ڪتاب جو نالو: ٻنون ٽو ٽوڪيو
مصنف: عبدالحئي پليجو
ڇپائيندڙ: ارباب نور محمد پليجو پبليڪيشن
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 1997
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 13 ڊسمبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 345 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 164 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”ٻنون ٽو ٽوڪيو“ ۾ جپان جي سياسي تاريخ کي به نه وساريو ويو آهي ۽ ليکڪ بادشاهن ۽ سياسي نظام تي پڻ تبصرا ڪندو آيو آهي. اها حيرت جي ڳالهه بيان ڪئي وئي ته ايٽم بم واري واقعي کان جپاني نوجوان ڪنهن ٻئي زاوئيءَ کان ڏسن ٿا. هيرو شيما ۽ ناگا ساڪيءَ تي ڦِريل موت جي راڪاس تي سڄي دنيا سان گڏ خود جپان ۽ اسان سنڌين به ماتم ڪيو آهي، پر جپانين ان قيامت مان جيئڻ جو رستو ڳولي ڪڍيو ۽ ڏک ۽ صدمي کي حوصلي ۽ شڪتي ۾ بدلائي ڇڏيو. سچ پچ ته هنن ٽوڪيو کي ”مشرقي گادي“ ثابت به ڪري ڏيکاريو ۽ ٻڌايو ته ڦٽن سان چور چور ڪا قوم ڪهڙي ريت دنيا جي ٽيون يا چوٿون نمبر شاهوڪار قوم ٿي سگهي ٿي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ جا
  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ
  • سفرنامو

  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7

  • حق ۽ واسطا ليکڪ جا

    ڪتاب جو نالو:
    ٻنون ٽو ٽوڪيو

    موضوع:
    سفرنامو

    ليکڪ:
    عبدالحئي پليجو

    ڇاپو:
    پهريون: ڊسمبر 1997ع

    تعداد:
    هڪ هزار

    ڇپائيندڙ:

    ارباب نور محمد پليجو پبليڪيشن
    ٻنون، ضلع ٺٽو

    محبوب حئي پليجو
    فرخ حئي پليجو


    ڇپيندڙ:
    سچائي اشاعت گهر دڙو

    قيمت: 35 روپيا فقط

    ڪمپوزنگ: آصف رضا نظاماڻي


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2017ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ٻنون ٽو ٽوڪيو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار ”عبدالحئي پليجي“ جو جپان بابت سفرنامو آهي.
    ”ٻنون ٽو ٽوڪيو“ ۾ جپان جي سياسي تاريخ کي به نه وساريو ويو آهي ۽ ليکڪ بادشاهن ۽ سياسي نظام تي پڻ تبصرا ڪندو آيو آهي. اها حيرت جي ڳالهه بيان ڪئي وئي ته ايٽم بم واري واقعي کان جپاني نوجوان ڪنهن ٻئي زاوئيءَ کان ڏسن ٿا. هيرو شيما ۽ ناگا ساڪيءَ تي ڦِريل موت جي راڪاس تي سڄي دنيا سان گڏ خود جپان ۽ اسان سنڌين به ماتم ڪيو آهي، پر جپانين ان قيامت مان جيئڻ جو رستو ڳولي ڪڍيو ۽ ڏک ۽ صدمي کي حوصلي ۽ شڪتي ۾ بدلائي ڇڏيو. سچ پچ ته هنن ٽوڪيو کي ”مشرقي گادي“ ثابت به ڪري ڏيکاريو ۽ ٻڌايو ته ڦٽن سان چور چور ڪا قوم ڪهڙي ريت دنيا جي ٽيون يا چوٿون نمبر شاهوڪار قوم ٿي سگهي ٿي.
    هي ڪتاب ارباب نور محمد پليجو پبليڪيشن ٻنون، ضلع ٺٽو پاران سچائي اشاعت گھر، دڙو پاران 1997ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري آصف رضا نظاماڻيءَ جا جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪيو. مهربانيون سائين عبدالحئي پليجو صاحب جون جنهن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ۽ ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ اسان سان مڪمل تعاون ڪيو ۽ جلد سندس ٻيا ڪتاب به اوهان دوستن اڳيان آڻينداسين.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مهاڳ

    ڪو ڪتاب علم جي ٽجوڙي ته ٿي سگهي ٿو، پر علم ڌرتيءَ مان گاهه وانگر ڦٽي ٿو. ۽ آسمان تان مينهن وانگر وسي ٿو. ڪو ليکڪ فقط ايترو ڪري سگهي ٿو ته ڪنهن ڏوٿيءَ وانگر جھر جھنگ جا پنڌ ڪري ڪي علم ڪڻا ميڙي چونڊي قلم بند ڪري ڇڏي. عبدالحئي پليجي پڻ ائين ئي ڪيو آهي. هن جپان بابت جيڪي ڏٺو پڙهيو، ٻڌو ۽ محسوس ڪيو. سو لکي ڇڏيو اٿس. هڪ ڀيري جو ڏٿ هميشه جي بک ڪونه لاهيندو آهي، هڪ ڪتاب پاڻ ۾ سمورا علم سموئي ڪونه سگهندو آهي. پليجو صاحب نه جپان تي تحقيق جي خيال سان اوڏانهن ويو هو ۽ نه وري هن ڪا اهڙي اعويٰ ڪئي آهي. هي ته سندس سئر ۽ سفر دوران جپان بابت مشاهدي جو هڪ دلچسپ باب آهي.
    لکڻ جو هڪ انداز اهو آهي ته ايڏي تفصيلي تحقيق ڪجي جو پڙهندڙ ساڳئي موضوع تي ڪنهن ٻئي ڪتاب جي ضرور ت ئي محسوس نه ڪري، پر اهڙا ڪتاب خشڪ ثابت ٿيندا آهن، ضروري نه آهي ته هڪ عام پڙهندڙ اڪثر ايڏي تفصيل ۽ گهرائيءَ ۾ وڃڻ چاهي، جيترو ليکڪ وٺي وڃڻ چاهي ٿو. لکڻ جو ٻيو انداز پليجي صاحب وارو آهي. هو مٿاڇري تان اسم چونڊي ٿو ۽ انهن کي ڌيان سان ڏسي ۽ سمجھي پوءِ لکي ٿو ۽ ماڻهن جي ذهنن تائين جپان بابت هڪ خاڪو پهچي ٿو.
    يقينن، پليجي صاحب پنهنجي پڙهندڙن لاءِ جپان مان هيءَ سٺي سوکڙي آندي آهي. سوال هي آهي ته ماڻهو سفرناما ڇو پڙهن؟ ماڻهو علم حاصل ڪرڻ ٿو چاهي ۽اهو پرکڻ ٿو چاهي ته اکين کان پري دنيا ۽ ديسن ۾ زندگي ڪيئن آهي، اتي جو وهنوار ڇا آهي، ريتون ۽ رسمون ڪيئن آهن ۽ سوچ ڪهڙي آهي. اڳي سفرناما ڪونه هئا، ان ڪري ماڻهو بندرگاهن تي سياحن ۽ سوداگرن کان حيرت جهڙين دنيا جون عجيب عجيب ڳالهيون ٻڌندا هئا. هاڻي، سفرناما پڙهن ٿا. پليجي صاحب جو سفرنامو جپان بابت اهڙو خاڪو ضرور پيش ڪري ٿو، جنهن سان جپان گهمڻ جو شوق پيدا ٿيو پوي، منهنجي راءِ ۾ اهڙو اتساهه پيدا ڪرڻ ئي ڪنهن چڱي ڪتاب جو ڪم هوندو آهي. پڙهندڙ کوي ڪتاب پڙهڻ سان ئي اندازو ٿيو وڇي ته ”ايئر انڊيا“ جي سروس جو معيار ڇا آهي؟ جپان ۾ مسافرن جي پڙتال ڪيئن ٿئي ٿي، اتي ڪهڙن قسمن ۽ معيارن جون هوٽلون آهن، ريو ڪان ۽ منشو ڪار سراءِ گهر ڇا آهي؟ جپان ۾ سليقي جا معيار ڇا آهن، ٽرانسپورٽ جو سرشتو ڇا آهي؟ ترقيءَ جو گراف ڇا آهي ۽ وهم پرستيءَ جي حد ڪهڙي آهي. انهن موضوعن جي نشاندهي به وڏي ڳالهه آهي. هر ماڻهو سڀني موضوعن ۾ نه، ڪنهن خاص موضوع ۾ دلچسپي رکندو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪو ماڻهو فقط جاپاني سليقي تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو خيال دل ۾ رکي جپان ڏانهن هلي پوي يا ڪو ماڻهو ريو ڪان ۽ منشوڪار سراءِ گهر جي طرز تي سنڌ ۾ سياحت جي واڌاري لاءِ روايتي سنڌي جھوپڙيءَ ۾ جديد سهوليتون ڏيڻ جو تجربو ڪري.
    ”ٻنون ٽو ٽوڪيو“ ۾ جپان جي سياسي تاريخ کي به نه وساريو ويو آهي ۽ ليکڪ بادشاهن ۽ سياسي نظام تي پڻ تبصرا ڪندو آيو آهي. اها حيرت جي ڳالهه بيان ڪئي وئي ته ايٽم بم واري واقعي کان جپاني نوجوان ڪنهن ٻئي زاوئيءَ کان ڏسن ٿا. هيرو شيما ۽ ناگا ساڪيءَ تي ڦِريل موت جي راڪاس تي سڄي دنيا سان گڏ خود جپان ۽ اسان سنڌين به ماتم ڪيو آهي، پر جپانين ان قيامت مان جيئڻ جو رستو ڳولي ڪڍيو ۽ ڏک ۽ صدمي کي حوصلي ۽ شڪتي ۾ بدلائي ڇڏيو. سچ پچ ته هنن ٽوڪيو کي ”مشرقي گادي“ ثابت به ڪري ڏيکاريو ۽ ٻڌايو ته ڦٽن سان چور چور ڪا قوم ڪهڙي ريت دنيا جي ٽيون يا چوٿون نمبر شاهوڪار قوم ٿي سگهي ٿي.
    جپان جو ملڪ جتي 90 سيڪڙو گل سائي رنگ جا ٿين ٿا، جپاني اک لاءِ رواجي ٿي سگهي ٿو. پر اسان سنڌي ماڻهو حيران ٿيڻ جو حق رکون ٿا ته آخر جپان ۾ ائين ڇو آهي ۽ قدرت جپان لاءِ ساوڪ جو ايترو گهڻو مقدار ڇو مقرر ڪيو آهي؟ هي نباتيات ۽ مٽيءَ جي ڪيمسٽري جو سوال ته آهي، پر اکيون ساون گلن سان جھنجيل ٽارين جي سونهن به ڏسڻ چاهين ٿيون.
    عبدالحئي پليجي جي لکڻ ۾ حساسيت جو پهلو به نمايان آهي. هو لکي ٿو، ”مون کي جڏهن ورت وارو ٻڌ ڏسڻ ۾ آيو ته مون ائين ڀانيو ته ٻڌ جي هن پڃري ۾ مسڪين جي جھوپڙيءَ ۾ ٻرندڙ ڏيئي جي لاٽ جيان اندر ۾ ڪا جوت جرڪي رهي آهي“. ڇا گوتم ٻڌ جو اهو مجسمو ايتري نفاست سان گهڙيل هو، جو پليجي صاحب کي گوتم ٻڌ جي پڃري ۾ اندر جي جوت نظر آئي؟ منهنجي خيال ۾ مجسمي ۾ نفاست کان وڌيڪَ اها خود گوتم جي ڪردار ۽ فلسفي جي سگهه هئي جنهن پليجي صاحب جي نظر ۾ اندر جي جوت کي پرکڻ ۾ مدد ڏني هئي، ڪنهن فلسفي جي سگهه پنهنجي جاءِ تي، اهو به اهم آهي ته ڪنهن ماڻهو جو من اهو فلسفو قبول ڪرڻ لاءِ آماده به هجي. سچائي ٻڌڻ لاءِ من جي نرمي بنيادي شرط آهي.
    ڳالهه، گوتم ٻڌ جي نڪتي آهي ته ٻه اکر گوتم ٻڌ بابت به ٿي وڃن. جڏهن مهاتما گوتم ٻڌ نرواڻ جي منزل حاصل ڪري پنهجي اباڻي محل ۾ موٽيو، ان وقت سندس پٽ. جوان ٿي چڪو هو. تڏهن گوتم ٻڌ کان سندس زال ٽي سوال ڪيا. ”تون جنهن سچ جي تلاش ۾ پنهنجو گهر ڇڏي هليو ويو هئين، ڇا اهو هِتي ڪونه هو؟“..... ”تو هڪ مڙس جي حيثيت ۾ پنهنجا ڪهڙا فرض نڀايا؟“..... ”۽ هاڻي جڏهن تون پنهنجي پَرَ ۾ ڪامياب ٿي موٽيو آهين ته تو وٽ پنهنجي پٽ کي ورثي ۾ ڏيڻ لاءِ ڇا آهي؟“
    مهاتما گوتم ٻڌ جو ڪنڌ هيٺ ٿي ويو، هو ڪجهه به نه ڪڇيو ۽ گهڙي سوا ترسي پنهنجي ڳچيءَ مان ڪشڪول لاهي پٽ جي ڳچيءَ ۾ وجھي ڇڏيائين.
    ڇا گوتم ٻڌ جو ڪشڪول خالي هو؟ ڇا اهو ڪشڪول بي معنيٰ هو؟ سچ پچ ته مساڻهوءَ وٽ ورثي ۾ ڏيڻ لاءِ ڇا آهي؟ ماڻهو ته بس اهو ئي ڪري سگهي ٿو ته هن سڄي حياتيءَ ۾ جيڪي ڪ جهه حاصل ڪيو، سو ورهائي ڇڏي، چاهي اها دولت هجي، گيان هجي يا مشاهدو هجي. پليجي صاحب به ائين ئي ڪيو آهي. هن جپان ۾ جيڪي ڏٺو سو ڏيئي رهيو آهي. ڪشڪول خالي آهي، يا ڀريل؟ اهو فيصلو ليکڪ نه پڙهندڙ ڪندو.
    عبدالحئي پليجي جي لکڻ ۾ رومانوي حساسيت واري عنصر جي هڪ جھلڪ سندس ئي هڪ سٽ مان ظاهر آهي. جپان جو هي سهڻو شهر ٽوڪيو بهار جي موسم ۾ گلن ۽ گلن جي سرهاڻ سان واسيو پيو هوندو آهي ۽ پيار ڪندڙ عورت جي بدن جي خوشبوءِ وانگر لڳندي آهي ۽ اهڙي بدن کان ڇڄي ڌار ٿيڻ تي دل نه چوندي آهي.“ اها هڪ حساس ليکڪ جي سحري ڪيفيت آهي. حسن مجتبيٰ ٿائلينڊ جي سفر کانپوءِ هڪ هنڌ لکيو هو: ”ٿائلينڊ ۾ سج ڀڪشوئن جي قطارن سان اُڀرندو آهي ۽ رات وئشائن سان شروع ٿيندي آهي“. اهو سڌو، بنا ڪنهن رک رکاءُ جي ۽ بي رحم سچائي ٻڌائڻ جو انداز آهي. جنهن ۾ داخليت گهٽ آهي.
    ”ٻنون ٽو ٽوڪيو“ ۾ پليجي صاحب هڪ سٺي روايت اڳتي وڌائي آهي. هو جپان جي معيشيت ۽ ترقي بابت انگ اکر به پيش ڪندو ويو آهي. جنهن ڪري جپان بابت ٺوس راءِ ٺاهڻ ۾ مدد ملي ٿي. هن صاحب جپاني سياست ۾ سرگرم ڌرين جو به ذڪر ڪيو آهي ته تعليم ۽ اخبارن ڇپجڻ جو تعداد پڻ ٻڌايو آهي. ان هوندي به جپان بابت هڪ پهلو بالڪل گم آهي. ڪتاب ان سوال جو ڪو به جواب نٿو ڏي ته جپان ۾ ڏوهن جي صورتحال ڇا آهي؟ ڇا هتي ڪي سياسي اخلاقي سماجي ۽ روحاني ڏوهه ڪونه آهن؟ ڦڏي فساد ۽ ملڪيت جي تڪرار جي صورتحال ڇا ٿي چوي؟ پڙهندڙن کي اهڙي تصوير ملي ها ته اڃا به بهتر هو.
    جپان تي هن ڪتاب ۾ مون کي سڀ کان دلچسپ حصو ڌرمي ريتن، رسمن ۽ قصن وارو لڳو. شايد ان ڪري جو ڏند ڪٿائون منهنجو پنهنجو موضوع آهن. بي حد ترقي ڪيل جپان۾ جڏهن قديم رسمن جو تسلسل نظر اچي ٿو، تڏهن يقين ٿي وڃي ٿو ته انسان بنيادي طور ڪيڏو نه سادو ۽ وسوسن ۾ ورتل آهي!
    جپان ۾ ازدهن جا ناچ مينهن بند ڪرڻ جا ساٺ آهن. ازدها ديوتا جو نالو ”ريوجن“ آهي. برسات ۽ ازدها (نانگ) جو پاڻ ۾ سڌو تعلق فقط جپاني ڏند ڪٿائن ۾ ئي نه پر هندو ڏند ڪٿائن ۾ به آهي. هندستان ۾ ناگا پنچمي تهوار به ساڳي نوعيت جو آهي، شري گورڳناٿ ۽ رامچندر ناٿ بابت به لڳ ڀڳ ساڳيون ڪهاڻيون آهن ته ڪيئن انهن نانگن کي قيد رکڻ ۽ آزاد ڪرڻ سان مينهن وسايا يا ڏڪر آندو. نيپال ۾ انهن مها جوڳين کي ديوتائن جو درجو ملي ويو آهي. اهو ئي ازدها چين کان ٿائيلينڊ تائين ”مقدس“ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هر هنڌ ان جا جدا نالا ۽ قصا آهن. ان ڪري اهو چوڻ ۾ هٻڪ محسوس نٿي ٿئي ته نانگ ۽ برسات جي باهمي تعلق جو تصور محض هندي، چيني، جپاني وغيره نه پر هڪ وسيع علائقي يعني سڄي اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جو آهي ۽ اهو هڪ ڌرمي نه پر گهڻ ڌرمي تصور آهي. اهو به ممڪن آهي ته اهو تصور تاريخ کان آڳاٽو هجي.
    اها به دلچسپ ڳالهه آهي ته سرت ڀريا جپاني به قديم سنڌين وانگر ڏيئا موهڻ ۾ يقين رکن ٿا. سنڌي لوڪ ته ان ريت سکائون باسيندا آهن پر پليجو صاحب ٻڌائي ٿو ته جپانين جو عقيدو آهي ته مئل ماڻهن جا روح پنهنجن گهرن ڏانهن گهمڻ لاءِ 13 جولاءِ تي ايندا آهن ۽ 16 جولاءِ تي واپس موٽي ايندا آهن. ان ڪري جيئرا جپاني هن موقعي تي تهوار م هزارين ننڍا وڏا ڏيئا ٻاريندا آهن ته جيئن روشني رهي ۽ روح واپسي مهل هيڏانهن هوڏانهن هوڏانهن ڀٽڪي نه وڃن. جپاني روحن جي آڌر ڀاءَ مهل به ڏيئا موهين ٿا. روحن جي کاڌ خوراڪ لاءِ مانيون ۽ ميوات به رکن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته پاڻ کي سمجھدار سمجھڻ وارا ماڻهو جپاني ۽ باقي ايشيائين کي بي وقوف سمجھن، پر حقيقت اها آهي ته انسان جي اٻوجھائپ ته کِل نه پيار اچي ٿو. اهي سڀ پاڻ کي پر چڀائڻ جون ڳالهيون آهن. ڪاش پليجو صاحب جپاني ريتن رسمن ۽ ڏند ڪٿائن تي اڃا وڌيڪ لکي ها. مون کي هن ڪتاب ڪافي نيون ۽ دلچسپ ڳالهيون پڙهڻ لاءِ ڏنيون آهن.

    بدر ابڙو

    06 نومبر 1997ع


    سفرنامو

    1

    سير و تفريح جتي روح ريجھائيندڙ وندر آهي، اُتي ڄاڻ ۽ علم پائڻ جو به وڏو وسيلو آهي، هن دور ۾ ته هر ڪا شيءِ، موجود ملي ٿي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جا احوال هڪيا حاضر مليو وڃن، ڪتاب، اخبارون، رسالا ۽ فلمون وغيره بنهه ڏورانهن ڏيهن جا احوال به ائين ٻڌائين، ڄڻ ته سڀ شيءِ اکين پئي ڏسجي، پر پراڻي دور ۾ ته ملڪن جا حال احوال ڇيڙڻ لاءِ تمام ڊگها ۽ اڙانگا سفر ڪرڻا پوندا هئا، ڪي مهم جو ماڻهو ئي، اهڙا ڪشالا ڪڍي دنيا جي گولي جا، چڪر ڪاٽيندا هئا.
    هن دور جي مواصلاتي تيز رفتاريءَ سفر کي اهڙو سهنجو ڪيو آهي جو ملڪن جا ملڪ ڪجهه ڏينهن ۾ گهمي اچجن، گهمڻ ڦرڻ ۽ سير سفر ڪرڻ اهڙو دلچسو، ۽ ڪارگر مشغلو آهي، جو جنهن جي به پهچ هجي سو ضرور دنيا ڏسي، سير و سفر سان ملڪن جي جاگرافيائي بيهڪ، قومن جي عروج ۽ زوال، تهذيب ۽ ثقافت خوشحالي ۽ غربت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيڪل ترقي جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. مختلف قومن جي سماجي سياسي ۽ اقتصادي اوسر کي اکين سان ڏسي علم ۾ به اضافو ڪري سگهجي ٿو ۽ عبرت به حاصل ڪري سگهجي ٿي، سير و سياحت جو شوق آهي ته واقعي مهانگو، پر ان مان جيڪو لطف حاصل ٿئي ٿو ۽ جيڪا ڄاڻ پلئه پوي ٿي، سا خرچ کان وڌيڪ لاڀائتي آهي، اسان جي سرنديءَ وارن سنڌي ماڻهن کي رڇن، ڪتن ۽ ڪڪڙن جي ويڙهين تي پئسن وڃائڻ کان سير و سياحت تي توجهه ڏيڻ گهرجي ته جيئن کين سڌ پوي ته ڌرتيءَ جي هن گولي تي ڇا ڇا پيو وهي واپري ۽ انسان جي ذهن ڪهڙا رنگ رچايا آهن. مون ته سير و سياحت کي وندر ۽ ورونهن کان وڌيڪَ ڄاڻ واپرائڻ جو وسيلو سمجھيو آهي ۽ سمجھان ٿو جيڪي خرچ ڪيو اٿم ان کان وڌيڪَ لاڀُ پرايو اٿم. سو قصو مختصر ته:
    آئون ۽ عبدالحڪيم شاهه صبح سوير ٽئڪسي ۾ هانگ ڪانگ هوائي اڏي تي اچي سهڙياسين، جتان ايئر انڊيا جي اڏام ”316“ ۾ ٽوڪيو لاءِ روانا ٿي وياسين. جيئن ته صبح سوير اٿيا هئاسين ۽ تڪڙ به هئي، انهي ڪري ناشتو ته نه ڪري سگهياسين، جهاز ۾ ناشتي ملڻ جي اميد ته هئي، پر بک وڌندي پي وئي، هوائي اڏي تي چانهه پيتيسين پر بسڪوٽ يا سنيڪس انهي ڪري نه کاڌاسين ته متان بک مري وڃي ۽ جهاز وارو ناشتو کائي نه سگهون.
    جهاز جي انتظار دوران ڊيوٽي فري شاپس تان مختصر نموني جي خريداري به ڪئي سين، ٻي سموري خريداري اسان سنگاپور مان ڪري ڇڏي هئي، اسان کي خبر هئي ته هانگ ڪانگ شاپنگ جي خيال کان ٺيڪ نه آهي، ڇاڪاڻ ته هتي نقلي شيون جام هلندڙ آهن، جاپان مان خريداري جو خيال انهي ڪري لاهي ڇڏيو هوسين، جو جپاني شيون جپان جي ڀيٽ ۾سنگاپور ۾ وڌيڪَ سستيون ملن، انهي جو سبب اهو آهي ته جپان ۾ لوڪل ٽئڪس زياده آهن، انهي ڪري ئي جپاني شيون، جيڪي سڄي دنيا ۾ وڪامن ٿيون، جاپان جي ڀيٽ ۾ فري پورٽس تي زياده سستيون ملن ٿيون، منهنجي خيال ۾ شاپنگ لاءِ سنگاپور کان وڌيڪَ مناسب جڳهه ٻي ڪا به نه آهي، يا وري دبئي جو چرچو آهي پر اوڏانهن منهنجو وڃڻ ڪو نه ٿيو آهي.
    جهاز پنهنجي صحيح وقت تي اسهيو، ٿوريءَ دير کانپوءِ ناشتو آندو ويو، جنهن کي ڏسي باهه وٺي ويئي، ناشتي ۾ هڪ ڊبل روٽي ۽ ڪافيءَ جو هڪ ڪوپ ۽ ٿورو مربو، چٽڻي ۽ مکڻ هئا، مون سمجھيو ته شايد هيءَ ويجيٽيرين بريڪفاسٽ آهي، جيڪي ڀل ۾ اسان کي ڏني اٿن. ڇاڪاڻ ته ويجيٽيرينس لاءِ الڳ کاڌو هوندو آهي ۽ اڳواٽ پڇندا به آهن ۽ اسنا کان به پڇيو هئائون، سو ايئر هوسٽيس کي سڏي ٻڌايم ته اسان ”ويشنو“ نه آهيو، پر هن مسڪرائيندي وراڻيو ته اهو کاڌو توهان جي لاءِ ئي آهي. بهرحال خار ته ڏاڍا لڳا، پر مٺي به ماٺ مُٺي به ماٺ. مون بئنڪاڪ کان سنگاپور ۽ سنگاپور کان هانگ ڪانگ ۽ هانگ ڪانگ کان ٽوڪيو تائين ايئر انڊيا ۾ سفر ڪيو، بنهه بيڪار ايئر لائين آهي، نه اٿس سروس سٺي ۽ نه کاڌو مزيدار، جهاز ۾ اندر هڪ قسم جي ڌپ پئي دماغ کي چٽيندي آهي. جميالتي ذوق جي تسڪين ته پري رهي الٽو مٽي پليت ٿيل هوندي آهي، ايئر هوسٽيس اڪثر ڪاريون ۽ بدصورت هوندي آهن، ويتر جو ايئر انڊيا جي چٽڪمري پوشاڪ پهريونديون آهن ته رهيل سهيل ڪسر به پوري ٿي ويندي آهي، خبر نه آهي ته ڇو انهيءَ هندستان، جنهن جي جمنا گھاٽ تي سونهن جا سوين سينگار هوندا آهن ۽ جنهن۾ ڪشمير جون پري چهره ناريون آهن، انهن جي ايئر لائين ۾ ههڙا بدصورت چهرا آندا ويا آهن. ايئر انڊيا جي سفر ۾ صرف هڪ شيءِ وڻندڙ هوندي آهي، سا هيءَ ته ساڳي سفر دوران ايئر فون تي بهترين نوان ۽ پراڻا گانا ٻڌي سگهجن ٿا، خاص طرح ڏينهن جي وقت سفر جون گهڙيون مڙيئي چڱيون گذريون وڃن، ملڪ کان ٻاهر پي آءِ اي جي سروس ايئر انڊيا جي ڀيٽ ۾ وڌيڪَ سٺي آهي ۽ کاڌو به سٺو اٿس.
    اسان چئڪلاڪن جي لڳاتار سفر کانپوءِ جپان جي گاديءَ واري شهر ٽوڪيو جي ناريتا (Narita) هوائي اڏي تي پهتاسين، ٽوڪيو جو شهر دنيا ۾ آباديءَ جي لهاظ کان ميڪسيڪو سٽيءَ کان پوءِ ٻيو نمبر آهي، هت ٽي هوائي اڏا آهن. جهاز هوائي اڏي جي عمارت سان گڏ لڳو. اسان هيٺ لهي هيلٿ ڪارد، هيلٿ کاتي وارن جي حوالي ڪري اميگريشن جي ڪائونٽر تي پهتاسين، مسافر اٽڪل هڪ سؤ کن هئا، هر فلائيٽ لاءِ الڳ ڪليئرنس سيل هو، جنهن ۾ ڪسٽم، هيلٿ ۽ اميگريشن اچي ويا ٿي، تنهن ڪري اچڻ يا وڃڻ وقت ڪنهن به وقت جي دير يا رش نه ٿيندي آهي، هر ملڪ ۾ پنهنجي قانون ۽ قاعدي پٽاندر ڪيترن ماڻهن جي اچڻ تي بندش هوندي آهي، جن ۾ سياسي ماڻهو، جاسوس، انٽرنيشنل سمگلر، سماج دشمن عناصر ۽ مشڪوڪ قسم جا ماڻهو چاي وڃن ٿا، انهي لاءِ اميگريشن وارن وٽ اهڙا رجسٽر به رکيل هوندا آهن، جن ۾ هزارن جي تعداد ۾ اهڙا نالا لکيل هوندا آهن، انهي ڪري نالا چيڪ ڪري پوءِ اسٽئمپ هڻي ملڪ ۾ گهڙڻ جي اجازت ڏيندا آهن، انهي ڪري رش نه هئڻ جي باوجود به ڪن هوائي اڏن تي دير ٿي ويندي آهي، دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ انهيءَ ڪم کي جلد اڪلائڻ لاءِ ڪمپيوٽر استعمال ڪيا ويندا آهن، نه رجسٽر جي پنن اٿلائڻ جي زحمت نه ڪا ڳولا ڦولا، صرف ڀريل ڪارڊ (Embarcation Card) چڪاس لاءِ ڪميپوٽر ۾ وڌو ويندو آهي ۽ سيڪنڊ ۾ جواب ملي ويندو آهي ته همراهه مشڪوڪ قسم جو ماڻهو آهي يا نه، انهيءَ ريت عام طرح مسافر کي به مهسوس ڪونه ٿيندو آهي ته هن جو نالو پيا چڪاسين، پر اڪثر جيٽ سيٽ (Jet Set) لائيف گذارڻ وارن کي يڪدم محسوس ٿي ويندو آهي ته همراهه ڇا پيا ڪن.
    آئون جڏهن قطار ۾ هلندو اميگريشن ڪائونٽر تي پهتس ته اميگريشن آفيسر سواءِ ڪنهن سوال پڇڻ جي مهيني جي لاءِ ويزا ڏيئي ڇڏي، اڪثر ڏٺو ويو آهي ته اسٽئمپ لڳڻ کانپوءِ ماڻهو پاسپورٽ کيسي ۾ وجھي اڳتي ڊوڙندا پنهنجي سامان، لاءِ ڊڪندا ويندا آهن، پر اهو طريقو غلط آهي، آفيسر جي اسٽئمپ کانپوءِ، پنهنجي پاسپورٽ جي چڪاس ڪرڻ گهرجي ته ويزا گهڻن ڏينهن جي ۽ ڪهڙي قسم جي ملي آهي، ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته اسٽئمپ لڳائڻ وسري ويندو آهي ۽ ايئن پاسپورٽ واپس ڪري ڇڏيندا آهن، پوءِ وڃڻ وقت يا شهر ۾ ڪنهن ڊيوٽي فري شاپ تي يا ٽريول ايجنٽ وٽ ٽڪيٽ وٺڻ وقت يا ڪنهن سفارتخاني ۾ ويزا وٺن وقت وڏي دشواري پيش ايندي آهي، از ان کانسواءِ اها ڳالهه قانوني طرح به ڏوهه آهي ته پاسپورٽ تي ارائيول اسٽئمپ نه هجي، ٿوري تڪڙ يا لاپرواهي سبب خوامخواه ڪيترين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، انهيءَ ڪري هر ماڻهوءَ کي هن ڳالهه جو خاص خيال رکڻ گهرجي.
    هتي جڏهن مون پاسپورٽ تي نظر وڌي ته هڪ عجيب ڳالهه محسوس ٿي، عجب انهيءَ ڪري ٿيم جو دنيا جري هر ملڪ جي اميگريشن اسٽئمپ تي ان ملڪ جو نالو ضرور ڄاڻايل هوندو آهي، مثال طور توهان جڏهن لنڊن، پئرس، منيلا، ڪولالمپور، بئنڪاڪ ۽ ڪراچي هوائي اڏي تي پهچندا ته اميگريشن وسارا جيڪا اسٽئمپ هڻندا ان تي تاريخ سان گڏ هيءَ لکت به هوندي.
    گريٽ برٽن لنڊن اميگريشن، فرانس پئرس اميگريشن، فلئاپن منيلا اميگريشن، ٿائيلينڊ بئنڪاڪ اميگريشن ۽ پاڪستان ڪراچي اميگريشن.
    پر هيءَ نديا جي پهرين اميگريسن اسٽئمپ هئي جنهن تي نه جاپان لکيل هو ۽ نه ٽوڪيو، صرف هي لفظ لکيل هئا ”ناريتا اميگريشن آفيسر“ هي نئون انداز مونکي ڏاڍو وڻيو، هونئن به عربيءَ جي چوڻي آهي ته ”کل جديد لذيذ“ (يعني هر نئين شيءِ وڻندڙ ٿيندي آهي). سامان اسان کان اڳ پهچي چڪو هو، سو کڻي ڪسٽم ڪائونٽر تي آياسين، ڪسٽم وارا ڪي بنهه شريف ماڻهو هئا، تن سامان ۽ اسان جون صورتون ڏسي هٿ سان اشارو ڏنو ته گولي ٿي وڃو، اسان سامان سهيڙي سڌو ٽوئرسٽ انفرميشن ڪائونٽر تي آيسين، جتان شهر جو نقشو ۽ انڊر گرائونڊ ٽرين جو نقشو، جپان ۽ ٽوڪيو بابت معلوماتي ڪتابڙا وٺي وري سڌو هوٽل رزرويشن ڪائونٽر تي آياسين. ٽوڪيو ۾ ڪيتريون ئي عاليشان آرامده ۽ فرسٽ ڪلاس هوٽلون آهن، انهن هوٽلن ۾ گهڻو ڪري مغربي طرز جا ڪمررا آهن، جيڪڏهن ڪنهن مسافر کي روايتي جپاني طرز جي روم ۾ رهڻ جو شوق هجي ته اڳواٽ چوڻ سان هوٽل انتظاميه اهڙو بندوبست به ڪري ڏيندي آهي، جيڪڏهن گهـٽ خرچ وارين هوٽلن ۾ رهڻ چاهجي ته وري ”بزنيس“ هوٽلون به آهن، جن ۾ مناسب مسواڙ تي صاف سٿري ماحول وارا ڪمرا به ملن ٿا، اڃان به گهٽ خرچ تي گذارو ڪرڻو هجي ته خالص جپاني طرز جا سراءِ گهر به آهن، جن کي ريو ڪان ۽ منشو ڪار (Ryokans and Minshukar) ڪوٺجي ٿو.
    انهن ٻنهي ۾ في ماڻهو جي حساب سان مسواڙ وصول ڪئي ويندي آهي، انهيءَ مسواڙ ۾ گهڻو ڪري نيرن ۽ رات جي مانيءَ جا پئسا به شامل هوندا آهن، کاڌو ڪمرن ۾ ئي ڏنو ويندو آهي، انهن سرائن جي ڪمرن ۾ سمهڻ لاءِ جيڪو وڇاڻ هوندو آهي، تنهن کي تاتامي مئٽ فلورس (Tatami Mart Floors) چوندا آهن اهڙي سراءِ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ پنهنجا بوٽ لاهي چمپل پائبا آهن، جيڪي اتي رکيل هوندا آهن، تاتامي تڏن (فرشن) تي پير رکڻ کان اڳ اهي چمپل به لاهڻا پوندا آهن، جيڪڏهن غسلخاني ۾ وڃنو هجي ته پوءِ غسلخاني جي دروازي وٽ رکيل غسلخاني وارا چمپل پائڻا پوندا آهن، غسلخاني مان نڪرڻ کانپوءِ اهي چمپل اتي ئي لاهي ڇڏبا. انهن ڳالهين مان جپاني قوم جي صفائي ۽ سليقي ڏانهن ڌيان جو پتو پوي ٿو، هونئن به جپان قوم مهذب ۽ شائسته هجڻ سنا گڏ ضابطي جي بنهه پاند قوم آهي.
    اسان هوٽل گنزاڊائچي (Ginza Daichi) جيڪا فور اسٽار آهي ۽ گنزا جي علائقي ۾ آهي، جيڪو ٽوڪيو جو سٺي ۾ سٺو علائقو آهي، تنهن لاءِ ڪوپن ورتو، هن هوٽل جي ڊبل ڪمري جي مسواڙ ٽئڪس سميت اٽڪل 1800 سؤ روپيا هئي، هوائي اڏي تان ٿوري ڪرنسي ورتيسين، وڌيڪَ وٺڻ انهي ڪري مناسب نه سمجھي سين جو ٻين شهرن ۾ اهو تجربو ٿيو ته هوائي اڏي جي ڀيت ۾ شهر ۾ مٽاسٽا ۾ وڌيڪَ پئسا ملن ٿا، شهر وڃڻ لاءِ زمين دوز ريلوي آهي، جنهن کي جپان ۾ سب وي (Subway) سڏين. هتي بسون ۽ ٽيڪسيون هر گهڙي ۽ موجود ملن ٿيون، اسان بس لاءِ اڳ ۾ ڪوپن وٺي ڇڏيو هو، جنهن جو ڀاڙو ٿيو 2400 ين (جپاني سڪو) انهي بس اسان کي آڻي ٽوڪيو سٽي ايئر ٽرمينل تي ڇڏيو. جتان اسان ٻي سواري ۾ هوٽل پهتاسني، اسان جيڪڏهن هوائي اڏي کان سڌا هوٽل تائين ٽئڪسي ۾ اچون ها ته گهٽ ۾ گهٽ 800 سؤ روپيا ڀاڙو ڀرڻو پوي ها، انهي کان اڳ جو جپان جو سير ڪريون، بهتر ائين سمجھان ٿو ته جپاني بابت وتهان کي ڪجهه ٻڌايان.
    *


    2

    جپان جي موجوده بادشاهه اڪي هيٽو جي پڙ ڏاڏي ميجي (1868-1912) جڏهن جپان جي تخت تي ويٺو ته هن جپان جي قسمت ئي بدلائي ڇڏي، جپان ايشيا جي ٻين غريب ملڪن وانگر هڪ ملڪ هو، پر حڪمران ميجي پنهنجي دؤر ۾ جپان کي ايڏي ترقي وٺائي جو هو، اِسيا جي ملڪن کان اڳتي نڪري يورپ جي سڌريل ملڪنجي صف ۾ شامل ٿي ويو ۽ پڻ يورپ جي ملڪن جيڪا ترقي ڪيترين ئي صدين ۾ ڪئي، سا هن ميجي سڌارن (Meiji Reforms) جي نالي ۾ چند ڏاهين (Decades) ۾ حاصل ڪئي ۽ يورپ جي ملڪن کي ڏند ين آڱيون اچي ويون. ميجي جپان جي صنعت، تجارت سياست کي ڪيئن صديون اڳتي ڪري ڇڏيو.
    هن ملڪن جي گادي جو هنڌ ڪيوٽو (Kyota) کان واپس ايدو (Edo) آنندو، جيڪو ڪنهن وقت اڳ به ملڪ جي گادي جو هنڌ هو ۽ سندس نالو ايدو مان بدلائي ٽوڪيو، رکيو جنهن جي معنيٰ آهي ”مشرقي گادي“ هن ملڪ کي هڪ سڌريل دؤر جي حالتن پٽاندر آئين ڏنو، باقائده حڪومت هلائڻ جا کاتا قائم ڪيا ۽ انهن جا وزير مقرر ڪيا، جن کي ڪافي اختيار ڏنا ويا، وڏي ڳالهه ته ٻن ايوانن واري پارليامينٽ قائم ڪئي، جنهن ذريعي سڀ پراڻا مدي خارج قانون ختم ڪري جديد دؤر جي حلاتن مطابق قانون ٺاهيا ويا، جنهن جي ڪري ملڪ جي ماڻهن ۾ زبردست اعتماد پيدا ٿيو، سڄي قوم جپان کي صرف هڪ بادشاهه جي حڪومت نه پر سڀني ۽ سڄي قوم جي حڪومت سمجھڻ لڳي، جنهن ڪري ماڻهن ۾ هڪ سجاڳي جي لهر پيدا ٿي. ڏسندي ڏسندي جپان نه صرف انهي خطي جو پر دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شمار ٿيڻ لڳو.
    دنيا جي تاريخ ۾ واقعي ڪي هاڙا بادشاهه به ٿي گذريا آهن جن نه صرف پنهنجي قوم جو مان مرتبو وڌايو پر ڌرتي کي به ناچ نچائي ڇڏيو، نه ته تاريخ ۾ روم جي نيرو بادشاهه جي بادشاهن جي ڪمي ڪانه ٿي نظر اچي، مطلب ته (56)ڇاونجاهه سالن جي دؤر حڪومت ۾ جپان جي هن حڪمران جپان کي زمين تان آسمان تي پهچائي ڇڏيو. دنيا ۾، جپان دينا جو هڪ طاقتور ۽ سگهارو ملڪ ٿي نروار ٿيو ۽ دنيا جي چند پاورفل ملڪن ۾ شامل ٿيڻ لڳو. ميجي بادشاهه 1912ع ۾ وفات ڪئي، سندس جڳهه تي جپان جي تخت تي تئشيو (Taisho) بادشاهه ٿيو. جنهن پڻ چوڏهن سال جپان تي حڪومت ڪئي ۽ نيٺ 1926ع ۾ وفات ڪئي، وفات کانپوءِ هيرو هيٽو بادشاهه ٿيو، جنهن جپان جي سڄي بادشاهي تاريخ ۾ زياده ۾ زياده حڪومت ڪئي، يعني سڄا سارا 62 ٻاهٺ سال ۽ سڀني بادشاهن ۾ وڏي عمر پڻ ماڻي، يعني 87 ستاسي سال. هيرو هيٽو جي وفات کانپوءِ سندس وڏو پٽ اڪي هيٽو (Akihito) 7 جنوري 1989ع تي تخت نشين ٿيو. کيس ٻه پٽ هڪ ڌيءَ آهي. ڌيءَ جو نالو اٿس ”نوري“ (Noree).
    جپان چئن وڏن ٻيٽن ۽ 3900 ننڍن ٻيٽن تي مشتمل ملڪ آهي، وڏن ٻيٽن ۾.
    1. هوڪئيدو (Hokkaido)
    2. هونشو (Honshu)
    3. شڪوڪو (Shikoku)
    4. ڪئيشو (Kyushu)
    شامل آهن، جپان جي ايراضي انگلينڊ کان ٿوري وڌيڪ آهي، ملڪ جي 71 سيڪڙو زمين جابلو علائقي تي مشتمل آهي، جپاني سرڪاري ٻولي آهي، جيڪا تائيوان ۽ ڪوريا ۾ پڻ سيڪنڊ لئنگويج طور استعمال ٿيندي آهي. جپان هڪ سيڪيولر ملڪ آهي. آئين ۾ انهي ڳالهه جي ضمانت ڏنل آهي ته ڪنهن به مذهب تي حڪومت پاران هڪ پيسو به خرچ نه ڪيو ويندو. اڄ جو جپان جنهن جي آدم شماري تقريبن ٻارنهن ڪروڙ آهي، جيڪو دنيا ۾ ڇهون نمبر وڏو آدمشماري وارو ملڪ آهي يعني: چين، هندستان، آمريڪا، انڊونيشيا ۽ برازيل کانپوءِ ۽ جپان جو نمبر آهي، هڪ اسڪوائر ڪلوميٽر ۾ 321 ماڻهو رهن ٿا، جپنا جي ماڻهن جي شرح پيداوار دنيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ آهي يعني 1.8 سال ۽ مردن جي75 سال، ايڏي وڏر عمر ماڻڻ جو سبب صرف صحت ۽ صفائي کي زياده اهميت ڏيڻ ڪري ٿئي ٿو، اتي جتي ماڻهو پنهنجي ذميواري نڀائي ٿو اتي حڪومت کي به تمام وڏي ذميواري سان هر ڳالهه تي ڌيان ڏيڻو پوي ٿو، تڏهن اهو سڀ ڪجهه ممڪن ٿئي ٿو، انهي جو وڏو سبب اهو آهي ته اڄ جي امير جپان سان گڏ جپان جو ماڻهو پڻ دنيا جو امير ترين ماڻهو ٿي ويو آهي، جنهن ڪري هو زندگي جي سڀني ضرورتن سان گڏ خواهش مان لطف اندوز ٿي رهيو آهي، اقوام متحده جي 1985ع واري چارٽ ۾ جپان جي (Average) آمدني هڪ فرد جي ستون نمبر آهي پر 1986ع ۾ اها چوٿين نمبر تي آهي يعني:
    ملڪ: Percapita G.N.P 1986
    سئيٽزرلينڊ 20440
    آمريڪا 17180
    ناروي 16440
    جپان 16269
    سئيڊن 15700
    آئيلينڊ 14880
    جرمني 14650
    فنلينڊ 14350
    ڪئناڊا 14040
    لگسمبرگ 13320
    فرانس 12840
    آسٽريا 12470
    نيدر لئينڊس 11930
    بيلجيم 11400
    اٽلي 10500
    آسٽريليا 10420
    انگلينڊ 9640
    نيوزيلينڊ 7900
    آئرلينڊ 6930
    اسپين 5930
    يونان 3990
    پورچوگال 2840
    ترڪي 1130

    هن چارٽ مان توهان جپاني ماڻهن جو اسٽينڊرڊ ۽ دولت جو اندازو لڳائي سگهو ٿا، دنيا جي 176 ملڪن مان اهي ئي امير ترين ملڪ آهن، اسان جي پنهنجي ملڪ جو نمبر دنيا جي آخري ڇهن ملڪن ۾ اچي ٿو، قرض جا ڪوٽ انهي کان عليحده. جڏهن ته آمريڪا، اسرائيل مصر کانپوءِ زياده ۾ زياده قرض ۽ امداد به پڪاستان کي ڏي ٿو، پر گوربا چوف جي پرسٽروئيڪا ۽ گلاسنسٽ پڌر نامن ۽ پاليسن جي ڪري ۽ پڻ افغانستان مان روسي فوجن جي واپس وڃڻ ڪري، جيڪي روس اندر ۽ دنيا ۾ تبديليون ٿيون آهن. تنهن ڪري اسان جي پوزيشن به آمريڪا وٽ تبديل ٿي وئي آهي يا ائين کڻي چئجي ته هاڻ آمريڪا کي اسان جي ضرورت ئي نه رهي آهي، تنهن ڪري اها امداد جنهن ڪري اسين جي رهيا هئاسين سا به بلڪل ختم ڪئي ويئي آهي ۽ انهي جا نتيجا به اسان جي اڳيان آهن، ملڪ جو بئنڪون، وڏا ۽ ننڍا صنعتي يونٽ حڪومت ڌڙا ڌڙ وڪڻي رهي آهي، ملڪ جي ترقي جي شرح ڏينهون ڏينهن ڪري رهي آهي، وڏا وڏا ترقياتي پروجيڪٽ اڌ ۾ رڪجي ويا آهن ۽ سڄي ساري هڪ سال لاءِ سڄي ملڪ ۾ نوڪرين تي پابندي وڌي ويئي آهي، جنهن ڪري بيروزگاري چوٽ ٿي ويئي، اڳتي جي ڪا به خبر نه آهي ته، ڇا ٿيندو، هاڻ اسان کي امداد جي ڪا اميد آهي ته اها صرف هڪ ٻه عرب ملڪن ۽ خود جپان ۾ آهي، ڇو ته جپان جي سيڙپ هينئر پاڪستان ۾ فوجي نوعيت کانسواءِ پهرئين نمبر تي آهي، ٻين مغربي ملڪن جي ڀيٽ .
    ٽوڪيو جهڙي طرح دنيا جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي، اهڙيءَ طرح دنيا جو مهانگي ۾ مهانگو شهر به آهي، هتي آءٌ صرف ٻه ٽي مثال ٻڌايان ٿو جنهن مان، توهان بخوبي اندازو لڳائي سگهو ٿا ته مهانگائي جي صورتحال ڇا آهي.
    اسان پهرين رات هڪ هندستاني مدراسي هوٽل ۾ ماني کائڻ وياسين. هوٽل جونالو ”تاج“ هو، اسان يعني مون ۽ عبدالحڪيم شاهه مانيءَ ۾ هڪ مغز مصالحو، هڪ چڪن مصالحو، چار نان ۽ ٻه سيون اپ بوتلون گهرايون، جن جو بل اٽڪل ساڍا ڇهه سو روپيا ڏنوسين. هتي چانهه جي هڪ ڪوپ جي قومي هئي 35 روپيا. اسان هڪ ڀيرو هوٽل گنزا ۾ رکيل آٽو ميٽڪ مشين ذريعي جوتو پالش ڪيو. جنهن ۾ اسان پهريائين 30 روپيا وڌا. تڏهن مشين هلڻ شروع ڪيو. اسان پهرين هڪ پير جو جوتو پالش لاءِ مشين ۾ رکيو، جڏهن اهو پالش ٿي ويو ته پوءِ ٻيو جوتو رکيوسين، جپان ۾ اهڙي مهانگائي آهي، جو جيڪو ماڻهو جپان گهمي وري ٻئي ملڪ ويو هوندو ته اتي کيس پئسا خرچ ڪندي مهانگائي محسوس نه ٿيندي. اسان ايئر ٽرمينل بلڊنگس کان ٻاهر نڪتاسين ته سٽي ايئر ٽرمينل لاءِ ڪيتريون ئي بسون بيڍل هيون، اسان پهرين نمبر بس ۾ ڪوپن ڏيکاري ويٺاسين، ٽوڪيو شهر ”ناريتا انٽرنيشنل“ هوائي اڏي کان تمام گهڻو پري آهي. شايد، ئي دنيا ۾ ڪو هوائي اڏو شهر کان ايڏو پري هجي. هوائي اڏي کان سٽي ٽرمينل (City Terminal) تائين پهچندي اٽڪل 70-80 منٽ لڳي ويندا آهن، جڏهن ته رستا به تمام سٺا ۽ ويڪرا آهن ۽ ٽريفڪ تي به سٺي نموني ڪنٽرول ڪيو ويندو آهي. اسان شهر ۾ پهريائين سٽي ٽرمينل تي پهتاسين، جتان سامان کڻي ٽيڪسي ڪري پنهنجي ه وٽل تي آياسين ٿوري دير آرام ڪري ٿڪ هيٺ لٿاسين ۽ هوٽل جي ڪائونٽر تان هندستاني هوٽل جي پڇا ڪري ٻاهر نڪتاسين جپان دنيا جي امير ترين ملڪن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. اها ڳالهه اسان هتي پهچندي ئي چٽيءَ طرح محسوس ڪئي، امير ملڪ جا اهڃاڻ ج يڪي سمجھي سگهن ٿا سي سڀ هتي هيڪاندا ڏٺاسين. رستن جي صفائي ۽ ويڪرائي، ماڻهن جا سٺا ۽ سهڻا گهر، جيڪي اندران به سٺي نموني سينگاري، هوٽلن جو اعليٰ معيار، عام تفريح جون جڳهيون، سپر مارڪيٽون، بسون، ڪارون، شهر جي اڏاوت، ماڻهن جون پوشاڪون، وغيره سندن خوشحاليءَ جو ثبوت هيون، ماڻهن جي چهرن جي مهڪ ۽ چهڪ مان سندن اميري ۽ خوشحالي بکي رهي هئي. جپان جون موٽر سائيڪلون جيڪي سٺي دنيا ۾ ڊوڙنديون وتن، سي هتي رستن تي ڪي ورلي سي نظر آيون. هفتي کن ۾ ٽوڪيو ۾ مون کي ڇهه يا ست موٽر سائيڪلون ڏسڻ ۾ آيون، جي نه ته رڳيون ڪارون ئي ڪارون. جپاني ماڻهو گهڻو ڪري فل سوٽ پائين. اسان جنهن موسم ۾ وياسين ان ۾ اسان کي شرٽ پينٽ ۾ به گرمي محسوس ٿي رهي هئي. پر هتي تقريباً هر ماڻهو ئي ٽائي سوڌو فل سوٽ پيل هو.


    3

    جپان ۾ خاص طرح گنزا جي علائقي ۾ توهانکي دڪانن جي ٻاهران اليميونيم ۽ پلاسٽڪ جا ٺهيل ڪٻٽ نظر ايندا، جن ۾ چانهه، ڪافي، ڪوڪ، سيون اپ، ببل اپ، پيپسي، بيئر، شراب جون هڪ پيگ واريون ننڍيون شيشيون، چپس، بادام، پاپڙ دٻن ۾ بند کير جا پئڪيٽ، مختلف قسمن جا سينٽ، آفٽر شيوليوشن جون ننڍيون شيون ريزر، پيسٽ، شونگ ڪريم ۽ ٻيون انيڪ شيون رکيل نظر اينديون، هر شيءِ تي اگهه لکيل هوندو آهي ۽ هر شيءِ جي هيٺان سڪي وجھڻ جيترو سوراخ به هوندو آهي. توهان پنهنجي پسند جي شيءِ جو اگهه ڏسي اوترو سڪو سوراخ ۾ وجھي بٽڻ دٻائيندا ته اها شيءِ اچي هيٺ ٺڪاءُ ڪندي. اهڙن ڪن ڪٻٽن ۾ وري ريز گاري حاصل ڪرڻ جو به جوڳو بندوبست ٿيل هوندو آهي. ريزي لاءِ هيٺ هڪ خانو هوندو ـآهي، جنهن ۾ جيتري رقم جو نوٽ يا سڪو وجھندا، اوترا کلا پئسا ملي ويندا. اهڙا گهڻائي خانا هوندا آهن، مثلاً هڪ سؤ جو نوٽ وجھندا ته توهان کي پنجاهه جا ٻه نوٽ ملندا. هڪ پنجاهه جو نوٽ وجھندا ته توهان کي پنج ڏهين وارا نوٽ ملندا. پنجن روپين جو نوٽ وجھندا ته هڪ رپئي جا پنج نوٽ ملندا. هڪ رپئي وارو نوٽ وجھندا ته ٻه اٺ آنيون ملنديون، هڪ اٺ آني تي ٻه پائليون ملنديون. هن ڪٻٽ نما مشين تي جپاني ۽ انگريزي، ٻوليءَ ۾ واضح هدايتون لکيل آهن، جن کي پڙهي شين کي آساني سان استعمال ڪري سگهجي ٿو. اسان به پئسا وجھي بٽڻ دٻايو، سيون اپ ٽين جي دٻي ۾ بند بلڪل ٿڌي اچي ٺڪاءُ ڪيو. اسان اهڙا ٻه دٻا ڪڍي پيتا ۽ خالي دٻا وري اهڙن دٻن لاءِ رکيل کوکي ۾ ڦٽا ڪري ڇڏياسين. پاڪستان ۾ ملندڙ سيون اپ يا ٻئي ڪنهن سافٽ ڊرنڪس جي ذائقي ۾ زمين آسمان جو فرق هوندو آهي. جپاني قوم ۾ انفرادي يا اجتماعي طرح صفائي رکڻ جي جيڪا ساڃاهه آهي، سا شايد ئي ڪنهن ٻي قوم ۾ هجي. رستي هلندي نه ڪک ڪچرو نظر ايندو ۽ نه سگريٽن جا ٽوٽا، رستا، فٽ پاٿ ۽ جڳهيون اهڙيون صاف جو چمڪن پيون.
    جيئن ته گهمندي ڦرندي ڳچ وقت لڳي ويو انهي ڪري انڊين ريسٽورينٽ ”اشوڪاجي پڇا ڪري اچي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. هوٽل رسيپشن تي ويٺل مدراسي نوجوان ورما ڀلي ڪار ڪندي افسوس سان ٻڌايو ته جيئن ته ڪافي دير ٿي چڪي هئي، انهي ڪري ماني ختم ٿي ويئي آهي. اسان چيس ته اسان جهاز ۾ نيرن به سٺي نه ڪئي هئي، انهي ڪري هاڻي ڪافي بک محسوس ٿي رهي آهي، توهان مهرباني ڪري ڪجهه نه ڪجهه تيار ڪرائي ڏيو. پاڻ وراڻيائين ته اسانجو ڪچن اسٽاف وڃي چڪو آهي، جنهن ڪري هو مجبور آهي. هن شريف ماڻهوءَ ايترو ڪيو جو ٽيليفون ڪري معلوم ڪيائين پر پتو پيو ته سڀني باسڻ صاف ڪري ڇڏيا آهن. وري تاج هوٽل تي ٽيليفون ڪيائين جن چيو ته هنن وٽ ٿورو ڪي رهيل آهي، سو جيڪو آهي اهو حاضر آهي، اسانجا بک ۾ آنڊا پي وٽيا، سوچيوسين ته ٺيڪ آهي، جيڪو هوندو سو ه لي ويندو. هن اسان کي جپانيءَ ۾ هوٽل تاج جي ائڊريس لکي ڏني ۽ موڪلائيندي معافي گهرائين ته توهان کي اجائي زحمت ٿي جو اسان توهان کي کاڌو مهيا نه ڪري سگهياسين. اسان چيو ”ڪا ڳالهه نه آهي تنهنجي مهرباني“ اسان همراهه کان ائڊريس وارو پرچو وٺي اچي ٽئڪسي ۾ ويٺاسين ۽ ٽيڪسي واري کي پتو ڏيکاريوسين جنهن سڌو اچي اسانکي تاج هوٽل وٽ ڇڏيو. اسان جو هتي اڳ ۾ ئي انتظار ٿي رهيو هو. اسان ماني کاڌي، ڏاڍي لذيذ لڳي پر مهانگي به حد هئي، جنهن جو اڳواٽ، ذڪر ڪري آيو آهيان، ٽوڪيو شهر ۾ هنن هوٽلن تي توهانکي پنهنجي ملڪ جهڙو کاڌو ملند: اجنتا، مهاراءِ، دهلي، موتي، سمراٽ (Samrat) اشوڪا، تاج، گنڌارا. گندارا هوٽل جو مالڪ هڪ پاڪستاني آهي. ماني کائي ٽيڪسي ذريعي واپس ڪمري تي موٽياسين، پهچڻ شرط اسان صبح لاءِ ٽوئر جي بڪنگ ڪرائي. رسيپشن وارن ٻڌايو ته توهان صبح جو ٺيڪ نائين وڳي هيٺ بيل ماسٽر واري ڪئبن تي پهچي وڃجو. اسان پنهنجي ڪمري ۾ رکيل ٽيليويزن کوليو، جنهن تي صرف پنجين چئنل تي انگريزي پروگرام اچي رهيو هو. باقي سڀني چئنلن تي جاپاني ٻوليءَ ۾ پروگرام هلي رهيا هئا. ٽي وي ۾ 13 چئنل هئا جڏهن ته ٽوڪيو ۾ سترهن ٽي وي ــ اسٽيشنون آهن، جيڪي واري واري سان هلنديون آهن. انگريزي پروگرام جو سسٽم پنهنجي ملڪ وانگر نه آهي ته جيڪو ٽي وي تي پروگرام هوندو ته خود بخود ڏسڻ ۾ ايندو. پر ان جي برعڪس ٿيندو هيئن آهي ته جپان ۾ انگريزي پروگرام لاءِ هوٽل انتظاميه کي پهريائين ٽي وي اسٽيشن وارن سان معاهدو ڪرڻو پوندو آهي، تڏهن هوٽل ۾ پروگرام ڏسڻ ۾ ايندو. ٻين عام ٽي وي اسٽيشنن تان انگريزي پروگرام عام طرح نه ڏيکاريا ويندا آهن. هوٽل گنزا ڊائچي ۽ هوٽل نيو جپان ۾ اهو پروگرام توهان چئنل نمبر پنجين تي ڏسي سگهندا، پر اهو ساڳيو پروگرام هوٽل امپريل، گنزا، ٽوڪيو، آڪاساڪا، ٽوڪيو، ڪيو پلازا، پئسفڪ، نيو اتاني، نيو اتاتي ٽاور، اڪارا، اڪارا انيڪس، پيلس، هلٽن، گرانڊ پيلس، ٽوڪيو، پرنس ٽلڪا ناوا ۽ پرنيس تي چئنل نمبر ٻي تي ڏسڻ ۾ ايندو. ٽي وي جي انهي چئنل پنجين ۽ ٻي واري سرشتي کي ٽوڪيو ۾ ڪئبل ٽيليويزن (Cable Talevision) سڏين، هي سرشتو اهڙو آهي جنهن ۾ سواءِ اسپيسل لائين جي ٻين ٽيليويزنس ۾ اهو پرروگرام نه ڏسي سگهبو آهي. جپان ۾ ٽي وي ريڊيو، اخبارن ۽ رسالن جو انتظام هن ريت آهي.
    جپان جو ٽي وي ۽ ريڊيو سسٽم صرف هڪ جپان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي علاوه ٻيا سڀ جا سڀ ٽي وي اسٽيشن ۽ ريڊيو اسٽيشن خانگي ماڻهن ۽ ڪمپنين جي نجي ملڪيت آهن. اهڙيون جپان اندر ڪل 140 ڪمپنيون آهن، جيڪي خانگي ٽي وي، ريڊيو سسٽم کي هلائينديون آهن، هنن کي ٽن سالن لاءِ حڪومت اهڙي پرمٽ ڏيندي آهي، جيڪا ٽن سالن گذرڻ کانپوءِ وري نئين ڪرائڻي پوندي آهي. اهي ئي خانگي ادارا ٽي وي ۽ ريڊيو مالڪن کان في وٺندا آهن، جن سان ئي سندن هي ادارو قائم آهي. ريڊيو تاني ايڪيهين زبانن ۾ هر روز پروگرام نشر ڪيا ويندا آهن جيڪي چوويهه ڪلاڪ ئي نشر ٿيندا رهندا آهن. انهيءَ کانسواءِ اڄڪلهه جپان ۾ اخباري صنعت پنهنجي عروج تي آهي. جنهن جو مثال اقوام متحده جي سال 1989ع جي رپورٽ آهي.
    روزانه اخبارن جي شايع ٿيندڙ ڪاپين جو تعداد.
    مختلف ملڪ.
    1. سابق سوويت يونين ڏهه ڪروڙ نوي لک
    2. جپان ڇهه ڪروڙ اسي لک
    3. آمريڪا ڇهه ڪروڙ ويهه لک
    4. جرمني ٻه ڪروڙ پنجاهه لک
    5. انگلينڊ ٻه ڪروڙ ويهه لک
    جڏهن ته روس ۽ آمريڪا جي آدمشماري جپان کان تقريباً ٻيڻي آهي.
    جپان ۾ 124 اخبارون جپاني ٻولي م ۽ چار انگريز زبان ۾ شايع ٿينديون آهن، جيڪي توهان کي جپان جي هر وڏي شهر ۾ ملنديون، پر مجال ڪنهن جپاني جي هٿ ۾ انگريزي اخبار ڏسو انگريزي اخبارن جا نالا هي آهن.

    1. The Japan Times دي جپان ٽائيمس
    2. Aashi Evening News اساهي ايوننگ نيوز
    3. Mainchi Daily News مئنشيسي ڊيلي نيوز
    4. Daily Yamiuri ڊيلي يُموري

    جپان جيڪي هيڏا مصروف آهن تن کي هيترين سارين اخبارن پڙهڻ جو وقت ملي ٿو، سا به عجيب ڳالهه آهي. اڄ اسان جو پروگرام ٽوڪيو شهر جو سير هو، سو صبح سوير تيار ٿي اسان هيٺ نائين وڳي ڌاري سٽي ٽوئر لاءِ بيل ماسٽر جي ڪئبن وٽ پهتاسني. جهڙوڪر اڳي ئي سڃاڻو هجي. اسانجا نالا وٺي يعني مسٽر پليجو ۽ مسٽر شاهه چئي کيڪاريائين ۽ چيائين ته هي وٺو اوهان جا رزرويشن ڪارڊ ۽ هي اسٽيڪر توهان پنهنجين قميصن تي لڳائي ڇڏيو. هوءَ سامهون وئگن بيٺي آهي. جيڪا گري لائين ٽوئرسٽ ڪمپني Gray Line Tourist Company وارن جي آهي. رزرويشن ڪوئن وئگن تي دروازي تي بيٺل توهان جي ٽوئر گائيڊ کي ڏجو. اسان اهي ڪپن گائيڊ ڇوڪريءَ کي ڏنا ته هن پنهنجي ج لترنگ جهڙي آواز ۾ اسانجي آجيان ڪئي. هن مسڪرائيندي اسان کي سر (Sir) سڏيو ۽ چيائين، ته ”آءٌ اڄ جي ٽوئر لاءِ توهانجي گائيڊ آهيان. جيڪڏهن توهان پسند ڪريو ٿا ته شڪر گذار آهيان پر جيڪڏهن نٿا پسند ڪريو ته افسوس. پر هاڻي توهان ڪري به ڇا ٿا سگهو؟ توهان جي به مجبوري آهي.“ اسان کي انهيءَ ڳالهه تي ڏاڍي کل آئي ۽ پاڻ به کلڻ لڳي، جپان جي ماڻهن جو جيڪو نهايت مهذب، شائستو ۽ سهڻو رويو ۽ ڪردار آهي سو شايد ئي ڪنهن ٻي قوم جو هجي. اسانجي ٽوئر ويگن واري کي ٻه ٽي ماڻهو ٻيا ڪنهن ٻي هوٽل مان کڻڻا هئا ويگن ۾ جملي 20 ماڻهو کن هونداسين، سڀ ماڻهو کڻڻ کانپوءِ پاڻ يعني (گائيڊ) پنهنجو تعارف ڪرايائين ۽ پوءِ هر هڪ کان پنهنجو پنهنجو تعارف ڪرائيندي ويئي. جپان ۾ ائين کڻي چئجي ته ماڻهو انگريزي صفا ڄاڻن ئي ڪونه. پر جي کڻي ڄاڻن ته ڳالهائيندا ڪونه. منهنجي سوال پڇڻ تي هن سونهين ڇوڪرري (Guide Girl) جپان ۾ تعليمي سسٽم جي باري ۾ ٻڌايو ته ميجي سڌارن کان اڳ جپان جو تعليمي سرشتو چند ماڻهن تائين محدود هو، جنهن ڪري تعليم به چند ماڻهو ئي پرائي سگهندا هئا يعني شاهي خاندان ۽ اُمرا ڪلاس جا پنهنجا خانگي تعليمي ادارا هوندا هئا، جن ۾ صرف سندن ۽ ٻين امير خاندانن جا ٻار تعليم وٺي سگهندا هئا. ٻيا وري وڏا واپاري، وڏا ڪامورا ۽ وڏا زميندار گڏجي پنهنجا نجي تعليمي ادارا هلائيندا هئا. جت به صرف انهن جا ٻار ئي تعليم وٺي سگهندا هئا. انهي کان هيٺ به چند، ٻيا سرندي وارا ڪجهه ماڻهو پرائيويٽ اسڪول هلائيندا هئا، جنهن کي جپان ۾ ان وقت ”ترا ڪويا“ (Terakoya) نالي سان سڏيو ويندو هو، جيڪي به صرف وڏن شهرن تائين محدود هوندا هئا. مطلب ته ٻي هر ڪنهن شيءِ وانگر تعليم تي به صرف امير ماڻهن ۽ سرندي وارن ماڻهن جو قبضو هو. پر ميجي سڌارن کانپوءِ جتي معاشري جي هر سطح تي تبدليي آئي اتي تعليمي نظام کي پڻ جديد نموني سڌارڻ ۽ عام ڪرائڻ لاءِ وڏي پيماني تي ڪوششون ڪيون ويون. جنهن جي شروعات 1872ع ۾ ڪئي ويئي ۽ هاءِ اسڪولن جو سڄي ملڪ ۾ ڄار وڇايو ويو. 1886ع ۾ تعليم کي لازمي قرار ڏنو ويو ۽ جنهن جي حد گهٽ ۾ گهٽ ڇهه سال مقرر ڪئي ويئي، پر ٻي عالمي جنگ کانپوءِ انهي جي حد نَوَ سال مقرر ڪئي وئي. جيڪا اڄ تائيم قائم آهي. يعني جپان ۾ مئٽرڪ تائين لازمي تعليم وٺڻي آهي. جيڪا مئٽرڪ تائين مفت ۾ ڏني ويندي آهي. جپان جي پڙهيلن جو تعداد آمريڪا جيترو آهي، يعني 94% سيڪڙو جيئکن پاڪستان ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جيڪا ٽپال رستي هلي پيئي، يعني گهر ويٺي پڙهو ۽ امتحان سينٽر ۾ ڏيئي پاس ٿي وڃو، اهو انهي لاءِ ته اسان وٽ پڙهڻ وارن جو سيڪڙو گهٽ آهي. انهي کي وڌائڻ لاءِ اهو نظام رائج ڪيو ويو آهي. پر جپان جتي 94% سيڪڙو ماڻهن جو پڙهيل آهي ۽ 465 يونيورسٽيون اڳ ئي آهن، تڏهن به هڪ اهڙي قسم جي يونيورسٽي 1985ع کان شروع ڪئي ويئي آهي. جنهنجو نالو آهي، ايئر اوپن يونيورسٽي (Air Open University) جنهن جي تعليم ٽي وي ۽ ريڊيو ذريعي ڏني ويندي آهي. هن يونيورسٽي جو بنيادي ڪم آهي ته اهي بالغ جيڪي يونيورسٽي ليول جي تعليم وٺڻ چاهين ٿا، پر وڏي عمر ۽ مصروفيتن جي ڪري اها گهربل تعليم وٺي نٿا سگهن، خاص انهن جي سهولت لاءِ هي يونيورسٽي کولي ويئي آهي. جيئن تعليم هرڪو وٺي سگهي. گورنمينٽ تعليمي ادارن سان گڏ بيشمار خانگي تعليمي ادارا يونيورسٽي ليول تائين آهن. جيڪي ملڪ ۾ تمام گهڻا مقبول آهن. هڪ سرڪاري جائزي مطابق انهن پرائيويٽ تعليمي ادارن ۾ 73% سيڪڙو پڙهندا آهن.
    هينئر نون سڌارن هيٺ هر يونيورسٽي پنهنجو نصاب پاڻ مقرر ڪندي ۽ جنهن ۾ طريقي سان چاهي تيئن شآگردن کان امتحان وٺندي. عجب آهي جو جپان جهڙي ترقي يافته ملڪ ۽ امير ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ اڄڪلهه تشدد جو رجحان تيزي سان وڌي رهيو آهي، جنهن ڪري حڪومت خود ڏاڍي فڪر مند ٿي پيئي آهي ته انهيءَ ڪري ڪيئن ختم ڪجي. هن اسناکي وڌيڪ ٻڌايو ته جپان ۾ هڪ به انگريزي اسڪول نه آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي انگريزي سکڻي ه وندي آهي ته ڪنهن ٻاهرئين ملڪ وڃي سکڻي پوندي آهي يا وري ملڪ اندر ڪنهن انگريزي ڄاڻندڙ کان انگريزي پڙهڻي پوندي آهي. انهي لاءِ رقم تمام گهڻي خرچ ٿيندي آهي. جپان ۾ انگريزيءَ جو چرچو انهيءَ ڪري عام نه آهي جو جپان ڪڏهن به انگريزن جي بيٺڪ نه رهي آهي. هر حاڪم طاقت پنهنجي بيٺڪ ۾ پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت کي محڪوم قوم مٿان مڙهيندي آهي. جنهن ڪري حاڪمن جي ٻولي عام ٿي ويئي آهي. ـآفريڪا کنڊ جي جن بيٺڪن تي انگريزن جو قبصو رهيو اتي انگريزي عام ٿي ۽ جن تي فرانسيسين جو قبضو رهيو، اتي فرينچ ٻولي ڳالهائي وڃڻ لڳي ۽ جتي اسپين جو قبضو رهيو، اتي اسپيني ڳالهائڻ ۾ آئي. تقريباً سڄي دنيا ۾ ائين ٿيندو رهيو.
    ٽوڪيو شهر ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ حصي کي چون ڊائون ٽائون Down Town (هيٺاهون شهر) ۽ ٻئي حصي کي سڏين Up Town يعني (مٿاهون) شهر.
    اسان جو هي سير (Tour) صرف ڊائون ٽائون واري علائقي جو هو. اسان جي ٽوئر پروگرام مطابق اسانکي پهريائين جنهن هنڌ تي وڃڻو هو، سو هو ٽوڪيو ٽاور (Tokyo Tower) جيستائين اسان پنهنجي ماڳ تي رسون، تيستائين رستي تي ويندي ويندي هوءَ اسانکي مشهور جڳهين بابت ٻڌائيندي ويئي. انسان کي هڪ هنڌ ڏانهن اشارو ڪري آمريڪا جو ڦڙڪندڙ جھنڊو ڏيکاريائين ۽ ٻڌايائين ته اها شهر جي وچ ۾ هڪ هوٽل آهي، جنهن ۾ آمريڪي فوجي رهندا آهن، ڇو رهندا آهن، تنهن جو پتو نه پئجي سگهيو. ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ آمريڪا جنهن اخلاقي ڏيوالپڻي جو مظاهرو ڪندي جپان جي ٻن شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي آئٽم بم اڇلائي بي حساب تباهي آندي هئي سو اڄ امن جو علمبردار بنيو. جپان ۾ جھنڊو کوڙيو ويٺو آهي.
    انساني تاريخ ۾ ائٽم جو اهو پهريون استعمال آمريڪا هڪ ايشيائي قوم جي سرزمين تي ڪيو. جڏهن ته سندس مکيه دشمن جرمني به ساڻس جنگ جوٽيو ويٺو هو. جپان کي وڏي تباهي ڏسڻي پئي. مون هڪ ڀيرو هيروشيما جي تباهي تي هڪ مضمون پڙهيو هو، جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته هيرو شيما تي اڇلايل ائٽم بم ايتري تباهي ڦهلائي جنهن جو خود آمريڪا کي به اندازو نه هو. آمريڪي پائلٽن جو اهو بم هيرو شيما تي اڇلايو هو، تن چيو ته بم ڦاٽڻ سان دونهين ۽ شعلن جي هڪ ڊگهي لاٽ زمين تان اٿي ۽ ايڏو وڏو ڌماڪو ٿيو، جو جيٽ کي به لوڏو محسوس ٿيو، پوءِ هنن جيڪو نظارو ڏٺو سو انتهائي دهشتناڪ هو. هنن ٻڌايو ته دوهين ۽ مٽي جي انهي غبار ۾ اٽڪل ٻه هزار فٽ مٽي هنن کي عمارتن جا ٽڪرا ۽ انساني جسمن جا عضوا اڏامندا ڏسڻ ۾ آيا. بعد ۾ انهن پائلٽن مان ڪنهن خوف کان آپگھات ڪيو ته ڪي دماغي توازن وڃائي ويٺا. ائٽم ڦاٽڻ سان روشني جي جيڪا چمڪ ٿي تنهن جي ڪري ڪيترا ماڻهو نيڻن جو نور وڇائي ويٺا. ميلن ۾ ارد گرد عمارتون مٽيءَ جو به ڍير بنجي ويون. اٽڪل ڏيڍ لک ماڻهو هن ڌماڪي جو رک بنيا. هڪ ڊاڪٽر انهي واقعي ۾ زخمي مريصن جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته مريصن جا جسم ڦارون ڦارون ٿيا پيا هئا. جسم جو ڪو حصو اهـڙو نه هو جنهن ۾ انجيڪشن ڏيئي سگهجي. ه نن ـٻڌايو ته هڪ مريض کي مجبوراً جڏهن وارن کان جھلي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته وارن سوڌي سڄي چمڙي لهي ائي شايد اهو ئي سبب آهي جو پڙهيل ڪڙهيل جاپاني نوجوانن جي وڏي گهڻائي آمريڪا کان نفرت ڪري ٿي. پر جاپان جي سرمائيدارانه اقتصادي نظام ان کي ماضيءَ جي تلخ يادن جي باوجود آمريڪا جو ساٿي بنائي رکيو آهي. ٻين ايشيائي ۽ ڏور اوڀر وارن ملڪن، م لائيشيا، انڊونيشيا، ٿائيلينڊ، سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ فلپائن وانگر جاپان ۾ آمريڪا لابي واري پروپئنڊه اوج تي هئي.


    4

    هاڻي اسان کي پري کان ٽاور ڏسڻ ۾ اچي ٽوڪيو ۾ جيڪڏهن ڊگهيون ڊگهيون عمارتون نه هجن ته جيڪر ٽاور هر هنڌ کان ڏسڻ ۾ اچي. پر گهڻ ماڙ عمارتون ٽاور کي گهيريو بيٺيون آهن، جنهن ڪري ٽاور ڏسڻ ۾ نٿو اچي سگهي. اسان جي وئگن اچي بيٺي. اسان جون ٽڪيٽون اڳ ۾ ئي ٽوئر وارن خريد ڪري ڇڏيون هيون. ٽاور ۾ داخل ٿيڻ جي في هن ريت آهي. وڏن لاءِ 600 يين ۽ اسڪولي ٻارن لاءِ 650 يين، ڪنڊر گارٽن جي شاگردن لاءِ 200 يين، ٽاور جي اندر واري عجائب گهر ۾ داخلا في هن ريت آهي:
    وڏن لاءِ 750 يين
    اسڪولي ٻارن لاءِ 400 يين
    ڪنڊر گارٽن شاگردن لاءِ 400 يين.
    اسان سڀئي لفٽ ذريعي ٽوڪيو ٽاور جي ٻي طبقي (2nd Floor) تي پهتاسين. ٻئي طبقي تي هوٽلون ڪافي گهر ۽ خريداري لاءِ ڪيترائي دڪان هئا. اڃا صبح جو ٽاڻو هو انهي ڪري ڪوهيڙو تمام گهڻو ڇانيل هو، جنهن ڪري سڄو شهر ڪوهيڙي جي ڄار ۾ ويڙهيل هو، مون اندازو لڳايو ته جيڪڏهن ڪوهيڙو نه هجي ها ته سارو شهر پنهنجي حسن و جمال ۽ رنگينن سان جرڪندو ڏسڻ ۾ اچي ها. ڪوهيڙي ۾ به هڪ پنهنجي نوعيت جي نزاڪت هوندي آهي. مون خليل جبران کي پڙهندي سندس لکڻين ۾ اڪثر لبنان جي پهاڙين تي ڇانيل ڪوهيڙي جو ذڪر ڏٺو آهي. هن جي مصوريءَ تي به ڳوڙهي نظر ڪبي ته انهن تي به ڪوهيڙو ڇانيل ڏسڻ ۾ ايندو. ڪوهيڙو در حقيقت شعر و ادب ۾ پراسراريت جي علامت آهي. ٽوڪيو جي مٿان ڇانيل ڪوهيڙي کي ڏسندي آءٌ تصور جي دنيا ۾ کوئجي ويس ۽ ويچار جي وهڪري ۾ لڙهندي نه ڄاڻان ڪٿان کان ڪٿان وڃي نڪتس.
    ها سو ڳالهه پي ڪيم ٽوڪيو ٽاور جي. ٽوڪيو ٽاور ٺهڻ جو ڪم 29 جون 1957ع ۾ شروع ٿيو ۽ 23 ڊسمبر 1958 ۾ ٺهي راس ٿيو. سندس مٿانهون حصو 23 جون 1967ع تي عام ماڻهن جي ڏسن لاءِ کوليو ويو. ٽوڪيو ٽاور دنيا جي مشهور ايفل ٽاور (Eiffel Tower) کان به وڏو آهي، جيڪو پيرس ۾ واقع آهي. توهان جپان جي ماڻهن جي هنري ۽ ڪاريگري مهارت جو اندازو هن ڳالهه مان لڳايو ته ايفل ٽاور 70000 ٽن لوهه مان ٺهي راس ٿيو، جڏهن ته ٽوڪيو ٽاور وڏي هئڻ جي باوجود 4000 ٽن لوهه مان جڙي تيار ٿيو آهي. ٽاور نارنگي ۽ اڇي رنگ جو آهي، انهن ٻن رنگن جي چونڊ جو ڪارڻ اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته نارنگي رنگ ڪوهيڙي جي هئڻ جي باوجود پري پري کان ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ اڇو رنگ امن جو شباب آهي. ٽوڪيو ٽاور جي مختلف طبقن (Floors) تي سرڪاري ۽ خانگي ادارن جون آفيسون ۽ شورو مس (Show Rooms) آهن. هيءُ ٽاور جيڪو سياحت جي خيال کان اهم جڳهه آهي، اتي جپاني جديد ٽيڪنالاجي ۽ هنرمندي جو اعليٰ شاهڪار به آهي، هي ٽاور ٽي وي جي ڪيترن چئنلن، ٽوڪيو ريڊيو جي ايف ايم سسٽم، گورنمينٽ ريلوي جي مواصلاتي سسٽم، موسميات کاتي، هوائي جهازن جي موسمي معلومات لاءِ اسٽيشن طور پڻ ڪم ايندو آهي. اسان اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ ٽاور ۾ گهمندا رهياسين، انهي کانپوءِ مشهور امپريل پيلس پلازا ۽ امپريل ايسٽ گارڊن ڏانهن روانا ٿياسني. امپريل پيلس روايتي قسم جو شاهي محل آهي، جنهن جي شان شوڪت جو وڏو چرچو آهي. امپريل پيلس ۾ وقت جو بادشاهه ۽ سندس راڻيءَ جي رهائش گاهه آهي، هي محل چوديواري سميت اٽڪل 250 ايڪڙن ۾ ڦهليل آهي هي محل شوگن (Shogun) يعني وچئين دور جي جپاني حڪمرانن جي رهائش گاهه به رهيو آهي.
    محل جي ٻاهرين ڀت جي ٿولهه 15 فٽ آهي، محل اندر وڃڻ جي اجازت نه آهي، پر محسل سان گڏ امپريل ايسٽ گارڊن، جيڪو محل جو هڪ حصو آهي، ان ۾ سومر ۽ جمعي تي وڃڻ جي اجازت هوندي آهي، اسان ڪاٺ جي ٺهيل هڪ تمام وڏي دروازي مان لنگهي اندر وياسين، دروازي تي صرف هڪ پهريدار بيٺل هو جنهن سان اسان جي گائيڊ جپانيءَ ۾ ڪجهه ڳالهايو ۽ تنهن کان پوءِ اسان اندر باغ ۾ داخل ٿياسين. سڄو باغ جپان جي پنهنجي خاص وڻندڙ قسم جي وڻن سان سينگاريل هو.
    جپان ۾ 90 سيڪڙو گل سائي قسم جا ٿيندا آهن. ۽ باقي پنهنجي گلن جيان مختلف رنگن جا ٿيندا آهن. جپان جو مشهور قومي گل ”گل دائودي“ آهي. جيڪو، هٿ جي چنبي جيڏو ڏاڍو پيارو گل ٿيندو آهي ۽ هن جا رنگ به مختلف ٿيندا آهن. عام طرح اڇي رنگ جي گل دائودي کي گهڻو پسند ڪيو ويندو آهي ۽ اهو واقعي ٿيندو بهٻين جي ڀيٽ ۾ وڏو ۽ سهڻو آهي. گل جو ٻوٽو ٻج يا قلم مان ڦٽندو آهي پر هن جون ٽاريون پاڙ کان مٽي ڇنڊي الڳ لڳائبيون آهن. اهڙي ريت هڪ ٻوٽي مان سوي ٻوٽا پيدا ڪري سگهبا آهن. هيءُ ٻوٽو سياري جي موسم ۾ گل ڏيندو آهي. ۽ اهي گل ڪافي ڏينهن تائين ٽاريءَ ۾ ٽڙيا بيٺا هوندا آهن. هيءُ ٻوٽو گهڻي پاڻي بيهڻ ڪري سڙي ويندو آهي. اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ هر سال سياري جي موسم ۾ گل دائودي جي نمائش به ٿيندي آهي.
    امپريل ايسٽ گارڊن ڪو ايڏو ۽ ايترو سهڻو نه هو پر بادشاهي باغ هئڻ ڪري هن جي وڏي اهميت هئي. هن باغ ۾ هڪ بهترين قسم جي ننڍي ڍنڍ پڻ هئي. انهي ڍنڍ جو نظارو ڏسي، باغ جي هڪ هوٽل ڀيڙا ٿياسين، جتي ڪافي پيتيسين ۽ پوءِ ٻاهر نڪتاسين، هاڻي اسان کي آساڪوسا ڪئينون ٽمپل (Asa Kusa Kanon Tamples) ڏانهن وڃڻو هو.
    هيءُ ٽئمپل جپان جي بهترين ٽئمپلس (مندرن) مان هڪ هو. هن جي اوچائي سندس عظمت ۽ شان شوڪت جي شاهدي ڏيئي رهي هئي. هيءَ بينڪاڪ واري ايمرالڊ ٻڌ ٽئمپل جيان ويڪرو ۽ وسيع هو، پر تڏهن به هن جي ڀيٽ ۾ گهڻو ننڍو هو. اتي يعني بينڪاڪ ۾ ايمرالڊ ٻُڌ ٽئمپل لاِ ماڻهن جي دلين ۾ گهڻو احترام هو. پر هتي اهو جذبو ڪجهه جھڪو محسوس پي ٿيو. جيتوڻيڪ جپان جا 78 سيڪڙو ماڻهو ٻڌ ڌرم سان واسطو رکن ٿا. ٽيمپل ۾ ڪافي دير تائين هيڏانهن هوڏانهن گهمندا رهياسين، ٽيمپل جي اڏاوت روايتي ٻڌ مندرن جهڙي هئي ۽ منجھس ٻڌ جون پٿر مان تراشيل ڪيئي مورتيون رکيل هوين، پٿر جي بيجان ٽڪرن کي سنگتراشن جي هنر مند هٿن جان عطا ڪري ڇڏي هئي. مختلف مورتين جي عضون جي بيهڪ ۽ چهرن جي تاثرات هڪ مخصوص انداز ۽ فڪر جي عڪاسي پي ڪئي.
    آءٌ به گهمندي گهمندي ۽ ڏسندي وائسندي هزارها سال پويان جي دنيا ۾ کوئجي ويس. مونکي محلن ۾ رهندڙ راجائي گهراڻي جو هي نوجوان سچ جي ڳولا ۾ گيڙو رتو لباس ڪري بن بن ڀٽڪندو ڏسڻ ۾ يو. هماليه جي پهاڙن ۽ ميداني وادين ۾ هن سچ ڏوريندي پير پٿون ڪري ڇڏيا، پر سندس همٿ هن جو ساٿ نه ڇڏيو. سچ جي تلاش هن جي اُڃ کي ويتر وڌائيندي رهي. رشين سان رهاڻيون، سنياسين سان ساٿ، جوڳين جو تپسيائون ۽ يوگين جو دم ڪشيون هن جي من کي ويتر ماندو ڪنديون رهيون. هي ڪنهن ازلي اڃايل روح جيان شب و روز بيچين بيقرار ۽ آتو هيو. فلسفي، منطق، يوگ وديا، علم نجوم، رياضي ۽ ڌرمي پستڪن جي مڙني چشمن جي چس چکيندي به هن جي اڃ نه اجھامي.
    پچان، کامان، پچران، لڇان ۽ لوچيان
    تن ۾ تئونس، پرين جي پيان نه ڍاپان
    جي سمنڊ منهن ڪيا ته سر ڪيائي هيڪ ئي

    جيڪا مام ڌرمي پستڪن نه سمجھائي، جيڪا ڳنڍ رشين ۽ فلسفين ساڃهه جي، نهن سان نه کولي، تنهن خبر لهڻ لاءِ ٻڌ هماليه جي اوچي برف پوش چوٽيءَ ڏانهن نهار اڇلائي، آبشارن جي سرمدي گيتن ڏانهن ڪن ڏنو، ندين ۽ دريائن جي حيات بخش وهڪرن کي عبرت جي اک سان ڏٺو، پرهه جي پکيئڙن جي لنوندڙ مٺڙين لاتين ڏانهن ڌيان ڌريو، چين ۾ ڳٽ پيل غلامن ۽ ڌرمي ڀيد ڀاوَ جي شڪار انسانن جي نٻل ۽ نستن جسمن ۽ هيسيل هيڊ ٿيل چهرن کي نماڻائي ۽ همدردي سان ڏٺو. گھاٽ گھاٽ تان گھمرو ڪيو ۽ واهڻ واهڻ جو واءُ ورتو، اگھاڙن پيرن اجاڳ پهاڙن جا پنڌ جھاڳيا، بڙ جي ڇانوَ ۾ ڏينهن جا ڏينهن ويهي ورت، رکيا بدن جو ماس ڪوري فڪر جي عقاب کي کارائي هارائڻ جي جيت جو راز پاتو، مونکي جڏهن ورت وارو ٻڌ (Fasting Buddha) ڏسڻ ۾ آيو ته مون ايئن ڀانيو ته ٻڌ جي هن پڃري ۾ مسڪين جي جھوپڙيءَ ۾ ٻرندڙ ڏيئي جي لاٽ جيان اندر ۾ ڪا جوت جرڪي رهي آهي. اها لاٽ ئي راڄ ڀاڳ سک آرام قربان ڪري ماڻيل هن جي ڪل موڙي آهي، هن جون گهرن ڌوڏن ۾ پيل اکيون انهي ماڻيل موڙي تي ڏاڍيون سرهيون ۽ مطمئن آهن. آءٌ تصور جي وهڪرن ۾ لڙهندي ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهتو هوس ته ايتري ۾ سندم ساٿيءَ ڪلهو ٺپريندي چيو، ”ٻيلي هل ته ٻاهر جو هلي واءُ وٺن.“ ايئن تصور جو سلسلو ٽٽي ويو ۽ اسان مندر ڇڏي ٻاهر نڪري آياسين.
    ٽئمپل سان گڏ هڪ بازار هئي. هيءَ بازار بلڪل حيدرآباد جي شاهي بازار وانگر لڳي ٿي. فرق صرف ايترو هو جو اها اسانجي حيدرآباد واري شاهي بازار جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ صاف سٿري هئي ۽ مٿان سڄي ڇانيل هئي.
    اسان جپان جنهن مسوم ۾ وياسين سا ڪراچيءَ جي مئي مهيني جهڙي گرم موسم هئي. اپريل، مئي ۽ سيپٽمبر جي مهينن مند موزون هوندي آهي. تنهن ٽنهي مهينن ۾ وري سيپٽمبر جو مهينو سڀ کان وڌيڪَ بهتر هوندو آهي.
    اسانجي سياحت جا سونهان يعني ٽوئر وارا اسان کي گنزا ۾ ڇڏي، گهمڻ ڦرڻ جا سٺا مشورا ڏيئي موڪلاڻي ڪري ويا. اسان گنزا ۾ سپر مارڪيٽن ۾ چڪر هڻندي ٿوري گهني خريداري ڪئي.
    وقت ڪافي ٿي ويو هو ۽ بک به ستائڻ لڳي سو ٽيڪسي ۾ چڙهي اچي هوٽل آشوڪا وٽ لٿاسين، هوٽل جي مئنيجر ورما اڄ به دير سان اچڻ ۽ ماني نه ه ئڻ جو راڳ آلاپيو. اسان جي پيٽ ۾ بک کان آنڊا پي وٽا سو اسان به هڪ نهٻڌيس ۽ چيوسينس ته اڄ ته اسين به خالي موٽڻ وارا نه آهيون، تنهنجي ماني رکيل هوندي سا ئي کڻي اچ. همراهه نيٺ ڪرڪي ڪڻڪي ماڻيءَ جو آرڊر ورتو. جيستائين ماني اچي تيستائين جپان جي ليبر پرابلمس جي شڪايت ڪندو رهيو. چوي: سائين هتي جپان ۾ مشيني ماڻهو (Roboot) به ايجاد ڪيا اٿن، پر تڏهن به ليبر پرابلم هر ڏينهن وڃي سنگين ٿيندو. باقي سڄي دنيا ۾ ماڻهو ڪن سڄي ڏينهن يا اڌ ڏينهن لاءِ ٻول تي مزدوري، پر هتي جپان ۾ ماڻهو ڪم ڪن ڪلاڪن ۽ منٽن جي حساب سان، سو به تمام مهانگي ملهه تي، آخر ۾ پاڻ هيئن به چيائين ته هتي جا ماڻهو ٻين ملڪن جي ماڻهن وانگر ڪم چور نه آهن، پنهنجي ڊيوٽي جو سڄو وقت تمام محنت ۽ ايمانداري سان ڪم ڪندا آهن.


    5

    جيئن ته هوٽل ۾ ٻيو ڪو به گراهڪ نه هو، انهي ڪري مئنيجر سارو وقت اسان کي ليڪچر پياريندو رهيو. اسان ماني کائي ليڪچر پي بل ادا ڪري، هوٽل کان هيٺ لهي گهٽين جا چڪر هڻندا اچي هوٽل تي پهتاسين. عبدالحڪيم شاهه ڪراچي لاءِ فون بڪ ڪرائي. کيس اختر شاهه (سابق ايم. پي اي. ۽ سابق صوبائي وزير سيد بشير احمد شاهه جو فرزند) سان ڳالهائڻو هو. اسان هر ڏينهن اختر شاهه سان ڪراچي ٽيليفون تي ڳالهائيندا هئاسين. هو مهرباني ڪري انهي دوران ٻني ۽ سونڍا ٽيليفون ڪري ورتل حال احوال اسان کي ٻڌائيندو هو. عبدالحڪيم شاهه حسب دستور ٽيليفون تي وڏي آواز سان ڳالهائيندي کيس تاڪيد ڪندو هو ته بقادار شاهه کي چئج ته ڪيلن جي پاڻيءَ جو خيال رکي، جيڪڏهن مشين جي ڪنهن پرزي ۾ خرابي ٿي پوي ته رات وچ ۾ وڃي وٺي اچي، ڏينهن جو انتظار نه ڪري. تاڪيد ڪجانس ته خيال رکي، شاهه صاحب ٽيليفون تي ڳالهائيندي اهو وساري ويهندو هو ته هو جپان مان پيو ڳالهائي. ٻه ٽي دفعا ياد ڏيارڻ کانپوءِ فون جي جند ڇڏيندو هو. سو به ڇڏيندي ڇڏيندي بقادار شاهه (سندس وڏو فرزند) لاءِ تاڪيد ڪندو ويندو هو. جپان ۾ ٻه ٽي ڏينهن پنهنجي ليکي ٽوڪيو شهر ۽ پسگردائي وارين ايراضين ۾ گهمڻ لاءِ چڪر تي نڪرندا هئاسين. اڪثر شام جو اشوڪا هوٽل ۾ ماني کائي پوءِ پنهنجي رهائش واري هوٽل تي ايندا هئاسين. اسان جيترا به ڏينهن هوٽل ۾ رهياسين،ڪڏهن به بيري جي ضرورت محسوس نه ڪئيسون، ڇو ته هوٽل ۾ انڊين کاڌو نه هوندو هو ۽ ٻيل کاڌو مهانگي هئڻ سبب اسانجي کائڻ کان زور هو. هوٽل جي هر فلور تي اسٽيل ۽ پلاسٽڪ جي مختلف سامانن سان ڀريل آٽو ميٽڪ ڪٻٽ رکيل هو، جنهن جو تفصيلي ذڪر آءُ اڳ ۾ ڪري آيو آهيان هن ڪٻٽ ۾ هڪ خانو وڌيڪ پڻ هو. جنهن کي دٻائڻ سان برف جا ننڍڙا ننڍڙا ٽڪر خود بخود ڪرڻ لڳندا هئا، انهي ڪري برف جو مسئلو به آساني سان حل ٿيل هو. باقي رهيو پاڻي، سو پيئڻ جي پاڻي واسطي الڳ نلڪو واش بيسن جي مٿان لڳل هو. ڪمري ۾ هڪ ننڍي ڪٽلي هيٽر جي مٿان رکيل هئي ۽ ان جي ڀرسان چانهه، کنڊ ۽ ملڪ ڪريم جا ننڍا پئڪيٽ، ڪوپ ۽ چمچا رکيل رکيل هوندا هئا. پنهنجي مدد پاڻ جي اصول تي رکيل سامان مان چانهه ٺاهي ڪنهن به وقت پي سگهياسين ٿي، جنهن لاءِ ڪا به اضافي چارج وصول نه ٿيندي هئي. ڪمري جص فائي وقت بستري جي چادرن ويهاڻن جي ڇوهن، ٽوالن ۽ پائڻ لاءِ روزانه ڌوتل ڪمپڙن بدلائڻ سان گڏ چانهه، کنڊ ۽ ملڪ ڪريم جا پئڪيٽ به روزانه نوان رکي ويندا هئا. هوٽل تمام سهڻي نموني سان ضروري شين سان سجايل هئي. هوٽل جي اپ ٽو ڊيٽ، هجڻ جو انيدازو هن ڳالهه مان لڳايو ته باٿ روم ۾ به عليحده ٽيليفون لڳل هئي. بهترن ٿو سمجھان ته دنيا جي وڏي ۾ وڏي شهر ٽوڪيو جي باري ۾ توهان کي ڪجهه ٻڌايان. ٽوڪيو ملڪ جي گادي جو هنڌ، جپان جو وڏي ۾ وڏو تجارتي مرڪز ۽ ملڪ جو وڏو هوائي ايئرپورٽ ناريتا اچي ٿو وڃي ۽ انهي ايڏي وڏي هوائي اڏي هوندي به وري ٻيو هوائي اڏو ڪئنسئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ Kansai International Airport تيار ڪري رهيا آهن. ٽوڪيو ۽ ملڪ جو وڏي ۾ وڏو سامونڊي بندر يعني يوڪوهاما (Yokohama) ۽ جپان جو وڏي ۾ وڏو مال تيار ڪندڙ مرڪزي Manufacturing Center يعني ڪاوا ساڪي (Kawasaki) کي ملائي هڪ ميٽرو پوليٽن ٺاهيو ويو آهي، جنهن جو نالو رکيو ويو آهي ٽوڪيو ميٽرول پوليٽن (Tokyo Metro Politan) ۽ صرف ٽوڪيو ميٽرو پولٽن جي آدمشماري ٽي ڪروڙ هڪ لک آهي، هوائي سامونڊي ۽ تجارتي مرڪز جي ڪري نه صرف هت آدمشماري جي واڌ جو سبب آهي، پر انهي ٽوڪيو جي شهر جي پراپرٽي نه صرف سڄي جپان ۾ پر سڄي دنيا ۾ مهانگي آهي. جنهن ڪري ٽوڪيو ۾ گهر ننڍا ۽ بلڊنگون ڊگهيون ٿينديون وڃن. جپان جو هي سهڻو شهر ٽوڪيو بهار جي موسم ۾ گلن ۽ گلن جي سرهاڻ سان واسيو پيو هوندو آهي ۽ پيار ڪندڙ عورت وانگر لڳندو آهي. پرهه ڦٽيءَ جو گلن جي خوشبوءَ ڪنهن محبت ڪرڻ واريءَ عورت جي بدن جي خوشبوءِ وانگر لڳندي آهي ۽ اهڙي بدن سان ڇڄي ڌار ٿيڻ تي دل ئي نه چوندي آهي. ٽڪيو جي موسم لاس اينجلس، تهران ۽ اٿينس جهڙي اهي. ڇو ته چار ئي شهر ساڳو ئي لئٽيٽيوڊ (Latitude) ۾ اچن ٿا. عام طرح سان سڄي سال ۾ گهڻو ڪري برسات 62 انچ پوندي آهي. جڏهن ته لندن ۾ سال ۾ سراسري طرح 32-25 انچ ۽ نيويارڪ ۾ 40 انچ. ٽوڪيو شهر ٻه دفعا قيامت جي ڪيفيت ۾ گذريو، جنهن ڪري تباهه ۽برباد ٿي ويو. هڪ دفعو پهرين سيپٽمبر 1923ع ۾ جڏهن منجھس زلزلو آيو ۽ سڄو شهر مٽيءَ جو ڍير ٿي ويو، خاص ڪري ڊائون ٽائون وارو علائقو ٻيو دفعو ٻي مهاڀاري لڙائي دوران 1944-1945ع ۾ آمريڪا هوائي جهازن، خاص ڪري جڏهن جپان آمريڪا جي پرل هاربر تي حملو ڪيو ۽ آمريڪا جي هڻي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي. انهي حملي سان نه رڳو آمريڪا کي تمام گهڻو نقصان ٿيو پر آمريڪا جي حيثيت به هڻي ککي وکي ڪري ڇڏي. آمريڪا انهيءَ باهه ۾ نه رڳو جپان تي ائٽم بم ڪيرايو پر يوڪوهاما جو سامونڊي بندر هو ۽ ٽوڪيو جيڪو جپان جي گادي واري هنڌ سان گڏ گهڻي آباديءَ وارو شهر سياسي ۽ تجارتي مرڪز به هو، تنهن کي آمريڪا خوب نشانو بنايو ۽ سڄي ٽوڪيو شهر کي اونڌو ڪري ڇڏيو. جپانين کانسواءِ ٻين ماڻهن جا ڪتاب پڙهي يا ماڻهن کان اهو ٻڌي ڏاڍو افسوس ٿيندو آهي. پر جپانين کي انهي جو ابتڙ تصور آهي، توهان جپان تي ائٽم ڪرڻ ۽ انهي هوائي حملن جو ڪنهن جپاني سان ذڪر ڪندا ته انهن وٽ انهي ڳالهه جو اهو جواب آهي ته جيڪر اسان تي ائٽم بم نه ڪري ها ۽ اسان سان هي هيڏو سارو بڇڙو حشر نه ٿئي ها ته اسان ڪڏهن به هيڏي عاليشان ترقي ڪري نه سگهون ها ۽ اسانجو ملڪ دنيا جو ايڏو امير ترين ملڪ نه هجي ها. هو چون ٿا ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سدائين امن رهيو آهي، پر انهن ڪا خاص ترقي نه ڪئي آهي، انهي جو مثال سئٽزرلئنڊ ٿا پيش ڪن ته هن ملڪ ۾ سدائين امن رهيو آهي، پر سئٽزرلئنڊ وارن هڪ ٽڪ ٽڪ ڪرڻ واري واچ کانسواءِ ڇا ايجاد ڪيو آهي. مطلب ته هو هن هيڏي وڏي ترقي جو سبب اهو ٿا سمجھن يا وڏا هوشيار آهن، دنيا کي بيوقوف ٿا بنائن ته اسان صرف انهي جنگ ڪري ترقي ڪئي آهي سو وري به جي اسان کي جنگ ڪري تباهه ڪيو ويو ته وري اسان انهيءَ کان به زياده ترقي ڪري ڏيکارينداسين. سو ٻيا وڏا ملڪ به سچ پچ اهو سمجھي وري مٿن ڪڏهن به حملو نه ڪن ۽ وڃن اڳ کان اڳرا ٿيندا. ٻي مهاڀاري لڙائي جي تباهي کانپوءِ ٽوڪيو شهر کي نئين سر پلاننگ تحت ٻيهر ٺاهيو ويو. اڄ جو ٽوڪيو جيڪو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي جو جيئرو جاڳندو شاهڪار آهي. دنيا جي لکن شهرن ۾ ساڻس مقابلي ۾ صرف آمريڪا جو شهر نيويارڪ آڻي سگهجي ٿو. يا ٻيو ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ سندس مقابلي جو ئي ٿي سگهي ٿو. نه ته ٻيو مڙوئي ٿيو خير، ٽوڪيو شهر جو مرڪز نيو هن بشي (شي معنيٰ پل) آهي، جيڪو شهر جو زيرو ميل (Zero Mile) پڻ آهي ۽ جتان ئي جپان جي نيشنل هاءِ ويز جا ٻيا سڀ رستا ڦٽي ٻين شهرن ڏانهن وڃن ٿا. ٽوڪيو ميٽروپولٽن جي مرڪزي آفيس ۽ ٻيون ميٽرو پولٽن جون آفيسون مارونچي (Marunichi) هيون ڊسٽرڪٽ واري علائقي ۾ آهن ٽوڪيو جو رهائشي علائقو ٽوڪيو شهر جي مغربي حصي ۾ آهي. هن ئي علائقي ۾ فارين ايمبسيز آهن ۽ سندن رهائشگاهون به اتي ئي آهن. توڪيو يونيورسٽي واسيدا يونيورسٽي، ڪيو يونيورسٽي ۽ پڻٻيون ڪافي يونيورسٽيون ۽ ريسرچ انسٽيٽيوٽ به هن ئي ع لائقي ۾ آهن. توڪيو شهر جو مکيه شاپنگ سينٽر گنيزا وارو علائقو آهي، جتي تمام وڏا شاپنگ سينٽر ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽور آهن. گنزا کي عام طرح سان گن بورا (Ginbura) ٽوڪيو به چيو ويندو آهي. گنيزا جو وڌيڪ ماڊرن علائقو نيهو بشي اسٽريٽ Niho Bishi Street آهي، جيڪا گنزا مان ئي ڦٽي نڪري ٿي.
    ٽوڪيو جي ريلوي اسٽيشنن نه صرف ٽوڪيو ميٽرو پوليٽن جو مرڪز آهي، پر هي سڄي جپان جي ريلوي نظام جو مرڪز آهي، ٽوڪيو شهر کي گهمڻ لاءِ ڏينهن جي نه پر مهينن جي ضورت آهي. بهرحال اسان به ٿوري عرصي ۾ وسان نه گهٽايو. روزانه بسن، ٽيڪسين ريلواين ۽ ٽوئر ڪمپنيءَ جي معرفت زياده گهمڻ جي ڪوشش ڪئي. انهي مختصر عرصي جي گهڻي ۾ گهڻي سير و سياحت دوران مونٽوڪيو ۾ چند خاص ڳالهيون ڏٺيون ۽ محسوس ڪيون.
    ٽوڪيو جهڙي ڪثري آبادي واري هيڏي وڏي شهر ۾ جتي رڳيون ڪاريون ئي ڪارون آهن. اتي مونکي ٽرئفڪ جي گپا پيهه بلڪل ڏسڻ ۾ نه آئي. ٽرئفڪ جي ايڏي بهترين سسٽم جو ڪارڻ ٽرئفڪ جي جديد سرشتن وارو طريقو آهي، جنهن ۾ هيٺيون ڳالهيون اچي وڃن ٿيون. مثلاً وڏا ڪشادا رستا، شهر جي مٿان هڪ ٻئي مٿان ٽي چار رستا، ٽرئفڪ جا آٽو ميٽڪ سگنل، ٽرئفڪ آفيسرن جي ڦڙتي ۽ سندن نيون ۽ تيز گاڏيون جن مان هر هڪ ۾ وائرليس جي موجودگي، ٽرئفڪ هيڊ ڪوارٽرن، ۾ ڪمپيوٽرن ۽ رموٽ ڪنٽرول (Remote Control) جو جديد ۽ ڪارائتو نظام انهن مڙني ڳالهين کان وڌيڪ جيڪا ڳالهه لکڻ لائق آهي سا ماڻهن جو ٽرئفڪ سينس، ٻي ڳالهه جيڪا مونکي عجيب لڳي سان اها آهي ته سڄي ٽوڪيو شهر ۾ جپان جو جھنڊو مونکي هڪ ٻن هنڌن تي ڦڙڪندو ڏسڻ ۾ آيو. جڏهن ته جپان جا ماڻهو پنهنجي مادر وطن جپان تي اصل ساهه ٿا ڏين. انهي مان سمجهه ۾ آيو ته جيڪي قومون پنهنجي وطن ۽ پنهنجي جھنڊي سان دلي اڪير ۽ محبت رکن ٿيون. تن کي ڏيکاءُ ۽ نمائش جي ۽ جھنڊن ڦڙڪائڻ جي ضرورت نه هوندي آهي.
    ٽئين ڳالهه ته هيڏي ماڻهن جي آبادي واري هن شهر ۾ جتي جيڏانهن نهار تيڏانهن ڪارون ئي ڪارون آهن. تنهن ۾ نه ٽرئفڪ جي تڪليف نه ڪو هل هنگامو، نه ڪا ذهني ڪوفت ۽ نه ماحول جي آلودگي ڏسڻ ۾ آئي.
    چوٿين ڳالهه ته جپان جي شين جي سڄي دنيا ۾ تشهير (Advertisement) وڏي پئماني تي ٿيندي آهي. وڏن شهرن ۾ رات جو خاص ڪري رونق ئي انهن ائڊورٽائزن جي ڪري هوندي آهي. پر خود جپان جي هن وڏي شهر ۽ گاديءَ واري هنڌ ٽوڪيو ۾ اسان کي تمام گهٽ يا هيئن کڻي چئجي ته نه جي برابر نيون سائنس Neunsigns ڏسڻ ۾ آيون.
    آخري ڳالهه جنهن کان آءٌ تمام گهڻو متاٿر ٿيس، سا آهي جپاني ماڻهن جي انسان دوستي ۽ خلوص واري روش. هنن جي مهذب ورتاءُ تي هڪ الڳ ڪتاب لکڻ جي ضرورت اهي. جيڪي ماڻهو جپان گهمي آيا آهن، يا جپان ۾ رهي آيا آهن، تن کي انهيءَ ڳالهه جو بخوبي تجربو هوندو. هنن ماڻهن جو توريل تڪلي مزاج سلڇڻائپ، پڪو ۽ پختو ڪردار حب الوطني جو جذبو ۽ جفا ڪشيءَ هنن جي تيز رفتار ترقيءَ جو ڪارڻ آهي. سچ پچ هنن ماڻهن جو توريل تڪيل مزاج سلڇڻائپ، پڪو ۽ پختو ڪردار حب الوطني جو جذبو ۽ جفاڪشي هنن جي تيز رفتار ترقيءَ جو ڪارڻ آهي. سچ پچ هنن ماڻهن زندهه رهڻ جو راز پروڙي ورتو آهي.
    اسان کي پنهنجي پروگرام مطابق باقي ٻه ڏينهن ٽوڪيو ۾ رهڻو هو. جنهن لاءِ اسان هن ريت سٽاءَ سٽي ته هڪ ڏينهن پنهنجي ٻي ڏينهن وري سٽي ٽوئر ڪمپني جي معرفت شهر جي باقي مکيه جڳهين جو سير ڪجي. سو اسان هوٽل واري کي صبح جو ٽوئر لاءِ ٻه سيٽون بڪ ڪرائڻ لاءِ چئي ڇڏيون. جنهن اسنا کي نوين وڳي جي وقت ڏنو ۽ اسنا پروگرام مطابق ٻئي ڏينهن صبح جو بيل ماسٽر جي ڪئبل تي آياسين، جنهن اسان کي اڳ ئي سڃاتو ٿي ۽ هن بس لاءِ ٻه ڪوپن ۽ ٻه اسٽيڪر شرٽ تي هڻڻ لاءِ ڏنا ۽ سامهون بيٺل لگزري ڪوچ بس ڏانهن اشارو ڪري چيائين ته توهان جي ٽوئر لاءِ اها بس آهي. اسان هيٺ بيٺل گائيڊ ڇوڪريءَ کي ڪوپن ڏيکاري پنهنجي سيٽ وڃي ويٺاسي. بس هلڻ سان گڏ دستور مطابق گائيڊ ڇوڪري پنهنجو ۽ پئسينجرن مان هر هڪ جو تعارف سٺي نموني ڪرائيندي ويئي. هي گائيڊ ڇوڪري اڳوڻي گائيڊ کان وڌيڪ ذهين ۽ سياڻي ٿي ل ڳي، پر سنجيده ضرورت کان زياده هئي. ڪنهن به گائيڊ ڇوڪريءَ کي ايترو سنجيده ۽ ماٺيڻو نه ٿيڻ گهرجي. هن جي طبيعت ميل جول واري هئڻ کپي ته جيئن سڀني مسافرن سان رلي ملي هڪ ٿي وڃي، اڄ جي ٽوئر ۾ اسان کي سڀ کان پهرين جيڪا جڳهه ڏيکارڻي هين، سا هئي جپان جو پارليامينٽ هائوس. اسان جي بس شهر مان ڦرندي اٽڪل اڌ ڪلاڪ کانپوءِ جپان جي پارليامينٽ هائوس جي ٻاهران اچي بيٺي، وڏي لوهه جي دروازي وٽ بيٺل محافظ سان اسان جي گائيڊ ڇوڪري ڪجهه ڳالهايو ۽ شايد ڪجهه ڪاغذ پڻ ڏيکاريا، جنهن کانپوءِ اسان سڀئي جيڪي تعداد ۾ پنجويهه ڄڻا هئاسني اندر داخل ٿياسين. پاڻ پاڪستان ۾ پارليامينٽ هائوس کي چئون نيشنل اسيمبلي، هند ۾ چون لوڪ سڀا، انگلنڊ ۾ چون هاف آف ڪامنس، آمريڪا ۾ چون هائوس آف پريزنٽٽو ڊائيٽ.
    جپان ۾ حڪومت هلائڻ جا مڪمل اختيار چونڊيل پارليامينٽَ جي حوالي هوندا آهن، جيڪا ڪئبينيٽ ذريعي انهن اختيارين کي استعمال ڪندي آهي ۽ سڄي انتظامي مشينري لاءِ خود ذميوار هوندي اهي. پيارليامينٽ جا ٻه هائوس آهن. هڪ ايوان نمائندگان جنهن جو مدو چار سال آه. سندس ميمبرن جو ڪل تعداد 512 آهي. هي ئي ايوان کي اهو اختيار آهي ته هو آئيني طور تي حڪومت کي بي اعتمادي ذريعي ختم ڪري. هن ئي هائوس ۾ بجيٽ پيش ۽ پاس ڪئي ويندي آهي، جنهن ڪري هي هائوس ئي با ا ختيار تصور ڪيو ويندو آهي. ٻي هائوس جو نالو آهي هائوس آف ڪائونسلر. هن جي ميمبرن جو تعداد 252 آهي ۽ سندس مدو ڇهه سال آهي. هر نئين سال اڌ ميمبرن جي چونڊ ٿيندي اٿس. هر 25 سالن عمر وارو جپاني ايوان نمائندگان ۽ هر 30 سالن وارو جاپاني هائوس آف ڪائونسلر جو ميمبر ٿي سگهي ٿو.
    جيئن ته پارليامينٽ جو اجلاس هلندڙ نه هو، انهي ڪري اتي گهڻا ماڻهو ڪونه ٿي ڏسڻ ۾ آيا. اسان کي پارليامينٽ هائوس ۾ صرف لئبررري، مڪمل ڪئنٽين ۽ ٻيون ڪجهه آفيسون ڏيکاريائون.
    ٻي علامگير جنگ ۾ شڪست کانپوءِ اڳوڻي آئين کي ختم ڪري 3 نومبر 1946ع ۾ نئون آئين ٺاهيو ويو، جيڪو اڄ تائين رائج آهي. جنهن ۾ امن ۽ جمهوريت کي تحفظ ڏنو ويو، غلامي کي ختم ڪيو ويو ۽ پڻ ميجي سڌارن وارو پراڻو آئين جيڪو 1889ع کان قائم هو، تنهن ۾ جيڪا بادشاهه جي حيثيت هئي انهي کي بلڪل ختم ڪيو ويو. بادشاهه کي صرف اهو اختيار ڏنو ويو ته اليڪشن کانپوءِ جنهن پارٽي کي اڪثريت هوندي انهي کي حڪومت ڍاهڻ لاءِ چوندو ۽ جنهن ماڻهو کي سپريم ڪورٽ جي جج طور ڪئبينيٽ نامزد ڪندي، انهي کي پنهنجي صحيح سان آرڊر ڏيندو ۽ قومي ڏينهن تي ڪئبينيٽ طرفان ڏنل انعامن جو اعلان ڪندو ۽ کين اهڙا بيج ڇا تي تي هڻندو ۽ ڳچي ۾ پهرائيندو. ٻيو مڙوئي ٿيو خير يعني بادشاهه ۽ بادشاهن جا ٽپڙ ٽيشڻ تي.
    جپان ۾ هينئر بادشاهت مڙيئي نالي ماتر وڃي رهي آهي. جيئن برطانيه ۾ آهي. تنهن کانسواءِ سويڊن ۽ ڊئنمارڪ ۾به آئيني بادشاهت آهي، جتي جي راڻي يا بادشاهه جو نالو به ڇٺي ڇهه ماهي ڪو مس ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. اڳي بادشاهه ڪل اختيارن جا مرڪز ۽ زمين تي خدا جا پاڇا تصور ڪيا ويندا هئا ۽ چيو ويندو هو ته، هڪ بادشاهه کي ستن ولين جي قوت آهي. پر هاڻي صرف پنهنجو تاج مٿي تي رکڻ ۽ لاهڻ جو اختيار باقي وڃي بچيو اٿن. انگريزن ۽ جپاني قومون روايت پسند هجڻ ڪري بادشاهن کي مڙيئي ماضي جي يادگار طور قائم رکيو اچن. هتي جو سياسي نظام بور جوائي جمهوريت آهي، پارليامينٽ جي معرفت انتظداميه سربراهه وزير اعظم چونڊيو ويندو آهي. اهو بورجوائکي جمهوريت جو سرشتو دنيا جي اڪيچار ملڪن ۾ هلندڙ آهي. هن سرشتي جو بنياد بظاهر هن متي تي آهي ته جمهوريت اها حڪومت آهي جيڪا عوام جي آهي، عوام لاءِ آهي. ۽ عوام کان آهي. پر جڏهن غور سان جائزو وٺجي ٿو ته پتو پوي ٿو ته ڳالهه ان جي ابتڙ آهي. صرف چند شاهوڪار، با اثر ۽ ڪامورا شاهي جي پٻيءَ تي ٽيڳر ڪندڙ ماڻهو ئي عوام جي نالي ۾ حڪومت ڪندا آهن، جنهن ۾ جمهوري آزادين ۽ بنيادي انساني حقن جو صرف دسوتر ۾ اندراج ڪري باقي ڪاروايون من پسند ڪندا آهن، اهڙين جمهوري رياستن ۾ ڪروڙها، انسان پگگهر وهائي پورهيو ڪندا آهن ۽ سندن ڪيل پورهئي مان کين رتي برابر به حصو نه ملندو آهي، لکين ۽ ڪروڙين انسان بيمارين جو شڪار ٿي بنا دوا دارونءَ جي پنهنجا پساهه پورا ڪندا آهن. ڪٿي معاشي بدحالي سبب مائٽ پنهنجا معصوم ٻچڙا اکين ۾ لڙڪ آڻي وڪرو ڪري پيٽ پاليندا اهن تهڪ ٿي عزتن جي نالين ٿيڻ جو لائسنڊ ڪاروبار ٿيندو آهي.


    6

    جپان ۾ سياسي پارٽين جي ابتدا 1874ع ۾ ٿي، پهرين سياسي پارٽي پبلڪ سوسائٽي آف پٽرياٽس (Public Society of Patriots) جي نالي سان قائم ڪئي ويئي. انهيءَ پارٽي ٺهڻ کان سورهن سال پوءِ يعني جولاءِ 1890ع ۾ جپان اندر پهريون دفعو جنرل اليڪشنڪرائي ويئي ۽ پارليامينٽ جو اجلاس نومبر ۾ ٿيو. سڄي ايشيا ۾ اها پهرين جنرل اليڪشن ٿي. جپان ۾ سياسي پارٽيون پهرين جنگ عظيم کنا وٺي هيون. پر هاي مڪمل بااختيار ٻي جنگ عظيم کانپوءِ نئين آئين ڪري ٿيون. هن وقت جپان ۾ هي ڇهه مکيه سياسي پارٽيون سرگرم آهن.

    1. لبرل ڊيمو ڪرئيٽڪ پارٽي
    Liberal Democratic Party
    2. جپان سوشلسٽ پارٽي
    Japan Socialist Party
    3. ڪوميٽو
    Komeito
    4. ڊيمو ڪرئٽڪ سوشلسٽ پارٽي
    Democratic Socialist Party
    5. ڪميونسٽ پارٽي
    Communist Party
    6. يونائيٽيڊ سوشل ڊيموڪرئٽڪ پارٽي
    United Social Democratic Party

    جپان جون سياسي پارٽيون ۽ سياسي نظام هاڻ پوري طرح سان مستحڪم ٿي چڪو آهي جيڪو هاڻ اولهه يورپ جي سياسي نظام کان ڪنهن حالت ۾ به گهٽ نه آهي، جيڪو روزانو وڌيڪ مستحڪم ۽ سگهارو ٿي رهيو آهي، ٻي عالمي جنگ جا به وڏا، طاقتور ملڪ ۽ اڄ جي دنيا جا سپر پاور جنهن ٻي جنگ عظيم ۾ جپان جي جسم ۽ روح کي روهڙون ڏيئي ريزا ريزا ڪرڻ يعني آمريڪا ۽ روس، جي سياسي ۽ فوجي طرح ته اڄ به سپر پاور آهن. پر معاشي طرح هنن کي به ڪيترا ڀيرا جپان اڳيان هٿ ٽنگي امداد گهرڻي پيئي آهي. جنهن جو تازو مثال نار واري جنگ آهي جنهن ۾ جپان آمريڪا کي ڏهه لک ڊالر خيرات طور ڏنا ۽ روس ويچارو ته جپان اڳيان هر روز ٿو دانهون ڪري ته ٻي.لي اسان تي به ڪا رحم جي نظر ڪر، ڪجهه نه پر گهڻا پئسا ڏي نه ته اسان جا حال ئي بڇڙا ٿي ويندا. روس جو صدر اڳوڻو گوربا چوف انهي اميداد جي آسري خود جپان ڪهي ويو، پر جپان وارن اهو شرط وڌو ته ٻي عالمي جنگ دوران جيڪي اسان جا ٻيٽ قبضي ۾ آنداز اٿوَ سي واپس ڪر ته پوءِ ڏوڪڙ ملندا.
    پاڪستان جي آمريڪا کان امداد بند ٿيڻ کانپوءِ اڄڪلهه جون نظرون به جپان طرف آهن. ڇو ته جپان جي پاڪستان ۾ تمام گهڻي سيڙپ آهي، ۽ پاڪستان جپان جي تمام وڏي منڊي آهي. آئون سمجھان ٿو ته هڪ ٻه عرب ملڪن کانپوءِ اڄڪلهه وڏن هوائي جهازن جي تياري: جپان هينئر پاڻ ۽ ٻين دنيا جي ڪيترن ملڪن سان ملي وڏا وڏا هوائي جهاز تيار ڪرڻ ۾ رڌلآهي، جيڪي اميد ته جلد تيار ٿيڻ وارا آهن، جنهن ۾ بوئنگ 767 به شامل آهي. جپان yxx نالي هوائي جهاز تيار ڪري ورتو آهي جنهن ۾ 150 مسافر سوار ٿي سگهن ٿا.
    انهيءَ کانسواءِ هڪ جديد ترين هوائي جهاز تيار ڪرڻ لاءِ آمريڪا، انگلينڊ، جرمني ۽ پان گڏجي ڪم ڪري رهيا اهن، جنهن جو نالو آهي (V 2500 Civilian Jet Engine) سويلين جيٽ انجڻ، جپان هينئر اشوڪا نالي جيٽ هوائي جهاز جلد مارڪيٽ ۾ آڻڻ وارو آهي، جنهن جي خاص خوبي اها هوندي ته منجھس آواز تمام ٿورو آهي رن وي (Run-way) جي اڌ جيتري رن وي تي به لهي سگهندو، مطلب ته وڏا وڏا رن ويز ٺاهڻ جي ضرورت ڪانه پوندي، خرچ به گهٽجندو ۽ زمين به ٿوري والاربي.
    ”مئرين ڊولپمينٽ Marine Development جپان دنيا جي هڪ جديد ترين سب مئرين شنڪئي (Shinkai) 2000 تيار ڪئي آهي. ۽ شنڪئي 6500 ميٽر هيٺ ويندي ۽ کيس هلائڻ لاءِ صرف ٽن ماڻهن جي ضرورت پوندي.

    ريلوي ٽيڪنيڪل ريسرچ:
    Railway Techinical Research
    جپان جو ريلوي نظام سڄي دنيا ۾ پهريون نمبر آهي ۽ جپان ۾ ماڻهو زياده ۾ زياده ريل جي سفر کي ترجيح ڏيندا آهن ۽ جپان ۾ ئي دنيا جو زياده سيڪڙو ماڻهن جو ذريل ذريعي سفر ڪندو آهي، يعني 40 سيڪڙو، آمريڪا ۽ يورپ کان به زياده دنيا ۾ پهرين تيز رفتار ريل به 1964ع ۾ جپان شروع ڪئي، جنهن کي ڪنهن وقت بليٽ ٽرين (Bullet Train) نالي سان سڏيو وڃبو هو. پر هاڻ ان کي شنڪئنين (Shinkanes) نالي سان سڏيو ٿو وڃي، جپان جو ريلوي نظام 156 پرائيويٽ ڪمپنيون سڄي ملڪ ۾ هلائينديون آهن. جپان ۾ ڇهن وڏن شهرن ۾ انڊر گرائونڊ ريلوي سسٽم پڻ ڪافي وقت کان جاري آهي، جيڪو صرف ٽوڪيو ۾ 200 ڪلوميٽر اندر زير زمين آهيل.
    جپان تازو هڪ ٽرين تجرباتي طور شروع ڪئي آهي. ٽرين جو نالو آهي: مئگليو ٽرين (Maglev Train)
    هي ٽرين هڪ ڪلاڪ ۾ 517 ڪلوميٽر پنڌ ٿي ڪري، جيڪو وري به دنيا ۾ هڪ رڪارڊ آهي. پر تجارتي طرح ڏاڍي مهانگي ٽرين پئي ثابت ٿئي. انهي لاءِ ڪوشش پيا ڪن ته خرچ گهٽ کائي، نه ته ڀاڙو زياده کرکڻو پندو ۽ عوام تي بوجهه پوندو، مطلب ته جپان جي ريلوي جو سپر ڪنڊ ڪٽو مئگنيٽو ليوٽئيتسن ٽرانسپورٽ سسٽم دنيا م پهريون نمبر آهي.
    هاءِ ڊيفينيشن ٽيليويزن سسٽم، جپان ۾ ٽيليويزن سسٽم تي هينئر هڪ جديد تحقيق هلي رهي آهي، جيڪا جلد مارڪيٽ ۾ آڻڻ وارا آهن هي ٽيليويزن هڪ عام جپاني ٽيليويزن کان 30 دفعا وڏي ٽيليويزن هوندي ۽ هن ٽيليويزن جا پروگرام بلڪل صاف ۽ آٽوميٽڪ هوندا جن ۾ هر قسم جي تبديلي خود به خود پيئي ٿيندي.

    ففٿ جنريشن ڪمپيوٽر
    Fifth Generation Computer
    هن ٽيڪنالاجيءَ کي عام طرح مشيني ماڻهو يا روبوٽ چيو وڃي ٿو جيڪو هاڻ روبوٽ تيار ڪري رهيا آهن سو اڳواڻن کان بلڪل مختلف آهي.
    (ڏسو صفحو Japan of Today 75)
    اڳوڻا روبوٽ صرف 15 يا 20 ڪم ڪندا هئا، پر هي روبوٽ تمام گهڻا ڪم ڪندو. هن کي اکيون ڪن ۽ وات هوندو، جيڪي سائنسي طريقي سان انسان جي اکين، ڪنن ۽ وات وانگي ڪم ڪندا ۽ هڪ جيئري جاڳندي انسان سان هن جي تمام گهڻي مشابهت هوندي، انهي کانسواءِ ٽيليفون تي هڪ جديد تحقيق تي ڪم ڪري رهيا آهن. انهي ايجاد ٿيڻ سان ٽيليفون ٽيڪنالاجي ۾، دنيا ۾ هڪ انقلاب اچي ويندو، انهي نظام کي جپان ۾ اوپٽيڪل فائبر ڪميونيڪيشن نيٽ ورڪ (Optical Fiber Communication Network) جو نالو ڏنو ويو آهي. انهيءَ کانسواءِ لائيف سائنس (Life Science) جنهن ۾ هيلٿ ڪيئر Environmental Protectran فارمنگ فشنگ فاريسٽري ميڊيڪل ۾ ڪيئنس انسولن ۽ هيومن گروٿ هارمونس (Human Growth Harmones) تي جديد تحقيق جاري آهي، جنهن جااثر جلد ظاهر ٿيڻ وارا آهن. جپان ۽ جپان جي ماڻهن جيڪا ترقي ڪئي آهي، انهي سان انهن جو پنهنجو معيار زندگي ايترو ته وڌي ويو آهي. جيڪو دنيا لاءِ مثال بنجي پيو آهي، اڄڪلهه هر جپاني گهر ۾ جنهن سيڪڙي ساڻ هي سهولتون آهن انهيءَ جو چارٽ هن ريت آهي:

    Color-t.v sets 1987 98.7
    Refrigerator 97.9
    Washing Machines 99.8
    Vaccum cleaner 98.1
    Video recorder 43.0
    Steros 58.9
    Serving Machines 81.5
    Kerosene Heaters 82.8
    Air Condition 57.0
    Car 70.6

    (ڏسو صفحو Japan’s economic-13)

    جپاني قوم جتي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ آحيرت انگيز ترقي ڪئي، اتي قدامت پسندي ۽ ڌرمي ريتن رسمن کي به قائم رکيو آهي. جاپان جي مختلف مندرن ۾ ساليانه ۽ موسم آهر ميڙ ۽ ميلا به ٿيندا آهن، انهن ميڙن جون تقريبون اڪثر ماضيءَ جي يادگيرين سان لاڳاپيل هونديون آهن. انهن جو تاريخي پس منظر ۽ روايتي انداز دلچسپي کان خالي نه آهي. انهن رسمن مان ڪن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.
    1. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وسڪاري جا گيت ۽ ناچ عام آهي. پراڻي زماني ۾ جڏهن آبپاشي جو نظام سڌريل حالت ۾ نه هو ته زراعت ۽ چراگاهن جو مدار مينهن تي هوندو هو. مينهن وسڻ جا ويس ڪندو هو ته ماڻهو بود ۾ ڀرجيو پيا ناچ نچندا ۽ همرچو ڳائيندا هئا. جنهن مند ۾ وري مينهن نه وسندو هو ته ماڻهو مرگهه، پکي پکڻ ۽ سڀ ساهوارا پيا ڌڻيءَ در ٻاڏائيندا هئا. اهڙي ريت ڪن قومن مينهن جا ديوتا ٺاهي انهن جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ جانورن ۽ انسانن جون قربانيون ڏيڻ شروع ڪ يون، ته ڪن وري طاقتور روحن کي پرڀائڻ لاءِ جنتر منتر تخليق ڪيا. اسان وٽ به مينهن نه پوڻ جي صورت ۾ يا حد کان وڌيڪ پوڻ جي حالت ۾ ماڻهو ڀت خيرات ڪندا آهن، شڪراني جون نمازون پڙهندا آهن. يا هزارين صلواتون ورد ڪندا آهن. ٽوڪيو ۾ هر سال جي 17 جولاءِ تي مينهن روڪ ناچ ٿيندو آهي جنهن ۾ ٽي ازدها ناچ ڪندي مينهن بند ٿيڻ جون دعائون گهرندا آهن، انهيءَ صدين پراڻي رسم کي جپاني ٻوليءَ ۾ مزو ڊيمينو مائي Mizudomino-Mai سڏيندا آهن، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي پاڻي روڪ ناچ: هي ناچ شنگاوا (Shingaawa) جي ويجھو گونشو جي مندر ۾ ٿيندو آهي، جتي هزارين ماڻهو اچي مڙندا آهن، هن ناچ ۾ اسٽيج تي ٻه نر ازدها (Dragons) هڪ مادي ازدها جي پيار جيئتڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. چيو وڃي ٿو ته انهيءَ ناچ جو بنياد اڄ کان 550 سال اڳ پيو، اندازو آهي ته سال 1429ع ۾ هن ايراضي ۾ برسات نه پوڻ سبب سخت ڏڪار پيو هو، ڏڪار جي ستايلن ماڻهن ۽ هزارين نارين گونشو جي مندر جي هڪ پروهت هوميسوو کي وڃي عرض ڪيو ته هو مينهن وسڻ لاءِ دعا گهري. انهي بزرگ پروهت هوميسوو فصلن جي ديوتا اناري ميو جن (Inari Myojin) جي مورت ڪاٺ ۾ جوڙائي کڪن مان هڪ ٻي ديوتا (Dragon God) ريوجن جي مورت به ٺهرائي ۽ پوءِ هڪ هفتي تائين وسڪاري لاءِ گعا گهرندو رهيو. ستين ڏينهن جي شام جو هن ڊريگن ديوتا ريوجن جي ڪکائين مورتي سمنڊ ۾ لوڙهي ڇڏي. وري مندر ۾ موٽي اچي ٻڌ ڌرمي دعائون پڙهڻ لڳو. ڏسندي ڏسندي آسمان تي ڪڪرن جي ڪارونڀار ٿي ويئي، وڄن وراڪا ڏيڻ شروع ڪيا ۽ مينهن جون اوڙڪون وسڻ شروع ٿي ويون، هارين نارين جا گوندر لهي ويا ۽ اڃايل ڌرتي سيرات ٿي ويئي. اهڙي ريت وقت ويو گذرندو. ٻن سالن کانپوءِ يعني 1431ع ۾ وري بارشن جون اهي بنا ٻوڙ اوڙڪون اليون، جو ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي پيو. چوندا آهن ته ماڻهو نه سهي سردي ۽ نه سهي گرمي، سو هاري ناري ۽ ڪڙمي ڪاسبي وري ڀڳا ساڳئي بزرگ پروهت وٽ ته: ”اي ڀلارا انسان، سڄي مهيني جي مسلسل مينهن هڻي فصل تباهه ۽ مال ماري ڇڏيا آهن. هاڻي ته جيئڻ ئي جنجال ٿي پيو آهي، ڀلائي ڪري ڪا دعا گهرو ته برش بند ٿئي.“ هارين نارين ۽ ماڻهن جي اِها سقيم حالت ڏسي هن بزرگ وري به دعا گهرڻ جو سانباهو ڪيو. هن ڀيري هن ٽن ازدهن (Dragons) جون مورتون تيار ڪرايون، جن کي مزودومي (Miro Domie) (يعني پاڻي روڪ) جو نالو ڏنائين، پورهيت هاسرين کي چيو ته اهي مروڊومي ازدهن جا نقاب منهن تي چاڙهي دهل ۽ توتارا وڄائي ناچ ڪن. هاري دهل ۽ توتارا وڄائي ناچ نچندا رهيا ۽ اهي انهي دوران دعائون گهرندو رهيو. ڏسندي ڏسندي آسمان صاف ٿي ڳويو، ڪارونڀار هٽي ويئي، بارش بس ٿي ويئي ۽ سج پوري آب تاب سان چمڪڻ لڳو. سارو لوڪ حيرت زده رهجي ويو ۽ هن آفت کان ڇوٽڪارو پائي سرهو ٿيڻ لڳو. انهيءَ واقعي جي ياد ۾ 17 جولاءِ تي هي ڏيهاڙو ملهايو ويندو آهي.


    7

    پراڻي زماني کان وٺي انسان مئلن جي روحن کي خوش رکڻ لاءِ ڀانت ڀانت جا نظريا رکندڙ رسمون بجا آڻيندو رهيو آهي، جيتوڻيڪ جديد سائنسي انڪشافن انهن ڳالهين کي وهم کان وڌيڪَ ڪا به اهميت نه ڏني آهي، پر تڏهن به ابن ڏاڏن سان جذباتي وابستگي انهن رسمن کي قائم رکڻ لاءِ مآحرڪ طور ڪم ڪندي رهي آهي، دنيا جي مختلف قومن، مذهبن ۽ ڌرمن ۾ روح جي پرواز، روحن جي جاءِ رهائش ۽ روحن جي ڪار گذارين بابت ڪيئن عجيب و غريب نظريا هلندڙ آهن.
    هندوئن ۾ روح يا آتما جي جسمن بدلائڻ جو عقيدو هلندڙ آهي. قديم مصرين ۽ مرده جسم ۾ ڪنهن به وقت روح جي داخل ٿيڻ جو عقيدو هو. غالباً انهي ڪري ئي قديم مصري لاشن کي دوائن ۽ مصالحن وسيلي محفوظ رکندا هئا ۽ مرندڙن سان گڏ سندن ساز و سامان به دفن ڪندا هئا ته جڏهن مردو جيئرو ٿئي ته کيس استعمال جون سڀ شيون اڳواٽ ميسر هجن.
    2. عيسائين، يهودين ۽ مسلمانن ۾ روحن جي عالم برزخ ۾ رهڻ جو عقيدو هلندڙ آهي. اهڙي ريت جپان جي ماڻهن ۾ جن جو تعلق ٻڌ مت ۽ شنتو مت سان آهي، به روحن جي موجود رهڻ ۽ سير و سفر جو عقيدو عام آهي. انهي سلسلي ۾ هو 13 جولاءِ کان 16 تاريخ تائين پاسو ڪوني جنجا (Yarru kuuni Jinja) ۾ رنگ ناچ وغيره جون تقريبون منعقد ڪندا آهن. اهي تقريبون گذريل جنگين دوران شهيد ٿيلن جي روحن کي خوش ڪرڻ لاءِ ملهايون وينديون آهن. هنن جو عقيدو آهي ته مئلن جا روح پنهنجن دنياوي گهرن گهمڻ لاءِ 13 جولاءِ تي ايندا آهن ۽ 16 جولاءِ تي وري واپس ٻي جهان ڏانهن هليا ويندا آهن. شترائن ۾ هر شام 2,500,000 روحن لاءِ مذهبي رسمون ادا ڪيون وينديون آهن ۽ امن لاءِ دعائون گهريون وينديون آهن. انهي تقريب کي چراغن جو تهوار به ڪري سڏبو آهي، هن تهوار ۾ هزارين ننڍا وڏا چراغ روشن رکيا ويندا آهن ته جيئن روح پنهنجن گهرن ڏانهن ايندي ۽ ٻي جهان ڏانهن موٽندي اونداهين ۾ نه ڀٽڪن، هن ڏيهاڙي جون رنگا رنگ تقريبون جن ۾ رقص وسرود، نمائشون، ڪرتب، لوڪ ناچ وغيره هوندا آهن ڪافي دلچسپ ۽ وندرائيندڙ آهن.
    3. موسم گرما جي دلچسپ رسمن مان هڪ رسم آهي تلاءُ يا ندي تي ڏيئا ٻارڻ. اسان وٽ سنڌ ۾ هندو سنڌوءَ تي هميشه ڏيئو ٻرندڙ رکندا هئا. انهن کي درپا پنٿي سڏيو ويندو آهي. ڀٽائي گھوٽ به انهي رسم جو ذڪر ڪيو آهي.
    جپان ۾ پاڻيءَ تي ڏيئن تارڻ واري رسم کي تورو ناگاشي Toro Nagashi چئجي ٿو. رات جي ڪارائڻ ۾ جَرَ تي ترندڙ ۽ ٽمڪندڙ ڏيئن جي جوت جو ڏيک ڏور کان ڏاڍو رومانٽڪ لڳندو آهي. منگل جي سانجھيءَ مهل هزارين ٽمڪندڙ ڏيئا پاڻيءَ تي ترندا ۽ پاڻي ۾ اولڙا ٺاهيندا ڪنهن اڻ ڄاتي سفر تي ويندا نظر ايندا آهن. اِها تورو گاشي رسم ٻڌمت وسارن جي پراڻي رسم آهي ۽ بون ڏيهاڙي سان هن جو واسطو آهي. ٻڌمت وارن جي عقيدي موجب بون (Bon) سال جو اهو ڏيهاڙو آهي، جڏهن هنن جي ابن ڏاڏن ۽ عزيزن قريبن جا روح پنهنجن وارثن سان ملڻ لاءِ زمين تي ايندا آهن، اهو ستين مهيني جو تيرهون ڏينهن هوندو آهي. عبادتگاهن ۾ قربان جا خاص هنڌ جوڙيا ويندا آهن، جن تي آيل روحن لاءِ کاڌ خوراڪون، ميوا مٺايون ۽ شربت رکيا ويندا آهن. 16 تاريخ ارواح واپس وڃڻ شروع ڪندا آهن ۽ انهن جي راهه روشن رکڻ لاءِ پاڻي تي ڏيئا تاريا ويندا آهن. ڏيئا جن ٿالهين تي تاريا ويندا آهن انهن تي ڪجهه کاڌا ۽ ميوا به رکيا ويندا آهن ته جيئن ارواح واپسيءَ جي سفر دوران کائي سگهن. اهڙيءَ ريت اها رسم 16 تاريخ جي پڄاڻي سان انت تي ايندي آهي.
    چڱو هاڻي موٽي اچون ٿا سفر جي باقي بچيل احوال ڏي. مندر جي باغ گهمائڻ کانپوءِ اسان کي جپان جي وڏي ۾ وڏي راندين جي اسٽيڊيم وٺي ويا، جيڪو راندين جي اسٽيڊيم کان علاوه هڪ بهترين فني تعمير جو شاهڪار پڻ آهي، هي اسٽيڊيم خاص طرح 1964ع جي اولمپڪ گيمز لاءِ تعمير ڪيو ويو هو. جپان سان گڏ پهريون ڀيرو هو جو ڪنهن ايشيا جي ملڪ ۾ اولمپڪ گيمز ٿي رهيا هئا، ۽ اولمپڪ گيمز جي تاريخ ۾ هينلسڪي اولمپڪ کان پوءِ زياده ۾ زياده ماڻهو هن اولمپڪ ۾ شريڪ ٿيا.
    جتي جپان جي سائنسي ترقي سڄي دنيا کي ڏندي آڱريون آڻي ڇڏيون آهن. اتي هن قوم پنهنجي تفريح لاءِ زبردست اُپاءَ ورتا آهن، جديد راندين سان گڏ قديم راندين جي پڻ گهڻي همت افزائي ڪئي اٿن. جپان ۾ راندين جا ڪيئي رسالا نڪرندا آهن. جپاني پنهنجي قومي راندين ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺندا آهن، جپان جي پنهنجي قومي راندين ۾
    سومو (Sumo)
    جوڊو (Judo)
    ڪينڊو (Kendo) ۽
    ڪيوڊو (Kyudo)
    جپان اندر گهڻو مشهور آهن، جن جون ڪامينٽريون ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي عام ڏيکاريندا آهن. سومو راند جي ٽورنامينٽ ملڪ ۾ ڪيترا دفعا ٿيندي آهي، پر خاص وڏي ٽورنامينٽ سال ۾ هڪ ڀيرو پورا پندرنهن ڏينهن هلندي آهي. ڏسڻ وارن کانسواءِ سڄي ملڪ ۾ ٻيا ماڻهو به ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي هن ٽورنامينٽ ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺندا آهن، جيئن ماڻهو پاڻ وٽ ڪرڪيٽ ۽ هاڪي ۾ وٺندا آهن. سومو کانپوءِ جپان ۾ ٻيو نمبر جوڊو (Judo) راند جپانين جي دلپسند راند آهي، جوڊو کي پهريائين جپان ۾ جوجو شو (Jajutso) سڏيو ويندو هو. پر هاڻي هي راند نه صرف جپان پر سڄي دنيا ۾ جوڊو جي نالي سان مشهور آهي، هاڻي جوڊو نه صرف جپان پر سڄي دنيا جي هڪ دلچسپ راند ٿي پيئي آهي، ڇو ته هيءَ راند کان وڌيڪ هڪ سيلف ڊفينس آرٽ پڻ آهي، جنهن ڪري هي ايترو جلد دنيا ۾ مشهور ٿي. هاڻ ته پاڻ وٽ پاڪستان ۾ پڻ وڏي چاهه سان کيڏي وڃي ٿي. پنهنجي ملڪ ۾ پڻ، سڀني وڏن سهرن ۾ هن جون ڪلبون آهن ۽ هر سال ڪراچي، لاهور ۾ هن راند جو باقاعده ٽورنامينٽونٿينديون آهن. سيلف ڊفينس آرٽ ڪري مردن سان گڏوگڏ عورتون به هن ۾ اوترو ئي دلچسپي وٺنديون آهن.
    1964ع جي اولمپڪ گيمز ۾ هن راند کي پهريون دفعو عالمي مڃتا ملي ۽ هاڻ هي هر اولمپڪ گيمز ۾ کيڏيون وينديون آهن.
    ڪينڊو (Kendo) بيس بال (Base Ball) سان ملندڙ جلندڙ راند جو قسم آهي. هي راند جپان ۾ پهريائين گهٽ هئي، پر هن وقت جپاني هن راند ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺي رهيا آهن ۽ ڏينهون ڏينهن وڃي وڌيڪ عام ٿيندي. انهن راندين کانسواءِ ٻيوند نيا ۾ عام کيڏجندڙ رانديون به جپاني عام جام کيڏندا آهن، جن ۾ گاف جمناسٽڪ، بيس بال سافٽ بال، بيڊ منٽن، ٽيبل ٽينس، سائيڪلنگ، فيشبنگ، ٽينس ۽ والي بال عام آهن.
    جپان جا 60 سالن کان وڏي عمر وارا ماڻهو جنهن راند ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺي کيڏندا آهن. انهي راند کي جپاني ۾ چون گيٽ بال (Gate Ball). جپان ۾ سال جا پهريان ٽي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ عام موڪل ٿيندي آهي جنهن ۾ سرڪاري ادارن کانسواءِ سڀني وڏن ۽ ننڍن خانگي ادارن ۾ پڻ عام موڪل هوندي آهي، اُهي ٽي ڏينهن ڄڻ ته عيد هوندي آهي. سڀ جپاني انهن ڏينهن لاءِ سڄو سال تياريون ۽ پروگرام ٺاهيندا رهندا آهن، پنهنجن گهرن کي بي انتها سينگاريندا آهن، هڪ خاص قسم جي ڊرنڪ چانورن مان انهي ڏينهن لاءِ ٺاهيندا آهن، جنهن کي چون ساڪا (Saka) هي هڪ سنوڻ هوندو آهي ته هن جي پيئڻ سان ڄمار وڏي ٿيندي. ڏکوئيندڙ يادون ختم ٿي وينديون ۽ خوشين جي زندگي جي شروعات ٿيندي. جپاني قوم ۾ صدين کان هي رسم پڻ هلي اچي ته هو ڪنهن باس باسيندڙ جي مراد پوري ٿيڻ تي هو بازارن ۾ وڪري لاءِ رکيل پڃرن ۾ بند پکي خريد ڪري يا گهرن ۾ پڃرن ۾ بند پکي آزاد ڪري ڇڏيندا آهن. سال جي ابتدا جي ڏينهڙي کي جپان ۾ چون، شوگاستو (Shogattsu). ٻين خوشين سان گڏ هن ٽن ڏينهن ۾ راندين جون تقريبون به جام ٿين، هاڻ سان جا سونهان اسان کي ٽن سؤ سال پراڻو هاريءَ جو گهر ڏيکارڻ وٺي ويا. هي گهر ٻه ماڙ هو ۽ هن ۾ هڪ ننڍڙو خوبصورت باغيچو به هو، اسان کي ٻڌايو ويو ته جپان جو هاري ٽي سؤ سال اڳ هن ريت رهندو هو. اسان وٽ اڄ به شآيد ڪنهن اپر، مڊل ڪلاس واري ماڻهوءَ جو گهر ههڙو هجي، هيءَ اسان جي اڄ جي ٽوئر جو آخري پروگرام هو، اڳي جيان اڄ به هنن اسان کي گنزا جي علائقي ۾ لاهي ڇڏڻو ه و، پر اسان کين چيو ته اسان کي هوٽل تي هلي ڇڏيو. هوٽل ڏانهن ويندي ويندي رستي تي اسان جي گائيڊ هڪ بنگلي ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته اها جڳهه وزير اعظم جي سرڪاري رهائش گاهه آهي.
    هن عمارت جي وڏي دروازي تي ٽي چار پهريدار بيٺل هئا. بنگلي جي ٻاهرين ڀتين تي سيڪيورٽي جي خيال کان ڪئميرائون لڳل هيون. بنگلو ڪو خاص وڏو نه هو، شهر جي وچ ۾ هئڻ ڪري ٻنهين طرفن ٽرئفڪ بند نه هئي ۽ نه وري ڀتين ڀرسان پهريدار هئا. ڪو به لانگھائو وزير اعظم جي گهر ۾ ڪا به خطرناڪ شيءِ آساني سان اڇلائي سگهيو ٿي. انهي امڪان جي باوجود رستن جو ٽرئفڪ لاءِ کليو رهڻ، هن ڳالهه جو اهڃاڻ هو ته پبلڪ هروڀرو تشدد ڏانهن مائل نه هئي، جنهن ملڪ ۾ جمهوري آزاديون نالي ماتر هونديون آهن، انهن ملڪن جا سربراهه سخت سيڪيورٽي ٽي پهرن هيٺ گذاريندا آهن، بورجوا جمهوريت پنهنجين اوڻاين جي باوجود عوام کي حڪومتي سرشتي ۾ حصي وٺڻ ۽ حڪومت ڪارگذارين تي کلي تنقيد ڪرڻ جو حق ڏيئي جذبن جي اظهار جا موقعا مهيا ڪري ٿي، انهيءَ ڪري اندر ئي اندر سازشون جنم وٺي پڪيون پختيون نه ٿيون ٿين. ساڳي وقت عوام جي سياسي ساڃهه جي به اؤسر ٿئي ٿي.
    ڪمري تي پهچي ڪجهه ٿڪ ڀڳوسين ۽ پوءِ وهنجي سهنجي چانهه جو هڪ گرما گرم ڪوپ ٻي ٻاهر نڪتاسين، ٻاهر جيئن ته ٿوري ٿوري بارش وسي رهي هئي، انهي ڪري هوٽل ۾ رکيل ڇٽي کنئي سين، جاپان جي وڏين هوٽلن ۾ ڇٽيون ڪافي تعداد ۾ رکيل هونديون آهن ته جيئن برسات جي حلات ۾ ٻاهر کڻي وڃجن ۽ واپسيءَ ۾ ساڳي جڳهه تي رکي ڇڏجن، جيستائين برسات هئي تيستائين ته ڇٽيون اسان لاءِ رحمت هيون، پر برسات ختم ٿيڻ کانپوءِ بار بنجي پيون. رات جي دستور مطابق اشوڪا هوٽل ۾ ماني کاڌيسين، ماني کائي ڦرندا گهرندا پنڌ ئي پنڌ اچي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. صبح جو ڪو به ٽوئر پروگرام ڪونه هو، انهي ڪري سوير اٿڻ جو اونو ۽ اُلڪو نه هيو، رات دير تائين پنجين چئينل تي انگريزي پروگرام ڏسندا رهياسين ۽ ڪافي دير سان ستاسين. ٻي ڏينهن ڏاڍيون ننڊون ڪري اٿياسين ۽ ٻاهر نڪرندي پهريائين پي، آءِ اي (PIA) جي آفيس وياسين، جتي اسان کي پنهنجي ٽڪيٽ جي باقي هڪڙي سرڪٽ يعني بئنڪاڪ ڪراچي کي O.K ڪرائڻو هو. عيد جو موقعو هو تنهن ڪري ٽڪيٽ O.K ٿيڻ ۾ ڪافي تڪليف پيش پئي آئي. اسان جي ٽڪيٽ هر شهر لاءِ اڳ ۾ ئي اوڪي ٿيل هئي، پر بئنڪاڪ ڪراچي لاءِ هر جڳهه تي انتظار ڪرڻ لاءِ پي چيائون. عيد جي ڪري اسان کي به تمام گهڻو خيال هو ته عيد وڃي ڳوٺ ڪريون. گهمندي ڦرندي پي آءِ اي جي آفيسن ۾ جھاتيون به پائيندا هئاسين، اسان آفيسن ۾ وياسين ۽ کين پنهنجي حال کان واقف ڪيو. آفيس وسارن اسان جا نالا نوٽ ڪري ڪمپيوٽر جي حوالي ڪيا، جتان جواب مليو ته توهان جون سيٽون O.K آهن، انهي کانپوءِ وڃي اطمينان ٿيو، هر ماڻهوءَ کي ٻاهرين ملڪن يعني ولايتن جي وڻن ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هوندو آهي، پر جڏهن ٻاهر ڳچ ڏينهن لڳي ويندا آهن ته اباڻا وڻ ياد ايندا اهن، دل چاهيندي آهي ته پَرَ ٿي پون ته ڪر اُڏري وڃي گهر ڀيڙو ٿجي، سو اسان کي به جڏهن اهو ٻڌايائون ته توهانجي ٽڪيٽ بئنڪاڪ کان ڪراچي لاءِ اوڪي آهي ته اسان کي دلي اطمينان ٿيو. اسان آفيس وارن جون مهربانيون مڃيندي ٻاهر نڪتاسين. شامَ تائين سڄو وقت پنڌ ئي پنڌ ٽوڪيو شهر جو سير ڪندا رهياسين. دراصل گهمڻ جو اصل مزو آهي به پنڌ ۾. ٽورسٽن (سياحن) کي گهرجي ته ٽيڪسين بجاءِ پنڌ گهمن ڦرن. جيڪا ڄاڻ ۽ معلومات پنڌ گهمڻ سان پلئه پوي ٿي سا ٽيڪسين ذّرعيي قطعي حاصل نٿي ٿئي.
    اسان شامَ ڌاري موٽي هوٽل تي آياسين، جتي ٿورو آرام ڪري پوءِ هوٽل وارن سان ڳالهايو سين ته اسان صبح جو منيلا وينداسين جنهنڪري اسان جو بل صبح جو ڏجو ۽ گاڏي به ڏجو ته جيئن اسان سٽي ايئر ٽرمينل تي پهچي سگهون ۽ پوءِ اتان ايئرپورٽ لاءِ روانا ٿي وڃون، تنهن تي چيائون ته جيڪڏهن توهان چاهيو ته اسان جو ڪوچ به توهان کي ملي سگهي ٿو ۽ ڀاڙو به ساڳيو ئي آهي ۽ اهو سڌو ايئرپورٽ تي ڇڏيندو، اهڙي ريت توهان ٻن ٻن سوارين بدلائڻ جي زحمت کان به بچي پوندا ۽ ڀاڙي جي به بچت ٿي پوندي. اسان توهان کي سڌو ناريتا انٽرنيشنل هوائي اڏي تي ٿا پهچايون. اسان به هائوڪار ڪئي ۽ کين ٻڌايو ته اسان جي فلائيٽ صبح جو اٽڪل يارهين وڳي ڌاري رواني ٿيندي، انهي ڪري اسانکي ڪم از ڪم ٻه ڪلاڪ اڳواٽ اڏي تي پهچائجو. جنهن تي رسيپشن وارن جواب ۾ چيو، ”توهان فڪر نه ڪريو اسان توهان کي ڇهين وڳي ڌاري ايئرپورٽ لاءِ کڻي هلنداسين. توهان بلڪل تيار ٿي هيٺ پهچي وڃجو“.
    اسان سامان وعيره درست ڪري جلد سهمي رهياسين ته جيئن صبح سوير اٿي سگهون، پر انتظار ۾ ننڊ ئي نه پئي آئي، سڄي رات جا چار پهر الله الله ڪري پورا ڪياسين ۽ صبح سوير اٿي تيار ٿي سامان کني هيٺ رسيپشن تي پهتاسين. هوٽل جو بل ڏنائون، ادائگي ڪري اچي بس ڀيڙا ٿياسين. برسات گهڻي پئجي رهي هئي ان ڪري ڊوڙي اچي بس ۾ ويٺاسين بس ۾ پهريائين ٽي وي تي ميوزڪ پروگرام ڏيکاريائون ۽ پوءِ انگريزي ۾. واپسي لاءِ ايئرپورٽ فارمليٽيز سمجھايائون. هر ڳالهه اهڙي سٺي نموني سمجھايائون جو واپسي ۾ تر جيتري به تڪليف يا پڇ پڇان ڪانه ٿي اسان تمام گهڻي برسات هئڻ جي باوجود ايئرپورٽ تي پوري وقت تي پهتاسين. جتي اسانجي فلائيٽ لاءِ بورڊنگ شروع ٿي چڪي هئي. اسان پنهنجو سامان ڏيئي ٽئگ وٺي اچي لائونج ۾ ويٺاسين ٿوري دير کانپوءِ اعلان ٿيو ته توهان جي اڏام منيلا لاءِ تيار آهي، اسان سڌا اچي جهاز ۾ پهتاسين جتي ايئر هوسٽس اسان کي اسانجون سيٽون ڏيکاريون. اسان پنهنجين سيٽن تي ويٺاسين. ٻن منٽن کانپوءِ جهاز پنهنجي صحيح وقت تي منيلا لاءِ اڏاڻو اهڙي طرح اسان جپان جي هن سهڻي سرزمين تان کڄي هوائن جي دنيا ۾ هليا وياسين.
    جهان جهڙو ٻڌوسين تهڙو ڏٺوسين.

    * * *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 687
    ڪتابن جو مشاهدو: 909982
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 307257
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ