ڪتاب جو نالو: اُڃَ جو آسمانُ
مصنف: بدر شاهه
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 15 ڊسمبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 612 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 251 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
نئون ڪتاب ”اڃ جو آسمان“ اوهان اڳيان پيش آهي. غزلن جي هن خوبصورت مجموعي جو تخليقڪار بدر شاهه آهي. بدر شاهه پنهنجي ٽهيءَ جو هِڪُ سنجيده ۽ سُڄاڻ شاعِرُ آهي. غزلُ سندس اندرَ جي اظهارَ جو مضبوط حوالو آهي ۽ هُنَ گهڻي قدر غزلَ ئي لکيا آهن. بدر شاهه جي شاعراڻي اوسر سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي تنقيدي نشستن ذريعي ٿي آهي. سندس غزلن ۾ سندس اندرَ جون اڪيلائيون ۽ سماجَ پاران ڏنلَ گهاوَ محسوس ڪَري سگهجن ٿا. اسين سمجھون ٿا ته بدر شاهه جي شاعريءَ جو هي پهريون ڪِتابُ سنجيده شاعريءَ تي نِگاهه رکندڙَ نقادن ۽ پِڻُ پڙهندڙن جي توجهه جو مرڪز بڻجندو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪِتابَ جا حَقَ ۽ واسطا شاعِرَ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • پبلشر نوٽ
  • مهاڳ
  • غزل

  • بند ڪمرن کي اوجاڳا،
  • سَنهڙن، سُرهن زلفن جي خوشبو ۾ ڦاٿاسين،
  • ڪاڳر-اُڀ تي لفظ قطارون سُڏڪن ٿيون،
  • منهنجي شهرن جا سڀ رستا اغوا ٿي ويا آهن،
  • باک ڦٽيءَ جو پهريون ڪِرڻو اجرو عڪس ڇڏي ويو،
  • نظر، نظر کي ڇُهيو ته لُنءَ لُنءَ اندر خوشين جا ڏيئا ٻري پيا،
  • لڙڪ اکين جا؛ پياسي ٿَر ۾ ڳولهڻ نڪتو آ،
  • مطلب ڪيئي، اِينءَ هڪ تنهنجي جملي مان نڪتا،
  • جيڪا گَهر ساڙڻ لڳي، سا روشني ڪاڏي ڪبي،
  • پرهه جي نرم هوائن کي ڪي ستّل ڇا ڄاڻن؟
  • راهون روشن، رهبر انڌا،
  • سُهڻا ماڻهو، اَڻ-جَهل جوڀن وارا ٻوڙا؛
  • کِلڻي سُونهن وَسائي ويٺي جلوا گونگا،
  • ڪيترو ڪَوڙو هئو؛ سو، ساءُ سڏڪن جو،
  • هڪ درد ڦٽو باک ڦٽيءَ کان پهرين،
  • دُکي التجائن کان ڳوڙها ڳڙي پيا،
  • مون ساڻ: منهنجي ڏات جون سخاوتون عجبُ،
  • مون وٽ ڪوئي؛ ڪتابَ رکي آ ڀُلي ويو،
  • منهنجي سامهن؛ منهنجي جيون جا اِينءَ لمحا بيٺا آهن،
  • تو دل ۾ جو ٻاري رکيون ميڻ بَتيون،
  • منهنجي خوشين جون خودڪُشيون ماتم ڪنديون رهيون،
  • جاني، مان ۽ رات به زخمي،
  • نه وصل جون هي گَهڙيون وِسايو،
  • اسان جون سموريون خوشيون پوسٽ ٿي ويون،
  • گلابن جيان ڪڏهن مَهڪيا به آهيون؛ او شهر! تنهنجي گهٽين ۾،
  • حق آگاهه ويا لُٽجي چانڊوڪين جي پاڇي ۾،
  • اينءَ کڄن ٿيون مون ڏي اڄ هُو ڪاريون اکيون قِسطن ۾،
  • خواب ڪوئي پيو سڏي ٿو ڳوٺ ڏي،
  • انڌيري راتين جي ظلمتن ۾، جاڳندو ڪوئي رهيو،
  • هُن ڳَل جي مٿان منهنجون جنهن وقت چميون جاڳيون،
  • رهي پنهنجي اندر ۾ آ هميشه ڪربلا جاني!
  • چنڊ اڄ اڀ تي تنها تنها ڀٽڪي ٿو،
  • چونڪ، ڳَليون ۽ رستو رستو ڀٽڪي ٿو،
  • سِج لهي ويو؛ پيچرن جو آ سفر جاري اڃا،
  • امن کي ڳولهڻ سپنا نڪتا رستي ۾،
  • ڪو شخص هلندي هلندي فوٽ پاٿ تي مري ويو،
  • بُت بڻيو بيٺو رهيم؛ ۽ زندگي کِلندي رهي،
  • هيءَ شهرن جي فضا ڇا ٿي چوي؟
  • لکيم ڪوتا: گهڻو سوچي، ته ڀي ڪجهه ڪاڻ رهجي وئي،
  • ڇڏيو خرابيءَ-خَلل جون ڳالهيون،
  • روز مِلڻ جي ويلي قَسما-قَسمي آهي،
  • دوستيون ئي دشمنيءَ جي روپ ۾ مونکي مليون،
  • سونهن ڪاتيءَ ڪٺي، ڪيڏو ٿيو حادثو،
  • جي نه منزل ڪا آهي ته گهر ڇا ڪبو!
  • هِي سرد راتيون ۽ تنها ماڻهو،
  • زندگيءَ جي روڳ کي، ڪنهن ڀي سڃاتو ڪين ڪي،
  • تنهنجا سڀ رنگ ۽ روشنيون لاڙڪاڻا:
  • پيار جي سرهاڻ جون سڃاڻپون روشن هيون،
  • التجائون کڻي ٿا گهرِ موٽون؛
  • زندگيءَ مٿان ڌرتتي کُٽي ئي نه ٿي،
  • منهنجي گهرَ جو لوڙهو اڄُ اداس لڳي ٿو،
  • ظالم سماج رسمون گروي رکي ڇڏيون هِن،
  • اسين گلابن جي موسمن ۾ پَتيون پَتيون ٿي ويا هون وکري،
  • اسين اوهان جي؛ سَکي! گهٽين ۾ پَتيون پَتيون ٿي وياسين وِکري،
  • دوست پيارا ٿا ڪن جدائِيون تخليق،
  • چنڊَ ستارن جهڙن لفظن تي آ وياج چڙهي ويو،
  • خوبصورت هَٿ سان لِکيل پاڻ ڪي مڪتوب آهيون،
  • ماني رکي هُو گِروي، رانديڪا وٺي آيو،
  • هُن جي ڳليءَ مان ڪالهه گذرندي روئي ويٺاسين،
  • هِن نگريءَ ۾؛ نيٺ ته ڇو ٿو گهر گهر پيڙا ڀوڳي؟
  • ديپ ٽمڪي ٿو جهوپڙيءَ اندر،
  • اداس راتين، اجاڙ ڏينهن تي ڪهڙي موسم آئي آ !
  • بدر ! تنهنجي دشمنن جون دشمنيون ڀي منافق هيون،
  • گَهر جي اندر ويٺا، گَهر کي ڳوليون ٿا،
  • ڪيئن ڪيا اورنگ+ ها ڪارا ورق تاريخ جا،
  • جنهن ڏهاڙي دوستيون هجرت ڪري آهن ويون،
  • قاتل نين وارا! هڪڙو عرض آ؛ مَڃندءُ-
  • نظر ملي نظر سان التجا جا گل ٽِڙي پيا،
  • پوپٽن جي ڏِسُ پَرن تي خوف جاڳي ٿو،
  • جيون جي خودڪُشين جا لاش هئا پکڙيل،
  • اڄُّ لٿي ڪا تنهاين جي ڄَڃَ آ منهنجي اندر ۾،
  • هيڏي سهڻي دنيا تو تياڳي بدر!
  • ڪيڏو گذريو آهي ڪمرو اَذيت مان،
  • هُن جي بدن ۾ توڙي شرارن جا عڪس ها،
  • نصيب رئندا رهيا مَلال جي گهٽيءَ ۾،
  • او سَکي ! ڪجهه مُسڪراءِ؛ ڌرتي ٽانڊا ٿي وئي،
  • منهنجي ننڍپڻ به نه مون ساڻ رَهائي آهي،
  • صبح کان ئي اڄ شهر تي آ اُداسي ڇانِئيل،
  • پيار-ڇايا+ جا خواب ڳوليان ٿو،
  • واقعا خوفناڪ ها شايد،
  • جُڙيا سلسلا هِن منجهند ٽاڪ جهڙا،
  • هِي جذبن جي پالوٽَ فرعون آ،
  • سامهين گَهر جي دَري جاڳِي پَئي،
  • پيار جي نعمت موڪل تي هلي وئي آ،
  • خط جا پُرزا ميڙي رهيو هو،
  • هوري هوري ننڊ-نگر ڏي ريڙهي وئي سانجهي،
  • مون خوديءَ جو خيال ڪو نه ڪيو،
  • بي رخين جي موسمن ۾ زرد ٿي ويا آهيون،
  • گم ٿي ويون هِن ڳوٺ جون شامون اڄ جوانيءَ جي گِهٽيءَ ۾،
  • جئن ئي تنهنجي چاهتن، خودڪشي ڪري ڇڏي،
  • خوف-ڪفن ۾ ويڙهيلُ ڳوٺ،
  • ذهن-پَٽيءَ تي نقشا چمڪيا،
  • ننڊَ رَستن کي ڪو ته جاڳائي!
  • گهرَ، دروازن ۽ ديوارن ۾ خاموشي ڳالهائي ٿي،
  • تون ڪيڏا وَڌائي وئين فاصلا،
  • لڙڪن ۽ مرڪن جي وچ ۾ رستو جاڳي ٿو،
  • منهنجي ڪمري جون تنهايون ڇا ٿيون ڳولهن،
  • جوڀن ڪيڏو زوراور آ، مون کن ڪيئن وَٺي ويو ننڍپڻ،
  • درد تنهنجي ۾ ڏات نکري پئي،
  • ڪيترا سال واٽن تي ڀٽڪيو مسافر،
  • رشتو رشتو ٿي ويو آ ڪربلا،
  • گهرّ ڪراچيءَ جا آکيرا،
  • هڪڙو اَڻ وڻندڙ مذاق آهي؛ بدر جي زندگي،
  • هُو حُسن ڪيڏو شرير آهي، شرارتون ٿو وتي پوکيندو،

  • ڪِتابَ جا حَقَ ۽ واسطا شاعِرَ وٽ محفوظ

    ڪِتابَ جا حَقَ ۽ واسطا شاعِرَ وٽ محفوظ

    POPAT BOOK NO: 63
    اُڃَ جو آسمانُ
    (غزلَ )
    شاعِرُ: بدر شاهه
    ڇاپو پهريون: 2014ع
    ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
    لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڪمپوزنگ: ظفر اقبال
    ڪاشف گرافڪس لياري، ڪراچي ـــ سنڌ .
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ـــ سنڌ.
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور ـــ سنڌ.

    ملهه:250/- روپيا









    UNJ’A JO ASMAN’U
    (Ghazals)

    Poet: Badar Shah
    Edition 1st: 2014
    Title Design: Saeed Mangi
    Lay’out: Asif Nizamani
    Composing: Zafar Iqbal
    Kashif Graphix Layari, Karachi – Sindh.
    Published by: Popat Publishing House, Khairpur Sindh.
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Sindh,.

    Price: Rs. 250/-


    ارپنا

    امڙ
    جي نالي جنهن جي وڇوڙي کان پوءِ
    زندگي نٽهڻ اس ۾ اچي بيٺي آهي،
    بابا غلام شاهه
    جي نالي جنهن الف بي جي سڃاڻپ ڪرائي.


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اڃ جو آسمان“ اوهان اڳيان پيش آهي. غزلن جي هن خوبصورت مجموعي جو تخليقڪار بدر شاهه آهي.
    بدر شاهه پنهنجي ٽهيءَ جو هِڪُ سنجيده ۽ سُڄاڻ شاعِرُ آهي. غزلُ سندس اندرَ جي اظهارَ جو مضبوط حوالو آهي ۽ هُنَ گهڻي قدر غزلَ ئي لکيا آهن. بدر شاهه جي شاعراڻي اوسر سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي تنقيدي نشستن ذريعي ٿي آهي. سندس غزلن ۾ سندس اندرَ جون اڪيلائيون ۽ سماجَ پاران ڏنلَ گهاوَ محسوس ڪَري سگهجن ٿا. اسين سمجھون ٿا ته بدر شاهه جي شاعريءَ جو هي پهريون ڪِتابُ سنجيده شاعريءَ تي نِگاهه رکندڙَ نقادن ۽ پِڻُ پڙهندڙن جي توجهه جو مرڪز بڻجندو.
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبليڪيشن جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    بدر شاهه پنهنجي ٽهيءَ جو هِڪُ سنجيده ۽ سُڄاڻ شاعِرُ آهي. غزلُ سندس اندرَ جي اظهارَ جو مضبوط حوالو آهي ۽ هُنَ گهڻي قدر غزلَ ئي لکيا آهن. بدر شاهه جي شاعراڻي اوسر سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي تنقيدي نشستن ذريعي ٿي آهي. سندس غزلن ۾ سندس اندرَ جون اڪيلائيون ۽ سماجَ پاران ڏنلَ گهاوَ محسوس ڪَري سگهجن ٿا. اسين سمجھون ٿا ته بدر شاهه جي شاعريءَ جو هي پهريون ڪِتابُ سنجيده شاعريءَ تي نِگاهه رکندڙَ نقادن ۽ پِڻُ پڙهندڙن جي توجهه جو مرڪز بڻجندو.
    ادارو ”پوپٽ“ پنهنجي پوري خُلوصَ ۽ سچائيءَ سان صرف ۽ صرف سنڌي ادبَ جي واڌاري ۽ خدمتَ جي جذبي تحت معياري ڪِتابَ ڇاپڻَ جي سفرَ تي روان دَوان آهي. ”پوپٽ“ ڪنهن به مقابلي واري ڊوڙَ کان پَرڀرو بيهي، پنهنجي ئي رنگَ ۾ هي سفرُ جاري رکندو ايندو، شرط صرف اِهو آهي ته اوهان معزز پڙهندڙن جو ساٿُ اسان سان برقرار رَهي.


    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور


    مهاڳ

    اُڃَ جي آسمانَ هيٺان بيٺل بدر شاهه

    اهو ته سچ آهي ته غزل جي تاريخ ڊگهي آهي، ۽ ان کان پوءِ سنڌي غزل به، ٻه اڍائي سؤ سال ته پنهنجي تاريخ لاءِ گهري ٿو، پر اڄ پنهنجي دوست ۽ نهايت خوبصورت شاعر بدر شاهه جي غزلن جي مجموعي ”اڃ جو آسمان“ تي مهاڳ جي نالي ۾ هي لفظ لکندي، گهٽ ۾ گهٽ هن جي غزل ۾ آيل نئين احساس جي حوالي ۾ مان سنڌي غزل جي ڊگهي سفر جا اهي ڪجهه اهڃاڻ ڏيڻ چاهيندس، جيڪي منهنجي ڄاڻ موجب نئين غزل جي حوالي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ضرور ڄاڻائڻ گهرجن. ٻيءَ طرح سنڌي غزل جي ”سنڌي“ هجڻ ۽ ان کان پوءِ ”نئين“ هجڻ واري دائري ۾ ايندڙ غزل، مان پنهنجي سهوليت ۽ پنهنجي پسند موجب ئي ڏيڻ چاهيندس.
    جيتوڻيڪ سنڌي غزل جو سفر سچل سرمست، خليفي گل محمد گل، مير عبدالحسين خان سانگيءَ کان پوءِ ڪشنچند بيوس تائين اچي ٿو، ۽ ان کان پوءِ شيخ اياز، نارائڻ شيام ۽ ٻيا ان سفر جا راهي آهن.
    ائين سرحد پار نئين غزل لاءِ مون وٽ جيڪي نالا آهن، انهن ۾: ايم ڪمل، ارجن حاسد ۽ شريڪانت صدف اهم نالا آهن. مان پهرئين ئي چئي چڪو آهيان ته اها ڳالهه تڪراري نه هئڻ گهرجي ته مان پنهنجي راءِ جي حق کي استعمال ڪندي سنڌي غزل لکندڙن جي فهرست جوڙڻ بجاءِ فقط ڪي اهم نشان ئي ڄاڻائڻ چاهيندس، جيئن غزل جي ان سفر ۾ بدر شاهه جي غزل کي ۽ ان جي سفر کي ڏسي سگهجي.
    ڪشنچند بيوس نئين سجاڳيءَ جو پهريون شاعر آهي، ائين سنڌ هند جي سڀني ذهين نقادن قبول ڪيو آهي، پر انهن ڪٿي به هن کي نئين غزل جو پهريون شاعر نه چيو آهي. اُن رهجي ويل وٿيءَ مان فائدو وٺي جيڪڏهن نئين غزل جا حق واسطا شيخ اياز کي نج ثقافتي غزل لکڻ لاءِ ڏيان ته اهو منهنجي پسند ۾ شماريو وڃي، ائين ٻين لکندڙن جو خيال يا چونڊ الڳ ٿي سگهي ٿي. پنهنجي سهوليت آڌار مثال لاءِ اياز جي نئين غزل مان هڪ شعر ڏيان ٿو، جيڪو سندس لفظن ۾ هيئن آهي:
    سنڌڙيءَ کي سيباءِ اياز،
    پنهنجو گيڙوءَ ويس غزل.

    ۽ پوءِ اياز جيڪو گيڙوءَ ويس غزل لکيو، اهو سنڌيءَ ۾ پنهنجي طور جو نئون غزل هو ۽ آهي، جنهن تي ڊگهي اڀياس لکڻ جي گهرج آهي، جنهن جا اشارا منهنجي دوست ۽ نوجوان نقاد اسحاق سميجي پنهنجي ڪنهن مضمون ۾ ڏنا آهن.ساڳئي وقت نارايڻ شيام به سنڌي ٻوليءَ کي نئون غزل ڏنو آهي، جيڪو منظرن ۽ احساسن تي ٻڌل آهي، جنهن جهڙو مثال اڳ ۾ گهٽ آهي:

    کولي دري مون، پر نه هيم انتظار ڪو،
    بس آئي هير، پاڻمرادو لنگهي اتان.
    يا
    فضا خاموش، پويون پهر، چُپ تارا اڪيلائي،
    مُٺي دل! توکي سڏڪڻ ڪاڻ هِيءَ ئي ويل هٿ آئي؟

    نارايڻ شيام سنڌيءَ جو نئون غزل لکندڙ شاعر آهي، جنهن کي الڳ الڳ حوالن ۾ سُڳن آهوجا، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ ٻين نقادن گهڻو اهم ڪري ڄاڻايو آهي، پر هت کيس مان نئين غزل لکندڙ طور ڄاڻائي رهيو آهيان. هنن ”مائيل اسٽون“ شاعرن کان پوءِ سرحد جي ٻنهي پاسي، پنهنجي سهوليت لاءِ مان هُن پاسي اول ايم ڪمل کي نئون غزل لکندڙ ڪوٺيان ٿو، اهڙو نئون غزل جيڪو غزل شهري زندگيءَ جي پيداوار آهي، ۽ جيڪو شهري زندگيءَ جي نمائندگي ڪري ٿو، جنهن ۾ تلخي به آهي، غصو به آهي ۽ حالتن جي تصوير به آهي:

    مان ڪري هوس پيو، هو لتاڙي ويا،
    دوست هئا، دوستيءَ کي پاڙي ويا.

    ساڳيءَ طرح ارجن حاسد آهي، جنهن وٽ غصي ۽ ڪاوڙ جي بجاءِ نئين غزل ۾ ايندڙ هلڪڙي چهنڊڙيءَ جو ڇهاءُ آهي، هلڪي طنز آهي، هلڪي نرمي آهي، هلڪو رُسامو آهي، نئين ٻولي آهي، نئون لهجو آهي ۽ نئين احساسداري آهي:
    ڇانوَ جون بدڪون، کجيءَ جو وڻ کُٿل،
    گوڏ گوڏن وٽ، اگهاڙي ڌر تتي.

    ۽ ان کان پوءِ غزل جي سفر ۾ اچي ٿو شريڪانت صدف، جيڪو بدر شاهه ۽ اسان جي ٽهيءَ/عمر جو شاعر آهي، جنهن جي نئين غزل جو ڇهاءُ هن ريت آهي:
    نفرت جا گل ئي ٺيڪ هئا، جي سچ پڇين ته دوست!
    مون کان نٿا هي پيار جا پٿر سنڀالجن.

    شريڪانت جي آس پاس ٻيا ڪيترائي غزل جا شاعر آهن، پر جيئن ته مان پهرين ئي چئي آيو آهيان ته مون کي غزل لکندڙن جي فهرست جوڙڻي نه آهي، فقط اشارا ڪرڻا آهن. ائين سنڌ ۾ نئون غزل ڏيندڙ شاعرن جي سٿ ۾ مان اول جنهن شخص/شاعر جو نالو شيخ اياز کان پوءِ کڻڻ جو شوق پورو ڪندس، اهو آهي سنڌي نئين غزل جو سڀاڳ: اياز گل. سندس ڪيترائي غزل نئين احساسداريءَ جي حوالي ۾ آڻي سگهجن ٿا، پر بدر شاهه جي شاعريءَ جي سمجهڻ واري سفر جي حوالي ۾ مان سندس غزل جون ٻه سٽون ضرور ڏيڻ چاهيندس، ڇو ته پڪ سان مون کي اياز گل کان اڳ ۾ اهڙو غزل نه مليو آهي، جنهن جا اڄ تائين رنگ اهڙا ئي گهاٽا رهيا هجن:

    يادگيريون سنڀال، ڪم ايندئي،
    ڪنهن وڇوڙي جي سال، ڪم ايندئي.

    سنڌي ٻوليءَ کي ائين نئين غزل ڏيندڙن ۾ سعيد ميمڻ جو نالو مون کان ۽ سنڌي پڙهندڙن توڻي سنڌي غزل لکندڙن کان ڪڏهن نه وسري سگهندو، جڏهن به تخليقي طور غزل جي سفر تي لکيو ويندو ته سعيد ميمڻ نئين غزل جي حوالي طور سدائين اهم رهندو، مثال لاءِ سندس هي سٽون ڏيئي سگهجن ٿيون، جيڪي نئين غزل جو عيوضيپڻو ادا ڪن ٿيون:

    جيون تنهنجي پويان پويان ڪاٿي پهتاسين؟
    اوندهه جو آ جنگل اڳيان، ڪاٿي پهتاسين؟

    ۽ پوءِ مان پنهنجي همعصر اياز جانيءَ جي غزل ڏانهن اچان ٿو، جيڪو جيتوڻيڪ سعيد ميمڻ کان پهرئين اچي ٿو، پر هن لکڻيءَ کي سهوليت لاءِ ۽ بدر شاهه جي حوالي ۾ اياز جانيءَ کي هيٺ آندو آهي. جنهن کان اکٻوٽ ڪري اڳتي وڌڻ مون لاءِ ڏکيو ٿيندو ۽ پڪ سان اياز جانيءَ کان پوءِ سموري نئين ٽهيءَ جيڪي نوان غزل سنڌي شاعريءَ کي ڏنا آهن، اهو سندن سنڌي شاعريءَ ۾ خاص حصو ڳڻائيندو. اياز جانيءَ جي غزل جون ٻه سٽون ڏيئي، مان بدر شاهه جي شاعريءَ ڏانهن اچان ٿو:

    لانگ بوٽن کي کڻو، تارون کڻو، ڪي گل رکو،
    سرحدن تان سڏڪندڙ سارون کڻو، ڪي گل رکو.

    اياز جانيءَ جي غزل جو نئون روپ ۽ ان جي پويان اسان جي دور جي بيوسي ۽ بيحسي اهڙي ۽ ايتري ڊگهي آهي، جنهن جو شڪار اهي سڀ دوست رهيا آهيون، جن ڳوٺن کان اچي ڪراچيءَ ۾ روزگار جي بهاني رهائش اختيار ڪئي. يقينن هيءَ زندگي ڳوٺن يا ننڍن شهرن کان بنهه مختلف هئي، هن زندگيءَ ۾ سڀ ڪجهه الڳ هو.
    ڪراچيءَ ۾ رهندي اسان سان گڏ بدر شاهه جيڪي حالتون ڏٺيون ۽ ڀوڳيون آهن، مان ايمان جي سلامتيءَ سان چوان ٿو ته انهن کي جنهن شدت سان بدر شاهه اظهاريو آهي، ۽ اهو به غزل جهڙي صنف ۾، اهڙو اظهار شايد اسان جي ٻين دوستن وٽ غزل جي گهاڙيٽي ۾ نه ملي سگهي. لاڙڪاڻي ۾ بدر شاهه شاعري ڪندو هو يا نه، پر هو جڏهن ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ اچڻ لڳو ۽ جيستائين هن سنگت ۾ شعر نه پڙهيو، مون کي ان وقت تائين هو ڪڏهن به شاعر محسوس نه ٿيو، هن جو ڪو به لڇڻ شاعراڻو نه هو. ها! ڪڏهن هن جي سگريٽ پيئڻ مان ۽ ان جي اسٽائيل مان ضرور محسوس ٿيو ته هو شاعر ٿي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ هُن ان سموري عرصي ۾ غزلن کان سواءِ ٻين صنفن ۾ به شعر پڙهيا: نظم، وايون، دوها وغيره، پر هن جي دل غزل سان لڳل يا چوڻ گهرجي ته پنهنجو پاڻ کي پنهنجيءَ دل کي، پنهنجي دماغ کي غزل ۾ مناسب نموني اظهاري سگهيو ٿي ۽ جڏهن هن جو اظهار سامهون آيو ته اهو سڌو اسان جي دل تي اثر ڪندو ويو، ساڳئي وقت هو ان وقت لکندڙن ۽ پنهنجي دوستن کان غزل ۾ بنهه الڳ به ٿيندو ويو.
    ان وقت ڪراچي، نسلي فسادن جي ور چڙهيل هوندي هئي، اسين تنهن هوندي به باقائدي سنگت جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندا هئاسين، ۽ پنهنجا شعر به پڙهندا هئاسين، پر سنگت کان ٻاهر به بدر شاهه سان دلي ويجهڙائي رهندي آئي ۽ سندس غزل ڪڏهن روبرو ته ڪڏهن فون تي ٻڌڻ جو موقعو ملندو رهيو ۽ اهو محسوس ٿيندو رهيو ته بدر شاهه سان ڇا ٿي رهيو آهي. هو پنهنجي چئني پاسي جي ٿيندڙ وارتائن جي گهاڻي ۾ پيڙبو رهيو ۽ هن جي ان پيڙا جي هر دانهن هڪ غزل جو روپ ڌاري پني تي ظاهر ٿيندي رهي، ائين سندس انهن پيڙائن جي اظهارن گڏجي هڪ ڪتاب جي صورت ورتي آهي، جنهن کي هن نالو ڏنو آهي: ”ا ڃ جو آسمان“.
    ادب ۽ وقت سدائين ٻانهن ۾ ٻانهن وجهي گڏوگڏ هلندا رهيا آهن يا هلڻ سکيا آهن، ڪا تخليق ڪيتري به پراڻي ڇو نه ٿي وڃي، پر وقت کيس ڪنهن نه ڪنهن نموني پنهنجي آواز ۾ ويڙهي رکي سگهندو آهي، تخليق الڳ الڳ ڏسائن ۾ نهاريندي هلندي رهندي آهي، پر ڪا ڪا تخليق ويرانين کي ساڻ کڻي هلي سگهندي آهي.گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ اها سگهه بدر شاهه جي تخليقن ۾ موجود رهي آهي، جن ۾ سندس اندر ۽ ٻاهر جي سڀني ويرانين جي درد کي محسوس ڪري سگهجي ٿو.
    ادب ۾ هر دور ڏهاڪي جيترو ئي هوندو آهي، پوءِ اهو گذريل دور بڻجي ويندو آهي، اسان وٽ بدر شاهه ائين پوين ٻن دورن جو شاعر آهي، ڇاڪاڻ ته سندس شاعريءَ ۾ ٻنهي ڏهاڪن يا دورن جا اهڃاڻ چٽا آهن، وڌيڪ انهن جي چٽائي ڏيڻ لاءِ ڪجهه مثال اوس ڏيڻ چاهيندس:


    گهر ۾ ڪائي مورت ڪا نه ٿي ڳالهائي،
    ٻاهر پٿر جا هن نعرا رستي ۾.
    *
    جنهن ٻارڙي کي حسرت کيڏڻ جِي دل اندر هئي،
    رانديڪڙا سو وٺندي فٽ پاٿ تي مري ويو.
    *
    پڇن ٿا فٽ پاٿ وارا رب کان،
    فليٽ ۽ گهر ڦٽل جون ڳالهيون.
    *
    حاصلاتن ۾ حياتيءَ جون گهڙيون گهارڻ گهريم،
    ڳڻتيون ئي هر خوشيءَ جي روپ ۾ مون کي مليون.
    *
    ڏينهن سارو شهر جي گهٽين ۾ رلي،
    آ اڪيلي چمي ڪيڏو ٿيو حادثو.

    شهر ۾ چميءَ جو اڪيلو گهمڻ، سنڌي شاعريءَ ۾ نئين احساسداريءَ جو حسين اظهار آهي، ٻيءَ طرح اڄ جي شاعريءَ جو اهم پاسو ٻوليءَ جو تخليقي استعمال آهي ۽ اهڙو استعمال بدر شاهه نهايت سهڻي نموني ڪيو آهي. هن پنهنجي غزل ۾ پنهنجي وارتائن جو اظهار جنهن ٻوليءَ ۾ ڪيو آهي، اها ان ماحول جي آهي، جنهن ۾ هو وقت گذاري رهيو آهي، ان ڪري سندس اظهار ۾ ڀرپوريت آهي ۽ سندس اها ڀرپوريت پنهنجو سمورو تاثر ٻڌندڙ يا پڙهندڙ تي ڇڏي وڃي ٿي. بدر شاهه جيڪي رومانوي غزل لکيا آهن، انهن مان به سندس اندر جو چهرو ظاهر نظر اچي ٿو:

    موت آهي پرينءَ جي جدائي جڏهن،
    پوءِ مرڻ لاءِ ڪنهن جو خنجر ڇا ڪبو!
    *
    جوڀن جا چڪ ۽ جوانيون بيوس،
    نامراد راتيون ۽ تنها ماڻهو.


    ائين بدر شاهه جيتوڻيڪ ڪراچيءَ جو ٿي ويو آهي، پر هن جي دل جي هڪ ڪنڊ ۾ اڄ به لاڙڪاڻي جون يادون ۽ گهاريل پل جاڳندا رهيا آهن، کانئس اهي وسريا نه آهن، اهي سندس دل جي ڦرهيءَ تي اڄ به چٽا آهن:

    تنهنجا سڀ رنگ ۽ روشنيون لاڙڪاڻا!
    شال قائم رهن رونقون لاڙڪاڻا!
    هت ڪراچيءَ ۾ رهندي به وسريو تون ناهين،
    مون کي تنهنجون ادائون وڻيون لاڙڪاڻا!

    غزل جي ڊگهي تاريخ آهي ۽ سون کان وٺي هزارن تائين جي انگ ۾ لکيل ڪتابن ۾ اها تاريخ محفوظ آهي، جنهن کي وري وري ورجائي هن ڪتاب جي ٿورن صفحن ۾ ليکڪ سان به زيادتي ٿيندي ته پڙهندڙن تي پڻ ستم ٿيندو ته هو جنهن ڳالهه کان واقف آهن ۽ جنهن کي وري وري پڙهي چڪا آهن، اها هنن کي پڙهائي پئي وڃي، ان کان ڪيترائي ڀيرا مناسب ٿيندو ته پڙهندڙ، سڌو سنئون بدر شاهه جي خوبصورت غزلن جا الڳ الڳ احساس ماڻين ۽ پاڻ انهن بابت ويچارين ۽ پوءِ پنهنجي ڪا به راءِ جوڙين ۽ هو جيڪا پنهنجي نجي راءِ جوڙيندا، اها ئي وڏو سچ هوندي.
    بدر شاهه جا غزل جڏهن مون پهريون ڀيرو ٻڌا هئا ۽ اهي جيڪو پهريون تاثر منهنجي دماغ ۽ دل ۾ ڇڏي ويا هئا، اڄ تائين سندس غزل لڳاتار پڙهندي ۽ ٻڌندي، انهيءَ تاثر پنهنجا رنگ وڌيڪ چٽا ڪيا آهن، جنهن ڪري مان اهو چوڻ ۾ هٻڪان ڪو نه ٿو ته بدر شاهه پنهنجي شاعراڻي سفر ۾ اڳتي وڌي آيو آهي ۽ لڳاتار اڳتي وڌي رهيو آهي، جنهن ۾ هو پاڻ آهي، ڪن به اديبن ۽ غير اديبن جي مهم جُوئي ان ۾ نه آهي. ياد رکڻ جهڙي ڳالهه اها به آهي ته انهن نوجوانن لاءِ ادبي سفر ڪجهه وڌيڪ اڻانگو هوندو آهي، جن کي ڪو به ادبي پسمنظر نه هوندو آهي، ائين بدر شاهه جو به ڪو خاص ادبي پسمنظر نه آهي. هن پنهنجي خاندان، پنهنجي گهر ۽ ان گهر جي دروازي کان ٻاهر نڪرڻ کان وٺي ڪراچيءَ تائين جو جسماني توڻي ادبي سفر اڪيلي سر ڪيو آهي. مان ڀانيان ٿو ته سندس زندگيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ کان سواءِ شايد ئي ڪا ٻي ادبي آبياري ڪندڙ جڳهه هجي، ها! سائين آثم ناٿنشاهي،واجد، اياز جاني ۽ ڪجهه ٻيا ادبي دوست سندس ذات جي ويجهو رهيا آهن، انهن جون صحبتون هُن ماڻيون آهن. منهنجي تجربي ۾ اها ڳالهه به آهي ته اسين جن کي صحبتون ڪوٺيون ٿا، انهن کي هڪ طرفو ”ماڻڻ“ ڪوٺيون ٿا، جڏهن ته صحبتون ڀوڳبيون به آهن، ۽ اهڙو اظهار بدر شاهه جي غزلن ۾ به ملي ٿو. بدر شاهه جي غزلن بابت منهنجي هڪ خوشفهمي اها به آهي ته اُهي سندس آتم ڪٿا به آهن، ته تخليقي ڪٿا به. اڳتي هلي بدر شاهه کي آتم ڪٿا لکڻ جي ضرورت نه پوندي، هو پنهنجي شاعريءَ کي آتم ڪٿا به ڪوٺي سگهندو.
    اسان ڪيترن ئي نوجوانن وانگر بدر شاهه به نوي واري ڏهاڪي ۾ لاڙڪاڻو ڇڏي ڪراچيءَ کي پنهنجو ڪري ڇڏيو، ائين گهڻا نوجوان ڪراچيءَ کي پنهنجو نه ڪري سگهيا ۽ واپس پنهنجي پنهنجي شهرن ڏانهن هليا ويا، پر بدر شاهه بنهه ڏکين حالتن ۾ به ڪراچيءَ ۾ رهيو ۽ اڄ تائين ڪراچيءَ ۾ جي رهيو آهي، ۽ نه رڳو هو جسماني طور جي رهيو آهي، پر ڀرپور تخليقي نموني به جي رهيو آهي، مثال طور سندس هيءُ ڪتاب اسان جي اکين اڳيان آهي، ۽ ان ۾ آيل شاعري اسان کي ٻڌائي ٿي ته بدر شاهه ڪراچيءَ ۾ ڪيئن جي رهيو آهي. جڏهن ڪا به تخليق اهو سڀ ڪجهه ٻڌائي وڃي، جيڪو خالق نه ٻڌائي سگهندو آهي ته پڪ سان اها تخليق جي به ڪاميابي آهي ته ان جي خالق جي ڪاميابي به، ته اڄ هو ڪيئن ڪيئن سوچي ٿو.
    بدر شاهه جديد دور ۽ ڪاسموپوليٽن شهر ۾ رهندي غزل جهڙي بنهه روايتي صنف ۾ شاعري ڪئي آهي، جنهن لاءِ اڄ ڪن ذهين نقادن جو خيال آهي ته ان ۾ جديد احساس جي اپٽار جي گنجائش گهٽ آهي، ڇاڪاڻ ته غزل جي قافيي ۽ رديف جي سخت بندش ان احساس کي گُهٽي ٿي. ان ڪري جديد دنيا نظم ڏانهن وڌيڪ توجهه ڏيئي رهي آهي. ٻي طرف اهو رويو آهي ته جنهن شاعرکي غزل لکڻ نٿو اچي، ان کي شاعر نٿو ڪوٺي سگهجي ۽ اهڙو اظهار اڄ اهي شاعر به ڪري رهيا آهن جيڪي ڪالهه ان ڳالهه جا قبوليندڙ هئا ته غزل ۾ اها گنجائش نه آهي، جيڪا نظم ۾ آهي، يا اهو ته، شاعري بحر وزن جو نالو نه آهي. اها احساس ۽ خيال جو نالو آهي.ان حوالي سان شاعريءَ جو علم، جنهن کي علم عروض ڪوٺجي ٿو، ان جي اهميت ثانوي رهجي وئي هئي ۽ سچ پچ شاعري مٿي اڀري آئي هئي، پر اڄ جڏهن اسان جي رهجي ويل جديد شاعرن وٽ به شاعري ثانوي رهجي وئي آهي، تڏهن اهڙي ماحول ۾ اسان جي دوست بدر شاهه غزل لکي ۽ ان ۾ جديد دور ۽ ان جي گهرجن کي جيئن جو تيئن اظهاري نه رڳو غزل جي فني وڪالت ڪئي آهي، پر ان جي علم ۽ ٻين فني باريڪين جو به تحفظ ڪيو آهي، پر غزل لاءِ فن وري به ٻڌي ليکي علم عروض ئي ليکيو ويو آهي، جيڪو بهرحال ڪن حالتن ۾ غزل کي اتي وڃي بيهاري ٿو جتي شاعريءَ جو وزن ته موجود هوندو آهي، پر شاعري عدم موجود، ۽ افسوس جي حد تائين اسان جي نوجوان لکندڙن جي وڏي حصي سان ائين ئي ٿي رهيو آهي.
    بدر شاهه ڪنهن به وڏي شهر ۾ رهندڙ جيان، شهري زندگيءَ کي جيئن ڏٺو آهي، جيئن ماڻيو آهي ۽ جيئن ڀوڳيو آهي، ائين ئي ان کي اظهار ڏنو آهي، شايد ان ڪري شخصي طور مون ۽ مون جهڙن ڪن ٻين سوچيندڙ دوستن ۽ پڙهندڙن هن کي دلي توڙي ذهني طور ويجهو سمجهيو آهي.
    هيءَ شاعري عام ٻوليءَ ۾ سنڌي شاعريءَ جي نمائندگي ڪندي يا نه ڪندي، اهو هڪ وڏو ۽گهڻو وقت سوچائيندڙ سوال آهي ۽ ان سوال جو رستو هڪ اهڙي رڃ ڏانهن ٿو وڃي جتي فقط اڃ ئي اڃ آهي. ان ڪري مان فقط بدر شاهه جي ان احساس ڏانهن اچان ٿو جيڪو هن پنهنجي اظهار ۾ ڏنو آهي:

    ڏور ٻچن کان پيٽ گذر لئه لوڙيون ٿا،
    گهر جا لنبا خرچ، پگهارون سڏڪن ٿيون.

    احساساتي سطح تي فقط مٿس ”اڃ جو آسمان“ آهي، ۽ بيحد خوشي ڏيندڙ ڳالهه اها آهي، ته غزل جي روايت تي بدرشاهه جيڪا احساس جي جديد عمارت کڙي ڪئي آهي، اها ڏسڻ جهڙي آهي ۽ ساڳئي وقت ساراهڻ جهڙي پڻ!
    هن جي جديد کڙي ڪيل عمارت جي اڏاوت، سندس ڀرپاسي ۾ جڙيل عمارتن کان ڪنهن حد تائين مختلف به آهي، شايد ڏسڻ واري کي اها ايترو مختلف نه لڳي، پر گهرائيءَ سان ڏسڻ وارو اهو محسوس ڪندو ته ان جي حسناڪي الڳ ڏيک ڏئي ٿي ۽ اها بدر شاهه جي اصلي ڪاميابي آهي، جيڪا کيس اڃا به اڳتي وٺي ويندي.
    غزل جي صنف لکندي بدر شاهه ان جي گهڻين ئي گهرجن ڏانهن ڌيان ڏنو آهي. هن جي محسوس ڪرڻ جو انداز ۽ ان کي اظهارڻ جو انداز هن جو پنهنجو آهي، جيڪو هن جي اندر جي صلاحيتن تي مدار رکي ٿو، جيڪو سندس هن ڪتاب جي هر غزل ۾ ڏسي سگهجي ٿو، محسوس ڪري سگهجي ٿو ۽ ان احساس هيٺ، اداسي به پلئه پئجي سگهي ٿي ته ڪي خوشگوار گهڙيون به ميسر ٿي سگهن ٿيون، پر اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ به پڙهندڙ جي پنهنجي مزاج جو مسئلو آهي، البت ٻاهريون حالتون جيئن جو تيئن ساڳيون رهڻيون آهن، جيئن لکڻ واري لاءِ آهن ته پڙهڻ واري لاءِ به!

    راهون روشن رهبر انڌا،
    ماڻهو ماٺ مقدر انڌا.
    *
    هڪڙو شخص ويو جيئن وڇڙي،
    ٿي پيا سارا منظر انڌا.


    ”اڃ جو آسمان“ هيٺان اسان ڪيترائي سال گذاريا آهن، ائين بدر شاهه به اسان سان گڏ ڪيترائي سال اڃ جي آسمان هيٺان بيهي رڃ مان اڃ اجهائڻ جي تمنا سانڍي آهي، جيڪا ڪنهن شخص جي ڪنهن به جنم ۾ اجهڻي نه آهي ۽ بدر شاهه جي به اجهڻي نه آهي، شايد اسان جي سموري نسل جي اڃ اجهڻي نه آهي ۽ جڏهن اها اجهي ويندي ته يا دور ساڳيو نه هوندو يا اسان ساڳيا نه هونداسين، ڇاڪاڻ ته اسين جنهن دور جي پيداوار آهيون اهو بهرحال اڃيو ئي رهجي وڃڻو آهي شايد! ٻيءَ طرح جيڪڏهن ”اڃ جو آسمان“ وسڻ جا ويس ڪري آيو ته اهو اڄ جي ٽهيءَ جي نهايت ڪاوڙيل نسل جي هڪ شاعر بدر شاهه جي شاعريءَ جي ڪتاب جي روپ ۾ هوندو، جنهن جي خوبصورت ٽائيٽل تي لکيل هوندو: ' اڃ جو آسمان` ۽ ان جي هيٺان ليکڪ جي سَنَد طور لکيل هوندو: بدر شاهه.
    هيءُ ڪتاب بدر شاهه جي اهڙي تخليقي ميڙي چونڊي آهي، جيڪا هن پنهنجي گذريل شعوري عمر ۾ پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ بچائي رکي آهي ۽ اڄ اها انهن جي نالي ڪري رهيو آهي جيڪي کانئس شايد هن ميراث کان وڌيڪ جنهن ٻيءَ ميراث جا تمنائي آهن، جيڪا سندس پاند ۾ نه آهي، ها! پوءِ به هو خوش آهي، هن کي جيڪا ميراث گهربل آهي، اها هن وٽ اڻ مئي آهي، جنهن ڪري کيس اداس ٿيڻ يا مايوس ٿيڻ جو سبب نٿو سُجهي، ۽ جڏهن ڪي به سبب هن کي اهڙي اسٿتيءَ ڏانهن ڌڪين ٿا ته هو پنهنجي اتساهه لاءِ هي احساس اظهاري ٿو:

    مون ڏي ڏسندي، هڪڙو ننڍڙو ٻار پيو جو مرڪي،
    منهنجي من تي جيئڻ جو هڪ گهرو عڪس ڇڏي ويو.

    ٻيءَ صورت ۾ هن پنهنجي زندگيءَ جي ۽ تخليق جي سفر کي ڪراچيءَ ۾ اچي ڪيئن ڏٺو آهي، اهو سندس زباني هيئن آهي:

    لڙڪ اکين جا، پياسي ٿر ۾ ڳولڻ نڪتو آ،
    احساسن کي پس منظر ۾ ڳولڻ نڪتو آ.

    اهو به وڏو سچ آهي ته عظيم تخليق جو بنياد شخص جي اڪيلائي آهي. اسان سڀ شهرن جي جرڪندڙ روشنين جي چمڪ ڏسي شهرن ڏانهن آيا هئاسين، اسان کي سچ پچ چمڪندڙ روشنين جي پٺيان رهندڙ غضبناڪ اونداهين جو پتو تڏهن پيو جڏهن اسان هتي رهي پياسين. اهڙن حادثن کان پوءِ شخص جو اندر ۾ اڪيلو ٿيڻ فطري ڳالهه آهي ۽ اندر جي اڪيلائيءَ جو اظهار بدر شاهه هن وڏي شهر ۽ ماڻهن جي سمنڊ هوندي هيئن ڪيو آهي:

    چونڪ ڳليون ۽ رستو رستو ڀٽڪي ٿو،
    يارن هوندي بدر اڪيلو ڀٽڪي ٿو.

    ۽ ڪنهن به تخليقڪار جي اصل ميراث اهو ڀٽڪاءُ ئي آهي، جنهن لاءِ ڀٽائي چيو هو ته:
    ڳوليان ڳوليان م لهان، شال م َ ملان هوت!

    ۽ بدر شاهه جو اظهار آهي:

    ٿا چئو، هر سوچ منهنجي ٿي وڃي مقتل طرف،
    ڇا ڪيان؟ يارو! ڏکن جو آ سفر جاري اڃا.

    اسان جي نيڪ خواهش آهي ته بدر شاهه جو هي تخليقي سفر جاري رهي، جنهن سفر ۾ ڪيتريون ئي حاصلاتون اڃا سندس اوسيئڙي ۾ آهن، جڏهن اهي هُن ماڻي ورتيون، تڏهن”اڃ جو آسمان“ جهڙا ڪيترائي ڪتاب سندس نالي سان سڃاتا ويندا ۽ فخر سان ائين چوندي تسڪين ماڻينداسين ته بدر شاهه جهڙو خوبصورت شاعر ۽ ارڏو شخص اسان جو دوست آهي.
    رکيل مورائي
     27 جولاءِ 2014ع
    ڪراچي، سنڌ.


    غزل

    بند ڪمرن کي اوجاڳا،

    بند ڪمرن کي اوجاڳا،
    ڪِن ذهنن کي اوجاڳا!

    ماچيسن مان شعلا نڪرن،
    سگريٽن کي اوجاڳا.

    تو، جي مونکي گهاوَ ڏنا،
    تن زخمن کي اوجاڳا.

    شهرن ۾ بي آرامي
    ۽ ڳوٺن کي اوجاڳا.

    ڀاڪُر ۾ جئن سونهن آئي،
    تيئن چپن کي اوجاڳا.

    هوءَ جڏهن کان سامائي،
    ڳوٺ، گهٽين کي اوجاڳا.

    شاعر - هَٿِ قلم جي رئيفل،
    هَٿّ - ڪَڙين کي اوجاڳا.

    سوچن جو ڪنهن مُلهه ڪَٿيو؛
    بدر! اکين کي اوجاڳا.


    سَنهڙن، سُرهن زلفن جي خوشبو ۾ ڦاٿاسين،

    سَنهڙن، سُرهن زلفن جي خوشبو ۾ ڦاٿاسين،
    جَل تَرنگيِ ٽهڪن جي خوشبو ۾ ڦاٿاسين.

    ڦٿڪي، جاڳي رات وهاڻيءَ جئن ئي اکِّ لڳي،
    ڪنهن جي سُندر سپنن جي خوشبو ۾ ڦاٿاسين.

    تنهنجي گِهٽيءَ مان اڄُ اچانڪ لنگهندي ڪنهن ٽاڻي،
    وينگس! تنهنجي جلون جي خوشبو ۾ ڦاٿاسين.

    ڪيڏا لفظ ڪَڙا ها تنهنجا، ڪيڏا ڇوهه ڇَنڊيئه؛
    پوءِ به تنهنجي لهجن جي خوشبو ۾ ڦاٿاسين.

    توکي الوداع چوڻ ڪا سولي ڳالهه نه هئي،
    تو وٽ پهچي لڙڪن جي خوشبو ۾ ڦاٿاسين.

    مُکڙيءَ مان گل هوءَ نه بڻي، جو باک ڦُٽيءَ تائين؛
    هُن جي ڪنوارن لفظن جي خوشبو ۾ ڦاٿاسين.

    ڪير چَپن کي اورانگهي هِي چُمندو هَٿَّ ڪَڙيون؟
    پاڻ ته نينهن جي نعرن جي خوشبو ۾ ڦاٿاسين.

    بدر! جڏهن هڪ محفل ۾ هوءَ آئي اَڻ-ڄاتي،
    مينديءَ رتڙن هَٿڙن جي خوشبو ۾ ڦاٿاسين.



    ڪاڳر-اُڀ تي لفظ قطارون سُڏڪن ٿيون،

    ڪاڳر-اُڀ تي لفظ قطارون سُڏڪن ٿيون،
    سپنا ڇِرڪيا، مُرڪ-سنڀارون سُڏڪن ٿيون.

    منهنجا هاڙهه-سيارا تو بِن تڙڦن ٿا،
    سرتي! تُنهنجي لاءِ بهارون سُڏڪن ٿيون.

    عڪس اڪيلائيءَ جا مَن ۾ پيهي ويا،
    منهنجون تو لئه نيڻ-نهارون سُڏڪن ٿيون.

    "نامنظور“ چئي تو جيڪي موٽايون؛
    منهنجي جهوليءَ منجهه ميارون سُڏڪن ٿيون.

    هر ماڻهوءَ ۾ ٽَهڪ وڃايل ٻارن جيان،
    هر ماڻهوءَ ۾ ڪيئي هارون سڏڪن ٿيون.

    ذهن ٿڌا ٿيا، پر هي راز نه ڄاتائون،
    تنبوري جون تَتّل تارون سڏڪن ٿيون.

    ياد-حويليءَ جي ڪنهن قيديءَ سان گڏجي؛
    هُن جون باندي خبرون-چارون سڏڪن ٿيون.

    ڏور ٻَچن کان؛ پيٽَ-گُذر لئه لوڙيون ٿا،
    گَهر جا لَنبا خرچ، پَگهارون سڏڪن ٿيون!


    منهنجي شهرن جا سڀ رستا اغوا ٿي ويا آهن،

    منهنجي شهرن جا سڀ رستا اغوا ٿي ويا آهن،
    کوڙ اَٽوٽ ۽ پوتر ناتا اغوا ٿي ويا آهن.

    ڪاٽيل ڄڀ سان دانهن ڪري تاريخ چوي ٿي اڄ ڀي:
    ”منهنجي وِچ مان سچ جا صفحا اغوا ٿي ويا آهن.“

    پنهنجي اکين جي دروازن جا زوريءَ تالا ٽوڙي،
    رات به نيڻن مان ڪجهه سپنا اغوا ٿي ويا آهن.

    ڏينهن-ڏِٺي جو؛ ڄڻ ڪنهن سُندر ڇوريءَ وانگر هُن جا-
    روشن لمحا، ڪومل لهجا اغوا ٿي ويا آهن.

    جوڀن-مکڙيون، مُرڪون، خوشيون، نيڻ، چميون، گلَ، پوپٽ،
    ۽ ٻيا ڇا ڇا مَنَ جا اڌما اغوا ٿي ويا آهن.

    ڏِسندي ڏِسندي؛ گورين-هَٿ مان آئينا ويا کِسڪي،
    ڄاتائون ته، هُو اصلي چهرا اغوا ٿي ويا آهن.

    حسرت ساڻ ڏٺم جو هُن جي چهري منجهه چتائي؛
    سُڌِّ پئي ته سڃاڻپ-رشتا اغوا ٿي ويا آهن.

    بدر لڳايا ها جي ڏاڍي چاهت ساڻ اڱڻ تي،
    اڄ سي مينديءَ جا سڀ ٻوٽا اغوا ٿي ويا آهن.


    باک ڦٽيءَ جو پهريون ڪِرڻو اجرو عڪس ڇڏي ويو،

    باک ڦٽيءَ جو پهريون ڪِرڻو اجرو عڪس ڇڏي ويو،
    اونداهيءَ جي چادر تي هڪ شعلو عڪس ڇڏي ويو.

    هُو ته کڻي ويو پنهنجي هر شيءِ ڳولي منهنجي گَهر مان،
    پو، هي آئيني ۾ آهي ڪنهن جو عڪس ڇڏي ويو؟

    ڪالهه اچي اَڌ رات مهل ڪئي چنڊ ڪچهري مون سان،
    ويندي ويندي گَهر-آڳُر تي ”هن جو“ عڪس ڇڏي ويو.

    لکندي لکندي ميلاپن جا قصّا، اڄُّ قلم ڀي،
    ڪاغذ-ڪنڊ تي تنهاين جو هڪڙو عڪس ڇڏي ويو.

    هُو؛ خوش هو، ته نشان سمورا ڊاهي آيو آهيان،
    پر بي خبريءَ ۾ رستي تي پنهنجو عڪس ڇڏي ويو.

    پَٿّر! تون خوش قسمت آهين، جو هڪ پيارو ماڻهو،
    منهنجي چهري تي آ اَڻمِٽ تنهنجو عڪس ڇڏي ويو.

    مون ڏي ڏِسندي؛ هڪڙو ننڍڙو ٻار پيو جو مُرڪي،
    منهنجي مَن تي جيئڻ جو هڪ گهرو عڪس ڇڏي ويو.

    رات؛ وِهاڻي تي هن جي گَجري مان هو گُلُ ڪِريو،
    منهنجي ڪمري ۾ هُو ڪيڏو سُرهو عڪس ڇڏي ويو.


    نظر، نظر کي ڇُهيو ته لُنءَ لُنءَ اندر خوشين جا ڏيئا ٻري پيا،

    نظر، نظر کي ڇُهيو ته لُنءَ لُنءَ اندر خوشين جا ڏيئا ٻري پيا،
    اداس لمحن جي ٻاٽ ڪاريءَ ۾ ٽهڪڙن جا ڏيئا ٻري پيا.

    لِڪي-ڇپي هوءَ بچي بچي اڄ به نيٺ اوندهه ۾ آئي مون وٽ،
    بدن ٻَکيا، چَپ چَپن سان چهٽي پيا چمين جا ڏيئا ٻري پيا.

    اسان؛ جو ڪڏهين خدا جي آڏو جهڪڻ گوارا ڪيو نه آهي،
    اوهان جي آڏو، اسان جهڪياسين، عبادتن جا ڏيئا ٻري پيا.

    جڏهن کان؛ ماڻهن جي تنهنجي ميندي-رَتن هٿن تي نظر پئي آ،
    تڏهن کان تنهنجي گهٽيءَ ۾ گوري! لکين وِکن جا ڏيئا ٻري پيا.

    خبر پئي آ اِها جڏهن کان، سخا ۾ ڏاڍا تون زخم ڏين ٿي،
    ته تنهنجي دَر تي هزار ڪِشتا کنيل هٿن جا ڏيئا ٻري پيا.

    تَتيءَ منجهند جو، هُو پنهنجي ڇَت تي چڙهي، نهاري ٿي منهنجي گهر ڏي،
    هَوائون سُرهيون، اڱڻ ۾ ڇانئون ٿيون، اکين جا ڏيئا ٻري پيا.

    جڏهن کان هُن جي حَسين چهري تي ٿيو گلابن جو ڇانورو آ،
    تڏهن کان دل ۾ عجيب اَڻ موٽ خواهشن جا ڏيئا ٻري پيا.

    بَتي ٻَري ٿي ۽ دَر کُليل آ، تڏهن به ڪَمرو پيو ٿو سڏڪي،
    اڪيلي جوڀن جي ذهن ۾ کوڙ وَسوِسن جا ڏيئا ٻري پيا.

    گهڻي زماني کان چاهتن جي اُجاڙ جهنگل ۾ ڀَٽڪي ڀَٽڪي؛
    الائي ڇو اڄ نراس جيون ۾ آسرن جا ڏيئا ٻري پَيا!


    لڙڪ اکين جا؛ پياسي ٿَر ۾ ڳولهڻ نڪتو آ،

    لڙڪ اکين جا؛ پياسي ٿَر ۾ ڳولهڻ نڪتو آ،
    احساسن کي پس منظَر ۾ ڳولهڻ نڪتو آ.

    ماڻهو، نظريّن جي بَن ۾ ڀٽڪي ويو آهي،
    پنهنجي گَهر کي؛ ٻئي ڪنهن گَهر ۾ ڳولهڻ نڪتو آ.

    هُو جي خواب اُڏي ويا نفرت جي طوفانن ۾،
    سي ڪِن نيڻن جي ساگرَ ۾ ڳولهڻ نڪتو آ.

    گذريل واٽهڙوءَ جي قدمن جي تحرير پڙهي،
    ڪو ته ڏَسي: هُو ڪنهن کي سفَر ۾ ڳولهڻ نڪتو آ.

    هِي جو امن ٿيو آ اغوا هيڏي خلق وچان،
    سو اخبارن جي دفتَر ۾ ڳولهڻ نڪتو آ.

    ڪالهه گهٽيءَ مان لنگهندي: هن جا چيز وڃائي هئي،
    تِنهن کي هڪ ماڙيءَ جي دَر ۾ ڳولهڻ نڪتو آ.

    ڪيئي ڳوٺ ويا هِن گم ٿي شهرن جي رڃ ۾،
    بدر به پنهنجو ڳوٺُ، شهَر ۾ ڳولهڻ نڪتو آ!


    مطلب ڪيئي، اِينءَ هڪ تنهنجي جملي مان نڪتا،

    مطلب ڪيئي، اِينءَ هڪ تنهنجي جملي مان نڪتا،
    رستا ڪيئي، جِئن هڪ شاهِي رَستي مان نڪتا.

    منهنجو هر هڪ اَنگُ؛ اُهي ويا جرڪائي پَل ۾،
    جَلوا جيڪي هُن جي روشن چهري مان نڪتا.

    مون سمجهيو هو؛ ٽانڊاڻا ٿا اڏرن پيا اڀ ۾،
    پَر، سي ٽَهڪ هئا هڪ ڪاري برقعي مان نڪتا.

    رقص اُنهن تي آخر ڇا لئه ٿي فرهاد ڪيو؟
    هُو ته هئا پِئي نوحا هُن جي تيشي مان نڪتا!

    ساري رات ٻُڏا پئي سپنا جيڪي اوندهه ۾،
    صبحَ؛ اُهي سڀ وِهنجي سِج جي تِڙڪي مان نڪتا.

    پاڻَ به هُن جي گَهر مان نڪتا آهيون اِينءَ تڙجي،
    آڳاٽو جِئن بُتّ هئا ڪي ڪعبي مان نڪتا.

    بدر! هليا ويا دوست ڇڏي اِينءَ دنيا ۾ تنها؛
    گُلّ سڪل ڄڻ هِڪ هِڪ ٿِي گلدستي مان نڪتا!


    جيڪا گَهر ساڙڻ لڳي، سا روشني ڪاڏي ڪبي،

    جيڪا گَهر ساڙڻ لڳي، سا روشني ڪاڏي ڪبي،
    ديس جا غدّار! تنهنجي دوستي ڪاڏي ڪبي.

    منهنجي هر هڪ لفظ ۾ آ سونهن ۽ سچ جو سڳنڌ،
    جا هجي جذبن کان خالي شاعري ڪاڏي ڪبي.

    اي مِٺي! ڪجهه مُرڪ تون جئن ٽهڪ ڏئي هيءَ زندگي،
    باقي ساري زندگيءَ جي بندگي ڪاڏي ڪبي؟

    هوءَ آئي جو اسان وٽ روشني وئي ڦهلجي،
    اي چندرما! تنهنجي هاڻي چاندني ڪاڏي ڪبي!

    هِڏڪين ۾ آهيان ۽ ساهه جون پويون سَٽون،
    هاڻ ٺَلهّي آٿتن جي زندگي ڪاڏي ڪبي!

    جي نه هوءَ ميلاپ جي رُت ۾ مِلي مون سان بدر!
    پوءِ ڪُوڙي قول جي ڪا خاطري ڪاڏي ڪبي.


    پرهه جي نرم هوائن کي ڪي ستّل ڇا ڄاڻن؟

    پرهه جي نرم هوائن کي ڪي ستّل ڇا ڄاڻن؟
    آزاديءَ جي نياپن کي هي غافل ڇا ڄاڻن؟

    هجر-فراق جي لمحن ۾ دل ڇا ڇا ڀوڳي ٿي؛
    ڪيڏا سور ملن پيا مَن کي؛ رٺّل ڇا ڄاڻن؟

    مرڻ پڄاڻان ڪوئي ڪيڏو ماتم ڇو نه ڪري،
    ڪير ٿو روئي، ڪير کِلي ٿو، ڪٺّل ڇا ڄاڻن؟

    رڃ ۾ ڪيڏي اڃّ لڳي ٿي، پاڻي ناهه جِتي،
    پياسن جي سا حالت پَر هُو پيتل ڇا ڄاڻن؟

    فٽ پاٿن تي ڪيئن ٿي گذري جيوت ماڻهن جي،
    محلاتن ۾ عيش سان جيئندڙ ڍايل ڇا ڄاڻن؟

    نِما شام جي ويلي ڇا لئه بدر! پيو روئين؟
    اُڌمن کي هي احساسن جا قاتل ڇا ڄاڻن؟


    راهون روشن، رهبر انڌا،

    راهون روشن، رهبر انڌا،
    ماڻهو ماٺِ، مقدّر انڌا.

    ڏيڍيءَ ۾ چوڙين جا ٽُڪرا،
    لال حويليءَ جا دَر انڌا.

    لمحو لمحو رَت اوڳاڇي،
    راتيون، ڏينهن، ڪلينڊر انڌا.

    چنڊ- مُکيءَ جو چهرو زخمي،
    هَٿَّ حرامي، پَٿّر انڌا.

    هُو جسم ته آهي آئينو
    هِن ڳوٺ سڄي جا گَهر انڌا.

    اندر آڳر تي بد فعلي،
    مسجد، گرجا، مَندر انڌا.

    مُرڪن ۽ لڙڪن جون ڳالهيون،
    روشنين جا لشڪر انڌا.

    هڪڙو شخص ويو جئن وڇڙي،
    ٿي پيا سارا منظر انڌا!


    سُهڻا ماڻهو، اَڻ-جَهل جوڀن وارا ٻوڙا؛

    سُهڻا ماڻهو، اَڻ-جَهل جوڀن وارا ٻوڙا؛
    سانوڻ-رُت ۾ مينهن جا وَسڪارا ٻوڙا!

    ڀُلجي ڀي نه غريبن ڏانهن ڏسي ٿو ڪوئي،
    جيون ٿي پيو آ مجبور؛ گذارا ٻوڙا.

    ڇاتِي تاڻي گَهر کان ٻاهر وڃّ نه ڇوري!
    شهر جو ڀيانڪ آ ماحول، سهارا ٻوڙا.

    ڪيئن ٻُڌن هو چنڊ جي تنهائيءَ جا سڏڪا؛
    نيري اڀ تي آهن سڀّ ستارا ٻوڙا!

    هُن جي سپنن تائين پهچڻ ٿو مان چاهيان،
    هُن جي نيڻن جا؛ پَر، آهن چارا ٻوڙا.

    منهنجي چَپن تي ڪَن ڇَڇڪار چمين جون ڇوليون،
    هُن جا چپَّ سِنڌوءَ جا جيئن ڪنارا ٻوڙا!

    مون ته پَري کان هُن سان ڳالهيون کوڙ ڪيون، پَر-
    هُن جي پَلئه پيا ئي ڪونه اشارا ٻوڙا.

    اکيون بند ڪري ٿيون گذرن خوشيون ڀرسان،
    بدر! رهن ٿا پنهنجي گِهٽيءَ ۾ پيارا ٻوڙا!


    کِلڻي سُونهن وَسائي ويٺي جلوا گونگا،

    کِلڻي سُونهن وَسائي ويٺي جلوا گونگا،
    سامهن ڇارَ+ ٿين پيا بيٺا ڇورا گونگا!

    سگريٽن جي پيڙا کي محسوس نه ٿا ڪن،
    ماچيسن جي ڪَڇَ مان نڪتل شعلا گونگا.

    ڇو چپ-چاپ ٻرن ٿيون هُن جي سالگرهه تي؟
    ڪيئن سمجهائن ميڻ-بتين جا ڳوڙها گونگا!

    ساڀيا جي لئه سِر جي ڀيٽا ڏيندا آهن،
    سادا پاڻ پَتنگ چئون، يا ڏيئا گونگا؟

    منهنجي گهر ڏي ايندڙ واٽون اوسارن+ ٿيون،
    گُهرجن جي مقتل ڏي ويندڙ رستا گونگا.

    نيڻن جي جَر منجهه ٻُڏن ٿا آسَ-بَتيلا،
    اڀرن ٿا هر رات اڱڻ تي سڏڪا گونگا.

    هي جو گڏجي ساڻ سَمورو ڏينهن هلن ٿا؛
    ڪهڙي ڪم جا ساٿي، پنهنجا پاڇا گونگا!

    ڏينهنَ-تَتي يا ڪاري رات جي خاموشيءَ ۾،
    روز صليبن تي ٿا ٽنگجن جذبا گونگا.

    شامل بدر! ٿيون ڪيئن، هن جي ڏک ۾: هن سان؟
    هن ويران گهٽيءَ جا ٻُڌندي نوحا گونگا!

    +ڇار= خاڪ (رک) +اوسارن= روئن-اوسارا ڪن


    ڪيترو ڪَوڙو هئو؛ سو، ساءُ سڏڪن جو،

    ڪيترو ڪَوڙو هئو؛ سو، ساءُ سڏڪن جو،
    دل کي پهچائي ويو؛ جو، گهاءُ سڏڪن جو.

    اک کڻي، ڪَن ڏي ٻڌن ٿيون غور سان راهون،
    هي ڪٿان پيو ٿو اچي غوغاءُ سڏڪن جو؟

    پنڌ صدين جو ڪري پهتو اسان تائين،
    هي الائي ڪنهن جو آ پڙلاءُ سڏڪن جو؟

    آئيني جي سامهون: هوءَ مُنهن جهلي ٻڪ ۾؛
    آئيندي تي ٿي ڏِسي ڪو واءُ سڏڪن جو.

    پنهنجي هٿ-ريکا کي پڙهندي: پنهنجي قسمت تي-
    ٿي پَئي وڌندو ڏسي ڦهلاءُ سڏڪن جو.

    ڪنهن مسافر جي ڦٽل نيڻن جي رستي تي؛
    آ ڦٽي پيو اوچتو سوداءُ سڏڪن جو.

    ڌَرتتيءَ؛ پيرين اگهاڙيون خواهشون ڊوڙن،
    زندگي آهي سموري داءُ سڏڪن جو.


    هڪ درد ڦٽو باک ڦٽيءَ کان پهرين،

    هڪ درد ڦٽو باک ڦٽيءَ کان پهرين،
    ڪو خوابُ ٽٽو باک ڦٽيءَ کان پهرين.

    هڪ پنڌ شروع ڏينهن جو ٿيندو هاڻي،
    هڪ پنڌ کٽو باک ڦٽيءَ کان پهرين.

    هُو، جيڪو غزل رات لکيو مون جاڳي،
    نوحو ٿي پيو باک ڦٽيءَ کان پهرين.

    ڪاغذ جي فراسيءَ تي لڇي-ڦٿڪي مَس،
    آ نظم ستو باک ڦٽيءَ کان پهرين.

    هڪ رات ڏٺو هو مون هي منظر يارو!
    هو چنڊ ڪٺو باک ڦٽيءَ کان پهرين.

    ميلاپ؛ وڇوڙي جي گَهڙيءَ جي ڊپ کان،
    ڏاڍو هو رنو باک ڦٽيءَ کان پهرين.

    هُو بدر سان پَرتو نه وري سارو ڏينهن،
    جو شخص رٺو باک ڦٽيءَ کان پهرين.


    دُکي التجائن کان ڳوڙها ڳڙي پيا،

    دُکي التجائن کان ڳوڙها ڳڙي پيا،
    ته ارڏين ادائن کان ڳوڙها ڳڙي پيا.

    هُو جيونَ سفر ۾ جڏهن اجنبي ٿيو،
    اسان جي وفائن کان ڳوڙها ڳڙي پيا.

    چيئين پنهنجي جيڏين کي: ”ڪهڙو بدر شاهه؟“
    سمورين سزائن کان ڳوڙها ڳڙي پيا.

    جڏهن دَر پٺيان هُن جو چهرو لِڪي ويو،
    تڏهن ڪِن نگاهن کان ڳوڙها ڳڙي پيا.

    ڪري بند ڪَنَ هُو جو مَڌ-گَهر+ کان گذريا،
    ته مَڌ-گر+ صدائن کان ڳوڙها ڳڙي پيا.

    پيل ڀاڪرين ڪنڌ ڪسجي جتي ويا،
    اتان جي هَوائن کان ڳوڙها ڳڙي پيا.

    ڏِسي موٽندو شام جو گهرِ پکين کي؛
    وطن جي فضائن کان ڳوڙها ڳڙي پيا.

    +مَڌ-گَهر= شراب خانو ، +مَڌ-گَر = شرابي


    مون ساڻ: منهنجي ڏات جون سخاوتون عجبُ،

    مون ساڻ: منهنجي ڏات جون سخاوتون عجبُ،
    سرجن پيون ڪي ذهن ۾ بغاوتون عَجبُ.

    ٿو ننڊ ڏينهن جو ڪري ۽ رات جو سجاڳ،
    آهن اسان جي شهر جون به عادتون عَجبُ!

    او رات! اڄ نه پنهنجو صبح تون ٿيڻ ڏجان،
    ماڻيان پيو ٿو هُن جون مان عنايتون عَجبُ.

    ڏيئي جي لاٽ ۾ ڪري ٿو درد کي تلاش،
    دل ۾ رکي ٿو شخص ڪوئي چاهتون عَجبُ.

    ويران ڳوٺ تي هي عڪس رول چنڊ جو؛
    اڄ رات آيون ڀونءِ تي ڪي ساعتون عَجبُ!

    چهرن کي ڏِسندي؛ آئيني جا ٽَهڪ ٿا ڏَسن،
    انسان ساڻُ وقت جون عداوتون عجبُ.

    لڙڪن جا سجدا سيڄ تي ٿا رات-ڀر رهن،
    ڪِن ڪِن اکين جون ٿيون ٿين عبادتون عَجبُ!


    مون وٽ ڪوئي؛ ڪتابَ رکي آ ڀُلي ويو،

    مون وٽ ڪوئي؛ ڪتابَ رکي آ ڀُلي ويو،
    پنهنجا هتي حجابَ رکي آ ڀُلي ويو.

    آ شُهرتن جي جام ۾ مدهوش ايترو؛
    فٽ پاٿ تي هُو خوابَ رکي آ ڀُلي ويو.

    پوپَٽ جا پَر سَڙيل ڪي ڏِسي ٻارُ سوچي ٿو:
    ڌرتيءَ تي ڪو عذابَ رکي آ ڀُلي ويو.

    گهرَ ڏي لکيل خطن جا؛ الائي ڇو شخص هُو،
    کيسي ۾ ڪجهه جوابَ رکي آ ڀُلي ويو؟

    هن قاتلن جي شهر جي گِهٽين ۾ نيٺ ڪير-
    ڪنهن لاش تي گلابَ رکي آ ڀُلي ويو.

    اونداهين جِي چار سُو بارش ٿِئي پَئي،
    ڪو چنڊ تي نقابَ رکي آ ڀُلي ويو.

    ڪيڏو عجيب شخص هو؛ ’آواره گرد‘ جا؛
    ڪلهه بدر تي خطابَ رکي آ ڀُلي ويو.


    منهنجي سامهن؛ منهنجي جيون جا اِينءَ لمحا بيٺا آهن،

    منهنجي سامهن؛ منهنجي جيون جا اِينءَ لمحا بيٺا آهن،
    جيئن ورهين کان قبرن تي هُو ڪتبا بيٺا آهن.

    هُن کان وِسري ويا آهن، پر منهنجي ذهن جي دروازي تي؛
    اڄُّ به مون سان ڪيل سمورا هُن جا وعدا بيٺا آهن.

    ماڻهو پاڻ ڪي بازارن ۾ ڏاڍو سَستو وڪڻي ويا، پر-
    آس لڳائي چوواٽن تي پو به نظريا بيٺا آهن.

    آءٌ ته هُن جي جنّت مان ملعون ٿي تَڙجي نڪتو آهيان،
    پوءِ به هُن جي چانئٺ تي ڇو منهنجا سجدا بيٺا آهن؟

    رستي رستي ڪَرب و بلا ۽ گَهر گَهر آئي شامِ غريبان،
    قاتل ٿڪجي پيا، ته به مقتل وٽ پَروانا بيٺا آهن.

    نعرا ته وڃي ڪا مهل ڪٿي ڪِن ڪمرن ۾ ٿيا آرامي،
    ڏينهن تَتي جو ديوارن تي نِرڄا جهنڊا بيٺا آهن.

    وِسمي ويل چَپن تي ڪيئي روز سوال ٻَرن ٿا پيا، ۽-
    جَلندڙ اکين جي پَلڪن تي زخمي سپنا بيٺا آهن.

    عڪس ٽٽي پيا آهن، يا هُو آرسيون ئي بدر ! ڀَڄي پيون،
    جو ماڻهو پنهنجي ٻُڪن ۾ جَهليو پنهنجا چهرا بيٺا آهن!


    تو دل ۾ جو ٻاري رکيون ميڻ بَتيون،

    تو دل ۾ جو ٻاري رکيون ميڻ بَتيون،
    ته اونداهه-گهڙيون، بڻيون ميڻ بَتيون.

    ٿي اوسيئڙو؛ تو لئه دَريءَ ۾ رِجن ٿيون،
    هي بڻجي اسان جون اکيون، ميڻ بَتيون.

    هَوا جو ڪو جهونڪو ته آيو ئي ڪونهي،
    پو ڪنهن کي ڏِسي ٿيون جَهڪيون ميڻ بَتيون؟

    بنا آسَ جي ڀي ٻَرن ٿيون مسلسل،
    لڳي ٿو ته آهن چَريون ميڻ بَتيون!

    آ اڄ ڪلهه حياتي اُجالا اُجالا،
    بڻيون پنهنجون تنهائِيون ميڻ بَتيون.

    زماني ۾ جو ڪجهه بَچي روشني آ؛
    سو، ان لئه جو مائون ٿيون ميڻ بَتيون.

    انڌيري حياتيءَ ۾؛ ٻارَن جون مُرڪون،
    ٻَريون ڄڻ ته معصومِڙيون ميڻ بَتيون!

    هُو اڄ منهنجي پاڙي ۾ شايد ته ايندو،
    جو هر هڪ دَري ۾ ٻَريون ميڻ بَتيون.

    ٿا وِک وِک چاڪنگ جا شعلا پيا ڀَڙڪن،
    سڄي شهر جون هِن ڀِتيون ميڻ بَتيون.

    حَسينن جي اَچ-وڃ آ اڌرات تائين،
    نظر ٿيون اچن سڀ گِهٽيون ميڻ بَتيون.

    الائي ته ڪهڙي خوشيءَ ۾ لَٿيون اڄ،
    سَکيءَ جي اڱڻ تي پَريون-ميڻ بَتيون!


    منهنجي خوشين جون خودڪُشيون ماتم ڪنديون رهيون،

    منهنجي خوشين جون خودڪُشيون ماتم ڪنديون رهيون،
    دل ۾ سڀيئي دل-لڳيون ماتم ڪنديون رهيون.

    سجدن تي؛ تنهنجي دَر اڳيان، مِٽّي ڄمي وئي،
    چُپ-چاپ منهنجون بندگيون ماتم ڪنديون رهيون.

    سڀ عڪس آئيني ۾ تو بنجر ڏٺا جڏهن؛
    توتي ئي تنهنجون بي رخيون ماتم ڪنديون رهيون.

    جنهن ڏينهن کان، ڪَمِ ظرف ڪي ساقي بڻيا هئا،
    تنهن ڏينهن کان ئي ميڪشيون ماتم ڪنديون رهيون.

    ڳايا ڪي اهڙا گيت ها محفل ۾ چوڙين،
    هر رات ڪيئي زندگيون ماتم ڪنديون رهيون.

    ننڊون کڻي ڪو، پاڻ سان پرديس ويو هليو،
    بي خوابين تي دَر-دَريون ماتم ڪنديون رهيون.

    دَر ٻاهران پيو بدر کي جيون سڏي، مگر-
    ڪمري ۾ پنهنجون بي وَسيون ماتم ڪنديون رهيون!


    جاني، مان ۽ رات به زخمي،

    جاني، مان ۽ رات به زخمي،
    جيءَ اندر جذبات به زخمي.

    گيتن مان ٿو خون ٽِمي پيو،
    ڪويَلڙيءَ جي لات به زخمي.

    موت گهڙيءَ جو خوف قلم تي
    شاعر جي آ ڏات به زخمي.

    ڪَنين ٽَڪريس ٽَهڪ-پَڙاڏا،
    هُن جي ٿي سڪرات به زخمي،

    چنڊَ ڪِرڻن مان لڙڪ وَهن ٿا،
    پيارَ پرينءَ جي تات به زخمي.

    مُندن تي آ ڪامڻ ڇانيو
    بادل ۽ برسات به زخمي.

    سونهنَ دُواري؛ سَئن، سوالي،
    جهولي ۽ خيرات به زخمي!


    نه وصل جون هي گَهڙيون وِسايو،

    نه وصل جون هي گَهڙيون وِسايو،
    ڊڄي نه ڪنهن کان خوشيون وِسايو.

    اڃا ته ساهه آ پرين! چپن ۾،
    اڃا نه پنهنجون چميون وِسايو.

    اڃا ڪنديون ڪجهه طواف نظرون،
    ائين نه جَهٽ پَٽ دريون وِسايو.

    جيئڻ ڏيو ڪجهه اڃا اکين کي،
    دَرن جون ڇو ٿا وِٿيون وِسايو.

    کنڊايو مرڪون، وَسايو امرت،
    غصي جي وِههَ جون وَٽيون وِسايو.

    انهيءَ سهاري ته زنده آهيون،
    چيو اَٿوَ ڪنهن چِٺيون وِسايو؟

    اماس رات آ، ڊڄي ٿو ڪمرو،
    نه پنهنجي گَهر جون بَتيون وِسايو.

    ڇو بدر کان پنهنجو مُنهن لڪائي؟
    ٿا نور جون آيتون وِسايو!


    اسان جون سموريون خوشيون پوسٽ ٿي ويون،

    اسان جون سموريون خوشيون پوسٽ ٿي ويون،
    گهڻو وقت ٿيو دل-لڳيون پوسٽ ٿي ويون.

    ڪٿي ڳولجي پنهنجي موجودگيءَ کي؟
    جڏهن شهر جون سڀ گِهٽيون پوسٽ ٿي ويون.

    مان هُن جي اکين ۾ ڏِسڻ پاڻ کي ويس،
    جو گَهر پنهنجي جون آرِسيون پوسٽ ٿي ويون.

    چَپن تي ٽِڙيل ڦول ڪومائجي ويا،
    سندن ديس مان جِئن چميون پوسٽ ٿي ويون.

    عجب رنگ سان موسمون هيل آيون،
    سڄي ڀونءِ جون رونقون پوسٽ ٿي ويون.

    ٿا مرڪن جا پنڇي اڏامن اڱڻ تي،
    لڳي ٿو ته اڄ بي رخيون پوسٽ ٿي ويون.

    چيو شهر کي ڪالهه هڪ ڳوٺ روئي؛
    ”ٻُڌم تو وٽان روشنيون پوسٽ ٿي ويون.“


    مِلڻ ۾ خلوص آ نه سِڪ پيارُ مَنَ ۾،
    مان ڀانيان هتان زندگيون پوسٽ ٿي ويون.

    ڪهاڻين ۾ آهن رهيون بدر! باقي،
    دلين مان مگر دوستيون پوسٽ ٿي ويون.


    گلابن جيان ڪڏهن مَهڪيا به آهيون؛ او شهر! تنهنجي گهٽين ۾،

    گلابن جيان ڪڏهن مَهڪيا به آهيون؛ او شهر! تنهنجي گهٽين ۾،
    ٽٽل چوڙين جيان وِکريا به آهيون؛ او شهر! تنهنجي گهٽين ۾.

    اسان جيڪي، ڪڏهن تشبيهه ڪعبي جي پيا رکندا هئاسين،
    اچي ڳوٺان، هِتي ڀٽڪيا به آهيون؛ او شهر! تنهنجي گهٽين ۾.

    اسان؛ جو روشنيون ۽ رونقون ڳولڻ هتي آيا هئاسين،
    صليبن جي مٿان لَڙڪيا به آهيون؛ او شهر! تنهنجي گهٽين ۾.

    اسان ڏي موڪليل ڀاڪرَ غلط پَتّي تي پهچايا ويا هِن،
    خبر اهڙي ٻُڌي تَڙپيا به آهيون؛ او شهر! تنهنجي گهٽين ۾.

    خطن ۾ ڪيترين ئي ساڀيائن هيئن لِکيو آهي اسان ڏي:
    ”سَرابن جي پُٺيان ڊوڙيا به آهيون؛ او شهر! تنهنجي گهٽين ۾!“

    دغابازين کي؛ فيشن جو جڏهن کان آ مِليو، رتبو تڏهن کان-
    کِليا گهٽ ۽ گهڻو سڏڪيا به آهيون؛ او شهر! تنهنجي گهٽين ۾.


    حق آگاهه ويا لُٽجي چانڊوڪين جي پاڇي ۾،

    حق آگاهه ويا لُٽجي چانڊوڪين جي پاڇي ۾،
    ڇا اتساهه ويا لُٽجي چانڊوڪين جي پاڇي ۾؟

    آرهڙَ سجّ مٿان ڇو يارو! هِت الزام ڌريو ٿا؟
    هُت ويساهه ويا لُٽجي چانڊوڪين جي پاڇي ۾!

    جيون؛ راند آ شطرنج جي هِن راند ۾ اڪثر ماڻهو-
    بي پرواهه ويا لُٽجي چانڊوڪين جي پاڇي ۾.

    تاريڪيءَ جي ويسهه-گهاتيءَ کي ڇا ساريون؟ جنهن ۾-
    سوچيل ٺاهه ويا لُٽجي چانڊوڪين جي پاڇي ۾.

    نرم اُجالي جي چادر تي چِٽّ چُمين جا اُڀريا،
    ۽ ڪي ساهه ويا لُٽجي چانڊوڪين جي پاڇي ۾.

    ارمانن جي بازارن جي رونق اُجڙي ويئي،
    جو؛ سڀ چاهه ويا لُٽجي چانڊوڪين جي پاڇي ۾.

    او بدر ڪوي! هن ’ڪاڪ محل‘ ۾ تو جهڙا ڪيئي،
    دل-درياهه ويا لُٽجي چانڊوڪين جي پاڇي ۾.


    اينءَ کڄن ٿيون مون ڏي اڄ هُو ڪاريون اکيون قِسطن ۾،

    اينءَ کڄن ٿيون مون ڏي اڄ هُو ڪاريون اکيون قِسطن ۾،
    سمنڊَ ڪناري سان ٽَڪرائن ٿيون جئن ڇوليون قِسطن ۾.

    هُن جي گَهر ڏي ويندي ويندي؛ پير لڳن ٿا رقص ڪرڻ،
    ڪيفيتون ٿو بدلائي پيو جِيون پنهنجون قِسطن ۾.

    جهوليءَ ۾ وِڇڙڻ جا ٽانڊا ساڻ کڻي جو گذرياسين،
    مون جئن سَڙندا رَهيا واٽهڙو ۽ واٽون قِسطن ۾.

    ڳوٺ سڄي جي چهري تي مايوسيءَ جا عڪس تَرن ٿا،
    گَهر گَهر نازل ٿين پيا ٿا دردَ/اَذيتون قِسطن ۾.

    ڪَوتاگر جي نيڻن ۾ ڪي لفظ هڻن ٿا پيا کرڙيون،
    ڪاڳَر چهري تي ٿيون اڀرن بِگڙيل شڪليون قِسطن ۾.

    وڻ تي ويهي ڪوئي اڪيلو پنڇي دل ۾ سوچي ٿو،
    ڪيڏانهن وڃن ٿيون اڏنديون آخر پيار جون ديويون قِسطن ۾؟

    نِيل گگن جي ڇاتيءَ تي هر وقت عذاب چُرن ٿا پيا،
    ڌرتيءَ تي ڪِرنديون ئي رهن ٿيون باههِ-ڏياٽيون قِسطن ۾!


    خواب ڪوئي پيو سڏي ٿو ڳوٺ ڏي،

    خواب ڪوئي پيو سڏي ٿو ڳوٺ ڏي،
    روح روزانو وڃي ٿو ڳوٺ ڏي.

    نفرتن؛ بزنس جو ڌاريو روپ آ،
    شور شهرن جو ڌِڪي ٿو ڳوٺ ڏي.

    ڏک جڏهن ڪنهن ڀي نه هِت هُن سان ونڊيا،
    هُو، تڏهن هاڻي ڀَڄي ٿو ڳوٺ ڏي.

    روز خوابن ۾ ٿو هُن وٽ تون اچين،
    ۽ هِتان هُو خط لکي ٿو ڳوٺ ڏي.

    خواهشن جنهن کي هو آندو شهر ۾،
    سو جهڪائي ڪنڌ اچي ٿو ڳوٺ ڏي.

    حسرتن جا درد نيڻن ۾ ڀَري،
    بدر حيرت سان ڏِسي ٿو ڳوٺ ڏي.


    انڌيري راتين جي ظلمتن ۾، جاڳندو ڪوئي رهيو،

    انڌيري راتين جي ظلمتن ۾، جاڳندو ڪوئي رهيو،
    اداس نيڻن جي حسرتن ۾، جاڳندو ڪوئي رهيو.

    اسان جي گَهر تي ته وارَ کولي، رُت جدائيءَ جي لٿي،
    ۽ گَهر؛ مِلڻ-رُت جي آسرن ۾، جاڳندو ڪوئي رهيو.

    نه ٿو هٽائي هو برف پنهنجي جسم تان ڪا هڪ گهڙي،
    ۽ باهه اسان جي ڀري رَڳن ۾، جاڳندو ڪوئي رهيو.

    هتي ته سپنا به سِگرٽن تي سِر رکي ۽ پيا سمهي،
    ۽ هُت سڄي رات ماچيسن ۾، جاڳندو ڪوئي رهيو.

    گلن جي خوشبو، ٿڌيون هوائون، رات پهرين پيار جي،
    حَسين ٻانهن جي ڀاڪرن ۾، جاڳندو ڪوئي رهيو.

    خيال پنهنجا دٻائي مَنَ ۾ ننڊ سک جي ڪو ستو،
    غزل اَڌوري جي سِٽن ۾، جاڳندو ڪوئي رهيو.


    هُن ڳَل جي مٿان منهنجون جنهن وقت چميون جاڳيون،

    هُن ڳَل جي مٿان منهنجون جنهن وقت چميون جاڳيون،
    اونداهه ۾ ڪي مرڪون ٿي ميڻ-بَتيون جاڳيون.

    مهمان اِهو ڪهڙو هِن شهر ۾ اڄ آيو؟
    جو ڇرڪَ ڀري ننڊ مان گهر گهر جون ڀِتيون جاڳيون.

    ڌرتيءَ تان انڌيري کي نابود ڪرڻ خاطر،
    ڀائن ۽ پٽن سان گڏ مائون ۽ اَديون جاڳيون.

    شاعر جو رڳو ڪمرو ئي ڪونه ٿو هڪ جاڳي،
    گَڏ، هُن سان قلم، سوچون ۽ ڊائريون جاڳيون.

    ذهنن تان عمر ساري ڪوهيرُ هٽايو جنهن،
    دنيا جون انهيءَ تي ڇو اڄ آڱرِيون جاڳيون؟

    ٻَهڪي ٿو پيو ڪيڏو اڄ سچَّ سندو چهرو،
    شايد ته ٽنگيل ٽِياسن تي، آرسيون جاڳيون.

    گذرن ٿا مٿان هُن جي معصوم ٻچا کِلندي،
    رستي جي اکين ۾ آهن روشنيون جاڳيون.

    سڀ ڪجهه ئي ويو ڦرجي آ بدر وٽان جڏهين،
    دوستن جون تڏهن آهن مَس دوستيون جاڳيون!


    رهي پنهنجي اندر ۾ آ هميشه ڪربلا جاني!

    رهي پنهنجي اندر ۾ آ هميشه ڪربلا جاني!
    لڳا هِن زخم ڪيڏا دل تي، ڄاڻي ٿو خدا جاني!

    نتيجو هر دعا جو ٿو ٿئي نقصان ۾ ظاهر،
    دعائن کي الائي ڪنهن ڏني آ بد دعا جاني!؟

    ڪري سڃ ۾ سفر جئن ڪو مسافر ڄاڻي-واڻي، تئن-
    گذاري آ حياتي پاڻ کي ڏيندي سزا جاني!

    اکين جي پيچرن تان ٿا اڏامن ڌوڙ جا بادل،
    لڳي ٿو؛ درد جا گذريا هِتان هِن قافلا جاني!

    گلابي چَپَّ ڌرتيءَ جا، ڪنواري مُرڪ شل ماڻن،
    وَسائي پئي سدا دنيا تي خوشبوئون هوا، جاني!

    جڏهن کان خلق جي چهرن پڙهڻ جو فَنُ مون ڄاتو آ،
    تڏهن کان سڏڪندي آئي نظر آهي وفا جاني!

    ڏِسي مهمان هيڪاندا، چيو گهٻرائجي ڪمري؛
    وڌائيندو نه ڪر حد کان زياده رابطا جاني!

    گلن وانگر ڇڻي پيا خواب اڄ هُن جون اکيون چمندي،
    ڪجل جا لُڙڪ ڳل تي ويا کِنڊائي حادثا جاني!


    چنڊ اڄ اڀ تي تنها تنها ڀٽڪي ٿو،

    چنڊ اڄ اڀ تي تنها تنها ڀٽڪي ٿو،
    ساهن منجهه لڪائي سڏڪا ڀٽڪي ٿو.

    ڪوئي ڪبوتر اڏندي؛ ٻَرندڙ سِيهي جا-
    کنڀڙاٽين ۾ ويڙهي کٽڪا ڀٽڪي ٿو.

    پنهنجو گهر نه لڀي ٿو هُن کي دنيا ۾،
    امن سموري ڀونءِ جا رستا ڀٽڪي ٿو.

    پولارن ۾ ڪَڪريون سڏڪي روئن ٿيون،
    هيٺان ڌرتيءَ تي هر دريا ڀٽڪي ٿو.

    وقت ته ماڻهوءَ کان به وڏو ٿو رول لڳي،
    هي به ازل کان لمحا لمحا ڀٽڪي ٿو.

    بدر ته؛ سائين! سپنن جي ساڀيائن لئه-
    جهنگل جهنگل، صحرا صحرا ڀٽڪي ٿو!


    چونڪ، ڳَليون ۽ رستو رستو ڀٽڪي ٿو،

    چونڪ، ڳَليون ۽ رستو رستو ڀٽڪي ٿو،
    يارن هوندي؛ بدر اڪيلو ڀٽڪي ٿو.

    لهندو ڏِسندي؛ نيڻن آڏو انڌيرو،
    اَڻ سونهون ڪو سُندر سپنو ڀٽڪي ٿو.

    ٻوڙا ڪَن ٿيا آهن دنيا وارن جا،
    ڌرتي-سرتيءَ جو هر سڏڪو ڀٽڪي ٿو.

    گهرَ جي سڀني دروازن کي بند ڏِسي،
    روشنين جو ڪِرڻو ڪِرڻو ڀٽڪي ٿو.

    سانت جو ڪوهيڙو آ ڇانيل چهرن تي،
    هر هڪ مَن جو ڪومل جذبو ڀٽڪي ٿو.

    نيڻن منجهه خمار سَمائي هيڪاندو،
    حُسن هَٺيلو ڪنهن ڪنهن آڏو ڀٽڪي ٿو.

    جهولَ ڀري اڄ آيو آهي مُرڪن سان،
    پو به الائي ڇا لئه چَريو ڀٽڪي ٿو؟

    سامهن واري دَر جي وِٿيّن مان نڪري؛
    روز نئين خوشبو جو جهونڪو ڀٽڪي ٿو.


    سِج لهي ويو؛ پيچرن جو آ سفر جاري اڃا،

    سِج لهي ويو؛ پيچرن جو آ سفر جاري اڃا،
    جسم ٿَڪجي پيو ۽ مَن جو آ سفر جاري اڃا.

    چنڊ جي چانڊاڻ ۾ منزل چمين کي وئي مِلي،
    پر، چَپن جي خواهشن جو آ سفر جاري اڃا.

    هر نئين سِج ٿا صليبن ڏي قدم کڄندا وڃن،
    سونهن-سَچ جي عاشقن جو آ سفر جاري اڃا.

    توڙي سپنن ۽ اکين جي وچ ۾ صحرا آ وڏو،
    پو به پنهنجي چاهتن جو آ سفر جاري اڃا.

    ڌرتتيءَ ۾ شاعريءَ جو ڇانورو ڳولهيان پيو،
    ڪِلڪ هيٺان ڪاغذن جو آ سفر جاري اڃا.

    شرم کان هِن شهر آڏو ڪَنڌُ کَڄي ئي ڪو نه ٿو،
    شهر جي مُنهن تي مُڪن جو آ سفر جاري اڃا.

    ٿا چئو؛ هر سوچ منهنجي ٿي وڃي مقتل طرف؛
    ڇا ڪيان؟ يارو! ڏکن جو آ سفر جاري اڃا.


    امن کي ڳولهڻ سپنا نڪتا رستي ۾،

    امن کي ڳولهڻ سپنا نڪتا رستي ۾،
    پر، ويچارا ٿي ويا اغوا رستي ۾.

    نقشو ڪهڙو هي ماحول بڻايو آ؟
    هر پاسي پيا ڏِسجن ڪتبا رستي ۾.

    پاڻَ ته هڪ جيڏين سان گڏ هوءَ هلندي وئي،
    پويان ٽَهڪ ڇڏي وئي سُرها رستي ۾.

    اڏندي رنگ وڃائي ويهن ٿا پوپٽ،
    ڪيڏي پَلجي پئي ٿي پيڙا رستي ۾.

    گهر ۾ ڪائي مورت ڪانه ٿي ڳالهائي،
    ٻاهر؛ پَٿرن جا، هِن نعرا رستي ۾.

    شهر جي شور کان جان ڇڏايون آخر ڪيئن؟
    شور کنيو بيٺو آ جهنڊا رستي ۾.

    ڪنهن جي قبر آ، جنهن تي ڪوئي ديپ نه آ؟
    هُت ته هزارين بلب ٻَرن پيا رستي ۾.

    بدر کي ڪاٿي، ڪهڙي راهه ۾ ڳولهي ڪو،
    سڀئي گُم ٿي ويا هِن رستا رستي ۾!


    ڪو شخص هلندي هلندي فوٽ پاٿ تي مري ويو،

    ڪو شخص هلندي هلندي فوٽ پاٿ تي مري ويو،
    دل جي اَٽيڪ ٿيندي فوٽ پاٿ تي مري ويو.

    ڳوٺان کڻي ڪي آسون آيو هو شهر هِن ۾،
    ۽ خواب گهَر جا ڏِسندي فوٽ پاٿ تي مري ويو.

    جنهن ٻارڙي کي حسرت کيڏڻ جي دل اندر هئي،
    رانديڪڙا سو وٺندي فوٽ پاٿ تي مري ويو.

    نڪتو هو ماني ڳولهڻ گِرجا مان جو مسيح اڄ،
    هڪ روڊ پار ٽَپندي فوٽ پاٿ تي مري ويو.

    هَٿُ هَٿَ ۾ ڏيئي آيو بازار مان وٺڻ ڪجهه،
    جوڙو سو ٽهڪ ڏيندي فوٽ پاٿ تي مري ويو.

    هڪ گهورَ خوبصورت؛ گوليءَ جيان لڳي، ۽-
    هي بدر واٽ ويندي فوٽ پاٿ تي مري ويو.


    بُت بڻيو بيٺو رهيم؛ ۽ زندگي کِلندي رهي،

    بُت بڻيو بيٺو رهيم؛ ۽ زندگي کِلندي رهي،
    سارَ تنهنجيءَ ۾ رنم؛ ۽ زندگي کِلندي رهي.

    رات جي ماٺار ۾، هينئڙي ڪَئين هورا کڻي،
    راهه تنهنجيءَ ۾ رليم؛ ۽ زندگي کِلندي رهي.

    جهور پوڙهي ماءُ کي ٻچڙي جي مَيّت جي مٿان؛
    رَتُّ روئيندي ڏٺم؛ ۽ زندگي کِلندي رهي.

    هاءِ ! جوڀن رات ۾ سِڪ جي سجايل سيج تي-
    لڙڪ ساوڻ جيان وُٺم؛ ۽ زندگي کِلندي رهي.

    شهر جي بدمست ماڻهن جي هجومن وچَ ۾،
    پاڻ کي تنها پَسيم؛ ۽ زندگي کِلندي رهي.

    بيوفا جي دَر تان جو ناڪام ٿي موٽيو بدر؛
    ڀور تي ويو هو ڀَرم؛ ۽ زندگي کِلندي رهي!


    هيءَ شهرن جي فضا ڇا ٿي چوي؟

    هيءَ شهرن جي فضا ڇا ٿي چوي؟
    ڪَن ڏيو؛ ڌرتيءَ-صدا ڇا ٿي چوي؟

    ڪنهن جي گهَر مان ٿا پيا نڪرن اُلا-
    رَت سَڙڻ جي بُوءِ اها ڇا ٿي چوي؟

    تنهنجا نعرا ٿا صليبن تي لکون،
    ڏِس؛ وطن! پنهنجي وفا ڇا ٿي چوي؟

    وئي خزان ساڙي خوشيون، ڏسجي ته هاڻ-
    رُت بسنتيءَ جي هَوا ڇا ٿي چوي؟

    مان گهران ٿو تنهنجي مُنهن جو ٿيان نقاب،
    تنهنجي دل او دلربا! ڇا ٿي چوي؟

    مون چمي ورتا اچانڪ هُن جا چَپَ،
    پر، ڏِسون هُن جي سزا ڇا ٿي چوي؟

    اڄ ڪئي آئيني مون سان ڪَنَ ۾ ڳالهه؛
    بدر! جوڀن جي رضا ڇا ٿي چوي؟


    لکيم ڪوتا: گهڻو سوچي، ته ڀي ڪجهه ڪاڻ رهجي وئي،

    لکيم ڪوتا: گهڻو سوچي، ته ڀي ڪجهه ڪاڻ رهجي وئي،
    قلم واندو ته ٿيو؛ پر ذهن ۾ ڇڪتاڻ رهجي وئي.

    رکي رپيو وڌايل هٿ تي مون مُرڪي ڏنو هو، پر-
    ڏٺم: منهنجي اکين ۾ ڪا هئي آلاڻ رهجي وئي.

    ضميرن جو ڪري سودو ڪيئون ويهي وڏو ميڪپ،
    مگر منحوس چهرن تي اڃا ڪاراڻ رهجي وئي.

    هميشه کان يزيدن سان حُسيني جو وڙهيا آهن،
    ته ماڻهوءَ ۾ آ ماڻهپ جي تڏهن سرهاڻ رهجي وئي.

    مِلايون موت سان جئن سورمن نظرون؛ ڏڪيو مقتل-
    ۽ جلادن جي شڪلين تي رڳو پيلاڻ رهجي وئي.

    هئو هن سهڻي صورت ۾ لڪل ڪو زهر ڪلفت جو،
    چميا مون چَپ جو هُن جا، وات ۾ ڪوڙاڻ رهجي وئي.

    سَنجها-ٽاڻي لنگهي هوءَ بدر! چادر ۾ ڍَڪي مُنهن کي؛
    پٺيان پوري گهٽيءَ ۾ هئي سندس چانڊاڻ رهجي وئي!


    ڇڏيو خرابيءَ-خَلل جون ڳالهيون،

    ڇڏيو خرابيءَ-خَلل جون ڳالهيون،
    اچو ڪيون ڪنهن ڪَنول جون ڳالهيون.

    نه قاتلن جون نه مقتلن جون؛
    ڪيون نظر جي ڪٺل جون ڳالهيون.

    اکيون ۽ چَپ، توڙي چيلهه، ڇاتي،
    سڄڻ ۾ سڀ هِن غَزل جون ڳالهيون.

    اڇو رَئو، مُنهن تي وار وکريل،
    اڱڻ ڪري پيو ستل جون ڳالهيون.

    رني پرهه پئي؛ ڪيون پرينءَ ٿي-
    جڏهن جدائيءَ مَهل جون ڳالهيون.

    پڇن ٿا فٽ پاٿ وارا رب کان؛
    فِليٽ ۽ گهَر ڦِٽل جون ڳالهيون.

    ٺهن نه ٿيون بدر! زندگيءَ ۾؛
    ڪجن ابد ۽ اَزل جون ڳالهيون.


    روز مِلڻ جي ويلي قَسما-قَسمي آهي،

    روز مِلڻ جي ويلي قَسما-قَسمي آهي،
    عشق به ڪيڏو وِسواسي ۽ وَهمي آهي.

    جيون جي رستي تي هلنداسون ٻئي گڏجي؛
    ٿيڻو آ، يا هيءَ به ڪا خوش فهمي آهي.

    تو ته ڇهيو آ ويجهائپ کان منهنجي مَن کي،
    ڪير چوي ٿو پنهنجي ياري قلمي آهي.

    پيار-چتر ۾ پوپٽ جهڙا رنگ ڀَرڻ لئه،
    ميڙيندي ڪجهه مُکڙيون دل ٿي زخمي آهي.

    رات ڊسمبر جي؛ هوءَ آئي جو بستر ۾،
    ڀانيم جون مهيني جي ڄڻ گرمي آهي.

    ڳالهائيندي هَٿَّ ڇهيو آ هُن جي مُنهن کي،
    ڇا ته ڳلن ۾ مَکّڻ جهڙي نرمي آهي.

    منهنجي ڪمري ۾ اڄ ڏاڍي مَهڪ ڀريل آ،
    سونهن سان گڏ سرهاڻ جي گهما-گهمي آهي.

    چارئي پهر طواف اکين جو هڪ چهري تي،
    بدرُ ته يارو! ماڻهو پڪّو ڌَرمي آهي.


    دوستيون ئي دشمنيءَ جي روپ ۾ مونکي مليون،

    دوستيون ئي دشمنيءَ جي روپ ۾ مونکي مليون،
    رهزنيون ئي رهبريءَ جي روپ ۾ مونکي مليون!

    ڪين ڄاتو مون زماني جي ٻٽي ڪردار کي،
    سرڪشيون ئي بيڪسيءَ جي روپ ۾ مونکي مليون.

    ڪُوڙ ۽ سچ جو به گنجريل آهه ڪيڏو فلسفو،
    وحشتون ئي سادگيءَ جي روپ ۾ مونکي مليون.

    حاصلاتن ۾ حياتيءَ جون گهَڙيون گهارڻ گهريم،
    ڳڻيتون ئي هر خوشيءَ جي روپ ۾ مونکي مليون.

    ڇوٽڪارو ٿي تلاشيم ڪلفتن کان پر بدر!
    نفرتون ئي عاشقيءَ جي روپ ۾ مونکي مليون!

    مون ته چاهيون گرم جوشيون ٿي محبّت جون مگر،
    تربتون ئي زندگيءَ جي روپ ۾ مونکي مليون!


    سونهن ڪاتيءَ ڪٺي، ڪيڏو ٿيو حادثو،

    سونهن ڪاتيءَ ڪٺي، ڪيڏو ٿيو حادثو،
    زخمي ٿي نَڪ-ڦلي، ڪيڏو ٿيو حادثو.

    سِجَّ سانجهيءَ جي هَنج ۾ دمُ ڏنو،
    اکِ نه ڪنهنجي رني، ڪيڏو ٿيو حادثو.

    مُرڪ کي ٻانهن جي اوٽ ۾ هُن ڍَڪيو،
    هڪڙي چوڙي ٽٽي، ڪيڏو ٿيو حادثو.

    ڏينهن سارو شهر جي گِهٽين ۾ رلي-
    آ اڪيلي چمي؛ ڪيڏو ٿيو حادثو.

    هيءَ جواني به هڪ ويل آهي وڏو؛
    گهرَ ۾ ڪنواري ٻڏي، ڪيڏو ٿيو حادثو.

    پهرين چاهت نه ڦهلي مِٽيءَ مَهڪ جيان-
    سوچي؛ ناهي ستي، ڪيڏو ٿيو حادثو.


    جي نه منزل ڪا آهي ته گهر ڇا ڪبو!

    جي نه منزل ڪا آهي ته گهر ڇا ڪبو!
    غير آباد ڪوئي شهر ڇا ڪبو؟

    اس اُداسيءَ جي پهتي آ دل تي اچي،
    هاڻ آڳُر تي گهاٽو شَجر ڇا ڪبو!

    موت آهي پرينءَ جي جدائي جڏهن؛
    پو مرڻ لاءِ ڪنهنجو خنجر ڇا ڪبو!

    تون نه آهين ته پو روشني ڪيئن وڻي؟
    تو بنا او پرين! ڪو سَحر ڇا ڪبو!

    جنهن ۾ ساٿي نه گڏ پنهجو پيارو هجي-
    اهڙو بي فائدو ڪو سَفر ڇا ڪبو!

    عشق آ زندگي، عشق ئي بندگي،
    بدر! ٻيو آخرت لئه ثَمر ڇا ڪبو؟


    هِي سرد راتيون ۽ تنها ماڻهو،

    هِي سرد راتيون ۽ تنها ماڻهو،
    منفرد راتيون ۽ تنها ماڻهو.

    هي ڀور چوڙيون، اداس ڀاڪر،
    بي درد راتيون ۽ تنها ماڻهو.

    جوڀن جا چَڪ ۽ جواني بي وَس،
    نامرد راتيون ۽ تنها ماڻهو.

    رنگن جي خوشبو کي هُو ڇا ڄاڻن؟
    سڀ زرد راتيون ۽ تنها ماڻهو.

    هِي بدر! ويران ڳوٺ، بستيون،
    چوگرد راتيون ۽ تنها ماڻهو.


    زندگيءَ جي روڳ کي، ڪنهن ڀي سڃاتو ڪين ڪي،

    زندگيءَ جي روڳ کي، ڪنهن ڀي سڃاتو ڪين ڪي،
    ظاهري کِل-ڀوڳ کي، ڪنهن ڀي سڃاتو ڪين ڪي.

    پاتو مرڪن جو اسان رنگين لبادو آ، مگر-
    دل جي ڪاري سوڳ کي، ڪنهن ڀي سڃاتو ڪين ڪي.

    روپ جي پهروپ سان قائل ڪري ويو لوڪ کي،
    هُن فريبي ڦوڳ کي، ڪنهن ڀي سڃاتو ڪين ڪي.

    ڪيئن پَئي گذري حياتي، ڪيئن پيو ڪَٽجي سفر؟
    سور جي سهيوڳ کي، ڪنهن ڀي سڃاتو ڪين ڪي.

    ظاهرا ً آهيون جدا، دنيا اهو ڄاتو بدر!
    سِڪَّ جي سنجوڳ کي، ڪنهن ڀي سڃاتو ڪين ڪي.


    تنهنجا سڀ رنگ ۽ روشنيون لاڙڪاڻا:

    تنهنجا سڀ رنگ ۽ روشنيون لاڙڪاڻا:
    شال قائم رهن رونقون لاڙڪاڻا!

    گم ٿيل ننڍپڻ کي ٿو ڳوليان انهن ۾؛
    تُنهنجون تڏهين رلان ٿو گِهٽيون لاڙڪاڻا!

    سونهن تنهنجيء تي مدهوش ٿي ٿو وڃان،
    توکي ڀاڪر وجهي ڏيان چميون لاڙڪاڻا!

    هِت ڪراچيءَ ۾ رهندي به وِسريو تون ناهين،
    مونکي تنهنجون اَدائون وَڻيون لاڙڪاڻا!

    توکي پارت هجي منهنجي ڪُل خواهشن جي،
    دل مان تو وٽ وڃان ٿو ڇڏيون لاڙڪاڻا!

    تنهنجي مِٽيءَ جي چاهت ٿي گِهلي اچي هِت،
    تون پيارين ٿو مَڌ جون وَٽيون لاڙڪاڻا!

    چو طرف تنهنجي خوشبو جو ڦهلاءُ آهي،
    تنهنجا رستا گهمن ٿيون پَريون لاڙڪاڻا!

    تنهنجي نيڻن ۾ پَئجي ڪجل ٿئي ٿو سهڻو؛
    تنهنجون ڪَجليون رهن ٿيون اکيون لاڙڪاڻا!


    پيار جي سرهاڻ جون سڃاڻپون روشن هيون،

    پيار جي سرهاڻ جون سڃاڻپون روشن هيون،
    انتظارن جون سدا ڏياٽيون روشن هيون.

    پاڪ مريم جئن هيون اسان جون ساريون چاهتون،
    ۽ اوهان وٽ شڪَّ جون عداوتون روشن هيون.

    پاڻَ ئي ننڊ مان اسان اٿڻ نه چاهيو؛ ورنه دوست!
    صبحِ آزاديءَ جون بشارتون روشن هيون.

    ٿي ويا اوجهل اکين کان چاهتن جا اولڙا،
    دوستن جون راهه ۾ رڪاوٽون روشن هيون.

    پنهنجي محبت کي ڀَلي جنونُ هُو سمجهن پيا،
    پاڻَ لئه پَر؛ ڄڻ اُهي عبادتون روشن هيون.

    صبح-گَهڙين جا سمورا عڪس چِهري تي هئا،
    تنهنجي مرڪن جون پرين! عنايتون روشن هيون.

    ڪنهن اَڄاتي دردَ ساري رات تڙپايو هئس،
    سمنڊ جي اکين ۾ اڄ ٿڪاوٽون روشن هيون.

    چَپَّ فريادي اُتي ڪي، ها چمين جي خون جا،
    رات مڪليءَ تي ڏٺم؛ عدالتون روشن هيون.

    اڄ به هوءَ موهنَ+ گِهٽيءَ ۾ گُهنگُهرو ڳولي پَئي،
    هُن جي نيڻن ۾ سوين شڪايتون روشن هيون.

    مون ته مرڪي آجِيان ڪئي هئي هُن جي مگر-
    هُن جي ڳالهين ۾ سدا ملاوتون روشن هيون.

    چنڊ جي چانڊاڻ جئن شَهر جي هر هڪ چوڪ تي؛ بدر !
    لٽجڻ تنهنجي جون سخاوتون روشن هيون.

    +موهن= مُهين جو دڙو


    التجائون کڻي ٿا گهرِ موٽون؛

    التجائون کڻي ٿا گهرِ موٽون؛
    يا سزائون کڻي ٿا گهرِ موٽون.

    شهر ۾ ٿا وڃون خوشيون ڳولڻ،
    ڪربلائون کڻي ٿا گهرِ موٽون.

    ابتدائون ڪرڻ ٿا چاهيون، پَر-
    انتهائون کڻي ٿا گهرِ موٽون.

    پنهنجي نيڻن ۾ ڪنهن جي چاهت جون؛
    ڀاوَنائون کڻي ٿا گهرِ موٽون.

    خود غرض دوستن جي محفل مان،
    ڪي دغائون کڻي ٿا گهرِ موٽون.

    پنهنجي پيارن هٿان ٿيل زخمي-
    آتمائون کڻي ٿا گهرِ موٽون.

    وحشتن جون ڳَليون ڪِراس ڪندي؛
    ڪجهه دعائون کڻي ٿا گهرِ موٽون.

    دردَ-صحرا مان بدر! ياد جون-
    روز ڇانئون کڻي ٿا گهرِ موٽون.


    زندگيءَ مٿان ڌرتتي کُٽي ئي نه ٿي،

    زندگيءَ مٿان ڌرتتي کُٽي ئي نه ٿي،
    ديس تان ڇو اڃان ڌرتتي کُٽي ئي نه ٿي؟

    ڪيئن ڏِسان ته هُو ناتا ڇِني وئي آهي،
    يارو! ڪيئن چوان ڌرتتي کُٽي ئي نه ٿي.

    مَن سندس مُرڪ جو ڇانورو نصيب ٿئي،
    هُن وَٽان ڇو اُٿان؟ ڌرتتي کُٽي ئي نه ٿي.

    ڪو دَڳن کان کسي ويو آ ڇانوَ ٽالهين جي،
    ڏور کان ٿو ڏِسان ڌرتتي کُٽي ئي نه ٿي.

    هُو اکين جون چُميون اڄ ڪٿي اُڏامي ويون،
    پيو ٿو آءٌ لڇان ڌرتتي کُٽي ئي نه ٿي.

    سوال ڪهڙا هُو دَر ٻاهران رکي ويو آ،
    مان کڻي ٿو پڙهان ڌرتتي کُٽي ئي نه ٿي.

    چو طرف آ سياست جي گندگي پَکڙيل،
    چاهه ڪنهن سان رکان؟ ڌرتتي کُٽي ئي نه ٿي.


    منهنجي گهرَ جو لوڙهو اڄُ اداس لڳي ٿو،

    منهنجي گهرَ جو لوڙهو اڄُ اداس لڳي ٿو،
    هي تاريخي پوڙهو اڄُّ اداس لڳي ٿو.

    حوض سُڪي ويو آهي گهرَ جي آڳر وارو،
    بدڪن جو هُو جوڙو اڄُ اداس لڳي ٿو.

    هوءَ هلِي وئي آهي ڪنهن ٻئي شهر اچانڪ،
    هيءُ سمورو ويڙهو اڄُ اداس لڳي ٿو.

    هڪ پُراسرار گهٽي ڀي جنهن جي ڪَڇَ ۾ آ-
    سو ڇو رستو سوڙهو اڄُ اداس لڳي ٿو.

    ٻيهر ڪنهن سقراط چپن تي ڪونه رکيو آ،
    زهر-پيالو ڪوڙو اڄُ اداس لڳي ٿو.

    پنهنجن کي ڀي بدر! لڳان ٿو اڻ واقف مان،
    اک مان وهندڙ ڳوڙهو اڄُ اداس لڳي ٿو.


    ظالم سماج رسمون گروي رکي ڇڏيون هِن،

    ظالم سماج رسمون گروي رکي ڇڏيون هِن،
    تنهنجون ۽ منهنجون خوشيون گروي رکي ڇڏيون هِن.

    سجدا اداس نيڻن جا ٿا رلن گِهٽين ۾،
    هُن پنهنجي گهرَ جون دَريون گروي رکي ڇڏيون هِن.

    چندُ دوستن ڏنا هِن مرڪي خلوص جا گل،
    باقي سڀن ته دوستيون گروي رکي ڇڏيون هِن.

    قربت جي ڇانوَ ڳوليان ٿو دشمنين جي اس ۾،
    پر ڳوٺَ سڀئي ڳَليون گروي رکي ڇڏيون هِن.

    چَپ وصل جون گَهڙيون ڪي ماڻي سگهيا نه ڪڏهين،
    بيدرد لوڪ چميون گروي رکي ڇڏيون هِن.

    نيڻن جي صحن ۾ آ خوابن جو روز ماتم،
    راتين اسان جون ننڊون گروي رکي ڇڏيون هِن.

    اونداهين مان گذري ٿو پيار جو سفر پيو،
    هُن حُسن؛ پنهنجون بَتيون گروي رکي ڇڏيون هِن.

    چانڊوڪِين جي دامن دورين جي باهه ساڙي،
    پيارن به پيار-چِٺيون گروي رکي ڇڏيون هِن.

    هر وقت حڪم هُن جا صادر نوان ٿين ٿا،
    سو؛ بدرَ پنهنجون مرضيون گروي رکي ڇڏيون هِن.


    اسين گلابن جي موسمن ۾ پَتيون پَتيون ٿي ويا هون وکري،

    اسين گلابن جي موسمن ۾ پَتيون پَتيون ٿي ويا هون وکري،
    پرين! شبابن جي موسمن ۾ پَتيون پَتيون ٿي ويا هون وکري.

    سوالَ سَولا هئا اسان جا، مگر اوهان جي چَپن مان نڪتل؛
    ڏکين جوابن جي موسمن ۾ پَتيون پَتيون ٿي ويا هون وکري.

    محبّتن جا سَلا جي پوکيا هئاسين گڏجي؛ اُهي جڏهن اڄ-
    پَڪا، ته لابن جي موسمن ۾ پَتيون پَتيون ٿي ويا هون وکري.

    پَهر پَهر جي گَهڙي گَهڙيءَ ۾ اکين جي آڏو آ ڪنهن جي صورت،
    حَسين خوابن جي موسمن ۾ پَتيون پَتيون ٿي ويا هون وکري.

    ڪڏهن ته پنهنجي چَپن تي مرڪن جون مکڙيون پِئي ٽِڙيون هميشه،
    هينئر سرابن جي موسمن ۾ پَتيون پَتيون ٿي ويا هون وکري.

    اسان ٿي سمجهيو ته دَرشنن جون دَريون سدائين کليل ئي رهنديون،
    مگر حجابن جي موسمن ۾ پَتيون پَتيون ٿي ويا هون وکري.

    سڄي حياتيءَ جي ڪوششن سان جو بدر! آندا اسان، اُنهن ئي-
    ته انقلابن جي موسمن ۾ پَتيون پَتيون ٿي ويا هون وکري.


    اسين اوهان جي؛ سَکي! گهٽين ۾ پَتيون پَتيون ٿي وياسين وِکري،

    اسين اوهان جي؛ سَکي! گهٽين ۾ پَتيون پَتيون ٿي وياسين وِکري،
    ۽ نيڻ پنهنجا رَکي؛ گهٽين ۾ پَتيون پَتيون ٿي وياسين وِکري.

    جڏهن اوهان سان مِلڻ ٿيو هو، هئاسين سالم، مگر اوهان جي-
    چُڪي چپن مان چَکي، گهٽين ۾ پَتيون پَتيون ٿي وياسين وِکري.

    اُلا بڻياسين، نه ڪائي مشعل، اسان سدائين اوهانجي سامهن-
    ٻَريل اڱر جيان دکي، گهٽين ۾ پَتيون پَتيون ٿي وياسين وِکري.

    ڪياسين سجدا وڃي صنم کي، ۽ پنهنجي دل تي وڏي ادب سان؛
    پِرينءَ جو نالو لِکي، گهٽين ۾ پَتيون پَتيون ٿي وياسين وِکري.

    اکين، اکين کي چميو اَچانڪ ۽ دل جي آڳر تي برهه واري،
    جڏهن کان دونهين دکي، گهٽين ۾ پَتيون پَتيون ٿي وياسين وِکري.

    ڏٺيسين يارن جي گفتگو ۾ به بدر! تلخي ۽ بي نيازي،
    ڏکن ۾ ڏاڍو ڏکي، گهٽين ۾ پَتيون پَتيون ٿي وياسين وِکري.


    دوست پيارا ٿا ڪن جدائِيون تخليق،

    دوست پيارا ٿا ڪن جدائِيون تخليق،
    پنهنجي دل ۾ ٿين ٿيون اداسيون تخليق.

    پيا ٿا رڙيون ڪري، وجود جو ڏيون احساس،
    پو به جڳ ٿو چوي: ”ڪيو گواهِيون تخليق“.

    زندگي رات جي ردم ۾ ڇير جيان ٿي وَڄي،
    ۽ ڪري ڏينهن جو ٿي پارسائِيون تخليق.

    ٽَهڪ ڏئي سِنڌ ياس جي ڀَنور مان نڪري پَئي،
    ڪن اڃا پيا ٿا شاهه+-شيخ+ وائِيون تخليق.

    جيڪي رستن جي روشنين جا اڳُ محافظ ها،
    اڄ اُهي ڇو ٿا ڪن پيا اونداهِيون تخليق؟

    هر طرف خلق جا هجوم پٿّرن جا ٽَهڪ،
    رَتُّ ڳاڙي ڪيون ٿا روشنائِيون تخليق.

    اڄ قلم تنهنجو بدر! ٽنگجڻو آ ڦاهيءَ تي،
    ڇو ته پيو ٿو ڪري نيون خدائِيون تخليق.

    +شاهه لطيف،+ شيخ اياز


    چنڊَ ستارن جهڙن لفظن تي آ وياج چڙهي ويو،

    چنڊَ ستارن جهڙن لفظن تي آ وياج چڙهي ويو،
    آزاديءَ جي پَوتر نعرن تي آ وياج چڙهي ويو.

    آڌيءَ رات اُٿي هُوءَ پنهنجي بستر مان، ٿي روئي چوي؛
    اَئلِي! جوانيءَ ۾ ئي جذبن تي آ وياج چڙهي ويو.

    اوڙاهن جي وچ ۾ بيهي؛ پنهنجي دل جا راز اسان-
    ڪيئن سَليون، جو يارو! جسمن تي آ وياج چڙهي ويو.

    پَنڇين پاڻ ۾ ڳالهايو: ”آکيرن ڏي جلدي موٽو،
    پنهنجي وطن جي سڀني رَستن تي آ وياج چڙهي ويو.“

    جڏهين کُلندا وار هئا هڪ چنڊ لِڪي، ٻيو اڀريو پئي،
    اڄ ڪلهه اهڙن پيارن چهرن تي آ وياج چڙهي ويو.

    عمر سڄي فٽ پاٿ تي گذري گهر نه سگهياسين ٺاهي ڪو،
    ننڍپڻ کان ئي پنهنجي اميدن تي آ وياج چڙهي ويو،.

    جيوَن جي وِک وِک تي استقبال ڪيو آ رسواين،
    ناتن جي رنگن ۽ خوشين تي آ وياج چڙهي ويو،.

    نيٺ سَرِ بازار؛ ننگي سِر چمين کي اچڻو ئي پيو،
    ڇو جو ڪافي وقت کان چَپَڙن تي آ وياج چڙهي ويو،.

    زخمي لهجن سان هڪ پوڙهو رئندي رئندي؛ ڀڻڪن ۾-
    چوندو پِئي ويو ڪيڏو رِشتن تي آ وياج چڙهي ويو.

    خوابن رات پڇيو: ”ڇو تنهنجون اڄ اکيون ٽَهڪ نه ٿيون ڏين؟“
    ڪيئن ڏَسيان مان تِن کي نيڻن تي آ وياج چڙهي ويو،.

    ڪالهه بدر! حويلين ۾ آئينن ڪئي آتَم هَتيا،
    موت کان پهرين چَيئون: ”جوڀن تي آ وياج چڙهي ويو.“


    خوبصورت هَٿ سان لِکيل پاڻ ڪي مڪتوب آهيون،

    خوبصورت هَٿ سان لِکيل پاڻ ڪي مڪتوب آهيون،
    يا گلابي ڪن چَپن جي جام جا مشروب آهيون.

    ڪنهن ڪنواري چيچ جي ڇَلّي جي ماتم جو قَسم؛
    دلبريءَ جي ديس جا اڄ دل پسند اسلوب آهيون.

    هُن جي نظرن جا سمورا اِنڊلَٺي ويا رَنگ لَٽجي،
    پاڻ هاڻي هجر جي راڪاس کي مطلوب آهيون.

    بي ڪَفن روحن جي لاشن ۾ ٿا ڳَڻجون پيا اسان ڀي،
    سنگدل هن شهر وارن جي هٿان مصلوب آهيون.

    خواهشن کي نوڪِ خنجر تي رکي هلندا وتون ٿا،
    عاشقيءَ جي قافلي ۾ خوب تر کان خوب آهيون.

    نظم َ ڪنهن بي نانءَ وانگر دربدر ڀٽڪون پيا ٿا،
    ٿي ويا جو پاڻ کان اڄ پاڻ ئي معتوب آهيون.

    ٻارَ پنهنجون آڱريون وڪڻي وڃي ماني وٺن ٿا،
    ڇا، اسان قبرن سان سڀئي ٿي ويا منسوب آهيون؟

    دار ڏي ويندي به هوندا گيت ٽَهڪن جا چَپن تي؛
    ڇو ته جَلاّدو! اسان سڀ موت جا محبوب آهيون.


    ماني رکي هُو گِروي، رانديڪا وٺي آيو،

    ماني رکي هُو گِروي، رانديڪا وٺي آيو،
    ۽ خود کي وِڪڻي ٻارَن لئه تحفا وٺي آيو.

    ڪنهن گَهري سوچ ۾ گم سانجهيءَ جو نظارو آ،
    هي ڳوٺ؛ شَهر مان آ اوجاڳا وٺي آيو.

    اکيون سمنڊ ڪناري ڪنهن جاءِ وساري هُو؛
    آ پاڻ ساڻ چَريو گڏ سپنا وٺي آيو.

    ڪمري جو ڪو ته آهي مهمان ٿيڻ وارو،
    جو قرض تي خوشين جا هُو لمحا وٺي آيو.

    محفل مان ٽَهڪ ڏيئي گهر پنهنجي ته پهتو، پَر-
    دامن ۾ ڪجهه پتنگن جا لاشا وٺي آيو.

    جوڀن جي سرحدن کان گذري جو ڏِٺيئن پويان؛
    محسوس ٿِيس ته سکڻا آ نعرا وٺي آيو.

    چنڊ جي نه ڀاڳَ ۾ هو؛ جو، پير چمي هُن جا،
    بدبخت آهي، ڳوڙها ۽ سڏڪا وٺي آيو.

    اڄ سوڳوار آهن آئينا حويليءَ ۾،
    هڪ نينگريءَ لئه جوڀن هو پِڃرا وٺي آيو.

    خوشبو کي هُو اماڻي دشوار سفر ڪنهن تي-
    احساس جي گلن جا ٽڪرا آ وٺي آيو.

    جيون سڄو ئي توڙي هر وقت تماشو آ،
    پوءِ ڇو فريبَ بدر آهي هيڏا وٺي آيو؟


    هُن جي ڳليءَ مان ڪالهه گذرندي روئي ويٺاسين،

    هُن جي ڳليءَ مان ڪالهه گذرندي روئي ويٺاسين،
    ياد پُراڻيون ڳالهيون ايندي روئي ويٺاسين.

    پَل ۾ ساههُ اُداس ڪري ويون شام جون رنگينيون،
    هڪ جوڙي جا سُڏڪا ٻُڌندي روئي ويٺاسين.

    اڄ جو؛ ماضيءَ جا ڪجهه ٽَهڪ مڪا هُن؛ خط رستي،
    سرها لفظ لِکيل سي، پڙهندي روئي ويٺاسين.

    چنڊ جي پيلي چانڊوڪيءَ ۾ درد پيا جاڳي،
    ڏور خلا ۾ ڏِسندي ڏِسندي روئي ويٺاسين.

    دَرُ کڙڪائي؛ بيزارين جا گل ڏنئين اڇلي،
    پنهنجي عشق جو حاصل وٺندي روئي ويٺاسين.

    مدّت کان پو؛ گيت لکڻ ڪو چاهيوسين جڏهين،
    پهريون لفظ ’جدائي‘ لکندي روئي ويٺاسين.

    هيڏي ساري محفل ۾ اڄ خود کي ڏِسي تنها،
    يارن سان ڪنهن ڳالهه تي کِلندي روئي ويٺاسين.

    صبح جي مُکَ تي رقص هئا ڪي ڄڻ ته قيامت جا،
    خواب گلن جا ڄاڻي مرندي روئي ويٺاسين.

    زخمي پوپٽ؛ ٻارَ مئل جي چَپڙن تي ويٺل،
    ديس جي دل تي ڌماڪا ڦٽندي روئي ويٺاسين.


    هِن نگريءَ ۾؛ نيٺ ته ڇو ٿو گهر گهر پيڙا ڀوڳي؟

    هِن نگريءَ ۾؛ نيٺ ته ڇو ٿو گهر گهر پيڙا ڀوڳي؟
    ماڻهو ماڻهو ٻاهر توڙي اندر پيڙا ڀوڳي.

    جاڳَ-عذاب اکين تي نازل آيت آيت وانگر،
    ننڊ-تاريخون ساري مَن ٿو اڪثر پيڙا ڀوڳي.

    هوءَ به روز ٿي آئيني سان ٻَکجي روئي پئي ۽،
    هُن سان گڏ ٿو هُن جو خالي بستر پيڙا ڀوڳي.

    هُن جي جسم جي گِهٽين ۾ ويرانيءَ جي باک ڏِسي،
    پيو ٿو سونهن جو عاشق ڪوئي مسافر پيڙا ڀوڳي.

    دل جي تاڪن تي دردن جا گُلَّ رکي ويو ڪوئي،
    سڏڪِي سڏڪِي پيو ٿو روح جو آڳر پيڙا ڀوڳي.

    ماٺ جي رُڃ ۾؛ اُڃ جهڙا ڪي ماڻهو رلندا ڏِسندي؛
    صبح جي رنگن جهڙو ڪو، ٿو منظر پيڙا ڀوڳي.

    بي حِسّيءَ جي آئيني ۾ پاڻُ ڏِسي هوءَ ڀُڻڪي:
    ”منهنجو ڀاڳُ ٿو سنڌ جي شهرن وانگر پيڙا ڀوڳي.“

    هر خواهش جي مسجد ۾ خودڪُشين جا ٿيا سجدا،
    سنڌ جو هر هڪ ڳوٺ، شهر ۽ ساگر پيڙا ڀوڳي.

    شهرت جي رُتبن ۾ جيڪي دوستِيون گم آهن،
    جيون تِن جي ڳولا ۾ ٿو در در پيڙا ڀوڳي.

    ساڻُ کڻي ميلاپ جي موسم هيلَ هوائون اچجو!
    بدر اڪيلو ڪيسيتائين آخر پيڙا ڀوڳي.


    ديپ ٽمڪي ٿو جهوپڙيءَ اندر،

    ديپ ٽمڪي ٿو جهوپڙيءَ اندر،
    ۽ هُو ڀڻڪي ٿو جهوپڙيءَ اندر.

    بک، غريبي ۽ سونهن/جوڀن-ڊَپ،
    ڪوئي ٿڙڪي ٿو جهوپڙيءَ اندر.

    هُو دعائن جا لاش ڳَلِ لائي،
    روز سڏڪي ٿو جهوپڙيءَ اندر.

    رات آهي اماس سياري جي،
    چنڊ چمڪي ٿو جهوپڙيءَ اندر.

    هو ڀري ڇرڪ ٿو ڏِسي ڌيءُ ڏي،
    ٿانءُ کڙڪي ٿو جهوپڙيءَ اندر.

    ڪيتري آس پاس خوشبو آ،
    گل ڪو مهڪي ٿو جهوپڙيءَ اندر.

    اڄ به هُو ٻارُ سج جي ڪرڻي جيان؛
    ڪيڏو جرڪي ٿو جهوپڙيءَ اندر.

    واءُ آيو کڻي عجب نياپا،
    ڪوئي ڦٿڪي ٿو جهوپڙيءَ اندر.

    خواهشن جا ڪي خط هَوا کي ڏئي،
    بدرُ مُرڪي ٿو جهوپڙيءَ اندر.


    اداس راتين، اجاڙ ڏينهن تي ڪهڙي موسم آئي آ !

    اداس راتين، اجاڙ ڏينهن تي ڪهڙي موسم آئي آ !
    خبر نه آهي اسان جي جيون تي ڪهڙي موسم آئي آ ؟

    اسان ته خوفن جي موسمن مان پيا ٿا گذرون هر گهڙي،
    اوهان ٻُڌايو؛ اوهان جي روحن تي ڪهڙي موسم آئي آ !

    طرف طرف کان پَري پَري تائين تيل جيان ٿو رَتُ ٻَري،
    خدايا! آخر هِي پنهنجي رستن تي ڪهڙي موسم آئي آ ! ؟

    فنا جا گل هر گِهٽي ۽ گَهر ۾ ڇو روز ٽِڙندا ٿا رهن،
    پڇون ته ڪنهن کان؟ اسان جي شهرن تي ڪهڙي موسم آئي آ !

    هُو ٿَڪ کي ويڙهي سمهي ته فٽ پاٿ تي پيا آهن، مگر-
    نه ٿو ڪو ڄاڻي اُنهن جي سپنن تي ڪهڙي موسم آئي آ !

    دلين ۾ ٻارن جي اڃّ-بک جا ٿا عڪس اڀرن ۽ ڊهن،
    ۽ ننڊ لئه پيا سِڪن هِي نيڻن تي ڪهڙي موسم آئي آ !

    قدم قدم تي ڏِسي صليبون ٿي دانهن نڪري دل منجهان؛
    اسان جي معصوم آرزوئن تي ڪهڙي موسم آئي آ ! ؟


    بدر ! تنهنجي دشمنن جون دشمنيون ڀي منافق هيون،

    بدر ! تنهنجي دشمنن جون دشمنيون ڀي منافق هيون،
    خوبصورت دوستن جون دوستيون ڀي منافق هيون.

    پاڻ سان ڪمري کي ويڙهي ٿا وڃون ڳوٺ ڏي اڀرڻ،
    ڇا ڪجي، او شهر ! تنهنجون رونقون ڀي منافق هيون.

    آئيني اڳيان ڪراڙپ کي ڍَڪيندي، هُو سوچي ٿو؛
    ڇا، جوانيءَ جي وطن جون سرحدون ڀي منافق هيون؟

    زندگيءَ جي رات تي جئن باک جهڙا رکيا تو چَپَ،
    چئي ڏنو آخر چمين هيئن: ”رنجشون ڀي منافق هيون.“

    اوچتو؛ اڀري-لهي ويا چنڊ سڀ تنهنجي مرڪن جا،
    سيج تنهنجيءَ تي سجايل محفلون ڀي منافق هيون.

    رُت بَسنتي ۽ خزان ۾ درد ساڳيو ڏٺو آ مون،
    وصل تنهنجي جون ته شايد موسمون ڀي منافق هيون.

    منهنجي نيڻن جي نِمرتا کي سگهيون ڪونه اورانگهي،
    تنهنجي نظرن جون لڳايل تهمتون ڀي منافق هيون.

    سنڌ جي تاريخ! تو ۾ ياس ڇو آ ڀَريل ايڏي؟
    روپ بدليا رهبرن يا منزلون ڀي منافق هيون!


    گَهر جي اندر ويٺا، گَهر کي ڳوليون ٿا،

    گَهر جي اندر ويٺا، گَهر کي ڳوليون ٿا،
    پاڻَ خبر هوندي به خبَر کي ڳوليون ٿا.

    پاڻُ وڃائي شهر جي ننڍڙي گِهٽّيءَ ۾،
    پنهنجي بدران پو به شهر کي ڳوليون ٿا.

    ڪو به نه دل جي ويراني هِت دُور ڪندو،
    هَلُ ته هَلي اڄ ڪنهن ساگرَ کي ڳوليون ٿا.

    خود غرضن جي وچ ۾ عمر وڃائيسين،
    هاڻِ جيئڻ لئه پيارَ-نگر کي ڳوليون ٿا.

    نيڻن ۾؛ وِساميل مرڪن جا ٻاري ديپ،
    يارو! اسان ڪنهن اهڙي نظر کي ڳوليون ٿا.

    تنهائي هٿان مُئلن جو ڪتبو بڻجي؛
    دَر دَر تي ڪنهن اهڙي پَٿرَ کي ڳوليون ٿا.

    سخت پريشانيءَ ۾ شهر جا رول ڪُتا-
    ماڻهن کي چون ٿا: ”يار! بدر کي ڳوليون ٿا.“


    ڪيئن ڪيا اورنگ+ ها ڪارا ورق تاريخ جا،

    ڪيئن ڪيا اورنگ+ ها ڪارا ورق تاريخ جا،
    پر ڪري وئين سرخ تون دارا+ ورق تاريخ جا.

    تون ڪَنن ۾ آڱريون ٺوڪي گذار نه زندگي،
    ٻُڌ ته ڪيڏا ٿا هڻن نعرا ورق تاريخ جا.

    سنڌ! سجدا توکي آهن مون ته وِک وِک تي ڪيا،
    شاهدي ڏيندا اِها سارا ورق تاريخ جا.

    تون منافق ٿي گذارين ٿو سياست ۾ سدا،
    مُنهن تَڪن ٿا تنهنجو، ويچارا ورق تاريخ جا.

    تو هميشه مُنهن حقيقت جي تي آ ڪارَهِن مَلي،
    پو به تِئن چمڪن ٿا، جئن تارا؛ ورق تاريخ جا.

    ڪُوڙ تنهنجا، صبر سان برداشت ڪيئن ٿيندا اڃا،
    ٿي پيا لڙڪن جا نيسارا ورق تاريخ جا.

    تو ڏنا سچ جي هٿن ۾ ها صحيفا ڪُوڙ جا،
    پر، بڻيا سچ لاءِ سِيپارا ورق تاريخ جا.

    واءُ ڪيڏا ڀي لَٽي پيو عشق جي منزل جا دڳَ،
    ته به ڏَسيندا بدر کي چارا، ورق تاريخ جا.

    + مغل بادشاهه اورنگ زيب + شهزادو دارا شڪوهه


    جنهن ڏهاڙي دوستيون هجرت ڪري آهن ويون،

    جنهن ڏهاڙي دوستيون هجرت ڪري آهن ويون،
    ڪيتريون ئي خواهشون هجرت ڪري آهن ويون.

    پنهنجي ڳوٺن جي چَپن جون ڇو الائي؟؛ شهر ڏي-
    اوچتو سڀئي چميون هجرت ڪري آهن ويون!

    هُن جو ڀاڪر پائي اڄ مون سان مِلڻ ڀي آ فريب،
    يا سموريون بي رخيون هجرت ڪري آهن ويون.

    اي شهر ! تنهنجي گهٽين ۾ واقعي اونداهه آ؛
    يا نظر گهٽ، يا بَتيون هجرت ڪري آهن ويون.

    شام جي رنگين موسم جو مزو ڪهڙو وٺون،
    سال ٿيا؛ دل جون سَکيون هجرت ڪري آهن ويون.

    پنهنجي پَلڪن تي ڇو اوسيئڙي جا ٻارين ٿو ڏيئا؟
    هُو ته ڪنهن ٻئي ڏي چِٺيون هجرت ڪري آهن ويون.

    رات جو ڇو ننڊ ٻارن کي نه ٿي هاڻي اچي؛
    ڇا! ڪهاڻين مان پَريون هجرت ڪري آهن ويون.

    ٻارَ کيڏڻ لاءِ؛ ٻاهر گَهر کان، نڪرن ئي نه ٿا،
    ڇا، گِهٽين مان روشنيون هجرت ڪري آهن ويون.

    خوف رانديڪن جي نيڻن ۾ جڏهن کان آ لٿو،
    ٻارڙن جون ڀي خوشيون هجرت ڪري آهن ويون.

    پيٽ جي لئه پنهنجو ننڍپڻ ڀي ڇڏيوسين گم ڪري،
    ۽ چَپن تان مرڪڙيون هجرت ڪري آهن ويون.

    صبحَ؛ ٻاهر لاش سپنن جا ڀنگي ميڙن پيا،
    رات؛ شايد ڪي اکيون هجرت ڪري آهن ويون.


    قاتل نين وارا! هڪڙو عرض آ؛ مَڃندءُ-

    قاتل نين وارا! هڪڙو عرض آ؛ مَڃندءُ-
    ”اڄ سمورو ڏينهن اسان جي سامهن رهندءُ؟“

    ڍَنگ سان جيئڻ جو ڏانءُ اسان ڀي ڄاڻون يارو!
    پَر، جي جيئڻ نه چاهيون ڍنگ سان؛ پو، ڇا وڙهندءُ ؟

    ننگي-پيرين؛ نِٽهڻ اُس ۾ بيٺا آهيون،
    پاڳل آهيون، پاڳل سَڏِيو؛ ٻيو ڇا چوندءُ؟

    ڪنهن کي ضرورت ناهي اسان جي حال پڇڻ جي،
    مرنداسين، پو اخبارن ۾ خبرون پَڙهندءُ!

    موت جي چنبي کان هي پنهنجو شهر بچايو،
    يارو! ڪنڌ کڻي نه ته هِن ۾ پو ڪيئن هلندءُ.

    قبر جو ساءُ چَکان ٿو تنها ڪمري ۾ مان،
    مونکي ياري گهرجي؛ مون سان ياري رکندءُ!؟

    هِن گِهٽيءَ جي موڙ تي بيهڻ ڏيو ڪجهه گَهڙيون،
    پاڙي وارؤ ! تيئن ڪنداسين پو؛ جيئن چوندءُ.

    بدر مٿان اڄ جيڏو چاهيو؛ باهيو-ڀونڪو،
    هوندو ڪونه سڀاڻي هِت، پو ڪنهن تي گِرندءُ!


    نظر ملي نظر سان التجا جا گل ٽِڙي پيا،

    نظر ملي نظر سان التجا جا گل ٽِڙي پيا،
    اوهان جي مُرڪ مُرڪ ۾ ادا جا گل ٽِڙي پيا.

    جڏهن به پنهنجون خواهشون مون تنهنجي سامهون رکيون؛
    ته تنهنجي مُک تي شرم ۽ حيا جا گل ٽِڙي پيا.

    تو زندگيءَ جي سِٽ مٿان ڏنو ڪِراس جو نشانُ،
    سڄي غزل ۾ ماتمي صدا جا گل ٽِڙي پيا.

    اڃا ته ڦُوڪ ’صورَ‘ کي فرشتي ڪنهن ڏني نه آ،
    اڳي ئي ڀونءِ تي هِي ڇو فنا جا گل ٽِڙي پيا؟

    هِراس جي گهڙين ۾ ڀي ڏنا تو تحفا پيار جا،
    اداس دل جي باغ ۾ وفا جا گل ٽِڙي پيا.

    جِتي جِتي به پنهنجا تو قدم رکيا اي جانِ من!
    اُنهيءَ سموري واٽ تي حِنا جا گل ٽِڙي پيا.

    ”تون منهنجي ڪائنات آنءِ؛ مَهڪندي رهين سدا“:
    بدر جي دل ۾ اڄ به اِن دعا جا گل ٽِڙي پيا.


    پوپٽن جي ڏِسُ پَرن تي خوف جاڳي ٿو،

    پوپٽن جي ڏِسُ پَرن تي خوف جاڳي ٿو،
    ٻارڙن جي راندِين تي خوف جاڳي ٿو.

    ٽَهڪ ڪنهنجا گَهر کان ٻاهر ڪونه ٿا نڪرن،
    شهر جي سڀني دَرن تي خوف جاڳي ٿو.

    حادثا اهڙا چمين سان رات ٿي گذريا؛
    جو اڃا تائين چَپن تي خوف جاڳي ٿو.

    اڄ پڇي پيو مون کان ڪمرو: ”يارَ ڪاٿي ٿئي؟“
    مون چيو: ”اڄ ڪلهه اُنهن تي خوف جاڳي ٿو.“

    تارَ تي ويهي؛ گذارن ٿا پکي راتيون،
    جو هتي سڀني وَڻن تي خوف جاڳي ٿو.

    مون ته سمجهيو هو؛ رُڪيا آرام لئه آهن،
    پر خبر پئي ليکڪن تي خوف جاڳي ٿو.

    مون چيو هُن کي ته، ”اوندهه ۾ ڇو ويٺو آنءِ ؟“
    هُن وَراڻيو،”روشنين تي خوف جاڳي ٿو.“

    ڪالهه بيدرديءَ سان جنهن ڦاڙي ڇڏيا ها خط،
    اُن ڏي لکندي اڄ خطن تي خوف جاڳي ٿو.

    هُن اڳيان دل ئي نه ٿي هِڪَ زور سان ڌَڙڪي،
    پر سموري ئي بدن تي خوف جاڳي ٿو.

    بدر! جاٿي ڀي وڃين؛ وڃ هوشياريءَ سان،
    ديس پنهنجي ۾ دَڳن تي خوف جاڳي ٿو!


    جيون جي خودڪُشين جا لاش هئا پکڙيل،

    جيون جي خودڪُشين جا لاش هئا پکڙيل،
    چانڊوڪين ۾ خوشين جا لاش هئا پکڙيل.

    سڏڪا آئينن جا ٻُڌي، اکِّ کُلي جڏهين؛
    ڪمري ۾ ڪجهه ٽَهڪن جا لاش هئا پکڙيل.

    ڳوٺ کان ايندي شهرِ؛ ڏٺم وِک وِک تي مقتل،
    چئني پاسين رستن جا لاش هئا پکڙيل.

    راتين جي ڪُلهن تي ڀي حالات هٿان ماريل،
    وِکريل وِکريل زلفن جا لاش هئا پکڙيل.

    جسم جي دروازي تي سنگم جي لڳل تختي،
    سنگم جي پٺيان جذبن جا لاش هئا پکڙيل.

    راڳيءَ جي ڪمري ۾ سڀ ساز ها زنده، پر-
    چوڦير سندس نغمن جا لاش هئا پکڙيل.

    اڄ رات حويليء ۾؛ هي جشن هئو ڪهڙو؟
    رسمن جي اڳيان چوڙين جا لاش هئا پکڙيل.

    اُن ڏينهن ڏٺو بازر ۾ بدر اِهو منظر،
    ٻارَ سان گڏ رانديڪن جا لاش هئا پکڙيل.


    اڄُّ لٿي ڪا تنهاين جي ڄَڃَ آ منهنجي اندر ۾،

    اڄُّ لٿي ڪا تنهاين جي ڄَڃَ آ منهنجي اندر ۾،
    ڪيڏي پيڙائن جي پيئي ڀُڃَ آ منهنجي اندر ۾!

    روز کڻي گل قبرستانن ۾ پهچي ويندو هان،
    ڪنهن کي ڳوليان ٿو، هِي ڪهڙي رُڃَ آ منهنجي اندر ۾؟

    اجڙيل ڳوٺ جي کنڊر وانگر جسم لڳي ٿو پنهنجو،
    ڇا لئه ايڏي پيدا ٿي پئي سڃَ آ منهنجي اندر ۾؟

    هر ويلي ڌرتيءَ جي بقا لئه خون وهي ٿو منهنجو،
    زنده؛ منهنجي ماءُ جي اڄ ڀي ٿَڃ آ منهنجي اندر ۾.

    احساسن جون سڀئي پُلصراطون اُڪريِ آيس،
    پو به لڳي ٿو رهجي وئي ڪا اُڃَ آ منهنجي اندر ۾.

    جيوَن سارو ڄڻ ته سفر آ نِٽهڻ اُس جو يارو!
    روز پئي ٿي ڪُٽجي اهڙي مُڃَ آ منهنجي اندر ۾.


    هيڏي سهڻي دنيا تو تياڳي بدر!

    هيڏي سهڻي دنيا تو تياڳي بدر!
    زندگي ڇو سَرابن سان واڳي بدر!

    هن جي چهري تي تحرير ميلاپ جي؟
    اهڙي ڪِٿ پنهنجي قسمت سڀاڳي بدر!

    شرم ڪونهئي، اڃا ڀي جئين ٿو پيو،
    هر گهڙي توتي آئي نڀاڳي بدر!

    غور سان ڏِسُ! هُو ديوار جي پاڙ ۾،
    سڏڪندي ڪنهن ڪَٽي رات جاڳي بدر!

    اِئن ڇڏيا اڇلي هُن منهنجا سپنا ۽ مان،
    ڄڻ هئاسين ڪا ميوات داڳي بدر!

    دل-اڱڻ تي جدائين جا سڏڪا نَچن؛
    تنهنجي دل ڪيتري آ اَڀاڳي بدر!

    خواهشن جي اکين مان ڪجل جنهن کسيو،
    پو به دل آ انهيءَ لئه دعاڳي بدر!

    جِئن ٿا رَستن جي نيڻن ۾ سپنا سَڙن،
    تنهنجي حالت به تهڙي آ ساڳي بدر!


    ڪيڏو گذريو آهي ڪمرو اَذيت مان،

    ڪيڏو گذريو آهي ڪمرو اَذيت مان،
    ۽ هر لمحي منهنجو سپنو اَذيت مان.

    اجلي مَنَ جي مُنهَن جو ڪوجهو رنگُ ڏِسي،
    سُڏڪي پيو هو هڪ آئينو اَذيت مان.

    ويڄ! ملاءِ نه زهر خدارا ! امرت ۾،
    چڪنا چُور ٿي پوندو شيشو اَذيت مان.

    سڄڻيءَ سامهن؛ ساجن زخمي تڙپي پيو،
    هيڊو ٿيو آ هُن جو چهرو اَذيت مان.

    قِسمين قِسمين ٽائر هن کي ڪُچلن ٿا،
    سيڪنڊ سيڪنڊ ڪاٽي رستو اَذيت مان.

    تنهنجي-منهنجي همّت سان ئي سانولڙي!
    آجو ٿيندو دل جو رشتو اَذيت مان.


    هُن جي بدن ۾ توڙي شرارن جا عڪس ها،

    هُن جي بدن ۾ توڙي شرارن جا عڪس ها،
    مرڪن ۾ پر اُهي ئي بهارن جا عڪس ها.

    ڪلهه جيڪو ايڪسيڊنٽ ۾ هڪ شخص هو مئو؛
    ان جي اکين ۾ پنهن جي ئي ٻارن جا عڪس ها.

    شاعرَ جي ڊائري جو کڻي اڄ پڙهي ڏٺم،
    هر هنڌ، ڪنهن حسينه جي وارن جا عڪس ها.

    گهرَ جي مٿان جو موڙُ ڪَٽي چنڊ هو لنگهيو،
    بيٺل ڏٺائين دَر تي ڪي سارُن جا عڪس ها.

    ساگر-ڪناري مان ئي اڪيلو هئس رڳو،
    واريءَ جي ذرّي ذرّي ۾ تارن جا عڪس ها.

    تنهائين جي ديوَ ڪُٺو ڪالهه بدر کي،
    اڄ ڪيڏا هُن جي قبر تي يارن جا عڪس ها!!


    نصيب رئندا رهيا مَلال جي گهٽيءَ ۾،

    نصيب رئندا رهيا مَلال جي گهٽيءَ ۾،
    عذاب لهندا رهيا زوال جي گهٽيءَ ۾.

    اسان جي سامهن حجاب ۾ جڏهن هُو آئي؛
    جواب رلندا رهيا سوال جي گهٽيءَ ۾.

    نظر نظر سان مِلائي، جو پئي هُو مرڪي؛
    غزل ڪي جُڙندا رهيا خيال جي گهٽيءَ ۾.

    عبادتن جي پَئي جي دل ۾ جاڳي خواهش،
    ته سجدا ٿيندا رهيا جمال جي گهٽيءَ ۾.

    جڏهن به دنيا جي غم کان آ مِلي ڪا فرصت،
    مِلاپ ٿيندا رهيا گهڙيال جي گهٽيءَ ۾.

    خمار اَبدي مِلي وڃي ڪو، بدر! اُن لئه-
    فقير پِنندا رهيا ڪلال جي گهٽيءَ ۾.


    او سَکي ! ڪجهه مُسڪراءِ؛ ڌرتي ٽانڊا ٿي وئي،

    او سَکي ! ڪجهه مُسڪراءِ؛ ڌرتي ٽانڊا ٿي وئي،
    پياس صحرا جي اُجهاءِ؛ ڌرتي ٽانڊا ٿي وئي.

    پنهنجي جوڀن مان پيار سانوري! ساغرَ ڀَري،
    نيڻ نيڻن سان مِلاءِ؛ ڌرتي ٽانڊا ٿي وئي.

    ويا سُڪي چاهت جا باغ ۽ ڪَليون ڪُوماڻيون،
    يا خدا بارش وَساءِ؛ ڌرتي ٽانڊا ٿي وئي.

    ٿي اُڏامي پيئي ڊاڳ اڄ سنڌوءَ جي پيٽ ۾،
    راڳيا! سارنگ ڳاءِ؛ ڌرتي ٽانڊا ٿي وئي.

    ڇا، ڪِريا اڀ تان شهاب يا ڪي بم گولا وَسيا،
    ڪهڙي ڪارڻ کان ٻُڌاءِ؛ ڌرتي ٽانڊا ٿي وئي.

    هَلُ هلي او بدرشاهه! سُونهن-دُواري گهرُ اَڏيون،
    ٻي ڪا اهڙي ناهي جاءِ؛ ڌرتي ٽانڊا ٿي وئي.


    منهنجي ننڍپڻ به نه مون ساڻ رَهائي آهي،

    منهنجي ننڍپڻ به نه مون ساڻ رَهائي آهي،
    هيءَ جواني به ڏسان ٿو ته اَجائي آهي.

    خوابَ هڪ ڳوٺ جي گهٽين ۾ ويا ها گم ٿي،
    ساڀيان شهر جي رستن تي وڃائي آهي.

    عشق؛ آغاز ۽ انجام ۾ هڪ جهڙو آ،
    اڳ ۾ اوسيئڙو هو، هاڻ جدائي آهي.

    موٽ ڪنهن خط جي اچي ڪا نه ٿي مون وٽ هاڻي،
    پنهنجي ائڊريس تو شايد ته مَٽائي آهي.

    مان ڪوِتا جا ٿو چمڪايان پيو ٽانڊاڻا،
    منهنجي نقّاد ڀنڀوري ڇو اڏائي آهي؟

    اهڙي سِٽ ڪا به فنا ٿي نه سگهي ٿي ڪڏهين،
    جنهن جي هر لفظ ۾ صدين جي سچائي آهي.

    جنهن کي چاهيو آ؛ اکين پيار ڪيو آ اُن سان،
    بدر ڪنهن شخص جي پيڙهي نه لَڄائي آهي.


    صبح کان ئي اڄ شهر تي آ اُداسي ڇانِئيل،

    صبح کان ئي اڄ شهر تي آ اُداسي ڇانِئيل،
    زندگيءَ جي هر پهر تي آ اُداسي ڇانِئيل.

    هوءَ پنهنجا ٽهڪ ميڙي مون وٽان سڀ وئي کڻي،
    ڪيتري اڄ منهنجي گهر تي آ اُداسي ڇانِئيل.

    ماڳ جي رستن جي پيشانيءَ تي آيو آ پگهر،
    مون سان گڏ؛ هر همسفر تي آ اُداسي ڇانِئيل.

    آس جي چائنٺ تي هر ڪا آرزو مايوس آ؛
    ۽ سهارن جي نظر تي آ اُداسي ڇانِئيل.

    جهول ۾ آهن سَٿيا پيا اَڌ سڙيل چمين جا لاش،
    ڪتبي ڪتبي جي پَٿر تي آ اُداسي ڇانِئيل.

    هوءَ سموريون رونقون برباد وئي آهي ڪري،
    ڪيڏي اڄ ساگر-لَهر تي آ اُداسي ڇانِئيل!

    جسم جون سڀئي ڳليون سنسان آهن بدر! اڄ،
    دل جي هِن سکڻي پَڌر تي آ اُداسي ڇانِئيل.


    پيار-ڇايا+ جا خواب ڳوليان ٿو،

    پيار-ڇايا+ جا خواب ڳوليان ٿو،
    ڪيڏا مشڪل حساب ڳوليان ٿو.

    جن جون مرڪون اُسن ۾ ڇانوَ هيون،
    گم ٿيل سي شباب ڳوليان ٿو.

    جيڪي يارن رکيا هئا الزام،
    اڄ اهي انتساب ڳوليان ٿو.

    رات پلڪن تي جاڳندي ٿي رهي،
    مَن جي اُڃ جا عذاب ڳوليان ٿو.

    فاصلا ننڊ پيا ڇو رستن تي،
    سوال اِن جا جواب ڳوليان ٿو.

    درد؛ خوشين عوض ڇو ورتا مون؟
    پاڻَ لئه احتساب ڳوليان ٿو.

    سمنڊ جي گود ۾ به تشنه رهيس،
    هاڻ جهنگل/سراب ڳوليان ٿو.

    اڄ چَپن ۽ چمين جي قبرن لئه؛
    آءٌ تازا گلاب ڳوليان ٿو.

    سي دَريون شل سدا رهن روشن،
    مان جتان اضطراب ڳوليان ٿو.

    جن سان معراج بدر! ٿئي حاصل،
    پيار جا سي عتاب ڳوليان ٿو.

    +پيار- ڇايا= پيار جي ڇانو


    واقعا خوفناڪ ها شايد،

    واقعا خوفناڪ ها شايد،
    دَر تڏهن سڀئي لاڪ ها شايد.

    رات ها هڪ گِهٽيءَ ۾ خواب هجوم،
    بند نيڻن جا تاڪ ها شايد.

    مصلحتن جا مونکي ڏنئون طعنا،
    پاڻ عيبن کان پاڪ ها شايد.

    سارَ جا قافلا مليا هر هنڌ،
    هي به مون جان رولاڪ ها شايد.

    شهر جي روشنين به گهاوَ ڏنا،
    دوستن ۾ نفاق ها شايد.

    دوست وڪجڻ جي لئه هئا آتا،
    ڏاڍا آسان واڪ ها شايد.

    اڄ هُتي آرسين جو ماتم هو،
    عڪس ڪي شرمناڪ ها شايد.

    رات ساري لُڇيو پئي ڪمرو،
    هِت عذابن جا ٿاڪ ها شايد.

    خوف جاڳي پيا جدائيءَ جا؛
    وصل جا پَل سفاڪ ها شايد!


    جُڙيا سلسلا هِن منجهند ٽاڪ جهڙا،

    جُڙيا سلسلا هِن منجهند ٽاڪ جهڙا،
    مِليا آسرا هِن منجهند ٽاڪ جهڙا.

    ڇڏيو جسم ۽ روح کي هُن جَلائي،
    سندس قاعدا هِن منجهند ٽاڪ جهڙا.

    وَسن بي حِسيون ٿيون پيون برف وانگر،
    تتا فاصلا هِن منجهند ٽاڪ جهڙا.

    گَهڙيون ڪي ٻه-ٽي زندگي باکَ آهي،
    گهڻا واسطا هِن منجهند ٽاڪ جهڙا.

    ڪڏهن بي رخيون هِن ٿڌيون ماڪ جهڙيون،
    ڪڏهن رابطا هِن منجهند ٽاڪ جهڙا.

    اوهان سان تعلّق کي قائم رکڻ جا،
    سڀئي مرحلا هِن منجهند ٽاڪ جهڙا.

    پٿر کي ڪرڻ موم جي لئه، بدر جا،
    بڻيا حوصلا هِن منجهند ٽاڪ جهڙا.


    هِي جذبن جي پالوٽَ فرعون آ،

    هِي جذبن جي پالوٽَ فرعون آ،
    دِلين جي گَهرڙ-گهوٽَ فرعون آ.

    نظرَ هُن جو چهرو چمي ها، مگر-
    دَريءَ طاق جي اوٽَ فرعون آ.

    ڇَٽي لڙڪ خط تي ٿي سوچي پَئي؛
    وڇوڙن جي ڀي چوٽَ فرعون آ.

    سَڙي ويا پتنگ شمع جي لاٽ ۾،
    ڇا، ميلاپ جي موٽَ فرعون آ؟

    ڏِسي بند تالو؛ چيم ٽَهڪ ڏئي
    ”ٺَڳيءَ ٺاهه جي ڪوٺَ فرعون آ“

    کَٽي بدرُ بازي به ڪهڙي طرح،
    جو شطرنج جي هر ڳوٽَ فرعون آ.


    سامهين گَهر جي دَري جاڳِي پَئي،

    سامهين گَهر جي دَري جاڳِي پَئي،
    چنڊ اڀريو، چاندني جاڳي پَئي.

    دَر کان ٻاهر هُن قدم پنهنجا رکيا،
    ننڊ گَهريءَ مان گِهٽي جاڳي پَئي.

    هُن هٽايو پنهنجي چهري تان نقاب،
    ڇِرڪ کائي روشني جاڳي پَئي.

    عڪس پيا ڪنهن ٻارڙي جي مُرڪ جا،
    غفلتن مان زندگي جاڳي پَئي.

    واسُ مينديءَ جو هَوا ۾ ٿو اُڏي،
    شهر ۾ آ عاشقي جاڳي پَئي.

    ڪا وَڳي هئي سِينڍ لوڙهي جي پٺيان،
    بستري مان ڇوڪري جاڳي پَئي.

    شهر ۾ جِئن گم ٿيو پنهنجو وجود،
    ڳوٺ جي تِئن بي رخي جاڳي پَئي.

    هُن رکيو نازڪ چَپن پنهنجن تي گل،
    گل جي هِڪ هِڪ پَنکڙي جاڳي پَئي.

    بدر! خوابن کي سَجائي ٽياس تي،
    دوستن جي دوستي جاڳي پَئي.


    پيار جي نعمت موڪل تي هلي وئي آ،

    پيار جي نعمت موڪل تي هلي وئي آ،
    دل جي راحت موڪل تي هلي وئي آ.

    گَهر جي کِڙڪين مان نفرت کيڪاريو،
    شايد محبت موڪل تي هلي وئي آ.

    محفل ۾ اڄ رقص هئا وحشت جا،
    دل مان شفقت موڪل تي هلي وئي آ.

    هُوءَ چوڙين کي پاڻ ڪري پَئي پُرزا،
    هُن جي چاهت موڪل تي هلي وئي آ.

    ڀُونءِ ٿَريچي اُڃ ۾ پَئي ٿي تڙپي،
    رَب جي رحمت موڪل تي هلي وئي آ.

    گڏ رهندي ڀي هُوءَ منهنجي ٿي نه سگهي،
    پنهنجي قسمت موڪل تي هلي وئي آ.

    رات جو روئي بدرَ پڇيو پئي چنڊ کان،
    اڄ ڇو قُربت موڪل تي هلي وئي آ؟


    خط جا پُرزا ميڙي رهيو هو،

    خط جا پُرزا ميڙي رهيو هو،
    لفظن-لاشا ميڙي رهيو هو.

    وِکري وئي هر منزل هُن کان،
    هاڻِ هُو نعرا ميڙي رهيو هو.

    ڪمرو سانجهيءَ کان پهريون ئي،
    سِج جا ڪِرڻا ميڙي رهيو هو.

    هُوءَ سَرتين سان ويئي ڇَٽيندي،
    ٽَهڪ سي سُرها ميڙي رهيو هو.

    بُک جي چادر اوڍي ٻَچن تي،
    روزيءَ اُلڪا ميڙي رهيو هو.

    نينگرُ؛ پوپٽ، رانديڪن لئه-
    راهه جا نوحا ميڙي رهيو هو.

    مِينهُن؛ ڪچو گهرُ ٽُٽل دَريون-دَر،
    شاعرُ نغما ميڙي رهيو هو!

    پيارُ اسان جو دل-آڳُر تان،
    ڌوڪا؛ شيشا ميڙي رهيو هو.

    هُو ته دعائن ساڻُ شهرِ ويو،
    ڳوٺُ وڇوڙا ميڙي رهيو هو.

    بدرُ ڏِٺم اڄ، هڪ چانئٺ تان،
    زخمي سجدا ميڙي رهيو هو!


    هوري هوري ننڊ-نگر ڏي ريڙهي وئي سانجهي،

    هوري هوري ننڊ-نگر ڏي ريڙهي وئي سانجهي،
    سِج سان گڏ سڀ اونا، ٿَڪَ به سَهيڙي وئي سانجهي.

    ڪنهن جي دل جي دنيا ۾ ڪو اڄ به نه آيو هو،
    اُميّدن جي ڪِرڻن کي هئي ويڙهي وئي سانجهي.

    ڏينهن سمورو بيٺو هو آڪاس ۾ هُو خاموش،
    پوءِ تَڪڙ ۾ اُڀ تان سورج ميڙي وئي سانجهي.

    رات ڏٺل سپنن جا ٽڪرا صبحَ لَڌا ها مَس،
    ڪين خبر پَئي؛ ڪيئن وري سي ٽيڙي وئي سانجهي.

    رولاڪِين جي سفر کان موٽي جيئن ئي گهرِ آيس،
    درد جو هڪ نئون گيت وري آ ڇيڙي وئي سانجهي.

    بدر!وري ڀي اڄ منزل جي ڳولا ۾ نڪتل،
    ڪيئي مسافر واٽ سِڌيءَ کان ٿيڙي وئي سانجهي.


    مون خوديءَ جو خيال ڪو نه ڪيو،

    مون خوديءَ جو خيال ڪو نه ڪيو،
    دل چَريءَ جو خيال ڪو نه ڪيو.

    پيار ۾ خودڪُشيءَ جو سوچيندي،
    تو چميءَ جو خيال ڪو نه ڪيو.

    قتل ويساهه کي ڪندي؛ يارن-
    دوستيءَ جو خيال ڪو نه ڪيو.

    گَهر ۾ اوندهه ڏِسي به گَهر-ڀاتين،
    روشنيءَ جو خيال ڪو نه ڪيو.

    عيب چهري جا، تو لِڪائيندي،
    آرسيءَ جو خيال ڪو نه ڪيو.

    ڪنهن؛ سفر ۾ شريڪ ساٿيءَ جي-
    تشنگيءَ جو خيال ڪو نه ڪيو.

    بدرَ توتان ڪندي نِڇاور دل،
    زندگيءَ جو خيال ڪو نه ڪيو.


    بي رخين جي موسمن ۾ زرد ٿي ويا آهيون،

    بي رخين جي موسمن ۾ زرد ٿي ويا آهيون،
    برف سوچُن تي وَسي ٿي سرد ٿي ويا آهيون.

    پِرينءَ جي گَهر جا سڀئي رستا ڀُلي ويا آهيون،
    ڪيترا بي تَرس ۽ بي درد ٿي ويا آهيون.

    صبح تائين اک نه ٻُوٽيون ٿا، نه سپنا ٿا ڏِسون،
    ايئن لڳي ٿو؛ ڄڻ ته دهشت گرد ٿي ويا آهيون.

    شهر ٽنگجن پيا صليبن تي؛ ۽ آهيون ماٺ ۾،
    ڇا، اسان اڄ واقعي نامرد ٿي ويا آهيون.

    پاڻَ کي هر روز رستن تي ٿا ڳوليندا وتون،
    پنهنجي گمشدگيءَ جا خود همدرد ٿي ويا آهيون.

    عڪس انگڙاين جا ٿا سگرٽ جي دُونهين ۾ ڏِسون،
    پاڻَ سپنن جي دنيا جا فرد ٿي ويا آهيون.

    هونءَ اسين استاد آهيون ذات پنهنجيءَ ۾؛ مگر-
    هڪڙي ڏاهي شخص جا شاگرد ٿي ويا آهيون.


    گم ٿي ويون هِن ڳوٺ جون شامون اڄ جوانيءَ جي گِهٽيءَ ۾،

    گم ٿي ويون هِن ڳوٺ جون شامون اڄ جوانيءَ جي گِهٽيءَ ۾،
    آءٌ پريشان بيٺو آهيان حيرانيءَ جي گِهٽيءَ ۾.

    اُٿڻا ها نه اُٿيا هُو ڪڏهين ننڊ-شهر جا ماڻهو،
    ڪو جاڳَ جا پوسٽر پڙهندو ويو نادانيءَ جي گِهٽيءَ ۾.

    ڪالهه هُو ميڙي رهيو هو پنهنجي دوستين جا ٽُڪرا،
    پنهنجي نازڪ نرم هٿن سان سنسانيءَ جي گِهٽيءَ ۾.

    ميزبانن ته عذاب اکين سان ميڙيا بيٺي گهرَ ۾،
    ذلتن ڏاڍا ٽَهڪ ڏنا پئي مهمانيءَ جي گِهٽيءَ ۾.

    هڪ جيڏن کان ڏُور رهي هُو ڪيڏو تنها ٿي ويو،
    هُن جي ’اَنا‘ پهچايو هُن کي بيمانيءَ جي گِهٽيءَ ۾.

    وقت جي زخمن کي حيرت مان هڪڙي ٻارَ ڏٺو، ۽-
    گم ٿي ويو هو هڪ پوڙهي جي پيشانيءَ جي گِهٽيءَ ۾.

    هوءَ ته وِهنجي نڪتي آهي وصل جي ڪوسي ڀاڪر مان،
    ڪيئن چوان مان بدر! ٻُڏي وئي طُغيانيءَ جي گِهٽيءَ ۾.


    جئن ئي تنهنجي چاهتن، خودڪشي ڪري ڇڏي،

    جئن ئي تنهنجي چاهتن، خودڪشي ڪري ڇڏي،
    مون تڏهن ئي جانِ مَن! خودڪشي ڪري ڇڏي.

    زرد شام جي اداسي چمين تي آ لٿي،
    رات دوستو! چَپن خودڪشي ڪري ڇڏي.

    پُرزا پُرزا ٿي سڀئي واءَ ۾ اُڏي ويا،
    چنڊ ڏي لکيل خطن خودڪشي ڪري ڇڏي.

    آ جڏهن کان جوانِ ٿي؛ تهمتن جي خوف کان-
    ڇوڪريءَ جي خواهشن خودڪشي ڪري ڇڏي.

    رات جاڳندو رهيس ڪنهن جي ياد ساڻ گڏ،
    ايش ٽِري ۾ سِگريٽن خودڪشي ڪري ڇڏي.

    دانهن هِن زمين جي ڪوئي اڄ ٻُڌي نه ٿو،
    ڇا جهان جي ڪَنن خودڪشي ڪري ڇڏي.

    ڪنهن کي ڪو پتو نه آ؛ هُو، جو هڪڙو بدر هو،
    ڪالهه ڇا جي لاءِ هُن، خودڪشي ڪري ڇڏي!


    خوف-ڪفن ۾ ويڙهيلُ ڳوٺ،

    خوف-ڪفن ۾ ويڙهيلُ ڳوٺ،
    انڌيرن ۾ جڪڙيلُ ڳوٺ.

    مُکڙين جهڙا نازڪ ماڻهو،
    خوشبوئن ۾ وِهتلُ ڳوٺ.

    مٿّان چانڊوڪيءَ جي چادر،
    هيٺان هر هڪ سُتّلُ ڳوٺ.

    راتيان-ڏينهان خواب-سفر ۾،
    صدين کان آ بيٺلُ ڳوٺ.

    وَسندڙ ويڙها ٿيا ويرانا،
    وِک وِک تي آ زخميلُ ڳوٺ.

    آشائن جا لاش گهرن ۾،
    نيڻن-سامهن اجڙيلُ ڳوٺ.

    بدر! لڳي ٿو؛ اڄ ڪلهه توکان-
    محبوبا جِئن رُٺّلُ ڳوٺ.


    ذهن-پَٽيءَ تي نقشا چمڪيا،

    ذهن-پَٽيءَ تي نقشا چمڪيا،
    هن جا انگَ اَڇوتا چمڪيا.

    پنهجي-ليکي گوريءَ مرڪيو،
    اوندهه ۾ ٽانڊاڻا چمڪيا.

    تنهنجي گهرَ ڏي آءٌ اَسونهون،
    آيس، تنهنجا پيرا چمڪيا.

    وقت به ٻُوٽي سگهندو ناهي،
    جن به اکين ۾ سپنا چمڪيا.

    ٻُڪل هڻي هوءَ آڌيءَ آئي،
    ڪالهه ڪيل سڀ وعدا چمڪيا،

    دَر تي چوڙين ٽهڪ پَکيڙيا،
    مهل مِلڻ جا لمحا چمڪيا.

    پويان اڀريون سونهن-ڏِياٽيون،
    چهرن آڏو پردا چمڪيا.


    سَرتيءَ مُنهن تي سِج جو ڪِرڻو؛
    نڪَّ-ڦليءَ جا جهلڪا چمَڪيا،

    پيار-چَپن مان رات اچاريل-
    بدر! سمورا جملا چمڪيا.


    ننڊَ رَستن کي ڪو ته جاڳائي!

    ننڊَ رَستن کي ڪو ته جاڳائي!
    پنهنجي قدمن کي ڪو ته جاڳائي!

    ڪيڏي وحشت ٿئي ٿي اوندهه ۾،
    گهر جي بَلبن کي ڪو ته جاڳائي!

    زخم دل جا وڃن سڀئي ڀَرجي،
    هُن جي مرڪن کي ڪو ته جاڳائي!

    پيار منهنجي جي آ سُتل تاريخ،
    اُن جي وَرقن کي ڪو ته جاڳائي!

    پاڻُ پنهنجو لڀي وڃي مون کي،
    منهنجي سپنن کي ڪو ته جاڳائي!

    هُن کي پُڇڻو آ خواب جو تعبير،
    دوست! پَٿرن کي ڪو ته جاڳائي!

    مان هِنن سان گُهران ٿو ڳالهائڻ،
    هِن دَريچن کي ڪو ته جاڳائي!

    ڪير ٻُڌندو هي ٽَهڪ چُوڙين جا؟
    اڳ ۾ ٻوڙن کي ڪو ته جاڳائي!

    پنهنجي صورت ڏِسڻ ٿو چاهيان مان،
    بند اکين کي ڪو ته جاڳائي!


    گهرَ، دروازن ۽ ديوارن ۾ خاموشي ڳالهائي ٿي،

    گهرَ، دروازن ۽ ديوارن ۾ خاموشي ڳالهائي ٿي،
    خوف-وَتل هِن پنهنجن شهرن ۾ خاموشي ڳالهائي ٿي.

    ڪو ته هَوائن کي وچ رستي تي اڄ روڪي بيٺو آهي،
    جو ڪَمرن جي روشندانن ۾ خاموشي ڳالهائي ٿي.

    ڪجهه درد کڻي، ڪلهه گذريو هو ڪو ماڻهو هِن چوواٽن تان،
    وَهندڙ رستن جي فٽ پاٿن ۾ خاموشي ڳالهائي ٿي.

    هڪ جيڏن جون ٽوليون ٽوليون اسڪولن ڏي ويندي ڏِسندي؛
    پنهنجي خدا سان، هُن جي جذبن ۾ خاموشي ڳالهائي ٿي.

    اڄ ڪنهن ساڻُ ملڻ جو شايد ڪوئي وعدو آهي هُن جو،
    چولي ۽ چُوڙين جي رنگن ۾ خاموشي ڳالهائي ٿي.

    پنهنجي سڀني ساهيڙين مان زور وَڻي ٿي مونکي جيڪا،
    سا چُپ آ، پَر سُرهن زلفن ۾ خاموشي ڳالهائي ٿي.

    ”ڪنهن جي لاءِ لکين ٿو ويٺو نوٽبُڪن تي تون يار غزل ؟“
    راتين جو مون ساڻ ڪتابن ۾ خاموشي ڳالهائي ٿي.


    تون ڪيڏا وَڌائي وئين فاصلا،

    تون ڪيڏا وَڌائي وئين فاصلا،
    مان وڇڙڻ جا آڻيان ڪٿان حوصلا؟

    پڇي ڏي؛ سَکي! پنهنجي نيڻن کان تون،
    ڇو منهنجي اکين سان رکيئون رابطا؟

    نهارُن ۾ ڪيڏي آ نفرت لٿي،
    نماڻيون اکيون ۽ غلط فيصلا!

    خلائن ۾ خوشبو ٿي ڀٽڪي پئي،
    وڏا ڪي گلن سان ٿيا حادثا!

    اميدن جون سڀ شاهراهون سُڃيون،
    ۽ منزل کان ڀٽڪي ويل قافلا.

    لڳو آ مُنجهڻ ساهه تاريخ جو،
    وڌي ڪيڏا ويا ڪُوڙ جا سلسلا.

    ٿا رستن تي مرڪن جا لاشا رلن،
    مَچي ويئي، اَئيلي! وڏي ڪربلا.

    هئا بدر! جن پاڻ ناتا ڳنڍيا-
    ڇني تن ڇڏيا اڄ سڀئي واسطا!


    لڙڪن ۽ مرڪن جي وچ ۾ رستو جاڳي ٿو،

    لڙڪن ۽ مرڪن جي وچ ۾ رستو جاڳي ٿو،
    نيڻن ۾ هر وقت پيو هڪ سپنو جاڳي ٿو.

    نظريّن جا گُلَّ گهڻو اڳ ڪُوماڻا هِن، پر-
    اڄ به چَپن ۾ هڪڙو سُرهو نعرو جاڳي ٿو.

    جئن جئن تنهنجون ڏاڍايون ٿو آءٌ وساريان پيو،
    تِئن تِئن دل ۾ گهاءُ وڏو هڪ گهرو جاڳي ٿو.

    دل-آڳر تان مور خوشين جا اُڏري ويا آهن،
    پوءِ به من ۾ آس جو هڪڙو رشتو جاڳي ٿو.

    مدّت کان اوسيئڙي جي دوزخ ۾ آهيان، ته به-
    نِرڄي جيون جو بدقسمت ڏيئو جاڳي ٿو.

    سارو ڏينهن سفر کان ٿَڪجي آخر سِجُّ لٿو،
    هر شيءِ ننڊ آ، مان ۽ منهنجو ڪمرو جاڳي ٿو.

    خوشين جو ٿي رقص ڏٺو هر ماڻهوءَ محفل ۾؛
    ڪنهن به نه ڄاتو ٽهڪن ۾ ڪو سڏڪو جاڳي ٿو.

    مرڪي مان نه سگهان جي يارو! ڪوشش هوندي ڀي،
    سمجهو بدر جي اندر ۾ ڪو شعلو جاڳي ٿو!


    منهنجي ڪمري جون تنهايون ڇا ٿيون ڳولهن،

    منهنجي ڪمري جون تنهايون ڇا ٿيون ڳولهن،
    هي سَنّاٽا ۽ خاموشيون ڇا ٿيون ڳولهن؟

    ڀٽڪيل راهيءَ وانگر موٽي نيڻ اچن ٿا،
    پوءِ به دروازي جون جهاتيون ڇا ٿيون ڳولهن؟

    بادل؛ منهنجي محبوبا جئن بي حِس آهن،
    اڀ تي؛ ٿَر جون نظرون پياسيون ڇا ٿيون ڳولهن؟

    ڪير ويو آ لهرن جي ڀاڪر مان نڪري؟
    ساحل تي ساگر جون ٻاهون ڇا ٿيون ڳولهن؟

    آرسين جا عڪس ته ڪوئي ويو چورائي،
    روز اچي هت چنڊ جون راهون ڇا ٿيون ڳولهن؟

    چار ئي پهر؛ چپن جي چائنٺ تي هُو بيهي،
    موتئي-مَهڪ ۾ ويڙهيل آهون ڇا ٿيون ڳولهن؟

    پاڻ وساري آيون دانهون هڪ بستر تي،
    هِت-هُت هاڻي پنهنجون زبانون ڇا ٿيون ڳولهن؟

    ياراڻيون ته گِهٽيءَ جي موڙ تان ٿي ويون اغوا،
    رستن تي ته به آتيون-ڇاتيون، ڇا ٿيون ڳولهن؟

    وقت ٿيو جو بدر! عذابن ڳولهي ورتئه،
    هاڻِ جدائيءَ جون هِي راتيون ڇا ٿيون ڳولهن؟


    جوڀن ڪيڏو زوراور آ، مون کن ڪيئن وَٺي ويو ننڍپڻ،

    جوڀن ڪيڏو زوراور آ، مون کن ڪيئن وَٺي ويو ننڍپڻ،
    ٺاهي پيو ڪو واريءَ جو گهرُ، مون کي ياد اچي ويو ننڍپڻ.

    نگريءَ نگريءَ ڳولهيو آهي، سڀني سنگتين کان به پڇيو آ،
    مون کان ڪونه لڀي ٿو، منهنجو ڪهڙي هنڌ لِڪي ويو ننڍپڻ.

    هڪڙي سر تي هئي، مون جنهن سان لِڪَ-ڇَپ راندڪئي روزانو،
    تِنهنجي سهڻي مُورت ٺاهي نيڻن منجهه رکي ويو ننڍپڻ.

    وقتَ سَڏي هڪ ڏينهن چيو هئس: ”هاڻي موٽي اچڻو ناهي-
    عمر سڄيءَ جي لئه آ گوري! توکان تنهنجو رسي ويو ننڍپڻ.“

    گِهٽّيءَ منجهه ٻُڌائين هوڪو چوڙين جو، ته اندر ۾ ويٺل،
    ڏاڍو تڪڙو ٻاهرِ واري چائنٺ ڏانهن ڊُڪي ويو ننڍپڻ.

    بيٺل هُس آئيني آڏو ياد پئي ڪا، لڙڪَ لَڙي پيا،
    ڪو به نه هو پرچائڻ وارو؛ هو، جو ساڻُ کڻي ويو ننڍپڻ.

    ”ياد ڪندين پيو بدر! هميشه مون کي، جيتر جَڳ ۾ هوندين“
    منهنجي مستقبل جي بوڪ تي ڪيڏو سچُّ لِکي ويو ننڍپڻ !


    درد تنهنجي ۾ ڏات نکري پئي،

    درد تنهنجي ۾ ڏات نکري پئي،
    ڄڻ سڄي ڪائنات نکري پئي.

    توسان پهريون دفعو ملي آ اکِ،
    موت تائين حيات نکري پئي.

    ذهن ۾ گل ٽِڙيا ڪي يادن جا،
    گُهگهّه اونداهه رات نکري پئي.

    آءٌ جنهن تان به گذريو آهيان،
    سا لَٽيل پُلصراط نکري پئي.

    اڄُ ملاقات ۾ چيل تنهنجي-
    او پرين! بات بات نکري پئي.

    بدر! تو ساڻ جا به ٽَڪرائي،
    هر اُها مشڪلات نکري پئي.


    ڪيترا سال واٽن تي ڀٽڪيو مسافر،

    ڪيترا سال واٽن تي ڀٽڪيو مسافر،
    ماڳَ پنهنجي تي؛ پر نيٺ پهتو مسافر.

    سِجُّ رستي مٿان بيهي سوچڻ لڳو آ؛
    هيءُ ڪنهن جي پُٺيان ٿو وڃي پيو مسافر.

    روز هُو آئيني جي اڳيان بيٺو سوچي؛
    هيءُ جوڀن به ڄڻ ٿو هجي ڪو مسافر.

    هُو به صدين کان، ڪنهن کي ٿو ڳولي الائي؟
    چنڊ ڀي مونکي ڪوئي لڳي ٿو مسافر.

    اڄ دَريءَ ۾ سُڪايا ٿي هُن وار پنهنجا،
    ڪو نه سوچيائين ڪو وَنگجي ويندو مسافر.

    بستري جي سَڙڪ تي پريشان رلندي؛
    رات سپنو به مون وانِگيان هو مسافر.

    زهر هُن جي زبان جو کِلي پي ويس مان،
    ويو پَتو پئجي هُن جو آ لهجو مسافر.


    رشتو رشتو ٿي ويو آ ڪربلا،

    رشتو رشتو ٿي ويو آ ڪربلا،
    نُڪتو نُڪتو ٿي ويو آ ڪربلا.

    هي جدايون ڄڻ يزيدي فوج آ،
    لمحو لمحو ٿي ويو آ ڪربلا.

    آ سفر ۾ اَذيتن جو هڪ جلوس،
    رستو رستو ٿي ويو آ ڪربلا.

    رات جون رنگينيون ماڻيون به ڪيئن؟
    سپنو سپنو ٿي ويو آ ڪربلا.

    بي رخي ميدان مياڻيءَ جو بڻي،
    چهرو چهرو ٿي ويو آ ڪربلا.

    بدر! ٿيو ماتم بَپا آ چوطرف،
    لهجو لهجو ٿي ويو آ ڪربلا.


    گهرّ ڪراچيءَ جا آکيرا،

    گهرّ ڪراچيءَ جا آکيرا،
    ماڻهو ڄڻ ته ڪبوتر، ڳيرا.

    ڪم ظرفن آ مَنڌُ لڄايو،
    پيئڻ کان پو ٿي پيا کيرا.

    پاڻ به ڪڏهين هڪُّ هئاسين،
    ڪيڏا سندر ها سي ويرا.

    روز پيا سي روپ مٽائن،
    ماڻهو جيڪي مَن جا ميرا.

    بدر! پَون ٻَنِ اهڙا ناتا،
    جن سان پهچن گهاءَ گهڻيرا!


    هڪڙو اَڻ وڻندڙ مذاق آهي؛ بدر جي زندگي،

    هڪڙو اَڻ وڻندڙ مذاق آهي؛ بدر جي زندگي،
    هر خوشيءَ جي لئه طلاق آهي، بدر جي زندگي.

    جنهن کي کائيندي رهي آهي اُڏيهي وقت جي،
    اهڙي دروازي جو طاق آهي، بدر جي زندگي.

    اوچتو اڄ ٿي وئي هِڪَ حُسن جي ديويءَ ۾ گم،
    ڪيڏو سهڻو اتّفاق آهي، بدر جي زندگي.

    نئين صدي؛ شل! رونقون چهرن تي آڻي، تنهنڪري-
    هر گهڙي پُر اشتياق آهي، بدر جي زندگي.

    پاڻ ’شاهه‘آ ’بدر‘پر، رعيت ۾ شاهن جي خلاف،
    پئي ڪندي پيدا نفاق آهي، بدر جي زندگي.


    هُو حُسن ڪيڏو شرير آهي، شرارتون ٿو وتي پوکيندو،

    هُو حُسن ڪيڏو شرير آهي، شرارتون ٿو وتي پوکيندو،
    نظر جي شعلن سان هر جڳهه تي قيامتون ٿو وتي پوکيندو.

    چپن جي ڌرتيءَ کي اَڻ-ڳڻيا ڪي چمين جا سجدا ڇڏي ٿو ارپي،
    هِي ڪير آ، جو اَنوکيون اهڙيون عبادتون ٿو وتي پوکيندو.

    سو ڳوٺ اڄ ڪِئن نه مَهڪي-ٽَهڪي بهشت جهڙو ڏِسي نظارو،
    جو، سُونهن پنهنجيءَ جون اُن ۾ ڪوئي سخاوتون ٿو وتي پوکيندو.

    ڪو شخص ايڏو عظيم ڀي آ، جو زندگيءَ جي ڏکئي سفر ۾،
    قدم قدم تي مزاحمت جون علامتون ٿو وتي پوکيندو.

    گهڻن ڏهاڙن کان پوءِ ڪمري کي اڄ جو کوليم؛ چيئين: ”ڪير آ-
    جو منهنجي تنهائي ۾ اچڻ جون عنايتون ٿو وتي پوکيندو.“

    اُداس راتين جي ٻاٽ ۾ هي اوهان جو ساٿي، هي بدر شاعر،
    اوهان جي لئه دوستو! اميدن جون آيتون ٿو وتي پوکيندو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 743
    ڪتابن جو مشاهدو: 1163699
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 370011
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ