ڪتاب جو نالو: اوجاڳن جو انت
مصنف: وفا ناٿن شاهي
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2006
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 07 ڊسمبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 273 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 84 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
’اوجاڳن جو انت‘ غزل جي بادشاهه ’وفا‘ ناٿن شاهي جو شعري مجموعو آهي. وفا ناٿن شاهي سنڌي غزل جو خوبصورت شاعر آهي، ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي. غزل ۾ سندس اظهار بيان، موضوع جي چونڊ ۽ تخيل جي پرواز ڏاڍي اُتاهين پد تي پهتل آهي. سندس شاعراڻي جذبن جي شهزادي ڏاڍي چنچل ۽ شوخ آهي.

هي ڪتاب 2006ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڇپائيندڙ پاران
  • اَمُهَاڳُ
  • نيازمند- صليب تي
  • غزل جو ارتقائي سفر ۽ ان ۾ وفا ناٿن شاهيءَ جو حصو
  • دل جو خيال
  • وفا: درد، ديس ۽ دل جي ايمان جو شاعر
  • شاعري

  • حُسن جي بنده پروري آهي
  • ظُلم ۽ ڪفر سان لڙائي آ
  • ٿَڌِي ڪَرِ نه بُسري، ڪهاڙي نه ڪَٽِ
  • هاڙهه هوندا، يا سيارا هوندا
  • سِينڌ تُنهنجي جو لَٽي ويو آهي
  • يا چهرن تي پردا وَرائي ڇڏيو
  • تو جي مُرڪِي مُرڪِي منهنجا، رئندڙ چاڪَ چِڪايا هوندا
  • رخسارن کي ڏاڙهون چئبو، اکيون ڀي پيمانا چئبا
  • جيسين جڳ ۾ جيئرا رهندا، تو مون جهڙا ماڻهو
  • ساري پاڙي جي سهيلي آهي
  • مان ۽ اوسيئڙا، سائين!
  • سنڌڙيءَ سُورَ اِلاهي ڙي!
  • ڀيليو ڇو ٿا گاههُ ته ناهيان!
  • ڪير مُئو تلوار کي ڇاهي
  • سڄي جهان جا جهندا کڻي بلند هئا
  • اکِ اکِ نيرُ وهائي دل ۾
  • پَهڻُ سڏڪن سان پگهرائي ڇڏيوسين
  • اکيون منهنجون ۽ تنهنجا چارا هئا
  • ڳِٽي ڳِٽي سان مُنَوَر دَري دَري آهي
  • ٽيڪي ٽيڪي تي ڏيئا ٻري ويا
  • تڪڙي تڪڙي وکَ کڻي ٿي دنيا
  • تڪڙي تڪڙي وکَ کڻي ٿي دنيا
  • ڏَنَ – ڌُٻڻ ۾ پئي گَچي دنيا
  • اَڌُ جوابن ۾، اَڌُ سوالن ۾
  • ساري جڳ تي بار وفا!
  • تون کڻي سون ٿي پوين هاڻي
  • سُرخ جلوا ڏسي ڪنوار جا
  • مون خود سان ٿي پيار ڪيو
  • هر تمنا کي ماري ڇڏيو مون
  • مون کي ٻوڙي نه تارجان هاڻي
  • ڪو چينُ سزا وانگر
  • جا به مون شاعري ڪئي آهي
  • مان توکان ايترو مايوس آهيان
  • ڪو سنگتي، ڪو يار نه آهي پنهنجو
  • ڪجهه سوالن جيان، ڪجهه جوابن جيان
  • زُلف ۽ رخسار ۾ دل لڳي ٿي ٿئي
  • جسمَ شامي ڪبابن جيان
  • پاڻ روئي، مون کي کِلائي پِي
  • توکان وڇڙڻ محال آ پيارا
  • ڪنهن جي نفرت جان، نه ڪنهن جي پيار جان
  • آدمي آدميءَ جو پاس آهي
  • موت جي ڊپ کان عبادت ٿو ڪيان
  • ٽهڪي ٿو خون، باهه ٻري ٿي فرات ۾
  • هر دل ۾ روشن پيار، مگر ڪو ڄاڻي
  • ڪڏهن تنهنجون، ڪڏهن پنهنجون ٻڌائي
  • ستم جهڙا ڪرم، افسوس آهي!
  • خالي گلاس آهين
  • حيرت ۾ بسر آهي
  • چِتُ ائين آهه تنهنجي چَڪر ۾
  • هر مڏيءَ جو مال هو
  • ڪيستائين پيا جلون؟
  • پو کڻي رسوا هئو
  • هِت هُت پيار لڳين ٿو
  • وات کي لغام آ
  • هر طرف هڳاءُ هو
  • وفا جي موٽ ۾ نفرت ملي آ
  • جي هر دل ۾ تنهنجو ديرو آهي
  • هَنجهه اڏري ويا، ڪنگَ اڏري ويا
  • عشق جو اهڙو ٿو بحر و بَر مِلي
  • حُسنُ ۽ ٽَڪن تي، ڇو !؟
  • هر خريدار آ ڪارِ ۾
  • حسن ۾ اهڙو ته ٽاڪوڙو پيو
  • زندگي خانه بدوشيءَ جي ڇڏي
  • ساههُ صدقو ڪيون، دل فدا ٿا ڪيون
  • هر بدن ملبوس ڪاري ويس ۾
  • وڏن کان بي ضمير هو
  • سخت بي پرواهه ٿيندو ٿو وڃين
  • جو اسان جي ضرُورتن ۾ هو
  • ڪُوڙ ڪيئن موت کان بچي پيارا!
  • عقل ٿيو، عشق جي خلاف آهي
  • ساقي، بغير محفل ڳولي اُهي زمانا
  • الفت اسير آهي
  • تون ۽ منهنجي غريب خاني ۾!؟
  • بيوفايون رڳو، بي وفا! پيو ڪرين!
  • منهنجي چاهت جي خطا ڪانهي ڪا
  • صرف دودُ ٿو لڳين
  • پاڻ کي ڇو وڃين ٿو ڊاهيندو
  • ها مرض هو، نه ڪي دوا هو ڪوئي
  • سچُ نچڻ گهرجي
  • پوک جيڪا به هاريءَ پچائي
  • پوک جيڪا به هاريءَ پچائي
  • آشتيءَ جي اياغَ جهڙو هو
  • عرض ٿئي آخري صدائن ۾
  • مَست اکين تي پيار ايندو ويو
  • زير آهي يا بام آهي
  • دِل کڻي در در رلائيندو رهيو
  • اوڀاريون، لهواريون آهن
  • رزاق تون، ڪمايان مان،
  • ظلم کي نارَوا نٿو سمجهين
  • تُنهنجي چهري تان جو نقاب لٿو
  • اڪيلو پيو برف وانگر ڳرين ٿو
  • هُن کي هر هر مون آزمايو هو
  • لڇڻن کان انڪاري هو
  • سختين ۾ هر سچو آهي،
  • عشق مجازي
  • ويهِي ڪَلَرَ جيئن منهنجي پاڙ ۾
  • دريا تي وَسن بادل، صحرا ۾ لڳن جهولا
  • ڪوئي جلوو، نه ”طور“ حاصل آ
  • جو به سيٽ ٿي ويو
  • بحث ئي فضول آهي
  • ڀرئي ڀنڀور مان هڪڙو پنهل ڏي
  • هر اشارو سلام جهڙو آ
  • نه پهتو ڪو به سِنڌڙيءَ جي سَڏن تي،
  • جو به دولت سان وير ٿو چاهي
  • صرف نعرن جا ٿا ٺڪاوَ ٿين
  • مٺا! توسان ملڻ مشڪل لڳي ٿو
  • زندگي ۽ سڪون! ڇا؟ ڇا؟ ڇا؟
  • جو پيٽ وجهي کاريو
  • خاص، مُسلط عامن تي
  • رقص ۾ سڳي وفا
  • ڪَنول پاڻي ۾، خُشڪيءَ تي گلاب آ
  • پيار – پريت جون سر نه ٿيون چوٽيون
  • پيٽ ته پنهنجو، مال پرائو
  • مِٺي زندگي يا ڪَڙي زندگي
  • جنهن ۾ انسانيت جو دَمُ ناهي
  • ڪو به سجدو، سجود ڪونهي ڪو
  • عالمي امن جو بهانو آ
  • دست آهي نه دستگيري آ
  • آسماني ڪتاب ۾ آهي
  • حالانڪه ڦڙي آهي
  • منهنجي چاهت کان انحرافي آ
  • تُنهنجو جنون آهي
  • نظريو ۽ اصول پئسو آ
  • سَچُ سوچڻ ڪُفر ۽ اَلحاد ڙي!
  • جوڙ مِليا، بي جوڙن وانگر
  • سڀ ڪو تنهنجي يارن وانگر
  • ڦَٽڪي تي ڦَٽڪو ٿئي
  • جيسين هو مهمان رهيو
  • لوڪ لتاڙي آيو آهيان
  • ائين دل ۾ سندس هورا ۽ کورا
  • پَڙَ ٿا پون اميرن تي
  • آيت دليل آهي
  • ڪا خطا، ۽ نه ڪو قصور آهي
  • هر شيءِ جي تجارت آ
  • پيار جا ڳيچ ڳايون هَلي
  • سندءِ تدبير هان، تقدير ناهيان
  • ٽيڙو يا ڪَتي آهين
  • ساٿَ – سرواڻ ضروري آهي
  • نَرُ هوءِ کڻي مادي
  • صليبون سجايون پيا
  • زر جي ڏس، جادوگِري
  • ’وفا ۽ بيوفا‘!؟ هي ڇا چيو ٿئي
  • زمينن، آسمانن ۾
  • هَنيهءِ اهڙي ڪَڇي قُربن جي ڪاني
  • هونءَ ته هر لب تي تنهنجو نالو هو
  • فقط ميلاپ جو مظهر هي دسترخوان آ پيارا!
  • اسان خود کي ته ماريندا رهياسين
  • کڙڪيون ئي کڙڪيون ديوار ۾
  • جِسم گندو آ، روح گندو آ
  • ڪُوڙن تي ڪَرمُ ڇا لئه!
  • قهر جو ماڻهو هيو
  • گرم ڌنڌو آ، سرد ٿاڻو آ
  • چادر، چوديواري معنيٰ؟
  • ڦٽيل ڦاڙهو، ڦاڙهي آهي
  • زاهد جنت واري آهي
  • ڪاڻن جي هٿ ڏَنڊي آهي
  • نه آفاق اک ۾، نه فطرت عقابي
  • غربت: انگ اگهاڙي آهي
  • ساٿي! منهنجو ساٿ نه ڇڏجان
  • شاهد سُوريون، گهاڻا آهن
  • نظرن سان پامال نه ڪر
  • اڀياس ڦِرِي ويو آ
  • ڏيو اختيار مون کي
  • دريا رهي ٿو تارِ، غمِ روزگار جو
  • سڀ پيار ڪرڻ وارا
  • احسان ڪري ڇڏ اڄ
  • هوءَ جڏهن روبرو وري ٿي وئي
  • تڏي تان اٿاري
  • بدن مهراڻ وانگر، دل ڦليلي
  • روئي ڏس تنهائيءَ ۾
  • جيئن لوهه تپايو ويو
  • رُخ ڏيڻ کان پو، بي رخي ڇاجي!
  • چَپ خشڪ، نيڻ آلا
  • هر نظر تي نه اعتبار ڪجان
  • توڏي اوندهه ۾ نهاري نه سگهيس
  • ڀورن تي ڀال ٿي ويا
  • سچُ مٿاهون ڪرڻو پوندو
  • منهنجو مرڻ لکيل ئي نه آ ڪنهن ڪتاب ۾
  • دل اهڙي ڀري آهي
  • اُڻ تُڻ ۾ غور آهي
  • ڪيريا ڪوٽ اسان
  • مِٽي به شفا تنهنجي
  • هر وقتُ وساري ڇڏ
  • پُورَ جاڳي پيا
  • صرف شادي نباهه سمجهيو ويو
  • توهان جو من ٽهي ويو
  • چاهت جو اعلان نه ٿيءُ
  • هُن رلائي ڇڏيو
  • محروم لڳو پيو آن
  • گل ٿي، خار نه ٿِي
  • آيو ڪو ”سِر – گهور“ وفا!
  • ڪنهن جو خيال ڪونهي
  • گُل گُل گواهه آهي
  • اڄ اچانڪ نچي پيو آهين
  • ڪو بي نقاب ٿيندو
  • دُشمنن جو هراس لاهي ڇڏ
  • نڪا نفرت وڻي ڪنهن کي
  • ڏاڏي آدم کان عيبدار آهيون
  • وصل جا پُور سوايا ٿي ويا
  • نيڪي به بَدي آهي
  • سارو عالم غلام تنهنجو آ
  • پَن ڇڻيءَ ۾ به ٽڙيل چمن آ
  • پيار ڏيون ٿا، پيار گهرون ٿا
  • حُسن معيار تي لهي آيو
  • ايترو توکي چاهبو هاڻي
  • حسرتن تي جوانيون آهن
  • زلفن سان پرچائي ڇڏيو مون کي
  • تنهنجي چاهت کي ڪير مُنهن ڏيندو
  • موت جو ئي چِٺو مِلي مون کي
  • مئڪدي جو جام آهين، ڪيترو بدنام آهين
  • دل تي ڳوڙها وسائڻ ڇڏيو
  • ڪجهه اهتمام ٿي ويون
  • هَوس جو خبطُ آهي، پيار ڪونهي
  • وصل جا آسرا نه ڏي مون کي
  • هر رات آهه ظلم جي، هر ڏينهن قهر جو
  • اک کڻي ٿو، نه اک جهڪائي ٿو
  • نه ڪوئي گل نه ڪوئي خار ڇاهي
  • اکين کي شام ڏي، دل کي سحر ڏي
  • سونهن جي سرور سان
  • ابتدا ڳولي، انتها ڳولي
  • ايڏو هيڻو نه حال ڪر منهنجو
  • گُهٽ ٻوساٽ مان پتو ٿو پوي
  • تنهنجي نفرت ۽ پيار ۾ ناهيان
  • دل ڏئي، دل وٺي نه پيار ڪبو
  • پيار ڪنهن سان ڪرين، وفا ڪنهن سان
  • اهو حال آهي سوا تنهنجي هاڻي
  • هار امر آ، جيت امر آ
  • جي تنهنجي پيار کان آجا رهون ها
  • اکين مان انتظار ڪڍي ڇڏ ته مان اچان
  • تنهنجو پيار جي مون لئه دريا ٿئي ها
  • پاتڻي! يار!! تنهنجو سهارو کپي
  • احساس توکي پيار جو اهڙو ڏياريو
  • عشق جي آرزو ٿيڻ چاهي
  • ڪا به شيءِ ناهي جا فنا آهي
  • ڪو جفا تي نه وفا تي ڏک آ
  • ايڏو بي ربط ٺاهه ڪيئن ٿيندو
  • رنگ اڇلائيندي هوليءَ ۾ ڪِري پيو آهي
  • نه ڪو وصال گوارا، نه انتظار هتي
  • زنگ آلود هر صليب آهي
  • نرم هو، سخت ٿي چڪوآهي
  • دلين ۾ کوٽ، نگاهن ۾ رقصِ پيار ڏسو
  • اکين جي ڀي نه ٿيندو هو، ٿي دلربا ويو

  • ڇپائيندڙ پاران

    ’اوجاڳن جو انت‘ غزل جي بادشاهه ’وفا‘ ناٿن شاهي جو شعري مجموعو آهي. وفا ناٿن شاهي سنڌي غزل جو خوبصورت شاعر آهي، ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي. غزل ۾ سندس اظهار بيان، موضوع جي چونڊ ۽ تخيل جي پرواز ڏاڍي اُتاهين پد تي پهتل آهي. سندس شاعراڻي جذبن جي شهزادي ڏاڍي چنچل ۽ شوخ آهي. ”وفا“ جي شاعري جي وڌيڪ متاثر ڪندڙ خوبين مان اهم خوبي اها به آهي، ته وفا جي شاعري پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي هڪدم سمجهه ۾ اچي ويندي. وفا جي شاعري ايتري ته دلپذير آهي جو اها پڙهندڙ کي هڪدم پنهنجي سحر ۾ قابو ڪري ڇڏي ٿي.
    هن شعري مجموعي تي نامياري شاعر امداد حسينيءَ جو مهاڳ لکيل آهي. ان کان علاوه راشد مورائي، وفا پلي، مير محمد پيرزادي ۽ وسيم سومري، جا خوبصورت نوٽس لکيل آهن، جيڪي ”وفا“ جي شاعري ۽ فن تي عالمانه روشني وجهن ٿا. اسان کي دلي طرح خوشي ٿي آهي، جو ”وفا“ جهڙي غزل جي بادشاهه شاعر جو هيءُ شعري مجموعو بورڊ جي پريس وٽان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي اميد ٿي ڪجي، ته ”وفا“ جي غزلن سان پيار ڪندڙن کي هيءُ شعري مجموعو ضرور پسند ايندو.

    اعجازاحمد منگي
    سيڪريٽري
    سنڌي ادبي بورڊ

    ڄام شورو، سنڌ
    سومر 25- شوال المڪرم 1427هه
    بمطابق 18- نومبر 2006ع


    اَمُهَاڳُ

    سنڌ-عرب، ايران، افغان (جڏهن تڏهن سنڌڙي، توکي قنڌاران جوکو!) ۽ دهليءَ جي تسلط هيٺ رهي آهي، انهن جي ڏَنَ- ڀَرُو رهي آهي. فارسي ٻولي ڳچ عرصي تائين، سنڌ جي سرڪاري ٻولي رهي آهي. ان ڪري فارسي ٻوليءَ جو اثر به سنڌي ٻوليءَ تي رهيو آهي. ”فارسي – گهوڙي چاڙهسي“ جو محاورو به تڏهن کان سنڌي ۾ رائج ٿيو. ائين نه رڳو فارسي لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿيا، پر فارسي بحر وزن، صنفون، ترڪيبون، تشبيهون، اهڃاڻ، ڪردار، وڻ ٽڻ، موسمون، پکي پکڻ ۽ الائي ڇاڇا سنڌي شاعريءَ ۾ داخل ٿيا، لطيف پهريون شاعر آهي، جنهن انهيءَ ڌارئين تسلط کان کُلي کُلائي بغاوت ڪئي:

    جي تو سکيو فارسي گولو توءِ غلام،
    جو ٻڌو ٻن ڳالهئين، ڪيئن چوائي ڄام،
    اڃيو تان آب گهري، بکيو تان طعام
    اي عامن سندو عام، خاصن منجهان ڪين ٿئي.

    ۽ لطيف اهو پهريون جينيئس شاعر آهي، جنهن ڊاڪٽر سورلي چوراڻيءَ هڪ مڪاني محاوري واري ٻوليءَ کي ايڏي اوچي پڌ تي پهچايو. لطيف کان پوءِ جي آيل شاعرن به اهائي پر پاري ۽ سنڌي شاعريءَ جون نج صنفون ئي رائج رکيون. جهڙوڪ: وائي، بيت ۽ ڪافي. توڙي جو سچل وٽ اسان کي عروض جو واهپو به ملي ٿو،پر هُن انهيءَ کي سنڌي مزاج وٽان ورتايو. بيدل وٽ به ائين آهي، پر ميرن جي دور ۾ عروضي شاعريءَ وري زور ورتو. انگريزن جي دور ۾ جڏهن شاعري ڇاپي هيٺ آئي، تڏهن عروضي شاعري زور شور سان اڀرڻ لڳي ۽ بحر وزن، گهاڙيٽا، صنفون، رويا، سڀاءَ..... سڀ ڪجهه ٻاهران درآمد ڪيا ويا ۽ قليچ جهڙي شخص به بيت ۽ وائيءَ جي شاعريءَ کي ناموزون ۽ جهنگلي شاعري سڏيو! اهو ٻاهريون اثر سنڌي شاعريءَ تي ايتري قدر ته حاوي ٿي ويو، جو سنڌي ٻوليءَ جو اصل روپ سروپ ئي الوپ ٿي ويو ۽ خاص ڪري ”غزل“ ۾ ته اهڙو رواج وڌي بدعت جي حد تائين وڃي پهتو، ۽ فارسيت زدگي، وڻ ويڙهيءَ جيان سنڌي شاعريءَ جي سدا سائي وڻ کي ويڙهي وڪوڙي، ان جو رت ست چوسي ورتو ۽ اهڙي انڌي تقليد تي فخر پڻ ڪيو ويو. رهي کُهي ڪسر اردو غزل ڪڍي ورتي ۽اهڙي انڌي تقليد تي فخر پڻ ڪيو ويو. جيئن منهنجي ڳوٺائيءَ حافظ عبدالله ”بسمل“ ٽکڙائي ”ڪليات عزيز“ جي مقدمي ۾ لکيو آهي ته:
    ”ڪلام جي مطالعي مان واضح ٿيندو، ته فارسيءَ جو استاد يا اردوءَ جو مستند شاعر سنڌي لباس زيب تن ڪري رهيو آهي.“ ص1
    موجوده دور ۾ اياز پهريون شاعر آهي، جنهن انهيءَ ڌارئي تسلط کان بغات ڪئي ۽ انهيءَ سڄي ٺڳيءَ جي ٺاهه، هٿ ناٽ ۽ ٽڪساٽ کي ڊاهي ڍير کڻي ڪيو ۽ پوري دور جي ڪايا پلٽ ڪري ڇڏي. ائين اياز موجوده دور جو پهريون جينيئس شاعر آهي، جنهن بيت، وائي ۽ گيت سان گڏوگڏ غزل ۾ به ڪامياب تجربا ڪيا:

    سنڌڙي کي سيباءِ اياز،
    تنهنجو گيڙو ويس غزل.

    ۽ ائين هن غزل کي سنڌي شاعريءَ جي مانائتي ۽ اهم صنف بڻائڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو. اياز جي ”گيڙو ويس غزل“ تي اڳتي هلي ذڪر ڪندس، هتي غزل بابت اياز ”چنڊ ڳليون“ ۾ جيڪي ڪجهه چيو آهي، اهو ڏيڻ ٿو چاهيان:
    ”ڇا توهان اهو به چئي سگهندا، ته غزل فارسيءَ جي صنف آهي ۽ غلاميءَ جي نشاني آهي؟ غزل جو فارم ته فارسي غزل وارو آهي پر ڇا اسان ان جو مزاج بدلائي نه وڌو آهي؟ هن وقت اهو نج سنڌي شاعري آهي.“
    اياز جي انهن ئي سٽن کي سونهون بڻائي ”وفا“ جي غزل جي پرک ڪنداسين، ته پهرين ڳالهه جيڪا معلوم ٿيندي، سا اها ته ”وفا“ بنيادي طور تي غزل جو ئي شاعر آهي ۽ هن غزل کي اوڄ ضرور ڏني آهي:

    تنهنجي اک ۾ سرمي وانگر آهيون،
    توتي ايڏو بار نه آهي پنهنجو.

    ”وفا“ غزل ۾ فارم توڙي موضوع جي لحاظ کان تجربا پڻ ڪيا آهن. انهن ۾ هو ڪيتريقدر ڪامياب آهي، اهو ٻڌائڻ تنقيد جو ڪم آهي، پر ايترو سو چئي سگهجي ٿو ته ”وفا“ تجربي جو ساهس ضرور ڪيو آهي.
    شاعر اهم آهي يا شاعري؟ يا ٻئي اهم آهن؟ اهڙو تعين به تنقيد ئي ڪري سگهي ٿي، جيڪا في الحال اسان وٽ ناهي! ۽ تنقيد جي نالي ۾ جيڪا شيءِ آهي، ان ۾ ميرٽ، ٽئلينٽ ۽ معيار بدران ياري باشي آهي. ”من ترا حاجي بگو“ وارو وهنوار آهي. هڪ ڏيتي ليتي آهي. نانيءَ ڪنڙو آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ ”وفا“ کي مڃتا نه ملڻ اَسڀاويڪ به ناهي ۽ ”وفا“ کي، هڪ شاعر کي اهڙي ڪاڻ به ڪينهي:

    ”وفا“ دنيا ته دنيا آهه ليڪن،
    مون کي ڪنهن جي به ڪانهي ڪاڻ پيارا!

    اها ٻي ڳالهه آهي ته ان ناقدريءَ جو احساس ”وفا“ کي به آهي، ته هن کي اها اهميت نه ملي آهي، جنهن جو هو حقدار آهي.

    شاعر شاعر رهندو آ،
    گيت، غزل ۽ وائيءَ ۾.

    جيئن ته اهو هڪ غزل جو شعر آهي، ۽ نه رڳو ”وفا“ پاڻ کي، پر ”بيوفا“ به هن کي غزل جو ئي شاعر سمجهن ٿا، ان ڪري مٿين شعر ۾ غزل جو شاعر گيت ۽ وائيءَ لاءِ به ساڳي ڳالهه ڪري ٿو، يقينن هڪ شاعر کي سدائين شاعر ئي رهڻ گهرجي، عام زندگي ۾ به – جڏهن هو تخليق نه ڪري رهيو هوندو آهي تڏهن به- ڇو ته عام زندگيءَ ۾ هُن جي مشاهداتي حِس وڌيڪ تيز ٿي ويندي آهي، پر تخليقي سطح تي هر صنف نياءُ لهڻي، ڌيان گيان لهڻي ۽ مڪمل Involvement جيڪا شعوري طور تي قطعي اڻ – ٿيڻي آهي. جيستائين انهن صنفن جي هڪ جهڙائيءَ جو سوال آهي ته اها رڳو ايترڙي آهي ته اهي شاعري آهن ۽ بس! ۽ انهن سان شاعر جي هڪجهڙو رهڻ جو مطلب به اهوئي آهي ته هو پنهنجي سموري شاعريءَ سان هڪجهڙو رهي ۽ ظاهر آهي ته جڏهن هو هر سطح تي ٿيندڙ ناانصافين خلاف وڏي واڪ احتجاج ٿو ڪري، تڏهن هو پاڻ انهن صنفن سان ناانصافي ڪيئن ٿو ڪري سگهي، جيڪي هن جي اهڙي احتجاج جو اڪيلو وسيلو آهن - ۽ هو اهڙي دعوا پڻ ڪري ٿو:

    جا به مون شاعري ڪئي آهي،
    حق ۽ سچ جي چئي آهي!

    جڏهن ته اها به حقيت آهي ته اهي صنفون هڪ ٻئي کان مختلف آهن. گيت سنڌي شاعريءَ جي آڳاٽي ۾ آڳاٽي صنف آهي، جنهن جو آڌار سُر تي آهي. وائي ڪلاسيڪي دور جي انتهائي اهم صنف آهي، ان جو آڌار ماترڪ ڇنڊ تي آهي، جيڪو سُر جو بحر آهي. ان جي ڀيٽ ۾ غزل ٻاهرين صنف آهي، جنهن جو آڌار رڪنن تي آهي. توڙي جو اياز عروضي وايون به لکيون آهن ۽ جن جو تتبع به ڪيو ويو، توڙي جو تنوير عروضي بيت به لکيا، پر پوءِ تنوير پاڻ ان تجربي کي رد ڪري چڪو آهي. گيت ۽ وائي لکڻ بدران، چوڻ جي شاعري آهي. سريلي (Lyrical) شاعري آهي. جڏهن ته غزل لکڻ واري شاعري آهي. (هاڻي ته گيت ۽ وائي به لکڻ واري شاعري بڻجي رهجي وئي آهي)! غزل به گيت، بيت، وائي(۽ ڪافيءَ) وانگر پابند صنف آهي، پر اها چئي نه بلڪه لکي ويندي آهي، ان ڪري ئي ڪتابي شاعري آهي. توڙي جو خليفي گل، حافظ حامد ۽ سانگيءَ غزل جي ٻاهرئين ٻوٽي کي پنهنجي مٽيءَ ۾ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي:

    جي سهڻو پاڻ سڏائي ويا، البيليون اکيون اٽڪائي ويا،
    چپ چاشنيدار چکائي ويا، ستي سورن کي ته جڳائي ويا.

    (سانگي)

    سانگي ته پوءِ ڪافيءَ ڏانهن به لڙيو ۽ سنڌي ۽ سرائيڪي ڪافيون چيائين. ائين اڳتي هلي، خاص ڪري ڪافي گو شاعرن وٽ اسان کي غزل نما ڪافي يا ڪافي نما غزل ملي ٿو. اها روايت سچل کان شروع ٿئي ٿي:

    عاشق ڏسڻ ۾ آيو، محبوب گل سناسي
    عبرت عجب عجائب، اسرار رنگ عباسي.

    مان نٿو ڄاڻان ته سانگي يا سندس ساٿيارين جي غزل کي ڪلاسيڪل سنڌي غزل چئي سگهجي ٿو يا نه؟ يا اياز قادريءَ پنهنجي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز ”سنڌي غزل جي ارتقا“ ۾ ان تي روشني وڌي به آهي يا نه؟ يا موجوده دور جي شاعرن ۽ خاص ڪري غزل گو شاعرن، ڪلاسيڪل سنڌي غزل جو اڀياس به ڪيو آهي يا نه! ان سان گڏوگڏ روايتي غزل جو به اڀياس ڪيو ويو آهي يا نه! بهرحال، ان کان پوءِ نئين غزل جي روايت آهي، جيڪا اياز جي ”گيڙو ويس غزل“ سان شروع ٿئي ٿي:

    اڄ جي ڪائي بوند پئي،
    جيون ٿي ويو سُر سارنگ.

    اياز غزل جي صنف کي به بيت ۽ وائيءَ وانگر سنڌي شاعريءَ ۾ نئين سر رائج ڪيو ۽ ائين هو تڏهن ئي ڪري سگهيو، جڏهن هن پنهنجي دور ۽ لوڪ ڪلاسيڪل اتهاس جو گهرائيءَ سان اڀياس ڪيو ۽ هڪ نئين اتهاس کي پنر – جنم ڏئي سگهيو. ستارا“ جهڙي اهم نظم جي خالق سڳن آهوجا ”روشن ڇانورو“ ۾ شيام ۽ اياز جي حوالي سان، انهيءَ دور کي ”نئون ڪلاسيڪل يُگ“ سڏيو آهي. ان دور ۾ نئين غزل جي تخليقڪارن ۾ اياز، شيام، شمشير، ايم ڪمل، ذوالفقار راشدي، تنوير عباسي، بشير مورياڻي.... جا نالا اهم آهن ۽ ان ڏس ۾ هڪ نالو ”وفا“ ناٿن شاهيءَ جو به آهي ۽ ”وفا“ کي شڪايت آهي، ڏک آهي، شڪ آهي يا پڪ آهي ته هن کي اها اهميت نه ملي آهي، جنهن جو هو حقدار آهي:

    دوڏا نه ڦاڙ غاصب،
    حق آ، سوال ڪونهي!

    اڄ جڏهن ”وفا“ 4000 غزل لکي چڪو آهي – تڏهن هُن کي اوچتو اهو احساس ڪيئن ٿيو ته هن کان پوءِ آيل شاعر اهميت ماڻي ويا آهن! هُو ان ڏسڻ هڪ، اڌ – منو نالو به کڻي ٿو، پر هُو اهو مُور نه ٿو لکائي ته اهميت ماڻڻ مان هن جي مراد ”شهرتون ميڙڻ“ آهي - ۽ هو به شهرتن جو بکيو آهي! نه بلڪل نه! اڄ جڏهن هو پنهنجا ڦڦڙ سگريٽ جي دونهين ۾ ڦوڪي چڪو آهي ۽ اڄ جڏهن شعر لکندڙ هٿ ۾ پين بدران ڦڦڙن جو ايڪسري اٿس، تڏهن هو ڪهڙيون شهرتون ميڙيندو؟ هو ميڙيندو به ته لفظ ئي ميڙيندو ۽ انهن مان شعر ئي جوڙيندو:

    موت جي بستر تي هر آشا سُتل،
    زندگي گذري ٿي ڪنهن بيمار جان.

    ”وفا“ جيترو رُليو پنيو آهي، جيترو هُن سَٺو ۽ ڀوڳيو آهي، جيڪو زهر هن پيتو آهي، اهو ئي ۽ اوترو بلڪه ڪجهه سوايو ئي هن پنهنجي شعرن ۾ اوتيو آهي، پر جيترو هُن لکيو آهي، اوترو هو ڇپيو ناهي. سوال آهي ته ڇا جيڪي ڪجهه به لکجي، اهو ڇپجي به؟ يا چونڊ ڪجي؟ اهڙي چونڊ لکڻ مهل به ڪري سگهجي ٿي - ۽ ظاهر آهي ته اهڙي چونڊ شاعر پاڻ ئي ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو پاڻ ئي پنهنجي شاعريءَ جو پهريون نقاد آهي. لطيف، ته چون ٿا پنهنجو رسالو ڪراڙ ڍنڍ ۾ اڇلائي ڇڏيو هو.سچل به پنهنجا بياض، جيڪي هن جي طالبن لکيا هئا، ساڙائي ڇڏيا هئا! سو چونڊ جو اهڙو اختيار صرف شاعر کي ئي آهي. لکڻ کان اڳ، توڙي لکڻ مهل ۽ پوءِ ڇپائڻ مهل به اهڙي چونڊ ڪرڻ کپي، ڇو ته:

    مُٺِ ڀيڙيا ئي ڀلي، جي اُپٽي ته واءُ،
    پر ائين به ٿي سگهي ٿو ته هڪ شاعر اهڙيءَ چونڊ ۾ انصاف نه به ڪري سگهي!
    غزل ۾ هڪ ٻي به کانجاڻ آهي ۽ اُها آهي ”قافئي بازي!“ مثال طور:
    نر هوءَ کڻي مادي،
    انسان ته آزادي!

    جڏهن شعر جو آڌار ڇڙو قافئي تي ئي هجي ته پوءِ زوريءَ ۽ شعوري ڪوشش سان ئي ان جو پورائو ڪيو وڃي ٿو:
    ڍڪيل چيز مهانگي ٿئي،
    ننگو جوڀن – ٿال نه ڪر.

    ٻٽا ۽ مرڪب لفظ سنڌي ٻوليءَ جو گُڻ آهن ۽ اختصار شاعريءَ جي خصوصيت، پر ان جو مطلب ”اڌ – اکري“ پَٽي ڪينهي! شاعر ٻٽا يا مرڪب لفظ گهڙي سگهي ٿو، تنهنڪري ضروري ناهي ته اڳواٽ رواج ۾ آيل ٻٽا ۽ مرڪب لفظ ئي واهپي ۾ آڻجن، بلڪه جيئن ته هڪ شاعر واهپي هيٺ آيل لفظ به نئين سنئين ڪتب آڻي ٿو ۽ تخليقي سطح تي انهن کي معنيٰ عطا ڪري ٿو، ان ڪري ٻٽا ۽ مرڪب لفظ به سنڌي ٻوليءَ جي مزاج وٽان گهڙي سگهجن ٿا ان ريت ٻوليءَ ۾ وسعت آڻڻ جي ذميواريءَ کان شاعر کي هر دم آگاهه ۽ سچيت رهڻ جڳائي. ان ڏس ۾ لوڪ ڪلاسيڪل توڙِ نئين اتهاس جو گهرو اڀياس لازمي آهي. اها ڳالهه تنوير، اياز گل جي شعري مجموعي ”دک جي نه پڄاڻي آ“ جي اڀياس ۾ به ڪئي آهي. ”جوڀن – ٿال “ مان ”جوڀن جو ٿال“ مطلب ورتو ويو آهي، پر اتي ”جو“ Understood ناهي. قليچ ”وڏو سنڌي ويا ڪرڻ“ ۾ ٻٽن ۽ مرڪب لفظن تي پورو هڪ باب لکيو آهي. اهو استادن، شاگردن، ليکڪن ۽ خاص طورتي شاعرن کي ضرور پڙهڻ گهرجي، ڇو ته هڪ شاعر ساڳئي وقت استاد به هوندو آهي، ته شاگرد به، سکندڙ به هوندو آهي، ته سيکاريندڙ به، پر اِتي خاص طور تي هڪ شاعر جي حوالي سان ”سکڻ – سيکارڻ“ ڪڏهن به عام معنيٰ ۾ نه ورتو وڃي:
    لفظن اهڙو شعور مچايو،
    چُپ ٿي وئي ويچاري معنيٰ.

    ان شعر ۾ ”لفظن جي شور ۾ معنيٰ جي چپ ٿي وڃڻ“ کي به هڪ معنيٰ آهي. لفظ جامد، ساڪن ۽ بي معنيٰ هوندا آهن ۽ هڪ شاعر جو بنيادي فرض آهي ته سٽ – سريءَ ۾ پوئي انهن کي زنده، متحرڪ ۽ بامعنيٰ بڻائي. قافيو به هڪ لفظ آهي ۽ اهو قطعي ضروري ناهي ته هر قافئي تي شعر به لکجي. غزل جي سڀني شعرن ۾ توازن هئڻ گهرجي ۽ فن
    صرف ڪم ناهي هٿوڙين جو صراف!
    فن به گهرجي زيورن جي گهاڙ ۾.

    غزل ۾ هر شعر هڪ ٻئي کان وڌ نه سهي، پر گهٽ به نه هجي. اپيلنگ هجي ۽ الڳ هوندي به سنگهر جي ڪڙيءَ وانگر هجي.
    جيستائين موضوع جي ڳالهه آهي ته ڪنهن به موضوع کي ڪنهن هڪڙيءَ صنف لاءِ مخصوص نٿو ڪري سگهجي، ته اهو نثر جو موضوع آهي يا نظم (شاعريءَ) جو، بيت جو آهي يا وائيءَ جو، يا غزل جو ڪو به تخيل جڏهن لفظن ۾ پلٽجي ٿو، تڏهن هيئت به پاڻ سان گڏ آڻي ٿو:

    سَچُ سوچڻ ڪفر ۽ الحاد ڙي!
    هاءِ گهوڙا ڙي! اڙي بغداد ڙي!

    غزل جي هڪ مخصوص فضا آهي، جنهن کي تعزل چيو وڃي ٿو. اشارو، ڪنايو، استعارو، رمزيت، رومال ۾ ويڙهي ڳالهه چوڻ، لڪ لڪاءُ، نزاڪت، نفاست، مک چک، ترڪيبن، تشبيهن.... سان ئي غزل جي اها روايتي مخصوص فضا جُڙي ٿي:
    اگر شيرين نه ٿي حاصل اسان کي،
    مگر ڏونگر ته ڏاريندڙ رهياسين.

    جتي ”وفا“ وٽ اهو روايتي رنگ آهي، اتي هن ان کان بغاوت به ڪئي آهي:
    پاڻي ۾ نمڪ وانگي،
    دک درد ڇڏن ڳاريو
    -
    درٻارن جي چمچي بازي،
    شاعر جي سرڪاري معنيٰ
    --
    چٺ ۾ ٻوڙ پلاءُ، مگر،
    فاقن ۾ انسان رهيو
    --
    ٻن چپڙن جي کٽمٺڙن لئه،
    رڙندو رهندس ٻارن وانگر.

    انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ”وفا“ جي غزل جو پنهنجو رنگ – ڍنگ آهي، ان ڪري هو پنهنجي ساٿارين کان مختلف ۽ منفرد ٿي بيٺو آهي. هن غزل جي صنف ۾ ٻوليءَ، موضوع، توڙي گهاڙيتي جا تجربا ڪيا آهن:

    وات کي لغام آ،
    وقت کي سلام آ.
    --
    سنگسار پيار ٿيو،
    شهر جو نياءَ هو.
    --
    سِج بيٺي انهن کي ڪُٺو ويو،
    جن انڌيرن ۾ مشعل جلائي.
    --
    شيش محل ۾،
    پٿر سازي.

    ”وفا“ روايتي تغزل جي ڀڃڪڙي به ڪري ٿو ۽ رمزيت ۽ اشاريت بدران سڌي سنئين ڳالهه ڪري ٿو:

    سڀئي قانون جا دشمن،
    اٿئي قانون دانن ۾.

    ”وفا“ غزل کي سچي پچي زندگيءَ جي ويجهو آندو آهي:

    بس اهو وقت ئي زندگي هو،
    جيڪو توسان گذاري ڇڏيو مون

    ”وفا“ غزل ۾ جيڪي تجربا ڪيا آهن، اهي ڪيتريقدر ڪامياب آهن، اهو ته تنقيد ئي ٻڌائي سگهي ٿي، جيڪا في الحال اسان وٽ ناهي!.

    مون کي منهنجي مرڻ کان پوءِ پڙهجان،
    مان پنهنجي دور جي تحرير ناهيان.

    پر ”وفا”“ هن دور ۾ ئي ڇپجڻ گهرجي ۽ پڙهيو به هن دور ۾ ئي وڃڻ گهرجي. ”ضمير“ جيڪو شاعر جو ”سَتُ“ آهي، ”وفا“ انَ کي قائم رکي سگهيو آهي، سو به هن دور ۾، ته اها پنهنجي جاءِ تي هڪ وڏي ڳالهه آهي:

    توڙي اسير آهيان، پر بي ضمير ناهيان.
    حملا نه ڪر وفا تي. جلاد قاتلانه.

    ”وفا“ پنهنجي نوڪريءَ جي سلسلي ۾ سڄي سنڌ رُليو آهي، پر هُن جي شاعري ۾ منظر نگاري نه آهي. ان جو ڪارڻ اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته هو پاڻ تائين محدود رهيو آهي يا هن کي ئي Main Object ڪري کنيو آهي:

    اکيون منهنجون ۽ تنهنجا چارا هئا،
    سفر ۾ اِهي ئي نظارا هئا.

    ”وفا“ مون کي مهاڳ لکڻ لاءِ چيو هو، پر مون هُن جي ڪلام تي مهاڳ بدران ”اَمهاڳ“ لکيو آهي ۽ ان جو ڪارڻ غلام محمد ”غازيءَ“ جي ڪلام تي لکيل ”اَمهاڳ“ ۾ لکي چڪو آهيان، ته مان مهاڳن لکڻ کان بر ٿي چڪو آهيان ۽ بقول ڪنهن جي ته ”اَمهاڳ“ به سنڌي ادب ۾ هڪ ”نئين جدت“ آهي. ان ڏس ۾ وستار سان غلام محمد ”غازيءَ“ جي ڪلام تي لکيل ”اَمهاڳ“ ۾ لکيو اٿم. ”وفا“ وٽ ان ڳالهه تي بحث ڪرڻ جي ڪا به گنجائش نه آهي:

    بحثڻ فضول آهي،
    شاعر رسول آهي.

    پر ڇا هر شاعر رسول آهي” بهتر ته ائين ئي آهي ته شاعر کي صرف شاعر ئي رهڻ ڏنو وڃي.
    ”وفا“ هن ڌرتيءَ جي گولي تي هڪ عجيب جيوَ وانگر جيو آهي. مست ملنگ رهيو آهي. پنهنجي زندگيءَ ۾ به ته پنهنجي شاعري ۾ به! رسالن ۾ هو نٿو ڇپجي، ڇو ته هو ٽپالي قسم جو شاعر نه آهي ۽ ڪنهن شاعر کان ڪلام گهرڻ جي روايت پرنٽ ميڊيا وٽ اڃا تائين جُڙي ئي ناهي! ٽي – وي ۽ ريڊيو هن لاءِ جهڙوڪ ممنوع علائقا آهن. نصاب هن کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي ۽ سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارا ”پٿرن جو ڍير آهن قبر جيان“ ۽ انهن تي فائيلن جا ڪاغذي پَڙ چاڙهيل آهن. ظاهر آهي ته اتي به ”وفا“ نه ٿو ڇپجي سگهي! ادبي لڏي سان به هن جي ايتري اٿ ويهه ناهي، ان ڪري هُن جي ”لابي“ به ناهي. پنهنجو ڪلام هو پاڻ ڇپائي نٿو سگهي – ته پوءِ هن جي ڪلام ڇپائڻ جي ذميواري ڪنهن جي آهي؟ يقينن اِن ڏس ۾ غير سرڪاري ۽ خانگي ادارن کي ئي اڳيان اچڻ گهرجي، ڇو ته ”وفا“ پنهنجي ذميواري پوري ڪري چڪو آهي:

    ڪو نه ڇڏيندو سنڌ ”وفا“
    ڪاڙهيو ڀلي ڪڙاهي ڙي!

    ”سنڌ کي نه ڇڏڻ“ جي ڳالهه به ”وفا“ جهڙوڪو مٿي ڦريل ئي ڪري سگهي ٿو، ۽ هُو اها ڳالهه ڪنهن ذاتي مفاد وٽان نه پيو ڪري، نه ئي ڪجهه اڳاڙڻ لاءِ پيو ڪري. ”وفا“ اهڙين سڀني آلودگين کان پاڻ کي بچائي رکيو آهي، جيڪي روح لاءِ ڪوڙهه وانگر آهن:

    پيٽ کان ظرف ٿو عزيز رکان،
    ”قافيو به هڪ لفظ ئي ته آهي، چوڻ سان قافئي جي اهميت گهٽجي نه ٿي، پاڻ وڌي ٿي. قافيو هڪ لفظ ته آهي، هڪ مُک لفظ آهي ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ قافئي کي ڏاڍي سهج سڀاءُ سان ورتايو ويو آهي ۽ سنڌي شاعريءَ مان منهنجي مراد سنڌي شاعري ئي آهي:

    جان وڃان بازار ۾، لڌم ڳاڙهو ٻيرُ،
    ٻيرُ ته کاڌم پيٽ ۾، تنهن جو شاهد ڪير.

    اهو انترو، مصرع يا بند مشهور لوڪل نرت گيت ”جنڊالڙو“ جو آهي:
    منهنجو جنڊالڙو، ڏي ته کيڏڻ وڃان
    ۽ انهيءَ اسٿائي ٿل يا وراڻيءَ کان پوءِ جيڪي ٻه سٽون اچن ٿيون، سي معياري دوهي جي فارم ۾ آهن، ”ٻيرُ، ڪيرُ“ جي ترقافئي سوڌو. سنڌي شاعريءَ ۾ قافئي جي پنهنجي بيوٽي آهي. لوڪ شاعريءَ ۾ به قافيا گيت به ملن ٿا. لطيف به قافئي کي ڪٿي ڪٿي تياڳو آهي، پر ائين سڀاويڪ تڏهن آهي، جڏهن اهميت معنيٰ کي هجي، نه ته سنڌي شاعريءَ ۾ تُزقافئي جي روايت شروع کان موجود آهي. قليچ ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“ ۾ قافئي تي هڪ پورو باب لکيو آهي ۽ ان ۾ قافئي جا جيڪي اصول ٻڌايا اٿس، توڙي جو پاڻ به انهن تي عمل نه ڪيو اٿس، پراُهو باب اسان جي شاعرن کي پڙهڻ ضرور گهرجي. غزل جي صنف ۾ به قافيو بي ساخته هئڻ گهرجي، لفظن وانگي. ”وفا“ وٽ به اسان کي اهڙو تُز قافيو ملي ٿو:

    بدن مهراڻ آهي، دل ڦليلي،
    اڃا سنڌي نه آهيان سوچ ٻيلي!

    شاعريءَ ۾ جڏهن به ڪو لفظ تخليق ٿئي ٿو، تڏهن پنهنجي معنيٰ سوڌو تخليق ٿئي ٿو ۽ اياز جي چواڻيءَ ته لفظن کي صدين جو پس منظر هوندو آهي:
    اڃا سنڌي نه آهيان سوچ ٻيلي!
    واري سٽ به معنيٰ سوڌي تخليق ٿي آهي – اهو قطعي ضروري ناهي ته شاعر جي به اسان واري ساڳي معنيٰ هجي، پر جيئن ته اِها سِٽ منهنجي به ترجمان آهي، ان ڪري مان اِن جي معنيٰ اهائي ڪندس جيڪا مون کي آئڙندي!
    وفا لاءِ ڪٿي ڪنهن اهو لکيو آهي ته ”وفا“ جي ماءُ ٻولي پنجابي آهي، پر هن سنڌيءَ ۾ شاعري ڪئي آهي! اهو بلڪل ائين ئي آهي، جيئن مان چوان ته توڙي جو الياس عشقي صاحب جي ماءُ ٻولي ته اردو آهي، پر هو لکي سنڌيءَ ۾ ٿو. ائين ته اسان جي ڪيترن ئي لکندڙن جي ماءُ ٻولي سرائيڪي آهي پر اهي سنڌيءَ ۾ لکن ٿا.يقينن ائين جنهن به ليو آهي، تنهن ”وفا“ جي Plus point طور ئي ائين لکيو آهي. هتي انهيءَ بحث جي گنجائش نه آهي ته پنجابي، هندڪو (سنڌڪو!) يا سرائيڪي، سنڌ ٻوليءَ جا ئي لهجا (Dilacts) آهن، يا سنڌي، پنجابي، هندڪو ۽ سرائيڪي ساڳيءَ ماءُ جون جاڙيون ڌيئرون آهن! يا انهن جو Root ساڳيو آهي! هتي ڳالهه اها ڪرڻي هيم ته ”وفا“ انهن ڪيترن شاعرن کان سٺي شاعري ڪئي آهي، جن جي ماءُ ٻولي سنڌي آهي!
    وفا“ کي سنڌي هئڻ جي ڪنهن سرٽيفڪيٽ جي کاپي ناهي! ڇو ته هن سنڌ جي مفادن کي ڪٿي به ڇيهو نه رسايو آهي.
    روز نعرن جا ٿا ٺڪاوَ ٿين،
    ڪاش! عملي طرح اپاوَ ٿين.

    ”وفا“ اهڙن نعرن جي ٺڪاوَن کان پري رهيو آهي ۽ پنهنجو تخليقي ڪم ڪندو رهيوآهي. هو ادبي سياست کان دور رهي، عوام کي ويجهو رهيو آهي:

    يار آهن وفا سياستدان،
    منهنجو سڀ ڪجهه عوام جهڙو آ.


    امداد حسيني


    نيازمند- صليب تي

    وفا جي طرفان وفا کي حڪم ٿيو آهي ته سندس شعري مجموعي تي پنهنجي راءِ لکي ڏيان.
    هڪ طرف ”غزل“ جو مقام آهي، ٻئي طرف وفا جو وفا سان دوستيءَ جو عهد و پيمان آهي، شل دوستيءَ جو به ڀرم رهي ۽ غزل جو به.
    پهرين سوچيم ته غزل جي ”عربي“ ۽ ”فارسي“ پنڌن پيچرن کان وٺي ”اردو“ ۽ بعد ۾ سنڌي طرف پيش قدميءَ تي تفصيلي بحث ڪجي. صاحبِ فن شعراء ڪرام جا سخن پيش ڪجن ۽ غزل جي ”زمين“ ۾ ٿيل محنت جو مڪمل جائزو پيش ڪجي. غزل جي فن ۾ فن سان ٿيل ”نباهه“، ”لغت“ ۽ ”عروض“ جي حق ادائگين جو خاڪو پيش ڪجي. غزل ۾ ٿيل تجربن ۽ نواڻ کي داد ڏجي. سنڌي غزل جي مڙني روايتن جو ذڪر اذڪار هلي ۽ ٿورو ٿورو ”غزل“ سان ٿيل بيدادين جو احوال آڻجي. غزل جي طرفان وجهي غزل سان ڏاڍايون ڪندڙن کي ميارون ڏجن، پر پوءِ خيال آيو ته ڳالهه ڪبي سٺي غزل جي، وفا ائين ئي ڪندا آهن.
    ڪنهن دوست جو پراڻو لکيل جملو ياد ٿو اچيم ته وفا ناٿن شاهي جنهن به زبان ۾ پيدا ٿئي ها ”وفا“ ئي هجي ها. ”غزل“ جنهن به زبان ۾ لکيو ويندو غزل ئي هوندو.
    غزل کي اڪثر”غزال“ جي ٽپن مان لکيو ويوآهي. غزل جي معنيٰ ”سا دانهن جا غزال دمِ واپسين جانِ بلب ڪنهن ظالم جي تير بي پير جي پيوسته رگِ جان تي ڪندو آهي“
    ذات ۽ فڪر جي اظهار لاءِ ڪا به زبان يا جاگرافيءَ جي حد مقرر نٿي ڪري سگهجي. گذريل دور ۾ جتي مير عبدالحسين سانگيءَ جو نالو کنيو ويندو، اتي مفتون همايوني جو غزل:
    ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“
    به ڪر کنيو بيٺو آهي. حالانڪه ”زمين“ ٻنهي جي جدا آهي. ٻئي منهنجي نظر ۾ بنيادي طرح ڪافيءَ جا شاعر آهن.
    پارٽيشن کان پوءِ به غزل مسلسل لکيو ويو آهي ۽ سٺو لکيو ويو آهي. آئون پنهنجي ڪهنه مشق سخنورن جو ۽ ايندڙ نسل جو احترام ڪندي اهو چوندس ته، خالص غزل جي حوالي سان ڪي چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر دوست آهن. وفا صاحب پنهنجي دور ۾ غزل جي حوالي سان منفرد ۽ سگهاري آهنگ جو شاعر آهي ۽ محض غزل جي حوالي سان سنڌي شاعريءَ ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.
    شاعري ”ڏات“ آهي، پر جي ڏانءُ نه آهي ته ”ڏات“ ڇا ڪندي!؟ وفا وٽ ڏات سان گڏ ڏانءُ به آهي. سندس لفظن جو تسلسل ۽ جڙاءِ منڊيءَ تي ٽڪ جي مثال آهي. وٽس سوز و گداز به آهي ته ذات جو ڪرب به آهي:

    ڀيليو ڇو ٿا، گاهه ته ناهيان،
    نرم سهي بي ساهه ته ناهيان.
    --
    نيٺ خطا ٿي ويندي مون کان،
    آدم هان الله ته ناهيان.

    ”وفا“ جو هر شعر دل ۾ وڍ وجهندڙ ۽ ننڊ اکوڙي نيڻن کي سجاڳ ڪندڙ آهي. هو شاعرِ محبت هجڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ماحول جي چرپر ۽ پنهنجن پراين جي روين تي نظر رکندڙ به آهي:

    سگهيس ڇڏائي نه ڪنڊن کان پنهنجي دامن کي،
    گلن جا رنگ مون کي ڪاٿي نا پسند هئا.

    --
    سڄي جهان جا جهنڊا کڻي بلند هئا،
    مگر صليب تي تنهنجا نيازمند هئا.


    ولي محمد وفاپلي
    K.S عطا محمد پلي، عمرڪوٽ


    غزل جو ارتقائي سفر ۽ ان ۾ وفا ناٿن شاهيءَ جو حصو

    انسان پيدائش کان ئي پنهنجي دل تي گذرندڙ گهڙين ۽ انهن جي رد عمل طور پيدا ٿيندڙ ڪيفيتن جو اظهار پئي چاهيو آهي، پوء ڪڏهن مک – ورَنن رستي ته ڪڏهن پيشانيءَ تي پوندڙ پيرن ۽ پاڇن جي ڀاوَنن پرکڻ رستي پئي پراپت ٿيو آهي، ته ڪڏهن اهو اشارن رستي اظهاريو ويندو هو، ٻولين وجود ورتو ته اهي ماضيءَ جي مڙني اظهار جي ذريعن کان وڌيڪ اظهار جي نباهه وارو ذريعو بڻيون. جڏهن کين صورتخطي ملي ته انهيءَ رستي ان اظهار جو دستاويز به رکڻ ممڪن ٿي پيو ۽اهو انهيءَ اظهار جي تاريخ جو هڪ اهم ۽ واحد ماخذ بڻجي پيو.
    اهڙي اظهار ۾ ڪم ايندڙ لفظن جي شدت ۽ موزنيت ئي ان اظهار جي اهميت، قدر ۽ معيار جو سبب بنبي هئي. ان ڳالهه تي اڃا به اختلاف هلندڙ آهي ته پهريان نثر لکيو ويو يا شعر، پر شعر جيئن ته وڌيل شعور، فن، سٽاءُ ۽ ڏانءُ گهري ٿو، ان ڪري ئي ٿي سگهي ٿو ته شروع ۾ ڪي فطري نثري ٻول ئي هجن، جيڪي لکيت ۾ آيا هجن، جنهن کان پوءِ تهذيبي ۽ تمدني طور ترقي يافته سماجن ۾ اهڙا فني ماڻ ۽ ماپا ٺاهيا ويا هجن، جن ۾ ڳالهه ڪرڻ سان شعر جڙي بيهندو هجي.
    هن وقت تائين جنهن سنڌي شعر جو قديم ترين نمونو ملي ٿو، سو آهي ”گِنانُ“، جيڪي آغا خاني اسماعيلي مرشد جي ثنا ۽ ساراهه ۾ جوڙيندا هئا، جيڪو اڄ جي ڪافي، وائي ۽ گيت جو بگڙيل نمونو لڳي ٿو، پر ڪن جو چوڻ آهي ته ابوالحسن جي سنڌيءَ ۾ هڪ نظم نما نثر لکيو ويندو هو، جيڪو گهڻو ڪري قرآن شريف جي آيتن جو سنڌي زبان ۾ ترجمو هوندو هو يا ڪِن فقهي مسئلن جو اپٽار هوندو هو، جنهن کي ”الف اشباع“ وارو سنڌي شعر چيو ويندو هو، جنهن ۾ ڪنهن حد تائين ردم به هو ته جملي جي آخري لفظ سان ”الف“ ڳنڍي، اڳئين جملي جي آخري لفظ سان هم قافيه بڻايو ويندو هو، ان حوالي سان اگر ان نثر کي نظم ڪري وٺجي ته پوءِ اهو سنڌي نظم جو اوائلي نمونو چئجي سگهبو.
    ان اظهار جي ذريعي اسان وٽ سهرن، لاڏن، نوحن، مولودن ۽ مداحن عوامي طرح انيڪ روپ ورتا، پر پوءِ به دوهي ۽ سورٺي جي پنهنجي جاءِ تي قدامت ڳاٽي ۽ اهميت واري آهي، جيڪا هندي، سنسڪرت، پالي ۽ پوربي وغيره ٻولين جي لهه وچڙ سببان مضبوط قدم ڄمائيندي وئي، جن کي وري ساموئيءَ جي بيتن، قاضي قاضن، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي بيتن، مخدوم نوح رح جي بيتن وغيره ٿورو گهڻو ڦير ڦار ڪري، بيت جي صورت ۾ آندو، جنهن کي لطف الله قادريءَ، شاهه عنات نصرپوريءَ ۽ جلال فقير کٽي، ٻن سٽن مان وڌائي اَٺن اَٺن، ڏَهن ڏَهن سٽن تائين به آندو، پر انهن کي باقاعدي، پوري ضابطي ۽ سٽاءَ سان هڪ صنف طور جيڪا شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سڃاڻپ ڏني، سا اڳي ڪا نه هئي ۽ جيڪا بلاشڪ تحسين جوڳي آهي.
    ان وقت ڪافي، لاڏي، سهري، مولود، مداح وغيره به پنهنجي چڱي خاصي صورت اختيار ڪري ورتي ۽ اهي صنفون ڀڳتين، ڏڻ وارن، ريتن رسمن وقت ڀَٽَنِ ۽ ڀانَنَ خوب ڳايون ۽ وڄايون، جن جو سٽاءُ، لب – لهجو، مواد ۽ ٻولي توڙي تشبيهون ۽ محاورا نج عوامي هئڻ ڪري انهن عوام ۾ جڙون پڪڙي ورتيون ۽ سالن جا سال پنهنجو ڌاڪو ڄمايو، جنهن کان پوءِ گيت سرجيو ويو پر ان ۾ به وائي ۽ ڪافيءَ جيان وراڻيءَ جو دهراءُ ۽ دوهي جيان ٻن سٽن جو بند وغيره هئڻ واريءَ هڪجهڙائيءَ ڪري هن صنف کي به عوامي مقبوليت ماڻڻ ۾ ڪا خاص دقت درپيش ڪانه آئي.
    جڏهن هتي سنڌ ۾ مٿي بيان ڪيل صنفون شاعريءَ جي اظهار تي حڪمراني هلائيندي، ان وقت ٻين ترقي يافته (ادبي لحاظ کان) قومن ۾ ايراني، عرب ۽ يورپي قومون پيش پيش هيون، انهن مان ايراني ۽ عربي ٻوليءَ ۾ وڏا وڏا قصيدا، مثنوي، غزل، رباعي، قطعا، مسدس، مخمس، وغيره هلندڙ هئا. انگلينڊ ۾ سانيٽ ۽ فرانس ۾ ترئيل جو دور هو. اڳتي مغلن ۽ عربن جي دور ۾ سنڌ ۾ غزل لاءِ ماحول هموار ٿيو ۽ غزل جي شاعري ڪندڙن کي وڏا لقب القاب، مانَ ۽ مرتبا مليا، اهڙي طرح هن صنف به سنڌ اندر پنهنجو وجود مڃاڻڻ جا جتن ڪيا. سنڌ تي انگريزن جي حڪمرانيءَ دوران سنڌ ۾ سانيٽ، ترائيل ۽ نظم لاءِ راهون هموار ٿينديون رهيون، جن صنفن پڻ پنهنجو وجود مڃائڻ لاءِ سنڌي ادبي کيتر ۾ پنهنجون پنهنجون ڪوششون ۽ محنتون جاري رکيون.
    جيستائين غزل جو سوال آهي ته ان تي مغلن ۽ عربن جي دورِ حڪومت تائين ته مواد، سٽاءَ ۽ ماحول جي لحاظ کان ايراني ۽ عربي رنگ ئي قائم رهيو، جنهن ڪري اها صنف عام بجاءِ خاص لاءِ وڃي رهي، جنهن کي چند ماڻهو پڙهي يا ٻڌي يا ڳايل صورت ۾ سمجهي پئي سگهيا. باقي عام ماڻهن لاءِ اها صنف پوءِ به ڳجهارت بني رهي، پر جڏهن ايراني ۽ عربي حڪمرانن سنڌ ڇڏي، تڏهن به سندن باقيات واري نفسيات ان ساڳئي لب لهجي ۽ ٻوليءَ توڙي محاورن واري غزل کي هڪ مقدس امانت سمجهي چهٽي رهي.
    هالا جي هڪ غزل گو شاعر گل محمد ”گل“ هالائيءَ غزل ۾ ديسي ماحول، ٻولي ۽ مواد آڻڻ جي زبردست ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ قافيو تمام نرم ۽ نازڪ ڪم آندائين. ٻولي سنڌي جاگيرداري سماج جي کيتي باڙيءَ واري ۽ مواد تصوف جو ڏنائين، پر تصوف تي ٻڌل مواد ۽ بندن جي باهمي تسلسل جي ڪري سندس غزل، غزل گهٽ، نظم وڌيڪ ليکجڻ ۾ آيو، جنهن سبب ان جي غزل واري حيثيت نمايان نه ٿي سگهي.
    ان جي جاءِ تي مصري شاهه ۽ صوفي خير محمد هيسباڻيءَ جون ڪي ڪافيون ڏسبيون ته اهي علم عروض تي، مطلع مقطع سان ڏسڻ ۾ اينديون ۽ منهنجن غزل وانگر باقاعده قافيو ۽ رديف ڪم آيل نظر ايندو.

    جيئن:
    وسري ويا ٻئي جڳ جڏهن دِلِ جان سان دلبر ڏٺم.
    مهتاب مُنهن محبوب جو محراب ۽ منبر ڏٺم!

    (مصري شاهه)

    اهڙي طرح اهو فارسي رنگ ڍنگ وارو غزل ئي، غزل جي صحيح صنف بڻجي لکبو رهيو، جنهن کي ڪنهن حد تائين سولي ٻوليءَ وسيلي مجازي عشق ۽ محبوب جي سونهن ۽ ماڻن جي چاشني مير عبدالحسين خان سانگيءَ ڏني، پر پوءِ به ان مان سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ جي بوءِ ۽ ماحول جي مهڪ بدران ايراني ۽ عربي ٻوليءَ جي دقيق لفظن جي ڀرمار، زيِر اضافت جو آزادانه استعمال ۽ ساغرو مينا ۽ گل و بلبل جو غل، هوءَ هُلاچو هُل ضرور ڏسڻ ۾ پئي آيو، جنهن جا پوءِ نمائنده شاعر بڻيا: غلام محمد گدا، مرزا قليچ بيگ، ابراهيم خليل، احسن چنا، عبدالله حيدرآبادوي، فيض بخشاپوري، شيخ عبدالحليم جوش، اياز قادري، شيخ عبدالرزاق راز. شيخ اياز جا ڪجهه غزل جيڪي سندس ڪتاب ”ڀونئر ڀري آڪاس“ ۾ ڇپيا ۽ غلام محمد گرامي صاحب جا غزل پڻ ان رجحان ۽ لاڙي جي عڪاسي ڪن ٿا.
    ان طريقي سان هندوستان جي ورهاڱي تائين غزل پنهنجون منزلون طئي ڪندو آيو، جنهن کي ڪنهن حد تائين سهل ۽ سليس ذوالفقار راشديءَ، ايم. ڪمل، عبدالحڪيم ارشد، ارجن حاسد ۽ تنوير عباسي بنائڻ جي ڪوشش ڪئي،گڏوگڏ غزليت به قائم رهي. ان ۾ عوامي ٻوليءَ جو استعمال ۽ روز مره جي واقعن جو ذڪر وري استاد بخاريءَ ڪمال ڏاهپ سان آندو جو غزل جي اصليت بحيثيت غزل جي بحال رهندي آئي. پوءِ سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان شعوري طور تي ڪجهه اديبن طرفان انفرادي طرح اها مهم شروع ٿي ته ٻولي نج ۽ نبار استعمال ٿيڻ گهرجي. شيخ اياز جو ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ نياز همايونيءَ جو ”ڌرتيءَ جا گيت“، تنوير عباسي جو ”رڳون ٿيون رباب“، شمشير الحيدريءَ جو ”لاٽ“ ان جا اهم مثال آهن. ان ڪري هڪ اهڙو ماحول اڀري آيو جو ان ادبي لهر جي سرواڻ لاءِ واجهائڻ لڳو ته ان کي ڪير ٿو عملي طور سان کڻي ۽ نئين ٽهيءَ کي اڳتي وٺي هلي. اها ذميواري امداد حسينيءَ پنهنجي ڪلهي تي کنئي، جنهن جون مکيه ڳالهيون هيون ته، ”ادب ۾ تڪلف ۽ حجاب وارو پهلو ڇڏي ۽ ڳالهه صاف سٿري ڪجي. ان ۾ ٻولي ڪردار جي سطح واري ڪم آڻجي، سلاست ان جي جانِ هجي. ٻين ٻولين جي لفظن جو استعمال نه هجي، جتي اهي ادبي شيون پروپئگنڊا ۽ هلڪڙائيءَ جو شڪار ٿيڻ نه گهرجن، اتي ان ۾ پابندين جو زنجير مضبوط ڪري ۽ خيال جي اظهار کي ضرب نه پهچائي وڃي.“
    اهڙي طرح منظرنامي تي اهڙا غزل اچڻ لڳا، جن ۾ تسلسل به اچڻ لڳو. هڪ سٽ کان پوءِ ٻيءَ سٽ وارو تجسس، جيڪو غزل جي جان سمجهيو ويندو آهي، اهو غائب ٿيڻ لڳو. ان دوران جن چڱا غزل لکيا، اهي هئا: محسن ڪڪڙائي، نشتر ناٿن شاهي، احمد خان مدهوش، راشد مورائي، اسحاق راهي، راز ناٿن شاهي، آثم ناٿن شاهي، خاڪي جويو، مير محمد پيرزادو، وفا ناٿن شاهي، تاج جويو،اياز گل، ادل سومرو، منير ٻٻر وغيره. هندستان مان ايم ڪمل جو غزل ۽ جديد غزل بابت سندس ويچار جڏهن سامهون آيا ته هتي جي غزل لکندڙ شاعرن کي هڪ دفعو پنهنجي غزلن تي سوچڻو پيو. مون ماضي قريب جي مٿين شاعرن جي غزلن جو نئين سر جائزو ورتو ته انهن مان ڪهڙن شاعرن غزلن جي اصليت، غزليت ۽ شڪل صورت بحال رکندي منجهس تجربا ڪيا آهن ته مون کي راشد مورائي ۽ سرڪش سنڌيءَ سان گڏ جيڪي ٻه اهم نالا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، سي آهن:
    وفا ناٿن شاهي ۽ اياز گل، جن عزل ۾ نواڻ، جدت، سلاست ۽ عام فهمي آڻيندي به ان جي اصليت ۽ تغزل بحال رکڻ جو عمل سرانجام ڏنو.
    وفا کي سنڌي غزل سان گڏ اردو جي قديم ۽ جديد غزل گو شاعرن جي مطالعي جو اهم فائدو ضرور ٿيو ته سندس هٿن مان غزل ڪڏهن به کسڪي ”نظم“ يا ”فرد“ جي خاني ۾ نه هليو ويو. پاڻ وفا غزل ۾ جديد سماجي وارتائن۽ روين کي ايم ڪمل جيان جوڳي جڳهه پڻ ڏني ۽ ان جوخيال، معيار، ٽيڪنڪ ۽ تجسس بحال رکڻ ۾ به ڪامياب رهيو، سندس غزلن جا ڪجهه اهم بند آهن:

    خالي گلاس آهين،
    ڪيڏو اداس آهين.
    --
    روز لٽجن ٿيون نيون اميدون،
    دل، وڏيري جي حويلي آهي.
    --
    اسان جو عشق ته چريو هو، ٿي ويو برباد،
    اوهان جي حسن جا جلوا ته هوشمند هئا.
    --
    هر پاسي اعلان ڦري ويو،
    هر ڪوئي ڳالهائي دل ۾،

    وفا ڪٺن ڏينهن به ڏٺا هوندا، ماڻهن جو تترن جيان شڪار، چاڪيءَ جي ڏاند جيان ڪوڙن جو وسڪارو، جيلن ۽ رڍن ۽ ٻڪرين جيان واڙجڻ، پيار تي پهرن، حقن جي لتاڙ ۽ ٻيون انيڪ اهڙيون اذيتون اکئين ڏٺيون هونديون، جيڪي ان نظام جي وصفن ۾ شامل آهن، ته سندس اندر جي حساس فنڪار ضرور انهن جو ڪو رد عمل اظهاريو هوندو، جيڪو سندس شاعريءَ ۾ ڏسبو ته بلڪل واضح ۽ چٽو پٽو نظر ايندو:

    کُٽي پيا تنهنجا استبداد لکندي،
    مسون، ڪاڳر، قلم افسوس آهي،
    کِلڻ تهمت، روئڻ الزام وانگر،
    ڏسي ڪاتب جا ڪم، افسوس آهي.

    -

    مان بي زبان آهيان،
    تون بي قياس آهين.

    -
    رڃ سان ڪاٿي اڃ لهي ٿي، خشڪ چپن جي پيارا!
    توسان ڪهڙا درد ونڊيندا پاڇا پاڇا ماڻهو!
    -
    منهنجي دل آهه ڪبوتر ڪارو،
    تنهنجي اک ڄڻ ته گليلي آهي.
    -
    ڀيليو ڇو ٿا گاهه ته ناهيان
    نرم سهي، بي ساهه ته ناهيان،
    -
    ڪيسين چپ ڀڪوڙي ويهون،
    دل جو درد دٻائي دل ۾.

    محبوب جي حسن جي ساراهه، پنهنجي وفائن جو ذڪر ۽ ان جي عيوض هڙ پلئه پوندڙ ناڪامين جي انبارن جون شڪايتون، جيڪي غزل جي جان ۽ ان جي تاڃي پيٽي جون تندون هونديون آهن، سي وفا جي غزل ۾ نمايان نظر اچن ٿيون:(الف) حس ن جي واکاڻ جو ذڪر:منهنجي ڳوڙهن جو ڀلا وس ڪهڙو؟
    تنهنجي ڇاتي ئي ٿريلي آهي.

    -
    سندس بي هوش رخسارن تي روئي،
    ستل جذبن کي جاڳائي ڇڏيوسين.

    -
    منهنجا ڳوڙها ته سِر کان تتل ها،
    تنهنجا رخسار ڇا لاءِ ٺري ويا.

    (ب) پنهنجي وفائن ۽ قربانين جو ذڪر:
    آءٌ حالات جي منهن ۾ آهيان،
    شينهن جي وات ۾ ڇيلي آهي،

    -
    هڻي ويو هو نڙيءَ ۾ ڪو چڪ ننڊ پئي،
    اکيون کليون ته ڏٺم دوستيءَ جا ڏند هئا.

    -
    پهڻ سڏڪن سان پگهرائي ڇڏيوسين،
    رٺل محبوب پرچائي ڇڏيوسين،
    وساڻل مشعلن تي رَتُ روئي،
    ڦِٽل ٿاڪن کي چمڪائي ڇڏيوسين!


    (ت) وفائن ۽ قربانين عيوض ملندڙ دئونسن، ناڪامين ۽ ناڪاميابين جو ذڪر:
    ڪچيءَ ڀت کي ٽيڪ لڳائي روئندڙ ڦوهه جواني،
    توکي ڪيڏا سور ڏئي ويا تنهنجا پنهنجا ماڻهو!

    -
    سٺي جهان جا جهنڊا کڻي بلند هئا،
    مگر صليب تي تنهنجا نيازمند هئا.

    -
    تو ۾ پاڻ لڪائڻ وارو،
    توکي ڪيئن لڪائي دل ۾.

    -
    وري پيتوسي قاتل زهر مرڪي،
    وري رندن کي شرمائي ڇڏيوسين

    نازڪ جذبن جو شاعر وفا ناٿن شاهي مسلسل غزل لکي رهيو آهي، پر سندس فقيراڻو ڪشڪول خالي ئي رهيو آهي. نه ڪا شام، نه ڪا تنقيدي نشست، نه ڪوئي مجموعو وغيره، آخر اسان جي اها بي حسي ڪيستائين رهندي. ان سوال اڳيان جوابن لاءِ سنسان رستا ئي ڇڏجن ٿا:جڏهن اسان خاڪ ٿي وياسي، تڏهن اُٺي ماڪ مئڪدن تي،
    رُنو صراحيءَ، ڏٺو نه ساغر، پياڪ پنهنجي خمار ۾ ها.

    (اياز)
    مير محمد پيرزادو


    دل جو خيال

    غزل، سنڌي شاعريءَ ۾ اڄ ڪلهه مقبول عام صنف آهي. سنڌي شاعرن مان اهڙو ڪو ورلي ملندو، جنهن غزل تي طبع آزمائي نه ڪئي هجي. اها ڳالهه ٻي آهي ته تمام ٿورا شاعر اهڙا آهن، جن غزل کي پنهنجي اصليت تي قائم رکيو آهي، نه ته اڪثر غزل جو هُليو بگاڙيو ويو آهي ۽ موهن ڪلپنا چواڻي. ”اسان جي شاعرن غزل سان اهڙي ڪار ڪئي آهي جيئن گلاب جي نازڪ پنکڙيءَ تي بم رکي ڇڏجي.“
    آخوند گل محمد هالائيءَ کان نماڻي سنڌيءَ تائين جن به صاحبِ ذوق سنڌي شاعرن غزل لکيا آهن، تن مان گهڻائي اهڙن غزل گو شاعرن جي آهي، جن غزل ۾ به نواڻ پيدا ڪري شوق ۾، ان ۾ نوان تجربا ڪيا آهن. محترم رام پنجواڻي غزل بابت راءِ ڏيندي لکيو آهي ته، ”مون کي افسوس آهي ته غزل جي نالي ۾ ويچاري غزل سان جيڪي زيادتيون ڪيون ٿيون وڃن، سي فن ۽ ادب جي بي حرمتي ۽ ارهه زورائيءَ جي برابر آهن“.
    هتي هڪ اهڙي شاعر جي غزلن جو جائزو وٺجي ٿو، جنهن غزل کي اصلي معنيٰ ۾ غزل رهڻ به ڏنو آهي ته مواد جي لحاظ کان اها دلڪشي به پيدا ڪئي آهي، جيڪا غزل جي جان هوندي آهي.
    ”وفا“ ناٿن شاهي سنڌي غزل گو شاعرن جي صفِ اول ۾ شمار ٿيندڙ شاعر آهي، جنهن غزل جي سڀني پهلوئن سان خوب نباهيو آهي.
    اچو ته وفا جي غزل ۾ تشبيهون ڏسون:

    ڪو چين سزا وانگر
    ڪو درد دوا وانگر
    --
    ڪافر ٿو ٿيان شايد،
    ڪو شخص خدا وانگر
    --
    برسيو هان سرابن تي،
    سانوڻ جي گهٽا وانگر

    --
    تنهائيءَ ۾ ساروڻي
    ڪاڙهي ۾ هوا وانگر

    --
    گلشن ۾ وفا آهي
    صحرا ۾ صدا وانگر

    هن غزل ۾ ڏسبو ته ٻن جدا جدا لفظن يا شين جي هڪ ٻئي سان ڀيٽ ڪري تشيبهه يا تمثيل جا مثال ڏنا ويا آهن. هڪ ٻئي غزل جا چند بند به پيش ڪجن ٿا، جن ۾ مشبهه، مسبهه بهه ۽ حرف تشيبهه جي سمجهاڻي آهي:

    ڪجهه سوالن جيان، ڪجهه جوابن جيان،
    زندگي آهه انگي حسابن جيان.
    --
    منهنجا جذبا نون مئڪشن جان صنم!
    تنهنجا جلوا پراڻن شرابن جيان.

    --
    حسن وارن جا رنگين ڪومل بدن،
    عشقيه شاعريءَ جي ڪتابن جيان.
    --
    منهنجا ڳوڙها عوامي سماعت وفا،
    هن جون مرڪون سياسي خطابن جيان.

    وفا جي جي شعر ۾ ”ڪنايه“ جو استعمال:

    وئين جڏهن کان پير پائي باغ ۾،
    باغ ٿو پاسا ورائي باغ ۾.
    --
    رنگ ۽ خوشبوءِ جي پويان رُلي،
    پاڻ کي ويٺس وڃائي باغ ۾.
    --
    بند اکيون موسمِ گل جون وفا،
    ڪير ٿو ڪپڙا مٽائي باغ ۾.

    يا

    روز لٽجن ٿيون نيون اميدون،
    دل وڏيري جي حويلي آهي.

    مٿين بندن ۾ ”باغ ٿو پاسا ورائي باغ ۾“، ”پاڻ کي ويٺس وڃائي باغ ۾“، ”ڪير ٿو ڪپڙا مٽائي باغ ۾“ يا ”دل ڄڻ ته وڏيري جي حويلي آهي“ ڪنايه جا عمدا مثال آهن. اهي رمزون ۽ اشارا، ڪنايه طور ڪتب آڻي، غزل کي سونهن بخشي سگهارو بڻايو ويو آهي.
    هيٺ وفا جي غزل ۾ ”مجاز مرسل“ جو نمونو پيش ڪجي ٿو:

    ناخدائن کان بچي ويو هين وفا!
    تنهنجي قسمت ۾ ڪنارا هوندا.
    --
    تنهنجي نيڻن جي افق مان جي ٽٽا،
    منهنجي قسمت جا ستارا هوندا.

    مجاز مرسل جو مطلب آهي ڪنهن لفظ جي سچي معنيٰ کي ڇڏي، نئين مجازي معنيٰ ڪڍڻ، مٿئين غزل ۾ ناخدا جو ٻوڙڻ وارو تصور ۽ ستارن جي ٽٽڻ جي مجازي معنيٰ وٺڻي پوندي، جيڪو مجاز مرسل جو هڪ نمونو آهي.
    وفا جي غزل ۾ صنعت سوال جواب جو مثال:
    هن صنعت ۾، شاعر سوال به پاڻ ڪندو آهي ۽ جواب به پاڻ ڏيندو آهي. وفا جو ان بابت شعر ڏسو.

    ڇو ٿا مون کي ڦاهيءَ چاڙهيو؟
    ايڏو حق آگاهه ته ناهيان.
    --
    ايڏو ڇا ٿا ڇرڪو مون کان؟
    دوزخ جو آڙاهه ته ناهيان.

    يا

    ناخدائن کان بچي ويو آهين وفا!
    تنهنجي قسمت ۾ ڪنارا هوندا.

    هتي صنعت مراعات النظير جو به مثال پيش ڪجي ٿو. هن صنعت موجب شاعر جڏهن ڪا ڳالهه بيان ڪري ٿو ته ان سان واسطورکندڙ ٻين شين جو به ذڪر ڪري وڃي ٿو. ڏسو ته وفا، باغ جي ڳالهه ڪندي گلن، مالهي، آس جي چادر باغ ۾ وڇائڻ وغيره جو ذڪر پنهنجي غزل ۾ پيش ڪري صنعت مراعات النظير جو ڪهڙو نه نمونو ڏيکاريو آهي!

    شهر تنهنجي ۾ ائين منهنجو وجود،
    جيئن ڪو مالهي پرائي باغ ۾.
    --
    تنهنجي وعدن سان ڪچهريون ٿو ڪيان،
    آس جي چادر وڇائي باغ ۾.
    --
    تون به وئين، گل ڀي ويا هاڻي مٺا،
    ڪير ويٺو ڌوڙ پائي باغ ۾.

    صنعت اسماءِ: هن صنعت موجب شاعر پنهنجي شعر ۾ ماڻهن، پکين، جاين، جانورن يا ٻين شين جا نالا ڪتب آڻيندو آهي. هيٺ ڏسو ته وفا، ماڻهن جا نالا، پنهنجي شعر ۾ ڪم آڻي صنعت اسماءِ جو مثال ڏنو آهي:

    جاڳو ٻيلي مڙس ٿيو،
    مانجهي، پانڌي گاهي ڙي.

    صنعت ضرب المثل: هن صنعت ۾ شاعر، شعر ۾ ڪو پهاڪو، چوڻي يا قرآن شريف جي ڪا آيت ڪم آڻيندو آهي. اچو ته ڏسون ته هن صنعت سان وفا ڪيترو نباهيو آهي:
    پنهنجي هوندي تنهنجي چاهت ۾ چريو،
    ڄڻ ”امانت ۾ خيانت“ ٿو ڪيان.
    --
    هي گهُر ٻار وفا جو آهي،
    دنيا ڌوڙ نه پائي دل ۾.
    --
    ”مطلب جي محبت“ آ،
    بي فيض دعا وانگر.
    --
    هر سوچ منافق جي،
    ”جوتي ۾ بلا“ وانگر.

    هاڻي اچو ته ڏسون ته وفا صاحب سينيئر شاعر آهي، هن بحر وزن سان ڪيترو نباهيو آهي.
    بحر متدارڪ مثمن سالم جو مثال:

    ڪجهه سوالن جيان ڪجهه جوابن جيان،
    زندگي آهه انگي حسابن جيان.

    فاعلن فاعلن فاعلن فاعلن
    ڪجهه سوالن جيان ڪجهه جوابن جيان
    زندگي آهه ان گي حسا بن جيان

    بحر متدارڪ مثمن مخبون مسڪن محذوف جي مثال:

    سنڌڙي سور الاهي ڙي
    ڏيندا ڏيهه گواهي ڙي

    فعلن فعلن فعلن فع
    سنڌڙي سورا لاهي ڙي
    ڏيندا ڏيهه واهي ڙي

    بحر متدارڪ مثمن مجذوف جو مثال:
    ڀيليو ڇو ٿا گاهه ته ناهيان
    نرم سهي بي ساهه ته ناهيان

    فعلن فعلن فعلن فعلن
    ڀيليو ڇوٿا گاهه ته ناهيان
    نرم س هي بي ساهه ته ناهيان

    بحر رمل مسدس مخذوف جو مثال:

    موت جي ڊپ کان عبادت ٿو ڪيان،
    زنگي تنهنجي وضاحت ٿو ڪيان،

    فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن،

    موت جي ڊپ کان عبادت ٿو ڪيا،
    زندگي تهه جي وضاحت ٿو ڪيا.

    ائين به ناهي ته وفا صاحب عام مروج بحرن تي شاعري ڪئي آهي پر هن نوان تجربا پڻ ڪيا آهن، جيئن:

    سڄي جهان جا جهنڊا کڻي بلند هئا
    مگر صليب تي تنهنجا نيازمند هئا

    يا وري هي شعر:

    ڪو چين سزا وانگر،
    ڪو درد دوا وانگر.

    مٿيان چند شعر، نموني طور پيش ڪيا ويا آهن. غور سان ڏسبو ته وفا جي سڄي شاعري، اها ڇپيل هجي يا اڻ ڇپيل هر طرح جي خوبين سان مالا مال نظر ايندي. سندس شعر ملائم ۽ آسان آهي، جيڪو سولائيءَ سان سمجهه ۾ ايندڙ آهي، پر پوءِ به منجهس فڪري مواد موجود آهي. آخر ۾ وفا جي ئي شعر سان پڄاڻي ڪجي ٿي:

    توکي آيو آ تڏهن دل جو خيال،
    غم جڏهن موڙ ڪٽي ويو آهي.

    راشد مورائي


    وفا: درد، ديس ۽ دل جي ايمان جو شاعر

    وفا ناٿن شاهي، سنڌي غزل جو خوبصورت ۽ امر آواز آهي، جنهن جي اظهار ۾ جنم جنم جون ڳولائون آهن، جن جي سڃاڻپ صرف اهي اکيون ئي ڪري سگهن ٿيون، جن اکين جي ازل ابد جي پيچرن سان دوستي هوندي آهي. وفا غزل جي رنگين سفر جو اهو پانڌي آهي، جنهن زندگي جي ڪيترن ئي ذائقن کي چکي ڏٺو آهي، جنهن کي خبر آهي ته ثواب جيان گناهه به زندگيءَ جو لافاني سواد آهي ۽ جنهن جي چکڻ کان پوءِ ئي ماڻهو زندگيءَ کي سمجهڻ جي اهل ٿي سگهندو ۽ وفا ان کي سمجهي، پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪي احساس اوتيا آهن، تن هن جي شاعريءَ کي زندگيءَ جي هڪ اجري آرسي بڻائي ڇڏيو آهي. وفا ناٿن شاهيءَ جي ڊول ۽ بيهڪ کي ڏسي، واقعي به پڪ ٿي وڃي ٿي ته هي امرتسر جي ڀرسان واقع هڪ ڳوٺ ڪڪڙان والا بنديالا ۾ ئي ڄائو آهي. رنگ جو پڪو ڪار سرو، اڻ ويٺل مٿو، هٿ پير آزاد، لڳي ٿو ماءُ هن کي تنجڻن ۾ ٻڌو ئي ڪو نه! شايد ننڍپڻ کان ئي هن ٻنڌڻن کي قبول نه ڪيوآهي، اهو ئي سبب آهي جو هو پنهنجيءَ دل جي رياست جو اهو آزاد شهزادو بڻجي ويوآهي، جنهن وٽ سرحدن جو تصور بي معنيٰ هوندو آهي. جيڪڏهن ننڍي کنڊ جو ورهاڱو نه ٿئي ها ته هي امرتا پريتم جو هم وطن ۽ همز زبان/ امرتسر جي هوائن جو شهزادو هيئن دربدر به نه ٿئي ها. هو صرف چئن سالن جو هو ته اوچتو ورهاڱي جي وٺ وٺان ۾ سندن ڳوٺ وارن کي خبر ملي ته هي ڳوٺ هندوستان جي ورهاست ۾ آيو آهي، ان ڪري کين هي ڳوٺ خالي ڪرڻو پوندو. هن جو پيءُ خيرات علي، جيڪو مڻهيارو هو، جنهن امرتسر جي آس پاس وارن ڳوٺن ۾ بولا، بينسريون، چوڙيون، ڪجل، مساڳ وڪڻي پئي سماجي رشتن ڳنڍڻ جوجيون گهاريو، جنهن کي گرمکيءَ ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ ايندو هو، جنهن کان ئي وفا ناٿن شاهيءَ هير وارث شاهه ٻڌي هئي، ان کي اوچتو جڏهن ڄاڻ پئي ته کين پنهنجو ڳوٺ خالي ڪرڻو پوندو ته هو پڪ سان ٻارن وانگر روئي پيو هوندو. ان سمئه هن جي اها پيتي، جنهن ۾ ڪيترائي رشتا، جيڪي ڇلن، منڊين، چوڙين ۽ نڪ جي ڪوڪن جي شڪل ۾ موجود هوندا، اهي به هن کي سڏڪندي محسوس ٿيا هوندا ۽ هن تصور ۾ اهي ڀڄي ڀري رهيا هوندا. نيٺ پنهنجي پيءُ خيرات علي ۽ ٻين ڀاتين سان چئن سالن جو مشتاق علي يعني اڄوڪو لاڏلو شاعر وفا، نئين وجود ۾ آيل پاڪستان ۾ اچي ويو. پهرين يونين ڪائونسل گوزي ۽ پوءِ خيرپور ناٿن شاهه ۾ اچي رهيا، جتي هنن جي پنهنجي اباڻي ديس سان گڏ اباڻي ٻولي کي به ذري گهٽ وساري سنڌي ڳالهائڻ شروع ڪيو۔
    وفا ننڍپڻ کان فطرت پسند ماڻهو هو، ان ڪري سنڌ جي فطري سونهن هن کي پنهنجي درد سميت پنهنجي ڀاڪر ۾ آڻي ڇڏيو. هي پنهنجي مٺي آواز سان جهونگاريندو، وطن جي وڻن ٽڻن جو اڀياس ڪرڻ لڳو. ميلا ملاکڙا هن کي تمام گهڻا موهيندا هئا، ان ڪري هوآوازن کي وڌيڪ ويجهو ٿيندو ويو. ميلن ملاکڙن جي موقعي تي جيڪي ڳائڻا ۽ ڳائڻيون اينديون هيون، هي انهن جي صحبت ۾ پاڻ کي هلڪو محسوس ڪندو هو ۽ خاص طرح ڳائڻين کي هي پنهنجي دور جا هٽ فلمي گانا ياد ڪرائيندو هو. ڇو ته هن کي پنهنجي دور جا سڀ هٽ فلمي گانا ياد هوندا هئا. دراصل وفا پنهنجي نوجوانيءَ واري زماني ۾ ئي هڪ خيالن جي دنيا جوڙي ورتي هئي، جنهن جي تعمير هن جي آوازن ڪئي هئي. فلمون ڏسڻ به ان تعمير جو هڪ پاسو آهي. هو جڏهن خواب ڏسندو هو ته انهن ۾ اڪثر هن کي فلمي اداڪارائون ملنديون هيون، پر حقيقت هيءَ آهي ته هو پنهنجيءَ زندگيءَ جو هيرو بڻجي نه سگهيو. هن جنهن کي، ڪڏهن فردوس ڪڏهن مسرت نذير جي صورت ۾ ڏٺو، افسوس ان کي ماڻي نه سگهيو ۽ هن جا نصيب وڃي هڪ اهڙي عورت تي نيهن ۾ اٽڪيا، جنهن سان هن جوانيءَ جي بي پرواهيءَ وارا لاڳاپا جوڙيا هئا. هن اهو جهنم خريد ڪري ورتو، جنهن ۾ هو اڄ به جلي رهيو آهي. هو ڪيئن جلي رهيوآهي، اهو صرف هن جي شاعري ٻڌائي ٿي، ۽ سندس اهي ساٿي ئي ٻڌائي سگهن ٿا، جيڪي بي خبر ۽ بيباڪ ٽهڪن تائين هن جي سفر ۾ گڏ رهيا آهن. هن جا ٽهڪ سکڻا نه هوندا آهن. هو جڏهن ٽهڪ ڏيندو آهي ته انهن ۾ سندس جگر به شامل هوندو آهي. هن جي اندر جي سموري خوبصورتيءَ کي سندس شاعريءَ ۾ ڏسي سگهجي ٿو، جا هن جي سموري ناڪام زندگيءَ جو ناز آهي، جنهن کي هن ڪيترن نه ڏکين ۽ ڪرب وارين حالتن ۾ تعمير ڪيو آهي، ان جي سونهن ۽ سلوڻائپ جي ڳولا ۾ هو شعور سان گڏ لاشعور جا رستا به ڀٽڪندو رهيو آهي ۽ هن پنهنجي شعور کان لاشعور ڏانهن سفر هميشه کيپن ۽ خمارن ۾ ڪيو آهي، هن جا سمورا کيپ ۽ خمار هن جي ذات جي درد جو حصو آهن. سچ پچ ته هن جي درد وٽ اهي اکيون آهن، جيڪي اونداهين ۾ سوجهرو ڳولي وينديون آهن. مان هن کي سقراط جهڙو ٿو سمجهان، جيتوڻيڪ مقدار جي اعتبار کان زندگيءَ جو زهرجيڪو وفا پيتو آهي، اهو سقراط پئي ها ته جسم مان شعلو بنجي وڃي ها، پر پوءِ به وفا سقراط نه آهي، ڇو ته هو وفا آهي. حقيقت هيءَ آهي ته وفا پنهنجي سڃاڻپ پاڻ آهي، سادڙو ۽ سٻاجهو. مون جڏهن هن کي پهريون ڀيرو ڏٺو هو ته، مون کي هن جي بي ڊولائي تي کل اچي وئي هئي، پر پوءِ آهستي آهستي مون هن جي اندر ۾ ان حسين انسان کي ڳولي ورتو هو، جنهن جي آڏو ظاهري سونهن ۽ سينگار ڪا اهميت نه رکندا آهن. وفا ناٿن شاهيءَ جو عروج، منهنجي شاعريءَ جي وکن کڻڻ وارو زمانو آهي، پر ٻنهي ۾ هڪ عجيب مماثلت آهي ته اسان ٻنهي نائين درجي کان شاعري شروع ڪئي ۽ ٻنهي جي شادي ڪچيءَ وهيءَ ۾ ئي ٿي گذري. ٻنهي گهڻي ۾ گهڻيون فلمون ڏٺيون، ٻنهي کي گهڻي ۾ گهڻا فلمي گانا ياد رهيا. بهرحال منهنجو هن سان جيڪو شاعراڻو رشتو جڙيو آهي، هن، سڀ کان مٿانهون آهي، جنهن رشتي ئي مون کي هن جي ويجهو آندو آهي. هو جنهن خيرپور ناٿن شاهه کان جاتيءَ تائين زندگيءَ کي رلندي گذاري ڇڏيو، پر هن کي ڪٿي جي به هوا گهڻو ترسائي نه سگهي. جڏهن به آءٌ سندس شاعري پڙهندو آهيان ته منهنجو درد، ديس ۽ دل تي ايمان وڌيڪ پختو ٿي ويندو آهي. اصل ۾ وفا درد، ديس ۽ دل جي راهن جو ئي شاعر آهي، هن جي شاعري لفظن جو ورجاءُ نه آهي، بلڪ اها زندگيءَ جي مشاهدن جو نتيجو آهي. هن جي شاعري جو ٻرڻ، دراصل هن جي پنهنجي اندر جو ٻرڻ آهي، جنهن جا شعلا ڪنهن جي اکين کي پنهنجي حصار جي والار هيٺ آڻيندي دير نٿا ڪن.
    وفا ناٿن شاهي مسلسل ۽ مڪمل شاعر آهي، هن جي اظهار جي پُورنت مون کي ڪٿي به نٿي کٽڪي، اها هن جي فن جي عظمت ئي آهي جو هو عام واقعن ۽ حادثن کي جڏهن پنهنجي شاعراڻي حسن سان ڇهي ٿو ته اهي واقعا ۽ حادثا عظيم بڻجي وڃن ٿا. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ لکايو ته ائين ويو آهي ته هي اسان جو لاڏلو شاعر وفا ناٿن شاهي غزل جو ئي شاعر آهي، پر حقيقت رڳو ائين به نه آهي. هن غزل کان وٺي هائيڪي تائين شاعريءَ جو جيڪو ڊگهو ۽ بامقصد سفر ڪيو آهي، ان سڄي سفر کي هڪجهڙي معنيٰ آهي. وفا ناٿن شاهيءَ جو نالو خيرپور ناٿن شاهه جي نالي سان منسوب آهي. ائين ڪجهه ٻيا نالا: نشتر ناٿن شاهي، راز ناٿن شاهي ۽ آثم ناٿن شاهيءَ جا به مشهور آهن، پر هي ڪو شاعريءَ جو مخصوص مڪتبئه فڪر به ناهي، بلڪه هيءَ ته ڌرتيءَ سان لاڳاپي جي هڪ نسبت آهي، جا خوشبو ٿي هر هنڌ ڦهلجي وڃي ٿي.
    وفا جي شاعريءَ جو اسلوب اوپرو نه آهي، بلڪه اهو ڄاتل سڃاتل آهي، هن جو سنڌي شاعريءَ جو تسلسل سان جڙاءُ آهي، جنهن ڪري وفا جون تشبيهون، ترڪيبون ۽ اهڃاڻ يا علامتون مقامي آهن، ان ڪري ئي انهن ۾ مٽيءَ جو هڳاءُ آهي. وفا جي مادري زبان ته پنجابي آهي پر ڇا ته وٽس سنڌي ٻوليءَ جونجپڻو آهي، جيڪو شهرن ۾ وسندڙ سنڌي شاعرن وٽ به نه آهي، جيڪي واحد ۽ جمع جي صيغن جون به ٽنگون ڀڃند آهن، پر وفا جي نج سنڌي ٻوليءَ جي ترڪيبن ۽ محاورن يا انهن جي ڀرپور استعمال تي هروڀرو حيرت به نه کائڻ گهرجي، ڇو ته وفا جي پالنا سنڌ جي هوائن ۾ ٿي آهي، هُن يا عمر سنڌي ماڻهن جي ڳوٺاڻي ماحول ۾ گهاريو آهي. ان ڪري هن سنڌي سريلي ٻوليءَ کي ميڙي پنهنجي شاعري کي سورنهن سينگار ڪرايا آهن. اچو ته ڪجهه سندس شاعريءَ جو نظارو ڪريون:

    ڀيليو ڇو ٿا گاهه ته ناهيان
    نرم سهي بي ساهه ته ناهيان.
    -
    مان ٻڏي ويس ته پرواهه ناهي،
    تنهنجو ٻيڙو ته تاري ڇڏيو مون!

    هي سڀ شعر بنهه ٿورا مثال آهن آهن، پر انهن ۾ نج سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماحول جي خوشبوءِ آهي، جنهن کي محسوس ڪري وفا جي سنڌيت واري شعور تي فخر اڃان به وڌي وڃي ٿو.

    وسيم سومرو


    شاعري

    حُسن جي بنده پروري آهي

    حُسن جي بنده پروري آهي،
    منهنجي دنيا ۾ روشني آهي.

    تنهنجي اکيون ڇو آليون آهن،
    مون ته هٿ تي چمي ڏني آهي.

    خوش رهو اي حَسين انسانو!
    هِت به جنت ٺهي پئي آهي.

    منهنجي بربادين تي تو نه رُنو،
    هونئن ته دنيا سڄي رُني آهي.

    ڪو ته آهي چمن ۾ اڄ مُرڪيو،
    من جي مکڙي ٽڙي پئي آهي.

    دل جي نادانين تي کِل نه ’وفا‘!
    دل ازل کان وٺي چري آهي.


    ظُلم ۽ ڪفر سان لڙائي آ

    ظُلم ۽ ڪفر سان لڙائي آ،
    منهنجي هر سوچ ڪربلائي آ.

    تنهنجي فطرت ۾ منهنجي مجبوري،
    ڄڻ جهنم ۾ پارسائي آ.

    دشمني، دوستيءَ کان مخلص آ،
    مون ته هر وار آزمائي آ.

    مون سان گڏجي رهين يا دُور هُجين،
    هاڻ هر حال ۾ جُدائي آ.

    منهنجي ترديد تي رُئلڻ وارا!
    تنهنجي تجديد جي ڀَلائي آ.

    پاڻ کي ٿو ’وفا‘ خدا سمجهان،
    ڪيتري قدر هيکلائي آ.


    ٿَڌِي ڪَرِ نه بُسري، ڪهاڙي نه ڪَٽِ

    ٿَڌِي ڪَرِ نه بُسري، ڪهاڙي نه ڪَٽِ،
    محبت جي غيرت! ارادا نه مَٽِ.

    نه عاصين تي رحمت جو ڇڻڪارُ ڪر،
    الاهي! ثوابن جون پاڙون نه پَٽِ.

    ڀلي ڌوڙ پئي پاءِ دنيا! مگر،
    اسان جي اُميدن جا لاشا نه لَٽِ!

    سدائين هوا جي ڪُلهن تي سوار،
    حَسينن جا انجامَ واري جي وَٽِ.

    انڌيرن ۾ ٿاٻا محبت جهلي،
    سڙي وئي ’وفا‘ جي چراغن جي وَٽِ!


    هاڙهه هوندا، يا سيارا هوندا

    هاڙهه هوندا، يا سيارا هوندا،
    هاڻ ڳوڙهن تي گذارا هوندا.

    سي ته ماڻهو به فرشتا چئبا،
    توکي جي پاڻ کان پيارا هوندا.

    رَيتِ جي ڍير تي رُئندڙ ڪڪري!
    کوڙ انسان اڃارا هوندا.

    تنهنجي نيڻن جي افق مان جي ٽُٽا،
    منهنجي قسمت جا ستارا هوندا.

    تنهنجي وارن جي وَرن جو سوڳنڌُ،
    هاڻ هر موڙ تي ڍارا هوندا!

    ناخدائن کان بچي ويو هين ’وفا‘!
    تنهنجي قسمت ۾ ڪِنارا هُوندا.


    سِينڌ تُنهنجي جو لَٽي ويو آهي

    سِينڌ تُنهنجي جو لَٽي ويو آهي،
    هانءُ منهنجو به پَٽي ويو آهي.

    عشق ٿيو آهه جڏهن ڀي مجبور،
    جڳَ کان هر راند کَٽي ويو آهي.

    حُسن جا ويڻَ، جوانيءَ جي ميارَ،
    ضبطُ سينو ئي ڦٽي ويو آهي.

    تنهنجي زلفن جو بهشتي پاڇو،
    منهنجي هر سوچ مَٽي ويو آهي.

    پاڻ تي ڌوڙ وسائڻ وارو،
    تنهنجا پيرا به چَٽي ويو آهي.

    توکي آيو آ تڏهن دل جو خيالُ،
    غم جڏهن موڙ ڪَٽي ويو آهي.

    پيار جي هٿ مان ’وفا‘ جو ڳيرو،
    وقت جو بازُ جَهٽي ويو آهي!


    يا چهرن تي پردا وَرائي ڇڏيو

    يا چهرن تي پردا وَرائي ڇڏيو،
    يا منهنجي نظر کي مَڃائي ڇڏيو.

    سويرن جي تائيد جا دشمنو!
    مون کي گولين سان اُڏائي ڇڏيو.

    جي چاهيو ته مخمور اکيون کڻي،
    زمين آسمان سان ملائي ڇڏيو.

    نه پيرن اگهاڙا گهُمو باغ ۾.
    متان ڪنهن جا جذبات گهائي ڇڏيو.

    بهارن جي ڪهڙي ٿا موسم پُڇو،
    جڏهن ڀي اوهان مُسڪرائي ڇڏيو.

    ’وفا‘! موت جي ڇا تقاضا ڪبي،
    جڏهن زندگيءَ ئي وڄائي ڇڏيو.


    تو جي مُرڪِي مُرڪِي منهنجا، رئندڙ چاڪَ چِڪايا هوندا

    تو جي مُرڪِي مُرڪِي منهنجا، رئندڙ چاڪَ چِڪايا هوندا،
    روئي روئي مون ڀي تنهنجا، دل تي پاند پُسايا هوندا.

    لڙڪن جو هر واهه ته ڏيئي بُل ٽپي ويو آهين ليڪن،
    هاڻي تنهنجي وک وک سامهون، ساگر سَرسُ سوايا هوندا.

    سُهڻا! تنهنجي سينڌ جي سامهون، پيارا تنهنجي سينڌ جي سڏ تي،
    ڪوڙين ڪنڌ جهُڪي ويا هوندا، لکن ڪنڌَ ڪپايا هوندا.

    تنهنجا ويڙهه ڏٺا جي هوندا، منهنجي هٿ ۾ منهنجي يارن،
    تو به ته ساهيڙين جي سامهون، پنهنجا وارَ سُڪايا هوندا.

    پنهنجي سورهين سالگرهه تي، توکي ڪهڙي گهُرج ’وفا‘ جي،
    تووٽ لک مون جهڙا ايندا، لک مون پارا آيا هوندا.


    رخسارن کي ڏاڙهون چئبو، اکيون ڀي پيمانا چئبا

    رخسارن کي ڏاڙهون چئبو، اکيون ڀي پيمانا چئبا،
    جيتر ساههُ سريءَ ۾ آهي، تنهنجا ئي افسانا چئبا.

    اوتي ڪو نه سگهيا جي ڪنهن جي خشڪ نڙيءَ ۾ پيار جو پاڻي،
    کوکِليون سي دليون سڏبيون سي مَنَ ڪانگڙ ڪانا چئبا.

    تنهنجي جسم جي گرمائش تي، بڻجي ميڻ رجي ويا آهن،
    کُٽڪا ڀي ڪي چَريا آهن، جذبا ڀي ديوانا چئبا.

    جَن ۾ لڙڪ نه آهن منهنجا، جَن ۾ تنهنجا ٽهڪ نه آهن،
    سي دريا ڀي آهن رڻ پٽ، سي گلشن ويرانا چئبا.

    ميڻ بتي جيان رات سموري هيکل رجندي رهندي آهين،
    تنهنجي ڳوٺ جا ڳاهڙا ڳڀرو ڀي ڪوڙا پروانا چئبا!


    جيسين جڳ ۾ جيئرا رهندا، تو مون جهڙا ماڻهو

    جيسين جڳ ۾ جيئرا رهندا، تو مون جهڙا ماڻهو،
    محمل محمل ماڻهو هوندا، صحرا صحرا ماڻهو.

    ڪچيءَ ڀت سان ٽيڪ ڏئي اي! رُئندڙ ڦوهه – جواني،
    توکي ڪيڏا سور ڏئي ويا تنهنجا پنهنجا ماڻهو.

    مون کي راڻو چوندا توکي منهنجي مومل،
    تنهنجي منهنجي ڳوٺ جا آهن ڏاڍا چريا ماڻهو.

    رُڃ سان ڪاٿي اُڃ لهي ٿي خشڪ چپن جي پيارا!
    توسان ڪهڙا درد ونڊيندا، پاڇا پاڇا ماڻهو.

    رُوپ جواني، اڻ – جهل جذبا، سانوڻ جون برساتيون،
    پٿر پٿر ماڻهو آهن، تنها تنها ماڻهو!

    مان سڀ ڪجهه سمجهان – ڄاڻان، تون ڀي ٻار نه آهين،
    ڪيڏا بي حِس آهن تنهنجي، منهنجي گهر جا ماڻهو.

    راتِ پکيڙي ڇڏيا آهن، تاج محل تي ڪاڪُل،
    ڪارا ڪارا بُرقعا آهن، ڀورا ڀورا ماڻهو.

    نيڻ شرابي، مست جوانيون، انگ انگ ۾ خوشبو،
    ڪنهنجي ڪنهنجي ڀاڳ ۾ هوندا، اهڙا سهڻا ماڻهو.


    ساري پاڙي جي سهيلي آهي

    ساري پاڙي جي سهيلي آهي،
    تنهنجي دل پو به اڪيلي آهي.

    منهنجي دل آهه ڪبوتر ڪارو،
    تنهنجي اکِ ڄڻ ته گُليلي آهي.

    منهنجي ڳوڙهن جو ڀلا وسُ ڪهڙو؟
    تنهنجي ڇاتِي ئي ٿريلي آهي.

    روز لُٽجن ٿيون نيون اميدون،
    دل وڏيري جي حويلي آهي.

    آءٌ حالات جي مُنهن ۾ آهيان،
    شينهن جي وات ۾ ڇيلي آهي.

    ڳوٺَ جنهن ۾ تون رهين ٿو، هي ’وفا‘-
    ان سڄي ڳوٺ جو ٻيلي آهي.


    مان ۽ اوسيئڙا، سائين!

    مان ۽ اوسيئڙا، سائين!
    تنهنجي دل منهنجا سائين!

    دنيا، دنيا ٿي ويندي،
    دنيا، دنيا آ سائين!

    بر-ٿر، جل – ٿل نيٺ ڪندا،
    اکين جا دريا سائين!

    سياڻو ٿي، مُشڪل ملندءِ –
    مون جهڙا چَريا، سائين!

    کِلُ نه، اڃا تازا آهن،
    زخمن جا ٽاڪا، سائين!

    نظرن سان نيلام نه ڪر،
    دلين جا سودا سائين!

    اڇلي ڇڏيا راهبرن،
    رستن تي ڪاوا، سائين!

    سنڌڙيءَ کان سستا آهن،
    سوريءَ جا جهٽڪا، سائين!


    سنڌڙيءَ سُورَ اِلاهي ڙي!

    سنڌڙيءَ سُورَ اِلاهي ڙي!
    ڏيندا ڏيهه گواهي ڙي!

    ڪاٿي منزل، ڪاٿي ماڳ،
    ڪاٿي پٽبي ساهي ڙي!

    شينهنِ وانگر جاڳي پيا،
    سِنڌڙي تنهنجا واهي ڙي!

    گوڏا کوڙي ڪيئن وِهندا،
    هر منزل جا راهي ڙي!

    دنيا! پنهنجو ڪوڙ سنڀال،
    پنهنجو ورثو ڦاهي ڙي!

    جاڳو، ٻيلي مُڙس ٿيو،
    مانجهي، پانڌي، گاهي ڙي!

    ڪونه ڇڏيندو سنڌُ ’وفا‘،
    ڪاڙهيو ڀلي ڪڙاهي ڙي!


    ڀيليو ڇو ٿا گاههُ ته ناهيان!

    ڀيليو ڇو ٿا گاههُ ته ناهيان!
    نرم سهي، بي ساهه ته ناهيان.

    ايڏو ڇو ٿا ڇرڪو مون کان،
    دوزخ جو آڙاهه ته ناهيان.

    نيٺ خطا ٿي ويندي مون کان،
    آدم هان، الله ته ناهيان،

    قيد ٿيان سوني پڃري ۾!
    لوڀيءَ جو ويساهه ته ناهيان.

    ڇو ٿا مون کي ڦاسيءَ چاڙهيو،
    ايڏو حق – آگاهه ته ناهيان.

    منهنجو مذهب پيار، محبت،
    ڏسجو: مان گمراهه ته ناهيان!؟

    آکيرن مان ساسي ٽاهيان،
    مان ماريءَ جو ٽاهه ته ناهيان.

    نوٽن تي ڪيئن نينهن نچايان،
    مان نچڻيءَ جو چاهه ته ناهيان.

    ڪيئن آباد ڪيان ٿر، ڪاڇو،
    آءٌ ’وفا‘! درياهه ته ناهيان.


    ڪير مُئو تلوار کي ڇاهي

    ڪير مُئو تلوار کي ڇاهي،
    ڪير بچو، سرڪار کي ڇاهي!

    حرفُ مسيحائيءَ تي ايندو،
    صدين جي بيمار کي ڇاهي!

    تون ئي ڪانگَ اڏائيندين پيو،
    پرديسيءَ جي پيار کي ڇاهي!

    دوزخ ۾ ڀي ماڻهو آهن،
    جنت جي ٿڌڪار کي ڇاهي!

    جهڙي مومل، تهڙي سُومل،
    هرجائيءَ جي پيار کي ڇاهي!

    گهاڻو، آرو، ڦاسي، گولي،
    ظالم جي معيار کي ڇاهي!

    صرف ’وفا‘ گهرجي چاهت کي،
    ورنه ڪنهن ڪِردار کي ڇاهي!


    سڄي جهان جا جهندا کڻي بلند هئا

    سڄي جهان جا جهندا کڻي بلند هئا.
    مگر صلب تي تنهنجا نيازمند هئا!

    هڻي ويو هو نڙيءَ ۾ ڪو چَڪُ ننڊ پئي،
    اکيون کُليون ته ڏٺم دوستيءَ جا ڏند هئا!

    سگهيس ڇڏائي نه ڪنڊن کان پنهنجي دامن کي،
    گُلن جا رنگ مون کي ڪاٿي ناپسند هئا.

    اسان جو عشق ته چريو هو، ٿي ويو برباد،
    اوهان جي حُسن جا جلوا ته هوشمند هئا.

    ڪيائون دشمني، پر دوستي جي پردي ۾،
    عجيب قسم جا يارن جا ڦير – ڦند هئا.

    سمورو شهر رُنو ٿي اُداس سانوڻ جان،
    نِبارُ(1) لڙڪ انهن ۾ ’وفا‘! ڪي چند هئا!


    (1) نِبار: خالص، نج


    اکِ اکِ نيرُ وهائي دل ۾

    اکِ اکِ نيرُ وهائي دل ۾،
    هٿ سان باهه لڳائي دل ۾.

    هر پاسي اعلانُ ڦري ويو،
    هر ڪوئي ڳالهائي دل ۾.

    ڪيسين چپَ ڀڪوڙي ويهون،
    دل جو درد دٻائي دل ۾.

    سچ جا ٻول چپن تي آڻي،
    دل ويٺي پڇتائي دل ۾.

    تو ۾ پاڻُ لڪائڻ وارو،
    توکي ڪيئن لڪائي دل ۾!

    هر گهر – ٻار ’وفا‘ جو آهي،
    دنيا ڌُوڙ نه پائي دل ۾!


    پَهڻُ سڏڪن سان پگهرائي ڇڏيوسين

    پَهڻُ سڏڪن سان پگهرائي ڇڏيوسين،
    رُٺل محبوب پرچائي ڇڏيوسين.

    اوهان جي ڪاڪُلن جي ڇانوَ خاطر،
    سڄي جنت کي ٺڪرائي ڇڏيوسين،

    وري پيتوسي قاتل زهر مُرڪِي،
    وري رِندن کي شرمائي ڇڏيوسين.

    ائين سمجهي ته دنيا خواب آهي،
    تمنائن کي سرچائي ڇڏيوسين.

    وِساڻل مشعلن تي رَتُ روئي،
    ڦِٽل ٿاڪن کي چمڪائي ڇڏيوسين.

    انڌيرن ۾ کِڙياسين چَند بنجي،
    چِٻُن، چَمڙن کي چيڙائي ڇڏيوسين.

    سندس بي هوش رخسارن تي روئي،
    سُتَل جذبن کي جاڳائي ڇڏيوسين.

    ’وفا‘! سوريءَ گهڻو نڙگهٽ نپُوڙيو،
    جمالو پوءِ ڀي ڳائي ڇڏيوسين!


    اکيون منهنجون ۽ تنهنجا چارا هئا

    اکيون منهنجون ۽ تنهنجا چارا هئا،
    سفر ۾ اِهي ئي نظارا هئا.

    ڇو ٻيڙيءَ کي چاڙهي ڇڏيئه سِيرتي،
    جڏهن تنهنجي وس ۾ ڪنارا هئا.

    ٻيا ڀي ته ٻُوڙا هئا جهنگ ۾،
    رڳو ڇو اَڪن تي ئي پارا هئا!

    ويا دل جي چشمي ڏي ڳوڙها لڙي،
    اکين جا سڀئي کوههَ کارا هئا.

    جڏهن تنهنجي چوٽيءَ مٿي ڪَرُ کنيو،
    نه جوڳي هئا ۽ نه ڍارا هئا.

    ٻُڏي وئي جو ڪشتي ته ظاهر ٿيو،
    ’وفا‘! ڪُن ۾ ڀي ڪنارا هئا.


    ڳِٽي ڳِٽي سان مُنَوَر دَري دَري آهي

    ڳِٽي ڳِٽي سان مُنَوَر دَري دَري آهي،
    گِهٽيءَ گِهٽيءَ جي فضا ”طور“ جان ٻري آهي.

    سخيءَ سخيءَ جي اکين تي چڙهي ويا پردا.
    گداگرن جي اگهاڙي تري تري آهي.

    تلاش ڪيئن ڪجي جادوئي چراغ جڏهن –
    نه ڪوئي ديوُ چَئي ۾، نه ڪا پري آهي.

    لَڏيا وڃن ٿا سڀئي آسمان تي شايد،
    سڄي جهان جي مِٽي ڀَري ڀَري آهي.

    مري ويو نه هجي موت جو فرشتو ڀي،
    سمورو عرش رُلي زندگي وري آهي.

    سڄي جهان تي حاوي آ تنهنجي پيار جو غم،
    نه ڪوئي جهول سلامت، نه اک بَري (1) آهي.

    ڪئي دفعا مون ’وفا‘! هٿ وجهي ڏٺو آهي،
    خُدا جو ڳُجهه به ماڻهو جي کوپري آهي.

    (1) بَري: آزاد


    ٽيڪي ٽيڪي تي ڏيئا ٻري ويا

    ٽيڪي ٽيڪي تي ڏيئا ٻري ويا،
    هر اڱڻ تان انڌيرا ٽري ويا.

    غازي غازيءَ کي انصاف آهي،
    پر، شهيدن جا لاشا ڳري ويا.

    ڇو ٿا قبرن تي ڳوڙها وهايو،
    جن کي جيئڻو نه هو، سي مري ويا.

    منهنجا ڳوڙها ته سر کان تتل ها،
    تنهنجا رخسار ڇا لئه ٺري ويا؟

    ڏِس ’وفا‘! ساههُ ڪيڏو مٺو آ،
    ٿر جا ماڻو به دريا تري ويا!


    تڪڙي تڪڙي وکَ کڻي ٿي دنيا

    تڪڙي تڪڙي وکَ کڻي ٿي دنيا،
    شايد پنهنجا ساههَ ڳڻي ٿي دنيا.

    سانوڻ جي برسات وسن ٿا ٽانڊا.
    ڇاڻيون ٿا انسان، ڇڻي ٿي دنيا.

    مانڊو آهيان، ڏند ڀڃڻ ڄاڻان ٿو،
    ورنه ڏاڍا ڏنگ هڻي ٿي دنيا.

    هاڻي ٻڏڻو – ترڻو توکي پوندو،
    مون کي ڀي ميهار! وڻي ٿي دنيا.

    پيرن ۾ زنجير هٿن تي مينديون،
    ڪهڙي جُڳ جا ٻارَ ڄڻي ٿي دنيا.

    سچُ چوي ٿو، سچ چوي ٿو شاعرُ،
    ڪُوڙ هڻي ٿي، ڪُوڙ هڻي ٿي دنيا.


    تڪڙي تڪڙي وکَ کڻي ٿي دنيا

    پنهنجي وسَ ۾ جڏهن حيات هئي،
    توکي هر موت کان نجات هئي.

    ڏينهن جو ڀي نه ڪير ڏسندو هو،
    جنهن زماني ۾ تنهنجي رات هئي.

    هر گريبان ۾ مُنهن وجهي ڏٺم،
    سيني سيني ۾ تنهنجي ذات هئي.

    هر طرف بي شمار لاشا ها،
    جنگ ۾ جيت هئي نه مات هئي.

    ها، ڪِري (1) هو حُسين کي پاڻي،
    ورنه سڏ پنڌ تي فرات هئي.

    جي ’وفا‘! پيار ڪو نه پهچي ها،
    سخت مشڪل ۾ منهنجي ڏات هئي.

    (1) ڪِري: پرهيز، جهليل، منع ڪيل يا ٿيل


    ڏَنَ – ڌُٻڻ ۾ پئي گَچي دنيا

    ڏَنَ – ڌُٻڻ ۾ پئي گَچي دنيا،
    عاشقيءَ ۾ لڳي ڪچِي دنيا.

    جيڪڏهن عرش تي سُڪون هُيو،
    ڇو، ڪِري پٽ تي اچي دنيا؟

    ڪُوڙ جي ڌوڙ سان نچڻ وارا!
    توسان مشڪل ڪري سچي دنيا.

    وقت ڀي پُل صراط آ شايد،
    وک کڻي ٿي بچِي دنيا.

    منهنجي آڏو ته تنهنجو پردو هو،
    تُنهنجي نظرن کان ڪيئن بچِي دنيا!؟

    چيڪلي جان ڦِرڻ لڳو ماڻهو،
    ايتري زور سان نچِي دنيا.


    اَڌُ جوابن ۾، اَڌُ سوالن ۾

    اَڌُ جوابن ۾، اَڌُ سوالن ۾،
    رات گذري پري جمالن ۾.

    جو به پيئندو ويو سو جيئندو ويو،
    ڇا هيو زهر جي پيالن ۾؟

    پاڻ کي ڀي ڏسي نه ٿو سگهجي،
    وصل جي رات جي اجالن ۾.

    سج تپندا رهيا اميدن جا،
    عمر ڳرندي رهي ڪشالن ۾.

    ونڊ ۽ ورڇ کان سواءِ ڇاهي،
    مذهبن، ذاتين ۽ نالن ۾!

    پاڪ ڇاهي، پليت ڇا آهي،
    ڪير آڻي شعور ٻالن ۾.

    هڪ ئي مشعل جي روشني آهي،
    مسجدن، مندرن، شوالن ۾.

    ڪو حقيقت جيان رهي ٿو ’وفا‘!
    منهنجي خوابن ۾ ۽ خيالن ۾.


    ساري جڳ تي بار وفا!

    ساري جڳ تي بار وفا!
    ڪيڏو ڳورو پيار وفا!

    تون ڇا ٿو هِن پارِ ڪرين؟
    يارُ وسي هُن پار وفا!

    شاعر ڪنهن سان پيارُ ڪري؟
    ماڻهو دنيادار وفا!

    جانِ ڇُٽي وئي اوندهه کان،
    چمڪيو هر رخسار وفا!

    ڏيئا ٻاري لُڙڪن جا!
    دل ڳولي ڪو يار وفا!

    ڏاڪڻ جي هر ڏاڪي تان،
    مُرڪن جو وسڪار وفا!

    ساهه سُڪي ويو اکين جو،
    دل جو دريا تار ’وفا‘!


    تون کڻي سون ٿي پوين هاڻي

    تون کڻي سون ٿي پوين هاڻي،
    توتي دل اعتبار شل آڻي!

    سچ کي چار چنڊ لائي ڇڏيا،
    ڪرٽ، سوري، صليب ۽ گهاڻي.

    هر تمنا جو ماحصل تون آن،
    مون ڏٺي آهه دل ڇنڊي ڇاڻي.

    ڪوئي کائي مئو، ڪو بک مُئو،
    قهر هر روپ ۾ ڪيو ناڻي.

    سج لهندي ڏسي اميدن جو،
    ڪو سمهي پيو ’وفا‘! سنجهي ٽاڻي!


    سُرخ جلوا ڏسي ڪنوار جا

    سُرخ جلوا ڏسي ڪنوار جا.
    هوش ڳيرن جان اڏري ويا.

    مون سان گڏ تون ڇو روئي پئين،
    ايترا لڙڪ ڪاڏي ڪبا؟

    ٿي سگهي ٿو مري ويو هجين،
    ڪانگُ تو ڏانهن اڏرن نه ٿا!

    مان ائين تو ۾ موجود هان،
    جيئن لفظن ۾ معنى! مٺا!

    جو اچي ٿو، مَري ٿو وڃي،
    تنهنجي ڀاڪر ۾ ڇاهي ’وفا‘!؟


    مون خود سان ٿي پيار ڪيو

    مون خود سان ٿي پيار ڪيو،
    تنهنجو صرف بهانو هو.

    آزاديءَ جو متوالو،
    پِڃري سوڌو اڏري ويو.

    اَڪ جي ماکي ناهي پيارُ،
    امرت پياريو، زهرُ پيو!

    ٻڪري، شينهن اڃايل ٻئي،
    پاڻي پي انصاف ويو.

    توکي ڪيئن تلاشي ڪو،
    هر ماڻهو آ تو جهڙو.

    ڌِڪو مون تي، مَلهه وِڙهو،
    واهه! جو تو انصاف ڪيو!

    جنگ وسائي ڌوڙ ’وفا‘!
    امن سمورو لٽجي ويو.


    هر تمنا کي ماري ڇڏيو مون

    هر تمنا کي ماري ڇڏيو مون،
    زندگي کي وساري ڇڏيو مون.

    تو اڱڻ تي جڏهن پير پاتو.
    ماڻهو – ماڻهو اُٿاري ڇڏيو مون.

    جاڳ هاڻي ته قسمت جا تارا!
    چنڊ کي ڀي سمهاري ڇڏيو مون.

    بس اهو وقت ئي زندگي هو،
    جيڪو توسان گذاري ڇڏيو مون.

    تنهنجو نالو نه ايندو چپن تي،
    تنهنجو کاتو ئي واري ڇڏيو مون.

    اچ اکين جي پرن ساڻ اڏري،
    دل جو پڃرو سنواري ڇڏيو مون.

    مان ٻُڏي ويس ته پرواهه ناهي،
    تنهنجو ٻيڙو ته تاري ڇڏيو مون.

    زندگيءَ جي اڃايل نڙيءَ ۾،
    موت جو زهر هاري ڇڏيو مون.

    مُنهن ڏئي بحر جي مُشڪلن سان،
    پيار کي پار اُڪاري ڇڏيو مون.

    ٿي ’وفا‘! بي وفا سان نباهي،
    نينهن نئين – سر اجاري ڇڏيو مون.


    مون کي ٻوڙي نه تارجان هاڻي

    مون کي ٻوڙي نه تارجان هاڻي
    يعني ٻيهر نه مارجان هاڻي.

    منهنجي لڙڪن سان پنهنجي مرڪن سان،
    نوجواني گذارجان هاڻي.

    جسم جا گل ڇڻي ويئه سارا،
    روح جا ڦٽ ٻهارجان هاڻي.

    منهنجون راهون رُلي ويون آهن،
    پنهنجون راهون نهارجان هاڻي.

    ڪو نه تو وٽ وري ’وفا‘ ايندو،
    کيس خوابن ۾ سارجان هاڻي.


    ڪو چينُ سزا وانگر

    ڪو چينُ سزا وانگر،
    ڪو دردُ دوا وانگر.

    مان تنهنجي بقا وانگر،
    تون منهنجي فنا وانگر.

    ميلاپ کان اڳ وڇڙڻ،
    بي جرم سزا وانگر.

    مطلب جي محبت آ،
    بي فيض دعا وانگر.

    چاهت کان سوا رشتو،
    بي رنگ حنا وانگر.

    تنهائيءَ ۾ سارُوڻي،
    ڪاڙهي ۾ هوا وانگر.

    هر سوچ منافق جي،
    جُوتي ۾ بلا وانگر.

    ڪافر ٿو ٿيان شايد،
    ڪو شخص خدا وانگر.

    برسيو هان سرابن تي،
    سانوڻ جي گهٽا وانگر.

    گلشن ۾ ’وفا‘ آهي،
    صحرا ۾ صدا وانگر.


    جا به مون شاعري ڪئي آهي

    جا به مون شاعري ڪئي آهي،
    حقَ ۽ سچَ جي چئي آهي.

    ڪيترا قافلا لنگهيا هوندا،
    سينڌ تنهنجي رئي رئي آهي.

    دل جڏهن کان شڪست کاڌي آ،
    هر تمنا مري وئي آهي.

    لُڙڪ ڦَٿڪن پيا چڻن وانگر،
    تنهنجو رُخسارُ يا تَئي آهي.

    ايترو پيار ٿو ڪيان توسان،
    جيتري جهنگ ۾ لئي آهي.

    هر ٿَڪل ۽ ٽُٽل اميد ’وفا‘!
    دل جي دڳ تي ڊٿي پئي آهي.


    مان توکان ايترو مايوس آهيان

    مان توکان ايترو مايوس آهيان،
    لڳي ڪاراڻ جيان چانڊاڻ پيارا!

    اڃا جاڳن پيون گهر گهر جون بتيون،
    ڪچهري ڪر، نه چادر تاڻ پيارا!

    ڏئي ٿي باغ جي گُل گُل کي جيون،
    سندءِ لالاڻ ۽ سرهاڻ پيارا!

    ٻَڌي گهنگهرو فرشتن کي ڇڏي ٿي،
    رقاصه جي بدن جي ڄاڻ پيارا!

    ”وفا“! دنيا ته دنيا آههِ، ليڪن،
    مون کي ڪنهن جي به ڪانهي ڪاڻ پيارا.


    ڪو سنگتي، ڪو يار نه آهي پنهنجو

    ڪو سنگتي، ڪو يار نه آهي پنهنجو،
    ڇا ڪريون سنسار نه آهي پنهنجو.

    تنهنجي نفرت ساڻ محبت ڪريون.
    ايڏو گهٽِ معيار نه آهي پنهنجو.

    لُڙڪ رُلن ٿا رولو ڪتن وانگر،
    ڪوئي دعويدار نه آهي پنهنجو.

    جنهن ۾ تنهنجي پيار جي خوشبو ناهي،
    ڪو اهڙو شهڪار نه آهي پنهنجو

    تنهنجي اک ۾ سُرمي وانگر آهيون،
    توتي ايڏو بار نه آهي پنهنجو.

    هڪ پاسي سنسار ’وفا‘! ٻئي پاسي،
    ”اڪ جي ماکي“ پيار نه آهي پنهنجو


    ڪجهه سوالن جيان، ڪجهه جوابن جيان

    ڪجهه سوالن جيان، ڪجهه جوابن جيان،
    زندگي آهه انگي حسابن جيان.

    تنهنجي چشمِ ڪرم کان غضب ٿي ويو،
    راحتون ڀي لڳن ٿيون عذابن جيان.

    منهنجا جذبا اَلَڙ پيئندڙن وانگيان،
    تنهنجا جلوا پراڻن شرابن جيان.

    حُسن وارن جا رنگين، ڪومل بدن،
    عشقيه شاعريءَ جي ڪتابن جيان.

    لُڙڪ بڻجي اُڃايل اُميدون وريون،
    دل جا چشما لڳا جو سرابن جيان.

    منهنجا ڳوڙها عوامي سماعت ’وفا‘!
    هُن جون مُرڪون سياسي خطابن جيان.


    زُلف ۽ رخسار ۾ دل لڳي ٿي ٿئي

    زُلف ۽ رخسار ۾ دل لڳي ٿي ٿئي،
    تِيرگي ٿي ٿئي، روشني ٿي ٿئي.

    نيڻ پيرن مٿان، پيرَ نيڻن مٿان،
    حسن ۽ عشق ۾ دوستي ٿي ٿئي.

    ڪيڏو مجبور آهيان مان حالات کان،
    توکان وڇڙڻ تي مون کي خوشي ٿي ٿئي.

    دل جهُڪڻ کان سواءِ ڪيئن ٿا سَجدا لڳن،
    صِرف نِوڙت ڪٿي بندگي ٿي ٿئي.

    زهر قاتل پيون، پوءِ ڀي ٿا جِيُون،
    حوصلن جي عجب زندگي ٿي ٿئي.

    لُڙڪ کي مُرڪ سيکارڻي ٿي پوي،
    اهڙي دنيا ’وفا‘ پيار جي ٿي ٿئي.


    جسمَ شامي ڪبابن جيان

    جسمَ شامي ڪبابن جيان،
    رُوح ديسي شرابن جيان.

    منهنجون اکيون سوالن جيان،
    تنهنجا جلوا جوابن جيان.

    مُرڪ مُند جي ٻُڌائي ڇڏي،
    ڦَٽ کِڙي پيا گلابن جيان.

    الفتن تي وسن نفرتون،
    آسماني عذابن جيان.

    نيڻ، چَپ، زُلف ۽ انگ انگ،
    موسمي انقلابن جيان.

    پيار جو ڀي ’وفا‘! درس آ،
    آسماني ڪتابن جيان.


    پاڻ روئي، مون کي کِلائي پِي

    پاڻ روئي، مون کي کِلائي پِي،
    پنهنجو احساس آزمائي پِي.

    نانگ ناهي شراب گُل آهي،
    زُلف رُخسار تان هَٽائي پِي.

    مئڪدو مَسخرن جو گهر ناهي،
    مئه ۾ سنجيدگي ملائي پِي.

    مئڪشي ڪو گُناهه، جرم نه آ،
    شهر، واهڻ پڙهو گهمائي پِي.

    جي اسان سان مقابلو چاهين،
    پنهنجي جيون کان موڪلائي پِي.

    اجنبي هٿ، تعارفي ساغر،
    پنهنجي باري ۾ ڪجهه ٻُڌائي پِي.

    قتل کان وڌ پيئڻ آ جُرم هتي،
    پاڻ کان ڀي ’وفا‘! لِڪائي پِي.


    توکان وڇڙڻ محال آ پيارا

    توکان وڇڙڻ محال آ پيارا،
    زندگيءَ جو سوال آ پيارا!

    هر تمنا کڻي وئي دِيرو،
    نوجواني پلال آ پيارا!

    تون ٻئي جو خيال، مان تنهنجو،
    پنهنجو پنهنجو خيال آ پيارا!

    حسن فاني ۽ عشق لافاني،
    نظريو لازوال آ پيارا!

    آهه هر سوچ تشنهءِ تڪميل،
    هي دماغن جو حال آ پيارا!

    اڏرندو ٿو وتي پرن کان سواءِ،
    هي ’وفا‘ جو ڪمال آ پيارا!


    ڪنهن جي نفرت جان، نه ڪنهن جي پيار جان

    ڪنهن جي نفرت جان، نه ڪنهن جي پيار جان،
    زندگي آهي حرامي ٻار جان.

    دل کي دنيا جي نگاهن سان نه ڏس،
    پيار بي حسِ ناهه هِن سنسار جان.

    تون ته سهڻي ٿي ترڻ چاهين ٿي، پر –
    مان نه ٿو ڄاڻان ٻڏڻ ميهار جان.

    موت جي بستر تي هر آشا سُتل،
    زندگي گذري ٿي هڪ بيمار جان.

    ائن ڪڍي محفل منجهان اڇلي ڇڏيئه،
    ڄڻ هيس مان ڪو مکڻ ۾ وار جان.

    رنگ ۽ خوشبو سان هِي رانديون ’وفا‘!
    روز و شب گذرن پيا گلزار جان.


    آدمي آدميءَ جو پاس آهي

    آدمي آدميءَ جو پاس آهي،
    عشق انسانيت شنانس آهي.

    ڏينهن گذرن نه ٿا، گذاريون ٿا،
    زندگي ناهي، وقت پاس آهي.

    مُند مهڪي ٿي نوجوانيءَ جي،
    هر طرف جي هوا ۾ واس آهي.

    تنهنجي وڇڙڻ جي دئونس جو سوڳنڌ،
    اڄ سڄو مئڪدو گلاس آهي.

    عقلَ تنهنجي تي آ پيل پَردو،
    تنهنجي هر سوچ بي لباس آهي.

    جسم جي ڪال – ڪوٺڙيءَ ۾ ’وفا‘!
    روح قيديءَ جيان اُداس آهي.


    موت جي ڊپ کان عبادت ٿو ڪيان

    موت جي ڊپ کان عبادت ٿو ڪيان،
    زندگي! تنهنجي وضاحت ٿو ڪيان.

    پنهنجي هُوندي، تنهنجي چاهت ۾ چريو،
    ڄڻ امانت ۾ خيانت ٿو ڪيان.

    جڳ الئه ڇو مون کان نفرت ٿو ڪري؟
    مان ته سڀ ڪنهن سان محبت ٿو ڪيان.

    مختلف چهرن تي اڇلائي اکيون.
    تُنهنجي چهري جي شڪايت ٿو ڪيان.

    پيارُ پهچي ويو ’وفا‘! معراج تي،
    هر طرف ساڳي زيارت ٿو ڪيان.


    ٽهڪي ٿو خون، باهه ٻري ٿي فرات ۾

    ٽهڪي ٿو خون، باهه ٻري ٿي فرات ۾،
    آهي اڃا حُسين ڪوئي مُشڪلات ۾.

    سوڀُن کي سِر ڏيڻ جي ضرورت نه ٿي رهي،
    اهڙي ته جيت آهي محبت جي مات ۾.

    اِنسانيت جو ڪير اُتي مُنهن مَٿي ڪندو،
    وَنڊجِي وڃي ٿو پيا جتي ذات پات ۾.

    اوُنداهين جي انڌ مان محسوس ٿو ٿئي،
    شايد ڪڏهن ملي نه سگهون ”چنڊ – رات“ ۾.

    هر روح جي رهاڻ آ پٿر جي مُورتي،
    مشۡل رهي يقين خدا! تنهنجي ذات ۾.

    ڪجهه وقت لئه ٿي گردشِ دوران بيهي رهي،
    ڪيڏو سڪون آهه ’وفا‘! آپگهات ۾.


    هر دل ۾ روشن پيار، مگر ڪو ڄاڻي

    هر دل ۾ روشن پيار، مگر ڪو ڄاڻي،
    آ ماڻهو ماڻهو يار، مگر ڪو ڄاڻي!

    ڳُجهه – ڳوههُ چئو ٿا جنهن کي، سو هر دل جو،
    آ اکين مان اظهار، مگر ڪو ڄاڻي.

    هُن پارِ الئه ڇا لاءِ وڃن ٿا ماڻهو؟
    هِن پار وسي ٿو يار، مگر ڪو ڄاڻي.

    هر ڪنهن کي سمجهڻ هڪجهڙو ناداني،
    ڪو گهوڙو ڪو هسوارُ، مگر ڪو ڄاڻي.

    ڪو گُل، ڪو پَنُ، ڪو ٻُور ’وفا‘! ڪو ڪَنڊو،
    تون سِر تا پا گلزار، مگر ڪو ڄاڻي!


    ڪڏهن تنهنجون، ڪڏهن پنهنجون ٻڌائي

    ڪڏهن تنهنجون، ڪڏهن پنهنجون ٻڌائي،
    ڇڏيم هر رنگ جي محل مچائي.

    مون کي تنهنجي بدن تي رحم آيو،
    ڏٺم جنهن وقت تنهنجو ويس پائي.

    بچائيندي زماني جي نظر کان،
    وِيس وسري ڪٿي توکي لڪائي.

    مان تنهنجي منزلِ مقصود آهيان،
    ڏکيو ٿيندين مون کان دامن ڇڏائي.

    وٺڻ لئه اِمتحان هر جوهريءَ جو،
    ڇڏيمِ هِيرن کي پٿرن سان گڏائي.

    رڳو مارڻ ’وفا‘! وحشانيت، پر،
    جڏهن ڪنهن کي ڪوئي ماري مڃائي.


    ستم جهڙا ڪرم، افسوس آهي!

    ستم جهڙا ڪرم، افسوس آهي!
    صنم! اهڙا قدم، افسوس آهي!

    کُٽي پيا تنهنجو اِستبداد لِکندي،
    مُسون ڪاڳر، قلم، افسوس آهي!

    کِلڻ تُهمت، رُئڻ الزام وانگر،
    ڏِسي ڪاتب جا ڪم، افسوس آهي!

    هميشه کان، سياڻن سيبتن کان،
    لٿا چِرين جا چم، افسوس آهي.

    کُٽو ڇا، امن جو داڻو ۽ پاڻي!؟
    رڳو برسن ٿا بَم، افسوس آهي!

    ’وفا‘! ڦَڙڪن ٿا نالائق هٿن ۾،
    مُحبت جا عَلم، افسوس آهي!


    خالي گلاس آهين

    خالي گلاس آهين،
    ڪيڏو اداس آهين.

    ايڏا لباس مون سان؟
    ڪو بي لباس آهين!

    مان بي زبان آهيان.
    تون بي قياس آهين،

    هر سوچ ٿئي گداگر
    ڄڻ التماس آهين.

    دل تي ضمير حاوي،
    غيرت شناس آهين،

    اچ وڃ ڪُتن ٻِلن جي،
    مُردي جو ماس آهين.

    جڳ! پيار ۽ ’وفا‘ لئه،
    خوف ۽ هراس آهين.


    حيرت ۾ بسر آهي

    حيرت ۾ بسر آهي،
    سوچن تي گذر آهي.

    هر زُلف ۾ ور آهي،
    قِسمت ۾ چڪر آهي.

    گهَرُ آهه يا بَر آهي،
    ڪو پيشِ نظر آهي.

    احساس جي محرومي،
    توهينِ بشر آهي.

    اعجاز تصور جو،
    ڪونهي ڪو، مگر آهي.

    گُل پوکي پَٽيم ڪَنڊا،
    محنت جو ثمر آهي!

    مان خانه بدوش آهيان،
    هر شخص کي گهر آهي.

    هر گام ’وفا‘! خطرو،
    سنگين سفر آهي.


    چِتُ ائين آهه تنهنجي چَڪر ۾

    چِتُ ائين آهه تنهنجي چَڪر ۾،
    جيئن ڪو فَلسفِي تَفڪر ۾.

    رُوح ۽ جِسم پاش پاش آهن،
    ٻن نگاهن جي سخت ٽڪَر ۾.

    هُو کِليو پئي مگر رُئڻ جهڙو،
    زهر جو ذائقو هو شَڪَر ۾.

    تِئن بَکي ٿو نقاب مان چهرو،
    سِجُ چمڪي ٿو جيئن ڪَڪَر ۾.

    مُختلف هر نشي جو ردِ عمل،
    ڪوئي پنڪيءَ ۾ ڪوئي ڍڪر ۾.

    فرق سمجهي وئي ڇُري به ’وفا‘!
    ماءُ جي مامتا ۽ ٻَڪَرَ ۾.


    هر مڏيءَ جو مال هو

    هر مڏيءَ جو مال هو،
    ايترو ڪنگال هو.

    جيڪو سڀ ڪنهن سان وڙهيو،
    منهنجو استحصال هو.

    هُو کِليِ روئي پيو،
    جُرم جو اقبال هو.

    تاج تائين ويو رَسي،
    گودڙيءَ جو لعل هو.

    ڪنوار جو هٿ ڇا هُيو،
    ريشمي رُومال هو.

    نفرتون مِليون رڳو،
    چاهتن جو ڪال هو.

    ويو وَهي توسان ’وفا‘،
    جهڙو هُن جو حال هو.


    ڪيستائين پيا جلون؟

    ڪيستائين پيا جلون؟
    هَلُ ته پڪنڪ تي هلون!

    حادثن ۾ مِشنري –
    زندگي ٿِڙيل ڪَلون.

    هر حقيقت کان فرار،
    يعني: فطرت کي جهَلون!

    خُشڪ – سالين جو قسم!
    صرف ڀَريون پيا ڍلون.

    عشق آڏو، عقل ڀِتِ،
    فيل سڀ سوچون، ٽلون.

    ايئن مان پکڙيل ’وفا‘!
    جيئن رستن تي کَلون.


    پو کڻي رسوا هئو

    پو کڻي رسوا هئو،
    عشق ۾ يڪتا هئو.

    وقت جان ويو منهن مٽي،
    وقت جو درياهه هئو.

    منهنجي رستي تان ٿِڙي،
    هُو رڳو رستا هئو.

    ڪلهه وڃي ميلو ڏٺم؟
    هر ڪوئي تنها هئو.

    سيڻ گهوريا، سون تان،
    دل نه هو، دنيا هئو.

    ڪو نه ٿيو ڪؤنري ۾ بَند
    ڄڻ ’وفا‘ دريا هئو،


    هِت هُت پيار لڳين ٿو

    هِت هُت پيار لڳين ٿو،
    ڪاروبار لڳين هو.

    طوطا چشم طبيعت،
    پنهنجو پار لڳين ٿو.

    وِک وِک آزاديءَ جي،
    خودمختار لڳين ٿو.

    بالغ ٿي ويو آهين،
    پر ڀي ٻار لڳين ٿو.

    جسم بتيلي جهڙو.
    ٻيڙو پار لڳين ٿو.

    پيار خريدڻ وارا!
    دنيادار لڳين ٿو!

    چنڊَ! پرينءَ جي سامهون،
    ڪارونڀار لڳين ٿو.

    حيرت آهه ’وفا‘ کي،
    گُل ٿي، خار لڳين ٿو.


    وات کي لغام آ

    وات کي لغام آ،
    وقت کي سلام آ!

    تنهنجو هي سخي بدن،
    مئڪدي جو جام آ،

    نانگ ڪو ڏنگي ويس،
    گُل سياهه – فام آ.

    اي تلاشِ روزگار!
    اڄ ڪٿي قيام آ؟

    عشق جي مقام سان،
    حُسن جو مقام آ.

    تون ته ڇا، ’وفا‘ سندءِ –
    قوم جو غلام آ!!


    هر طرف هڳاءُ هو

    هر طرف هڳاءُ هو،
    تڙ تي تڙ تلاءُ هو.

    منهنجو موهه مَڻُ هيو،
    هُن جو پيار پاءُ هو.

    جيئن اکين جا گز ڇُٽا،
    جسم گهاءُ گهاءُ هو.

    چشمِ مست کان سواءِ،
    ٻيو سڄو ڀراءُ هو.

    حُسن عِشق سنگسار،
    شهر جو نياءَ هو.

    هُن پئي نوٽ اُڇليا،
    منهنجو سر جو داءُ هو.

    ڇا به هو کڻي ’وفا‘،
    درد جو اُپاءُ هو.


    وفا جي موٽ ۾ نفرت ملي آ

    وفا جي موٽ ۾ نفرت ملي آ،
    عجب انسان جي عادت ملي آ،

    جڏهن هر قسم جي تهمت ملي آ،
    تڏهن ايڏي وڏي شهرت ملي آ.

    مٺا! توسان رهي، احساس ٿئي ٿو،
    جيئڻ لئه مختصر مدت مِلي آ.

    مان ڪنهن پهلوءَ کان ڀي تنها نه آهيان،
    عجب جهڙي مون کي قُربت ملي آ.

    سدائين قافلن سان منزلن ۾،
    اِها عادت، اها فطرت ملي آ.

    مون کي پنهنجي به ڪا پرواهه ناهي،
    جڏهن کان تو وٽان صحبت ملي آ.

    ’وفا‘! توکي جڏهن ڀي پرکيوسين،
    ڪڏهن حيرت، ڪڏهن عِبرت ملي آ.


    جي هر دل ۾ تنهنجو ديرو آهي

    جي هر دل ۾ تنهنجو ديرو آهي،
    ڪنهن ڪنهن من ۾ ڪوهه انڌيرو آهي!؟

    ڳئون ۽ سوئر خالي پيٽ نه ڄاڻي،
    بُڇڙي بُک لئه ڪانءُ به ڳيرو آهي.

    اهڙو ماڻهو آهه مُنافق، جنهن جو –
    ٻاهر اُجرو، اَندر ميرو آهي.

    گرم هٿن ۾ نرم وڃي ٿو ٿيندو،
    جسم سندس، مکڻ جو ٽيرو آهي.

    هر جِرڳو ناڪام وڃي ٿو ٿيندو،
    تنهنجو، منهنجو موتُ نِبيرو آهي.

    وچ ۾ بيٺو آهيان جيئن همالا،
    چوڌاري دشمن جو گهيرو آهي.

    آهي فن دلگير ’وفا‘! صدين کان،
    صدين کان فنڪار ڏکيرو آهي.


    هَنجهه اڏري ويا، ڪنگَ اڏري ويا

    هَنجهه اڏري ويا، ڪنگَ اڏري ويا،
    تنهنجي چاهت جا سڀ رنگَ اُڏري ويا.

    ايڏو مُنهنجن پرن منجهه پرواز هو،
    مون سان گڏ ڪوڙڪيون وَنگ اڏري ويا،

    صرف مِٽيءَ جو بوتو رهيو آن وڃي،
    تو منجهان سڀ اکر انگَ اڏري ويا.

    حسن ۽ عشق گڏجي اُهي بم هنيا،
    ذات ۽ پات جا دنگَ اڏري ويا.

    تون اڪيلو رهي هِت ڪندين ڇا ’وفا‘!
    ساٿ اُڏري ويا، سنگَ اڏري ويا.


    عشق جو اهڙو ٿو بحر و بَر مِلي

    عشق جو اهڙو ٿو بحر و بَر مِلي،
    جنهن ۾ ڪنهن جو ڌڙ نه ڪنهن جو سر مِلي.

    هُونءَ ته آهي هرقدم تي مئڪدو،
    پر مون کي تنهنجي هٿان ساغر ملي.

    ايتري ڇُڙواڳ ڏي ڪيئن دِل ڪَڍي،
    جنهن جو ڏَس در در ڏئي، گهر گهر مِلي.

    مُون ڏٺي آهي سڄي دنيا گُهمي،
    تُنهنجو ڪاٿي ڪو نه ٿو همسر مِلي.

    پير ويچارا وڃن ڪاڏي ڀَلا،
    هر قدم تي ٿو نئون پٿر مِلي.

    ڄاڻ پڃرن ۾ پيون آزاديون،
    هر پکيءَ جو ٿو پَٽيل پَر پَر مِلي.

    ڪو نه ٿو ڪو عشق جي ويجهو وڃي،
    حُسن جو هر ڪو ٿو سوداگر مِلي.

    سِر تريءَ تي ٿو وتي رکيون ’وفا‘،
    عِشق ۾ ايڏو ته ٿو ماهر مِلي


    حُسنُ ۽ ٽَڪن تي، ڇو !؟

    حُسنُ ۽ ٽَڪن تي، ڇو !؟
    عاشقي هَٽن تي ڇو !؟

    ويون ڪِٿي کَٽون اُڏي،
    بِسترا پَٽَن تي ڇو !؟

    ننڊ هئي يا ويڙهه هئي،
    ورَ وَڪڙ لٽن تي ڇو !؟

    بدَمعاش ٿا رهن،
    روز – شب سَٽن تي ڇو !؟

    سُونهن سام نينهن جي،
    بوالهوس جهَٽَن تي ڇو!؟

    ”اڌ حڪيم“ آن ’وفا‘!
    لوڻ ۽ ڦٽن تي ڇو!؟


    هر خريدار آ ڪارِ ۾

    هر خريدار آ ڪارِ ۾،
    حُسن وڪجي ٿو بازارِ ۾.

    مست اکيون نظر ٿيون اچن،
    آهه سوراخ ديوارِ ۾.

    عشق جي جنگ الٽي ڏٺم،
    جيت آهي هتي هار ۾.

    اوٽ تائين تڪيندو ويو،
    گار ٿيندو ويو گارِ ۾.

    جي حقيقت مان نڪري ويا،
    پيا مُنجهي نور ۽ نار ۾.

    عاشقيءِ جو هيو امتحان،
    نانگ آيو هو جو غار ۾.

    منهنجي آهه و بُڪا پئي چوي:
    عدل ڪونهي ڪو سرڪار ۾.

    سچ مربوط توسان ’وفا‘!
    ربط سچار ۽ دار ۾.


    حسن ۾ اهڙو ته ٽاڪوڙو پيو

    حسن ۾ اهڙو ته ٽاڪوڙو پيو،
    عشق جو ڪَلُ ۾ وڃي گهوڙو پيو.

    رهزنن پٺيان هئا سڀ راهرو،
    رهبرن جو هو ائين موڙو(1) پيو

    ڪيئن بچايون ها ٿُڏن کان پاڻ کي،
    هو جڏهن هر راهه ۾ روڙو (2) پيو.

    امتحانِ عشق ۾ منهنجو پوڻ،
    حوض پاڻيءَ جي ۾ ماڪوڙو پيو.

    پيو ڪري تنقيد مون تي ائين حريف،
    ڄڻ هڻي پاڻيءَ ۾ ٿاڦوڙو پيو.

    ائين ٻُڏي ويو رنگ و خوشبو ۾ ’وفا‘،
    کوهه ۾ جئن ڪووڃي ٻوڙو پيو.


    (1) موڙو: کوٽ
    (2) روڙو: ڀتر، پٿر


    زندگي خانه بدوشيءَ جي ڇڏي

    زندگي خانه بدوشيءَ جي ڇڏي،
    مُون سان ويهي رهه اچي گوڏو گڏي.

    زندگي! ايڏا وڏا صدما نه ڏي،
    ورنه ڪو ويندُئي سدائينءَ لئه ڇڏي.

    جيئن جِيئڻ ۾ رهي يڪسانيت،
    غم ڇڏيا آهن مون خوشين سان گڏي.

    جانور ئي جانور ڏسجن پيا،
    چنڊ تي شَايد ويَا ماڻهو لَڏي.

    پيٽ جي خاطر وِڙهايا پاڻ ۾،
    ڳوٺ ساري جا ڪُتا هِڪڙي هڏي.

    صُلح جي گهُرج آ، ضرورت امن جي،
    مُڙس مَارائي ڇڏيا، فِتني، ڦڏي.

    هاڻ جيئن تنهنجي رضا، مون لئه مِٺا!
    مان ته آيو هان هَلي تنهنجي تڏي.

    ايترو تاثير تنهنجي عشق ۾،
    نِنڊ ۾ ڀي ڪو ’وفا‘! توکي سڏي.


    ساههُ صدقو ڪيون، دل فدا ٿا ڪيون

    ساههُ صدقو ڪيون، دل فدا ٿا ڪيون،
    پوءِ ڀي ٿو چِڙين، توکي ڇا ٿا ڪيون!

    پيار اهڙيءَ طرح ٿا ڪيون تون ۽ مان،
    ڄڻ ته تبديل آب و هوا ٿا ڪيون.

    دل جي زخمن جي ڪهڙي ٿا حالت پُڇو،
    بس توهان جي اکين کي دعا ٿا ڪيون.

    پنهنجي چاهت کي چاڙهي صليبن مٿان،
    تنهنجي احسان جو حق ادا ٿا ڪيون.

    پيار ڏيئي وري پيار جي گهُر ڪري،
    پيار جي فلسفي کي فنا ٿا ڪيون.

    ڪوئي مجنون رهيو ناهه جڳ ۾ ’وفا‘!
    ڪنهن به ليليٰ کي ناحق خفا ٿا ڪيون.


    هر بدن ملبوس ڪاري ويس ۾

    هر بدن ملبوس ڪاري ويس ۾،
    ايترو انڌير تنهنجي ديس ۾!

    صرف سوري آهه چاهت جي سزا،
    ڀل ڪوئي ڦاسي ڏسي هن ڪيس ۾.

    منزلِ مقصود شل حاصل ٿئي!
    راهزن سڀ رهبرن جي ويس ۾.

    رات جو ٿڌ ۾ اگهاڙو ٿو وتين،
    ڏينهن جو ويڙهيل رهين ٿو کيس (1) ۾.

    ايئن مليو ڪو اوپري ماحول ۾،
    جيئن ڪو ديسي مِلي پرديس ۾.

    تنهنجون تصويرون ۽ خط ڏاڍا رُنا،
    توکان پو منهنجي اٽيچي ڪيس ۾!

    هر نظر چقمق جيان چنبڙيل وفا!
    آهه مقناطيس تنهنجي فيس (2) ۾.


    (1) کيس: کٿو، ڪمبل
    (2) فيس: چهرو


    وڏن کان بي ضمير هو

    وڏن کان بي ضمير هو،
    لڪير جو فقير هو.

    لهو لهو سوير آ،
    نظر هئي يا تير هو؟

    اڏيو مگر ڪري پيو،
    پکي اڃا صغير هو.

    نفس نفس نزاڪتون،
    حسين بي نظير هو.

    هُتي ڇو زهر ٿي ويو؟
    هِتي ته کنڊ – کير هو.

    جو لُڙڪ لُڙڪ ٿي ويو،
    سندم اکين جو نِير هو.

    مون کان اڳي ٻُڏي ويو،
    عجيب دستگير هو.

    صليب تي، به پيو کِلي،
    ’وفا‘ وڏو شرير هو!!


    سخت بي پرواهه ٿيندو ٿو وڃين

    سخت بي پرواهه ٿيندو ٿو وڃين،
    آدمي! الله ٿيندو ٿو وڃين!

    جهنگ جو هر جانور ڀيلِئي پيو،
    ڇو نڌڻڪو گاهه ٿيندو ٿو وڃين.

    عقل هوندي ڀي غلط سوچين پيو،
    جانِ ٿي، جانڪاهه (1). ٿيندو پيو وڃين.

    ظلم آهي، مون کي اوندهه ۾ رکي،
    پاڻ مِهر و ماهه ٿيندو ٿو وڃين.

    عشق جي سوريءَ تي لڙڪائي مون کي،
    پاڻ ڇو ونواهه ٿيندو ٿو وڃين.

    حسنِ عالمگير ٿو محسوس ٿين،
    هر بشر جو چاهه ٿيندو ٿو وڃين.

    روز ٿيون سَڏني پيون سوريون ”وفا“!
    ڄڻ ته حق – آگاهه ٿيندو ٿو وڃين!!


    (1) جانڪاهه: جان وٺندڙ، قاتل


    جو اسان جي ضرُورتن ۾ هو

    جو اسان جي ضرُورتن ۾ هو،
    صِرف پٿر جي مُورتن ۾ هو.

    نانگُ هو زر جي ديڳ تي ويٺل،
    ڄڻ خزانو ڪدُورتن ۾ هو.

    جنهن جي مون کي سدا تلاش رهي،
    سِيرتن ۾ نه، صُورتن ۾ هو.

    مون گهڻو ڳوليو وفائن ۾،
    پيار وَنڊيل ضرُورتن ۾ هو.

    ڇا ٻئي کي ڏئي سگهي ها ’وفا‘!
    لوهه پنهنجي ئي پُورتن ۾ هو!


    ڪُوڙ ڪيئن موت کان بچي پيارا!

    ڪُوڙ ڪيئن موت کان بچي پيارا!
    سچُ سوريءَ تي پيو نچي پيارا!

    پيار ۽ دوستيءَ ۾ فرق آهي،
    توکي ڪيئن اعتبار اچي پيارا!

    جنهن جو پاڻيءَ سان ڀي نه انت اچي،
    مَچُ اهڙو به ڪو مچي پيارا!

    دل ۾ انسانيت جو درد رکي،
    ڍور جيان ڪئن ڪوئي مَچي پيارا!

    عشق سهڻيءَ جو هو پڪو ليڪن،
    ڪَمُ وڃايو گهڙي – ڪچي پيارا!

    عشق کي پنهنجو گهر به ڪو نه سهي،
    هِن ڌُٻڻ ۾ نه ڪو گچي پيارا!

    عقل ڇو عشق کان خفا آهي؟
    سمجهه ۾ ئي نه ٿو اچي پيارا!

    عشق جي باهه ۾ ’وفا‘ جو وجود،
    جئن تئيءَ ۾ چڻو پچي پيارا


    عقل ٿيو، عشق جي خلاف آهي

    عقل ٿيو، عشق جي خلاف آهي،
    سوچ جو آئينو نه صاف آهي.

    ڇو ٿو احساسِ ڪمتري ۾ پَوين،
    تنهنجي عظمت جو اعتراف آهي.

    صرف تجديد رسم و راهه نه ڪر،
    توکي ٻي هر خطا معاف آهي.

    مون ته تازي شڪست کاڌي آ،
    تنهنجي چهري تي ڇو غلاف آهي؟

    هر پريءَ تي آ ديوَ جو قبضو،
    سارو سنسار ڪوهه قاف آهي.

    عشق آهي عروج تي اڄڪلهه،
    هر طرف حسن جو طواف آهي.

    صرف تون ئي نه آهين سونُ، مگر –
    منهنجو اڀياس ڀي صراف آهي.

    تنهنجي تحريڪ جي خلاف ’وفا‘!
    هر ستمگر جو موڊ آف آهي.


    ساقي، بغير محفل ڳولي اُهي زمانا

    ساقي، بغير محفل ڳولي اُهي زمانا،
    ڪاڏي ويو نڀاڳو کولي شراب خانا!

    جنهن ڏينهن کان خبر پئي ايندو لُٽڻ لُٽيرو،
    مون پنهنجي ذات جا سڀ کولي ڇڏيا خزانا.

    انسانُ هِن جڳت ۾ هڪڙو دفعو ئي آهي،
    ٻيهر ٺهي نه سگهندا، ساڙيو نه آشيانا.

    ڏي صاف چئي ته: ”مون کان مشڪل نباهه ٿيندو“
    پَل پَل نه سِٽ سِٽون ۽ هر هر نه ڪر بهانا.

    ڪنهن فرش تان پڪاريو، ڪنهن عرش تان اِشاريو،
    لِکجي ويون ڪهاڻيون،گهڙجي ويا فسانا.

    جنهن ڏينهن کان وٺي هُو، مهمان آهه منهنجو،
    دُولت ڪدا ٿا سڏجن، منهنجا غريب خانا.

    لبريز ٿي چُڪو آ ڄڻ صبر جو پيالو،
    ٿيندا وڃن ٿا منهنجا رجحان باغيانا!

    توڙي اسير آهيان، پر بي ضمير ناهيان،
    حملا نه ڪر ’وفا‘ تي جلاد! قاتلانا.


    الفت اسير آهي

    الفت اسير آهي،
    ڪلفت ڪثير آهي.

    جي ڪَسوٽي پنڻ آ،
    هر ڪو فقير آهي.

    موت کي سَلي (1) ڇڏيو جنهن،
    دولت جو تير آهي.

    ذاتي خيال آهي:
    هُو بي نظير آهي.

    با رُعب نازُ نخرو:
    ماڻهو امير آهي.

    ڪلهه زهر جو وٽو هو،
    اڄ کنڊ، کير آهي.

    ايڏو نه وڻ ’وفا‘ کي،
    ڏاڍو شرير آهي!


    (1) سلي ڇڏڻ: سوراخ ڪري ڇڏڻ


    تون ۽ منهنجي غريب خاني ۾!؟

    تون ۽ منهنجي غريب خاني ۾!؟
    ڪنهن زماني جي ڪنهن زماني ۾

    بيوفا هو، مگر حَسين هُيو،
    ڪجهه حقيقت هئي فساني ۾.

    برق ڇا، موت ڀي قبول آهي،
    توسان گڏ تنهنجي آشياني ۾.

    ظلم مظلوميت تي ڏينهن ڏِٺي،
    قهر قدرت جي ڪارخاني ۾!

    منهنجي مظلوميت لِڪل آهي،
    منهنجي انداز باغياني ۾.

    جو ويو سو ’وفا‘! ٿو اڄ موٽي،
    ڇا هيو تنهنجي آستاني ۾!؟


    بيوفايون رڳو، بي وفا! پيو ڪرين!

    بيوفايون رڳو، بي وفا! پيو ڪرين!
    حسن پنهنجي جي ڄڻ خود گِلا پيو ڪرين.

    منهنجي سامهون ۽ غيرن جي آغوش ۾!
    هيءُ ڇا ٿو ڏسان؟ هيءُ ڇا پيو ڪرين!؟

    جيئن پوءِ تيئن پوندو وڃان پوئتي،
    واهه جو دردِ دل جي دوا پيو ڪرين!

    بي نقابيءَ جو عالم ۽ برسات ۾،
    شهر جي گرم آب و هوا پيو ڪرين.

    اي مسيحا! هي مرض آ، يا اسرار آ؟
    هَرَ دوا پيو ڪرين. هَرَ (1) دعا پيو ڪرين

    ڪو پِيئه ڇا يزيدن جو ٽولو پُٺيان؟
    جو وفا! ڪربلا – ڪربلا پيو ڪرين!


    (1) هر: ڪنهن مهل، ڪڏهن


    منهنجي چاهت جي خطا ڪانهي ڪا

    منهنجي چاهت جي خطا ڪانهي ڪا،
    تنهنجي فطرت ۾ وفا ڪانهي ڪا.

    درد هوندي به دوا ڪانهي ڪا،
    تنهنجي هٿ ۾ ئي شفا ڪانهي ڪا!

    ڪيترو گرم رهڻ ٿو چاهين،
    تنهنجي ڪمري ۾ هوا ڪانهي ڪا.

    ڪيئن وٺن گيت جنم چاهت جا،
    تنهنجي ڇيرن ۾ صدا ڪانهي ڪا.

    باقي هر چيز ڏئي سگهجي ٿي،
    جسم جو دان سخا ڪانهي ڪا.

    الف – الله جو سوڳنڌ وفا!
    عين عورت مان غذا ڪانهي ڪا.


    صرف دودُ ٿو لڳين

    صرف دودُ ٿو لڳين،
    بي وجود ٿو لڳين.

    هر ڇهاءُ سان ڇڙين،
    ڪو سُرود ٿو لڳين.

    زندگي چُرڻ پُرڻ،
    تون جمود ٿو لڳين.

    ڪنهن جي لئه زيان آن،
    ڪنهن کي سُود ٿو لڳين.

    تون جهان ۾ ’وفا‘!
    هست و بُود ٿو لڳين


    پاڻ کي ڇو وڃين ٿو ڊاهيندو

    پاڻ کي ڇو وڃين ٿو ڊاهيندو،
    ٻيو دفعو ڪير توکي ٺاهيندو!

    پنهنجي ظلم ۽ ستم جا ڏاند ٻڌي،
    ڳاهه وانگر وڃين ٿو ڳاهيندو.

    هر نظر ۾ اهو شعور ڪٿي،
    مون جيان ڪير توکي چاهيندو!

    منهنجي هر آرزو کي قتل ڪرين،
    ٿو مٺايون وتي وراهيندو. (1)

    هر نئين سج ٿو خيال مَٽين،
    ڪير توسان مٺا! نباهيندو.

    ڏک نه ڏي، جي ’وفا‘ اُڏيو توکان،
    ياد رک پَرَ به ڪو نه ساهيندو.

    (1) ورهائيندو.


    ها مرض هو، نه ڪي دوا هو ڪوئي

    ها مرض هو، نه ڪي دوا هو ڪوئي،
    سوچيان ٿو ته نيٺ ڇا هو ڪوئي.

    منهنجي هر فڪر جي جلا هو ڪوئي،
    منهنجي هر سوچ جي بقا هو ڪوئي.

    خون وانگر هو منهنجي نَس نَس ۾،
    پو کڻي ظاهري جدا هو ڪوئي.

    عام ماڻهو هو عام ماڻهن ۾،
    منهنجي حق ۾ مگر خدا هو ڪوئي.

    حُسن ۽ عشق سان جهُڪائي ويو،
    منهنجي عظمت کان آشنا هو ڪوئي.

    قتل منهنجي کان پو چيو قاتل:
    ”مڙس هو، سچ هو، ’وفا‘ هو ڪوئي“.


    سچُ نچڻ گهرجي

    سچُ نچڻ گهرجي،
    مچُ مچڻ گهرجي.

    پل پل ڪانُ لنوي،
    ڪو ته اچن گهرجي.

    ساسي بُک مرن،
    پوک پچڻ گُهرجي.

    سچ کان ڪُوڙ چڱو!؟
    شرم اچڻ گهرجي!

    دولت نانگُ ’وفا‘!
    يار! بچڻ گهرجي.


    پوک جيڪا به هاريءَ پچائي

    پوک جيڪا به هاريءَ پچائي،
    ويو وڏيرو حسابن ۾ کائي.

    اَنُ وڏيري کي، ڪڙميءَ کي گاريون،
    ”لِڏِ ليکو ۽ ديرو بٽائي“.

    سج بيٺي انهن کي ڪُٺو ويو،
    جن انڌيرن ۾ مشعل جلائي.

    مون کي هر آشنا کان وڇوڙي،
    وئي ٺهي پاڻ ۾ ڪُل خدائي.

    حُسن! حالات جي ور چڙهي ويا،
    تنهنجا جلوا ۽ منهنجي سُڃائي.

    بيوفائن ۾ نعرا ’وفا‘ جا!؟
    شل ٿيئي ڪا ’وفا‘! پاڙ سائي!


    پوک جيڪا به هاريءَ پچائي

    روز پِٽڪو آ بيوفائيءَ جو،
    ڇا ڪجي تنهنجي ڪَجَ ادائيءَ (1) جو؟

    مون کي وڇڙڻ کان پو يقين ٿيو،
    وصل بنياد هو جدائيءَ جو.

    ’ايڪتا‘ جو ڏئي سبق مون کي،
    پاڻ ڇو ٿي ويو ’ٻيائيءَ‘ جو.

    عشق شايد ڪمال تي پهتو،
    مُنهن لٿل ٿو ڏسان خدائيءَ جو.

    هر ڀلائي ’وفا‘! بُرائي ٿي،
    ڄڻ زمانو نه هو چڱائيءَ جو.


    (1) ڪج ادائي: ڏِنگائي


    آشتيءَ جي اياغَ جهڙو هو

    آشتيءَ جي اياغَ (1) جهڙو هو،
    هُو ڪويءَ جي دماغ جهڙو هو.

    ويس پاتل هو جنهن کي بلبل جو،
    فرق – فطرت ۾ راغ (2) جهڙو هو.

    سڀ سان وِهتو پئي حمامن ۾،
    پنهنجي عصمت تي داغ جهڙو هو.

    صرف اکيون چراغ سڏجن ٿيون،
    هو سراپا چراغ جهڙو هو.

    جسم جو روپ، روح جو ٻهروپ،
    هُو بَهوُ سبز باغ جهڙو هو.

    غم ۾ ڦاٿل هيو وفا اهڙو،
    موت کان پو فراغ (3) جهڙو هو.



    (1) اياغ: پيالو
    (2) راغ: ڪانءَ
    (3) فراغ: فرصت، واندڪائي


    عرض ٿئي آخري صدائن ۾

    عرض ٿئي آخري صدائن ۾:
    ياد رکجان مون کي دعائن ۾.

    مون سان آزاد ميل جول رکي،
    ويو اچي ڪيترن دٻائن ۾!

    ڏنگ عورت جو، ونگ دولت جو،
    زندگي آهه ٻن بَلائن ۾.

    پنهنجي رَب کي مون ست رڇي ڄاتو،
    نڪُ ٻوڙيو نه مون پلائن ۾.

    بيوفا ۾ ’وفا‘ جي آس وفا!
    گل نه ٽڙندا ڪڏهن خزائن ۾.


    مَست اکين تي پيار ايندو ويو

    مَست اکين تي پيار ايندو ويو،
    بِن پيئڻ جي خمار ايندو ويو.

    جئن چمن ۾ بهار ايندو ويو،
    گُلبدن تي نِکار ايندو ويو.

    بُتڪدا، مئڪدا ويا ٺهندا،
    جيئن جئن مون ڏي يار ايندو ويو.

    ظلم کٽيو يا صبُر ڪنهن کٽيو،
    وقت کي اعتبار ايندو ويو.

    مئڪدي ۾ ’وفا‘ جو پهچڻ هو،
    هر نظر ۾ غبار ايندو ويو.


    زير آهي يا بام آهي

    زير آهي يا بام آهي،
    عورت کي سلام آهي.

    اِحساس غلاميءَ جو،
    ڪينسر ۽ جذام (1) آهي.

    آئين مڃي ڪهڙو؟
    ٻُڏتَر ۾ عوام آهي.

    سڀ ڪجهه نه حلال آهي،
    سڀ ڪجهه نه حرام آهي.

    اکيون ئي نٿيون پٽجن،
    وينگس آ يا جام آهي.

    تلوار نٿي ماپي،
    خنجر جو نيام آهي.

    اجسام ’وفا‘! فاني،
    رُوحن کي دوام آهي.


    (1) جذام: ڪوڙهه.


    دِل کڻي در در رلائيندو رهيو

    دِل کڻي در در رلائيندو رهيو،
    پيار جي عظمت گهٽائيندو رهيو.

    پاڻ هر بندش کان بي قابو رهي،
    صرف مون کي آزمائيندو رهيو.

    تجربن جي راهه کان اڻ ڄاڻ هو،
    لغزشن جي ڌوڙ پائيندو رهيو.

    پاڻ ڀي آهي اڃا خانه بدوش،
    جو، پراوا گهر ڦٽائيندو رهيو.

    ڪُوڙ جو ايڏو مٿس غلبو هيو،
    هر حقيقت کان لنوائيندو رهيو.

    ميزبانيءَ ۾ به ڪو ٻهروپيو،
    زهر شربت ۾ ملائيندو رهيو.

    پنهنجي چهري تي رکي چهرو ٻيو،
    پنهنجي عيبن کي لڪائيندو رهيو.

    سچَ جي گهر ۾ جو پيدا ٿيو ’وفا‘!
    تا لحد ڳوڙها وهائيندو رهيو!


    اوڀاريون، لهواريون آهن

    اوڀاريون، لهواريون آهن،
    ڦِرڻيون گِهرڻيون ياريون آهن.

    هي جي ڀُوريون ڪاريون آهن،
    دوڌاريون تلواريون آهن.

    تو ۾ ڪو دروازو ڪونهي،
    هر پاسي ديواريون آهن.

    توڙي مُرڪون، توڙي نظرون،
    سڀ دل جو بيماريون آهن.

    بُت ڇا، روح به قيدي آهن،
    اهڙيون خود مختياريون آهن.

    لابارن جي مُند اچي وئي،
    سَٽ – ڪُٽ آهي، ساريون آهن.

    مون لئه سڀ هِڪجهڙيون آهن،
    ڇا ڀُوريون ڇا ڪاريون آهن.

    سُک سان سُمهندوڪَو نه ’وفا‘! سو،
    جنهن هي باهيون ٻاريون آهن.


    رزاق تون، ڪمايان مان،

    رزاق تون، ڪمايان مان،
    ٻي ڪهڙي ڌوڙ پايان مان!

    ماڻهو ٿي، آءٌ ماڻهوءَ تي –
    بندوق ڪيئن هلايان مان.

    تون منهنجو لُڙڪ لُڙڪ آهين،
    چشمن تي ڪيئن نه چايان مان.

    دنيا سڄي اگهاڙي آ،
    توکي ڪِٿي لِڪايان مان؟

    ڪهڙي نه زندگي آهي،
    روئي پيو کِلايان مان!

    خود پئجي امتحانن ۾،
    توکي ٿو آزمايان مان.

    اِسلام جي بقا آهي،
    ڇو ڪفر کي مِٽايان مان.

    هر ڪو ’وفا‘ مان ڪَڪِ آهي،
    ڪهڙا ڳڻي ٻڌايان مان.


    ظلم کي نارَوا نٿو سمجهين

    ظلم کي نارَوا نٿو سمجهين،
    ڄڻ خدا کي خدا نٿو سمجهين.

    ڪيترو پيار کان پري آهين،
    منهنجي ڪا ڀي ادا نٿو سمجهين.

    هوندين لقمان، پر زماني لئه!
    منهنجي دک جي دوا نٿو سمجهين.

    صرف سمجهڻ نه ٿو گهُرين شايد،
    ورنه ماڻهو آن، ڇا نٿو سمجهين!

    تون جهنم ۾ خوش، نه جنت ۾،
    ڪا به آب و هوا نٿو سمجهين.

    هيءُ ته سمجهين سخا ضروري آ،
    ڪيئن ڪبي آ سخا، نٿو سمجهين.

    ڄڻ ته ماڻهو نه آهين، صحرا آن،
    جو ’وفا‘ جي صدا نٿو سمجهين.


    تُنهنجي چهري تان جو نقاب لٿو

    تُنهنجي چهري تان جو نقاب لٿو،
    اڀريو مَسَ هو آفتاب، لٿو.

    امن ۽ آشتيءَ جو داعي هو،
    جو صحيفو ۽ جو ڪتاب لٿو.

    مون تي نازل عذاب/ڪربَ ٿيا،
    تو مٿان حسن ۽ شباب لٿو.

    عيش عِشرت لٿو حسين لئه،
    عاشقن لئه ڇُري، قصاب لٿو.

    ائين ڪو ماڙيءَ تان جهوپڙيءَ ڏي لٿو،
    جيئن جهرڪيءَ جي ڪَڍَ عقاب لٿو.

    صرف مظلوم ۽ غريب مٿان.
    هر پڇاڻو ۽ احساب لٿو.

    نيڪ ۽ بد جي ’وفا‘! تميز لٿي،
    ڪو گنهه ۽ نه ڪو ثواب لٿو.


    اڪيلو پيو برف وانگر ڳرين ٿو

    اڪيلو پيو برف وانگر ڳرين ٿو،
    ملڻ جي تڏهن ڀي نه ڪوشش ڪرين ٿو.

    تون خود پنهنجي رستي جي ديوار آهين،
    نه اڳتي وڌين ٿو، نه پٺتي ورين ٿو.

    چيومانس: ”ايذاءُ آ عشق تنهنجو“
    چيائين: ”مون کي ڇا، ڪرين ٿو – ڀرين ٿو؟“.

    بدن کي نه سينگار ماڻهن جي خاطر،
    اکيون پَٽ! ٺهڻ جي بهاني کرين ٿو.

    تون لاڙي نه آهين، ٿري آهين شايد،
    نه تانگهو ترين ٿو، نه اونهو ترين ٿو.

    الئه ايترو حُسن ڪنهن کان وتو ٿئي،
    سراپا صنم! بلب وانگر ٻرين ٿو.

    جهنم رسيد آهين ان جي بدولت،
    ’وفا‘ جنهن جي نالي وٺڻ سان ٺرين ٿو.


    هُن کي هر هر مون آزمايو هو

    هُن کي هر هر مون آزمايو هو،
    کيس پنهنجو ڪرڻ اجايو هو.

    قاتلن، مقتلن کان ساک وٺو،
    مون جهُڪايو نه، سر ڪَپايو هو.

    ان کي لڙڪن ۾ مون تلاش ڪيو،
    جنهن کي ٽهڪن ۾ مون وڃايو هو.

    لڙڪ بنجي وَهي ويو ڳل تان،
    جنهن کي اکين ۾ مون لِڪايو هو.

    زندگي ڀر مون جنهن جو ورد ڪيو،
    منهنجي مَيت تي ڀي نه آيو هو.

    تنهن ڪري ويون اباڻي جُوءِ ڇڏي،
    هرڻين کي ڪُتَن تپايو هو.

    پنهنجي سيني تي تير تير جهَلي،
    مون ’وفا‘! پيار کي بچايو هو.


    لڇڻن کان انڪاري هو

    لڇڻن کان انڪاري هو،
    چمڙي جو واپاري هو.

    جنهن سان وِچڙيو ڪو نه بچيو،
    ٽي – بيءَ جي بيماري هو.

    ٻيلي اهڙو وڍ پيو،
    وڻ وڻ ٽاري ٽاري هو.

    ڏاهو ماڻهو ڪو نه ڏٺم،
    ڪو حافظ، ڪو قاري هو.

    عملن جي زنجيرن ۾،
    جڪڙيل نورِي ناري هو.

    لَپ ۾ داڻا، ڪڇ ۾ ڪانُ،
    مارڻ جهڙو ماري هو.

    هيٺان – مٿان ماڻهن سَٿ،
    ٻهراڙيءَ جي لاري هو!

    شاديءَ کان پو شوخ ’وفا‘!
    چادر – چوديواري هو.


    سختين ۾ هر سچو آهي،

    سختين ۾ هر سچو آهي،
    سچ ڳالهائڻ ڏچو آهي.

    نفرت!؟ وڃو، وڃو، ڪانهي،
    الفت!؟ اچو، اچو آهي.

    زر سڀ ماڻهو ماري ڇڏيا،
    ڪو به نه ڪنهن جو بچو آهي!

    رتَوڇاڻ لڳا پيا آهيون،
    شاهد ٻچو – ٻچو آهي.

    هٿ جو چرچو ڪو نه سهي ٿو،
    چُوڙيءَ وانگر ڪچو آهي.


    عشق مجازي

    عشق مجازي،
    عورت سازي.

    موٽڻ مهڻو،
    ٻَڌ نه غَازي.

    مُنهن مُونن ۾،
    دست – درازي،

    جهڙ ڦر، ماڻهو،
    تِرڪڻ بازي.

    بي انصافي،
    نوٽ – نوازي.

    سچ کي گاريون،
    ڪُوڙ – طرازي.

    شيش محل ۾،
    پٿر – بازي!

    پيار بُتن سان،
    نيڪ–نمازي!!

    مَرڪ ’وفا‘جو،
    سر جي بازي.


    ويهِي ڪَلَرَ جيئن منهنجي پاڙ ۾

    ويهِي ڪَلَرَ جيئن منهنجي پاڙ ۾،
    هاڻ ڪنهن ٻُوٽي جي آهين تاڙ ۾؟

    صرف ڪَمُ ناهي هٿوڙين جوصرافَ!
    فن به گهرجي زيورن جي گهاڙ ۾.

    جهوپڙيءَ ۾ جسم سوچيندو رهيو،
    روحُ بُل کائي ڪِريو چو – ماڙ ۾.

    ذات پنهنجيءَ ۾ چتائي جو ڏٺم،
    منهنجو خنجر زن هو منهنجي آڙ ۾.

    آخرش آب و هوا ثابت ڪيو،
    فرق جيڪو آ، اُتر ۽ لاڙ ۾.

    نڪُ ۽ ڪَنَ ڪير ٽوپائي’وفا‘!
    سون ۽ چاندي وڃي پَئي ڀاڙ ۾.


    دريا تي وَسن بادل، صحرا ۾ لڳن جهولا

    دريا تي وَسن بادل، صحرا ۾ لڳن جهولا،
    ڪيڏيون نه ننڍيون سوچون، ڪيڏا نه وڏا ڀولا.

    ڏاڙهن جي مٿان چوليون، چولين جي مٿان چولا،
    ڏَسِ ڪيئن، دوائن جي بيمار ڪندا ڳولا.

    شَههَ رڳَ جي قريب آهي هي سوچ عجيب آهي،
    ادراڪ جا مونجهارا پُڻ ڇاڻ سندا رولا.

    ”ڪمدار! اسان واري بندوق ڀري اچجان،
    سُهڻا ٿا وڃن ڪڏندا هرڻين جان ڪيون ٽولا.“

    مون علم جي پٿر کي آ پيٽ سان چنبڙايو،
    توکان نه مِلي ماني، مون کان نه کتا ڇولا!

    ڪيئن پيٽ مداريءَ کي بازر ۾ وٺي آيو،
    ڪيئن ميڙ ۾ ماڻهن جي بُک تي ٿا نچن ڀولا.

    جو سونُ ’وفا‘! چمڪيو سورج جي شعاعن تي،
    سو ٿي ويو صرافن ۾، ماسا ۽ رتيون، تولا!


    ڪوئي جلوو، نه ”طور“ حاصل آ

    ڪوئي جلوو، نه ”طور“ حاصل آ،
    شوقِ موسيٰ ضرور حاصل آ.

    عِشق جي منفرد مقامن جي،
    تجربن تي عبور حاصل آ.

    تنهنجي نيڻن جو ماحصل آهي،
    جو نشو، جو سُرور حاصل آ.

    هيتري عشقيه حياتيءَ ۾،ـ
    صرف ۽ صرف سور حاصل آ.

    توکان وڇڙڻ کان پوءِ ڪيئن ڪندي،
    زندگيءَ کي شعور حاصل آ،

    ساري دنيا جي دوستيءَ ۾ ’وفا‘!
    قُرب ڪونهي، ڪَلور حاصل آ.


    جو به سيٽ ٿي ويو

    جو به سيٽ ٿي ويو،
    تيل – ميٽ ٿي ويو.

    اڳ ۾ ڏيئي باهه، پو -
    گاسليٽ ٿي ويو.

    چُپ جا در، دريون ڀڃي،
    مين گيٽ ٿي ويو.

    مان بلند هوس پر -
    پست پيٽ ٿي ويو.

    ڪنهن کان ڪنهن کان بم کسيون،
    جڳ ئي جيٽ ٿي ويو!


    بحث ئي فضول آهي

    بحث ئي فضول آهي،
    شاعر رسول آهي.

    جو سچَ کي کِلائي،
    سو غم قبول آهي.

    انسانيت جو اونو،
    بهتر اصول آهي.

    سنجيدگيءَ جو مون تي،
    اڄڪلهه نزول آهي.

    افسوس! ماڻهپي تي،
    ماڻهو ملول آهي.

    شربت جي بوتلن ۾،
    وِههَ جو حلول (1) آهي!



    (1) حلول: ڳار، ڳري يا حل ٿي وڃڻ


    ڀرئي ڀنڀور مان هڪڙو پنهل ڏي

    ڀرئي ڀنڀور مان هڪڙو پنهل ڏي،
    يا ان جو ڪو ٻيو نعم البدل ڏي.

    جڏهن کان سانورو مُنهڙو مَٽي ويو،
    رهي مائل ٿو مَنُ منهنجو ڪنول ڏي.

    رهيس مسرور پنهنجي جهوپڙيءَ ۾،
    نِهاريو مون نه ڪنهن ماڙي، محل ڏي.

    مُحبت ڇا به آ، پر پيٽ ناهي،
    نه سوچڻ جو مُحبت کي خلل ڏي.

    مون کي تنهنجي اکين سان اُنس آهي،
    ڪو دل کي زخم ڏي، سيني کي سَل ڏي!

    نه پُڇ ڪنهن کان ’وفا‘! ناموس نالو،
    فقط نيت کي ڏِس، نيت جو ڦل ڏي.


    هر اشارو سلام جهڙو آ

    هر اشارو سلام جهڙو آ،
    هن جو جسم ئي ڪلام جهڙو آ.

    چشمِ اِنسانيت ۾ آقا ڀي،
    دين جو سُنهن، غلام جهڙو آ.

    جو زير – زور سان ٿِئي حاصل،
    سو حلال ئي حرام جهڙو آ.

    جيترو ٿي سگهي بچو هِن کان،
    لوڀ، لالچ جذام جهڙو آ.

    ڇو ٿا شاعر کي ايڏو گهٽ سمجهو،
    هُو ته اعليٰ مقام جهڙو آ.

    جو اچي ٿو ٽُٻي هنيون ٿو وڃي،
    هُو عوامي حمام جهڙو آ.

    يار آهن ’وفا‘! سياستدان،
    منهنجو سڀ ڪجهه عوام جهڙو آ.


    نه پهتو ڪو به سِنڌڙيءَ جي سَڏن تي،

    نه پهتو ڪو به سِنڌڙيءَ جي سَڏن تي،
    ننڍن کي حيف ۽ لعنت وڏن تي.

    رڳو رستن ۽ چؤڪن تي چڙهائي،
    نه همت ڪنهن کي پهچڻ جي اڏن تي.

    ائين دولت تي آهي ويڙهه – ويڙهان:
    وڙهن ٿا جئن بکيا ڪُتا هڏن تي.

    اميرن جون حويليون ڀي ته آهن،
    رڳو ڪاهون غريبن جي لڏن تي.

    اِهو تعليم جو معيار آهي،
    معلم کٽ تي طالب تڏن تي!

    وفا! انسان ۾ انسان ڪونهي،
    سدا سندرو فسادن ۽ ڦڏن تي.


    جو به دولت سان وير ٿو چاهي

    جو به دولت سان وير ٿو چاهي،
    ڄڻ ته هَڻ – کَڻُ تي پير ٿو چاهي.

    اي اميرو! پُڇو غريبن کان،
    ڪيئن ٻڪريءَ کي شير ٿو چاهي؟

    ڪنهن به ڀاڙئي – ڀُتي جو ڪم ناهي،
    عشق جذبو دلير ٿو چاهي.

    هِن ۾ ”تنهنجو“ وجود شامل آ،
    ورنه دنيا کي ڪير ٿو چاهي!

    منهنجو: صدين جو صبر، شڪر صنم!
    تو ۾ ڪوفرق/ڦير ٿو چاهي.ـ

    تنهنجي حسن و حيا جي دريا مان،
    مَنَ جو ملاح گهير ٿو چاهي.

    ايٽمي جنگ جو جنون ’وفا‘!
    صرف لاشن جا ڍير ٿو چاهي.


    صرف نعرن جا ٿا ٺڪاوَ ٿين

    صرف نعرن جا ٿا ٺڪاوَ ٿين،
    ڪاش! عملي طرح اپاوَ ٿين.

    رَتَ ۾ روشني نه آ، ورنه -
    جهير راڊون، چراغ گهاوَ ٿين.

    کول زلفن کي، ڳول مُرڪن کي،
    ڪي بهاريون اچن، هڳاوَ ٿين.

    برف ڄميل رهي ٿي ذهنن تي،
    ڪيئن جذبن جا تيز تاوَ ٿين.

    پيٽ کان ظرف ٿو عزيز رکان،
    منهنجي پڇ کان پري پلاوَ ٿين

    آس جي اجني انڌيرن ۾،
    ڪنهن جا محسوس ٿا ڇهاوَ ٿين.

    هرڻين سان مِرون پيئن پاڻي،
    پوءِ گندا نه ڪيئن تلاوَ ٿين!

    ڪو ڪندو ڇا مقابلو هن سان،
    وقت وٽ ٿا هزار داوَ ٿين!

    صرف ڀرجن ٿا وصل ساڻ ’وفا‘!
    هجر جا ٿا عجيب گهاوَ ٿين.


    مٺا! توسان ملڻ مشڪل لڳي ٿو

    مٺا! توسان ملڻ مشڪل لڳي ٿو،
    سمورو شهر ئي قاتل لڳي ٿو.

    سندس روئڻ، کلڻ باطل لڳي ٿو،
    صفِ اغيار ۾ شامل لڳي ٿو.

    اهي جي حُسن کي فاني چون ٿا،
    انهن جو نظريو باطل لڳي ٿو!

    نه ٿو معراج ماڻي عاشقيءَ جي،
    جو عاشق ٿي ڪِري عاقل لڳي ٿو.

    توهان جو مون کي سمجهائڻ غلط آ،
    ڪڍان ڪيئن دل مان، منهنجي دل لڳي ٿو.

    ’وفا‘! ڄاڻي خدا، عاشق ۽ شاعر،
    ڪڏهن عاقل، ڪڏهن جاهل لڳي ٿو.


    زندگي ۽ سڪون! ڇا؟ ڇا؟ ڇا؟

    زندگي ۽ سڪون! ڇا؟ ڇا؟ ڇا؟
    سوچ تي کِل اچي ٿي ها – ها – ها.

    حشر ۾ ڀي نه پوءِ مِلندوسانءِ،
    شرع جا ٽي دفعا ٿي، آ! آ! آ!

    عالمي اتفاق نامُمڪن،
    عالمي ڊوڙ صرف ٺا! ٺا! ٺا!

    صِرف تاڙيون عُروج شاعر جو،
    شاعريءَ جو ڪمال وا! وا! وا!

    ڇا وفا، واقعي ’وفا‘ آهي!؟
    چند گهڙين کان پوءِ: ها! ها! ها!


    جو پيٽ وجهي کاريو

    جو پيٽ وجهي کاريو،
    پيتي کان چڱو هاريو،

    پاڻيءَ ۾ نمڪ وانگر،
    دُکَ، درد ڇڏن ڳاريو،

    سودو ته رضا جو آ،
    دوڏا ته نه ڦوٽاريو!

    سنسار ۾ سچ ناهي،
    جي آهي ته ڏيکاريو!

    شيرين جا طلبگارو!
    ڏونگر به اٿي ڏاريو.

    ڪيئن پيار ڪبو آهي،
    مون کي به ته سيکاريو.

    روشن جي ٿيڻ چاهيو،
    اوندهه ۾ ڏيئا ٻاريو.

    چاهت ۽ ”وفا“ بنجي،
    مون وقت تي ويچاريو.


    خاص، مُسلط عامن تي

    خاص، مُسلط عامن تي،
    ڪَهل ڪيو گُگدامن تي.

    پهتو پيار سلامن تي،
    ايندو نيٺ ڪلامن تي.

    خالي پيٽ غريبن جا،
    زر جي پهچ طعام تي.

    هاريو کير ته ٻانهيءَ هو،
    آقا گرم غلامن تي!

    اَنڌن سارو ڏوهه رکيو:
    کَڏن، کُوٻن، کامن تي!

    ڪو به نه چاهي امن امان،
    زور رڳو هنگامن تي.

    بوتل جهڙا هَٿَ ”وفا“!
    لَٺِ لڳي ٿي جامن تي.


    رقص ۾ سڳي وفا

    رقص ۾ سڳي وفا!
    هيءَ ڪٿان لڳي وفا!

    ٿي ويو، ٽُڪر ٽُڪر،
    مون جو اک ڀڳي وفا!

    آدمي ازل، اَبد،
    باقي سڀ ٺڳي وفا!

    تنهنجي ساٿ کان سوا،
    زندگيءَ، کڳي وفا!

    حُسن ڪهڙو دڳ وٺي،
    چاهه چؤدڳي وفا!

    پيو کِلين صليب تي،
    ايتري مَڳي ’وفا‘!


    ڪَنول پاڻي ۾، خُشڪيءَ تي گلاب آ

    ڪَنول پاڻي ۾، خُشڪيءَ تي گلاب آ،
    بلاشڪ: واقعي، هوءَ لاجواب آ.

    ائين زُلفن ڍڪيو آهيسِ چهرو،
    ڪڪر جي پوئتان ڄڻ ماهتاب آ.

    اڃايل هرڻين وانگر جيون ٿا،
    اڳيان، پويان فريبن جو سراب آ.

    چڱا آهن اِهي روزا، نمازون،
    مگر معراج ڪوئي ٻيو حساب آ.

    خوشامدَڙيا ’وفا‘! ڪاٿي ٿا سمجهن،
    جيئڻ خوددار تي ڪيڏو عذاب آ.


    پيار – پريت جون سر نه ٿيون چوٽيون

    پيار – پريت جون سر نه ٿيون چوٽيون،
    عزمِ فرهاد جون رهيون کوٽيون.

    چؤطرف ٻوڙ ۽ پُلاوَ، مگر -
    پيٽ ۾ صرف دال ۽ روٽيون.

    زندگي نارَ جي مثال آهي،
    ۽ تمنائون نارَ جون لوٽيون.

    تنهنجي آفاقيت کي ڇا ٿي ويو،
    ٿي ڪبوتر، زمين تي ڏوٽيون؟

    خَرَ نه هرگز ’وفا‘! ڇڏي گوهي،
    مُون مَٿس سَوَ ڀڃي ڇڏيون سوٽيون.


    پيٽ ته پنهنجو، مال پرائو

    پيٽ ته پنهنجو، مال پرائو،
    وات نه ساڙيو، ٺاري کائو.

    نَنهن کان چوٽيءَ تائين ڪُنئرو،
    اهڙو، جهڙو مکڻ ڳائو.

    هر هيڻي لئه، هر هڪ ڏاڍو،
    آهي مُلڪ جو چوٿون پائو.

    لُڙڪ جڏهن پيرن تي ڪِريا،
    هُن جي وات مان نڪتي ”هائو“.

    دل جي پيرن منجهه چُڀي پيو،
    ڀَڳل اکِ جو ٽٽل ڪائو!

    هُن جي آڏو ذڪر ’وفا‘ جو،
    ڳائي ماس اڳيان جيئن ٻائو.


    مِٺي زندگي يا ڪَڙي زندگي

    مِٺي زندگي يا ڪَڙي زندگي،
    نه مون ڏي ڪڏهن ڀي لَڙي زندگي.

    جا، تنهنجي عبادت ۾ گذري وئي،
    لڳي ٿي اُها ئي گهڙي زندگي.

    جي اُن ۾ جيئڻ جي نه خوبي هجي،
    ته واريءَ جي آهي دڙي زندگي.

    قيامت کان اڳ ۾ نه ايندي وري،
    تڏهن تان مون اهڙي تڙي زندگي.

    فرشتو ڍَڪرجي ويو موت جو،
    جڏهن زندگيءَ مان اڙِي زندگي.

    ڪڏهن کنڊ کان ڀي مٺي ٿي لڳي،
    ڪڏهن زهر کان ڀي ڪڙي زندگي.

    ’وفا‘! موت جا ڪَنَ کڙا ٿي ويا،
    ائين زندگيءَ لئه رڙي زندگي.


    جنهن ۾ انسانيت جو دَمُ ناهي

    جنهن ۾ انسانيت جو دَمُ ناهي،
    اُن جو جڳ ۾ جيئڻ جو ڪَمُ ناهي.

    ذات ۽ پات، رنگ، نسل ته ڇا،
    ڪير ڀي عشق کان اُتَمُ ناهي.

    مان، مٺا! فرض ناهيان، پيار آهيان،
    تنهنجي شاديءَ جو مون کي غَم ناهي.

    آءٌ ڪيڏو نه خوشنصيب آهيان،
    تنهنجي زُلفن ۾ پيچ – خَمُ ناهي.

    عالمي امن ڪيئن بحال رهي،
    ڪهڙو مُلڪ آهه جنهن ۾ بَمُ ناهي.

    ڪير ڪنهن جي نٿو رکي هاڻي،
    مُحبتن جو رهيو ڀرم ناهي.

    اُن جي پيرن ۾ بوٽ ڪيئن هوندا،
    جنهنجي هٿ ۾ ’وفا‘! قلَمُ ناهي.


    ڪو به سجدو، سجود ڪونهي ڪو

    ڪو به سجدو، سجود ڪونهي ڪو،
    ڇا خدا جو وجود ڪونهي ڪو؟!

    جيڪو مون ۾ لَچڪ ڪري پيدا،
    مون ۾ اهڙو غدود ڪونهي ڪو.

    ڪوبه روحانيت شناس نه آ،
    ڪنهن به لب تي درود ڪونهي ڪو.

    عام ۽ جام حالتن کي ڏسو،
    زر، زيان آهي سود (1) ڪونهي ڪو.

    مِينهن وانگر نزولَ شعرن جو،
    چُپِ ۾ ڀي جمود ڪونهي ڪو.

    مان ’وفا‘! مَچُ مچائيندو آهيان،
    منهنجي فِطرت ۾ دود ڪونهي ڪو.


    (1) سُود: فائدو، وياج


    عالمي امن جو بهانو آ

    عالمي امن جو بهانو آ،
    عالمي جنگ جو زمانو آ،

    صرف طاقت جي بادشاهي آ،
    حڪمران ڀي فقط خزانو آ،

    جنهن کي يو. اين. او چيو ٿو وڃي،
    سو ته اسلحه جو ڪارخانو آ،

    هڪ ئي مزدور جا ٻه رخ آهن،
    ڪوئي ڏاٽو آ، ڪوئي پانو آ،

    ايٽمي بم ۽ نيوٽران ’وفا‘!
    آدميت تي تازيانو آ.


    دست آهي نه دستگيري آ

    دست آهي نه دستگيري آ،
    زنده پيري، نڪا فقيري آ،

    حق جي اعتراف کان نهڪر،
    تنگ ظرفي آ، بي ضميري آ.

    تو سوا ڪَک پَن اداس آهي،
    خوش غريبي، نه ڪا اميري آ.

    هڪڙي لالڻ جي ميزبانيءَ ۾،
    مون پلي جان حيات چيري آ.

    جنگ: تخريب ۽ شرپسندي آ،
    امن تڪميلِ ملڪ گيري آ،

    آسماني اکين جا ڏنگ ’وفا‘!
    دل سڄي نِير جيئن نيري آ.


    آسماني ڪتاب ۾ آهي

    آسماني ڪتاب ۾ آهي،
    پيار شامل ثواب ۾ آهي.

    سامري (1) نيڻ ۽ بدن ڪيلاش (2)،
    سحر (3) تنهنجي شباب ۾ آهي.

    منهنجي خواهش کي بي لباس ڪري،
    پاڻ ٻِيڻي نقاب ۾ آهي.

    منهنجي محبوب جو، جي حُسن ڏسو،
    چنڊ ۾ يا گلاب ۾ آهي.

    منهنجي جذبات جي زبان ’وفا‘!
    ڪنهن جي چُپِ جي عذاب ۾ آهي.


    (1) سامري: هڪ مشهور جادوگر جو نالو
    (2) ڪيلاش: هڪ جبل جو نالو
    (3) سحر: جادو


    حالانڪه ڦڙي آهي

    حالانڪه ڦڙي آهي،
    دريا جان ڇُڙي آهي.

    جي انگ – اکر ڪونهن،
    هر چيز ٻُڙي آهي.

    صُورت به آ، سيرت ڀي،
    ڇا جوڙ – جُڙي آهي.

    غربت ڇا، جهالت ڇا،
    جُوتي جي کُڙي آهي.

    چاهت کان مَٽي مُنهنڙو،
    دولت ڏي مُڙي آهي.

    دنيا لئه ’وفا‘! دولت –
    ڪُتي کي پُڙي آهي.


    منهنجي چاهت کان انحرافي آ

    منهنجي چاهت کان انحرافي آ،
    تنهنجو ونواهه اِختلافي آ.

    هن سڄي ڪائنات ۾ مون لئه،
    صِرف تنهنجو وجود ڪافي آ،

    تنهنجي شاديءَ ۾ خودڪُشي منهنجي،
    نينهن نقصان جي تلافي آ.

    هاڻ هر ڪو ٿو پنهنجي دِل تي هلي،
    هاڻ هر جُرم جي مَعافي آ.

    پيار ۽ سچ جي سِلسلي کان سوا،
    باقي هر سلسلو اضافي آ.

    پيار تنهنجو ’وفا‘! سندس دِل ۾،
    ٻار جي مُٺ ۾ جيئن ٽافي آ.


    تُنهنجو جنون آهي

    تُنهنجو جنون آهي،
    ڏاڍو سُڪون آهي.

    احسانَ جي رڳن ۾،
    مطلب جو خون آهي.

    مان، دل، سماج، دولت،
    حالت زبون آهي.

    ڪيڏو بلند آهين،
    جڳ سِرنگون آهي!

    ڪنهن جي مِلڻ لئه آتو،
    اڄ مِيم نون (1) آهي.

    دوشِ ’وفا‘ تي بيٺل،
    دِل جو ستون آهي.


    (1) ميم نون: مَنُ


    نظريو ۽ اصول پئسو آ

    نظريو ۽ اصول پئسو آ،
    وقت جو عرض و طول پئسو آ.

    نعمتن ۾ شمار هر راحت،
    رحمتن جو نزول پئسو آ.

    موت جو ڪوئي ڀي هُجي مقصد،
    زندگيءَ جو حصول پئسو آ.

    تَنهن کي قارون ئي چئي سگهبو،
    جنهن جو مقصد ۽ مول پئسو آ.

    هر زمان ۽ مڪان شاهد آ،
    ذِلتن جو خلول پئسو آ.

    سچَ ۽ سُونهن جي نظر ۾ ’وفا‘،
    اڄ به تِڇَ ۽ فضول پئسو آ.


    سَچُ سوچڻ ڪُفر ۽ اَلحاد ڙي!

    سَچُ سوچڻ ڪُفر ۽ اَلحاد ڙي!
    هاءِ، گهوڙا ڙي! اڙي بغداد ڙي!

    دل کان، دولت کي رکي جيڪو عزيز،
    دوستو! قارون ڙي! شداد ڙي!

    منهنجي لفظن ۽ خيالن کي پڙهو،
    منهنجي شعرن کي نه گُهرجي داد ڙي!

    جا بَجا سُورين، صليبن جو قسم،
    عِشق جو آهي، اڃا ميعاد ڙي!

    صرف نظرن سان ئي ڪم لاهيو وجهي،
    هُو نڪو قاتل، نڪو جلاد ڙي!

    منهنجي هٿ ۾ ڪنهن جون تصويرون ڏِسي،
    ٿي ويو تصوير خود بهزاد ڙي!

    ڌُوتين جي پاڙ سائي ٿي وئي،
    ڪونه شيرين کي رسيو فرهاد ڙي!

    سُر ۽ گُر ۾ رقصِ بسمل سان ’وفا‘!
    صِحنِ مقتل ۾ وڄي ٿو ناد ڙي!


    جوڙ مِليا، بي جوڙن وانگر

    جوڙ مِليا، بي جوڙن وانگر،
    جن جا وصل، وڇوڙن وانگر.

    دل جي ڌرتي ناسُ ڪري ويا،
    صدما جنگي گهوڙن وانگر.

    رَٻ ۽ پَڇ وڪائو ناهي،
    اُڦراٽن ۽ ٻوڙن وانگر.

    رستي ۾ سڀ رهبر گڏيا،
    ديوارن ۽ روڙن(1) وانگر.

    سچن تي تنقيد ٿئي ٿي،
    پاڻيءَ ۾ ٿاڦوڙن وانگر.

    موتُ چڱو آ، ڪير جئي ٿو –
    انڌن، گونگن، ٻوڙن وانگر!

    نازڪ شيشي جهڙي تون آن،
    منهنجا هٿ: هٿوڙن وانگر.

    ايڏو اوکو نانءُ ’وفا‘ جو،
    ياد ڪيان ٿو کوڙن وانگر.



    (1) روڙا: رنڊڪون


    سڀ ڪو تنهنجي يارن وانگر

    سڀ ڪو تنهنجي يارن وانگر،
    ڪَڍُ، ڪوئي مون پارن وانگر.

    دُشمن آهن خارن وانگر،
    دوست گلن جي هارن وانگر.

    سَچن پويان ڏاٽا – ڏاٽيون،
    سارين ۾ لابارن وانگر.

    مون کي پاڙهي پيار جون پٽيون،
    ٿي ويو دنيا وارن وانگر.

    انسانن جو مَرڪُ نه آهي،
    سوچڻ : اَڇن / ڪارن وانگر.

    سُرخ چپن جي کٽمٺڙن لئه،
    رڙندو رهندس ٻارن وانگر.

    هوءَ ڪمري جي ڊيڪوريشن،
    مان ڪمري جي ڄارن وانگر.

    هر دوشيزه ’سُهڻي‘ لڳندئي،
    سوچي ڏس ’ميهارن‘ وانگر.

    منهنجي ارمانن جي اُڀ تي،
    سهڻا چنڊ ستارن وانگر.

    ڪي ڪي پيڪر لڳندا آهن،
    چپڙين ۽ يڪتارن وانگر.

    منهنجي ٻڏندڙ آشائن لئه،
    تنهنجو جسم ڪنارن وانگر.

    منهنجو پيار ’وفا‘ جو پُتلو،
    تنهنجو پيار هزارن وانگر.


    ڦَٽڪي تي ڦَٽڪو ٿئي

    ڦَٽڪي تي ڦَٽڪو ٿئي،
    شايد بُت ڄٽڪو ٿئي.

    سچُ: ٿورن لفظن ۾،
    سوريءَ جو جهٽڪو ٿئي.

    منهنجو ساٿ نه ڇڏجان،
    پيرن تي پٽڪو ٿئي.

    حق وٺڻ جو نُسخو:
    جوتن جو سٽڪو ٿئي.

    جيڏُل! سوچي کڻجان،
    سُهڻيءَ جو مٽڪو ٿئي.

    ”دنيا جو نظريو،
    اٽڪايو اٽڪيو – ٿئي!“

    پيار ”وفا“! دنيا لئه،
    هڪ لٽڪو، چَٽڪو ٿئي.


    جيسين هو مهمان رهيو

    جيسين هو مهمان رهيو،
    مالڪ جو احسان رهيو.

    چَٺِ ۾ ٻوڙَ، پُلاوَ، مگر –
    فاقن ۾ انسان رهيو.

    ڪهڙو تن جو دين – ڌَرم،
    زر، جن جو ايمان رهيو.

    نانگن جي ڪَرَ – تاڻَ ڏِسي،
    هر جوڳي حيران رهيو.

    عالم فِرقن لاءِ ٿيا،
    ختمن لئه قرآن رهيو.


    لوڪ لتاڙي آيو آهيان

    لوڪ لتاڙي آيو آهيان،
    تنهنجي پاڙي آيو آهيان.

    پُٺتي موٽڻ شان نه منهنجو.
    ٻيڙيون ساڙي آيو آهيان.

    استحصالي جُبا، ڪڙتا،
    چيري، ڦاڙي آيو آهيان.

    لُڙڪن – ميڙ به موٽايائين،
    رَتُ ڀي ڳاڙي آيو آهيان.

    سج اُڀاري ڪونه سگهيس جي،
    رات ته لاڙي آيو آهيان.

    جَن به ”وفا“ جو پيار ڪُٺو، سي-
    دَنگ اُکاڙي آيو آهيان.


    ائين دل ۾ سندس هورا ۽ کورا

    ائين دل ۾ سندس هورا ۽ کورا،
    ڀُليل جئن شهر ۾ واهڻ جا ڇورا.

    ائين مون کي ڪٽيو منهنجي اصولن،
    هَٿوڙن سان ڪُٽن جيئن لوههُ لورا.

    ڀريندو پنهنجي پنهنجي قبر هر ڪو،
    نه ڪنهن رشتي ۾ رک ايمان ڀورا.

    وفادارن مٿان اِلزام ايندو،
    نه لُڏ سڀ سان محبت جا هِندورا.

    بدن کي مئڪدو ئي چئي سگهون ٿا،
    جڏهن اکيون سندس آهن ڪٽورا.

    نه کِليو گُل ڪنول جو، روئي روئي-
    ڀري ڇڏيم سڀئي ڍنڍون ۽ ڍورا.

    نَشن ۾ چپ وَتن ٿِڙندا ڳلن تي،
    اکيون تنهنجو شرابن جا ڪٽورا.

    زمانو صرف ڪم جو يار آهي،
    مگر تنهنجا اسان عاشق ۽ گهورا.

    ڪري پٿرن سان جذباتي ڪچهريون،
    ڪري ڇڏيائين بُت شيشي جو، ڀورا.

    مون کي تڪليف جي سوريءَ تي چاڙهي،
    لُڏي ٿو پاڻ پيو سُک جا هِندورا.

    ڊڄن سُورين، صليبن تي چڙهڻ کان،
    ’وفا‘! عاشق ڪٿي اهڙا سدورا.


    پَڙَ ٿا پون اميرن تي

    پَڙَ ٿا پون اميرن تي،
    لعنت هجي ضميرن تي!

    انڌيون عقيدتون آهن،
    ڪهڙي ميار پِيرن تي.

    سڀ ڪو پِني پيو جڳ ۾،
    ڪاوڙ رڳو فقيرن تي!

    دُشمن هيو غريبن جو،
    پڳ جنهن رکي اميرن تي.

    جيلن جا وڻ ويا وڍجي،
    اس ٿي رهي اسيرن تي.

    چَمڙي اُڏي پئي ڦَٽڪن سان،
    ضِد جو نشو سريرن تي.

    زهراب ٿا لڳن هاڻي،
    افسوس کنڊ، کيرن تي.


    آيت دليل آهي

    آيت(1) دليل آهي،
    ماڻهو شڪيل(2) آهي.

    انسان جو جياپو،
    گاڏيءَ جو وِيل آهي.

    پئسي جي شيءِ عدالت،
    ويڪُو وڪيل آهي.

    ڏاڙهون، ڪَري ڇا هڪڙو،
    سڀ ڪو عليل آهي.

    جيڪو به ڪاٺ ۾ آ،
    حق جو خليل آهي.

    گهوڙا! جفا ’وفا‘ سان،
    ڪيڏو ذليل آهي.



    (1) آيت: لقد خلقنا الانسان في احسن تقويم.
    (2) شڪيل: خوبصورت


    ڪا خطا، ۽ نه ڪو قصور آهي

    ڪا خطا، ۽ نه ڪو قصور آهي،
    سچَ سان واسطو ضرور آهي.

    هِڪَ ئي ذات جا ٻه رخ آهن،
    ڪوئي موسى، نه ڪوئي طور آهي.

    منهنجا جذبات با وفا آهن،
    تنهنجو احساس بي شعور آهي.

    مختصر هِن خيال جي تشريح:
    بُت بشر آهي، روح نور آهي.

    مُختلف روپ خود شناسيءَ جا،
    مان ’وفا‘ ناز، هو غرور آهي.


    هر شيءِ جي تجارت آ

    هر شيءِ جي تجارت آ،
    الله کي پارت آ.

    ڇا تاج محل ڄاڻي،
    دل ڀي ڪا عمارت آ؟

    پِي خون غريبيءَ جو،
    نَشي ۾ امارت آ .(1)

    سُڪن سان سڙن ساوا،
    ڪنهن جي ته شرارت آ.

    سچن تي کلن ڪوڙا،
    ڇا حُسنِ بصارت (2) آ!!

    سچ ڇو ٿو چڙهي ڦاهي؟
    سڀ ڪنهن کي ڳجهارت آ!

    من ميرو ۽ تن اُجرو،
    هيءَ ڪهڙي طهارت آ!


    (1) امارت : اميري
    (2) حسن بصارت: نظر جي سونهن


    پيار جا ڳيچ ڳايون هَلي

    پيار جا ڳيچ ڳايون هَلي،
    هل ته محفل مچايون هلي.

    لعل اٽڪي پيو تاج سان،
    گودڙيءَ ۾ لڪايون هلي.

    سِجُ هوليءَ جو مشڪل لَهي،
    هل ته ڪپڙا مٽايون هلي.

    ڇڏ نه کِلندن سان گڏجي کِلڻ،
    آ ته رُئندڙ کلايون هلي.

    اچ ته مسجد مان جهرڪيون جهليون،
    مولويءَ کي پِٽايون هلي.

    پنهنجي پنهنجي ڳچيءَ ۾ پيل،
    دُهل گهر گهر وڄايون هلي.

    هَمسفر سڀ ڇڏي ويا وفا!
    ڌوڙ رستن تي پايون هلي.


    سندءِ تدبير هان، تقدير ناهيان

    سندءِ تدبير هان، تقدير ناهيان،
    نه ڏس حيرت سان مان تصوير ناهيان.

    مون کي منهنجي مرڻ کان پوءِ پڙهجان،
    مان پنهنجي دُور جي تحرير ناهيان.

    نه ڊِڄ، مان رحمدل درياهه آهيان،
    بتيلا! لهر ناهيان، وِير ناهيان.

    جيئڻ چاهيان ٿو مان پنهنجي رضا سان،
    مان ڪنهن جي پيءُ جي جاگير ناهيان.

    سڙي ويندين لُڪن، جهولن ۾ ناحق،
    پري ٿي مان ڏکڻ جي هير ناهيان.

    فقط عورت جي رکُ اميد مون کان،
    وفا! سهڻي نه آهيان، هِير ناهيان.


    ٽيڙو يا ڪَتي آهين

    ٽيڙو يا ڪَتي آهين،
    اوندهه ۾ بتي آهين.

    ڇا رنگ ڏيان تو کي،
    هر رنگ – رتي آهين.

    قتلام انڌيرن جو،
    ڇا ميڻ – بتي آهين؟!

    مان ’باز بهادر‘(1) هان،
    تون ’روپ متي‘(2) آهين.

    دِلِ ڪيئن ڪڍي توکي،
    دولت ۾ گتي آهين.

    مان ابر جو ٽُڪرو هان،
    تون چنڊ – چَتي آهين.

    ڪئي خون وفا! ٿيندا،
    پاڻيءَ جي پتي(3) آهين.



    (1) ۽ (2) باز بهادر ۽ روپ متي: هڪ تواريخي ڪهاڻيءَ جا ٻه ڪردار
    (3) پتي: حصو


    ساٿَ – سرواڻ ضروري آهي

    ساٿَ – سرواڻ ضروري آهي،
    ڪوئي اڳواڻ ضروري آهي.

    دل جي هر فصل جي افزائش لئه،
    درد جو ڀاڻ ضروري آهي.

    عِشق جي صحرا نَورِديءَ (1) جو قسم،
    حُسن اڻ ڄاڻ ضروري آهي،

    سنگ مرمر جا بدن! تنهنجي لئه،
    ڪارو پهراڻ ضروري آهي.

    وقت جي رڻ ۾ اڪيلي جوڳڻ!
    ڪونه ڪو ساڻ ضروري آهي.

    ’پنج درياهه‘ اکين تي ليڪن،
    مون لئه ’ مهراڻ‘ ’ضروري ‘ آهي.

    پيار جي لاءِ ضروري آ ’وفا‘،
    کٽ لئه واڻ ضروري آهي.


    (1) صحرا نوردي : رڻ، پٽ جهاڳڻ


    نَرُ هوءِ کڻي مادي

    نَرُ هوءِ کڻي مادي،
    اِنسان ته آزادي.

    جيون جو دليل آهي:
    احساسِ غم و شادِي.

    مان هن جو وطن آهيان،
    دل آهه سندس گادِي.

    وَنُواهه مان اڏري وئي،
    اڄ رات هئس شادِي!

    مان پيار – جو پربت هان،
    هوءَ روپ سندي وادي.

    هر ريل ۾ ملزم آ،
    هر جيل ۾ فريادي.

    پٿر سان ’وفا‘! ياري،
    آئيني جي بربادي.


    صليبون سجايون پيا

    صليبون سجايون پيا،
    اکرَ آزمايون پيا.

    بغاوت جا نعرا هڻي،
    ڪسڻ کان ڪَنايون پيا.

    کڻي لُڙڪ آهيون اسان،
    مگر گُل کِلايون پيا.

    سراپا غزل پيو، اچي،
    چڱو، موڪلايون پيا.

    مُحبت جون چٺيون ٻَڌي،
    ڪبوتر اڏايون پيا.

    ڪٿي هُو، اسان ڪِٿ ’وفا‘!
    مِڙئي ڌوڙ پايون پيا.


    زر جي ڏس، جادوگِري

    زر جي ڏس، جادوگِري،
    ديو جي ڪڇ ۾ پري!

    موٽ ڪر جلدي چَري!
    ورنه مان ويندس مري.

    شهر جا ماڻهو نه کارِ،
    پاڻ ڀي پوندين کري.

    هِجر جي لُڙڪن ۾ بُت،
    لوڻ وانگر ويو ڳري.

    ڏي نه چڻنگن کي هَوا،
    مچُ ڪو پوندو ٻري!

    ڪا نه ٻي ترندي ائين،
    جئن ’وفا‘! سُهڻي تري.


    ’وفا ۽ بيوفا‘!؟ هي ڇا چيو ٿئي

    ’وفا ۽ بيوفا‘!؟ هي ڇا چيو ٿئي،
    اڙي اشراف! ڪنهن چرچو ڪيو ٿئي.

    اُهو ئي گُفتگو جو ماحصل (1) هو،
    نِڙيءَ ۾ لفظ جو اٽڪي پيو ٿئي.

    نَشو خود ٿيڙ کائيندو وتي ٿو،
    الئه مئه کي ۽ مون کي ڇا ڪيو ٿئي.

    اکيون انڌيون، دماغ انڌو ۽ دل ڀي،
    سمورو سوجهرو کسجي ويو ٿئي.

    تڏهن مينهن ۾ هُڙ کُڙ ٿي پئي ٿئي،
    جڏهن اڌ کير، اڌ پاڻي مَيو ٿئي.

    ’وفا‘! ڪُڏندو هُئين تون سانوڻن سان،
    سُڪيءَ تي پير ڪيئن تِرڪي پيو ٿئي؟


    (1) ماحصل: تَتُ


    زمينن، آسمانن ۾

    زمينن، آسمانن ۾،
    ڏِٺم سڀني جهانن ۾.

    گهُري جِن جِن به آزادي،
    مري ويا قيدخانن ۾.

    ڪئي طوفان پَلجن پيا،
    بتيلن، بادبانن ۾.

    مان مُفلس، تون وڏو ماڻهو،
    نه گڏ نوحا، ترانن ۾.

    خدا ڌرتيءَ کي ويجهو آ،
    نه ڳوليو آسمانن ۾.

    فقط تنهنجي تلاش آهي،
    زمانن ۽ مڪانن ۾.

    سڀئي قانون جا دشمن،
    اٿئي قانوندانن ۾.

    عجب آدم جو افسانو،
    سدائين اِمتحانن ۾.

    ڏسان پڃري ۾ هر بُلبل،
    ۽ ڪانئر (1) گلستانن ۾.

    وفا، ماڻهن ۾ رهندو آ،
    حقيقت جان فسانن ۾.



    (1) ڪانئرو: پاڻيءَ جو پکي


    هَنيهءِ اهڙي ڪَڇي قُربن جي ڪاني

    هَنيهءِ اهڙي ڪَڇي قُربن جي ڪاني،
    ڪري فانيءَ کي ڇڏيئه غير فانِي.

    زميني جسم، چولو آسماني،
    قضا جو سڏ: قيامت جي نشاني.

    لڳي ٿي تنهنجي چاهت جي نشي ۾،
    مون کي هڪ مئڪدو تنهنجي جواني.

    خدا کان پوءِ هُوءِ معبود آهي،
    سندس تعريف عاشق جي زباني.

    فقط بڪواس جو آهي زمانو،
    بڻي دشمن اسان جي بي زباني.

    اُهو، جنهن آبشارن کي ڏٺو آ،
    ڏِسي سو منهنجي لڙڪن جي رواني!

    ’وفا‘! ڪُتن، ٻِلن جي عيد آهي،
    نه ماڻهوءَ کي مِلي ٿي دال ماني.


    هونءَ ته هر لب تي تنهنجو نالو هو

    هونءَ ته هر لب تي تنهنجو نالو هو،
    صرف منهنجي چَپن تي تالو هو.

    جنهن سان تنهنجو ضمير روشن ٿيو،
    منهنجي احساس جو اُجالو هو.

    ڍُڪ ڀرڻ سان ئي ٿي ويو محسوس،
    زندگي زهر جو پيالو هو.

    جنهن کي سج، چنڊ پئي چيو ماڻهن،
    تنهنجو بُولو هو، تنهنجو والو هو.

    پيار پڌرو ڪري سگهيو نه ’وفا‘!
    ڪير سيد هو، ڪير ٻالو هو.


    فقط ميلاپ جو مظهر هي دسترخوان آ پيارا!

    فقط ميلاپ جو مظهر هي دسترخوان آ پيارا!
    نه ڪوئي ميزبان آهي، نه ڪو مهمان آ پيارا.

    ائين ناهي ته دولتمند ڪو انسان ئي ڪونهي،
    مگر انسانيت جو اُن ۾ ڪجهه فقدان آ پيارا!

    نه ڪافر کي بُرو سمجهي، نه مومن کي مَٺو ڀانئين،
    خدا وٽ قابلِ عزت فقط انسان آ پيارا!

    ڏسي ٿو هر ڪوئي پنهنجي نگاهن ساڻ دنيا کي،
    نه ڪوئي عقلمند آهي، نه ڪو نادان آ پيارا!

    سندس وعده خلافي تي، سندس ايڏي تغافل تي،
    مون کي افسوس آ پيارا! مون کي ارمان آ پيارا!

    جو جنت مان ڀڄي آيو، اهو دوزخ ۾ ڪيئن رهندو،
    ’وفا‘! آدم اِنهي حيرت ۾ خود حيران آ پيارا!


    اسان خود کي ته ماريندا رهياسين

    اسان خود کي ته ماريندا رهياسين،
    مگر هُن کي جياريندا رهياسين.

    انهيءَ لغزش وڌو ٻوڙي اسان کي،
    ٻڌڻ وارن کي تاريندا رهياسين.

    اگر شِيرين نه ٿي حاصل اسان کي،
    مگر ڏونگر ته ڏاريندا رهياسين.

    چِٻن، چَمڙن ڏنيون اِن لئه سزائون،
    ڏِيئا اوندهه ۾ ٻاريندا رهياسين.

    لنگهيو رستي مان اهڙو ديده ور جو،
    گهڻي تائين نهاريندا رهياسين.

    نڀايوسين حسينن سان سدائين،
    کڻي ڏکيا گذاريندا رهياسين.

    نه بيٺا اُٺ، نه بيٺا اُٺ نه بيٺا،
    ’وفا‘ چندن به چاريندا رهياسين.


    کڙڪيون ئي کڙڪيون ديوار ۾

    کڙڪيون ئي کڙڪيون ديوار ۾،
    گهر ۾ هوندي پئي لڳو بازار ۾.

    ٽائرن هيٺان چچرجي ويا حواس،
    حسن پيدل، عشق آهي ڪار ۾.

    تنهن ڪري هٿيار اُڇلي ٿو ڇڏيان،
    جيت منهنجي آهه منهنجيءَ هار ۾.

    دل جي اکين تان جڏهن کوپا لٿا،
    ڪجهه جو ڪجهه آيو نظر بازار ۾.

    ڪيئن کُڙڪايان عدالت جا ڪڙا؟
    عدل جي اميد ۽ سرڪار ۾!

    ڪيترو تون ڪَم عقل آهين ’وفا‘!
    يارُ پيو ڳولين چِتا جي ڇار ۾.


    جِسم گندو آ، روح گندو آ

    جِسم گندو آ، روح گندو آ،
    حالُ انسانيت جو مندو (1) آ.

    شيخ صاحب جي ڪارِ ۽ بنگلو،
    من – گهڙت مسجدن جو چندو آ.

    جنهن جي مُرڪن سان منهنجو عشق آهي،
    منهنجي لڙڪن سان پيار ڪندو آ.

    فڪرِ جنت جدا جدا آهي،
    هر ڪو پنهنجي خدا جو بندو آ.

    اڻ – گهڙيا ڪاٺ ڀي ويا گهڙجي،
    زور ۽ زر عجيب رندو آ.

    ساهه گهُٽجڻ کان پوءِ ٿيو محسوس،
    زُلف بِگڙي پَوَن ته ڦندو آ.

    جنهن کي دنيا چيو وڃي ٿو ’وفا‘!
    ڊوهه ۽ دوڌَ جو پلندو آ.


    (1) مندو: خراب


    ڪُوڙن تي ڪَرمُ ڇا لئه!

    ڪُوڙن تي ڪَرمُ ڇا لئه!
    سچن تي ستم ڇا لئه؟

    هر نقش جڏهن فاني،
    هي ناز، نعمُ (1) ڇا لئه؟

    تدبيرَ جو ساڻي آ،
    تقدير جو غم ڇا لئه؟

    هٿ، نيڻ کَسڻ وارا!
    ڪاغذ ۽ قلم ڇا لئه؟

    اي ڪاش! اهو سمجهون،
    وَٺجي ٿو جنم ڇا لئه؟

    جي امن عزيز آهي،
    بارود ۽ بم ڇا لئه؟

    دل ڪعبو، ’وفا‘! ان ۾،
    پَٿر جو صنم ڇا لئه!



    (1) نعم : نعمتون


    قهر جو ماڻهو هيو

    قهر جو ماڻهو هيو،
    شهر جو ماڻهو هيو!

    جو مليو سالن کان پوءِ،
    پهر جو ماڻهو هيو.

    دهر (1) ۾ گم ٿي ويو،
    دهر (2) جو ماڻهو هيو.

    هر ادا قاتل هُيس،
    قهر جو ماڻهو هيو!

    رتُ جون الٽيون ’وفا‘!
    زهر جو ماڻهو هيو.




    (1) دهر: دنيا، زمانو.
    (2) دهر جو ماڻهو: زماني ساز ماڻهو


    گرم ڌنڌو آ، سرد ٿاڻو آ

    گرم ڌنڌو آ، سرد ٿاڻو آ،
    وقت جو ماءُ پيءُ ناڻو آ.

    ڪو به ماڻهو سڄو نٿو ڏسجي،
    ڪوئي انڌو آ، ڪوئي ڪاڻو آ.

    سچَ جو شهر ئي جدا آهي،
    ڪاٿي مقتل آ، ڪاٿي گهاڻو آ.

    جئن نه ماڻهو: اٽي جو ڇاڻ هجي،
    کارڪن تي ائين وِڪاڻو آ.

    زندگي: هَرُ، ضرورتون: ڌرتي،
    هارين جان وجود ساڻو آ.

    وقت جي اهميت کي ذهن ۾ رک،
    اڄُ جي خودڪُشي، سڀاڻو آ.

    قتل منهنجو ته هڪ ڪَڙي آهي،
    ظلم جو سلسلو پُراڻو آ.

    تنهنجي کُٽڪن ۾، وَهم جو ڏيئو،
    هَرَ ٻَريو آهه، هَرَ وساڻو آ.

    منهنجو سڀ ڪجهه غريب آهه مگر،
    هُن جو ماحول وڏ – گهراڻو آ.

    شاعرن کي چوي سدا پاڳل،
    ڄڻ زمانو ’وفا‘! سياڻو آ.


    چادر، چوديواري معنيٰ؟

    چادر، چوديواري معنيٰ؟
    پَردي جي بازاري معنيٰ.

    لفظن اهڙو شور مَچايو،
    چَپ ٿي وئي ويچاري معنيٰ.

    روزي جي معنيٰ جي فاقو،
    سحري ۽ افطاري معنيٰ!؟

    مون اڄ ڏينهن تائين ڪانه پڙهي آ،
    ’دنيا‘ جي موچاري معنيٰ.

    چوندو آن: ’هرجائي ناهيان‘،
    هي ميڙو چوڌاري معنيٰ؟

    درٻارن جي چمچي – بازي،
    شاعرجي سرڪاري معنيٰ.

    ڪهڙو ناهي پيار جو قائل!؟
    سنڌڙي! ’ڪارو ڪاري‘ معنيٰ؟

    جيون جي معنى جي محنت،
    پوءِ محنت کان عاري معنيٰ؟

    هر عورت جي فطرت ساڳي،
    پو هي ڀوري، ڪاري معنيٰ؟

    ڪُوڙا خوشحاليءَ جا نعرا،
    هي بک ۽ بيماري معنيٰ!

    کير ۾ ڳارن کنڊ ’وفا‘! جئن،
    مون لفظن ۾ ڳاري معنيٰ.


    ڦٽيل ڦاڙهو، ڦاڙهي آهي

    ڦٽيل ڦاڙهو، ڦاڙهي آهي،
    اوکي لاهي، چاڙهي آهي.

    ڪنهن هيءَ جَنتا پاڙهي آهي،
    جهنڊي جهنڊي ڳاڙهي آهي.

    ڌن – دولت سان ’ڪوڏي ڪوڏي‘،
    غربت: ’ڀيچي – هاڙهي آهي‘.

    کوڙ ڪِريا ۽ چڙهيا ٿورا،
    چاهت اوکي چاڙهي آهي.

    هر ڪو ڍڪ نه لاهي سگهندو،
    مون جا ڪُني چاڙهي آهي.

    صرف تڪلف آهي سجدو،
    صرف نُمائش ڏاڙهي آهي.

    نسخي جهڙي نارِ ’وفا‘! مون –
    جوشاندي جان ڪاڙهي آهي.


    زاهد جنت واري آهي

    زاهد جنت واري (1) آهي،
    مون کي ڌرتي پياري آهي.

    جنت کان اِنڪاري آهي،
    آدم جي خودداري آهي.

    دنيا کي سمجهائڻ وارا!
    دنيا سمجهڻ واري آهي؟

    گهر جو چرخو مشڪل هلندو،
    محبوبا گهرواري آهي!

    دولت سان ڪو گڏ نه کائي،
    ٽي بيءَ جي بيماري آهي.

    آدم – حوا جي نسبت سان،
    سڀ سان پنهنجي ياري آهي.


    (1) واري: والاري


    ڪاڻن جي هٿ ڏَنڊي آهي

    ڪاڻن جي هٿ ڏَنڊي آهي،
    اَنڌن دولت وَنڊي آهي.

    جيسين ساوا کيت نه ٿيندا،
    بک جي ڳاڙهي جَهنڊي آهي.

    ڪُتن جي ميراث رهي ٿي،
    ڍَڪَ لٿل جا هَنڊي آهي.

    دولتمندن خاطر دنيا،
    انسانن جي مَنڊي آهي.


    نه آفاق اک ۾، نه فطرت عقابي

    نه آفاق اک ۾، نه فطرت عقابي،
    ڪندين آسمانن جي ڪيئن بي نقابي؟

    خدا کان سوا ڪنهن جي آڏو نه نِوڙان،
    سَڏي تنهن ڪري ٿو زمانو وهابي.

    ڏسي انقلابن کي سوريءَ تي ٽنگيل،
    نه ٿو ڪوئي اڳتي وڌي انقلابي.

    هي طبقن جي تقسيم، ماڻهن ۾ ويڇا،
    رڳي آهه فڪر ۽ نظر جي خرابي.

    چون ٿا ’وطن - واس‘ مزدور هاري،
    کپي ڪا نه جاگيرداري / نوابي.

    نه جيئرو رهيو لاڙ جو ماڻهو ٿر ۾،
    مري ويو سڪيءَ تي پرندو هو آبي.

    لهن خواهشون ٿيون خيالن ۾ لائون،
    گلابي لباس، عالمِ نيم خوابي.


    غربت: انگ اگهاڙي آهي

    غربت: انگ اگهاڙي آهي،
    دولت چادر ڦاڙي آهي.

    ٻڪريءَ جيان: قاروني شينهن،
    غربت چيري، ڦاڙي آهي.

    جهوپن سان انصاف نه آهي،
    ماڙيءَ تي ڏِس ماڙي آهي.

    چورن وانگر وار ڪري ٿو،
    مڙس نه آهي، ڀاڙي آهي.

    افعالن جو عڪس پوي ٿو،
    جي سنسار پڇاڙي آهي.

    وات سڃاڻي، پيٽ نه ڄاڻي،
    سڳداسي يا لاڙي آهي.

    آهه ’وفا‘! دنيا دوشيزه،
    تُنهنجي سوچ ڪُراڙي آهي.


    ساٿي! منهنجو ساٿ نه ڇڏجان

    ساٿي! منهنجو ساٿ نه ڇڏجان،
    دنيا سان هٿ – جوڙي آهي.

    ڌَن جي ڪشتي تارڻ وارن،
    دل جي ٻيڙي ٻوڙي آهي.

    دولت کي ڪمزور ڪرڻ جي،
    نينهن روايت ٽوڙي آهي.

    پِيري! منهنجا پير نه کڻ، مون –
    مينهن نه ڪنهن جي ڇوڙي آهي.

    ڏُڌ – مکڻ لئه مون هي جندڙي،
    ڌئونري جيئن وِلوڙي آهي.


    شاهد سُوريون، گهاڻا آهن

    شاهد سُوريون، گهاڻا آهن
    توسان پيچ پراڻا آهن.

    انڌا آهن، ڪاڻا آهن،
    عاشق پوءِ به راڻا آهن.

    فطرت مان معلوم ٿئي ٿو،
    ماڻهو وڏ – گهراڻا آهن.

    سياڻا ڏاڍا چريا آهن،
    چريا ڏاڍا سياڻا آهن.

    تاج محل ڇا، ڪاڪ محل ڇا،
    سڀ محبوبي ماڻا آهن.

    دولت نيچ ’وفا‘! انسان کان،
    پر انسان وڪاڻا آهن.


    نظرن سان پامال نه ڪر

    نظرن سان پامال نه ڪر،
    دل جو استحصال نه ڪر.

    تو ڏي ڏسبو ڪو نه وري،
    منهن آڏو رومال نه ڪر.

    سڀ ڪو پنهنجا سُور پِٽي،
    ڪنهن سان دل جو حال نه ڪر.

    گل گل ويندو مفت مري،
    بت جو گل گل لال نه ڪر.

    ڍڪيل شيءِ جو مُلهه ٻيو،
    ننگو جوڀن – ٿال نه ڪر.

    يار! ’وفا‘ ڪر، دنيا جان –
    مون کي استعمال نه ڪر.


    اڀياس ڦِرِي ويو آ

    اڀياس ڦِرِي ويو آ،
    احساس ڦِري ويو آ.

    گل گل جي مَٽيل خوشبو،
    هَر واس ڦِري ويو آ.

    جهرڪيءَ کان هَرڻ تائين،
    هر ماس ڦِري ويو آ.

    اڄ ملڪ تي ماڪڙ جان،
    افلاس ڦِري ويو آ.

    ماڻهو نه ’وفا‘! ڇيڻو،
    راڪاس ڦري ويو آ.


    ڏيو اختيار مون کي

    ڏيو اختيار مون کي،
    سمجهو نه ٻار مون کي.

    پن ڇڻ ۾ پوريل هان،
    گهُرجي بهار مون کي.

    ڪنهن کان به ڪونه مليو،
    چين ۽ قرار مون کي.

    تُنهنجو ڪري ڇڏيو آ،
    پروردگار مون کي.

    هڪ اجنبي لڳي ٿو،
    صدين جو يار مون کي.

    لفظن سان ڪر نه راضي،
    ڏي دل جو پيار مون کي.

    صدمن ڪري ڇڏيو آ،
    نغمه نگار مون کي.

    آهي ’وفا‘! تعجب،
    تاري ٿو تار مون کي.


    دريا رهي ٿو تارِ، غمِ روزگار جو

    دريا رهي ٿو تارِ، غمِ روزگار جو،
    ٻيڙو ٻڏي وڃي نه محبت ۽ پيار جو.

    گل گل جو احترام ڪيو گلعذار جو،
    گلشن سميت ڪنڌ جهڪي ويو بهار جو.

    هٿ پيٽ مان ڪڍان يا محبت تان هٿ کڻان،
    دلبر جو غم ڪجي يا ڪجي روزگار جو.

    بي چين، بي قرار ڪيون ٿو وتي مون کي،
    دارومدار جنهن تي آ چين ۽ قرار جو.

    جيئرا پيئن پيا زهر ۽ مُردن تي پَڙَ پون،
    مُرده پرست ذهن، مجاور مزار جو.

    ٿوري گهڻي تي لُڙڪ لَڙي ٿا پون ’وفا‘!
    ساڳيو سڀاءُ هوندو آ عاشق ۽ ٻار جو.


    سڀ پيار ڪرڻ وارا

    سڀ پيار ڪرڻ وارا،
    بي موت مرڻ وارا.

    سي رَتَ ئي ڄمي ويا هِن،
    دانگيءَ تي ورڻ وارا.

    سوچن کي توازن ڏي،
    ڳڻتين ۾ ڳرڻ وارا!

    اوندهه ۾ پيا آهن،
    ڏيئن جان ٻرڻ وارا.

    واهن ۾ وتن ٻڏندا،
    درياهه ترڻ وارا!

    پيٽن جا مريد آهن،
    هر گاهه چرڻ وارا.

    مشڪل سان ’وفا‘! تپندا،
    مشڪل سان ٺرڻ وارا.


    احسان ڪري ڇڏ اڄ

    احسان ڪري ڇڏ اڄ،
    ڪُجهه دان ڪري ڇڏ اڄ.

    چاهت جي سُتي پياري،
    انسان ڪري ڇڏ اڄ.

    مان تنهنجو ۽ تون منهنجو،
    اعلان ڪري ڇڏ اڄ.

    هر عهد ڪندين پورو،
    پيمان ڪري ڇڏ اڄ.

    اکين جي پيالن سان،
    مستان ڪري ڇڏ اڄ.

    دل ڏيئي ’وفا‘! دل جو،
    درمان ڪري ڇڏ اڄ.


    هوءَ جڏهن روبرو وري ٿي وئي

    هوءَ جڏهن روبرو وري ٿي وئي،
    هيءَ اِنهيءَ دئونس ۾ چري ٿي وئي.

    مون کان تعريف ايتري ٿي وئي،
    هوءَ ڀاڪر منجهان ڀري ٿي وئي.

    عشق ڏياريو جو حُسن جو احساس،
    ڇوڪري حور ۽ پري ٿي وئي.

    ڪنهن گهٽيءَ ۾ به چهچٽو ڪونهي،
    بند در در، دري دري ٿي وئي!

    جام جي روپ ۾ اچڻ وارا!
    اُڃَ منهنجي اگر ٿري ٿي وئي.

    دل ٿي اُڏِري، ڪِري چڪور جيان،
    چَنڊ جي چاهه ۾ چرِي ٿي وئي!

    موت ڀي ڪو نه ٿو کڻيس ’وفا‘!
    زندگي ايتري ڳري ٿي وئي.


    تڏي تان اٿاري

    تڏي تان اٿاري،
    رُوئي پيو روئاري.

    ڪو جياري مُئن کي،
    ڪو جيئرن کي ماري.

    عجب آهه ناکئو،
    نه ٻوڙي نه تاري.

    نشا ڀي ٿِڙن ٿا،
    جڏهن ٿو نهاري.

    رهي هِڪَ جهڙو،
    اونهاري، سياري.

    متان وات ساڙين.
    ادا! کاءُ ٺاري.

    ’وفا‘! دل کڻي ويو،
    اکين ۾ نهاري.


    بدن مهراڻ وانگر، دل ڦليلي

    بدن مهراڻ وانگر، دل ڦليلي،
    اڃا سنڌي نه آهيان، سوچ ٻيلي!

    جدا مون کان ۽ دنيا ساڻ شامل،
    خدا کي مڃ نه ڪر رسوا سهيلي!

    پرندن جي پٺيان، پيرين اگهاڙي،
    هنئي ڏهه سال مون آهي گليلي.

    ايئن قابو هان دولت جي هٿن ۾،
    هجي جيئن شينهن جي چنبي ۾ ڇيلي.

    هُجي فُٽ بال جيئن رانديگرن ۾،
    ايئن مَردن ۾ عورت آ اڪيلي.

    تڏهن انسان متوازن نه آهي،
    دماغ آهي سياڻو، دل ڳهيلي.

    ’وفا‘! مقتل لڳي ٿي عصمتن جو،
    اميرن ۽ وڏيرن جي حويلي!


    روئي ڏس تنهائيءَ ۾

    روئي ڏس تنهائيءَ ۾،
    ڇاهي لطف جدائيءَ ۾.

    عزت جو ارمان رهيو،
    گذري وئي رسوائيءَ ۾.

    شاعر، شاعر رهندو آ،
    گيت، غزل ۽ وائيءَ ۾.

    رات، ٻه- ٽنگو ڦاٽو، پر،
    نڪري ويو جلدائيءَ ۾.

    ڪُجهه نه مليو هرجائيءَ مان،
    ڪجهه نه هيو هرجائيءَ ۾.

    باهه نه ڄاڻي فرق ادا!
    ڪاٺي سُڪي سائيءَ ۾.

    وِڇڙڻ جا اوسار ’وفا‘!
    شاديءَ جي شهنائيءَ ۾.


    جيئن لوهه تپايو ويو

    جيئن لوهه تپايو ويو،
    تِئن سچُ جلايو ويو!

    هر ڏوهه خدا آڏو،
    پر جڳ کان لڪايو ويو.

    پوءِ ڀي نه وئي اوندهه،
    هر ديپ جلايو ويو.

    نس نس ۾ ويو رچندو،
    جئن جئن هو ڀُلايو ويو.

    ڪلهه سُست هيون نبضون،
    اڄ ساهه به آيو، ويو!

    سنگيت هيو، شايد،
    ڳايو ۽ وڄايو ويو.

    گُلڙن جو ’وفا‘! بستر،
    ڪَنڊن تي وڇايو ويو.


    رُخ ڏيڻ کان پو، بي رخي ڇاجي!

    رُخ ڏيڻ کان پو، بي رخي ڇاجي!
    ٻن رخن واري زندگي ڇاجي!

    پيار ۽ پيٽ کان جدا جيڪا،
    آهه اهڙي غمي، خوشي ڇاجي!

    حق ۽ فرض جنهن ادا نه ڪيا،
    آهه تِنهنجي به زندگي ڇاجي!

    صرف سوچن جو آهه ردِ عمل،
    حوصلو ڇاجو، بيوسي ڇاجي!

    تنهنجي زُلفن، ڳلن جا روپ آهن،
    تيرگي ڇاجي، روشني ڇاجي!

    ڪو به نالو نه ٿو ڏئي سگهجي،
    مسئلو آهه ڇوڪري ڇاجي!

    ڇو ٿا رشتن کي شرمسار ڪيو،
    پيار آهي ته پو ادي ڇاجي!

    جنهن سان ڪو واسطو نه آ، ان سان،
    دوستي ڇاجي، دشمني ڇاجي!

    عشق وحدت وجود جو نعرو،
    پوءِ هِن هُن سان دوستي ڇاجي!

    هڪڙو آ دينُ، هيترا فرقا:
    هي عبادت ۽ بندگي ڇاجي!؟

    سچ ۽ سُونهن جي ’وفا‘! قاتل،
    هر صدي آهي، هي صدي ڇاجي!


    چَپ خشڪ، نيڻ آلا

    چَپ خشڪ، نيڻ آلا
    لبريز ڪر پيالا!

    گدلا نه سڀ انڌيرا،
    سهڻا نه سڀ اجالا.

    شاديءَ ۾ سڀ سهيليون،
    سڀني گهرن کي تالا!

    منهنجا عجيب جذبا،
    تنهنجا عجيب چالا!(1)

    تنهنجي تلاش ۾ ٿيا،
    پيرن ۾ سرخ ڇالا.(2)

    سيني جا داغ آهن،
    تنهنجي ڪنن جا والا.

    ٿا ڏينهن، رات سوريون،
    تنهنجي ’وفا‘ جي مالا.


    (1) چالا: روشون، هٿن جا اشارا.
    (2) ڇالا: لڦون


    هر نظر تي نه اعتبار ڪجان

    هر نظر تي نه اعتبار ڪجان،
    دل جي وحدانيت سان پيار ڪجان!

    پوءِ توتي ميار ڪانهي ڪا،
    حشر تائين ته انتظار ڪجان!

    قيد ۾ مان کڻي مري به وڃان،
    وقت مون لئه نه سوڳوار ڪجان!

    خار چُڀندو ۽ گل سُڪي ويندو،
    همسفر گل ڪجان، نه خار ڪجان!

    مان ته آهيان بهشت مان لوڌِيل،
    مُون کي سوچي گناهگار ڪجان.


    توڏي اوندهه ۾ نهاري نه سگهيس

    توڏي اوندهه ۾ نهاري نه سگهيس،
    چاهه جو چنڊ اُڀاري نه سگهيس.

    تَنهن سان تا عمر رهڻ جو هو خيال،
    جنهن سان هڪ شب به گذاري نه سگهيس.

    صرف گگدام بچائڻ خاطر،
    ڪنهن به انسان کي تاري نه سگهيس.

    هُو سڄو کير ٿي آيو هو مگر،
    مان منجهس کنڊ به ڳاري نه سگهيس.

    مون گهڻا کير ڦِٽايا هوندا،
    ٿڃ پر ماءُ جي کاري نه سگهيس.

    تنهنجو پڇيائون تعارف پر مان –
    تنهنجو نالو به اُچاري نه سگهيس.

    ڍورَ پنهنجا به هئا ڪو نه ’وفا‘!
    شهر جو مال به چاري نه سگهيس.


    ڀورن تي ڀال ٿي ويا

    ڀورن تي ڀال ٿي ويا،
    ڏاها سوال ٿي ويا.

    شاعر ڪمال ٿي ويا،
    ماڻهو غزال ٿي ويا.

    سَٽ – ڪُٽ جو آ زمانو،
    ديرا پلال ٿي ويا.

    ڄڻ ذات، ڏات ناهي،
    حبشي، بِلال ٿي ويا.

    سِر هو تَريءَ تي، ليڪن -
    حق ئي بحال ٿي ويا.

    دل جي معاملي ۾،
    سڀ هم خيال ٿي ويا.

    پل جو ’وفا‘! سفر هو،
    پنجاهه سال ٿي ويا.


    سچُ مٿاهون ڪرڻو پوندو

    سچُ مٿاهون ڪرڻو پوندو،
    ڪنڌ اڏيءَ تي ڌرڻو پوندو.

    جيئڻو پوندو، مرڻو پوندو،
    اچ وڃ ساگر ترڻو پوندو.

    تيل جي بدلي رت ٿا هاريون،
    هر مشعل کي ٻرڻو پوندو.

    جيون ٺهڻ، ڊهڻ جو نالو،
    ٺهڻو پوندو، کرڻو پوندو.

    جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي،
    ڪرڻو پوندو، ڀرڻو پوندو.

    حد جو ليڪو اورانگهيندڙ!
    توکي پُٺتي ورڻو پوندو.


    منهنجو مرڻ لکيل ئي نه آ ڪنهن ڪتاب ۾

    منهنجو مرڻ لکيل ئي نه آ ڪنهن ڪتاب ۾،
    ساقي! ملائي زهر ڏنو ٿئي شراب ۾.

    هُن ۾ حجاب هو، يا اُهو هو حجاب ۾،
    ڳالهيون ڪري هزار ويو جو نقاب ۾.

    عالم جي ڄاڻ، عالمي احساس جي ڪري،
    دنيا جو هر ڪتاب هو منهنجي نصاب ۾.

    ٿو پنهنجو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيو وتان،
    ڪا ڀي اُميد ڪا نه رکيم ڪنهن جناب ۾،

    اهڙو به منهنجي شهر ۾ هڪ شخص ٿو رهي،
    ثاني رکي نه پنهنجو ڪو حسن ۽ شباب ۾.

    ايئن هُن جي دل ۾ آهي پريشان منهنجو پيار،
    تِشنه لبيءَ ۾ جيئن هرڻ ڪو سراب ۾.

    جنهن جي ڪرڻ سان ڪنهن جو ڀلو ٿي پوي ’وفا‘!
    اهڙو گناهه ڀي ٿو مان سمجهان ثواب ۾.


    دل اهڙي ڀري آهي

    دل اهڙي ڀري آهي،
    جنهن تنهن کان ڳري آهي.

    مشعل جان ٻري آهي،
    ڇا جلوه گري آهي!

    اهڙي ته کري آهي،
    سوچيان ٿو چري آهي.

    ڪا وِير نه ٻوڙيندس،
    هر تار تري آهي.

    ڪا مُند وري ڪانهي،
    ڪا مُند وري آهي.

    ڪو ڪيئن کڻي ان کي،
    ڀاڪر نه ڀري آهي.

    انسانُ نه ٿي ڏسجي،
    ڪا حور، پري آهي!

    هيءُ واهه جو گهر آهي،
    در آ نه دري آهي.


    اُڻ تُڻ ۾ غور آهي

    اُڻ تُڻ ۾ غور آهي،
    ڇا تنهنجو طور آهي.

    ڪا شمع، ڪو پتنگو،
    ڪو گل ڪو ڀنؤر(1) آهي.

    حورون، پريون به برحق،
    هوءَ شيءِ ئي اور آهي.

    شيشن جو موت آهي،
    پٿر جو دور آهي.

    ڪلهه دور هو ’وفا‘ جو،
    اڄ زر جو دور آهي.


    (1) ڀئور - ڀنئور


    ڪيريا ڪوٽ اسان

    ڪيريا ڪوٽ اسان،
    ڳاڙها گهوٽ اسان.

    سِنڌڙيءَ سودي جا،
    ڦاڙيا نوٽ اسان.

    ڪاٽي ڏور ويو،
    چاڙهي چوٽَ، اسان.

    ڪنهن کي ڪيئن ڍڪيون؟
    بي لانگوٽ اسان!

    مَلمل گرميءَ ۾،
    ٿڌ ۾ ڪوٽ اسان.

    سوڀ اسان جي تون،
    تنهنجا ووٽ اسان.

    سامهون موت ’وفا‘!
    پر، اڻموٽ اسان.


    مِٽي به شفا تنهنجي

    مِٽي به شفا تنهنجي،
    ڇا آب / هوا تنهنجي.

    قبرن ۾ جيئڻ وارا!
    حيرت ۾ بقا تنهنجي.

    اڄ عيد جي رات آهي،
    هٿ منهنجا، حِنا تنهنجي.

    ٿيندي نه طبيبن کان،
    اي درد! دوا تنهنجي.

    ڏسِ ڪيئن ٻُڌي شهري،
    صحرا ۾ صدا تنهنجي؟

    گُل گُل ۾ ملي مون کي،
    رنگين ادا تنهنجي!

    پئي ڪوڙَ چيو سچ کي:
    سوري آ سزا تنهنجي

    ڇا حسن، جواني ڇا،
    هر چيز فنا تنهنجي!

    دولت جو غلام آهين،
    چاهت نه ’وفا‘ تنهنجي.


    هر وقتُ وساري ڇڏ

    هر وقتُ وساري ڇڏ،
    هڪ ”حال“ سڌاري ڇڏ.

    يا مون کي سنواري ڇڏ،
    يا پاڻ به کاري ڇڏ.

    زنده جي رهڻ چاهين،
    هر موت کي ماري ڇڏ.

    ٻيڙي نه هان، ماڻهو هان،
    ڪنهن هڪڙي ڪناري ڇڏ.

    مان ڄاڻ ملڻ آيس،
    ڪُتن کي سمهاري ڇڏ.

    پڃرن کي ڀڃي، ڀوري،
    ساسين کي اڏاري ڇڏي.

    ٽي حرف ’وفا‘ جا ٿئي،
    دل ساڻ اچاري ڇڏ.


    پُورَ جاڳي پيا

    پُورَ جاڳي پيا،
    سُورَ جاڳي پيا.

    ڄاڻ ميوا لٿا،
    ٻُورَ جاڳي پيا.

    نيڻ روشن ٿيا،
    نُورَ جاڳي پيا.

    ننڊ جوڌن مٿان،
    جُهورَ جاڳي پيا!

    مُند بالغ ’وفا‘!
    تُورَ(1) جاڳي پيا.



    (1) تُور: نسل، ڄم


    صرف شادي نباهه سمجهيو ويو

    صرف شادي نباهه سمجهيو ويو،
    عشق ليڪن گناهه سمجهيو ويو.

    سچ کي افلاسَ جو ڏئي نالو،
    ڪوڙ سڻڀو گراهه سمجهيو ويو.

    حسن وارن کي ڪوٽَ ۾ واڙي،
    حُسن کي مهر و ماه سمجهيو ويو.

    بُتڪدي مان ڦِرِي ٿيو ڪعبو،
    ڊاههَ هڪڙيءَ کي ٺاهه سمجهيو ويو!

    زر جو هر جانور ويو ڀيلي،
    دل کي ٻيلن جو گاهه سمجهيو ويو.

    ويو وفا کي به سنگسار ڪيو،
    پيار کي ڀي گناهه سمجهيو ويو.

    اي ’وفا‘! خود به بي پناهه رهيو،
    جنهن کي عالمِ پناهه سمجهيو ويو.


    توهان جو من ٽهي ويو

    توهان جو من ٽهي ويو،
    اسان جو ڪم لهي ويو.

    بليڊ جان لهي ويو،
    ۽ رت جان وهي ويو.

    جو در هُيو ڀڄي پيو،
    جو گهر هُيو ڊهي ويو.

    ڪو سج جان طلوع ٿيو،
    ڪو چنڊ جان لهي ويو.

    هزار ٺوڪرون لڳس،
    ڊهي ڊهي، ٺهي ويو.

    مٿان ڪئي جبل ڪِريا،
    مگر ’وفا‘ سهي ويو.


    چاهت جو اعلان نه ٿيءُ

    چاهت جو اعلان نه ٿيءُ،
    دانا ٿي، نادان نه ٿيءُ!

    هر رشتو معيار رکي،
    رشتن تي بهتان نه ٿيءُ!

    ڪاتي هيٺان ڪنڌ چڱو،
    ظالم جو فرمان نه ٿيءُ!

    فِرقن ۾ قرآن نه ونڊ،
    ماڻهو ٿي، حيوان نه ٿيءُ!

    پاڙي ۾ ئي ايندو ڪر،
    ڀل منهنجو مهمان نه ٿيءُ!

    من! ماڻهو انمول اٿئي،
    دولت تي قربان نه ٿيءُ!

    مطلب جو سنسار ’وفا‘!
    اڻ – گهريو احسان نه ٿيءُ!


    هُن رلائي ڇڏيو

    هُن رلائي ڇڏيو،
    مون ڀلائي ڇڏيو.

    جنهن بنايو هئو،
    تنهن ڦِٽائي ڇڏيو.

    ديپ طوفان ۾،
    مون جلائي ڇڏيو.

    ڪنهن رئاري ڇڏيو،
    ڪنهن کِلائي ڇڏيو.

    حُسن کي عشق سان،
    مون مڃائي ڇڏيو.

    ڦٽ وانگر مون کي،
    ڪنهن ڏکائي ڇڏيو.

    هُو وکر هو ’وفا‘!
    مون کائي ڇڏيو.


    محروم لڳو پيو آن

    محروم لڳو پيو آن،
    مرحوم لڳو پيو آن!

    خاموش محبت جو،
    مغموم لڳو پيو آن!

    رخسار يا سيپارو؟
    معصوم لڳو پيو آن!

    افسوس بهارن ۾،
    مغموم لڳو پيو آن!

    شاعر جي امانت آن،
    منظوم لڳو پيو آن!

    هر ظلم ’وفا‘! توسان،
    مظلوم لڳو پيو آن!


    گل ٿي، خار نه ٿِي

    گل ٿي، خار نه ٿِي،
    عورت! ٻار نه ٿِي.

    زر جو يار نه ٿِي،
    دنيادار نه ٿِي.

    مُلهه جو پيار نه ٿِيِ،
    ڪاروبار نه ٿِي.

    جندڙي گهوري ڇڏ،
    رسمي پيار نه ٿِي.

    ڪُهه نه غريبن کي،
    بد ڪردار نه ٿِي.

    هر بيگار ڀلي،
    پر، بيڪار نه ٿِي.

    مَڃُ احسان ’وفا‘!
    مُحسن – مار نه ٿِي!!


    آيو ڪو ”سِر – گهور“ وفا!

    آيو ڪو ”سِر – گهور“ وفا!
    مقتل مقتول شورُ وفا!

    تنهائيءَ ۾ ياد سندس،
    بک ۽ مانيءَ ڀورُ، وفا!

    بعضي بعضي بُک وِگهي،
    ساڌ ٿئي ٿو چورُ، وفا!

    ميڪ اپ، آئينو ۽ پاڻَ،
    جيئن نچي ٿو مورُ، وفا!

    ڪنهن جي وڇڙڻ کان پو مان،
    ڍَڪَ ۾ پُوريل ڍور، وفا!

    ماڻهوءَ جيڏو نانگ کڻي،
    نور تڏهن ڀي زور ’وفا‘!


    ڪنهن جو خيال ڪونهي

    ڪنهن جو خيال ڪونهي،
    دنيا جو حال ڪونهي.

    روئڻ ڪمال آهي،
    مُرڪڻ ڪمال ڪونهي.

    دوڏا نه ڦاڙ غاصب!
    حق آ، سوال ڪونهي.

    ناياب روح آهن،
    جسمن جو ڪال ڪونهي.

    سَٽَ ڪُٽ نه آ حياتي،
    ماڻهو پلال ڪونهي.

    دولت جي ٺوڪرن ۾،
    غُريب جو حال ڪونهي.

    ڪيئن فرض سان نڀايون،
    حق ئي بحال ڪونهي.

    سُر سان غزل ٻڌائي،
    شاعر قوال ڪونهي.

    هر هڪ مثال شاهد،
    تنهنجو مثال ڪونهي!

    سوريءَ تي سَچُ ’وفا‘! پر،
    ڪنهن کي ملال ڪونهي.


    گُل گُل گواهه آهي

    گُل گُل گواهه آهي،
    مُرڪڻ گناهه آهي.

    روحن جو ڊاههُ آهي.
    جسمن جوٺاههُ آهي.

    ناتو ڳنڍڻ ته سولو،
    مُشڪل نباهه آهي.

    ڍورن جي ڀيل – ڀيلان،
    ٻيلن جو گاهه آهي.

    اڳتي نه وڌ انهيءَکان،
    چاهڻ ئي چاهه آهي.

    چَمڪي پيا انڌيرا،
    ڄڻ مِهر و ماه آهي.

    گجگوڙ، شينهن، ٻيلو،
    هَرڻين کي ٽاهه آهي.


    اڄ اچانڪ نچي پيو آهين

    اڄ اچانڪ نچي پيو آهين،
    دل جي پڙ ۾ اچي پيو آهين.

    هاڙهه مان توکي فائدو پهتو،
    فصل وانگر پچي پيو آهين.

    سچ جي قتلِ عام ۾ مُنڪر!
    ڪُوڙ بنجي بچي پيو آهين.

    عِشقُ ڪڍندئي، ٻئي جي جاءِ نه آ،
    ”ڌَن – ڌُٻڻ“ ۾ گچي پيو آهين.

    پاڻ کان ڪيئن ڪيان جدا توکي،
    روح وانگر رچي پيو آهين.

    روز کُٽڪو رهي ٿو چورن جو،
    مينهن وانگر مچي پيو آهين.


    ڪو بي نقاب ٿيندو

    ڪو بي نقاب ٿيندو،
    اڄ احتساب ٿيندو.

    بي صبر! پَٽ نه مکڙي،
    آخر گلاب ٿيندو.

    گهر گهر ۾ آهي ليڊر،
    ڇا انتخاب ٿيندو!

    هرڻين کي ڇا خبر هئي،
    دريا سراب ٿيندو.

    گهر تڙ ڇڏيون اچي پئي،
    خانو خراب ٿيندو.

    قبضي ۾ رک نگاهون،
    دل کي عذاب ٿيندو.

    دل سان گناهه ڪريو،
    ڏاڍو ثواب ٿيندو.


    دُشمنن جو هراس لاهي ڇڏ

    دُشمنن جو هراس لاهي ڇڏ،
    خوف جو هر لباس لاهي ڇڏ!

    جيڪڏهن نوڪري عزيز اٿئي،
    فيل چاڙهي ۽ پاس لاهي ڇڏ!

    پنهنجي خوددار جسم تان ماڻهو!
    جُبهءِ التماس لاهي ڇڏ!

    اڄ اکين سان پيئاربو، پيئبو،
    مَنَ چپن تان گلاس لاهي ڇڏ!

    جيئن هر گُل مان تُنهنجي بُوءِ اچي،
    پنهنجو گل گل ۾ واس لاهي ڇڏ!

    آهه ليليٰ نثار مجنونءَ تي،
    ’اي وفا‘! بت تان ماس لاهي ڇڏ.


    نڪا نفرت وڻي ڪنهن کي

    نڪا نفرت وڻي ڪنهن کي،
    نڪا قربت وڻي ڪنهن کي.

    مثال آدم ۽ حوا جو،
    نه ٿي جنت وڻي ڪنهن کي.

    بدن فرضن جي ور چڙهيل،
    نه ٿي چاهت وڻي ڪنهن کي.

    سدائين سِرُ اَڏيءَ تي، پر،
    اِها فِطرت وڻي ڪنهن کي.

    رڳو دولت جي ڪڍ دنيا،
    نه ٿي غُربت وڻي ڪنهن کي.

    سڳيون ڇاتين سان کيڏن پيون،
    پئي عادت وڻي ڪنهن کي.

    ٿين پيون عورتون اغوا،
    نه ٿي عِصمت وڻي ڪنهن کي.

    ’وفا‘! حقدار هوندي ڀي،
    نٿي شُهرت وڻي ڪنهن کي.


    ڏاڏي آدم کان عيبدار آهيون

    ڏاڏي آدم کان عيبدار آهيون،
    فطرتن سڀ گناهگار آهيون.

    ڇو کِلو ٿا خزان – رسيد ڏِسي،
    حاصلِ موسمِ بهار آهيون.

    وات – ڳاڙهن سان دوستي آهي،
    تنهنڪري ئي اسان به ٻار آهيون.

    دل وٺي ڀي نه دل ڏيون ڪنهن کي،
    ڪنهن ڪيا ايڏا هوشيار آهيون.

    آهه وڻندي بدن جي هر خوبي،
    ڪنهن جو چهرو ۽ ڪنهن جا وار آهيون.

    حوصلو ٿا رکون پهاڙن جو،
    پر روئي پئون ته آبشار آهيون.

    غير سمجهون نه ڪنهن بشر کي ’وفا‘!
    هر ننڍي ۽ وڏي جا يار آهيون.


    وصل جا پُور سوايا ٿي ويا

    وصل جا پُور سوايا ٿي ويا،
    هجر جا سور سوايا ٿي ويا.

    عقل، لقمان کان ڀي ڪجهه نه ٿيو،
    زخم، ناسور سوايا ٿي ويا.

    هٿ لڳڻ ساڻ پيو جام ٽُٽي،
    نيڻ مخمور سوايا ٿي ويا.

    پير ڀي مون کي چمڻ ڪو نه ڏنئون،
    مُحب مغرور سوايا ٿي ويا.

    فن ۽ ڏات کان خالي ها ڪئي،
    صرف مشهور سوايا ٿي ويا.

    ساري دنيا کي ڇڏيان ها ڪاٿي،
    دوست منظور سوايا ٿي ويا.

    ظُلم ۽ جبر جو انجام ڏسي،
    دوست مشڪور سوايا ٿي ويا.

    زخم پنهنجا به سڃاڻي نه سگهيا،
    نيڻ بي نُور سوايا ٿي ويا،

    مئڪدن ۾ ٿا ٻرن جام ’وفا‘!
    هيل انگُور ساويا ٿي ويا.


    نيڪي به بَدي آهي

    نيڪي به بَدي آهي،
    هي ڪهڙي صدي آهي!

    باطن ۾ آ محبوبا،
    ظاهر ۾ ادي آهي.

    احساس ڇُهائڻ جو،
    ريشم جي گدي آهي.

    گرم آهي طبيعت جي،
    فطرت ۾ ٿڌي آهي.

    مُرڪن کان سوا جيون،
    لُڙڪن جي ندي آهي.

    انسان چڱو آهي،
    پر ماڻهو ردي آهي.

    چقمق ٿي رکي بت ۾،
    حالانڪ ڦدي آهي.

    تِنهن دل ۾ ”وفا“! جي،
    جِنهن دِل ۾ مدي آهي.


    سارو عالم غلام تنهنجو آ

    سارو عالم غلام تنهنجو آ،
    ڪيڏو اعليٰ مقام تنهنجو آ.

    عمر ڀر توسان هم ڪلام هجان،
    ايڏو دلڪش ڪلام تنهنجو آ.

    ڇو ٿو نوٽن سان پاڻ کي تورين،
    حسن آن، عشق دام تنهنجو آ.

    مون کي گُل گُل لڳي ٿو تو جهڙو،
    ڪيئن پٽيان، احترام تنهنجو آ.

    تون سچي پيار جي علامت آن،
    عاقبت ۽ دوام تنهنجو آ.

    ڪنهن شرابيءَ جي جستجو آهين،
    روح مئه – جسم جام تنهنجو آ.

    جسم جو ديپ، روح جي ڳولا،
    هِن صدي، فڪرِ خام تنهنجو آ.

    تنهنجا سجدا، ”وفا“! ٻڌائن ٿا:
    ڪوئي قابل امام تنهنجو آ.


    پَن ڇڻيءَ ۾ به ٽڙيل چمن آ

    پَن ڇڻيءَ ۾ به ٽڙيل چمن آ،
    قابلِ ديد تنهنجو بَدن آ.

    عشق مقتل ۾ آهي جڏهن کان،
    منهنجي سِر سان تڏهن کان ڪفن آ.

    خواهشن ۾ ورهايل رهي ٿو،
    پيار جي حق ۾ تن آ، نه من آ.

    پيار جا پيچرا خوب آهن،
    منزلن ۾ نه گلشن، نه بن آ.

    مُنفرد حسنِ مشرق جا جلوا،
    بُت تي سلوار ۽ پيرهن آ.

    گرم لُڙڪ ۽ ’وفا‘ سرد آهون،
    هجر جي زندگيءَ جو مَتن آ.


    پيار ڏيون ٿا، پيار گهرون ٿا

    پيار ڏيون ٿا، پيار گهرون ٿا،
    ٻيو نه ڪوئي وهنوار گهرون ٿا.

    خاموشيءَ کي لفظ ڏئي ڇڏ،
    باطن جو اظهار گهرون ٿا.

    عشق نه آيو راس اسان کي،
    گهر واري، گهر ٻار گهرون ٿا.

    چنڊ کان ڀي شرمائڻ وارا!
    درشن ۽ ديدار گهرون ٿا.

    جو نفرت جون ڀِتيون ڊاهي،
    رب کان سو اوزار گهرون ٿا.

    اکيون ڀي اکين تي آهن،
    پر دِل جو اقرار گهرون ٿا.


    حُسن معيار تي لهي آيو

    حُسن معيار تي لهي آيو،
    عِشق ڪِردار تي لهي آيو.

    دل جي اظهار تي لهي آيو،
    روز ديدار تي لَهي آيو.

    زُلف رُخسار تي لهي آيا،
    حادثو پيار تي لهي آيو.

    پيار احساسِ حُسن ثابت ٿيو،
    هار سينگار تي لهي آيو.

    روز نظرن جا تير هڻندو هو،
    نيٺ ويچار تي لهي آيو.

    دِل جي ڪَعبي ۾ بُت ڏِٺئين جو ’وفا‘!
    بُت شِڪن وار تي لَهي آيو.


    ايترو توکي چاهبو هاڻي

    ايترو توکي چاهبو هاڻي،
    پويون هر نقش ڊاهبو هاڻي،

    مون کي مِهڻن جي وس ڪرڻ وارا!
    تُنهنجو احساس لاهبو هاڻي.

    ڪا به رونق رهي نه ديرن تي،
    ڪو به ساسي نه ٽاهبو هاڻي.

    نور آهين، نڪو بشر آهين،
    ڪجهه نه ڪجهه توکي ٺاهبو هاڻي.

    پنهنجي سِر تي وسائبو سڀ ڪُجهه،
    توتان هر بار لاهبو هاڻي.

    توکي پلٽي ’وفا‘ جي سانچي ۾،
    تنهنجو معيار ٺاهبو هاڻي.


    حسرتن تي جوانيون آهن

    حسرتن تي جوانيون آهن،
    پيار جون مهربانيون آهن.

    ’وصل ۽ هجر‘ پيا تنهنجي جون،
    ياد رهندڙ نشانيون آهن.

    دل کي جيڪي ڪري ويون لِيڙون،
    تُنهنجي نظر جون ڪانيون آهن.

    ٿو نپوڙي گهڙي گهڙي رومال،
    اڄ روئڻ ۾ روانيون آهن.

    مون تي بي سبب ڏک ڪرڻ وارا!
    بندشون، بي زبانيون آهن.

    عِشق جو جسم زخم زخم آهي،
    حسن جون گل – فشانيون آهن.

    رُوح ڇا ڀي گهُري ’وفا‘! ليڪن،
    جِسم جي گهرج مانيون آهن.


    زلفن سان پرچائي ڇڏيو مون کي

    زلفن سان پرچائي ڇڏيو مون کي،
    سوريءَ تي لڙڪائي ڇڏيو مون کي.

    صبر جو پئمانو لبريز ويو ٿي،
    جام جيان ڇلڪائي ڇڏيو مون کي.

    دوزخ ۾ هر يارُ رهي ٿو منهنجو،
    جنت مان بدلائي ڇڏيو مون کي.

    بتخانن، مئخانن جو منهن ڏسبو،
    ٽِڪ وانگر چمڪائي ڇڏيو مون کي.

    سانڊي جان ٿا هر هر رنگ مَٽايو،
    هڪڙي ڳالهه ٻڌائي ڇڏيو مون کي.

    ڏينهن جو هر انصاف اوهان تي آهي،
    رات هڪڙي ترسائي ڇڏيو مون کي.

    باقي سڀ سنسار اوهان کي آيو،
    منهنجا مِيتَ ملائي ڇڏيو مون کي.

    روز ۽ شب طواف ڪيان دلبر جو،
    جاڳ اهڙي جاڳائي ڇڏيو مون کي.

    اهڙا قاتل نيڻ نه ٻيهر ملندا،
    چيري، ڦاڙي، گهائي ڇڏيو مون کي.


    تنهنجي چاهت کي ڪير مُنهن ڏيندو

    تنهنجي چاهت کي ڪير مُنهن ڏيندو،
    جڳ جي نفرت کي ڪير منهن ڏيندو؟

    تنهنجي دولت کي ڪير منهن ڏيندو،
    منهنجي غربت کي ڪير منهن ڏيندو؟

    سڀ ڪو دولت جي ڪڍ لڳو پيو آ،
    هِت نصيحت کي ڪير منهن ڏيندو؟

    وصل جي رات، سَن بلوغت جو،
    هِن قيامت کي ڪير منهن ڏيندو؟

    زلف چهري جان ٿو عزيز رکان،
    منهنجي جِدت کي ڪير منهن ڏيندو؟

    آئون شاعر ۽ هوءَ رقاصه،
    هن تفاوت کي ڪير منهن ڏيندو؟

    ٿي سگهان ٿو خوشيءَ سان پاڳل مان،
    تنهنجي آٿت کي ڪير منهن ڏيندو؟

    آهي نيلام گهر ۾ حسن ”وفا“!
    هِن اذيت کي ڪير مُنهن ڏيندو؟


    موت جو ئي چِٺو مِلي مون کي

    موت جو ئي چِٺو مِلي مون کي،
    ڪو جيئڻ جو صِلو مِلي مون کي.

    ايڪسري ٿي وڃان سندس آڏو،
    جيڪڏهن يار ٿو ملي مون کي.

    او، وڇوڙا ڏئي وڃڻ وارا!
    سِلسلو ڪو نه ڪو ملي مون کي.

    روح جي يا بدن جي پيار سندو،
    توکان ڪو واسطو ملي مون کي.

    عاشقيءَ کي امر ڪرڻ ٿو گهران،
    حُسن جو آسرو ملي مون کي.

    پوءِ کلڻ ڄاڻي يا روئڻ ڄاڻي،
    يار معيار جو ملي مون کي.

    ’ڪُن‘، ’ڪنارو‘ ٻئي قبول ’وفا‘!
    ڪو نه ڪو فيصلو ملي مون کي.


    مئڪدي جو جام آهين، ڪيترو بدنام آهين

    مئڪدي جو جام آهين، ڪيترو بدنام آهين،
    جسم تي ڦٽڪار آهين، روح تي الزام آهين.

    نيڻ ٻوٽيان ٿو ته آهين، نيڻ کوليان ٿو ته ناهين،
    وصل جو آغاز آهين، هجر جو انجام آهين.

    زندگيءَ جي نظرين ۾، نظرين جي زندگيءَ ۾،
    حسن جو افسوس آهين، عشق جو ماتام آهين.

    وئي مري هر آرزو، هر جستجو تنهنجي ملڻ سان،
    جيئن ساري زندگيءَ جو چينُ ۽ آرام آهين.

    همسفر ڀي ساڻ توکي، راهبر ڀي ساڻ توکي،
    ٻِن اکين هُوندي به پيارا ڇو غلط هر گام آهين.

    جي اڃا تائين ’وفا‘ سان ٿيو تعارف ناهه تنهنجو،
    حُسن ڀي تنهنجو اجايو، عشق ۾ ڀي خام آهين.


    دل تي ڳوڙها وسائڻ ڇڏيو

    دل تي ڳوڙها وسائڻ ڇڏيو،
    مون کي ڪک پن وهائڻ ڇڏيو.

    جوڙ ڪڪرن سان ڇا چنڊ جو،
    هيءُ لِڪڻ ۽ لڪائڻ ڇڏيو.

    يا ته پيرن ۾ ڇيريون ٻَڌو،
    يا ته ڳائڻ وڄائڻ ڇڏيو!

    پوءِ نه ايندي، جي هيڪر وئي،
    زندگيءَ کي ستائڻ ڇڏيو.

    سڀ ڪو سمجهي ويو موت کي،
    سُورين کي سجائڻ ڇڏيو.

    سجُ ۽ چنڊ روشن اڃا،
    بلب، ڏيئا جلائڻ ڇڏيو.

    خودبخود دل به ويندي ملي،
    صرف اکيون ملائڻ ڇڏيو.

    هڪ دفعو آزمائي وٺو،
    روز روز آزمائڻ ڇڏيو.

    يا رکو پاس دل جو ”وفا“!
    يا صفا دل لڳائڻ ڇڏيو.


    ڪجهه اهتمام ٿي ويون

    ڪجهه اهتمام ٿي ويون،
    ڪجهه انتظام ٿي ويون.

    سڀ جام جام ٿي ويون،
    نِنڊون حرام ٿي ويون.

    اڳ سلام ٿي ويون،
    پوءِ هم ڪلام ٿي ويون.

    ڪَڪِ ٿي ضرورتن کان،
    زر جون غلام ٿي ويون.

    دل کي بنائي ڪعبو،
    اکيون اِمام ٿي ويون.

    پَل کن جي دوستيءَ ۾،
    ڪي ننگ و نام ٿي ويون.

    معيار ڪشمڪش ۾،
    سوچون غلام ٿي ويون.

    پاٿارين تي آهن،
    جي بي لغام ٿي ويون.

    گڏيل هيون ’وفا‘ سان،
    پر احترام ٿي ويون.


    هَوس جو خبطُ آهي، پيار ڪونهي

    هَوس جو خبطُ آهي، پيار ڪونهي،
    ’وفا‘! انسان ئي سنسار ڪونهي.

    هليو آ گهر جا سڀ ڀاتي سُمهاري،
    ٻڌو ٿم اڄ به پهريدار ڪونهي.

    حجابن ۾ ڍڪيل جلوا ۽ جذبا،
    مٺا! هي وصل جو ڪردار ڪونهي.

    سڏايل يار جي شاديءَ ۾ آهي،
    تڏهن ڪو هار ۽ سينگار ڪونهي.

    مَرون بي موت ڇو ڪنهن بيوفا تي،
    ’وفا‘! هيءُ پيار جو معيار ڪونهي.


    وصل جا آسرا نه ڏي مون کي

    وصل جا آسرا نه ڏي مون کي،
    هجر جا وسوسا نه ڏي مون کي.

    موت جي کاٽ تان جهلڻ وارا،
    زندگيءَ جي سزا نه ڏي مون کي.

    ويڄ آن، فرض ڏس، سياڻو ٿيءُ!
    درد بنجي دوا نه ڏي مون کي.

    ضبط جو مشورو ڏيڻ وارا!
    موقعهءِ التجا نه ڏي مون کي.

    ديپ ناهيان جو مان وسامي وڃان،
    چڻنگ آهيان، هوا نه ڏي مون کي.

    جي ’وفا‘! موت سان ٿو پرچائين،
    زندگيءَ جي دعا نه ڏي مون کي.


    هر رات آهه ظلم جي، هر ڏينهن قهر جو

    هر رات آهه ظلم جي، هر ڏينهن قهر جو،
    هيءَ چال آهه شهر جي، هيءُ حال شهر جو.

    هر دلعزيز جنهن پئي چيو، پاڻ کي سدا،
    ثابت ٿيو سو شخص نه پنهنجو نه دهر جو.

    اکيون کليون ته سنڌ سڄي چنڊ ٿي پئي،
    چهرو ڏٺم جو خواب ۾ رزاق مهر جو.(1)

    مون کان سواءِ ڪير نه پيئندو اڙي ڪلال!
    شربت جو ناهه جام، هي جام آهه زهر جو.

    ڪو ڀي سڄي حيات نڀائي نٿو ’وفا‘!
    ڪو شخص آهه پل جو ۽ ڪو شخص پهر جو.


    (1) رزاق مهر منهنجو تمام گهاٽو ۽ پراڻو دوست، جيڪو لاڙڪاڻي جو ويٺل آهي ۽ ٽي وي ڊراما لکندو هو. بدقسمتيءَ سان اڄ اسان ۾ ناهي. (وفا)


    اک کڻي ٿو، نه اک جهڪائي ٿو

    اک کڻي ٿو، نه اک جهڪائي ٿو،
    دل کان ڪو فيصلو ڪرائي ٿو.

    آهه عورت جو پاسدار اهو،
    ٻانهن جيڪو ويَلَ ورائي ٿو.

    رقص جو روپ ٿي وئي راڌا،
    شيام ڪو بئنسري وڄائي ٿو.

    پيار کان ڪم نه ٿو وٺي ليڪن،
    اٽڪلن سان مون کي مڃائي ٿو.

    هوش جي دائري ۾ ڪو نه آهي،
    هڪ ٻڌي ٿو ۽ ٻي ٻڌائي ٿو.

    زخميل روح جو علاج ’وفا‘!
    پاڻ روئي مون کي کلائي ٿو.


    نه ڪوئي گل نه ڪوئي خار ڇاهي

    نه ڪوئي گل نه ڪوئي خار ڇاهي،
    اڄوڪي باغ جو معيار ڇاهي.

    رڳو ڄاڻي، جواني پوءِ نه ايندي،
    نه ڄاڻي پريت ڇاهي، پيار ڇاهي

    ڪٿي انسانيت جو نامُ ڪونهي،
    ته پوءِ موليٰ! سڄو سنسار ڇاهي.

    هُو رانديڪي جيان کيڏي ٿو دل سان،
    نه ڄاڻي دلبر و دلدار ڇاهي.

    ’وفا‘! اُڻ تُڻ جي ڪشتيءَ مان لهي آ،
    مزو هِن پار آ، هُن پار ڇاهي!؟


    اکين کي شام ڏي، دل کي سحر ڏي

    اکين کي شام ڏي، دل کي سحر ڏي،
    ڀلي پوءِ بند ڪر دريون ۽ در ڏي!

    يا مان پهچانس اهڙا بال و پَر ڏي،
    يا منهنجي آههَ ۾ گهربل اثر ڏي!

    هي رسمون گهٽ ڄاڻي، ڪنوار ڄاڻي،
    ڏسي چاهت نه ٿي زيور ۽ زر ڏي.

    پيو سوچيان، وڃان ڪهڙي طرف مان،
    طبيعت ٿي لڙي بر ڏي نه گهر ڏي.

    انڌيرن ۾ گذاريون ڪيئن حياتي،
    اِلاهي! وقت کي شمس و قمر ڏي.

    ٻنهي ڳالهين مان، جا تسليم توکي،
    يا هٿ کڻ پيار تان يا سِر تي سر ڏي.

    نه کوٽي ٿي، وري اچجانءِ ڇو جو،
    ’وفا‘ نڪري ويو سير و سفر ڏي.


    سونهن جي سرور سان

    سونهن جي سرور سان،
    ڏس مگر شعور سان.

    خاڪ سان نه نور سان،
    ڇا رهون حضور سان.

    منهنجو پيار، پيار سان،
    نار سان نه، نور سان.

    حُسن جو ظهور آ،
    عِشق جي ظهور سان.

    ڪيترن ڳنڍي ڇڏي،
    دوستي ضرور سان.

    ٿو رهي ’وفا‘ سدا،
    تنهنجي سور، پور سان.


    ابتدا ڳولي، انتها ڳولي

    ابتدا ڳولي، انتها ڳولي،
    پوءِ ڪو پيار جا پتا ڳولي.

    منهنجي توکي ٿي تيئن وفا ڳولي،
    جيئن درويش ڪو خدا ڳولي.

    قرب جو جنهن کي ٿي وڃي ڪينسر،
    ڪوئي دارُون، نه ڪا دوا ڳولي.

    فطرتن سڀ ڪوئي اڪيلو آ،
    ڪوئي ڪنهن جا نه آسرا ڳولي.

    شاهه – رڳ کان جڏهن قريب آهي،
    ڪير ڪنهن کي ڪٿي ۽ ڇا ڳولي؟

    سج اڃا تائين، چنڊ اڃا تائين،
    تنهنجي مُنهن مان اُها ڏيا ڳولي.

    جنهن کي آهي ’وفا‘ جيئڻ جي تميز،
    زندگي ڪيئن تو سوا ڳولي.


    ايڏو هيڻو نه حال ڪر منهنجو

    ايڏو هيڻو نه حال ڪر منهنجو،
    ڪو ته پورو سوال ڪر منهنجو.

    يا مون کي ٻانگ جو شعور نه ڏي،
    يا ترنم بلال ڪر منهنجو.

    منهنجو ”ماضي“ ٿو شرمسار ٿئي،
    منهنجي سامهون نه ”حال“ ڪر منهنجو.

    ٺاهه توسان تڏهن ڪبو غاصب!
    اڳ ۾ هر حق بحال ڪر منهنجو.

    مون کي خوشين جو اعتماد ڏئي،
    ختم رنج و ملال ڪر منهنجو.

    مون چيو: چنڊ ڪيئن ٿيندو آ،
    هن وراڻيو: جمال ڪر منهنجو.

    مان ’وفا‘! تنهنجي آسري آهيان،
    ٿيءُ ڏاهو، خيال ڪر منهنجو.


    گُهٽ ٻوساٽ مان پتو ٿو پوي

    گُهٽ ٻوساٽ مان پتو ٿو پوي،
    ڪو اچڻ وارو انقلاب آهي.

    ڪهڙي منزل تي زندگي پهتي،
    گس ۾ دريا نه ڪو سراب آهي.

    جيئن ”اڌ چنڊ“ جي مٿان ڪڪري،
    ”اڌ چهري“ تي تيئن نقاب آهي.

    تجربو تجربو گواهي آ،
    تنهنجو نعم البدل شراب آهي.

    گلَ محتاج موسمِ گل جا،
    تنهنجو چهرو سدا گلاب آهي.

    وقت جي مشڪلن سان خود نبري،
    منهنجو هر شخص کي خطاب آهي.

    جي پڙهڻ جي ’وفا‘! تميز هجي،
    هر حسين شخص هڪ ڪتاب آهي.


    تنهنجي نفرت ۽ پيار ۾ ناهيان

    تنهنجي نفرت ۽ پيار ۾ ناهيان،
    يعني ڪنهن ڀي شمار ۾ ناهيان.

    منهنجي هستي نچي ٿي مستيءَ ۾،
    ڪنهن نشي، ڪنهن خمار ۾ ناهيان.

    پنهنجي چهري جي چاندنيءَ ۾ تلاش،
    تنهنجي زلفن جي ڄار ۾ ناهيان.

    عشق جي ڀي گرفت ۾ ناهيان،
    حسن جي ڀي حصار ۾ ناهيان.

    تون جڏهن کان ڇڏي ويو آهين،
    ڪنهن خزان، ڪنهن بهار ۾ ناهيان.

    صِحن گرداب ۾ ڦِران پيو ’وفا‘!
    بحر جي آر پار ۾ ناهيان.


    دل ڏئي، دل وٺي نه پيار ڪبو

    دل ڏئي، دل وٺي نه پيار ڪبو،
    ڪو به تاجر – صفت نه يار ڪبو.

    ڪوئي دشمن، نه ڪوئي يار ڪبو،
    تجربن کي نه شرمسار ڪبو.

    ”پال“ کان ”وڻ پڪل“ چڱو آهي،
    سال کن تنهنجو انتظار ڪبو.

    توکان وڇڙڻ کان پوءِ رستي ۾،
    جو به گڏبو انهيءَ سان پيار ڪبو.

    ڏي خبر سنگدل ۽ هرجائي!
    هاڻ ڇا رنگ اختيار ڪبو.

    ڪيئن ڀلا دل جا ٽوڙبا رشتا،
    پاڻ تي پاڻ ڪيئن وار ڪبو.

    رات جان وار، ڏينهن جان چهرو،
    ’حسنِ دو آتشه‘ سان پيار ڪبو.

    زندگيءَ جي سلامتيءَ خاطر،
    ڪوئي دشمن، نه ڪوئي يار ڪبو.

    قاتلن، مقتلن پئي ڳالهه ڪئي،
    مُجرمن ۾ ’وفا‘ شمار ڪبو.


    پيار ڪنهن سان ڪرين، وفا ڪنهن سان

    پيار ڪنهن سان ڪرين، وفا ڪنهن سان،
    ڪو نه تنهنجي مِلي ادا ڪنهن سان.

    عُمر جو ساٿ، سَنگ ٿي پياسين،
    ڇا مِلي آب ۽ هوا ڪنهن سان.

    پيار منهنجو حضورشرم هيو،
    ڪيئن ڪيان ها ڀلا جفا ڪنهن سان.

    فِطرتن ئي هَوس پَرست آهين،
    پيار، پيارا! ڪرين به ڇا ڪنهن سان.

    ڪو اڪيلو نه آهه دنيا ۾،
    ڪنهن سان شيطان آ، خدا ڪنهن سان.

    هِڪ مُعمو لڳو پيو آ ’وفا‘!
    ڪَنهن سان نهڪر ڪري نه ها ڪنهن سان.


    اهو حال آهي سوا تنهنجي هاڻي

    اهو حال آهي سوا تنهنجي هاڻي،
    نه بُت روح کي، روح بُت کي سڃاڻي.

    نڪو سامري ۽ نه ڪيلاش آهيان،
    پري ڪا پرستان مان ڪير آڻي.

    ته ڀي اجنبيت جي ديوار آڏو،
    مان هن کي ٿو ڄاڻان، هو مون کي ٿو ڄاڻي.

    اهو حال آهي دماغن جو اڄڪلهه،
    سڀاڻي جي اڄ ۽ اڄوڪي سڀاڻي.

    رڳو انتظارن سان ڪيسين هلان مان،
    ڪو قاصد مُنجي، ڪو نياپو اُماڻي.

    جي ساڻي هجن حسن جون جلوه گاهون،
    ’وفا‘! عشق در در جي مٽي نه ڇاڻي.


    هار امر آ، جيت امر آ

    هار امر آ، جيت امر آ،
    تنهنجي منهنجي پريت امر آ.

    فاني صرف شراب لڳي ٿو،
    جام امر آ، ڳيت امر آ.

    لُڙڪ به فاني، مرڪ به فاني،
    تنهنجي ريت، ڪريت امر آ.

    سِنڌڙي! تنهنجي راڄ کان مِليل،
    پيار امر آ، پريت امر آ.

    پايل جي ڇم ڇم تان صدقي،
    سانوڻ جو سنگيت امر آ.

    مقتل مقتل لاش ’وفا‘ جا،
    سچ جي باغي ريت امر آ.


    جي تنهنجي پيار کان آجا رهون ها

    جي تنهنجي پيار کان آجا رهون ها،
    زماني ۾ نه ايڏا غم سهون ها!

    صنم! سُوري به ٺُڪرائي ڇڏي ها،
    جي تنهنجي پيار جي ضد تان لهون ها.

    شِڪست ۽ فتح ڪوئي حل نه آهي،
    وِڙهون ها جيسين ڀي جيئرا رهون ها.

    توهان قاتل، اسان مقتل جي عزت،
    توهان کان ڇو ڊڄون ها، ڇو ڊهون ها.

    پئين غيرن جي ڀٽڪائڻ سان ڀٽڪي،
    سدائين گڏ هلون ها، گڏ رهون ها.

    توهان جي سينڌ ۾ سندور وانگر،
    تمنا هئي سدا روشن رهون ها.

    سندس ماڙيءَ ۾ هئي، ڏاڪڻ ۾ ڏاڪڻ،
    ’وفا‘! ڪيسين چڙهون، ڪيسين لهون ها.


    اکين مان انتظار ڪڍي ڇڏ ته مان اچان

    اکين مان انتظار ڪڍي ڇڏ ته مان اچان،
    دل مان اڳوڻو پيار ڪڍي ڇڏ ته مان اچان.

    دل مان سڄو غبار ڪڍي ڇڏ ته مان اچان،
    اکين مان آبشار ڪڍي ڇڏ ته مان اچان.

    هيءُ لڙڪ لڙڪ گرم ۽ هيءُ ساهه ساهه سرد،
    فرقت جو اشتهار ڪڍي ڇڏ ته مان اچان.

    شڪ ۽ گمان ناهيان، وفا جو يقين هان،
    خدشا سڀئي او يار! ڪڍي ڇڏ ته مان اچان.

    تون مان فقط گذاريون حياتيءَ جا ڏينهن گڏ،
    ٻيو شوق ۽ شڪار ڪڍي ڇڏ ته مان اچان.

    مان صرف ٿوگُلن سان محبت ڪري سگهان،
    گلشن مان خار خار ڪڍي ڇڏ ته مان اچان.

    ڪر ’حال‘ ساڻ پيار ۽ ’آئيندي‘ سان ’وفا‘،
    ماضيءَ جي هر مزار ڪڍي ڇڏ ته مان اچان.


    تنهنجو پيار جي مون لئه دريا ٿئي ها

    تنهنجو پيار جي مون لئه دريا ٿئي ها،
    منهنجي قسمت ۾ ڇو صحرا ٿئي ها.

    پوءِ ڪري ها پيار، وڻي ها جنهن سان،
    اڳ ۾ ساري جڳ کان تنها ٿئي ها.

    عزت جو اهڃاڻ محبت ڪانهي،
    چوڏهن ئي طبقن ۾ رسوا ٿئي ها.

    چاهت جو کليو اعلان ڪرين ها،
    پنهنجن ۽ غيرن کان وهوا ٿئي ها.

    منهنجو پيار هجي ها جي بازاري،
    منهنجي توکان ڪا ته تقاضا ٿئي ها.

    موٽي آئين ماڳ چڱو ٿيو پيارا!
    ورنه منهنجو حال الئه ڇا ٿئي ها.


    پاتڻي! يار!! تنهنجو سهارو کپي

    پاتڻي! يار!! تنهنجو سهارو کپي،
    ڪُن ۾ آهي ٻيڙي، ڪنارو کپي.

    رهبرو، رهزنو، دوستو، دشمنو!
    ڪوئي رستو کپي، ڪوئي چارو کپي.

    چنڊ چهرو سندس، چيلهه تائين سڳيون،
    اهڙو سهڻو ڪوئي مون کي يارو! کپي.

    صرف ماڻهو هجڻ ئي ضروري نه آ،
    پريت جهڙو هجي، پيار وارو کپي.

    تنهنجي پيرن ۾ سنسار اڇلي ڇڏيان،
    صرف تنهنجي نظر جو اشارو کپي.

    جيڪو اڳ ۾ هجي مون ڏٺو ڪو نه ڪو،
    شعبده باز! اهڙو نظارو کپي.

    پنهنجو پنهنجو نصيب ۽ ضرورت ’وفا‘!!
    ڪنهن کي گهرجي اٽو، ڪنهن کي ڏارو کپي.


    احساس توکي پيار جو اهڙو ڏياريو

    احساس توکي پيار جو اهڙو ڏياريو،
    توکان سڄو پراڻو زمانو وساريو.

    هر هڪ حسين خود تي نظرثانيون ڪري،
    تنهنجي بدن ۽ روح کي اهڙو نکاريو.

    ٿي ويو آ منهنجو پيارسندس وار وار سان،
    هاڻي نه ڪا بلا ۽ نه ڪو نانگ ماريو.

    آسان وقت ۾ به ملاقات کان جواب!؟
    مشڪل جي وقت ۾ به نه توکي پڪاريو.

    بازي کڻي لڳائي ڇڏيان جسم و جان جي،
    توکي ۽ تنهنجي پيار کي هرگز نه هاربو.

    بي آبرو لباس به، منهن تي نقاب ڀي،
    ٻهروپئي جي روپ کي ڪهڙو شماربو.

    سو زندگيءَ جو هوندو’وفا‘! ڏينهن آخري،
    جنهن ڏينهن تنهنجي پيار کي دل تان وساربو.


    عشق جي آرزو ٿيڻ چاهي

    عشق جي آرزو ٿيڻ چاهي،
    ڇو ٿو برباد هُو ٿيڻ چاهي.

    ڪو نياپو نه ڪوئي پيغمبر،
    پاڻ ٿو روبرو ٿيڻ چاهي.

    دربدر مون کي مئڪدي کان ڪري،
    منهنجو جام ۽ سُبو ٿيڻ چاهي.

    هَمخياليءَ جو دَم ڀَرڻ خاطر،
    مُنهنجي خصلت ۽ خو ٿيڻ چاهي.

    عشق جون اشڪبار اُميدون،
    ڪو نئين جستجو ٿيڻ چاهي.

    خُوبروئن جي حافظي ۾ رهي،
    ٿو ’وفا‘ خوبرو ٿيڻ چاهي.


    ڪا به شيءِ ناهي جا فنا آهي

    ڪا به شيءِ ناهي جا فنا آهي،
    ڇو ته مادي کي پي بقا آهي.

    ڪربلا ۾ ته ڪنهن به ڪو نه ڏٺو،
    ڪيئن مڃون هر جڳهه خدا آهي.

    تنهنجو صحرا – بدن ڪٿي ٻڌندو،
    منهنجي لڙڪن ڀري صدا آهي.

    جيڪڏهن پيار جي نظر سان ڏسون،
    حُسن هر درد جي دوا آهي.

    ٿي ويو دنگ هر حَسين ڏسي،
    ڇا سندس ناز ۽ ادا آهي.

    ظلم، مسندنشين هر پاسي،
    عدل، انصاف بي نوا آهي.

    آهه تخليق هڪ ئي خالق جي،
    شاهه آهي، کڻي گدا آهي.

    هونءَ ته چڳ ريشمي ڪَڪَر آهي،
    پر جي بگڙي ته ڄڻ بلا آهي.

    سچ هن دور ناشناسيءَ ۾،
    جيئن خدا آهي، تيئن ’وفا‘ آهي.


    ڪو جفا تي نه وفا تي ڏک آ

    ڪو جفا تي نه وفا تي ڏک آ،
    تنهنجي متضاد ادا تي ڏک آ.

    توکي گلشن جي هوا تي ڏک آ،
    مون کي صحرا جي فضا تي ڏک آ.

    پيار اظهار جو محتاج آهي،
    بي سبب شرم و حيا تي ڏک آ.

    پيار پابندِ مراسم ناهي،
    تنهنجي موڙن ۽ حنا تي ڏک آ.

    شاهه ساڳيو، نه گداگر ساڳيو،
    وقت کي شاهه و گدا تي ڏک آ.

    صِرف مظلوم ٿا سختيون ڪاٽن،
    مون کي بي جرم سزا تي ڏک آ.

    ساري مخلوق فنا آهه کڻي،
    پوءِ به ماڻهوءَ جي فنا تي ڏک آ.

    پنهنجا افعال رلائن ٿا ’وفا‘!
    هِن زماني، نه خدا تي ڏک آ.


    ايڏو بي ربط ٺاهه ڪيئن ٿيندو

    ايڏو بي ربط ٺاهه ڪيئن ٿيندو،
    تنهنجو منهنجو نباهه ڪيئن ٿيندو.

    جسم کي روح کان سواءِ چاهيان،
    مون کان اهڙو گناهه ڪيئن ٿيندو.

    جيستائين نه دل تي هٿ رکندين،
    منهنجو پرواز ساهه ڪيئن ٿيندو.

    جيڪو پل ڀي نٿو وڻي، اُن سان،
    زندگيءَ جو نباهه ڪيئن ٿيندو.

    سُک ۾ پاليل، وڏيرڪي ڇوري!
    توکان ڍورن جو گاهه ڪيئن ٿيندو.

    جيسين ڪڪرن سان پيار ڪو نه ڪبو،
    مهربان مهر و ماه ڪيئن ٿيندو.

    تنهنجي فطرت ۾ پيار ئي ڪونهي،
    توسان عاشق جو چاهه ڪيئن ٿيندو.

    گُل سڃاڻي ٿو گُل شناس ’وفا‘،
    ايترو ڪج نگاهه ڪيئن ٿيندو.


    رنگ اڇلائيندي هوليءَ ۾ ڪِري پيو آهي

    رنگ اڇلائيندي هوليءَ ۾ ڪِري پيو آهي،
    اوچتو عشق جي کوليءَ ۾ ڪري پيو آهي.

    جو نچيو منهنجي مُحبت ۾ هو چَرين وانگر،
    ڪالهه زردار جي ڏوليءَ ۾ ڪري پيو آهي.

    سام ڪشتيءَ جي ڪري ڪُن جي حوالي ۽ پو،
    ناخدا پاڻ به ڇوليءَ ۾ ڪري پيو آهي.

    حسنِ ناياب هو، انمول هو، نادر هو ’وفا‘!
    ڏاڍ جي واڪ ۽ ٻوليءَ ۾ ڪري پيو آهي.


    نه ڪو وصال گوارا، نه انتظار هتي

    نه ڪو وصال گوارا، نه انتظار هتي،
    ڪيون ته ڪهڙي تمنا تي ڪنهن سان پيار هتي

    هي ڪهڙو پيار آ، هي ڪهڙي دوستي آهي،
    تون بي قرار هُتي ۽ مان بيقرار هِتي.

    الاءِ ڪاٿي لڪي وئين ڇڏائي هٿ پنهنجو،
    ڪوئي لڳو ٿو وتي تنهنجو اشتهار هِتي.

    اسان جي قوم يتيم آهي، ديس لاوارث،
    رهي ٿو صرف لُٽيرن جو اقتدار هتي.

    نه مُرڪ ڪنهن جي چپن تي، نه ڪنهن جي اک آلي،
    رهي ٿي ڪائي ڀي موسم نه سازگار هتي.

    ’وفا‘! کلڻ تي قيامت اچي وڃي شايد،
    جڏهن روئڻ به طبيعت تي آهه بار هتي.


    زنگ آلود هر صليب آهي

    زنگ آلود هر صليب آهي،
    ننڊ ۾ سچ جو نصيب آهي.

    جُرم آهي کِلڻ، گُناهه روئڻ،
    ظلم جو فلسفو عجيب آهي.

    درد پنهنجا کڻي وڃان ڪاڏي،
    ڪوئي حاذق نه ڪو طبيب آهي.

    جو امير آهي سو امير آهي،
    جو غريب آهي سو غريب آهي.

    شعر آهي نه شاعري آهي،
    ڪوئي شاعر نه ڪو اديب آهي.

    ڇا تي ماڻهن جو ميڙُ گڏ ٿيو آ،
    ڪو خطاب ۽ نڪو خطيب آهي.

    آهه انسان ئي مثال ”وفا“!
    مَرگِ اِنسانيت قريب آهي.


    نرم هو، سخت ٿي چڪوآهي

    نرم هو، سخت ٿي چڪوآهي،
    هوبهو وقت ٿي چڪو آهي.

    دل جو ڪائو ڪِريو جو پٿر تي،
    بي عدد لخت ٿي چڪو آهي.

    اچ اجل! زندگي! خدا حافظ،
    ڪوئي بي رخت ٿي چڪو آهي.

    وصل ٿو هجر سان ملڻ چاهي،
    پيار خوشبخت ٿي چڪو آهي.

    ”اي وفا“! گودڙيءَ مان لعل ڪِري،
    تاج ۽ تخت ٿي چڪو آهي.


    دلين ۾ کوٽ، نگاهن ۾ رقصِ پيار ڏسو

    دلين ۾ کوٽ، نگاهن ۾ رقصِ پيار ڏسو،
    دِل و نگاهه جو مُتضاد ڪاروبار ڏسو.

    ستم جو خير، پڇو ٿا ته من تي ڇا گذري،
    اچي سگهو ته اچي منهنجو حالِ زار ڏسو.

    سڄي جهان جو غم آهه منهنجي سيني ۾،
    دِلِ حزين ڏسو، چشمِ اشڪبار ڏسو.

    حضور! حسن کي منظور ناهه رسوائي،
    هوس پرست نظر سان نه بار بار ڏسو.

    دڪاندار سڀئي گُل پَٽائي ويا آهن،
    ”چمن جو رنگ ڏسو، موسمِ بهار ڏسو“.

    ڪچي وهيءَ ۾ اڄ ڪلهه ٿئي ٿو پيار ’وفا‘!
    نه ڪنهن کي ننڍڙو ئي سمجهو نه ڪنهن کي ٻار ڏسو.


    اکين جي ڀي نه ٿيندو هو، ٿي دلربا ويو

    اکين جي ڀي نه ٿيندو هو، ٿي دلربا ويو،
    هڪ شخص پنهنجي سوچ کان ٿي ڇا مان ڇا ويو.

    ڪُل منظرن جو رنگ لڳي سرخ ٿو مون کي،
    اهڙو ڪري سلام ڪو دستِ حنا ويو.

    پوءِ گڏ هجون يا ڌار، اهو ذاتي مسئلو،
    تنهن ۾ ڀلا وصال، وڇوڙي جو ڇا ويو.

    جيڪو به آيو بنهه اڪيلو لڳو مون کي،
    جيڪو ويو اهو به ٿي سڀ کان جدا ويو.

    ڪو تنهنجي مُرڪ مُرڪ کان ٿي مُستفيد،
    ڪو تنهنجي آنسوئن تي ڪري اڪتفا ويو.

    نفرت جي نشترن سان ويو شخص جو ڪٺو،
    هر چئونڪ، موڙ، پيار جي ڏيندوصدا ويو.

    پنهنجي تلاش کي به نه ڇڏيائين قبر تائين،
    تنهنجي تلاش سان به نڀائي ’وفا‘ ويو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 533
    ڪتابن جو مشاهدو: 550718
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 212769
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ