ڪتاب جو نالو: جيڪڏهن
مصنف: حسين جاگيراڻي
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 11 ڊسمبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 355 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 113 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”جيڪڏهن“ اوهان اڳيان پيش آهي. غزلن جي هن خوبصورت مجموعي جو تخليقڪار ناميارو شاعر حسين جاگيراڻي آهي.
حسين جاگيراڻيءَ هونئن ته شاعريءَ جي گهڻين ئي مُــرَوِج صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي پر غزلَ سان هُنَ خاص اُنسيتَ رَکي آهي. هي ڪتاب سندس انهن ئي غزلن جو مجموعو آهي. سنڌي شاعريءَ جي بيشُمار آوازن منجھان حسين جاگيراڻيءَ جو هي آواز يقيناً اوهان پڙهندڙن جي دلين تي دستڪَ ڏيندو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • POPAT BOOK NO. 71
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • پبلشر نوٽ
  • بي ساخته
  • غزلَ

  • اکين ۾ سمنڊ ٻوڙي سمنڊ ۾ ٻوڙي اکيون پنهنجون
  • سخت ڌرتي جي آسمانن مان
  • لامڪاني جي خبط ۾ نڪتي
  • نيڻ ٻوٽي جو حَسينن کي ڏٺو
  • جاهل ترين آهيان
  • سندءِ نظر جو تِکو آب تاب ٿيڻو هو
  • پنهنجو تعلق هو جسمن جو
  • توکي پيش ڪئي غريبي او حَسين تر اميران
  • جيڪي سک جي ڪارڻ پاڻ پتوڙن ٿا
  • معاشري سان هلڻ سکي ورتو
  • سندس همنشيني به دلچسپ آهي
  • حال هيڻا هئا، دل ڪشادي هئي
  • وجھي مونن ۾ منهن مون آسمانن ڏي نهاريو پي
  • ڇاهي شر ۽ ڇا خير آ قبلا
  • بي سبب جدائي جو ڪو نه ڪو سبب هوندو
  • بي قرار دل، ڪنهن کي آ قرار
  • ڪهڙي حَسِين خواب ۾ الجھيل اوهان هئا
  • اسان تي ڪيو عشق ظاهر حَسِينن يقينن يقينن
  • هو به جي ويهي منهنجون ڪچايون ڪَٿي
  • ڪنهن ڀلا ڄاتو اصل آ درد جو
  • موت جي مئڪدي ۾ ڇلڪايا
  • 22 مئي 2012ع
  • هِتي به ڇا ڪيو اٿم هُتي به ڇا وڃي ڪندس
  • سک يا سور زمانا ڳالهه ته ساڳي آ
  • روز مهڪي ٿي رات جي راڻي
  • دانا ٿي وياسين ۽ ناداني نه وئي
  • اميدن تي دنيا جو قائم هجڻ ڪيڏو حيران ڪُن آ
  • منظر رهي نظر ۾ سوچي سگهي ٿو ڪوئي
  • نئين آههِ پيرن جي هيٺان زمين
  • زندگي گذارڻ لئه اک بند ڪرڻي آ
  • هلي ٿو زمانو ڏسون ٿا پيا
  • اکين ۾ لهو سُور سيني ۾ آهي
  • هر رات بي خواب آ هر ڏينهن عذاب آهي
  • آفِس جي ڇت تي بيهي سگريٽ ٿو دُکايان
  • هي بيدرد صبحون هي بي ڪيف شامون
  • شڪ جو جهان آهيان
  • ڇڏين ٿي ڇوهه مان ڇوڙي
  • وچ بازار وڃائي ويندينءَ
  • موت جهڙي ننڊ ۾ ڪيڏو قرار
  • آ گهڻو ئي ٻڌو اڄ ته ڏسجي هلي
  • پنهنجي ڳڀرو ڀاءُ فياض جي موتَ تي
  • هي به ڪهڙي هيڪڙائي تون به آهين مان به آهيان
  • عشق ۾ اختلاف ڪير ڪري
  • نيڻ ٿيا ڌنڌلا ته سپنا آئينا بڻجي ويا
  • اڇا تن، من ڪارا سمجھي سگهجي ٿو
  • سندءِ جو حُسن حُسن هو ڪمال هو
  • دلين ۾ درد ناهي ۽ اکين ۾ ناهه بينائي
  • ماڻهن ڪڪر وسايا اهڙا به ڏينهن آيا
  • هُو شهر جي حَسين حال عاشقن مان هو
  • ابد آهي اڳيان پويان ازل آهي
  • مون کي تنهنجي مدد ڪرڻ گهرجي
  • ڇا ٿي سوچين ڏسي مان ڀڳو ٿو وڃان
  • آ رڳو ئي سراب فطرت ۾
  • حنا جي لاءِ
  • آءٌ جڏهن ماڻهوءَ مان پٿر ٿي ويندس
  • زندگي جا ڏينهن ائين ٿا گهارِيون
  • سواءِ هڪٻئي جي گهارڻي آ اوهان به سوچيو اسان به سوچيون
  • ننڊ ۾ آهيون مگر جاڳون پيا
  • بي مطلب ڳالهين تي ڳالهايون ويٺا
  • دل کي فراق ڏيئي سڀ ڪجهه سٺو لڳي ٿو
  • پنڌُ سارا ٿڪ لاهي جيڪڏهن
  • ڀلا هن ماهه پارا ۾ اسان جو ڪم به ڪهڙو آ
  • شايد سڄي جهانَ جون ڳالهيون کپي ويون
  • ڪنهن کي آهه خبر ۽ ڪير ٻڌائيندو
  • هٿن جي معمولي حرڪت ڇڏي ٿي شهر لرزائي
  • هوءَ مون کان به مختلف آهي
  • جڳ پرايو هزار ڪم پنهنجا
  • پڇين ٿي ڪيئن آهيان ڌار توکان آءٌ خوش آهيان
  • يڪي آسائتيون بابا اکيون آرام ۾ آهن
  • الوداع زندگي جا سرمايا
  • کُٽي ٿو کوهه جو رستو، ته دُنَ جو دڳ شروع ٿئي ٿو
  • تنهنجو تن تنهنجي جواني راهبا
  • ويا ڪيڏانهن سڀ ڪيڏانهن آيا ڪا خبر ناهي
  • مان پنهنجي حال قال ۾ تمام زندگي رهيس
  • ڪو به محفوظ ناهه شهرن ۾
  • آءٌ نه هلندس اڳتي هاڻي مون کي موٽڻ ڏيو
  • مان پنهنجو پاڻ ۾ اڪثر نهاريندو رهيو آهيان
  • ڪوڙ ٿا ڳالهايون ٻئي سچ جي نالي ۾
  • پِتل جون ڇوڪريون سونا سندن چهرا
  • ڇا ڏسڻ ٿي گهرين منهنجي جامي اندر
  • سڀئي خواب ٻاهر ڇڏينديون وڃن
  • ڪوئي آهي جواب ڏي مون کي
  • سمئه منهنجي سنسار ويٺا ڏسون
  • ازل جي مٺائي ورهايون پيا
  • خموشي جي خماريل ترجماني ٺيڪ آ جاني
  • ڪٿي ٿڪ ڀڃڻ جي ضرورت نه آهي
  • الڳ سڀ کان رهڻ جهڙا اسين ماڻهو
  • مستقل اڏندو رهڻ کپندو هيو
  • ڳالهيون ته خير آ پر چهرا به ياد ناهن
  • تون نه ساڳي تنهنجو ساڳيو ئي حسين
  • نه ڪجهه ڀي ٺيڪ ٿي سگهندو ته ڇا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو
  • ته پنهنجي عاشقي ۾ انقلابي ڳالهه ناهي ڪا
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • POPAT BOOK NO. 71

    جيڪڏهن
    (شاعري)
    شاعري: حسين جاگيراڻي
    ڇاپو پهريون: 2015ع
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
    ڪمپوزنگ ۽ لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس مال روڊ خيرپور ـــ سنڌُ.
    ملهه: 200/- روپيه





    JEKADHEN
    (Poetry)
    Poet: Hussain Jagirani
    First Edition: 2015
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design: Saeed Mangi
    Composing & Lay’out: Asif Nizamani
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by: Popat Publishing House, Mall Road, Khairpur – Sindh.
    Price: Rs.200/-


    ارپنا

    ارپيان ٿو
    پنهنجي محسنين
    بابي مٺل سائين
    غلام عباس ڀنڀرو
    تاج بلوچ
    مير محمد بادل
    ۽ پنهنجي رفيقن
    پروين
    فريد چوهاڻ
    علي جاگيراڻي
    سيد عبدالفتاح شاهه فتاحي
    سارنگ ڦلپوٽو
    گوهر گھانگھرو
    شاداب جاگيراڻي
    ڪامريڊ عنايت
    سجاد بلوچ
    عبدالسلام آزاد
    اعجاز علي شيخ (مرحوم)
    ۽ مبين منگيءَ کي

    جن جي صحبت محبت
    شفقت ۽ خدمت کي
    مان ڪڏهن به فراموش نٿو ڪري سگهان.

    لاهي آههِ رکيو پاسي تي
    بار اوهان جي احسانن جو


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”جيڪڏهن“ اوهان اڳيان پيش آهي. غزلن جي هن خوبصورت مجموعي جو تخليقڪار ناميارو شاعر حسين جاگيراڻي آهي.
    حسين جاگيراڻيءَ هونئن ته شاعريءَ جي گهڻين ئي مُــرَوِج صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي پر غزلَ سان هُنَ خاص اُنسيتَ رَکي آهي. هي ڪتاب سندس انهن ئي غزلن جو مجموعو آهي. سنڌي شاعريءَ جي بيشُمار آوازن منجھان حسين جاگيراڻيءَ جو هي آواز يقيناً اوهان پڙهندڙن جي دلين تي دستڪَ ڏيندو.
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبليڪيشن جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    حسين جاگيراڻي سنڌي شاعريءَ جي نئين پيڙهيءَ جو خوبصورت ۽ سڄاڻ شاعِرُ آهي. شاعريءَ جي سفرَ ۾ هُنَ مُسلسل رياضتَ ڪئي آهي ۽ انهيءَ سفرَ ۾ شاعري به مٿس مهربان رهي آهي.
    حسين جاگيراڻيءَ هونئن ته شاعريءَ جي گهڻين ئي مُــرَوِج صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي پر غزلَ سان هُنَ خاص اُنسيتَ رَکي آهي. هي ڪتاب سندس انهن ئي غزلن جو مجموعو آهي. سنڌي شاعريءَ جي بيشُمار آوازن منجھان حسين جاگيراڻيءَ جو هي آواز يقيناً اوهان پڙهندڙن جي دلين تي دستڪَ ڏيندو. هي ڪتاب حسين جاگيراڻيءَ جو پهريون ڪتابُ آهي، يقين اٿئون ته اوهان جيڪي معياري شاعريءَ جا پڙهندڙَ ۽ پروڙيندڙَ آهيو هن ڪتابَ جو آڌرُ ڀاءُ دل جي کليلَ ٻانهن سان ڪندؤ.
    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور


    بي ساخته

    شروع کان ئي فطرت جي مظهرن، ”جيوَن“ جي مزاجن، ڏينهن ۽ رات جي ڦيرن، پتن جي پيلاڻ ۽ گلن جي لالاڻ مون کي ڪشش پئي ڪئي آهي.
    ماڻهن جي وچ ۾ رهي ڪري ماڻهن کان پاسي هجڻ يقينن هڪ ڪرامت چئبي.
    هجومن جا هجوم به ماڻهو کي تنها ٿيڻ کان بچائي نٿا سگهن، قضا ۽ قدر، اختيار ۽ جبر جي مسئلن ابنِ آدم کي نيستو ڪري ڇڏيو آهي.
    فلسفن ۽ بحثن جا سمنڊ خشڪ ٿي ويا. دانائي دريا بڻجي به بنجر زمينن، ريگستانن ۽ ميدانن کي سيراب ڪري نه سگهي آهي.
    پرسنل ميٽرز کان ويندي عالمگير افيئرز تائين ابنِ آدم جي رسائي هُنوز نه ٿي سگهي آهي هُو اڃا اتي ئي، ان ئي جنگل ۾ پيو ڀٽڪي، جِتي لکين سالَ پهرين هو. بلڪه ان کان به وڌيڪَ اذيت ۾.
    اها وحشت، اها بربريت، اها جھالت، اهو ڊپ، اهو خوف ۽ اها غربت اڃا پيا سندس مهذب وضع قطع مان ظاهر ٿين.

    ”ڌرتي چِنگهون ڪري رهي آهي.
    هن ڪُت خلق ڌرتي کي بيمار ڪري ڇڏيو آهي
    ۽ ڌرتي جي ٿڪاوٽ،
    آسمان کي پوڙهو ڪري ڇڏيو آهي.“

    بين الاقواميت جي اشتها قومن جون قومون ڳڙڪائيندي پئي وڃي. هڪ انتشار، هڪ دهشت آهي جيڪا پنهنجي خوني چنبن سان وڃي ٿي ماڻهپي، فرديت کي کوکلو ڪندي.
    ڪائنات بين الاقوامي پاڳل خاني جو ڏيکُ ڏئي رهي آهي. فرديت کان گِگَ ڳڙي رهي آهي. دانائي پنهنجا ڄُنڊا پٽي رهي آهي. فلسفي، سياست ۽ شاعري جا گريبان چاڪ چاڪ آهن ـــ هڪ سراب آهي جيڪو زندگي ۽ موت جي وچ ۾ بحرِ بي ڪنار جيان روان دوان آهي پردو آهي جيڪو نظر نٿو اچي.
    بي در و ديوار زندان آهي جيڪو پڪڙيو ويٺو آهي جڪڙيو ويٺو آهي.
    سو ان زندان ۾ شاعري ڪرڻ يقينن هڪ سڪون آهي. مان زندگي جا ٽيهه سالَ گذاري نه سگهان ها، جي مان نظم نه لکان ها غزل نه چوان ها.
    ڪائنات جي هن بي درو ديوار زندان ۾، هن قيد خاني ۾، ساههُ گُهٽجي وڃي ها.
    فطرت منهنجي طبيعت تي زبردست اثر ڇڏيا آهن ۽ منهنجي هر تخليق ان اثر جي ئي مرهونِ منت آهي. سماجي رويا هڪ نازڪ مزاج ماڻهو کي ڪيڏو ڏکوئين ٿا ان جو اندازو مون کي ان ڪري به آهي جو مان پنهنجي مزاج ۾ ڪافي نازڪ ۽ حساس ثابت ٿيو آهيان.
    ان ڪري ان ڏکن، محرومين ۽ روّين جو بهترين ابلاغ منهنجي شاعري آهي.
    شخصي طور تي آءٌ ڏاڍو بي قرار، ۽ بيچين ماڻهو آهيان. پنهنجي اندر جي خلا کي ڀرڻ لاءِ، خاليپڻي کي ختم ڪرڻ لاءِ، عملي طور تي نيڪي ۽ بدي جي ريگستانن مان گذريو آهيان. خشڪي ۽ پياس جا مئخانا پي ويو آهيان رفيقن سان راتين جون راتيون، کليل ميدانن ۾ ويهي خنڪي، ٿڌ ۽ ستارن جي جھلملاهٽ کي تڪيو اٿم.
    رات کي پنهنجي بي گناهه اکين سان وهامندي ڏٺو اٿم ـــ سورج ديوتا جي بُت مان ڦُٽندڙ ڪِرڻن جي چشمن مان بارها غسل ڪيو اٿم.
    جيتوڻيڪ شخصيت کان قوميت ۽ قوميت کان بين الاقواميت جو لاڙو (باوجود شخصي ڪمزورين ۽ ڪچائين جي) منهنجي طبيعت ۾ فطرتن موجود پئي رهيو آهي. ۽ منهنجي شاعري ۾ پڻ موجود آهي.
    پر پوءِ به لکيو پاڻ کي شانت ۽ پرسڪون رکڻ لاءِ ئي اٿم. شاعري جي سماجي ڪارج جي سوال تي توڙي جو وڏا بحث ٿيا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا. پر حقيقتن شاعري جي سماجي ڪارج کان انڪار ڪري نٿو سگهجي. ماڻهوءَ جي اندر توڙي ٻاهر ٿيندڙ شديد ڀڃ ڊاهه ۽ انتشار کي نسبتن ٿڌو ڪرڻ ۽ ماڻهوءَ جي روحانيت ۽ ستل ضمير کي جاڳائڻ بلڪه مئل ضمير کي جيئرو ڪرڻ منهنجي خيال ۾ شاعري جو اهم سماجي ڪارج آهي.
    منهنجا هي غزل، منهنجي شخصي وارتائن کان وڌيڪَ خوابن، خيالن، قياسن، محرومين، اڻ پوري تمنائن ۽ تشنالب خواهشن جي سفيد ۽ سياهه ڌاڳي ۾ پرويل آهن. مون زندگي ۽ ماڻهن کي ڪافي قريب کان ڏٺو آهي.
    اڻ هوند، غربت، مسڪيني، جهالت، خونريزي، پنهنجي بي گناهه اکين سان پسي اٿم. ان ڪري ڪجهه تجربا آهن ڪجهه قياس آهن ۽ ڪجهه ڪومپليڪسز آهن.
    ڇاڪاڻ ته مان پنهنجي فطرت ۾ نهايت ئي بيچين ۽ اضطراري شخص پئي رهيو آهيان ان ڪري موسيقي جو منهنجي داخليت تي اثر انتهائي زبردست پئي رهيو آهي. منهنجي غزل ۾ جيڪا به موسيقيت، لئه يا ترنم موجود آهي ان ۾ فني پابندين کي تمام گهٽ دخل آهي. اها نج فطري موسيقي آهي. جيڪا هر غزل پاڻ سان گڏ ۽ پاڻ ۾ سمايون آيو آهي.
    فرسٽريشن هر ماڻهو کي سماج کان ملي ٿي ۽ اسين جنهن سماجَ ۾ گذاريون ٿا ان ۾ Stress کان بچڻ ممڪن ئي ڪونهي. هر ماڻهو فرسٽريٽ آهي ـــ پريزيڊنٽ (President) کان پيئان (Peon) تائين ۽ اولاد کان اولاد تائين، گوتم کان اوشو تائين ۽ ”دلائي لاما“ کان مولانا تائين رڳو اسٽريس آهي.
    تطمئعن القلوب ڳولهيو ڪونهَ ٿو لڀي.
    ڪرپشن، لاقانونيت، بدامني، غربت، عياشي، منافقت، ڌوڪو، وائڙائپ، ويڳاڻپ، بک، پياس، شهوت، جنس، رڳو اسٽريس آهي. سڀ رٿائون، سڀ تدبيرون بين الاقوامي پروٽوڪولز، ايجنڊائون، هاسپيٽلز، خانقاهون ، مسجدون، مندر، ڪليسائون، درگاهون، گهر، اوطاقون، مجموعا، ميلا، سئنيمائون، فلمي دنيائون سڀ تدبيرون ناڪام ـــ اسٽريس، فرسٽريشن، ڊپريشن هن فرد، هن ماڻهو، هن ناطق حيوان کي ڇتو ڪري ڇڏيو آهي.
    سڀ ڪجهه وڻڻ جهڙو هوندي به ڪجهه نٿو وڻي بارشون نٿيون وڻن، بهارون نٿيون وڻن بازارون نٿيون وڻن.
    اهڙي عالم ۾ هڪ نظم لکڻ هڪ غزل چوڻ ۽ هڪ بيت گنگنائڻ منهنجي لاءِ انتهائي سڀاويڪ ۽ سحر انگيز پئي رهيو آهي. پنا ڪارا ڪري ڇڏيا اٿم.
    جهڙوڪر ٻن جھانن جي وچ ۾ ٽيون جهان ترتيب ڏئي وڌو اٿم.
    پاڻ کي پرسڪون رکڻ لاءِ شاعري جي نيري ڍنڍ تي پرندن سان گڏ نماشام جو سماجي روين جون ننڍڙيون ننڍڙيون پٿريون کڻي اڇلائيندو آهيان ۽ منجھائن پيدا ٿيندڙ آواز ۽ لهرن جو حظ پئي وٺندو آهيان.
    منهنجا سڀ غزل ان ڍنڍ جون اهي لهرون آهن جن جو يقينن هڪ رومينس آهي.
    مون کي اهو پڻ اعتراف آهي ته عوام لاءِ منهنجي شاعري ۾ ڪشش تمام گهٽ آهي ــ ان جو بنيادي سبب، منهنجي ٻولي، منهنجو لب لهجو، منهنجو درد ۽ ان جو اظهار آهي. مان پنهنجي اظهار ۾ عوامي نه آهيان بلڪه ذاتي ۽ شخصي آهيان ان ڪري ڪوئي به نقاد منهنجي شاعري کي منهنجي شاعري چئي رد ڪري سگهي ٿو.
    مشق، مطالعي ۽ عملي زندگي جي مشاهدن جا اثر منهنجي شاعري تي اوس آهن منهنجي شاعري ڪنهن به شاعر جي اثر کان محفوظ ۽ پاڪ نه آهي منهنجي شاعري تي قديم توڙي جديد شاعرن جا اثر آهن. ڪنهن جي بيساختگي اثر ڪيو هوندو ته ڪنهن جي انداز بيان، ڪنهن جي اڇل ته ڪنهن جي لچڪ، ڪنهن جي نظم ته ڪنهن جي غزل، هر شعر، منظر چهري توڙي حادثي کان متاثر ٿيڻ کان بغير رهي نٿو سگهجي. ۽ خصوصن منهنجي ته فطرت ۾ آهي. سو منهنجي شاعري هر ان تاثر جو اظهار آهي. جنهن مون کي متاثر ڪيو آهي. ۽ اهو اظهار منهنجو آهي پنهنجو آهي. شخصي آهي.
    او پيٽيمزم (رجائيت) کي بهتر سمجھندي به طبعن پيسيمسٽ (قنوطي) آهيان ـــ انسانيت جي بهتر مستقبل کان مايوس آهيان. ما بعد الطبعيات ۽ جدليات بيڪ وقت روان دوان آهن. هڪ طرف ڄڻ سڀ ڪجهه ساڳيو، پنهنجي ظاهر ۾، اوئين ئي هزارين سال پهريون وارو، سڀ ڪجهه، اُتي ئي.
    ته ٻئي طرف هر شيءِ هر لمحي تبديلي پذير، تيزي سان بدلجڻ واري توهان هڪ ندي ۾ ٻيو دفعو نٿا وهنجي سگهو. ۽ توهان هڪ ئي ندي ۾، ساڳي ندي ۾ هزارين دفعا وهنجي سگهو ٿا.
    ڌُنڌ ئي ڌنڌُ آهي. برفباري، جنهن ۾ ڪجهه به چٽو نظر نٿو اچي. هڪ ڪتاب آهي جنهن جو پهريون ۽ آخري ورق ڦاٽل آهن.
    ڪجهه به ڪليئر ناهي. تجسس آهي ـــ حيرانگي آهي ديوانگي آهي ”جز حيرتم نيفزود“ آهي.
    مان ذاتي طور تي ادب ۽ سياست جي Correlative هجڻ جي حق ۾ آهيان ڇاڪاڻ ته پس و پيش ٻنهي جو سواءِ ڪجهه فروعي مسئلن جي، اصولي طور تي هڪ ئي مقصد آهي. هڪ بهتر ۽ ترقي يافته معاشري جي تشڪيل ۽ ترتيب.
    هڪ اديب جي نجي زندگي سياست جي زيرِ اثر چار و ناچار رهي ٿي. ان ڪري هڪ اديب وٽ عمومن ۽ هڪ شاعر وٽ خصوصن سياسي بصيرت جو هجڻ لازمي آهي.
    ٻي صورت ۾ هُو معاشي طور تي زبردست استحصال جو شِڪار رهي ٿو. تمام ذهين هوندي به ننڌڻڪن واري زندگي گذاري ننڌڻڪن واري موت مري ٿو.
    منهنجي خيال ۾ هڪ شاعر جو سکيو ستابو هجڻ انتهائي ضروري آهي. مادي ۽ معاشي سهوليات جي اڻاٺ هڪ باشعور اديب لاءِ ڪافي خطرناڪ آهي. هڪ حساس شاعر لاءِ انتهائي دشوار گذار آهي.
    بيحد ٿورائتو آهيان غلام عباس ڀنڀرو ۽ قربان منگي صاحب جو جن منهنجي شاعري کي پسند ڪري ذاتي دلچسپي وٺي منهنجو ڪِتاب ڇپائي اوهان جي آڏو آندو.
    پنهنجي بيحد شفيق ڏاڏي مرحوم محمد اشرف، چاچي مرحوم جاگير خان پنهنجي عزت مآب امڙ ۽ پنهنجي والدِ بزرگوار جناب محب علي جاگيراڻي جو پڻ ممنون آهيان ـــ جن انتهائي خستا حال هوندي به مون کي بهتر تعليم ڏيارائي ۽ هڪ سٺو شهري بڻايو.

    حسين جاگيراڻي
     پوسٽ آفيس ڪنڌرا ـــ سکر 0300-3103116


    غزلَ

    اکين ۾ سمنڊ ٻوڙي سمنڊ ۾ ٻوڙي اکيون پنهنجون

    اکين ۾ سمنڊ ٻوڙي سمنڊ ۾ ٻوڙي اکيون پنهنجون
    ڇڏيون سي پاڻ پنهنجو پاڻ ۾ جوڙي اکيون پنهنجون

    ازل کان اڻ ڏٺل چهرن ٻَڌي ڇڏيو اکين کي هو
    وڏي مشڪل سان نڪتا آهِيون ڇوڙي اکيون پنهنجون

    نه هڪ ڀي خواب هو پنهنجو نه ئي پنهنجو نظارو هو
    نظر توڙي هئي پنهنجي هيون توڙي اکيون پنهنجون

    اسان جسمن جيان پنهنجا ڇڏياسين خواب سڀ ڳاري
    اسان ڪپڙن جيان قبلا ڇڏيون چوڙي اکيون پنهنجون

    الائي ڪيترا منظر رهيل ها ڪيترا چهرا
    عمر جي اڌ ۾ ئي ٿڪجي پيون ڊوڙي اکيون پنهنجون


    سخت ڌرتي جي آسمانن مان

    سخت ڌرتي جي آسمانن مان
    آءٌ گذران ٿو امتحانن مان

    سارو سودو سڙي ويو آهي
    دونهون نڪري پيو دڪانن مان

    هي بغاوت پسند خاموشي
    رت ٽمي ٿي پئي زبانن مان

    ڪنهن به خاني ۾ ڪا به شيءِ ناهي
    زندگي جي هزار خانن مان

    هاڻ ٽيون ڪو جهان ڏي ترتيب
    هن پراڻن ٻنهي جهانن مان

    منهنجي وجدان ماس کاڌو آ
    شاعريءَ جي گداز رانن مان


    لامڪاني جي خبط ۾ نڪتي

    لامڪاني جي خبط ۾ نڪتي
    ڪيتري خلق آ مڪانن مان

    ايئن لڳي ٿو خدا به خوش آهي
    چند مخصوص خاندانن مان

    مون کي اميد آ چڱائيءَ جي
    هر وڏي عمر جي جوانن مان

    هاڻ چُوزا ڄمن ٿا پيٽن مان
    هاڻ ماڻهو ڦٽن ٿا آنن مان

    ڪيڏي ڀرپور بي زباني آ
    مون پِرائي زبان دانن مان

    هجر جو ئي چڱو زمانو هو
    عشق جي مختلف زمانن مان






    نيڻ ٻوٽي جو حَسينن کي ڏٺو

    نيڻ ٻوٽي جو حَسينن کي ڏٺو
    ڄڻ سَرِ صحرا سفينن کي ڏٺو

    دوستن بابت نه پڇ اي دوست تون
    مون نه اڳ اهڙن ڪمينن کي ڏٺو

    صرف ڪارا داغ ئي آيا نظر
    زاهدن جي جيئن جبينن کي ڏٺو

    ۽ کِلي ڪاهي پياسين ويڙهه ۾
    پنهنجي سينن ڪو سنگينن کي ڏٺو

    ايئن لڳو ڄڻ پاڻي پاڻي ٿي ويا
    پٿرن جو آبگينن کي ڏٺو

    وئي عمر گذري پتو ئي ڪونه پيو
    ۽ نه ڏينهن کي مهينن کي ڏٺو

    روح تائين تازگي محسوس ٿي
    مون جڏهن ڀي مهه جبينن کي ڏٺو










    جاهل ترين آهيان

    جاهل ترين آهيان
    مان بهترين آهيان

    زرخيز ڪنهن خِطي جي
    بنجر زمين آهيان

    بي پردگي جو قائل
    پردا نشين آهيان

    دانشورو، بلا جو
    ناهيان، ذهين آهيان

    دنيا کڻي نه آهيان
    دل آهيان دين آهيان

    هر برتري جو منڪر
    مان ڪمترين آهيان

    منجهه هيترن حَسينن
    مان ئي حَسِين آهيان

    بي داڳ زاهدن جي
    داڳيل جبين آهيان

    او عشق آءٌ تنهنجو
    ها نڪته چين آهيان

    هونئن خشڪ هان بظاهر
    طبعن رنگين آهيان

    ناهيان کڻي فريبي
    پر بدترين آهيان





    سندءِ نظر جو تِکو آب تاب ٿيڻو هو

    سندءِ نظر جو تِکو آب تاب ٿيڻو هو
    اسان کي ڀي اِتان ئي فيضياب ٿيڻو هو

    تنين سان بي حجاب ٿيڻ ڪو ضروري هو
    اوهان سان جن کي هيئن بي حجاب ٿيڻو هو.

    جي تنهنجي دل گُهري صحبت کان سدا دور رهيا
    ظلم آ، تن کي ڀي عزت مآب ٿيڻو هو

    سڄي خرابي جو ڪارڻ دماغ دل ٻئي هئا
    جنابِ حسن کي ليڪن خراب ٿيڻو هو

    اسان جو بي گناهه خود کي سمجھنداسين رهيا
    سو يقينن اسان کي بي ثواب ٿيڻو هو

    تو ٺيڪ ان سمئه وڌو اسان کي جاڳائي
    ته جنهن سمئه ۾ مڪمل خواب ٿيڻو هو

    تو جو به سچ چيو سو سچ ته سچ هيو درويش
    سو توکي لازمي خوار ۽ خراب ٿيڻو هو.

    اوهان جي سوچ کان خالي اسان جو ذهن ٿيو
    صراحي کي اڳي پو بي شراب ٿيڻو هو.







    پنهنجو تعلق هو جسمن جو

    پنهنجو تعلق هو جسمن جو
    پاڻ کي ڌوڪو هو روحن جو

    تون ڪيڏي نه زبان جي پڪي
    آءٌ ڪچو ڪيڏو نه ڪنن جو

    تون به هُئينءَ پويان دولت جي
    مان به ضرورتمند پيسن جو

    تون عملي دنيا جي مائي
    مان ماڻهو آهيان سپنن جو

    ڪاش ڏسي ها فاقن ۾ ڪو
    ٺٺ ٺانگر من مسڪينن جو

    ڄڻ ته چريائپ تي هو مبني
    هر هڪ اندازو ڏاهن جو

    مان جو روحَ ـــ اگھاڙو آهيان
    ڪيڏو شوق اٿم ڪپڙن جو

    لاهي آهِه رکيو پاسي تي
    بار اوهان جي احسانن جو

    هاءِ وڻن جي هي نايابي
    ملهه مهانگو ڪَک جو پَن جو

    ڪو به سُڪو سڙندي نه ڏٺو مون
    ليڪن ڪين پڇيو ساون جو

    زهريلن ماڻهن جي آڏو
    وس هلي به ته ڪيئن نانگن جو

    تنهنجا نياپا پئي اڏريا ڄڻ
    ڏٺو ولر مون ڪالهه ڪنگن جو

    جوش ٿڌو ٿي ويو ”قيسن“ جو
    موهه مري ويو معشوقن جو

    مستقبل ڪهڙو به هجي پر
    حال عجب آ بي حالن جو




    توکي پيش ڪئي غريبي او حَسين تر اميران

    توکي پيش ڪئي غريبي او حَسين تر اميران
    بي حال تر غريبان بي حال تر فقيران

    تنهنجي دلنواز فطرت منهنجي عارفا سدائين
    ٿئي ڪڏهن نه تنگ تن مان بي آسرا حقيران

    منهنجي لالَ هي حياتي توسان گڏ يا تو بنا ڀي
    تنهنجي سِڪ ۾ ڪثيران تنهنجي سونهن ۾ اسيران

    تنهنجي نفسيات جانم منهنجي رياضيات جانم
    بي نياز تر مريدان يا نياز مند پيران

    ڇا رقص ۾ وجد جو ڪو عمل دخل به آهي؟
    سڀ بي خبر هي ناچُو سڀ بي سُڌا سڌيران

    توحيد جو ضميمو دُوئي جو پيش خيمو
    دل داغ داغ آهي بي دست دستگيران

    خوشبو به ڏند ڪٿا هئي راوڻ جا ڏهه مٿا هئي
    هر جھوٽو بدبو بدبو هر گھُٽ گھُٽ هيران

    هر عمر صنفِ نازڪ مون کي لمحي لمحي موهيو
    هُو ننڍي عمر صغيران يا وڏي عمر ڪبيران

    ٻيون ڀي ته ڪيڏيون سهڻيون دل جي درياهه ٻوڙيون
    نه ڏٺو جن آنِڌيُن کي نه ڊنيون ڪڏهن به سيران

    اهو عشق هو يا شهوت ٻئي زور هڪٻئي کان
    هي ڳڀا ڳڀا ڪهاڙيون ۽ هُو چَمّ چَمّ چيران

    تقويٰ جو تنهنجي تن تي مون ڏٺو سفيد چوغو
    مون گناهه گار جو ٿيو ويساهه لِيران لِيران

    منهنجي خشڪ اکڙِيُن ۾ ڪيڏيون سڻڀيون صورتون هون
    نه لٿيون ڪڏهن به دل تان نه ڳڙيون ڪڏهن به نِيران

    منهنجي سنڌ ڇا چوان مان تنهنجي سرخ سُور مين لئه
    نه مکيون ڪڏهن به مکڻان نه کَريون ڪڏهن به کيران




    جيڪي سک جي ڪارڻ پاڻ پتوڙن ٿا

    جيڪي سک جي ڪارڻ پاڻ پتوڙن ٿا
    ڪيڏو ڦٿڪن ٿا ۽ ڪيڏو لوڙن ٿا

    مُردا دل ماڻهو زندا دل ماڻهن جا
    ڪيڏي بي رحمي سان هٿ مروڙن ٿا

    ڪهڙا حال ٻڌايون پنهنجي يارن جا
    جِتي ڏسن ٿا پستي گوڏا کوڙن ٿا

    سِرَ سِرَ ٿي وکرن ٿا هڪڙي لمحي ۾
    پاڻ، مشقت سان جيڪي گهر جوڙن ٿا

    ڪجهه ته هنن جي جدوجهد جو قدر ڪريو
    هُو جي ريشم بستر تي جاکوڙن ٿا

    ڪو به چريو ناهي هن سڀني چرين ۾
    ڏاهپ سان ڏاهپ جا گوشا روڙن ٿا

    عمدا عمدا ڪپڙا ڪيئن نفاست سان
    پوشيدا جسمن کي ڦاڙن چوڙن ٿا

    آوازن جي رستن تي سانتيڪا سڏ
    ڪن ڦاڙن ٿا منهنجا هاءِ نهوڙن ٿا

    منهنجي توڙي مهار هٿن ۾ آ منهنجي
    پر هي ڪنهنجا هٿ اچانڪ موڙن ٿا




    معاشري سان هلڻ سکي ورتو

    معاشري سان هلڻ سکي ورتو
    جو نه ڏسڻو هيو ڏسي ورتو

    زندگي ۾ ئي ڪيترا ڀيرا
    موت جو ذائقو چکي ورتو

    ڪيڏو سنجيدگي سان هر ڀيري
    معمولي ڳالهه کي ٻنهي ورتو

    تو جو ناتو ڍِلو ڪيو جانم
    سو اسان سَٽ ڏئي ڇني ورتو

    پيالي ۾ ڇاهُيو سو ڪونه ڏٺو
    تو ڏنو ۽ اسان به پي ورتو

    ۽ جڏهن ڀي روئڻ جو وقت آيو
    عين ان لمحي ۾ کلي ورتو

    پاڻ ڪو اهتمام ڪونه ڪيو
    جاٿي موقعو مليو ملي ورتو

    ۽ روپئي کان وٺي ڳڀي تائين
    سارو سودو اسان پني ورتو




    سندس همنشيني به دلچسپ آهي

    سندس همنشيني به دلچسپ آهي
    هي دنيا ڪميني به دلچسپ آهي

    هي بي پردا بي پردا ماحول سارو
    هي پردا نشيني به دلچسپ آهي

    او نادان ماڻهو او نابين ماڻهو
    سندءِ پيش بيني به دلچسپ آهي

    ۽ آوارگي جو به پنهنجو مزو آ
    ۽ گوشا نشيني به دلچسپ آهي

    او بي دين تنهنجي سچي دين بابت
    هي تعبير ديني به دلچسپ آهي

    رفيقن شفيقن کي پڌرو ڪري ٿي
    سفر جي سنگيني به دلچسپ آهي

    بيابان ڀي خوب کان خوب تر آ
    چمن جي رنگيني به دلچسپ آهي

    پتو ڪربلا ۾ پيوسين ”حسين“
    حقيقت زميني به دلچسپ آهي











    حال هيڻا هئا، دل ڪشادي هئي

    حال هيڻا هئا، دل ڪشادي هئي
    درد ٻيڻا هئا، دل ڪشادي هئي

    ماڻهو ڏاڍا چڱا ها ۽ ڏاڍا چڱا
    پر ڪميڻا هئا، دل ڪشادي هئي

    پنهنجي بيمار طبعي جو فوري علاج
    چند ڦيڻا هئا، دل ڪشادي هئي

    تا عمر جھلملايو ستارن پئي
    ڀل ته جھيڻا هئا، دل ڪشادي هئي

    ڇا چوان دشمنن منجهه دشمن ”حسين“
    ٻيڻا ٽيڻا هئا، دل ڪشادي هئي











    وجھي مونن ۾ منهن مون آسمانن ڏي نهاريو پي

    وجھي مونن ۾ منهن مون آسمانن ڏي نهاريو پي
    سفر ايڪانت جو اڻ ٿڪ هيو پر ٿڪ ساريو پي

    هٿان حالات جي پيتو پئي خالص زهر آهي
    مگر خالص زهر مارڻ جي بدران آ جياريو پي

    نَيُن ٻانهن جي گاديلي، ڀڳا آرس جڏهن ٿئي دل
    اوهان جي ٻانهن جي سيراندي کي ڏاڍو سنڀاريو پي

    محبت ڪنهن به هڪ صورت جي پابند ناهه جانِ جان
    هُيس گڏ ٻي به هڪ صورت سان توسان ڀي گذاريو پي

    اهو هڪ عارضي بي ضبط مجذوباڻا جذبو هو
    ته جنهن جذبي ۾ ڪنهن خود غرض پنهنجو پاڻ واريو پي







    ڇاهي شر ۽ ڇا خير آ قبلا

    ڇاهي شر ۽ ڇا خير آ قبلا
    مون کي سمجھائي ڪير آ قبلا

    علم جي ڪنڌ تي ازل کان ئي
    ڇو جهالت جو پير آ قبلا؟

    خود شناسي جو آءٌ دشمن هان
    منهنجو مون سان ئي وير آ قبلا

    روڄ راڙو، ڪڄاڙو، دنيا ۾
    خير آ قبلا، خير آ قبلا

    نور جون بارشون نه ڌوئي سگهن
    ايڏو چهري تي مير آ قبلا

    رات جو هڪ وڄي ٿو ڪيئن وڃي
    مئڪدي مان، سوير آ قبلا

    استقامت نه عشق ۾ به رهي
    هت به بس ڦير گھير آ قبلا

    ڪيترو هيچ ڪيڏو نيچ آهي
    مڙس جيڪو مٿير آ قبلا

    شهر جو شهر آهي ڀاڙين جو
    تنهنجو پاڙو دلير آ قبلا

    منهنجي نڪ ۾ وڌي ٿئي ناڪيلي
    تنهنجي پيرن ۾ ڇير آ قبلا

    تنهنجي حالت به زار آ قبلا
    منهنجي حالت به غير آ قبلا













    بي سبب جدائي جو ڪو نه ڪو سبب هوندو

    بي سبب جدائي جو ڪو نه ڪو سبب هوندو
    ههڙي خود نمائي جو ڪو نه ڪو سبب هوندو

    عشقَ جنهن نِڌر ڪري عمر ڀر آ ڀٽڪايو
    هاڻ رهنمائي جو ڪو نه ڪو سبب هوندو

    بي وفا هلي ويئي بي سبب هلي ويئي
    بي سبب آ آئي جو، ڪونه ڪو سبب هوندو

    هوءَ جيڪا منهنجي هئي هوءَ جيڪا پنهنجي هئي
    ٿي وئي پرائي جو، ڪو نه ڪو سبب هوندو

    هر سجائي لمحي جو ڪو به سبب ڪونه آهي
    هر گهڙي اجائي جو، ڪونه ڪو سبب هوندو

    هي جهان آ، هن ۾، هر حلال زادي جي
    هر حرام پائي جو، ڪو نه ڪو سبب هوندو

    جا وفا جي نالي ۾ انتها پسند هئي
    ان جي بيوفائي جو ڪونه ڪو سبب هوندو

    توڙي ڪو سبب ناهي خلق ائين سمجھي ٿي
    پنهنجي هن جدائي جو ڪو نه ڪو سبب هوندو

    مان جو پنهنجي فطرت ۾ بد کان بدترين آهيان
    منهنجي ڪنهن چڱائي جو ڪونه ڪو سب هوندو















    بي قرار دل، ڪنهن کي آ قرار

    بي قرار دل، ڪنهن کي آ قرار
    ڪنهن جي لئه فضا آهه سازگار

    ڪنهن به نظم ۾ ڪا به شيءِ نه آ
    منظرن ۾ آهه فطري انتشار

    توسان ٽي ورهيه گڏ گذاريا
    هڪڙي شامَ ڀي ناهه يادگار

    اي خمار جي، رات پيارَ جي
    ڪير ٿو ڪري تنهنجو انتظار









    ڪهڙي حَسِين خواب ۾ الجھيل اوهان هئا

    ڪهڙي حَسِين خواب ۾ الجھيل اوهان هئا
    ڏاڍو وجود پنهنجي ۾سَهميل اوهان هئا

    هوڏانهن مخالفن سان ڀي هيڏانهن اسان سان ڀي
    ڪيڏي نه ڌام ڌوم سان، بيٺل اوهان هئا

    بي منظري جي معرفت حاصل اسان ڪئي
    ۽ منظرن جي موهه ۾ ڦاٿل اوهان هُئا

    بي پهچ فرد پهچ کان تنهنجي مٿي هئا
    ٻي ڳالهه آهه شهر ۾ پهتل اوهان هئا

    غربت جي بانس پوءِ ڀي ساڙيو سرير پئي
    ڀاڪر ۾ منهنجي توڙي جو مهڪيل اوهان هئا.

    سڀني کي پئي لڳو ائين آيل اوهان هئا
    پر بزم ۾ حقيقتن آندل اوهان هئا

    هڪ هٿ جي ڇُهاوَ سان پٿر ڪري پيا
    ٻئي هٿ جي ڇهاوَ ۾ مخمل اوهان هئا

    ٺيڪ آهه مان صفا کڻي واريءَ دڙو نه هوس
    پر مهربان برسندڙ بادل اوهان هئا

    ڇا پيٽ هو تراکڙو ڇا نيڻ نيرڙا
    کاڌل اوهان هئا ڀلي پيتل اوهان هئا

    صحبت اسان جي دڳ سنئين لاتو اوهان کي نه ته
    سنسار جي سراب ۾ ڀٽڪيل اوهان هئا










    اسان تي ڪيو عشق ظاهر حَسِينن يقينن يقينن

    اسان تي ڪيو عشق ظاهر حَسِينن يقينن يقينن
    نه ڌرمن نه ساڌُن نه زهدن نه دينن يقينن يقينن

    او ”مهدي“ مان توسان ۽ تنهنجي انهي ڳالهه سان متفق هان
    سڄو سونهن جو سير آ منجهه سينن يقينن يقينن

    ڀلا بت پرستي سان ڪوئي خدا جو به تعلق پري جو
    سڌي فلسفي کي منجھايو ذهينن يقينن يقينن

    اوهان جا ڏنل گهاوَ آهن جي ڀرجي به ٿا ڪين ڀرجن
    سنگيتن کي ليکيو اسان جي نه سينن يقينن يقينن

    زماني ۾ هيڏن وڏن انقلابن کي ڪنهن آ اٿاريو
    اِنهي مهه جبينن اِنهي نازنينن يقينن يقينن


     مهدي شاهه جهانيان
    سيني سير سڃاتم سارو
    مهدي جي مئخان







    هو به جي ويهي منهنجون ڪچايون ڪَٿي

    هو به جي ويهي منهنجون ڪچايون ڪَٿي
    او الا ايئن مَ ٿئي او الا ايئن مَ ٿئي

    باکَ تائين برههَ جون پئي باتيون ڪيون
    ڪالهه آيا ها مون وٽ پرين سج لٿي

    هاءِ تاريخ تنهنجي هي ڪايا پلٽ
    لشڪرن کي کٽيو هڪڙي ننڍڙي جٿي

    بردباري اوهان جي کي منهنجو سلام
    هيانءُ منهنجو ڏري ضبط مون کان نه ٿئي

    هاڻ ڪجهه ڀي ٿئي سچ ظاهر ڪبو
    جيڪڏهن چاڪ پردو ٿئي ٿو ته ٿئي

    هيٺ کان هيٺ هئاسين اسان سڀ ”حسين“
    تون مٿي هئين مٿي هئين مٿي هئين مٿي.











    ڪنهن ڀلا ڄاتو اصل آ درد جو

    ڪنهن ڀلا ڄاتو اصل آ درد جو
    خواهه عورت جو هجي يا مرد جو

    ڪو به ڏاهو ڪين اڪلائي سگهيو
    معاشري جو معاملو يا فرد جو

    ها ڪيو ڀل تذڪرو پر پيار سان
    مان مريد آهيان اِنهي بيدرد جو

    ڄڻ ٿئي محسوس ٿي ڪائي مٺاس
    تون جڏهن نالو وٺين ٿو درد جو

    ڪيترا اقبال ان ۾ نقص ها.
    تو چٽيو خاڪو جو ڪامل”مرد“ جو


     علامه اقبال جو مردِ ڪامل


    موت جي مئڪدي ۾ ڇلڪايا

    موت جي مئڪدي ۾ ڇلڪايا
    زندگي بي حساب پئمانا

    حسن ”ياقوت“ جو اصل آهي
    عشق جو اصل آهه ”سلطانا“

    منهنجي ديوانگي جي حالت ڏس
    مون سان نِوڙي ملن ٿا ديوانا

    تون به تون آهين مان به تون آهيان
    منهنجو ادراڪ آهه وجدانا

    مون مڪمل ”نفي“ ڪري پنهنجي
    توکي ”اثبات“ آ ڪيو جانا

    آهيان بيمار ڪافي عرصي کان
    آءٌ منهنجا طبيب تون آنا

    وِههُ وٽيون پئي وري وري پيتم
    دل تشدد ڪيو بَهيمانا

    بت پرستي جي پاڙ پٽجي وئي
    هي مگر هر ڳلي ۾ بتخانا

    او اسان جي غريب خاني تي
    ائين نه ٿئي جو ڪِرن هي ڪاشانا

    تنهنجو دلڪش گداز گداز بدن
    هاءِ رخسار تنهنجا رخسانا

    هاڻ ڇا تذڪرا ڪيون ويهي
    تنهنجا منهنجا قصا جدا گانا

    چنڊ ها ڪالهه رات ڀي ڳايا
    تنهنجي منهنجي وصال جا گانا

    واندڪائي جي سرگرم ڪم ۾
    ڏاڍو مصروف آهيان اي جانا

    هي ”وجود“ ۽ ”عدم وجود“ جي ڳالهه
    هاڻ دانا ڪري ٿي ديوانا

    ايترو بس ٻڌاءِ ڊيگهه نه ڪر
    مون چيو جو به سچ آ يانا

    پاڻ وٽ رک ”حسين“ تاويلون
    ايترو بس ٻڌاءِ ها يا نا


    22 مئي 2012ع

    22 مئي 2012ع

    ڇا چوان ”حسين“ آئون ڇا چوان
    ڇا وتائون ڇا ڏنائون ڇا چوان

    هڪ طرف سارا شهر ”ڪوفا“ بڻيا
    ٻئي طرف هي ڪربلائون ڇا چوان

    وات ڳاڙهيون ٻوٿ ڪاريون سنڌ ۾
    هي ڪِٿان آيون بلائون ڇا چوان

    هڪ طرف ڌارين ته پنهنجن ٻئي طرف
    پئي ڪيون گڏجي هلائون ڇا چوان

    بي زبانا فرد منهنجي ديسَ جا
    هئه مُڏي ڪاتيءَ ڪٺائون ڇا چوان

    او سڳوري سنڌ جا منحوس پٽ
    تون به نڪتين تن منجھانئون ڇا چوان

    هر ڪرامت جا سوين صاحب هِتي
    پر ڪرامت جون ڪٿائون ڇا چوان

    باضميرن ڀل وڪيو پنهنجو ضمير
    ڪيترو سستو وڪيائون ڇا چوان

    پو به ساري قوم ٿي تن کي ڏيئي
    او جھلي جھولي دعائون ڇا چوان

    لفظ ڪنڊن جيان نِڙي ۾ ٿا چُڀن
    ڇا چوان تن لاءِ آئون ڇا چوان







    هِتي به ڇا ڪيو اٿم هُتي به ڇا وڃي ڪندس

    هِتي به ڇا ڪيو اٿم هُتي به ڇا وڃي ڪندس
    هِتي به ٿو رُلان پيو هُتي وڃي به ڀٽڪندس

    جڏهن ڪو رهنما ئي ناهه تون ئي چئه او زندگي
    نه ڀٽڪندس ته ڇا ڪندس، ڪندس به نيٺ ڇا ڪندس

    الائي ڪيترا ڏيئا اُجھڻ کان اڳ ٻري ويا
    ڏيئي ڏيئي کي ڦوڪ ڏئي مان پڄرندس مان کامندس

    چرين جي وچ ۾ مان ڏاهو ٿي رهان قبول پر
    پو تنهنجو ڇا رَدِ عمل هوندو اگر نه ڪجهه ڪندس

    ضرور منهنجي نالي ۾ اوهان جي ڳالهه ڳائبي
    مان پنهنجي بيوفائي تي اکيون جھڪائي مُرڪندس

    پري نه آ اُهو به ڏينهن، کَر تون ئي خريد جان
    مان پنهنجي عاشقي سميت ٽڪي جي ملهه وڪامندس

    هزار اختلاف توکي ڀل هجن ”حسين“ سان
    سڳنڌ آهه عشق جي هُو مهڪندو مان جھومندس








    سک يا سور زمانا ڳالهه ته ساڳي آ

    سک يا سور زمانا ڳالهه ته ساڳي آ
    تون يا منهنجي جانا ڳالهه ته ساڳي آ

    ڪجهه به نئون يا ڪجهه به پراڻو ناهه رهيو
    بت خانا مئخانا ڳالهه ته ساڳي آ

    سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي پر ٺيڪ نه آ ڪجهه ڀي
    دانا يا ديوانا ڳالهه ته ساڳي آ

    آهه ”تضادن جي وحدت“ پر نه به هجي
    ايمانا بي ايمانا ڳالهه ته ساڳي آ

    دنيا آهه سراءِ مسافر ڇو سوچي
    سوچي هانا يانا ڳالهه ته ساڳي آ

    ڏٺم پُٺيري جنهن کي سمجھيم تون آهين
    تون نه هئينءَ پر جانا ڳالهه ته ساڳي آ


     Unity of Opposits

    ورهيه ويا گذري جو ڪين وري آئي
    خوشبوءِ رخسانا ڳالهه ته ساڳي آ

    زندا مردا ڪو به فرق ناهي ڪنهن ۾
    ڪاٺيون، ڪوڏر، ڪانا ڳالهه ته ساڳي آ

    جي نه مُئين ”ڪربل“ ۾ ڀل ”موصل“ ۾ ئي
    او ”ابنِ مرجانا“ ڳالهه ته ساڳي آ



     ابن مرجانا ـــ عبيد الله ابنِ زياد، واقعه ڪربلا جو مرڪزي ڪردار.



    روز مهڪي ٿي رات جي راڻي

    روز مهڪي ٿي رات جي راڻي
    منهنجي سپني ۾ منهنجي ساڀيا ۾

    عارضي طور تي کپي سڀ ڪجهه
    ڪين ڪجهه ڀي کپي هميشهٰ ۾

    مون ۾ دنيا اڪيلي آ سچ آ
    مان اڪيلو نه آهيان دنيا ۾

    دوستو هڪ عميق پياس آهي
    ڍُڪ پاڻي نه آههِ دريا ۾

    مون ستارا سجايا ها ڪيڏا
    پنهنجي پاڙيسري ستارا ۾

    ڪو به ڌوڪو نه ڪو فريب آهي
    حق ئي حق آهه مايا ۾

    ڄڻ ته مون ئي ڪيو ۽ مون سان ٿيو
    جو به ٿيو ڪربلا مُعلا ۾




    دانا ٿي وياسين ۽ ناداني نه وئي

    دانا ٿي وياسين ۽ ناداني نه وئي
    مطمئن دل جي پريشاني نه وئي

    زندگي ساري غريبي ۾ ڪَٽي
    پر طبيعت پنهنجي سلطاني نه وئي

    هاءِ انسان هاءِ تنهنجو الميو
    هاءِ تو مان غير انساني نه وئي

    حُسن کي هڪڙي شڪايت ئي رهي
    عشق تنهنجي بي قدر داني نه وئي

    پردي جو مطلب ئي ٿيو بي پردگي
    پر تلفظ مان به عُرياني نه وئي

    اڄ سندي تصوير تي ڦيريم نظر
    دنگ رهجي وِيوس حيراني نه وئي

    منهنجي هر هڪ ڳالهه مان جانا وئي
    هن جي ڪنهن ڀي ڳالهه مان جاني نه وئي

    بزرگي آئي ۽ ٿي ڏاڙهي سفيد
    پر اها ذهنن مان شيطاني نه وئي

    آخري ساهن ۾ ڀي ايماندار
    تو منجھان افسوس بي ايماني نه وئي






    اميدن تي دنيا جو قائم هجڻ ڪيڏو حيران ڪُن آ

    اميدن تي دنيا جو قائم هجڻ ڪيڏو حيران ڪُن آ
    ۽ پنهنجو به هن ڳالهه تي خوش رهڻ ڪيڏو حيران ڪُن آ

    اهو جيڪو هر وقت بروقت کلندو رهيو آ مگر اڄ
    هي بي وقت ان آدمي جو کِلڻ ڪيڏو حيران ڪُن آ

    بيابان ۾ ڪنهن جنوني جي آوارگي ٺيڪ ليڪن
    ڪنهن سالڪ جو تنهنجي ڳلي ۾ رُلڻ ڪيڏو حيران ڪُن آ

    جڏهن خواب ۾ توسان جانا ملون ٿا لڳي ٿو ته سچ پچ
    اندر جي اکين سان پرين کي ڏسڻ ڪيڏو حيران ڪن آ

    اسان جي سهي ڳالهه کي هر دفعي رد ڪرڻ وارا ماڻهو
    هي تنهنجي غلط ڳالهه کي ڀي مڃڻ ڪيڏو حيران ڪُن آ

    پراين جي ڄڃ ۾ گهڻن احمقن کي ڏٺو آهه نچندي
    انهن جو ئي پنهنجن جي ڄڃ ۾ نچڻ ڪيڏو حيران ڪُن آ

    اسان لئه پريشان ڪيڏو پريشان ”جانل“ تون آهين
    نه حيران تولئه اسان جو هجڻ ڪيڏو حيران ڪُن آ






    منظر رهي نظر ۾ سوچي سگهي ٿو ڪوئي

    منظر رهي نظر ۾ سوچي سگهي ٿو ڪوئي
    بازار ڪا به بر ۾ سوچي سگهي ٿو ڪوئي

    مون تي الهام ٿيو آ اعلانِ عام ٿيو آ
    ڪنهن رات جي پهرَ ۾ سوچي سگهي ٿو ڪوئي

    سنڌو ندي وهي ٿي تخليق ”ويد“ ٿين ٿا
    هن سنڌ جي سکر ۾ سوچي سگهي ٿو ڪوئي

    سنسار جي پري ۾ منهنجي قريب آهين
    منزل ملي سفر ۾ سوچي سگهي ٿو ڪوئي

    مان ڀي هُجان ۽ تون ڀي ۽ پاڻ ٻئي هُجون ڀي
    ڪنهن شامَ تنهنجي گهر ۾ سوچي سگهي ٿو ڪوئي

    ٽي سؤ ضعيف ماڻهو طاقتورن کي ڳولي
    مارِن جنگِ بدر ۾ سوچي سگهي ٿو ڪوئي

    اي آدمي هي تنهنجا اُطوار ۽ عقيدا
    ڀڳوان کي پٿر ۾، سوچي سگهي ٿو ڪوئي






    نئين آههِ پيرن جي هيٺان زمين

    نئين آههِ پيرن جي هيٺان زمين
    نئون آ مٿي جي مٿان آسمان

    نئين سوچ آهي نئون آ عمل
    نئين آ نظر نئون زمان ۽ مڪان

    نئين درد جو آ نئون ذائقو
    نئون نينهن آهي نئين داستان

    اسان ڀي ته ڪنهن تي رهياسين ڪڏهن
    اوهان تي به ڪوئي رهيو مهربان؟

    اصل پنهنجو ڄاڻي سگهيو ڪير آ
    ڀلي ”ابنِ سينا“ يا ”جابر حَيان“

    رهياسين سڄي عمر خانه بدوش
    نه ڌرتي اسان جي نه ئي آسمان

    ٻه ڪاريون اکيون هڪڙو ڳاڙهو بدن
    اسان ڪاپڙين جو رهيو آستان









    زندگي گذارڻ لئه اک بند ڪرڻي آ

    زندگي گذارڻ لئه اک بند ڪرڻي آ
    اک مان لڙڪ هارڻ لئه اک بند ڪرڻي آ

    اک جي کليل آهي پو حيات مشڪل آ
    سو حيات گهارڻ لئه اک بند ڪرڻي آ

    تَنّ جي تڪڻ جي لئه اک کولڻي آهي
    مَنّ ۾ نهارڻ لئه اک بند ڪرڻي آ

    وقت سان محبت جو ماضي آ جڙيل جانا
    وقت کي وسارڻ لئه اک بند ڪرڻي آ

    بي ضمير ماڻهن جي هٿ ۾ رزق آهي.
    سو ضمير مارڻ لئه اک بند ڪرڻي آ

    جن سان گڏ گذاريون ٿا انتهائي سخت آهن
    تن سان گڏ گذارڻ لئه اک بند ڪرڻي آ









    هلي ٿو زمانو ڏسون ٿا پيا

    هلي ٿو زمانو ڏسون ٿا پيا
    اسان پر نه ساڻس هلون ٿا پيا

    اسان جو نه ساڻس هلون ٿا پيا
    ته ڇا بيوقوفي ڪيون ٿا پيا

    زمانو اسان تي کلي ٿو پيو
    اسان ڀي مٿانئس کِلون ٿا پيا

    هُو جو ڪجهه به آڇي ٿو اوڳاڇي ٿو
    جھلي جھول کانئس وٺون ٿا پيا

    زمانو اسان کان جلي ٿو پيو
    اسان ڀي ته کانئس جلون ٿا پيا

    ٿو جيڪو تسلسل ڏسڻ ۾ اچي
    مسلسل نه آهي ٻڌون ٿا پيا.












    اکين ۾ لهو سُور سيني ۾ آهي

    اکين ۾ لهو سُور سيني ۾ آهي
    مگر پو به چئون لطف ”جيني“ ۾ آهي

    هِتي صرف خالي قبر آههِ قبلا
    قلندر شروع کان مديني ۾ آهي

    سندس هر عمل مان فضيلت ٽِمي ٿي
    غضب جي شرافت ڪميني ۾ آهي

    هي وکريل هي بي نظم ”قبلي“ جو ڪمرو
    منجھس آهه ڇا جو قريني ۾ آهي

    عبادت بکن ۾ يا فاقن ۾ ڪهڙي
    عبادت ته ”کاني ۽ پيني“ ۾ آهي






    هر رات بي خواب آ هر ڏينهن عذاب آهي

    هر رات بي خواب آ هر ڏينهن عذاب آهي
    پڇ ئي نه دوست ڪجهه ڀي حالت خراب آهي

    تون جا خودي ٿو سمجھين دراصل بيخودي آ
    جا بي سوال آهي جا لاجواب آهي

    هي ماٺ مئڪدن جي هي واسنا بدن جي
    ٿي تشنگي لبن جي چئي سڀ سراب آهي

    شايد اکين ۾ ئي سڀ رنگ منظرن جا آهن
    بي رنگ سڀيئي منظر بي رنگ گلاب آهي

    آهي ڪڙو قهر جو خالص نشو زهر جو
    هي جو ڏنو متارن موکيءَ شراب آهي

    اي دل اسان جي ڪنهن ڀي هڪ مُنڌَ تي نه بيٺينءَ
    هيءَ انتخاب آهي هوءَ انتخاب آهي

    هي داغدار لمحن جو اجلو سانحو آ
    نابين جي اکين ۾ شبِ ماهتاب آهي









    آفِس جي ڇت تي بيهي سگريٽ ٿو دُکايان

    آفِس جي ڇت تي بيهي سگريٽ ٿو دُکايان
    وڻندڙ فضا سکر جي، ۾ نيڻ ٿو اڏايان

    هڪ ٻئي کي هڪٻئي جي ڪامل خبر آ قبلا
    تون مون کان ڇا لڪائين مان توکي ڇا ٻُڌايان

    ايئن ٿو لڳي ته هر بار، تو وٽ وڃان ٿو رهجي
    پائي جڏهن به ڀاڪر توکان ٿو موڪلايان

    پنهنجي جڳهه تي هرڪو، هرڪو وزن رکي ٿو
    مون کي نه آهه طاقت جو ڪنهن کي ڀي هٽايان

    او هر دفعي اکين کان ئي موٽندڙ نفيسا
    تون آ ڪڏهن ته توکي هي تن بدن گهمايان

    هڪڙو ئي سر آ سائين سو ڀي نه آهه پنهنجو
    چئبي کليل خيانت تنهنجي ڪري ڪٽايان










    هي بيدرد صبحون هي بي ڪيف شامون

    هي بيدرد صبحون هي بي ڪيف شامون
    اسان جن ۾ پڄرون اسان جن ۾ کامُون

    نه پرواز من ۾ نه تحريڪ تن ۾
    نه هستي وڻن ۾ نه مستي ۾ لامُون

    درندن پرندن کي چيريو ۽ ڦاڙيو
    فِضا سوڳ ۾ آ سنڀاري اڏامون

    مسلسل ٿا جھاڳيون مسلسل تِياڳيون
    اجھامي ٻرون ٿا ٻري ٿا اجھامون

    اوهان جو چئو ۽ ڪري ڀي ڏيکاريو
    اسان ڄڻ ته خالي ڪُني جيان اڀامون

    سڀئي اڻ سڃاتل هئا سڀ اڄاتل
    اهي جن جا چهرا سڃاتا هئا مون

    زمانا ڏٺئه سنڌُ جي سورمن کي
    ڀلي سر ڏنائون، ڏنائون نه سامُون

    هُو سهڻي هُو سسئي هُو سومل هُو سورٺ
    سندن ڪهڙا ڪهڙا نه قصا ٻڌا مون

    جڏهن دل کي ڪامل بصيرت عطا ٿي
    زماني جا سڀ رنگ ڌنڌلا ڏٺا مون












    شڪ جو جهان آهيان

    شڪ جو جهان آهيان
    مان بدگمان آهيان

    جنهن جي زمين ناهي
    سو آسمان آهيان

    او تير باز تُنهن جو
    گُسيل نشان آهيان

    تون امتحان آهين
    مان امتحان آهيان

    توڙي ڌيان آهي
    پر بي ڌيان آهيان

    او اطمينان منهنجا
    بي اطمينان آهيان

    جي تون مهان آهين
    مان ڀي مهان آهيان

    ڪجهه ڀي نه آ حقيقي
    غالب گمان آهيان

    ڄڻ اَکِ ۾ ڪَکُ آهيان
    ڄڻ ڪُکِ ۾ ڪان آهيان









    ڇڏين ٿي ڇوهه مان ڇوڙي

    ڇڏين ٿي ڇوهه مان ڇوڙي
    ڪلهن تي ڪيس ڪارن کي

    هٿن تي پيا لهي بادل
    ورايم جيئن وارن کي

    الا ڪيڏو قرار آهي
    اوهان جي بي قرارن کي

    نه مان سمجھي سگهيس ڪڏهين
    اکين کي يا اشارن کي

    مهانگا عقل وارا پيا
    هميشه عشق وارن کي

    ڪَٽي تن عمر اوندهه ۾
    تڪيو پئي جن ستارن کي

    حڪيمو، بزرگو، ڏاهو
    ٻڌايو ڪجهه ته ٻارن کي

    مَٽن تي ماندگي آهي
    ملايو مئخوارن کي

    زماني نيٺ ظاهر ڪِيو
    اسان جي غم گسارن کي

    الئه ڇا ٿي ويو هڪدم
    هُنن يارن جي يارن کي









    وچ بازار وڃائي ويندينءَ

    وچ بازار وڃائي ويندينءَ
    تون به ته هٿ ڇڏائي ويندينءَ

    منهنجي من ۾ ڪجهه به نه هوندو
    من ۾ جهاتي پائي ويندينءَ

    هڪ مون کي ناراض ڪري ٻين
    سڀني کي پرچائي ويندينءَ

    سڀ نُڪتا هُنَ بي سمجھن کي
    نُڪتي ۾ سمجهائي ويندينءَ

    هر الجھن سلجھيل ماڻهن جي
    اٽڪل سان سلجھائي ويندينءَ

    آءٌ نڀائي سگهندس ڪنهن سان
    تون سڀ ساڻ نڀائي ويندينءَ

    هُو جيڪي ڪنهن جي نه مڃن ٿا
    تن کي ڀي ته مڃائي ويندينءَ

    او سرڪش او باغي عورت
    سڀ جا ڪنڌ جھڪائي ويندينءَ

    مان ٻاريندس من ۾ ڏيئو
    تون ايندينءَ اجھائي ويندينءَ

    ٻين کي منهنجي ڳالهه ٻُڌائي
    پنهنجي ڳالهه لِڪائي ويندينءَ









    موت جهڙي ننڊ ۾ ڪيڏو قرار

    موت جهڙي ننڊ ۾ ڪيڏو قرار
    زندگي جي ننڊ ڪيڏي بي خُمار

    غير واضح خواب ڌنڌلي ساڀيا
    هر نظر هر هڪ نظارو بيقرار

    هر حقيقت هڪ سرابي سچ آهه
    ٿي سرابن جي پٺيان ڊوڙي ڄمار

    آسمانن تي زميني زندگي
    راز جيڪر ٿي پوي هي آشڪار

    بي محبت چپ تنهنجا راهبا
    ڄڻ ته آفاقي محبت جي پُڪار

    صبح جو آفيس ۽ گهر شامَ جو
    ايندي ويندي ٿي وئي پوري ڄمار






    آ گهڻو ئي ٻڌو اڄ ته ڏسجي هلي

    آ گهڻو ئي ٻڌو اڄ ته ڏسجي هلي
    ٿا چون مئڪدي ۾ اچن ٿا ولي

    آ اها ڳالهه مون تي به الهام ٿي
    ڪنهن نه ڪنهن سان ڪڏهن جيڪا آهي سَلي

    حُسن سان عشق جو هي ازّلي لڳاءُ
    مهڪ ۾ هر شگفته شگفته ڪلي

    جسم جي ڄر گهڙي کي به ساڙي ڇڏيو
    ڪين درياهه ۾ ڀي ٺري دل جلي

    وقت نقّاد آ سچ ثابت ڪندو
    تون ڀلي ڇا به چئهُ، ڇا به چئه تون ڀلي

    هي ته ڪنڌرا شهر هي ته منهنجو شهر
    اوپري اوپري ٿي لڳي هر ڳلي

    تون ته بڻجي وئين ديوتا او ”حُسين“
    توڙي ڪيڏي غلط ڳالهه تنهنجي هلي


    پنهنجي ڳڀرو ڀاءُ فياض جي موتَ تي

    پنهنجي ڳڀرو ڀاءُ فياض جي موتَ تي

    اڏاري وئي کڻي توکي قضا ڇا ٿو ڪري سگهجي
    حياتي ئي جو آهي بيوفا ڇا ٿو ڪري سگهجي.

    امان بابا به توکي ساهه کان پيارو گُهريو ٿئي پر
    گهڻو پيارو گُهريو توکي خُدا ڇا ٿو ڪري سگهجي

    يقينن تون نه ورندين پو به دل ٻولي پئي ورندين
    مگر دل جو ڀروسو ڇا مٺا ڇا ٿو ڪري سگهجي

    هجي جي وس ۾ توکي آسمانن کان کسي اچجي
    مگر وس ۾ نه آهي بابلا ڇا ٿو ڪري سگهجي.

    ائين کلندي اکين کان ٿي وئين اوجھل نه سوچيو هو
    جي سوچيون ها اکين ۾ سانڍيون ها ڇا ٿو ڪري سگهجي

    سندءِ صورت ڏسي پڪ مرڪيو عزرائيل ڀي هوندو
    ۽ خود مجبور عزرائيل آ ڇاٿو ڪري سگهجي

    نماڻا نيڻ تنهنجا ياد رهندا تا عمر راڻا
    ڪٿي سي نيڻ ٿي سگهندا جدا ڇا ٿو ڪري سگهجي









    هي به ڪهڙي هيڪڙائي تون به آهين مان به آهيان

    هي به ڪهڙي هيڪڙائي تون به آهين مان به آهيان
    هي ته بلڪل آ ٻِيائي تون به آهين مان به آهيان

    جنهن طرف آهي چڱائي ڪين ڳولهيا ٿا لڀون
    پر جِتي آهي برائي تون به آهين مان به آهيان

    حق جي ناهي فلاسافي ۾ دُوئي جو وجود
    حق سان هي بيوفائي تون به آهين مان به آهيان

    پاڻ ان ئي ”ڪُلُ“ جو هڪ غير واضح ”جُز“ آهيون
    ڇا به ڀل سمجھي خُدائي تون به آهين مان به آهيان

    ائين برابر آ ته آهي انت هر بي انت جو
    هي مگر نا آشنائي تون به آهين مان به آهيان

    ڪير ڄاڻي راهه جو گمراهه ڪُن پاسو ”حسين“
    ڪير ڄاڻي رهنمائي تون به آهين مان به آهيان






    عشق ۾ اختلاف ڪير ڪري

    عشق ۾ اختلاف ڪير ڪري
    خود کي پنهنجي خلاف ڪير ڪري

    جو نه صورت اڳيان جھڪائي سر
    اهڙي منڪر کي معاف ڪير ڪري

    جن جي توحيد دُوئي دُوئي آ
    تن جي سينن کي صاف ڪير ڪري

    سڀئي مفتي اٿي کڙا ٿيندا
    تنهنجي گهر جو طواف ڪير ڪري

    تنهنجو پردو اسان تي لازم آ
    ڪعبي کي بي غلاف ڪير ڪري

    پارسائي جو يا برائي جو
    پنهنجي منهن اعتراف ڪير ڪري

    جيئن تون ٿو ”حسين“ ڳالهه ڪرين
    ڳالهه اهڙي شفاف ڪير ڪري












    نيڻ ٿيا ڌنڌلا ته سپنا آئينا بڻجي ويا

    نيڻ ٿيا ڌنڌلا ته سپنا آئينا بڻجي ويا
    شهرِ نابينا ۾ چهرا آئينا بڻجي ويا

    خود شناسي جا ٿي کولي راز ڪيئي زندگي
    مڌ سان ڀرپور پيالا آئينا بڻجي ويا

    سڀ ڏسن ٿا غور سان ۽ غور سان ٿا سڀ ڏسن
    سونهن سان سرشار سينا آئينا بڻجي ويا

    جسم چشمن جيئن اجرا ڳل جهڙا کير کير
    خواب پنهنجا شاعراڻا آئينا بڻجي ويا

    زندگي جي تجربي خاني ۾ ڪيئي تجربا
    او ”حسين“ او منهنجا پيارا آئينا بڻجي ويا.









    اڇا تن، من ڪارا سمجھي سگهجي ٿو

    اڇا تن، من ڪارا سمجھي سگهجي ٿو
    ڪجهه ماڻهو يا سارا سمجهي سگهجي ٿو

    اورنگزيب اڳيان مفتي سڀ ڇا لئه ها
    سرمد پويان دارا سمجھي سگهجي ٿو

    هڪ جاهل جي آڏو ڪيئن هوندا آهن
    عالم سڀ ويچارا سمجھي سگهجي ٿو

    ڪهڙي مقصد ڪارڻ خلقيا وِيا آهن
    تنبورا يڪتارا سمجھي سگهجي ٿو

    طبلي جي ڌُن چيلهه رقاصه جي ٽوڙي
    فنڪاري فنڪارا سمجھي سگهجي ٿو

    هر لذت جو جوهر انت اذيت آ
    سارا سمنڊ ڪسارا سمجهي سگهجي ٿو

    پياسين معشوقائن لئه دريا آهن
    منهنجا نيڻ اڃارا سمجھي سگهجي ٿو

    ڪهڙو جذبو خلق ڪرائيندو آهي
    فن پارا شهپارا سمجھي سگهجي ٿو

    دستر خوان ڪشادا تنگ دل ماڻهن جا
    هاءِ وڏي دل وارا سمجهي سگهجي ٿو

    ڏينهن جو ڇو نه نظر ايندا آهن ڪنهن کي
    تنهنجا رات ستارا سمجهي سگهجي ٿو









    سندءِ جو حُسن حُسن هو ڪمال هو

    سندءِ جو حُسن حُسن هو ڪمال هو
    سڄو جهان صاحبِ جمال هو

    مگر جو وقت هو اهو به سخت هو
    ڪمال کي ڪمال جو زوال هو

    اسان حدن اندر رهياسين عمر ڀر
    اوهان جي احترام جو سوال هو

    اسان کي ڪو به ڪونه اختلاف هو
    اوهان کان ڪو ڍڪيل اسان جو حال هو

    اها ئي دوستي اها ئي دشمني
    ٻنهي جو دوستو عجب ئي حال هو

    الا ”حسين“ کي سڃاتو ڪنهن به ڪونه
    ڪمال جو هُو شخص باڪمال هو









    دلين ۾ درد ناهي ۽ اکين ۾ ناهه بينائي

    دلين ۾ درد ناهي ۽ اکين ۾ ناهه بينائي
    اسان وٽ بي حسي هي بي حسي آخر ڪٿان آئي

    اسان هڪٻئي جي لئه دروازا اهڙي ريت کولياسين
    وٽس ڪڏهين اسان وِياسين اسان وٽ ئي نه هوءَ آئي

    اسان جي درد سان اهڙي لڳي وئي لنؤ جو ساري عمر
    خوشي مان ڀي اسان کي درد جي خوشبو پئي آئي

    اهو گهر ظلم جو اڄ تائين قائم آ ۽ دائم آ
    نه ڪنهن ڀي در ڀڳو هن جو نه ڪنهن ديوار ڪيرائي

    سدا تڪڙا رهيا هُون انتقامي ڪاروائي ۾
    نه گهٽ ان سان ڪئي آ ٿوري جنهن تڪليف پهچائي

    ”حسين“ هي تنهنجي صحبت ۾ اسان تي راز ظاهر ٿيو
    برابر مرد ڀي آ مرد پر مائي به آ مائي




    ماڻهن ڪڪر وسايا اهڙا به ڏينهن آيا

    ماڻهن ڪڪر وسايا اهڙا به ڏينهن آيا
    سپنا اسان پُسايا اهڙا به ڏينهن آيا

    ڪپڙا به ڪيترائي چهرا به ڪيترائي
    هڪ رات ۾ مٽايا اهڙا به ڏينهن آيا

    لمحي جي لئه نه سوچيو جيڏانهن ڏٺي سي کاهي
    تيڏانهن قدم وڌايا اهڙا به ڏينهن آيا

    درياههَ جا ڪنارا ۽ آسمان ڌرتي
    موهي اسان ملايا اهڙا به ڏينهن آيا

    عاقل هئاسين ليڪن سرمست ٿي عقل کي
    تالا کڻي لڳايا اهڙا به ڏينهن آيا

    هڪ ڳالهه کي مروڙي ڪيئي قصا گهڙياسين
    ۽ خلق ۾ اڏايا اهڙا به ڏينهن آيا

    محبت جي دائري ۾، محبت جي نَيّمن جي
    پلٽي ڇڏي سي ڪايا اهڙا به ڏينهن آيا

    تنهنجي حضور ۾ ڀي آسائتا رهياسين
    مايا او منهنجي مايا اهڙا به ڏينهن آيا

    فعلن فعول فعلن مغعول فاعلاتن
    سڀ گيتَ گنگنايا اهڙا به ڏينهن آيا




    هُو شهر جي حَسين حال عاشقن مان هو

    هُو شهر جي حَسين حال عاشقن مان هو
    ڪجهه ڀي چئو هن لاءِ، مگر احترامَ سان

    همت نه آ بدلائي سگهڻ جي نظام کي
    سو ماٺ ڪري دوست هلون ٿا نظام سان

    تازي صُبوح تنهنجي مٺي مهڪ جو قسم
    پنهنجي لڳي نه آهه شروع کان ئي شامَ سان

    مون ڪنهن به ويڙهه ۾ ڏني ڪنهن کي نه مات آ
    پو پيروڪار سان هجي يا ڀل امام سان

    هي ڪيترو نه دلپذير آ مشاهدو
    هرشيءِ شروع ٿئي ٿي سندس اختتام سان

    فطرت جي عين بر خلاف آهه هي اصول
    ڪو خاص هلي ڪين سگهي ٿو عوام سان

    سي فرد پنهنجي ذات ۾ سرڪش ها سخت ها
    جيڪي ڏٺا غلام مون منهن تي لغام سان

    پيغام جي حَسين روايت جو دؤر وِيو
    پيغام پهچندو هو سڪ ڀري سلام سان

    جي کير جو گلاس پياريو ته ٺيڪ نه ته
    اي دوست اوهان ئي سٺا لڳو ٿا جام سان












    ابد آهي اڳيان پويان ازل آهي

    ابد آهي اڳيان پويان ازل آهي
    مگر وچ ۾ لڳي ٿو ڪجهه کٽل آهي

    فنا جي بحر ۾ ڪيڏي رواني آ
    بقا جو بحر جر تائين سڪل آهي

    ڏنم پئي دير تائين زور بابي کي
    لڳو پئي زندگي سچ پچ ٿڪل آهي

    ائين هُو اجنبي مون کي ڏسي ٿو پيو
    ته ڄڻ هن جو نه ڪوئي ڀي ڏٺل آهي

    هي تنهنجي سونهن تنهنجو حُسن ئي آهي
    جا منهنجي شاعري منهنجو غزل آهي








    مون کي تنهنجي مدد ڪرڻ گهرجي

    مون کي تنهنجي مدد ڪرڻ گهرجي
    ۽ تون منهنجي مدد ڪرين پيئي

    منهنجي من ۾ چراغ بڻجي تون
    منهنجي جانا ٻريو ٻرين پيئي

    دور مون کان يڪو جلي آهين
    مون کي سامهون ڏسي ٺرين پيئي

    منهنجي اندر ۾ دور تائين وڃي
    ڪيڏو جلدي وري ورين پيئي

    آءٌ تنهنجي مٿان جيئان ٿو پيو
    ۽ تون منهنجي مٿان مرين پيئي

    جِست جو ڄڻ گلاس آهيان مان
    مون کي پيئين پئي ڀرين پيئي




    ڇا ٿي سوچين ڏسي مان ڀڳو ٿو وڃان

    ڇا ٿي سوچين ڏسي مان ڀڳو ٿو وڃان
    مختصر زندگي مان ڀڳو ٿو وڃان

    ڪو به هوشيار مون جهڙو جڳ ۾ نه هو
    او منهنجي سادگي مان ڀڳو ٿو وڃان

    تنهنجي هر باب کان حُسن جي تاب کان
    قهر جي ڇوڪري مان ڀڳو ٿو وڃان

    منهنجي واعدي خلافي تي تون جيڪڏهن
    رنج ٿئين ٿي، ته ٿي مان ڀڳو ٿو وڃان

    تنهنجي ميدان مان ها سَرِ عام مان
    او محبت مٺي مان ڀَڳو ٿو وڃان

    دشمني ڇا دماغي ڪا خشڪي هئي
    ڇا هئي دوستي مان ڀڳو ٿو وڃان

    تنهنجي در تي هزارن جو پهرو ڏسي
    تنهنجو چهرو ڏسي مان ڀڳو ٿو وڃان

    اک ۾ ڪَکُ آ، ڪُکِ ۾ ڪانُ آ
    ڪنڌ ۾ آ ڪِلي مان ڀڳو ٿو وڃان










    آ رڳو ئي سراب فطرت ۾

    آ رڳو ئي سراب فطرت ۾
    ڪجهه حقيقي نه آ حقيقت ۾

    پر ڪڏهن سچ ڀي چيو هوندو
    ڪوڙ شامل آ هونئن عادت ۾

    تن کي اڪثر پلئه پئي ناڪامي
    جي هليا عشق جي قيادت ۾

    دل جي دولت کڻي جھجھي به هجي
    تون ئي چئه ڇا ڪنداسين غربت ۾

    جلد هڪٻئي مان تنگ ٿي وياسين
    وصل جي عين استراحت ۾

    هاڻ ملڻو نه آهه هڪٻئي سان
    ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن به حالت ۾

    پنهنجي طبيعت ۾ بادشاهه هئا
    جيڪي ماڻهو ها منهنجي خدمت ۾

    هائو انهن وٽان ئي آئي آ
    هي نفاست منهنجي طبيعت ۾

    هي شڪل ۾ جدا جدا ماڻهو
    ٿا ملن ڪيترا نه عادت ۾

    سارا ڪنڌرا به منهنجا ئي آهن
    ساري سنڌ آهه منهنجي ملڪيت ۾


    حنا جي لاءِ

    حنا جي لاءِ

    تون هلي وئينءَ ايئن جيئن آئي هُئينءَ
    منهنجي پنهنجي ڇا سچ پچ پرائي هُئينءَ

    پو به ”يوپي“ ۽ ”سي پي“ جي خوشبو هيئه
    توڙي خالص مٺي سنڌ ڄائي هُئينءَ

    تون سراپا وفا، عشق هئينءَ، شوق هُئينءَ
    ڪيئن چوان ڪيئن چوان بي وفائي هُئينءَ

    ڪيترائي دفعا مون چکيو چيت سان
    تون مِڙيو ئي مٺائي مٺائي هُئينءَ

    حسن سان پيچ تنهنجا پراڻا هئا
    عشق سان نئين نئين آشنائي هُئينءَ

    عاشقن عارفن توکي جھونگاريو هو
    مون ٿئي ڀانيو غزل تون ته وائي هُئينءَ

    مان به تون ڪونه هئينءَ تون به تون ڪونه هُئينءَ
    تون نه ڪوئي هئينءَ ۽ نه ڪائي هُئينءَ

    منهنجي مصروف مصروف جيون ۾ تون
    ڪيڏي دل چسپ ڪا واندڪائي هُئينءَ

    عاشقي جي اکين ۾ وڌءِ پيار سان
    آءٌ سرمو هُيس تون سرائي هُئينءَ

    جهڙو نالو هيئه اهڙي خوشبو هيئه.
    تون حنا پنهنجي پر ۾ حنائي هئينءَ

    زندگي جيڪا ڌوڪن تي ڌوڪا هئي
    تون منجھس ڪا وڻندڙ ڪا سچائي هُيئنءَ

    توتان قربان ڪوڙين ڪجن مرد ها
    تون برابر مٺي اهڙي مائي هُئينءَ

    ڄڻ ته ڪنڌرا بيابان هو دشت هو
    مان منجھس ڪو هرڻ تون ترائي هُئينءَ










    آءٌ جڏهن ماڻهوءَ مان پٿر ٿي ويندس

    آءٌ جڏهن ماڻهوءَ مان پٿر ٿي ويندس
    طبيعتن پڪ ڄاڻ ته بهتر ٿي ويندس

    تون عُريان ايندينءَ جڏهن منهنجي اندر
    مان ازخود ئي خود کان ٻاهر ٿي ويندس

    مون لئه سڀ سهڻا منظر تون ئي هوندينءَ
    تولئه مان جلدي بي منظر ٿي ويندس

    چوويهه ڪلاڪَ کليل ئي رهندو جيڪو
    جيڪو بند نه ٿيندو سو در ٿي ويندس

    سڀ درياهه ڪندا منهنجو ئي رخ جلدي
    نيرو، ڳاڙهو، ڪارو ساگر ٿي ويندس

    محبت ۾ اوّل درجي جو ڌوڪيباز
    ٿيڻ نه چاهيندس جانا پر ٿي ويندس

    بهتر کان بهتر ماڻهوءَ لئه دنيا ۾
    بدتر کان بدتر کان بدتر ٿي ويندس

    آءٌ جو پنهنجي فطرت ۾ مادي آهيان
    هڪ عورت جي ڀاڪر ۾ نر ٿي ويندس

    تون في الحال سمهڻ ڏي مون کي آڳهه ۾
    واعدو برسي بوند تي اندر ٿي ويندس







    زندگي جا ڏينهن ائين ٿا گهارِيون

    زندگي جا ڏينهن ائين ٿا گهارِيون
    ڍينگهرن تي ڄڻ اٽو ٿا هارِيون

    حضرتِ مُرشد رهن ٿا جنهن شهر
    هئه اتان جو عورتون ويچارِيون

    ۽ معزز فرد هر هنڌ بيعزتا
    ۽ ڪمينن جون هي ناما چارِيون

    خوش فهم ماڻهن کي ڪنهن هن مهل تاءِ
    اصليت جون آرسيون ڏيکاريون

    اڄ به دروازن تي بي خوابي اها
    اڄ به اوٻاسيون ڏِيَن المارِيون

    هاءِ بي تحريڪ منهنجي زندگي
    هاءِ پُر تحريڪ لڏندڙ ٽارِيون

    هي ڪنڊن جا تاج، هي سُوريون صليب
    جن مٿان واريو پيا ٿا وارِيون
    پاڻ کي آيون نه آيون سمجهه ۾
    دين داريون هاءِ دنيا دارِيون

    ڇا چوان اُجرين اکين جو انتخاب
    ڪڻڪ رنگيون، ڀوريون گوريون ڪارِيون

    زهر جهڙيون شهد جهڙيون ڇوڪريون
    وِهه وٽيون او مئه مٽيون او ڄارِيون

    او اچو سهڻيون اچو منهنجي قريب
    نينگريون پياريون او پياريون نارِيون












    سواءِ هڪٻئي جي گهارڻي آ اوهان به سوچيو اسان به سوچيون

    سواءِ هڪٻئي جي گهارڻي آ اوهان به سوچيو اسان به سوچيون
    هي زندگي ڪيئن گذارڻي آ، اوهان به سوچيو اسان به سوچيون

    ڊگهي زماني کان هي محبت جا هڪ مريضا مثال آهي
    جيارڻي آ يا مارڻي آ، اوهان به سوچيو اسان به سوچيون

    ٻئي ٻنهي جا حريف آهيون ٻنهي کي آهي هَوَس کٽڻ جي
    ته ڪنهن کي هي جنگ هارڻي آ، اوهان به سوچيو اسان به سوچيون

    شديد طوفان سادگي جي سمونڊ ۾ اوچتي اٿيو آ
    سمونڊ ۾ ناوَ تارڻي آ اوهان به سوچيو اسان به سوچيون

    سراب ۽ جبر آ مسلسسل عذاب ۽ جبر آ مسلسل
    اکين اندر باهه ٻارڻي آ اوهان به سوچيو اسان به سوچيون




    ننڊ ۾ آهيون مگر جاڳون پيا

    ننڊ ۾ آهيون مگر جاڳون پيا
    ٿا سمهڻ چاهيون مگر جاڳون پيا

    ڏک جي قبلا چَرِين آهن ڏٺا
    ڪٿ ڏسن ڏاهيون مگر جاڳون پيا

    ٿَڪ جون ۽ جاڳ جون نيڻن مٿي
    ٿيون ٻرن باهيون مگر جاڳون پيا

    جوش ۾ ناهيون ۽ ناهيون هوش ۾
    ڪنهن ۾ ڀي ناهيون مگر جاڳون پيا

    جا اسان جي ننڊ آ جا آ سڪون
    ان سان ويٺا هِيون مگر جاڳون پيا

    تنهنجو پاسو ٻانهن تنهنجي ۽ قرار
    ڇا نٿا چاهيون مگر جاڳون پيا

    هي غصو هي ٿڪ هي هيڏو ڪِروڌ
    ننڊ تي لاهيون مگر جاڳون پيا

    پنجويهن سالن کان سوچيون ٿا ”حسين“
    بسترو ٺاهيون مگر جاڳون پيا










    بي مطلب ڳالهين تي ڳالهايون ويٺا

    بي مطلب ڳالهين تي ڳالهايون ويٺا
    ۽ مطلب هڪٻئي کي سمجهايون ويٺا

    هڪٻئي جي حالت کان ٻئي ٻاهر ويهي
    هڪٻئي جي اندر ليئا پايون ويٺا

    ڪو ايندو ۽ هٿ وٺي پهچائيندو
    ڪو به نه ايندو ليڪن واجھايون ويٺا

    شروع کان هڪ سلجھيل مسئلي کي هوءَ ۽ مان
    پوري دانائي سان سلجھايون ويٺا

    هِن کي هُنَ کي هوءَ مڃيندي آ اڪثر
    هِنَ کان هُنَ کان هن کي چَوِرايون ويٺا

    پنهنجي ڳالهه نٿي پهچي تو تائين سو
    تنهنجون ڳالهيون توکي پهچايون ويٺا





    دل کي فراق ڏيئي سڀ ڪجهه سٺو لڳي ٿو

    دل کي فراق ڏيئي سڀ ڪجهه سٺو لڳي ٿو
    خوش ٿا گذاريون ٻيئي سڀ ڪجهه سٺو لڳي ٿو

    هڪٻئي مان هڪٻئي جا بهتر مزاج بانو
    بيزار ها اڳيئي سڀ ڪجهه سٺو لڳي ٿو

    تنهنجي اکين مان نڪتي پنهنجي اکين ۾ ايندي
    گذري وِيا سال ڪيئي سڀ ڪجهه سٺو لڳي ٿو

    صحبت ۾ جيڪي گذريا هڪٻئي جي زندگي جا
    دلبر ها ڏينهن سي ئي سڀ ڪجهه سٺو لڳي ٿو

    ائين خامُشي سان پنهنجو، پنهنجو وتوسين رستو
    ڪنهن کي نه ڪَل پيئي سڀ ڪجهه سٺو لڳي ٿو

    صديون صدين جي پويان نيڪين بدين جي پويان
    گذري ڄمار ويئي سڀ ڪجهه سٺو لڳي ٿو

    هڪٻئي کان غير واقف هڪٻئي جي جستجو ۾
    هوءَ مان خدا ۽ ٽيئي سڀ ڪجهه سٺو لڳي ٿو






    پنڌُ سارا ٿڪ لاهي جيڪڏهن

    پنڌُ سارا ٿڪ لاهي جيڪڏهن
    جستجو آرام چاهي جيڪڏهن

    حالتن جو عقل تي آهي مدار
    ڪا به اهڙي ڳالهه ناهي جيڪڏهن

    لذّتن جي پوءِ ڪهڙي اهميت
    درد جو احساس آهي جيڪڏهن

    سچ جو ڇا پوءِ ڪو مطلب نه هو
    سچ چڙهي ها ڪين ڦاهي جيڪڏهن

    مون کي ڪوئي ڪونه هوندو اعتراض
    هوءَ پنهنجا سڙهه سنباهي جيڪڏهن

    لحظي ۾ ٺاهي ڇڏي منهنجو جنون
    ڪوئي گهر ڪنهن جو به ڊاهي جيڪڏهن

    ڪير آهي حال پنهنجي ۾ ”حسين“
    ڪو به ناهي ڪو به ناهي جيڪڏهن






    ڀلا هن ماهه پارا ۾ اسان جو ڪم به ڪهڙو آ

    ڀلا هن ماهه پارا ۾ اسان جو ڪم به ڪهڙو آ
    ستاري يا ستارا ۾ اسان جو ڪم به ڪهڙو آ

    هزارين رنگ فطرت جي اکين مان ٿا ٽمن بابا
    رڳو اڇا ۽ ڪارا ۾ اسان جو ڪم به ڪهڙو آ

    شفق کي هڪ لمحي ڏسجي ته ٻئي لمحي ۾ ڇا ڏسجي
    شفق يا کير ـــ ڌارا ۾ اسان جو ڪم به ڪهڙو آ

    ته ڪنهن منظر نِگاريءَ سان اکين جي موهه کي ماريو
    ته ڪنهن منظر نِگارا ۾ اسان جو ڪم به ڪهڙو آ

    چپن سان منهنجي محبوبا چٻاڙيو ذهن منهنجي کي
    سفاڪا ۾ مڪارا ۾ اسان جو ڪم به ڪهڙو آ

    خزان جهڙي جواني سان اسان خوش خوش گذاريون ٿا
    بسنتي هن بهارا ۾ اسان جو ڪم به ڪهڙو آ

    کُٽن سڀ پنڌ پيڙا جا وڌن يا پير باغين جا
    ڦُٽن چاري مان چارا ۾ اسان جو ڪم به ڪهڙو آ

    تون ڀل معشوق جي تِر تان سڄو ”ايران“ گھوري ڇڏ
    ”سمرقند“ يا ”بخارا“ ۾ اسان جو ڪم به ڪهڙو آ

    هُو ڀائر ها ۽ هڪڙي پيءُ جو اولاد ها ٻيئي
    سو ”اورنگزيب“، ”دارا“ ۾، اسان جو ڪم به ڪهڙو آ

    ڇُهي سگهجي چکي سگهجي نه جنهن کي مڌ مکي سگهجي
    اُنهي ساري کان سارا ۾ اسان جو ڪم به ڪهڙو آ

    سڄو عالم ازّلي حسن سان سرشار ”حسين“ آهي
    ته هُنَ، هڪ حسن آرا ۾ اسان جو ڪم به ڪهڙو آ








    شايد سڄي جهانَ جون ڳالهيون کپي ويون

    شايد سڄي جهانَ جون ڳالهيون کپي ويون
    ڌرتي جون آسمان جون ڳالهيون کپي ويون

    هن زندگي جي بي هوا ڀرپور باغ ۾
    خوشبو ڀري گمان جون ڳالهيون کپي ويون

    سڀ فن نواز آڱريون مفلوج ٿي ويون
    فنڪار بي زبان جون ڳالهيون کپي ويون

    ويهي اسان زمان تي ويچار ڇا ڪيو
    لمحن ۾ ئي مڪان جون ڳالهيون کپي ويون

    هڪ مهربان ڳالهه جو پيرو کنيو ته ايئن
    دلچسپ داستان جون ڳالهيون کپي ويون

    بي اطمينان ايترو اي عشق تو ڪيو
    سک، چين، اطمينان جون ڳالهيون کپي ويون

    هر امتحان ۾ رهيس ناڪام ئي ”حسين“
    هر وقت امتحان جون ڳالهيون کپي ويون








    ڪنهن کي آهه خبر ۽ ڪير ٻڌائيندو

    ڪنهن کي آهه خبر ۽ ڪير ٻڌائيندو
    ڪهڙو حال اسان جو ڪهڙو آئيندو

    ذهني حالت ٺيڪ نه آ دانشور جي
    قلبي حالت تي ليڪن ڳالهائيندو

    مان هن کي سمجھائيندس هي ٺيڪ نه آ
    سڀ ڪجهه ٺيڪ آ هُو مون کي سمجھائيندو

    ڪيڏو ظلم ڪيو آ ”پنهنجو پاڻ“ مٿان
    ”پنهنجو پاڻ“ اميد ته مون کي بخشيندو

    ٿر جهڙو هي روح اڃايل آ جيڪو
    هر موسم ۾ بادل جا ڳڻ ڳائيندو

    هو جو ڪافي دير کان مون وٽ ويٺو آ
    پوءِ به لڳي ٿو ٿوري دير ۾ ڄڻ ايندو

    هڪڙي ڏينهن ۾ جيڪو لک ڪمائي ٿو
    سوچڻ جهڙي ڳالهه آ ٻئي کي ڇا ڏيندو

    منهنجي اندر جو آرام پسند ماڻهو
    نٿو لڳي ڪو پاسو ڀي بدلائيندو

    جنهن سان ڀي منهنجي باري ۾ ذڪر ڪندينءَ
    هٿ چُميندو تنهنجا توکي پوڄيندو

    ”اسرافيل“ جي صُور کان اڳ ئي دنيا کي
    ڦوڪَ ڏئي انسان ”حسين“ اڏائيندو










    هٿن جي معمولي حرڪت ڇڏي ٿي شهر لرزائي

    هٿن جي معمولي حرڪت ڇڏي ٿي شهر لرزائي
    ڇڏي ٿي شهر لرزائي ڇڏي ٿي ڪوٽ ڪيرائي

    ٻه ماڻهو ڪنهن به هڪ نُڪتي تي ناهن متفق بابا
    هزارين زندگي جا راز ڪنهن کي ڪيرُ سمجھائي؟

    ته هڪ ئي ڳالهه مان ڪيڏيون نيون ڳالهيون ٿيون پيدا ٿين
    ازل کان وقت هڪ ئي ڳالهه ورجايو پيو ورجائي

    گهڻائي جي جهالت جا اسين ٿورائتاآهيون
    اسان جي ڪنهن نه ڪم جي ڳالهه کي ڇڏيائون ڦهلائي

    عجب آهي ٻنهي جي جان جو دشمن عجب آهي
    اسان سان گڏ پيئي ويٺو اوهان سان گڏ ويٺو کائي

    هي ”هڪ پائي“ جي آمد جو کليل امڪان آ شايد
    ”ٻه پائي“ کان فراريت ڪئي اختيار ”چوپائي“









    هوءَ مون کان به مختلف آهي

    هوءَ مون کان به مختلف آهي
    ڪين ٻين کان ئي ڌار لڳندي آ

    منهنجي سيني تي ايندي آ جڏهين
    معتبر شهسوار لڳندي آ

    ڪهڙي ڀي مُهم دل هجي درپيش
    هوءَ هر وقت تيار لڳندي آ

    جيڪا ڪنهن ڀي شمار ۾ ناهي
    ڪيتري بي شمار لڳندي آ

    رات جي وقت ڪنهن ”ڪلالا“ سان
    زندگي بي خمار لڳندي آ

    ڪا به عورت کليل گهٽائن سان
    ڪيتري باوقار لڳندي آ

    ڪيترو حسن آ لهي ايندو
    هوءَ جڏهن بي قرار لڳندي آ

    ڀل مُنّظم ”صفات“ ۾ آهي
    ”ذات“ ۾ انتشار لڳندي آ

    هي عجب معجزو آ مايا جو
    هوندي هڪ آ هزار لڳندي آ







    جڳ پرايو هزار ڪم پنهنجا

    جڳ پرايو هزار ڪم پنهنجا
    ڪنهن جي رستن تي ها قدم پنهنجا

    يا خدا! تنهنجي عشق ۾ ٺاهيا
    ابن آدم سوين صنم پنهنجا

    ڪيڏي سستي اوهان جي يادِ هُئي
    قيمتي ڪيترا ها دم پنهنجا

    تو ڏني جا اسان کي ننڊ هئي
    تنهن ڪيا خواب سڀ ختم پنهنجا

    تنهنجي ٻانهن جي سخت ڀاڪُرَ ۾
    لِڱَ پٿر ٿيا نرم پنهنجا

    او ٿڌي رات هاڻ واپس ڪر
    ڏينهن مون کي گرم گرم پنهنجا

    بي تُڪيون پنهنجون بي تُڪيون ڳالهيون
    پنهنجا ابتا هميشه ڪَم پنهنجا




    پڇين ٿي ڪيئن آهيان ڌار توکان آءٌ خوش آهيان

    پڇين ٿي ڪيئن آهيان ڌار توکان آءٌ خوش آهيان
    شڪايت ڪا به ناهي يار توکان آءٌ خوش آهيان

    صليبن جي روايت هونئن اذيت ناڪ آ ڏاڍي
    منهنجو ٻيو معاملو دار توکان آءٌ خوش آهيان

    گلابي شام ٿيندي ئي نه آهي صبح ٿيندي آ
    او ڪاري رات سيني ٺار توکان آءٌ خوش آهيان

    کڻي جو آءٌ جنگ جي حق ۾ ناهيان نه ئي هوندس
    تڏهن ڀي تيز تر تلوار توکان آءٌ خوش آهيان

    تون پنهنجو دين ڀي ٺاهي وئين دنيا به ٺاهي وئين
    خيانت ڪار ديانتدار توکان آءٌ خوش آهيان

    ڀلي هيرا نه آهن ۽ نه تو وٽ لعل ئي آهن
    مگر او پوءِ ڀي وينجھار توکان آءٌ خوش آهيان

    ڊگهي هيڏي حياتيءَ ۾ نه ڪجهه ڀي ٿي سگهيو توکان
    نه ڪر تون ڪو به غم لاچار توکان آءٌ خوش آهيان

    کليل ڌوڪو هئا اي خوبصورت تاجرا تنهنجا
    ڪيا جيڪي به تو واپار توکان آءٌ خوش آهيان







    يڪي آسائتيون بابا اکيون آرام ۾ آهن

    يڪي آسائتيون بابا اکيون آرام ۾ آهن
    ڪتين ڪاپائتيون بابا اکيون آرام ۾ آهن

    اسان فطرت جي واتان ڪيتريون ڳالهيون ٻڌيون آهن
    سڄيون پيرائتيون بابا اکيون آرام ۾ آهن

    اچانڪ بي رحم بي قرب ٿي وينديون نه سوچيو هو
    سَکيون قربائتيون بابا اکيون آرام ۾ آهن

    صبح کي جاڳ پوئين رات ڪهڙيون ڪهڙيون ارپي وئي
    گهڙيون لاڀائتيون بابا اکيون آرام ۾ آهن

    هليون پئي شهر ساري ۾ اسان جون ئي رڳو ڳالهيون
    مگر ڪارائتيون بابا اکيون آرام ۾ آهن

    هَوَس بي وقت معشوقا جي گردن تي پئي هاريون
    چميون وقتائتيون بابا اکيون آرام ۾ آهن

    هُو ڪيڏو هلڪڙو ماڻهو هو ڳالهيون جنهن ڪيون ويٺي
    وڏيون وزنائتيون بابا اکيون آرام ۾ آهن









    الوداع زندگي جا سرمايا

    الوداع زندگي جا سرمايا
    منهنجي مايا حَسين ترمايا

    بي عمل هن عمل جي دنيا ۾
    منهنجا بي ساڀ خواب شرمايا

    دانا بڻجي دُکي حياتيءَ ۾
    ڪهڙا ڪهڙا نه بيوقوف آيا

    ڏٻري، ڪمزور وقت جي گهوڙي
    ڪيترا شهسوار ڪيرايا

    نِجُ مردانگيءَ جا نُڪتا
    هڪڙي عورت اسان کي سمجھايا

    ساري دنيا جو رزق ڳڙڪائي
    چار ماڻهو نه پوءِ ڀي ڍايا

    منهنجي هڪ راءِ جي خلاف اٿيا
    شهر جي ڪنڊ ڪڙڇ مان رايا

    اصليت تو به پنهنجي ظاهر ڪئي
    تو به چهري تي وار ڪيرايا

    ڪنهن به پايي تي پير ڪونه رکيو
    ڪيڏا پيرن جي هيٺ ها پايا

















    کُٽي ٿو کوهه جو رستو، ته دُنَ جو دڳ شروع ٿئي ٿو

    کُٽي ٿو کوهه جو رستو، ته دُنَ جو دڳ شروع ٿئي ٿو
    سفر جو عشق جو آهي حسن کان اڳ شروع ٿئي ٿو

    جِتي پنهنجي محبت جو زمانو ٿو ٿئي پورو
    اُتان کان ئي اتان کان جانِ جانا جڳ شروع ٿئي ٿو

    جڏهن ٿا پوهه جا پارا لڳن ڌرتي جي اُرَهن کي
    درندن جو پرندن جو فطرتي لڳ شروع ٿئي

    هزارين منزلون پنهنجو تخّيل سر ڪري آيو
    هزارين منزلن کانپوءِ هڪ مارڳ شروع ٿئي ٿو.








    تنهنجو تن تنهنجي جواني راهبا

    تنهنجو تن تنهنجي جواني راهبا
    لازماني لامڪاني راهبا

    تنهنجو تن تنهنجي جواني عارضي
    حسن تنهنجو جا وِ داني راهبا

    تون زناني حسن جو معراج آنهه
    تون نشانن جي نشاني راهبا

    تون زميني حسن جو اهڙو ڪمال
    ڪونه جهڙو آسماني راهبا

    ڪنهن به بيحد خوبصورت نظم جو
    تون ترنم تون رواني راهبا

    تون ئي موسيقي جو سارو حسن آنهه
    تون سُرن جي جان جاني راهبا

    تون تصور تون تخيل تون خيال
    تون خيالي بي ڪراني راهبا

    ڪير تو وانگر نه تون ڪنهن وانگيان
    ڪوئي ناهي تنهنجو ثاني راهبا

    ساري مرداڻا وجاهت هڪ طرف
    هڪ ادا تنهنجي زناني راهبا

    شاعري منهنجي سماوي شاعري
    آهه سڀ تنهنجي زباني راهبا

    تون جماليات جو آهين ڪمال
    ”تو نه داني تو نه داني“ راهبا

    تو عطا مون کي ڪئي مستي مدام
    مهرباني مهرباني راهبا

    تون به باقي مان به باقي راهبا
    مان به فاني تون به فاني راهبا





    ويا ڪيڏانهن سڀ ڪيڏانهن آيا ڪا خبر ناهي

    ويا ڪيڏانهن سڀ ڪيڏانهن آيا ڪا خبر ناهي
    وڃي ڪهڙا پرندن وڻ وسايا ڪا خبر ناهي

    سوين نوراني چهرا جي سڀئي ڄاتل سڃاتل ها
    هئا پنهنجا اصل کان يا پرايا ڪا خبر ناهي

    خبر ناهي ته تنهنجا وار تنهنجا ريشمي هي وار
    اسان جي آڱرين ها ڪيئن ورايا ڪا خبر ناهي

    اسان نياپا رکيا ها جي لکي تاريخ جي تهه ۾
    اُتي ئي پيا رهيا يا ڪنهن پڄايا ڪا خبر ناهي

    ته هڪ دلچسپ لا علمي اسان جي علم ۾ آئي
    ته ڪيڏا عالمن حيلا هلايا ڪا خبر ناهي

    اهي جي ڏينهن جا نم عشق تنهنجي ۾ ڪمايا ها
    اهي ڏينهن عشق ڪنهن جي ۾ وڃايا ڪا خبر ناهي

    ٻه ٽي لمحا ٻه ٽي سؤ يا ٻه ٽي لک ايترا ئي ها
    اجايا وِيا يا ڪاٿي ٿيا سجايا ڪا خبر ناهي

    جواني نم جو وڻ هئي پٽيوسي ساهه پيريءَ ۾
    عمر جي سج پئي جيرا جلايا ڪا خبر ناهي






    مان پنهنجي حال قال ۾ تمام زندگي رهيس

    مان پنهنجي حال قال ۾ تمام زندگي رهيس
    ۽ مستقل ملال ۾ تمام زندگي رهيس

    پنجاهه سال عمر ٿي مگر عجيب آهه هي
    عمر جي پهرئين سالَ ۾ تمام زندگي رهيس

    جمال جو مزاج منهنجي تي رهيو اثر نه ڪو
    مان جوش ۾ جلال ۾ تمام زندگي رهيس

    مون پاڻ کي فراق ڏيئي پنهنجي جستجو ڪئي
    مان پاڻ سان وصال ۾ تمام زندگي رهيس

    ڪمال گفتگو ڏئي زبان ميٽ ٿي وئي
    سو دوست ان زوال ۾ تمام زندگي رهيس

    اندر جي گهري خال کي ڀري سگهيو نه موهه ڪو
    اندر جي گهري خال ۾ تمام زندگي رهيس

    اوهان پڇيو سوال هو ته ڪير آن ”حسين“ تون؟
    عميق ان سوال ۾ تمام زندگي رهيس








    ڪو به محفوظ ناهه شهرن ۾

    ڪو به محفوظ ناهه شهرن ۾
    واهڻن ڏي ورو اي انسانو

    هڪٻئي سان ٺهي وڃو هاڻي
    اوءِ دانائو اوءِ نادانو

    ميزباني ٿي پوري دنيا جي
    هاڻ برزخ ڏي موٽو مهمانو

    مطمئن زندگي جي چڪرن مان
    نڪرو جلدي ڪيو پريشانو

    عشق ڪجهه ناهه پيار ڪجهه ناهي
    عشق جا پيار جا ثنا خوانو

    آهه ٻَڌرايو مون جيان ٻيو ڪنهن
    هڪڙي عورت کان ٻانهن ۾ ڳانو

    مان زبردست جنوني ماڻهو هان
    مون کان پاسو ڪيو اي ديوانو

    ڪنهن به آبادي ۾ ڏٺو آهي
    شهر ڪنڌرا جو ههڙو ويرانو

    هاڻ مئخانا سڀ ڪري برباد
    هڪڙو قائم ڪيو لنگر خانو














    آءٌ نه هلندس اڳتي هاڻي مون کي موٽڻ ڏيو

    آءٌ نه هلندس اڳتي هاڻي مون کي موٽڻ ڏيو
    مون کي ڏاڍو ڊپ ٿئي هاڻي مون کي موٽڻ ڏيو

    هي رستو گمراهي جو رستو آ سو يارو
    پاڻ به موٽو پٺتي هاڻي مونکي موٽڻ ڏيو

    هن رستي تي منزل پنهنجي ناهه، نه ئي ملندي
    آهه ٻڌايو رستي هاڻي مون کي موٽڻ ڏيو

    مون کي موٽڻ ڏيو ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان آءٌ
    مون کان ڪين ٿو پنڌ ٿئي هاڻي مون کي موٽڻ ڏيو

    مان پنهنجو هڪ سپنو پٺتي آهيان ڇڏي آيو
    سڏ ڪيو آ سپني هاڻي مون کي موٽڻ ڏيو





    مان پنهنجو پاڻ ۾ اڪثر نهاريندو رهيو آهيان

    مان پنهنجو پاڻ ۾ اڪثر نهاريندو رهيو آهيان
    مان پنهنجو پاڻ کي اڪثر وساريندو رهيو آهيان

    عجب خاليپُڻو منهنجي طبيعت ۾ رهيو آهي
    ڀريل جيڪو به آهي ٿانءُ هاريندو رهيو آهيان

    ڪڏهن ڪو عڪس ناهي صاف ڪنهنجو ڀي نظر آيو
    اکين جا آئينا هر هر اجاريندو رهيو آهيان

    عمر جي پنڌ ۾ جيڪي به ٿوري دير لئه مليا
    وساريندو رهيو آهيان سنڀاريندو رهيو آهيان

    اڪيلائي کان مون کي خوف ٿيندو آهي توڙي جو
    هجومن کان پري پو ڀي گذاريندو رهيو آهيان

    نفيسائن کي پنهنجي دل ۾ ويهاري محبت سان
    وري تن کي محبت سان اٿاريندو رهيو آهيان

    محبت ميمُ پيش مُ محبت ميمُ پيش مُ
    هِجي ڏاڍي ڏکي ليڪن اچاريندو رهيو آهيان








    ڪوڙ ٿا ڳالهايون ٻئي سچ جي نالي ۾

    ڪوڙ ٿا ڳالهايون ٻئي سچ جي نالي ۾
    ڪيڏي اوندهه اوندهه آهه اجالي ۾

    پاڻ ٻنهي جي خوابن جو ڇا ٿيو خانم
    خواب رکيا ها جي جسمن جي تالي ۾

    اڄ ڀي نڪتا آهيون تنهنجي ڪمري مان
    اڄ ڀي بيٺا آهيون تنهنجي دالي ۾

    هي سنسار حوالن سان ڀرپور ته آهه
    پر الجھن الجھن هر آهه حوالي ۾

    محبت جي فطرت جي قيمت جي ڪم جي
    ڳالهه نه ويٺي اڄ تائين ميڄالي ۾

    ڪارا ڪافر گڏ ٿيندا آهن اڄ ڀي
    بت خاني مئخاني ۾ مڌ شالي ۾









    پِتل جون ڇوڪريون سونا سندن چهرا

    پِتل جون ڇوڪريون سونا سندن چهرا
    بدن جي وقت ۾ لمحا سندن چهرا

    هي ڪهڙا شهر ۽ ڪهڙي سندن حالت
    هي ڪهڙا ماڻهو ۽ ڪهڙا سندن چهرا

    لڪائن ٿا قصا ڪيڏا اندر پنهنجي
    ٻڌائن ٿا قصا ڪيڏا سندن چهرا

    هوا ۾ ٿا اُڏامن باهه ۾ کامن
    ٻرن ٿا ۽ اجھامن ٿا سندن چهرا

    جوانيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ رهيس جن سان
    چوان ڇا پير تن جا ڇا سندن چهرا

    هي منهنجي شهر ڪنڌرا جو نسل آهي
    اڇا بت اصل کان اڇا سندن چهرا

    وڻن جي ڇانوَ ۾ عمريون سندن پاڇا
    عمر جي اُسَ ۾ پاڇا سندن چهرا

    مون دنيا جا ڏٺا انسان سڀ بابا
    ته جهڙو تنهنجو آ اهڙا سندن چهرا













    ڇا ڏسڻ ٿي گهرين منهنجي جامي اندر

    ڇا ڏسڻ ٿي گهرين منهنجي جامي اندر
    ڪهڙي رنگ جو پکي ٿو اڏامي اندر؟

    عيب سارا برابر ڍڪي ٿو ڇڏي
    اهڙي تقديس آهي عمامي اندر

    هُو جو ٻاهر جي هر شيءِ ڪري ٿو خريد
    هر ستين ڏينهن ويٺو وڪامي اندر

    مان تڏهن ٿو ٻران پنهنجي اظهارَ ۾
    هڪ جبل پيو ٻري ۽ اجھامي اندر

    ايترو چين تنهنجي رضا ۾ ڪٿي
    جو مليو آهه تنهنجي رسامي اندر








    سڀئي خواب ٻاهر ڇڏينديون وڃن

    سڀئي خواب ٻاهر ڇڏينديون وڃن
    اچانڪ اکيون بند ٿينديون وڃن

    صدين جون صديون منهنجي سامهون اچي
    گهڙين جي تسلسل ۾ وينديون وڃن

    اڄاتل سوين دلربا عورتون
    اسان ڏي مسلسل تڪينديون وڃن

    اسان جو بدن طلسمي کوهه آ
    مِٺيون مٽ من جا ڀرينديون وڃن

    الا هي سهيليون اطاعت گذار
    چئون جيڪو ڪجهه ڀي مڃينديون وڃن

    الئه ڪيتريون اڻ ڏٺيون جنتون
    تصور جي دوزخ ۾ اينديون وڃن









    ڪوئي آهي جواب ڏي مون کي

    ڪوئي آهي جواب ڏي مون کي
    آگَھي جو عذاب ڏي مون کي

    خشڪ ۽ سرد آ طبع منهنجي
    آب ڏي مون کي تاب ڏي مون کي

    هر حقيقت سراب ئي آهي
    هر حقيقت سراب ڏي مون کي

    مون نه پيتو شراب آ ڪڏهين
    ۽ نه پيئندس شراب ڏي مون کي

    مون کان منهنجون اکيون وٺي سستيون
    ڀل مهانگو ئي خواب ڏي مونکي

    حسن جا ماهه، ماهتابِ عظيم
    عشق جو آفتاب ڏي مون کي










    سمئه منهنجي سنسار ويٺا ڏسون

    سمئه منهنجي سنسار ويٺا ڏسون
    عجب آهه اسرار ويٺا ڏسون

    اوهان سان ڪيو ٿا اوهان ڪيترو
    مثالي پرين پيار ويٺا ڏسون

    ٿڌي رات ۾ شبنمي شبنمي
    ثُرّيا جو سينگار ويٺا ڏسون

    مڇيون ـــ عورتون ڪيتريون ٿيون لڳن
    اڏي عشق جو ڄارُ ويٺا ڏسون

    هي گمراهه گمراهه معشوق سڀ
    مٿن عاشقن آر ويٺا ڏسون

    زمانو به نازڪ اسان ڀي نفيس
    ٻنهي جي مٿان بار ويٺا ڏسون

    اسان کي به ويٺو ڏسي هُو ڪٿان
    اسان ڀي ڪٿان يار ويٺا ڏسون

    اسان کان به آهي ڀلا ڪو وڌيڪَ
    شهر ۾ گنهگار ويٺا ڏسون

    وڻي ڪو نه رنگ منچ هاڻي ”حسين“
    ڏسون ويٺا لاچار ويٺا ڏسون











    ازل جي مٺائي ورهايون پيا

    ازل جي مٺائي ورهايون پيا
    ابد کي ورهائي ٻڌايون پيا

    اسان انتهائي عقيدت منجھان
    اجاين شين کي سجايون پيا

    رهي خوبصورت خواتين سان
    سندي ضبط کي آزمايون پيا

    گهڻي وقت کان پوءِ ”هڪ پاڻ“ کي
    ”ٻِئي پاڻ“ سان اڄ ملايون پيا

    سچي ڳالهه پوري ٿئي ئي نٿي
    کٽايون پيا يا وڌايون پيا

    محبت محبت محبت محب.....
    گُناگن گُناگن گنايون پيا











    خموشي جي خماريل ترجماني ٺيڪ آ جاني

    خموشي جي خماريل ترجماني ٺيڪ آ جاني
    اکين جي گفتگو ۾ بي زباني ٺيڪ آ جاني

    محبت اهڙو فرقو جنهن ۾ ناجائز نه آ ڪجهه ڀي
    گماني خوش گماني بدگماني ٺيڪ آ جاني

    بقا جو فلسفو اصلن فنا جو فسلفو آهي
    سمورو فلسفو باقي نه فاني ٺيڪ آ جاني

    جنين جا آشيانا ها اُهي ڀي دربدر آهن
    سو پنهنجي لاءِ هي بي آشياني ٺيڪ آ جاني

    اسان جو عشق آ خالص زميني هي به ٺيڪ آهي
    اوهان جو حسن آهي آسماني ٺيڪ آ جاني

    سندءِ تعظيم منهنجو فرض آ سو فرض ۾ ڪهڙي
    اگر پو ڀي مڃيو ٿا مهرباني ٺيڪ آ جاني

    کڻي جو ڳالهه ۾ ٺهراءُ ڀي آ هچڪچاهٽ ڀي
    مگر لفظن جي جملن جي رواني ٺيڪ آ جاني

    مليا ڀي ناگَهاني ئي ته هاسين ناگَهاني ئي
    جدا جي ٿي به وياسين ناگھاني ٺيڪ آ جاني

    اسان تي ڀي پڇاڙي ۽ اوهان تي ڀي پڇاڙي آ
    اسان جي ڀي اوهان جي ڀي جواني ٺيڪ آ جاني

    بنيادي طور تي انسان اهڙو ناهه جهڙو آ
    مگر جهڙو به آهي منهنجا جاني ٺيڪ آهي جاني









    ڪٿي ٿڪ ڀڃڻ جي ضرورت نه آهي

    ڪٿي ٿڪ ڀڃڻ جي ضرورت نه آهي
    مسافر کي وڻ جي ضرورت نه آهي

    اسان اهڙي سُڃَ جي سفر تي ٿا نڪرون
    جو ڪجهه ڀي کڻڻ جي ضرورت نه آهي

    حسن تنهنجو تو وٽ، ڪشش منهنجي مون وٽ
    وڻائڻ وڻڻ جي ضرورت نه آهي

    گلابي صبح جو ڪنول جي گلاسن
    ۾ شبنم ڀرڻ جي ضرورت نه آهي

    اوهان کان اوهان جي اسان جي اسان کان
    طبيعت پڇڻ جي ضرورت نه آهي

    وفا جا محبت جا الفت جا هاڻي
    تماشا ڏسڻ جي ضرورت نه آهي

    ته جيڪو به ٿيو ٺيڪ ٿيو منهنجي جانا
    وضاحت ڪرڻ جي ضرورت نه آهي

    سڀن کي ڏٺوسي سڀن سان ملياسي
    سو ڪنهن سان ملڻ جي ضرورت نه آهي




    الڳ سڀ کان رهڻ جهڙا اسين ماڻهو

    الڳ سڀ کان رهڻ جهڙا اسين ماڻهو
    نه ڪنهن سان ڀي ٺهڻ جهڙا اسين ماڻهو

    ٿڌي چشمي جيان هستي اسان جي آ
    ۽ ميويدار وڻ جهڙا اسين ماڻهو

    بدن جي ٿر تي ريگستان جي رڻ تي
    ڪري ڇڇڪا وسڻ جهڙا اسين ماڻهو

    گلابن جي نزاڪت جو نفاست جو
    جبل سِر تي کڻڻ جهڙا اسين ماڻهو

    هزارن جي هجومن جهڙي ماڻهن ۾
    ڏسڻ جهڙا وڻڻ جهڙا اسين ماڻهو

    اٿي هر هر ڪرڻ جهڙا اسين ماڻهو
    ڪِري ٻيهر اٿڻ جهڙا اسين ماڻهو

    کڻي اڳتي وڌڻ جو فن نٿا ڄاڻون
    نه پر پُٺتي هٽڻ جهڙا اسين ماڻهو

    اها ٻي ڳالهه آهي گهٽ هونداهِيون
    مگر هر جا هجڻ جهڙا اسين ماڻهو











    مستقل اڏندو رهڻ کپندو هيو

    مستقل اڏندو رهڻ کپندو هيو
    دل پکيءَ کي ڪين وڻ کپندو هيو

    حُسن پنهنجي نفس ۾ چِيتو هيو
    عشق جو جنهن کي هرڻ کپندو هيو

    رات قبرن سان ڪئي ٿئي گفتگو
    صبح کي لازم ٻڌڻ کپندو هيو

    گُلَ گل کي پوپٽن جي اک سان
    باغبان توکي ڏسڻ کپندو هيو

    بستري تي خواهه مخا ڇيڙيو ويو
    بحث ٽيبل تي ڪرڻ کپندو هيو

    پاڻ نڪري ويا هئاسين دور تاءِ
    پاڻ کي موٽي اچڻ کپندو هيو

    هر ذهن خالي گُھگھي جهڙو هيو
    آگَھي جو مڌ ڀرڻ کپندو هيو

    بيوقوفن ٿئي جُتيون ان جون چُميون
    جنهن جي پيرن کي چمڻ کپندو هيو

    سي سدائين دوست پويان ئي رهيا
    جن کي اڳ اڳ ۾ هجڻ کپندو هيو

    ان کان ٿورو ڀئه به مون کي ڪين ٿيو
    او گهڻو جنهن کان ڊڄڻ کپندو هيو











    ڳالهيون ته خير آ پر چهرا به ياد ناهن

    ڳالهيون ته خير آ پر چهرا به ياد ناهن
    ڪهڙا هئا اوهان سان رشتا به ياد ناهن

    جي هنج تنهنجي جانا کولي اکيون ڏٺا ها
    تنهنجا هئا يا ڪنهن جا سپنا به ياد ناهن

    هڪ رات پل هزارين سؤ ڏينهن لک لمحا
    گذريا ته توسان گذريا هوندا به ياد ناهن

    ڪلهه جو زمان اڄ جي حالت کان مختلف آ
    روشن وجود ڪهڙا ڌنڌلا به ياد ناهن

    دل جي مٿاڇري تي ترندا رهيا سفينا
    ٻڏندا رهيا سفينا ڪيڏا به ياد ناهن

    ڪوڙين سبق پڙهياسي دنيا جا دل جا قبلا
    ٽي چار هاڻ تن مان جملا به ياد ناهن

    او صافَ تنهنجا منهنجا اقرار تنهنجا منهنجا
    تنهنجا به ياد ناهن منهنجا به ياد ناهن

    پاڇن پٺيان هئاسي ماڻهو اڳيان اڳيان ها
    ماڻهو به ياد ناهن پاڇا به ياد ناهن

    او انقلاب ڪيڏا ائين اوچتي اچي ويا
    پياريون به ياد ناهن پيارا به ياد ناهن




    تون نه ساڳي تنهنجو ساڳيو ئي حسين

    تون نه ساڳي تنهنجو ساڳيو ئي حسين
    تون ڀلي ٻي تنهنجو ساڳيو ئي حسين

    زندگي ۾ ڪيڏا آيا انقلاب
    انقلابي تنهنجو ساڳيو ئي حسين

    جنهن ڪڏهن مطلب جي ناهي ڳالهه ڪئي
    بي مطلبي تنهنجو ساڳيو ئي حسين

    نوجواني تنهنجي ڪٿ رهجي وئي
    او ڪراڙي تنهنجو ساڳيو ئي حسين

    تون ئي هيروئن رهينءَ جنهن جي عظيم
    شاعري جي تنهنجو ساڳيو ئي حسين

    ڪو به ماڻهو ناهي ڪنڌرا شهر ۾
    جنهن جو ثاني تنهنجو ساڳيو ئي حسين

    تنهنجي صحبت جي ڪڏهن ساعت سعيد
    جنهن نه ماڻي تنهنجو ساڳيو ئي حسين

    تو ڏسي مرڪيو مگر ڪيڏو ڦڪو
    مهرباني تنهنجو ساڳيو ئي حسين

    آ طبيعت جنهن جي ساڳي ئي اڃا
    شاعراڻي تنهنجو ساڳيو ئي حسين

    تنهنجو خادم تنهنجو ساڳيو ئي حسين
    منهنجي راڻي تنهنجو ساڳيو ئي حسين

    ڪڻڪ رنگو، بي سُرو ۽ ها ”گنوخ“
    جاگيراڻي تنهنجو ساڳيو ئي حسين








    نه ڪجهه ڀي ٺيڪ ٿي سگهندو ته ڇا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    نه ڪجهه ڀي ٺيڪ ٿي سگهندو ته ڇا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو
    ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو ته ها سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    تسلسل آ حياتيات ۾ هڪڙو تسلسل آ
    جڏهن سڀ اتفاق ان تي ڪندا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    جڏهن پورا نه ٿي سگهندا ٻنهي کان عشق جا نازڪ
    ڇڏي ڏينداسين اڌ ۾ معاملا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    جڏهن معمول جي ڀاڪر جا سڀني غير معمولي
    دماغن تان لٿا لهندا نشا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    اسان کي ڪنهن به صورت ۾ اوهان جي آڏو جھڪڻو آ
    جو ممڪن ڪنهن به صورت ۾ نه آ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    ڏيئي کي هاڻ تيلي ڏئي هوا کي ٻارڻو آهي
    ۽ ٻرندي مستقل رهندي هوا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    جڏهن سڌڙيا شرابن جون ڇڏي ڏيندا سَڌون ساريون
    رکي هُو سِر تري تي نڪرندا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    چرين جي هر عمل جي ڀيٽ ڏاهپ سان جڏهن ٿيندي
    جڏهن ڏاها چريا سڀ ليکبا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    جئين بي موت مرندا ٿا وڃن سڀ معتبر ماڻهو
    ڌڙا ڌڙ ائين اگر مرندا رهيا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو




    ته پنهنجي عاشقي ۾ انقلابي ڳالهه ناهي ڪا

    ته پنهنجي عاشقي ۾ انقلابي ڳالهه ناهي ڪا
    اگر ٿي انقلابي پئي اها سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    نسوري ڪوڙ تي اڄ جو سراسر سچ ٻڌل آهي
    اهو سچ ڪوڙ کان جي ٿيو جدا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    پريشاني ختم ٿيندي پريشانيون شروع ٿينديون
    هي ڪاروبار رڪجڻ جو نه آ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    نهايت غور سان هر شيءِ کي جاچڻ جي ضرورت آ
    ضرورت ڪنهن به ٻي شيءِ جي نه آ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    بَدي جي ابتدا نيڪي جي شايد انتها آهي
    او منهنجي انتهائي قابلا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    طلب آرام جي ڀي اصل ۾ محنت طلب آهي
    ۽ هن محنت جي ڪا اجرت نه آ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    سڄي ڪم کي بگاڙي ۽ ٺهيل هر ڳالهه کي ڊاهي
    سڀئي بزرگ ائين چوندا ويا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    تون غزلن کي ڇڏي پنهنجي حسن تي نظرثاني ڪر
    او بيحد خوبصورت شاعرا! سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    نه ڊڄ فرعون کان هن وقت موسيٰ جي ڪفالت ڪر
    نه ڪر ڪو خوف بيبي آسيا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    اسان ٻين کي ته ڄاڻون ٿا مگر خود کي نٿا ڄاڻون
    مٿي آ سمجهه کان هي ماجرا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    ٻنهي جي وچ ۾ هڪڙو ئي رشتو آهه سو هي آ
    مان بِن آدم ۽ تون بنتِ حوا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    پرندن جون زبانون گنگنائن گيت الهامي
    ۽ بي مطلب اهو الهام آ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    ڪڏهن لڳندو آ ٻانهن سان اڏامون ڄڻ خلا ۾ ٿا
    ڇڏيندي ڌرتي پيرن کي نه آ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    وڻن جو معاشرو ماڻهن جي صحت کي پسند ناهي
    سڀئي ويران آکيرا ٿيا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    لٽا لاهي هجومن ۾ نچن ٿيون روحَ سان راڻيون
    ڀلا هي جبر يا اختيار آ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    نه جن هن وقت تائين ڪجهه ڪيو آ تون تّسلي رک
    اهي اڳتي هلي سڀ ڪجهه ڪندا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو


    عمل جي زندگي ۾ ڀي متاثر ئي رهياسين ٻئي
    نه پنهنجا خواب پورا ٿي سگهيا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    کڻي جو پنهنجي بيماري سراسر لا علاج آهي
    مگر ٻئي پو به ورجايون پيا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    شروع کان پاڻ هڪ ئي دائري ۾ ٿا رهون ڦرندا
    وري هي دائري مان دائرا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    وڌڻ ڏي فاصلن کي هائو وڌندو ئي رهڻ ڏي تون
    جڏهن حد کان وڌي ويا فاصلا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    نظر ۾ آيا منظر ۾ يا ناظر ۾ حُسن آهي
    ڇڏي ڏي بحث آهن هي ڊگها سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    اگر ڪو ڪم ڪرڻ جو آ ته آهي عشق جوئي ڪم
    اڃا تائين ڪري ناهيون سگهيا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    اسان جو ظالمن جي آخرت سان واسطو ناهي
    هِتي ئي ڏينِ جي ڏيندين سزا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو


    نسائي شر دجالي شر کان ڪنهن به ريت گهٽ ناهي
    مگر تنهنجي ڪري خير النساءِ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    سڀئي منصوبا هڪڙي حادثي تي مشتمل آهن
    منجھان هي حادثي مان حادثا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    منهنجا معشوق مان هر وقت بيزاري مان گذران ٿو
    سو منهنجي حق ۾ تون ڪر دعا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    ته الا الله جي ”اثبات“ مثبت عارفن آڏو
    ”نفي“ منفي مسلسل لاالهٰ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    جڏهن ڌرتي جي سيني مان ڪڍي اڇلايا کُوهن ۾
    محبت جا امن جا سڀ جھنڊا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    هُو ”هيگل“ ۽ هُو ”ڪرڪيگارڊ“ ۽ هو ”سارتر“ نٽشي“
    وجوديت کان سڀ اڻ ڄاڻ ها سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    اسان جيڪو روّيو عشق ۾ توسان رکيو آهي
    روا ناهي روا ناهي روا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    خرابي جو به جو ڪارڻ به آ سو منطقي آهي
    سو منطق کان پري ڪجهه ڀي نه آ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    جدائي جي ٻڌائڻ جي ڊگهي تفصيل گهرجي ٿي
    سو ڪنهن تفصيل ۾ وڃڻو نه آ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    سِکڻ جي مرحلن ۾ ڪو به ناهي سڀ سِکيل آهن
    مڪمل آهه سڀني جي سکيا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    نه ڪجهه ڀي ٺيڪ ٿيڻو آ نه ڪجهه ڀي ٺيڪ ٿي سگهندو
    ڀل تون چئه مون کي اميد آ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو

    جڏهن تون تون نه رهندين مان به رهندس مان نه ئي جڏهن
    وڃي رهندو فقط هڪڙو خدا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 558
    ڪتابن جو مشاهدو: 658096
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 231285
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ