ڪتاب جو نالو: مان تنهنجو هان
مصنف: سجاد ميراڻي
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2010
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 18 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 1440 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 384 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سجاد ميراڻيءَ پنهنجي شاعريءَ وسيلي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي آهي. ۽ ان سڃاڻپ سندس پهرين شعري ڪتاب” دلدار وڏي شيءِ آ“ کان وٺي، هِن شعري مجموعي ”مان تنهنجو هان“ تائين موهيندڙ سفر ڪيو آهي. ”سنڌ“ ۽ ”سرتي“ سجاد ميراڻيءَ جي شاعري ۾ ٻن اکين جيان رهيون آهن. سندس اظهار جو سادو ۽ سليس لهجو ڪنهن لوڪ گيت جهڙو احساس آڇي ٿو. سجاد شاعريءَ جي رڻ ۾ لڳ ڀڳ ٽن هاڪن کان وڌيڪ عرصو، بنا ساهيءَ جي، ڪڏهن هورڙيان هورڙيان ڌيرج سان ته ڪڏهن تڪڙين وکُن سان بهرحال، پنڌ پئي ڪيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • ارپنا
  • • ليکڪ جو تعارف
  • • پبلشر نوٽ
  • • سونهن سوا سجاد ميراڻي ڪيئن ڪندو؟!
  • • پنهنجي پاران
  • • پريان لوءِ جو پيارو شاعر
  • • ”کيس چئجو هتان سدا گذري“
  • • مٽيءَ جو ماڻهو سجاد ميراڻي
  • • پختو ۽ پيارو شاعر سجاد ميراڻي
  • • صوفياڻو مزاج رکندڙ شاعر
  • • يار! ڳائندو نه ڪر؟!
  • غزل

  • • حمد
  • • نعت
  • • وقت جي وهڪري ۾ وهي ٿو وڃان
  • • ويندي ويندي وفا ڪيون وڃجو
  • • هوءَ جو ايندي وئي
  • • اقرار ۽ انڪار ۾ گذري پئي
  • • عرض منهنجو اگهائجو جانان!
  • • مون ته لئه گلاب پوکيا هِن
  • • اوپرو ٿي پيو آهيان
  • • کييس چئجو هتان سدا گذري !
  • • ڪيئن نه ڳڻتي پو مون کي ڳاريندي
  • • منهنجي من ۾ بهار ڪونهي ڪو
  • • سونهن تنهنجون صدائون وڏي ڳالهه آ
  • • نفرتون ڏئي محبت کڻي ٿو وڃي
  • • پيار ۾ جيت ۽ هار نه ڏس
  • • دعوا جي لئه دليل گهرجي
  • • هر سوال جو جواب ڏيندس مان
  • • دل کي تون در در رُلائيندو نه ڪر
  • • ڪجهه درد وڌايا هُن، ڪجهه دل جي ڪمزوري
  • • گل کي گلزار کان پري ٿا ڪيو
  • • عشق جن جو امام آهي
  • • درد ڪيڏا بيدرد ٿي پيا هِن
  • • يار جو نڪري اچي ٿو رات جو
  • • ايڏي ويساهه گهاتي ڇو؟
  • • پيار تي الزام ايندا هن پرين!
  • • منهنجي من جي اڱڻ تي اچي ويٺو آ
  • • ظالم جا ساٿاري بڻجي
  • • هوءَ ڪيڏي ته آهي چَري پيار ۾
  • • اچو ٿا نچان ٿو، وڃو ٿا لڇان ٿو
  • • مٺامونڏي کڻي اکريون نهاريندين ته خوش هوندين
  • • فقيرن سان ڦٽائڻ ۾ مزو ڪهڙو اچئي ٿو پيو
  • • ايڏو تون گهٻرائين ڇو ٿو
  • • سهڻيءَ وانگي ڪچو کنيو آ
  • • ٻيڻو، ٽيڻو، چوڻو، پنجوڻو آهيان مان
  • • هر ڪو جيئڻ کان پو مري ٿو پيو پو
  • • اکين جي ڪهاڻي پڙهي ٿي وڃي
  • • يا خدا! آسمان قائم رک
  • • پاڻيءَ جو مان ڦوٽو آهيان
  • • خدايا منهنجي قسمت ڪر، وڃان دلدار جي در تي
  • • ڪاريهر تي پير آ سائين !
  • • کيس ڌوڪو مليو دل شڪستو ٿي پيو
  • • تون جو رسي وئين ڏات رسي وئي
  • • قرار مون کان کسي ويو آن، خدا ڪري شل قرار ۾ هُج
  • • شهنشاهه شعور ڏي
  • • يار جو سمنڊ تي وڇي پهتو
  • • سي ئي ماڻهو موتيءَ داڻا
  • • بهارن جي بهاريءَ ۾ نه دل کي ڪو قرار آهي
  • • تون جي آهين او پرين! پو پيار آهي زندگي
  • • ڪجهه درد وڌايا تو ڪجهه دل جي ڪمزوري
  • • اعتبار ڪندين، مان تنهنجو هان
  • • توڏي نه جي اچان مان
  • • نه ڪر يار مون سان ڦٽائڻ جي ڪوشش
  • • حسن جو احترام ڪرڻو آ
  • • کڻي اک ٿا ڏسن جنهن کي انهيءَ کي مفت ٿا مارن
  • • هاڻي توسان حوال يار ڪبو
  • • سُکن ۾ ته سڀڪو سلامي ڀري ٿو
  • • متل من ۾ محبت جو مهراڻ آهي
  • • ايمان ويو ڪاڏي؟
  • • جيڪو حسن جو هتڙي قدر نه ڪري
  • • سبق صوفين جو وساري ڇڏيوسين
  • • دوستيءَ جي روپ ۾ دشمني ناهي چڱي
  • • پيار نگر جي ڳالهه ڪيان ڇا
  • • مٺي مصطفيٰ جو هي فرمان آهي
  • • اعتبار ڪندين، مان تنهنجوهان
  • وايون

  • • وائي 1
  • • وائي 2
  • • وائي 3
  • • وائي 4
  • • وائي 5
  • • وائي 6
  • • وائي 7
  • • وائي 8
  • • وائي 9
  • • وائي 10
  • • وائي 11
  • • وائي 12
  • گيت

  • • تنهنجو سنڌو ديش آ، هي منهنجو سنڌو ديش آ
  • • ڌرتيءَ جي آزادي ٿا گهرئون
  • • زنجير وجهين يا سير وجهين، ته به نينهن جو نعرو هڻنداسين
  • • سنڌڙي منهنجي سور نه سهندي
  • • منهنجا پٽڙا وڏڙو ٿيندين
  • • او منهنجي سنڌ! او منهنجي امان!
  • • اُٿو سنڌ منهنجيءَ جا جرنيل جاڳو
  • • تون نٿو جي ملين مون سان يار پرين!
  • • ڌرتي ماتا تنهنجو سونهن آ
  • • مند آئي وري، تون نه آئين وري
  • • پاڻ مون آ پليو پيار پلجي نٿو
  • • تنهنجا لال لبڙا ۽ رخسار ڳاڙها
  • • ايڏا ڏينهن لاتئي منهنجا يار دلدار!
  • • هڪ ڀيرو اڱڻ منهنجي پرين پير ڀري ها، منهنجو هنيانءُ ٺري ها
  • • هن سڄي سنسار ۾ آن سونهن جو سردار تون
  • نظم

  • • اَمنُ الائي ڪاڏي ويو آ
  • • ڌرتي سر تي
  • • خواب
  • • مرشد لطيف
  • • سنڌ ڌرتيءَ جا اديبو شاعرو!
  • • سدا سنڌ سائي
  • • پيار سڀ ڪجهه آ
  • • ڀوتار آيا
  • • اُٿي پئو
  • • ڀٽائيءَ کان سوال
  • • سنڌو ماتا
  • • او ڀٽائي! او سچل!
  • • محبت جو لغڙ
  • • ڪاش!
  • • ماءُ
  • • پيءُ
  • • ڌيءَ
  • • پٽ
  • چوسٽا

  • چوسٽا
  • • پريان لوءِ جي سونهن سجادميراڻي
  • • جهڙي ڪوڪ ڪوي سوچي
  • • ڪوئي ڄمندي ڄام نه آ
  • • شاعريءَ جي لاءِ ڪي ڪم جون ڳالهيون
  • گلابن جي شهر جو شاعر

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (151) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”مان تنهنجو هان“ پريالوءِ ضلع خيرپور سان تعلق رکندڙ خوبصورت شاعر سجاد ميراڻيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
    هي ڪتاب ميراڻي ڪتاب گهر پريالوءِ پاران سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي وٽان 2010ع ۾ ڇپايو ويو. هن ڪتاب جي اي ڪمپوزنگ سميع سجاد ميراڻي ۽ عبدالجبار شيخ ڪئي آهي. اسان ٿورائتا آهيون سائين عبد الجبار شيخ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • ارپنا

    تنهنجي نانءِ


    • ليکڪ جو تعارف

    اصل نانءُ: غلام حسين ميراڻي
    ادبي نانءُ:سجاد ميراڻي
    والد جو نانءُ: علي بخش ميراڻي
    ڄمڻ جي تاريخ: 01-03-1956ع
    ڄمڻ جو هندڌ: پريانءِ لوءِ تعلقه ڪينگري ضلع خيرپور
    تعليم: ايم. اي سنڌي ادب ايم ايڊ
    پيشو:استاد
    پتو: ميراڻي ڪتاب گهر پريان لوءِ
    ٽپال گهر: پريان لوءِ ضلع خيرپور ميرس
    موبائيل:03078251519


    • پبلشر نوٽ

    سنڌي شاعريءَ جي ڪتابن جي فهرست ته تمام ڊگهي آهي پر انهيءَ فهرست مان ڪجهه ڪتابن کي ئي پڙهندڙن وٽِ مڃتا ملي سگهي آهي. انهن ڪتابن ۾سجاد ميراڻيءَ جو ڪتاب ”دلدار وڏي شيءِ آ“ به شامل آهي. سندن پهرين ڪتاب ۾ شامل شاعري پڙهي اسين ايئن چئي سگهون ٿا ته سجاد ميراڻي پنهنجي ساعريءَ ۾ موجوده دور جي تقاضائن ۽ ضرورتن جي پورائي ڪري رهيو آهي. اسان کي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي. ته سجاد ميراڻيءَ جي پهرين مجموعي کي ادبي حلقن ۾ گهڻو پسند ڪيو ويو. ۽ هينئر سندن ٻيو ڪتاب ” مان تنهنجو هان“ اوهان جي هٿن ۾ آهي. هي ڪتاب ميراڻي ڪتاب گهر پريان لوءِ پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. اميد ته هن ڪتاب ۾ شامل شاعري اوهان جي سوچ جي عڪاسي ڪندي ۽ معيار پوري لهندي پڙهندڙ ئي اها راءِ قائم ڪري سگهن ٿا.
    مان پنهنجن ڀائرن عبدالجبار، عبدالرشيد، عبدالرزاق، عبدالماجد ”اسد“ عبدالرحمان ”بلو“ ۽ عطاءُ الله ميراڻيءَ جن جو ٿورائرو آهيان. جن ”ميراڻي ڪتاب گهر پريان لوءِ“ کولائڻ ۽ هلائڻ ۽ هن ڪتاب ڇپائڻ ۾ منهنجو ساٿ ڏنو.

    سميع سجاد ميراڻي
    ميراڻي ڪتاب گهر پريان لوءِ
    موبائل نمبر:03013431537


    • سونهن سوا سجاد ميراڻي ڪيئن ڪندو؟!

    گلابن جي شهر پريالوءِ جيڪو اصل ۾ ”پريان لوءِ“ يعني ” پرين جو شهر“ ۽ هن شهر جو وري ڪيتريون سڃاڻپون آهن. مخدوم محمد اسماعيل جي مزار تي ”سوالين“ جا ميڙَ شهر جي چوڌاري ڦهليل گلابن جامهڪندڙ کيت،انبن ۽ کجين جا باغ، سرمد سنڌيءَ جو سڏ ــ پڙاڏن جهڙو آواز ... ۽ سڃاڻپ جي ان سفر ۾ اسان جي دوست سجاد ميراڻيءَ جونالو به شامل ٿي ويو آهي. جنهن جي سهڻي ۽ سلوڻي شاعري وري سندس سڃاڻپ بڻجي وئي آهي.
    شاعري ۽ شاعرن جي وسيع جهان ۾، ۽ خاص ڪري پنهنجي سنڌ ۾ جتي شاعرن جو هڪ وڏو انگ شاعري ( ۽ پڻ اڻ شاعري) تخليق ڪرڻ (۽ گهڙڻ) جي ڪرت ۾ ” مصروف عمل“ هجي، اتي پنهنجي آواز کي الڳ ٿلڳ ۽ نمايان ڪري بيهارڻ ڪوئي دولو ڪم ڪونه آهي. سجاد ميراڻيءَ پنهنجي شاعريءَ وسيلي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي آهي. ۽ ان سڃاڻپ سندس پهرين شعري ڪتاب” دلدار وڏي شيءِ آ“ کان وٺي، هِن شعري مجموعي ”مان تنهنجو هان“ تائين موهيندڙ سفر ڪيو آهي. ”سنڌ“ ۽ ”سرتي“ سجاد ميراڻيءَ جي شاعري ۾ ٻن اکين جيان رهيون آهن. سندس اظهار جو سادو ۽ سليس لهجو ڪنهن لوڪ گيت جهڙو احساس آڇي ٿو. سجاد شاعريءَ جي رڻ ۾ لڳ ڀڳ ٽن هاڪن کان وڌيڪ عرصو، بنا ساهيءَ جي، ڪڏهن هورڙيان هورڙيان ڌيرج سان ته ڪڏهن تڪڙين وکُن سان بهرحال، پنڌ پئي ڪيو آهي. موٽندڙ وهيءَ واري هن عمر ۾ جڏهن سندس مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جي وارن ۾ اڇاڻ ڀڻڪي اُٿي آهي. پر اُها اڇاڻ سندس جذبن جي جوانيءَ تي حاوي ٿي ناهي سگهي. لکڻ توڙي عملي ادبي سرگرمين برپا ڪرڻ جي معاملي ۾ سجاد ميراڻي اڄ به انهيءَ نوجوان جي ڏِک ڏئي ٿو. جيڪو خيرپور ۽ ان جي تَرَ ۾ منعقد ٿيندڙ مشاعرن ۾ پنهنجي شاعري پڙهڻ لاءِ پهچي پوندو هيو. سجادَ جو سنڌي ادبي سنگت سان به سالن جو ساٿ رهيو آهي ۽ هُنَ ادبي سنگت سان ساٿ دِل سان نڀايو آهي. پريالوءِ ۾ ”سنگت“ جي شاخ قائم ڪري. هن نه صرف ماضيءَ ۾ ڪيترائي يادگار ادبي ميڙَ مچايا پر ڪيترن ئي نوجوان دوستن جي گرومنگ ۾ ڪردار اداڪيو. سرمد سنڌيءَ جو جڏهن هڪ روڊ حادثي ۾ ٻئي ٽنگون زخمي ٿيون هيون، تڏهن سندس صحتيابيءَ جي خوشيءَ ۾ سجادَ، پريالوءِ ۾ ساڻس هڪ يادگار رهاڻ رچائي هئي. جنهن ۾ سرمد ساري رات بي ساکين جي ٽيڪ تي بيهي ۽ ڪرسيءَ تي ويهي ڳايو ۽ خوب ڳايو هو. ڪنهن عوامي جلسي جو ڏيک ڏيندڙ هِن رهاڻ ۾ محمدخان مجيدي ۽ سرويچسجاوليءَ کان وٺي عُمر جا آخري مهينا گذريندڙ، ڪينسر ۾ وڪوڙجي ويل سنڌ جي شاعر” استاد بخاريءَ“ شرڪت ڪئي هئي. ۽ پنهنجو مشهور نظم، ”اُهي ڪير آهن“ ور ور ڪري پڙهيو هيو. سجاد ميراڻي جيڪو پنهنجي گهر ڀاتين لاءِ ”غلام حسين“ ۽ شهر وارن لاءِ ”استاد ميراڻي“ آهي ۽ انهيءَ استاد ميراڻيءَ جي پريالوءِ۾ واقع ”ماڙي“ ڀلا ڪنهن کان ڳجهي آهي.؟! ميراڻيءَ جي ماڙي جتي مختصر گنجائش جي باوجود شاعريءَ جا ڪتاب ٽڙيل پکڙيل ملندا. جتي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون ٿينديون، جتي سموري سنڌ کان آيل اديب اچي ٻه گهڙيون ٿَڪُ ڀڃندا. ”رسول بخش پليجو صاحب به هڪ دفعو هِنَ ماڙيءَ تي قرب جا قدم گهمايا“ انهيءَ ڏينهن سجادَ، فخر واري انداز ۾ مون کي ٻُڌايو پئي. تاجل، تاج، مدهوش، تبسم،مادل، اياز، مختيار ۽ ٻين ته اڪثر سجاد جي سِڪَ واري سڏ تي”پريالوءِ“ ۾ پرت جا پير پئي ڀريا آهن. پر هر سال سرمد جي ورسيءَ واري ڏهاڙي تي سندس قبر تي محبت جا گُلَ رکڻ لاءِ ڪوثر ٻرڙو به ته سجادَ جو ئي ساٿ ماڻيندو آهي.
    سجاد ميراڻيءَ جو سنڌي ٻوليءَ جي بزرگ شاعرن سليم ڳاڙهوي، نديم انصاري، اميد خيرپوري، حليم سنڌي، خادم رفيقي، نثار بزمي ۽ٻين سان پڻ دوستي ۽ نيازمنديءَ وارو ناتو رهيو آهي. سجاد ميراڻي هڪ ٻهڪندڙ شخصيت وارو، ٽهڪڻو ماڻهو رهيو آهي.سادگي سندس لباس آهي. وڏائي سندس ڀر مان به ناهي لنگهي، اڄ به هو ڪنهن ادبي پروگرام ۾ هڪ ورڪر جيان هٿ ونڊائيندي نظر ايندو. ڪجههبعرصو اڳ ريڊيو خيرپور جي ادبي پروگرام ”ادبي سنگت“ ۾ جڏهن مان سندس انٽرويو ڪريرهيو هُيس ته سجاد بي ساخته چيو هو” مون کان ڪي ڏکيا سوال نه پڇجانءِ. ڇو جو هي منهنجو پهرين انٽرويو آهي“ ۽ مان سندس سادگي ۽ سچائيءَ تي مرڪندو رهجي ويو هُيس. سجاد جي هن کان اڳ شايع ٿيل شعري ڪتابَ ۾ سندس گهرواري ۽ اسان جي ڀاڄائيءَ راءِ ڏيندي صرف هڪ جُملو لکيو آهي ته”شاعري ۽ شاعر مون کي بلڪل پسند نه آهن. پر سجاد ميراڻيءَ کي شاعريءَ سميت اکين تي رکيو آهي.“ ... ۽ مان سمجهان ٿو ته اسان دوستن سميت سجاد ميراڻيءَ جي پڙهندڙن پڻ کيس ۽ سندس شاعريءَ کي دِل جي ڀرسان جاءِ ڏني آهي. سجاد ميراڻي پنهنجين سِٽن مان ئي سڀني کي” سونهن جو سٽيل شاعر“ محسوس ٿيندو آهي. اسان جي مشترڪ دوست قدير انصاريءَ تي ايترو به لکي ڇڏيو ته سجاد ميراڻي صوفين جي انهيءَ مسلڪ مان محسوس ٿيندو آهي، جن ۾ سرمد ۽ بيدل وغيره اچي وڃن ٿا. جن جا دل گهريا دوست ڪنعيو ۽ ”اڀيچند“ هيا.ڳالهين جي ور وڪڙ ڳلين مان گذري مان چاهيندس ته ”سرتي! سينڌ نه ڊاههِ سنڌ جو نقشو ٿيڊهي“ ۽ ”سونهن سوا سجاد ميراڻي ڪيئن ڪندو؟!“ جهڙيون سونهن ڀريون سٽون سرجيندڙ سجاد ميراڻيءَ جي هِن شعري ڪتاب جي موڙ وٽ پهچجي. جنه ۾ پڻ هُنَ سوين لڙڪ ۽ مرڪون ، عڪس ۽ احساس سهيڙيا آهن. مان سمجهان ٿو تههي ڪتاب پڻ سندس شاعراڻي سفر ۾ هِڪَ ٻئي سنگ ميل جيان ئي آهي. سجاد ميراڻيءَ هونئن ته گهڻين شعري صِنفن جي وکريل چَڳُن کي سلجهائڻ جو سعيو ڪيو آهي. پَر غزل ۽ وائيءَ سان سندس خاص اُنسيت رهي آهي. پنهنجي هن نڪور شعري مجموعي ۾ به هُنَ گهڻي قدر غزل ئي شامل رکيا آهن. سندس ٻن مختلف غزلن جا مطلع
    يا خدا! آسمان قائم رک
    يارُ گڏ آ جهان قائم رک
    ۽
    کيس چئجو هتان سداگذري
    شهر ساري لئه ٿي دُعا گذري

    مون کي ترتيبوار سندس ئي همعصر ٻن خوبصورت شاعرن سعيد ميمڻ ۽ اقبال رند جي مشهور غزلن ۾ موجود سَڏُ جي وراڻي محسوس ٿيا. مان سمجهان ٿو ته اِها سجاد جي دل ۾ موجود پنهنجي همعصر شاعر دوستن لاءِ محبت ئي آهي. جيڪا هِنن شعرن مان ليئا پائي رهي آهي. لکڻ جي شروعاتي سالن ۾ (۽ پڻ هاڻي به) سجادُ، مذهب سان خاص لڳاءُ رکندو پئي آيو آهي. پر انهيءَ معاملي ۾ وري ڪڏهن به تنگ نظر نه رهيو. هُنَ پنهنجي دل کي هميشه کليل آسمان جيان صاف رکيو آهي. سندس شعرن ۾ انهيءَ جي چٽائي ملي ٿي.
    او واعظا تون دوزخ جا دڙڪا نه ڏي
    مان پاڻ هي خدا سان ٺهي ٿو وڃان!
    *
    مون سان جنت ۽ دوزخ جون ڳالهيون نه ڪر!
    روحَ منهنجي ۾ راڻو رَچي ويٺو آ
    مان مٿي به لکي آيو آهيان ته سجاد ”سونهن جو سٽيل“ شاعرُ آهي. سونهن جيڪا سينوارجي ويل سماجي قدرن ۽ ذلتن ڀريل زندگين ۾ جيئڻ لاءِ اڪيلو جواز ئي وڃي بچي آهي. سونهن جيڪا گندگين ۾ گهٽجي مرڻ بدران، سُرها ساههَ کڻڻ جي ساهس ارپي ٿي ۽ سجاد به ته انهيءَئي سونهن جو وِک وِک تي سلام ڀريندي نظر اچي ٿو.
    کيس چئجو ”سجاد“ سوالي آ
    هڪ چميءَ جي ڪري سخا گذري
    *
    جو گهريم مون کي ملندو رهيو يار کان
    مون تي ايڏيون عطائون وڏي ڳالهه آ
    *
    منهنجو دين پنهنجو، منهنجو ڌرم پنهنجو
    جتي سونه” سجاد“ سجدو ڪيان ٿو
    *
    سونهن جي جت ٿي سلامي سو
    عشق جو آستان قائم رک

    سجاد ميراڻيءَ جي شاعريءَ ۾ موضوعاتي حوالي سان جتي ”سونهن“ جو ذڪر سرس ملي ٿو. اُتي سندس اسلوب ۾ سادگي ۽ بي ساختگي به گڏوگڏ هلي ٿي ۽ اِها سادگي ۽ سلوڻائپ ئي سندس شعرن جي اصل سونهن آهي. مان چاهيندس ته ”سنڌ“ سان سجاد جي محبت جي ڪجهه عڪس اوهان ساڻ شيئر ڪريان.
    ”سنڌ جو ”سجاد!“ ڪيئن ٿي آجپو
    بس انهيءَ ويچار ۾ گذري پئي
    *
    سنڌ ٿا وڪڻن ڪرسيءَ خاطر
    مرد به اڄ نامرد ٿي پيا هِن
    *
    کيس چئجو، سنڌو سڪي ويو آ
    سنڌ تي پئي ٿي ڪربلا گذري

    تخليق جو عمل جنهن ذهني آسودگي ۽ ڪنسٽريشن جو گهرجائو هجي ٿو. اُهي پاڻ وٽ ڪنهن تخليقڪار کي ملن.ممڪن نه آهي( اسان وٽ گهڻي قدر نثري توڙي شعريادب، فرسٽريشن جي مونجهه مان ئي جنميو آهي) پوءِ به ساڳي ئي وقت سماجي وهنوار جي منجهيل سُٽَ کي سلجهائڻ سان گڏوگڏ سجاد ميراڻي جيڪڏهن لکڻ پڙهڻ ڪتابن ۽ ادبي سرگرمين لاءِ زندگيءَ مان وقتُ چورائي ٿو وٺي ته اِها وڏي ڳالهه آهي. مون کي اها پڪ آهي ته سجاد پنهنجي سفر کي، پنهنجي هن ڪتاب جي ڇپجڻ تي. اڌ ۾ ڪونه ڇڏيندو. ان تي سندس دل ۾ سونهن مٿان سٽجڻ جو حوصلو باقي آهي، اڃان ته سندس اک، ڪنهن حسين چهري کي پنهنجي پاڻ مان ڪڍڻ جي ڪِرت کي جاري رکيون ٿي اچي ۽ اڃان ته هو سنڌ ۽ سونهن کي ڀيٽائون ڏيڻ لاءِ ڪي نوان غزل ، ڪي نيون وايون لِکڻ جي سگهه ساري ٿو. اڃان ته هو مشاعرن ۽ محفلن ۾ پنهنجي شاعريءَ جي شمع جلائي رکڻ ڄاڻي ٿو. شالَ هُو لکندو رهي، کلندو رهي ۽ اسان سندس شعرن ۽ سندس ٽهڪن کي ٻُڌندا رهون.


    امر اقبال
    خيرپور


    • پنهنجي پاران

    منهنجي شاعريءَ جي پهرين ڪتاب”دلدار وڏي شيءِ آ“ کانپوءِ منهنجو ٻيو ڪتاب”مان تنهنجو هان“ اوهان جي هٿن ۾ آهي. جنهن لاءِ مان صرف ايترو چوندس ته هن ڪتاب ۾ ڪجهه اها شاعري به شامل آهي جيڪا مان پهرين ڪتاب ۾ ڏئي نه سگهيو هوس. مونکي خوشي آهي ته منهنجي شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب” مان تنهنجو هان“ اوهان جي هٿن ۾ آهي. جيئن ته منهنجو پهرين ڪتاب پڙهندڙ ادب دوستن کي پسند آيو.جو اهو ڪتاب مارڪيٽ مان ختم ٿي ويو، هينئر ٻيو ڪتاب پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي هونءَ به مان پنهنجي شاعريءَ جي حوالي سان ڪنهن خوشفهميءَ ۾ نه آهيان پر هڪ ڳالهه ضرور آهي ته مان پنهنجي تخليقي پورهئي تي خوش آهيان. ڪوتا جي ڪتاب لاءِ مهاڳ وغيره لکڻ هڪ رسم ۽ روزج آهي، نه ته هونئن ڪوي ۽ ڪوتاخود مهاڳ آهن. مهاڳ ۾ ڪوي ۽ سندس ڪوتا کي مهاڳ لکندڙ کڻي آڪاش تي اُڏاري پر ڪوي ۽ ڪوتا کي هر ڏسندڙ ۽ پڙهندڙ پنهنجي پنهنجي اک سان پرکيندو ۽ راءِ قائم ڪندو. پر پوءِ به مهاڳ/تاثر لکندڙن کي جئن هجي جو هو وقٿ ڪڍي ڪنهن جي تخليق تي ويچار ونڊن ٿا. ۽ ڪن شين جي نشاندهي ڪن ٿا.
    مان ٿورائتو آهيان ڀاءُ امر اقبال، استاد منير سولنگي، سرمد چانڊو، سرڪش سنڌي، تاج جويو، مهر خادم، بيخود بلوچ، استاد شاهن سمنگ، شاڪر سولنگي، هريش ڪمار، سعيد سنڌي، زين زار ڀٽو، نواز علي شاهه ، سميع ڪنڌر، نياز نديم، مخدوم شمس، آڪاش الرو، آفتاب اوڍو،استاد هادي بخش سومرو، ڏنل راجا ۽ ميراڻي ڪتاب گهر جي مال سميع سجاد ميراڻي جن جو، جن هن ڪتاب ڇپائڻ ۾ منهنو ساٿ ڏنو. خاص ٿورائتو آهيان، سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي سرواڻ ڀاءُ نور احمد ميمڻ جو جنهن منهنجو هن ڪتاب کي به سهڻي نوني ڇپائيا اوهان جي هٿن تائين پهچايو.

    سجاد ميراڻي
    پريان لوءِ
    موبائيل 03078251519


    • پريان لوءِ جو پيارو شاعر

    سنڌي ادبي سنگت پريالوءِ ۽سجاد ميراڻي ٻئي اداري ۽ اڳواڻ جو درجو رکن ٿا. محبتي ماڻهو آهي يار سجاد ميراڻي جنهن شاخ پريالوءِ کي هڪ فعال شاخ بنائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي.
    سجاد ميراڻي حساس شاعر، باادب اديب ،معتبر شخصيت وارو شخص ۽ پيارو دوست آهي. آءٌسندس شاعري ۽ شخصيتتي ويچار ونڊي پڙهندڙن آڏون پيش ڪريان ٿو. سنڌي غزل لوازمات جي حوالي سان پاڪستاني غزل جهڙو آهي. پاڪستاني غزل کي هندستاني غزل کان علحده ڪري پيش ڪرڻ لاءِ مهدي حسن، استاد غلام علي ۽ ٻين موسيقيءَ لاءِ گهڻو جاکوڙيو. تڏهن وڃي ڪو جزوي فري فرق ظاهر ٿيو، اسان جي غزل کي علحده ڪرڻ ۾ استاد محمد يوسف ۽ منظور سخيراڻيءَ جو تخيل وري به پنهنجي ڪلاسيڪل موسيقيءَ ڏانهن ويو. جن شاهه سائينءَ کي اڳواڻ بڻائي ڏوهيڙي سان غزل کي نوازيو۽ سنڌي غزل جي گائڪيءَ کي معراج بخشيو. اها ڪا جزوي تبديلي نه آهي. اها تمام وڏي تبديلي آهي. اسان جو پيارو دوست سجاد ميراڻي خيرپور دبستان جو سجاڳ ۽ ساڃاهه وند شاعر آهي. خيرپور کي گواليار ، بيڪانير، لاهور ۽ سنڌ جي گائڪن وڏو شرف بخشيو. اهو سهرو خيرپور جي ميرن تي سونهين، پر جڏهن اڃا غزل، غزل نه بڻيو هو، ريختو سڏبو هو. ان وقت به خيرپور دبستان جو داتا سچل سرمست ۽ روهڙيءَ جي بيدل فقير ريختي ۾ پاڻ موکيو هو. خيرپور جي ادبي تاريخ جي دنيا ۾ خاص مقام رکي ٿي. ان سرزمين جو شاعر سجاد ميراڻي ان ڌرتيءَ جو ستارو آهي. ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ پريالوءِ جو اڳواڻ پڻ.
    سجاد ميراڻي مختصر غزل جو شاعر آهي. هن دور ۾ سنڌ جا تمام گهڻا شاعر مختصر غزل جا شاعر آهن. ان جا ٻيا به ڪارڻ ٿي سگهن ٿا پر منهنجي نظر ۾ هڪ وڏو سبب اهو آهي ته گائڪيءَ ۾ غزل جا چار بند مس ڳايا ٿا وڃن.تنهنڪري غزل کي مختصر ڪيو ويو آهي. ڪنهن دور ۾ گراموفون رڪارڊنگ ۾ ٽن کان ساڍا ٽي منٽ هڪ غزل يا گيت کي مس ملنداهئا. پهريون انهن ڪمپنين ڪلڪتي مان شروعات ڪئي. پوءِ بمبئي(ممبئي) آيا. ته وڏا فنڪار ۽ شاعر ان رڪارڊنگ لاءِ تيارنه هئا. هاڻي مختصر غزل لکجي ٿو. وقت وقت جي ڳالهه آهي. حقيقت اها آهي ته غزل جا مکيه ٽي عنصر آهن.مطلعو(سرو) مقطعو (پڄاڻي) شاهه بند (شاهه بيت) آهن سجاد ميراڻي غزل جي لوازمات توڻي فڪر کي چڱي پرڄاڻي ٿو. پاڻ اسستاد شاعرن منجهان آهي. سجاد جا غزل پنهنجي فني ساخت ۾ ڳتيل ۽ ڀرپور غزل آهن. ڏسو هن غزل جا چند بند:

    ويندي ويندي وفاڪيون وڃجو!
    سهڻا سائين! سخا ڪيون وڃجو!

    سڪ جي ساگر ۾ وهي ٿي پئي
    ناوَ جو ناخدا ڪيون وڃجو!

    انتها جو فڪر نه آ ڪوئي
    بس رڳو ابتدا ڪيون وڃجو!

    پيار پنهنجو هي شل رهي قائم،
    دل سان دلبر! دعا ڪيون وڃجو!

    هي بحر فارسي بحرن منجهان آهي. هن بحر جو عروض مسدس تي آڌاريل آهي. عجمي ٻولين ۽ موسيقيءَ جو ترجمان بحر آهي. حقيقت اها آهي ته سڀني بحرن کان ننڍي عروض وارو بحر آهي. سجاد جي عروضي چونڊ کي دادڏيڻ کان سوا رهي نٿو سگهجي. هن غزل جا قافيا ته فارسي ۽ عربي آهن ليڪن رديف جي چونڊ ۾ سائين سجاد ه پُر اميد ماحول چٽيو آهي. جنهن جي ڪري عشق ۽ حسن جو مقام عام پڙهندڙ اڳيان شاعر جي منشا مطابق پڌرو ٿئي ٿو. پنهنجو خيال ٻين تائين جيئن جو تيئن رسائڻ توڻي مڃائڻ وارو فن سجاد وٽ اُتم درجي جو موجود آهي.سجاد پنهنجي اباڻي ٻيڙائتي ماحول کي هن غزل ۾ ساهه بند جو روپ ڍڪائڻ ۾ بلڪل ڪامياب ويو آهي. ساگر رڳو سمونڊ جو نالو ناهي. پر سنڌ جڏهن ريل چيل ڪيو وهندو هو، ته سنڌوءَ کي سنڌو ساگر سڏيو ويندو هو. واهه واهه جواب ناهي! غزل جي هن بند يا بيت جو.هيءُ غزل جو بند نه صرف تاريخي طور تي مڃتا جو مستحق آهي. پر شاعراڻي فن ۽ رچاءُ جو جواب ناهي.تجنيس صرف وائي، ڪافي ۽ بيت لاءِ مخصوص ناهي. هن غزل جو ٻئي مصرعون تجنيس جو شهڪار آهن.معاف ڪجو، مون سجاد سائينءَ جي ساعريءَ جي ڪليات کي ڇڏي جزيات تي بحث شروع ڪيو آهي. شايد اهو به سنڌ جي مٽيءَ جو اثر آهي. وريبه هڪ ننڍي بحر تقارب جو غزل ملاحظه فرمايو:
    اچو ٿا نچان ٿو وڃو ٿا لڇان ٿو،
    لڪو ٿاپڇان ٿو ڏسو ٿا سڪان ٿو.
    اوهان جي بدن مان جا خوشبو اچي ٿي
    گلابي گلن جان مان کي سنگهان ٿو
    تون سيني تي منهنجي اچي ڪَنُ رکي ڏس
    اندر ئي اندر ۾، مان ڪيڏو رجهان ٿو
    پرين تنهنجي پيرن جي خاڪ شفا مان
    اکين ۾ وجهان ٿو، چپن سان چمان ٿو
    پڇو ٿا ڇا ٿو لکان ۽ پڙهان مان
    اوهان کي لکان عو اوهان کي پڙهان ٿو
    منهنجو دين پنهنجو منهنجو دين ڌرم پنهنجو
    جتي سونهن ”سجاد، سجدو ڪيان ٿو
    بحرمتقارب ۽ خفيف ننڍا بحر آهن. سنڌ جي گهڻن دوستن اصطلاحن جو ڪاٻوڙو ڪيو اهي. وڏن بحرن جا ڀڳل وزن به انهن لاءِ ننڍا بحر بڻجي وڃن ٿا. ايئن نه ڪرڻ کپي جو سڀاڻي اسان تي ٻين ٻولين جا نقاد چٿرون ڪن. سجاد سائينءَ جو هي غزل قافين جي مالها بڻجي ويو آهي. جنهن ۾ قافين جو حسين استعمال به آهي. ته فڪر جي گهرائي ۽گيرائي به آهي. سنڌڏي گرامر سان فارسي گرامر جو استعمال به حسين ترين آهي. ڪٿي ضمير ادغاميءَ سان ضمير حاضر جو استعمال گڏگڏ آهي ته ڪٿي اندريان قافيا مکين قافين سان گڏجي جيڪا سرن جي ورکا ڪن ٿا. اها تمام اُتم درجي جي موسيقي هن غزل کي سُرن جو شهڪار بڻائي ٿي. غزل جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته امير امراءُ، نوجوان حضرات ۽ اهي حسينائون جيڪي پنهنجي تعريف ٻڌڻ پسند ڪنديون آهن. هيءَ صنف انهن جي من پسند صنف رهي آهي. نه صرف ايترو پران صنف کي ايراني موسيقيءَ جو مقام مليل آهي. جنهن جا تيرهن راڳ آهن. اٺ راڳ زنگولا جا ۽ پنج راڳ غزال جا، هن صنف جا مکيه راڳ آهن. اها جدا ڳالهه آهي ته برصغير ۾ اردو ۽ سنڌي غزل کي غزل ارڙهن سؤ اسي کانپوءِ سڏيو ويو آهي.پهريان مقامي غزل کي ريختو سڏيو ويندو هو.
    سجاد ميراڻيءَ جا غزل پنهنجي ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن جي اها گهرج چڱي پر پوري ڪن ٿا. حسن ادب، وجد، طوطاچشمي، لڇاءُ، سڪ ۽ سوز، تشبيهات، التجا، انتجا، اندههِ بيان، نمرتا ۽ هيٺاهين، حسن جو تقدس مٿين غزل جي زينت ۾ موجود آهن. وري سجاد جو هڪڙو غزل بحر متدارڪ مان ڏيان ٿو:
    هوءَ ڪيڏي ته آهي چَري پيار ۾
    جو چوي ٿي ته ويندي مَري پيار ۾

    رات ڪيڏو ته ٿڌڪار ۾ ٿَڪُ ڀڳو
    رات ڪيڏي ته وئي هئي ٺَري پيار ۾

    هُن تهسهڻي به پوئتي ڇڏي سير ۾،
    پاڻ ٿي يار وئي آ تَري پيار ۾

    سچ جهڙي پرينءَ جو ڀاڪر ڀريم،
    پو ته مان ڀي ويس ڄڻ ٻَري پيار ۾

    هُوءَ ڪاري ڪري ڪيئن ماري وئي؟
    ڳالهه ڪيڏي ته ٿي وئي ڳري پيار ۾

    اڳ ته ”سجاد“ ڪيڏو نه سڌريل هو
    هاڻِ هُو ڀي ويو آ کَري پيار ۾

    سجادسائينءَ جي سموري غزل جي لڙهن مان شاهه غزل يا شهڪار غزل آهي. هي غزل اصطلاحن جو مجموعو بڻجي ويو آهي. پيار ۾ ٻري وڃڻ، پيار ۾ ڳري وڃڻ، ۽ پيار ۾ کري وڃڻ. هن غزل کي امتيازي حيٿيت بخشن ٿا. هتي سجاد سائينءَ جي هڪڙي تشبيهه بيان ڪري پوءِ اڳتي ٿا هلون! سهڻيءَ کي پوئتي ڇڏڻ واري تشبيهه هڪ تاج محل تشبيهه آهي، جيڪا هن غزل جي سونه ۾ امل حيثيت رکي ٿي. سنڌي ادب جا پارکو هن تشبيهه تي وري وري نظر وجهندا ته اسان جي همت افزائي ٿيندي. هن فارسي بحر جو نڀاءُ هن غزل ۾ سجاد جي مشتاقي ظاهر ڪري ٿو ته هن فن ڪٿان جو به هجي ۽ فن ڪار ڪٿان جو هجي ان لاءِ فني باريڪويون ڪا حيثيت ڪونه ٿيون رکن. سجاد ميراڻي پنهنجي ٽهيءَ جو سڄاڻ شاعر آهي آءٌ هن ڪتاب جي اشاعت تي کيس وري وري واڌايون ٿو ڏيان! ساٿ سلامت ! سنڌ سلامت‘


    سرمد چانڊيو
    ميراڻي محلو لاڙڪاڻو


    • ”کيس چئجو هتان سدا گذري“

    هونءَ ته غزل جي مطلع جي رڳو هيءَ سٽ نه پر سڄو غزل ڪنهن نفيس شاعر جي انهيءَ غزل جي ابتڙ لکيل آهي جنهن چيو هو ته:
    کيس چئجو ته هتان گذر نه ڪر
    شهر جو شهر دربدر نه ڪر
    هنن ٻنهي شاعرن جي احساسن ۾ هڪجهڙائي بکي ٿي. لفظ اظهار جي طريقي ۾ فرق آهي. سجاد ميراڻيءَ جي غزل
    کيس چئجو هتان سدا گذري
    شهر ساري لئه ٿي دعا گذري
    ۾ پيار ڦاٻوهه جي پالوٽ آهي، جيئن هن ابتڙ واري غزل ۾ محبوباڻي حُسن ۽ ناز انداز وارن احساسن جو اظهار آهي. توڻي جو سجاد ميراڻيءَ جي غزل جي مطلع جي ٻي سٽ ۾ محسوس /معلوم ٿو ٿئي ته شاعر ملاڻڪو روح رکي ٿو ۽ پنهنجي ڪنهن بزرگ، مرشد يا استاد لاءِ لکيو اٿس. جيڪڏهن مٿين سٽ سان ” عشق وارن لئه ٿي عطا گذري“جوڙيوال ڪري ها، ۽ دعا جو طلبگار نه هجي ها ته غزل اڃان وڌيڪ ڀرپوريت ڏيکاري ها!. پر سجاد ۽ مان مولواڻا ڀاسندا آهيون، انهيءَ مشرب مان جو پيتو اٿئون. پريالوءِ شهر، ڪيترن پاسن کان شاهوڪار ۽ شاداب رهيو آهي ۽ پنهنجي نالي جو ڀرم رکيو اٿس. هتي ئي سنڌ جي سدا حيات راڳي سرمد سنڌيءَ جو جنم ٿيو ۽ هتي ئي هوائن ۾ خوشبو جو هڳاءُ. ۽ هتي ئي سندس ڀاءُ به آهي. جيڪو سرمد جي هر شيءِ جي وارثي ڪيون بيٺو آهي ۽ ان جي ناز، آواز ۽ انداز جي وارثي به هتي ٿي شڪيل پريالويءَ جهڙو معتبر شاعر ٿي گذريو ته هتيئي سجاد ميراڻي به آهي. جيڪو پيار پريت سان تيار ٿيل، گيت ، غزل، هوائن، سُرن ۽ڪتابن جي حوالي ڪري رهيو آهي.۽ پنهنجي شهر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مشعل هٿ ۾ کنيو بيٺو آهي. راتين جون راتيون ۽ ڏينهن جا ڏينهن ادبي گل ورکا ڪبدو رهي ٿو. البت مون وانگر ئي سندس هڪ ٽنگ بهشت۾ ته هڪ ٽنگ دوزخ ۾ آهي. منهنجو مطلب مذهبيت ۽ نه مذهبيت جي وچ تي بيٺل آهي. نه ته ڪٽر مذهبي آهي نه ئي وري ڇڙواڳ روشن خياليءَ جو ٻٽاڪي. ڇو ته روشن خياليءَ جو اهو مقصد اهو بنهه نه آهي ته پاڻ سماج ۾ لَٽا لاهي اگهاڙا ٿا چئون ته ”اسان روشن خيال آهيون ۽ فطرت جي پوئلڳي پيا ڪريون. سجاد ميراڻيءَ جي اها فڪري توڙي تهذيبي وسعت ئي نه آهي.جنهن ۾ نه هو سماجي قدرن جي لتاڙ جوحاميآ نه ئي دل دماغ جي شهر ۾ تنگ گهٽين جو قائل. ڳوٽس ايترو پيار پاٻوهه سونهن جي سونهن لاءِ ڪشاده دلي آهي تيتري ئي پنهنجي تهذيبي قدرن جي اهميت چوي ٿو ته:
    کيس چئجو سنڌو سڪي ويو آ
    سنڌ تي پئي ٿي ڪربلا گذري!
    جڏهنن چميءَ جي سخا جي طلب ٿو ڪري ته اها به سندس اندر جي سونهن آهي ۽ چميءَ کي محدود ڪرڻ ۾ محدود سوچن جي ناجائز مداخلت ٿيندي.
    کيس چئجو ”سجاد“ سوالي آ
    هڪ چميءَ جي ڪري سخا گذري
    مان سمجهندو آهيان ته هن شهر تي جنهن ماڻهوءَ اهو نالو رکيو آهي ته هتي جا ڪيترا دوست، ان جي احساسن جي تسڪين ۽ تڪميل ڏانهن شهر ۾ ادبي ماحول جي اُجراڻ جو هميشه خيال ڪندو رهي ٿو.

    سرڪش سنڌي
    لاڙڪاڻو


    • مٽيءَ جو ماڻهو سجاد ميراڻي

    پريان لوءِ جيڪو انبن، کارڪن ۽ گلاب جي گلن جي دامن ۾ وسندڙ آهي. هتي هڪ ڪامل وليءَ حضرت مخدوم محمد اسماعيل رحه جي درگاهه آهي. جنهن جي آڳهه اچيروزانو ڪوڙين سلام ڪن. پريان لوءِ جي سڃاڻپ هن درويش صفت انسان جي ڪري به سنڌ ۾ گهڻي آهي. انهيءَ لوءِ جو واسي سجاد ميراڻي جيڪو نئين ٽهيءَ جي پهرين جوڙ جو سينئر شاعر آهي. هن ڪوي شاعريءَ ۾ سنڌ سطح تي سڃاتو وڃي ٿو. هن ڪوي جي شاعريءَ ۾ سنڌو ماتا جي مٽيءَ جي سڳنڌ آهي.
    سجاد ميراڻيءَ تي خاص طور پريان لوءِ جي آس پاس جي ماحول جو گهاٽو اثر آهي. هتان جي اصيل ڏنگن ۽ کارڪن ، سنڌڙي انبن جي مٺاس ۽ گلابي گلن جي سرهاڻ سجاد ميراڻيءَ جي شاعريءَ تي پنهنجو اثر ڇڏيو آهي. ۽ سندس جذبن ۾ نکار آندو آهي.هو هڪ کرو ۽ سچو انسان آهي. منهن تي سچ چئي ڏيندو آهي. ساڳي وقت هو ڏاڍو سادگي پسند به آهي. هو اوچ گذاري جي ريس کان پري ڀڄندو آهي. هن ڪوي جوٻيو خاص حوالو اهو به آهي ته هو هڪ بهترين استاد آهي. ۽ پريان لوءِ ۾علم جي روشني ڦهلائيندو رهي ٿو. جيئن ڪنهن شاعر چيو آهي ته:
    زندگيءَ جو سفر آ پرين!
    روشنيءَ جو سفر آ پرين!
    سجاد ميراڻيءَ جو سفر روشنيءَ جو سفر آهي. سندس پٽ سميع سجاد به نئين ٽهيءَ جو سريلو ۽ سيبتونشاعر آهي. سندس ادبي گاديءَ تي سندس ولي عهد خليفو بڻجي. سجاد ميراڻيءَ جي ٻاريل مشعل کي کڻي اڳتي قدم وڌائيندو.
    سجاد ميراڻيءَ جي شاعريءَ ۾ مختلف رنگ بکندا نظر ايندا آهن. هن جي شاعريءَ جا جدا جدا رنگ انڊلٺ بڻجي پنهنجو جادو پسائيندا آهن. ٻي ڳالهه ڪندو هلان ته سجاد ميراڻي فني لحاظ کان به عمدو شاعر آهي سندس شعر انيڪ بحرن تي سرجيل آهن. هڪ غزل جي ٻن شعرن ۾ هن داخلي ڪيفيت جو اظهار هن ريت ڪيو آهي:
    وقت جي وهڪري ۾ وهي ٿووڃان
    يار! آهيان مٽيءَ جو ڊهي ٿو وڃان
    تنهنجي ٻيڙيءَ ۾ ڳورو مان ئي هان
    تنهنجي چئي کان اڳ اڳي ئي لهي ٿو وڃان
    هي غزل بحر متدارڪ مثمن سالم تي جوريل آهي. مٿين شعرن ۾ سجاد ميراڻيءَ اميريءَ ۽ غريبيءَ کي ظاهر ڪيو آهي. ننڍ وڏائيءُ جو ويڇو اڄ به اوج تي آهي. هن ڪويءَ هڪ عام چوڻيءَ جو سهارو وٺي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو آهي. چوڻي ” ٻيڙي ۾ واڻيو ڳورو“ ذات پات ۽ مذهبي مت ڀيد جو چڪر هتي جاري آهي. سجاد ميراڻيءَ جي شاعريءَ ۾ جمالياتي رنگ به دل کي لڀائيندڙ آهي.
    هوءَ جو ايندي وئي
    روشني ٿينديوئي

    پيار جو ڏيندي وئي
    درد ڌوئيندي وئي
    بحر جي ڪجهه رڪنن کي ڇڏي شاعري ڪندا رهن ٿا نه ته بحر رمل وڌ ۾ وڌ مسدس سالم ا مخذوف ۾ ڪم آندو ويو آهي. پرينءَ جي اچڻ سان روشني ٿي وڃي ٿي ۽ ان جي پيار ڏيڻ سان درد ڌوپي وڃي ٿو. درد ڌوئڻ نئون اصطلاح آهي. سجاد ميراڻيءَ جو هڪ غزل جي ٻن شعرن ۾ جمالياتي رنگ ڏسو:
    عرض منهنجو اگهائجو جانان
    نينهن مون سان نڀائجو جانان
    توڏي سورج مکي مڙي نه پوي
    چهرو پنهنجو لڪائجو جانان
    هي شعر بحر خفيف مسدس مخبرن محذوف ۾ چيل آهن. ”جانان“ لفظ ڪلاسيڪي شاعريءَ جو لتاڙيل ۽ گٺل پيٺل آهي. ٻي ڳالهه جيڪا ٻي شعر ۾ لکي ٿو اها هيءَ آهي ته پهرين مصرع ۾ شاعر محبوبه کي جمع جي صيغي ۾ مخاطب آهي ۽ پوئين مصرع ۾ واحد جي صيغي ۾ مخاطب آهي. انهيءَ کان پاسو ڪرڻ گهرجي...هي مختصر مضمون ۾ هن نئين ٽهيءَ جي سينئر ڪويءَ جي فن ۽ فڪر کي سموهي نٿو سگهجي. ٿورا داڻا ٿالهيءَ ۾ . جي مثال ٿوريءَ شاعري مان شاعر جي اُڏام کي پرکي سگهجي ٿو...

    منير سولنگي
    پير جو ڳوٺ ڪينگري


    • پختو ۽ پيارو شاعر سجاد ميراڻي

    شاعريءَ ۾ دم(قوت) ضروري آهي دم واري شاعري ئي، دلين جا دَرَ کڙڪائيندي آ. سٽن ۾ ساهه وجهڻ هر شاعر جو ڪم ناهي. هتي ڪيترائي اهڙا شاعر آهن وٽ قافيي رديف جي کاڻ يا صرف خيال آهي. صحيح ۽ سگهاري شاعر جي هٿن ۾ فن ۽ فڪر جا ٻئي پيالا هوندا آهن. سجاد ميراڻي سنڌ جي انهن شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو جن جي شاعريءَ ۾ پختگي خيالن ۾ تونائي ۽ تازگي به آهي ته سچائي به هن جا شعر فن ۽ فڪر ڏانهن قدم وڌائيندي نظر ايندا آهن. منهنجو مشاهدو آهي ته جن به شاعرن فن ۽ فڪر مان صرف هڪ کي ترجيح ڏني آهي ته، انهن جو شعر ڪمال درسجي جو نه ٿي سگهيو آهي. اسان وٽ هزارين شاعرن مان صرف آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر سگهارا آهن. باقي ساعر رسالن، اخبارن ۾ ڇپجي رڳو نالو ڳڻائي رهيا آهن. اِهو اِن ڪري ٿيو آهي جو قلمڪارن جي اڪثريت فن ۽ فڪر جي لازمي هجڻ واري ڳالهه کي نظر انداز ڪيو. جڏهن ته خيال لاءِ فن ۽ فن لاءِ خيال ضروري آهي. اهو نسخو ئي ساعريءَ ۾ دم پيدا ڪري ٿو ورنه شاعريءَ جو مقدار ته وڌندو رهندو پر معيار کي موت اچي ويندو. دل کي خوشي ٿي آهي جو ڌرتيءَ جي هڪ پختي ۽ پياري شاعر سجاد ميراڻيءَ جي شاعريءَ جو ٻيو مجموعو منظر عام تي آيو آهي.پذيرائي پڙهندڙن وٽ ۽ پرک پارکن وٽ آهي. اُمييد اِها آهي ته سجاد جا سخن مڃتا ۽ مقام ماڻيندا، دعا آهي ته سجاد جي قلم جو ڪنڌ سدا اوچو رهي....



    بيخود بلوچ
    پنو عاقل


    • صوفياڻو مزاج رکندڙ شاعر

    سجاد ميراڻي اسان جي ٽهيءَ جو خوبصورت شاعر آهي. جهڙو لهجو سندس ڳالهائڻ ۾ آهي. تهڙو ئي سندس شاعريءَ ۾، سجاد ميراڻي سچو ۽ اوريجنل شاعر آهي. هي جيترو مذهبي آهي اوترو ئي قوم پرست به سجاد جي شاعريءَ ۾ نماڻو رڌم آهي. هو جڏهن شاعري پڙهندو آهي ته دل چوندي آهي ته پڙهندو رهي. هن وٽ ورجاءُ گهٽ ۽ نواڻ وڌيڪ آهي. سجاد ذهين شاعر آهي. هي جيڪي قافيا استعمال ڪري ٿو. انهن ۾ به ورجاءُ نه پر نواڻ آهي. هي ڪنهن جي لهجي جي پوئواري نٿو ڪري . پر سندس ذاتي لهجو آهي. جيڪو کيس منفرد بڻائي ٿو. سجادَ جا غزل ۽ وايون ڌرتيءَ سان ۽ ڌرتيءَ جي خوشبوءِ سان واسيل ۽ واڳيل آهن. سندس شاعريءَ ۾ فطري سونهن گهڻي نظر اچي ٿي. هيءَ ڌرتيءَ جي ڏکن کي به ڪڏهن نٿو وساري. ڌرتيءَ جا ڏک سندس ئي ڏک آهن. پنهنجي سماج ۾ رهي. انهن جهڙو ٿي. پنهنجا ۽ انهن جا احساس شاعريءَ ۾ تسبيح جي مڻين جيان پوئي ٿو. سجاد ميراڻيءَ جي شاعريءَ م سچائي آهي ۽ هو خود به سچو آهي. جهڙو سندس اندر آ، تهڙو ئي ٻاهر، سجاد سان ملي دل خوش ٿيندي آهي. ته اڄ هڪ سٺي ماڻهوءَ سان ملاقات ٿي.سجاد دوستن جي گناهن جا کاتا به نه رکندو آهي. جيڪو سندس دوست آهي. اهو بس دوست ئي آهي. ان سان سندس ڪوئي ليکو نه آهي. هن جا هندو به سٺا دوست آهن ته مسلمان به.سجاد جو مزاج صوفياڻو آهي. سڀ جو خير گهرڻ ۽ سڀ کي پنهنجو سمجهڻ.

    يار ايندو نه جي، چينُ ايندو ڪٿي،
    پاڻ سجاد ان ڏي، ڪَهي ٿو وڃان


    مهر خادم
    سکر


    • يار! ڳائندو نه ڪر؟!

    هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ڪرڻ دوران ڪجهه اهڙيون شيون پڙهڻ لاءِ مليون. جن کي پڙهڻ سان اهي واقعا ياد اچي ويا. جيڪي مون خود اکين سان ڏٺا آهن. ۽ اُهي رُوح کي رهڙا ڏيندڙ واقعا آهن.
    ٻه هزار ڇهه ۾(2006ع) سچل سائينءَ جي ميلي ۾ هڪ ميجڪ شو ۾ مان پنهنجي وڪيل دوست يار محمد اڄڻ سان گڏجي ويس. جتي اندر سورنهن يا سترنهن سالن جي ڇوڪري ڊانس ڪري رهي هئي. جنهنجي ڊريس جون ٻانهون ڪلهي تائين نه هيون. ۽ اُتي آيل تماسائي ماڻهو اُن ڇوڪريءَ جي هٿ جي پوئين پاسي کان وٺي ڪلهي جي آخر تائين نوٽ گسائي ڳٽي تائين پهچائي پوءِ کيس اُهي نوٽ ڏئي رهيا هئا. جنهن وقت نوٽ ڇوڪريءَ جي ٻانهن تي گسڪي رهيا هئا، ان وقت منهنجو روح ٻاٻري ڪنڊن واري ڊنگهر سان رهڙجي رهيو هو.
    مان ٻاهر نڪري دوست کي چيم رمضان شريف جي مهيني ۾ سچل جي ميلي ۾ هيڏي ساري حوا جيڌيءَ جي عزت پائمالي سچل جي پيغام جي لتاڙ نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ جڏهن سائين سجاد جي وائيءَ جو هيٺيون بند ڪمپوزنگ دوران پڙهيم ته مٿيون واقعو ذهن تي تري آيو

    هاءِ حوا جي ڌيءَ وِڪي
    چند ٽَڪن تي رات
    الاڙي گهوڙا ڙي
    سنڌيءَ جو مشهور پهاڪو آهي ” انڌي جي اڳيان روئڻ اکين جو زيان“ سوسائينءِ سجاد ورياهڙي ئي قسم جي هڪ ڳالهه ڪئي آهي پر ان جو اندازِ بيان پنهنجو شاعريءَ وارو آهي. ٻيو ته جيڪا ڳالهه سائين سجاد چئي آهي. اها ڪا جهڙي تهڙي ڳالهه نه آهي. اِها هڪ اهڙي شخصيتجي ڳالهه آهي. جنهن کي اسان ان جاءِ تي متعارف ڪرائي سگهون ٿا. جتي سنڌ جي. سنڌي ٻوڳليءَ جي ، اڳواڻيءَ ڪرڻ لاءِ اسان کي رهبر گهرجي. اُتي اسان جي ڪرڻ لاءِ ان شخصيت جو نالو آڻي سگهجي ٿو. اها شخصيت آهي،اسان جي سنڌ جي سرواڻ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي، جنهن لاءِ سائين سجاد پهاڪي جي اُبتڙخوبصورت انداز ۾ ان فنڪار کي چيو آهي، جيڪو ڇڇوري قسم جي ماڻهن ۾ شاهه کي ڳائي ٿو. ۽ ڪو توجهه نه ٿو ڏيس، اتي سائينءَ سجاد جي صبر جو پيالو ٽٽي ٿو پوي ۽ ان راڳيءَ کي چوي ٿو ته:
    جيڪڏهن ويٺا هجن بد ذوق پو
    شاهه کي اُتِ يار! ڳائيندو نه ڪر
    سائينءَ سجاد پنهنجي هڪ شعر ۾ چوي ٿو ته:
    جهيڙي ۽ جنگ کي ڳچيءَ ۾ وڌوسين،
    ڪبوتر ۽ ڳيرو اُڏاري ڇڏيوسين
    پنهنجي هڪ فوٽوگرافر دوست رياض ڏنور وٽ مان هڪ ڳيري جي تصوير ڏٺي هئي، جنهن ۾ امن جي سڃاڻپ طور ليکيو ويندڙ ڳيري کي، ڪنهن ماري ڇڏيو هو. ۽ رياض ان جي تصوير ڪڍي هئي. جنهن ۾ ڳيري جي منڍي هيٺ لڙڪيل ۽ ٻئي کنڀڙاٽيون کليل آهن. مان سائين سجاد کي عرض ٿو ڪيان ته سائين اسان امن جي پکين کي اُڏاري نه ڇڏيو آهي. پر اهو سچ آهي ته سائين سجاد جي ساعريءَ ۾ بلڪ ماري ڇڏيو آهي. اهڙيون کوڙ ساريون سٽون آهن. جيڪي تاريخ ۾ اڳتي هلي سائين سجاد کي پنهنجي ٽهيءَ جي الاهي ساترن دوستن کان نمايان مقام ڏيارينديون.


    جمشيد
    Email:jamshed63@yahoo.com
    Mobile:03013431349


    غزل

    • حمد

    منهنجو ٻيڙو تون ئي تاريندين
    او منهنجا رب! او منهنجا خدا!

    آدم کي تو بخشو باري نوح جي ٻيڙي تو ئي تاري
    ڇا شان چوان مان تنهنجو ڀلا

    باهه کي تو گلزار بڻايو، ابراهيم نه ساڙايو
    هر شيءِ جي مٿان تنهنجي قدرت آ

    يونس نبيءَ کي پيٽمڇيءَ مان، توئي ڏني هئي آزادي
    مقبول ڪئي تو ان جي دعا

    موسيٰ لئه دريا ۾ رستا، توئي بڻايا ها سائين!
    ايوب کي ڪامل بخشي شفا

    ”ميراڻيءَ“ تي مهر عنايت تون ئي ڪندين مدنيءَ صدقي
    ڏَسِ ڪير ڀلا آ توکان سوا


    • نعت

    مڪي جو مولا، مديني جو والي
    محمد جي آ ذات ڪيڏي نرالي

    سخا ۽ عطا جو آ درياءُ بيشڪ
    نه خالي ڪو موٽيو ڪڏهن سوالي

    پٿرن به پياري پرينءَ کي سڃاتو
    اُٺ ڀي اچي ٿيا حالي حوالي

    شفق تي جا لالڻ ٿئي شام جو ٿي
    اها آهي دستِ محمد جي لالي

    انهيءَ درجو آهي مداحي ”ميراڻي“
    جنهن در جو جبرئيل آهي ٽپالي
    *


    • وقت جي وهڪري ۾ وهي ٿو وڃان

    وقت جي وهڪري ۾ وهي ٿو وڃان،
    يار! آهيان مٽيءَ جو ڊهي ٿو وڃان

    تنهنجي ٻيڙيءَ ۾ ڳورو رڳو مان هان،
    تنهنجي چئي کان اڳي ئي لهي ٿو وڃان

    او واعظا! تو دوزخ جا دڙڪا نه ڏي،
    آءٌ پاڻ هي خدا سان ٺهي ٿو وڃان

    نينهن جو نانءُ آهي ملامت پرين!
    لوڪ ڇا ڀي چئي مان سهي ٿو وڃان

    ڪين ايندو جي هُو! چينُ ايندو ڪٿي؟
    پاڻ ”سجاد“ ان ڏي ڪهي ٿو وڃان.
    *


    • ويندي ويندي وفا ڪيون وڃجو

    ويندي ويندي وفا ڪيون وڃجو،
    سهڻا سائين!سخا ڪيون وڃجو.

    حسن وارن جا شهنشاههَ پرين!
    مون کي پنهنجو گدا ڪيو وڃجو.

    سِڪ جي ساگر ۾ جا وهي ٿي پئي،
    ناوَ جو جا ناخُدا ڪيون وڃجو

    انتها جو فڪر نه آ ڪوئي،
    بس رڳو ابتدا ڪيون وڃجو.

    پيار پنهنجو هي شل رهي قائم،
    دل سان دلبر دعا ڪيون وڃجو.

    سونهن ”سجاد“ لاءِ سڀ ڪجهه آ
    مون کي سڀ ڪجهه عطا ڪيون وڃجو.
    *


    • هوءَ جو ايندي وئي

    هوءَ جو ايندي وئي
    روشني ٿيندي وئي

    پيار جو ڏيندي وئي
    درد ڌوئيندي وئي

    ڦٽ فراقن جا سڀئي،
    سڪ ڏئي سبندي وئي

    سانڍجان تون ساهه ۾،
    چاهه مان چوندي وئي.

    منهنجي ڀاڪر مان اُٿي،
    سيءَ ۾ ڏڪندي وئي.

    شاعري منهنجي کڻي،
    چاهه مان چمنديوئي.

    مونکي روئاري هتي
    پاڻ پو کلندي وئي
    *


    • اقرار ۽ انڪار ۾ گذري پئي

    اقرار ۽ انڪار ۾ گذري پئي،
    زندگي بس پيار ۾ گذري پئي.

    مان گلن جا هار بيٺو هان کڻي،
    هُوءَ غصي ۽ خار ۾ گذري پئي

    رات اوسيئڙو ڪيان ٿو چنڊ جو،
    رات هن جي سار ۾ گذري پئي

    آهي جيون راند نوَٽڻ جي پرين!
    جيت ۾ ۽ هار ۾ گذري پئي.

    هُوءَ آئي سمنڊ تي سينگارجي،
    روشني سنسار ۾ گذري پئي.

    سنڌ جو ”سجاد“ ڪيئن ٿي آجپو؟
    بس انهيءَ ويچار ۾ گذري پئي.
    *


    • عرض منهنجو اگهائجو جانان!

    عرض منهنجو اگهائجو جانان!
    نينهن مون سان نڀائجو جانان!

    لوڪ سان ڀل ڦٽائجو جانان!
    پر نه مون سان ڦٽائجو جانان!

    مون کي پيرن جي بس جتي سمجهي،
    پنهنجي پيرن ۾ پائجو جانان!

    آءُ مس مس مِڙي سگهيو آهيان،
    ڪين مونکي ورهائجو جانان!

    نينهن نِروار ٿي نه پنهنجو پئي،
    نينهن کي ڪجهه ته پائجو جانان!

    توڏانهن سورج مکي مُڙي نه وڃي،
    چهرو پنهنجو لڪائجو جانان!

    تنهنجو چهرو ته حجرِ اسود آ،
    پنهنجو چهرو چمائجو جانان!

    *


    • مون ته لئه گلاب پوکيا هِن

    مون ته لئه گلاب پوکيا هِن،
    تو ڇو مون لئه عذاب پوکيا هِن؟

    منهنجي هڪڙي سوال تي سائين!
    يار! ڪيڏا جواب پوکيا هِن.

    منهنجي ڏوهن جي پوک پو ڏسجان،
    هوڏي ڏس ڪجهه ثواب پوکيا هِن.

    تون ڀلي پوک جيڪو توکي وڻي،
    مون ته قلم ۽ ڪتاب پوکيا هِن.

    عشق وارا ڀلا ڇا پوکيندا؟
    عشق وارن ته خواب پوکيا هِن.

    يار! ”سجاد“ ٽَڪي جا شاعر!
    پاڻ تي ڇو خطاب پوکيا هِن
    *


    • اوپرو ٿي پيو آهيان

    اوپرو ٿي پيو آهيان،
    پتڪڙو ٿي پيو آهيان.

    گيت وائي، غزل ۽ ڪافي مان،
    پنجڪڙو ٿي پيو آهيان.

    هي ستارا پرينءَ جا پيرا هِن،
    * پيرڙو ٿي پيو آهيان.

    مان هان تاريخ پنهنجي ڌريءَ جي،
    * مِئه دڙو ٿي پيو آهيان.

    هُن جي آڏو اچي ڏسو ڪيڏو،
    هلڪڙو ٿي پيو آهيان.
    *


    * مئه دڙوـــ موهن جو دڙو
    * پيرڙوــ پيراٽُو


    • کييس چئجو هتان سدا گذري !

    کييس چئجو هتان سدا گذري!
    شهر ساري لئه ٿي دُعا گذري.

    کيس چئجو ته حسن فاني آ،
    نانءُ پنهنجو رکي وفا گذري.

    کيس چئجو ته پيار سڀ ڪجهه آ،
    عشق وارن لئه ٿي عطا گذري.
    .
    کيس چئجو ته سنڌو سُڪي ويو آ،
    سنڌ تي پئي ٿي ڪربلا گذري.

    کيس چئجو ”سجاد“ سوالي آ،
    هڪ چُميءَ جي ڪري سخا گذري
    *


    • ڪيئن نه ڳڻتي پو مون کي ڳاريندي

    ڪيئن نه ڳڻتي پو مون کي ڳاريندي،
    جيڪڏهن هُوءَ نه دل کي ٺاريندي.

    نيڻ منهنجا ڏسڻ جي لاءِ سِڪن،
    پنهنجو چهرو ڪڏهن ڏيکاريندي

    منهنجي ڪمري ۾ ڪيڏي اوندهه آ،
    هُوءَ ايندي بتي ڪا ٻاريندي

    ڪالهه هُن جي گهٽيءَ مان گذريو هوس،
    نيت اِن سان ته هوءَ نهاريندي.

    مان ته هُن کي سدائين ساريان ٿو،
    نيٺ هُوءَ ڀي ته مون کي ساريندي.

    مان تماچي ۽ هوُءَ نوري آ،
    سِڪ جي ٻيڙيءَ کي ڪيئن نه تاريندي۔.
    *


    • منهنجي من ۾ بهار ڪونهي ڪو

    منهنجي من ۾ بهار ڪونهي ڪو،
    جيڪڏهن مون سان يار ڪونهي ڪو.

    مون ڪيو آ گهڻو ئي اوسيئڙو،
    هاڻ ڪو انتظار ڪونهي ڪو.

    منهنجي عيبن کي ڪيئن کوليندو،
    ربُ منهنجو ستار ڪونهي ڪو؟

    هُو ته پانڌي آ پيار جي پنڌ جو،
    شخص هُن وٽ قرار ڪونهي ڪو.

    مون ڏي ڇا ٿا ڏسو ۽ ڇو ٿا ڏسو؟
    منهنجي عيبن شمار ڪونهي ڪو.
    *


    • سونهن تنهنجون صدائون وڏي ڳالهه آ

    سونهن تنهنجون صدائون وڏي ڳالهه آ،
    عشق تنهنجون عطائون وڏي ڳالهه آ.

    جو گهريم مون کي ملندو رهيو يار کان،
    مون تي ايڏيون عطائون وڏي ڳالهه آ.

    مان خطا تي خطائون ڪندو پئي ويس
    معاف ساريون خطائون وڏي ڳالهه آ.

    هُن جي ديدار جي لاءِ هر ڪو سڪي،
    مون ڏي مُرڪي ڏٺائون وڏي ڳالهه آ.

    موڪلائڻ مهل پئي رُناسين ٻئي،
    لڙڪ، ڀلڪر، دعائون وڏي ڳالهه آ.

    هُوءَ آئي هُئي تنهنجا ڳوڙها اُگهڻ،
    تنهنجون هُن سان دعائون وڏي ڳالهه آ.

    وقت تي وقت منهنجي لڌي سار آ،
    وقت تنهنجون وفائون وڏي ڳالهه آ.
    *

    * شهيد بينظير ڀٽو


    • نفرتون ڏئي محبت کڻي ٿو وڃي

    نفرتون ڏئي محبت کڻي ٿو وڃي،
    يار! ڪيڏو ته پو ڀي وڻي ٿو وڃي.

    گل ڪيڏو ته سهڻو ٽاريءَ ۾ آ،
    سو به خوشبو ڏئي پوءِ ڇَڻي ٿو وڃي.

    ٿورڙو ٿورڙو پاڻ تي ضابطو،
    تير نظرن جا قاتلُ هڻي ٿو وڃي.

    هُو جڏهن ٿو اچي مون ڏي سينگارجي،
    پو ته ”سجاد“ جو ٿي ڌڻي ٿو وڃي.
    *


    • پيار ۾ جيت ۽ هار نه ڏس

    پيار ۾ جيت ۽ هار نه ڏس،
    گل کي ڇهندين ته خار نه ڏس.

    مونڏي ايندين ته دل ٺري پوندئي،
    لوڪ ڇا به چئي يار نه ڏس.

    هُو! ڀٽائيءَ کي ويٺا ڳائن ٿا،
    تون رڳو ٻڌُ فنڪار نه ڏس.

    ڪونه ڪو راهه ۾ ملي ويندو،
    ڪنهن جا اڳ ۾ ئي پرين! پار نه ڏس.

    جيڪو ”سجاد“ جو سڄڻ آهي،
    سو به ”سجاد“ آ، ڌار نه ڏس.
    *


    • دعوا جي لئه دليل گهرجي

    دعوا جي لئه دليل گهرجي،
    نمرود آهي خليل گهرجي

    سنڌ امڙ جو ڪيس کٽي جو
    اهڙو ڪوئي وڪيل گهرجي

    فرعونن کي ٻوڙڻ جي لئه،
    ڪليم گهرجي ۽ نيل گهرجي

    جنهن کي ڏسندي ڪنڌ ڪپائن
    يوسف کان وڌ جميل گهرجي

    ”سجاد“ سنڌ جي ”ميراڻيءَ“ کي
    ڪينجهر منڇر جهيل گهرجي
    *


    • هر سوال جو جواب ڏيندس مان

    هر سوال جو جواب ڏيندس مان،
    تون خدا ٿيءُ حساب ڏيندس مان.

    تنهنجو ثاني نه ڪو زماني ۾،
    توکي ڪهڙو خطاب ڏيندس مان

    نفرتن جا گناهه ڇاڻي ڇڏ،
    محبتن جا ثواب ڏيندس مان.

    سونهن پنهنجي تون مون کي آڇ ته پو،
    شاعريءَ جا ڪتاب ڏيندس مان.

    سنڌ خاطر ”سجاد“ ” ميراڻي“
    * بيت ڏيندس ۽ باب ڏيندس مان.
    *

    بيت ــ گهر
    باب ــ در


    • دل کي تون در در رُلائيندو نه ڪر

    دل کي تون در در رُلائيندو نه ڪر،
    عشق جي عظمت گهٽائيندو نه ڪر.

    مان هان تنهنجو، مان هان تنهنجو، ساک سان
    مون کي هر هر آزمائيندو نه ڪر.

    تون ملڻ کان پوءِ وڇڙڻ جو چئي،
    ائين کلائي پو رئاريندو نه ڪر

    جيڪڏهن ويٺا هجن، بد ذوق پو،
    شاهه کي ات يار ڳائيندو نه ڪر.

    جي اگر ”سجاد“ آهين پوءِ ٻڌ،
    غير آڏو ڪنڌ جهڪائيندو نه ڪر
    *


    • ڪجهه درد وڌايا هُن، ڪجهه دل جي ڪمزوري

    ڪجهه درد وڌايا هُن، ڪجهه دل جي ڪمزوري
    ڪجه فطرت آ هن جي ڪجهه منهنجي مجبوري

    ڪجهه ڪلما پڙهي چئي ٿو، جنت جو مالڪ هان،
    هر ڪنهن کان حقارت ۽ ڪيڏي ٿس مغروري

    هت دين جو ٺيڪو ڄڻ ، واعظ جو کنيل آهي
    جو مومن،ڪافر جي، هو ڏي ٿو منظوري

    ڪردار ڀلو جنهن جو انسان ڀلو سو آ
    ڀل ذات جو ميراڻي، سيد يا هجي ڪوري

    مسجد جي ناهي من ۾، مسجد ٻي ڪهڙي ڪم جي،
    زاهد تو اندر جي، مسجد ڇو رکي پَوري

    ڏسجن جي ملائڪ ٿا شيطان سي اندر جا
    ”سجاد“ ڪرن سجدا، دلبر کان اٿن دُوري
    *


    • گل کي گلزار کان پري ٿا ڪيو

    گل کي گلزار کان پري ٿا ڪيو
    يار کي يار کان پري ٿا ڪيو

    سنڌ منهنجي ائين کسي مون کان
    ماءُ کي ٻار کان پري ٿا ڪيو

    مون کي فرقن ۾ يارا ڦاسائي
    سهڻي سردار کان پري ٿا ڪيو

    مان ڀٽائيءَ جو پوئلڳ آهيان
    مون کي يڪتار کان پري ٿا ڪيو

    جنهن جي صدقي ٿيو مان شاعر هان
    اهڙي دلدار کان پري ٿا ڪيو

    مان هان ”سجاد“ سونهن پوڄاري،
    سونهن سرڪار کان پري ٿا ڪيو
    *


    • عشق جن جو امام آهي

    عشق جن جو امام آهي
    تن کي منهنجو سلام آهي

    موت انهن کي ڪيئن ماريندو
    ننڊ به جن ڪئي حرام آهي.

    امر هيو ۽ امر ئي رهندو
    عاشق تا قيام آهي.

    دنيا ڪيڏي ظالم آ پر
    پيار جو اُچو مقام آهي

    سوري کي جن سينگاريو آ
    ”سجاد“ تن جو غلام آهي.
    *


    • درد ڪيڏا بيدرد ٿي پيا هِن

    درد ڪيڏا بيدرد ٿي پيا هِن
    ظالم وحشي فرد ٿي پيا هِن

    دل جي سرحد ڏي ٿا ڪاهِن
    ڄڻ ڪي باغي ڪُرد ٿي پيا هِن

    اهڙي ڪائي واءُ گهُلي آ
    جذبا سارا سرد ٿي پيا هِن

    * شيخ جي وائي جو مون ڳائي،
    ڪيئي چهرا زرد ٿي پيا هِن.

    سنڌ ٿا وڪڻڻ ڪُرسيءَ خاطر!
    مرد به اڄ نامرد ٿي پيا هِن
    *

    * شيخ اياز جي وائي
    سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو


    • يار جو نڪري اچي ٿو رات جو

    يار جو نڪري اچي ٿو رات جو
    چنڊ ڄڻ اڀري اچي ٿو رات جو

    رات جي راڻيءَ جهڙي هٻڪار ٿس
    هو جتان گذري اچي ٿو رات جو

    قدم بوسيءَ لاءِ هر ڪو بيقرار
    ها جڏهن سنڀري اچي ٿو رات جو

    ياد هن جي ٿي ستائي باهه جيان
    درد ڄڻ اُڀري اچي ٿو رات جو

    ”سجاد“ جو هن وٽ وڃي ٿو رات جو
    سو به پو نکري اچي ٿو رات جو
    *


    • ايڏي ويساهه گهاتي ڇو؟

    ايڏي ويساهه گهاتي ڇو؟
    مڏي ڪنڌ تي ڪاتي ڇو؟

    منهنجي ڌرتيءَ تي رهندي
    مون سان ٻولي ٻاتي ڇو؟

    جيڪو سنڌ کي ماءُ نه سمجهي
    اهڙو گهر جو ڀاتي ڇو؟

    جنهن کي جيئه ۾ جاءِ ڏني مون
    تاڻيئين مون سان ڇاتي ڇو؟

    هاڻي ويٺو پڇتايان ٿو
    لئون انهيءَ سان لاتي ڇو؟

    ”ميراڻي“ ٿو سيد سڏجي
    اڄ ڪلهه جمعراتي ڇو؟
    *


    • پيار تي الزام ايندا هن پرين!

    پيار تي الزام ايندا هن پرين!
    ها دنيا وارا ئي ڏيندا هن پرين!

    ڇو ڀلا گهٻرائجي وئين لوڪ کان
    حادثا اهڙا به ٿيندا هن پرين!

    پيار ۾ طعنا ۽ مهڻا او مٺا!
    هڪ نه پر هزار ڏيندا هن پرين!

    آءُ مل ”سجاد“ سان نروار ٿي
    ڀل جَلن جيڪي جهليندا هن پرين!
    *


    • منهنجي من جي اڱڻ تي اچي ويٺو آ

    منهنجي من جي اڱڻ تي اچي ويٺو آ،
    ها دنيا جي نظر کان بچي ويٺو آ.

    هُو پُڇن ٿا اکيون ڇو ٿو پوري هلين؟
    منهنجي نيڻن ۾ سهڻو سچي ويٺو آ

    هو ته ناچن جو آيو ڏسڻ ناچ هو،
    پاڻ ناچو ٿي تن سان نچي ويٺو آ.

    پنهنجي محبوب جي محل آڏو ڏسو،
    جاءِ پنهنجي اڏي هو ڪچي ويٺو آ

    هُن کي پاڻي هڻو هن کي پاڻي ڏيو،
    برهه جي باهه ۾ هُو پچي ويٺو آ.

    مون سان جنت ۽ دوزخ جون ڳالهيون نه ڪر!
    روح منهنجي ۾ راڻو رچي ويٺو آ

    مان ته ”سجاد“ آهيان ۽ سجدو ڪندس
    منهنجي من ۾ جو مالڪ مچي ويٺو آ
    *


    • ظالم جا ساٿاري بڻجي

    ظالم جا ساٿاري بڻجي
    بيٺا سڀ بازاري بڻجي

    اندر ۾ اِبليس کان اڳرا
    ٻاهر نيڪ ۽ قاري بڻجي

    سون تي سيڻ مٽائي ويٺا
    دنيا جا واپاري بڻجي

    مظلومن کي مات ڏيڻ لئه
    لِڪي ويٺا ماري بڻجي

    سنڌ کي پيءُ جي ڌرتي سمجهي
    اچن روز بِهاري بڻجي

    عشر، زڪات جي پيسن تي
    ملان ويا سرڪاري بڻجي
    *


    • هوءَ ڪيڏي ته آهي چَري پيار ۾

    هوءَ ڪيڏي ته آهي چَري پيار ۾،
    جو چوي ٿي ته ويندي مَري پيار ۾

    رات ڪيڏو ته ٿڌ ڪار ۾ ٿڪُ ڀڳو
    رات ڪيڏي ته وئي هئي ٺَري پيار ۾

    هُن ته سهڻي به پوئتي ڇڏي سير ۾،
    پاڻ ٿي پار وئي آ تَري پيار ۾.

    سج جهڙي پرينءَ کي جو ڀاڪر ڀريم،
    پو ته مان ڀي ويس ڄڻ ٻَري پيار ۾

    هُوءَ ڪاري ڪري ڪيئن ماري وئي؟
    ڳالهه ڪيڏي ته ٿي وئي ڳَري پيار ۾

    اڳ ته ”سجاد“ ڪيڏو نه سڌريل هيو،
    هاڻِ هُو ڀي ويو آ کَري پيار ۾
    *


    • اچو ٿا نچان ٿو، وڃو ٿا لڇان ٿو

    اچو ٿا نچان ٿو، وڃو ٿا لڇان ٿو،
    لڪو ٿا پڇان ٿو، ڏسو ٿا سڪان ٿو

    اوهان جي بدن مان، جا خوشبوء اچي ٿي
    گلابي گلن جيان مان، ان کي سنگهان ٿو

    تون سيني تي منهنجي، اچي ڪنُ رکي ڏس
    اندر ئي اندر ۾، مان ڪيڏو رَجهان ٿو

    پرين تنهنجي پيرن جي، خاڪِ شفا مان،
    اکين ۾ وجهان ٿو، چپن سان چُمان ٿو

    پڇو ٿا ته ڇا ٿو لکان ۽ پڙهان مان،
    اوهان کي لکان ٿو، اوهان کي پڙهان ٿو

    منهنجو دين پنهنجو، منهنجو ڌرم پنهنجو،
    ڏسي سونهن ”سجاد“ سجدو ڪيان ٿو.
    *


    • مٺامونڏي کڻي اکريون نهاريندين ته خوش هوندين

    مٺامونڏي کڻي اکريون نهاريندين ته خوش هوندين
    ڪيا ٿئي قول جي مون سان تون پاريندين ته خوش هوندين

    جڏهن کان مون ڏٺو توکي تڏهن کان تون نٿو وسرين
    ائين ئي جي مٺا مون کي تون ساريندين ته خوش هوندين

    رُخِ زيبا تي زلفن کي ڇڏيو کولي تون ڇا جي لئه
    چوڏهينءَ جا چنڊ ڪڪرن ۾ نه گهاريندين ته خوش هوندين

    اُڏاريا ڪانگ مون ڪيئي اوهان جي لاءِ او سائين!
    اسان ڏي ڀي ڪوئي قاصد اماڻيندين ته خوش هوندين
    *


    • فقيرن سان ڦٽائڻ ۾ مزو ڪهڙو اچئي ٿو پيو

    فقيرن سان ڦٽائڻ ۾ مزو ڪهڙو اچئي ٿو پيو
    ستايل کي ستائڻ ۾ مزو ڪهڙو اچئي ٿو پيو

    ڪيو آ ڏوهه ڪهڙو مون ڀلا مون کي ٻڌائج تون
    ته پوءِ ايڏو اُچائڻ ۾ مزو ڪهڙو اچئي ٿو پيو

    حسن سرڪار جي آڏو اڳي ڪنهن جي هلي آ ڇا؟
    اجايو پو اُچائڻ ۾ مزو ڪهڙو اچئي ٿو پيو

    وصلُ جو تو ڪيو واعدو مگر تنهن کي نه پاڙيو تو
    جدا ٿي جيءُ جلائڻ ۾ مزو ڪهڙو اچئي ٿو پيو

    سَري بازار رُسوا تون ڪري مون کي مٺا منهنجا!
    زماني کي کلائڻ ۾ مزو ڪهڙو اچئي ٿو پيو

    ”ميراڻيءَ“ کي محبت ۾ چريو آخر بڻائي تو
    پريالي منجهه پِنائڻ ۾ مزو ڪهڙو اچئي ٿو پيو
    *


    • ايڏو تون گهٻرائين ڇو ٿو

    ايڏو تون گهٻرائين ڇو ٿو
    پيار ڪري پڇتائين ڇو ٿو

    هونئن ته ايندو هئين تون مون ڏي
    هاڻي تون لهرائين ڇو ٿو

    هڪ چميءَ جي سوال تي سهڻا!
    ڇرڪين ۽ شرمائين ڇو ٿو.

    رسي وڃان ٿو جي مان توکان،
    پوءِ مون کي پرچائين ڇو ٿو.
    *


    • سهڻيءَ وانگي ڪچو کنيو آ

    سهڻيءَ وانگي ڪچو کنيو آ
    سور ته پو ڀي سچو کنيو آ.

    امبر تان اُڇلايو آ هُنَ
    جو به بچو آ بچو کنيو آ

    ڀٽ ڌڻي تنهنجي آڳر مان
    وَرَ بن گونگيءَ ٻچو کنيو آ

    سنڌ سان جنهن غداري ڪئي آ
    پنهنجي لئه تنهن ڏچوکنيو آ

    پنهنجي پرينءَ جو ناز ۽ نخرو
    ڳايو جهومو نچو کنيو آ

    ”سجاد“ سنڌ جي آزاديءَ جو
    عَلم هٿ ۾ اُچو کنيو آ.
    *


    • ٻيڻو، ٽيڻو، چوڻو، پنجوڻو آهيان مان

    ٻيڻو، ٽيڻو، چوڻو، پنجوڻو آهيان مان
    حسن جي آڏو ليڪن هيڻو آهيان مان

    منهنجي پرين آ شوخ طبيعت جو ڪيڏو
    آءُ مون ڏي ڏس ڪيڏو جهيڻو آهيان مان

    منهنجي سنڌ ڏي ميري اک سان جو ڏسندو
    پوءِ ڏهيسر پوءِ ڏهوڻو آهيان مان

    جيئن اُٿاري جيئن ويهاري مرضي ٿي،
    ڪير چئي ٿو، پاڻ وهيڻو آهيان مان.

    سچ ۽ سنڌ ۽ سونهن جو آ ”سجاد“ قسم،
    ميڻ ، مکڻ ۽ ماکي *ميڻو آهيان مان.
    *

    * گاهه جو قسم


    • هر ڪو جيئڻ کان پو مري ٿو پيو پو

    هر ڪو جيئڻ کان پو مري ٿو پيو
    پو ڇو ايڏا خفا ڪري ٿو پيو

    فلسفو سمجهه ۾ اچي ئي نٿو
    روح باقي جسم ڳري ٿو پيو

    پهڻ پاڻيءَ ۾ ڇو ٻڏي ٿو وڃي
    لوهه پاڻيءَ ۾ ڪيئن تري ٿو پيو

    هڪڙو ڪارو آ ڪوئلي وانگيان
    ٻيو سورج جيان ٻري ٿو پيو

    هي به ماڻهو آ هُو به ماڻهو آ
    ماڻهو، ماڻهوءَ جي نوڙت ڪري ٿو پيو!
    *


    • اکين جي ڪهاڻي پڙهي ٿي وڃي

    اکين جي ڪهاڻي پڙهي ٿي وڃي،
    گذارش نماڻي پڙهي ٿي وڃي.

    مان هُن کي ته ڪجهه ڀي چوان ئي نه ٿو،
    هُوءَ ڪيڏي آ سياڻي پڙهي ٿي وڃي.

    لکيل آهي تحرير دل جي مٿان،
    اُهو روح راڻي پڙهي ٿي وڃي.

    صدين تائين هن جي ٿي پهچي نظر،
    دڙي جي آکاڻي پڙهي ٿي وڃي.

    جو ڏينهن رات تنهنجو ڪري ٿو ذڪر،
    اُهو آ ”ميراڻي“ پڙهي ٿي وڃي.


    • يا خدا! آسمان قائم رک

    يا خدا! آسمان قائم رک،
    يار گڏ آ جهان قائم رک.

    منهنجو آئينو ڏي ٿو آئينا،
    سونهن جو سو دُڪان قائم رک.

    يار جي پنڌ ۾ مان نڪتو هان،
    منهنجي منزل مڪان قائم رک.

    سونهن جي جت ٿئي سلامي سو،
    سونهن جو آستان قائم رک.

    سڀ نظر ٿا رکن گناهن تي،
    مون تي پنهنجي اَمان قائم رک

    مان هان ”سجاد“ ۽ ڪيم سجدا،
    منهنجا سجدا نشان قائم رک.
    *


    • پاڻيءَ جو مان ڦوٽو آهيان

    پاڻيءَ جو مان ڦوٽو آهيان
    ٺڪر جو مان لوٽو آهيان.

    هر ڪو ٿو اُڇلائي مون کي،
    ٻيڙيءَ جو ڄڻ ٽوٽو آهيان

    يار جي زلفن ۾ ٿو اٽڪان،
    ڀڳل ڪوئي ڦڻوٽو آهيان.

    ڪوئي مون کي ڪونه وٺي ٿو،
    شايد سڪو کوٽو آهيان.

    رستي ۾ ٿو رُلان ڀِٽڪان،
    پٿر آهيان سِروٽو آهيان

    يار ”سجاد“ ٿو هر ڪو پڪڙي
    وڌوا جو ڄڻ چوٽو آهيان.
    *


    • خدايا منهنجي قسمت ڪر، وڃان دلدار جي در تي

    خدايا منهنجي قسمت ڪر، وڃان دلدار جي در تي
    اها آ التجا منهنجي، رهان مان يار جي در تي

    جدائيءَ يار جيءَ ۾ مان، روئي گهاريان ٿو ڏينهن راتيون
    ڪڏهن ٿيندو اهو ڏينهن جو، پڄان پڳدار جي در تي

    لهي ويندا لهي ويندا، ڏسڻ سان منهنجا سڀ ڏکڙا
    اهڙو آهي اثر سائين، سچي سردار جي در تي

    سوا هن جي ڀلا مون کي، ٻيو گهرجي ڇا زماني ۾
    رڳو بس مان پڄان پهريان، پنهل پڳدار جي در تي

    محبت منهنجي سائينءَ سجي، جنهن جي مَنِ آهه ”ميراڻي“
    اهو من ڪيئن ويندو پو، ڪنهين زردار جي در تي
    *


    • ڪاريهر تي پير آ سائين !

    ڪاريهر تي پير آ سائين!
    ڪيئن چوان ته خير آ سائين!

    ڪوڌر روز ٿا ڪسجن سنڌ جا
    لاشن جو هت ڍير آ سائين!

    ڀاءُ کي ڀاءُ ڪري ٿو اغوا
    سسئي جو ڪو ڏير آ سائين!

    تَنَ جا اَڇا اُجرا ماڻهو
    مَنَ ۾ تَنِ کي مير آ سائين!

    پوڙهي پيءُ کي ماري ٿو پيو
    ڪهڙو پٽ دلير آ سائين!

    ڌارين ڌرتي والاري آ
    گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ غير آ سائين!

    گهر ۾ نانءُ پنڊيءَ تي ڪونهي
    ٻاهر پاءُ نه سير آ سائين!
    *


    • کيس ڌوڪو مليو دل شڪستو ٿي پيو

    کيس ڌوڪو مليو دل شڪستو ٿي پيو
    نينهن کان جو پري ٿيو ته نِستو ٿي پيو

    ڇا ته مسڪين جي گهر جي پئي ڀت ڊهي
    پو ته هر ڪنهن جي لئه ڄڻ رستو ٿي پيو.

    يار کان جو پري هو اڌورو هيو
    يار آيس ته پو سربستو ٿي پيو

    هئا سڀئي گل مگر گل گلابي نه هو
    گل گلابي پڳوگلدستو ٿي پيو.

    يار گڏ هوس ڪيڏو مهانگو هيو
    يار کان پوءِ ”سجاد“ سستو ٿي پيو.
    *


    • تون جو رسي وئين ڏات رسي وئي

    تون جو رسي وئين ڏات رسي وئي
    گيت، غزل ۽ هر بات رسي وئي

    صبح منجهند ۽ شام رسي وئي
    ڏينهن رسي ويو رات رسي وئي

    شهر جو هر هڪ ماڻهو ڇا پر
    ساري مخلوقات رسي وئي

    گلشن منجهه اُداسي آهي
    هاءِ! پکين کان لات رسي وئي

    تنهنجي رسڻ سان زاهد کان ڀي
    روزو ۽ صلوات رسي وئي

    تنهنجو فڪر سلامت آهي
    باقي سڀ فڪرات رسي وئي

    سنڌو ڀي اڄ سوڪ ٿي ويو آ
    هاءِ! اها سوغات رسي وئي

    ”ميراڻيءَ“ ڏي موٽ تون هاڻي
    ڇو ته سندس حالات رسي وئي
    *


    • قرار مون کان کسي ويو آن، خدا ڪري شل قرار ۾ هُج

    قرار مون کان کسي ويو آن، خدا ڪري شل قرار ۾ هُج
    بهار هوندي خزان ڪري وئين، خدا ڪري شل بهار ۾ هُج

    اسان ته توکي دعائون دلبر! ڪنداسين هر هر هزار ڀيرا
    اسان کي غم ڏي ڀلي تون ليڪن ، خوشين جي سائين خُمار ۾ هُج

    اوهان جي نازن ڇڏيو آ موهي، عجيب آهن ادائون ساريون
    حُسن اوهان جو رهي سلامت، سدائين هار ۽ سينگار ۾ هُج

    ڏکيا جي ڏينهڙا اچي ويا مون تي، پرين ڪا توتي ميار ناهي،
    سکن ۾ شل تون هجين سدائين، سلامتيءَ سان سڪار ۾ هُج

    زمانو مون کان ڪري ٿو نفرت، مليو نه ڪنهن کان ڪو پيار آهي
    سڀن جي سائٿ اوهان سان آهي، سِڪ مزي سان سنسار ۾ هُج

    اوهان جي خاطر ٿو يار جاڳي، ڪٽي ”ميراڻي“ جبل جون راتيون
    خدا ڪري شل ائين ئي تون ڀي ”سجاد“ جي انتظار ۾ هُج.
    *


    • شهنشاهه شعور ڏي

    شهنشاهه شعور ڏي
    نينهن وارو نور ڏي

    اکين منجهان پيارِ تون
    ساقيا سرور ڏي

    سونهن جو قسم اَٿئي
    عشق مون اگهور ڏي

    پور سڀ پري ڪري
    پرين! پنهنجو پور ڏي

    منهنجون خوشيون کڻ ڀلي
    سڄڻ پنهنجو سور ڏي

    پير، مير، مولوي
    ۽ رئيس کي ضمير ڏي

    ”سجاد“ کي تون سونهن مان
    ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڏي
    *


    • يار جو سمنڊ تي وڇي پهتو

    يار جو سمنڊ تي وڇي پهتو
    سمنڊ پيرن ۾ پو اچي پهتو

    منهنجي ڪوتا تلاش هُن جيءَ ۾
    هُو هُتي ڪيئن پو بچي پهتو

    مئه خوارن جي رات محفل ۾
    ڪيئن زاهد ڀلا اچي پهتو

    وقت هن کي ڏنا هئا ٽانڊا
    پيارُ ٽانڊن مان ڀي پچي پهتو

    ڪنهن ٻڌايس اڪيلو ويٺو ٿئي
    پو ته ”سجاد“ وٽ نچي پهتو
    *


    • سي ئي ماڻهو موتيءَ داڻا

    سي ئي ماڻهو موتيءَ داڻا،
    جيڪي ناهن ڪڏهن وِڪاڻا.

    مومل جيڪي ماڻي ويندا،
    اهڙا آهن ديس ۾ راڻا.

    عشق وارن جي قدم قدم تي،
    ڪاريون ڪوٺيون جيل ۽ ٿاڻا.

    اناالحق آ نعرو جن جو،
    ٽياس تي تن جا لاش ويڳاڻا.

    تون ڇا خريد ڪندين اي ڪانئر،
    منهنجا گيت اِجهو اُڏاڻا.

    ”ميراڻيءَ“ جي دل تي ڌاڙو،
    پرين هڻي ويا تنهنجا ماڻا.
    *


    • بهارن جي بهاريءَ ۾ نه دل کي ڪو قرار آهي

    بهارن جي بهاريءَ ۾ نه دل کي ڪو قرار آهي
    سڄڻ جي منهنجي سامهون آ سرءُ ڀي پو بهار آهي

    پيتو هو جام جيڪي مون سڄڻ جي ساقي خاني مان
    لبن تي اثر آ ان جو ۽ اکڙين ۾ خُمار آهي

    جڏهن کان ير جدا ٿيو آصنم سهڻو سٺو سائين
    انهيءَ ڏينهن کان اکيون آليون ۽ دلڙي بيقرار آهي

    پڇن ٿا پيا ”ميراڻي“ ڇو ائين ويڳاڻو ويٺو آن،
    چون ٿو ٻيو ته ڪجهه ناهي پرين جو انتظار آهي.
    *


    • تون جي آهين او پرين! پو پيار آهي زندگي

    تون جي آهين او پرين! پو پيار آهي زندگي
    تون جي ناهين او پرين! بيڪار آهي زندگي

    هڪ مٺيءَ جو ذائقو، ڏينهن ڪيئي ٿو هلي
    هڪ مٺي تنهنجي مٺا! اسرار آهي زندگي

    تنهنجي نيڻن جو قسم، تنهنجي نيڻن جي ڪري
    روز اچڻو ٿو پوي ديدار آهي زندگي

    تون رسي جو ٿو وڃي، ڄڻ حياتي ٿي رسي،
    پو ته بس منهنجا مٺا! ڄڻ بار آهي زندگي

    بازار ۾ بيٺس وڃي، ”سجاد“ مان تنهنجي ڪري،
    ڪونه آئين يار! اُت لاچار آهي زندگي
    *


    • ڪجهه درد وڌايا تو ڪجهه دل جي ڪمزوري

    ڪجهه درد وڌايا تو ڪجهه دل جي ڪمزوري
    ڪجهه فطرت آ تنهنجي ڪجهه منهنجي مجبوري

    ڇا آهي وڃايو تو جو ايڏو روئين ٿي
    تون سسئي وانگي ڇو رُلندي ٿي وتين ڇوري

    مان تنهنجو آئينو تون مون ۾ پاڻ کي ڏس،
    تون اندر جي اُجري ۽ ٻاهر ڀي گوري

    هي چاهه ناهي چرچو ۽ پيار ناهي پرچو
    جو جلد ڪري وٺجي ۽ ڳالهه به اڻپوري

    هڪ سنڌ سان سڪ آهي ٻيو توسان پيار پرين
    ان ڳالهه ڪري منهنجي ٿي آهي مشهوري

    تون لوڪَ لڪي ملندينءَ ۽ اندر ۾ کلندينءَ
    پر ناهي ڪڏهن لڪندو هڪ خون ٻيو کَستوري
    *


    • اعتبار ڪندين، مان تنهنجو هان

    اعتبار ڪندين، مان تنهنجو هان،
    جي پيار ڪندين، مان تنهنجو هان.

    مان توڏي اچان تون منهنجي لئه،
    سينگار ڪندين، مان تنهنجو هان.

    تون سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لئه،
    تڪرار ڪندين،مان تنهنجو هان.

    تنهنجي مورت منهنجي من ۾ آ،
    ديدار ڪندين، مان تنهنجو هان.

    تون سنڌ ڌرتيءَ جي ماڻهن سان،
    وهنوار ڪندين،مان تنهنجو هان.

    جي ديس جي دُشمن کي سائين!
    سنگسار ڪندين،مان تنهنجو هان.

    ”سجاد“ کي پنهنجي نيڻن جو،
    مئه خوار ڪندين،مان تنهنجو هان.
    *


    • توڏي نه جي اچان مان

    توڏي نه جي اچان مان،
    ڏَسِ ڪيئن پو بچان مان.

    ها جي ملين تون مرڪي
    جهومان ڪڏان نچان مان.

    مون سان گڏ هجين تون،
    مولا کان ڇا گهران مان.

    ڌرتيءَ سان ڪيان غداري
    پو ڇو نه ير! پڏان مان.

    ڏِسُ يار سان ٿو کيڏان،
    ”سجاد“ ڪيئن کٽان مان.
    *


    • نه ڪر يار مون سان ڦٽائڻ جي ڪوشش

    نه ڪر يار مون سان ڦٽائڻ جي ڪوشش،
    چڱو ٿئي ته ڪر تون نڀائڻ جي ڪوشش.

    جي ويندين ته مان پو سدائين پيو روئيندس،
    پرين! ڪر نه مون کي روئارڻ جي ڪوشش.

    سنڌوءَ ساڻ منهنجو مرڻ ۽ جيئڻ آ،
    ڪيو ڇو ٿا ان کي سڪائڻ جي ڪوشش.

    مون سان منهنجي اکين ڪئي آ غداري،
    ڪندس ڪين مان ڪجل پائڻ ڪوشش.

    اوسيئڙي ۾ ”سجاد“ بيٺو آ ڀت سان،
    ڪرن ٿا انهيءَ ڀت کي ڊاهڻ ڪوشش
    *


    • حسن جو احترام ڪرڻو آ

    حسن جو احترام ڪرڻو آ
    سونهن جو ير! سلام ڪرڻو آ.

    هو اچي يا نه اچي مرضي ٿَي،
    مون کي بس اهتمام ڪرڻو آ.

    هن جي قدمن تي پنهنجا چپ رکي،
    پنهنجو اعليٰ مقام ڪرڻو آ.

    مون کي هاڻي ثواب گهرجي ٿو،
    ذڪر هن جو دوام ڪرڻو آ.

    سارو جيون ڪندس مان اوسيئڙو،
    پنهنجو جيئڻ حرام ڪرڻو آ.

    مشڪ عنبر سان پنهنجو منهن ڌوئندس،
    يار سان جو ڪلام ڪرڻو آ.

    اٿ ”سجاد“ تيار ٿي توکي،
    سونهن جو بس غلام ڪرڻو آ.
    *


    • کڻي اک ٿا ڏسن جنهن کي انهيءَ کي مفت ٿا مارن

    کڻي اک ٿا ڏسن جنهن کي انهيءَ کي مفت ٿا مارن،
    حسينن جي نگاهن ۾ اثر اهڙو به ٿيندو آ.

    رُخِ دلبر تي ڪارو تر ڏسي حاذق چيو مون کي،
    عشاقن لئه حسينن وٽ زهر اهڙو به ٿيندو آ.

    حسن سرڪار جي آڏو جهڪي واعظ چيو مون کي،
    ائين ئي جهُڪ جو اُقبيٰ جو ثمر اهڙو به ٿيندو آ.

    پُڇن ٿا پيا ”ميراڻي“ تو ڪيا هِنِ حال اهڙا ڇو؟
    چيم بس عاشقن جو ير! گذر اهڙو ئي ٿيندو آ.
    *


    • هاڻي توسان حوال يار ڪبو

    هاڻي توسان حوال يار ڪبو،
    سارو اندر جو حال يار ڪبو.

    تون ڀلي کوڙ مون کان سوال ڪجان،
    توکان هڪڙو سوال يا ڪبو.

    پيار پنهنجي کي ڪو نظر نه هڻي،
    توسان ملندي خيال يارڪبو.

    منهنجي عظمت آ تنهنجي قدمن ۾،
    پاڻ کي پائمال يار ڪبو.

    سِڪ جا ”سجاد“ کي ڏئي تحفا،
    پيار کي مالامال يار ڪبو.

    *


    • سُکن ۾ ته سڀڪو سلامي ڀري ٿو

    سُکن ۾ ته سڀڪو سلامي ڀري ٿو،
    غمن ۾ گهڙي کن ڪو گهاري ته مڃجي.

    اسان سار سڀني جي ساري لهون ٿا،
    اسان کي به ڪو يار ساري ته مڃجي.

    هٿن سان ته هر ڪو پياري ٿو ليڪن،
    نگاهن سان ڪوئي پياري ته مڃجي.

    اميدن جو ٻيڙو به طوفان ۾ آ،
    ڪري ڪو انهيءَ کي ڪناري ته مڃجي.

    اسان جي ته عيبن جو ڪاٿو ئي ڪونهي،
    پنهجا عيب ڪوئي نِهاري ته مڃجي.

    پرينءَ جي چپن کي چمڻ ٿو گهران مان،
    مگر هوبه جي هام واري ته مڃجي.

    کُٽي رات ڪاري وئي مان مڃان ڪيئن؟
    ها دلبر جي گيسو سنواري ته مڃجي.
    *


    • متل من ۾ محبت جو مهراڻ آهي

    متل من ۾ محبت جو مهراڻ آهي.
    سگهو اچ ٿي سارين ۾ سرهاڻ آهي.

    اچڻ جا تو سهڻا! ڪيا قول ڪيڏا،
    نه آئين ته من منجهه مانڌاڻ آهي.

    گلن جو گلابي ڏسي رنگ راڻا!
    پيو ياد تنهنجو پهراڻ آهي.

    جدائيءَ ۾ گذري ٿي پئي رات ڪاري،
    نه ٿو چنڊ اُڀري نه چانڊاڻ آهي.

    ”ميراڻيءَ“ تي مٺڙا ڪيو ڪا عنايت،
    ستايو تو سپرين! ڇاڪاڻ آهي.
    *


    • ايمان ويو ڪاڏي؟

    ايمان ويو ڪاڏي؟
    احسان ويو ڪاڏي؟

    انسان جي اندر مان،
    انسان ويو ڪاڏي؟

    مهمانَ اچي پهتا
    ميزبان ويو ڪاڏي؟

    هُن ساڻ ملڻ جو ير!
    ارمان ويو ڪاڏي؟

    ”سجاد“ جي سيني مان،
    رحمان ويو ڪاڏي؟
    *


    • جيڪو حسن جو هتڙي قدر نه ڪري

    جيڪو حسن جو هتڙي قدر نه ڪري
    تنهنجو ڪاٿي ڀي رب گهر نه ڪري.

    سو عاشق ڪهڙو چئبو ير!
    جو يار جو ويهي ذڪر نه ڪري.

    ڪيسيتائين پناهه ۾ رهندو سو.
    جيسين حُسن انهيءَ تي نظر نه ڪري.

    مون کي منهنجو پرين نه ڌڪاري ڇڏي،
    هاءِ! مولا اهڙو پهر نه ڪري.

    سنڌ سهڻي آ سهڻي رهندي،
    سهڻيءَ کي کسي ڪو قهر نه ڪري.

    سو ماڻهو آ حيوان مثل،
    جنهن تي سونهن ”سجاد“ اثر نه ڪري.
    *


    • سبق صوفين جو وساري ڇڏيوسين

    سبق صوفين جو وساري ڇڏيوسين،
    اسان پاڻ کي پاڻ ماري ڇڏيوسين.

    ڀٽائيءَ سان ڀي رکي سين نه ياري،
    مَدَنَ کي به من مان ميساري ڇڏيوسين

    سچل ۽ سامي به سيني ۾ ناهن،
    روحل ، حمل کي به واري ڇڏيوسين.

    بيدل ۽ بيڪس جي روضن کي تالا،
    عقيدتمندن کي اُٿاري ڇڏيوسين.

    جهيڙي ۽ جنگ کي ڳچيءَ ۾ وڌوسين،
    ڪبوتر ۽ ڳيرو اُڏاري ڇڏيوسين.

    هٿن ۾ ڪڙيون ۽ پيرن ۾ ڏانوڻ،
    پري کان پرينءَ کي نهاري ڇڏيوسين.
    *


    • دوستيءَ جي روپ ۾ دشمني ناهي چڱي

    دوستيءَ جي روپ ۾ دشمني ناهي چڱي،
    ڪنهن کي ماتم ۾ وجهي لڪ ۾ خوشي ناهي چڱي

    مون تي ڪوئي ڏوهه آ ڊوهه آ يا ڇوهه آ
    ڇو نه ٿا منهن تي چئو ائين بيوسي ناهي چڱي.

    راضي ٿي رحمان ڀي شيطان ڀي شاباس ڏي،
    دل ۾ دُوئيءَ کي رکي ير! بندگي ناهي چڱي.

    چار ڏينهن چاهه ڏئي پو منهن مٽي ڇو ٿا وڃو،
    لائجي ته نڀائجي نه ته دوستي ناهي چڱي.

    مرڪندڙ چهرو ڪري ملندا هيئو مسرور ٿي،
    هاڻ هِنَ مسڪين سان هي بي رُخي ناهي چڱي.

    عشق جو امتحان ڪا راند ناهي او مٺا!
    پو مريضِ عشق سان ناراضگي ناهي چڱي.

    هٿ ڏئي جيڪو ملي سو يار منهنجو آ پڪو،
    ايتري ”سجاد“ جڳ ۾، سادگي ناهي چڱي.

    *


    • پيار نگر جي ڳالهه ڪيان ڇا

    پيار نگر جي ڳالهه ڪيان ڇا،
    پنهنجي شهر جي ڳالهه ڪيان ڇا.

    سونهن وسي ٿي سڄي شهر ۾،
    سونهن سحر جي ڳالهه ڪيان ڇا.

    هر گهرُ هتڙي آهي سهڻو،
    هڪ هڪ گهر جي ڳالهه ڪيان ڇا.

    ماڻهوءَ جو هت تم من اُجرو
    شممس، قمر جي ڳالهه ڪيان ڇا.

    پريان لوءِ نانءُ ئي ڪافي
    نينهن نگر جي ڳالهه ڪيان ڇا.

    انب، کجيون ۽ ڪيلا گل ڦل
    سٺي ثمر جي ڳالهه ڪيان ڇا.

    ابل واهه وهي ٿو هتڙي
    علي بحر جي ڳالهه ڪيان ڇا.

    مخدوم سرمد جي هي نگري
    ”سجاد“ فخر جي ڳالهه ڪيان ڇا.
    *


    • مٺي مصطفيٰ جو هي فرمان آهي

    مٺي مصطفيٰ جو هي فرمان آهي.
    وطن جي محبت ئي ايمان آهي.

    وطن واسطي درد دل ۾ جو ڌاري،
    اهو درد دل جو ئي درمان آهي.

    وطن لاءِ مرڪي ڏيئي جان جيڪو،
    سو ئي شير دل مرد ميدان آهي.

    وڃي سر ٿي صدقو جي پنهنجي وطن تان،
    خدا جو اهو خاص احسان آهي.

    ڀٽائي سچل جو به هي ديس دلبرُ،
    سندن شاعريءَ جو وڏو شان آهي.

    آهي ديس سان گڏ پنهنجو ويس پيارو،
    ٽوپي ۽ اجرڪ عاليشان آهي.

    لکيو آ لکان ٿو ۽ لکندس وطن لئه،
    هي ”سجاد“ جو اهم اعلان آهي.
    *


    • اعتبار ڪندين، مان تنهنجوهان

    اعتبار ڪندين، مان تنهنجوهان،
    جي پيار ڪندين، مان تنهنجو هان.

    مان توڏي اچان تون منهنجي لئه،
    سينگار ڪندين، مان تنهنجو هان.

    تون سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لئه،
    تڪرار ڪندين، مان تنهنجو هان.

    تنهنجي مورت منهنجي من ۾ آ،
    ديدار ڪندين، مان تنهنجو هان.

    سنڌ ڌرتيءَ جي تون ماڻهن سان،
    وهنوار ڪندين، مان تنهنجو هان.

    جي ديس جي دُشمن کي سائين!
    سنگسار ڪندين، مان تنهجو هان.

    ”سجاد“ ئي پنهنجي نيڻن جو،
    مئه خوار ڪندين، مان تنهنجو هان.
    *


    وايون

    • وائي 1

    دريا شاهه بادشاهه!
    ڪاڏي جوڀن ويو تنهنجو!

    مسڪين ماروئڙا هي
    آسري الله
    ڪاڏي جوڀن ويو تنهنجو!

    ڪنهن در دانهيندا وڃي
    ڪو ٻڌندو آهه
    ڪاڏي جوڀن ويو تنهنجو!

    ڀري سلامي سنڌ جي
    ورتيون ويندين هئين راهه
    ڪاڏي جوڀن ويو تنهنجو!

    اڳي ايندو هئين او سنڌو!
    گل ڦٽندا ها گاهه
    ڪاڏي جوڀن ويو تنهنجو!


    • وائي 2

    ڪامل ڪل ڪوتا
    توکي ارپيان ٿو.

    پنهنجي من اندر جا
    جاني سڀ جذبا
    توکي ارپيان ٿو.

    گيت غزل ۽ وايون
    ٽيڙو ۽ قطعا
    توکي ارپيان ٿو.

    ڏک ۽ سک پنهنجا پرين!
    ٽهڪ ۽ سڏڪا
    توکي ارپيان ٿو.

    پنهنجي جان ۽ جدڙي
    سائين! اوسرتا!
    توکي ارپيان ٿو.


    • وائي 3

    پهريان آهي پيٽ
    پوءِ ڳالهيون پيار جون

    ان بنا انسان
    آهي مٽي ميٽ
    پوءِ ڳالهيون پيار جون

    مون کي گهرجي ماٺڙي
    روپيو منهنجو ريٽ
    پوءِ ڳالهيون پيار جون

    ”سجاد“ اَن ايمان آ
    پيٽ به آهي ٻيٽ
    پوءِ ڳالهيون پيار جون


    • وائي 4

    هليا ويا هنگلاج
    سامي سورن ۾ وجهي.

    ڏکن ڏاکڙن جو
    ڏئي ويا ڏاج
    سامي سورن ۾ وجهي.

    نميا وڃي ناٿ کي
    ماڻي محبت معراج
    سامي سورن ۾ وجهي.

    پريمن جي پيار ڪيو
    تن کي آ تاراج
    سامي سورن ۾ وجهي.


    • وائي 5

    زلفن جا اسير
    تڙپي تڙپي ويا مري

    پرين تنهنجي پيار جي
    جن کي پئي سير
    تڙپي تڙپي ويا مري

    تنهنجي نيڻن جا مٺي!
    لڳا جن کي تير
    تڙپي تڙپي ويا مري

    تنهنجي بي رُخي ڏسي
    ”سجاد“ جهڙا فقير
    تڙپي تڙپي ويا مري


    • وائي 6

    تنهنجي آئي او پرين!
    ٿي ويو گهر روشن
    ڏيئا سڀ ٻري ويا

    ڪاري ڪاري رات هئي
    تنهنجو ٿيو درشن
    ڏيئا سڀ ٻري ويا

    اُماس جِهڙو اونداهو
    جرڪيو تن ۽ من
    ڏيئا سڀ ٻري ويا

    سِڪ جو وڻ ناهي سُڪو
    سائو آ پن پن
    ڏيئا سڀ ٻري ويا

    ”سجاد“ تنهنجي نانءَ سان
    جذبا ٿا جرڪن
    ڏيئا سڀ ٻري ويا


    • وائي 7

    ريل گاڏيءَ ۾
    سونهن جو خدا
    ڪيئن ته ويٺو آ

    ڪنهن گِهري سوچ ۾
    سڀن کان جدا
    ڪيئن ته ويٺو آ

    هر ماڻهو هن تان
    ٿيئي پيو فدا
    ڪيئن ته ويٺو آ

    مرڪ چپن تي ٿَس
    اندر ۾ پيڙا
    ڪيئن ته ويٺو آ

    ”سجاد“ سُنُ ٿي ويو
    ڏسي سندس ادا
    ڪيئن ته ويٺو آ


    • وائي 8

    چنڊ اُڀري آءُ
    ڪر اچي ڪو شعاع
    سج سمهي ٿو سمنڊ ۾

    ڪلفٽن جي ڪنڊ تان
    اچي ڏس لقاءُ
    سج سمهي ٿو سمنڊ ۾

    منهوڙي وٽ مل اچي
    پرين! ڪر پرچاءُ
    سج سمهي ٿو سمنڊ ۾

    بوندون برسن ٿيون پيون
    ٿڌي گهلي ٿي واءُ
    سج سمهي ٿو سمنڊ ۾

    ڏس ”ميراڻي“ سمنڊ ۾
    پڳو سنڌو درياءُ؟
    سج سمهي ٿو سمنڊ ۾


    • وائي 9

    محبت کاڌي مات
    شاعر وڪي ڏات
    الاڙي گهوڙا ڙي!

    هاءِ حوا جي ڌيءَ وِڪي
    چند ٽَڪن تي رات
    الاڙي گهوڙا ڙي!

    آزاديءَ جو سج ڏٺو
    اک کُلي اڌ رات
    الاڙي گهوڙا ڙي!

    ٽاريءَ ٽاريءَ خاموشي
    ناهه پکين جي لات
    الاڙي گهوڙا ڙي!


    • وائي 10

    اڙي يار اَروڙ!
    تنهنجو مان مهان

    توکي چمان چاهه مان
    توکي ٻڌايان موڙَ
    تنهنجو مان مهان

    تو سان جنهن جهيڙيو
    لوڙي تنهن آ لوڙَ
    تنهنجو مان مهان

    آجپي جي لاءِ هت
    جوڳين ڪئي جاوڙَ
    تنهنجو مان مهان

    تنهنجي مٽيءَ مان مليا
    *ڀٽيءَ جهڙا ڀلوڙَ
    تنهنجو مان مهان


    * رشيد ڀٽي


    • وائي 11

    ڪارا بند نه ٺاههِ
    سينو تون نه ساههِ
    سنڌين سان او سامري!

    اقتدار جي انڌ جي
    عينڪ اکين لاههِ
    سنڌين سان او سامري!

    سنڌو صدين کان وٺي
    سنڌين جو ئي آههِ
    سنڌين سان او سامري!

    سچ چوڻ تي ڇو ڀلا
    توکي لڳي باههِ؟
    سنڌين سان او سامري!


    • وائي 12

    ڪيڏي دل ڪري
    ڀاڪر وڌئي ڀري
    پو ڇو پري ٿي وئين؟

    چيئي سڀني سامهون
    تو بن ڪيئن سري
    پو ڇو پري ٿي وئين؟

    مٺيون مون کي ڏئي مٺا!
    ڇڏيئي قرب ڪري
    پو ڇو پري ٿي وئين؟

    ”سجاد“ سنڌوءَ جو قسم
    نينهن جي ناوَ تَري
    پو ڇو پري ٿي وئين؟


    گيت

    • تنهنجو سنڌو ديش آ، هي منهنجو سنڌو ديش آ

    تنهنجو سنڌو ديش آ، هي منهنجو سنڌو ديش آ
    اجرڪ پنهنجو ويس آ، هي پٽڪو پنهنجو ويس آ

    ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين، ساري سنڌڙي سائي آ
    جنهن ۾ شاهه عنايت آ ۽ جنهن ۾ شاهه ڀٽائي آ
    جنهن ۾ سامي ۽ بلاول ۽ سچل درويش آ

    مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون هر سنڌيءَ جو نعرو آ
    هر سنڌي اڄ هوشو هيمون دولهه دودي پارو آ
    هر سنڌي سورهيه سچو ۽ هر سنڌي *ڪليش آ

    جيسين سنڌي جيئرا آهن سنڌي ٻولي زنده آ
    شاهه جي ٻولي زنده آ ۽ ماءُ جي لولي زنده آ
    سنڌ تان صدقي جان آ ۽ مال آ ۽ سيس آ

    ”ميراڻي“ محبوب آ سنڌڙي ڏات انهيءَ جي نالي آ
    ڪافي، وائي، گيت ۽ غزلهر بات انهيءَ جي نالي آ
    شد ۽ مد انهيءَ جي نالي زِير زَبر ۽ پيش آ



    *ڪيلاش جبل


    • ڌرتيءَ جي آزادي ٿا گهرئون

    ڌرتيءَ جي آزادي ٿا گهرئون
    تڏهن ٿا مرئون ڙي الا! تڏهن ٿا مرئون!

    ڀلي بم ۽ گوليون ڀريو
    خو جون هر هر هوليون ڪريو
    پو ڀي اسان ٿا ڪاٿي ڏرئون

    هوشو، هيمون، دولهه دريا دودو
    ڪيئن ڪندا هن سنڌ جو سودو
    ڳرئون مرئون ته به ڊڀ نه چرئون

    سنڌ جي ڌرتي ديس ڀلارو
    ٽوپي، اجرڪ ويس پيارو
    اوڍي اجرڪ پيا ٿا ٺرئون

    لاڙ اتر ۽ ٿر اسان جو
    ”سجاد“ سنڌ آ گهر اسان جو
    گهر مان غيرن کي ٿا تڙيئون


    • زنجير وجهين يا سير وجهين، ته به نينهن جو نعرو هڻنداسين

    زنجير وجهين يا سير وجهين، ته به نينهن جو نعرو هڻنداسين
    هيءَ سنڌ اسان جي ڌرتيءَ آ، هت غيرن کي نه ڇڏينداسين

    پرواني جيان پرواز ڪري، ها حق جو اوچو آواز ڪري
    پو نينهن جو نعرو ناز ڪري، هت هوشو بڻجي هڻنداسين.

    تون ڪيسيتائين جنگ ڪندين، ۽ ڪهڙا ڪهڙا ڍنگ ڪندين
    هت سورهيه ٿي منصور مثل، سڀ سوريءَ تيسر ڏينداسين

    هي ڏونگر سارا ڏوريندا، ۽ چارڻ ٿي چنگ چوريندا
    پو ٻيڙي تنهنجي ٻوڙيندا، خود ساٿ سلامت نينداسين.


    • سنڌڙي منهنجي سور نه سهندي

    سنڌڙي منهنجي سور نه سهندي
    آهيون اڄ هوشيار او يار!

    ٽوپي پٽڪو ناز اسان جو
    اجرڪ آ سينگار او يار!

    ڌارين کي تون ڌوڙ وجهي ڇڏ
    پنهنجن سان ڪر پيار او يار!

    نيٺ ته مرندا ڪيسين رهندا
    غاصب ۽ غدار او يار!

    پنج پنجاهه جو سودو ناهي
    سِرَ جو آ واپار او يار!

    سچ جي خاطر سوريءَ چڙهبو
    آهي هي اقرار او يار!
    آهيون اڄ هوشيار او يار!


    • منهنجا پٽڙا وڏڙو ٿيندين

    منهنجا پٽڙا وڏڙو ٿيندين
    آزاديءَ جون ٻانگون ڏيندين

    ڳاڙها جهنڊا هٿ ۾ کڻندين
    جيئي سنڌ جا نعرا هڻندين

    هوشو، هيمون، دودو بڻجي
    سنڌ جي ويرن سان تون وڙهندين

    پنهنجي وڏڙن جو او پيارا!
    پاند پليتن کان تون وٺندين.

    پنهنجي پتا ماتا جيان تون
    ساري سنڌي قوم کي وڻندين

    ”ميراڻيءَ“ جي دعا آ توکي
    جيون سارو ڏک نه ڏسندين


    • او منهنجي سنڌ! او منهنجي امان!

    او منهنجي سنڌ! او منهنجي امان!
    هر دور ۾ تو هِن درد سَٺا

    مغلن ۽ ارغونن تو سان، ظلم ڪيا ۽ ڏاڍ ڪيا
    تن ڪونڌر تنهنجا روز ڪُٺا
    او منهنجي سنڌ! او منهنجي امان!

    ترخانن هت تير هلايا، عربن تو کي ايذايو
    ۽ خِلجن تنهنجا خون ڪيا
    او منهنجي سنڌ! او منهنجي امان!

    مدد خان به ماريو توکي، نادر خان به ناحق ڪيا
    تن گهوٽ گهڻا ئي گهائي وڌا
    او منهنجي سنڌ! او منهنجي امان!

    ”ميراڻي“ جاڳيا هن مارون، هاڻي ٿيندو درد جو دارون
    ٿيندا دشمن تنهنجا ڳڀا ڳڀا
    او منهنجي سنڌ! او منهنجي امان!


    • اُٿو سنڌ منهنجيءَ جا جرنيل جاڳو

    اُٿو سنڌ منهنجيءَ جا جرنيل جاڳو
    هوشو ۽ هيمون ڪرنيل جاڳو

    سنڌڙيءَ جي سڏ تي لبيڪ چئي سڀ
    نَچندا ۽ ڪُڏندا ڀريو جيل جاڳو.

    دليري ڏيکاريو دريا خان جهڙي
    خبيثن جا ڪيو سڀ ختم کيل جاڳو.

    ڪليشن ڪهاڙيون کڻو سڀ هٿن ۾
    بُرن جي گهرن جي ڪيو ڀيل جاڳو.

    ڀاڙين اسان جي آهي ڀونءِ ڀيلي
    پيرن ۾ تن جي هڻو نيل جاڳو.

    ”سجاد“ سنڌ تان ڪيو جان صدقي
    صبح شام جاڳو ۽ ليل جاڳو


    • تون نٿو جي ملين مون سان يار پرين!

    تون نٿو جي ملين مون سان يار پرين!
    ناهي دل کي ڪوبه قرار پرين!

    اکيون تنهنجي ڏسڻ جي لاءِ سِڪن
    پيون هر هر تنهنجي راهه ڏِسن
    توکي ياد ڪري پيون روز روئن
    آهي تن ۾ تنهنجي تار پرين!

    تنهنجي لال لبن تان مان گهور وڃان
    تنهنجي چاهه ذڪن تان مان گهور وڃان
    تنهنجي ناز بدن تان مان گهور وڃان
    پايان توکي گلن جا هار پرين!

    تو ”ميراڻيءَ“ کي ڇو وساريو آ
    ڏئي پيار پرين پو ڌڪاريو آ
    تو واعدو وصل جو نه پاريو آ
    لهه پنهنجي ”سجاد“ جي سارَ پرين!


    • ڌرتي ماتا تنهنجو سونهن آ

    ڌرتي ماتا تنهنجو سونهن آ
    تنهنجي ٿڃ ملهائيندس

    پيرن ۾ ٻيڙيون هِن پاتل، ٻانهن ۾ زنجير هِن ڦاٿل
    ناچ ڪري چمڪائي تن کي، گيت تنهنجا ئي ڳائيندس
    تنهنجي ٿڃ ملهائيندس

    ڌاريو توڏي ڌاري اک سان، ديد ڪندو جي اک ئي نه هوندس
    تارا نڪري ٽڙڪي پوندس، اهڙا تير هلائيندس
    تنهنجي ٿڃ ملهائيندس

    ڪنڌ ڪپائڻ لاءِ هزارين، ايندا منهنجي سڌ تي ماتا!
    تنهنجي خاطر چارڻ بڻجي، اهڙو چنگ وڄائيندس
    تنهنجي ٿڃ ملهائيندس

    ”ميراڻي“ جي محبت تو سان، تنهنجي محبت ”ميراڻيءَ“ سان
    سنڌو ماتا! توسان ناتا، قيامت تائين نڀائيندس
    تنهنجي ٿڃ ملهائيندس


    • مند آئي وري، تون نه آئين وري

    مند آئي وري، تون نه آئين وري
    دل ٿي پئي آ چري، دل ٿي پئي چري
    تنهنجي وئي آ سري، منهنجي ڪاٿي سري
    دل پئي آ چري، دل ٿي پئي چري

    تنهنجو واعدو اچڻ جو هن عيد تي
    تون نه آئين مٺا! مان روئان ٿو هتي
    پنهنجي واعدي کي پاڙي پرين! آءُ تون
    منهنجي حالت سوا تنهنجي آهي جري

    جاڳ ۾ جي نٿو تون اچين اي مٺا!
    خواب ۾ ئي اچي پنهنجو درشن تون ڏي
    آتيون آهن اکيون ۽ چپن جون چميون
    ۽ کليل آهي تو لاءِ دل جي دري

    سور سختيون سهي، هڪ دفعي آ ڪهي
    ٻيو نه راڻا فقط رات هڪ وڃ رهي
    هت ”ميراڻيءَ“ جي ٻيڙي ٻڏي ٿي پئي
    تون جي ايندين الا! پوءِ پوندي تري


    • پاڻ مون آ پليو پيار پلجي نٿو

    پاڻ مون آ پليو پيار پلجي نٿو
    چئه ڀلا ڇا ڪريان چئه ڀلا ڇا ڪريان
    تو سوا او سڄڻ، روح رلجي نٿو
    چئه ڀلا ڇا ڪريان چئه ڀلا ڇا ڪريان

    پيار مون کي نه پهريان تون ڏين هان پرين
    جيئن آيو هيس تيئن تون ڌڪين هان پرين!
    تو هيرائي ڇڏيو پيار ڏئي پيار تي
    هاڻي منهنجو هي من يار جهلجي نٿو

    سور سالن کان سانڍي ڇڏيا مون اٿم
    درد ديرا اندر ۾ اڏيا مون اٿم
    تو سوا سور ڪنهن کي سڻايان سڄڻ!
    تو سوا سور ڪنهن ساڻ سلجي نٿو

    هر ڪو چئي ٿو تنهنجو مان آهيان پرين!
    تون ڀلي چئه ته تنهنجو مان ناهيان پرين!
    تنهنجي نالي سان هر ڪو سڃاڻي پيو
    ها اهو آ ”ميراڻي“ ڪو ڀلجي نٿو.


    • تنهنجا لال لبڙا ۽ رخسار ڳاڙها

    تنهنجا لال لبڙا ۽ رخسار ڳاڙها
    هزارين دلين تي هڻن ٿا پيا ڌاڙا.

    ويتر ويس ڳاڙهو جو پايو ٿا پيارا
    هٿين لال ميندي جو لايو ٿا پيارا
    قسم آ خدا جو ته گهايو ٿا پيارا
    محلن جا محلا ۽ پاڙن جا پاڙا

    کڻي نيڻ ڪنهن کي جي کيڪار ڪيو ٿا
    ته قاتل جيان ان تي ڄڻ وار ڪيو ٿا
    سسنڌُ سنڌُ انهيءَ جو ڪپي ڌار ڪيو ٿا
    تنهنجا نيڻ ناهن آهن ڪهاڙا.

    ڪيا ديد تنهنجي ديوانه ڪيئي
    ڏنئه مئه ته ٿي پيا مستانه ڪيئي
    ڪيا چاهه چريا سلطان ڪيئي
    الڪو نه انگ جو گهمن ٿا اگهاڙا

    اوهان جي مريدن ۾ آهي ”ميراڻي“
    تنهنجي در جو دلبر ڀريندو پيو پاڻي
    پر يار تون جي هيڪر سڃاڻي
    ته ٻيهر نه ٻولين مون سان ٻول ٻاڙا


    • ايڏا ڏينهن لاتئي منهنجا يار دلدار!

    ايڏا ڏينهن لاتئي منهنجا يار دلدار!
    صدقو وڃانءِ مان، صدقو وڃانءِ مان

    هاڻي خير سان تون آئين پيارا!
    تنهنجي آئي دلبر عجب ٿيا نظارا
    ايئن سفر تنهنجا ٿيندا پيا هر وار
    صدقو وڃانءِ مان، صدقو وڃانءِ مان

    هُتي کيل ۾ تون هِتي ويل ۾ مان
    سوا تنهنجي سهڻا ڄڻ جيل ۾ مان
    ڏکيا ڏينهن ڪٽيم ڪيئن سهڻن جا سالار
    صدقو وڃانءِ مان، صدقو وڃانءِ مان

    کڻي هٿ دعا ٿو گهري پيو ”ميراڻي“
    سفر ۽ هجر ۾ تنهنجو رب آ ساڻي
    ڪوسو واءُ توکي لڳي ڪين منٺار!
    صدقو وڃانءِ مان، صدقو وڃانءِ مان


    • هڪ ڀيرو اڱڻ منهنجي پرين پير ڀري ها، منهنجو هنيانءُ ٺري ها

    هڪ ڀيرو اڱڻ منهنجي پرين پير ڀري ها، منهنجو هنيانءُ ٺري ها
    گڏ گوڏي ويهي يار جي ڳالهين ٻه ڪري ها، منهنجو هنيانءُ ٺري ها

    محبوب جي مئخاني ۾ ڪا کوٽ ته ڪانهي،ڪا ٽوٽ ته ڪانهي،
    ڇا ٿيس جي مون لاءِ به هڪ جام ڀري ها،منهنجو هنيانءُ ٺري ها

    منهنجي رقيبن ڏي ته هر روز وڃي ٿو، ڀيرو نه ڀڃي ٿو،
    والله هڪ وار هو مون ڏي به وري ها،منهنجو هنيانءُ ٺري ها

    منهنجي نه سري هن کان سوا هن جي سري وئي، ٿي ڳالهه ڳري وئي
    هئه ڪاش جي هن جي به سوا مون نه سري ها، منهنجو هنيانءُ ٺري ها

    هڪ ديد جي خاطر ٿو سڪان سال ٿيا هِن هي حال ٿيا هن
    هن حال فقيريءَ تي اگر ڌيان ڌري ها،منهنجو هنيانءُ ٺري ها

    ”سجاد“ آ لاچار، مجبور ۽ بيوس، ڀلا ڪاڏي وڃي ڏس؟
    گهورن جو آهي گهايل، گهايل کي گهري، منهنجو هنيانءُ ٺري ها


    • هن سڄي سنسار ۾ آن سونهن جو سردار تون

    هن سڄي سنسار ۾ آن سونهن جو سردار تون
    محب تون منٺار تون منهنجي هينئين جو هار تون.

    منهنجو ڪعبو تون پرين! ۽ منهنجو قبلو تون مٺا!
    جانِ من جانِ جگر منَ جو آهين مختيار تون.

    شرف منهنجو شان تون، علم ۽ عرفان تون
    دين ۽ ايمان تون منهنجو ذڪر اذڪار تون.

    عقل تون ادراڪ تون جان تون ۽ مال تون
    منهنجو ماضي حال تون ۽ آئيندو اظهار تون.

    منهنجو واهي ۽ وسيلو تو سوا ٻيو ڪير آ
    هر مصيبت ۾ مٺا! منهنجو آهين آڌار تون.

    تنهنجي صحبت ٿي سڪونِ جاودان بخشي ڇڏي
    منهنجو ساٿي منهنجو ساهڙ منهنجو آن منٺار تون.

    ڇا ڪري سگهندو ثنا”سجاد“ تنهنجي سونهن جي
    بس فقط منهنجا پرين! سهڻن سندو سردار تون.


    نظم

    • اَمنُ الائي ڪاڏي ويو آ

    امن الائي ڪاڏي ويو آ
    ڳولهي ڳولهي ٿڪجي پيو هان

    رستن جا چوراها ڳولهيم
    سرڪون روڊ راها ڳولهيم
    چاڙها ڳولهيم لاها ڳولهيم
    ڀٽون ڳولهيم کاها ڳولهيم
    مون کي ڪاٿي ڪونه مليو آ ............

    ڪليسا ۽ گرجا گهر ڳولهيم
    مسجد ڳولهيم مندر ڳولهيم
    درس گاهن جا سڀ در ڳولهيم
    بازاريون ۽ بندرڳولهيم
    ڪٿي ظاهر ڪونه ٿيو آ..........

    ملان پير موالي ڳولهيم
    خان وڏيرا والي ڳولهيم
    اصلي ڳولهيم جعلي ڳولهيم
    سخي ڳولهيم سوالي ڳولهيم
    ڪٿي به ڀيرو ڪونه مليو آ...........

    اوڀر اولهه اُتر ڳولهيم
    لاڙ وچولو ۽ ٿر ڳولهيم
    جوڳي بڻجي گهر گهر ڳولهيم
    ڪينجهر ۽ منڇر به ڳولهيم
    شايد امن گذاري ويو آ.........

    صبح ڳولهيم شام به ڳولهيم
    قدم قدم ۽ گام به ڳولهيم
    خاص به ڳولهيم عام به ڳولهيم
    ڳجهه به ڳولهيم بام به ڳولهيم
    امن کي ڦاهي چاڙهيو ويو آ..........

    ڏسيو امن جا دعويدارو
    ڪوڙا نعرا هڻندڙ يارو ڪاڏي امن ويو ويچارو
    ڏيو ڪو ان جو پتو پارو
    ڪاٿي ان جو لوڙهه لنبيو آ.........

    امن الائي ڪاڏي ويو آ
    ڳولهي ڳولهي ٿڪجي پيو هان


    • ڌرتي سر تي

    سنڌڙي پنهنجي ڌرتي آهي
    ڌرتي پنهنجي سرتي آهي
    شاهه سچل کي جنميو آ هن
    هيءَ ڀونءِ غيرتمندن جي آ
    هوشوءَ، هيمون شيرن جي آ
    دودي جهڙن دليرن جي آ
    شاهه عنايت، بلاول ڀي هت
    بيڪس ڀي هت بيدل ڀي هت
    روحل ڀي هت غمدل ڀي هت
    رکيل ڀي هت چيزل ڀي هت
    حمل ڀي هت ٻڍل ڀي هت
    نانڪ ڀي هت سچل ڀي هت
    صوفين جو ساڻيهه ڀلارو
    پنهنجو ديس بلاشڪ پيارو
    پنهنجي ديس ۾ ڪيئي راڻا
    سهڻا سهڻا ساهه سيباڻا
    هڪ ٻي کان وڌ موتيءَ داڻا.


    • خواب

    هڪ گهٽيءَ جي موڙ تي غمدل مليو
    ٻي گهٽيءَ جي توڙ تي چيزل مليو
    ۽ اُتي صادق مليو رکيل مليو
    راهه ويندي روح سان روحل مليو
    ٻاجهه سان ٻهڳڻ وري ٻڍل مليو
    شاهه عنايت ۽ بلاول ڀي مليو
    شهر روهڙيءَ ۾ ڀلو بيدل مليو
    ۽ درازا ۾ سچو سچل مليو
    حب سان اڳتي وري حمل مليو
    ۽ ڪراچيءَ ڪڇ ۾ تاجل مليو
    سونهن وارو سنڌ جو سامي مليو
    ڀٽ ڌڻي ڀي ٿورڙو کامي مليو
    سڀن کي گيڙو وڳا پهريل هئا
    ۽ اکين ۾ پڻ ڀريل بادل هئا
    سنڌ ڌرتيءَ لاءِ ٿي سڀ ڪو لڇيو
    سَڀن گڏجي پو سنيهو هي ڏنو

    مارئي جي آ ملير سان محبت
    سهڻيءَ جي هت سڪ سلامت
    نوريءَ جي هت نياز ۽ نوڙت
    سسئي وارو سوز هتي آ
    چارڻ وارو ساز هتي آ
    شاهه ڀٽائيءَ جي هت وائي
    جهنگ جهر ۾ جا وڃي ٿي ڳائي
    سچل جي هت آههِ گهڙولي
    پنهنجي پياري سنڌي ٻولي
    جنهن ۾ جيجل ڏني آ لولي
    جيڪو ديس جو دشمن ٿيندو
    تنهن لاءِ هتڙي آهي گولي
    پنهنجي ڀونءِ ڀلاري يارو!
    جنهن جي ڏکڻ آ هي کارو
    ديس پنهنجو آباد رهي شل!
    قيامت تائين شاد رهي شل!
    *


    • مرشد لطيف

    شاعرن جو ساهه ۽ سردار آ مرشد لطيف
    سنڌڙيءَ جي سونهن ۽ سينگار آ مرشد لطيف

    جنهن جي هڪ بيت ۾ آ پيار جو پيارو پيام
    نفرتن جي نانءَ کان بيزار آ مرشد لطيف

    جنهن جي هستيءَ سان وڌي آ ديس جي عزت ادا
    سو سخي سلطان ۽ سالار آ مرشد لطيف

    سنڌ جا فرزند جنهن تي ناز ڪن ٿا سو لطيف
    ديس جي هر فرد جو دلدار آ مرشد لطيف

    گيت جنهن جا گونججن ٿا سنڌ ساريءَ ۾ سدا
    بحر بر ۾ برهه جي بازار آ مرشد لطيف

    ڇا ڪري ان جي ثنا”سجاد“ عاجز اوپرين!
    سنڌ ساريءَ جو علمبردار آ مرشد لطيف


    • سنڌ ڌرتيءَ جا اديبو شاعرو!

    سنڌ ڌرتيءَ جا اديبو شاعرو!
    سنڌ ڌرتيءَ لاءِسڀ گڏجي اُٿو
    ظالمن سان سينو پنهنجو ساهجو
    ڌارين کي سنڌ مان ڀڄائجو
    سنڌ پنهنجي سِرُ ڏئي بچائجو
    دودا بڻجي سِرَ جو سانگو لاهجو
    ۽ سنڌوءَ تان ڊيم سارا ڊاهجو
    وقت جي يزيد سان ٽڪرائجو
    ڇا به ٿي سنڌوءَ کي ڪين سڪائجو
    ها اهو پيغام ٿَوَ صوفين سندو
    اي اديبو! سنڌ جا اي شاعرو!
    سنڌ، سنڌوءَ لاءِ سڀ گڏجي اُٿو.
    *


    • سدا سنڌ سائي

    سدا سنڌ سائي ڏسڻ ٿا گهرون،
    وري سنڌ ڄائي ڏسڻ ٿا گهرون

    آزاديءَ جو انگاس اوچو هجي
    غلاميءَ تي ڇائي ڏسڻ ٿا گهرون

    سسئي ۽ سهڻي ۽ نوري *نظير
    ڀٽائيءَ جي وائي ڏسڻ ٿا گهرون

    نه گهرجي نه گهرجي ڪارو ڪو ڊيم
    سنڌ سان چڱائي ڏسڻ ٿا گهرون

    اٽو ۽ لٽو ۽ اجهو سڀ کي ڏيو،
    ڪيو حق ادائي ڏسڻ ٿا گهرون

    ٿئي خرچ سنڌ جو سنڌ تي سڀئي،
    ها سنڌ جي ڪمائي ڏسڻ ٿا گهرون

    ڇو غربت جي گهاڻي ۾ پيڙهه جئون؟
    ختم ڪيو سُڃائي ڏسڻ ٿا گهرون.


    • پيار سڀ ڪجهه آ

    اسان سچل جي مسلڪ جا، اسان لئه يار سڀ ڪجهه آ
    اسين نفرت مان ڇا ڄاڻون، اسان لئه پيار سڀ ڪجهه آ.

    آهي محفل هي رندن جي، حجابن ۾ ڇو آيا هو،
    آهيون ديدار جا طالب،سڄڻ ديدار سڀ ڪجهه آ.

    حسن ايندو جڏهن سامهون، هي ٽانڊا نيڻ پو ٺرندا،
    عشق عاجز حسن آڏو، حسن سرڪار سڀ ڪجهه آ.

    وڏي عظمت آ آدم جي، فرشتن ڪيو جنهن کي سجدو،
    آهي انسان مٽيءَ جو، مگر ڪردار سڀ ڪجهه آ.

    ڪنو جيڪو مون چاڙهيو آ، انهيءَ جو ڍڪ هي لاهيندو،
    ڀٽائيءَ چيو سچل جي لئه هي ننڍڙو ٻار سڀ ڪجهه آ.

    سڇلَ روضي مٿان چنڊ ڀي، اها ئي شاهدي ڏيندو
    جي سونهن آهي ۽ سڪ آهي، ته پو سنسار سڀ ڪجهه آ.

    چيو جنهن جوءِ ۽ جُوءِ کي، ڇڏيندا ڪين ڪي ڪونڌر
    اهوسنڌي سپوتن لئه سچوءَ اشعار سڀ ڪجهه آ.

    اسان ”سجاد“ سچل جا، ۽ سچل هند ۽ سنڌ جو
    سچل سرمست صوفين جو، سچو سردار سڀ ڪجهه آ.


    • ڀوتار آيا

    وري پير ۽ مير ڀوتار آيا
    وٺڻ ووٽ در در تي سردار آيا

    ڪئي سنڌ سان جن وفا ڪين ڪڏهن
    سي ئي هاڻي بڻجي وفادار آيا.

    اٽي ۽ لٽي ۽ اجهي جي ڏٽي تي
    اسان کان وٺڻ ووٽ غدار آيا.

    ڪَنِ وات ڦاڙي ٿا واعدا وڏا هي،
    مگر جن نه پاڙيا اهي يار آيا.

    جنين جا ڪتا ڀي مکڻ تي ٿا پلجن
    غريبن جا بڻجي سي غمخوار آيا

    نشو پي ڪئي ننڊ ايوان ۾ جن
    اُهي ئي اسان وٽ سي بيمار آيا.

    وڃو جڏهن ڪم لئه ته سائين ست آ
    اٿي ننڊ مان اڄ سي مُردار آيا.

    سواريءَ لئه جن وٽ نه سائيڪل هئي اڳ ۾
    اُهي اڄ پيجارو ڪاهي ڪار آيا.

    جاڏي آهي ڍيري تاڏي ڏين ٿا ڦيري
    ڦرڻا ۽ گهرڻا سي فنڪار آيا.


    • اُٿي پئو

    ظالم کي صفا سچ چوڻ لاءِ اُٿي پئو
    ميدانِ صداقت ۾ مرڻ لاءِ اُٿي پئو

    هت قوم کي آزادي کپي قلم زبان جي
    غاصب کان اهو حق ڇنڻ لاءِ اُٿي پئو

    هي پير جي پيري ۽ وڏيري جي وڏيرپ
    ناسور آهن ٻئي سي ڪٽڻ لاءِ اُٿي پئو

    سالن کان ستيون جيڪي سِڪن گهوٽ جي خاطر
    تن کي ته وٺي گهوٽ ڏيڻ لاءِ اُٿي پئو

    در در تي پني جيڪو تڪي قوم جون نياڻيون
    تنهن پير جي اڄ پاڙ پٽڻ لاءِ اُٿي پئو

    هارين تي وڏيري جا ڏسي ڏاڍ ڏهاڙي
    اڄ وير وڏيري کان وٺڻ لاءِ اُٿي پئو

    ”سجاد“ مصيبت آسهڻ شيوو اسان جو
    حق چئي پو مصيبت جي سهڻ لاءِ اُٿي پئو


    • ڀٽائيءَ کان سوال

    لطيف چواڻي ته
    سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري
    پر آءٌ ڪريان به ڇا؟
    هڪ پاسي ديس ٻيو پرين آ پرديس
    ڪنهن سان رهان، ڪنهن کي ڇڏيان
    اها ڳالهه کڻي لطيف کان پڇيم،
    لطيف سرڪار ورانيو
    ديسي سيڻ ڪجن پرديسي ڪهڙا پرين
    مون عرض ڪيو سائين انهيءَ بيت جي
    آخري سٽ هي به ته آهي
    پڄاڻا پرين ڪجي بس ڀنڀور کان
    ڀٽائيءَ چيو
    وڃي ڇو وڻڪار، هت نه ڳولهين هوت کي
    مون عرض ڪيو ته سائين! توهان ئي ته چيو آ ته
    ويهه مَ مُنڌ ڀنڀور ۾ ڪر ڪو واڪو وَسُ
    انهيءَ تي لطيف سرڪار مرڪي فرمايو ته
    مارئي جيڏي محبت، سسئيءَ جيڏو سُور
    اندر جن حُضور پنڌ نه پڇن پرينءَ جو.
    *


    • سنڌو ماتا

    سنڌو ماتا
    لطيف ۽ سچل
    کي جنم ڏئي
    ٻڌائي ڇڏيو آهي
    ته هيءَ ڀونءِ
    بزدل ۽ ڀاڙين جي ناهي
    ڪانئر جي ناهي ڪوڙن جي ناهي
    سرمد ۽ منصور پارن جي آهي
    دريا خان دودن دليرن جي آهي
    هوشو ۽ هيمونءَ شيرن جي آهي
    عنايت جي آهي بلاول جي آهي
    هن ڀونءِ ۾ ڪيئي راڻا رهن ٿا
    مومل جون ادائون، ماڻا سهن ٿا
    نوريءَ جو نياز نوڙت هتي آ
    مارئيءَ جي ملير سان محبت هتي آ
    سسئي جي دانهن جو آواز آ هت
    چارڻ جو چوريو اهو ساز آ هت
    سچل ۽ ڀٽائيءَ جي وائي هتي آ
    غزل گيت دوهو ۽ ڪافي هتي آ
    گهاگهر هتي آ گهڙولي هتي آ
    ڳجهارتهتي آ پرولي هتي آ
    سنڌوءَ جي سيني جي ڇولي هتي آ
    ڌرتيءَ جي دشمن لئه گولي هتي آ
    مسلمان هت آ هندو آ هتڙي
    ٻنهي لاءِ وهندو سنڌو آ هتڙي
    هيءَ ڀونءِ ڪيڏي ڀلاري آ يارو!
    جنهن جي ڏکڻ وهي ٿو پيو کارو
    سچل جي هي سنڌ آباد رهندي
    ڀٽائيءَ جي هيءَ ڀونءِ آزاد ٿيندي.
    *


    • او ڀٽائي! او سچل!

    بارود جي بوءِ
    اسان کي بيهوش ڪري ڇڏيو آ
    او ڀٽائي! او سچل!
    اوهان جيڪي اسان کي
    رابيل ۽ گلاب جي گلن جي خوشبوءِ سان واسيل
    امن ۽ آشتيءَ جا گيت ڏنا ها
    اهي اسان کي ياد ته آهن.
    پر امن جي ويرين
    اسان کان اهي سڀ ساز ڦري
    اسان کي هٿين خالي ڪري ڇڏيو آ
    اسان جي زبانن تي ڪوسو ڏامر هاريو ويو آ
    او ڀٽائي! او سچل!
    اسان کي معاف ڪجو،
    اسين اوهان جا گيت نٿا ڳائي سگهون
    ڪليشن ۽ راڪيٽ لانچر جي ٺڪائن،
    اسان کي ٻوڙو ڪري
    اسان کي پوڙهو ڪري ڇڏيو آهي
    اسان جي زبانن تي ڪوسو
    ڏامر هاريو ويو آهي
    انڪري،

    او ڀٽائي! او سچل!
    اسان کي معاف ڪجو،
    جو اسان اوهان جي گيتن کي
    بارود جي ٺڪائن۾
    ڳائي ۽ ٻڌائي نٿا سگهون
    او ڀٽائي! او سچل!
    اسان کي معاف ڪجو
    اسين اوهان جا ڏوهي آهيون
    اسان کي معاف ڪجو.
    *


    • محبت جو لغڙ

    منهنجي محبت جو لغڙ
    ڪاٽا ٿي ويو آهي
    جنهن کي پڪڙڻ لاءِ
    ڪيئي ڇورا
    لڪڙا ۽ ڍنگهر کنيو بيٺا آهن.
    لغڙ هيٺ ڪرڻ جي بدران
    وڃي ٿو مٿي ٿيندو
    شايد وري به منهنجي ئي
    گهر جي ڇت تي ڪرندو.
    *


    • ڪاش!

    کدڙي تاڙي وڄائي
    توکان خير گهريو
    تو هن کي بري نظر سان ڏسي
    هن سُس پُس ڪئي
    ۽ هو تاڙي وڄائي
    خيرات وٺڻ کانسواءِ
    تو وٽان هليو ويو
    ان وقت منهنجي دل چاهيو ته
    ڪاش!
    تون به کدڙو هجين هان
    ۽ تون به تاڙي وڄائي خيرات گهرين ها
    ۽ تو سان به ڪو سُس پُس ڪري ها
    ته توکي ڇا گذري ها
    اڙي اومردن جهڙا نامرد!
    حَوَسَ جا پوڄاري
    *


    • ماءُ

    منهنجي ماءُ مون کي،
    ان ڪري نه ڄڻيو هو
    ته،
    مان خدائي حدون اورانگهيان
    پر،
    منهنجي ماءُ مون کي
    ان ڪري ڄڻيو هو
    ته،
    مان
    صراط المستقيم(سڌي رستي) تي هلان
    ته جيئن،
    روز محشر
    پل صراط تان پار ٿي
    پرينءَ وٽ پڄي سگهان........
    *


    • پيءُ

    منهنجي پيءُ مون کي،
    انهيءَ ڪري نه پڙهايو
    ته پڙهي وڏو آفيسر ٿي
    غريبن کان رشوت وٺي
    پنهنجي معصوم اولاد ۽ زال جو پيٽ
    جهنم جي باهه سان ڀريان
    ۽ آخرت خراب ڪيان
    پر منهنجي پيءُ
    مون کي ان ڪري
    پڙهايو هو ته،
    مان پڙهي وڏو آفيسر ٿي
    غريبن جو هڏ ڏوکي ٿي
    سندن جائز ڪم ڪري
    پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي
    ابي امان ۽ ٻچڙن لاءِ
    دعائون کٽان ۽ آخرت سنواريان
    *


    • ڌيءَ

    مان پنهنجي ڌيءَ کي،
    ان ڪري،
    ڪونه ڄڻيو آهي ته
    هوءَ وڏي ٿي ڪنهن چاهيندڙ سان
    ڀڄي وڃي ۽ منهنجو پٽڪو ڌوڙ ڪري
    پر مان پنهنجي ڌيءَ کي ان ڪري ڄڻيو آهي ته
    هن کي وڏو ڪري
    لکائي، پڙهائي،
    سيناگري ۽ سنواري
    هن جي مرضيءَ سان هن کي
    سٺو وَرُ ڏئي سندس دعائون کٽان
    انهيءَ کان اڳ جو
    هوءَ ڪنهن سان ڀڄيوڃي
    يا پوڙهي ٿي وڃي
    *


    • پٽ

    مون پنهنجو پٽ
    ان ڪري
    نه ڄڻيو هو ته،
    هو وڏو ٿي
    پراون ننگن ۾ اکيون وجهي ۽
    وتي لوڙها لتاڙيندو
    پر مان پنهنجو پٽ
    انڪري ڄڻيو هو ته
    وڏو ٿي ڌرتيءَ ۽ ننگن جو
    محافظ بڻجي.
    *


    چوسٽا

    چوسٽا

    قلم جو مس جو ڪتابن جو شهر آ
    علم ۽ عرفان جي نوابن جو شهر آ
    هڳاءُ هتان جو وجود ٿو واسي
    ڇو ته پريان لوءِ گلابن جو شهر آ
    ***

    حسن کي ٽاري ڇڏيان ٿي نٿو سگهي
    عشق کي واري ڇڏيان ٿي نٿو سگهي
    حسن منهنجي لاءِ آ، کير جي مثال
    کير کي هاري ڇڏيان ٿي نٿو سگهي
    ***

    دل جي ڳالهه زبان سان سڌو چئي ڇڏجي
    ظالم کي ادا حق نجو چئي ڇڏجي
    غيرت ۽ عزت ساڻ جيو وڏڙا چئي ويا
    ديس جي دشمن کي بجو ڏئي ڇڏجي
    ***

    انسان جي عظمت جو قدردان ٿي رهجي
    ۽ قوم ڌرتيءَ جو نگهبان ٿي رهجي
    جو قوم جو ويري آ اهو ڄڻ ته ڪتو آ
    تنهن ڪڙم جي ويريءَ لاءِ ڪانُ ٿي رهجي
    ***

    قرآن جي تلاوت، محفل لاءِ برڪت
    قرآن جي تلاوت، اسان ليءِ عظمت
    محبت ادب سان، ٻڌو سڀ تلاوت
    قرآن جي تلاوت، عبادت ۽ عظمت
    ***

    اجرڪ ۽ ٽوپي سنڌ جي ثقافت
    آ پٽڪو سنڌين جي عزت ۽ عظمت
    ٽوپي ۽ اجرڪ ڏيندا آهيون تحفو
    اها سنڌ وارن جي آهي روايت
    ***

    مڪي وڃي يا مديني وڃي
    منهنجي دل نٿي توکي حاجي مڃي
    موٽي اچي پو ٿو کائين حرام،
    منهنجي دل ته توکي ٿي وياجي مڃي
    ***

    رات کي رات چئه، ڏينهن کي ڏينهن چئه
    ماڪ کي ماڪ چئه، مينهن کي مينهن چئه
    جي تون آهين ٻچو، سنڌ جو تو سچو
    گدڙ کي گدڙ ۽ شينهن کي شينهن چئه
    ***

    ڏنو هي سنيهو دولهه درازي
    جنهن ۾ يار راضي اسان ان ۾ راضي
    ڀلي ڪو چوي ڪيئن، ڀلي ڪو چوي ڪيئن
    اسان جو ته ڪم آهي ديدار بازي
    ***

    آس لڳائي ويٺا آهيون
    دونهين دکائي ويٺا آهيون
    ڪوئي اچي ۽ ڪوئي وڃي ٿو
    دل ڦرائي ويٺا آهيون
    ***

    مون کي ڪهڙو قرار ايندو هت
    جي نه منهنجو يار ايندو هت
    تيسين اکيون آءُ نه کوليندس
    جيسين اکين ٺار نه ايندو هت
    ***

    موتين جو ٿالهه ڀري ڏي ته مڃان مان
    ظالم جي سيني مڱ ڏري ڏي ته مڃان مان
    ڪافر کي مسلمان ڪرڻ ڏکيو آ
    مُلي کي مسلمان ڪري ڏي ته مڃان
    ***


    • پريان لوءِ جي سونهن سجادميراڻي

    ادب جي دنيا ۾ حقيقت سان ڏسجي ته آڱرين برابر اديب ۽ شاعر نظر ايندا جيڪي ادب سان سچا آهن. ۽ اهي پنهنجو ڪردار سٺي نموني نڀائيندا پيا اچن. انهن ٿورڙن جي صف ۾ اسان کي گلابن جي شهر پريان لوءِ ۾ جنم وٺندڙ سائين سجاد ميراڻي به نمايان نظر ايندو.
    سائين سجاد ميراڻي جتي انقلابي شاعري سجڻ کي اهميت ڏئي ٿو اُتي سونهن کي اوليت ڏئي ٿو. سائينءَ جي هر غزل ۾ ترنم، رڌم ۽ روانگي اهڙي نموني آهي جو غزل پڙهڻ ۾ لطف حاصل ٿيندو وڃي ٿو اچو ته سائين سجاد جي شاعريءَ ۾ سونهن وارو عنصر ڏسئون:
    سجاد کي تون سونهن مان
    ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڏي
    يا غزل جي هن بند ۾ ڏسو:
    اوهان جي نازن ڇڏيو آ موهي عجيب آهن ادائون ساريون
    حسن اوهان جو رهي سلامت، سدائين هار ۽ سينگار ۾ هج
    سائين سجاد جي شاعريءَ ۾ جوانيءَ وارا جذبا به نظر اچن ٿا جيئن:
    سج جهڙي پرينءَ کي جو ڀاڪر ڀريم
    پوءِ ته مان ڀي ويس ڄڻ ٻري پيار ۾
    توڙي جو سائينءَ جي پوري عمر هڪ باعمل ديني جماعت سان سلهاريل رهي آهي ۽ اڃان به ان جماعت سان لاڳاپيل رهندو پيو اچي تڏهن به سائين اجائي ۽ هٿ ٺوڪيون فتوائون ڏيندڙ مولوين کي حق چوڻ کان ڪونه ٿو ڪيٻائي:
    او واعظا! تون دوزخ جا دڙڪا نه ڏي
    آءٌ پاڻ هي خدا سان ٺهي ٿو وڃان
    يا وري سندس هن شعر ۾ :
    مون سان جنت ۽ دوزخ جون ڳالهيون نه ڪر
    روح منهنجي ۾ راڻو رچي ويٺو آ
    استاد ميراڻيءَ جي شاعريءَ کي پڙهڻ سان جيڪو سڪون ۽ چين ملي ٿو اهو صرف ان ڪري ئي ملي ٿو جو سائين سجاد جي شاعريءَ ۾ نواڻ ۽ لفظن جي ترتيب سٺي نموني جي آيل آهي ۽ لفظن کي ان جڳهه تي استعمال ڪري ٿو جتي انهن لفظن جي ضرورت هجي ٿي ۽اها هڪ استاد ميراڻيءَ جي ڏاهپ به چئجي ته غلط نه ٿيندو ڇو ته لطف ڏيندڙ لفظن کي استعمال ڪرڻ جو ڏانءُ به قدرت طرفان عطا ٿيل اٿس اچو ته سندس هن هڪ غزل جي بندن ۾ ڏاهپ ۽ سجاوٽ ڏسئون ته ڪيئن نه سائين لفظن جي محلات اڏي ٿو:
    وقت جي وهڪري ۾ وهي ٿو وڃان
    يار آهيان مٽيءَ جو ڊهي ٿو وڃان
    يا
    تنهنجي ٻيڙيءَ ۾ ڳورو رڳو مان ئي هان
    تنهنجي چئي کان اڳي ئي لهي ٿو وڃان
    استاد ميراڻي ادب جي شاهراهه تي مسلسل سفر ڪندي پڙهندڙن کي پنهنجي شاعريءَ جو هي ٻيو ڪتاب”مان تنهنجو هان“ تحفي ۾ ڏئي وڏا وڙ ڪيا آهن. جيڪي شايد عمر ڀر لهي سگهن. اميد ته استاد ميراڻيءَ جي پهرين شعري مجموعي ”دلدار وڏي شيءِ آ“ جيان هي ڪتاب به ادب جي دنيا ۾ املهه جڳهه والاريندو.




    سعيد سنڌي
    پريان لوءِ


    • جهڙي ڪوڪ ڪوي سوچي

    اسان جي سهڻي سنڌ ۾ ماشاء الله شاعرن جي کوٽ ڪونهي. مگر ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر ضرور آهن. جيڪي شاعريءَ جي گلشن ۾ ٻين گلن کان هڪ الڳ ۽ من موهيندڙ منظر رکن ٿا.”استاد سجاد ميراڻي“ جو نانءُ من موهن نظارن جي رنگتن کي وڌائڻ لاءِ ضرور کڻندس.اهڙا ڪيترائي شاعرآهن جن کي تقريبا سنڌ سڃاڻي ٿي مگر انهن جي شخصيت ۽ شاعريءَ ۾ دم دونهين جيترو هوندو آهي. سنڌي پهاڪي مطابق ” خالي ڪُني گهڻو اُڀامي“ مگر استاد سجاد جي شخصيت ۽ ڪويتا جي ڪُني فڪر افڪار سان ٽمٽار آهي. سائين سجاد ميراڻيءَ جي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”دلدار وڏي شيءِ آ“ جيان سندس هي ٻيو ڪتاب ”مان تنهنجو هان“ به شاعريءَ جي شاندار ڪتابن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. ”اهو سنڌي ٻوليءَ سان محبت جو جذبو آهي.“ ٻوليءَ جي وجود سان ئي قوم جو وجود هوندو آهي. استاد به قوم جي زندگيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي.ته وڌاءُ نه ٿيندو. هونئن به ٻوليءَ سان محبت ٻوليءَ جي واهپي کي وڌائي ٿي ۽ واهپو وري بقا ۽ ارتقا جو ضامن هوندو آهي. ٻوليءَ جي وسعت وسيع خيال سمائڻ جي اهليت رکندي آهي. محدود ٻوليءَ وٽ فڪر به محدود هوندو آهي. نه اسان جي ٻولي محدود آهي نه ئي اسان جي مفڪرن، شاعرن ، اديبن ۽ نقادن جو فڪر محدود ٿيندو. ڇاڪاڻ ته ان ٻوليءَ لاءِ استاد سجاد ميراڻيءَ جهڙا سَمجهُو شاعر پاڻ پتوڙن پيا. مان استاد سجاد ميراڻيءَ لاءِ دل جي اُٿاهه الفتن سان دعا گهرندس ته الله پاڪ سندس بخشيل ڏات ۾ وڌيڪ سُرور ۽ ساهه ڀري، ته جيئن نئين ٽهي لاءِ بهترين رهنما شاعر طور ڪم ڪري ۽ سنڌ واسين لاءِ انقلابي گيت سرجي.
    جيئن شيخ اياز چيو آهي ته:
    جهڙي ڪُوڪ ڪري سوچي،
    تهڙي ناهي ڪويل کي

    زرين زار ڀٽو
    پريان لوءِ


    • ڪوئي ڄمندي ڄام نه آ

    سائين سجاد ميراڻي جو هي ٻيو ڪتاب”مان تنهنجو هان“ پڙهندڙن جي آڏو آهي. جنهن لاءِ مون کي اميد آهي ته هي ڪتاب پڙهندڙن کي پسند ايندو. هن ڪتاب ۾ سائين سجاد ميراڻيءَ جي سٺي شاعري آهي. جيڪا سنگت جي گڏجاڻين ۾ سائين تنقيد لاءِ پيش ڪندو هو.

    ڏِس يار سان ٿو کيڏان
    ”سجاد“ ڪيئن کٽان مان
    يا
    ”سجاد“ کي پنهنجي نيڻن جو
    مئه خوار ڪندين، مان تنهنجو هان

    هونئن به تخليقڪار پنهنجي تخليق جو سڀ کان وڏ نقاد پاڻ هوندو آهي. ۽ جيڪڏهن پنهنجي فني ۽ فڪري خوبين ۽ خامين کان اڻ واقف آهي. ته کيس پڪ هئڻ گهرجي ته هو ڪڏهن نه ڪڏهن انهن کان واقف ٿي ويندو هونئن به ڪوئي ماڻهو ڄمندي ڄام نه هوندو آهي.

    ڏنل راجه
    پريان لوءِ


    • شاعريءَ جي لاءِ ڪي ڪم جون ڳالهيون

    پيارا سجاد!
    جيڪڏهن باقاعدگيءَ سان ويهي شاعري سکجي ته منهنجي راءِ ۾ پورا ٻه ورهيه لڳي ويندا. مگر هيٺ ڄاڻايل طريقي سان جيڪڏهن پوريءَ طرح سوچبو ته شايد هڪ مهيني اندر ئي مطلب ماڻي سگهبو اچو ڏسون ته ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ طرح:ها سائين!
    دڪاندار کان ڪا شيءِ وٺبي آهي ته هو تارازيءَ ۾ توري ڏيندو آهي. بنا تور جي اها شيءِ (کنڊ، گهه، چانور ۽ ڪڻڪ وغيره) يا کُٽي پوندي يا وڌي ويندي. هائو نه؟دڪاندار وَٽِ وَٽَ ياتورا هوندا آهن مثلا آنو، اڌ پاءُ، اڌ سير ۽ سير وغيره هيڏانه هڪ شاعر به گويا لفظن جو دڪاندار آهي. ٻڌندڙ هن کان لفظ توري ٿا وٺن غور ڪريو.
    دڪانداروٽ تورا يا وَٽَ آهن ته شاعر جا وَٽَ يا ماپا وريهن طرحآهن، فعولن، فاعلن، فاعلاتن، مفاعيلن ۽ مستفعلن وغيره . فرض ڪريو اسان فعولن تي ڪو لفظ ڏيون ته ڪهڙو وَٽَنِ لاءِ اسان وَٽِ رڳو ٻه نشان آهن هڪ وي Vٻيو ليڪ ـــــ
    فَعُو لَنِ
    V ــــ ــــــ
    اڪيلي اکر لاءِ V نشان آهي ۽ ٻٽي ليڪ ــــــ سمجهو ٿا نه؟
    هڪ پاسي پُڙ ۾ ف عو لنوجهون ٿا ٻئي پڙ ۾لفظ پوندو
    زمانو
    فَعُو لَنِ
    V ــــ ــــــ
    وڃي ٿو،هلي ٿو، مري ٿو وغيره
    هاڻي ڏسون ته پورو جملو يا سٽ ڪيئن ٿي ٺهي؟
    فعولن فعولن فعولن فعولن
    V ــــ ــــــ V ــــ ــــــ V ــــ ــــــ V ــــ ــــــ V ــــ ــــــ
    ستمگر ستم ڪر ڀلي ڪر ڀلي ڪر
    جيڪڏهن اهڙي طرح چار فعولن وَٽَ هڪ طرف رکي تور ڪبي ته سهڻي سٽ ياسهڻو جملو ٺهي پوندو
    فعولن فعولن
    فعولن فعو يا فعول
    پويون ماپو مٿي ڄاڻايل نحو تي کٽل يا اڻپورو به هوندو آ
    فعو ۾ ويو ڪيو مري ڪري وري وغيره ڪم اچي سگهن ٿا
    V ــــ V ــــ V ــــ V ــــ
    فعول ۾ مدار نثار قريب وغيره
    V ــــ V V ــــ V V ــــ V V ــــ V
    هاڻي توهان فعولن تي ويهه لفظ توري ڏسو ۽ پو چئن ماپن جي هڪ سٽ يا جملو ٺاهيو ٺيڪ آ؟
    فاعلن
    ــــ V ــــ
    باغ ۾
    ــــ V ــــ
    ڇو ڀلا
    ــــ V ــــ
    اچ نه اچ وغيره
    هاني اچو ته هڪ سٽ يا هڪ جملو ٺاهيون
    اي وطن تنهن جي ويهي ثنا ڇا ڪران
    ــــ V ــــ ــــ V ــــ ــــ V ــــ ــــ V ــــ
    اي وطن تنهنجي ويهي ثنا ڇا ڪريان
    تُنهن انهيءَ جا ٻئي نون لڪايا ويا يا ڪاٽيا ويا.اهو لفظ ٿيو تُههِ ”جي“ مان ي ڪڍي ويئي ۽ اکر وڃي بيٺو ”ج“ ڪريان مان ”ي ن“ ڪاٽيو ويو هاڻي لفظ ٿيو ڪران ــــ V ــــ
    وزن موجب اهو جملو هيئن ٿيو.اي وطن تهه ج ويه هي ث نا ڇا ڪ را
    هاني اوهان پاڻ اهڙيون گهٽ ۾ گهٽ ڏهه سٽون يا جملا ٺاهيو
    غور ڪري سوچيو لفظ ڪيئن ٿا ڪڍجن ۽ اهو به ياد رکو الف ي و ۽ هه
    ضرورت وقت ڪڍي ٿا سگهجن مگر ٿي سگهي ته ڪنهن مجبوريءَ کان سواءِ لفظ هروڀرو نه ڪٽجن سمجهو ٿا نه؟ ها ٽيون وَٽُ يا ماپو آهي
    فاعلاتن
    ــــ V ــــ ــــ
    بي وفائي
    ــــ V ــــ ــــ
    فاعلاتن ماپي ۾ بي وفائي پوريءَطرح تُري ويو ٻيا لفظ ڪجهه هن طرح
    فاعلاتن
    ــــ V ــــ ــــ
    ڇو ڀلا تون
    (ن) ڪٽيو ويو
    يار منهنجا
    ــــ V ــــ ــــ
    ٻئي نون ڪڍيا ويا پڙهڻ ۾ ڪو فرق ڪونه پيو. هاڻي اچو ته سڄو جملو ٺاهيون
    سور سهه ڻو ئي پيو جيه
    ــــ V ــــ ــــ ــــ V ــــ ــــ
    ڪو س هڻ جهه ڙو نه هو
    ــــ V ــــ ــــ ــــ V ــــ ــــ
    فاعلاتن فاعلاتن فاعلن آخري ماپو کٽل آهي پر پوريءَ طرح فاعلاتن به ڪري سگهجي ٿو. اوهان پاڻ اهڙا گهٽ ۾ گهٽ ڏهه جملا ٺاهي لکو
    م فا عي لن V ــــ ــــ ــــ
    زمانو آ ههِ بي ٺي جو ڪوئي جويا ر ڪونهي ڪو
    مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن
    V ــــ ــــ ــــ V ــــ ــــ ــــ V ــــ ــــ ــــ V ــــ ــــ ــــ
    (هه) ڪڍي وئي ٿوري سوچ ڪريو ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي
    فاعلاتن مفاعلن فعلن
    ــــ V ــــ ــــ V ــــ V ــــ ــــ ــــ
    حسن وارن کي ڪير سمجهائي
    فاعلاتن مفاعلن فعلن
    حسن وارن فاعلاتن
    که ڪيه رسمه مفاعلن
    جهائي ـــــــ ــــــــ فعلن ــــــــ ــــــــ
    کي جي يي ڪٽجي وئي ٿورو غور ڪندو ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي.

    نثار بزمي
    مرزا پور


    گلابن جي شهر جو شاعر

    اسان جي استاد سائين سجاد ميراڻيءَ جو هي ٻيو شعري مجموعو” مان تنهنجو هان“ اوهان جي هٿن ۾ آهي هن کان اڳ۾ سائينءَ جو پهريون شعري مجموعو ”دلدار وڏي شيءِ آ“ منظر عام تي اچي چڪو آهي. سائين جي شاعري سنڌ ۽ سونهن تي جڏهن به (Focus) ٿيل آهي. سندس شاعري پڙهندا آهيون ته ان ۾ نواڻ ۽ گلابن جو هڳاءُ محسوس ٿيندو آهي. جيئن سندس سٽن ۾ چيل آهي:

    مون ته تولئه گلاب پوکيا هن
    تو ڇو مون لئه عذاب پوکيا هن

    منهنجي دعا آهي ته سائين سجادميراڻي سدائين کلندو مسڪرائيندو ۽ سڀني لاءِ گلاب پوکيندو رهي.....

    سيد نواز علي شاهه
    پريان لوءِ


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259637
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386666
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ