شوري، اخلاق انصاري، غلام حسين رنگريز، نصير مرزا، ۽ پير عبيد راشديءَ لکيو آهي. مدد علي سنڌيءَ جي ادبي ڪم جي حوالي سان هِتي امداد حسيني، ذوالفقار راشدي، نور الهديٰ شاهه، شوڪت شوري، ممتاز مهر، مبارڪ لاشاري، بخشل باغي، ڊاڪٽر مخمور بخاري، لياقت رضوي، مختيار ملڪ، ابرار ابڙي ۽ ٻين جاندار ۽ صحت مند تنقيد ڪئي آهي.
    ان قسم جي عملي تنقيدي مضمونن جو هي مجموعو يقينن سنڌي ادب ۾ قابلِ قدر اضافو آهي، ۽ هنن مضمونن کي مجموعي جي شڪل ۾ ڏسي مون کي ان لاءِ به ذاتي طرح خوشي محسوس ٿي آهي، ڇو ته انهن مضمونن منجھان ڪجهه مضمون مون مختلف رسالن ۾ وقت بوقت پڙهيا به آهن ۽ سائين مدد علي سنڌي منهنجو پسنديده رائيٽر آهي ۽ مدد علي سنڌيءَ تي ڪِتابي شڪل ۾ هي هڪ پي.ايڇ.ڊيءَ جهڙو دستاويز آهي. هن ۾ سائينءَ جي فن ۽ شخصيت، ٻنهي حوالن سان ڀرپور ۽ جامع نڪتئه نظر پيش ڪيو ويو آهي. هن ڪِتاب جو سمورو ڪريڊٽ حبدار سولنگيءَ ڏي ٿو وڃي، جنهن پنهنجي اڻ ٿڪ محنت سان هن مسودي کي مختلف دور جا رسالا تلاش ڪري سهيڙيو آهي. ڪِتابي صورت ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ ۾ بار بار پروفنگ ڪري، ترتيب سيٽ ڪئي آهي ۽ ڪجهه نقادن کان هن خاص طور تي به هن ڪِتاب لاءِ مقالا لکرايا آهن.
    حبدار سولنگي ڳيريلي جهڙي ڳوٺ نما شهر ۾ رهي ٿو، جِتي ڪا به پبلڪ لائبريري ناهي (ڳيريلي ۾ 1978ع ۾ لائبريري هئي، مگر هاڻي اها تاريخ ۾ حوالي طور موجود آهي). اهڙين حالتن ۾ رهي حبدار هي ڪِتاب ڪيڏي نه محنتن سان ترتيب ڏنو هوندو. (حبدار جي جن ٻين ڪِتابن جي مون کي خبر آهي جيڪي هن سهيڙيا آهن، انهن ۾ شاهه لطيف تي مقالا، شيخ اياز تي مقالا، ادل سومري تي مقالا، ايازگل تي مقالا، طارق عالم تي مقالا، روبينا ابڙو تي لکيل مقالا ۽ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ بابت مضمونَ ۽ مقالا شامل آهن. سائين مدد علي سنڌيءَ تي هن ڪِتاب کان علاوه حبدار سولنگيءَ ڳيريلي جي شاعرن تي ڪِتاب ”روشنيءَ جون ريکائون“ پڻ ترتيب ڏئي ڇپايو آهي).
    هن ڪِتاب ۾ شامل هندستان جي معتبر ليکڪ گنو سامتاڻيءَ مدد صاحب لاءِ لکيو آهي ته: ”توکي ڏٺو ته نه اٿم، پر ڄاڻان ٿو، ته تون به هران ان ڪلاڪار وانگر آهين، جن جي ڪلا ۾ سچائي/شڪتي ۽ وشواس آهي.“ ۽ گنو سامتاڻيءَ جو هي پيراگراف ان لاءِ به ڏيڻ ضروري ٿو سمجھان ته جيئن هن ڪتاب ۾ موجود سندس مضمون جو ڪانٽينٽ سامهون اچي سگهي. گنو سامتاڻي لکي ٿو ته: ”اهو چاهيندس، تون به ڪافڪا وانگر بنا ڪنهن ڏوهه جي زندگي جي ڪنهن ٽرائل تي چڙهين. نه البيئر ڪاموجي ”مٿ آن سيسفس“ جيان بار ڍوئي نرارٿ پهاڙ تي چڙهڻ لهڻ جي سزا ڀوڳيندو رهين، نه سيموئيل بيڪيٽ جيان، جيڪو ڪڏهن به نه اچڻو آهي ان گوڊوٽ جو انتظار رکندو رهين، پر الائي ڇو لڳي ٿو، چاهيندي به ڀانيان ٿو، تون به مون وانگر ڪهاڻيءَ جي ڪراس تي بار بار چڙهندو رهندين.“
    گنو سامتاڻيءَ جي ڏک ڀرين سٽن ۾ جيڪو درد آهي، ان جو هم درد هو مدد علي سنڌيءَ کي سمجھي ٿو، جنهن کي هُنَ ڪڏهن ڏٺو ئي ناهي ۽ حيدرآباد جي شهر لاءِ لکي ٿو ته: ”هي منهنجو شهر آهي، مگر هاڻ منهنجو نه رهيو آهي.“ هڪ سرحد پار ويٺل ڪهاڻيڪار پنهنجي جنم ڀوميءَ جي سڪ ۾ ڄڻ مدد علي سنڌيءَ ۾ پاڻ کي سڃاڻي ٿو. سندس ليک پڙهي مان سالن کان شيخ اياز جي نه سمجھي سگهيل سٽ سمجھي ويس ته:

    پرڏيهيءَ سان پيار ڪري، مون پنهنجو ڏيهه ڏٺو

    هي منهنجو مختصر پيپر اهڙي وڏي شخصيت جي فن ۽ فڪر جو ڪاٿو ته نه ٿو ڪري سگهي، ڇو ته مدد علي سنڌي رڳو ڪهاڻيڪار ئي نه آهي پر تحقيق جي معاملي ۾ پاڻ ذميوار ليکڪ آهي. هو جڏهن ”حيدر ڪلوچ سنڌ جو مشهور فارسي گُو شاعر“ عنوان سان تحقيقي مقالو ٿو لکي ته حيران ڪري ٿو ڇڏي. هو پنهجويهن ڪِتابن جا حوالا (reference) لکي ٿو، جن ڪِتابن ۾ تاريخ معصومي، تحفة الڪرام، قديم سنڌ ۽ ان جا ماڻهو، تذڪره مشاهير سنڌ، تذڪره لطيفي، تذڪره پوراني سادات، تاريخ باب الاسلام وغيره ۽ انهن مقدس سنڌي ڪِتابن جو مطالعو به پيش ڪري ٿو. مدد علي سنڌيءَ جو اهو تاريخي ڪم ڪنهن اعليٰ محقق جي ليول جو آهي. اهڙائي سندس تنقيدي مضمونَ به آهن جيڪي پاڻ ذميواريءَ سان، حوالن سان ۽ ذاتي تجربن ۽ مشاهدن جي روشنيءَ ۾ لکيا اٿس. اهڙي جامع ليکڪ جي فن ۽ فڪر تي هن ڪِتاب جي ليکڪن جا رايا يقينن اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ به هڪ اهم تحفو ثابت ٿيندا. مدد علي سنڌي صاحب لاءِ مون اڳ به لکيو هئو ۽ اڄ به لکان ٿو ته هو ڌنڌ ۾ ويڙهيل آسمان جي ستارن منجھان آهي، جڏهن ڌنڌ هٽندو ته وقت سندس اهميت پاڻ طئه ڪندو.

    رحمت پيرزادو
    جوهر موڙ ڪراچي


    دل اندر درياهه

    مدد علي سنڌيءَ جون ڪهاڻيون
    مراد علي مرزا

    سنڌي افسانو ارتقا پذير آهي. ان جو شمار فنون لطيفه ۾ ٿئي ٿو ۽ فنون لطيفه جو لاڳاپوذهن سان هوندو آهي، جيڪو نت نين حالتن ۽ ماحول جي اثر هيٺ لاڳيتو ارتقائي عمل ۾ رهي ٿو.
    19 صديءَ جي آخر ۾ سنڌي افساني جي اوائلي نمونن جي شروعات ٿي ۽ ويهين صديءَ ۾ ان جي Form ۽ Contents ۾ انيڪ ۽ اڪيچار تجربا ڪيا ويا آهن؛ ان جي ننڍڙي Canvas تي موضوعن جا ڪيترائي رنگ ڀريا ويا آهن. جن جي ڪري سنڌي افسانوي ادب ۾ رنگا رنگيءَ جا نمونا ملن ٿا.
    افساني جي ان رنگا رنگيءَ بابت هت هڪ اهڙي مثال جو ذڪر ڪندس، جيڪو پراڻو به آهي ته نئون به؛ انوکو به آهي ته عجيب به؛ دلچسپ به آهي ته ڇرڪائيندڙ به. اها رنگا رنگي خيال، فڪر يا سوچ جي نتيجي ۾ پيدا ٿئي ٿي، جيڪا ڪنهن فن پاري جي گهاڙيٽي Form ۽ مواد Contents تي اثر انداز ٿيندي آهي. فڪر جو اهو لاڙو يا رغبت پهرين پهرين ڪنهن هڪ تخليقي ذهن مان اُٿندي آهي ۽ پوءِ آهستي آهستي وڌندي ويجهندي، مقبول ٿيندي، وري ڪنهن ٻئي لاڙي جي لاءِ جاءِ خالي ڪندي، پنهنجي واري تي ٻيهر اُڀري اچڻ جي لاءِ پس منظر ۾ غائب ٿي ويندي آهي.
    افساني جو اهو انوکو، عجيب، دلچسپ ۽ ڇرڪائيندڙ مثال مدد علي سنڌيءَ جي افساني ”اُڀريو ڏينهن ڏکن جو“ ۾ ملي ٿو، جيڪو پهرين ”ناري“ پرچي ۾ (فيبروري . 1980ع) ۽ پوءِ هن جي افسانن جي مجموعي ”دل اندر درياهه“ ۾ ڇپيو آهي. افسانو هڪ خط جي Form ۾ لکيل آهي، جيڪو ”م“ نالي واري شخص، شايد پاڻ افسانه نويس، پنهنجي محبوبه کي لکيو آهي. افساني جي شروعات ۾ ئي فڪر جي ان لاڙي ڏانهن ٻه اشارا ملن ٿا: هڪ اشارو هيءُ ته مصنف ٻڌائي ٿو ته ”مون هڪ هيبتناڪ سپنو ڏٺو آهي“ ۽ ٻيو اشارو هيءُ ته ”اهو هيبتناڪ ۽ ڊپ جهڙو سپنو تنهنجي ۽ منهنجي ڪنهن اڳئين جنم جي دؤر جو هو“. اڳتي هلي افساني ۾ ان حقيقت جو اعتراف ڪيو ويو آهي ته، ”ڪنهن جنم ۾ مان توکي هڪ مينهن وسندڙ رات جو سنڌو درياهه جي گهاٽ تي اڪيلو ڇڏي ويو هوس.“ وري اڳتي اچي ٿو ته، ”ڪالهه مون مٽيءَ جي هڪ مورتي ٺاهي. مورتي ٺهڻ کان پوءِ جڏهن مون ان مورتيءَ جي مک ۾ نهاريو ته الائي ڇو مون کي لڳو ته اها مورتي تنهنجي ۽ منهنجي گذريل جيون جي ڪا اتهاسڪ نشاني آهي“. ان کان پوءِ افساني ۾ انهن خوفن، خطرن ۽ انومانن جي اپٽار ڪيل آهي جيڪي هيرو کي پنهنجي ماڳ تي پهچڻ کان اڳ سندس دل ۾ واسو ڪن ٿا. نيٺ مصنف لکي ٿو ته، ”دل چوي ٿي ته اهو سپنو توکي نه ٻڌايان، پر الائي ڇو، نه چاهيندي به مان تو کي سپني جي هڪ هڪ ڳالهه لکي رهيو آهيان!“ ۽ پوءِ ڳالهه شروع ٿئي ٿي، جيڪا مدد علي سنڌي جي لفظن ۾ ”نائين يا ڏهين صديءَ جي دؤر جي پئي لڳي“، يعني خط جو لکندڙ يا افساني جو مصنف اڄ کان هڪ هزار سال اڳ جي زماني ۾ پهچي ٿو، جنهن جو ماحول کيس ۽ سندس لفظن ۾ ”جهڙوڪر ڏٺل وائٺل پيو لڳي“. هن شروع ۾ ئي لکيو آهي ته اهو هڪ سپنو آهي ۽ ان سپني ۾ کيس اها ساڳي ڇوڪري نظر اچي ٿي جنهن کي هن اهو خط لکيو آهي. ان ڇوڪريءَ کان هو سپني ۾ پڇي ٿو ته، ”تو ڪنهن ٻئي اجنبي شخص کي زندگيءَ جو ساٿي ڇو چونڊيو؟“ افساني جي آخر ۾ خط لکندڙ هيءُ خدشو ڏيکاري ٿو ته، ”هنن ڊپ جهڙن سپنن ڏسڻ کان پوءِ مون کي يقين آهي ته مان پنهنجين سڀني اميدن سان گڏ زندگيءَ جي هن رڻ ۾ شڪست کائي ويندس. اها ساڳي شڪست ڪنهن اڳئين جنم ۾ به مون تنهنجي هٿان هن ويڙهه ۾ کاڌي هئي.“.
    مدد علي سنڌيءَ جي ان افساني جي ڪهاڻي هن ريت ٺهي ٿي: هڪ نوجوان ڇوڪرو ۽ نوجوان ڇوڪري آهن، اهي هڪ هزار سال اڳ پاڻ ۾ پيار ڪندا هئا، پر کين پيار ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿي ٿئي. هزار ورهيه گذرڻ کان پوءِ اهي ساڳيا ڪردار ساڳئي روپ ۾ ظاهر ٿين ٿا. هنن جو پاڻ ۾ پيار پڻ آهي. ڇا ان پيار جو هن ڀيري به اهو ئي نتيجو نڪرندو؟ افساني جو موضوع ننڍي کنڊ جي ان پراڻي فلسفي مان ورتل آهي ته هر انسان هن دنيا ۾ ايستائين جُوڻ بدلائيندو رهندو، جيستائين سندس اَتما کي پوريءَ طرح مُڪتي يا نجات حاصل نه ٿي آهي. ان فلسفي کي آواگون/تناسنح يا روح جو چڪر (Transmigration of Soul) چيو ويو آهي. اهو فلسفو ڪيتري قدر سچو آهي؟ ان بابت ڪوبه آخري راءِ ڏئي نه ٿو ڏئي سگهي، ڇالاءِ ته موت جي سرحد ۾ هڪ ڀيرو پير پائڻ کان پوءِ ڪوبه واپس موٽي نه آيو آهي. ان هوندي به ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي ان فلسفي ۾ يقين رکن ٿا ۽ اهڙا واقعا به ٿيا آهن جن جي آڌار تي چيو وڃي ٿو ته آواگون/تناسنح جي فلسفي ۾ ضرور ڪانه ڪا سچائي آهي.
    شروع ۾ ٻڌائي آيو آهيان ته ادب ۾ اهو لاڙو پراڻو به آهي ته نئون به. اهو ان ڪري ته انسان ازل کان ئي پاڻ کي سمجهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي ۽ اڄ جا سمورا علم ان ڪوشش جو ئي نتيجو آهن. ادب ۾ ان لاڙي جا ٻه مثال پيش ڪندس: هڪ قديم ۽ ٻيو جديد. پوءِ انهن جي تجزيي جي روشنيءَ ۾ مدد علي سنڌيءَ جي افساني جي پرک ڪبي. آواگون/تناسنح يا جُوڻ مٽائڻ جو ادب ۾ پهريون ۽ پراڻو مثال مهاراشٽري ٻوليءَ ۾ لکيل هڪ ناول ”ترنگوتي“ آهي، جنهن جي ليکڪ جو نالو ”پادلپت“آهي. ناول جي ڪهاڻيءَ مطابق هڪڙو ماري، شڪار ڪرڻ جي لاءِ جهنگ ۾ وڃي ٿو. اتي کيس نيرڳي پکين جو هڪ جٿو نظر اچي ٿو. اتفاق سان شڪاري پکين جي ان جوڙي مان هڪ پکيءَ جو شڪار ڪري ٿو، جيڪو شڪار جي اصول جي بلڪل خلاف آهي، ان ڪري شڪاريءَ کي ڏاڍو ڏک ۽ پڇتاءُ ٿئي ٿو ۽ مئل پکيءَ کي کڻي ساڙي ٿو ڇڏي. اهو ڏسي ٻيو پکي به باهه ۾ اچي ڪري ٿو ۽ سڙي رک ٿئي ٿو. پکين جو اهو جوڙو پوءِ جوڻ مٽائي ڪؤسامبيءَ جي سوداگر خاندانن ۾ ڇوڪر ۽ ڇوڪريءَ جي صورتن ۾ جنم وٺي ٿو؛ مائٽ ڇوڪريءَ جو نالو ترنگوتي رکن ٿا. ترنگوتي جڏهن سامائجي جوان ٿئي ٿي تڏهن هڪ ڏينهن باغ جو سير ڪندي کيس ڏکائتو ماضي ياد اچي ٿو. پوءِ گهر اچي هوءَ پنهنجي گذريل/اڳوڻي جنم جا واقع ۽ حادثا هڪ ڊگهي پردي تي چٽي ٿي. سندس ٻانهي وري اهو نقش ٿيل پردو کڻي گهر جي بالڪنيءَ تي ٽنگي ٿي ڇڏي.
    ايتري ۾ ترنگوتيءَ جو عاشق اتان لنگهندي اهو پردو ڏسي ٿو ته هن کي پنهنجو اڳوڻو جنم ياد اچي ٿو. هوڏانهن ترنگوتيءَ جو پيءُ سندن پيار تي راضي ڪونهي. تنهن ڪري هڪڙي ڏينهن ٻئي گهر مان ڀڄي نڪرن ٿا، پر رستي ۾ ڌاڙيلن جي ور چڙهي ٿا وڃن. ڌاڙيلن مان هڪ نوجوان ڌاڙيل مٿن رحم کائي کين بچائي ٿو ۽ ٻئي موٽي گهر اچن ٿا. هاڻي ترنگوتيءَ جو پيءُ ڪو ٻيو چارو نه ڏسي سندن شادي ڪري ٿو ۽ زال مڙس ڏاڍي آرام ۾ سک سان زندگي گهارين ٿا. گهڻي وقت گذرڻ کانپوءِ هڪ ڀيري زال مڙس، جين مت جي هڪ ڀڪشو سان ملاقاتي ٿين ٿا، جنهن کي ترنگوتي پنهنجي اڳوڻي جُوڻ جي ڳالهه ٻڌائي ٿي. ان تي ڀڪشو ٻڌائين ٿو ته آءٌ ئي اهو نوجوان ڌاڙيل آهيان ۽ اڳين جنم ۾ پکين جي جوڙي مان هڪ پکيءَ کي شڪار ڪيو هو ۽ جڏهن اوهين ٻئي ڌاڙيل جي ور چڙهيا هئا ته مون کي پنهنجو اڳوڻو جنم ياد اچي ويو، جنهن ڪري اوهان کي آزاد ڪرايم.
    جديد ادب ۾ تناسنح يا جوڻ مٽائڻ جي موضوع تي ڪيترائي ناول لکيا ويا آهن ۽ ڪيتريون ئي فلمون ٺاهيون ويون آهن. ان موضوع تي اردو فلم ”محل“ ۽ ”قدرت“ بيحد اثرائتيون ۽ دلچسپ آهن. مغربي ادب ۾ جون گرانٽ (Joan Grant) جا لکيل ناول ”The Eye of Horns“ ۽ ”Winged Pharaoh“ ملن ٿا. انهن ناولن جي مصنفه ’جون گرانٽ‘ جي دعويٰ آهي ته انهن ناولن ۾ جن واقعن جو ذڪر ڪيل آهي، اهي سندس اڳوڻين حياتين جون تمام جهونيون ساروڻيون آهن. انهن ناولن کان سواءِ آرٿر گرڊ هام (Arther Guirdham) جو Cathars And Reincarnation ۽ اي ڊبليو ريال (E.W. Ryall) جو ناول Second Time Around اهڙا آهن جن ۾ تاريخ جي پس منظر ۾ جُوڻ مٽائڻ جا واقع بيان ڪيل آهن. انهن سڀني فلمن ۽ ناولن جي پلاٽن جو ذڪر ڪرڻ جي بدران، انهن جي فقط هڪ اهم ۽ بنيادي نقطي جي وضاحت ڪرڻ ضروري آهي. اهو نقطو هيءُ آهي ته جُوڻ مٽائڻ جي ساروڻي ڪردار کي ان وقت ٿئي ٿي، جڏهن کيس اهڙي نشاني يا واقعو نظر اچي ٿو، جيڪو سندس گذريل جيون سان واسطو رکندڙ آهي، جئين ’ترنگوتي‘ ناول ۾ ترنگوتي کي پنهنجي اڳوڻي زندگي ان وقت ياد اچي ٿي، جڏهن باغ ۾ گهمندي هوءَ تار نيرڳي پکين کي ڏسي ٿي. پر ان نقطي جي بلڪل ابتڙ مدد علي سنڌيءَ جي افساني ۾ اڳوڻي جيون جو اشارو خواب ۾ ملي ٿو. عملي طرح ان جي وضاحت هن ريت ڪري سگهجي ٿي ته ترنگوتيءَ کي شعور جي ذريعي لاشعور کي ڦولهڻو پوي ٿو، پر مدد علي سنڌيءَ جي افساني جي هيرو کي لاشعور جي وسيلي شعور تائين وڃڻو پوي ٿو. سگمنڊ فرائڊ خوابن جي باري ۾ چوي ٿو ته خواب انسانن جي خواهشن جي تڪميل هوندا آهن؛ يعني ڪا تمنا ڪا خواهش شعور کان لاشعور تائين سفر ڪندي آهي ۽ جڏهن شعور سمهي رهندو آهي ۽ لاشعور سجاڳ هوندو آهي. تڏهن اهو خواب جي ذريعي پنهنجو ڪرشمو ڏيکارڻ شروع ڪندو آهي. تنهن ڪري مدد جي افساني ۾ موضوع جو بنياد هڪ غلط تصور تي رکيو ويو آهي.
    هاڻي ڏسڻو آهي ته جُوڻ مٽائڻ جو نظريو ڪڏهن ۽ ڪٿان شروع ٿئي ٿو ۽ هن وقت نفسيات جي ماهرن جي ان باري ۾ ڪهڙي راءِ آهي سر راڌا ڪرشنن (مشهور هندو فيلسوف ۽ ڀارت جي سابق صدر) هندو مت تي پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته جُوڻ مٽائڻ جو نظريو پهرين پهرين اُپنشد ۾ اچي ٿو، جيڪو 700 ق. ۾ ان وقت جي هڪ مفڪر ۽ پنچال قبيلي جي اڳواڻ ”جئه ولي پرواهن“، هڪ برهمڻ ”اروٽي گوتم“ کي سيکاريو هو. جيئن ته ان نظريي جو پرچارڪ گنگا ماٿر جو اڻ آريو هو، تنهن ڪري ان جي تبليغ ۽ سِکيا لڪ چوري ڏني ويندي هئي. پوءِ جڏهن اهو نظريو آهستي آهستي مقبول ٿيندو ويو، تڏهن برهمڻن به ان کي قبول ڪيو. ان نظريي مطابق انسان هن دنيا ۾ جيڪڏهن سٺا ۽ نيڪ ڪم ڪندو ته سندس ٻيو جنم ڪنهن سٺي ۽ اعليٰ روپ ۾ ٿيندو، پر جي ڪو انسان خراب ڪم ۽ ڏوھ گناهه ڪندو ته ٻئي جنم ۾ اهو انسان جي رتبي کان تمام گهڻو گهٽ، ڪنهن ٻئي جيوَ جي روپ ۾ ظاهر ٿيندو. اهڙيءَ ريت آتما يا روح جو اهو چڪر ايستائين هلندو رهي ٿو، جيستائين نيڪ ڪمن جي ڪري آتما پوريءَ ريت مُڪتي يا ڇوٽڪارو حاصل نه ڪندو.
    جديد نفسيات جي ڪن ماهرن جو ان باري ۾ چوڻ آهي ته تناسنح يا جُوڻ مٽائڻ جو اهو نظريو هڪ مفروضو آهي. سندن خيال آهي ته ننڍپڻ ۾ ٻار ڪيترائي اهڙا واقعا ڏسي ۽ ڳالهيون ٻڌي ٿو جيڪي سندس لاشعور ۾ ويهي رهن ٿيون، پوءِ جڏهن هو وڏو ٿئي ٿو ۽ ان قسم جا واقعا ڏسي ٿو يا اهڙيون ڳالهيون ٻڌي ٿو، تڏهن کيس اهي پراڻا واقعا ۽ ڳالهيون ياد اچن ٿيون جن لاءِ هو سمجهي ٿو ته اهي شايد سندس اڳوڻي زندگيءَ جا واقع يا ڳالهيون آهن. هن سلسلي ۾ Genetics جي ماهرن جي تحقيق غور طلب آهي، جن جو وري هيءُ چوڻ آهي ته ڪيتريون ئي بيماريون ۽ عادتون ماڻهو کي ورثي ۾ ملن ٿيون، منهنجي خيال ۾ اها تحقيق وڌيڪ وزنائتي آهي، ڇاڪاڻ ته، جيئن هاڻي ثابت ٿي چڪو آهي، جيڪڏهن ڪي بيماريون جهڙوڪ نزلو، سلهه وغيره نسل در نسل ورثي ۾ ملي سگهن ٿيون، ته پوءِ ڪو به سبب ڪونهي جو اسين ان حقيقت کي قبول ڪريون ته يادگيريون به نسل در نسل ورثي ۾ ملي سگهن ٿيون. (رنگ روپ، قد بت، وارن جو رنگ، اکيون، مهانڊا، هلت چلت، آواز وغيره ورثي ۾ ملن ٿا.) تنهن ڪري Genetics جي هن نظريي جي ڀيٽ ۾، جُوڻ مٽائڻ جو، نظريو هڪ مفروضو لڳي ٿو، جنهن جي ڪا به سائنسي حيثيت ڪانهي.
    مدد علي سنڌيءَ جو افسانو ”اڀريو ڏينهن ڏکن جو“ يقيناً انهن يادگيرين بابت آهي، جيڪي کيس نسل در نسل ورثي ۾ مليون آهن ۽ جيئن ته تخليقي ذهن عام ذهن کان وڌيڪ سگهارو ۽ حساس ٿيندو آهي. ان ڪري مدد علي سنڌيءَ انهن ساروڻين کي ويساري جي لڙاٽ ۾ غائب ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي. اهائي ان افساني جي خوبي آهي.
    سائنسي تحقيقات جي قطع نظر، موت جي باري ۾ في زمانه ٻه عقيدا رائج آهن. هڪ عقيدي جي مطابق انسان عبارت آهي جسم ۽ روح جي مرڪب جي، ته جڏهن روح انسان جي جسم مان نڪري ٿو وڃي ته هُو مري ٿو وڃي. انهي عقيدي موجب انسان جهڙوڪ رٻڙ جي ڦوڪڻي يا کينون جهڙو آهي، جيڪو هوا نڪرڻ کانپوءِ بيڪار ٿيو وڃي، تڏهن جسم کي ته زمين ۾ دفن ڪري ٿو ڇڏجي، روح عالم ارواح ڏانهن هليو ٿو وڃي، پر قيامت ڏينهن جڏهن اسرافيل فرشتو صُور ڦوڪيندو ته سڀ مرده جيئرا ٿي پوندا ۽ حشر جي ميدان ۾ ڪٺا ٿيندا، جتي خدا سندن نيڪيون ۽ بديون توريندو ۽ کانئن پڇا ڳاڇا ڪندو. پوءِ جن جي نيڪين جو پلڙو ڳرو هوندو تن کي جنت ۾ امر حياتي ملندي ۽ جيڪي بدڪار هوندا، سي جهنم ۾ اڇلايا ويندا. ٻئي عقيدي مطابق، انسان جو جسم هڪ عارضي مٽي آهي، پر سندس آتما امر ٿئي ٿي، اها ڪڏهن به نٿي مري، بلڪه پنهنجي ڪرم (اعمال) پٽاندر جُوڻ مٽائيندي ۽ نَون نَون جسمن ۾ حل ٿيندي رهي ٿي. آتما (روح) کي نرواڻ (نجات) تڏهن ٿو نصيب ٿئي، جڏهن اها خواهشن جي ڄار کان ٿي نڪري. آواگون يا تناسنح جو عقيدو اهو ئي آهي. انهي عقيدي جي پيروي ڪندڙ، پنهنجي مڙدن کي ساڙيندا ۽ سندن رک کي دريا ۾ لوڙهي ڇڏيندا آهن، ڇو ته جسم هنن لاءِ مرڻ کان پوءِ ڪڏهن به جيئرو نٿو ٿئي. حڪيم فيثاغورث ۽ هندن جو عقيدو به اهو ئي آهي.


    ڪڏهن نه کٽندڙ سفر جو آغاز....

    امداد حُسيني
    طوفان لڳو،
    ۽ ڪري پيا
    وڻن مان ساوا ۽ سڪل پن.
    ٻاهرين طوفانن جي ڌونڌاڙ سان پن ٽار سڀ اچيو پٽ پون. ٿڙ پاڙان پٽجيو وڃن، اهڙا ئي طوفان اندر ۾ به لڳندا آهن.

    تيز ڪيڏي نه هوا،
    من بن ۾
    رڳو ٽڙڪاٽ هئا
    سڀ تن ۾.

    ٻاهريان/اندريان طوفان. ڏک/سک. لڙڪ/مرڪ. آشا/نراشا ۽ ائين داخلي/خارجي ميلاپ سان ئي ڪلا جو سرجڻ ٿئي ٿو. شمشير جي آفاقي ’لاٽ‘ جي هيءَ پهرين سٽ منهنجي مقصد کي وڌيڪ اجاگر ڪري ٿي.
    حقيقتن کي طبيعت جي روشني پهتي
    ۽ داخلي/خارجي رت ريت مٽجندي/مٽجندي رهي ٿي.
    بهار (جي مند) ايندي ئي
    رابيل جا گل ٽڙي پيا آهن
    ائين روايتن سان به ساڳي ڪار ٿيندي رهي ٿي. مٽجڻ/مٽجڻ واري، پر هڪ ريت/روايت، جيڪا ڪنهن به سچي ڪلاڪار لاءِ ڪڏهن به نٿي مٽجي/مٽجي سا آهي، پن ڇڻ ۾ بسنت رت جي ورڻ جو اَمٽ ويساهه-اڻٽيهينءَ جي گهگهه اونداهين ۾ به اوشا جي آشا.

    پر اجهامي نه سگهيا،
    تنهنجا ۽ منهنجا،
    اڃايل نيڻ.

    ’پنرملن‘ جي رچنائن لاءِ هڪ سڌي سنواٽي سِٽ ته اهائي آهي ته، ’اهي وڇوڙي جا ورلاپ آهن ۽ اڪيلائيءَ جي احساس انهن کي جنميو آهي. توهان انهن رچنائن کي شعري- نثر/نثري- شعر سڏي سگهو ٿا. هونئن سنڌي ادب ۾ اها ڪا نئين شيءِ نه آهي، ورهاڱي کان اڳ ’سدا گلاب‘ ۾ اچي چڪي آهي.‘
    ورهاڱي کان پوءِ ان قسم جي رچنائن کي هڪ صنف جي طور ٻيهر رواج ۾ آڻڻ جو سهرو اياز جي سر سونهي ٿو ۽ اياز جون اهي رچنائون سڀ کان پهرين ’نئين دنيا‘ ۾ ڇپيون هيون. تڏهن دادا ملڪاڻيءَ انهن کي شاعريءَ مڃڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ انهن رچنائن کي ’نظماڻو نثر‘ سڏيو هو پر ائين چوڻ سان انهن رچنائن جي اهميت گهٽي نٿي، نه ئي دادا ملڪاڻيءَ جو ڪو اهو مقصد هو.
    موجوده دور ۾ به ڪيترائي نالا آهن، جيڪي ان صنف ۾ لکي رهيا آهن، پر انهن جي گهڻائي ’سهل پسنديءَ‘ ۽ ’فيشن پرستيءَ‘ جو شڪار آهي- ان صنف جو وڪاس (Evolution)، نئين ڪهاڻيءَ وانگر وري به هند ۾ ئي ٿيو آهي. ان ڏس ۾ هريش واسواڻيءَ ۽ شيام جئسنگهاڻيءَ گهرا ۽ گنڀير تجربا ڪيا آهن ۽ اهي ڪتابي روپ ۾ پڻ اچي چڪا آهن ۽ هتي سنڌ ۾ مدد سنڌيءَ جو ’پنرملن‘ ان صنف تي پهريون مڪمل ڪتاب آهي.
    هتي منڍ ۾ ئي هڪ سوال ٿو اڀري ته جڏهن ڪنهن به ليکڪ/ڪلاڪار وٽ اظهار لاءِ نثر جهڙو وسيلو موجود آهي ۽ اهو به ڪهاڻيءَ جهڙو سگهارو وسيلو، تڏهن هن کي نثري-شعر/شعري- نثر ۾ لکڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ جڏهن ته نثر ۾ به شعري تاثر هڪڙو هوندو آهي، خاص طور تي مدد جهڙي لکيڪ وٽ. تڏهن اهڙي صنف ۾ لکڻ، جيڪا بهرحال نثر کي وڌيڪ ويجهي آهي، جي ڪهڙي ضرورت پيش آئي آهي؟ هتي منهنجو مقصد اهو ڪڏهن به نه آهي، ته ڪلا جي هڪ ئي وقت هڪ کان وڌيڪ صنفن سان نڀائڻ ڪا اڻ ٿيڻي آهي. پر ان کي ٿيڻي بڻائڻ جوکم جو ڪم ضرور آهي. سنڌ ۾، هند جي سنڌي ڪوتا (نثري-شعر/شعري-نثر) جي روايت سان ئي سلسلو جوڙيو ويو آهي. (سنڌ جي نئين ڪهاڻيءَ سان به ساڳيو مسئلو آهي)
    جيڪڏهن ڪنهن به رچنا (نثري توڙي شعري) ۾ لفظن/گهاڙيٽي/معنا (تاثر) جو رچاءُ/سنگم آهي ته پوءِ اسان جون اکيون ٿڌيون.

    سپنا سمورا
    ساڀيا جي پنڌ ۾
    ڪڻو ڪڻو ٿي ويا.

    ۽ انهن لفظن جو جڙاءُ نج نثر کان نج شعر کي وڌيڪ ويجهو آهي.
    هتي هڪ ٻي ڳالهه به ڪري سگهجي ٿي ته، نثري-شعر/شعري-نثر ڪٿي پابند شاعريءَ (عروض/ڇند تي) کان اڻ ڄاڻائيءَ جو نتيجو ته نه آهي، ڇوته سنڌي اتهاس جون پاڙون ته وري به پاتال ۾ کتل آهن. ساڳي وقت ڇند/بحر تي آڌار رکندڙ شعر خيال/جذبي فڪر تي پابنديون مڙهي ٿو. ڪڏهن قافيي/رديف کي نڀائڻو آهي ته ڪڏهن وري رڪنن/ماترائن جي ڳڻتي... ۽ ائين ان روايت سان بغاوت ڪري سگهجي ٿي. ۽ جڏهن توهان اهو جوکم کڻو ٿا، بي قافيي نظم ۽ آزاد نظم کي به ٻرانگهه سان اورانگهڻ چاهيو ٿا. تڏهن توهان جون ذميواريون به وڌي وڃن ٿيون. پابند شاعري ۾ ته وزن/ردم/ليءَ کي برقرار رکڻ لاءِ زائد اکر اچي ئي ويندا آهن. پر نثري-ڪوتا ۾ ائين نه ٿيڻ گهرجي. جيئن مون ص17 جي رچنا ۾ ’ڪن‘ لفظ ۽ ص16 تي ’جي مند ڏنگين ( ) ۾ ڏنا آهن.
    مدد جون هي رچنائون گهڻي ڀاڱي تاثراتي ۽ ذاتي انڀو تي آڌارڪ آهن. بنيادي ڪيفيت ساڳي آهي. دک. وڇوڙي کان پوءِ جو دک ۽ وڇوڙو ضروري آهي ٻيهر ملڻ لاءِ- هي رچنائون مختلف ڏسن کان ان جي روپ- ريکا آهن.
    مدد ’ملاقات‘ کي هڪ ڀيانڪ وڇوڙي جي شروعات ٿو سڏي پر مون وٽ، ان رچنا جي ناتي، اهو ڀيانڪ وڇوڙو ڪنهن مڌر ملن جي اوسيئڙي جو آرنڀ آهي. يادگيرين جي ڪڏهن نه کٽندڙ سفر جو آغاز.

    مٿي آڪاس ۾ چمڪي پيو
    سرءُ جي مند جو زرد چنڊ
    ۽ منهنجي اندر ۾ ٻري پيو
    يادگيرين جو اداس چنڊ.
    مدد جي هنن رچنائن تي هئڊ رنگ هاريل آهي. اداسيءَ جو رنگ.
    ۽ منهنجي هستيءَ مٿان
    ڌيري ڌيري ڇانئجي رهي آهي
    صدين جي ڪائي پراچين شام.

    ۽ اهڙي ئي شام، جڏهن سورج اجهامي ويندو آهي. تڏهن ’پنرملن‘ جو ڪوي ڦلهار مان چڻنگون ڦلهورڻ لڳندو آهي. ۽ پوءِ اهي ئي چڻنگون لفظ لفظ ٿي سِٽون بڻجنديون آهن جيڪي تيز هوائن ۾ به نه اجهامنديون آهن نيڻ وانگي اڃايل نيڻ. اهوئي ڪارڻ آهي، جو ٿڪائيندڙ ڏينهن ۽ اداس سانجهين ۾ به مدد وٽ روشنين جي پياس جو گهرو شعور موجود آهي.

    اداسيءَ جي هن گهري رات ۾
    سنڌو جي ڪناري
    نرت ڪندا رهنداسين
    ۽
    سوجهري جو انتظار
    ڪندا رهنداسين.

    ان ڏس ۾ مدد جي رچنا ’صبح‘ جو مثال ڏيئي سگهجي ٿو. پنهنجي دور/ذات جي دک جو ورنن ضروري آهي. پر ان کي وشال/آفاقي بنائڻ ان کان به وڌيڪ ضروري آهي. خاص طور تي سنڌي قوم لاءِ. ڪنهن به ڪلاڪار جو بنيادي ڪردار وري به باک جي ساک ڏيڻ واري جوئي هوندو آهي ۽ مدد ان ڳالهه کان واقف آهي:

    اهو وقت به ايندو
    اهو صبح به ٿيندو
    ۽ ’شام غريبان‘ ۾ به هو:
    ۽ دليون
    روشن آهن
    حسين جي غم جيان

    ’پنرملن‘ جي هر رچنا هيٺان ڪانه ڪا تاريخ درج ٿيل آهي. جنهن مان ڪن خاص حالتن/واقعن/حادثن جو ڏس ملي ٿو. پر هتي جيڪا ڳالهه چوڻ پئي چاهيم. سا اها آهي، ته اهي حادثا/واقعا/احساس/ڪيفيتون جيترو شديد آهن. مدد انهن کي اوترو ئي سهج سڀاءَ سان چوڻ چاهيو آهي.


    مدد

    عبدالقادر جوڻيجو
    لسانيات جي ماهرن جي متفقه راءِ آهي ته ڪنهن به اسم خاص جو ترجمو ٻيءَ زبان ۾ نه ٿي سگهندو آهي، اُهو ٻيءَ زبان ۾ به ائين جو ائين لکبو آهي. مدد ته وري به اسم خاص الخاص آهي. پر منهنجي خيالَ ۾ٻئي ڪنهن جو نالو ترجمو ٿي سگهي يا نه، پر مدد کي جيڪڏهن انگريزي ۾ ترجمو ڪري Mr. Help Khan لکجي ته لساني نڪته نِگاهه کان اُهو غلط نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته مدد پنهنجي نالي جي ڀرپور نمائندگي ڪندو آهي.
    نقاد دوست ته ڪاوڙبا ته اُهو آءٌ هر ماڻهوءَ جي خاڪي ۾ ڇو لکندو آهيان ته ڏُک سک ۾ ڪم اچي ٿو، مدد ڪندڙ آهي وغيره وغيره، پر ڇا ڪريان احسانن وڃائڻ جي عادت ڪانه اٿم، ٿورا لاهي نه سگهندو آهيان ته فقط ڳائڻ ته کپن. اهو صحيح آهي ته اهڙيءَ سوسائِٽيءَ ۾ رهان ٿو، جِتي ڪم ڪڍي اکيون ڦيرائڻ گهرجن ۽ محسن جي زباني گلا نه ڪري سگهجي ته گهٽ ۾ گهٽ لکت ۾ اصول، غير جانبداريءَ ۾ صحيح ۽ سچ لکڻ جي Justification ڏيئي محسن جو پَٽڪو ضرور لاهڻ کپي. نيٺ ائين به ڪبو پر يار Fit ٿيڻ جو موقعو ڏين.
    بهرحال يارن جي ڊپ کان مدد جي مدد جو مٿال ڏيئي سمجھايان ٿو، ته ٻارو ٻُڌو:
    منهنجي ڦِٽي يا ڇوريءَ جي ڦِٽي پر عشق ڪرڻو هو، سو ڪري ويٺس. عسَ جو سال اندر انجام پاڪستاني فلم يا سنڌيءَ جي هالو چالو ڪافين واري عاشق جو ٿيو ”سُهڻا، تنهنجو ملڪ ڇڏي پرديس وياسين“ انهيءَ پرديس ۾ عبدالڪريم پلي (سابق MPA) ۽ سندس ڀاءُ راڄ محمد جي پيار ڀرين ٺڳين ۾ اچي، معشوق کي وساري ويٺس ۽ ملڻ جو آسرو کڻي ڇڏيم. پر 9 سالن کان پوءِ ڇوريءَ جو خط اچي ڪڙڪو ڪيو ته ”اڄ حيدرآباد ۾ اچي مل.“ ائڊريس ته الائي ڪٿان هٿ ڪئي هئائين. هاڻ ته کانئس اهو سوال پڇندي بوريت ٿيندي آهي. سو اهو خط کڻي پنهنجي هڪ تجربيڪار دوست سان صلاح ڪيم. مڄاڻ دوست کي هجي ڊائجيسٽن پڙهڻ جي عادت تنهن وڏي غور ويچار کان پوءِ اهو فيصلو ڏنو ته، ”بابا اهو ناممڪن آهي ته نَوَ سالن کان پوءِ ڇوري توکي خَطُ لکي، سو به تو غريب جي ٻارَ کي.“ ائين چئي خط مون کان ورتائين ۽ ان جو چڱيءَ طرح جائزو وٺڻ کان پوءِ پوري يقين سان فيصلو ڏنائين ته ”دراصل ڇوريءَ جي شادي ٿي چڪي آهي، گذريل اَٺن نَون سالن ۾ ضرور ٿيڻ کپي ۽ سندس مڙس کي تنهنجي عشق جو پتو پيو آهي ۽ سندس مڙس خطرناڪ قسم جو آهي، تنهن هيءُ خط لکي، گهرائي قتل ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي. بابا وڏا وڏا قتل ته ائين ئي ٿيندا آهن.“ ابا! اسان اڳي ئي شينهن مڙس سو ڳالهه ٻڌي هٿ پير ٺري ويا. پر دل نه رهي، هلي آيس حيدرآباد ۾ شوڪت، علي بابا، ماڻڪ ۽ مدد وٽ، ٻين کي منهنجيءَ ڳالهه تي اٺ آنا اعتبار آيو پر مدد سورنهن جا ويهه آنا اعتبار ڪيو ته اهو قصو ائين آهي. وڏي غور ويچار کان پوءِ فيصلو اهو ٿيو ته جيئن ته منهنجي قتل ٿيڻ جا امڪان گهڻا آهن، ان ڪري مدد پنهنجي فون ذريعي ڇوريءَ سان رابطو پيدا ڪندو ۽ ڇوڪريءَ کي آءٌ خط ذريعي اهڙو اطلاع ڏيندس ته هوءَ مدد سان رابطو پيدا ڪري. ٻئي پاسي ڇوڪريءَ اهو ڏٺو ته عبدالقادر نَون سالن کان پوءِ الائي ڪهڙي قسم جو ماڻهو ٿي چڪو هوندو، متان ڪنهن وڏيءَ بدمعاشيءَ جو شڪار ٿي وڃان، سو پنهنجو نمائندو (جيڪو پاڙي جو هڪ سنڌي ڇوڪرو هو) مقرر ڪيائين. ۽ صلاح اتي بيٺي ته پهرين ٻنهين ڌرين جا هيٺئين سطح تي مذاڪرات ٿيندا بعد ۾ ڌُر ڌڻي ظاهر ٿيندا. نمائندي مدد کي فون تي اهو اطلاع ڏنو ته، ”آءٌ ڪوهنور سئنيما وٽ اچي بيهي رهندس مون کي سُرمائي رنگ جا ڪپڙا پيل هوندا. اتي اچي مل.“ سو سائين مدد به تيار ٿي ڪوهنور جي آڏو چڪر ڪاٽڻ لڳو. ڪجه وقت کان پوءِ ڏسي ته اُتي هڪ ٿلهو متارو پهلوان قسم جو، گنجو همراهه اچي بيهي رهيو، سُرمائي ڪپڙا پيل هُجنس، مُڇون وٽ کائي وڃي ڪنن سان لڳيون اٿس. اتي مدد ڏٺو ته شيخن کي ڀت ڀڳو، اجھو ٿو موچڙا کاوان، پهرين ته خيال ڪيائين ته جِتي هٿن ۾ کڻي ٿيان الهه توهار پر، پوءِ پنهنجو پاڻ کي سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد سمجھي پير جھليائين، ان وچ ۾ اصل نمائندو به اچي ويو ۽ مدد جي پيٽ ۾ ساهه پيو.
    ان کان پوءِ مذاڪرات، شادي، اغوا جي ڪيسن، روپوشيءَ، مارڪيٽ ٿاڻي ۽ سيشن ڪورٽ ۾ حاضري تائين مدد جي مدد رهي. اڄڪلهه پرائي سر لاءِ ڪير به ٻوهي ۾ وڃڻ لاءِ تيار نه آهي. پر سچ ڪري پڇو ته مددَ جنهن نموني مون سان سنگت ۾ وهيو، مُنهن اُکريءَ ۾ ۽ هٿ نانگ جي ٻر ۾ جيئن وڌائين تيئن تمام گهٽ ماڻهو ڪندا آهن. اُها چور (نجمه) اڄڪلهه منهنجي زال آهي ۽ ٻه ڇوڪريون به پيدا ڪري چڪي آهي، پر مدد جيتري مدد ڪرڻ کانپوءِ ڪڏهن ائين ڪونه چيو ته ٻئي ڄڻا گڏجي چانهه جو ڪوپ پئي وڃو ۽ پاڻ گذيل ٽن سالن ۾ صرف هڪ ڀيرو منهنجي گهر آيو، سو به فراز راڄڙ ٻهاري آيو هوس. ڪي ڪي ماڻهو (حميد سنڌيءَ جهڙا) آهن جو ٻه ڏينهن اچ وَڃ ۾ رُخنو پوي ته هاڙيون وٺي ميارون ڏيندا، جو ڪاني تي ڪڙهي ۽ وڻ ٿا ٻَرن، پر ميان مدد مري ويندو ميار نه ڏيندو ۽ جي کيس ميار ملندي ته پوءِ نرڙ تي هڪڙا پگهر پيا ايندس ۽ ٻيا پيا ويندس. اصل پنهنجو پاڻ ته ڪک ڪونه سهي. سهي به ڇو؟ مدد ته اهو ماڻهو آهي جنهن کي سنگت ۾ چئبو ته هل ته آسمان تي هلئون ته تيار ٿي ويندو. جي چئبس ته هَلُ ته کوهه ۾ ڪرون ته چوندو ترس ته ڪپڙا بدلائي اچان ته هلون ٿا.مدد ويچارا ڌارا جي سطح تي پاڻ کي مختلف وقتن تي مختلف نالا ڏيندو رهندو آهي، پر سنگت ۾ ٻه مڍا اکر ڳالهائي ڪنڌ مان جھلبس ته پنهنجي ويچارن تي ڪيڻ هَلائڻ پنهنجو ڪنڌ ڀڃائڻ لاءِ تيار ٿي ويندو. آخر جو لغت ٺاهڻ وارن ”پسند“ سان گڏوگڏ ”ناپسند“ جو لفظ به درج ڪيو آهي هت ضرور ڪا ته ڳالهه آهي. ڪو ماڻهو وڻندو آهي. ڪونه به وڻندو آهي. ڪنهن سان هٿ جو سلام رکبو آهي، ڪنهن سان جوٽڻيون ڏبيون آهن،
    ڪنهن کي پري کان ڏسي اُڀي واٽ ڏيئي ڀڄبو آهي، پر مدد لاءِ سڀ ماڻهو ”مدد“ آهن، پسنديده هوندو ته اکين جتي جي ناپسنديده هوندو ته به وڏيءَ دل گڙدي سان کيس نه رڳو قبول به ڪبو پر مٿي تي چاڙهي ويهاربو ۽ پاڻ وري ڪنهن جي به مٿي تي نه چڙهندو.
    توهان مدد جي اوطاق (حيدرآباد شهر ۾ اوطاق ڪيئن ٿا ڀانيو.) تي وڃي ويهو. منٽ ٻن ۾ ٻاهران بيٺل همراهه در ان ڪنڌ اندر ڪندو. ”مدد ٿورو هيڏانهن ته اچجانءِ“ ۽ مدد يڪدم ٽُپ ڏيئي اُٿي وڃي همراهه سان ڳالهائي موٽي ايندو. ذري کان پوءِ ٻوي، ٽيو مطلب ته مدد جي اُٿ ويهه جو سلسلو جاري هوندو، اوهان کيس ڪَچهري ڪرڻ جي بدران رڳو ايندي ويندي پيا ڏسندا، نيٺ ڏهون يا ٻارهون ماڻهو اهڙو ايندو جيڪو هڪڙي منٽ لاءِ اچڻ جو چئي مدد کي وٺي ويندو ۽ پوءِ ڀلي توهان ويٺا انتظار ڪريو. همراهه وڃي هيرآباد يا لطيف آباد مان نڪرندو (مدد جو گهر گاڏيءَ کاتي ۾ آهي). ۽ جيڪڏهن يار گهڻو زور ڀريس ته ڪراچيءَ مان به وڃي نڪرندو. ان ڪري سنگت کي صلاح آهي ته مدد وٽ مدد لاءِ وڃو پر ڪچهري ڪرڻ لاءِ نه وڃو. مدد آخر مدد کان سواءِ ٻيو ڇا آهي؟
    طارق اشرف جو چوڻ آهي ته اهو ”مائي مصيبتي“ آهي. شل نه ڪا ڳالهه هٿ اچيس. پوءِ، اڇو برقعو پائي، لامارا ڏيندي هن وٽ هُنَ وٽ مليل اطلاع پهچائيندي ويندي ڀنڀور کي باهه ڏيندي ويندي ۽ جيڪي پاڙي جا دَرَ کُليل هوندا، انهن ۾ مُنهن هڻي نئون اطلاع حاصل ڪرڻ جي ڪوسش ڪندي ويندي.
    سرفراز راڄڙ جو چوڻ آهي ته اها هڪ اهڙي مائي آهي جيڪا صبح جو اٿُڻ سان نه چانهه نه پاڻي ڪندي، نه الله جو نالو وٺندي پر پوتيءَ جو پلاند ڪڇ ۾ وجھي ڳوٺ جي هڪڙي ڇيڙي کان نڪرندي، ٻئي ڇيڙي تي وڃي دنگ ڪندي. سڀ ڳالهيون گڏ ڪري پوءِ اخبار بڻجي ويندي.
    طارق اشرف سان هيءَ مصيبت آهي ته هو پنهنجي ڇپجندڙ ڪِتاب شايع ٿيڻ کان اڳ ۾ ڪنهن کي مُئي مارائي به ڏسڻ نه ڏيندو آهي ۽ ڇپجندڙ ڪِتاب تي آري جي ڪُڪڙ وانگر ئي ويهندو جيڪو ڀر مان مٽي ته ٽپ ڏيئي انهيءَ کي ٺونگ هڻي ڪڍندي، ان هوندي به مدد پنهنجا وسيع ذريعا ۽ سڀ حواس استعمال ڪري، ٻه اکر هِتان ٻه اکر هُتان پڙهي ويندو آهي ۽ ڪِتاب جي ليکڪ کان به آڏي پڇا ڪري ٻه ڳالهيون ڪڍي وٺندو آهي ۽ پوءِ ته جيترا يار هوندا اوترن کي اطلاع ملندو ۽ تبصرا هلندا ۽ اُهي پهچندا طارق اشرف وٽ ۽ طارق ڪاوڙ مان غريب کي سڏي ”مائي مصيبتي“، جيتوڻيڪ اها مائي ڀنڀور کي باهه ڏيندي آهي، جڏهن ته مدد ويچارو ڀڙڪندڙ باهيون ٺاريندو آهي.
    سرفراز سان مصيبت ئي اها آهي ته هو هر بي ضرر واري، بي ضرر ڳالهه لڪائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ لڪائڻ جي ان ڪوشش ئي ڪوشش ۾ ڳالهه پڌري ٿي پوندي آهي. ”هٿ جي“ وڍيءَ جو نڪو مدد ويڄ نڪو آءٌ طبيب.
    نڪو طارق آمريڪن C.I.A جي Planning Papers جو پرنٽر آهي ۽ نه وري سرفراز رحيم هنڱري وارا پروگرام ٺاهيا آهن ۽ مدد نه New York Times جو ايڊيٽر آهي ۽ نه وري ليمبرڪ آهي.
    پر ايترا ٻئي ڄڻا سچا آهن ته اجيڪا ڳالهه مدد وٽ پهتي، سا ڪوٺي تي چڙهي.
    اسان مان گهڻا ماڻهو ڪپڙي تي مري ساهه ڏيندا آهن. خير، اسان اڃان انگلينڊ جي اوڻهين صديءَ ۾ نه پهتا آهيون جڏهن اُتي جا لارڊ ناسٽي تي هڪڙا ڪپڙا، آفيس ۾ وڃڻ تي ٻيا ڪپڙا، لنچ تي ٽيان ڪپڙا، پولو کيڏڻ جي وقت چوٿان وڳا ۽ ڊنر ۽ سمهڻ تي ڌار ڌار ڊريسون پائيندا هئا. ڏسڻ ۾ ائين ايندو هو ته هو ماڻهو ڪپڙا ڪونه پائيندا هُئا، ڪپڙا ماڻهن کي پائيندا هُئا، پر اسان وٽ به وڏي ڇنڊ ڦوڪ ٿي ٿئي، ۽ جيڪو پنهنجيءَ مستيءَ ۾ مست هجي جنهن جي شخصيت ڪپڙن جي ٽوڻيءَ تي بيٺل نه هُجن. ته انهيءَ کي ڪهڙو ضرور ته پنهنجو اڌ وقت ڪپڙن جي پويان وڃائي. مدد اهڙن ماڻهن مان آهي. جهڙو ڪپڙو آيس اهڙو پائيندو، جهڙي ماني آيس اهڙي کائيندو.
    ڀلا سٺن ڪپڙن پائڻ جو زور به رکجيس ته عطائي پليءَ جي پوين مان ته ڪونهي. غريبُ، غريبَ جو ٻارُ، حال سارو جيڪو ڪپڙو مليس ٿو سو پائي ٿو، اهي ٻيا جن جي گهر ۾ ڪڪڙ ڏس ته سنئين. ڪاٺ پيو هلي ، (پٽ تي پوڻ لاءِ هڪ داڻو به نه هجي) پر همراهه ڏس ته ڪپڙن ۾ پيو جھڄي. دوستن کي اهو اعتراض آهي ته ڪچهريءَ وارو ڪمرو ايئرڪنڊيشنڊ اٿس ۽ پوءِ غريب ڇا جو ٿيو. ڀلا جي مدد ويچارو ڪپڙا پائي خلق تي لئه نٿو رکي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه گهڙيون ڪنهن يار کي پرائي ايئر ڪنڊيشنڊ ۾ ويهاري ٿورڙي لئه ٿو ڪري ته ڪنهن جو ڏوهه ته ڪونه ڪيو اٿس. مدد جون جيڪي پنهنجيون فيڪٽريون پيون هلن، انهن جي پهرين جانچ ته وٺجي.
    هيءُ ماڻهو نه رڳو گنديءَ ڪپڙا ۾ سادو آهي، پر دل جو به صفا سادو آهي. توهان کي جيڪڏهن ان ڳالهه تي اعتبار نه اچي، ته هڪڙي ڏينهن ڪُلهي تي هٿ رکي ڪن ۾ ڳالهه چئوس (ڪن ۾ چَيو ته پوءِ بي اعتباريءَ جا اهڃاڻ ظاهر ٿي سگهن ٿا). ته ، ”مدد يار ڪنهن سان ڳالهه نه ڪجانءِ پر سجُ سڀاڻي اولهه کان اُڀرندو.“ ان کان پوءِ مدد اوهان کان ڪا آڏي پُڇا ڪونه ڪندو ۽ اها ڳالهه سڄي شهر کي ٻُڌائي، وڏي فجر جو اُٿي پنهنجي ڪمري جي اُلهندين دري کولي ڇڏيندو ۽ جڏهن روشني پکڙبي پر اُلهندان سج ڏسڻ ۾ نه ايندو ته رڙ ڪري چوندو، ”ماڻهو ته ڪي ڏاڍا حرامي پيا آهن. ههڙو به ڪوڙ. اچي ته موچڙا هڻانس.“ مدد جي انهن جملن کان توهان کي ڊڄڻ نه گهرجي بلڪه ڪانه ڪا Justification ٺاهي ڏيئي ڇڏجوس، يقيناً توهان تي اعتبار ڪندو. سنڌي ادب جي دُنيا ۾ اهو به تيرهون نسخو نڪتو آهي ته جيڪڏهن ڪو يارُ سٺو پڙهي، سٺو لکي پاڻ کي اديب سڏائي نٿو سگهي ۽ قلم ساٿُ نٿو ڏئيس ۽ ”چمڪڻ“ جو شوق به ڏاڍو اٿس ته پوءِ هو فنڪشن ڪرائي، ورسيون ۽ جنم ڏينهن ملهارائي، قبرن تي حاضريون ڏيئي، مڪليءَ ۾ بيهي فوٽو ڪڍائي ۽ جي ٻه پئسا هڙ ۾ هجنس ٻه ٽي پرچا رسالا جا به ڪڍي سگهي ٿو ۽ جي سُڃو آهي ته ادبي ۽ ثقافتي تنظيمون ٺاهي، اخبار ۾ اعلان ڪرائي وڏو اديب ٿي سگهي ٿو. ڀلا جي سڀ ڳالهيون هٿ مان وڃنس، اڳ ۾ ئي لکندڙ اديبن جو وچ بازار ۾ پَٽڪو لاهي ۽ گنجيءَ تي Modernity جو اکر لکائي، آسمان ڏانهن مُنهن ڪري سگريٽ جو دونهون مٿي اُڇلائي به اديب ٿي سگهي ٿو. اها ٻي ڳالههج آهي ته سا رتر ۽ ڪامو جي ڪِتابن ۾ ڀلي فل اسٽاپ ۽ ڪاما جا نشان به گُٿل نه هجن پر اسان سڄي جملي کي ڳٿر مان جھلي اهڙو وٽ ڏيونس ته ڪاموءَ ويچاري جي روح کان رڙيون نڪريو وڃن ۽ سارتر نه رڳو پاڻ پر سندس ايندڙ ستر پيڙهيون به ياد ڪنديون. ۽ پوري چپن تي سگريٽ سان گڏ سارتر ڪاموءَ جو به نالو هُجي، ڇو ته ٻئي دلڪش فرينچ نالا آهن ۽ زبان مان ادائگي ڪندي ٺهن ٿا ۽ ساهي نالا وٺڻ سان اسان اديبن جي قطار ۾ شامل ٿي سگهون ٿا.
    جيتر سو ڳالهه پئي هلي فنڪشن جي دوست دل ۾ نه ڪن، آءٌ به ڪڏهن ڪڏهن فنڪشن ۾ ويندو آهيان پر اُتي ايتري ته نمائش بازي هلندي آهي، جو ڪڏهن ڪڏهن ته دل اُلٽي ڪرڻ تي چوندي آهي. ان ڪري ڪوشش اها هوندي اٿم ته پاسو ڪريان سنگت (لاچاريءَ جي ڳالهه ٻي آهي). چاهيندو آهيان ته مدد به پاسو ڪري، پر سائين منهنجا اوهان جيئري گڏهه جو جشن ڪرايو، مدد اُتي ضرور هلي ويندو نه رڳو هلي ويندو، پر ڪرسيون کڻڻ ۽ پاڻي پيارڻ جو به ڌنڌو ڪندو ۽ وڏو ”ورڪر“ ٿيو بيٺو هوندو. اڙي خُدا جا بندا، جڏهن تون ٻه چار تمام سٺيون ڪهاڻيون لکيون آهن، پوءِ توکي ڪهڙي اچي لاچاري پيئي آهي، جو جِتي ڪٿي ڀڳو بيٺو آهين. بقول شوڪت جي کدڙو رهي پر.....
    توهان جيڪڏهن مدد کي فنڪشن ۾ وڃڻ کان سنجيدگيءَ سان منع ڪندؤ ته في الحال ته سنگت ۾ نه رڳو ها ڪري ويندو، پر وڃڻ کان ست ڊهيون وجھي ويهي رهندو، پر ٻئي ڏينهن ڪيڏانهن ڊوڙندو ڏسڻ ۾ اچي ۽ ڊوڙندو به اهڙو جو هڪڙو چمپل ڪري پيو هجيس ۽ ٻيو پير ۾ هجيس ته پڪ ڄاڻو ته ڪو فنڪشن آهي ۽ اهو فنڪشن ڪٿي ٿي رهيو آهي؟ اها ڳالهه سندس رُخ ڏسي سمجھي سگهو ٿا. خبر ناهي ته ڇو ڪي ماڻهو (مدد جهڙا)پنهنجي پيرن تي بيهي سگهندا اهن ۽ پوءِ به سهاري لاءِ ٿوڻيون ڳوليندا آهن.
    سڄي دنيا ٿي چوي ته شيڪسپيئر، ٽالسٽاءِ ۽ ٽئگور تمام زبردست ليکڪ آهن. ڇو ته سڄي دنيا ٿي چوي، ان ڪري اهي ليکڪ آءٌ پڙهندو نه آهيان، جي پڙهڻ ويهندو آهيان ته ڏهن سٽن پڙهڻ کان پوءِ اوٻاسيون اينديون، سڄي دنيا ٿي چوي ان ڪري مدد شيڪسپيئر کي ڇڏي ٻين ٻن ليکڪن کي ۽ بورس پاسترناڪ کي پڙهندو هوندو ته پڙهندو هوندو پر پوڄيندو ضرور آهي. سندس نظر ۾ اهي ديوتا وڌيڪَ ۽ ماڻهو گهٽ آهن. مدد رڳو دنيا جي چوڻ تي ڪونه لڳو آهي، پر ٽالسٽاءِ ۽ ٽئگور کي تمام خوبصورت ڏاڙهيون هُين (انهن جي ريس ۾ ٻه ڏينهن ساڳي قسم جي ڏاڙهي رکائي هُئائين جيڪا ٻن سنڌين ٻن ڏاڙهين کي وئي هُئي) ٻيو بقول مدد جي ته سندن کاين ۾ سُڪون به ڏاڍو آهي. سندن سنبل جو ٿيو، سب اهو آهي ته انهن همراهن جا فوٽو ڀتين تي جهڙو تهڙو ماڻهو نه ٽنگيندو آهي. هي عام ماڻهو نه ٽنگيندو آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن ڀت تي اهي تصويرون ٽنگيل ڏسو، (گڏوگڏ ٽيبل تي ڪي ٻه ٽي هيبتناڪ قسم جا ڊيڄاريندڙ بُت به رکيل هُجن.) ته پوءِ توهان اُنَ ڀت جي جي مالڪ تي بنا ڪنهن پڇا ڳاڇا ۽ جانچ جونچ کانسواءِ انٽليڪچوئل هئڻ تي ايمان آڻيو، ان ڪري مدد به پنهنجي گهر ۾ اهي تصويرون هڻي پاڻ کي ”شيءِ“ سڏائڻ جو جتن ڪيو آهي، اهو جتن مدد نه رڳو تصويرون ٽنگي ڪندو آهي پر پنهنجي چڱي خاصي ڪهاڻيءَ ۾ ويدن جا ٽڪرا ڏيئي به ڪندو آهي.
    انسان جي وڏي ۾ وڏي بُک عشق ڪرڻ جي هوند ياهي. هو ڪو پنج نه، ته ٻه ٽي محبوبائون رکڻ جا چاهنا ڪندو آهي ۽ اهو به چاهيندو آهي ته مٿس اهو الزام نه اچي ته هُنَ عشق ڪيو آهي، پر اهو الزام اچڻ گهرجي ته هُنَ شريف ماڻهوءَ سان زوري عشق ڪيو ويو آهي ۽ سندس شخصيت کان متاثر ٿي فلاڻي، فلاڻي ۽ فلاڻي اڪن ڇڪن ٿيون پيون آهن ۽ هاڻ جند نٿي ڇٽي وغيره وغيره. ڪنهن سان به واقفيت ٿئي ڳالهه اقتصاديات تي هوندي ته به ان کي ٽوڙي مروڙي عشقيات تي ضرور آڻبو. پوءِ اهو عشقيات جو عملي شعبو هجي يا خيالي شعبو. جيئري جاڳندي نه ملندي ته تصوراتي محبوبه کي حقيقت بنائي دوست اڳيان پيش ڪبو. مدد سان پنهنجي عشق جو ذڪر ڪري مون اها توقع رکي هُئي ته هُو به اوير يا سوير پنهنجو عشق ٻڌائيندو، پر اڄ انهيءَ ڳالهه کي نَوَ سال گذريا آهن ۽ اڃا تائين مون سندس زبان مان هڪڙو ذڪر نه ٻُڌو آهي، باقي پاڻ ته هر عشق جو ذڪر ٻڌڻ پسند ڪندو آهي.
    هڪ ڀيري ته لقمو به ڏنومانس ته ”فلاڻيءَ! تنهنجي پڇا پيئي ڪري“ مون سوچيو ته پير تي ايندو، پر ڳالهه هڪڙي ڪن مان ٻُڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيائين، پڇو ته ڳالهه ۾ سندس ذات شري جو ذڪر هو.
    مدد هٿن پيرن سان وڙهي نه ڄاڻندو آهي، ان ڪري زبان سان وڙهڻ جي عادت اٿس. ڳالهائيندي ڳالهائيندي ايترو ته وٺي گوڙ ڪندو آهي جو ڇت ڪرڻ جو انديشو پيدا ٿيندو آهي. ڳالهائيندي ٻانهون به ڏاڍيون هلائيندو آهي، ڇو ته ٻانهون کنجي پوءِ اچي ڳالهه کي وٺندو آهي ۽ وڙهندي وڙهندي جيڪو لفظ بار بار استعمال ڪندو آهي. اُهو آهي، ”حرامي ڀيڻسان!“
    پرسڪون لکڻين کي پسند ڪرڻ وارو هيءُ اديب خود هر وقت ڪنهن نه ڪنهن هنگامي ۽ وٺ وٺان ۾ ورتل هوندو آهي.


    ٻاجھارو شخص ۽ دلگير ڪوي

    ذوالفقار راشدي
    سنڌي ساهت ـــ کيتر جو سڀ کان وڌيڪَ لِڪوڙ ماڻهو مان ئي آهيان. ٻالجتيءَ کان سنڌي ساهت ۾ قلمي جاکوڙ وسيلي جيترو ته رهي سگهيو آهيان، پر ڪن ڳاڻ ــ ڳڻين قلمڪارن سان واقفيت وڌائي ۽ بنهه هيڪڙ ٻيڪڙ ماڻهن سان ئي سنگت جو سڱ ڳنڍيو هوند، ڇو ته گهڻن ماڻهن جا اندر ڪارنهن جا ڪُنا آهن، جن سان ويجھو وڃي رڳو داغ ئي پرائي سگهجن ٿا ـــ لڱن تي، لٽن تي ۽ روح تي،
    هينئر به جن هيڪڙ ٻيڪڙ نالن کي مان پنهنجي ويجھن ۾ شماري سگهان ٿو، مدد جو نانءُ به اُنَ مختصر لسٽ ۾، چٽن اکرن سان لکيل چئبو. توڙي مدد سان مِلئي رُڳو 4,3 ڪلاڪَ کوڙ ٿيندا آهن.
    مان سمجھان ٿو ته 1978ع جي سردين ۾ منهنجو حيدرآباد وڃڻ ٿيو هو ۽ اُتي منهنجي اڪيلي ورونهن پنهنجي ڳاڻ ــ ڳڻين ادبي يارن سان ادبي ڪچهريون ئي هئي، جن ۾ طارق اشرف، امداد حسيني، ظفر ۽ نياز همايونيءَ جا نالا اچي وڃن ٿا. اُنهن ڏينهن ۾، هڪ شامَ جو امداز چيم ته جيڪڏهن آءٌ گهران ته هو مونکي هڪ اهڙي همراهه سان ملائي، جنهن سان ملي مون کي پڪ ئي پڪ خوشي ٿيندي. آءٌ جھٽ پٽ، بنا سوچئي سمجھي هائو ڪري ويٺس. منهنجي من تي، اُنهن ڏينهن ۾، غمن جا هيڪاندا غبار، مونجهه ۽ ملولائيءَ جو ڪوهيڙو ڇانيل هو ــ ۽ آءٌ ڇوٽڪاري ۽ بچاءُ جا وجهه ۽ واٽون ڳولي رهيو هيس. اهڙيءَ ريت امداد جي وسيلي مدد سان ملاقي ٿيس. مدد جي پرپٺ، مدد بابت جيڪا اڻ پوري ڄاڻ مون وـٽ هئي، مان کيس اُنَ جي بنهه اُبتڙ ڏٺو. مون کي سندس چهري تي نرمي ۽ نِگاهن ۾ دک جا اولڙا نظر آيا. البت سندس ڳالهين مان، ڪنهن ڪنهن مهل ڪنهن ڪرانتيڪار جا ڀاوَ مليا پئي، پر مون هن جي منهن ۾ نرمي ۽ نِگاهن ۾ دک جي اولڙن کي چٽو پٽو ڏسي ورتو. پهرينءَ سٽ سهي ڪيم ته سندس من ڪنهن آرٽسٽ جو ئي دکي ۽ حساس من آهي ۽ هو بنيادي طرح هڪ تفڪرات ۾ وڪوڙيل فلسفيءَ جو روح ۽ ذهني انارڪسٽ ئي آهي ـــ مون وانگر.
    پوءِ مان ”سهڻي“ ۽ ”مهراڻ“ ۾ مدد کي سندس ڪهاڻين جي ذريعي پڙهندو ۽ پرکيندو رهيس ته منهنجي پهرئين ڏيٺپي (Observation) ۽ رايي جي تصديق ٿيندي وئي. فرانزڪافڪا سان سندس قلبي لڳاءَ جو ڪارڻ به ڀانئيان اِهو ئي هجي ته اڄوڪين دکي ۽ ڊنل هيسيل پيڙهين جي وهمن، وسوسن، ڊپن ۽ اداسين جو ترجمان آهي. انهن واقفيت وارن ٻن ٽن ورهين ۾ مان مدد جون ڪجهه ڪهاڻيون ته ڏٺيون/پڙهيون پر پوءِ به مون کي اهو پرو ڪونه هو ته چپ چپاٽ ۾ شاعري (آزاد) تي به طبع آزمائي ڪري رهيو آهي.
    ويجھڙائيءَ ۾، اوچتو جڏهن ٻڌم ته، مدد جي آزاد شاعريءَ جو مجموعو ”پنر ملن“ ترت پڌرو ٿيڻ وارو آهي ته مون کان هلڪڙو ڇرڪ نڪري ويو. ڇرڪيم ته سهي پر اهڙو عجب ڪونه لڳم جهڙو يوسف شاهين جي ”اندر ۾ اُهاءُ ٿيو“ ڏسي وسمهءِ ۾ پئجي ويو هيس ــ ڇو ته مدد جي ڪهاڻين مان هونءَ به مون کي شعر جي سرهاڻ محسوس ٿيندي رهي اهي. نثر (ڪهاڻيءَ) ۾ نظم جو سڳنڌ ملڻ ڪا بنهه نئين يا اڻ ٿيڻي ڳالهه ڪانهي، ڇاڪاڻ ته انگريزيءَ جي جڳ پڌري ناول نِگار ۽ ٽيڪاڪار اي ــ ايم فورسٽر (E.M Forester) جي ٽيڪا ڪارن کي به سندس ناول جي اڻت ۽ عبارت ۾ ”ردم“ جو بڻ به مليو هو ــ ۽ بهرحال اهو هڪ وڏو ۽ گهرو گڻ آهي.
    مدد جي آزاد شاعري سندس روح تي چڙهيل رهيا کَهيا پرت ۽ پوش لاهي ڦٽا ڪيا آهن ۽ هو آشا/نراشا جي وچ تي لٽڪندڙ/ڦرندڙ لاٽونءَ وانگر اسان جي آڏو اچي ٿو ـــ ۽ گهڻو ڪري وچٿرائيءَ کان به هٽي هُنَ جو جھڪاءُ نراشا جي پاتالن ۽ اُداسين جي پراسرار گهراين ڏانهن ٿيو وڃي:

    اهو ته نه سوچيو هُيم،
    شامَ منزل ٿي ويندي،
    ڪڏهن تنهنجي منهنجي!
    (منزل)
    ”اهو ئي سوچي
    مان چپ آهيان
    ته زندگي
    پاڻ کي،
    هر جنم ۾
    ۽ هر دور ۾
    ڪيڏو نه دير سان
    ملائيندي آهي،
    ۽ ڪيڏو نه جلد
    جدا ڪندي آهي.“
    (زندگي)

    مدد نج پج نراسائين جو پرچارڪ به ڪونهي، پر اهو احمق جي جنت ۾ رهڻ کان به انڪاري اهي. هو اميدن ۽ آسرن جو سچار انت پائڻ ۽ رڳ رڳ ٺاري رکندڙ مردان جا حقيقي مزا ماڻڻ لاءِ تگادو (تگ ودو) ڪندڙ ڀٽڪندڙ روح آهي:
    ”رات جي ڪاراڻ،
    تيزيءَ سان ڇانئجندي پئي وڃي،
    دوستو ـــ دشمنو
    ڪا ته روشني ٻاريو
    (دوستو ــ دشمنو)

    اڄ ته ٻيهر ملون،
    وڇوي جا سمورا دک وساري
    املتاس جي وڻ
    هيٺان ڪارن ڪڪرن سان ڀريل
    اونداهي آڪاس هيٺان
    (اچ ته ٻيهر ملون)

    پيڙا ڀريل تنهاين ۾، اندر جي اونگهه ۾ ۽ احساس جي ولوڙ ۾ ولوڙجندي ــ هو هوريان هوريان ڪنجھڻ لڳي ٿو ۽ جھيڻي، ٻاڏائيندڙ لهجي ۾ شڪايت ڪري ٿو:
    اڪيلائيءَ جي آگ ۾ جلندي،
    مان اهو ئي سوچي رهيو آهيان:
    خدا توکي ۽ مون کي
    جدائيءَ جي هن جنم ۾،
    جڏهن ڪوئي ڪنهن سان
    ساٿُ ڏيڻ لاءِ به
    تيار نه آ،
    پيار جا احساس ڏئي
    ڪيڏو نه وڏو
    ظلم ڪيو آهه
    (اڪيلائي)

    مدد کي اُتاڇرو ۽ مٿاڇرو ڏسڻ وارن جو رايو آهي ته هو جيري خاطر ٻڪري ڪُهي وجھندڙ، رُسڻو ۽ ننڍيءَ گُجيءَ وارو دوست آهي ۽ هو هڪ ڀوائتو ۽ ڪٺور دشمن به ٿي سگهي ٿو ـــ مگر مان مدد جي روح جي اونهي کوهه ۾ لهي نهاريو آهي ۽ منهنجي (Study) مطابق هو رڳو هڪ ٻاجھاري ڪرانتيڪار ۽ دلگير ڪويءَ جو ڀٽڪندڙ روح آهي، جيڪو جلوتن ۾ گجندو ۽ خلوتن ۾ ڍنڍ ڪارون ڀري روئندو هوندو. هو ڪڏهن ڪڏهن ادبي ڦڏن فسادن ۾ (Involve) نظر ايندو آهي ته ان ۾ به سندس نيت جي کوٽ نه پر سندس تماشبين ۽ مهر جو (Adventurous) طبيعت جو تصور ٿئي ٿو. مان جڏهن مدد جي منچلاين جو پَلو ڪارڻ کيس ڇيڙيندو آهيان ۽ هو ٻارن وانگر مِٽون ڦوڪي، ماٺ ڪري رُسي ويهندو آهي ته مون کي ڏاٺو ”معصوم مڙو“ لڳندو آهي ــ ۽ مٿس هيڪاندي ٻاجهه اچي ويندي اٿم. اُنهيءَ مهل مون کان سندس سڀ اوڻايون پوڻايون، ارڏايون ۽ اوٿرايون وسري وينديون آهن. هو کل ڀوڳ سمجھي ڏاڍا بي ڪهلا ڪم ڪري وجھندو آهي، پر جڏهن احساس ڏياريو اٿس ته کلي دل سان مڃي ۽ پڇتائي به سگهندو آهي. لڳندو آهي ته هن جا سڀ شرير ڪم ۽ ڀڃ ـــ ڊاهه وارا ڏٺا ٻُڌا اعمال ۽ حرڪتون ڄڻ ته جيئڻ لاءِ جتن (Struggle for Existance) ۽ من تان مونجھون لاهڻ جا حربا هجنس، تازو حيدرآباد ۾ ڪنهن سڄاڻ سڄڻ مون کي ڪن ۾ ٻُڌايو:
    ”مدد سان کونسبازي ڪرڻ، سنڌي ادب ۾ ٽيرر (Terror) انوائيٽ (Invite) ڪرڻو آهي.“
    مون کلي چيو:
    ”ائين به برابر آهي.“


    دل اندر اڪيلائي جو درياو

    شوڪت حسين شورو

    گوتم نيلمبر فلسفي جو وديارٿي آهي ۽ هن کي اڪيلائي کان ڊپ لڳندو آهي. ”گوتم خوف جي جذبي جو اڪثر ڇيد ڪرڻ چاهيو. زندگي جو خوف، موت جو خوف ، زندهه رهڻ جو خوف. هن کي ڊپ لڳندو هو ڇو ته هو اڪيلو هو. ان ڪري جيڪو اڪيلو هوندو آهي، ان کي ڊپ لڳندو آهي. پوءِ هن سوچيو ”مون کانسواءِ ٻيو ڪير موجود ڪونهي ته پوءِ مون کي ڊپ ڇا جو آهي؟ ڇو ته تنهائي ۾ اُداسي هوندي آهي ۽ اُداسي کان ڊپ لڳندو اهي. مون کي پنهنجي اُداسي کان ڊڄڻ نه گهرجي.“ گوتم نيلمبر پنهنجو پاڻ کي چيو.“
    قرة العين حيدر: آگ ڪا دريا

    انسان جڏهن کان هن ڌرتيءَ تي پيدا ٿيو، پنهنجي وجود سان اڪيلائي جو احساس به ساڻ کڻي آيو. اڪيلائي ڪڏهن به، ڪنهن به دور ۾ هن کان ڌار نه ٿي آهي. وحشي جيوت کان وٺي ويندي مذهبي دور ۾ اڪيلائي جو ڊپ انسان جي وجود ۾ واسيل آهي. موجوده سائنسي يا جديد رو ۾ جِتي انسان مادي طور بي انتها ترقي ڪئي آهي، اوترو ئي بي انتها اڪيلائي جي احساس ۾ وڪوڙجي ويو آهي.
    مدد علي سنڌي کي ويجھڙائپ کان ڏسسي ۽ سندس ڪهاڻين کي پڙهي لڳندو آهي ته هن جو روح اتهاس جي ڪنهن پراچين دور سان لاڳاپيل آهي. هو الائجي ڪيترن جُڳن جون اڪيلائيون ڀوڳندو هيستائين پهتو آهي. هن جي من اندر اڪيلائي جو درياوَ سوجزن آهي ۽ ان جي لهرن مان سندس ڪهاڻين جا ڪردار اڀرندا، ٻڏندا ۽ ترندا رهن ٿا.
    مهاتما ٻڌ چيو هو ته ”سروم دکم دکم“ (سڀ دک ئي دک آهي). پوءِ وري چيو هئائين ”سروم ڀيم ڀيم“ (سڀ ۾ ڊپ ئي ڊپ سمايل آهي).
    مدد علي سنڌي جي ڪهاڻي ”سروم دکم دکم“ جو ڪردار راحيل ان ڪري دکي آهي ته هو اڪيلائي جي ڊپ ۾ ورتل آهي. راحيل جيڪو سماج کي بدلائڻ جا خواب کڻي يونيورسٽي ۾ آيو هو. سماج کي بدلائڻ جي اڙانگي سفر ۾ اڳتي هلي هن کي محسوس ٿيو: ”انسان زندگيءَ ۾ بيحد اڪيلو آهي، تنها آهي. تنهائي اڄ جي انسان جو مقدر بنجي چڪي آهي، پر سڀ کان وڏي ڳالهه ته اها تنهائي به انسان کي ميسر نه آهي. پر پوءِ به انهيءَ تنهائي ۾ انسان جو بهترين ساٿي ان جو پنهنجو ماضي آهي، ماضي جنهن ۾ ڪيترين ئي يادگيرين جا ڄار پکڙيل پيا هوندا آهن جنهن کان انسان پنهنجي ڪڏهن به جند ڇڏائي نٿو سگهي.“
    مدد علي سنڌي جي ڪهاڻين ۾ انسان جي ان ابدي ۽ ازلي اڪيلائي جو بيان (narrative) آهي. هن جي اڪثر ڪهاڻين جو مُک ڪردار اڪيلائي جو احساس کڻي جيئي ٿو. هو اڪيلائي کان ڀڄڻ چاهي ٿو، ڪنهن جي ساٿَ ۾ پناهه وٺڻ چاهي ٿو. ماڻهو سڄي دنيا کان ڀڄي سگهي ٿو، پر پنهنجو پاڻ کان ڀڄي نٿو سگهي. اڪيلائي ته هن جي روح ۾ واسو ڪري ويٺل آهي. هن جي وجود جو حصو آهي ۽ ماڻهو پنهنجي وجود کان فراريت حاصل ڪري نٿو سگهي.
    مدد جي ڪهاڻين ”ڀڪشو“ جو ڪردار اتهاس جو پروفيسر آهي جيڪو ليڪچر ڏيندي محسوس ڪري ٿو ته ڄڻ پاڻ هڪ اتهاس آهي. هڪ رات کنڊرن ۾ سرن جي ڍير تي ويٺي هن کي خيال اچي ٿو: ”۽ هو به ڪنهن اونڌاهي راتڙيءَ ۾ جنم وٺندڙ انهن شخصن مان هو جن جا اندر اڌ هوندا آهن جيڪي سدائين اداسي جي اوڙاهه ۾ ٻڏندا ۽ ترندا رهندا آهن.“
    تڏهن اوچتو هو پريان ڪنهن سنک جو آواز ٻڌي ٿو ۽ سوچي ٿو: ”صدين کان هِتي جو انسان شايد پنهنجي من جي اڪيلائي کي مارڻ لاءِ هيءُ سنک جوڙيو هوندو ۽ پوءِ صدين کان هي سنک ڪير نه ڪير وڄائيندو اچي. ڪوئي نه ڪوئي وڄائيندو رهندو، جيون جي رڻ پٽ ۾، من جي سنسان ۽ هيبتناڪ خاموشيءَ کي لڪائڻ لاءِ......“ سنک جي آواز جيان پروفيسر جي من جي اڪيلائي ۾ اوچتو ڪانتا داخل ٿئي ٿي. پر وقت وڏو بي رحم آهي ۽ هر ساٿ عارضي ۽ وقتي آهي. ”اسين زندگي ۾ ساٿُ فقط پنهنجي پاڇولي جوئي حاصل ڪري سگهندا آهيون.....“
    ڪانتا جو ساٿُ به هڪ ڏينهن اونڌاهي راهه ۾ گم ٿي ويو انهن کنڊرن ۾ سندن ڀرسان ڌيري ڌيري گهلندڙ هوا ۾ هو ڪانتا جو سڏ ٻڌي ٿو: ”هن ڇرڪي هوا ۾ اڏامي ويندڙ آواز کي ڄڻ سوگهو جھلڻ چاهيو پر آواز، پاڻي جيان سندس هٿن جي وچ مان وهي ويو......“
    ”اجنبي بنجي جيئڻ کان پوءِ“ ڪهاڻي جو ”مان“ ڪردار لڳاتار سوچيندو رهي ٿو. هن جون سوچون ئي سندس اڪيلائي جون ساٿي آهن. پر هن جي زندگي ۾ اڪيلائيون سدائين ڪونه هونديون هيون. زندگي ۾ ڪيئن دلچسپيون آيون ۽ هليون ويون. ائين رابيل به هن جي اڪيلي زندگيءَ ۾ آئي ۽ هلي وئي. ”مان“ ڪردار جو وجودي ۽ ان جي سڃاڻپ گم ٿي وڃن ٿا ۽ هن کي انهن جي بي معنيٰ ڳولا آهي.
    سنڌ ۾ جڏهن جديديت (Modernism) جو اولڙو ڪهاڻيءَ ۾ آيو ته مدد علي سنڌي به اڳتي هلي ان سٿ ۾ شامل ٿي ويو ”احساس ۽ جذبن جو موت“ ان دور ۾ لکيل سندس جديد ڪهاڻي آهي. انسان جي اڻپورين خواهشن ۽ اميدن، ڪڏهن ساڀيان نه ٿيندڙ سپنن ۽ بي معنيٰ جيئندڙ زندگيءَ جي ڪهاڻي.
    ”انسان......؟ (!) + ؟ + ؟ + ؟ + ؟!
    زندگي
    خواهشون
    وقت
    انسان (معنيٰ ڪنهن به چيز کي ڪانهي).“
    ”مان“ ڪردار کي نفرت آهي پيءُ جي نالي رکندڙ انسان کان نفرت ڇو هئي، ڪڏهن کان هئي، اهو کيس ياد ڪونهي. هن کي لڳي ٿو ته رشتا ۽ ناتا پنهنجي معنيٰ ۽ اهميت وڃائي رهيا آهن فقط اڪيلائي آهي جيڪا هن جي وجود سان واڳيل آهي. ”رات ڊگهي ۽ اونڌاهي آهي، جنهن جي سانت ۾ ڪيترائي آواز گم آهن. ۽ ”مان“ اڪيلو اڪيلو هان اونڌاهي رات کي ڀوڳڻ لاءِ موجود آهيان. موجود رهيو آهيان ۽ موجود رهندس. هن رنگ ڀوميءَ جي ڪا ڪنڊ اهڙي ناهي جِتي ”مان“ ڪجهه دير لاءِ پناهه وٺي سگهان.“ هن لاءِ پناهه فقط اڪيلائي ۾ آهي.
    ”پيلا گل سرنهن جا“ ڪهاڻيءَ تي پيلاڻ جو رنگ ڇانيل آهي. جِتي پيلي رنگ ۾ بسنت رت جي خوبصورتي ۽ موج مستي ڪانهي، پر پيلو رنگ اڪيلائي، مايوسي ۽ دک جي علامت آهي. هن ڪهاڻيءَ جي ان ڪردار جي جيون ۾ فقط مايوسي آهي، دک آهي، پٿر آهن ۽ اڪيلائي آهي. جيون جي هن اٿاهه سمنڊ، هيڏي ڀيڙ ۾ پنهنجي چوڌاري ڪيترا ماڻهو هوندي به هو پنهنجو پاڻ کي اڪيلائي جي ڪُنَ ۾ ٻڏندو ۽ ترندو محسوس ڪري ٿو.
    اسين سڀ اڪيلا آهيون.گهر جي سمورن فرد، ماءُ پيءُ، ڀائرن ڀينرن، زال ۽ٻارن سڀني جو پنهنجو الڳ وجود آهي. هرڪو پنهنجي الڳ وجود، پنهنجي ذهن ۽ پنهنجي سوچن سان جيئي ٿو. شايد اڪثر ماڻهن کي اهو احساس نه به هجي، پر اسين سڀ اڪيلائي کان لاشعوري طور ڊڄون ٿا. ڇو ته اڪيلائي خوفناڪ آهي، اڪيلائي موتمار آهي. ان ڪي اسين ڪنهن نه ڪنهن جي ساٿ ۾ پناهه وٺون ٿا. پر هر ساٿ عارضي آهي. ماڻهو ملندا آهن جدا ٿيڻ لاءِ. ”کنڊر“ اهڙين ئي ڪيفيتن جي ڪهاڻي آهي. ”ڪنهن جي وڃڻ سان ڪوئي فرق به ته نٿو پوي. پر خال به نٿو ڀرجي سگهي.“ اهو خال پوءِ وڌندو وڌندو سڄي زندگيءَ کي کنڊر بنايو ڇڏي. اهي ماڻهو کنڊر بڻجي ويل من ساڻ جيئندا رهن ٿا.
    ”دل اندر درياوَ“ ڪهاڻي ۾ يادگيرين وڇوڙي ۽ اڪيلائي جو وهڪرو آهي. ”۽ خدا يا هي ڏينهن مون کي اڏوهي جيئن کائي رهيا آهن.“
    ڪهاڻي ”هستيءَ جا اجاڙ ايوان ۾“ جو ڪردار يونيورسٽي جو شاگرد آهي، پر سياسي ۽ مالي حالتن سبب هن جي پڙهائي بند ٿي چڪي آهي. هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ هو يونيورسٽيءَ ۾ وڃي ٿو. يونيورسٽي ۾ هاڻي هن لاءِ ڪجهه رهيو ئي ڪونهي سواءِ ڌاريائپ ۽ اڪيلائي جي هن کي لڳي ٿو ته: ”هو زندگي جو تنها مُسافر هو (پر منزل ڪٿي هئي!) اهڙو مُسافر جنهن کان ڪا ريل ڇٽي وئي هجي ۽ پوءِ هو اڪيلو اڪيلو اجاڙ ۽ سنسان اسٽيشن تي بيٺو هجي پر ريل اچڻي نه هئي.....“
    ”هينئرو ڪچي تند جيئن“ نه رڳو مدد علي سنڌي پر سنڌي ادب جي بهترين ڪهاڻين مان هڪ آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ننڍي ٻار جي يادگيرين جو بيانيه آهي، هڪ خوبصورت عورت بابت. ٻار جڏهن پهريون ڀيرو ان عورت کي ڏسي ٿو ته کيس لڳي ٿو هن ماءُ جي واتان جيڪي آکاڻيون ٻڌيون هيون انهن قصن ڪهاڻين جي شهزادي پنهنجي سموري سونهن، ڪوملتا ۽ سينگار سان سندس آڏو هئي. ان عورت جو سروقد، ڊگها ڪارا وار، گهرا ۽ نيرا نيڻ، بيضوي مکڙو، گلاب جي گلن جهڙا ڳاڙها چپ ٻار جي ذهن ۾ هڪ تصوير جيان فريز ٿي ويل آهن. هن ڪهاڻيءَ جي وڏي خصوصيت اها آهي ته ان ۾ ڪٿي به اڪيلائي جو نه ذڪر آهي ۽ نه وري اهو لفظ ڪٿي لکيل اهي.
    پر اڪيلائي Under-Current آهي سڄي ڪهاڻي ۾. آپا مهناز جي خوبصورت شخصيت ۽ جنهن سجايل ڪمري ۾ رهي ٿي ان سڀ تي اڪيلائي جا پاڇا ڇانيل آهن. آپا مهناز پنهنجي چوڌاري اُڻيل ڪوريئڙي جي ڄار جهڙي، اڪيلائي کي ٽوڙڻ جي لاءِ ننڍڙي، مڌو جو ساٿُ وٺي ٿي. هن جي مرضي بنا ڪرايل، بيجوڙ شادي ۽ اڻ وڻندڙ مڙس سان زندگيءَ ۾ پيدا ٿيل نا آسودگيون ۽ پيڙائون سندس ڪولمتا کي آهستي آهستي ڪومائينديون رهن ٿيون. نيٺ هوءَ ڪينسر سبب گذاري وڃي ٿي. هيءَ ڪهاڻي پنهنجي پڄاڻيءَ تائين پهچندي پهچندي پڙهندڙن جي من تي اُداسي ۽ اڪيلائي جي هڪ گهري ڇاپَ ڇڏي وڃي ٿي.
    مدد علي سنڌي جون ڪهاڻيون سنڌي ادب ۾ اڪيلائي جي اڻ کٽ سفر جون ڪهاڻيون آهن. هو انهن اٿاهه اڪيلائين جو اڪيلو ڪهاڻيڪار آهي.


    شهر آشوب ۾ وڃايل شخص

    شوڪت حسين شورو

    68 ـــ 1967ع جو زمانو هو، سنڌ تي ون يونٽ جا ڪارا ڪڪر اڃا ڇانيل هئا. پر 4 مارچ واري واقعي ڄڻ هڪ تحريڪ کي جنم ڏنو هو. سنڌ جي نوجوان شاگردن ۾ سياسي شعور جاڳي چڪو هو ۽ اهي ون يونٽ جي مزاحمتي تحريڪ ۾ ڀرپور نموني سان اڳتي وڌي آيا هئا. انهن ڏينهن ۾ مون هڪرو افسانو لکيو هو، ”ابر ۾ اُهاءَ ٿيو“ جيڪو قومي رسالي روح رهاڻ ۾ شايع ٿيو هو. ان افساني جو موضوع قومي هلچل ۽ سنڌي نوجوانن ۾ پيدا ٿيل سجاڳي هو – ڀٽائي پرڀات آرٽ سرڪل طرفان ان افساني کي ڊرامي جي صورت ۾ پهرين مرزا قليچ بيگ جي ورسي تي اسٽيج تي پيش ڪيو ويو ۽ پوءِ ٽريڊ يونين طرفان حسن ناصر شهيد ڊي جي موقعي تي پيش ڪيو ويو. گهمندي ڦرندي پنڊال کان ٿورو پري ڪار ۾ ويٺل هڪ نوجوان ڏانهن منهنجو ڌيان ڇڪجي ويو. هڪ سهڻو نوجوان، جنهن جا وار غير معمولي طور وڏا هئا – سو، ڪار ۾ ويهي ڏاڍي ڌيان سان آخر تائين فنڪشن ڏسندو رهيو. مون کي الائي ڇو هن ۾ ايتري دلچسپي پيدا ٿي جو مون ڪن دوستن کان پڇيو، ڪنهن مون کي هن جو نالو ممتاز قريشيِ ٻڌايو – پر هن بابت وڌيڪ خبر پئجي نه سگهي.
    ان کان پوءِ به هو مون کي ڪڏهن ڪار ۾ اتان لنگهندو نظر ايندو هو. ان مختصر نموني ڏسڻ جي باوجود مون کي هن جي شخصيت وڻندڙ لڳي هئي. هن جو ڳنڀير انداز، خاموشي، سوچيندڙ اکيون ڏسي ماڻهو هن کي نظر انداز نٿي ڪري سگهيو. هڪ ليکڪ جي خصلت سان مون کي هن جي شخصيت ايتري پر اسرار لڳي، جو مون چاهيو ته آئون هن جي ويجهو وڃان ۽ هن کي ڄاڻي سگهان. مون کي معلوم ٿيو ته ممتاز سنڌ يونيورسٽي مان هسٽريءَ ۾ ايم اي ڪئي هئي ۽ ايم اي ڪرڻ کان پوءِ اڪثر يونيورسٽي ويندو رهندو هو – شايد هن جي هسٽري ڊپارٽمينٽ سان گهڻي دل هئي- شهر جي سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ هن جي چڱي خاصي حيثيت هئي.
    ٻن ٽن سالن تائين مون کي ڪڏهن به اهڙو موقعو نه مليو جو هن جي ويجهو وڃي سگهان. 1969 ڌاري مدد علي سنڌي اڳتي قدم رسالي جو پهريون پرچو شايع ڪيو ته مدد سان دوستي ٿي. مدد علي سنڌي سان دوستي ٿيڻ کان پوءِ خبر پئي ته ممتاز علي قريشي سندس وڏو ڀاءُ آهي، جيڪو سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ سنڌي ادب ۾ ڏاڍي دلچسپي رکندو آهي.
    تڏهن مدد وارا، گاڏي کاتي ۾ اسٽيشن روڊ تي واقع هڪ وڏي ماڙيءَ ۾ رهندا هئا. پاسي واري گهٽيءَ ۾ مدد وارن جو هڪ ٻيو گهر هوندو هو. ان گهر جو شاندار ايئرڪنڊيشنڊ ڊرائنگ روم ۽ ان گهر جي سامهون مدد جو قائم ڪيل آشرم، سنڌ جي قومي ڪارڪنن ۽ اديبن جو جهروڪر مرڪز هوندو هو. انهيءَ آشرم ۾ سنڌ جا اديب ۽ قومي ڪارڪن اچي رهندا هئا.
    سال 1969ع ۾ سائين جي. ايم سيد، سنڌ متحده محاذ ٺاهيو ته ان جو جهنڊو به حيدر آباد شهر ۾ فقط مدد وارن جي گهر تي لڳل هوندو هو. اهو سنڌ جو قومي جهنڊو، اجرڪ، ڳاڙهي ۽ سائي رنگ جي پٽين، مٿس لڳل سنڌ جي نقشي سان، مدد وارن جي اوچي ماڙي تي جڏهن هوا ۾ ڦڙڪندو هو ته پريان پريان کان پيو نظر ايندو هو. 1970ع ۾ جڏهن سڄو حيدر آباد شهر پيپلز پارٽي، مسلم ليگ، جماعت اسلامي ۽ مولانا نوراني جي جهنڊن سان ڀريو پيو هوندو هو، تڏهن اهو اڪيلو سنڌ جو جهنڊو، سنڌ جي قومي ڪارڪنن لاءِ هڪ وڏي آٿت هوندو هو. مدد جي والده، جنهن کي سڄي سنڌ جا قومي ڪارڪن امان ڪري سڏيندا هئا، سڀني جي لاءِ ڇپر ڇانوَ ۽ گورڪيءَ جي ماءُ واري ڪردار مثل هوندي هئي. مدد گهر هجي يا نه هجي، آشرم ۾ رهندڙن کي نه رڳو ماني ٽڪر پئي موڪليندي هئي، بلڪه روانگيءَ مهل هر ڪارڪن کي حسب ضرورت ڀاڙو به ڏيندي هئي. در اصل مدد جي والده ۽ سندس وڏو ڀاءُ ممتاز علي جو وجود سنڌ جي قومي ڪارڪنن لاءِ ڪنهن گهاٽي وڻ جي ڇانوَ وانگر هوندي هو.
    ان زماني ۾ مدد وارن جي گهر ۾ آشرم تي مون سنڌ جا سياسي اڳواڻ بار بار ايندي ۽ انهن جون دعوتون ٿيندي ڏٺيون، تن ۾ سائين جي. ايم. سيد، ڪامريد سوڀو گيانچنداڻي، شيخ اياز، قاضي فيض محمد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، مير علي احمد خان ٽالپر، مير رسول بخش خان ٽالپر، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، ڪامريڊ پوهو، سائين غلام مصطفيٰ شاهه، مردور ڪسان پارٽيءَ جو اڳواڻ ميجر اسحاق، حفيظ قريشي – ان وقت جا شاگرد اڳواڻ يوسف ٽالپر، سيد حسين شاهه بخاري، لالا قادر، اقبال ترين، سيد شاهه محمد شاهه، يوسف جکراڻي، مير ٿيٻو، اسماعيل وساڻ، عزيز ڀنگوار، سڪندر ڀنگوار، مولا بخش لغاري، امان الله شيخ، مولا بخش چانڊيو، قمر راڄپر، حبيب الله ناريجو، ابوبڪر زرداري، علي حيدر شاهه شامل آهن.
    تنهن کان سواءِ اديب ۽ شاعر علي بابا، غلام حسين رنگريز، عبدالفتاح عبد، مومن مليرائي، نبي بخش کوسو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، ابراهيم منشي، عبدالواحد آريسر، رشيد ڀٽي عبدالحق عالماڻي، امداد حسيني، ذوالفقار راشدي، عبدالڪريم پلي، ظفر حسن، طارق اشرف، عبدالقادر جوڻيجو، ڊاڪٽر ڪنيو گيانچنداڻي، علي انور هاليپوٽو، مراد علي مرزا، مولانا غلام محمد گرامي، ع ق شيخ ۽ ولي رام ولڀ سميت ڪيترائي اديب دوست آشرم جا مستقل مهمان هوندا هئا. اهو سڀ ڪم هڪ شخص جي همت افرائي ڪري ٿيندو هو- اهو هو ممتاز علي قريشي.
    ڪو وقت هو، جو منهنجو ٻيو گهر به مدد جو گهر هوندو هو. اڪثر ڪري مدد وارن جي گهر ويندو هوس. اتي سندس وڏي ڀاءُ ممتاز علي قريشي سان به ملاقات پئي ٿيندي هئي. مون شروع کان وٺي ممتاز جي ڳنڀيرتا ۽ شخصيت جي پر اسراريت جو اثر ويٺل هو، تنهن چاهڻ جي باوجود مون کي هن جي قريب ٿيڻ نه ڏنو. پر ڪنهن حد تائين مون کي موقعو مليو، جو هن کي ويجهڙائي کان ڏسي سگهيس.
    سمنڊ جي سطح تي ماٺ ڇانيل هوندي آهي، پر ان جي گهرائي ۾ الائي ڪيترائي طوفان لڪل هوندا آهن. ممتاز علي قريشي به اهو ماٺو خاموش ۽ گهرو سمنڊ هو، جنهن جو پري کان بيهي پتو لڳائڻ مشڪل هو. هو ٻاهر جيترو خاموش نظر ايندو هو، اوترو ئي گهرو ۾ زور زور سان ڳالهائيندو هو. مون ڪڏهن مدد کان پڇيو ڪو نه پر مون کي لڳو ته هو بيحد حساس ۽ جذباتي هو. شايد ان ڪري هن کي چڙ جلدي اچي ويندي هئي، ۽ پوءِ هو رڙيون ڪري ڳالهائيندو هو. پر ٿوري کان پوءِ اها ڳنڀيرتا ۽ اکين ۾ اداسي جا لڙيل پاڇا ـــ منهنجي ذهن ۾ ممتاز هڪ روماني ڪردار جو روپ وٺي چڪر هو- آئون چئي نٿو سگهان ته صحيح ڳالهه ڪهڙي آهي. اهو منهنجو خيال هو واقعي ائين هو ته ممتاز مون کي اداس اداس، هيڪل ۽ وياڪل لڳندو هو.
    ممتاز عمر ۾ مون جيڏو هو. پر پنهنجي صلاحيتن ۽ محنت سان ايتري مختصر عرصي ۾ گهڻو اڳتي وڌي ويو هو. هو ان وقت جي هلندڙ سنڌ جي قومي تحريڪ جي وڏي دل سان مالي مدد ڪندو هو. اهو يقينن ڏکيو دور هو. ممتاز، مالدار شخص هوندي قومي ساڃاهه ۽ ديس جو درد دل ۾ رکندو هو ۽ وقت جي حڪومت کان ڪڏهن به ڊنو نه هو.
    ممتاز هڪ خود دار ماڻهو هو، هن اڪيلي سر جاکوڙ ڪري پاڻ کي ۽ پنهنجن گهر وارن کي خوشحال بڻايو هو- اها ٻي ڳالهه آهي ته حساس ماڻهو پاڻ کي دنيا جي منافقين ۽ دوکيبازي سان شريڪ نه ٿي سگهندا آهن. ممتاز سان به ائين ٿيو- ممتاز اڃا نوجوان ئي هو ته ٿڪجي پيو. شايد هن حد کان وڌيڪ محنت ڪئي هئي. شايد هن ڏٺو ته سندس ڪارج پورو ٿي چڪو هو- دنياوي طور هن جيڪي ڪجهه چاهيو هو سو کيس ملي ويو هو- پر ڪا ازلي کوٽ هئي، جيڪا هن جي اکين مان جهلڪندي هئي، جيڪا ڪڏهن ڀرجي نه سگهي-
    آخري وقت ۾ مون ممتاز کي ڪو نه ڏٺو (27 آڪٽوبر 1980ع) پر مون کي پڪ آهي ته هن جي چهري تي اهائي ڳنڀيرتا هوندي ۽ اکين ۾ ڇانيل اداسي جي جاءِ تي سڪون اچي والاري هوندي.
    اڄ به ڪڏهن ڪڏهن حيدر آباد شهر جي اسٽيشن روڊ تان لنگهڻ ٿيندو آهي ته روڊ تي واقع اها زرد رنگ جي پراڻي عمارت ڏسي، مون کي پراڻو دور ياد اچي ويندو آهي، جتي ڪڏهن سنڌ جي قومي ڪارڪنن ۽ اديبن جا ميلا لڳل هوندا هئا، جنهن ۾ سائين جي. ايم. سيد ٻه ڀيرا اچي رهيو هو، جنهن ۾ شيخ اياز هر سال دعوتون اچي کائيندو هو، جيڪو گهر ڪڏهن سنڌ جي ويرين کي ٻاٻرين ڪنڊي وانگر پيو محسوس ٿيندو هو.
    هنڌ اهي ئي ماڳ، پر جت نه پسان جوءِ ۾!
    ڳالهه ڪٿان جي ڪٿي وڃي پهتي، پر اها حقيقت آهي ته مدد جي شخصيت تي پنهنجي وڏي ڀاءُ جو پرتو پيل هو. اهو ئي شخص هو، جنهن جي بهادري سبب مدد ۽ سندس گهر وارن 1971ع کان وٺي 1977ع تائين حڪومتن جو ڏاڍ ۽ جبر ويهي برداشت ڪيو. اهو زمانو 1972ع کان 1973ع جو هو. جڏهن اسين ڪيفي جارج ۾ شام جو ويهي ڪچهري ڪندا هئا سين. ان وقت مدد علي، اڳتي قدم رسالو ظفر حسن شاهه جي پرفيڪٽ پريس، 474 صدر حيدر آباد مان ڪڍندو هو. ڊسمبر 1972ع ۾ مدد جي گرفتاري کان پوءِ، مون ماڻڪ ۽ عبدالحق عالماڻيءَ اڳتي قدم جو سلسلو جاري رکيو هو. 28 اپريل 1973ع تي ڪنووڪيشن واري واقعي کان پوءِ مدد، سنڌ يونيورسٽي مان ريسٽيڪيٽ ٿيو ۽ انڊر گرائونڊ ٿي ويو. مئي 1973ع ۾ اسان کي مجبور ٿي اڳتي قدم رسالو بند ڪرڻو پيو، جو مدد جي گهر تي ڇاپو لڳو هو ۽ مٿس ڪيترائي ڪيس درج ڪيا ويا هئا. بعد جو سمورو وقت مدد جي گهر وارن تي عتاب نازل رهيو. يونيورسٽيءَ ۾ ڪو واقعو ٿئي، يا نعپ تي بندش لڳي، پوليس جو ڇاپو مدد وارن جي گهر تي ضرور لڳندو هو. 1975ع جو اهو زمانو به ياد اٿم، جڏهن ان وقت جي حڪومت هڪ وقت اڳتي قدم پبليڪيشن سميت 72 ڪتابن تي بندش هنئي هئي. تڏهن به مدد جي گهر تي ڇاپو هڻي سندس 90 سالن جي پوڙهي والد کي گرفتار ڪري سٽي لاڪ اپ حيدر آباد ۾ بند ڪيو ويو هو ۽ مدد جي والده ۽ سندس ٻن ڀائرن جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس ڇاپا پئي هنيا.
    شايد اهو واقعو هو، جنهن کان پوءِ مدد سياست کي ڇڏي وڃي 1980ع ۾ صحافت جا وڻ وسايا. اهو دور، خاص طرح هڪ ليکڪ هئڻ جي حوالي سان، مدد تي ڪيئن گذريو، ته ان جو احساس سندس لکيڻن، خاص طرح ڪهاڻين مان پيو پوندو آهي.
    **********
    مدد علي سنڌي افسانوي ادب ۾ پنهنجو منفرد اسلوب رکندڙ ڪهاڻيڪار آهي. هن جو اسلوب جهرڻن ۾ وهندڙ پاڻيءَ وانگر مُڌر ۽ ستار تي وڄندڙ هڪ اهڙي ڌيمي سر وانگر آهي، جنهن ۾ لطف به آهي ته من کي اداس ڪري ڇڏيندڙ ڪيفيت به آهي. سندس اڪثر ڪهاڻين ۾ وڇوڙي جي درد جو چڀندڙ احساس ڪوهيڙي وانگر ڇانيل هوندو آهي. لطيف سائينءَ جي شاعريءَ ۾ به وصال کان وڌيڪ وڇوڙي کي اهميت آهي. لطيف سائين محبوب کي ڳولڻ ته چاهي ٿو، پر نه ملڻ جي دعا پڻ گهري ٿو، ڇو ته من اندر جيڪا لوچ آهي، اها ملڻ سان ماٺي ٿي ويندي. اهڙو ئي هن جو هڪ بيت آهي؛
    آئون ڏورينءَ، شال مَ لهينءِ، پرين! هيئن پري،
    هڏ نه ساهه سري، تن تسلي نه ٿئي.
    يا
    جيڪي فراقان، سو وصالان نه ٿئي،
    اچي اوطاقان، مون کي پرين پري ڪيو.
    مدد علي جي نثري نظمن واري ڪتاب ”پنر ملن“ مان پڻ هڪ نثري نظم جون سٽون ياد ٿيون اچن؛
    تنهنجي ۽ منهنجي ملاقات آ،
    ڪنهن وڇوڙي جي شرعات!
    مون کي ياد ٿو اچي، ته مدد علي جي پهرين ڪهاڻي 1969 ۾ سهڻي رسالي ۾ ۽ ٻي ڪهاڻي سندس ئي رسالي اڳتي قدم ۾ 1970ع ڌاري شايع ٿي، سندس ٻي ڪهاڻي ”پکا پکن سا منهڙا، اوري اچي اڏ“ ان وقت نه رڳو سنڌ، بلڪه هند ۽ به ڏاڍي مشهوري ماڻي، ان ڪهاڻيءَ هنديءَ ۾ ترجمو پڻ ساڳئي سال مشهور هندي رسالي ”ساريڪا“ ۾ شايع ٿيو. سندس ٽين ڪهاڻي، 1978ع ۾ سهڻي ۾ شايع ٿي، جنهن سان هن جديد ڪهاڻي ڏانهن موٽ کاڌي.
    مدد جون ڪهاڻيون، خاص طرح شعور جي وهڪري (Stream of consciousness ) ۾ لکيل، زمان ۽ مڪان جي وهڪري کان مٿانهون هونديون آهن. سندس نثري شاعري، جيڪا 1981ع ۾ ”پنر ملن“ جي نالي سان ڪتابي شڪل ۾ شايع ٿي، ورهاڱي کان پوءِ نثري نظم جو پهريون ڪتاب هو. اصل ۾ مون وانگر مدد کي پنهنجا ڪتاب شايع ڪرائڻ جي هابي ڪونهي. ان ڪري سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”ادل اندر دريا“ ۽ ”پنرل ملن“ 32 سالن کان آئوٽ آف اسٽاڪ آهن ۽ سندس لکيل شاندار ناوليٽ ”هو جي مئا ماڳ ۾“ 15 ورهين کان مختلف رسالن ۾ قسطن جي شڪل ۾ ڇپائيءَ جو انتظار پيو ڪري.
    مدد جو هي سفرنامو شهر صحرا ڀانيان مصر جي هڪ رات جي ڳالهه آهي. هن سفر نامي تي هن جي ڪهاڻين ۽ شاعريءَ جو پرتو پيل آهي. سندس ڪهاڻين وانگر هن سفر نامي ”شهر صحرا ڀانيان“ جي پڄاڻيءَ به وڇوڙي تي ٿئي ٿي، بلڪه ڪلوپيٽرا سان ملاقات ئي وڇوڙي جي شروعات آهي. هي سفر نامو ليکڪ ۽ ڪلوپيٽرا جي پيار جي ڪهاڻي ڪانهي. ليکڪ جي پنهنجي وڃايل دنيا آهي. پنهنجا ڏک آهن ۽ پنهنجون محروميون آهن. ڪلوپيٽرا جيڪا هڪ وڏي گهراڻي جي سکي ڇوڪري آهي، ان لاءِ هر سک ۾ اندر جو سک سمايل ڪونهي. هن جا پنهنجا مسئلا آهن، پنهنجو درد آهي ۽ حياتيءَ جو ويراڳ آهي، جنهن کي ڀوڳڻ لاءِ هوءَ آمريڪا پئي ويئي.
    ليکڪ ۽ ڪلوپيٽرا جي سفر جي دروان ڪجهه گهڙين جي اتفاقي ملاقات هئي، پر مدد جي لفظن ۾ ”ڪڏهن گذاريل گهڙيون، نٽهڻ اس جيان ماڻهوءَ کي پيون ساڙينديون آهن.“
    ليکڪ ۽ ڪلوپيٽرا به بيچين روح آهن، جيڪي گهڙي کن لاءِ مليا ئي هئا وري هميشه لاءِ وڇڙي وڃڻ ڪاڻ. ڪلوپيٽرا هن جي ڪائي وڃايل محبوبه به ڪا نه هئي، جنهن جي وڃڻ تي هو ويهي هنجون هاري ها. اهو هڪ چند گهڙين جو ساٿ هو، گونگو ۽ ٻوڙو! پر چند گهڙين جو ساٿ ۽ پوءِ دائمي وڇوڙي جو مدد جي مخصوص اسٽائل ۾ بيان پڙهندڙ جي من تي درجي جي هڪ عجيب ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي ٿو ڄڻ پڙهندڙ، پاڻ مدد جي جاءِ تي هجي.
    هڪ تخليقڪار جي سفر نامي جي اهائي خوبي آهي ته ان ۾ رڳو فوٽو گرافيڪل بيان ڪو نه هوندو آهي ۽ ان جي ۾ ڪنهن ملڪ، شهر يا تاريخي جاءِ تي ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ پاران پڇايل بروشر مان هٿ ڪيل معلومات ۽ انگ اکر هوندا آهن. بلڪه سفر جي دوران ليکڪ جا جيڪي احساس هوندا آهن، انهن جي تخليقي انداز ۾ اپٽار ئي ڪنهن سفر نامي کي ادب ۾ جوڳي جاءِ ڏياري ٿي.
    مصر يا قاهره جي نالي سان گڏ هڪ دهڪدم پرئمڊ يا اهرام مصر ذهن ۾ اچن ٿا. مدد کي پرئمڊ ڏسڻ جو موقعو نه ملي سگهيو، ان جو ڏک مدد کي ته رهيو، پر پڙهندڙ به ان کوٽ کي ضرور محسوس ڪندا.
    مدد علي سنڌي بنيادي طور سفر نامن جو ليکڪ ڪونهي، ”شهر صحرا ڀانيان“ عام سفر نامن کان بنهه مختلف هڪ ادبي سفر نامو آهي.


    ٿڪل ــ اڌ پنڌ جا ڪي لفظ

    نُور الهُديٰ شاهه
    ”رات جي ڪاراڻ تيزيءَ سان ڇانئجندي پئي وڃي دوستو!
    دشمنو!
    ڪا روشني ته ٻاريو
    هيءَ اُماس جي رات
    هن اداسيءَ جي شهر کي اونداهو ڪري ڇڏيندي
    پوءِ ڪوئي ڪنهن کي ڳولي نه سگهندو
    هٿ هٿ کي ڏسي نه سگهندو
    دوستو ـــ دشمنو!
    رات جي ڪاراڻ ۾ ڪا اُميدن جي شمع ته ٻاريو“
    (مدد علي سنڌي جي ڪوتا)

    ”۽ هڪ سچو ڪلاڪار (او ــ لوڪو!!) تنهن پل ڏات ڪنوار جو گھوٽ بڻبو آهي جڏهن هن جا سرجيندڙ ه هٿ ڏات ڪنوار جي سڪل ٺوٺ چپن کي سُرخ ڪندا آهن ـــ اوهو.... لپ اسٽڪ جو رنگ ته هرگز ناهي جو چپ چپ کي ڇهئي ته رنگ ڌنڌلو پئجي وڃي. جُڳن پڄاڻان به جرڪندو رهندو آهي اهو رنگ ـــ انگ.“
    ۽ ـــ او ــ ٻڌو!! ـــ اُهو پيلو پن، جيڪو ٽاريءَ تان ڇڻيو آهي، هن پل ــ (ڪڏهن ته سائو هيو اُنَ جو رنگ ــ انگ ۽ سندرتا هئي هن جو ڀاڳُ) هن پل به اوترو ئي موهن آهي. ڇڻيل پيلا پن سندرتا جون ساروڻيون آهن ــ من درپن ۾ سجائي رکو انهن کي“.
    ۽ مدد علي سنڌيءَ جو ڪهاڻيون پڙهي، من جي اندر رڻ پٽ ۾ انيڪ پيلا پن اُڏرندا ڀاسندا آهن مون کي. (ڇڻيل پيلا پن سندرتا جون ساروڻيون آهن. من درپن ۾ سجائي رکو انهن کي) ۽ ڪجهه پيڙائون آهن جيڪي مدد عليءَ جي ڪهاڻين کي پڙهڻ سمئهءِ من ۾ واسو ڪرڻ لڳنديون آهن ۽ جھونگاريندو آهي من (سروم ـــ دکم ـــ دکم)“
    مدد علي سنڌي لمحن جو ڪهاڻيڪار نه پر جڳن جو ڪهاڻيڪار آهي. جڳ، جيڪي آدجڳاد کان سفر ڪندڙ ماڻهوءَ جي پويان رهجي ويندا آهن ۽ جڳ جيڪي اڃا اڳتي ڦهليا پيا آهن (حياتيءَ جو هڪ وشال ساگر آهي، جنهن جو ڪوئي انت ڪونهي) بلڪل ائين مدد عليءَ جي ڪهاڻين جي به ڪائي پڄاڻي ڪانهي. پڄاڻي، جنهن کان اڳتي ڪجهه به ناهي.
    ۽ ــ او سائين!
    ”آوازن کي جيڪي پڙلاءَ آهن، مدد عليءَ جون ڪهاڻيون به اُنهن پڙلاءَ سمان آهن. آوازن جي اُجھامڻ کان پوءِ به لمحن جي دائري ۾ گونجنديون رهنديون (لمحا ــ جن جي دائري منجھان صديون ڦٽي نڪرنديون آهن) ــ ۽ ـــ آوازن سمان ڪلاڪار جون هٿ آڱريون آهن ـــ مٽيءَ ۾ گم ٿي وڃن جيڪي انهيءَ لاءِ (۽ ـــ اهو به حياتيءَ جو آهي دکي ڪندڙ هاڃو ـــ سرجندڙ هٿ ڇو مٽيءَ ۾ کوئجي ويندا آهن!) پر پڙلاءُ سمان جڳن جو سفر ڪندي آهي هڪ سچي ڪلاڪار جي ڪلا.“
    ”او ــ دوستو!! ــ ماڻهوءَ جي من جا ڀاوت هر جڳ ۾ هڪ جهڙائي رهيا آهن. تڏهن به هر جڳ ۾ نڪور رهندو پي آيو آهي. انهن ڀاونائن جو ڪومل روپ ـــ ۽ مدد عليءَ جي ڪهاڻين جو ڪنوارپڻو اُجھامڻو ناهي. ان لاءِ جو انهن ڪهاڻين منجهه مدد عليءَ جون بانورو من ڌڙڪي ٿو. ان لاءِ جو اهي ڪهاڻيون من اندر جون وارتائون آهن. (درد ۽ سپنن جا سڀئي پاڇولا، من اندر جي وشال دائري ۾ احساسن ۽ جذبن جو روپ ڌاسري جنم ـــ جنم کان پيا ڀٽڪندا آهن) ـــ مدد عليءَ جون ڪهاڻيون پڙهي هن جي من اندر جي احساسن جو دائرو ڪيڏو وشال ۽ گهرو آهي انهيءَ جي سُڌ پوي ٿي) هڪ سچو ليکڪ پنهنجي ذات اندر ڪائنات آهي ــ اُنَ ڪائنات جو سرجڻهار ليکڪ پاڻ ئي ته آهي ــ ۽ ــ ساٿي!!ــ اُنَ ڪائنات جا سڀ روپ سروپَ ليکڪ جي هٿ آڱرين جي سُندرتا آهن.“
    ”هر هڪ پل ۾ حياتيءَ جو ڊگھهو (مبهم) فلسفو سمايل آهي. جڳن جنمن تي ڦهليل هيءَ حياتي بس هڪڙي پل جي ڪهاڻي/اڪهاڻي آهي. ۽ ــ اهو هڪڙو پل کنڊرن ۾ ــ لمحن جي رهجي ويل نشانن ۾ ـــ ڌرتيءَ ۽ وقتَ جي اتهاس ۾ جُڳن جو سفر ڪري ٿو جُڳن جو اهو سفر ڪنهن هڪ اُداس پل جي ڄار ۾ ڦاسي حياتيءَ جو مختصر تهائين مختصر پل بڻجيو پوي ـــ مدد عليءَ حياتيءَ جي اُنَ دکي ڪندڙ فلسفي تي لمحن ــ لمحن جو ماتم ڪيو آهي.“ (هاءِ حياتي ــ هاءِ حياتي ــ آڪاس ۾ ٽنگيل پوئين پهرَ جو اُداس چنڊ) ڪرانتيڪار.
    ”اهي ڪهاڻيون آهن يا مدد عليءَ جون ڪوتائون آهن (سندس ڪهاڻيون پڙهڻ سمي اڪثر سوچيو هوندم) پر اهو به ڪو انڪشاف ناهي رهيو ته هو هڪ سندر ڀاونائن وارو ڪوي پڻ آهي ــ ۽ ڪهاڻيڪار، جيڪر ڪوتا سرجڻ جي ڀيڄَ ڀنيءَ جهڙيءَ پيڙا سان به لنگهندو هجي (ڪهاڻيون سرجڻ سهي) امرت رس جهڙا سپنا ڪر موڙي جاڳندا آهن اُنهيءَ جي ڪهاڻين کي تهائين مبهم ۽ سندر ڪري ڇڏيندو آهي.“
    ”رات اونداهي آهي، پر هر رات جي پويان به ته ڪوئي صبح ضرور آهي!
    (۽ منهنجي هن جيون کي ڪوئي انت ناهي!!) پر انتظار ضرور آهي.
    دور ڪٿان، هنن وڻن جي پويان جڏهن سورج شاخون ڪڍندو پر تون چپ ڇو ٿي ويو آهين؟
    (هن منهنجي آوارا سوچن جو به ته ڪوئي انت ناهي!!)

    صبح ٿيڻ وارو آهي!
    ها، صبح ٿيڻ وارو آهي!
    رات اونداهي آهي پر دور ڪٿان روشني ڦٽڻ واري آهي ۽ رستا ڊگها گهڻا ڊگها، گهاٽن وڻن ۾ گهيريل رستا!
    (پر ــ منهنجي هن جيون کي به ڪوئي انت آهي؟؟)
    جن شروع ڪئي منزل لاءِ جدوجهد، اهي حاصل نه ڪري سگهيا!!
    (هن شروعات ۽ پڇاڙي جي وچ ۾ وڇوٽي هوندي آهي!) ۽ جڏهن ڳوليوسين ته ڪوئي سڏ ڏيڻ لاءِ به موجود ڪونه هو!!
    (خاموشي)
    زندگيءَ جي رنگ ڀوميءَ تي ــ خاموشي“ (کنڊر)
    ”هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ (درد جي اکٽ سلسلي ۾) آس جو هڪڙو ننڍڙو اُجھامندڙ ڏيئو ٻاري رکندو آهي (لوڪ آهي جو روشنيءَ جو اهو ننڍڙو ترورو به ٿو اُجھامڻ چاهي)
    اُتان کان هن جي من جي اُڏام شروع ٿيندي آهي. سڀ جا پير پٿون آهن. هر ڪنهن جو موڳو من اُڏامڻ چاهيندو آهي.“
    ”وقت ته ڪنهن تيز گهوڙي جيان اڳيان نڪري ويو. اسين ته الائي ڪيترو پري رهجي وياسين ــ ۽ ــ ان کان پهرين آئيڊيل ها ــ زندگي رولاهي ۽ ڪجهه به نه هوندي ڄڻ ڪجهه هو ــ هيڪلي گهارڻ جي سگهه آهي. منزل ڏانهن وڌندڙ قدم تيز ۽ گهڻا تيز آهن. منزل ڏانهن ويندڙ ۽ وڌندڙ قدمن مان ڪي قدم مٽجي به سگهن ٿا. اونداهين ۾ صبح کي ڳوليندي ۽ منزل لاءِ رلندي، ڪي مارجي ويا ته انهن کي ڪيرُ ڳولي ــ ڪير ڳولي انهن اونداهين ۾ گم ٿيندڙ قدمن کي...... ۽ نرملا! سڀني اوسٿا ۾ نه گاڏيون ٿين ٿيون ۽ نڪي اُتي گهوڙا ۽ رستو آهي ــ هي ماڻهو سڀني ۾ رٿ گهوڙا ۽ رٿ لاءِ رستي کي ٺاهي ٿو. اُتي نه سک آهي نه آنند آهي ــ هي ماڻهو سپني ۾ آنند، سک ۽ پرمود کي رچي ٿو. سپني ۾ نه تلاءُ آهن نه نديون آهن. پر هي سپني ۾ نديون ۽ تلاءُ ٺاهي ٿو. هي سپني اوسٿا ۾ سڀ ڪجهه ٺاهڻ وارو ٿئي ٿو.“ کنڊر
    ۽ (ڪٿي ــ ڪٿي) پنهنجين ڪهاڻين ۾ هو مون کي حياتيءَ جي پاڳل خاني ۾ قيد اُهو پاڳل ڀاسندو آهي جنهن ۾ نيئر ڇنڻ جو ساهس ئي ناهي ــ يا هن جي ڌڙڪندڙ من ۾ ڪڏهين نيئر ڇِني پاڳل خاني مان ڀڄي نڪرڻ جا ڀاوَ ئي ناهن ڀليا ــ هن جيڪي ڪجهه به ڀوڳيو. سوچيو ۽ لوچيو آهي. اُهو انهن نيئرن ۾ ٻڌجي نيئرن جو اهو ڇمڪو ــ ڪنن جا پڙدا ڦاڙيندڙ پڙلاءُ سمان هن جي انيڪ ڪهاڻين ۾ (۽ ــ کنڊ جي لحاظ ۾) گونجندو محسوس ٿيندو آهي.
    ”پر ڇا
    ”او ــ لوڪو!
    ”ٻڌو!
    ”اسينن سڀ حياتيءَ جي ان پاڳل خاني ۾ جَڳن ڪنا ٻڌا پيا آهيون!! ــ پاڳلن جيان واڪا پيا ڪندا آهيون ۽ ديوارن سان سر ٽڪرائيندا آهن (دک اهو آهي ته انهن نيئرن جي چاٻي به اسان وٽ اهي ــ پر هٿ ڪپيا پيا آهن سڀني جا يا انهن نيئرن کي ڇنڻ جو ساهس ئي ڪونهي اسان منجهه) ــ هاءِ ــ ڪوئي آهي. جيڪو ان پاڳل خاني جون ديوارون ڊاهي، نيئر ڇني ۽آزاد ڪري وڃي اسان کي.“
    (چريائپ زندگيءَ جي حقيقت آهي ــ هڪ ٻڌيمان لاءِ)
    ”کنڊر“
    (زندگي فقط ڪڏهن ڪڏهن ملائيندي آهي اسان کي! هڪ ڀيرو ملندا آهيون جدا ٿيڻ لاءِ)
    ”پر هي سڀ ڪيڏانهن هليا ويا؟ ڪيڏانهن ٿا هليا وڃن سڀ آخر؟ مدت گذري ته هو سڀ اسان کي ڇڏي هليا ويا ــ جدا ٿي ويا اسان کان ــ جيڪي گم ٿي ويا اُهي وري ڪڏهن به نه ملندا ـــ پنر ملن زندگيءَ ۾ ٿيندو ئي ڪونه آهي.....)

    ”کنڊر“
    ”سندس ڪهاڻي کنڊر ۾، ذهن جي پاڳل خاني ۾ جنم ــ جنم کان قيد اندر جي پاڳل ماڻهوءَ درد جا اکٽ سلسلا طئه ڪيا آهن ــ مدد علي ائين ڀاسندو آ ڄڻ ڪهاڻين ۾ پاڳل ماڻهوءَ جيان واڪا ڪندو ٿو بن . بن ڀٽڪي ــ ۽ سندس هٿ ۾ اُجھاڻل مشعل آهي ــ پيڙائن جي (پر لوڪ به ته پاڳل آهي جو پويان پويان پٿر کنيو ٿو هلي).
    ”ساڳي ڪهاڻيءَ ۾ ڪافڪا جي خطن جا حوالا ڏيڻ تي مٿس اهو الزام نٿو مڙهي سگهجي ته ڪو هو سنڌي ادب ۾ ڪافڪا ٿو بنجڻ چاهي يا هو لکڻ جي حد تائين متاثر ٿو ڏسجي Franz Kafka کان ــ (ڏاڍو روايتي ۽ بوگس الزام آهي اهو) اها الزام پنهنجن ذهين ليکڪن تي هڻي اسين سندن صلاحيتن کي مفلوج ڪرڻ جي ڪُڌي ڪوشس ڪندا پي آيا آهيون. هڪ ليکڪ (يا ڪو به ڪلاڪار) پيڙا جي جنهن سلسلي کي اڻپورو ٿو ڇڏي ڏي. ٻيو (پويان اچڻ واروآ) اُنَ سلسلي کي اُتان کان ئي ٿو شروع ڪري ـــ پُڄاڻي ۽ شروعات جي وچ واريءَ وڇوٽيءَ تي ڏات جو پنر جنم ٿيندو آهي“
    ”۽ ڪٿي ڪٿي ائين ٿو ڀاسي ڄڻ هو پنهنجي ڪنهن Beloved سان ٿو مڌر ــ مڌر سرگوشيون ڪري پنهنجين ڪهاڻين ۾. (اهو آءٌ اڪثر چوندي آهيانس. موٽ ۾ مدد علي چپ چاپ چپن ۾ سگار اٽڪايو، ديوارن کي گهوريندو رهندو آهي ــ ۽ بس. اسان جي من اندر جون وارتائون پڻ آهن). مون سندس کليل هٿ تريءَ جون ريکائون ته ناهن ڏٺيون، پر شايد سندس هٿ تريءَ جي ريکائن ۾ دک ۽ وڇوڙي جو مها ساگر وهندو هجي ــ اهو مها ساگر هن جي هٿ تريءَ تان وهندو ايندو آهي. سندس ڪهاڻين منجهه (۽ آءٌ سوچيندي آهيان ته هو لکڻ سمي مُٺ ڇو بند رکندو آهي)“.
    (پيڙائون سڀ تڪليف ڏيندڙ آهن. پر ههڙي پيڙا ڪابه ناهي، جو خدا ٿو ڄاڻي ته مون کي واڄي وانگر ٿي وڄائي ــ قاضي قادن) دل اندر درياو
    ”مدد علي سنڌي!!
    ”پيڙائن جو ڪهاڻياڪار آهي
    ”پيڙائون، جيڪي اندر مان جنم وٺنديون آهن ۽ اتهاس جي سيني تي نشان بڻجي رهجي وينديون آهن.
    ”مدد علي سنڌي!!
    ”حياتيءَ جي پهاڙ جيڏن پنڌن جو ڪهاڻيڪار آهي ــ هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ ماڻهوءَ جي من جا اڻ ڳاتل آلاپ به جھونگاريا آهن (پيڙا جي پهاڙ هيٺان پيڙهجندي به هن روايتي قسم جا نعرا ناهن هنيا) هن جي ڪهاڻين جي ڪردارن جڳن جو جاپ آهي ڪيو. (جڳ لنگهي ويا آهن لوڪو!! ــ پر اڃا ڪنهن کي به جڳن جي انهيءَ جاپ جو حيلو ناهي مليو)“.
    (...... مان جيون جي هن اونداهي ماٿريءَ کي تيزيءَ سان پار ڪري رهيو آهيان.... هلي رهيو آهيان، ڪنهن پيچري تان، ڪنهن اڻ ڄاتل منزل ڏانهن
    منزل، جنهن جي ڪائي ڄاڻَ نه آهي....!!.....؟؟
    .... منجھيل منجھيل بيٺو آهيان، اڪيلو اڪيلو، جيون جي هن ويران ۽ گٺل پيچري تي!!
    .... هر طرف کان ڇانيل
    اونداهي
    مرتيو جو گھُور سناٽو
    ان ۾ اُڏامندڙ
    ڪيئن آواز ڪيئن سپنا
    وڇوڙي جو عميق سمونڊ
    جنهن ۾،
    سڀ ڪجهه کوئجيو وڃي
    سڀ ڪجهه لڙهيو وڃي
    جنهن ۾،
    ڪوئي سوجھرو نه
    ڪوئي احساس نه
    ؟......؟......!!...!!؟؟“ (پيلا گل سرنهن جا)
    ”ليکڪ پنهنجي وقت جي اتهاس جو سرجيندر آهي ــ هو حياتيءَ جي داوَ ۾ رکندو آهي پنهنجيون پيڙائون (هار ــ يا ــ جيت!) پر موٽ ۾ جيڪي ڪجهه ڀوڳيندو آهي، اهو ئي هن کي سموريءَ ماٿريءَ تي پيو نظر ايندو آهي. اهو ئي هن جي وقت جو اتهاس بڻبو آهي. اهو ئي هو پنهنجين رچنائن ۾ سمائيندو آهي“.
    ٻڌو!!
    ٻڌو!!
    سچ صرف اهوته ناهي جيڪو ڪنهن اوچي نعري ۾ اچي ڏجي. ڪوئي هجي جيڪو اسان جي وات ۾ ڪا ڄڀ رکي وڃي ۽ ان جي ڪنن مان آڱريون ڪڍي سگهي. اهڙي سمي سچ اندر ئي پيو ٽڙندو آهي (نيري گهري ساگر جهڙو سچ).
    ”مدد علي سنڌي“
    ”اندر ۾ ئي تڙپندڙ سچ جو ڪهاڻيڪار آهي (ڪنهن ته جنم ۾ ـــ هن نعرا هنيا آهن سچ جا، جو هن جي ڄڀ پاڙان ڪپي پئي آهي) سچ ته اسان سڀني جي اندر ۾ تڙپي پيو ۽ ڄڀ ته اسان سڀني جي ڪپي پئي آهي.
    (ڪنهن کي ڪهڙي ڄاڻ ته ڪڏهن ڌرتيءَ تي نئين تهذيب ۽ نئين سچ ۽ نئين سک جا نوان گل ٽڙندا، ته اسين نه هونداسين. اسين نه هونداسين پر ڪنهن کي ڪهڙي ڄاڻَ ته اسان جي ئي رت مان ڳوهيل هنن چيڪي مٽيءَ جي پيچرن تان جڏهن انهن گلن جي مهڪار ڦهلجي ويندي ته ان مهڪار ۾ به اسين هونداسين!) دونهين ڌنڌ نه لاٽ.
    ”حياتيءَ جو هي گهنائونو جڳ، جنهن منجهه جيئندي (او ــ درد جي شهر جا واسيو! ــ ٻڌو ــ ٻڌو!) اسانجيون آتمائون کوئجي ويون آهن اسان کان ــ من اندر جا ڀاوَ ۽ اڻپورا سپنا حياتيءَ جي ڪنهن هڪ مختصر پل ۾ هزار ڀيرا ماريا ۽ جياريا ويندا آهن. لوڪ هٿان/پنهنجي هٿان (او خُدا! اسان جا سپنا موٽائي ڏي اسان کي ــ هاءِ ڪجهه ته اسين سجائي رکون من مندر جي چائنٺ تي!) ۽ مدد علي سنڌي انهن کوئجي ويل سپنن کي ڳولي ٿو (يا ڪهاڻيون لکي ٿو!!) هن سپنن جي ساڀيا ماڻڻ لاءِ ڏاڍا ڊگها ڊگها پنڌَ ڪيا آهن. هو وقت جي دز مان ڪنهن ڪنواري صبح سمان اُڀري نڪتل اڄ جو ڪهاڻيڪار/ڪوي آهي. ۽ ڪڏهن ڪڏهن روبرو ملڻ سمي هو مون کي سنڌ جي اتهاس مان ليئاڪا پائيندر ڪو جڳ پُراڻو سنڌي ڀائيندو آهي. جنهن جا هَڏَ موئن جي دڙي جي کنڊرن ۾ پگهري چُڪا، جَڳَ اَڳُ هُو ڪو سنڌي سِپاهي هُجي شايد، سَچَ جي ڪنهن ڇتيءَ ويڙهه ۾ مارجي ويو هُجي، بِنا ڪنهن انعام حاصل ڪرڻَ جي ۽ هِنَ جنمَ ۾ هُو جيڪو هِڪُ ناڪام سياستڪارُ ۽ ڪامياب ڪهاڻيڪار آهي سو نه ڄاڻُ ايندڙ جنم ۾ ڪهڙو روپُ ڌاري.
    ”تنهنجو ۽ منهنجو ڪنهن اڳئين جنمَ ۾ ساٿُ هُيو، مونکي لڳندو آهي ته منهنجي تنهنجي ڪٽنبَ سان ڪوئي پُراڻو سُٻنڌُ آهي. سنڌ جي اتهاسَ ۾ به تنهنجي ڪٽنبَ جو به حصو رهيو آهي. مان ان دؤرَ ۾ به تنهنجي ڪٽنبَ وٽ سپاهي هُيس ۽ تو ان مهلَ به مون سان پيارُ ڪيو هيو، ڪوٽَ ۽ ڪڙا ان مهلَ به جبلن جهڙا اوچا هُئا“.
    ”ڪنڊيءَ جي وَِڻَ جي پاسي ۾، جيڪا ميرن جي صاحبيءَ واري دؤرَ جي جاءِ آهي، اُنَ کي ڏسي منهنجي مَنَ کي الاءِ ڪهـڙي سِڪَ ايندي آهي!، چون ٿا ته هِتي ميرن جي صاحبيءَ ۾ ميرن جو قيد خانو هو، ڪِٿي ائين ته ناهي ته اُنَ دؤرَ ۾ به مان هِتي قيدُ هُيس“. دل اندر درياءَ.
    لوڪُ ته وقتَ جي سَچَ جي پويان پٿرَ کنيو پيو هلندو آهي، پٿرَ کُٽي پوندا آهن پَرَ ڇا سَچَ جي ڪائي پُڄاڻي آهي. آهي ڪو اَنتُ اُنَ مها ساگرَ جو!!
    ”پٿرن جا ماڻهون........ پٿرن جون دليون....... پَرَ توکي ۽ مونکي پٿر بڻجي ناهي جيئڻو. لوڪُ، جيڪو پٿرَ کنيو پويان پويان هلندو آهي هِڪَ لِڱا بي حد ڏُکَ منجھان ڳالهه ڪئي هُيم انهيءَ لوڪَ جي ....... هُو ڏاڍي سياڻپَ سان سمجھائڻَ لڳو...... ”هي بيمار ذهنن جو معاشرو آهي ادي! اسان معاف ڪرڻو پوندو لوڪَ جو دوش..... اوهان لکندا رهو انهن بيمار ذهنن جي ڀَوَ کان پنهنجا اِرادا ۽ عزمَ ناهن اُجاڙيا“ ۽ ائين هُو پاڻَ به پٿر لوڪَ جي وچ ۾ جيئندو آهي پٿرَ سهندو آهي ۽ موتَ به ڪاڻ لکندو آهي.
    (اسين الاءِ ڇو سدائين من جي اُنهن ڀاونائن جي پوڄا ڪندا آهيون. جن مان ملندو صرف دک ئي آهي) .اڀريو ڏينهن ڏکن جو“
    مدد علي سنڌيءَ حياتيءَ جي رڻ ۾ ڇڙيل ڇتي ويڙهه ۾، پٿر لوڪ جي پيرن هيٺان لتاڙجندڙ ماڻهوءَ جي سندر ڀاونائن کي، پيرن مان کڻي من ــ درپن جي چائنٺ تي سجائي رکيو آهي. اهي ڀاوَ رُڳو مدد عليءَ جا ناهن. سموريءَ انسانذات جا اهن. حياتيءَ جي ان ڇِتيءَ ويڙهه جو ڪو به انت ناهي ــ ماڻهوءَ جي سندر ڀاونائن کي، پيرن مان کڻي من ــ درپن جي چائنٺ تي سجائي رکيو آهي. اهي ڀاوَ رُڳو مدد عليءَ جا ناهن، سموريءَ انسانذات جا آهن. حياتيءَ جي ان ڇِتيءَ ويڙهه جو ڪو به انت ناهي ــ ماڻهوءَ جا سندر ۽ پوتر ڀاوَ انهيءَ ويڙهه ۾ اُجڙندا پئي رهيا آهن ــ پر ــ او ــ پٿرلوڪو! او موتيءَ من وارا لوڪو! ٻڌو!! وقت جو ڪو نه ڪو سورهيه، درويش، ولي، شاعر، ليکڪ، چترڪار، ڪ وئي پيغمبر، ڪوئي ڪلاڪار، عيسيٰ جو روپُ ڌاري، اهي ڀاوَ لوڪَ جي پيرن مان کڻي من درپن جي چائنٺ تي سجائڻ لاءِ جنم وٺندو پي رهيو آهي.
    ۽ مدد عليءَ وٽ ماڻهوءَ جي انهن پوتر ڀاونائن جو درجو اُتم آهي. (پر ڪير ڄاڻي ته هن جا پنهنجا ڀاوَ لوڪ جي پيرن هيٺان لتاڙجندا هجن!!)
    (او دور تائين ڦهليل آڪاس!
    جيون جي هن ڪشٽَ جو ڪڏهن انت ايندو!
    مان ڪوئي ٻڌيمان ته ناهيان،
    پر پوءِ به الائي ڇو قدم قدم تي
    ڪي اڻ ڄاڻ دک
    رستو روڪي ٿا بيهي رهن
    (پر زندگيءَ جون هي قوتون الائي ڪيسين تائين،
    ائين رلائينديون رهنديون؟؟؟) ٽٽل زندگيءَ جي اڻپوري ڪهاڻي.
    ”ڪنهن جنم ۾ شايد هو ڪو ڀڪشو رهيو هجي، سنک وڄائيندو بن بن ڀٽڪندي ڪنهن ويراني جي ڇاتيءَ تي سندس انت آيو هُجي. حياتيءَ جا پکراج جهڙا پل هن شايد ان ڪري ڇڏيا هجن، ڪنهن اڻ ڄاتي دک مٿان ــ نه ڄاڻان هو ڪنهن جنم جو آپگپت آهي ــ هن جنم ۾ مدد علي سنڌيءَ جو روپُ ڌاري آيو آهي ــ يا هن جي آتما اڄ به گيا (مهاتما ٻڌ جو جنم هنڌ) ۾ ڀٽڪندي هوندي.
    ”هو اڄ به دنيا تياڳڻ جون ڳالهيون ڪندو آهي (هن وٽ سپنا ته آهن پر اُنهن جي ساڀيا ڪانهي) ـــ هڪ لڱا چوڻ لڳو ”ٿڪجي پيو آهيان ــ آپگھات ڪرڻ لاءِ ٿو سوچيان اڄڪلهه آءٌ.....
    ”پڇيومانس، ڇو ٿو آپگھات ڪرڻ چاهين!؟“ ۽ ـــ سوچيو هئم اسين حياتيءَ جي ڪنهن هڪ مختصر پل ۾ نه ڄاڻ ڪيترا آپگھات ڪندا آهيون!! پر ڇا هي آپگھات سندس آخري آپگھات هوندو؟!
    ”ويٺلن مان ڪنهن هڪ چيو هئس ”درياهه ۾ ڇو نٿو پاڻ ٻوڙين ـــ مدد علي!؟“ موٽ ۾ سندس اکين ۾ ڀَوَ جا ڀاوَ اُڀري آيا هُئا ـــ ڇِرڪي چيائين ”نه ــ نه، پاڻيءَ جو موت نٿو مرڻ چاهيان آءٌ ــ ٻيو ڪو آسان طريقو ناهي موت جو!؟“
    ”دک اهو آهي مدد علي سنڌي!! ـــ مرڻ تهائين اوکو بڻجي پوندو آهي، تڏهن ــ جڏهن جيئڻ جي رسم کان بغاوت نه ڪري سگهندا آهيون اسين ـــ نه ته مرڻ ۾ ڇا آهيـــ کن لاءِ اکيون پوريندين ته موت ڀاڪرن ۾ ڀري وٺندئي.“
    ”هو پنهنجين ڪهاڻين ۾ ڪٿي ڪٿي عجيب پراسرار ڳالهيون ڪرڻ لڳندو آهي. ڪرانتيڪار ۾ جڏهن قمر النساءَ کي هڪ ڀوائتو چهرو ٿو ڏيکاري ڏي ــ هڪ ٻئي هنڌ ذاتي نوٽ بوڪ ۾ هن لکيو هو ته ”ڪڏهن ڪڏهن مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ڪوئي منهنجي ڇاتيءَ تي چڙهي ويهي رهيو آهي ۽ منهنجو گلو ٿو گھٽي“ ــ آءٌ سوچيندي هيس هڪ جديد سوچن وارو ترقي پسند ليکڪ ڪيئن ٿو اهي سڀ پراسرار ڳالهيون سوچي!! جيمخانا (حيدرآباد) ۾ ويٺا هئاسون ـــ حيدرآباد جي بي حد خوبصورت رات ۾ ـــ لان ۾ بيٺل وڻ جھومي رهيا هئا ـــ وڻن جي پنن منجھان چنڊ اُڀري آيو هو. اسان جي سرد پيرن کي نرم ۽ خوبصورت بُجن واريون ٻليون ڇهنديون اڳتي وڌي ٿي ويون ــ نه ڄاڻ ڪيئن ڳالهيون نڪتيون هيون ماڻهوءَ جي اندر جي ڀوائيتن احساسن جون ـــ ٽيبل جي چوڌاري ڦهليل ڪرسين تي ويٺل اسان سڀ پراسرار ڳالهيون ڪرڻ لڳا هئاسون ــ تڏهن اسان سڀني لاءِ اهو نئون انڪشاف هُيو ته مدد علي ڪيڏو ڊڄڻو آهي ــ ڀوجا ڪيڏا ڀاو هن جي اکين ۾ هئا ــ رهيو ـــ رهيو ٿي هن چيو ”پليز ــ هاڻ بس ڪيو ــ مون کي رات جو ننڊ نه ايندي“ ــ هو رات جو بتي ٻاري سمهندو آهي.... ۽ ان کي اهڙا ڀوائِتا احساسَ اڪيلائپ جي لمحن ۾ ستائيندا آهن. چوڻ لڳو، ”مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ڪوئي منهنجي سيني تي چڙهي ويٺو آهي ۽ منهنجو ڳلو گهٽڻ لڳندو آهي.“
    ”اوهان جو ويساهه آهي انهن ڳالهين تي؟“ حيران ٿي پڇيو هئم.
    ”ها ـــ الائي ڇو مون کي ائين لڳندو آهي، ڄڻ ظاهر ۾ جيڪو ڪجهه آهي، اُنَ جي پويان ڪيترا ئي پراسراسر سلسلا ڦهليا پيا آهن ــ ها پر شايد ماڻهوءَ جو پاڻ کان اڻڄاتو ڊپ هجي. اهو سڀ لان جون ڏاڪڻيون لهندي هو ڳالهائيندو هليو . ڀوَ جي انهن ڀاونائن ۾ جڪڙيل مدد عليءَ جو من، پنهنجين ڪهاڻين ۾ به ڪنهن ڊنل ٻالڪ جي پتڪڙي من جيان زور زور سان پيو ڌڙڪندو آهي ــ هي ٻاهران سنڌي ٻوليءَ جو. خوبصورت ڪهاڻين لکڻ وارو ڪهاڻيڪار ــ سياست جي اسٽيج جو هٺيلو ڪردار (مدد علي سنڌي) اندران ئي اندران ايڏو ڊنل ۽ هيسيل، ڇو آهي!؟!! ڀوَ جا اهي ئي ڀاوَ هن کي حيايءَ جي هجوم ۾ پويان پيا ڌڪيندا آهن ــ دک اهو آهي ته هو ڪامياب هوندي به ناڪام رهيو آهي (موهن ڪلپنا پنهنجي ڪنهن خط ۾ ڪنهن کي لکيو هو ته مدد علي سنڌي محبت ۾ ناڪام ماڻهو آهي) ــ من ڀوميءَ تي ڇڙيل ڇتي ويڙهه ۾ هن جون وکون تهائين سست ٿي پونديون آهن ــ ان جو ڪارڻ هن جي اندر جو اُهو ڀڪشو آهي، جيڪو حياتيءَ جي ڊگهي سلسلي ۾ مٿس ڀاري پوندو آيو آهي ــ سندس من اندر جي، مسلسل شڪستن جي ڪهاڻي آهي، ڪرانتيڪار ــ ۽ ان ئي ڪهاڻيءَ ۾ هو مون کي ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ تهائين مٿاهون نظر آيو ۽ پنهنجي پر آشوب دور جو هڪ دکي ڪرانتيڪار ـــ“
    ”۽ او دوستو!!
    ”ٻڌو!!
    (ڇو نه ٿا ڪنن مان آڱريون ڪڍو!)
    ”ماڻهوءَ جي ذات اندر سموريءَ انسانذات جا دک ڦهليا پيا آهن ــ اهو ننڍڙو پتڪڙو من آهي جنهن ۾ ست زمينون ۽ ست آسمان (۽ ماڻهوءَ جا ست جنم) ٿا پل ــ پل ڌڙڪن.
    ۽ هڪ ڪلاڪار جو من، من هوندو آهي يا ڪائنات!!! (پر ــ ڪائنات ته ڪلاڪار جي ڌڙڪندڙ بانوري من کان به تهائين ننڍڙي هوندي آهي). ڪرانتيڪار ۾ مدد علي (راهل) سنڌ ۽ ان کان اڳتي ڦهليل سموريءَ انسانذات جو دک بڻيو آهي، پنهنجي ذات جي حوالي سان ۽ دک جنهن جو ڪوئي انت ناهي.
    دک جو مها ساگر ئي ته آهي، سنڌ جو اتهاس!
    او، اُداس سنڌ جا دُکي من وارا واسيو!!
    ٻڌو!!!، ٻڌو!!!
    مون سنڌوءَ جي ڪپ تي سنڌ جي اتهاس جي آتما کي وار ڇوڙي روئندي ڏٺو آهي. پل ــ پل آپگهات ڪندو ڏٺو آهي. ان بانوري من واري بي حد ااداس ڪنيا کي، جنهن جو نانءُ سنڌو آهي.
    (هاءِ حياتي ـــ هاءِ حياتي ــ حياتي آ ڪنهن املتاس جو وَڻُ) ڪرانتيڪار.
    (هتان کان دور الائي ڪيترو دور،اهي انسان جن انساني هيءُ سهڻيون پياليون ۽ ٿانوَ جوڙيا هوندا، ڇا انهن ڪڏهن سڪون سان وڃي هيئن چڪن ڪارن سوپ پيتو هوندو؟ سڀ ڪجهه انسان مان ختم ٿي ٿو وڃي ــ ڪلاڪار ۽ انهن جا سرجندڙ هٿ، مٽي ٿي وڃن ٿا ــ ۽ مٽيءَ مان ڇا هر شيءِ جُڙي سگهي ٿي!؟) ڪرانتيڪار.
    ۽ اهو آهي دکي انسانذات جو جنم جنم جو الميو! انسان جي حياتيءَ جي سک لاءِ انيڪ سامان جوڙين ٿا پر اهي سک اُنهن سرجندڙ هٿن جو ڀاڳُ نه بڻبا آهن، مٽيءَ ۾ گم ٿي ويل سرجندڙ هٿن جي سرجيل پيالن ۾ چڪن ڪارن سوپ پيئندي ڪنهن سوچيو اهي ائين!!!؟؟؟ ماڻهو ڏاڍو اڀاڳو آهي ــ هٿ جن سان هو حياتيءَ جا سڀ سک سرجي سگهي ٿو، انهن هٿن تي هن جو ڪوئي اڌيڪار ڪونهي ـــ بس مٽي آهي انهن جو ڀاڳُ ــ (هاءِ حياتي ـــ هاءِ حياتي) دک جا اُهي پهاڙَ جن هيٺ اڀاڳو انسان پيڙهجندو ٿو رهي. حياتيءَ جي هر هڪ لمحي ۾ ـــ پنهنجين اکين جي سپنن تي به اڌيڪار ناهي رهندو ماڻهوءَ جو ــ وقتُ پويان درد جا بي انت سلسلا ڇڏي اڳتي وڌي ويندو آهي ۽ ماڻهو ــ درد جي ان بي انت سلسلي ۾، ڪلهن تي ڀاري صليب کنيو ڦرندو رهيو آهي، بنا ڪنهن احتجاجَ جي.
    ”وقت وڏو بيوفا آهي)، قمرا وقت تمام وڏو بيوفا آهي. انسان جي پاڇي جيان ڌرتيءَ جا ڦيرا توکي ڪٿان کان ڪٿان وٺي آيا آهن. هي ڌرتيءَ جا ڦيرا به ڏاڍا عجيب ۽ ظالم ٿيندا آهن ـــ انسان صدين کان لڏ پلاڻ جو ڊگهو سفر ڪري رهيا آهن ــ آخر هن ڊگهي سفر جو هي سلسلو ڪڏهن پورو ٿيندو ـــ صدين کان انسان ڳولا ڪئي آهي ته فقط سک ۽ سڪون جي“ ڪرانتيڪار
    ”دک اهو آهي لوڪوا ــ ماڻهو پنهنجن ئي سپنن کان وڇڙي ويندو آهي ــ پنهنجا ئي ڀريل گهر ــ جنم ڀوميءَ جي مٽي ــ جنم جنم جا ساروڻا ــ پنهنجن وڏن جا نِشان ــ پنهنجو اتهاس سڀ ڪجهه سياست ڪارن ۽ ڀيانڪ وقت جي چرنن تي دان ڪري هليو ويندو آهي ــ ڌرتيءَ جي پوڙهي ڇاتيءَ تان هيڪر پيرُ اُکري پون ته وري ناهي ڄمي سگهندا. بس ڀيانڪ وقت جو ڀوت آهي جو ٽهڪ ڏيندو رهندو آهي.
    وقت جي جُوا ۾ کٽي ويل ڪردار آهي قمر النساءِ (ڪملا ــ شڪستن جو نشان ــ ڪلڪتي جي ڪنهن کوليءَ ۾ رهجي وئي پنهنجي انڌي پيءُ سان) ۽ راهُل (مدد علي سنڌي) سنڌ جي وقت جي دز ۾ کوئجي ويل ڪرانتيڪار آهي ــ ڪرانتيڪار جو اهو ڪردار ــ ائين ٿو ڀاسي ڄڻ هو پاڻ آهي. هو جو (حقيقت ۾ به) سنڌ جو ٿڪل اُداس ڪرانتيڪار آهي. مدد، جنهن کي گهر ۾ سڀ راهُل (يا راهيل) چوندا آهن. اداس لمحن جو ڪهاڻيڪار آهي ۽هن پل ــ ان ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي اندر ۾ رهجي ويل ڪهاڻي چٽي اٿس. هڪ نئين نڪور صبح جا سپنا نيڻن ۾ سجائي ڪرانتيءَ جو جھنڊو کڻي راهل (مدد علي) ڪاهي پيو هو سنڌ جي ڇاتيءَ تي ــ موٽ ۾ ڪڻس اهو سڀ ڪجهه ڀوڳڻو پيو، جيڪو وقت جو هر ڪرانتيڪار ڀوڳيندو آهي ــ جنهن جي ڇاتيءَ تي نيئر وڇايل هجن اُهي ڪرانتيڪار ڪپيل پيرن سان اڳتي وڌندا آهن (پيرن نيئرن ۾ ڦاسي ڪٿي رهجي ويندا آهن). نه ڄاڻان جو مدد علي (راهُل) ايڏو جلدي ٿڪجي ڇو ويهي رهيو آهي!! مون کي ائين ٿو ڀاسي ڄڻ هو اندر جي ڪرانتيڪار کان فرار حاصل ڪرڻ لاءِ ٿو ڪهاڻيون لکي. پر ڇا اهو اندر جو ڪرانتيڪار ته ناهي جو اونداهين راتين ۾ سندس سيني تي چڙهي ويهي رهندو آهي ۽ سندس ڳلو گهٽڻ لڳندو آهي. هڪ لڱا سندس ڊرائنگ روم ۾ ڳالهه نڪتي هئي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي دُکن جي ـــ بس آئون ڳالهائيندي رهي هيس ــ سجايل سنواريل خوبصورت ڊرائنگ روم اڍائين ٽنن جي ائيرڪنڊيشنر ۾ برف ٿي ويو هو. نه ڄاڻان ڪيئن منهنجو من اُڏاري اچي ٿر جي دکيءَ ڌرتيءَ تي ڦان ٿي ڪريو هو اُنَ پل ــ منهنجي سامهون سنڌ جو ٿڪل اُداس ۽ هارايل ڪرانتيڪار (مدد علي سنڌي) ويٺو هو ــ منهنجي ڳالهين جي ڪا موٽ ڏيڻ بدران هو چپ چاپ سگار پيئندو رهيو ــ هلڻ سمي بس ايترو چيو هيائين ”مان ٿڪجي پيو آهيان ــ پر اڄ اوهان جون ڳالهيون ٻڌي اندر جو ڪرانتيڪار جاڳي پيو آهي ــ“
    آئون سندس ٿڪجڻ جا ڪارڻ نٿي ڄاڻان پر مون کي سندس اندر جي هارايل ڪرانتيڪار جو بيحد ڏک آهي. آئون چاهيندي آهيان ته ڪنهن موڙَ تي هو جاڳي پوي.
    (مون ڪيترائي ڀيرا هاڻ محسوس ڪيو آهي ته هتي جي حالتن ۾ هڪ فنڪار جو سياست ۾ هلڻ تمام ڏکيو آهي ــ هڪ فنڪار بيحد حساس طبيعت جو ٿئي ٿو ۽ جڏهن ته سياستدان سخت دل رکندڙ انسان آهن پر پوءِ به سب ڪانٽيڪٽ جو فنڪار سدائين پنهنجي ڌرتيءَ جي سک ۽ سلامتيءَ لاءِ ان بي حس سياستدانن جي درن تي ڌڪا کائيندو آيو آهي ۽ الائي ڪيسين تائين ڌڪا کائيندو رهندو! جيتوڻيڪ هڪ فنڪار نان ڪميٽيڊ هوندي به ڪميٽيڊ آهي پنهنجي ڌرتيءَ سان ــ ماڻهن سان ــ ۽ ماڻهن جي حالتن سان؟) دل اندر درياو.
    ۽ ــ دک اهو آهي ــ او ديس واسيو! ــ هن ديس جو ننڍو ۽ سچو سياست ڪار شڪستن واري راهه گذر تان لنگهندو آهي ۽ جنهن راهه گذر تي جيت جي مشعل تي ٻري ان کي سرمايه دار ڪوڙن، هٿ ٺوڪين وڏن سياست ڪارن جون نئين ماڊل جون ڪارون والاري ڇڏينديون آهن ـــ اها اداسي ۽ نراسائي هن کي ورثي ۾ ملي آهي ان جي شڪست جي راهه گذر تان ــ ان راهه گذر جي پڄاڻيءَ تي هن کي اندر جو حساس ڪهاڻيڪار گڏجي ويو آهي ـــ بلڪل ائين جيئن ڪنهن وڇوڙي جي رات مان وصل جو نڪور صبح اُڀري ايندو آهي ــ هن نئين سر نوان سپنا جوڙيا آهن (پر پراڻا سپنا هن جو پيڇو نه ڪندا هوندا!!؟؟) پر اندر جي اُها تلخي اُجھامي چُڪي هوندي، جيڪا هن کي سياست جي اسٽيج تان پلئه پئي آهي!؟. پر ائين ناهي ــ جنهن راهه گذر تي هن حياتيءَ جي انيڪ سالن جي مڪمل آزادي، سپنا، آدرش، سڪون، گهر ۽ تعليم سڀ دان ڪري ڇڏيو ۽ موٽ ۾ جتان هن کي شڪستن، مايوسين ۽ اُداسين کان سواءِ ڪجهه به ناهي پلئه پيو ــ اُها تلخي وک ــ وک تي هن جو پيڇو ڪندي آهي ــ مون کي مدد علي سنڌي سنڌ جو اتهاس جو بيحد دکي ڪندڙ اُداس ڪردار ڀاسندو آهي پر هو هيڪلو ناهي ڪيترا مدد علي ڪيترا راهُل آهن جي پويان رهجي ويا آهن.
    (جيئن جيئن وقت گذري رهيو آهي، تيئن مون کي محسوس ٿي رهيو آهي ته ڄڻ مان غور ۽ فڪر جي هڪ مُنافقي سمونڊ ۾ غوطا کائي رهيو آهيان، مون کي هاڻ پنهنجي سياسي ساٿين جا منفقي ۽ مڪاري کان سخت نفرت ٿي وئي آهي. پر ڏوهه سياسي ساٿين جو نه پر هن ڪلاس جو آهي، پوءِ اڍائي ڪلاس جي فردن جو اهو ئي حال ٿيندو آهي ـــ اسين سياسي طور تي شڪست کاڌل قوم جا فردَ آهيون ــ ان ڪري اسان ۾ جيڪا مايوسي آهي اُها سڀاويڪ آهي. ڪلهه تائين جن ڌرتيءَ جا گيت چيا هئا، سي اڄ اُنَ ڌرتيءَ جي چيل گيتن جو ملهه وصول ڪري رهيا آهن. ڪرپٽ فقط سياسي ورڪر ڪونهي پر اُهو فنڪار به آهي، جنهن آئندي جون اُميدون ۽ سپنا ڏيکاريا هُئا)
    دل اندر درياو
    ”ڪجهه به آهي پر اهو طئه آهي ته هڪ سچو ليکڪ به پنهنجي وقت ۽ اڳتي ڦهليل وقت جو سچو ڪرانتيڪار آهي. جنگ سچ جي آهي پوءِ اُها سياست جي اسٽيج تي وڙهجي يا ڪلا جي اسٽيج تي ــ هڪ سياست ڪار جا لفظ بس ڪجهه لمحن جو سفر ڪندا آهن، پر هڪ سمي ليکڪ جا لفظ جُڳن جو سفر ڪندا آهن ــ هن جي اندر جو سچ ناهي مئو. هو سچ جي ان ڇتيءَ ويڙهه ۾ اڄ به وڙهندو ٿو اچي. ۽ سندس انهن حالتن پيڙائن جي ڪهاڻي آهي، ”ڪرانتيڪار“. (۽ مون فقط پار ڪيو آئيڊيالاجيءَ کي! آدرش، آدرشي ديوار ــ سماج کي بدلائڻ جا سپنا ڏسندي هو پاڻ ان سماج جو کاڄُ بنجي ويو هو ــ ڪلهه جو ڪرانتيڪار اڄ جو خاموشيءَ سان گذرندڙ پلن جا سپنا ڏسندڙ اهو انسان هو، جيڪو ماضيءَ جا سپنا ڏسندي ڏسندي وڃي ڪنهن ڀيانڪ عميق کاهيءَ ۾ ڪريو هو) ڪرانتيڪار.
    ”وقت ۽ حالتن هٿان شڪست کاڌل ڪرانتيڪار جڏهن عام ماڻهوءَ جيان حياتيءَ جي هنگامن ۾ ٿو کوئجي وڃي ــ تڏهن حياتيءَ جي هنگامن مان به هن کي عام ماڻهوءَ جي نسبت وڌيڪَ دک ۽ اداسيون پلئه پونديون آهن ــ پر ــ او، اُداس لوڪو! ــ سچ جي پنڌ انسانن جو انبوهه آهي جو هر لمحي ڪاهي پوي ٿو.“
    (سڪون ــ ذهني سڪون ــ هاءِ، من سڪون بن بن ڀٽڪايو آ اسان کي) ”ڪرانتيڪار“.
    (پر زندهه باد ته پيٽ جا مفاد هُئا ــ زنده باد ته لوئر مڊل ڪلاس جا مُفاد هُئا ۽ هنن آوازن جي گونج ۾ گم ٿي، هو ڪرانتيڪار مان پيٽ جي پوڄا ڪندڙ ڪامورو بنجي اچي نوڪريءَ ۾ لڳو هو. پر دور ڪٿي سندس ساٿي اڃا سفر ۾ هئا.) ڪرانتيڪار.
    ”وقت جي حالتن هٿان شڪست کائڻ کانپوءِ هو ٻيهر اُڀري نه سگهيو آهي. سڀ ڪجهه ڄاڻي ٻجھي به هو اڪثر آس ۽ اُميدَ جو ڏيئو وسائڻ لڳندو آهي (جيڪي ڪنهن جڳ ۾ هن پاڻ ٻاريا هئا). هڪ سچو سياست ڪار (يا ــ ڪرانتيڪار) هر آس ۽ اُميدَ جي پڄاڻيءَ تي نوان گس جوڙيندو آهي. نيون آسون اُميدون تخليق ڪندو آهي پر هڪ حساس ڪلاڪار پهرين شڪست تي ئي اندران ئي اندران وڍجي اڌ ٿي پوندو آهي ۽ پنهنجي ڪپيل اڌ سان ڪلا جي اسٽيج تي دک جو رقص پيو ڪندو آهي ــ مدد علي سنڌي ٻن حصن ۾ ورهائجي رهيو آهي ــ هڪ ٿي نه سگهيو آهي ــ دوش هن جو نه پر لوڪ جو آهي ــ هن جو هڪڙو اڌ (ڪرانتيڪار) کانئس کوئجي چڪو آهي ــ هن جو ٻيو اڌ (ڪهاڻيڪار) پنهنجي پهرين اڌ کان سواءِ ــ ڀڪشو بڻجي بن بن ڀٽڪي ٿو.
    (ائين نه ٿيڻ گهرجي، جيئن اسان وٽ ٿيندو آيو آهي ــ اسان سڀني کي ڪا نه ڪا اهڙي ڳالهه ڪرڻ کپي جنهن سان ڌرتيءَ تي وسندڙ انسانن جا ڪجهه دک گهٽ ٿي سگهن).
    (”قمر! نسلن جا نسل مسلسل ڪيترن دکن جا عذاب ڀوڳي رهيا آهن. تون ۽ مان به ته ڪنهن اڳئين نسل جي پيڙا ڀوڳي رهيا آهيون. مان به ته ڪنهن اڳئين نسل جي پيڙا ڀوڳي رهيو آهيان. مان پنهنجي سوچيندڙ ذهن کان پريشان آهيان ۽ ذهن آهي جو مسلسل مون کي ڪنهن اونهي غفا ۾ ڦٽو ڪندو ٿو وڃي. مون اکين سان انسانن جا دُکَ ڏٺا آهن ــ مون سدائين انسانن جي قافلي کي گهرن ماڳن ــ ۽ ديسن جي ڳولا ۾ ڀٽڪندي ڏٺو آهي!“) ڪرانتيڪار.
    ”مون بيحد دک منجھان ان ڪهاڻيءَ جون هي سٽون پڙهيون هيون (۽ زندگيءَ جي قافلي جو هو اهو فرد جيڪو سڀ کان پهرئين ماڳ ڳولي وٺندو آهي، اهو ئي فرد حياتيءَ جي رڻ ۾ اڪيلو ماريو ويندو آهي). ڪرانتيڪار.
    وقت ۽ حالتن جي مختصر پر ٿڪائيندڙ ۽ دکدائڪ سفر جي پڄاڻي ناهي. مدد عليءَ جو اڄ ــ پر ان ”اڄ“ جي سيني ۾ هن بس هڪ ئي سپني جا چپ چميا آهن ــ ۽ او ــ دوستو ۽ دشمنو!! ــ آدجڳاد کان بن بن آنند جي ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ انسان ــ بس سڪون جو هڪ پل ماڻڻ لاءِ ايڏا ڊگها ۽ لٽڪائيندڙ پنڌ ٿو ڪري ــ سپنا ٿو ڏسي ــ محنتون ٿو ڪري ــ جنگيون ٿو جوٽي ۽ ٿيندو ائين آهي ته سڪون جو پل هن جو نصيب بڻجي نه سگهندو آهي ــ پر اهو سڀ هلندڙ اهي ــ انت ناهي ان جو.
    (نه ــ نه ــ مان هر دور ۾ ڪوئي اتهاسڪ ڪردار بنجڻ نٿو چاهيان ــ مان سک ۽ سڪون جو ڳولائو آهيان ــ مون کي ڪنهن به خوشي ۽ ڪنهن به دک جي ڳولا نه آهي ــ پر الائي ڪير چئي ويو آهي ته! دک کان سواءِ سندرتا جي ڪلپنا به نٿي ڪري سگهجي! هاءِ حياتي ــ هاءِ حياتي ــ حياتي آ سمرتين جو ڍير....!) ڪرانتيڪار.
    ”هو ڪنهن چارومتيءَ جو ڳولائو آهي ــ اُها چارومتي ڪير آهي ــ ڪٿي آهي ــ ان جي جيڪڏهن سُڌ هجيس ها ته شايد هو ايڏيون اُداس ڪهاڻيون به نه لکي ها ــ ڪهاڻي ڀڪشوءَ ۾ هو ساڳين اُداس ڀاونائن سان کنڊرن ۾ سمرتين جو ڍير ڦولوريندو ٿو هلي ــ“ اسان جو ڪو جنم اتهاس جي نشانن ۾ رهجي ويندو آهي. هلندي هلندي ڪي مبهم ساروڻا اسان جو رستو روڪي بيهي رهندا آهن ــ ڄڻ ڪڏهن اتان لنگهيا هجون ــ ڄڻ اهو سڀ اڳ به ڪڏهن ٿي گذريو هجي ــ ڄڻ ڪجهه آهي، جيڪو رهجي ويو آهي انهن پيچرن ۾ ــ ذهن ٿڪجي پوندو آهي ــ پر ڪو رنگ ڀرجي نه سگهندو آهي انهن ڀاونائن ۾“.
    (اتهاس جي سڀ کان وڏي حقيقت ۽ سچ هيءُ آهي ته هزار سالن کان پوءِ وري هن اُداس شامَ جو جڏهن هي ڳاڙهو سورج سامهون هنن ميدانن ۾ لهي رهيو آهي ته هن قديم شهر جي کنڊرن ۾ تون ۽ مان موجود آهيون ۽ اتهاس جي انهيءَ پل کي پيا ياد ڪريون ــ جڏهن ڪلا ۽ گيان جي هن ڊگهي سلسلي جو ڪوئي نانءَ هو ــ لهندڙ سج لام جيان، اُهو نانءَ ڪانتا به سجاد به ٿي سگهن ٿا) ڀڪشو
    (اسين جيڪي صبح جي ڳولا ڪندي، ڪنهن اونداهيءَ رات ۾ مارجي وياسين!) ڀڪشو
    ۽ ــ او!!
    ائين ڀاسندو آهي ڄڻ اسين ڪنهن گذريل ويل ڪردار جا پاڇولا آهيون ــ اُهو گذري ويل ڪردار ڇا هيو!!؟ اهو سڀ ڪوئي ڄاڻي نه سگهيو آهي ــ جنهن ڄاتو آهي اُنَ جي پلئه پيا آهن جڳن ــ جنهن جا دک ــ ۽ بس، جنهن نه ڄاتو آهي ــ اهو به ائين بن ــ بن ڀٽڪيو آهي ڄڻ پنهنجي آتما ڳوليندو هجي ــ مدد عليءَ جون ڪهاڻيون پڙهي کن لاءِ سوچيو هئم ــ
    ”ڇا هو ڄاڻي ٿو اتهاس ۾ ڪهرو ڪردار رهيو آ هن جو“!؟.
    (ماضيءَ ۾ زندهه رهندڙ ماڻهو ڪڏهن به مري نه سگهندو آهي ۽ مان به فقط ماضي آهيان ــ منهنجو ڪوئي حال ۽ مست قبل ڪونهي ــ منهنجي من جي کيت ۾ ڪا به سائي سائي پوک ڪونهي ــ منهنجي ڇاتيءَ تي ته دکن جي هڪ ڊگهي اتهاس جو ڪوئي جلوس آهي، جيڪو ڌيري ڌيري گذري رهيو آهي ۽ مان چپ چاپ ان ويندڙ اتهاس جي جلوس جي پويان هلي رهيو آهيان). ڀڪشو
    لوڪو!
    پاڇولا آهيون اسان سڀ ــ هاءِ ــ اسان جا وجود کوئجي ويا آهن، اسان کان ــ اسانجين آتمائن جي سندرتا جو انت اچي ويو آهي ــ ڪير ڄاڻي ــ جڳ پوءِ ڪوئي ڪيئن ياد ڪري اسان کي ــ اسان جون ڪهاڻيون، اسانجين سمرتين جو ڍير آهن. او ــ جڳ پوءِ اچڻ وارا لوڪو! اسين ڏاڍا اُداس ماڻهو هئاسين. بس پنهنجا وجود ڳوليندي ڳوليندي مري وياسين ــ او ــ اسان کان پوءِ اچڻ وارا لوڪو! ــ اسان جنهن صبح لاءِ وڙهياسون اهو صبح بڻيو اوهان جو ڀاڳُ ــ اسان کان پوءِ اچو ۽ سنڌ جي سيني تان لنگهو ــ اسان جي پيرن جا نشان به نه هوندا پر اسان سان وابسته ڪجهه ته هوندو، جو اسان جي جوڙيل گهرن ــ ڪِتابن ــ ڪوتائن ــ ڪهاڻين جي ڍير مان ليئا پائي اوهان کي کيڪاريندو.
    هڪ مدد علي سنڌي هو ــ سنڌ جي اتهاس ۾ ڀٽڪندڙ پاڇولي سان ــ پنهنجي وقت جو ٿڪل ۽ هارايل سياست ڪار ــ اُداس ڪهاڻيون لکڻ وارو ڪهاڻيڪار ــ ۽ اُداس من وارو ڀڪشو هو ــ ڪنهن جنم ۾ گيڙو ويس ڍڪي ننڍيءَ کنڊ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رليو هو ۽ بن بن ڀٽڪندي هن اشوڪا کي سک ۽ امن جو اُپديش ڏنو هو ــ سندس نانءُ اُپگيت هو اُنَ جنم ۾ ــ هو سنڌ جو رهواسي هو ــ ڪنهن ٻئي جنم ۾ هو ميرن جي قيد خاني ۾ سالن جا سالَ قيد رهي، هڪ سانوري شامَ جي اُداس لمحن ۾ مري ويو هو ــ ڪنهن هڪ جنم ۾ هو سنڌي سپاهي هو ۽ سچ جي ڪنهن ڇتيءَ ويڙهه ۾ وڙهندي مارجي ويو بنا ڪنهن انعام حاصل ڪرڻ جي ــ ۽ او ــ اسان کان پوءِ اچڻ وارا لوڪو! هي سنڌُ جو اُداس ڪهاڻيڪار شايد اوهان سنگ به سڪون جي ڳولا ۾ نڪتو هجي ــ اوهان جي اندر ۾ ــ اوهان جي آس پاس هجي پر سڪون ڪٿي به ناهي هن گول پرٿويءَ جي سيني تي دک آهي جو تنها رقص ٿو ڪري.
    (اسين جيڪي صبح جي ڳولا ڪندي، ڪنن اونداهي رات ۾ مارجي وياسين!) ڀڪشو
    (اي رات تون ڪئين ڀيرا مون موٽ لڪي لڪي آئي آهين ۽ تو منهنجي روئيندڙ چهري کي لڪائي ڇڏيو آهي! اڄ جي شامَ منهنجي پيالي ۾ امرت پيو چمڪي! ۽ منهنجو پريتم منهنجي ڇاتيءَ تي هٿ رکي ستو پيو آهي اي رات!
    اڄ جي رات!
    جيستائين تنهنجي دل چوي،
    مون وٽ رهي پئو! (ڪهاڻي ڀڪشوءَ جي پڄاڻي.)
    ”لڙيو سج لڪن ۾، راسيون رتائين،
    مون کي ماريائين اديون اونداهي ڪري.“
    (ڀٽائي)


    وقت ۽ ويچار

    گنو سامتاڻي
    مدد پيارا، دل اندر درياوَ پهتو. خاصو پڙهيم. ڪتاب موڪلڻ لاءِ ٿورا تنهنجي ڪهاڻين ۾ به ڪوئي روح ٿو ڀٽڪندو رهي. ڪنهن پراچين آتما جي ڳولا ۾، من جي ايڪانت لاءِ پن پن ڳولا ۾ تڙڦندو ٿو رهي. اتهاس جي کنڊرن ۾ وقت جي لهرن ۾ رهين ٿو تون. توکي ڏٺو ته نه اٿم. پر ڄاڻان ٿو تون به هر ان ڪلاڪار وانگر آهين جن جي ڪلا ۾ سچائيءَ/شڪتيءَ ۽ وشواس آهي. گهڻو سمو گذري ويو آهي. سمو گذري وڃڻ کانپوءِ وشواس ۽ اوشواس جي پَڌ شروع ٿي ويندي آهي. اها يُڌ تو ۾ به آهي. نٿو ڄاڻان ته ڪڏهن ڪلايگ بدلائي سگهندي؟ پر اڃان به سمجهان ٿو، ’ڪلايگ بدلائي سگهي ٿي. نئين يگ کي جنم ڏيئي سگهي ٿي. نئون يگ، جيڪو اتهاس جي هڪ يڪي سلسلي ۾ جڪڙيل آهي.‘
    تنهنجون ڪهاڻيون درد جي ڌاڳي ۾ پوتل، اڇي کير جهڙي (اهو لفظ تنهنجي خط مان اڌار کنيو اٿم.) ڪنهن ڦول مالها جيان آهن ۽ تون، جنم جنم جي ڀٽڪيل ڪنهن اشانت آتما جيان آهين. تنهنجن خطن مان تون پنهنجو پريڇيه پيو ڪرائيندو آهين. نه ملندي به لڳو ٿو. ڪيترن جنمن کان هڪ ٻئي کي سڄاڻون ٿا. ڪڏهن به نه مليا آهيون. پر پوءِ به سڄاڻون ٿا هڪٻئي کي پيارا. تو وانگر ئي ليکڪ آهيان. ۽ ڪلپنا ۾ گهڻو وشواس اٿم. لکڻ گهڻو وقت اڳ ڇڏي ڏنو اٿم. خطن جا جواب نه ڏيندو آهيان. ڄاڻان ٿو، انهيءَ مان مون لاءِ گهڻو انومان ڪڍندا آهن. ڪيتريون ڳالهيون ڪندا آهن پڪ اٿم. تون مون کي ائين نه سمجهندو هوندين. اهڙي ڳالهه موهن ڪلپنا به ڪئي. هو ڪالهه مون وٽ آيو هو. ڪلاڪ توتي ڳالهائيندو رهيو. ويندي ويندي توکي خط لکڻ جي تاڪيد ڪندو ويو خبر اٿم، هو توکي ڪيڏو نه پيار ڪندو آهي. پر مان ڀلجي ويندو آهيان. خط لکڻ مون کي ڀاري پٿر وانگر لڳندو آهي. ان ڪري دل ۾ اصل ۾ نه ڪجائين.
    تنهنجي ڪهاڻين ۾ ويڌنا آهي. ان ويڌنا جو پڙاڏو ٻڌو اٿم تنهنجي ڪهاڻين ۾ ڪيترا ڀيرا، ان کي دهرئنيداسين ڪونه. تنهنجون ڀاونائون ڪهاڻين ۾ موجود آهن. نر مان به ڪا هڪ ضرور آهي، جا موجود ڪونهي. تنهنجي من ۾ انڌوڪار ويٺل آهي. ها ان انڌوڪار ۾ تون اڳتي هلي پاڻ ڪڏهن ضرور محسوس ڪندين (تنهنجون ڪهاڻيون ’ڪرانتيڪار‘، احساسن ۽ جذبن جو موت‘ ۽ سپريان جي ڳالهڙي‘ ان پڙلاءَ جو اهڃاڻ آهن. تازو موڪليل هاڻي ’اڌوري پنڌ جا آخري سپنا‘ شاهڪار ڪهاڻي آهي.)
    وشواس اٿم هر سچي ڪلاڪار وانگر تون به پنهنجي رچنا کي ڪلپنا جي زور تي هلائيندو رهندين. ڪلپنا جو اهو زور تنهنجي ڪهاڻين ۾ موجود آهي اهوئي توکي اڳتي وڌائيندو رهندو.
    توکي نه وڏن وڏن ليکڪن جا نالا لکي ڪجهه وڌيڪ چوندس،
    ”اهو چاهيندس، تون به ڪافڪا وانگر بنا ڪنهن ڏوهه جي زندگي جي ڪنهن ٽرائل کي چڙهين. نه البيئر ڪاموجي ’مٿ آن سيسفس جيان بار ڍوئي نرارٿ پهاڙ تي چڙهڻ لهڻ جي سزا ڀوڳيندو رهين، نه سيموئيل بيڪيٽ جيان، جيڪو ڪڏهن به نه اچڻو آهي ان گوڊوٽ جو انتظار رکندو رهين، پر الائي ڇو لڳي ٿو، چاهيندي به ڀانيان ٿو، تون به مون وانگر ڪهاڻيءَ جي ڪراس کي بار بار چڙهندو رهندين.“
    گهڻو اڳي لکيم:
    ”ڪهاڻي منهنجو ڪراس آهي بار بار مان ان تي چڙهندو آهيان. بار بار مرندو آهيان. لڳندو اٿم، ليکڪ جيان ڪهاڻي به ڪراس (صليب) تي چڙهي چڪي آهي. پوءِ به ليکڪن ۽ ڪلاڪارن انساني کنڊر کي اتهاسڪ کنڊر جيان لائق بڻائي رکيو آهي.“
    مدد، چاهيندس تون به سدائين لکندو رهين. ان لاءِ من جي دري سدائين کولي رکج. ڪيترا ڀيرا يا ڪڏهن ڪڏهن من جي ان کليل دريءَ مان ٻاهر ضرور نهارج. ڪنهن سانتيڪي پل ۾، سرءُ جي چنڊ کي ڏسندين ته گهڻو ڪجهه سمجهي ويندين. مڃان ٿو جيون جئه ديوَ جي گيت گووند جيان نه آهي. (ڄاڻان ٿو، اهو گيت توکي ڏاڍو وڻندو آهي) اتهاس جو تون به وديارٿي آهين. ۽ مان به گذري ويل چار پل ڇا آهي؟ ماضي مايا آهي پر اهو رهي ٿو سدان لاءِ. ان ماضيءَ کي نٿو وساري سگهجي. تون منهنجي حيدرآباد واري گهر جي ڳالهه لکي. منهنجي ماضيءَ جا انيڪ وساريل پنا ياد ڏياري ڇڏيا. منهنجي شهر حيدرآباد، هاڻ منهنجو شهر ناهي رهيو. هاڻي اهو شهر شهر آهي. جڏهن به لنگهين منهنجي گهر وٽان، ڪڏهن ڪڏهن مون کي ضرور ياد ڪج. سپنا مان نه ڏسندو آهيان. پر سپنا، سپنا هوندا آهن. اهي بند اکين ۾ پاڻهي لهي ايندا آهن. ڪيترا سپنا ڀلجي ويندو آهيان. پر نه ڀلجي سگهندو آهيان. ننڍپڻ جي اوسٿا جا سپنا، حيدرآباد جون گهٽيون، شاهي رستا، وڻ، چاڙهيون، مقبرا، رات جي ٿڌڙي هوا، چنڊ ول پکيءَ جا آواز، صبح، سانجهي، ڌنڌلي ڌنڌلي. ياد، ڄڻ ڪنهن پهاڙيءَ تي ڌنڌ ۾ لڪل هر چيز.
    بار بار مان ان ڌنڌ لڪي ۾ ويڙهيل سپنن ۾ ڊوڙندو آهيان. چاڙهين تي چڙهندو آهيان. ان ڌنڌ لڪي ۾ حيدرآباد جي آڪاش تي بيٺل زرد چنڊ جي چانڊوڪيءَ چنڊول پکيءَ جيان کوئجي ويندو آهيان. پر يار، ڇڏ ان ڳالهه و ڪوئي ارٿ ڪونهي. ارٿ صرف تنهنجي هٿ جي اُن ڇُهاءُ جو آهي، جيڪو تون منهنجي حيدرآباد واري گهر جي در کي ڇُهيو هو. ان ڇهاءُ کي مان هٿ سان محسوس ڪريان پيو. ماضي، حال، مستقبل ڪجهه به نه آهي. صرف پل اپل جو هڪ ڊگهو سلسلو آهي.
    وشواس ڪر، من جي سموري سچ سان. مان گنوسامتاڻي. جيڪو اڳ ڪڏهن جذباتي نه ٿيو آهيان. مڃان ٿو، منهنجي من ۾ منهنجي جنم ڀومي جو شهر حيدرآباد جاڳندو آهي. ۽ جاڳائيندو آهي. پنهنجي ان ماضي ۾، ننڍپڻ جي اوسٿا ۾ روزانو گهمندو آهيان ۽ رُٺل ٻار وانگر پوءِ رُسي سمهي پوندو آهيان. ڄاڻان ٿو، بلڪه پڪ اٿم. ٻيهر وري ڪڏهن به ايڏانهن اچي نه سگهندس. حيدرآباد ڪڏهن وري ڏسي نه سگهندس. بس سڀ ڪجهه ڀلائي ڇڏيو اٿم. پر ڇا وساري سگهي ٿو ڪوئي اهو سڀ ڪجهه؟ جيڪو سڀ ڪجهه آهي، جنهن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. فقط موت ئي سڀ وساري سگهي ٿو. مرتيو جي ڇايا ۾ پلجندڙ انسان. ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي ويهي رهندو. منهنجو سواس به رڪجي ويندو. ڇاڪاڻ جيون جو مها ڏک آهي موت ۽ مون اهو سڀ ڪجهه ۽ گهڻو ڪجهه ڄاڻي ورتو آهي.
    شال خوش هجين، سدا خوش هجين.


    کنهبي رتا رنگ

    نثار حُسيني
    شايد ڪٿي اڳ لکيو هيم: ڪلاڪار جي من جو ماڻهو ڪنهن اهڙي سانول سائين جيان هوندو آهي جيڪو پل ۾ رسي ته پل ۾ پرچي. اهو پنهنجي مرضيءَ جو مالِڪُ هوندو آهي. سندس گس ۽ گھيڙ، پنڌ ۽ پيچرا، رند ۽ رستا پنهنجي مرضي موجب ۽ ضرورت پٽاندڙ پيا ڦرندا آهن، بدلبا آهن ۽ مٽبا آهن! اهو ڪنهن هڪ خاص يا ساڳئي رند ۽ راهه ــ گس ۽ گھيڙ (ڪلا ـــ کيتر) جو محتاج نه هوندو آهي، جيئن مست سنڌو وڻي ته ڀنيءَ ويل ننڊ ــ سپنن جو شهر مانجھندن کي منٽن ۾ ٻوڙي وڃي پار پوي يا ماٺ پريت ۾ بنا ڪنهن ڪريت جي، بنا گڙڻ ۽ گجڻ، پوڪجڻ ۽ شوڪجڻ يا لڇڻ ۽ ڦٿڪڻ جي ڪاريهر جيان ڪر کڻي سنئين اوچي ڳاٽ واٽ وٺيو هلي وڃي....!!!
    اهڙيءَ طرح هيلوڪي بسنت رت ۾ مدد جي من جي ماڻهو به رکي رکي، اچانگ ۽ اوچتو ڪو گھيڙ ڦيرايو آهي، ڪو دڳ بدلايو آهي، ڪو رند مٽايو آهي، ڪو پاسو پلٽايو آهي ۽ اندران ئي اندران کاٽ هنيو آهي ۽ ڦاٽ کاڌو آهي ۽ هو ڪهاڻي کيتر مان ڪر موڙي ڪوتا ــ گهر ۾ ٽپي پيو آهي.
    ان ويل! جڏهن چوڏس چنڊ ڪوين کان سواءِ ڪوتا جي ڪومايل/اداس ڪاڪ راڻو راڻو پئي ڪري ۽ اهڙي وهاڻي ويلا ۾ مدد جو ڪوتا ــ گهر ۾ ڪڏي پوڻ اچرج جوڳو آهي ــ خاص طور انهن لاءِ جيڪي کيس ڇڙو ڪهاڻي ــ کيتر جي حوالي سان ڄاڻن ۽ سڃاڻن، پر مان ته کيس منڍ کان ئي سڃاڻان! مون کي خبر آهي ته هو شروع شروع ۾ ڪوتا ــ گهر ۾ ئي نپنو آهي. مولانا گرامي 1968ع کان سندس گيت ۽ غزل واري پابند شاعري ٽماهي مهراڻ ۾ ڇپيندو رهيو ”سانگي“ جي تخلص سان، پر مان ته کيس ڇڙو ڪلا ــ کيتر جي حوالي سان نه پر ذاتي طرح سڃاڻانس. سندس سوچن/آشائن/اميدن/منزلن ۽ ماڳن جي به چڱيءَ پر پروڙ اٿم.
    مدد جو ڪهاڻيءَ جي ڪڪوريل ڪاڪَ کي ڇڏي، ڪوتا جي پابند ڪاڪَ کي اورانگهي ڪوتا جي ڇڙواڳ کيتر ۾ ڪاهي اچڻ جو سبب مٿي ٻڌايو اٿم ته ڪارڻ جيڪر ڏٺو وڃي ته اهو پاپ مدد جو نه پر سندس من جي ماڻهو جو آهي. سندس اندر جي ڪلاڪار جو ڪجهه ڪڇيو ۽ آڇيو آهي، آکيو ۽ ٻوليو آهي، ان لاءِ ايترو چوڻ ڇا ڪافي ناهي ته:
    - لڳي ٿو مدد جي ڪوتا ڪنهن اداس اپسرا جي ڳولا ۾ ڀٽڪڻ جو ٻيو نالو آهي.
    - لڳي ٿو مدد ڀٽڪي ڀٽڪي ٻيهر اچانگ ۽ اوچتو، اک ڇنڀ ۾ گم ٿي ويو آهي، ٻڏي ويو آهي، لهي ويو آهي ڪن نيرن گهرن نيڻن جي سمنڊ ۾ پاتال تائين ۽ ڀاسي ٿو هو غواص بنجي ميڙي آيو آهي اتان پنهنجي ڦاٿل جھول ۾ اڳ جيان ڪجهه دک ۽ پيڙا جي اداسي ۾ ويڙهيل ڪوتائون هڪ ڀيرو وري.
    ”....... ۽ تنهنجا سمنڊ جهڙا گهرا نيڻ (جيڪي منهنجي نس نس ۾ سمائجي ويا آهن)
    هاڻ مان هڪ ڀيرو وري اداسيءَ جي انهيءَ سمنڊ ۾ ٻڏي رهيو آهيان.“.... (نطم: ڪلپنا)
    مدد جِتي سمنڊ جهڙن نيڻن ۾ پيهي ڪي موتي ميڙيا ۽ روليا آهن اُتي نئين سنڌي ڪوتا کي ڪي اڻمٽ اميجز Images پڻ ڏنا آهن ته ديو مالائي ٿاٽ کي پهريون ڀيرو روشناس به ڪرايو آهي.
    ڪجهه مثال اميجزجا:
    ”..... ۽ منهنجي اندر ۾ ٻري پيو
    يادگيرين جو اداس چند!“ (مند)
    ”..... تنهنجي يادن جا اداس ۽ کنبهي ــ رتا رنگ ــ“ (سانجھيون)
    ”..... پر اجھامي نه سگهيا
    تنهنجا ۽ منهنجا
    اڃايل نيڻ“ (نيڻ)
    ”..... مان تنهنجي جيون تي
    رات سان گڏ لهي ايندس....!“ (تارو)
    ”...... اها منهنجي ڪلپنا هئي
    ته توکي ڦري وٺان توکان.“ (ڪلپنا)
    ”..... دوستو ــ دشمنو
    رات جي ڪاراڻ ۾
    ڪا اميدن جي شمع ٻاريو!“ (دوستو ــ دشمنو)
    مدد جو هي نو لفظو نظم نه رڳو مڪمل نظم آهي پر پرٿاٽ پڻ:
    ڪاش!
    مان به
    هجان ها
    تنهنجي
    ڪائي اڻ ڇپيل
    ڪوتا!
    منهنجي راءِ آهي ته مڪمل ڪوتا لاءِ ٿاٽ آتما جو درجو ٿو رکي ۽ ردم سرير جو ــ مدد وٽ ٻئي ڳالهيون موجود آهن، ان ڪري سندس ڪوتا مڪمل آهي ۽ مون کي ته اها ڪنهن هالا ري رنگ مان رتل نئين کنبهي جهڙي ڀاسي ٿي.


    ڊائننگ ٽُو رائٽنگ ٽيبل

    نصير مرزا

    وڪٽوريا هلڻ شروع ڪيو ته مان گاڏيءَ جي پوئين دريءَ جو چمڙو کڻي رستي کي ڏسڻ لڳس... اُنهن ڏينهن ۾ حيدرآباد جي رستن جي ڳالهه ئي ’اور‘ هئي.
    - ڪهاڻي:”هينئڙو ڪچي تند جيئن“، مان ڪوريل سٽون.
    - ۽ زندگي... جيڪا اُنهن ڏينهن وارن رستن، گهٽين ۽ گهرن ۾، اسين گهاري آيا آهيون، ڪيڏي نه پُراسرار، ڪيڏي نه خوشگوار ۽ ڪيڏي نه دلگداز هئي مدد...!!۽ هونئن ته، ماضيءَ واري هيءَ حيدرآباد ئي ڇا، سڄي سنڌ بابت اسان جا درد مشترڪ ئي آهن. پر پهرئين، ’پکي پير‘ واري درگاهه سامهون... هڪڙي سنهي گهٽيءَ ۾ اوهان جي بيٺڪ ’آشرم‘ ۽ ان جي آڏو... اوهان جي وڏي ادا ممتاز وارَي ٺهرايل ان تاج محل نما گهر جو ذڪر... جنهن ۾ توهان جي خاندان جي ڪائي بزرگ خاتون اڪيلي ۽ تن تنها رهندي هئي.۽ جنهن جي ٽائلس جي فرش واري اڱڻ ۾.... ڪنڊ سان... مون بيگاهه وقت اڪثر هڪڙي لالٽين کي ٻرندي ڏٺو هو. ۽ اُها بزرگ خاتون... لالٽين.... ۽ لالٽين جو ديوار تي ٺهندڙ پراسرار پاڇولو... اڄ تائين آئون وساري نه سگهيو آهيان مدد.... پوءِ ان ان ننڍڙي ’محل نما‘ گهر جو ڊرائنگ روم... جنهن ۾ جنڊيءَ جي پاون واري هڪڙي شاندار ڇپر کٽ رکيل هوندي هئي ۽ ان جي سيرانديءَ کان نرم، پشمَ نما ڪپهه جا وهاڻا ۽ بخملي بلينڪٽ... يقين ڪريو مدد! ڳاڙهن ۽ ساون زيرو وارن بلبن جي جهيڻي روشنيءَ ۾ انهيءَ رنگين پاون واري کٽ کي جڏهن جڏهن به مون ڏٺو. مون کي ڀٽائي صاحب جي سُر سارنگ مان هي بيت سدائين ياد پيو.
    ٻهر تازي، اڱڻ ڪنڍيون پکا پٽ سُهن
    سُر هي سيج پاسي پرين، هاڻي مر پيا مينهن وسن
    اسان ۽ پرين شل هون، برابر ڏينهڙا

    اجهو ان ڊرائنگ روم جي اڳيان ڊائننگ روم... ۽ اهو به وال ٽو وال ڪارپيٽيڊ... ڪنڊ سان فل سائيز فرج رکيل ۽ سامهون ٻاهر ڏانهن کلندڙ دري جي ڀرسان ڊائننگ ٽئبل... جنهن تي سائين جي ايم سيد، سوڀي گيانچنداڻي، محمد ابراهيم جويي، شيخ اياز، تنوير عباسي، آغا سليم، ولي رام ولڀ، طارق اشرف، شوڪت حسين شوري، سائين نثار حسيني، نور الهديٰ شاهه، طارق عالم... ۽ پوئين دور ۾ ته مون ناچيز به ان ٽئبل ڀرسان ويهي ڪيئي ڀيرا طعام ۽ ڪلام جا لطف ماڻيا هئا، هونئن بظاهر هي سڀ کائڻ پيئڻ جو انتظام ڪيڏو نه آرسٽوڪريٽڪ لڳندو هو، پر ڊائننگ ٽئبل تي موجود هي سڀ هستيون ڇا ته قوم پرست، اهلِ دل، عوام دوست، ٻولي، ادب، ثقافت ۽ سنڌ پرست پيون نظر اينديون هيون. ها! ياد پئم... هڪ ڏينهن منجهند ڌاري اٻالن حالن ۽ پن جي ٻيڙي ڇڪيندڙ ابنِ حيات پنهور سان، آشرم واري گهٽي ۾ مون اوهان کي ڪچهري ڪندي ڏٺو ته بي سبب، غالب جو هي شعر چپن تي اچي ويو هئم.
    جنھیں حقیر سمجھ کر بجھا دیا ہم نے
    یہ ہی چراغ جلیں گے تو روشنی ہوگی
    پر هي توهان جي ’آشرم‘ واري فرشي نشت کي به آئون ڪيئن وساريان، جنهن ۾ ڪامريڊن ۽ سنڌ پرست ڪارڪنن جا لڏن جا لڏا اچي لهندا هئا ۽ مٿان ماڙي تان... ’گورڪي‘ جي ماءُ وانگر، توهان جي امان مانين مٿان مانيون موڪليندي رهندي هئي. تڏهن ياد اٿم ان زماني ۾ توهان کي الائي ڪيئن ’ستار‘ ساز سکڻ جو شوق اچي جاڳيو هو. ۽ ان زماني ۾ ڪڏهن ڪڏهن طارق سان اُن سوڙهي گهٽي مان لنگهندي ساز جي آواز تي دريءَ مان اندر جهاتي پائيندو هوس ته، ستار اوهان جي ڪلهي سان ڏسي ڪيڏو نه مزو ايندو هو... جتي ستار نواز عابد حسين ٻئي ستار تي راڳ ملهار ڇيڙي اوهان کي درس پيو ڏيندو هو. ۽ پوءِ انهي دور ۾ جڏهن مون اوهان جون هڪ هڪ ڪري ڪهاڻيون پڙهڻ شروع ڪيون، ته ڀانئيم... اوهين انهن جي اُڻتڪاري پويان به جهڙوڪر ”ستار“ ئي ته وڄائيندي نظر ايندا هئم. (جي ها! روح جون تارون ڇيڙي ڇڏيندڙ ستار) تڏهن ياد اٿم مدد!... اُهي به توهين ئي ته هُئا، جيڪي ان ڪچي اَوستا ۾ بارها مون سان ’ميراجي‘... ’ميرا ٻائي‘... ’اوڌو‘.... ’ڪاليداس‘ ۽ ’چندي داس‘ جون ڳالهيون ڪندا هئا ۽ نهايت جلد، پوءِ آئون به اوهان جي سڀاءُ جي انهيءَ رنگ ۾ رنڱبو ويو هوس. ۽ هي صرف آئون ئي ڇا؟ دوست قيس ابڙو، طارق عالم.. ۽ مان... سڀ ڄڻ اوهان جا وديارٿي.... يا ڄڻ سڌارٿ جا ڀِڪشو ۽ چيلا بڻجي ويا هئاسين. تڏهن هڪ زماني تائين اسان سڀني جي ڳچين ۾ ”ميرا جيءَ“ وانگر مڻڪن جي مالها ۽ پيرن ۾ چاکڙي اچي وئي هئي ۽ اُها ته پوءِ مون پنهنجي يونيورسٽي واري سموري پيرئڊ تائين پيرن ۾ پاتي هئي.
    اڇا هتي ياد آيم.... شايد هي 76-1975ع وارو زمانو هو، جو سنڌ يونيورسٽيءَ واري سياسي اندولن سبب اوهان روپوش ٿي ويا هئا، ۽ ان زماني کان اڳ ڇاڪاڻ ته سائين نثار حسينيءَ سان گڏ آئون اوهان سان آشرم ۾ ملي ۽ اڪثر ڇوٽڪي گهٽيءَ ۾ گاڏي کاتي وارن سيڪينڊ هينڊ ڪتابن جي ريڙهن تي اوهان کي ڏسي به چڪو هئس. ۽ علاوه ازين ليکڪن شاعرن جي دنيا ۾ اٿڻ ويهڻ جا هي منهنجا ابتدائي ڏينهن هوندا هئا... تڏهن انهن ئي ڏينهن دوران سائين نثار حسيني توهان جي ماڙي واري گهر ڀرسان ڌاڳي جهڙي هڪ گهٽيءَ ۾، ڊٺل گهر اندر هڪڙي ڪوٺيءَ ۾ توهان سان اوچتو مون کي ملرايو هو. تڏهن ٽئگور جهڙي اوهان جي ڏاڙهي هوندي هئي ۽ بدن تي ڪامريڊن وانگر کاڌيءَ جي قميص جيڪا اڪثر کيسي وٽان ڦاٽل هوندي هئي... تڏهن خبر پئي هئم، توهان ان ڪوٺيءَ ۾ قيد تنهائي جي زندگي ڪاٽي رهيا آهيو.
    ۽ اهو زمانو گذري ويو... ته ان کان پوءِ هاڻي توهان کي هر سال ستين محرم تي آئون ايلي ڪارٽ واري جُهولي سان گڏ ۽ اٺين محرم تي گل شاهه واري مينديءَ ۾ به سال به سال ڏسڻ لڳو هوس، بدن تي ڪارو يا نيرو، پهراڻ پير اگهاڙا، وار ڇڙوڇڙ ، گريبان چاڪ ۽ ڇاتيءَ تي هٿ ”يا حسين... يا حسين“. تڏهن مون ان زماني ۾ شبِ عاشور... سيوهڻ ۾ درگاهه لال سائين جي دروازي وٽ ثابت علي شاهه جون زاريون پڙهندي ڪي قريشي بزرگ ڏٺا هئا ۽ پوءِ انهن پراسرار پوڙهن بابت اوهان کي هڪ ڏينهن ٻڌايو هئم ته اوهان يڪدم ئي چيو هئو... اُهي يگانا مولائي مرثيه خوان منهنجا مائٽ آهن نصيرَ... ۽ پوءِ اوهان مون کي هي به ٻڌايو هو ته اوهان جي ناناڻن جو تعلق به سيوهڻ شريف سان ئي آهي.
    ۽ مدد! دغاباز ۽ هن چالباز دنيا سان اٿندي ويهندي، ۽ سياست جا گورک ڌنڌا ڀوڳيندي، بي وفا دوستن جا عذاب سهندي... پنهنجيءَ معصوميت کي پوءِ به اوهان ڪيئن نه سنڀاليندا ۽ بچائيندا پئي آيا آهيو. ۽ ان جو ثبوت هتي هي ڏيان، ته ادا ممتاز واري ”قيصر سئنيما“ ۾ جڏهن پرديپ ڪمار ۽ مينا ڪماري واري فلم ’نورجهان‘ لڳي هئي، تڏهن اها فلم طارق عالم ۽ مون کي اوهان محض هڪڙي ’سين‘ لاءِ الائي ڪيترا ڀيرا هلي ڏيکاري هئي. ۽ ياد اٿئو... ته اُهو ’سين‘ڪهڙو هئو؟ جي ها! بلڪل اُهو جنهن ۾ شهزادو جهانگير تڪڙو تڪڙو اچي... نورجهان جي ٻنهي هٿن ۾ هڪڙو هڪڙو ڪبوتر پڪڙائي... ۽ هي اجهو وري ساڳين پيرن تي موٽي اچي سندس هڪ هٿ ڪبوتر کان خالي ڏسي ٿو، ته پڇيس ٿو: "میرا کبوتر؟" تنهن تي نورجهان معصوميت سان وراڻيس ٿي: وہ تو اڑ گیا... کیسے؟۔ هُو پڇيس ٿو... تڏهن نورجهان ٻئي هٿ ۾ پڪڙيل ڪبوتر کي معصوميت سان هوا ۾ ڇڏيندي.. مرڪندي چويس ٿي: ’عالم پناه! ایسے‘. ۽ مون کي چٽي طرح سان ياد آهي مدد... ته بار بار اُن سينَ کي ڏسڻ جي باوجود، هر ڀيري هڪڙي هڪڙي لمحي لاءِ اوهين ساهه روڪي اهو منظر ايئن حيرت سان ڏسڻ لڳندا هئا، ڄڻ پهريون ڀيرو پيا ان کي ڏسو....
    ۽ هاڻي مدد! ٿورو ذڪر توهان جي ڪهاڻين جو به... جن بابت شوڪت شوري صاحب ڪيڏو نه درست لکيو آهي ته: ”مدد! منفرد اسلوب رکندڙ ڪهاڻيڪار آهي. هن جو اسلوب جهرڻن ۾ وهندڙ پاڻيءَ وانگر مڌر ۽ ستار تي وڄندڙ هڪ اهڙي ڌيمي سُر وانگر آهي جنهن ۾ لُطف به آهي ته من کي اداس ڪري ڇڏيندڙ ڪيفيت به“. ۽ مدد! يقين ڄاڻو، مون ته جڏهن جڏهن به توهان جي انهن تحريرن کي پڙهيو... منهنجي لاءِ اُهي هميشه ايئن هيون ڄڻ ڪنهن رستي جي پاسي کان بيٺل ڇايا دار بڙ ۽ پپر جا وڻ.... جن منجهان ڇانوَ به مون کي ملي پئي ته لطف ۽ سڪون به... ۽ هي آئون ان معاملي ۾ به ڪيڏو نه خوش نصيب آهيان مدد... جو مون وٽ اوهان جا سڀ ڪتاب... اڄ به باقائده هٿيڪا رکيا آهن: ”دل اندر درياوَ“، ”پنر ملن“، ”شهر صحرا ڀانيان“... ۽ عيني آپا وارو اوهان جو ترجمو ڪيل ڪهاڻي، مجموعو ”قلندر“. ۽ اجهو تازو... اوهان جا اِهي سڀ ڪتابَ هاڻي جڏهن ”ڪُليات“ جي صورت... ڪمپائل ٿي ادبي بورڊ پاران شايع ٿي چڪا، ته انهن جي پهرئين ڪاپي به بورڊ جي اسٽال تان مون ئي ڊوڙي وڃي خريد ڪئي هئي. ۽ پڪ ڄاڻو مدد! ته ان ڪُليات جي مالڪ بڻجڻ بعد ڄڻ هڪ پورو زمانو آهي،. جنهن جو هاڻي آءٌ وارث بڻجي چڪو آهيان. ۽ اجهو اڄ به ان ڪُليات کي آئون بار بار ايئن پيو پڙهندو آهيان، جيئن عيني آپا جي ناول ’آگ کا دريا‘: ’ کارِ جہاں دراز ہے‘ يا هرمن هيس جي ناولٽ ’سڌارٿ ‘ کي پڙهندو پيو آهيان ۽ اهي سڀ پُستڪ! آءٌ جڏهن جڏهن به پڙهندو آهيان ته ڀاسندو اٿم، اجنتا ايلورا جي گفائن... اروڙ وارن پهاڙن ۾ موجود ڪالڪا مندر... هنگلاچ ۾ ڪالي ماتا... يا ڪربلا معليٰ ڏانهن آءٌ وڃي رهيو آهيان ۽ مددَ! دل ڪيڏو نه چاهي ٿي ته عيني آپا جي ” کارِ جہاں دراز ہے“ يا سوامي رام ٿيرٿِ جي آتم ڪٿا جهڙو ڪوئي ’زندگي نامو‘ هاڻي توهين تحرير ڪيو ۽ يقين ڄاڻو مددَ! توهان اهڙو ڪتاب جنهن ڏينهن به لکي ورتو، ته آءٌ قدم گاهه مولا علي تي يا ’محفلِ حسينيءَ‘ ۾ حاضريءَ واري هڪڙي مجلس ضرور وڃي منعقد ڪرائيندس.
    ۽ مدد... منهنجي لاءِ توهان جون سڀ سڀ ڪهاڻيون ايئن ئي فيوريٽ رهيون آهن، جيئن سهگل ۽ ثريا واريون ڪلاسڪ فلمون. يا جيئن پنا لال گهوش جي بانسري يا جيئن گيتادت ۽ پارول گهوش جا ڳايل اداس گيت. ۽ ياد اٿم مدد... ڪنهن وقت سوڀي گيانچنداڻيءَ جي تحريرن ۾ شانتي نڪيتن جو مون تذڪرو پڙهيو هو، ته خواهش ڪئي هئم، ”اي ڪاش ڪڏهن آءٌ به ان آرٽ يونيورسٽي ۾ وڃي پڙهان ۽ پوءِ جڏهن توهان جي ڪهاڻين جي ’دل اندر درياوَ‘ ۾ لٿو هوس ته انهن جي لهرن نما سِٽن ۾ لهندي هر دفعي ڀانئيم ڄڻ شانتي نڪيتن ڏانهن ئي ته ترندو وڃان پيو... بلڪل ايئن، جيئن ’آگ ڪا دريا‘ ناول جي پهرئين صفحي تي ’گوتم نيلمبر نديءَ‘ ۾ ڇلانگ هڻي... سهج سڀاءُ ’ٽيڪشيلا‘ ڏانهن ترندو پئي ويو ۽ جنهن کي پاڻي ۾ ڇپاڪي سان ترندو ڏسي چمپا هڪ نظر ان ڏانهن کڻي ڏٺو هو ۽ پوءِ غير محسوس انداز ۾ دل ۾ چيو هو! ”ويچارو وديارٿي!“
    ۽ هاڻي آخر ۾ مدد....هن خط ۾ هي به آءٌ چوڻ ٿو چاهيان ته ڪنهن وقت ۾ اوهين ڪيڏا نه انوسينٽ هوندا هئا. ۽ ياد اٿم... آشرم ۾ ويٺا هوندا هئاسين ۽ ٻاهر گهٽيءَ مان... گهر جي ڪاٺ واري ڏاڪڻ وٽ بيهي مٿان ڪا شئي گهرائڻ لاءِ اوهان.... امان... امان... پڪارڻ لڳندا هئا، ته... لڳندو هئم اُهي صرف اوهين نه آئون به آهيان جيڪو دور کان پنهنجي ماءُ کي سڏي رهيو آهيان. ۽ يقين ڪريو مدد... ماضيءَ ڏانهن مُڙي اوهان جو اُهو آواز اڄ به ڪنايان ٿو ته اکيون ڀرجي ٿيون اچنم... ۽ مدد...! هي توهان ۽ اسان جون اُهي مائون به ويچاريون ڪيڏيون نه معصوم هونديون هيون... ۽ ڪيڏا نه اسان جا انگل آرا پيون کڻنديون هيون ۽ پوءِ بلاآخرهڪ ڏينهن چُپ چاپ زمين ۾ لهي قبرَ بڻجي ويون... ۽ الاس! ڪيڏا نه بيوفا پٽ آهيون اسين... جو انهن وفادار مائُن وٽ هاڻي بس عيد براد تي ئي ويندا آهيون، تڏهن اهڙي ڏينهن تي هُو پنهنجون سڀ رنجشون ڀلائي اُن وقت اسان کي تصور ئي تصور ۾ دعائون ڏيڻ شروع ڪري ڏينديون آهن، خير... ياد پيو اچيم ته اُلهندي ڪچي واري ان بلڊنگ مان اوهين پوءِ تلڪ چاڙهيءَ لڳ موما محل ۾ به ڪجهه وقت لاءِ وڃي رهيا هئا، تڏهن اڳوڻي ڪاٺ ماڙيءَ واري گهر جيان ان محل جا سنگ مرمر وارا اڇا اُجرا ڏاڪا به آئون چڙهيو هوس. هونئن هي محل به ڇا ته، عاليشان هوندو هو... وسيع اڱڻ... ٽائلس وارو فرش... پوءِ خوبصورت ڪشادا ورانڊا، جنهن ۾ شيشم جي ڪاٺ وارو هڪڙو زبردست پينگهو رکيل... علاوه ازين ساڳوان جا بهترين ڪٻٽ، ديوارن تي وڻندڙ پينٽنگس... پوءِ کليل کليل آسمان هيٺان موما محل جي ڇت جنهن تان هڪ رات توهان اسان کي دور ڄام شوري واري پُل جون روشنيون ڏيکاريون هيون ۽ حيدرآباد جي شاهي بازار وارو مارڪيٽ ٽاور پڻ... ۽ مدد! ڪڏهن ڪڏهن... اُلهندي ڪچي واري اِن ماڙيءَ (جنهن ۾ امان بابا، ادا ممتاز... ان جا ٻار... ۽ ادا مشتاق.. رهندا هئا) يا هاڻي ڪڏهن ڪڏهن تلڪ چاڙهيءَ واري موما منزل وٽان منهنجو گذر ٿيندو آهي، ته انهن گهرن ۾ رکيل وڪٽورين اسٽائيل وارو فرنيچر... ۽ ان گهر جا رهواسي... سڀ ڪيڏو نه شدت سان مون کي ياد اچڻ شروع ٿي ويندا آهن ۽ گڏوگڏ، ادا ممتاز جي ڊرائنگ روم جا نيرا... ڳاڙها.... ساوا زيرو وارا بلبَ (ڇا اهي هن وقت سڀ فيوز ٿي چڪا هوندا) ۽ فرنيچر تتروتر ٿي ويو هوندو...۽ موما محل کان پوءِ خبر پئي ته توهان جي خاندان جو هڪ حصو ٽنڊي جهانيان ڏانهن شفٽ ٿي ويو آهي ۽ اتي جي ئي هڪ گهر ۾ جنهن ڏينهن مٺي امان گذاري وئي هئي، ته مون ان بنگلي جي ورانڊي ۾ جنڊيءَ جي پاون واري هڪ کٽ تي سفيد ڪفن ۾ چُپ چاپ ستل هُن کي ڏٺو هو (۽ مدد! پنهنجيءَ هن مختصر زندگيءَ دوران اسان پنهنجن اکين سان ڇاڇا نه ڏٺو آهي. دوستن جا وڇوڙا ۽ عزيزن جون جدايون ۽ ٻيو به الائي ڇاڇا...؟) افسوس! توهان هاڻي پنهنجي فيملي سميت عارضي طرح سان ئي سهي، دُور ڪراچي ۾ وڃي آباد ٿيا آهيو... يعني هڪ قاتل شهر ۾ ...۽ آءٌ؟ حيدرآباد شهر ۾... جيڪو پڻ قتل ٿيڻ لاءِ هاڻي تيار پيو نظر اچي. ۽ مدد! هاڻي ان شهر جي ڳلين ۾... جڏهن طارق ڪونهي، سائين نثار ڪونهي... توهان به هليا ويا آهيو... تڏهن سِرَ بختَ جو خير گهرندو يا علي مدد.... المدد ۽ نادِ علي پڙهندو، ان جي ياترا تي نڪرندو آهيان ته تصور ئي تصور ۾ اداس صورت شيخ اياز صاحب مون کان پڇڻ لڳندو آهي ته:


    ميلي ۾ تون تنها تنها، ڪنهن کي ڳولين ٿو
    اک ۾ ڳوڙها، هٿ ۾ گجرا، ڪنهن کي ڳولين ٿو
    سانجهي ٽاڻي ڪارا ڪڻڇي آکيري آيا
    پرڙا کولي پيار پکيئڙا ڪنهن کي ڳولين ٿو

    ڪاري رات ڪتيءَ ڏي ڪرڪي ڪائي ڪونج اڏي
    پيارا! تون به تڪيندي تارا ڪنهن کي ڳولين ٿو



    شايد تون ئي پاڳل پوري پاڳل خاني ۾
    پاڳل گڏجي تو تي کِلندا ڪنهن کي ڳولين ٿو

    ڪو به نه ايندو ڪو به نه ايندو ڪو به نه تنهنجي دوار
    بند ڪري ڇڏ هي دروازا ڪنهن کي ڳولين ٿو

    خاڪ اڏاڻي ڪاڪ ڪِري پئي، پوئين پهر ’اياز‘
    ڪهڙي مومل منهنجا راڻا، ڪنهن کي ڳولين ٿو.


    ديومالائي ڪردار...

    مشتاق احمد شورو
    سٺ واري ڏهاڪي جي پڄاڻي کان وٺي اَسي واري ڏهاڪي جي ابتدا وارن سالن جو سمورو عرصو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ انتهائي اهم ۽ تاريخي حيثيت رکي ٿو. ان عرصي دوران لکيل ڪهاڻين ۽ تنقيدي جائزن سنڌي ادب کي مڪمل طور تي روايت کان پري ڌڪي، هڪ نئون ۽ انوکو موڙ ڏنو. اهو زمانو سالن کان هلندڙ روايتن کي، جيڪي بيٺل پاڻيءَ جيان ڌپ ڪرڻ لڳيون هيون تن کان بغاوت جو دور هو. اهو مڪمل انڪار جو زمانو هو.
    هي اهو دور هو جڏهن سنڌي ادب شروعاتي دور جي حقيقت نگاري، رومانواد، ترقي پسند ويچارن، آدرشن، ڪردار نگاريءَ، لفاظيءَ سان ڀريل ڊائيلاگن ۽ خارجيت جي ڄار مان نڪري، پلئه آجا ڪرائي جديد ادب واري عالمي سٿ ۾ شامل ٿيو. ان دور ۾ سرجندڙ ادب ۾ پهريون ڀيرو بي مقصد انساني وجود، پراسراريت سان ڀريل- سمجهه ۾ نه ايندڙ بي معنى ڪائنات، شخص جي بيوسي- روحاني سهارن کان لاتعلقي وارن موضوعن جي اوک ڊوک ٿي.
    ان عرصي جي جديد ادب تي سارتر جي وجوديت واري فلسفي، البرٽ ڪامئو جي ابئسرڊٽي ۽ ڪافڪا جي غير يقيني، انساني بيوسي، تباهه ٿيل شخص جي سڃاڻپ ۽ بنا ڪنهن ڏوهه جي سزا ڀوڳيندڙ شخص جي حالت جي گهري ڇاپ رهي. ان دور ۾ شعور جي وهڪري واري لکڻي کي ائنٽي اسٽوري ۽ ائبسرڊ اسٽوري جي نالي سان ڄاتو ۽ سڃاتو ويو.
    اهو جديد ادب لکڻ جو بنياد سنڌ ۾ پهرين مون ئي 1968ع ۾ وڌو ۽ بعد ۾ ٻين ليکڪن به روايتي ادب واري واٽ ڇڏي جديديت ڏانهن وک وڌائي. هنن ۾ اهم ليکڪ شوڪت شورو، ماڻڪ، علي بابا، مدد علي، خيرالنساءِ جعفري ۽ ٻيا آهن بعد ۾ طارق عالم ابڙي ۽ اخلاق انصاري به ان روايت کي اڳتي وڌايو.
    مدد علي سنڌي ان دور جو اهم ۽ انوکو ليکڪ ان لحاظ کان به آهي، جو هن جي لکڻين ۾ موهن ڪلپنا جي رومانيت، گُني سامتاڻي جو ڪلاسيڪل لکڻي وارو ٽچ، قرت العين حيدر جي روحانيت گاڏڙ پراسراريت، لعل پشپ جي ماڊرن ازم، ڪامئو جي ائبسرڊٽي، ڪافڪا جي ’شخص‘ جي بيوسي واري حالت ۽ سارتر جي وجوديت جا سمورا عنصر موجود آهن. مدد جي لکڻين جا ڪردار به هن جي ڪهاڻين جيان ئي پراسرار آهن.
    هونئن ته مدد بنيادي طور تي فطري ليکڪ آهي. پر پوءِ به هن دنيا جي اڪثر فنڪارن جيان پنهنجيءَ زندگي ۾ ڪيئي ڪردار- رول ادا ڪيا آهن، دنيا هن لاءِ شيڪسپيئر جي چوڻي جيان هڪ ناٽڪ جيان آهي، جنهن ۾ انسان ڪيئي ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ هر رول سان گڏ روپ ۽ ڍنگ به مٽائي ٿو.
    ٺيڪ ائين مدد به زندگيءَ ۾ ڪيئي ڪم ڪيا. پر هن جا سمورا ڪم، سمورا ڪردار هن جي اڌورن عشقن جيان اڌورائي رهجي ويا. يا هن خود پاڻ به سڀ ڪجهه اڌورو ڇڏي ڏنو. اندر جي بيچيني ۽ آنڌماند هن کي ڪجهه به مڪمل ڪرڻ نه ڏنو. هن جي زندگيءَ ۾ گهڻو ڪجهه اڻپورو رهيل آهي يا رهجي ويو آهي. شايد ان ڳالهه جو پڇتاءُ به کيس نه هجي، جو جيئن آهي سوئي هن لاءِ ٺيڪ آهي.
    هڪ دور هو جڏهن مدد مارڪسواد فلسفي جو باقاعده حامي رهيو. ۽ ترقي پسند ليکڪ هن جا آئيڊيل ليکڪ رهيا. وري هڪ اهڙو دور آيو جنهن ۾ مدد ڪٽر قوم پرست نه صرف سوچ جي حد تائين رهيو، پر هن قوم پرست سياست ۾ عملي ڪردار به ادا ڪيو. ۽ هو جيئي سنڌ قومي محاذ ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو بنياد رکندڙن مان هڪ آهي ۽ سائين جي.ايم.سيد جو ويجهو ساٿي هجڻ جو اعزاز به مدد وٽ ئي آهي. هن زندگيءَ جا ڪيئي سال روپوشيءَ ۾ گهاريا جنهن جي نتيجي ۾ هن جي مٽن مائٽن تي سختيون به آيون ۽ سندس پيءُ ۽ ماءُ کي وڏي عمر ۾ جيل جا ڏينهن گهارڻا پيا.
    روپوشيءَ واري دور کان اڳ ۾ مدد جو لاڙو صوفي ازم ڏانهن ٿيو. ۽ هن موسيقي ڀينار جي باقاعده سکيا استاد عبدالغفور کان ورتي.
    اها هن جي اندر جي بيچيني ۽ آنڌ ماڌ ئي هئي. جنهن هن کي هڪ ويچار، فڪر ۽ فلسفي تي ٽِڪي بيهڻ نه ڏنو. ۽ آخر ۾ هن جي پناهه گاهه ادب ئي بڻيو.
    مدد صحافت سان به پنهنجو ناتو جوڙيو. صحافت هن جي گذر سفر جو ذريعو ئي رهيو آهي. پر هو اڄ به بنيادي طور تي فطري ليکڪ ئي آهي، وڏي ڳالهه اها آهي ته مدد لاڳيتو لکندو رهيو آهي.
    مدد گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي، جيڪو هن جي لکڻين ۾ چٽو نظر اچي ٿو. هو هڪ ئي وقت تي سياسي ڪارڪُن، صحافي، ڪهاڻيڪار، نقاد، مضمون نويس ۽ ڪالم ڪار ته آهي ئي پر هن کي تاريخ سان به گهرو لڳاءُ رهيو آهي ان سان گڏ موسيقي به هن جو شوق آهي.
    مدد جو هڪ ٻيو رُخ به آهي، جنهن جي گهڻن ماڻهن کي خبر به هجي. هو ڪنهن جو ڏک ۽ تڪليف ڏسي نه سگهندو آهي. جڏهن مرحوم طارق عالم ابڙي جا گڙدا خراب ٿي ويا هئا ۽ ڪڊني ٽرانسپلاٽ لاءِ ڊاڪٽرن لنڊن وڃڻ جو مشورو ڏنو ته ڊونر ته موجود هو پر لنڊن وڃڻ ۽ علاج ڪرائڻ جا پئسا طارق جهڙي مسڪين ماڻهو جي وس کان ٻاهر هئا. اتي مدد ئي ڏينهن رات هڪ ڪري سڄي سنڌ ۾ جهولي جهلي طارق جي علاج لاءِ چندو گڏ ڪرڻ جي ڪم ۾ لڳي ويو. ان سلسلي ۾ هن ڪيترائي فنڪشن ۽ ميڙاڪا به ڪرايا پر سنڌين جي روايتي بي حسيءَ ڪارڻ علاج جيترا پئسا گڏ نه ٿي سگهيا ته مدد وڃي ان وقت جي وزيراعظم مرحوم محمد خان جوڻيجي جو در جهليو ۽ نيٺ طارق عالم جي علاج لاءِ سرڪاري پئسا منظور ڪرائي طارق کي لنڊن روانو ڪيائين.
    هونئن به مدد جي زندگي هڪ نه کٽندڙ جدوجهد ۽ هلچل رهي آهي. جيتري قدر آئون مدد کي سڃاڻان ۽ مون هن کي ڄاتو آهي ته هو بنيادي طور تي هڪ بوهيمن Bohemian آهي. بوهيمن هجڻ هن جي پنهنجي چونڊ نه ناهي. پر هو فطري طور تي غير رواجي زندگي جيئندو رهيو آهي. ان ڪري ئي مدد کي ڪنهن هڪ خاني، ڪمپارٽمينٽ ۾ فڪس نٿو ڪري سگهجي. ظاهري طور تي هو جوشيلو، ڪاوڙيل، تيز لهجي ۾ ڳالهائيندڙ سخت طبيعت رکندڙ سخت چهري وارو انسان ٿو نظر اچي، پر جي ويجهڙائي کان مدد کي ڏسجي هو اندر ۾ هڪ انتهائي حساس ۽ نازڪ مزاج جو ماڻهو نظر ايندو.
    هونئن ته مدد جا تمام ويجها دوست ته ٻيا گهڻا ماڻهو آهن پر ڊگهي عرصي مدد سان نيازمندي هئڻ جي ناتي مون کي ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته مدد اندر ۾ هڪ ڀڳل ڀريل ۽ ٽڪرا ٽڪرا ٿيل ڪو شخص هجي جيڪو پنهنجي زندگي بنا ڪنهن رٿابندي جي ٽڪرن ٽڪرن ۾ جيئدو رهيو هجي. پر هن جي ظاهري ورتاءُ ۾ لڳي ٿو ته مدد زندگيءَ کان آڻ نه مڃي آهي.
    آئون پڪ سان ته نٿو چئي سگهان پر مون کي لڳي ٿو ته مدد جڏهن اڪيلائي ۾ پاڻ کي بلڪل تنها ۽ ٽٽل محسوس ڪندو هوندو ته هو پڪ ئي پڪ ننڍڙن ٻارن وانگر ڍڪون ڀري روئندو هوندو. هن جو ايئن روئڻ هن جي ڪمزوري نه پر سگهه هوندي جا کيس چوندي هوندي ’نه، اڃا انت ناهي. اڃا به ڪجهه ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه بچيل آهي.‘ مونکي لڳندو آهي ته مدد پنهنجي زدنگيءَ جي سفر ۾ پنهنجي وجود جي ٽٽل، ٽڙيل پکڙي ذرن- پرزن کي وري نئين سِر ميڙي گڏ ڪري پنهنجي پيرن تي بيهندو رهيو آهي، بنا ڪنهن سهاري جي، بنا ڪنهن مدد جي.
    ڏکين حالتن ۾ جيئڻ، مشڪل کان مشڪل حالتن سان مقابلو ڪرڻ ئي مدد جي وڏي ۾ وڏي سگهه آهي. اندر جي پيڙا، عذاب، اذيت، ڏکن، اهنجن ۽ تڪليفن کي مدد ڪڏهن به پنهنجي چهري ۽ ورتاءُ مان ظاهر نه ڪيو آهي. ها، هو اهڙي حالت ۾ گم سم ضرور رهندو آهي.
    ميراجي کان متاثر هي ديومالائي شخص زندگيءَ جي هر ڪردار کي انتهائي خوبصورتيءَ سان نڀائيندو رهيو آهي. غير رواجي زندگي جيئندڙ مدد، هڪ بهترين پيءُ، محبت ڪندڙ گهر وارو، دوستن ۽ مٽن مائٽن سان پيار ڪندڙ انسان دوست شخص آهي. ڪڏهن به لڳندو ناهي ته ڪو مدد بوهيمن به آهي. شايد خود کيس به ان ڳالهه جو احساس نه هجي ته ڪو هو بوهيمن آهي.
    مدد کي ڏسي ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته هاڻي هن وٽ ڪجهه به ناهي بچيو. سواءِ زندگيءَ جي فضول، بي سود ۽ بي معنى لڙائي وڙهڻ جي. پر وري لڳندو آهي ته مدد ڀرپور زندگي جيئڻ جو هنر به چڱي طرح ڄاڻي ٿو.
    زندگي جي وهنوار ۾ ياري دوستي نڀائيندي، پنهنجي ڪٽنب جي جوابداري جو فرض پورو ڪندي ڪڏهن به ائين نه لڳندو آهي ته ڪو مدد جي اندر ۾ هڪ بي چين، ڀٽڪندڙ، سڪون کان خالي شخص به ويٺل آهي.


    مدد علي سنڌيءَ جي ڪهاڻي:

    احساسن ۽ جذبن جو موت
    ممتاز مهر
    ادب ۾ جڏهن ”جديديت“ جي تحريڪ زور ورتو تڏهن جيمس جوائس، ڪافڪا ۽ ورجينا وولف جي رچنائن ۽ سندن ڪن ٻين هم عصر ليکڪن، (توڙي ڪن اڳوڻن ليکڪن) جي رچنائن جي وچ ۾ وڏو فرق نظر اچڻ لڳو، فرق نه فقط هيئت ۽ اسلوب جو هو پر هنن جي سوچن ۽ خيالن ۾ به وڏي وڇوٽي هئي. ”جديديت“ وارو گروپ فرد جي داخلي احساسن کي وڌيڪَ اهميت ڏيڻ لڳو ۽ چيائون ته داخلي احساسن جي اظهار سان ئي اصل حقيقت ۽ سچائيءَ جي پروڙ پئجي سگهي ٿي. جڏهن ته ٻئي گروپ جو چوڻ هو ته احساس، عقل (Reason) جي طابع هوندا آهن ۽ سچ اهو آهي، جيڪو منطقي هجي. عام دنيائي وهنوار ۾ اڪثر ڪري ماڻهو جا احساس عقل جي طابع هوندا اهن ۽ هو ڊپلوميسي جي ذريعي ئي دنيا ۾ ڪامياب رهي ٿو.
    ”جديديت“ وارا ليکڪ، ”عقل“ جي اهميت ۽ عظمت کي مڃڻ جي باوجود، احساسن ۽ جذبن کي دٻائڻ جا مخالف هئا. (جن فرائيڊ جي نفسيات، تحليل نفسيءَ کي پڙهيو هوندو؛ سي چڱيءَ طرح سان ڄاڻن ٿا ته احساسن ۽ جذبن کي دٻائڻ جا ڪهڙا نه خراب نتيجا نڪرن ٿا.) احساسن ۽ جذٻن کي دٻائڻ جو مطلب انسان جي وجود جو موت ٿي سمجھيائون. اها سوچ ايتري نئين به ڪانهي. 19 هين صدي (توڙي ان کان به اڳ) دوستو فسسڪي ۽ ٻين انيڪ اديبن ۽ شاعرن جي سوچڻ جو انداز به ساڳيو هو. مثال طور ڏيڍ سؤ سال اڳ پيدا ٿيل هنگري جي مشهور شاعر سئندور پتوفي (Sandoor Petofi) جڏهن چيو: ”منهجي ڳالهه کي سچ ڄاڻو، دل خراب صلاحڪار ناهي، اها اڪثر دماغ کان به اڳتي جي ڳالهه جو ادراڪ ڪري وٺندي آهي.“ تڏهن هن به اها ئي ڳالهه ڪئي آهي ته انساني جذبن ۽ اُمنگن جو قدر ڪيو وڃي. 20 هين صديءَ جي ترقي يافته مشيني دؤر ۽ روٽين شهري زندگيءَ انهيءَ سوچ کي وڌيڪ؟؟َ هٿي ڏني. جديديت وارن انهيءَ سوچ کي ادب جي نئين ٽيڪنڪن ۽ اسٽائلن ۾ ڪاميابيءَ سان پيش ڪيو آهي.
    مدد علي سنڌيءَ جي ڪهاڻي: ”احساسن ۽ جذبن جو موت“ کي انهيءَ پس منطر ۾ ڏسڻ گهرجي. منهنجي راءِ ۾ سندس اها ڪهاڻي جديد سنڌي ڪهاڻين ۾ هڪ خاص مقام رکندي اها نهايت خوبصورت ڪهاڻي آهي، حقيقي صورتحال کي ظاهر ڪندڙ نهايت جرئت واري، بناوٽ کان عاري ڪهاڻي. ظاهر ۾ مايوس۽ انسان جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻي پر اصل ۾ ڇيڙيندڙ ۽ چڙ ڏياريندڙ (Provocative) ڪهاڻي، جهڙي فرانز ڪافڪا جي رچنا: طنز جا تيز هڻندڙ، ڇيڙيندڙ ۽ چڙ ڏياريندڙ!
    مدد علي سنڌيءَ جي انهيءَ ڪهاڻيءَ ۾ ڪن پهلوئن جو جائزو وٺڻ کان اڳ ۾، مان ادب ۾ جديد لاڙي جي باري ۾ اولهه جي هڪ برک ليکڪ اوي جانس (Uwe Johnson) جو حوالو ڏيڻ ضروري ٿو سمجھان، جنهن چيو: ”همعصر ليکڪن جي باي ۾ هي چئي سگهجي ٿو ته مجموعي طور تي هنن، ٻاهرين دنيا ۾ آيل ٽيڪنيڪي ۽ نفسياتي تبديلين جي مناسبت سان پنهنجي (لکڻ جي) اسٽائيل اختيار ڪئي آهي. هڪ طرح سان ”جديد“ جي معنيٰ اها آهي. اسٽائل ۽ زبان ۾ ٿيندڙ ڦيرا سماج ۾ ٿيندڙ ڦيرن سان مشابهت رکن ٿا.
    ”احساسن ۽ جذبن جو موت“ ۾ ليکڪ، هڪ نوجوان جي خيال ۽ ويچارن کي، ”شعور جي وهڪ“ واريءَ ٽيڪنڪ ۾ جيئن جو تيئن ظاهر ڪندي، اڄ جي انسان جي داخلي، خارجي مسئلن کي پيش ڪيو آهي. مشيني دؤر جو انسان، جنهن جو ”وجود ئي سندس بنيادي مسئلو آهي..... انسان جي زندگي انسان جو وجودُ: ”فقط سوڙهين گهٽين، اونداهين گهرن ۽ کليل آڪاس جي هيٺان بند ۽ گهٽيل گهٽيل زندگي! کليل آڪاس هوندي به ڪنهن قيد جو احساس. اهڙو احساس، جيڪو من کي ڪنهن اڏوهيءَ جيان هر وقت کائيندو رهي ٿو. “ ڇا اهو احساس هر حساس ماڻهوءَ کي ڪڏهن ڪڏهن نه ٿيندو آهي؟
    انسان سڪون چاهي ٿو، پنهنجي زندگيءَ کي مقصد وارو بڻائڻ چاهي ٿو، هو نجات چاهي ٿو..... ڇوٽڪارو/مڪتي! اها خواهش، جيڪا وڌيڪَ شدت اختيار ڪندي پئي وڃي، انسان جي ازلي خواهش رهي آهي. گوتم جي خواهش.... سقراط جي خواهش.... ڪافڪا جي خواهش.... سارتر جي خواهش! اهو ادب ۽ فلاسافي جو بنيادي مسئلو رهيو آهي. خاص طور تي ”وجوديت“ (Existentialism) جي متي جو.
    هڪ شخص پنهنجي حياتي ڪيئن بي مقصد گذاري پوري ڪندو آهي، تنهن کي ليکڪ هيئن بيان ڪيو آهي، ”۽ مون کي اڄ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو انهيءَ شخص جي جيون تي ڏُک ٿي رهيو آهي، جنهن کان مان سڄي زندگيءَ نفرت ڪندو رهيس. (پر ڏک ٿئي به پيو.... ۽ نه به) آخر انهيءَ شخص جي ستر سالن جي زندگيءَ جو مقصد ڇا هو؟.... ان جي معنيٰ، انهي شخص جي سڄي زندگيءَ اجائي ويئي!؟.... هن کي سواءِ نفرتن جي ٻيو مليو ڇا؟ نفرت، زال جي نفرت، اولاد جي، ۽ ٿي سگهي ٿو، مرڻ کان اڳ هن کي پنهنجو پاڻ کان ۽ پنهنجي ستر سالن جي زندگيءَ کان به سخت نفرت ٿي هجي.....؟ هو ڪنهن جي کٽ تي نه ويهندو هو...... نفرت! هو پنهنجي گلاس کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي گلاس ۾ پاڻي نه پيئندو هو...... نفرت!
    هو پنهنجي ڪرسي کان سواءِ ٻئي جي ڪرسي تي نه ويهندو هو..... نفرت!. هن جي کائڻ جا ٿانوَ الڳ هئا..... نفرت! هو ٻين سان گڏ ويهي ماني نه کائيندو هو..... نفرت! هو کنگهندو هو.... نفرت! هو کانگهارا اڇلائيندو هو.... نفرت!
    ڀيڙ ۾، ۽ هيترن سارن ماڻهن جي وچ ۾ انسان ڪنهن مهل ڪيئن نه پاڻ کي اڪيلو ۽ اجنبي محسوس ڪندو آهي، تنهن ڪيفيت کي چٽيندي، اڳتي هلي ليکڪ، وجود ۽ عدم وجود واري احساس کي، گهرن ۽ جاين جي ناتي سان هيئن بيان ڪري ٿو: ”۽ مان هن رستي تان، بنا ڪنهن سوچ ۽ سمجهه جي هلي رهيو آهيان، اهو وساري ته ڪڏهن ڪنهن دؤر ۾ مون جهڙائي ساڳيا انسان ائين مون وانگر سوچيندا هليا هوندا. هي سامهون کان بيٺل پيليون پيليون اداس ماڙيون، ائين ئي بيٺل آهن، بيٺل رهنديون، پنهنجن رهندڙن کانسواءِ! (۽ هوءَ ماڙي خبر ناهي ڪنهن جي آهي. جنهن مٿان لکيل آهي: ڪملا ڪاٽيج، 1940ع ماڙي جي سامهون نور محمد اسڪول جي هٽن ۾ ماڻهن جي ڀيڙ آهي ۽ هٽن جي پريان اسڪول مان ڇوڪرن جي گوڙ جو آواز اچي رهيو آهي، خبر ناهي ڪهڙو ڇوڪرا پڙهندا هوندا؟.... اسڪول به انسان جيان پراچين آهن، جن کي پنهنجو اتهاس آهي، جيڪي انسان جيان پراچين هوندي. اتهاسڪ هوندي به گمنام آهن، پنهنجي معنيٰ ۽ وجود هوندي به، کين ڪا معنيٰ ڪانهي. ڪو وجود ڪونهي!“
    نفرتن ۽ محرومين جو شڪار انسان ڪيئن نه موت ۾ (نه چاهيندي به! ٻين سان نفرت ڪندو آهي، تنهن نفسياتي نڪتي کي خوبصورتيءَ سان چٽيندي، ليکڪ، ڪردار ذريعي هڪ نهايت تلخ حقيقت کي هيئن بيان ڪري ٿو: ”اسين پنهنجن محرومين جا بدلا سدائين ٻين کان الائي ڇو وٺندا آهيون؟ ان ڪري ئي مان هاڻ هن جي چهري ڏانهن نه ڏسندو آهيان. هر انسان جي چهري تي ڏک ۽ اڪيلائيءَ جون ريکائون ٽڙيون پکڙيون پيون آهن. پر ڪير ٿو محسوس ڪري ڪنهن جا ڏک، درد ۽ غم.... منهنجا نظريا منهنجا پنهنجا آهن. هن موت جي ويجھو ويندڙ منهنجي ماءُ کي منهنجن نظرين مان ڪهڙو فائدو پهتو؟ ڪڏهن ڪنهن سوچيو به آهي، اسان پنهنجي ئي خاص ٺاهيل نظرين جي ڪري، پنهنجن ويجھن کي ڪيڏو نه ڏکويون ٿا!.... پر سڀ ڪجهه ٿئي پيو. ٿيندو رهندو ائين....“
    انسان پنهنجين نفرتن ۽ چاهتن، ڏکن ۽ سکن سوڌو پنهنجي زندگي جا ڏينهن پورا ڪري رهيو آهي: ”انهي اوسيئڙي ۾ ته هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور Resurection ٿيندي..... پر ڪير ڄاڻي، ان پرهه ڦُٽي ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ڪا گهري ننڊ جي لپيٽ اسان کي وٺي وڃي!“
    ”احساسن ۽ جذبن جو موت“ ڪهاڻي آهي، انسان جي نه ختم ٿيندڙ پيڙا جي، زندگيءَ کان موت تائين واري عرصي جي، نئين جڳ جي سوچيندڙ ۽ لڇندڙ انسان جي، ”نئين جنم“ جي اوسيئڙي جي!
    ورجينا وولف، پنهنجي ڊائريءَ جي آخري صفحن ۾ڪنهن هنڌ لکيو آهي: ”هينري جيمز جو هڪ ئي جملو مون کي ياد ٿو اچي: جذبن جو تجزيو ڪندا رهو، وڌندڙ ڄمار جو تجزيو ڪريو. لالچ جو تجزيو ڪريو. پنهنجي اتساهه، پنهنجي ئي اداسائيءَ جو تجزيو ڪريو. ائين ڪرڻ سان سڀ ڪجهه ڪارائتو ٿي ويندو آهي.“
    ڪهاڻي: ”احساسن ۽ جذبن جو موت“ ۾ ڪهاڻيڪار ائين ئي ته ڪيو آهي!


    ڏک جي رڻ ۾ گم ٿي ويل گوتم

    اخلاق انصاري

    ”بيشڪ انسان خساري ۾ آ“
    فنڪشن تان موٽندي مدد عليءَ چيو. مان طارق ڏي ڏٺو. هو چپ چپات ۾ گڏوگڏ هليو پئي. سري گهاٽ کان هيٺ، هوٽل ”جبيس“ ٽپي تلڪ چاڙهي تان لهي رهيا هئاسين.
    ”ادا ــ خساري ۾ ڀلي هجي پر خساري ۾ به ته ڪجهه نه ڪجهه ته ملي ٿو نه!؟“ مون وراڻيو.
    ”ڇا مطلب؟“
    ”مطلب ته جيڪي ڪجهه کسجي ٿو وڃي ان جي موٽ ۾ ڪجهه نه ڪجهه ته ملي ٿو وڃي.“
    ”ڇا ٿو ملي؟“
    ”ڏک ـــ تڪليف..... ۽......“
    ”ها.... بلڪل“ مدد ڪنڌ لاڙي مون ڏانهن ڏسندي چيو. ”بلڪل ملي ٿو پر ڪو ڏک به خسارو ئي هوندو آهي.... جيئن قرة العين حيدر ”آگ ڪا دريا“ ۾ ڪٿي چيو آهي“.... ”ڪراڙپ ئي اصل ۾ عورت جو موت آ“
    اهو ته رڳو خسارو ئي خسارو آهي.

    1975ع منهنجي زندگيءَ جو اذيت ڀريو سال هو. ويڳاڻپ منهنجي اندر ۾ گهر ڪري وئي. مان اسڪائوٽ مان انقلابي ٿي ويم. سياست ڪرڻ لڳس. ڳاڙهو جھنڊو اڀ تائين جھوليندو اهڙو ڏينهن به ايندو... ”سهڻي“ رسالي جا ايڊيٽوريل. مٿان شاگرد تحريڪ ۽ انهن جا قصا. مدد علي سنڌي انهن ڏينهن جي اڳواڻن مان هو. لاڙڪاڻي جي سياسي ادبي حلقن ۾ مدد جي آشرم جون ڳالهيون پيون هلنديون هيون.
    پوءِ
    هڪ ٽه مورتي ظاهر ٿي. مدد علي، شوڪت شورو ۽ ماڻڪ. ماڻڪ ۽ شوڪت شوري جون ڪهاڻيون ــ گهڻي دير کان پوءِ منهنجي اڳيان مدد علي هڪ ڪهاڻيڪار ٿي آيو.
    ٽنهي جي ويهڻ جو هنڌ ــ جارج هوٽل ـــ ان جارج هوٽل جا قصا به ٿيڻ لڳا ــ بحث اتان نڪري سنڌ جي اديبن وٽ پهچڻ لڳو. مان لاڙڪاڻي مان سيڙجي حيدرآباد جو جارج هوٽل ڏسڻ آيم.
    تلڪ چاڙهي جي هيٺان ــ صدر ۾ جارج هوٽل، عام رواجي ــ ڪجهه به نئون ڪونه، نه شوڪت، نه مدد ۽ نه ئي ماڻڪ.
    پر انهن ٽنهي جي ڪنهن ڪهاڻيءَ جو ڪردار ”پامسٽر“ سو ويٺو هو ــ ڪنهن جو هٿ ڏسي رهيو هو.
    انهن ڏينهن ۾ موهن ڪلپنا جي ڪهاڻين جو وڏو چرچو هو ــ هو ڪيترن ئي پڙهندڙن جو هيروهو ــ خيالن ئي خيالن ۾ اڌ اونداهي رستن تي محبوبا سان خوشبوءِ جو پان چٻاڙيندي ڪنهن مندر جي دڪي تي محبوبا سان بحث پيو ڪبو هو..... اهو سڀ ڪجهه آهستي آهستي ويندو رهيو. اصل ۾ انهن ڏينهن ۾ مدد جون ڪهاڻيون آيون ــ ماڻڪ جون ۽ شوڪت جون، جن ڪهاڻين ۾ نئين ڌارا آڻي ڇڏي. تلخ حقيقتون. مدد جي پهرين ڪهاڻي ”آڏو اڏي پکڙا“ کان پوءِ جلدي جلدي ڪهاڻيون آيون. سندس ڪهاڻي ”کنڊر“ ــ ”کنڊر“ جو فلسفيانه بحث ـــ ڄڻ ”آگ ڪا دريا“ جو گوتم نيلمبر هجي.

    تمام عمر رها، غمزه ادا ڪا شڪار
    (مدد علي سنڌي جو پهريون ڏنل آٽوگراف)

    اهو هڪ ويران ڏينهن هو، اداس جنوري هئي ــ حيدرآباد جون هوائون گم هيون. نه ٿڌ هجي، نه گرمي هئي ــ اجاڙ اجاڙ اندر ۾ اماس هئي ــ ويراني هئي ــ هڪ ماتم هو ــ رلندم رهيم. سڄو ڏينهن تڙ تڙ تي، ڪو به نه هو ـــ ڪو به نه مليو ـــ ٿڪجي پيو هئم ــ زندگي ٻسي هئي ــ سڌو وڃي مدد عليءَ جو در کڙڪايو. مليو ــ ڀاڪر ڀري آهستي آهستي کوکر محلي جون گهٽيون لتاڙي فاران هوٽل ۾ پهتاسين.
    ”ڏي خبر؟“
    ”ادا ــ مزو نه آهي“
    هن منهنجي هٿ مان پارڪر جي نفيس بال پين ورتي، هو آڱر ۾ ڦيرائيندو رهيو. کيس ٻڌايم ته ”هن“ ۽ منهنجو رستو الڳ ٿي ويو آهي.
    هو سارو وقت مون کي سمجھائيندو رهيو ــ مدد جي ان ڪچهريءَ. مون کي نئون د ڳ ۽ اتساهه ڏنو.
    هن ان مهل ــ ميران ٻائي جو ڪو راسوڙو ٻڌايو جيڪو ، هاڻي ياد نه آهي، وقت جي دز ۾ ذهن ۾ ئي لٽي ڇڏيو. پر.
    آخري لفظ ياد آهن.
    ”زندگي رڳو ڏک آهي“
    ”ها ــ ادا.... رڳو جھاڳڻو آ“.... مون وراڻيو هو.
    پوءِ ـــ
    ڊائري وٺي ــ ان تي لکيو،
    دور ــ دور تائين
    راهه ــ ڪا روشن نه هئي.
    ڏينهن جي هن سفر ۾
    ويندو اڌ پنڌ ۾ سج لهي
    شامَ ــ منزل هئي تنهنجي منهنجي
    اهو ته نه سوچيو هئم.
    شام منزل ٿي ويندي.
    ڪڏهن تنهنجي منهنجي
    (پنر ملن مان)
    نئين سالَ جي موقعي تي
    سڪ مان
    9.1.1982ع

    عجيب عمر هُئي، خواهه مخواهه رلبو هو.
    بنا مقصد جي، ڏينهن تتي جو جينز ۽ جاگر پائي، طارق ۽ مان حيدرآباد جا پيا روڊ لتاڙيندا هئاسين ــ رڙيون ــ ٽهڪَ ــ گانا ــ چرچا، منجھند ٽاڪ جو وڃي. فتاح/شرجيل جي ڪمري جو آهستي آهستي در کڙڪائبو ــ نفيس ماڻهو ڪچي ننڊ مان اٿندو ته به منهن تي مرڪ ــ اسان کي پرواهه ئي نه ڄن ڪو ڏوهه ئي نه ڪيوسين. Omilla کير جي چانهه پي، پنج وڄائي اٿنداسين. اڳ ۾ نصير مرزا وٽ ــ نثار صاحب سان ڪچهري ڪري. خدا بخش ابڙي سان گهمي ڦري، شيخ ڪباب کائي. سئنيما پوسٽر ۽ فريم ۾ بند ٿيل فوٽو ڏسندا. سنهي گهٽي اُڪري، مشين جا آواز ٻڌندا، ”سنڌ نيوز“ جي آفيس ۾ ــ مدد علي سنڌي جي آفيس ۾ ــ ڪچهري ڪبي.
    مدد صاحب اڪثر ڪاوڙ ۾ ”ڀيڻسان.....“ خبر نه پوندي ڪاوڙ ۾ آ ـــ يا ــ اهو سڀ ڏيکاءُ.
    ”ڪتي جو پٽ“
    ”ڇا آهي ادا....“ ”بليڪ ميلر ڀيڻسان.“
    ”ڪير آ“
    ”ڪير وري ڪير آ“... رسيور ڏئي چوندو.
    ”دٻايوس“ ــ طارق ۽ مان ــ پنهنجي اندر جون باهيون ڪڍنداسين.
    هڪ ڏينهن مدد عليءَ چيو.
    ”اخلاق! تون ادبي صفحو سنڀال“ پوءِ مان ”سنڌ نيوز“ جي ادبي صفحي ”ادبي دنيا“ جو انچارج ٿي ويس.... پهريون پيج ماٺيڻو اوٺو جي ياد ۾ ڪڍيو واهه ــ واهه ٿي وئي. ائين پيج نڪرندو رهيو.
    هڪ ڀيري مدد عليءَ منهنجي مرضيءَ کان بنا ڪنهن جي ڪهاڻي هلائي.... مان پيسٽنگ ڏسي... موٽي آيم... ٻه ٽي ڏينهن ملاقات نه ٿي... پنجين ڏينهن روم تي خط مليو.... مدد علي لکيو هو.
    ”.... ان ڏينهن توهان جڏهن آفيس مان اٿي ويا ته... مون سمجھيو ته ان ڳالهه جو توهان کي شديد ڏک ٿيو آهي... توهان کي ڏک نه پئي ڏيڻ چاهيو... بس ائين ٿي ويو. ان ۾ منهنجي ڪا به مجبوري نه هئي. بس الائي ڇو ائين ٿيو. ٿيڻ نه گهربو هو. مون وٽ ڪا وضاحت به نه آهي. صرف هاڻ اهو ته تون پنهنجي ڀاءُ جي ڪا ڳالهه دل ۾ نه ڪندين... وري توهان جي اجازت کانسواءِ ائين نه ٿيندو. “

    ضياءُ الحق جو ڀوائتو دور هو. ماڻهو ڀاڇن کان به ڇرڪ ڀريندا هئا. ڏاڍ هو ڏهڪاءُ هو.
    ياد اٿم نيشنل سينٽر ۾ فنڪشن هو. اتي اردوءَ جي شاعره ڪشور ناهيه آيل هئي. هن جڏهن شعر پڙهيو.
    ”مان ته نڪي هئس
    بس ۾ سيٽ تي ويهڻ لاءِ
    پر فوٽ اسٽيپ تي جڳهه ملي.
    اها منهنجي غلطي هئي يا خدا جي.“
    اڃان اڳتي نظم پڙهي ئي نه، پروفيسر عنايت حسين اٿي بيهي رڙ ڪئي:
    ”بڪواس بند ڪر“.... ”بند ڪر“.
    خاموشي ٿي وئي. سڀني جون نظرون پروفيسر عنايت حسين ۾.
    ڪشور ناهيد ڊڄي وئي.
    مدد علي اٿي بيٺو.
    ”هن کي شعر پڙهڻ ڏيو... ڀل توهان متفق نه هجو“.
    مدد سنڌيءَ ڪشور ناهيد کي چيو: ”توهان شعر مڪمل ڪيو... توهان پڙهو“.
    ڪشور چيو.
    ”اها منهنجي غلطي هئي يا.....“
    پروفيسر عنايت حسين وري... رڙ ڪئي:
    ”بند ڪر..... بند ڪر“.
    ڪشور ناهيد چپ ٿي وئي.
    مدد سنڌي اٿي چيس:
    ”تون بڪواس بند ٿو ڪرين يا هِتان توکي هيٺ اڇلايان“.
    ڪشور ناهيد ويهي رهي. مدد عليءَ ان کان سڄو شعر پڙهايو.
    جيڪو ٽرانسليٽ ڪرائي. ”ادبي دنيا“ سنڌ نيوز ۾ هلايوسين.

    مدد علي سنڌي، جيڪو ڪجهه به ڪندو آهي اهو Devotion سان ڪندو آهي.
    سياست هجي ،
    صحافت هجي،
    ادب هجي،
    پيار هجي، انتهائي ايماندار هوندو.
    مون جڏهن به هن سان سياست تي ڳالهايو ته هن ۽ مون ۾ گئپ هوندي به. هن پنهنجو نظريو مون تي نه مڙهيو. بس شيئر ڪيو. مان مدد علي جي وڏي ڀاءُ وانگر عزت ڪئي. ۽ هن پيار ڏنو.
    مون ڪڏهن نه چاهيو هو ته مدد سنڌي سياست جي رڻ ۾ گم ٿي وڃي... مان کيس سدائين چوندو رهيس.
    ”ادا! توهان ڪهاڻيءَ کي ٽائيم ڏيو“
    مدد جون ڪهاڻيون پڙهڻ سان لڳندو ته رڳو ڪيفيتون آهن.
    ڪهاڻين جا منظر ــ منظر نه هجن ڄڻ ته ڪردار هجن ـــ ديوارون ڪردار ــ روڊ رستا ڪردار ــ هوائن جي به هڪ معنيٰ. هر ڪهاڻيءَ ۾ ذڪر ڪيل خاموشِي به مختلف معنيٰ سان اچي ۽ ــ رات جي خاموشيءَ ۾ ٽيٽيهر جو آواز ــ به ڄڻ هڪ ڪردار آهي...
    مدد علي سنڌيءَ جي ڪنهن ڪهاڻيءَ جو ٽيٽيهر به ڄڻ ــ هيڪل ويا ڪل ــ رولاڪ ڪردار.... جنهن کي ڳولها آهي.
    اها ــ ڳولها ــ ئي مدد علي جي سڃاڻپ آهي. جيڪا ڳولها ــ عيني جي ”آگ ڪا دريا“ جي گوتم وٽ به ــ زندگي ـــ بس.
    سروم ــ سروم دکم دکم
    هر دور ــ هر دور جو نياءُ/انياءُ ڀوڳيندو ٿو رهي ــ اچي ورهاڱي جا وڇوڙا ٿو ڏسي ــ تاريخ ــ فلسفو ۽ ٽائيم جي ٽرينگل ۾ گوتم جيا گم ٿي ويل، مدد علي سنڌي انهن سڀني ڪيفيتن، پيڙائن، فلسفي کي ”هستي جي اجاڙ ايوان ۾“، ”اڌوري پنڌ جا آخري سپنا“ ــ ”ايبسٽرڪٽ جيون جا ڪجهه ايبسٽريڪٽ“ ۽ ٻين انيڪ ڪهاڻين ۾ پاڻ کي ڀرپور نموني سان اظهاري ٿو.

    اهو ــ منهنجي لاءِ نه پر سڄي سنگت لاءِ حادثو هو ــ طارق عالم جي بڪين ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. مان ٺل/جيڪب آباد جي ڪاليج ۾ پڙهايان پيو، سڀ ڪم ڪار ڇڏي حيدرآباد آيم ــ اتي عبرت اخبار جي آفيس ۾، مدد علي سنڌي ميٽنگس ڪيون. نتيجي ۾ ”طارق عالم مددي ڪاميٽيءَ“ جو بنياد پيو ــ اخبارون ــ رسالا ــ ميٽنگس ـــ جلسا ــ فنڪشن ــ ٽي وي ــ ريڊيو ــ هر هنڌ آواز پهتو. سڀني محنت ڪئي ۽ ان سڄي ــ پيرڊ ۾ اسان کي سگهارو سهارو ــ مدد علي جو ئي هو. ۽ ائين ٿيو طارق عالم ٽرانسپلانٽ ڪرائي آيو. ان وچ ۾، مدد علي کي گهڻا ئي مهڻا مليا. تڪليفيون ڏٺائين. ابتيون ورنديون ــ جنهن جو اظهار هن مختلف محفلن ۾ نه ڪيو. پر اڄ ڏينهن تائين. لکت ۾ به نه ڪيو آهي. مان کيس چوندو آهيان: ”سڀ لکو“.
    چوندو: ”ادا ڇڏيو.“
    ”ڪنهن کي جتايون؟“
    پنهنجي اندر ئي اندر ۾ ڏک سمائي. سڄي سنگت سان ائين ملندو ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه.
    اها ــ حقيقت آهي. ته جا زندگي هڪ مڪمل ماڻهو کي گذارڻ کپي اها ــ زندگي ــ مدد عليءَ گذاري.
    سنڌ جي قوم پرست سياست کان وٺي ملڪي سياست تائين ــ اقتداري ايوانن کان وٺي ــ محنت مزدوريءَ تائين ــ گهمڻ ڦرڻ ــ محبتون ڪرڻ/محبتون ماڻڻ تائين .
    ۽ پوءِ به گوتم نيلمبر جيان هر دور جي ”چمپا“ جي ڪڍ ــ هن پاڻ وڃايو آهي.
    کيس ڪجهه مليو آهي يا خساري ۾ آهي.....
    ڀل ڪراڙپ ــ عورت جو موت هجي پر مدد علي ويندڙ وهيءَ ۾ به هڪ شانائتو ــ مانائتو ــ وڏو ڪهاڻيڪار آهي. ناولسٽ آهي. جي اهو خسارو آهي ته اهو ئي مدد جو وڏو سرمايو آهي.


    دريا دِل: مدد علي سنڌي

    غلام حسين رنگريز

    ڪي ماڻهو جامع صفتن جا مالڪ ٿين ٿا ۽ مون کي اهڙن ماڻهن مان جنهن شخص سان اٿاهه اُنسيت رهي اُنهن مان ساڻس قريبي تعلق رهندو آيو آهي. مون هُن کي ذاتي تعلق جي لحاظ کان ٻاجهارو ۽ ناتو نڀائيندڙ ڏٺو. مون هُن کي سنڌ يونيورسٽي جي آرٽس فيڪلٽي ۾ سندس شاگرديءَ واري دؤر دؤران شاهه محمد شاهه، عزيز ڀنگوار، سڪندر ڀنگوار، اسماعيل وساڻ ۽ ٻين سان گڏ ورانڊي ۾ نعرا هڻندي به ڏٺو. مون کيس سائين جي.ايم.سيد جي فڪر کي رسالي ’اڳتي قدم‘ ذريعي ڦهلائيندي به ڏٺو. مون کيس حيدرآباد جي بسنت هال ۾ ’روح رهاڻ‘ جي سالياني ميڙن ۾ به ڏٺو. مون کيس قومي سياست ۾ اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪندي به ڏٺو. مون کيس صحافت جي ميدان ۾ به سرگرم ڏٺو. مون کيس سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي هفتيوار گڏجاڻين ۽ ٻين ادبي تقريبن ۾ به متحرڪ ڏٺو. ساڻس يادن جا سوين حوالا آهن جن جو تفصيلي بيان وڏو وستار بنجي پوندو. انهي ڪري اختصار کان ڪم وٺندي سندس شخصيت کي سياسي حيثيت، ادبي ۽ صحافتي پورهئي، وطن دوستي ۽ يار ويسيءَ جي حصن ۾ ورهائيندي اظهارِ خيال ڪندس.

    مدد ۽ شاگرد سياست:
    سنڌ ۾ کاٻي ڌُر جي خيالن جي نمائندگي ڪندڙ شاگرد تنظيم نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن هئي. جنهن تي مهاجر اڳواڻن جو غلبو هئو. انهي ڪري قومي مسئلن تي اُنهن جو نقطه نظر چٽو نه هئو. انهي ڪري شاهه محمد شاهه پنهنجي دوستن سان گڏجي اُن کان الڳ ٿي سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ٺاهي جنهن ۾ مدد علي به شامل هئو. اها اسٽوڊنٽس فيڊريشن به اختلافن جو شڪار ٿي ويئي ۽ پوءِ مدد علي ۽ شاهه محمد شاهه وارن جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو بنياد وڌو. مدد علي سال 1973ع ۾ فيڊريشن جو سيڪريٽري جنرل هئو. اُنهي دوران 28 اپريل 1973ع تي سنڌ يونيورسٽي جو ڪنووڪيشن ٿيو ۽ ان دؤر جي وزير قانون عبدالحفيظ پيرزادي کي ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏيڻ واري معاملي تي جساف سخت احتجاج ڪيو ۽ انهي هنگامه آرائي دوران عبدالحفيظ پيرزادو اسٽيج تان هيٺ لٿو ته شاگردن گهيري ورتس. ۽ پاڻ شاگردن کي گهٽ وڌ ڳالهايائين. جنهن تان اسماعيل وساڻ کيس ٿڦڙ وهائي ڪڍي. ۽ ڪنووڪيشن ميدانِ جنگ بڻجي ويو. ۽ هڪ پوليس آفيسر دل جي دوري سبب لاڏاڻو به ڪري ويو. پوليس اهو ڪنووڪيشن ڪيس داخل ڪيو ۽ يونيورسٽي اختياري وارن مدد علي، شاهه محمد شاهه، يوسف جکراڻي، عزيز ڀنگوار، نذر محمد جوڻيجو کي ٽن سالن لاءِ رسٽيڪيٽ ڪري ڇڏيو. ان وقت سنڌ يونيورسٽي اسٽوڊنٽس يونين جا هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا هئا.
    صدر: يوسف جکراڻي
    جنرل سيڪريٽري: عزيز ڀنگوار
    جوائنٽ سيڪريٽري: نذر محمد جوڻيجو
    انهن عهديدارن جي حلف برداري جي عظيم الشان تقريب ٿي جنهن ۾ سائين جي.ايم.سيد کانئن حلف کڻايو. ۽ اهو حلف نامو مدد علي سنڌي لکيو هو. اُن جي ابتدا هن ريت هئي:
    ”اسان اروڙ جي ڀنل مِٽي ۽ راجا ڏاهر جي خون جو قسم کڻي عهد ٿا ڪريون ته سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪنداسين.“
    سائين جي.ايم.سيد شاگردن کي خطاب ڪندي کين پنهنجي تعليمي حاصلات ڏانهن خصوصي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي. شاگردن جي هلچل چوٿين مارچ 1967ع ۾ چوٽ تي هئي. جڏهن حيدرآباد جي ڪمشنر مسرور الحسن سنڌي شاگردن تي لٺيون وسرايون هيون جنهن ۾ اُن وقت جي يونين جي صدر يوسف لغاري جو مٿو ڦاٽي پيو هو ۽ ڪيترائي شاگرد زخمي ٿيا هئا. انهي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف چوٿين مارچ 1969ع تي هڪ عظيم الشان جلوس به نڪتو هو ۽ اولڊ ڪئمپس ۾ جلسو به ٿيو هو جنهن کي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، رسول بخش پليجو، حفيظ قريشي (مرحوم) يوسف ٽالپر، مسعود نوراني ۽ اقبال ترين خطاب ڪيو هو. هن جلسي ۽ جلوس ۾ مدد علي سنڌي اسان سان گڏ پرجوش انداز ۾ شريڪ هو.
    مدد علي سنڌي سٺ ۽ ستر وارن ڏهاڪن ۾ نهايت سرگرم شاگرد ڪارڪن ۽ اڳواڻ رهيو. ۽ سنڌ جي حقن لاءِ آواز اُٿارڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ دوران هن ڪافي عذاب ڀوڳيا. پر کيرٿر جيئن اِسٿر رهيو. مدد علي کي 24 ڊسمبر 1972ع تي بغاوت جي ڪيس ۾ قلم 124-A، 123-A ۽ 153-A تحت نوابشاهه پوليس حيدرآباد مان گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو. اهو ڪيس هڪ پمفليٽ لکڻ جي ڏوهه ۾ داخل ڪيو ويو جنهن جو عنوان هو، ’اسان سنڌي ڇا ڪريون؟‘ مون مدد علي سنڌي جي گرفتاريءَ تي هڪ آزاد نظم لکيو جيڪو ’اڳتي قدم‘ جنوري-فيبروري 1972ع جي بئڪ ٽائٽل تي سندس تصوير سان گڏ ڇپيو ويو. اهو پرچو جي.ايم.سيد نمبر هو. جنهن ۾ منهنجو مضمون، ’سيد لکيو‘ به شايع ڪيو ويو. اهو آزاد نظم هيءُ آهي:

    مدد علي سنڌي جي گرفتاري تي...

    اي اهلِ فڪرو نظر اهلِ فن،
    زهر جا ڍُڪ پيئو چُپ رهو
    ۽ چَپن کي سُبو-
    ڪُجهه ڪُڇو جي قصيدا لکو
    ورنه فڪرو نظر کي ڌَريو ڌُوڙ ۾
    ڪَچُ قبوليو ۽ سُوريءَ تي سچ چاڙهيو
    اي اهلِ قلم، اڄ قلم جو ڀڃو ڪنڌ هٿ سان
    پنن تي سياهيءَ کي هاري ڇڏيو
    خيالن ۽ جذبن کي ماري ڇڏيو
    جيئو پر جنازن جيان
    چُرو جي ته پاڇن جيان
    ورنه هر چوڪ تي چوڪسي
    هر ڳلي دار هوندي
    ۽ اهلِ نظر پابجولان
    قطارن ۾ ايندا
    ۽ زندان کُلندا
    ۽ زندان ڀربا.

    مدد علي سنڌي جيئي سنڌ تحريڪ جو هڪ اهم، ذميدار فرض شناس رُڪن رهيو. ۽ انهي ڪري سدائين حليم باغي چواڻي،

    اسان جئين، ڪوئي جيئي هن جهان ۾
    سدائين نشان تي، سدا امتحان ۾

    17 جنوري 1974ع تي انٽرنيشنل هاسٽل سنڌ يونيورسٽي ۾ سائين جي.ايم.سيد جي سالگره واري تقريب ۾ به مدد پيش پيش رهيو. چوٿين مارچ 1973ع واري تقريب مسلم هاسٽل حيدرآباد ۾ ٿي جنهن جي صدارت سائين جي.ايم سيد ڪئي. اُنهي جي انتظام ۾ به هيءَ اڳڀرو رهيو.
    7 آڪٽوبر 1973ع جو انٽرنيشنل هاسٽل ۾ شاگردن درميان جهيڙي جي نتيجي ۾ ٻه شاگرد قتل ٿي ويا ته انهي الزام ۾ يوسف جکراڻي، مدد علي سنڌي، شاهنواز شاهه، عبدالحڪيم لاکو، ديدار بلوچ ۽ ٻين کي پنجن سالن لاءِ رسٽيڪيٽ ڪيو ويو ۽ مدد علي جي گهر تي گرفتاري لاءِ پوليس ڇاپو هنيو. پر هو هٿ نه چڙهي سگهيو. مدد علي سنڌي جو گهر اسٽيشن روڊ تي واقع هو. جنهن کي هو مجيب محل سڏيندا هئا. سائين جي.ايم.سيد سال 1969ع ۾ سنڌ متحده محاذ ٺاهيو جنهن ۾ سنڌ جي مکيه سياسي شخصيتن شموليت ڪئي ۽ اُهو اجتماع مخدوم محمد زمان طالب المولى جي بنگلي تي حيدرآباد ۾ ٿيو هئو ۽ مدد علي پهريون ماڻهو هئو جنهن پنهنجي گهر تي جيئي سنڌ متحده محاذ جو ٽه-رنگو جهنڊو هڻي حڪمرانن کي للڪاريو هو.
    انهيءَ دؤر ۾ ايوب خان خلاف تحريڪ به عروج تي هئي ۽ جنرل يحيى خان 25 مارچ 1969ع تي ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي چونڊن جو اعلان ڪيو. چونڊن جي مهم دوران عوامي ليگ جي سربراهه شيخ مجيب الرحمان ڇهه نقاطي پروگرام پيش ڪيو جنهن ۾ سواءِ پنجاب جي باقي سڀني صوبن جي حقن جي حاصلات به هئي ته سلامتي به. سنڌي قوم پرستن کي مجيب جي ڪاميابيءَ ۾ سندن پنهنجي ڀلائي ۽ فتح نظر آئي. سائين جي.ايم.سيد سنڌ متحده محاذ طرفان ڇهه نقاطي پروگرام جي نه رڳو زباني حمايت ڪئي پر سائين هڪ پمفليٽ ذريعي ڇهن نقطن جي وضاحت به ڪئي. مدد علي سنڌي انهي پروگرام جي دل و جان سان حمايت ڪئي. سال 1970ع ۾ عوامي ليگ جو مرڪزي سيڪريٽري قمرالزمان سنڌ جي دوري تي آيو ته مدد جي وڏي ڀاءُ ممتاز علي قريشي (مرحوم) جي دعوت تي محترم قاضي فيض محمد سان گڏ مدد وارن جي گهر ڊنر Dinner ڪيائين. مدد علي عوامي ليگ حيدرآباد جو ڊويزنل آرگنائيزر ۽ عوامي ليگ سنڌ جي ورڪنگ ڪميٽي جو ميمبر به رهيو. سنڌ جي مهانَ شاعر شيخ اياز به عوامي ليگ ۾ شرڪت ڪئي. سال 1970ع واري عام چونڊن ۾ بنگال مان شيخ مجيب کي ايڏي وڏي اڪثريت حاصل ٿي جو هُو اڪيلي سر اڪثريت سان پاڪستان جو وزيراعظم ٿي رهيو هو جيڪا ڳالهه پنجابي فوجي اسٽيبلشمنٽ کي نه آئڙي ۽ هُنن ذوالفقار علي ڀٽي کي پاڻ سان ملهائي بنگال ۾ فوجي آپريشن ڪيو. ۽ 30 لک بنگالين کي قتل ڪيائون جنهن جي نتيجي ۾ اوڀر پاڪستان بنگلاديش بنجي ويو. ۽ گرفتار ٿيل مجيب الرحمان کي آزاد ڪري بنگلاديش روانو ڪيو ويو ۽ باقي بچيل پاڪستان يعني پنجاب، سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ٺهرائي ويئي. ڀٽي اقتدار ماڻڻ کانپوءِ پنهنجو پهريون نشانو سنڌي ۽ بلوچ قوم پرستن کي بنايو. هُن سنڌي رسالن ۽ ڪتابن تي پابنديون مڙهيون ۽ قوم پرستن کي بغاوت جي ڪيسن ۾ جيل ڀيڙو ڪيو.
    جيئن ته سنڌ ۽ مرڪز ۾ ڀٽي جي پارٽي اقتدار ۾ هئي ته سرحد ۽ بلوچستان ۾ نيشنل عوامي پارٽي ۽ جمعيت العلماءِ (هزاردي) جون گڏيل حڪومتون هيون. ڀٽي بلوچستان ۾ سردار عطاءُ الله مينگل جي حڪومت ختم ڪئي ته سرحد ۾ مفتي محمود به وزارتِ اعلى تان احتجاجاً استعيفى ڏيئي ڇڏي ته سرحد اسيمبلي به ٽوڙي ويئي. ۽ نعپ تي 10 فيبروري 1975ع تي بندش وجهي ولي خان ۽ سندس ساٿين تي بغاوت جو مقدمو دائر ڪيو ويو. جنهن جو سربستو احوال ولي خان جي ڪتاب، ’اور بيان اپنا‘ ۾ موجود آهي. نعپ تي بندش وجهڻ کان پوءِ اُن جي آفيسن کي سيل ڪيو ويو. ۽ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هن موقعي تي به مدد علي جي گرفتاري لاءِ سندس گهر تي رات جي وقت ڇاپو هنيو ويو.
    انهي کان پوءِ پيپلز پارٽي جي هڪ مهاجر وزير بديع الحسن زيدي جي مبينه اغوا جي واقعي ۾ مدد علي کي شامل ڄاڻائي رات جو به ڇاپو هنيو ويو. جيڪو ناڪام رهيو ته ٻي ڏينهن صبح جو 8 وڳي ٻيهر ڇاپو هنيو ويو ۽ مدد علي جي غير موجودگيءَ ۾ سندس 86 سالا پيرسن پيءُ الهه بخش کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو ويو. پوليس سندس والده کي به گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اُها گهر ۾ موجود نه هئڻ سبب گرفتار نه ٿي سگهي ۽ پوليس گهر جو الو تلهو ٻُهاري سڀ سامان کڻي ويئي. جولاءِ 1976ع ۾ پوليس خفيه اطلاع تي اٺن ٽرڪن سان گهر جو گهيرو ڪري تلاشي ورتي پر مدد علي هٿ نه چڙهي سگهيو.

    مدد علي اديب ۽ صحافي جي حيثيت ۾:
    مدد علي جي سُڃاڻپ فقط سياست نه آهي. هو هڪ صاحبِ فڪر ۽ اهلِ دل به آهي. سندس گهر جي پاسي واري گهٽي ۾ هڪ ڪمري واري ننڍڙي اوطاق هئي جنهن کي اسان ’مدد علي آشرم‘ جو نالو ڏيئي ڇڏيو هو. جتي سدائين شاگردن، سياسي ڪارڪنن، اديبن، صحافين ۽ شاعرن جا ميڙ لڳا پيا هوندا هئا. مون جهڙا ڪيترا دوست حيدرآباد ايندا هئا ته رات به اتي ٽِڪندا هئا.
    مدد علي ’اڳتي قدم‘ رسالو 1970ع کان جاري ڪيو جيڪو ادبي ۽ سياسي نوعيت جي لکڻين تي مشتمل هوندو هو. انهي کان اڳ ’اڳتي قدم‘ جي نالي سان 1946ع ۾ شيخ اياز رسالو ڪڍيو هو. هيءُ رسالو سائين جي.ايم.سيد جي قومي فڪر جي ترجماني جو ڪردار ادا ڪندو هو ۽ انهيءَ دؤر ۾ محترم عبدالواحد آريسر رسالو ’پيغام‘ ڪڍندو هو. اهي ٻئي رسالا فڪر سيد جا ترجمان رهيا. مدد علي جا لائق ڀائر ممتاز علي ۽ مشتاق علي نه رڳو مدد جي مالي سهائتا ڪندا هئا پر سندس دوستن کي به گهڻي عزت ڏيندا هئا.
    ادبي لحاظ کان مدد ڪهاڻيڪار، شاعر، مترجم ۽ اديب رهيو آهي. صحافت جي دنيا جو به سير ڪيو اٿس. ان جو به وڏو تجربو اٿس. سندس هيٺان ڪتاب شايع ٿيل آهن:
    1. ڪهاڻين جو ڪتاب، ’دل اندر درياوَ‘ سال 1980ع ۾ ڇپيو.
    2. نثري نظمن جو ڪتاب، ’پُنر ملن‘ سال 1982ع شايع ٿيو.
    3. قراة العين حيدر جي ڪتاب جو ترجمو، ’قلندر‘ به ڇپيل آهي.
    4. سندس سفرنامو ’شهر صحرا ڀانيان‘ به مارڪيٽ ۾ آيل آهي.
    تازو سنڌي ادبي بورڊ سندس مڙني لکڻين کي گڏي هڪ ڪتاب ’دل اندر دريا‘ جي نالي سان شايع ڪرايو آهي.
    مدد علي سنڌي اهو ليکڪ آهي. جيڪو عملي انسان به آهي ۽ جاکوڙ سندس فطرت ۾ شامل آهي. وقت جي لاهن چاڙهن کان اڃان هار نه مڃي اٿس،
    هي ماڻهو وِهَه جو ڍُڪَ ٿيا، جئن لُڪَ لڳي تئن رُڪَ ٿيا
    اڄ آزاديءَ جي نعري سان، سڀ درد ويا دلگيرن جا.
    مدد علي سنڌي جڏهن اخبار ’بختور‘ جو چيف ايڊيٽر هو ته هڪڙي ڀيري بٺورو آيو ۽ چيائين، ’مون کي سومرن جي تختگاهه ’محمد طور‘ جو سير ڪرائي. آئون ساڻس گڏجي کيس ڳوٺ شاهه ڪپور جيڪو جاتي چوڪ کان جاتي ويندڙ رستي جي اوڀر ۾ واقع آهي، وٺي ويس جتي جي شاهن اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ هن محمد طور (ڪِن مورخن چواڻي اهو اصل ۾ ’مهاتم تور‘ نالو هو) جا ميلن ۾ ڦهليل کنڊر ڏٺا ۽ شاهه ڪپور ۾ اهي اُڀيون قبرون به ڏٺيون جهڙيون چوڪنڊي ۾ آهن. اهي آثار آرڪيالاجي کاتي جي عدم توجهي سبب مِٽجندا پيا وڃن.
    مدد صحافتي ميدان ۾ اخبار سنڌ نيوز جو به شروع ۾ ايڊيٽر رهيو ۽ اُنهي کان علاوه اخبار عبرت ۽ عبرت مئگزين سان به لاڳاپيل رهيو.
    هن جا دروازا دوستن احبابن لاءِ هميشه کليل رهندا هئا. اسان ڪڏهن ڪڏهن رات جو حيدرآباد جي مُشڪبو هوائن جو مزو ماڻڻ لاءِ ٻاهر گهمڻ ڦرڻ نڪرندا هئاسين ۽ اڪثر هندن جي ڇڏيل جاين جي ڏاڪڻين تي ويهي ورهاڱي جي الميه تي رت روئندا هئاسين. مدد علي هڪ دريا جيئن وشال دل جو مالڪ آهي، اهوئي ڪارڻ آهي ته هُن پنهنجي ڪتاب جو نائو ئي ’دل اندر درياوَ‘ رکيو.


    هستيءَ جي اُجاڙ ايوانن جو ڪهاڻيڪار.....

    لياقت رضوي

    مدد عليءَ جي فن، ڪهاڻين يا ٻين تخليقن جي ادبي، تنقيد ۽ اوک ڊوک ڪرڻ مشڪل عمل آهي.
    منهنجي خيال ۾ سنڌي ادبي تاريخ مدد جي شخصيت غير تڪراري آهي. حقيقت آهي ته هو سنڌي ڪهاڻي جي کيتر ۾ هڪ اهم جاءِ والاري ٿو. سندس سموريون لکڻيون عام طرح ۽ سندس ڪهاڻيون خاص طرح هڪ ادبي انفراديت رکن ٿيون. جن ۾ مدد علي جو هڪ ليکڪ يا تخليقار طور پنهنجو نرالو ۽ يگانو آواز آهي. پيار ۽ پيڙا، اداسي ۽ ابديت، مقصد ۽ بي معنويت، محبت ۽ مايوسي يا درد ۽ دلربا، سندس ڪهاڻين جا ڪئنواس آهن. جن ۾ لفظن جي جديد ترتيب، ابهام ۽ رمزيت سان ڀريل فني سِٽاءُ، اهڙا نوان تجربا آهن، جيڪي مدد عليءَ کان اڳ سنڌي ادب ۾ اڻلڀ آهن. مدد علي سنڌي ڪهاڻي کي، پيڙا، درد، ويڳاڻپ، اڪيلائي ۽ بي معنويت ۾ ڀوڳيندڙ فرد جي زبان ڏني. ۽ ائين سنڌي ڪهاڻيءَ کي روايت جي ڌٻڻ مان ڪڍي، نئين جمالياتي جذبي ۽ اندروني احساسن جي ٺهندڙ- ڊهندڙ ساختيات کي ڪهاڻيءَ جو موضوع بنايو.
    انهيءَ ڳالهه چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر جي تاريخ ۾ مدد علي سنڌيءَ جو نالو هميشه اعتماد سان ورتو ويندو. انهيءَ ڳالهه سان ڪوبه فرق ڪونه ٿو پوي ته هاڻي مدد علي ڪهاڻيون لکي ٿو يا نه؟
    پر سندس اڳ لکيل سموريون ڪهاڻيون، سنڌي ڪهاڻي جي روايت ۾ نه رڳو نئون بااعتماد آواز ٿي اڀريون، بلڪه ان آواز اڄ به گهڻو بااعتماد، گهڻو نٺر، گهڻو نااميد ۽ بلڪل انفرادي آواز آهي. مدد عليءَ سنڌي ڪهاڻيءَ جي ماحول ٻولي، ٿيم، سِٽاءُ ۽ رويي کي نواڻ ڏيڻ سان گڏ، ان جي ڪهاڻي پڻي ۾ پڻ جدت آندي. 1980ع ۾ جڏهن مدد علي سنڌيءَ جي ڪهاڻين جو ڪتاب، ’دل اندر درياوَ‘ ڇپيو هو، تڏهن مدد جون ڪهاڻيون، اسان دوستن جي بحثن جو، هفتن تائين موضوع رهيون.
    سندس ان مجموعي ۽ ان کانپوءِ ڇپجندڙ ڪهاڻين، مون کي ڪهاڻي لکڻ ۾، انمول اتساهه ڏنو. مان ڪنهن به ليکڪ کي ڪنهن به نظرياتي فريم ۾ ڏسڻ جي حق ۾ ڪونهيان پوءِ به هستيواد جي نظرئي جي اثرن کان، ادب کي بچائڻ يا ان جي مخالفت ڪرڻ جي به حق ۾ ناهيان. ڇاڪاڻ جو منهنجي نظر ۾، سمورو انساني ادب ۽ ادبي ورثو، رڳو اظهار جو بيان آهي. جنهن ۾ جيڪڏهن تاريخ جو مددي مواد، زندگيءَ جي تخليقي ترجماني، ٻولي جي سونهن ۽ نزاڪت جي اوسر ۽ خيال يا تصور جو جادو ئي طسلم شامل آهن ته اهو سڀ ثقافتي سطح تائين اڻٽر آهي. ۽ اسان جي تهذيبي ورثي جي تقدير آهي. تنهن ڪري مدد علي سنڌيءَ جي ڪهاڻين تي به اهڙا فلاسافيڪل اثر، سڌيءَ طرح يا اڻسڌي طرح محسوس ٿين ٿا. ليڪن سندس ڪهاڻين کي ڪنهن نظريي يا مايوسيءَ جي سانچي سان سوچڻ سراسر ادبي زيادتي چئبي. ڇاڪاڻ ته مدد علي سنڌيءَ کي نه ڪافڪا سان ڀيٽي سگهجي ٿو. نه جئمس جوائس سان. توڻي جو مدد علي ۽ ٻنهي مٿين اديبن ۾ هڪجهڙايون ٿي سگهن ٿيون. جيئن ڪافڪا جي ويڳاڻپ يا جوائس جهڙي هڪڙي ساعت کي ننڍڙيءَ ابديت ۾ تبديل ڪري سگهڻ جي طاقت. پوءِ به مدد علي سنڌي جي ڪهاڻين تي. مدد علي سنڌيءَ جي شخصت حاوي آهي. مون کي مدد علي جون ڪهاڻيون نه ته ڪافڪا جي نثر جهڙيون ٿيون لڳن نه وري جوائس جي اثر هيٺ نظر اچن ٿيون. انهن جي پنهنجي انفراديت آهي. جن جي ٻولي شاعراڻي، سِٽاءُ رومانوي ۽ تاثر اهڙي بيباڪ ويڳاڻپ سان ڀريل آهي. جو پڙهندڙ، مدد علي سنڌيءَ جي هر ڪهاڻي پڙهندي پاڻ کي هڪ ابدي اداسي جي تجربي مان گذرندي محسوس ڪري ٿو. سندس ڪهاڻيون پڙهندڙ کي، عشق ۽ آجپي جو اهڙو انوکو ڄار محسوس ٿينديون جنهن کي انتهائي مهارت سان اُڻيو ويو آهي. انهن ۾ درد ۽ اداسيءَ جو ايڏو عروج آهي جو يقين ٿيڻ لڳي ٿو ته انهن ڪهاڻين کي لکيو وڃڻ دوران ليکڪ ڪيترو گهڻو ڀوڳيو هوندو. ۽ اها ڀوڳنا ٽيٽيهه سال اڳ اسان لاءِ، يعني مون ۽ منير شاهه جي لاءِ ڄڻ تخليق جو آبشار هوندي هئي. مان ۽ منير تڏهن مدد علي سنڌيءَ، نور الهدى شاهه، امرجليل ۽ خيرالنساءِ جعفري جو نه رڳو گڏيل مطالعو ڪندا هئاسين. بلڪه انهن مان پنهنجي پنهنجي پسند جا جملا لکي هڪ ٻئي سان ڀيٽائيندا هئاسين. هيءَ به اٽڪل 1979ع جي شروعاتي مهينن جي ڳالهه آهي ته منير وٽ مون اهو مهراڻ پڙهيو هو، جنهن ۾ مدد علي سنڌي جي ڪهاڻي، ’کنڊر‘ ڇپي هئي. مون منير کي چيو هو، ’جهڙيءَ طرح نٽشيءَ فن (آرٽ) کي فلسفي ۾ مرڪزي حيثيت ڏني هئي ۽ هيڊگر اها حيثيت شاعريءَ کي ڏني هئي. مان اها حيثيت نثر کي به ڏيان ٿو. جنهن جي شاهديءَ ۾ مان ’کنڊر‘ ڪهاڻي پيش ڪيان ٿو.‘ تڏهن منير نه رڳو مون سان متفق ٿيو هو بلڪه چيو هئائين، ’ڪهاڻيءَ (کنڊر) ۾ مدد نه رڳو لفظن کي ڪيترن ئي معنائن ۾ ڪتب آندو آهي، بلڪه؟ ، ! ۽ + جي نشانين کي پڻ هڪ بامعنى اهڃاڻ طور ڪتب آندو آهي. جيڪا ڳالهه کيس ٻين ڪهاڻيڪارن کان منفرد ڪري ٿي.‘ پوءِ اسان ٻنهي ’کنڊر‘ ڪهاڻي وري پڙهي هئي ۽ عادت موجب، ان مان الڳ الڳ پنهنجي پسند جا پنج جملا چونڊيا هئا ۽ پوءِ اهي جڏهن ڀيٽايا هئاسين ته اتفاق سان ٻنهي ساڳيا جملا چونڊيا هئا. يا پسند ڪيا هئا. ’کنڊر‘ ڪهاڻيءَ جا اهي پنج جملا هن ريت هئا:

    1. نه هئڻ جو احساس به ته ڪجهه هئڻ جو احساس آهي.
    2. هر شام پاڇي جيان اسان سان گڏ آهي
    3. موت به ائين اچي ٿو جيئن تون اچي وئي آهين.
    4. چريائپ جي حقيقت جي به ته ڪنهن کي خبر ناهي.
    5. مان منتظر هئس پر انتظار ڪنهن جو ڪونهي.

    پوءِ انهن پنجن جملن کي کڻي، اسين ٻئي ڪلاڪن جا ڪلاڪ سنڌي، اردو ۽ هندي ادب کي لتاڙي، اچي فلاسافيءَ ۾ پهتا هئاسين. اسپنوزا، هيڊگر، شوپنهائر، سارتر ۽ رجنيش (منير جي تن ڏينهن ۾ تازي دريافت. پوءِ جيڪو گرو ۽ ڀڳوان رجنيش ٿيڻ کان پوءِ اوشو طور مشهور ٿيو) کي اسان اهي پنج جملا ٻڌايا هئا ۽ پوءِ انهن کي ويهي ٻڌو هوسين.
    اها ته هئي هڪ پراڻي ياد- هاڻي جي حقيقت هيءَ آهي ته (شايد) مدد علي سنڌيءَ ڪهاڻي لکڻ ڇڏي ڏني آهي. ليڪن پوءِ به منهنجي نظر ۾ هو نه رڳو ڀلو ڪهاڻيڪار، ناول نگار يا برجستو صحافي آهي، بلڪه هو هڪ بهترين سياحت نگار به آهي يا ائين کڻي چئو ته سفرنامي لکڻ ۾ به کيس هڪ ادبي انفراديت حاصل آهي. ’شهرُ صحرا ڀانيان‘ سندس سفرنامي جو عنوان آهي. پڙهندڙ ڏسي سگهي ٿو ته ان عنوان ۾ ڪيڏي اداسي ۽ اُٻاڻڪائي ڀريل آهي. شهر کي صحرا سمجهڻ، منٽ کي مهينا سمجهڻ يا ساعت کي صدي سمجهڻ، نٽشي جو پسنديده مشغلو هو. ليڪن مدد علي سنڌيءَ هڪ سفرنامي جو اهڙو اداس عنوان رکي، ڄڻ ته پنهنجي ادبي تخليقيت جو تسلسل برقرار رکيو آهي. انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته مدد علي سنڌي جي نالي کانسواءِ سنڌي ادبي اوسر جي تاريخ اڌوري رهندي.


    مختل رنگن جي ميڻ بتين جو سنگم ــ مدد علي سنڌي...

    منظور جوکيو

    مون جڏهن شعوري يا اڻ شعوري طور سنڌي ادب، خاص ڪري ڪهاڻيءَ کي پڙهڻ جي شروعات ڪئي هئي ته خبر ناهي ڇو انهيءَ دور ۾ جدت واري انداز ۾ لکندڙ ڪهاڻيڪار ئي وڻندا هُئا ــ اُهو دور ستر واري ڏاڪي جي پڇاڙيءَ، اسيءَ واري ڏهاڪي جي شروعات وارو دور هو ــ انهيءَ وقت جن ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻي پڙهڻ لاءِ هر وقت واجھائيندو رهندو هوس انهن ۾ ٻه نالا اهڙا هئا، جيڪي منهنجا محبوب ليکڪ هُئا. انهن ۾ هڪ شرجيل ۽ ٻيو مدد علي سنڌي هو.
    لاڙڪاڻي ۾ گرم جھولن لڳڻ وارن ڏينهن يا وري ڪوئٽا مان برفباريءَ سان سنگين بڻيل سرد هوائن وارين راتين ۾ مون جيڪو ادب وڌ ۾ وڌ پڙهيو هو، انهيءَ ۾ ٻنهي ليکڪن جو سرجيل جديد ادب هو ـــ ڪهاڻيڪار مدد علي سنڌيءَ سان حد کان وڌيڪَ ڪيئن اُنسيت ٿي؟ انهيءَ جو جواب اهي مختلف رنگن واريون، ٻرڻ کان بچي ويل ميڻ بتيون آهن، جن کي مان ننڍپڻ ۾ گڏ ڪري هڪ ميڻ بتي ٺاهي، سجائي رکندو هوس ـــ جڏهن هن جي ڪهاڻي پڙهيم ته مون کان ڇرڪ نڪري ويو ــ سوچيم، ”هي ڇا؟ هن دنيا ۾ ڪو ٻيو انسان به رهي ٿو جيڪو ساڳيو مون وانگر مختلف رنگن جي ميڻ بتين جي بچيل ٽڪرن مان هڪ ميڻ بتي ٺاهي انهيءَ کي ٻاري ٿو“.
    بابا جي شيعي هجڻ ڪري اسان جي گهر ۾ محرم وارن ڏينهن ۾ به تقريباً ساڳيو ماحول هوندو هو، جيڪو مدد علي سنڌيءَ پنهنجي انهيءَ ڪهاڻيءَ ۾ پيش ڪيو آهي. ڪارا ڪپڙا، نوحا، ماتم، پڙ نڪرڻ، دلدل جو سجڻ ۽ غم حُسين، اهي هڪجهڙايون هيون، جيڪي هڪ پڙهندڙ ۽ لکندڙ جي وچ ۾ رابطي جو پهريون سبب بڻيون.
    انهن ڏينهن ۾ مدد علي سنڌيءَ جي ڪهاڻين جي ڪِتابن ”دل اندر درياو“ ۽ ”پنر ملن“ کي شرجيل جي ڪهاڻين جي مجموعي ”پن ڇڻ کانپوءِ“ وانگر الائي ڪيترا ڀيرا پڙهيو هوندم ــ انهيءَ وقت لاڙڪاڻي ۾ رهندي بنهه گهٽ تصور ڪيو هوم ته ڪڏهن انهن پسنديده ليکڪن سان ملي به سگهندم ـــ پر ستت پوءِ جڏهن وڏي ڀاءُ جي پوسٽنگ حيدرآباد ۾ ٿي ته يڪدم وڃي ٻنهي سان مليس ــ شرجيل سان منهنجي پهرين ملاقات ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي هاسٽل ۾ سندس ڪمري تي ٿي ۽ مدد علي سنڌيءَ سان حيدرآباد پريس ڪلب ۾، جنوري 1982ع ۾وڏي ڀاءُ محترم انور جوکيو جي ادارت ميٺ نڪرندڙ مند وار مئگزين، ”سنڌ“ جي پهرين شماري جي مهورت جي موقعي تي ٿي. ٻنهي سان ڪوشش جي باوجود دوستي نه ٿي سگهي ـــ ڪٿي هو بلا جا ليکڪ ۽ ڪٿي وري هڪ گهٽ عمر وارو نائين ڪلاس ۾ پڙهندڙ ادب جي الف بي کي پڙهڻ وارو.
    مدد علي سنڌيءَ سان منهنجي ٻي ملاقات 1987ع ۾ تڏهن ٿي جڏهن مان گهران ڪاوڙجي پنهنجي مدد پاڻ جي نظريي تحت پڙهائي جاري رکڻ ۽ سي ايس ايس يا مقابلي جي امتحان جي تياري ڪرڻ لاءِ نوڪريءَ جي ڳولها ۾ شاعر دوست علي نواز ڦل جي معرفت سنڌ نيوز اخبار ۾ مدد صاحب وٽ انٽرويو ڏيڻ ويو هوس. هن پهريون سوال پڇيو: ”ڪواليفڪيشن ڪيتري آهي؟“ مون وراڻيو: ”انٽر پاس آهيان“، حيرت جو اظهار ڪندي چيائين، ”بس انٽر پاس؟“
    ”جي.....“
    ”عمر ڪيتري آهي؟“
    ”ارڙهن سالَ“
    ”اڳ ۾ اخبار ۾ ڪم ڪيو آهي؟“
    ”نه سائين....“
    ”انگريزي ايندي آهي؟“
    ”جي ها.....“ مڪمل اعتماد سان چيو هوم. ڇو ته انهيءَ وقت ڀلي ٻيو ڪجهه نه ايندو هجي، پر نائين ڪلاس کان وٺي انگريزي ناول خاص ڪري هيرالڊرانس، سڊني شيلڊن ۽ نينسي فرائيڊي جا ناول (جن بابت بعد ۾ خبر پئي ته اُهي ناول ادب جي دنيا ۾ سستي ادب يعني Cheap Literature جي حيثيت رکن ٿا) پڙهڻ ڪري انگريزي پڙهڻ، سمجھڻ، لکڻ ۽ ڳالهائڻ ايندي هئي.
    منهنجي انگريزيءَ جي ٽيسٽ وٺڻ لاءِ مدد علي سنڌيءَ انگريزيءَ ۾ لکيل هڪ ٽينڊر نوٽيس منهنجي حوالي ڪيو ۽ چيو، ”هي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏيکاريو؟“
    اهو ٽينڊر نوٽيس ٽيڪنيڪل لينگئيج ۾ لکيل هو جنهن کي سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سائين کي ڏيکاريو. سڄو ترجمو پڙهي چيائين: ”توهان چئو ٿا ته توهان ڪڏهن اخبار ۾ ڪم ناهي ڪيو، پوءِ هي ترجمو ڪيئن ڪيو اٿوَ؟ هي ڪم ته اسان جي اخبار ۾ انتهائي سينيئر ماڻهو ڪندو آهي.“
    وري مسڪرائي چوڻ لڳو:
    ”پهريان سوچيو هوم ته اوهان کي پروف ريڊر ڪري رکان، پر توهان کي سب ايڊيٽر طور مقرر ڪريان ٿو ـــ سڀاڻي کان توهان جي ڊيوٽي شروع آهي ــ ٻين کي پگهار پنج سؤ روپيا ڏيندو آهيان، پر توهان جي پگهار سوا پنج سؤ آهي ــ“
    اهو ڏينهن منهنجي لاءِ خوشيءَ جو ڏينهن هو. هڪ بي گهر، بيروزگار ۽ گهٽ ڊگري رکندڙ ماڻهوءَ کي نه رڳو روزگار مليو هو، پر زندگيءَ جو پهريون بهترين باس پڻ مليو هو.
    سنڌ نيوز ۾ ڪم ڪندي مدد صاحب جون انيڪ خوبيون مون کي نظر آيون. هڪ ته هو بهترين ايڊمنسٽريٽر هو ــ ٻيو موجوده سياسي حالتن کان مڪمل طرح با خبر هو، ٽيون ته هو بهادر صحافي هو، جيڪو ڪو به سچ لکندي نه ڪيٻائيندو هو ۽ سڀ کان وڌيڪَ هڪ وفادار ۽ نڀائيندڙ دوست هو ــ جنهن جو زندهه مثال پراڻي ڪامريڊ عمر ميمڻ سان دوستي نباهڻ منهنجي اکين اڳيان هو ــ شاگرد سياست ۾ عمر ميمڻ، مدد صاحب جو استاد هو ــ زماني جي ستم ظريفين عمر ميمڻ کي صحت ۽ روزگار جي حوالي سان لاچار بڻائي ڇڏيو هو ۽ مدد صاحب دوستي نباهيندي عمر ميمڻ جي بيشمار ڪوتاهين، لاپرواهين ۽ ٻين ڪمزوين جي باوجود هن جي هر انگل کي نه رڳو برداشت ڪندو پئي آيو پر هن جي سنڌ نيوز“ ۾ بهتر پگهار واري نوڪري جاري رکڻ ۽ پنهنجي گهر جي ڀرسان هڪ ڪمري ۾ رهائش وٺي ڏيڻ تائين هن سان هر طرح سان مدد ڪندو رهيو.
    ”سنڌ نيوز“ ۾ ڪم ڪندي هن کي انهيءَ وقت مون حد کان وڌيڪَ پريشان ڏٺو، جڏهن نصير مرزا ڊوڙندو آيو هو ۽ خبر ٻڌائي هئائين ته: ”طارق عالم ابڙي جا ٻئي گردا فيل ٿي ويا آهن“ انهيءَ وقت کان وٺي مدد علي سنڌي بيچين هو ۽ هن سک جو ساهه تيستائين نه کنيون جيستائين هن ڀڄ ڊُڪ ڪري طارق عالم جي ٽرانسپلانٽ لاءِ هن کي لنڊن تائين نه پهچايو.
    ٻي خوبي جيڪا مدد صاحب ۾ نظر آئي اُها هيءَ هُئي ته هو نوجوانن کي سنڌي صحافت ۾ اڳتي آڻڻ لاءِ هر وقت ڪوشان رهندو هو. جڏهن سنڌي صحافت ۾ ڪبير شاهه، اشرف بلوچ، مجيد ميمڻ، لکاني سيال، انور سيال ۽ فقير عُرس بهراڻيءَ جهڙا ڪردار موجود هُئا، تڏهن ڪو به نوجوان صحافت ۾ اڳتي وڌڻ ته ڇا پر صحافت جي ميدان ۾ گهڙڻ کان به ڪيٻائيندو هو ــ انهيءَ دؤر ۾ جيڪي نوجوان صحافت ۾ هن متعارف ڪرايا اهي اڳتي هلي صحافت جا هيرا ثابت ٿيا.
    ڊائمنڊ جيستائين ڪوئلي جي کاڻ ۾ هڪ ڪوئلي جي حيثيت سان دفن ٿيل هوندو آهي، تيستائين ڊائمنڊ کي به خبر ناهي هوندي ته هو ڊائمنڊ آهي ــ هو پاڻ کي ڪوئلو ئي سمجھندو آهي. پر جڏهن ڪنهن هيري شناس جي نطر انهيءَ ڪوئلي تي پوندي آهي ته هو انهيءَ کي ڪڍي، ڪٽي، پالش ڪري هن کي ڊائمنڊ بڻائيندو آهي. اهڙي طرح ئي مدد علي سنڌي به هڪ هيري شناس آهي. هن ئي سول ڪورٽ جي هزارن فائيلن ۽ ميزن ڪرسين ۾ دٻيل محمد حسن دايي ڪلارڪ کي ڪڍي ڪٽي پالش ڪري ”سنڌ نيوز“ ۾ سب ايڊيٽر طور صحافت جي دنيا ۾ داخل ڪيو ۽ پوءِ اڳتي هلي اهو ساڳيو ماڻهو ”حسن مجتبيٰ“ جي نالي سان هيرو بڻجي اڀريو، جيڪو هن وقت به نيويارڪ جي اوچين عمارتن ۽ ڊگهين گهٽين ۽ وسيع روڊن جي وچ ۾ هڪ ڊائمنڊ جيان چمڪي رهيو آهي.
    انهيءَ وقت حيدرآباد پريس ڪلب ۾ هڪ مخصوص لابيءَ جو ڪنٽرول هوندو هو. جيتوڻيڪ سنڌي ميمبر گهڻا هوندا هئا، پر اهي لکانن، بلوچن ۽ مجيدن جي اندروني ويـڙهه سبب، صدر ۽ سيڪريٽري جنرل جي عهدن لاءِ چونڊجي نه سگهبا هئا. مدد صاحب سڀني سنڌين کي گڏ ڪري هڪ پليٽ فارم تان پريس ڪلب جي چونڊ ۾ بيهاريو ته انهيءَ دؤرـَ کان وٺي هن وقت تائين پريس ڪلب سنڌي عهديدارن جي اڪثريت سان رهندي پئي اچي ۽ انهيءَ دور جا جمال، ڪمال، حسن ۽ عابد ڳولهيا نه ٿا لڀن.
    هن جا پراڻا دوست چون ٿا ته مدد علي سنڌي جڏهن اقتدار جي ايوانن تائين پهتو ته هن پراڻن دوستن کي وساري ڇڏيو. اقتدار جو ماحول بيشڪ مومل جو منڊ آهي، جيڪو چڱي ڀلي ماڻهوءَ کي گم ڪري ڇڏي ٿو. بيحد مصروفيتن يا وري پاور جي نشي ۾ متان مدد علي سنڌيءَ دوستن کي وساري ڇڏيو هجي، پر انهيءَ دؤر ۾ ئي هن جي ڪهاڻي. ڪاوش پبليڪيشن جي ”ڪهاڻي“ ڪِتاب ۾ پڙهي هئم ته اهو محسوس ٿيو هو ته هو ساڳيو مدد علي آهي جيڪو ”دل اندر درياوَ“ ۽ ”پنرملن“ جو خالق آهي، ڀلي ماڻهو هن کي ڪيئن به ڇا به چون پر هن جي اندر جو فنڪار مُئو ناهي. وري جڏهن تازو ڪراچيءَ ۾ پيرا ڊائيز هوٽل جي سامهون پراڻي ايراني ريسٽورينٽ ”ڪيفي پيراڊائز“ ۾ سنڌ جي جاکوڙي صحافي رکيل مورائيءَ سان ملڻ ويس ته اتي مدد علي سنڌيءَ سان ملاقات ٿي. اقتدار جي ايڏن وڏن ايوانن ۾ رهڻ جي باوجود هو مون کي اهو ساڳيو ”سنڌ نيوز“ وارو مدد صاحب نظر آيو. سلمان رشديءَ جهڙي ڏاڙهي ۽ چشمي سان ويٺل مدد علي سنڌي اهو ساڳيو شاگرد سياست وارو مدد علي نظر آيو جيڪو قميض جا سڀ بٽڻ کولي هلندو هو ۽ ويهندو هو. فرق صرف ايترو هو ته اڳي هن جي بٽڻ کليل ڳلي مان هن جا ڪارا وار نظر ايندا هئا ۽ هاڻي هن جي سيني جا وار اڇا ٿي ويا آهن. هن کي ڏسي مون يڪدم اهو سوچيو ته جيڪڏهن اقتدار جو نشو هن کي بدلائڻ ۾ ڪامياب وڃي ها ته هو ائين ڪڏهن به ”ڪيفي پيراڊائيز“ تي پنهنجي پراڻي دوست معصوم ٿريءَ، رکيل مورائيءَ ۽ موهن مدهوش سان گڏ ويهي دوڌ پتي چانهن نه پيئي ها.
    جڏهن ايڏي وڏي عرصي جي سڃاڻپ، هن جي لکڻين، صحافتي ذميدارين، دوستن سان دوستيون نباهڻ، شاگرد ۽ پوءِ عملي سياست ۾ ڪردار نباهڻ ۽ وري صحافت ڏانهن موٽي اچڻ واري پس منظر ۾ اڄ به هن کي ڏسان ٿو ته هو مون کي مختلف رنگن جي ميڻ بتين جي بچي ويل ٽڪرن مان ٺاهيل هڪ اهڙي ميڻ بتي لڳي رهيو آهي، جيڪا اڄ به روشن آهي ۽ هن جي روشنيءَ ۾ انيڪ رنگ نظر اچي رهيا آهن. ڏسڻ وارن کي هن جي روشنيءَ ۾ صرف ڪو به هڪ رنگ نظر ايندو هجي، پر هنجي شخصيت جي مختلف پهلوئن جا رنگ اڄ به ڏاڍا گهرا ۽ چٽا آهن.


    ”دل اندر درياوَ“ ــ ڪِتاب لاجي

    رکيل مورائي
    سنڌ جي سنڌي ڪهاڻيءَ بابت اهو چوڻ شايد ورجاءُ ئي ٿيندو ته اها شخص جي آس پاس ته رهي آهي. پر شخص جي آرپار اها ان حد تائين رهي آهي ته ڪي احساساتي ڪهاڻيون لکيون ويون، جن کي سنڌ ۽ سنڌي ادب جي نقاد سڏيو ويندڙن ڪهاڻي ئي نه سمجھيو يا مجموعي طور اهڙي ادب کي ادب ئي قبول نه ڪيو ويو، جنهن ۾ شخص ساهه ٿي کنيو. جڏهن شخص نعرا ٿي هنيا ته اهي ادب جو حصو هئا، پر ساههُ مٺ ۾ رکي جيئندڙ شخص جي اظهار کي ڪڏهن قبول نه ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي ادب ۾ نعرو ته رهجي ويو پر شخص جي ڀوڳنا ۽ احساس گم ٿي ويو.
    ان سچ کي قبول ڪندي به هڪ معجزو سنڌ ضرور ڏٺو (ننڍي دائري ۾ ئي سهي) جو ان ادبي حاڪميت ۾ رهندي، ڪي نوجوان اهڙا به نڪري آيا جن سچ پچ ڪهاڻيءَ کي شخص جي آرپار آندو يا ڏٺو ۽ انهن نوجوانن ۾ هڪ اهڙو به هُئو، جنهن جي ٻاهرئين شخص نعرا به هنيا پر هُنَ جي اندر واري شخص جيڪي ڪهاڻيون سرجيون، انهن ۾ شخص جو نه رڳو احساس جيئن جو تيئن ساههُ کڻڻ لڳو پر ان ۾ شخص جي اُداسي ۽ پراسراريت به ائين گهڙي آئي جيئن هن جي پنهنجي شخصيت آهي. مان جيڪڏهن ائين چوڻ چاهيان ته هُنَ جون ڪهاڻيون پڙهي انهن جي ليکڪ جو خيالي خاڪو ائين جُڙي سگهندو ته هُنَ جا وار وڏا هوندا، ڪپڙا ترتيب سان هوندي به بي ترتيب هوندا، ميلي ۾ به اڪيلو هوندو ان سندس اڪيلائيءَ جي اندر ڪيترائي ميلا هوندا، هُو شخص هوندو يا شخص جو روح هوندو. ڪجهه اهڙو ۽ ڪجهه ان کان وڌيڪَ پنهنجي اڪيلائيءَ سان بي پناهه پيار ڪندڙ ۽ ان کان وڌيڪَ پنهنجي اڪيلائيءَ ۾ لکيل ڪهاڻين سان پيار ڪندڙ سنڌ ۾ اڪيلو نالو آهي، هُنَ کي مدد علي سنڌي چوندا آهن.
    ايئن آهي ته مدد جي ڪهاڻين جي آس پاس ننڍي کنڊ جو چڱو ئي ادب آهي، پر مدد جي ڪهاڻين جي آس پاس سنڌ جون ڪي به ڪهاڻيون شايد هُجن. جيتوڻيڪ نثر جي ٻين شاخن ۾ مدد هڪ قصا گو ليکڪ طور اڀري ايندو آهي، پر حيرت جي حد تائين سندس ڪهاڻين ۾ مٿين ڳالهه جي بنهه ابتڙ هڪ اداسي ۽ هڪ اهڙي پراسراريت اُڀري اچي ٿي، جيڪا اڃا سنڌي ڪهاڻيءَ کان گهڻو پري آهي ۽ ان جي ڪري ئي سندس ڪهاڻين سنڌي ڪهاڻين جي فهرست کان الڳ، پنهنجي هڪ ننڍي فهرست جوڙي بيهن ٿيون، جنهن فهرست ۾ سندس ڪو به همعصر ۽ همعمر نه آهي. سندس ويجھو شوڪت شورو، ممتاز مهر، مشتاق شورو، ماڻڪ ۽ نوجوانن ۾ ڪيهر شوڪت، اخلاق انصاري ۽ ڪجهه ٻيا به هوندا، پور هو ڪنهن جي ويجھو ناهي يا هُنَ جي ڪهاڻي ڪنهن جي ويجھو ڪانهي، فقط سندس شخصيت جي ويجھو آهي، اهڙو اعزاز مدد لاءِ سنڌي ادب ۾ مخصوص آهي.
    مدد جون ڪهاڻيون الڳ وقتن تي ڇپبيون رهيون آهن ۽ ڪي ڪهاڻيون ڪِتابي صورت ۾ به شايع ٿيون آهن، اهو ممڪن آهي ته عام ڀِيڙ اهي ڪهاڻيون گهٽ پڙهيون هجن، پر جيڪي به سنڌي ادب جا سنجيده لکندڙ ۽ پڙهندڙ آهن، مدد اُنهن وٽ هڪ اهم ليکڪ طور ڄاتل سڃاتل آهي. مدد جي ڪهاڻين جو اثر شوڪت شوري کان لعل پشپ ۽ گني سامتاڻيءَ تائين ساڳيو آهي. هُنَ جي ڪهاڻين کي سنڌيءَ جي اهم ڪهاڻين هجڻ جو اعزاز به حاصل آهي.
    تازو ئي سنڌي ادبي بورڊ پاران مدد علي سنڌيءَ جي سمورين لکڻين تي مشتمل ڪِتاب شايع ڪيو ويو آهي، جنهن کي سندس ڪُليات به چَئي سگهجي ٿو. جنهن جو نالو آهي ”دل اندر درياوَ“ هيءُ ڪِتاب گهڻي خوشي ڏيندڙ ان ڪري به آهي جو لڳ ڀڳ مدد علي سنڌيءَ جو لکيل سڀ ڪجهه هِنَ ڪِتابَ ۾ محفوظ ٿيل اهي. سندس ڪهاڻيون، ناوليٽ، مضمونَ سفرناما، تعزيت ناما ۽ محبت ناما، ڪجهه خط ڪجهه يادگيريون ۽ ڪجهه ترجما سڀ هن ڪِتابَ ۾ شامل آهن، ايئن مدد علي پيرائِتي پڙهڻ جو ۽ سندس بابت ڪا اعتماد واري راءِ جوڙڻ جو سبب هيءُ ڪتابُ آهي. ٻيءَ طرح سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ هُنَ جي پنهنجي جڳهه آهي، جيڪا بهرحال محفوظ رَهڻي آهي. مدد پنهنجي ٽهيءَ جي لڳ ڀڳ سڀني ادبي ۽ سياسي تحريڪن ۾ رهندڙ ۽ سياسي شعور رکندڙ دانشور ليکڪ آهي. اهو ان ڪري به جو هُو ننڍي کنڊ جي انهن سڀني ويچار ڪن ۽ دانشورن کي پڙهندو رهيو اهي، جن ۾ روح زندهه آهي. مهاوير کان مهاتما گانڌيءَ تائين ۽ ٻُڌ کان ملڪ راج آنند تائين، ٽئگور کان رجنيش تائين مدد جي مطالعي هيٺ رهيا آهن، جنهن ڪري مدد جو مزاج نج ننڍي کنڊ جو نرم، اُداس، اڪيلائي چاهيندڙ ۽ ڏک پسند آهي ۽ اُهو سڀ هُنَ جي تخليقي لکڻين ۾ آهي. ٻيءَ طرح هو هُو هڪ ويڙهاڪ اديب به آهي، جنهن سنڌ لاءِ الڳ موقعن تي هڪ ڊگهي ويڙهه وڙهي آهي. قرة العين حيدر ۽ اياز سان ادبي طور عشق ڪندڙ مدد سان خود ڪيترائي سندس پڙهندڙ ۽ دوست پيار ڪندا اهن. اها کيس خبر آهي. ماضيءَ ۾ جلسا منعقد ڪندڙ ۽ اڄ جلسن کان ڪوهين ڏور مدد، حيدرآباد تي هڪ ڊگهو تاريخي ناول لکڻ جي ڪم ۾ رڌل آهي، ۽ اسين سندس ان ناول جي اوسيئڙي ۾ آهيون. جيستائين سندس اهو ناول اچي تيستائين سندس ڇپيل هيءَ هڪ هزار پنجاهه صفحن تي پکڙيل ڪُليات ”دل اندر درياوَ“ سندس چاهيندڙ لاءِ هڪ اهم تحفو آهي. جنهن ۾ مدد سمورو موجود آهي.


    مدد علي سنڌي جي ڪهاڻي

    ”اجنبي بنجي جيئڻ کانپوءِ...“
    جي جديديتي لاڙن جو اڀياس


    مبارڪ علي لاشاري

    تعارف
    Introduction
    هر دور جي ادب جو پنهنجو مزاج ۽ پنهنجا معيارهوندا آهن، جيڪي ان دور جي تخليق ۽ تخليقڪار کي خام مواد مهيا ڪن ٿا ته جيئن پراڻين ۽ گذريل مدي خارج روايتن جي نسبت نواڻ ڏيئي پڙهندڙ طبقي ۽ سماج جو رخ تعين ڪن. ادبي روايتن ۽ لاڙن جي تاريخ جي ڊگهي قطار ۾ هڪڙي ڳالهه سمجهيل ۽ مڃيل آهي ته هر دور جو ليکڪ پنهنجي مخصوص دور کان لازمي متاثر ٿيندو آهي يا ٻي صورت ۾ اهو به چئي سگهجي ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن تخليقڪار پنهنجي دور کي متاثر ڪري نوان رستا ڏيندو آهي. اهڙي قسم جي ادبي روايتن جي سلسلي ۾ اسين دنيا جي ادب يعني بين الاقوامي ادب ۾ ڪافي دور ڏسي چڪا آهيون جن ۾ نئين جاڳرتا يعني رينائيسنس جو دور، پيورٽن دور، ڪلاسيڪيت دور، رومانويت پسندي جو دور، نئين روشن خيالي، حقيقت پسندي جو دور، جديديت پسندي ۽ جديديت پڄاڻان جا دور ٿلهي ليکي شامل ڪري سگهجن ٿا. پر هڪڙي تجزيي مطابق ادب ۽ ثقافت تي يورپ جا چار وڏا ثقافتي انقلاب نمايان آهن. انهن ۾ 1. نئين جاڳرتا يا سجاڳي جو دور، 2. يورپين ارڙهين صدي جي روشن خيالي، 3. رومانويت پسندي ۽ 4. جديديت پسندي. انهن سمورين پوين دورن جو نچوڙ، ميلاپ، رد عمل ۽ انقلابي دور جديديت پسندي آهي. جديدت پسندي پنهنجي بلڪل ويجهي ماضي جي حقيقت نگاري جو فوري ردعمل آهي. بارٿ مطابق، “جديديت پسندي حقيقت پسندي Realism جي قدامت پسند قدرن خلاف هڪ بغاوت آهي ” ڇوته حقيقت پسندي جي قدامتي خيالن هڪ طرف ته يورپي حاڪميت يعني بيٺڪي نظام کي سپورٽ پئي ڪيو ته ٻئي طرف وهم پرستي ۽ دقيانوسي خيالن کي سهارو پئي ڏنو. جنهن جي نتيجي ۾ هڪڙو فڪري اڀار آيو، جنهن جا باني بيشڪ چارلس ڊارون، ڪارل مارڪس، سگمنڊ فرائيڊ ۽ ڪجهه ٻيا هئا. انهن ليکڪن، سائنسدانن، نفسياتي ماهرن ۽ مبلغن پوين روايتن کي يڪسر رد ڪري سائنسي سوچ ۽ طريقه ڪار کي هٿي وٺرائي. لوئس پيريڪلس جي لفظن ۾ Modernism Modernism rejected the lingering certainty of Enlightenment thinking and also rejected the existence of a compassionate, all-powerful Creator God
    (جديديت پسندي روشن خيالي جي بيٺل (ڌپ ڪري ويل) يقين پرستي جي سوچ کي رد ڪيو ۽ جديديت پسندي هر شيءِ تي قادر، رحيمانه خدا جي تصور کي پڻ رد ڪيو.) اهو سڀ ان ڪري ٿيو جو جديديت پسندي دنيا ۾ تباهيون ڏسي چڪو هو. تنهنڪري جديدت پسندي پنهنجي مخصوص بغاوت ۽ احتجاج سان نڪري نروار ٿيو، جنهن ۾ ڪٿي مذهب خلاف بغاوت نظر ٿي آئي ته ڪٿي روايتي تصورن ۽ خيالن توڙي فلسفن کي رد ڪيو.
    انهن سمورن وڏين تبديلين ۽ بغاوتن جو اثر ظاهر آهي ته ادب ۽ ادبي سوچ و فڪر تي پڻ پيو ۽ ادب ۾ پڻ نوان تجربا ڪيا ويا ۽ وڪٽورين دور جي ادب کي پڻ رد ڪيو ۽ نوان فني فڪري گهاڙيٽا ۽ لوازمات اپنايا ويا. انهن ۾ خاص طور مک لاڙا مفڪرن هيئن بيان ڪيا آهن؛ A salient characteristic of modernism is self-consciousness. This self-consciousness often led to experiments with form and work that draws attention to the processes and materials used (and to the further tendency of abstraction) “جديديت پسندي جي اهم خاصيت خود_شعوري (پاڻ سڃاڻڻ/داخليت) آهي. هي خود_ شعوري اڪثر هيئت ۽ ڪم کي تجربي ڏانهن وٺي ٿي ويو جيڪو (ادب ۾ استعمال هيٺ آيل) خام مواد ۽ عمل ڏانهن توجه ڇڪرائي ٿو (۽ اهو وڌيڪ تجريديت ڏانهن لاڙو رکي ٿو) .
    ادب ۾ اهڙا ڪيئي تجربا ٿيا آهن جيڪي صرف شعور جي وهڪري سان لاڳاپيل نه آهن پر تحليل النفسي، وجوديت، اقتصاديت، سياسيات، بيٺڪيت وغيره سان پڻ لاڳاپيل آهن. ادب ۾ اهي شيون ڪافي جاندار طريقي سان آيون جيڪي 1910ع کان وٺي 1980ع تائين غالب رهيون. سنڌي ادب جي نقطه نظر کان ته اهي 2000 تائين به هليون ۽ اڄ به انهن موضوعن، خيالن ۽ فڪرن جو پرتوو محسوس ٿيندو آهي.
    سنڌي ادب بين الاقوامي لاڙن، نظرين، فڪرن مان سڀ کان وڌيڪ ٻن لاڙن ۽ فڪرن سان گهڻو هم آهنگ ٿيو آهي. ان مان هڪڙو ترقي پسند فڪري تحريڪ Progressive School of Thought ۽ ٻيو وجوديت Existentialism آهي. اهي ٻئي گهڻي ڀاڱي جديديت پسندي جي موضوعن تي آڌاريل آهن. تنهنڪري سنڌي ادب ۾ اهڙا لاڙا ۽ فڪري خيال عام ملن ٿا.
    ترقي پسند ادب جي نقطه نظر کان شيخ اياز، نارائڻ شيام، امر جليل، نسيم کرل، جمال ابڙو، اياز قادري، رسول بخش پليجو، سراج، نجم عباسي، تنوير عباسي ۽ ٻين تمام گهڻو ۽ سٺو لکيو. اهو پاڪستان جي آزادي کان ويندي 70ع تائين وارو ڏهاڪو هو جنهن ۾ ترقي پسند تحريڪ ۽ سوچ هيٺ ادب خاص ڪري ڪهاڻيون لکيون ويون. ممتاز مهر چواڻي، “ سال 1947ع کان 1967ع تائين سنڌي ڪهاڻي تي ”ترقي پسند تحريڪ” جو گهرو اثر پيل نظر اچي ٿو ”. اهو اثر ترقي پسند تحريڪ جي جنرل سوچ سان گڏوگڏ ترقي پسند بين الاقوامي ليکڪن جو اثر پڻ نمايان آهي. جڏهن ته وجوديت جي نقطه نظر کان شاعري کان وڌيڪ نثر يعني ڪهاڻي ۽ ناول ۾ گهڻو ڪم ٿيو آهي. جڏهن ته جديديت پسندي جوعروج وارو دور جنهن کي High Modernism چيو ويندو آهي سو1910ع کان 1930ع وارو زمانو آهي، پر الئه ڇو سنڌي ادب ۾ ان جو پرتوو جديديت جي پڄاڻي کان پوءِ محسوس ڪيو ويو. ممتاز مهر پنهنجي ساڳي ڪتاب جي صفحي نمبر 31 تي لکي ٿو ته “ سنڌي ادب ۾ جديدت (Modernism) وارو رجحان ته اڃا پنهنجي ابتدائي مرحلن ۾ آهي” اهو مظهر يا لقاءُ الئه ڇو ايترو پٺتي آهي جو سنڌي ادب ۾ 70 يا 80ع واري ڏهاڪي ۾ جديديت پنهنجي ابتدائي دور ۾ آهي جڏهن ته دنيا ۾ 80 واري ڏهاڪي کانپوءِ جديديت پڄاڻان Postmodernism وارو فڪر عروج تي هو پر اسان وٽ اڃا جديديت به ابتدا ۾ هو. ڪجهه نقاد ۽ مدبر ته ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ واري عرصي کان پوءِ واري ادب کي جديديت پڄاڻان جي ابتدا جو عرصو سمجهن ٿا. ان ۾ ذميوار اسان جو نقاد آهي يا تخليقڪار جو اسان جو ادب پنهنجي مخصوص دور کان تمام گهڻو پٺتي رهيو آهي؟ اهو بهرحال اهم بحث آهي.
    جديديت پسندي جي لاڙن ۾ جيڪي سنڌي ليکڪ پنهنجي حيثيت سان سڃاتا وڃن ٿا اهي تعداد ۾ ته ايترا گهڻا نه آهن جيڪي ڳڻي نه سگهجن پر معيار۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. انهن سموري ادب جي فڪري سفر جو ڪايا پلٽ Paradigm Shift ڪري نئون ادب پڙهندڙن کي ڏنو ۽ سنڌ هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي وئي. انهن ليکڪن مان سائين مدد علي سنڌي پنهنجو مٽ پاڻ آهن. مدد علي سنڌي پنهنجي ڪهاڻين ۾ جديديت پسندي جي تقريبن سمورن لاڙن کي چٽو ڪري پيش ڪندڙ سنڌي ٻولي جو اهم ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ آهي. سندس ڪهاڻين ۾ شعور جو وهڪرو Stream of Consciousness ، وجوديت Existentialism، داخلي خود ڪلامي Interior Monologue، بيگانگي/اجنبيت Alienation، ، بي معنويت جو تماشو theatre of Absurd، عقل مٿان جذبن جي حاڪميتDominance of passion upon reason ، اڪيلائپ پسندي Individualism، قنوطيت پسندي Pessimism، وغيره اهڙا موضوع آهن جيڪي سندس ڪهاڻين ۾ ڪوٽان ڪوٽ ڀريل آهن جن تي تحقيقي مقاله لکي سگهجن ٿا. پر مدد علي سنڌي جي ڪهاڻين ۾ صرف شعور جو وهڪرو نروار ڪيو ويو آهي ۽ ان تي ٿورو گهڻو ڳالهايو ويو آهي. ان ڏس ۾ شوڪت حسين شورو مدد علي سنڌي جي ڪهاڻين لاءِ لکي ٿو ته “ مدد جون ڪهاڻيون خاص طرح شعور جي وهڪري Stream of Consciousness، ۾ لکيل زمان و مڪان جي وهڪري کان مٿانهون هونديون آهن” ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سندس ڪهاڻين ۾ شعور جو وهڪرو نمايان آهي جيڪو جديديت پسندي جو مک ادبي لاڙو هو ۽ ان سان اسان کي سندس ڪهاڻين ۾ خود شعوري جو پتو ملي ٿو ته انسان ڪيئن پنهنجي داخلي ۽ خارجي مسئلن ڏانهن رجوع ڪري ٿو ۽ انهن کي اظهاري ٿو. ممتاز مهر مدد علي سنڌي جي ڪهاڻي “احساسن ۽ جذبن جو موت” بابت لکي ٿو ته “احساسن ۽ جذبن جو موت ” ۾ ليکڪ (مدد علي سنڌي) هڪ نوجوان جي خيالن ۽ ويچارن کي “شعور جي وهڪ” واري ٽيڪنيڪ ۾ جيئن جو تيئن ظاهر ڪندي، اڄ جي انسان جي داخلي، خارجي مسئلن کي پيش ڪيو آهي. مشيني دور جو انسان، جنهن جو “وجود” ئي سندس بنيادي مسئلو آهي....” انهي دور ۾ انسان پنهنجي وجود جي انتشار ۾ الجهيل هو جنهن وجوديت جي فلسفي يا لاڙي کي پڻ جنم ڏنو. تنهنڪري مدد علي سنڌي جي ڪهاڻين ۾ صرف شعور جو وهڪرو ئي نه پر ٻيا به ڪافي جديديت پسندي جا لاڙا ملن ٿا، جيڪي ان دور جي انسان سان گڏوگڏ خود ليکڪ جي ذاتي زندگي، خانداني زندگي ۽ سماجي زندگي جو عڪس پڻ آهن جنهن جو ذڪر شوڪت حسين شوري سندس سفرنامي “شهر صحرا ڀانيان” جي مهاڳ ۾ بيان ڪيو آهي.

    تجزيو
    Discussion

    مدد علي سنڌي جي ڪهاڻي “اجنبي بنجڻ کانپوءِ..” 1977ع ۾ ”ڌرتي” رسالي۾ ڇپيل ڪهاڻي آهي جيڪا هڪڙي نوجوان ۽ جديديت جو اهڃاڻ ڪردار جي منظر ڪشي سان ٽمٽار آهي. سندس چئني طرف ماحول اداس ڪندڙ ۽ سواليه نشان بڻيل مسئلا ۽ مونجهارا آهن جيڪي صرف سندس ذات تائين نه بلڪل فطرتي مظهرن ۾ پڻ کيس نظر اچن ٿا. وٽس لاءِ نه ته ڪا اميد آهي نه ڪا روشني، نه ڪو پيار آهي نڪي “رابيل” جيڪا سندس وڃايل پيار آهي. سمورا نظارا مڌهم ۽ قنوطيت جي سمنڊ ۾ غلطان آهن. وٽس ڪافي مونجهارا ۽ جديديت واري انسان جيان ڪيئي مسئلا آهن جن مان ڪجهه اهم نقطا هيٺ بحث لاءِ پيش ڪجن ٿا.
    شعور جو وهڪرو Stream of Consciousness ۽ داخلي خود ڪلامي Interior Monologue
    جيئن ته شعور وهڪرو ۽ خود روئي جديديت واري ادب جي بنيادي ٽيڪنيڪ مان اهم ٽيڪنيڪ آهي، جيڪو داخلي خود ڪلامي جي ذريعي اظهارجي وڃي ٿو ۽ انسان پنهنجي اردگرد ماحول کان بيخبر ٿي پنهنجي پاڻ سان گفتگو ۾ محو ٿي وڃي ٿو. انهي ٽيڪنيڪ سموري دنيا جي ادب کي متاثر ڪيو اتي مدد علي سنڌي جي هن ڪهاڻي ۾ پڻ اهي عنصر ڪافي ملن ٿا. جيئن...
    ......اُف! وري سوچڻ لڳو آهيان. مون کي سوچڻ نه کپي، نه سوچيندس. پر هرشيءِ بيزار ڪندڙ ۽ ٿڪائيندڙ ڇو ٿي پئي آهي؟ (ص 78)
    ...هڪ دوست کي چيم پئي، تون تمام گهڻو ٿو سوچين_ (ان مهل هوٽل ۾ ويٺي ويٺي مان الاءِ ڪيڏانهن گم ٿي ويو هوس) ۽ شايد سچ چيو هئائين. آخر هي مان هر وقت مايوسين ۾ سمنڊ ۾ ڇو پيپ غوطا کاوان؟....(ص 79)
    .......هر شيءِ مون سان دغا ٿي ڪري. پيار_ دوست سڀ دوکو ٿا ڪن. نه پر مان پنهنجو پاڻ کي دوکو ڏيندو آهيان. ڪنهن جو به ڪوئي دوش ڪونهي........(ص 80)
    ....پر هي سڀ ڳالهيون آءٌ هر وقت ڇو ويٺو سوچيان؟ سوچيندي سوچيندي به ته ڪيڏو نه عرصو ٿي ويو اٿم. مان ته ڪڏهوڪو انهن مان جند ڇڏائي چڪو آهيان. ان واهيات رومانٽزم کان مون کي سخت نفرت آهي.....(ص 89)
    مٿي ڏنل ڪجهه مثالن مان اسان مدد علي سنڌي جي ڪهاڻي ۾ پيش ڪيل شعور جي وهڪري يا داخلي خود ڪلامي کي پروڙي ٿا سگهون. جن مان اسان سندن بي ربط سوچ، خود جي نفي، ماحول مان بنهه ڪٽجي بيگانگي جو اظهار ۽ خارجي توڻي داخلي مسئلن جي ڄار جي اظهار کي سمجهي سگهون ٿا ته جديديت وارو انسان پنهنجي وجود جي جنگ ۾ ڪيترو ڦاٿل رهيو آهي ۽ ڪيئن هو انفراديت پسندي ۽ تنهائي و ويڳاڻپ جو شڪار رهيو آهي. مٿي ڏنل سمورن مثالن ۾ هميشه هو متضاد رهيو آهي ۽ پنهنجي اندر جي جنگ ۾ محو آهي. هر هڪ ٽڪري تي تفصيل سان بحث ٿي سگهي ٿو پر ٻين نقطن کي نروار ڪرڻ لاءِ اسين اهو سڀ پڙهندڙن لاءِ ڇڏيون ٿا.


    وجودي مسئلا ۽ بي معنويت جو تماشو
    Existentialism and Theatre of Absurd
    جديديت واري انسان جو وجود سندس لاءِ اهم مسئلو ۽ مونجهارو رهيو آهي. عقليت پسندي جي سائنسي ترقي جي نتيجي ۾ مهاڀاري جنگين انسان ذات جي وجود ۾ بي معنوي زندگي جو احساس ڀريو ۽ انسان پنهنجي پاڻ کي ويڳاڻو ۽ لاوارث سمجهڻ لڳو. اهو سمورو مظهر ادب تي پڻ حاوي رهيو ۽ جديد دور جي انسان جي تصوير ڪشي ادب تمام بهترين نموني سان ڪري ڏيکاريو. ان حوالي سان هي ڪهاڻي پڻ انهن عنصرن سان ڀريل آهي. ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا؛
    ....ايئن جيئن انسان تاريخ جي ڀيانڪ دورن ۾ لڙهندو غائب ٿيندو وڃي. (انسان تاريخ ۽ وقت جي هٿن ۾ انهيءَ ننڍڙي ٻار جي ٺاهيل واريءَ جي محل وانگر آهي، جنهن کي هو جڏهن چاهي _ هڪ ئي هٿ سان ڀوري سگهي ٿو.) هي پن _ ڇڻ ۾ ڦيراٽيون کائيندڙ پن به انسان وانگر مجبور ۽ بيوس آهن!.......(ص 78)
    ........ان کان اڳ جو اهي ڳالهيون ۽ چهرا چٽا ٿي اڀرن، هر شيءِ کان نفرت ۽ بيزاري ٿيڻ لڳندي آهي...........هڪ پاسي هڪ سوچ ٻي پاسي ٻي سوچ ۽ ننڊ گم. ڄڻ ڪنهن ٻنهي پاسن کان ڪنڊا ميڙي رکي ڇڏيا آهن.......(ص 81)
    ......اڀرندڙ ۽ لهندڙ سج ايئن هوندا. هي تيز هوائون هلنديون رهنديون. ڏينهن ۽ رات ٿيندا رهندا. آڪاس ۾ تارا ۽ چنڊ نڪرندا رهندا _ ۽ هي سج لهندو ۽ اڀرندو رهندو _ صرف نه هوندس ته مان! (مان کي به ڪائي اهميت ڪانهي)، منهنجو وجود نه هوندو......(ص 83)
    .....ها صرف هڪڙي رات _ ها، صرف هڪ رات هڪ مرد ۽ عورت پاڻ ۾ گڏ نه گذارين ها، ته مان پيدا نه ٿيان ها! هاڻي سڄي زندگي ڀٽڪندو رهندس الائي ڪيستائين؟......(آخر اسين جيئون ڇو ٿا؟) (ص 83)
    ......زندگي ۽ موت جي بي معنائي واري ڌنڌ ۾، دنيا جو ازلي ۽ ابدي انسان تنها بيٺو آهي _، ڄڻ ڪنهن جنگ جي ميدان ۾! پر مقابلو ڪنهن سان آهي؟ زندگي سان، ڏکن سان يا پنهنجو پاڻ سان؟ هو ڪو ماڻهو انهيءَ جنگ ۾ ڦاٿل آهي....(ص 90)
    مٿي ذڪر انساني وجود جي اهميت ۽ زندگي جي بي معنوي تماشي يا کيل جو اظهار انساني وجود کي سواليه نشان ڪري بيهاريو آهي. هتي انسان پنهنجي نفي جي چوٽي تي بيٺو آهي جتي انسان پنهنجو پاڻ ئي ناڪاريت جي نقطي تي محسوس ڪري ٿو ته باقي ماحول به کيس اهڙو لڳي ٿو. سائنسي ترقي جي تباهي ۽ گهُٽ ٻوسٽ واري ماحول انسان کي پنهنجي وجود جي تشخص توڻي اهميت کان بيزار ڪري ڇڏيو آهي ۽ انسان پنهنجي وجود توڻي ڄمڻ جي ڪارج کي بيڪار ۽ ديوانگي جي نگاهه سان ڏسي ۽ محسوس ڪري ٿو، جنهن جو نتيجو ظاهر آهي مايوسي جي صورت ۾ پڌرو ٿيڻو آهي.

    بيگانگي/ اجنبيت ۽ مايوسي/قنوطيت پسندي Alienation and Pessimism
    هر شي ءِ کان بيگانگي توڻي مايوسي پڻ جديديتي لاڙن ۾ اهم حيثيت والارين ٿا. هن ڪهاڻي ۾ پڻ انهن نقطن کي تمام بهتر ۽ واضع نموني بيان ڪيو ويو آهي. ڪهاڻي ۾ شام، رات جي اونداهه ۽ مايوس ڪندڙ خيالن جو اظهار حاوي آهي جيڪو جديديتي انسان جي مخصوص صورت آهي. ان جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا،
    ....پر اڃا تائين به ڪڏهن ڪڏهن منهنجي ڪنن ۾ سندس ساڳيو اداس آواز ايندو رهندو آهي. سندس آواز ۾ ڪيڏي نه اداسي، مايوسي ۽ نراسائي هوندي هئي!)...(ص 79)
    .....هن زندگي ۾ ڪيڏي نه اجنبيت، بيزاري.....مون کي هر شيءِ کان نفرت آهي. ...نفرت آهي هر انهيءَ وجود کان، جنهن جو مون کي هن دنيا ۾ آڻڻ ۾ حصو رهيو آهي....(ص 83)
    ....زندگي جي هنن اونداهين ۾ ڪو صبح ٿيڻو ڪونهي......صرف اونداهيون ۽ اڪيلايون آهن. ....(ص 84)
    ......پر اهو سڀ رومانسزم آهي _ ۽ هاڻي ان رومانسزم کان سخت نفرت اٿم....(ص 84)
    ...... جن جون طبيعتون پنهنجي ڪنٽرول ۾ نه آهن، تن لاءِ ڪهڙي راهه آهي؟ راهه صرف هڪڙي آهي. نه، ڪا راهه ڪانهي. اهي پنهنجو انت پاڻ آڻين ٿا _ جيئن مان پنهنجي پاڻ کي “ٽارچر” ڪري رهيو آهيان...(ص 85)
    .....مون جهڙا ڪيترا جن ايئن مون وانگر هن زندگي کي بدلائڻ جا سپنا لڌا هوندا، مٽيءَ ۾ ملي ويا....(ص 85)
    .....ڪيڏي نه وڻندڙ هئي اها شام! (عجيب ڳالهه آهي. منهنجي زندگيءَ ۾ يا شام آهي يا رات....) (ص 86).
    مٿي ڏنل ڪهاڻي جي ٽڪرن ۾ صاف محسوس ٿئي ٿو ته جديديتي انسان جي اجنبيت ۽ مايوسي ڪيئن مٿن حاوي هئي. جڏهن سمورا نظريا، آدرش، خواهشون ۽ وجود جي مقصديت ختم ٿي وئي ته انسان ڪيڏو ويڳاڻو، هيڪلو ۽ بيگانو ٿي پيو هو. هن ڪهاڻي جي ڪردار جي ذاتي زندگي توڻي آس پاس جي شين ۾ پڻ اها ئي ويڳاڻپ، اجنبيت ۽ مايوسي جو غلبو طاري آهي. انسان کي ڪٿي به پناهه نٿي ملي، ڇوته انسان جا مذهب کان ويندي اخلاق جا آدرش پڻ ٽٽي ڀورا ڀورا ٿي چڪا هئا.

    نفسياتي مونجهارا
    Psychological Complexities
    هن دور ۾ سگمنڊ فرائيڊ طرفان تحليل النفسي ذريعي ذهني ۽ نفسياتي علاج جو طريقو ٻڌايو ويو ۽ ڪيترن ئي داخلي مونجهارن کان آزادي جو نظريو ڏنو. ان کان اڳ انسان نفسياتي خواهشن توڻي مسئلن ۽ مونجهارن ۾ ڦاٿل هو جيڪي هو سماجي رڪاوٽن Social Taboos ۾ الجهايل هو ۽ سماجي و مذهبي بندشن سبب خوف ۾ هو ته جبلتي يا داخلي قوتن کي ڪيئن اظهاري؟ ان حوالي سان ڪهاڻي مان هڪڙو مثال هيٺ پيش ڪجي ٿو،
    .....۽ مون کي ان غشي واري حالت ۾ لڳندو آهي، ته ڪوئي زور زور سان منهنجو در کڙڪائي رهيو آهي. آخر هي انسان ڊڄي ڪنهن کان ٿو؟ ڪائي ته لاشعوري قوت آهي، جيڪا هن کي ڪٿي به سک جو ساهه کڻڻ نٿي ڏئي!_....(ص 82)
    مٿين مثال مان اسين ڄاڻي سگهون ٿا ته انسان پنهنجي داخلي لاشعوري قوتن ۾ ڪيترو دٻيل آهي. دراصل در جو کڙڪو انسان جي دٻيل قوتن جو اظهار آهي ته انسان پنهنجي داخلي ۽ جبلتي قوتن کي سماجي ٽبوز ۾ ڪيترو دٻايو آهي ۽ انسان پنهنجي جبلتي قوتن جي دٻاءُ هيٺ بيوس رهيو آهي. جتي هن کي ڪڏهن به جنسي خواهشن کي ماڻڻ يا اظهارڻ جو رستو نه ڏنو ويو آهي. تحليل النفسي انسان کي انهي بيماري جو علاج انساني جبلتي آزادي ۾ پيش ڪيو آهي پر اهو سمورو حل ۽ علاج اڃا تائين خواب آهي. خاص ڪري مشرقي معاشري ۾ ته اڃا اهو اظهار حرام جي دائري ۾ خوف واري تلوار جيان لٽڪيل آهي. جيستائين جديديت وارو انسان ان کان آزاد نه ٿيندو تيستائين انسان پنهنجي داخلي قوتن کي تخليقي قوتن ڏانهن نه موڙي سگهندو ۽ سماج پنهنجي فطري ترقي جي ڏاڪي تي نه رسي سگهندو. مغرب ته انهي رمز کي سمجهي ڪافي اڳتي وڌي ويو آهي پر اسان وٽ اڃا اها تلوار لٽڪيل آهي.
    ٿلهي ليکي مدد علي سنڌي جي ڪهاڻين ۾ جديديتي لاڙن جا تقريبن سمورا لوازمات پروڙي سگهجن ٿا جيڪي پنهنجي مخصوص دور ۽ سوچ جو اظهار آهن. نه صرف سندس هن ڪهاڻي پر سندس ٻين ڪهاڻين، ناوليٽ ۽ شاعري ۾ پڻ جديديتي لاڙن توڻي ٻين لاڙن جو تجزيو ڪري سگهجي ٿو. مدد علي سنڌي پنهنجي دور جو وڏو ڪهاڻيڪار ۽ تخليقڪار آهي جنهن پنهنجي لکڻين ۾ دور جي سمورن انساني ۽ سماجي مسئلن کي داخلي ۽ خارجي نوعيت سان اظهاريو ۽ پروڙيو آهي. سندس وڏي خوبي ڪهاڻي ۽ ڪردار ۾ محو ٿي وڃي دل ۽ ذهن توڻي نفسيات جو ڳالهيون اپٽارڻ سندس اهم خوبي آهي. هو انسان جي اندر ۾ ٽٻي هڻي وڏا خزانا کڻي اچي پڙهندڙن آڏو پيش ڪري ٿو. اهي مسئلا بيشڪ مغرب ۾ هاڻي ٻي صورت اختيار ڪري ويا هجن پر مشرقي ۽ ٽين دنيا جي سماجن ۾ اڃا موجود آهن. اڃا سندس لکڻيون گهڻي تحقيق ۽ تنقيد جون گهرجائو آهن. نه صرف فڪري حوالي سان جديديتي لاڙا سندس ڪهاڻي ۾ نمايان آهن پر ساختي ۽ فني حوالي سان پڻ ڪهاڻي ۾ ڪو هڪ رخ نه آهي، ڇوته جديديتي ڪهاڻي يا افسانو تجربي جي بنياد تي آڌاريل آهي جتي ڪو هڪ رخو پلاٽ، ڪهاڻي يا ٽيڪنيڪ جي جاءِ تي تجرباتي ۽ بي ربط اظهار جو سلسلو آهي. ان کان اڳ ڪهاڻي جي ابتدا، وچ ۽ آخر تي فوڪس ڪيو ويندو هو ۽ ڇرڪائيندڙ پڄاڻي تي توجهه ڏنو ويندو هو پر جديديت پسندي ليکڪن انهي ٽيڪنيڪ کي رد ڪري پنهنجو رستو اختيار ڪري ۽ ڪهاڻي کي انهن قيد و بندن کان آزاد ڪري انساني خود رو اظهار جو ذريعو بڻايو. جديديت جو هي پهلو پڻ گهڻو بحث طلب ۽ گهرجائو آهي، ڇوته مدد علي سنڌي جي ڪهاڻي پڻ ڪهاڻي جي پلاٽ، قصي ۽ بيان ۾ هڪ جديديتي ڪامياب تجربو آهي.


    يُونان جو نيڪ دِل ديوتا

    آدرش

    سِجُ پُراڻو نه ٿيندو آهي رڳو ڪئلئنڊر مَٽبو آهي ۽ زخمَ اَڃان اُئين ئي هوندا آهن. اُوڻيهه سَؤ اوڻياسي عيسويءَ جو ڪئلينڊر مٽجي وَيو ۽ اوڻيههَ سؤ اَسيءَ جو ڪئليندڙ دنيا جي ڪُنڊَ ڪڙڇَ ۾ ٽنجي وَيو پر دُکَ جو لباسُ اهو ئي ڪارو رَهيو.
    اُنَ سان منهنجي عمر وارن کي جوانيءَ بنا اطلاع جي ڳولي ورتو. جواني به ڪَچِي اَنبڙيءَ جهڙي جو هر ڪو ڀترَ هڻي. جواني ديوانيءَ ۾ هَر رُت مَستاني، جي َپش به جهڙُ لڳي. نه فِڪر ُ نهَ فردا. نهَ ڳڻِتي نه ڳارڻو. خُوابن جو البم ماڪَ ڀنلُ ۽ اِنڊلٺ جهڙن رنگن جي تصويرُن سان ڀَريل ته ڪُٽ جو دُنِر وَٽو کيرَ سان ڀَريلُ.
    لوڪ ڪهاڻيءَ جي ڪنهن سُهڻي شهزادي جهڙي شهرَ حيدرآباد جو دَڳُ اَڃان جھيڙَن جھٽن، گوڙَ شورَ ۽ نفرتُن ڪونهَ ڏٺو هو. ملڪَ جي بي تَرتيب نظامَ جهڙي ڊپريسڊ ڪندڙ ٽرئفڪ ڪونهَ هئي. سري گھاٽَ تي اَڃان شمع جي جوت هئي ۽ پَروانن کان به واٽَ نه وسرِي هئي. هُو زلفن کي اُڏاري نيڻن تي آڻيندي هئي ته جھڙُ ٿي ويندو هو. ڪِتاب گهرَ جُوتن جي دڪانن ۾ تبديل نه ٿيل هُيا. حليم بروهي صدر واري گهرَ جي ڏاڪي تي منڊلي مچائيندو هو ته مُراد علي مرزا به پنهنجي ڊگهي قَدَ سان روڊن تي پَسارَ ڪندو هو ته وري طارق اشرف به سهڻيءَ جي سينگارَ ۾ لڳو پيو هوندو هو. عرفان مهدي، رياض ميمڻ ۽ ذوالفقار هاليپوٽي جهڙن مورَن جي لوڏَ لکن جي هئي. علي بابا ريسٽورانٽ ۾ پستن ۾ چانهه ملندي هئي.
    آغا قيوم به غِلمانَ بغلَ ۾ ڪيون گهمائيندو هو. شاعِر ڏينهن جو اُڀَ ۾ چنڊُ ڏسندا هيا ۽ چڪورَ جهڙي چاهتَ رکندا هُيا.
    سئنيمائن تي رونقَ هئي. سئنيمائن جي ٻاهران وڏا فلمن جا بورڊَ لڳل هوندا هيا. بورڊَن تي روحَ کي راحت ڏيندڙ جسمَ ۽ ڪِتڪتايون پائيندڙ ائڪٽرياڻين جا وڏا. پيڪرَ پئنٽ ٿيلَ هوندا هُيا. هاڻي حَسين و جَميل چهرن بدران پئنافليڪس تي روحَ ۾ نُهنڊان پائيندڙَ، ڪرپٽ، عَيار ۽ مَڪار سياستدانن جا فوٽو آهن. هانءُ تِڏي ٺري جَڏِي انهن کي باههِ لڳي.
    ان وقت مون ۽ منهنجي دل گهرئي دوستَ اَياز اَبڙي حيدرآباد جو دَڳُ ڳولي لَڌو. اياز ۽ مان نوان نوان ادب جي طِلسم م داخل ٿيا هُياسون ۽ نوخيز شهزادا هُياسون. مدد علي سنڌي جهڙن بادشاهن جي ڳولا ۾ هُياسُون ته وري ماهتاب محبوب جهڙين مَلڪائُن جي به اُڻ تُڻ هئي، نيٺ سندن دَرٻارَ ۾ حاضُر ٿياسون، مُحبتن جا گُلَ ڏنائون ۽ اڄ تائين انهن جي خوشبوءِ دائِم قائِم دَستگير وانگرُ دائم قائم آهي.
    حيدرآباد وَڃي هَوائُن جي آڌارَ پنهنجي پُٽَ جهڙي دوستَ ۽ سيبتي شاعرآغا سعيد جو دروازو کڙڪايوسُون. هن ٻانهن جا هارَ پائي، اکين ۾ پيارَ جا ڏيئا ٻاري آڌر ڀاءُ ڪيو. هِنَ نه رُڳو گهر جي دروازي جا ٻئي تاڪَ کوليا پر دل جو دروازو به کويل ڇَڏيائين. اَڃان تائين اُتي ويٺل آهيون.
    آغا سعيد سُهڻو به اهڙو جو ليڊي ڊائنا جون سِڪون لاهي. بازارين ۽ گهٽين ۾ گُهمي ته ڇوڪريون کيس ڏسندي ئي پنهنجي هَٿَ تريُن تي ڏيئا ٻارِن ته پڪي عُمر جون مايون سڳوريون به هِنَ کي ڏسي مُساڳُ هَڻڻ لڳن ته نيڪ نمازيُن کان به ٻه ٽي ٽئمَ نمازَ وسري وَڃي. اَسان به هن تان ساههُ صَدقي ڪندا هُياسون. آغا سعيد ان مهلَ حيدرآباد ۾ پڙهندو هو ۽ سنڌ يونيورسٽي جي انٽرنيشنل هاسٽل ۾ رهندو هو. اَسان به اُتي ديرو ڄَمايوسون. جيڪي به ٻه ٽي ڏينهن رهياسون، سُکَ ۽ آرامَ سان رَهياسون. ڪَکُ ڀڃِي ٻيڻو ڪرڻُ نه ڏنائين. اُهي ڏينهن گُذريا بَرابر آهن پر وِسريا ناهِن.

     هِڪَ ڏهاڙي، اُڀَ ۾ هوا تي بائيبل جي اُڏامندڙ ورقن وانگر ڪڪرَ اُڏامي رَهيا هويا. سِجُ به آهستي ڪنهن اَپسراجي سمنڊَ جهڙن نيڻن ۾ لَهي رَهيو هو ته مان ۽ اياز ريشم گليءَ جي لاهيءَ تان لَهي ڪوهه نور سئنيما جي سامهون اَچي بيٺاسون. سئنيما اڳيان فِلمَ جو وڏو بورڊُ لڳل هو. ان تي فلمَ جي هيروئن مُسرت شاهين جي سَڊول جسم جو وڏو عالي شان پوسٽر ٺهيلُ هو. منهنجون اکيون هن جي بدن جي گولايُن ۾ وَروَ ڪڙن ۾ کُپي وَيون. مينهنَ ۾ پسيلَ لَٽن مَئون هُنَ جو انگُ اَنگُ ڪنهن ڀريلَ جامَ وانگرُ ڇلڪي رَهيو هو. منهنجي دماغَ تي هُنَ جو مَر مَرين بدن ائين ڇانئجي ويو جيئن ڪپڙن کي باهه لڳي وَڃي. اها رات هُنَ جي بدن ۾ وڃائجي وَئي هئي. مون رات جو مُسرت شاهين جي جسمَ تي ٺهيلَ ڪڻڪ جي داڻي جهڙي ۽ ڪٽيلَ صُوفَ جهڙن نقشن تي پنهنجي گهڙيل پينسل سان کاٻي هٿَ سان صَحي ڪَري ڇڏي هئي.

     اياز ٺوٺ هڻي مون کي ڄَڻُ ننڊَ جي جھوٽي مان جاڳائي ڇڏيو. ”ڪاڏي گُم ٿي وئين؟“
    ”ڪاڏي گُم ٿيندم يارَ!“
    ”مددَ علي سنڌيءَ سان ملندين؟“
    ”پنهنجي آئيڊيل ڪهاڻيڪارَ سان ڪيرُ نه ملندو؟ ڪاٿي مِلندو؟“
    هن پنهنجي هَٿَ سان اشارو ڪندي چيو. ”او! هُو! بگيُن جو اِسٽانُ آهي ني. اُتي ئي اسٽانَ جي ڀِڪَ ۾ ”سنڌ نيوز“ اخبارَ جو درفتر آهي، اُتي مِلندو.“
    ”پو هَلُ ني.“ مان اُتاولو ٿي وَيُم. ايازَ اِها خوش خَبري ٻُڌائي ڄَڻُ مُنهنجي هَٿن ۾ خوشِيءَ جو رَنگبرَنگي رومالُ ڏئي ڇَڏيو.
    مدد علي سنڌي مُنهنجو محبوب ليکڪ هو. مون هن جون ڪهاڻيون مختلف رسالن ۾ پڙهيون هيون. وڇوڙي جون اُداس ڪهاڻيون جن جو رنگُ ناسِي بادلَ جهڙو هو.
    اياز ۽ مان وکون کڻندا بگيُن جي اسٽانَ وٽان لنگهياسون جِتي اُنَ مهلَ رُڳو هِڪَ بَگي بيٺلَ هئي. بگيءَ مان سُفيد گهوڙو ٻڌو هو. گهوڙي مٿان هِڪُ ڪانُ اِئين ويٺلُ هو ڄَڻُ تخت طائوس تي ويٺلُ هُجي.
    بگيءَ جي پوئين سِيٽَ تي بگيءَ وارو سُتي هوائي جهازَ ۾ گُهمي رهيو هو. هن کي ڏسي مون کي دنيا جي ماسٽر ڪهاڻيڪار اَنتون چيخوف جي عالي شان ڪهاڻي ياد آئي. ان ڪهاڻيءَ ۾ ائين آهي ته بگِيءَ واري جو جوان جماڻ پٽ ٻه ٽي ڏينهن اَڳُ مَري ويندو آهي. بگيءَ تي جيڪا به سواري چڙهندي اَٿس، تنهن کي اها دردَ ڪهاڻي ٻڌائيندي پنهنجي دل جو بارُ هلڪو ڪرڻ چاهيندو آهي پر ڪو به سوار هن جي دُکَ جي داستانَ ڏي ڌيانُ ئي نه ڏيندو آهي. پِڇاڙيءَ ۾ رات جو جڏهن گهر ايندو آهي ته بگيءَ مان گهوڙو ڇوڙي، هن اڳيان گاههُ رَکي، کرڪڻو هڻندي گهوڙي کي ٻُڌائيندو آهي ته: ”منهنجو جوان ڳڀرُو پٽ ٽيون ڏينهُن.....“
    مان سواريءَ ۾ پنهنجي ٽَنگن کي اَوليت ڏيندو آهيان ۽ پوءِ وڻندڙ سواري بگيءَ گهوڙو اَٿم. مان گهوڙي تي سواري ته نه ٿو ڪري سگهان جو مان ڪنهن مغل دربار جو سِپهه سالار ناهيان پر بگيءَ مان ڪنهن شهنشاهه وانگرُ شانَ سان ويهندو آهيان.
    ليوٽالسٽائي گهوڙن جو شوقين هو. هن جي طَنبيلي ۾ اعليٰ نَسلُ جا انيڪُ ڀَلا گهوڙا هوندا هُيا. دنيا جي هِنَ عظيم ليکڪ پڻ هِڪَ عالي شان ڪهاڻي گهوڙن جي حوالي سان ”هڪ گهوڙي جي آتم ڪهاڻي“ جي نالي سان لکي هئي. جنهن ۾ هِڪَ طبلي ۾ هڪ خَصِي ٿيلُ گهوڙو پنهنجي دردَ ۾ ٻُڏلَ ڪهاڻي ٻڌائيندو آهي. ڪمالَ جي ڪهاڻي آهي.
    ليو ٽالسٽائي جو اسڪُولي وَهيءَ ۾ هِڪَ ڳوٺاڻي زائفان سان تعلقُ ٿيو. ان مان هن کي هِڪُ ٻارُ ٿيو. ٽموٿي نالي اُهو جوان ٿيو ته ليوٽالسٽائي جي پُٽ جي بگي هلائيندو هيو ۽ ليوٽالسٽائي ان کي نظر اَنداز ڪندو هو.
    سچ پچ ليوٽالسٽائي وڏو ۽ عظيمُ ليکڪ هو. هن جي عظمت جي حوالي سان ڪنهن ليکڪ ڏاڍي زبردست ڳالهه ڪئي هئي ته. جيڪڏهن قيامت واري ڏينهنُ ڌڻي سڳوري، انسان ذات کان حِساب ڪِتاب ڪيو ۽ پُڇيو ته: ”اوهان مُنهنجي نافرماني ڪئي ۽ هي هي گُناههَ ڪيا. اَوهان پنهنجي بچاءَ ۾ ڇا ٿا چَئو؟“ اِنسان ذات لاءِ پنهنجي بچاءَ ۾ رُڳو هڪڙو ئي جُملو کوڙَ اهي ته: ”اي الله! اَسان پاڻَ مان ليوٽالسٽائي پيدا ڪَيو.“

     اَياز ۽ مان اخبارَ جي دفتر آياسون. هڪ ڪمري ۾ لِيئو پاتو سون ته هڪ وڏِي ميز پويان، ڪُرسيءَ تي مدد علي سنڌي ويٺلُ هو. کيس ڏسندي مون کي لڳو ته ڪمرو هن جي ڪري ڀَريلُ آهي. اَسان ويجھو اچي کيس سَلامُ ڪَيو ته اُٿي بيهي ڏاڍو گَرم جوشِيءَ سان هَٿُ ملائي اَصُل آڱرُيُن مان ٺڪاءَ ڪڍِي ڇَڏيائين. هِنَ جو اُهو پيارَ ۽ پاٻوههَ وارو هَٿُ اَڄُ تائين مُنهنجي هَٿَ سان مليلُ آهي، نه هُنَ ڇڏايو آهي نه ئي وري مُون.
    مدد علي سنڌي بُتَ ۾سَٻرُ ۽ ڪنهن پادريءَ جي برق جُبي وانگرُ نَرم لڳو. سُهڻي مُهانڊي تي ٺهندڙَ ٺاهوڪِي سونهاريءَ ۾ مون کي تلاءَ ڪناري ويٺل اُهو شانت ساڌو لڳو جيڪو ڌيان گيانَ ۾ گُم، تلاءَ جي پاڻيءَ ۾ وڇڙي ويلَ داسِيءَ کي ڳوليندو هجي ۽ مينهَن ۾ ڌوپجي ويلَ ساوَن وڻَ جي پَنن تي، لُڙڪن سان وڇوڙي جا نظمَ ۽ ڪهاڻيون لِکندو هُجي.
    مدد علي سنڌي عينڪ پويان لِيئا پائِيندڙَ پنهنجي ذهين ۽ اُداس اَکيُن سان ڏسندي، جِهيڻي لهجي ۾ ڳالهائيندي مون کي يُونانَ جو نيڪ دل ديوتا لڳو.

     مُنڊي پاتلَ آڱُر سان يادُن جي اَلبمَ جو وَرقُ اُٿلايان ٿو. نوي جو ڏهاڪو هُجي مُنهنجو هنڌ بسترو ۽ مانِي ٽڪي ڪراچيءَ ۾ هُجي. مدد علي سنڌيءَ جي خبرَ پئي ته سُڌ سماءَ کاتي ۾ O.S.D ٿيو آهي، ڏاڍي خوشي ٿي. لَڙِي وَيومانس. هو ته قُربَ جو ڪوٽُ آهي. مان ويومانس ته آجيان ڪيائين. ٻَه لُڙڪَ آلا آجيان ۾ سندس اکين ۾ موتين وانگر پئي جَرڪيا، ڪريا ته مون پنهنجي هَٿَ تريءَ تي سنڀالي ورتا. اُهي موتي اڃان تائين بند مُٺِ ۾ آهن.

     مدد علي سنڌيءَ ڏانهن پوءِ ته مڙيو ئي پيو ڀيرو ڀَڃندو هُيم. ڇانوَ ڏيندڙ گهاٽي وَڻَ هيٺان ڪهڙو مُسافر ساههُ نه پَٽيندو ؟
    هِڪَ ڏينهن اُڀ جھڙالو ۽ مَنُ پورالو هُجي سو هن ڏانهن ويم. هِنَ جو دفتر هڪ بئرڪ ۾ هو. بئرڪس جي مُک دروازي تي نِڀاڳَ سان آفتاب اَبڙو مِلي وَيو. جهڙو گھَگھو آواز تهڙو اَديب. لکي به پاڻَ پڙهي به پاڻَ. ان وقت هو سُڌ سماءُ آفيسر هُو ۽ ”پيغام“ رسالي ۾ هو.
    آفتابُ هَٿُ مِلائي پُڇيو. ”سائين! ڪاڏي هَليا آهيو؟“ وراڻيومانس. مدد صاحب ڏانهُن پيو وَڃان.“ واتَ کي چٻوڪندي سُرٻاٽ ڪيائين. ”ويڪائو مالُ.“ مون سندس منهن ڏانهن تڪيو ته مون کي ڪارٽونسٽ فِيڪا جا ڪارٽونَ ياد آيا. مون کيس ڪا وراڻي نهَ ڏنِي ۽ ۽ صبرُ ايوبِي ڪيم. هلندي هلندي چوڻ لڳو. ”سنڌي اَديبن کي ڇا ٿي وَيو آهي؟ هاڻي ڏِسُ! جنهن ڏي وڃين ٿو سو وڏو انقلابي....“ مون هِنَ جي ڳالهه کي اڌ تي تلوارَ هڻي، ڏاڍو ٺهرمَ سان چيم. ”آفتاب صاحبَ! زندگي گذارڻ لاءِ حِيلا هَلائڻا پوندا آهن. پيٽُ به ته آهي نِي! هِنَ کي ڇَڏِ. ڄام ساقي ته وَڏو ليڊر هو نِي! اُهو ته ڪپڙن جي واشِنگ مَشين تي وَڃي مُئو.“
    هن کڻي چپ ڪَئي. پوءِ ته سنڌ فتح ڪيائين.
    مدد علي سنڌي اَڃان ڪراچيءَ ۾ ڪِرائي جي فلئٽ ۾ رَهي ٿو جيڪو آفتاب جي دِل وانگرُ سوڙهو آهي.
    اَسان جي ڳالهائيندي ڳالهائيندي مدد علي سنڌيءَ جو ڪَمرو اَچي وَيو ته آفتاب چوڻَ لڳو. ”يار! آيو آهيان ته مان به مددَ صاحبَ سان ملندو وَڃان. متان دِل ۾ نه ڪري.“ مان ان جي ان ڳالهه تي اندر ۾ وڏو ٽهڪ ڏنم ۽ مُرڪي چيومانس مان ۽ چيومانس. ”ڀَلي سائين! ڀَلي مِلوس. اکين تي.“
    اسان ٻئي کليل دروازي مان اندر گهڙياسون ته مدد صاحب اَسان کي ڏسي اُٿي بيٺو مان اڳيان هيم، ساڻس هَٿُ ملائي، سامهون واري ڪُرسيءَ تي وَڃي ويٺم. مون آفتاب کي ڏِٺو. مدد صاحب کي ڏسي ٽڙي پيو ۽ ايراني غاليچي وانگرُ وڇائجي ويو. مُنهَن تي زهريلي مُرڪَ آڻي، واڇان ٽيڙي، نِوڙي ڪري مدد علي سنڌيءَ سان ائين مِليو جيئن ڪو انگريزن جي حڪومتَ ۾ لکنؤَ جو نوابُ انگريز لارڊ صاحب سان ملندو هُجي. آفتاب ابڙي جو اِهو کيلُ ڏسندي مون کي آمريڪا جو مَڪارُ پرڏيهي وَزير هنرِي ڪِسنجر ياد آيو.

     اُترَ جي هيرَ ورقَ کي اُٿلائي ٿي. ٻَه هزار چار عيسويءَ ڪچڙي منجھند جو مان لکي در آيُم ته گهنٽا گهرَ وٽ، صحافي ۽ مدد علي سنڌيءَ جو مون وانگر گهڻگهرو فريد احمد فاروقي ملي وَيو.
    جنهن به آفتاب جهڙي زهريلي مُرڪ چپن تي آڻي انيڪ ملڪيت جي بادشاهن جو تختو اونڌو ڪيو هو.
    ”ارشاد صاحبَ! ڪاٿي آهيو، مان يَڪو تَوهان کي پيو ڳوليان.“
    ”ڇو ڀَلا خيرُ ته آهي؟“
    ها ها خير آ مدد صاحب اوهان کي ياد پيو ڪري. صُبحاڻي چيف منسٽر ڊي. سي آفيس اَچي پيو سو مدد صاحب فون تي اوهان لاءِ زور ڀَريو ته ارشاد کي ڪيئن به ڪري وٺي اچجانءِ سو مون ان ڪري انفرميشن آفيسر کان اَوهان لاءِ پاس به ٺهرائي رکي ڇڏي آهي.“
    ”حاضر سائين! مددَ صاحبَ جو حڪم اکين تي.“
    ”مهرباني سائين.“
    ڊاڪٽر غلام رَحيم ارباب وڏو وزير هو ۽ مدد علي سنڌي هن سان پريس ايڊوائيزر طورَ ڪم ڪري رهيو هو. مان ٻئي ڏينهن ڊي سي آفيس ويم. مدد علي سنڌي ڀاڪر پائي مليو. بيٺي پير احوال ڪيو سي جو سندس مَٿي تي ذميوارين جي پيٽي رکيل هئي سو مَٿو به نه پئي کنهي سگهيو ۽ تمام گهڻو رڌلُ هو سو مون چيو مانس ”سائين! اَوهان جو ديدار ٿيو. لکُ کٽيمُ سو مان هلان ٿو“. کلي چيو مانس ”ارباب صاحب جي تقريرَ کان وڌيڪَ سُٺي تقريرَ سانڊي جو تيلُ وڪڻڻَ وارو ڪندو آهي.“
    ”چڱو ٺيڪ آهي. توهان ڀلي هَلو. ڪراچيءَ اَچو ته ضرور مِلجو. مان هاڻي سُٺي ڪرسِيءَ تي آهيان. ڪو ڪم ڪار هجي ته بِنا هٻڪَ جي چئو.“
    ”ڪم ڪار ڪو خاص ڪونهي. بس! قرب ڪري پروموشن ڏيارايو.“
    مدد علي سنڌيءَ دلجاءِ ۽ پڪَ ڏني ۽ چيائين ”اوهان صُبحاڻي ئي ٽپال رستي ڪاغذَ ڏياري موڪليو. الله ڀلي ڪندو.“ مدد علي سنڌيءَ اَٺارهين گريڊ ۾ پروموشن جا اَٺارهَن خوابَ منهنجي هٿَ تريءَ تي رکي ڇڏيا ته مان Fantacy Land ۾ هَليو وَيُم.
    چوڻي آهي ته ڀاڳُ مهربانُ ته جڳ مهربان. پنهنجو ڀاڳُ وري اهڙو جو مَنُ پريشان پنهنجو ڀاڳُ اهڙو جو قسمت جو ستارو ئي مون سان گڏ رُلندو رهيو آهي.
    هِڪَ حڪايت آهي ته ٻارهين ربيع الاول واري رات جو پاڻي کيرُ ٿي ويندو آهي. هڪ نيڪ مرد اُنَ رات کيرُ پيئڻ ڪارڻ نفلَ پڙهڻ شروع ڪيا. نفلَ به پڙهندو رَهيو ته ٻاجهه مَئون رب کي به ٻاڏائيندو رهيو. همراههَ کي سجدي ۾ جھوٽو اچي وَيو ته ان ويرمَ ئي پاڻي کير ٿي وَيو. ان مهلَ ڪي چورَ هِڪَ درياءَ وٽئون پئي لنگهيا ته درياءَ جو پاڻي کير ٿي ويل جو ڏٺائون ته پيتائون سو انهن ڀاڳ وندن کي کيرُ نصيب ٿيو. مان به سوچان ٿو مُصلو ڪليءَ ۾ ٽنگي چور ٿيان ته مَنَ کيرُ نصيبُ ٿئي.
    مدد علي سنڌي ڏانهن مون اَصُل ٻوري ڪاغذن جي موڪلي. ڪراچيءَ وَڃڻُ ٿيو ته ساڻس ڪچهريون ٿيون. موڪلائيندي اُميدن جي هڙَ ٻڌِي ڏيندو هو. وقتُ ۽ نديءَ جو پاڻي بيهندا ناهن. ٻئي هلندا رَهيا. غلام رحيم ارباب به لهي ويو، ته مدد علي سنڌي لهي ويو ته منهنجو سِجُ به لهي ويو. نهَ خَطُ آيو نه تون آئين.
    ڏوهه نه مدد علي سنڌي جو آهي نه ئي ڏوهه مُنهنجو آهي. مُنهنجي کيسي ۾ ئي قسمت جو کوٽو سِڪو آهي جيڪو بازار ۾ هلي ئي نه ٿو.
    مدد علي سنڌيءَ ڏانهن خَطُ لکيو هُيم. ته ”سائين! ڪا ڳالهه ئي ناهي. قصور ڪنهن جو به ناهي پر رڳو پنهنجو حالُ ان شعرَ وانگر آهي ته“ تَلوارن جي جنگ هجي ها ته ڪَڏهوڪو وڙهان ها. هيءَ نصيبن جي جنگ آهي، ان ڪري حيرانُ پريشانُ بيٺو آهيان.“

     سَتر واري ڏَهاڪي ۾ نَظرياتي سِياستَ هوندي هئي. اجتماعي سوچَ هئي. هَر هِڪُ پنهنجي عوامَ جي خوشحالي، سُکن ۽ خوشين لاءِ سوچيندو هو. ڪارڪن جي سُڃاڻپَ پارٽي هوندي هئي، شخصيتَ نه هوندي هئي. پڙهاڪو هوندا هيا. اِسٽڊي سَرڪلس هونديون هيون. جھرَ جھنگَ ۾ وڃي ستلَ ماڻهن کي شعور ڏئي جاڳائيندا هيا. پارٽين ۾ ضابطا، منشورَ ۽ آئين هوندا هيا، جن جي پوئواري ڪئي ويندي هئي. هاڻي اٺ اٺَ ڌڙا آهن ۽ پِلاٽن تي قبضا آهن. هاڻي ته هَديرو ئي گُل آهي.
    اِنقلابين جي حڪومتَ ويري هوندي هئي. ڪيسَ ڪندي هُئي. سي. آئي. ڊي جو ٽڪي جو سپاهي به ڊي. آئي جو ڏيکُ ڏيندو هو. سياسي ڪارڪنن کي ايجنسيون ڳولينديون وَتنديون هيون. هاڻي سيسي ڪارڪنن پاڻ ٿا ايجنسين کي ڳوليندا وَتن.
    مدد علي سنڌي ان وقت وڏو دبنگ ۽ بَرجستو انقلابي هو. جيئي سنڌ تحريڪَ جي بانين مان هو. قوم پرستيءَ تي ٻڌل هڪ رسالو ”اڳتي قدم“ ڪَڍندو هو جنهن ۾ هنَ جا لکيلَ ايڊيٽورلَ ۽ مضمونَ حڪومت لاءِ باههِ جا شُعلا هُيا.
    مدد علي سنڌي روسي ليکڪَ مئڪسِم گورڪي جي ناول ”ماءُ“ جو هيرو پاويل هو ۽ پاويلَ وانگر ئي مدد علي سنڌيءَ عقوبتون ۽ ڪَشالا ڪڍيا. هن جي والده ماجده وري سچ پچ ته ناول ”ماءُ“ واري ئي ماءُ پيلا گيا نيلو فنائي هئي. مدد علي سنڌيءَ جو گهرُ تحريڪ هو. هن جو گهر سياسي ڪارڪنن، اَديبن ۽ شاعرن لاءِ امڙ جي ڪَڇَ وانگر هو جِتي محبت، اَمن، سڪون ڇانوَ ۽ پناههَ هوندا آهن.
    مدد علي سنڌيءَ جي امڙ گهر آيلن جي پنهنجي ٻَچڙن وانگرُ سارَ سنڀالَ لهندي هئي. هوءَ ماني پچائي پنهنجي پٽن واريُن مانين سان گڏ، مهمانن جي ماني رکندي هئي ته ڪر منڊلَ ۽ لوٽي ۾ سندن لاءِ کيرُ مِٺو ڪري رکندي هئي.
    ڀٽي پنهنجي اقتدار ۾ اَچي سنڌ سان ويلَ ڪيا. اهڙا ويل فوجي جَنرلن به ڪونهَ ڪيا. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي اَسان اکيون پٽي ڏسنداسون ته هن جهڙي سنڌ دشمن پارٽي ٻئي ڪا به نظر نه ايندي. سنڌي رسالا بند، سنڌي اَديبَ شاعرَ ڪاٺَ ۾. قومپرست اڳواڻن جا قتلَ، گاڏين ۾ جيئرو ساڙي مارڻ ڪنهن ڪيا آهن؟ پاڪستان پيپلز پارٽي. چوڻي آهي ته سنڌڙي توکي قنڌارَ کان جوکو پر هاڻي اها سِٽَ ٿيندي سنڌي توکي پي. پي. پي کان جوکو.
    ڀٽي رسالو ”اڳتي قدم“ تي پابندي هنئي. ڪيئي ڪونڌرَ جيلَ ۾ وڌائين. مدد علي سنڌڙي لِڪي ساههُ بَچايو. هِنَ جي ڪُراڙي پيءَ کي قيدُ ڪيائين. جيئي ڀُٽو سدا جيئي. زهرُ سنڌي قومَ پيئي.

     مدد علي سنڌيءَ جون لکڻيون هِنَ جي اندرَ جي ڪربلا آهن.

     هڪ گهمري مون مدد علي سنڌيءَ کي چيو. .سائين! اوهان ڏاڍي ڀَرپور زندگي گذاري آهي. سياست ۾ رَهيا آهيو. ادبَ ۾ پاڻُ ملهايو اَٿوَ. صحافتَ ۾ خدمتون اَٿوَ. حڪومت جي شاطِر ايوانن ۾ رهيا آهيو. لکڻ جو عالي شان ڏانءُ به اَٿوَ. اوهان آٽو بايوگرافي ڇو نه ٿا لکو؟“
    هن عينڪ لاهي، شيشا صاف ڪندي، ڇت ڏانهن نِهاريندي، عينڪ پائي، مون ڏي ڏسي، ڀنڀوريءَ جي پَرَ جيترو مختصر جواب ڏنائين. ”لِکبي.“
    جڏهن مون هندوستان جي سٺي ليکڪا قرة العين حيدر جو ناول ”آخِر شَب ڪي هَم سفر“ پڙهيو ته ان ناول جو ئي نائڪ ريحان الدين احمد، مَدد علي سنڌي لڳو. قرة العين حيدر اهو ناول نه ڄَڻُ مدد علي سنڌيءَ جي بايوگرافي لکي آهي.
     ”تو ڪڏهن هن کي ڏٺو آهي؟“
    ”ڪنهن کي؟“
    ”ڏکَ کي. ڏکَ کي ته مون به نه ڏٺو آهي. پَرَ جڏهن تُنهنجي سؤٽِ هِتي ايندي آهي ته هُوءَ هِتي اَچي) اڪيلي ويهندي اهي. خَبرَ ناهي ڇا سوچيندي رَهندي آهي. تڏهن مون کي لڳندو آهي ته شآيد اِهو ڏُکُ آهي.“
    (نِرمل وَرما جي هندي ناولَ مان وَرتل ٽُڪرو.)
    ۽ جڏهن مان مدد علي سنڌيءَ جي سامهون، ويٺو هن کي ڏسندو آهيان ته مُون کي لڳندو آهي ته شايد اُهو ڏُکُ آهي.


    ڪا روشني ته ٻاريو

    ڊاڪٽر مخمور بُخاري

    احساسن جي زبان کي لفظن جي صورت جي ضرورت نه هوندي آهي، اها پنهنجي صورت پاڻ ئي جوڙيندي آهي.
    - شاعري احساسن جي صورت آهي
    - شاعري جذبن جي صورتگري آهي
    - شاعري ذهن ۾ جنم وٺندڙ خيالن جي خوبصورتي ٿي سگهي ٿي
    ته ان سان گڏ شاعري گهڻو ڪجهه هجڻ جو پنهنجي اندر ۾ ساهس ساري ٿي شاعري ۾ اها سگهه هجڻ به گهرجي جو تخليق روح کي گهاڻي ۾ پيڙهڻ بعد ئي ڪا صورت اختيار ڪندي آهي.
    تخليق باهه جو سمنڊ ترڻ ئي ته آهي. ٻيو ڇا آهي.
    ***
    چوندا آهن شاعري سونهن ۽ عشق مان ڦُٽي ٿي. خيال ڀلو آهي. سچ ٿا مرد چون. حساسيت، حسنائيت ڏانهن ۽ حسنائيت، حساسيت ڏانهن وٺي وڃي ٿي. پنڌ جو انت اچي ئي نٿو. انت تخليقڪار جو انت آهي. ۽ ڀٽائي کان وٺي اسين سڀ ’ڳوليان ڳوليان مَ لهان.‘ واري حالت ۾ رهڻ چاهيون ٿا. سمنڊ ڪناري به پياسا ۽ تاسارا رهڻ چاهيون ٿا. ڇاڪاڻ ته تاس لٿي ڄڻ قلم تي ڍؤ جي ڪٽ چڙهي ويندي ۽ تخليقڪار جو انت.
    ماڻهو ڪهڙي به وهي ۾ هجي پر سندس ذهن کي سوچيندو رهڻ گهرجي. وهي عشق ۽ تخليق جي ڪرب کان نه ٽهندي آهي. ’سچو عشق نه ٻڍا ٿيوي ۽‘ سو مدد به مون کي هر وهي ۾ هڪ سوچيندڙ، لوچيندڙ ئي لڳو آهي. هن جي تخليق جو انت شل ڪڏهن نه اچي.
    رونے سے اور عشق میں بے باک ہوگئے
    دہوئے گئے ہم اتنے کہ بس پاک ہوگئے
    (غالب)
    سو وقت جي چڪ تي ڦرندي ڦرندي مٽي پنوڙي جي ڪا صورت اختيار ڪري وٺڻ وانگر تخليقڪار به اندر جي آويءَ ۾ پاڻ مراد ئي پچي رچي ريٽو ٿيو پوي.
    مدد علي سنڌي، جي اڄ سڃاڻپ ڪهاڻيڪار، شاعر، سفرناما نگار، مضمون نگار ۽ ڪالم نگار واري ته آهي پر سندس دوستن وٽ سندس سڃاڻپ ’دوست‘ واري آهي. ماڻهو سڀ ڪجهه هجي پر وٽس ماڻهپو نه هجي ته هو ڪنهن ڪم جو نه ٿو رهي پر ساڳي ريت ماڻهو وٽ ڪجهه به نه هجي ۽ فقط ئي فقط وٽس ’ماڻهپو‘ هجي ته هو گهڻو مان لهي ٿو. مدد وٽ گهڻو ڪجهه آهي ته گڏوگڏ وٽس اهو ماڻ ماپو به آهي جنهن تحت هو مان ڏئي مان لهي ٿو. سو سندس تخليق ۾ جهاتي پائيندي اوچتو سندس شخصيت به ذڪر هيٺ اچي وئي، ڇونه اچي ڪنهن به تخليقڪار جي شخصيت ۽ ان جي تخليقي عمل کي ٻن جدا جدا دريائن جيان ته نه ٿو جاچي سگهجي.
    سنڌي زبان ۾ پهريون مڪمل نثري نظم جو ڳٽڪو ’پنرملن‘ مدد علي سنڌي جي اندر جي طوفان جو آئينو ڀائيندو آهيان ۽ اهوئي طوفان ’دل اندر درياو‘ (مڪمل نثري ڪليات) تائين مون کي گهٽجندي نٿو محسوس ٿئي. پنرملن ۾ چئي ٿو:

    طوفان لڳو
    ۽ ڪري پيا
    ڪن وڻن مان ساوا ۽ سڪل پن
    مون ڏٺو:
    انهن سڪل ۽ ساون پنن ۾،
    شامل هو:
    منهنجي اندر جي ڪنهن سڪل ٽاريءَ جو
    ڪوئي پيلو پن.
    (ص17)

    دور دور تائين
    راهه ڪائي
    روشن نه هئي. (ص82)
    ۽ پنرملن جو صفحو ورائيندي هنن سٽن تي نظر پوڻ سان بدن مان سيسراٽ نڪري ٿا وڃن. ڪيترو سچ درد، پيڙا، آنڌمانڌ، تڙپ، لوڇ پوڇ جو اظهار ڪيڏن نه سادن لفظن ۾:

    هي بهار جي مند آهي
    ۽ هن مند ۾ اڪيلائي ڏاڍو کائيندي آهي. (ص63)
    ’جئه ديو‘ جي گيت جو ترجمو مدد ڪري هن پنهنجي ۽ الائي ڪيترن جي اندر جي عڪاسي ڪئي آهي. هن خيال کي مان رات جي سانت ڀريل لمحن ۾ بار بار ورجايان ويٺو. اندر ۾ ڪجهه ڀرندي ڀائيان ٿو ۽ اکين ۾ آلاڻ جو احساس جاڳي پوي ٿو.

    هي بهار جي مند آهي
    ۽ هن مند ۾ اڪيلائپ ڏاڍو کائيندي آهي.
    ...
    ۽ ان ڪتاب ۾ ڪنهن هنڌ مدد جو هي نثري نظم خبر ناهي ڪنهن جي ڪيفيتن جي ترجماني ڪري رهيو آهي.
    زندگي ڪيڏي
    نه اداس
    آ تنهنجي وڇوڙي
    کانپوءِ.

    وقت مرهم بڻجي وڃي ٿو. ڪجهه وقت لاءِ ڪجهه سواري ويهجي ٿو پر اهوئي وقت ڪڏهن ڪڏهن واپس ساڳي جاءِ تي آڻي بيهاريندو آهي. زندگي جا اهي حادثا به ڏاڍا عجيب ٿين ٿا. نهوڙي به وڃن ٿا ته ڪڏهن جياري به وڃن ٿا.

    تنهنجي
    ۽
    منهنجي
    ملاقات
    آ،
    ڪنهن
    ڀيانڪ
    وڇوڙي
    جي
    شروعات.

    سو بس شروعات ئي حادثو آ پوءِ جيون جا لمحا لمحا ڇونه حادثن ۾ سفر ڪن.
    پنرملن جيڪو 1982ع ۾ ڇپيو ان کي مون 1996ع ۾ پڙهيو ان جو هڪ نظم منهنجي لاءِ اڄ به وڏي ڪشش رکي ٿو. ’بهاري لال‘ جو اهو نظم مدد پنهنجي لفظن ۾ هن طرح ٿو اظهاري:


    چنچل عورت جا نيڻ
    سنهڙي گهونگهٽ جي وچ مان
    ائين چمڪي رهيا آهن
    ڄڻ گنگا جي شفاف
    پاڻي مان
    ٻه مڇيون
    ٻاهر نڪرڻ لاءِ
    ڦٽڪي رهيون آهن.

    مدد علي سنڌي جي هر سِٽ مان هڪ نئون جهان جاڳندي نظر ايندو. ان جي ان جهان ۾ ڪيترائي رنگ، ڪيتريون ئي خوشبون، ڪيترائي احساس، جذبا، خيال جرڪندي ۽ چمڪندي پيا ڀائنبا. ۽ انهن جي سونهن سوڀيا وتي روز بروز وڌندي. واقعا ۽ حادثا هر ماڻهو جي زندگي ۾ رونما ٿين ٿا. تخليقڪار انهن کي آرٽ جي ڌاڳي ۾ پوئي لفظن جا موتي ٿو بڻائي وجهي ۽ اهو ڪمال اسان جو سائين مدد علي خوب ڪري ڄاڻي. ۽ هن جي حصي ۾ ان جي بدلي پڙهندڙن ۽ دوستن جون محبتون پلئه پيون آهن. هن جي ڪتاب ’پنرملن‘ مان اداسي جو پيلو رنگ گهڻو ڇلڪندي نظر اچي ٿو پر هو هردم هڪ پراميد تخليقڪار جيان رهيو آهي. نراسائي زندگي جي ساٿياڻي ضرور رهندي آهي. پر نراشا جي پنڌ تي آشا جا ديپ ٻارڻ هڪ باهمٿ ۽ قوم لاءِ سجاڳ شاعر جي اوليت آهي. اهڙي اوليت اسان کي مدد وٽ نظر اچي ٿي، هو پُراميد آهي نااميد ناهي ڪلهه به ۽ اڄ به.

    رات جي ڪاراڻ
    تيزي سان ڇائنجندي پئي وڃي
    دوستو-دشمنو
    ڪا روشني ته ٻاريو
    هي اُماس جي رات
    هن اداسي جي شهر کي
    اونداهو ڪري ڇڏيندي
    پوءِ ڪوئي ڪنهن کي
    ڳولي نه سگهندو
    هٿ هٿ کي ڏسي نه سگهندو
    دوستو ۽ دشمنو
    رات جي ڪاراڻ ۾
    ڪا اميد جي شمع ته ٻاريو.

    اهو فڪر/خيال اسان جي سونهن ڀري سنڌ جي خمير ۾ سمايل آهي. اسان جي صوفين به انسانيت جي ڳالهه ڪئي آهي. انسان شناسي جي ڳالهه ڪئي آهي. امن، سک، سرهاڻ، سونهن ۽ سچ جي ڳالهه ڪئي آهي. اها ئي ڳالهه مدد پنهنجي مٿين نظم ۾ ڪئي آهي. اڄ کان ٽيٽيهه سال اڳ لکيل اهو نظم ان لاءِ به زنده آهي جو اسان لاءِ حالتون اڳ کان به ڳنڀير آهن. آدم آدم جو ماس پٽڻ لاءِ هر وقت دليل ڏيندي نظر اچي ٿو. ماڻهپو موڪلائي ويو. رشتن جو تقدس ورلي ڪو قائم رهيو. پيٽ جي دوزخ سڀ ڪجهه ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو. رڳو گُهٽ، ٻوساٽ، گهگهه اونداهه، هٿ، هٿ کي ڏسي سو ڪٿي ٿو ڀاءُ، ڀاءُ کي ڏسي، دوستي مفادن جي ور چڙهي وئي. انسان پنهنجي ڌپ ۽ بدبودار دنيا جوڙي ورتي. سو ڪٿ ٿو پاڻ کي فطرت سان جوڙي ۽ ڪٿي ٿو پنهنجي اندر ۾ سونهن، سرهاڻ، سڳنڌ ڀريل دنيا ٿو ڳولي. پر، ڪوي جي قلم تي اها ڪٽ نه چڙهڻ گهرجي. هر طرف جڏهن انڌ، انڌڪار جو راڄ هجي ته ڪوي جو قلم علم بڻجي ويندو آهي. سو نااميدي جي پد تي اميد جو سج روشن ٿي پوندو آهي ۽ اسان جي مدد علي سنڌي جو قلم هر دور ۾ ڪٽ کان بچيل رهيو آهي. تنهن ڪري هو آس، اميد، سچ ۽ سونهن جو قلم کڻي اڄ به اڳيان ئي اڳيان مرڪندي نظر ٿو اچي.


    سگهارو ڪهاڻيڪار...

    مختيار ملڪ
    ورهاڱي کانپوءِ واري سنڌي ڪهاڻيءَ کي جڏهن ڪَٽ پئي لڳي تڏهن نئين ڪهاڻي نئين روپ ۾ نسري آئي. ڪيترن راءِ بهادر ڪهاڻيڪارن جي قلم جي مَسُ کُٽي وئي يا موضوع- پر ڪهاڻي کي ڪنهن جو انتظار ڪرڻو نه هو. ڪنهن ڏاهي چواڻي، ’ڪهاڻي/نثر پنڌ ڪندو آهي‘، سو ڪهاڻي پنهنجو پنڌ جاري رکيو. ستر ۽ اَسي جي ڏهاڪن ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ اردو بدران انگريزيءَ جي اثر هيٺ ڪهاڻيءَ جو نئون جهان جوڙيو. ان سمي ڪهاڻيءَ ۾ مدد علي سنڌيءَ جو نئون نالو نروار ٿيو. مدد علي سنڌي جي ڪهاڻي غيرروايتي (Unconventional) هئي. هن پنهنجي ڪهاڻي لکڻ جو اسلوب پاڻ دريافت ڪيو. ڪهاڻي جو روايتي Technique جي اڏاوت جي چئني عنصرن کان الڳ ٿي نئون تاڃي پيٽو جوڙيو، جيڪا جديد ڪهاڻي ڏانهن شروعاتي وک چئي سگهجي ٿي. انگريزي ڪهاڻي ۾ ورجينا وولف، جيمز جوائس ٽيڪنڪ ۾ انقلاب آندو ۽ پنهنجن پنهنجن افسانن کي پلاٽ، ڪردار ۽ واقعن کان آجو ڪري لکيو. ايئن مدد علي سنڌي جي هرڪا ڪهاڻي هڪ فني تجربو آهي. هو پلاٽ ۽ ڪردارن سان جڙيل آهي پر هو اظهار ۾ گهڻو بيانيه (Narrative) آهي، جيئن ايڊگر ايلن پو کان هينري جيمس تائين انگريزي ڪهاڻي جو انداز بيانيه آهي.
    مدد علي سنڌي جي ڪهاڻيءَ ۾ ترتيب (Setting) مختلف آهي. هر ڪهاڻي جي هڪ خاص اڻت آهي، اها هيئت سندس پنهنجي گهڙت آهي. ميلان ڪنڊيرا جي لفظن موجب،
    ”هيئت/تحرير جو اڏاوتي خاڪو (Architectural Blueprint) هڪ جنون وانگر لکڻ واري جي اندر ۾ موجود هوندو آهي. اُهو اندر جو جنون ڪڏهن Monolog وانگر بيان ٿئي ٿو، جنهن ۾ Intrapersonal اندروني ڪيفيتن، احساسن جي دنيا جو بيان آهي. ’پيلا گل سرنهن جا‘ مدد جي اها بيانيه ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ سندس داخلي ڪيفيتن جو رنگ سمايل آهي. منهنجي جيون ۾ سدائين خوشيون ڪن گهڙين لاءِ اينديون آهن. ۽ اهي گهڙيون ايتريون ته مختصر هونديون آهن جو جيسين مان انهن تي ڪجهه سوچيان، اهي خوشيون مونکي اڪيلو ڇڏي وينديون آهن.“ اڪيلاين جو احساس سندس وجود کي کرکنا ڪري ڇڏي ٿو:
    ”مان خالي خالي انسان آهيان، جنهن وٽ سواءِ دکن ۽ سوچن جي ٻيو ڪجهه به ناهي.“
    ۽ ايئن ساڳيءَ ريت ڪجهه اهڙا ئي احساس هن جي ڪهاڻيءَ ۾ اندروني دنيا مان اُٿلي اچن ٿا:
    ”الائي ڇو مون کي لڳي ٿو ته مان وقت کان اڳ پوڙهو ٿي ويس. جواني ڄڻ منهنجي ويجھوئي ڪانه آئي“
    يا ”مان تُنهنجي زندگي ۾ شام جي انهيءَ تاري جيان آهيان، جيڪو ڪجھه مدت لاءِ چمڪندو آهي ۽ پوءِ رات جي اونداهي ۾ گم ٿي ويندو آهي.“
    مدد علي سنڌي وڇوڙن، حادثن، المين، وارتائن، ڏکن، پيڙائن، ڳوڙهن، ناقدرين، مايوسين، ناڪامين، محرومين، مصيبتن، ڪلپنائن، اڌورن ارمانن، اڻپورن سپنن، وڃايل محبتن، خوف ۾ ورتل سوچن، رٺل ساڀيائن جو ترجمان آهي.
    مدد علي سنڌي زندگي جي پنڌ ۾ ٿڪيل آهي. هن جي ٽٽل وجود کي احساس ۽ جذبا جوڙي ويٺا آهن. انهن کي اظهارڻ لاءِ ڪنهن مقرر ڪيل گھڙت جي پابندي قبول ناهي. هو شعور جي وهڪري Stream of consciousness هيٺ پنهنجي باطن تي Super Natural نموني بيان ڪري ٿو.
    مدد علي جي ڪهاڻيءَ جا ڪردار پنهنجي مڪالمن ۾ ڪنهن فڪر ۽ فلسفي جي اپٽار هجن ٿا. هن جي ڪهاڻي، ’کنڊر‘ ۾ ڪردار موت ۽ زندگي جي فلسفي کي ظاهر ڪري ٿو،
    ”موت زندگي جي حقيقت آهي ۽ خاموشي زندگيءَ جو انت آهي. هر شروعات جي پڇاڙي ٿيندي آهي. هر شروعات جو انت به پڇاڙي آهي.“
    مدد جا ڪردار زندگي جي فلسفي سان مڪالمو ڪن ٿا ۽ ان ۾ فرانز ڪافڪا Franz Kafka جي سندس ملينا ڏانهن لکيل خط جا ٽڪرا Extracts به اوتي ٿو.
    هر تخليقڪار پنهنجي پنهنجي انداز ۾ ڪا نه ڪا سوکڙي ڏيندو آهي. مدد علي سنڌي جي هر ڪهاڻيءَ جون سٽون، سوکڙيون آهن. هو پنهنجي ذات جي اظهار سان اهڙو ماحول ۽ مزاج تخليق ڪري ٿو، جنهن سان پڙهندڙ جي دلچسپي وڌندي رهي ٿي. اهو هڪ فن آهي. جنهن کي ڪهاڻي جي هڪ نقاد جيمس برڪلي جي لفظن ۾ پرکي سگهجي ٿو:
    Another technique, sometime employed by the writer is to bring the details of setting into such sharp focus, to make the atmosphere and mod of story so prominent, that you as the reader or impressed as much by the place of the story as you by the event or the characters.
    جيمس برڪلي موجب، مدد سنڌي پنهنجي انوکي ڏانءَ ۽ مهارت سان پنهنجي تخليقن ۾ نه رڳو چٽاپٽا عڪس پيش ڪري ٿو. پر هن جي ڪهاڻيءَ جي بيان ۾ سمورو وايومنڊل، واقعا ۽ ڪردار اهڙي فطري طرح سان آڏو اچن ٿا. جنهن کان قاري متاثر ٿئي ٿو.
    هن جي ڪردارن وٽ تسلسل آهي، جن جا مڪالمه سندس فڪر ۽ فلسفي جي پالوٽ آهن. هي مڪالمه جهڙوڪر مدد علي سنڌي جا Quotes هجن، رڳو هڪ ڪهاڻي ”ڪرانتيڪار“ ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي سٽون ملن ٿيون:
    - ”وقت جو سفر انسان کان وڌيڪ تيزيءَ سان سفر ٿو ڪري“.
    - ”وقت سدائين پنهنجي دور جي جهونجهار کي شڪست ضرور ڏني آهي“.
    - ”خوشنصيب انسان اهي هوندا آهن، جيڪي سدائين سونهن ڀريا سپنا ڏسندا آهن“.
    - ”هي ڌرتيءَ جا ڦيرا ڏاڍا عجيب ۽ ظالم ٿيندا آهن، انسان صدين کان لڏپلاڻ جو ڊگهو سفر ڪري رهيا آهن“.
    - ”اسين سڀ وقت جي ڦيرن ۾ قيد آهيون“.
    - ”اسان سڀني کي ڪا نه ڪا اهڙي ڳالهه ڪرڻ کپي، جنهن سان ڌرتيءَ تي وسندڙ انسانن جا ڪجهه دک گهٽ ٿي سگهن“.
    - ”مان پنهنجي سوچيندڙ ذهن کان پريشان آهيان“.
    - زندگي ۽ وقت هر انسان سان پل پل کان پوءِ ڪا نه ڪا ويساهه گهاتي ضرور ڪندو آهي“.
    مدد علي سنڌي جي هر ڪهاڻيءَ ۾ انٽيلڪچيول پرسوئنس Intellectual Pursuance آهي. هن وٽ سهڻن لفظن جا قافلا سٽون بڻجي سفر ڪن ٿا، جيڪي چرندڙ ڦرندڙ منظرMoving Images آهن.
    مدد علي سنڌي پختو ڪهاڻيڪار آهي، سندس ڪهاڻي اهو هار آهي، جنهن ۾ زندگي جا رنگارنگ گل سجايل/پويل آهن.
    مدد جا مڪالمه وجود جي ڪيفيتن کي جهنجهوڙيو ڇڏين، مڪالمه زندگيءَ ۾ اٿل پٿل آڻيو وجهن.
    جيئن ڪجهه هي مڪالما:
    ”اي خدايا، مان به ڪهڪشان جي بند شيشي جي شوڪيس ۾ رکيل ڪائي شيءَ هجان هان، نه سوچڻ جي سگهه، نه روئڻ جي شڪتي، چمڪندڙ شيشيءَ جي شوڪيس ۾ ٻرندڙ بتين جي روشني، چمڪندڙ هٿ... روشني... ۽ ... ۽...
    هن جي دل ۾ مٺي درد جي لهر جاڳي پئي،
    ڪلفٽن جي هن وشال بستيءَ ۾ مان ڪيڏو نه اڪيلو آهيان.
    هاءِ حياتي... حياتي آ ڪنهن املتاس جو وڻ.
    ڪوئي ان سيما کي نه ڪوئي پار ڪري سگهيو آهي، نه ڪوئي ڇلانگ هڻي پار ڪري سگهندو.
    جيون آ سمرتين جو ڍير، ڪير ڳوليندو هن سمرتين مان پنهنجي ياد.
    منهنجي جيون جي هر رستي جي پڄاڻي هن شهر جي عميق سمنڊ ۾ وڃي پوي.“
    مدد وٽ جيون جا ڪيئي رستا آهن ۽ انهن جو انت ڪا کاهي، نه پر هڪ وشالتا آهي. هن وٽ جيون وسعتن ۾ ڦهلجي ٿو. ان جو ڪو ڇيهه ڪونهي.
    مدد جي ڪهاڻي ڪراچي جي زندگيءَ کي معنيٰ ڏئي ٿي، ڌرتيءَ ڌڪاڻن کي ڌرتيءَ سان رشتو جوڙڻ جي سوچ ڏئي ٿي، ته ڏسو ته ڪيڏي نه ڪمال سان هو ڪراچيءَ جي زندگيءَ ڊفينس ۾ رهندڙ بنگالي ڇوڪريءَ متعلق ٻاهريان آيلن کي پيغام ذميواري سونپي ٿو:
    ”مون کي تنهنجي هن ڌرتيءَ سان بي انتها محبت آهي، هڪ اهڙي محبت جا مونکي گيان جي آلي مٽيءَ سان ۽ بنگال جي سنهري کيتن سان هئي ۽ اها ساڳي محبت مونکي هتان به آئي آهي“.
    مدد علي سيبتو ڪلاڪار آهي، جنهن وٽ لکڻ جو تمام سهڻو سليقو آهي، هو نئين جُڳ جو سگهارو ڪهاڻيڪار آهي.


    تصور، زندگي ۽ موت

    عبدالوحيد جتوئي
    مدد علي سنڌي:
    مدد علي سنڌي به سنڌ جي وجودي ڪهاڻيڪارن مان هڪ آهي. هن جا وجودي ڪِتابَ ” دل اندر دريا“ ۽ نثري نظمن جو مجموعو ”پنر ملن“ سنڌ جي وجودي ادب تي گهڻي وقت تائين ڇانيل رهندا. مدد علي سنڌي تي به البير ڪاميو ۽ سارتر جو گهرو اثر رهيو. هن پنهنجي لکڻي جي شروعات ماهوار ”سهڻي“ کان ڪئي ۽ اها تڏهن ممڪن رهي، جڏهن 1980ع ۾ سنڌي سياست کي خيرآباد چيائين. مدد علي سنڌي جي مجموعي ڪهاڻين ۾ تجرباتي انا (Practical Egoism) آهي.
    هن جي ڪهاڻي ”ائبسٽريڪٽ جيون جا ڪجهه ائبسٽريڪٽ“ انهيءَ عنصر ۾ لکيل آهن، جيڪو هن جي ذاتي زندگيءَ، جيڪا هن جي نظر ۾ هڪ سراب آهي، جي تجرباتي عنصرن کي ظاهر ڪري ٿو.

    تصور، زندگي ۽ موت:
    هن جي خيال ۾ موت، انسان جو پاڇو آهي، جيڪو هن کي ڪڏهن به ڪونه ڇڏيندو. توڻي جو ماڻهو پنهنجو موت، چنڊي يا نه چونڊي، تڏهن به ڪو نه ڇڏيندس. جهڙيءَ طرح هڪ دکي انسان هِتي ٿو گذاي، تهڙيءَ طرح موت کان پوءِ به، مدد علي سنڌيءَ وٽ هي عنصر شآيد شيڪسپيئر وارو هو. جنهن هيمليٽ (Hamlet) ۾ چيو ته: ”جيڪڏهن اها پڪ هجي ها ته موت کانپوءِ سڪون آهي ته دنيا جا ڏکيا انسان آپگهات ڪري، هن ڏکي دنيا مان، جان نه ڇڏائي وڃن ها!“ اهڙي طرح هو ”ائبسٽريڪٽ جيون جا ڪجهه ائبسٽريڪٽ“ ۾ پنهنجي غمگين ۽ لاچار ڪردارن کي به خودڪشيءَ کان بچائي وڃي ٿو، پر ان کي مسلسل ڀوڳنائن ۾ رهائي ٿو، اهو ان ڪري جو، هو منافقت اختيار نٿو ڪري. هو زندگيءَ کي درياءَ جو وهڪرو سمجھي ٿو. ان وهڪري ۾ انسان لڙهندو رهي ٿو ۽ ان لوڙهه ۾، وقت جو وڏو هٿ رهي ٿو ۽ هن جي خيال ۾ وقت هر دم تبديل ۽ تغير پذير رهي ٿو ۽ ان مسلسل Change سان انسان سندرو ٻڌي وڙهي ٿو، ۽ آخر ۾ ان عصري قوت جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ وقت وري ٻڙيءَ کان شروع ٿي، پنهنجي نئين سر تعمير ڪري ٿو.


    مدد علي سنڌي ۽ پُنر مِلن جو هُڳاءُ!

    بخشل باغي
    روح جي ڀٽڪنا ۽ وجود جي وياڪلتا هر تخليقڪار جي سرشت ۾ سمائجي،تخليق جي تَپسيا جي جوهر مان بار بار پنهنجي مُڪملتا ۽ اَڻ پُورائيءَ جي پُورڻتا لاءِ جنم پئي وٺندي آهي.۽ جنمن جي جُستجو،جلندڙ جِيءُ جي جاڳ کي نون زاوين جي جوالا بخشي تخليقڪار جي تڙپ کي بي اَنت صحرا جيان ڦهلائي ڇڏيندي آهي ته روح ريت جي سُرمئي سمنڊ ۾ تبديل ٿي ويندو آهي.۽ انتظاريءَ جون اُداس اکيون،لهرن جون سوين صورتون وٺي وٺي پيون دل جي ساحل کي ڀِڄائينديون آهي.۽ سموري پُر سوز فضا ۽ هوا ۾“پُنر مِلن” جو هُڳاءُ تحليل ٿي ڪري سڄي سرشٽيءَ کي نمڪين ڪري ڇڏيندو آهي.تڏهن اُن نمڪيات مان هڪ اُداس پر پُر اُميد ليکڪ بادلن جيان نروار ٿي پوندو آهي ته هڪ ئي تخليقڪار مان ڪهاڻيڪار ۽ شاعر،مدد علي“سانگيءَ” کان مدد علي سنڌي تائين پنهنجي هڪ خاص سُڃاڻپ سان ادب جي منچ تي نمودار ٿي پوندو آهي.مهراڻ 1969ع جي شاعر نمبر ۾ناشاد لکي ٿو ته،“ مددعلي ولد الله بخش قُريشي،12،آڪٽوبر1951ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو.اصل ڳوٺ سيوهڻ اٿس.هن وقت سچل آرٽس ڪاليج ۾ انٽر پڙهي رهيو آهي.1963ع کان هڪ حسين حادثي جو شڪار ٿيڻ بعد طبيعت ۾ عجيب ڪيفيت رونما ٿيس.ردِعمل طور سندس ذهن شاعريءَ طرف موڙ کاڌو.ڪافي ڪلام لکيو اٿس.سندس شعرن ۾سوز و گُداز۽ زنده دلي موجود آهي.1968ع کان “سانگي”تخلص اختيار ڪيل اٿس.راڳ ۽ موسيقيءَ سان بيحد دلچسپي سبب باقاعده سکيا وٺي رهيو آهي.ڪوهياري،آسا ۽ راڻو سندس پسنديده سُر آهن.ڪلاسيڪي راڳ “مالڪوس”سان سندس روح جا رابطا قائم ٿيل آهن.ٻُڌڻ شرط مَٿس مَحويت جي ڪيفيت طاري ٿيندي آهي.صوفين وانگر صاف دل ۽ فقير تن جوان آهي.زنده دلي ۽ وفا شعاري زندگيءَ جا آدرش بنايا اٿس.”اهڙي بُنيادي پس منظر کان پوءِ چئي سگھجي ٿو ته مدد علي سنڌي ڪهاڻي توڙي شاعريءَ ۾ تخليقي تازگيءَ جو احساس ڏياريندڙ هڪ اهڙو ته سگھارو رچناڪارآهي جنهن جومُطالعو ۽ مُشاهدو هميشه وهندڙ درياھ جي وهڪري وانگر سندس تخليقن جي آرسيءَ ۾چِٽو نظر اچي ٿو.مدد علي سنڌيءَ جي نثري شاعريءَ جو هي خوبصورت ڪتاب“پُنر مِلن”اڄ کان لڳ ڀڳ چوٽيهه يا پنجٽيهه سال اڳ جوڇپيل آهي.پراسان اڄ به جڏهن اُن کي پڙهون ٿا ته اُها شاعري ڄڻ ته اڄ جي دور ۾ ويهي لکيل ڀاسي ٿي.اهڙي تخليقي تازگيءَ جو احساس ٻُڌائي ٿو ته مدد علي سنڌي پنهنجي جوهر ۾ پَچي ڪُندن ٿيل شاعر آهي.“پُنر مِلن”۾ ڏنل شاعري کي وڇوڙي جي ورلاپن ۽ اڪيلائن جي احساس جنميوآهي.اُنهن رچنائن تي حُسين جو غم،محرم جي ڏهين جي ڪاري رات جهڙو ڇانيل آهي.اُن ڪري ڏُک جي علامت بڻيل شامِ غريبان جھڙي هي نثراڻي نوحن نُما شاعري،هر هڪ دل جي دوار تي ماتمي دستڪ ڀاسي ٿي.

    ”۽ شامِ غريبان،
    جي هِن پل ۾،
    جڏهن آڪاس،
    اَڌ اُونداهو،
    ۽ دليون روشن آهن.
    حُسين جي غم جيان،
    تنهنجي وڇوڙي،
    جو غم به،
    اَڌ اُونداهي،
    آڪاس۾،
    گُم ٿيندو وڃي،
    شامِ غريبان،
    جي هِن پل ۾!“
    هي درد جي غمناڪ ڪيفيت جڏهن روح ۾ ڪَرڪڻ لڳي ٿي ته دل ڀٽڪي ويل ڪونج جيان وڇوڙي جي رِڻ ۾ ڪنهن جي سُرهي سنگ کي سارڻ ۽ ٻارڻ لڳي ٿي. ته شاعريءَ جي ديوي مدد علي سنڌيءَ جي اندر ۾ ڪَر موڙي جاڳي پوي ٿي.۽ “پُنر ملن”جا خواب اوجاڳيل اکين ۾ اُڻجڻ لڳن ٿا.سنڌي غزل جي اهم شاعرذوالفقار راشديءَ “پُنر مِلن” ۾ مدد علي سنڌيءَ جي تعارف ۾ لکيو آهي ته“مان،مدد جي روح جي اُونهي کوھ ۾لهي نهاريو آهي ۽ منهنجي(Study)مُطابق هُو رُڳو هڪ ٻاجھاري ڪرانتيڪار ۽ دلگير ڪويءَ جو ڀٽڪندڙ روح آهي،جيڪوجلوتن ۾ گجندو۽ خلوتن ۾ڍُنڍڪارون ڀَري روئندو هوندو.”۽ اُهي لُڙڪن ۽ سُڏڪن جا پڙاڏا اِجهو اهڙن لفظن ۾تحليل ٿي وڃن ٿا.

    ”اهوئي سوچي،
    مان چُپ آهيان،
    ته زندگي،
    پاڻ کي،
    هر جنم ۾،
    ۽ هر دور ۾،
    ڪيڏو نه دير سان،
    ملائيندي آهي،
    ۽ ڪيڏو نه جلد،
    جُدا ڪندي آهي.“

    هي زندگيءَ سان نماڻائپ ڀري شڪوه ۽شڪايت نثراڻي نظم جي مُختصر ڪيئنواس تي ڪيڏي نه ڀِچي ۽ ٺهڪي بيٺي آهي.جو پڙهڻ سان اُها ساڳي درد ڀري ڪيفيت دل ۾ اُڀري اچي ٿي.اِن احساس ۽ درد ڀري “شُروعات” سان ته،
    ”تنهنجي،
    ۽،
    منهنجي،
    مُلاقات،
    آ،
    ڪنهن،
    ڀيانڪ،
    وڇوڙي،
    جي،
    شروعات!“

    ائين مدد علي سنڌي پنهنجي بظاهر ننڍڙين ننڍرين ڪيفيتن ۽ احساسن کي به پنهنجي تخليقي زاويي مان گُذاري خيال جي هڪ دل آويز تصوير جوڙي ڇڏي ٿو.بلڪل “چنڊ”جيان

    ”مٿي آڪاس ۾ چمڪي پيو،
    سرءُ جي مُند جو زرد چنڊ،
    ۽ منهنجي اندر ٻَري پيو،
    يادگيرين جو اُداس چنڊ!“

    مدد علي سنڌي “پُنر ملن”۾ جيڪا احساساتي ڦوٽو گرافي ڪئي آهي اُها پنهنجي منظر توڙي پس منظر ۾اصليت جي رنگن سان بي ساخته اُڀري آيل لڳي ٿي.۽ اُنهن ۾ ڪٿي به “سهل پسندي” ۽ “فيشن پرستيءَ” جو گُمان نه ٿو ٿئي. ڪتاب “پُنر مِلن” جي مهاڳ“ڪڏهن نه کُٽندڙ سفرجو آغاز”۾ سنڌ جو ناميارو شاعر امداد حُسينيءَ لکي ٿو ته“ورهاڱي کان پوءِ اِن قسم جي رچنائن کي هڪ صنف جي طور تي ٻيهر رواج ۾ آڻڻ جو سهرو اياز جي سِر سُونهي ٿو.اِن صنف جو وڪاس(Evolution)، نئين ڪهاڻيءَ وانگر وري به هند ۾ئي ٿيو آهي.اُن ڏس ۾ هريش واسواڻي ۽ شيام جئسنگهاڻيءَ گھرا ۽ ڳنڀير تجربا ڪيا آهن ۽ اُهي ڪتابي روپ ۾ پڻ اچي چُڪا آهن ۽ هتي سنڌ ۾ مدد جو “پُنر ملن”اِن صنف تي پهريون مُڪمل ڪتاب آهي.”
    مددعلي سنڌي جي “پُنر مِلن”۾مٿي ڏنل رچنائن کان علاوه ويساھ گھاتي،سُڪل وڻ،پيلو پن،سانجھيون،اُڌمو،اڪيلائي،چُپ، رات، ڏينهن ۽شام،شام جا پاڇا،اڪيلائي ۽شام،اجنبي ڇوڪري جي نالي،مس“الف”جي نالي،اڻپورو سپنو،منزل،رچنائون روح کي ڇُهي وڃن ٿيون.۽ اِهو شدت سان محسوس ٿيڻ لڳي ٿو ته شاعري ڪنهن به صنف ۽ پابندي جي محتاج ناهي.اگر اوهان جي اندر ۾ هڪ فطري شاعر موجود آهي ته اُهو پنهنجي اظهار جا نوان نوان رستا پاڻ ئي ڳولي لهي ٿو.بلڪل ائين جيئن مدد علي سنڌي جي روح جو ڪهاڻيڪار هڪ شاعر جو ۽هڪ شاعر هڪ ڪهاڻيڪار جو روپ ماڻي وٺي ٿو.۽“پُنرمِلن”جي روپ ۾ساڀيان ماڻي ٿو يا اِن اُميد ۽ آس تي “پُنر مِلن”جو مُنتظر آهي.“شام جا پاڇا”اهڙين احساسن جي تصوير ڪشي جو حسين اُهڃاڻ آهي.

    ”اسين جيڪي وڇوڙي،
    ۽ پُنر ملن جي ڦيري ۾،
    ڏينهن ۽ رات جي گھيري ۾،
    ڦِرندا رهون ٿا،
    پل اَپل لاءِ،
    بيهڻ چاهيون ٿا،
    ٽِمڪندڙ ٽيڙن ۽،
    چمڪندڙ تارن هيٺان،
    هٿ ۾ هٿ ڏئي،
    هلڻ چاهيون ٿا،
    رات جي سانت ۾،
    صبح جي روشني ۾،
    ۽ شام جي پاڇن ۾،
    ڪڏهن به نه جُدا ٿيڻ لاءِ.“

    اُميد جي اهڙي سگھاري سوچ ۽ سگھ عشق ۽ محبت جي دين آهي.جيڪا روح جي تند،روح سان جوڙي ڇڏي ٿي ته پيار ڪرڻ وارا وڇوڙي جي بيابانن ۾ به همت ۽ حوصلن سان فاصلن جا ڪشالا ڪٽي پُنر ملن جي منزل وڃي ماڻيندا آهن.مدد علي سنڌي شاعراڻين ڪيفيتن کي اُڻڻ جوهڪ پڪو ۽ پُختو تخليقڪار آهي.ڇاڪاڻ ته هو جيڪو به ڪُجھ چوڻ چاهي ٿواُهووڏي مهارت سان پيش ڪري وڃي ٿو.مُختصر لفظن ۾ هو پنهنجي روح جي پيڙا سمائي ڇڏي ٿو.ايئن شاعر مدد علي سنڌي ۾ هڪ زبردست ڪهاڻيڪار جو جنم به هڪ اهميت جو مالڪ آهي.جنهن جي ڪهاڻي ۾ شناخت جو بحران، نفسيات، جماليات وارو ماحول ۽ حُسن جي رنگن جا جلوه جابجا نظر اچن ٿا.بقول ناليواري نقاد ممتاز مهرجي جنهن پنهنجي مشهور ڪتاب “ويچار” ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي.“هر باشعور انسان جي بُنيادي جُستجو هوندي آهي ته سندس پاڙون(Roots)ڪٿي آهن،سندس شناخت(Identity)جا ماخذ ڪهڙا آهن؟سنڌ ۾ انهن موضوعن کي انيڪ ليکڪن تاريخ/ فلاسافي/ نفسيات/ تهذيب/ ثقافت/ ميٿالاجي جي پس منظر۾سنڌ جي سماجي صورتحال کي آڏو رکي پيش ڪيو آهي.مدد علي سنڌيءَ جون ڪهاڻيون اِن ڏس ۾ خاص درجو رکن ٿيون.شناخت جو بحران(Identity Crisis)سندس ڪهاڻين جو بُنيادي موضوع آهي.جيڪو مان سمجھان ٿو ته جديد ڪهاڻيءَ جو هڪ بُنيادي موضوع رهيو آهي.مدد علي سنڌيءَ جون ڪهاڻيون ڏاڍيون تهدار هونديون آهن.اُنهن ۾رومانٽڪ فضا به ملندي ته زمان ۽ مڪان(Time & Space)جا مسئلا پڻ.سندس ڪهاڻين ۾ خوبصورت شعري عڪس(Poetic Images) ۽ مُختلف حوالابه انيڪ ملندا.کيس ننڍي کنڊ جي تاريخ ۽ سڀيتا جي چڱي ڄاڻ آهي.قرت العين وانگر هُو پڻ اڄ جي انسان جي مسئلن کي(جن ۾ سياسي مسئلا پڻ اچي وڃن ٿا)قديم تاريخي پس منظر ۾ سمجھڻ ۽ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي.مدد علي سنڌيءَ ڪهاڻي کيتر ۾ٽيڪنڪ جا ڪامياب تجربا ڪيا آهن.مدد جي ڪهاڻين ۾ انسان هميشه دُک ۽ پيڙا سهندو رهيو آهي.مدد جي ڪهاڻين جوهڪ ٻيو خاص عنصر نفسيات ۽ جماليات وارو ماحول ۽ حُسن جون رنگينيون آهن.اُهو انساني حُسن جيڪو نيٺ فنا ٿي ويندو.”اهڙي طرح سان مدد علي سنڌيءَجي اندر جي آرٽسٽ جي سگھ ۽ اَئپروچ جو اندازو سندس لکڻين ۽ سندس لکڻين تي مُختلف ادبي شخصيتن جي ڀرپور راءِ مان پوي ٿو.۽ اِن ريت مدد علي سنڌيءَ طاقت ور ادبي تخليقي شخصيت پڙهندڙ توڙي ٻُڌندڙ جي آڏو واضع ۽ چِٽي ٿي اُڀري اچي ٿي.هن مُختصر لکڻيءَ جي ڪيئنواس تي سندس ادبي وسعت کي سمائڻ مُشڪل آهي.پر پوءِ به مون مدد علي سنڌيءَ جي ادبي شخصيت کان مُتاثر ٿي ڪري،سندس لکڻين جي مانُ ۾ هي ڪُجھه دلي احساس تحرير ڪيا آهن.


    تون سان نينهن اڳهانڊ و...

    پير عبيد راشدي
    مدد علي سنڌي هڪ اڻ ٿڪ حساس ۽ ورچي نه ويهڻ وارو انسان آهي. ڪتابن ۽ ڌرتي سان ازل جو پيچ اڙيل اٿس. مدد علي جي سگهاري سڃاڻپ ڪهاڻي آهي جنهن نئين ٽهيءَ کي وڌ کان وڌ متاثر ڪيو. بلڪه ائين چئجي ته هو Trend Setter ڪهاڻي ڪار آهي. هن جي تخليقي ڪهاڻين 1970-80 وارن ڏهاڪن ۾ ڄڻ ڀير تي ڏوڪو هنيو. سندس ڪهاڻيون نثري نظم وانگر شروع ٿيندڙ ۽ انت ڇرڪائيندڙ ڄڻ ڪنهن سان سرٻاٽ ڪندي اوچتو چپن جي اوٽ ۾ ڪا ڳالهه رهجو وڃي. مدد علي سنڌي ڪهاڻين سان گڏ ناول، سفرنامو ، مضمون ۽ جديد شاعري پڻ ڪئي آهي. سندس هر ڪهاڻي ناول جيترو ڪئنواس رکي ٿي مدد علي نه رڳو تخليقي حوالي سان پر آدرشي ۽ نظرياتي سياست جي حوالي سان هڪ منفرد الڳ ۽ نرالي سڃاڻپ رکي ٿو. هن زندگي جي اوائلي دور اسڪول ، ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهائي دؤران عملي سياست ۽ حصو ورتو. ۽ سنڌ جي عشق ۾ پنهنجن ساٿين سان گڏ خارج ٿيو. ۽ سندس بزرگ والد 80 سالن جي عمر ۾ قيد ۽ بند جا ظلم سٺا. هو پنهنجن ساٿين سان گڏ روپوش هو ۽ سندس گهر وارا پريشان ۽ بزرگ پيءُ قيد ۾. مدد علي ڪنهن مضمون ۾ لکي ٿو:
    ”هڪ ليکڪ کي سياست ۾ حصو وٺڻ گهرجي يا نه اهو سوال ور ور ڪري ذهن جي ڪينواس تي اڀري ٿو سچ پچ ته جڏنهن هي ڳالهه لکي رهيو آهيان ته دل ڏکويل آهي. سوچيان ٿو ڇا واقعي مان سياست ۾ آهيان يا وقت حالتون ڌڪي مون کي ايڏهان وٺي ويون. ڪالهه 20 ڏينهن ٿيا جو رات جو ننڊ نٿي اچي. هيئنر جڏنهن سڄو جڳ ننڊ ۾ آهي ته آئون جاڳي رهيو آهيان. ۽ پريشان آهيان جو بابا کي صوبائي وزير بديع الحسن زيديءَ جي اغوا کانپوءِ منهنجي عيوض لاڪ اپ ڪيو ويو آهي . منهنجو ابو 80 سالن جي عمر ۾ منهنجي لاءِ ڇا سوچيندو هوندو دل ڏڪي ٿي وڃي.“
    (مضمون: ڪڏنهن اتر سامهان ڪڏنهن دونهي جهل)

    سنڌ جي ازلي عشق ۾ مدد علي جي پڙهائي متاثر ٿي. سندس ٻين ساٿين ابن الوقت ٿي هر نئين حڪومت سان ٺاهه ڪيا. ويساهه گهاتيون ڪيون. روزگار ورتا. واسڪوٽيون پاتيون. سنڌ جي شاندار تاريخي ٻيلن جا وڻ وڍائي سرڪاري زمينن تي قبضه ڪيا پر مدد علي ڪنهن سان ٺاهه نه ڪيو. نه وري پنهنجي سياسي وابستگي تبديل ڪئي. هو جوڀن رت کان وٺي هن عمر تائين ساڳي آدرش تي اڏول آهي. هن جيڪڏنهن ڪنهن وڏي ماڻهو جي اخبار ۾ ڪم ڪيو. يا ويجهو رهيو ته ذاتي حيثيت ۾ نه نظريي ضرورت جي نظريي تحت جڏهن به اخبارن ۾ ڪم ڪيائين ته خودمختيار ٿي ڪيائين.
    1970 واري ڏهاڪي ۾ جڏهن جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فڊريشن جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل هو ته سموري سنڌ جي تعيلمي ادارن جي با شعور شاگردن جو محبوب اڳواڻ هو. تعليمي ادارن ۾ دوستي وقتي ٿيندي آهي. پر مدد علي اڄ ڏينهن تائين پراڻن دوستن سان ڏک سک ۾ گڏ آهي.
    1972-73 وقت سنڌ ۾ ٻولي واري بل جي رٿ تي سڄي سنڌ لال لهو ٿي وئي. ڪراچي، حيدرآبا ، مير پور خاص ۽ ٽنڊي ڄام جي شهرن ۾ موت جو راڪاس انسانيت تي گجهين جيان لامارا ٿي ڏنا. سنڌ ڄاوا شهرن ۾ سنڌي اقتدار ڌڻين هوندي به حيدرآباد ، ڪراچي ۽ شاهه لطيف آباد مان پنهجا جنمي پاڙا ڇڏي ويا. پر اسان جو پيارو مدد علي سر اڏيءَ تي رکي، قميص جي کليل بٽڻن سان مٺيون ڀيڪوڙي وٽيل شهپرن سان گاڏي کاتي، اسٽيشن روڊ ۽ کوکر محلا ۾ ڌارين کي للڪاريندو وتيو. ۽ پراڻن پاڙيسرين کي شهر نه ڇڏڻ جو چوندو رهيو. سنڌ جو ارڏو اديب مرحوم طارق اشرف سچ لکڻ جي ڪري بندي خاني ۾ هليو ويو ته مدد علي سندس گهر وارن جي سار لهندو هو. اهڙي ڏکي وقت ۾ پنهنجي گهر لڳ آشرم ۾ سنڌ جي ننڌڻڪن قومي ڪارڪنن کي پناهه ۾ رکيو. سندس گاڏي کاتي واري گهر جي ڏاڪڻ واري ڪاٺ جي در تي جيئي سنڌ ۽ بنگالي بندو شيخ مجيب الرحمان جي آزادي جا نعرا لکيل هوندا هئا. شايد اهي نينهن نعرا 1970 ۾ لکيا هئائين.
    منهنجا وڏا سوٽ ماسات پروفيسر پير سائين عبادالله راشدي ۽ ڊاڪٽر پير محمد مصطفى حيدرآباد جي مسلم ڪاليج ۽ ڪينٽونمينٽ ڪاليج ۾ پڙهندا هئا جتي هو مدد علي کي ويجهو ٿي ويا. پروفيسر سائين عباد راشدي جي شادي جي وليمي ۾ مدد علي ۽ نظير ميمن گڏ آيا. آيا ته مدد جا ٻيا ساٿي به هئا پر آئون مدد سان ويٺو رهيس. اها اسان جي دوستي جي شروعات هئِي .
    1980 ۾ مون سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي. درسي ڪتاب ته ورلي کڻندو هئس. باقي سياسي ڪتاب هاسٽل جي روم جي اسٽيڊي ٽيبل ۽ الماري ۾ سٿيل هوندا هئا. لکڻ ته اڃان شروع نه ڪيو هيم. پر ساڳي دور ۾ گڏ پڙهندڙ يا سينئر دوست رضيا جوکيو، زبيدا ميتلو ، قرت العين عيني، اخلاق انصاري ، طارق عالم ، نصير مرزا، عابد مظهر ، محمود مغل، ڪنول لهاڻو، سائين داد ساند نور گهلو ادب ۾ پنهنجي مڃتا ماڻي چڪا هئا. هو سڀ دوست جو ڪجهه ڏسندا ڀوڳيندا هئا انهن تي ڪهاڻي يا شاعري لکي وٺندا هئا . ادب هونئن به ذاتي اجتماعي ڀوڳنائن جو گلدان ٿيندو آهي. انهن جون لکڻيون ڏسي حيرت ٿيندي هئم ته ساڳين ڪيفتن مان آئون به گذران ٿو پر ڇو نٿو لکي سگهان؟
    ڪجهه لکندو هئس ته ساڳي لمحي ڦاڙي هاسٽل جي دري مان اڇلائي ڇڏيندو هئس. هڪ ڏينهن ڪجهه لکي نور گهلو ۽ اخلاق انصاري کي ڏيکاريم. هنن همت ڏياري. وري ٻيهر لکڻ جو چيو. پر مون ڪاڳر ڦاڙي دري کان ٻاهر اڇلائي ڇڏيا. شام جو هاسٽل کان ٻاهر ڪينٽين ڏانهن قدم کيم ته ڪنهن هاسٽلر ڀوڳ ڪرائي چيو، ”اڄ پڻ تنهجي روم مان ڪبوتر اڏريا؟“
    ”هاسٽل لائيف ۾ هر ڪو ڪبوتر اڏاريندو آهي.“ مون کيس وراڻيو.
    شام جي وقت جڏنهن هاسٽل کان ٻاهر نڪرندو هئس ته شاعري يا ڪهاڻين جو ڪو ڪتاب هٿن ۾ هوندوهئم ڪينٽين تي خان صاحب عبدالڪريم پلي جو شهزادو پٽ اعجاز علي، لائق ٿيٻو، محمد طيب ورياماڻي ۽ عزيز پلي اڳئي ويٺل هوندا هئا. ڪتابن جون ڳالهيون ڪندا هئاسين. انهن ڏينهن اسان سڀني دوستن تي امر جليل جي ڪهاڻين، ’سرد لاش جو سفر‘، ’هڪ دل جي اڪيلائي‘، ’اروڙ جو مست‘، ’ساڻو ساڻو ساهه.‘ نسيم احمد کرل جي ڪهاڻين، ’چوٽيهون در‘، ’ڪافر‘. ميڊم نسيم ٿيٻو ۽ ميڊم خيرالنساءجعفري جي ڪهاڻين، ’هاسٽل کان حويلي تائين‘ ۽ ٻي ڪهاڻي1966-67 جو سحر ڇانيل هوندو هو . انهن ڪهاڻين ۾ پنهنجا Complexes ڳوليندا هئاسين. هڪ منجهند هاسٽل جي ڪمري ۾ هڪ آل انڊيا ريڊيي تان فرمائشي گانا ٻڌندي اک مس لڳي هئم ته در تي هلڪي ناڪ ٿيڻ سان عبدالڪريم پلي جو شهزادو پٽ اعجاز علي مرحوم واچوڙي وانگر روم ۾ داخل ٿيو، ويهڻ سان سهڻي رسالو کولي پڙهي ٿڌا ٿڌا ساهه کڻڻ لڳو.
    ”امر جليل جي ڪهاڻي ڇپي آهي ڇا؟“ ريڊيو بند ڪري پڇيو مانس،
    ”تيار ٿي هلي حيدرآباد ۾ ملونس. بابا جو دوست آهي.“
    هن نالي وٺڻ کان سواءِ حجت ڪئي. مون سمجهيو امر جليل فاران هوٽل يا رٽز هوٽل ۾ ٽڪيل آهي هاسٽل جون ڏاڪڻيون لهي ٻاهرين گيٽ تي اعجاز بائيڪ کي ڪڪ کان اڳ ٻيهر رسالو ڏيکاريو . مدد علي سنڌي جي شاهڪار ڪهاڻي، ’هستيءَ جي اجاڙ ايوان ۾‘ ڇپيل هئي. ڪهاڻي اڃان ڏسڻ شروع ڪئي هيم ته اعجاز پلي اتاولو ٿي انڊر لائين ڪيل ڊائلاگ، پڙهڻ جو چيو. انڊر لائين ڪيل ڊائلاگ هو:
    ”سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ڏانهن ويندڙ بس ڪڏنهن آهستي ته ڪڏنهن تيز هلي پئي. هو دري ڀرسان ويٺل آهي. دري جي ڀڳل شيشن مان جنوري جي ٿڌي هوا کيس لڳي پئي. هو ٻاهر نهاري ٿو. تيز هوا سوساٽ ڪندي رستي جي پاسي کان بيٺل وڻن جا پيلا پن ڇانڻيدي بس سان ٽڪرائجي پئي. هڪ پن اچي منهن ۾ لڳيس ٿو. پن کي هٿ ۾ کڻي ڏسي ٿو.الائجي ڪهڙي وڻ تان ڇڻيو؟ ڪڏنهن هي پن سائو هوندو. هوا ۾ هڪ عجيب سڳند آهي. اهڙي سڳند جا ڪڏهن ڪڏهن هوندي آهي...“
    اعجاز پلي هٿ مان سهڻي رسالو کسي هٿن سان ڪيل انڊر لائين ڪيل جملو پڙهي ٿڌو اونهو ساهه ڀري پڙهڻ لڳو، ”توهان اڄ ڪلهه ڊائلاگ سٺا ڳالهائڻ لڳا آهيو؟“
    ”ائين ذليل ڇو ڪندي آهين؟“ کل اهڙي جيڪا سندس ڪاوڙ لاهي ڇڏيندي هئي.
    ”توهان گهڻي سوچڻ جي ڪري اهي ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهيو جيڪي اوهان لاءِ نقصان ڪار آهن ناراض آهيو ڇا؟“
    ”پوءِ؟“
    ”خبر به اٿئي ته ناراض نه ٿيندو آهيان ۽ جيڪڏهن ٿيندو آهيان ته به ڪهڙو فرق ٿو پوي ڳالهائيندو به ته پاڻ آهيان.“
    ”...“
    ”فوزي ناراض ٿي وئين ڇا؟“
    ”ڇو ڪمال آهي مان هروڀرو ناراض ڇو ٿينديس هاڻ هي وٺ.“
    ”ڇاهي؟“
    فوزيءَ ڏٺو. هو بيدلي سان گفٽ پيڪ ٿيل هئي. انهي جي مٿان لکيل هو (From Unknown We Come To The Unknown We Go )
    اعجاز علي پلي مدد علي جي ڪهاڻي مان ڊائلاگ پڙهي سگريٽ دکائي ڄامشوري جي آسمان ۾ ڏٺو.
    اعجاز منهنجي بنهه ويجهن دوستن مان هو انهن ڏينهن ۾ هو درد وڇوڙي جو ماريل هو.
    عجيب اتفاق هو مدد علي جي ڪهاڻي جي نائڪا جو نالو فوزي هو ۽ اعجاز کان يونيورسٽي ۾ رسي ويل پريمڪا جو نالو پڻ ساڳيو هو. مدد علي جي ڪهاڻي، ’هستي جي اجاڙ ايوانن ۾‘ سچ ته سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي ڪيفيت تي لکيل هئي. اڄ جيڪڏنهن اها ڪهاڻي ڪنهن وڏي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿئي ته ڪراچي يونيورسٽي جي شاگردن کي ڊاڪٽر محمود الحسن سينٽرل لائبريري ۽ انهي لڳ پريم گلي ۾ رٺل پرتل پريم ڪٿائون ياد اچڻ لڳنديون. مرحوم اعجاز علي ۽ آئون ڪڏنهن ڪڏنهن ڳوٺان ڪار گهرائي گهمندا هئاسين. يا ڪنهن دوست جي بائيڪ تي ڄامشورو المنظر، شاهه لطيف آباد حيدرآباد گهمندا هئاسين.
    مونکي ياد آهي- خان صاحب عبدالڪريم پلي، مدد علي جي چوڻ تي اعجاز کي اسڪوٽر وٺي ڏنو هو .
    ”يار، مدد واهه جي ڪهاڻي لکي آهي. بابا جو دوست آهي. بابا وٽ ڪڏنهن اڪيلو ته ڪڏنهن عبدالقادر جوڻيجي سان گڏجي ايندوآهي.“ اعجاز ٻڌايو.
    *
    ”مدد علي، مرحوم چاچا حامد علي شاهه، چاچا مرحوم پير مظهر حق جن جو پراڻو دوست آهي. گاڏي کاتي ۾ پاڙيسري هوندا هئا. مدد، چاچا سهڻي پير فضل الحق جي قومي ڪارڪنن جي سهائتا ڪرڻ جي ڪري هميشه واکاڻ ڪندو آهي.“
    مدد علي کي سڄي سنڌ سڃاڻي. حيدرآباد گاڏي کاتي، کوکر محلي ۾ کيس ڪنهن نه ٿي سڃاتو. اخبار فروش بڪ اسٽالن وارن، مشهور وڪيل غلام رسول شاهه، پروفيسر شهيد حزب الله ميمڻ، شاهي بازار وارو ڪپڙي جو مشهور واپاري مرحوم عبدالڪريم ميمڻ، سنڌ جي موجوده صوبائي وزير اطلاعات شرجيل ميمڻ جو پيءُ انعام ميمڻ، پروفيسر عمر ميمڻ ، بمبيءَ بيڪري وارو سيٺ ڪمار ٿڌاڻي.
    مرحوم طارق عالم ابڙو بيمار ٿيو ته حيدرآباد مسلم ڪاليج ۾ دوست، مدد علي گڏ ڪيا جنهن ۾ نورالهدا شاهه شريڪ ٿي هئي. ۽ مدد جي ڪوشش سان ئي طارق جو علاج ڪرايو ويو. هڪ ڀيري مرحوم چاچا پير حامد علي شاهه حيدرآباد لڳ ٽنڊي فضل واري فارم هائوس تي شاندار دعوت ڪئي هئي جنهن ۾ موجودا پيرصاحب پاڳاري، قاضي امتياز، مدد علي، عاشق حسين ميمڻ ۽ نور احمد آخوند شريڪ ٿيا هئا. آئون مرحوم اعجاز علي پلي ءَ سان بائيڪ تي هوائن ۾ اڏرندا مدد جي گاڏي کاتي واري گهر پهتاسين. کيس گهر ۾ نه ڏسي گهر لڳ سندس جوڙيل آشرم ۾ ويٺل ڪامريڊ عمر شوري کان مدد جو پڇيو. (ڪامريڊ عمر وٽ مرحوم معصوم سانگهڙائي ويٺل هو مرحوم معصوم سانگهڙائي هڪ سچو ديش ڀگت ۽ شاعر هو هن سان قومي تحريڪ ۾ ڏاڍيون ويساء گهاتيون ڪيو ويون. هو حسن درس ۽ عرفان مهدي جهڙو حسين هو. هو ٽئي الهڙ وهي ۾ حياتي جي جنگ هارائي ويا. سنڌ کي انهن جي اڃان ضرورت هئي. ڪامريڊ عمر شورو، سائين جي ايم سيد جي حيدرآباد واري جيئي سنڌ هاسٽل ۾ جلسي ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ شديد زخمي ٿيو هو.)
    ڪامريڊ عمر پڇڻ تي ٻڌايو ته مدد علي سنڌ نيوز اخبار جي آفيس ۾ آهي. تن ڏنهن ۾ مدد اخباري دنيا ۾ نئون نئون IN ٿيو هو.
    جڏنهن هو نئون صحافت ۾ داخل ٿيو هو ته ڪيترن دوستن شڪ ظاهر ڪندي چيو هو، ’ڪٿي صحافت جي جنگ ۾ مدد علي جي حساس تخليقي ڏات رهڙجي نه پوي؟‘ پر جتي صحافت ڪنڊائون جنگل آهي اتي تخليقي ادب بخملي سيج به ڪانهي. تخليقي ادب آهي ئي وارياسو پنڌ. پر سنڌ وارن ڏٺو مدد علي وڌيڪ سگهاريون اتسائيندڙ ڪهاڻيون، ناول سفر ناما لکيا. مدد هميشه نون لکندڙن کي همٿايو. انهي لاءِ ان سنڌ نيوز اخبار ۾ ادبي صفحو جاري ڪيو، جنهن جو سرواڻ اخلاق انصاري هوندو هو. آئون ۽ اعجاز علي پلي اسٽيشن روڊ ٽپي هن وٽ ويندا هئاسين. هميشه جهڙي مٺي کيڪار ڪري ملندو هو. مدد سان منهنجي اڳي ئي قومي سياست جي ڪري ڄاڻ سڃاڻ هئي. هو جڏنهن جساف جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل هو ته آئون حيدرآباد ضلعي جو صدر هوندو هئس. پر ڪهاڻي جي دنيا جي ڪري گهر ڀاتي ٿي وياسين.
    حيدرآباد ۽ ڄامشوري جي ادبي سياسي گڏجاڻين ۾ گڏ شريڪ ٿيندا هئاسين. گاڏي کاتي واري گهر ۾ بيزار ٿيندا هئاسين ته شهر جا ڇيڙها وڃي کڻندا هئاسين.
    مدد علي، عامل ڪالوني، هيرا آباد ، تلڪ چاڙهي تي سنڌي هندن جي ڇڏي ويل عاليشان گهرن جي ڄڻ ڊائريڪٽري هوندو هو. هو هميشه مُٺيون ڀيڙي ۽ قميص جا بٽڻ کولي هلندو هو. گاڏي کاتي جا بڪ اسٽور، اسٽال، شاهي بازار، ڪوهه نور سينما، مولى علي جا قدم مبارڪ، تلڪ چاڙهي ۽ ٽاور مارڪيٽ کان وڃي نڪرندا هئاسين. تلڪ چاڙهي تي اسان جي ويهڻ جا ٿاڪ هوندا هئا، سليم قريشي جي ڪتابن جو دڪان ’ادبيات‘، ٽريننگ ڪاليج جي مشهور ڪهاڻيڪار ۽ چترڪار شرجيل جي ننڍڙو روم، جبيس هوٽل ۽ روڊ جي هن پاسي مشهور ايراني هوٽل. تلڪ چاڙهي تان لهندي نذرت گرلس ڪاليج ڏسي روميو بنجي ويندو هو. ڪا جوليٽ ياد پوندي هئس.
    ”اڌوري پنڌ جا آخري سپنا.“
    ’نذرت گرلس ڪاليج جي اڱڻ ۾ گهرن ۽ گهايل نيڻن سان هوءَ سندس آڏو بيٺي. هن چتائي انهي اداس اپسرا کي ڏٺو. سندس هٿ ۾ سفيد گلاب ۽ سندس کاٻي ٻانهن ۾ سونو ڪڙو پيل هو. اوچتو وڻن مان اڇا ڪبوتر اڏاڻا. ڪبوتر ڪيٿولڪ چرچ جي مٿان ٽنگيل ٽياس تي وڃي ويٺا. بائبل ۾ هڪ هنڌ لکيل آهي، ’تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ پکڙيل آهي هڪ وشال ماٿري.‘ ۽ مون سالن کان هڪ سپنو ڏٺو هو،
    ”انيلا ڪنهن ڪنهن پل پنهنجي وچ ۾ هڪ Gap محسوس ٿيندي آهي؟“
    مدد علي کي نه رڳو حيدرآباد پر ڪراچي جي پراڻين جڳهين ۽ انهن جڳهين ۾ ڪڏنهن رهندڙ ماڻهن سان عجيب سڪ آهي. سندس هڪ ڪهاڻي (ڪرانتيڪار) ۾ نه رڳو سنڌ هند پر بنگال جي تاريخي اڀياس جو ذڪر آهي. ڪهاڻي ’ڪرانتيڪار‘. حيدرآباد شهر ۾ اوڀر پاسي مير صاحبن جي وسايل قديم بستي سندس ڪشادا گهر آهن. وڏا گهر شاهي اڱڻ. اونچون ديوارون. ڊگها گهاٽا وڻ. نمن ۽ ڪنڊي جا وڻ. پر انهي گهر ۾ قمرالنساء به رهي ٿي. قمرالنساء، نالو کڻندي مٺي مٺي درد جي لهر جاڳي پئي. هوءَ مهاتماٻُڌ جي هم وطن منهنجي جيون ۾ گهڙي ايندڙ ڪنهن مند جيان ڇوڪري. هالينڊ جي سگار، هاف نار سگار جي مٺي سڳند جي دونهي جيان سندس من ۾ ڦهلجندي وئي. هائي حياتي املتاس جي وڻ جيان...“
    نذرت ڪاليج کان ورندي اسٽيشن روڊ تي عباسي اسپتال وٽ بيٺل قديم بڙ جي وڻ جي ٿڌي ڇانوء ۾ پگهر پيا نڪرندا هئس. هٿن مان نڪري ويندو هو. ٿڌا ٿڌا ساهه پيو کڻندو هو. کيس پگهر ۾ ڏسي ڀر ۾ بيـٺل ڪمند جي جوس واري کي ٻن گلاسن جو چوندو هئس. صلاح آئون ڪندو هئس پر اٽڪل سان پئسا پاڻ ڏئي ڇڏيندو هو. مدد علي هوئن به سخاوت ۾ حاتم طائي جي سخاوت کان به مٿاهون آهي. عباسي اسپتال جي آپا ممتاز وارن سان مدد علي وارن جا خانداني رشتا هئا. مرحومه مڌو بالا جي نقشن جهڙي هوندي هئي.
    ڪراچي ۾ هوندا آهيون ته سمنڊ ڪناري ڪنهن ريسٽورنٽ ۾ رهاڻ پئي ٿيندي آهي. يا فورم مال جي ريسٽورنٽ ’ٽائيم آئوٽ‘ هميشه ڪافي پيئندو بنا کير ۽ کنڊ واري اندر ۾ الائجي ڪهڙين محرومين جي ڪوڙاڻ اٿس. سال ڏيڍ نڪور لکيل ڪهاڻي ۾ انهي ريسٽورنٽ ۾ ويٺل Palmist lady جو ذڪر خير ڪيو اٿائين. گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ مدد وٽ اڪثر ضرورت مند شاگرد ۽ اديب ايندا هئا. گاڏي کاتي جي پراڻين هوٽلن، نعمت ڪدا ۽ بخارا جا سيٺ مدد کي سٿ سان ايندي ڏِسي خوش پيا ٿيندا هئا.
    مدد علي جي شاعري جي ڪتاب، ’پنر ملن‘ جي مهورت کان هفتو کن اڳ آئون ساڻس گڏ حيدرآباد، شاهه لطيف آباد ۽ ڄام شوري ۾ دوستن کي دعوت ناما هٿن ۾ ڏئي آياسين. باقي ٻين شهر ن ۾ پوسٽ ۽ تار ذريعي موڪلياسين. مهورت کان هڪ ڏينهن اڳ لج پت روڊ جي مشهور ڊپارٽمينٽل اسٽور مجيد تان مددعلي ۽ آئون پرفيومز ۽ سگار وٺڻ لاءِ وياسين. هي اڃان اسٽور ۾ هو ته آئون ٻاهر ڪار وٽ اچي بيٺس. پريان ڪنهن ٻي ڪار ۾ ڇوڪريون ويٺل هيون. ڇوڪريون ڄڻ مددعلي جي ڪهاڻين جون اداس، وياڪل مرڪندڙ ڪردار هجن! مدد ٻاهر نڪري منهنجي ڀرسان اچي بيٺو. ڇوڪريون اسان ڏانهن اشارا ڪري مرڪي پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳيون. مدد جي حساس اک ستارن جو ڳجهه ۽ اڏامندڙ پکن جا پر پرکڻ واري ڇوڪرين کي ڏسي روڊ جي هن پاسي هارن ۽ گلن جا دڪان ڏسي اشارا ڪرڻ لڳو.
    ”ڳالهائين ته پنهنجي باري ۾ پيون. ڄاتل سڃاتل پيون لڳن.“ مدد چيو، ”مرڪ سندس وٽيل شهپرن مان لياڪا پائي رهي هئي.“
    ”گلابن ۽ موتيي جا گهونگهٽ ڪرڻ جا ارمان اٿن.“
    مون چيو، ”مدد، ڪا وراڻي ڏي.“ انهي کان اڳ آئون پنهنجي ڪار وٽان هٽي ڇوڪرين جي ڪار ڀر ۾ بيهي موٽي آيس.
    ”ڪهڙا سر پيون وکيرين ڪجهه ٻڌائي؟“ مدد سوال ڪيو.
    ”پاڻ ٻنهن کي جاڙا ڀائر پيون چون. پر تنهنجي قد کان منهنجو قد وڏو پيون چون.“
    مدد علي مرڪي ڏنو. مدد علي سنڌي ته منهنجو استاد. سندس آڏو مون پاڻ کي سدائين سيکڙاٽ ڀائنيو آهي. هو اسان واري ٽهي يا پنهنجي ٽهي وارن اڳيان ڪارونجهر جو مورآهي.
    مدد علي، اسٽور تان ورتل ولايتي پرفيوم جي خوبصورت شيشي ڪڍي پاڻ تي ۽ پوءِ مون تي ڇٽڻ لڳو. مون کيس حيرت مان ڏسي چيو،
    ”گهڙيءَ ۾ شيشون خالي ڪري انهن ۾ ڇورين کي قابو ڪندين ڇا؟“
    ”ڇورين جو قد ڪاٺ پرفيوم جي خوبصورت شيشن جهڙو آهي؟“ مدد چيو. انهي وچ ۾ ڪا وهي چڙهل عورت مدد تي ڄاتل سڃاتل اکين سان ڏسندي ڪار جو در کولي ويهڻ جي ڪئي.
    ”هن جو قد ته پروفيسي ۽ ڀرٽ پرفيوم جي شيشن جهڙو ڊگهو آهي.“
    خاموش رهي مدد پڇيو، ”سڃاتئي؟“
    ”نه!!“ مون ننهنڪر ڪئي.
    ”سنڌ يونيورسٽي جي ڪنهن وائس چائنسلر مٿس مهر ڪري ٻين جا حق کائي کيس يونيورسٽي ۾ نوڪري ڏني آهي.“
    ”ڇورين جو قد ته پرفيوم جي شيشن جهڙو پر خوشبو سڳند؟“
    ”ڪي خوشبووقتي ته ڪي دائمي روح تي ڇانيل!“
    مدد ٿڌو ساهه ڀريندي وراڻيو. مدد الائجي ڪيترين پريمڪائن کي خوشبو سان واسيل گفٽ ڏنيون ۽ ورتيون هونديون. الئه جي ڪهڙين جي ياد ۾ درياهه شاهه وانگر تار وهندو لکندو ٿو وڃي.
    ڇوڪريون ڪار جي ٽائرن مان چرڙاٽ ڪڍائي اڳتي نڪري ويون. ۽ اسان ٻئي رستي تي ڪار جي ٽائرن جا نشان وياڪل اکين سان ڏسڻ لڳاسين.
    ”ڪار جي ٽائرن جا نشان ته رستي تي چٽا آهن. پر رستي ۾ مليل ماڻهن جا قدم بي نشان!“ مون چيو.
    اهو ٻڌي مدد ٿڌو ساهه کنيو. ۽ پنهنجو نظم ’راهه‘ جهونگاريو،
    ”رابيل ايندي ئي
    رابيل جا گل ٽڙي پيا آهن
    ڪوئل دور ڪنهن وڻ تان ڪوڪي پئي
    ۽ هوءَ پنهنجا سمنڊ جهڙا نيڻ نوائي
    راهه تڪي پئي ڪنهنجي؟“
    مدد علي ڄڻ مٺي، ڀوڏيسر پاسي جو ڪو واري جو دڙو بڻيل هو. اهڙو دڙو جنهن تي مور، ڊيل ته روز ٽهوڪو ڪندا نچندا رڙندا آهن. پر انهن جا پير هوائون گم ڪري ڇڏينديون آهن.
    *
    مدد علي سنڌي جي شاعري جي ڪتاب، ’پنر ملن‘ جي مهورت ۾ نه رڳو حيدرآباد شاهه لطيف آباد ڄامشوري جا اديب اچي مڙيا پر سنڌ يونيورسٽي لياقت ميديڪل جا ادب سان چاهه رکندڙ شاگرد، شاگردياڻيون به اچي ڳاهٽ ٿيون. سڀني مدد کان آٽوگراف ورتا. آئون ۽ اعجاز پلي آٽو گراف وٺڻ لاءِ اسٽيج تي پهتاسين. مرحوم اعجاز ته آٽو گراف ورتو. پر مون پنهنجا هٿ روڪي ڇڏيا.
    رات جو مدد علي جي گهر ڊرائنگ روم ۾ ويٺا هئاسين. ڊرائنگ روم ۾ عاليشان ناياب اينٽڪ شوپيسز ۽ ويلويٽ جي پردن کي ڏسي مرحوم اعجاز پلي الائجي ڪهڙي خيالن ۾ لڙهندي چيو،
    ”ماڻهو الائجي ڪهڙن رنگن ۾ گذاري ٿو. مدد تي انڊلٺ جا 7 ئي رنگ ڇانيل. پر هڪ رنگ سدائين مدام.”
    اعجاز جو لهجو خماريل هو. مون اعجاز جي اکين سان مدد جي ڳاڙهي رنگ سان سينگاريل ڊرائنگ روم جا پردا بيڊ ليمپ شوپيسز ڏسندي کيس چيو،
    ”مدد جو وجود ڳاڙهي رنگ جي اجرڪ سان اڏيل آهي. سنڌ جو سماجي سياسي ڍانچي جي تبديلي لاءِ هن سدائين خواب ڏٺا آهن. ’ڳاء ڳاءِ انقلاب ڳاءِ‘ ۽ ’رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي‘، سدائين ورجايو اٿس،
    ”ڪهڙن انقلابن جي ڳالهه ٿا ڪريو؟“
    *
    مدد علي ماڙيءَ تان پنهنجي جيجل ماءُ کان دعائون وٺي موٽيو. اعجاز علي، مدد کان مون کي آٽو گراف وٺڻ جو چيو. مون کيس وراڻيو،
    ”جڏنهن منهنجي ڪنهن ڪتاب تي مدد علي سنڌي ٻه لفظ لکندو تڏنهن اهو منهجي لاءِآٽو گراف هوندو.“


    جيءُ جيئاريندڙ ڪهاڻين جو خالق:

    ممتاز لوهار

    ڀوڳنا انسان جي شعور جي پيدائش آهي ، هر ماڻهو نه ٿو ڀوڳي ، سمجهه وارو ڀوڳيندو آهي ، ڀٽائيءَ به تڏهن ئي ته چيو هو ، ”الا ! ڏاهي مَ ٿيان ، ڏاهيون ڏک ڏسن.“
    جيڪو ماڻهو جيتري وڌيڪ سمجهه رکي ٿو، اهو اوترو وڌيڪ ڀوڳي ٿو. ڀوڳنا کان آجا صرف چريا ۽ جانور هوندا آهن. هر فرد پنهنجي ڀوڳنا جو رد عمل پنهنجي سمجهه آهر ظاهر ڪري ٿو. عام ماڻهو پنهنجي رد عمل کي ڪروڌ جي صورت ۾ رشتن ، سسٽم ۽ سماج کان لاتعلقي ڪري ٿو يا وري نفرت ڪندي پلاند وٺي ٿو . خاص ماڻهو پنهنجي ڪروڌ کي طاقت ۾ تبديل ڪري حالتن ، سسٽم ۽ روين جي تبديليءَ لاءِ جاکوڙي ٿو ۽ ان سموري انقلابي عمل لاءِ هو منظم ٿئي ٿو ، ڪنهن فڪر کي جنم ڏئي ٿو يا اڳواٽ موجود ڪنهن فڪر ۽ نظريي جي چونڊ ڪري ٿو ۽ پوءِ ڪنهن دڳ لڳي ٿو. سماج ۾ اهڙي تبديليءَ لاءِ جتي سياست اهم مورچو آهي اتي ادب ۽ آرٽ به سياست جا ٻانهن ٻيلي رهيا آهن.
    ادب زندگيءَ جي گئراج به ثابت ٿيو آهي ، جتان سماج جي ارتقا ۽ تبديلي جي بنيادي محرڪ سياست به اتساهه ورتو آهي ۽ پنهنجو قبلو به درست ڪيو آهي.
    مدد علي سنڌي رڳو اديب ڪونهي ، ان کان اڳ هو سياسي ورڪر رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هر اديب لاءِ سياسي ورڪر هئڻ ضروري ڪونه هوندو هو پر هر سياسي ورڪر لاءِ ادب جو شاگرد هئڻ لازمي هوندو هو. ڪيترين ئي سياسي پارٽين وٽ اسٽڊي سرڪل اندر انقلابي ناول ، آتم ڪٿائون، فسلسفي ۽ سياسي ادب جا ڪتاب سياسي ڪارڪنن جي تربيت لاءِ اهم ۽ ضروري هوندا هئا.
    مدد علي سنڌي، سنڌ جي قومي وحدت لاءِ جاکوڙيندڙ قومي ڪارڪن ٿي اڀريو ۽ پوءِ خبر ناهي ته ڪهڙين حالتن کائنس سياسي سفر ۾ اڻوڻندڙ فيصلا ڪرايا.
    مدد علي سنڌي بحيثيت ڪهاڻيڪار مون لاءِ وڏو اتساهه آهي ، هن جون ڪهاڻيون پڙهي پوريون ڪيم ته مون سان هن جي ڪهاڻين ڳالهايو. مدد علي سنڌي ڏاڍو ڀوڳيو آهي، هو ڪجهه ڪرڻ ٿو چاهي، هن ماٺ ناهي ڪئي ، هن جي اندر ۾ ڪروڌ جي آنڌ مانڌ آهي، ڪروڌ هن جي اندر ۾ ڪڙهندو رهيو آهي ۽ هن ڪڙهندڙ ڪروڌ کي اندر مان ڪڍيو آهي، تخليق جو سهارو وٺي، جنهن کي ڪهاڻي چئجي ٿو. هن جون ڪهاڻيون هن جي پنهنجي ذات جون وڪيل به آهن، ڄڻ هن جي شعور اڳواٽ ڪا آگهي رکي هئي ته مستقبل هن کان ڪجهه پڇندو ۽ هن اڳواٽ انهن سوالن جا جواب لکي محفوظ ڪري رکيا هئا.
    ”وقت سدائين پنهنجي دور جي ڪنهن نه ڪنهن جهونجهار کي شڪست ضرور ڏني آهي.“
    ”زندگي ۽ وقت هر انسان سان پل پل کان پوءِ ڪا نه ڪا ويساهه گهاتي ضرور ڪندا آهن.“
    ”اسان سڀني کي ڪا نه ڪا اهڙي ڳالهه ڪرڻ کپي جنهن سان ڌرتيءَ تي وسندڙ انسانن جا ڪجهه دک گهٽ ٿي سگهن.“ ( ڪرانتيڪار ڪهاڻيءَ مان چونڊ جملا )
    مدد علي سنڌي، سنڌ جي انهن سينئير برجستن ڪهاڻيڪارن مان آهي جن جون ڪهاڻيون خود ڪهاڻيءَ جي هيئت ، اسلوب ۽ ڪهاڻيءَ جي فن کي سمجهڻ لاءِ نموني طور ڳڻائي سگهجن ٿيون ، ان ڪري مون تنقيد نگار جي بدران ڪهاڻيءَ کي سمجهڻ لاءِ هڪ شاگرد جي حيثيت سان سندس ڪهاڻين کي ڇهيو آهي. مدد علي سنڌيءَ جون اڪثر ڪهاڻيون طويل آهن، طويل ڪهاڻيءَ لاءِ نجم عباسيءِ چيو هو ته ، ”اڄوڪي ڪهاڻيءَ ۾ واقعن سان گڏ منظر نگاري ، ڪردار نگاري، ڊگهي گفتگو، سماجي ۽ سياسي مسئلن تي ٽيڪا ٽپڻي، ڪردارن جي ذهني سوچ ۽ نفسياتي ڪيفيت جو ذري پرزي احوال ۽ هنن جي منهن مهانڊي جو تفصيل پڻ ڏجي ٿو، ان کان سواءِ پلاٽ منجهيل ۽ ور وڪڙ ٿئي ٿو ۽ ڪن حالتن ۾ ته پلاٽ ٿئي ئي ڪو نه ، اهي ڳالهيون ڪهاڻيءَ جي رفتار ۾ رڪاوٽ وجهن ٿيون ۽ واقعي جو سلسلو هر هر ٽٽي پوي ٿو.“
    ڪهاڻيءَ ۾ طويل پڻو پڙهندڙ کي ٿڪائيندو آهي ۽ ڪهاڻي پنهنجي رس چس وڃائي ويهندي آهي ، پر امر جليل جيان مدد علي سنڌي وٽ طويل ڪهاڻي ۾ لفظن ، موضوع ۽ تشبيهن جو هڪ اهڙو ڄار آهي جيڪو پڙهندڙ کي ڪهاڻي جي ڪلائيميڪس تائين پاڻ مرادو گرفت ۾ رهڻ تي مجبور ڪري ٿو ۽ وقت ڪٽيل لغڙ جيان گذرندو اڳتي وڌندو وڃي ٿو، ڪهاڻي پنهنجو رس چس قائم رکي ٿي ۽ پڙهندڙ ۽ ڪهاڻيءَ جي وچ ۾ هڪ اهڙو تعلق جڙي پوي ٿو جيڪو سياري جي رات ۾ هڪ ئي سوڙ اندر ٻن ڌڙڪندڙ دلين جي ڀاڪر جيان آهي.
    هونءَ به بهترين ڪهاڻي پڙهڻ ۽ ٻڌڻ دوران ماڻهوءَ جو انگ انگ ڪهاڻيءَ جي سحر ۾ سانت ٿي ڪردارن سان گڏ کلي، روئي، سوچي ۽ ڀوڳي ته پوءِ اها ڪهاڻي ئي لازوال هوندي آهي.
    ڪهاڻيءَ جو مقصد شروع ۾ رڳو پڙهندڙ کي تفريح فراهم ڪرڻ هئي جنهن سبب قصا، داستان ۽ واقعا جوڙيا ويندا هئا، ان دوران ڪهاڻين جا موضوع به جَنَ، پريون، ديو، راڪاس، بلائون، وڻ، پکي ۽ جانور هوندا هئا. پر وقت سان گڏ حالتن ۽ سماجي مسئلن ڪهاڻيڪار تي هڪ ذميواري عائد ڪئي ، جنهن سان ڪهاڻي فرد جي تفريح سان گڏ سماجي تبديليءَ لاءِ اتساهڻ جو ڪردار به ادا ڪيو.
    نجم عباسي چواڻي ته، ”ڪهاڻي ايئن نه هجي جو پوري ڪرڻ کان پوءِ پڙهندڙ محسوس ڪري ته هن ڪا پرولي پڙهي آهي ۽ بيزاريءَ مان پڇي ته هن ڪهاڻيءَ جو آخر مطلب ڇا آهي ؟“
    ڪهاڻيءَ کي سماج ۽ زندگيءَ جو آئينو چئو يا سماج ۽ زندگيءَ تي تنقيد، پر ڪهاڻي هاڻي ڪهاڻيڪار جي ذاتي ، داخلي ڪيفيتن جي ڪٿا کان گهڻو اڳتي نڪري اجتماعي ۽ بيمار سماج جي”سي ٽي اسڪئن“ جهڙي ٽيسٽ رپورٽ جيان ٿي پئي آهي.
    هن وقت سنڌي ڪهاڻي پنهنجي اوسر جا ڏاڪا ٽپي گهڻو اڳتي بين الاقوامي معيار تي مضبوطيءَ سان اڳتي وکون وڌائي رهي آهي. هاڻي سنڌي ڪهاڻيءَ جا موضوع سماجي قدر، طبقاتي فرق، غلامي، استحصال، رويا، ڏاڍ، جبر، غير صحتمند لاڙا، قومي تضاد، بنياد پرستي، مذهبي انتها پسندي، غير مهذب ريتون رسمون، ناانصافيون، بک، بدحالي، ظلم۽ فرد جي داخلي ڪيفيتن جي ڀڃ ڊاهه پڻ رهيا آهن. مدد علي سنڌيءَ جون ڪهاڻيون ان جو خوبصورت مثال آهن.
    مدد علي سنڌي جون ڪهاڻيون منفرد اسٽائل جي ڪري پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکن ٿيون. هن جو انداز ئي پنهنجو آهي. سندس ڪهاڻي، ”ڪرانتيڪار“ پڙهيم ته هڪ ڪهاڻي ئي مڌ وٽيون پيئاري ڇڏيون. هن ڪهاڻيءَ ۾ آيل ڪردار زندگيءَ جي تلخين کان وٺي سماجي مسئلن تائين اسان جي سماج جو البم آهن، جنهن ۾ تاريخ ڳالهائي ٿي. ڪهاڻي پڙهندڙ ماڻهو پاڻ کي ان ڪهاڻيءَ جو ڪردار ڀانئي ٿو، پڙهندڙ ڪهاڻيءَ جي وهڪري ۾ ماضيءَ جي پولار تائين هليو ٿو وڃي. ڪهاڻيءَ جي اهڙي اُڻت ، ڪهاڻيءَ جي طويل پڻي جو احساس وساري ٿي ڇڏي، ايندڙ لمحن ۽ واقعن جي اڻ تڻ، آس پاس جي ماحول کان بي نياز ڪري ساهه کڻڻ به وساري ٿي ڇڏي. مدد علي سنڌي جي لکڻيءَ ۾ اها سگهه آهي جو بي جان شين جو ذڪر اهڙي انداز سان ٿو ڪري جو انهن ۾ روح پئجيو وڃي. وڻ، هوا، سمنڊ، ديوارون، ساهه کڻڻ لڳن ٿيون، اهي پنهنجي هئڻ جو احساس ڏيارين ٿا. پڙهندڙ کان پنهنجو ڏک وسري وڃي ٿو ۽ هو ڪردارن جي ڪيفيت تي ٿڌا ساهه ڀري، چاهي ٿو ته جيڪر ڪلهي تي ڪنڌ رکرائي آٿت ڏجي.
    مدد علي سنڌيءَ جي ڪهاڻي ”ڪرانتيڪار“ پڙهيم ته ايئن لڳو هي ڊڪشن، تشبيهن جو انداز، ڪردار نگاري، منظر نگاري، فرد جي داخلي ڪيفيتن جو احساس ، ڊائلاگ ۽ جماليات جو حسن مون اڳ ڪڏهن ڪٿي ڏٺو ئي ڪونهي. هن ڪهاڻيءَ جو ڪردار راهول حال ۽ ماضيءَ تي جڏهن ڳالهائي ٿو ته سنڌ ، تاريخ ۽ وقت جي اکين ۾ نير وهي ٿا پون. جڏهن راهول چوي ٿو ته، ”قمر، مان ۽ هي نيرو گهرو اونداهو سمنڊ هڪ هزار سالن جو ڪيتو ڏيئي رهيا آهيون، وقت جي ڪنهن يُڌ ۾ ڪنهن جهونجهار جي هار سان هڪ پراچين اتهاس جو انت اچي ويو ۽ عجب جهڙي ڳالهه آهي ته هتي جي هر جهونجهار سدائين ڪنهن نه ڪنهن اونداهي شام مهل پنهنجي ڇاتيءَ تي ڪوئي ٻارڻ کاڌو آهي.“
    هن ڪهاڻيءَ ۾ مدد علي ڪيڏي نه ڪمال سان ڪردار جي احساس لاءِ تاريخ جي تڙپندڙ تشبيهن جو سهارو ورتو آهي، هي خوبصورت احساس ئي ڏسو، ”هن پنهنجي هٿن کي ڏٺو، جيڪي هٿ ٻيڙيءَ ۾ ائين کتل هئا، جيئن ڪڏهن ڪڏهن ڪهاڙيءَ جي ڳن ۾ کپي ويندا هئا، يا ڪڏهن ڪڏهن ارغونن سان وڙهندي وڙهندي ترار جي مُٺيي ۾ کپي ويندا هئا، هن هڪ ٿڌو ساهه کنيو ۽ ٻيڙيءَ ۾ ليٽي پيو، ڪارڙو ميربحر ڌيري ڌيري ونجهه هلائي رهيو هئو ۽ هن جي ڇاتي ڄڻ دولهه دريا خان جي اها ڍال هئي جا هزار وار سهڻ کانپوءِ به پنهنجي ڌڻيءَ کي بچائي نه سگهي هئي، هن کان ٿڌو ساهه نڪري ويو هو.“
    سچ ته اهو آهي ته مدد علي جون ڪهاڻيون پڙهڻ کانپوءِ اهو احساس ٿيو آهي ته هي اهي ڪهاڻيون آهن جن آڏو ڪوبه نقاد ايئن شفيق ٿي پوندو جيئن ڪو قتل جو ارادو رکندڙ شخص پنهنجي نشاني جي وڏائيءَ آڏو پنهنجا هٿيار سندس پيرن تي رکي ، گوڏا کوڙي ، ڪنڌ جهڪائي سوچيندو هجي ته شل پنهنجي هٿن سان مون کي مٿي ڪري ڇاتيءَ سان لائي مرڪي پوي.
    مدد علي سنڌي جي ڪهاڻين جو ڪلائيميڪس پڙهندڙ کي پنهنجي دل جي آڳر تي ڪيترن ئي پيارن جي چچريل وجودن جي لاشن جهڙي منظر اڳيان اچي بيهاري ٿو، جتي دل درد مان دانهون ڪري بي اختيار روئي پوي ٿي ۽ پڙهندڙ پاڻ کي ڌرتيءَ تي بچيل آخري اڪيلو فرد سمجهي چوطرف نهاري ڪنهن ڪلهي کي تلاشي ٿو ، جنهن تي ڪنڌ رکي هو روئندو رهي. پنهنجي ڪردارن جي لاءِ پڙهندڙ جي دل ۾ پيار ،پيدا ڪرڻ جو اهڙو فن صرف مدد علي سنڌي وٽ ئي آهي.
    ”ڪرانتيڪار“ ڪهاڻيءَ ۾ قمرالنساءِ جي ڪينسر سبب راهول جي جيون جو درد ۽ سندن گفتگو پڙهڻ کانپوءِ مون وٽ مدد علي سنڌيءَ سان مخاطب ٿيڻ لاءِ منهنجا پنهنجا لفظ ذهن جي ڪمري جي ڪنڊ ۾ منهن مونن ۾ ڏئي سڏڪندي ، رانڀٽ ڪري روئي رهيا آهن، ان ڪري مان مدد علي سنڌيءَ کي سندس ئي ڪهاڻيءَ جي ڪردار قمرالنساءِ کان احساس اڌارو وٺي ٿو چوان ته، ”مان الائي ڇو ايئن پيو محسوس ڪريان ته مان تنهنجي اندر جي شهر ۾ گهڙندي ئي ڪوئي رستو وڃائي ويٺو آهيان.“
    ڪهاڻيءَ لاءِ واقعي جي چونڊ ، ڪردارن جا مزاج ۽ سوچڻ جو ڍنگ ، ٻولي ۽ ڪلائيميڪس اصل ۾ ڪهاڻيڪار جي شعوري ۽ نظرياتي بيهڪ جو به تعين ڪندا آهن. ڪهاڻيڪار جنهن سماج مان ڪهاڻيون ۽ ان جا ڪردار کڻي ٿو پاڻ به ان ئي سماج جو حصو آهي ان ڪري اڪثر ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيڪار پاڻ موجود هوندو آهي، هن جا پنهنجا تجربا، داخلي احساس ۽ خواهشون ڳالهائينديون آهن. مدد علي سنڌي جنهن دور جو ڪهاڻيڪار آهي تنهن دور جي سندس همعصر ڪهاڻيڪارن سان ۽ ان دور جي سماجي حالتن جو جائزو وٺبو ته سندس بيهڪ هڪ ساڃاهوند ، ذميوار ۽ فرض شناس سنڌ دوست ڪهاڻيڪار جي بيهندي .
    ان دور ۾ سندس همعصر ڪهاڻيڪارن ۾ نجم عباسي، امر جليل، علي بابا، نسيم کرل، جمال ابڙو، سراج، ماڻڪ، طارق عالم ابڙو، اخلاق انصاري ۽ زيب سنڌيءَ سميت ڪيترائي اهم نالا اچي وڃن ٿا.
    ان ڏهاڪي جي ڪجهه ڪهاڻيڪارن انفراديت ۽ جديديت جي سحر ۾ ڪهاڻيءَ ۾ ڪي نوان تجربا به ڪيا، جنهن ۾ ڪهاڻي تجريديت ۽ علامت نگاريءَ واري انداز سان لکي وئي . جنهن لاءِ نجم عباسي لکيو آهي ته ، ”هتي تجريدي ڪهاڻي يورپ ۽ آمريڪا جي نقل طور ۽ فيشن سمجهي لکي ٿي وڃي ۽ نه ارتقائي عمل طور ......... ترقي پسند ڪهاڻيڪار انسان جي ڏکن ، سورن، مايوسين ۽ محرومين جو سبب سماج کي سمجهي ٿو، اهو سماج جو طبقاتي آهي ، جنهن ۾ پنگتي ناانصافي آهي ، اڻبرابري آهي، طبقاتي پرماريت آهي ۽ راڄنيتي ظلم آهي.“
    پر مدد علي سنڌي اهڙي انفراديت ۽ جديديت جي رومانس کان آجو ٿي ترقي پسند قومپرست ۽ تاريخ جي ڄاڻو ليکڪ طور ڪهاڻيءَ جي ڪردارن کي تاريخي انقلابي هيروز ۽ تاريخي واقعن ۽ اڄ جي جديد مسئلن سان ڀيٽيندي ، احساساتي ٻولي ، تشبيهن ۽ ڪردارن جي جيءَ ۾ جايون ٺاهيندڙ مزاج جي اڻت سان اهڙيون ته شاهڪار ڪهاڻيون لکيون آهن جو سندس ڪهاڻيءَ جي مرڪزي ڪردارن سان محبت ٿيو پوي ۽ پڙهندڙ ڪردارن سان گڏ ڀوڳي ، روئي ۽ ڪڏهن کلي به پوي ٿو.
    سندس لکڻي جو اهو به ڪمال آهي جو ڪردارن جي وچ ۾ مذهبي ويڇن جون سرحدون کلي پون ٿيون ۽ هڪ سيڪيولر سماج ساهه کڻي ٿو. اها هڪ صوفي منش، انسان دوست ۽ عالمگيريت جي جذبي واري ليکڪ جي نشاني آهي.
    ڪهاڻي ”ڀڪشو“ جا ڪردار ڪانتا ۽ پروفيسر به مزاج ۾ ڪهاڻي ”ڪرانتيڪار“ جي ڪردارن سان هڪجهڙائي رکن ٿا. هي ڪردار به سماج جا ميچوئر ڪردار آهن جن جي گفتگو ۾ سنڌ ، تاريخي ورثن ۽ انهن جي مستقبل لاءِ الڪو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ دل ڇهندڙ گفتگو ۽ ضمير کي چهنڊڙي هڻندي پڙهندڙ کان وٺي سڄي سنڌي سماج جي توجهه ڇڪرائڻ لاءِ جيڪا ڳالهه ٻولهه ڪردارن کان ڪرائي وئي آهي اها مدد علي سنڌيءَ جي حب الوطنيءَ واري جذبي جو اهڃاڻ آهي. هي جملو ئي ڏسو ، ”ڇا هڪ ڏينهن ماضيءَ جي اتهاس جا هي کنڊر به انسان جيان مٽجي ويندا ؟“ ...... ”ڪڏهن ڪڏهن قومن جي اتهاس ۾ ڪن فردن جي مرڻ ڪري انهن قومن جو شاندار اتهاس برباد ٿي ويندو آهي ........ هن ننڍي کنڍ جو اتهاس سدائين اوچتو حادثن مان ٺهندو رهيو آهي. هتي سدائين فرد ئي قومن جي تقدير ٺاهيندا ۽ بگاڙيندا رهيا آهن“
    ڪردارن کان هن انداز ۾ گفتگو امر جليل کانپوءِ مدد علي سنڌي جي ڪهاڻين ۾ ملي ٿي. پنهنجي همعصرن ۾ مدد علي سنڌي ڪهاڻيءَ کي پنهنجي ڌرتي ڌڻين ۽ وطن جو ڪيس بڻائي جيڪو اتهاس لکيو آهي ان کي هر هر پڙهڻ جي ضرورت آهي. الائي ڇو مدد علي سنڌيءَ کي بحيثيت ڪهاڻيڪار منهنجي راءِ آهي ته ادبي لڏي ، ادارن ۽ نقادن منهن موڙي سندس ڪهاڻين کي وساري ڇڏيو آهي. !؟
    هيتريون شاندار ڪهاڻيون سياري جي چانڊوڪي ۽ ڪکاون گهرن جي سونهن جيان اکين کان اوجهل رهيون آهن!؟
    منهنجي راءِ آهي ته ، سنڌي ڪهاڻيڪارن ، نقادن ۽ پڙهندڙن مدد علي سنڌيءَ جون ڪهاڻيون نه پڙهي ۽ ان جي ڪهاڻين تي تبصرو ۽ انهن جو حوالو نه ڏئي مدد علي سنڌيءَ سان نه پر اصل ۾ پنهنجو پاڻ سان ، ادب سان ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ سان بي واجبي ڪئي آهي.
    ”ڪرانتيڪار“ ڪهاڻي پڙهڻ کانپوءِ مون جڏهن مدد علي سنڌيءَ کي هي ميسيج ڪيو ته ، ”سائين اوهان جي ڪهاڻيءَ جي خمار ۾ آهيان. اوهان جون ڪهاڻيون موکيءَ جا مٽ آهن ، جن مان چُڪيءَ جي سرور آڏو ٻي ڪهاڻي پڙهڻ جي سگهه ئي نه ٿو ساريان.“
    تڏهن موٽ ۾ سائين مدد علي سنڌي فون ڪري چيو هو ته ، ”ادا اوهان جا قرب ، پر هتي ته گهڻا حيران ٿي پڇندا آهن ته اوهان ڪهاڻيون به لکيون آهن ڇا !؟“
    هي آهي الميو هڪ تخليقڪار سان ڪنهن عام ماڻهو نه پر سندس ئي ٽهيءَ جي اديبن جو !
    مدد علي سنڌيءَ جا ٻه ڪهاڻين جا ڪتاب ، ”دل اندر درياو“ ۽ ”هستيءَ جي اُجاڙ ايوان ۾ “ ڇپيا آهن .
    ”ڀڪشو“ ڪهاڻيءَ ۾ هي خوبصورت خيال ڏسو ته ، “ ماضيءَ کان دور ڀڄندڙ ماڻهو ، دريا جي ڪپر جيان هوندا آهن ، جن کي پاڻي پيو ڌيري ڌيري کائيندو آهي.“
    اهو ئي سبب آهي جو مدد علي جي ڪهاڻين ۾ سنڌ جو حال ماضيءِ سان ڳنڍيل آهي. مون مدد عليءَ جي ٽين ڪهاڻي ،”مند نه وسندا مينهن“ پڙهي، جيڪا سال اڳ ”سارنگا“ ۾ ڇپيل آهي ته مرڪي ڏنو، 1980 ۾ لکيل ڪهاڻي ”ڪرانتيڪار“ کان وٺي 2013 ۾ لکيل ڪهاڻي ، ”مند نه وسندا مينهن“ جي وچ واري 34 سالن جي سفر کان پوءِ به مدد علي سنڌيءَ جي ڪهاڻي ءَ جو قد ۽ جوڀن جيئن جو تيئن سلامت آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته هو ادب ۽ ڪهاڻي کان ڪٽيل ناهي رهيو ، ڏات هن تي اڄ به اڳ جيان مهربان آهي، توڙي جو سندس همعصرن ۾ ڪيترائي وڏا ڪهاڻيڪار اڄ ڪنڊائتا ٿي ويا آهن ۽ ڪهاڻيءِ جي ديوي کانئن رسي وئي آهي. ڄڻ ته هنن کان هاڻي ڪهاڻي لکڻ وسري وئي آهي. پر مدد علي سنڌي ماٺ ناهي ڪئي ، هن پنهنجي اندر جي آواز کي شاعري ، ڪهاڻي ۽ ڪالم جي روپ ۾ پڙهندڙ تائين پهچايو آهي.
    مدد علي سنڌيءَ جي ڪهاڻين جا موضوع ، ڪردار ، ٻولي ۽ تشبيهون سندس هڪ الڳ سڃاڻپ پيدا ڪن ٿيون.
    سنڌ اندر ڪيتريون ئي درسگاهون آهن پر انهن مان سنڌ يونيورسٽي جي سڃاڻپ ايتري ته منفرد ۽ رومانوي آهي جو سنڌي ادب ۾ شاعري توڙي ڪهاڻين ۽ ناول تائين يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگردن جي رومانس جي واقعن جاءِ والاري آهي. طارق عالم ابڙو جو ناول، ”رهجي ويل منظر“، عبدالرزاق شيخ جو ناول، ”يونيورسٽي جي ڌنڌ ۾ گم ٿي ويل خواب“ ، منير چانڊيو جا ٻه ناول، ”ڪيف ڌاران ڪوءِ“ ۽ ”تو پڄاڻان“ سميت ڪيترن ئي ليکڪن (ان موضوع ۽ پس منطر تي خود ممتاز لوهار جي ڪهاڻي ”اڻپورا وُجودُ نهايت اهم ڪهاڻي آهي ـــ (مُرتب) جون ڪهاڻيون پڙهندڙن ۾ اڄ به مقبول آهن . مدد علي سنڌي به ،”مند نه وسندا مينهن“ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ هڪ پريمي جوڙي جي وڇوڙي کان پوءِ هڪ دل جي اڪيلائي جي حال کي ماضيءَ جي يادن سان ملائيندي شاهڪار ڪهاڻي لکي آهي. هن ڪهاڻي پڙهڻ دوران ، ڪردارن جي مزاج ۽ ٻولي ۽ ڪهاڻيءَ جي اسٽائل تي سچ ته طار ق عالم ابڙو جي ياد اچي ٿي وڃي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ڏاڍا خوبصورت احساساتي جملا آهن جيئن،
    ” هُوءَ سندس حياتيءَ جي ناول جو وڃايل هڪ باب هُئي .“
    ”جيڪو ڏک ڏئي ان کي ڇڏي ڏي، جنهن کي ڇڏي ڏي ، ان کي ڏک نه ڏي.“
    ”عشق چوماسي جي برسات وانگر هوندو آهي، جنهن تي وسندو آهي ته پوءِ بس نه ڪندو آهي.“
    ”ايئن پنهنجي نظريي ۽ سوچ لاءِ ، ٻين کي ڇو آزاريندا آهيون.“
    سچ ته اهو آهي ته مدد علي سنڌي ڪهاڻيءَ جي دنيا جو ڏاڍو سگهارو نالو آهي ، جنهن جي ڪهاڻي ڪلهه به پنهنجي منفرد اسٽائيل سبب شاندار ڪهاڻي هُئي ۽ اڄ به جديد ڪهاڻيءَ طور پنهنجي منفرد اسٽائيل سان شاهڪار ڪهاڻي طور ڳڻي سگهجي ٿي. مدد علي سنڌي پيار ڪندڙن جو سفير ڪهاڻيڪار آهي. هڪ ڪهاڻيڪار ۽ پڙهندڙ جي حيثيت سان مان سائين مدد علي سنڌي کي آخر ۾ هڪ گذارش اها به ڪندس ته سنڌي ادب ۾ شاهڪار ناول جي اڻاٺ کي سامهون رکندي ڪنهن ناول تي ڪم ڪري جلد سنڌي ادب ۾ هڪ يادگار ناول جو اظافو ڪري.


    زندگيءَ جي پُراسراريت جهڙو شخص:

    نواز خان زئور
    اپريل جي راتڙي جو پهريون پهر هو. آئون جيئن ئي راڻي مينگهواڙ جي سورج پرنٽرس واري دڪان جي در مان ٻاهر نڪتس ته سامهون مدد علي سنڌي تي نظر پيئي. هو موهن مدهوش جي دڪان ۾ احمد سولنگي ۽ موهن سان گڏ ويٺو هو. لڙي وڃي ساڻس مليس.
    ”ويهو!“
    ”نه، دير ٿي وئي آهي، واپس ڳوٺ وڃڻو اٿم“
    ”توهان منهنجي ڪِتابَ تي لکو!“
    ”ڀلي سائين! آئون بلڪل لکندس.“
    ”جيل ڊائري وارو ڪِتاب مون کي ڪونه ڏنو اٿئي!“
    ”اهو به ڏبو. جِتي چئو اتي ڇڏجي.“
    ”هِتي موهن وٽ ئي ڇڏي وڃو، مون کي ملي ويندو.“
    ”ٺيڪ آهي“
    هاڻي وري احمد سولنگي مون سان مخاطب هو:
    ”ادا، توهان کي مُنهنجو ڪِتابُ مليو!؟“
    ”ها بلڪل مليو، قرب. ڏاڍو شاندار ڪِتابُ ڇپايو اٿوَ.“
    احمد جي چهري تي ڏاڙهونءَ ڪڻ جي لالائي جهڙي مرڪَ ڦهلجي وئي.
    ائين بيٺي پير ئي کانئن موڪلايم.
    حيدرآباد جي حيدر چؤنڪ تان گاڏي کي جيئن ئي گل سينٽر ڏانهن موڙيم ته ڪننن دوست جي سارَ هانءُ تي سُري آئي. کيس فون ڪيم.
    ”ڪٿي آهيو!؟“
    ”ضلعي ڪائونسل وارن فليٽن ۾ ڪنهن دوست وٽ ويٺو آهيان. توهان ڪٿي آهي!؟“
    ٿوري دير ۾ اسان ان فليٽ تي هئاسون. اتي رنگ ئي ٻيو هو. دوست مئخاني ۾ جام جرڪايو ويٺا هئا. جڏهن جام جرڪندا آهن، تڏهن ماني ۾ دير ٿيندي آهي. مون تمام وڏي وقت کان وٺي مڌ جهڙي نعمت کان پاڻ پلي ڇڏيو آهي. سو مون کي ته اڳي ماني کائڻي هئي. دوستن کي ان جو احساس هو. سو نيٺ دؤر پورا ٿيا ۽ اسان ماني لاءِ اتي اچي گول بلڊنگ جي ڀر ۾ هڪڙي هوٽل تي پهتاسين، مدد ۽ موهن به اڳ ۾ ئي اتي ويٺا هئا.
    ”ٻڌايو ها ته گڏجي اچي ماني کائون ها.“
    ”آئون ته ويس پئي، اتفاق سان مانيءَ لاءِ ترسڻو پئجي ويو.“
    اسان ڀر واري ميز تي وڃي لڏو لاٿو.
    رات جو ٻيو پهر پوري ٿيڻ تي هو جو آئون حيدرآباد کان واپس ڳوٺ ڏانهن اسهيس.
    اها گهڻي وقت پڄاڻان اسان جي وري ٿيل ملاقات هئي. ورهيه وهامي ويا هئا، جو اسان نه مليا هئاسين. هڪڙو دؤر هو جو اسان روز ملندا هئاسين. پر اسان جو تعلق گهڻو وقت اڳ جڙيو هو. گهڻو وقت اڳ. تڏهن جڏهن اسان مليا ئي نه هئاسين. اهو تعلق هن جي لکڻين وسيلي جڙيو هو. اسان جي ملاقات ته گهڻو پوءِ ٿي هئي.
    پر لکڻين وسيلي جڙين ان واقفيت ۽ ملڻ جي وچ ۾ هڪڙو اڃان ٻيو دؤر به آهي. تڏهن اسين ملندا ڪونه هئاسين، پر هن جو تذڪرو اڪثر اسان دوستن جي وچ ۾ پيو ٿيندو هو.
    مدد علي سنڌي تنهن وقت ۾ ”خلق“ جي نالي سان پنهنجي ذاتي اخباري ڪڍي هئي، جنهن جو ايڊيٽر پڻ هو پاڻ هو. اسان جو دوست شير گاڏهي ان جو نيوز ايڊيٽر هو. عمران لغاري انهيءَ اخبار ۾ سب ايڊيٽر طور لڳو هو. اهو منهنجو يونيورسٽي جي ڏينهن جو زمانو هو. بي فڪري جا ڏهاڙا هئا. چنچل، آوارا، کيچلا، بي فڪر، ڇڙواڳ، رولاڪ ۽ کل خوشين ڀريا ڏينهن. اسان صبح جو يونيورسٽي جي ڪلاسين ۾ هوندا هئاسين. منجھند کانپوءِ آئون هاسٽل تي هوندو هئس. شامَ جو عمران لغاري اخبار ۾ هوندو هو، جِتان هو ۽ شير رات جو گڏجي نڪرندا هئا. آئون ڄامشوري مان حيدرآباد ايندو هئس ۽ پوءِ رات جو دير تائين حيدرآباد جي ٿڌين ۽ خماريل هوائن ۾ رستن تي اسان جون آوارگيون هونديون هيون. آئون دوستن کي شاعري پڻ ٻڌائيندو هئس.

    رات سنسان هي، ڪدهر جائين؟
    خاڪ هوڪر يهين بکهر جائين

    انهن ئي ڪچهرين ۾ مدد علي سنڌي جو خوب ذڪر ٿيندو هو. خلق اخبار جي آفيس ۾ هڪڙي سهڻي ڇوڪري فون آپريٽر هوندي هئي. من جي مؤج ۾ اچي، هڪڙي ڏينهن عمران لغاري ان ڇوڪريءَ کي پيار ڀريو خط لکي وڌو. ڇوڪري نه ڪئي هَم ته تُم: سِڌي مدد علي صاحب جي آفيس ۾؛ ۽ خط وڃي سڌو سندس هٿ ۾ ڏنائين.
    هن انهيءَ دم عمران کي آفيس ۾ گهرائي، اُهي سَتَ سُريون ٻڌايون، جو الله ڏئي ٻانهو سهي. شير گاڏهي مزو وٺي، وٺي اهو قصو ٻُڌائيندو هو.
    ”ادا، مدد صاحب جيڪا منهنجي حالت ڇڏائي، اصل ڳالهه ئي نه پڇ!“ عمران لغاري ٻڌايو. ”اصل عشق تان ئي ارواح کڻائي ڇڏيائين.“
    هاڻي وري سندس چهري تي ٻيو رنگ هو.
    ”پر هڪ ڳالهه ٿي، جڏهن مدد صاحب جي ڪاوڙ لٿي، تڏهن بعد ۾ مون کي وري سندس ڪمري ۾ گهرايائين. چي: (ڇورا! پگهار آئون ڏيان، عشق اوهين ڪريو. مٿو ڦڙيو اَٿو. پر هڪ ڳالهه مڃبي ته ڇوريءَ کي خط تو ڀلو لکيو هو.“
    عمران لاءِ اها وڏي ڳالهه هئي، ته مدد صاحب سندس خط کي واکاڻيو هو.
    مدد صاحب جي لکڻين ۽ قومپرست شاگرد سياست ته سندس ادا ڪيل ڪردار جي ڪري اسان جي دلين ۾ هن لاءِ وڏو احترام هوندو هو. ساڻس ملڻ جي چاهنا پڻ هئي. سو هڪڙي ڏينهن نيٺ سندس اخبار جي آفيس وڃي نڪتس شير ۽ عمران مون کي وٺي هلي ساڻس ملايو. پر سندس گهاٽي ڏاڙهي، ڀاري ڀرڪم جُسو ۽ ڳرو آواز ڪنهن به ماڻهوءَ تي دهشت ويهارڻ لاءِ ڪافي آهن. مٿان وري جو سندس لاءِ انت احترام جو جذبو هو؛ سو اها تعارفي ملاقات تعارف ئي رهي. اها ڪنهن دوستي، ياراڻي يا پنهنجائپ ۾ بدلجي نه سگهي. حجاب جي ڀت ويتر بلند ٿي وئي. ۽ هو مون کي هڪڙو رُکو ماڻهو لڳو.
    هڪڙو رُکو ماڻهو، پر شيرين زبان ليکڪ.
    اڳتي هلي پتو پيو ته بظاهر رُکو نظر ايندڙ اهو ماڻهو نه فقط شيرين زبان ليکلڪ آهي، پر شيرين زبان ماڻهو به آهي. آڪٽوبر 1950ع جي 21 هين آڪٽوبر تي الله بخش قريشي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ مدد علي سنڌي جي طبيعت تي حيدرآباد جي موسم پوري ريت اثر انداز ٿيل آهي. هو حيدرآباد ۾ ڄائو آهي، اتي پليو نپنيو آهي ۽ اتي ئي ننڍو ٿي وڏو ٿيو آهي. اتي ئي پڙهيو آهي. اتان نڪتو ته ڄامشوري سنڌ يونيورسٽي وڃي پڙهيو. ۽ اتان 1973ع ۾ ڪنووڪيشن ڪيس ۾ 3 سالن لاـءِ بعد ۾ 5 سالن لاءِ ريسٽيڪيٽ رهيو. ائين حيدرآباد جي هوائن ۾ پلجندي نپجندي هن رڳي جسماني نشونما نه ڪئي، پر انهيءَ تي ماحول ۾ هن جي ذهني نشونما پڻ ٿي. ان ڪري سندس طبيعت حيدرآباد جي موسم جهڙي آهي. گهڙيءَ ٽانڊا، ته وري ڏس ته ٿڌيون هيرون پيون گهلن. گهڙيءَ گهـٽ ٻوسٽ، ته وري ان گهڙيءَ ٿڌا ٿڌا جھوٽا. ڏينهن تپندڙ تنور، ته رات ٺرندڙ ريت جهڙي. هو به ائين ئي آهي، ڪاوڙ ايندس ته جِتان پيو ايندو اتان پيو ويندو. ڏمربو ته ماڻهو جي مُنهن جو پاڻي وٺي ڇڏيندو. ويرم کانپوءِ ڏس ته وري ڏاڍو ٿڌو ٿانهريو. ڄڻڪ ويل اڳ ڪاوڙيو ئي ڪونه هو. جي هو اڪيلو ماٺ ڪريو ويٺو هوندو ته لڳندو ئي ڪونه ته هيءُ همراهه ڪو اديب آهي. لکڻ ويهندو ته سڄي دنيا جهان کان بيخبر ۽ ايڏي تيزيءَ سان لکندو جو هڪڙي ويهڪ ۾ مضمون تيار. ڪچهري جو ڪوڏيو، محفلن جو مور. سندس آواز چؤڌاري پيو گونجندو.
    شاگرد سياست ۾ هو ته ڏاڍو ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين. وقت جي سرڪار مٿس ايڏي ڏمري، جو هن کي روپوش ٿيڻو پئجي ويو. ڏمريل ڀٽو سرڪار کيس نه ڳولي سگهي ته سندس پوڙهي پيءُ کي آڻي ڪاٺ ۾ وڌائين. مدد علي سنڌيءَ کان وٺي اسلم خيرپوري تائين ۽ عبدالواحد آريسر کان وٺي مون تائين انيڪ قومي ڪارڪنن جي پيئرن کي پٽن جي سياست جي پاداش ۾ ٿاڻن تي واڙيو ويو آهي. انهن لاءِ هر دؤر ڄڻ ساڳوڻو رهيو آهي. قومي غلامي جو دؤر ساڳوڻو ئي هوندو آهي، رڳو ان ۾ حڪمران بدلبا آهن. باقي قومي غلامي جو بدل ته قومي آزادي آهي. سو اوستائين ته عتاب پيا دهرائبا. مدد علي سنڌي سميت سندس سڄو گهر انهن اذيتن ۽ ڪِتابن مان گذريو.
    هن جي اندر جي حساسيت ۽ خارجي حالتن جي دٻاءُ هن کي سياست ۾ هلڻ نه ڏنو. زندگي جي بي وڙي محب ميهار جي گوتي تي گوتو کائيندي هن جو ساهُه ضرور منجھيو، پر هن ادب جي ٻُوڙن مان هٿ نه ڪڍيو، هن پنهنجي اندر جي فنڪار کي مرڻ نه ڏنو.
    سياست هلي وڃي ته ٻيهر ڳولي سگهجي ٿي. سياست وڇڙيل دوست وانگر وري ٻيهار ملي سگهي ٿي. ان سان ڪڏهن به مکا ميلو ڪري سگهجي ٿو. پر پر جي اندر جو فنڪار مري وڃي ته اهو وري ٻيهر شايد ڪڏهن به جيئرو نه ٿي سگهي. ان ڪري گهٽ ۾ گهٽ اهو ته ڏاڍو چڱو ٿيو آهي ته هن پنهنجي اندر جي فنڪار کي مرڻ نه ڏنو آهي.
    مدد علي سنڌيءَ جي شاعري ته محبوب جي ڪَجَ ادائي جهڙي آهي، البت هو نثر نِگار قهر جو آهي. سندس ڪهاڻيون، هجن ناولڙو هجي، نوٽبڪ جا ٽڪرا هجن يا سفرناما: هو نثر لکي ٿو ته دنگ ڪريو ڇڏي. اصل ٻوليءَ جي حسن جا واهڙ وهايو ڇڏي.
    ”ساروڻي ڪڏهن ڪنهن سانوڻي جي وڄ وانگر چمڪندي آهي، ڪڏهن ٽم ٽم ڪندي آهي تارن جيان، ته ڪڏهن ڀڙڪو ڏيئي اٿندي آهي ڪنهن وساميل مچ وانگر.“
    ”ان رات آڪاس گهڻو هيٺ لهي آيو هو ۽ ستارا ان تي ائين پئي چمڪيا، ڄڻ ڪنهن اپسرا جو ستارن سان اڻيل ڪارو رئو هوا ۾ اڏامي وڃي آڪاش ۾ اٽڪيو هجي.“
    ”وقت اهڙو ڪتو آهي، جيڪو ڀؤنڪندو ڀؤنڪندو اسان کي دوزخ جي ڦاٽڪن تي ٿو پهچائي ڇڏي.“
    ”..... ۽ مان هن ڀنڀي ڏاڙهيءَ واري ماڻهوءَ کي چِتائي نهاريان ٿو، جنهن جي هٿ ۾ بندوق آهي ۽ پوءِ به هيسيل آهي!“
    ”خوشنصيب هوندا آهن اهي انسان، جن کي عشق ۾ ڪاميابي حاصل ٿيندي آهي؛ پر ناڪام اهي به نه هوندا آهن، جيڪي محبت ڪندا آهن ۽ ان ۾ کين حاصلات نه ٿيندي آهي.“
    ”هن سپاهين کي منصور جي بنان سِسيءَ جي، ٻئي هٿ، ٻئي پير، ٻئي آهيون ۽ ڄڀ وڍيل لاش کي ٽياس تان لاهي، مٿس تيل هاري ساڙڻ جو حڪم ڏنو. تيل ۾ ٻڏل منصور جو لاش ڀڙڪا ڏئي ٻرڻ لڳو ته انهيءَ باهه ۾ منصور جو لاش نه، پر ڄڻ بغداد شهر ٿي ٻريو.“
    ”شاعري، پيغمبري ۽ عشق ــ ٽنهي جي جڙهڪ ئي ڀانئجي ٿي.“
    مٿين چند سٽن منجھان هن جي ٻولي جي حسناڪي جو مختصر درشن ڪري سگهجي ٿو. هو ڏاڍي سرل انداز ۾، رواني ۽ ڀرپوريت سان لکي ٿو. ماڻهو ائين بنا روڪ پڙهندو ٿو وڃي ڄڻ ڪنهن هموار ميدان تي ڀلي گهوڙي تي سوار هجي. ڪا روڪ نه، ڪو ٿاٻو نه. لَس ئي لس.
    سندس ڪهاڻيون ته لاجواب آهن ئي، ۽ هو ڪهاڻي کيتر سان نڀائيندو به پيو هلي. پر سندس ناولڙو ”هو جي مئا ماڳ ۾“ پڙهي مون سوچيو ته هن جي اندر ۾ ته هڪڙو قهر جو ناول نِگار ويٺو آهي. کيس ضرور ناول لکڻ گهرجي. گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو ته ڪو طويل ۽ ڊگهو ناول لکڻ کپيس. جيڪو ماڻهو سياسي شعور رکندو هجي، سماجي حقيقتن کان شناسا هجي، پنهنجي دؤر جو ادراڪ هجيس، ديو مالا يا ڏند ڪٿا کان واقف هجي، جديد نظرين کي پڙهيو ويٺو هجي، افسانوي ادب لکڻ جو ڏانءَ رکندو هجي ۽ ٻولي تي دسترس رکندو هجي، ان کي ته ضرور ناول لکڻ گهرجي. سو مدد علي سنڌي شاندار ناول لکي سگهي ٿو: ۽ کيس ضرور لکڻ گهرجن.
    هن جا سفرناما پڻ ڪمال جا سفرناما آهن. سفرنامن ۾ هو ماضي، حال ۽ مستقبل کي گڏ گڏ کڻي هلي ٿو. پڙهندڙ کي ائين ٿو ڀاسي، ڄڻ هو پڙهي نه رهيو آهي، پر ڪنهن ڀٽ، ڪنهن ٽڪريءَ تي بيهي پاڻ پنهنجين اکين سان سامهون وارو منظر ڏسي رهيو آهي. سنڌيءَ ۾ اهڙا سفرناما ورلي لکيا ويا آهن. شل هو اڃا وڌيڪَ رُلي سگهي، ته جيئن سندس سفرنامو اڃا وڌيڪَ کُلي سگهي.
    مدد علي سنڌي سان منهنجي ويجھڙائپ جو سبب صحافت بڻجي. ”سنڌ نيوز“ اخبار کان پنهنجي صحافتي سفر جي شروعات ڪندڙ مدد علي سنڌي ڪيترين ئي اخبارن جا وڻ وسايا. سنڌ نيوز، هلال پاڪستان، عبرت، بختور، خلق وغيره کان ٿيندو هو روزاني ”سچ“ ڪراچي جو اچي ايڊيٽر بڻيو. آئون به تن ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ صحافت ۾ قسمت آزمائي ڪري رهيو هئس. روزاني ”برسات“ ۽ اڙدو اخبار ”رياست“ جي دبئي واري صفحي کان ٿيندي مون به اچي ”سچ“ ۾ لڏو لاٿو. ”سچ“ ۾ سب ايڊيٽريءَ ڪرڻ کان پوءِ آئون نيوز ايڊيٽر بڻيس. اهو سڄو عرصو مدد صاحب سچ جو ايڊيٽر بڻيو رهيو.
    هڪڙي ايڊيٽر طور هن جو رويو عملي ڏانهن مجموعي طور تي سٺو هوندو هو. پر جي ڪنهن تي ڪاوڙبو هو ته هيڪر ته باهه جا اُلا هوندو هو. اڳئين ماڻهو جو ساهه ڪڍي ڇڏيندو هو. پر ڪاوڙ اها ئي ٿوري دير هڪ گهڙيءَ جو کيلُ. پوءِ وري اُهڙي جو اُهڙو. هن جي ڪاوڙ ٿوري دير هلندي هئي. ڪکن جي ڍڳ جي ڪنهن ڀنڀٽ وانگر تڪڙي اٿي وري جلدي وسامي ويندي هئي. سندس ڪاوڙ گهڻو وقت نه هلندي هئي. جن ماڻهن جي ڪاوڙ ٿوري دير هلندي آهي، اهي ڪنهن کان وير نه وٺندا آهن. اهي دل جا صاف ۽ درگذر ڪرڻ وارا هوندا آهن. اها ڳالهه مون کي مدد علي سنڌي ۾ پڻ نظر ايندي آهي. هو ڪاوڙبو آهي، جٺ ڪندو آهي، جھڻڪون ڏيندو آهي؛ پر دل ۾ نه ڪندو آهي. گڏوگڏ ماڻهو کي سيکاريندو آهي، سمجھائيندو آهي، رهنمائي ڪندو آهي، هو چُڪون ڪڍي، درستيون ٻڌائيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو صحافت جاکوڙ سارا نوجوان کيس پنهنجو استاد سمجھندا آهن.
    ”سچ“ ۾ مون کي صحافت جي ڏس ۾ کانئس سکڻ جو ڪافي موقعو مليو. آئون جيڪڏهن ڪنهن خبر جي سلسلي ۾ منجھندو هئس ته ساڻس صلاح مشورو ڪري وٺندو هئس. ان دؤر سان اسان جون ڪافي سٺيون يادگيريون وابستا آهن. ڪافي اهڙا واقعا پڻ ٿيا، جيڪي دلچسپ ۽ يادگار آهن. آئون ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته ڪراچي ۾ رهڻ واريون ان وقت جون اهي يادگيريون ڪِتابي شڪل ۾ لکان. جيڪڏهن زندگيءَ ۽ وقت اهڙي مهلت ڏني ته ضرور لکندس. پر هِتي هڪڙي واقعي جو ذڪر آئون ضروري ٿو سمجھان.
    مدد صاحب هڪڙي ڏينهن ٽماهي ”مهراڻ“ جو پرچو منهنجي حوالي ڪيو ۽ چيائين ته پڙهه به سهي ۽ تبصرو به لکينس. مون رسالو پڙهيو ۽ ان تي تفصيلي تبصرو پڻ لکيم. جيڪو ”سچ“ ۾ ڇپيو. جنهن مهل تبصري وارو مضمون اخبار ۾ هڻايم پئي ته مدد صاحب مٿان اچي بيٺو ڏسي چيائين ته ڏاڍو تفصيلي لکيو اٿئي. ڪا اهڙي ڳالهه ته ڪونه لکي اٿئيس نه!؟
    مضمون شايع ٿي ويو. ٻئي ڏينهن تي خبر پيئي ته منهنجي مضمون تي رجعت پسند حلقي وڏو ٻڙڌڪ مچايو آهي. اخبار جا پرچا ساڙيا ويا آهن. مظاهرا ٿيا آهن ۽ ڌمڪين واريون فونون نمائندن ۽ آفيس کي ڪيون ويون آهن.
    آئون جيئن ئي آفيس پهتس ته خبر پيئي ته مدد صاحب مون تي بِر ٿيو ويٺو آهي. آئون پنهنجي ڪرسي تي ويهي اٿيس ۽ سڌو سندس ڪمري ۾ گهڙي ويس. منهنجي پڄندي پڄندي هن جي ڪاوڙ ٿڌي ٿي چڪي هئي. چيائين ”مون کي ٻڌائين ته ها ته ڇا لکيو اٿئي. وڏو مسئلو ٿي ويو آهي، مارائي ڇڏيئي. مون کان پڇ، آئون مهاراجا ڏاهر جي حمايت ۽ ابن قاسم جي مخالفت ۾ لکڻ جي ڪري ٻه ٽي سالَ جيل لوڙي آيو هئس.“
    خير، هن جي دور انديشي جي ڪري ادارو اهڙي ڪنهن آپدا کان بچي ويو، ڪو ڪيس ٻيس داخل نه ٿيو. ائين هڪ اڌ ڀيرا ٻيا به ٿيو، اسان نوجوان ڪانٽي کي ڇڪي رکندا هئاسين. پوءِ هو پيو معاملا ٺاهيندو هو.
    مدد علي سنڌي پنهنجي انداز جي ڪري ڏاڍو تڪراري شخص به رهيو آهي. سندس باري ۾ مختلف حلقن وٽ مختلف راءِ آهي. هر وڏو ڪلاڪار، هر اثرائتو ماڻهو تڪراري هوندو اهي. ان ڪري تڪراري هجڻ، اخلاقي هجڻ ۾ ڪا اربعا خطا ڪانهي. پر آئون هن کي تڪراري هجڻ کان وڌيڪَ پراسرار ماڻهو سمجھندو آهيان. مون کي زندگي جي پراسراريت جهڙو ماڻهو لڳندو آهي. ڪنهن ڪنهن ويل آئون ائين ڀائيندو آهيان ته هو اهڙو ٻوڌي ڀڪشو آهي جيڪو ڪنهن وهار کان وڇـڙي ويو آهي ۽ هن جي دل جو موهن جو دڙو ڀڙڀانگ ٿي ويو آهي. هاڻي هو قلم جي سِنگي ۽ سَنک وڄائي پنهنجي پَٿ کي ڳولي رهيو آهي. هو جنم جنم جو ڳولائو مسافر آهي.
    ڳولا جي انهيءَ سفر ۾ آئون اميد ۾ آهيان ته هو سنڌي ادب جي مڙهيءَ کي اڃا مالان مال ڪندو ۽ سندس قلم ڪاپڙيءَ جا قدم اتي پڻ وڃي دونهيون دُکائيندا ۽ باهڙي ٽمڪائيندا جِتي پکيءَ پير به نه پَسبو آهي.

    جِت نه پکيءَ پير، تت ٽمڪي باهڙي،
    ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪيءَ کير ري

    آئون سندس وڏي ڄمار ۽ مسقتبل ۾ ٿيندڙ سندس وڌيڪَ ادبي پورهيئي لاءِ دل سان دعاڳو آهيان.


    ”شهر صحرا ڀانيان“ جو مطالعو

    ابرار ابڙو
    سنڌي ادب ۾ بيشمار سفرناما لکيا ويا آهن ۽ اڃان به لکجن ٿا پيا، هر سفرنامو پنهنجي اهميت ۽ افاديت ضرور رکندو آهي پر ڪي سفرناما پنهنجي اندر ۾ هڪ ڦهلاءُ رکندا آهن، جنهن ڪري اُهي گهڻن پڙهندڙن جو محور بڻجي ويندا آهن، سفرنامو رڳي هڪ سفر جي وارتا ناهي هوندو، اصل ۾ ان ۾ تاريخي، جاگرافيائي، تهذيبي، ثقافتي ۽ تمدني بيهڪ سمايل هوندي آهي، جنهن سان اُنَ ملڪ، اُنَ شهر ۽ اُنَ خِطي جو مڪمل تعارف سامهون اچي ويندو آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو جنهن سفرنامي ۾ ان ملڪ، اُنَ خطي جي تاريخ، جاگرافي، تهذيب، ثقافت ۽ تمدن کي اُجاگر ڪيو وڃي اهو سفرنامو بي مثال بڻجي وڃي ٿو.
    سائين مدد علي سنڌيءَ جو سفرنامو ”شهر صحرا ڀانيان“ هڪ تمام انوکو، ادبي ۽ منفرد سفرنامو آهي، جنهن جي اثرائِتي ٻولي ۽ بيان جي خوبصورتي پڙهندڙن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺي ٿي، ان ئي سبب جي ڪري سفرنامو ”شهر صحرا ڀانيان“ پڙهڻ شروع ڪرڻ کانپوءِ ختم ڪرڻ کان اڳ بند ڪرڻ تي دل ئي نه ٿي چوي.
    سائين مدد صاحب جي پُراسرار شخصيت پنهنجي اندر ۾ هڪ گهرائي رکي ٿي، ان گهرائيءَ کي جڏهن مدد صاحب لکڻين جي صورت ۾ کولي ٿو ته هڪ ڦهلاءُ، هڪ وسعت، هڪ گونا گونيت نظر اچي ٿي جيڪا سمنڊ جي ڇولين وانگر ڪاڳر تي پرٽجي هڪ بهترين سفرنامي ”شهر صحرا ڀانيان“ کي جنم ڏئي ٿي، هن علمي، ادبي ۽ تاريخي سفرنامي ۾ ڪيتريون ئي ڪيفيتون موجود آهن، مدد علي صاحب ڪڏهن پاڻ ۾ سفر جي ڪرب کي محسوس ڪري عجيب اُٿل پُٿل جي ور چڙهي وڃي ٿو، ڪڏهن جهاز جي سيٽ تي هڪ حسين اڪيلي ڇوڪري کي قلو پيٽرا جو نالو ڏئي ساهن ۾ سرهائي ۽ ٿڌاڻ محسوس ڪري ٿو، ڪڏهن دل جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ ايئرو پلين جي دري مان جھاتي پائي ٿو ته دبئي واري نار تان گذرندي هيٺ سمنڊ جو نيرو پاڻي ڏسندي کيس ڪيٽي بندر ياد اچي ٿو ۽ سنڌ جي سمنڊ کي ساري اندر جي ڪميٽيڊ فرد کي جاڳائي چوي ٿو: ”مون دريءَ مان ٻاهر نهاريو: اُنَ مهل جهاز دبئيءَ واري نار تان اُڏامي رهيو هو، هيٺ سمنڊ جو نيرو پاڻي ڏسندي، مون کي ڪيٽي بندر ياد اچي ويو، دبئي به ڪڏهن ڪيٽي بندر جهڙو هوندو هو، اها ئي عربي سمنڊ جي ڇاڙ، ان جي پسگردائيءَ ۾ سؤ کن گهر، سندن زندگيءَ جو گُذران مڇي مارڻ، ۽ پوءِ وقت بدليو ته دبئي ڇا مان ڇا ٿي ويو، ڪيٽي بندر تي به جيڪڏهن بندرگاهه ٺهي ته هوند اهو به اڳتي هلي دبئيءَ کي مات ڏئي ڇڏي، بهرحال اڄ خليج فارس، يعني عربي سمنڊ جي نار وارين رياستن جي ڀل ڀلان جو ڇيهه آهي، اصل ۾ هي عربي سمنڊ به ڏاڍو عجيب آهي، جيڪڏهن لنگهي ٿو ايران وٽان ته سڏجي ٿو خليج فارس، جي گذري ٿو بنگال وٽان ته خليج بنگال، لنگهي ٿو هندستان وٽان ته بحر هند، گذري ٿو عدن وٽان، ته خليج عدن، پر سنڌ وٽان لنگهندي خبر ناهي تاريخ نويسن اُنَ کي سنڌي سمند ڪري ڇو نه سڏيو آهي؟“
    سائين مدد صاحب جي مٿين ڳالهه ڪيڏي نه وزنائِتي آهي، جيڪا هڪ ذميوار ليکڪ جي ذهن تي تري اچي ٿي ۽ سواليا نشان بڻجي وڃي ٿي.
    لنڊن ويندي جڏهن رستي ۾ مدد صاحب جن جو ايئرو پلين قاهره جي ايئرپورٽ تي لينڊنگ ڪري ٿو، جهاز مان لهي جڏهن پاڪستاني مسافر ٽرانزٽ لائونج ۾ اچن ٿا ته سمورا مُسافر هڪ ڪٽنب جي هئڻ جو منظر پيش ڪن ٿا، اتي سمورن مسافرن کان ٽڪيٽ ۽ پاسپورٽ اميگريشن وارا وٺي هليا وڃن ٿا، ان کان پوءِ کين جيڪو انتظار جي بيچينيءَ مان گذرڻو پوي ٿو، اهو مدد صاحب جي اثرائِتي اسلوب ۾ بيان ٿيل بيحد لُڀائيندڙ آهي، پاڻ لکن ٿا:
    ”هاڻ محسوس ٿيو ته ٽرانزٽ مسافري معنيٰ عذاب، ٽڪيٽ برابر سستي پر بعد ۾ وڏي خواري“ وري لکن ٿا ته:
    ”ايجپٽ ايئرلائين وارا ته اسان مان مورڳو هٿ ڪڍي ويا، بازار مصر جي در يعني قاهره ايئرپورٽ تي ويهي ويهي سچ پچ ته صبر جا سمورا پيمانا لبريز ٿي ويا، انتظار ائين ڏکوئيندڙ ـــ پوءِ کڻي اهو دلربا جو هجي يا ريل جو ـــ ٻنهي ۾ ڏاڍو ڪرب سمايل هوندو آهي، بقول غالب: ”عاشقي صبر طلب ـــ اور تمنا بيتاب“.
    انتظار جي عجيب ڀڃ ڊاهه مان گذرندي نيٺ سڀني مسافرن کي پڪ ٿي وڃي ٿي ته رات هِتي رهڻي ئي رهڻي پوندي ڇو جو قاهره ايئرپورٽ جي بي توجهه عملي جي رُخ مان محسوس ڪري ويا هُئا ته هتان تڪڙي آزادي ناهي ملڻي ۽ پوءِ خبر پوين ٿي ته اسان کي رات رهائڻ لاءِ ڪنهن هوٽل جو اهتمام ڪيو ويو آهي، ائين نيٺ رات گذارڻ لاءِ هوٽل پهچن ٿا، سڀني مُسافرن کي ڪي ڪارڊ (Key card) ملن ٿا، سائين مدد صاحب مليل ڪي ڪارڊ تي بهتر نموني ڳالهائي، ڪافي پڙهندڙن جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪري ٿو جيڪي ان ڪي ڪارڊ کان اڳ ۾ بنهه اڻ واقف آهن ۽ اتي رات گذاريندڙ ساٿي مسافرن مان به ڪن جي لاڪ کولڻ ۾ مدد ڪري ٿو، جن ۾ قلو پيٽرا به شامل آهي.
    سائين مدد علي سنڌي ۽ سندس همسفر ساٿين قمر راڄپر ۽ اعجاز مهر سان قاهره شهر ۽ نيل ندي جي سير لاءِ مصطفيٰ نالي ڊرائيور جي ٽيڪسي بڪ ڪرائي نڪرن ٿا، قاهره جي وزٽ دوران مصر جي تاريخ تي ڳالهائيندي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ مدد صاحب اصل اتان جو ئي رهواسي هُجي، ڇو جو ملڪ جي تاريخ تي اهو ئي بهتر ڳالهائي سگهي ٿو جيڪو يا ته اُنَ ملڪ جو رهواسي هُجي يا اُڻَ ملڪ جو گهرو مطالعو ڪيل هُجيس، مدد صاحب مصر جو رهواسي ته نه آهي پر مصر جي تاريخ جو گهرو مطالعو ضرور ڪيو اٿائين جو مصر جي مختلف دؤرن تي ڳالهائيندي هر دؤر جي بادشاهت تي به سُرت ۽ سرلائي سان ڳالهائيندو وڃي ٿو، قديم مصر ۽ اڄ جي قاهره تي بيحد رواني سان ڳالهائي، ان جي جاگرافيائي بيهڪ ۽ اتان جي رسمن، رواجن تي ڄاڻ ڏيندي حيران ڪري ڇڏي ٿو، ايتريقدر جو قاهره جو سير ڪرائيندڙ ڊرائيور مصطفيٰ کي به اُتان جي ماڻهن ۽ ماڳن جي ڄاڻ ناهي جيتري سائين مدد علي کي آهي، سائين لکي ٿو ته:
    ”۽ اڄ اسين رات جو مصر جي ساڍانو سؤ ورهيه پُراڻي شهر قاهره جي رستن تي هُئاسين، دراصل قديم مصر به اهو ئي علائقو هو، جنهن کي اڄ سڏين ٿا قاهره جي نالي سان، هن شهر کي اولهه کان جبل مقاتم پنهنجي گهيري ۾ آڻي ويٺو آهي ته اوڀر کان وري اٿس نيل ندي، هن علائقي تاريخ جي انيڪ اهم دؤرن کي اکين سان ڏٺو آهي، هڪ هيليو پولس (ٽي هزار هڪ سؤ ويهه قبل مسيح) ٻيو سيمپس، ٽيون بيبيون قلعي وارو دؤر، جِتي اڄ قاهره شهر آباد آهي اتي قديم شهر جو نالو هو ممفس، ان دؤر ۾ اهرام ٺهيا، بيبلون قلعي کي 640ع ۾ اسلامي لشڪر اچي ختم ڪيو.“
    ايتري ۾ نيل ندي جو ڪنارو اچي وڃي ٿو ته مدد صاحب وارا نيل ندي جو سير ڪرائيندڙ لانچ واري سان ڳالهائي لانچ ۾ چڙهي نيل نديءَ جو سير ڪرڻ لڳن ٿا ته اُها نيل ندي تمام گهڻي خوبصورت هوندي به سائين مدد عليءَ کي سنڌو درياهه کان هرگز وڌيڪَ سهڻي نه لڳي هُئي، مدد صاحب لکي ٿو ته:
    ”الائي ڇو قاهره جي وچون وچ لنگهندڙ نيل، ان مهل مون کي ويڪر ۾ سنڌو درياهه کان بنهه ننڍي لڳي، سکر وٽ سنڌو درياهه جو ويڪرو پيٽ ۽ ان جي ٻنهي ڪنارن تي آباد سکر ۽ روهڙي جا ڪنارا مون کي نيل کان وڌيڪَ سهڻا لڳا.“
    سائين مدد علي نيل نديءَ جو سير ڪندي وري اتان جي تاريخ تي ڳالهائي ٿو:
    ”هن ئي نيل مان هڪ چانڊوڪي رات جو هڪ نئون ڄايل ٻار موشي فرعون جي ڌيءُ کي لڌو هو، پوءِ اهو ٻار موسيٰ جي نالي سان فرعون جي فرعونيت سان و ڙهيو، چون ٿا ته جِتي اڄ قاهره شهر آباد آهي، اتي ئي ڪٿي فرعون جا محل هوندا هُئا“.
    مدد صاحب قاهره ۽ نيل نديءَ جي تاريخي حيثيت، ان جي بي انتها خوبصورتي ۽ نيل نديءَ سان اُنَ وقت جي منسوب عقيدن ۽ ريتن، رسمن تي وڏي مهارت ۽ ڏاهپ سان ڳالهايو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس علمي، ادبي ۽ تاريخي سفرنامو ”شهر صحرا ڀانيان“ هڪ رات جي مختصر پيرڊ ۾ پاڻ ۾ تمام وڏو ڦهلاءُ ۽ تخليقي رنگ سمائي ڇڏيا آهن.
    نيل نديءَ جي سير کانپوءِ مدد صاحب وارا جڏهن هوٽل تي واپس اچن ٿا ته کيس اندر جي عجيب بيچين ڪيفيت سمهڻ نٿي ڏئي، هُو ڪمري کان ٻاهر هليو اچي ٿو جِتي اڌ رات گذرڻ کان پوءِ به تمام وڏي رونق لڳي پئي آهي، ٻاهر ايندي ئي کيس مصطفيٰ ڊرائيور جون نظرون ڳولي وٺن ٿيون. مصطفيٰ کيس عمر خيام جي نالي واري وهسڪي پياري ٿو، سائين مدد علي اُنَ سان ايران جي رُباعي جي تمام وڏي شاعر عمر خيام تي ڳالهائي ٿو ته پريان هن سفرنامي جي اصل محرڪ ڪردار قلو پيٽرا کي ايندو ڏسي ٿو، جنهن جي بي انتها خوبصورتي ساڳيءَ طرح مدد صاحب کي ڇڪي وٺي ٿي ۽ عمر خيام وهسڪي جي چڙهيل کيپن ۾ مدد صاحب رهندو مدهوش ٿي وڃي ٿو، قلو پيٽرا پنهنجي ڪمري ڏانهن ويندي به وري جڏهن جلد ئي سڌو مدد صاحب ڏانهن واپس اچي ٿي ته اها پڪ ٿي ٿئي ته قلو پيٽرا مدد علي کان ايترو دور رهندي به ڄڻ ويجھو ويجھو پئي ڦري ٿي ڄڻ مدد صاحب سان ملڻ لاءِ عجيب بيچينيءَ جي ڪيفيت ۾ ٿيڙ کائيندي رهي ٿي ۽ جڏهن قلو پيٽرا ۽ مدد صاحب هڪ پراڻي واقفيت جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وڃن ٿا ته مدد صاحب جي دل باغ بهار بڻجي وڃي ٿي، قلو پيٽرا جنهن جو اصل نالو ناديا آهي، اها پڻ مدد صاحب ۾ هڪ قسم جو اطمينان ۽ آٿت ڳولي وٺي ٿي، سندن ڳالهائڻ جو دائرو وسيع ٿيندو وڃي ٿو، قلو پيٽرا جو ڀڳل ۽ ڀُريل اندر لفظن جي صورت ۾ مدد صاحب اڳيان عيان ٿيندو وڃي ٿو، موٽ ۾ جبل جو ڏيکُ ڏيندڙ مدد صاحب پڻ ڀڄي ۽ ڀري پوي ٿو، سندس اندر جو لڪل عشق همدردي ۽ بي انتها محبت ۾ بدلجي وڃي ٿو، هُو، هُنَ جي دردناڪ ڪيفيتن کي وڌيڪَ ويجھڙائيءَ سان سمجھڻ ۽ محسوس ڪرڻ لڳي ٿو، رات باقي وڃي بچي ٿي وقت جو وايو منڊل تيزيءَ سان وڌندو رهي ٿو، قلو پيٽرا ۽ مدد صاحب ايترا ويجھا ٿيا ئي ڄن ڌار ٿيڻ لاءِ هُئا جو قلو پيٽرا کي ايئرپورٽ وڃڻ جو قوت اچي ويو هو ۽ کيس ڪنهن الڳ فلائيٽ ۾ نيو يارڪ وڃڻو هو. ايئن ئي هُو جيترو تيزيءَ سان ويجھا ٿيا هئا اوترو ئي تيزي سان ڌار ٿيڻ لڳا هئا، ان ڌار ٿيڻ جي لمحن ۾ جيڪا سندن روحاني ۽ وجودي ڀڃ ڊاهه ٿئي ٿي اها مدد صاحب جي لفظن ۾ ئي بيان ڪري هن مطالعي جي پُڄاڻي ڪريان ٿو:
    ”مون هن جي اُنَ ٻانهن تي هٿ رکيو، جنهن ۾ امام ضامن ٻڌل هو ۽ چيو، ”امام ضامن ته توکي اڳي ئي ٻڌل آهي، اهو تنهنجو هِن سڄي سفر ۾ ضامن رهندو، آخر ۾ ڇڙو هڪ دُعا ڪريان ٿو، خُدا توکي غمِ حسين کانسواءِ ٻيو ڪو به غم نه ڏي!“
    هن پنهنجو خوبصورت مخروطي آڱرين وارو هٿ منهنجي هٿ تي رکندي چيو: ”سر ٿينڪ يو، مان توهان کي ڪڏهن به نه وساري سگهنديس!“
    مدد صاحب اڳتي لکي ٿو:
    ”ان مهل مون پنهنجي دل ۾ هن لاءِ ڏاڍي اُڪير ۽ ڇِڪَ محسوس ڪئي، منهنجي دل گهريو ان مهل جيڪر آئون پنهنجي اندر جي ڪا ڳالهه ڪَري ڇڏيان، کيس چوان ته تون نه وڃ، کيس اهو چوان ته تون هلي ويندينءَ ته به تنهنجي يادن جون شمعون، منهنجي اندر ۾ سدائين روشن رهنديون، ڪڏهن به نه وسامنديون“.


    شعور جو روشن ستارو

    عيسى ميمڻ
    شعور جو رشتو رت جي رشتي کان وڌيڪ افضل آهي، ڇاڪاڻ ته رت جا رشتا فطرت جي مھربانين سان جنم وٺندا آهن پر شعور جو رشتو انسان وسيع ترين تجربي ۽ وقت جي وڏي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ جوڙيندو آهي پر رت جي رشتي ۾ انسان جي شعور جو عمل دخل ناهي هوندو. ”سنڌ ۽ ان کان پوءِ عالم انسانيت“ اسان جي شعور جي رشتي جي سڀ کان وڏي ۽ پائيدار ڪڙي رهي آهي جيڪا اسان کي ڪوهين ڏور رهندي به پاڻ ۾ ڳنڍي ٿي. اهو ئي شعور جو رشتو سائين جي ايم سيد کان وٺي ڪارل مارڪس تائين، اسان کي هم آهنگ بڻائي ٿو. ان شعور جي رشتي جي ناتي سنڌ جي وڏي قلمڪار مدد علي سنڌيءَ سان منھنجو رشتو آهي، جنھن جي قلم ۽ علم جي مھڪار اسان جي شعور کي هميشه معطرڪندي رهي آهي.
    12-آڪٽوبر 1950ع ۾ جنم وٺندڙ مدد علي هڪ علمي ۽ ادبي گهراڻي سان تعلق رکندڙ جڏهن قريشيءَ مان سنڌي بڻيو هو. ان وقت ئي محسوس ڪري سگهجي پيو ته هن جي شعور جي اڏام ذات کان ٻاهر نڪري اجتماعي شڪل وٺي رهي هئي. جڏهن حيدرآباد جا، غلام شاهه ڪلھوڙي بنياد پئي وڌا تڏهن مختلف علائقن مان رضاڪارانه طور تي ماڻهن کي حيدرآباد گهرايو ويو هو تڏهن هن جا وڏا به سيوهڻ کان حيدرآباد اچي آباد ٿيا هئا، ان وقت کان وٺي حيدرآباد سان هن جي وڏن جو نينھن جو ناتو جڙي ويو هو. اهو ئي سبب آهي جو مدد علي سنڌي جي جنم ڀومي حيدرآباد اڄ به هن جي رڳ رڳ ۾ سمايل آهي.
    مدد علي سنڌي جيڪو هڪ ئي وقت پنھنجي ذات ۾ ڪيترائي تعارف رکي ٿو. هن جي شخصيت جو سڀ کان پھريون تعارف هڪ سياسي ڪارڪن وارو آهي. ايوب خان جي دؤر ۾ سنڌ جي اندر قومي هلچل هن جي تربيت ۽ ذهني لاڙن کي پاڻ ڏانھن مائل ڪيو هو. ان تحريڪن جي اثر ڪري هي پاڻ به ان تحريڪ جو متحرڪ حصو بڻجي ويو هو. هن جي سياست جو سڀ کان وڏو ڳڻپ جوڳو ڪردار سائين جي ايم سيد جي 1970ع کان پوءِ سياست جي رخ ڏانھن وڃڻ جو آهي. جڏهن سيد، سنڌ جي الڳ شناخت ۽ آزاديءَ جي ڳالهه ڪئي هئي تڏهن سيد سان چئن ماڻهن هيمون ڪالاڻي جي تصوير اڳيان رکي وچن ڪيو هو ته زندگي جي آخري پل تائين توسان نڀائبو. انھن ۾ عبدالواحد آريسر، عمر شورو، شاهه محمد شاهه ۽ مدد علي سنڌي هئا. ان دؤر ۾ سائين جي ايم سيد جي فڪر جي ڦھلاءَ لاءِ جن رسالن اهم ڪردار ادا ڪيو انھن ۾ هڪ هو ”اڳتي قدم“ جيڪو مدد علي سنڌيءَ جي نگرانيءَ ۾ نڪرندو هو ۽ ٻيو هو ”پيغام“ رسالو جنھن جي نگراني عبدالواحد آريسر ڪندو هو. جن سنڌ جي نئين نسل جي ذهني ۽ شعوري تربيت ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. 1978ع تائين هن جو قومپرست تحريڪ ۾ نه وسارڻ جھڙو ڪردار رهيو آهي پر پوءِ سرڪار جي سختين ڪري سندس والد جي 80- سالن جي عمر ۾ گرفتاريءَ سبب، سياست کي الودع ڪري صحافت جي دنيا ۾ داخل ٿيو، جتيوڻيڪ هن جي سياست مان مايوسي خاص ڪري پارٽين جي اندر ڌڙابندي ۽ اسھپ جي روين جي ڪري به ٿي هئي پر پوءِ به اڄ تائين انھن سڀني ڳالھين ۽ شڪايتن تي خاموشيءَ جي مھر سندس چپن تي لڳل آهي ان خاموشيءَ ۾ هزارين راز ۽ داستان لڪل آهن، جيڪي هن شعوري ڪوشش ڪندي پاڻ وٽ دفن ڪري ڇڏيا آهن، ڇاڪاڻ ته هي ڄاڻي ٿو ته آزادي جو هي سفر درست سفر آهي.باقي ان ۾ عملي ڪردار ادا ڪندڙن تي تنقيد جي باوجود به هي انھن سان محبت ڪري ٿو.
    هن جو ٻيو تعارف هڪ ڪھاڻيڪار جي حيثيت ۾ به آهي، هن جون ڪھاڻيون جيڪي 1980ع ۾ ”دل اندر دريا“ نالي ڪتاب سان شايع ٿيون هيون. هن جي ڪھاڻين جي ترتيب (Setting) ئي مختلف آهي، هر ڪھاڻي هڪ خاص گهاڙيٽي ۽ اڻت ۾ لکيل آهي. هن جي ڪردارن ۾ تسلسل آهي، ڪھاڻيءَ جي بيان م سموري وايومنڊل جو عڪس سمايل آهي ته ڪردار به جيئري جاڳندي نظر ايندا. ان ڪري هي سنڌ جي ماياناز ڪھاڻيڪارن ۾ صفِ اول ۾ شامل ٿئي ٿو.
    هن جو ٽيون تعارف هڪ شاعر جي حيثيت ۾ آهي، هن پنھنجي شاعريءَ جي شروعات هڪ ڇوڪريءَ سان عشق ۾ اچي ڪئي هئي، هن جي اندر ۾ ويٺل هڪ عاشق، عشق جي آوي ۾ پچي شاعر جي روپ ۾ راس ٿيو هو. هن جي نثري نظمن جو پھريون ڪتاب ”پنر ملن“ آهي جنھن جي مھورتي تقريب ۾ تنوير عباسيءَ چيو هو ته ”سنڌ ۾ نثري نظمن جو هي پھريون ڪتاب آهي ۽ جڏهن ته هندستان ۾ ڪلا پرڪاش ’ممتا جون لھرون‘ ان کان اڳ ڇپيو هو.“ هڪ شاعر جي حيثيت ۾ مدد علي جي تخيل جي اڀ تائين پرواز ڪندي نظر اچي ٿي.
    هن جو چوٿون تعارف ”صحافت“ آهي، هي جڏهن 1978ع ۾ سياست کي الوداع ڪري صحافت جي دنيا ۾ داخل ٿيو هو تڏهن به هن روايتن کان هٽي ڪري پنھنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهي هئي ۽ آهي. صحافت جي دنيا ۾ اچ به هن جا علائقائي ۽ عالمي سطح جا تجزيا، جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن جي اڄ به زينت بڻجن ٿا، اهي نئين نسل جي خصوصن ۽ عمومن خود سنڌ جي سياست ڪندڙن لاءِ رهنمائي جو ڪردار ادا ڪن ٿا. هن ڪيترن ئي نوجوانن جي تربيت ڪئي آهي، جيڪي صحافت ۽ ادب جي دنيا ۾ چمڪندڙ ستارا آهن، جن ۾ خاص ڪري حسن مجتبى، اعجاز منگي، ناز سھتو ۽ جامي چانڊيو وغيره قابل ذڪرآهن. هن جو پنجون سڀ کان وڏو تعارف سندس ذات ۽ ذاتي زندگي آهي. بظاهر جو شيلو، ڪاوڙ ۾ ڀريل، تيز لھجي ۾ ڳالھائيندڙ، سخت طبيعت رکندڙ انسان هڪ انتھائي حساس مزاج جو مالڪ آهي. هو اڄ به سموري ڪٽنب جو ذميواريون سڀناليندي زندگيءَ جي ڪار وهنوار ۾ ياري دوستيءَ جو ڀرم رکندڙ مدد علي سنڌي هڪ بيچين شخص لڳندو آهي. هي جيڪو پنھنجي ذات جي تڪميل لاءِ مسلسل لکندو رهي ٿو ۽ لکڻ ئي هن جو جياپو آهي. نه ته زندگيءَ جي گهڻن شڪست کائڻ کانپوءِ اڪثر انسان ٽٽي پوندا آهن پر هن زندگيءَ کان ڪڏهن آڻ نه مڃي آهي.
    هن کان جيڪي غلطيون ٿيون آهن، جنھن ڪري سندس ذات تي زبردست تنقيد به ٿي آهي. ان ۾ خاص ڪري ضياءُ الحق جي ڏينھن ۾ ريڊيو پاڪستان تان هلندڙ پروگرام ”ظلم ڪي داستان“ ۾ شريڪ ٿي ڀٽي جي دؤر ۾ پاڻ مٿان ٿيل ظلمن بابت تفصيل ٻڌائڻ آهي. هي پروگرام ضياءُ الحق جي مارشل لا کي درست ثابت ڪرڻ ۽ ڀٽي توڙي جمھوري حڪومتن کي بدنام ڪرڻ لاءِ هلايو ويندو هو. مدد علي سنڌي جو پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ ڪنھن حد تائين ضيائي مارشل لا کي صحيح ثابت ڪرڻ برابر هو. ٻيو سندس ذات تي الزام مشرف جي دؤر ۾ ارباب رحيم جو ميڊيا ايڊوائيزر بڻجڻ آهي.
    انھن سڀني الزامن هوندي به هن جو ڪتاب ۽ ڌرتيءَ سان ازلي پيچ سدائين هن کي تڙپائيندو رهيو آهي ۽ ان تڙپ جي نتيجي ۾ هو مسلسل لکندو رهي ٿو ۽ اهو هن جو لکڻ ئي آهي جنھن ڪري مدد علي سنڌي سان شعور جو رشتو ٽٽڻ نه ٿو ڏئي. هن جو شعور اسان جي شعور کي روشن رکڻ لاءِ ڏياٽيءَ جو ڪم ڏئي رهيو آهي ۽ اها شعور جي ڏياٽي ئي آهي جيڪا مدد علي سنڌيءَ کي تاريخ بڻائي رهي آهي. هن جي ذات کان ڪنھن کي به اختلاف ٿي سگهي ٿو ۽ اختلاف ڪري به سگهجي ٿو پر مدد علي سنڌي جي ڏاهپ، علم ۽ شعور جي پرواز، سنڌ ۽ عالم انسانيت سان محبت کان انڪار، شايد ڪو عقل کان خالي ئي ڪري سگهي ٿو.


    عشق ۽ انقلاب جي ڪرانتيڪار ناسٽلجيا:

    زبير سومرو
    سنڌ ۾ ورهاڱي کانپوءِ وارا ٽي چار ڏهاڪا ادب، قومي تحريڪ ۽ هلچل جي حوالي سان غير معمولي رهيا آهن. جيڪي ماڻهو سٺ، ستر ۽ اسي جي ٽيهن سالن جي زماني ۾ نوجوان هئا، انهن جا قصا ٻڌڻ وٽان آهن.
    هي اهو خوبصورت زمانو آهي جنهن ۾ حيدرآباد جي صبحن ۽ شامن توڙي راتين ۾ سنڌ جي شعور جو تَتُ غير معمولي طور تي متحرڪ هو، جن ۾ سائين محمد ابراهيم جويو، ظفر حسن، امداد حسيني، ولي رام ولڀ، نياز همايوني، ذوالفقار راشدي، طارق اشرف، مراد علي مرزا، حميد سنڌي، ماهتاب محبوب، نثار حسيني، شوڪت شورو، تاج جويو، عبدالواحد آريسر، نفيس احمد ناشاد، اِبن حيات پنهور ۽ مدد علي سنڌي شامل هيا.
    حالانڪه انهيءَ وقت اهڙيون ڪي به سهولتون نه هيون جيڪي اڄ اسان کي مُيسر آهن. اڄ اسان وٽ موبائل فون، (بلڪه هاڻي ته سمارٽ فونز)، ليپ ٽاپس، فيس بوڪ، ٽوئٽر ۽ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي جا بيشمار جديد ذريعا موجود آهن، پر پوءِ به اڄ جي نوجوان وٽ اهو ادراڪ، سوچ، فهم، تخليقي سگهه ۽ گهڻ رخي معلومات نه آهي. مشيني گيجيٽس سان رهي رهي، اڄ جو انسان پاڻ هڪ موبائل فون جهڙي ڊوائيس بڻجي پيو آهي، جنهن جي رڳو ٽچ اسڪرين کي ڇهڻ جي ضرورت آهي.
    ادب، آرٽ ۽ تخليق جي اگر ڳالهه ڪجي ته اڄوڪي تخليقي ادب ۾ اهو رس چس ئي نه آهي، (شاعريءَ کي ڇڏي)، تنقيد ته جهڙوڪر گذاري وئي آهي. رسالا ۽ مخزن اشتهاري ڪاروبار تائين محدود رهجي ويا آهن، اڄ سڄي سنڌ جي ڪنهن به ڪُنڊ ۾ مون کي ڪو هڪ به طارق اشرف جهڙو ايڊيٽر نه ٿو سُجهي.
    ”پنر ملن“، کان وٺي ”دل اندر درياوَ“، ”هستيءَ جي اجاڙ ايوان ۾.“، ۽ ”هو جي مئا ماڳ ۾“ کان وٺي ”شهر صحرا ڀانيان“ تائين اسان جي مدد عليءَ سنڌيءَ جو ساهتڪ سفر اسان جي ٽهيءَ جي لاءِ نه رڳو هڪ حَسين ٽاسٽلجڪ سفر آهي بلڪ سنڌي ادب جو هڪ اڻ مٽ اثاثو آهي.
    ها، هي اهو ئي مدد سنڌي آهي، جنهن گُني سامتاڻيءَ جو جيءُ ڪهاڻين ذريعي جهوريو، جنهن سندس ڪهاڻين کي درد جي ڌاڳي ۾ پوتل ڄاڻي کيس ”ڪافڪا وانگر بنا ڪنهن ڏوهه جي زندگيءَ جي ڪنهن ٽرائل تي چڙهڻ جي“ چاهنا ڏني آهي.
    يا وري هڪ اهو مدد سنڌي، جيڪو هڪ سٻاجھو ڪرانتيڪار بڻجي پوي ٿو ۽، سَردم دُکم دُکم جي سينَ هڻندڙ گوتم ٻُڌ جي ديس واسي قمرالنساء جي هاف ناف سِگار جي سڳندَ جهڙي خوشبو سندس ڪهاڻين ۾ رومانوي رنگ ۾ ڏسجي ٿي ۽ پوءِ لڳي ٿو ته انسان کي آخري ساهه تائين محبت جي مامري ۾ رهڻ کپي ۽ ڪنهن نه ڪنهن ڪانتا، ڪملا، رابيل ۽ رخسانه جي اکين جو اسير رهڻ گهرجي.
    ادبي دنيا کان سواءِ هن ڪرانتيڪاري اديب جو ٻيو هڪ انقلابي طور زبردست تعارف ڪنهن کان وسري سگھي ٿو. ڀلي اڄ اقبال ترين ۽ شاهه محمد شاهه هڪ نئين دنيا وسائي آهي، پر هر ڀيري هن فقير جي ڪچهرين مان ”سن“ جي مٽيءَ جي خوشبو ايندي آهي ۽ مون کي لڳندو آهي ته دنيا جي گونا گونين ۾ گم ٿي ويل هن بي چين شخص جي زندگيءَ جو محور عشق ۽ انقلاب ئي رهيو آهي.
    امداد حسينيءَ جي لفظن ۾ هن فقير جي ڪڏهن نه کٽندڙ سفر جو آغاز ته الائي ڪٿان ۽ ڪيئن ٿيو پر مان سمجهان ٿو هن جو روح پن ڇڻ جي موسمن وانگي ”ر“، ”گ“، ”الف“ ۽ ٻين (شايد) شاعريءَ جي مُحرڪن جي اردگرد ڦرندو رهي ٿو. ڀلي هو سنڌ جي دل ڪراچي جي بوٽ بيسن واري علائقي ۾ دراز قامت ۽ نيري اکين وارين اپسرائن جي آس پاس رهي ٿو پر هن جو پاڳل من اڄ به ها اڄ به نذرت ڪاليج، سِول لائنز، لطيف آباد جي چونڪن تي آوارگي ڪندو نظر اچي ٿو.
    هندستان جو عظيم فارسي گو شاعر مرزا عبدالقادر بيدل، ڪوي بهاري لال، ودياپتي، جئه ديوَ،موهن ڪلپنا، حشو ڪيولراماڻي، پنهنجي مُربي ڀاءُ ممتاز علي قريشي ۽ سڀني کان وڌيڪ سندس ادبي مرشد قرات العين حيدر کان متاثر اسان جو هي سيبتو سرجڻهار اڄ به ناسٽلجيا جي شهر جهڙي صحرا جو واسي لڳندو آهي ۽ اڄ به هن جو اندر انقلابي آهي ۽ “سن” واري سيد جي خواب جي ساڀيا جي ڳولا ۾ آهي ۽ اڄ به هُن جو من صليبي زلفن جي اسيريءَ ۾ آهي ۽ ”رابيل“ جي ماٺي سمنڊ جهڙن نيڻن جي نهار نه وساري سگھيو آهي، هن کي ته ننڍپڻ واري فوزيا ڪنهن مڌر لوڪ گيت وانگر ياد آهي. هن جي روڳي روح کان ته نذرت ڪاليج جون پُنر مِلن جي فلسفي کان بي نياز، اُھي اجنبي ڇيڳريون ڇوڪريون به نه ٿيون وسرن جيڪي سندس نظمن ۾ اڃان جوان آهن.
    ذوالفقار راشدي چواڻي هي “مُحب الفقراء” دل جي معاملي ۾ اڄ به ”اکيون پيرڪري، وڃجي وو وڃجي“ واري لطيفي مصداق جو قائل آهي. آس آهي ته شال ائين ئي لکندو رهي، عشق ۽ انقلاب جا سپنا ڏسندو ۽ ڏيکاريندو رهي.


    دل جي درياهه جو ڪهاڻيڪار

    حبدار سولنگي
    سنڌي ڪهاڻي نادر بيگ مرزا کان منور سراج تائين تخليق جو ڪارائتو سفر طئه ڪيو آهي. ان عرصي ۾ ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ بيشمار فڪري ۽ فني تجربا به وجود ۾ آيا آهن.
    ڪهاڻيءَ جي ان طويل تخليقي دور ۾ هڪ دور ”ماڊرن سنڌي ڪهاڻي“ جو به آيو. سنڌ جي سنڌي ڪهاڻيڪارن مان شوڪت شورو، مشتاق شورو، ماڻڪ، نور الهديٰ شاهه، عبدالحق عالماڻي، فاروق سولنگي ۽ مدد علي سنڌي ان دور جا مڃيل ۽ نمائنده ڪهاڻيڪار ليکيا وڃن ٿا.
    ماڊرن سنڌي ڪهاڻيءَ وارو دور ڪهاڻيءَ جي تخليقيت جو فڪري طور انتهائي سگهارو، روشن ۽ معنوي جوهر وارو دور آهي. جنهن ۾ فرد جي وجود جي پيچيدگين اڪيلاين ۽ تصورن جو انوکو بيان آهي. جنهن ۾ فن جي جدت جو به گهڻو عمل دخل آهي.
    مدد علي سنڌي به ان دور جو مڃيل ڪهاڻيڪار آهي. جنهن وٽ فرد جي اڪيلاين رولاڪين ۽ تصورن جي تپسيا جو نئون جهان دريافت ٿيل آهي. مدد علي سنڌيءَ جون ڪ هاڻيون تخليق جي روشنيءَ سان وهنتل ۽ فڪري طور بيحد ڀرپور ڪهاڻيون آهن. ٻاهرين سماج جي کوکلائپ بدران، اندرئين ماحول (داخلي) ۽ تصوراتي ويڳاڻپ ۽ ڀوڳنا جو عنصر سندس ڪهاڻين ۾ گهڻو ملي ٿو.
    ناميارو شاعر ۽ نقاد رکيل مورائي، مدد علي سنڌيءَ بابت لکي ٿو ته: ”جيتوڻيڪ نثر جي ٻين شاخن ۾ مدد هڪ قصاگو ليکڪ طور اڀري ايندو آهي، پر حيرت جي حد تائين سندس ڪهاڻين ۾ مٿين ڳالهه جي ابتڙ هڪ اداسي ۽ هڪ اهڙي پُراسراريت اُڀري اچي ٿي، جيڪا اڃان تائين سنڌي ڪهاڻيءَ کان گهڻو پري آهي ۽ ان ڪري ئي سندس ڪهاڻيون، سنڌي ڪهاڻيءَ جي فهرست کان الڳ، پنهنجي هڪ نجي فهرست جوڙي بيهن ٿيون. جنهن فهرست ۾ سندس ڪو به همعصر يا هم عمر نه آهي. سندس ويجھو شوڪت شورو، ممتاز مهر، مشتاق شورو، ماڻڪ ۽ نوجوانن ۾ ڪيهر شوڪت، اخلاق انصاري ۽ ڪجهه ٻيا به هوندا پر هو ڪنهن جي ويجھو ناهي، يا هن جي ڪهاڻي ڪنهن جي ويجھو ناهي، فقط سندس شخصيت جي ويجھو آهي. اهڙو اعزاز مدد لاءِ سنڌي ادب ۾ مخصوص آهي.“
    دُک جي بي انت سفر جون سمرتيون، لمحن جي لڇندڙ رڳن جو درد ۽ من جي مٽيءَ جا سورن ڀريا سُر مدد علي سنڌيءَ جي ڪهاڻين ۾ موجود آهن. هو لفطن جو ڪهاڻيڪار ناهي، هو جذبن جو ڪهاڻيڪار آهي! اهي جذبا جيڪي دردن، خواهشن، تصورن ۽ احساس تي دارومدار رکن ٿا. هن وٽ پهچي ڪهاڻي پنهنجي ڀوڳنائن جا سڀ ڀريل پَلو کولي ڇڏي ٿي ۽ پوءِ تخليقيت جو انوکو هڳاءُ ڦهلجي وڃي ٿو.
    ”ڪرانتيڪار“ ڪهاڻيءَ ۾ رولاڪين جو عجيب سفر آهي، احساسن جي پُراسراريت آهي، جيڪا پڙهندڙ جي من کي عجيب سحر ۾ قابو ڪري ڇڏي ٿي، ”مون سدائين انسانن جي قافلن کي گهرن، ماڳن ۽ ديسن جي ڳولا ۾ ڀٽڪندي ڏٺو آهي.“
    ”تاريخ جو تسلسل زندگيءَ جو تسلسل، وڻ وڍي واٽون ڪريان...... اونداهي....... اونداهي ۽ ٻيڙي ڪنهن ڪُنَ ۾ وڃي ڦاٿي هُئي!....
    ۽ هُو ڦيراٽيون کائيندو، تاريخ ۽ وقت جو مسلسل سفر ڪري رهيو هيو!“
    ”مان الائي ڇو ايئن پئي محسوس ڪريان ته مان تنهنجي اندر جي شهر ۾ گهڙندي ئي ڪوئي رستو وڃائي ويٺي آهيان.“
    مجموعي طور هي ڪهاڻي محبت جي ادسين جي تاريخ آهي.
    ”ڀڪشو“ ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ جو وجود پراچين اتهاس جي گهٽين ۾ ڀٽڪندو ٿو رهي، جِتي محبت جون سمرتيون رقص ۾ آهن.
    ”انسان مريو ٿا وڃن پر انهن مري ويل انسانن جا آواز، هلندڙ هوائن ۾ سدائين انسانن جو پيڇو ڪندا رهن ٿا.“
    ”منهنجي ڇاتيءَ تي دُکن جي هڪ ڊگهي اتهاس جو ڪوئي جلوس آهي، جيڪو ڌيري ڌيري گذري رهيو آهي ۽ مان چپ چاپ ان ويندڙ اتهاس جي پويان هلي رهيو آهيان.“
    ”ماضيءَ کان دور ڀڄندڙ ماڻهو، درياهه جيان هوندا آهن، جن کي پاڻي پيو ڌيري ڌيري کائيندو آهي.“
    ”دل اندر درياهه ۾“ پيار جو مٺو مٺو درد سمايل آهي، ڄڻ اڪيلي ڪمري ۾ چندن جلي رهيو آهي. ان کان علاوه سندس ٻيون ڪهاڻيون ”اڌوري پنڌ جا آخري سپنا“، ”ٽٽل زندگيءَ جي اڻپوري گهاٽي“، ”سپريان جي ڳالهڙي“ وغيره به نهايت ڀرپور ڪهاڻيون آهن، جن ۾ لفطن بجاءِ زندگيءَ جا اُهي لمحا آهن، جن لمحن ۾ جذبن جو دردُ آهي، ۽ درد جو درياهه آهي. مدد علي سنڌي دل جي درياهه جو تارو ڪهاڻيڪار آهي، جنهن دل جي لهرن جون ڪهاڻيون لکيون آهن، جيڪو احساس جي ڇولين ۾ ڇليو آهي، جنهن ڪري سندس ڪهاڻين ۾ عجيب بي چيني، اداسي ۽ پُراسراريت آهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 558
    ڪتابن جو مشاهدو: 658053
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 231258
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ