ڪتاب جو نالو: مسڻ کان مديني تائين
مصنف: مولوي محمد يامين شورو
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال: 2007
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 07 ڊسمبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 263 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 47 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌيڪا اڪيڊمي ڪتاب نمبر 200
  • سنڌ سلامت پاران :
  • ٻه اکر
  • النظرۃ العابرۃ علیٰ رحلۃ “من مِسَّن الی المدینۃ”
  • FROM MISSAN TO MADINA
  • ليکڪ جو تعارف
  • مهاڳ
  • ابتدابنام خدا
  • ملڪي اقتدار ۾ اوچتو تبديلي :
  • ڏکوئيندڙ اطلاع:
  • شديد انتظار :
  • حج درخواست جي بحالي:
  • سفر جو سانباهو:
  • روانگي لاءِ اجتماعي دعا ۽ استاد صاحب طرفان الوداع:
  • مسڻ کان سفر جي شروعات:
  • حاجي ڪيمپ ۽ سومرا هائوس ۾ هڪ رات:
  • حج ٽرمينل ۾:
  • هوائي جهازن بابت:
  • جهاز اڏاڻو:
  • قدرتي نظارا ڪيئن محسوس ٿيا؟:
  • جهاز ۾ نماز:
  • جهاز مان بادلن جو نظارو:
  • ميقات مٿان گذر:
  • حدود حرم ۽ مختلف ميقات:
  • بادل بابت احساس:
  • جده هوائي اڏي تي:
  • سعوديه جو ڪسٽم عملو ۽ سامان جي چيڪنگ:
  • عرب دنيا ۾ پهريون قدم:
  • مڪي شريف ڏي روانگي:
  • مڪي شريف پهتاسون:
  • عمره جي ادائگي:
  • حرم ۾ پهرين نماز ۽ جاءِ رهائش:
  • مڪي شريف جي قديم ۽ جديد تاريخ تي هڪ نظر:
  • طواف ڪندڙ هڪ جوڙو:
  • حرم ۾ آيل جنازو ۽ هڪ جيب ڪترو:
  • بيت الله جي مؤذن جو ديدار:
  • عربن سان پهرين ڪچهري:
  • غسل ڪعبه:
  • الحرم لائبريري جو ديدار:
  • حرم شريف جي فضيلت:
  • بيت الله جي تاريخ ۽ ابراهيمي تعمير:
  • قريشن هٿان بيت الله جي تعمير:
  • حضرت عبد الله بن زبير هٿان تعمير ڪعبه:
  • حضرت عبد الله جي شهادت:
  • حجاج بن يوسف هٿان تعمير ڪعبه:
  • ترڪي خليفي هٿان آخري تعمير:
  • ڪعبته الله جو دروازو ۽ غلاف وغيره:
  • مسجد الحرام ۽ انتظامي ادارا:
  • ڳوٺاين سان ملاقات:
  • امام ڪعبه جو خدا جي خوف ۾ روئڻ:
  • هندستاني ميجر سان ملاقات:
  • حرم شريف ۾ پهريون جمعو:
  • هڪ ڀلجي ويل عورت:
  • تهه خاني جي چاڙهي جو دلچسپ واقعو:
  • دبئي جي هڪ شاگرد سان ملاقات:
  • آغاز فريضه حج:
  • مِنيٰ ۾ باهه جو درد ناڪ واقعو:
  • حرم شريف ڏي واپسي:
  • عرفات ڏانهن روانگي:
  • باهه جي متاثرين جا ڪجهه واقعا:
  • عرفات جي ميدان تي:
  • حج جا ڪي ضروري احڪام:
  • حج افراد.
  • حج قِران:
  • حج تمتع:
  • مزدلفه ڏانهن موٽ:
  • مزدلفه ۾ کجور جو تحفو:
  • مزدلفه ۾ رات ڪيئن گذارجي؟
  • منيٰ ڏانهن روانگي:
  • وڏي شيطان کي پٿريون هڻڻ:
  • شيطان کي پٿريون ڇو ٿيون هڻجن؟
  • طواف زيارت:
  • منيٰ ڏانهن واپسي ۽ باهه بابت خبرون:
  • سعودي اخبار جي حج بابت رپورٽ:
  • منيٰ ۾ پهچي پٿريون هڻڻ ۽ رات ترسڻ:
  • شيطان کي پٿريون هڻڻ بابت احڪام:
  • مڪي ۾ پهچڻ ۽ وڇڙيل ساٿين جو ملڻ:
  • جنت المعليٰ جي زيارت:
  • جنت المعليٰ ۾حاضري دوران هڪ واقعو:
  • حافظ صاحب جي معرفت هڪ نئين دوست سان ملاقات:
  • مدرسه صولتيه جي زيارت ۽ تعارف:
  • مدرسه صولتيه:
  • سعوديه ۽ خانگي مذهبي ادارا:
  • شهنشاهي نظام ۽ اسلام:
  • غار حرا جي زيارت:
  • جبل نور ۽ سوچ جي ڌارا:
  • غار حرا جي سامهون:
  • آغا زنبوت ۽ وحي جو نزول:
  • غار حرا تان هيٺ لهڻ:
  • بير ذي طويٰ:
  • نابين پيش امام:
  • قاري عبد الباسط جي ڪيسٽ:
  • مسجد خالد بن وليد جي خطيب سان ملاقات:
  • الحرم لائبريري جو تعارف:
  • جميعت علماءِ هند جي اجلاس جي رپورٽ:
  • الحرم لائبريري ۾ عربن سان ڪچهري:
  • حاجي ابراهيم طرفان ڪيل مهماني:
  • عبد الغني سومري کي منهنجو مشورو:
  • عمرو ڪندڙ ۽ سندن مٿو ڪوڙائڻ:
  • ڳوٺان آيل خط:
  • حضرت عبد الله بن عمر جي قبر تي پهرين حاضري:
  • حضرت عبد الله بن عمر جي شخصيت تي هڪ نظر:
  • حضرت عبد الله بن عمر ۽ حجاج بن يوسف:
  • صحابه ڪرام جو اجمالي تعارف:
  • حرم شريف ۾ هڪ پينو ڇوڪري:
  • حاجي ابراهيم جي مان ۾ دعوت:
  • غار ثور جي زيارت ۽ هجرت جو واقعو:
  • جبل ثور تي لڳل هڪ بورڊ:
  • بهشت جا اٺ دروازا ۽ حرم شريف:
  • دعا قبول ٿيڻ جون جايون:
  • مڪي شريف جون قابل زيارت جايون:
  • مسجد جن کان ورندي هڪ سنڌي سان ملاقات:
  • معذور، پوڙهن ۽ بيمارن لاءِ طواف وغيره جو انتظام:
  • حاجين جي واپسي:
  • ٻه واقعا:
  • انبيائن جي گريه زاري:
  • هڪ ڇرڪائيندڙ واقعو:
  • جيب تراشي جو هڪ واقعو:
  • هڪ بزرگ ۽ ڪتي جي ڳالهه:
  • حضرت عبد الله بن عمر جي قبر تي ٻيو ڀيرو حاضري:
  • فاروقي خاندان جي هڪ بزرگ سان ملاقات:
  • زيارت مدينه جي تياري:
  • حرم مڪي کان موڪلاڻي:
  • ماڪوڙين جي الوداع:
  • زمزم جو پاڻي ۽ ڪفن:
  • مدينه ڏانهن روانگي لاءِ انتظار:
  • بسن جي روانگي:
  • چيڪنگ آفيس ۾ هڪ سنڌي سان ملاقات:
  • مديني ۾ داخلا:
  • مسجد نبوي تي پهرين نظر:
  • بارگاهه رسالت ۾ حاضري:
  • جنت البقيع ۾:
  • حضرت عثمان جي قبر تي حاضري:
  • مدينه ۾ نئون چنڊ:
  • شاهه عبد العزيز لائبريري ۾:
  • مسجد قبا جي زيارت:
  • قبا کان واپسي تي ٻين مسجدن جي زيارت:
  • احد جبل ۽ شهيدن جي قبرن جي زيارت لاءِ روانگي:
  • غزوه احد جي پس منظر ۾ اسلامي غزوات تي هڪ نظر:
  • احد جي ميدان تي:
  • شاهه عبدالعزيز لائبريري جو تعارف:
  • مسجد نبوي ۾ درس قرآن جا حلقا:
  • مديني ۾ اچڻ تي سندن استقبال:
  • ابو ايوب انصاري جا مهمان:
  • مسجد نبوي جو بنياد ۽ تعمير:
  • مسجد اڏڻ جو اصل مقصد:
  • مسجد نبوي جي تعمير ۽ توسيع تي هڪ نظر:
  • موجوده توسيع کانپوءِ مسجد نبوي ۾ ڪيل اضافا:
  • مسجد نبوي اندر زيارت جون جايون.
  • روضو پاڪ رسول جو:
  • قبن جي تعميرات بابت:
  • روضي پاڪ جي زيارت جا آداب:
  • روضي پاڪ ۾ سرنگهه جا ٻه واقعا:
  • مدينه يونيورسٽي جو تعارف:
  • داخلا لاءِ گهربل سرٽيفڪيٽ:
  • مديني ۾ خانگي تعليمي ادارا:
  • مديني ۾ ٻاهرين مسلمانن جو اچي رهڻ:
  • هڪ عرب جي راءِ:
  • قديم ۽ جديد مديني جو جائزو:
  • زيارت مساجد خمسھ ۽ غزوه احزاب:
  • مقدس آثارن بابت:
  • روضي جو نظارو ۽ اندر جا احساس:
  • زيارت مسجد قبلتين ۽ قبله جي تبديلي:
  • حج ۽ عمره جا احڪام:
  • عمره جا احڪام:
  • حج جا تفصيلي احڪام:
  • هر حاجي لاءِ خاص هدايتون:
  • مديني کان واپسي:
  • جده هوائي اڏو:
  • وطن ڏي واپسي:
  • قضا آئي اوچتي:

  • سنڌيڪا اڪيڊمي ڪتاب نمبر 200

    سنڌيڪا اڪيڊمي ڪتاب نمبر 200
    حق ۽ واسطا محفوظ

    پهريون ڇاپو: 2007ع
    ڪتاب جو نالو: مسڻ کان مديني تائين
    ليکڪ: مولوي محمد يامين شورو
    ڪمپوزنگ: نظر حسين ملاح
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: نديم احمد سولنگي
    ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشن ڪراچي
    ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
    مُلهه: /= 200 رپيا

    ملڻ جا هنڌ

    العماد بوڪ سيلرس، اردو بازار، ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور، اردو بازار ڪراچي، سنڌيڪا بوڪ شاپ،19 بلديه پلازا، گهنٽا گهر چوڪ، ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ سکر، سنڌيڪا بوڪ شاپ 23 ٽريڊ سينٽر حيدر چوڪ،شاهه لطيف ڪتاب گهر، مسلم بوڪ اسٽور، ڀٽائي بوڪ هائوس، حيدر چوڪ، گاڏي کاتو حيدرآباد. قليچ ڪتاب گهر، سنڌي لينگويج اٿارٽي، حيدرآباد. سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد، عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي، ڪنڊيارو، قاسميه لائبريري، ڪنڊيارو، نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو، رهبر بوڪ اڪيڊمي، ادبي منزل ڪتاب گهر، بندر روڊ لاڙڪاڻو، رحيم بوڪ اسٽور، مهراڻ چوڪ بدين، خيرپور بوڪ اسٽور، جامعه مسجد روڊ خيرپورميرس، استاد بخاري بوڪس اڪيڊمي، ڪاليج روڊ، دادو، جنيد بوڪ اسٽور، نئون چوڪ دادو، ممتاز نيوز ايجنسي، نئون بس اسٽينڊ دادو، نيو ناولٽي بوڪ اسٽور، مين روڊ، ميرپورماٿيلو، حافظ ڪتاب گهر، بس اسٽينڊ نمبر،2، پنوعاقل. المهراڻ ڪتاب گهر، سانگهڙ، گُل ڪتاب گهر، لکي در شڪارپور.

    خط و ڪتابت لاءِ

    سنڌيڪا اڪيڊمي
    B-24، نيشنل آٽو پلازا مارسٽن روڊ،
    ڪراچي 74400


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.

    ٿورائتا آهيون پياري فهيم فدا شوري جا جنهن هي سفرنامو ڪمپوز ڪري موڪليو ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. ياد رهي ته هي سفرنامو 1997ع ۾ ماهوار الفاروق ڪراچي، الصادق ڪراچي جي رسالن ۾ قسطوار ڇپبو رهيو. ان کان علاوه سائين نور احمد ميمڻ جي تعاون سان سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي طرفان 2007ع ۾ ڇپجي منظر عام تي آيو. مارڪيٽ ۾ اچڻ سان ڪتاب جو اهو ڇاپو ترت ئي وڪامجي ويو ۽ اڻ لڀ ٿي چڪو آهي.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ٻه اکر

    ٻه اکر


    “رِڙهه! رُوحاني سَسئي” جو روپ وٺي،
    حجاز جي هڪ مسافر حَرم جي حُب سيني ۾ سمائي
    ڀلي پار تان ڀيرو ڪيو ته،
    سڪ ڀريو سمورو سفر، لفظن جي لڙهي ۾ پوئجي،
    “مسڻ کان مديني تائين” ڪتابي صورت ۾
    پڌرو ٿي هر ڪنهن جو سونهون بنجي پيو.


    10 ڊسمبر 2006ع (مولانا مفتي) محمد صادق سومرو
    18 ذوالقعده 1427 هه جامعه تعليمات اسلاميه
    ڏتا واهه، ٽنڊو محمد خان


    النظرۃ العابرۃ علیٰ رحلۃ “من مِسَّن الی المدینۃ”

    النظرۃ العابرۃ علیٰ رحلۃ “من مِسَّن الی المدینۃ”
    اللغۃ السندیۃ ھی لغۃ قدیمۃ شھیرۃ بین لغات العالم فصاحۃ و بلاغۃ، حضارۃ و ثقافۃ۔ ادبھا ایضاً محیط باقسام الحیاۃ کلھا۔کما ان الرحلۃ ھی احدیٰ من اقسام الادب، فقد کانت تکتب فی اللغۃ السندیۃ رحلات عدیدۃ التی تدل الیٰ احوال العالم سیا سیاً واجتماعیاً، اقتصاداً و معاشاً۔
    ولو ان فی اللغۃ السندیۃ لیست قلۃ الرحلات، لاکن من وجھۃ النظر الدینی ماکتبت ایّۃ رحلۃ حتی الآن، لذاکان یطلب کل قاریء ٍ رحلۃ تزیل عطشہ بالتنزہ العلمی الدینی، و تروِی القراء الذین یطلبون بالاشتیاق رحلات دینیۃ خالصۃ۔
    فبعون اللّٰہ ومنَّہٖ تمّت النقص الذی کان فی الادب السندی بھذہ الرحلۃ المسماۃ “من مِسَّن (Missan) الیٰ المدینۃ”، التی کتبھا الشیخ محمد یامین شورو (ھو احد من الکتاب الدینی وانہ لا یکتب ایّۃ کلمۃ او موضوع او عنوان حتیٰ ینتقدہ بفتانۃ فکر الاسلام و بمقیاس العلم الدینی)۔
    فی ھذہ الرحلۃ توجد ماشاھد الکاتب ذھاباً و ایاباً وعاین ماشیاً وراکباً حول الزیارات للمکانات المقدسۃ، خاصۃ فی مکۃ المکرمۃ و المدینۃ المنورۃ، حیث انہ کتب احوال المشاھد بالقلم علی الاوراق لٰکن یحسب القاری بان المشاھد المکتوب کلھا یتحرکون امامہ، کما یریٰ علیٰ شاشۃ الفیدیو۔
    فی ھذہ الرحلۃ لیس من احوال الزیارۃ فحسب، بل فیھا نبذۃ من تاریخ القدیم والجدید للحرمین الشریفین (حرسھما اللّٰہ)، و شیئاً من حیاۃ الرسول علیہ السلام بمکۃ او بالمدینۃ المنورۃ، واحوال ھجرتہ علیہ السلام قبل الھجرۃ اوبعدھا۔ والتعارف للصحابۃ الکرام رضی اللّٰہ عنھم اجمعین و حیاتھم، و افکار ھم، واعمالھم الصالحۃ۔ وامکنۃ الارض المقدسۃ و تاریخھا و مزایاھا۔ و تعارف شعائر الاسلام، والجامعات، والادارات، و المؤسسات، والمعاھد الثقافی و التعلیمی حکومیّاً و خصوصیاً۔
    فی ھذہ الرحلۃ یوجد احکام اداء فریضۃ الحج و العمرۃ بعبارات سھلۃ جاذبۃ، فبقرء ۃ ھذہ الرحلۃ یحصل للقاری معرفۃ کاملۃ عن المناسک کلھا، لذا جدیر بأن یقرئھا کل من یرید السفر لاداء الحج والعمرۃ کی یسھل لہ، مناسک الحج والعمرۃ وما یتعلقھما من الامور فی ضوئِ ھدایۃ ھذہ الرحلۃ۔
    وایضاً من کان یرید الزیارۃ للحرمین الشریفین (حرسھما اللّٰہ) فعلیہ ان یجیء بھذھ الرحلۃ کی یزور بھا الامکنۃ المقدسۃ والمواطن التاریخیۃ للارض المقدسۃ۔
    والحق ان تاریخنا الاسلامی الذھبی ھو مرتبط بتلک الاما کن الحجازی۔
    عسی اللہ ان یتقبل من کاتب ھذھ الرحلۃ جھدہ، وجدھ‘ فی سبیل الدعوۃ والارشاد بقبول حسن، وان یجعل ھذھ الرحلۃ مثمرۃ للمسلمین اھل السند جمیعاً بزاد التقویٰ۔
    و اللہ الموفق لمایحبہ و یرضاہ۔ والسلام


    FROM MISSAN TO MADINA

    FROM MISSAN TO MADINA
    AN INTRODUCTION OF TRAVEL'S ACCOUNT


    Sindhi language is one of the oldest languages of the World. The literature in this language is inexhaustible and very vast and it contains all the genra concerning every walk of life. Along with other branches, there is no lack of Travelogues. In my humble opinion, Sindhi literature is highly obliged to MR. Altaf Shaikh, who has travelled all over the World and pen down his observations to provide the best recreational, historical, social and cultural printed material. But our reverend friend Molvi Mohammad Yamin Shoro in his travelogue, has tried his best to engulf the lack of pure religions printed material in this travelogue. He set of K.S. A. for his sacred pilgrimage of Hajj in 1997.
    Whatever Molvi Sahib saw and wherever he went, he presented it in such a decent and detailed manner that readers could visualize all the scenes and sights in front of them just like a mirror. According to my little knowledge, there is less number traveler's account of Makkah and Madina in Sindhi language. Though every year this sacred congregation of millions in holy places need more space in literature to provide instructions and information to the common people.
    In the traveler's account ''From Missan To Madina" there is more than sufficient knowledge like blessings of Makkah and Madina, primitive and present history, introduction of Sahabas (companions of the Holy Prophet S. W. A), glimpse of the life style of Holy Prophet (S. W. A) value and importance of Holy place educational institution of K. S. A, political, social and economical conditions and all acts that are performed in Umrah and Hajj as per religious instructions in a very simple and precise manner.
    While going throgh this travelogue every pilgrim can get complete religious information about performing Hajj and Umrah.
    It is a very useful guide for those, who are aspiring and preparing themselves for the performance of Hajj
    Over all this book is very informative and knowledge imparting for all the relegious minded persons and after the publication of this book it will make a good addition in Sindhi literature and I hope all the readers will acknowledge and admire it.
    May GOD accept the labour of the writer and make this book useful for every one. (Ameen).


    ليکڪ جو تعارف

    ليکڪ جو تعارف

    مولوي محمد يامين ولد مولانا عبد الرحمان شورو، ولادت 16-04-1959ع.
    سنڌي، اردو، عربي ۽ فارسي جو ڄاڻو. عالم، اديب ۽ شاعر آهي.
    مولوي صاحب محمد يامين، مولوي فاضل عربي، منشي فاضل فارسي فاضل درس نظامي ۽ فاضل وفاق المدارس العربيه پاڪستان ۽ ايم اي عربي سنڌ يونيورسٽي کانسواءِ انگريزي به ڄاڻي ته ٽائپ رائٽر ۽ ڪمپيوٽر آپريٽر به آهي.
    هن وقت گورنمنٽ هائر سيڪينڊري اسڪول ۾ عربي ٽيچر، مسڻ وڏي جي مدرسه دارالهديٰ جو ناظم، مسڻ وڏي جي جامع مسجد جو خطيب، اشاعت العلوم لائبريري مدرسه مسڻ وڏي جو انچارج ۽ ڪيترين لائبريرين ۽ ادارن جو ميمبر آهي. سنڌ جي سڀني وڏين اخبارن، مذهبي ۽ اصلاحي رسالن ۽ سعودي عرب جي مجله الحرس الوطني رياض، هفتيوار الشرق رياض، هفتيوار سيد تي جده، ۽ سنڌي ماهوار الصادق ڪراچي، سه ماهي منبر الاسلام (اردو) ڪراچي لاءِ مضمون مقالا لکندو رهيو آهي، جيڪي وقت بوقت شايع ٿيندا رهن ٿا.
    سندس ڇپيل 200 مضمونن ۽ مقالن کان علاوه سندس شاعري جا مجموعا اداس ريکائون، وکريل موتي، لاهوتي لڏي ويا، لڙڪ لکڻ نه ڏين غزلن، نظمن، مرثين ۽ ڪافين تي مشتمل آهن. نثري مجموعا: دانهون منهنجي ديس جون، گهڙيون گهاريم جن سان، ڪاماري جا قريشي بزرگ، ۽ سنڌي ۾ ترجمو ڪيل جهڙوڪ احسن القصص تفسير سورت يوسف، ڪمالات نبوي ۽ تصوير جو شرعي حڪم کانسواءِ تعليم الاسلام جو عربي ۾ڪيل ترجمو. اهي سڀ مجموعا وٽس اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود ۽ محفوظ آهن.

    (ورتل ماهوار الفاروق ڪراچي مئي 8 9 9 1 ع)


    مهاڳ

    مهاڳ

    بسم الله الرحمان الرحيم
    نحمده و نصلي عليٰ رسوله الڪريم.

    الله تعاليٰ جا اڻ ڳڻيا احسان، جنهن ٻاجهه فرمائي مون گنهه گار کي ڀلي پار تان ڀيرو ڪرڻ جو موقعو عطا فرمايو. جل جلاله عم نواله.

    سڌ ٻڌ جي وهي کان وٺي سالن جا سال سيني ۾ سڪ سمايو روضي پاڪ جي ديدار ۽ وحي جي سرزمين مڪي ۽ مديني جي نظاري لاءِ اندر ۾ هينئن پيو اچاريندو هئس ته،

    سڪ سڪندين لاهه، وڇوڙيا ميڙ پرين،
    ايڏي سگهه سچا ڌڻي، تو هي کي جڳاءِ،
    ميڙائي جو ماءِ، ڪانگ لوندو ڪڏهين.
    هڪ ڀلاري صبح سڄڻن سار لڌي، قاصد هٿان هي چوائي موڪليائون ته،
    “جرس فرياد مي دارد ڪه بربنديد محملها.”

    حرمين جي زيارت لاءِ حاجين جي قافلي وڃڻ جو گهنڊ وڄي چڪو آهي، اوهان جي اطلاع لاءِ عرض ته، سعيو ڪري سگهو هلي انهي قافلي ۾ شامل ٿيو ته جيئن روضي پاڪ جي دلي ديدار ۽ حج جي سعادت ماڻي، بخشش ۽ برڪت سان قلب تان ڪٽ لاهي ايمان کي تازو توانو ڪري آخرت موچاري ڪجي.”
    پوري ڄمار ۾ اهڙي خوشي نه ٿي هئي جيڪا انهي نياپي ٻڌڻ سان ٿي.

    قاصد رسيد، نامه رسيد، خبر رسيد،
    بحيرتم ڪه جانم بڪدامي ڪنم نثار
    دل بهار بهار ٿي وئي ۽ آيل قاصد سان گڏجي روانو ٿيس ۽ وڃي ڪراچي ۾ حج جو فارم ڀريم. نيٺ مقرر وقت تي خدا جي فضل سان حج جي سعادت، مڪي ۽ مديني جون زيارتون ۽ روضي پاڪ جو ديدار پُر انوار نصيب ٿيو. فللھ الحمد.
    4- اپريل 1997 ع مطابق 25 ذوالقعده 1417هه بروز جمعه ڪراچي هوائي اڏي کان روانگي ٿي ته، 16- مئي 1997ع مطابق 10 محرم 1418هه ڇنڇر جي صبح 5 وڳي ڪراچي هوائي اڏي تي خير سان اچي واپس پهتاسون.
    انهي دوران مڪي شريف ۾ لڳ ڀڳ مهينو کن رهڻ جو موقعو مليو ته، مديني منوره ۾ اٺ ڏينهن ۽ جده هوائي اڏي تي ٻه اڍائي ڏينهن گذريا. بس انهن چاليهه ٻائيتاليهه ڏينهن جي ڀلاري سفر جو احوال، اتي جيڪي ڏٺم، ٻڌم، پڙهيم ۽ پروڙيم، سوچيم ۽ سمجهيم تنهن جو تذڪرو قلم جي زباني اوهان پڙهندڙن تائين هن ڪتاب ذريعي پهچايو اٿم.
    گر قبول افتد زهي عزو شرف.
    حقيقت ۾ هن سفرنامه لکڻ جو ڪوبه ارادو ڪونه هئم، پر حج تي وڃڻ وقت منهنجي شفيق ۽ مهربان سائين حضرت مفتي محمد صادق سومرو (جنهاڻ سومرو) مدظله العالي سفرنامه لکڻ جو تاڪيدي امر فرمايو ته، سندن حڪم جي تعميل ڪندي رنڍا روڙيا اٿم.
    جڏهن اهو سفر نامو رف مواد جي صورت ۾ استاد محترم حضرت مولانا عبد الڪريم لغاري(فاضل ديوبند) کي پيش ڪيو هئم ته، پاڻ فرمايائون ته، ابا! ٻار ڄڻبو آهي ته، ان جو نالو به رکبو آهي. ڀلا تو ڪهڙو نالو رکيو آهي؟
    عرض ڪيم ته، اڃا بنان نالي آهي. ته پاڻ فرمايائون ته، اسان انهيء جو نالو “مسڻ کان مديني تائين” تجويز ڪيون ٿا. انهيء نالي سان مذڪوره سفرنامو ماهوار الفاروق ڪراچي ۾ محرم 1419هه مطابق 1998ع کان قسط وار شايع ٿيندو رهيو. ۽ پوءِ ماهوار الصادق ڪراچي ۾ به ساڳي سفرنامه کي قسطن ۾ڇاپڻ شروع ڪيو ويو جيڪو اڃا تائين وقفه بوقفه ڇپجي رهيو آهي. جيتوڻيڪ نه لکڻ جو ڏانء نه ڪي اديب، دانشور ۽ سياح آهيان پر جيئن ته، ڀلي پار جو بيان روح کي راحت ۽ اندر کي آسيس بخشي ٿو انهيڪري پڙهندڙن جي بيحد اصرار تي، هن سفرنامه کي ڪتابي صورت ۾ ڇپائڻ لاءِ حضرت مفتي محمد صادق سومرو جن ذاتي دلچسپي وٺي هڙان وڙان ڪوشش ڪري ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. آئون انهن سڀني همدردن لاءِ هميشه دعاگو آهيان جن منهنجي هن قلمي پورهئي کي مان ڏيئي، اشاعت ۾ آڻي وڏو اعزاز بخشيو آهي. الله تعاليٰ انهن سڀني جون جائز حاجتون ۽ مڙيئي مشڪلاتون حل فرمائي ۽ کين پنهنجي خصوصي ڪرم ۽ ٻاجهه سان نوازي. آمين.
    سفرنامو لکندي پڪ اٿم ته، ڪيتريون اهم ڳالهيون، اهم زيارتون، تاريخي واقعا، حرمين بابت ضروري معلومات مونکان رهجي به وئي هوندي، انهيڪري مهربان پڙهندڙن خاص ڪري اهل علم ۽ اهل ذوق حضرات کي التجا آهي ته، براه ڪرم منهنجي انهن غلطين جي نشاندهي ڪن ته، جيئن آئنده اشاعت ۾ انهن جي درستي، ازالو ۽ اضافو ڪري سگهجي.
    سنڌي ٻولي ۾ حرمين جي سفر بابت بنهه گهٽ مواد آهي. چند آڳاٽن مصنفن مان هڪ ٻه سفرناما ڪي سال اڳ سرسري طور ڏٺا به هئم جهڙوڪ: ڊاڪٽر شمس الدين مرحوم 1913ع ۾ “حجاز، شام ۽ ترڪي جو سفرنامو” نالي هڪ سفرنامو لکيو هو جيڪو ماهوار اديون ڪراچي جلد 5 شماره 12 بابت ماه ڊسمبر 1969ع کان قسط وار شايع ٿيو هو. ۽ ٻيو سفرنامو جناب خواجه حسن جان مجددي سرهندي ٽنڊو سائينداد واري “سفرنامه عراق و شام براسته نجد و بيت الحرام” لکيو هو. بحري جهاز ذريعي سندس سفر جي ابتدا 17 جولاءِ 1914ع ۾ ٿي هئي.
    جيتوڻيڪ اسان جي هي “رنڍا روڙ” سفرنامه جو حق ته ادا ڪري نه ٿي سگهي پر اميد اٿم ته، خالص ديني فڪر جي رنگ ۾ رڱيل هي سفرنامو سڀني مسلمانن لاءِ هڪجهڙو فائديمند ثابت ٿيندو.
    شال رب سائين اسان کي حرمين جي زيارت، حج ۽ عمره جي سعادت بار بار نصيب فرمائي ۽ هر مسلمان جي اهڙي نيڪ عمل کي قبوليت جو شرف بخشي آخرت جو سمر بنائي.

    آمين يارب العالمين.


    ابتدابنام خدا

    ابتدابنام خدا
    بسم الله الرحمان الرحيم


    انسان پنهنجي زندگيء ۾ ڪَئين سانوڻ ۽ سيارا ڏسي ٿو. ڪڏهن بهار جون هيرون ۽مينهوڳي جون ٿڌيون هوائون ٿيون لڳن، ته ڪڏهن باهه جا اُلا وسائيندڙ اونهاري جون لوساٽيندڙ لُڪون.
    زندگيء ۾ جڏهن به ڪو سڻائو واءُ لڳندو آهي ته انسان جو بخت بالا ٿيو وڃي ۽ سندس قسمت ڪر کڻي اهڙو ڏيهه ڏيکاريندي اٿس جنهن جو اولڙو نه خواب ۾ ڏٺو هوندائين نه ڪي سندس خيالي اڏام جي ان تائين رسائي ٿي سگهي هوندي. اهي ته مقدر جا کيل آهن جن جي باري ۾ اڳواٽ اڳڪٿي ڪرڻ ڪنهن جي به وس ڪونهي. خبر ناهي ته، حياتيء ۾ اڃا به ڪهڙا مرحلا ۽ منزلون اچڻيون آهن، تنهن لاءِ ڪوبه تبصري جي جرئت نه ٿو ڪري سگهي.
    انسان جي زندگي مسلسل سفر جي حيثيت رکي ٿي. جنهن جو مثال ڏينهن ۽ رات جو چڪر ڦيرو آهي. انهيء ڦيري سبب زندگيء جو گاڏو اڻ ڄاتل منزل ڏانهن نان اسٽاپ سواري وانگر فل اسپيڊ هلندو رهي ٿو. ڪوبه ماڻهو پوري ڄمار ڇونه هڪ ئي ڳوٺ ۽ هڪ ئي گهر ۾ رهندڙ هجي پر پوءِ به سندس عمر لڳاتار سفر ۾ هوندي آهي. ڏسو ڪونه ٿا ته انهيء ئي ڦيري سبب پينگهي ۾ پيل ٻار جوان ٿيو وڃن، ته جوان پوڙها ٿيو وڃن، ۽ پوڙها وري قبرن حوالي ٿي ويندا آهن. جيتوڻيڪ موت ٻارن، توڙي جوانن يا پوڙهن سڀني تي اچي ٿو پر عام طرح عمر جي لحاظ کان انسان جي پڄاڻي پوڙهپڻ تي ٿيندي آهي.
    منهنجو مطلب هو ته، زندگي هڪ لاڳيتو سفر آهي. پوءِ ڪي سفر خير ٿا ڳڻجن ته ڪي وري سفر شر. الله تعاليٰ اسان کي سفر شر (برائي جي نيت سان ڪيل سفر) کان پناهه ۾ رکي ۽ سفر خير جي توفيق بخشي. آمين.
    منهنجي 38 ساله زندگي ۾ ڪيئي واءُ سڻاوا لڳا ته ڪيئي اَڻاوا. تازو هڪ اهڙو سڻائو واءُ لڳو جنهن مون کي اهڙي ماڳ پهچايو جتي پهچڻ منهنجي وس کان ٻاهر هو. يعني ته قدرت پنهنجي ڪرم سان مسڻ کان مڪي، مديني تائين پهچائي ڇڏيو. جيئن ته هن مادي دنيا ۾ اسباب کان سواءِ ڪابه شيء حاصل ڪرڻ يا ڪنهن جاءِ تي پهچڻ ممڪن ئي ڪونهي، انهيء ڪري مون پاڻ لاءِ اها ڳالهه محال پئي سمجهي. پر جيڪو رب ڪائنات جي مڙني اسبابن جو خالق ۽ مالڪ آهي تنهن جي قدرت ۽ وس کان ڪابه شئي ٻاهر ڪونهي. انهي ئي ٻاجهاري ازخود اسباب پيدا ڪري مون تي پڌرو ڪيو ته جيڪو ڪم ٻانهي لاءِ مشڪل ۽ محال آهي سو خالق ڪائنات جي ارادي سان ئي پل کن ۾ پورو ٿيو وڃي.
    قدرت پنهنجي عجيب ڪارسازيء سان اهو عظيم احسان هن طرح ڪيو جو هڪ اهل خير شخص جي دل ۾ هيء ڳالهه وڌائين جو هو مون (محمد يامين) کي حج تي موڪلڻ لاءِ گهربل سفر خرچ ۽ ضروري بندو بست ڪري. ٿيو هينئن جو محترم مولانا محمد صادق سومري جنهاڻ واري (جنهن جي شفقت جو پاڇو مون تي هميشه سايه فگن رهيو آهي.) مون ڏي حافظ ڪريم ڏني مهيري کي موڪليو ته، “جيڪڏهن حرمين جي زيارت، حج ۽ عمري جو ارادو هجئي ته تيار ٿي اچ تولاءِ قدرت پاران هيء اڻ لڀ موقعو آهي” حضرت مولانا سومري جي انهي پيغام ٻڌڻ کانپوءِ مون سوچيو ته، انهيء کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوشخبري ٿي سگهي ٿي. سو نياپو ملندي ئي ٽوال ڪلهي تي رکي اٿي بيٺس ۽ انهي سڏ تي لبيڪ چئي، آيل همراهه جي ٻڌايل پروگرام مطابق محترم مولانا سومري وٽ وڃي حاضر ٿيس، جيڪو ان وقت سٽيزن ڪالوني حيدر آباد ۾ ترسيل هو. مولانا جن فرمايو ته، “هڪ ماڻهو مون کي هيء پيشڪش ڪئي آهي ته ڪو مناسب شخص چونڊيو ته جيئن ان کي في سبيل الله حج تي موڪلجي. مون توهان کي منتخب ڪيو آهي جيئن ته پيشڪش ڪندڙ همراهه جي رهائش ڪراچيء ۾ آهي انهيڪري حج فارم ڀرائڻ لاءِ توکي مون سان گڏ ڪراچيء هلڻو پوندو.”
    مون وراڻيو ته سائين آئون بلڪل تيار آهيان. سٽيزن ڪالونيء ۾ رات رهي صبح سوير ڪراچيء روانا ٿياسون. واٽ تي مولانا سومري صاحب ٻڌايو ته، “اسان توهان کي ماما حاجي عبد الخالق سومري جي طرفان حج تي ويندڙ ماڻهن سان گڏ موڪلڻ گهرون ٿا ته جيئن توهان کي سفر ۾ سهولت ٿئي. ماما حاجي سندس مڪه جي هڪ دوست کي فون ذريعي آگاهه ڪري پارت به ڪري ڇڏي آهي. انهيء ڪري توهان کي خدا جي مهرباني سان ڪابه تڪليف نه ٿيندي.” ڪراچي پهچڻ تي ٽيڪسي ذريعي حاجي عبدالخالق سومري جي گذري واري بنگلي تي پهتاسون جتي هارون پٺاڻ هزاره وارو موجود هو ساڻس ملياسون. هارون پٺاڻ حاجي عبدالخالق سومري جو اڳوڻو ڊرائيور هو جنهن زندگي ڀر حاجي عبد الخالق جي نوڪري ڪئي، پوڙهي ٿي وڃڻ تي رٽائر ڪيائين هينئر حاجي صاحب، هارون کي ڳوٺان گهرايو هو ته جيئن کيس حج ڪرائي. سو هارون به حج جو فارم ڀرائڻ ۽ منهنجو سفرحج جو ساٿي بنجڻ لاءِ آيل هو. اڳين ۽ وچين نماز کانپوءِ حج جي ٻين ساٿين جي اچڻ جو انتظار ڪيوسون، جن کي انهي ئي بنگله تي اچڻو هو. نيٺ سانجهي نماز ڌاري رهيل ٻه ساٿي رحيم ڏنو سمون ۽ عبد الغني سومرو (جنهن کي سندس مائٽ رئيس عبد الغني ڪري سڏين ٿا) پهتا ته ساڻن ملي حالي حوالي ٿياسون. صبح جو پاسپورٽ سائز فوٽو ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جون فوٽو ڪاپيون ڪڍرايون سون.
    مولانا محمد صادق سومري صاحب مون کي ٻڌايو ته “توهان جي سفر حج جا جمله اخراجات حاجي محمد عيسيٰ ولد حاجي عبدالخالق سومري جي حوالي ڪيل آهن. هاڻي انهي جو سڀني کي انتظار آهي جيئن ئي پهتو ته توهان چئني جا حج فارم گڏ ڀربا. فارم گڏ ڀرائڻ سبب توهان هڪ ئي گروپ شمار ڪيا ويندؤ.”
    اڃا اڳين نماز پڙهي واندا ٿيا هئا سون ته مولانا سومري صاحب مون کي مخاطب ٿي فرمايو ته،“شهر مان ڪا خريداري ڪرڻي هجئي ته هل.” مون عرض ڪيو ته، “سائين! خريداري جا شوق مون کي اصل کان ڪونهي. البت هڪ شوق اٿم ته جديد عربي ٻولي جا ڪي رسالا، اخبارون يا ڪتاب خريد ڪريان.” تنهن تي مولانا سومري صاحب فرمايو ته، “پوءِ ضرور هلبو”. بس اها ڳالهه ڪري اچي گذري واري اسٽاپ کان مني بس ۾ ويٺاسون، جنهن اچي صدر پهچايو. صدر واري علائقي ۾ شاهراهِ عراق ويجهو عربي رسالن جي هڪ مشهور ايجنسي آهي. عرب ملڪن مان نڪرندڙ عربي/ انگريزي رسالا ۽ روزانه اخبارون اتي پهچن ٿيون جتان خريدارن ڏي يا بڪ اسٽالن ڏي موڪليون وڃن ٿيون.
    ايجنسي جي هڪ وڏي هال ۾ عربي رسالن ۽ اخبارن جا دڙا لڳا پيا هئا. مون پنهنجي پسند جا ٽي، چار رسالا خريد ڪيا. ايجنسي جي مينيجر زور ڀريو ته، “توهان اسان جي عربي رسالن يا اخبارن جا مستقل خريدار بنجو”. مون وراڻيو ته، “اسان فقيرن وٽ ايترو پيسو ڪٿي آهي جو عربي رسالن ۽ اخبارن جا خريدار بنجي هڪ هڪ رسالي جا هزارين روپيا سال جو چندو ڏيون.”
    پڙهندڙن مان جيڪڏهن ڪو صاحب انهي ايجنسيء سان رابطو ڪرڻ گهري ته ايڊريس هي آهي.
    پيراڊائز بڪ اسٽال 148، شمڀو ناٿ روڊ صدر ڪراچي.پوسٽ ڪوڊ 74400 فون نمبر: 5683494.
    اتان واپس ٿي گذري پهتاسون. وچين نماز کان پوءِ جناب حافظ محمد صديق ميمڻ (مالڪ علمي پرنٽرس ڪراچي) ۽ جناب ڊاڪٽر ابو سلمان سنڌي سان فون تي رابطو ٿيو. جڏهن ته مدرسه مظهر العلوم کڏو ڪراچي جو فون نمبر نه هئڻ ڪري اتي جي دوستن سان رابطو نه ڪري سگهيس. ٿوري دير کان پوءِ حاجي محمد عيسيٰ به پهچي ويو ته، اسان جي انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون. رات جو دوستن جي رس رهاڻ ٿي ۽ صبح جو نيرن پاڻي کان واندا ٿياسون ته حاجي محمد عيسيٰ پنهنجي ڪار ۾ اسان چئني ساٿين کي پاڻ سان وٺي وڃي حبيب بينڪ پهچايو هر هڪ شخص جا چار چار فارم براءِ حج ڀريا ويا جن سان شناختي ڪارڊ جون چار ڪاپيون ۽ 20 عدد پاسپورٽ سائيز فوٽو به چنبڙايا ويا.
    فارمن تي اسان کان صحيحون وٺي ڪلاڪ کن کانپوءِ اسان کي واندو ڪيو ويو. اهو ڏينهن سومر ۽ 4 نومبر 1996ع جي تاريخ هئي.
    حج فارم جمع ڪرائڻ کان واندا ٿي اسان سڀ ڪار ۾ ويهي واپس سومرا هائوس گذري ڏي روانا ٿياسون.
    واٽ تي حاجي عيسيٰ سومري ٻڌايو ته، توهان مان هڪ هڪ جا66600 (ڇاهٺ هزار 6 سؤ) روپيا جمع ڪرايا ويا. يعني اهو حج جي سفر جو ٽوٽل خرچ هو جيڪو اڳواٽ جمع ڪرايو ويو.
    ياد رهي ته حڪومت پاڪستان جي مذهبي معاملن واري وزارت پاران حج پاليسي96ع جي اعلان مطابق، ڪراچي کان هوائي رستي ويندڙ هر حاجي کان ريگيولر اسڪيم تحت حج لاءِ جملي خرچ ۽ ڪرايه وغيره جا =/60897 (سٺ هزار اٺسؤ ستانوي) روپيا، ۽ اسپانسرشپ اسڪيم تحت =/ 62058 (ٻاهٺ هزار اٺونجاهه) روپيا ورتا ويندا. جڏهن ته حج درخواست فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ، ريگيولر اسڪيم وارن لاءِ 30 آڪٽوبر 1996ع ۽اسپانسر اسڪيم وارن لاءِ14 نومبر 1996ع هئي.
    بهرحال مون مولانا محمد صادق سومري ۽ ٻين سڀني ساٿين کان موڪلايو ۽ بس ذريعي ڳوٺ مسڻ وڏي پهتس. گهر جي سڀني ڀاتين کي ٻڌايم ته، “آئون هڪ نيڪ مرد جي تعاون سان حج جو فارم ڀري آيو آهيان، جي رب سائين کي منظور هوندو ته، هن ئي سال حج جي عظيم سعادت ۽ روضي پاڪ رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي زيارت جو شرف ماڻيندس پر جي نه ته، جڏهن مٿان منظوري ملي.


    ملڪي اقتدار ۾ اوچتو تبديلي :

    ملڪي اقتدار ۾ اوچتو تبديلي :
    اتفاق سان ٻئي ڏينهن اڱاري جي صبح 5 نومبر 1996ع تي پاڪستاني ر يڊيو خبرون ٻڌايون ته، “آڌيء رات صدر اسيمبلي ٽوڙي نگران وزير اعظم معراج خالد مقرر ڪري ڇڏيو آهي. 3 فيبروري 1997ع تي نيون چونڊون ٿينديون.” انهي خبر نيون قياس آرايون پيدا ڪري ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. اسان جي ملڪ تي، هن ملڪ جي ڄائي ڄم کان وٺي ٻن طاقتن سرمايه داري ۽ جاگيرداري جو تسلط رهيو آهي انهيء ڪري جڏهن به سرمايه دار يا جاگيردار جي مفاد کي نقصان ٿيندو يا ٿيڻ جو انديشو هوندو آهي ته، سرمايه دار يا جاگيردار پنهنجي ڀاڙيتو ميڊيا ۽ ڪرايه دار نشرياتي ادارن ذريعي واويلا مچائيندو آهي ته ملڪ جي غريب ۽ ڏتڙيل عوام تباهه ٿي وئي، پورهيت ۽ هاري پنهنجي حقن کان محروم ڪيا پيا وڃن. جمهوريت پامال ٿي رهي آهي وغيره. حالانڪه غريب عوام جو فقط نالو استعمال ڪيو ويندو آهي حقيقت ۾ انهن سرمايه دارن کي پنهنجن مفادن کي ٺيس پهچڻ ڪري انهي اجائي واويلا مچائڻ جي ضرورت پيش ايندي آهي. هتي جو غريب عوام هتي جي طاقتور ڌرين جي گهاڻي جو ڍڳو آهي انهيء ڪري اهو به انهي غلط پروپيگنڊا جي چڪر ۾ اچي وڃي ٿو پوءِ هر طرف جلوس جهنڊا ۽ ڏنڊا ڏسڻ ۾ ايندا آهن. اسيمبلين جي ٽٽڻ جو پس منظر به ڪجهه اهڙو هو. توڙي جو ملڪ عدم استحڪام جو شڪار هو پر مون کي پنهنجي زيارت حرمين جو اونو هو.
    ڪجهه ڏينهن بعد خبر پئي ته، ٻين دوستن به ريگيولر اسڪيم تحت حج جا فارم ڀريا آهن. جهڙوڪ: گل محمد ولد شهلي خان لغاري ڳوٺ مسڻ وڏي، بسم الله خان پٺاڻ مسڻ وڏي، غلام محمد ولد ڪريم بخش لغاري ڳوٺ قاضي نور محمد لغاري لڳ مسڻ وڏي، ڊاڪٽر منٺار ٿيٻو ميرپور خاص ۽ سائين حافظ محمد خان سومرو دوآٻو حيدر آباد. اهو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي جو اهي سڀئي دوست ڀلي ولايت ۾ حج جي موقعي تي گڏ هوندا ۽ اهڙي ڀلاري سفر ۾ هڪ ٻئي جا ساٿي بنبا. انهن دوستن سان روبرو ملي کانئن پڇي پڪ ڪيم ته اهي به مون وانگر حج جا اميدوار ٿي فارم بحال ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ هئا.


    ڏکوئيندڙ اطلاع:

    ڏکوئيندڙ اطلاع:
    اڃا فارم بحال ٿيڻ جي خوشخبري نه پهتي هئي ته، اچانڪ ڏکوئيندڙ اطلاع آيو ته، هارون پٺاڻ هزاره وارو دل جي حرڪت بند ٿيڻ ڪري اوچتو وفات ڪري ويو. انالله وانا اليه راجعون.
    مرحوم هارون اسان سان ڪراچيء ۾ حج لاءِ گڏجي فارم ڀرايو هو. مرحوم زنده دل ۽ نيڪ نمازي هو. اطلاع مطابق پاڻ پنهنجي ڳوٺان پنڌ ڪري هزاره شهر ۾ پهچي ٽيليفون تي حاجي عبدالخالق سومري کي ايم پي اي چونڊجڻ تي مبارڪ ڏيڻ آيو هو. فون تي حاجي صاحب کي مبارڪ ڏيئي خير عافيت پڇي واندو ٿي گرمي سبب اڃا اتي ئي ويٺو هو ته اوچتو وڃي ڪريو. بر وقت ڊاڪٽر گهرايو ويو پر مرحوم وڃي حقيقي مالڪ سان مليو. سچ پچ ته انهي خبر اسان کي ڏاڍو صدمو پهچايو. خدا تعاليٰ مرحوم کي مرهي ۽ جنت ۾ جاءِ عطا ڪري آمين.


    شديد انتظار :

    شديد انتظار :
    اخبارن مطابق جيئن جيئن حج پروازن جا ڏينهن ويجها پئي آيا تيئن تيئن اسانجي انتظار ۾ شدت ايندي وئي تان جو هڪ ڏينهن ٻڌم ته، مسڻ وڏي ۽ ان جي آسپاس جي عازمين حج جا سرڪار پاران حج مبارڪ ڪارڊ پهچي ويا آهن ته مون کي وري پنهنجي فارم جو وڌيڪ اونو ٿي پيو.
    هڪ ڏينهن پاڪستان سرڪار جي حج انتظاميه طرفان اخبارن ۾ بيان ڇپيو ته، هن سال هڪ لک پنجويهه هزار پاڪستاني حج تي ويندا. جن مان چاليهه هزار اسپانسر اسڪيم وارا هوندا (جنهن ۾ اسان فارم ڀرايا هئا) جڏهن ته باقي ريگيولر اسڪيم وارا هوندا.
    پڇا ڳاڇا کانپوءِ خبر پئي ته، حج انتظاميه اسلام آباد وٽ اسپانسر شپ اسڪيم تحت 50 (پنجاهه) هزار درخواستون پهتل آهن. جن مان 40 هزار درخواستون ڪڻن ذريعي بحال قرار ڏيئي باقي رهيل ايندڙ سال لاءِ رکيون وينديون.


    حج درخواست جي بحالي:

    حج درخواست جي بحالي:
    اڃا ٻڏتر ۾ هئس ته، خبر ناهي ته نالو ڪڻي ۾ نڪري يا نه؟ ته مٿان وري اخبار ۾ پڙهيم ته، سعودي وزير حج، پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آيو، جنهن صدر پاڪستان فاروق احمد لغاري سان ملاقات دوران حج جي انتظامن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. انهي ملاقات جو نتيجو هيء نڪتو جو ٻي ڏينهن پاڪستان جي حج انتظاميه اخبارن، ريڊيو ۽ ٽي وي ذريعي اعلان ڪيو ته، اسپانسر اسڪيم تحت پهتل حج درخواستون سڀ جون سڀ بحال آهن. انهي اعلان کان پوءِ اندر جي اڻ تڻ لٿي ۽ مطمئن ٿي خدا جا شڪر ادا ڪيم، جنهن اسان جهڙن ڪارن ڪوجهن جون سالن کان سانڍيل سڪ ڀريون تمنائون، آسون ۽ اميدون پوريون ڪيون. فللھ الحمد والمنت.
    ٿورن ئي ڏينهن ۾ منهنجو حج مبارڪ ڪارڊ، حج پرواز ٽائيم ٽيبل، حج ادا ڪرڻ لاءِ گائيڊ بڪ ڪتاب الحج وغيره ڪنهن دوست ڪراچي کان آڻي ڏنا. ڇوته منهنجو واپسي پتو حاجي عبدالخالق سومري جي گذري ڪراچي واري بنگلي جو ڏنو ويو هو.
    منهنجو پاسپورٽ نمبر1-181418 هو جڏهن ته پروگرام هن طرح هو ته، پرواز نمبر: PK 1615 بيت الحجاج ڪراچي پهچڻ جي تاريخ: 1997-4-2 ڪراچيء کان جدي روانگي 1997-4-4 مديني منوره لاءِ روانگي: حج کانپوءِ.(After Hajj)


    سفر جو سانباهو:

    سفر جو سانباهو:
    حج پروگرام جا ڪاغذ پنهنجي شفيق ۽ مربي استاد قابل احترام حضرت مولانا عبد الڪريم لغاري (مهتمم مدرسه عربيه دارالهديٰ مسڻ وڏي) جن کي به ڏيکاريم ته پاڻ ڏاڍا خوش ٿيا ۽ دعا فرمايائون. وڌيڪ مشورو ڏنائون ته، تنهنجي سفر جو آغاز مسڻ وڏي کان ٿيڻ گهرجي. انهي ڪري تون پهرين پنهنجي سنگتين ساٿين ۽ مٽن مائٽن کان موڪلائي اچ. پوءِ اسان توکي هتان مسڻ کان حج روانگي لاءِ رخصت ڪنداسون. سائين جن جي مشوري مطابق تياري شروع ڪيم. سڀ کان پهرين پنهنجن ٻارن ٻچن کي سندن ناناڻن وٽ ميرپور ساڪري طرف ڇڏي آيس. پوءِ يارن دوستن مٽن مائٽن وٽ وڃي هر هڪ کان چيو چوايو ۽ڪمي ڪوتاهي جي معافي وٺڻ جي خيال سان الوداعي ملاقاتن جو پروگرام ترتيب ڏنم.
    پهرين ته پري پري جي يارن دوستن کي اطلاع ڏيڻ خاطر ٽي چار ڊزن خط لکي، سکر، روهڙي، شڪارپور، لاڙڪاڻو، دادو، نوابشاهه، سانگهڙ، عمرڪوٽ، ڊگهڙي، ٽنڊوباگو، سجاول، بدين، ٺٽو، ماتلي ۽ ٻين شهرن ڏي روانا ڪيم. پوءِ جن ڳوٺن ۽ شهرن ۾وڃڻ جو اتفاق ٿيو، ۽ جن دوستن سان ملاقاتون ٿيون تن جو تفصيل درگذر ڪري فقط نالا لکجن ٿا ته جيئن اهي دوست به هن ساروڻيء ۾ شامل ٿي وڃن.
    1- ڳوٺ مسڻ ننڍي (تعلقه ٽنڊوالهيار):
    وڏيرو حاجي عثمان مڱريو، حافظ احمد کوکر، احمد مڱريو (دڪاندار)، محمد مڱريو ۽ ٻيا.
    2- ڳوٺ قاضي نور محمد لغاري:
    استاد الهڏنو لغاري، استاد غلام قادر لغاري، رئيس عبدالرحمٰن لغاري (فرزند قاضي نورمحمد لغاري) حافظ ذوالفقار لغاري، شاعر خليل احمد کوسو ۽ ٻيا.
    3- ڳوٺ مبارڪ جروار:
    استاد بشير احمد جروار، عبدالڪريم جروار، عبد الواحد جروار، گل منير خان جروار، رئيس غلام صديق جروار، استاد محمد اسحاق جروار، سائين عبد الغفار ميمڻ، عبد الستار جروار ۽ ٻيا
    4- ڳوٺ سومرو لغاري، لڳ سريوال نزد ڪامارو شريف:
    ملان پنهون لغاري، رئيس هوت خان لغاري، ڀورو خان لغاري، شريف خاصخيلي، استاد اشرف سريوال، استاد اڪبر خان سريوال ۽ ٻيا.
    5- ڳوٺ صالح هاليپوٽو نصرپور روڊ:
    مولانا محمد عثمان جتوئي نصرپوري (منهنجو رازدان، معتمد عليه صلاحڪار دوست)، وڏيرو جان محمد هاليپوٽو، وڏيرو منير احمد هاليپوٽو، فقير قابل سهتو، وڏيرو صالح هاليپوٽو، پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد هاليپوٽو، ڊاڪٽر اورنگزيب هاليپوٽو ۽ ٻيا .(نوٽ: مذڪوره ڳوٺ تعلقه ٽنڊي الهيار جا آهن)
    6- ڳوٺ ڀينڊو شريف جي مدرسه جو مهتمم مولانا عبد الخالق پنهور، مدرسه جو ناظم اعليٰ مولانا حاجي عبيد الله پنهور (جيڪي حيدر آباد شهر ۾ رستي ۾ هلندي مليا)
    7- ڳوٺ هاشم ڇٽو ڇني ٽڪري گنجو ٽڪر حيدر آباد:
    سائين حافظ امير الدين ڇٽو(مهتمم مدرسه بدرالعلوم ڇني ٽڪري) مولانا حافظ خدا بخش ڇٽو، حافظ عبدالرزاق شورو، مولاناحافظ حبيب الله ڇٽو (بهترين اديب ۽ ليکڪ ادبي نالو، ابو الاديب سنڌي) ۽ ٻيا.
    8- ڳوٺ هارون شورو لڳ هيرڻ جاگير ٽنڊو محمد خان:
    وڏيرو هارون شورو (والد صاحب جو عزيز ۽ دوست) وڏيرو صاحبڏنو شورو، محمد صديق شورو، وڏيرو الهڏنو شورو (والد صاحب جي سوٽ جو پٽ) ۽ ٻيا مليا.
    9- مدرسه ڌتا واهه لڳ جنهاڻ سومرو:
    حضرت مولانا مفتي محمد صادق سومرو (جنهن جي پُر خلوص همدردي ۽ همت افزائي منهنجي لاءِ وڏي وٿ ۽ آڌار آهي) حافظ صفي الله سومرو، حافظ نجي الله سومرو، مولانا عبد الحفيظ جاڙيجو، سائين ابراهيم سنڌي (مشهور اديب) استاد لونگ خاصخيلي، پروفيسر محمد موسيٰ سٺيو، حافظ رمضان کوڏيو، مولانا حافظ عبد الرزاق سومرو عُرف شيخ فاني، جڏهن ته مولانا فتح محمد مهيري، قاري حافظ عبدالقيوم ڪاٺوڙو موجود نه هئڻ ڪري ملي نه سگهيا. علاوه ازين مدرسه جا جمله ملازمين ۽ شاگرد مليا.
    10- ڳوٺ ڦل شورو مير پور ساڪرو(تپو رامڏيو ديهه سميجاڻي جاگير):
    وڏيرو قائم شورو (منهنجي سڳو چاچو ۽ سهرو) ۽ سندس فرزند عبداللطيف، محمد امين، نبي بخش، الياس ۽ ڄام. ماما راڻو شورو، فيض محمد شورو، مير محمد ولد مرحوم وڏيرو ڦل شورو ۽ ٻيا.
    جيئن ته اتي منهنجا ٻار ٻچابه هئا تن وٽ رهي کين حج کان واپسي تائين جي خرچ پکي لاءِ گهربل رقم ۽ ٻيو گهر جو ضروري سامان به وٺي ڏنم. وڃڻ وقت منهنجي فرزندن فهيم، وسيم، صدام ۽ نياڻي کي (جيڪي اڃا ننڍا آهن) خرچيون ڏيئي خوش ڪري الوداع ڪيم.
    11- ڳوٺ بقا شورو (ساڪرو):
    سيٺ علي محمد شورو، وڏيرو مڱيو شورو، سيٺ عبدالله شورو، وڏيرو محمد يوسف شورو، استاد عبد الرؤف (ادل) شورو، ايوب شورو، حسن شورو پيرو شورو ۽ ٻيا.
    12- ڳوٺ الهه بخش شورو (ساڪرو):
    سيٺ دين محمد شورو، محمد موسيٰ شورو (منهنجا سڳا ماما) ناني ۽ ماسيون وغيره.
    13- کڏو ڪراچي:
    حضرت مولانا محمود حسن ميمڻ (سنڌ جي تاريخي مدرسه مظهر العلوم کڏي جو مهتمم ۽ ماهوار الصادق جو ايڊيٽر) مولانا محمد اسحاق ميمڻ، مولانا حافظ غلام مصطفيٰ راڄپر، حافظ جمال الدين جتوئي، مولوي عزيز الله بروهي (فرزند مولانا الهه ورايو بروهي جيڪو سنڌ جو برک اديب ۽ ڪالم نگار هو)
    جڏهن ته ڊاڪٽر ابو سلمان سنڌي (مشهور محقق، مصنف ۽ مورخ) شيخ محمد عدوي مصري (ايڊيٽر رساله عربي العرب ڪراچي) سان فون تي رابطو ٿيو. علاوه ازين مولانا محمد حسين شاهه سجاولي (ايڊيٽر ماهوار الفاروق سنڌي ڪراچي) ۽ سنڌيڪا اڪيڊمي جي باني جناب نور احمد سنڌي سان بروقت موجود نه هئڻ ڪري فون تي رابطو نه ٿي سگهيو.
    14- زرعي يونيورسٽي ڪالوني ٽنڊو ڄام:
    مولانا عبدالخالق لغاري، مولانا حافظ محمد صديق عمراڻي (اسان جو درويش صفت دانا دوست) الوداعي ملاقاتن جو سلسلو مختصر ڪري موٽي ڳوٺ مسڻ وڏي آيس.
    گهر ۾ موجود والد صاحب کي عرض ڪيم ته، بابا! هاڻي منهنجي حج تي روانگي جو وقت ويجهو آهي مهرباني فرمائي ڪمي ڪوتاهي ۽ گستاخي معاف ڪريو!! پاڻ کٽ تي ليٽيل هو مرڪندي چيائين ته ابا! اولاد جون البيلايون، انگل ۽ آرامائٽ ته معاف ئي ڪري ڇڏيندو آهي. اهڙي ته ڪا ڳالهه به ڪونهي پر اسان سڀ درگذر ڪري ڇڏيو. خدا ڪري تنهنجو سفر خير سان پورو ٿئي. منهنجي هڪڙي ڳالهه ياد رکج ته جڏهن مديني شريف پهچي پاڻ سڳورنﷺ جي روضي پاڪ سامهون حاضر ٿئين ته، منهنجا هن طرح سلام پهچائجانء ته يا رسول الله! تنهنجي امتي عبدالرحمان پٽ عمر جا سلام قبول فرمايو. بس منهنجي اها هڪ ڳالهه نه وسارجانء. مون جواب ۾ هائوڪار ڪندي انشا الله چيو. ٻن ٽن ڏينهن تائين ڳوٺ مسڻ وڏي جي رهواسين، پاڙيوارن ۽ آسپاس جي راڄن مان ايندڙ دوستن ۽ واقفڪارن سان ملاقاتون ٿينديون رهيون.


    روانگي لاءِ اجتماعي دعا ۽ استاد صاحب طرفان الوداع:

    روانگي لاءِ اجتماعي دعا ۽ استاد صاحب طرفان الوداع:
    30 مارچ 1997ع جي وچين نماز مهل، جماعتين کي مخاطب ٿيندي مدرسه مسڻ وڏي جي استاد مولوي محمد حسن لغاري چيو ته، “سڀاڻي 9 وڳي صبح جو مولوي محمد يامين شورو صاحب مسڻ وڏي کان سفر حج تي روانو ٿي رهيو آهي. کيس رخصت ڪرڻ لاءِ سڀئي ماڻهو جامع مسجد مسڻ وڏي ۾ پهچن ته جيئن مولوي صاحب کي اجتماعي دعا سان رخصت ڪريون.”
    بابا سائين به نماز تي آيل هو تنهن انهي اعلان کانپوءِ کلي چيو ته، “اها وري ڪهڙي بدعت شروع ڪئي اٿو. ميان! وڃو ٿا حج تي ته پوءِ اعلانن اجتماعن جي ڪهڙي ضرورت. بس چپ چاپ هليا وڃو.”
    سمهڻي نماز لاءِ جامع مسجد پهتس ته، هڪ ڇوڪر اچي چيو ته، توهان کي سائين مولانا عبدالڪريم صاحب جن سڏين ٿا ته سندن خدمت ۾حاضر ٿيس. فرمايائون ته “ابا! اسان تنهنجي فجر نماز کانپوءِ چانهه پارٽي ڪئي آهي سو اچي شريڪ ٿجو.”
    مون سائين جن جي اها دعوت پاڻ لاءِ هڪ وڏو اعزاز سمجهو. ڇوته سفر حج جو آغاز هڪ عالم باعمل ۽ ولي ڪامل جي صحبت ۽ دعا سان ٿئي ته، يقيناً اهو سفر ابتدا کان آخر تائين بنا ڪنهن تڪليف جي خير خوبي سان پورو ٿيندو.
    گهر اچي بابا سائين کي ٻڌايم ته، سڀاڻي فجر نماز کانپوءِ سائين عبدالڪريم صاحب الوداعي چانهه پارٽي ڪئي آهي ۽ ان کانپوءِ جماعت طرفان جامع مسجد ۾ 9 وڳي ڌاري الوداعي پارٽي آهي. توهان ته ضرور شريڪ ٿجو. بابا سائين وراڻيو ته، “آئون جماعت پاران ڏنل پارٽيء ۾ انشا الله شريڪ ٿيندس. البت فجر وقت مسجد ۾ پهچي نه سگهندس، انهي ڪري سائين مولوي صاحب پاران ڏنل چانهه پارٽي ۾شايد شريڪ نه ٿي سگهان.”
    1- اپريل97ع جي فجر نماز کان فارغ ٿيس ته سج اڀرئي مهل مشفق ۽ مربي استاد حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري صاحب طرفان مدرسه جي استادن شاگردن ۽ دوستن کي گهرايو ويو سڀئي سائين جن جي ڪمري ۾ اچي ويٺا مون کي به جلد پهچڻ جو اطلاع ڪيو ويو. سائين جن جي خدمت ۾ وڃي حاضر ٿيس. دسترخوان تي مختلف قسمن جا بسڪٽ ۽ مٺائي رکيل هئي. اها الوداعي تقريب مختصر، ساده مگر پر وقار هئي. هن تقريب ۾ شامل ٿيندڙن مان بعض جا نالا قابل ذڪر آهن. مولوي مير محمد لغاري، حافظ عبدالحق، مولوي امان الله ڪنڀار، محمد عمر سميجو، طالب سمون، محمد ايوب عادل خاصخيلي، زاهد ڪنڀار ۽ ٻيا. کائڻ پيئڻ کان واندا ٿياسين ته سائين جن مون کي مخاطب ٿي فرمايو ته، “منهنجي ڪابه فرمائش ناهي، فقط هڪ ڳالهه چوندس ته، جڏهن بيت الله شريف سامهون حاضر ٿيڻ جو موقعو ملي ته، ڪعبت الله شريف تي هڪ نظر وجهي رب العالمين کي عرض ڪجانء ته، اي الله! مسڻ وڏي جي مدرسه کي آباد رک. بس اها ئي ڳالهه چوڻي اٿم.” انهي کانپوءِ سائين جن سڀني دوستن کي مخاطب ٿي فرمايو ته،“اسان جو دوست ڀلي پار وڃي ٿو سڀئي گڏجي دعا گهرو ته، هن جو سفر خير عافيت سان مڪمل ٿئي”. سائين جن حافظ عبدالحق لغاري کي چيو ته، “حافظ صاحب! دعا ڪرايو! پوءِ حاضرين جا هٿ دعا لاءِ کڄي ويا. حضرت جن جي دعا گهرڻ وقت مون گنهه گار جي اکين مان ڳوڙها وسڻ شروع ٿي ويا. شايد اهو سندن دعا جو خصوصي اثر هو جيڪو آئون محسوس ڪري رهيو هئس. حضرت جن جي دعائيه جملن تي حاضرين گڏجي آمين آمين چوندا رهيا ۽ دعا ختم ٿي ته، پاڻ مون سان ڀاڪر پائي هٿ ملائي رخصت ڪيائون.
    ٻاهر نڪري حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاري جي فرزندن ميان خليل الرحمان لغاري (ايڊووڪيٽ)، ظهير الدين بابر، رياض احمد لغاري ۽ ظهير ڪنڀر سان جدا جدا ملاقاتون ٿيون.
    گهر اچي ڀائرن، ڀيڻن کان موڪلايم ۽ کين چيم ته بابا جن کي چئجو ته، آئون جامع مسجد ۾ هوندس توهان به اتي اچجو، سموري جماعت اتي گڏ ٿيندي ۽ دعا گهرڻ بعد اتان کان روانگي ٿيندي، ائين چئي سفر حج جو سامان وغيره کڻي پنهنجي مدرسه واري ڪمري ۾ آڻي رکيم.
    9 وڳي ڌاري جماعت ۽ ڳوٺ جا ماڻهو جامع مسجد ۾گڏ ٿيڻ لڳا. جن ۾ رئيس محمد خان لغاري، عبدالڪريم لغاري، بهادر لغاري، الهڏنو ڪنڀار، ڪاڪا محمد لغاري، محمد بچل ملاح، مولوي امان الله ڪنڀار، اقبال شيخ، عبدالخالق شيخ، حاجي محمد اسحاق لغاري، تاج محمد ڪنڀار، سليم ڪنڀار، حافظ عبدالحق لغاري، مولوي محمد حسن لغاري، عبد الحميد ڪنڀار، مولوي مير محمد لغاري، ڊاڪٽر عبد الرحمان ولد حاجي عبد الله لغاري ۽ ٻيا ڪيترائي شامل هئا.
    مولوي محمد حسن لغاري پهرين ته حج جي فضيلت ۽ اهميت تي روشني وڌي ۽ آخر ۾ اجتماعي دعا ڪرائي. دعا وقت حاضرين جو تعداد ڪافي هو. دعا جي اختتام تي رئيس محمد خان لغاري سڀني جماعتين کي چيو ته، منهنجي طرفان سڀني کي سائين يامين جي مان ۾ الوداعي چانهه پارٽي جي دعوت آهي انهيء ڪري سڀئي دوست سائين يامين واري ڪمري (مدرسه جي دفتر) ۾ هلي ويهن. جيئن ئي سڀ دوست اچي ڪمري ۾ ويٺا ته چانهه سان گڏ مٺائي جو وڏو ٿالهه به آڻي رکيو ويو. مون چيو ته رئيس محمد خان! توهان ته چانهه جي دعوت ڏني هئي هتي ته چانهه سان گڏ مٺائي به اچي حاضر ٿي آهي! تنهن تي رئيس وراڻيو ته، سائين! پهرين مٺو وات ڪريو ته پوءِ چانهه پيئون. ڀر ۾ ويٺل ڪنهن دوست چيو ته سائين! هيء مٺائي اڄوڪي الوداعي تقريب جو الائونس آهي تنهن تي ڪافي دوست کليا. ويٺل سڀني دوستن ۾ مٺائي ورهائي وئي ته، مون بابا سائين کي ويٺل نه ڏسي الهڏني ڪنڀار کي چيو ته، بابا لاءِ مٺائي الڳ ڪري رکو، هو اجهو ٿو اچي. اڃا مٺائي الڳ ڪري رکي سون ته مٿان باباسائين به پهچي ويو. سڀئي دوست مٺائي ۽ چانهه کان واندا ٿياسون ته اسان اٿڻ لڳاسون ته بابا سائين فرمايو ته، آئون اجتماعي دعا ۾ پهچي نه سگهيو هئس انهيء ڪري سڀ ويهو ۽ دعا گهرو. دعا کانپوءِ بابا سائين کان موڪلايم ته پاڻ وڏي آواز ۾ فرمايائين ته، سفر خير سان پورو ٿيندو چڱو في امان الله.
    مون موڪلائڻ لاءِ ڪيترن دوستن سان گلي ملڻ جي شروعات ڪئي پر انهن سڀني چيو ته، اسان اسٽينڊ تائين توهان سان گڏ هلندا سون.


    مسڻ کان سفر جي شروعات:

    مسڻ کان سفر جي شروعات:
    نيٺ جلوس جي شڪل ۾ مسڻ واري اسٽينڊ تائين آيا سون جتي ويٺل ڪيترا ڳوٺاڻا ۽ دوست مليا، جهڙوڪ رئيس گل محمد ولد پير بخش لغاري، ڊاڪٽر عبد الرحمان لغاري وغيره. سڀني دوستن کان موڪلايم ته رئيس محمد خان لغاري ڪار ڊرائيور کي اشارو ڪيو ۽ مون سان گڏ رئيس محمد خان لغاري، الهڏنو ڪنڀار، مولوي امان الله ڪنڀار، محمد بچل ملاح ڪار ۾ ويٺا ته ڪار سلطان آباد ڏي رخ ڪري ڊوڙڻ لڳي. روڊ جي ٻنهي پاسن ڳوٺ جا وڻ هڪ هڪ ٿي الوداع ڪرڻ لڳا ۽ آئون دل جو دل ۾ بارگاهه رب العزت جي عظمت ۽ محبوب ڪائنات جي زيارت جو شوق ڇوليون هڻندو محسوس ڪرڻ لڳس.ڪار ۾ ويٺل سڀئي دوست چئي رهيا هئا ته اسان کي دعائن ۾ نه وسارجو. مون کين وراڻيو ته، سڀني لاءِ مغفرت ۽ خير برڪت جي ضرور دعا گهرندس. الله تعاليٰ شال مون کي اهڙي توفيق بخشي.
    چند منٽن کانپوءِ سلطان آباد پهتاسون، ته گڏجي آيل دوستن کان موڪلائي حيدر آباد ڏي ويندڙ بس ۾ ويٺس. واٽ تي ڪيئي ماڻهو چڙهيا ته وري لٿا جن مان ڪي سڃاڻو هئا ته ڪي اڻ سڃاڻو. حيدرآباد کان سجاول ڏي ويندڙ وين ۾ ويٺس جنهن ڌتا واهه اسٽاپ (لڳ جنهاڻ سومرو) تي لاٿو. مين روڊ جي لڳ اوڀر طرف وڏي بلڊنگ ۽ مسجد نظر اچي رهي آهي، اهو آهي مولانا مفتي محمد صادق سومرو صاحب جو مدرسو جامعه تعليمات اسلاميه جي نالي سان. اتي پهچڻ تي مولانا سومرو صاحب مليو ۽ فرمايائين ته، “ تنهنجي حج جا ساٿي ڪراچي روانا ٿي ويا آهن، توسان ڪراچيء تائين گڏ هلڻ جو منهنجو ئي پروگرام هو پر آئون ٺيڪ ناهيان، انهي ڪري حافظ صفي الله (سندس وڏو فرزند) توسان ڪراچيء تائين گڏ هلندو ۽ جهاز ۾ سوار ڪري پوءِ واپس ايندو.”
    مون عرض ڪيو ته“جيئن توهان مناسب سمجهو سو بهتر آهي”
    رات رهي صبح جو سوير آئون ۽ حافظ صفي الله سومرو، مولانا محمد صادق صاحب کان موڪلائي نڪتاسون. ڪوسٽر ۾ ويهي سجاول پهتاسون جتان کان شاهه يقيق ڏي هلندڙ بس ۾ ويهي ڪراچيء روانا ٿياسون. اهو 2- اپريل 1997ع جو ڏينهن هو.
    بس پنهنجي رفتار سان هلندي رهي ۽ ٺٽو، گهارو، داٻيجي لنگهي اڳتي ٿي ته، حج تي ويندڙ حاجين جي هڪ قافلي اچي ڪراس ڪيو. عازمين حج مان مردن کي هار پاتل هئا ته حاجاڻين کي اڇي ڀرت واريون سفيد چادرون اوڍيل هيون. ڊاٽسن ۾ ويٺل انهن حاجي سڳورن پويان مزدا گاڏيون ماڻهن سان کچا کچ ڀريل هيون. جهنڊين ۽ چمڪدار پنين سان سينگاريل گاڏين تي لائوڊ لڳل هئا، جن مان مولود شريفن جون رڪارڊ ڪيل ڪيسٽون ٻڌڻ ۾ پئي آيون. جن بزرگن اهي مولود حضور صه جي سچي سڪ ۽ محبت ۾ چيا هئا سي ته واقعي واکاڻ جوڳا هئا، باقي اڄوڪا همراهه جن جا پڙهيل مولود ٻڌڻ ۾ پئي آيا سي ته رڳو پلٽا هڻي پنهنجي فنڪاري ڏيکاري رهيا هئا. توڙي جو مولود خوانن جي پلٽن ۾ سندن نڙيء مان اڇل ڏيئي نڪرندڙ ريهن گڏيل آوازن مون کي متاثر نه ڪيو پر مڪي ۽ مديني جي محبت، اڪير ۽ اشتياق ۾ دل پاڻي پاڻي ٿي وئي ۽ اکيون پنهنجي سڪ جو ثبوت ڏيندي ڳوڙها ڳاڙڻ شروع ٿيون. منهنجي ڀرسان ويٺل حافظ صفي الله اهو منظر ڏسي محو حيرت هو. گهڙيء پل کانپوءِ مون حافظ صاحب سان هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون ته جيئن هو منهنجي انهيء ڪيفيت کي محسوس ڪندي پڇا ڳاڇا نه ڪري.


    حاجي ڪيمپ ۽ سومرا هائوس ۾ هڪ رات:

    حاجي ڪيمپ ۽ سومرا هائوس ۾ هڪ رات:
    بهر حال اسان ڪراچي پهچڻ تي حاجي ڪيمپ آيا سون. جتي مون کي پاسپورٽ وغيره ته مليو پر فارين ڪرنسي ڪونه ملي سگهي. ڇوته منهنجي پاران جمع ڪرايل رقم جي رسيد حاجي عيسيٰ ولد حاجي عبدالخالق سومري وٽ هئي. انهيء ڪري اسان ٻئي سڌو حاجي عبدالخالق جي بنگله تي آياسون. اتي پهچڻ تي خبر پئي ته، منهنجي سفر جا ٽيئي ساٿي هٿيڪا موجود هئا، جن ۾ مرحوم هارون پٺاڻ جو پٽ جاويد احمد به هو. جاويد سان اتي ئي تعزيت ڪيم ۽ فاتحه پڙهي عذرخواهي ڪيم.
    منهنجي بينڪ واري رسيد جي پڇا ڪيم ته خبر پئي ته، اها حاجي عبدالخالق سومري جي ڀائٽي حاجي عبدالجليل ولد حاجي عبدالواحد وٽ آهي. ٿوري دير بعد ان سان به ملاقات ٿي جيڪو اتي ترسيل هو.
    ٻئي ڏينهن خميس 3- اپريل 1997ع تي اسان چارئي ساٿي جاويد هزاروي، رحيمڏنو سمون، رئيس عبدالغني سومرو ۽ آئون، حاجي عبدالجليل سومري سان سندس ڪار ۾ ويهي حاجي ڪيمپ پهتاسون. جتي بينڪ ۾ وڃي رسيد ڏيئي فارين ڪرنسي ورتي، جيڪا امريڪي ڊالرن جي 940 ٽريولر چيڪ ۽ 41 سعودي ريال روڪ جي صورت ۾ ملي. فارين ڪرنسي جي مليل رقم پاڪستاني روپين ۾ تقريباً 40 (چاليهه) هزار ٿيندي. اسان جي جمع ڪرايل رقم ڇاهٺ هزار 6 سو (66600) مان انهي روڪ رقم کان علاوه ٻيا جيڪي اخراجات ڪٽيا ويا هئا تن ۾ هوائي جهاز جي اوٽ موٽ ڪرايه کانسواءِ باقي چارجز جو تفصيل هن طرح هو. هيٺ لکيل انگن واري رقم سعودي ريال آهي.
    1) ڪرايو بس جو (جده تا مڪه، تا مدينه ۽ واپسي)،255
    2) ڪرايو بس جو (منيٰ ۽ عرفات لاءِ، ۽ واپسي)،150
    3) ڪرايو تنبو جو (منيٰ ۽ عرفات)،150
    4) بينڪ ڪميشن،35
    5) معلم جي في،294
    6) ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس،49
    اسان احتياط خاطر پاسپورٽ ۽ ٽريولر چيڪن جون ٻه ٻه فوٽو ڪاپيون ڪرائي الڳ الڳ ٽچ ڪري رکيون، ۽ پوءِ وڃي ميڊيڪل ٽيسٽون ڪرايون سون. هيڏانهن وري حاجي عبدالجليل سومرو، جاويد هزاروي کي سندس پيء مرحوم هارون جي فوت ٿيڻ ڪري سندس بدران عيوضيء طورنالي رجسٽر ڪرائڻ، هوائي جهاز پرواز جي ٽڪيٽ جي منظوري ۽ اسان واري ساڳي جهاز پرواز نمبر 1615 ۾ رواني ٿيڻ لاءِ سيٽ بڪ ڪرائڻ خاطر حج ڊائريڪٽر وٽ وٺي ويو.
    اسان ٽنهي ساٿين ميڊيڪل ٽيسٽن کان واندي ٿيڻ کانپوءِ حج جي ادائگي دوران گهربل سامان خريد ڪرڻ لاءِ حاجي ڪيمپ جي دڪانن جو رخ ڪيو. احرام جون چادرون، چپل، پيسن رکڻ لاءِ چيلهه پٽو وغيره خريد ڪري، اڳين نماز پڙهڻ بعد حاجي ڪيمپ واري پارڪ ۾ جاويد ۽ حاجي عبد الجليل جي اچڻ جو انتظار ڪيوسون.
    ڪجهه دير کانپوءِ ٻئي همراهه تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندا، کلندا ٽهڪ ڏيندا سامهون آيا ۽ ويجهو اچي چيائون ته، مبارڪ هجي! پنهنجو ڪم ٿي ويو، هاڻي خدا جي فضل و ڪرم سان سڀئي گڏجي ساڳي جهاز پرواز نمبر 1615 ۾ هلنداسون. اسان سڀ خوش ٿيندا واپس حاجي عبدالخالق جي بنگلي تي آياسون.
    هاڻي اسان جي حج روانگي وچ ۾ فقط اها ئي جمعه جي رات هئي. سڀني ضروري ڪمن جي پورائي ٿي چڪي هئي انهيء ڪري اها رات سڀني خوب ڪچهريون ڪيون.
    مون هڪ پاسي ويهي والد صاحب (مولوي عبدالرحمٰن شورو) استاد محترم مولانا عبد الڪريم لغاري (مسڻ وڏي) ۽ سهري چاچا قائم شوري (ميرپور ساڪرو) ڏي خط لکيم ته، “ اسان پروگرام مطابق 4- اپريل صبح 11 وڳي پي آءِ اي اڏام نمبر1615 ذريعي حج لاءِ روانا ٿي رهيا آهيون.” خط حافظ صفي الله جي حوالي ڪري سمهي رهيس.


    حج ٽرمينل ۾:

    حج ٽرمينل ۾:
    جمعه جي ڀلاري ڏينهن 25 ذوالقعد 1417هه/ 4- اپريل جي اسان چارئي ساٿي پنهنجو سامان سيٽ ڪري تيار ڪيو ته، اسان کي هوائي اڏي تائين ڇڏڻ ۽ الوداع ڪرڻ لاءِ حاجي عبدالخالق سومرو صاحب (ايم پي اي) پاڻ ۽ سندس فرزند هڪ گاڏي ۾ ويٺا ۽ اسان سڀئي ساٿي حاجي عبدالجليل ولد حاجي عبدالواحد سومري سان گڏ سندس گاڏيء ۾ ويٺا سون. ٻئي گاڏيون هڪ ٻئي پٺيان هلنديون رهيون. نيٺ اسان حاجين جي روانگي لاءِ مخصوص ٽرمينل نمبر 3 تي تقريباً 9 وڳي ڌاري پهتاسون. سڀني کي الوداع ۽ خدا حافظ چئي اندر داخل ٿياسون ته ڪسٽم عملي جي حوالي ٿيڻ تي پهرين اسان جي ۽ پوءِ سامان جي چيڪنگ ٿي. بستري وارو ٿيلهو ۽ بيگ جهاز عملي کي ڏنم ته جيئن جهاز ۾رکڻ لاءِ روانو ڪن ۽ مون پنهنجي ساٿين سان گڏجي ٽڪيٽ ڏيکاري سيٽ اوڪي ڪرائي منهنجي سيٽ جو نمبر 14-Bهو جيڪا شيشي واري دريء ڀرسان هئي. اميگريشن جي سڀني مرحلن مان گذري اسان مسافرن جي انتظار گاهه ۾اچي دم پٽيو.
    وقت جي تنگي سبب جلدي وضو ڪري روزمره وارا ڪپڙا لاهي احرام ٻڌوسين ۽ ٻه رڪعتون نماز پڙهي لبيڪ اللهم لبيڪ پڙهندي عمري جي نيت ڪئي سون. حقيقت ۾ اسان جو حج تمتع وارو احرام هو. مون ساٿين کي عمره جا ضروري مسئلا ۽ احرام بابت پرهيزون ٻڌايون. جنهن وقت اسان احرام ٻڌي رهيا هئاسون ته، مون پنهنجي ساٿين کي چيو ته، جيئن مئي ماڻهو جو لباس به اڇو ۽ اڻ سبيل هوندو آهي تيئن حاجيء جو لباس به اڇو ۽ اڻ سبيل هوندو آهي. فرق ايترو آهي جو مئي جي لباس کي ڪفن ڪوٺجي ٿو ته حاجيء جي لباس کي احرام سڏجي ٿو. ان هوندي به ٻنهي ۾ ڪافي هڪجهڙائي آهي، جنهن جو ڪارڻ هي آهي ته، جيئن مئل ماڻهو مٽ مائٽ، دوست يار دولت ۽ ڪاروبار وغيره بلڪه هي جهان به ڇڏي وڃي ٻئي جهان ۾ پهچندو آهي، تيئن حاجيء کي به اهو سبق ڏنو وڃي ٿو ته، اي حاجي! تون ڪفن پائڻ کانپوءِ دنيا جي هر هڪ شيء تان دل کڻي سڀئي اُلڪا لاهي بس هڪ الله ۽ ان جي سچي رسولﷺ جي محبت ۾پاڻ کي فنا ڪري ڇڏ. تون ائين سمجهه ته منهنجو دنيا ۾ڪجهه به ڪونهي، جي آهي ته سڀ ڪجهه خالق ۽ مالڪ جو آهي. حج ڪرڻ جي ارادي سان احرام پائڻ وقت اهو پهريون سبق ڏنو وڃي ٿو. انهيڪري هر حاجيء کي کپي ته، احرام پائي تلبيه (لبيڪ چوڻ) کانپوءِ گهر، ٻار، زال ۽ ڪاروبار جو فڪر دل مان قطعي ڪڍي ڇڏي ته، پوءِ کيس حج جي احڪامن ۽ ارڪانن ادا ڪرڻ ۾ آساني ۽ روحاني تسڪين ٿيندي، پر جي سندس دل پوئتي پئي واجهائيندي ته، رڳو چپن سان پڙهيل تلبيه مان کيس ڪهڙو فائدو ٿيندو.
    11 وڳي اوچتو انفارميشن سيل طرفان اعلان ٿيو ته، “پي آءِ اي جو جهاز اڏام نمبر 1615 پنهنجي مقرر ٿيل وقت ساڍي يارهين وڳي هن ڪري روانو نه ٿي سگهندو جو ملتان کان حاجي سڳورن جي جهاز پهچڻ ۾ دير ڪئي آهي. جيئن ته ملتان مان ايندڙ عازمين حج ڪراچي مان روانا ٿيڻا آهن انهيڪري موجود سڀئي عازمين حج ٿوري دير انتظار جي زحمت گوارا ڪن.”
    منهنجا ساٿي مطمئن ٿي نماز واري ڪمري ۾ ليٽي پيا. مون کي ننڊ نه آئي انهيڪري تلبيه پڙهندو اٿي انتظار گاهه ۾ اچي بيٺس. چوڌاري حاجي سڳورا سفيد لباس ۾ ائين نظر پئي آيا ڄڻ اهي جيئري ئي دنيا کان لاتعلق ٿي مئلن وارو لباس پائي پاڻ کي فنا ڪري چڪا هجن. انهن حاجي سڳورن مان ڪيترن سان اتي ملاقاتون ٿيون، جيڪي منهنجي علائقي ٽنڊي الهيار، ميرپور خاص، نصرپور ۽ چمبڙ وغيره جا هئا.
    12 وڳي پيٽ ۾ خالي آنڊن جا گرڙاٽ ۽ وروڪڙ شروع ٿيا ته بک جو بلو ڪرڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن واجهايم ته هڪ همراهه ڍؤ واري اوڳرائي ڏيندي اشارو ڪيو ته سامهون پي آءِ اي جي ڪينٽين ۾هليا وڃو. انتظاميه پاران حاجين لاءِ لنچ جو بندو بست ٿيل آهي، هر قسم جو کاڌو فري فنڊ ۾ خوب کائو پر کڻي وڃڻ جي ناڪام ڪوشش نه ڪجو. همراهه طنز آميز لهجي ۾ ڏس ڏيئي مرڪندو، ڏند کوٽيندو هليو ويو. مون سوچيو ته ممڪن آهي ماني کڻڻ واري ناڪام ڪوشش پاڻ ئي ڪئي هجيس انهيڪري پنهنجي تجربي جي آڌار اڳواٽ خبردار ڪري رهيو هو. ڪينٽين ۾ وڃي ڏسان ته طرحين طرحين طعام تيار ٿيا رکيا آهن. رڌ پچا وارا ملازم هر قسم جو کاڌو وڌي ڏيڻ لاءِ قطار ٺاهيو بيٺا هئا. ڪينٽين جون ڪيتريون ڪرسيون ۽ ٽيبل خالي پيا هئا يعني ته کائڻ وارن جي کوٽ هئي. مون سوچيو ته، جي اسان جي ميانجي سڳورن کي فقط 10 منٽ تائين قدم رنج فرمائڻ ۽ ڪينٽين کي شرف زيارت بخشي هن نادر موقعي مان فائدي وٺڻ جي درخواست ڪئي وڃي ته لمحي اندر ليٽون ڪڍي سرهي ۽ سڻڀي طعام جون خوشبودار اوڳرايون ڏيئي پي آءِ اي کي اهڙيون دعائون ڪن ها جو سرڪار کي گهڻو ڪجهه پلئه پوي ها. باقي اسان ۾ اهڙيون همتون ڪونه هيون جو اٺن ڏهن ديڳن جي ڀينگ ڪري وڏي شد ۽ مد سان لبيڪ پڙهندا وڃي جهاز ۾ ويهون. پر ان هوندي به پيٽ پوڄارين جي لسٽ ۾ نالو ڳڻائي وري اچي انتظار گاهه ۾ ويٺس. توڙي جو جهاز جي پرواز جو منتظر بنجي ويٽنگ هال جي شيشي وارن دروازن مان جهاز اڏامندو ڏسي رهيو هئس پر مون کي ذهني پرواز پل کن ۾ اهڙي دور ۾پهچائي ڇڏيو جنهن تي ماضيء جا تاريڪ پردا چڙهيل هئا. انهي دور تي هڪ نظر وجهي مون سوچيو ته، اڄوڪي ترقي يافته دور ۾ ماڻهو مشيني پکي (هوائي جهاز) تي سوار ٿي فضا ۾ اڏامي سالن جا پنڌ ڪلاڪن ۾ته مهينن جا فاصلا منٽن ۾ڪري وٺي ٿو.
    حقيقت ۾ سفر جا ڏک ڏاکڙا، مشقتون ۽ مشڪلاتون ته آڳاٽي دور ۾ هونديون هيون جڏهن ڌرتيء تي گهوڙن، گڏهن، خچرن ۽ اٺن ذريعي سفر ڪبو هو ته دريائن ۽ سمونڊن ۾ آگبوٽن (بحري جهازن) ذريعي سفرڪبو هو. انهي دور ۾ سفر هلندي ڪيئي آفتون آڏو اچي حاجي سڳورن کي ڏکوئينديون هيون. گهڻو ڪري خشڪي رستن تي حاجين جي قافلن تي ڦورن ۽ ڌاڙيلن جا حملا ٿيندا ۽ راتاها لڳندا هئا. انهي ڪري خوف وچان قافلن کانسواءِ اڪيلو نڪري ڏورانهون سفر ڪرڻ ممڪن نه هو، ۽ وري سامونڊي طوفان آگبوٽن لاءِ ملڪ الموت ثابت ٿيندا هئا. پر هن جديد ٽيڪنالاجي دور ۾ آڳاٽي دور جي انهي سفر جو تصور به يقين نه ڪرڻ جهڙي آکاڻي مثل آهي.
    اسان جي محترم استاد حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاري مسڻ وڏي جن جي والد حاجي خان محمد لغاري ڪل چار حج ڪيا هئا، جنهن مان هڪ حج پيدل قافله سان گڏ ڪيو هئائين. جيئن ته ان وقت خشڪي رستا غير محفوظ هئا. هر ڪنهن هنڌ ڦورن ۽ ڌاڙيلن جي خوف سان گڏ اڙانگا پنڌ پيچرا، جبل رڻ پٽ، جابلو علائقن جون خطرناڪ بلائون، وحشي جانور ۽ آب هوا جي بدلجڻ سبب طبيعت جو لازمي متاثر ٿيڻ وغيره اهڙيون اڻ ٽر رڪاوٽون هيون جو انهن رستن تان آساني سان لنگهي پار پوڻ محال هو. مٿي ذڪر ڪيل قافلو سال جو گهڻو حصو پنڌ ڪندو جڏهن وڃي مڪي شريف پهتو هوته، حج ادا ٿي چڪو هو. (يعني ته، حج جي ادا ڪرڻ جا ڏينهن 8 ذوالحج کان 13 ذوالحج تائين گذري چڪا هئا.) انهيء ڪري حاجي خان محمد لغاري سڄو سال اتي رهي پيو ۽ وري ايندڙ سال حج ڪري پوءِ وطن واپس وريو هو. بهرحال اهو انهي دور جو واقعو آهي جڏهن هوائي سفر جو هتي تصور به ڪونه هو. پر اڄوڪي سائنس جي سيٽلائٽ سسٽم، انٽرنيٽ ڪمپوٽر، ٽريولنگ سسٽم، اطلاعات و نشريات جي مشيني ايجادن جهڙي تڪڙي مواصلاتي نظام سڄي دنيا کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي ڇڏيو آهي.
    سڄي دنيا جي هر هڪ چرپر اکين آڏو پئي ڏسجي ۽ ٻڌجي. خبر ناهي ته، آئنده اڃا به ڪهڙيون ايجادون ميدان ۾ اچي دنيا کي حيرت زده بنائن. خدا بهتر ڄاڻي ٿو.
    چپ چاپ ويٺي سوچيم ته، پي آءِ اي جي شعبه اطلاعات پاران هن اعلان منهنجي منجمد جسم کي خاموشي جي گهرائي مان ڪڍي حرڪت ۾ آڻي ڇڏيو ته، ملتان کان پي آءِ اي جو جهاز پهچي ويو آهي، هاڻي انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون. غالباً هڪ وڳي نماز پڙهي ساٿين سميت اچي قطار ۾ بيٺاسون. اها قطار گيٽ وٽ بيٺل آفيسرن کي ٽڪيٽ چيڪ ڪرائڻ ۽ پرين ڀر بيٺل بس ۾ (جيڪا هوائي جهاز جي سيڙهي تائين کڻي پهچائيندي آهي) چڙهڻ لاءِ لڳائي وئي هئي. ٽڪيٽ چيڪ ڪرائڻ وقت معمول مطابق پي آءِ اي طرفان سفيد ڪپڙي واري ڇٽي اس جي حفاظت لاءِ ڏني وئي هئي. بس ۾ چڙهڻ سان پتو پيو ته، هنن بسن ۾فقط بيهڻ جي جاءِ آهي، اتي ڪابه ڪرسي يا سيٽ ناهي البته بس جي اندر ڇت ۾ ڊگهي سيخ لڳل آهي جنهن ۾ ريگزين جا پٽا ڇلي وانگر لٽڪيل آهن تن ۾ هٿ وجهي بيهڻو پوي ٿو. بس ۾ اسان وڏي آواز سان تلبيه (لبيڪ اللهم لبيڪ چوڻ) پڙهندا رهيا سون. بس جا آٽو ميٽڪ دروازا / پريشر ڊور بند ٿيا ته، بس هلڻ لڳي مرد ۽ عورتون هڪ ئي هنڌ گڏ بيٺل هئاسون، ڪوبه فرق ڪونه هو. سامهون پي آءِ اي وارو جهاز بيٺل هو جنهن جي سيڙهي ڀرسان ٻن منٽن ۾پهچي وياسون. بس مان لٿاسون ته سڀني کي لائن ۾ بيهاري مٿي سيڙهي تي چڙهي جهاز ۾ سوار ٿيڻ لاءِ چيو ويو. جهاز جو دروازو تمام مٿي هو. اندازاً اسان جي ڳوٺ جي ٻٻرن جيترو مٿي هوندو. آئون ته ٻهراڙيء جو رهاڪو هئس مون جهاز ڪڏهن ڏٺو به ڪونه هو. سو مون لاءِ هر هڪ شيء نئين ۽ حيرت جوڳي هئي. ننڍي وڏي شيء کي چڱي طرح پئي جانچيم. شايد ڪن مون کي چريو به سمجيو هجي ته، هيء وري ڪهڙو پاڳل آهي جو اکيون ڦاڙيو هيڏانهن هوڏانهن نظر پيو ڊوڙائي ۽گهُتون گوهيون پيو هڻي. واقعي به ديوانا لڳي رهيا هئاسون هڪ ته احرام پاتل ٻيو ته ڪنڌ ۾ ريگزين واري ننڍڙي بيگ ڪلهي ۾ واٽر ڪولر ته هٿ ۾ ڇٽي کنيو پئي وياسون. سيڙهيء تي چڙهندي جهاز کي ويجهو ڏسڻ سان خبر پئي ته هيء ڪا وڏي بلا آهي.
    جهاز ۾ بڪ ٿيل سيٽ تي ويٺس ته ائين محسوس ڪيم جيئن ڪراچي واري ايئرڪنڊيشن ڪوچ بس ۾ ويٺو هجان. مون سان گڏ ساٿين مان جاويد هارون هزاروي ۽ عبدالغني سومرو ويٺل هئا جڏهن ته ٽيون ساٿي رحيم ڏنو سمون اسان کان ڌار سيٽ ملڻ تي کٻي طرف واري لائن ۾ ويٺل هو. آئون سائيڊ واري شيشي جي دريء ڀرسان هئس، انهي ڪري ويٺي ويٺي سڀ ڪجهه نظر اچي رهيو هو. ايندي ويندي جو نظارو پئي ڪيم. مسافرن جو سامان کڻندڙ ڪُلي پنهنجي ڪم ۾ تيزيء سان مصروف هئا. ٿوريء دير ۾ عمله طرفان جهاز جي روانگي لاءِ انتظامات مڪمل ڪيا ويا. پر پوءِ به اسان جهاز جي اڏامڻ جا منتظر بنجي ويٺا رهياسين. خبر ناهي ته ڪهڙو مسئلو هو.
    مون دوستن کي چيو ته، مون کي پنهنجي ڳوٺ جون سوزوڪيون ياد پون ٿيون، جن ۾ ويهڻ کانپوءِ اسان پسينجرن کي سوزوڪي هلڻ لاءِ انتظار ڪندي ڊرائيور کي منٿون ۽ آزيون ڪرڻ معمول بنيل آهي.


    هوائي جهازن بابت:

    هوائي جهازن بابت:
    جيئن ته اسان جو اهو ڀلارو سفر پي آءِ اي جهاز ذريعي ٿيو هو انهيڪري مذڪوره ڪمپني ۽ جهاز جو مختصر تعارف ڪرائيندو هلان.
    پي آءِ اي (پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين) جو شارٽ فارم آهي جنهن جي معنيٰ آهي ته، پاڪستان جو بين الاقوامي هوائي رستو.
    ايشيائي ملڪن ۾ پي آئي اي جي هوائي اڏام تمام گهڻو مشهور ۽ مقبول هئي ڇو ته هن جا جهاز ٻين جي ڀيٽ ۾وڌيڪ مضبوط، محفوظ ۽ آرام ده هوندا هئا. پر جيئن ته اقتدار جي ڪرسيء تي ويهڻ وارا ملڪ ۽ قوم جي ورثي کي پنهنجو ذاتي يا اباڻو ورثو سمجهي کائي کپائي ڇڏيندا آهن تيئن پي آءِ اي به هينئر ساڳي اقتدار ڌڻين ۽ اختياري وارن جي ڦرلٽ جو شڪار ٿي ويو آهي.
    موجوده دور ۾ دبئي(گلف) ايئرلائن جا جهاز پائدار ۽ آرام ده چيا وڃن ٿا.
    پي آءِ اي جا ٽوٽل 46 جهاز آهن، جن ۾ جمبو جيٽ، ايئربيس، فوڪر ۽ هيلي ڪاپٽر شامل آهن. جڏهن ته، اسان جي پاڙيسري ملڪ هندستان جي سرڪاري هوائي ڪمپني جا 36 جهاز آهن.
    سائز جي لحاظ کان جهاز چئن قسمن جا ٿين ٿا اهي چارئي قسم سفر جي سهولت لاءِ مخصوص آهن.
    1). جمبو جيٽ 2). ايئر بيس 3). فوڪر 4).هيلي ڪاپٽر.
    جمبو جيٽ جهاز واشنگٽن امريڪا جي بوئنگ ڪمپني تيار ڪندي آهي. هر ملڪ کيس پنهنجي ضرورت مطابق جهازن جو آرڊر ڏيندو آهي. ايئربيس جهاز فرانس جي هڪ ڪمپني ٺاهي ٿي.
    جمبو جيٽ جهاز جنهن ۾ اسان سفر ڪيو هو سو مضبوط ۽ پائدار هوندو آهي. اهو12-13 هزار ميٽر يعني 40 هزار فوٽن تائين مٿي فضا ۾ اڏامندو آهي ۽ بنا ساهي جي 16 ڪلاڪن تائين اڏامي هلي سگهي ٿو، تنهن وچ ۾ کيس وقفه ڏيڻ جي ضرورت ئي نه ٿي پوي. جمبو جيٽ جهاز جي ڊيگهه 231 فوٽ ۽ ويڪر 195 فوٽ هوندي آهي. انهي جهاز ۾ ڪل ٽي طبقا (فلور) ٿين ٿا، جن کي ڪل 11-12 دروازا آهن ٽنهي طبقن جو تفصيل هن طرح آهي ته، پهريون طبقو جيڪو سڀ کان هيٺيون آهي تنهن ۾ مسافرن جو سامان وغيره هوندو آهي. ٻئي طبقي ۾ مسافر ويهندا آهن جن لاءِ عام طرح 405 سيٽون هونديون آهن پر حج دوران يا ڪنهن خاص وقت ۾ 460 سيٽون به رکيون وڃن ٿيون. ٽئين طبقي ۾جهاز هلائڻ وارو عملو جهڙوڪ: ڪپتان، فرسٽ آفيسر، فلائنگ انجنيئر کانسواءِ مسافرن لاءِ 18 سيٽون به هونديون آهن. جهاز هلائڻ جو ڪم فرسٽ آفيسر ڪندو آهي جڏهن ته اليڪٽريشن، مشينري وغيره جي سار سنڀال فلائنگ انجنيئر جي ذميداري هوندي آهي. باقي ڪپتان سڀني ڪمن جي نگراني ڪندو رهي ٿو. جنهن ڪم ۾ اهي اهم ذميدار ماڻهو مونجهاري جو شڪار ٿيندا ته ڪپتان ايترو باصلاحيت هوندو آهي جو اهو ڊفيڪٽ دور ڪري سگهندو آهي.
    جمبو جيٽ جهاز جون ڪل چار انجڻيون آهن جيڪي جهاز هلڻ وقت چالو رهن ٿيون. اتفاقاً جيڪڏهن اهي چارئي انجڻيون ناڪاره ٿي وڃن ته به اهو جهاز آرام سان هيٺ لهي سگهي ٿو.
    جمبو جيٽ جهاز ۾ مسافرن لاءِ پاڻي ۽ آڪسيجن جو مقرر مقدار هن ريت کنيو ويندو آهي يعني 600 گيلن پاڻي ۽ 26 بوتلون آڪسيجن جون . هڪ هڪ بوتل ۾210 کان 310 ليٽر آڪسيجن ڀريل هوندي آهي. جمبو جيٽ جهاز هلائيندڙ عملي کان سواءِ هيٺئين عمله ۾ 15 ماڻهو ڪيبن ڪرو اسٽاف جا، 3 ماڻهو ڪاڪ پٽ ڪرو جا ۽ 4 ماڻهو ايئر گارڊ هوندا آهن.
    گهڻو ڪري جمبو جيٽ جهاز 7 کان 10 هزار ميٽر يعني 20 کان 30 هزار فوٽن تائين مٿي فضا ۾اڏامندو آهي.
    باقي جهاز جي ٻين قسمن جهڙوڪ ايئر بيس ۾ ٽوٽل 238 سيٽون، فوڪر جهاز ۾ 4 4 سيٽون ۽ هيلي ڪاپٽر ۾ 5 سيٽون هونديون آهن.
    سولي سنڌيء م هيئن کڻي چئجي ته، جمبوجيٽ جهاز اهڙو آهي جهڙو ڪراچي ۽ حيدر آباد وچ ۾ هلندڙ ايئر ڪنڊيشن ڪوچ، ايئر بيس جهاز، اهڙو آهي جهڙو ڪراچي شهر واري مني بس. فوڪر جهاز اهڙو آهي جهڙو اسان جي ڳوٺ مسڻ وڏي جي سوزوڪي ۽ هيلي ڪاپٽر اهڙو آهي جهڙو حيدر آباد جو رڪشو. گهڻو ڪري مسافر کڻندڙ جهاز دنيا جي هر ملڪ جا ساڳي سائيز جا ٿين ٿا، البت جهازن مٿان هر ملڪ جو نالو ۽ نشان پنهنجو پنهنجو هوندو آهي.
    جهاز جي شڪل پکيء وانگر هوندي آهي ڇو ته اڏامندڙ جهاز کي ڏسبو ته، پکي وانگر کنڀ کوليو پيو ويندو. اهڙي طرح جهاز جو مٿي اڏامڻ يا هيٺ لهڻ به سرڻ، ڳجهه ۽ باز جهڙي طاقتور پکيء جي اڏامڻ ۽ لهڻ جهڙو هوندو آهي. جيئن ته پکي کي عربيء ۾ “طائر” چون ٿا، انهي ڪري جهاز کي به اڄڪلهه عربيء ۾ “طياره” سڏين ٿا. طائر جي معنيٰ اڏامندڙ ۽ طياره جي معنيٰ گهڻو اڏامندڙ، بس اڏامڻ جي گهڻي ۽ ٿوري جو فرق آهي.


    جهاز اڏاڻو:

    جهاز اڏاڻو:
    ڳالهه پئي ڪيم ته، جهاز ۾ ويهڻ کان پوءِ دروازا بند ٿيا ۽ ڪجهه دير بعد ڏيڍ وڳي ڌاري جهاز اڏامڻ لاءِ گرڙ پکي وانگر کنڀ کولي، پر سورڻ جي ڪئي. هن طرح جو ڪجهه پوئتي ٿيڻ کانپوءِ رن وي (جهاز جي ڊوڙڻ واري رستي) تي سوزوڪي جي رفتار رڙهڻ لڳو ته، جهاز ۾ اندر لڳل لائوڊ تان آواز آيو ته، “پاڻ عنقريب هوا ۾ اڏامڻ وارا آهيون، 4 ڪلاڪن ۾ جده هوائي اڏي تي پهچنداسون” اعلان ذريعي ٻڌايو ويو ته، هيء جهاز ڌرتي کان 7 هزار ميٽر جي مٿانهين تي اڏامندو ۽ پوءِ ڪجهه احتياطي تدبيرون به ٻڌايون ويون.
    پوڻي ٻي (1:45) وڳي جهاز زمين ڇڏي باقاعده مٿي فضا ۾ اڏامڻ لڳو. اسان ان وقت ائين محسوس ڪيو ته ڄڻ اسان کي هوا جي هلڪي جهوٽي مٿي کڻي ورتو آهي.
    چند منٽن لاءِ دريء مان هيٺ نظر ڪيم ته ڪراچيء جو شهر ۽ انهي جون محلاتون، پلازا ۽ فليٽس وغيره جيڪي عام طرح آسمان سان چوٽي گسائيندي نظر ايندا آهن سي ائين ڏٺم ڄڻ ڪي رنگين باڪس هڪ ٻئي سان قطار ۾ رکيا ويا هجن. انهن محلاتن وچان گذرندڙ ڪشادا روڊ ائين محسوس ٿيا، ڄڻ معصوم ٻارن راند ڪرڻ وقت پٽ تي ليڪا ڪڍي دل وندرائي هجي. چند منٽن کانپوءِ اهو محلاتن جو ڏورانهون ۽ بلندي کان نظارو پورو ٿيو ته، وري سمونڊ ۽ انهي ۾ هلندڙ آگبوٽ ۽لانچون شروع ٿيون. اهي آگبوٽ (بحري جهاز) وغيره ائين ڀانتم جو ڄڻ ٻارن جون ٺاهيل ڪاغذ جون ٻيڙيون هجن، جن کي ٻار طباق ۾ پيل پاڻي تي رکي آڱر جي لوڏي سان گهمائيندا آهن. انهي نظاري کانپوءِ هڪ ٻه ٻيٽ آيا ۽ پوءِ يڪو سمونڊ ئي سمنڊ نظر اچڻ لڳو.
    جڏهن انهي سمونڊ کي مٿان کان شيشي واري دريء مان ڏٺم ته محسوس ٿيو ته، جيئن اسان زمين تي بيهي آسمان ڏي ڏسندا آهيون ته اسان کي آسمان بلوڪلر واري ڪشادي تنبو مثل نظر ايندو آهي ته، سمونڊ به ائين ئي لڳي رهيو هو. جيڪڏهن سوچبو ته انهن ٻنهي شين جو دنگ نظر نه ايندو. جيئن آسمان پنهنجي ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ بي حد آهي تيئن سمونڊ به پنهنجي ڇيهه ۾ اڻ کٽ آهي ٻئي شيون خدا جي قدرت جو عظيم تخليقي شاهڪار آهن. اهو ئي سبب آهي جو قرآن پاڪ آسمان، زمين ۽ سمونڊ کي پنهنجي قدرت جي دليل ۽ نشاني طور بار بار دهرائي بيان ڪيو آهي. شايد زمين جي ماپ ممڪن ٿئي پر سمونڊ ۽ آسمان جي ماپ انساني طاقت ۽ وس کان ٻاهر آهي.


    قدرتي نظارا ڪيئن محسوس ٿيا؟:

    قدرتي نظارا ڪيئن محسوس ٿيا؟:
    جهاز هاڻي پنهنجي مقرر ڪيل پرواز جي بلندي واري حد تي پهچي هلي رهيو هو ۽ اسان ان بادشاهي سواري مان لطف اندوز ٿي رهيا هئاسين. ڪجهه دير بعد اوچتو سمونڊ مٿان اڇا ڪڪر، امن فوج جي سفيد وردي پاتل دستن ۽ جٿن جي صورت ۾ نظر آيا. ڪڪر ڪي گهاٽا ته ڪي وري ڇڊا. اهي هيٺ ائين ڦرندا ڏٺم جيئن پاڻي تي ڦوٽو هيڏانهن هوڏانهن ڦرندو رهندو آهي. اڃا اهو منظر پئي ڏٺم ته، جهاز جي عمله واري مائي جنهن کي ايئر هوسٽس (هوائي ميزبان) ٿا سڏين اسان جي پيٽ قوت/ ريفريشمينٽ لاءِ مختلف قسمن جا طعام کڻي آئي سو کانئس مختلف کاڌن جي ڀريل ٽري وٺي پنهنجي سامهون واري تختي تي رکيم، پر ڍؤ هئڻ ڪري فقط هڪ صوف کڻي باقي سمورو کاڌو واپس ڪيم. وري دريء مان ڏٺم ته وڏا وڏا پهاڙ به ننڍڙن پٿرن جيان نظر آيا. مون سوچيو ته، شايد اهي پهاڙ ڏاکڻي عراق يا ترڪي وارا هجن. تفسيرن توڙي تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو ته، ترڪيء جا پهاڙ تمام گهڻا بلند آهن جن جي سراسري بلندي 7 کان 10 هزار فوٽن تائين آهي. جيئن ته اسان لڳ ڀڳ 20 هزار فوٽ جي بلندي تي پرواز ڪري رهيا هئاسون انهي ڪري جيڪڏهن اهي پهاڙ ننڍا هجن ها ته ڪنهن به صورت ۾ اسان کي نظر نه اچن ها.
    حضرت نوح عليه السلام جي وقت آيل ٻوڏ ۾ اهي ترڪيء وارا اوچا پهاڙ به ٻڏي غرق ٿي ويا هئا. تفسير صاوي جي لکڻ مطابق طوفانِ نوح وقت ٻوڏ جي پاڻي جي بلندي واري سطح 14 هزار فوٽن تائين هئي. واقعي واري ڏينهن، جڏهن مينهن ۽ طوفان شروع ٿيو ته، حضرت نوح عليه السلام جو پٽ ٻين ڪافرن سان گڏ انهن جبلن تي چڙهڻ لڳو. حضرت نوح کيس چيو ته، پٽ! توکي جبلن جي بلندي ڪونه بچائيندي. هي ته قدرت جو ڪافرن تي آيل عذاب آهي، انهي ڪري خدا جي پناهه منهنجي ٻيڙي ۾چڙهڻ سان ملندي. پر هن وراڻيو ته نه. اهي مينهن اڳي به پيا وسندا آهن جڏهن به ڪا ٻوڏ ايندي آهي ته، ماڻهو پهاڙن تي چڙهي پناهه وٺندا آهن، سو هينئر جيئن ٻيا ماڻهو پهاڙن تي پيا چڙهن، تيئن آئون به انهن سان گڏ پهاڙن تي چڙهي بچي ويندس. باقي مون کي تنهنجي ٻيڙي ۾ چڙهڻ جي ضرورت ڪونهي. جيئن ته هڪ پيء ۽ پيغمبر جي بي فرماني ڪيائين ته ڪافرن سان گڏ غرق ٿي ويو. بهرحال ايڏا وڏا پهاڙ به ننڍڙا پٿر ڏسڻ ۾ آيا. پهاڙن جي سلسلي ختم ٿيڻ بعد وري ريگزار علائقو ڏسجڻ لڳو، ائين جيئن ٿر ۾ وارياسو علائقو جيڪڏهن انهي ۾ ڪو فرق هو ته صرف هيء جو وارياسو علائقو اڇي رنگ جو نظر اچي ٿو ته هيء ريتي وارو علائقو نارنگي رنگ جو.
    ٿر ۾ واريء جي ڀٽن وانگر عربن جي انهن ريگزار علائقن ۾ ريتيء جا وڏا وڏا بند هوندا آهن. اسان کي هوائي جهاز مان اهي ريتيء جا بند ائين ڏسڻ ۾ آيا جيئن ٻار کيڏڻ وقت ننڍڙن هٿن سان مٽيء جا ٻڪ ڀري ڍڳڙيون ٺاهي رکندا آهن. منهنجي سمجهه ۾ عربن جي انهي ريتيء وارن بندن جي اوچائي، ٿر جي ڀٽن جي اوچائيء کان ڪيترا حصا وڌيڪ هوندي. ريتيء جا اهي بند اڪثر ڪري ٽڪنڊا نظر پئي آيا شايد اتي هوائن جو اهڙو ڦيرو آهي جو ريتيء جو دڙو ازخود ڪنڊون ٺاهي بيهي ٿو. انهن بندن جي وچ وارو علائقو هموار پئي معلوم ٿيو. بهرحال اهو علائقو به سوين يا هزارين ميلن ۾ هوندو. جنهن جي پڄاڻيء تي وري صحرائي علائقو فقط ريتيلو ميدان جتي ڪوبه جبل ڪونه هو، نه ڪي ريتيء جو بند يا دڙو. جيئن ته مون وٽ پي آءِ اي جي فارين ڪنٽريز ڏانهن هوائي اڏام جي لاءِ مقرر حدن ۽ رستن وارو نقشو موجود ڪونه هو انهيڪري سمجهه ۾ نه پئي آيو ته، اسان ڪهڙن ڪهڙن ملڪن مٿان اڏامندي لنگهي رهيا هئاسون. ڪجهه وقت کانپوءِ صحرائي علائقو ختم ٿيو ته وري دونهاٽيل ڌرتي ڏسجڻ لڳي. ڌرتي مٿان دز ڌوڙ ۽ لٽ لڙهاٽ ايترو ته ڇانيل هو جيئن اسان جي ڳوٺ مسڻ وڏي ۾ شام جو ڳوٺ جي رستي تان لنگهندي ڍور ڍڳا ڌوڙ اڏائيندا آهن. پوءِ ان وقت رستي مٿان ڌوڙ جا ڪڪر ڇانئجي ويندا آهن. خوش قسمتي سان جيڪڏهن ڪا هوا لڳندڙ هوندي ته ڌوڙ جي ڪڪرن کي گهلي کڻي ويندي آهي پر جي نه ته، اڇي پائوڊر جا ڪڪر، ڪوهيڙي وانگر ايندڙ ويندڙ لاءِ اسٽاپ ڪرڻ ۽ ڪجهه گهڙيون انتظار ڪرڻ جو اعلان پيا ڪندا آهن.
    هوائي جهاز ۾ ويهندي ائين پئي محسوس ٿيو جو ڄڻ ماڻهو اهڙي هندوري ۾ هجي، جنهن جا تمام هلڪا جهوٽا ايندا هجن. هونئن ته، جهاز ۾ڪوبه جهوٽو يا لوڏو ڪونهي، جهڙوڪر ماڻهو پٽ تي ويٺو آهي، پر ڪيڏي ڪيڏي مهل هوائي جهاز هيٺ مٿي ٿي ٿيو ته، اهي هلڪا جهوٽا محسوس پئي ٿيا. انهن جهوٽن جي ڪري منهنجي دل خبرناهي ڇو ٻڏڻ پئي لڳي، يا وري ساهه ۾ گهٽ ۽مونجهه پئي ٿي.
    حالانڪه مون کي ڪوبه ڊپ يا خوف خطرو به ڪونه هو، خدا ڄاڻي ته ائين ڇو پئي ٿيو.
    خدا جي فضل و ڪرم سان هوا جي ڪلهي تي سوار ٿي خدا جي پاڪ گهر ڪعبت الله شريف جي زيارت (حج و عمره) لاءِ وڃي رهيو هئس ۽ دل جو دل ۾ ڌڻيء جي حمد و ثنا وارا پاڪ ڪلما پئي پڙهيم. اها طاقت انهي رب کي آهي جنهن مون جهڙي فقير کي بادشاهي سواري ۾ ويهاري آسماني سير ڪرائي پنهنجي پاڪ گهر جي ديدار لاءِ گهرايو هو. شل اهڙا ديدار بار بار نصيب ٿين. آمين. اها نيڪ بختي طاقت جي زور سان حاصل نه ٿي ڪري سگهجي، جيستائين جو خود پاڻ عنايت نه ڪري. شيخ سعدي اهڙي ئي ڪنهن موقعي لاءِ چيو هو ته،
    اين سعادت بزور بازو نيست
    تانه بخشد خداءِ بخشنده
    يعني ته: اهو ڀاڳ اوسيتائين بازو جي زور سان حاصل نه ٿو ٿئي جيستائين جو ڌڻي تعاليٰ خود عنايت نه ڪري. هوائي جهاز انتهائي تيز رفتار طوفان مثل فضا ۾ اڏامندو رهيو ۽ اسان جي سفر جو فاصلو گهٽبو رهيو.
    اڃا تائين هيٺ ريتيء جهڙي پکڙيل زمين پئي ڏٺي سون. آئون پنهنجي اڳيان ڊائري رکيو، نت نوان نظارا قلمبند ڪندو پنا ڪارا ڪري رهيو هئس، ته منهنجو هڪ ساٿي ستو پيو هو ته ٻيو ڪجهه کنگهيو پئي ته وري مون تان کليو به پئي. گهڙي گهڙي پئي چيائين ته، ڇا ويٺو ڪرين؟ يعني هن جو خيال هو ته، لکي ڇا ڪندين؟ واقعي هن سچ ٿي چيو، ڇو ته عموماً اسان جي سنڌي ليکڪ جو اهو قدر نه ڪيو ويو آهي جيڪو حق کيس ملڻ کپي. ڪو به ليکڪ جڏهن محنت ڪري لکي ڪو مضمون، مقالو يا ڪتاب ڇپرائي ٿو ته نه ان جي همت افزائي ٿئي ٿي، نه وري اهو ڪتاب يا رسالو خريد ڪري ان جي مالي مدد ڪئي وڃي ٿي. پر پوءِ به سنڌي ليکڪ هر موضوع بابت قلمي ڪاوش ذريعي مواد سهيڙي سموهي هڙان وڙان همت ڪري ڇاپي يا ڇپرائي پڙهندڙن تائين پهچائين ٿا. ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ سنڌي ليکڪ پنهنجو پاڻ ملهائي دنيا آڏو ثابت ڪيو آهي ته، غير سنڌي ليکڪ پنهنجي ليکت جي هر هڪ لفظ جي اڳواٽ قيمت چڪائي پوءِ ٿو قلم جي نوڪ هلائي، پر سنڌي ليکڪ پنهنجي ٻوليء وارن کي موتين جي ملهه کان مهانگو مواد مهيا ڪرڻ بعد ڪنهن به معاوضي جي گُهر يا ڪنهن به انعام جو آسرو نه ٿو ڪري. اسان جي سنڌي ليکڪ جي سچائي جو اهو ئي وڏو ثبوت آهي. بهرحال مون پنهنجي دوست کي چيو ته، تنهنجي نظر ۾ آئون برابر اجايو وقت پيو وڃايان، پر منهنجو هيء ڀلارو سفر زندگي جي تاريخ جو هڪ سونهري باب آهي انهي ڪري آئون ان کي زنده ۽ يادگار بنائڻ لاءِ قلم جي زبان حوالي ڪريان ٿو. ڇو ته اسان جون ٻڌايل زباني ڳالهيون هوا ۾ گم ٿي وڃن ٿيون جيتوڻيڪ مون کي لکڻ جو ڏانء به ڪونهي پر پوءِ به مفت ۾ مليل ڊائري جا پنا مشهور چوڻي “ٺهي نه ٺهي وٺ رينگٽ کي” وانگر ويٺو ڪارا ڪريان.


    جهاز ۾ نماز:

    جهاز ۾ نماز:
    ٿوري وقت کان پوءِ منهنجي ساٿين چيو ته، وچينء جي نماز پڙهنداسون. مون کين چيو ته، هڪ ته جهاز هلندي اها خبر ناهي ته ڪهڙي ملڪ مٿان پيا لنگهون. ڇو ته هر ملڪ جو لهڻ ۽ اڀرڻ جي لحاظ کان وقت پنهنجو آهي، انهي ڪري پڪ ناهي ته جنهن ملڪ مٿان گذري رهيا آهيون تنهن ۾ هينئر وچين نماز جو وقت به ٿيو آهي يا نه؟ ٻيو ته سڪون ۽ اطمينان نه هئڻ ڪري خشوع خضوع (يعني نماز پڙهڻ وقت خدا ڏي دل جو پورو توجهه ۽ لاڙو) نه ٿيندو. حالانڪه نماز جو مقصد به ته اهو آهي جو ٻانهي جو دلي رجحان رب جي ذات ڏي ٿئي. جيڪڏهن دل جو رخ رب جي ذات ڏي ذرو به نه ٿيو ته، رب جي رحمت اهڙي غافل ۽ ويسلي ٻانهي ڏي متوجهه ڪيئن ٿيندي ۽ اهڙي غافل جون دعائون قبول ڪيئن ٿينديون؟
    پر منهنجي ساٿين زور ڪيو ته، نماز ضرور پڙهبي. مون چيو ته، توهان کي اجازت آهي باقي آئون ته جده پهچڻ بعد آرام ۽ اطمينان سان ڪنهن مسجد يا پٽ تي نماز پڙهندس، ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ توجهه هڪ هنڌ ٿي سگهي. بهرحال منهنجي دوستن پنهنجين سيٽن تان اٿي وضو ڪرڻ خاطر جهاز جي باٿ روم جو رخ ڪيو، انهن کي ڏسي ڪي ٻيا ماڻهو به اٿيا، تان جو وضو ڪرڻ وارن جي باٿ روم تي رش ٿي وئي. اها ماجرا ڏسي جهاز جي عمله وارن لائوڊ تي اعلان ڪرڻ شروع ڪيو ته، براههِ ڪرم پاڻي وضو لاءِ استعمال نه ڪريو. ڇو ته پاڻي ٿورو هئڻ ڪري جلد کٽي پوندو، ۽ پوءِ سخت ضرورت ۽ حاجت وقت تڪليف ٿيندي. انهن اعلانن جي باوجود همراهن ڪوبه ڌيان نه ڏنو ۽ جهڙو تهڙو وضو ڪري جهاز جي ڪنڊن پاسن کان ٻه ٻه ۽ هڪ هڪ ٿي نماز شروع ڪيائون. مون پنهنجي سيٽ تي ويٺي خدا کي ياد ڪيو ۽ قدرت جي ڪارنامن ۽ ڪرشمن تي ويٺي غور و فڪر ڪيو. گهڙيء کن لاءِ اکيون بند ڪري فڪر جي گهرائي ۾ گم ٿي ويس. وري جو اکيون کولي دريء مان ڏسان ته، هڪ ڀيرو ٻيهر ريتيء جا دڙا ۽ ڀٽون نظر آيون. جيڪڏهن پڙهندڙن مان ڪوبه اسان سان گڏ هجي ها ته جيڪر ڏاڍو لطف اندوز ٿئي ها. هوائي جهاز جو هي منهنجو پهريون سفر ئي برڪت وارو سفر آهي. پاڪستاني وقت مطابق پوڻا پنج ٿي رهيا هئا ته جهاز به هيٺ لهندي زمين جي سطح کي ويجهو ٿي رهيو هو.
    ڇو ته جده جي بندرگاهه کي ويجها ٿي رهيا هئاسون. جهاز عمله پاران اعلان ڪيو ويو ته، 25 منٽن کان پوءِ پاڻ انشا الله جده هوائي اڏي تي لهڻ وارا آهيون.


    جهاز مان بادلن جو نظارو:

    جهاز مان بادلن جو نظارو:
    جهاز توڙي جو هيٺ لهندو پئي ويو پر پوءِ به سندس بلندي واري سطح بادلن کان مٿي هئي. دريء مان هيٺ نظرڪيم ته، بادلن جو نظارو واهه جو هو! جهڙوڪر چمڪندڙ اڇي ڪپهه جا دڙا ته ڪي وري سليٽي رنگ وارن دونهاٽيل ڇانورن مثل. ڪن بادلن جو نقشو وري بلند پهاڙن وانگر پئي لڳو. جيئن جيئن جهاز اڳتي وڌندو ويو زمين پوري جي پوري بادلن سان ڍڪيل نظر اچي رهي هئي. ڄڻ زمين جي مٿان ڪڪرن جو آسمان ٺهي ويو هجي. خدا جو شان! ڪڪرن جي نظام جو نظارو ئي عجيب آهي. جنهن ماڻهو اهو منظر ڏٺو هوندو تنهن کي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ سولي ايندي پر جنهن جو ڌيان انهي پاسي نه هوندو يا کيس اهڙو ڪو موقعو ئي نه مليو هوندو ته ان کي منهنجيون ڳالهيون اجائي ڊيگهه محسوس ٿينديون. جهاز جي دري مان آسمان ته نظر آيو پئي پر زمين جو نالو نشان ئي ڪونه هو. ڇو ته زمين جي مٿان ڪڪرن جو ڇٽ يا ڪارو نڀار جو آڪاش پنهنجو ڀاڪر پکيڙيو بيٺو هو. بادلن جي بنيل فرش عجيب ڪشش پيدا ڪري ڇڏي هئي. ڪاش! مون سان گڏ اهي دوست هجن ها جيڪي مينهوڳيء جي موسم ۾گوڏ ۽ گنجي پائي ڪڪر ڪارونڀار جو نظارو ڪرڻ لاءِ ڳوٺ کان ٻاهر نڪري ٻنين ٻارن طرف هلندا هئا.
    سبحان الله! بادلن جا لشڪر ائين پئي ڏٺم جيئن ڪي ٽهاڻيون ٽاپ ٽاپ ڀڄنديون پنهنجي بي پرواهي جو مظاهرو ڪري رهيون هجن يا ڪي ٽهندڙ جهنگلي هرڻيون ڇال ڏينديون ڇوٽ پيون وينديون هجن. جهاز پنهنجي بلندي گهٽائي ڪڪرن کان ايترو مٿي هو جيترو اسان پنهنجي ڳوٺ وارن ڪچن گهرن تي چڙهي گهر جي اڱڻ تي نظر ڪندا آهيون. بس جهاز ۽ ڪڪرن جي وچ ۾ اها ڇيٽي وڃي رهي هئي.
    واهه مولا تنهنجي قدرت جا ڪمال! مٿي آسمان ۽ هيٺ ڪڪر ته وچ ۾ وري اسان جو تيز رفتار جهاز، ۽ انهي جهاز ۾ اسان جون حيرت زده نظرون ۽ قدرت جي عجائبات تي سوچيندڙ ننڍڙو دماغ.


    ميقات مٿان گذر:

    ميقات مٿان گذر:
    پاڪستاني وقت مطابق سوا پنجين وڳي اسان جو جهاز “يلم لم” کان گذرڻ لڳو ته اعلان ڪيو ويو ته، حاجي سڳورا تلبيه پڙهي تجديد نيت ڪن. ڇو ته حج يا عمره تي ايندڙ پاڪستاني/ هندستاني باشندا “يلم لم” کان پنهنجي احرام ٻڌڻ جي نيت ۽ تلبيه (لبيڪ اللهم لبيڪ پڙهڻ) جي شروعات ڪن ٿا. يعني ته جيڪڏهن ڪنهن حاجي سڳوري پاڪستان جي ڪنهن به ايئر پورٽ کان احرام نه ٻڌو آهي ته هن کي کپي ته “يلم لم” وٽان احرام ۽ تلبيه کانسواءِ اڳتي نه وڌي جيڪڏهن ائين ڪندو ته ان کي وري واپس وڃي “يلم لم” کان ٻاهر احرام ۽ نيت حج و عمره ۽ تلبيه پڙهي پوءِ مڪه شريف اچڻو پوندو.
    شايد پڙهندڙ سوچين ته، “يلم لم” ڪنهن بزرگ يا پير فقير جو نالو آهي جو ان جو نالو وٺي زور دار نعرا هڻن ٿا. حالانڪه “يلم لم” نه ته ڪو پير فقير آهي نه ڪي ملون مرشد ۽ نه وري ڪو عرب شيخ. پر اهو هڪ سمنڊ ۾ ٻيٽ آهي، جيڪو مڪي شريف کان ٻن مرحلن جي فاصلي يعني 30 ميلن تي آهي.


    حدود حرم ۽ مختلف ميقات:

    حدود حرم ۽ مختلف ميقات:
    ڳالهه هينئن آهي ته، حج ۽ عمره جي ادائگي لاءِ جن جاين تي پهچي حج ۽ عمره جا ارڪان پورا ڪجن ٿا سي سڀئي جايون مڪي شريف ۽ ان جي آسپاس آهن. جيئن ته خدا جي فرمان مطابق دنيا جي چئني طرفن کان مسلمانن کي حج ۽ عمره ادا ڪرڻ لاءِ مڪي شريف ڏي اچڻو پوي ٿو انهي ڪري حج ۽ عمره جي نيت سان ايندڙن لاءِ مڪي شريف جي چوڌاري هڪ حد مقرر ڪئي وئي آهي جنهن جا خصوصي آداب آهن. انهي مقرره حد جي اندرين ايراضي يعني جيڪا حرم مڪه بيت الله جي ويجهي آهي تنهن کي“حرم” ۽ انهي مقرره حد کان ٻاهرين ايراضي کي “حِل” ڪوٺجي ٿو. “حرم.” جو مطلب آهي ته، اها ايراضي ايتريقدر احترام ۽ عزت جي لائق آهي جو، ان جي اندر جن ڪمن کان هميشه يا خاص حالتن ۽ وقتن ۾ روڪيو ويو آهي تن کي حرام سمجهي پرهيز ڪجي. پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو اهي منع ڪيل ڪم ڪندو ته ڄڻ احترام ۽ تقدس واري حد اورانگهي ويو ۽ پاڪ جاءِ جي انتهائي بي ادبي جهڙي ڏوهه جو ڏوهاري ٿيو، اهڙي صورت ۾ ان ماڻهو تي شريعت جي قانون مطابق ڏنڊ ۽ جرمانه لڳي ٿو جيڪو هر حال ۾ کيس ڀري ڏيڻو آهي.
    “حِل” جو مطلب ته جائز ۽ حلال يعني ته اهو علائقو جتي ڪنهن به غير شرعي ڪم کانسواءِ ٻين هر طرح جي جائز ڪمن جي شريعت طرفان اجازت هجي. جيئن ته مڪو شريف دنيا جي پوري وچ تي آهي انهي ڪري جيڪي به رستا (خشڪي يا سامونڊي) مڪي شريف ڏي اچن ٿا ته انهن رستن تي حرم جي حد جا نشان ڪيا ويا آهن ته جيئن حج ۽ عمره لاءِ ايندڙ ماڻهو انهن نشانن وٽان احرام پائڻ کانسواءِ مڪه شريف ۾ داخل نه ٿين. سهولت خاطر چئني پاسن جي ملڪن مان ايندڙ ماڻهن لاءِ هيٺئين ريت نشان مقرر ٿيل آهن. شريعت ۾ انهن مقرر ڪيل نشانن کي “ميقات” سڏيو ويو آهي پوري دنيا جي ملڪن مان ايندڙ ماڻهن لاءِ مقرر ڪيل ميقات هي آهن.
    1. جيڪي ماڻهو مديني جا رهاڪو آهن يا اهي حاجي جيڪي مديني کان ٿيندا حج/ عمره لاءِ مڪي جي طرف اچن ٿا ته انهن لاءِ احرام ٻڌڻ جي جاءِ “ذوالحليفه” آهي جنهن کي اڄڪلهه “ابيار علي” به چون ٿا.
    2. جيڪي ماڻهو مراڪش، شام ۽ مصر جا رهاڪو آهن يا انهن ملڪن جي رستن کان مڪي ڏي ايندا ته انهن جي احرام ٻڌڻ جي جاءِ “الجُحفا ” آهي اها جاءِ “رابغ” جي ويجهو روڊ جي ڪناري تي آهي. هاڻي ته ماڻهو “رابغ” کان ئي احرام ٻڌن ٿا.
    3. جيڪي يمن جا رهاڪو آهن يا انهي پاسي کان اچن ٿا جهڙوڪ هندستان/ پاڪستان وغيره ته انهن جي احرام ٻڌڻ جي جاءِ “يلم لم” آهي، جنهن جو موجوده نالو “السعاديه” آهي.
    4. نجد علائقي جي رهاڪن يا انهي پاسي کان ايندڙ ماڻهن لاءِ “قرن المنازل” نالي جاءِ تي احرام ٻڌڻو آهي جنهن کي هاڻي “السيل” چون ٿا.
    5. عراق جي رهاڪن يا انهي ملڪ جي رستي کان ايندڙن لاءِ “ذات عِرق” نالي جاءِ وٽان احرام ٻڌي پوءِ مڪي ۾داخل ٿيڻو آهي.
    6. جنهن ماڻهو جي رهائش مڪي ۽ ميقات جي ڪنهن به جاءِ درميان آهي ته، اهو پنهنجي گهران احرام ٻڌي نڪرندو.
    7. جيڪو ماڻهو آفاقي آهي سو ميقات کان احرام ٻڌندو، پر جيڪو “حِل” ۾ رهي ٿو سوپنهنجي گهران احرام ٻڌي.
    8. حرم جي حد ۾ رهندڙ عمري جو احرام حل کان ٻڌندو.
    9. جنهن جي رهائش خود مڪي ۾ آهي ته جيڪڏهن عمره ڪرڻ گهرندو ته، ان کي حل وٽ وڃي احرام ٻڌڻو پوندو، باقي حج جو ارادو اٿس ته، پنهنجي گهران احرام ٻڌي حج لاءِ نڪرندو.
    شريعت جي قانون مطابق جيڪو به ماڻهو مڪي شريف ۾داخل ٿيڻ جو ارادو ڪري ته، مٿي ڏسيل حرم واري حد وٽ پهچڻ وقت پنهنجو پسنديده لباس لاهي احرام (جنهن کي آئون جيئري جو ڪفن ڪوٺيندو آهيان) پائي کيس مڪي شهر ۾ رهڻ ۽ ترسڻ کان پهرين خدا جي پاڪ گهرجي سلامي ڏيئي حاضري ڀرڻي آهي، پوءِ کيس شهر ۾رهڻ، ترسڻ، واپار وڻج ڪرڻ جي اجازت آهي.
    انهي سلاميء جو نالو قرآني اصطلاح ۾ “عمره” آهي. وري سلسليوار ڳالهه ڏانهن موٽي ٿا هلون ته، اسان “يلم لم” وٽان گذرندي لبيڪ اللهم لبيڪ جو وِرد شروع ڪيو ڪجهه وقت تائين لڳاتار تلبيه (لبيڪ چوڻ) جي تنوار جاري رهي.


    بادل بابت احساس:

    بادل بابت احساس:
    جهاز به هلندي ڪجهه پاسيرو ٿي بادلن سان ڪلها گسائڻ لڳو. مون شيشي واري دريء تي هٿ رکيو ته، جيڪڏهن بادل سخت ۽ مضبوط هوندا ته، ضرور دريء سان ٽڪرائيندي ڪجهه نه ڪجهه ٺڪاءُ يا کڙڪو محسوس ٿيندو. پر ائين ڪونه ٿيو. ڇو ته بادل حقيقت ۾ پاڻيء جا بخار آهن. جيئن اسان باهه ٻاريندا آهيون ته ان جو دونهون بورچي خاني مان ٻاهر نڪرڻ لڳندو آهي. بس ڪڪر به دونهين مثال آهن. خدا تعاليٰ پنهنجي قدرت ۽ حڪمت سبب کاري سمونڊ جي بخارن کي هوا جي ذريعي مٿي کڻي سمونڊ جي کاراڻ گڏيل بخارن کي فلٽر ڪري پاڻي ۾ بدلائي کاراڻ بدران مٺو ۽ ٿڌو صاف شفاف پاڻي بنائي هيٺ وڏ ڦڙو ڪري وسائي ٿو. جڏهن اهي مينهن جا ڦڙا سڪل ۽ مئل زمين تي ڪرن ٿا ته اها جيئري ٿي پوي ٿي هاڻي جيڪو به فصل پوکيو، ٻج ڇٽيو ته هڪ داڻي جي عيوض سو داڻا اپت پئي ٿئي.
    ساڳيو مينهن جو ڦڙو جيڪڏهن سامونڊي سپ جي وات ۾ وڃي ٿو ته صدين بعد اهو املهه ماڻڪ جو روپ وٺي سچو موتي بنجي يا ته بادشاهن جي تاج ۾ جڙيل نظر اچي ٿو يا ته حسينائن جي هينئن جو هار بنجي سندن سونهن ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏي ٿو. اهڙي طرح اهو ئي مينهن جو ڦڙو جيڪڏهن ڪومايل گل تي ڪري ٿو ته ٻهڪي پوي ٿو، جي پوٺن پڊن تي پوي ٿو ته، اتي ساوڪ ڦٽي ٿي ۽ پوءِ ائين لڳندو آهي ته ڄڻ ڌرتي بهار جي مست موسم ۾ خوشيء وچان سائي چادر اوڍي ڇڏي هجي. قدرت ڪيئن نه ڪائنات جي نظام کي ڪڪرن سان وابسته ڪري ڇڏيو آهي. قرآن شريف ۾ بار بار انهي قسم جا اشارا فڪر و تدبر، سوچ ۽ ويچار لاءِ موجود آهن.
    بهرحال جهاز مٿانهين کان هيٺ لاهي ڏي رخ رکيو هو ۽ انهن بادلن جي ڄار مان گذري هيٺ آيو هو. پر پوءِ به زمين گهڻو هيٺ هئي. اسان جن بادلن مان گذريا هئاسون سي زمين جي فضائي حدود کان گهڻو مٿي هئا. ڇوته، انهن بادلن کانپوءِ به هيٺ زمين جي ويجهي وارا بادل ڏسجي رهيا هئا ۽ ان سان گڏ سعوديه جي ريتيلي سر زمين به ڏسڻ ۾ اچي رهي هئي. ڪجهه منٽ هلي جهاز هيٺ لهندي لوڏا کائي رهيو هو ۽ اسان کي چيلهه پٽا ٻڌا پيا هئا. جهاز جي ٻن ٽن لامارن کانپوءِ جده هوائي اڏو دريء مان ڏسڻ ۾ پئي آيو. جهاز جي لامارن ڏيڻ وقت هڪ زور دار جهٽڪو محسوس ڪيم. ايڏو ته گوڙ ٿيو جو، ڪن ٻوڙا ٿي ويا. اڃان اسان زمين کان ڪجهه مٿي هئڻ ڪري، جده جي مختلف روڊن ۽ شهري علائقن جو طائرانه نظارو ڪري رهيا هئاسون.


    جده هوائي اڏي تي:

    جده هوائي اڏي تي:
    نيٺ پاڪستاني وقت مطابق پوري پوڻين ڇهين وڳي ۽ سعوديه جي مقامي وقت مطابق پوڻين چئين وڳي جهاز جده هوائي اڏي تي لٿو. اسان وارو جهاز جتي وڃي منزل انداز ٿيو هو، ان جي ڀر ۾ ٻيا به اسان جي جهاز جيڏا هوائي جهاز جهڙوڪ: ايران، مصر، انڊونيشيا ۽ ازبڪستان وغيره ملڪن جا بيٺل هئا.
    پاڪستان ۾ هوائي اڏن تي گهڻو ڪري جهازن مان لهندڙ يا چڙهندڙ مسافرن لاءِ چاڙهي آڻي لڳائي ويندي آهي، پر هتي جده ۾ وڏن جهازن لاءِ چاڙهي ٺهي ٺڪي پئي آهي. جهاز ان چاڙهي سان لڳي اچي بيهندو آهي. انهي ڪري اسان وارو جهاز به اهڙي هڪ وڏي چاڙهي کي ڪلهو هڻي بيهي رهيو ته اسان به لهڻ جا سانباها ڪري پنهنجي ٿيلهي جي ڪن ۾ هٿ وجهي اٿي کڙا ٿياسين. جهاز جي دروازي کان ٻاهر آيا سين ته جده ايئرپورٽ جو هوائي عملو اسان جي رهبري لاءِ موجود هو، سو اسان کي اشارن سان اڳتي وڌي ڪسٽم ڏانهن وڃڻ جو ٻڌائڻ لڳو پر آئون کين اشارا ڪرڻ تي عربيء ۾ مخاطب ٿيس ته منهنجي عربي ٻولي ۾ ڳالهائڻ تي هو به فر فر عربي ٻولي ۾ سمجهائڻ لڳا. بهرحال اسان ڪسٽم واري هال نمبر 11 ۾ پهتاسين. سامان هڪ پاسي رکي وضو ڪري وچين نماز پڙهيم ۽ پوءِ ٻين ماڻهن کي لائن ۾ بيٺل ڏسي اسان به لائن ۾ بيٺاسون، هن ڪري ته جيئن پنهنجي پاسپورٽ جي انٽري (سعوديه ۾ داخل ٿيڻ واري تصديقي مُهر) ۽ ڪسٽم وارن کان سامان چيڪ ڪرائي جده کان اڳتي مڪي شريف ڏي روانا ٿيون. جتي اسان کي لائن ۾ بيهاريو ويو هو اڃا اتي لائن ۾ بيٺل هئاسون ته هڪ همراهه جيڪو پاڪستان مان حج تي آيل هو سو به لائن ۾ بيٺل هو ۽ غير مقلد فرقه وارو هو سو اسان جي هڪ دوست سان ڳالهائيندي ڳالهائيندي ڪنهن مسئلي تان وڙهي پيو. تون ڇا تون ڇا ڪندي ذري گهٽ ٻکين پئجڻ وارا هئا، پر مون وچان پئي معاملو رفع دفع ڪيو. نيٺ رڙهندا رڙهندا ڪسٽم عمله وٽ پهتاسون، جن پهرين پاسپورٽ چيڪ ڪيو ۽ پوءِ سعوديه جي سر زمين ۾ داخل ٿيڻ لاءِ دستور مطابق انٽري ڪري صحيح ڪئي ۽ ٺپا هنيا. جده ايئر پورٽ جي شعبه داخله وارن جي ڪمپوٽر ۾ منهنجو سيريل نمبر 6018242955 هو جڏهن ته انٽري نمبر 170830517 هو ڪمپيوٽر ۾ ٻاهران آيل ڌارئي ملڪ جي هر ماڻهو جو نالو، ملڪ جو نالو، سعوديه ۾ داخل ٿيڻ جي تاريخ ۽ وقت، ويزا جا ڪل ڏينهن، اچڻ جو مقصد وغيره رڪارڊ ڪيو وڃي ٿو ته جيئن ڌارئي ملڪ جي ماڻهو کي ويزا کان وڌيڪ ملڪ ۾ رهڻ جو موقعو نه ملي. اتفاقاً ڪو ماڻهو سعوديه ۾ اچي لڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ويزا ختم ٿيڻ باوجود واپس نه ٿو وڃي ته سي آءِ اي پوليس کي اهڙي ماڻهو جو سمورو تفصيل ۽ فوٽو وغيره ڏنا وڃن ٿا ته جيئن ان کي پڪڙي سگهي. گهڻو ڪري ٻاهريون ماڻهو عمره يا حج جي ويزا تي سعوديه ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ ملڪ جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ لڪي وڃڻ جي غير قانوني حرڪت ڪندو آهي. سعوديه وارا اهڙي ماڻهو کي ڳولڻ جو آسان رستو هن طرح ڪڍن ٿا جو ان جي داخل ٿيڻ جي تاريخ ويزا ۽ ملڪ جي نالي کي دستور مطابق ڪمپوٽر ۾فيڊ ڪري ڇڏيندا آهن پوءِ جڏهن حج جي ادائگي بعد حجاج واپس ٿيڻ لڳندو آهي ته لازمي طرح جده هوائي اڏي کان ئي ٻاهرين ملڪن ڏي پروازون وڃن ٿيون ته ان واپس ويندڙ ماڻهو جي پاسپورٽ تي روانگي جو ٺپو هڻڻ وقت ڪسٽم عمله وارا انهي جو نالو ۽ سندس سمورو تفصيل ڪمپوٽر مان خارج ڪري ڇڏيندا آهن. البته حج تي آيل سڀني ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن جي وڃڻ بعد به جن ماڻهن جا نالا اڃا تائين ڪمپوٽر ۾ فيڊ ٿيا پيا هوندا آهن ته انهن ماڻهن کي غير قانوني رهندڙ قرار ڏيئي ڳولي هٿ ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن جيل اماڻي پوءِ کيس قيد مان ڪڍي ڪنهن واپاري سامان کڻي ويندڙ بحري ٻيڙي ذريعي سندس ملڪ روانو ڪيو وڃي ٿو.


    سعوديه جو ڪسٽم عملو ۽ سامان جي چيڪنگ:

    سعوديه جو ڪسٽم عملو ۽ سامان جي چيڪنگ:
    بهرحال پاسپورٽ جي انٽري ڪرائڻ وقت اسان جو سامان به جهاز مان لاهي اتي پهچايو ويو هو جيڪو صحيح سلامت مليو ته وري ان سامان جي به ڪسٽم عمله وارن جانچ پڙتال شروع ڪئي. چيڪنگ واري عملي ۾ پڪي ڄمار جا گهٽ البته نوجوان ۽ ڇوڪرا گهڻا هئا، جن مان ڪي ته عارضي طرح حج واري سيزن لاءِ ڀرتي ڪيل معلوم ٿي رهيا هئا، انهي عمله ۾ ڪجهه ڏاڏا به هئا، جن جو مهانڊو ڏسي مون کي ميرن ۽ پيرن جي حاضري ۾ رهندڙ شيدي باشا ياد آيا. گهڻوڪري اسان سنڌي انهن شيدي باشائن کي ڏاڏا ڪري سڏيندا آهيون.
    ڪسٽم عمله جي چيڪنگ تمام سخت هوندي آهي. سٿڻ ۽ قميص ته ڪونه ٿا لهرائين باقي ڪپڙن جي ڇنڊ ڇاڻ پوري طرح ڪن ٿا. هونئن به اسان ته احرام ۾ هئاسون انهي ڪري اسان واري گوڏ ۽ پٺن مٿان اوڍيل چادر ته ڇنڊڻ بنهه سوليون هيون. منهنجي سامان ۾ هڪ ته ڪپڙي جي ٺاهيل ڳوٿري هئي جنهن ۾ ڪپڙن جا ٻه جوڙا، هڪ رلي، هڪ فراسي، بستري جي چادر، هڪ وهنجڻ لاءِ ٽوال ۽ هڪ ننڍڙو وهاڻو جنهن جي ڊيگهه هم چورس هڪ فوٽ هئي. ان کانسواءِ هٿ واري ٿيلهي ۾ ڪپڙن ڌوئڻ ۽ وهنجڻ جا ٻه صابڻ، سنوارت جو مختصر سامان، توليه، چپل هڪ ٻه ڪتاب، ٻه ٽي عربي ۾ لکيل مضمون، سفيد پنن جو دستو ۽ ٻه ٽي بال پينون. بس اهو هو سمورو سامان جيڪو ويندي ۽ ايندي بنا ڪنهن گهٽ وڌائي جي ساڳيو رهيو.
    چيڪنگ عمله پهرين ڪتاب کولي ڏٺا ۽ پوءِ ان سان گڏ منهنجا عربيء ۾ لکيل مضمون ڏسي پڇيو ته، هي عربي تحريرون تنهنجون آهن؟ مون وراڻيو ته، هائو! عرب شاعر متنبيء تي لکيل عربيء ۾ مضمون بابت چيائون ته، اهو اسان کي عنايت ڪر. مون چيو ته، اسان هتي ڏيڻ نه پر وٺڻ آيا آهيون. باقي ٻيو سامان ته سگهو چيڪ ڪري واپس ڪيائون پر انهن کي منهنجي رليء ۽ وهاڻي ڏاڍو پريشان ڪيو هو. چيڪنگ عمله وارا پنج _ ڇهه همراهه منهنجي وهاڻي ۽ رليء کي ائين گهيرو ڪري بيٺا، جيئن ايمرجنسي وارڊ ۾ ڊاڪٽر نازڪ حالت واري مريض کي گهيرو ڪري چيڪ اپ ڪرڻ ۽ ٽريٽمينٽ لاءِ سوچ ويچار ڪندا آهن. آئون چيڪنگ آفيسرن ويجهو خاموش بيٺو رهيس. جڏهن ته منهنجي ساٿين جو سامان مون کان پهرين چيڪ ٿي ويو هو ۽ اهي جانچ ڪندڙ ٽيم کان آجا ٿي ٻاهر منهنجي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا. چيڪنگ وارا پهرين ته رليء جا چٽ گل، بيهڪ بناوٽ، محنت ۽ پورهئي جو جائزو وٺڻ لڳا. هن طرح جو ٻن آفيسرن اها رلي پلاندن کان وٺي کولي کڻي سامهون واري وڏي ميز تي پکيڙي ڇڏي. سنڌ جي رلي ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن لاءِ وڏي دلچسپي جو سبب بنبي آهي. هڪ آفيسر ته جانچ وٺڻ کان پهرين رليء جو يادگار فوٽو ڪڍڻ گهريو پر وٽس ڪئميرا ۾ رول موجود ڪونه هو جنهنڪري هو اها حسرت پوري ڪري نه سگهيو. پوءِ سڀني آفيسرن ميز تي پکڙيل رليء مٿان هٿن جي زور سان چيڪ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ ڀر واري مشين تي رکي ڏٺائون، پر ڪنهن به انديشه ظاهر نه ٿيڻ ڪري کڻي واپس ميز تي ڇڏيائون. شايد هنن جو خيال هو ته، ٻن ٽن تهن واري سبيل رليء ۾ ٿي سگهي ٿو ته، ڪا نشي واري شيء يا ڪو خطرناڪ مادو ڀريل هجي. انهي ڪري پئي مشين ۽ هٿن ذريعي جانچ پڙتال ڪيائون. انهي کانپوءِ وهاڻي جي چيڪنگ جو وارو آيو. جيئن ته اسان وهاڻي جي اندر ڪپهه بدران ٻوهه ڀريو هو، ڇو ته ڪپهه چپجڻ ڪري ڳوڙها ڳوڙها ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ سيرانديء هيٺ رکڻ سان ڀترن وانگر ڏکيو لڳي ٿو.
    آفيسرن وهاڻي کي نرم شيء سان ڀريل ڏسي پهرين ته هٿن سان زور ڏنو ۽ پوءِ شڪ پيو ته، هن نرم شيء ۾ ڪا نشي واري شيء ڀريل نه هجي. انهي ڪري هڪ آفيسر ڀرسان پيل ڪاتي کڻي وهاڻي جا ٽانڪا وڍيا ۽ پوءِ اندر هٿ وڌائين ته ٻوهه نرم هو انهي ڪري هٿ وجهڻ سان سڄو هٿ ٻوهه سان ڀرجي ويس، پوءِ ته گهٻرائجي فوراً هٿ ٻاهر ڪڍي زور سان ڇنڊڻ لڳو. ڀرسان بيٺل ٻئي آفيسر وهاڻي مان ٻوهه ڪڍي سونگهيو ته ٽئين ڄڻي وري ٻوهه ڪڍي زبان سان چکيو ته ٻوهه چکڻ سان ئي ٿو ٿو ڪرڻ لڳو. آفيسرن لاءِ ٻوهه ڳجهارت بنجي پيو ته مون کين عربيء ۾ هن طرح وضاحت ڪئي ته،
    ھذھٖ زھر شجیرۃ یقال لھا بالطب العربی “بلوطی” تنبت فی الجبال و الصحاریٰ۔ نحن اھل السند نصنع من ازھارھا الوسائد لان الوسائد المصنوعۃ من زھر بلوطی و ثمر تھا تبریء الصداع والنزلۃ و الزکام و امراض الدماغ بجعلھا تحت الرأس حین النوم۔ و ان وسائدھا احسن للاتکاء والاستراحۃ لکون لینتھا و ایضاً ارغد للرقود۔
    يعني ته، هيء انهي ٻوٽي جو ڦر/ گل آهي جنهن کي عربي طب ۾ “بلوطي” (ٻوهه) سڏيو ويو آهي. اهو نرم ۽ کليل رهي ٿو جنهنڪري اسان سنڌي ماڻهو انهي کي وهاڻن ۾ وجهون ٿا ته جيئن سمهڻ وقت ڪنڌ هيٺان رکڻ سان مزيدار ننڊ اچي. اهڙي طرح ٻوهه جي وهاڻي کي استعمال ڪرڻ سان طبي طور هيء فائدو ٿئي ٿو جو انهي سان مٿي جي سور، نزله، زڪام ۽ دماغ جي بيمارين ۾ به فائدو ٿئي ٿو.
    منهنجي انهي وضاحت کانپوءِ آفيسرن پڇيو ته، هن ۾ ڪا نشي واري شيء ته ڪانهي. مون چيو ته بلڪل نه. تحقيقات مڪمل ٿي چڪي هئي پر هو مون کان تعارفي طور ڪجهه پڇڻ لڳا. هڪ آفيسر چيو ته تون پاڪستان جو ٿي ڪري عربي ٻولي چڱي پيو ڳالهائين. ٻئي آفيسر پڇيو ته، تعليم ڪيتري اٿئي؟ مون وراڻيو ته، عربيء ۾ ماسٽر ڊگري (M.A) يعني پوسٽ گريجوئيٽ آهيان. وري پڇيائين ته ڪٿي پڙهيو آهين؟ مون وراڻيو ته، مسڻ وڏيء ۾پڙهيو آهيان. تنهن تي حيرت مان پڇيائين ته اهو وري ڪو نئون ملڪ آهي ڇا؟ مون چيو ته نه، بلڪه اهو سنڌ جو هڪ مشهور تاريخي ڳوٺ آهي. هڪ ٻئي آفيسر پڇيو ته، ڪهڙو ڪم ڪندو آهين؟ مون چيو ته، آئون سيڪنڊري اسڪول ۾ استاد، هڪ ديني عربي مدرسه جو ناظم ۽ ڳوٺ جي جامع مسجد جو خطيب آهيان.
    هڪ جانچ آفيسر کي طنز آميز لهجه ۾ عرض ڪيم ته، توهان جي ڪارروائي ته قبر جي منڪر نڪيرن کان به وڌيڪ سخت آهي! تنهن تي وضاحت ڪرڻ لڳو ته، جيڪڏهن توهان وٽ ڪجهه به نه هجي ها تڏهن به چيڪنگ ٿئي ها. ڇو ته هتي (سعوديه ۾) ايندڙ ماڻهن جي سمگلنگ جهڙين ناجائز حرڪتن ۽ منشيات جهڙي انسانيت سوز ۽ مسلم معاشري کي تباهه ڪندڙ ڪاروبار اسان کي اهڙي سخت چيڪنگ ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي. بهرحال انهي چيڪنگ واري عمله جي هڪ آفيسر مون کي ٽڙ پکڙ سامان سيٽ ڪرايو ۽ تڪليف جي معذرت ڪئي. مون چيو ته، توهان جي اها ڊيوٽي ۽ ذميداري آهي انهي ڪري اوهان تي اسان جي ڪابه ميار يا ڪاوڙ ڪانهي. نيٺ چيڪنگ کان آجو ٿي اميگريشن وارو دروازو لنگهي ٻاهر آيس ته منهنجا ساٿي منهنجي انتظار ۾ پريشان بيٺل نظر آيا، ۽ چيائون ته، خبر ناهي ته ڪهڙو سامان آندو هئي جو ايڏي دير لڳي! مون چيو ته، جيڪو مون وٽ سامان آهي سو توهان مان ڪنهن وٽ به ڪونهي. انهي ڪري لازمي طرح توهان جي سامان ۽ منهنجي سامان جي چيڪنگ ۾ وقت لڳڻ جو ضرور فرق ٿيندو.
    سانجهيء نماز جو وقت ٿي چڪو هو، ڀرسان لڳل واٽر پمپ تان وضو ڪري گڏجي نماز پڙهي سون. دوستن جي چوڻ تي فرض نماز جي امامت ڪيم ته هڪ ٻه عرب به اسان جي جماعت ۾ شامل ٿي ويا. نماز کان واندا ٿي گهڙيء پل لاءِ ساهي پٽي سون.
    سرچ لائٽن ۽ مرڪيوري بلبن جي تيز روشني سبب جده ايئرپورٽ تي جمع ڏينهن واري سج لهڻ بعد رات جي اونداهي پنهنجي تاريڪ پردي کي پوئتي هٽائي ڏينهن جو ڏيک ڏيئي رهي هئي.


    عرب دنيا ۾ پهريون قدم:

    عرب دنيا ۾ پهريون قدم:
    سياڻن سچ چيو هو ته، جهڙو ديس تهڙو ويس. اسان سنڌي ماڻهن اک ڇنڀ ۾پاڻ کي عرب دنيا ۾ عربي ويس وڳي ٻولي ۽ لب و لهجه آڏو ائين محسوس ڪيو ته ڄڻ ڪنهن نئين دنيا ۾ داخل ٿي ويا هجون. توڙي جو حجاج ڪرام جي ڀلاري جماعت ۾ شامل هئڻ ڪري اڪيلائپ جو احساس ڪونه پئي ٿيو پر فطري ويڳاڻپ جو پاڇو ضرور محسوس پئي ٿيو. مرحوم مولانا حاجي احمد ملاح بديڻائي جي چوڻ : “گهڙيء جو گهڙيء ۾ فضا وئي ڦري”، وانگر واقعي پل پهر ۾ انسانن جي هڪ دنيا کان ٻي دنيا۾ پهچي ويا هئاسون. جتي ويس، ٻولي ۽ ماڻهن جي صورت شبيهه، اسان جي ويس، ٻولي ۽ صورت شڪل کان ڪافي مختلف هئي.
    مون کي اتي ياد آيو ته، سنڌ جي عظيم انقلابي رهبر مولانا عبيد الله سنڌي رحمت الله عليه سورت فاتحه (الحمد شريف) جو تفسير ڪندي “رب العالمين” جي تشريح هن طرح ڪئي هئي ته، “العالمين” مان مراد انساني جماعت جون جدا جدا قومون آهن يعني ته، انسانن جي مختلف سوسائٽيز، ملڪ ۽ قوميت جي اختلاف سبب هر ديس جي انسانن جو پنهنجو جهان آهي. مولانا سنڌيء جو مقصد آهي ته، الله تعاليٰ جو قرآن انسان سان ئي مخاطب آهي انهي ڪري “عالمين” جيڪو لفظ عالم جو جمع آهي، جنهن جي معنيٰ گهڻا جهان، سو انهي لفظ جو تعلق ڪائنات جي مڙني مخلوقن جي جنسن مان به خاص انسان سان ئي وابسته آهي. ڇو ته قرآن شريف جي هر حڪم جو خطاب انسان کي ئي آهي باقي ڪائنات جي ٻين شين جو ذڪر ضمني طرح اصل مقصد کي واضح ڪرڻ لاءِ آهي. جيئن ته هر ملڪ جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، ثقافت، سماج، آب و هوا ۽ سرزمين جي مناسبت سان ضرورتون، جمله اسباب ۽ کاڌو خوراڪ سڀ مختلف آهن ته هر هڪ ديس واري انسان جو جهان ٻئي ديس واري انسان جي جهان کان مختلف ٿي ويو. اهڙيطرح سياسي حواله سان به انسانن جي هڪ جماعت جو ٻي جماعت جي ڀيٽ ۾ تنظيمي ۽ فڪري رجحان مختلف هئڻ ڪري به جهان ڌار شمار ٿيندو.
    اهڙين صورتن ۾ الله تعاليٰ جي ربوبيت جو اندازو ڪجي ته، هو هر ملڪ جي ماڻهو جي ضرورت ۽ گهرج پوري ڪري ٿو، ۽ ان جي سندس حالتن ۽ وقتن مطابق پرورش ڪري ٿو. واقعي اسان مولانا سنڌيء جي نقطه نظر مطابق ٻي دنيا ۾ داخل ٿيا هئاسون. جنهن جو اکين ڏٺو مشاهدو مون کي هتي جده پهچڻ کان پوءِ ٿيو.
    اسان جي ريلوي پليٽ فارمن تي رکيل سيمينٽ جي وڏين بينچن وانگر هتي پلاسٽڪ جي نارنگي ڪلر وارين بينچن تي ڪجهه دير ويهي ٿڪاوٽ دور ڪئي سون ۽ چانهه بسڪٽ، ڊبل روٽي کائي پاڻي پي تازا ٿياسون ته معلمن طرفان کڻندڙ بسن جي اڏي تي آياسون جتي پنهنجي معلم جو مڪتب (آفيس) نمبر 21 ٻڌائي سامان معلم جي نمائندي حوالي ڪيوسون. معلم جي نمائندي اسان کان پاسپورٽ وٺي چيو ته، اهو توهان کي مڪي ۾ معلم جي آفيس مان ملندو ۽ توهان جو ڏنل سامان ڪُلي (حمالي) پاڻيهي بس تي پهچائيندا توهان مطمئن ٿي هلي بس ۾ ويهو. اسان معلم جي ايجنٽ جي ڏس تي الجزيره ڪمپني جي بس ۾ وڃي ويٺاسون.


    مڪي شريف ڏي روانگي:

    مڪي شريف ڏي روانگي:
    لڳ ڀڳ ساڍي اٺين وڳي بس جده کان مڪي شريف رواني ٿي. بس جو ڊرائيور هڪ ڊبل شيدي هو جنهن جو وزن اندازو آهي ته چئن پنجن مڻن کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه هوندو. بس فل ايئر ڪنڊيشن هئي جنهن ۾ ڪل 49 سيٽون هيون. هن ترتيب سان جو هڪ پاسي کان ٻه سيٽون ته ٻئي پاسي کان به ٻه سيٽون. هر ٻن سيٽن مٿان ننڍڙو پکو لڳل هو جنهن جي چالو يا بند ڪرڻ جو بٽڻ ڊرائيور جي سامهون ڀر واري بورڊ ۾ هو. پکو ڦرندي ٿڌي هوا پهچائي رهيو هو. بس جي ڊرائيور جي سيٽ اسان جي بسن جي ڊرائيورن جي سيٽ جي بر خلاف کٻي طرف هئي. ڇو ته هتي ڊرائيونگ رائٽ سائيڊ (سڄي پاسي) کان ڪئي وڃي ٿي. البته اسان وٽ ليفٽ سائيڊ (کٻي پاسي) کان ڊرائيونگ ڪرڻ جو قانون آهي. جيڪڏهن هتان جي پاڪستاني ڊرائيور کي سعوديه جي قانون مطابق ڊرائيوري لاءِ ويهارجي ته، پهرين ته ڪيترائي ايڪسيڊنٽ ڪندو. جيسين وڃي ڳالهه سمجهي ۽ سندس هٿ هري. بس جيئن ئي رفتار تيز ڪئي ته بس عمله طرفان حاجين جي خدمت ۾ تحفه طور هڪ ليٽر جي بوتل جنهن ۾ واديء فاطمه جو پاڻي هو، نمڪين بسڪيٽن جو وڏو دٻو، مٺي ڊبل روٽي، نارنگين جو جوس ۽ ٻيون ذائيقيدار شيون ڏنيون ويون. رات جو يارهين وڳي بس مڪي شريف پهتي. جده مڪه جو فاصلو 45 ميل اصلي ۽ 60 ڪلوميٽر آهي، جيڪو ساڍن ٽن ڪلاڪن ۾ طئي ٿيو.
    بس کي پهرين ته حاجين لاءِ ٺهرايل گورنمنٽ طرفان استقباليه ميدان ڏي نيو ويو، جتي بس تيل ڀرايو ته اسان کي وري زمزم جي پاڻي جي وڏي بوتل، بسڪيٽ، ڊبل روٽيون وغيره تحفه طور ڏنيون ويون. اتي بس وارن هيء به اعلان ڪيو ته، مڪتب 21 وارن جو معلم تبديل ڪري هاڻي انهن کي مڪتب 17 جي معلم حوالي ڪيو ويو آهي. اسان بس ۾ ويٺي زمزم جو پهريون ڍڪ ڀري پوءِ دعا گهري ۽ پاڻي پيئندي پيئندي بوتل خالي ڪئي سون.


    مڪي شريف پهتاسون:

    مڪي شريف پهتاسون:
    پوڻين ٻارهين وڳي ڌاري اسان کي پهرئين معلم محمد احمد صباغ مڪتب 21 بدران، ڪمال احمد دانش مڪتب 17 جي آفيس اڳيان آڻي لاٿو ويو. اسان کي معلم طرفان ٻانهن ۾ سڃاڻپ خاطر چوڙي جهڙا ريگزين جا هيڊي رنگ وارا پٽا ٻڌا ويا جن تي مارڪر سان نان گروپ جي اشاري طور N.G (اين جي) لکيل هو. انهن پٽن تي عربي ٻوليء ۾ معلم جو پتو، آفيس جو فون نمبر وغيره ڇپيل هو. اهو هن مقصد لاءِ ته، جيڪڏهن ڪو حاجي سڳورو ڪٿي گم ٿي وڃي ته ڪنهن به سعودي سپاهي يا سعوديه جي مقامي ماڻهو کي انهي ڀليل حاجيء کي سندس معلم واري آفيس تائين پهچائڻ ۾ آساني ٿئي. ڇو ته عام طرح اسان جي ملڪ جا حاجي سڳورا، مڪه ۽ مدينه کان اڻ واقف هئڻ ڪري روڊ رستي ۽ شهر بازار ۾گهمندي ڦرندي ڀلجي ويندا آهن، اهڙيء صورت ۾ کين ڪو اردو ٻوليء وارو نه ملندو آهي ته پوءِ عربي نه ڄاڻڻ جيڪري ڏس پتو پڇڻ ۾ سخت ڏکيائي ٿئي ٿي.
    معلم طرفان ٻانهن جي پٽي کانسواءِ هڪ ننڍڙو سڃاڻپ ڪارڊ ريگزين جي ڌاڳي ۾ ٻڌل ڏيئي چيو ويو ته، اهو پنهنجي ڪنڌ ۾ هار وانگر پائي ڇڏيو. معلم جي ايجنٽن جو چوڻ هو ته، سعوديه حڪومت ٻاهرين ماڻهن تي ڪڙي نظر رکندي هر گهڙي سخت چيڪنگ ڪري ٿي غير قانوني رهندڙ ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن کي هڪ ڏينهن ته ڇا پر هڪ ڪلاڪ لاءِ به برداشت نه ٿي ڪري. بهرحال اسان ڪمال دانش واري آفيس جي فوٽ پاٿ تي سامان سوڌو بس مان لٿاسين ته معلم جي آفيس وارن فوٽ پاٿ تي گلم وڇائي ڇڏيا هئا، جن تي سامان رکي ويهي رهياسون. اڃا مس ويٺاسين ته، برسات جي هلڪي ڦڙ ڦڙ شروع ٿي. مون دل ۾ سوچيو ته، برڪت واري شهر ۾پهچندي رحمت واري ڦڙ ڦڙ جو پوڻ، قدرت واري طرفان اسان لاءِ پنهنجي بي حساب نوازشن ڪرڻ جو هڪ سنگل آهي.
    بيشڪ اهي ڪرم ته هن مالڪ جا آهن، جنهن اسان جي ڪمزورين ڪوتاهين کي در گذر ڪري باوجود هن جي جو اسان سندس پاڪ گهر جي ديدار جا لائق به نه هئاسون پر پوءِ به ايڏي عطا! ايڏي سخا!! حالانڪه اسان جا افعال ته اهڙا آهن جو اسان ته زنده رهڻ جا به حقدار ڪونه هئاسون. غالب سچ چيو هو ته،
    کعبہ کو کس منہ سے جائو گے غالب شرم تم کو مگر نہیں آتی
    غالب کي آفرين هجي، جنهن پنهنجن ڪڌن ڪرتوتن جو اعتراف ڪري پنهنجي پاڻ کي حق ۽ سچ چئي ڏنو ته، غالب! تون اهڙن افعالن سان ٿو حج تي وڃڻ ۽ ڪعبه جي ديدار ڪرڻ جا ارادا ڪرين، توکي ته شرم ئي نه ٿو اچي. جمع واري سڄي ڏينهن ۽ ڇنڇر رات جي آڌيء تائين جي سفر صفا ٿڪائي ڇڏيو هو. اڃا ٽنگون سڌيون ڪري سامان تي ٽيڪ لڳايو ويٺا هئاسون ته ٿوري دير ۾ معلم جي آفيس وارا رات جي ماني پلاسٽڪ جي ٿيلهيء ۾کڻي آيا. پٺاڻن وارا نان، قيمو، مٽرن جو ٻوڙ جيڪو پلاسٽڪ جي پيالي ۾ پيڪ ٿيل هو سو سامهون رکي چئني ساٿين گڏجي کاڌو. اسان سان گڏ ساڳي مڪتب 17 جا ٻيا به ڪيترائي حاجي سڳورا بس مان لٿا هئا. ماني کائي واندا ٿي ڪجهه گهڙي ساهي پٽي پوءِ سومهڻي نماز لاءِ معلم واري آفيس ۾ وڃي وضو ڪري نماز پڙهي سون. جيئن ته اسان ريگيولر اسڪيم تحت حج فارم نه ڀريو هو بلڪه اسپانسر اسڪيم وارا هئڻ ڪري معلمن جي اصطلاح مطابق نان گروپ وارا هئاسون. انهي ڪري اسان جي رهائش جو ذمو يا جاءِ هٿ ڪري ڏيڻ جي جوابداري معلم تي نه هئي انهي ڪري هڪ وڳي ڌاري اتان کان 10 ريالن ۾ ٽيڪسي ڪري سامان رکي سوار ٿي حرم شريف جي باب عبدالعزيز جي ڀر ۾ محله مسفله ۾ قصر نسيم لاجنگ هوٽل تي آياسون. مذڪوره قصر نسيم جي مالڪ حافظ حفيظ الرحمان وٽ اسان جي مسواڙي جاءِ جو انتظام هو. ڇو ته حاجي عبدالخالق سومري صاحب اسان جي پهچڻ کان اڳ ان کي اسان جي چڱي طرح پارت ڪري ڇڏي هئي. حاجي عبدالخالق سومري جا حافظ حفيظ الرحمان سان سٺا تعلقات آهن.
    قصر نسيم ۾ داخل ٿياسون ته، اندر ويٺل هڪ رياستي اسان کان حال احوال ورتو. اسان چيو ته، اسان حاجي عبدالخالق سومري جي علائقي جا آهيون، حاجي صاحب طرفان اسان کي چيل آهي ته، توهان قصر نسيم وڃي حافظ حفيظ الرحمان وٽ رهجو، انهي ڪري هتي آيا آهيون. اها ڳالهه ٻڌي هن فون کڻي حافظ حفيظ الرحمان سان ڳالهايو ته، جن ماڻهن بابت توهان کي حاجي عبدالخالق سومري سفارش ڪئي هئي سي همراهه پهچي ويا آهن. ٿوريء دير ۾ حافظ صاحب آيو ۽ اسان سان وڏي محبت ۽ خنده پيشاني سان مليو.
    خبرون چارون پڇي چيائين ته، مانيء جي ضرورت هجي ته، گهرائي وٺون. پر اسان کيس سختيء سان منع ڪئي ته وري انهي نوڪر کي چيائين ته، جلدي چانهه تيار ڪر پر کير ڪجهه وڌيڪ هجي ته جيئن همراهه تازا ٿين. واقعي مون کي ان وقت چانهه پيئڻ جي ڏاڍي ٻاڙ لڳي هئي، حافظ صاحب جهڙوڪر منهنجي دل جي ترجماني ڪئي هجي. چانهه پيئڻ کانپوءِ اسان حافظ حفيظ الرحمان کي چيوسون ته، هينئر هي سامان ۽ پيسا ڏوڪڙ توهان وٽ رکي اسان وڃي ٿا عمرو ادا ڪريون، پوءِ صبح جون ڳالهيون صبح سان. حافظ صاحب اسان جي اها ڳالهه پسند ڪئي ۽ سامان ڏوڪڙ وغيره کيس حوالي ڪياسون.
    اسان جو اهو پهريون ميزبان حافظ صاحب اصل پاڪستان جي سرائيڪي واري علائقي جو آهي. سندس ٻولي به رياستي سرائيڪي آهي. هتي مڪه شريف ۾ کيس ڊگهو عرصو رهڻ ڪري رهائش مليل آهي. جنهن ڪري هو ٻارن ٻچن سميت رهي ٿو. حافظ صاحب نهايت با اخلاق سنجيده ماڻهو آهي سنڌي ٻولي به سمجهي ٿو پر ڳالهائي نه ٿو سگهي. سندس همدردانه جذبه ۽ سنجيده طبيعت مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو، سندس ڄمار ڪرڙوڍ آهي.


    عمره جي ادائگي:

    عمره جي ادائگي:
    بهرحال قصر نسيم ۾ ئي وضو ڪري عمره لاءِ تيار ٿياسون. اسان جو هڪ ساٿي جاويد هزاروي شايد 1994ع ۾ اڳئي حج ڪري چڪو هو، هينئر ته هو پنهنجي پيء مرحوم هارون پاران حج بدل ڪرڻ لاءِ اسان سان گڏ آيو هو. انهي ڪري جاويد کي هتي جو واقف هئڻ ڪري چيو سين ته، تون اسان جو رهبر ٿي. سو اسان ان کي رهبر ڪري روانا ٿياسون.
    قصر نسيم کان ٻاهر قدم رکيو سون ته سوڊيم ۽ مرڪري بلبن جي چانڊوڪيء کان وڌيڪ چمڪندڙ تيز روشنيء سبب رات مان ڏينهن لڳو پيو هو. جيئن ئي حرم جي ٻاهران اڱڻ تي پهتاسون ته ماڻهن جا انبوهه هجن. ايڏي رش هئي جو حيرت ٿي ته، هينئر رات جو ڏيڍ ٿيو آهي پر پوءِ به هيڏي رش! هر طرف ماڻهو ئي ماڻهو، مرد مايون، پوڙها ٻار. ڪٿي ڪٿي محتاج ۽ معذور به نظر اچي رهيا هئا. آئون ماڻهن جي ڇوليون هڻندڙ سمونڊ کي حيرت وچان ڏسندو ساٿين سان گڏ اڳتي حرم شريف ڏانهن وڌندو رهيس. حرم شريف جي اڱڻ کٽي وڃڻ تي سامهون مسجد الحرام جي ٻاهران چوڌاري قلعه نما ديوار آهي تنهن تي نظر وڌم ته، ان جي ظاهري تعميرات واري بلندي، عمدگي ۽ پختگي، جاه و جلال مون کي ايترو متاثر ڪونه ڪيو توڙي جو دل جي سختي ميڻ وانگر پگهربي پاڻي پاڻي ٿيندي وئي پر پوءِ به محض حيرت زده ڪرڻ کانسواءِ وڌيڪ متاثر ڪري نه سگهي. ڇو ته آئون گهڻو ڪري تعميرات جي بلندي ۽ فن تعمير جي مهارت کان جلد متاثر يا مرعوب نه ٿيندو آهيان، پر جيئن ئي ڦرندا ڦرندا باب السلام کان حرم ۾ داخل ٿياسون ۽ جنهن وقت ڪعبت الله شريف تي پهرين نظر وجهڻ مهل اسان جي دل جي جيڪا ڪيفيت هئي تنهن جو ذڪر قلم جي زبان سان تحرير ڪري نه ٿو سگهان، ڇوته دل جي ترجماني قلم ڪري نه ٿو سگهي. ڪعبت الله جي حقيقي عظمت، جاه و جلال، شان شوڪت مون کي ان وقت نظر آيو. هونئن ته اسان ڪعبت الله جون ڪاغذي تصويرون ڏسي دل ۾ هي تصور ڄمايو هو ته، ڪعبت الله هڪ جاءِ هوندي جيئن اسان وٽ جايون ٺهيل آهن. بس فرق هي آهي ته، اهو ڪعبت الله هڪ پيغمبر جي تعمير جو يادگار آهي ۽ هي جايون اسان پنهنجي هٿن سان ٺاهيون آهن. ٻيو ته، اسان جي جاين جي دروازي جي چانئٺ زمين سان لڳل آهي، پر ڪعبت الله جي دروازي جي هيٺين چانئٺ کي ماڻهو هٿ مٿي ڪري پوءِ به مس ڇوهي (هٿ لائي) سگهي ٿو. حالانڪه اسان جا اهي سمورا تصور غلط هئا. هتي ته رنگ ئي اور هو. ڪعبت الله شريف مٿان جن بي حساب برڪتن ۽ ري ڇيهه رحمتن جي بارش ۽ نوراني فيض جي پالوٽ ٿيندي رهي ٿي سا ته ڪعبت الله جي سامهون اچڻ کانپوءِ معلوم ٿئي ٿي. باقي ڏيهان ڏور مُلڪان پري ويهي اڻ ڏٺي شي بابت جيڪو به خيال يا تصور پيدا ٿئي ٿو سو حقيقت جي بلڪل ابتڙ هوندو آهي. روبرو اچڻ کانپوءِ ڪجهه نه ڪجهه صحيح اندازو ڪري سگهجي ٿو.
    باب السلام مان داخل ٿيندي جيئن ئي ڪعبت الله تي پهرين نظر پئي ته آئون پنهنجو پاڻ وساري ويٺس. سموري دنيا اکين اڳيان اوجهل. اها به خبر نه پئي پوي ته آئون ڪير آهيان! ڪٿي جو آهيان!! بس پاڻ کي انتهائي قصور وار ۽ گنهه گار ڄاڻندي معافي لاءِ ٻئي هٿ کڻي با ادب عرض ڪرڻ شروع ڪيم. گناهن جو اعتراف ڪندي اکين مان ازخود پشيماني جا ڳوڙها وهڻ شروع ٿيا ۽ توبه جا ڪلما زبان تي جاري ٿيڻ لڳا. ڪوبه پورو جملو نه پيو نڪري. بس ڀڳي ٽٽي ٻوليء ۾ ڪعبه جي اڳيان رب ڪعبه کان بخشش ۽ مغفرت جي درخواست ڪندو رهيس. نظر ڪعبه تي ڄميل رهي، شايد اک به ڇنڀي ڪونه سگهيو هئس. انهي دوران منهنجي دل ڪنهن عجيب قسم جي ڪشش سبب ڪعبه جي طرف ڇڪجي رهي هئي. اها محبت ڀري ڇڪ ائين ڀانتم جيئن ماءُ پنهنجي ٻچڙي کي پنهنجي هنج يا ڀاڪر ۾ وٺڻ لاءِ ڇڪي کڻي ويجهو ڪندي آهي. هونئن به ڪعبت الله شريف روحانيت جو عظيم مرڪز هئڻ ڪري پر خلوص جذبا رکندڙ دلين کي پاڻ ڏي ڇڪيندو رهي ٿو، ته جيئن ٻانهن جو رحمت خداوندي سان وڌيڪ ويجهو قرب ٿئي ۽ کين بنان ڪنهن واسطي جي سڌو سنئون رحمتون ۽ برڪتون حاصل ٿي سگهن. سبحان الله! مون ڪميني تي ايڏي ڪرمنوازي!! جيڪڏهن قدرت واري جي ڪريمانه سخاوت ۽ اڻ ڳڻي عنايت جو مون تي پاڇو نه پوي ها ته ڪر آئون گنهه گار هيء سعادت ڪنهن به صورت ۾ حاصل ڪري نه سگهان ها. سبحانڪ ما اعظم شانه!
    ڪعبه شريف تي پهرين نظر وجهڻ وقت بارگاه رب العزت ۾ دست بسته عرض ڪيم ته، ارحم الراحمين! هن کانپوءِ جيڪا به دعا گهران سا تون پنهنجي فضل و ڪرم سان قبول فرمائجان. حديثن ۽ اسلامي روايتن ۾ آيل آهي ته، ڪعبت الله تي پهرين نظر وجهڻ وقت جيڪا به دعا گهري ويندي سان قبولڻهار جي دربار ۾ قبوليت جو شرف ماڻي ٿي. دعا کان فارغ ٿيڻ تي مون دل جي اندر هڪ وڻندڙ ٿڌاڻ محسوس ڪئي. جيڪا يقيناً قدرت جي طرفان دعائن جي قبوليت بابت تسلي طور ڄاڻي اڳتي وڌيس. هاڻي اسان حجر اسود وٽان پنهنجي طواف جي ابتدا ڪئي ڇو ته طواف جي شروعات اتان ئي ڪبي آهي. هن وقت سهولت خاطر حجر اسود کي سڌائي ۾ سامهون فرش تي هڪ سائي رنگ جو ليڪو ڪڍيو ويو آهي ته جيئن رش جي وقت انهي ليڪي کي حجر اسود جو نشان سمجهي اتان کان طواف شروع ڪيو وڃي. جيئن ته اسان حرم شريف ۾ رات جو دير سان پهتاسين. انهي ڪري ڏينهن جي ڀيٽ ۾ ماڻهن جي رش گهٽ هئي. تنهن هوندي به ماڻهن جو وڏو انبوهه طواف ۾ مصروف هو. رش گهٽ هئڻ ڪري اسان اطمينان سان ست چڪر پورا ڪيا. جن مان پهرين ٽن چڪرن ۾ “رمل” ڪيوسون البته سمورن چڪرن ۾ “اضطباع” به ڪيوسُون. شرعي اصطلاح ۾ “رمل” ناز نخري سان ڪلها چوري ڊوڙڻ کي چئبو آهي ۽ “اضطباع” جو مطلب ته، پٺن تي اوڍيل احرام واري چادر مان ساڄو ڪلهو ٻانهن سميت ٻاهر ڪڍي ساڄي پاسي جي چادر وارو ڇيڙو ساڄي ٻانهن جي بغل هيٺان ڪري کاٻي پاسي جي ٻانهن/ ڪلهي مٿان ڇڏي ڏيڻ. انهن ٻنهي حڪمن يعني رمل ۽ اضطباع بابت حديثن ۾ هن طرح آيل آهي ته، جڏهن هجرت وقت حضور سائين صه جن سان گڏ مسلمان، مڪو ڇڏي وڃي مديني ۾ رهڻ لڳا هئا ته آب هوا مختلف هئڻ ڪري مسلمانن کي بخار ۽ پيٽ جي تڪليف جهڙين طبعي ناسازين جي شڪايت ٿي پئي. توڙي جو پاڻ ڪريمن جي دعا سان مسلمانن جون جملي جسماني شڪايتون دور ٿي ويون هيون پر پوءِ به اڀرا ڪمزور ڏسڻ ۾ اچي رهيا هئا. جڏهن پاڻ سڳورا ۽ سندن اصحاب سن 7 هه ۾عمرو قضا ڪرڻ لاءِ مڪي آيا ته پاڻ ڪريمن، ۽ اصحاب سڳورن کي مڪي وارن قريش ڪافرن ڏسي چيو هو ته، “اضناهم حميٰ يثرب” يعني ته انهن کي يثرب (مدينه) واري تپ اڀرو/ ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي تنهن تي پاڻ سڳورنﷺ سڀني اصحابن کي رمل ۽ اضطباع جو حڪم فرمايو ته جيئن ڪافر ڏسن ته اصحاب سڳورا طاقتور ۽ پهلوان آهن. ڇو ته رمل جي ڪري ڪنهن پهلوان وانگر ناز نخري سان ڪلها چوري تکو تکو ڊوڙڻ سبب اصحابن جي طاقت جو اندازو پئي ٿيو ته اضطباع سان ٻانهن جا ڏورا ڪڍي ظاهر ڪرڻ سبب جسم جي ٿولهه ۽ متاري هجڻ جي نشاندهي ٿي رهي هئي. انهي حڪم ذريعي ڪافرن جا اندازا غلط ثابت ڪرڻ مقصود هئا. توڙي جو اهو حڪم هڪ خاص موقعي جي مناسبت سان هو پر هاڻي هر ڪنهن حاجي يا عمري ڪرڻ واري تي سڀ کان پهرئين طواف جي وقت لاڳو آهي، پهريون طواف جيڪو اچڻ سان ئي ڪبو آهي، تنهن کي “طواف قدوم” سڏجي ٿو جيڪو سنت جي درجي وارو آهي. قدوم جي معنيٰ اچڻ آهي.
    بهرحال طواف جا ست چڪر پورا ڪري ملتزم کي چنبڙي دعائون گهرڻ لڳاسون. آئون ساک سان چوان ٿو ته، جڏهن ڪعبه جي ديوار کي ڇوهي غلاف ڪعبه (ڪعبي جي پرده) کي هٿ سان پڪڙيو هئم ته، منهنجي دل ڏڪي رهي هئي بدن ۾ بي ساخته (پاڻمرادو) رڦڻي شروع ٿي وئي هئي، زبان الائي ڇو ڳالهائڻ وساري ويئي هئي. شايد هنڪري جو آئون گنهه گار احڪم الحاڪمين جي عظيم بارگاهه ۾ حاضر ٿيو هئس. ڀلا عادل شهنشاهه جي اڳيان هڪ ڏوهاري ڪيئن ٿو ڪڇي سگهي؟ جيڪڏهن ڪجهه ڪڇندو تڏهن به رحم جي درخواست کانسواءِ ٻيو ڇا ڳالهائيندو! بي قابو ٿي وڃڻ جي باوجود به پاڻ تي ڪجهه ڪنٽرول ڪري عرض ڪيم ته رب العالمين!
    پنهنجي پاڪ گهر جي اڳيان حاضر ٿيڻ جو جهڙيطرح عظيم احسان ڪيو اٿئي تيئن مون گنهه گار کي دنيا ۽ آخرت جون نعمتون نصيب فرماءِ! مٽن مائٽن، عزيزن دوستن، مسڻ جي مدرسه ۽ استادن، شاگردن، جامع مسجد مسڻ وڏي جمله جماعت، متعلقين ۽ ڳوٺ مسڻ وڏي جي سڀني رهاڪن، سنڌ ۽ سموري دنيا جي مسلمانن کي هر طرح جون ڪاميابيون، آباديون ۽ خوشحاليون نصيب فرماءِ!! سڀني کي هر قسم جي مصيبتن کان محفوظ رک!!
    سڀني تي پنهنجي خير ۽ برڪتن جي نوازش فرماءِ!! دعا گهرڻ بعد اتان پوئتي ورڻ جي ڪئي سون ته دل ۾ يقين پيدا ٿي ويو ته، جيڪي به عرض ڪيم سو ٻاجهاري جي درٻار ۾ قبول ٿي ويو!! بيشڪ هن جهڙو ته ڪوبه ڏاتار ڪونهي، جيڪڏهن مون جهڙن لکين ڪروڙين اربين کربين انسانن جا سوال پورا ڪندو تڏهن به هُن مالڪ جي خزانن ۾ تر جيتري به کوٽ نه ايندي. انهي طواف کان فارغ ٿيڻ بعد اسان سوچيو ته هاڻي مقام ابراهيم وٽ نفل ادا ڪجن پر جيئن ته، مقام ابراهيم وٽ ماڻهن جي پيهه پيهان هئي، انهي ڪري ٿورو پوئتي بيهي مقام ابراهيم ۽ ملتزم جي وچ واري جاءِ کي سامهون قبله رخ ٿي ٻه رڪعتون نماز ادا ڪيون سين. طواف قدوم کانپوءِ ٻه رڪعتون مقام ابراهيم وٽ ادا ڪرڻ واجب آهن. دعا گهرڻ بعد صفا ۽ مروه پهاڙي وچ ۾ ڊوڙڻ لاءِ روانا ٿياسون صفا ۽ مروه اصل ۾ ٻن پهاڙين جا نالا هئا. جن مان صفا پهاڙي اوڀر طرف ڪعبت الله کي بلڪل ويجهو هئي ته مروه پهاڙي وري صفا کان سڌو سَر اتر طرف آهي. يعني ته صفا پهاڙي ڪعبه کي ويجهي ۽ مروه پهاڙي ٿورو پر ڀري هئي. انهن ٻنهي پهاڙين جي وچ ۾ ابتدا ئي دور ۾ وڏي لاهي هئي جيئن لڳو لڳ ٻن جبلن وچ ۾ لڪ وانگر هوندي آهي. اهي ئي ٻه پهاڙيون هيون جن تي چڙهندي ۽ لهندي بي بي هاجران ست ڦيرا / چڪر ڏنا هئا، هن ڪري جو سندس معصوم پٽ اسماعيل عه اڃ ۽ بک وگهي بي حال ٿي ويو هو ۽ روئندي روئندي خطا ٿي پيو هو. بي بي صاحبه سوچيو ته، انهن ٻن پهاڙين صفا ۽ مروه تي چڙهي هيڏانهن هوڏانهن نظر ڊوڙايان ته من ڪٿان ڪو پاڻي جو ڏس پتو پوي. انهي ڪري پاڻي جي تلاش ۾ ڪيڏي مهل صفا پهاڙي تي چڙهي چوڌاري نظر ٿي ڊوڙايائين ته وري ان پهاڙي تان لهي ڊوڙندي پَرين ڀر واري مروه پهاڙي تي چڙهي ٿي ڏٺائين. ايندي ويندي ست چڪر ڪاٽڻ بعد آخري ڀيرو پهاڙيء تي چڙهي بيٺي نهار ڪيائين ته، سندس معصوم اسماعيل جي ڀرسان ڪنهن غيبي آواز هڪل ڪري چيو ته، هاجره! انتظار جون گهڙيون ختم ٿي ويون!
    هيڏانهن اچ!! پاڻي موجود آهي!!! بي بي صاحبه انهي آواز کي مخاطب ٿي چيو ته، تون ڪهڙي پاسي بيٺو ڳالهائين؟ سامهون ڇو نه ٿو اچين؟ پر کيس ڪابه ورندي نه ملي. هاجران معصوم پٽ کي پوين پساهن ۾جو ڇڏي وئي هئي. سو هڪدم ان جي سار لهڻ لاءِ اوڏانهن ڊوڙي جيئن ئي اچي ته اسماعيل عه جي قدمن وٽان چشمو ڦٽي نڪتو آهي. جنهن مان پاڻي تيزي سان وهندو پيو وڃي. بي بي سڳوري انهي وهندڙ پاڻي کي هڪ هنڌ گڏ ڪري روڪڻ لاءِ چوڌاري پٿر رکيا پر پاڻي وڌندو ويو، تنهن تي بي بي صاحبه پاڻي کي چيو ته “زم زم” يعني بيهه بيهه. خدا جي حڪم سان پاڻي اتي ئي بيهي ويو. بي بي هاجران پهرين پنهنجي معصوم اسماعيل کي اهو پاڪ پاڻي پياريو ۽ پوءِ پاڻ پيتائين. پاڻي ۾ الله تعاليٰ اهڙي خاصيت رکي ڇڏي جو ان جي پيئڻ سان بک ۽ اڃ ٻئي ختم ٿي ويا ٿي. اهڙو ڍؤ ٿي ويو ٿي جو ڄڻ مختلف طعام ۽ فروٽ خوب کاڌا هجنس.
    الله تعاليٰ کي بي بي هاجران جي اها ڊوڙڻ واري “ادا” اهڙي ته وڻي وئي جو لکين نبين صحابين ولين ۽ قيامت تائين پيدا ٿيندڙ مسلمانن کي هاجران وانگر ساڳي طرح ڊوڙي انهي بي بي سڳوري جي سنت جي ياد تازي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيائين.
    اسلام ۾ ته انهي ڊوڙڻ جي ايتري اهميت آهي جو جيڪڏهن حج ۽ عمره جي ادا ڪرڻ وقت ڪو ماڻهو صفا ۽ مروه جي وچ ۾ سعي (ڊوڙڻ) وارو ڪم نه ڪندو ته ان جو نه حج ٿيندو نه ڪي عمره، سلام الله عليٰ هاجره وصلواته.
    صفا ۽ مروه پهاڙيون هينئر موجود ڪونه آهن پر ان جاءِ تي حڪومت جديد طرز جو بهترين انتظام ڪيو آهي. ٻنهي پهاڙين وچ ۾ جيڪا لاهي هئي سا سڀ ڀرائي بلڪل هموار ڪيو ويو آهي البته اصل ۾ لاهي واري جاءِ تي صفا ۽ مروه پهاڙين جي وچ ۾ ٻه سائي رنگ جون ٽيوب لائٽون ۽ ان هنڌ ڇت ۾ سائي رنگ جا وڏا گاڊر لڳائي انهي لاهي واري جاءِ جو نشان ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن ان کي لاهي سمجهي ائين ڊوڙجي جيئن جبل کان هيٺ لهڻ وقت لاهي ۾ ڊوڙبو آهي. باقي پهاڙين جي لاهي کان علاوه شروعاتي حصن ۾ معمول واري وک سان هلبو آهي.
    بهرحال اسان صفا مروه ڊوڙڻ کانپوءِ دعائون گهري واندا ٿياسيون ته عمره جي آخري ڪم مٿي ڪوڙائڻ لاءِ سوچڻ لڳاسون. سڀني هي ڳالهه طئي ڪئي ته اسان وٽ سنوارت جو سامان آهي سو مٿي ڪوڙڻ جو ڪم اسان پاڻ ڪري سگهون ٿا. انهي ڪري اسان حرم کان ٻاهر هڪ پاسي تي ويهي هڪ ٻئي جا مٿا ڪوڙيا.
    منهنجو مٿو حاجي عبدالغني سومري ڪوڙيو ته هن ويچاري جا هٿ پئي ڏڪيا. مون چيو ته، مٿي کي ٽڪو آيو ته ڪا ڳالهه ناهي ڇوته مٿي جي کوپڙي تمام مضبوط آهي، اهڙو مضبوط ۽ پائدار پيالو قدرت ٻيو ٺاهيو ئي ڪونهي، پر مهرباني ڪري منهنجا ڪن نه وڍجانء، ته انهي خبردار ڪرڻ تي عبد الغني جا هٿ هيڪاري ڏڪڻ لڳا. پوءِ ڊپ وچان مون ٻنهي ڪنن کي مضبوطي سان جهليو. تنهن تي عبد الغني چيو ته ايترو ٿو ڊڄين؟ مون چيو ته هن پاڪ گهر ۾ به ڪو ڪنهن جو ڪن يا نڪ وڍيندو ته ان کان ماڻهو ڪيئن ڪونه ڊڄندو.


    حرم ۾ پهرين نماز ۽ جاءِ رهائش:

    حرم ۾ پهرين نماز ۽ جاءِ رهائش:
    بهرحال هڪ ٻئي جا مٿا ڪوڙي واندا ٿياسون ته، فجر نماز جو وقت ٿي ويو هو هتي جي مسلڪ مطابق فجر نماز سوير پڙهي ويندي آهي. هتي جا اڪثر ماڻهو حنبلي ۽ ڪجهه شافعي مسلڪ جا آهن جيڪي فجر/ پرهه واري ٻانگ کان ٿوري وقفي بعد نماز فجر پڙهن ٿا. نماز کان واندا ٿي سڌا قصر نسيم آياسين جيڪا حرم شريف جي بنهه ويجهو آهي. قصر نسيم هوٽل جي مالڪ حافظ حفيظ الرحمان صاحب نيرن پاڻي جي صلاح هنئي پر اسان چيو ته، اسان کي نيرن نه کپي پر اسان کي سمهڻ لاءِ ڪو ڪمرو ڏسيو. ڇو ته ڏينهن رات مسلسل سفر اسان کي بنهه ٿڪائي ساڻو ڪري ڇڏيو آهي. حافظ صاحب اسان کي پنهنجي هوٽل جي هڪ ڪمري ۾ آرام ڪرڻ جي بهترين جاءِ ۾ موقعو فراهم ڪري پاڻ هليو ويو ته اسان ليٽندي ئي وڃي ننڊ جي ڀاڪر ۾ پياسون. ننڊ اهڙي ته آئي جو مون ته، ٽنگ ٻانهن به نه چوري هوندي. جڳ جو ڪوبه پتو ڪونه هو. ٻنپهرن ڌاري مون کي ننڊ مان زوري اٿاريائون ته اهو ڇنڇر جو ڏينهن اپريل جي 5 تاريخ هئي. قصر نسيم هوٽل جي مالڪ حافظ صاحب جي ڀائيٽي قاسم جي جاءِ لاءِ ڳالهائي طئي ڪيوسون. مهيني جي رهڻ لاءِ مسواڙ سورهن سؤ ريال (تقريباً ساڍا سورهن هزار روپيا پاڪستاني) گاڏي ۾ سامان رکي مسواڙ تي ورتل جاءِ ڏي روانا ٿياسون. مذڪوره جاءِ جَروَل پاڙي (حي جَروَل) ۾ آهي. اسان جي جاءِ جي محل وقوع هن طرح هئي ته، شارع جبل ڪعبه وارو مين روڊ حرم شريف کان اتر اولهه ڪنڊ ڏي گهڻو اڳتي وڃي ٿو ته، واٽ تي ٻه ٽي موڙ اچن ٿا نيٺ ڳچ پنڌ ڪرڻ کانپوءِ هڪ چوڪ اچي ٿو ته انهي چوڪ جي ڀر ۾ اولهه طرف مسجد خيمه آهي ۽ چوڪ جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي سعوديه جي پراڻي بلڊنگ آهي، جيڪا اڳي ڪورٽ هئي پر هاڻ انڊيا جي مڪتب 60 وارن حاجين جي رهائش لاءِ مخصوص آهي. اهڙي طرح انهي چوڪ کان ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي هڪ پراڻو کوهه آهي جنهن جو نالو “بيرذي طويٰ” آهي. مذڪوره چوڪ کان ٻه ٽي قدم ڏکڻ طرف روڊ ڏيئي اچبو ته روڊ لڳ هڪ پنچر جو وڏو دڪان آهي انهي ايريا ۾ پنچر جو اهو هڪ ئي دڪان آهي جنهن جي مٿان “بنشر علي” (يعني علي جو پنچر وارو دڪان) لکيل آهي. بس انهي دڪان جي لڳ اتر طرف گهٽي آهي اڳتي هلبو ته اسان واري مسواڙي جاءِ پري کان پڌري نظر ايندي، جنهن جي وڏي سڃاڻپ اها آهي ته پراڻي جاءِ پٿرن جي اوساري سان چار ماڙ بلڊنگ ترڪي دور جي يادگار بنجي پنهنجي پوڙهپڻ جو پئي اعلان ڪندي. جهڙا اسان پاڻ هئاسون اهڙي ئي جاءِ ملي. شاهه جي چوڻ مطابق ته،
    جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ جي.
    پراڻي بلڊنگ جي ٽي ماڙ تي اسان جو ڪمرو ايترو ننڍڙو هو جنهن ۾ اسان چار ڄڻا فقط سمهي سگهياسون ٿي. باقي سامان رکڻ جيتري به وڌيڪ جڳهه نه هئي. انهي ڪري هر ڪنهن پنهنجي سيرانديء سامان رکي ڇڏيو. اها جاءِ سعودي حڪومت وٽ حاجين جي رهائش لاءِ رجسٽر ٿيل نه هئي جيڪڏهن حڪومت کي اهڙو اطلاع ملي ها ته ڪر مالڪ کي سزا ۽ جرمانه لڳائي ها، پر اسان جي حال وٽان اها جاءِ مناسب هئي البت حرم شريف کان 20_25 منٽن جي پيدل هلڻ واري فاصلي تي هئي. باقي جيڪي جايون حڪومت طرفان رجسٽر ٿيل هيون تن جي في ماڻهو جو ڪرايو سورهن سؤ کان ارڙهن سؤريال تائين هو. ايتري وڏي رقم ڀرڻ جي باوجود فقط سمهڻ جيتري جاءِ ملي ٿي. انهي ڪري اسان مطمئن ٿي وياسون ۽ گڏجي رهڻ جي صورت ۾ طئي ڪيوسون ته، ٻوڙ پنهنجو ٺاهبو باقي ماني مسجد خيمه واري چوڪ وٽ دڪان تان يا ان کان ڪجهه اڳيان واري نانوائيء کان وٺي اچبي. اسان جي ساٿين ۾ عبد الغني سومرو بهترين بورچي هو تنهن کي ٻوڙ رڌڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو باقي ماني وٺي اچڻ جو ڪم منهنجي ۽جاويد جي حوالي ڪيو ويو. اهڙي طرح رهائش ۽ کاڌي پيتي جو ڪم باقاعده مستقل نمونه سيٽ ٿي ويو. جيئن ته ضروريات زندگي ۾ اهي ٻئي شيون اهم هيون سو خدا جي فضل سان اها اون به لٿي.
    مون پنهنجو ٽائيم ٽيبل ٺاهي ڇڏيو جنهن مطابق ماني کائڻ، آرام ڪرڻ، حرم ۾ نماز جي ادائگي لاءِ وقت، حرم ۾ ويهي بيت الله جو ديدار، ذڪر، تلاوت، تسبيح ۽ طواف وغيره ڪرڻ. جيڪا به توفيق ملي پوري ڪوشش ڪندو رهيس. البته ان وچ ۾ ڪن خاص جاين جي زيارت لاءِ به وڃڻ ٿيندو هو پر اتان کان واپس ورڻ لاءِ تمام گهڻو سعيو ڪندو هئس. ڇوته آئون مڪي شريف جون جايون يا بازارون ته ڏسڻ ڪونه ويو هئس انهي ڪري مون وس آهر اجايو وقت نه وڃايو. سڀني ساٿين کان آئون انتهائي مصروف رهندو هئس ڇو جو مون کي پنهنجي مشاهدات ۽ ڏٺل منظرن کي پنهنجي ڊائري ۾ قلمبند به ڪرڻو پيو ٿي. انهي لکڻ لاءِ مون رات جو سمهڻي نماز کان پوءِ وارو هڪ ڪلاڪ مقرر ڪيو. ڏينهن جو مون وٽ اڇا پنا ۽ قلم ساڻ هوندو هو جتي به ڪا اهڙي جاءِ يا ڪو اهڙو ڏسڻ لائق ڏيک يا لکڻ جهڙي ڳالهه هوندي هئي ته، اتي جو اتي ڪاغذ تي نوٽ ڪري ڇڏيندو هئس، پوءِ رات جو ويهي ڊائري تي تفصيل لکي ڇڏيندو هئس. هن سفر نامه ۾ اهي ئي ڳالهيون ذڪر ڪيل آهن جيڪي حج واري موقعي تي مون ڊائريء جي پنن تي لکي ڇڏيون هيون. انهن ۾ ٻيو ڪوبه نئون اضافو ڪيل ناهي هونئن ته گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو پر هتي فقط اهو ئي لکبو جيڪو سفر دوران سامهون نظر آيو.


    مڪي شريف جي قديم ۽ جديد تاريخ تي هڪ نظر:

    مڪي شريف جي قديم ۽ جديد تاريخ تي هڪ نظر:
    جيئن ته اسان سڀ کان پهرين مڪي شريف ۾وارد ٿيا هئاسون انهي ڪري سڀ کان پهرين آئون چاهيان ٿو ته، پڙهندڙن آڏو مڪي شريف جي نئين ۽ پراڻي تاريخ جون ڪي جهلڪيون پيش ڪجن.
    جن ماڻهن جي عربن جي تاريخ، سماجي زندگي، سندن ادب ۽ شاعري ۽ قبائلي روايتن تي گهري نظر نه آهي سي هيء سمجهن ٿا ته، مڪو شريف نبوت جي اعلان وقت هڪ معمولي ننڍڙو ڳوٺ هو، جتي کٿن جي ٺهيل تنبن ۽ ديرن کانسواءِ چو طرف اٺن جي جهوڪ، رڍن ۽ ٻڪرين جون واڙيون ۽ گهوڙن جا طنبيلا هئا، بس اهو سندن گذر بسر هو ۽ اهي عرب گهڻو ڪري وادين (ڍورين) جي ڪناري ۽ پهاڙن جي پيرانديء پکڙيل هئا، سندن کاڌو سڪل ماني يا اٺن جو گوشت هو جنهن کي هو چڱي طرح پچائي به نه ڄاڻندا هئا. اٺن جي ڏاس (مِلس/ وارن) مان اڻيل ڪپڙا پهريندا هئا نه سندن کاڌي ۾ مزو هو نه ڪي لباس ۾ دلڪشي. نه خيال ۾ بلندي هئي نه ڪي احساس ۾ نزاڪت ۽ لطافت.
    عجمي (غير عربي) زبانن ۾ لکيل سيرت ۽ تاريخ جي عام ڪتابن ۾ مڪي شريف جي انهي نمونه اونداهي ۽ اڻ وڻندڙ يا اڻ سڌريل تاريخ پيش ڪئي وئي آهي جيڪا انهي حقيقت جي بلڪل ابتڙ آهي جيڪا عربي تاريخ جي ڪتابن، ادب ۽ جاهليت جي شعرن ۾ ملي ٿي، جن ۾ مڪي شريف ۽ انهي جي رهاڪن جي عادتن، روايتن، دستور ۽ قانون جو خاڪو پيش ڪيو ويو آهي. اسان کي مڪي شريف جي بدويانه زندگي کان ابتدائي شهري ۽ تمدني زندگي ۾ داخل ٿيڻ جو ڏس خود قرآن شريف ڏئي ٿو. جيئن سورت شوريٰ جي آيت 7 ۾ فرمايو ويو آهي ته، “۽ اهڙي طرح اسان تو ڏي وحي ڪيوسين عربي قرآن، ته جيئن تون وڏي ڳوٺ (ڳوٺن جي مرڪز/ مڪه) جي رهاڪن ۽ جيڪي ماڻهو ان جي آسپاس رهن ٿا تن کي دوزخ کان ڊيڄارين ۽ انهن کي قيامت جي ڏينهن جنهن ۾ ڪوبه شڪ ناهي ڊپ ڏيارين انهي قيامت جي ڏينهن هڪ جماعت بهشت ۾ هوندي ته هڪ ٽولو دوزخ ۾.” ٻئي هنڌ قرآن شريف جي سورت والتين ۾ فرمايو ويو ته، “انجير جو قسم! ۽زيتون جو ۽ طور سينا جو قسم!!. ۽ هن امن واري شهر (مڪي) جو قسم! !!”ٽين جاءِ تي فرمايو ويو ته، “هن شهر (مڪه) جو قسم ۽ تون به ته انهي ئي شهر (مڪه) ۾ رهين ٿو.” (سورت البلد)
    حقيقت هيء آهي ته، مڪو شريف پنجين صدي عيسوي جي وچ ڌاري ئي جهالت جي دور مان نڪري تهذيب جي دور ۾ داخل ٿي چڪو هو. توڙي جو اها تهذيب محدود دائري ۾ هئي. اهو شهر هڪ نظام تحت هلي رهيو هو جيڪو هڪ ٻئي سان ٻڌي، تعاون، سماجي ڀلائي ۽ مختلف شعبن جا ڪم ورهائي کڻڻ جي بنياد تي قائم هو. اهو نظام حضور سائين جي پنجين ڏاڏي قصي بن ڪلاب جي هٿن ۾ هو.
    شروع ۾ مڪي جي آبادي قدرتي طور تي بنهه محدود هئي. اهو آبادي وارو حصو ٻن پهاڙين جبل ابو قبيس (جيڪو صفا پهاڙي جي مٿان آهي) ۽ جبل احمر جنهن کي جاهليت ۾ “اعراف” چوندا هئا، جي وچ ۾ واقع هو.
    شروع ۾ هتي مڪي جا رهاڪو پنهنجا گهر ۽ انهن جون ڇتيون بيت الله شريف وانگر چوڪنڊيون نه بنائيندا هئا، هو سمجهندا هئا ته، اها ڪعبي جي وڏي بي ادبي آهي انهي ڪري احترام طور گول گهر ٺاهيندا هئا. مڪي شريف جي مالدارن ۽ سردارن جا گهر پٿر جا ٺهيل هوندا هئا، جن ۾ ڪيترائي ڪمرا هوندا هئا. مڪي شريف جي تعمير ۽ ترقي ۾ قصي بن ڪلاب جو سڀ کان وڏ هٿ هو. هن مڪي جي شهر تي پنهنجو قبضو ڄمائڻ لاءِ قريشن کي گڏ ڪري متحد ڪيو ۽ انهن جي رهائش لاءِ جاين، جڳهين جي باقاعده حد بندي ڪئي. هن طرح جو حرم ڪعبه کان اوڀر طرف قريش قبيلا، اولهه طرف لحيان جا قبيلا، اتر طرف لحيان جا قبيلا ته ڪڏهن وري حرب جا قبيلا، ڏکڻ طرف خزاعه جا قبيلا رهڻ لڳا.
    مڪي شريف جي انهي آڳاٽي نظام تحت اهم شعبا ۽ کاتا هن طرح هئا.
    1. حجابت: بيت الله شريف جي درباني. 2. سقايه: سبيل ۽ پاڻي جو انتظام. 3. رفاده: بيت الله شريف جي حاجين جي ساليانه عام دعوت ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست. 4. ندوه: مجلس شوريٰ/ صلاح مشوري جي ڪاميٽي. 5. لِوا: جنگي معاملن بابت انتظام. جڏهن ته اهي سمورا کاتا اڪيلي قُصي بن ڪلاب جي هٿ ۾ هئا ڇو ته هو پنهنجي قوم قريش ۽ مڪه وارن تي حاوي هو. قُصي جي وفات کانپوءِ مذڪوره عهدن ۽ کاتن جو ورهاڱو هن طرح ٿيو.
    1. بني هاشم کي سقايه. 2. بني اُميه کي قريش جو جهنڊو عقاب. 3. بني نوفل کي رفاده. قريش سمجهندا هئا ته حاجي ضيوف الرحمان (خدا جا مهمان) آهن انهي ڪري هر سال پنهنجي طرفان گڏيل رقم خاص انهي دعوت لاءِ رکندا هئا جيڪا حاجين کي مفت کارائي ويندي هئي جنهن جو نالو هنن وٽ رفاده هو. 4. بني عبد الدار کي لِوا، سِدانه ۽ حجابه. ڪعبت الله شريف جي خدمت کي سدانه ۽ حجابه ڪوٺيندا هئا. 5. بني اسد کي کي ندوه جو کاتو ڏنو ويو.
    قريش جي مختلف شخصن ۾ جيڪي انتهائي دانا، دورانديش ۽ معزز ترين هئا تن ۾ هيء ذميداريون ورهايل هيون.
    1. (حضرت) ابو بڪر (صديق رضه) جيڪو بني تيم قبيلي مان هو تنهن وٽ دِيت (خون بها) ڏنڊ ۽ جرمانه وغيره هئا. يعني ته اهو مڪه جي قديم نظام واري سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس هو جنهن کي ايترا وڏا اختيارات ڏنل هئا.
    2. خالد بن وليد وٽ (جيڪو بني مخزوم قبيله مان هو) قبه ۽ اَعنه جو کاتو هو. قبه انهي تنبو کي چوندا هئا جنهن ۾ فوجي ضرورتن جو سامان رکيل هوندو هو. اعنه اهو سامان جيڪو جنگ جي دوران گهوڙن تي رکيل هوندو هو.
    3. عمر بن خطاب وٽ سفارت (يعني وزارت خارجه) هئي. جڏهن ڪنهن قبيلي سان جنگ ڪرڻي هوندي هئي ته قريش عمر بن خطاب کي سفير بنائي مخالف ڌر ڏانهن موڪليندا هئا. جيڪڏهن ڪو قبيلو قريشن سان هوڏ ڪندو هو ته ا ن جي مقابلي لاءِ به عمر بن خطاب کي چونڊيندا هئا. اهڙي طرح خارجي توڙي دفاعي معاملا طئي ڪرڻ انهي جي ذميداري هئي.
    4. صفوان بن اميه جي ذميداري ۾ اَيسار ۽ اَزلام جو ڪم هوندو هو. اهو هڪ ڍاري جو قسم هو. ايسار ۽ ازلام ٻه تير هوندا هئا جن مان هڪ تي “ها” ۽ ٻئي تي“نه” لکيل هوندو هو. جڏهن به ڪو ڪم ڪرڻو هوندو هئن ته انهي ڪم ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فال ڪڍائڻ لاءِ ايسار ۽ ازلام جو استعمال ٿيندو هو.
    5. حارث بن قيس وٽ نظم و ضبط ۽ ڳوٺاڻي ڊسيپلين ۽ بتن جي نالي تي گڏ ڪيل مال جي سنڀال هئي. اهي ذميداريون ۽ عهدا انهن شخصن کي ابن ڏاڏن کان نسل در نسل حاصل هئا. جيئن ته مڪو شريف غير آباد ۽ نا قابل ڪاشت هو جتي پوکڻ لاءِ نه ته پوکي لائق زمين هئي ۽ نه ڪي پاڻي. انهي ڪري مڪي جي رهاڪن جو گذر سفر واپار تي هوندو هو. قريش واپار جي سانگي سال ۾ ٻه سفر ڪندا هئا هڪ گرمين ۾ شام ملڪ ڏانهن، ٻيو سرديء جي موسم ۾ يمن ملڪ ڏانهن، جهڙي طرح قرآن شريف به سورت قريش ۾ انهي ڳالهه ڏي اشارو ڪيو آهي.
    واپاري لاڳاپن ۽ سرگرمين، واپار جي سامان آڻڻ ۽ نيڻ ۾ مڪو شريف ان وقت عروج تي هو. مڪي جا واپاري آفريقا ۽ ايشيا جي مختلف ملڪن جو سفر ڪندا رهندا هئا ۽ هر ملڪ جون اڻ لڀ شيون، تحفا، مشهور ۽ خاص خاص شيون يا اهي شيون جن جي سندن ملڪن کي ضرورت هئي پاڻ سان آڻيندا هئا. آفريقا مان جيڪي شيون گهرائيندا هئا تن ۾ کونئر، هاٿيء جا ڏند (عاج) سون، آبنوس جون ڪاٺيون، يمن ملڪ مان چمڙو، اگربتي، لوبان ۽ ڪپڙا، عراق مان گرم مسالا، هندستان(سنڌ وغيره) مان سون، ٽين، جواهر عاج، صندل جون ڪاٺيون، گرم مصالحا ۽ زعفران، مصر ۽ شام مان مختلف قسم جا ٺهيل تيل، اناج جون جنسون، هٿيار، ريشم ۽ شراب شامل آهي.
    مڪي جون عورتون به واپار ڪنديون هيون. يعني ته اهي عورتون پنهنجي طرفان ڪو نمائندو / مير منشي مقرر ڪري ان جي وسيلي واپار ڪنديون هيون. شام ۽ ٻين ملڪن ۾ انهن عورتن جا واپاري قافلا ويندا هئا. حضرت بي بي خديجه بنت خُويلد ۽ حنظليه ام ابي جهل واپار ۾ وڌيڪ مشهور هيون. مطلب ته مڪوشريف واپار ۾ گهڻو اڳتي هو. جنهن جو ثبوت هن ڳالهه مان به ملي ٿو ته، قريشن جو واپاري قافلو جيڪو بدر جي لڙائي جي موقعي تي شام کان موٽيو هو سو هڪ هزار اٺن تي مشتمل هو ۽ انهي تي پنجاهه (50) هزار دينار (گينين/ سون جي سڪن) جي قيمت جو سامان لڏيل هو.
    بنو اميه ۽ بنو مخزوم قبيلا خاص ڪري دولت مندي ۾ مشهور هئا. جڏهن ته وليد بن مغيره، ابو لهب (اصل نالو عبدالعزيٰ) ابو اُحيحه، عبد الله بن ربيعه، عبد الله بن جدعان به ذاتي طور تي ناليرا شاهوڪار هئا، جڏهن ته قريشن مان عباس بن عبد المطلب به دولتمند شخص هو جنهن جو مسلمان ٿيڻ کان اڳ وڏو وياجي ڪاروبار هلندو هو.
    مڪي شريف جي انهن آڳاٽن ماڻهن جي نظر ۾ صنعت ۽ حرفت (ڪاريگري ۽ هنر مندي) جي ڪا خاص اهميت نه هئي بلڪه هو ان کي گهٽ نظر سان ڏسندا هئا ۽ پاڻ لاءِ ڪو هنر يا ڌنڌو ۽ حرفت جو ڪم عيب ۽ عار سمجهندا هئا. هنري ڌنڌا غلامن يا عجمي/ غير عرب ماڻهن لاءِ خاص سمجهندا هئا. اهو ئي سبب هو جو قريشن ۾ هنري ماڻهو بلڪل نه هئڻ برابر هوندا هئا.
    آڳاٽي دور جي مڪي شريف جو اخلاقي پاسو بنهه ڪمزور هو چند جاهليت وارين روايتن کانسواءِ جوا جو ڪاروبار عام جام بلڪه ان تي فخر ڪندا هئا. شراب، عيش عشرت، ڳائڻ وڄائڻ، راڳ رنگ ۽ نچڻ ڪڏڻ جون محفلون ته ٿينديون ئي ٿينديون هيون. ناحق، بي انصافي، ظلم ۽ ناجائز ڪمائي کي سندن سماج ۾ بري نظر سان ڏٺو نه ويندو هو. انهي دور جي اخلاقي پهلو کي مڪي شريف جي اصلي رهاڪو حضرت جعفر بن ابي طالب، نجاشي بادشاهه اڳيان پيش ڪيو هو ته، “اي بادشاهه! اسان جاهل (ڄٽ) قوم هئاسون، بت پوڄيندا هئاسون، مُردار کائيندا هئاسون، هر قسم جي بي حيائي ڪندا هئاسون، مائٽيون ٽوڙيندا هئاسون، پاڙيسري سان برو برتاءُ ڪندا هئاسون ۽ ڏاڍو هيڻي کي کائي ويندو هو.”
    مذهبي پاسو وري اخلاق کان به وڌيڪ ڪمزور هو، جهالت عام هئي، بتن جي پوڄا هنن پنهنجي پاڙيسري قومن وٽان سکي ورتي هئي جا سندن دلين ۾ گهر ڪري وئي هئي، بتن سان ته کين عشق هو. جنهن جو اندازو هن مان ڪري سگهجي ٿو ته، ڪعبي اندر ۽ اڱڻ ۾ ٽي سو سٺ (630) بت رکيل هئا جن ۾ سڀني کان وڏو بت “هُبل” هو. اهو بت ڪعبي جي وچ ۾ هڪ کڏي جي مٿان رکيل هو جتي باسون وغيره گڏ ٿينديون هيون. اهو بت ڳاڙهي عقيق جو ٺهيل هو ۽ انسان جي شڪل ۾هو. جڏهن ان جو سڄو هٿ ڀڄي پيو هو ته، قريشن انهي جو سونو هٿ ٺهرائي لڳايو هو. بت، مڪي شريف جي گهٽي گهٽي ۾ هوڪو ڏيئي وڪيا ويندا هئا. ٻهراڙيء جا ماڻهو پسند ڪري خريد ڪرڻ بعد وڃي گهر جي سونهن ڪندا هئا. اهو هو ڇهين صدي عيسوي جي وچ جو مڪو، جيڪو پاڻ سڳورن جي نبوت کان اڳ اسان کي نظر اچي ٿو، جنهن جو قديم تاريخ جي حوالي سان مختصر خاڪو پيش ڪيو ويو آهي. اها تاريخ 704ع کان پوءِ جي تهذيبي دور جي آهي جيڪڏهن ڪنهن کي اڃا به وڌيڪ تفصيل جي ضرورت آهي ته سيرت ۽ تاريخ جا ڪتاب نظر مان ڪڍي.
    هاڻي اسان موجوده دور جي مڪي شريف جو تاريخي جائزو پيش ڪريون ٿا ته جيئن قديم ۽ جديد تاريخ پڙهندڙ جي سامهون هجي.
    مڪي شريف جي قديم تاريخ جي ابتدا ته حضرت ابراهيم ۽ ان جي فرزند حضرت اسماعيل عليهما السلام کان ٿئي ٿي جنهن کي هينئر لڳ ڀڳ ساڍا چار يا پنج هزار سال ٿيا آهن.
    انهي آڳاٽي دور ۾ مڪو شريف معمولي ڳوٺ هو جيڪو چند گهرن يا چند قبائلي خاندانن تي مشتمل هو، ان وقت ان جي آدمشماري توڙي ايراضي محدود هئي پر موجوده وقت ۾ مڪه شريف جي آدمشماري 6 لک (600000)آهي جڏهن ته موجوده ايراضي چار هزار اٺ سو ايڪڙ ٿيندي. آدمشماري جي مٿئين انگ ۾ حج جي مهينن دوران چئوڻ پنجوڻ تي واڌ اچي ويندي آهي. مڪو شريف سمنڊ جي سطح کان 303 ميٽر مٿي آهي. هتي جي آب هوا گرم خشڪ هوندي آهي. سرديء جي وقت سردي زور هوندي آهي جڏهن ته، اونهاري ۾ گرميون چوٽ جون ٿين ٿيون.
    مڪو شريف سعوديه جي مشهور بين الاقوامي شهرن ۽ ٻن مقدس (پاڪ) شهرن مان هڪ آهي.
    سعودي شهنشاهيت کان اڳي ترڪيء جي عثماني خلافت جي ماتحت هتي گورنر هوندو هو جنهن کي ان وقت جي اصطلاح ۾ “شريف مڪه” ڪري سڏيو ويندو هو. اهو لقب اهڙو هو جيئن اسان جي سنڌي بادشاهن کي آڳاٽي دور ۾ “ڄام”، ايران جي بادشاهه کي “ڪسريٰ” ۽ روم جي بادشاهه کي “قيصر” سڏيو ويندو هو.
    سعودي شهنشاهيت جي ابتدا 23 سيپٽمبر 1932ع کان وٺي هن وقت تائين مڪي شريف کي جديد دور جي تقاضائن مطابق دنيا جي بين الاقوامي شهرن کان به وڌيڪ خوبصورت ۽ وڻندڙ بنايو ويو آهي.
    مڪو شريف هن وقت تعمير ۽ ترقي جي اهڙن مرحلن مان گذري رهيو آهي جنهن جو مثال هتي جي تاريخ ۾ نه ٿو ملي. وڏي کان وڏيون اسڪيمون، عظيم تعميراتي منصوبا به هتي ايتري ٿوري عرصي ۾ مڪمل ٿي رهيا آهن جنهن کي دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ سالن جي اندر به مڪمل نه ٿوڪيو وڃي. شايد دنيا جا ٻيا ملڪ اهڙي تيز رفتار ترقي کان محروم آهن.
    سعودي حڪومت پنهنجي ترجيحي پروگرامن ۾ مڪه ۽ مديني جي تعمير ۽ ترقي کي اوليت ڏيئي ڏينهن رات ٻنهي شهرن کي هر لحاظ کان خوبصورت بنائڻ ۾ رڌل آهي. اهو ئي سبب آهي جو سعوديه جي بجيٽ جو وڏو حصو انهن ئي شهرن جي منصوبن تي خرچ ٿئي ٿو.
    حڪومت کان علاوه سعودي باشندا به انهي نيڪ ڪم ۾ شريڪ ڪار آهن. مختلف تجويز ڪيل منصوبن کي پورو ڪرڻ لاءِ سعودي شهنشاهيت جون جمله وزارتون ۽ انهن جا ماتحت شعبا، پرائيويٽ کاتا، ادارا ۽ مختلف ڪمپنيون بنا ڪنهن رک رکان جي همه تن مصروف آهن.
    ترقياتي منصوبن کي پايه تڪميل تائين پهچائڻ ۾ وڏي مشڪلات هيء هئي جو مڪو شريف مضبوط ڪارن پهاڙن جي گهيري ۾ آهي. صديون اڳي رهندڙ ماڻهن پنهنجا رهائشي گهر وغيره غير مهذب نمونه ٺاهي زندگي جا ڏينهن پئي گذاريا، پر هن جديد سائنسي دور مطابق وڌندڙ آبادي کي منظم ڪرڻ، انهن لاءِ پاڻي، بجلي، رستن ۽ زندگي جي ٻين ضرورتن کي آساني سان ماڻهن تائين پهچائڻ ڪو سولو ڪم نه هو. وڌيڪ هي ته، پنڌرهين صدي هجري جي اوائل کان حاجين جي تعداد ۾ ڌڙا ڌڙ واڌارو ٿيڻ لڳو جنهنڪري اڳوڻا انتظام به ناڪافي ثابت ٿيا بلڪه نون انتظامن جي سخت ضرورت پيش آئي. علاوه ازين دنيا جي هڪ ارب کان وڌيڪ مسلمانن جو قبلو جيڪو هن شهر مڪي جي پوري وچ تي هئڻ ڪري هر سال ماڻهن جي اچ وڃ به نون انتظامن ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي.
    مڪي شريف جي شهر کي جديد طرز تي خوبصورت ۽ پر ڪشش بنائڻ جي سرڪاري طرح ذميداري هتي جي بلديه تي آهي جيڪا مختلف پراجيڪٽ ۽ پلاننگز طئي ڪري پنهنجو ڪم ڪندي رهي ٿي.
    ترقياتي ڪمن ۾ پراڻن رهائشي علائقن جي جديد طرز تي تعمير، پاڻي جي سپلائي جو نظام، گندي پاڻي ۽ برسات وغيره جي پاڻي جو نيڪال، بجلي جو سسٽم، کاڌي پيتي جي شين ۽ ضرورت جي سامان جي فراهمي، تجارتي مال و اسباب، آبادي وارين پهاڙين کي روڊن رستن ۽ سرنگن ذريعي ملائڻ، گهرو ۽ واپاري سامان جون مختلف بازارون ۽ مارڪيٽون، ورڪشاپ، ڪار پارڪنگ وغيره شامل آهن. شهر جي صفائي لاءِ بلديه طرفان ست هزار ورڪر جديد سائنسي طريقن مطابق صفائي جو ڪم ڪن ٿا. صفائي جو اهو عملو مسلمانن جي غريب ملڪن جهڙوڪ: بنگله ديش، پاڪستان سريلنڪا ۽ انڊيا وغيره مان گهرايو وڃي ٿو. انهي عملي ۾ ڪوبه غير مسلم نه هوندو آهي ڇو ته هن پاڪ شهر ۾انهن جي داخله تي بندش آهي.
    مڪي شريف ۾ روڊ رستن جي سهولت ايتري آهي جو ڏسندڙ حيران رهجو وڃي. ننڍي توڙي وڏي سفر لاءِ هنڌين ماڳين ٽرانسپورٽ موجود آهي. سعودي جي سرڪاري ٽرانسپورٽ ڪمپني جنهن جو عربي نالو “النقل الجماعي” ۽ انگريزي ۾ مختصر نالو “SAPT CO” (يعني سعودي عرب پبلڪ ٽرانسپورٽ ڪمپني) آهي تنهن سميت 13 ڪمپنيون ٻيون به ساڳي خدمت ۾ مصروف آهن. هر هڪ گاڏي بهترين پوزيشن ۾ اڪثر ڪري ايئر ڪنڊيشن نظر ايندي. انهن ٽرانسپورٽ ڪمپنين ۾ پنڌرهن هزار ماڻهن کان به وڌيڪ ملازم آهن.
    ضروريات زندگي جو سامان هر جاءِ تي آساني سان ملي سگهي ٿو. هر شي خالص ۽ تازي. کائڻ پيئڻ جون شيون هجن توڙي عام استعمال يا گهر ۾ رکڻ يا وڪري جهڙيون هجن. جيتوڻيڪ اسان جي ملڪ جي ڀيٽ ۾، سعودي ۾ وڪجندڙ شيون مهانگيون آهن پر خالص، نج، تازيون، کوٽ ۽ ملاوٽ کان پاڪ آهن. جيڪڏهن ڪنهن دڪان تي اگهه پار ۾ گهٽ وڌائي به ٿئي ٿي ته اها نوڪرن جي هٿان ٿئي ٿي جيڪي بنگالي، انڊين سريلنڪائي وغيره هوندا آهن. پاڪستاني ماڻهن جو سعوديه ۾ سٺو رڪارڊ ناهي انهي ڪري خريد فروخت جهڙي ڪاروبار تي پاڪستاني کي نه ٿو رکيو وڃي. جيڪڏهن ڪٿي پاڪستاني آهن به سهي ته اهي پراڻا ملازم آهن.
    مڪي شريف جا اهي پاڙا ۽ محلا جيڪي حرم شريف جي ويجهو ويجهو آهن، سي ڳتيل آبادي وارا آهن. البت جيڪي حرم کان ٻه ٽي ڪلو ميٽر پري آهن جهڙوڪ شارع حسان بن ثابت ۽ شارع منصور يا اهڙي طرح منيٰ ڏي ويندڙ روڊ طرف ته اهي محلا يا رهائشي گهر تمام ويڪرا ڪشادا آهن. اتي اڃا آبادي گهاٽي يا ڳتيل ڪونهي.
    مڪي شريف ۾حرم ڪعبه کان ڏکڻ اتر ڪنڊ تي مشهور بازار “الغزه” ڏسڻ وٽان آهي. انهي بازار کي پاڪستاني عام طرح “ڇپرا بازار” ڪري سڏين ٿا. اصل ۾ اها ٽنڊي الهيار شهر جي “بند بازار” وانگر هئي پر هاڻي انهي جي اندر بند بازار جو ڪو به آثار ڪونهي. انهي بازار جي هڪ حصه ۾ وري نئين بازار ٺهرايل آهي، جنهن ۾ زمين اندر تهه خاني جي صورت ۾ به بازار ٺهيل آهي. اها بازار سعودي شهزادي عبد الله بن عبد العزيز جيڪو هن وقت سعودي شهنشاهيت جو ولي عهد (بادشاهه جو نائب) به آهي اتي هڪ پلاٽ خريد ڪري تعمير ڪرائي هئي. حقيقت ۾ اها بازار گهمڻ کانپوءِ ڏسندڙ ماڻهو جو گمان ٿيندو ته آئون يورپ جي ڪنهن وڏي شاپنگ سنيٽر جو نظارو ڪري رهيو آهيان. اسان فقيرن اهڙيون بازارون ته خواب ۾ به نه ڏٺيون هيون سو اها بازار ڏسندي حيرت جي حد نه رهي. بس ڪمال آهي ڏوڪڙن جو جيڪو اهڙا رنگ ۽ رونقون ٿو ڏيکاري. اسان جو هڪ دوست چوندو هو ته، جي دولت آهي ته، دنيا به بهشت ٿيو پوي ۽ جي عمل چڱا آهن ته آخرت بهشت ٿيندي. جيئن ته سعوديه ۾ تعليم تي تمام گهڻو توجهه ڏنو وڃي ٿو تيئن مڪه ۾ به ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا ڪيترا ئي تعليمي ادارا نظر ايندا، جيڪي پرائمري کان ويندي ڪاليج ۽ يونيورسٽي تائين آهن. شاگردن کي سرڪار پاران ڪتاب، ڪاپيون قلم ڊريس وغيره فري فنڊ ۾ مهيا ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته ٽرانسپورٽ جي سهولت به ميسر آهي. هتي تعليم لازمي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هتي جو ماڻهو 95 سيڪڙو پڙهيل آهي. اسان وٽ جيئن ميڊيم انگلش وارو عذاب آهي تيئن هتي ڪونهي. بلڪه پرائمري کان يونيورسٽي سطح تائين مادري ٻولي عربي ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي. فزڪس، ڪيميسٽري، ميٿاميٽڪس، سائنس، انجنيئرنگ، ڊاڪٽري وغيره سڀ جا سڀ عربي ٻولي ۾ پڙهايا وڃن ٿا. مادري ٻولي ۾ پڙهڻ ڪري اتي جو ٻار آساني سان ڏکئي ۾ ڏکيا مضمون حل ڪري وڃي ٿو. مڪي شريف ۾ هنڌين ماڳين پرائمري، مڊل، سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري اسڪول ڏسڻ ۾ ايندا. اسان هتي فقط هڪ مرڪزي تعليمي اداري جو مختصر ذڪر ڪريون ٿا. اهو ادارو هڪ اسلامي يونيورسٽي آهي جنهن کي “جامعه ام القريٰ” جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. سعوديه جي ستن يونيورسٽين مان هڪ اها مڪي واري يونيورسٽي اهي، جنهن جون شاخون پوري سعودي عرب ۾ پکڙيل آهن. جامعه ام القريٰ مختلف ڪاليجن جهڙوڪ: شريعت اسلاميه ڪاليج، عربي لينگوئيج ڪاليج، ايڊيوڪيشن ڪاليج طائف، ايڊيوڪيشن ڪاليج، انجنيئرنگ ۽ سائنس ڪاليج تي مشتمل آهي. انهن ڪاليجن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ پنجاهه کان وڌيڪ مختلف علمن ۾ اسپيشل ڪورس، گريجوئيشن وغيره جا ڊپارٽمينٽ آهن. ام القريٰ يونيورسٽي مڪه جي ماتحت جيڪي انسٽيٽيوٽ ۽ سينٽر ڪم ڪري رهيا آهن تن ۾ اهم مرڪز هي آهن.
    1) عربي ٻولي کان نا واقفن لاءِ مرڪز.
    2) تعليم ۽ تربيت جو مرڪز.
    3) اسلامي تحقيقات ۽ اسلامي ورثه جو مرڪز.
    4) انگريزي ٻولي جو مرڪز.
    5) حج سان واسطو رکندڙ تحقيقات جو مرڪز.
    6) اسلامي تعليم جو مرڪز.
    7) انجنيئرنگ مرڪز.
    8) اسلامي تعليم جو مرڪز اعليٰ.
    ام القريٰ يونيورسٽي مڪه جي ڪل ايريا ڏيڍ ڪروڙ چورس ميٽر آهي.
    مڪي شريف ۾ پيئڻ جو پاڻي پهرين کوهن مان ڪڍيو ويندو هو. اهي کوهه بنهه ڳاڻ ڳڻيا ۽ وڌندڙ آبادي جي پيش نظر اڻ پورا هئا. انهي ڪري سعودي عرب سرڪار پاران ڳاڙهي سمنڊ جي ڪناري تي “شعيبه” نالي جاءِ تي سمنڊ جي کاري پاڻي کي صاف ۽ مٺو بنائڻ لاءِ هڪ ڪارخانو لڳايو ويو آهي، جيڪو هڪ لک تيرهن هزار پنج سو ڪيوبڪ ميٽر پاڻي صاف ڪري مٺو بنائي ٿو. مذڪوره ڪارخانه مان صاف ۽ مٺو ٿي نڪرندڙ پاڻي مڪي شريف جي پوري آبادي لاءِ ڪافي ٿي وڃي ٿو. اسان اهو پاڻي پي ڏٺو هو جيڪو اسان جي سنڌ جي ڪن جاين تي نڪرندڙ نلڪن جي ٻاڙي پاڻي جهڙو هو. يعني ته اهو پاڻي پيئڻ لاءِ ته ايترو مزيدار ڪونهي البت سخت ضرورت ۾ پي سگهجي ٿو باقي پيئڻ کانسواءِ ٻين ضرورتن جهڙوڪ وهنجڻ، ڪپڙا ۽ ٿانو ٿپا ڌوئڻ، گل ٻوٽن وغيره لاءِ خوشي سان ڪم آڻي سگهجي ٿو ۽ حقيقت ۾ مڪه جا ماڻهو اهو پاڻي پيئڻ ۾ ٿورو باقي ٻين ضرورتن ۾ گهڻي کان گهڻو استعمال ڪن ٿا. مڪي شريف ۾ هلندي ڦرندي نظر آيو ته، ڪيترائي ٽينڪر پاڻي جا ڀرجي پيا ايندا هئا ۽ دڪانن يا گهرن آڏو بيهي انهن کي پائيپن ذريعي پاڻي پيا ڏيندا هئا. جنهن بابت هڪ دوست ٻڌايو ته، جڏهن حج جي موسم ٿيندي آهي ته، سپلائي ٿيندڙ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ٿي ويندي آهي پوءِ مڪه شهر کان ڪجهه پري آسپاس جي ٽيوب ويلن، ڍورن ۽ تلائن ۾ ذخيري ڪيل پاڻي مان ٽينڪر ڀرجي ايندا آهن جنهن جي مقرر چارج انهي ڪم ڪرڻ وارن ٺيڪيدارن کي ادا ڪبي آهي. اهڙيطرح پاڻي جي کوٽ گهربل مقدار تائين پوري ٿيندي آهي.
    سعودي شهنشاهيت جي باني شاهه عبد العزيز 1357 هه ۾ مڪي شريف ۾ ڪعبت الله جي غلاف (جُهل) ٺاهڻ جي ڪارخانه جو بنياد رکيو، جنهن ۾ ڪم ڪندڙ هيٺئين کان مٿئين عمله تائين سڀ جا سڀ سعودي جا اصلي باشندا آهن. اڳتي هلي مذڪوره ڪارخاني کي جديد طرز تي تعمير ڪيو ويو جنهن جو افتتاح 1395 هه/1975ع ۾ ان وقت جي ولي عهد شهزاده فهد بن عبد العزيز (موجوده سعودي شهنشاهه) ڪيو هو. انهي ڪارخاني ۾ انتهائي جديد اوزار ۽ مشينري لڳل آهي پر ان هوندي به غلاف تي قرآني آيتن، سورتن جي سون ۽ چاندي جي تارن سان ڪڙهائي (ڀَرت) جو سمورو ڪم هٿ سان ڪيو وڃي ٿو ته جيئن سعوديه جو هنري ورثو ڪنهن حد تائين قائم رهي ته وري انساني ڪمال ۽ هٿ جي ڪاريگري به برقرار رهي.
    غلاف ٺاهيندڙ ڪارخانه ۾ اڍائي سو ماڻهو ڪم ڪن ٿا. سڄي سال ۾ ٺهندڙ هڪڙي غلاف تي هڪ ڪروڙ ستر لک سعودي ريال خرچ اچي ٿو.
    مڪي شريف ۾ضروريات زندگي جون جملي شيون ٻاهران گهرايون وڃن ٿيون. اناج ڦل فروٽ وغيره مان هڪ به شي مڪي جي سر زمين جي ناهي ڇو ته هتي جي سرزمين قرآن جي اصطلاح ۾ “غير ذي زرع” (يعني “اها سر زمين جيڪا پوکي لائق نه هجي”) آهي. کير، لسي، ملائي، ڌونئرو، مختلف فروٽن جا جوس، مکڻ، گيهه وغيره سڀ ٻاهران پيڪ ٿيل پهچن ٿا.
    مڪي شريف ۾ روڊن جو ڄار وڇايل آهي ٻيو ته اهي روڊ ڀر وارن جبلن مان سرنگهون ڪڍي مڪي کان ٻاهر وارن علائقن تائين پهچائي انهن علائقن کي مڪي سان ڳنڍيو ويو آهي. ڪٿي ڪٿي اهي روڊ تهه خاني جي صورت ۾ به آهن. هر هڪ روڊ ون وي آهي جنهنڪري رش جي باوجود ٽريفڪ ۾ رڪاوٽ نه ٿي ٿئي. اسان ترقياتي اسڪيمن بابت وزارت تعميرات ۽ وزارت داخله جي دفترن سان رابطو ڪيو پر حج دوران آفيسون بند هونديون آهن يا انهن کي ٻئي هنڌ شفٽ ڪيو وڃي ٿو انهي ڪري ڪوبه پتو پئجي نه سگهيو. جيڪي ڪجهه نظر آيو سو هتي لکيو اٿئون. ممڪن آهي ڪيتريون اهم ڳالهيون رهجي ويون هجن.
    مڪي شريف جي موجوده احوال جو جائزو پيش ڪرڻ کانپوءِ وري سلسليوار ڳالهه ڏي اچون ٿا.
    حرم مڪه ۾ هلندي، ويهندي، نماز پڙهندي ۽ دعائون گهرندي جيڪي مشاهدا ٿيا تن جو مختصر نمونه ذڪر ڪريان ٿو. اختصار جي ڪري ڪيتريون ڳالهيون ڇڏي ڏنيون اٿم. البته جن واقعن منهنجي دل کي ڪنهن نه ڪنهن طرح متاثر ڪيو سي پڙهندڙن آڏو پيش ڪريان ٿو.


    طواف ڪندڙ هڪ جوڙو:

    طواف ڪندڙ هڪ جوڙو:
    حرم مڪه ۾ پهچندي اسان کي ٻيو ڏينهن هو. سج ڪچن ٻپهرن تي هو. آئون بيت الله شريف جي ديدار کان شرفياب ٿي مسجد الحرام جي ٽئين طبقي تي چڙهي وڃي اهڙي جاءِ کان ٿي ويٺس جتان ڪعبي جو سڌو سنئون ديدار ٿي رهيو هو. ڪعبت الله جي دروازي کي سامهون هئس. ماڻهن انهي ٽئين طبقي تي به طواف پئي ڪيو، پر اهي اڪثر ڪري مون جهڙا ڪمزور ۽ اڀرا هئا جيڪي انتهائي رش جي ڪري هيٺ ڪعبه جو طواف نه ٿي ڪري سگهيا. آئون طواف کانپوءِ فارغ ٿي ڪعبي کي ڏسي به رهيو هئس ته دل ۾ ڪعبي جي ڌڻي کان عفوعافيت، علم و رزق، مغفرت و مرحمت جي طلب لاءِ دعائون به گهري رهيو هئس. طواف ڪندڙن ۾ اوچتو هڪ شخص سنڌي ٽوپي پائي ٻين ماڻهن سان گڏ اچي لنگهيو ته ان جي پويان هڪ اڌڙوٽ عمر جي عورت نج سنڌي قومي ويس گربي جي سٿڻ ۽ گج پائي ان مرد جي پويان پويان طواف ڪندي وڃي رهي هئي. سنڌي ماڻهو لکن ۾ پڌرو هوندو آهي. سچ پڇو ته مون کي اهي ماڻهو ڏسي ڏاڍو سڪون آيو. پنهنجي ملڪ جي ويس ۽ ملڪي ماڻهو جو مون کي ان وقت احساس ٿيو. حالانڪه ڳوٺ ۾ رهندي اسان کي انهي قسم جو ڪڏهن به احساس نه ٿيو هو ته “پنهنجن عزيزن قريبن سان گڏ زندگي جا ڏينهن گهارڻ ڪيڏي نه خدا جي خاص مهرباني آهي.” حقيقت ۾ اهي ماڻهو ڏاڍي مشڪل ۾ آهن جيڪي پنهنجن کان پري، ڏيهان ڏور ملڪان پري اداسي جا ڏينهن گهارين ٿا.
    مون سوچيو ته، آئون اٿي وڃي انهي سنڌي ٽوپي واري همراهه سان ملان ۽ ڀاڪر پائي کيس کيڪاريان پر وري به الائي ڇو چپ چاپ ويٺو رهيس. شايد هن ڪري اٿڻ جي نه ڪيم ته، جنهن جي ديدار لاءِ اڏامي آيو آهيان سو منهنجي اڳيان پنهنجون سڀئي عطائون ۽ نوازشون ڪندو هجي ۽ آئون ان کان منهن موڙي ڪنهن ٻئي ڏي پيو واجهايان. انهي ڪري انهن سنڌي ماڻهن تي هڪ نظر وجهي گهڙي کن احساسات جي گهراين ۾ ٽٻي هڻي وري نظر ڪعبي تي ڄمائي حمد و ثنا ۾ مشغول ٿي و يس.


    حرم ۾ آيل جنازو ۽ هڪ جيب ڪترو:

    حرم ۾ آيل جنازو ۽ هڪ جيب ڪترو:
    هڪ ڀيري دل ۾ خيال آيو ته، با وجود ڪوشش جي ڪعبت الله شريف جي بلڪل ويجهو ٿي نماز با جماعت پڙهڻ جو موقعو نه مليو اٿم. انهي ڪري اڄ ماڻهن جي انبوهه ۽ رش ڀيڙ جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ڪيئن به ڪري ڪعبه شريف جي تمام ويجهو ٿي نماز با جماعت پڙهندس. اهو خيال ڪري اپريل جي 7 تاريخ اڳين نماز لاءِ حجر اسود کي بلڪل سامهون واري صف ۾ شامل ٿي ويس. شايد مون کان اڳيان ڇهه _ ست صفون هونديون. گرمي جي ڪري اڳين نماز مهل مطاف (طواف ڪرڻ واري جاءِ جيڪا ڪعبه کي چوڌاري لڳو لڳ آهي) سان متصل مسجد الحرام واري ابتدائي صفن ۾ رش گهٽ هوندي آهي ڇو ته سخت ڪاڙهي سبب گهڻا ماڻهو مسجد الحرام واري اڏيل حصي ۾ بيهندا آهن. شال هر مسلمان کي اهڙي ڀلاري جاءِ تي نماز پڙهڻ جي توفيق ملي. آمين. جنهن وقت اسان ڪعبه جي چوڌاري واري اڱڻ تي ويهي جماعت قائم ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيا هئاسون ته، رش وچان ماڻهن جي ڳوڙهه کي ٽوڙيندا ڪي ٿلها ٿانڀر عرب سڳورا عربي ٻولي ۾ “الطريق الطريق” (رستو! رستو!!) جي هڪل ڪندي ويجها ٿي رهيا هئا. مون انهي هڪل ٿيڻ تي اٿي بيهي ڏٺو ته، جنازو کنيو پيا اچن. اهو جنازو ڪاٺ جي ٺهيل کٽ تي رکيل هو. جنهن تي گلن واري سائي چادر پيل هئي. مون سوچيو ته ڏسان ته، جنازو ڪعبه جي ڪهڙي پاسي رکن ٿا. اهي عرب جيڪي انهي جنازي جا عزيز معلوم ٿي رهيا هئا ۽ ڪجهه ٻيا جيڪي نماز لاءِ صفن ۾ ويٺل هئا سي ڪانڌي ٿي اهو جنازو حجر اسود وٽان نيئي مقام ابراهيم ۽ حطيم کان ٿورو اڳيان آڻي رکي ڇڏيائون. جنازي جي کٽ حرم جي احاطه ۾ ڏسندي مون کي پنهنجي والده مرحومه (وفات 1995ع) جي يادگيري آئي ته فوراً سورت فاتحه ۽ قل پڙهي والده مرحومه کي بخش ڪري خدا تعاليٰ کان مرحومه جي مغفرت ۽ بخشش جي دعا گهريم. چند منٽن کانپوءِ نماز باجماعت لاءِ تڪبير (اقامت) شروع ٿي ته صفون ٻڌجي ويون ۽ نماز شروع ٿي. جيئن ئي امام ڪعبه نماز کان فارغ ٿيڻ لاءِ سلام ورايو ته ڪجهه منٽن جي خاموشي بعد ڪعبي شريف جي موذن اعلان ڪيو ته، “الصلواه علي الميت يرحمکم الله” يعني ته، توهان سڀ موجود ماڻهو نماز جنازه پڙهڻ جي نيت ڪريو الله تعاليٰ توهان تي رحم ڪندو. هتي حرم شريف ۾منهنجي اندازي مطابق مطاف واري حد ۾ جنازا رکيا وڃن ٿا ۽ امام مسجد الحرام واري ليڪي تي بيهي نماز پڙهائيندو آهي وڌيڪ خدا بهتر ڄاڻي ٿو. جنازن جي اعلان لاءِ هتي جو دستور آهي ته جيڪڏهن هڪ جنازو هوندو ته موذن اعلان ڪندو ته، “الصلواه علي الميت ير حمکم الله” پر جيڪڏهن جنازا گهڻا هوندا آهن ته چوندو آهي ته، الصلواه علي الاموات يرحمکم الله. اهڙي طرح مذڪر لاءِ الميت ۽مونث لاءِ الميتة ۽ ٻارن جي صورت ۾ ڇوڪري لاءِ الصبي يا الطفل ۽ ڇوڪريء لاءِ الصبية يا الطفلة چوندو آهي. بهرحال نماز جنازه کان واندا ٿي اسان سنتون پڙهي دعا گهري واندا ٿياسون ته ڏسون ته ڪعبي شريف جي طواف ڪندڙ ماڻهن وچان هڪ همراهه کي ٻه ڄڻا پڪڙيو پيا وڃن. پڪڙيندڙن مان هڪ شخص کي عربن جو عام رواجي اڇو جبو پاتل هو سو ڏوهاري کي گلي مان جهلي گهليندو پئي ويو ته، ٻيو وري ڳاڙهي عربي رومال جي ٻُٽ ٻڌل هو سو انهي ڏوهاري کي ڌڪيندو پئي ويو پوءِ انهي ڏوهاري کي ڌڪي گهلي ڪعبه شريف جي سامهون باب فهد واري پاسي مسجد الحرام جي ورانڊي ۾ پهتا ته ان ڏوهاريء تي ٿڦا ٿڦي شروع ٿي وئي پوءِ خبر ناهي ته ڪيڏانهن وٺي ويس. اسان پنهنجي ڀر وارن ماڻهن کان پڇيو ته ڳالهه ڪهڙي هئي جو انهي همراهه سان اهڙي جُٺ ٿي. تنهن تي ماڻهن ٻڌايو ته، انهي ڏوهاري طواف ڪندڙ ماڻهن مان ڪنهن جو کيسو ڪٽيو هوندو يا خود پوليس کي سادي ويس ۾ ڏسي عام ماڻهو سمجهي ان جو کيسو ڪٽيو هوندائين، تنهن تي اها ڪارروائي ٿي آهي. اهو ڏوهاري ماڻهو آفريقي شيدي معلوم ٿي رهيو هو. مون کي اهو واقعو ڏسي حيرت ٿي ته بيت الله جي سامهون به مسلمان اهڙا ڏوهه ڪري ٿو. اهو آفريقي ته پڪڙجي پيو پر جي نه پڪڙجي ها ۽ ان کي پيسا ڦٻي وڃن ها ته لازماً ڳوٺ وڃي اهو به وڏو حاجي نيڪ نمازي ۽ متقي سڏائي ها. آئون چوندو آهيان ته جيڪي حاجي اهڙي ڏوهاري قسم جا آهن، تن کي ح حجم سان حاجي نه پر، هه هرڻي سان هاجي سڏجي ته بهتر. ڇو ته جيڪو سچي ۽ نيڪ ارادي سان حج ڪري ٿو ۽ پنهنجي پاڻ کي سڌاري ٿو، سو ته برابر ح حجم سان “حاجي” چئبو پر جيڪو حج ڪرڻ ۽ حرم شريف مڪه ۽ مدينه جي زيارت جهڙي عظيم سعادت حاصل ڪرڻ بعد به اهي ڪڌا ڪم نه ٿو ڇڏي ته، اهو اسلام سان ٺٺول ۽ مذاق ڪرڻ وارو آهي ان کي “هاجي” چئجي. ڇو ته هاجي لفظ جي معنيٰ آهي هجو ڪندڙ مذمت ۽ قابل نفرت ڪم ڪندڙ. الله تعاليٰ اسان سڀني کي هه هرڻي واري هاجي ٿيڻ کان پناهه ۾ رکي. آمين. هڪ دوست ٻڌايو ته، هن سال 1997ع دوران ٻه اڍائي هزار لليچن کي حرم بيت الله مان طواف ڪرڻ وقت کيسا ڪٽڻ جي الزام/ ڏوهه ۾پڪڙي گرفتار ڪيو ويو ۽ کين سعودي قانون مطابق سزائون ڏنيون ويون.


    بيت الله جي مؤذن جو ديدار:

    بيت الله جي مؤذن جو ديدار:
    انهي ساڳي ڏينهن (يعني سومر7 اپريل) دستور مطابق آب زمزم پي دعائون گهري قرآن شريف جو ويهي دور ڪيم تان جو وچين نماز جو وقت ٿيڻ وارو هو ته بيت الله شريف جي سامهون باب فهد واري پاسي مسجد الحرام جي ورانڊي ۾ هڪ بالاخانه جي نمونه شيشي جي ڪوٺي ٺهيل آهي. ڪوٺي ائين ٺهيل آهي جيئن عام طور ڀتين تي ايئر ڪنڊيشن لڳل هوندو آهي جيڪو ڪمري کان ٻاهر نڪتل نظر ايندو آهي بس هن ڪوٺي جو نمونو به ائين آهي البت هي ڪوٺي ڪافي وڏي آهي. ان جي هيٺان ماڻهو ويٺا آهن جيڪي ذڪر، تلاوت ۽ نماز ۾ مصروف هوندا آهن. مذڪوره ڪوٺي کي هڪ چاڙهي آهي. آئون ان ڪوٺي کي بلڪل ويجهو ويٺو هئس. وچين (ٽيپهري) نماز جي وقت ويجهي ٿيڻ ڪري ڏٺم ته، انهي ڪوٺي مان هڪ سپاهي ۽ بيت الله شريف جو موذن ۽ ٽيو نائب موذن هو، سي انهي چاڙهي تان هيٺ لهڻ لڳا. سپاهي ويٺل ماڻهن کي اڳيان هٽائيندو ويو ۽ اهي بزرگ ڪعبي جي طرف وڌندا وڃي رهيا هئا. نائب جي هٿ ۾ وڏو مائيڪرو فون ۽ موذن جي هٿ ۾ مصلو هو ته ٻئي هٿ ۾ ننڍو مائيڪرو فون هو. مون چڱي طرح پئي ڏٺو ته، اهي بزرگ وڃي بيت الله شريف جي حطيم واري پاسي کان روانا ٿيا. گهڻو ڪري پيش امام، مقام ابراهيم واري پاسي کان بيهندو آهي. والله اعلم.
    نماز پڙهي دعائون گهرڻ کانپوءِ به آئون اتي ئي ويٺو رهيس، ڏسان ساڳيو سپاهي موذن ۽نائب موذن (ٿي سگهي ٿو ته انهن مان ڪو نائب پيش امام به هجي) انهن ئي مائيڪرو فون ۽ مصلي سميت واپس پيا اچن. وري وڃي ساڳي شيشي واري ڪمري اندر داخل ٿيا. مون اڃا اهو نظارو پئي ڏٺو ته، منهنجي ڀرسان ويٺل ڪجهه عرب ڪچهري ڪري رهيا هئا.


    عربن سان پهرين ڪچهري:

    عربن سان پهرين ڪچهري:
    اوچتو ٻه ٿلها متارا قداور عرب اچي منهنجي ڀر ۾ ويٺا ۽ سامهون ويٺل هڪ پوڙهي عرب سان رهاڻ ڪرڻ لڳا. انهي پوڙهي عرب جا پٺا اگهاڙا هئا ۽ گوڏ ٻڌل هئس شايد احرام ۾ هو پر پٺن واري چادر اوڍيل نه هئس. انهن عربن کان آئون پٺيرو ڪعبه شريف کي سامهون ويٺل هئس تنهن تي هڪ عرب مون کي ڪلهي تي زور ڏيئي اشارو ڪيوته، اسان ڏانهن منهن ڪري ويهه. آئون انهي جي اشاري تي انهن عربن ڏانهن منهن ڪري ويٺس ته انهن ويٺل عربن هڪ گول نمونه جو حلقو ٺاهي چيو ته، سڀئي سورت ياسين پڙهو. اسان جي سامهون قرآن شريف رکيا هئا سو اسان سڀ سورت ياسين پڙهڻ لڳاسون. جڏهن سورت ختم ٿي ته، ويٺل عربن انهي پٺن اگهاڙي پوڙهي عرب کي چيو ته، تون دعا گهراءِ. اهو پوڙهو دعا گهرندو رهيو ۽ اسان سڀ آمين چوندا وياسون. گڏو گڏ آئون سنڌي ۾ به دعائون گهرندو رهيس. دعا ختم ٿيڻ کان پوءِ ويٺل عربن انهي پوڙهي عرب کي چيو ته، اسان کي حرم شريف جي تاريخ بابت ڪجهه ٻڌاءِ.
    تنهن تي اهو پوڙهو چوڻ لڳو ته، مون ڪل 51 حج ڪيا آهن منهنجي ڄمار هينئر 85 سال آهي. هيل ٻاونجاهين حج تي آيو آهيان. منهنجو ملڪ يمن آهي. مون اهو دور ڏٺو هو جڏهن مسجد الحرام جي موجوده بلند بالا ۽ ڪشادي تعميرات جو نالو نشان به ڪونه هو. ڪعبت الله جي چوڌاري فقط پٿريلو ميدان هو. زمزم واري کوهه تي ڪابه اڏاوت ڪونه هئي. سامهون اهو بيت الله هو ته، پريان صفا پهاڙي هئي ته ان جي پريان وري مروه پهاڙي هئي. جڏهن صفا ۽ مروه وچ ۾ ڊوڙبو هو ته وڏي لاهي ۽ پهاڙين جي چڙهائي تمام ڏکي هوندي هئي. حقيقت ۾ سعي (صفا ۽ مروه وچ ۾ ڊوڙ) ته انهي دور واري هئي. باقي اڄڪلهه ته فقط هڪ رسم آهي. اسان ان وقت حج ڪياسون جڏهن يمن کان مڪي تائين ڪوبه روڊ رستو ڪونه هو.
    جابلو علائقي سبب حاجين جي قافلن تي بدوين جا حملا ٿيندا هئا. اسان قافلن جي صورت ۾ گهوڙن، گڏهن يا اٺن تي مڪي شريف حج ڪرڻ ايندا هئاسون. باقي مڪو شريف اڄ ته يورپ لڳو پيو آهي. هر سهولت موجود آهي. انهي وچ ۾ پوڙهي ڪجهه ساهي کنئي ته مون کانئس نالو پڇيو ته چيائين ته، منهنجو نالو احمد آهي. تنهن تي ڀر ۾ ويٺل عرب مون کي چيو ته، هي ماڻهو شيخ احمد يمني جي نالي سان مشهور آهي. هتي هن کي هر ڪو ڄاڻي سڃاڻي ٿو. شيخ احمد يمني وري پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته، جنهن جاءِ تي هن وقت مقام ابراهيم آهي اتي شايد حضرت ابراهيم جي قبر هئي. پوءِ ان کي ڊاٺو ويو ۽ فقط ان جو نشان باقي رکيو ويو جيڪو هينئر مَقام ابراهيم جي نالي سان اوهان جي اڳيان آهي. تنهن تي مون انهي شيخ احمد يمني جي ڳالهه ڪٽيندي چيو ته، توهان اها ڳالهه ڪيئن ٿا ڪريو؟ جڏهن ته اها بي بنياد ڳالهه نه ڪنهن حديث مان ثابت آهي نه ڪي قرآن شريف مان، نه وري ڪنهن تفسير به ائين لکيو آهي!! آئون دعوا سان چوان ٿو ته، اها ڳالهه بلڪل غلط ۽ باطل آهي. تنهن تي اهو پوڙهو عرب هٻڪي بنهه خاموش ٿي ويو. منهنجي انهي اعتراض تي ڀر ۾ ويٺل ٻن عربن چيو ته، ڀلا تون کڻي ٻڌاءِ ته مقام ابراهيم ڇا آهي؟ مون چيو ته، مقام ابراهيم جيڪو اسان ۽ توهان جي سامهون آهي اتي هڪ پٿر رکيل آهي. اهو اُهو پٿر آهي جنهن تي بيهي حضرت ابراهيم ڪعبه جي تعمير ڪئي هئي. روايت مطابق ته جڏهن ڪعبي جون ديوارون مٿي ٿي ويون ۽ حضرت ابراهيم جا هٿ ديوار جي مٿئين ڇيڙي تي نه پهچڻ ڪري اوساري نه پئي ٿي سگهي، ڇو ته ديوار حضرت ابراهيم جي قد کان مٿي ٿي وئي هئي ته، حضرت ابراهيم رب پاڪ کي عرض ڪيو ته، مولا سائين هاڻي مدد فرماءِ! ته جيئن ڪعبه جي ديوار مقرر حد تائين مڪمل ڪري سگهان. رب سائين وحي ڪيس ته، تنهنجي ويجهو فلاڻو پٿر کڻ. انهي تي چڙهي اوساري ڪر. اهو پٿر تنهنجي حڪم جي تعميل ڪندو. جيڪڏهن توکي گهڻو مٿي ٿي بيهڻ جي ضرورت پوي ته، پٿر کي چئو ته، مٿي ٿي ته اهو پٿر فوراً ڦوڪجي مٿي ٿي ويندو. جي اڳتي وڌڻ جي ضرورت ٿئي ته، پٿر تان هيٺ نه لهه. ان کي حڪم ڪر ته اڳتي رڙهه، هو پاڻيهي اڳتي رڙهي ويندو پوءِ جڏهن انهي پٿر تان هيٺ لهڻو هجئي ته، ان کي حڪم ڪر ته، هيٺ ٿي ته وري ساڳي اصلي شڪل ۾ ننڍو پٿر ٿي ويندو ۽ پوءِ آرام سان هيٺ لهي وڃ. انهي پٿر تي معجزانه طور حضرت ابراهيم جي پيرن جا نشان ٿي ويا هئا جيڪي صدين تائين موجود هئا پر پوئين دور ۾ ماڻهن جي هٿ لائڻ سان اهي پيرن جا نشان ميٽجي ويا آهن. هينئر اهو پاڪ پٿر ڪعبه جي سامهون رکيل آهي جنهن تي اهو ٽامي جو گنبذ بنايو ويو آهي. انهي پٿر کي موجوده جاءِ تي هن ڪري رکيو ويو جو حضرت اسماعيل ۽ حضرت ابراهيم عليهما السلام ڪعبه جي تعمير کان فارغ ٿي طواف ڪرڻ بعد انهي جاءِ تي بيهي نفل ادا ڪيا ۽ دعائون گهريون هيون. شيخ احمد يمني کي مخاطب ٿي چيم ته، في المثل جيڪڏهن توهان جي چوڻ مطابق ته، مقام ابراهيم واري جاءِ تي حضرت ابراهيم جي قبر هئي ته، ان کي مقبره جي نالي سان سڏيو وڃي ها، حالانڪه ان کي ته مقام ابراهيم سڏيو وڃي ٿو. مَقام جي معنيٰ آهي بيهڻ جي جاءِ. مقبره جي معنيٰ آهي قبر جي جاءِ. جيڪڏهن اتي قبر هجي ها ته انهي کي سامهون ٿي نماز پڙهڻ، سجده ڪرڻ جو حڪم ڪيئن ڏنو وڃي ها ۽ اهو شرڪ جو ڪم به وري بيت الله شريف جي سامهون!! پاڪ پيغمبر ۽ سندس جمله اصحابن حجة الوداع جي وقت انهي مقام ابراهيم کي سامهون ٿي نفل اداڪيا ۽ نمازون پڙهيون. حضور سائين جي لاڏاڻي بعد هزارين اصحابن، تابعين، تبع تابعين ۽لکين اوليا ڪرام انهي جاءِ تي بيهي نمازون پڙهيون آهن. ڇا اهي سڀئي مقدس هستيون ڪنهن قبر کي سامهون ٿي سجداڪري سگهن ٿا؟ (ڪڏهن به نه!) اهو ته پڌرو شرڪ چئبو. حالانڪه اها ڳالهه قطعاً غلط آهي ته، اتي حضرت ابراهيم جي قبر هئي. بلڪه ان جاءِ تي فقط هڪ پاڪ پٿر رکيل آهي جيڪو حضرت ابراهيم جي ڪعبه تعمير ڪرڻ جو ياد گار آهي. منهنجي انهي موقف جي تائيد خود قرآن شريف ڪري ٿو. فرمايو ويو ته، “واتخذو امن مقام ابراهيم مصليٰ.”يعني ته، ابراهيم جي بيهڻ واري جاءِ کي نماز جي جاءِ بنايو.
    منهنجي عربيء ۾ ڪيل گفتگو آيل عربن کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ صحيح ڳالهه ٻڌائڻ ۽ سمجهائڻ تي هو ٿورا مڃڻ لڳا. پوءِ مون کي چيائون ته، تون عرب آهين؟ وراڻيم ته نه، آئون سنڌي آهيان. هن سال الله تعاليٰ مون تي خصوصي ڪرم ڪيوجو پنهنجي پاڪ گهر جي زيارت لاءِ گهرايو اٿس پوءِ پڇڻ لڳا ته تو عربي ڪٿي پڙهي آهي؟ مون چيو ته، سنڌ جي هڪ تاريخي ڳوٺ مسڻ وڏي ۾. تنهن تي چيائون ته، ڇا سنڌ ۾ اهڙي عربي پڙهائي وڃي ٿي؟ مون چيو ته ڇو نه!، ڇا سنڌي مسلمان ناهن؟ يا انهن کي پنهنجي پياري پيغمبر جي ٻولي سان پيار ڪونهي؟ انهن کان مون پڇيو ته، توهان ڪٿي جا آهيو؟ ته انهن مان هڪ چيو ته، اسان فرانس ۾ رهون ٿا. منهنجو نالو خليل آهي ۽ منهنجي هن ساٿيء جو نالو سعيد آهي هن سال حج تي آيل آهيون وري جلد ئي واپس فرانس وينداسون. انهي سموري ڳالهه ٻولهه کانپوءِ پوڙهي يمني عرب منهنجا ٿورا مڃيا ۽ چيائين ته، تو جيڪي ڳالهايو سو سچ ڳالهايو. حقيقت واقعي ائين آهي. مون کي ايترو علم ڪونهي. پوءِ هڪ ٻئي کان الوداع ڪري خدا حافظ چئي اٿياسون.


    غسل ڪعبه:

    غسل ڪعبه:
    اپريل جي 8 تاريخ مطابق 1_ ذوالحج 1417هه (جڏهن ته پاڪستان ۾ 29 ذوالقعد جي تاريخ هئي ڇوته سعوديه ۾ پاڪستان کان هڪ يا ٻه ڏينهن اڳ ۾ چنڊ ڏسبو آهي) اڱاري جي فجر نماز بعد متصل ڪعبه الله کي هڪ مڻ عرق گلاب ۽ آب زمزم سان ڌوتو ويو. هر سال وانگر اها رسم ادا ڪئي وئي، جنهن کي هتي جي اصطلاح ۾ “غسل ڪعبه” سڏيو وڃي ٿو. هن ڀيري سعودي حڪومت جي شهنشاهه شاهه فهد طرفان مڪي شريف جي گورنر شهزاده ماجد بن عبد العزيز نمائندگي جا فرائض بجا آندا. شهزاده ماجد پنهنجي عمله سميت ڪعبت الله جي غسل واري رسم اداڪرڻ لاءِ حاضر ٿيو هو. جنهن وقت اهو آيو ته، طواف ڪندڙ ماڻهن کي پوئتي هٽايو ويو مطاف کي چوڌاري رسيون ٻڌي خالي رکيو ويو. غسل ڪعبه جي رسم جي ابتدا هن طرح ٿي جو پهرين محراب نما چاڙهي لڳائي ڪعبت الله جو دروازو کوليو ويو ۽ شهزادي اندر ڪعبه ۾ وڃي نفل ادا ڪيا ۽ پوءِ ڪعبه کي اندران ڌوتو. پوءِ باقي عمله ۽ ساڻس گڏ آيل ساٿي ڪعبي کي ڌوئڻ شروع ٿي ويا. انهي موقعي تي گورنر مڪه شهزاده ماجد سان گڏ حرم مڪي جو امام شيخ عبد الله بن سُبيل (جيڪو ٻنهي حرمن يعني حرم مڪه ۽ حرم مدينه جي جمله انتظاميه جو سربراهه به آهي) سعودي وزير حج ۽ ٻيا وزير، حرمين شريفين جي انتظاميه جو نائب سربراهه محمد احمد منصوري، حرم مڪي جي انتظاميه جو نائب سربراهه عبد الله بن سلمان بن عمير ۽ ٻيا سفير هئا. شهزادي ماجد، غسل ڪعبه کان واندو ٿي ٻاهر اچي ڪعبه جو طواف ڪيو، ان وقت ساڻس گڏ ڪمانڊوز فورس سيڪورٽي گارڊ، پوليس به هئي.
    انهي نظاري کان واندو ٿي قلم ۽ ڪاغذ کڻي حرم شريف جي انتظامي ادارن بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ هر هڪ اداري جي آفيس ۽ ڪارڪردگي نوٽ ڪيم جيڪا هن سفرنامه ۾ شامل آهي.
    حرم بابت معلومات لکي مڪمل ڪري واپس رهائش واري جاءِ ڏي وڃي رهيو هئس ته واٽ تي پيارو دوست سائين حافظ محمد خان سومرو (دوآبه حيدر آباد وارو) مليو ته کيس اوچتو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. ڄڻ ورهين جا وڇڙيل مليا هئاسون. هونئن ته اسان حيدر آباد ۾ ملندا رهندا آهيون پر مڪي شريف ۾ ٿيل پهرين ملاقات اسان جي زندگي جي تاريخ جو هڪ يادگار حصو بنجي وئي. جيئن ته مون حرم شريف جي انتظامي ادارن بابت معلومات گڏ پئي ڪئي ته، انهي سلسلي ۾ لکڻ دوران هڪ دوست وٽان سعوديه جي وزارت داخله جو ڇاپيل ڪتاب هٿ آيو جنهن ۾ سعوديه جي طرفان حرمين ۽ پاڪ شهرن جي ترقياتي منصوبن بابت چڱو تفصيل ۽ وضاحت ملي. البته حرم مڪه جي انتظامي ادارن جي ڪارڪردگي ۽ انهن جي آفيسن جي تلاش ۽ انهي بابت مزيد معلومات منهنجي ذاتي ڪوشش ۽ جستجو جو نتيجو آهي.


    الحرم لائبريري جو ديدار:

    الحرم لائبريري جو ديدار:
    مذڪوره معلومات جمع ڪرڻ کانپوءِ مون کي دل ۾ خيال آيو ته، حرم شريف جي فقط انتظامي ادارن جو تعارف ڪرائڻ، ۽ خود بيت الله جي تعمير جي تاريخ ۽ بيت الله سان گڏ ٻين شعائر الله (خدا جون نشانيون ۽ احڪام) جن جي حج جي مناسڪ/ احڪام ۾ بنيادي حيثيت آهي، تن جي تاريخ نه لکڻ بي انصافي ٿيندي. پر جيئن ته، مون وٽ ان وقت حرم بابت ڪوبه تاريخي مواد موجود نه هو، انهي ڪري مڪه شريف ۾ رهندڙ دوستن يارن کان پڇا ڪيم ته، جناب حاجي ابراهيم لاشاري صاحب مون کي ٻڌايو ته، شارع منصور تي هڪ وڏي لائبريري آهي جنهن ۾ هر قسم جو مواد ملي سگهندو. اها لائبريري مڪتبه الحرم جي نالي سان پهرين حرم شريف جي ويجهو پاڻ ڪريمن جي پيدائش واري جاءِ (مولد النبي) جي لڳ هئي پر حرم شريف جي توسيع سبب اتان کڻي مڪه شريف جي مشهور وڏي روڊ شارع منصور تي قائم ڪئي وئي آهي. مٿئين ڏس مطابق آئون ۽ سائين حافظ محمد خان سومرو ۽ محترم حاجي ابراهيم لاشاري ٽيڪسي ذريعي “الحرم لائبريري” تائين پهتاسين. لائبريري جو ديدار ڪيوسين ۽ موجوده ملازمن کي پنهنجي مقصد کان آگاهه ڪيوسين ته، لائبريري جي ملازمن مثبت موٽ ڏني ۽ اسان سندن شڪريه ادا ڪيو. جيئن ته آئون لائبريري جي گس جو واقف ٿي ويو هئس انهي ڪري هر ڀيري دوستن کي گڏ وٺي هلڻ بجاءِ، اڪيلو لڳاتار ڪجهه ڏينهن ايندو رهيس ۽ پنهنجي گهربل مواد کي سهيڙڻ لڳس. جيڪي ڪجهه ميسر ٿي سگهيو سو هتي پيش ڪجي ٿو.
    جن ڪتابن مان هيٺيون مواد ورتو ويو آهي، تن جا نالا حواله طور هن ريت آهن.
    (1) تفسير در منثور (2) الجامع الصحيح امام بخاري (3) تفسير ابن ڪثير (4) الروض الانف علامه سهيلي (5) السيرت النبويت في ضوءِ المصادر الاصليه، ڊاڪٽر مهدي رزق الله جامعه ملڪ سعود طبع اول 1992ع (6) سبل الهدي و الرشاد علامه شامي. (7) الحرمين الشريفين طبع 1991ع (8) الحرم المڪي طبع 1995ع مڪه. (9) اخبار مڪه، الازرقي. (10) تاريخ مڪه. (11) المساجد في الاسلام تاليف شيخ طه الولي (الحرم لائبريري ڪتاب نمبر:58572). (12) تاريخ عمارت المسجد الحرام طبع ثالث 1980ع جده. (لائبريري ڪتاب نمبر: 18058) (13) البدايه والنهايه ابن ڪثير. (14) اوجز المسالڪ شرح موطا امام مالڪ.


    حرم شريف جي فضيلت:

    حرم شريف جي فضيلت:
    اسلامي دنيا بلڪه پوري دنيا ۾ انتهائي پاڪيزه ڌرتي حرمين شريفين جي آهي. جنهن کي قديم جاگرافي ۾ حجاز جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. چوڏهن هزار ڪلو ميٽر جي ايراضي وارو اهو علائقو، سعوديه جو مغربي حصو هئڻ ڪري ڳاڙهي سمنڊ جي اڀرندي ڪناري تي آهي. انهي علائقي ۾ ٻه مقدس خِطا ۽ پاڪ شهر مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره آهن.
    مڪي شريف جي تقدس جو بنيادي سبب خود قرآن شريف ڄاڻايو آهي ته، بيت الله ۽ مسجد الحرام، انهي شهر ۾ آهي ٻيو ته، اهو ڀلارو شهر سيد الانبيا حضرت محمد ﷺ جي پيدائش وارو شهر آهي، جنهن ۾ سندن ٻالڪپڻ کان جواني تائين جو عرصو گذريو آهي. اهڙي طرح مڪو شريف سموري دنيا جو وچ ۽ مرڪزي دل آهي. اهڙين ڪيترين ئي نسبتن جي ڪري مڪي شريف، انساني تاريخ ۾ هڪ وسيع ڪردار ادا ڪيو آهي. اسان هتي مڪي شريف ۾ واقع بيت الله شريف بابت جمع ڪيل تاريخي مواد پيش ڪريون ٿا.
    بيت الله شريف انساني دنيا لاءِ جمله برڪتن ۽ سنئين واٽ جي هدايت جو پهريون مرڪز رهيو آهي ۽ قيامت تائين رهندو. جيتوڻيڪ رهائش خاطر بيت الله شريف کان به اڳ ڪي گهر ٺاهيا ويا هئا پر وحده لاشريڪ جي ٻانهپ، پالهڻار جي پوڄا، لکين جڙتو خدائن کي لت هڻي اڪيلي الله کي اونائي آزيون ڪري دائمي انعامن جو حقدار ٿيڻ، رٺل رب کي پرچائڻ ۽ انهي قادر و قيوم هستي کان هر مشڪل مهل مدد گهرڻ لاءِ ڌرتي جي گولي تي اهو پهريون گهر هو جيڪو تعمير ڪيو ويو. ڪيترن اصحابن کان روايت آهي ته، زمين ۽ آسمان جي پيدا ٿيڻ کان پهرين اها بيت الله شريف واري جاءِ پاڻي تي جهاڳ مثل هئي. پوءِ پاڻي تي بيٺل جهاڳ/ گجي کي پکيڙي سموري ڌرتي انهي مان اهڙي طرح جوڙي وئي، جيئن اٽي جي ڳوهيل پنوڙي کي پکيڙي ماني ٺاهي وڃي ٿي.
    بيت الله شريف ۽ مسجد الحرام جي ڀلائي ۽ فضيلتِ شان جي باري ۾ قرآن شريف جي مختلف سورتن جي تيرهن آيتن ۾ ذڪر اچي ٿو. ان کانسواءِ بيشمار حديثون به آيون آهن. اسان هتي بيت الله شريف جي تاريخ ۽ اتي جي موجوده انتظامي ادارن بابت احوال پيش ڪرڻ کان اڳ، برڪت خاطر ڪن حديثن جو خلاصو مطلب نوٽ ڪريون ٿا.
    1. جڏهن رسول اللهﷺ قريش ڪافرن جي طرحين طرحين تڪليفن ۽ دين اسلام جي نشر و اشاعت، دعوت و تبليغ ۾ ڪافرن پاران جارحانه مزاحمت ۽ رڪاوٽ سبب خدائي حڪم سان مڪه کان هجرت ڪري مديني ڏي روانگي شروع ڪئي ته، حرم جي باب الوداع جي ويجهو حزوره نالي جاءِ تي وهاڻي رات پنهنجي ساٿي صديق اڪبر رضه سان گڏ بيهي بيت الله ڏانهن مهاڙ ڪري ڪعبت الله ۽ مڪي کي مخاطب ٿي فرمايو هو ته، خدا جو قسم! آئون ڄاڻان ٿو ته، تون مون کي خدا جي سڀني شهرن کان وڌيڪ پيارو آهين ۽ خدا تعاليٰ وٽ ڌرتيء جي سڀني ماڳن مڪانن کان شان ۾ مٿانهون ۽ ڀلارو آهين. جيڪڏهن تنهنجا رهاڪو مون کي نه ڪڍن ها ته آئون توکي ڪڏهن به نه ڇڏيان ها.
    2. دنيا ۾ ڌرتي سڀ کان پهرين مڪي شريف کان پکڙڻ شروع ٿي، ۽ پهاڙن مان سڀ کان پهرين پهاڙ جيڪو زمين مٿان رکيو ويو سو مڪي جو جبل ابوقبيس هو. (حضور سائين جن جي هٿان “شق القمر” يعني سندن آڱر جي اشاري سان چنڊ چيرجي ٻه ٽڪر ٿيڻ وارو معجزو به انهي جبل ابو قبيس تي ظاهر ٿيو هو.)
    3. جيڪو شخص حرم ۾ وفات ڪري ته ڄڻ چوٿين آسمان تي وفات ڪري ويو. (يعني ته اهو ماڻهو چوٿين آسمان تي رهندڙ قدسي مخلوق جي شان برابر ٿيو.)
    4. جيڪو ماڻهو خدا جي حرم (ڪعبه) يا ان جي رسول ﷺ جي حرم (مدينه) ۾، يا حج يا عمره جي حالت ۾ مڪي ۽ مديني جي درميان وفات ڪري ته، الله تعاليٰ قيامت ۾ ان کي امن سلامتي وارن منجهان اٿاريندو.
    5. مڪو ۽ مدينو، دلين تي چڙهيل ڪَٽ ائين صفا ڪن ٿا جيئن بٺي (باهه جو کورو) لوهه جو زنگ ساڙي صفا ڪري ڇڏي ٿي.
    6. جيڪو شخص مڪي ۽ مديني ۾ وفات ڪري ته، قيامت ۾ الله تعاليٰ ان کي پنهنجي عذاب کان محفوظ رکندو، اهڙي طرح جو نه ان تي عذاب نه خوف، نه حساب نه ڪتاب، ۽ جنت ۾ سلامتي سان داخل ٿيندو ۽ انهي قيامت جي ڏينهن آئون (محمد رسول اللهﷺ) ان جي شفاعت ڪندس.
    7. مڪي جا رهاڪو الله وارا ۽ ان جي پاڪ گهر جا پاڙيسري آهن.
    8. روءِ زمين تي مڪي کانسواءِ ڪو به اهڙو شهر ناهي جنهن ۾ سڀئي انبيا ، رسول، ملائڪ، اوليا الله، خدا جا نيڪ ٻانها، جنن ۽ انسانن مان نه آيا هجن.
    9. جنهن شخص حرم مڪه ۾ هڪ نماز پڙهي ته ان کي هڪ لک نمازن جو ثواب، جنهن مڪي ۾ هڪ ڏينهن روزو رکيو ته الله تعاليٰ انهي لاءِ هڪ لک روزن جو ثواب لکندو، جنهن ان ۾ هڪ درهم (ٽامي جو سڪو چار آنه برابر) صدقو ڪيو ته، ان کي هڪ لک درهم جو ثواب، جنهن ان ۾ قرآن شريف جو هڪ ختمو ڪڍيو ته ان کي هڪ لک ختمن جو ثواب ملندو. الله تعاليٰ جي هڪ ڀيرو تسبيح (سبحان الله) پڙهي ته ان کي هڪ هزار تسبيحن جو ثواب ملندو. ٻانهي جي حرم ۾ ڪنهن به هڪ نيڪي جو درجو هڪ لک نيڪين برابر آهي.
    10. جنهن مڪي جي گرميء تي صبر ڪيو ته، انهي کان دوزخ جي باهه سو سالن جي پنڌ جيترو پري رهندي.
    11. جيڪو شخص مڪي ۾ هڪ ڏينهن بيمار ٿيو ته، انهي لاءِ ايترا ته نيڪ عمل لکيا ويندا جيترا هو چڱڀلائي جي حالت ۾ ستن سالن تائين ڪري ها. جيڪڏهن اهو بيمار ٿيندڙ شخص مسافر هوندو ته، اهي نيڪ عمل ٻيڻ وڌايا ويندا.
    12. رمضان شريف ۾ عمره ادا ڪرڻ، ثواب ۾ حج برابر آهي.
    هي ڳالهه هر مسلمان کي ياد رکڻ کپي، خاص ڪري انهن ماڻهن کي جيڪي حج جي ادائگي ۽ حرمين شريفين ڏانهن روانگي جي تيارين ۾ آهن ته، جيئن انهي ڀلاري ڀونءِتي نيڪين جو ثواب اڻ کٽ ملندو آهي تيئن اتي جي معمولي برائي تي به سوين ڀيرا ٻيڻو چوڻو عذاب ٿيندو آهي. يعني ته، پاڪ سرزمين تي ڪيل هر نيڪي هڪ لک نيڪين جي اجوري برابر هوندي ته هڪ برائي به هڪ لک برائين جي عذاب برابر هوندي. ثبوت خاطر حضرت عبد الله بن مسعود صحابي رسول جو هي فرمان ڪافي آهي ته، “دنيا جي ٻين شهرن ۾ ڪنهن به بري ڪم ڪرڻ کان پهرين فقط ان جي ارادي ڪرڻ تي خدا جو ڪوبه عذاب ۽ پڪڙ ڪانه ٿيندي . پر مڪو شريف دنيا جو اڪيلو اهو شهر آهي جتي ڪنهن به برائي جي فقط ارادي ڪرڻ سان، برائي ڪرڻ جيترو عذاب ٿئي ٿو.” پوءِ هُن دليل ۾ هي آيت پڙهي ته، ومن يرد فيه بالحاد بظلم نذقه من عذاب اليم. (سورت الحج آيت 25)
    ترجمو: جيڪو ماڻهو انهي مسجد (الحرام) ۾ سڌائي کان هٽي ظلم جو طريقو اختيار ڪندو ته اسان ان کي سخت عذاب ڪنداسون.


    بيت الله جي تاريخ ۽ ابراهيمي تعمير:

    بيت الله جي تاريخ ۽ ابراهيمي تعمير:
    هاڻي اسان ڪعبت الله/ بيت الله جي تاريخ تي هڪ نظر وجهنداسون. ڪعبت الله شريف ڏهه ڀيرا تعمير ڪيو و يو آهي. حضرت موسيٰ جي زماني تائين اهو انبيائن جو قلعو ٿي رهيو هو. تعمير ڪندڙن جا نالا ترتيب وار هن ريت آهن. (1) ملائڪ (2) حضرت آدم (3) حضرت آدم جا پٽ ۽ پوٽا (4) حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل (5) عمالقه (6) جرهم (7) قصي بن ڪلاب (8) قريش (9) حضرت عبد الله بن زبير (10) حجاج بن يوسف ثقفي. انهن مان ڪن جو اختصار سان هيٺ ذڪر ڪجي ٿو.
    ڪعبت الله جي تعمير بابت، اسلام جي بنيادي مقدس ڪتاب قرآن شريف ۾ تعمير جي نسبت حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل ڏي ڪيل آهي. جيتوڻيڪ ڪعبه جي تعمير جي باري ۾ ڪافي روايتون حضرت ابراهيم کان به اڳين پيغمبرن ۽ انهن جي امتن کي شمار ڪن ٿيون. پر اهي روايتون محدثن ۽ مورخن وٽ مشهور ته آهن، ليڪن اعتماد جي لحاظ کان قطعي مضبوط شمار نه ٿيون ٿين. ڇو ته شرعي ثبوتن ۾ قرآن شريف کي بنيادي اهميت ۽ اوليت حاصل آهي. قرآن شريف ۾ حضرت ابراهيم کان اڳين پيغمبرن جي تعمير ڪعبه جو ڪوبه ذڪر ڪونهي، پر اهڙي قسم جي ذڪر نه ڪرڻ سان اڳين پيغمبرن جي ڪعبه تعمير ڪرڻ جو انڪار به ثابت نه ٿو ٿئي. اسان هتي ابراهيمي تعمير بابت سٽون لکڻ مناسب سمجهون ٿا.
    قرآن شريف جي سورت بقره آيت 127 کان 129 تائين رڪوع 15 ۾ خصوصيت سان چئن ڳالهين جو ذڪر آهي.
    1. حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل جي تعمير ڪعبه بابت واضح ثبوت ۽ انهي عظيم خدمت لاءِ انهن جي خلوص و لِللهيت جو ذڪر.
    2. رضاءِ الاهي خاطر نيڪ جذبي تحت ڪيل محنت جي قبوليت لاءِ ڌڻي جي دربار ۾ مخلصانه درخواست.
    3. ٻنهي بزرگن جو گڏجي دعا گهرڻ ته، اي پالڻهار! اسان ٻنهي کي پنهنجو فرمانبردار ۽ تابعدار بناءِ، اهڙي طرح اسان جي اولاد مان به هڪ فرمانبردار جماعت قائم رکجانء.
    4. توحيد جي انهي پهرئين مرڪز جي بنياد ۽ انهي عظيم درسگاهه جي اڏاوت جي پڄاڻي تي ٻنهي بزرگن هي به دعا گهري هئي ته، اي پالڻهار! اسان تنهنجي حڪم مطابق درسگاهه ٺاهي راس ڪئي آهي، پر عالَمِ انسانيت کي انهي درسگاهه مان مڪمل فيضياب ٿيڻ لاءِ اسان (حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل) جي اولاد مان هڪ ڪامل استاد موڪلڻ جي عنايت فرماءِ ته جيئن اهو ڪامل استاد هن درسگاهه ۾ ويهي تنهنجو هدايت وارو ڪتاب پڙهائي ۽ دانائي جي درس سان انهي ڪتاب جا اسرار، راز ۽ رمزون، ظاهري ۽ باطني علم سيکاري ۽ سمجهائي، ۽ تنهنجي ٻانهن کي شرڪ بدعت ۽ هر قسم جي ظاهري ۽ باطني پليتي کان پاڪ ڪري قلبن تان ڪفر ۽ شرڪ جا قصابن کان چڙهيل ڪَٽ لاهي ته جيئن تنهنجا ٻانها صالحن ۾ شمار ٿين. پالڻهار! ائين ڪرڻ تي تون پوري طرح قدرت ۽ طاقت رکين ٿو.
    مٿي ذڪر ڪيل آيتن جي مفهوم مان هي ڳالهيون پڌريون ٿين ٿيون ته، ڪنهن به نيڪ ڪم ڪرڻ وقت خاص خدا جو راضپو گهربل هجي ۽ پنهنجي اولاد، اهل خانه وغيره لاءِ اهڙن ئي نيڪي جي ڪمن تي ڪار بند رهڻ لاءِ رب تعاليٰ کان دعائون گهرجن حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل جي آخري دعا جي قبوليت جي نتيجي ۾ تقريباً ٽي چار هزار سال پوءِ حضرت اسماعيل جي اولاد مان حضرت محمد مصطفيٰﷺ کي قيامت تائين انسانيت لاءِ هادي، رهبر ۽ پيغمبر بنائي موڪليو ويو جيئن حديث ۾ آهي ته اَنا دعوه ابي ابراهيم يعني آئون پنهنجي پيء ابراهيم جي دعا آهيان. ابراهيمي تعمير انهي زمانه جي آهي جڏهن حضرت اسماعيل 30 سالن جو نوجوان هو ته، حضرت ابراهيم عليهما السلام هڪ سو سالن کان به وڌيڪ پيرسن هو. روايتن مطابق حضرت ابراهيم پنهنجي رهائشي علائقه فلسطين شام مان پنهنجي فرزند حضرت اسماعيل سان ملڻ لاءِ مڪي شريف آيو ته، ان وقت حضرت اسماعيل زمزم کوهه ڀرسان هڪ وڏي وڻ هيٺ تير گهڙي ٺاهي رهيو هو.
    اسلامي روايتن ۾ تيرن ٺاهڻ جو فن حضرت اسماعيل کان شروع ٿيو. شايد اهو پهريون هٿيار آهي جنهن کي حضرت اسماعيل ايجاد ڪري هٿيار طور شڪار ڪرڻ لاءِ ڪم آندو هو. انهي کان اڳ ٻئي ڪنهن جي متعلق اهڙي شاهدي نه ٿي ملي. و الله اعلم.
    حضرت ابراهيم پنهنجي فرزند کي تير ٺاهيندي ڏسڻ کانپوءِ فرمايو ته، “پٽ! مون کي رب سائين حڪم فرمايو آهي ته، آئون سندس پاڪ گهر جي اڏاوت ڪريان ۽ تون مون سان انهي ڀلاري ڪم ۾ مدد گار ٿين.” حضرت اسماعيل اهو حڪم ٻڌي هائوڪار ڪري حضرت ابراهيم سان انهي ڀلاري ڪم ۾ ساٿي بنيو. پر جيئن ته ڪعبه واري هنڌ ڪنهن به اڏاوت جا نشان ڪونه هئا فقط هڪ دڙو هيو جيڪو هموار ٿيو پيو هو تنهنڪري حضرت ابراهيم الله تعاليٰ ڏي متوجه ٿي ڪعبه جي ماپ ۽ نقشه بابت معلوم ڪيو ته حضرت جبرئيل عليه السلام حاضر ٿي ڪعبه جو نقشو ڪڍيو، اهڙي ريت حضرت جبريل انجنيئري جا فرائض بجا آندا ته حضرت ابراهيم رازو ٿيو ته، حضرت اسماعيل معاون ۽ مزدور بڻيو.
    آثار (روايتن) ۾ آيو آهي ته، حضرت ابراهيم ڪعبه جي تعمير پنجن جبلن جي پٿرن سان ڪئي جيڪي کيس ملائڪن آڻي ڏنا هئا ۽ حضرت اسماعيل اهي آندل پٿر کڻي حضرت ابراهيم کي ڏيندو پئي ويو اهي پنج جبل هي آهن.
    1) طور سينا. 2) طورزيتا. 3) جبل حراءِ. 4) لبنان. 5) جودي (جيڪو الجزيره ۾ آهي)
    جنهن وقت اهي ٻئي برگزيده پيغمبر ڪعبه جي تعمير ڪري رهيا هئا تنهن وقت سندن زبان تي هي دعا هئي ته، ربنا تقبل منا انڪ انت السميع العليم: يعني: اي اسان جا پالڻهار! اسان جي هي محنت قبول فرماءِ بيشڪ اسان جي ڳالهه ۽ دعا ٻڌڻ وارو ۽ اسان جي هر ڪم کي ڄاڻڻ وارو آهين.
    ڪعبي جون پيڙهون ڀرجي، ڀتيون جڏهن زمين کان ڪجهه مٿي کڄي آيون ته حڪمِ الاهي موجب ملائڪن هڪ بهشتي پٿر آڻي ڏنو جيڪو ڪعبي جي اوڀر ڏکڻ واري ڪنڊ تي زمين کان تقريباً 4،5 فوٽ مٿي هنيو ويو. اهو پٿر کير جهڙو اڇو ۽ نوراني هو جنهن کي اڄڪلهه “حجر اسود” ڪري سڏيو وڃي ٿو. اهو پٿر حضرت آدم سان گڏ بهشت مان لاٿو ويو هو جيڪو طوفان نوح وقت جبل ابو قبيس تي ڪنهن محفوظ هنڌ رکيل هو.
    حضرت ابراهيم کي خدا جو حڪم ٿيو ته انهي پٿر کي ڪعبي جي طواف جي ابتدا ۽ وري ستن چڪرن جي پوري ٿيڻ تي انتها لاءِ مقرر ڪجي ٿو.
    جڏهن ڪعبه جون ديوارون زمين کان ايترو مٿي کڄي ويون جو اوساري ڪرڻ وقت حضرت ابراهيم جا هٿ نه ٿي پهچي سگهيا ته، خدا جي حڪم مطابق ملائڪن آندل هڪ پٿر ڏي اشارو ڪري چيو ته، هاڻي انهي تي بيهي تعمير ڪريو. اهو پٿر توهان جي حڪم ۾ هوندو جيئن چوندو تيئن ڪندو. جيڪڏهن مٿي ٿيڻ جي ضرورت پئي ته وڏو ٿي ويندو جنهن ڪري ڪنهن چاڙهي جي ضرورت نه پوندي. جي کٻي يا سڄي وڌڻ جي ضرورت پئي ته، اهو پٿر پاڻيهي اوڏانهن سري ويندو اهڙي صورت ۾ ڪنهن قوازي ٻڌڻ جي تڪليف ڪرڻي نه پوندي. پر جي مٿان کان هيٺ لهڻ جي ضرورت پوي ته، اهو پٿر سُڪڙجي ننڍو ٿي ويندو ۽ هيٺ آساني سان لهي وڃو. ضرورت مطابق پٿر کي حڪم ڪريو ته اهو پٿر هر حڪم جي تعميل ڪندو رهندو. مٿئين تفصيل مطابق ڪعبه جي تعمير مقرر ڪيل ماپ تائين راس ٿي ته، خدا جو حڪم ٿيو ته، “ابراهيم! ماڻهن کي حج ڪرڻ لاءِ سڏ ڪر”. عرض ڪيائين ته، پالڻهار! ماڻهن جي آبادي جيڪا دنيا جي مختلف دور دراز ملڪن ۾ پکڙيل آهي، اوسيتائين منهنجو آواز ڪيئن پهچندو؟ الله تعاليٰ فرمايو ته، ابراهيم! تون پنهنجي معمول واري آواز سان سڏ ڪر، آئون تنهنجو سڏ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ بلڪه ستن آسمانن ۽ عالَم ارواح (روحن جي دنيا) تائين به پهچائيندس. پوءِ حضرت ابراهيم جبل ابو قبيس تي چڙهيو، ٻي روايت ۾ صفا پهاڙي تي چڙهي ويو.
    اتان بيهي واري واري سان چئن ئي طرفن ڏي منهن ڪري پڪارڻ لڳو ته، “ايها الناس! ان ربکم بنيٰ لکم بيتاً فحجوهُ”. يعني ته اي انسانو! توهان جي پالڻهار توهان لاءِ پنهنجو پاڪ گهر بنايو آهي پوءِ اچو اُن پاڪ گهر جو حج ادا ڪريو. الله تعاليٰ اهو آواز ڪائنات جي سموري مخلوق تائين پهچايو، تان جو عالمِ ارواح (ايندڙ انسانن جي روحن واري جهان) ۾به ٻڌو ويو. پوءِ جنهن انهي سڏ تي هڪ ڀيرو لبيڪ چئي تنهن کي هڪ حج نصيب ٿيندو جنهن ٻه ڀيرا ته ان کي ٻه ڀيرا حج نصيب ٿيندو. اللهم وفق لنا کل امر خير. حضرت ابراهيم ڪعبه جون چار ڪنڊون ڪيون. ڪنڊ کي “رڪن” ڪري سڏيو وڃي ٿو. هر هڪ ڪنڊ جو نالو ڪنهن خاص نسبت جي ڪري مختلف آهي. انهن چئني ڪنڊن جا نالا هن ريت آهن.
    اوڀر ڏکڻ طرف : رڪن حجر اسود،
    اوڀر اتر طرف : رڪن عراقي،
    اتر اولهه طرف :رڪن شامي،
    اولهه ڏکڻ طرف: رڪن يماني.
    حضرت ابراهيم جي تعمير ڪيل ڪعبه جي مجموعي ماپ هي آهي. ڊيگهه: 45 فوٽ، ويڪر: .50/34 فوٽ ۽ اوچائي: 50/13 فوٽ، ڀت جي ٿولهه: 3 فوٽ.
    ڪعبت الله جي چئني پاسن مان هر هڪ پاسي جي ابراهيمي تعمير جي ماپ هي آهي.
    اوڀر ۾ : حجر اسود کان رڪن عراقي تائين 48 فوٽ،
    اتر ۾ : رڪن عراقي کان رڪن شامي تائين 33 فوٽ،
    اولهه ۾: رڪن شامي کان رڪن يماني تائين 50/46 فوٽ،
    ڏکڻ ۾ : رڪن يماني کان رڪن حجر اسود تائين 30 فوٽ.
    جيتوڻيڪ الحرم لائبريري مڪه مڪرمه ۾ زير مطالعه عربي ڪتابن، مٿي ذڪر ڪيل ماپ ذراع (نريء) جي حساب سان لکي هئي پر اسان سمجهڻ ۾ آساني خاطر هڪ نري (ذراع) برابر ڏيڍ فوٽ جي حساب سان ڳاڻيٽو ڪري لکي آهي.
    ڪعبت الله کي “ڪعبه” هن ڪري سڏيو ويو آهي جو اها چئن ڪنڊن واري عمارت آهي. حضرت ابراهيم جي تعمير ڪرڻ وقت اها جاءِ آسپاس جي ايراضي کان مٿي دڙي وانگر هئي. عربي لُغت (ڊڪشنري) ۾مٿانهين ۽ اُڀريل شي يا جاءِ کي “ڪعب” چيو وڃي ٿو. جيئن پير جي مُريي (ٽڻي) کي به ڪعب چئبو آهي، ڇو ته اهو به مٿي اڀريل هوندو آهي.
    ڪعبت الله شريف جي ديوارن جي ظاهري بلندي جي ڀيٽ ۾ جيتوڻيڪ موجوده سعودي حڪمران شاهه فهد جي پٽن جي محلات (جيڪا حرم جي باب عبد العزيز کان لڳ اوڀر اتر طرف آهي) جي بلندي وڌيڪ نظر اچي ٿي پر ڪعبت الله عظمت ۽ شان ۾ دنيا جي سڀني عمارتن کان بلند بالا آهي. جنهن جي عظمتن جا رشتا، آسمانن ۾ رهندڙ ملائڪن جي قبله بيت المعمور سان ڳنڍيل آهن، جيڪو عرش عظيم کان سڌو هيٺ ستين آسمان تي آهي. هڪ حديث ۾ آيو آهي ته، ڪعبت الله شريف آسماني قبله بيت المعمور جي بلڪل سڌائي ۾ آهي. جيڪڏهن ڪو ڀتر بيت المعمور تان هيٺ ڪيرائجي ته سڌو ڪعبت الله جي ڇت تي ڪري پوي. اهڙي طرح بيت المعمور وري عرش عظيم جي بلڪل سڌائي ۾ آهي. خدا تعاليٰ طرفان زمين وارن تي لهڻ واريون سموريون برڪتون ۽ رحمتون، عرش عظيم کان هيٺ بيت المعمور تي لهن ٿيون ۽ اتان کان بيت الله/ ڪعبه تي لاٿيون وڃن ٿيون جتان کان پوءِ دنياجي ڪنڊ ڪڙڇ ڏانهن خدائي حڪم مطابق ورهايون وڃن ٿيون. انهي مان ثابت ٿيو ته دنيا ۾ خدا جي جمله برڪتن ۽ رحمتن جو مرڪز ڪعبت الله شريف آهي پوءِ ان جي عطمت آڏو ٻي ڪا عمارت بيهي سگهي ٿي؟
    حضرت ابرهيم جي تعمير جيڪا مٿي گذري چڪي تنهن جون فقط ديوارون هيون ڇت ڪونه هيس ۽ دروازو به زمين سان لڳل هو يعني ته اڄڪلهه وانگر ماڻهو جي قد کان مٿي نه هو پر اُن جي چانئٺ پٽ سان برابر هئي.
    ابراهيمي تعمير بعد ڪعبت الله شريف ويجهو تعظيم خاطر ڪوبه گهر نه ٺاهيو ويندو هو تان جو حضور سائين جي پنجين ڏاڏاي قصي بن ڪلاب جي مڪي شريف جي امارت (سربراهي) سنڀالڻ کانپوءِ ڪعبه شريف جي آسپاس گهر تعمير ٿيڻ لڳا. جڏهن ته انهي کان اڳ عرب جبلن جي چُرن، ڍورين ۽ پري پري جي ميداني علائقن ۾ رهندا هئا. اهڙين ڍورين تي جن جي رهائش يا قبضو هوندو هو سو انهي جي نالي سڏبي هئي. جيئن شعب عامر (عبد الله بن عامر جو ڍورو) شعب ابي سفيان (ابو سفيان جو ڍورو) شعب ابي طالب (ابو طالب جو ڍورو) وغيره.
    اتفاق سان قصي بن ڪلاب جو هڪ قبيلي بنو خزاعه سان جهيڙو ٿي پيو ته پاڻ پنهنجي قبيله کي چيائين ته، توهان جبلن جون غارون ۽ ڍورا ڇڏي ڪعبي جي آسپاس چوڌاري گهر ٺاهيو. جي نه ته اوهان جو حرم تي قبضو نه رهندو. ٻيو ته ڪعبت الله جي ڀرسان رهڻ ڪري عرب توهان کان ڊڄندا ۽ توهان مان ڪنهن سان به لڙائي ڪرڻ جائز نه سمجهندا. بس انهي ڳالهه جي ڪري ڪعبه شريف جي آسپاس رهائشي گهر ٺهڻ لڳا. البت اهي گهر گول دائري وانگر ٺاهيا ويا، جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ ٿري ماڻهو چونئرا ٺاهيندا آهن. عربن جو خيال هو ته، ڪعبو شريف چوڪنڊو آهي انهي ڪري گهرن جي اڏاوت ۾ انهي سان برابري ۽ هڪجهڙائي ڪرڻ تعظيم ۽ ادب جي خلاف آهي.
    قريشن ڪعبي جي بلڪل ويجهو گهر اڏيا هئا، جن جا دروازا ڪعبي شريف ڏانهن ڪيا هئائون. رڳو مطاف (طواف ڪرڻ واري جاءِ) گهرن اڏڻ کان آجي ڪئي هئائون. جيئن ته ڪعبي شريف کي چوڌاري جبل گهيرو ڪريو بيٺا هئا انهي ڪري ڪعبي کان پري پري ته گهر به نه ٿي ٺهي سگهيا. هوڏانهن وري قبضو به رکڻو هو، تنهنڪري ويجها گهر ٺاهيائون.


    قريشن هٿان بيت الله جي تعمير:

    قريشن هٿان بيت الله جي تعمير:
    ابراهيمي تعمير جيڪا خود حضرت آدم جي تعمير ڪيل پيڙهن جي نشانن تي ٿيل هئي، سا ڪافي صديون گذرڻ ڪري ڊهي ڍير ٿي وئي هئي. تنهنڪري ڊهي ويل تعمير کي ٻيهر اڏاوت ڪرڻ لاءِ قصي بن ڪلاب ڪوشش ڪئي غالباً اهو 704ع جو زمانو هو. قصي، ساڳي بنيادن تي ڪعبي جي نئين سر اڏاوت ڪرائي جنهن ۾ ڊيگهه، ويڪر ۽ اوچائي جي ماپ ساڳي هئي.
    قصي بن ڪلاب جي تعمير کي به اڍائي سو سال گذري ويا ته ڪيترين ئي ٻوڏن جي ڪري ڪعبي جون ديوارون هنڌان هنڌان ڏار هڻي ويون. مٿان وري هڪ واقعو ٿيو سو هي ته، قريشن مان هڪ عورت ڪعبي جي غلاف (پردي) کي خوشبو جو واس ڏيڻ آئي.
    اتفاق سان واس ڏيندي ٽانڊن ڀريل سگري مان ڪا چڻنگ وڃي ڪعبي جي پردي کي لڳي ته باهه ڀڙڪي پئي، ۽ ڪعبي جي غلاف سڙڻ سان گڏ ڪعبي جي ڇت ۾ ڪم آندل عمدو ڪاٺ ۽ ڪعبي ۾ رکيل قيمتي سوکڙيون، تحفا، جواهرات وغيره سڀ سڙي ڦلهيار ٿي ويا. انهي ڪري قريشن پاڻ ۾ گڏجي مشورو ڪيو ته هاڻي ڪعبي جي نئين سر مضبوط بنيادن تي تعمير ڪرڻ کپي. طئي ٿيل مشوري مطابق نئين تعمير جي خرچ لاءِ هر قبيلي کان چندو وٺڻ شروع ڪيو ويو، پر سڀني گڏجي هي وچن ڪيو هو ته، ڪعبي جي تعمير لاءِ ناجائز قسم جو پئسو، حرام حلال گڏيل شڪ واري ڪمائي نه ورتي ويندي. اهڙي طرح وياج، رشوت، ڌاڙي، ڦرلٽ، يتيم جي ملڪيت ۽ عورتن جي ڪمائي به ڪعبي جي تعمير لاءِ حرام قرار ڏني وئي. جڏهن ڪافي رقم گڏ ٿي ته، ڪعبي جي پراڻي عمارت ڊاهڻ لاءِ سڀئي قريش قبيلا اچي گڏ ٿيا. انهي دوران اوچتو هڪ اصيل نانگ ڪعبي جي ديوار تي پهريدار وانگر ظاهر ٿي بيهي رهيو، جنهن جو مٿو ۽ منهن ٻڪري جهڙو ٻرندڙ اکيون ۽ سونا سڱ هيس. قريش انهي جي رعب ۽ هيبت سبب ڏڪي ويا ۽ ڪوبه ڪعبي جي ديوارن کي ڊاهڻ لاءِ اڳتي وڌڻ جي جرئت نه ڪري سگهيو. انهي ماجرا کانپوءِ قريشن گڏجي خدا کي ٻاڏائڻ شروع ڪيو ۽ تعمير ڪعبه جي نيڪ نيت جو خدا آڏو عهد۽ اظهار ڪيو. سڀني جي پر خلوص دعائن ۽ آه و زاري کانپوءِ الله تعاليٰ هڪ پکي موڪليو جيڪو انهي وڏي اصيل نانگ کي پنهنجي چهنب ۾ کڻي غائب ٿي ويو. انهي نظاري کانپوءِ قريشن کي يقين ٿي ويو ته الله تعاليٰ کي اسان جي تعمير وارو ارادو منظور آهي ۽ پوءِ سڀ گڏجي ڪعبي جي پراڻين ديوارن ۾ڪم آندل پٿرن کي هڪ هڪ ڪري اکوڙڻ لڳا. تان جو جڏهن ديوارون ڪڍي پٽ برابر ڪيائون ته هيٺ پيڙهه جا بنياد کوٽڻ شروع ڪيائون. ڪافي هيٺ کوٽڻ بعد هڪ سائي پٿر تي وڃي پهتا جيڪو پيڙهه ۾ چوڌاري ائين لڳل هو جيئن موجوده دور ۾ ڊي پي سي جو لينٽر ٻڌندا آهن. جڏهن انهي سائي پٿر کي ٽوڙڻ لاءِ ٽيڪم جو ڌڪ هنيو ويو ته پهرئين ئي ڌڪ سان وڄ وانگر اهڙو ته چمڪاٽ ٿيو جو ڏسڻ وارن جون نظرون کيريون ڪري ڇڏيائين. انهي چمڪاٽ ٿيڻ سان قريشن محسوس ڪيو ته، حضرت ابراهيم جي پيڙهه جو بنياد اهو ئي آهي ۽ چمڪاٽ جو نڪرڻ ٻڌائي ٿو ته، “هاڻي اڳتي نه کوٽيو، بلڪه اتان کان ئي ديوارن جي اوساري ڪرڻ شروع ڪريو”. انهي غيبي اشاري کانپوءِ ڪعبي جي ديوارن جو بنياد تعمير ٿيڻ لڳو.
    قريشن جي انهي تعمير وقت حضور ﷺ جن جي عمر مبارڪ 35 سال هئي ۽ سن 605ع هيو ڪن تاريخن 610ع به لکيو آهي. پاڻ سڳورا انهي تعمير ۾ ٻين قريشن سان گڏ شريڪ ڪار ٿي پنهنجي ڪلهن مبارڪن تي پٿرکڻي ڍوئي رهيا هئا. ياد رهي ته ان وقت پاڻ سڳورن کي نبوت عطا نه ٿي هئي. جڏهن ديوارون چيلهه کان به ڪجهه مٿي تعمير ٿي آيون ته حجر اسود کي سندس جاءِ تي (جتي هينئر موجود آهي) لڳائڻ جو وقت آيو ته، هر قبيلي زور ڀريو ته، حجر اسود اسان کڻي لڳايون. اهو ضد ۽ زور ايترو ته وڌيو جو ڳالهه وڃي جهيڙي ۽ خونريزي تائين پهتي، ۽ هر هڪ قبيلي جا نوجوان تلوارون اگهاڙيون ڪري مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا. چئن پنجن ڏينهن تائين انهي موضوع تي قبيلن جا پاڻ ۾ بحث مباحثا هلندا رهيا. نيٺ قريش سردارن مان ابو اميه ۽ شريف مخزومي سڀني کي هي ڳالهه مڃرائي ته حجر اسود کڻي رکڻ جو فيصلو اهو ماڻهو ڪندو جيڪو صبح سوير سڀني کان پهرين حرم جي باب صفا کان اندر داخل ٿيندو. سڀئي ماڻهو انتظار ۾هئا ته، انهي باب صفا کان صبح سوير ڪير ٿو داخل ٿئي؟!
    جڏهن حضور ﷺ صبح سوير باب صفا کان اندر داخل ٿيا ته سڀئي ماڻهو خوش ٿي چوڻ لڳا ته “امين اچي ويو، جيئن فيصلو ڪندو اسان کي منظور آهي.” پوءِ سڀني کين حجر اسود جي کڻي رکڻ بابت اڳ ۾ ٿيل ڳالهين جو ذڪر ڪيو ته، پاڻ فرمايائون ته، هڪ وڏي چادر کڻي اچو. جڏهن چادر آندي وئي ته، پاڻ ڪريمن پنهنجي هٿن مبارڪن سان حجر اسود کڻي چادر جي وچ ۾رکيو، ۽ سڀني کي مخاطب ٿي فرمايو ته، هر قبيلي جو سردار چادر جي ڪناري کان جهلي، پوءِ سڀئي گڏجي مٿي کڻو ۽ ڪعبي جي اڀرندي ڪنڊ تائين کڻي هلو. اتي پهچي پاڻ فرمايائون ته هاڻي توهان سڀئي سردار مونکي پنهنجو نمائندو تسليم ڪريو ته اهو پٿر (حجر اسود) کڻي ديوار ڪعبه جي ڪنڊ تي لڳايان. سڀني چيو ته، اسان توهان کي پنهنجو نمائندو تسليم ڪيو.پوءِ پاڻ سڳورنﷺ پنهنجن هٿن سان اهو پٿر (حجر اسود)چادر مان کڻي ديوار جي ڪنڊ تي لڳايو.
    حجر اسود جي لڳڻ کانپوءِ ديوارن جي رهيل تعمير شروع ڪئي وئي. جڏهن ديوارون ڪلهي برابر کڄي ويون ته جمع ڪيل رقم ختم ٿي وئي ته، رڪن غربي(عراقي) واري پاسي کان کنيل ديوار جو ڪجهه حصو لڳ ڀڳ 9 فوٽ ڇڏي، ڪعبي جي اندرئين پاسي کان هڪ نئين ديوار ڏيئي چارئي ديوارون تعمير ڪيون. اهو ڇڏيل حصو حطيم جي نالي سڏيو ويو. ڇو ته، “حطيم” جي معنيٰ ئي آهي ٽٽل/ الڳ ڪيل حصو، جيڪو اڄ تائين ڪماني شڪل جي ديوار جي صورت ۾ موجود آهي.
    قريشن ديوارن جي اوچائي حضرت ابراهيم جي تعمير ڪيل ديوارن جي اوچائي کان ٻيڻ تي وڌائي رکي. يعني ته، حضرت ابراهيم جي تعمير ڪعبه جي اوچائي (عمق) ساڍا تيرهن فوٽ هئي ته، قريشن ستاويهه فوٽ ڪئي. ٻيو ته، حضرت ابراهيم ڪعبي جو دروازو پٽ برابر لڳايو هو جيئن عام گهرن جو هوندو آهي، پر قريشن ڪعبي جو دروازو ماڻهو جي قد کان به مٿي ڪري ڇڏيو.
    يعني اهڙي نمونه جو دروازي جي هيٺين چانئٺ تي بيٺل ماڻهو جون مٿي ڊگهيون ڪيل ٻانهون به مس پهچن. هينئر به دروازو انهي نموني لڳل آهي.
    قريشن دروازو هن ڪري مٿي ڪيو هو ته، جيئن سندن مرضي ۽ اجازت کانسواءِ ڪوبه ڪعبي ۾ داخل نه ٿي سگهي. جنهن کي هو چاهين تنهن کي چاڙهي ذريعي انهي دروازي مان ڪعبي اندر داخل ڪن، نه ته عام ماڻهو اندر داخل نه ٿي سگهي.
    قريشن ڪعبي جي اندر ٻن قطارن ۾ 6 ٿنڀا ڪاٺ جا لڳايا، جيڪي حجر اسود کان رڪن يماني تائين يعني اوڀر کان اولهه ٽي ٽي ٿنڀا هئا. هن طرح جو هڪ قطار ۾ ٽي ٿنڀا ته ٻي قطار ۾ ٽي ٿنڀا هئا. ٻيو ته رڪن شامي جي اندرئين پاسي ڪاٺ جي چاڙهي تعمير ڪيائون جيئن انهي چاڙهي ذريعي مٿي ڪعبي جي ڇت تي چڙهي سگهجي.
    حضرت ابراهيم واري تعمير ۾ ڪعبي جي ڇت اڏيل نه هئي پر قريشن ڪعبي جي ڇت وڌي. البته حطيم وارو حصو بنا اڏڻ جي ڇڏي ڏنائون جنهن جو حوالو اسان پهرين ڏيئي آيا آهيون.


    حضرت عبد الله بن زبير هٿان تعمير ڪعبه:

    حضرت عبد الله بن زبير هٿان تعمير ڪعبه:
    قريشن جي تعمير ڪعبه کي مني صدي کان ڪجهه مٿي سال گذريا هوندا ته، حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه جو سڳو ڏهٽو، حضرت بي بي عائشه رضه جو ڀاڻيجو، حضرت بي بي اسما رضه بنت ابوبڪر رضه جو پٽ حضرت عبد الله بن زبير (اصحابي رسول صه) مڪي شريف جو امير (سربراهه) بڻيو.
    جيئن ته خلافت راشده جي ختم ٿيڻ ڪري امارت (سربراهي) جو دور هلي رهيو هو ۽ اها امارت به چند حصن ۾ ورهائجي وئي هئي، اهڙي وقت حضرت عبدالله بن زبير رضه جي ذهن ۾ حضور اڪرمﷺ جن جو فرمان هر وقت موجود رهندو هو، جيڪو پاڻ سڳورن هڪ ڀيري مومنن جي ماءُ بي بي عائشه صديقه رضه کي مخاطب ٿي فرمايو هئائون ته، “اي عائشه! جيڪڏهن تنهنجي قوم (قريش) جو جاهليت وارو زمانو ويجهو نه هجي ها ته، آئون بيت الله شريف (جي موجوده عمارت) کي ڊاهڻ جو حڪم ڏيان ها، ۽ جن شين کي قريشن (پنهنجي تعمير وقت) ڪعبي مان ڪڍي ڇڏيو آهي سي ٻيهر ان ۾ شامل ڪريان ها، (يعني حطيم اصل بنيادن جو رهيل اڌ حصو) ۽ دروازي کي زمين جي برابر ڪري ڇڏيان ها ۽ انهي (ڪعبي) جا ٻه دروازا ٺاهيان ها هڪ اوڀر طرف ۽ ٻيو اولهه طرف. اهڙي طرح آئون حضرت ابراهيم عليه السلام جي بنيادن مطابق ڪعبي جي تعمير ڪريان ها.”
    حضرت عبدالله بن زبير جي دلي خواهش هئي ته، حضور سائين جي اها ديرينه تمنا ڪيئن به ڪري پوري ڪئي وڃي. حضرت عبد الله حضور سائين جي انهي تجوريز تي عمل ڪرڻ لاءِ سالن کان سوچيندو پئي آيو پر مناسب وقت ۽ موقعي جي انتظار ۾ هو. تان جو جڏهن پاڻ مڪي جو امير بڻيو ته، سندس امارت انهي نيڪ ڪم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ بهتر ۽ موزون وقت هو. ويتر هي به هڪ ڪارڻ پيدا ٿي پيو جو، يزيد جڏهن اسلامي حڪومت جو والي بڻيو ته، هن مديني منوره ۽ مڪي شريف جي ماڻهن کان پنهنجي والي هجڻ جي مڃتا خاطر بيعت وٺڻ لاءِ ٻنهي پاڪ شهرن ڏانهن پنهنجا خاص ايلچي موڪليا. جڏهن انهن ٻنهي پاڪ شهرن جي رهاڪن بيعت ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته، يزيد ٻنهي شهرن کي ماري مڃائڻ ۽ بيعت وٺڻ لاءِ فوج استعمال ڪئي تان جو سندس لشڪر مسلم بن عقبه جي اڳواڻي ۾ مديني شريف تي ڪاهي آيو. جڏهن ماڻهن خوشي سان يزيد جي حڪومت نه مڃي ۽ بيعت ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته، آيل فوج مديني جي رهاڪن تي سختي ڪئي. عام ماڻهو فوجي دٻا هيٺ اچي آڻ مڃڻ لڳا، اهڙي طرح ڄڻ يزيدي لشڪر بنا مزاحمت جي مديني جي رهاڪن کي مڃائي ورتو. اها مهم سر ڪرڻ کانپوءِ يزيدي لشڪر جي ڪمانڊر مڪي شريف جو رخ ڪيو ته جيئن اتي جي ماڻهن کي به يزيد جي حڪومت تسليم ڪرائي بيعت وٺجي. پر جڏهن اهو ڪمانڊر واٽ تي ئي موت جي پڪڙ ۾ اچي ويو ته هڪ سينيئر فوجي آفيسر حصين بن نمير کي فوج جو ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو.
    پروگرام مطابق يزيدي لشڪر 26 محرم سن 64 هه تي مڪي شريف ويجهو پهتو ته، لشڪر جي سربراهه عام ماڻهن کي يزيد جي حڪومت مڃڻ ۽ بيعت وٺڻ لاءِ چو چواءِ شروع ڪئي ته، ماڻهن قطعي انڪار ڪندي چيو ته اسان حضرت عبدالله بن زبير جي هٿ تي بيعت ڪري کيس پنهنجو امير مقرر ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن حصين بن نمير اها ڳالهه ٻڌي ته مڪي شريف جو چو طرف گهيرو ڪري حرم جي چوڌاري جبلن تي گولا وسائيندڙ منجنيقون (قديم زمانه جون توبون) فٽ ڪري ڇڏيون اهڙي صورتحال ڏسي حضرت عبدالله بن زبير رضه پنهنجي حمايتين سميت وڃي حرم ۾ پناهه ورتي.
    محرم جي آخري تاريخن کان وٺي صفر جو پورو مهينو ويندي ربيع الاول جي ڪجهه تاريخن تائين يزيدي لشڪر مڪي شريف تي گهيرو جاري رکيو ان وچ ۾ منجنيقن ذريعي حضرت عبد الله ۽ سندس ساٿين تي پٿر وارا گولا وسندا رهيا. نيٺ لڙائي ايتري شدت اختيار ڪري ورتي جو توبن جي گولن جي بارش سان گڏ ٻرندڙ باهه وارا گولا به وسڻ شروع ٿيا جيئن ته حضرت عبد لله ۽ سندس ساٿي حرم ۽ ڪعبه ۾ پناهه گزين هئا انهي ڪري انهن گولن جو سڌو سنئون نشانو ڪعبت الله شريف بنجي رهيو هو جنهن ڪري ڪعبه جي غلاف کي باهه لڳي پئي تان جو ڇت ۾ لڳل قيمتي ڪاٺ، ڪعبي ۾ رکيل قيمتي سوکڙيون ۽ غلاف وغيره سڀ سڙي رک ٿي ويو. سنگباري جي ڪري ڪعبي جون ديوارون هنڌان هنڌان ڏري پيون. جنهن رات ڪعبي کي باهه لڳي هئي انهي ئي رات يزيد جي موت جو ڄاڻ آيو.
    يزيد جي موت جي خبر ٻڌڻ کانپوءِ سندس لشڪر جو ڪمانڊر حصين بن نمير فوج وٺي واپس شام هليو ويو. انهي لڙائي دوران ڪعبت الله کي شديد نقصان پهتو. گولن جي وسڻ ڪري ديوارون ته ڏري پيون پر حجر اسود کي به نقصان پهتو جنهنجا ٽي ٽڪر ٿي پيا هئا. هڪ اهم نقصان هي به ٿيو جو ڪعبه ۾ رکيل قيمتي سوکڙين جهڙوڪ سونو هرڻ، هيرن جواهرن جا هار وغيره سان گڏ حضرت اسماعيل عليه السلام جي عيوض قربان ٿيندڙ بهشتي دنبي/ گهٽي جا نشاني طور سڱ ۽ منڍي به رکيل هئي سا به انهي باهه ۾ سڙي وئي. اهو بهشتي دنبو هن طرح پهتو هو جو حضرت ابراهيم کي قدرت پاران خواب ۾ لڳاتار ٽي راتيون اشارو ٿيو ته، پنهنجي پياري پٽ حضرت اسماعيل کي خدا جي راهه ۾ قربان ڪر. انهي قدرتي حڪم موجب حضرت ابراهيم عه حضرت اسماعيل کي (جيڪو ان وقت ٻار هو) وٺي منيٰ جي ميدان ۾ پهتو ۽ کيس قربان ڪرڻ لاءِ زمين تي منهن ڀر ليٽائي ڪنڌ تي ڪاتي رکي ڪهڻ لڳو. حضرت ابراهيم ان وقت پنهنجي اکين تي پٽي ٻڌي ڇڏي ته جيئن سندس نظر پُٽ جي چهري تي نه پوي. ڪاتي زور سان وهائڻ جي باوجود، ڪاتي حضرت اسماعيل کي نه ڪٺو ڇو ته ڪاتي کي خدا جو حڪم ٿيو ته “اسماعيل کي نه ڪُهجانءِڇو ته، انهي کي اڃا زنده رکڻو آهي ۽ انهي جي ئي پٺيء مان نبي آخر الزمان حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ پيدا ٿيڻو آهي”. حضرت ابراهيم پوري زور سان پُٽ جي ڪنڌ تي ڪاتي هلائي رهيو هو ته ان وچ ۾ الله تعاليٰ ملائڪن جي سردار حضرت جبريل کي حڪم ڪيو ته، بهشت مان هڪ دنبو کڻي وڃي حضرت اسماعيل جي جاءِ تي ليٽاءِ ۽ حضرت اسماعيل کي اتان کڻي وٺ ته جيئن حضرت ابراهيم جي قرباني وارو عمل پورو ٿئي. اک ڇنڀ ۾ حضرت اسماعيل جي جاءِ تي بهشتي دنبو پهچي ويو ۽ حضرت اسماعيل کي پاسي تي اٿاري بيهاريو ويو، اهو اهڙي طرح ٿيو جو حضرت ابراهيم کي انهي بدلي جي ڪابه خبر ڪانه پئي. جڏهن ڪاتيء هيٺان دنبو آيو ته، ڪاتي کي حڪم ٿيو ته هاڻ ڪهڻ ۾دير نه ڪر. بس هڪ ڦيري سان دنبو ڪسي ويو ۽ هيڏانهن حضرت ابراهيم دل ۾ سوچيو ته حضرت اسماعيل قربان ٿي ويو پر جيئن ئي اکين تان پٽي کولي کڻي ڏسي ته حضرت اسماعيل ڀرسان بيٺو مرڪي ته، هيٺ زمين تي سير پيل دنبو ڦٿڪي رهيو آهي. حضرت ابراهيم حيرت مان الله تعاليٰ ڏي متوجهه ٿي عرض ڪيو ته مولا پاڪ! هي ڪهڙي حقيقت آهي؟ جواب مليو ته، ابراهيم تو پنهنجي دل جي سچائي جو ثبوت ڏيئي پنهنجو خواب سچو ڪري ڏيکاريو باقي اسان کي ته حضرت اسماعيل جو ڪسڻ منظور ئي نه هو انهي ڪري اسان ان جي عيوض دنبي کي تنهنجي هٿان ڪُهائي تنهنجي قرباني جي نيڪ عمل کي پورو ڪيو اٿئون هاڻي تنهنجي اها سنت هميشه لاءِ مسلمانن ۾ جاري رهندي.
    اهو ئي اُهو دنبو هو جنهن جا سڱ ۽ منڍي ڪعبت الله ۾ قدرت جي يادگار نشاني طور موجود هئي جيڪا مٿي بيان ڪيل لڙائي دوران ڪعبي کي لڳل باهه ۾سڙي وئي هئي. ڪعبت الله کي سخت نقصان پهچڻ واري حادثي کانپوءِ حضرت عبد الله بن زبير، ڪعبي جي نئين سر مضبوط تعمير لاءِ غور ويچار ڪيو. تعمير ڪعبه جي سلسلي ۾ ان وقت موجود اصحابن سڳورن سان صلاح مشورا ڪيائين جن مان ڪن سندس رٿا کي اشد ضروري قرار ڏيئي فوري طور ڪوشش ڪرڻ جي صلاح ڏني ته ڪن وري انڪار ڪيو يا خاموشي اختيار ڪئي. پر پاڻ بعض اصحابن سڳورن جي تائيد تي پنهنجو ارادو مضبوط ڪري تعمير جي تياري شروع ڪئي. فن تعمير جا ماهر ڪاريگر گهرايا ويا ۽ گهربل سامان گڏ ٿيڻ لڳو. اوساري لاءِ پٿرن جو جوڙ ڳنڍڻ خاطر يمن جي شهر صنعا مان وڏي مقدار ۾ چُن گهرايو ويو. حضرت عبد الله مڪي جي اهل علم حضرات کان پڇيو ته، قريشن بيت الله جي تعمير وقت پٿر ڪهڙن جبلن تان آندا هئا ته انهن وراڻيو ته، جبل حرا، ثبير، المقطع ۽ الجندمه وغيره مان، ته پاڻ انهن جبلن تان گهربل پٿر گهرائي ڍير ڪيائين جڏهن سڀ سامان گڏ ٿي ويو ته، پهرين بيٺل ديوارون ڊاهڻ شروع ڪيون ويون ۽ اها تاريخ 15 جمادي الثاني سن 64 هجري هو. جڏهن ديوارون ڊاهي پٽ برابر ڪيون ويون ته هيٺ پيڙهون کوٽڻ شروع ڪيون ويون. تان جو حضرت ابراهيم جي تعمير واري پيڙهه ظاهر ٿي. ابراهيمي پيڙهه جا پٿر تمام وزني ڏسڻ ۾ پئي آيا ۽ پاڻ ۾ اهڙي طرح جڪڙيل هئا جيئن ٻنهي هٿن جون آڱريون هڪ ٻئي سان ملائي ڀچائجن ٿيون. حضرت عبد الله ڪاريگرن کي تعمير جو حڪم ڏيئي ڪم شروع ڪرايو ته، وري هلندڙ ڪم جي ٻاهران چوڌاري تنبو مثل پال لڳرائي ڇڏيائين ته جيئن ڪعبي جي طواف وارو عمل ۽ اتي قائم ٿيندڙ نماز با جماعت، ۽ عام تسبيحات، ذڪر تلاوت وغيره ۾ ڪوبه رخنو يا رنڊڪ نه پوي. حضرت عبد الله ڪعبي جي ڇڏيل حطيم واري حصي کي جيڪو 9 (نو) فوٽ کن هوسو به ڪعبي جي تعمير ۾ داخل ڪري ديوارون کڻايون. جيئن ته حضور سائين جن قريشن واري تعمير بابت نا پسندي جو اظهار ڪري، ڪعبي کي ابراهيمي بنيادن تي تمير ڪرڻ جي خواهش جو حضرت بي بي عائشه سان ذڪر ڪيو ته حضرت عبد الله حضور سائين جي انهي ئي منشا مطابق ڪعبي جي تعمير ڪرائڻ شروع ڪئي. حضور سائين جن جي تعمير ڪعبه بابت اها حديث اسان مٿي بيان ڪري آيا آهيون.
    حضرت عبد الله جي نگراني ۾تعمير جو ڪم تيزيء سان هلندو رهيو تان جو 17 رجب سن 64 هه تي ڪعبي جي تعمير جو ڪم مڪمل ٿيو.
    حضرت عبد الله بن زبير ڪعبي جو قريشن وارو ٺهرايل دروازو مٿي هڻڻ جي بجاءِ زمين برابر ڪيو ۽ جيئن حضور سائين جن چاهيو پئي ته، ڪعبي جا ٻه دروازا ڪيا وڃن جن مان هڪ اندر داخل ٿيڻ لاءِ، ٻيو ٻاهر نڪرڻ لاءِ هجي ته، حضرت عبدالله به هڪ دروازو اوڀر طرف ڪيو جيڪو ڪعبي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هو ته، ٻيو دروازو اولهه طرف ڪيائين جيڪو ڪعبه مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ هو. اهڙي طرح ڪعبي جي ڇت تي چڙهڻ لاءِ ڪعبي جي اندران رڪن عراقي جي پاسي ڪاٺ جي چاڙهي به ٺهرايائين ۽ يمن مان گهرايل اوچي قسم جي سنگ مرمر مان هڪ فانوس ٺهرائي ڪعبه جي اندر ڇت ۾ ٽنگايائين ته جيئن ڪعبي جي اندر سوجهرو رهي.
    حضرت عبد الله حجر اسود جي ٽٽل ٽن ٽڪرن کي چاندي سان ڳنڍي هڪ ڪري چاندي جي ٺهيل خول ۾ بند ڪيو ۽ ان کي پنهنجي اصل جاءِ تي (جتي هينئر آهي) لڳايو.
    قريشن جي تعمير دوران ڪعبي جي اندر لڳل ڪاٺ جي ڇهن ٿنڀن بجاءِ، حضرت عبد الله فقط ٽي ٿنڀا لڳايا ۽ ٽي ٿنڀا ڪڍي ڇڏيا. جيڪي ساڍا چوڏهن سو سال گذرڻ جي باوجود اڃا تائين صحيح سلامت ڪعبه ۾ لڳل موجود آهن.
    حضرت عبد الله ڪعبي جي ديوارن جو اندران توڙي ٻاهران ۽ ڇت تي کٿوري ۽ عنبر سان خوشبودار پلستر به ڪرايو. جڏهن ته ان کان اڳ ديوارن کي پلستر ڪونه ڪيو ويندو هو.
    حضرت عبد الله جي تعمير ڪرايل ڪعبي جي ماپ ساڳي حضرت ابراهيم واري تعمير جي هئي. البته پاڻ اوچائي (عمق) ۾ ٽيڻ تي واڌارو ڪيو هئائين. هن طرح جو حضرت ابراهيم جي تعمير جي اوچائي 9 نريون (ذراع) يعني 50/13 فوٽ هئي، قريشن اوچائي ۾ ٻيڻو اضافو ڪري 18 نريون يعني 27 فوٽ ڪئي ته حضرت عبد الله اوچائي کي ٽيڻو وڌائي 27 نريون يعني 50/40 فوٽ ڪئي.
    باقي ديوار جي ٿولهه/ ويڪر ساڳي ابراهيمي تعمير واري يعني 3 فوٽ. هن وقت به ڪعبي جي ديوارن جي مٿي اوچائي ساڳي حضرت عبدالله بن زبير واري 50/40 فوٽ آهي.
    جڏهن تعمير مڪمل ٿي ته، انهي عظيم سعادت ۽ حضور سائين جي هڪ ديرينه خواهش جي تڪميل سبب پاڻ (حضرت عبدالله) انهي نعمت جي شڪريه ادائي لاءِ اعلان ڪيو ته، “آئون تنعيم تي وڃي خدا جي راهه ۾ قرباني ڪريان ٿو ۽ اتان کان احرام ٻڌي عمرو ادا ڪريان ٿو، جيڪو به ماڻهو منهنجي امارت (سربراهي) کي مڃي ٿو ته ان کي کپي ته هو تيار ٿي اچي شريڪ ٿئي.” اهو اعلان ٻڌي مڪه شريف جا سوين ماڻهو به حضرت عبدالله سان 27 رجب سن 64 هه تي تنعيم نالي جاءِ (جيڪا هينئر مسجد عائشه جي نالي سان مشهور آهي) تائين پيرين پنڌ گڏ هليا ۽ قرباني ڪرڻ خاطر جانور به گڏ ڪاهيائون. حضرت عبد الله تنعيم تي پهچي هڪ سو اٺ خدا جي راهه ۾ قربان ڪيا ته مڪي وارن به هڪ ٻئي کان سرسي کڻندي اٺ ۽ دنبا ذبح ڪيا، ۽ اتي گوشت رڌي پچائي کاڌا ويا ۽ عيد وانگر خوشيون ملهايون ويون. پوءِ حضرت عبد الله سميت سڀني ماڻهن عمره جو احرام ٻڌو ۽ پيادل اچي ڪعبي جو طواف ڪيو. جيئن ته ڪعبي جي اها تعمير، حضرت ابراهيم جي تعمير موافق هئي ۽ حضرت ابراهيم طواف ڪرڻ وقت ڪعبي جي چئني ارڪانن (يعني رڪن حجر اسود، رڪن عراقي، رڪن شامي ۽ رڪن يماني) جو استلام ڪيو هو. استلام جو مطلب هٿ لاهڻ، ڇهڻ، چمڻ وغيره. 27 رجب جيڪا اصل ۾ معراج واري رات آهي تنهن تي حضرت عبد الله ۽ سندس ساٿين جو ادا ڪيل عمرو عربن وٽ ايترو ته مقبول ٿيو جو هر سال وڏي ڌام ڌوم سان ٿيڻ لڳو. پري پري کان ماڻهو اچي تنعيم کان احرام ٻڌي عمرو ادا ڪندا هئا. اهو سلسلو ڇهين صدي هجري تائين به قائم رهيو.
    حضرت عبد الله بن زبير ڏهن سالن تائين مڪي شريف جو امير ٿي رهيو. انهي دوران پاڻ ماڻهن کي اٺ حج پڙهايائين ۽ سندس امارت جي ڏهن سالن تائين بنو اميه خاندان جا يزيد کانپوءِ هڪ ٻئي پٺيان ٽي خليفا بڻيا، يعني معاويه ثاني، مروان بن حڪم ۽ عبد الملڪ بن مروان.


    حضرت عبد الله جي شهادت:

    حضرت عبد الله جي شهادت:
    خلافت جون واڳون جڏهن عبد الملڪ بن مروان جي هٿ ۾ آيون ته انهي حضرت عبد الله بن زبير کي تابع ڪرڻ لاءِ پنهنجي فوجي سپه سالار حجاج بن يوسف کي پنج هزار ويڙهاڪ فوج ڏيئي مڪي شريف موڪليو. حجاج بن يوسف جڏهن مڪي شريف جي حد ۾ داخل ٿيو ته، آسپاس اعلان ڪرايائين ته، جيڪو تابعداري قبول ڪندو تنهن کي پناهه ملندي ۽ جيڪو انڪار ڪندو تنهن سان منهنجي جنگ آهي. نتيجي ۾ فوجي دٻاءَ سبب ٻه هزار ماڻهو وڃي حجاج سان شامل ٿيا، پوءِ ستن هزارن جي هٿيار بند لشڪر مڪي شريف ۾ داخل ٿي حضرت عبد الله بن زبير ۽ سندس ساٿين جو گهيرو ڪيو. حضرت عبد الله تابعداري کان انڪار ڪيو ته، لڙائي شروع ٿي وئي. جڏهن حجاج طرفان گولن جي سخت بوڇاڙ ٿيڻ لڳي ته لڙائي هلندي، حضرت عبد الله جا ڏهه هزار حامي به ڦري وڃي حجاج سان مليا باقي چند وڃي رهيا جن حضرت عبد الله جو ساٿ نه ڇڏيو ۽ مقابلو ڪندا رهيا. پر هيڏي وڏي لشڪر اڳيان چند ماڻهو ڇا وڙهي سگهندا؟ حضرت عبدالله پوڙهپڻ جي باوجود پنهنجي بهادري جا جوهر ڏيکاريا. نيٺ اڱاري جي ڏينهن 17 جمادي الثاني سن 73 هه تي پنهنجي چند ساٿين سميت شهيد ٿي ويو. شهادت وقت سندس عمر 72 سال هئي.


    حجاج بن يوسف هٿان تعمير ڪعبه:

    حجاج بن يوسف هٿان تعمير ڪعبه:
    حضرت عبد الله جي شهادت کانپوءِ مڪي شريف تي حجاج جو مڪمل ڪنٽرول ٿي ويو. اهڙي طرح مڪي جي امارت (سربراهي) اموي خليفه عبد الملڪ بن مروان جي هٿ ۾ اچي وئي. حجاج ڪعبت الله کي اچي ڏٺو ته، ڪعبي جي تعمير جو نقشو تبديل ٿيل هو ڇو ته، حضرت عبدالله ڪعبي جي تعمير قريشن واري تعمير جي نقشي کي ختم ڪري حضور سائين جي مرضي موجب ابراهيمي بنيادن تي ڪئي هئي. انهي ڪري حجاج خليفه عبد الملڪ کي خط لکي موڪليو ته، حضرت عبد الله، حضور سائين جي دور واري قريشن جي تعمير ٿيل ڪعبي جي اڏاوت بلڪل بدلائي ڇڏي آهي. بهتر آهي ته ان کي ساڳي قريشن واري تعمير جي صورت ۾ ٻيهر بنايو وڃي. جڏهن خليفي کي اهو خط پهتو ته هو حضرت عبد الله واري تعمير تي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ بر وقت حڪمنامو جاري ڪيائين ته، حضرت عبد الله، تعمير ۾ جيڪا به تبديلي ڪئي آهي سا ڊاهي قريشن واري اصل تعمير مطابق ڪئي وڃي. حجاج، خليفه جو اهو حڪم پهچندي ئي حضرت عبد الله واري تعمير ۾ ڀڃ ڊاهه شروع ڪئي. هن طرح جو، رڪن شامي وٽان ديوار ڪيرائي وري 9 فوٽ ڪعبي جي اندرئين پاسي ديوار ڏيئي ڇت تائين مڪمل ڪيائين ۽ حطيم جيڪو ڪعبي ۾ داخل هو سو الڳ ڪري ان حصي کي ڪماني شڪل جي ديوار ڏيئي ڇڏيائين جيئن قريشن ڪيو هو ۽ اڄ تائين اهو نقشو موجود آهي. اهڙي طرح حضرت عبد الله جي قائم ڪيل اوڀر واري دروازي کي هيٺان بند ڪري ماڻهو جي قد کان به مٿي ڪري لڳايائين جيئن قريشن ڪيو هو، اولهه وارو دروازو بلڪل بند ڪري ڇڏيائين ان کانسواءِ ڪعبي ۾ اندر اڳين دروازن جيتري ڀرائي ڪري ان جو پڪو فرش ٻڌارائي ڇڏيائين.
    مطلب ته، حضور سائين جي خواهش ۽ ابراهيمي تعمير جي بلڪل ابتڙ، قريش ڪافرن واري تعمير ٻيهر بحال ڪيائين.
    ٿي سگهي ٿو ته وقت جي خليفه عبد الملڪ، حضرت بي بي عائشه واري روايت ڪيل حديث نه ٻڌي هجي جنهن ۾ هن تعمير ڪعبه بابت حضور سائين جن جي خواهش جو ذڪر ڪيو آهي. ڇو ته جڏهن حجاج اها تعمير مڪمل ڪري چڪو ۽ ايندڙ سال خليفو حج تي آيو ته، ڪعبي جي سامهون اچي هن پنهنجي هڪ ساٿي سان ڪعبي جي تعمير جي سلسله ۾ ڳالهائيندي چيو ته، “آئون سمجهان ٿو ته، حضرت عبد الله بن زبير تعمير ڪعبه بابت حضور سائين جن جو فرمان، بي بي عائشه رضي الله عنها کان ڪونه ٻڌو هوندو،” ته سندس ساٿي حارث بن عبد الله بن ابي ربيعه چيو ته، مون خود بي بي عائشه کان اها حديث ٻڌي هئي، پوءِ حضرت عبد الله ڪيئن نه ٻڌي هوندي؟! تنهن تي خليفي حيرت مان چيو ته واقعي تو بي بي عائشه کان ٻڌو هو؟!
    تنهن تي حارث چيو ته هائو، مون واقعي ٻڌو هو. پوءِ خليفه ڏاڍو ارمان ڪيو ۽ افسوس مان ڪنڌ هيٺ ڪري پنهنجي لٺ جي ڇيڙي سان پٽ کرڙڻ لڳو. پوءِ چيائين ته ڪاش! آئون حجاج هٿان ڪعبي کي ڊاهڻ جو حڪم نه ڪريان ها ته ڪر حضور سائين جن جي خواهش مطابق ڪعبي جي ٿيل تعمير برقرار رهي ها.
    بنو اميه خاندان جي خلافت ختم ٿي ته، عباسي خاندان جي خلافت جو دور آيو. انهي خاندان جي خليفه هارون رشيد عباسي چاهيو ته، ڪعبي جي اها تعمير ڊاهي وري حضرت عبد الله بن زبير جي تعمير مطابق اڏاوت ڪجي ڇو ته حضور سائين جن جي خواهش ۽ ابرهيمي تعمير مطابق حضرت عبدالله بن زبير جي اڏاوت هئي. پر وقت جي امام حضرت امام مالڪ رحمت الله عليه کيس انهي ارادي کان باز اچڻ جو حڪم ڏيئي فرمايو ته، ڪعبت الله جي عمارت جي بار بار ڀڃ ڊاهه ۽ نئين اڏاوت ڪعبه جي عظمت واري شان جي خلاف آهي. جيڪڏهن انهي ڳالهه جي اجازت ڏني وئي ته هر بادشاهه پنهنجي تعمير ڪندو ۽ پوءِ ڪعبت الله بادشاهن جي هٿن ۾ رانديڪو بنجي پوندو جنهن کي جيئن وڻي تيئن وتي تعمير ڪندو. ائين ڪرڻ بلڪل غلط آهي.
    البته تعمير جي فقط خاص ضرورت وقت اجازت آهي مثال طور ڪنهن حادثي سبب ديوارن جي ڊهي پوڻ ڪري ڪعبي جي تعمير جي اجازت آهي. امام مالڪ جي انهي فتويٰ کانپوءِ ڪعبت الله شريف هميشه لاءِ بادشاهن جي رانديڪي بنجڻ کان محفوظ ٿي ويو.


    ترڪي خليفي هٿان آخري تعمير:

    ترڪي خليفي هٿان آخري تعمير:
    حجاج بن يوسف جي تعمير ڪعبه سال 74هه/693ع کانپوءِ وقت بوقت ڪعبي جي مرمت ٿيندي رهي پر 966 ورهيه گذرڻ بعد اهڙي ته ٻوڏ ۽ طوفاني بارش پئي جنهن ڪعبي جي عمارت جو اڪثر حصو زبون ڪري ڇڏيو انهي ڪري ترڪي خليفي سلطان مراد ڪعبي جون ديوارون وري اوساري ڪري مضبوط نمونه سان تعمير ڪرائي. اها تعمير 26 جمادي الثاني 1040هه کان شروع ٿي ۽ ساڍن ڇهن مهينن کانپوءِ 2 ذوالحج 1040هه تي مڪمل ٿي. سلطان موصوف حجاج واري نقشي مطابق ئي تعمير ڪئي ان ۾ ڪوبه ڦير ڪونه آندائين. بس اڄ تائين اها ئي تعمير باقي آهي.
    تاريخي حواله طور ياد رهي ته سلطان مراد جي تعمير وقت، حجر اسود واري ديوار کانسواءِ ٻيون ٽنهي طرفن واريون ديوارون اڌ حصو ڊاهي پوءِ تعمير ڪيون ويون پر حجر اسود وارو حصو حضرت عبدالله جي تعمير جو يادگار آهي. سلطان مراد جي تعمير کان 6 سو سال پوءِ ڪعبي جي ديوارن ۾ توڙي ڇت ۾ ڏار پوڻ لڳا ته، سعودي بادشاهه، شاهه سعود 18 رجب 1377هه/1957ع ۾ مضبوط مساله سان ديوارن ۽ ڇت ۾ پيل ڏارن جي مرمت ڪرائي، اڄ تائين وري ڪنهن نئين مرمت جي ضرورت نه پئي آهي.


    ڪعبته الله جو دروازو ۽ غلاف وغيره:

    ڪعبته الله جو دروازو ۽ غلاف وغيره:
    پڙهندڙن جي معلومات ۾ اضافي خاطر ڪعبي سان قريبي تعلق رکندڙ ٻن شين جو مختصر ذڪر ڪريون ٿا جن جي تاريخ، ڪعبي سان وابسته رهي آهي، هڪ ڪعبت الله جو دروازو ۽ ٻيو غلاف ڪعبه.
    حضرت ابراهيم ڪعبي جو چوڪن ۽ طاقن وارو دروازو نه ٺاهيو هو، صدين تائين ڪعبي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ فقط لنگهه هو، جيڪو رات ڏينهن کليو پيو هوندو هو.
    قريشن جي تعمير کان ست سئو سال اڳ يمن جي حميري خاندان جي بادشاهه تُبع نالي هڪ طاق وارو دروازو چوڪن سميت ٺهرائي ڪعبي ۾لڳرايو هو جيئن ته اهو دروازو زمين سان برابر هو انهي ڪري ڪعبي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ فقط دروازو کولي وڃڻو پوندو هو، ڪابه تڪليف نه ٿيندي هئي.
    قريشن پنهنجي تعمير دوران عمدي ڪاٺ جو دروازو لڳايو، جيڪو 16 فوٽ 6 انچ اوچو هو ته زمين کان 6 فوٽ مٿي هو. پر جڏهن حضرت عبد الله بن زبير پنهنجي تعمير دوران دروازو ٺهرائي لڳرايو هو ته، هن دروازي جي اوچائي ساڳي 16 فوٽ 6 انچ رکي البت دروازو ايڏو وڏو ٺهرايائين جو ان جي هيٺين چانئٺ زمين سان لڳل هئي. پوءِ حجاج آيو ۽ حضرت عبد الله جي تعمير ڊاهي، ڪعبي کي قريشن واري تعمير مطابق اڏايائين ته، انهي دروازي جي اوچائي 9 فوٽ 9 انچ ڪئي ۽ قريشن وانگر دروازو زمين کان مٿي ڪري لڳرايائين.
    بنو اميه توڙي بنو عباس يا ٻين مسلمان حڪمرانن ڪعبي جي دروازي جي زيب زينت ۽ سونهن سينگار لاءِ ڪيترائي ڀيرا سون ۽ چاندي سان دروازو پئي مڙهيو ۽ جڙيو آهي.
    مثال طور: خليفي معتصم هڪ سونو ڪُلف/ تالو هزار مثقال جي وزن جو ڪعبي جي دروازي لاءِ موڪليو. اهڙي طرح يمن جي هڪ بادشاهه چاندي جو چٽيل ٺهيل دروازو ڏياري موڪليو، جنهن ۾ 30 سير چاندي جو وزن هو. پوءِ انهي چاندي واري دروازي تي ايندڙ ٻين بادشاهن وقت بوقت واڌارو پئي ڪيو. ڪڏهن نئون در چاندي ۽ سون جي پترن سان جڙيل پئي لڳايائون ته، ڪڏهن ساڳي دروازي تي سون جي پترن يا چانديء جي پترن جو اضافو پئي ڪيائون.
    سعودي حڪمران شاهه عبد العزيز 1370هه ۾ سون ۽ چاندي سان مڙهيل نئون دروازو لڳرايو، جيڪو مڪي شريف ۾ تيار ڪيو ويو هو. شاهه خالد بن عبدالعزيز جي دور ۾ خالص سون جي ٻه سو اسي (280) ڪلو گرام جو هڪ نئون دروازو تيار ڪرائي لڳايو ويو. موجوده سعودي بادشاهه شاهه فهد اڳوڻي دروازي ۾ سون جو ڪجهه اضافو ڪري وري نئون دروازو لڳرايو آهي.
    ڪعبت الله جي تعمير ۽ ٻي تاريخي معلومات جي آخر ۾ هي ڄاڻ به شامل ٿا ڪريون ته، موجوده وقت ڪعبت الله شريف جي ماپ هن طرح آهي. ڪعبت الله شريف جي موجوده اوچائي (عُمق) 50/40 (ساڍا چاليهه) فوٽ. چئن ئي طرفن جي ماپ:
    1. حجر اسود کان رڪن عراقي تائين 50/30 (ساڍا ٽيهه) فوٽ.
    2. رڪن عراقي کان رڪن شامي 50/37 (ساڍا ستٽيهه) فوٽ.
    3. رڪن شامي کان رڪن يماني 31 (ايڪٽيهه) فوٽ.
    4. رڪن يماني کان حجر اسود 36 (ڇٽيهه) فوٽ.
    بيت الله شريف جون ڌار ڌار ٻه ڇتيون آهن يعني هڪ ڇت جي مٿان وري ٻي ڇت آهي. ڇتين جي ڊيگهه هڪ پاسي کان 50/30 (ساڍا ٽيهه)فوٽ، ۽ ٻئي پاسي کان 30 فوٽ، جڏهن ته، ويڪر هڪ پاسي کان 27 فوٽ، ۽ ٻئي پاسي کان 50/25 (ساڍا پنجويهه) فوٽ آهي.
    ڪعبت الله شريف جو دروازو اڀرندي ديوار ۾ آهي جنهن جي ڊيگهه 50/9 (ساڍا نو) فوٽ، ۽ ويڪر 6 فوٽ آهي. جڏهن ته انهي ٻاهرئين دروازي سان لڳو لڳ اندر ٻيو دروازو به آهي جنهن کي “باب التوبه” سڏيو وڃي ٿو. انهي دروازي جي ڊيگهه 5 فوٽ ۽ ويڪر 3 فوٽ آهي. زمين کان دروازي جي هيٺين چانئٺ 6 فوٽ مٿي آهي. حجر اسود زمين کان 4 فوٽ مٿي آهي خود حجر اسود جي ڊيگهه ۽ ويڪر هڪ ٻاڙي چار آڱر (فوٽ کان ٿورو گهٽ). سعودي شهنشاهيت کان اڳي جڏهن ترڪي جي خلافت عثمانيه هوندي هئي ته انهن ڏينهن حرم شريف ۾ چار مصلا هوندا هئا. جيڪي فقه اسلامي جي مڃيل چئن امامن جي مسلڪ ڏانهن منسوب هئا. فقه اسلامي هڪ اهڙي قانون ۽ دستور کي چيو وڃي ٿو جيڪو قرآن ۽ حديث جي فرمان جي روشني ۾ تيار ڪيو ويو هجي. فقه اسلامي ۾حقوق الله ۽ حقوق العباد سان واسطو رکندڙ ذري پرزي کي اهڙو ته واضح ڪيو ويو آهي جو انهن فقيهه امامن کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي. شال رب جون مٿن ڪروڙين رحمتون هجن، جو انهن امت کي قرآن ۽ حديث تي هلي زندگي گذارڻ لاءِ آساني پيدا ڪري ڏني. اهي برگزيده امام جن جي نالي سندن فقهه منسوب آهي سي چار آهن.
    1). امام اعظم ابو حنيفه 2). امام مالڪ بن انس 3). امام احمد بن حنبل 4). امام محمد بن ادريس شافعي (رحمت الله عليهم) جيئن ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ انهن چئن امامن مان ڪنهن نه ڪنهن جي فقهه تي عمل ڪيو وڃي ٿو ۽ وري حج تي سڄي دنيا مان مسلمانن جي اچڻ ڪري، خلافت عثمانيه مسلمانن لاءِ هي آساني ڪئي جو هر ماڻهو پنهنجي فقهه واري طريقي تي هلندي عبادت جا فرائض پورا ڪري. انهي ڪري حرم شريف ۾ڪعبت الله جي چوڌاري چار مصلا، مصلا حنفي، مصلا حنبلي، مصلا مالڪي، مصلا شافعي مقرر ڪري هر هڪ مصلي جو امام/ نماز پڙهائيندڙ به مقرر ڪيو ويو. انهي آڳاٽي دور ۾ حرم جي اندر مقرر مصلن جون جايون هن طرح هيون.
    1. مصليٰ حنفي: ميزاب رحمت جي سامهون،
    2. مصليٰ شافعي: مقام ابراهيم جي اڳيان،
    3. مصليٰ مالڪي: رڪن يماني جي اڳيان،
    4. مصليٰ حنبلي: حجر اسود ۽ رڪن يماني جي وچ ۾.
    سعودي شهنشاهيت جي اچڻ کانپوءِ چارئي مصلا ختم ڪيا ويا ۽ فقط هڪ ئي مصلو ۽ هڪ ئي امام مقرر ڪيو ويو. هن وقت ڪعبت الله شريف جاسرڪار طرفان پنج امام مقرر ٿيل آهن جن جي وقت بوقت امامت لاءِ ڊيوٽي لڳندي رهي ٿي. انهن پنجن امامن جا نالا هي آهن. (1) شيخ محمد بن عبد الله السُبيل، (2) شيخ عمر بن محمد السُبيل، (3) شيخ عبدالرحمٰن السُدَيس، (4) شيخ سعود شِريم، (5) شيخ صالح بن حُميد. جن مان قرئت ۾ پهريون نمبر شيخ عبدالرحمان سُديس، ٻيو نمبر شيخ سعود شِريم، ۽ ٽيون نمبر شيخ صالح بن حُميد آهي. سڀئي حنبلي مسلڪ جا آهن. حرم جي انهن امامن جو عهدو ۽ سندن حيثيت سعودي وزير برابر آهي. جيتوڻيڪ عثماني خلافت جي دور جا چئن فقهن مطابق چار مصلا هينئر ته ناهن پر سعودي حڪومت چئني فقهن کي تسليم ڪندي هر هڪ فقهه مطابق ماڻهن کي دين جا حڪم احڪام ۽ شرعي مسئلا سمجهائڻ لاءِ مستقل طرح واعظي/ مبلغ مقرر ڪيا آهن، جيڪي گهڻو ڪري ڪعبت الله جي سامهون واري صحن جي چوطرف ويهي وچين ۽ سانجهي کانپوءِ ماڻهن کي مسئلا ٻڌائيندا آهن ۽ عام ديني وعظ ڪندا آهن. فقه حنفي جو مبلغ ميزاب واري کٻي پاسي ويهندو آهي. وچينء نماز کانپوءِ خادم ان جي ويهڻ واري ڪرسي انهي جاءِ تي آڻي رکندا آهن ۽ وعظ ٻڌڻ وارا ماڻهو مبلغ جي اچڻ کان اڳ ۾ ڪرسي جي ويجهو ٿي حلقو ٺاهي ويهي رهندا آهن. شايد هن ڪري ته پوءِ رش جي ڪري پري ويهڻ سبب مبلغ جو آواز ٻڌي نه سگهجي. حنفي مبلغ جي مجلس ۾ ويهڻ وارا هندستان، پاڪستان، بنگلاديش، افغانستان جا ماڻهو گهڻا هوندا آهن ڇو ته حنفي مبلغ اردو ۾ وعظ ڪندو آهي. فقهه حنفي جي موجوده مبلغ جو نالو مولانا محمد مڪي آهي.
    پاڻ اصل بهاولپور پنجاب پاڪستان جو آهي پر هاڻي مستقل طرح اهل عيال سميت مڪي شريف ۾ رهائش پذير آهي. حج جي ڏينهن ۾ حنفي مسلڪ وارا حاجي سڳورا مولانا مڪي کان حج ۽ عمره بابت مسئلا پڇندا آهن جيڪي هو کولي کولي بيان ڪندو آهي. ان کان سواءِ مولانا مڪي جي وعظ ۾ هن ڳالهه تي گهڻو زور هوندو آهي ته توحيد ڇا آهي؟ ۽ شرڪ ڇا آهي؟ سنت ڇا آهي؟ ۽ بدعت ڇا آهي؟ مولانا مڪي شرڪ ۽ بدعت جو خوب آپريشن ڪندو آهي ۽ توحيد و سنت کي دلنشين انداز ۾ بيان ڪندو آهي. سندس وعظ جو انداز پيشه ور واعظين کان مختلف آهي. ماڻهو کانئس تقرير دوران دلچسپ سوال ڪندا آهن پر پاڻ بنا ڪنهن جذبات ۾ اچڻ جي نهايت سنجيدگي سان تفصيلي جواب ڏيندو آهي.
    الله تعاليٰ انهي پيرسن کي صحت ۽ عافيت بخشي جو هو پنهنجي توحيد واري پروگرام کي ماڻهن تائين پهچائي.(آمين)
    آئون پنهنجي دوستن کي مشورو ڏيندس ته جڏهن به حج يا عمره لاءِ حرمين وڃن ته مولانا مڪي جي وعظ ۾ ضرور شريڪ ٿين. هاڻي وري غلاف ڪعبه جي باري ۾ ڪجهه سٽون پيش خدمت آهن.
    ڪعبت الله شريف تي غلاف (جُهل/ پردو) چاڙهڻ جو مقصد هي آهي ته، جهڙي طرح ڪنهن انسان کي ڪا قيمتي ۽ نازڪ شي ملي وڃي ته، هو اها شي ستن پردن ۾ ويڙهي لڪائي رکي ٿو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو وڻندڙ، قيمتي ۽ برڪت ڀرين شين کي هوا ۽ دز لٽ کان محفوظ رکڻ لاءِ صندوق، مختلف قسمن جا ڪٻٽ، ڪپڙا ۽ پردا تيار ڪيا وڃن ٿا. بيت الله شريف جيڪا واجب الاحترام عبادتگاهه ۽ برڪتن جو چشمو آهي تنهن کي ٻاهرين شين جهڙوڪ: هوا، مٽي، مينهن پاڻي، گرمي وغيره کان محفوط رکڻ لاءِ ۽ ظاهري سونهن سينگار خاطر غلاف اوڍايو وڃي ٿو.
    جيئن ڪعبت الله جي ٻاهران غلاف چاڙهيو وڃي ٿو، تيئن وري اندران به غلاف چاڙهيو وڃي ٿو. ٻاهرئين پاسي چاڙهيل غلافن جو رنگ گهڻو ڪري ڪارو يا اڇو رهيو آهي البت اندرئين پاسي غلاف جو رنگ شروع کان ئي ڳاڙهو رهيو آهي ۽ اڃا تائين قائم آهي.
    ٻاهرئين غلاف جي ابتدا حضرت اسماعيل عليه السلام ڪئي هئي باقي اندرئين غلاف جي ابتدا اسلام اچڻ کان ٿورو اڳ ٿي آهي. حضرت اسماعيل کانپوءِ ڪجهه سال هلي غلاف چاڙهڻ جو سلسلو بند ٿي ويو. پوءِ وري عربن جي وڏي عدنان اهو سلسلو شروع ڪيو. پر وري به صدين تائين اهو عمل رڪجي ويو. نيٺ اسلام کان ست سو سال اڳ يمن جي بادشاهه تُبع غلاف چاڙهڻ جو رواج شروع ڪيو. جنهن کانپوءِ اڄ تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري آهي. اسلام جي تاريخ ۾ سڀ کان پهرين حضور سائين فتح مڪه سن 8 هجري تي يمن جو ٺاهيل ڪاري رنگ جو غلاف ڪعبت الله شريف تي چاڙهيو هو.
    حضرت ابوبڪر صديق رضه قباطي (اڇي سنهي مصري ڪپڙي) جو غلاف چاڙهڻ وقت، پراڻو غلاف لاهي حاجي سڳورن ۾ ٽڪر ٽڪر ڪري ورهائي ڇڏيندو هو. البته حضرت عثمان پراڻي غلاف مٿان نئون غلاف چاڙهي ڇڏيندو هو. حضرت علي رضه کي غلاف چاڙهڻ جو موقعو ئي نه مليو ڇو ته ان وقت ڪيترائي فتنا پيدا ٿي پيا هئا جن کي منهن ڏيڻ ۽ گهرو لڙائي جهڙي پيدا ٿيل صورتحال تي قابو پائڻ ۾ رڌل رهيو انهي ڪري اهڙي فرصت ملي ڪانه سگهي. باقي سڀني خليفن، والين ۽ امرائن پنهنجي پنهنجي دور ۾ اها سعادت پئي حاصل ڪئي آهي.
    حضرت عمر فاروق جي دور ۾ غلاف ٺاهڻ جو ڪم هڪ مصري ڳوٺ ۾ ٿيڻ لڳو جنهن جي خرچ پکي لاءِ مصر جي هڪ وڏي آمدني واري ڳوٺ بيسوس کي وقف ڪيو ويو. تقريباً هر خليفي فاروقي دور جي انهي حڪم کي بدستور قائم رکيو. جڏهن هڪ ڳوٺ جي آمدني غلاف جي خرچ لاءِ ناڪافي ٿي پئي ته، وڌيڪ ٻه ڳوٺ سند بيس ۽ ابي الغيط به انهي ڪم لاءِ وقف ڪيا ويا.
    آڳاٽي دور ۾ غلاف بلڪل سادو هوندو هو جنهن ۾ ڪي به چٽ گل نه ڪي سون ۽ چاندي جي تارن سان آيتون لکيل هونديون هيون. ٻي صدي هجري جي آخر ۾ غلاف ٺاهڻ ۾ نيون نيون تبديليون اينديون رهيون جنهن ڪري خرچ وڌندو ويو.
    اهو ئي سبب هو جو غلاف جي خرچ لاءِ وقف ڪيل مصر جي ٽن علائقن (بيسوس، سندبيس، ابي الغيط) جي آمدني اڻاسي هزار درهم به ناڪافي ٿيڻ لڳي.
    جڏهن ترڪي جي خلافت عثمانيه جو دور آيو ته، غلاف جي خرچ لاءِ ستن ڳوٺن جي آمدني وقف ڪئي وئي جنهن جو ٽوٽل ٻه لک ستهتر هزار ست سو ڇٽيهه درهم يعني اڻاسي هزار اٺ سو اٺهتر روپيا هو.
    سعوديه جي پهرئين بادشاهه عبد العزيز اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ فيصلو ڪيو ته، ڪعبي جو غلاف مڪي ۾ ئي تيار ڪيو وڃي ته جيئن مصر يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي ڪاڻ ڪڍڻي نه پوي. انهي ڪري مڪي شريف جي محله جياد ۾ غلاف تيار ڪرڻ لاءِ سن 1346هه ۾ هڪ ڪشادي محل جي تعمير شروع ڪئي وئي. محلات واري هنڌ جي پکيڙ پنڌرهن سو چورس ميٽر هئي. محلات مڪمل ٿيڻ تي بادشاهه هندستان مان ڪاريگر، غلاف لاءِ گهربل اوزار ۽ سامان گهرائڻ جي ذميداري پنهنجي انڊين سيڪريٽري مولانا محمد اسماعيل غزنوي جي حوالي ڪئي. مولانا محمد اسماعيل هندستان جي شهر بنارس جي ڪاريگرن وٽان نمونه خاطر غلاف جو هڪ حصو ٺهرائي بادشاهه عبدالعزيز کي ڏيکاريو، جنهن ڏسي ڏاڍو پسند ڪيو ۽ حڪم ڪيائين ته، اهي ڪاريگر ۽ گهربل سامان مڪي شريف پهچايو وڃي. مولانا غزنوي بنارس شهر جا ماهر ڪاريگر 60 مرد 20 عورتون ۽ 9 ٻار بادشاهي خرچ تي مڪي شريف پهچايا ۽ گڏو گڏ بمبئي مان ريشم، ڪپڙو ۽ گهربل اوزار به آڻي مڪي ۾ حاضر ڪيائين. اهڙي طرح مڪي شريف ۾ پهريون ڀيرو غلاف ٺاهڻ جو ڪم شروع ٿيو.
    1963ع ۾ غلاف تيار ڪرڻ جي سعادت پاڪستان جي حصي ۾ به آئي هئي مگر اها خدمت جن ماڻهن جي حوالي ٿي سي ان جي عظمت جو تحفظ ڪري نه سگهيا. يعني ته، غلاف تيار ڪرائڻ جا جمله انتظامات مودودي جماعت جي حوالي ڪيا ويا. جڏهن غلاف ٺهي مڪمل ٿيو ته، نمائش خاطر ان کي ڪراچي کان پشاور تائين ريل گاڏي جي ذريعي کڻي وڃڻ جو پروگرام بنايو ويو. گاڏي هر وڏي توڙي ننڍي اسٽيشن تي بيهاري ٿي وئي پوءِ زيارت ڪندڙن جو هجوم غلاف تي ٽٽي ٿي پيو. عقيدت مند جهالت جي نشي ۾ ٻڏل شريعت جون حدون لتاڙي ڪي غلاف جي طواف ۾ شروع ٿي ويا ٿي، ته ڪي گاڏي جي دٻن کي چمي رهيا هئا ته ڪي وري انهي غلاف مٿان پڙ وجهي رهيا هئا ۽ مشڪلاتون حل ٿيڻ لاءِ غلاف کي پنهنجي درخواست پيش ڪري رهيا هئا. ايتريقدر جو عورتون پنهنجي عزت ۽ پردي جو خيال ڇڏي پنهنجون مرادون پوريون ٿيڻ لاءِ مٿي ٻڌايل شرڪ جهڙن ڪمن ڪرڻ لاءِ مردن سان به اٽڪي ٿي پيون ۽ زوري غلاف جي پوڄا ٿي ڪيائون. انهن مسلمانن اهڙو منظر پيش ڪيو جيئن هندو پنهنجي مندرن ۾ بتن جي پوڄا پاٺ ڪندا آهن.
    ملڪ جي حقاني عالمن اهڙين غير شرعي حرڪتن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ انهن پوڄاري مسلمانن خلاف سخت احتجاج ڪيو. هوڏانهن سعودي حڪومت به جماعت اسلامي ۽ عوام جي اهڙين ايمان وڃائيندڙ حرڪتن تي بيحد ناراض ٿي جنهن ڪري سعودي حڪومت اهو غلاف ڪعبت الله شريف تي چاڙهڻ ئي پسند نه ڪيو. اهڙي طرح پاڪستان هميشه لاءِ غلاف ٺاهڻ واري عظيم سعادت کان بي نصيب ٿي ويو.
    هن وقت مڪي شريف ۾ غلاف تيار ڪرڻ لاءِ جديد سائنسي اوزارن ۽ مشين وارو هڪ نئون ڪارخانو لڳل آهي. جنهن جو افتتاح 1975ع ۾ شاهه فهد ڪيو هو جيڪو ان وقت شاهه خالد جو ولي عهد ۽ نائب هو. مذڪوره ڪارخاني ۾ توڙي جو جديد مشين لڳل آهي جنهن جي مدد سان غلاف تيار ٿئي ٿو، پر غلاف تي سون ۽ چاندي جي تارن سان قرآني آيتن ۽ سورتن جي ڪڙهائي هٿ سان ڪئي وڃي ٿي ته جيئن انساني ڪمال ۽ فني ورثو بدستور قائم رهي.
    غلاف جي موجوده ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ اڍائي سو کن ماڻهن مان ڪوبه غير ملڪي ناهي سڀ جا سڀ سعودي باشندا آهن. ڪعبي جي چئني ديوارن تي چڙهيل غلاف ٽوٽل 62 ننڍن ٽڪرن کي ڳنڍي بنايو وڃي ٿو. اهي ننڍا ٽڪرا ملائي اٺ وڏا حصا ڪيا وڃن ٿا جن مان ٻه ٻه حصا هر ديوار تي هوندا آهن. غلاف جي چوڌاري ڳنڍيل ٽڪرن مٿان هڪ پٽي ڦيرائي وڃي ٿي جنهن تي سون جي تارن سان آيتون لکيل هونديون آهن انهي پٽي کي “حزام” ڪوٺيو وڃي ٿو. اهڙي طرح غلاف ۾ گول دائرن ۾ به سورتون، ڪلما وغيره هوندا آهن جن کي “رنوڪات” چئجي ٿو، ان کانسواءِ دروازي تي چاڙهيل پردي کي “ستاره الباب” يا “برقع” سڏجي ٿو.
    شاهه خالد جي دور ۾ ٺاهيل غلاف تي 60 لک سعودي ريال (تقريباً ٻه ڪروڙ چاليهه لک روپيا) خرچ آيو هو جنهن ۾ 80 ڪلو ريشم، 300 ڪلو سون ۽ چاندي، اَستر کانسواءِ 658 ميٽر ڪپڙو استعمال ٿيل هو. اهو غلاف 14 ميٽر (42 فوٽ) ڊگهو هو جنهن تي سون ۽ چانديء جي تارن سان عربي جي “خط ثلث” ۾ آيتون ۽ سورتون وغيره لکيل هيون. جڏهن ته دروازي جو پردو “برقع” 4 ميٽر ويڪرو ۽ 50/7 (ساڍا ست) ميٽر ڊگهو هو جيڪو پوري جو پورو سون ۽ چاندي سان ڪڙهائي ٿيل آيتن سان سينگاريل هو. انهي برقع ۾ 120 ڪلو گرام سون ۽ چاندي استعمال ٿيل هو.
    موجوده حڪمران شاهه فهد جي دور ۾ ٺاهيل غلاف تي 17 ملين (هڪ ڪروڙ ستر لک) سعودي ريال خرچ آيو آهي جنهن تي اڳي ٺاهيل غلافن کان به وڌيڪ عمدو ۽ سهڻو ڪم ٿيل آهي.
    مسلمان بادشاهه وقت بوقت ڪعبت الله شريف جي سونهن ۽ سينگار لاءِ ڪعبي جي اندر ٿنڀن، چئن ڪنڊن (رڪن حجر اسود، رڪن عراقي، رڪن شامي، رڪن يماني) اندرئين حصي جي ديوارن، دروازه ۽ ان جي چانئٺ تي سون ۽ چاندي جي پترن کان علاوه هيرا جواهر به مڙهيندا رهيا ته ڪعبي شريف جي خدمت ۾ تحفا ۽ نذرانا به موڪليندا رهيا.
    جيئن حضرت عمر فاروق رضه جڏهن مدائن ڪسريٰ فتح ڪيو ته، وٽس ٻه سونا چنڊ پهچايا ويا جيڪي پاڻ تحفو ڪري ڪعبت الله ۾ ٽنگايائين. سن 659هه ۾ سنڌ جي هڪ راجا مسلمان ٿيڻ تي هيرن جواهرن سان جڙيل سونو هار ۽ هڪ وڏو سائو ياقوت تحفو ڪري موڪليا ته وقت جي خليفي معتمد عباسي اهي ٻئي ڪعبي ۾ ٽنگائي ڇڏيا.
    ڪعبت الله جي خدمت ۾ تحفا ۽ سوکڙيون موڪلڻ جو رواج اڃا تائين هلندو اچي ٿو.
    هيستائين ڪعبت الله شريف بابت تاريخي ۽ معلوماتي مواد پيش ڪيو ويو آهي.


    مسجد الحرام ۽ انتظامي ادارا:

    مسجد الحرام ۽ انتظامي ادارا:
    هاڻي اسان مسجد الحرام ۽ اتي جي موجوده انتظامي ادارن جو مختصر احوال پيش ڪريون ٿا.
    قرآن شريف ۾ مسجد الحرام جو لفظ چئن معنائن ۾ استعمال ٿيو آهي. 1_فقط ڪعبي لاءِ، 2_ڪعبي جي چوطرف عمارت، صحن وغيره لاءِ جيڪو نماز لاءِ مخصوص آهي.
    3_مڪي شريف جي پوري بستي لاءِ. 4_شهر مڪي کان ٻاهر حرم جي حد لاءِ به مسجد الحرام جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي. تحقيق لاءِ ڏسو: سورت بقره آيت 144، سورت بني اسرائيل/ اسرا آيت 1، سورت فتح آيت 27، سورت فتح آيت 8 4 .
    حضرت ابراهيم جي تعمير ڪعبه وقت ماڻهن جي آبادي بنهه چند فردن تي مشتمل هئي پر پوءِ هزارين سال گذرڻ سبب انساني آبادي وڌندي وئي تان جو جڏهن اسلام آيو ۽ غير عرب ماڻهو به اسلام ۾ داخل ٿيڻ لڳا ته اهي ماڻهو به مڪي جي شرف ۽ فضيلت جي ڪري اتي رهڻ لاءِ رخ ڪرڻ لڳا. عربن جي آسپاس واري آبادي جو مڪي ڏانهن خصوصي طور تي تيزي سان لاڙو ٿيو جنهن ڪري حضرت عمر فاروق جي خلافت ۾ حرم شريف حاجي سڳورن لاءِ بنهه تنگ ۽ سوڙهو ٿي پيو. انهي تنگي جي پيش نظر حضرت عمر فاروق 17هه/638ع ڌاري پهريون ڀيرو حرم شريف جي توسيع (ڪشادي ڪرڻ) جو منصوبو تيار ڪيو، جنهن مطابق حرم جي ويجهن رهائشي گهرن کي خريد ڪيو ويو ۽ گهر ڊاهي حرم کي ويڪرو بنايو ويو. حضرت عمر فاروق جو اهو ڪارنامو ايندڙ خليفن لاءِ رهبري جو ذريعو بڻيو، جن به ضرورت مطابق حرم جي توسيع پئي ڪئي. البته حضرت عثمان حرم/ مسجد الحرام جي توسيع سان گڏ چوڌاري ورانڊا تعمير ڪري انهن تي ڇت وڌي، جڏهن ته کانئس اڳي انهي قسم جي تعميرات نه ٿي هئي. پوءِ اها تعميرات اڳتي وڌندي وئي ۽ حرم شريف/ مسجد الحرام ڏينهون ڏينهن حاجين جي گهڻائي سبب ڪشادي ٿيندي وئي.
    مجموعي طرح مسجد الحرام جي توسيع جو ڪم خلافت راشدهه، خلافت بنو اميه، خلافت عباسيه، خلافت عثمانيه(ترڪي) ۽ موجوده سعودي شهنشاهيت دوران ٿيندو رهيو آهي. وقت جي ڪنهن به بادشاهه مسجد الحرام/ حرم جي خدمت کان پاڻ کي پاسيرو نه رکيو آهي بلڪه هڪ ٻئي کان وڌي خدمت سرانجام ڏني اٿن. تفصيل لاءِ تاريخ الحرمين (عربي) عمارت المسجد الحرام (عربي) ڏسي سگهجن ٿا.
    شاهه فهد جي موجوده توسيعي پروگرام کانپوءِ هاڻي حرم شريف/ مسجد الحرام جي جمله ماپ/ پکيڙ ٽي لک ڇاونجاهه هزار چورس ميٽر آهي جنهن ۾ حرم شريف وارو ٻاهريون اڱڻ به شامل آهي. هن وقت انهي ۾ ست لک ستر هزار نمازين لاءِ گنجائش آهي موجوده توسيع جي تڪميل تي شاهه فهد جي نالي هڪ يادگار پٿر، مسجد الحرام جي باب فهد گيٽ نمبر 79 جي ڀر ۾ لڳل آهي، مذڪوره اڇي سنگ مرمر جي پٿر تي هيٺين عبارت لکيل آهي ته،
    بسم الله الرحمٰن الرحيم
    قام خادم الحرمين الشريفين
    الملڪ فهد بن عبد العزيز آل سعود
    بزيارة تفقدة لمشروع توسعة
    و عمارة المسجد الحرام يوم 28/5/1411 هه
    تقبل الله منه و اجزل له الاجر.
    يعني ته، جمادي الاول جي اٺاويهين تاريخ مسجد الحرام جي تعمير ۽ توسيع واري منصوبي جي ديدار لاءِ شاهه فهد حاضر ٿيو. الله تعاليٰ سندس محنت ۽ ڪوشش قبول فرمائي ۽ کيس اڻ کٽ اجر نصيب فرمائي.
    موجوده توسيع کان اڳوڻي سعودي توسيع جي ماپ هڪ لک ٻاونجاهه هزار چورس ميٽر هئي، جنهن ۾ ٽي لک چاليهه هزار نمازين لاءِ گنجائش هئي.
    مسجد الحرام جي عمارت تهه خانه (انڊر گرائونڊ) سميت چار ماڙ آهي جڏهن ته ان جي ڇت به اڏيل عمارت جيتري ڪشادي آهي جيڪا حج جي موقعي تي نمازين ۽ طواف ڪرڻ وارن لاءِ ڪافي آساني پيدا ڪري ٿي. اسان جو اندازو آهي ته، سال بسال حاجين جي وڌندڙ تعداد لاءِ شايد اڳتي هلي اها به ناڪافي ٿي پئي. پر پوءِ به في الحال حجاج لاءِ ڏاڍي سهولت آهي. اهڙي طرح صفا ۽ مروه جي وچ واري جاءِ (مَسعيٰ: ڊوڙڻ جي جاءِ) جيڪا ٽي هزار نو سو پنجيتاليهه ميٽر ڊگهي ۽ ويهه ميٽر ويڪري آهي سابه ٻه ٽي ماڙ آهي جتي هاڻي حاجين لاءِ آساني ٿي پئي آهي جيڪڏهن هيٺ رش آهي ته مٿي وڃي ڊوڙجي ماڻهو ان جي ڇت تي به سعي (ڊوڙڻ) وارو رڪن پورو ڪن ٿا.
    جماعت قائم ٿيڻ وقت صفا ۽ مروه وچ ۾ حاجي سڳورا نماز به ادا ڪن ٿا ۽ باقي وقت ۾ سعي ڪن ٿا.
    مسجد الحرام کي مينهن پاڻي وقت سيلاب کان بچائڻ لاءِ هڪ خاص ڊرينيج (پاڻي نيڪال لاءِ ننڍي نالي) به ٺاهي وئي آهي جيڪا شارع قشاشيه جي ڏکڻ طرف کان ٿيندي زمين جي اندران صفا پهاڙي ۽ شارع جديد تائين هيٺ هلي وڃي ٿي. انهي ننڍي نالي جي ويڪر پنج ميٽر ۽ زمين جي سطح کان اوچائي چار ۽ 6 ميٽر جي درميان آهي. اڳي سيلاب جو پاڻي ڪڏهن صفا ۽ مروه وچان ته ڪڏهن مسجد الحرام ۾ اچي ڪڙڪندو هو ۽ پوءِ حاجين لاءِ ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي پر انهي نالي ڪڍڻ سان برسات يا سيلاب وغيره جي پاڻي جو نيڪال ٿي پيو آهي هاڻي اها تڪليف هميشه لاءِ دور ٿي وئي.
    اسان جي هڪ دوست محترم حاجي محمد ابراهيم لاشاري صاحب جو چوڻ آهي ته، “منهنجي ڳڻپ مطابق مسجد الحرام/حرم شريف جا ڪل 97 دروازا آهن”. حالانڪه اسان دروازن جي ڳڻپ ڪئي ته 92 دروازا هئا جن کي سرڪار نمبر لڳائي هر دروازي تي نمبر واري پليٽ به هڻي ڇڏي آهي. پر حاجي ابراهيم صاحب وڌيڪ ٻڌايو ته، ڪي ڳجها ۽ ننڍا دروازا به آهن جن کي ڪو به نمبر نه ڏنو ويو آهي انهي ڪري اهي به ڳڻپ ۾ اچڻ گهرجن. انهن دروازن مان چار دروازا مين گيٽ (صدر دروازن) جي حيثيت رکن ٿا. يعني باب عبد العزيز، باب فهد، باب عمره، باب فتح جن مان هر هڪ دروازي جي ٻنهي پاسن ٻه وڏا منارا آهن. ان کان سواءِ باب صفا تي به هڪ منارو آهي.
    اهڙي طرح مسجد الحرام جي ٽوٽل منارن جو تعداد 9 (نو) آهي هر هڪ مناري جي اوچائي 92 ميٽر (276 فوٽ) ۽ بنياد 7x7 (ست باءِ ست) ميٽر (21x21 ايڪيهه باءِ ايڪيهه فوٽ) ويڪر آهي. هر هڪ مناري جي مٿان پنج ميٽر (15 فوٽ) ۽ سٺ سينٽي ميٽر ڊگهي پائپ ذريعي هڪ چنڊ کڙو ڪيل آهي. اهو چنڊ خالص سون سان پالش ڪيل ٽامي جو ٺهيل آهي. مٿي ذڪر ڪيل وڏن دروازن جي ڀر ۾ پاڻي جون ٻه ٻه سبيلون آهن جن ۾ زمزم جي کوهه مان سڌو سنئون پاڻي پائپ ذريعي آندو وڃي ٿو، اهڙيطرح زمزم جي کوهه تي ماڻهن جي رش به گهٽجي وڃي ٿي.
    حرم شريف جي جمله انتظامي معاملن جي ذميداري چند ادارن جي حوالي آهي، اسان انهن ادارن جون آفيسون گهمي ڦري روبرو وڃي ڏٺيون سين ۽ انهن ادارن جي ڪار ڪردگي نوٽ ڪئي سون جيڪا هتي پڙهندڙن آڏو پيش ڪريون ٿا.
    1. ادارة الصالات بالمسجد الحرام (مسجد الحرام جي ايوانن/ گيلرين جي نگراني ڪندڙ ادارو.)
    2. اداره التطويف (طواف ڪرائيندڙن بابت ادارو)
    3. مڪتب التدريس بالمسجد الحرام (مسجد الحرام ۾ تعليم ڏيندڙن جي آفيس.)
    4. مڪتب دوريات مراقبة التدريس بالمسجد الحرام. (مسجد الحرام ۾ تعليمي/ تدريسي سرگرمين جي گشتي نگراني ڪندڙن جي آفيس) اهي چارئي ادارا/ آفيسون باب عبد العزيز گيٽ نمبر 1 جي اندر کٻي ۽ سڄي پاسي آهن.
    5. مڪتب الطواري (ايمرجنسي آفيس) اها آفيس ڪنهن به هنگامي حالت ۾ طبي امداد ۽ فرسٽ ايڊ جي سهولت لاءِ آهي اهڙيون ڪل 5 آفيسون حرم شريف لاءِ مخصوص آهن. جن مان اها هڪ آفيس باب اجياد گيٽ نمبر 5 جي اندرئين ساڄي پاسي آهي، جڏهن ته ساڳي نالي ۽خدمت لاءِ پنجون نمبر ايمرجنسي آفيس باب القراه گيٽ نمبر 43 وٽ آهي. انهي 43 گيٽ واري ايمرجنسي آفيس جي ٻاهران هڪ ايمبولينس به بيٺل نظر ايندي آهي.
    6. اداره العربات والشباري. (صفائي وغيره ۾ ڪم ايندڙ هٿ گاڏن جو ادارو)
    7. مڪتب اداره العربات والشباري. ( هٿ گاڏن جي اداري جي آفيس) حرم شريف جي اڱڻ/ صحن وغيره تي ڪريل ڪاغذ يا فروٽ جون کلون انهن گاڏن ۾ کڻي اڇلايون وڃن ٿيون. اهو هٿ گاڏن وارو ادارو ۽ سندس آفيس باب اسماعيل گيٽ نمبر 10 ۽ بابت الصفا گيٽ نمبر 11 جي وچ ۾ آهي.
    8. مڪتب قائد قوة امن الحرم المڪي الشريف. (حرم مڪي امن فورس جي سربراهه جي آفيس) اها آفيس ابو قبيس چاڙهي گيٽ نمبر 12 (سُلم ابي قبيس باب رقم 12) وٽ آهي.
    9. مڪتب المفقودات. (وڃايل شين جي آفيس) جن ماڻهن جون حرم شريف ۾ هلندي ڦرندي يا نماز دوران ڪي شيون وڃائجي ۽ گم ٿي وڃن ٿيون ته اهي انهي دفتر ۾ اچي معلوم ڪن ٿا. مذڪوره اداري جو هي ڪم آهي ته انهي اداري جا ماڻهو حرم شريف ۾ اندر يا ٻاهر اڱڻ تي ڪابه پيل شي جهڙوڪ: گهڙي، ٻٽون، بيگ، پاسپورٽ، شناختي ڪارڊ، پَرس، هٿ وارو ٿيلهو وغيره کڻي انهي دفتر ۾ جمع ڪرائيندا آهن. جيڪڏهن انهي شي مٿان ڌڻيء جو نالو پتو ۽ ملڪ جو نالو لکيل هوندو آهي ته انهي سموري تفصيل کي لسٽ ۾شامل ڪيو ويندو آهي. اهڙي لسٽ ٺاهي ڀر ۾ ديوار تي ٽنگي ويندي آهي ته جيئن وڃايل شي جو ڌڻي پنهنجو نالو پڙهي پنهنجي شي آفيس وٽان حاصل ڪري. گهڻو ڪري هلڪيون شيون هڪ وڏي کليل کوکي ۾ آفيس جي سامهون پٽ تي پيل نظر اينديون پر قيمتي يا وزني شيون آفيس ۾ رکيون وڃن ٿيون. اڪثر ڪري ڏسبو ته لسٽ پڙهڻ وارا ڪيترا ماڻهو پنهنجي نالي جي ڳولا ۾ هوندا آهن. پوءِ جنهن ماڻهو جو نالو لسٽ ۾ هوندو آهي ته اهو پنهنجي شي نالو ۽ پار پتا ٻڌائي لسٽ جوحوالو ڏيئي وٺي ويندو آهي اهڙي ماڻهو جو نالو ايندڙ لسٽ مان خارج ڪيو وڃي ٿو.
    10. الاطفال التائهين(ڀٽڪي ويل ٻارن جو دفتر) جيڪي ٻار حرم ۾هلندي ڦرندي مائٽن/ وارثن کان وڇڙي اڪيلا پيا ڀٽڪندا آهن، هي ادارو اهي ٻار هٿ ڪري ٿو. پوءِ ٻارن جا مائٽ هن دفتر ۾ شڪايت ڪن ٿا ته سندس ٻار گم ٿي ويو آهي ۽ اهو ٻار دفتر ۾ موجود نه آهي ته دفتر جا ملازم ٻڌايل پار پتن تي ٻار جي تلاش ڪن ٿا ۽ ڳولي هٿ ڪري ڌڻين تائين پهچائين ٿا.
    11. الاستعلامات (معلومات وٺڻ جي آفيس) انهي آفيس مان هر قسم جي معلومات وٺي سگهجي ٿي.
    اهي ٽيئي آفيسون ارقم الڪيٽرانڪ چاڙهي (سُلم الارقم الڪهربائي) واري گيٽ نمبر14 ۽ ابو قبيس اليڪٽرانڪ چاڙهي (سُلم ابي قبيس الڪهربائي) واري گيٽ نمبر 13 جي وچ ۾ آهن.
    12. جماعت تحفيظ القرآن الڪريم بمڪت المڪرمت تحت اشراف وزارت الشئوون الاسلاميت والدعوت والارشاد اُسست 1382هه.
    يعني ته، سعودي جي مذهبي معاملن واري وزارت جي نگراني هيٺ مڪي شريف ۾ سن 1382هه ڌاري قرآن شريف ياد ڪرائڻ واري جماعت جو بنياد رکيو ويو. انهي عبارت وارو سنگ مرمر جو پٿر ابو قبيس اليڪٽرانڪ آٽو ميٽڪ چاڙهي گيٽ نمبر 14 جي ڀر واري ديوار تي لڳل آهي. انهي پٿر جي عبارت ٻڌائي ٿي ته، حرم ڪعبه ۾ قرآن شريف جي حفظ وارو مدرسو وزارت مذهبي امور جي نگراني ۾ هلندڙ آهي، مدرسه جي استادن جا پگهار ۽ ٻيا الائونس توڙي داخلا ۽ امتحان وغيره سڀ مرڪزي وزارت جي ايڊيوڪيشن رول مطابق آهن.
    13. مرڪز : مرڪز الدفاع المدني بالمروت. (مروه ۾ شهري بچا وارو مرڪز) اها آفيس صفا کان مروه جي ڇيهه تي ٻاهران آهي جتي اڪثر ڪري هڪ فائر برگيڊ جي ڳاڙهي گاڏي تيار ٿي بيٺي هوندي آهي.
    14. مدخل المعاقين. (حرم ۾ معذورن جي داخل ٿيڻ جي جاءِ)
    اها جاءِ خاص محتاجن، معذورن، لولهن، لنگڙن ۽ اپاهجن جي داخل ٿيڻ لاءِ آهي، هن ڪري ته اهي معذور گهڻو ڪري ريڙهن (ويل چيئر) تي ايندا آهن انهي ڪري انهن لاءِ الڳ رستو مقرر ڪيو ويوآهي. اها جاءِ باب القرئت گيٽ نمبر 43 جي ڀرسان آهي جتي مڪتب الطواري به آهي.
    15. مڪتب اداره الشوون المصاحف (قرآن شريف بابت اداري جي آفيس) انهي اداري طرفان حاجين کي قرآن شريف جا نسخا ڏنا وڃن ٿا. جن ۾ شاهه فهد قرآن اڪيڊمي پاران ترجمي وارا قرآن شريف ۽ مختلف ٻولين ۾ تفسير به ڏنا ويندا آهن. مذڪوره اداري جو اصول آهي ته، قرآن شريف وٺڻ لاءِ هر هڪ حاجي پنهنجو معلم ڪارڊ پيش ڪري قرآن شريف جو گهربل نسخو حاصل ڪري. انهي اداري جي آفيس باب الفتح گيٽ نمبر 45 جي اندرئين کٻي پاسي آهي.
    16. مڪتب اداره الابواب (دروازن تي نگهباني ڪندڙ اداري جي آفيس) اها آفيس به ساڳي باب الفتح جي اندرئين سڄي پاسي آهي. مذڪوره اداري پاران هي ذميداري آهي ته سندس مقرر ڪيل ماڻهو دروازن مان اندر داخل ٿيندڙ ۽ ٻاهر نڪرندڙ ماڻهن جي جانچ ڪري اهو عملو گهڻو ڪري خاڪي وردي ۾ هوندو آهي. انهي اداري پاران هر گيٽ تي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مقرر هوندي آهي، مرد لاءِ ڪرسي نه هوندي آهي بلڪه هو بيهي ڊيوٽي ڪندو آهي البت عورت لاءِ ڪرسي هوندي آهي ۽ اها عورت وڏي ڪاري برقعي ۾ ملبوس نظر ايندي. سندس اکيون برقعي جي منهن واري ڄاريء مان ظاهر پيون ڏسبيون، جيڪي هر هڪ کي گهوري پيون جانچينديون. هٿن تي ڪارا جوراب چڙهيل ۽ پيرن ۾ ڪارو بوٽ پاتل هوندو اٿس. ڊيوٽي ڪندڙ مرد، مردن جي سامان جي چڪاس ڪندو آهي ته ڊيوٽي ڪندڙ عورت نماز لاءِ ايندڙ عورتن جي هٿن ۾ ٿيلهي، پرس ۽ ٻئي سامان جي جانچ ڪندي آهي. رش جو فائدو وٺي جيڪڏهن ڪا عورت گهت هڻي يا تڪڙ ڪري اڳتي نڪرڻ جي ڪوشش به ڪندي آهي ته، اها ڊيوٽي ڪندڙ عورت نهايت ڦڙتي سان ان جو اڳ جهلي کيس روڪي سندس سامان ذرو پرزو چيڪ ڪندي آهي. اتفاق سان جيڪڏهن ڪنهن وٽ اخبار، فوٽو، ڪيمرا وغيره هوندي آهي ته اها ان کان ڦري گيٽ وٽ ئي رکي ويندي آهي پوءِ جڏهن واپس ٿيندو آهي ته گهرڻ تي کيس موٽائي ڏني وڃي ٿي. واپسي تي اچڻ کانپوءِ جيڪڏهن ڀُل ۾ اها شي ڪو ٻيو ماڻهو کڻي ويو ته گيٽ ڪيپرن (دربانن) جي ڪابه ذميداري ناهي. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو وٽ فقط چپل/ جوتي هوندي آهي ته اها چيڪ نه ٿيندي آهي ڇو ته، انهي جي اندر کڻي وڃڻ جي اجازت هوندي آهي.
    17. مراقبي مشروع مجموعه بن لادن السعوديت النظافت والسقايت و خدمات المسجد الحرام. (يعني ته، سعوديه جي بن لادن گروپ جي صفائي، پاڻي پهچائڻ ۽ مسجد الحرام جي خدمتن بابت منصوبن جي نگراني ڪندڙن جي آفيس) بن لادن گروپ سعوديه جي سرڪار طرفان منظور ٿيل وڏي ۾ وڏو ٺيڪيدار گروپ آهي، جيڪو سرڪاري تعميرات ۽ ٻين ترقياتي ڪمن جا ٺيڪا کڻي ٿو. انهي گروپ جي مالڪ جو نالو محروس محمد بن لادن و اولاده آهي. جڏهن ته انهي گروپ کان علاوه دَله گروپ به آهي جيڪو ٻئي نمبر تي وڏو ٺيڪيدار گروپ آهي.
    مذڪوره بن لادن گروپ جي آفيس باب الفتح گيٽ نمبر 45 جي اندرئين پاسي آهي. بن لادن گروپ جي ٺيڪي ۾ حرم شريف جي صفائي جو انتظام ۽ زمزم جي پاڻي جي فراهمي ۽ ڪجهه ٻيون خدمتون آهن. اهڙي طرح مذڪوره گروپ جي هٿ ۾ ٽي شعبا آهن، انهي ڪري هر هڪ شعبي جي وردي به خاص آهي جيڪو پاڻي جو عملو آهي تنهن جي سائي رنگ جي وردي هنڪري ته پاڻي سان ساوڪ، آبادي خوشحالي ۽ جياپو حاصل ٿئي ٿو انهي ڪري وردي جو رنگ به شايد انهي لحاظ کان سائو مقرر ڪيو ويو آهي صفائي واري عملي جي وردي بلو رنگ جي هوندي آهي، اهڙي طرح ٻين ڪمن جي ڪارڪنن/ نگرانن جي الڳ رنگ واري وردي آهي. هر هڪ جي ڊريس تي پٺيان شعبي جو نالو ۽ عهدو ڇپيل هوندو آهي. جيڪو عام ورڪر هوندو آهي تنهن کي “عامل”، ته وري ان جي نگران سپروائزر کي “مراقب” لکيل هوندو آهي. منهنجي اهڙن ئي ٻن ٽن ماڻهن سان ملاقات ٿي هئي جن مان هڪ “عامل” هو جنهن جو وردي نمبر 8113 هو، جڏهن ته ٻه “مراقب” (سپروائزر) هئا جن مان هڪ جو وردي نمبر 8671 هو ته ٻئي جو 8657 هو جيئن ته انهن جا نالا ياد نه رهيا آهن البت انهن جا وردي نمبر ڊائري تي نوٽ ڪري ڇڏيا هئم جيڪي هتي حوالي طور لکيا اٿم.
    18. هيئت الامر بالمعروف والنهي عن المنڪر (نيڪي ڪرڻ ۽ برائي کان روڪڻ وارو شعبو) ائين کڻي چئجي ته، امر بالمعروف جي نالي سان اهو هڪ شرعي پوليس کاتو آهي. جنهن جي سربراهي علما سعوديه جي بورڊ جي هٿ ۾ آهي. اها شرعي پوليس گهڻوڪري حرم شريف ۽ ان جي آسپاس گشت ڪندي رهي ٿي. جڏهن ته سعوديه جي ٻين شهرن ۾ به اها شرعي پوليس ماڻهن جي نقل حرڪت تي ڪڙي نظر رکي ٿي ته جيئن ڪو غير شرعي ڪم نه ٿئي. حرم شريف جي اندر انهي شعبي جي هر هڪ ماڻهو جي هٿ ۾ گهڻو ڪري مصلو هوندو آهي جيڪو خصوصي طرح نمازن جي وقت مردن ۽ عورتن کي الڳ الڳ ڪري بيهارڻ جي سختي سان فرض ادائي ڪري ٿو. ان کانسواءِ ڪنهن به اڻوڻندڙ غير شرعي حرڪت ڪرڻ تي سخت نوٽيس وٺي ٿو. انهي شعبي جي ڪنهن به فرد جيڪڏهن ڪنهن کي پڪڙي ورتو ته، ان جي هٿان ڪنهن به صورت ۾ آزاد ٿيڻ جو امڪان ڪونهي. اهو شعبو سعوديه جي پوليس يا ٻين سڀني فورسن کان وڌيڪ سخت آهي. ڪعبت الله جو طواف هلندي جيڪي کيسا ڪٽيندڙ لليچا هوندا آهن تن کي به اهائي شرعي پوليس پڪڙي سخت سزا ڏيندي آهي. اسان اتي حرم شريف ۾ معتبر ۽ مڪي جي رهاڪو ماڻهن وٽان ٻڌو هو ته هن سال (1997ع ۾) اڍائي هزار لليچا طواف ڪندڙ حاجين جا کيسا ڪٽيندي گرفتار ڪيا ويا آهن.
    مذڪوره شعبو ۽ سندس آفيس باب القدس گيٽ نمبر 55 جي اندرئين ساڄي پاسي ۽ باب المدينت گيٽ نمبر 56 جي اندرئين کاٻي پاسي آهي.
    19. مڪتب المراقبات بالمسجد الحرام (مسجد الحرام جي اندر مختلف ڪمن جي نگرانن جي آفيس)
    20. اداره الفُرش والاثاث ( حرم شريف ۾ گلم وڇائڻ ۽ مسجد الحرام جي سامان جي سار سنڀال لهڻ وارو ادارو)
    21. اداره السقيا زمزم (زمزم جي پاڻي پيارڻ/ پهچائڻ وارو ادارو) اهي ٽيئي ادارا باب العمره گيٽ نمبر 62 جي اندرئين سڄي ۽ کٻي پاسي آهن.
    اداره السقيا پاران حرم شريف ۾ زمزم جي واٽر ڪولرن تي ملازم مقرر ڪيل آهن جيڪي پاڻي پيارڻ جو ڪم ڪن ٿا. مسجد الحرام جي اندر ڪعبي شريف جي سامهون چوڌاري نظر ڪبي ته، زمزم جي ٿڌي پاڻي سان ڀريل واٽر ڪولرن جي قطار ڏسڻ ۾ ايندي جن تي پيئڻ لاءِ زنجير ۾ ٻڌل اسٽيل جا گلاس به رکيل آهن. پاڻيء تي مقرر ڪيل ملازم آب زمزم پيئڻ وارن حاجي سڳورن کي پيو ڏسندو آهي ته جيئن ڪوبه ماڻهو پاڻي اجايو زيان نه ڪري ڇو ته ڪي ماڻهو وري انهي پاڪ پاڻي کي وضو لاءِ به استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته اهو ملازم اهڙي ماڻهو کي روڪيندو آهي ۽ چوندو آهي ته، “زمزم جو پاڪ پاڻي پيئڻ لاءِ آهي وضو لاءِ ٻاهر وڃو”. انهي ملازم جي هي به ڊيوٽي آهي ته جيڪڏهن ڪو واٽر ڪولر خالي ٿي وڃي ته ان کي پاڻي سان ڀري فُل ڪري. انهن واٽر ڪولرن سان پائپ لائن فٽ ٿيل آهي جيڪا سڌي سنئين زمزم جي کوهه مان اچي ٿڌي ڪرڻ واري مشين ۾ پوي ٿي جتان نهايت ٿڌو پاڻي خود بخود واٽر ڪولرن ۾ اچي پوي ٿو. ان کانسواءِ مٿئين اداري جا ملازم، مسجد الحرام جي صفن وچ ۾ رکيل زمزم جا ڊم به جيڪڏهن خالي ٿي وڃن ٿا ته ڀريندا رهن ٿا. جنهن لاءِ کين هڪ اهڙي گاڏي ڏنل آهي جيڪا کليل ۽ پلين فرش باڊي واري آهي ۽ منجهس اهڙي انجڻ لڳل آهي جنهن جو هلڻ وقت آواز ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي. ملازم انهي گاڏي تي ڀريل ڊم کڻي اچن ٿا ۽ خالي ٿيل ڊم گاڏي تي رکي واپس کڻي وڃن ٿا. اسان جا دوست اها گاڏي ڏسي حسرت مان چوندا هئا ته، ڪاش! اسان وٽ اهڙي گاڏي هجي ها ته اسان به چڙهي انهي گاڏيء جو مزو وٺون ها. خالي ڊم ڀرڻ کانسواءِ جيڪڏهن ڊمن مان هيٺ پاڻي وهڻ جيڪري ترڪڻ ٿي پوندي ته به انهي ئي اداري جا ملازم فوراً اهو هاريل پاڻي صاف ڪري وٺندا آهن.
    22. مڪتب الهيئت. اها آفيس امربالمعروف واري شعبي جي آهي جيڪا باب المدينت گيٽ نمبر 56 جي اندران کاٻي پاسي تي آهي.
    23. “الرئاست العامت لشوون المسجد الحرام والمسجد النبوي”
    General presidency for al-masjid-al-haram and
    al-masjid-al-nabvi affairs
    يعني ته مسجد الحرام (بيت الله شريف) ۽ مسجد نبوي جي معاملن بابت جنرل سربراهي آفيس، صفا کان مروه جي اختتام تي بلڪل سامهون روڊ جي لڳو لڳ هڪ وڏي بلڊنگ آهي جنهن جي مٿان مذڪوره عبارت وارو بورڊ لڳل آهي. انهي آفيس ۾ حرم مڪي ۽ حرم مدني جي سڀني معاملن بابت جنرل ڊائريڪٽر هوندو آهي جيڪو سڀني منصوبن ۽ ڪمن ڪارين جي سربراهي ڪري ٿو ائين کڻي سمجهو ته حرمين جا سڀئي انتظامي ادارا انهي آفيس جي ماتحت آهن.
    24. صيانت مباني المسجد الحرام (يعني مسجد الحرام جي جاين ۽ اڏاوتن جي حفاظت ڪرڻ وارو کاتو) مذڪوره ادارو حرم شريف جي تعميرات ۽ ڀڳي ٽٽي ٺاهڻ ۽ تعمير شده جاين جڳهن جي سنڀال لاءِ آهي. انهي کاتي جي ملازمن جي وردي اڇي خاڪي رنگ واري آهي. انهي کاتي جي ملازمن کي گهربل سامان موجود ڪري ڏيڻ لاءِ هڪ ذيلي شعبو آهي جنهن جو نالو “التشغيل و الصيانت ” (پورهيو ڪرڻ ۽ سنڀالڻ) آهي.
    25. قوي الامن الداخلي السعودي (سعودي جي اندر امن قائم رکندڙ سگهارو کاتو) اهو هڪ سخت گير کاتو آهي جنهن جي ڪارڪردگي ۽ عمل دخل پوليس وارو آهي، انهي کاتي جي هر عملدار جو لباس ڳوڙهو خاڪي آهي ۽ وردي جي ڪلهي تي هڪ بيج لڳل هوندو آهي جنهن ۾ کاتي جو نالو لکيل هوندو آهي. انهي کاتي جي ننڍي وڏي عملدار کي وائرليس سيٽ مليل آهي، جيڪو حرم شريف ۾ هلندي ڦرندي امن امان جي صورتحال بابت بالا آفيسر کي واقف ڪندو رهي ٿو.
    26. قوات الطواري الخاصت. (اسپيشل ايمرجنسي فورس) اهو هڪ ڪمانڊوز فورس آهي جيڪو اهم ضرورت وقت ڪم آندو وڃي ٿو. گهڻو ڪري چيلهه تي پلاسٽڪ جو ڪارو ڏنڊو وردي جي بيلٽ ۾ لڙڪيل اٿن. انهن جي وردي اسان جي پاڪستاني فوج جي وردي سان ملي جلي ٿي. آئون انهن ڏي اشارو ڪري دوستن کي چوندو هئس ته، “اهي اٿئو حرم جا چيتا شينهن”.
    27. مشروع النظافت و خدمات المسجد الحرام. (صفائي ۽ مسجد الحرام جون خدمتون بجا آڻڻ وارو منصوبو) ڪعبت الله جي چوڌاري، مطاف ۽ مسجد الحرام جي اندرئين ۽ ٻاهرئين اڱڻ تي صفائي لاءِ خصوصي انتظامن ۾ هي ڳالهه شامل آهي ته، اڪثر ڪري ٽي وقت صبح، ٻپهر، شام ننڍڙا ٽريڪٽر هلن ٿا جن جي پوئين حصي ۾ ڦيٿن جي ليول تي فوم جو هڪ صافو لڳل آهي ۽ ٽريڪٽر جي اڳئين حصي ۾ صفائي لاءِ خوشبودار پوڊر ۽ جراثيم ماريندڙ ڪيميڪل ۽ پاڻي سان ڀريل هڪ ٽانڪي لڳل آهي، ٽريڪٽر ۾پوڊر گڏيل پاڻي هارڻ جو آٽو ميٽڪ سسٽم آهي، ٽريڪٽر هلندو ويندو ته ان جي اندر و اندر پاڻي فرش تي هاربو ويندو ۽ ٽريڪٽر جي پوئين حصي ۾ لڳل فوم جو صافو ان هاريل پاڻي کي اهڙو ته صاف ۽ خشڪ ڪندو ويندو جو ڄڻ ڪنهن ماڻهو هتي پاڻي جو ڦڙو به نه هاريو هو. اهو صافو پنهنجي جاءِ تي ڦرندو نظر ايندو ۽ صفائي ڪرڻ سان گڏ هاريل پاڻي چُهي ڇڪي ويندو. گهڻو ڪري اهي ٽريڪٽر حرم جي ٻاهرئين اڱڻ تي آزادي سان گهمن ٿا البته حرم شريف جي اندر ڪعبي جي چوڌاري صفائي وارو عملو هٿ سان پوڊر وارو پاڻي هاري صفائي ڪري ٿو. ڇو ته ڪعبه شريف جي احترام جيڪري اتي ٽريڪٽر نه ٿا آڻين يا ته ماڻهن جي رش سبب ائين نه ٿا ڪن. انهن صفائي وارن ٽريڪٽرن تي مٿئين کاتي جو عربي نالو نمايان اکرن ۾لکيل هوندو آهي.
    28. حافظو اعلي النظافت. (صفائي جو خيال رکو)
    حرم شريف ۾هلندي ڦرندي قدم قدم تي سائي ۽ ڳاڙهي رنگ جي پلاسٽڪ جا وڏا ڊم رکيل نظر ايندا، جن مان سائي رنگ واري ڊم ۾ فروٽ جون کلون، ڪاغذ پنو وغيره وڌا وڃن ٿا جڏهن ته ڳاڙهي رنگ واري ڊم کي ٿُڪڻ/ پاڻي هارڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. سائي ڊم تي “حافظوا علي النظافت” لکيل هوندو آهي ۽ ڳاڙهي ڊم تي “الدورات” (پاڻي جي استعمال لاءِ) لکيل هوندو آهي. انهي ڳاڙهي ڊم کي هٿ ڌوئڻ يا ڪپڙو وغيره ڌوئي نپوڙڻ، گرڙي ڪرڻ لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آهي.
    29. حرم شريف جي باب اجياد گيٽ نمبر 5 جي اندرئين کاٻي پاسي هڪ محراب نما چاڙهي رکيل آهي جنهن تي چڙهي ڪعبي ۾ اندر داخل ٿبو آهي اها چاڙهي اهڙي نمونه ٺاهي وئي آهي جو ڄڻ هڪ وڏي محراب جي وچ ۾ ڪا ٺهيل ٺڪيل چاڙهي فٽ ڪئي وئي هجي. سموري چاڙهي کي اندران ۽ ٻاهران اڇو فارميڪا لڳل نظر آيو. انهي محراب نما چاڙهيء ڀرسان هڪ منبر به رکيل آهي جيڪو جمع جي ڏينهن اتان کڻي ڪعبي جي ڀر ۾ مقام ابراهيم وٽ آڻي رکيو وڃي ٿو.
    30. مسجد الحرام جي چوڌاري ٻاهرئين اڱڻ تي وڏا لوهي ٿنڀا کتل آهن، جن جي چوٽي تي تيز روشني واريون ڏهه ڏهه سرچ لائيٽون لڳل هونديون آهن. انهن جي ٻرڻ سان اڱڻ تي اهڙي ته روشني ٿئي ٿي جو فرش تي ڪريل وار به نظر پيو ايندو. انهن ڊگهن ٿنڀن مان هر هڪ تي (Holy Mosque) H.M ۽ ان سان گڏ ٿنڀي جو نمبر لکيل هوندو آهي. اهڙا ٿنڀا اٽڪل 15 کن آهن.
    31. مسجد الحرام جي باب عبد العزيز گيٽ نمبر 1 جي مينار لڳ اولهه طرف اڱڻ تي هڪ بند ٿيل حوض وانگر اڏاوت نظر ايندي ويجهو وڃي ڏسبو ته، اهو حوض گول آهي جنهن جي ڇت هيٺ لڳو لڳ لوهي ڄاري ۽ ان جي مٿان سيمنٽ جا وڏا ٿلها گاڊر رکي اهو حوض بند ڪيو ويو آهي. اهڙا حوض ڪل 6 ست آهن جيڪي انهي مناره واري حوض جي لڳ سڌائي ۾ اولهه طرف آهن. حالانڪه اهي حوض ناهن بلڪه اصل ۾ انهن هيٺان سرنگهه ٺاهي وڏو مين روڊ پار ڪيو ويو آهي.
    32. باب عبد العزيز کان ڏکڻ ۽ اولهه طرف ٻه چوکنڊيون نظر اينديون جيڪي لوهي ڄاري ۽ وچ وچ ۾ سيمنٽ جي ٿنڀن مٿان سنگ مرمر سان ٺهيل آهن انهن مان هڪ چوکنڊي تي پري کان هڪ بورڊ لڳل نظر اچي رهيو آهي ته، “دوره مياه للنساءِ”
    ان جي هيٺان انگريزيء ۾ Womens toilets يعني ته عورتن لاءِ باٿ روم. انهي کان ڪجهه فاصلي تي اولهه طرف ٻي چوکنڊي تي لکيل آهي ته، “دوره مياه للرجال” يعني ته مردن لاءِ باٿ روم. اهي ٻئي باٿ روم انڊر گرائونڊ يعني زير زمين تهه خانه ۾هجڻ جي باوجود ٻن طبقن وارا آهن. جيڪڏهن پهرئين تهه خانه واري باٿ روم ۾ ماڻهن جي رش هجي ته، وري ان کان به هيٺ چاڙهي ذريعي لهي وڃو ته ٻيو نمبر باٿ روم نظر ايندو جنهن ۾ وضو، غسل ۽ ليٽرين وغيره جون سموريون ضرورتون پوريون ڪري آرام سان فارغ ٿي وري اچي خدا جي درٻار ۾ حاضر ٿيو.
    33. باب عبد العزيز جي ويجهو سر ڏکڻ طرف هڪ بورڊ نظر ايندو جنهن تي لکيل آهي ته،
    مواقف حافلات (يعني بسن جي بيهڻ جون جايون.) ويجهو وڃي ڏسبو ته، انهي بس اسٽاپ واري بورڊ سان لڳ ڏکڻ طرف هڪ لوهي پل آهي جتان کان هيٺ اوڀر طرف چاڙهي وڃي ٿي. هيٺ لهي ڏسبوته، ڪافي بسون بيٺل نظر اينديون ۽ انهي بسن واري اسٽاپ کان لڳ اتر طرف مين روڊ ڏسبو. اهو سمورو بس اسٽاپ ۽ مين روڊ حرم شريف واري اڱڻ هيٺ تهه خانه ۾ آهي. سچ پچ ته ڏسندڙ کي اهو نظارو حيرت زده بنايو ڇڏي. انهي انڊر گرائونڊ بس اسٽاپ جي لڳو لڳ سرنگهه ۾ زنانه ۽ مردانه باٿ روم آهن. اسان اتي وڃي ڏٺو ته، ماڻهن جي رش تمام گهٽ هئي ماڻهو نه هئڻ برابر هئا. باقي مٿين باٿ رومن ۾ ته ڇڪي جان ڇڏائڻي پوي ٿي. هن سرنگهه واري باٿ روم ۾ تمام سڪون، اطمينان ۽ آرام سان وضو، غسل، ڪپڙا ڌوئڻ يا ليٽرين جي ضرورت پوري ڪري سگهجي ٿي. انهن باٿ رومن کان علاوه حرم جي اوڀر ۽ اتر ڪنڊ تي يعني جنهن ڪنڊ تي “مستشفيٰ اجياد العام” (اجياد جنرل اسپتال) آهي اتي مردن ۽ عورتن لاءِ وسيع پيمانه تي انتظام ٿيل آهي. سڀني باٿ رومن کان هي پهريون نمبر ڪشادو آهي. سَوَن جي تعداد ۾وضو خانه ۽ وهنجڻيون وغيره آهن. چون ٿا ته، مڪي جي ڪافرن جي سردار ابو جهل ۽ سندس جوڙيوالن جا گهر انهي جاءِ تي هئا جتي اڄ ڪاڪوس ٺهيا پيا آهن. قدرت جا عجيب رنگ آهن جو ڀلارن جاقدم گاهه ۽ رهائشي مڪان مسجد بڻيا پيا آهن ته بدڪارن جا ٺڪاڻا پليتي جي پالوٽ هيٺ آهن. انهن باٿ رومن ڏي هيٺ لهڻ لاءِ ٻه پيدل هلڻ واريون چاڙهيون ۽ ٻه بجلي تي هلندڙ آٽو ميٽڪ چاڙهيون آهن.
    پيدل چاڙهين ۾ هڪ هيٺ لهڻ لاءِ ۽ ٻي مٿي نڪري ٻاهر اچڻ لاءِ، اهڙي طرح بجلي تي هلندڙ آٽوميٽڪ چاڙهي ۾ به اچڻ ۽ وڃڻ لاءِ ٻه ٻه چاڙهيون آهن ته جيئن ايندڙ ۽ ويندڙ ماڻهن لاءِ مڪمل آساني ٿئي. واقعي لکين ماڻهن جي رش جي باجود اڀرا، ڪمزور، پوڙها ۽ معذور ماڻهو به آساني سان باٿ روم مان اچن ۽ وڃن ٿا.
    34. حرم شريف جي ٻاهرئين اڱڻ کان اولهه ڏکڻ ڪنڊ تي هينئر ٻه ٽي هيڊي رنگ جون ڪرينون (مشينون) ڪم ڪري رهيون آهن شايد هيٺ زمين ۾ تهه خانن ٺاهڻ لاءِ کوٽائي ڪري رهيون آهن. پري کان ڏسبو ته اهي ڪي ٽيليفون جا ٿنڀا يا ٽيليويزن جا بوسٽر آهن پر جانچي ڏسبو ته پوءِ خبر پوندي ته اهي ٿنڀا نه پر ڪرينون آهن جيڪي گهڙي هيڏانهن، گهڙي هوڏانهن ڦرنديون رهن ٿيون. ٿي سگهي ٿو ته، آئنده جي حرم واري توسيعي پروگرام جي اها به هڪ ڪڙي هجي يا حاجين سڳورن جي رهائش لاءِ ڪو نئون تعميراتي منصوبو هجي. والله اعلم.
    35. مسجد الحرام جي سڀني شعبن جي ملازمن لاءِ سعودي سرڪار پاران هڪ رهائشگاهه آهي جنهن جي ڪابه چارج/ هائوس رينٽ وغيره ڪونهي. ان کانسواءِ انهن ملازمن لاءِ هڪ خاص هيلٿ سينٽر به آهي جتي سندن مفت علاج ڪيو وڃي ٿو. اتفاق سان جيڪڏهن ڪو ملازم وڌيڪ بيمار ٿي پوي ۽ کيس ڪنهن وڏي اسپتال ڏي وڃڻ جي ضرورت ٿئي ته به علاج مفت آهي. البت ملازمن کي کاڌي پيتي جو بندو بست پاڻ ڪرڻو پوي ٿو. ٻاهرين ملڪن جي ملازمن لاءِ سفر خرچ به سرڪار تي آهي. باقي ملازمن کان ڊيوٽي پوري ورتي وڃي ٿي انهي ۾ ڪوتاهي ڪندڙ کي معافي نه ملندي آهي. مسجد الحرام جي سڀني انتظامي شعبن کي پرائيويٽ ڪمپنين/ ٺيڪيدارن کي ٽن سالن لاءِ ٺيڪي ۾ ڏنو ويندو آهي جنهن کانپوءِ وري نئون معاهدو ٿيندو آهي ۽ ايندڙ اسڪيمن بابت نوان شرط ۽ ضابطا طئي ڪيا وڃن ٿا.
    پرائيويٽ ڪمپنيون لوئر اسٽاف کي ٽمپريري (عارضي) طرح ڀرتي ڪن ٿيون. پوءِ جنهن جي ڪارڪردگي بهتر هوندي آهي ته ان کي پڪو ڪيو ويندو آهي باقي جنهن جي متعلق سپروائزرن جي رپورٽ سٺي نه هوندي آهي ته اهي ملازمت مان خارج ڪيا وڃن ٿا.
    حرم شريف جي سڀني انتظامي شعبن جي ملازمن جو تعداد ڏهه پنڌرهن هزار آهي. جن مان هيٺين ملازمن جو ماهوار پگهار ٽي چار سو سعودي ريال هوندو آهي جڏهن ته لوئر اسٽاف جي پڪي ملازم جو پگهار ماهوار پنج 6 سو سعودي ريال تائين هوندو آهي.
    حرم شريف جا انتظامي شعبا سنڀاليندڙ پرائيويٽ ڪمپنيون هتي جي سعودي باشندن جون آهن ٻاهرئين ماڻهو کي اهڙي اجازت ناهي. البت اهي ڪمپنيون ملازمت لاءِ ماڻهو ٻاهرين ملڪن مان گهرائي سگهن ٿيون. اڪثر ڪري غريب مسلمان ملڪن مان ملازمت لاءِ ماڻهو گهرايا وڃن ٿا، جن کي سعوديه جي ريٽ کان گهٽ پگهار ڏنو وڃي ٿو. جن ملڪن مان ملازمت لاءِ ماڻهو گهرايا وڃن ٿا، تن ۾ بنگلا ديش، پاڪستان، سريلنڪا ۽ فلپائن جا مسلمان، هندستان جا مسلمان، انڊونيشيا، برما، ملائيشيا وغيره شامل آهن. عرب ملڪن جا ماڻهو ٻهاري ڏيڻ، صفائي ڪرڻ، پٽيواليء جي پوسٽ تي ڪم ڪرڻ پنهنجي لاءِ عيب سمجهن ٿا انهي ڪري انهن ڪمن لاءِ بر صغير جا ماڻهو مقرر ڪيا وڃن ٿا. البت هنري ۽ ٽيڪنيڪل پوسٽن يا سٺين ملازمتن ۽ عهدن تي عرب خوشي سان ڪم ڪن ٿا.
    ٻڌو اٿئون ته سعودي سرڪار جي آئنده جي تعميراتي پروگرام ۾ جبل نور تي غار حرا ۽ جبل ثور تي غار ثور جي زيارت لاءِ سهولت خاطر تعميرات شامل آهي.
    36. باب الصفا جي ساڄي پاسي مطاف لڳ زمزم جو کوهه آهي. مطاف جي فرش تي زمزم واري کوهه جي جاءِ بلڪل پڌري آهي. اها جاءِ اُها آهي جنهن جاءِ تي ڪاري سنگ مرمر جو گول دائرو ٺاهي “زمزم” لکيو ويو آهي اها ئي کوهه واري اصل جاءِ آهي. اهو گول دائرو اصل ۾ کوهه جو ڍَڪ آهي جنهن کي ضرورت وقت کوليو وڃي ٿو. اهو زمزم وارو کوهه قدرت جو هڪ معجزو آهي جنهن جي پاڻي جي مقدار ۾ حضرت بي بي هاجره عليها السلام کان وٺي اڄ تائين سواءِ چند موقعن جي ڪابه کوٽ نه آئي آهي. فقط 223 هه ۽ 234 هه ۾ ٿوري گهٽتائي ٿي. ان کانسواءِ پاڻي جي سطح ڪڏهن به هيٺ نه لٿي. بلڪه بي شمار حاجين جي سيرابي جي باوجود به پاڻي ڏينهون ڏينهن وڌندو رهيو. ٻڌو اٿئون ته، جيترو پاڻي ڪڍيو وڃي ٿو اوترو ئي ان جي زمين مان نڪرڻ واري رفتار ۾ واڌارو اچي ٿو. هڪ اندازي مطابق حاجي سڳورا روزانه ڏهه هزار مڪعب ميٽر زمزم جي پاڻي جو استعمال ڪن ٿا، ڄڻڪ هر ڪلاڪ ۾765 مڪعب ميٽر پاڻي جو استعمال ٿئي ٿو. جديد مشيني اوزارن ذريعي زمزم جون جيتريون به ٽيسٽون ۽ تحقيقاتون ڪيون ويون آهن تن مان ثابت ٿيو آهي ته، زمزم جو پاڻي بلڪل صاف سٿرو ڪنهن به ملاوٽ کان پاڪ، پيئڻ جي لائق ۽ عالمي معيار مطابق آهي نه رڳو ايترو پر سالن تائين رکڻ جي باوجود ان ۾ حيات بخش جزا گهڻي مقدار ۾ موجود رهن ٿا.
    ڪجهه وقت ٿيو آهي ته، اسلام دشمن قوتن پاران هي پروپيگنڊا ڪئي وئي ته، اهو پاڻي هزارين سال پراڻو هجڻ ڪري صحت لاءِ انتهائي نقصانڪار آهي. انهي پاڻي ۾ اهڙا جراثيم پيدا ٿي ويا آهن جيڪي خطرناڪ وائرس جو سبب بنجي سگهجن ٿا.جڏهن يورپي ميڊيا اها پروپيگنڊا زور شور سان هلائڻ شروع ڪئي ته شاهه فيصل مرحوم جديد سائنسي تحقيقاتي اوزارن ۽ مشينن ذريعي ٽيسٽ ڪرائي. جڏهن ته اهي سموريون ٽيسٽون به يورپ جي سائنسدانن جي ليبارٽرين ۾ ٿيون، جن مجبور ٿي پنهنجي ڪوڙي پروپيگنڊا جو اقرار ڪيو ۽ کلئي عام اظهار ڪيو ته، هن پاڻي ۾قدرتي طور تي اهڙي صلاحيت موجود آهي جو صدين تائين ڪنهن به جراثيم لڳڻ يا صحت لاءِ نقصانڪار هجڻ جو ڪوبه امڪان ڪونهي.
    زمزم وارو کوهه هينئر تهه خانه ۾ آهي جنهن جي مٿان طواف هلي رهيو آهي. کوهه وارو اهو تهه خانه هڪ وڏي هال جي صورت ۾بهترين نمونه تعمير ڪيو ويو آهي. انهي وڏي هال جي وچان هڪ ديوار ڏيئي هڪ پاسو مردن جي پاڻي پيئڻ لاءِ ٻيو پاسو عورتن لاءِ آهي. جيڪڏهن انهي تهه خانه جي هال ۾ اندر لهي ڏسبو ته، کوهه گولائي واري مضبوط شيشي ۾ بند نظر ايندو جنهن ۾ ڪيترائي پائپ لڳل هوندا جيڪي کوهه مان پاڻي ڇڪي رهيا آهن. کوهه واري اها اصل جاءِ حجر اسود کان 18 ميٽر (54 فوٽ) جي فاصلي تي آهي.
    هاڻي اسان سلسليوار روزانه جي ڊائري، اکين ڏٺا احوال مشاهدا ۽ منظر وغيره ذڪر ڪريون ٿا.


    ڳوٺاين سان ملاقات:

    ڳوٺاين سان ملاقات:
    2 ذوالحج اربع ڏينهن مطابق 9 اپريل پروگرام مطابق آئون ۽ سائين حافظ محمد خان سومرو اسان جي ڳوٺائي همراهن گل محمد لغاري (مسڻ وڏي) ۽ غلام محمد لغاري ڳوٺ قاضي نور محمد لغاري (لڳ مسڻ وڏي) سان ملڻ ۽ سندن خبر گيري لاءِ روانا ٿياسون. حرم شريف کان اوڀر اتر طرف مڪي جي مشهور بازار “سوق الغزه” آهي جنهن کي پاڪستاني “ڇپرا بازار” سڏين ٿا. شروع ۾ اها بازار اسان جي ٽنڊي الهيار جي بند بازار وانگر اڏيل هئي پر هاڻي اها صورتحال نه رهي آهي هينئر وڃي ڏسبو ته، اها بازار اهڙي ته سينگاريل ۽ اوچن دڪانن سان سنواريل آهي جو ڪراچي جي صدر بازار به ان جو مقابلو نه ڪري پر جيئن ته شروع وارو نالو پاڪستانين ۾ مشهور ٿي ويو آهي انهي ڪري اهو ئي نالو ورتو وڃي ٿو.
    انهي سوق الغزه کان اڳتي وڃي شعب عامر محله ۾حاجين جي رهائشگاهه واري هڪ بلڊنگ ۾ اسان کي غلام محمد لغاري ۽ سندس ساٿي جهڙوڪ: ماستر محمد سومار نصرپوري، محمد رحيم جتوئي نصرپوري ۽ ٻيا مليا. اسان کي ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا. ڪجهه وقت ويهي ساڻن ڪچهري ۽ حال احوال ڪيوسون. ڪچهري دوران اسان کان حج جا مسئلا پڇيائون ۽ پوءِ چانهه پاڻي کان فارغ ٿي موڪلايوسون. ان کانپوءِ اسان جي ڳوٺائي گل محمد لغاري جو ڏس پتو ورتو سون جنهن بابت خبر پئي ته، اهو مسجد جن جي لڳ روڊ جي ڀر واري بلڊنگ ۾ رهي ٿو. ٻڌايل ڏس مطابق مذڪوره بلڊنگ جي مين گيٽ تي آياسون ته گل محمد اتي ئي ملي ويو. ڪجهه اڀرو ۽ افسرده نظر پئي آيو پڇڻ تي معلوم ٿيو ته، کيس پيٽ جي تڪليف ۽ بخار وغيره ٿي پيو آهي. پاڻ ٻڌايائين ته، آئون پاڪستاني ڊسپينسري مان دوائون به وٺي آيو آهيان. مختصر ڳالهه ٻولهه کانپوءِ کيس دلداري ڏيئي واپس ورياسون.


    امام ڪعبه جو خدا جي خوف ۾ روئڻ:

    امام ڪعبه جو خدا جي خوف ۾ روئڻ:
    ساڳي تاريخ 9 اپريل جي خميس رات (مطابق 3 ذوالحج) سمهڻي نماز مهل اسان سڀئي ساٿي (جاويد هزاروي، حافظ محمد خان سومرو، رحيمڏنو سمون، رئيس عبد الغني سومرو) هڪ ئي صف ۾ حرم شريف جي امام شيخ عبد الرحمان سُدَيس جي اقتدا ڪندي نماز جي حالت ۾ بيٺا هئاسون ته امام صاحب سورت فاتحه (الحمد شريف) کانپوءِ سورت مائده جو تيرهون رڪوع پڙهڻ شروع ڪيو ۽ جڏهن آيت “ما علي الرسول الا البلاغ والله يعلم ماتبدون وما کنتم تکتمون” پڙهڻ لڳو ته امام ڪعبه زارو قطار روئي پيو سندس دل ڏاريندڙ اوڇنگارون جڏهن حرم ۾ مسجد الحرام جي بلند بالا ديوارن سان ٽڪرائجي نمازين جي ڪنن تائين پهتيون ته، لکين مقتدي/ نمازين کي روئاڙي ڇڏيائون. شايد امام صاحب آيت جي مفهوم کي آڏو رکي پنهنجي موجوده حالت تي نظر وڌي هوندي.
    ذاتي يا اجتماعي طرح مسلمانن جي دين کان فراريت خدا ۽ رسول جي بي فرماني جهڙن ڪمن کي مد نظر رکي الله جي حضور ۾ ڪعبه جي آڏو پاڻ کي انتهائي قصور وار ۽ ڪوتاهي ڪندڙ تصور ڪري، خدا جي غفاريت آڏو التجا ڪندي روئي پيو هو. هونئن به شيخ عبد الرحمان سُدَيس جي قرئت/ تلاوت جيئن ئي ٻڌندا هئاسون ته اسان کي ڪهي ڇڏيندو هو. دل سير وڌل ڪڪڙ وانگر پئي ڦٿڪندي هئي. مون انهي مان اندازو ڪيو ته، شيخ سُدَيس جي آواز ۾ انهي قسم جي تاثير جو بنيادي ڪارڻ سندس پرهيز گاري ۽ خوف خدا آهي. نه ته قرآن شريف الله تعاليٰ جو اُهو ساڳيو ڪلام آهي جيڪو ڪعبه جا ٻيا امام به نماز پڙهائڻ وقت پيا پڙهندا هئا پر انهن اسان کي ايترو متاثر ڪونه ڪيو. شيخ عبدالرحمان سُديس بقول شاهه ته،
    ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه، اچي بوءِ بهار جي.
    شيخ سُديس، قرآن شريف جي قرئت جو لب و لهجو آيتن جي معنيٰ ۽ مفهوم مطابق ڪندو هو يعني ته، جتي بهشت، انعام، خوشخبري واريون آيتون اينديون هيون ته، انهن کي اهڙي نموني پڙهندو هو جو ڄڻ هندوري ۾ ويٺل ماڻهو کي هلڪا جهوٽا کائيندي ٿڌڙي هير پئي لڳي يا ڪو بهار جي موسم ۾ ساوڪ ڀريل باغ ۾ ويهي فرحت ۽ سرور پيو حاصل ڪري. پر جتي دوزخ، عذاب جي ڌمڪين ۽ برن بدڪارن کي سزا ڏيڻ جي موضوع جون آيتون هونديون هيون ته اهي اهڙي رعب، دٻدٻي ۽ هڪل سان پڙهندو هو جو اسان ٻڌندڙ پيا ڏڪندا هئاسون جڏهن ڪنهن پيغمبر جو واقعو، قصو يا حضور سائين متعلق يا ڪعبته الله/ مسجد الحرام ۽ حج متعلق آيتون پڙهندو هو ته قرئت کي اهڙو رنگ وٺرائيندو هو جو ڄڻ آسمان تان اهي آيتون ڪعبه جي سامهون واري جبل ابو قبيس تي اجهو هاڻي نازل ٿي رهيون آهن. ان وقت آيتن جي گونج عجيب لطف پيدا ڪندي هئي. اڃا تائين جڏهن به ريڊيو يا ٽيپ رڪارڊ تان شيخ سُدَيس جي قرئت ٻڌندو آهيان ته منهنجي آڏو اهو ئي حرم وارو منظر اکين اڳيان اچي ويندو آهي.


    هندستاني ميجر سان ملاقات:

    هندستاني ميجر سان ملاقات:
    حرم شريف جي لڳ ڏکڻ طرف شاهي خاندان جي شهزادن جو فائيو اسٽار ٽائپ هوٽل آهي. مون هڪ ڏينهن سوچيو ته، رڳوامير ماڻهو انهن اوچن هوٽلن ۾ ويهي لطف اندوز ٿين ٿا. آخر اسان به ته، انسان آهيون،ڇو نه اسان انهن هوٽلن ۾ روز روز نه سهي پر زندگي ۾ هڪ ڀيرو وڃي اتي جي چانهه/ قهوه جو ڍُڪ ڀري لطف وٺون ۽ وڏن خاندانن جي فردن جو ويجهڙائي کان نظارو ڪريون. اهو خيال ڪري پنهنجي بعض ساٿين سميت وڃي انهي هوٽل ۾ داخل ٿيس. اهو 10 اپريل 1997ع جي وچين نماز کانپوءِ جو وقت هو. هڪ وڏي هال ڪمري ۾ وڃي ويٺاسون منهنجا دوست هڪ وڏي صوفا سيٽ تي ويٺا ته، آئون وري انهن کان ٻئي پاسي رکيل صوفا سيٽ تي ويٺس.
    اتفاقاً منهنجي ڀرسان هڪ بزرگ شخص ويٺل هو. جيئن ته انهي سان گڏ ويهڻ جو اتفاق ٿيو ته، مون کيس سلام ڪيو ۽ حالي احوالي ٿيندي کانئس تعارف پڇيو. تنهن تي وراڻيائين ته، منهنجو نالو بدرالدين خان آهي، منهنجو وطن انڊيا ۽ رهائش لکنو آهي. آئون ٻيو ڀيرو حج تي آيو آهيان. ڌنڌي بابت پڇڻ تي ٻڌايائين ته، آرمي (بري فوج)۾ ميجر آهيان منهنجا پٽ به آرمي ۾ ليفٽينٽ ۽ ڪرنل جي عهدن تي آهن. انڊيا مان حج تي آيل مسلمانن جي تعداد بابت ٻڌايائين ته، هن سال پنجاسي(85) هزار هندستاني حج تي آيا آهن. ميجر بدر الدين خان وڏي تدبر، فهم و فراست جو مالڪ هو. انڊيا جي اندروني ۽ ٻاهرين معاملن بابت سندس گفتگو نهايت متاثر ڪندڙ ۽ معلومات سان ڀرپور هئي. ميجر صاحب ڪشاده ظرف ۽ خنده پيشاني معلوم ٿي رهيو هو. مون کيس عرض ڪيو ته، توهان سان ملي مون کي يقيناً خوشي حاصل ٿي آهي، پر آئون وڌيڪ ڪچهري ۽ تبادله خيالات کان اڳ پڇندس ته، توهان جو هندستان جي ڪهڙي مذهبي جماعت سان تعلق آهي؟ ته پاڻ مرڪندي چيائين ته، اسان ته پُشتان پُشت دارالعلوم ديوبند سان عقيدتمندي رکون ٿا، اسان جا ته اهي ئي مذهبي اڳواڻ ۽ رهنما آهن. بس پوءِ ته مون کي هُن پنهنجو ڄڻ گرويده بنائي ڇڏيو. مون کيس عرض ڪيو ته، آئون حضرت شيخ الاسلام سيد حسين احمد مدني رحمت الله عليه (صدر المدرسين دارالعلوم ديوبند) جي تلميذ رشيد حضرت مولانا عبد الڪريم لغاري جو خادم ۽شاگرد آهيان. انهي حواله ٻڌڻ بعد ميجر صاحب بنا هٻڪ چئي ڏنو ته، هاڻي اسان ۽ توهان جي وچ ۾ ڪوبه فاصلو ناهي رهيو پاڻ ٻئي هڪ ئي مڪتبه فڪر جا پوئلگ ۽ هڪ ئي اداري جا فيض يافته آهيون. انهي ڪري هاڻي بنان حجاب کلي ڪري تبادله خيال ڪريو. منهنجا دوست اسان کي مصروف گفتگو ڏسي پاڻ ۾ ڪچهري به ڪندا رهيا ته ڪيڏي ڪيڏي مهل اسان ڏي توجهه به ڪندا رهيا ته اسان جي ڳالهين جو دور ڪهڙي مرحلي ۾ داخل ٿيو آهي. اسان پنهنجي ڪچهري ۾ مست هئاسين. اڪثر ڪري هندستان ۽ پاڪستان جي سياسي، معاشي ۽ اقتصادي حالتن جا موضوع زير بحث رهيا . جن جو خلاصو هي هو ته، ٻنهي ملڪن جون حالتون لڳ ڀڳ هڪ جهڙيون ئي آهن. ميجر صاحب پنهنجي تشويش جو اظهار ڪندي چيو ته، اڃا ته انهن ملڪن ۾ ڪنهن بهتري جي اميد نظر نه ٿي اچي. مون سندس انهي راءِ سان اتفاق ڪندي چيو ته، توهان جي اها تشويش بجا آهي. ڀلا بهتري جي اميد به ڪيئن ڏسجي جو اسان وٽ ته ادارا ڪمزور ۽ فرد مستحڪم آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسان جي ملڪن ۾ قانون جي بالادستي يا احترام فقط چوڻ جي حد تائين آهي. اهڙي صورت ۾ جمهوري استحڪام ته پري جي ڳالهه آهي پر انسانيت جو احترام به ڳولئي ڪونه ٿو لڀي. وڌيڪ چيم ته، اسان جي ملڪ جو قانون ڪوريئڙي جي ڄار مثل آهي جنهن ۾ مک ماڪوڙي ته ڦاسي سگهي ٿي پر باز ۽ سرڻ ڪڏهن به ڦاسي نه ٿا سگهن. اسان وٽ اقتدار تي قبضو هميشه ٻن طاقتور ڌرين جو رهيو آهي، جن کي عرف عام جي اصطلاح ۾سرمائيدار ۽ جاگيردار جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو، سي بازن ۽ ڳجهن وانگر آهن جيڪي قانون جي ڪوريئڙي واري ڄار ۾ ڪڏهن به نه ٿا ڦاسن. ان جي ابتڙ ٿرڊ ڪلاس جو فرد ۽ غريب ماڻهو جڏهن به قانون جي ڪوريئڙي واري ڄار ۾ ڦاسندو آهي ته مک ماڪوڙي وانگر ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويندو آهي. مون پنهنجي گفتگو روڪڻ پئي گهري پر ميجر صاحب چوڻ لڳو ته، توهان منهنجي ترجماني پيا ڪريو، انهي ڪري آئون توهان کان ڪجهه وڌيڪ ٻڌڻ گهران ٿو. مون چيو ته، اسان وٽ حق، انصاف مهيا ٿيڻ انتهائي مشڪل آهي ڇو ته انصاف جي حصول ۾ ايتريون ته پيچيدگيون آهن جو انصاف پلئه پوڻ تائين ڪيئي پيڙهيون قبرن حوالي ٿيو وڃن. پر پوءِ به عدالت پنهنجي شنوائي واري ديرينه سنت برقرار رکي ظالم کي ڊگهو رسو ڏيڻ ۽ مظلوم کي پنهنجي حق تان دستبردار ٿيڻ تي مجبور ڪري ٿي. ڇا غريبن ۽ مظلومن کي سستو انصاف اهڙي طرح مهيا ٿيندو؟ ميجر صاحب مرڪندي چيو ته، عدالتن مان انصاف ملڻ جي ڀلا ڪا صورت به آهي يا نه؟ مون چيو ته هائو. اسان جي پاڪستاني عدالتن مان حقدار کي حق تڏهن ملندو جڏهن وٽس ٽي شيون هجن. هڪ ته، قارون وارو خزانو هجيس، ٻيو ته حضرت ايوب عليه السلام وارو صبر هجيس ۽ ٽيون ته، حضرت نوح عليه السلام جي ڄمار هجيس. جيڪڏهن ڪنهن فريادي وٽ اهي ٽيئي شيون هونديون ته اميد آهي ته، ان کي عدالت مان حق رسائي ٿيندي. ميجر صاحب اهو ٻڌي ٽهڪ ڏيڻ لڳو. وڌيڪ چيائين ته تنهنجي تبصري ۽ تجزئي کي آئون پنهنجي ڊائري ۾ نه پر دل جي دفتر ۾ محفوظ ڪري رکندس. تنهنجي ڪچهري منهنجي دل کي ڏاڍو متاثر ڪيو آهي. اصرار ڪندي چيائين ته، توهان کي هندستان اچڻ جي دل سان دعوت ڏيون ٿا، مهرباني ڪري ضرور اچجو. مون کيس چيو ته دعوت قبول آهي جڏهن قسمت ٿي ته انشا الله توهان وٽ ضرور اچبو. پوءِ ميجر صاحب مون کان ڳوٺ جو پورو پتو وٺي، پنهنجي مڪمل ايڊريس منهنجي حوالي ڪئي. موڪلائڻ وقت ميجر صاحب چيو ته، خط ذريعي ضرور رابطو ڪجو. منهنجي اٿڻ تي منهنجا دوست به اٿي هلڻ لاءِ روانا ٿيا. سعودي شهزادن جي هوٽل مان ٻاهر آياسون ته، سانجهي نماز جو وقت ٿي چڪو هو ته حرم شريف ۾ وڃي حاضري جو شرف حاصل ڪيم. فلله الحمد.


    حرم شريف ۾ پهريون جمعو:

    حرم شريف ۾ پهريون جمعو:
    مڪي شريف ۾ پهچڻ کانپوءِ پهرئين جمعي جي ڀلاري ڏينهن تي 10 وڳي ڌاري اچي حرم شريف جي تهه خانه ۾ ويٺس، ڇو ته سخت گرمي هئي انهي ڪري اسان عموماً اڳين ۽ وچين نماز حرم شريف جي تهه خانه ۾ وڃي پڙهندا هئاسون. دوستن يارن کي نشاني طور ٻڌائي ڇڏيو هو سون ته، باب فهد کان تهه خانه ڏي ويندڙ چاڙهين تان هيٺ لهي سامهون واري لائين جي هڪ سو سٺ (160) نمبر ٿنڀي وٽ اڳين ۽ وچين نماز مهل حاضر ٿبو. انهي ڪري اسان جڏهن به تهه خانه ۾ نماز يا تلاوت ذڪر تسبيح وغيره لاءِ وڃڻ چاهيندا هئاسون ته مذڪوره نشان ڪيل ٿنڀي وٽ وڃي ويهندا هئاسون. اپريل جي 11 تاريخ هئي. قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندي جڏهن ساڍا ٻارهن ٿيا ته جمعه جي اذان آئي. تلاوت ختم ڪري، سنت جون چار رڪعتون مس پوريون ڪيم ته، خطبي جي اذان ٻڌڻ ۾ آئي ۽ پوءِ امام ڪعبه خطبو ڏيڻ شروع ڪيو. عرب ملڪن يا هتي سعودي ۾ خطبي کي تقرير يا واعظ سمجهيو ويندو آهي هونئن به خطبه جي معنيٰ ماڻهن کي مخاطب ٿي ڳالهائڻ، خطاب ڪرڻ. اسان وٽ عربي ۾ خطبه پڙهڻ کان اڳ جيڪو مقامي ٻولي ۾ وعظ/ تقرير ڪرڻ جو رواج آهي تنهن جو مطلب هي آهي ته، اسان جا سنڌي ماڻهو عربي نه ٿا ڄاڻن، انهي ڪري انهن کي عربي واري خطبي مان هڪ ڳالهه به سمجهه ۾ نه ٿي اچي، تنهنڪري عربي ۾ خطبي جي سنت برقرار رکڻ سان گڏ الڳ سنڌي ۾ وعظ ڪيو وڃي ٿو. باقي هتي سعوديه ۾ ته اهو مسئلو ئي ڪونهي. ڇو ته اهي عرب آهن ۽ عربي خطبي کي چڱي طرح سمجهي سگهن ٿا. پوءِ انهن لاءِ عربي خطبي کان الڳ وعظ ڪبو ته اهو به لازمي طرح عربي ۾ ئي هوندو. اهڙي صورت ۾ غير ضروري ڊيگهه، ساڳي ڳالهين کي بار بار دهرائڻ سان نصيحت بجاءِ نفرت پيدا ٿيندي.
    امام ڪعبه جي آواز مان شيخ عبد الرحمان سُدَيس معلوم ٿي رهيو هو، تنهن نهايت بهترين اديبانه انداز ۾عربي ۾ خطبو ڏنو. سندس تقرير (خطبي) جون ڏهه پوائنٽون/ نقطا لکڻ جهڙا هئا. پر بد قسمتي سان ان وقت مون وٽ قلم ۽ ڪاغذ به نه هئا. نه ته ضرور نوٽ ڪريان ها. انهي ڳالهه جو مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو. ٻيو ته، ٽيپ نه هئڻ سبب تقرير رڪارڊ به نه ڪري سگهيس، ڇو ته حرم شريف ۾ ٽيپ رڪارڊ کڻي وڃڻ تي قطعي بندش آهي. جيڪڏهن ڪو کڻي ايندو ته گيٽ ڪيپر کانئس ڦري پاڻ وٽ رکي ڇڏيندو.
    امام صاحب پنهنجي تقرير ۾ حج جا ارڪان وضاحت سان بيان ڪيا ۽ ان سان گڏ حج جي فضيلت، اهميت، مسلمانن جي اتحاد، دنيا ۾ مسلمانن سان ٿيندڙ ظلمن جو ذڪر ڪيو ۽ آخر ۾ عالم اسلام جي ڀلائي ۽ بيت المقدس جي آزادي لاءِ دعا به گهري. جمعه ڏينهن هئڻ ڪري حرم شريف ۾ انتهائي رش هئي. ميلن تائين رڳو ماڻهو ئي ماڻهو نظر اچي رهيا هئا. مڪي شهر جا سڀئي روڊ رستا جيڪي حرم جي آسپاس هئا سي سڀ ماڻهن سان سٿيل هئا، ڄڻ ته ماڻهن جو سمونڊ اٿلي پيو هو. رش جو وڏو سبب هي به هو ته، حج جا ڏينهن بنهه ويجها اچي پهتا هئا، انهي ڪري ٻاهرين ملڪن ۽ آسپاس جي عرب رياستن جا ماڻهو به لکن جي تعداد ۾ ڏينهون ڏينهن مڪي شريف ۾ پهچي رهيا هئا. انهن سڀني ماڻهن جو هڪ هنڌ گڏجڻ يقيني طور تي ازدحام جو باعث بڻبو.
    ماڻهن جي پيهه پيهان سبب اسان نماز کانپوءِ به اندر تهه خانه ۾ ويٺا رهياسون. ڪلاڪ ٻن کانپوءِ جڏهن رش گهٽجي وئي ته ٻاهر نڪري آياسون.


    هڪ ڀلجي ويل عورت:

    هڪ ڀلجي ويل عورت:
    معمول مطابق گرمي سبب تهه خانه ۾ ويٺي تلاوت ڪيم جڏهن گرمي جو تاءُ گهٽجي ويو ته، چانهه جي ٻاڙ لڳڻ سبب ٻاهر نڪري وڃي چانهه پيتم بازار ته حرم جي بلڪل لڳ آهي. واپس حرم ڏي آيس پئي ته ڏسان ته باب فهد ڀرسان مسجد الحرام جي ٻاهرئين اڱڻ تي هڪ بر صغير جي عورت اردو ۾ ڳالهائيندي ٻن عرب سپاهين کان ڪجهه پڇي رهي هئي. پر اهي عرب سپاهي هٿ جي اشاري سان انهي عورت کي چئي رهيا هئا ته، اسان تنهنجي ڳالهه نٿا سمجهون. آئون ڀرسان لنگهيس ته ٻڌم ته، عورت ويچاري پنهنجي رهائش واري جاءِ جو ڏس پتو پڇي رهي هئي. مون انهن عرب سپاهين کي چيو ته، اوهان انهي عورت جي ڳالهه سمجهي؟ اها ڇا پئي پڇي؟! تنهن تي انهن مون کي عربي ۾ چيو ته تون انهي جي ٻولي سمجهين ٿو؟ وراڻيم ته هائو. پوءِ سپاهين چيو ته، مهرباني ڪري هن حاجاڻي کان حقيقت حال پڇ؟ آئون انهي نوجوان عورت کان پڇڻ لڳس ته ڇا ٿي چوين؟ عورت وراڻيو ته، منهنجي دماغ کي هلندي ڪو ڦيرو اچي ويو آهي جو مون کان پنهنجي رهائش جاءِ جو طرف، گهٽي ڏس پتو قطعي وسري ويو آهي ته اسان جي جاءِ ڪهڙي پاسي ۽ ڪهڙي گهٽي ۾ آهي سو مهرباني ڪري مون کي پنهنجي رهائشگاهه تي پهچايو! پڇيو مانس ته تنهنجي رهائشگاهه واري بلڊنگ جو نالو ۽ محله جو نالو ته ياد هوندو؟ توڙي جو اها بلڊنگ ۽ محله هينئر تون سڃاڻي نه پئي سگهين! چيائين ته هائو! اسان مسفله محله جي قصر ڪنده (kindapalace) ۾ رهون ٿا . چيومانس ته، آئون انهي جو پوري طرح واقف آهيان. بي فڪر ٿي انشا الله توکي پنهنجي رهائش تائين پهچائيندس. مسفله مڪي جي قديم محلن مان آهي.
    منهنجو اتي صبح شام وڃڻ ٿيندو هو. اهو محلو حرم شريف جي لڳو لڳ ڏکڻ طرف هو. آئون انهي محله ڏي هلڻ لڳس ته اها عورت به پٺيان اچڻ لڳي. کانئس پڇيم ته، ڪهڙي ملڪ جا آهيو؟ وراڻيائين ته بنگله ديش جا. توڙي جو عورت پنهنجو تعارف بنگلاديش جي رهواسي سان ڪرايو پر ان جي شڪل شباهت، انداز گفتگو ۽ لباس وغيره مان ائين لڳي رهيو ته ته اِها پرستان جي ڪا پري آهي. محله مسفله ۾ داخل ٿيڻ وقت مون ان کي سندس جاءِ ڏي وڃڻ جو هٿ جي اشاري سان ڏس ڏنو. پرهن چيو ته، مهرباني فرمائي ٿورو اڳڀرو هلي مون کي اتي پهچائي اچو ته اوهان جو احسان ٿيندو. مون کي عربي ٻولي نه ٿي اچي ٻيو ته هتي اردو سمجهڻ وارو ڪو ورلي ملي ٿو. اسان هلندا جڏهن محله مسفله جي شارع مسيال تي پهتاسين ته قصر ڪنده جي بلڊنگ سامهون نظر آئي. انهي بنگال جي پري کي چيم ته هن بلڊنگ جو ڀلا نالو پڙهه! ته، انگريزي ۽ عربي ۾ لکيل نالو پڙهي چوڻ لڳي ته بس اها ئي بلڊنگ آهي. پوءِ ته، حرم شريف ڏي منهن ڪري منهنجي حق ۾ دعائون گهرڻ لڳي ۽ آئون واپس وري اچي حرم شريف ۾ ويٺس.


    تهه خاني جي چاڙهي جو دلچسپ واقعو:

    تهه خاني جي چاڙهي جو دلچسپ واقعو:
    اهو اپريل جي 12 تاريخ ڇنڇر جو ڏينهن هو. اڃا حرم شريف ۾ وچين نماز جو وقت ڪونه ٿيو هو، آئون ڪعبت الله شريف جي سامهون باب فهد واري پاسي ويٺل هوس. جنهن جاءِ تي ويٺو هوس انهي جي ويجهو تهه خانه ڏي هيٺ چاڙهي ڏي نظر ڪيم ته هڪ يمني عرب انهي چاڙهي جي چوٿين ڏاڪي تي ستو پيو هو. ويچارو يمني اگهور ننڊ ۾ ستل کونگهرا هڻي رهيو هو.
    ايتري ۾ هڪ اڌ ڄمار وارو ڪو عرب انهي چاڙهي تان هيٺ لهندي يمني جي سيراندي کان گذرڻ وارو هو ته، اوچتو ڪا ٿلهي متاري عربياڻي به ان ڪرڙوڍ عرب ڀرسان ساڳي چاڙهي تان هيٺ لهڻ لاءِ يمني جي پيراندي کان/ گذرڻ جو ارادو ڪري جيئن ئي وک وڌايائين ته، ان عورت جو هٿ/ ٻانهن، ڪرڙوڍ عرب مرد جي احرام واري ڪلهن جي چادر ۾ وچڙي وئي. عرب مرد جيئن ئي چادر کي ڇڪ ڏني ته، اها عربياڻي سڳوري وچڙي وڃي عرب مرد تي ڪِري ته اهو مرد به عورت جي مٿانئس ڪرڻ سبب وڃي هيٺ ستل يمني تي ڪِريو. نتيجي ۾ اهي ٻئي (عرب مرد ۽ عربياڻي) انهي يمني تي ائين وڃي ڪريا جيئن ڪا وڄ/ کنوڻ ڪڙڪو ڪري وڃي پٽ تي ڪِرندي آهي، پوءِ ته حالت ڏسڻ وٽان هئي. يمني ويچاري جنهن الائي ڪهڙا خواب پئي لڌا، تنهن جي مٿان اوچتو ٻه ٿلهيون متاريون آفتون ڪريون، سو ويچارو اک کلندي خوف وچان باهوڙجي ٻرڙاٽ ڪرڻ لڳو. شايد هن سمجهيو ته ڪو زلزلو آيو آهي يا ڪو منهنجي مٿان ڇت ڪري پئي آهي. ٽنهي همراهن جي وچڙڻ ۽ ڦٿڪڻ عجيب رنگ پيدا ڪري ڇڏيو سامهون هيٺ تهه خانه ۾ پنج سپاهي بيٺل هئا، پر انهن جي نظر ٻئي پاسي هئي. هيڏانهن منهنجي ڀرسان ويٺل ٻه ٽي ماڻهو اٿيا، تن انهن ٽنهي وچڙيل ماڻهن کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪيو. جڏهن ٽيئي الڳ الڳ ڪيا ويا ته، عربياڻي ويچاري ڪعبي ڏانهن منهن ڪري توبه توبه ڪندي نڪ تي آڱر مليندي رهي. اسان پهرين ته مرڪياسون پئي، پر پوءِ عربياڻي جي توبه زاري ڪرڻ تي خود به توبه توبه ڪرڻ لڳاسون.
    گهڙي کن کان پوءِ ته، اها عربياڻي هيٺ لهي تهه خانه ڏانهن رواني ٿي ۽ ٻيو عرب مرد به هليو ويو پر اهو يمني ٻن وزندار شخصن جي زور دار لتاڙ ۽ چپ سبب ڪيترو وقت سوچن ۾ ٻڏل بنا ڪنهن لوڻي هڻڻ جي ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺو رهيو. سندس غير متحرڪ جسم سٽجي ساڻي ٿيڻ جو ڏس ڏيئي رهيو هو. شايد خاموشي ۾ پنهنجي پاڻ کان پڇي رهيو هو ته، آخر ه ي ڪهڙو معاملو ٿيو؟ گهڙي کن سوچڻ کانپوءِ يمني اٿي وڃي وضو ڪيو ۽ وري ساڳي جاءِ تي چاڙهي جي پهرئين ڏاڪي تي اچي ويٺو. جڏهن هو تازو توانو ٿي ويٺو ته، مون اٿي کانئس پڇيو ته، يار بچيو ته آهين؟ ٻئي ٿلها تو مٿان ڪري پيا هئا هاڻ ٺيڪ ته آهين؟ يمني وڏو شوڪارو ڀري چيو ته، الحمد •! خدا جي مهرباني جو هڏ گڏ ڪونه ڀڳو اٿم باقي ويو چپجي آهيان، ۽ اها به حرم جي برڪت آهي جو بچي ويو آهيان، جي ٻي ڪنهن جاءِ تي مون سان اهڙي حالت ٿئي ها ته جيڪر پيسجي اٽو ٿي وڃان ها. اسان جي اها ڳالهه ٻولهه هڪ آيل نئين عرب ٻڌي ته کلڻ لڳو ۽ انهي يمني کان پڇيائين ته توسان ڪهڙو واقعو ٿيو آهي؟ تنهن تي انهي عرب يمني چيو ته يار! اڄ مون سان اهڙي ته جٺ ٿي آهي جو زندگي ڀر نه ٿي هوندي. مون انهي عرب يمني جي ڳالهه ڪٽيندي چيو ته خبر اٿئي ته اها جٺ ڇو ٿي؟ ته هن پڇيو ته ڀلا ٻڌاءِ؟ مون چيو ته، استاد اسان کي ننڍي هوندي نصيحت ڪندا هئا ته “پُٽ! ڪنهن به دروازي تي ٽيڪ لڳائي نه بيهجو ۽ نه ڪنهن رستي ۽ لنگهه تي سُمهجئو”. تون هتي لنگهه تي ستو هئين، انهي ڪري اهو سبق مليو اٿئي. هاڻي اهو سبق توکي زندگي ڀر نه وسرندو. يمني اقرار ڪيوته برابر انهي سموري غلطي جو بنياد آئون آهيان، پوءِ اهي ٻئي عرب مون کان موڪلائي روانا ٿيا.


    دبئي جي هڪ شاگرد سان ملاقات:

    دبئي جي هڪ شاگرد سان ملاقات:
    دستور مطابق فجر، اڳين ۽ وچين جون نمازون حرم ۾ ئي نصيب ٿيون. اهي مولا پاڪ جا احسان، جنهن مون ناڪاره کي اهڙي پاڪ جاءِ تي نمازون پڙهڻ نصيب ڪيون، جتي هڪ نماز پڙهڻ جو درجو هڪ لک نمازن جي ثواب برابر آهي. الحمد لله ثم الحمد لله.
    سانجهي نماز وڏي رش ۾ مسجد الحرام واري ڇت تي پڙهي. سمهڻي نماز لاءِ به اتي ئي ويٺي انتظار ڪيم. ذڪر فڪر تسبيح ۽ تلاوت به هلي رهي هئي. اها سومر جي رات اپريل جي 13 تاريخ هئي. ماڻهو ٽولن جا ٽولا سمهڻي جي نماز لاءِ مٿي ڇت تي پهچي رهيا هئا ۽ صفن جي ليڪي واري نشان تي ويهندا پئي ويا. صفن جا نشان ڪعبي جي چوڌاري گولائي تي آهن ته جيئن هر طرف کان ڪعبت الله شريف سامهون هجي. تقريباً ڪافي صفون ڀرجي ويون هيون ته منهنجي ڀرسان هڪ ڳڀرو جوان به اچي ويٺو، جنهن جي ڏاڙهي مُڇ جي ريهه اڃا مس پئي لٿي. ان کي عرب سمجهي عربي ۾ پڇيم ته، توهان حج تي آيا آهيو؟ وراڻيائين ته هائو. پڇيم ته ڪهڙي ملڪ جا آهيو؟ جواب ۾ چيائين ته پاڪستان جو آهيان.
    مون کيس چيو ته، پاڪستاني ته اردو وغيره ٿا ڳالهائين. تنهن تي جواب ۾چيائين ته، توهان مون کان عربي ۾ سوال ڪيو ته، مون به عربي ۾ جواب ڏنو. باقي مون کي پنهنجي ملڪ جي اردو ٻولي به اچي ٿي. پوءِ اسان جي انهي نوجوان سان اردو ۾ ڪچهري ٿي. مون کيس پڇيو ته، پاڪستان ۾ ڪهڙي جاءِ تي رهو ٿا؟ چيائين ته اسان آهيون جهلم جا، پر منهنجا مائٽ دبئي ۾ رهن ٿا ته آئون وري اتي هڪ اسڪول ۾ نائون ڪلاس پڙهان ٿو. اسان جي اسڪول طرفان 32 شاگردن، 5 استادن ۽ 2 ڊرائيورن جي هڪ ٽيم ٺاهي اسان سڀني کي حج تي موڪليو ويو آهي. اسان جو اهو قافلو ٻن بسن تي مشتمل آهي. اسان جي اسڪول طرفان اهو هر سال جو معمول آهي. اسڪول جي انتظاميه حج لاءِ شاگردن جي سليڪشن/ چونڊ سندن ڄمار جي مناسبت سان ڪري ٿي. اسان جي شاگردن واري جماعت ۾ اڪثر اٺين، نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا شاگرد آهن. هن وقت اسان مڪي شريف جي هڪ سٺي هوٽل ۾ ترسيل آهيون. مدينه منوره مان حاضري ڀري پوءِ هتي آيا آهيون ۽ هتان حج ڪري واپس دبئي وينداسون. دبئي کان سعودي تائين بس جي سفر ۾ اسان کي ٽي ڏينهن لڳا هئا. پنهنجي سموري روئداد ٻڌائڻ کانپوءِ نوجوان وڌيڪ چيو ته، جيئن پاڪستان ۾ ڪاليج ۽ يونيورسٽين طرفان شاگردن کي سال ۾ هڪ ڀيرو ٽوئر ڪرايو ويندو آهي، تيئن اسان کي وري حج تي موڪليو وڃي ٿو.
    مون انهي نوجوان جي گفتگو کانپوءِ پنهنجي ملڪ جي تعليمي ادارن تي هڪ نظر وڌي ته دل جو دل ۾ ڦڪو ٿيڻ لڳس. ذهن جي ڪسوٽي تي پرکيم ته، ڪٿي پاڪ،آستان ته ڪٿي دبئي؟ ٻنهي جي وچ ۾ ڪيڏو نه فرق آهي! حالانڪه اسان جا يار دوست چوندا آهن ته پاڪستان ۾ اسلام مضبوط آهي! پاڪستان اسلام جو قلعو آهي!! هن پاڪ ملڪ جا مسلمان احڪام اسلام جا پابند آهن!!! خليجي رياستن دبئي وغيره ۾ ته اسلام جو نالو نشان به ڪونهي!! وغيره وغيره پر دبئي جي شاگرد جي حقيقت تي مبني گفتگو انهي سموري ٻٽاڪ تان فريب آميز ليبل لاهي ڪوڙ وائکو ڪري ڇڏيو.
    هن پاڪ ملڪ جون يونيورسٽيون سال بسال سوين شاگردن کي آل پاڪستان جو ٽوئر ڪرائينديون آهن. پر اڃا تائين نه ته ڪنهن شاگرد کي ۽ نه ڪي استاد کي ڪنهن يونيورسٽي طرفان حج تي موڪليندي اخبار ۾ يا ريڊيو ۾ خبر ٻڌي يا پڙهي اٿئون. اِلا ماشا هڪ اڌ ملازم کي ڪُڻي ذريعي حج جو موقعو ڏنو وڃي ٿو. پر ٽوئر جي صورت ۾ ڊزن يا اڌ ڊزن شاگردن ۽ استادن کي موڪلڻ جي ته ڪا تجويز ئي زير غور ڪونهي نه ڪا اچڻ جي اميد آهي. ڇا يونيورسٽين جا وي سي انهي جي ضرورت ئي محسوس نه ٿا ڪن، يا انهن جي خيال ۾ هن پاڪ ملڪ جون يونيورسٽيون ايترو ترقي ڪري ويون آهن جو اتي جي استادن ۽ شاگردن کي حج ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪانهي؟ حالانڪه هن پاڪ ملڪ جي يونيورسٽين جي بجيٽ به ته ڪروڙن اربن جي هوندي آهي. سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ ڊاڪٽري وغيره علوم جديده جي پڙهڻ جو مطلب اهو ته ڪونهي جو انهن سبجيڪٽن سان وابسته شاگردن ۽ استادن کي اسلام ڏانهن راغب ڪرڻ يا اسلامي احڪامات جي اهميت پيدا ڪرڻ طرف ڪو ڌيان ئي نه ڏنو وڃي؟
    ٿي سگهي ٿو ته، منهنجون اهي سِٽون پڙهي ڪي صاحب کلندي چوندا به هجن ته، هي (ليکڪ) ڪيڏو نه ڀورو آهي!
    ڀلا حج جي ضرورت به ڪهڙي؟ خواهه مخواهه ٿيا پيسا وڃائڻا! ڇو ته جيڪڏهن ڪو خير جو ڪم ڪرڻو آهي ته ٻيا به ڪيترائي آهن! هائو!! برابر اهو چوڻ به صحيح آهي، پر هر ڪنهن ڪم جو اجورو جدا ۽ هر محنت جي مزدوري ڌار آهي. ليڪن حج هڪ اهڙي عبادتآهي جنهن ۾ سڀني عبادتن جو ڪونه ڪو حصو شامل رهي ٿو. جهڙوڪ: نماز، دعا، ذڪر، تلاوت، تسبيح، جهاد، زڪوات، روزو، قرباني، صدقه، انساني همدردي، سفر جي ڏک ڏاکڙن تي صبر، پرديس جي پريشاني سهڻ وغيره سڀئي شامل آهن. ڀلا جيڪڏهن توهان فقط خيرات ڪندو ته اهو به ثواب جو ڪم آهي پر انهي سان اجورو فقط هڪ عبادت جو ملندو، سڀني عبادتن جا درجا نصيب نه ٿيندا. حج اهڙي عبادت آهي جيڪا سڀني عبادتن کي ڪَٺو ڪندڙ جامع العبادات آهي. حج بابت ڪيتريون ئي فضيلتون آيون آهن. جن مان هڪ هي به آهي ته، جيڪو ماڻهو دنياوي غرض ۽ لالچ کان سواءِ فقط خدا جي راضپي خاطر حج ادا ڪندو ته اهو ڏوهن گناهن کان ائين پاڪ صاف ٿي واپس وطن ورندو جيئن ماءُ پيٽان نئون ڄاول ٻار، جنهن جو ڪوبه ڏوهه گناهه ڪيل نه هوندو آهي ۽ اها هڪڙي ئي اهڙي فضيلت آهي جيڪا ٻي عبادت ۾ ڪونهي.انهي ڪري آئون هتي جي تعليمي ادارن سان وابسته حضرات ۽ انهن ادارن جي اختياري وارن جو توجه ڇڪائيندس ته هو مٿي بيان ڪيل دبئي جي شاگرد جي اسڪول انتظاميه وانگر پنهنجي ادارن پاران بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ فرض شناس استادن ۽ پوزيشن هولڊر شاگردن کي بطور اعزاز حج ادائگي لاءِ سفر جي سهولت ۽ ٻئي ضروري خرچ جو انتظام ڪن ۽ اهڙو سلسلو مستقل قائم رکن.
    منهنجي نظر ۾ “حج ڪرائڻ وارو انعام”، گولڊ ميڊل (سون جي ٻلي) ۽ سِلوَر ميڊل (چاندي جي ٻلي) کان لک ڀيرا وڌيڪ قابل تعظيم آهي.


    آغاز فريضه حج:

    آغاز فريضه حج:
    سعوديه ۾ هجري ڪيلينڊر مطابق ذوالحج مهيني جو ٻيو اڱارو هو، يعني ته 8 تاريخ هئي. جڏهن ته ساڳي ڏينهن تي پاڪستان ۾ 6 تاريخ هئي. ڇو ته، پاڪستان ۾ سعوديه کان هڪ ٻه ڏينهن پوءِ چنڊ ڏسبو آهي. پڙهندڙ واقف هوندا ته، 8 ذوالحج تي فريضه حج جا ارڪان شروع ٿي وڃن ٿا ته، اسان به اڱاري جي رات ايندي ئي حج جي ادائگي دوران گهربل ضروري سامان سهيڙڻ شروع ڪيو.
    اٺين تاريخ جي رات گذرڻ ۽ پرهه ڦٽڻ جو اهڙي ته بيچيني سان انتظار ڪرڻ لڳاسون جيئن عيد جي چنڊ جو هر خاص و عام کي انتظار هوندو آهي. جيئن جيئن انتظار جون گهڙيون ختم ٿينديون پئي نظر آيون، تيئن وري منهنجي طبيعت هڪ ٻن ڏينهن کان لڳاتار بخار جي رفتار ۾ اوچتو تيزي ۽ شدت سبب ڪمزور ٿيندي پئي وئي. مون سوچيو ته، جنهن فريضه جي ادائگي لاءِ سالن کان سڪ سانڍي هئم، سو خبر ناهي ته، ادا به ڪري سگهندس يا نه! پر جنهن ڪارساز ڪريم جي سهاري تي هلندي سندس عظمت ڀري بارگاهه ۾ پهتو هئس تنهن جي ڪرمنوازي ۽ دستگيري سان ڪمزوري ۽ بخار جي باوجود پرهه ڦٽندي ئي فجر نماز کانپوءِ وهنجي اڳ ۾ پاتل سبيل ڪپڙن بدران احرام واريون چادرون پاتم ۽ نفل ادا ڪري حج جي نيت ڪندي لبيڪ اللهم لبيڪ پڪارڻ شروع ڪيم. اسان سڀئي ساٿي پنهنجو پنهنجو سامان کڻي معلم واري آفيس مڪتب نمبر 17 ڏي وڃڻ کان پهرين حرم شريف ڏانهن روانا ٿيا سون. واٽ تي سوين بسون روڊن تي هلندي نظر آيون، جن جي سامهون واري شيشي تي ٿلهن اکرن ۾ معلم جي مڪتب (آفيس) جو نمبر لکيل هو ته، جيئن انهي مڪتب وارا حاجي سڳورا بس سڃاڻي سوار ٿين. اسان حرم شريف پهچڻ کانپوءِ دربار خدا وندي جي حاضري ڀري، پوءِ حرم شريف جي اڀريندي پاسي حضور سائين جي پيدائش واري جاءِ (مولد النبي الشريف) جي ويجهو وڃي ويٺاسون ۽ پنهنجي هڪ ساٿي جاويد هزاروي کي مڪتب 17 جي آفيس ڏي موڪليو سون ته جيئن اتان معلوم ڪري اچي ته، اسان کي مڪتب جون بسون ڪهڙي روڊ تان کڻنديون؟ انهي اڱاري جي ڏينهن اپريل جي 15 تاريخ هئي. جيئن ته اهو ڏينهن يعني 8 ذوالحج فريضه حج جي ادائگي جو پهريون ڏينهن هو جنهن ۾ حاجي کي مڪي کان حج جو احرام پائي فجر نماز کانپوءِ مِنيٰ ڏي روانو ٿيڻو آهي ته جيئن اتي رهي اڳين، وچين، سانجهي ۽ سمهڻي نمازون پڙهي، ذڪر تسبيح تلاوت ڪري، دعائون گهري ۽ رات به مِنيٰ ۾ گذاري. مِنيٰ ۾ عبادت ڪندي 8 ذوالحج جو ڏينهن ۽ 9 تاريخ جي رات به رهڻ حج جي احڪامن ۾ “سنت” شمار ٿئي ٿو. مولد النبي جي ڀر واري روڊ تان ڪيتريون ئي بسون حاجي سڳورا کڻي مِنيٰ ڏي وڃي رهيون هيون.
    اسان جي مڪتب 17 وارو نمبر ڪنهن به بس تي نظر نه ٿي آيو. اسان سان گڏ ٻيا به ڪيترائي حاجي سڳورا سوارين جي انتظار ۾ هئا، جن مان هڪ پنجاب جو پوڙهو به هو. جنهن ويچاري هر ايندي ويندي بس ڏي واجهايو ٿي. هر هر واجهائڻ ڪري کيس پنهنجي گوڏ واري چادر جي کلي وڃڻ ۽ اوگهڙ ظاهر ٿيڻ جو به پتو ڪونه پيو. اسان جي هڪ ساٿي کيس هڪل ڪري چيو ته، حاجي صاحب! بس ته ملي ويندي پر پهرين پنهنجي اوگهڙ ته ڍڪ. ميان هينئر حج جو احرام ٻڌو اٿئي ۽ حج اسلام جي فرضن مان هڪ اهم فرضي عبادت آهي، جيئن ٻين عبادتن لاءِ پاڪائي ۽ اوگهڙ ڍڪڻ فرض آهي تيئن حج لاءِ به فرض آهي. انهي خبردار ڪرڻ تي پوڙهي ويچاري استغفرالله پڙهي اوگهڙ ڍڪي اڃا پاڻ ۾ ڪجهه ڳالهايوسون پئي ته اسان جو ساٿي جاويد هزاروي پهچي ويو.
    جنهن اچي ٻڌايو ته، مڪتب وارا چون ٿا ته، توهان هتي آفيس ۾ پهچو. اهو ٻڌندي اسان پنهنجو سامان کڻي وڃي شعب عامر محله ۾ واقع مڪتب نمبر 17 ۾ پهتاسون. آفيس وارن چيو ته، اسان فون ڪيو آهي ۽ انشاءَ الله بس اجهو ٿي پهچي ۽ توهان کي خير خوبي سان مِنيٰ پهچائبو. ڪجهه انتظار ڪرڻ تي هڪ وڏي ايئر ڪنڊيشن بس آئي ۽ اسان کي انهي ۾ ويهاريو ويو. بس سڄي خالي پئي هئي ڇو ته مڪتب 17 جا فقط اسان ئي رهيل ماڻهو هئاسون جڏهن ته ٻيا اسان کان اڳ ۾ ئي روانا ڪيا ويا هئا. هن آيل بس ۾ اسان کانسواءِ ٻيا آفيس وارن جا چند ماڻهو به احرام ٻڌي بس ۾ چڙهيا ۽ بس رواني ٿي. روڊن تي ٽريفڪ جام هئي، انهي ڪري بس ڌيمي رفتار سان هلڻ لڳي. منهنجي طبيعت بخار سبب بنهه ڪمزور هئي ۽ وري آرامده ايئر ڪنڊيشن بس ۾ سندس نرم رفتاري ڏسي بس جي سيٽ تي آرام ڪرڻ خاطر ليٽي پيس. وچولي ڊگري واري ننڊ يعني اوجهراڻي ۽ نيم خوابي ۾ اهو سفر طئي ٿيو. مڪي کان مِنيٰ جو پنڌ 5 ميل/ 8 ڪلو ميٽر آهي.


    مِنيٰ ۾ باهه جو درد ناڪ واقعو:

    مِنيٰ ۾ باهه جو درد ناڪ واقعو:
    اوچتو ساٿين جي سجاڳ ڪرڻ تي خبر پئي ته منيٰ ۾ پهچي ويا آهيون. بس بيٺي ته اسان هيٺ لهي ڏٺو ته، تنبن جو ڪاٿوئي ڪونه هو. ڳڻپ کان ٻاهر تنبن ۽ ماڻهن جي رش وچان هلڻ خاص ڪري منهنجي لاءِ وڏو مسئلو هو. نيٺ جيئن تيئن ڪري وڃي پنهنجي مڪتب 17 جا تنبو هٿ ڪياسون. جتي ڪافي ڳولا کانپوءِ اسان جو تنبو نمبر 69_61 نظر آيو ۽ اسان لڳ ڀڳ پوڻين ٻارهين وڳي تنبو ۾ داخل ٿياسون. ماڻهن جي گهڻائي سبب ويهڻ جي جاءِ نظر نه پئي اچي. تنبو ۾ سنڌي ٻولي وارا گهڻا هئا. هڪ هنڌ ٿوري جاءِ ڏسي اوڏانهن وک وڌائي سون ته اتي ليٽيل هڪ پوڙهي کي وڏو سلام ڪري خوش کينڪار ڪئي سون ته جيئن ڀر ۾ ويهڻ ڏئي. سلام کانپوءِ پڇيوسون ته، چاچا توهان ڪٿي جا آهيو؟ پوڙهي پنهنجي اکين تي چڙهيل چشمي کي سڌو ڪري وراڻيو ته، مان لاڙڪاڻي جو هان. اسان اتي ويهڻ واري ڪئي ته، پوڙهي يڪدم گرم ٿي چيو ته، ڀائو! هتي جاءِ ناهي. اسان جا همراهه وضو ڪرڻ ويا آهن سي اجهو ٿا اچن. توهان وڃي پنهنجو تنبو تلاش ڪري اتي ويهو. توهان جو اسان ٺيڪو ته ڪونه کنيو آهي جو سر تي چڙهي اچي ويٺا آهيو! هتان اٿي وڃو!! پوڙهي جي تلخ ڪلامي ۽ کهري ڳالهائڻ تي آئون ته پلٿي هڻي ويهڻ بجاءِ اوڪڻو ٿي ويٺس ۽ سامان جي ٿيلهي ۾ به منهنجا هٿ پيل هئا جڏهن ته ٻيا ساٿي بيٺا ئي هئا. اسان جي گروپ ليڊر جاويد چيو ته، توهان هتي ئي بيهو ۽ آئون دفتر وارن کي وڃي ٿو شڪايت ڪريان ته، توهان اسان کي تنبو جو نمبر ته الاٽ ڪيو پر اتي ويهڻ جي جاءِ ته آهي ئي ڪونه. جاويد کي روانو ٿئي ڪي چند منٽ گذريا هوندا ته، اسان تنبو ۾ ويٺي ٻاهر ماڻهن جون رڙيون ۽ دانهون ٻڌيون ته، ڀڄوڙي ڀڄو! تنبن کي باهه لڳي وئي!! پوءِ ته ڪنهن به ڪنهن جو خيال نه ڪيو، هر ڪنهن جي ڀڄ ڀڄان شروع ٿي وئي. آئون ته اوڪڻو ويهي سامان جو ٿيلهو هٿ ۾ جهليو ويٺو هوس سو اٿي ڀڳس. تنبو مان ٻاهر نڪري ڏسان ته، ماڻهو ويچارا ساهه بچائي ٻاهر نڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي کي لتاڙي، چيڀاٽي رهيا هئا. تنبن جي چوڌاري هر مڪتب وارن پنهنجي طرفان لوهي چادر جي الڳ ڪمپائونڊ وال ڏني هئي جنهن جي هر حلقه کي اولهه ۽ اوڀر طرف ٻه، ٻه ايمرجنسي گيٽ هئا. اهي ڳاڙهي رنگ وارا گيٽ ايترا ته سوڙها هئا جو ٻه ماڻهو گڏ لنگهي به نه ٿي سگهيا. ماڻهن جي اٿلي پيل سمونڊ اهي دروازا ته ٽوڙي ڇڏيا پر لوهي چادر جي کڙي ڪيل ديوار به ٽٽي وئي. آئون به ٿڙهي ڦٿڪي تنبن مان ٻاهر نڪتس ۽ تنبن جي ٺاهيل حلقن وچان گذرندڙ هڪ گِهٽي وٺي تکو تکو هلڻ لڳس.
    پوئتي جو مڙي ڏٺم ته، مار! باهه جو دونهون آسمان سان پيو چوٽي گسائي، ۽ باهه واچوڙي وانگر اسان جي پويان ڪاهيندي پئي اچي. بس پوءِ ته اسان جي ڀڄڻ جي رفتار اهڙي هئي جيئن ڪا فُل اسپيڊ هلندڙ گاڏي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وڃي. تنبن ۾ گيس سلينڊرن جي ڦاٽڻ سان طاقتور بمن جهڙا زور دار ڌماڪا ٿيڻ شروع ٿيا. سلينڊرن جي ڦاٽڻ سان تنبن جي چوٽي کي باهه لڳي وئي ٿي. جيئن ته گيس سپلائي ڪندڙ کاتي پاران تنبن جي پاسي کان گيس سلينڊر سيٽ ڪري انهن کي عارضي ڪنيڪشن ذريعي هڪ ٻئي سان ڳنڍيو ويو هو ته باهه لڳڻ وقت گيس سلينڊر ڦاٽي پيا ٿي ۽ ڌماڪي سان گيس جي باهه تنبن جون چوٽيون ساڙڻ شروع ٿي ڪيون. تنبو جي هڪ چوٽي کان ٻئي تنبو جي چوٽي تائين باهه ترڪندي ڀڳي پئي وئي. اهڙي صورت ۾ تنبو باهه جي وڪڙ ۾ اچي ٿي ويا ڇوته سلينڊر تنبن جي پاسن کان چوڌاري رکيل هئا.
    انهي ڪري باهه جي گهيري ۾ ڦاسڻ جي ڊپ کان سڀڪو جان بچائي پوري اسپيڊ سان ڊوڙي ڊڪي رهيو هو. ڪنهن کي ڪا خبر نه هئي ته ڪيڏانهن پيو وڃي پر مڙيئي منهن ڪريو پئي ويو. جيئن به ڪو ڌماڪو ٻڌو سون ٿي ته، اسان جي ڀڄڻ جي رفتار اڃا به وڌي ٿي وئي. حالانڪه هن باهه جي حادثي کان اڳ بخارن جيڪري ڪمزوري سبب آئون هلي به ڪونه ٿي سگهيس، پر جڏهن سر جي لڳي ته، ڄڻ مون کي نه ڪو بخار هو نه ڪي ڪمزوري. پاڻ کي بنهه صحتمند ۽ طاقتور سمجهي ٻين سان گڏ ڊوڙندو پئي ويس. باهه کان ڀڄندڙ لکين ماڻهو ڪي مزدلفه واري روڊ ڏي، ته ڪي انهي پاسي جبلن ڏي ته ڪي وري مڪي شريف ڏي ويندڙ مين روڊ ڏي ڪاهيندا ويا. آئون به مڪي واري مين روڊ ڏي ڀڄندڙ ماڻهن ۾ شامل هئس.
    گهڙي جو گهڙي ۾ سڪون ۽ اطمينان واري فضا شور ۽ گوڙ، هل هنگامن ۽ حادثن ۾ تبديل ٿي وئي. فائر برگيڊ، سعودي هلال احمر ويلفيئر ادارن جي گاڏين ۽ فلاحي شعبن جي ماڻهن جي هنڌين ماڳين وٺ وٺان شروع ٿي وئي. ٻرندڙ باهه مٿان ٽي هيليڪاپٽر به پاڻي وسائيندا نظر آيا. منيٰ، مڪي، عرفات ۽ جده مان آيل فائر برگيڊ زوردار پريشر سان پاڻي جو مينهن وسائي رهيا هئا. هيٺان ۽ مٿان پاڻي جي طوفاني وسڪاري باوجود باهه تي پاڻي نه ڄڻ گاسليٽ يا پيٽرول وسي رهيو هو. جيئن پوءِ تيئن باهه تيز ٿيندي وئي ۽ ملڪ ساڙيندي اڳتي وڌندي وئي. منيٰ جي تنبن وارو ميدان اڪثر ڪري باهه جي لپيٽ ۾ اچي ويو هو، جتي پري کان رڳو ڪارو دونهون ئي دونهون پئي ڏٺو. خدا جي قدرت! باهه لڳڻ شرط زور دار تيز هوا شروع ٿي وئي، جنهن هيڪاري حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو.
    حالانڪه باهه لڳڻ کان ٻه ٽي منٽ پهرين هوا جو نالو نشان به ڪونه هو، اهڙي ته سخت گرمي هئي جو ڄڻ سج مان شعلا پئي نڪتا جيڪي اسان جي جسم کي ساڙي رهيا هئا، پر هوا جي تيز رفتاري باهه وسائڻ جا سمورا حيلا وسيلا بيڪار بنائي سرڪاري توڙي خانگي ادارن کي بنهه بيوس ڪري ڇڏيو.
    باهه کان ڀڄي ٻاهر نڪتل ماڻهن مان ڪي ته پنهنجا وڇڙي ويل عزيز ۽ دوست ياد ڪري روئي رهيا هئا ته ڪي پاڻ کي رب جي حضور ۾ قصور وار سمجهي پنهنجي ڪوتاهين جي معافي گهري رهيا هئا ته ڪي وري جهولي جهلي ٻاجهاري ڌڻي کي رحم جي اپيل ڪري رهيا هئا.
    باهه جي شروعات اسان جي مڪتب 17 جي ڀر واري مڪتب 16 وٽان ٿي هئي جتي هندستاني حاجين جا تنبو هئا. بر وقت باهه لڳڻ جو سبب معلوم ٿي نه سگهيو. ماڻهن جون دانهون، رڙيون ۽ هيڏانهن هوڏانهن پناهه لاءِ ڀڄ ڊڪ وارو ڀيانڪ منظر هو بهو قيامت جو ڏيک هو. اسان ته منيٰ ۾ ڄڻ قيامت ٿيندي ڏسي رهيا هئاسون. انهي افراتفري ۾ ڪابه خبر پئي نه سگهي ته ڪير مئو؟ يا ڪير بچيو؟
    اسان ٻپهرن جي ٽانڊا وسائيندڙ اُس ۾ هوش حواس وڃائي خلق جي وڏي انبوهه سان گڏ غير ارادي طور مڪي وارو روڊ وٺيو ڀڄندا پئي وياسون. منهنجا ٻه ساٿي جاويد هزاروي ۽ رئيس عبد الغني سومرو باهه جي خوف کان خبر ناهي ڪيڏانهن منهن ڪري ڀڄي ويا هئا البت هڪ ساٿي رحيم ڏنو سمون جيڪو مون جهڙو اڀرو ۽ جهونو هو سو تنبن مان ڀڄي نڪرڻ کانپوءِ ڪنهن گهٽي ۾ گڏجي ويو هو، اهو مون سان گڏ هو. جڏهن اسان ميل سوا کان به وڌيڪ پنڌ ڪيو ته، مون رحيم ڏني کي چيو ته، هل ته ڪنهن ويجهي مسجد ۾ دم پٽيون. مسجد کانسواءِ ٻئي هنڌ پاڻ کي ڪو ويهڻ به نه ڏيندو اها صلاح ڪري ٿورو اڳتي هلياسون ته، مڪي واري مين روڊ لڳ هڪ ڪشادي عالي شان مسجد عمر فاروق نظر آئي. بس اتي وڃي سامان رکيوسون ۽ وضو ڪري اڳين نماز پڙهي سون. نماز ۽ دعا کان فارغ ٿيڻ تي حواس ڪم ڪرڻ لڳا ۽ ڀانتم ته هوش ۾ اچي ويو آهيان. هيستائين مون کي ڪابه سڌ نه هئي ته آئون بيمار آهيان يا تندرست. شايد منهنجو حساس ذهن باهه واري حادثي کان شديد متاثر ٿيو هو. مون محسوس ڪيو ته، بخار جو ٽمپريچر بي انتها وڌيل آهي. بدن ٽانڊا ٿي ويو آهي. مٿي ۾ سخت سور سبب دماغ جي رڳ ڦاٽڻ جو انديشو ٿي پيم. انهي ڪري ٿيلهي مان گوريون ڪڍي وزن کان به ٻيڻيون کائي ويس. گهڙي کن ليٽي پوڻ سان بخار جي ٻرندڙ باهه کي ڪجهه ڇنڊو لڳو ته مٿي جو سور به هلڪو ٿيو.
    جڏهن ڪجهه سامت م آيس ته، ذهن ۾ هي سوچ آئي ته، مسجد جا ملازم عرب سڳورا هتي رهڻ ڪونه ڏيندا، هونئن به عرب ڌارئي ملڪ جي ماڻهن کي گهٽ سهندا آهن. ٻيو وري جي چونداسون ته پاڪستاني آهيون ته پوءِ ڪهل ڪرڻ بجاءِ ٿڏا هڻي ڊوڙائي ڪڍندا، تنهنڪري انهن جي تڙڻ کان اڳ ۾ ئي نڪرڻ جي ڪجي، اهو سوچي اسان ٻئي مسجد مان ٻاهر نڪري اچي روڊ تي بيٺاسون. اهو ٽائم لڳ ڀڳ 3 وڳي جو هو.


    حرم شريف ڏي واپسي:

    حرم شريف ڏي واپسي:
    منيٰ ڏي واپس وڃڻ جي همت نه ٿي ۽ نه ڪي طبيعت جي ناسازي اوڏانهن موٽي هلڻ جي اجازت ڏني. مون سوچيو ته اهڙي بيچيني جي ڪيفيت ۾ ڪنهن ڊاڪٽر وٽ پهچي ڪجهه علاج به ڪرائجي ته ڪٿي اطمينان سان آرام به ڪجي. انهي ڪري حرم شريف ڏي ويندڙ گاڏين کي بيهڻ لاءِ اشارا ڪرڻ شروع ڪيم پر هر ڪا گاڏي بيهڻ بدران پوري تيز رفتاري سان ڊوڙندي گذري ٿي وئي. نيٺ هڪڙي ڊاٽسن بيٺي ڊرائيور چيو ته ويهو.
    ڊاٽسن ۾ ويهي اسان ٿورن ئي منٽن ۾حرم شريف پهتاسون. اتي ڏسون ته، منيٰ مان ورندڙ خلق زارو قطار روئندي خدا جي حضور ۾ دست بدعا آهي. ڪو پنهنجي وڇڙيل پٽ يا پي ءُ لاءِ پيو دعائون گهري ته ڪنهن وني پنهنجي ور لاءِ پئي ٻاڏايو ته ڪنهن پنهنجي عزيز يا دوست جي سلامتي لاءِ ٻاجهاري ڌڻي کي وينتي پئي ڪئي. حرم شريف جي ٻاهرئين اڱڻ تي آهه و زاري ڪندڙ سوين نه پر هزارين ماڻهو ڏٺم جن مان ڪي ته مون کي به چنبڙي پيا هئا ته، ابا! تون دعا گهر ته اسان جو ٻچڙو سلامت اسان کي موٽي ملي. مون انهن اتر سنڌ جي پوڙهي ۽ پوڙهي کي چيو ته، توهان پنهنجي ٻچڙي جي خالق جي دربار ۾ بيٺا آهيو ته پوءِ ٻئي ڪنهن کي چوڻ جي ضرورت به ڪهڙي آهي؟ سنئون سڌو ڪعبي جي رب کي ٻاڏايو پڪ سان اهو ٻاجهه ڪندو.
    ٿورو اڳتي هليس ته مصري عورت گريه زاري پئي ڪئي، مون کانئس پڇيو ته، يا اماه! لماذا تبڪين؟ (امان! ڇو پئي روئين؟ ڪهڙي تڪليف اٿئي؟) وراڻيائين ته، ڪيف لا ابڪي انطفا سراج اسرتي في حريق منيٰ! (ڇو نه روئان جو منهنجي خاندان جو ڏيئو منيٰ واري باهه جي حادثي ۾ وسامي ويو آهي.) سچ پڇو ته، انهي مصري عورت جي مختصر جملي منهنجي اندر کي ڦٽي وڌو. آئون خود روئڻ لڳس. واقعي جنهن جي خاندان جو ڏيئو اوچتو اجهامي وڃي ته هاڻي انهي کي پنهنجو سمورو خاندان گهور انڌيري ۾ گهيريل نظر ايندو.
    اهڙي خاندان جا فرد لازمي طرح ويڳاڻپ جي اونداهي ۾ مايوس ڪن صورتحال جو شڪار ٿي ويندا. پڙهندڙ خود سوچين ته، زندگي جي شاهراهه تي هلندي خدا نخواسته ڪي ماڻهو اکين جو نور وڃائي ويهن ته اهڙي وقت انهن لاءِ واٽ وٺي هلڻ، کڏي کوٻي ۽ اوجهڙ کان بچا ڪرڻ نا ممڪن ٿي پوندو. مصري عورت جي جمله جو مفهوم به اهڙي حقيقت ڏي اشارو هو. مِنيٰ ۾ ته اهڙا هزارين ڏيئا وسامي ويا هئا جن جي روشني تي ڪيترين زندگين جي جياپي جو دارومدار هو.
    اسان حرم شريف ۾ وچين نماز پڙهي، منيٰ جي آڙاهه مان سلامتي سان بچي نڪرڻ تي رب جو شڪر ادا ڪيو ته پنهنجي وڇڙيل ساٿين جي خير سلامتي لاءِ ۽ منيٰ جي حادثي ۾ شهيد ٿي ويل هزارين حاجين جي بخشش لاءِ دعائون گهريون. دل چاهيو پئي ته، هي رات هتي حرم ۾ ئي گذارجي پر طبيعت جي ناسازي سبب حرم کان ٻاهر هڪ ميڊيڪل اسٽور تي وڃي گهربل دوائون وٺي پنهنجي رهائشگاهه ڏي روانا ٿياسون. ويهن منٽن جي پنڌ لاءِ اسان کي ڪلاڪ کن هلڻو پيو ڇو ته هلڻ جي سگهه به نه رهي هئي. نيٺ رڙهندا ساهيون پٽيندا سانجهي ڌاري پنهنجي ٺڪاڻي تي اچي پهتاسون. سانجهي نماز کان فارغ ٿي دوائون کائي ليٽي پيس. پر هولناڪ حادثي جو منظر اکين آڏو ڦرندو رهيو ۽ فائر برگيڊن جي خطري وارا سائرن ڪنن ۾ گونجندا رهيا ته گڏو گڏ سڙي ويل، چپجي ۽ لتاڙ جي مئل ماڻهن ۽ ساٿين جي وڇڙڻ تي افسوس ۽ ارمان ڪندي روئي رهيو هئس. ڪلاڪ ڏيڍ کانپوءِ سمهڻي نماز پڙهي سمهڻ جو سعيو ڪيم. کائڻ پيئڻ ڏانهن نه دل چاهيو نه ڪي ڪجهه کاڌم. هونئن به ٻن ٽن ڏينهن کان بخارن جيڪري وات جو ذائقو ڪڙو ٿي چڪو هو، ڪابه شي ڪونه ٿي وڻي، فقط کجور ۽ زمزم جي پاڻي تي گذارو ٿي رهيو هو ته، ڪيڏي مهل چانهه ۽ بسڪيٽ تي وقت پئي ڪڍيم.


    عرفات ڏانهن روانگي:

    عرفات ڏانهن روانگي:
    ٻئي ڏينهن يعني اربع 9 ذوالحج مطابق 16 اپريل تي صبح سوير اٿي فجر نماز پڙهي سون. جيئن ته، 9 ذوالحج جي فجر نماز کان 13 ذوالحج جي وچين نماز تائين تشريق جون تڪبيرون هر مسلمان تي فرضي نماز کانپوءِ هڪ ڀيرو چوڻ واجب آهن، انهيڪري اسان پهرين تشريق جون تڪبيرون چوڻ شروع ڪيون ۽ پوءِ لبيڪ اللهم لبيڪ (تلبيه) پڙهيوسون. فراغت بعد پرائيويٽ ٽيڪسي ذريعي مڪي شريف کان 12 ميل اوڀر طرف عرفات جي ميدان ڏي روانا ٿياسون. اڄوڪي اربع واري ڏينهن حج پڙهڻو هو. حج جو خطبو عرفات تي ٿيندو آهي جتي وقوف به ڪجي ٿو. انهي 9 تاريخ واري ڏينهن کي احڪامات حج ۾ “يوم عرفه” جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته، هن کان اڳئين ڏينهن يعني 8 ذوالحج واري ڏينهن کي “يوم التروية” چيو ويو آهي. 8 تاريخ منيٰ ۾ قيام ڪرڻ سنت آهي پر بد قسمتي سان آئون منيٰ جي باهه واري حادثي سبب اتي رهي نه سگهيس جنهن ڪري مون کان اها سنت فوت ٿي وئي. سنت جي فوت ٿيڻ تي شريعت ۾ ڪو ڏنڊ يا جرمانو وغيره ته ڪونهي پر پوءِ به پالڻهار کان انهي ڪوتاهي ۽ بي وسي سبب ٿيل خطا تي ان وقت به معافي گهري رهيو هئس ته اڄ تائين اهو ارمان ۽ پشيماني اٿم. ڳالهه پئي ڪيم ته، وقوف عرفات يعني عرفات جي ٻن ميلن واري ميدان جي ڪنهن به حصي ۾ 9 تاريخ جي سج لڙڻ کان وٺي 10 ذوالحج جي پرهه ڦٽڻ کان ڪجهه پهرين تائين ٿورو يا گهڻو وقت ويهڻ، بيهڻ، ترسڻ يا فقط گهڙي پل حاضر ٿيڻ فرض آهي. البت سج لڙڻ کان سانجهي تائين عرفات جي ميدان ۾ رهڻ واجب آهي. وقوف (بيهڻ ۽ ترسڻ) دوران حديثن ۾ خدا جي حمد و ثنا ڪرڻ، درود شريف پڙهڻ، تلاوت ڪرڻ، دعائون گهرڻ، تسبيح ۽ ذڪر وغيره ڪرڻ جي تاڪيد ۽ ان جي قبوليت بابت آيل آهي.
    بهرحال اسان گاڏي ۾ ويهي عرفات ڏي وڃي رهيا هئاسون. جيئن جيئن منيٰ کي ويجها پئي ٿياسون تيئن ڪالهوڪي حادثي جو صدمو وري تازو ٿي دل کي ڏاريندو پئي ويو. جڏهن اسان جي گاڏي منيٰ وٽان گذري ته، سڙيل تنبو نظر آيا جن جو ڪوبه ڇيهه ڪونه هو. گاڏي ۾ ويٺل ماڻهن کان پڇڻ تي خبر پئي ته، ستر، پنجهتر هزار تنبو سڙي ويا آهن. مون انهن سڙيل تنبن تي نظر ڊوڙائي ته، ميلن تائين سڙيا پکڙيا پيا هئا. ممڪن آهي ته انسانن جا لاش پهرين کڻي ويا هجن ۽لاشن کانسواءِ ٻيو سڙيل سامان وغيره ڪرينن جي مدد سان پوءِ ميڙي کنيو ويو هجي.
    سڙيل تنبن جي ايراضي جمرات (شيطانن) جي ڀر واري جبل کان شروع ٿي هئي ۽ مزدلفي واري روڊ لڳ جبلن تائين هئي ڇو ته، جمرات (شيطانن) جي ڀر پاسي واري جبل وٽان باهه شروع ٿيندي ئي تيز طوفاني هوا لڳڻ شروع ٿي هئي جنهن باهه کي اتان کان ڌڪيندي اچي مزدلفه روڊ واري جبل وٽ پهچايو هو، تان جو ننڍا ٻوٽا ۽ سڪل گاهه وغيره جيڪو جبل جي مٿان هو سو به سڙي ويو ۽ انهي وچ وارا تنبو سمورا باهه جو کاڄ ٿي ويا هئا جڏهن انهي ڊگهي پٽي (جيڪو اولهه ڏکڻ ڪنڊ کان اوڀر اتر ڪنڊ طرف هو) کان اولهه اتر ۽ اوڀر ڏکڻ وارا تنبو گهڻا تڻا بچي به ويا هئا.
    سڙي شهيد ٿي ويندڙ ماڻهن جي تعداد بابت سعودي ريڊيو ۽ اتي جي عربي روزانه اخبارن مطابق 280 ماڻهو باهه جي عين حادثي ۾ فوت ٿيا آهن. جڏهن ته اها خبر اسان جي مشاهدي آڏو پڌرو نسورو ڪوڙ هئي. اها خبر ٻڌي ۽ اخبارن ۾ پڙهي مون کي عجب ٿيو ته اسان جي نقلي پاڪ ملڪ ۾ ته نشرياتي ذرائع ابلاغ ۾ ڪوڙين خبرن جي اشاعت روزانه جو معمول بلڪه اسان جي انفارميشن سيل جي طبعي خصوصيت آهي پر هن اصلي پاڪ ملڪ م به حڪومتي ادارا رومال ۾ ويڙهڻ بجاءِ پڌرو ڪوڙ پڙي تي کنيو ڦٽو ڪن. (استغفرالله) شايد ان جو سبب هي آهي ته، مسلمان ملڪن جا نشرياتي ادارا، عالمي ميڊيا (بين الاقوامي نشريات) جي رهبري ۽ روش مطابق هلن ٿا، جڏهن ته عالمي ميڊيا تي يهودين ۽ عيسائين جو پورو پورو ڪنٽرول آهي انهن وٽ سچ کي ڪوڙ چوڻ ۽ ڪوڙ کي سچ چوڻ ته سندن پيشه ورانه مهارت جو هڪ معمولي کيل آهي.
    منيٰ جي حادثي ۾ مري ويندڙ ماڻهن جي اڪثريت هندستان جي هئي، جڏهن ته، بنگلاديش، پاڪستان، مصر، اردن، انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ ڪن ٻين ملڪن جا به ماڻهو سڙي ويا هئا. عام ماڻهو ته مري ويلن جو تعداد ”هزارين“ ٻڌائي رهيا هئا، پر منهنجو اندازو هو ته، پنڌرهن (15) کان ويهن (20) هزارن جي اندر ماڻهو سڙي شهيد ٿي ويا هئا. ڇو ته حج تي آيل ماڻهن جو تعداد لڳ ڀڳ 35 لک هوندو. جن مان هڪ ته اهي هئا جيڪي پاسپورٽ ذريعي مختلف ملڪن مان حج تي آيا هئا ۽ سعودي سرڪار وٽ باقاعده رجسٽرڊ هئا، پر ٻيا وري اهي هئا جيڪي بنا پاسپورٽ به هئا، جن ۾ مقامي سعودي ۽ ٻاهرين ملڪن مان عمري جي ويزا تي آيل ماڻهو به هئا ۽ ڪي ماڻهو انهن خليجي عرب رياستن جا به هئا جن سان سعوديه جا دوستانا تعلقات آهن ۽ مٿن پاسپورٽ واري سختي ڪانهي. اهڙي طرح آفريقا جي غريب مسلمانن سان سعوديه سرڪار جي ته رعايت آهي بلڪه انهن کي هڪ خاص ڪوٽا مطابق سعودي حڪومت اجازت ڏيندي آهي ۽ انهن سان اچڻ وڃڻ جي سفري اخراجات ۾ سعودي سرڪار مدد به ڪندي آهي. اسان جي اندازي مطابق 35 لک حاجين مان سڀ جا سڀ صحتمند سگهارا ۽ نوجوان به ڪونه هوندا. لازمي طرح هر لک جي پويان هڪ هزار اهڙا ماڻهو هوندا جيڪي اڀرا، بيمار، پوڙها، معذور، محتاج، اپاهج، عورتون ۽ ٻار به هوندا ته اهڙي طرح 35 لک ماڻهن ۾ اهڙن محتاج ۽ اڀرن جو انگ 35 هزار ٿي ويندو. ۽ اهي 35 هزار ڪمزور ماڻهو باهه جي قيامت جهڙي حادثي مان سڀ جا سڀ سلامت ڀڄي ڪونه نڪتا هوندا.
    جيتوڻيڪ انهن اڀرن کي ڪنهن سهارو ڏيئي بچايو به هجي پر پوءِ به انهن مان اڌو اڌ ماڻهو باهه جو ضرور شڪار بنيا آهن. جڏهن ته باهه ۾ ته نوجوان سگهاراچست ۽ چالاڪ به سڙي رک ٿي ويا هئا. انهي ڪري اسان چئون ٿا ته سعودي ميڊيا جيڪا 280 ماڻهن جي مري وڃڻ جي رپورٽ ڏني هئي سا سنئون سڌو ڪوڙ ۽ حقيقت جي بلڪل ابتڙ هئي.
    اسان گاڏي ۾ هلندي ماڻهن جو پاڻ ۾ باهه تي تبصرو ٻڌي رهيا هئاسون. جن چيو پئي ته، “يار! اها باهه ڪونه هئي پر قدرت جو هڪ عذاب هئي.” ماڻهن کان پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته، “باهه لڳاتار پنج ڪلاڪ (12 کان 4 وڳي) تائين هلي پوءِ جيئن ته باهه جي وڌندڙ رخ ڏانهن مزدلفه روڊ وارو جبل آڏو اچي ويو هو ۽ جبل تي تنبو به نه هئا انهي ڪري اتي رڪجي وسامي وئي. حالانڪه چار هزار فائر برگيڊ گاڏيون باهه وسائڻ لاءِ سر ٽوڙ ڪوشش ڪري رهيون هيون پر باهه تي ڪنٽرول نه ڪري سگهيون.”
    ماڻهن جا اهي تبصرا ٻڌندي منهنجو ذهن وري ٻئي پاسي هليو ويو ته، منيٰ واري جاءِ اصل ۾ “قربانگاهه ذبيح” آهي. آڳاٽن مذهبن ۾ قرباني واري شئي جبل تي يا ڪنهن پوٺي تي ڇڏي اچبي هئي، رات جو قدرتي وڄ اچي انهي قرباني ڪيل شئي کي ساڙي ويندي هئي، جنهن مان هي سمجهيو ويندو هو ته، انهي ماڻهو جي قرباني خدا وٽ قبول ٿي وئي. پر جيڪڏهن ڪنهن جي قرباني کي آسماني وڄ ساڙي نه ويندي هئي ته سمجهبو هو ته، انهي ماڻهو جي قرباني خدا وٽ قبول نه ٿي. جيئن حضرت آدم عليه السلام جي ٻن پٽن حضرت هابيل ۽ قابيل منڪر جي وچ ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو هو ته، اوهان ٻئي قرباني ڪري سامهون واري جبل تي وڃي رکو پوءِ جنهن جي قرباني کي آسماني وڄ ساڙي ويندي ته سمجهبو ته، انهي جي قرباني قبول پئي ۽ اهو جيڪي ڪرڻ چاهي ٿو تنهن جي خدا جي طرفان منظوري آهي. نتيجي ۾حضرت هابيل هڪ دنبو ذبح ڪري جبل تي رکيو ته، قابيل منڪر ڪڻڪ جي سنگن جي ڳٺڙي آڻي جبل تي رکي. صبح جو وڃي ڏسن ته، حضرت هابيل جو ڪُٺل دنبو آسماني وڄ ساڙي وئي، جڏهن ته، قابيل منڪر جي ڪڻڪ جا سنگ (آڀون) ثابت ٻڌا رکيا آهن. انهي سموري واقعي جو مطلب قدرت طرفان هي سمجهايو ويو ته جيڪا ڳالهه حضرت هابيل ڪرڻ چاهي ٿو سا خدا وٽ پسند ۽ جيڪا ڳالهه قابيل ڪرڻ گهري ٿو سا خدا وٽ بلڪل ناپسند آهي. اهو واقعو ذهن ۾ ايندي مون کي هي ڳالهه نظر آئي ته، جيڪي ماڻهو سڙي ويا هئا سي در اصل بارگاهه رب العزت ۾ پنهنجي جان جو نذرانو ڏيئي قربان ٿي خدا جا مقبول ٻانها ٿي ويا آهن يا هينئن کڻي چئجي ته الله تعاليٰ انهن جي ڪمائي قبول ڪري کين دنيا ۾ ڇڏڻ بجاءِ بهشت ۾ پهچائي ڇڏيو. پر انهي مان هي مطلب هر گز نه وٺڻ گهرجي ته، جيڪي سڙي ويا، سي ته في سبيل الله شهيد ۽ خدا جا مقبول ٻانها ٿي ويا، باقي جيڪي باهه کان ڀڄي نڪتا ۽ بچي ويا، سي خدا کي ناپسند آهن، ائين هر گز ناهي. ڇو ته اهي سڀ جا سڀ عشق الاهي جي ٻرندڙ شمع مٿان گهور ٿيڻ وارا پروانا هئا. پوءِ هي جدا ڳالهه آهي ته ڪي پروانا سڙي قربان ٿي وڃن ٿا ته ڪي بچي وڃن ٿا.


    باهه جي متاثرين جا ڪجهه واقعا:

    باهه جي متاثرين جا ڪجهه واقعا:
    منيٰ جي انهي باهه جي واقعي بابت حج ڪرڻ دوران، يا حج ادا ڪرڻ بعد مڪي ۾ دوستن وٽان جيڪي اکئين ڏٺا احوال ٻڌڻ ۾ آيا، سي هتي ئي نوٽ ڪري ٿو ڇڏيان.
    1. جڏهن مزدلفي واري پاسي موجود جبلن تي باهه کان جان بچائڻ لاءِ ماڻهو چڙهي رهيا هئا ته، ڪيترا اهڙا به هئا جيڪي جبل تي چڙهندي ٿڙهي ويا ٿي ۽ پوءِ ٿڙهڻ سان ئي بولاٽيون، قلابازيون کائيندا هيٺ ڪرندا ويڙهبا اچي ٻرندڙ تنبن ۾ڪريا ٿي ۽ سڙي شهيد ٿي ويا ٿي.
    2. اسان جي دوست حافظ محمد خان سومري صاحب ٻڌايو ته، لطيف آباد حيدر آباد جا چار ماڻهو پيء پٽ ۽ ٻه سندن گهر واريون به حج تي آيل هيون جڏهن منيٰ واري باهه لڳي ته، مردن يعني پيء ۽ پٽ پنهنجي پنهنجي گهر واري ٻانهن کان وٺي ڀڄي نڪرڻ جي ڪئي. پر جيئن ته عورتن تي باهه جو خوف طاري ٿي ويو هو، سي ته گهلڻ جي باوجود به هلي نه پيون سگهن، هوڏانهن وري مردن جو پويان ڏٺو ته، باهه طوفان وانگر ڪاهيندي پئي اچي ته هيڪاري عورتن کي ڇڪيائون پر اهي ويچاريون ڊپ جي ڪري وک ورائڻ جي به سگهه وڃائي ويٺيون هيون. نيٺ انهن ٻنهي پيء ۽ پٽ پنهنجي گهر وارين مان هٿ ڪڍي پنهنجو سر بچائي وٺي ڀڳا. اڃا ٿورو ئي ڀڄي اڳتي ٿيا ته پويان عورتن جون رڙيون ٿيون. پوئتي لوڻو هڻي ڏٺائون ته، باهه انهن عورتن کي وڪوڙي وئي هئي ۽ چند منٽن جي رڙين کانپوءِ اهي ٻئي عورتون سڙي رک ٿي ويون.
    3. هڪ دوست ٻڌايو ته، اسان ڀڄڻ وقت هڪ اهڙو مئل ٻار به ڏٺو هو جنهن کي ماڻهن لتاڙي ۽چپي ماري ڇڏيو هو جنهن جا آنڊا ٻاهر نڪتا پيا هئا.
    4. هڪ عورت کي باهه جڏهن ويجهو اچي پهتي ته، اها ماءُ پنهنجي ڪڇ تي کنيل ٻار اڇلي (باهه جي بلي ڪري) ڀڄڻ لڳي هئي.
    5. سائين حافظ محمد خان ٻڌايو ته، مون سڙيل لاشن جا ڍير ڏٺا هئا جن جي حالت اهڙي هئي جو ڄڻ سڙيل ڪاٺين جو ڍير، نه ڪا سڃاڻپ نه ڪا نشاني. ٿلهي، اڀري حَسين ڪوجهي، بيمار ۽ چڱي ڀلي جو ڪوبه فرق ڪونه هو، ڪوبه عضوو سلامت ڪونه هو.
    6. حافظ صاحب ٻڌايو ته، باهه کان ڀڄڻ وقت هڪ هنڌ آئون به ٿڙهي ڪري پيو هئس ۽ ڪي منٽ ته پٽ تي بي پهچن وانگر پيو رهيس. پنهنجو موت يقيني سمجهي انهي حال ۾ ڪلما پئي پڙهيم ته اوچتو قدرت پاران توفيق ملي ۽ ٽپ ڏيئي وٺي ڀڳس. جڏهن آئون اها جاءِ ڇڏي ڀڄي ويس ته ٿورن ئي منٽن ۾ باهه انهي جاءِ تي اچي پهتي جتي آئون ڊٺو پيو هئس، پر جيئن ته قدرت کي بچائڻو هو انهي ڪري آئون خير سلامتي سان بچي ويس.
    7. تنبن جي هر حلقه (بلاڪ) ۾ حاجين جي سهولت لاءِ وهنجڻ، وضو ڪرڻ، ڪپڙن ڌوئڻ، پيشاب ۽ ڪاڪوس لاءِ پڪا مضبوط ڪمرا ٺهيل آهن، جن جي مٿان پاڻي جي وڏي ٽانڪي به آهي. جيڪي ماڻهو انهن جاين ۾وڃي لڪا هئاسي خدا جي مهرباني سان زنده سلامت محفوظ رهيا حالانڪه باهه انهن جاين جي چوڌاري پکڙيل تنبن ۾ چوٽ تي ٻري رهي هئي.
    8. مڪتب 16 جو هڪ حاجي باهه لڳڻ وقت پنهنجي تنبو ۾ سجدي جي حالت ۾ تسبيح، دعا ۽ استغفار ڪري رهيو هو. جڏهن باهه لڳي ته سندس ساٿين چيس ته، سجدو ختم ڪر، اٿي ڀڄ! ٻاهر نڪر، باهه لڳي وئي آهي متان سڙي مري نه وڃين!! پر هن ڪنهن جي به ڪجهه ڪونه ٻڌي بلڪه بي ڊپو ٿي پوري اطمينان سان سجدي ۾ استغفار ۽ تسبيحون پڙهندو رهيو، تان جو انهي تنبو کي باهه اچي وڪوڙيو ۽ اهو سجدي جي حالت ۾ پيل حاجي سڙي رک ٿي ويو. جڏهن باهه وساڻي ته، انهي حاجي جي سڙيل لاش کي ڏٺو ويو ته، سندس سڙيل هڏا به ائين ئي سجدي واري حالت ۾ هئا. يعني ته باهه لڳڻ وقت اهو حاجي سڳورو نه چُريو نه ڪي ڦٿڪيو هو بلڪه نهايت سڪون سان خدا جي راهه ۾ شهيد ٿي ويو.
    مون کي اهو واقعو ٻڌي ياد آيو ته، شهيدن کي شهيد ٿيڻ وقت ايترو ايذاءُ ايندو آهي جيترو ماڪوڙي جو ڪنهن کي چڪ لڳي. جيتوڻيڪ ڏسڻ وارو ماڻهو شهيد کي وڍبو ٽڪر ٿيندو، مرندو ۽ ڪسندو پيو ڏسي، ۽ شهيد جون ٻانهون ٽنگون ڪافر دشمن هٿان هڪ ٻئي کان ڌار ٿينديون پيو ڏسي، پر خود جنهن جا عضوا خدا جي راهه ۾ وڍجي رهيا آهن ۽ اهو مري جان ڏيئي رهيو آهي تنهن کي ايترو ايذاءُ اچي ٿو جيترو ماڪوڙي جي چڪ جو سور ٿئي ٿو. بس انهي کان وڌيڪ شهيد في سبيل الله کي تڪليف محسوس ئي نه ٿي ٿئي. اها ڳالهه ته سورهن آنا سچ آهي پر سائين ايتري ايماني قوت به جنهن ۾ هجي!، سڀ ته اهڙا صابرين ۽ ثابت قدم ناهن!!
    اسان ته ڪُٽي وارا مجنان آهيون، رت وارا مجنان ڪونه آهيون!!! الله تعاليٰ شل اسان جي ايماني قوت مضبوط فرمائي ۽ سندس آزمائش ۽ امتحان کان بچائي ڇو ته اسان ۾ ڪوبه جهلو ڪونهي. جيڪڏهن الله تعاليٰ کي اسان جي آزمائش منظور هجي ته کانئس سوال آهي ته، صبر ۽ استقامت جي توفيق به ڏئي.
    اللهم وفق لنا لما تحب و ترضيٰ، و ثبت اقدامنا علي الايمان مادُ منا حيا. آمين.
    مذڪوره حاجي صاحب جيڪو سجدي ۾ سڙي ويو هو تنهن جو تعلق ميرپور خاص سنڌ سان هو.
    9. هڪ دوست چيو ته، مون سڙيل لاشن جا ڍير ائين ڏٺم، جيئن ڪنهن ڊهي ڍير ٿيل بلڊنگ جي سڙيل سامان جو چڱو خاصو دڙو هجي، پوءِ لاشن جي انهي ڍير کي بلڊوزرن ذريعي کڻي گاڏا ڀري روانو پئي ڪيو ويو.
    10. هڪ شخص چيو ته، مون ڪيترا ٻار ۽ عورتون مئل ڏٺيون جن کي ماڻهن چپي ماريو هو ۽ سندن آنڊا، اوجهريون ٻاهر نڪري پيون هيون.
    11. هڪ همراهه چيو ته، هڪ هنڌ ويهارو کن لاش هڪ ٻئي مٿان پيا هئا، جيڪي سڀ سڙي چڪا هئا. سمجهه ۾ هيئن ٿي آيو ته، اهي ماڻهو بجلي جي عارضي ڪنڪشن مان شاڪ لڳڻ ڪري هڪ ٻئي ۾ قابو ٿي ويا هئا. شايد هن طرح جو اتي موجود ڪنڪشن جي تارن ۾ ڪو لنگهندڙ حاجي وچڙي ويو هوندو ته اهو بجلي جي ڪرنٽ ۾ قابو ٿي ويو هوندو، وري ٻيا ڀڄندڙ ماڻهو انهي قابو ٿيل تي چڙهي پير رکي لنگهيا هوندا يا انهي ڪرنٽ ۾ جهليل همراهه کي ڪنهن نمونه هٿ وڌو هوندائون تان جو اهي سڀ قابو ٿي بجلي ۽ باهه جي لپيٽ ۾ اچي مري ۽ سڙي ويا هوندا.
    12. هڪ همراهه ٻڌايو ته، ڪيترا ماڻهو باهه جي ڄڀي ۽ دونهين وگهي به مئا هئا.
    13. هڪ دوست ٻڌايو ته، اسان ان وقت موجود هئاسون جڏهن اهي لاش ڍوئيا پئي ويا. وڏن ٽريڪٽرن ۽ ڪرينن ذريعي سڙيل لاش ائين پئي ڍوئيائون جيئن عام طرح ٽريڪٽر ڪيڻ ذريعي مٽي ڍوئي ويندي آهي. انهن لاشن سان گڏ سڙيل تنبو، پائپ، ڪن ڪچرو ۽ بجلي جو سڙيل سامان وائرون وغيره به گڏ گهلجي ڍوئجي رهيون هيون. جيڪو ميڙي وڏن ٽرالرن ۾ وڌو پئي ويو.
    ممڪن آهي ته، واقعي واري هنڌان انهي طرح صفائي ڪئي وئي هجي ۽ پوءِ سڙيل ڪاٻاڙي جي ڪن ڪچري مان انساني لاشن کي الڳ ڪري غسل، ڪفن ۽ جنازه نماز جهڙا ضروري احڪام ادا ڪري پوءِ انهن لاشن کي دفنايو ويو هجي. وڌيڪ خدا ڄاڻي ته لاشن جي تدفين ڪيئن ٿي اسان پنهنجي اکئين ته انهن کي دفن ڪندي ڪونه ڏٺو هو البت خبرون ته ڪئين ٻڌڻ ۾ پئي آيون.
    14. حافظ محمد خان سومري صاحب ٻڌايو ته، اسان ڏٺو هو ته، عرفات ۾ مزدورن کوٽائي پئي ڪئي. جڏهن کانئن پڇيو سون ته اتي کوٽائي ڇو ٿا ڪريو؟ ته وراڻيائون ته، “منيٰ ۾ سڙي مري ويل ماڻهن جا لاش هتي دفنائينداسون.” اسان جو انهي ڳالهه مان هي اندازو آهي ته، عرفات ۽ مزدلفه جي ميداني علائقن طرف، منيٰ ۾ سڙي شهيد ٿي ويلن کي اجتماعي قبرن ۾ دفنايو ويو هو.
    15. حاجي گل محمد لغاري مسڻ وڏي واري ٻڌايو ته، اسان جو مڪتب نمبر 15 هو. جيتوڻيڪ اسان جو مڪتب باهه جي لپيٽ کان بچي ويو پر هڪ عجب جهڙي ڳالهه هي ته، اسان جي مڪتب وارن تنبن ۾ عمر ڪوٽ جي پاسي جو هڪ پوڙهو شخص اکين کان نابين، ذات جو مهر به هو. تنهن پنهنجو احوال ٻڌايو ته، جڏهن باهه لڳي ۽ ماڻهو تنبن مان پنهنجو سر بچائي ڀڄڻ لڳا ته آئون اڪيلو رهجي ويس. اوچتو ڪي ماڻهو آيا، جن مون کي اتان کنڀي کڻي کنيو ۽ تنبن مان ٻاهر ڪڍي ويا، پوءِ جڏهن باهه وسامي وئي ته وري اچي انهي تنبو ۾ ڇڏي ويا. مون کي خبر ناهي ته، اهي ڪير هئا ۽ ڪيڏانهن ويا. مون سان گڏ مٽن مائٽن مان ڪوبه ڪونه آيو هو، آئون ته حج تي اڪيلو آيو هئس.
    مطلب ته ڪيترائي عجيب ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعا ٻڌڻ ۾ آيا جن مان ڪجهه مٿي لکيا اٿئون.


    عرفات جي ميدان تي:

    عرفات جي ميدان تي:
    اسان ڪلاڪ اڌ ۾ مڪي شريف کان عرفات جي ميدان تي 10 وڳي ڌاري اچي حاضر ٿياسون. حاجي سڳورن جي تنبن جو ڇيهه ئي ڪونه هو. ڏينهن تپي چڪو هو ۽ سج مان نڪرندڙ گرمي جا شعلا جسم کي ساڙي رهيا هئا. اسان معلم طرفان الاٽ ڪيل تنبو هٿ ڪرڻ لاءِ معلم واري ڪارڊ جي ڏس مطابق ڳولا ڪرڻ لڳاسون. عام عربن کان پاڪستان جي تنبن بابت پڇڻ تي ڪنهن به صحيح ڏس نه ڏنو، ته هڪ ٻن عرب پوليس وارن کان پڇيو سون جن جي ڏس مطابق روانا ٿياسون ته انهي ئي روڊ تي ٿورو اڳتي هلي ڏسون ته، اسان جي اڳيان ڊاڪٽر غلام محمد ٻگهيو ولد حاجي مٺو ٻگهيو (ڳوٺ گلو ٻگهيو، لڳ مسڻ وڏي) ڊاڪٽر منٺار ٿيٻو (ميرپور خاص) محمد عمر ٻگهيو ۽ سندن اهل خانه وڃي رهيا هئا، شايد اهي به اسان وانگر تنبن جي ڳولا ۾ هئا. مون اڳتي وڌي ويجهو ٿي ساڻن ملڻ جي ڪوشش نه ڪئي ڇو ته، ساڻن ٻار ٻچا گڏ هئا. ڪافي ڳولا ڪرڻ باوجود اسان کي تنبو هٿ نه آيا ۽ ٻيو ته، ڪمزور ۽ بيمار به هئاسون انهي ڪري وڌيڪ پنڌ هلڻ جي سگهه نه ساري، هڪ نم جي وڻ هيٺ اڌو گابري ڇانوَ ۾ ڪي حاجي سڳورا ڪپڙو ٽنگيو ويٺا هئا جن جي ڀر ۾ وڃي ويهي رهياسون. حال احوال پڇڻ تي خبر پئي ته، اهي اتر سنڌ غالباً جيڪب آباد جي پاسي جا بروهي آهن. انهن بروهين ۾ هڪ پوڙهو مرد ۽ اڌڙوٽ عمر جي عورت ۽ سندن هڪ ٻه ٻار به هئا جن اسان کي ماني کائڻ جي صلاح هنئي پر اسان کين صلاح هڻڻ جي شڪريه ادائي ڪندي چيو ته، توهان ڀلي خوب کائو باقي اسان حال سارو پنهنجو بندو بست پاڻ ڪنداسون. چئن پنجن ڏينهن کان ماني نه کائڻ ڪري جيڪو ضعف وڌي ويو هو تنهن لاءِ سوچيم ته، جيتوڻيڪ بخارن سبب وات جو ذائقو خراب ٿي چڪو آهي پر پوءِ به ڪجهه نه ڪجهه کائڻ کپي ته جيئن ڪمزوري به گهٽجي ته طبيعت ۾ به سڌارو اچي. انهي ڪري کاڌي پيتي جي هڪ اسٽال تان هلڪي غذا وٺي آڻي رکيم ۽ پنهنجي رفيق سفر حاجي رحيمڏني سمي سان گڏجي کاڌم. پيٽ قوت ڪري فارغ ٿياسون ته وقت معلوم ڪيوسون. خبر پئي ته، اڃان اڳين نماز جي ٽائيم ٿيڻ ۾ ڪجهه وقت آهي. سو آئون کاڌو هضم ڪرڻ لاءِ ڀر پاسي جي تنبن وٽان چڪر هڻڻ لڳس. اهي تنبو مصر، اردن، عمان ۽ عرب خليجي رياستن جا هئا، انهن تنبن ۾ ويٺل عربن جو روبرو نظارو ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته، اهي عرب سڳورا اسان کان ڪيترا حصا وڌيڪ کائڻ پيئڻ ۾ تيز آهن. شايد انهن جي هاضمي جي مشين اسان کان وڌيڪ طاقتور آهي. مون ڏٺو ته، انهن عربن جي تنبن اڳيان ٿڌي پاڻي جا ڪولر رکيا هئا ۽ تنبن اندر قسمين قسمين فروٽن جا ڪريٽ فل ٿيا پيا هئا ته ٻئي پاسي پيڪ ٿيل سندن پسنديده غذائن جا دٻا موجود هئا. انهي وقت قيمتي غاليچن تي ويهي کاڌي پيتي ۾ مشغول هئا ۽ دستر خوان تي رکيل کاڌن جو پري کان نظارو پئي ٿيو. مون اندازو ڪيو ته، اهي ماڻهو اسان کان وڌيڪ صحتمند ۽ سگهارا آهن جنهن جو وڏو سبب سندن کاڌن جو ملاوٽ کان ۽ اتي جي آب هوا جو رطوبت (گِهم، آلاڻ) کان پاڪ ۽صاف هجڻ آهي. ان کانسواءِ سندن معاشي ۽ اقتصادي حالت جو انتهائي بهتر هجڻ به آهي.
    گهڙي ساعت جي تنبن واري نظاري کان واپس ورندي هڪ نظر چو طرف ڊوڙائي ڏٺم ته، عرفات جو ميدان، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل انسانن سان ائين سٿيو پيو هو جيئن پري کان سمونڊ پاڻي سان ڀريل نظر ايندو آهي. انسانن جو هي عظيم الشان انٽرنيشنل اجتماع ڏسي مون کي ياد آيو ته، هن دنيا جي خاتمي کانپوءِ آخرت جي ڏينهن به ائين ئي حاضر ٿي خدا جي سامهون حساب ڪتاب لاءِ پيش ٿيڻو آهي. شال رب سائين اسان کي سيد المرسلين ﷺ جي جماعت مان اُٿاري ۽ صالح مسلمانن سان گڏ شافع محشر جي شفاعت جو حقدار بنائي. (آمين)
    عرفات جو هي ريگزار ميدان ٻن ميلن جي ايراضي تي پکڙيل آهي. جنهن ۾ جبل رحمت ۽ مسجد نمره ٻه مقدس جايون آهن. مسجد نمره ۾ ٽي لک نمازين لاءِ گنجائش آهي. حاجين جي سهولت خاطر عرفات جي ميدان تي سعودي سرڪار پاران هڪ لک نمن جا وڻ لڳايا ويا آهن جن جون چڪيون پاڪستان مان کڻي سعوديه پهچايون ويون هيون. هن وقت اهي نمن جا وڻ ننڍين ٻٻرين جيتراآهن جن جي اڌو گابري ڇانوَ ٽانڊن جهڙي گرمي ۾ حاجين لاءِ وڏو اجهو آهي. ان کانسواءِ انهي حج واري ڏينهن تي، ساڙيندڙ گرمي واري ماحول کي خوشگوار ۽ فرحت بخش فضا ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ هنڌين ماڳين ڊگهن پائپن ذريعي پاڻي جا پريشر ڦوهارا به چالو ڪيا وڃن ٿا، جن جي وسندڙ سنهي بوندار بهاري پيدا ڪريو ڇڏي، اهي ڦوهارا فقط حج واري ڏينهن يعني 9 ذوالحج تي چالو ڪيا وڃن ٿا، باقي ڏينهن ۾ بند رهن ٿا.
    نماز لاءِ وضو ڪري تيار ٿي ويٺا هئاسون ته، ٿوري دير ۾ مسجد نمره جي بلند منارن تان اذان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. بانگ ختم ٿيڻ تي نفل ۽ سنتون پڙهي واندا ٿياسون ته ماڻهن جو ٽيو حصو تنبن مان نڪري ٻاهر اچي صف بندي ڪرڻ لڳو، جڏهن ته حاجين جو چوٿون حصو پنهنجي تنبن ۾ ئي هو. انهن پنهنجي نماز اتي ئي پڙهي پر اڪثر خلق مسجد نمره جي امام پويان اقتدا ۾نماز لاءِ صفون ٻڌيو بيٺي هئي. حالانڪه مسجد نمره اسان کان گهڻو پري هئي ۽ وچان ڪيترائي روڊ هئا پر پوءِ به امام صاحب جي اقتدا ۾ نماز پڙهڻ خاطر ماڻهو صفون ٺاهيو بيٺا هئا. شرعي احڪام جي لحاظ کان جيئن نماز با جماعت لاءِ صف بندي ضروري آهي تيئن اقتدا ( امام جو پوئلڳ ٿي بيهڻ) لاءِ به ضروري آهي ته، امام ۽ مقتدي (پوئلڳ/ جماعتي) جي وچ م ڪو وڏو ميدان، خالي جاءِ جنهن ۾ ٻه صفون ٿي سگهنديون هجن، عام شاهراهه، مين روڊ جنهن جي وچان هجڻ ڪري صفون هڪ ٻئي کان الڳ هجن ۽ اهو روڊ اهڙو هجي جو اتان کان سامان ڍوئيندڙ وڏيون گاڏيون ٽريلر وغيره گذري سگهندا هجن ۽ امام ۽ مقتدي جي وچان ڪو تنبو يا جاءِ وغيره نه هجي پر جيڪڏهن اهي مٿي ذڪر ڪيل شيون امام ۽ مقتدي جي وچان حائل هونديون ته اقتدا صحيح نه ٿيندي. اهڙي صورت ۾ بهتر آهي پنهنجي گروپ جي ڪنهن عالم دين، يا نماز جي مسئلن کان واقفيت رکندڙ ڪنهن نيڪ ماڻهو کي پنهنجي ئي تنبو ۾ امام بنائجي ۽ ان پويان اڳين نماز اڳين جي وقت ۾، ۽ وچين نماز وچين جي وقت ۾ معمول مطابق پڙهجن. پر جيڪڏهن ڪو به ماڻهو امام بنجڻ تي راضي نه هجي ته هر شخص پنهنجي نماز الڳ پڙهي.
    ڪنهن به حالت ۾ فقط ريڊيو يا لائوڊ اسپيڪر جي آواز تي ڪٿي به نماز پڙهڻ نه گهرجي. ڇو ته ريڊيو، لائوڊ اسپيڪر يا ٽيپ رڪارڊ وغيره جو آواز پڙلاءُ (صداءِ باز گشت) مثل آهي، ان کي شريعت ۾ اصل آواز جي حيثيت نه ڏني وئي آهي اهو ئي سبب آهي جو ريڊيو تان نشر ٿيندڙ اذان ۽ فرض نماز يا تراويح وغيره ۾ امام جي قرئت ۽ تڪبيرن هڻڻ جي آواز ٻڌڻ جي باوجود به ريڊيو کي سامهون رکي انهي جي پويان اقتدا ڪري نماز پڙهڻ کان شريعت ۾ منع ٿيل آهي. شايد حج تي ايندڙ ماڻهو اهڙن مسئلن ڏي ڌيان نه ٿا ڪن يا ته کين اهڙي تربيت ۽ تعليم نه ٿي ڏني وڃي. هي ڳاله ياد رکڻ کپي ته، جڏهن امام جي پويان اقتدا صحيح نه ٿيندي ته اهڙي صورت ۾ امام جي پويان پڙهيل نماز به نه ٿيندي. اها وضاحت انهن ماڻهن لاءِ ڪئي اٿئون جيڪي عرفات ۾ حج جي موقعي تي مسجد نمره جي امام پٺيان نماز پڙهڻ جي نيت ڪري بيهن ٿا. البت اهي ماڻهو جيڪي مسجد نمره کان پري ڪونهي بلڪه مسجد جي احاطي ۾ آهن ته انهن جي اقتدا صحيح ٿيندي ۽ سندن امام جي پويان نماز به درست ٿيندي.
    هتي عرفات ۾ اڳين ۽ وچين نمازون ملائي پڙهڻ واجب ناهن بلڪه “جمع بين الصلواتين” (ٻئي نمازون اڳين ۽ وچين ملائڻ) سنت آهي. پر امام ابو حنيفه وٽ عرفات ۾ اڳين ۽ وچين جون نمازون ملائي، اڳين جي وقت ۾ پڙهڻ لاءِ هي شرط آهي ته، ٻنهي نمازن ۾ وقت جو بادشاهه يا سندس نائب، قاضي (جج) يا ته ان جو ڪو گورنر امام هجي. مسجد نمره ۾ اهڙوئي امام نماز پڙهائي ٿو. انهي ڪري فقط اتي ٻئي نمازون ملائي پڙهي سگهجن ٿيون. پر اڳين ۽ وچين امام پٺيان ملائي پڙهڻ کانپوءِ اڳين جون سنتون ڪونه پڙهبيون. هنڪري ته وچين نماز جو فرض پڙهڻ کانپوءِ اڳين جي سنت ۽ نفل پڙهڻ جي اجازت ڪونهي. ڇو ته، شريعت ۾ وچين نماز پڙهڻ کانپوءِ ڪوبه نفل پڙهڻ جائز نه آهي.
    جيڪڏهن ڪي ماڻهو پنهنجي تنبو ۾ اڪيلا جماعت ڪري نماز پڙهن ٿا ته انهن کي کپي ته، اڳين جي نماز اڳين جي وقت ۾ پڙهن ۽ ان جون پهريون ۽ پويون سنتون به پڙهن ۽ وري وچين نماز وچين جي وقت ۾ پڙهن. ڪي اڻ واقف ماڻهو انهي ڳالهه تي اعتراض ڪن ٿا ۽ چون ٿا ته، تنبو ۾ به ٻئي نمازون ملائي پڙهن ۽ انهي سلسلي ۾ “بخاري ۽ مسلم” جي حديثن جو حوالو ڏين ٿا ته، پاڻ ڪريمن ﷺ جن اهي ٻئي نمازون ملائي پڙهيون هيون. تنهن لاءِ ياد رکو ته، حضور سائين جي امامت ۾ سڀني اصحابن سڳورن سندن ئي پويان نمازون پڙهيون هيون، انهي ڪري ملائي پڙهيائون. رسول الله ﷺ جي موجود هوندي اصحاب سڳورا پنهنجي تنبو ۾پنهنجي الڳ جماعت ڪرڻ جو سوچي به نه ٿي سگهيا. انهي ڪري ڪنهن به ماڻهو جي چو چوا جو خيال نه ڪجي ۽ پنهنجي الڳ جماعت ڪجي يعني ته اڳين نماز اڳين جي وقت ۾، ۽ وچين نماز وچين جي وقت ۾ پڙهجي. انهي سلسلي ۾ نه رڳو امام ابو حنيفه جي بلڪه امام ابو يوسف، امام محمد ۽ پوين سڀني حنفي عالمن جي متفقه فتويٰ اها ئي آهي.
    بهرحال اسان اڳين نماز جون فرض سنتون وغيره پڙهي واندا ٿياسون جڏهن ته مسجد نمره جي امام ۽ ان جي اقتدا ڪندڙن اڳين ۽ وچين قصر ڪري (سفر واريون ٻه ٻه رڪعتون ڪري) پڙهيون. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته، حج واري موقعي تي عرفات ۾ نماز پڙهائڻ لاءِ امام رياض شهر مان هوائي جهاز ذريعي آندو وڃي ٿو جيڪو مسافر هوندو آهي ۽ هتي اچي سفر نماز پڙهائيندو آهي.
    نماز کان فارغ ٿيڻ بعد حج جو خطبو شروع ٿيو جيڪو هر سال وانگر سعودي جي مفتي اعظم شيخ عبد الله بن عبد العزيز بن باز ڏنو. ڪي ان کي شيخ عبد العزيز بن باز به سڏين ٿا. موصوف اکين کان صفا معذور آهي پر سندس خطبو نهايت بليغانه ۽ عالمانه هوندو آهي. سندس خطبي ۾ قرآن ۽ حديث جي نقطه نظر سان ڪيترائي موضوع پيش ٿين ٿا جن ۾ خاص ڪري مسلمانن جي مذهبي ۽ ثقافتي، اخلاقي ۽ علمي صورتحال سان گڏ احڪام اسلام جي پابندي تي زور ڏيڻ، دين تي ثابت قدمي سان قائم رهڻ، پاڻ ۾ ڀائيچاري جي فضا برقرار رکڻ، اسلام جي دشمن قوتن خلاف جهاد ڪرڻ، حق جو ڪلمو چوڻ جهڙا موضوع شامل هوندا آهن. خطبي جي اختتام تي اجتماعي دعا ٿي ته، مسلمانن جي گريه زاري سا ن گهريل دعائن عرفات جي پٿريلي ميدان کي پاڻي ڪري ڇڏيو. اهو اهڙو ته عجيب منظر هو جو ان جو نقشو چٽي ڏيکارڻ قلم جي وس ۾ ڪونهي، ڇو ته اهو نظارو فقط ٻن قدرتي مشينن ذريعي محسوس ۽ محفوظ ڪري سگهجي ٿو هڪ ته ڏسڻ واريون اکيون هجن ۽ ٻيو ته ٻڌڻ وارا ڪن هجن جڏهن ته منهنجي قلم ۾ نه ته قوت بصارت (ڏسڻ واري طاقت) آهي نه ڪي قوت سماعت (ٻڌڻ واري طاقت)، انهي ڪري دعا ٿو ڪريان ته پڙهندڙن کي الله تعاليٰ اهو ديدار نصيب ڪري جو اهڙا مشاهدا ماڻين. (آمين)
    دعا کان واندا ٿي پنهنجي پنهنجي ٺڪاڻي تي ٿانيڪا ٿياسين ته ذڪر تسبيح تلاوت وغيره شروع ٿي ويو. مو نکي ا نوقت امام بيهقي جي بيان ڪيل حديث جيڪا حضرت جابر رضي الله عنه روايت ڪئي آهي ياد آئي ته، پاڻ سڳورن فرمايو ته، جيڪو مسلمان يوم عرفه (حج جي ڏينهن) سج لڙڻ کانپوءِ قبلي ڏي منهن ڪري هي پڙهي،
    1، لاالهٰ الا الله وحده لاشريڪ له له الملڪ وله الحمد و هو عليٰ ڪل شيء قدير (سؤ ڀيرا)،
    2، قل هو الله احد (پوري سورت)سؤڀيرا،
    3، درود ابراهيمي سان گڏ و علينا معهم سؤ ڀيرا ته، الله تعاليٰ ملائڪن کي فرمائيندو ته، اي منهنجا ملائڪو! انهي ٻانهي جو ڪهڙو اجورو هئڻ گهرجي جنهن منهنجي پاڪائي ۽ وڏائي، تعريف ۽ تعظيم ڪئي، ۽ منهنجي رسول تي درود موڪليو. اي ملائڪو! توهان شاهد هجو ته مون انهي ٻانهي کي بخش ڪري ڇڏيو ۽ انهي جي شفاعت قبول ڪئي.
    اها حديث ذهن ۾ ايندي مٿي ذڪر ڪيل تسبيحون پڙهڻ لڳس. ٿوري دير کانپوءِ ماڻهو اٿي بيهي دعائون ذڪر وغيره ڪرڻ لڳا جنهن کي شرعي اصطلاح ۾ وقوف عرفات سڏيو وڃي ٿو. وقوف معنيٰ بيهڻ يعني اٿي بيهي الله کي پڪارڻ ۽ ٻاڏائڻ. وقوف عرفات لاءِ هرو ڀرو ڪو اٿي بيهڻ شرط يا واجب ناهي بلڪه مستحب (بهتر) آهي. ويهندي، ليٽندي، جيئن به ٿي سگهي سمهندي جاڳندي وقوف ڪرڻ جائز آهي. پر وقوف لاءِ بنان عذر ليٽي پوڻ مڪروهه آهي. وقوف عرفات ۾ رڳو هڪڙي ڳالهه واجب آهي سا هي ته، جيڪو ماڻهو ڏينهن جو زوال (سج لڙڻ) کانپوءِ ۽ سج لهڻ کان اڳ وقوف ڪري تنهن لاءِ سج لهڻ تائين عرفات ۾ رهڻ واجب آهي. يعني ته عرفات ۾هوندي سج لهي. پر جيڪو ماڻهو 9 ذي الحج جي ڏينهن حاضر نه ٿي سگهيو ۽ ڏهين تاريخ جي رات ۾ اچي وقوف ڪري ته، ٿوري وقت جي رهڻ سان به اهو واجب ادا ٿي ويندو. وقوف جي رهڻ سان به اهو واجب ادا ٿي ويندو.
    وقوف جي وقت اسان ڏٺو پئي ته، ماڻهو ڌڙا ڌڙ جبل رحمت تي چڙهي رهيا هئا. حالانڪه اها پڌري غطلي آهي بلڪه سنت جي مخالفت ۽ بدعت آهي. ڇو ته، حجت الوداع جي موقعي تي پاڻ سڳورا ﷺ جبل رحمت تي نه چڙهيا هئا، بلڪه پاڻ ڪريمنﷺ ته، انهي جبل جي هيٺاهين ۾ وقوف فرمايو هو.
    وقوف وارو وقت گهڻي کان گهڻي توبه ڪرڻ، استغفار پڙهڻ، تلاوت قرآن ۽ حمد و ثنا، درود ۽ ذڪر اذڪار ڪرڻ جو آهي. خدا جي سامهون سچي نيت سان روئي معافي جي درخواست ڪرڻ جو وقت آهي اهڙي وقت دعائن جي قبوليت يقيني آهي. ڇو ته، انهي وقت خدا تعاليٰ طرفان ميدان عرفات تي رحمتن جي پالوٽ هوندي آهي ۽ موجود ٻانهن جا ٽوٽل ننڍا ۽ وڏا گناهه معاف ٿي وڃن ٿا.
    وقوف عرفات ۾ جنهن ڪم ڪرڻ سان دم (يعني ڏنڊ ۾ قرباني ڪرڻ) لازم ٿيو پوي سو فقط هڪ آهي ۽ اهو آهي واجب ڪم جو ڇڏڻ. يعني ته، سج لهڻ کان پهرين عرفات جي حد مان ٻاهر نڪري هليو وڃڻ. هتي عرفات بابت چند ڳالهيون لکڻ کانپوءِ خيال آيم ته، پڙهندڙن کي حج جي احڪامات جي مختصر معلومات ڏجي ته بهتر ٿيندو. انهي ڪري چند ضروري ڳالهيون پيش ڪجن ٿيون.
    حج اسلام جي پنجن رڪنن مان هڪ اهم رڪن ۽ فرض عبادتن ۾ هڪ وڏي درجي واري عبادت آهي. هر مسلمان عاقل بالغ سرندي واري دولت مند تي حج فرض آهي.صحت ۽ سرندي جي باوجود حج نه ڪرڻ وارو گناهگار ٿيندو ۽ کانئس آخرت ۾ سخت پڇاڻو ٿيندو. جيڪڏهن ڪو مسلمان، حج کي فرض ڪري نه مڃيندو ته اهو ڪافر ٿي ويندو. (نعوذ بالله) هڪ حديث ۾ آهي ته، جنهن وٽ سفر حج جو ضروري سامان هجي ۽ وٽس اهڙي سواري به هجي جيڪا کيس بيت الله شريف تائين پهچائي سگهي ٿي ته پوءِ به اهو حج نه ٿو ڪري ته ڪو فرق ناهي جو اهو ماڻهو يهودي يا عيسائي ٿي مري. ۽ اها سموري ڳالهه هن ڪري آهي جو الله تعاليٰ خود قرآن شريف ۾ فرمايو آهي ته، الله جي لاءِ بيت الله شريف جو حج فرض آهي انهن ماڻهن تي جيڪي انهي بيت الله شريف تائين وڃڻ/ پهچڻ جي طاقت رکن ٿا.
    جيڪي ماڻهو طاقت هوندي به حج تي نه ٿا وڃن سي ته برابر تنبيه لائق آهن، پر جيڪي ماڻهو حج جا احڪام سکڻ کانسواءِ، ۽ انهي راه جا آداب معلوم ڪرڻ کانسواءِ حج تي هليا وڃن ٿا اهي به ته تنبيه جا لائق آهن. هي ڳالهه سڀ ڄاڻن ٿا ته، سکڻ کانسواءِ ڪابه شئي حاصل نه ٿي ٿئي. پر هيڪاري هي ڪيڏي نه ناداني آهي جو جنهن فرضي عبادت کي زندگي ۾ فقط هڪ ڀيرو ادا ڪرڻ لاءِ نڪرن ٿا ليڪن ان جي سکڻ جو ۽ دل ۾ خدا ۽ رسول جي محبت وسائڻ جو ۽ عشق و محبت جا جذبا پيدا ڪرڻ جو ذرو به فڪر نه ٿا ڪن.
    پوري حياتي ۾ حج هڪ ڀيرو ادا ڪرڻ فرض آهي، بحيثيت مسلمان حج ته سڀني تي لاڳو فرض آهي پر ان جي ادا ڪرڻ جو وقت تڏهن آهي جڏهن ڪو مسلمان پنهنجي ضروريات زندگي کان ايتري بچت رقم رکندو هجي جو انهي مان حج جو خرچ آساني سان پورو ٿي سگهي. ان سان گڏ هي به ڌيان ۾ رهي ته، اهو ايترو شاهوڪار هجي جو جيستائين حج تان موٽي اچي تيستائين سندس ٻارن ٻچن جي کاڌي پيتي، ڪپڙي لٽي، بيماري سيماري وغيره لاءِ گهربل پيسو ڏوڪڙ ۽ سامان سيڌو موجود هجي. ماڻهن ۾ هي ڳالهه عام طور مشهور آهي ته، جيڪڏهن غير شادي شده/ ڪنواري ڇوڪري گهر ۾ ويٺل هجي ته، جيستائين ان جي شادي، نڪاح جو بندوبست نه ٿو ٿئي تيستائين اهڙي گهر جو ڌڻي حج ادا ڪري نه ٿو سگهي. حقيقت ۾ اها ڳالهه غلط آهي ڇو ته، ڪنهن به بالغ ڪنواري ڌي جي شادي جو بندوبست انهي جي حق ادائي الڳ ذميداري آهي ۽ حج جي ادائيگي جو فرض الڳ آهي. پر جيئن ته حج تي وڃڻ کان پهرين حقوق العباد جي ادائگي ۾ نياڻي جو بار لاهڻ به شامل آهي انهي ڪري جيئن ڏيتي ليتي قرض وغيره جهڙا حقوق ادا ڪري پوءِ حج تي روانو ٿبو آهي تيئن نياڻي جو به اهڙو بندوبست ڪري پاڻ کي آجو ڪري پوءِ حج تي وڃڻ کپي.
    ڪوشش ڪري حج جي سفر خرچ لاءِ حلال ڪمائي استعمال ڪري، حرام ملڪيت هن اهم عبادت ۾ استعمال ڪندو ته، کيس ڏاڍا خراب نتيجا ڀوڳڻا پوندا. جيئن نماز لاءِ ڪپڙي، جاءِ ۽ بدن جو پاڪ هجڻ شرط/ فرض آهي تيئن حج لاءِ استعمال ٿيندڙ مال اسباب حلال پاڪ ڪمائي هجي. ورنه ته، حرام ملڪيت مان حج ڪرڻ ائين آهي جيئن بنا وضو يا تڙ سان نماز پڙهڻ. يعني ته ثواب ۽ بخشش بجاءِ گناهه ۽ عذاب. (رب تعاليٰ معاف فرمائي)
    حديث شريف ۾ آهي ته حج ادا ڪرڻ ۾ جلدي ڪريو، ڪهڙي خبر ته ڪا بيماري اچي ڪڙڪي يا ضرورت ۽ کپت اچي ورائي! ٻي حديث ۾ آيو ته، حج نڪاح کان به پهرين ادا ڪريو!!
    ڪن ماڻهن وٽان ٻڌڻ ۾ آيو ته، ڪنهن عمرو ڪيو ته، ان تي حج فرض ٿي ويو، سو اها ڳالهه غلط آهي. جيڪڏهن اهو سرندي وارو ناهي يعني جيڪڏهن ان وٽ ايتري ملڪيت ناهي جو حج ادا ڪري سگهي ته انهي تي عمره جيڪري حج فرض نه ٿو ٿئي. جيتوڻيڪ اهو عمرو حج جي مهينن ۾ ڪيو وڃي، پوءِ به انهي عمره جيڪري حج فرض نه ٿيندو.


    حج جا ڪي ضروري احڪام:

    حج جا ڪي ضروري احڪام:
    ڪابه عبادت ايستائين مڪمل ناهي جيستائين ان جي ادائگي لاءِ شريعت طرفان مقرر ڪيل احڪامن، اصولن ۽ شرطن جي پوريطرح ادائگي نه ڪئي وڃي. شريعت جا اهي احڪام چند قسمن جا آهن جهڙوڪ: فرض، واجب، سنت، نفل، مستحب، مباح ۽ مڪروه وغيره. انهي مناسبت سان هتي حج جي ادائگي سان واسطو رکندڙ احڪامات مختصر نمونه بيان ڪجن ٿا.
    حج ۾ ڪل ٽي فرض آهن ۽ انهن ٽنهي فرضن جو ترتيب وار ادا ڪرڻ، ۽ هر فرض کي پنهنجي خاص وقت ۽ جاءِ ۾ ادا ڪرڻ واجب آهي. انهن ٽنهي فرضن مان جيڪڏهن ڪو هڪ به رهجي ويو ته، حج نه ٿيندو ۽ ان جي تلافي ۽ تدارڪ دَم يعني ڏنڊ ۾ قرباني ڪرڻ سان به ٿي نه سگهندو.
    حج ۾ ٽي فرض هي آهن (1) احرام ٻڌڻ يعني حج ادا لاءِ دل سان نيت ڪرڻ ۽ تلبيه (لبيڪ اللهم لبيڪ) چوڻ.
    (2) وقوف عرفات يعني 9 ذوالحج تي سج لڙڻ کان وٺي 10 ذوالحج واري رات جي پرهه ڦٽي تائين عرفات جي ميدان ۾ ڪنهن به وقت ترسڻ/ بيهڻ، جيتوڻيڪ هڪ گهڙي جيترو به ڇونه هجي. اهو وقوف حج جو رڪن آهي. انهي وقوف ۾ سنت هي آهي ته سج لڙڻ کان فوراً پوءِ وقوف شروع ڪري.
    (3) طواف زيارت، جيڪو 10 ذوالحج جي صبح کان 12 ذوالحج جي سج لهڻ تائين، مٿي جا وار ڪوڙائڻ يا ڪترائڻ کانپوءِ ڪيو وڃي ٿو. اهو به حج جو رڪن آهي. مذڪوره طواف کي فقه ۾ “طواف افاضه” به سڏيو ويو آهي. هتي هي وضاحت ڪري ڇڏيان ته، فقهي اصطلاح ۾ ڪن فرضن کي شرط سڏيو ويو آهي ته ڪن کي وري رڪن. تنهن لاءِ هي ڳالهه ياد رهي ته، جيڪي فرض ڪنهن عبادت کان ٻاهر آهن يا انهي جي ابتدا ڪرڻ لاءِ سبب ۽ ذريعو آهن سي “شرط” سڏجن ٿا جيئن نماز لاءِ وضو، ته اهڙي طرح حج لاءِ احرام به شرط آهي. باقي اهي فرض جيڪي ڪنهن عبادت جي اندر آهن سي “رڪن” سڏجن ٿا، جيئن نماز لاءِ قرئت، قيام ۽ رڪوع وغيره ته اهڙي طرح حج لاءِ وقوف عرفات ۽ طواف زيارت ٻئي رڪن آهن.
    حج جا واجب ڪم 6 آهن، جن سان ٻيا به ڪيترائي لاڳاپيل واجب آهن پر اسان اختصار جيڪري فقط اهي 6 اهم واجب ڪم ذڪر ڪريون ٿا. اهي اهڙا ڪم آهن جن مان ڪوبه ڪم رهجي ويو ته حج ته ٿي ويندو پر انهي واجب ڪم رهجي وڃڻ جيڪري “دم” ڏيڻو پوندو. يعني ته جيئن نماز ۾ ڪو واجب ڪم وسري وڃي ته ان جي ازاله لاءِ “سجده سَهوُ” ڪرڻو پوي ٿو تيئن حج جي واجب ڪم رهجي وڃڻ جي نقص دور ڪرڻ لاءِ قرباني ڪرڻي پوي ٿي اها قرباني، معمول واري عام قرباني (اضحيٰ) کان الڳ هوندي. هي ڳالهه ذهن ۾ رهي ته، بنا عذر واجب ڇڏڻ وڏو گناهه آهي، ڏنڊ ڏيڻ سان گناهه معاف نه ٿو ٿئي گناهه جي معافي لاءِ توبه شرط آهي. انهي ڪري پوري همت ڪجي ڪوبه واجب ڪم ادا ڪرڻ کانسواءِ نه ڇڏجي اهي 6 واجب هي آهن.
    1) وقوف مزدلفه، يعني مزدلفه ۾ ترسڻ.
    2) صفا ۽ مروه جي وچ ۾ سعي ڪرڻ. سعي معنيٰ ڊوڙڻ. جيڪڏهن سعي کي قرباني جي ڏينهن کان به پوئتي ڪيو ويو ته ان تي ڪو ڏنڊ ڪونهي، البت ائين ڪرڻ مڪروه آهي.
    3) رمي جمار. يعني شيطانن کي پٿريون هڻڻ.
    4) حج قران ۽ حج تمتع ڪرڻ واري کي قرباني ڪرڻ.
    5) حلق. يعني مٿي جا وار ڪوڙائڻ يا قصر ڇوٽا ڪرائڻ.
    6) آفاقي يعني ميقات جي حد کان ٻاهر رهندڙ کي طواف وداع (موڪلاڻي وارو طواف) ڪرڻ.
    اسان هتي اهم ڪمن جي نشاندهي ڪئي آهي وڌيڪ تفصيل لاءِ حج جا ڪتاب ڏسي سگهجن ٿا. جيڪڏهن اتان به ڪو مسئلو حل نه ٿئي ته مقامي معتبر عالم دين وٽان مسئلو حل ڪرائي سگهجي ٿو.
    مٿي ذڪر ڪيل حج جي فرضن ۽ واجبن کان علاوه ٻيا احڪام يا ته سنت آهن يا ته مستحب. سنت جو حڪم هي آهي ته، اهو ڄاڻي واڻي ڇڏڻ سٺو ڪونهي. سنت ڪم جي ادا ڪرڻ سان ثواب ۽ نه ڪرڻ سان ڏنڊ وغيره ڪونه ٿو ٿئي. سنت جي رهجي وڃڻ سان حج ته ادا ٿي ويندو پر خدا کان معافي وٺي ۽ روئي بخشائي.
    حج ادا ڪرڻ جا ٽي طريقا آهن جن کان پڙهندڙن کي واقف ڪجي ٿو.


    حج افراد.

    حج افراد.
    اهڙي طريقه کي سڏجي ٿو جو حج ڪرڻ وارو ميقات وٽان گذرڻ کان پهرين فقط حج ادا ڪرڻ جي نيت ڪري ۽ حج جوئي احرام ٻڌي. حج کي عمره سان گڏ نه ملائي. يعني حج جي مهينن (شوال، ذوالقعد، ذوالحج) ۾ عمره بلڪل نه ڪري.
    انهي قسم/ طريقي جي حج ڪرڻ واري کي “مُفرد” سڏجي ٿو. غير آفاقي يعني مڪي جو رهاڪو ۽ “حِل” جو رهاڪو (حِل اهڙ جاءِ کي چئجي ٿو جيڪا ميقات ۽ حرم جي حد جي وچ ۾ آهي) فقط حج افراد ڪري سگهي ٿو، اهڙي طرح جده جو رهاڪو به، انهن لاءِ حج تمتع ۽ حج قِران جي اجازت ناهي.


    حج قِران:

    حج قِران:
    اهڙي طريقي کي سڏجي ٿو جو عمره ۽ حج ٻنهي جي نيت ڪري هڪ ئي وقت ملائي احرام ٻڌي قِران معنيٰ ٻه شيون ملائڻ. اهڙي حج ڪرڻ واري کي قارن چئجي ٿو. اهڙي قسم واري حاجي کي عمره جي طواف ۽ سعي کان واندو ٿي احرام جي حالت ۾ رهڻو پوندو. وقوف عرفات کان پهرين کيس طواف قدوم ڪرڻو پوندو جيڪو سنت آهي. هي ڌيان ۾ رهي ته، عمره جو طواف الڳ آهي ۽ طواف قدوم ان کانسواءِ آهي ٻين لفظن ۾ ته، عمره جو طواف، طواف قدوم جو قائم مقام نه ٿيندو. اهڙي طرح عمره جي سعي الڳ آهي ۽ حج جي سعي الڳ آهي. طواف قدوم کانپوءِ قارن کي سعي ڪرڻ افضل (بهتر) ۽ سنت آهي. جيڪڏهن طواف قدوم کانپوءِ سعي نه ڪندو ته، طواف زيارت کانپوءِ سعي ڪرڻو پوندس. آفاقي (ميقات جي حد کان ٻاهر رهڻ وارو) لاءِ قِران افضل/ بهتر آهي. غير آفاقي يعني حِل جي رهاڪو ۽ مڪي جي رهاڪو لاءِ قِران جي اجازت ناهي. جيڪڏهن ڪندو ته، گنهگار ٿيندو ۽ مٿس “دم” واجب ٿيندو. حج قِران ڪرڻ واري حاجي کي شروع کان وٺي احرام ٻڌل رهندو. تان جو حج ادا ڪرڻ کانپوءِ احرام کوليندو.


    حج تمتع:

    حج تمتع:
    تمتع جي لفظي معنيٰ فائدو وٺڻ آهي. هي اهڙي طريقي کي سڏيو وڃي ٿو، جنهن ۾ حج سان گڏ عمره کي اهڙي طرح ملائي جو حج جي مهينن ۾ ميقات وٽان گذرڻ کان پهرين فقط عمره جو احرام ٻڌي ۽ انهي ۾ حج کي شريڪ نه ڪري، پوءِ مڪي شريف پهچي عمره جي ادائگي کان واندو ٿي وار ڪوڙائي يا ڪٽائي احرام کولي ڇڏي ۽ وطن واپس نه وڃي بلڪه اتي مڪي ۾ رهي پوي. پوءِ 8 ذوالحج تي مڪي شريف ۾ حج جو احرام ٻڌي حج جا سڀئي ڪم پورا ڪري.
    اهڙي طريقه سان حج ڪرڻ واري کي “متمتع” چيو وڃي ٿو. اهو طريقو به آفاقي (ميقات کان ٻاهر رهڻ واري) لاءِ آهي. پاڪستان مان ويندڙ حاجين جي اڪثريت “حج تمتع” ڪري ٿي. غير آفاقي يعني مڪي ۽ حِل جا رهاڪو “حج تمتع” نه ٿا ڪري سگهن. جيڪڏهن ڪندا ته، گنهگار ٿيندا ۽ مٿن “دم” پوندو. والله اعلم بالصواب.
    عرفات جي ميدان تي حج جا پانڌيئڙا ٻاجهاري ڌڻي کي ٻاڏائيندا، توبه استغفار، تلاوت، تسبيح، درود ۽ دعائون گهرندا رهيا ته، اسان به ارحم الراحمين آڏو التجائون ۽ آه و زاري ڪندي پنهنجي پاڻ لاءِ عزيزن قريبن، دوستن احبابن سنڌ واسين بلڪه پوري عالم اسلام لاءِ بخشش ۽ هدايت، رحمت ۽ برڪت، خير ۽ سلامتي لاءِ دعائون گهرندا رهيا سين.


    مزدلفه ڏانهن موٽ:

    مزدلفه ڏانهن موٽ:
    جڏهن سج پنهنجي تپش ۽ تاباني گهٽائي لهڻ جا سعيا ڪرڻ لڳو ته، حجاج ڪرام پنهنجو سامان سميٽي سهيڙي، عرفات جي ميدان کان ڪوچ ڪرڻ جو سانباهو شروع ڪيو.
    اسان وٽ ڪو خاص سامان ڪونه هو فقط ٻه هلڪا ٿيلها جن ۾ مختصر بسترو، هڪ ٻه ٽوال، دوائون ڪي کائڻ پيئڻ جون شيون هيون، سي کڻندي بيٺل سوارين ڏي رخ رکيوسون. هڪ ڪوسٽر گاڏي واري عرب جي “تعال تعال” (اچو! اچو!!) ٻُڌي وڃي انهي گاڏي ۾ چڙهي ويٺاسين ڪوسٽر اندر ۽ مٿي جڏهن ماڻهن سان فل ٿي وئي ته، سج لٿي کانپوءِ سڀئي گاڏيون روانيون ٿيون جن ٿوري وقت ۾ اچي مزدلفه پهچايو. اسان مزدلفه جي مشهور مسجد “مشعر الحرام” جي ڀر واري روڊ جي ويجهو اوڀر طرف هموار پٿريلي زمين تي پنهنجا بسترا پکيڙي ٿانيڪا ٿياسين. جيئن عرفات جي وقوف وارو ميدان، سرڪار طرفان هموار ڪيو ويو آهي تيئن هتي مزدلفه ۾ به وقوف واري ايراضي هموار ٿيل آهي جنهن لاءِ سرڪار کي وڏي محنت ۽ وڏو مالي بوجهه برداشت ڪرڻو پيو آهي. ڇو ته هتي جابلو علائقو هئڻ ڪري زمين هموار بنهه گهٽ آهي پر حڪومت کي آفرين آهي جنهن اهو ڏکيو، محنت ۽ مشقت طلب ڪم به سهڻي نموني مڪمل ڪري حجاج ڪرام جي سال بسال وڌندڙ تعداد لاءِ آساني ڪري ڇڏي آهي. مزدلفه ۾ به عرفات وانگر هنڌين ماڳين پاڻي جي فراهمي جو بهتر انتظام ڪيل آهي. يعني ته چپه چپه تي پاڻي جون ٽانڪيون، وضو لاءِ انتظام ۽ ليٽرين ۽ باٿ روم وغيره تعمير ٿيل آهن. دل ۾ پهرين هي خيال آيو ته، اسان مسجد مشعر الحرام وٽ وڃي رهون پر پوري طرح جانچڻ کانپوءِ ڏسڻ ۾ آيو ته، مسجد جي آسپاس وڏي خلق لٿل هئي، انهي ڪري مسجد کان پر ڀرا ٿي ويهڻ کي مناسب سمجهي ويهي رهياسين. جيڏي مهل اسان اچي بسترا وڇايا هئا، ان وقت انهي جاءِ جي آسپاس ماڻهو ٿورا پهتل هئا پر پوءِ ماڻهن جي هڪ ٻئي پٺيان ٽولا ٽولا ٿي اچڻ ڪري اهو ميدان به وسندڙ آبادي جو ڏيک ڏيئي رهيو هو، ڊگهن ٿنڀن ۾ فٽ ٿيل تيز روشني وارين سرچ لائيٽن رات مان ڏينهن ڪري ڇڏيو هو. خدا جا شان! بجلي جي برق ريزي، جڳمڳائيندڙ جهرمر، ماڻهن جي هر طرف هلچل ۽ ويراني ۾ وسندي جهڙين ڪيترين ئي شين جي گڏجڻ ڪري بر ۾ بازاريون بنائي ڇڏيون مزدلفه جو هي ريگزار علائقو شايد 10 ذوالحج جي اڄوڪي رات کان علاوه سال جي باقي ٻين راتين ۾ اهڙي رڻ، پوٺي مثل هوندو جتي ڪوبه ماڻهو اڪيلو رات رهڻ به پسند ڪونه ڪندو.


    مزدلفه ۾ کجور جو تحفو:

    مزدلفه ۾ کجور جو تحفو:
    اسان اڃا بستري تي ويهي ٿڪ ڀڃي رهيا هئاسون ته اوچتو هڪ لينڊ ڪروزر جهڙي وڏي گاڏي اسان جي وڇايل بسترن جي سامهون اچي بريڪ هنيو. گاڏي جي بتين واري تيز روشني سبب اٿي ويٺس. گاڏي بيهندي ئي ڪيتريون عرب عورتون ۽ مرد هيٺ لٿا. عرب مردن فوراً گاڏي جي پاسن کان ٻه ٽي لوهي سيخون کوڙي انهن سيخن جي چوڌاري ڪپڙو ويڙهي پردو ڪيو ۽ انهي ڪپڙي جي ديوار اندر گلم وڇائي عورتن کي ويهاريو ۽ پوءِ عرب مرد اسان جي بستري جي سامهون ڊگها غاليچا وڇائي گاڏي مان کاڌي پيتي جو سامان ڪڍي ويهڻ لڳا. اڃا ٿوري دير ويٺا هوندا ته پاڻ ۾ ڪجهه ڳالهائي کائڻ پيئڻ جي سنبت ڪرڻ لڳا. عربن جي کاڌي ۾ گوشت جو هجڻ لازمي آهي پر انهن جي گوشت تيار ڪرڻ جو طريقو اسان کان مختلف آهي.
    اسان گوشت جو گهڻو ڪري ٻوڙ ٺاهي ان ۾ مختلف قسمن جا مسالا (مصالحه) وجهي پوءِ کائيندا آهيون پر عربن کي گوشت جو ٻوڙ گهٽ وڻندو آهي باقي ڀڃيل گوشت گهڻو پسند ڪن ۽ ڏاڍي چاهه سان کائيندا آهن. سو هنن عربن کاڌن جي ٻين قسمن سان گڏ ڀڃيل گوشت به آڻي دستر خوان تي سٿيو. کاڌي پيتي جو سامان دسترخوان تي رکڻ کانپوءِ انهي مان اندازي سارو کڻي وڃي سندن عورتن حوالي ڪيائون ۽ پوءِ پاڻ کاڌو شروع ڪرڻ کان پهرين هڪ عرب کي چانور، گوشت ۽ کجور جو پيڪيٽ ڏيئي اسان ڏي موڪليائون، اسان ته ساڻن گڏ ويٺا هئاسون شايد اسان پاڙيسرين جي حق ادا ڪرڻ لاءِ يا اسان کي فقير سمجهي اهو کاڌو موڪليائون. جڏهن عرب سڳوري منهنجي اڳيان اهو کاڌو رکي کجور جو پاڪيٽ منهنجي هٿ ۾ ڏنو ته مون کان پڇيائين ته، “انت باکستاني؟” (تون پاڪستاني آهين؟) مون جواب ۾ ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪئي ته پوءِ چيائين ته، “هذا ڪجور” (هي کجور آهي) هن ويچاري کجور جو لفظ منهنجي سمجهڻ لاءِ چيو، ڇو ته عربن کي خبر آهي ته، پاڪستاني انهي کي کجور ٿا چون. تنهن تي مون کيس وراڻيندي چيو ته، “نعم، اعرف العربي هذا تمر” (هائو، عربي ڄاڻان ٿو اها تمر (کجور ) آهي.) خوش ٿي، مون کي آڱوٺي جي اشاري سان آفرين ڏيندي “احسن، احسن” (تمام سٺو تمام سٺو) چوڻ لڳو. سامهون ويٺل عرب اسان جي اها ڳالهه ٻولهه ٻڌي کلي رهيا هئا. مون کي پنهنجي ساٿي رحيمڏني سمي چيو ته، عرب سڳوري توکي آفرين مان ڍو ڪرائي ڇڏيو، جو تو عربي ۾ ڳالهايو ته هن وري توکي آڱوٺا باسيا. انهي ڳالهه تي اسان ٻئي ڏاڍا کلياسون. عرب جو آڱوٺو باسڻ حقيقت ۾ انهن وٽ خوشي جو اظهار ۽ ڪنهن کي آفرين ڏيڻ جي سندن اها هڪ ثقافتي رسم ۽ رواج آهي. حالانڪه اسان هند ۽ سنڌ جا رهاڪو جيڪڏهن ڪنهن کي آفرين ۽ شاباس ڏيندا آهيون ته شاهد آڱر جي اشاري سان واهه واهه!! ڪندا آهيون، پر عربن وٽ آفرين ڏيڻ/ چوڻ جو انداز اسان جي بلڪل ابتڙ آهي. ڇو ته عربن وٽ شاهد آڱر جو اصل نالو “سَبابه” آهي عربي ۾ سب جي معنيٰ گار، ۽ سبابه اها آڱر جنهن سان گار ڏجي. اهو ائين آهي جيئن اسان وٽ وري وچين آڱر جو اشارو گار لاءِ استعمال ٿئي ٿو. اسلام عربن جي انهي رواج يعني انهي ڏسڻي آڱر کي گار ڏيڻ واري آڱر (سبابه) سڏڻ بجاءِ شاهد (الشهادة) آڱر جو نالو ڏيئي انهي تي رواج مطابق رکيل خراب نالو ميٽائي ڇڏيو ڇو ته ڪوبه عضوو تيستائين برو، بڇڙو ڪونهي جيستائين ان کي ناجائز ڪم يا غلط جاءِ تي استعمال نه ڪجي.
    بهرحال اسان کائڻ پيئڻ کان واندا ٿي نماز جو سعيو ڪرڻ لڳاسون. مسجد مشعرالحرام مان اذان جو آواز پُرسوز لهجه ۾ ٻڌي، الله جي سڏ کي لبيڪ چئي سون. مسجد مشعر الحرام هن غير آباد مزدلفه جي علائقي ۾ وڏي ڪشش رکي ٿي. هن مسجد ۾ اٺ هزار نمازين لاءِ گنجائش آهي. اسان مصلا وڇائي نماز لاءِ اٿي کڙا ٿياسون. جيئن ته، مزدلفه ۾ 10 ذوالحج جي رات سانجهي ۽ سمهڻي نمازون ملائي، سمهڻي جي وقت ۾ پڙهيون وڃن ٿيون، انهي ڪري اسان به اهڙي طرح ٻنهي ساٿين يعني مون ۽ حاجي رحيمڏني سمي گڏجي جماعت ڪري مذڪوره ٻئي نمازون پڙهيون. جڏهن ته اسان جي آسپاس موجود ماڻهن پنهنجي پنهنجي جماعت ڪري اهي نمازون پڙهيون.


    مزدلفه ۾ رات ڪيئن گذارجي؟

    مزدلفه ۾ رات ڪيئن گذارجي؟
    مزدلفه ۾ نماز کان فارغ ٿي پرهه ڦٽي تائين ترسڻ سنت موڪده (تاڪيد ڪيل سنت) آهي. انهي رات جاڳڻ ۽ عبادت ۾ مشغول رهڻ مستحب آهي. اها رات ڪن امامن وٽ، شب قدر کان به افضل آهي (والله اعلم) بهر صورت اها رات عظمت، فضيلت ۽ شان جي لحاظ کان تمام مٿانهين آهي. انهي ڪري حاجي سڳورن کي کپي ته، ٿڪاوٽ ۽ سستي جيڪري اها رات فقط ننڊون ڪندي نه گذارين بلڪه ٿڪاوٽ جي صورت ۾ پهرين ٿورو وقت ليٽي پوءِ اٿي خدا کي ياد ڪن. جنهن لاءِ هي طريقو بهتر آهي ته، پهرين سانجهي ۽ سمهڻي نمازون ملائي پڙهي ڪجهه وقت آرام ڪن ۽ انهي کانپوءِ اٿي تهجد پڙهن ۽ پوءِ فجر(پرهه ڦٽي) تائين ذڪر فڪر ۾ مشغول رهن. درود شريف، تڪبير و تهليل (الله اڪبر ۽ لا الهٰ الا الله) تلبيه (لبيڪ اللهم لبيڪ) استغفار ۽ دعائون خوب گهرن. مزدلفه ۾ رات ترسڻ کي “وقوف مزدلفه” سڏيو وڃي ٿو، جيڪو حج جي احڪامن ۾ “واجب” جي حيثيت رکي ٿو. انهي وقوف جو وقت صبح صادق(پرهه ڦٽي) کان سج اڀرڻ تائين آهي. ان کان سواءِ هي به مستحب آهي ته، مزدلفه مان روانو ٿيڻ کان پهرين چڻي جيتريون ستر(70) پٿريون به چونڊي کڻجن جيڪي منيٰ ۾ شيطانن کي هڻڻ لاءِ استعمال ڪيون وينديون. جيڪڏهن مزدلفه مان اهي پٿريون نه چونڊيون وينديون ته پوءِ ٻي ڪنهن جاءِ تان کڻڻ ڏکيو ٿي پوندو.
    پرهه ڦٽڻ بعد پهرين فجر نماز پڙهجي ۽ ان کانپوءِ وقوف دوران تسبيح (سبحان الله) ۽ تهليل (ڪلمه شريف) وغيره جو ذڪر ڪجي. ڪي ماڻهو منيٰ ڏي وڃڻ جي تڪڙ ۾ فجر جي وقت کان پهرين اذان ڏيئي نماز پڙهي وٺن ٿا ۽ منيٰ ڏي روانا ٿي وڃن ٿا. اهڙن ماڻهن جي اها تڪڙ ڏسي انهن جي پويان نه لڳجي. بهتر هيئن ٿيندو جو 7 يا 8 ذوالحج تي مڪي شريف جي مسجد الحرام (حرم) ۾ فجر جي اذان جو وقت نوٽ ڪري وٺجي ۽ انهي نوٽ ڪيل وقت کان پنج منٽ پوءِ مزدلفه ۾فجر جي نماز پڙهجي.
    مزدلفه ۾ سانجهي ۽ سمهڻي نماز ملائي پڙهڻ لاءِ جماعت شرط ناهي. چاهي جماعت ڪري پڙهي، چاهي اڪيلو پڙهي، ٻنهي صورتن ۾ اهي ٻئي نمازون ملائي پڙهڻيون آهن. پر اڪيلي پڙهڻ کان جماعت ڪري پڙهڻ بهتر آهي. مزدلفه ۾ سانجهي ۽ سمهڻي نمازون ملائي، سمهڻي جي وقت ۾ پڙهڻ واجب آهن، انهي لاءِ عرفات وانگر بادشاهه يا ان جي نائب يعني قاضي يا خطيب جو امام ٿي نماز پڙهائڻ شرط ڪونهي.
    جيڪڏهن مزدلفه ۾ سمهڻي جي وقت کان پهرين پهچي وڃجي ته، جيستائين سمهڻي نماز جو وقت نه ٿئي تيستائين نماز نه پڙهي بلڪه جڏهن سمهڻي نماز جو وقت ٿي وڃي ته، هڪ اذان ۽ هڪ تڪبير (اقامت) سان سانجهي ۽ سمهڻي نماز پڙهي. جنهن جي صورت هي ٿيندي جو پهرين سانجهي نماز قضا نه پر ادا جي نيت ڪري پڙهي، ا نکان پوءِ سمهڻي لاءِ الڳ اذان ۽ تڪبير نه چوي ۽ نه ڪي سانجهي نماز جي فرض پڙهڻ کانپوءِ سانجهي جون سنتون ۽ نفل پڙهي، بلڪه سمهڻي نماز جو فرض پڙهي پوءِ پهرين سانجهي نماز جون سنتون، نفل ۽ پوءِ سمهڻي جون سنتون، وتر ۽ نفل وغيره پڙهي.
    ڪي ماڻهو وري سفر ۾ اڳين ۽ وچين، سانجهي ۽ سمهڻي نمازون ملائي پڙهن ٿا. حالانڪه حنفي مسلڪ ۾ ائين ڪرڻ درست ناهي. انهي ڪري عرفات ۽ مزدلفه کانسواءِ ٻي ڪنهن به جاءِ تي مٿي ٻڌايل نمازون ملائي پڙهڻ نه گهرجن، ڇو ته، عرفات ۽ مزدلفه کانسواءِ پوري سال ۾ ڪٿي به ٻه نمازون هڪ وقت ۾ ملائي پڙهڻ جائز ناهي.
    مدينه منوره جي سفر ۾ به ٻن نمازن کي هڪ وقت ۾ ملائي پڙهڻ صحيح ناهي. هن ڳالهه جو خيال رکيو وڃي ته هر نماز پنهنجي پنهنجي وقت ۾ پڙهي وڃي. اهي ضروري مسئلا هئا، جن جي ڄاڻ لازمي آهي.
    اسان نماز کان فارغ ٿي ڪجهه وقت آرام ڪرڻ خاطر ليٽي پياسين ۽ پوءِ اٿي جيڪا به رب سائين توفيق ڏني تنهن سان اهو ڀلارو وقت اطمينان ۽ سڪون سان پورو ڪيوسين. وچ ۾ ڪجهه وقت وقفو ڪري پٿريون چونڊيون سين ۽ هڪ الڳ ڳوٿري ۾ محفوظ ڪري رکيون سين، پوءِ وري ذڪر اذڪار ڏي متوجه ٿياسين، تان جو فجر جو وقت ٿيو ته وضو تازو ڪري فجر جي نماز پڙهي سون ۽ سج اڀرڻ تائين وقوف ڪندي گذاريوسون. انهي دوران منهنجي صحت بحال ٿيڻ لڳي هئي. پنهنجي ساٿي رحيمڏني سمي کي چيم ته، اڄ طبيعت ۾ ڪجهه تازگي ۽ طاقت آهي سو هتان کان منيٰ ڏي پيدل هلبو.


    منيٰ ڏانهن روانگي:

    منيٰ ڏانهن روانگي:
    مزدلفه ۾ چانهه بسڪيٽ کان جلدي فارغ ٿي سج اڀرڻ سان ئي پيدل قافلن سان گڏ روڊ وٺي منيٰ ڏي روانا ٿياسين.
    تلبيه جي تنوار، اسان اڀرن ۾ پيدل سفر ڪرڻ جي سگهه پيدا ڪئي جو مالڪ جي خصوصي ڪرم جي سهاري مزي مزي سان تقريباً صبح 7 وڳي ڌاري اچي منيٰ ۾ پهتاسون. جتي هيڏانهن هوڏانهن نظر ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته هتي سڙيل تنبن جو ڪوبه نالو نشان ڪونهي! ڇو ته باهه وسامڻ سان گڏو گڏ سعودي سرڪار جمله سڙي ويل ساز سامان تنبن وغيره جي ڪچري جي نيڪالي جوتيزي سان ڪم شروع ڪري ڇڏيو هو. هڪ ڏينهن ۽ ٻن راتين اندر صفائي ۽ نون تنبن لڳائڻ جو ڪم مڪمل ٿي ويو!! سچ پچ ته حيرت ٿئي ٿي جو جنهن جاءِ تي ستر، پنجهتر هزار تنبو سڙيا هجن ان سان گڏ 40 لک ماڻهن جي ضروريات زندگي جو سامان به سڙي رک ٿيو هجي، سوين نه پر هزارين انساني جانيون باهه جو کاڄ ٿي ويون هجن ڄڻ هڪ پوري دنيا باهه جي نذر ٿي سڙي ڍير ٿي وئي هئي سا چوويهن يا ڪجهه مٿي ڪلاڪن ۾ صاف ٿي وڃي!، اهڙي فرض شناسي حيرت ۾ وجهندڙ آهي!! سچ پڇو ته، اسان کي گمان ئي نه پيو ٿئي ته هتي ڪا باهه لڳي هئي!! ڇو ته سعودي سرڪار سڙي ويل سموري سامان کي واقعي واري هنڌان هٽائي، فرش تي نئين ريتي وڇائي ڇڏي ۽ بلڪل نوان تنبو لڳرائي رهائش لاءِ گهربل سهولتون مهيا ڪري ڇڏيون هيون. اسان پنهنجي ڪامورن ۽ سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي ۽ سندن ملڪي وفاداري، عوام سان خير خواهي ۽ همدردي کي سعودي سرڪار جي ڪامورن سان ڀيٽيندا سون ته فرق صاف ظاهر ٿي پوندو.


    وڏي شيطان کي پٿريون هڻڻ:

    وڏي شيطان کي پٿريون هڻڻ:
    اڄوڪي 10 ذوالحج (17 اپريل 1997ع) جي ڏينهن سڀ کان پهريون ڪم “رمي جمره عقبه” يعني وڏي شيطان کي ست پٿريون هڻڻ آهي. حج جي احڪامن ۾ اهو واجب اهي.
    وڏي شيطان کي پٿريون هڻڻ لاءِ مون پنهنجي ٿيلهي ۾ پيل ڳوٿري کولي، جنهن مان ست پٿريون ڪڍي هٿ ۾ ڪيون، ۽ پنهنجي ساٿي رحيمڏني سمي کي چيم ته، سامهون زبردست رش آهي، سنڀالي هلڻو پوندو. تون پوڙهو آهين ته آئون وري اڀرو ۽ بيمار. لکين ماڻهن جي وچان هلڻ اسان لاءِ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. بهرحال ڪمر بسته ٿي وڏي شيطان کي پٿريون هڻڻ لاءِ هڪ وڏي پل تان لکين حاجين سان گڏ هلڻ لڳاسون . ماڻهن جي ايتري ته رش هئي جو پيهه پيهان سبب گهٽ ٻوسٽ پئي ٿي، ڪٿي ته ساهه به منجهي ٿي پيو ۽ سمجهيو سون ٿي ته اجهو ٿا گهٽجو ساهه ڏيون. ڇوته چوڌاري ماڻهن جي ڀيڙ اسان کي نپوڙي ٿي ڇڏيو. ويتر سخت گرمي ان ۾ اڃا به وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو. رش جي ڪري تيز هلڻ محال هو. وک وڌائڻ ته پري رهي فقط رڙهندا رڙهندا ڪلاڪ ٻن کانپوءِ وڃي وڏي شيطان واري جاءِ کي ويجها ٿياسون.
    جمرات (شيطانن) جي نمبر وار ترتيب هن طرح آهي ته، جيئن ئي پُل تان يا هيٺ پَٽ تان شيطانن ڏي وڃڻ شروع ڪبو ته، سڀ کان پهرين ننڍو شيطان (جمره اُوليٰ) اچي ٿو. انهي کان ٿوري پنڌ تي وچٽ شيطان (جمره وسطيٰ) ۽ انهي کا ن ٿورو اڳتي (جمره عقبه) وڏو شيطان اچي ٿو. انهن جاين تي نشان خاطر فقط ڊگها پيلپايا/ ٿنڀا آهن جيڪي ڪافي بلند نظر اچن ٿا. ائين ناهي ته اتي ڪي شيطانن جون مورتيون/ بوتا ٺهيل آهن، جن کي پٿر هڻجن ٿا.


    شيطان کي پٿريون ڇو ٿيون هڻجن؟

    شيطان کي پٿريون ڇو ٿيون هڻجن؟
    انهن جاين جي تاريخي حيثيت هي آهي ته، اڄ کان لڳ ڀڳ ساڍا چار هزار سال اڳ، مشهور پيغمبر حضرت ابراهيم عليه السلام پنهنجي معصوم پٽ حضرت اسماعيل عليه السلام کي خواب ۾ ڪيل خدائي حڪم موجب جڏهن ڪهڻ لاءِ وٺي وڃي رهيو هو ته، انهن ٽنهي جاين تي شيطان اچي ٻنهي (پيء پٽ) کي برغلائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. يعني ته حضرت ابراهيم کي دل ۾ هي وسوسا وڌائين ته، ميان! خواب ۾ ٿيل اشاري تي لڳي پنهنجو سڪيلڌو پٽ ٿو ڪُهين؟ اها به ڪا عقلمندي آهي؟ ڪير چوندو ته، تو هي ڏاهپ ۽ دانائي وارو ڪم ڪيو آهي؟ اهڙي طرح حضرت ابراهيم جي معصوم پٽ حضرت اسماعيل کي هن طرح وسوسا وڌائين ته، ميان! تنهنجو پيء پوڙهپڻ جيڪري مت ڇڏي ويو آهي! ڀلا پيء پنهنجي پٽ کي بنا ڪنهن ڏوهه گناهه جي ڪُهندا آهن ڇا؟ هي توکي ڪُهڻ لاءِ وٺيو پيو وڃي تنهن جي پيرسني سبب مت کسجي وئي آهي. متان ان جي چوڻ تي لڳين؟ خواهه مخواهه ٿو پنهنجو سر وڃائين!! جڏهن شيطان انهي قسم جا وهم وسوسا وجهي انهن بزرگن کي پنهنجي عظيم قرباني واري جذبي کان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ته، جواب ۾ انهن بزرگن انهن جاين تي بيهي شيطان پليت ڏانهن نفرت ۽ ڌڪار مان پٿريون اڇليون، کيس ايئن ڀڄايائون جيئن ڪنهن ڪُتي ٻلي کي ڀتر هڻي ڀڄائبو آهي. هن وقت انهن جاين تي نشان خاطر پيلپايا کڙا ڪيا ويا آهن. جتي ساڳي ابراهيمي جذبي سان شيطان جي چوڻ جو کليو انڪار ڪندي نفرت جي اظهار طور پٿريون هڻجن ٿيون.
    بهرحال اسان بسم الله الله اڪبر چئي شيطان جي رسوائي ۽ رحمان جي رضا خاطر پٿريون هڻي ماڻهن جي انبوهه مان نڪري واپسي وارو رستو وٺي خير سلامتي سان ٻاهر آياسون.
    جيئن ته اسان قرباني لاءِ اڳواٽ رقم 350 (ٽي سو پنجاهه) سعودي ريال جمع ڪرائي ڇڏيا هئا ۽ انهن اسان کي ساڍي ڏهين وڳي جو ٽائيم ڏنو هو، پر پوءِ به پڪ نه پئي ٿئي ته خبر ناهي ته، انهن اسان جي پاران قرباني ڪري ڇڏي هوندي يا نه؟ انهي ڪري ٿورو انتظار ڪيوسون. هيڏانهن وري هڪ ٻيو مسئلو به ٿي پيو ته، منهنجي ساٿي رحيمڏني سمي وٽ پاتل احرام کانسواءِ ٻيو ڪوبه ڪپڙو ڪونه هو. ڇوته، سندس ڪپڙن جو جوڙو رئيس عبد الغني سومري وٽ رهجي ويو هو جيڪو منيٰ ۾ باهه لڳڻ وقت اسان کان ڌار ٿي ويو هو. حالانڪه مون وٽ پنهنجا ڪپڙا موجود هئا، جيڪي ٿيلهي اندر پيا هئا، تنهنڪري مون رحيمڏني کي چيو ته، هاڻي هينئن ٿا ڪريون جو موٽي مڪي شريف ڏي هلون. جتي مٿو ڪوڙائي وهنجي ڪپڙا پائي پوءِ هلي طواف زيارت ڪريون. اها صلاح ڪري اسان مڪي شريف ڏي ويندڙ پرائيويٽ بس ۾ سوار ٿي ڪلاڪ اڌ ۾ اچي مڪي شريف پهتاسون. رحيم ڏني چيو ته، پاڻ ٻئي پهرين جاءِ تي هلون جتي مٿو ڪوڙائي احرام کولي ڪپڙا مٽايون پوءِ اچي طواف زيارت ڪريون. جاءِ تي پهچڻ کانپوءِ مٿو ڪوڙايوسون، ۽ وهنجي گهڙي کن ٿڪ ڀڳوسون.


    طواف زيارت:

    طواف زيارت:
    آئون طواف زيارت جو ارادو ڪري اٿي تيار ٿي بيٺس ته، رحيم ڏني چيو ته، مون کي سخت بخار آيو آهي. مون ۾ هلڻ جي طاقت ڪونهي انهي ڪري تون وڃين ته ڀلي وڃ. بس پوءِ روڊ وٺي سڌو اچي حرم شريف پهتس. 11 ذوالحج جمع جي رات هئي ۽ وقت تقريباً رات جا ڏهه ٿيا هئا. حرم شريف (مسجد الحرام) جي ڇت تي وڃي طواف شروع ڪيم ڇو ته هيٺ بنهه رش هئي. البت ڇت تي رش گهٽ هئي.
    جيئن ته، طبيعت انتهائي ڪريل هئي انهي ڪري طواف ڪندي ڪمزور وکون کڻي رهيو هئس ۽ ٻيو ته، ڇت تي طواف ڪرڻ وقت هڪ چڪر به تمام ڊگهو ٿئي ٿو انهي ڪري مون کي هڪ چڪر پورو ڪرڻ ۾ به ذري گهٽ منو ڪلاڪ لڳي ويو ٿي. اڃا چار چڪر مس پورا ڪيا هئم ته، پنهنجي ڀرسان هڪ همراهه کي تڪڙيون وکون کڻندي ڏسي جان کڻي نظر ڪريان ته، ڊاڪٽر غلام محمد ٻگهيو ولد حاجي مٺو ٻگهيو (زميندار لڳ مسڻ وڏي) وڃي رهيو آهي. منهنجي نهارڻ تي هن به مون ڏي ڏٺو ته، سڃاڻي ورتائين ۽ سلام ڪندي ڀاڪر پائي مليو، وڌيڪ چيائين ته، آئون طواف پورو ڪري سامهون واري قبه نما هال وٽ وڃي ويهندس، توهان به فارغ ٿي اتي اچجو، ۽ پوءِ تفصيل سان ڪچهري ڪنداسون. پر آئون جڏهن طواف مڪمل ڪري، نفل ۽ دعا کان واندو ٿي انهي قبه نما هال وٽ پهتس ته ڊاڪٽر غلام محمد صاحب مون کي نظر نه آيو، انهي ڪري وري وڃي صفا مروه جي سعي(ڊوڙڻ) لاءِ روانو ٿيس. سعي مڪمل ڪري دعائون گهري آب زمزم سان پوري طرح سيراب ٿي، ساهي پٽڻ لاءِ ڇت تي ئي ويهي رهيس. ٿوري دير آرام ڪيم ته، تهجد جي اذان آئي ۽ وضو تازو ڪري تهجد پڙهي ذڪر فڪر ۾ هئس ته، فجر جي اذان آئي. جنهن بعد جماعت سان فجر نماز ادا ڪري حرم شريف مان روانو ٿي جاءِ تي آيس. اڃا 11 ذوالحج/ 18 اپريل جمع جي ڏينهن جو سج ظاهر ڪونه ٿيو هو ته، ڪمزور طبيعت کي ڪجهه آرام ڏيڻ خاطر ليٽي پيس. اهڙي ته ننڊ آئي جو 11 وڳي ڏينهن جو اک کلي.


    منيٰ ڏانهن واپسي ۽ باهه بابت خبرون:

    منيٰ ڏانهن واپسي ۽ باهه بابت خبرون:
    سجاڳ ٿيڻ بعد ٻپهرن واري ماني کائي پنهنجي ساٿي رحيمڏني کي چيم ته، هل ته هلي اڄوڪي ڏينهن وارو فرض ادا ڪريون. هن چيو ته، اهو ڪهڙو؟ مون چيو ته، اڄ 11 ذوالحج تي پاڻ کي زوال (سج لڙڻ) کانپوءِ ٽنهي شيطانن کي پٿريون هڻڻيون آهن ۽ گڏو گڏ رات مني ٰ۾ ترسڻي آهي. نيٺ تيار ٿي وچين ڌاري منيٰ ڏانهن روانا ٿياسون. واٽ تي روڊ هلندي هڪ اخبار فروش کان ڪجهه عربي ۽ اردو اخبارون ورتم. سعوديه ۾ فقط هڪڙي اخبار اردو ٻولي ۾ شايع ٿئي ٿي جيڪا ”اردو نيوز“ جي نالي سان جده مان نڪري ٿي.
    هن اخبار جا مالڪ/ پبلشر سعودي پرنٽ ميڊيا کي بين الاقوامي ذرائع ابلاغ جي معيار مطابق بنائيندڙ ٻه عرب شيخ آهن جيڪي عرب صحافتي دنيا ۾ شيخ هشام علي حافظ ۽ شيخ محمد علي حافظ جي نالن سان مشهور آهن.
    عربي اخبار کان پهرين مذڪوره اردو اخبار تي نظر وڌم ته، انهي تي 17 اپريل 97ع جي تاريخ درج هئي يعني ته ڪالهوڪي اخبار هئي پر مون لاءِ بلڪل نئين ۽ اڄوڪي پئي لڳي. فرنٽ پيج تي هڪ هيڊ لائن پڙهيم ته، ”منيٰ جي حادثي ۾ مرندڙن جو تعداد 343 ٿي ويو.“ گاڏي ۾ ويٺل ماڻهن کي ٻڌايم ته منيٰ جي حادثي ۾ سڙي مري ويندڙ حاجي سڳورن بابت هي اخبار ته بنهه ٿورا ماڻهو ٿي ٻڌائي. اهو ته ايڏو وڏو انگ ڪونه آهي. تنهن تي ويٺل ماڻهن ٻڌايو ته، هتي سعوديه جون اخبارون سرڪاري انتظاميه کي بدنام ڪرڻ نه ٿيون چاهين ۽ ٻيو هن ڪري به ته، سعوديه انفار ميشن ڊپارٽمينٽ (اطلاعات کاتي) پاران ميڊيا کي اهڙي هدايت ٿيل آهي. هونئن به هر حڪومت پنهنجي بدنامي ڪرڻ نه گهرندي آهي. جيڪڏهن حقيقي انگ اکر ڄاڻايا ويندا ته، دنيا ضرور چوندي ته، انتظاميه آخر ڇا پئي ڪيو؟ هنن باهه وسائڻ لاءِ مناسب قدم ڇونه کنيو، يا اهڙو ڪو اڳواٽ انتظام ۽ بندو بست ڇونه ڪيو؟ جو سندن اهڙي غلطي سبب بيشمار انساني جانيون ضايع ٿيون. بهرحال ماڻهن جو مٿين خبر بابت ڪيل تبصرن جو خلاصو هي هو ته، “منيٰ ۾ لڳل باهه دوران ستر هزار تنبو سڙي ويا آهن. جڏهن ته، سڙي ويل ماڻهو پنڌرهن هزارن کان به وڌيڪ آهن. علاوه ازين زخمي ويهه هزار کن ٿيندا.” (والله اعلم بالصواب)


    سعودي اخبار جي حج بابت رپورٽ:

    سعودي اخبار جي حج بابت رپورٽ:
    ساڳي اردو اخبار جو هڪ خصوصي صفحو فريضه حج جي ادائگي واري تفصيلي رپورٽ تي مشتمل هو. جنهن مان خاص خاص ٽڪرا هتي نقل ڪجن ٿا.
    “16 اپريل 97ع تي عرفات ۾، مڪي جي آب رساني کاتي پاران 18 هزار سبيلون لڳايون ويون. 10 هزار طهارت خانه(باٿ روم) به ٺاهيا ويا.7 سو کان وڌيڪ مزدور صفائي جو ڪم ڪندا رهيا. 29 گاڏيون گند ڪچرو کڻڻ تي مقرر هيون.
    مريضن لاءِ نمره جنرل اسپتال ۾ 185 بسترن جو انتظام ڪيو ويو، مسجد نمره ۾ اڍائي لک نمازي هئا. 154 موبائل ريفريجريٽر عرفات ۾ کاڌي جون شيون ماڻهن ۾ مفت ورهائيندا رهيا. هنگامي حالت جي بنا تي عرفات اسپتال ۾ 425 بسترن کان علاوه وڌيڪ 400 بسترن جو انتظام ڪيو ويو. وڃائجي ويل حاجين کي پنهنجي جاءِ تي پهچائڻ لاءِ پراڻن 8 دفترن کان سواءِ 60 نوان گروپ مقرر ڪياويا هئا.
    حاجين ۾ چاليهه سيڪڙو ايشيائي ملڪن جا، چاليهه سيڪڙو مصري ۽ ويهه سيڪڙو سعودي شهري هئا.
    شاهه فهد جي حڪم تي سعودي ريڊيو ۽ ٽي وي، اردو، عربي، انگريزي، فارسي، فرانسيسي، ترڪي، بنگالي، ترڪستاني، بمباره، انڊونيشين، ملائيشي، صومالي ۽ مختلف زبانن ۾ حج جو منظر براه راست/ سڌو سنئون نشر ڪيو.
    وزارت مواصلات طرفان 85 ٿنڀا روشني لاءِ تيار ڪيا ويا جن مان هر هڪ ٿنڀي ۾ هڪ هزار وولٽ پاور لائٽ موجود هئي. اهي ٿنڀا 66 ڏکڻ طرف ۽ 19 اتر طرف هئا. ٻارهن هيلي ڪاپٽر 24 ڪلاڪ گشت ڪندا رهيا جن ۾ جديد طبي سهولتون، مشينون، دوائون ۽ ڊاڪٽر هئا.


    منيٰ ۾ پهچي پٿريون هڻڻ ۽ رات ترسڻ:

    منيٰ ۾ پهچي پٿريون هڻڻ ۽ رات ترسڻ:
    منيٰ جي حادثي ۾ پاڪستاني، هندستاني، بنگلاديشي، ايراني، آفريقي، مصري، سريلنڪائي خيما سڙيا هئا.
    سمهڻي کان به دير سان اچي منيٰ ۾ پهتاسون. شيطانن کي پٿريون هڻڻ جو سعيو ڪرڻ وقت دل ۾هي خيال آيو ته، اڳئين ڀيري يعني 10 ذوالحج تي جڏهن وڏي شيطان کي پٿريون هنيون هيم ته ان وقت آئون ماڻهن جي وڏي انبوهه ۾ ڦاسي پيو هئس. هن طرح جو پٿريون هڻڻ لاءِ جڏهن وڏي شيطان کي ويجها ٿيا هئاسون ته اسان جي اڳيان ترڪن جو جٿو هو. جن جي اڳيان وري سوڊاني/ آفريقي هئا. جڏهن اهي آفريقي پٿريون هڻي فارغ ٿيا هئا ته، انهن يڪدم پوئتي مڙي ورڻ واري ڪئي ته ترڪ انهن جي پويان لڳو لڳ هئا جيئن ته ترڪي ماڻهو اسان کان سگهارا هئا انهي ڪري اهي ته، پنهنجو پاڻ بچائي ويا هئا، پر جڏهن اهي آفريقي ترڪن جي جٿي کي ڌڪي پار ڪري اسان تي اچي ڪڙڪيا ته سوچيم ته، هاڻي خير ناهي! پر پوءِ به ڦڙتائي سان پنهنجو پاڻ بچائي ورتم. نه ته سوڊاني سڳورن جي لتاڙڻ سان ڳاهجي وڃان ها. ان هوندي به ڪُلهي وٽان ٻانهن کي چڱي خاصي رهڙ اچي وئي، جنهن کي پوءِ مرهم پئي ڪيم. سو اڄ وري سوچيم ته، متان ساڳي اها ئي رش هجي، پر اڳتي وڌي ڏسڻ سان خبر پئي ته، رش گهٽ آهي. انهي ڪري سڌو وڃي ٽنهي شيطانن کي نمبر وار پٿريون هڻي، هندستاني ۽ پاڪستاني تنبن وچان گذرندڙ روڊ جي هڪ پاسي فوٽ پاٿ تي پنهنجا بسترا وڇاياسون، تنبن ۾ اندر نه وياسون. ڇو ته اسان تازو باهه جا ڊيڄاريل هئاسون. حالانڪه ماڻهو تنبن ۾ ويٺا هئا. توڙي جو اتي بجلي نه هئڻ ڪري اوندهه لڳي پئي هئي. اطمينان ۽ سڪون سان رات گذاري 12 ذوالحج (19 اپريل) جي فجر نماز منيٰ جي مشهور مسجد خيف جي ويجهو پڙهي سون. سج اڀري سنئون ٿيو ته، وهنجي وري آرام ڪيوسون. اڳين نماز بعد شيطانن کي پٿريون هڻڻ لاءِ هليا وياسون جتي وڃي ڏٺو سون ته، شيطانن جي نشان ڪيل ڊگهن ٿنڀن جي پاڙن ۽ ڀرپاسي ۾اڇليل پٿرين سان گڏ وڏا وڏا پٿر ۽ جوتا به پيا آهن. جن مان اندازو ٿيو ته، ماڻهن ٿنڀي کي شيطان سمجهي خار مان جوتا لاهي به هنيا هئا. حالانڪه ائين ڪرڻ جي شريعت ۾ منع ٿيل آهي. پٿرين هڻڻ وقت هي ڳالهه محسوس ڪئي سون ته، ماڻهن جي اندازي مطابق، اسان واري سال 97ع ۾ حاجين جو تعداد لڳ ڀڳ چاليهه لک هو ته انهي حساب سان هڪ ماڻهو جيڪڏهن ٽوٽل ستر پٿريون اڇلي ته جمله انگ اٺاويهه ڪروڙن تائين پهچي ٿو. جيڪو لازمي طرح وڏو ڍڳ ٿي پوندو. جڏهن ته حج جي ادائگي حضرت آدم کان وٺي ٿيندي رهي آهي پر جيئن ته حضرت آدم کان وٺي حضرت ابراهيم عليهما السلام تائين حج جو فرض هر سال پابندي سان لڳاتار ادا نه ڪيو ويو آهي بلڪه ان وچ ۾ وقفو به رهيو آهي پر حضرت ابرهيم ۽ حضرت اسماعيل عليهما السلام کان وٺي هيستائين حج جو فرض بنا وقفي ۽ ناغي جي ادا ٿيندو رهيو آهي. حضرت ابراهيم عليه السلام کي هيستائين ذري گهٽ پنج هزار سال گذري چڪا آهن. هر سال هزارين نه پر لکين حاجي پٿريون هڻن ٿا. آخر اهي اڇليل پٿريون ڪيڏانهن ٿيون وڃن؟ اها ڳالهه سوچيندي مون کي هڪ روايت ياد آئي ته، جنهن ماڻهو جو خدا وٽ حج قبول ٿي وڃي ٿو، تنهن جون اڇليل پٿريون ملائڪ کڻي ٿا وٺن، پر جن جو حج قبول ناهي تن جون اڇليل پٿريون اتي ئي پيون رهن ٿيون، جن کي حج جي ڏينهن کانپوءِ صفائي وارو عملو ميڙي هڪ پاسي اڇليو ڇڏي. والله اعلم.
    اسان پٿريون چٽي دعائون گهري واندا ٿياسون ته مڪي ڏانهن رواني ٿيڻ جو سعيو ڪيوسون. پهرين دل ۾ خيال آيو ته، پيدل هلجي، ڇو ته ڪن دوستن ٻڌايو هو ته منيٰ کان مڪي تائين زير زمين هڪ سرنگ کوٽيل آهي جيڪا پيدل هلڻ وارن ماڻهن لاءِ نهايت محفوظ ۽ شارٽ ڪٽ (ٿوري پنڌ وارو) رستو آهي. ٻيو ته اها سرنگ مڪمل ايئر ڪنڊيشن ۽ بجلي جي تيز روشني وارن بلبن سان روشن به آهي. پر اسان پاڻ ۾ پنڌ ڪرڻ جي سگهه نه ساري بس جي ذريعي مڪي شريف روانا ٿياسون.


    شيطان کي پٿريون هڻڻ بابت احڪام:

    شيطان کي پٿريون هڻڻ بابت احڪام:
    جيئن ته، شيطان کي پٿريون هڻڻ (رمي جمار) حج جي احڪامات ۾ آخري عمل آهي. انهي ڪري ان بابت پڙهندڙن کي ڪجهه مسئلن کان واقف ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا.
    1. رمي جمار (شيطان کي پٿريون هڻڻ) واجب آهي، جيڪو نه هڻندو ته ان تي دم (ڏنڊ ۾ قرباني ڪرڻ) لازم ٿيندو.
    2. ڪوبه وڏو پٿر ٽوڙي رمي لاءِ ننڍا ٽڪر ڪرڻ مڪروهه آهي. شيطان (جمره) جي آسپاس وٽان پٿريون چونڊڻ، مسجد مان کڻڻ يا پليت جاءِ مان پٿريون کڻڻ به مڪروهه آهي.
    3. پٿريون هڻڻ کان پهرين ڌوئڻ مستحب آهي.
    4. هر شيطان کي ست پٿريون هنيون وڃن ٿيون، جيڪي هر هڪ الڳ الڳ ڪر ي هنيون وينديون. جيڪڏهن هڪ کان وڌيڪ يا ست ئي پٿريون گڏ اڇلي هنيون ويون ته، اهي سڀ هڪ پٿري جي حڪم ۾ شمار ٿينديون.
    5. ست پٿرين کان وڌيڪ هڻڻ مڪروهه آهي.
    6. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو ٽنهي ڏينهن يعني ڏهين، يارهين، ٻارهين (10_11_12) ذوالحج يا پهرئين ڏينهن (10 ذوالحج) جون چار پٿريون يا باقي ٻن ڏينهن جون يارهن پٿريون هڻڻ ڇڏي ڏنيون ته سڀني صورتن ۾ دم واجب ٿيندو. ساڳي طرح هڪ ڏينهن يا ٽنهي ڏينهن جي رمي نه ڪرڻ سان هڪ ئي دم واجب ٿيندو.
    7. رمي لاءِ شيطان جي ويجهو يا پري هجڻ شرط ناهي جتان به رمي ڪندو ته، ٿي ويندي پر سنت هي آهي ته شيطان(جمره) کان پنج هٿ (تقريباً 7، 8 فوٽ) جي ڇيٽي تي بيهي رمي ڪري، ان کان گهٽ فاصلي تي رمي ڪرڻ مڪروهه آهي.
    8. ذوالحج تي پهريون ۽ ٻيو شيطان (جمره) ڇڏي سڌو ٽئين نمبر شيطان تي اچي، جنهن کي “جمره عقبه” سڏيو وڃي ٿو، تنهن کي ست پٿريون هڻي.
    9. جمره عقبه کي پهرين پٿري هڻڻ سان تلبيه (لبيڪ چوڻ) بند ڪري ڇڏي.


    مڪي ۾ پهچڻ ۽ وڇڙيل ساٿين جو ملڻ:

    مڪي ۾ پهچڻ ۽ وڇڙيل ساٿين جو ملڻ:
    مڪي شريف ۾ پهچندي سانجهي نماز جو وقت ٿي چڪو هو ته، حرم شريف ۾ نماز ادا ڪري پنهنجي جاءِ ڏي روانا ٿياسون. واٽ تي پنهنجي وڇڙي ويل دوستن جي ملڻ لاءِ دعائون گهرندا وڃي مسجد خيمه لڳ جاءِ رهائش تي پهتاسون.
    ٽي ماڙ جي چاڙهين تي چڙهندي جڏهن ڪمري جي دروازي وٽ پهتاسون ته، مون کيسي مان چاٻي ڪڍي در کوليو، پر ڀرواري کليل ڪمري ۾جهاتي پائي ڏسان ته، اسان وارا وڇڙي ويل دوست جاويد هزاروي ۽ رئيس عبد الغني سومرو ٻئي خاموشي سان ليٽيا پيا آهن. وڏي سِڪ مان سلام ورائي وڃي کين ڀاڪر پاتم. دوستن سان ملي خدا جا لک شڪر ادا ڪياسون. دوستن کان حال احوال ورتوسون، جن حج جي ڏينهن (8_9_10_11_12 ذوالحج) ۾ ادا ڪيل ارڪانن/احڪامن بابت تفصيل سان ٻڌايو ته، ڪيئن ۽ ڪهڙي طرح اهي ارڪان ادا ڪيائون. اسان لاءِ اها رات ڄڻ عيد جي رات هئي. اسان جي دوستن به وري باهه وارو واقعو دهرايو ۽ ساڻن پيش آيل تڪليفن جو ذڪر ڪيو.
    جاويد کي انهي باهه جي واقعي دوران ڀڄڻ ڪري نڪ مٿان ڌڪ لڳل هو، جنهن جو ڦٽ اڃا تازو هو. بهرحال سڀني گڏجي ماني کاڌي ۽ سمهڻي نماز بعد آرام ڪيوسين.
    هاڻي اسان حج جي جمله فرائض جي ادائگي کان بلڪل فارغ ٿي ويا هئاسون. جنهن کان پوءِ جيترا به ڏينهن مڪي شريف ۾ رهڻ ٿيو، سي عبادت و زيارت ۽ سفر نامي لاءِ مواد سهيڙيندي گذاريم.
    آچر جي فجر نماز بعد طواف وغيره کان واندو ٿي حرم شريف جي باب العمره جي سامهون واري بلڊنگ قصر السلام نجد جي چوٿين ماڙ جي ٻارهين ڪمري ۾ سائين حافظ محمد خان سومري وٽ پهتس. حج جي ادائگي تي هڪ ٻئي کي مبارڪون ۽ دعائون ڏنيون سين. حافظ صاحب ڪافي واقعا ٻڌايا جيڪي منيٰ ۾ لڳل باهه جي متعلق هئا. وڌيڪ ٻڌايائين ته اسان جي گروپ جو هڪ ساٿي ڊاڪٽر عبد القادر شيخ (مٽياري وارو) منيٰ واري باهه جي واقعي کانپوءِ گم آهي. اسان کي شڪ آهي ته، ڊاڪٽر صاحب ڪٿي باهه جي وڪڙ ۾ نه اچي ويو هجي! (بعد ۾ تصديق ٿي ته، ڊاڪٽر صاحب باهه ۾ سڙي شهيد ٿي ويو هو.) اهو ڏينهن يعني 13 ذوالحج (20 اپريل) وارو اتي ئي حرم ۾ عبادت ڪندي گذاريم.


    جنت المعليٰ جي زيارت:

    جنت المعليٰ جي زيارت:
    ٻئي ڏينهن سومر 14 ذوالحج تي فجر نماز بعد طواف ۽ تلاوت وغيره کان فارغ ٿي مڪي شريف جي مشهور قبرستان جنت المعليٰ تي هليو ويس. اهو قبرستان “مسجد جن” جي بلڪل ويجهو آهي. مڪي جو روڊ شارع غزه وٺي منيٰ ڏي هلبو ته، قبرستان کاٻي پاسي ٿيندو. سعوديه جي شهر طائف ڏي ويندڙ ٽيڪسين جو اسٽينڊ به انهي قبرستان جي بلڪل ويجهو آهي. مڪي شريف جو اهو قبرستان مدينه منوره جي قبرستان جنت البقيع کانپوءِ دنيا جي سڀني قبرستانن کان درجي ۾ ڀلو آهي. جنت المعليٰ جي معنيٰ ته، “مٿانهين درجي وارو بهشت/ باغ”. قبرستان جي وچان پل ذريعي روڊ پار ڪيو ويو آهي جنهنڪري قبرستان ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو آهي. پل هيٺان وچ تي هڪ دروازو لڳايو ويو آهي جنهنڪري زيارت ڪرڻ وارا قبرستان جي ٻنهي پاسن بنان روڪ ٽوڪ اچي وڃي سگهن ٿا. ٻن حصن ۾ ورهايل انهي قبرستان جو پراڻو حصو مڪي جي طرف وارو آهي، ۽ نئون حصو منيٰ جي طرف وارو آهي. قبرستان جي بيهڪ مون کي اتر ڏکڻ نظر آئي. والله اعلم.
    جنت المعليٰ جي پراڻي حصي ۾ حضور سائين جن جي پهرين گهر واري مومنن جي ماءُ بي بي خديجت الڪبريٰ رضي الله عنها جي قبر مبارڪ آهي. حضور سائين جن جي ٻن پٽن قاسم ۽ عبد الله، (جنهن کي طيب ۽ طاهر جي لقبن سان به سڏجي ٿو) پاڻ ڪريمن جي چاچي ابو طالب ۽ سندن ڏاڏن خاص ڪري عبد المطلب ۽ بني هاشم خاندان جي ڪن ماڻهن جون قبرون آهن. انهن قبرن جي ٽنهي طرفن کان ٻه پهاڙيون گهيرو ڪيو بيٺيون آهن باقي سامهون واري حصي کان ديوار کڙي ڪري دروازو لڳايو ويو آهي. ان کانسواءِ نئين حصي ۾ ڪيترن اصحابن سڳورن، تابعي ڀلارن ۽ اوليا الله جون قبرون آهن. اصحابن ۾ خاص ڪري حضرت عبدالله بن زبير ۽ حضرت بي بي اسما بنت ابي بڪر صديق رضي الله عنهم شامل آهن. اوليا الله ۾ شيخ العرب والعجم حضرت حاجي امداد الله مهاجر مڪي رح جي قبر به آهي. الله تعاليٰ انهن سڀني جي مغفرت فرمائي ۽ کين اجر عظيم عطا فرمائي آمين. مون سان گڏ منهنجي ساٿين مان ڪوبه ڪونه هو البت زائرين ما ن ٻيا چند ماڻهو هئا. صبح جو ٿڌو وقت هو نهايت اطمينان ۽ سڪون سان جنت المعليٰ ۾دفن ٿيل سڀني ڀلارن جي ايصال ثواب لاءِ قرآن شريف جون سورتون ياد پڙهي (ڇو ته قبرستان ۾ قرآن شريف کڻي وڃڻ جي شريعت ۾منع آهي) بخشش جون دعائون گهري واندو ٿيس.
    مذڪوره قبرستان ۾هن پهرئين چڪر کانپوءِ ٻه دفعا ٻيهر به ويو هئس. جن مان هڪ ڀيري مون سان گڏ جناب حافظ محمد خان سومرو حيدر آباد وارو به هو.


    جنت المعليٰ ۾حاضري دوران هڪ واقعو:

    جنت المعليٰ ۾حاضري دوران هڪ واقعو:
    آخري ٽئين ڀيري جڏهن آئون بي بي خديجه واري چوکنڊي سامهون بيهي سورتون ۽ دعائون پڙهي رهيو هئس ته، انهي چوکنڊي جي سامهون پٽ تي چند ماڻهن ويهي حلقو (گول دائرو) ٺاهيو. پوءِ گڏجي سرود آلاپڻ لڳا. جيئن هندستان ۽ پاڪستان جا اهلسنت والجماعت سڏائيندڙ بدعتي مسجدن ۾ ٽولا ٺاهي لائوڊن تي صلوات سلام پڙهندا آهن. آئون دعا وغيره کان فارغ ٿي انهن جي بڇڙي حرڪت ڏسڻ لڳس. اڃا اهي سندن راڳ جي ابتدائي مرحلي ۾ هون هون ڪري مس جهولڻ شروع ٿيا هئا ته انهي پراڻي حصي جي روڊ واري پاسي ڏانهن بيٺل ننڍي ٻير جي ڀر ۾ ويٺل ٻن سپاهين مان جيڪو سول ڊريس/ خانگي ڪپڙن ۾ هو تنهن وڏي هڪل ڪري عربي لهجي ۾ حرام! حرام!! چوڻ شروع ڪيو. پر جيئن ته، هي پنهنجو راڳ شروع ڪري ڪوڙي وجد ۾ اچي چڪا هئا تن انهي سپاهي جي هڪ به هڪل ڪانه ٻڌي. نيٺ اهو سپاهي پلاسٽڪ وارو ڪارو ڏنڊو کڻي انهن راڳ ڪندڙن مٿان ايئن ڪڙڪيو جيئن ڪو باز جهرڪي کي جهپڻ لاءِ لامارو ڏيندو آهي. مون سوچيوته، هي ته پادر کائيندا پر آئون جيڪو پري کان بيٺو تماشو ڏسان، ٿي سگهي ٿو ته، آئون به ڪنهن جهڙپ ۾ اچي نه وڃان. سو بنهه پري ٿي ويس عرب سڳوري انهن ڳائڻن کي ائين بيهي سٽيو جيئن گڏهه ڪٽجي پتڻ تي.
    همراهن جو وجد ۾ اچي راڳ ڳائڻ ۽ نانگ وانگر مرلي آڏو جهولڻ ته الائي ڪهڙي پاسي هليو ويو. بس رڳو ڀاگو ڀاگو!! ڪندا ڀڄندا ويا. سندن ڀڄڻيون ته ڏسڻ وٽان هيون. انهي ٽاڪوڙي ۾ ڪنهن جي ٽوپي ڪري ته ڪنهن جو ٽوال، ڪنهن چپل ڇڏي ته ڪنهن جو رومال رهجي ويو. کيل ٿيو ختم.
    عرب سپاهي جي ڪاري ڏنڊي جي ڪرامت ڏسي مون کي ذهن ۾ آيو ته، جيڪڏهن پاڪستان ۾ اهڙو ڪاني ڪرامت وارو ڏنڊو پنهنجا جوهر ڏيکاري ته هوند بدعتي مشرڪن جي پاڙ پٽجي وڃي. پر ڇا ڪجي جو پاڪ نالو پليت ڪم!! قرآن شريف ۾ هڪ هنڌ فرمان آهي ته، الخبيثات للخبيثين يعني پليت شيون آهن ئي پليتن لاءِ. سو هي پاڪ آستانو ته آهي ئي انهن جو. اسان جهڙا ته لڪيو پيا ساهه کڻن. جيئن ته هينئر جنت المعليٰ جي زيارت جي سلسلي ۾هي سٽون لکيون اٿم. انهي ڪري جيڪڏهن پڙهندڙن مان ڪو هن قبرستان يا ڪنهن ٻئي قبرستان جي زيارت لاءِ وڃي ته، انهي لاءِ شريعت جي احڪام جي روشني ۾ ڪي ضروري ڳالهيون لکجن ٿيون.
    جڏهن قبرستان ۾ زيارت لاءِ وڃجي ته، قبرن جي پيراندي کان بيهي پهرين السلام عليڪم يا اهل القبور، وڌيڪ هينئن چوي ته، “ اي مومنن جي بستي وارا توهان تي سلامتي هجي، جيڪڏهن الله تعاليٰ گهريو ته، اسان به توهان سان اچي ملنداسون. اسان پاڻ لاءِ ۽ توهان سڀني لاءِ الله تعاليٰ کان معافي ۽ بخشش جا طلبگار آهيون.” انهي سلام کانپوءِ با ادب بيهي سورت بقره جو اول ۽ آخر، سورت ياسين، سورت ڪوثر ۽ سورت اخلاص فاتحه پڙهي انهن مرحومين جي روحن کي بخشي. قبرن تي ويهڻ، چله ڏها ڪڍڻ، قبر واري کان خواب ۾ جواب وٺڻ لاءِ راتيون رهڻ، قبرن مٿان اورانگهڻ ۽ هلڻ يا ويهي انهن کي ٽيڪ لڳائڻ جي شريعت ۾ بلڪل منع آهي. اهڙي طرح قبرن تي پيسا رکڻ، ڏيئا ٻارڻ، اگر بتيون/ ميڻ بتيون ٻارڻ، پڙ چاڙهڻ يا ڪا شئي اتي سوکڙي ڪري رکڻ جي به شريعت ۾ سختي سان منع ڪئي وئي آهي. نيڪي جو ڪوبه ڪم شريعت جي ڏسيل طريقي مطابق ڪرڻ سان ثواب ۽ درجو حاصل ٿيندو. پر جي ڪنهن ڪم ۾ شريعت وارو طريقو نه هوندو بلڪه پنهنجي مرضي سان ڪو ماڻهو ڪندو ته، ثوا ب ڌاران وڏو عذاب ٿيندو. توهان خود سوچيو ته، شريعت ڪنهن به نيڪي جي ڪم کان روڪيو ناهي بلڪه انهي نيڪي ادا ڪرڻ جا شرط، ضابطا ۽ طريقا ڏسيا آهن ته جيئن مسلمانن جي نيڪي جي ڪمن ۾ ڪيل محنت قبول پوي ۽ الله تعاليٰ کين آخرت ۾ وڏا اجورا نصيب ڪري. جنهن ڪم کان شريعت سختي سان روڪيو آهي سو ڪنهن به صورت ۾ نيڪي وارو ڪم ڪونهي ۽ نه ڪي اهڙي ڪم تي رب راضي ٿيندو البت شيطان ڏاڍو خوش ٿي اهڙي ماڻهو جي دل ۾ هي وسوسا وجهندو ته، تو واهه جو ڪم ڪيو! هاڻي آئنده اهڙي ڪم تان هٿ نه کڻجان. رب تعاليٰ شال اسان سڀني مسلمانن خاص ڪري اسان اهلسنت والجماعت سڏائيندڙن کي شرڪ بدعت جي سڀني ڪمن ۽ عقيدن کان پناهه ۾ رکي. شيطان جي شرارت ۽ نفس جي وسوسن ۽ خواهشن کان پنهنجي خاص سنڀال ۾ رکي. (آمين)


    حافظ صاحب جي معرفت هڪ نئين دوست سان ملاقات:

    حافظ صاحب جي معرفت هڪ نئين دوست سان ملاقات:
    ساڳي ڏينهن يعني 14 ذوالحج تي حرم شريف ۾ اڳين نماز پڙهي سائين حافظ محمد خان سومري وٽ آيس ته سندس جاءِ تي اسان جو پراڻو دوست ۽ ڪلاس فيلو مولوي حبيب الله جمالي سڪرنڊ ضلع نوابشاهه وارو مليو. ساڻس گڏ سندس مامو ۽ مڪي شريف ۾ سندس ميزبان حاجي ابراهيم لاشاري به موجود هئا. ٽنهي سان ملي حال احوال ڪياسون. ڪجهه وقت ڪچهري ڪري اٿڻ وارا هئاسون ته، مولانا جمالي صاحب چيو ته اسا نجي سڀاڻي وطن واپسي آهي انهي ڪري شهر مان ڪي تحفا سوکڙيون خريد ڪرڻيون آهن. جمالي صاحب موڪلائڻ جي ڪئي ته، اسان به حافظ صاحب کان اجازت وٺي مولانا جمالي سان گڏ ٻاهر آياسون، پر حاجي محمد ابراهيم لاشاري گهڻو زور ڀريو ته، “پهرين منهنجي گهر هلي مانجهاندو ڪريو پوءِ اوهان کي وڃڻ جي اجازت آهي.” حاجي صاحب پهرين ملاقات ۾ جيڪو قرب ۽ محبت ڏني سا وسارڻ جوڳي ناهي. نيٺ اسان مڪي شريف جي مشهور محله “حي الزاهر” ۾ حاجي ابراهيم جي گهر سندس ڀاءُ جي ڪار ذريعي پهتاسون. پنج ماڙ بلڊنگ ڪشادا ڪمرا فرنيچر سان سينگاريل اها هئي حاجي صاحب جي منزل. حاجي ابراهيم ٽيهن سالن کان مڪي شريف ۾ رهائش پذير آهي پر کيس اڃا تائين اتي سعوديه جي نيشنلٽي مليل ڪانهي. عرب شيخن جي ڪفالت جي سهاري پيو گذر سفر ڪري. حاجي صاحب ۽ مولانا جمالي صاحب سان خوب ڪچهري ٿي جنهن ۾ سعودي حڪمرانن شهنشاهي نظام ۽ سعوديه جي سماجي ۽ سياسي حالتن ۽ سعودي عوام جي عام راءِ بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي. حاجي صاحب ۽ اسان جي خيالات جي هم آهنگي سبب، اسان جي ساڻس دوستي جي اتان کان ابتدا ٿي. ڪچهري دوران حاجي صاحب کي عرض ڪيم ته، مون کي حرم شريف جي تاريخ سهيڙڻ لاءِ ڪو ڪارائتو ڪتاب گهربل آهي، تنهن تي پاڻ سندس گهران هڪ ڪتاب “ابهاج الحاج” کڻي آيو جيڪو جامعه ام القريٰ مڪه مڪرمه جي پروفيسر ناصر زهراني جو لکيل آهي. مجلس برخاست ٿيڻ تي مون حاجي صاحب ۽ مولانا جمالي کان موڪلائي حرم شريف جو گس ورتو جتي اچي سمهڻي نماز جي جماعت ۾شريڪ ٿيس. فلله الحمد.


    مدرسه صولتيه جي زيارت ۽ تعارف:

    مدرسه صولتيه جي زيارت ۽ تعارف:
    اسان جو استاد حضرت مولانا عبد الڪريم لغاري دامت برڪاتهم (فاضل ديوبند) سن 1956ع ڌاري جڏهن حج تي ويو هو ته، واپسي وقت پاڻ سان ڪيترا ڪتاب کڻي آيو هو. جن ۾ مڪي شريف جي مدرسه صولتيه بابت به هڪ ننڍڙو تعارفي ڪتابچو هو. سو هن ڀلاري سفر دوران مڪي شريف ۾رهندي ياد اچي ويم. انهي مدرسه جي ديدار جو وڌيڪ شوق هن ڪري به هو ته، مڪي شريف ۾ هندي مسلمانن جو قائم ڪيل، حنفي مسلڪ جو تمام پراڻو ديني درسگاهه آهي. انهي ڪري اڱاري جي فجر نماز بعد ذڪر اذڪار کان واندو ٿي نيرن ڪري، حرم شريف کان لڳ اولهه طرف شارع جبل ڪعبه تي پهچي هڪ ٻن ماڻهن کان مدرسه صولتيه جو ڏس پڇيم، جن چيو ته، مدرسو چند وکون اڳيان آهي. ساڳي روڊ تي هلندي اولهه طرف جو ڏٺم ته، پري کان وڏو بورڊ نظر آيو جنهن تي وڏن اکرن سان لکيل هو ته، “مدرسه صولتيه.” بس روڊ ڪراس ڪري مدرسه جي مين گيٽ کان اندر هليو ويس. اندر وڃي نظر ڦيرائڻ سان خبر پئي ته مدرسه جي عمارت جا ٻه حصا آهن. هڪ قديم عمارت آهي ته ٻي جديد. هڪ ملازم کان پڇيم ته، مون کي مدرسه ڏسڻ جي اجازت ڏيو ته، وراڻيائين ته، هينئر سڀئي استاد ۽شاگرد پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾مصروف آهن، انهن کي خلل پوندو، جڏهن وقفو ٿيندو ته اجازت پوءِ ملندي. مون سوچيو ته، استادن ۽ شاگردن سان ملي نه ٿو سگهجي يا ڪلاسن ۾ اندر وڃڻ جي اجازت ناهي ته، پوءِ في الحال مدرسه جي دفتر ۾ ڪجهه وقت ويهي انتظار ڪجي. پر جديد عمارت ڏانهن هڪ ڪمري مان ڪيترن ماڻهن کي ايندو ۽ ويندو ڏسي آئون به انهي رخ تي هليو ويس. ڏسان ته اتي هڪ مفتي صاحب ويٺو هو جيڪو هر ايندڙ ماڻهو جو مسئلو (ديني سوال) ٻڌي کيس تسلي بخش جواب ڏيئي رهيو هو. آئون به انهي ڪمري ۾ داخل ٿيس، ڪيترا ماڻهو حلقو ٺاهيو ويٺا هئا. هڪ هڪ ماڻهو نمبر وار ڪونه ڪو مسئلو پڇي رهيو هو، جنهن بابت مفتي صاحب جواب ڏيئي کيس وڃڻ جي اجازت ڏيئي رهيو هو. ماڻهن جا اڪثر سوال حج جي باري ۾ هئا. مون پنهنجو تعارف ڪرايو ته، مفتي صاحب خوش مرحباڪري محبت ۽ خوش اخلاقي سان مون کي پنهنجي مسند جي ويجهو ويهڻ لاءِ چئي ٻاهر بيٺل هڪ ملازم کي سبز چانهه کڻي اچڻ جو اشارو ڏنائين. مون به ٻه ٽي مسئلا پڇيا جن جا تمام سهڻا جواب ڏنائين. اهو مفتي صاحب سندس ٻڌائڻ مطابق نظام الدين دهلي جو هو.
    تمام ذهين، حافظو زبردست، گفتگو ۾ سنجيده. کيس عرض ڪيم ته سائين! اسان کي هِن مدرسه صولتيه جي تعارف بابت ڪو مواد ڏيو ته پاڻ هڪ ڪتابڙو عنايت ڪيائين جنهن جو خلاصو هن ريت آهي.


    مدرسه صولتيه:

    مدرسه صولتيه:
    “حرم شريف جي مشهور دروازي باب العمره کان اولهه طرف پنج 6 منٽ پيدل هلڻ جيتري فاصله تي شارع جبل ڪعبه محله حارت الباب ۾ مدرسه صولتيه واقع آهي.
    اهو مدرسو مڪي شريف جو تمام پراڻو مدرسو آهي، جنهن کي قائم ٿئي. لڳ ڀڳ سوا سو سال ٿي ويا هوندا.
    اهو مدرسو هندستان جي شهر ڪلڪتي جي هڪ سخي ۽ دولتمند عورت حاجاڻي صولة النسا بيگم پنهنجي ذاتي خرچ تي 12 شعبان 1291هه ڌاري تعمير ڪرايو هو. جنهن ڪري مدرسي تي نالو به انهي نيڪ عورت جي نالي پويان “صولتيه” پئجي ويو. مدرسو روز اول کان اڃا تائين اوج موج سان هلي رهيو آهي.
    شال رب سائين ان کي قيامت تائين مسلمانن لاءِ مستفيض ٿيڻ جو مرڪز بنائي (آمين) انهي مدرسي ۾ خالص مذهبي ديني تعليم ڏني وڃي ٿي. سعوديه ۾ حنفي مسلڪ جي نشر و اشاعت ۽ درس و تدريس جو اهو واحد مرڪز آهي، جيڪو پوري حجاز بلڪه سڀني عرب ملڪن ۾وڏي شهرت رکي ٿو ۽ علمي حلقن ۾ مٿس اعتماد ڪيو وڃي ٿو.
    مدرسه صولتيه قرآن و حديث جي وڏي خدمت ڪئي آهي. هن وقت تائين هزارين علماءَ/ فضلاءَ سنَد فراغت وٺي ديني علوم جي تڪميل ڪري ايشيائي ۽ آفريقي، اولهه ۽ اوڀر يورپ جي ملڪن خاص ڪري عرب ملڪن(وچ اوڀر) ۾ دين جي خدمت ڪري رهيا آهن. مدرسه جي فراغت واري ڊگري کي سعوديه جي يونيورسٽين ۾ گريجوئيشن يعني بي اي برابر تسليم ڪيو وڃي ٿو.”


    سعوديه ۽ خانگي مذهبي ادارا:

    سعوديه ۽ خانگي مذهبي ادارا:
    سعوديه ۾ اسان جي پاڪستان ۽ هندستان ۾ رائج نصاب وارا ديني مدرسا بلڪل ناهن. فقط سرڪاري اسڪول آهن جيڪي يورپ واري جديد نصاب مطابق تعليم ڏين ٿا، البت ڪي مضمون اسلاميات سان واسطو رکندڙ به آهن جيئن اسان جي پاڪستاني اسڪولن ۾ آهي.
    جيتوڻيڪ مڪي ۾ اسلامي يونيورسٽي جامعه ام القريٰ مدينه منوره ۾جامعه اسلاميه، جده ۾ شاهه عبد العزيز اسلامي يونيورسٽي ۽ رياض ۾ امام سعود اسلامي يونيورسٽي به آهي پر سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري سطح جي تعليم لاءِ (يعني ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم لاءِ) ڪوبه خالص ديني نصاب وارو مدرسو، سرڪار جي نگراني ۾ هلندڙ ڪونهي.
    جيڪڏهن ڪو هوندو به سهي ته، اسان کي ان جو علم نه ٿي سگهيو.
    سعودي سرڪار پاران، خانگي طرح مدرسا کولڻ يا پنهنجي مرضي سان جتي به سمجهه ۾ اچي ته اتي مسجدون ٺهرائڻ جي مڪمل پابندي آهي. ڇو ته تعليمي ادارا، مختلف هنر سکڻ جا مرڪز، مذهبي تربيت گاهه يا عبادت لاءِ مسجدون تعمير ڪرڻ ۽ انهن کي آباد رکڻ جو مناسب بندو بست ڪرڻ جي ذميداري هتي جي سعودي سرڪار جي ئي آهي. پرائيويٽ سيڪٽر اهڙو ڪوبه ادارو نه ٿو هلائي سگهي. اسان کي مهينو سوا رهندي هتي سواءِ چند جي، عام جام ڪوبه خانگي مدرسو يا خانگي مسجد نظر نه آئي.
    اتفاق سان جيڪڏهن ڪو نيڪ مرد ڪنهن پاڙي ۾ضرورت سمجهي ذاتي خرچ يا دوستن جي تعاون سان ڪا مسجد ٺهرائيندو به سهي ته، جيئن ئي مسجد ٺهي راس ٿي ته، اها سعودي سرڪار جي تحويل ۾ زوري به ورتي ويندي آهي، ۽ انهي مسجد جو خطيب، امام، موذن ۽ خادم وغيره سڀ سرڪاري طرح مقرر ڪيا ويندا آهن. شايد هتي جي شهنشاهيت کي اهو خوف آهي ته، جيڪڏهن عوام کي اهڙي آزادي ملي وئي ته، اهي ماڻهو پنهنجي ذاتي خرچ تي ٺهرايل مسجدن ۽ مدرسن کي سرڪار خلاف استعمال ڪري سگهن ٿا.
    يعني هن طرح جو مسجدن ۾ حاضر ٿيندڙ جماعتن ۽ مدرسن ۾ پڙهندڙ شاگردن کي شهنشاهيت جي غلام ساز پاليسي کان واقف ڪري منجهن بادشاهت خلاف نفرت ڀري ڇڏين. اهڙي تربيت ۽ تعليم ملڻ تي ٿي سگهي ٿو ته، هڪ ڏينهن انهن ئي خانگي مسجدن ۽ مدرسن مان شهنشاهيت خلاف بغاوت جو جهنڊو کڙو ٿئي، پوءِ اهڙي باغيانه سرگرمين ۽ تحريڪن کي ختم ڪرڻ وڏو مسئلو ٿي پوندو. منهنجي سمجهه ۾ ڪيترن ٻين سببن کان اهو وڏو ڪارڻ آهي جو سعودي سرڪار پرائيويٽ ادارن يا فردن کي مدرسا هلائڻ يا مسجدن جو انظام سنڀالڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي. ڇو ته سعودي عرب ۾ اسلام جا بنيادي مرڪز مسجد الحرام (بيت الله شريف) مڪه مڪرمه ۽ مسجد النبي ﷺ مدينه منوره ۾ آهن. جيئن ته اسلام جي جمله احڪامات جي نشر و اشاعت ۽ تعليم و تدريس لاءِ مسجدون ۽ ان سان لاڳاپيل مدرسا ذيلي مرڪز آهن. هاڻي جيڪڏهن اهي ذيلي مرڪز سعودي سرڪار جي ڪنٽرول ۾ نه رهندا ته لازمي طرح اتان جيڪو آواز اٿندو سو يقيناً سرڪار جي حمايت ۾ نه هوندو.
    بلڪه سرڪار جي غير اسلامي حرڪتن ۽ قاعدن، قانونن ۽ طور طريقن تي کلي طرح تنقيد وارو آواز هوندو، جنهن سان اتي جي ماڻهن ۾ اهڙي سجاڳي پيدا ٿيڻ ۽ شهنشاهيت جا پول پڌرا ٿيڻ يقيني ڳالهه آهي.


    شهنشاهي نظام ۽ اسلام:

    شهنشاهي نظام ۽ اسلام:
    هي حقيقت به آهي ته، اسلام، حڪومت هلائڻ لاءِ شهنشاهي طريقي/ دستور ۽ انهي جي متبادل صدارتي نظام حڪومت کي بلڪل رد ڪري ٿو. يا اڄڪلهه دنيا ۾ جيڪي غير اسلامي نظام جنهن کي جمهوري نظام جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو سو به ناقابل قبول آهي. ڇو ته انهن نظامن ۾ اسلامي نقطه نظر سان ڪيتريون اوڻايون آهن جنهن کي بيان ڪرڻ لاءِ هتي گنجائش ناهي فقط هڪ ٻه ڳالهيون لکجن ٿيون. شهنشاهي يا صدارتي نظام جي واڳ شخص واحد جي هٿ ۾ هوندي آهي جڏهن ته سڀني انسانن مٿان ڪنهن فرد واحد جي حاڪميت هجي ته اهو سراسر غلط آهي ڇو ته، انسان فقط ان جي حڪم هيٺ هلڻ جو پابند آهي. جنهن کيس پيدا ڪيو، زندگي بخشي ۽ رزق روزي جا اسباب مهيا ڪيا. بس اها اڪيلي ذات وحده لاشريڪ حاڪم اعليٰ آهي، ٻيا سڀ سندس محڪوم ۽ ان جي آرڊر ۾ آهن. انهي ڪري انسان پنهنجي خالق ۽ مالڪ جي حڪم جو پابند هجي. جيئن قرآن شريف ۾ هڪ هنڌ فرمايو ويو آهي ته، “اَلا له، الخلق والامر” يعني خبردار! هر شئي کي پيدا ڪرڻ جو پاور ۽ اختيار الله کي آهي ته انهي پيدا ڪيل شئي/ مخلوق تي حڪم هلائڻ جو اختيار به الله کي ئي آهي. پارليامينٽري نظام/ جمهوري نظام جيڪو دنيا جي گهڻن ملڪن ۾ رائج آهي، سو هن ڪري مسترد آهي جو انهي نظام ۾ ووٽ جي فقط تعداد کي اعتبار آهي. ووٽ ڏيڻ واري جي فهم و فراست، ادراڪ و شعور، علم عقل، عمل و اخلاق،دانائي و دور انديشي، صائب الراءِ (پخته راءِ) جو ڪوبه لحاظ ڪونه ٿو ڪيو وڃي. انهي نظام ۾ هڪ اعليٰ ذهن علم ۽ عمل جي صاحب، خلق خدا سان خير خواهي ۽ همدردي وارا جذبا رکندڙ ماڻهو جي ووٽ ۽ هڪ عقل ۾ ڀوري، جاهل نادان ۽ ڀنگي جي ووٽ ۾ ڪو به فرق ڪونهي. حالانڪه قرآن شريف هڪ جاءِ تي فرمايو آهي ته،“چئو ته ڇا اهي ماڻهو جيڪي ڄاڻن ٿا (علم وارا آهن) ۽ اهي ماڻهو جيڪي نه ٿا ڄاڻن (بي علم جاهل آهن) سي برابر آهن؟.” يعني ته عالم ۽ جاهل ٻئي برابر ناهن. (سورت الزمر آيت9)
    ٻئي هنڌ فرمايو ويو آهي ته، وما يستوي الاعميٰ والبصير والذين آمنوا و عملوا الصالحات ولا المسيي قليلاً ماتذڪرون (مومن 58 آيت)
    “انڌا ۽ اکين وارا برابر ناهن، ۽ جيڪي ايمان وارا ۽ عمل صالح وارا آهن سي بدڪارن جي برابر ناهن، توهان تمام ٿورو نصيحت قبول ڪندا آهيو.” يعني ته، انڌا ۽ سڄا برابر ناهن ته اهڙي طرح ايماندار نيڪو ڪار، بدڪار جي برابر نه ٿا ٿي سگهن.
    مطلب ته انسانن ۾ سندن صلاحيتن، لياقتن ۽ عملي ڪارنامن جي مناسبت سان مرتبي ۽ حيثيت جو فرق رکيو وڃي. هر ماڻهو جي راءِ جي اهميت سندس ذاتي صلاحيت مطابق هئڻ گهرجي. جيڪڏهن اهو نظريو مد نظر نه رکبو ته، هڪ اڻ پڙهيل جاهل جي راءِ ۽ هڪ تمام وڏي عالم با عمل ۽ دانا جي راءِ ۾ ڪوبه تفاوت نه رهندو. جڏهن ته جاهل جي راءِ تي هلڻ سان ناڪامي ۽ بربادي جو نتيجو سامهون ايندو، پر هڪ وڏي دانا عالم جي راءِ تي عمل ڪرڻ سان ڪاميابي نصيب ٿيندي.
    ببیں فرق راہ از کجا است بکجا
    سمجهه ۽ سوچ کان ڪم وٺي چڱي طرح جانچ ته، ٻنهي واٽن ۾ ڪٿان کان ڪيستائين جو ويڇو لڳو پيو آهي. غير اسلامي نظامن ۾ اوڻاين جا ڪجهه ڪارڻ حوالي طور ذڪر ڪياسون.
    شهنشاهيت جون ٻه شاخون ٻيون به آهن، جن کي جاگيرداري ۽ سرمايداري سڏجي ٿو. اهي ٻئي آمدني جي ذريعن تي قابض ۽ غالب رهي اقتصادي ۽ معاشي وسيلن کي پنهنجي مٺ ۾ بند ڪري ڇڏين ٿيون، جنهن ڪري انهن ٻنهي ڌرين کانسواءِ ٻيا عام ماڻهو معاشي وسيلن جي حاصل ڪرڻ کان محروم رهي غلامي واري ڪسمپرسي جي زندگي گهارڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا.
    انهي ڪري اسلام، جيئن شهنشاهيت کي غير فطري نظام چئي رد ڪيو آهي، تيئن انهي جي پاڇي ۾ پلجندڙ ۽ انهي سان مشابهت رکندڙ جاگيرداري ۽ سرمائيداري کي به غير فطري ڪوٺي رد ڪيو آهي. ڇو ته اهي ٽيئي نظام، انسانيت کي غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙين ٿا.
    اها ٻي ڳالهه آهي ته، ڪي مفاد پرست مفتي ۽ درٻاري قاضي انهن ٽنهي تي پنهنجي طرفان اسلام جو ٺپو هڻي انهن کي هميشه لاءِ تحفظ فراهم ڪن ٿا. انهن غير فطري نظامن جي مد مقابل، اسلام ته شورائي نظام حڪومت کي دنيا آڏو متعارف ڪرايو. جنهن جو عملي ثبوت، خلافت راشده جو سونهري دور آهي. باقي موجوده دور ۾ هلندڙ جمهوريت/ جمهوري نظام يورپي قانون جي ماتحت آهي جنهن جي اسلامي جمهوريت جي شورائي نظام سان ڪابه هڪجهڙائي ڪونهي. بس انهي بحث کي اتي ختم ٿا ڪريون.


    غار حرا جي زيارت:

    غار حرا جي زيارت:
    منهنجي ساٿي جاويد هزاروي تقاضا ڪئي ته، “غار حرا” تي گڏجي هلبو، توهان اڪيلا نه وڃجو. مون کيس وراڻيو ته، پوءِ سڀاڻي ئي زيارت لاءِ هلجي. اسان ٻنهي اربع جي رات انهي مشوري تي اتفاق ڪري، صبح سوير معمولات کان فارغ ٿي 16 ذوالحج 1417هه/23 اپريل 1997ع تي حرم شريف جي ڀر ۾ وين ذريعي روانا ٿياسين. گاڏي واري في ماڻهو 2 ريال ڀاڙو ورتو. وين ۾ ويهارو کن ماڻهو هوندا. نائين وڳي ڌاري اسان جبل نور وٽ پهچي وياسين، جتي “غار حرا” آهي. غار حرا جبل نور جي ٻه هزار فوٽ بلند چوٽي تي آهي. جبل نور مڪي شريف کان اوڀر طرف 3 ميل پري آهي. جنهن روڊ ذريعي اسان جي گاڏي آئي هئي سو “شارع عرفات” سڏجي ٿو، اهو جبل نور کان اڳتي منيٰ وٽان گذرندو عرفات جي ميدان تائين وڃي ٿو. جبل نور وٽ معمولي آبادي آهي جنهن ۾ ڪجهه رهائشي جايون ۽ کاڌي پيتي جي شين جا دڪان آهن. باقي جبل نور جي آسپاس ڪابه زرعي آبادي پوک، فصل ڪونهي. چوڌاري غير آباد جابلو علائقو جتي وڻ ٽڻ جو نالو ڪونهي. البت جبل جي ڍورن ۾ ننڍا ننڍا ٻٻرن جهڙا وڻ جيڪي نه ته ساوا نه ڪي سڪل نظر آيا. جبل تي يا ان جي هيٺاهين ۾ ڇڊو ڇڊو سڪل گاهه ڏسڻ ۾ آيو جيڪو اتي جي ٻڪرين ۽ رڍن پئي چنو. شايد اهو سڪل گاهه به مينهن جي موسم دوران ڦٽو هوندو. انهي کانسواءِ ٻي ڪابه ساوڪ يا وڻڪار نظر نه آئي.
    منهنجو ساٿي جاويد هزاروي (پاڪستان) جي جابلو علائقي جو هو تنهن لاءِ جبل تي چڙهڻ ڪا مشڪل ڳالهه ڪونه هئي. سو جڏهن اسان انهي جبل نور تي غار حرا ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار ٿي وک وڌائڻ لڳا هئاسون ته، جاويد مون کي کلندي چيو هو ته، “مون کي ائين ٿو لڳي ڄڻ آئون پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيو آهيان.” وراڻيم ته تون برابر ڳوٺ پيو وڃين، پر منهنجي لاءِ هي چڙهائي ته وڏي آزمائش آهي. هن ڪري ته، پهاڙن ۾ پرورش پائيندڙ ۽ ڌرتي جي نرم فرش تي پلجندڙ ماڻهو جي جسماني بناوٽ، مضبوطي، پختگي، طبعي لاڙن ۽ اخلاقي قدرن ۾ فرق هجڻ فطري ڳالهه آهي. جبل ۽ زمين تي پيدا ٿيندڙ ماڻهن ۾ پٿر ۽ مٽي واري طبعي خاصيت جو اثر هوندو آهي. جاويد جبل تي ائين چڙهڻ لڳو جيئن اسان مان ڪو هموار ميدان تي ڊوڙندو آهي. پر آئون احتياط سان وک وڌائيندي جبل جي آڏ تراڇن آهڙن جي وڏين وڏين ڇپن تي چڙهندو مٿي وڌڻ لڳس. ڪنهن اڀ ڪپري جبل جي چوٽي تي چڙهڻ جو هي پهريون تجربو هئم. هن کان اڳ آئون ٽڪرن تي ته چڙهيو آهيان جيئن حيدر آباد سنڌ وارو گنجو ٽڪر پر ڪنهن جبل ۽ ان جي به اڀ ڪپري چوٽي تي چڙهڻ جو پهريون تجربو هو. سنڌ وارا هڪ هزار فوٽ تائين اوچي پهاڙ کي “ٽڪر” سڏين ٿا پر جيڪو هڪ هزار فوٽ کان مٿي آهي ته، ان کي “جبل” سڏين ٿا. ٿي سگهي ٿو ته، اهو ڪنهن جاگرافيائي اصول مطابق هجي.
    جبل تي چڙهڻ وقت هڪ ڇپ کان ٻي ڇپ تائين مون کي ساهي کڻڻي ٿي پئي ۽ انهي دوران پاڻ سان گڏ کنيل پاڻي جي بوتلن مان پاڻي جا ڍڪ ڀريندو پئي رهيس ڇو ته انهن ڏينهن ۾ مڪي شريف ۾ گرمي جي ڊگري 42 کي پهچي چڪي هئي. اسان وٽ لوئر سنڌ ۾ 42 ڊگري جي گرمي کي ڇيهه گرمي چيو ويندو آهي ۽ هر هنڌ ان گرمي جي شدت جي دانهن ٻڌڻ ۾ ايندي آهي. پر هتي مڪي شريف ۾ 42 ڊگري واري گرمي اڃا شروعاتي مرحلي ۾هئي. خبر ناهي ته، اتي مڪي ۾ چوٽ جي گرمي جو ڇا حال هوندو. (خدا پناهه ڪري) پڙهندڙ اندازو ڪن ته، جبل نور جي چوٽي ٻه هزار فوٽ بلند آهي جتي غار حرا آهي ۽ منهنجي حالت اها هئي جو چند وکون کڻي ساهي پئي کنيم ته اهڙي صورت ۾ چڙهڻ دوران ڪلاڪ کان به وڌيڪ وقت لڳو هوندو. مون کي ياد ٿو اچي ته، پاڻي جون وڏيون ٽي چار بوتلون پي ويو هئس پر پوءِ به نڙي سڪي ٿي وئي ۽ خشڪي جيڪري زبان تارو سان لڳي ٿي وئي. پر جيئن ته خدا جي سهاري هلي رهيو هئس ته همت ۽ حوصلو اڳتي وڌڻ لاءِ همٿائيندو رهيو. جيئن هڪ فارسي واري چيو آهي ته،
    هر آن ڪاري ڪه همت بسته گردد
    اگر خاري بود گلدسته گردد.
    يعني ڪوبه ڪم همت ڪري ڪيو ويندو ته جيتوڻيڪ اهو ڪم ڪنڊن جهڙو ڏکوئيندڙ هوندو ته به گلن جي گلدستي وانگر نرم ٿي پوندو.
    جاويد هزاروي ته تيز رفتاري سان اک ڇنڀ ۾ نظرن کان غائب ٿي ويو پر آئون جڏهن چڙهائي جي وچ تي يعني هڪ هزار فوٽن تي پهتو هئس ته، تمام گهڻو ٿڪجي پيو هئس. تنهن ڪري ڊگهي ساهي کڻڻ لاءِ هڪ وڏي ڇپ تي ٽوال وڇائي ويهي رهيو هئس. جڏهن ڪجهه سامت ۾ آيو هئس ته، گهڙي پل هيٺاهين واري آبادي ڏي نظر ڦيرايم جتي ڪشادا گهر، هلندڙ ڦرندڙ ماڻهو، روڊ تي هلندڙ تيز رفتار سواريون، رانديڪن جيڏيون ننڍڙيون نظر آيون. انهي مشاهدي بعد منهنجي ذهن ۾ هي سوچ آئي ته، جيترو مٿي وڃبو ته، اوترو هيٺ نظر ايندڙ شئي ننڍڙي محسوس ٿيندي. مثال طور جيڪڏهن ڪائنات جي بلندي واري آخري سرحد کان اڳتي ٽپي ڏسبو ته، هي سموري دنيا هڪ نقطي کان وڌيڪ ويڪري ڪانه هوندي.
    اها نه رڳو سکڻي سوچ آهي پر حقيقت به آهي ته، دنيا جا سمونڊ، پهاڙ، ست زمينون، ست آسمان، عرش ڪرسي، لوح قلم، مطلب ته ڪائنات جون سموريون ڪشادگيون رب العالمين جي قدرت، وسعت ۽ سندس عظمت آڏو نقطي جي حيثيت رکن ٿيون. يعني جيئن پاڻي جي هڪ ڦڙي کي جيڪڏهن دنيا جي سڀني سمونڊن جي پاڻي سان ڀيٽ ڏجي ته، انهي هڪ ڦڙي جي سمونڊن جي پاڻي آڏو ڪهڙي وسعت ۽ حيثيت آهي، تيئن هي دنيا ته ڇا پر آخرت سميت سڀئي جهان خداوند قدوس آڏو هڪ نقطي کان به گهٽ آهن. ڪائنات جي هر هڪ شئي وڻ ٽڻ، جيت جڙا، پکي پکڻ، ڍور ڍڳا، جهنگلي جانور، جن انسان، ملائڪ ۽ شيطان وغيره جي پيدائش جو منڍ فقط هڪ نقطو/ ٽٻڪو آهي. جيڪو پوءِ نشو و نما جا مختلف ارتقائي مرحلا طئي ڪري پنهنجي صورت جي ڪمال تائين پهچي ٿو. جيتوڻيڪ انهن ٽٻڪن جا مادا مختلف آهن.
    جهڙوڪ: پاڻي جي بوند، باهه جي چڻنگ، روشني جو ڪرڻو، مٽي جو ذرو، ريت جو داڻو، چيچڪو يا ان جو داڻو وغيره. پر جڏهن انهن سڀني مادن جي ٽٻڪن کي سامهون رکي مشاهدو ڪبو ته اهي سڀ هڪ نقطي مثل نظر ايندا. عربي ۾ چوڻي آهي ته، “ڪل شئي ير جع اليٰ اصله.” (هر ڪا شئي پنهنجي اصل ڏي موٽندي آهي) انهي ڪري جڏهن به انهن شين تي زوال آيو ۽ فنا ٿي ويون ته، اهي سڀ وري وڃي نقطي جي جاءِ والارينديون. انهي نقطي تي غور ڪرڻ سان ڪيترائي مثبت فڪر پيدا ٿين ٿا. آئون پڙهندڙن جي فڪري رجحان کي اهڙي حقيقت پسندانه زاويه سان سوچڻ لاءِ قرآن شريف جي فرمان “افلايتدبرون” (اهي ڇو نه ٿا سوچين، غور و فڪر ڪن) مطابق ياد ڏياريندي عرض ڪندس ته، اهي پنهنجي ذهن ۾ غور و فڪر جي صلاحيت پيدا ڪن ته ڪيترائي ذهني مونجهارا حل ٿي پوندا. ڳالهه نقطي جي پئي ڪئي سين ته، انهي مناسبت سان مختصر عرض پيش خدمت آهي.


    جبل نور ۽ سوچ جي ڌارا:

    جبل نور ۽ سوچ جي ڌارا:
    جبل نور تي ساهي کڻندي انهي نقطي جي پس منظر ۾ سوچيو هئم ته، قرآن شريف جا اڪثر تفسير لکن ٿا ته، قرآن جي ٽيهن سيپارن جو خلاصو سورت فاتحه (الحمد شريف) آهي. سورت فاتحه جو خلاصو بسم الله آهي. بسم الله جو خلاصو “ب” آهي. “ب” جي سڃاڻپ نقطو آهي. انهي نقطي ۾ ڪيئي راز سمايل آهن. جن کي عابد زاهد، سالڪ صوفي، فيلسوف ۽ عالم پنهنجي پنهنجي صلاحيت، فهم و فراست پٽاندر پروڙين ۽ پرکين ٿا. اهو نقطو وحدت جي علامت آهي. جيڪڏهن انهي نقطي جي نسبت خالق ڪائنات ڏانهن ٿيندي ته، انهي جي وحدانيت/ هيڪڙائي ڏي اشارو ٿيندو. پر جي انهي نقطي جي نسبت مخلوقات الاهي خاص ڪري انساني مخلوق ڏانهن ڪئي وڃي ته، مخلوقات جي هڪ ٻئي سان مساوات/ برابري واري رشتي ۽ انساني وحدت ڏي اشارو ٿيندو. جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته، سڀني جو خالق اڪيلو هڪ الله آهي.
    انهن سڀني جي ضروريات زندگي جو ڪفيل، رزق روزي جا اسباب مهيا ڪندڙ، سڀني جي موت ۽ حياتي جو مالڪ اڪيلي هستي وحده لاشريڪ آهي.
    هڪ حديث ۾ آهي ته، “الخلق عيال الله” سموري مخلوقات خدا جي آڪهه مثل آهي. جيتوڻيڪ اللهتعاليٰ انساني رشتن، خانداني قرابتن، مخلوقات جي مڙني اوصافن ۽ گهرجن کان پاڪ آهي. ان جي ڪابه آڪهه ناهي. پر هڪ مثال ڏيئي سمجهايو ويو آهي ته، ڪفالت واري نسبت سان مخلوقات خدا جي آڪهه آهي. ڪائنات جي دائري ۾ رهندڙ هر هڪ مخلوق، انهي آڪهه جو ڀاتي آهي. انهي ڪري عقل سليم جي تقاضا هي آهي ته، مخلوق جو ڪوبه فرد، ٻئي فرد سان، مخلوق جي ڪابه جنس ٻي جنس سان ظلم نه ڪري. اسان جڏهن انهي نقطي تي غور ڪندي ان جي نسبت انساني مخلوق ڏانهن ڪنداسين ته، انهي سان انساني وحدت ۽ مساوات جو تصور سامهون ايندو. پر انهي فڪر کي جڏهن پنهنجي معاشري سان ڀيٽيون ٿا ته، انساني سماج ۾ هٿرادو پيدا ڪيل طبقاتي نظام جي از خود نفي ٿي وڃي ٿي، ۽ انهي جو غير فطري هئڻ ثابت ٿي وڃي ٿو. توهان خود سوچيو ته، جڏهن مخلوقات خدا جي آڪهه مثل آهي ۽ سڀني جي ڪفالت، ضروريات زندگي جي پوري ڪرڻ وارو، انهن جي معاشي، اقتصادي وسيلن ۽ اسبابن مهيا ڪرڻ وارو اڪيلو الله آهي ۽ رب تعالي جي پيدا ڪيل روزي جي سڀني وسيلن ۾ سموري مخلوق جا فرد برابري جي بنياد تي ڀاڱي ڀائيوار آهن ته، پوءِ انساني سماج ۾ اوچ نيچ ڇو آهي؟ روزي جي تقسيم ۾هٿرادو اڻ برابري ڇو آهي؟ هڪڙا دولت جي ڍير تي نانگ بڻيا ويٺا آهن ته ٻين لاءِ ويلي تي کائڻ لاءِ ڀور ڳڀو به ڪونهي، سو ڇو؟ ننڍ وڏائي ڇو آهي؟ انهي طبقاتي سسٽم جو ڪهڙو جواز آهي؟ ڇو ته انساني مساوات (جنهن کي خود اسلامي مساوات جي مڪمل تائيد حاصل آهي) جي تقاضا آهي ته، انسانيت جا چند فرد پنهنجي هٿرادو مڙهيل قانونن ذريعي جيڪو سموري انساني سماج جو استحصال ڪن ٿا سو سراسر غير فطري آهي. اهي استحصالي فرد پنهنجي خود ساخته قانون کي پوري سماج تي لاڳو ڪري ان جو ادب احترام، پاسداري ۽ پابندي ڪرائيندي ان کي ”مقدس صحيفي“ مثل مڃرائن ٿا. جيڪڏهن ڪو سڌارڪ سوچ وارو اهڙي غير فطري نظام ۽ قانون کي مڃڻ کان انڪار ڪري ٿو ته، ان کي باغيانه سرگرمين ۾ملوث غلط پروپيگنڊا ڪندڙ، منفي سوچ رکندڙ، قوم جو ويري، شر پسند عناصر، نفرت پکيڙيندڙ، تخريبڪار، امن ۾ وڳوڙ پيدا ڪندڙ، انساني ايڪي ۾ ڏڦيڙ وجهندڙ، ملڪي سالميت ۽ سماج جو دشمن، ديش دروهي، فتني فساد جو ٻج ڇٽيندڙ قرار ڏيئي کيس مجرم ثابت ڪري ڦاسي تائين پهچائي ان جي انجام کي ٻين لاءِ عبرت بنايو وڃي ٿو.
    جيڪڏهن طبقاتي سسٽم کي هٿي ڏيندڙ ۽ انهي جون پاڙون پختيون ڪندڙ ڌرين جي فڪر و عمل جو لاڙو اهڙي سوچ ڏي ٿي پوي جنهن ۾ مساوات جو فارمولا ڪارفرما هجي ته، پوءِ سماج ۾هلندڙ طبقاتي سسٽم پاڻمرادو ختم ٿي وڃي.
    سوچن جي انهي سلسلي کي هڪ نقطي ۾ سميٽي آئون وري مٿي جبل تي چڙهڻ لاءِ هڪ ڇپ کان ٻي ڇپ ڏانهن وڌڻ لڳس.


    غار حرا جي سامهون:

    غار حرا جي سامهون:
    ڪلاڪ ڏيڍ جي سخت مشقت آميز جدوجهد کانپوءِ وحي جي پهرين منزل (غار حرا) جي در تي اچي پهتو هئس، فلله الحمد. زيارت دوران معلوم ٿيو ته، غار حرا جي ڊيگهه اندازا ً چار گز ۽ ويڪر پوڻا ٻه گز کن هوندي. (والله اعلم) زائرين حاجي سڳورا غار حرا تي نفل جي ادائگي لاءِ پنهنجي نمبر جي انتظار ۾ هئا، پر اتي بيٺي بيٺي منهنجو ذهن غار حرا جي شاندار ماضي ڏي ذري گهٽ چوڏهن سو سال (يعني 1387ورهيه) پوئتي هليو ويو. اهو ڇهين صدي عيسوي جو زمانو آهي، جڏهن نه رڳو غار حرا وارو علائقو (مڪو شريف) عربستان سميت گمراهي جي گهور انڌيري ۾ گهيريل هو بلڪ پوري دنيا جهالت جي اونداهي ۾ ڀٽڪي، ٿڙي ٿاٻڙي رهي هئي.
    هي غار هڪ عظيم يادگار آهي، جيڪو اسان کي اهو دور ياد ڏياري ٿو جڏهن دنيا ۾ جهالت جو راڄ هو. وهم وسوسن، بي جان پٿرن، وڻن ٽڻن، سج چنڊ تارن، ٽيڙن ڪتين، جنن ڀوتن، ملائڪن ۽شيطانن جي پوڄا واري وبا هر هنڌ عروج تي هئي. ڪائنات جي حقيقي خالق ۽ مالڪ ڏي ڪنهن جو به ڌيان ڪونه هو. ماڻهو ظاهر پرستي ۾ اچي پنهنجو عقل ۽شعور وڃائي چڪا هئا. زميني نظام جو هلائيندڙ پٿر جي خدائن (بتن) کي سمجهيو ٿي ويو ته، آسماني نظام جي واڳ ستارن جي هٿن ۾ هجڻ جو هر هنڌ اقرار ڪيو ٿي ويو. مطلب ته غار حرا اهو دور ياد ڏياري ٿو، جڏهن دنيا هڪ وڏي اوڙاهه ۾ ڪرڻ واري هئي پورو انساني نسل تيزي سان خود ڪشي ۽ خود سوزي ڏانهن وڌي رهيو هو.


    آغا زنبوت ۽ وحي جو نزول:

    آغا زنبوت ۽ وحي جو نزول:
    حضور اڪرمﷺ جن اهڙي انسانيت سوز ماحول کان متنفر ٿي تن تنها رهڻ کي ترجيح ڏيڻ لڳا هئا. اِهو اُهو وقت هو جڏهن سندن عمر مبارڪ 39 سالن جون بهارون ماڻي چاليهين سال جي بهار ۾ پير پاتو هو.
    اهڙي وقت سندن طبيعت سڳوري ماڻهن جي ميل جول کان پري رهي اڪيلائي ڏي لاڙو ڪيو. ميل ملاقات فقط پنهنجن خاص دلي دوستن تائين محدود ڪري ڇڏيائون. پر ٻن ٽن مهينن جي گذرڻ تي اهي محدود ملاقاتون به ذري گهٽ بند ٿي ويون ۽ سندن توجهه رب العالمين ڏي ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳو.
    جنهن ڪري گهر جي محدود ماحول ۾ ڏينهن گذارڻ بعد هر رات سچن خوابن جو هڪ لڳا تار سلسلو شروع ٿي ويو، جيڪو ڇهن مهينن تائين جاري رهيو. سچن خوابن جي تعبير هو بهو خوابن ۾ ڏٺل ماجرا مطابق هوندي هئي. جنهن لاءِ حديثن ۾ هن طرح مثال ڏنل آهي ته، جيئن پرهه ڦٽڻ کانپوءِ سج نڪرڻ ۽ ڏينهن ٿيڻ ۾ ڪوبه شڪ نه هوندو آهي، تيئن حضور سائين جن جي انهن خوابن جي تعبير سچي ٿيڻ ۾ ڪوبه شڪ نه هوندو هو، ائين جو ائين تعبير ٿيندا هئا.
    هتي هن ڳالهه جي نشاندهي ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا ته، نبين جي خوابن ۽ ٻين ماڻهن جي خوابن ۾ فرق آهي، سو هي ته، نبين جا خواب خدا تعاليٰ جي طرفان خوشخبري، هدايت ۽ نصيحت جو ذريعو، مستقبل ۾ پيش ايندڙ واقعن کان آگاهي، ڪنهن اهم واقعي جو اطلاع، ماضي جي ڪن واقعن جي ياد دهاني، مئن يا جيئرن جي حالات جي خبر تي مبني هوندا آهن. جيڪڏهن امت جي ڪنهن ماڻهو جا اهي خواب شريعت جي حڪمن خلاف هوندا ته، ان کي شيطاني خواب سمجهبو. خوابن جي سچي ٿيڻ لاءِ خواب ڏسندڙ جي اندر ڪيترن شرطن جو لڀڻ لازمي آهي جن مان ڪي هي آهن. جهڙوڪ: جسماني صحت، چڱڀلائي جو هجڻ، خواب ڏسڻ وارو وقت رات جي آخري حصي ۾ هجڻ، خواب ڏسندڙ جي ڀر پاسي ڪنهن به گوڙ شور جو نه هجڻ، يعني صحت، وقت ۽ ماحول جو پرسڪون ۽ سلامتي وارو هجڻ. علاوه ازين کائڻ پيئڻ، ضروريات زندگي ۾حلال روزي ۽ پاڪ شين جو استعمال، گفتگو ۾ سچائي، هر قسم جي حرام ۽ پليت شين کان پرهيز، براين ۽ شيطاني ڪمن کي ويجهو نه وڃڻ وغيره. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو ۾ اهڙا شرط نه لڀندا ته انهن خوابن کي “سچو خواب” سڏي نه ٿو سگهجي. شرعي نقطه نظر سان خواب قابل اعتماد يا قابل عمل ناهي. سچي خواب ذريعي فقط نيڪي جي راه جي تعيين و تائيد، ۽ انهي ڏس ۾ خوشخبري حاصل ٿي سگهي ٿي.
    6 مهينا مسلسل سچا خواب اچڻ کانپوءِ حضور اڪرمﷺ پنهنجو گهر ٻار ڇڏي هڪ اهڙي جاءِ تلاش ڪري ورتي هئي، جتي اڪيلا ويهي قدرت الاهي جي ڪارسازي ۾ غور فڪر ڪرڻ لڳا. اها تنهائي واري جاءِ “غار حرا” هئي. جيئن ته غار حرا جو رخ اولهه طرف آهي جنهن پاسي ڪعبت الله شريف آهي ۽ غار حرا وٽان بيهي اولهه طرف نظر ڪبي ته ڪعبت الله شريف تي سڌي سنئين نظر پوي ٿي ته، انهي ڪري حضور اڪرمﷺ غار حرا ۾ رهڻ دوران توحيد جي پهرئين مرڪز ڪعبت الله شريف کي اکين ۾ سمائي، دل جو ڌيان ڪعبي جي ڌڻي ڏي ڪري ان جي وحدانيت ۽ سندس سهڻين صفتن (اسماءُ الحسنيٰ) جا راز پروڙڻ ۾ محو رهندا هئا. کاڌي پيتي لاءِ سندن زوجه محترمه بي بي خديجه رضي الله عنها، سَتو (جَوَن جو ڏارو گيهه ۾ ڀڃيل، جيڪو پاڻي ملائڻ کانپوءِ سيري وانگر لذيذ ٿي پوي ٿو) تيار ڪري پاڻي جي سانداري (مشڪيزه) ڀري ڏيندي هئي. جڏهن اهو هفتي کن ۾ کٽي ويندو هو ته وري گهر اچي ساڳيو کاڌو تيار ڪرائي کڻي وڃي غار ۾ رهندا هئا. پاڻ سڳورن جو غار حرا ۾ رهڻ، اسان کي اعتڪاف (ڏهي، چاليهي) جهڙي عبادت مثل لڳي ٿو. غار حرا ۾ ذڪر الاهي دوران چند مهينن جا راتيون ۽ ڏينهن گهاريندي جڏهن سندن عمر مبارڪ قمري سال جي حساب سان چاليهه سال پورا ٿي، ايڪيتاليهن سال جي پهرئين ڏينهن جي ابتدا واري سومر جي رات کي پهتي هئي ته، پاڻ معمول مطابق غار ۾ ويٺل هئا. رات جي پوئين پهر ۾ اوچتو هڪ نوراني چهري وارو شخص پڌرو ٿيو جنهن ايندي ئي کين ٽي ڀيرا ڀاڪر پاتو. ڀاڪر پائيندي هر ڀيري مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته “اِقرا” (پڙهه!) پاڻ ڪريمن ٽيئي ڀيرا کيس وراڻيو ته، آئون پڙهي نه ٿو سگهان! (ڇو ته پاڻ ڪريمﷺ عام رواجي لکڻ پڙهڻ نه ڄاڻنداهئا) پر آخري ٽئين ڀيري انهي آيل شخص کين ڀاڪر ۾ وٺي زور ڏيندي پنج آيتون پڙهي ٻڌايون، جيڪي قرآن شريف جي ٽيهين سيپاري جي سورت العلق جون شروعاتي آيتون آهن. انهن آيتن ٻڌڻ سان پاڻ سڳورن پنهنجي دل تي عجيب قسم جو ڪيف و سرور گڏيل وزن محسوس ڪيو، ۽ پاڻ اهو راز پروڙڻ لاءِ حيران رهجي ويا ته هي ڪهڙي حقيقت آهي؟ هي ڪهڙو پيغام آهي جيڪو مون کي ڏنو پيو وڃي؟ هي آيل ماڻهو ڪير آهي؟ اهي سوال ذهن ۾ ايندا ويا ته هوڏانهن اهو آيل اڻ سڃاتل همراهه پيغام پهچائي پوئين پير موٽڻ لڳو ۽ پنهنجي اصلي صورت ظاهر ڪري مرڪندو پوئتي هٽندي چئي رهيو هو ته، اي محمدﷺ! مبارڪ هجي تون الله جو سچو رسول چونڊجي چڪو آهين!! توکي خدا جي طرفان آخري ۽ دائمي نبي هجڻ جي اعزاز سان نوازيو ويو آهي!!! ۽ آئون خدا جو موڪليل ملائڪ جبريل آهيان، منهنجو ڪم آهي ئي خدا جو پيغام سندس رسولن تائين پهچائڻ. هاڻي تون نبوت جي ذميداري نڀائڻ لاءِ تيار ٿي وڃ!!!!
    جيتوڻيڪ اهي سڀ ڳالهيون ڪي واضح ته ڪي اشاري سان ٻڌايون ويون، جيڪي پوءِ اهڙي يقين ۾ بدلجي ويون جنهن ۾ تر جيترو به تفاوت نه هو.
    پاڻ ڪريمﷺ جڏهن انهي آيل شخص جي واپس ويندي اصلي صورت ڏٺي ته، اها ايتري ڪشادي ۽ جسيم هئي، جو زمين ۽ آسمان جي وچ وارو سمورو خلا (فضا) انهي سان ڀرجي چڪو هو. ان وقت اهو شخص (جبريل) اولهه کان اوڀر تائين پکڙيل ويڪري ڪرسي تي ويٺل هو. انهي پوري روئداد کانپوءِ پاڻ ڪريمنﷺ تي انساني فطرت سبب خوف، دهشت ۽ ڏڪڻي طاري ٿي وئي، جنهن ڪري پاڻ غار حرا مان سگهو ئي نڪري گهر ڏي روانا ٿي ويا. اتان کان سندن نبوت جو آغاز ٿيوجنهن جو وڌيڪ تفصيل سيرت جي ڪتابن ۾ آهي.
    سومر جي رات پرهه ڦٽڻ سان گڏ حضور اڪرمﷺ جي نبوت واري روشني جي پرهه ڦٽي ته، گمراهي جي گهور انڌيري ۾ ڀٽڪندڙ انسانيت کي هڪ اهڙي دائمي روشني ملي جنهن کيس اوجهڙ مان نڪري سڌو رستو وٺي هلڻ ۾ساٿ ڏنو. اها پرهه ڄڻڪ غار حرا منجهان انسانيت جي جياپي جي پرهه ڦٽي هئي، جنهن ذريعي محرومي جي اگهور ننڊ ۾ ستل بد نصيب دنيا جي قسمت جاڳندي، ڪر کڻي قدم وڌائي سڌي راهه تي هلڻ لڳي هئي.
    ٻاجهاري ڌڻي پنهنجي اٿاهه ٻاجهه سان عظيم احسان ڪيو جو هن غار حرا ۾ ويٺل عبدالله ۽ آمنه جي لاڏلي کي ڪائنات انساني جي ڇوٽڪاري جو باعث بنايو. صلي الله عليه وسلم.
    برو هو ڀنڀور، آرياڻي اجاريو،
    لاٿو سڀ لوڪ تان هاڙي ڌڻي هور،
    ڇُوريون ڇُرڻ سکيون، پنهون ڪيائون پور،
    آيو سو اتور، جنهن ڏکيون ڏِک وهاريون.(شاهه)

    غار حرا ۾ انهي پهرين وحي نازل ٿيڻ جي تاريخ، سيرت جي ڪتابن هاٿين واري سال (عام الفيل) جي ربيع الاول مهيني جي نائين تاريخ ۽ عيسوي سن 12 فيبروري 610ع لکيو آهي. ڪن مورخن هاٿين واري سال جي رمضان شريف مهيني جي ايڪيهين تاريخ ۽ عيسوي سن 6 آگسٽ 610ع لکيو آهي.
    غار حرا ۾پهرين وحي نازل ٿيڻ سان حضور اڪرمﷺ جي اصل حيثيت ۽ سندن حقيقي مَقام ۽ مرتبو دنيا آڏو پڌرو ٿيو ته، مڪي شريف ۾ٻالڪپڻ کان جواني تائين چاليهه سال زندگي گهاريندڙ محمد بن عبد الله صه جنهن کي اتي جو ننڍو وڏو، سردار توڙي غلام، “صادق ۽ امين” جي عرفي نالي سان وڌيڪ سڃاڻندو هو، تنهن جي صداقت ۽ امانت جو زنده عملي مثال اِجهو انهي اعلان نبوت کانپوءِ دنيا جي منظر تي اچڻ وارو آهي. اڳين نبين جي وفات ڪري وڃڻ بعد طويل عرصو گذرڻ ڪري دنيا سٺن اخلاقن ۽ سهڻن گڻن جهڙوڪ: صبر ۽ شڪر، حيا ۽ حلم، صداقت ۽ سخاوت، امانت ۽ ديانت، شرافت ۽ شجاعت، توحيد ۽ توڪل، تواضع ۽ تحمل، علم ۽ عقل، ادراڪ ۽ شعور، فهم ۽ فراست، يتيمن سان يا وري، غريبن جي غمگساري، مسڪين پروري، خدمت ۽ خير خواهي، درگذر ۽ رواداري، خود اعتمادي ۽ خود داري، عزم و همت ۾ پختگي ۽ نيڪي ۾ ثابت قدمي، بيباڪي ۽ بي ريائي، خوش خلقي ۽خنده پيشاني، دانائي ۽ دور انديشي، اطاعت شعاري ۽ عبادتگذاري، وعده وفائي ۽ گهڻگهرائي، پاڪيزگي ۽ پاڪدامني، سادگي ۽ ساڃاهه جا نالا ته ٻڌا هئا پر انهن صفتن واري ڪا شخصيت اکئين نه ڏٺي هئي. انهي ڪري آقاءِ نامدار ﷺ کي اهي سڀئي صفتون ۽ سهڻا اخلاق عطا ڪري خاتم النبيين ۽ رحمت للعالمين بنائي موڪليو ويو.
    سندن صورت مبارڪ ۾ جمال جا مڙئي اوصاف ۽ نقش نگار چٽيا ويا ته سندن پاڪيزه سيرت ۾ ڪل ڪمالات کي شامل ڪري سندن ذات گرامي کي جامع الصفات والڪمالات بنايو ويو. نه صورت ۾ جمال جي کوٽ رهي، نه ڪي سيرت ۾ ڪمال جي ڪمي باقي رهي. ﷺ آقاءِ نامدار انهي غار حرا ۾ پهرين وحي ۽ نبوت ملڻ کانپوءِ جيتوڻيڪ دنيا کي پنهنجو تعارف محمد بن عبد الله جي بجاءِ، محمد رسول الله سان ڪرائي ٿو، پر پوءِ به سندن عبديت واري صفت سندن رسالت واري صفت سان شامل رهي ٿي. پنهنجي حقيقي تعارف ڪرائڻ بعد مخلوق انساني ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃي ٿي. هڪڙا سندن رسالت جو اقرار ڪري سندن ساٿ ۾شامل ٿي رضاءِ الاهي جا حقدار بنجي “بهشتي” سڏجن ٿا ته ٻيا انڪار ڪري عداوت ۽ ايذا رساني ۾ انتها ڪري “دوزخ جو ٻارڻ” بنجي وڃن ٿا.
    غار حرا جي زيارت کان فارغ ٿي ساهي کڻندي ڪلمه طيبه پڙهي، سورت علق جون ابتدائي پنج آيتون ۽ ڪجهه تسبيحون پڙهي وري هيٺ لهڻ جو سانباهو ڪرڻ لڳس. منهنجو ساٿي جاويد مون کان اڳي زيارت کان واندو ٿي واپس وڃي چڪو هو.


    غار حرا تان هيٺ لهڻ:

    غار حرا تان هيٺ لهڻ:
    غار حرا کان هيٺ لهڻ وقت معلوم ٿيو ته، جبل تي مٿي چڙهڻ کان هيٺ لهڻ وڌيڪ ڏکيو آهي. ڇو ته ان وقت ماڻهو پنهنجي جسم جي وزن کي هيٺ ڪرڻ کان بچائي روڪڻ ۾ ذري گهٽ ناڪام وڃي ٿو. يا سائنس مطابق ته، ڪشش ثقل جيڪري ڪابه وزني شئي هيٺ ڪيرائبي ته، اها زمين جي ڇڪ سبب تڪڙي ڪري پوندي.
    سوچيم ته “سسئي وانگر سيني ڀر سرڻ” کانسواءِ ٻيو چارو ڪونهي. پر پوءِ به پنهنجي پاڻ تي ڪنٽرول ڪري آهستي آهستي هيٺ لهڻ لڳس. جيڪي ماڻهو ميداني هموار علائقي جا رهواسي، زندگي ۾ هڪ ڀيرو ڪنهن اڀ ڪپري جبل تان هيٺ لٿا هوندا، سي ئي ماڻهو منهنجي هن دقت کي محسوس ڪري تصديق ڪندا.
    باقي عام ماڻهو هي سٽون پڙهي سوچيندا ته، شايد ڳالهه کي رنگ وٺائڻ لاءِ اجائي ڊيگهه ڪري رهيو آهي. بهرحال آئون جنهن وقت هيٺ لهي رهيو هئس ته، منهنجي ويجهو هڪ سوڊاني عورت به هيٺ لهي رهي هئي، سا ويچاري ته مون کان به چٽ هئي، جو ٻه ٽي وکون مس ٿي کنيائين ته ويهي ٿي رهي، ۽ ويهڻ وقت هر ڀيري عربي لهجي ۾ “الحمد لله” ٿي چيائين. آئون ان کان ڪجهه تڪڙو هئس جو ان کي ڪراس ڪري ويو هئس، باقي ٻيا سڀئي ماڻهو مون کي ڪراس ڪندا هيٺ لهندا پئي ويا.
    ساهيون کڻندو جڏهن جبل جي لاهي جا ٽي حصا طئي ڪري چڪو هئس ته، ڏٺم ته هڪ ٻڪرار ڪجهه ٻڪريون ۽ ٻه ٽي گهٽا پئي چاريا، جيڪي اڀ ڪپري جبل نور جي اوڀاري حصي جي آس پاس هئا. ساهي کڻندي پنهنجي لڳو لڳ چرندڙ ٻڪريون ڏسي رهيو هئس ته هڪڙي گهٽي ڊوڙ ڪري هڪ ويندڙ ٻڪري کي ڌائڻ شروع ڪيو ته اها ٻڪري بيهي رهي ۽ گهٽي کي ڌارائڻ لڳي. مون کي حيرت ٿي ته، رڍ ۽ ٻڪري ٻه الڳ جنسون آهن، پوءِ ٻڪري، رڍ جي ڦر کي ڪيئن پئي ڌارائي! جڏهن ته اسان وٽ ڳوٺ ۾ جيڪي ٻڪريون آهن سي ته، پنهنجن ڦرن کي به مشڪل سان ڌارائڻ ڏين ٿيون.
    دل ۾ خيال آيو ته، ٿي سگهي ٿو ته، اهي گهٽا ٻڪرين سان هيرايا ويا هجن ۽ روزانه جو معمول بنجڻ ڪري ٻڪريون گهٽن کي ڌارائڻ تي هري ويون هجن، پر وڌيڪ سوچڻ تي هي ڳالهه ذهن ۾ آئي ته، ممڪن آهي ته، هن جبل نور جي غار حرا تي نازل ٿيندڙ پهرين وحي، ۽ غار حرا ۾ ڪي مهينا رهندڙ آقاءِ نامدارﷺ جي ذات والصِفات جي برڪت جو اثر هجي، جو هي جانور هن ڀلاري جاءِ جو احترام ڪندي ڪنهن معمولي مسئلي تي جهيڙو ڪرڻ کان پاسو ڪن ٿا!! هي حقيقت ڪيترا ڀيرا مشاهدي ۾ ايندي رهي ٿي ته، جانور پنهنجي مالڪ جي حڪم جي ڀڃڪڙي نه ٿو ڪري.
    باقي انسان ته پنهنجي حقيقي مالڪ جي حڪمن جي خلاف ورزي ۾دير ئي نه ٿو ڪري. شال رب سائين اسان کي سندس حڪمن جي تابعداري جي توفيق بخشي. (آمين)
    آئون آرام سان جبل جي باقي رهيل حصي تان هيٺ لهي آيس ته هوٽل ۾ منهنجي ساٿي جاويد کي ويٺل ڏٺم. جنهن اٿي مون کي ڀاڪر پاتو ۽ غار حرا جي زيارت تان خير سلامتي سان واپس ورڻ تي مبارڪ ڏني. پوءِ هوٽل تي ويٺل هندستانين سان گڏجي ٿڌيون بوتلون پي گرمي جو ازالو ڪيوسون ۽ انهن بمبئي جي هندستانين سان ڪجهه گهڙيون ڪچهري ڪري هوٽل واري شڪارپوري بروهي کان موڪلائي روڊ تي وڃي گاڏي ذريعي حرم شريف موٽي آياسين، جتي ظهر نماز جماعت سان ادا ڪئي سين. فلله الحمد حمدا ڪثيرا.


    بير ذي طويٰ:

    بير ذي طويٰ:
    اسان مڪي شريف ۾ جنهن پاڙي ۾ رهندا هئاسون، سو جرول جي نالي سان مشهور هو، انهي پاڙي جي انهي حصي ۾ اسان جي جاءِ هئي جنهن جي ڀر ۾مين روڊ سان لڳ مسجد خيمه هوندي هئي. انهي مسجد جي سامهون روڊ ڪراس ڪري اوڀر ڏکڻ ڪنڊ طرف وڃبو ته اتي هڪ بورڊ لڳل نظر ايندو جنهن تي وڏن اکرن ۾ لکيل آهي، “بيرذي طويٰ”
    هڪ ڀيري اسان اهو بيرذي طويٰ (طويٰ وارو کوهه) ڏسڻ وياسون ته انهي کوهه جي ٻاهران پلاٽ کي وڏي ديوار ڏنل هئي ۽ انهي جي گيٽ تي هڪ چوڪيدار ويٺل هو.
    اسان کيس چيو ته، اسان کوهه ڏسڻ جي ارادي سان آيا آهيون ته اهو چوڪيدار اسان کي کوهه وٽ وٺي ويو جتي ڏسڻ ۾ آيو ته، کوهه جي پڳ چوڌاري وڏي ديوار جي شڪل ۾ ٺهيل هئي ۽ انهي مٿان ڇت اڏيل هئي ۽ کوهه مٿان گول دائري ۾ ٺهيل ديوار کي دروازو لڳل هو جيڪو بند پيل هو. انهي دروازي جي مٿان هڪ تختي تي لکيل هو ته، “ماءُ” غير صالح للشرب” (يعني هن کوهه جو پاڻي پيئڻ جي لائق ناهي.) انهي چوڪيدار ٻڌايو ته، هن کوهه تان حضور اڪرمﷺ ۽ سندس اصحابن سڳورن پاڻي ڀريو هو ۽ هن کوهه جي ڀر ۾ انهن ڀلارن اهو پاڻي ڀري وضو ۽ غسل وغيره ڪيو هو. انهي ڪري هن کوهه جي تاريخي عظمت سبب ترڪي جي بادشاهن، هي کوهه پڪو ٻڌرايو ۽ انهي جو پاڻي برڪت خاطر ماڻهو کڻي ويندا هئا پر ڪجهه سالن کانپوءِ هن کوهه جو پاڻي پنهنجو اصل ذائقو بدلائي ويو ته سعودي سرڪار انهي جي پاڻي استعمال ڪرڻ تي بندش وجهي ڇڏي ۽ اڃا تائين اهو کوهه بند پيل آهي. مون چوڪيدار جي ٻڌايل ڳالهه جي واپس اچي تحقيق ڪئي ته انهي جي تصديق ٿي.


    نابين پيش امام:

    نابين پيش امام:
    اسان وقت جي تنگي سبب ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي جاءِ جي ڀر واري مسجد ۾ نماز پڙهڻ لاءِ ويندا هئاسون. انهي مسجد جو پيش امام نابين هوندو هو. ڪيترا ڀيرا اهڙو اتفاق ٿيو جو اسان مسجد جي مين گيٽ وٽ پهچندا هئاسون ته سامهون گهٽي ۾ پيش امام کي ايندو ڏسندا هئاسون، جيڪو بنا ڪنهن ڀٽڪڻ، هيڏانهن هوڏانهن ڦرڻ، ٿاٻا کائڻ جي سڌو سنئون تيز رفتاري سان پيو ايندو هو. مون کي ان وقت حيرت ٿيندي هئي جڏهن اهو پيش امام گهٽي مان ايندي عين مسجد جي گيٽ برابر پهچندو هو ته، فوراً مسجد جي گيٽ ڏانهن مڙي ويندو هو ۽ سڌو وضو خاني ڏي هليو ويندو هو ۽ شايد روزانه پنجوقتي اچڻ وڃڻ جو معمول هئڻ ڪري، انهي جون وکون ساريل هجن. پر اسان کي حيرت ٿيندي هئي ته اهو ڪڏهن به ڀلجي اڳ يا پوءِ نه ٿو ٿئي! وري جڏهن وضو ڪري وٺندو هو ته سڌو مسجد جي اندر وچين دروازي کان ٿيندو وڃي مصلي تي ويهي رهندو هو. جيڪڏهن سنت پڙهڻي هوندي هيس ته پڙهي وٺندو هو نه ته، نماز جي وقت ٿيڻ تائين ويٺو رهندو هو. اسان نابين ته ڪافي ڏٺا آهن پر دل جو سجاڳ اهڙو ماڻهو نه ڏٺو سون. انهي مسجد جي موذن سان منهنجي ملاقات ٿي ۽ ملاقات جو اتفاق هيئن ٿيو جو هڪ ڀيري مسجد جي ڀر واري ڪمري کي مسجد سمجهي انهي جو دروازو ورائي اندر ويس ته، اهو مؤذن ڪمري ۾ ويهي ڪجهه لکي رهيو هو. اندر وڃڻ تي خبر پئي ته، هي مؤذن جو رهائشي ڪمرو آهي جنهن ۾ سندس ضرورت جو سامان، ڪپڙا، ڪتاب وغيره پيا هئا.موذن منهنجي سلام جو جواب ڏيندي چيو ته، هي مسجد ناهي پر منهنجو ڪمرو آهي توهان مسجد ۾ وڃي نماز پڙهو! وراڻيم ته تنهنجي مهرباني جو مون کي واقف ڪيئي! پر ٻڌاءِ ته ڇا پيو لکين؟ جواب ۾ چيائين ته، آئون ڏهين ڪلاس جو شاگرد آهيان، هينئر اسڪول جو رهيل ڪم پيو ڪريان. چيو مانس ته ڀلا پنهنجي فيئر ڪاپي ته ڏيکار! چيائين ته ڇا توهان جو تعلق تعليم سان آهي؟ وراڻيم ته هائو! آئون پنهنجي ڳوٺ ۾ هائر سڪينڊري اسڪول ۾ عربي ۽ اسلاميات جو استاد آهيان. پوءِ ته تمام گهڻو ادب ڪرڻ لڳو. مون سندس ڪاپي ڏسي چيو ته، تنهنجا اکر ته ڪچا آهن! تنهن تي مون کي ڪجهه لکي ڏيکارڻ لاءِ چيائين. مون انهي عربي جي درسي ڪتاب جا چند جملا لکيا ته منهنجي ليکت ڏسي کلندي چيائين ته سائين! توهان “خط نسخي” ۾ لکو ٿا ۽ اسان وٽ هتي “خط رقعي” هلي ٿو. انهي ڪري اسان جي ۽ توهان جي صورتخطي/ ليکت جي نموني ۾ فرق ضرور ٿيندو. انهي ملاقات کانپوءِ ٻه ٽي ڀيرا وڃڻ ٿيو ته اهو موذن وڏي ادب سان کينڪاريندو هو پر مصروفيت سبب بيٺي بيٺي دعا سلام ڪري هلياويندا هئاسون.


    قاري عبد الباسط جي ڪيسٽ:

    قاري عبد الباسط جي ڪيسٽ:
    هڪ ڀيري حرم شريف ۾ سمهڻي نماز کان فارغ ٿي اسان محله مسفله جي هوٽل قصر نسيم جي مالڪ مولانا حافظ حفيظ الرحمان ڏي وڃي رهيا هئاسون ته، قصر نسيم جي ويجهو ڪيسٽن جي هڪ دڪان وٽان لنگهياسون ته، مصر جي مشهور قاري شيخ عبد الصمد عبد الباسط (جيڪو عام طرح قاري باسط جي نالي سان مشهور آهي) جي تلاوت جي ڪيسٽ وڏي آواز سان وڄي رهي هئي. خبر ناهي ڇو؟ انهي ڀيري منهنجي دل تي اهڙو اثر ٿيو جو مون ساٿين کي گهڙي کن بيهي ڪيسٽ ٻڌڻ لاءِ زور ڀريو هو. رات جي ٿڌي وقت ۽ حرم شريف جي احاطي ۾شايد دل جي وجد آميز ڪيفيت ٿي وئي هئي. چون ٿا ته، ماڻهو جا احساسات ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ٿي ويندا آهن جو ڪا عام شئي به کيس ايترو وڻندي آهي جو هو پاڻ به اها حقيقت پروڙي نه سگهندو آهي! بقول شاعر
    احساس کے انداز بدل جاتے ہیں ورنہ
    آنچل بھی اس تار سے بنتا ہے کفن بھی
    يعني ته احساس جا انداز ئي بدلجن ٿا نه ته، محبوب جي چادر ۽ ڪنهن جنازي جو ڪفن به ساڳي ڌاڳي ۽ تاڃي پيٽي ذريعي اڻيل آهي. پر ٻنهي کي ڏسڻ سان احساس مختلف ٿي وڃن ٿا.
    قاري باسط کي عرب ملڪن ۾ “صوت العرب” (عرب جو آواز) جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ هن کان وڏا وڏا قاري ٻيا به موجود آهن، پر قاري باسط جي قرئت ۽ سندس آواز جي ڪن خصوصيتن جيڪري اسلامي ملڪن ۾ کيس وڏي شهرت حاصل آهي. منهنجو چاچو مرحوم محمد عثمان شورو ڳالهه ڪندو هو ته، قاري باسط کي پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو صدر ايوب سرڪاري دعوت ڏيئي گهرايو هو. جنهن دوران ڪراچي کانپوءِ حيدر آباد سنڌ به آيو هو، اتي اسان کيس روبرو ڏٺو ۽ سندس قرئت ٻڌي هئي. بهرحال اسان قاري باسط جي اهاڪيسٽ پري کان ٻڌڻ بعد دڪان تان وڃي خريد ڪئي ته، دڪاندار چوڻ لڳو ته، سائين! قاري باسط جي تلاوت ڪيل ڪيسٽن جو پورو سيٽ کڻي خريد ڪريو!، پر اسان چيو ته اها هڪڙي ڪيسٽ ئي گنج آهي!!


    مسجد خالد بن وليد جي خطيب سان ملاقات:

    مسجد خالد بن وليد جي خطيب سان ملاقات:
    اسان جي هن ڀلاري سفر جي شروعات جمعي جي سڳوري ڏينهن کان ٿي هئي. انهي ابتدائي جمعي سميت حرم شريف ۾ رهندي چوٿون جمعو آيو هو. تاريخ 18 ذوالحج 1417هه/ 25 اپريل 97ع جي چوٿين جمعي تي پورا ٻاويهه ڏينهن ٿي چڪا هئا. يارهين وڳي ڌاري نماز جمعه لاءِ تياري ڪيم. ٻيا ساٿي هيڏانهن هوڏانهن نڪري ويا هئا. باقي آئون ۽ رحيم ڏنو سمون ٻئي سنڀري نڪتاسون ته هلي ٿا حرم شريف ۾ جمع نماز ادا ڪريون.
    پر اتي پهچڻ کانپوءِ خبر پئي ته، هتي ايتري رش آهي جو اندر توڙي ٻاهر تهه خاني کان وٺي ڇت تائين حرم شريف ماڻهن سان سٿيو پيو آهي. ٻاهرئين اڱڻ سان گڏ روڊ تي به ماڻهو ويهي رهيا هئا. روڊ تي ويٺل نمازين جي صف بندي مون کي فقهي لحاظ کان صحيح نظر نه آئي ڇو ته انهن صفن جي وچان ڪافي فاصلو نظر ٿي آيو. توڙي جو نماز ادا به ٿي وڃي ها پر منهنجي دل اتي نماز پڙهڻ لاءِ آماده نه ٿي. انهي ڪري اسان واپس ورندي بازار جي هڪ وڏي جامع مسجد “خالد بن وليد رضه” ۾ نماز پڙهڻ لاءِ وڃي پهتاسون. هي تمام وڏي مسجد هئي جنهن ۾ مسجد لڳ عورتن لاءِ جدا انتظام ٿيل هو. مسجد ۾نمازين جو تعداد تمام گهڻو هو. خطيب صاحب توحيد جي عنوان تي پئي ڳالهايو ۽ انهي جا حوالا قرآن شريف جي آيتن مان ڏيئي سمجهائي رهيو هو. هتي مسجدن ۾ جمعي جي خطبن، تقريرن ۽ عام واعظن دوران اسلام جي بنيادي پنج رڪنن کان علاوه توحيد، شرڪ، سنت ۽ بدعت جا موضوع خاص طور شامل هوندا آهن.
    ائين کڻي چئجي ته انهن موضوعن کانسواءِ ٻيا موضوع هوندا ئي ناهن. سياسي، سماجي مسئلن يا سرڪار جي قاعدي قانون تي اصلاحي تنقيد ڪرڻ جي سخت بندش آهي. سعوديه جي سڀني شهرن ۾خطيبن جون جمعي تي ڪيل تقريرون رڪارڊ ڪيون وڃن ٿيون ۽ پوءِ اطلاعات کاتي جا ملازم/ آفيسر اهي تقريرون چيڪ ڪن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن به خطيب سرڪار جي گائيڊ لائين کان هٽي ڪا اهڙي ڳالهه ڪئي هوندي، جنهن سان سرڪار جي قانون، ڪردار ۽ ساک متاثر ٿيڻ جو انديشو هوندو ته، اهڙي خطيب کي سرڪاري نوڪري تان معطل ڪري کيس جيل حوالي ڪيو وڃي ٿو.
    جيڪڏهن انهي حڪومت خلاف شديد نقطه چيني ڪندي جارحانه انداز ۾ ڳالهايو هوندو ته، اهڙي کي ڪنهن خفيه جاءِ تي قيد ۾ رکي پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي ٿي، جي اهو خطيب پنهنجي ڪيل تقرير تي پڇتائي معافي نامو لکي ڏئي ٿو ته کيس ساڳي عهدي تي بحال ڪيو وڃي ٿو. مون کي مڪي شريف جي مقامي دوستن ٻڌايو ته سعوديه جي مختلف شهرن جي جيلن ۾ اڍائي سو جي لڳ ڀڳ حق گو عالم قيد آهن، جن جو عهدو مختلف مسجدن ۾ “خطابت” جو هو، پوءِ جڏهن انهن سرڪار کي حق جو ڪلمو چيو ته، اهي معطل ڪري قيد ڪيا ويا آهن. هتي مڪي جي مسجدن ۾ اذان ۽ نماز جي پنجن ئي وقتن جو ٽائم اهو ساڳيو آهي جيڪو بيت الله شريف/ مسجد الحرام ۾ اذان ۽ نماز جي ادائگي جو وقت آهي. مسجد خالد بن وليد ۾ نماز جمعه کان فارغ ٿي اسان خطيب صاحب سان هٿ ملايو. پر انهي صاحب مصافحه (هٿ ملائڻ) بعد پڇيو ته، توهان پاڪستاني آهيو؟ چيم ته هائو! بس اهو جواب ٻڌي خطيب صاحب پنهنجي حجري جو رخ ڪيو ۽ اسان ٻاهر نڪري هليا آياسين. مون پنهنجي ساٿي کي چيو ته، پاڪستان جو نالو ٻڌندي ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو الائي ڇو ٿا منهن گهنجائين! حالانڪه پاڪستان سرڪار جو شعبه اطلاعات و نشريات، دنيا وارن کي ٻڌائيندو رهي ٿو ته، “پاڪستان خالص مذهبي بنياد تي حاصل ڪيو ويو آهي ۽ اهو نه رڳو هڪ اسلامي ملڪ آهي پر ان جو مضبوط قلعو آهي.” خبر ناهي ته، سعودي باشندا پاڪستان جي انهي تعارف کان اڻ واقف ڇو آهن؟ ٿي سگهي ٿو ته، انهي جو ڪارڻ هيٺئين ريت هجي جيئن شيخ سعدي پنهنجي منظوم فارسي ڪتاب بوستان ۾ هڪ هنڌ ڪنهن زال ۽ مڙس جي هڪ دڪاندار جي باري ۾ گفتگو ذڪر ڪندي بيان ڪيو آهي ته، زال مڙس کي منٿون ڪندي چيو ته، خدا جي واسطي! ٻيهر پاڻ واري گهٽي ۾ ويٺل دڪاندار وٽان ڪڻڪ يا اٽو خريد نه ڪجان. مهرباني ڪري بازار ۾ ڪڻڪ جي واپارين کان ڪڻڪ خريد ڪري اچجانءِ. ڇو ته،
    ڪه اين جَو فروش است گندم نماءِ.
    اهو دڪاندار ڌوڪيباز آهي. ڪڻڪ ڏيکاري جَو پيو وڪڻي. اهڙي ڌوڪيباز سان ڪڏهن به ڏيتي ليتي نه ڪجي. سو ٿي سگهي ٿو ته، ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستانين جي ڪارڪردگي اهڙي هجي جيڪا شيخ سعدي مٿئين دڪاندار جي ذڪر ڪئي آهي. حالانڪه پاڪستان جي پاڙيسري ملڪن هندستان، سريلنڪا، بنگله ديش جي ڪنهن به رهاڪو تي ٻاهرين ملڪن ۾ اعتماد ڪيو وڃي ٿو پر پاڪستاني تي ڀروسو نه ٿو ڪيو وڃي!
    اسان واپسي ۾ جاءِ ڏي پئي آياسون ۽ اها مٿين ڳالهه ٻولهه هلي رهي هئي ته، منهنجي ساٿي مون کان سوال ڪيو ته، آخر ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستاني ماڻهو کي شڪي نظر سان ڇو ٿو ڏٺو وڃي؟ وراڻيم ته، جيڪي پاڪستاني ٻاهرين ملڪن وڃن ٿا سي فقط دنيا ڪمائڻ/ گڏ ڪرڻ جي غرض سان وڃن ٿا. اهي تفسير ۽ حديث پڙهڻ ته ڪونه ٿا وڃن، نه ڪو دين جي تبليغ، وعظ و هدايت ۽ اسلام پکيڙڻ جي مقصد سان وڃن ٿا. جڏهن ته دنيا آهي ئي اهڙي شئي جيڪا ٺڳي ۽ دولاب کانسواءِ گڏ نه ٿي ٿئي! هڪ روايت ۾ آهي ته الدنيا زور لايحصل الابزور (اوڪما قال ص)يعني دنيا ٺڳي ۽ دوکو آهي ۽ اها ٺڳي کانسواءِ حاصل ئي نه ٿي ٿئي. باقي حلال طريقي ۽ جائز نمونه سان پورهيو ڪرڻ ڏوهه ڪونهي، اهوته شرعي حڪم ۽ سنت نبوي آهي. حلال روزگار حاصل ڪرڻ ته ايمان جي نشاني آهي. بي ايمان ماڻهو حلال ۽ حرام جو فرق نه ڪندو، هن کي فقط پيسو کپي، پوءِ ڪهڙي به طريقي سان حاصل ٿئي. انهي ڪري جيڪي پاڪستاني ٻاهرين ملڪن ڪمائڻ جي خيال سان وڃن ٿا سي پنهنجي فريبڪاري جي فن سان خوب ڪمائن ٿا. تڏهن ته، پاڪستان کي يورپ وارن ڪرپشن ۾پوزيشن هولڊر جو بين الاقوامي سرٽيفڪيٽ ۽ لقب ڏنو آهي. بس وڌيڪ پنهنجي گلا ڪرڻ به چڱي ڪانهي. شال رب سائين پاڪستاني حضرات کي ساڃهه ڏئي. (آمين)


    الحرم لائبريري جو تعارف:

    الحرم لائبريري جو تعارف:
    27 اپريل آچر ڏينهن حافظ محمد خان سومرو ۽ مڪي شريف ۾ رهندڙ اسان جو دوست حاجي ابراهيم لاشاري مون سان گڏجي “الحرم لائبريري” ڏسڻ لاءِ هليا هئا. نه ته آئون اڪيلو روزانو انهي لائبريري ۾ سفر نامي لاءِ مواد هٿ ڪرڻ خاطر ويندو هئس. اها لائبريري پهرين حرم شريف لڳ قائم ٿيل هئي پر 1375هه ۾ حرم شريف جي توسيع سبب اتان منتقل ڪري شارع منصور تي قائم ڪئي وئي آهي. الحرم لائبريري نه رڳو سعوديه جي قديم لائبريري آهي پر دنيا جي قديم لائبريرين مان هڪ آهي. ڇو ته، انهي جو پايو عباسي خليفي مهدي هٿان سن 160هه ڌاري پيو هو.
    انهي زماني ۾ هن لائبريري ۾ فقط قرآن شريف جا نسخا حفاظت طور رکيل هئا، جن ۾ حضرت عثمان غني رضي الله عنه جو هٿ سان لکيل قرآن شريف به هيو. هن لائبريري ۾ علم و عرفان جي طالبن، مختلف موضوعن تي تحقيق ڪندڙ عالمن اديبن لاءِ مطالعه جا سڀئي اسباب ميسر آهن. تان جو عورتن ۽ ٻارن لاءِ به سندن طبعيت وٽان پسنديده مواد موجود آهي. لائبريري ۾ قلمي نسخن جو هڪ خاص شعبو آهي جنهن ۾ عربي، ترڪي، فارسي ۽ اردو جا لاتعداد قلمي نسخا محفوظ آهن. اهي قلمي نسخا چوٿين صدي هجري کان پوءِ واري دور جا آهن يعني انهن جي قدامت سن 354هه کان شروع ٿئي ٿي. لائبريري ۾ جديد دور جي لحاظ کان سڀئي سهولتون مهيا آهن ۽ڪتابن جي حفاظت لاءِ به جديد طريقا ڪم آندا وڃن ٿا. لائبريري جي ناياب ڪتابن جي ذخيري کي مائيڪرو فلم ذريعي هميشه لاءِ محفوظ ڪيو ويو آهي. انهي سلسلي ۾ چار هزار مائيڪرو فلمون تيار آهن جيڪي مطالعي ڪرڻ وارن جي گهر تي لڳائي ڏسي سگهجن ٿيون. اهڙي طرح لائبريري ۾مشهور علمي ادبي شخصيتن، علماءَ فضلاءَ جي مختلف موضوعن تي ڪيل گفتگو کي رڪارڊنگ ذريعي ڪيسٽن ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي. جن مان خاص ڪري حرم شريف ۾ خطيبن جي ڪيل تقريرن ۾ درس قرآن جي سلسلي جون چاليهه هزار ڪيسٽون آهن.
    اهڙي طرح علمي ادبي شخصيتن هن لائبريري کي پنهنجون ذاتي لائبريريون عطيه ۽ تحفه طور به ڏنيون آهن، جن جو تعداد به ٻارهن کن ٿيندو.
    انهن ذاتي لائبريرين ۾ نهايت ناياب ڪتاب ۽ تاريخي دستاويز آهن. لائبريري ۾ڪتابن جي تبادلي جو سسٽم به آهي. يعني ته ڪنهن فرد يا اداري وٽ ڪتابن جا ڪي اضافي نسخا هوندا ۽ اهو هن الحرم لائبريري کي روانو ڪندو ته موٽ ۾ الحرم لائبريري پاران هتي موجود اضافي نسخن مان مناسب ڪتاب موڪليا ويندا. هينئر جنهن ايريا ۾ لائبريري آهي اتي ڪا خاص آبادي ڪونهي. البت پرسڪون ڪشادو علائقو آهي. لائبريري ۾ بين الاقوامي ٻولين ۾ ڇپيل ڪتاب خاص ڪري مذهبي ڪتاب ايترا هئا جو اسان انهن ڪتابن ته ڇا رڳو ڪٻٽن کي به ڳڻي ڪونه پئي سگهياسين. هر موضوع تي سوين نه پر هزارين ڪتاب موجود هئا. اسلامي قانون/ فقه اسلامي جي موضوع وارن ڪتابن جا چار سيڪشن هئا. يعني فقه حنفي، فقه مالڪي، فقه حنبلي ۽ فقه شافعي. پر افسوس جو مطالعي ڪرڻ وارن جي انتهائي کوٽ هئي.


    جميعت علماءِ هند جي اجلاس جي رپورٽ:

    جميعت علماءِ هند جي اجلاس جي رپورٽ:
    حرم شريف سان لاڳاپيل مواد بابت ڪتابن جي تلاش دوران منهنجي هڪ اهڙي ڪتاب تي نظر پئي جنهن ۾ فقط اهو مواد جمع ڪري ترتيب ڏنو ويو هو جيڪو حرمين شريفين جي تقدس بابت سڏايل اجلاسن ۽ احتجاجن متعلق هو. اٺاويهه هزار ست سو ستانوي نمبر وارو اهو ڪتاب کڻي کوليم ته، ان ۾ حرم بابت مڪي شريف، نئين دهلي، لنڊن، قاهره ۽ دنيا جي ٻين ڪيترن مشهور شهرن ۾ ٿيل اجلاسن ۽ احتجاجن جون ڪارروايون ذڪر ٿيل هيون. جن به پارٽين ۽ تنظيمن طرفان اجلاس يا احتجاج ڪيا ويا هئا، تن جي ليٽر پيڊ جون فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون به ڪتاب ۾ شامل هيون. ڪتاب جا ڪجهه ورق ورائي ڏٺم ته، جميعت علماءِ هند طرفان نئين دهلي ۾ بتاريخ 8 نومبر 1987ع احتجاجي اجتماع جو تذڪرو سامهون آيون. جيئن ته منهنجي استادن حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاري (جيڪو جميعت علماءِ هند صوبه سنڌ جي ورڪنگ ڪميٽي جو ميمبر هو) ۽ مولانا عبد الڪريم لغاري (فاضل ديوبند) جو تعلق جميعت علماءِ هند سان هيو، انهي نسبت جيڪري مون جميعت علماءِ هند جي انهي احتجاجي اجتماع جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي پڙهڻ شروع ڪئي. سڄي ڪارروائي جو خلاصو عنوان مان ظاهر آهي. “جميعت علماءِ هند جو احتجاجي اجتماع ايراني شرارت جي خلاف، جيڪا ايران جي تربيت يافته فوجين طرفان مڪي شريف ۾ ڪعبت الله شريف اندر 1986ع جي حج دوران مار ڌاڙ، هل هنگامي، قتل و قتال جي صورت ۾ڪئي وئي.” چئن صفحن تي لکيل احتجاجي اجلاس جي ڪارروائي ۽ قرار دادون شامل هيون. (حواله لاءِ ڏسو: ڪتاب الندوات التي عقدت حول قدسيت الحرمين الشريفين، رقم التسلسل 28797 مڪتبت الحرم المڪي الشريف.)
    اهو ڪتاب ڏسڻ بعد مون کي اتي ياد آيو ته، اسان جي سنڌ جي مجاهد عالمن جهڙوڪ: حضرت مولانا محمد صادق ميمڻ کڏو ڪراچي، مولانا حاجي احمد ملاح بدين، مولانا عبد الحق نصرپور، مولانا محمد اسماعيل لغاري مسڻ وڏي، ٻين ناميارن عالمن، بدين جي ويجهو لنواري جي پيرن پاران قائم ڪيل جڙتو حج خلاف وڏو جهاد ڪيو هو. نه رڳو جلوس، جلسا، احتجاج ۽ مظاهرا ڪيائون پر جڙتو حج جي “پانڌيئڙن” کي روڪڻ لاءِ ميدان ۾ لهي مقابلي لاءِ ڪفن ٻڌي سر تري تي رکي تيار ٿي بيٺا هئا. ان سان گڏ عالمن انهي جڙتو حج خلاف ڪتاب، رسالا، پمفليٽ ۽ تحقيقي مقالا به لکي شايع ڪرايا هئا. اهو لنواري ڳوٺ وارو ڪوڙو حج ائين هو جيئن ڪعبي شريف جي مقابلي ۾ يمن جي عيسائي بادشاهه ابرهه شيدي پنهنجو ڪعبو ٺاهيو هو. ۽ خدا جي هن پاڪ گهر ڪعبت الله شريف کي ڊاهڻ لاءِ وڏو لشڪر ۽ هاٿي وٺي مڪي تي ڪاهي آيو هو. پر انهي بادشاهه ۽ سندس لشڪر تي، خدائي لشڪر “ابابيل” پکين جي صورت ۾ ڪڙڪيو. انهن پکين جي چهنبن ۽ چنبن ۾ ڪڪريون هيون، جيڪي ابرهه شيدي جي لشڪر ۽ سندس هاٿين مٿان ميزائلين وانگر وسائڻ شروع ڪيون.
    نتيجي ۾هاٿين جي ڀاڄ ۽ لتاڙ سبب لشڪر ائين چپجي لتاڙجي ويو هو، جيئن ڪو گاهه جانور کائي لتاڙي اولڙ ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙي طرح ڪعبي جي مقابلي ۾ڪعبو ٺاهڻ وارو ۽ هن سچي ڪعبي کي ڊاهڻ وارو ابرهه شيدي ذليل ۽ بڇڙو ٿي هميشه لاءِ دوزخ جو ٻارڻ بڻيو. سنڌ جي مجاهد عالمن ابابيل وانگر پنهنجي همت ۽ جرئت سان ڪوڙي حج کي ٻنجو ڏيئي ڇڏيو. اڃا تائين انهي ايريا تي ڪورٽ پاران ڪُلف چڙهيل آهن. انهن اڳين عالمن کانپوءِ وارن لوئر سنڌ جي عالمن خاص ڪري سجاول، بدين، ٺٽو، حيدر آباد ۽ڪراچي جي عالمن ۽ ديني مدرسن جي شاگردن به انهي ڪوڙي حج جي ٻيهر شروع ڪرڻ خلاف جدوجهد ڪئي.
    سنڌ جي عالمن لنواري جي ڪوڙي حج خلاف هڪ مستقل ديني جماعت “مجلس تحفظ حرمت حج” جو بنياد وجهي انهي سلسلي ۾ لڳاتار ڪوششون ۽ سرگرميون جاري رکيون، جيڪي اڄ تائين قائم آهن.
    ڪاش! انهن بزرگن جي شعائر اسلام خاص ڪري حج جي تقدس جي سلسلي ۾ ڪيل ڪوششن بابت لٽريچر، مڪي شريف جي هن الحرم لائبريري ۾ موجود هجي ها ته، عرب دنيا جا اهل علم، سنڌ جي مجاهد عالمن پاران شعائر اسلام جي تحفظ ۾ ڪيل سرگرمين کان واقف ٿي سگهن ها! جيڪڏهن اڃا به اهڙي ڪوشش ڪري اهو مواد هن لائبريري ۾ جمع ڪرايو وڃي ته اهو اهم دستاويزي مواد هميشه لاءِ محفوظ ٿي ويندو. البت ايترو ضرور ڪرڻو پوندو جو انهي مواد جو عربي ۾ ترجمو ڪري اماڻيو ويندو، جيئن جميعت علماءِ هند وارن پنهنجي احتجاجي اجتماع جي ڪارروائي ۽ قرار دادن جو عربي ترجمو ڪري هن لائبريري ڏي موڪليو هو.
    سنڌ ۾ عربي ٻولي تي عبور رکندڙ اهڙا ماهر عالم اديب هنڌين ماڳين موجود آهن جيڪي اها خدمت سر انجام ڏيئي سگهن ٿا. مثال طور مولانا حافظ غلام مصطفيٰ راڄپر عربڪ ليڪچرار گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو، جناب مولانا ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو (فرزند ارجمند حضرت مولانا محمد قاسم سومرو مالڪ قاسميه لائبريري) ڪنڊيارو ۽ مولانا عبد الله کوسو(ڳوٺ دوست محمد کوسو گپچاڻي) ليڪچرار گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شهداد پور ضلع سانگهڙ.
    روزانو معمول مطابق حرم شريف جي باب فهد ٻاهران سامهون سرڪاري بسن جي اسٽاپ تان ٽڪيٽ گهر مان 2 ريال ٽڪيٽ وٺي بس ۾ ويهندو هوس ۽ اڌ ڪلاڪ کن ۾ لائبيري تائين پهچي ويندو هوس. لائبريري ۾ ملازمن کانسواءِ ڪو ورلي ماڻهو مطالعه ڪرڻ لاءِ ايندو هو. لائبريري جو ٽائيم صبح 8 وڳي کان 2 وڳي تائين هوندو هو، وچ ۾ اڳين نماز لاءِ وقفو ٿيندو هو ته، سڀئي ملازم ۽ آفيسر گڏجي لائبريري واري مين گيٽ کان اندر هال ۾ گلم وڇائي نماز باجماعت پڙهندا هئا. جڏهن نماز جي ادائگي ۾ فقط پنج منٽ باقي هوندا هئا ته هڪ ملازم منهنجي ويجهو اچي ”الصلواه! الصواه! ! (نماز! نماز! !) چئي هليو ويندو هو ۽ آئون لکڻ ڇڏي وڃي وضو ڪندو هئس ۽ نماز باجماعت ۾شامل ٿيندو هئس. اهڙي طرح لائبريري ٽائيم ختم ٿيڻ کان پنج منٽ اڳ ۾ هڪ ملازم اچي آگاهه ڪندو هو ته “لائبريري جو وقت ختم ٿي ويو آهي” پوءِ آئون پنهنجا ڪاغذ قلم سميٽي ٻاهر نڪري هليو ايندو هئس، جيڪڏهن ڪا بس ملندي هئي ته ٺيڪ نه ته، پيدل اچي حرم شريف ۾ دم پٽيندو هوس.


    الحرم لائبريري ۾ عربن سان ڪچهري:

    الحرم لائبريري ۾ عربن سان ڪچهري:
    هڪ ڀيري حرم شريف جي تاريخ ۽ مقامات مقدسه بابت گهربل ڪتابن جو ڍير ميز تي رکي نوٽ پئي ڪيم ته منهنجي ٽيبل کان ٻه ٽي ميزون ڇڏي ڪجهه فاصلي تي هڪ عرب شيخ ڪو تحقيقي ڪم ڪري رهيو هو. آڏي اک سان ڏٺم ته، اهو عرب شيخ گهڙي گهڙي مون ڏي نهاري رهيو هو.
    سوچيم ته شايد ڪجهه ڳالهائڻ چاهي ٿو. انهي ڪري مون لکڻ جو ڪم روڪي انهي عرب شيخ ڏي مڙي نظر ڪئي ته، السلام عليڪم و رحمت الله چئي ڪرسي تان اٿيو ته آئون به ڪرسي ڇڏي ساڻس ملڻ لاءِ ٻه وکون وڌائي ويجهو ٿيس. ڀاڪر پائي ملياسين. پڇڻ لڳو ته توهان جي قوميت ڇا آهي؟ چيم ته، آئون سنڌي پاڪستاني آهيان. تنهن تي حيرت مان پڇيائين ته سنڌي پاڪستاني؟
    عام طور پاڪستان جا باشندا فقط پاڪستاني سڏائن ٿا! مون چيو ته، اهي سنڌ جا اصلي رهاڪو نه هوندا. پاڪستاني پيدائش هوندا. انهي ڪري پاڪستاني سڏائن ٿا.
    پنهنجي جواب جي وڌيڪ وضاحت ڪندي چيم ته، شيخ صاحب! توهان منهنجي وراڻي تي عجب پيا ڪريو!! ڇا توهان سنڌ ملڪ ۽ سنڌ واسين جي باري ۾ نه پڙهيو آهي؟ سنڌي عالمن، مفسرن ۽ محدثن فقيهن جي ديني علوم ۾ تصنيفي، تحقيقي ۽ تدريسي خدمتن کان ته پوري اسلامي دنيا واقف آهي! ! سنڌ جي عالمن جهڙوڪ :مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم ابوالحسن ٺٽوي ۽ ٻين جون تصنيفون ته مصر جي بين الاقوامي يونيورسٽي جامعت الازهر وٽ به مڃيل آهن. خود توهان سعودي باشندن تي به هڪ سنڌي قبيلي چاچڙ جي مخدوم شيخ محمد حيات (محدث) سنڌي جا ٿورا آهن، جو هُن سندس شاگرد شيخ محمد بن عبد الوهاب کي شرڪ ۽ بدعت خلاف جهاد ڪرڻ لاءِ ترغيب ڏني هئي. جنهن کانپوءِ شيخ عبدالوهاب حجاز ۾ شرڪ ۽ بدعت جي پاڙ پٽڻ لاءِ مجاهدن جي هڪ جماعت ٺاهي جهاد ڪري شرڪ ۽ بدعت جا اڏا، مزارون مقبرا، درگاهون ۽ قبا وغيره ڊاهي، مجاورن ۽ پيري مريدي جي سلسلي کي ختم ڪيو.
    انهي تحريڪ جي ڪاميابي تي سعود خاندان جي حڪومت قائم ٿي. عرب شيخ مڃڻ لڳو ته، واقعي سچ ٿو چوين.
    چيو مانس ته، مون پنهنجي قوميت جي تعارف ۾ سنڌي پاڪستاني هن ڪري ٻڌايو هو ته، اسان جو خاندان هزارين سالن کان سنڌ ملڪ ۾ رهڻ ڪري سنڌي سڏجي ٿو. البت وقت جي ڦيرن سبب پنجاهه سالن کان اها آزاد سنڌ، عيسائي سامراج ۽ برطانوي انگريز جي بر صغير مان وڃڻ ۽ قبضو ڇڏڻ کانپوءِ هندستان جي ورهاڱي ٿيڻ تي پاڪستان جي نالي سان ٺاهيل رياست جو هڪ حصو (صوبو) بنيل آهي. انهي ڪري اسان پهرين سنڌي ۽ پوءِ پاڪستاني آهيون. تعليم ۽ ڌنڌي بابت پڇيائين ته ان بابت ٻڌائيندي کيس عرض ڪيم ته، سائين! پنهنجو به تعارف ڪرايو؟ جواب ۾ چيائين ته، آئون مڪي شريف جي يونيورسٽي جامعه ام القريٰ ۾ پروفيسر آهيان، هينئر يونيورسٽي جي عربڪ لينگوئج ڊپارٽمينٽ (شعبه عربي ادب) ۾ ڊائريڪٽر جي عهدي تي آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن اهم موضوع تي تحقيق ۽ مطالعه ڪرڻ خاطر هن لائبريري ۾ اچڻ ٿئي ٿو. پڇيائين ته ڪهڙو ڪم پيو ڪرين؟ چيم ته، حرم شريف ۽ مڪي شريف جي مقامات مقدسه بابت معلوماتي مواد پيو گڏ ڪريان، ته جيئن مجوزه سفرنامي لاءِ گهربل مواد جو پورائو ٿي سگهي. وڌيڪ پڇيائين ته، توهان اسڪول جي ڊيوٽي کانپوءِ ڇا ڪندا آهيو؟ وراڻيم ته، اهو ئي ڪتاب، ڪاغذ ۽ قلم. بس لکڻ پڙهڻ سان پاڻ کي وندرايو ويٺا آهيون توڙي جو نه ته لکڻ ڄاڻون نه ڪي پڙهڻ، پر پوءِ به مشغلو مڙئي اهو آهي. سواليه انداز ۾ چيم ته، اسان حج ادا ڪرڻ آيا هئاسون، سو ته خدا جي مهرباني سان ادا ٿيو، پر هتي (مڪي شريف ۾) ڪو اهڙو ماڻهو ڪونه ٿو ملي جنهن سان ڪا ادبي رهاڻ ڪري روح ريجهايون. تنهن تي انهي پروفيسر صاحب چيو ته، هن لائبريري جو انچارج لائبريرين بهترين اديب ۽ شاعر آهي. جيڪڏهن اوهان چاهيو ته، هلي ساڻس ڪجهه وقت ڪچهري ڪريون. مون هائوڪار ڪندي پروفيسر صاحب کي اصرار ڪيو ته، اوهان گڏ هلندا ته ڏاڍو بهتر ٿيندو. بس پوءِ اسان گڏجي سڌو انهي لائبريرين جي آفيس ڏي وياسين. لائبريرين وٽ ٻيا به ڪي عرب شيخ ويٺل هئا اهي ته پروفيسر کي سڃاڻندا هئا، پر آئون انهن لاءِ اوپرو ۽ اجنبي هئس. انهي ڪري پروفيسر انهن سان اڳواٽ منهنجو تعارف ڪرايو ته لائبريرين خوش مرحبا ڪري مون کي ويهڻ لاءِ چيو ۽ خادم کي کاڌي پيتي لاءِ ڪجهه آڻڻ جو اشارو ڪيو. جنهن ڪجهه بوتلون، بسڪيٽ ۽ قهوه (ڪافي) وغيره آڻي حاضر ڪيا. هر ڪنهن پنهنجي پسند مطابق کاڌو پيتو. فارغ ٿيڻ تي مون لائبريرين ڏانهن متوجه ٿي عرض ڪيو ته، مون کي پروفيسر صاحب ٻڌايو آهي ته، توهان جو ادب سان گهرو تعلق آهي. انهي نسبت سان توهان کي روشن خيال اديب سمجهي گهڙي کن تبادله خيال ڪرڻ خاطر توهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيا آهيون. هن شڪريه بجا آوري ڪندي چيو ته، پاڪستاني ماڻهو هن لائبريري ۾گهٽ ايندا آهن. چيم ته، شايد انهن جو ڪتابن ۽ لکڻ پڙهڻ سان تعلق نه هوندو. اهي فقط ڌنڌي واپار وارا هوندا. لائبريري ۾ اچڻ، ڪتاب مطالعه ڪرڻ کي وقت جو زيان سمجهندا هوندا. هتي لائبريري ۾ علم ادب ته حاصل ٿيندو پر مال ملڪيت پيسو ڏوڪڙ هٿ نه ايندو. باقي اسان ته بقول حضرت علي رضي الله عنه،
    (1 ) رضينا قسمت الجبار فينا
    لنا علم و للجهال مال
    (2 ) فان المال يفنيٰ عن قريب،
    و ان العلم باق لايزال.
    (يعني ته: اسان خدا تعاليٰ جي ورهاست تي راضي آهيون، جو اسان کي علم نصيب ڪيائين ۽ جاهلن کي مال ملڪيت ڏنائين. مال ملڪيت اهڙي شئي آهي جا سگهو ئي کاڄي کپي فنا ٿي ويندي پر علم هميشه باقي رهڻ واري شئي آهي.)
    هن ڪري ته، اهو علم خدا جي صفت آهي، جيئن خدا جي ذات هميشه زنده قائم رهندي، تيئن اهو علم به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ قائم رهندو. باقي مال ته، خدا جي صفت ڪانهي. اها ته ايندڙ ويندڙ شئي آهي. لائبريرين سنجيدگي سان ٻڌندو رهيو. ڪچهري دوران ڪجهه ڳالهيون علم، ادب، تعليمي نصاب وغيره بابت به ٿيون.
    مون لائبريرين کان اجازت گهري ته، اسان آزاد ذهن جا ماڻهو آهيون، جيڪڏهن ڪچهري ۾ گفتگو هلندي مون کان ڪا اهڙي ڳالهه ٿئي جيڪا توهان جي رنجش جو ڪارڻ بنجي ته، مون کي معاف ڪجو ۽ در گذر ڪجو. لائبريرين کلندي چيو ته، اسان جي دل ڪشادي آهي، اسان تنگ نظر ناهيون، توهان کلي طرح ڪابه ڳالهه چئي يا پڇي سگهو ٿا. عرض ڪيم ته، سعودي حڪومت کي اسلامي حڪومت سڏيو وڃي ٿو. حالانڪ انهي کي مسلمانن جي حڪومت چئي سگهجي ٿو، مگر اسلامي حڪومت نه ٿو چئي سگهجي! تنهن تي لائبريرين ڪجهه برهمي (ناراضگي) جو اظهار ڪندي چوڻ لڳو ته،“تنهنجي چوڻ جو مطلب ڇا آهي؟” چيم ته، توهان قرآن شريف پڙهيو آهي؟ وراڻيائين ته قرآن شريف اسان کي بر زبان ياد آهي. مون چيو ته قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ لڳ ڀڳ ستٽيهه (37) يا پنجٽيهه سورتن ۾ مختلف جاين تي جليل القدر پيغمبر حضرت موسيٰ عليه السلام جو ذڪر ڪٿي تفصيل ۽ ڪٿي مختصر بيان ڪيو آهي. حضرت موسيٰ جي قصي ۾ ايندو آهي ته، حضرت موسيٰ ٽن طاغوتي طاقتن سان مقابلو ڪيو. اهي ٽيئي طاقتون انسانيت کي غلام بنائي انهي جي جمله حقن جو استحصال ڪن ٿيون. اهي ٽي طاقتون شهنشاهيت، سرمائيداري ۽ جاگيرداري آهن، جن جو قرآن شريف فرعون، هامان ۽ قارون جي نالن سان تعارف ڪرائي ٿو. موسيٰ عليه السلام پنهنجي قوم بني اسرائيل کي متحد ڪري چاليهه سالن تائين صبر ۽ ثابت قدمي سان مقابلو ڪندو رهيو. انهي وچ ۾ اهي طاغوتي طاقتون موسيٰ عليه السلام جي قوم جي معصومن کان وٺي نوجوانن تائين قتلام ڪنديون رهيون. ڏاڍن هٿان ڪمزورن جو ڪوس هلندو رهيو. حضرت موسيٰ پنهنجي قوم کي همت ۽ حوصله جي تلقين ڪندو، توڪل بر خدا جي تاڪيد ۽ ڪاميابي جون خوشخبريون ڏيندو شيطاني قوتن سان جهاد جاري رکندو آيو. بي سرو ساماني غربت ۽ ڪسمپرسي واري حالت جي باوجود خدائي مدد سان حضرت موسيٰ عليه السلام جي فتح ٿي ۽ شهنشاهيت، سرمائيداري ۽ جاگيرداري هميشه لاءِ غرق ٿي تباهه ٿي و يون. 6 لک سٺ هزار ڪمزور بني اسرائيل جي جماعت کي، ٻارهن لک مسلح جابرن ۽ ڏاڍن جي جماعت تي سوڀ حاصل ٿي.
    موسيٰ عليه السلام جي انهي قصي بيان ڪرڻ سان اشارتاً الله تعاليٰ حضور اڪرمﷺ کي تسلي ڏيڻ گهري ٿو ته، پيارا پيغمبر ﷺ تنهنجو مقابلو به ٽن طاغوتي طاقتن سان آهي. مڪي جا قريش سرمائيدار، مديني جا يهودي جاگيردار، روم ۽ فارس جون شهنشاهيتون تنهنجي مقابلي ۾ برسر پيڪار آهن. جيئن حضرت موسيٰ عليه السلام جي انهن شيطاني قوتن جي مقابلي ۾ فتح ۽ ڪاميابي ٿي هئي، تيئن تنهنجي به فتح ٿيندي. تون غمگين نه ٿي، پر صبر ۽ ثابت قدمي سان، حوصلي ۽ حڪمت عملي سان مقابلو ڪندو رهه. يقيناً توکي سوڀ ٿيندي. مون الله جي غيبي مدد توسان شامل آهي. وحي جي ذريعي پيغمبر ڪريم ﷺ کي اهڙيون خوشخبريون ملنديون رهيون مثال طور: انا فتحنا لڪ فتحاً مبينا. اسان توکي پڌري سوڀ عطا ڪري، تنهنجي مقدر ۾ فتح لکي ڇڏي آهي. انا اعطينا ڪ الڪوثر اسان توکي روحاني توڙي مادي قوتون ۽ جمله نعمتون نصيب ڪيون آهن. ورفعنا لڪ ذڪرڪ. انسانن مان ڪوبه تنهنجي شان جي بلندي تائين پهچڻ وارو ڪونه آهي. انسانيت جي عظمتن جي انتها تنهنجي ذات گرامي تي دنگ ٿي وئي، ڇو ته انڪ لعليٰ خلق عظيم. علاوه ازين ٻيون به ڪيتريون ئي آيتون آهن. لائبريرين منهنجي ڳالهه ٻڌندو رهيو پر سندس چهرو بلڪل بدلجي چڪو هو ۽ آئون پنهنجي ڳالهه ڪندو پئي ويس. آخر ۾ چيم ته، هاڻي ٻڌايو ته، جيڪڏهن شهنشاهيت، اسلام جي اصولن جي مخالف نه هجي ها ته، وقت جا پيغمبر انهي نظام جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڇو ڪن ها؟ ۽ نه ڪي الله تعاليٰ پيغمبرن کي اهڙي جدوجهد جو حڪم ڪري ها! ۽ نه وري انهن پيغمبرن جي اهڙي جدوجهد جو ذڪر قرآن شريف جهڙي وحي الاهي ۾ ڪيو وڃي ها! انهي مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته، انسانيت جي ڪاميابي، فلاح ۽ ڪامراني شهنشاهي نظام ۾ ناهي، بلڪه انهي لاءِ ته، قرآن شريف “شورائي نظام” قائم ڪرڻ جو خود حضور اڪرمﷺ کي حڪم فرمايو ته، “و شاور هم في الامر” يعني احڪامات الاهي کي نافذ ڪرڻ (شرعي نظام هلائڻ) لاءِ پنهنجي ساٿين سان مشورو ڪندو رهه.
    شورائي نظام جا بنيادي اصول خود حضور اڪرمﷺ جن جا مقرر ڪيل آهن. جن کي اڳتي هلي عملي نمونه سان خلافت راشده ذريعي رائج ڪيو ويو. منهنجي انهي ڊگهي گفتگو کان پوءِ لائبريرين ڪاوڙ ۾ خفا ٿي چيو ته، “ذهبت الي الطول البعيد لم نڪ من المرافقين معڪ اليٰ مسعيٰ ڪ الفڪري” يعني تون تمام پري نڪري ويو آهين، وڏي کانجاڻ ۾ وڃي پيو آهين، اسان تنهنجي انهي فڪري مسلڪ سان گڏ تنهنجو ساٿ ڏيئي نه ٿا سگهون. يعني ته تنهنجي خيالن سان ڪنهن به صورت ۾متفق ناهيون. تون ڄاڻ تنهنجو فڪر ڄاڻي. انهي گفتگو ڪچهري کي بنهه بي مزه بنائي ڇڏيو هو. شايد منهنجي بيوقوفي هئي جو مون هڪ بي موقعه ڳالهه ڪري اجايو عرب سڳورن کي ناراض ڪيو. پر پوءِ به پنهنجي پاڻ کي تسلي ڏنم ته، تو جيڪا ڳالهه چئي سا حق هئي. لطيف سائين جي چواڻي ته،
    واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.
    منهنجي ماٺ ڪرڻ تي خاموشي ٿي وئي ۽ لائبريرين جي آخري چند جملن کان پوءِ منهنجي ڀر ۾ ويٺل پروفيسر صاحب مون کي مخاطب ٿي چيو ته، توهان سمجهو ٿا ته، هي پاڪستان آهي جو ايترو آزادي سان ويٺا ڳالهايو! ميان! ! هي سعودي حڪومت آهي!، جيڪڏهن تون اسان جي ادبي لڏي مان نه هجين ها ته ايتري ڳالهائڻ تي هيستائين گرفتار ٿي وڃين ها! ! آئنده هتي (سعوديه ۾)رهندي اهڙي گفتگو نه ڪجان. اسان ته ڪشاده دلي جيڪري توکي بخش ٿا ڪريون، پر جي لائبريري کان ٻاهر هجين ها ته هينئر جيل جي حوالي ٿي وڃين ها! ! بس مجلس جو ماحول کٽو ڏسي اجازت وٺي مطالعه واري ميز سنڀالي اچي ڪرسي تي ويٺس ۽ پنهنجو ڪم ڪرڻ لڳس. انهي ڪچهري کان پوءِ به لائبريري ۾ وڃڻ ٿيندو هو پر عرب سڳورن مان ڪوبه سلام جو جواب ڪونه ڏيندو هو، آئون خاموشي سان پنهنجي لکپڙهه جو ڪم ڪري هليو ويندو هوس.


    حاجي ابراهيم طرفان ڪيل مهماني:

    حاجي ابراهيم طرفان ڪيل مهماني:
    هڪ ڀيري مڪي شريف ۾رهندڙ اسان جي دوست حاجي ابراهيم لاشاري، اسان سڀني ساٿين جي مهماني ڪئي هئي، جنهن ۾ سائين محمد خان سومرو به شريڪ هو. حاجي صاحب جي پر تڪلف دعوت ۾ ڪيترائي طعام هئا، جيڪي هو گهران تيار ڪرائي گاڏي تي کڻي آيو هو ۽ اسان جي جاءِ تي آڻي حاضر ڪيا هئائين. اسان ٻهراڙي جا ماڻهو دال بصر، رکي سکي تي گذارو ڪرڻ وارا اهڙن کاڌن جو تصور به نه ٿا ڪري سگهون. الله تعاليٰ حاجي صاحب جي رزق روزي ۽ اهل اولاد ۾ برڪت عطا فرمائي، ۽ اسان کي پنهنجي ڪشادي رزق مان حلال روزي جو حصو نصيب فرمائي، هر قسم جي مالي مشڪلات ۽ محتاجي کان پناهه ۾ رکي (آمين).


    عبد الغني سومري کي منهنجو مشورو:

    عبد الغني سومري کي منهنجو مشورو:
    اسان جي هڪ ساٿي رئيس عبد الغني سومرو کي گهڻن عمرن ادا ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هو. بار بار اچي مون کي چوندو هو ته، آئون عمرو ڪرڻ وڃان ٿو، توهان به هلو. مون کيس چيو ته، مڪي شريف ۾ رهندي ۽ بيت الله شريف جي پنجوقتي نماز واري حاضري نصيب ٿيڻ تي بهتر آهي ته، اسان نماز، تلاوت ذڪر وغيره کانپوءِ باقي بچت وقت ۾ طواف ڪريون.
    ڇو ته طواف به اهم عبادت آهي جنهن لاءِ قرآن شريف صيغه امر ۾ فرمايو آهي ته، و ليطوفوا بالبيت العتيق يعني ته، انهن کي کپي ته، خدا جي قديم پاڪ گهر جو طواف ڪن. عمرو به وڏي فضيلت واري عبادت آهي پر ان جو درجو سنت وارو آهي. اگرچه قرآن شريف ۾ طواف لاءِ امر استحبابي آيو آهي پر انهي مان طواف جي اهميت وڌيڪ ثابت ٿئي ٿي. البت مڪي شريف کان ٻاهر جي ماڻهن لاءِ جيڪي حجاز جي علائقي يا ان کان به ٻاهرين ملڪن جا آهن ته انهن لاءِ هي حڪم آهي ته حج جي مقرر ڏينهن ۾ حج ادا ڪن، پر جي حج جا ڏينهن نه هجن ته پوءِ عمرو ادا ڪن ۽ اهو عمرو به هڪ ڀيرو ادا ڪرڻ سان سنت ادا ٿي وڃي ٿي. بار بار عمرو ڪرڻ سنت ناهي بلڪه ان جي حيثيت نفل واري ٿيندي. اسان جي شاهوڪارن جو هر سال عمري تي وڃڻ به نفل جي حيثيت رکي ٿو. جڏهن ته انهي کان وڌيڪ بهتر هي آهي ته، پاڙي جي يتيمن، بيواهن، محتاجن، لاچارن، مسڪينن ۽ ڪنگالن جي سار سنڀال ڪرڻ کپي. پر ڏٺو ويو آهي ته عام شاهوڪارن جو انهي پاسي ڌيان بلڪل گهٽ آهي حالانڪه بقول رومي ته،
    دل بدست آ ورڪه حج اڪبر است
    از هزاران ڪعبه يڪ دل بهتر است
    ڪعبه تعمير خليل آذر است
    او گذر گاهه جليل اڪبر است.
    يعني ته ڏکاري ۽ ستايل دل خوش ڪندين ته حج اڪبر جو درجو ملندئي اهڙي ريت هڪ دل خوش ڪرڻ هزارين ڪعبن جي زيارت کان بهتر آهي. ڇو ته سکڻا حج ۽ عمرا ڪرڻ ڪابه اهميت نه ٿا رکن. ڪعبو ته حضرت ابراهيم جي تعمير جو يادگار آهي باقي دل سا ته، خدا وند اڪبر جو گذر گاهه/ ٺڪاڻو آهي.
    اسان جي ساٿي عبد الغني سومري عمرا ادا ڪري پنهنجي حسرت پوري ڪئي. اسان کيس چيو ته چڱو ڪيئي. باقي اسان عمرن واري ڀر مار وارو خيال ذهن ۾ نه آندو. ممڪن آهي ته گهڻن عمرن ڪرڻ واري روايت يا ڪنهن اصحابي جو عمل هجي، پر منهنجي نظر مان اهڙي ڪابه روايت نه گذري آهي والله اعلم بالصواب.


    عمرو ڪندڙ ۽ سندن مٿو ڪوڙائڻ:

    عمرو ڪندڙ ۽ سندن مٿو ڪوڙائڻ:
    اسان ڪيترا اهڙا حاجي سڳورا ڏٺا هئا جيڪي عمري تي عمرو ڪري رهيا هئا ۽ اهي ماڻهو عمرو ڪندي جڏهن طواف ۽ سعي کان فارغ ٿيندا هئا ته، مٿي جي وارن جو چار حصا اندازو ڪري هر عمري تي هڪ حصو ڪوڙائيندا هئا اهڙي طرح جو چار عمرا ڪرڻ تي سندن پوري مٿي جا وار ڪوڙجي ويندا هئا. حالانڪ عمره لاءِ مٿي ڪوڙائڻ (حلق) جو اهو طريقو بلڪل غير شرعي آهي. ڇو ته حلق ۾ اهو ضروري آهي ته پوري مٿي جا وار ڪوڙايا وڃن. اهڙي طرح مرد لاءِ وار ڪٽائڻ (قصر) ۾ به پوري مٿي جا وار ڪٽائي ننڍا ڪرائڻا آهن. باقي عورتون پنهنجي چڳن مان هڪ هنڌان چئن آڱرين جي ماپ جيترا وار ڪٽائينديون. انهن عورتن لاءِ مٿي ڪوڙائڻ جو حڪم ڪونهي.
    مون هڪ اهڙي حاجي سڳوري کي سمجهايو به هو جنهن مٿي جو چوٿون حصو ڪوڙايو هو. پڇيو مانس ته، مٿي ڪوڙائڻ جو اهو طريقو اوهان کي ڪنهن ڏسيو آهي؟ ته چوڻ لڳو ته، ماڻهو ائين پيا ڪن. چيو مانس ته، الله جا ٻانها! مذهب ماڻهن جي رويه/ پسند جو نالو ناهي! مذهب اسلام ته الله ۽ ان جي رسولﷺ جي حڪم جو نالو آهي!! خدا جي رسول ﷺ اهڙو حڪم نه ڪيو آهي ته، حج يا عمرو ڪرڻ تي مٿي جا وار فقط چوٿون حصو ڪوڙايو!! انهيڪري عام ماڻهن کي ڏسي ائين نه ڪريو، بلڪه پهرين تحقيق ڪريو ۽ ان کان پوءِ عمل ڪريو.
    منهنجي هڪ ساٿي مڪي جي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ زور دار گرمي جي شڪايت ڪئي ته، کيس آٿت ڏيندي چيم ته، ميان! هتي جي گرمي تي صبر ڪندين ته، آخرت ۾ قيامت واري ڏينهن جي گرمي کان الله تعاليٰ امن ۾ رکندئي! هن ڀلاري سفر ۾ آيل تڪليفن تي صبر ڪرڻ سان، آخرت جي سفر ۾ آساني ٿيندي. شال رب سائين اسان سڀني کي زندگي جي هر مرحلي ۾ صبر ۽ شڪر جي توفيق بخشي. (آمين).


    ڳوٺان آيل خط:

    ڳوٺان آيل خط:
    29 اپريل اڱاري جي شام وچين نماز پڙهي، محله مِسفله جي قصر نسيم ويس ته، ڳوٺان آيل ٻه خط مليم. هڪ منهنجي ڀاءُ مسٽر عبيد الله شوري ۽ ٻيو محترم دوست مولانا محمد عثمان جتوئي نصرپوري جو هو. برادرم عبيد الله گهر ڀاتين جي سخت پريشاني ۽ والد ماجد (مولانا عبد الرحمان شوري) جي حزن و ملال جو ذڪر ڪيو، جيڪو کين منيٰ ۾ باهه واري واقعي جي خبر ٻڌڻ بعد منهنجي باري ۾ ٿيو هو. باقي مولانا محمد عثمان جتوئي صاحب خصوصي دعائن ۾ياد ڪرڻ لاءِ لکيوهو. مون پوسٽ آفيس وڃي لفافا ورتا ۽ خطن جا جواب لکي روانا ڪيم. رات جو فارغ ٿي سڀني جي خير سلامتي، امن عافيت لاءِ دعائون گهريم.


    حضرت عبد الله بن عمر جي قبر تي پهرين حاضري:

    حضرت عبد الله بن عمر جي قبر تي پهرين حاضري:
    خميس 1_ مئي جي شام ساڍي ٽي وڳي ڌاري آئون ۽ جاويد هزاروي ڪنهن دوست جي ڏس ڏيڻ تي، حضرت فاروق اعظم جي وڏي فرزند حضرت عبد الله بن عمر (رضي الله عنهما) جي قبر جي زيارت لاءِ محله حي الشهدا ڏي روانا ٿياسين. اهو شهدا وارو پاڙو حرم شريف کان اتر اولهه ڪنڊ تي تقريباً اڍائي ٽي ميل پري آهي. انهي پاسي وڃڻ لاءِ آسان رستو هي آهي ته، شارع جبل ڪعبه کان اڳتي نڪري اولهه اتر ڪنڊ وٺبي ته اڳيان شارع حسان بن ثابت اچي ٿو. شارع حسان بن ثابت وڏو ڪشادو ۽ ون وي وارو روڊ آهي، جيڪو اڳتي مديني شريف ڏي هليو وڃي ٿو. انهي شارع حسان بن ثابت سان شهدا وارو پاڙو ويجهو لڳي ٿو. اسان پنهنجي محله وارو روڊ وٺي شارع حسان بن ثابت وٽ پهتاسين. سخت گرمي ۽ لڪ لڳي رهي هئي. جيڪڏهن روڊن ڀرسان بوتلن سان ڀريل سرڪاري ڪولر لڳل نه هجن ها ته اسان جي حالت ڏاڍي تنگ ٿئي ها. پر هنڌين ماڳين روڊن جي ڪنارن سان لڳل انهن ڪولرن جي خاني ۾ هڪ ريال جو نوٽ وجهي بٽڻ دٻائڻ سان ڪولر جي آخري هيٺئين خاني ۾ بوتل ڪري ٿي پئي ۽ اسان اها بوتل پي وري اڳتي وڌندا ٿي رهياسين. اهڙي طرح ڪافي بوتلون پيئندا آخر وڃي منزل تي پهتاسين. واٽ تي شارع حسان بن ثابت سان لڳ سرڪاري هاءِ اسڪول، شاهه عبد العزيز اسپتال ۽ ڪي ٻيون سرڪاري جايون، فن فيئر، فن لينڊ ۽ تفريحي جايون پارڪ وغيره ڏسندا وياسين. آخر ۾ هڪ وڏو گيريج ۽ سوئي گيس ڀري ڏيڻ جو دڪان نظر آيو ته، شارع حسان بن ثابت ڇڏي اولهه واري پاسي هليا وياسون. ٻڌايل ڏس مطابق اسان هڪ وڏو ٿلهو ڏٺو جتي 6 ست قبرون قطار ۾ هيون. جن لاءِ اتي جي ماڻهن جو چوڻ هو ته، اهي شهيدن جون قبرون آهن. پر اها تصديق نه ڪيائون ته، ڪهڙي موقعي تي شهيد ٿيا هئا ۽ انهن جا نالا ڪهڙا آهن؟ حالانڪه واپسي ۾ اچي لائبريري ۾ڪتاب کولي تحقيق ڪيم ته، مونکي ان جي ابتڙ نظر آيو ته اهي قبرون مهاجر اصحابن جون آهن ۽ اهو “مهاجرن جو قبرستان” سڏبو هو. (والله اعلم) اسان انهن ڀلارن جي قبرن پيراندي بيهي فاتحه خواني ڪري دعا ڪئي. انهن قبرن جي اولهه پاسي هڪ گهٽي آهي ۽ گهٽي جي لڳ پٿرن جي ڊگهي ديوار آهي.
    اسان کي ٻڌايو ويو هو ته، انهي پٿرن واري ديوار اندر حضرت عبد الله بن عمر فاروق رضه جي قبر ۽ سندس هٿن جو ٺهيل گهر آهي. اسان انهي ديوار سان لڳ گهٽي وٺي اتر طرف وڌياسين ته اتي پاڙي ڏي ويندڙ ننڍو پڪو روڊ نظر آيو جيڪو اولهه اوڀر هيو. اهو روڊ وٺي اولهه طرف چند قدم وڌاياسين ته انهي پٿرن جي ديوار جي دنگ تي هڪ وڏو گيٽ نظر آيو ۽ انهي پٿرن جي ديوار جي دنگ تي هڪ تختي لڳل هئي جنهن تي شارع عبد الله بن عمر لکيل هو. اسان کي ٻڌايو ويو هو ته، انهي مين گيٽ اندر جيڪا پنج ماڙ بلڊنگ نظر ايندي سا حضرت عبد الله بن عمر جي خاندان جي رهائشي بلڊنگ آهي. اسان دل ۾ خيال ڪيو ته، حضرت عبد الله بن عمر جي قبر ۽ سندس هٿن سان ٺاهيل گهر جي زيارت کان پهرين سندس خاندان جي موجوده ڪنهن فرد سان ملاقات ڪجي ته بهتر، پر خاندان جي ڪنهن به فرد جي نالي جي نه ته خبر هئي، نه ڪي اڳ ۾ انهن سان ڪو تعارف هو. بس توڪل علي الله انهي مين گيٽ مان اندر داخل ٿياسين ته، اهو گيٽ ٻاهرين ڪمپائونڊ وال/ ديوار جو هو ۽ اندر داخل ٿيڻ سان بلڊنگ جي دروازي تي لڳل گهنٽي جي بٽڻ تي زور ڏنوسون ته، ٻاهر لڳل انٽرڪام مان ڪنهن عورت جو آواز آيو ته، “مَن دق الجرس”، (گهنٽي ڪنهن وڄائي؟) آئون عورت جو آواز ٻڌي گهٻرائجي ويس ته، عورت سان ڪيئن مخاطب ٿيان؟ هي ته، هڪ جليل القدر صحابي جو گهر ۽ ڀر ۾ سندس قبر مبارڪ آهي! پر مون کي منهنجي ساٿي جاويد هزاروي اشاري سان چيو ته، جواب ڏي.
    انهي ڪري انٽر ڪام کي ويجهو ٿي وراڻيم ته، نحن ضيوف من باکستان (اسان پاڪستاني مهمان آهيون) تنهن تي وري جواب آيو ته، ايمن ليس بموجود (ايمن ڪونه آهي) انهي جواب مان اندازو ٿيو ته، حضرت عبد الله بن عمر جي خاندان جو موجوده سربراهه جناب شيخ ايمن صاحب آهي. وري چيم ته، فهل نرجع او ننتظر؟ (ڇا پوءِ اسان واپس وڃون يا انتظار ڪريون؟) ته جواب آيو ته، نعم ارجعوا (هائو! توهان واپس هليا وڃو!) اهو جواب ٻڌي، جاويد کي چيم ته هاڻي هتي بيهڻ جي به اجازت نه ٿي ملي ته پوءِ هل ته واپس هلون. اسان انهي بلڊنگ جي احاطي مان ٻاهر نڪري وري اچي روڊ تي بيٺاسون. جاويد انجنيئر ماڻهو هو، تنهن زيارت جو هڪ فوري رستو ڳولهي ورتو. ڏکڻ طرف نهاري مون کي چيائين ته مسئلو حل ٿي ويو! پڇيم ته ڪيئن؟ وراڻيائين ته ڏکڻ طرف هن بلڊنگ ۽ قبر واري ڪمپائونڊ وال سان لڳ هو پهاڙي آهي. پاڻ انهي پهاڙي تي چڙهي حضرت عبد الله بن عمر جي قبر ۽ سندس ٺاهيل گهر جي زيارت ڪري سگهون ٿا. چيو مانس ته، ڪنهن گهر جي پٺيان لڪي لڪي جاسوسن وانگر وڃڻ مون کي مناسب نه ٿو لڳي. هي ته، هڪ وڏي شان واري اصحابي سڳوري جو گهر، قبر ۽ سندس فاروقي خاندان جي رهائشي بلڊنگ آهي انهي جي پٺيان ائين وڃڻ مون کي سخت بي ادبي لڳي ٿي، تنهنڪري آئون نه هلندس. پر جاويد منهنجو جواب اڻ ٻڌو ڪري ڦري وڃي انهي پهاڙي تي چڙهيو ۽ حضرت عبد الله بن عمر جي گهر ۽ قبر جي زيارت ڪئي. فاتحه خواني ۽ دعا گهرڻ کانپوءِ مون کي پهاڙي تان بيهي اچڻ لاءِ اشارا ڪرڻ لڳو. دل ۾ سوچيم ته، جيڪڏهن نه ٿو وڃان ۽ اتان ئي واپس حرم شريف ڏي موٽي هليو ٿو وڃان ته ٻيهر ڪهڙي خبر اهڙو موقعو نصيب ٿئي يا نه؟ ٻيو ته اسان ٻئي دوست هن ڀلاري اصحابي جي قبر ۽ سندس گهر جي زيارت لاءِ آيا هئاسون، منهنجو ساٿي جاويد زيارت ڪري ويو ۽ آئون محروم رهجي وڃان ته اها ڳالهه به ڏاڍي ڏکي پئي لڳي. جيئن ڳالهه ڪندا آهن ته، حضرت خواجه خضر عليه السلام۽ سڪندر ذوالقرنين ٻئي گڏجي آب حيات جو چشمو ڳولڻ نڪتا. جبلن جي اونهين غارن جي اونداهين ۾ هلندي سڪندر ذوالقرنين واٽ تي ڀلجي پوئتي رهجي ويو ۽ کيس آب حيات جو چشمو نه لڌو پر حضرت خضر عليه السلام آب حيات جو چشمو وڃي لڌو ۽ انهي مان پاڻي پي واپس خير سان موٽي آيو. بقول شاعر ته،
    تهيد ستان قسمت راچه سوداز رهبر ڪامل
    چو خضر از آب حيوان تشنه مي آرد سڪندرا را.
    يعني ته، بد نصيب ۽ محروم القسمت ماڻهن کي ڪامل رهبر مان به ڪهڙو فائدو ٿيندو. جيئن خضر عليه السلام آب حيات جي چشمي تان سڪندر ذوالقرنين کي اڃارو وٺي واپس آيو. سو مون دل جو دل ۾ خدا کان مغفرت گهرندي ته مالڪ! اسان هن ڀلاري اصحابي جي گهر جا جاسوس ٿي ڪونه آيا آهيون، اسان ته هن ڀلاري جي قبر جي زيارت ۽ انهي لاءِ بخشش ۽ سندس آخرت ۾ مرتبي جي بلندي لاءِ دعا گهرڻ آيا آهيون. دل ۾ اها دعا گهري آئون به پٺئين پاسي کان ڦري وڃي پهاڙي تي چڙهيس پهاڙي ديوارن کان تمام گهڻو مٿي هئي. انهي ڪري اتان بيهندي حضرت عبد الله بن عمر جي قبر ۽ سندس هٿن سان ٺاهيل گهر بلڪل پڌرا نظر اچي رهيا هئا. قبر ۽ گهر کي ڏنل چوديواري مستطيل شڪل ۾ اتر ڏکڻ هئي. جنهن ۾ گهر جي لڳ اتر طرف قبر هئي. قبر زمين سان بلڪل هموار هئي البت سيراندي واري پاسي کان سنهي سر جهڙو ڪارو پٿر کڙو ٿيل هو. سندس قبر تي انهي کانسواءِ نالي واري ڪابه تختي يا پٿر وغيره ڪونه هو. گهر جي ماپ به بنهه معمولي هئي. چئن کٽن جيتري ڪوٺي جيڏي هوندي. انهي گهر جي ڇت ڪونه هئي فقط ڪلهي جيتريون اڌ ڊٺل ديوارون هيون. البت ڀتيون بنهه ٿلهيون هيون ڀتين جي وچان ڏار وغيره ڪونه هئا، شايد سندس خاندان جي ماڻهن طرفان ڀتين جي لنبائي وغيره ٿيندي هجي. جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ اوڏڪي ڀت هوندي آهي اهڙي نمونه جون ڀتيون هيون. ڀتين جي اندر وچ وچ ۾ وڏا وڏا پٿر مٽي سان ملائي ڀت ٺاهي وئي هئي. گهر جو دروازو به لنگهه وانگر هو جيڪو به سوڙهو نظر ٿي آيو ۽ اهو لنگهه ڏکڻ طرف هو. گهر جي ڏکڻ اولهه ڪنڊ وٽان هڪ گول ننڍي دري هئي. ڪلهي جي برابر گهر جون بيٺل ديوارون اسان کي زبان حال سان گهڻو ڪجهه ٻڌائي رهيون هيون. مون هڪ نظر حضرت عبد الله بن عمر جي موجوده خاندان جي پنج ماڙ بلڊنگ تي وجهي وري سندس هٿن جو ٺاهيل گهر ڏٺو ته، حضرت عبد الله بن عمر جي اها روايت ڪيل حديث ياد اچي ويم جيڪا بخاري شريف ۽ حديث جي ٻين ڪتابن ۾ آئي آهي ته، قال رضه اخذ رسول الله ﷺ ببعض جسدي فقال ڪن في الدنيا ڪانڪ غريب او عابر سبيل و عُد نفسڪ من اهل القبور. حضرت عبد الله بن عمر جي روايت جو خلاصو مطلب هي آهي ته، هڪ ڀيري حضور اڪرمﷺ جن سندس ڪلهي کي جهلي کيس مخاطب ٿي فرمايو ته، ”عبد الله! دنيا ۾ ائين رهه، ڄڻ ڪو پرديسي يا واٽهڙو هجين، پاڻ کي هينئر ئي مئلن مان شمار ڪر.“ ٻنهي جهانن جي سردار سچ فرمايو واقعي دنيا ڪنهن جو به ديس ڪونهي. هن کي ديس به تڏهن چئجي جڏهن هميشه هتي رهڻ ٿئي. چند ڏينهن رهي، انسان وري اڳتي روانو ٿيو وڃي. تنهن دنيا ۾ رهندڙ هر انسان واٽهڙو آهي جيڪو زندگي جي راهه ۾ سفر ڪندي واٽ وٺي وڃي رهيو آهي. دنيا ته هڪ رستو آهي جتان گذري اڳتي پنهنجي اصل منزل ڏي وڃڻو آهي. انهي ڪري پاڻ کي جيئري ئي مئل سمجهي ڇو ته پاڻ کي زنده تصور ڪبو ته، دل جو ڌيان هر وقت لذيذ عمدا کاڌا کائڻ، طرحين طرحين مشروبات پيئڻ، اوچا لباس اوڍڻ، سير تفريح لاءِ گهمڻ ڦرڻ پنهنجي هستي مستي هلائي هيڻن تي حڪم هلائڻ ڏي ٿي ويندو. پر جي پاڻ کي مئل (بيوس/ هيڻو) تصور ڪبو ته، نفساني خواهشن ۾ ڪمي ٿي ويندي، آخرت جو فڪر ۽ ڌيان وڌندو.
    اوليا الله جي فڪر آخرت جو اهو مرڪزي نقطو آهي. حضرت عبد الله بن عمر واقعي سندس روايت ڪيل حديث تي عمل ڪري ڏيکاريو جنهن جو ثبوت اسان جي سامهون سندس ٺاهيل گهر هو. مٿس خدا جون لکين رحمتون هجن. حضرت عبد الله بن عمر جي قبر ۽ گهر جي زيارت کان واپس ورندي اسان پاڻ ۾ صحابه ڪرام جي فضائل ۽ سندن حالات و واقعات بابت ڳالهيون ڪندا آياسون.


    حضرت عبد الله بن عمر جي شخصيت تي هڪ نظر:

    حضرت عبد الله بن عمر جي شخصيت تي هڪ نظر:
    ٻئي ڏينهن صبح جو لائبريري وڃي صحابه ڪرام جي سيرت بابت ڪتاب کوليم ۽ حضرت عبد الله بن عمر جو سوانحي خاڪو ترتيب ڏنم. ڪتابن سندس سونهري زندگي جو تمام گهڻو تفصيل ڏنو هو پر اسان مختصر حواله طور نوٽ ڪيو.
    جيئن ته صحابه ڪرام جا حالات اسان مسلمانن لاءِ گائيڊ لائف (زندگي جي رهبر) جي حيثيت رکن ٿا، انهي ڪري پڙهندڙن جي ذوق طبع خاطر ذڪر ڪجي ٿو. حضرت عبد الله بن عمر فاروقي خاندان جو چشم و چراغ ۽ حضرت فاروق اعظم رضي الله عنه جو وڏو فرزند هيو. سندس پيدائش انهي دور ۾ ٿي جڏهن حضور اڪرم ﷺ کي نبوت عطا ٿئي ٻيو سال هلي رهيو هو. پاڻ سندس والد ماجد سان گڏ ننڍپڻ ۾ ئي سن 6 نبوي ڌاري پنجن سالن جي ڄمار ۾ اسلام قبول ڪيائين. ان وقت اسلام قبول ڪندڙن ۾ حضرت عمر فاروق جو نمبر چاليهون هو ته، حضرت عبد الله جو ايڪيتاليهون نمبر هو. سمجهه واري وهي کي پهتو ته، سندس گهر اسلام جي روشني سان روشن هو. ڪافرن سان جهاد ۽ قتال جي ابتدا سن 5 هه ۾ خندق واري لڙائي کان ٿيس.
    جڏهن ته بدر ۽ احد ۾ ننڍپڻ جيڪري کيس حضور اڪرمﷺ شريڪ ٿيڻ جي اجازت نه ڏني. اهڙي طرح خندق جي لڙائي کان وٺي حضور سائين جي زندگي ۾ ڪفر ۽ اسلام جا جيڪي به معرڪا ٿيا تن ۾ اسلام جي سرويچ سپاهي جي حيثيت سان پنهنجي بهادري جا جوهر ڏيکاريائين. حضرت عبد الله بن عمر کي پاڻ سڳورن جي بابرڪت صحبت، فاروق اعظم رضه جي تعليم و تربيت ۽ خود سندس تلاش ۽ جستجو مذهبي علمن جو دريا بنائي ڇڏيو هو. قرآن، تفسير، حديث، فقه وغيره سڀني مذهبي علمن جو سمنڊ هو. سندس شمار صحابه جي انهن هستين ۾ ٿئي ٿو جيڪي صحابه ۾ علم و عمل جا “مجمع البحرين” (ٻن سمنڊن جي ميلاپ وارو اونهو سمنڊ) سمجهيا ويندا هئا. علم حديث جي اشاعت ۽ تعليم ڏيندي هزارين لکين مسلمان کانئس مستفيض ٿيا. سندس پسنديده مشغلو فقط علم جي اشاعت هو. اهو ئي سبب هو جو پاڻ ڪوبه عهدو قبول نه ڪيائين. وسيع علم ۽ گهري نظر جي باوجود حديث بيان ڪرڻ ۾ گهڻو احتياط ڪندو هو. اهوئي سبب هو جو سندس روايت ڪيل حديثن جو تعداد فقط سورنهن سو ٽيهه (1630) آهي. ساڳي طرح فتويٰ ڏيڻ ۾ به سندس احتياط پهاڪو بنيل هو. جيستائين ڪنهن مسئلي متعلق يقين نه ٿي ويندو هو ۽ ذرو به شڪ هوندو هئس ايستائين فتويٰ نه ڏيندو هو. ان هوندي به سندس فتوائن جو وڏو ذخيرو آهي، جنهن تي فقه مالڪي جو دارو مدار آهي. صحبت رسول ﷺ مٿس ايترو گهرو اثر ڪيو جو پاڻ اخلاق نبوي جو مڪمل ترين نمونو بنجي ويو. حضرت عبد الله بن عمر خوفِ خدا ۾ سرشار، سنت نبوي جي پيروي ۽ پابندي ۾ والهانه عشق و جنون جي حد تائين عمل ڪندڙ، زهد و تقويٰ ۾پهاڪو بنيل، علم جو عظيم سرمايو، اعمال صالحه جو مجسمو، صدقي ۽ خيرات ۾نمايان وصف جو مالڪ، مسڪين نوازي ۽ غريب پروري ۾ خصوصي امتياز رکندڙ، محبت نبوي ۾ همه تن مستغرق، ايثار و همدردي ۾ مثالي حيثيت وارو، اسلامي مساوات جو عملي نمونو، تواضع ۽ انڪساري جو پيڪر، مروت، ماڻهپي خلوص للهيت صبر ۽ سادگي جو پتلو، حق گوئي ۾ نهايت بيباڪ، مجاهد في سبيل الله قداور، جسيم، ڪڻڪ رنگو شڪل و صورت ۾ پنهنجي والد بزرگوار حضرت فاروق اعظم سان مشابهت رکندڙ پنهنجو مٽ پاڻ هو. اهي سندس زندگي جي ڪتاب جا مختصر عنوان آهن. جن جي تفصيل لاءِ سيرت جا ڪتاب پڙهي ڏسجن. اهي عنوان نه رڳو حضرت عبد الله جي زندگي جا آهن پر حضور اڪرمﷺ جي دربار رسالت ۾ تربيت وٺندڙ هر صحابي سڳوري ۾ اڪثر اهڙيون انيڪ سٺيون صفتون ۽ پسنديده اخلاق موجود هئا. حضرت عبد الله بن عمر پاڻ سڳورن جي لاڏاڻي کانپوءِ صديقي دور خلافت ۾ تاريخ جي ورقن ۾ نظر نه ٿو اچي. البت فاروقي دور خلافت ۾ڪن محاذن تي اسلامي لشڪر سان گڏ نهاوند، شام ۽ مصر جي فتحن ۾ نظر اچي ٿو. عثماني دور خلافت ۾ حضرت عمر فاروق جي شهادت بعد سڀ کان پهرين خليفي جي انتخاب لاءِ مجلس شوريٰ ۾ نظر اچي ٿو. ڪجهه وقت پوءِ حضرت عثمان کيس قاضي القضاه (چيف جسٽس) جي عهدي جي آڇ ڪئي پر پاڻ معذرت ڪندي فرمايائين ته، آئون نه ٻن ماڻهن جي وچ ۾ فيصلو ڪريان ٿو ۽ نه ڪي ٻن ماڻهن جي امامت ڪريان ٿو. ڇو ته پاڻ سڳورن فرمايو هو ته، قاضي ٽن قسمن جا هوندا آهن. هڪ جاهل جنهن جو ٺڪاڻو جهنم آهي ٻيو دنيا ڏانهن لاڙو رکندڙ عالم، جن جو به ٺڪاڻو دوزخ آهي. ٽيون اهو جو اجتهاد ڪري ٿو ۽ صحيح راءِ قائم ڪري ٿو. اهڙي لاءِ نه عذاب آهي نه ثواب.
    حضرت عثمان اهو ٻڌي چيس ته توهان جو پيء به ته فيصلا ڪندو هو. وراڻيائين ته اهو صحيح آهي. پر جڏهن انهي کي ڪنهن مسئلي ۾ مونجهارو ٿيندو هو ته پوءِ پاڻ سڳورن ڏانهن رجوع ڪندو هو ۽ جڏهن پاڻ سڳورن کي به ڪا ڏکيائي محسوس ٿيندي هئي ته، جبريل کان پڇي وٺندا هئا (۽ جبريل الله تعاليٰ وٽان مسئلي جو حل کڻي ايندو هو) آئون ڪنهن ڏانهن رجوع ڪندس؟ ڇا توهان پاڻ سڳورن کان نه ٻڌو هو ته، جنهن خدا جي پناهه گهري تنهن پناهه جي جاءِ ورتي (حاصل ڪئي) انهي ڪري خدا جي واسطي! مون کي ڪٿي جو به عامل (سرڪاري آفيسر/ گورنر وغيره) نه بنايو. سندس انڪار ڪرڻ تي حضرت عثمان وڌيڪ زور نه ڀريو. هڪ ڀيري ڪنهن ٻهراڙي جي عرب مڇرجي خون جي ڪفاري متعلق سوال ڪيو ته، انهي کان پڇيائين ته تون ڪير آهين؟ چيائين ته، عراقي آهيان. پوءِ حاضرين ڏي متوجه ٿي فرمايائين ته، ڪجهه هن ڏي به ڏسو! جو هي همراهه مون کان مڇرجي خون جو ڪفارو ٿو پڇي. حالانڪه انهن (عراقين) ته نبي سائين جي جگر جي ٽڪرن (ٻن ڏوهٽن) کي به شهيد ڪري ڇڏيو!!


    حضرت عبد الله بن عمر ۽ حجاج بن يوسف:

    حضرت عبد الله بن عمر ۽ حجاج بن يوسف:
    اموي خليفه عبد الملڪ بن مروان جو ماتحت امير حجاج بن يوسف ثقفي ظلم و تشدد ۾ ناميارو هو. تنهن جو ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ اهڙو پکڙيل هو جو ان جي سامهون ڪير به ڳالهائڻ جي جرئت نه ڪندو هو. پر حضرت عبد الله اهڙي ظالم کي به حق جو ڪلمو منهن تي چئي ڇڏيندو هو. انهن ڏينهن حجاج مڪي جو نگران امير هو ته حضرت عبد الله زندگي جي آخري ڏينهن ۾ مڪي شريف ۾ رهائش پذير هو. هڪ ڀيري حجاج مسجد ۾ ايڏو ڊگهو خطبو ڏنو جو وچين نماز جو وقت بنهه تنگ ٿي و يو ته، حضرت عبد الله هڪل ڪئي ته، نماز جو وقت ٿو وڃي تقرير بند ڪر! پر حجاج نه ٻڌو. ٻيو دفعو ۽ پوءِ ٽيون دفعو ساڳي جملو دهرايائين پر حجاج اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. تنهن تي ويٺل ماڻهن کي چيائين ته، جيڪڏهن آئون اٿي وڃان ته، اوهان مون سان گڏ اٿي هليا هلندو؟ ماڻهن چيو ته هائو! پوءِ پاڻ هي چئي ته، “معلوم ٿئي ٿو ته، توکي نماز جي ضرورت ڪانهي”، اٿي هليو ويو.
    اٿندي وقت ماڻهن کي وڏي واڪي چيائين ته، هن جي تقرير ڪير به نه ٻڌي، هي الله جو دشمن آهي، هن ڪيترا خدا جا نيڪ ٻانها قتل ڪري ڇڏيا آهن. انهي کانپوءِ حجاج منبر تان هيٺ لٿو ۽ نماز پڙهيائين ۽ پوءِ حضرت عبد الله بن عمر کان پڇيائين ته، تو ائين ڇو ڪيو؟ وراڻيائين ته “ماڻهو مسجد ۾ نماز لاءِ اچن ٿا، انهيڪري جڏهن نماز جو وقت ٿئي ته، فورن نماز پڙهڻ کپي ۽ نماز کانپوءِ اوهان جي دل جيترو به گهري پيا بڪواس ڪريو.” حجاج کي حضرت عبد الله جي حق گوئي ڏاڍي ڏکي لڳي پر بر وقت ماڻهن جي هجوم آڏو ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهيو، ٻيو هن ڪري به ته خليفي عبد الملڪ، حجاج کي سرڪاري آرڊر ڪيو هو ته، حضرت عبد الله جي مخالفت نه ڪجان، ان جو ادب احترام رکجان. انهي ڪري حجاج کي ماڻهن کان وڌيڪ خليفي جو ڊپ هو. انهي ڪري اتي ته ماٺ ڪيائين پر پنهنجي ڪن فوجي ڇاڙتن کي اشارو ڪيائين ته جڏهن حج جو موقعو ٿئي ته پوءِ منيٰ يا عرفات ۾ رش دوران زهر جي پاڻي ڏنل نيزي سان حضرت عبد الله کي زخمي ڪيو وڃي ۽ ٿيو به ائين جوهڪ شامي سپاهي حضرت عبد الله جي پير جي پٺي تي زهر آلود نيزي جو زخم رسايو جنهن کانپوءِ ناسور ٿي پوڻ ڪري حضرت عبد الله آخر عمر تائين منڊڪائي هلندو هو. نيٺ انهي زهر واري زخم سبب جسم ۾ آهستي آهستي زهر جو اثر پکڙندو ويو، تان جو بستري تي پئجي رهيو. پڇاڙي ۾ حجاج کيس پڇڻ آيو ۽ چوڻ لڳو ته، سائين! توهان کي نيزو هڻندڙ آئون سڃاڻي وٺان ها ته، ان جي سسي لاهي ڇڏيان ها! حضرت عبد الله فرمايو ته، اهو نيزو به تنهنجو هو! ! تنهن تي حجاج ڪنڌ جهڪائي خاموش ٿي ويو. وصيت ڪئي هئائين ته، جيڪڏهن آئون هتي مڪي ۾ مري وڃان ته حرم جي حد کان ٻاهر “حل” ۾ دفن ڪجو. ڇو ته جنهن سر زمين کان هجرت ڪئي سون، وري ساڳي مٽي ۾ دفن ٿيڻ بهتر نه ٿو لڳي. سن 74 هه ۾ حضرت عبد الله بن زبير جي شهادت کان ٽي چار مهينا پوءِ 83_84 سالن جي ڄمار ۾ اجل کي لبيڪ چئي آخرت ڏي راهي ٿيو. وصيت مطابق ماڻهن حرم جي حد کان ٻاهر کيس دفن ڪرڻ گهريو مگر حجاج مداخلت ڪئي ۽ پاڻ اچي جنازه نماز پڙهايائين انهي ڪري مجبوراً کيس ذي طويٰ جي “فخ” واري جاءِ تي مهاجرن جي قبرستان ڀرسان دفن ڪيو ويو. هينئر اهو فخ وارو هنڌ “حي الشهداءَ” جي نالي سان سڏجي ٿو، جتي اسان اچي حاضر ٿيا هئاسون.


    صحابه ڪرام جو اجمالي تعارف:

    صحابه ڪرام جو اجمالي تعارف:
    صحابه ڪرام اهي عظمت ڀريا انسان هئا جن جي اکين حضور اڪرمﷺ جو نبوت وارو نوراني چهرو ڏٺو، ڪائنات انساني مان سڀ کان پهرين وحي الاهي کي رسول اڪرم جي زباني پنهنجي ڪنن سان ٻڌو هو. پيغمبرانه ڪردار جو ڏينهن رات مشاهدو ڪيو ۽ رسالت ما³ب جي اسوه حسنه کي نه رڳو عين اليقين بلڪ حق اليقين سان محسوس ڪيو هو. انهن امتيازي خصوصيتن جيڪري نبوت جي فيض سان سندن دليون روشن ٿي ويون. ذهن ۽ ضمير، دل ۽ دماغ جي فڪري ڌارا ۽ عملي ميلان سندن مزاجن ۾ اهڙي ته قابل فخر تبديلي آندي جو انساني ڪائنات انهن هستين تي بجا طور ناز ڪري سگهي ٿي. صحابه ڪرام جا اندر اهڙا ته پاڪ صاف ٿي ويا جو انهن جي گفتار ۽ ڪردار جي پاڪيزگي، سندن اعمال و اخلاق، اعتقاد و عادات جي شايستگي کي امت لاءِ ذريعه هدايت بنايو ويو. نه رڳو ايترو بلڪه انهن جي ايمان لاءِ پرک ۽ معيار طور مقرر ڪندي خود خدا پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ فرمايو ته، فان آمنوا بمثل ما آمنتم به فقداهتدوا . (بقره آيت 137) يعني جيڪڏهن اهي ماڻهو انهي رسول تي ائين ايمان آڻين جيئن توهان (اصحابن) ايمان آندو آهي ته پوءِ اهي ماڻهو هدايت يافته شمار ٿيندا، جي نه ته سندن ايمان خدا وٽ قبول ناهي.
    جهڙي طرح نبوت جو انتخاب خود الله تعاليٰ ڪري ٿو، اهڙي طرح صحابه جي چونڊ به تقدير الاهي مطابق هوندي آهي. خدا پاڻ ئي بهتر ڄاڻي ٿوته، محمد رسول اللهﷺ جي صحابي بنجڻ لائق ڪهڙا آهن ۽ ڪهڙا ڪونهي! بقول رومي ته،
    ديدن بوجهل در روءِ نبي
    ڪي بود مانند بوبڪر و علي
    يعني ته، حضور اڪرمﷺ جي چهري مبارڪ ڏي ڏسڻ لاءِ به اک اک جو ڦير آهي. ابو جهل جو ڏسڻ ڀلا حضرت ابوبڪر ۽ حضرت علي جي ڏسڻ برابر ڪيئن ٿيندو؟ اهي ٻئي ڌريون رسالت مآب ﷺ جو چهرو ڏسي ته رهيون آهن پر ابو جهل شيطانيت واري نگاهه سان ڏسي ٿو ته صحابه ڪرام محبت و عقيدت سان ڏسن ٿا. مطلب ته ساڳي شهر ۾ گڏ رهندي، هڪ ئي قوم جا فرد هوندي، اخلاق عادتن کان پوري طرح با خبر هوندي به ڪي نبوت جي صداقت جا دل سان اقراري، ۽ ان جي حڪم تي لبيڪ چئي جان، مال اهل اولاد، وطن ۽ رشتا قربان ڪرڻ وارا آهن، ته ڪي وري نبوت جا معجزا، دليل ڏسندي، پيغمبر ڪريم ﷺ جي صداقت ۽ امانت جو تجربو ڪندي به انڪار تي قائم رهي، عداوت ۽ ايذا رساني تي سندرو ٻڌي بيٺا. تان جو انهي ئي ڪفر ۽ انڪار جي حالت ۾ حياتي پوري ڪري ٻئي جهان وڃائي ڇڏيائون.


    حرم شريف ۾ هڪ پينو ڇوڪري:

    حرم شريف ۾ هڪ پينو ڇوڪري:
    مئي جي ٻي تاريخ جمع ڏينهن 11 وڳي ڌاري حرم شريف جي باب فهد واري پاسي کان تهه خاني ۾ وڃي ويٺس. قرآن شريف جي تلاوت ڪندو رهيس. ماڻهو نماز لاءِ صفن جي صورت ۾ ويهي ذڪر فڪر، تسبيح ۽ تلاوت ۾ مشغول هئا ته، هڪ نوجوان ڇوڪري پراڻا ڦاٽل ڪپڙا پائي نمازين جي اڳيان هٿ ڊگهيري سوال ڪرڻ لڳي. صورت شڪل مان اها ڇوڪري پٺاڻ نظر ٿي آئي. سوال ڪرڻ وقت روئڻهارڪي ٿي اوڇنگار ڏيئي بيک مڱي رهي هئي. ويٺل نمازين مان ڪي ماڻهو اٿي خيرات ڏيندڙ ماڻهن وٽان پيسا (ريال، ڊالر وغيره) وٺي انهي ڇوڪري کي ڏيئي رهيا هئا. مون کي انهي ڇوڪري جو روئڻ به مڪر محسوس ٿي رهيو هو. ڇو ته روئڻ وقت، ماڻهو جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي ايندا آهن ۽ بعضي ته ڳوڙها به وهن ٿا، پر اها ڇوڪري روئڻ جو فقط نمونو ڪري رهي هئي. اڃا اها صفن وچان هلي هيڏانهن هوڏانهن ڦرندي پيسا وٺي رهي هئي ته، حرم شريف ۾ عورتن کي الڳ صفن ۾ ويهارڻ، نمازين جون صفون درست ڪرائڻ، نماز جي وقت ستل ماڻهن کي اٿارڻ وارا ملازم جن جي سڃاڻپ هي آهي جو سندن هٿ ۾ مصلو هوندو آهي جيڪو ستل يا ويٺل نمازي کي هڻي تنبيه ڪن ٿا، تن مان هڪ ملازم اچي پنهنجي هٿ وارو مصلو انهي ڇوڪري کي پٺن وارو اهڙو هنيو جو اها ڇوڪري فوراً ڀڄندي ٻاهر نڪري وئي. ۽ اهو ملازم کيس دڙڪا ڏيئي عربي ۾ چوڻ لڳو ته، السوال حرام (پنڻ حرام آهي) سرحدي پٺاڻ يا افغاني پٺاڻ ڇوڪري کي هتي حرم شريف ۾ پنندي ڏسي مون کي ذهن ۾ آيو ته، اها ڇوڪري اڪيلي سر هوائي جهاز جا ڀاڙا ۽ سفر جو خرچ ڪري هتي ڪيئن ٿي پهچي سگهي؟ لازمي طرح کيس هتي پهچائڻ واروڪو شاهوڪار ماڻهو آهي، جنهن جي آڌار تي اها هتي (حرم شريف ۾) پهتي آهي ۽ پنڻ واري رقم ۾ شايد اهو شاهوڪار ڀائيوار هجي. انهي سوچ تي مون کي سنڌ جا ڪي سرندي وارا دنيا پرست ياد آيا جيڪي رمضان شريف جي موقعي تي عمري لاءِ وڃن ٿا ۽ پاڻ سان ڪي معذور، انڌا منڊا وٺي وڃن ٿا، جن کي حرم شريف ۾ ويهاريندا آهن ۽ انهن معذورن کي سيکاري ڇڏيندا آهن ته توهان چادر جو جهنڊ هڻي هڪ هنڌ ويٺا هجو! جيئن ته عرب سڳورا رمضان شريف ۾ خيرات ۽ صدقا تمام گهڻا ڏين ٿا، پوءِ اهڙي معذور ۽ جڏي کي ڏسي گهڻو ڏيندا آهن. جڏهن رمضان شريف پورو ٿئي ٿو ۽ هنن عمري تي آيل ماڻهن جي ويزا ختم ٿئي ٿي ته، انهن معذورن کي فري ۾ عمرو ڪرائي ۽ ڪجهه خرچي ڏيئي کين ماڳ پهچائيندا آهن. اهي حالتون انهن روايتن کي سچو ثابت ڪن ٿيون، جن ۾ فرمايو ويو آهي ته، آخري زماني ۾ حج تي ايندڙ ماڻهن مان مٿئين طبقي وارا (شاهوڪار) ماڻهو سير ۽ تفريح لاءِ ايندا ته، وچولي طبقي وارا واپار سانگي ۽ هيٺئين طبقي وارا غريب ماڻهو پنڻ لاءِ ايندا. يعني ته ثواب خاطر ۽ ڏوهن جي معافي رحمت ۽ مغفرت جي طلب لاءِ تمام ٿورا ماڻهو ايندا. سچ پچ ته، اها صورتحال عام جام نظر اچي ٿي. شال رب سائين اسان کي دنيا جي حرص و هوس کان پناهه ۾ رکي ۽ هنن ڀلارين جاين تي پهچڻ کانپوءِ سچي دل سان توبه جي توفيق نصيب ڪري انهي عهد تي آخر عمر تائين قائم و دائم رکي (آمين)
    جمعي جي اذان آئي ته، تلاوت ختم ڪري سنت جون چار رڪعتون مس پڙهيم ته، خطبي جي اذان آئي. اڄوڪو خطبو شيخ عبد الرحمان سديس ڏنو هو.
    جنهن ۾ هن مسلمانن کي عام وعظ نصيحت سان گڏ پنهنجي ديني ورثي جي حفاظت تي زور ڏيندي اعمال صالحه جي ترغيب ڏني هئي. علاوه ازين مسلمانن جي عام ڇڙواڳي، يورپ جي ڪلچر تي اڪن ڇڪن ٿيڻ، يهودين ۽ عيسائين جي روش اختيار ڪرڻ بابت موثر نمونه تنبيه ڪئي ۽ آخر ۾ مسلمانن جي عالمي سطح تي حالت زار ۾ بهتري، اخلاق و اعمال ۾ سڌاري ۽ سماجي زندگي ۾ مثبت تبديلي لاءِ دعا ڪئي.


    حاجي ابراهيم جي مان ۾ دعوت:

    حاجي ابراهيم جي مان ۾ دعوت:
    نماز جمعه جي ادائگي کانپوءِ، پروگرام مطابق اسان چئني حج جي ساٿين، مڪي شريف ۾ رهندڙ دوست حاجي ابراهيم لاشاري جي مان ۾ دعوت ڪئي هئي، انهي ڪري سگهو ئي پنهنجي جاءِ تي موٽي آياسون. جتي حافظ محمد خان سومرو به سڀني ساٿين سميت شامل هو. گڏيل فنڊ 45 ريالن مان کاڌي پيتي جو سامان، بوتلون فروٽ وغيره گهرائي، دستر خوان لڳايو ويو. مهمان خاص حاجي ابراهيم سميت سڀني شريڪ ٿي خوب کاڌو پيتو. فارغ ٿي هر هڪ دوست پنهنجا پنهنجا تاثرات بيان ڪرڻ لڳو. ائين ڳالهه مان ڳالهه ڪندي شام ٿي وئي، جنهن بعد مجلس جو اختتام ٿيو ته، حافظ صاحب سندس جاءِ ڏي ۽ حاجي ابراهيم سندس گهر ڏي روانا ٿياا. رات جو ٻه خط روانا ڪيم، جن مان هڪ مخدومي و مرشدي حضرت مولانا عبد الڪريم لغاري (مسڻ وڏي) ۽ ٻيو خط سڳي چاچي ۽ سهري وڏيري قائم شوري (ميرپور ساڪرو، ٺٽو) ڏانهن روانا ڪيم.


    غار ثور جي زيارت ۽ هجرت جو واقعو:

    غار ثور جي زيارت ۽ هجرت جو واقعو:
    ڇنڇر 26 ذوالحج (3 مئي) تي حافظ محمد خان سومرو، جاويد هزاروي ۽ گنهگار بنده گاڏي ذريعي مڪي شريف کان 4_3 ميل پري “غار ثور” ڏي روانا ٿياسين. غار ثور مڪي جي مشهور جبل ثور جي چوٽي تي آهي. چوٽي جي اوچائي بابت ڪن ڪتابن 1500 (پنڌرهن سو) فوٽ ته ڪن وري ميل ڏيڍ ميل جو فاصلو لکيو آهي. غار ثور ۽ غار حرا جي بيهڪ ۾ فرق هي نظر آيو جو غار حرا اڀ ڪپرو اهي، البت غار ثور لهواري تي آهي. اتي (مڪي شريف) جي ماڻهن جو چوڻ هو ته، غار ثور تي چڙهائي، غار حرا کان به ڏکي آهي (و الله اعلم)
    جاويد هزاروي ته، غار ثور ڏي چڙهندو هليو ويو، باقي آئون ۽ حافظ محمد خان هيٺ ئي بيٺا رهياسون ۽ غار ثور جي تاريخ بابت تبادله خيال ڪندا رهياسون. سوچيم ته مٿي چڙهڻ ڪو ضروري به ته ڪونهي. هنن جاين تي پهچڻ کانپوءِ ذهن کي انهن واقعن ڏي متوجه ڪجي، جيڪي واقعا هنن ڀلارين جاين سان وابسته آهن ۽ اهي جايون زبان حال سان اسان کي اسلام جو ابتدائي زمانو ۽ واقعا ياد ڏياري رهيون آهن. آئون ۽ حافظ صاحب انهن سونهري ياد گيرين ۾ سڀ ڪجهه وساري چڪا هئاسون. غار ثور جو ذڪر قرآن شريف جي سورت توبه آيت نمبر 40 ۾ هڪ اهڙي واقعي جي پس منظر ۾ آيو آهي جنهن جو تذڪرو حضور اڪرم ﷺ جي سيرت طيبه جو هڪ روشن باب آهي، اسلام جي غلبي ۽ نشر و اشاعت ۾ پيڙهه واري پٿر جي حيثيت رکي ٿو. اهو ئي واقعو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين اسلام پکڙڻ جو ذريعو بنيو. انهي واقعي جو مختصر عنوان آهي، “مديني ڏانهن هجرت (لڏي وڃڻ)”.
    اسان هتي انهي اهم واقعي جو فقط اهو حصو ذڪر ڪريون ٿاجنهن جو تعلق غار ثور سان آهي.
    نبوت جي تيرهين سال جڏهن قريشن ظلمن جي انتها ڪري ڇڏي ته، الله تعاليٰ مڪي ۾ رهندڙ مسلمانن کي مديني ڏانهن هجرت ڪرڻ جو حڪم فرمايو. جڏهن ڪن بيمارن، پوڙهن ۽ بعض عورتن کانسواءِ سڀئي مسلمان مديني ڏانهن لڏي وڃي چڪا هئا ته آخر ۾ آقاءِ نامدار ﷺ کي هجرت جو حڪم به اهڙي وقت ٿيو جو ڪافرن انهي رات کين بستري تي يا رات جي وقت گهر کان ٻاهر نڪرڻ تي شهيد ڪرڻ جو پڪو پروگرام ٺاهي، قريشن جي يارهن قبيلن مان چونڊ بهادر ۽ ويڙهاڪ يارهن نوجوان مقرر ڪري، حضور اڪرمﷺ کي قتل ڪرڻ جي ارادي سان سندس دروازي ٻاهران بيهاري ڇڏيا هئا. پر ڪافرن جي انهي بڇڙي رٿا جو اطلاع پاڻ ڪريمنﷺ کي الله تعاليٰ بر وقت وحي جي ذريعي ڪري ڇڏيو. جنهن ۾ هي وضاحت هئي ته، “اهي شيطان تنهنجي دروازي ٻاهران اگهاڙيون تلوارون کنيو تنهنجي نڪرڻ جي انتظار ۾ آهن. پيارا حبيب! هاڻي تون گهر ڇڏي پنهنجي بستري تي سندئي سوٽ علي المرتضيٰ کي سمهاري ٻاهر نڪري انهن بيٺل مردودن جي مٿي تي مٽي جو ذرو ذرو رکندو، انهن جي اڳيان لنگهي هليو وڃ. اهي تنهنجو وار به ونگو نه ڪري سگهندا. جيئن تون در کان ٻاهر نڪري انهن جي آڏو ايندين ته آئون الله پنهنجي قدرت سان انهن جون اکيون انڌيون ڪري ڇڏيندس نه رڳو ايترو پر اهي انڌا ٻوڙا گونگا ٿي ويندا، جو نه توکي ڏسن نه ڪي قدمن جو کڙڪو ٻڌن نه ڪي ان وقت هڪ ٻئي سان ڳالهائي سگهن، انهن جي جسم جو وار وار به ته مون الله جي قبضي ۾ آهي انهي ڪري منهنجا حبيب! هاڻي هجرت لاءِ تيار ٿي مڪو ڇڏي روانو ٿي.” وحي الاهي جي امر موجب، حضور اڪرمﷺ سورت ياسين پڙهندي گهر کان ٻاهر نڪري دروازي تي قتل جي ارادي سان بيٺل ڪافرن مان هر هڪ جي مٿي تي مٽي جو ذرو رکندا انهن جي اڳيان لنگهندا هليا ويا انهن مت جي موڙهل مردودن کي ڪابه ڪل نه پئي. ڄڻ سندن حواس بي حس بنجي ويا هئا. قدرت واري کانئن ٻڌڻ، ڏسڻ، ڳالهائڻ وغيره جي طاقت ئي کسي ورتي هئي. مذڪوره سورت جي شروعاتي 9، آيتن مان آخري آيت نمبر 8 ۽ 9 ۾ جيڪو ذڪر آهي سو هڪ لحاظ سان انهن ڪافرن جي انڌي ٿيڻ ۽ پاڻ ڪريمن کي سندن اڳيان لنگهڻ وقت نه ڏسڻ بابت اشارو ڪندي دروازي تي بيٺل ڪافرن تي هو بهو ٺهڪي اچي ٿو. جيتوڻيڪ اهو قدرت جو هڪ معجزو هو جيڪو پاڻ ڪريمن جي حفاظت خاطر ظاهر ٿيو هو، پر انهي معجزي جو بنيادي ڪارڻ 8 ۽ 9 نمبر سورت ياسين جون اهي آيتون هيون جن جي تلاوت ۾ اهڙو اثر هيو بلڪه اڃا تائين به موجود آهي. اڄ به جيڪڏهن ڪو موحد، مخلص، مجاهد في سبيل الله، حق جي راهه تي هلندڙ ڪمالات جو صاحب آهي ته الله تعاليٰ ان جي حفاظت لاءِ اهڙي غيبي مدد ڪري سگهي ٿو.
    الله تعاليٰ وٽ اها ڳالهه ڪا مشڪل ڪانهي. مطلب ته پاڻ سڳورا پنهنجي گهران نڪري سڌو پنهنجي سرويچ ساٿي حضرت صديق اڪبر رضي الله عنه جي گهرجي دروازي تي هٿ هڻي سڏ ڪيو ته، “ابوبڪر جاڳين پيو! ” اندران جواب آيو ته، لبيڪ يا رسول الله! (منهنجو ابو ۽ امان توتان قربان) هائو سائين ڇهن ڏينهن کان توهان جي انهي سڏ جي انتظار ۾ جاڳان پيو، ڇا هجرت (لڏڻ) جو حڪم ملي ويو؟ پاڻ ڪريمن وراڻيو ته هائو! دروازو کولي حضرت صديق رضي الله عنه رسالت مآب ﷺ جو استقبال ڪري کين اندر وٺي آيو. حضور اڪرم، حضرت صديق اڪبر کي خوشخبري ٻڌائيندي فرمايو ته، الله تعاليٰ جي مرضي آهي ته، محمد ﷺ سان هن سفر ۾ ابوبڪر ئي گڏ هجي. سو هاڻي هلڻ جي تياري ڪر. حضرت صديق اڪبر انتهائي مسرت آميز لهجي ۾ رب جا شڪر ڪندي عرض ڪيو ته، اها منهنجي ديرينه دلي تمنا هئي جو “آئون توهان جي هن سفر ۾ ساٿي بنجان.” سا رب سائين پنهنجي خصوصي ڪرم سان پوري ڪئي. “زهي عز و شرف”. واهه اهڙي عزت، واهه اهڙو شرف. حضرت صديق هن سفر لاءِ ضروري سامان جي هڙ اڳ ۾ ئي ٺاهي رکي هئي، رڳو ان کي ڪنهن رسي سان ٻڌڻ جي ضرورت هئي، سو پنهنجي وڏي نياڻي بي بي اسما کي سڏي چيائين ته، ڌي ! ڪا رسي کڻي آ، پر جيئن ته، وهاڻي رات اونداهي سبب رسي هٿ نه پئي اچي ته، بي بي صاحبه پنهنجي چيلهه تي ٻڌل چمڙي جو ڪمر پٽو ڪاتي سان ٻه ٽڪرا ڪري، هڪ ٽڪري سان اهو سامان ۽ ٻئي ٽڪري سان مشڪيزه (سانداري) جو منهن ٻڌي حضرت صديق جي حوالي ڪيو. سفر خرچ لاءِ حضرت صديق وٽ گهر ۾ جيڪا به روڪڙ رقم سون چاندي هو سو به هڙ ۾ وجهي ساڻ کنيائين.
    12 سيپٽمبر 622ع مطابق سن 13 نبوت 27 صفر خميس جي رات پوئين پهر گهور انڌيري ۾ رحمت للعالمين ﷺ ۽ سندن ازحد سچو فدا ڪار ساٿي حضرت صديق رضي الله عنه اباڻو شهر مڪو شريف ڇڏي روانا ٿيا، اهڙي طرح سندن هجرت جي سفر جو آغاز ٿيو. مڪي شريف جي چوڌاري نڪرندڙ مشهور رستا، واٽون ۽ پيچرا ڇڏي نت نئين واٽ ورتائون جيڪا عام ماڻهو کان مخفي ۽ غير معروف هئي. انهي دوران حضرت صديق اڪبر ڪنهن مهل پاڻ ڪريمن کان اڳيان هلندو ٿي رهيو ته وري ڪيڏي مهل پويان ٿي آيو. تنهن تي پاڻ ڪريمن پڇيس ته، ابوبڪر! ڇو ڀلا ڪڏهن اڳيان ڪڏهن پويان پيو هلين؟ وراڻيائين ته سائين! جڏهن هي خيال ٿو اچيم ته،“ٿي سگهي ٿو ته، دشمن ڪافر متان اڳيان ڪو گهٽ جهليو قتل جي ارادي سان ڪنهن لڪ وٽ ويٺا هجن ته، آئون اوهان جي اڳيان ٿو هلان، پر جڏهن وري هي خيال ٿو اچيم ته، متان ڪافر پويان اچي وار ڪن ته، آئون توهان جي پويان پويان هلڻ لڳان ٿو. چاهيان ٿو ته، اوهان جي ذات اقدس کي دشمن ايذاءُ نه پهچائي. پر جي ڪو ايذاءُ پهچي ته اهو پهرين ڀلي مون کي پهچي. انهي راهه ۾ جي منهنجي جان اوهان جي سر تان صدقو ٿي وڃي ته به اها ڪا وڏي قرباني ڪانهي. بقول شاعر،
    سردرقدم يار فدا شد چه بجاشد
    اين بار گران بود اداشد چه بجا شد
    يعني: سر محبوب جي قدمن ۾ قربان ٿيو ته اهو ڪهڙو نه چڱو ٿيو! حالانڪه اهو سر به ته خود هڪ ڳرو بار هو جو لهي پيو، سو ڪهڙو نه چڱو ٿيو.
    جڏهن اهي ٻئي ڀلارا مڪي شريف کان 3_4 ميل پري جبل ثور وٽ پهتا ته، هڪ روايت مطابق حضرت صديق اڪبر حضور سائين جن کي عرض ڪيو ته، سائين! توهان جي ساٿي صديق جا ڪلها، توهان جي سواري ٿيڻ لاءِ حاضر آهن. ڇو ته آڏتراڇين ڇپن واري هن جبل جي مٿي چڙهائي ڏاڍي ڏکي آهي، جتي ڪوبه روڊ رستو ڪونهي، انهي تي هلي مٿي چڙهڻ مشڪل آهي، ڪرم فرمائي توهان منهنجي ڪلهن تي چڙهڻ لاءِ راضي ٿيو ته، آئون رحمت للعالمين جي سواري ٿيڻ جو اعزاز ماڻيان. حضور اڪرمﷺ حضرت صديق اڪبر جي اها پيشڪش منظور فرمائي ۽ صديق اڪبر کين جبل ثور جي چوٽي تائين کڻي پهچايو.
    حضور اڪرمﷺ اتي جي محفوظ پناهه گاهه “غار ثور” ۾رهڻ جو راضپو ڏيکاريو ته، حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه پاڻ سڳورن کي عرض ڪيو ته، سائين! توهان ٿورو ترسو ته آئون غار جو جائزو وٺي، پوري طرح صفائي ڪري اچان، متان ڪا انهي ۾ ايذا ڏيندڙ شئي هجي. حضرت ابوبڪر غار ثور ۾ اندر لهي هٿوراڙيون هڻي صفائي ڪئي. جڏهن کيس اطمينان ٿي ويو ته، حضور سائين جن کي عرض ڪيائين ته، هاڻي توهان اطمينان سان اندر اچي آرام فرمايو. جڏهن اهي ٻئي ڀلارا غار ۾ داخل ٿي چڪا هئا ته، الله تعاليٰ غار جي منهن کي دنيا وارن خاص ڪري قريش ڪافرن جي نظر کان پردي ۾ رکڻ خاطر هڪ ڪمزور جيت ڪوريئڙي کي حڪم ڪيو ته، غار جي منهن تي تاڃي اڻي ڄاريدار پردا لڳائي ڇڏ، ۽ جهنگ مان ڪبوترن کي حڪم ٿيو ته، هلي غار جي منهن وٽ بيٺل وڻ ۾ آکيرا ٺاهيو ۽ اتي هلي آنا لاهيو. رات وچ ۾ غار جي منهن تي ڪوريئڙي جي ڄار جا پردا لڳي ويا ته ڪبوترن جا آکيرا آنن سميت ٺهي ويا. جنهن ڪري اتي اهڙي صورتحال ٿي وئي جو ڄڻ انهي غار وٽان ڪنهن انسان جو گذر ئي نه ٿيو آهي. غار ثور اندر حضور اڪرمﷺ، حضرت ابوبڪر صديق جي ڊگهيريل جوٽ (ران) سيراندي ڪري آرام فرمائي رهيا هئا ته، حضرت ابوبڪر چوڪيدار وانگر پهرو ڏيئي سيد الاولين و الآخرين جي منهن مبارڪ ۾ نظر ڄمائي ديدار پُر انوار ۾ محو ۽ مست هو. سبحان الله! صحابه ڪرام مان ڪنهن کي به اهڙو اڻ لڀ موقعو نصيب نه ٿيو جو سڄي ڪائنات کان ڪنڊائتو ٿي حضور سائين جو اهڙي طرح اڪيلي سر ديدار ڪن، جو انهي ديدار ۾ ساڻن ڪو به گڏ نه هجي. اهو اعزاز فقط حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه کي نصيب ٿيو. بقول شاعر،
    اين سعادت بزور بازو نيست
    تانه بخشد خداءِ بخشنده
    اها سعادت عظميٰ بازو جي زور (مادي طاقت) ذريعي حاصل ڪري نه ٿي سگهجي، اها ته فقط بخشڻهار جي خصوصي عنايت سان ئي ملي سگهي ٿي.
    وصال حبيب جي مٿئين منظر کي اکين آڏو رکي، شاهه لطيف به ساڳي طرح طالب حقيقي جي روپ ۾ آسائتو آهي ته،
    اکين ۾ ٿي ويهه ته آئون واري پلڪ ڍڪيان،
    توکي نه ڏسي ڏيهه، آئون نه پسان ڪي ٻيو.
    عجب آهي ته، وصل جي رات ڊگهي هوندي به ڪا ڊگهي محسوس نه ٿيندي آهي، ڄڻ ڪا گهڙي پل هئي جا اک ڇنڀ ۾ گذري وئي.
    پرهه ڦٽندي انهي خميس رات پنهنجي ڪاري چادر کڻي سميٽي ته، صبح جي هير پنهنجي ڌيمي رفتار سان نئين سج نڪرڻ جو پڙهو ڏيندي رواني ٿي ته، سورج اڀرندي سندس ڪرڻا اچي غار جي منهن تي سرڪار دوجهان جا سلامي ٿيا. اڃا صبح جي ويل ئي هئي ته، حضور اڪرم ﷺ جي تلاش ۾ قريش ڪافر مڪي جي سر زمين جي ٻاڙي ٻاڙي ڳولي ڦولي، پٿر پٿر ڇنڊي ڇاڻي پيرا کڻي پئي آيا سي سڌو اچي غار جي منهن تي بيٺا.
    اتي هيڏانهن هوڏانهن واجهائڻ سان کين محسوس ٿيو ته، هتي جي صورتحال ٻڌائي ٿي ته، هن هنڌ ڪنهن انسان جو پير به نه لڳو آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو هن غار جي اندر وڃي لڪي ها ته گهٽ ۾ گهٽ ڪوريئڙي جي ڄار سلامت نه رهي ها. ٻيو ته غار جي منهن تي بيٺل وڻ ۾ هي ڪبوتر به اهڙي طرح بي کٽڪا ۽ بي اونا پنهنجا آکيرا ٺاهيو آنن مٿان آرو ڪيو ويٺا نه هجن ها. لڳي ٿو ته، جنهن جي تلاش ۾ اسان هتي اچي پهتا آهيون، سو هتي نه پر ڪنهن ٻئي هنڌ لڪل آهي. جنهن مهل ڪافر جبل ثور جي چوٽي ۽ غار ثور جي منهن وٽ بيهي آسپاس واجهائي سوچي رهيا هئا ته، عين انهي وقت غار جي اندر حضرت ابوبڪر مٿي نگاهه ڪئي ته، ڪافرن جي پيرن جون کڙيون ڏسڻ ۾ آيون ته گهٻرائجي حضور سائين کي عرض ڪيائين “ڪافر ڪمينا ته پهچي ويا، هاڻي انهن جي ناپاڪ ارادي کان بچڻ ممڪن ڪونهي. مون کي پنهنجو فڪر ته ناهي البت اوهان جي سر جو اونو اٿم، متان ڪو اوهان کي ايذاءُ پهچائين.” حضرت ابوبڪر جي انتهائي بي چيني واقعي به حقيقت هئي. ڇو ته اها گهڙي انسانيت جي ڊگهي سفر جي سڀ کان وڌيڪ نازڪ ۽ سڀ کان وڌيڪ فيصله ڪن گهڙي هئي. جنهن ۾ يا ته اهڙي بد نصيبي اکين آڏو هئي جنهن جي انتها ناهي، يا ته اهڙي خوش نصيبي جو آغاز ٿيڻو هو جنهن جي ڪابه حد ڪانه هئي. اهڙي نازڪ مرحلي ۾ انسانيت بي چيني سان پنهنجو پساهه روڪي بي حس و حرڪت ٿي انهن پيڇو ڪندڙ جاسوس ٿي آيل ڪافرن کي اکيون ڦاڙي ڏسي رهي هئي جيڪي غار ثور جي منهن تي بيٺل هئا. پر خدا جي قدرت وچان حائل ٿي وئي ۽ اهي ڪافر ڌوڪي ۾ رهجي ويا، جو غار ۾ هيٺ لهي جانچڻ بدران اتان ئي واپس موٽي هليا ويا.
    حضرت صديق اڪبر رضي الله عنه جي حزن و ملال واري ڪيفيت کي محسوس ڪندي ۽ سندس اضطراب آميز عرض ٻڌندي رحمت للعالمينﷺ کيس تسلي ڏيندي فرمايو ته، “ما ظنڪ با ثنين الله ثالثهما”، (ابوبڪر! تنهنجو انهن ٻن جي باري ۾ ڇا خيال آهي جن سان گڏ ٽيون الله به هجي! !) يعني ته، غم نه ڪر، گهٻراءِ نه، الله جي هر قسم جي مدد پاڻ سان آهي. حضور اڪرمﷺ جي تسلي آميز جملي کي الله تعاليٰ اهڙو پسند فرمايو جو انهي کي پنهنجي وحي واري ڪلام جو حصو بنائي کيس دائمي شرف بخشي، قيامت تائين غار ثور جي انهي واقعي کي زنده يادگار بنائي ڇڏيو. ڪلام الاهي انهي گفتگو کي هن طرح ذڪر ڪيو آهي ته، ثاني اثنين اذ هما في الغار اذيقول لصاحبه لا تحزن ان الله معنا (ٻن مان هڪڙو پاڻ پيغمبر هو، جڏهن اهي ٻئي (حضرت محمد ﷺ ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه) غار ثور ۾ هئا، تڏهن پيغمبر ڪريمﷺ پنهنجي سنگتي حضرت ابوبڪر کي چيو ته، اُلڪو نه ڪر تحقيق الله اسان سان گڏ آهي) يعني ته ڪل جهان جي ڪارساز جي حمايت ۽ مدد پاڻ سان گڏ آهي، جنهن جي طاقت کان مٿي ٻي ڪا محافظ هستي آهي ئي ڪونه، ته پوءِ ڊپ ۽ ڳڻتي ڇا جي؟ حضور اڪرم جي انهي پُر اعتماد تسلي کانپوءِ صديق اڪبر جي دل تي قدرت واري پنهنجي طرفان اهو اطمينان ۽ سڪون نازل ڪيو جيڪو سندس محبوب ﷺ جي دل ۾ ابتدا کان وٺي سمائي ڇڏيو هئائين. ان سان گڏ قدرت واري سندس سچي رسول جي زبان مان نڪتل “نصرت الاهي ۽ رب جي معيت” واري جملي کي سچو ثابت ڪندي ملائڪن جو بي انداز لشڪر ان غار ثور جي چوڌاري پهري تي بيهاري ڇڏيو، جنهن غيبي لشڪر کي مخلوق جي نظر ڏسي ڪونه پئي سگهي. اهڙي طرح انهن ڀلارن جي غار ثور ۾ رهندي قدرت پاران حفاظت جو از غيبي انتظام ٿيو. غار ثور ۾ پاڻ ڪريمن ۽ حضرت ابوبڪر ٻنهي جي رهڻ، ۽ اتي پيش آيل صورتحال کي قرآن شريف سورت توبه آيت نمبر 40 ۾نهايت جامع انداز ۾ اختصار سان بيان ڪيو آهي. جيڪڏهن ڪنهن شخص کي اڃا به وڌيڪ تفصيل جي ضرورت آهي ته اهو تفسير، حديث ۽ سيرت جا ڪتاب مطالعه ڪري.
    جيتوڻيڪ اسان غار ثور جي واقعي کي ڪتابن تان هو بهو نقل ڪرڻ بجاءِ پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي پر يقين اٿم ته، مطالعه ڪندڙ حضرات ڪتابن جي جستجو کانپوءِ اسان جي بيان ڪيل صورت واقعه جي خود بخود تصديق ڪندا.
    غار ثور جي هيٺ بيهي اسان انهي واقعي جي پس منظر ۾ گهرائي سان گفتگو ۾ محو هئاسون ته، سندم ساٿي حافظ محمد خان سومري سندس واچ تي نظر وجهي ڇرڪ ڀري چيو ته سائين! ڀلا پوئتي ورڻ واري به ڪندو يا نه؟ مون چيو ته، “جيڪي وڃان وڃان ڪن سي رهي رهندا ڪيترو”، هائو سائين! هتان هلڻ کان پهرين، هن ڀلاري وادي ۾ ٻه ٽي قدم کڻڻ جي ته مهلت ڏيو! حافظ صاحب کلندي چيو ته، پوءِ آئون به توهان سان انهن ٻن ٽن قدمن ۾ ساٿي بنجي رفاقت چاهيان ٿو. ائين چئي اسان غور ثور جي دامن ۾ هڪ رڍون چاريندڙ کي هلندي ويجها ٿياسون ته ڪي ماڻهو انهي ريڍار جو رڍن سميت فوٽو ڇڪڻ لاءِ ڪيمرا کڻي “ريڊي ريڊي” ڪرڻ لڳا ته، اهو عرب ڇوڪرو وک ورائڻ بجاءِ سڌو ٿي بيهي رهيو ته ڪيمرا فليش چمڪندي اسان کي اطلاع ڏنو ته، هن جي تصوير محفوظ ٿي وئي. ڇوڪرو پنهنجون رڍون ڪاهي روانو ٿي ويو.


    جبل ثور تي لڳل هڪ بورڊ:

    جبل ثور تي لڳل هڪ بورڊ:
    اسان ڪجهه وکون کڻي غار ثور جي جبل ثور ڀرسان هيٺ گذرندڙ برساتي نالي وٽ آياسين جتي هڪ وڏو بورڊ لڳل هو. اهڙو ئي بورڊ مون کي غار حرا تي به نظر آيو هو جنهن ۾ ٽن ٻولين عربي، اردو ۽ انگريزي ۾ هيٺين عبارت وڏن اکرن ۾ لکيل هئي.
    “اخي المسلم!
    لم يشرع لنا النبي صلي الله عليه وسلم صعود هذا الجبل ولا الصلوٰه فيه، ولا التمسح با حجاره، ولا العقد عليٰ اشجاره، ولا اخذ شيئي من ترابه ولا احجاره و اشجاره، و الخير في سنته صلي الله عليه وسلم فلاتخا لفهما قال تعاليٰ لقد کان لکم في رسول الله اسوة حسنة (سوره الاحزاب)
    اردو ۾ هن ريت لکيل هو ته،
    برادران اسلام!
    نبی کریم ﷺ نے اس پہاڑی پر چڑھنا، ا س پر نماز پڑھنا، اس کے پتھروں کو چھونا، اس کے درختوں پر گرہیں لگانا، اس کی مٹی، پتھر اور درختوں کی شاخوں کو بطور یادگار لینا مشروع نہیں کہا ہے، اور نبی کریم ﷺ کی سنت کی اطباع میں ہم سب کیلئے بھلائی ہے اس لئے آپ اس کی مخالفت نہ کریں۔ اللہ رب العالمین کا ارشاد ہے کہ، لقد کان لکم فی رسول اللہ اسوۃ حسنۃ۔ (سورۃ الاحزاب)
    انهن ٻنهي عبارتن جو سولي سنڌي ۾ ترجمو به عام ماڻهن جي فائدي لاءِ لکون ٿا.
    اي مسلمان ڀاءُ!
    اسان کي نبي سڳوري ﷺ هن جبل تي چڙهڻ جو حڪم نه ڪيو آهي، ۽ نه ڪوئي هتي نماز (نفل) پڙهڻ، ۽ هتي جي پٿرن کي برڪت حاصل ڪرڻ خاطر ڇهڻ هٿ لائڻ، ۽ هتي جي وڻن کي مرادون پوريون ٿيڻ لاءِ ڳنڍيون ڏيڻ، ۽ هتي جي خاڪ کڻڻ ته جيئن اها خاڪ بيمار کي کارائجي ته ان کي شفا ٿئي، ۽ هتي جا پٿر ۽ وڻن جا پن، ٽاريون برڪت خاطر پنهنجي ڳوٺ کڻي وڃڻ جي اجازت نھ آهي. ڇو ته، انهي باري ۾ حضور سائين کان اهڙو ڪوبه حڪم ثابت ڪونهي. جيڪڏهن اهو ڪم جائز هجي ها ته، نبي سڳورو ضرور اها نيڪي مسلمانن کي ٻڌائي ها ۽ انهي جو حڪم ڪري ها. ياد رکو! اسان لاءِ هر قسم جي ڀلائي حضور اڪرم جي طريقي تي هلڻ ۾ آهي. انهي ڪري ڪوبه پنهنجو هٿرادو طريقو نه ٺاهيو، ائين ڪرڻ سان نبي سڳوري جي سنت (طريقي) جي مخالفت ٿيندي. جيڪي ماڻهو نبي جي سنت جي خلاف هلندا ته انهن جو اهڙو عمل خدا وٽ ڪڏهن به قبول نه پوندو، ويتر سخت عذاب ٿيندو، ۽ دنيا ۾ ڪيل نيڪي وارا عمل هڙئي چٽ ٿي ويندا. جيئن قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ اسان کي انهي باري ۾ خبردار ڪيو آهي ته، ترجمو : بيشڪ اوهان لاءِ الله جي پيغمبر جي طريقي ۾ عمدي پيروي آهي. (سورت احزاب آيت نمبر 21 پاره نمبر 21) يعني ته، رسول الله جي سهڻي طريقي ۾ سڀني مسلمانن لاءِ ڀلائي، بهتري ۽ ٻنهي جهانن جي ڪاميابي آهي، انهي ڪري مسلمانن کي اهو ئي طريقو اختيار ڪرڻ کپي. شال رب سائين اسان سڀني کي سنت نبوي جي پيروي جي توفيق بخشي (آمين)


    بهشت جا اٺ دروازا ۽ حرم شريف:

    بهشت جا اٺ دروازا ۽ حرم شريف:
    مڪي شريف جي سرزمين خاص ڪري حرم جي ايراضي جو ذرو ذرو بيت الله شريف جي برڪت سان قابل احترام ۽ ادب جي لائق آهي. خود قرآن شريف سورت آل عمران آيت نمبر 96 ۽ 97 ۾ بيت الله شريف جي برڪت واري هجڻ ۽ جهانن لاءِ هدايت جو مرڪز هجڻ بابت شاهد آهي. وڌيڪ هينئن به فرمايو ويو آهي ته، انهي ۾ قدرت واري پنهنجون پڌريون نشانيون رکيون آهن. اهي نشانيون هڪ ته ظاهري آهن جهڙوڪ مقام ابراهيم ۽ حجر اسود وغيره، ٻيون باطني ۽ معنوي آهن جيڪي خدا جي خصوصي رحمت ۽ مغفرت سان وابسته آهن. بيت الله شريف جي عظمت جو اندازو هن مان به لڳائي سگهجي ٿو ته، هڪ روايت مطابق “بهشت جا اٺ ئي دروازا قيامت تائين ڪعبت الله شريف ڏي کليل رهندا.” جتان کان رحمتن ۽ برڪتن جي بارش ٿيندي رهندي آهي. اسان ته انهي بارش جو پنهنجي گنهه گار اکين سان مشاهدو به ڪيو آهي. بهشت جي انهن اٺن دروازن جا رخ جن جن طرفن ڏانهن آهن تن جو تفصيل هن طرح آهي. پهرئين دروازي جو رخ، خود ڪعبي جي دروازي ڏانهن. ٻئي دروازي جو رخ ميزاب رحمت (يعني ڪعبي جي ناري) ڏانهن. ٽئين دروازي جو رخ، رڪن يماني ڏانهن. چوٿين دروازي جو رخ، حجر اسود ۽ رڪن يماني جي وچ واري جاءِ ڏانهن. پنجين دروازي جو رخ، مقام ابراهيم جي پٺيان واري جاءِ ڏانهن. ڇهين دروازي جو رخ، زمزم جي کوهه ڏانهن. ستين دروازي جو رخ، صفا پهاڙي ڏانهن. اٺين دروازي جو رخ، مروه پهاڙي ڏانهن. انهي شرف جيڪري، الله تعاليٰ اتي حاضر ٿي دعا گهرندڙ جي ڪابه جائز دعا رد نه ٿو ڪري، بلڪه هر مسلمان جي دعا کي خدا جي بارگاهه مان قبوليت جو شرف عطا ٿئي ٿو.
    البت دعا گهرندڙ کي کپي ته پوري توجهه، عاجزي نيزاري، توبه زاري ڪندي قبوليت واري يقين سان دعا گهري. دنيا ۾ ٻين جاين تي گهريل دعائون خدا جي مرضي تي ڇڏيل آهن پر هنن خاص برڪت وارين جاين تي، ڄڻ الله تعاليٰ طرفان ٻانهن جون دعائون قبول ڪرڻ جي يقين دهاني ڪرائي وئي آهي. هڪ روايت مطابق ڪعبت الله شريف تي پهرين نظر وجهندي جيڪا به دعا گهري ويندي سا قبول ٿيندي. انهي متعلق حضرت امام اعظم ابو حنيفه رحمت الله عليه کان ڪنهن پڇيو ته، انهي وقت ڪهڙي دعا گهرڻ کپي؟ وراڻيائين ته، انهي وقت توهان مستجاب الدعوات (دعائون قبول ٿيڻ واري مرتبي) جي دعا گهرو. ته جيئن انهي کانپوءِ جيڪا به دعا گهرو ته خدا وٽ قبول ٿي وڃي.


    دعا قبول ٿيڻ جون جايون:

    دعا قبول ٿيڻ جون جايون:
    جن جاين تي خصوصيت سان دعائون قبول ٿين ٿيون تن مان اٺ جايون ته اهي آهن جن ڏانهن بهشت جا اٺ دروازا کليل آهن (جنهن جو ذڪر اڳڀرو ڪري آيا آهيون) انهي کانسواءِ قبوليت واريون باقي جايون هي آهن. (9)صفا ۽ مروه جي وچ ۾ مسعيٰ (ڊوڙڻ واري جاءِ) (10) عرفات جي ميدان ۾ (11) مزدلفه ۾ (12) منيٰ ۾ (13) ٽنهي جمرات وٽ (14) باب النبي ۽ (15) باب السلام وٽ.

    حرم ڪعبه ۽ احترام:
    شاگردي واري دور ۾ قاضي عمر بيضاوي جو تفسير پڙهندي هي ڳالهه ڏٺي هيم ته، فضا ۾ اڏامندڙ پکي به ڪعبت الله جو احترام ڪندي انهي جي مٿان نه ٿا اڏامن. خود مون مڪي شريف ۾ پورو مهينو رهندي اکين سان هي مشاهدو ڪيو هو ته، ابابيل پکي ڪعبت الله شريف جي چوڌاري پيا اڏامندا هئا پر انهن مان ڪوبه ڪعبت الله کي اورانگهي مٿان کان اڏامندي نظر نه آيو ۽ نه ڪي انهن مان ڪوبه ڪعبي جي ديوار تي ويهندي نظر آيو. قاضي بيضاوي هي به لکيو هو ته، جهنگ جا ڦاڙيندڙ جانور، نانگ بلائون، هرڻ ڦاڙها وغيره حرم جي ايراضي ۾ رهندي ڪنهن جي به چراند نه ٿا ڪن ۽ انهن جانورن مان ڪوبه ڪنهن کي شڪار ڪري چيري ڦاڙي نه ٿو. مطلب ته، خدا جي سموري مخلوق ڪعبت الله ۽ حرم شريف جو مڪمل احترام ڪري ٿي.
    انهي مان اسان انسانن لاءِ وڏو سبق آهي. ته اسان انهي مقدس جاءِ جو احترام ڪريون. اتي رهي ڪوبه اهڙو ڪم نه ڪريون جيڪو غير شرعي هجي ۽ خدا جي ناراضپي جو ڪارڻ بنجي. جهڙوڪ : ڪوڙ، گلا، چوري، ڦڏو فساد، ساٿين سان گڏ رهندي ڳالهه ڳالهه تان ضد تڪرار جهيڙو وغيره. اهڙا ڪم اسان جي حج، عمره، قرباني، طواف جهڙين عظيم نيڪين جي ثواب کي بلڪل ميٽي ڇڏين ٿا.
    ڇو ته، اهي ڏوهه اهڙا آهن جيڪي ماڻهو جون نيڪيون ختم ڪري ڇڏين ٿا. جيئن هڪ حديث ۾ پاڻ سڳورن فرمايو آهي ته، حسد، چغلي ۽ گلا نيڪين کي ائين ساڙي چٽ ڪري ڇڏين ٿا، جيئن باهه ڪاٺين کي ساڙي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. انهي ڪري خاص ڪري حج يا عمري تي ويندڙ هر مسلمان انهن جاين تي پهچي خاص خيال رکي. هر وقت ادب ۽ احتياط سان رهي. ائين نه سمجهي ته، آئون پنهنجي ڳوٺ ويٺو آهيان جيئن کپي تيئن ڳالهايان، جيڪي وڻي سو ڪريان! !


    مڪي شريف جون قابل زيارت جايون:

    مڪي شريف جون قابل زيارت جايون:
    مڪي شريف ۾ بيت الله شريف کانسواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي برڪت واريون قابل زيارت جايون آهن. جن مان ڪي اصحابن سڳورن جا گهر آهن ته ڪي مسجدون آهن. هيٺ اسان انهن جي نشاندهي ڪريون ٿا ته جيئن پڙهندڙن مان ڪو اتي وڃي پهچي ته کيس زيارت جو درجو حاصل ٿئي.
    (1) بي بي خديجت الڪبريٰ رضي الله عنها جو گهر جنهن ۾ حضور اڪرمﷺ جن هجرت کان اڳ واري زماني تائين رهائش پذير هئا. انهي ئي گهر ۾ سندن اولاد جيڪو بي بي خديجه رضه مان ٿيو سو ڄائو نپنو ۽ وڏو ٿيو. ياد رهي ته حضور سائين جن کي بي بي خديجه مان چار نياڻيون بي بي زينب رضي الله عنها (وفات 8 هه) بي بي رقيه رضي الله عنها (وفات 2 هه) بي بي ام ڪلثوم رضي الله عنها (وفات 9 هه) بي بي فاطمه الزهرا رضي الله عنها (وفات 11 هه) ۽ ٻه پٽ حضرت قاسم رضه ۽ حضرت عبد الله رضه ٿيا هئا. اهي چارئي نياڻيون جوان ٿي پوءِ وفات ڪري ويون البت سندن اهي ٻه پٽ ۽ٽيون پٽ حضرت ابراهيم رضه جيڪو بي بي ماريه مان هو، سي ٽيئي ننڍپڻ ۾ فوت ٿي ويا. ڪن عالمن لکيو آهي ته، مڪي شريف ۾ مسجد الحرام کانپوءِ بي بي خديجه جو اهو گهر ٻين سڀني جاين کان افضل (فضيلت ۽ شان ۾ وڌيڪ) آهي. انهي گهر جي جاءِ مروه کان ساڄي پاسي مٿي بازار جي انهي گهٽي ۾ آهي جتي سونارن جا دڪان آهن. (نوٽ: اسان کي انهي گهر جي زيارت جو موقعو نه مليو هو. خبر ناهي موجوده جاءِ/ گهر جي ڇا حالت آهي والله اعلم بحقيقت الحال.)
    (2) ٻي جاءِ، حضور اڪرم ﷺ جي پيدائش واري جاءِ جيڪا مولد النبي ﷺ جي نالي سان مشهور آهي. اها شعب ابي طالب محله قشاشيه ۾ آهي، جتي اڄڪلهه هڪ لائبريري قائم ٿيل آهي. حرم جي نئين توسيع کانپوءِ اها جاءِ هاڻي روڊ جي لڳ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اسان انهي لائبريري تائين وياسون پر اها لائبريري عام ماڻهو لاءِ بند آهي. ڪيترا حاجي سڳورا انهي لائبريري جي ديوارن کي چمي، بند پيل درين جي لوهي سيخن کي چنبڙي روئي رهيا هئا. مون انهن کي ائين ڪرڻ کان منع ڪئي ته نه مڙيا پر ٿوري دير بعد جڏهن چيو مان ته شرطه (پوليس وارا) پيا اچن ته پوءِ هٿ ڪڍي ڀڄڻ لڳا. مون سوچيو ته اهڙن بي سمجهن ۽ نادانن کي نصيحت سان نه پر دڙڪي يا ڏنڊي سان ئي مڃائي سگهجي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اسلامي احڪامات رائج ڪرڻ لاءِ شرعي نظام حڪومت جي ضرورت پوي ٿي ورنه ته، عوام الناس شرعي احڪامن کي پنهنجي سماجي زندگي ۾ قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿو ٿئي. مسلمان هوندي به اسان جو سماج، غير شرعي رسمن ۽ رواجن ۾ گهيريل آهي جنهن ڪري نه رڳو اسان جي اخلاقي حالت بد تر آهي پر سياسي، اقتصادي، معاشي ۽ مذهبي حالت به قابل افسوس آهي. مذڪوره لائبريري جي ڇت تي هڪ ننڍڙو قبو نشان طور ٺاهيو ويو آهي بس انهي نشان هيٺ حضور سائين جن جي پيدائش واري جاءِ آهي. جنهن مان اندازو ٿيو ته، بي بي آمنه جو اهو ئي گهر هو جتي حضور سائين جن ڄاوا هئا.
    (3) ٽي جاءِ “دارارقم” آهي جيڪا هڪ اصحابي حضرت ارقم جو گهر هئي. اها صفا پهاڙي واري پاسي ٺهيل حرم شريف جي پهرئين دروازي جي سامهون آهي. انهي دروازي جي محراب تي “دارارقم” لکيل آهي. نبوت جي ابتدائي پنجن ڇهن سالن تائين اها جاءِ اسلام جي دعوت ۽ توحيد جي مرڪز طور استعمال ٿيندي رهي. جيڪي سڀني کان پهرين مسلمان ٿيا هئا سي انهي جاءِ ۾ اچي پاڻ سڳورن سان ملندا هئا. اها ئي اها جاءِ آهي جتي سيدنا امير المومنين حضرت عمر فاروق رضي الله عنه ايمان آڻي مسلمان ٿيو هو. ڪن جو چوڻ آهي ته، اصل جاءِ حرم جي توسيع سبب حرم ۾شامل ڪئي وئي آهي.
    (و الله اعلم).
    (4) چوٿين جاءِ سيدنا امير المومنين خليفة الرسول حضرت ابوبڪر صديق جو گهر آهي. جيڪو محله مسفله زقاق صواغين (ملمع سازن واري گهٽي) ۾ آهي. انهي گهر ۾ ٻه پٿر هڪ متڪلم ۽ ٻيو متڪا آهي. متڪلم حضور جن کي سلام ڪيو هو ۽ متڪا پٿر تي حضور سائين جن ٽيڪ ڏني هئي.
    (5) پنجين جاءِ حضرت امير حمزه جي پيدائش واري جاءِ آهي جيڪا محله مسفله ۾ آهي. هاڻي اتي هڪ مسجد ٺهيل آهي. (نوٽ : آئون انهن ٻنهي جاين جي زيارت نه ڪري سگهيو هئس).
    علاوه ازين مڪي شريف ۾ ڪافي مسجدون آهن جن جي زيارت لاءِ وڃڻ گهرجي. هي ڳالهه ياد رهي ته، جڏهن به ڪنهن مسجد جي زيارت لاءِ وڃجي ته ٻه رڪعتون نفل تحية المسجد جي نيت سان پڙهڻ گهرجن. البت جي اهو وقت، مڪروه وقتن مان هجي ته، فقط زيارت ڪري دعا گهرجي. انهي سان گڏ هن ڳالهه جو به خيال ڪرڻ گهرجي ته زيارتن جيڪري حرم شريف جي نماز باجماعت هٿان نه وڃي. ڇو ته حرم شريف ۾ پڙهيل هڪ ئي نماز جو ثواب، هزارين زيارتن کان وڌيڪ آهي. زيارتن لاءِ ٻيو به وقت ملي ويندو پر هي نماز وري هٿ نه ايندي.
    ڪي مشهور مسجدون هي آهن:
    مسجد الرايه : سن 8 هه ۾ مڪي شريف جي فتح واري ڏينهن پاڻ سڳورن انهي جاءِ تي پنهنجو فتح وارو جهنڊو کوڙيو هو جنهن جي ياد ۾ اها مسجد ٺاهي وئي آهي. اها مسجد مڪي جي قبرستان جنت المعليٰ ڏانهن ويندي واٽ تي اچي ٿي.
    مسجد جن ۽ زيارتي:
    مسجد جن : جنت المعليٰ جي ڀرسان آهي. انهي جو ٻيو نالو مسجد بيعت ۽ مسجد حرس به آهي. انهي جاءِ تي پاڻ سڳورن جنن کان بيعت ورتي هئي. انهي زماني ۾ کليو ميدان هو. پر هاڻي خوبصورت مسجد ٺاهي وئي آهي. مسجد جن جي زيارت وقت مون سان حافظ محمد خان سومرو به گڏ هو. اسان روڊ واري پاسي کان اچي مسجد ۾ داخل ٿيا هئاسون. اندر اچي ڏٺوسون ته زيارت ڪرڻ وارا هندستاني ۽ پاڪستاني ماڻهو پيئڻ لاءِ مسجد ۾ رکيل واٽرڪولر جي نلڪي مان پاڻي جا ٻڪ ڀري بيٺي پير وضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. جڏهن ته، انهي مسجد جو خادم جيڪو جهونو عرب هو سو ماڻهن کي اشاري سان روڪي رهيو هو ۽ وضو ڪرڻ واري جاءِ ڏي وڃڻ لاءِ اشارا ڪري “رح رح” چوڻ لڳو هو. پر ماڻهو انهي جي اشاري ۽دڙڪي مان ڪونه پئي سمجهيا بلڪه اهي وضو جي سعيي ۾ هئا ته، انهي پوڙهي خادم ماڻهن جي ويجهو اچي پنهنجي ٻنهي ڪنن ۾ آڱريون وجهي وڏي زور سان چيو ته، “اعوذ بالله من شرکم” (آئون اوهان جي شر کان خدا جي پناهه ٿو وٺان) اهو آواز ايڏي ته زور سان ڪيو هئائين جو مسجد ته پوري وڄي وئي هئي پر اسان جي ڪنن ۾ به ذري گهٽ تاڙيون پئجڻ واريون هيون. اها ماجرا ڏسي ماڻهن کي چوڻ لڳاسون ته، هي پيئڻ جو پاڻي آهي، هتان هلو پرئين پاسي وضو خانو آهي اتي ويهي آرام سان وضو ڪريو. پوءِ ماڻهو وضو خاني ڏي روانا ٿيا ۽ اسان به وضو ڪري ٻه رڪعتون تحية المسجد پڙهي دعا وغيره کان واندا ٿي واپس ٿياسون.


    مسجد جن کان ورندي هڪ سنڌي سان ملاقات:

    مسجد جن کان ورندي هڪ سنڌي سان ملاقات:
    واپسي ۾ روڊ تان ايندي اسان کي پويان ڪو ماڻهو سنڌي ۾ سڏ ڪري بيهڻ لاءِ چوڻ لڳو. لڳاتار سڏن تي اسان پوئتي مڙي ڏٺو ته، اڇي ڏاڙهي سان هڪ همراهه عربي ويس پاتل اسان کي سڏي رهيو هو. اسان جي بيهڻ تي اهو همراهه تڪڙيون وکون کڻي اچي اسان سان ملاقي ٿيو. اهو شخص اسان لاءِ بلڪل اڻ سڃاڻو هو. کانئس خبر چار پڇڻ تي ٻڌائڻ لڳو ته، منهنجو نالو شفيع محمد ذات بروهي آهي. ڪجهه وقت اڳي حرم شريف جو ٻهاريدار هئس، هاڻي رٽائر آهيان. منهنجا پٽ هتي نوڪرين ۾ آهن. هڪ پٽ اٺون ڪلاس پاس ڪري ڊرائيوري ٿو ڪري. توهان کي سنڌي ڏسي سڏ ڪيم ته جيئن اوهان سان گهڙي کن ڪچهري ڪري سنڌي ٻولي جي سڪ پوري ڪريان، ڇو ته هتي سنڌي ٻولي ڳالهائڻ وارو ڪو ورلي ملي ٿو. مون کي پوري طرح عربي ڳالهائڻ به نه ٿي اچي. باقي منهنجا پٽ هتي پيدا ٿيڻ ڪري خوب عربي ڳالهائين ٿا. اسان انهي جهوني جي تمنا پوري ڪندي ساڻس گهڙي کن ڪچهري ڪئي ۽ ٿڌيون بوتلون پيتيونسون. اهو جهونو شفيع محمد بروهي تمام گهڻو زور ڀرڻ لڳو ته، منهنجو گهر هتان کان بنهه ويجهو آهي مهرباني ڪري هلي ڪجهه وقت آرام ڪريو ۽ ماني ٽڪي به کائو.
    پر اسان وقت جي تنگي سبب معذرت ڪندي ٻئي ڀيري اچڻ جي حامي ڀري. تنهن تي انهي جهوني اسان کي پنهنجي رهائش جو مڪمل پتو ڏيئي، اسان کان ڳوٺ وارو ايڊريس وٺي موڪلايو ۽ اسان حرم شريف ڏي روانا ٿياسون.


    معذور، پوڙهن ۽ بيمارن لاءِ طواف وغيره جو انتظام:

    معذور، پوڙهن ۽ بيمارن لاءِ طواف وغيره جو انتظام:
    حرم ۾ معذور ۽ پوڙهن ماڻهن کي طواف ڪرائڻ ۽ صفا مروه وارو سعي ڪرائڻ لاءِ، سعودي سرڪار پاران ٻن گروپن کي اجازت مليل آهي. جن مان طواف ڪرائڻ لاءِ آفريقي شيدي مقرر آهن ته سعي ڪرائڻ لاءِ يمني عرب آهن. آفريقي شيدين جا پينگها آهن، جن ۾ طواف ڪندڙ معذور يا پوڙهي همراهه کي ويهاري چار شيدي انهي پينگهي جي هر هڪ پاڳي کان مٿو ڏئي کڻي هلندا آهن. انهن شيدي سڳورن جي هلڻ جي رفتار تمام تيز هوندي آهي. ڇو ته هو چاهين ٿا ته هڪ پوڙهي جا ست چڪر پورا ڪري وري ڪو ٻيو پوڙهو گراهڪ هٿ ڪريون. انهي ڪري اهي شيدي پينگهو کڻي هلڻ وقت، طواف ڪندڙ ماڻهن کي پري کان “يا حاج! الطريق الطريق، رسته رسته”. اي حاجي! رستو ڏيو! رستو ڏيو!!) جون رڙيون ڪندا ايندا آهن. پر جيئن ته طواف دوران ماڻهن جي ڏاڍي رش هوندي آهي ۽ هر ڪو ماڻهو پنهنجي طواف ۾ مشغول تسبيحن ۽ دعائن جي ورد ۾ مصروف هوندو آهي ۽ سوين ماڻهن جي گڏيل آواز سبب گوڙ شور هوندو آهي انهي ڪري انهن شيدين جي هڪل ٻڌجڻ ۾ نه اچڻ تي ڪن ويچارن حاجين کي اهي شيدي پنهنجي اڳيان هٽائيندي ٿيلهو ڏيئي ڪيرائي هليا ويندا آهن ته ڪن کي لتاڙي به ڇڏيندا آهن. انهن غير تربيت يافته اڻ سڌريل ماڻهن ۾، انسانن جي احترام جو ڪوبه لحاظ ڪونهي. اهي شيدي طواف ڪرائڻ لاءِ ٻه سؤ (200) ريال وٺن ٿا.
    اهڙي طرح يمني عرب وري صفا مروه جي سعي ڪرائڻ لاءِ معذور ۽ پوڙهن کي ريڙهن (Wheel Chair) تي ويهاري سعي جا ست چڪر پورا ڪن ٿا، جنهن جا 50 ريال وٺن ٿا.
    انهن جا ريڙها ۽ پينگها (ڏوليون) باب عبد العزيز کان دار ارقم واري پاسي آهن، جتي شاهه فهد جي شاهي محل جي بلند بالا ديوار آهي، بس انهي ديوار جي هيٺ آفريقي شيدي ۽ ٿورو اڳيان يمني گراهڪن جي انتظار ۾ ويٺا هوندا آهن.


    حاجين جي واپسي:

    حاجين جي واپسي:
    حج جا پانڌيئڙا سندن اباڻن ملڪن ڏي 15 ذوالحج 1417هه جي تاريخ کان واپس وڃڻ شروع ٿيا آهن. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪهي آيل انيڪ انسان، ڪعبي جي ڌڻي وٽان بيشمار برڪتون ۽ ري حساب رحمتون کڻي بخشش جون جهوليون ڀري، هن يقين ۽ اعتماد سان پوئتي ورڻ واري ڪري رهيا آهن ته، سندن سفر ساب پيو ۽ ڪئي ڪمائي قبول پئي. روزانه هزارن جي تعداد ۾ حجاج ڪرام جي واپس ورڻ ڪري، حرم شريف ۾ اڳوڻي رش ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهي آهي ۽ هاڻي طواف وغيره ۾ به ڏاڍي آساني ٿئي ٿي. اسان جي ڀر پاسي (لوئر سنڌ) جا حج تي آيل دوست جهڙوڪ: حاجي گل محمد لغاري مسڻ وڏي، غلام محمد لغاري ڳوٺ قاضي نور محمد لغاري مسڻ وڏي، ماستر محمد سومار نصرپور، محمد رحيم جتوئي نصرپور، ڊاڪٽر غلام محمد ٻگهيو ميرپور خاص، ڊاڪٽر منٺار ٿيٻو ميرپور خاص، سائين حافظ محمد خان سومرو حيدر آباد وغيره به سندن واپسي تاريخن مطابق وطن وڃي چڪا آهن.


    ٻه واقعا:

    ٻه واقعا:
    4 مئي 1997ع جي آچر تي طواف ڪندي ٻن واقعن منهنجي دل تي ڏاڍو گهرو اثر ڇڏيو. جن مان هڪ هي آهي ته، ڪنهن بزرگ جي طواف ڪرڻ دوران سندس گريه زاري، آهه و بڪا، آهُن ۽ دانهن منهنجي اندر کي اڌ ڪري جيءُجهوري ڇڏيو هو. چاق ٿي ويل چاڪ ٻيهر چڪي پيا هئا. اکيون نار جي نيسار جيان ندامت جا لڙڪ لاڙي پنهنجي پشيماني جو اظهار ڪري رهيون هيون. احڪم الحاڪمين جي عدالت عظميٰ آڏو پيشي تي پنهنجي چاليهه ساله سياهه ڪارين جي دفترن جا ڍير ڏسي شرمساري مان ڪنڌ کڻڻ جهڙو نه رهيو هئس بدن بي ساخته بي حس بنيو پيو هو جنهن ڪري وک وڌائڻ جي به سگهه نه ٿي ساريم. گنهگار زبان تي توبه زاري کان سواءِ ٻيو ڪوبه جملو ڪونه ٿي آيو.
    وقفي وقفي سان آزيون پئي ڪيم ته،
    جيڪي منجهه جهان، سو تاري تڳي تنهنجي،
    لطف جي لطيف چئي، تو وٽ ڪمي ڪانه،
    عدل ڇٽان آءُ نه، ڪو فضل جو ڦيرو ڪرين.
    ڪنهن زخمي دل ماڻهو جي آڏو جڏهن به اهڙو ڪو درد انگيز منظر مشاهدي ۾ ايندو آهي ته، ان جي حالت اضطراري ٿي وڃڻ يقيني آهي، ۽ اهڙي اضطرابي حالت ۾ نيم بسمل وانگر سندس گذرندڙ اهي گهڙيون انتهائي قابل رحم هونديون آهن. انهي ڪرب آميز ڪيفيت جو اندازو فقط اهي ئي ڪري سگهن ٿا جيڪي اهڙي جانگداز مرحلي مان گذريا هوندا يا سندن دل درد آشنا ٿي سوز و گداز ۾ گهايل ٿي هوندي. اهو بزرگ طواف جي ستن ئي چڪرن ۾ منهنجي ڀر ۾ گڏو گڏ هلي رهيو هو. زار و قطار لڙڪن وهڻ ڪري سندس ڏاڙهي ۽ پهراڻ ٻئي آلا ٿي چڪا هئا. مون خدا جي حضور ۾ روئي ٻاڏائڻ، گريه زاري سان رٺل رب کي راضي ڪرڻ جو سبق انهي “پير مغان” کان سکيو. اڄ به انهي جون پرسوز صدائون منهنجي ڪنن ۾ گونجن ٿيون.
    هي حقيقت آهي ته، نوائي رات ۾ تن تنها ٿي تون هي تون جي تنوار ڪري، رب جي حضور ۾ روئڻ سان جيڪا اندر کي آسيس ۽ روحاني راحت ملي ٿي تنهن جو ڪاٿو ڪرڻ مشڪل آهي. خشيت الاهي سبب اها ئي گريه زاري، شيطاني قوتن جي شر انگيزي ۽ خواهشات نفساني جي هر طرح جي حملن کي پسپا ڪري ٿي.


    انبيائن جي گريه زاري:

    انبيائن جي گريه زاري:
    انهي ريت رب کي ريجهائڻ جو سلسلو به خود انبيائن سڳورن وٽان نقل ٿيندو اچي. تفسيرن لکيو آهي ته، جيڪڏهن سموري دنيا جي صالح ٻانهن جو خوف خدا ۾ روئڻ گڏ ڪيو وڃي ته به دائود عليه السلام جي گريه زاري برابر نه ٿئي. ۽ دائود عليه السلام جي پوري زندگي جي گريه زاري گڏ ڪئي وڃي ته، نوح عليه السلام جي گريه زاري برابر نه ٿئي، پر جي نوح عليه السلام جي ساڍا نو سو سال عمر جي گريه زاري گڏ ڪئي وڃي ته، آدم عليه السلام جي انهن چاليهن سالن ۾ ڪيل گريه زاري جي برابر نه ٿئي جيڪا هن ڀل ۽ ويسر ۾ ڪيل خطا کان معافي لاءِ ڪئي هئي. پڙهندڙ پاڻ اندازو ڪن ته اهو حال انبياءَ ڪرام جو آهي جيڪي معصوم ۽ مغفور آهن. ته پوءِ اسان ايترا غافل ڇو آهيون؟ ڇا اسان مطمئن آهيون ته، اسان ڪوبه ڏوهه، ڪابه خطا ڪانه ڪئي آهي؟! جو روئي خدا جي حضور ۾ سچي دل سان توبه تائب ٿيڻ جو سعيو ڪريون! ! شال رب سائين اسان کي سچي توبه ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي (آمين) ٻيو واقعو هي هو ته، ساڳي آچر جي ڏينهن اهو طواف ڪري نفل، تلاوت وغيره کان واندو ٿي روانو ٿيس ته، ڪعبت الله شريف جي دروازي ۽حجر اسود کي سامهون بيٺل هڪ سنڌي جوڙو (زال مڙس) نظر آيو.
    شايد اهي ڪعبي تي آخري الوداعي نظر وجهي وطن ورڻ وارا هئا. ٽڪ ٻڌي بيٺل اهي ٻئي زال مڙس ڦوهه جوان پئي لڳا. سندن وضع قطع ڪنهن سٺي خاندان جو ڏس ڏيئي رهي هئي. ڪجهه وقت بيهي مرد زال کي چيو ته، هاڻي ڀلا اچ ته هلون؟ تنهن تي زال چيس ته “بيهه ته سهي! گهڙي کن ديدار ته ڪرڻ ڏي!! هي گهڙي به وري يا نصيب!!!” ائين چئي سندس اکين مان ڳوڙها وهي پيا ۽ سڏڪندي الله جي آڏو آزيون نيزاريون ڪرڻ لڳي هئي.
    آئون ته انهن جي ڀر وٽان لنگهي رهيو هوس پر مون کي انهي عورت جي جملي سوچڻ تي مجبور ڪيو ۽ دل سوچيندي گواهي ڏني ته، واقعي اها حقيقت آهي ته، “اهي گهڙيون به وري يا نصيب!” گهڙي پل کانپوءِ اهي ٻئي زال مڙس لڙڪ لاڙيندا ڪعبي کان موڪلاڻي ڪندا ۽ رب کان وري حاضر ٿيڻ جي توفيق گهرندا هليا ويا. احساسات جي اوناهين ۾ پل کن پاڻمرادو گم سم رهي، جدائي جي گهڙين تي سوچڻ بعد جيئن ئي نگاهه مٿي کنيم ته، حرم جي گيلري ۾ لڳل گهڙيال جي خاموش اشاري مون کي اٿي روانو ٿيڻ لاءِ چيو ۽ آئون پنهنجي جاءِ ڏي قدم وڌائڻ لڳس.


    هڪ ڇرڪائيندڙ واقعو:

    هڪ ڇرڪائيندڙ واقعو:
    بازار مان لنگهندو جاءِ ڏي وڃي رهيو هئس ته مولانا محمد ابراهيم نوحاڻي ڪنگوري جو ٻڌايل واقعو ذهن تي آيو، هن ٻڌايو ته، پنجاب پاڪستان جا ڪي “حاجي سڳورا دڪان تان پنهنجي پسند جي سوکڙي وي سي آر خريد ڪري هيٺ لهي رهيا هئا. آئون جڏهن کين ڪراس ڪري لانگهائو ٿيس ته انهن مان هڪڙي بازار ڏانهن منهن ڪري چيو ته، “مڪا، مڪا هي تي لاهور وي لاهور هي” (جيڪڏهن مڪو، مڪو آهي ته لاهور به لاهور آهي.) ذهن تي آيل، انهي جملي منهنجي اندر کي ڏاڍي ڪوفت پهچائي. خدا بهتر ڄاڻي ٿو ته، هن ڪهڙي ڳالهه جي ڪري اها ڀيٽا ڪئي. پر حقيقت ۾ بقول شاعر،
    چه نسبت خاڪ را، باعالم پاڪ.
    سوچيم ته، هي ڪو وڏو نادان (بي سمجهه) ماڻهو آهي جيڪو مڪي جهڙي پاڪ ۽ مقدس شهر کي لاهور سان ڀيٽي فخر سان پيو چوي ته، “لاهور به گهٽ ڪونهي”. ٿي سگهي ٿو ته اهو لاهوري به هجي جنهن وٽ “ربوهه” جنت الفردوس برابر آهي (استغفر الله ربي)
    يا اهو پاڪستاني تراني جي، “پاڪ سرزمين شاد باد”، واري فقره جي روشني ۾ لاهور کي به “پاڪ شهر” سمجهي رهيو هو. ڇو ته ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان کي “پاڪ ڌرتي. جو نالو ڏنو ويو. حالانڪه الله تعاليٰ مڪي ۽ مديني کي پاڪ ڌرتي (ارض مقدس) هجڻ جي اعزاز سان نوازيو آهي. جنهن کان پوءِ ٻئي نمبر تي فلسطين ۽ شام وارو علائقو، جيڪو هزارين انبيائن سڳورن جو اباڻو ۽ پيدائشي وطن، ۽ سندن دعوت جو مرڪز ۽ آخري آرامگاهه رهيو آهي. پر لاهور ڪهڙي “سچي نبي” جو پيدائشي شهر ۽ سندس دين جي پرچار جو مرڪز رهيو آهي جو اهو پاڪ ۽ مقدس ٿي ويو؟ جيتوڻيڪ پاڻ ڪريمن جي اچڻ کانپوءِ دنيا جي سموري ڌرتي مسلمانن لاءِ نماز پڙهڻ جي قابل بنجي وئي ڇو ته،
    شد وجودش رحمت للعالمين
    مسجد اوشد همه روءِ زمين.
    (يعني: پاڻ سڳورن جي جهانن لاءِ رحمت بنيل وجود مسعود جي برڪت سان روءِ زمين مسجد جي حڪم ۾ اچي وئي جو هر هنڌ نماز پڙهڻ جي اجازت آهي)
    اسان مسلمان ته، مڪي شريف جي عظمت سان ٻئي ڪنهن ملڪ يا شهر کي ڀيٽا ڏيڻ به توهين ۽ بي ادبي سمجهون ٿا. ڇو ته مڪي شريف جي عظمت ۽ تقدس، مادي ترقي، دنياوي اسبابن ۽ آسائشن جيڪري ناهي، بلڪه اهو ته روحانيت، آخري وحي الاهي، توحيد و رسالت، ۽ سڀني جهانن لاءِ برڪت و هدايت جو عظيم مرڪز هجڻ ڪري مقدس آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو خالق ڪائنات قرآن شريف ۾ مڪي شريف جي تقدس جو مختلف حوالن سان ذڪر ڪيو آهي. جهڙوڪ : سورت بقره آيت 126، سورت آل عمران آيت 96 سورت شوريٰ آيت 7، سورت بلد آيت 1_2، سورت والتين آيت 3 وغيره. انهن آيتن مان ڪن ۾ ته، مڪي شريف جو قسم به کنيو ويو آهي. ڇو ته، انهي جي هنج ۾ خدا جي خاص امانت پاڪ گهر بيت الله شريف موجود آهي، جنهن ڪري اهو شهر دنيا وارن لاءِ امن ۽ سلامتي جو هندورو بنيل آهي. جيڪو به اتي پهتو ته، سڀئي خوف خطرا ختم، ڄڻ خدا جي خصوصي حفاظت جي دائري ۾ اچي، اصلي توڙي نقلي شيطانن جي شرارتن کان هر طرح محفوظ ٿي ويو.
    مون کي ڪعبت الله تي آخري نظر وجهندڙ انهي “سنڌي جوڙي” ۽ هنن “لاهوري لاڏلن” جي جملن ۾ رات ۽ ڏينهن جو فرق نظر آيو.
    شايد اهي جملا ٻنهي ڌرين جي “اندر جو آواز” هئا، جيڪي اسان لاءِ عبرت ۽ نصيحت پرائڻ خاطر هڪ سبق هئا ته جيئن اسان انهن ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌي پنهنجي ضمير جي آواز کي درست جملن ۾ ترتيب ڏيندي گفتار جي اصلاح سان ڪردار جي به اصلاح ڪريون.
    (فبالله التوفيق.)
    جاءِ ڏانهن وڃي رهيو هئس ته، حاجي محمد ابراهيم لاشاري صاحب مليو، جنهن چيو ته، “اڄ شام جو حضرت عبد الله بن عمر فاروق رضي الله عنهما جي قبر ۽ سندس گهر جي زيارت لاءِ هلنداسون. ڇو ته، مڪي شريف ۾ 30 سال رهندي به مون کي اها خبر نه پئي سگهي ته، اتي حضرت عبد الله بن عمر فاروق رضه جي قبر ۽ سندس هٿن جو ٺهيل گهر آهي، توهان جي خوش نصيبي چئجي جو اوهان اها زيارت ڪري آيا. سو مهرباني ڪري شام جو ضرور گڏجي هلجو”. حاجي صاحب جي اصرار تي اهو پروگرام طئي ٿيو. جاءِ تي پهچي آرام ڪري ساٿين سان گڏ معمول مطابق مانجهاندو ڪيوسون.


    جيب تراشي جو هڪ واقعو:

    جيب تراشي جو هڪ واقعو:
    ڪچهري ڪندي ساٿين مان جاويد هزاروي پنهنجو تازو چشم ديد واقعو ٻڌايو ته، اڄ آئون ڳوٺ ڏي فون ڪرڻ خاطر حرم جي باب العمره واري پاسي وڃي روڊ تي لڳل ٽيلي فون بوٿن وٽ پهتس ڏاڍي رش هئي. مون سان گڏ ٻيا به ڪيترائي ماڻهو پنهنجي نمبر جي انتظار ۾ هئا. لائين ۾ لڳل ٽيلي فون بوٿن تي ماڻهو پنهنجي پنهنجي ملڪن ڏي مٽن مائٽن، يارن دوستن سان ڳالهائي حال احوال ڏيئي رهيا هئا. هڪ همراهه پنهنجو بغل ٿيلهو ڪلهي ۾ لڙڪائي ٽيليفون رسيور کڻي ڳالهائي رهيو هو، جيئن ته اهو پنهنجن مائٽن سان ڳالهائڻ ۾ همه تن مشغول هو ته، بيٺل ماڻهن مان ڪو جيب ڪتر (کيسا ڪٽيندڙ) به بيٺو هو تنهن انهي فون واري همراهه کي تاڙي ورتو ۽ کيس مصروف ڏسي ڪنهن تکي اوزار ذريعي هڪ ئي جهٽڪي سان ٿيلهي جو ڪشو ڪٽي، ٿيلهو کڻي وٺي ڀڳو. فون ڪندڙ همراهه جيئن ئي رسيور رکي “گهوڙا گهوڙا” ڪئي ۽ هيڏانهن هوڏانهن گهتون گوهيون هنيون، تيسين اهو جيب ڪتر رش جو فائدو وٺي الائي ڪٿان جو ڪٿان ڀڄي گم ٿي ويو ۽ اهو فون وارو همراهه رڙيون ڪندو رهجي ويو. جاويد هزاروي جي انهي ٻڌايل واقعي مون کي ته حيران ڪري ڇڏيو!
    افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته، عام انسانن مان انسانيت نڪري، حيوانيت سمائجي وئي آهي. انهي ڪري اڪثر انسان فقط انساني کل ۾ ڍڪيل آهن، نه ته اندر ۾ حيوان آهن. قرآن شريف هڪ هنڌ اهڙن انسان نما حيوانن لاءِ فرمايو آهي جنهن جو مفهوم هي آهي ته، “انهن جون دليون ته آهن پر سمجهن ڪونه ٿا، انهن جون اکيون ته آهن پر ڏسن ڪونه ٿا، انهن جا ڪن ته آهن پر ٻڌن ڪونه ٿا، اهي جانورن مثل آهن بلڪه انهن کان به وڌيڪ گمراهه (ڀليل) آهن”.


    هڪ بزرگ ۽ ڪتي جي ڳالهه:

    هڪ بزرگ ۽ ڪتي جي ڳالهه:
    طالبي واري دور ۾عربي ادب جي ڪتاب نفحت اليمن ۾ هڪ جاءِ تي پڙهيو هو سون ته، ڪو بزرگ ڪنهن جبل جي چوٽي تي پنهنجي جهوپڙي اڏي رهڻ لڳو ۽ اتي اڪيلو رهي سڄي دنيا کان ڪٽجي رات ڏينهن عبادت ۾ مصروف رهندو هو. الله تعاليٰ انهي جي رزق روزي جو بندوبست پنهنجي قدرت سان ڪري ڇڏيو جو کيس پتو به نه پوندو هو ته، اها روزي ڪٿان آئي ۽ ڪير کڻي آيو. هڪ دفعي الله تعاليٰ کيس آزمائڻ گهريو ته، انهي غيبي رزق جو سلسلو بند ٿي ويو. لڳاتار ٽي ڏينهن ٽي راتيون بک ۽ اڃ ۾ رهي، اهو بزرگ بنهه بي حال ٿي ويو. جيئن چوندا آهن ته، “بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري.”
    هاڻي منجهس ڪابه سگهه نه رهي، بلڪه موت جو خوف ٿي پيس. مجبوراً جبل جي چوٽي تان هيٺ لهي ڀر واري ڳوٺ جي ڪنهن گهران ماني گهريائين، جتان کيس ٽي مانيون مليون. جڏهن اهو بزرگ مانيون کڻي واپس جبل جي چوٽي ڏانهن ورڻ لڳو ته، انهي گهر جو ڪتو سندس پيڇو ڪري کيس ڏاڙهڻ لڳو. بزرگ ڪتي مان جان ڇڏائڻ لاءِ ٽن مانين مان هڪ ماني ڪتي کي اڇلائي ڏني ۽ پاڻ جبل ڏانهن وڌڻ لڳو. ڪجهه وکون هليو ته، ڪتي اها ماني پوري ڪري وري بزرگ جو پيڇو ڪيو ۽ ڏاڙهڻ لڳو ته وري ٻي ماني به ڪتي کي اڇلائي ڏنائين. جڏهن ڪتي اها به کائي ورتي ته وري بزرگ جو پيڇو ڪيو ۽ ڏاڙهڻ لڳو تنهن تي ٽين ماني به اڇلي ڏنائينس. ڪتو اها ٽين ماني به کائي وري اچي بزرگ کي ڏاڙهڻ لڳو. تنهن تي بزرگ خفا ٿي ڪتي کي ڦٽڪار ڪندي چيو ته، وڏو ڪمينو آهين! مون تنهنجي مالڪ وٽان جيڪي مانيون آنديون سي ته، توکي اڇلائي ڏنم، ٻيو ڪهڙو خزانو کڻي آيو آهيان جو تون اڃان به مون کي ڏاڙهڻ آيو آهين؟ الله تعاليٰ ڪتي کي ڳالهائڻ جي سگهه ڏني جنهن چيو ته، فقير! ڪمينو تون آهين يا آئون؟ بزرگ حيرت مان پڇيو ته، ڀلا ڪيئن؟ ڪتي چيو ته، ڏس! تنهنجو به مالڪ آهي ته منهنجو به هڪ مالڪ آهي. منهنجو مالڪ جيڪڏهن مون کي ٽڪر ڀور ڏئي ٿو تڏهن به سندس گهر جي چوڪي ڏيان ٿو، پر جي نه ٿو ڏئي تڏهن به پنهنجي فرض ادائي ۾ ڪوتاهي نه ٿو ڪريان ۽ نه ڪي سندس در ڇڏي ڪنهن ٻئي جي در تي وڃي رهان ٿو. تنهنجي مالڪ هيترا سال توکي پئي کارايو پياريو، پر فقط ٽي ڏينهن آزمائش خاطر کائڻ پيئڻ بند ڪيو اٿس ته انهي جو در ڇڏي ٻين جي درن تي پيو ڌڪا کائين؟ بزرگ، ڪتي جي ڳالهه ٻڌي پشيمان ٿي چيو ته، واقعي آئون قصور وار آهيان. اهو هڪ تمثيلي واقعو آهي جنهن مان انسان ۽ حيوان جي حالت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.


    حضرت عبد الله بن عمر جي قبر تي ٻيو ڀيرو حاضري:

    حضرت عبد الله بن عمر جي قبر تي ٻيو ڀيرو حاضري:
    ساڳي آچر جي وچين نماز ڌاري پروگرام مطابق حاجي محمد ابراهيم لاشاري ۽ سندس پٽ محمد طاهر ڪار ڪاهي اسان جي جاءِ تي اچي پهتا. گاڏي ۾ ويهي شارع حسان بن ثابت وٺي حي الزاهر (زاهر محله) جو رخ ڪيوسون. شارع حسان بن ثابت تي هلندي واٽ تي “ابراج شهداءَ” (شهداءَ محل) محطة شهداءَ للمحروقات (فائر برگيڊ اسٽيشن) آيا، جن کان ٿورو اولهه طرف مڙي اسان حضرت عبد الله بن عمر فاروق رضه جي گهر وٽ اچي پهتاسون. اسان ته اڳ ۾ پيدل وڃي انهي جي زيارت ڪري آيا هئاسون، پر هن ڀيري فقط حاجي ابراهيم صاحب جي اصرار تي ساڻس گڏجي آيا هئاسون. گاڏي روڊ جي ڀر ۾ بيهاري، اسان حضرت عبدالله بن عمر فاروق رضه جي خاندان جي رهائشي بلڊنگ واري مين گيٽ تي لڳل گهنٽي وڄائي ته، انٽرڪام تي اندران ساڳي عورت جو آواز آيو، جيڪو اسان پهرين زيارت دوران گهنٽي وڄائيندي ٻڌو هو. اها عورت شايد فاروقي خاندان جي نوڪرياڻي هئي جيڪا انهي ڊيوٽي تي مقرر هئي. عورت پڇيو ته ڪير؟ مون ساڳيو اڳوڻو جملو (جواب) دهرايو ته، اسان پاڪستاني مهمان آهيون. تنهن تي موٽ ۾ ڪوبه جواب/ ورندي نه ٻڌي اسان کي اميد ٿي ته، شايد هن ڀيري مڪي ۾ فاروقي خاندان جي سربراهه جناب شيخ ايمن صاحب سان ملاقات ٿيندي! سو دروازي کان ڪجهه پر ڀرا بيهي انتظار ڪرڻ لڳاسون. اسان جون اکيون در ۾کتل هيون. ٿوري دير ۾ گيٽ جا طاق کليا ته، ڇهن ستن سالن جي ڇوڪريء دروازي وٽ بيهي اسان کي چڱي طرح جانچڻ لڳي، اسان خاموشي سان بيٺا رهياسون. ڇوڪري هر هڪ جي حليه کي جانچي ڏسي واپس هلي وئي. گهڙي کن ۾ وري هڪ ڇوڪرو اٺن نون سالن جو دروازي وٽ بيهي اسان کي گهورڻ لڳو. اسان مان ڪنهن به ان ڇوڪر سان نه ڳالهايو. اهو به ڏسي ڏسي واپس ويو هليو ته تجسس آميز نظرن سان انهي دروازي ڏي ڏسڻ لڳاسون ته هاڻي ڪير ٿو اچي؟ پل کن ۾وڏي عربي ڪاري برقعي ۾ ملبوس عورت کليل طاق اڌ ورائي بيهي رهي ۽ اسان کي ڏسڻ لڳي. سعودي عورتن جا ڪارا برقعا اهڙا آهن جو اهي پائڻ کانپوءِ عورت جي چهري جي خبر نه ٿي پوي ته ڪهڙي پاسي اٿس. ڇو ته هڪ ته اهي چهري جي چوڌاري بند هوندا آهن ٻيو ته، پاڪستاني برقعي (چادري ) جي ڀيٽ ۾ ٿلهي ڪپڙي وارا هوندا آهن. سعودي عورتون ڪاري برقعي سان گڏ هٿن تي ڪارا جوراب ۽ مردن وانگر ڪارا بوٽ پائن ٿيون. اهي عورتون جسم ۾ مضبوط تمام سگهاريون ۽ هلڻ ڦرڻ ۾تمام تڪڙيون هونديون آهن.
    اسان ڪنڌ جهڪائي بيٺا رهياسون ۽ اها عورت اسان جي لباس، وضع قطع، شڪل شباهت جو جائزو وٺي واپس هلي وئي.


    فاروقي خاندان جي هڪ بزرگ سان ملاقات:

    فاروقي خاندان جي هڪ بزرگ سان ملاقات:
    انهي جي وڃڻ بعد اسان جو تجسس اڃا به وڌي ويو ته هاڻي ڪير ٿو ظاهر ٿئي؟ ته، ٿوري دير ۾ هڪ نوجوان، قداور، وزندار شخص، سنت مطابق ڏاڙهي، پٽڪو با شرع بزرگ دروازي وٽ بيهي ٻئي طاق پورا کولي ظاهر ٿيو ۽ اسان ڏانهن قدم وڌائي سلام ورايائين ته، اسان به اڳتي وڌي کيس سلام جو جواب ڏيئي مصافحه ڪيو (هٿ ملايو) حاجي ابرهيم صاحب گڏجي آيل دوستن جو تعارف ڪرايو ۽ اچڻ جو سبب ٻڌايو ته، انهي نوجوان سڀني کي کينڪاري خوش مرحبا چئي شڪريه ادائي ڪندي پنهنجو تعارف ڪرايو ته، منهنجو نالو “ايمن” آهي ۽ الحمدلله منهنجو نسبي تعلق سيدنا عبد الله بن عمر فاروق رضه سان آهي. توهان ڏٺو هوندو ته، منهنجي اچڻ کان اڳ دروازي تي ٻه ٽي ٻارڙا ۽ نوڪرياڻي پهريان توهان کي جانچڻ آيا هئا ته، اهي مهمان ڪهڙي قسم جا آهن؟ ڇو ته ايشيائي ملڪن خاص ڪري ڏکڻ ايشيا جي ننڍي کنڊ جا ماڻهو جڏهن ٻڌن ٿا ته، اسان فاروقي خاندان جا آهيون ته پوءِ اسان کي پيرين پوڻ ۽ هٿ پير چمڻ لڳن ٿا، ڄڻ اسان جي پوڄا ٿا ڪن. انهي ڪري آئون اهڙن ماڻهن سان ملڻ پسند نه ڪندو آهيان. جڏهن مون کي اوهان جي باري ۾اطمينان ٿيو ته، اوهان انهن پوڄارين مان نه آهيو، تڏهن ٻاهر آيس. الحمد لله توهان ته اهل علم ديندار معلوم ٿيو ٿا توهان سان ملي ڪري ڏاڍي خوشي ٿي. دل ۾ چيم ته، قريش سادات مان اصلي فاروقي اهو آهي جيڪو پير پرستي جهڙي بڇڙي مرض کان دلي طرح سخت متنفر آهي، جيڪڏهن اڄ هن مجلس ۾ اسان وارا صديقي، فاروقي، علوي، حسني، حسيني، جيلاني وغيره قريش سادات گهراڻن جا سڏائيندڙ موجود هجن ها ته، شيخ ايمن انهن کي اهڙو سبق ڏئي ها جو اهي آئنده صديقي، فاروقي سڏائڻ تان ئي هٿ کڻي پنهنجون پراڻيون اصلي ذاتيون سڏائڻ ۾ ئي خير سمجهن ها.
    هن ڳالهه جو انڪار ڪونهي ته، ڪي ماڻهو نسلي لحاظ کان قريش ساداتن سان حقيقي رشتو رکن ٿا. پر عام طور بر صغير ۾ سماجي حوالي سان گهٽ درجي ۾ شمار ٿيندڙ قومون ۽ ماڻهو، دنياوي شهرت، عزت، دولت وغيره جيڪري پاڻ کي قريش جي ڪنهن نسل ڏانهن منسوب ڪري سادات جي گودڙي ۾ لڪي وڃن ٿا. پوءِ عام ماڻهو انهن کي “يسوع مسيح” سمجهي انهن جي ڳالهه تي اعتماد ڪري آخرت آجي ٿيڻ جي فڪر ۽ پلصراط پار ڪرڻ جي آسري تي پنهنجو سڀ ڪجهه لٽائي ڇڏين ٿا. اهڙي طرح سادات جي گودڙي ۾ لڪندڙ ماڻهو جاگيرن ۽ گادين جا ڌڻي بنجي وڃن ٿا.
    شيخ ايمن ٻڌايو ته، آئون بر صغير (هندو پاڪ) ۾ به آيو هئس. جتي تبليغي سرگرمين دوران ڏسڻ ۾ آيو ته، مسلمانن جي اڪثريت، توحيد جي فلسفي کي سمجهڻ ۽ انهي جي روشني ۾ پنهنجي عملي زندگي گذارڻ کان تمام پري آهي. انهي ڪري اوهان کي تاڪيد ڪريون ٿا ته پنهنجي علائقي ۽ حلقه احباب ۾ ماڻهن کي توحيد سمجهايو ۽ پنهنجي ذاتي زندگي ۾ان تي عمل ڪريو. شيخ ايمن وڌيڪ چيو ته، هينئر حضرت عبد الله بن عمر فاروق جي قبر کي سعودي سرڪار سِيل ڪري ڇڏيو آهي. تان جو اسان خاندان وارن کان ئي انهي چوديواري جون چاٻيون کسي ورتيون آهن ڇو ته حڪومت وارن اسان کي چيو ته، جيڪڏهن اها جاءِ ائين کليل ڇڏبي ته ماڻهو زيارت جي بهاني ايندا ۽ پوءِ اتي شرڪ ۽بدعت جا ڪم شروع ٿي ويندا.
    انهي ڪري انهي جاءِ کي عام زيارت کان بند ڪيو ويو آهي. شيخ ايمن صاحب سان مختصر ملاقات دوران کانئس دعائون وٺي موڪلايوسون. ٻاهر اچي جاويد هزاروي، رحيمڏنو سمون ۽ حاجي ابراهيم بلڊنگ جي لڳ پٺئين پاسي واري پهاڙي تي چڙهي حضرت عبد الله بن عمر فاروق رضه جي قبر ۽ سندس هٿن جي ٺهيل گهر جي زيارت ڪئي ۽ فاتحه خواني دعا وغيره ڪئي. آئون ۽حاجي صاحب جوفرزند محمد طاهر گاڏي وٽ بيٺا رهياسون. سڀئي دوست واپس اچي ڪار ۾ ويٺا ۽ اسان ٿوري وقت ۾ سانجهي ڌاري حرم شريف ۾ اچي حاضر ٿياسون.


    زيارت مدينه جي تياري:

    زيارت مدينه جي تياري:
    مغرب نماز بعد جاويد هزاروي چيو ته، آئون مڪتب وڃي مديني لاءِ روانگي بابت پڇي ٿو اچان ته ڪڏهن ۽ ڪهڙي ٽائيم تي پاڻ کي هتان (مڪي) کان مديني لاءِ روانو ڪندا؟ جاويد ڪجهه دير بعد مڪتب نمبر 17 مان پڇي آيو، جن چيو ته، “توهان جي روانگي سڀاڻي سومر تي بتاريخ 5 مئي سانجهي نماز کانپوءِ ٿيندي.” اهو ٻڌي اسان پنهنجي نئين سفر جي تياري شروع ڪئي.
    هن سفر جي نيت مسجد نبوي جي زيارت هئي. ڇو ته، حضور سائين ﷺ جي هڪ ارشاد مان معلوم ٿئي ٿو ته، نيڪي ۽ ثواب جي نيت سان فقط ٽن مسجدن، مسجد الحرام (بيت الله شريف) مسجد اقصيٰ (بيت المقدس) ۽ مسجد النبي صه ڏانهن ڪيل سفر تي خاص اجر ۽ نيڪيون نصيب ٿينديون. باقي دنيا جون ٻيون سموريون مسجدون ۽ انهن جي زيارت لاءِ ڪيل سفر، ثواب ۽ درجي ۾ برابر آهن. انهي مان هي ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته، دنيا جي ڪنهن ڀلي جاءِ ڏي زيارت لاءِ سنڀري وڃجي ته، اها جاءِ مسجد هئڻ کپي. پر مسجدن ۾ به ثواب جي لحاظ کان وڌ ۾ وڌ ثواب مسجد الحرام ۾نماز پڙهڻ ۽ زيارت ڪرڻ جو آهي. ڇو ته مسجد الحرام ۾ هڪ نماز پڙهڻ سان هڪ لک نمازن جو ثواب ملي ٿو. مسجد الحرام کان ٻئي نمبر تي بيت المقدس ۽ مسجد نبوي آهن، جتي هڪ نماز پڙهڻ سان پنجاهه هزار نمازن جو ثواب نصيب ٿئي ٿو. انهن ٽنهي مسجدن کان علاوه سموري دنيا جون ننڍيون وڏيون مسجدون ثواب ۽ زيارت ۾ برابر آهن. البت ڪن روايتن ۾ جامع مسجد ۾ پنج سئو نمازن ۽ پاڙي جي مسجد ۾ پنجويهه نمازن جي ثواب جو ذڪر ملي ٿو. ٻي ڳالهه جيڪا ٿوري غور ڪرڻ سان مٿئين فرمان نبوي مان معلوم ٿئي ٿي سا هي ته، مسجدن کانسواءِ ٻين هنڌن تي ثواب جي نيت سان وڃڻ ۽ زيارت لاءِ ڪنهن سفر جي تياري ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي جيئن اڄڪلهه ماڻهو درگاهون ڀيٽڻ ۽ انهن تي حاضري ۽ سلام ڀرڻ لاءِ ٻارين ٻچين سفر ڪري، تڪليفون سهي هفتن جا هفتا وڃي رهن ٿا ته اهو سراسر غير شرعي آهي، اهڙو سفر خير نه پر “سفر شر” ليکبو.
    جنهن تي ثواب ڌاران خدا جو عذاب ٿيندو. تان جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو نبي ڪريمﷺ جي روضي جو ديدار ڪرڻ خاطر سفر ڪري ۽ روضي تي حاضري ڀري، پر مسجد نبوي ۾ زيارت لاءِ داخل ئي نه ٿئي، اتي ڪجهه وقت ويهي نماز تسبيح وغيره نه پڙهي ته اهڙو ماڻهو به خدا وٽ نا پسند آهي.
    اسان پنهنجو سامان سهيڙي سميٽي رکيو ۽ رات گذاري صبح جو معمول مطابق واندا ٿي سج اڀرئي مهل حرم شريف ۾ موڪلاڻي واري طواف لاءِ حاضر ٿياسون. هر هڪ ساٿي پنهنجي ليکي طواف، نفل دعا وغيره کان فارغ ٿيو. شال رب سائين اسان جي دل سان ڪيل توبهه ۽ دعائون قبول فرمائي ۽ اهڙا موقعا بار بار نصيب ڪري (آمين)


    حرم مڪي کان موڪلاڻي:

    حرم مڪي کان موڪلاڻي:
    برڪت ۽هدايت جي مرڪز ڪعبت الله شريف کان الوداع ڪندي اکيون آبشار بنجي، رب ڪعبه کان بار بار حاضر ٿيڻ لاءِ التجائون ڪرڻ لڳيون هيون. قبوليت جي قوي اميد رکي حرم ڪعبه کان ٻاهر آيس. مڪي جي شهر ۽ جبلن تي هڪ نظر وڌم ته، وحي واري فيض سان ٽمٽار فضا، مڪي جي مٿان رحمت جي بوند وسائي رهي هئي. اگرچه انهي وسڪاري کي ڇوهڻ عام ماڻهو جي احساسات کان مٿي هو پر بصيرت وارا اهو مشاهدو ماڻي رهيا هئا. ماديت ڏي مائل ۽ دولت جي حصول ۾ سرگردان ماڻهن جي انهي پاسي رسائي مشڪل آهي. البت روحانيت جي دنيا ۾ راتيون ۽ ڏينهن گهارڻ وارن لاءِ ته، مڪي جي فضا ۾ چند گهڙيون گهارڻ به صدين تائين ملندڙ عمر کان وڌيڪ عزيز ۽ قيمتي آهن.


    ماڪوڙين جي الوداع:

    ماڪوڙين جي الوداع:
    10 وڳي ڌاري جاءِ تي اچي ماني کائي سمهي پياسون. اڳين نماز مهل جاڳي ڏسون ته، اسان جي ڪمري جو فرش ماڪوڙين سان سٿيو پيو آهي. پٽ تي ماڪوڙين جا وڏا وڏا ڇٽ، مانارن وانگر ڏسي حيران ٿي وياسين ته، هن ڪمري ۾ ڪڏهن به ڪا مک ماڪوڙي نظر نه آئي، اڄ هي مخلوق ڪٿان اچي وئي! مون کي ياد آيو ته، هي سمجهدار جيت آهي، جو قرآن شريف جي هڪ سورت ۾ ماڪوڙين جي راڻي جي ڏاهپ جو واقعو ذڪر ٿيو آهي، جنهن ڪري پوري سورت جو نالو نمل (ماڪوڙي) رکيوويو آهي. منهنجي هڪ ساٿي انهن ماڪوڙين کي مارڻ جي رٿا ڪئي پر مون کيس روڪيو ۽ چيو مانس ته، اهي ويچاريون اسان جي جسم تي چڙهي گهمي رهيون آهن پر پوءِ به ڪنهن کي چڪ ڪونه ٿيون هڻن ته، خواه مخواه اهو ڪمزور جيت ماري ڇا ڪبو؟ هي ويچاريون ته پاڻ کي الوداع ڪرڻ آيون آهن. پاڻ ته هونئن ئي ڪلاڪ ٻن کانپوءِ وڃڻ وارا آهيون. پوءِ اهو پاپ ڇو ڪريون؟ مون کي حيرت ٿي ته، ڳوٺ هوندا آهيون ته گهر ۾ ڦرندڙ ماڪوڙيون هڪ نه ٻئي ڀاتي کي چڪ ضرور هڻنديون آهن پر هي سَوَن هزارن جي تعداد هوندي، هڪ به چڪ هڻي ايذائي ڪونه پئي. اڳين نماز بعد ماني کائي، بچيل ماني ڀور ڪري ماڪوڙين کي قوت ڏيئي، ڪمرو خالي ڪري حرم شريف ڏانهن روانا ٿياسون ته جيئن وچين نماز تائين آخري گهڙيون اتي گذاريون.


    زمزم جو پاڻي ۽ ڪفن:

    زمزم جو پاڻي ۽ ڪفن:
    پلاسٽڪ جا 10 ڪلو وارا ٻه ٻه ڊم وٺي زمزم جو پاڻي ڀرڻ وارين نلڪين مان ڊم ڀرڻ لڳاسون ته ڪيترائي ماڻهو ڪفن جي نيت سان ورتل سفيد تاڪيا زمزم جي پاڻي سان پسائي رهيا هئا. منهنجي ڪن دوستن چيو ته، اسان به ڪفن وٺي زمزم سان ڌوئنداسون. مون چيو ته، حقيقت ۾ اهي ماڻهو هن مقصد سان ائين پيا ڪن ته قبر ۾ زمزم جي پاڻي سان ڌوتل ڪفن پائڻ سبب پڇاڻو ۽ عذاب هلڪو ٿيندو، يا بخش ٿي ويندو. حالانڪه اها سوچ غلط آهي ڇو ته، قبر توڙي حشر ۾ پنهنجي نيڪ عمل ۽ خدا جي فضل و ڪرم کانسواءِ بچڻ جو ٻيو ڪوبه آسرو ڪونهي. ايمان ۽ صالح عمل هوندا ته نه لهر نه لوڏو، باقي عمل صالح هوندو ئي نه، ايمان به نالي ماتر ته پوءِ اهڙي ماڻهو کي زمزم جو پاڻي ڪيئن بچائي سگهندو؟ توهان ٻڌو ۽ پڙهيو ناهي ته، پيغمبر ڪريمﷺ سان جن ڪافرن لڙايون ڪيون ۽ قتل ٿي ويا، يا پنهنجي طبعي موت مري ويا سي به ته هن ئي ڀلاري ڀون ۾ دفن ٿيل آهن. پوءِ اها پاڪ مٽي انهن جي بخشش جو ڪارڻ بني؟ بلڪل نه! ! ڇو ته ڪوبه پاڻي، ڪابه پاڪ مٽي يا ڪا اهڙي برڪت واري شئي ڪنهن کي به خدا جي پڪڙ کان بچائي نه ٿي سگهي. خدا جي رحم و ڪرم کانسواءِ ۽ عملن بغير ڪوبه ڇوٽڪارو ڪونهي. انهي ڪري آئون ته ائين ڪونه ڪندس. توهان ڪفن وٺي زمزم جي پاڻي ۾ ٻوڙيو ته ڀلي ڪريو!! دوستن اهو ٻڌي زمزم جي پاڻي ۾ ڪفن ڌوئڻ وارو ارادو ختم ڪري ڇڏيو.


    مدينه ڏانهن روانگي لاءِ انتظار:

    مدينه ڏانهن روانگي لاءِ انتظار:
    وچين نماز بعد اسان حرم کان مڪتب 17 جي آفيس ڏي محله شعب عامر وڃي پهتاسون، جتي ڪافي تعداد ۾ حجاج ڪرام موجود هئا. آفيس وارن کان پڇڻ تي معلوم ٿيو ته، نئين پروگرام مطابق، اسان کي هتان (مڪي) کان رات جو پوڻين 12 وڳي روانو ڪندا. انهي ڪري اسان کي اتي ئي ويهي انتظار ڪرڻو پيو. مون پنهنجي بستري واري ڳوٿري مان فراسي ڪڍي کڻي فوٽ پاٿ تي وڇائي ۽ سامان رکي ويهي رهيس ته ٻيا دوست به گڏ ويهي هن سفر خير بابت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لڳا.
    دوستن مديني جي مير ﷺ جو ذڪر ڇيڙيو ته، ورهين کان وصال لاءِ واجهائيندڙ وجود، بنهه بي قرار ٿي پيو. اکڙيون ڏسڻ لاءِ آتيون، ڪَن مديني جي فضا ۾ گونجندڙ اذانن جا آواز ٻڌڻ لاءِ منتظر، پيشاني حرم مدني ۾ سجدن لاءِ سعيي ۾، زبان ساراهه جا ڍڪ ڀرڻ لاءِ آتي، هٿ دعائن لاءِ کڄڻ خاطر تيار، دل درشن لاءِ خوشي مان تيز ڌڙڪڻ ۽ پير انهي مبارڪ ماڳ تي وک وارڻ لاءِ واجهائڻ لڳا هئا. سواري جي انتظار ۾ ويهندي اندر مان پکي ٿي اڏامڻ جا اڌما اچڻ لڳا پر بي وسي ڪري ائين ڪرڻ کان قاصر هئس، تنهن ڪري اوسيئڙي ۾ رهي مضطرب حال من کي ماٺي ٿيڻ لاءِ منٿون ۽ صبر جي تلقين ڪندو رهيس.
    مديني جي مير ﷺ جي مسجد ۽ سندن روضي پاڪ جي زيارت جو شوق اهڙا اڌما ڏيئي رهيو هو جيئن سانوڻ ۾ سنڌو جون مست ڇوليون آپي کان ٻاهر نڪري وينديون آهن. جيتوڻيڪ وصال جي ويل ويجهي هئي پر سڪ جي سختي سهڻ کان مٿي هئي، تنهن ڪري لطيف جي لات ۾ سهڻي جي زباني هينئن چوڻ لڳو هئس ته،
    سڪ سڪندين لاهه، وڇوڙيا ميڙ پرين،
    ايڏي سگهه سچا ڌڻي، توهي کي جڳاءِ،
    تن جنين جو طالبو، مهر تنين کي پاءِ،
    ميڙا ئي جو ماءِ، ڪانگ لوندو ڪڏهين.
    سج لٿي جي نماز بعد به وري ساڳيو انتظار. بجلي جي بلبن توڙي جو ڌرتي کي روشن ڪري ڇڏيو هو پر پوءِ به رات جي وقت آسمان تي قدرت جا روشن بلب (تارا) چمڪندانظر آيا. اتر طرف قطب تاري ڏانهن ڏسندي بي اختيار چئي ويٺس ته،
    هُن تاري هُن هيٺ، هُت منهنجا سپرين،
    سڄڻ ماکي ميٺ، ڪوڙا ٿين نه ڪڏهين.
    وري قطب تاري سان اکيون ملائي مخاطب ٿيس ته،
    تو ڏانهن گهڻو نهاريان، تارا تيلا هين،
    سڄڻ جيڏانهين، تون تيڏانهن اڀرين.
    مدينه روانگي جي خوشي ۾ اسان کي ماني کائڻ به وسري وئي هئي. شايد بک جو احساس ئي نه ٿيو جو اسان ماني جي پڇا ڪريون!!
    مڪي کان مديني روانگي سبب لڏ پلاڻ واري تجربي مون کي حضور سائين جن جي هجرت وارو واقعو ياد ڏياريو. اگرچه اسان جي روانگي ۽ پاڻ ڪريمن جي هجرت ۾ رات ڏينهن جو فرق هو. انساني تاريخ ۾ هي ڳالهه حيرت ۾ وجهندڙ آهي ته، حضور اڪرمﷺ جي ولادت جو مهينو، نبوت ملڻ جو مهينو، هجرت جو مهينو ۽ وفات جو مهينو ساڳيو ربيع الاول آهي. اهڙي طرح ولادت جو ڏينهن، نبوت ملڻ جو ڏينن، هجرت ڪري مديني پهچڻ جو ڏينهن، فتح مڪه دوران مڪي شريف ۾ فاتح جي حيثيت سان داخل ٿيڻ جو ڏينهن، ۽ وفات جو ڏينهن به ساڳيو سومر آهي. ڄڻ دنيا ۾ سندن اچڻ ۽ وري هتان وڃڻ هڪ ئي ڏينهن سومر تي ٿيو. جنهن مان هي اشارو ملي ٿو ته، پاڻ دنيا ۾ رهڻ نه پر الله تعاليٰ جو پيغام پهچائڻ آيا هئا، جڏهن اها ذميداري ادا ڪري ڇڏيائون ته روانا ٿي ويا. بقول شاعر ته،
    آتے ہوئے اذان ہوئی جاتے ہوئے نماز
    اتنے قلیل وقت میں آئے چلے گئے
    سمهڻي نماز مهل بسون پهتيون ته، معلم جي نمائندي حاجين جون لسٽون پڙهي ٻڌايون ۽ هر هڪ بس جا ماڻهو سيٽ ڪيا ۽ حاجين کان پاسپورٽ وغيره وٺي پنهنجي تحويل ۾ ورتا. اسان نماز کان فارغ ٿي پنهنجو سامان کڻي بس 2 تي رکيو.


    بسن جي روانگي:

    بسن جي روانگي:
    ساڍي يارهين وڳي بس ۾ سوار ٿي پنهنجي جاءِ تي وڃي ويٺاسون ته پوڻين ٻارهين وڳي بس رواني ٿي ۽ مڪي شريف جي حد کان ٻاهر چيڪنگ آفيس وٽ اچي بيٺي، جتي پاسپورٽ ۽ هوائي جهاز جا ٽڪيٽ وغيره چيڪ ڪيا ويا ۽ پوءِ بس اڳتي رواني ٿي. حج واري مهيني جي 29 تاريخ هئڻ ڪري رات جو چوڌاري ڪاراڻ گهيرو ڪيو بيٺي هئي، ڪابه شئي نظر نه ٿي آئي. مڪي کان مديني جو فاصلو 304 ڪلو ميٽر آهي. هي روڊ جيڪو مڪي کان مديني ڏانهن وڃي ٿو سو تمام ڪشادو ۽ ٻه طرفو آهي آڳاٽا گس نهايت اڙانگا، ور وڪڙ ۽ ڏورانهين پنڌ وارا هئا. جتي ڀليون مهري ڏاچيون يا ڪميت عربي گهوڙا ڊوڙائيندي به اڌ مهينو کن لڳي ويندو هو. جيئن حضور سائين جن هجرت جي سفر ۾ عام رستو ڇڏي ڪٽ ڪري وچان وچان هلندي به ٻارهين ڏينهن وڃي مديني پهتاهئا ۽ کين واٽ تي 14_15 منزلون ڪرڻيون پيون هيون. هاڻي ته سفر جون سڀئي سهولتون، روڊ رستا، سواريون، واٽ تي حفاظت لاءِ چوڪيون ۽ ضروريات زندگي جا دڪان وغيره موجود آهن. شايد اهي سهولتون اسان جهڙن کي گهر به نه ملن. هي روڊ جنهن تي اسان جي بس هلي رهي هئي، سو پاڻ ڪريمن ﷺ جي هجرت واري رستي کي ويجهو ويجهو ٺاهيو ويو آهي ۽ ان تي نالو به “طريق الهجرة” (هجرت روڊ) رکيو ويو آهي. اهو روڊ ايترو ڪشادو آهي جو هڪ ئي وقت 6 گاڏيون گڏو گڏ هلي سگهن ٿيون، يعني 3 گاڏيون وڃڻ واري پاسي ته 3 گاڏيون اچڻ واري پاسي. انهي ٻه طرفي روڊ جي وچان 20 ميٽر (60 فوٽ) جو ويڪرو پٽو آهي جيڪو روڊ جي ٻنهي پاسن وچان هڪ وڏي وڇوٽي آهي. هن روڊ جي تعمير سعوديه جي 11 ڪمپنين 3 سالن جي عرصي ۾مڪمل ڪئي. اسان کي بس ۽ روڊ جي آرام ده هئڻ ڪري سفر جي تڪليف جو احساس ئي نه ٿيو. ايئرڪنڊيشنڊ بس جي سيٽ تي ويهندي ڪجهه وقت ننڊ اچي وئي. بس هلندي هلندي هڪ هنڌ اسٽاپ ڪيو ته حاجي سڳورا لٿا، ڪن چانهه پاڻي پيتو، ته ڪي ضروري حاجت کان فارغ ٿيا. اسان به هيٺ لهي هوٽل تي ويهي ساهي کنئي. انهي اسٽاپ تي ٻيون به ڪيتريون ئي بسون اچي بيٺيون هيون. ڪجه وقفه بعد وري سفر شروع ٿيو. واٽ تي فجر نماز جو ٽائيم ٿيڻ ڪري بس بيهاري وئي ته، روڊ ڀرسان ٺهيل مسجد ۾ جماعت سان نماز ادا ڪئي سون. نماز پڙهڻ بعد بس وري به هلڻ لڳي تان جو 7 وڳي صبح جو اسان مديني منوره جي حدود ۾ داخل ٿياسون. اهڙي طرح سواست ڪلاڪ جو سفر ڪري اسان مديني شريف پهتاسون. حالانڪه عام طور بسون 6 ڪلاڪ وٺن ٿيون. آئون سمجهان ٿو جيڪڏهن واٽ تي بسون اسٽاپ نه ڪن ته چئن ڪلاڪن جو سفر آهي.


    چيڪنگ آفيس ۾ هڪ سنڌي سان ملاقات:

    چيڪنگ آفيس ۾ هڪ سنڌي سان ملاقات:
    مديني شريف جي شهر ٻاهران چيڪنگ آفيس آڏو ٻين ڪيترين بسن سان گڏ اسان جي بس به بيهاري وئي ته آفيس جو هڪ عملدار بس ۾ چڙهي آيو ۽ اسان جو گروپ ليڊر ضروري ڪاغذ کڻي بس مان هيٺ لٿو ته اهو عملدار کيس مليو. پاڻ ۾ ڳالهائيندي گروپ ليڊر پڇيس ته، توهان ڪٿي جا آهيو؟ وراڻيائين ته آئون سنڌ پاڪستان جو آهيان. تنهن تي گروپ ليڊر چيس ته، سنڌ جو هڪ عالم دين ته اسان سان هن سفر ۾ گڏ، بس ۾ ويٺل آهي. عملدار چيو ته، مون کي انهي سان ضرور ملايو. گروپ ليڊر، انهي عملدار کي وٺي آيو ۽ بس ۾ چڙهي مون ڏي اشارو ڪري چيائين ته، سنڌ جو اهو عالم سامهون ويٺو آهي. عملدار ويجهو اچي سلام ڪري مون سان مليو. پڇيائين ته توهان سنڌ جي ڪهڙي علائقي جا آهيو؟ چيم ته تعلقه ٽنڊو الهيار ڳوٺ مسڻ وڏي. بس پوءِ ته وڏي حب مان ڀاڪر پائي چوڻ لڳو ته سائين! پاڻ ته ڳوٺائي آهيون! آئون پياري لنڊ جو آهيان. منهنجو نالو محمد عرس ذات لنڊ آهي. پوءِ ته مون سان سندس سرائيڪي ۾ حال احوال ڪرڻ لڳو ۽ ڳوٺ جون خبرون چارون ۽ ملڪ جو حال پڇڻ لڳو. خير عافيت پڇي مون کي بس مان هيٺ لاهي سندس آفيس ڏي وٺي هليو، جتي تيار ٿيل چانهه جو ڪوپ ڀري ۽ بسڪيٽن جو پاڪيٽ کڻي اڳيان رکيائين. وڌيڪ زور ڀري چوڻ لڳو ته، توهان رهائش لاءِ ڪنهن جاءِ وٺڻ جي تڪليف نه ڪجو، پنهنجي جاءِ آهي، مهرباني ڪري اسان وٽ هلي رهو. پوءِ چيائين ته، منهنجو مامو سرڪاري ملازم آهي تنهن سان فون تي ڳالهايو. معذرت ڪندي چيم ته، منهنجو ڪوبه ڪم ڪونه آهي! پر محمد عرس فون جو نمبر ملائي سندس مامي کي چوڻ لڳو ته، پنهنجي ڳوٺان هڪ حاجي سڳورو آيو آهي توهان انهي سان ڳالهايو. مون کي فون جو رسيور ڏيئي ڳالهائڻ لاءِ چيائين ته عرس جي مامي سان فون تي خير عافيت ڪئي سون جنهن پڻ زور ڀريو ته، مهرباني ڪري اسان وٽ اچي رهو. پر مون معذرت ڪئي ته، آئون ٻين ساٿين سان گڏ آهيان، انهي ڪري جي سنگت جي صلاح ٿي ته، اوهان وٽ هليو اچبو، جي نه ته ميار نه ڪجو. انهي مختصر ملاقات کانپوءِ وري اچي بس ۾ ويٺس. مو نکي عجب ٿيو ته، ميٽرڪ پاس محمد عرس هتي سعوديه ۾ رهي ڪيئن نه عربي ٻولي فر فر پيو ڳالهائي! ۽ پنهنجي ڪم ۾ ڪيترو نه ڀڙ آهي!! ماڻهن سان سندس ميل جول به ڪيترو نه واکاڻ لائق آهي! !!.
    جيڪڏهن اهو مون کي نه ٻڌائي ها ته، آئون پيارو لنڊ جو لنڊ ٻروچ آهيان ته آئون کيس سنڌي طور قطعي سڃاڻي نه سگهان ها! هتي سعوديه ۾ سنڌ مان آيل ڪيترين ئي ذاتين جا ماڻهو مختلف ڌنڌن ۾ لڳل آهن. مون کي جيڪي سنڌي ذاتيون معلوم ٿي سگهيون تن ۾ لنڊ، لاشاري، رند، ورياهه، خاصخيلي، شيخ، شاهه، چانڊيو، بروهي، کوسو وغيره شامل آهن.
    مديني ۾ داخلا لاءِ ڪاغذات جي انٽري ۽ چيڪنگ بعد زائرين حجاج ڪرام کي وڃڻ جي اجازت ملي ته، حرم مدني ڏانهن وڌڻ لڳاسون.


    مديني ۾ داخلا:

    مديني ۾ داخلا:
    بارگاهه رب العالمين جي شرف زيارت کانپوءِ اسان جي سفر جي ٻي ۽ آخري منزل رحمت للعالمين جي دربار ۽ سندن مسجد مبارڪ هئي، جتي چند گهڙين ۾ پڄڻ وارا هئاسون.
    قادر ڪريم جي ڪرم فرمائي ٿي نه ته، مون جهڙو گندو گنهگار اهڙي عظيم سعادت ۽ شرف زيارت جي لائق نه هو. ڇو ته خطا جي خمير مان ٺهيل بدڪار بوتو، ڀلا ڪائنات جي ڪارڻي ، عفت و عصمت، نزاڪت و نفاست، عبديت و اطاعت جي مجسمي، تاجدار رسالت ﷺ جي حضور ۾ بيهڻ جي لائق به ڪيئن ٿي سگهندو؟! پر قدرت وارو جيڪڏهن ڪنهن جي نصيب ۾ اهڙا موقعا مقدر ڪري ڇڏي ته انهي لاءِ ڪا وڏي ڳالهه ناهي!
    سالن جون سڪون لحظي ۾ لهڻ واريون هيون، پوءِ به اهو ڊپ هئم ته، خبر ناهي مون کان محبت ۽ خوشي جي بي قابو جذبن سبب ڪابي ادبي نه ٿي پئي! ! ڇو ته، دربار رسالت جا آداب بجا نه آڻڻ سان برڪت ملڻ بجاءِ ڪئي ڪمائي چٽ ٿيڻ بابت خود قرآن پاڪ آگاهه ڪيو آهي. جيڪڏهن اهو ڊپ نه هجي ها ته، شايد آئون پاڻ تي ڪنٽرول نه ڪري سگهان ها.
    گنهگار وجود جو ذرو پرزو پنهنجي حواسن ذريعي بي تابي سان درشن لاءِ منتظر هو. دل ۽ دماغ پنهنجي ديرينه منصوبن کي پايه تڪميل تي محسوس ڪندي خوشي مان نه ٿي ماپيا. ان هوندي به پنهنجي نا اهلي تي نادم۽ بي مايگي تي بيحد پشيمان هئا.
    دلي ڪيفيت خبر ناهي ڪهڙن مرحلن مان گذري رهي هئي. سوچن جي سمونڊ ۾ آيل تازي طوفان، ڪيڏي مهل ٻوڙيو ٿي ته وري ڪيڏي مهل تاري ڪناري سان ٿي لڳايو.
    خدا ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته، اها ڪهڙي حقيقت هئي؟ جنهن مون کي بنهه بي وس بنائي منهنجي وجود جي واڳ ڪنهن اڻ ڏٺي هستي جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏي هئي. انهي ئي ڪارڻ ڪري قول فعل، فهم فڪر پنهنجي خود خيالي ۽ خود مختياري سان نه پر ڪنهن از غيبي اشاري تي ڪم ڪري رهيا هئا. بس جي بريڪ مون کي اڻ ڏٺي احساسات جي اونهائين مان ڪڍي وري مشاهدي جي اکئين ڏٺي ماڳ تي آڻي ڇڏيو، جو حاجي سڳورن يعني زائرين مدينه جي بس ۾ ويٺل آخري کيپ کي سندن منزل تي لاٿو پئي ويو، جنهن کان پوءِ فقط اسان ئي وڃي رهيا هئاسون، جن کي گهڙي پل کانپوءِ جنت البقيع جي ڀر واري روڊ تي اوڀر ڏکڻ طرف لاهي خالي بس کي سندس اڏي تي نيو ويو.


    مسجد نبوي تي پهرين نظر:

    مسجد نبوي تي پهرين نظر:
    پنهنجي نسوري ناپاڪ وجود کي جنت جهڙي پاڪ ڌرتي تي لاهيندي پليت پيرن سان بيهي جيئن ئي نگاهه ڪئي سون ته، نظر وڃي مسجد نبوي جي نيلن تي پئي، جيڪا سج جي سهائي کي سامهون ٿي پنهنجي نوراني جوت جمال جا جهلڪا پسائي رهي هئي.
    اسان سرتا پا عاصي اثيم آستانه رسالت مآب ﷺ ڏي اکيون کڻڻ جهڙا به نه هئاسون پر پوءِ به پري کان پساري اندر کي آسيس ڏيئي هر هر پئي ٺاريو. بي قابو بت پاڻ ڀرو ٿيڻ لاءِ هٿوراڙيون پئي هنيون ته، اوچتو گنهه گار هٿ وڃي جنت البقيع جي ٻاهرين ديوار جي لوهي گرل تي لڳا. بس انهي ويل بنا ڪنهن وقفي بقيع الغرقد ۾ آرامي اصحابن سڳورن، تابعي ۽ تبع تابعي ڀلارن، اولياءَ ڪرام ۽ سڀني مدفون مسلمانن جي ايصال ثواب خاطر فاتحه خواني ڪري دعا گهري سون. دعا کان واندڪائي تي ايامن کان اوسيئڙي جون ماريل اکڙيون وري وڃي مسجد نبوي جي نيلن تي پيون ته سيد المرسلين ﷺ جي سڪ سمونڊ بنجي ڇوليون هڻڻ لڳي ۽ دل گهريو ته، سڀ ڪجهه هتي ڇڏي پيرين پنڌ وڃي حبيب جي حضور ۾ حاضر ٿيان ۽ ادب سان ڀرپور التجا ڪريان ته،
    شافع محشر مٺا، اي حوض ڪوثر جا ڌڻي
    ڪج شفاعت جو ڪميڻي تي ڪرم سڏڙا سڻي.
    پر دوستن بيٺي بيٺي هي صلاح ڪئي ته، اول رهائش لاءِ مناسب جاءِ هٿ ڪري سامان سڙو ٺڪاڻي لڳائي، طبعي ضرورت ۽ حاجت کان واندا ٿي پوءِ اچي ٿا دل جمعي سان ديدار ڪريون.
    انهي ڪري جاويد هزاروي ۽ رئيس عبد الغني ٻئي ٿيا روانا جاءِ جي تلاش ۾، ته آئون ۽ رحيم ڏنو سمون اتي ئي دست بسته درود و سلام پڙهندي بيٺا رهياسون. زبان ذرو به ڪين ٿي ڪڇيو، جيڪڏهن ڪو لفظ نڪتو به هو ته، اهو فقط درود و سلام هو جنهن سڪ ڀري سمونڊ ۾ آيل تڙپ جي طوفان کي ماٺو ٿي ڪيو.
    سچ پچ ته، جنهن ويل مسجد نبوي جي نيلن تي نظر پئي هئي ته، دل بي اختيار حاجي احمد ملاح مرحوم جي زباني هيئن چئي ڏنو هو ته،
    هو منارا، هو منارا، هو منارا مير جا.
    اڄ ڪيا اوٺين اشارا، هو منارا مير جا.
    ڪاف ڪاهي قافلو ٿيئڙو قريبن کي قريب،
    بس جبل ٿيا جي جيارا، هو منارا مير جا.
    هو نبي جي نيل سوني ٿي آهي نڪري نشان،
    جيئن سونهن اڀ ۾ ستارا، هو منارا مير جا.
    هو قبا مسجد قريبن، هو قبا هو ڪنگرا،
    ٿا سونهن ان طرف تارا، هو منارا مير جا.
    هو مدينو هو مديني جا محل هو ماڙيون،
    هاڻ ٿيو مومن متارا، هو منارا مير جا.
    درد دوري جو لٿو داخل ٿياسون در رسول،
    شڪر ڪريو شوق وارا، هو منارا مير جا.
    اڄ ته احمد چئي اکين کي عيد اندر عيد آ،
    ٿيون ڏسن باغ و بهارا، هو منارا مير جا.
    اڃا مشاهدي جي پس منظر ۾ گم هئس ته، سامهون ايندڙ ٽيڪسي جي هارن ڇرڪائي ڇڏيو. پاڻ کي رحيم ڏني سمي سان گڏ ساڳي روڊ تي سامان وٽ بيٺل ڏٺم. ٽيڪسي اچي ڀر ۾ بيٺي، جنهن مان رئيس عبد الغني ۽ جاويد هزاروي لهندي چيو ته، سامان رکو ته، جاءِ تي هلون. خبر پئي ته، مدينه ۾ 50 (پنجاهه) سالن کان رهندڙ هڪ پٺاڻ کان اٺن ڏينهن لاءِ چار سئو ريالن جي ڪرايه تي هڪ ڪمرو ورتو ويو آهي. اسان جي اها جاءِ حرم مدني/ مسجد نبوي کان اولهه اتر ڪنڊ تي فرلانگ پنڌ تي واقع شارع السح جي ڀر ۾ اولهه طرف هئي. چند گهڙين ۾ مسواڙي جاءِ تائين پهچي وياسين. چار ماڙ عمارت، هوا دار ڪشادا ڪمرا، هر قسم جي سهولت موجود ڏسي مطمئن ٿياسون. ڪمري ۾ سامان رکي، بک جو بلو ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري هوٽل جي تلاش ڪئي سون. رستي تي ڪن ماڻهن ڏس ڏنو ته، پاڪستان هائوس ڀرسان کاڌي جون هوٽلون آهن. سو اسان حي الخندق (خندق محله) کان ٿيندا پاڪستان هائوس پهتاسون جتي هڪ هوٽل م وڃي ماني کائي واندا ٿياسون. اڳين نماز جو وقت ٿي چڪو هو سو اول انهي فرض جي ادائگي لاءِ مسجد نبوي جو رخ رکيوسون. مسجد ۾ پهچندي ڏٺوسون ته، مسجد جي بيهڪ، بناوٽ، چٽسالي، انجنيئري ۽ فن تعمير جي ڇا تعريف ڪجي. بس اسلامي فن عمارت سازي جو اڻ لڀ مثال هئي. روضي پاڪ جو سائو گنبذ ته مسجد جي سونهن ۾ چار چنڊ لڳايو بيٺو هو. اسان روضي پاڪ اڳيان مسجد جي اندر ڇٽين واري ڇني ۾ اڳين نماز ادا ڪري گهڙي کن لاءِ واپس جاءِ تي اچي آرام ڪيوسين. ڇو ته سڄي رات بس جي سفر ۽ اوجاڳي اسان اڀرن کي ٿڪائي ڇڏيو هو. اک ان وقت کلي هئي جنهن مهل مسجد نبوي جي موذن جو حي علي الصلواه ۽ حي علي الفلاح وارو پرسوز آواز ڪن تي پيو هو. وڏي سرڪار جي سڏ تي لبيڪ چئي اٿي کڙا ٿياسون. اڃا اذان مس چئي بس ٿي هئي ته، مسجد نبوي جي اڱڻ تي اچي قدم رکيا سون.


    بارگاهه رسالت ۾ حاضري:

    بارگاهه رسالت ۾ حاضري:
    ساٿين طئي ڪيو ته، وچين نماز کان فارغ ٿيندي ئي پهرين روضي پاڪ جي زيارت ۽ پاڻ ڪريمنﷺ جي حضور ۾ حاضر ٿي صلوات و سلام عرض ڪبا. تنهن ڪري نماز بعد روضي پاڪ ڏي ماڻهن جي هجوم سان گڏ رڙهندا روانا ٿياسون.
    جيئن جيئن ويجهو پئي ٿيس، تيئن پاڻ مرادو اندر مان آزي ڀريا آلاپ ڀٽائي جا بيت بنجي نيازمندي ۽ نوڙت سان پئي نڪتا ته،
    مديني جا ماه، سڻ منهنجا سڏڙا،
    ٻيو نه وسيلو واه، آهيان تنهنجي آسري.
    مديني جا گهوٽ، سڻ منهنجا سڏڙا،
    ڪج محمد موٽ، عاصي تنهنجي آسري.
    مديني جا ڄام، سڻ منهنجا سڏڙا،
    آهيان تنهنجي سام، سگهو رسج سپرين.
    اهڙا ڪي ٻيا ڀاڳ، جو هن خطا ڪار کي اهڙي عظيم هستي جي حضور ۾ حاضر ٿيڻ جو موقعو ملي رهيو هو، جيڪا روحانيت جي سڀني سلسلن جي پڄاڻي آهي. جنهن جي ٻاجهاري نظر هڪ ئي نگاهه سان، انسانيت جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي سلامتي جو ساحل نصيب ڪيو. جنهن جي درٻار ۾ پهتل هر خطا ڪار کي، رب العالمين وٽان سندس شفاعت منظور هجڻ جي ڀرپور اميد هجي.
    بس انهي اميد جي سهاري اڳتي وڌي رهيو هئس. رسالت مآب ﷺ جي بارگاهه ۾ مون بدڪار کي پيش ٿيڻ جي ته ڪا همت ئي نه پئي ٿئي پر ڪلام الاهي جي هن آيت جي آڌار تي ته،
    “۽ جڏهن انهن ماڻهن پاڻ تي ظلم ڪيو، تڏهن جيڪڏهن تو وٽ اچن ها پوءِ الله کان بخشش گهرن ها ۽ پيغمبر انهن لاءِ بخشش گهري ها ته، الله کي ٻاجهه سان موٽندڙ مهربان لهن ها”. (سورت نسا آيت نمبر 64)
    رش سبب سرندا پئي وياسين، ٻيو ته رحمت للعالمين جي دربار جي ادب جي اها ئي تقاضا هئي ته، اٻهرائي جلد بازي نه ڪئي وڃي. ڇو ته بقول شاعر :
    ادب گاهي است زير آسمان از عرش نازڪ تر
    نفس گم ڪرده مي آيد جنيد و با يزيد اين جا
    آسمان هيٺ هي اهڙي ادب جي جاءِ آهي، جو عرش کان به وڌيڪ نازڪ نفيس ۽ قابل احترام آهي. هن مبارڪ ماڳ تي وڏا وڏا ڀلارا، اولياءَ سڳورا جنيد بغدادي يا با يزيد بسطامي جهڙا به پنهنجو ساهه گهٽيو پيا ايندا آهن. يعني ته ادب جيڪري نه ته زبان مان ڀڻڪو ٿا ڪن، نه ڪي پيرن جو کڙڪو. بس ماٺ ئي ماٺ. بهرحال ڪنهن از غيبي ڪشش ڇڪي روضي جي ڄاري سامهون سلامي ٿيڻ لاءِ آڻي بيهاريو.
    بردر آمد بنده بگريخته
    آبروءِ خود بعصيان ريخته
    در تي اهو ڀڳل ٻانهو آيو آهي جنهن ڏوهن سبب پنهنجي عزت آبرو مٽي ۾ ملائي ڇڏي آهي. شرمساري کان ڪنڌ جهڪيل رهيو ۽ زبان کي اشارن ڪناين سان صلوات و سلام پيش ڪرڻ جي اجازت ملي. ڀلا چند سيڪنڊن ۾ سالن جي سڪ ماٺي به ڪيئن ٿئي؟ دل محبت جي اٿاهه سمنڊ ۾ لڳندڙ ڇولين سبب ٻڏي رهي هئي ته زبان ذري گهٽ قوت گويائي وڃائي ويٺي هئي. رکي رکي ڪو واجبي اکر نڪتو ٿي. نه ته ديدار پُر انوار جي ڪيف ۾ مست مدهوش جسم، الائي ڪهڙي جهان ۾ گم هو. انهي ڪيف روح کي اهڙو ته رڱيو جو وري کيس اهڙي خوراڪ يا نصيب!.
    پرين جي پساري لاءِ ايندڙ پروانن کي ديدار جو موقعو ڏيڻ خاطر ڪجهه پرڀرو ٿي مسجد جي ديوار کي سهارو ڏئي بيهي رهيس. اکيون لڳاتار آقاءِ نامدار ﷺ جي“مواجهه شريف” ڏانهن کتل رهيون. صلوات و سلام جي سريلي ڀڻڪي قبوليت جو يقين ڏياريو ته، پنهنجي والد صاحب (مولوي عبد الرحمان شورو) استاد محترم مولانا عبدالڪريم لغاري، ۽ سمورن دوستن، عزيزن جي طرفان سندن نالا وٺندو صلوات و سلام پيش ڪندو رهيس. اڃان حاضري ۾ ئي هئس ته، خيرالقرون جي ڪنهن پروانه رسول جو منظوم هديه عقيدت ذهن تي بار بار ايندو رهيو ته،
    1. يا خير من دفنت في الارض اعظمه
    فطاب من طيبهن القاع والاکم.
    2. انت النبي الذي ترجيٰ شفاعته
    عند الصراط اذا ما زلت القدم.
    3. نفسي الفداءُ لقبر انت ساکنه
    فيه العفاف و فيه الجود والڪرم.
    4. وصاحباڪ لا انسا هما ابداً
    مني السلام عليڪم ماجري القلم
    ترجمو
    1) ڌرتي ۾ جيڪي به هستيون دفن ٿيل آهن تن سڀني ۾ ڀلاري هستي، جنهن جي جسم جي سرهاڻ سان پڊ پوٺا، جبل جهر جهنگ واسجي ويا آهن.
    2) تون ئي ته اهو عظيم پيغمبر آهين، جنهن جي شفاعت ۾ آسرو ڪري سگهجي ٿو، خاص ڪري ان وقت، جنهن دم پلصراط وٽ قدم پيا ٿڙندا ۽ ٿاٻڙندا.
    3) جنهن قبر ۾ تون آرامي آهين، تنهن تان منهنجو جيءُقربان، انهي قبر ۾ پاڪائي، سخا ۽ ڪرم ڪُل اچي ڪٺا ٿيا آهن.
    4) تنهنجي يارن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهان، منهنجي طرفان توهان سڀني تي سلام هجن ايستائين جيستائين قلم ڪاغذ تي لکندو پيو رهي. (يعني قيامت تائين) آخر ۾ هي خواهش ڪئي هئم ته،
    محمد از تو مي خواهم خدارا
    خدايا از تو عشق مصطفيٰ را
    (اي واحد جا واکاڻيل محبوب مٺا! توکان خدا ٿو گهران. اي خدا، توکان عشق مصطفيٰ ٿو گهران.)
    ٻنهي جهانن جي سردار ﷺ تي صلوات و سلام عرض ڪرڻ، ۽ سندس اصحابين حضرت ابوبڪر صديق ۽ حضرت عمر فاروق رضي الله عنهما جي خدمت ۾ سلام پيش ڪرڻ بعد سامهون واري دروازي باب البقيع وٽ وڃي بيٺاسون. اتان کان جنت البقيع ڏي نظر پيئي ته، اتي دفن ٿيل سڀني ڀلارن جي ايصال ثواب ۽ مغفرت لاءِ فاتحه خواني دعا وغيره ڪرڻ خاطر هليا ويا سون.


    جنت البقيع ۾:

    جنت البقيع ۾:
    جنت البقيع قبرستان ۾ داخل ٿيڻ سان ڪابه خبر ڪانه ٿي پئي ته، هي قبر ڪهڙي اصحابي، تابعي وغيره جي آهي. ڇو ته قبرن تي ڪوبه ڪَتبو يا نالي جي سر/ تختي لڳل ڪونهي. سعودي حڪومت انهي کي غير اهم سمجهي ڪابه نشاندهي نه ڪئي آهي. البت حاجي سڳورن مان ڪي پراڻا حاجي واقف هوندا آهن سي نون حاجين کي ٻڌائيندا آهن، نه ته گهڻو ڪري انهي کانسواءِ قبرستان بابت معلومات جو ڪو ٻيو ذريعو ڪونهي. مون وٽ جنت البقيع جو مڪمل نقشو موجود هو، جنهن ۾ سڀني دفن ٿيل اهم صحابه ڪرام جي قبرن جي نشاندهي ٿيل هئي، تنهن ڪري اهو نقشو کولي هٿ ۾ ڪيم ۽ انهي جي ڏس تي هر ڪنهن جي قبر تي حاضر ٿيندا فاتحه دعا وغيره ڪندا وياسون.
    جنت البقيع ۾ پهريون ڀيرو داخل ٿيڻ تي مناسب آهي ته پڙهندڙن آڏو، جنت البقيع بابت مختصر معلومات پيش ڪريون.
    بقيع، عربي ۾ ٿڙ کي چون ٿا ته، غرقد نالي ٻٻر جهڙو ڪنڊن وارو وڻ ٿئي ٿو. جيئن ته آڳاٽي دور ۾ اتي غرقد وڻ گهڻي تعداد ۾ ٿيندو هو ۽ انهي جا سڪل ٿڙ اتي موجود هئا تنهنڪري اها جاءِ بقيع الغرقد ( غرقد وڻ جا ٿڙ) جي نالي سان مشهور ٿي ويئي. حديثن ۾ به اها جاءِ بقيع الغرقد جي نالي سان سڏي وئي آهي. بعد ۾ عزت ۽ شرف جيڪري جنت البقيع سان مشهور ٿي، ڇو ته اصحابن سڳورن جهڙيون عظيم هستيون اتي آرامي آهن.
    جنت البقيع جو قبرستان مسجد نبوي کان ڏکڻ اوڀر طرف آهي، ته خود مدينه شهر جي اوڀر ۾ واقع آهي. قبرستان جي چوطرف 7 فوٽ کن اوچي ديوار ڏنل آهي جنهن کي لوهي گرل به لڳل آهي. بقيع جا لڳ ڀڳ چار دروازا آهن جن مان ٻه اولهه پاسي ته، ٻه اتر پاسي. جيڪي صبح سان کلن ٿا ته، شام جو بند ڪيا وڃن ٿا. دروازن تي چوڪيدار مقرر ٿيل آهن. جيڪي گهڻو ڪري مين گيٽ ڀرسان ٺاهيل چبوتري هيٺ ويٺل نظر ايندا. اهي ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي نگراني ڪندا آهن ته متان ڪو غير شرعي حرڪت جهڙوڪ: اصحابن سڳورن جي قبرن جي مٽي، يا پٿريون کڻڻ، يا انهن کي جهڪڻ سجدو ڪرڻ، قبر کي ست ڦيرا ڏيڻ، اگر بتي ٻاري هٿ ٻڌي بيهڻ جهڙو غير شرعي ۽ مشرڪاڻو عمل ڪري. قبرستان جي اندر سهولت خاطر ٽي چار سمينٽ سان ٺهيل پڪيون بائونڊريون به آهن، جيڪي زائرين جي اچڻ وڃڻ لاءِ آهن. قبرستان کي بلديه به وڏو پلاٽ ڏيئي ڪشادو ڪري ڇڏيو آهي هاڻي ته ان جي ايراضي ڪافي پکڙيل آهي. پاڻ سڳورن جي پڦي بي بي صفيه جي قبر ويجهو هڪ حجرو، جنت البقيع ۾ قبر کوٽيندڙن لاءِ به ٺهيل آهي.
    جنت البقيع ۾ بي شمار آسمان نبوت جا روشن تارا آرامي آهن. هن قبرستان جي خاڪ پاڪ تان دنيا جون مڙيئي بادشاهيون گهوري ڇڏجن ته به انهي مٽي جو ملهه مٿي آهي. ڇو ته انهي خاڪ پاڪ ۾ اهي هستيون ستل آهن، جن لاءِ لطيف جي زباني هينئن چوڻ مناسب آهي ته،
    ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو،
    ان جي عبداللطيف چئي، مٽي لڌو مانُ،
    ڪوڙين ڪن سلام، اچيو آسڻ ان جي.
    جنهن کي اها بقيع جي ڀلاري مٽي نصيب ٿي ته، ڄڻ جنت الفردوس ۾جاءِ ملي وئي. جنت البقيع مدينه منوره جو “شهر خموشان” آهي. امام مالڪ فرمائي ٿو ته، هن قبرستان ۾ ڏهه هزار کان به وڌيڪ اصحابي سڳورا دفن ٿيل آهن. فضيلت بابت پاڻ سڳورن جا هڪ ٻه ارشاد پيش آهن.
    1. قيامت جي ڏينهن سڀ کان پهرين منهنجي قبر چيربي ۽ آئون نڪري نروار ٿيندس، پوءِ ابوبڪر پنهنجي قبر مان اٿندو، پوءِ عمر.
    ان کان پوءِ آئون جنت البقيع ويندس مون سان گڏ ابوبڪر ۽ عمر به هوندا، اتي جيڪي به دفن ٿيل آهن سي سڀئي وٺي، مڪه مڪرمه جي قبرستان جنت المعليٰ ۾ مدفون مسلمانن جو انتظار ڪندس جيڪي مڪي ۽ مديني جي وچ ۾ مون سان اچي ملندا.
    2. هن قبرستان مان قيامت جي ڏينهن ستر هزار ماڻهو اٿندا، جن جا منهن چوڏهين جي چنڊ وانگر چمڪندڙ هوندا. سي بنان حساب ڪتاب بهشت ۾ داخل ٿيندا.
    3. جنهن کي جنت البقيع ۾ دفن ٿيڻ نصيب ٿيو ته آئون انهي لاءِ قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندس ۽ شاهدي ڏيندس.
    جنت البقيع لڳ ڀرسان ڏکڻ اوڀر طرف “شرشوره” نالي سان هڪ عمارت آهي جتي فوتي مسلمانن لاءِ غسل، ڪفن دفن وغيره جو انتظام آهي ۽ اتي پوليس اسٽيشن (الشرطه) به آهي.
    جنت البقيع جي اولهه ڏکڻ واري دروازي کان اچبو ته، دروازي کان سئو يا سوا سئو فوٽن تي عقيل بن ابو طالب، سفيان بن حارث بن ابو طالب، عبد الله بن جعفر طيار جون قبرون آهن. حضرت عقيل جي قبر کان لڳ ڀڳ 15 فوٽن تي پاڻ سڳورن جي گهر وارين امهات المومنين جون قبرون آهن. پاڻ سڳورن جي يارهن بيبين سڳورين مان فقط ٻه بيبيون سڳوريون مدينه ۾ مدفون ناهن باقي ٻيون سڀ اتي ئي آرامي آهن. اهي ٻه بيبيون آهن حضرت بي بي خديجه ۽ حضرت بي بي ميمونه. بي بي خديجه جنت المعليٰ مڪي شريف ۾ دفن ٿيل آهي ته بي بي ميمونه مڪي شريف کان ڏهه ميل پري سرف نالي جاءِ تي دفن ٿيل آهي، خدا خوب ٿو ڄاڻي ته، يارهن بيبين مان سڀ کان پهرين بي بي خديجه ۽ سڀ کان پوئين بي بي ميمونه سي ٻئي مڪي پاڪ ڏي ۽ باقي ٻيون سڳوريون سڀئي جنت البقيع ۾ مدفون.
    عجب آهي ته، بي بي خديجه جي پاڻ سڳورن سان شادي به مڪي ۾ ٿي ته زندگي به اتي ئي گڏ گذري ته وري وفات به اتيئي ٿيس. اهڙي طرح بي بي ميمونه جي پاڻ سڳورن سان شادي به سرف ۾ ٿي ته، ڪم و بيش چاليهه سالن کان پوءِ وفات به سرف ۾ ٿي جتي سندس قبر آهي.
    جنت البقيع ۾ پاڻ سڳورن جي گهروارين امهات المومنين جي قبرن کان ٽيهارو کن فوٽ اولهه طرف سيمنٽ واري پڪي بائونڊري لڳ، پاڻ سڳورن جي ٽن نياڻين بي بي زينب، بي بي رقيه، ۽ بي بي ام ڪلثوم جون قبرون آهن. جڏهن ته، انهن ٽنهي نياڻين جي قبرن کان لڳ ڀڳ منو سئو فوٽ پرڀرو بي بي فاطمه جي قبر آهي. اتي حضرت حسن بن علي، حضرت عباس، محمد بن باقر، زين العابدين، جعفر صادق وغيره جون به قبرون آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته، حضرت علي جي خاڪي جسم کي شهادت کانپوءِ حضرت حسن کڻائي اتي آڻي دفن ڪيو آهي ۽ ڪي ته چون ٿا ته، حضرت حسين بن علي جي سري به اتي دفن ٿيل آهي. والله اعلم.
    بي بي فاطمه وغير ها جي قبرن کي اهل بيت جون قبرون سڏيو وڃي ٿو. اسان جڏهن اتي حاضر ٿيا هئاسون ته، ايراني حاجي بي شمار موجود هئا. جڏهن ته اهي ايراني ٻين اصحابن سڳورن جي قبرن تي بيهندي فاتحه پڙهندي ڪونه ڏٺا ويا هئا.


    حضرت عثمان جي قبر تي حاضري:

    حضرت عثمان جي قبر تي حاضري:
    اسان نقشي جي آڌار تي هلندا، پاڻ سڳورن جي ٽئين خليفي ۽ ناٺي حضرت عثمان ذوالنورين جي قبر تي اچي حاضر ٿياسون. حضرت عثمان جي قبر جو پڌرو نشان هي آهي جو قبر جي سيراندي کان جيڪو پٿر کتل هو سو سائي رنگ وارو هو. نه ته ٻي ڪابه امتيازي علامت ڪانه هئي.
    آئون حضرت عثمان جي قبر جي پيراندي کان ته، جاويد هزاروي سيراندي کان بيٺل هئاسون. اسان سان گڏ ٻيا به ڪافي تعداد ۾ ماڻهو موجود هئا. وڏي رش هئي. سڀ ماڻهو قبر جي چوڌاري حلقي (گولائي) جي صورت ۾ بيٺا هئا.
    شهيد مظلوم حضرت عثمان جي قبر وٽ بيهندي سندس مظلومانه شهادت جو اهو پس منظر جيڪو سيرت ۽ اسلامي تاريخ ۾ پڙهيو هئم هڪ هڪ ٿي اکين آڏو اچڻ لڳو ته، لڙڪ لڪائي نه سگهيو هئس ۽ بي اختيار ڳوڙها ڳڙڻ لڳا هئا. اڃا انهي شهادت جي واقعي ۽ فسادين جي ڪيل انتهائي ظالمانه ۽ قاتلانه حملي تي پئي سوچيم ته، گولائي ۾ بيٺل گهڻن ماڻهن جي رش جو فائدو وٺي، ڪنهن اندر جي پليت پنهنجي دلي بغض کي هينئن ظاهر ڪيو جو هڪ پٿر کڻي زور سان حضرت عثمان جي قبر تي اڇلايائين اسان سڀ اهو پٿر زور سان قبر مٿان لڳندي ڏسي حيران ٿي وياسين. خبر پئجي نه سگهي ته اهو پٿر ڪنهن اڇليو؟ ماڻهو سڀ ششدر رهجي ويا، پر جاويد هزاروي اڳتي وڌي وڃي قبر مٿان اڇليل پٿر کنيو، اڃان پوئين پير موٽيو ئي مس هو ته، قبرن جي سار سنڀال لاءِ بيٺل هڪ سعودي عملدار جاويد کي کڻي ٻانهن کان سوگهو جهليو. شايد انهي عملدار جي نظر پٿر اڇلڻ وقت نه پئي هئي. نه ته اڇلڻ واري جي ضرور ڳولا ڪري ها. عملدار، جاويد کي سخت جٺ ڦٺ ڪرڻ لڳو ته، “تون پٿرن جو پوڄاري آهين. اهو پٿر کڻي پاڻ به پوڄيندين ته ٻين کان به پوڄا ڪرائيندين وغيره.” سوچيم ته، جاويد خواه مخواهه پيو جٺيون جهلي، ڪئي هڪڙي ڀري ٻيو، يا چٽي لڳي چاڪر تي ڀر وتايا تون. تنهن ڪري عملدار وٽ وڃي کيس ٿڌو ڪرڻ لاءِ چيم ته، “يا شيخ لسنا من عباد القبور، بل نحن رجال لا نتحمل ان يلقي احد حجراً عليٰ قبر سيدنا عثمان رضي الله عنه لذا رفع اخونا تلڪ الحجر و القاها خارج القبر ولا لِاَن يذهب بها اليٰ قريته کي يدعوالناس اليٰ عباد تها بللمس، والقبلة والسجده وغيرها من عباده الا وثان، کماز عمت ليس کذالڪ.
    (سائين! اسان قبرن جا پوڄاري ڪونه آهيون. پر اسان اهي آهيون جو هن ڳالهه کي برداشت به نه ٿا ڪريون ته ڪو ماڻهو حضرت عثمان جي قبر تي ڪو پٿر به اڇلائي. انهي ڪري اسان جي ڀاءُ اهو پٿر کڻي قبر کان ٻاهر اڇليو آهي. هن لاءِ پٿر ڪونه کنيو اٿس جو اهو پٿر ڳوٺ کڻي وڃي انهي جي پوڄا ڪرائيندو. جيئن بتن جا پوڄاري ڪندا آهن. جيئن تو سمجهيو آهي حقيقت ائين ناهي.) جڏهن عملدار اصل حقيقت سمجهي ته، ٻانهن مان هٿ ڪڍندي چيائين ته، عفواً يا شيخ! اني ڪنت حسبت ان اخاڪ حمل الحجر للتبرڪ او ليد عو الناس اليٰ عبادتها.
    (معاف ڪجو سائين! مون سمجهيو ته، توهان جي ڀاءُ تبرڪ يا پوڄا پاٺ لاءِ حضرت عثمان جي قبر تان پٿر کنيو آهي.) دعا کانپوءِ اڳتي وڌياسون. مطلب ته سڀني ڀلارن جي قبرن وٽان ٿيندا فاتحه دعا وغيره گهرندا، مغرب نماز لاءِ مسجد نبوي ڏانهن واپس ورياسون. جتي سانجهي ۽ پوءِ سمهڻي نماز پڙهي آخر ۾ حضورﷺ جي روضي پاڪ وٽ وڃي بيٺس.
    دل ۾ خيال آيو ته اڄ کانپوءِ جڏهن به روضي پاڪ تي حاضري جي توفيق ملي ته، امام مالڪ جي مؤطا (حديث جو ڪتاب) ۾ حضرت عبد الله بن عمر رضي الله عنهما جو نقل ڪيل سلام عرض ڪندس، يعني السلام علي النبي، ا لسلام عليٰ ابي بڪر، السلام عليٰ عمر ته جيئن مقصد سان گڏ حضرت عبد الله جي سنت تي به عمل ٿي وڃي. بهرحال اهو منهنجو ذاتي خيال هو. سلام پڙهي جاءِ تي آياسون، ماني کائي پاڻ ۾ ويهي رهڻ ڪهڻ بابت ڪجهه اصول ۽ ضابطا طئي ڪياسون. جنهن مان خاص ڳالهه هي ته، مسجد نبوي ۾ نماز با جماعت جي حاضري يقيني بنائي وڃي. گهمڻ ڦرڻ ۾ سڀڪو آزاد آهي. البت جيترو ٿي سگهي وقت اجايو نه وڃائجي. گهڻي کان گهڻو وقت مسجد نبوي ۽ روضي پاڪ سامهون، تلاوت، ذڪر اذڪار، نماز، تسبيح و تهليل ۾ گذارجي. مسجد نبوي ۾هر فرض نماز روضي جي سامهون ڇٽين هيٺ يا ان جي ڀر ۾ پڙهجي ته جيئن ڪو به ساٿي، ٻئي کي آساني سان هٿ ڪري سگهي. علاوه ازين کاڌي پيتي جو سامان آڻڻ، صفائي وغيره سڀ ڪم ورهايا ويا. انهي مشوري بعد ساٿي ته وڃي ستا، پر مون ڊائري کڻي ڏينهن واري روئداد قلم بند ڪئي.
    جيئن ته مدينه منوره ۾رهندي منهنجو اهو پهريون ڏينهن هو، تنهن ڪري باقي ڏينهن گهارڻ لاءِ مون پنهنجي جمله مصروفيات ۽ معمولات جو ٽائيم ٽيبل ترتيب ڏنو ته جيئن رٿا مطابق سڀ ڪم ٿيندا رهن. الحمد لله انهي ترتيب تي هلندي مدينه منوره ۾ اٺ ڏينهن پورا ڪيم.


    مدينه ۾ نئون چنڊ:

    مدينه ۾ نئون چنڊ:
    اڄ سج لٿي کانپوءِ مسجد نبوي جي اڱڻ تي بيٺي محرم الحرام جو چنڊ نظر آيو. چنڊ ڏسندي پنهنجي لاءِ ۽ اهل اولاد، عزيزن دوستن لاءِ خير سلامتي، برڪت ۽ ڀلائي جي دعا گهريم. اهڙي طرح اسلامي نئين سال 1418هه جي ابتدا مدينه منوره ۾ ٿيڻ منهنجي لاءِ وڏي نيڪ بختي جي نشاني هئي. شال رب سائين اسان سڀني لاءِ هر سال کي امن ۽ سلامتي جو سال بنائي. آمين اڄ اربع رات سعودي ۾چنڊ ڏسجڻ سان محرم جي پهرين تاريخ شروع ٿي، پر سنڌ ۾ ساڳي اربع رات 28 ذوالحج شروع ٿي هئي. يعني ته هڪ يا ٻن تاريخن جو فرق هو. عجيب اتفاق آهي ته، ذوالحج مهينو سعوديه ۾ به اوڻٽيهون ٿيو ته، پوءِ جي مليل معلومات مطابق سنڌ ۾ به ذوالحج اوڻٽيهو ٿيو. جڏهن ته انهي کان اڳيون مهينو ذوالقعد به سنڌ ۾ اوڻٽيهو هو ته، سعوديه ۾ به اوڻٽيهو هو. قدرتي نظام هر ملڪ ۾ ساڳي رفتار ۽ روش سان هلي رهيو آهي، رڳو اسان انسانن ۾ ڪمي بيشي آهي.
    1_ محرم 1418هه مطابق 7 مئي 1997ع اربع جي پرهه ڦٽي کان به اڳي اٿي مسجد نبوي ۾ تهجد لاءِ حاضر ٿيو هئس. هتي تهجد ۽ فجر نماز لاءِ الڳ الڳ اذانون ڏنيون وڃن ٿيون. ٻنهي اذانن ۾ لڳ ڀڳ منو ڪلاڪ کن فرق هوندو آهي. حرم مدني/ مسجد نبوي وانگر حرم مڪي/ بيت الله شريف ۾ به اذانن جو اهو ئي سسٽم آهي.
    سبحان الله! فجر نماز تي شيخ علي عبد الرحمان حذيفي جي پرسوز قرئت، شيخ سديس جون سڪون پئي لاٿيون. ٻنهي جي قرئت هڪ ٻئي کي ويجهي ويجهي پئي لڳي. البت آواز جي فري ڪوئنسي ۾ ڪجهه فرق هو.


    شاهه عبد العزيز لائبريري ۾:

    شاهه عبد العزيز لائبريري ۾:
    فجر نماز بعد ذڪر، تلاوت، اشراق کان فارغ ٿي ناشته لاءِ ٻاهر نڪتس ته، هڪ عرب نينگر جي ڪيبن تي چانهه بسڪيٽ کائي، جاءِ جو رستو ورتم. اڃان مسجد نبوي کان اولهه طرف ڪجهه پنڌ ڪيم ته، سامهون وڏي بلڊنگ نظر آئي، جنهن تي وڏن اکرن سان لکيل هو ته، مڪتبه الملڪ عبد العزيز (شاهه عبد العزيز لائبريري) اهو پڙهي ڏاڍو سرهو ٿيس ته، جنهن جي تن ۾ تار طلب هئي، سا ته تري تي موجود ملي وئي. بس پوءِ ته سڌو لائبريري ڏي لڙي پيس. مين گيٽ کي ويجهو ڪائونٽر تي ويٺل ٻن ٽن عرب سڳورن کي سلام ڪري پنهنجي خواهش ظاهر ڪيم ته، اسان اجنبين کي به مطالعي جو موقعو فراهم ڪيو وڃي. عرب سڳورن ڀرپور تعاون جي يقين دهاني ڪرائي ته، شڪريو بجا آڻيندي عرض ڪيم ته، ڪجهه دير کانپوءِ قلم ڪاغذ کڻي اچي ٿوحاضر ٿيان. توهان جي تعاون سان منهنجي همت وڌي آهي. عرب سڳورا مرڪندا رهيا. آئون ڪنهن ضروري ڪم کي به پوئتي ڇڏي ڪتابن جي مطالعي جي شوق ۾ وري اچي لائبريري ۾ وارد ٿيس. ڪائونٽر تي پيل رجسٽر تي نالو، پتو ۽ صحيح ڪري، ٻڌايل ڏس مطابق لفٽ تي چڙهي ٻي نمبر تي آڱر رکيم ته، سيڪنڊن ۾ لفٽ کڻي ٻي ماڙ تي لاٿو. اتفاق سان آئون جنهن پاسي ويو هئس انهي طرف لائبريري جي ٻي منزل جي انچارج جي آفيس هئي. آفيس ۾ ويٺل آفيسر مون کي اوچتو ايندو ڏسي اوپرو سمجهي ڇرڪ ڀري اٿيو ته، مون کيس کلندي چيو ته، سائين! ڊڄو نه، اسان علم جا طالب، ڪتابن جي مطالعي لاءِ حاضر ٿيا آهيون. غلطي مان اوهان جي آفيس ڏي اچڻ تي اسان کي معاف ڪجو ۽ انهي پاسي ڏس ڏيو جتي اسان کي گهربل ڪتاب ملي سگهن. پوءِ ته مرحبا ڪندي هٿ ملايائين ۽ گهنٽي وڄائي پٽيوالو گهرائي کيس پارت ڪيائين. پٽيوالو مون کي علم جي شهر (لائبريري) مان گهمائيندو انهي خاص حصي ۾ وٺي آيو جتي مون کي تفسير، حديث، سيرت، تاريخ، مدينه منوره، حرم مدني/ مسجد نبوي ۽ اسلامي تاريخ بابت گهربل ڪتابن جو ذخيرو موجود ملي سگهيو ٿي. اطمينان سان ڪرسي تي ويهي گهربل ڪتابن جي لسٽ پٽيوالي کي ڏيندي پاڻي آڻڻ لاءِ به چيو مانس. پٽيوالو ڪٻٽن مان ڪتاب ڳوليندو ميز تي رکندو ويو ۽ آخر ۾ پاڻي جي بوتل رکي خدا حافظ چئي هليو ويو. مطالعي جي لاءِ اهڙو موزون موقعو ۽ گهربل ڪتابن جي ملڻ تي بيحد خوشي ٿي. ڇو ته، سڀ شيون طبيعت جي عين مطابق هيون. البت جيڪڏهن ڪا شئي طبيعت جي خلاف هجي ها ته، ضرور نراسائي ويڳاڻپ ۾ وجهي ها.
    الحمد لله مدينه منوره ۾ لڳ ڀڳ 8 ڏينهن رهندي مطالعي جو معمول روزانو هلندو رهيو. جيڪي ڪتاب منهنجي نظر مان گذريا، ۽ جن مان استفاده ڪري سفر نامي ۾ شامل ڪيم تن ۾ هيٺيان ڪتاب خاص طور قابل ذڪر آهن.

    1. وفا الوفا باخبار دارالمصطفيٰ
    2. السيره النبوية في ضوءِ المصادر الاصلية
    3. المساجد في العالم
    4. نزهة الناظرين في مسجد سيد الاولين و الآخرين.
    5. معالم دار الهجرة
    6. الدره الثمينة في تاريخ المدينة
    7. فصول من تاريخ المدينة المنورة
    8. تاريخ الحرمين
    9. تاريخ المدينة المنوره
    10. مدينه اليوم
    11. تاريخ العرب قبل الاسلام
    12. آثار المدينة المنورة
    13. تاريخ اليهود في بلاد العرب في الجاهلية وصدر الاسلام


    مسجد قبا جي زيارت:

    مسجد قبا جي زيارت:
    مطالعي لاءِ مقرر وقت تائين استفاده ڪندو رهيس. پوءِ اٿي جاءِ ڏي روانو ٿيس. جتي پهچڻ تي خبر پئي ته، ساٿي زيارت جو پروگرام ٺاهيو ويٺا آهن، رڳو منهنجو انتظار هو. سو ايندي ئي چيائون ته، جلدي تيار ٿي ته، پاڻ مسجد قبا ڏي هلون. وراڻيم ته فقيرن جي ڪهڙي تياري. پاڻ ته، تيار ئي تيار آهيون. جاءِ کان ٻاهر اچي شارع السح تي بيٺاسون. جتان ٽيڪسي ڪري چند منٽن ۾ مسجد قبا پهتاسون. ٽيڪسي وارو ڏهه ريال وٺي وري ٻيا پاسينگر واپسي کڻي رمندو رهيو.
    مديني جي آبادي هاڻي مسجد قبا تائين پهچي وئي آهي، ۽ مسجد تائين پڪيون شاندار عمارتون ٺهي ويون آهن.
    اسان مسجد قبا جي احاطي ۾ ساڍي ڏهين وڳي پهتاسون. وضو ڪري مسجد اندر داخل ٿيا سون ته ڏسڻ ۾ آيو ته، مسجد جي اڏاوت واقعي اسلامي فن تعمير جو اڻ لڀ مثال هئي. مسجد ڪافي ڪشادي ۽ ان جي عمارت بنهه بلند آهي. نفل ادا ڪرڻ بعد مسجد جو تفصيلي ديدار ڪيوسين.
    مسجد جو فرش قيمتي پٿر ۽ سنگ مر مر جو ته، خوب صورت منبر به سنگ مر مر جو آهي. مسجد ۾ ايئر ڪنڊيشن، مسجد سان ملحق لائبريري، مسجد جي ملازمن لاءِ رهائشي ڪمرا، باغيچي وغيره جهڙيون سموريون سهولتون موجود آهن. مسجد مٿان مختلف ننڍا وڏا 56 گنبذ آهن، جن مان 6 وڏا گنبذ (قبا) آهن. مسجد جي ڪنڊن تي چار وڏا مينار آهن، جيڪي ڏسندڙن کي پري کان پاڻ ڏي پيا ڇڪين. هر هڪ مناري جي اوچائي 42 ميٽر (يعني سوا سو فوٽ کان به وڌيڪ) آهي. مسجد جي موجوده عمارت ترڪن جي ٺاهيل آهي البت سعودي حڪومت ان جي مرمت ۽ توسيع ڪئي آهي. سعودي توسيع کانپوءِ مسجد جي ايراضي پنجوڻ تي وڌي 6000 هزار چورس ميٽر ٿي وئي آهي. مسجد جو اندريون محراب تيونس حڪومت ٺهرايو آهي. مسجد جي اندر بيهي ڇهن وڏن قبن جي اندروني بناوت، ڊزائن وغيره ڏسي، مون کي ياد آيو ته، ميرپور خاص جي اسٽيشن واري جامع مسجد جي قبن جي اندروني بناوت به ساڳي هن مسجد قبا جي قبن جهڙي آهي. ٿي سگهي ٿو ته، رازو مسجد قبا ڏسي ويو هجي ۽ پوءِ انهي نقشي مطابق وڃي ميرپور خاص ۾ قبا ٺاهيا هجنس. و الله اعلم.
    مسجد جي محراب تي هي آيت لکيل هئي ته،
    لمسجد اسس علي التقويٰ.............(سورت توبه آيت نمبر 108)
    ترجمو: “جيڪا مسجد پهرئين ڏينهن کان ئي تقويٰ تي قائم ڪئي وئي آهي، اها ئي هن ڳالهه جي وڌيڪ حقدار آهي ته تون انهي ۾ عبادت (نماز وغيره) لاءِ بيهين.” انهي آيت هيٺان هي حديث لکيل هئي ته، قال النبي ﷺ، من تطهر في بيته ثم اتي مسجد قبا فصليٰ فيه صلواةً ڪان له ڪاجر عمرة. ترجمو: نبي سڳوري فرمايو ته، جنهن ماڻهو پنهنجي گهر چڱي طرح پاڪائي ڪئي، پوءِ مسجد قبا ۾ اچي نماز پڙهيائين ته، انهي لاءِ عمره جيترو اجورو آهي.
    مسجد جي ورانڊي ۾ ڏٺم ته، هڪ ٿلهو متارو همراهه وڏو ناسي جبو پايو ڪرسي تي ويٺو آهي شايد مسجد جو ملازم هو، ويجهو وڃي ڏسان ته، نابين هو. سلام ڪري هٿ ڏنو مانس ۽ خوش کينڪار ڪيم ته، خوش ٿي پاڻ به گرم جوشي سان مرحبا ڪيائين ۽ وڌيڪ پڇيائين ته، پاڪستاني آهين؟ هائوڪار ڪيم ته خاموش رهيو، ۽ اسان اڳتي وڌي اڱڻ تي آياسون. دوستن کان ٻڌو هئم ته، مسجد قبا جي اڱڻ تي اهو محراب اڃا تائين موجود آهي جيڪو مٿي ٻڌايل آيت جي نازل ٿيڻ جي پڪي نشاني آهي. انهي محراب جي سامهون ٿورو کٻي طرف اها جاءِ به نشان ڪيل آهي جتي پاڻ سڳورن جي ڏاچي قبا ۾ اچڻ وقت ويٺي هئي. مون کي اهڙي ڪابه نشاني نظر نه آئي. ٿي سگهي ٿو ته، اهي نشانيون انهي دور جون هجن، جڏهن فرش ڪچو هو. پر هاڻي ته، سنگ مر مر لڳڻ سبب اهي نشانيون ميٽجي ويون آهن. اهڙي طرح چون ٿا ته، مسجد جي اڀرندي ڪنڊ ۾ پهرين هڪ سوراخ هو، جيڪو هن ڳالهه جي نشاني هو ته، جنهن وقت پاڻ سڳورن ۽ صحابه ڪرام هٿان تحويل قبله کانپوءِ ٻيو ڀيرو تعمير ٿي رهي هئي ته، حضرت جبريل انهي پاسي کان اچي ڪعبو سامهون ڪيو هو ته جيئن قبله جو رخ صحيح ٿئي. ڇو ته پهرين تعمير ۾ قبلو مسجد اقصيٰ/ بيت المقدس ڏانهن هو ۽ خود پاڻ سڳورن انهي طرف قبلي جو رخ مقرر ڪيو هو.
    اسلامي تاريخ ۾ مسجد قبا کي خصوصي اهميت حاصل آهي. ڇو ته، هن مسجد سان سيرت طيبه جو اهو سونهري باب وابسته آهي جنهن کان سواءِ اسلامي تاريخ يا سيرت جو تذڪرو اڌورو آهي. انهي ڪري اسان انهي شاندار ماضي ڏي رجوع ڪريون ٿا، جيڪا هن مسجد جي وجود لاءِ پيڙهه جو پٿر آهي. مڪي شريف جي غار ثور کان سومر ڏينهن 1_ ربيع الاول سن 13 نبوي مطابق 16 سيپٽمبر 622ع تي پاڻ ڪريمن جي هجرت واري سفر جي شروعات ٿي هئي. جنهن جو اطلاع مديني جي مسلمانن کي ڪن واٽهڙن هٿان ملي ويو هو، سو روزانو سندن استقبال خاطر قبا جي ڀر وارين پهاڙين تي چڙهي پسار پيا ڪندا هئا. جڏهن سج جي گرمي تيز ٿي ويندي هئي ته، موٽي گهرن ڏي هليا ويندا هئا. عظيم پيغمبر جهڙي انتهائي معزز مهمان لاءِ سندن اکيون واٽون واجهائيندي اوسيئڙي ۾هونديون هيون ته، ڪڏهن ٿو اهو رحمت للعالمين مديني جي ڌرتي تي قدم ڌري ۽ ديدار جو شرف بخشي! مديني ۽ قبا جا رهاڪو يهودي وغيره، مسلمانن جي اها بيتابي روز پيا ڏسندا هئا. ربيع الاول جي 8 تاريخ سومر ڏينهن قبا ڳوٺ جا ننڍا وڏا ٻار ٻڍا معمول مطابق سيد المرسلين جي آجيان لاءِ پهاڙين جي چوٽين تي بيهي بيهي راهون تڪي، گرمي جي وڌڻ تي موٽي گهرن ڏي هلياويا هئا ته، سيد المرسلين ﷺ جي سواري سندس سر ويچ ساٿي صديق اڪبر ۽ ٻين سميت “ثنيات الوداع” (مهمانن کان موڪلائڻ وارا لڪ) وٽان جلوه افروز ٿي ته، اتي موجود ڪنهن يهودي قبا وارن کي سڏڪندي چيو ته، “اي عربو! توهان جو ڏاڏو اچي ويو جنهن جو اوهان کي ايامن کان اوسيئڙو هو.” اهو سڏ ٻڌندي ئي مسلمان خوشي مان ڊوڙندا آيا. ڪيترا ته انهن ۾ اهڙا به هئا جن رسول الله ﷺ کي روبرو ڏٺو به نه هو بلڪه پرپٺ مٿس ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيا هئا، سي سڃاڻي نه پيا سگهن ته صديق اڪبر ڪهڙو ته، سيد المرسلينﷺ ڪهڙو؟ انهن جي مونجهاري لاهڻ خاطر حضرت صديق اڪبر پنهنجي چادر سان سيد المرسلين مٿان ڇانو ڪري بيٺو، بس پوءِ ته، بنا ڪنهن ويچار جي ٻنهي جهانن جي سردار سان هٿ ملائيندا مرحبا مرحبا چوندا ويا.
    رحمت للعالمين جي قبا ۾مهمان ٿي اچڻ تي، قبا ڳوٺ جي گهٽي گهٽي ۾ هي گيت گونجڻ لڳو، ٻار ٻڍو جهونگارڻ لڳو ته،
    1. طلع البدر علينا من ثنيات الوداع
    2. وجب الشڪر علينا مادعا لله داع
    3. ايها المبعوث فينا جئت بالامر المطاع
    4. جئت شرفت المدينه مرحبا يا خير داع
    ترجمو:
    1. پهاڙين جي لڪن تان (جتان مهمانن کي الوداع ڪيو وڃي ٿو) اسان تي چوڏهين جو چنڊ اڀري آيو آهي.
    2. جيستائين دنيا ۾ الله جي راهه ڏي سڏڻ وارو هڪ به ماڻهو موجود هوندو، تيستائين اسان تي انهي هستي جو شڪريو بجا آڻڻ لازمي آهي.
    3. اي اسان ڏانهن موڪليل پيغمبر! تون اهڙو حڪم کڻي پهتو آهين جيڪو تابعداري جي لائق آهي.
    4. تنهنجي آئي مديني کي عزت ملي، ڀلي ڀلي آئين اي ڀلارا داعي (خدا ڏي سڏيندڙ)
    گهرن ۾ عورتون خوشي مان هڪ ٻئي کي مٺي محمدﷺ جي اچڻ جون مبارڪون پيون ڏين.
    قبا جو ڳوٺ جاءَ محمدﷺ (محمد اچي ويو) ۽ الله اڪبر (الله سڀ کان وڏو آهي) جي نعرن سان گونجي رهيو هو. جتان ڪٿان توحيد ۽ رسالت جا ترانا پئي ٻڌڻ ۾ آيا. قبا جا رهاڪو نبي لاءِ نيڻ وڇائي، جي ۾ جايون ڏيئي رهيا هئا.
    سبحان الله! ڪهڙو نه روح پرور منظر هو. انهن اکين تان قربان، جن ايمان جي سچائي سان مٺي محمد کي مرڪندي پئي ڏٺو.
    حضرت انس بن مالڪ انصاري جيڪو ڏهن سالن تائين پاڻ ڪريمنﷺ جو خادم ٿي رهيو آهي سو چوي ٿو ته، آئون ان وقت ننڍو هئس. مون پوري زندگي خوشي سان ڀرپور اهڙو ڏينهن ڪونه ڏٺو، جنهن ڏينهن رسول الله اسان وٽ مديني ۾ آيو هو. سبحان الله! .
    مدينه منوره کان 3 ميل اولهه ڏکڻ طرف قبا ڳوٺ جو ٻيو نالو عاليه به هو. جتي انصار مسلمانن جا گهڻائي خاندان آباد هئا. جن ۾ عمرو بن عوف جو خاندان وڌيڪ معزز هو، انهي خاندان جو سردار حضرت ڪلثوم بن هدم هو. پاڻ سڳوراﷺ قبا پهچڻ تي انهي ئي ڀلاري سردار حضرت ڪلثوم جا مهمان بڻيا هئا. ميزباني جي شرف ملڻ تي سردار ڪلثوم ۽ سندس خاندان خوشي ۾ نه ٿي ماپيا. حضرت ڪلثوم کي ميزباني جو شرف ملڻ، تقدير جو اهڙو فيصلو هو جنهن تي زمين آسمان ۾ رهندڙ هر هڪ مخلوق کي ريس پئي ٿي. ڀلا جنهن گهر ۾ رحمت للعالمين مهمان ٿي اچي، تنهن گهر کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ماڳ مڪان ڀلارو ۽ برڪت وارو ٿي سگهي ٿو. آئون ته چوندس جنهن ويل حضرت ڪلثوم جي گهر رحمت للعالمين ﷺ مهمان ٿي ترسيل هئا، ان وقت ته، حضرت ڪلثوم جي گهر جو ملهه ۽ مانُ ته، عرش ڪرسي کان به مٿي هو.
    پاڻ سڳورنﷺ جي قبا ۾ پهچڻ کان پهرين، مڪي مان هجرت ڪري آيل ڪيترائي اصحابي سڳورا به حضرت ڪلثوم وٽ مهمان طور ترسيل هئا.
    قبا ۾ پاڻ سڳورا چار ڏينهن ترسيا. انهي دوران پاڻ هڪ مسجد جو بنياد وڌائون جيڪا هاڻي مسجد قبا جي نالي سان مشهور آهي. جنهن جي زيارت لاءِ اسان گنهگارن کي توفيق ملي هئي.
    پاڻ سڳورن مسجد لاءِ جيڪو پلاٽ پسند ڪيو هو سو به حضرت ڪلثوم جي کجين جو کرو هو. بس انهي ئي جاءِ تي مسجد جو بنياد رکيائون.
    اهي گهڙيون به ڪيڏيون نه مقدس هيون جو، انهي مسجد جي اڏاوت ۾ صحابه ڪرام سان گڏ پاڻ سڳورا به خود پٿر ڍوئي رهيا هئا. وڏا وڏا پٿر کڻندي جسم مبارڪ وزن سبب ڪٻڙو ٿي ويو ٿي. اهو ڏسندي هڪ صحابي في البديهه شعر چيو ته،

    افلح من يعالج المساجدا
    ويقر القرآن قائماً و قاعداً
    (ڪامياب اهو آهي جيڪو مسجدون تعمير ڪري ٿو ۽ اٿي ويٺي قرآن شريف پڙهي ٿو.)
    پاڻ سڳورا صحابي جي شعر جهونگارڻ سان گڏ پاڻ به جهونگاري رهيا هئا. عجيب منظر هو. عجيب جذبو ۽ ولولو هو.
    شايد مسجد جي تعمير جو اهو منظر رب العالمين کي به وڻي ويو جو انهن ڪم ڪندڙ ڀلارن جي محنت صاب پئي ۽ سندن واکاڻ سان گڏ مسجد بابت سورت توبه جي آيت 108 نازل ٿي.
    مسجد قبا ۾ اٺ هزار نمازين لاءِ گنجائش آهي. اسلامي تاريخ ۾ مسجد قبا سڀ کان پهرين مسجد آهي جنهن جو بناد پاڻ سڳورنﷺ جي هٿان رکيو ويو.
    حديثن ۾ مسجد قبا جي فضيلت کي ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته، ٽن مسجدن مسجد الحرام، مسجد النبي، مسجد الاقصيٰ کانپوءِ دنيا جي ٻين سڀني مسجدن کان فضيلت ۾ اها مسجد قبا وڌيڪ آهي. ڇو ته حديثن ۾ ٽن مسجدن کانپوءِ فقط مسجد قبا جي زيارت ڪرڻ بابت ترغيب ڏنل آهي. پاڻ سڳورا به پابندي سان هر ڇنڇر تي مسجد قبا ڏي ويندا هئا. اهڙي طرح رمضان شريف ۾ به ٻئي ڏهي جي آخر ۾ ضرور وينداهئا. انهي ڪري مسجد قبا جي زيارت سنت آهي. جيتوڻيڪ مدينه منوره ۾ مسجد نبوي کانسواءِ ٻيون به مسجدون آهن پر انهن جي اها حيثيت ناهي جيڪا مسجد قبا جي آهي. انهن ٻين مسجدن جي زيارت مسنون ناهي. وڻي ته وڃي وڻي ته نه وڃي. البت اهي مسجدون به ڏسڻ بهتر آهي. پر سنت ڪونهي جو هروڀرو ان جو اهتمام ڪجي. مون پنهنجي ساٿين کي مسجد قبا جي زيارت وقت اها ڳالهه واضح ڪري سمجهائي هئي.


    قبا کان واپسي تي ٻين مسجدن جي زيارت:

    قبا کان واپسي تي ٻين مسجدن جي زيارت:
    مسجد قبا جي زيارت کان فارغ ٿي اسان واپسي ۾ پيدل روانا ٿياسين. ٻڌو هوسين ته قبا کان مسجد نبوي تائين اڌ ڪلاڪ جو پنڌ آهي. واٽ تي مسجد جمعه ڏٺي سون. انهي ئي جاءِ تي پاڻ سڳورنﷺ پهريون جمعو پڙهايو هو. ڇو ته پاڻ سڳورا 12 ربيع الاول سن 1_ هه تي قبا کان مديني روانا ٿيا هئا ته جڏهن انهي جاءِ تي پهتا هئا ته جمعه جي فرض هجڻ جو حڪم نازل ٿيو هو تنهنڪري پاڻ اتي ئي جمعو پڙهايائون. انهي وقت اتي بنو سالم قبيلو رهندو هو، اهو ڳوٺ ئي انهي قبيلي جي نالي سڏبو هو. پاڻ سڳورن جي امامت ۾ هڪ سو ماڻهو شامل هئا. اسان جنهن وقت مسجد جمعه جي ديدار لاءِ پهتا هئاسون ته، مسجد بند پئي هئي. شايد ان جي کلڻ جو وقت نه ٿيو هو تنهن ڪري ٻاهران ديدار ڪري واپس ٿياسون. ڪجهه اڳتي وڌياسون ته، پري کان هڪ مسجد نظر آئي ويجهو پهچڻ تي مسجد جي روڊ ڀرسان تختي لکيل ڏٺي سون ته، حي قبا شارع الضباب (قبا محلو ضباب روڊ) مسجد الامام البغوي تاسيس عام 1/1/1414هه حي البحر (بحر محلو). مسجد جو ٻاهران ئي ديدار ٿيو. اڳتي هلندي “بستان الجذع” (ٿڙهن وارو باغ) آيو جتي کجين جا پراڻا باغ نظر آيا، جيڪي هاڻي ختم ٿي و يا هئا. کجين جا ٿڙ سڪي ڪري رهيا هئا. مين روڊ کان ڪجهه پاسيرا وڃي رهيا هئاسون ته، پري کان هڪ وڏو منارو نظر آيو. جنهن مان اندازو ٿيو ته، اها به ڪا مسجد آهي پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته، اها مسجد بلال آهي، ويجها پهتاسون ته، انهي مسجد جي هيٺان شاپنگ سينٽر هو جتي وڏا عاليشان دڪان ۽ واپاري مرڪز هئا. جڏهن ته، مسجد ٻي منزل تي هئي. ٻارهن ٿيا هئا مسجد جو ديدار ڪيوسين، مسجد اندر شيشن جون ديوارون ڏاڍيون دلڪش هيون. مسجد تمام ڪشادي هئي. مسجد ۾ مردن لاءِ الڳ ته عورتن لاءِ الڳ انتظام هو. مسجد ۾ رکيل پاڻي پي واپس مسجد نبوي ڏي پهچڻ جي ڪئي سون، ڇو ته ظهر نماز جو وقت ويجهو ٿي رهيو هو، مسجد نبوي ۾ ظهر نماز کان فارغ ٿي جاءِ تي ماني کائي آرام ڪيوسون.
    وچين نماز مسجد نبوي ۾ پڙهي سڀني دوستن چيو ته، اڄ اڪثر مسجد جو ديدار ٿيو آهي ڇو نه باقي وقت به مسجدن جي ديدار ۾ گذري. سو سڀئي ساٿي گڏجي مسجد نبوي جي باب السلام کان ٻاهر اچي ڏکڻ اولهه طرف ويجهي فاصلي تي مسجد غمامه جو ديدار ڪيوسون. انهي جاءِ تي پاڻ سڳورن جي امامت ۾ سڀ کان پهرين عيد نماز سن 2 هجري ۾ ادا ڪئي وئي هئي، پوءِ به پاڻ سڳوراﷺ اتي ئي عيد نمازون پڙهائيندا رهيا. تنهنڪري انهي جو ٻيو نالو مسجد مصليٰ (مسجد عيد گاهه) به آهي. انهي جاءِ تي پاڻ سڳورنﷺ مينهن لاءِ نماز به پڙهائي هئي. ڪنهن سخت گرمي ۾ انهي جاءِ تي پاڻ سڳورنﷺ مٿان بادل ڇانو ڪري بيٺو هو، عربي ۾ بادل کي غمامه چئجي ٿو جنهن ڪري انهي جو مشهور نالو مسجد غمامه ٿي ويو. پاڻ سڳورن جي دور ۾ مديني جي بازار اتي هوندي هئي جيڪا پوءِ تبديل ڪئي وئي. خيرالقرون واري زماني ۾ مسجد غمامه جي آسپاس حاجين وارا اٺ ويهندا هئا، جنهن ڪري انهي علائقي کي مناخه (جهوڪ/ اٺن جي ويهڻ جي جاءِ) ڪري سڏيو ويندو هو ۽ اتي ڪابه تعميرات وغيره ڪانه هوندي هئي. پوءِ جڏهن جديد دور ۾ نت نيون سواريون آيون ته اها جاءِ کليل فضا هئڻ ڪري ڪشادي هوادار بنجي وئي. پوءِ اتي باغيچا وڻڪار وغيره ڪئي وئي ته جيئن تفريح گاهه جو ڪم ڏئي. اڃا تائين اها جاءِ کليل آهي. مسجد غمامه جي ٻاهران شاهه فهد پنهنجي نالي واري تختي لڳرائي هئي ته، تم ترميمه و تجديده في عهد الملڪ فهد بن عبد العزيز عام 1411هه. (هن مسجد جي ترميم ۽ تجديد شاهه فهد جي دور ۾ سال 1411هه تي مڪمل ٿي.) انهي مسجد غمامه جي ويجهو اتر طرف مسجد ابوبڪر آهي جنهن بابت مشهور محدث ملا علي قاري فرمائي ٿو ته، حضرت صديق اڪبر اتي ڪجهه نمازون پڙهايون هيون. مسجد ابوبڪر کي ويجهو مسجد عمر ۽ ان جي ويجهو مسجد علي آهي.
    انهن سڀني مسجدن کي ڏسڻ سان خبر پئي ته اهي مسجدون ترڪن جون ٺهرايل آهن. سڀني مسجدن تي اهو ساڳيو بورڊ لڳل هو جيڪومسجد غمامه تي لڳل آهي. انهن مسجدن جي ديدار کان واندا ٿي اڳتي وڌياسون ته پري کان پٿرن جي اوساري سان ٺهيل هڪ مسجد نظر آئي. هڪ ٻه روڊ پار ڪري مسجد کي ويجها پهتاسون. مسجد بند پيل هئي مين گيٽ تي سنگ مر مر جي تختي تي لکيل هو ته، اها مسجد سعودي اوقاف وارن جي نه پر، آثار قديمه جي تحويل ۾ آهي ڇو ته اثري جو لفظ عربي ۾ آثار قديمه لاءِ استعمال ٿئي ٿو. مسجد جي عمارت ٻڌائي رهي هئي ته، ترڪن جي يادگار آهي. مسجد جا منارا ڊگها ۽ سنها پٿر جي اوساري سان اهڙي ته ڪاريگري سان ٺاهيل هئا جو ڏسي عجب ٿيو. مسجد جي مين گيٽ واري سنگ مر مر جي تختي تي سن 1334هه لکيل هو. آثار قديمه وارن مسجد جي ڀر ۾ بهترين پارڪ ٺاهي ڇڏيو هو. مون پنهنجي ساٿين کي چيو ته، هتي ويهي ٿڪاوٽ به لاهيون ته، بوتلون پي شام جي پهر جي وڻندڙ هوا جو لطف به وٺون. پارڪ ۾ ڇٻر تي ويهي بوتلون پي واپس ٿياسون ۽ سانجهي نماز اچي مسجد نبوي ۾پڙهي سون.
    مديني شريف ۾ اسان کي ٻه ڏکيائون پيش آيون هڪ ته، ڪو گائيڊ/ رهبر ڪونه هو. ۽ نه وري شهر جو نقشو هو جو ان جي آڌار تي اهم جاين، پاڻ سڳورنﷺ ۽ صحابه ڪرام جي يادگار مقامات کي ڏسي سگهون ٻيو ته، وقت بنهه ٿورو هو جنهن ۾ ڇا ڪجي ڇا نه ڪجي؟
    مٿان وري سعودي حڪومت، جديد ترقياتي ۽ توسيعي پروگرامن جي آڙ ۾ جيڪي به پاڻ سڳورن توڙي صحابه ڪرام سان وابسته يادگار هئا تن کي ڊاهي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي اوچتو آيل نئون ماڻهو ڪيئن سمجهي ۽ معلوم ڪري ؟ سعودي حڪومت جي انهي رويي اڳوڻي تاريخ ئي ميٽي ڇڏي آهي. اسان جيڪي سيرت ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾ پاڻ سڳورن ۽ صحابه ڪرام سان لاڳاپيل جاين جو ذڪر پڙهون ٿا هتي سعوديه ۾ انهن جاين جو نالو نشان هٿ ئي نه ٿو اچي. آئون سمجهان ٿو ته، انهن يادگارن کي قائم رکڻ سان شريعت جي ڪهڙي خلاف ورزي ٿيڻ جو انديشو آهي؟ جيڪڏهن پوڄا پاٽ جي ڊپ کان ڪيو ويو آهي ته ان لاءِ انتظام ڪري سگهجي ٿو. بهرحال تڪ تي ۽ پنهنجي خيال سان جيڪي ڏسي سگهياسون، سو پڙهندڙن آڏو پيش پيا ڪريون. آئون سمجهان ٿو ته، ناواقفيت جيڪري ممڪن آهي اسان کان ڪيتريون اهم جايون رهجي به ويون هونديون. تنهن هوندي به الله جا ڪروڙين ڪرم جو اسان گنهگارن کي حبيب عربي ﷺ جي پاڪ سرزمين اکين سان ڏيکاريائين ۽ ڪجهه ڏينهن مدينه جي فضا ۾ ساهه کڻڻ جو موقعو نصيب ڪيائين. فلله الحمد.
    ڪهان مين اور ڪهان يه نگهت گل
    نسيم صبح تيري مهرباني.
    (ڪٿي آئون ڪٿي وري هي گل جي سرهاڻ ڀري خوشبو،
    اي صبح جي هير اهي سڀ تنهنجون مهربانيون آهن)


    احد جبل ۽ شهيدن جي قبرن جي زيارت لاءِ روانگي:

    احد جبل ۽ شهيدن جي قبرن جي زيارت لاءِ روانگي:
    خميس 2 محرم 1418هه مطابق 8 مئي 1997ع تي تهجد کان ويندي سج اڀرئي تائين سمورا معمولات مڪمل ڪري، نيرن لاءِ ٻاهر نڪتاسون. هڪ عرب نوجوان جي غريباڻي هوٽل تي ويهي نيرن ڪري فارغ ٿياسون ته دوستن چيو ته، صبح جو پهر ٿڌو ٽائيم آهي هلو ته، احد جبل ۽ احد جي شهيدن جي زيارت ڪري اچون. بس اها صلاح ٿيندي ئي مسجد نبوي کان اتر طرف احد جبل ڏي ويندڙ روڊ ورتو سون. اڃا پيادا وڃي رهيا هئاسون ته، دڪانن جي لائين ۾ هڪ دڪان تي بورڊ لکيل هو ته، “نظارات اليا مين” مون دوستن کي ٻڌايو ته، انهي جي معنيٰ آهي، “يامين جا چشما/ عينڪون”. تنهن تي هڪ دوست چيو ته، يار! سڄي مديني جون بازارون گهميون اٿئون اسان جو نالو ته ڪٿي به ڪونهي تنهنجي نالي جا ته بورڊ لڳا پيا آهن، سو ڪيئن؟ ٻئي دوست وراڻيو ته، پاڻ ٽنهي ڄڻن اُس جا چشما ورتا آهن. باقي مولوي يامين چشمو ڪونهي ورتو. تنهن تي سندس نالي ڀائي دڪان تي بورڊ هنيو آهي ته، “هتي يامين جي پسند جا چشما موجود آهن، کپيس ته، اچي وٺي وڃي.” بهرحال کل ڀوڳ ڪندا اڌ مني ڪلاڪ ۾ جبل احد کي اچي ويجها ٿياسون. مون دوستن کي چيو ته، آئون ساهي کڻڻ لاءِ هتي هن ديوار جي ڇانو ۾ ويهان ٿو، جي توهان به ساٿ ڏيو ته، گڏجي ويهون، پر جي هلڻ هارا سپرين وڃڻ جون وايون ڪن، ته پوءِ اوهان کي اجازت آهي. دوستن اڳتي وکون واريندي چيو ته، پاڻ وري احد جي ميدان ۾ملنداسون. ائين چئي اهي ته روانا ٿيا باقي مون ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ديوار جي پاڇي ۾ ويهي پري کان احد کي پئي ڏٺو. احد کي ڏسندي غزوه احد (احد جي لڙائي) جون يادون تازيون ٿيڻ لڳيون ۽ اسلامي لڙاين جي تاريخ جا اهي ورق اکين آڏو هڪ هڪ ٿي ورڻ لڳا.
    جيتوڻيڪ غزوه احد اسلامي لڙاين جو هڪ اڻ وسرندڙ باب آهي پر مجموعي طور تي اسلامي لڙاين بابت مخالفن جا ڪيترائي سوال ۽ انهن جا جواب ذهن تي سمنڊ جي وير وانگر چڙهندا ۽ لهندا ويا.
    سوچيم ته، ڇونه انهي ذهني بحث کي قلم جي حوالي ڪري ٻين کي به ان ۾ حصيدار بنايان. انهي ڪري چند سٽون لکيم ۽ پوءِ اڳتي احد جبل ڏانهن وڌيس. جيئن ته، اهي سٽون به اتي جي ذهني ايجاد آهي تنهنڪري پڙهندڙن آڏو پيش آهن.


    غزوه احد جي پس منظر ۾ اسلامي غزوات تي هڪ نظر:

    غزوه احد جي پس منظر ۾ اسلامي غزوات تي هڪ نظر:
    اڄ جيئن ته غزوه احد تي لکڻ لاءِ ڪجهه موقعو مليو آهي مناسب ٿيندو ته، اڳ ۾ اسان سيرت نبوي جي حوالي سان هن ڳالهه جو جائزو وٺون ته، آيا پيغمبرﷺ جي حڪم سان انسان جو جيترو رت وهيو آهي سو دنيا جي جنگي تاريخ جي لحاظ کان انسانيت لاءِ ڪيترو فائديمند ۽ ڪيترو نقصانڪار آهي. اسلامي تاريخ جو مطالعو ڪندڙ جديد تعليم يافته بنا غور فڪر جي هي اعتراض ڪن ٿا ته، اسلام تلوار جي زور سان پکڙيو آهي. جڏهن ته اسان کي تلوار جو زور گهٽ، ۽ اخلاق ۽ رواداري جو اثر وڌيڪ نظر اچي ٿو. مطلب ته اسلام جي پکڙڻ جو سبب اسلام جي اخلاقي تعليم آهي، نه ڪي تلوار جي ڌار.
    اسلامي تاريخ ۾ پاڻ سڳورنﷺ جي حڪم سان ٿيندڙ دفاعي 27 غزوات (لڙاين) ۽ 60 کن سرايا (ڇاپه مار حملن، جهڙپن) ۾ ٿيندڙ جاني نقصان جو جائزو وٺنداسون ته، انهن سڀني ننڍين وڏين لڙاين ۾ ٻنهي ڌرين (مسلمانن ۽ ڪافرن) جي قتل ٿيندڙ ماڻهن جو تعداد هڪ هزار ارڙهن (1018) ماڻهن کان مٿي ڪونهي. مدني زندگي جي ڏهن سالن دوران قتل ٿيندڙ ماڻهن جو اهو تعداد بنهه ٿورو آهي. جڏهن ته انهي ٿوري قتل، انسانيت کي خون سستي هجڻ، بي عزتي، بي آبروئي، ۽ حق تلفي کان هميشه لاءِ بچائي ورتو. جنهن جي نتيجي ۾ڏهن سالن جي ٿوري عرصي ۾اسلام جي اقتدار هيٺ آيل ڏهه لک چورس ميل ايراضي ۾ انسانيت پوري اطمينان، امن ۽ آرام سان سک جو ساهه کڻڻ لڳي.
    دنيا جي جنگي تاريخ جي ترازو ۾ غزوات کي ڀيٽيندي ٻن عالمي لڙاين کي سامهون رکي ڏسبو ته، زمين آسمان جو فرق محسوس ٿيندو. ڇو ته، پهرين عالمي لڙائي (1914ع _1918ع) ۾ قتل ٿيل ماڻهن جو تعداد چوهٺ لک هو ته، ٻي عالمي لڙائي (1939ع _ 1945ع) ۾ قتل ٿيندڙ ماڻهن جو تعداد ساڍا ٽي ڪروڙ کان 6 ڪروڙ تائين هو. سڀئي پڙهيا لکيا ۽ جديد تعليم يافته ڄاڻن ٿا ته، انهن ٻنهي جنگين انسانيت کي ڪهڙو سک جو ساهه، امن آرام، ۽ اطمينان نصيب ڪيو. انهن لڙاين سواءِ خونريزي جي، انسانيت جي ٻي ڪهڙي خدمت ڪئي؟
    انهن لڙاين کان علاوه وچ وارين صدين ۾ تحقيقاتي عدالتن ۽ ڪليسائن جي ظلم و ستم ۽ مذهبي جور و جبر جي نشانو بنيل ۽ قتل ٿيل انسانن جو تعداد به هڪ ڪروڙ ويهه لک تي پهچي ٿو. ايترو بي دريغ رت جون نديون وهائڻ کانپوءِ به دنيا ۾ امن قائم نه ٿي سگهيو ۽ انسانيت لڳاتار امن ۽ آرام، سک ۽ سلامتي لاءِ سڏڪندي واجهائيندي رهي.
    پر مدني زندگي دوران ٿيندڙ سمورين اسلام ۽ ڪفر جي لڙاين ۾ سراسري ٻه اڍائي سو مسلمان شهيدن کي الڳ ڪري باقي اٺ سو کن فتنه پرور، فسادي، انسانيت لاءِ آزار بڻيل ناسوري ماڻهن جي مارڻ سان اهڙي ته، امن واري فضا قائم ٿي وئي جو هي مثال ان جو عملي ثبوت آهي ته، جيڪڏهن انهي دور ۾ شام يا عراق کان ڪا اڪيلي عورت زر زيور ۽ هيرا جواهر ساڻ کڻي اٺ تي چڙهي حج جي ارادي سان مڪي اچي ۽ پوءِ وري واپس وڃي ته کيس واٽ تي سوين ميلن جي اڙانگي سفر ۽ پنڌ جي باوجود ڪنهن به ماڻهو کان نقصان پهچڻ جو انديشو نه هو.
    جيڪڏهن کيس ڪو ڊپ هو ته، فقط الله جو هو ۽ بس. ايترو امن ايترو سڪون انساني تاريخ ۾ ڪٿي به ڪونه ملندو. حالانڪه اسلام کان اڳ عربستان جي اها حالت هئي جو قبيلائي انتقامي ڪارروايون، گهرو لڙايون، معمولي ڳالهه تان لڙاين جا سلسلا صدين تائين پيا هلندا هئا. ڪنهن به ماڻهو جي نه جان محفوط نه مال محفوط. هنن جي انهي غير مهذب حالت کي ڏسي پاڙي جون وڏيون حڪومتون ته انهن تي حڪومت ڪرڻ لاءِ تيار نه هيون، ايتريقدر انهن ۾ وحشي پڻو موجود هو. پوءِ اهي ئي غير مهذب ٿوري عرصي ۾ دنيا جا مڃيل مهذب، عادل ۽ صالح انسان فقط اسلام جي اخلاقي تعليم سبب بڻيا.
    غزوات ( پاڻ سڳورنﷺ جي اڳواڻي ۾ ٿيل لڙايون) جي حوالي سان هي ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته، پاڻ سڳورنﷺ توڙي صحابه ڪرام (خلافت راشده) جي دور ۾ جيڪي به لڙايون ٿيون سي قرآن شريف جي ٻن اصولن تحت ٿيون يعني هڪ ته، الفتنة اشد من القتل (فتنو قتل کان وڌيڪ نقصانڪار آهي) ٻيو ته، ولڪم في القصاص حياة يا اولي الالباب (اي عقلمندؤ! توهان لاءِ قصاص (خون جي بدلي) ۾ ئي زندگي/ جياپو آهي) فتنو ۽ قتل جيڪي سماجي براين جي پاڙ هئڻ سبب سماج لاءِ خطرناڪ وائرس جهڙو موذي مرض بڻيل آهن، اسلام تن سڀني مرضن جي جراثيمن جي پاڙ پٽي انسانيت کي آجپو ۽ جياپو ڏيڻ گهري ٿو.
    ٿورن لفظن ۾ هينئن کڻي چئجي ته، اسلام جي تلوار، هڪ اهڙي معالج سرجن جي نشتر يا ڇري وانگر آهي جيڪو ڪنهن بيمار جي ناسوري عضوي کي وڍي ڌار ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪري ٿو، ته جيئن باقي جسم انهي ناسور زده عضوي جي جراثيم لڳڻ کان بچي وڃي.
    اسلامي غزوات جي قرآني اصولن کان هٽي ڪري، دنيا ۾ جتي به ۽ جيڪي به لڙايون ٿيون آهن يا ٿي رهيون آهن، تن ۾ انسانيت جي ڇوٽڪاري لاءِ نه ٿو وڙهيو وڃي بلڪه انهن ۾ ملڪ گيري جو هوس، اقتصادي ۽ معاشي وسيلن تي قابض ٿيڻ جو جنون، پوري دنيا کي دٻائي پنهنجي بالا دستي قائم ڪرڻ جهڙا خود غرض عناصر موجود آهن.
    موجوده دور جي سپر طاقتن پاران وقت بوقت ٿيندڙ لڙاين کي انهي پس منظر ۾ ڏسي اصل حقيقت کي آساني سان پرکي ۽ پروڙي سگهجي ٿو. جنهن لاءِ ڪنهن به دليل ڏيڻ جي ضرورت ڪونهي. قلم روڪي لکيل سٽن جا ورق سميٽي، اٿي احد جبل ڏانهن راهي ٿيس.


    احد جي ميدان تي:

    احد جي ميدان تي:
    احد جي ميدان تي پهچندي مون کي پنهنجا ساٿي نظر آيا جيڪي احد جي شهيدن ۽ سيد الشهداءَ (شهيدن جي سردار) حضرت امير حمزه رضي الله عنه لاءِ فاتحه دعا وغيره کان واندا ٿي فروٽ ۽ بوتلون کائي پي رهيا هئا. کين سلام ڪندي مون به وڃي شهيدن جي مزار تي حاضري ڏني. اول سلام عرض ڪيم ته، سلام عليڪم بما صبر تم فنعم عقبي الدار. (سلامتي هجي توهان سڀني تي انهي صبر جي عيوض جيڪو توهان دنيا ۾ رهي ڪيو. پڪ سان اوهان لاءِ آخرت بهترين ٺڪاڻو آهي.) شهيدن جي چوکنڊي جنهن ۾ حضرت امير حمزه جي قبر به آهي، ٻاهران دروازي وٽ بيهي دعا گهريم. احد جي شهيدن خاص ڪري حضرت سيد الشهداءَ امير حمزه جي قبر تي حاضر ٿيڻ سان خود سوچيوته، ڪنهن مسلمان جا تاثرات ۽ احساسات ڪهڙا هوندا؟ اهوئي سبب هو جو اُحد جو ميدان، مون لاءِ هڪ اهڙي اسڪرين بڻجي ويو هو جنهن ۾ شهادت جا منظر ناما هڪ ٻئي پٺيان ڏيکائي ڏيئي رهيا هئا ۽ منهنجون اکيون انهن منظر نامن کي ڏسڻ ۾محو هيون. جيتوڻيڪ دنيا جي فلمبندي وانگر انهي شهادت واري واقعي جي ويڊيو تي عڪس بندي ته نه ٿي پر الله تعاليٰ انهي عظيم واقعي کي پنهنجي قدرت واري ويڊيو سسٽم ذريعي اهڙو ته محفوظ ڪيو آهي جو قيامت جي ڏينهن، جڏهن سڀئي انسان قبرن مان اٿندا ته احد جا شهيد ۽ شهيدن جو سردار حضرت امير حمزه جنهن حال ۾ شهيد ٿيا هئا، ساڳي حالت ۾ اٿندا. سندن ٽڪرا ٽڪرا ٿيل جسم ۽ ڦوهارا ڏيئي وهندڙ رت، سندن شهادت في سبيل الله جو سڀ کان وڏو ثبوت هوندو.
    مدني زندگي ۾ پاڻ سڳورنﷺ ڪافرن سان جيڪي به لڙايون ڪيون، تن ۾ ڪافي مسلمان پاڻ سڳورن جي هوندي ۽ سندن روبرو شهيد ٿيا. جيتوڻيڪ انهن کي في سبيل الله (الله جي راهه ۾) شهيد هجڻ جو خطاب ۽ سعادت نصيب ٿي، پر سڀني شهيدن موجوده توڙي قيامت تائين شهيد ٿيندڙ سڀني مسلمانن جي سردار هجڻ جو لقب، دربار رسالت مان فقط ۽ فقط حضرت امير حمزه رضي الله عنه کي عنايت ٿيو. انهي کان وڌيڪ سعادت مند مسلمانن ۾ خاص ڪري صحابه ڪرام ۾ ڪوبه ڪونهي.
    هي ڳالهه قرآن شريف جي حوالي سان سمجهڻ گهرجي ته، سورت نساءَ ۾ چار جماعتون خدا وٽ انعام يافته جماعتون ڪري ڳڻيون ويون آهن. جن ۾ 1_انبياءَ سڳورا، 2_ صديق،3_ شهيد،4_ صالحين. انهي مطابق شهيدن جي جماعت ٽيون نمبر انعام يافته آهي، جنهن جو درجو صديقين کان پوءِ آهي. هاڻي خود سوچيو ته، صديق، انبيائن کان ٻئي نمبر تي آهن ته شهيد وري صديقن کان ٻئي نمبر تي. انهي وضاحت سان شهادت جي مرتبي جي بلندي چڱي طرح سمجهي سگهجي ٿي. ڀلا جنهن کي شهادت جي اعليٰ مرتبي جي سرداري عنايت ٿئي سو ته پڪ سان صديقت جي اعليٰ مرتبي کي سڀ کان وڌيڪ ويجهو هوندو. اهو اهڙو مرتبو آهي جنهن کي فقط امير حمزه حاصل ڪري سگهيو. اها ئي ڳالهه حضرت امير حمزه جي عظمت جو چٽو دليل آهي. سلام الله عليٰ حمزه و برڪاته،
    حضرت امير حمزه جي شهادت ۽ ٻين احد جي شهيدن جو تذڪرو ايندي، سيرت ۽ مغازي جي ڪتابن ۾ پڙهيل غزوه احد جو پس منظر حافظي جي اسڪرين تي اچي پهتو جيڪو بر وقت ته، قلمبند ڪري نه سگهيس پر واپس اچي جاءِ تي رات جو ويهي لکيم جيڪو هي آهي: احد پهاڙ مديني کان اتر طرف 3 ميلن تي، بيهڪ جي لحاظ کان اولهه ۽ اوڀر ۾ واقع آهي. احد پهاڙ جيئن ته ٻين پهاڙن کان الڳ ٿلڳ ۽ اڪيلو نظر اچي ٿو انهي ڪري ان کي احد جبل سڏيو وڃي ٿو. احد پهاڙ جي جهولي ۾ وادي قناة آهي جنهن م هڪ لڪ آهي ۽ ڀر ۾ جبل عينين آهي جنهن کي جبل الرماة چون ٿا. انهي احد پهاڙ سامهون ميدان تي اسلام ۽ ڪفر وچ ۾ ڇنڇر ڏينهن 15 شوال سن 3 هه مطابق جنوري 625ع تي مشهور لڙائي غزوه احد ٿي هئي.
    اسلام ۽ ڪفر وچ ۾ ٿيندڙ خونريز لڙائين مان سڀ کان وڌيڪ هولناڪ احد جي لڙائي آهي. هي اهڙي لڙائي هئي جنهن مسلمانن جي فتح کي شڪست ۾ بدلائي ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ جنگي اصولن مطابق هن لڙائي کي مسلمانن لاءِ نه ته فتح چئي سگهجي ٿو نه ڪي شڪست. حقيقت ۾ قدرت واري مسلمانن کي جنگي صورتحال جي اوچتي تبديلي ذريعي هي سبق ڏنو هو ته، جيڪو پنهنجي قائد (اڳواڻ) جي حڪم تي عمل نه ڪندو تنهن جي کٽيل جنگ به هارائجي ويندي. لڙائي جو ڪارڻ هي ٿيو جو بدر جي لڙائي ۾ مسلمانن قريش ڪافرن جا وڏا وڏا ناليرا 70 کن بهادر پهلوان ۽ سردار ماريا هئا ته 70 کن قيد ڪيا هئا. انهي هولناڪ واقعي مڪي جي قريشن جي گهرن ۾ ماتم مچائي ڇڏيو هو.
    اهڙي ذليل شڪست قريشن توڙي ٻين عرب قبيلن جي چيلهه ڀڃي وڌي هئي. هنن کي خواب خيال ۾ به نه هو ته سندن اهڙي ڪا ذلت واري شڪست ٿيندي. جن جن سردارن جو اولاد ۽ عزيز مئا هئا تن قسم کنيو هو ته، اسان پنهنجي مارجي ويل سردارن جو ضرور پلاند ڪنداسين. ابوسفيان کي نئون قائد چونڊي پلاند خاطر لڙائي لاءِ ڀرپور تياري شروع ڪئي.
    حديث جي اصطلاح ۾ غزوه اها لڙائي آهي جنهن ۾ پاڻ سڳورنﷺ خود شريڪ ٿي اسلامي لشڪر جي قيادت ڪئي هجي، ۽ سريه انهي لڙائي کي چئجي جنهن ۾ اسلامي لشڪر جي اڳواڻي پاڻ سڳورن جي نامزد ڪيل اصحابي جي حوالي هجي. اسلام ۽ ڪفر جي اهڙين لڙاين مان 27 لڙاين ۾ پاڻ سڳوراﷺ بذات خود شريڪ ٿي قائد بڻيا هئا.
    مڪي جي قريش ڪافرن کي ابوسفيان جي واپاري قافلي مان جيڪا به آمدني ٿي هئي سا احد جي لڙائي لاءِ گهربل سامان خريد ڪرڻ لاءِ رکي هئائون. نيٺ گهربل سمورو سامان، هٿيار سواريون کاڌي خوراڪ جون شيون مهيا ٿيڻ تي، قريش ۽ ٻين عرب قبيلن جي نوجوانن بهادرن پهلوانن تي مشتمل ٽي هزار جو لشڪر تيار ڪيو ويو. جن وٽ سواري لاءِ ٽي هزار اٺن سان گڏ ٻه سو گهوڙا به هئا. انهي فوج ۾ ست سو جو اهڙو ويڙهاڪ دستو هو جيڪي زره پوش هئا. لشڪر جي ساڄي (ميمنه) خالد بن وليد ته کاٻي (ميسره) عڪرمه بن ابي جهل هئا. سردارن جي زالن سميت 14_15 عورتون به ڏوليون سينگاري کنيون ويون. هٿيارن سان ليس انهي لشڪر، ابو سفيان جي اڳواڻي ۾ مڪي کان هلندي اچي احد جبل جي ويجهو خيما کوڙيا. جڏهن پاڻ سڳورنﷺ کي ابوسفيان ۽ قريش ڪافرن جي اهڙي ڀرپور تياري سان آيل لشڪر جي اچڻ ۽ حمله آور ٿيڻ جي خبر پئي ته، اصحابن سڳورن کي گهرائي مشورو ورتائون ته، ڪافرن سان جنگ مدينه ۾ ئي رهي وڙهجي يا شهر کان ٻاهر نڪري ميدان ۾ مقابلو ڪجي. انصار صحابه جي اڪثريت هي راءِ ڏني ته، سائين! اسلام کان اڳ جاهليت ۾ به اسان ڪڏهن گهرن ۾ لڪي لڙائي نه ڪئي هئي بلڪه دشمن سان کلي ميدان ۾ بيهي وڙهندا هئاسون. حالانڪه ان وقت ته اسان حق تي به نه هوندا هئاسون. اڄ جڏهن حق تي به اسان آهيون، هو ته ناحق تي آهن ته پوءِ اسان هتي گهرن ۾ ويهي زالن وانگر لڪي ڪيئن وڙهون؟ نوجوان اصحابن ته، شهر ۾ رهي وڙهڻ کي مڙسي جي به خلاف سمجهيو بلڪه ميدان ۾ نڪري نروار ٿي وڙهڻ جو مشورو ڏنو. جڏهن ته پاڻ سڳورنﷺ جي ذاتي راءِ هي هئي ته، ميدان ۾ نڪرڻ جي ضرورت ڪانهي بلڪه شهر ۾ رهي مقابلو ڪجي. ڇو ته شهر ۾ ڪافرن جو زور نه هلندو. ميدان ۾ نڪري وڙهڻ جو مشورو ڏيندڙ اهي به هئا جيڪي بدر جي ميدان ۾ جهاد ۾ شريڪ نه ٿي سگهيا هئا، تن کي جهاد جي شوق گهرن ۾ ويهڻ نه ٿي ڏنو. منافق جيڪي سچن مسلمانن سان مليا پيا هئا، تن جي سردار عبد الله بن ابي چيو ته، ٻاهر نڪرڻ جي ضرورت ڪونهي هتي ئي ويهي جنگ ڪري سگهجي ٿي. پر جيئن ته گهڻن اصحابن جي راءِ ميدان ۾ نڪري جنگ ڪرڻ جي هئي، انهي ڪري پاڻ سڳوراﷺ مشوري وٺڻ بعد گهر ويا ۽ وڃي جنگ جو لباس زرهه، خود وغيره بلڪه ٻه زرهون پاتائون ته، سندن پويان ڪن اصحابن، نوجوانن کي چيو ته، جڏهن پاڻ سڳورن جي راءِ مديني ۾ رهي وڙهڻ جي هئي ته توهان هرو ڀرو ٻاهر نڪرڻ تي زور ڇو ڀريو؟ پاڻ سڳورن جي راءِ کي ڪٽڻ جي توهان بي ادبي ڇو ڪئي؟ ته انهن به محسوس ڪيو، جڏهن پاڻ سڳورا ٻه زرهون، خود (هلمٽ جهڙي لوهي ٽوپي) پائي تلوار کڻي ٻاهر آيا ته، انهن اصحابن عرض ڪيو ته، سائين! اسان جي راءِ توهان جي راءِ کان مٿي ڪونهي. انهي ڪري جيڪڏهن توهان جي راءِ هتي مديني ۾ رهي وڙهڻ جي آهي ته، بس اسان جي به اهائي راءِ آهي. پر پاڻ سڳورنﷺ وراڻيو ته، جڏهن پيغمبر زرهه پوش ٿي هٿيار کڻي لڙائي لاءِ سنڀرندو آهي ته جيسين ڪفر سان مقابلو نه ڪري تيسين زرهه لاهي هٿيار ڦٽا نه ڪندو آهي. انهي ڪري احد جي ميدان ۾ ڪفر سان مقابلي لاءِ تياري ڪريو. مسلمانن جو هڪ هزار جولشڪر وڏو ڪارو جهنڊو کڻي پيغمبر جو حڪم ملندي ئي احد جبل ڏي روانو ٿي ويو. اسلامي لشڪر جا دستن جي صورت ۾ ٽي حصا ڪيا ويا هئا. مهاجر صحابه جي دسته جو اڳواڻ ۽ جهنڊو کڻندڙ حضرت مصعب بن عمير هو، انصار صحابه جي ٻن دستن مان اوس قبيلي جي اڳواڻي ۽ جهنڊو حضرت اسيد بن حضير جي هٿ ۾ هو ته وري خزرج قبيلي جي اڳواڻي ۽ جهنڊو حضرت حباب بن منذر جي هٿ ۾ هو. حضرت امير حمزه فوج جي انهي حصي جو امير هو جيڪو زرهه پوش نه هو. لشڪر جو سپهه سالار حضرت زبير بن عوام کي مقرر ڪيو ويو. هن اسلامي لشڪر ۾ ٻه سو زرهه پوش سپاهي هئا ته باقي ٻيا بنا زرهه جي هئا. سواريون صرف ٻه گهوڙا هڪ حضور سائين جن وٽ، ته ٻيو حضرت عبد الرحمان بن صخر عرف ابو هريره وٽ. مطلب ته ظاهري اسبابن ۽ مادي وسيلن جي انتهائي کوٽ ۽ اڻ هوند. بس همت ۽ توڪل علي الله سان جهاد جو جذبو ۽ قرباني جو ولولو کڻي حضور جن جي حڪم سان سندن قيادت ۾ لشڪر احد جي ميدان ڏي روانو ٿيو هو. اڃا مديني شهر کان ٿورو پرڀرو پهتو هو ته، منافقن جو منڍ عبدالله بن ابي سندس ٽي سئو منافقن جو جٿو، مسلمان صحابه جي لشڪر مان ٽوڙي ڌار ڪري واپس مديني ڏي موٽڻ لڳو ۽ هي چوندو روانو ٿيو ته، “مشوري وقت اسان جي راءِ نه مڃي وئي بلڪه ڇوڪرن جو چوڻ ڪيو ويو. جڏهن اسان جي ڳالهه کي ڪو وزن ڪونهي ته پوءِ اسان مفت ۾ ڇو هلي پاڻ کي مارايون، اها ته خود ڪشي ٿيندي.” منافقن جي سردار کي اصحابن سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ازلي بد بخت کي ڀاڳ ۽ ڀلايون نصيب ۾ لکيل به ڪيئن هونديون؟ اهي منافق واٽ تان ئي واپس ٿي وڃي گهرن ڀيڙا ٿيا. مسلمان صحابه جون دليون ته خدا جي خاص تائيد ۽ توفيق سان پڪيون پختيون هيون. تن ته منافقن کي ورندو ڏسي لوڻو به نه هنيو، نه ڪي ساڻن گڏ پوئتي ورڻ جو پور پچايو بلڪه جهاد جي جذبي سان روان دوان رهيا. سچ پچ ته، سچن مسلمانن جي جهاد ۾ شريڪ ٿيڻ جي هي حالت هئي جو اهي پاڻ سڳورنﷺ کي پنهنجي وڏن جي معرفت اپيل ڪري جهاد ۾ شرڪت جي اجازت وٺي رهيا هئا. 15 سالن کان ننڍا به چوڏهن پنڌرهن ٻار هئا جيڪي جنگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ زور ڀري رهيا هئا جن مان حضرت عبد الله بن عمر فاروق به هڪ هو. پر حضور سائين تيرهن چوڏهن سالن جي عمر وارن ٻارن کي واپس ڪري ڇڏيو. البت پنڌرهن سالن جي رافع بن خديج کي سندس پيء جي سفارش تي ته، سائين! هي پڪو نشاني باز (تير هڻڻ جو ماهر) آهي، اجازت ملي. تنهن تي رافع جي هم عمر سمره بن جندب به پاڻ سڳورنﷺ جي سامهون اچي اجازت گهري ته پاڻ ڪريمن کيس واپس وڃڻ لاءِ چيو جنهن تي سمره چيو ته، سائين! توهان رافع کي ته اجازت ڏني آهي پر مون کي واپس ڪيو آهي حالانڪه رافع کي ته ملهه ۾ آئون ماريندو آهيان ڀلي هينئر ئي مقابلو ڪرايو. پاڻ سڳورن جي اجازت سان ٻنهي جو ملهه م مقابلو ٿيو ته واقعي سمره، رافع کي دسي ملهه ماري، اهڙي طرح سمره کي به جهاد ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ملي.
    پاڻ سڳورن احد جبل وٽ پهچي اسلامي لشڪر جي پٺ جبل ڏي، ته رخ مديني ڏي ڪيو. لشڪر مان پنجاهه تيرن جي ماهر نشاني بازن جو دستو حضرت عبد الله بن جبير جي اڳواڻي ۾ جبل احد جي ڏکڻ طرف لڪ وٽ هڪ پهاڙي عينين يا جبل الرماه (هن وقت اهو پهاڙ آبادي ۾ اچي ويو آهي ) تي بيهاريا ته متان ڪافر ڦيرو کائي پٺئين پاسي کان حملو ڪن.
    انهن نشاني باز (توبچي) دستي کي پاڻ سڳورنﷺ تاڪيد ڪندي فرمايو ته، جيڪڏهن توهان ڏسو ته، اسان شهيد ٿي ويا آهيون ۽ پکي اسان جي جنازن تي اچي ويٺا آهن ته به توهان کي پنهنجي جاءِ ڇڏڻي ڪونهي. جنگ ۾ اسان کي فتح ٿئي يا شڪست جيستائين آئون اوهان ڏي نياپو نه ڪيان، ماڻهو نه موڪليان، تيستائين توهان کي اتان هٽڻو ڪونهي نه ڪي هيٺ لهي اچڻو آهي.
    ٻنهي ڌرين جي لشڪر جي صف بندي مڪمل ٿي چڪي ته، جنگ جو طبل وڳو ۽ آغاز خاطر ٻنهي پاسي جا پهلوان ميدان ۾ منهن مقابل ٿي پنهنجي پهلواني جا جوهر ڏيکاري هڪ ٻئي تي وار ڪرڻ لڳا. سڀ کان پهرين ڪافر مشرڪن مان طلحه بن عثمان ميدان ۾ لهي مسلمانن کي للڪارڻ لڳو ته، آهي ڪو توهان مان اهڙو جو مون سان اچي مقابلو ڪري! ! حضرت علي نعرو هڻي ميدان ۾ ڪڏي ڪاهي پيو. حيدري تلوار جي هڪ ئي وار طلحه بن عثمان جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو. پوءِ ته سمورو لشڪر پنهنجي صفن سميت هڪ ٻئي سان لڙائي ۾ جُنبي ويو. تلوارن جي وارو وار، پهلوانن ويڙهاڪ بهادرن جا هڪ ٻئي تي خوني حملا، مار ڌاڙ شروع ٿي وئي. تلوارن، نيزن، ڀالن، خنجرن ۽ تيرن جا مينهن وسڻ لڳا. مسلمانن بهادري جا خوب جوهر ڏيکاريا. مسلمانن جنهن بي جگري، ثابت قدمي ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو تنهن ٿوري ئي وقت ۾ ڪافرن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. تان جو اهي مسلمانن جي منهن ٽوڙ حملي جي سٽ نه سهي مال اسباب ڇڏي ڀڄڻ لڳا، ته سندن اهي عورتون جيڪي جنگي ترانا (رزميه) گيت ڳائي نوجوان ڪافرن کي ڀڙڪائي رهيون هيون سي به سندن مڙسن کي ڀڄندو ڏسي ور کنجي وٺي ڀڳيون. ڪافر هڙ جا هڙ شڪست کائي ميدان خالي ڪري ڀڄي ويا، ته لڪ تي ويٺل تيرانداز ڏهن ماڻهن کانسواءِ ٻيا هيٺ لهي آيا ۽ “مال غنيمت، مال غنيمت” پڪارڻ لڳا. اهو ٻڌي مسلمان سپاهين جي اڪثريت، ڪافرن جي ڇڏيل مال اسباب کي هٿ ڪرڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪرڻ لڳي ۽ هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا ڇو ته هنن سمجهيو ته، هاڻي لڙائي ختم ٿي وئي. حالانڪه لڪ تي ويٺل تير اندازن جي دسته جي اڳواڻ حضرت عبد الله بن جبير، لڪ تان هيٺ لهندڙ تير اندازن کي روڪيو هو ته جيسين پاڻ سڳورنﷺ وٽان هيٺ لهڻ جي اجازت نه ملي تيسين نه لهو. پر اهي هي چوندا هيٺ لهي ويا ته، ڪافر ڀڄي ويا، لڙائي ختم ٿي وئي هاڻي لڪ تي ويهڻ جي ضرورت ڪهڙي؟
    انهي جي باوجود حضرت عبد الله چند ساٿين سان لڪ تي ويٺو رهيو. ٻئي طرف ڪافر جيڪي ڀڄندا پئي ويا تن ۾ ابو جهل جو پٽ عڪرمه (جيڪو پوءِ مسلمان ٿيو) ۽ خالد بن وليد (جيڪو پوءِ مسلمان ٿيو) جهڙا ماهر جنگي جرنيل به هئا. تن اڌ رستي ۾ بيهي صلاح ڪئي ته، ڇو نه مسلمانن تي لڪ واري پٺئين پاسي کان حملو ڪجي. هينئر هو هٿيار ڦٽا ڪري، جنگ کان بي اونا ٿي غنيمت جي مال هٿ ڪرڻ ۾ آهن. هنن جي انهي بي خبري ۽ ڇڙ وڇڙ واري حالت مان فائدو وٺجي. لڪ تان گهڻن تيراندازن جي لهي وڃڻ ڪري، لڪ وارو پاسو خالي ٿي ويو هو، جتان کان هاڻي گهوڙي سوار فوج لاءِ حملو ڪرڻ آسان ٿي پيو هو. خالد بن وليد پنهنجي شڪست خورده فوج واپس ورائي، لڪ جي پٺئين پاسي کان اوچتو حملو ڪري ڏنو.
    پهرين ته عڪرمه لڪ تي ويٺل حضرت عبد الله بن جبير ۽ سندس ڏهن ساٿين کي زوردار حملو ڪري شهيد ڪيو. پوءِ ڪافرن جي سموري گهوڙي سوار فوج گڏجي خالد بن وليد جي اڳواڻي ۾، ڇڙ وڇڙ ۽ هٿيار ڦٽا ڪيل مسلمانن تي حملو ڪيو. انهي اوچتي زوردار حملي سبب مسلمان پاڻ سنڀالي نه پيا سگهن، جنهن ڪري ڪي ته ڀاڄ کائي ميدان ڇڏي ويا، ڪي ته همت هاري ويهي رهيا. پر اڪابر صحابه جيڪي اصل کان سچا سرويچ ۽ اسلام تان سر صدقي ڪرڻ وارا هئا، سي ته پوري همت ۽ ثابت قدمي سان مقابلو ڪرڻ لڳا. حضرت امير حمزه، حضرت مصعب بن عمير، حضرت عبد الرحمان بن عوف، حضرت انس بن نضر، حضرت سعد بن ابي وقاص وغيره بي شمار اصحابن ته بهادري جا عظيم مثال قائم ڪري فدا ڪاري ۽ جانثاري جي پنهنجي ڳاڙهي رت سان نئين تاريخ لکي ڇڏي.
    مسلمانن جي ٽڙ پکڙ حالت جو فائدو وٺي، ڪافر شديد حملو ڪندا پاڻ سڳورنﷺ تائين پهچي ويا هئا. مشرڪن کي ته سندن ئي ڳولا هئي، پر جنهن جو محافظ خود خدا هجي تنهن کي ڪير ٿو نيست نابود ڪري سگهي.
    پاڻ سڳورنﷺ مٿان ڪافرن جي اوچتي حملي جي باوجود، پاڻ سڳورا پوري استقامت، پيغمبرانه صبر ۽ بهادري سان سينو سپر ڪري ڪافرن تي تير وسائيندا رهيا. ايتريقدر جو سندن ڪمان ٽٽي پئي ته ڪافرن کي ويجهو اچڻ جو موقعو ملي ويو. مشرڪن مان هڪ ٻن بد بختن جي پٿر بازي سبب ڪي وڏا پٿر منهن مبارڪ تي لڳا، جنهن ڪري خود (لوهي ٽوپي جون ڪڙيون چپن ۾چڀي ويون۽ سامهون وارو هڪ ڏند مبارڪ شهيد ٿي ويو. سندن منهن، ڄاڙي، چپ ۽ گوڏا ڦٽجي پيا ۽ پاڻ رتو رت ٿي غش ٿي ڪرڻ جي باوجود پوري حوصلي ۽ جرئت سان اڏول رهيا، نه ڪي هٽيا نه ڪي لڪڻ جي ڪوشش ڪيائون. اهڙي صورتحال ۾ انصار صحابه جا ڏهه يارهن جانثار سندن دفاع ڪندي هڪ هڪ ٿي شهيد ٿي ويا. ابو عبيده بن جراح سگهوئي اچي خود جون چڀيل ڪڙيون پنهنجن ڏندن سان ڇڪي ڪڍيون، ڪڙيون ڇڪيندي ابو عبيده جا ٻه ڏند به ڀڄي پيا هئا. منهن ۽ چپن مبارڪن جي زخمن مان رت وهي رهيو هو جيڪو پاڻ اگهي رهيا هئا، پر اهو وهندڙ رت سندن پروانه حضرت مالڪ بن سنان چوسي ورتو. ڇوته مالڪ کي يقين هو ته، جنهن جسم ۾ رسول اللهﷺ جو خون هوندو، تنهن کي دوزخ جي باهه ويجهي به اچي نه سگهندي. شديد زخمن جيڪري جسم مبارڪ ۾ ضعف پيدا ٿي پيو هو. وڏا وڏا صحابي جهڙوڪ :حضرت ابوبڪر، حضرت عمر، حضرت عثمان، حضرت علي، حضرت طلحه بن عبيد الله، حضرت ابوعبيده، حضرت ابودجانه ۽ ٻيا به ڪيترا پاڻ سڳورن جي دفاع ۾ سينو سپر ڪري ديوار بڻجي بيهي رهيا. ڪافرن جي وسندڙ تيرن جي کين ڪابه پرواهه ڪانه هئي. پتنگن وانگر سيدالمرسلين مٿان سر صدقو ڪري دفاع ڪري رهيا هئا.
    حضرت ابودجانه ته، پاڻ سڳورن مٿان جهڪي بيهي رهيو. ڪافرن طرفان وسندڙ تير سڀ هن ڀلاري جي پٺن تي پئي لڳا، تان جو سندس پٺا پروڻ ٿي ويا. حضرت طلحه بن عبيدالله وري پنهنجا هٿ ڪافرن جي تيرن کي روڪڻ لاءِ سامهون ڪريو بيٺو هو. تيرن لڳڻ ڪري سندس هڪ هٿ هميشه لاءِ اپاهج ٿي ويو. حضرت سعد بن ابي وقاص پاڻ سڳورن وٽ بيهي ڪافرن تي جوابي تيرن جي بوڇاڙ ڪئي. پاڻ سڳورن جي دفاع ۾ سندس تيز رفتار تيراندازي اهڙا ته جوهر ڏيکاريا جو خود پاڻ سڳورا کيس پنهنجي هٿن سان تير ڏيئي داد ڏيڻ لڳا ته، يا سعد! ارم فداڪ ابي وامي. (اي سعد! تير هلاءِ، توتان منهنجو ابو امان قربان.)
    ابو طلحه انصاري به پاڻ سڳورن جو دفاع ڪندي ڪافرن تي تيرن جو مينهن وسائڻ شروع ڪيو. پاڻ سڳورن جي منهن وارن زخمن مان وهندڙ رت کي ڌوئڻ لاءِ حضرت علي پنهنجي ڍال ۾پاڻي کڻي آيو ته، حضرت بي بي فاطمه رت ڌوئڻ لڳي، جڏهن رت وهڻ بند نه ٿيو ته، تڏو ساڙي ان جو ڦلهيار هڻي رت بند ڪيو ويو. مٿان نماز جو وقت (شايد اڳين نماز جو وقت) آيو ته، پاڻ بيهي نه سگهيا بلڪه ويهي نماز پڙهيائون.
    هن موقعي تي مشرڪن ننهن چوٽي جو زور لاتو ته، ڪيئن به ڪري پاڻ سڳورن کي شهيد ڪجي.
    پر جنهن کي رب رکي تنهن کي ڪير چکي.
    مشرڪن جو مشهور سردار ابي بن خلف مڪي ۾ پاڻ سڳورن کي چوندو هو ته، ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن آئون توکي قتل ڪندس. پاڻ سڳورا کيس وراڻيندا هئا ته، انشاءَ الله تنهنجو موت منهنجي هٿان ٿيندو. جڏهن احد جي لڙائي ٿي ۽ مسلمانن جي فتح کانپوءِ شڪست وارو مرحلو آيو ۽ پاڻ سڳورا زخمي ٿي غار ۾ اچي ويٺا ته، اهو ابي بن خلف به گهوڙي تي چڙهي اچي لانگهائو ٿيو، پري کان چيائين ته، محمد! جي اڄ بچي ويو آهين ته به ڪيترو بچندين؟ اصحابن عرض ڪيو ته، اسان مان ڪنهن کي اجازت آهي ته، وڃي انهي جي خبر وٺي پاڻ فرمايائون ته ڇڏي ڏيوس ڀلي ويجهو ٿئي. جڏهن ويجهو ٿيو ته، هڪ صحابي کان نيزو وٺي اڇلي هنيائونس ته کيس ڪنڌ وٽان لڳو ۽ ڪلٽيون کائيندو گهوڙي تان ڪري پيو. رڙيون ڪندو قريشن ڏانهن ڀڳو. حالانڪه نيزي جي ڪا چنهنب لڳي هئس پر هن جي دانهن تي دانهن ته، “محمد ماري ڇڏيو”. قريشن چيس ته، مڙس ماڻهو ٿي، ڪا ڳالهه ڪانهي.
    ڌڪ به ته ڪو خاص ڪونهي پر هن وراڻيو ته، نه نه توهان کي ڪهڙي خبر! مون کي ته محمد اڳي ئي مڪي ۾ چوندو هو ته، “تنهنجو موت منهنجي هٿان ٿيندو”. سو پڪ سان منهنجو موت ويجهو آهي. واقعي اهو مڪي ڏانهن واپس ويندي واٽ تي ئي مري ويو.
    جنگ جي ميدان ۾ زخمين جي مرهم پٽي، سار سنڀال، انهن جي تيمارداري ۽ پاڻي پيارڻ جهڙا ڪم گهڻو ڪري عورتن جي حوالي هوندا هئا. هن غزوه احد ۾ جن اصحابي عورتن اهو فرض نڀايو تن ۾ ام عمار، حمنھ بنت جحش، ام سليط، ام سليم ۽ بي بي عائشھ ۽ ٻيون هيون.
    احد ۾ گهڻو ڪري ام سليط پاڻي جون سانداريون ڀري رکيون ٿي ته بي بي عائشھ ۽ ام سليم اهي ڀريل سانداريون، کڻي ٻين بيبين تائين پهچايون ٿي، جن وري زخمين کي پاڻي ٿي پياريو.
    پاڻ سڳورن ﷺ جي غار ۾ ويهي رهڻ ڪري مسلمانن کي هي خبر پئجي نه سگهي ته پاڻ ڪٿي آهن؟ ۽ ڪهڙي حال ۾ آهن. ڇو ته ميدان ۾ پاڻ نظر نه پئي آيا. شايد پاڻ سڳورن جي نظر نه اچڻ سبب ۽ مٿان وري مشرڪن جي هن هُل هلائڻ تي ته پاڻ سڳورا شهيد ٿي ويا آهن. مسلمانن ۾ وڌيڪ افراتفري ۽ بي همتي پيدا ٿي پئي هئي، پر حضرت ڪعب بن مالڪ پهريون اصحابي آهي، جنهن وڏي واڪي مسلمانن کي مبارڪي ڏيندي چيو ته، پاڻ سڳورا حيات آهن ۽ خير عافيت سان آهن توهان همت نه هاريو. ڪافرن جي مقابلي لاءِ گڏ ٿي وڃو ته اصحابن ۾ دل جمعي ۽ همت پيدا ٿي پئي. جيتوڻيڪ وڙهي ته رهيا هئا پر پوءِ ڄمي ڪري مقابلو ڪرڻ لڳا. هونئن به اهڙي هنگامي حالت ۾ ڇڙوڇڙ لشڪر مشڪل سان وري گڏجي حملي ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هوندو آهي. تنهن هوندي به اسلام جا جانثار سپاهي دشمن سان دوبدو ٿي وڙهي رهيا هئا. هر هڪ مجاهد سر ڌڙ جي بازي لڳائي رهيو هو. جن مان خاص ڪري حضرت امير حمزه ته اڪيلي سر ٽيهارو کان به وڌيڪ ڪافرن جا سر قلم ڪري جنگي مهارت ۽ بهادري جو بي مثال رڪارڊ قائم ڪيو. سندس حملو ايڏو ته زوردار هو جو ڪو به ڪافرن مان کيس سامهون اچي وڙهي نه ٿي سگهيو. پر وحشي نالي هڪ غلام لڪي ڇپي اهڙو ته زوردار ڀالو اڇلائي هنيو جو کيس دن وٽان آروپار ٿي ويو ته پاڻ وڃي پٽ تي ڪريو ۽ تڙپندي خدا جي راهه ۾ سر صدقي ڪيائين. حضرت انس بن مالڪ جو چاچو، حضرت انس بن نضر ته ڪافرن جون صفون چيري سندن وچ ۾ بيهي وڙهڻ لڳو ڪيترن کي زخمي ڪيائين پر پاڻ 70_80 کن تيرن. تلوارون ۽ ڀالن جا ڌڪ لڳڻ ڪري زخمي ٿي ڪري پيو ۽ پساهه پالڻهار جي حوالي ڪيائين. آخر ۾ سندس چچريل لاش جي سڃاڻپ ئي نه پئي ٿي سگهي. نيٺ سندس ڀيڻ آڱر جي ڏوڏي مان سڃاتو ته، هي سندس ڀاءُ انس بن نضر آهي.
    حضرت مصعب بن عمير جيڪو مهاجر صحابه جي دسته جو امير ۽ جهنڊو کڻندڙ هو. سو جهنڊو هٿ ۾ هوندي به ڪافرن سان دوبدو وڙهي رهيو هو. اوچتو ڪنهن ڪافر جي تلوار سندس هٿ ڪپيا ته، هن اسلامي جهنڊي کي هيٺ ڪرڻ ۽ سرنگون ٿيڻ کان بچائيندي وات ذريعي جهنڊو کنيو پر جڏهن تلوار جي ٻئي وار سندس سري ڌار ڪئي ته، فوراً حضرت علي جهندو سنڀالي ورتو.
    حضرت حنظله بن ابي عامر ته غزوه احد واري رات شادي ڪئي هئي. جيڪو اڃا پهرين سهاڳ رات پنهنجي ڪنوار سان ملڻ بعد اسر جو اٿي غسل جي تيارين ۾ هو ته، مٿان پاڻ سڳورن طرفان جهاد جو اعلان ٻڌائين ته جهاد جي شوق ۾ غسل (تڙ) وساري تلوار کڻي سڌو وڃي اسلامي لشڪر ۾ شامل ٿيو ۽ پوءِ احد جي ميدان تي ڪافرن سان وڙهندي شهيد ٿي ويو ته، سندس جنازو ميدان کان گم ٿي ويو. جنگ ڇيهه ٿيڻ تي جڏهن مسلمانن پنهنجا لاش ڳولي هٿ ڪيا ته، حنظله جو لاش نه لڌو. اصحابن اچي پاڻ سڳورن کي ٻڌايو ته، حنظله جو لاش گم آهي. پاڻ پنهنجي نگاهه نبوت ڌرتي ڏي کڻي وري جو اڀ ڏي ڏٺائون ته کين ڏسڻ ۾ آيو ته، نوراني ملائڪ حضرت حنظله کي غسل ڏيئي رهيا هئا. اهو ڏسي پاڻ فرمايائون ته، توهان جي ڀاءُ کي ملائڪ غسل ڏيئي رهيا آهن. حالانڪه خدا جي راهه ۾ شهيد ٿيندڙ کي غسل نه ٿو ڏنو وڃي. ڇو ته شهيد جو شهادت وارو عمل ئي اهڙو آهي، جيڪو سندس ظاهري توڙي باطني ڏوهه گناهه ۽ سموريون پليتيون ڌوئي پاڪ ڪريو ٿو ڇڏي. باقي ملائڪن جو هن ڀلاري کي تڙ ڏيڻ شايد خدا وٽ سندس مقبوليت جي نشاني هجي. وڌيڪ ته اهي راز رب ٿو ڄاڻي. غسل بعد جنازو زمين تي نظر آيو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هن ڀلاري کي “غسيل الملائڪھ” (ملائڪن جو وهنجاريل) جي لقب سان سڏيو وڃي ٿو.
    حضرت عبدالرحمان بن عوف کي ڪافرن هٿان 21 زخم رسيا ۽ سامهون وارا ڏند به ڀڄي پيس ته، پير ۾ اهڙو گهرو زخم رسيو، جنهن ڪري منڊڪائي پيو هلندو هو.
    لڙائي جو زور گهٽجڻ وقت ڪيترن شهيدن اصحابن جي لاشن جي بي حرمتي ڪري شڪل بگاڙي نڪ، ڪن، چپ وغيره وڍي ڪافرن پنهنجي باهه هلڪي ڪئي. سڀني کان وڌيڪ بي ادبي هند بنت عتبھ (جيڪا اڃا مسلمان نه ٿي هئي) حضرت امير حمزه جي جنازي سان ڪئي سندس نڪ، ڪن، چپ، جگر وڍي، دل چيري ڪچي چٻاڙي ڳڙڪائڻ جي ڪوشس ڪيائين پر نڙي کان هيٺ نه لهڻ جي ڪري ٻاهر ڪڍي اڇليائين.
    شام جي پهر لڙائي فتح ۽ شڪست جي بنان نتيجي ختم ٿي وئي. ڇو ته لڙائي جي شروع واري مرحلي ۾ مسلمانن کٽيو ۽ ڪافرن هارايو هو ته، وري ٻئي مرحلي ۾ مسلمانن هارايو ۽ ڪافرن کٽيو هو. ٻئي پاسا برابر رهيا.
    ابو سفيان، آئنده بدر جي ميدان ۾ وري جنگ جو اعلان ڪري هليو ويو.
    هن لڙائي ۾ 70 مسلمان شهيد ٿيا ته، 150 زخمي، باقي مشرڪ ڪافرن جا 30 کان مٿي ماڻهو مارجي ويا. شهيدن جي جنازي نماز هن طرح پڙهي ويئي جو حضرت امير حمزه جي جنازي سان گڏ واري واري سان هڪ هڪ شهيد جو جنازو آڻي رکيو ٿي ويو ۽ پاڻ سڳورن جنازي نماز پڙهائي ٿي. اهڙي طرح ٻين شهيدن جي هڪ ڀيرو جنازي نماز ٿي ته، حضرت امير حمزه تي 70 ڀيرا جنازه نماز پڙهي وئي.
    دفن ڪرڻ وقت به ٻه ٻه، ٽي ٽي شهيد گڏي هڪ قبر۾ دفن ڪيا ويا.
    حضرت امير حمزه سان گڏ قبر ۾ نبي سائين جو پڦاٽ ۽ سالو عبد الله بن جحش دفن ڪيو ويو.
    طويل تربود حڪايت، قليل ترگفتم.
    جيتوڻيڪ داستان ڪار زار ڊگهو ٿي ويو آهي پر پاڻ سڳورن جي سيرت طيبھ جي حوالي سان ڪنهن هڪ غزوه جو پس منظر ۽ پيش منظر معلوم ڪرڻ ضروري سمجهيو سون ۽ ٻيو ته، احد جبل جي زيارت جي حوالي سان به غزوه احد جو ڪجهه تفصيل پيش ڪرڻ مناسب محسوس ڪيم.
    غزوه احد جي موقعي تي، انهي لڙائي جي باري ۾ 60 آيتون سورت آل عمران جون آيت نمبر 121 کان 180 تائين نازل ٿيون. جن جي تشريح تفسيرن ۾ موجود آهي. غزوه احد جي شهيدن جي حاضري بعد، ٻيا دوست احد جبل تي چڙهڻ لاءِ روانا ٿيا پر آئون ميدان تي بيٺل ماڻهن سان گڏ بيهي اسلام جي اوائلي دور جي تاريخ جي ورقن ۾ گم رهيس.


    شاهه عبدالعزيز لائبريري جو تعارف:

    شاهه عبدالعزيز لائبريري جو تعارف:
    جڏهن دوست احد جبل تان موٽيا ته، بوتلون، بسڪيٽ، فروٽ وغيره کائي پي تازا ٿي واپس ورياسون.
    دوستن ته رخ ڪيو جاءِ ڏي ۽ مون حرم مدني جي ڀر ۾ موجود شاهه عبدالعزيز لائبريري ۾ وڃي معمول مطابق مطالعو ڪيو. اڄ شيخ علي حافظ جو ڪتاب فصول من تاريخ المدينة المنوره جيئن ئي کوليو هئم ته، شاهه عبدالعزيز لائبريري جي بلدنگ جي تصوير سان گڏ لائبريري بابت تعارفي مواد ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. ڇو ته جنهن لائبريري ۾ روزانو مطالعي لاءِ ايندو هئس تنهن بابت انهي تعارفي مواد جي ته ڳولا هئم، سو فوراً ئي نوٽ ڪري ورتم جنهن جو خلاصو هي آهي.
    شاهه عبدالعزيز لائبريري سعوديھ جي وڏين لائبريرين مان هڪ آهي. هي لائبريري حرم نبوي کي بلڪل ويجهو اولهه اتر طرف مناخھ روڊ تي واقع آهي. هن لائبريري جو افتتاح شاهه فهد بن عبدالعزيز هٿان 16 محرم 1403هه تي ٿيو.
    هي ڇهن طبقن واري لائبريري ڪيترن ئي حصن ۾ ورهايل آهي. هن ۾ پنجاهه هزار علمي ادبي، مذهبي تاريخي، سياسي سماجي، سائنسي ثقافتي هنري وغيره هر قسم جي موضوعن تي شامل ڪتابن کان علاوه اڻ لڀ ۽ عمدا قلمي نسخا به آهن جن ۾ اڪثريت قرآن شريف جي نسخن جي آهي. ان کانسواءِ ٻيا تحفا، سوکڙيون جهڙوڪ: سونهري پردا، سون جي تارن سان لکيل غلاف، شمعدان، دنيا جي مڃيل خطاطن، خوشنويسن، ۽ ڪاتبن جون لکيل پٽيون وغيره رکيل آهن. هن لائبريري ۾ داخل ڪتابن جي مائڪرو فلم به تيار آهي جيڪا هڪ خاص شعبه ۾ ڏسندڙن لاءِ موجود آهي. هن لائبريري ۾ مطالعي لاءِ هر قسم جي سهولت موجود آهي. جتي سعوديه کان علاوه ٻاهرين ملڪن جا اسڪالر، محقق، استاد ۽ پي ايڇ ڊي توڙي گريجوئيشن جا شاگرد ۽ عام ماڻهو مطالعو ڪري مستفيض ٿين ٿا. هن لائبريري کي مشهور علمي ادبي شخصيتن ۽ ادارن پاران عطيھ طور لائبريريون به ڏنيون ويون آهن جن جو تعداد پنڌرهن کن آهي. انهن مان هٿ آيل 7449 ناياب قلمي نسخا به هن لائبريري جي زينت بڻيل آهن.
    لائبريري ۾ پنهنجي مطالعي جو وقت معمول مطابق پورو ڪري جاءِ تي آيس جتي ماني کائي ٿڪ ڀڃي اڳين نماز جي تياري ڪيم. نماز بعد مسجد نبوي ۾ ليٽي پيس. اک لڳي وئي ته خبر ناهي خوابن ۾ ڪهڙن باغن جو سير پئي ڪيم. رب سائين شال آخرت موچاري ڪري. آمين. اک کلڻ تي وچين نماز جي اذان اچي رهي هئي. جنهن ڪري وڃي وضو جي تياري ڪيم. وچين نماز بعد روضهء رسول ﷺ تي حاضر ٿي دست بسته بيٺو هئس ته، دل پنهنجي درخواست زبان ذريعي پي سڪئي ته:
    يا رب تو ڪريمي و رسول تو ڪريم،
    صد شڪر ڪه هستيم ميان دو ڪريم.
    اي پالڻهار! تون به ٻاجهه، سخا ۽ بخشش ڀريو ته، تنهنجو رسول به سخا ۽ ڪرم ۾ ڪمال جو صاحب، لک شڪر جو اسان جهڙا گنهگار سوالي، اهڙن ٻن سخين جي وچ ۾ آهن. پڪ اٿئون ته اسان گنهگارن تي بخشش ڀري بارش رحمت جو روپ وٺي وسندي رهندي. آمين
    سيد المرسلين ﷺ ۽ سندس ٻن يارن تي صلواتون ۽ سلام پڙهڻ کانپوءِ، دلي يقين سنا ته، هن داتا جي درتان ڪو به سوالي سکڻو نه موٽيو آهي. مطمئن ٿي ورياسون، ڀلا بيو در به ڪهڙو آهي جتي سوالي وڃي صدا هڻن ۽ مرادون ماڻي مطمئن ٿي موٽن. اسان ته انهي ئي در جا سوالي آهيون ۽ رهنداسون. اها ٻي ڳالهه آهي ته:
    تون سڄڻ سرچين نه سرچين ته به سدا سر چانئٺ تي،
    در ڇڏي دلبر نه ويندس، صلح لئه سرڪار وٽ.
    (احمد ملاح)


    مسجد نبوي ۾ درس قرآن جا حلقا:

    مسجد نبوي ۾ درس قرآن جا حلقا:
    مسجد نبوي ۾ عام طرح وچين نماز کانپوءِ درس قرآن جا حلقا لڳندا آهن جن مان ڪي ته فقط قرآن شريف جي قرئت، تجويد ۽ الفاظن جي درست اُچار لاءِ هوندا آهن، تن ۾ ماڻهن جي شرڪت گهٽ هوندي آهي. البت ڪي حلقا وڏا هجن ٿا. جن ۾ قران شريف جي ڪن آيتن بابت ليڪچر ٿيندو آهي. ليڪچر ڏيندڙ کي مسجد جي انتظاميھ پاران ڪرسي ۽ گلي ۾ لڳائڻ وارو مائيڪ ڏنل هوندو آهي جنهن جو آواز حلقي ۾ شريڪ ماڻهن تائين پهچي ٿو. انهي حلقي ۾ ماڻهو ڪافي تعداد ۾ شريڪ ٿيندا هئا. آئون ڪڏهن ڪڏهن درس قرآن جي اهڙي حلقي ۾ شريڪ ٿيندو هئس. اڄ فرصت هيم ته اهڙي هڪ وڏي حلقي ۾ شريڪ ٿيس. ڏٺم ته مديني يونيورسٽي جا ڪيترائي شاگرد هٿن ۾ قلم ڪاپيون کڻي ليڪچر ڏيندڙ جو بيان اختصار سان لکي رهيا هئا. منهنجي ڀر ۾ به هڪ شاگرد لکي رهيو هو. سچ پچ ته مون کي انهن جا ليڪچر سطحي ٿي لڳا، جن ۾ ڪا خاص علميت ڪا نه هئي. اتي ويهي سوچيم ته، اسان جي سنڌ ۽ هند جا عالم ته علم جا سمنڊ آهن. هي عرب ويچارا قرآن شريف جي فقط ظاهري لفظن جي تشريح تي اڪتفا/ گذارو ڪن ٿا. قرآن شريف جا علم ۽ معرفت ڀريا اسرار، ظاهري توڙي باطني راز رمزون، حقيقي ۽ معنوي گهرائي. ڪلام الاهي جي روشني ۾ موجوده دور جي زندگي ۽ سماجي اقتصادي ۽ معاشي مسئلن جو نبيرو وغيره ته، سنڌ ۽ هند جا عالم ئي ڪن ٿا يا ڪري سگهن ٿا. موجوده عربن ۾ اهڙي قسم جي صلاحيت يا علمي عروج ڏسڻ ۾ گهٽ آيو. البت انهن جو گهڻو زور توحيد ۽ سنت جي حمايت پرچار، شرڪ ۽ بدعت جي مخالفت تي آهي.
    اسان جيترا به ليڪچر ۽ جمعن تي خطيبن جا خطبا ۽ وعظ وغيره ٻڌا، تن ۾ فرضي عبادتن جهڙوڪ نماز، روزو، زڪوات ۽ حج کان سواءِ سماجيات ۽ اخلاقيات جي سڌاري بابت ڪا به تقرير ڪا نه ٻڌي. ٿي سگهي ٿو ته اسان کي اهڙن وعظن ۽ ليڪچرن ۾ شريڪ ٿيڻ جي توفيق نه ملي هجي. ٻيو ته شايد انهن عربن جا مسئلا، اسان جي سماجي مسئلن کان مختلف به هجن. والله اعلم.مغرب نماز جي وقت ويجهي اچڻ تي ليڪچر ختم ٿيو ته، اسان اٿڻ جي ڪئي، ڀر ۾ ويٺل شاگرد کان پڇا ڪيم ته ڇا پڙهندو آهين ۽ ڪٿي؟ وراڻيائين ته مديني يونيورسٽي ۾ ڪليت الشريعة (شريعت فيڪلٽي) ۾ داخله اٿم. منهنجي شهريت اردني آهي. وڌيڪ چيو مانس ته، جيڪڏهن مهرباني ڪري سگهو ته، سڀاڻي هن ئي وقت تي منهنجي لاءِ يونيورسٽي بابت ضروري معلومات کڻي اچجو، ته جيئن مون سان گڏ ٻيا به يونيورسٽي جي طريقه تعليم، نصاب، مختلف تعليمي مرحلا، داخله امتحان ۽ هاسٽل وغيره جي شرطن ضابطن جهڙي معلومات کان واقف ٿين. اردني شاگرد هائوڪار ڪئي ۽ اسان هڪ ٻئي کي خدا حافظ چئي وڃي سانجهي نماز جي تياري ڪئي. الحمدلله ڇٽين هيٺ مسجد نبوي ۾ سانجهي کانپوءِ سمهڻي نماز بعد سڀني معمولات کان واندو ٿي جاءِ تي آيس جتي پنهنجي ڏينهن جي روئداد ڊائري ۾ قلمبند ڪري سمهي پيس.
    اڄ 9 مئي 1997ع مطابق 3 محرم 1418هه تي جمعي جو ڏينهن شروع ٿيو. سوچيم ته، اڄ سڄو ڏينهن مسجد نبوي ۾ گذاريندس ۽ جيڪڏهن ڪجهه لکيم به ته، اهو خاص مسجد نبوي متعلق هوندو. خدا جو شڪر جو انهي ڀلاري ڏينهن جون اڪثر گهڙيون هن مبارڪ ماڳ تي گذاريم. جتي رحمت جا ريلا، ۽ برڪت جي بارش آسپاس جي ايندڙ ويدڙ تي به جاري ساري آهي.
    جڏهن به ڪو مورخ يا مصنف مسجد نبوي بابت لکندو ته، مسجد جي تذڪري کان پهرين لازمي طرح مسجد جي باني حضرت سيد المرسلين ﷺ جو ذڪر خير به اول ۾ آڻي پوءِ مسجد تي لکندو. تنهن ڪري مسجد کان پهرين، پاڻ سڳورن صلي الله عليھ و آلھ وسلم جي هتي اچڻ، رهڻ ۽ مسجد جو بنياد رکڻ ۽ پوءِ مسجد جي شاندار ماضي جو اختصار سان ذڪر ڪريون ٿا.


    مديني ۾ اچڻ تي سندن استقبال:

    مديني ۾ اچڻ تي سندن استقبال:
    اسان مٿي لکي آيا آهيون ته، سيد المرسلين ﷺ قبا ۾ چار ڏينهن رهي مسجد جو بنياد رکي پوءِ 12 ربيع الاول جمع ڏينهن مديني (يثرب) ڏانهن روانگي جو ارادو ظاهر فرمايو ته قبا جا رهاڪو خاص ڪري بني عمرو بن عوف قبيلي جا عرض ڪرڻ لڳا ته، اي الله جا رسول! ڇا اسان کان تنگ ٿي نڪرڻ چاهيو ٿا. يا اسان جي جاءِ کان به وڌيڪ بهتر جڳهه جي تلاش ۾ نڪرو ٿا. مهرباني فرمائي اسان جي ڳوٺ مان روانا نه ٿيو بلڪه اسان جو عرض آهي ته هتي ئي رهي پئو.
    اسان هر طرح جي خدمت لاءِ حاضر آهيون. پاڻ سڳورن وراڻيو ته، مون کي اهڙي بستي ۾ رهڻ جو حڪم ٿيو آهي جيڪا سمورين کي کائي ويندي (يعني پنهنجي اندر سمائي ڇڏيندي) انهي ڪري منهنجي ڏاچي جو رستو نه روڪيو ڇو ته، اها الله جي حڪم سان هلي ٿي ۽ انهي جي ئي حڪم سان بيهي ٿي.
    مديني (يثرب) ڏي پاڻ سڳورن جي روانگي جو اطلاع اتي جي رهاڪو انصار صحابه جهڙوڪ: حضرت ابو ايوب انصاري ۽ ٻين کي ٿيو ته، اهي سڀئي اهڙو اطلاع ملندي ئي سائين جن جي استقبال لاءِ آتا، واٽون واجهائي، نيڻ وڇائي اچڻ لاءِ اوسيئڙي ۾ هئا. هيڏانهن پاڻ سڳورا ﷺ جيئن ئي ٻپهرن جي وقت بنو سالم ڳوٺ وٽ پهتا ته، جمعي نماز جي فرض هجڻ جو حڪم نازل ٿيو ته، پاڻ اتي ئي سو ماڻهن جي امامت ڪندي جمعو نماز پڙهايائون. انهي پهرين جمع پڙهڻ واري جاءِ کي اڄڪلهه “مسجد جمعھ” جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو ڇو ته يادگار خاطر انهي جاءِ تي مسجد جوڙائي وئي. جمعي نماز جي ادائگي کانپوءِ پاڻ ڪريمن سندن ڏاچي قصويٰ تي سوار هئا ته، ساڻن گڏ اصحاب سڳورا ڪي سوار ته ڪي پيادا مگر مسلح (هٿياربند) هئا. ڏاچي مزي مزي سان وکون واريندي هلي رهي هئي. حضرت ابوبڪر صديق رڪيبدان ته اصحاب سڳورا همسفر. هي قدوسي قافلو جنهن ويل وڃي رهيو هو ته، ان وقت فضا خدا جي حمد و ثنا، پالڻهار جي وڏائي ۽ هيڪڙائي جي نعرن سان گونجي رهي هئي. ننڍا وڏا، ٻار ٻڍا نبوي چهري جي نورانيت ڀري تجلي جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ بيتاب ٿيا بيٺا هئا. پاڻ ڪريم، مديني منوره جي ڏاکڻي پاسي کان شهر ۾ داخل ٿيا. اهو ڏسي يهودين جي عالمن توريت کوليو ته، انهي ۾ نبي آخرالزمان حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ٻين نشانين سان گڏ هي به نشاني هئي ته، “خداوند ڏکڻ کان، جيڪو پاڪ آهي، سو ڪوههِ فاران مان ظاهر ٿيو (بائبل ۾ مڪي جو نالو فاران لکيل آهي) انهي جي دٻدٻي سان آباد ٿي (ڀرجي) وئي.” مردن کان علاوه عورتون به گهرن جي ڇتين تي چڙهي ٻنهي جهانن جي سردا رجي “جشن آمد” جو روح پرور نظارو ڪري رهيون هيون. وري انصارن جون معصوم نياڻيون پنهنجي ٻاراڻي پاڪيزه لهجي ۾ هي مرحبائي گيت ڳائي رهيون هيو ته:
    نحن جوار من بني النجار،
    يا حبذا محمد من جار.
    اسين بني نجار قبيلي جون نياڻيون آهيون، واهه واهه! محمد اسان جو ڪهڙو نه ڀلو پاڙيسري آهي.
    اصحاب سڳورا انهي ڏينهن جو پنهنجي ڪچهرين ۾ ذڪر ڪندي فرمائيندا هئا ته، اسان جي زندگي ۾ خوشي جو اهڙو ڏينهن وري نه آيو. انهي ڏينهن جمال مصطفيٰ سان مديني جي هر شئي بکندي ۽ ٻهڪندي نظر پئي آئي. سبحان الله!
    هر هڪ جي آرزو هئي ته، ٻنهي جهانن جو سردار سندس مهمان ٿي کيس ميزباني جو شرف بخشي. انهي ڪري هر هڪ دل سان آڇ ٿي ڪئي ته، سائين! هي گهر، هي در، هي مال هي زر، هي ساهه هي سر اوهان جي قدمن ۾ حاضر آهي پر پاڻ هر ڪنهن کي هيئن ٿي وراڻيائون ته، منهنجي ڏاچي کي اڳيان اچي مهار نه جهليو. اها الله جي حڪم سان هلي رهي آهي جتي ويهندي سا اسان جي منزل آهي. پاڻ انهن سڀني آرزومندن کي دعائون ڏيندا اڳتي وڌندا رهيا. تان جو قصويٰ ڏاچي جا قدم انهي جاءِ تي اچي رڪيا جتي هاڻي مسجد آهي. اتي ڏاچي ويهي پنهنجو ڪنڌ کڻي پٽ تي رکيو. ڏاچي جي ويهڻ واري اها جاءِ ٻن يتيم ڀائرن سهل ۽ سهيل جي ملڪيت هئي، جتي کجين جو کرو به هو ته، اٺن جي جهوڪ سان گڏ ڪي کجي جا وڻ ۽ ڪجهه قبرون به هيون.


    ابو ايوب انصاري جا مهمان:

    ابو ايوب انصاري جا مهمان:
    ڏاچي جي ويهڻ واري جاءِ کي سامهون گهر جو ڌڻي خوشي مان نه ٿي ماپيو. جو کيس سيد المرسلين جي ميزباني جو شرف نصيب ٿيو هو. تنهن ويرم ئي ڪا نه ڪئي جو پاڻ ڪريمن ﷺ جي لهڻ بعد پاکڙا پلاڻ کڻي ۽ ڏاچي ڪاهي وڃي گهر ۾ پهچايائين. ۽ پنهنجي ٻه ماڙ گهر ۾ پاڻ سڳورن کي هلي آرام ڪرڻ لاءِ عرض ڪيائين. جنهن ڀلاري کي رسول الله ﷺ جي ميزباني جو شرف نصيب ٿيو هو تنهن جو اصل نالو ته خالد بن زيد پر مشهور ابو ايوب انصاري سان آهي.
    حضرت ابو ايوب جو اهو گهر اصل ۾ اسلام کان 700 سو سال اڳ يمن جي بادشاهه تبع جي ٺهرايل ماڙي هئي. اها ماڙي جنهن نيت سان ٺهي هئي تنهن جو سبب هي ٿيو جو اهو بادشاهه اڀرندي جا ملڪ فتح ڪرڻ جي ارادي سان يمن کان هتي مديني ۾ اچي نڪتو. ان وقت جي يثرب جي رهاڪن ساڻس لڙائي بجاءِ صلح ڪئي ۽ پوءِ پنهنجو پٽ اتي حاڪم بڻائي پاڻ هليو ويو. بادشاهه جي وڃڻ بعد يثرب وارن پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو. اها خبر جڏهن بادشاهه کي پهتي ته، وڏو لشڪر وٺي يثرب (مديني) تي ڪاهي آيو ۽ قتلام شرع ڪيائين ۽ قسم کنيائين ته، جيستائين هن شهر کي تباهه نه ڪندس تيستائين واپس نه ورندس. ڪافي رتو ڇاڻ تي ان وقت جا يهودي عالم بادشاهه وٽ ويا ۽ کيس سمجهيائون ته، تون جو هن شهر کي برباد ڪرڻ جو قسم کڻي ويٺو آهين سو تنهنجو اهو قسم ڪڏهن به پورو نه ٿيندو. ڇو ته، ،الله تعاليٰ هن شهر کي پنهنجي خاص پناهه سان محفوظ رکيو آهي هن کي برباد ڪرڻ جي نيت وارو خود برباد ٿي ويندو. هن ڪري ته هي شهر نبي آخرالزمان جي آخري منزل ۽ آرامگاهه ٿيندو. تنهن ڪري اهڙي ارادي کان باز اچي وڃ. ان کانسواءِ يهودي عالمن کيس خون خرابي کان بچڻ جون هدايتون به ڪيون هيون ته، انهي بادشاهه پنهنجو ارادو بدلائي، توبهه تائب ٿي يهودي مذهب مطابق ايمان آڻي مسلمان ٿيو ۽ پوءِ نبي آخر الزمان حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي رهائش لاءِ ٻه ماڙ محل (گهر) ٺهرائي هڪ منظوم خط لکي مهر بند ڪري يهودي عالمن جي حوالي ڪيائين ۽ کين هي تاڪيد ڪيائين ته جيڪڏهن سندن زماني ۾ نبي آخرالزمان حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ ظاهر ٿئي ته، کيس رهائش لاءِ هي گهر ۽ هي خط پيش ڪجو. يهودي عالمن مان هڪ عالم کي انهي گهر ۽ خط جي سنڀال تي متولي مقرر ڪري واپس يمن هليو ويو. انهي ئي عالم جي اولاد مان حضرت ابو ايوب انصاري جي حصي ۾ اهو گهر به آيو ته اهو خط به. سو پاڻ سڳورا ﷺ خدا جي منشا مطابق انهي ئي گهر ۾ اچي سڪونت پذير ٿيا ته ڪجهه گهڙيون آرام ڪرڻ بعد کين حضرت زيد بن ثابت وڏو طباق ثريد جو آڻي پيش ڪيو. جيڪو پاڻ ڪريمن وڏن وڏن اصحابن کي سڏي ساڻن گڏجي کاڌو. (هن ثريد ۾ ماني جا ڀور،ا گيهه ۽ کير گڏيل هئا نه ته اڪثر ڪري ثريد عربن جي اهڙي کاڌي کي چئجي ٿو جنهن ۾ ٻوڙ جي رس ۾ ماني ڀور ڪري ملائي وئي هجي. ثريد پاڻ سڳورن ﷺ جو پسنديده کاڌو هو.) پوءِ اهو خط به آڻي سندن خدمت ۾ پيش ڪيو ويو جنهن ۾ هي شعر لکيل هئا ته:
    شهدت اعليٰ احمد انھ رسول من الله باري النسم.
    فلو مد عمري اليٰ عمره لکنت وزيرا لھ و ابن عم.
    ترجمو: آئون شاهدي ڏيان ٿو ته، بيشڪ احمد الله جو سچو رسول آهي، جيڪڏهن جيئرو رهيس ته سندس ساٿي ۽ مددگار ٿي رهندس.


    مسجد نبوي جو بنياد ۽ تعمير:

    مسجد نبوي جو بنياد ۽ تعمير:
    پاڻ سڳورن مديني ۾ اچڻ سان جيڪو پهريون ڪم ڪيو. سو هو اسلام جي مرڪز يعني مسجد قائم ڪرڻ جو. تنهن لاءِ فرمايائون ته، جنهن جاءِ تي منهنجي ڏاچي ويٺي هئي، بس اها ئي جاءِ مسجد لاءِ مناسب آهي. وڌيڪ فرمايائون ته، انهي جاءِ جي مالڪ کي سڏي اچو ته، ساڻس ڳالهايون. اصحاب سڳورا ٻن يتيم ڀائرن سهل ۽ سهيل کي وٺي آيا، جيڪي انهي پڊ جا مالڪ هئا ۽ هڪ اصحابي اسعد بن زراره جي سار سنڀال ۾ هئا. پاڻ ڪريمن انهن ٻنهي ڀائرن کي مخاطب ٿي فرمايو ته، اسان کي مسجد لاءِ جاءِ گهربل آهي، تنهن لاءِ توهان جي جاءِ چونڊي وئي آهي. سو انهي جي رقم ٻڌايو ته ادا ڪري مسجد جي اڏاوت شروع ڪريون. ٻنهي ڀائرن عرض ڪيو ته، يا رسول الله ﷺ اسان خدا ڪارڻ بخش ڪئي. توهان ڀلي اتي خدا جو گهر اڏيو. پر پاڻ انڪار ڪندي فرمايائون ته، آئون ته يتيم جي حقن جو محافظ ٿي آيو آهيان، سو وري يتيمن جو مال ڪيئن کائيندس؟ پاڻ سڳورن جي زور ڀرڻ تي انهن يتيمن ۽ سندن سنڀاليندڙ پاران ڏهه گينيون سونيون (دينار) ملهه مقرر ڪيو ويو جيڪو حضرت ابو بڪر صديق بر وقت ادا ڪيو.
    مسجد لاءِ ورتل انهي جاءِ تي ان وقت ڪي کڏون، ڪٿي دڙا، ڪي مشرڪن جون قبرون ته ڪجهه حصو هموار هو جتي کجور جو کرو هو ۽ ڪي کجي جا ساوا سڪا ٿڙ هئا.
    پاڻ سڳورن مسجد جي تعمير جي شروعات انهي خريد ڪيل پلاٽ کي هموار ڪرڻ سان ڪئي. کجي جا وڻ ۽ سڪل ٿڙ وڍيا ويا. مشرڪن جون قبرون کوٽي اتان انهن جا هڏا ڪڍي ٻئي هنڌ دفن ڪيا ويا دڙا دڪا ڊاهي پاڻي جو چشمو ۽ کڏون ڀريون ويون.
    اهڙي طرح مسجد لاءِ ميدان هموار ڪيو ويو. بقيع جي ويجهو بير ايوب (ايوب جي کوهه) وٽ مسجد لاءِ ڪچيون سرون لڳايون ويون. انهي کان پوءِ پاڻ سڳورن ﷺ جي حڪم مطابق، اصحاب سڳورا پنهنجي هٿن ۽ پٺن تي سرون ۽ اوساري ۾ ڪم ايندڙ پٿر ڍوئڻ لڳا. جنهن ۾ پاڻ سڳورا به برابر جا شريڪ رهيا. جيتوڻيڪ اصحاب سڳورا هر هر پيا عرض ڪن ته، اي محبوب خدا! توهان تڪليف نه ڪريو ته، پاڻ وراڻين پيا ته، نيڪي حاصل ڪرڻ ۾ آئون ته سڀني کان وڌيڪ خدا جو محتاج آهيان يا وري هينئن ٿي وراڻيائون ته، خيبر جي کجور ۽ انگور ڍوئڻ جي مزوري کان هي مزوري وڌيڪ فائدي واري آهي.
    صحابه ڪرام جنهن جوش جذبي، شوق ۽ محبت سان هن مسجد جي تعمير ۾ حصو وٺي رهيا هئا سو ته، ڏسڻ وٽان هو. حديثن ۾ انهن ڀلارن جي اهڙي نيڪ ۽ پرخلوص جذبي بابت پڙهي پنهنجي گريبان ۾ گهوري ٿا ڏسون ته، انتهائي شرمساري ٿئي ٿي ڇو ته، صحابه ڪرام ”مسجد“ کي محض دين جي مرڪز طور تعمير به ڪندا هئا ۽ انهي کي دين جو مرڪز سمجهي توحيد، نماز، تلاوت، ذڪر ۽ تعليم سان آباد به رکندا هئا. ليڪن اسان ته اڪثر ڪري مسجد کي دنياداري، خود غرضي ۽ مفاد پرستي لاءِ استعمال پيا ڪريون تڏهن ته هر مسجد جي متولي جو پنهنجو فرقو ٺهيو پيو آهي.
    مسجد نبوي جي تعمير جي سلسلي ۾ هڪ هڪ پٿر ۽ هڪ هڪ سر کڻندي هر ڪنهن ڀلاري جي زبان تي ذڪر سان گڏ توحيد جي تنوار ۽ ڪلام الله جي تلاوت هئي. ڀلا جنهن مسجد جي اوساري ۾ ڪم آيل هر پٿر ۽ سر سان گڏ حضرت سيد الانبياء ۽ سابقون الاولون اصحابن سڳورن جو خلوص ۽ بي ريا عمل شامل هجي ته اهڙي مسجد مٿان رب جي رحمتن برڪتن بخششن ڀريون بارشون ڪيئن نه وسنديون رهنديون.
    مسجد جي پيڙهه ساڍا چار فوٽ اونهي کوٽي وئي جيڪا پٿر ۽ چن سان ڀري وئي، اهڙي طرح زمين کان مٿي به ساڍا چار فوٽ اوساري پٿر ۽ چن جي کنئي وئي، جنهن کانپوءِ اوساري ۾ ڪچي سر استعمال ڪئي وئي.
    مسجد جي پيڙهه ڀرڻ وقت پاڻ سڳورن هي خاص اهتمام ڪيو جو پنهنجن قريبي ساٿين کي سڏائي، پهريون پيڙهه جو پٿر پاڻ رکيائون، ته ٻيو پٿر ابوبڪر صديق هٿان، ٽيون پٿر عمر فاروق هٿان ۽ چوٿون پٿر عثمان غني هٿان رکايائون ۽ پوءِ معمول مطابق رازي هٿان اوساري ڪئي وئي.
    انهي پهرين تعمير وقت مسجد نبوي جي ماپ اتر ڏکڻ ڊيگهه ۾ 54 هٿ يعني 81 فوٽ، ته اوڀر اولهه ويڪر ۾ 63 هٿ يعني 91 فوٽ هئي. مسجد جي اوچائي به ڪا خاص مٿي ڪا نه هئي. ايتري مٿي هئي جو ڇت تي رکيل کجين جي ڦڙهن کي هٿ لائي پيو سگهجي. مسجد جي ڇت ۾ کجين جا ڦڙها سٿيل هئا ته، کجين جا ٿڙ وري ٿنڀي طور استعمال ڪيا ويا. ڇت تي پيل ڦڙهن مٿان مٽي پکيڙي وئي. شايد ڪو هلڪو گارو به لڳايو ويو. مسجد جا ڪل ٽي دروازا رکيا ويا. جن مان هڪ دروازو ڏکڻ طرف (جنهن پاسي هاڻي قبلو آهي / ان وقت عارضي طرح قبلو بيت المقدس هو جيڪو مديني کان اتر طرف آهي) ٻيو دروازو اوڀر طرف جتان پاڻ سڳورن جو اچڻ ٿيندو هو. ٽيون دروازو اولهه طرف جنهن کي باب الرحمت سڏيندا هئا.
    اصحابن سڳورن جو بيان آهي ته، جڏهن بارش پوندي هئي ته، ڇت سڄي پئي ٽمندي هئي. پاڻ سڳورا توڙي اصحاب سڳورا انهي گپ چڪ ۾ خدا جي حضور سر بسجود هوندا هئا. هڪ ڀيري جڏهن پاڻ سڳورن ۽ اصحابن مينهن سبب گپ چڪ ۾ پئي سجدا ڪيا ته، هڪ اصحابي اهو ڏسي لسيون پٿريون کڻي آڻي مسجد ۾ پکيڙيون. بس پوءِ ته ٻيا اصحاب سڳورا به اهو ڏسي اهڙين پٿرين جا جهول ڀريندا مسجد ۾ وڇائيندا ويا. پاڻ سڳورن کي پٿرين جو اهو فرش ڏاڍو پسند آيو. جنهن ۾ مينهن پاڻي وقت به نماز، سجدي وغيره ۾ گپ چڪ واري ڪا به تڪليف ڪا نه هئي. هن مسجد کي ”مسجد النبي“ هن ڪري ٿو سڏجي جو انهي جي پيڙهه جو پٿر خود ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ پنهنجي هٿن سان رکيو آهي.
    پيغمبر جي هٿن مبارڪن هن مسجد کي اها عظمت بخشي جو هن ۾ هڪ نماز پڙهڻ جو ثواب ۽ درجو پنجاهه هزار نمازن جي ثواب برابر ٿيو. جيئن مڪي کي بيت الله شريف هئڻ ڪري حرم جو شرف عطا ٿيو. تيئن هن مسجد جي برڪت سان مديني کي به حرم جو شرف ۽ عزت نصيب ٿي. ايڏي عظمت وڌي جو جيئن مڪي شهر تي ملائڪن جو پهرو آهي تيئن مديني کي به ملائڪن جو پهرو حاصل آهي. هنن ٻنهي شهرن جي حفاظت جو انتظام غيبي طرح نوراني ملائڪن هٿان ڪيو ويو آهي. سبحان الله.


    مسجد اڏڻ جو اصل مقصد:

    مسجد اڏڻ جو اصل مقصد:
    حديثن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته، خدا وٽ دنيا جي سڀني جاين کان پسنديده جايون مسجدون آهن ڇو ته، مسجدون اسلام جي اجتماعي نظام جو روح ۽ ديني مرڪز جو ساهه آهن. جنهن جو عظيم مقصد مسلمانن جي ڇڙ وڇڙ طاقت کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ، مسلم فردن جي اهڙي جوڙ جڪ ڪرڻ جو تسبيح جي داڻن وانگر سڀ هڪ سڳي ۾ پوئجي وڃن، يعني ته متحد ۽ منظم ٿي وڃن. مسجدن جي تعمير جو اهو اعليٰ مقصد اسان کي ٻنهي جهانن جي سردار ﷺ جي مسجد تعمير ڪرڻ ۾ نظر اچي ٿو، باقي هن وقت ته اهو مقصد ئي فوت ٿيندي ڏسجي ٿو. ڇو ته پاڻ سڳورن ﷺ جي مسجد نه رڳو مسجد هئي، پر اسلام جو هڪ مضبوط قلعو به هئي جتان نبوت جي سج جا ڪرڻا (شعاع) دنيا جي چئن ئي طرفن پکڙي ڪنڊ ڪڙڇ کي روشن ڪري رهيا هئا.
    اتان ئي ديني دستور ۽ دنياوي قانون جاري ڪيا ويندا هئا، جنهن ۾ اسلام جي سرويچ سپاهين ۽ مخلص مجاهدن کي ڪفر جي خلاف ٿيندڙ لڙاين جا اصول ۽ ضابطا، قانون ۽ قاعدا سيکاريا ويندا هئا. اتان ئي اسلامي فوج کي ترتيب ڏيئي محاذ تي موڪليو ويندو هو. ڄڻ نبوي دور ۾ مسجد عبادتگاهه سان گڏ فوجي ڇانوڻي به هئي. اها ئي مسجد، مدينھ منوره جي پهرين اسلامي يونيورسٽي به هئي. اتي ئي ٻنهي جهانن جي سردار صلي الله عليھ و آلھ وسلم جي عام دربار به لڳندي هئي. اها ئي تعليم و تربيت، وعظ و هدايت، دعوت ۽ جهاد جو مرڪز هئي. پالڻهار پنهنجي پياري حبيب ﷺ جي هن مسجد کي اها عظمت بخشي جو سموري دنيا جون عظمتون مٿس قربان ڪري ڇڏجن.
    هن ڀلاري مسجد جي فضيلت بابت هڪ ڀيري پاڻ ڪريمن فرمايو ته، جنهن ماڻهو منهنجي مسجد ۾ چاليهه نمازون لڳاتار پڙهيون انهي وچ ۾ کانئس ڪا به نماز فوت نه ٿي ته، الله تعاليٰ اهڙي ماڻهو لاءِ دوزخ جي باهه، عذاب ۽ نفاق کان ڇوٽڪاري جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
    ٻي جاءِ تي سندن فرمان آهي ته، جنهن ماڻهو جو صبح به مسجد ۾ گذري ته شام به. اهڙو ماڻهو صبح ۽ شام خدا جي مهماني ۾ آهي. هاڻي پڙهندڙ پاڻ سوچين ته جيڪو حج جي ادائگي بعد فقط مسجد نبوي جي زيارت ۽ روضھ اقدس جي زيارت لاءِ وڃي پوءِ اتي وڃي بازارون گهمي ۽ وتي سامان سڙا ۽ وکر وانا خريد ڪندو ته ڇا اهو ماڻهو خدا جو مهمان شمار ٿيندو؟ ضروريات زندگي جو سامان دنيا جي هر وڏي توڙي ننڍي شهر ۾ موجود آهي. پر اها چيز جيڪا هن بارگاهه ۾ نصيب ٿيندي سا ته ڪٿي به ڪو نه لڀندي. بس انهي شئي ملڻ جي فقط اها ئي جاءِ،، اهو ئي ماڳ آهي.
    انهي ڪري خاص طور تي اهي ماڻهو جيڪي حج کانپوءِ يا اڳ ۾ مسجد نبوي ۽ روضھ اطهر ۾ اچي حاضر ٿين ٿا تن کي دنياوي اسبابن ڏي ڌيان نه ڏيڻ کپي. بلڪه رات ۽ ڏينهن دين ۽ ايمان جي دولت هٿ ڪرڻ لاءِ هن بارگاهه ۾ پوري ڪوشش ڪرڻ کپي. الله تعاليٰ اسان سڀني کي اهڙي توفيق نصيب فرمائي. آمين


    مسجد نبوي جي تعمير ۽ توسيع تي هڪ نظر:

    مسجد نبوي جي تعمير ۽ توسيع تي هڪ نظر:
    مسجد نبوي کي چوڏهن پنڌرهن صديون گذري ويون آهن. انهي دوران لڳاتار مسجد جي تعمير، توسيع، ترقي ۽ مرمت ٿيندي رهي آهي. جنهن جو مختصر تفصيل هن ريت آهي:
    1) خود حضرت رسول ڪريم ﷺ (جيڪي هن مسجد جا باني به آهن) ٻه ڀيرا مسجد جي تعمير ۽ توسيع ڪئي. يعني پهرين بنيادي تعمير سن 1 هجري ۾، ٻي تعمير ۽ توسيع خيبر جي فتح کان پوءِ سن 7 هجري ۾.
    2) سن 17 هجري ۾ حضرت عمر فاروق رضه پاڻ سڳورن جي توسيع کان ٽيڻ چوڻ تي وڌائي مسجد نبوي تعمير ڪرائي. البت تعمير م سامان ساڳيو حضور سائين جي تعمير وارو. يعني ته ڪچيون سرون، کجي جي ٿڙن جا ٿنڀا ته ڇت تي کجي جا ڦڙها. انهي توسيع ۾ مسجد جي ڪشادگي ۾ واڌ آئي جنهن ڪري ماپ هي بيٺس. ڊيگهه 420 فوٽ، ويڪر 360 فوٽ، اوچائي (عمق) 33 فوٽ.
    3) سن 28_30 هجري ۾ حضرت عثمان ذوالنورين رضه به ڪجهه واڌارو ڪيو يعني انهي تعمير ۾ قبلي واري ڏکڻ پاسي هڪ ٿنڀي جيترو واڌارو ته اولهه پاسي به هڪ ٿنڀي جيتري واڌ. البت انهي تعمير ۾ سامان بهتر استعمال ڪيو ويو. جهڙوڪ چن جي نيرو جو گارو ڪيو ويو ته، چٽيل پٿرن ۽ لوهه جا ٿنڀا ته ڇت ۾ ساڳ ڪاٺ استعمال ڪيو ويو.
    4) سن 88_91 هجري ۾ وليد بن عبدالملڪ اموي تعمير ۽ توسيع ڪئي، جيڪا ٽي سال هلندي رهي. وليد جي حڪم سان ٿيندڙ توسيعي ڪم جي نگراني حضرت عمر بن عبدالعزيز (حضرت عمر فاروق جي ڏوهٽي) جي هٿ ۾ هئي. جنهن ڪجهه نوان اضافا ڪيا. جهڙوڪ: چار مينار ۽ محراب. انهي کان اڳ مسجدن ۾ منارا يا محراب ڪو نه هوندا هئا. شايد ٻين مذهبن جي عبادتگاهن کان مسلمانن جي عبادتگاهه مسجد کي انفرادي (الڳ) سڃاڻپ ڏيڻ لاءِ حضرت عمر بن عبدالعزيز ائين ڪيو هو، نه ته نبوي دور توڙي خلافت راشده جي دور ۾ مسجد نبوي اندر نه محراب هو نه ڪي منارو.
    وليد بن عبدالملڪ روم جي شهنشاهه کان سو کن ڪاريگر گهرايا ۽ اتان کان 8 10 مڻ سون به گهرايو. مسجد ۾ چٽيل پٿر ۽ عمدي ڪاٺ جي ٿنڀن، ديوارن ۽ دوروازن جي چانئٺ تي سون جا پترا لڳايا.
    5) سن 161_165هه ۾ مهدي عباسي جي دور ۾ به توسيع ۽ تعمير ڪئي وئي.
    6) انهي تعمير کان پنج سو سال پوءِ سن 654هه ۾ مسجد نبوي کي پهريون ڀيرو باهه لڳي. تباهي جي پيش نظر اهو تمام وڏو حادثو هو. رمضان شريف جي پهرين تاريخ، جمعي جي رات سمهڻي نما زکان پوءِ هڪ ملازم هٿان شمعدان مسجد جي گلم تي ڪري پيو. جتان باهه ڀڙڪي پئي ۽ هڪ ڪلاڪ ۾ مسجد گلم غاليچا، عمدي ڪاٺ جا دروازا مطلب ته مسجد جي سامان جو الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو. تان جو روضي پاڪ جي ڇت به سڙي ڦلهيار ٿي وئي.
    7) پهرين باهه جي واقعي کي اڍائي سو سالن کان ڪجهه مٿي ٿيا هئا ته، سن 886هه ۾ وري باهه جو ٻيو واقعو پيش آيو. اهو حادثو رمضان شريف جي تيرهين تاريخ رات جي پوئين پهر ۾ ٿيو. آسمان مان ان وقت جي اوڀر واري يماني مناري تي ڪا وڄ اچي ڪري. اهو منارو بانگ لاءِ به استعمال ٿيندو هو جنهن ڪري بانگو سڏبو هو. قدرتي وڄ باهه جو ڪو شعلو هئي، جنهن ڪرندي ئي مناري جي چوٽي ته ڀڃي ساڙي ختم ڪئي پر انهي مناري اندر ستل موذن کي به شهيد ڪري ڇڏيو. پوءِ اهو باهه جو شعلو منارو ساڙيندو اچي ڇت تي ڪريو، جنهن ڇت ساڙي رک ڪرڻ بعد مسجد جي سموري سامان کي به ساڙي ڦلهيار ڪري ڇڏيو. انهي باهه مسجد ۾ رکيل قيمتي تحفا عمدي ڪاٺ جا دروازا، ٿنڀا ۽ انهن تي سيهي جا لڳل پترا جيڪي گهڻو ڪري ته روضي پاڪ تي لڳل هئا سي ساڙي ڳاري ختم ڪيا. خدا جا شان! مسجد نبوي ۾ لڳل باهه جو پهريون واقعو به رمضان شريف ۾ ٿيو ته ٻيو واقعو به رمضان شريف ۾، بس رڳو تاريخن جو فرق ٿيو.
    پهرين باهه لڳڻ کان پوءِ مسجد نبوي جي تعمير ۾ ڪيترن ئي بادشاهن حصو ورتو. جن ۾ خليفه مستعصم عباسي، مصر، يمن ۽ ترڪي جا بادشاهه ۽ سردار قابل ذڪر آهن. اهو تعمير ۽ تزئين (اڏاوت ۽ سينگار) مرمت وغيره جو ڪم ٻن اڍائي صدين تائين يعني 655هه کان 879هه تائين هلي مڪمل ٿيو.
    ٻيهر لڳل باهه کان پوءِ مديني وارن مصر جي سلطان اشرف قاتبائي کي مرمت وغيره لاءِ لکيو ته هن سوين ڪاريگر روڪ رقم ڏياري موڪلي، جن مسجد جي مرمت، تعمير سان گڏ ڇت جو ڪم 890هه ۾ پورو ڪيو.
    8) مصر جي بادشاهه اشرف قاتبائي جي تعمير ۽ مرمت جي ڪم کي 387 سال يعني پوڻن چئن سو سالن کان به مٿي گذريا هئا ته، مسجد جون ديوارون هنڌان هنڌان ڏار ڏيڻ لڳيون. تنهن ڪري مديني جي شيخ الحرم ترڪي جي سلطان عبدالمجيد عثماني کي 1263هه ۾ تعمير ۽ مرمت جي درخواست ڪئي. سلطان عبدالمجيد تيرهن سالن جي عرصي ۾ مسجد جي اڏاوت اهڙي ڪئي جو اها نهايت شاندار، مضبوط، ۽ اسلامي فن تعمير جو عمدو مثال ثابت ٿي. منجهس جيڪو به مٽيريل استعمال ٿيو سو اهڙو ته مضبوط هو جو اڄ تائين هوبهو قائم آهي. سلطان عبدالمجيد جي تعمير جو آغاز 1265هه ۾، ۽ پڄاڻي 1277هه تي ٿي. سلطان عبدالمجيد نه رڳو مسجد جي تعمير وغيره جو ڪم ڪيو پر درس و تدريس، قرآن شريف جي تعليم لاءِ گهربل جايون به اڏايون ۽ مينار به جوڙايا.
    9) حجاز تي سعود خاندان جي حڪومت بعد مسجد نبوي جي توسيع ۽ تزئين (ڪشاده ڪرڻ ۽ سينگار سجاوٽ) وغيره جو ڪم چار ڀيرا ٿي چڪو آهي.
    سعودي توسيع، جديد دور جي ماهر انجنيئرن جي نگراني ۾ ٿي آهي. جنهن ۾ سعودي بادشاهن وڌ کان وڌ ذاتي دلچسپي ورتي آهي. پر انهن ۾ به شاهه فهد پنهنجي پيء شاهه عبدالعزيز ۽ ٻنهي ڀائرن شاهه فيصل ۽ شاهه خالد کان سرسي کڻي ويو آهي.


    موجوده توسيع کانپوءِ مسجد نبوي ۾ ڪيل اضافا:

    موجوده توسيع کانپوءِ مسجد نبوي ۾ ڪيل اضافا:
    1. موجوده شاهه فهد جي دور ۾ مسجد نبوي جي توسيع، مسلمانن جي فن عمارتسازي ۾ هن صدي جو هڪ عظيم ڪارنامو آهي. هن کان اڳ مسلمانن جي چوڏهن سو ساله تاريخ ۾ ايڏي وڏي توسيع ڪا نه ٿي سگهي آهي.
    موجوده توسيع جنهن جي شروعات شاهه فهد هٿان محرم 1406هه کان ٿي ساڳي ڪيل توسيع کان پنجوڻ تي وڌيڪ آهي. هينئن کڻي چئجي ته، پاڻ سڳورن ﷺ جي دور ۾ مديني جي پوري آبادي واري ايراضي موجوده توسيع ۾ اچي وئي آهي. ڇو ته، آڳاٽي دور ۾ مديني منوره ۾ رهندڙ مسلمانن جا رهائشي گهر مسجد نبوي کي بلڪل ويجها هوندا هئا ته جيئن نماز باجماعت مسجد نبوي ۾ پڙهي ثواب حاصل ڪري سگهجي. انهي ڪري مسجد نبوي جي چوڌاري رهائشي گهرن جي ڳتيل آبادي هئي. اهي گهر مسجد نبوي جي باب الرحمت، باب السلام (جتي حضرت ابوبڪر جو به گهر هو) باب النساء، حارة الاغوات، سوق الحديرة، ڪومة حشيفة، سقيفة الرصاص ۾، اهي پاڙا ۽ گهٽيون مسجد نبوي جي لڳو لڳ هئا. اهي گهٽيون بنهه سوڙهيون هيون جن مان مس ڪو هڪ ٻه ماڻهو گڏ لنگهي سگهندا هئا. انهي دور ۾ گهٽين کي ڪشادي رکڻ جي ايتري ضرورت به ڪو نه هئي ڇو ته آبادي محدود هئي. انهي وقت مسجد نبوي کي مرڪزي حيثيت حاصل هئڻ ڪري هرڪا گهٽي اتان شروع ٿيندي هئي ۽ وري اوڏانهن مڙي ويندي هئي.
    شروع وارو مدينو ته مسجد نبوي جي بلڪل چوڌاري هو جيڪو هاڻي مسجد نبوي جي توسيع دوران مسجد ۾ داخل ٿي ويو آهي. موجوده آباديون جهڙوڪ: قبا، قربان، العوالي، العيون، الحرة الشرقيھ، الحرة الغربيھ اهي آڳاٽي دور ۾ خالي پلاٽ هئا جن مان ڪٿي باغ، پوکون ۽ مال جي وهڪ جا وٿاڻ، اٺن جي جهوڪ، ٻڪرين ۽ رڍن جون واڙيون وغيره هيون، پر هاڻي هن جديد دور ۾ اهي آڳاٽيون صورتون سڀ جون سڀ تبديل ٿي ويون آهن. آڳاٽي دور جي ڪا به علامت باقي نه رهي آهي. بهرحال اسان موجوده توسيع بابت عرض پئي ڪيو.
    شاهه فهد جي موجوده توسيع سندس ذاتي دلچسپي سبب ٻاهرين دنيا مان گهرايل بين الاقوامي ماهر انجنيئرن جي تيار ڪيل هڪ وڏي ۾ وڏي مصنوبي / ميگا پروجيڪٽ تحت ٿي آهي. اڃا به انهي پلان مطابق وقت بوقت تعمير ۽ توسيع ٿيندي رهندي. موجوده توسيع کان اڳي مسجد نبوي ۾ 28 هزار نمازين لاءِ گنجائش هئي پر هاڻي مسجد نبوي ۾ عام ڏينهن ۾ ساڍا ڇهه لک نمازي هڪ ئي وقت آساني سان نماز ادا ڪري سگهن ٿا. جڏهن ته، رمضان شريف يا حج جي رش واري موقعي تي اهو تعداد هڪ ملين يعني ڏهه لک تائين به پهچي وڃي ٿو. جنهن ۾ مسجد سان گڏ اڱڻ ۽ ڇت تي نماز پڙهڻ جي سهولت به شامل آهي.
    2. مسجد نبوي ۾ روضي پاڪ جي سامهون ٻن کليل حصن ۾ ٻارهن ڇٽيون آهن. يعني ڇهه روضي جي سامهون واري حصي ۾ ته ڇهه ان کان پوءِ واري حصي ۾، اهي بجلي جي پاور تي هلندڙ خودڪار مشين ذريعي کلن ۽ بند ٿين ٿيون. گهڻو ڪري ڏينهن جو اُس کان بچاء خاطر ڇٽيون کولي ڇانوَ ڪئي وڃي ٿي ته، رات جو بند ڪري نمازين کي رات جي وقت قدرتي ٿڌي هو اوٺڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي ٿو. اهي ڇٽيون جڏهن به بند ٿين ٿيون ته، پري کان هڪ مينار جي شڪل وانگر محسوس ٿين ٿيون.
    انهن ٻنهي حصن جي ڇٽين وارن چوڪور احاطن ۾ اچي بيهبو ته، چوطرف سامهون وارين ديوارن ۾ ٺاهيل گول دائرن اندر فٽ ٿيل ڪا شئي جي سرن تي اصحابن مان ڪي ته بدري صحابي عشره مبشره (اهي ڏهه اصحابي جن کي جيئري بهشت جي مبارڪي ملي) ڳڻجن ٿا. ڪي ڪاتب وحي ۽ رسول الله ﷺ جا چار خليفا، ڪي حديث ۽ فقھ جا نالي وارا امام ٿي گذريا آهن.
    روضي پاڪ سامهون ڇٽين واري پهرئين حصي جي ديوارن تي چوڌاري گول دائرن ۾ جيڪي نالا لکيل هئا سي هي آهن: قبله رخ ڏکڻ طرف: 1. ابو هريره، 2. حسن، 3. عثمان، 4. ابوبڪر، 5. الله جل جلالھ، 6. ماشاء الله، 7. سيدنا محمد رسول الله ﷺ 8. عمر، 9. علي، 10. حسين، 11. عباس.
    اوڀر طرف: 1. زبير، 2. سعيد بن زيد، 3. عبدالرحمان، 4. علي الصابر، 5. زيد بن حارث.
    اتر طرف: 1. نعمان بن ثابت، 2. محمد بن ادريس، 3. انس بن مالڪ، 4. احمد بن حنبل، 5. زين العابدين.
    اولهه طرف: 1. سعد، 2. اسامھ بن زيد، 3. ؟ 4. طلحھ.
    ٻئي حصي وارين ڇٽين جي ديوارن تي چوڌاري گول دائرن ۾ هي نالا لکيل هئا.
    قبله رخ ڏکڻ طرف: 1. عبدالله بن عباس، 2. عبدالله بن زبير، 3. عبدالله بن مسعود، 4. محمد المهدي، 5. علي نقي، 6. انس بن مالڪ.
    اوڀر طرف: 1. معاذ بن جبل، 2. بلال حبشي، 3. زيد بن ثابت، 4. عبد الله بن عمر، 5. سلمان فارسي.
    اولهه طرف: 1. حسن عسڪري، 2. محمد تقي، 3. موسيٰ ڪاظم، 4. محمد باقر، 5. ابو عبيده.
    اتر طرف: 1. خالد بن وليد، 2. اُبي بن ڪعب، 3. سعد بن عباده، 4. سعد بن معاذ، 5. حذيفھ بن اليمان، 6. صهيب، (رضي الله عنهم اجمعين).
    3. مسجد نبوي جا ڪل 2104 ٿنڀا آهن. هر هڪ ٿنڀو ٻئي کان ڇهه ميٽر يعني 18 فوٽ پري آهي. انهن ٿنڀن جون 32 30 قطارون ٿينديون. هر هڪ ٿنڀو ٿولهه ۾ ٻه وکون ڊگهو ٿيندو. انهن ٿنڀن جي بنياد ۾ چوطرف لوهي ڄاري لڳل آهي، جتان زير زمين ايندڙ ايئرڪنڊيشن جي ٿڌي هوا ايندي رهي ٿي.
    4. مسجد نبوي کي هر وقت ٿڌو رکڻ لاءِ مسجد کان 7 ڪلوميٽر پري ڪُدي نالي جاءِ تي دنيا جو سڀ کان وڏو ايئرڪنڊيشن پلانٽ لڳل آهي. مذڪوره سسٽم جي پري لڳائڻ جو سبب هي آهي ته، جيئن پلانٽ جي هلندڙ مشين جو گوڙ وغيره نمازين لاءِ ايذاء ۽ رخنه جو ڪارڻ نه بڻجي. انهي پلانٽ ۾ پاڻي ٿڌو ڪري پائيپن ذريعي مسجد ۾ پهچايو وڃي ٿو ته، وري زير زمين پائيپن ذريعي ايئرڪنڊيشن واري ٿڌي هوا به پهچائي وڃي ٿي. ايئرڪنڊيشن واري ٿڌي هوا کي مسجد جي ٿنڀن ۽ ڇت واري حصي مان ظاهر ڪيو ويو آهي ته جيئن مسجد ۾ هيٺان ۽ مٿان ٿڌي هوا هلندي رهي ۽ مسجد نمازين لاءِ روحاني رحمت ۽ برڪت جي مرڪز هئڻ سان گڏ مادي اسبابن سان آراسته ٿي آرامده ۽ فرحت بخش بڻجي.
    5. مسجد نبوي ۾ آٽوميٽڪ سسٽم ذريعي لهندڙ ۽ چڙهندڙ 27 فولڊنگ قبا آهن. جن مان روضي پاڪ جي ساڄي پاسي ٻارهن ته کاٻي پاسي به ٻارهن. باقي ٽي قبا مسجد جي اڀرندي پاسي جي ٻن منارن واري مين گيٽ مٿان آهن.
    اهي فولڊنگ قبا ڪنهن خاص قسم جي ڌاتو سان ٺهيل آهن. هر هڪ قبي جو وزن 80 ٽن آهي. انهن قبن جي لهڻ ۽ چڙهڻ جو طريقو هي آهي ته، انهن قبن جي سامهون مسجد جي ڇت تي سليب (لهواري) نمونه ديوارون ٺهيل آهن. جن مٿان ريل جي پٽڙي وانگر چين فٽ ٿيل آهي، جڏهن بجلي جو بٽڻ دٻائبو ته، بجلي جي طاقت سان اهو قبو اڳتي رڙهي ديوارن تي چڙهي ويندو ۽ مسجد ۾ قبي واري جاءِ خالي نظر ايندي، جتان سڌو سنئون آسمان پيو ڏسبو اها به عجيب ڪاريگري آهي.
    6. مسجد نبوي جا هن وقت 10 منارا آهن. هر هڪ جي اوچائي 104 ميٽر يعني 312 فوٽ آهي. انهن منارن مان ڇهه نوان تعمير ٿيل آهن.
    7. مسجد نبوي جي تعمير اهڙي ته مضبوط بنياد تي ٿيل آهي جو مستقبل ۾ انهي مٿان وڌيڪ منزلون به تعمير ڪري سگهجن ٿيون.
    8. مسجد جي اتر، اولهه ۽ اوڀر طرف تهه خانه ۾ هڪ وڏو ميدان آهي جتي نمازين جي سوارين لاءِ پارڪنگ جو انتظام آهي. انهي ويڪري ميدان ۾ هڪ ئي وقت چار هزار چار سو ڪارون موٽرون بيهي سگهن ٿيون.
    9. اهڙي طرح مسجد جا وضو خانا ۽ غسل خانا باٿ روم وغيره به هيٺ تهه خانن ۾ آهن. منهنجي اندازي مطابق اهڙيون 15 کن جايون مخصوص ڪيل آهن. هر هڪ جاءِ تي نمبر لکيل آهي. ڪنهن به جاءِ مان هيٺ تهه خاني ڏي ويندڙ چاڙهي ذريعي لهي وڃبو ته، وضو خانن، غسل خانن، ليٽرين وغيره جو هڪ اڻ کٽ سلسلو نظر ايندو، جتي هزارين ماڻهو وضو وغيره ڪري آساني سان اچي وڃي سگهن ٿا.
    10. مسجد جي دفاعي تدبيرن جي سلسلي ۾ ڪنهن به هنگامي حالت جهڙوڪ باهه وغيره جي صورت ۾ به مڪمل دفاع ۽ حفاظت جو انتظام ٿيل آهي.
    11. علاوه ازين مواصلاتي لحاظ کان مسجد جي سائونڊ سسٽم مائيڪ وغيره کي ملڪ جي ريڊيو، ٽي وي کانسواءِ انٽرنيٽ سان به ملايو ويو آهي. جنهن ڪري مسجد ۾ ٿيندڙ اذان، خطبو (وعظ و تقرير) نشريات ذريعي پوري دنيا ۾ ٻڌي ۽ ڏسي سگهجي ٿي.
    12. سعودي توسيع کان پوءِ مسجد نبوي جا ڪل دروازا منهنجي ڳڻپ مطابق 41 آهن، جڏهن ته لکت ۾ ڪٿي 45 ته ڪٿي 35 آهن. ٿي سگهي ٿو ته مون کان غلطي ٿي هجي. ڪي مشهور گيٽ هي آهن. باب سعود گيٽ نمبر 9. باب عبدالمجيد گيٽ نمبر 13. باب عمر بن خطاب گيٽ نمبر 17. باب ملڪ فهد گيٽ نمبر 21. باب عثمان بن عفان گيٽ نمبر 25. وغيره. انهن سڀني گيٽن ۾ پهريون نمبر دروازو باب السلام آهي ته آخري دروازو باب البقيع آهي. جيڪڏهن باب السلام کان مسجد اندر داخل ٿي سڌو ڏکڻ (قبله رخ) هليو اچبو ته، سڌو اچي روضي پاڪ سامهون حاضر ٿبو، جتي حاضري ڏيئي سامهون ڀرواري باب البقيع گيٽ نمبر 41 کان نڪري مسجد کان ٻاهر هليو وڃبو ته، کاٻي هٿ جي ڪنڊ تي پريان جنت البقيع تي نظر پوندي.
    مسجد نبوي جي هر گيٽ جي چانئٺ مٿان لکيل آهي ته، ادخلوها بسلام آمنين. (انهي ۾ بنا ڊپ ڊاء سلامتي سان داخل ٿي وڃو) مذڪوره آيت ۾ بهشت ۾ داخل ٿيڻ جو اهو اعلان آهي جيڪو الله تعاليٰ جي حڪم سان قيامت جي ڏينهن ملائڪ ڪندا ته، اچو! اچي بهشت ۾ سلامتي سان داخل ٿيو ۽ عيش امن سان رهو.
    اهو اعلان واقعي به مسجد نبوي جي چانئٺ تي لکيل سونهي ٿو. ڇو ته دنيا ۾ مسجد النبي بهشت کان گهٽ ڪونهي. هڪ ته حضور اڪرم ﷺ اتي آرامي آهن، ٻيو ته رياض الجنت به اتي آهي. جيئن ٻنهي جهانن جي سردار ﷺ فرمايو ته، مابين بيتي و منبري روضت من رياض الجنت. يعني منهنجي گهر (روضي پاڪ) کان منهنجي منبر تائين وارو حصو بهشت جي باغن مان هڪ باغ آهي.
    جڏهن بهشت جو باغ مسجد نبوي ۾ موجود آهي ته پوءِ اهو دنيا ۾ بهشت ٿيو يا نه؟ شال رب سائين اسان سڀني کي انهي ”بهشتي باغ“ (رياض الجنھ) جي زيارت ۽ اتي وڃي پنهنجي خطائن جي بخشش گهرڻ جي توفيق عطا ڪري ۽ اسان کي پنهنجي مغفرت سان نوازي. آمين
    13. مسجد جي اندروني نظام کي بهتر بنائڻ، سڌاري ۽ واڌاري لاءِ مختلف شعبا ڪم ڪري رهيا آهن. جن جي هيڊ آفيس “وڪالة الرئاسة العامة لشوون المسجد النبوي” جي نالي سان وضو خانه نمبر 7 کي بلڪل ويجهو ۽ باب ملڪ سعود گيٽ نمبر 8 کان اولهه ڏکڻ ڪنڊ تي واقع آهي. انهي مرڪزي آفيس جي زيرنگراني جيڪي شعبا مسجد نبوي جي انتظامي خدمتن ۾ سرگرمي سان رات ڏينهن مصروف آهن، تن ۾ خاص ڪري ادارة الابواب (دروازن جي سنڀال، کولڻ، بند ڪرڻ ۽ اتان کان هر لنگهندڙ تي نظر داري جو ادارو) ادارة الصيانة و السقيا (مسجد جي سامان جي حفاظت ۽ پاڻي پهچائڻ جو ادارو) مڪتب الشرطة (پوليس کاتو) مرڪز الدفاع الوطني (شهري بچاء جو مرڪز) ادارة المستودعات (امانتون، تحفا ۽ سوکڙيون سنڀاليندڙ ادارو) مڪتب الخدمات، مڪتب مڪافحت الحريق (باهه وسائڻ / فائر برگيڊ کائتو) وغيره قابل ذڪر.
    14. انتظامي لحاظ کان حرم مڪي کي اوليت ۽ اهميت حاصل آهي جڏهن ته حرم مدني جي سموري انتظاميھ، حرم مڪي جي ماتحت آهي. ڇو ته ٻنهي حرمن جي انتظامي معاملن جو سربراهه جنهن کي رئيس عام لشوون الحرمين چون ٿا سو حرم مڪي ۾ رهندو آهي. ۽ اهو مسجد الحرام بيت الله شريف جو امام ۽ خطيب هوندو آهي. جڏهن ته، حرم مدني جي امام ۽ خطيب کي نائب رئيس عام لشوون الحرمين بالمدينھ (وائيس پريذيڊنٽ جنرل) سڏيندا آهن. ٻنهي حرمن جا جمله ملازم پڪا توڙي ڪچا پهرئين گريڊ کان ويندي ايڪيهين گريڊ تائين ڏهن هزارن کان مٿي آهن. جن مان ڪچن ۽ عارضي (ايڊهاڪ/ڪانٽريڪٽ) ملازمن جو پگهار گهٽ ۾ گهٽ ساڍا چار سو ريال آهي.
    جيڪي ملازم پاڻي پهچائڻ جي ڊيوٽي تي آهن تن جو ڊريس سائو آهي، جيڪي صفائي وارا آهن تن جو ڊريس آسماني، ته انهن جي نگرانن جو اڇو خاڪي لباس آهي. هر هڪ ملازم جو بيج نمبر سندس قميص جي پٺي واري پاسي ڇپيل هوندو آهي ۽ انهي اداري جو نالو به لکيل هوندو آهي.
    15. مسجد نبوي جي گيٽ باب عثمان جي کاٻي پاسي روضي پاڪ کان ڪجهه پرڀرو هڪ لائبريري به آهي، جيڪا مڪتبھ المسجد النبوي جي نالي سان آهي. انهي لائبريري جا ٻه حصا آهن، هڪ قاعة المطالعة (اسٽيڊي هال) ۽ ٻيو قسم المخطوطات (قلمي نسخن جو شعبو) الحمد الله ڪافي ڀيرا انهي لائبريري ۾ وڃڻ ۽ اتي جي ڪتابي مواد پڙهڻ ۽ قلمي نسخن ۽ پراڻين تختين تي لکيل قرآن شريف جي سورتن، آيتن ڏسڻ جو موقعو مليو.


    مسجد نبوي اندر زيارت جون جايون.

    مسجد نبوي اندر زيارت جون جايون.
    هونئن ته مسجد نبوي جي ٻاڙي ٻاڙي نور عليٰ نور آهي. مگر رياض الجنھ ۽ ان جي چوڌاري گهيري ۾ بيٺل ست ٿنڀا، وچ ۾ مصليٰ رسول (پاڻ ڪريمن جي نماز پڙهڻ جي جاءِ) برڪت ۽ مغفرت، فيض ۽ فضيلت، درجي ۽ ثواب جا سونهري يادگار آهن. انهن مان هڪ ٿنڀو اسطوانه حنانه به آهي. اهو ٿنڀو محراب النبي جي ويجهو آهي. شروع ۾ جڏهن اڃا مسجد نبوي جو منبر نه ٺهيو هو ته، پاڻ سڳورا کجي جي ٿڙ کي منبر طور استعمال ڪري انهي ٿنڀي واري جاءِ تي خطبو ڏيندا هئا. پوءِ جڏهن منبر ٺهي آيو ته، کجي جي ٿڙ کي هٽائي مسجد جي ڪنڊ ۾ رکايو ويو ۽ منبر تي بيهي خطبو ڏنائون ته، اهو کجي جو ٿڙ ائين روئڻ شروع ٿيو جيئن ڪو اٺ جو گورو (ڦر) ماءُ جي وڇوڙي ۾ رڙندو آهي. اهو ٻڌي پاڻ سڳورن ﷺ خطبو ڇڏي انهي ٿڙ کي پرچائڻ لڳا ته، تون اسان سان دنيا ۾ به گڏ هوندين ته آخرت ۾ به گڏ هوندين. انهي تسلي تي ٿڙ جو روڄ راڙو بند ٿيو پر ماٺ ڪرڻ تي به ٻار وانگر سڏڪا پئي ڀريائين. اهو ٿڙ ته پاڻ ڪريمن ﷺ انهي هنڌ دفن ڪرائي ڇڏيو البت انهي جي يادگار طور هاڻي اتي ٿنڀو ٺهيل آهي جيڪو اسطوانه حنانه جي نالي سان مشهور آهي. علاوه ازين روضو پاڪ به مسجد نبوي جي احاطي اندر آهي، تنهنڪري انهي جو ذڪر خير به هتي پيش ڪجي ٿو.


    روضو پاڪ رسول جو:

    روضو پاڪ رسول جو:
    پاڻ ڪريمن جي روضي پاڪ جي تعمير، تجديد ۽ مرمت جي وڏي تاريخ آهي. ڪڏهن اهو ڪاٺ جو ٺهيل، ڪڏهن پتل جي ڄارين سان جڙيل، ڪڏهن سيهي جو اڇي رنگ وارو قبو. مختلف مرحلن مان گذرندو موجوده شڪل ۾ گنبذ خضراء/ سائي رنگ وارو گنبذ بڻيو آهي.
    حضور اڪم ﷺ مسجد نبوي جي تعمير کان واندي ٿيڻ تي پاڪ بيبين سڳورين لاءِ الڳ الڳ نَوَ حجرا تعمير ڪرايا هئا. جن مان هر هڪ جي ماپ 15x10.1/2 هئي، جڏهن ته اوچائي 6 فوٽ هئي.
    حضرت بي بي عائشھ جو حجرو مسجد نبوي سان بلڪل لڳو لڳ هو. ايتريقدر جو حضور اڪرم ﷺ رمضان شريف ۾ جڏهن مسجد نبوي ۾ ڏهي ۾ ويهندا هئا ته، ام المومنين حضرت بي بي عائشه پنهنجي حجري ۾ بيهي سندن وارن مبارڪن کي ڦڻي ڏيئي وٺندي هئي. حالانڪه پاڻ ڪريم ان وقت مسجد ۾ ئي هوندا هئا وچان رڳو ننڍڙي ديوار هوندي هئي. اهو ئي حجرو هو جنهن ۾ حضور اڪرم ﷺ جن لاڏاڻو فرمايو. بس اتي ئي سندن تدفين ٿي ۽ اها ئي جاءِ آخري آرامگاهه بڻي. اهو ئي هاڻي رسول الله ﷺ جو روضو پاڪ (گنبذ خضراء) سڏجي ٿو. انهي روضي ۾ سندن جسم مبارڪ هن طرح آرامي آهي جو سندن مٿو مبارڪ (سيراندي) اولهه طرف، پير مبارڪ (پيراندي) اوڀر طرف ۽ منهن مبارڪ قبلي ڏانهن / ڏکڻ طرف.
    انهي روضي پاڪ ۾ پاڻ ڪريمن جا ٻه وفادار جانثار ساٿي حضرت ابو بڪر صديق (وصال 13هه) ۽ حضرت عمر فاروق وصال 23هه) رضي الله عنهما جيڪي ٻئي پاڻ ڪريمن جا سهرا به ٿين ٿا آرامي آهن. تن جي تدفين هن طرح ٿي جو حضرت ابو بڪر جو مٿو حضور اڪرم جي سيني برابر ته حضرت عمر فاروق جو مٿو حضرت ابو بڪر جي سيني برابر آهي. ان کانسواءِ روضي پاڪ ۾ هڪ قبر جيتري جاءِ ڇڏيل به آهي جتي هڪ حديث مطابق حضرت عيسيٰ جو آخري آرامگاهه ٿيڻو آهي.
    حضرت عمر فاروق جي دور خلافت ۾ انهي روضي پاڪ تي ڪا به اڏاوت قبو وغيره ڪو نه هو فقط ڪچين سرن سان چوڌاري ديوارون هيون. اموي خليفي وليد بن عبدالملڪ جي زمانه (86هه 96هه) ۾ جڏهن بيبين سڳورين جي ٻين حجرن کي مسجد ۾ شامل ڪيو ويو تڏهن به حضرت بي بي عائشھ جي حجري (روضي پاڪ) جون ڪچيون ديوارون باقي رکيون ويون. البت وليد جي دور ۾ جڏهن حضرت عمر بن عبدالعزيز (حضرت عمر فاروق جو ڏوهٽو) مديني جو گورنر بڻيو ته، انهي روضي پاڪ جي چوطرف اونهي پيڙهه کوٽي پنج ڪنڊي ڇٽي ٺاهي هئي. پنج ڪنڊي هن لاءِ ته جيئن ڪعبت الله جي تعمير سان مشابهت نه ٿئي، متان جاهل ماڻهو انهي جو به طواف شروع ڪن. انهي زماني تائين بلڪه ستين صدي هجري تائين روضي پاڪ تي ڪو به گنبذ ڪو نه هو. مزار مبارڪ کليل هئي. پري کان پئي زيارت ٿيندي هئي. سن 678هه ۾ بادشاهه منصور قلاوون صالحي جي دور ۾ مزار مبارڪ مٿان چوڌاري تعمير ڪيل ديوارن تي ڪاٺ جو هڪ قبو جيڪو هيٺان ته چوڪنڊو هو پر مٿي وڃي اٺ ڪنڊو بڻايو ويو.
    انهي قبي کي ٺهندي ٻه سو سال کان به ڪجهه مٿي گذريا ته، سن 886هه ۾ مسجد نبوي کي پهريون ڀيرو باهه لڳي جنهن ۾ مسجد جي سامان سان گڏ قبو به سڙي ويو. وري به مرمت ٿي پر 887هه ۾ ٻيهر مسجد نبوي کي باهه لڳي جنهن مسجد جو سامان ته ساڙي رک ڪيو پر قبو به باهه جو کاڄ ٿي ويو. پوءِ 892هه ڌاري ترڪي جي بادشاهه قاتبائي پنج ڪنڊي ديوار تي ٻيو قبو اڏايو. جنهن تي اڳي وانگر اڇو رنگ ڪرايو ويو.انهي ڪري صدين تائين اهو قبو گنبذ بيضاء / اڇو قبو سڏيو پئي ويو. ساڍا ٽي سو سال گذرڻ تي قبو پراڻو ٿي ويو منجهس هنڌان هنڌان ڏار پئجي ويا تنهن ڪري 1233هه ۾ ترڪي جي بادشاهه سلطان محمود عثماني اهو زبون قبو مٿان کان ڊهرائي وري نئون قبو اڏايو جنهن کي اڳتي هلي سن 1255هه ۾ سائو رنگ ڏياريائين. بس انهي سال کان وٺي اڄ تائين گنبد خضراء / سائو قبو سڏيو پيو وڃي. موجوده سائو رنگ انهي ئي بادشاهه جو يادگار آهي. جنهن کي سعودي حڪومت به قائم رکيو اچي.


    قبن جي تعميرات بابت:

    قبن جي تعميرات بابت:
    هن موقعي تي هي ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي ته، مٿي ذڪر ڪيل تاريخي حوالن مان ثابت ٿيو ته، پاڻ ڪريمن جي قبر مبارڪ مٿان هڪ ٻئي پٺيان قبن جي اڏاوت وقت جي بادشاهن جو ذاتي فعل هو جنهن جو شريعت سان ڪو به تعلق ڪونهي. جيتوڻيڪ بادشاهن پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ و آلھ وسلم جي قبر مبارڪ کي اصلي حالت ۾ رکيو. اها پڪي ته نه ڪرائي پر ان جي چوڌاري ديوار کڻائي ۽ پوءِ ان جي مٿان گنبذ اڏايو. پر ائين ڪرڻ جو حڪم نه ته پاڻ سڳورن ڏنو ۽ نه ڪي پاڻ سڳورن جي لاڏاڻي کانپوءِ اسلام جي سونهري دور خلافت راشده ۾ ڪنهن به خليفي جهڙوڪ حضرت ابوبڪر صديق، حضرت عثمان حضرت عمر فاروق، حضرت عثمان نغني، حضرت علي ڪرم الله وجھ وغيره کانسواءِ اموي توڙي عباسي خليفن بادشاهن قبي اڏائڻ جي شرعي خلاف ورزي جهڙي عظيم گستاخي ڪئي. ڀلا اسلام ۾ اهڙي ڪم جي اجازت به ڪيئن هوندي جو خود پاڻ ڪريمن ﷺ قبن اڏڻ ۽ درگاهن قائم ڪرڻ جي سختي سان منع ڪئي آهي. جنهن لاءِ حديثون موجود آهن. جهڙوڪ: (1) اللهم لاتجعل قبري عيداً ولا تجعل قبري وثنا يعبد. اي الله! منهنجي قبر تي ميڙا ملاکڙا نه لڳائجانءِ ۽ نه ڪوئي منهنجي قبر کي بت بنائجانءِ جو ماڻهو مندرن وانگر پيا پوڄين. (2) اللهم لاتجعل قبري مسجداً. لعن الله اليهود و النصاريٰ اتخذوا قبور انبياء هم مساجداً. اي الله! منهنجي قبر کي مسجد وانگر پوڄا پاٺ ۽ سجدي گاهه نه بنائجان جو ماڻهو منهنجي قبر کي سجدا ڪن. يهودين ۽ عيسائين تي الله تعاليٰ لعنت ڪئي جو انهن پنهنجن نبين جي قبرن کي سجده گاهه بنايو اسان مثال خاطر مٿي ٻه ٽي حديثون ذڪر ڪيون آهن نه ته، قرآن، حديث ۽ فقھ اسلامي ۾ اهڙا بيشمار دليل موجود آهن.
    جيڪڏهن سنجيدگي سان ويهي سوچجي ته انهن حڪمن جي روشني ۾ پنهنجي مذهبي حالت جو جائزو وٺجي ته، هي ڳالهه پڌري پٽ معلوم ٿيندي ته، اسان جي ملڪ ۾ موجود قبا، قبرون ۽ درگاهون پوڄا پاٺ جو مرڪز آهن. اتي وڃي ماڻهو درگاهن جي چانئٺ کي سجدا ڪن ٿا. ولين جي قبرن کي ڪعبت الله وانگر ست ڦيرا ڏيئي پنهنجون مرادون پنن ٿا. درگاهن تي ٻاراهو ميلا ملاکڙا لڳن ٿا ۽ ٻيا ڪيترائي بي حيائي جهڙا غير شرعي ڪم ٿين ٿا. جڏهن ته انهن سڀني ڪمن کان الله ۽ ان جي رسول ﷺ سختي سان روڪيو آهي.
    هتي ذهن ۾ هي سوال ضرور اڀرندو ته، جڏهن پاڻ ڪريمن به پڪي قبر ٺهرائڻ، قبي اڏائڻ، درگاهه ٺاهڻ کان منع ڪئي آهي ته، خود پاڻ ڪريمن جي قبر مبارڪ مٿان قبو اڏيل ڇو آهي؟ اهو ته نه هجڻ گهرجي ها. تنهن لاءِ مختصر جواب هي ته، ترڪي جي ڪن بادشاهن پنهنجي ذاتي اصرار تي قبي اڏائڻ وارو ڪم ڪيو هو.
    جنهن ۾ کين شريعت اسلام ۽ خود وقت جي عالم باعمل مفتين، فقيهن، محدثن جي ڪا به سپورٽ ڪا نه هئي. فقط پنهنجي بادشاهي زور تي ۽ محبت رسول ﷺ جي نالي تي اهو ڪم ڪيائون. جڏهن ترڪن جي خلافت عثمانيھ جي هٿ مان مڪو ۽ مدينو نڪري ويو ۽ حجاز تي نجدين يعني سعودي حڪومت جي بانيڪارن جو قبضو ٿيو ته، هنن سعوديه جي سڄي ملڪ خاص ڪري مڪي ۽ مديني ۾ موجود اصحابن، تابعين، شهيدن، اوليائن وغيره جي قبرن تي قائم ڪيل درگاهن ۽ قبن کي ڊاهڻ شروع ڪيو. آسپاس جون سڀ درگاهون، قبا ۽ پڪيون قبرون ڊاهي واندا ٿيا ته هاڻي حضور اڪرم ﷺ جي روضي پاڪ جو رخ ڪيائون ۽ هنن جو پروگرام هو ته، اهو قبو شرعي لحاظ کان ممنوع آهي. انهي ڪري اهو به ڊاهبو ته، ان وقت جي عالمن سعودي بادشاهه کي ائين ڪرڻ کان روڪيو ۽ چيائون ته، توهان پهرين پوري دنيا جي عالمن کي گهرائي انهي موضوع تي ڳالهه ٻولهه ڪرايو. پوءِ جيڪڏهن سموري دنيا جي عالمن جو متفقه فيصلو ۽ فتويٰ هجي ته، ڊاهيو جي نه ته آئنده روضي جي چراند کان باز رهو. غالباً اهو زمانو 25 1924ع جو هو. مون اهو واقعو حضرت مولانا شبير احمد عثماني جي لکيل مسلم شريف جي شرح فتح الملهم م پڙهيو هو. سموري دنيا جا عالم سعودي بادشاهه وٽ گڏ ٿيا جنهن ۾ برصغير هند ۽ سنڌ جا عالم به هئا.
    مولانا عثماني جي لکڻ مطابق ته “دارالعلوم ديوبند مان ويندڙ وفد ۾ آئون به هئس. مون خود باشاهه سان انهي موضوع تي ڳالهايو هو.” انهي گفتگو جو خلاصو هي آهي ته، حضور اڪرم ﷺ جون چند اهڙيون خصوصيتون آهن، جيڪي انسان ذات جي ٻئي ڪنهن فرد ۾ ڪونهي. اهڙي طرح سندن فضيلت ۽ شان جي تقاضا آهي ته، جيترو سندن شان آهي اوتروئي سندن ادب ۽ احترام ڪجي. جيتوڻيڪ قبو ٺاهڻ شريعت جي حڪم جي ڀڃڪڙي آهي پر جيئن ته پاڻ ڪريمن جي قبر مبارڪ مٿان ٺهيل آهي ۽ انهي جي ڊاهڻ جي صورت ۾ قبر مبارڪ مٿان قبي جي ملبي ڪرڻ، ڀڃ ڊاهه، مشينن ۽ ڪرينن جي قبر مبارڪ مٿان لتاڙ، گوڙ گهمسان وغيره سان پاڻ ڪريمن جي سخت بي ادبي ٿيندي. قبو ٺهڻو ته ٺهي ويو پر هاڻي انهي کي ڊاهڻ سان نه رڳو سخت بي ادبي آهي پر پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ و آلھ وسلم جي آرام ۾ خلل ۽ ايذاء جو ڪارڻ ٿيندو جيڪو سخت شرعي جرم آهي. بهرحال انهي گفتگو کانپوءِ سعودي بادشاهه قبي ڊاهڻ جو ارادو ملتوي ڪيو.


    روضي پاڪ جي زيارت جا آداب:

    روضي پاڪ جي زيارت جا آداب:
    روضي پاڪ جي زيارت جي سڪ ۽ سڌ هر مسلمان جي سيني ۾ سدائين سمايل آهي. جنهن جو سبب هي آهي ته، روضي پاڪ جي سايه ۾ ٻنهي جهانن جو سردار آرامي آهي. ورنه ته، خود گنبذ جي ڪا به قيمت ڪانهي. ڇو ته مڪان جي سونهن، مُلهه ۽ مرتبو مڪين سان هوندو آهي. جيئن شيخ سعدي گلستان ۾ هڪ ڳالهه آندي آهي ته، هڪ دفعي ڪو بادشاهه ڪنهن غريب جي گهر آيو ته ان جي تمام گهڻي خوش مرحبا ڪرڻ بعد ڪچهري ٿي ته، غريب ميزبان جي پٽ بادشاهه کان سوال ڪيو ته، بادشاهه سلامت! توهان جي محلات جو مُلهه مٿي يا اسان جي هن جهوپڙي جو؟ بادشاهه مرڪندي چيو ته، محلات ٺاهڻ تي ته خزانا خرچ ٿيا آهن سا ته هن ڪکائين جهوپڙي کان وڌيڪ قيمتي آهي پر غريب جي پٽ وراڻيو ته بادشاهه سلامت! انهي محلات جو مُلهه ڪهڙو جنهن ۾ بادشاهه موجود نه هجي، پر اها جهوپڙي اهڙين سوين محلاتن کان مٿي آهي جنهن ۾ بادشاهه پاڻ رهاڪو هجي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو گنبذ خضراء / روضي پاڪ جي زيارت جو شوق به حقيقت ۾ حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جي ذات بابرڪات سبب آهي.
    روضي پاڪ جي زيارت لاءِ چند ضروري آداب هي آهن ته، مدينه منوره پهچي سامان وغيره رکي، وهنجي يا وضو ڪري پاڪ صاف ڪپڙا پائي خوشبو لڳائي مسجد نبوي ۾ حاضر ٿئي. باب جبريل وٽان داخل ٿئي ته بهتر جي نه باب السلام، باب الرحمت، باب الصديق يا ڪنهن