ڪتاب جو نالو: حَالُ فقيري (سوانح حيات: مائي بيگم فقيرياڻي)
مصنف: اختر درگاهي
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 21 ڊسمبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 965 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 268 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي زندگي، سندس فني سفر، سندس فقيراڻي حالَ جا جيڪي به رنگَ آهن انهن کي تمام گهڻي محنت ۽ اوتري ئي محبت سان سندس لائق پوٽي ۽ سنڌي شاعري ۽ راڳ جي دُنيا جي اِهم نالي، اختر درگاهيءَ هن ڪِتاب جي مالها ۾ موتين جيان پوئيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران :
  • پبلشر نوٽ
  • مَنُ سراپا سوجھرو ....
  • مُهاڳ:
  • وڏن جو احوالُ
  • ولادت ۽ ننڍپڻ
  • شادي ۽ اولاد
  • راڳ جي رمز ۽ فقيري فيض
  • ڪافي نمبر ـــ ١
  • ڪافي نمبر ـــ ٢
  • ڪافي نمبر ـــ ٣
  • ڪافي نمبر ـــ ٤
  • ڪافي نمبر ـــ ٥
  • ڪافي نمبر ـــ ٦
  • ڪافي نمبر ـــ ٧
  • ڪافي نمبر ـــ ٨
  • ڪافي نمبر ـــ ٩
  • ڪافي نمبر ـــ ١٠
  • ڪافي نمبر ـــ ١١
  • ڪافي نمبر ـــ ١٢
  • ڪافي نمبر ـــ ١٣
  • آخري ڏهاڙا ۽ وفات
  • جُھُريا ڪيئي جِيءَ
  • بيگم فقيرياڻيءَ جو ويڙهو
  • محمد هاشم ميربحر
  • محبوب علي
  • شوڪت علي
  • درگاهي ميراڻي
  • مشتاق محبوب
  • اختر درگاهي
  • اظهر درگاهي
  • ادبي تاريخُن ۾ تذڪرو
  • ڳايلَ ڪَلامن جو وچور
  • حوالا
  • منظوم خراج
  • اختر درگاهي
  • علي اطهر موساڻي
  • مضمونَ ۽ مقالا
  • علي احمد بروهي
  • ادل سومرو
  • فقير مٺل مسرور
  • غلام قادر ”منصور“ ميراڻي
  • رحيم بخش مهر
  • سجاد ميراڻي

  • سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”حال فقيري (سوانح حيات مائي بيگم فقيرياڻي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جي تحقيق ۽ ترتيب اختر درگاهي جي ڪاوشن جو ثمر آهي.
    سنڌُ جي تاريخي شهرَ روهڙيءَ سان تعلق رکندڙ ۽ هميشه ڪاري ويسَ ۾ رهندڙ هِنَ الهه لوڪ فقيرياڻيءَ سنڌ جي صوفياڻي راڳ جي جيڪا خدمت ڪئي آهي اُها تاريخَ جو نه وسرندڙ بابُ آهي. مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي زندگي، سندس فني سفر، سندس فقيراڻي حالَ جا جيڪي به رنگَ آهن انهن کي تمام گهڻي محنت ۽ اوتري ئي محبت سان سندس لائق پوٽي ۽ سنڌي شاعري ۽ راڳ جي دُنيا جي اِهم نالي، اختر درگاهيءَ هن ڪِتاب جي مالها ۾ موتين جيان پوئيو آهي.
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ، هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي. مهربانيون رسول ميمڻ صاحب جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    صوفين جي سرزمين سِنڌُ جو آوازُ، هِنَ ڌرتيءَ جي صوفين سالڪن جي ڪلامَ ۾ سمايل آهي، جيڪو ڏيهان ڏيههُ ٻُڌو ويو آهي. اِنهن سالڪَن جي اندر جي اوازَ کي صوفي فقيرن ڳائي عامُ ڪيو آهي. مائي بيگم فقيرياڻي سنڌُ جي اُها خاتون صوفي ڳائڪا آهي جنهن پنهنجي مَنَ جو سمورو درد، صوفي سالِڪَن جي ڪلامَ ۾ ملائي ان کي اهڙي پرسوز اندازَ ۾ سنڌُ جي واهڻن وستين ۾ ڳايو جو هوءَ پاڻ لوڪَ لاءِ درد جو استعارو بنجي وئي.
    سنڌُ جي تاريخي شهرَ روهڙيءَ سان تعلق رکندڙ ۽ هميشه ڪاري ويسَ ۾ رهندڙ هِنَ الهه لوڪ فقيرياڻيءَ سنڌ جي صوفياڻي راڳ جي جيڪا خدمت ڪئي آهي اُها تاريخَ جو نه وسرندڙ بابُ آهي. مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي زندگي، سندس فني سفر، سندس فقيراڻي حالَ جا جيڪي به رنگَ آهن انهن کي تمام گهڻي محنت ۽ اوتري ئي محبت سان سندس لائق پوٽي ۽ سنڌي شاعري ۽ راڳ جي دُنيا جي اِهم نالي، اختر درگاهيءَ هن ڪِتاب جي مالها ۾ موتين جيان پوئيو آهي.
    ذاتي حوالي سان اختر درگاهي منهنجو عزيز دوستُ به آهي، انهيءَ ڪري سندس تحقيق ۽ سهيڙَ جو ثمر، هي شاندار ڪِتاب شايع ڪندي مان نهايت خوشي محسوس ڪري رهيو آهن ـــ هي ڪتاب اختر درگاهيءَ جي تخليقي سفرَ جو يارهون سنگِ ميل (يارهون ڪتاب) آهي. مون کي پَڪَ آهي ته هيءُ ڪِتابُ نه صرف مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي لازوال فن سان محبت ڪندڙن لاءِ هِڪَ سوکڙيءَ وانگر هوندو پَرَ تحقيق ڪندڙن لاءِ هي ڪِتابُ هڪ اهم ريفرنس بوڪ طور به ڪم ايندو.
    ”پوپٽ“ اوهان تائين معياري ڪِتاب پهچائڻ واري سفر ۾ سرگرميءَ سان شآمل آهي. اوهان جي ساٿَ سان اهو سفرُ ائين ئي جاري رهندو.


    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور


    مَنُ سراپا سوجھرو ....

    مَنُ سراپا سوجھرو، ڪارو پهريلُ ويسُ
    فقيراڻو ديسُ، دائم قائم دل ۾
    ـــ امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي سوانح عُمري لکڻ ۽ ان کي ڪِتابي شڪل ۾ شايع ڪرائڻ منهنجي هڪ اهڙي خواهش هُئي جنهن جي پوري ٿيڻ سان مونکي انتهائي خوشي محسوس ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته جنهن شخصيت جي ڪري اسانکي راڳ ۽ شاعريءَ جي ڏاتِ ملي ۽ پڻ تصوف جو روحاني رنگُ، انهيءَ شخصيت جي زندگيءَ جو احوالُ، سندس فَنُ ۽ فقيري فيضُ قلمبند نه ٿئي ۽ محفوظ ٿي نه سگهي، اهو هڪ اڻپورو نقصان ۽ اهڙو قرضُ هُيو جنهن جو ڪو به ازالو نه پئي ٿي سگهيو. انهيءَ ڳالهه جو گهڻو اُونو ان ڪري به هو جو امڙ سانئڻ جي پنهنجي حياتيءَ ۾ سندس سوانح عُمري نه لکي وئي نه ئي سندس مڪمل شاعريءَ کي محفوظ ڪيو ويو. البت سندن حياتيءَ دوران جڏهن منهنجي عُمر صرف 15 سالَ هُئي مون امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيتَ تي هڪ مختصر تعارفي مضمون لکيو هو جيڪو آڪٽوبر 1978ع ۾ روزاني هلال پاڪستان ڪراچي ۾ شايع پڻ ٿيو هو. دراصل اها هڪ ابتدائي ڪوشش هُئي جنهن جو صرف ۽ صرف مقصد ريڊيو، ٽي وي ۽ ٻين فني ۽ ثقافتي ادارن جو ڌيان ڇڪائڻ هو جيڪي سنڌ جي هن مقبول عوامي فنڪاره ۽ صوفي فقيرياڻي کي مسلسل نظر انداز ڪري رهيا هُئا. ڀلو ٿئي بابا سائين مرحوم درگاهي ميراڻيءَ جو جنهن ذاتي ڪوشش ۽ مسلسل لکپڙهه ڪري ان وقت جي گراموفون ڪمپني EMI ڪراچيءَ وارن کي مجبور ڪيو جو هُنن 1974ع ۾ امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جا چار ڪلامَ رڪارڊ ڪيا جيڪي سنڌ اندر تمام گهڻا مقبول ٿيا. انهن ڪلامن ۾ بابا مرحوم جو هڪ قومي گيت به شامل هو، جنهن تي ان وقت جي عوامي حڪومت بندش وجھي ڇڏي، نتيجي طور EMI ڪمپنيءَ وارن ڀَوَ کان امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي انهن رڪارڊن جي وڌيڪَ Distribution روڪي ڇڏي، بابا سائينءَ جي لکيل انهيءَ قومي گيت جا ٻولَ هي هُئا.
    مونکي پنهنجي سُهڻيءَ سنڌ تي نازُ آ
    سنڌ جو سُورهيه لعل قلندر سيوهاڻي شهباز آ

    ـــ انهن ئي ڏينهن ۾ جڏهن امڙ بيگم فقيرياڻي بابا مرحوم جي ئي اصرار ۽ زور ڀرڻ تي حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي وئي ته اُتي سندس آواز ۾ چار ڪلامَ رڪارڊ ڪيا ويا جيڪي صرف هڪ دفعو آن ايئر ٿيا ۽ پوءِ انهن ڪلامن جي ٽيپ کي ريڊيو جي پُراڻي لائبريريءَ ۾ اُڇلايو ويو، بعد ۾ اُهي امڙ سانئڻ جي وفات کانپوءِ سن 1987ع ۾ منهنجي محترم دوست نصير مرزا ڳولي ڦولي مونکي DIB ڪري ڏنا جيڪي مون محفوظ ڪيا.
    ـــ ريڊيو حيدرآباد جي انهيءَ اڻوڻندڙ رويّي مان مايوس ٿي امڙ بيگم فقيرياڻي ڪراچي ٽي وي تي وئي جتي هُنَ اڊيشن دوران ان وقت جي اسڪرپٽ پروڊيوسر مرحوم ممتاز مرزا جي اڳيان شاهه لطيف جو ڪلام ”پرديسي تنهن يار سان نيڻ منهنجا ڪيئن لڳا“ ڳائيندي مصرعي ۾ پنهنجي مخصوص انداز ۾ ”علي ڄاڻي!“ جو آلاپ ڏنو ته مرحوم ممتاز مرزا کيس هلندڙ ڪلام ۾ روڪي چيو ته: ”مائي! اهو علي ڄاڻي ته شاهه لطيف جي انهيءَ ڪلام ۾ آهي ئي نه....!“ ممتاز مرزا جڳو اهو چوڻ امڙ سانئڻ انهيءَ وقت ئي بغير رڪارڊنگ جي اُتان اُٿي آئي ۽ وري ڪڏهن به ٽي وي اسٽيشن تي نه وئي. بهرحال! سچي ۽ فقير ڪلاڪار جي خوشبو ڪاٿي ٿي لڪي سگهي جنهن کي هُجي به فقيرن ۽ ولين جي دُعا! سن 1984ع ۾ حضرت شاهه لطيف جي سالياني عُرس جي موقعي جڏهن محترم محمد قاسم ماڪا پهتو ته هُنَ امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت ۽ سندس فن کي پرکي ورتو ۽ اُتي جو اُتي هڪ عام محفل ۾ سندس انٽرويو ۽ هڪڙو ڪلامُ رڪارڊ ڪيو جيڪو هينئر هند، سنڌ ۾ گهڻو مشهور آهي.
    (ياد رهي ته اُهو محمد قاسم ماڪا صاحب ئي هُيو جنهن خود ممتاز مرزا صاحب جي حياتيءَ دوران سن 1990ع ۾ پي ٽي وي جي پروگرام ”سُرَ جو سفر“ ۾ امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي يادِ ۽ سندس فني مڃتا ۾ پورا ٻه پروگرامَ ٽيليڪاسٽ ڪيا.)
    ـــ سن 1986ع ۾ ريڊيو خيرپور تان پروڊيسر محترم نصير سومرو پنهنجي پوري ٽيم سان امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي گهر روهڙي آيو ۽ سندس انٽرويو ۽ سندس آواز ۾ شاهه لطيف جو سُر راڻي مان هڪ ڪلام رڪارڊ ڪيو. وڏي ڳالهه ته انهيءَ ڪلامَ کي نصير سومرو صاحب صُبح جي نشريات ۾ هلايو جيڪو وقت سُر راڻي جي ڳائڻ جو نه هو پوءِ به جن شائقن اهو ڪالم ٻُڌو واهه واهه ڪرڻ کان رهي نه سگهيا.
    ـــ ساڳي سال اداره لوڪ ورثه اسلام آباد مان محترم اسلام خان پنهنجي اداري جي فيلڊ رڪارڊنگ لاءِ روهڙي شهر پهتو ته هُنَ به امڙ بيگم فقيرياڻي جي آواز ۾ روهڙيءَ ۾ ئي ٻه عدد آئڊيو ڪئسٽس رڪارڊ ڪيون ۽ انهن کي جلد رليز ڪري، نومبر 1986ع ۾ امڙ سانئڻ کي سندس ٻن فرزندن بابا سائين درگاهي ميراڻي ۽ چاچا سائين گل حسن فقير سميت اسلام آباد گهرايو ۽ سندس آواز ۾ آئڊيو ۽ وڊيو رڪارڊنگس ڪيون، نه صرف ايترو پر 17 اپريل 1987ع تي ٿيندڙ اسلام آباد ۾ ملڪي سطح جي لوڪ ميلي ۾ امڙ بيگم فقيرياڻي کي شريڪ ٿيڻ لاءِ خصوصي دعوت پڻ موڪلي پر افسوس جو تاريخ 13 اپريل 1987ع تي امڙ سانئڻ وفات ڪري وئي ۽ اسلام آباد لوڪ ميلي ۾ شريڪ ٿي نه سگهي.
    ـــ خير! هي ته اچي ويو انهن ادارن ۽ شخصيتن جو ذڪر جن امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جو قدر سُڃاتو ۽ ٻيا اُهي جن کيس نظر انداز ڪيو. بهرحال! هينئر مان وري موٽي اچان ٿو امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي هن سونح عُمري جي طرف!
    ـــ جڏهن امڙ بيگم فقيرياڻيءَ وفات ڪئي تڏهن بابا مرحوم درگاهي ميراڻي سندس وفات تي سندس يادِ ۾ هڪ منطوم وصال نامون لکيو، ۽ مئي 1987ع ۾ پنهنجي عظيم امڙ جي شخصيت ۽ فن تي 16 صفحن تي مشتمل هڪ مضمون به لکيو جنهن جو عنوان رکيائين ”مائي بيگم فقيرياڻي ـــ سنڌ جي سداحيات ڪلاڪاره“ ـــ بابا مرحوم اڳتي هلي ضرور پنهنجي والده جي مڪمل سوانح عُمري لکي ها جيڪا هن سوانح عُمري کان وڌيڪَ سٺُي ۽ تفصيلي هُجي ها، پر وقت جي ستم ظريفي جو بابا سائين به امڙ سانئڻ جي وفات جو صدمو نه سهي هڪ سال جي اندر تاريخ 23 اپريل 1988ع ۾ صرف 46 سالن جي عُمر ۾ اوچتو وفات ڪري ويو.
    ـــ مون جڏهن امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي سوانح عُمري تي ڪتاب سهيڙڻ جو سوچيو ته منهنجي اڳيان بابا سائين مرحوم جي لکيل ان مختصر پر مُستند ۽ اهم مضمونَ کانسواءِ سنڌُ جي ڪن ٻين ناميارن اديبن علي احمد بروهي، رشيد ڀٽي، ادل سومري ۽ غلام قادر ميراڻي جا مضمونَ هُئا ـــ پهريان ته مون سوچيو ته انهن مضمونن تي مشتمل هڪ ڪتاب تيار ڪجي ۽ پوءِ انهن کي ڪمپوز به ڪرايم پر مون ڏٺو ته اهو مواد امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت، خانداني پسمنظر، سندس فني سفر، فقيري فيض ۽ پنهنجي خاندان لاءِ ڪيل جدوجهد ۽ زندگيءَ ۾ڏٺل ڏک ڏولاون جو ڪو مڪمل احاطو نه پي ڪري سگهيو. نتيجي طور مون سندس سوانح عُمري کي نئين سِر طبع زاد لکڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن لاءِ منهنجو مددگار بابا سائين مرحوم جو لکيل اهو قلمي مضمون بڻيو جنهنکي بنياد بڻائي انهيءَ ۾ آيل احوال ۽ واقعين کي وڌيڪَ تفصيل سان، اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪيم تان جو، انهيءَ مان رهجي ويل پاسا ۽ احوال ميّسر ٿيندو ويو جيڪو اطمينان جي حد تائين هُيو ـــ نه صرف ايترو مون انهيءَ سلسلي ۾ درگاهه ڀٽ شاهه ۽ درگاهه حضرت هنباهه سان گڏوگڏ درگاهه محمد شاهه مست روهڙي ۽ درگاهه نور محمد فقير لاڙڪ پير جو ڳوٺ جي به بار بار حاضري ڏني ۽ اتان جي اهم بزرگن (جن جو اثر امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت تي تمام گهڻو هو) جو احوال هٿ ڪيم ۽ مزارن جون تصويرون ڪڍيم ۽ مزان جا ڪتبا پڻ اُتاريم. انهيءَ سلسلي ۾ امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي ولادت واري هنڌ رضا ڳوٺ (تعلقه پنو عاقل) به ويم، پنو عاقل ۾ مائي غلام فاطمه لعل جي پڙپوٽي لعل فقير ثاني سان به ڪچهري ڪيم ته سانگين وڃي مائي غلام فاطمه لعل جي ٻالڪي ۽ شآگرد وريام فقير گاهياڻي جي فرزند درياهه خان فقير گاهياڻي سان به روح رهاڻ ڪيم. اهڙي طرح اٽڪل ٻن سالن جي انهيءَ ڪوشش کانپوءِ امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي سوانح عُمري تي مشتمل هي ڪتاب مڪمل ٿي سگهيو جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي. ائين ناهي ته ڪو هي ڪتاب امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت فن ۽ فقيري سلسلي کي مڪمل طور پيش ڪري ٿو ۽ يقيناً اڃان به ڪي پاسا رهجي ويا هوندا البت ايترو ضرور آهي ته هي ڪِتاب انهيءَ سلسلي ۾ هڪ خاطر خواهه ڄاڻ ضرور مهيا ڪندو جنهن کي سنڌ جا ساڃاهه وند ۽ امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت سان والهانه عقيدت رکندڙ ضرور ساراهيندا. سچ پچ مان امڙ بيگم فقيرياڻيءَ تي هي اهم ڪتاب لکي سرخرو ٿيو آهيان ڇو ته جيڪڏهن اهو ڪم مان نه ڪيان ها ته شايد اڳتي ٻيو ڪوئي به نه ڪري سگهي ها!
    ـــ ٿورائتو آهيان درگاهه حضرت هنباهه جي سجاده نشين داتا جان محمد سائين، داتا تاج محمد سائين ۽ درگاهه ڀٽ شاهه جي شمن سائين ۽ مائي غلام فاطمه لعل جي پڙپوٽي لعل فقير ثانيءَ ۽ پنهنجي مامي مرحومه حاجره زوجه محبوب عليءَ جو جن امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي سوانح ۽ ٻين بزرگن جي احوال ۾ منهنجي مدد ڪئي.
    ـــ ٿورائتو آهيان محترم بيدل مسرور بدويءَ جو جنهن هن ڪتاب جو خوبصورت مُهاڳُ لکيو ـــ ٿورائتو آهيان محترم سرور سيف جو جنهن ڀٽائي پيرن/بزرگن جون تصويرون شاهه جي اوتاري پنو عاقل مان فقير مير خان لطيف کان حاصل ڪري مون ڏانهن اُماڻيون .
    ـــ ٿورائتو آهيان محترم دوست آصف نظاماڻيءَ جو جنهن هن ڪِتابَ کي وڏي محنت ۽ محبت سان ڪمپوز ڪيو ۽ ٿورائتو آهيان پنهنجي محترم دوست قربان منگيءَ ۽ امر اقبال جو جنهن ”امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي سوانح عمري“ کي خوبصورت ڪِتابي شڪل ۾ شايع ڪرايو.
    نياز مند

    اختر درگاهي
     روهڙي
    اپريل 2015ع


    مُهاڳ:

    بتيلي جي آڳلِ تي ٻرندڙ لالٽين
    مائي بيگم فقيرياڻي


    ماڻهو پنهنجي انساني عمر ۾ توڙي سماجي درجي ۾ ڪيڏو به وڏو ٿي وڃي پر ننڍپڻ جون يادون ساڻس سدائين چهٽيل رهنديون آهن، اهو ته ڪو بدنصيب هوندو جيڪو پنهنجي ماضيءَ کي وساري ويٺو هوندو، ڇا ته گهٽيون گهميون سي، ڇا ته راڳ ٻڌاسي، ڇا ته درويشن سان ملياسي، الا الا ــ شڪارپور ته شڪارپور پر اسان سکر جو بندر ۽ روهڙيءَ جون گهٽيون توڙي درگاهون، راڳي، اديب ۽ شاعر به ڏٺاسي، پر نه ٻڌوسي ته روهڙيءَ جي مشهور راڳي فقيرياڻيءَ مائي بيگم جو راڳ.
    ائين روبرو ويهي، ته اسان الهه رکيءَ ۽ جيوڻيءَ کي به نه ٻڌو پر سندن ڳالهيون گهڻيون ٻڌيون سي. ائين بيگم فقيرياڻيءَ جي ڳائڻ جون به گهڻيون ڳالهيون استاد بچل خان ٻرڙو جيڪب آباد وارو ٻڌائيندو هو، استاد محمد بچل ٻرڙو نه رڳو جيڪب آباد، شڪارپور پر لاڙڪاڻي، سکر ۽ روهڙيءَ جي سپڙتاين ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. ڳلي کان ڪجهه ويٺل هو، پر باجي جو آڙيڪاپ استاد هو. ٻين وڄتن وانگر کل ڀوڳ جو به ماسٽر هو سو بيگم فقيرياڻيءَ متعلق به اهل ڪري ٻڌائيندو هو ته:
    ”بيگم فقيرياڻيءَ جي جوڙ جا سازندا مائيءَجي ڳائڻ کان اڳ ۾ راڳ ۽ چال کي قائم ڪندا هئا، پوءِ جڏهن مائي ڳائڻ جو سانباهو ڪندي هئي. ته حُقي مان هٿ ڪڍي پهرين سازندن کي هٿ جي اشاري سان آواز کي هلڪي ڪرڻ جو اشارو ڪندي هُئي. ۽ پوءِ ڪن تي هٿ رکي، ”آ“.... يا ”ها“... ڪندي گوڏو کوڙي اُٿي بيهندي هئي، قد جي چڱي هوندي هئي ان ڪري جڏهن اٿندي هئي ته اسان اندازو ڪندا هياسي، ته ٽَين سپتڪ جي ٽيپ تي ”آ“ يا ”ها“ ڪندي.... پر اٿندي ئي ڏاڍي آرام سان کرج جي هيٺين سر تي ئي ”ها“ ڪري ڏوهيـڙو شروع ڪندي هئي... پر ڳائيندي ڏاڍي سڪون سان هئي، اڄ جي ڳائڻ وانگر لڇندي پڇندي نه هئي، سندس آواز ڳورو سُريلو ۽ ڪنن کي وڻندڙ هو، ڪڏهن بيهي ڳائيندي هئي، ته ڪڏهن ويهي حقو ڇڪيندي محفل مچائيندي هُئي.“
    ان کان علاوه به بيگم فقيرياڻيءَ جي لفظن جي ادائگي لاءِ هٿ کڻي يا ٻانهن ڊگهي ڪري ڳائڻ جي انداز، يا سدائين ڪاري ويس ۾ رهڻ ۽ ڪنٺا ڪولابا پائڻ جون ڳالهيون خوب ٻڌيون سي. خط، تار يا ٽيليفون جي هاڻوڪيون سهوليتون نه هونديون هيون ان ڪري اسان ٽي ويءَ جو ته ڪو پروگرام رٿي نه سگهياسي، پر ٽي ويءَ جي نوڪريءَ دوران ئي، شايد 1985ع ۾ شاهد ڀٽي صلاح ڏني ته ڪجهه ناليوارن سنڌي فنڪارن جا انٽرويو ڪجن، ان سلسلي ۾ جڏهن روهڙي بيگم فقيرياڻيءَ جو انٽرويو ڪرڻ آياسي ته اسان جي مربي، سنڌي ٻوليءَ جي نهايت سيبتي شاعر ۽ تعليم کاتي سان وابستا سائين درگاهي ميراڻيءَ ۽ سندس فرزند اختردرگاهيءَ اسان کي وڏو مانُ ڏئي، بيگم فقيرياڻيءَ جو انٽرويو رڪارڊ ڪرايو ۽ فوٽن ڇڪرائڻ ۾ مدد ڪئي.
    بدن ۾ سنهڙي ته اڳي ئي هئي پر عمر ۾ شايد بيماريءَ سبب ڪافي ڪمزور ٿي وئي هئي، پر انهن نماڻين اکين ۾ فقيري جوت ۽ فني ڏيا اڃان به جاڳيل هيس، رنگ جي البت سانوري هئي، پر جيئن شاديءَ ۾ گھوٽ ۽ ڪنوار جي سونهن جي مٽ ڪو به نه هوندو آهي، تيئن فنڪار به سدائين سهڻو لڳندو آهي، ۽ جڏهن ڳائيندو آهي ته دليون لٽيندو آهي، ساڳي ڳالهه اسان هن فقيراڻيءَ ۾ به ڏٺي سي، ايتري قدر جو پنهنجي ٻڍاپي جي باوجود نزاڪت محبت ۽ شفقت واري گڏيل نوع سان ڳالهائڻ اڃان قائم هيس. قد ۾ ماشاءَ الله مردن وانگر قداور هئي. پنهنجي زماني جي ته ظاهر آهي، نهايت ٻهڳڻي ڳائڻي هئي، پر عمر جي ان حصي ۾ به جڏهن جھُنگاريائين ته مون کي پنهنجون وڏور ڀڻيون ياد اچي ويون، جيڪي بابا مسرور جا ڪلام ائين بنا تند تار جي جھونگارينديون هيون. بلڪل ائين ئي فقيرياڻيءَ جي گلي مان ڄڻ منهنجي ٻنهي ڀينرن گڏجي پئي ڳاتو.
    تازو جڏهن اختر درگاهيءَ فون تي ٻڌايو ته هن بيگم فقيراڻيءَ متعلق ڪِتاب ترتيب ڏنو آهي ته سچ پچ ته خوشيءَ جي حد ئي ڪانه رهي، مان ته رڳو واهه واهه ڪرڻ ۾ پورو هوس ان ڪري اختر درگاهي جيڪي ڳالهايو ٿي، ٻڌڻ ۾ ته آيو پئي پر مان رڳو ان تصور ۾ گم هوس ته اهو هڪڙو شخص نالي اختر درگاهي:
    سنڌيءَ جو ناليوارو شاعر ۽ مضمون نِگار ۽ محقق.... آهي ته هو به سنڌ جي مشهور شاعر ۽ تعليمدان مرحوم ”عبدالرحمان درگاهيءَ“ جو فرزند ۽ معروف لوڪ فنڪاره ”بيگم فقيرياڻيءَ جو پوٽو. ۽ ڄائو به ميمڻ محلي روهڙيءَ ۾ آهي. سندس اصل سڃاڻپ ته هڪ شاعر واري آهي، پر بيدل سائينءَ جي راڳي فقيرن، مريدن خادمن ۾ سندس هڪ باضابطه ۽ وفادار خدمتگار ۽ راڳيءَ واري ساک ۽ ساراهه تمام وڏي آهي. سندس بيدل سائينءَ جي تصنيفات شايع ڪرائڻ، ادبي ڪانفرنسن، مشاعرن ۽ موسيقيءَ جي محفلن سڏائڻ ۽ سجائڻ ۾ سندس حيثيت هڪ اڳواڻ واري آهي. وڏي ڳالهه ته سارو سال، پنهنجي ملازمت سان، گهر سان ۽ ادب دوستن سان سنمک رهي ٿو، يقيناً مٿس مالڪ جي ڪيڏي نه مهر دائم قائم آهي.
    هي ڪِتاب به يقيناً ان سنگهر جي هڪ ڪڙي آهي جنهن ۾ هن جو جيءُ جڙيل آهي. مان اول ته هن کي ان ڳالهه تي لکين واڌايون ٿو ڏيڻ چاهيان ته هن بيگم فقيرياڻيءَ متعلق ڪِتاب ترتيب ڏئي، رڳو پنهنجي ڏاڏيءَ جو قرض نه لاٿو آهي پر سنڌي راڳ جي تاريخ ۾ هڪ اهڙي فنڪاره جي حياتيءَ کي سهيڙيو آهي، جنهن کي جيڪڏهن اختر درگاهي نه سهيڙي ها ته شايد ان ڪم ۾ ٻيو ڪو به هٿ نه وجھي ها.
    اسان جي دؤر جو اهو ئي وڏو الميو آهي، ڇاڪاڻ ته اها ذميداري ادارن جي آهي ته هو خاص طور محققن کي کوجنا جي لاءِ موضوع ۽ مواد ميسر ڪري ڏين ته جيئن هر نسل کي تاريخ جا پنا انهن بزرگن، راڳين توڙي ليکڪن جي سونهن سان سينگاريل ملن. يقيناً هي ڪم ادارن کي ڪرڻ گهرجي، پر افسوس اهو آهي ته اهو ڪم فرد ڪري رهيا آهن ۽ سي به سندس ئي عزيز قريب ۽ پرين پيارا، اهي ادارا شايد اقربا پروريءَ جي روايت کي قائم رکڻ ۽ پنهنجي ملازمن کي رڳو پگهارن ڏيڻ لاءِ جوڙيا ويا آهن.
    سنڌي راڳ جي تاريخ ۾ هن ۽ ههڙن ڪِتابن جي سخت ضرورت آهي، ۽ ان ڏس ۾ مانواري اختر درگاهيءَ چڱي جاکوڙ ڪئي آهي، خاص طور تحقيق واري اهميت کي نظر ۾ رکندي هن ڪِتاب کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو آهي. پهرين ڀاڱي ۾ فاضل محقق جيڪو سوانحي احوال لکيو آهي، ان ۾ خاص شخصيت ۽ شاعريءَ واري حصي ۾ سندس تيرهن ڪافيون ڏئي هن بيگم فقيرياڻيءَ کي سنڌي شاعرائن جي قطار ۾ آڻي، ادب ۾ هڪ انمول اضافو ڪيو آهي.
    ساڻ ساڻ درگاهي ميراڻي، اختر ۽ اطهر موساڻيءَ جي اها شاعري به شامل ڪئي آهي، جيڪا بيگم فقيرياڻيءَ جي جدائيءَ ۾ چيل آهي، پر جا ڳالهه اڃان به وڌيڪَ اهم آهي اها، اها آهي ته هن ڪِتاب ۾ بيگم فقيرياڻيءَ جي ڳايل ڪلامن جو وچور ڏئي هڪ شاندار ڪم ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته گهڻن ئي اهـڙن درگاهي فقراء فنڪارن جي ڳايل ڪلامن جو رڪارڊ هٿ ڪرڻ نهايت مشڪل ٿي پوندو آهي.
    ساڳيءَ ريت اختر درگاهيءَ ڪِتاب جي آخر ۾ بيگم فقيرياڻيءَ، هنباهي بزرگن ۽ ڀٽائي پيرن جي خاندان جا شجرا شامل ڪري، ڪِتاب کي تحقيقَ جي اصول سان آراستو ڪيو آهي، ۽ منهنجي نظر ۾ سندس کوجنا جو اهو ڀاڱو هڪ الڳ ڪِتاب جي صورت ۾ به پنهنجي اهميت جو حامل آهي. انهن سڀني ڳالهين جي ڪري جس لهڻي اسان جو هي پيارو اديب شاعر اختر درگاهي.
    ٻئي ڀاڱي ۾ ڪجهه ليکڪن جا تاثرات به ڏنل آهن، جن ۾ مانَواري محقق مٺل سائينءَ جو مضمون وڌيڪَ اهم ان ڪري آهي جو ان ۾ هڪ تمام آڳاٽي محفل جو اکين ڏٺو احوال آندل آهي، ان کان علاوه ٻيا به نهايت معلوماتي ۽ تعريفي مضمون آهن. منظوم خراج جي ذمري ۾ درگاهي، اختر ۽ اطهر پنهنجي دلي ڪيفيت کي نهايت سهڻي پيرائي سان بيان ڪيو آهي ۽ ان سموري مواد مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته پنهنجي تر ۾ بيگم فقيرياڻيءَ پنهنجو وارو ڪيئن وڄايو ۽ ٻڌندڙن جي دلين تي راڄ ڪيئن ڪيو. ها البت مرحوم رشيد ڀٽيءَ جي مضمون جي آخر ۾ لکيل آهي ته:
    ”پنهنجي فقيري، بيپرواهه ۽ مست طبيعت جي ڪري ڪنهن جي ڪاڻياري نه ٿي، ان ڪري سنڌي موسيقيءَ جي سنسار ۾ اهو مقام ماڻي نه سگهي، جو ماڻڻ گهربو هوس.“
    مرحوم رشيد ڀٽيءَ جي ان آخري جملي سان منهنجو ٿورو اختلاف آهي، ڇاڪاڻ ته فنڪار پنهنجي پنهنجي وس ۽ وت آهر پنهنجي خدمت پيش ڪندو آهي، مقام ماڻڻ جي جستجو فنڪار نه ڪندو آهي، پر ڳائي ماڻهن جا روح ريجھائيندڙ، دليون ڌوڏائيندڙ ۽ ذهن ڌونڌائيندڙ پر پنهنجي پَرَ ۾ بي غرض، بيپرواهه، مسڪينن جو مددگار ۽ يارن جو يار هوندو آهي ۽ بيگم فقيرياڻي به سچ پچ فنڪار ۽ مٿان فقيرياڻي به هئي، ان ڪري گراموفون يا ڪيسٽ ڪمپنيءَ جي مالڪن يا انهن جي ٻولڙين سان سندس ڪا به ٻولاچاري نه هوندي هئي. هوءَ ڳائيندي هئي، پنهنجي انهن ماروئڙن جا ڏک درد، هوءَ ڳائيندي هئي ميثاق ۾ ڪري آيل قول قرارن کي، هوءَ ڳائيندي هئي معرفت جي مردن لاءِ، فيض جي فائقن لاءِ.... ان ڪري هن جي دل ڪڏهن به پلٽو نه کاڌو! پئسي يا شهرت جي پاسي.
    سچو فنڪار اجھو ائين هوندو آهي، جنهن جون ”ڪجهه“ ئي رڪارڊنگس ٿي سگهنديون آهن ۽ انهن مان به ڪي ٿوريون محفوظ ٿي سگهنديون آهن.
    مڃان ٿو ته مون پنهنجي ٽي ويءَ واري عرصي ۾ جڏهن هوءَ حيات هئي ته ان کي سڏائي ٽي ويءَ جو ڪو پروگرام به نه ڪري سگهيس، ان جو افسوس ته اٿم پر هاڻي جڏهن سندس لاکيڻي پوٽي مانَواري اختر درگاهيءَ مٿس سوانح ۽ سندس راڳ جي فن ۽ شاعريءَ متعلق انتهائي اهم ڪِتاب سهيڙي مون ڏي مهاڳ لکڻ لاءِ مُڪو آهي، حالانڪه مون کان وڌيڪ سٺا ۽ ناليوارا دانشور سنڌ ۾ موجود آهن، ۽ اهي اختر درگاهيءَ جي محنتن کان واقف به آهن پر بيگم فقيرياڻيءَ جي هن ڪِتاب جي ”مهاڳ لکڻ جو پُکو“ منهنجي نالي شايد ان ڪري نڪتو آهي، جو اها منشا لڳي ٿو خود بيگم فقيرياڻيءَ جي آهي، ڄڻ مون کي قرضائي ڪرڻ کان بچائي ورتو اٿائين.
    ظاهر آهي، هئي به ته درويشن جي ويڙهي جي فقيرياڻي، جنهن تي نه رڳو موج ڀريي مهراڻ جي مهر هئي، پر ساڳئي وقت سائين بگن بادشاهه، مائي غلام فاطمه ”لعل“، ڀٽائي پير سائين شير محمد توڙي داتا ولايت شاهه جي فقيري فيض جي ولڇل هوندي هئس، يا خود بيدل ۽ بيڪس سائينءَ جي فيض جي پالوٽ به مٿس جھجيري هئي، جنهن جي ظاهر نشاني پهرين ته اها آهي ته سندس فرزند پاڻ ”درگاهي“ سڏايو، ۽ ٻيو هي اسان جو مانَوارو شاعر اختر درگاهي، جيڪو درگاهه عاليجاهه سرڪار بيدل سائينءَ جي درٻار جي خدمت لاءِ قبول پيل آهي. يقيناً اهو سمورو ڦل ان مائيءَ بيگم فقيرياڻيءَ جي ان حُب جو آهي، جنهن سڄي ڄمار ان فيض جو بَهرو راڳ ۽ ڪلامَ ذريعي فقيرن ۽ درويشي دلين ۾ ونڊيندي گذاريو.
    اها مڃيل حقيقت آهي ته فقرائي راڳي پنهنجي سازندن سان به سدائين ”ونڊ ورهاءِ ايمان پاءِ“ وارو سلوڪ رکندا آهن، جيڪي گھور گھاٻار پوندي اٿن ته اڳ ۾ پنهنجي جوڙ جي وڄتن ۾ بخرو ڪندا اهن، پوءِ جيڪي گودڙيءَ ۾ چار ڏوڪڙ بچيا ته خير نه ته علي وارث آ! ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن ڪا مڏي مال يا ملڪيت نه ٺاهي، جيڪي آيو مولا جي مملڪت ۾ ونڊجي ورهائجي ويو. ها البت وٽس اهو رپيو پاسيرو ڪري ضرور رکيل هوندو، جيڪو هن پنهنجي انٽرويو ۾ ٻڌايو هو ته ”کيس شروعاتي وهيءَ ۾ ”ڀٽائي پير سائين شير“ کانئس سَهرو ٻڌي انعام طور ڏنو هو.“ ۽ مان سمجھان ٿو ته فقيرن جا مال خزانا به درويشن وارا اهي انعام هوندا آهن، جيڪي کٽي نه کٽندا آهن.
    بيگم فقيرياڻيءَ کي ڪارن ڪپڙن ۾ اسان به ڏٺوسي، ۽ مان سمجھان ٿو ته هن حَسنين سڳورن جي غم ۾ اهو ڪارو لباس اختيار ڪيو هو. ۽ ڪنٺا ڪولابا ته آهن ئي فقير جو سينگار ــ پر آفرين آهي فقيرياڻيءَ کي جنهن مرڻ گهڙيءَ تائين پنهنجي انهن حال ڌاڳن کي پاڻ کان پري نه ڪيو.
    بيگم فقيرياڻيءَ جي شاعريءَ کي پڙهندي ٿوري دير لاءِ منهنجو ڌيان پنهنجي ننڍپڻ ۾ ٻڌل انهن آلاپن ڏانهن ڇڪجي ويو، جڏهن سريلن ۽ روح پرور آوازن ۾ ڪافي ”ننگڙا نماڻي دا جيوين تيوين پالڻا“ ڪنن تي پوندي هئي، يا وري وڏي وقت کان پوءِ ”سَمن سائين مان ته گولي غلام تنهنجي در جي“ ٻڌڻ ۾ آئي هئي. ۽ هاڻي جڏهن هن ڪِتاب جو مسودو پئي پڙهيم ته هن فقيرياڻيءَ جي ڪافي:
    - بيگم جا سائين، ڪر ڪا ڀلائي
    مرشد منهنجا هوت هنباهي
    تمام ويجھي کان، ڄڻ پاڻ سامهون بيٺي پئي جھونگاري. اسان جي هن فقيرياڻيءَ جي شاعريءَ جي ٻولي به لڳڀڳ ائين ئي ٻڌڻ ۾ آئي ته دل ۾ عجب فرحت محسوس ٿيڻ لڳي.
    بيگم فقيرياڻيءَ جي شاعري گهڻي قدر فيض جي درياهن مرشدن سان واڳيل آهي، جنهن ۾ هن نه رڳو پنهنجي من جي مرادن لاءِ کين ساريو سنڀاريو آهي، پر انهن جا ڳڻ به ڳاتا آهن، ۽ جڳ جهان جي خير سان گڏ پنهنجي سچي سڪ ۽ اُڪير کي به اظهاريو آهي. حالانڪه پنهنجي وڏڙن جي حوالي سان بيگم فقيرياڻي جي لِڇ پاڻيءَ، ٻيڙين ۽ مڇين سان هئي پر شاعريءَ ۾ ”سهڻي“ يا ”نوريءَ“ بجاءِ منجھنس سسئيءَ واري صفات ملي ٿي ۽ مرشد جي عقيدت وچان چيل اهڙين ڪافين ۾ هن فقيرياڻيءَ پاڻ کي ميهر سان ملڻ لاءِ ڪچي گهڙي جو سهارو وٺڻ بجاءِ سسئي جي پنهونءَ لاءِ ووڙڻ ۾ ئي حقيقت کي پاتو آهي، ۽ پنهنجي ڪلام ۾ سسئي واري عرفان سان مرشد کي ”پنهون“ ڪري پڪاريو آهي:
    - بيگم سان ڪربگن ڀلائي
    - بيگم توکي ٿي سڏي ساري
    - بيگم کي آ پڪ پنهل ۾
    - بيگم سان تون رهه اچي راضي
    - بيگم جا سائين، ڪر ڪا سڻائي
    شاعريءَ ۾ عشق جي ان تند کي به اجاگر ڪيو اٿس، جيڪا ليلا مجنون، هير ۽ رانجھي، مومل ۽ راڻي، سهڻيءَ ۽ ميهار جي وچ ۾ طالب ۽ مطلوب واري مام ۾ لڪل هئي، ۽ ”عشق“ مٿن ڪهڙا حڪم هلايا، کين ايمان ۽ بردباري عطا ڪئي، ان عشق جا انصاف به خوب ڳڻايا اٿائين:
    - واهه انصاف آ عشَق اوهان جو، مشتاقن کي مڃائين ٿو
    ڪاٿي بيگم ڪاٿي بي رنگ، ڪاٿي نينهن نچائين ٿو
    فقيرياڻيءَ جي شاعريءَ تي تر جي ڪجهه شاعرن جي محبت ۽ معرفت جو شيڊ ضرور آهي، پر ٻوليءَ ۾ چس ۽ درد فقيرياڻيءَ جي پنهنجي وجدان جو عڪس آهي:
    - مون سان هلو سڀ ميڙ ٿي،
    پنهل منهنجو پرچايو،
    اڄ مان درد پرايو.

    فقيرياڻيءَ جي ڪلام ۾ حقيقت جي اسرار سان گڏ مجاز جي مام به رکيل آهي:
    - بيگم کي ڏنو جام الستي، جانب تو جوڙي،
    عشق اندر ۾ آتش لاتي، سور نه ٻئي ڪنهن سلي سلي


    - سڀ ڪجهه آهي جهان ۾، ڇا هي منهنجو؟ ڇاهي ڙي سرتيون
    الا نسان سري و ان سرهُ سِر کي سجدو آهي ڙي سرتيون


    - ڏنم دل ته توکي وفادار سمجھي
    ڇڏي وڃ نه مون کي گنهگار سمجھي

    بيگم فقيرياڻيءَ جو دور راڳ توڙي علم ادب جي لحاظ کان تمام يادگار ۽ اهم دور رهيو آهي، ان دور ۾ جنهن جيترو به ڪم ڪيو آهي، انهن جي کوجنا ڪري، هن قسم جا ڪِتاب شايع ڪرڻ/ڪرائڻ گهرجن، ۽ ان کوجنا جي حوالي سان اچو ته پنهنجي جاکوڙي اديب اختر درگاهيءَ جو تيار ڪيل هڪ اهڙي سانوري سيبتي ۽ سهڳڻي فنڪاره بيگم فقيرياڻيءَ متعلق لکيل هي ڪِتاب پڙهون ۽ پياري اختر درگاهيءَ جي محنت جو دادُ ڏيون.

    بيدل مسرور بدوي


    وڏن جو احوالُ

    روهڙي، رضا ڳوٺ ۽ سکر جو درياههُ
    سانگي، چڪ، هنباهه، مونلئه مهڪ مليرَ جي

    مائي بيگم فقيرياڻيءَ جا وڏا اصل ”ٻيڙائت ميربحر“ هُئا جن جي رهڻي ڪهڻي بتيلن تي هُئي. اهڙي طرح ٻيڙيون سندن گهر هُئا ته درياهه سندن ديسُ. سندن گذران سنڌ جي تاريخي ۽ جاڙن شهرن روهڙي ۽ سکر ۾ هو. سندن بتيلا ڪڏهن روهڙيءَ جي ڀر ته ڪڏهن سکر جي ڀر ڪڏهن، ڪهڙي ڪپر ته ڪڏهن ڪهڙي ڪپر. انهن جي ته زندگيءَ سان گڏ سندن گهر (بتيلا) به تحرڪ ۾ رهيا. جيڏانهن درياهه جو رُخ تيڏانهن سندن منزل. ڪڏهن لهوارو ته ڪڏهن اوڀارو به وڃن. هو مسڪين ماڻهو ۽ پورهيت هئا. هنن کي ته زندگيءَ جي تيز تلخين، بدلجندڙ حالتن ۽ ڏُکن، ڏولاون سان گڏوگڏ فطرت جي لاهن چاڙهن، تيز وهڪرن ۽ درياهه اندر ڪاٺ جي ڪمزور گهرن ۾ رهندي تيز هوائن، ڀيانڪ طوفانن ۽ بارشن سان به مُنهن ڏيڻو پوندو هو..
    اڄ کان 70 سال اڳ تائين مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي وڏڙن ٻيڙين تي رهندي اهڙي ئي زندگي بسر ڪئي. البت جتي سندن بتيلا لنگر انداز ٿيندا ها ته اُتي درياهه جي ڪنڌيءَ تي پنهنجا ڪکاوان گهر ٺاهيندا هُئا جيڪي عارضي هوندا هئا ۽ اهڙن ڪکاون گهرن جي ميڙ کي ”ميربحرن جي مياڻي“ چيو ويندو هو جڏهن ته اڪثر سندن ڏينهن ٻيڙين تي ئي گذرندا هُئا. ننڊ، جاڳ، اوجاڳا، عبادت، رياضت، پورهيو، وندر، رڌپچاءُ، کائڻ پيئڻ، شاديون مُراديون، خوشيون غميون ٻيڙين تي ئي هُين.
    ــ مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي خاندان جي مسڪين ماروئڙن جا ڪکاوان گهر روهڙي شهر ۾ سنڌوءَ جي ڪناري تاريخي ماڳ ”ستين جي آستان“ لڳ ميربحرن جي مياڻيءَ ۾ هئا ۽ سندن ٻيڙيون انهيءَ جاءِ تي اچي لنگر انداز ٿينديون هيون ۽ سدائين ڪنهن سفر لاءِ تيار رهنديون هيون. سندن اصل ماڳ ته روهڙي ۽ سکر هو پر جڏهن آبڪلاڻي جي مُند ۾ سنڌوءَ ۾ چاڙهه ايندو هو ته پوءِ روهڙيءَ مان بتيلا هاڪاري ڪڏهن پنوعاقل لڳ ”رضا ڳوٺ“ ۾ ته ڪڏهن چَڪَ لڳ اچي ٻيڙيون جھليندا هئا جو اُها مُند سندن پيٽ گذر جو ذريعو بڻجي هُئي. ڪچي ۾ پاڻيءَ جي چاڙهه سبب هڪ طرف ٻيڙين ذريعي ڳوٺ وارن ۽ ڀرپاسي وارن کي پتڻ ٽپائيندا ها ته ٻئي طرف سندن بتيلا مختلف مالُ، ڍور، ڍڳا، ڪڻڪ، هنداڻا وغيره جي آمد رفت جو ذريعو به بڻبا هئا.
    روهڙي شهر ۾ ”ستين جي آستان“ لڳ مياڻيءَ ۾ انهن ميربحرن جا ڪيترائي گهر هوندا هئا، جيڪي مير بحرن جي مختلف پاڙن سان سُڃاتا ويندا هئا ــ مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي خاندان جو جد امجد ”چنڊ مير بحر“ ٿي گذريو هو جنهن سبب سندن پاڙو ”چنڊاڻي ميربحر“ سڏبو هو. ايس صادق علي پنهنجي مشهور ۽ اهم انگريزي ڪِتاب “Musliman Land Holders in Province of Sindh” مطبوعه 1901ع جي صفحي 60-63 تي سنڌ جي ميربحرن ۽ ملاحن جا پورا 254 پاڙا لکيا آهن ۽ انهن ۾ 41 نمبر تي ”چنڊاڻي پاڙو“ ڏنو اٿائين (1) ان مان لڳي ٿو ته انهيءَ دور يعني 1901ع تائين، چنڊ ميربحر جون ڪافي پيڙهيون ٿي چُڪيون هونديون جو سندس نالي مير بحرن جو پورو پاڙو سڏجڻ ۾ آيو، چنڊ ميربحر ڪهڙي دور جو هو ۽ اصل ڪٿان جو هو ان لاءِ ڪا به پڪي ڳالهه نه ٿي ڪري سگهجي البت اتر سنڌ ۾ خاص ڪري سکر ۽ روهڙي ۽ ان جي ڀر پاسي وارن علائقن ۾ چنڊاڻي ميربحرن جي گهڻائيءَ مان خبر پوي ٿي ته چنڊ مير بحر اتان جو ئي هو ۽ چنڊاڻي شاخ اتر سنڌ جي ميربحرن منجھان اُسري. بعد ۾ ڪجهه چنڊاڻي مير بحر اُتر سنڌ خاص ڪري روهڙي سکر کان لاڙ ۽ بدين ڏانهن به وڃي رهيا جو سنڌ جي وڏي محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ته: ”مُهاڻا سنڌ جا قديم باشندا آهن جن کي اسلام جي آمد بعد ملاح ۽ ميربحر (بحريا سمنڊ جا مير) جي عزتمند نالن سان سڏيو ويو. بدين لاڳو مهاڻن ۽ ملاحن جون چار اوڙڪون مشهور آهن، گُلاڻي، منڇر (جيڪي منڇر مان آيا) چنڊاڻي (جيڪي اُتران آيا) ۽ محمد حسن جيڪي نبي سر تي آهن ۽ نارائي سڏجن“ (2)
    مير بحرن جي چنڊاڻي پاڙي جي قديم هُجڻ جو هڪ ٻيو اشارو اهو به ملي ٿو ته 19 صديءَ ۾ روهڙي شهر اندر رهندڙ سُليمان فقير مير بحر جو تعلق به مير بحرن جي چنڊاڻي شاخَ سان هو. سليمان فقير ميربحر، روهڙيءَ جي رهبر عظيم صوفي مفڪر ۽ شاعر فقير قادر بخش بيدل (1873 – 1814ع) جو طالب ۽ خاص خدمتگار هو سندس دور 19 صدي عيسوي ۽ تيرهين صدي هجريءَ جو آهي ان لحاظ کان سُليمان فقير جي پيڙهي کان ڪافي عرصو اڳ ”چنڊ ميربحر“ ٿي گذريو هوندو.
    هِتي هڪ ٻي به شاهدي ملي ٿي جنهن مان خبر پوي ٿي ته مائي بيگم فقيرياڻيءَ جا وڏا اصل کان روهڙي ۽ سکر جي پاسي جا هُئا. اهو ثبوت آهي اهو قديم لوڪ گيت جيڪو اصل کان بيگم فقيرياڻي جي خاندان ۾ چيو ويندو آهي. انهيءَ لوڪ گيت جي ٻولن مان لڳي ٿو ته اها تخليق به انهن ميربحرن جي آهي جيڪي گهڻين ئي پيڙهين کان پنهنجي شادن مُرادين ۽ ٻين موقعين تي اهو لوڪ گيت چوندا هئا. اهو لوڪ گيت مائي بيگم فقيرياڻي پاڻ به چوندي هُئي. اهو لوڪ گيت هن طرح آهي:

    اسين مُسافر ماڻهو روهڙيءَ جي ڀر جا الا!
    لکئي لاتم نينهُن
    اسين مُسافر ماڻهو سکر جي ڀر جا الا!
    لکئي لاتم نينهُن
    لکئي لاتم نيهن، ڀَلُ وُٺڙنِ مينهن
    اسين مُسافر ماڻهو روهڙيءَ جي ڀر جا الا!
    لکئي لاتم نينهُن

    انهيءَ لوڪ گيت مان خبر پوي ٿي ته مائي بيگم فقيرياڻيءَ جا وڏا ٻيڙائت ميربحر گهڻي زماني کان سکر ۽ روهڙي جي پاسي جا رهواسي هئا، هو اڪثر ٻيڙين تي سدائين مُسافريءَ ۾ رهندا هئا، البت سندن مسقتل ماڳ ۽ هنڌ روهڙي ۽ سکر جي پاسي وارو سنڌونديءَ جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي جو ڪنارو يا پتڻ هو.
    بعد ۾ انهن چنڊاڻي ميربحرن مان ٻيون به ننڍيون ننڍيون شاخون ۽ پاڙا نڪتا آهن جهڙوڪ پارواڻي (پارو ميربحر جي اولاد) عيساڻي (عيسي مير بحر جي اولاد) ۽ سڄڻاڻي (سڄڻ ميربحر جي اولاد) اهڙي طرح هينئر مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو خاندان ”سڄڻاڻي ميربحر“ سڏجي ٿو جو اهي چنڊ ميربحر جي اولاد مان اڳتي هلي ”سڄڻ ميربحر“ جي اولاد ۾ اچن ٿا، جنهن جي هن وقت خيرن سان اٺين پيڙهي قائم دائم آهي.
    سڄڻ ميربحر کان اڳ انهيءَ خاندان جو ڪو به شجرو يا احوال نه ٿو ملي، ڇاڪاڻ ته هُو اٻوجهه ۽ اڻپڙهيل هئا ۽ ٻيڙائت هُجڻ ڪري شهري زندگيءَ کان به پري هُئا لازمي طور هو پنهنجي خاندان جي شجري ۽ احوال کي محفوظ ڪري نه سگهيا. البت اهي روايتون ضرور ملن ٿيون ته سنڌ جي درياهي تهذيب جي وارث انهي ميربحر قبيلي ۾ صدين کان پنهنجي ڌرتي ۽ ثقافت سان گهرو پيار هو، هو سنڌي ثقافت جي اهم نشانين فن ۽ هنر منديءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هُئا، سندن عورتون سنڌي ثقافت جي اهم رنگن رِلهيءَ ٺاهڻ ۽ ڀرت ڀرڻ جون ماهر هُيون ــ سنڌي لوڪ راڳ خاص ڪري لوڪ گيت سندن قديم ورثي ۾ شامل هو . ”شامَ جو جڏهن پتڻ جي پورهيءَ کان فارغ ٿيندا ها يا وٽن ڪنهن پير مُرشد جي آمد ٿيندي هُئي يا وري وٽن ڪا شادي مرادي يا ڪو خوشيءَ جو موقعو ٿيندو هو ته عورتون ۽ مرد گڏجي جهمريون پائيندا هئا ته لوڪ گيت ۽ سهرابه چوندا هئا، اهڙن لوڪ گيتن ۾ ”لوٽو“ ۽ ”ڪانءَ ڪوڪو“ سندن خاص لوڪ گيت هئا ــ هو سنڌي ثقافتي راند ملهه جا به شوقين هئا ۽ اڪثر موقعن تي ملهه به وڙهندا هئا“ (3)
    ”سڄڻ ميربحر“ اٽڪل اڻويهين صديءَ جي شروعات ۾ روهڙيءَ ۾ پنهنجن مٽن مائٽن سان گڏ بتيلن تي رهندو هو. روايت آهي ته کيس اولاد نه ٿيندي هُئي تنهنڪري سدائين پاڻ ۽ سندس گهر واري انهيءَ فڪر ۽ اڻتڻ ۾ رهندا ها ته جيڪر کين اولاد نصيب ٿئي. هڪ ڏينهن هڪ فقير سندن مياڻيءَ ۾ اچي سندس بتيلي اڳيان صدا ڪئي ته ”آهي ڪو جيڪو کيس بُصري پچائي کارائي ته هو الله جي بارگاهه مان کيس پنج پُٽ وٺي ڏي“ فقير جي صدا سڄڻ ميربحر جي گهرواريءَ ٻُڌي ته پهريائين پنهنجي مڙس کان ڊني ته ڪيئن فقير کي بتيلي تي سڏي بُصري پچائي کارائي! آخر سڄڻ ميربحر کي وڃي ٻُڌايائين ته فقير هيءَ صدا هنئين آهي. سڄڻ ميربحرُ جيڪو پاڻ اولاد جو سڪايل هو ۽ شايد فقيري خيال وارو پڻ، گهرواريءَ کي چيائين ته ڀلي فقير کي بُصري پچائي کاراءِ. فقير بُصري کائي سڄڻ ميربحر جي بتيلي تي هٿ ڌوئي کين دعا ڪندي چيو ته ”اوهان کي پنج پُٽ ٿيندا“. قدرت الله جي سڄڻ ميربحر کي چار پُٽ ڄايا جن مان پهرين ۽ ٻي پُٽ کي پيار مان سندن ماءُ لونگُ ۽ ڦوٽو جي سادن نالن سان سڏيو ته جيئن کين نظر نه لڳي. ٽئين پُٽ جو نالو ”بَچلُ“ ۽ چوٿين جو ڪرمداد رکيائون. هينئر هو پنجين پُٽ جي انتظار ۾ هُئا ته کين وري نياڻي ڄائي جنهنجو نالو ئي رکيائون ”پنجين“ يعني چئن ڀائرن کان پوءِ پنجين نمبر تي ڄايل پر اهو شايد اُنهيءَ فقير جي دُعا جو اثر هو جو سندن انهيءَ نياڻيءَ کي به مَردن وانگر ڏاڙهي هوندي هُئي (4) سڄڻ ميربحر جي چئن پُٽن کي اولاد هن طرح ٿي، وڏي پُٽ لونگ کي چار پٽ ڄايا طيب، تاج محمد، ڦُل ۽ جندل، ٻي پُٽ ڦوٽي کي هڪ پُٽ ٿيو جعفر، ٽئين پُٽ بچل کي وري پنج نياڻيون ٿيون ۽ سندس چوٿين پُٽ ڪرمداد کي پُٽ ٿيا موسو ۽ واڌُل.
    سڄڻ ميربحر جي پُٽن جي به اها ساڳي ڪرت رهي ٻيڙيائتن واري. وڏن جا بتيلا سنڀالي پنهنجو سفر گذر ڪندا رهيا. اڪثر ميربحرن جي مياڻي لڳ ستين جي آستان روهڙي ۾ رهندا هُئا، البت آبڪلاڻيءَ ۾ جڏهن سنڌوءَ ۾ چاڙهه ايندو هو ته پنهنجون ٻيڙيون هاڪاري ڪچي جو رُخ ڪندا هُئا. هينئر روهڙي ۽ سکر سان گڏ انهن جو هڪ ٻيو گهر رضا ڳوٺ (تعلقو پنو عاقل) ۾ به ٿي ويو جو پورو اونهارو اُتي گذري ويندو هونِ ۽ باقي سياري ۾ اچي روهڙيءَ ۾ رهندا هئا.
    اسانکي هڪ قديم فارسي دستاويز ۾ مائي بيگم فقيراڻيءَ جي وڏڙن مان مٿي ذڪر ڪيل ”بچل“، ”جعفر“ ۽ ”واڌل“ جا نالا مليا آهن، جيڪو دستاويز سندن ئي دور 1868ع جولکيل آهي. اهو دستاويز ان دور ۾ انڪم ٽيڪس پياريندڙن متعلق آهي مذڪوره دستاويز ۾ سال 1868ع (فيبروري کان سيپٽمبر) ۾ روهڙي شهر جي انڪم ٽيڪس پياريندڙن جا نالا ۽ ٽيڪس جا انگ اکر ڪُل ميزان سميت لکيل آهن. دستاويز دفعن ۾ ورهايل آهي. پهريان ڇهه دفعا جاگيردارن، زميندارن ۽ باغائن تي مشتمل آهن، جڏهن ته باقي چار دفعا هنر مندن ۽ ٻين ڌنڌن سان وابسته افراد جا آهن (5) انهيءَ دستاويز جي عام دفعن ۾ باغائي ڀُٽن، وينجھرن، سوداگرن، کنڀاٽين، ڪورين، ساٽين ۽ پاٽولين سان گڏ روهڙي شهر ۾ رهندڙ يارهن ميربحرن جا نالا به ملن ٿا جيڪي هن طرح ڄاڻايل آهن:

    دفعه مير بحر يعني ملاحان لوهري
    جعفر، واڌل، بچل، ڇته، انڱڻ، راضو، محمد علي
    ورل، ڏنو، قلندر بخش، الهڏنو (6)

    مٿي ذڪر ڪيل مير بحرن مان جعفر، واڌل ۽ بَچل جا نالا ساڳي ئي دور ۾ مائي بيگم فقيرياڻي جي خانداني شجري ۾ ملن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته پنهنجي پورهئي مان ٽيڪس پياريندڙ اُهي ساڳيا هُجن. انهن مان بچل ميربحر، مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي نانيءَ جو پيءُ هو. جڏهن ته جعفر ۽ واڌل انهيءَ بچل ميربحر جا ڀائيٽيا هئا.
    بچل ميربحر، سڄڻ ميربحر جو ٽيون نمبر پُٽ هو، سندس دور (1880ع -1820ع) جو معلوم ٿئي ٿو. پاڻ هڪ درويش خيال ماڻهو هو ۽ عظيم صوفي شاعر ۽ عالِمُ فقير قادر بخش بيدل (1873ع ــ 1814ع) جو همعصر ۽ همعمر پڻ، پر جيئن ته سندس حياتي ٻيڙين تي ۽ درياهه تي گُزري سو به سدائين سفر ۾ شايد انهيءَ ڪري بچل ميربحر جي بيدل سائينءَ سان ملڻ يا صحبت ڪرڻ جي ڪا به روايت نه ٿي ملي. البت هڪ خانداني روايت موجب بچل ميربحر ۽ سکر جي ان دور جي هڪ ٻي بزرگ شخصيت بچل شاهه (1906ع ـــ 1807ع) جي پاڻ ۾ ملاقات جو حوالو ملي ٿو، ڇو ته بچل شاهه به ان دور ۾ سکر پاسي ميربحرن جي مياڻي لڳ رهندو هو، جِتي شايد بچل ميربحر جو پنهنجن ميربحرن مٽن مائٽن ۾ اچڻ ٿيو هو. چون ٿا ته بچل ميربحر جڏهن بزرگ بچل شاهه سان وڏي عقيدت ۽ احترامَ سان مليو ته بچل شاهه به سندس فقيري شخصيت کي سُڃاڻي ورتو جو چيائينس: ”يار تون به ته اُٺ ڊڀن ۾ لڪل آهين.“ هي اُهو بچل شاهه هو جنهن جي نالي سکر ۾ اڄ به بچل شاهه جي مياڻي مشهور آهي. (7)
    بچل ميربحر کي پُٽ جي اولاد نه ٿي، کيس پنج نياڻيون ڄايون. انهن مان هڪ نياڻي ”بيگي“ هُئي. جيڪا اڳي هلي مائي بيگم اول جي نالي سان ڄاتي وئي، مائي بيگم فقيرياڻي انهيءَ جي ڏوهٽي هُئي، جنهن تي سندس نانيءَ ”مائي بيگم“ جو نالو رکيو ويو هيو.
    مائي بيگي عرف مائي بيگم اول جي شادي بچل ميربحر پنهنجي ڀائٽي جعفر ولد ڦوٽي ميربحر سان ڪرائي جنهن مان کيس (مائي بيگم اول کي) صرف هڪ نياڻي نالي مائي موليڏني عرف مائي مولڻ ڄائي.
    مائي موليڏني عرف مائي مولڻ، هارون پُٽ موسيٰ ميربحر جي گهر واري ۽ مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي والده هُئي. اٽڪل 1870ع ۾ رضا ڳوٺ (پنو عاقل تعلقي) ۾ ڄائي ۽ وڏي ڄمار ماڻي 1970ع ۾ روهڙيءَ ۾ وفات ڪري وئي. مائي مولڻ جي نسبت اُها به روايت ملي ٿي ته پاڻ پنهواري ۾ انوقت جي برک عالم ۽ بزرگ مولانا عبدالقادر پنهواريءَ واري وٽ قرآن شريف پڙهي هُئي. هي ته اچي ويو مائي موليڏني جو ٿورو ذڪر پر جنهن شخصيت جي بهاني ۽ وسيلي سان هن خاندان کي فقيري ۽ صوفياڻي راڳ ويراڳ ۽ صوفياڻي شاعريءَ جي روشني ملي اُها هُئي مٿي ذڪر ڪيل مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي ناني مائي بيگي عرف مائي بيگم اول، جنهن جي سڪ ۽ پريت هڪ طرف سنڌ جي هڪ غمناڪ شاعره مائي غلام فاطمه لال کي مجازي ۽ حقيقي رنگ عطا ڪيو ته ٻئي طرف سندس خاندان کي تصوف، شاعري ۽ راڳَ جو ورثو پڻ عطا ٿيو.

    مائي غلام فاطمه لعل(1925 ـــ 1860ع)* جيڪا اڳتي هلي سنڌ جي نماڻي شاعره، صوفي درويشياڻي ۽ ويراڳي بڻجي وئي، پنو عاقل لڳ ڳوٺ ”ڪٽن“ ۾ رهندي هُئي. سندس مڙس جو نالو ”حامد“ ۽ پيءُ جو نالو ”لعل موچي“ هو. مائي غلام فاطمه، مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي نانيءَ مائي بيگم اول جي همعصر ۽ عمعُمر هُئي، چون ٿا ته مائي غلام فاطمه کي اهو ويراڳ جو ۽ شاعريءَ جو رنگ مائي بيگم اول جي سڪ ۽ پريت ۾ مليو، مائي غلام فاطمه پير ڳوٺ جي فقير نور محمد لاڙڪ جي درگاهه جي طالب ٿي ۽ فقيري رمز ماڻي ــ مائي غلام فاطمه جو والد لعل فقير، فقير نور محمد لاڙڪ جو معتقد هو اهو نور محمد لاڙڪ وري کهڙن جي بُزرگ چنيهه فقير اُڄڻ جو طالب هو ۽ ميان چنهه فقير درازن جي وڏي بزرگ ۽ سچل سائين جي ڏاڏي صاحبڏني فاروقي جو مُريد هو. مائي غلام فاطمه موچاڻي پنهنجي ڪلامن ۽ ڪافين ۾ پيءُ ”لعل“ جو نالو استعمال ڪندي هُئي جنهن ڪري کيس مائي غلام فاطمه لعل جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو.
    مائي غلام فاطمه لعل جو مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي نانيءَ مائي بيگم اول سان نِينهن جو ناتو جُڙي ويو. ان وقت اڃان مائي بيگم اول توڙي مائي غلام فاطمه جو شروعاتي دور هو ــ ٿيو ائين جو مائي بيگم اول کي خواب ۾ ڪيترائي دفعا مائي غلام فاطمه ڏٺو ۽ کيس باطني اشارو ٿيو ته ”انهيءَ صورت کي ڳولي لَههُ“ مائي غلام فاطمه ڪشالا ڪندي روهڙيءَ ۾ ميربحرن جي مياڻيءَ ۾ اچي مائي بيگم اول کي ڳولي لڌو (8) هڪ ٻي روايت موجب جڏهن مائي غلام فاطمه موچاڻي خواب ۾ مائي بيگم اول کي ڏٺو ته صُبح ٿيڻ سان يڪتارو کڻي سير ڪيون، پُڇائيندي پُڇائيندي روهڙيءَ ۾ ميربحرن جي مياڻيءَ ۾ اچي ان صورت کي ڏٺو ته رڙ ڪري چيائين ته ”اِها آهي اُها جنهنکي نٿ پئي آ.“ (9) پوءِ مائي بيگم اول جي اڳيان سندن ٻيڙيءَ تي ويهي اهو ڪلام چيائين ته:
    ڪير ڪشالا ڪري، تُنهنجي محبت وڌو آ مامري
    - پُنهل بنان پرديس ۾، مُنهنجي ساعت ڪانه ٿي سري
    - پُنهل پاڻ نه وڃڻو الا، جتن زوري ڪري
    - لعل چوي ٿو عشق وارن کان، رهبر ناهي پري
    مائي غلام فاطمه لعل، مائي بيگم اول کي پنهنجو ”محبوب“ سڏيندي هُئي ۽ اڪثر وٽس ميربحرن جي مياڻي روهڙي ته ڪڏهن رضا ڳوٺ ۾ اچي رهندي هُئي يڪتاري تي راتين جو راتيون راڳ ويراڳ به ڪندي هُئي. مائي بيگم اول ۽ مائي غلام فاطمه لعل جي ايتري ته پاڻ ۾ سڪ ۽ پريت ٿي وئي جو ڏينهن جا ڏينهن، مائي غلام فاطمه، مائي بيگم اول وٽ رهي پوندي هئي ۽ مائي بيگم اول کي به پاڻ وٽ ڳوٺ ڪٽن ۾ وڃي رهائيندي هُئي. آخر اڳتي هلي مائي بيگم اول جا وارث ۽ ٻيا مٽ مائٽ ڏاڍا ڪاوڙيا ۽ ناراض ٿيا ۽ ٻنهي کي هڪٻئي ڏانهن اچڻ وڃڻ کان روڪڻ لڳا ۽ مائي غلام فاطمه کي به ڪُجهه کَٽو مٺو ڳالهايائون. تنهن تي مائي غلام فاطمه لعل انهن وٽ اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو ۽ ويندي ويندي کين اهو چيو ته ”ابا الله ڪندو ته اوهان ۾ به مون جهڙي ويراڳي فقيرياڻي پيدا ٿيندي، جيڪا مون وانگر عشق جي چادر پائي پنهنجي الستي آواز سان جھرجھنگ ۾ نانءُ ڪمائيندي“ (10) ياد رهي ته مائي غلام فاطمه لعل کي به فقيري رنگ مائي بيگم وٽان مليو جنهن جي مجاز مان ئي مائي غلام فاطمه لعل حقيقي منزل حاصل ڪئي. مائي غلام فاطمه لعل، رُسي ڇا وئي، مائي بيگم اول جي وارثن وٽان ڄڻ بخت ڀاڳُ رُسي ويو. سندن هٿ تنگ ٿي ويو ۽ هو ڏاڍو ڏُکيو گذارڻ لڳا. ڪجهه عرصي کانپوءِ کين ان ڳالهه جو شديد احساس ٿيو ته انهن هڪ درويش فقيرياڻيءَ جي دل رنجائي آهي، آخر هنن مائي بيگم اول کي اجازت ڏني ته ڀلي مائي غلام فاطمه وٽ ڪٽن وڃي رهي ۽ کيس پرچائي. مائي بيگم اول جي اچڻ سان مائي غلام فاطمه ڏاڍي خوش ٿي ۽ سندن اچڻ وڃڻ ٻيهر شروع ٿيو. ڪجهه سالن کانپوءِ مائي بيگم اول مائي غلام فاطمه لعل جي ئي حياتيءَ ۾ وفات ڪري وئي ته سندس وڇوڙي جي خبر پهچڻ سان مائي غلام فاطمه کي تمام گهڻو صدمو رسيو، جنهن جو اظهار مائي غلام فاطمه لعل پنهنجن هنن ڪافين ۾ ڪيو ته:

    جي مان ڄاڻان جت ڪاجاڙ ڪندو
    مان سيجن تي ڇو سمهان ها!
    -
    درد لڳو آ دلبر جو، جيڪي آهي منهنجي جيءَ ۾
    سرتيون ڪو نه سَماءُ پيو ڏيرن جي ته ڏمر جو
    جبل مون سان جاڙ ڪئي، ڏُک اٿم ڏونگر جو

    مائي غلام فاطمه لعل، مائي بيگم اول جي وفات کانپوءِ پاڻ کي تلقين ڏئي ڇڏي جو پنهنجا سهڻا ۽ ڊگها وار ڪينچيءَ سان ڪتري ڇڏيائين (11). جيئن ته مائي بيگم اول کي صرف هڪ نياڻي مائي موليڏني ڄائي ان مان لڳي ٿو ته مائي بيگم اول ڪا وڏي ڄمار نه ماڻي ۽ وچولي عُمر ۾ وفات ڪري وئي.
    مائي بيگم اول پنهنجي اڪيلي نياڻي مائي موليڏني عرف مائي مولڻ جي شادي اُنَ جي سوٽ هارون ميربحر سان ڪرائي ڇڏي هُئي. هارون ميربحر انهن ڏينهن ۾ پنهنجي گهر واريءَ مائي موليڏني سان رضا ڳوٺ ۾ رهندو هو. هو پنهنجي اباڻي ڪرت موجب ٻيڙيائت هو تعلقه پنو عاقل جي رضا ڳوٺ ۽ ان جي ڀر پاسي وارن ڳوٺن عزيز پور ۽ پنهواري جي ڪچي ۾ پتڻ ڪندو هو ۽ مشهور پاتڻي هو. اڄ به انهيءَ علائقي ۾ ”هارون فقير ميربحر“ جو پتڻ مشهور آهي تَرَ جي ماڻهن ۽ ڪجهه پيرسن ماڻهن جو چوڻ آهي ته ”هارون ميربحر“ پنو عاقل لڳ ڳوٺ عبدالله شاهه بخاري جي جَنون ڍنڍَ تي پتڻ ڪندو هو. هارون ميربحر جي سَسُ مائي بيگم اول سان درويشياڻي ۽ شاعره مائي غلام فاطمه لعل جي سڪ ۽ پريت جو داستان ته مٿي ذڪر ٿيو پر هن هارون ميربحر کي به اهڙو اچي فقيري رنگ لڳو جو درگاهه حضرت هنباهه جي بُزرگ داتا بگن شاهه جيلاني ** اول جو طالب ٿيو ۽ ”هارون ميربحر“ مان ”هارون فقير“ بڻجي ويو. هارون ميربحر جي داتا بگن شاهه اول جي طالب ٿيڻ وارو قصو ڪجهه هن طرح مليو آهي. انهن ڏينهن ۾ داتا بگن شاهه وڏي جا مُريد رضا ڳوٺ جي ڀرسان رهندا هئا جن وٽ اڪثر داتا بگن شاهه اول ايندو رهندو هو. مُرشد جي آمد جي موقعي تي انهن کي گهڻي خوشي ٿيندي هُئي، اهي موقعي تي هو جھمريون هڻندا هئا ۽ راڳ ويراڳ به ڪندا هئا. اهڙي ئي هڪ موقعي تي جڏهن داتا بگن شاهه وٽن آيو ته سندن اچڻ سان جيڪو مُريدن استقبال ڪيو ته اهڙي فنڪشن ۾ ڳوٺ جا جا ٻارڙا به شامل ٿي ويا جن ۾ ”هارون ميربحر“ جي گهر/مائٽن جي هڪ نينگر به هُئي. هارون ميربحر کي جو خبر پئي ته سندن اها ڇوڪري، فقيرن جي انهيءَ محفل ۾ وئي آ ته سخت ڪاوڙ ۾ بتيلو ڇڏي اُتي آيو ۽ پنهنجي انهيءَ نينگريءَ کي هٿ کان پڪڙي اڃان ڇڪيو ئي مس ته پوئيتان سندس نظر داتا بگن شاهه اول تي پئي. داتا بگن شاهه جو کيس ڏٺو ته چون ٿا ته داتا جي نظر هارون ميربحر تي ايترو اثر ڪيو جو هو اُتي ئي ويهي رهيو. پورا ٽي ڏينهن گذري ويا. پوءِ داتا بگن شاهه اول چيس ته ”مُنهنجو مريد ٿيندين؟“ هارون ميربحر به چيس ”هائو سائين“. داتا بگن شاهه چيس ته تون ”هنباهه“ اچ، پر مونکي مُرشد نه پنهنجو دوست سمجھجانءِ. پوءِ داتا بگن شاهه اول رضا ڳوٺ ۾ هڪ جاءِ تي ڪِلو هڻي ڏنس ته هي اوتارو ٿي فيض درياهه جو (13) *** هارون ميربحر پوءِ باقاعده درگاهه حضرت هنباهه وڃي داتا بگن شاهه جو طالب ٿيو.
    هارون ميربحر جيڪو هينئر هارون فقير بڻجي چُڪو هو درگاهه حضرت هنباهه جا ڀيرا ڪندو داتا بگن شاهه اول جي صُحبت ۾ رهندو آيو ته ساڳي وقت پنهنجي بتيلي ذريعي پيٽ گذر به ڪندو رهيو. صوفياڻي درگاهه سان وابستگيءَ هارون فقير کي راڳ جي چڻنگ به ڏني پوءِ هو ٻيڙي هونگارڻ سان گڏ راڳ جا آلاپ به ڪندو رهيو نه صرف ايترو بلڪه داتا بگن شاهه جي ٻين فقيرن جي ٽولي سان گڏجي ميڙن ۽ ٻين چونڪين ۾ باقاعده ڪافي ڪلامَ به ڳائيندو هو. مائي بيگم فقيرياڻي پاڻَ به پنهنجي انٽرويو ۾ اهو ٻڌايو آهي ته سندس بابو هارون فقير جيڪو درگاهه حضرت هنباهه جي بزرگ داتا بگن شاهه وڏي جو مُريد هو اهو سڀ ديسي راڳ جهڙوڪ ڪوهياري، سهڻي، سورٺ، راڻو وغيره يڪتاري تي ڳائي ويندو هو (14) هارون فقير جا وڏڙا ته اڳ به ڪڏهن ڪڏهن روهڙي کان ”چڪ“ درگاهه هنباهه جي سامهون ڪچي ۾ اچي ٻيڙيون جھليندا هئا، پر هينئر هن خاندان کي رنگ ئي ڪجهه ٻيو لڳي ويو. هينئر هو صرف ٻيڙائت ئي نه رهيا، پر حضرت هنباهه جي صوفياڻي ۽ رندي درگاهه ۽ مائي غلام فاطمه لعل جي اثر هيٺ هن خاندان کي هڪ طرف فقيري ملي ته ٻي طرف صوفياڻو راڳ ۽ فن ـــ پر اها اڃان شروعات هُئي. اصل ۾ اهي سڀ تياريون هڪ اهڙي شخصيت لاءِ ٿي رهيون هيون، جنهن پنهنجي فقيري شخصيت، سڀاءَ، صوفياڻي راڳ ۽ شاعريءَ ذريعي سنڌ کان ٻاهر پڻ نانءُ روشن ڪيو ۽ پنهنجي غريب ۽ ٻيڙائت خاندان کي درياهه جي ڇولين مان ڪڍي سڄي سنڌ جي واهڻ واهڻ، وستي وستي ويندي ٿر، بر، پنجاب ۽ بلوچستان جي جبلن، ريگستانن، وڻڪارن تائين روشناس ڪرايو.
    اها شخصيت هُئي انهن ٻيڙائتن جي هڪ نماڻي، سليمي ۽ مانائتي خاتون مائي بيگم فقيرياڻي، جنهن کي اڄ سنڌُ واسي وڏي عزت ۽ احترامَ سان ”لطيف جي فقيرياڻي“، ”ڀٽائيءَ جي فقيرياڻي“ ۽ ”سنڌ جي ميران ٻائي“ جي خوبصورت لقبن سان ياد ڪن ٿا.


    ________
    * مائي غلام فاطمه لعل جو پڙپوٽو لعل فقير ثاني ولد محمد سُليمان هن وقت پنوعاقل شهر ۾ رهي ٿو عُمر اٽڪل 70 سال اٿس. راقم الحروف تاريخ 30 جولاءِ 2000ع تي ساڻس پنوعاقل ۾ ملاقات ڪئي. پهرين لعل فقير ٻُڌايو ته مائي غلام فاطمه سندس والد محمد سُليمان جي سڳي ڏاڏي هُئي اسانجو پڙڏاڏو ۽ مائي صاحبه جو گهر وارو، حامد فقير هو هن کي پُٽ هو گل محمد ان جو پُٽ محمد سليمان ٿيو جو سندس والد هو. لعل فقير ثاني ٻُڌايو ته مائي غلام فاطمه جو والد لعل فقير پاڻ به فقير ۽ شاعر هو، جڏهن ته اسان جا وڏا مائي غلام فاطمه کي ڏاڏو چوندا ها جوسندس شخصيت وڏي ”مرداڻي“ ۽”فقير“ هُئي. مائي غلام فاطمه اڇي پوشاڪ پائيندي هُئي ۽ ان جي مٿان اجرڪ اوڙهيندي هُئي البت سندس مرشد جو ويس سائو ڏنل هوس، مرشد هوس پيرڳوٺ جو فقير نور محمد لاڙڪ. مائي غلام فاطمه جي تربت سانگين ڀرسان شاهه عثمان پير جي مقام ۽ ۾ هُئي جيڪو سڄو مقام درياهه پائي ويو.

    ** داتا بگن شاهه جنهن کي داتا بگن وڏو به چوندا آهن، سنڌ جي هڪ اهم صوفي درگاهه حضرت هنباهه لڳ چڪ (تعلقو لکي) جو گادي نشين هو. پاڻ درگاهه حضرت هنباهه جي وڏي بُزرگ ۽ رِند شاعر داتا فيض درياهه (1335هه ــ 1280هه) جي وڏي ڀاءُ داتا تاج محمد شاهه اول جو اڪيلو فرزند هو. داتا فيض درياهه جي وصال بعد درگاهه هنباهه جو پهريون گادي نشين ٿيو. هي اهو دور هو جڏهن داتا فيض درياهه جي رندي شخصيت ۽ هم اوست جو نعرو جهر جھنگ ۾ پکڙجي چڪو هو ۽ خود داتا بگن شاهه اول جا به ڪيترائي طالب ٿي چُڪا هئا. داتا بگن شاهه اول سن 1930ع ۾ وصال ڪيو. سنڌ جي وڏي عالم ۽ شاعر فقير هدايت علي نجفي تارڪ (1939ع ـــ 1894ع) داتا بگن شاهه اول جي وفات جي ماده تاريخ هن طرح لکي آهي.
    ماده تاريخ وفات سيد بگن شاهه جيلاني
    ويٺل هانباهه ضلع سکر
    اهل الله خيرا واعظم، وله غريق ابدال (12)
    1930ع 1348هه
    داتا بگن شاهه اول کي ٻه فرزند ٿيا. داتا ولايت شاهه (1982ع ــ 1911ع) ۽ سيد ڪامل شاهه مست (وفات 1970ع کان اڳ) داتا ولايت شاهه کي هڪ فرزند ٿيو داتا بگن شاهه ثاني (2004ع ـــ 1937ع) داتا بگن شاهه ثانيءَ کي ٻه فرزند ٿيا داتا جان محمد شاهه ثالث (ولادت 1962ع) ۾ ڪامل شاهه (ولادت:1974ع) هن وقت داتا بگن شاهه ثانيءَ جو وڏو فرزند داتا جان محمد ثالث درگاهه هنباهه جو گادي نشين آهي.

    *** راقم الحروف کي خوشقسمتيءَ سان پنهنجي وڏڙن جي انهن ماڳن ۽ مڪانن کي ڏسڻ جو موقعو نصيب ٿيو. تاريخ 15 ڊسمبر 2000ع تي سکر مان رضا ڳوٺ ۾ ئي رهندڙ پنهنجي مائٽ اربيلي پُٽ شاهڏنو پارواڻي ميربحر سان جيپ تي پنو عاقل ۽ نوراجا کان ڪچي جي ڳوٺ عزيز پور کان ٿيندا رضا ڳوٺ پهتاسون. اسان کي پنهنجي وڏڙن هارون ميربحر ۽ سندس ڀاءُ گُل ميربحر جي گهر ٻاهران پڌر تي نم جي وڻ هيٺان کٽون رکي ان جي مٿان چادرون ۽ وهاڻا رکي ويهاريو ويو. چيائون ته اتي ئي هارون فقير داتا بگن شاهه جو مئخانو/اوتارو ٺهرايو هو. اهو جمعي جو ڏينهنُ هو ۽ رضا ڳوٺ جي مسجد مان لائوڊ اسپيڪر تي قرآن پاڪ جي تلاو ت جو آواز اچي رهيو هو. وڏن جي پوکيل نم ۽ مُرشدن جي مئخاني جي ڇانو ۾ ڏاڍو سڪون پئي آيو. ڪانون جي”ڪان ڪان“، ڳيرن، جھرڪين ۽ ٻين پکين جو مٺڙو آواز پُر سڪون ماحول ۾ هڪ روحاني ڪشش پيدا ڪري رهيو هو،.
    راقم الحروف رضا ڳوٺ وارو اهو درياهي پتڻ به ڏٺو جتان اسانجي وڏن جو ٻيڙيءَ رستي روهڙيءَ کان اچڻ وڃڻ رهندو هو. تنهن وقت اتي هڪ ننڍي ڪٽار بيٺي هُئي، درياهه ۾ پاڻي نالي ماتر هو. خالي درياهه هڪ ڪئنال/واهه جو ڏيکُ ڏئي رهيو هو. رضا ڳوٺ جي گهرن چوڌاري مهر وڏيرن ۽ ميربحرن جون زمينون هُيون جن ۾ ان وقت ڪڻڪ، بصر، سارين جي پوک ٿيل هُئي. اسان جنهن جڳهه تي/ داتا بگن شاهه جي مئخاني تي هارون ميربحر جي گهر ويٺل هاسي، ان جي اوڀر ۾ ڦُلو ڳوٺ، اُتر ۾ بکو مهر، ڏکڻ ۾ سرڪاري ٻيلو ڳوٺ عزيز پور هو. هارون فقير جي گهر/مئخاني جن چوڌاري لوا، ٻَٻُرَ جا وڻ هئا. رضا ڳوٺ پنو عاقل کان اٽڪل 18 ڪلوميٽر پري آهي. ڳوٺ ۾ صدرئاڻو، پرائمري اسڪول ته آهي پر اسپتال ڪا به نه هُئي. اتي مهر، ميربحر، موچي، منگي، مڱڻهار قومون رهندڙ آهن. چڱا مُڙسَ مهر هُئا. اسانکي ايندي ويندي جنون ڍنڍ جا نشان ۽ هارون فقير ميربحر جي پتڻ جا نشان به ڏيکاريا ويا، جن جي اسان فوٽوگرافي به ڪئي.


    ولادت ۽ ننڍپڻ

    مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي ولادت کان اڳ سندس وڏڙن جي احوال ۾ ”سڄڻ ميربحر“ کان ان جي پُٽ ”بچل ميربحر“ وري ان جي نياڻي مائي بيگي عرف مائي بيگم اول جو ذڪر ٿي چُڪو آهي ساڳي وقت وٽن مائي غلام فاطمه لعل جو اچڻ وڃڻ ۽ مائي صاحبا جي پيشنگوئي به بيان ڪري چُڪا آهيون. اڳتي هلي انهيءَ مائي بيگم اول جي ڏياٽي هارون فقير جو درگاهه حضرت هنباهه جو طالب ٿيڻ ۽ داتا بگن شاهه اول جي فيض سان هارون فقير جو راڳ ويراڳ سان اُنس ۽ سندس فقيري شخصيت جو ذڪر به ٿي چڪو آهي. هي اُهو هارون فقير آهي جنهن جي گهر/بتيلي تي اسانجي مانائتي مائي بيگم فقيرياڻي جي ولادت ٿي. انهيءَ جو تفصيل هن هيٺ ڏجي ٿو.
    مائي بيگم اول جي ڌيءَ مائي موليڏني عرف مائي مولڻ کي سندس ماءُ مائي بيگم اول جي وفات جو وڏو ڏُک ۽ صدمو رسيل هو. کيس هِڪُ پُٽ ”محمد هاشم“ ڄايل هو، پر کيس پنهنجي ماءُ جي وفات کانپوءِ اها سڪ هُئي ته جيڪر کيس الله ڌيءَ عنايت ڪري ته ان تي پنهنجي مرحوما ماءُ ”بيگم“ جو نالو رکي ۽ آسيس پوري ڪري. مائي موليڏني ڌيءَ جي سڪايل هُئي ان لاءِ مائي غلام فاطمه لعل ڏانهن به پنڌ ڪندي هئي ۽ کيس چوندي هئي ته ”دعا ڪريو ته الله سائين مونکي امڙ بيگم ڏي“ هڪ دفعي مائي موليڏني ۽ سندس گهر وارو هارون فقير درگاهه حضرت هنباهه داتا فيض درياهه جي ميلي تي ويا، اتي جڏهن گادي نشين داتا بگن شاهه اول سان مليا ته داتا بگن کين دُعا ڪندي چيو ته ”الله اوهان کي پُٽ ڏيندو“. مائي موليڏني داتا بگن شاهه کي چيو ته ”داتا مونکي پُٽ آهي“ دعا ڪريو ته آءٌ ڌيءَ ڄڻيان ته ان تي پنهنجي پياري ماءُ بيگم جو نالو رکان ۽ جي ڌيءَ ڄائي ته مان اوهان سان گڏ پير يوسف عليءَ تي پيالا ورهائيندس.“ داتا بگن شاهه چيس ”تون پُٽ ڄڻيندينءَ آءٌ پير يوسف علي تي پَـڙُ چاڙهيندس.“ مائي موليڏنيءَ کي الله جي قدرت سان سال کان پوءِ ڌيءَ ڄائي. مائي موليڏني تمام گهڻي خوشيءَ مان پنهنجي ان سڪيلڌي ڌيءَ تي پنهنجي پياري مرحوما ماءُ ”مائي بيگم“ جو نالو رکيو ۽ پوءِ ”هنباهه“ وڃي پنهنجا باسيل پيالا به وڃي ”پير يوسف علي“ تي ورهايا. ساڳي وقت داتا بگن شاهه اول کي به جڏهن مائي موليڏني جي ڌيءَ جي ولادت جي خبر پئي ته هُنَ به فقراء سميت پنهنجو باسيل پَڙُ وڃي پير يوسف علي تي چاڙهيو ۽ چيائين ته ”پير يوسف علي، مائي موليڏنيءَ جا پيالا به کٽيا ته منهنجو باسيل پَڙُ به کٽيو ڇاڪاڻ ته هيءَ نينگري ڌيءَ به آهي ته پُٽُ به“ ــ داتا بگن شاهه ائين به چيو ته ”هيءَ نينگري هڪ مرد فقير آهي“ (15)
    اهڙي طرح هارون فقير ۽ مائي موليڏني جي اها ڌيءَ مائي بيگم ثاني عرف مائي بيگم فقيرياڻي سن 1915ع مطابق 1333هه ڌاري رضا ڳوٺ تعلقو پنوعاقل ۾ ڄائي ــ مائي بيگم فقيرياڻي جي ولادت جو سن اندازي تي لکيو ويو آهي جو انهن ڏينهن ۾ روهڙي ۽ ان جي ويجھن علائقن ۾ پليگ جي بيماري پئي هُئي، جنهن کي عام طور تي ”هفتو“ چيو ويندو آهي يعني هڪڙي هفتي ۾ شهر ۽ ڳوٺن جا ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي ويا هئا. مائي بيگم فقيرياڻي پاڻ به هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته هوءَ انهيءَ پليگ واري هفتي دوران رضا ڳوٺ ۾ ڄائي هُئي. بيگم فقيرياڻيءَ جا وڏا اڪثر چيٽ جي مُند ۾ روهڙيءَ کان ٻيڙيون ڪاهي رضا ڳوٺ پتڻ ڪندا هئا ۽ ڪجهه عرصو اتي رهي وري روهڙيءَ ستين جي آستان لڳ ميربحرن جي مياڻيءَ وٽ اچي پتڻ ڪندا هئا. مائي بيگم فقيرياڻي رضا ڳوٺ ۾ ڪهڙي هنڌ ڄائي ظاهر آهي سندس والد هارون فقير ميربحر ٻيڙيائت هو ۽ اتان جي ڀرپاسي واري ڳوٺن جو پاتڻي پڻ، ضرور مائي بيگم ثاني پنهنجي پيءُ جي بتيلي تي يا سندن مياڻيءَ ۾ ڪنهن ڪکاهين گهر ۾ ڄائي هوندي ــ هڪ روايت اها به آهي ته جڏهن درياهه ۾ گهڻو چاڙهه ايندو هو ته ملاح پنهنجون ٻيڙيون رضا ڳوٺ ڀرسان عزيز پور جي سامهون ته ڪڏهن ڏکڻ طرف عبدالله شاهه جي ڳوٺ ۾ ڍنڍ سان بيهاريندا ها. مائي بيگم جو والد هارون فقير به انهيءَ ڍنڍ تي اچي پتڻ ڪندو هو جنهن جي ڪنڌيءَ تي مٿي هڪ ٿلهو هو، هڪ روايت موجب مائي بيگم فقيرياڻي ان ٿلهي تي اباڻن جي ڪکن ۾ ڄائي هُئي (16).
    مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو ننڍپڻ انهن بتيلن ۽ ٻيڙين تي گذريو. سندس والد هارون فقير، درگاهه حضرت هنباهه جو طالب ۽ راڳي به هُيو. اڪثر پنهنجي ٻيڙيءَ تي يڪتاري تي پنهنجي مرشد داتا فيض درياه ۽ ٻين بزرگن جا ڪلامَ ڳائيندو هو. مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي به راڳ جي ڄڻ سُتي پيل هُئي، پنهنجي پيءُ جا فقيري ڪلامَ ٻُڌي ٻُڌي پاڻ به ٻيڙي جي آڳل ۽ پاڇل تي وڏڙن کان ٻُڌل سهرا، لاڏا، مولود ۽ ڪافيون ڪلام جھُنگاريندي هُئي. سندس وڏا گهڻو مسڪين ماڻهو هُئا، رضا ڳوٺ جي زميندارن کان اُنَ وغيره يا ڏُڌ لسي وٺڻ لاءِ ننڍڙي بيگم کي موڪليندا هُئا ته چوندا هُيس ته امڙ ڳائيندي وڃجانءِ ۽ ڳائيندي اچجانءِ ته جيئن ايندي ويندي سندس آواز اچي ۽ سندس گم ٿيڻ يا ڀُلجي وڃڻ جو ڪو گمان نه ٿئي. ”ننڍڙي بيگم“ پنهنجي بتيلي مان لهي ڳوٺ ۾ سهرا ۽ لاڏا چوندي ويندي هُئي ۽ سيدو سامان وٺي وري ڪونه ڪو لاڏو يا ڪلام ڳائيندي ايندي هُئي، سندس آواز پري کان ئي سندس پيءُ جي ٻيڙي ۽ گهرن تائين ٻُڌڻ ۾ ايندو هو جيڪو ٻُڌي هو مطمئن ٿيندا هئا ته اجھو ننڍڙي اچي ٿي. (17)

    ________
     پير يوسف علي هنباهه ۾ ئي هڪ وڏو بزرگ ۽ ڪرامت جو صاحب ٿي گذّريو آهي. هيءُ بزرگ داتا فيض درياهه کان به اڳ جو هو. سڄي هنباهه جا ماڻهو ۽ خود درگاهه هنباهه جا بزرگ پير يوسف عليءَ سان وڏي عقيدتمندي رکندا هئا نه صرف ايترو بلڪه ان جي مزار تي باسون به ڏيندا هئا. پير يوسف علي جي مزار درگاهه هنباهه جي بلڪل سامهون چڪ ڏانهن ويندڙ رستي تي آهي ۽ اڄ به اُتي ”پير يوسف علي جو مقام“ مشهور آهي. پير يوسف علي ڪيتريون ئي ڪرامتون ڏيکاريون، سندس مزار چوڌاري ڪنڊين جا وڻ بيٺل هوندا هئا جيڪي ڪوئي به پٽي يا ڀڃي نه سگهندو هو هڪ دفعي داتا فيض درياهه جو اُستاد سائين ڏنل شاهه پير يوسف علي جي مزار جي زيارت ڪرڻ آيو ڇا ڏسي جو پير يوسف پاڻ (توڙي جو مماتي ۾ هو) پَٽَ جي رومال سان اتي ڪنڊين جي وڻن کي ڇنڊي رهيو هو ــ داتا فيض درياهه بعد ۾ پير يوسف علي جي مزار واري مقام جو ڪجهه حصو پنهنجن فقيرن جي مقام لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو هو.

    (راوي: عبدالمالڪ بجاراڻي ۽ سيد مهدي شاهه بُخاري)


    شادي ۽ اولاد

    مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي شادي به ننڍڙي عُمر ۾ ئي سندس سڳي سوٽ واحد بخش عرف واڌل ميربحر سان ڪرائي ڇڏي هُين. جنهن بعد هوءَ پنهنجي گهر واري ”واحد بخش“ سان پنهنجي ساهُرن ۾ روهڙي شهر ۾ ”ستين جي آستان“ لڳ ميربحرن جي مياڻيءَ ۾ رهندي هُئي. روهڙي جيڪو پيرن، فقيرن ۽ بزرگن جو شهر هو. مائي بيگم انهن درگاهن ۽ مزارن جي پانڌيئڙي هُئي ۽ هر درگاهه ۽ مزار تي پنهنجي اولاد لاءِ دُعائون گهرندي هُئي، جڏهن ته سندس والد هارون فقير اهڙي آس پوري ٿيڻ لاءِ درگاهه حضرت ”هنباهه“ جا به ڀيرا ڪرائيندو هوس، ڇاڪاڻ ته شاديءَ کانپوءِ مائي بيگم کي اولاد بچي نه پئي جو سندس ٽي ٻار ڄمندي ئي فوت ٿي ويا هُئا. آخر روهڙي شهر جي ئي هڪ مجذوب درويش سائين محمد شاهه مست جيڪو تڏهن حال حيات هو.، تنهنجي اڳيان اولاد ٿيڻ جو عرضُ رکيائين.
    سائين محمد شاهه مست• تن ڏينهن سخت مستيءَ ۾ هو ۽ هڪ ڪمري ۾ زنجيرن سان جڪڙيل هو ۽ صرف ڪمري جي هڪ دريءَ مان کيس ڏسي سگهبو هو.

    • سائين محمد شاهه مست روهڙي شهر جو هڪ مست درويش هو. سندس والد بزرگوار جو نالو سيد هدايت علي شاهه رضوي هُيو. سندس تعلق به رضوي سادات جي انهيءَ گهراڻي سان هو جيڪي سيد محمد مڪي (وفات: 691هه) جي اولاد آهن. سائين محمد شاهه مست سڄي روهڙي شهر ۾ پيو مستيءَ اندر گهمندو هو سڄو شهر سندس درويشيءَ جو قائل هو، سندس جھول ۾ پٿر ۽ ڦوڙ هوندا هئا جيڪي انهن ٻارن ڏانهن اڇلائيندو هو جيڪي کيس

    چيڙائيندا ها البت ڪنهن کي به پٿر لڳندو نه هو. باقي انهن پٿرن سان شهر جي اسٽريٽ لائيٽ طور لڳل فانوس ڀڃي ڇڏيندو هو ــ راقم الحروف کي مرحوم غلام صديق قادري (وفات 2007ع) ۽ پڻ ٻين معتبر ماڻهن ٻُڌايو ته روهڙي شهر ۾ سن 1935ع ۾ جيڪو وڏو طوفان ۽ وڏو ڳڙو پيو هو اُنَ جي پيشنگوئي به سائين محمد شاهه مست ڪئي هُئي ــ گهڻي مستيءَ ۽ جوش ۾ اچڻ ڪري کيس هڪ بند ڪمري ۾ رکيو ويو هو 7 ڊسمبر 1936ع بمطابق 23 رمضان المبارڪ 1355 هه تي وفات ڪري ويو. سندس مزار به هينئر انهيءَ هنڌ تي آهي جنهن ڪمري ۾ پاڻ مستيءَ دوران بند هُيو. مزار تي مٿيون ڪتبو لڳل آهي.

    ڪتبو: بسم الله الرحمٰن الرحيم
    يا الله يا محمد يا علي يا حسن يا حُسين
    لااِله الا الله مُحمد الرسول الله صلي الله عليه وسلم
    رحلت نمود مرحوم مغفور جنت مڪان خلد آشيان
    محمد شاهه ولد هدايت علي شاهه
    بتاريخ 23 ڏينهن اڱارو مهينو رمضان المبارڪ
    جي وفات ڪئي 1355هه
    بهرچاڪ مابش خدا يار تو محمد هميشه نگهدار تو
    خدارا بقا وگراهه چه بيني فنا درفنا

    سائين محمد شاهه مست، مائي بيگم فقيرياڻيءَ ڏانهن دريءَ مان هڪ ڪاغذ اُڇلايو، جنهن تي ٻه گُلَ ڇاپيل هُئا. مائي بيگم فقيرياڻي اها تصويرَ درويش محمد شاهه مست جو نياءُ سمجھي اکين تي رکي.
    مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو والد هارون فقير درگاهه حضرت ”هنباهه“ جو طالب هو، تنهن جو پنهنجن ٻارن ٻچن سميت درگاهه حضرت هنباهه اڪثر اچڻ وڃڻ رهندو هو. اهڙن موقعن تي سندس نياڻي ”مائي بيگم“ به ننڍي هوندي کان ساڻس گڏ هوندي هُئي، اڳتي هلي توڙي جو مائي بيگم جي شادي به ٿي وئي پوءِ به هوءَ پنهنجي والد سان گڏ هنباهه جي درگاهه جي وڏي بزرگ داتا فيض درياهه جي سالياني عُرس تي ضرور ويندي هُئي، جنهن ۾ سندس گهر وارو واحد بخش عرف واڌل ميربحر به ساڻ هوندو هو. اهڙي ئي هڪ سالياني عُرس جي موقعي تي سن 1942ع ۾ مرشدن جي حويلي اندر مائي بيگم فقيرياڻي پنهنجي هڪ فرزند کي جنم ڏنو. گهڻي عرصي کانپوءِ پُٽ ڄمڻ تي مائي بيگم، ان جي گهر واري واحد بخش ۽ والد هارون فقير کي تمام گهڻي خوشي ٿي ته ساڳي وقت درگاهه حضرت هنباهه جي ان وقت جي گادي نشين داتا ولايت شاهه ۽ سمورن فقيرن کي پڻ گهڻي سرهائي ٿي. مائي بيگم جي انهيءَ فرزند جي ڇٺي به حضرت هنباهه ۾ ٿي، درگاهه جي ساداتن اندر حويليءَ ۾ سندس نالو ”عبدالرحمان“ رکيو، پر مائي بيگم ۽ سندس والد هارون فقير مرشدن جي درگاهه تي تولد ٿيڻ سبب پنهنجي هن نينگر جو نالو ”درگاهه ڏنو“ رکيو، جيڪو اڳتي هلي ”درگاهي ميراڻي“ جي نالي سان مشهور ٿيو ــ مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي انهيءَ پُٽ کانپوءِ ٻه نياڻيون به تولد ٿيون پر اُهي ننڍڙي عُمر ۾ ئي وفات ڪري ويون. ان بعد کيس روهڙي شهر ۾ سن 1953ع ۾ هڪ ٻيو فرزند ڄايو ”گل حسن“ جيڪو اڳتي هلي ”گل فقير“ جي نالي سان مشهور ٿيو. اهڙي ريت روهڙي شهر جي درويش محمد شاهه مست جي اشارةً اها پيشنگوئي پوري ٿي جنهن مائي بيگم فقيرياڻيءَ ڏانهن ٻن گُلن واري تصوير اُڇلائي هئي جنهن جو مقصد شايد اهو هو ته کيس ٻه فرزند تولد ٿيندا. مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو والد هارون فقير پنهنجي ڏوهٽي ”درگاهي“ جي ولادت وقت حال حيات هو ۽ درگاهه هنباهه ۾ موجود هو، پر، سُتت ئي سن 1943ع ۾ هارون فقير هنباهه جي درگاهه تي ئي وفات ڪري ويو. داتا ولايت شاهه، پنهنجي بابا داتا بگن شاهه جي هن پياري طالب کي هنباهه ۾ ئي پير يوسف شاهه جي مقام ۾ دفن ڪرايو.


    راڳ جي رمز ۽ فقيري فيض

    مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي صوفياڻي ۽ توحيدي راڳ ويراڳ جي جيڪا رمز ملي ۽ جيڪو فقيري فيض حاصل ٿيو، اُنَ جو خانداني پس منظر ته اسين هن کان اڳ پيش ڪري چُڪا اهيون، پر مائي بيگم فقيرياڻي پنهنجي سموري خاندان ۾ اُها اڪيلي ۽ پهرين شخصيت هئي جيڪا تمام گهڻي نالي ۽ نشان واري ٿي ۽ سندس ئي شخصيت جي حوالي سان هينئر سندس خاندان سُڃاتو وڃي ٿو. ايڏي وڏي مرتبي تي پهچڻ لاءِ ۽ سنڌ جي ادبي، ثقافتي ۽ صوفياڻي فڪر جي تاريخ ۾ پنهنجو منفرد مقام پيدا ڪرڻ لاءِ مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي تمام وڏا ڪشالا ڪرڻا پيا ۽ وڏا ڏک ۽ ڏولاوا به ڏسڻا پيا. هُنَ سنڌ جي اهم درگاهن جون حاضريون ڏنيون ۽ اتان دعائون حاصل ڪيون، برک بزرگن، درويشن، صوفي شاعرن ۽ وڏن راڳين کان فيض ۽ رهنمائي حاصل ڪئي. پر خاص طور تي مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت، فن ۽ فقيريءَ جي حوالي سان جن اهم بزرگ هستين جي دُعا، اثر ۽ فيض شامل رهيو اُهي هي آهن.

    - مائي غلام فاطمه لعل
    - داتا بگن شاهه وڏو
    - ڀٽائي پير سائين شير
    - داتا ولايت شاهه

    اهڙي طرح مائي بيگم فقيرياڻي جي شخصيت سنڌ جي ٻن خاص صوفي درگاهن جي روحاني درسگاهه جي طالب علم ۽ عقيدتمند رهي هڪ درگاهه ڀٽ شاهه ۽ ٻي درگاهه حضرت هنباهه. هن هيٺ اسين تفصيل سان مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي مليل راڳ جي رمز ۽ فقيري فيض جو ذڪر ڪنداسون جنهن ۾ اها ڀلي ڀت خبر پوندي ته مائي بيگم فقيرياڻي مٿي ذڪر ڪيل درگاهن ۽ انهن شخصيتن کان گهڻو متاثر ۽ عقيدت مند هُئي ۽ اڳتي هلي صوفياڻي راڳ، شاعريءَ ۽ فقيري شخصيت ۾ انهن هستين جي دعا ۽ فيض جو مظهر بڻي.

    مائي غلام فاطمه لعل جي پيشنگوئي ۽ دُعا

    مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت هُجي يا سندس خاندان جو ذڪر، ان سلسلي ۾ جنهن شخصيت جو پهريون حوالو ايندو اُها آهي سنڌ جي مانائِتي درويشياڻي، شاعره ۽ راڳي مائي غلام فاطمه موچاڻي، جنهن جو ذڪر هن ڪِتاب جي پهرين باب ”وڏن جو احوال “ ۾ اچي چُڪو آهي. اسان اهو اڳ به ٻُڌائي چُڪا آهيون ته مائي بيگم فقيرياڻي جي ڄمڻ جي پيشنگوئي به مائي غلام فاطمه ڪئي هُئي پر اڳتي هلي خود مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي ويراڳ ۽ شاعري جي سفر ۾ ۽ سندس درويشي ۽ فقيري سڀاءَ ۾ مائي غلام فاطمه لعل جي شخصيت جو وڏو اثر ۽ دعا شامل رهي.
    مائي غلام فاطمه جو تعلق مائي بيگم فقيرياڻي جي خاندان سان ان جي ولادت کان اڳ جُڙي چُڪو هو جو مائي غلام فاطمه کي به ڪا روحاني ۽ حقيقي رمز حاصل ٿيڻي هُئي پوءِ ان جو وسيلو ۽ مرحلو به، انهن ميربحرن (مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي وڏن) جي بتيلن تي طئي ڪرڻو پيو هوس. مائي بيگم فقيرياڻي اڃان ڄايل به نه هُئي جو مائي غلام فاطمه لعل جا ڪلامَ ۽ سندس غمناڪ آواز سندس وڏڙن جي مياڻين ۽ ٻيڙين تائين پهچي چُڪو هو. اهو ڪلام مائي غلام فاطمه جي سنگتياڻي ۽ مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي نانيءَ (مائي بيگم اول) کي ياد هو، اهو ڪلام ان جي وسيلي مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي ماءُ مائي موليڏني وٽ پهتو جا جيڪا ماءُ جي وفات کانپوءِ کيس ياد ڪري مائي غلام فاطمه جا ڪلامَ پئي جھونگاريندي هُئي.
    درد لڳو آ دلبر جو، جيڪي آهي منهنجي جيءَ ۾
    ڪير ڪشالا ڪري، تنهنجي محبت وڌو آ مامري

    مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي ننڍپڻ ۾ئي اهي ڪافيون ذهن نشين ڪرايون ويون جو هُنَ ياد ڪري ورتيون. ٻي طرف مائي غلام فاطمه لعل جي شخصيت جون ڳالهيون ۽ سندس وڏڙن وٽ اُنَ جي اچڻ ۽ سڪ پريت جا قصا به کيس ٻُڌڻ ۾ آيا. نه صرف ايترو مائي بيگم فقيرياڻيءَ سان ننڍي عُمر ۾ ئي مائي غلام فاطمه جي شفقت ۽ دعائون شامل رهيون.
    مائي غلام فاطمه لعل جڏهن سن 1925ع ۾ وفات ڪئي تڏهن مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي عُمر ڏهه سالَ هُئي. جنهن انهيءَ عُمر ۾ نه صرف مائي غلام فاطمه کي ڏٺو بلڪه دُعا پڻ حاصل ڪئي. سندس ماءُ مائي موليڏني ننڍڙي هوندي ئي مائي غلام فاطمه وٽ کيس ڳوٺ ڪٽن (پنو عاقل تعلقي) ۾ وٺي ويندي هُئي ــ مائي غلام فاطمه ننڍڙي ”بيگم“ کي پنهنجي ساڳي سنگتياڻي مائي بيگم اول جي صورت سمجھي ڏاڍي خوش ٿيندي هُئي ۽ چوندي هُئي ”اچي ويو منهنجو محبوبُ بيگم سائين“ . مائي غلام فاطمه لعل، مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي ننڍڙي هوندي ڀر ۾ ويهاريندي هُئي ۽ سندس مٿي تي هٿ گُهمائي پيار ڪندي هُئي ۽ دُعائون ڏيندي هُئي. اهو به چون ٿا ته مائي غلام فاطمه موچاڻي پنهنجي وفات کان اڳ، مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي اوبر پياري وئي هُئي (18).
    اڳتي هلي جڏهن مائي بيگم فقيرياڻي باقاعده راڳ جي ابتدا ڪئي ته اُهو به هڪ عجيب اتفاق چئجي يا مائي غلام فاطمه جي پيشنگوئيءَ جو اثر جو مائي بيگم فقيرياڻيءَ پنهنجي راڳ جي باقاعده پهرين ”بسم الله“ به مائي غلام فاطمه لعل جي ڳوٺ ڪٽن ۾ سندس بيٺڪ واري ٿلهي تان ڪئي، جنهن ٿلهي تي ويهي مائي غلام فاطمه پنهنجي آخري ڏينهن ۾ يڪتاري تي راڳُ ويراڳُ ذريعي توحيد جي پرچار ڪندي هُئي. ان وچ ۾ مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي حياتيءَ ۾ ڪجهه اهڙا ڏک ڏولاوا به آيا، جو ڪجهه عرصو مائي بيگم فقيرياڻي مائي غلام فاطمه جي پوين وٽ ”سانگن“ ۾ به رهي. سانگن ۾ ئي مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي وڏي ڀاءُ محمد هاشم (1972ع ــ 1908ع) جي دوستي، مائي غلام فاطمه لعل جي ٻالڪي ۽ شاگرد ۽ راڳي وريام فقير گاهياڻيءَ  سان ٿي، جيڪا اڳتي هلي ڀائپيءَ ۽ برادريءَ ۾ بدلجي وئي. مائي بيگم فقيرياڻي، جڏهن 1944ع ۾ روهڙي شهر ۾ رهائش پذير ٿي ته مائي غلام فاطمه لعل جا ڏوهٽا ۽ ڏوهٽيون ته اُتي ايندا ها. جڏهن ته وريام فقير گاهياڻي ۽ ان سان مائي غلام فاطمه لعل جا ٻيا شاگرد سهراب فقير، نهال فقير ۽ پيرو فقير به روهڙي اچي مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي مائي غلام فاطمه لعل جا ڪلام يڪتاري تي ڳائي ٻڌائيندا هئا.

    ڀٽائي پير سائين شيرَ جي تلقين ۽ راڳ جي اجازت

    طعنا، تُنڪا ڏين ٿا مونکي ـــ پاڻ ڏني آ شير امانت
    سنڌ جي جنهن بزرگ هستيءَ جي دُعا ۽ ساٿَ مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي صوفياڻي ۽ توحيدي راڳ ويراڳ جي ميدان ۾ بي خوف آڻي بيهاريو اهو بزرگ هيو درگاهه ڀٽ شاهه سان تعلق رکندڙ ۽ سنڌ جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي خاندان جو چشم و چراغ ڀٽائي پير سيد شير محمد عرف سائين شير.
    اُهو سائين شير ئي هُيو جنهن اڀرندڙ صوفي شاعره ۽ راڳي مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي همٿايو، سندس مٽن مائٽن کي سندس راڳ لاءِ راضي ڪيو ۽ مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو درگاهه ڀٽ شاهه سان اهڙو تعلق قائم ڪرايو جو اڳتي هلي مائي بيگم فقيرياڻي سڄي سنڌ ۾ ”لطيف جي فقيرياڻي“ ۽ ”ڀٽائي جي فقيرياڻي“ سڏجڻ لڳي. پاڻ پوري زندگي درگاهه ڀٽ شاهه جي خاص طور تي سائين شير محمد، ان جي فرزند سائين محمد جوڙئي ويندي سائين شير جي پوٽن سائين غلام حيدر ۽ سائين مٺل جي بيحد عقيدت مند رَهي، اهڙي طرح مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو ڀٽائي پيرن جي ٽن پيڙهين سان گهرو تعلق ۽ نيازمندي رهي. خاص ڳالهه ته مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي لطيفي لباس ”ڪارو ويس“ به درگاهه ڀٽ شاهه تان مليو جيڪو هن سموري زندگي پاتو ۽ ٻي رنگ جو لباس تن تي نه پهريو. هينئر انهيءَ جو تفصيل پيش ڪجي ٿو.
    هي انهن ڏينهن جو قصو آهي جڏهن اڃان مائي بيگم فقيرياڻيءَ باقاعده راڳ ويراڳ اختيار نه ڪيو هو، البت مائي غلام فاطمه لعل جي سندس خاندان سان تعلق ۽ ان جي شخصيت ۽ شاعريءَ سندس دماغ تي پنهنجا اثر ڇڏيا هئا، ٻي پاسي سندس والد هارون فقير جو درگاهه حضرت هنباهه جو طالب ۽ صوفي راڳي ٿيڻ ڪري، مائي بيگم فقيرياڻي فقراهي راڳ ۽ صوفيانه شاعريءَ کان واقف ٿي چُڪي هئي جو خود پاڻ به پنهنجي والد هارون فقير سان گڏ ننڍڙي هوندي ڪافين ڪلام جھونگاريندي هُئي جي هُنَ پنهنجي والد هارون فقير کان سکيا هئا. مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي شادي به ننڍي عُمر ۾ ٿي وئي. گهڻي عرصي کان پوءِ هيڏانهن کيس هڪ پُٽ جي ڄمڻ سان هڪ طرف گهڻي خوشي محسوس ٿي ته سُتت ئي سندس هڏ ڏوکي والد هارون فقير جي وفات کيس ڏکويل بڻائي ڇڏيو. انهن ئي ڏينهن جو ذڪر ڪندي سندس فرزند درگاهي ميراڻي لکيو آهي ته ”جڏهن آءٌ ناچيز امڙ بيگم فقيرياڻي کي سڪي سڪي ۽ پِيرن کان پني ڄميو هوس ته اَسُر ويل پنهنجي ٻيڙيءَ جي آڳل تي ويهي نبي ڪريمصه جي ساراهه ۾ مولود آلاپيندي هُئي (19) تن ڏينهن ۾ مائي بيگم فقيرياڻي روهڙي شهر ۾ ستين جي آستان لڳ ميربحرن جي مياڻيءَ ۾ پنهنجي ساهُرن وٽ رهندي هُئي جيئن ته سندس آواز سُٺو هو شروع شروع ۾ پنهنجن مٽن مائٽن جي شادي مُرادين ۾ سهرا ۽ لاڏا چوندي هُئي ــ سندس آواز ايترو ته اثر ڪندڙ هو جو کيس تر جي هر شاديءَ ۽ ٻي خوشيءَ جي موقعي تي سهرن چوڻ لاءِ باقاعده مدعو ڪيو ويندو هو. انهن ڏينهن ۾ روهڙيءَ ۾ سندن مياڻيءَ جي سامهون رهندڙ وڏيرن باغائي ڀُٽن جي ڪنهن شاديءَ جي موقعي تي ڀٽائي پيرُ سائين شير آيل هو جيڪو وڏيرن ڀُٽن جو مُرشد هو هيڏانهن مائي بيگم فقيرياڻي به انهيءَ ڪاڄ ۾ سهرا ۽ لاڏا چوڻ لاءِ ڪوٺايل هُئي. مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو آواز ۽ آلاپ جڏهن ”سائين شير“ ٻڌو ته چيائين ”اها ڇوڪري جيڪا سهرا ٿي چوي ڪٿي آ“. پوءِ مائي بيگم جڏهن سائين شير جي اڳيان آئي ته سائين شير کيس سهرو چوڻ لاءِ چيو: مائي بيگم سائين شير اڳيان جيڪو سهرو چيو اُنَ جا ٻول هي هُئا: ”دل آهي الائي ڪنهن لُٽي آ، پرين رمزن واري راز سان “. (20)
    ڀٽائي پيرُ سائين شيرُ مائي بيگم جي آواز کان ڏاڍو مُتاثر ٿيو ۽ انعام ۾ کيس هڪ روپيو ڏنائين ۽ چيائين ته ”هي روپيو رکي ڇڏ جيتري حياتي اٿئي.“ ڀٽائي پيرَ سائين شير جي همت افزائي ۽ دُعا مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي وڌيڪَ حوصلو عطا ڪيو هينئر سندس آواز روهڙي ۾ ميربحرن ۾ مياڻيءَ مان نڪري آسپاس جي شادين مُرادين ۾ سهرن ۽ لاڏن جي صورت ۾ پهچي چُڪو هو. مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي والد هارون فقير کي ته فقيري ۽ راڳ جي رمز ملي چُڪي هُئي، پر سندس ٻيا مٽ مائٽ خاص طور تي مائي بيگم فقيرياڻيءَ جا ڏير ۽ سؤٽ ۽ سڄو ساهراڻو گهر هڪ طرف اڻ پڙهيل هئا ته ٻي طرف ڏنگا پڻ. جن کي مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي روپَ ۾ سندن خاندان جي ڪنهن عورت جو راڳُ طرف ايڏو رجحان پسند نه آيو ۽ هو مٿس سخت ڪاوڙجي پيا. هي اهو وقت هو جو مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو والد هارون فقير ۽ سڳو چاچو ۽ سهرو گُل ميربحر وفات ڪري چُڪا هئا، باقي سندس پوڙهي ماءُ موليڏني ۽ هڪ ڀاءُ محمد هاشم رضا ڳوٺ ۾ رهندا هئا ــ مائي بيگم پنهنجن مٽن مائٽن جي سخت رويي کان ڏاڍو پريشان ٿي وئي. سندس گهر وارو ”واحد بخش“ هڪ سادو سودو ۽ اٻوجھه شخص هو جيڪو پنهنجن ڀائرن جي اعتراض ۽ ارڏائيءَ اڳيان نه اچي سگهيو ۽ ٻرندڙ باهه ۾ پنهنجي گهر واريءَ جو دفاع نه ڪري سگهيو ۽ بلڪل غير جانبدار ٿي ويو. اهڙي صورتحال ۾ مائي بيگم جي اڪيلي ڀاءُ محمد هاشم سان پڻ پنهنجن سوٽن ۽ مائي بيگم جي ڏيرن جي سخت اڻبڻٽ ٿي پئي. آخر مائي بيگم کي پنهنجي ڏيرن سال کن جي ڄايل پُٽ ”درگاهه ڏني“ سميت سندس پوڙهي ماءُ مائي موليڏني ۽ ڀاءُ محمد هاشم ڏانهن رضا ڳوٺ اُماڻي ڇڏيو (21). محمد هاشم پنهنجي پوڙهي ماءُ موليڏني سان پنهنجي والد هارون فقير جي پُراڻي بتيلي سان بابي مرحوم جي ئي پتڻ کي سنڀاليو پيٽ گذر پئي ڪيو. محمد هاشم جي بابي واري ٻيڙي گهڻي پُراڻي ۽ ڪمزور هئي جنهن سبب هو گهڻي مالَ ۽ ڍور ڍڳن جو پتڻ نه پئي ڪري سگهيو، مٿان سندس ڀيڻ ۽ ننڍڙو ڀاڻيجو وٽس رهڻ لڳا. اهڙن ڏينهن ۾ ڪجهه عرصو هو سانگين ۾ اچي رهيا. آخر مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو گهر وارو واحد بخش به پنهنجي ڀائرن جي رويي کان مايوس ٿي، اُنهن سان تڪرار ڪري پنهنجو ارڪو ترڪو ۽ بتيلو ڇڏي پنهنجي گهر واري ۽ ننڍڙي پُٽ سان اچي سانگين ۾ رهيو. مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو وڏو ڀاءُ محمد هاشم اهڙين حالتن ۾ سخت ذهني دٻاءَ جي ور چڙهي ويو ۽ ڪجهه عرصو ته ذهني مريض به ٿي ويو ۽ چرين جيان ڪهاڙي ڪلهي تي رکي ساري ساري رات درياهه ۾ بيٺو هوندو هو اهڙين ڏکين ۽ مشڪل حالتن مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي پوڙهي ماءُ، مسڪين ڀاءُ، ان جي ٻچن ۽ پنهنجي پُٽ سميت سارو اٽالو سنڀالڻو پيو (22).
    مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي خبر هُئي ته سندس راڳ ويراڳ تي سندس ڏير ۽ ٻيا مٽ مائٽ سخت ڪاوڙيل آهن، اهڙي ئي هڪ سال جڏهن شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي سالياني ميڙي تي ڀٽ شاهه وئي ته اُتي ڀٽائي پير ”سائين شير“ کي حقيقت حال کان آگاهه ڪيائين. سائين شير کي پنهنجي مجبوري ٻڌايائين ۽ کيس پنهنجي ڏيرن ۽ مٽن مائٽن ڏانهن روهڙيءَ ميربحرن جي مياڻيءَ ۾ وٺي آئي، جِتي ڪنهن زماني ۾ سائين شيرَ سندس سهرن ڳائڻ تي روپيو ڏئي ويو هوس. سائين شير روهڙيءَ اچي مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي مٽن مائٽن کي هدايت ڪئي ته ”بابا هي ڪو غلط ڳائڻ ناهي. هي ته فقيري رنگ آهي، ڇڏيوس ته لطيف سائين ۽ ٻين درويشن جي حق سچ جو پيغام گهر گهر پهچائي.“ سائين شير اُتي ئي مائي بيگم جي ڀاءُ محمد هاشم جي ٻانهن وٺي مائي بيگم کي ڏني ۽ چيائين ته ”هن مسڪين ڀاءُ ۽ هن جي ٻچن جي پارت هُجئي.“ سائين شير اُهو به چيس ته ”راڳ جي عزت ۽ پنهنجي شرافت قائم رکجانءِ ــ راڳ ۾ پئسن جي لالچ نه ڪجانءِ، ڪنهن سان به ڳائڻ جا پئسا مقرر نه ڪجانءِ. پنهنجي زندگي فقير ٿي گذارجانءِ.“ (23)
    اهڙي طرح مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي راڳ ويراڳ جي باقاعده اجازت ڀٽائي پير سائين شير جي ساٿَ سان حاصل ٿي جو مائي بيگم جي ڏيرن ۽ مٽن مائٽن ۽ وارثن کڻي ماٺ ڪئي. مائي بيگم فقيرياڻي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ايترو به ٻُڌايو آهي ته سائين شير سندس مائٽن کي اهو به چيو ته ”ابا جيڪو مائي بيگم کي راڳ کان منع ڪندو ان جي قيامت نه ٿيندي.“ (يعني قيامت سُٺي نه ٿيندي) (24).
    مائي بيگم فقيرياڻيءَ به سڄي عُمر صدق دل سان سائين شير جي مٿي بيان ڪيل اصولن، هدايتن ۽ تلقين تي عمل پيرا رهي. اهڙي ئي حوالي سان هڪ انٽرويو ۾ مائي بيگم فقيرياڻي جا اُهي قيمتي لفظ هِتي لکجن ٿا، جنهن ۾ پاڻ چيائون ته ”راڳ لاءِ پرهيز ضروري آهي ڇو ته هي حق سچ جي ٻولي آ. مَلهه هُجي يا راڳي نخري بازي ڪندو ته نه هن جو راڳُ هلندو ۽ نه مَلههَ“. مائي بيگم وڌيڪَ چيو ته ”هي پاڪ ڪَمُ آهي، باقي ماڻهو شينهن خيال هُجي، مونکي ته مرشد لطيف جي هيءَ سُوءَ ڪارو ويس مليل هو تنهن ڪري هر ماڻهوءَ مونکي مائي بيگم يا مائي بيگم فقيرياڻيءَ ڪري پُڪاريو.“ (25)
    مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو درگاهه ڀٽ شاهه سان نهايت گهرو تعلق جُڙي ويو جو سائين شير جي وفات بعد سندس فرزند سائين محمد جوڙيل شاهه سان به ساڻس نهايت عقيدتمندي ۽ نياز مندي رهي، پاڻ سندس حاضريءَ ۾ درگاهه ڀٽ شاهه تي هر سال ڀيرا ڪندي هُئي خاص ڪري شاهه لطيف جي سالياني ميڙي تي ته پورا 15 ڏينهن اچي رهندي هُئي. ڀٽائي پيرن ۾ سائين محمد جوڙيل شاهه جي حويليءَ توڙي اوطاق تي مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي وڏي عزت ۽ احترامَ سان ڏٺو ويندو هو جو سندس رهڻ لاءِ کيس الڳ ”ڪافي ڏني ويندي هُئي جِتي پاڻ پنهنجي ساٿي فنڪارن، مٽن مائٽن ۽ پاڙيسرين سان به اچي رهندي هُئي، اُتي مائي بيگم جي سموري ٽولي ۽ ڀاتين لاءِ سائين محمد جڙئي جي حويليءَ مان ڪشادو ننگر ايندو هو. مائي بيگم فقيرياڻي جي اهڙي عقيدتمنديءَ جو سلسلو سائين محمد جوڙيل شاهه جي فرزندن ۽ سائين شير جي پوٽن سائين غلام حيدر ۽ سائين مٺل جي زندگيءَ ۾ به جاري رهيو. سائين غلام حيدر ۽ سائين مٺل ته مائي بيگم سان ملڻ روهڙي شهر ۾ سندس اوطاق تي به ايندا رهندا هُئا. مائي بيگم فقيرياڻي هڪ سهرو ٺاهيو جنهن ۾ هن سائين محمد جوڙيل جو ذڪر ڪيو آهي.

    آڻي ڏي مساڳ الا، محمد جوڙئي جو جي باغَ جو.

    ڪاري ويسَ جي ڪهاڻي

    سنڌ ۾ ”ڪارو ويس“ جِتي ماتمي لباس طور سڃاتو ويندو آهي اُتي هن ويس کي ”لطيفي ويس“ به چيو ويندو آهي جو شاهه لطيف ۽ درگاهه ڀٽ شاهه سان عقيدتمندي ۽ تعلق رکندر طالب ۽ فقير ”ڪارو ويس“ پائيندا آهن. مائي بيگم فقيرياڻي به سموري زندگي ڪاري ويس ۾ گذاريو ۽ ٻي ڪنهن رنگ جو لباس نه پاتو. ڇو ته پاڻ امامن سڳورن جي وڏي عقيدتمند هُئي ۽ ڪاري ويسَ کي امامن پاڪن جي سُوءَ سمجھي ٻارهن مهينا پائيندي هُئي. ان حوالي سان مائي بيگم فقيرياڻي خود پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ڪاري ويس پائڻ جي اُها ڪهاڻي به ٻُڌائي آهي ته هن ڪارو ويس باقاعده ڪڏهن ۽ ڪينئن پاتو مائي بيگم فقيرياڻيءَ ٻُڌايو ته سائين شيرَ کي ٻه فرزند هُئا. وڏو سائين محمد جوڙيو ۽ ننڍو ولي محمد عرف ولڻ سائين. ولڻ سائين هڪ خوبرو نوجوان هو ۽ وڏو طاقتور پهلوان پڻ، پر افسوس جو سائين شير جو اهو پهلوان نينگر صرف 22 سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويو سو به ان تاريخ تي جنهن تاريخ تي سندس شادي ٿيڻي هُئي. اهڙي دُکدائڪ سانحي تي سائين محمد جوڙئي کي وڏو صدمو رسيو جنهن سندس سُوءِ ۾ ڪارو ويسُ پائي ڇڏيو ته سمورن طالبن ۽ فقيرن به ڪارو ويس پائي ڇڏيو. مائي بيگم وڌيڪَ ٻڌايو هو ته اهڙي ڏکوئيندڙ ۽ سوگوار ماحول اندر حويليءَ ۾ وڃون ته سڀئي سادات سُوءِ ۾ هجن ۽ اسانکي ڄڻ حياءُ ٿي اڇو لٽو پائڻ جو، يا مُساڳ لائڻ جو يا ڦڻي ڏيڻ جو“، مائي بيگم فقيرياڻي اڳتي اهو به ٻڌايو ته سائين محمد جوڙئي پورا 14 سالَ، ولڻ سائينءَ جي سُوءَ ڪئي. پر پاڻَ سڄي عُمر انهيءَ کي امامن سڳورن جي سوءَ سمجھي ڪاري ويسَ ۾ گذاري. هونءَ به مائي بيگم فقيرياڻي سڄي زندگي نه ڳهه ڳٺو پاتو نه ڪا دهري نه ڪا ٻانهين نه ڪا ڪڙي بس اهو ڪارو ويسُ ۽ ڪنٺو ڳچيءَ ۾.“ (26)
    مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي ڀٽ شاهه جي درگاهه توڙي سائين محمد جوڙئي سان بيحد نيازمندي ۽ عقيدتمندي هُئي، تنهن ڪري سائين ولي محمد عرف ولڻ سائين جي جوانيءَ ۾ اوچتو وفات سبب کيس ايترو صدمو رسيو جو مائي بيگم انهيءَ سانحي تي پنهنجو هڪ ڪلام به چيو:
    جُدا ٿيو جاني آ، ولڻ ريءَ ويراني آ
    نه صرف ايترو پر مائي بيگم فقيرياڻي پنهنجن ڪيترن ئي ڪلامن ۾ ولڻ سائين کي ياد ڪندي سندس نالو کڻندي هُئي.

    درگاهه حضرت هنباهه جو فيضُ

    بيگم جا سائين!، ڪر ڪا ڀلائي
    مُرشد منهنجا هوت هنباهي
    مائي غلام فاطمه لعل ۽ ڀٽائي پير سائين شير جي دُعا کانپوءِ، مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي درگاهه حضرت هنباهه تان به گهڻو فيض حاصل ٿيو . نه صرف ايترو پر درگاهه ڀٽ شاهه سان گڏوگڏ درگاهه هنباهه سان به سندس اهڙو تعلق جُڙي ويو جو پاڻ ”لطيف جي فقيرياڻي“ سڏجڻ سان گڏ درگاهه حضرت هنباهه جي اهم فقيرياڻي ۽ ويراڳي طور سڃاپجڻ لڳي. مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي خاندان جو درگاهه هنباهه سان تعلق ته مائي بيگم جي ولادت کان اڳ ئي قائم ٿي چُڪو هو، جو سندس والد هارون فقير درگاهه هنباهه جي بزرگ داتا بگن شاهه اول جو طالب هو ۽ مائي بيگم فقيرياڻي جي ولادت وقت داتا بگن شاهه وڏي ائين به چيو هو ته ”هيءَ نينگري هڪ مرد فقير آهي.“ مائي بيگم فقيرياڻي پنهنجي والد هارون فقير جي وفات کانپوءِ پاڻ به درگاهه هنباهه جي گادي ڌڻي داتا ولايت شاهه جي طالب ٿي اهڙي طرح درگاهه هنباهه سان مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي خاندان جي نه صرف عقيدتمندي جو سلسلو جاري رهيو بلڪه اهڙي گهري تعلق جِتي مائي بيگم فقيرياڻي جي فقيري سلسلي ۽ ويراڳ کي جلا بخشي، اُتي مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي پرسوز آواز جي ذريعي درگاهه هنباهه جي صوفي بزرگ شاعرن داتا فيض درياهه ۽ داتا ولايت شاهه جو رندي ۽ مجازي ڪلام سنڌ جي جھر جھنگ ۾ ڦهلجي ويو.
    مائي بيگم فقيرياڻي ننڍي هوندي کان ئي درگاهه حضرت هنباهه تي ويندڙ هُئي مائي بيگم فقيرياڻي جي جڏهن شادي ٿي ته پوءِ به سندس اچڻ وڃڻ درگاهه هنباهه تي جاري رهيو جو سندس هڪ فرزند درگاهي ميراڻيءَ جو جنم به هنباهه ۾ ئي مرشدن جي حويلي ۾ ٿيو هو. اڳتي هلي سن 45 ــ 1944ع ۾ مائي بيگم فقيرياڻي سانگين کان لڏي روهڙي شهر ۾ اچي رهي ۽ درياهي زندگي ترڪ ڪري پنهنجي پوڙهي ماءُ موليڏني، ڀاءُ محمد هاشم، اڪيلي پُٽ درگاهي ۽ گهر واري واحد بخش سميت مسواڙ تي جاءِ وٺي رهڻ لڳي. هي اهو دور هو جڏهن مائي بيگم فقيرياڻي باقاعده راڳ ويراڳ شروع ڪيو هو ۽ ساڳي ئي سال جئن درگاهه هنباهه تي داتا فيض درياهه جي ميڙي تي وئي ته اُتي گادي نشين داتا ولايت شاهه جي طالب ٿي ــ مائي بيگم فقيرياڻي کي درگاهه ڀٽ شاهه تان حسيني ۽ لطيفي ڪارو ويس ته اڳ ئي مِلي چُڪو هو ”داتا ولايت شاهه کيس گيڙو ويسُ به ڏنو جيڪو چُمي ڪري هُنَ اکين تي رکيو ۽ سيني ۾ سمايو.
    مائي بيگم فقيرياڻي درگاهه هنباهه تي پنهنجي پهرين محفل ئي اهڙي ڪئي جو ماڻهو دنگ رهجي ويا. هينئر داتا فيض درياهه ۽ داتا ولايت شآهه جي ڪلام کي هڪ نئون آواز ملي ويو ــ مائي بيگم فقيرياڻي اهو ڪلام سڄي عُمر وڏي عقيدت ۽ اُڪيرَ سان ڳايو ۽ ان کي سنڌ جي جھر جھنگ ۾ پهچائي ڇڏيو ۽ ان ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو تعلق داتا ولايت شاهه سان اهڙو جُڙي ويو جهڙو ڀڳت ڪنوار رام جو پنهنجي مُرشد سترامداس سان. مائي بيگم فقيرياڻي سچ پچ درگاهه هنباهه جي سڄي عُمر تمام گهڻي عقيدتمند رهي پاڻ ته ٻڌي ٻانهي رهي پر پنهنجي اولاد ۽ پوري عيال سميت درگاهه هنباهه جون حاضريون ڏيندي رهي، داتا ولايت شاهه جو به مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت توڙي راڳ سان وڏو رازُ هو. مائي بيگم فقيرياڻي به داتا ولايت شاهه جي شخصيت توڙي شاعريءَ کان گهڻو مُتاثر هُئي. ٻي پاسي درگاهه هنباهه صوفياڻي راڳ جو به وڏو مرڪَزُ هُو جِتي اٺئي پهرَ راڳُ ويراڳُ هلندو هو ۽ وڏا راڳي ايندا هُئا ــ خود داتا ولايت شاهه پاڻ به راڳَ جو وڏو ڄاڻو ۽ عاشق هو. مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي به راڳ ويراڳ جون رمزون پنهنجي والد هارون فقير کانپوءِ مرشد داتا ولايت شاهه وٽان مليون. هينئر پاڻ شاهه لطيف، مائي غلام فاطمه لعل، داتا فيض درياهه ۽ ٻين صوفي شاعرن سان گڏوگڏ داتا ولايت شاهه جو به گهڻي کان گهڻو ڪلام پنهنجن محفلن ۾ ڳائيندي رهي. نه صرف ايترو بلڪه ڪجهه ڪلامن جون ڌُنون به هُنَ داتا ولايت شاهه کان ٻُڌندي سکي ورتيون، ان لحاظ کان داتا ولايت شاهه مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو مرشد سان گڏوگڏ صوفياڻي راڳ ۾ استاد به هو. مائي بيگم فقيرياڻي جِتي ٻين بزرگن جو ڪلام ڳائي مقبول بڻايو اُتي هن، داتا ولايت شاهه جو ڪلام پڻ سڄي سنڌ ۾ نه صرف مشهور ڪيو بلڪه اُنَ کي ميڊيا تي رڪارڊ پڻ ڪرايو.
    1. حُسن سردار ڪيا سينگار ٿيا گلزار گلزار
    2. حال ٻڌايان ڪنهنکي عشق جي آزار جو
    3. پنهنجي پنهل کي پرچايان
    4. وڃان ٿو يار جي در تي گدا گرٿي کٽي قسمت وغيره.
    داتا ولايت شاهه، مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي تمام گهڻي عزت ۽ شفقت سان ڏسندو هو ۽ مائي بيگم فقيرياڻي کانئس گهڻو فيض حاصل ڪيو. داتا ولايت شاهه سير سفر دوران مائي بيگم جي گهر روهڙيءَ به ايندو هو، جِتي مائي بيگم سندس عقيدت ۽ احترامَ ۾ هر وقت ٻانهون جوڙي رکندي هُئي.
    داتا ولايت شاهه هر سال نائين محرم جي رات ۽ بيدل سائين جي سالياني عرس تي روهڙي ايندو هو ته مائي بيگم فقيرياڻي سندس عقيدت ۾ اُتي موجود رهندي هُئي.
    جڏهن 1971ع ۾ هندستان پاڪستان جي جنگ لڳي هُئي ته روهڙي شهرُ هندستاني جنگي جهازن جي خاص نشاني تي هو جو ريلوي اسٽيشن روهڙي ۽ لئنسڊائون پُل تي روزانو بمباري ٿيندي هُئي، اهڙي صورتحال ۾ روهڙي شهر جا اڪثر شهري لڏي ٻين شهرن هليا ويا هئا، مائي بيگم فقيرياڻي اهڙي صورتحال ۾ پنهنجن ويهن کان به وڌيڪَ گهر ڀاتين ۽ عيال سان درگاهه هنباهه وڃي رهي هُئي. داتا ولايت شاهه سندس سموري عيال کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون. درگاهه جون ڪافيون سندن حوالي ڪري ڇڏيون ۽ پورا پنڌرنهن ڏينهن مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي عيال جي سارَ سنڀالَ لڌي. راقم الحروف به انهيءَ عيال ۾ شامل هو جنهن جي ان وقت عُمر 8 سالَ هُئي.
    داتا ولايت شاهه جي وفات (1982ع) کان پوءِ سندس فرزند ۽ گادي نشين داتا بگن شاهه ثانيءَ جي به مائي بيگم فقيرياڻيءَ تمام گهڻي عقيدت مند ۽ نياز مند رهي، جيئن ته داتا بگن شاهه، سندس مرشد داتا ولايت شاهه جو پيارو ۽ اڪيلو فرزند هو مائي بيگم فقيرياڻي کيس ساڳي صورت سمجھيو نه صرف ايترو بلڪه اڪثر ڪلامن ۾ هو عقيدت وچان داتا بگن شاهه جو نالو به کڻندي هُئي.
    مثال طور جڏهن مائي غلام فاطمه لعل جو ڪلام ”ڪير ڪشالا ڪَري تنهنجي محبت وڌو آ مامري“ ڳائيندي هُئي ته داتا بگن شاهه کي ياد ڪندي ائين به چوندي هئي ته:
    تنهنجي مُحبت وڌو ”بگن“ مامري، نه ته ڪير ڪشالا ڪَري
    مائي بيگم فقيرياڻي پنهنجي شاعريءَ ۾ به ڪافي جاين تي ”درگاهه هنباهه“ سان ۽ خاص ڪري ان جي بزرگن داتا فيض درياهه، داتا ولايت شآهه ۽ داتا بگن شاهه سان تمام گهڻي عقيدت منديءَ جو اظهار ڪيو آهي، سندس هڪ ڪافي ته اهڙي آهي، جنهن ۾ مائي بيگم فقيرياڻي درگاهه هنباهه جي سمورن بزرگن ۽ گادي نشينن جو ذڪر نالو کڻي ڪيو آهي، جيڪا هن طرح آهي:

    تنهنجا مونتي لک لک ٿورا آ هلي سردار
    مُرشد هوت هنباهي

    ٻُڍڙيءَ جا تو ٻيڙا تاريا، ٻُڍڙيءَ ڪئي پُڪار
    آءٌ اوهانجي ساڳي ٻُڍڙي، سيد لهه ڪا سار

    جان محمد جاڳ هنباهي، فيض جا درياهه
    تاج محمد تجلي وارا تار منجان اچي تار

    اتر وارا پيرَ هليا نيليءَ جا هسوارَ
    بگن مون سان ڪر ڪا ڀلائي ڪامِلَ ڪلنگي دارَ

    بيگم جا تون پير هلي آ، جانب جلويدار
    شاهه ولايت شاهنشاهه تون، مرضيءَ جا مختيار

    مطلب ته مائي بيگم فقيرياڻي سموري عُمر درگاهه حضرت هنباهه جي خاص طالب ۽ عقيدت مند رهي جنهن هن درگاهه خاص طور تي داتا ولايت شاهه کان تمام گهڻو فيضُ حاصل ڪيو.

    صوفياڻو راڳُ ۽ ان جو اثرُ

    سنڌي راڳ جو سنڌ جي ثقافت ۽ صوفيانه فڪر ۽ تحريڪ تي وڏو اثر رهيو آهي سنڌ جا صوفي راڳي ۽ صوفي شاعر تصوف جي وحدت الوجودي فڪر جي اثر هيٺ عالمي وحدت، انساني ايڪتا ۽ پيار محبت جو پيغام وڏي واڪي پهچائيندا رهيا آهن ــ سنڌ اندر صوفي شاعرن جو ڪلام ۽ پيغام صوفي راڳين جھر جهنگ پهچائي سنڌ جي عوام کي ذات، پات، رنگ، نسل ۽ مذهبي تفرقي جي قيد مان آزاد ڪري انهن ۾ ايڪي، اتحاد ۽ وحدت قائم رکڻ جي جدوجهد پئي ڪئي اهي. اهڙا اڪثر صوفي راڳي سنڌ جي مختلف صوفيانه فڪر جي يونيورسٽين (صوفي درگاهن) مان نروار ٿيندا رهيا آهن.
    راڳ جي مورچي تي صوفي تحريڪ جي اڳواڻي ڪندڙ مائي بيگم فقيرياڻي سنڌ جي اها نرالي، يگاني ۽ شايد پهرين خاتون هُئي جنهن سنڌ جي صوفي درگاهن جي اثر هيٺ صوفي تحريڪ ۽ صوفيانه راڳ جو عَلَمُ کڻي سماجي رواجن ۽ پابندين کي ٽوڙي سچل سائينءَ جي سِٽ ”ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون مرد ٿي مردانو“ جي مصداق جرئت مندانه قدم کڻي نروار ٿي ۽ پنهنجي فن ۽ شخصيت جو ايترو ته اثر قائم رکيو جو سنڌ جي تاريخ ۾ مرد صوفي راڳين جو حصو هڪ پاسي ته مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو حصو هڪ پاسي آهي.
    صوفي فڪر ۽ صوفي راڳ جي حوالي سان مائي بيگم فقيرياڻيءَ کان اڳ ۾ ٻن ٻين عورتن مائي غلام فاطمه لعل (وفات 1925ع) ۽ رُڪي ٻائي عرف نماڻو فقير (ديهانت 1962ع) جا نالا اچن ٿا، پر صوفياڻي راڳ جي ڦهلاءَ ۽ اثر جي حوالي سان مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو حصو انهن کان ڪجهه قدر گهڻو رهيو آهي. مائي غلام فاطمه لعل جي ته دُعا سان مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي اها ڏات ملي پر مائي غلام فاطمه صوفياڻي راڳ جي مقابلي ۾ صوفيانه شاعريءَ ۾ وڏو نالو ڪمايو ڇاڪاڻ ته مائي غلام فاطمه جي راڳ جو حلقو محدود هو، پاڻ صرف پنهنجي مرشد يا انهن جي خاص مُريدن جي حاضريءَ ۾ ڳائيندي هُئي سو به چون ٿا ته نقاب پائي ــ جڏهن ته مائي بيگم فقيرياڻي زندگيءَ جا پورا 60 سال عوامي ڪلاڪاره جي حيثيت ۾ سنڌ جي جھر جھنگ ۾ سنڌ جي صوفيانه پيغام ۽ آواز کي پهچايو. ٻي پاسي مائي رُڪي ٻائي کي وري پنهنجي مُرشد سخي قبول محمّد درازي مرداڻو نالو ”نماڻو فقير“ ڏنو جنهن پنهنجو تعلق صرف درگاهه درازا تائين محدود رکيو سو به صرف فڪري حد تائين ۽ هُنَ زندگيءَ جا آخري ڏهاڙا به سنڌ کان ٻاهر بڙودا ۾ گذاريا ــ ان حوالي سان ”مائي بيگم فقيرياڻي“ جو حصو ان ڪري به گهڻو ۽ اهم رهيو جو هُنَ عورت جي ئي نالي ۽ روپ ۾ سنڌي راڳ کي ايترو ته زور شور سان ڦهلايو جو هينئر سنڌي راڳ ۽ تصوف جي حوالي سان جيڪڏهن ڪنهن عورت جو ذڪر ڪبو ته يقيناً هڪدم ”مائي بيگم فقيرياڻيءَ“ جو نالو ئي ذهن تي تري ايندو. مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت ۽ صوفيانه راڳ تي جيڪڏهن غورَ سان نظر وجھبي ته ائين سمجهه ۾ ايندو ته هُنَ سنڌي راڳ جي ميدانَ ۾ انهيءَ ئي تحريڪَ کي اڳتي وڌايو جنهن کي شهيد ڪنؤر ڀڳت ڇڏي ويو. هونءَ به مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت ۽ سندس راڳ جي انگ ۽ رنگ کي ڏسبو ته پاڻ ڀڳت ڪنؤر جو ئي ڄڻ ٻيو روپ هُئي. اها ئي فقيري ۽ نماڻائي، اهو ئي ڳائڻ جو سنڌي صوفياڻو ۽ اجتماعي انداز، غريبن ۽ اٻوجھن لاءِ اها ئي سڪ ۽ پريت، اُهائي سخاوت، اهو ئي نياز نوڙت ۽ هٿ جوڙي.
    مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي راڳ ۽ آواز ۾ هڪ فقيري رنگُ ۽ قدرت جي ڪا ڏات شامل هُئي ۽ سندس راڳ حقيقت ۾ توحيد ۽ تصوف جو پرچار هو جنهن ۾ هڪ روحاني رمز ۽ رازُ رکيل هو. مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي صوفيانه راڳ جي ابتدائي سُتي ته پنهنجي والد ”هارون فقير“ کان ملي جنهن بعد ننڍپڻ ۾ ئي مائي غلام فاطمه لعل جي شاعريءَ ۽ شخصيت کان مُتاثر ٿي. سندس والد هارون فقير، درگاهه هنباهه جو طالب ۽ راڳي هو. مائي بيگم فقيرياڻي پاڻ به انهيءَ درگاهه جي گادي نشين داتا ولايت شاهه جي طالب ٿي جيڪو پاڻ به نه صرف برک صوفي شاعر هو پر راڳ جو به وڏو ڄاڻو هو ۽ پاڻ به ڳائيندو هو اهڙي طرح مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي راڳ جي اوسر ۾ درگاهه هنباهه جي صوفيانه مرڪز ۽ داتا ولايت شاهه جي شخصيت جو گهڻو اثر ۽ حصو پڻ شامل ٿيو. ٻي پاسي سن 1944ع ۾ جڏهن پاڻ روهڙي شهر ۾ رهائش پذير ٿي ته وٽس مائي غلام فاطمه لعل جا پوٽا ۽ ٻالڪا خاص طور تي سُليمان فقير، وريام فقير گاهياڻي، پيرو فقير ۽ نهال فقير اچي مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي سنڌُ جي صوفي بزرگن شاهه لطيف، سچل سائين، بيدل، فيض درياهه ۽ مائي غلام فاطمه لعل جون ڪافيون ياد ڪرائيندا رهيا. ٻي پاسي مائي بيگم فقيرياڻي راڳ جي باقاعده آغاز ۾ لاڙڪاڻي جي ڪلاسيڪل راڳي اُستاد جان محمد کان ڪلاسيڪل راڳ جي بنيادي تعليم به حاصل ڪئي، اهڙي طرح فقراهي ۽ صوفيانه راڳ توڙي لوڪ راڳ ۽ راڳڻين ۾ پڻ پاڻ رچي ريٽو ٿي پئي. اهو ئي سبب آهي جو جنهن دور ۾ مائي بيگم فقيرياڻي راڳ جي ابتدا ڪئي ان دور ۾ سنڌ اندر تمام وڏا راڳي جهڙوڪ جيوڻي ٻائي، جاڙو ڀڳت، ماسٽر چندر، الله ڏنو نوناري ۽ مٺو ڪلهوڙو وغيره موجود هئا جن جو وڏو ڌاڪو ڄمايل هو، پر مائي بيگم فقيرياڻي پنهنجي عوامي ۽ فقراهي انداز ۽ اثر ڪري ۽ بُزرگن جي دُعائن سان ايترو اُڀري جو جلد ئي سنڌ جي مقبول صوفيانه راڳين ۾ شُمار ٿيڻ لڳي. پاڻ پنهنجي فقيري شخصيت ۽ پُر اثر آواز سان ايترو اُڀري جو فن جي دنيا ۾ آفتاب بڻجي چمڪي. مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي ويراڳ جي سلسلي ۾ اهڙا زرين اصول مليا جيڪي ورلي ڪنهن فنڪار ۾ لڀندا! جن اُصولن تي پاڻ سڄي عُمر عمل پيرا رَهي.
     جنهن به محفل ۾ کيس دعوت مليل هوندي هُئي ان ۾ واعدي مُطابق ضرور ويندي هُئي ۽ بغير دعوت ڪاٿي به نه ويندي هُئي، اُتي ڏاڍي اُڪيرَ سان ويندي هُئي جِتي کيس وڏي مانَ مرتبي ۽ عزت سان گهرايو ويندو هو.
     مائي بيگم فقيرياڻي هڪ عوامي فنڪاره هُئي ان ڪري سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ غريب ۽ مسڪين ماڻهو کيس آسانيءَ سان دعوت ڏئي گهرائيندا هُئا ان ڪري به ته پاڻ پنهنجي هڪ اصول تحت محفل تي اچڻ جا مقرر پئسا نه ڳالهائيندي هُئي جو چوندي هُئي ته ”مقرر پئسا ڳالهائڻ مرشد جي جھل آهي.“ بس جيڪو منهنجو نصيب هوندو مونکي ملي ويندو.“ اهڙيءَ ريت پاڻ مهيني جون ٽيهئي راتيون دعوتن تي هوندي هُئي جوهر غريب غربو کيس پنهنجن شادين مرادين ۾ گهرائيندو هو، ايتري قدر جو عيد جي ڏهاڙي به پنهنجي گهر ۾ موجود نه هوندي هُئي. کيس صرف محرم مهيني جا ڏهه ڏينهن فرصت ملندي هُئي جيڪي پنهنجي ٻچن سان گذاريندي هُئي ۽ انهن ڏينهن ۾ خير خيراتيون ۽ نذر نياز ڪَندي هُئي.
     دعوت امير جي هُجي يا غريب جي جنهن سان پهريان زبان ٿيل هوندي هُيس اتي ئي ويندي هُئي ۽ ڪنهن کي به دوکو نه ڏيندي هُئي البت جيڪڏهن اوچتو مرشدن يعني ڀٽائي پيرن يا هنباهي بُزرگن جي چوڻ تي ڪنهن ٻي پاسي وڃڻو به پوندو هوس ته اڳ واعدي ڪيل دعوت جي ميزبانن ڏانهن سندس ڳوٺ اڳواٽ اطلاع موڪليندي هُئي ۽ معذرت ڪندي هُئي ته ”ابا مرشدن جو زور پئجي ويو آهي اوهان ٻيو ڪو بندوبست ڪيو، يا مون وٽ اچي ٻي ڪا تاريخ مقرر ڪري وڃو آءٌ مرشدن کي پُٺي نه ٿي ڏئي سگهان“ ۽ اُهي به وري وٽس ٻيهر اچي مائي بيگم فقيرياڻيءَ کان ٻي تاريخ وٺي ٻيهر برادريءَ ۾ سڏ ۽ ڪانڍون ڏيندا هئا، ڪيترا ته اڳواٽ مائي صاحبا کان تاريخ پڇي پوءِ پنهنجي شادي يا خوشيءَ جي پڌري ڪندا هئا. بهرحال پاڻ ڪوشش ڪري وعدي مُطابق مقرر تاريخ تي پهچي ويندي هُئي.
     مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو شروع کان اهو اصول هيو ته جنهن به دعوت تي ويراڳ لاءِ ويندي هُئي ته پنهنجو ”وارث“ ضرور وٺي ويندي هُئي پهريان سڳو ڀاءُ، پوءِ گهر وارو ۽ آخر ڏينهن ۾ پنهنجي ننڍي پُٽ گل حسن عرف گل فقير کي ساڻ کڻندي هئي ۽ پاڻ سان گڏ ڳارائي کيس راڄن ڀاڳن ۾ متعارف ڪرائيندي هُئي. سندس فقيري شخصيت ۽ توحيدي راڳ جو اثر هو جو سنڌ جا ماڻهو کيس پنهنجي گهرن يعني نياڻين ۽ خواتين ۾ به ڳارائڻ سان عار نه ڪندا هئا. سندس ڳائڻ جو انداز ئي اهڙو هو جو محفل ۾ هڪ روحاني ڪيفيت طاري ڪري ڇڏيندي هُئي. محفل جي شروعات ۾ دعا گهري الله سائين، رسول پاڪ صه، پنجتن پاڪ ويندي پنهنجن مرشدن کي سنڀاريندي هُئي پوءِ حاضرين کي هٿ جوڙي چوندي هُئي ”ابا مهرباني ڪري مرشد لطيف ۽ ٻين بُزرگن جو توحيدي ڪلام خاموشِءَ سان ۽ دل جي ڪنن سان ٻڌو.“ (27)
    ڪلامن ۾ توحيدي پچار، الله تعاليٰ ۽ رسولصه جو شانُ، امامن پاڪن جي مدح، قصيدا ۽ مرثيا ۽ پڻ شاهه لطيف جو صوفياڻو ڪلام ۽ ٻين بُزرگن جو عارفاڻو ڪلام وڏي عشق، اُڪير ۽ رندي انداز ۾ ڳائيندي هُئي سندس راڳ سان ٻڌندڙن تي هڪ عجيب ڪيف ۽ مستي ڇانئجي ويندي هُئي ۽ ڪيترائي فقير منش سندس راڳ ۽ آواز تي وجد ۾ اچي ويندا هئا ــ مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي الستي ۽ عارفاڻي آواز جو پڙلاؤ ڪنن تي پوندي ئي پري پري جي ڳوٺن جا ماڻهو ڪوههَ پنڌَ ڪري ۽ وڏي شوقَ سان سندس محفل ۾ پهچي ويندا هئا. پاڻ جڏهن به ڪنهن عُرس يا ميڙي ۾ ايندي هُئي ته سندس مداح وڏا وڏا نعرا هڻي سندس آجيان ڪندا هئا ۽ جيڪڏهن ان وقت ڪنهن ٻي راڳيءَ جي محفل هلندڙ به هوندي هُئي ته هو مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي احترام ۾ پنهنجي محفل بند ڪري مائي صاحبا کي محفل لاءِ عرضُ ڪندو هو. (28)
    مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو راڳُ ڪنهن فقيري رمزَ سان رتل هو، سندس آواز ۾ ڪو عجيب اسرار هو ڪو جادو هو يا ڪو طلسم جو ماڻهو سندس راڳ ٻڌڻ سان موهجي ويندا هئا ۽ سندس راڳ تي مشتاق ۽ مفتون ٿي پوندا هئا. ڪيترائي ماڻهو باوله ٿيا ۽ پنهنجو ذهني توازن به وڃائي ويٺا. سندس راڳ جو اهڙو اثر ٿيو جو ”وزير جيهو“ نالي هڪ ڏنگو ۽ رهزن شخص سندس توحيدي راڳ ٻڌي فقيراڻو جامو پائي زندگيءَ جا باقي ڏينهن فقراهي حال ۾ گذاري ڇڏيا. ”وونچ ملاح“ نالي هڪ شخص کي الائي ڪهڙي رمز لڳي جو مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي راڳ ٻُڌڻ سان پنهنجي هڪ هڪ مينهن درياهه جي ڀر تي بيهاري اُنَ جي مُنڍي ڪهاڙيءَ سان ڪپيندو درياهه ۾ لوڙهيندو ائين چوندو رهيو ته ”وڃ ڙي مينهن مائي بيگم ڏي وڃ“ آخر ان ڳوٺ جا ماڻهو کيس مائي بيگم فقيرياڻيءَ ڏانهن وٺي آيا، مائي صاحبا کيس دُعا ڪئي پوءِ اهو ديوانو داناءُ بڻجي ويو. (29)


    شخصيت َ

    مائي بيگم فقيرياڻي سراپا نياز نوڙت واري سادي سودي فقيرتن شخصيت هُئي، منجھس ڪنهن به قسم جي هَٺُ وڏائي يا پنهنجي راڳ ۽ آواز جي مقبوليت تي بلڪل بانور ڪو نه هو. جيئن پاڻ پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو اٿائين ته: ”اسان پاڻ کي پاڻ نه ڀانيو، اسان پاڻ کي فنڪار نه ڀانيو نه بڻايو صرف ويراڳ ڪمايو، مان هميشه پاڻ کي ٻانهيءَ جو ٻار سڏيو ۽ سمجھيو، جي مان پنهنجو قدر ڪيان ها ته ڪا ٻي شيءِ هُجان ها.“ (30)
    مائي بيگم فقيرياڻي ظاهري توڙي باطني هڪ سچي فقيرياڻي هُئي سندس تن تي ڪارو ماتمي ۽ لطيفي ويس، ڳچيءَ ۾ فقيراڻو ڪنٺو سندس زندگيءَ جا ساٿي رهيا.
    مائي بيگم فقيراڻي هڪ عوامي ويراڳي هُئي ۽ هر محفل ۾ پهچڻ تي ڪنهن به تڪليف جي ڪا شڪايت نه ڪندي هُئي ۽ دل جي خوشيءَ سان سچائيءَسان ٽرين هجي ته ڇا، بس هجي ته ڇا، پيادل وڃڻو پوي يا ڪنهن بيل گاڏيءَ تي يا ٽانگي تي يا وارياسن دڳن ۾ وڃڻو پوي، بهرحال وعدي مُطابق وڃي پهچندي هُئي، نه صرف ايترو سندس زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ توڙي جو آمدرفت جا گهڻا ذريعا هئا ۽ سندس همعصر سڀئي فنڪار ايڊوانس ٽيڪسيءَ جو ڪرايو وٺي ان تي سفر ڪندا هئا، اهڙي دور ۾ به مائي بيگم فقيرياڻي پنهنجي سادگي ۽ فقيري قائم دائم رکي ۽ پنهنجي شهر روهڙيءَ کان پنوعاقل، گهوٽڪي ويندي خيرپور ۽ شڪارپور تائين ٽانگي تي سفر ڪندي هُئي جنهن ڪري کيس ڏينهن رات سفر ڪرڻو پوندو هو ۽ آرام گهٽ ملندو هوس.
    جِتي به ويندي هُئي ميزبانن کان کائڻ لاءِ ڪا به فرمائش نه ڪندي هُئي بلڪه جيڪو به ننگر ۾ ملي وڃي رب جا شڪرانا ڪندي هُئي. محفل لاءِ ڪنهن به اسٽيج، مائيڪ يا سائونڊ جي تقاضا ڪا نه ڪندي هُئي سندس آواز ايترو بُلند، چٽو، مٺو ۽ طاقتور هو جو کيس سائونڊ جي ضرورت ئي نه پوندي هُئي البت جي ڪو ٻڌندڙ پنهنجي شوق لاءِ اهڙو اهتمام ڪندو هو ته ان تي به خوشيءَ ۽ رضا سان ويراڳ ڪندي هُئي. مائي بيگم فقيرياڻي اهڙن ڳوٺن ۽ هنڌن تي به وئي جِتي بجلي نه هوندي هُئي اهڙي هنڌ به پاڻ گولا ۽ لالٽين ٻاري محفل ڪَندي هُئي.
    مائي بيگم فقيرياڻيءَ متعلق سنڌ جو ناميارو راڳي استاد ماسٽر لونگ (جيڪو ڪافي سال ساڻس گڏ رهيو) جو چوڻ آهي ته مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي سڄي سنڌ ۾ هڪ بزرگ جيان عزت هُئي ۽ عام ماڻهو سندس بيحد عقيدتمند هو سڄي رات محفل کانپوءِ آخر ۾ سڀئي ماڻهو کانئس اولاد لاءِ ۽ ڪنهن ٻي مشڪل مسئلي لاءِ دعائون گهرائيندا هئا (31). پاڻ پنهنجي مُرشد شاهه لطيف ۽ داتا فيض درياهه کي سنڀاري سڀني جي خير لاءِ هٿ کڻندي هُئي ــ اهڙي دُعا کان پوءِ جڏهن ماڻهن جون مرادون پُورون ٿينديون هُيون ته وٽس گهر روهڙيءَ سکائون کڻي ايندا هئا ـــ سنڌ جي عام ڳوٺن ۽ ٻهراڙيءَ ۾ دعوت کان پوءِ جڏهن انهن کان موڪلائيندي هُئي ته هو مائي صاحبا کي مٿي تي پوتيون پارائيندا هئا يعني سڀئي ماڻهو کيس پنهنجي امڙ، ڀيڻ ۽ نياڻي تصور ڪَندا هُئا. اهڙي طرح اڄ به سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو احترام ۽ ادب ڪندڙ سندس ڪو نه ڪو ڀاءُ، ڪانه ڪا ڀيڻَ ۽ ڌيءَ موجود آهي، جيڪي کيس ياد ڪري ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهن.
    مائي بيگم فقيرياڻي پئسن جي بلڪل طمع ۽ لالچ نه ڪئي ۽ وڏي سخا واري خاتون هُئي. پنهنجي راڳ دوران مليل انعام يا نذرانو پهريان ته اُتي موجود پيرن، فقيرن، ضرورتمندن ۽ حاجتمندن کي ڏئي ڇڏيندي هُئي باقي گهر جي ڀاتين ۾ ورهائي ڇڏيندي هُئي ۽ چوندي هُئي ته ”جيڪڏهن مون وٽ هڪ روپيو به هوندو ته مونکي ننڊ نه ايندي.“
    مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت سندس ساٿي فنڪارن/سُنگ جي سازندن لاءِ به گهڻي ٻاجهه ۽ شفقت واري هُئي. انهن کي پنهنجو ٻچو ۽ گهر جو ڀاتي سمجھندي هُئي ۽ انهن لاءِ به ڄڻ پاڻ پارس ثابت ٿي جو هو ساڻس گڏ رهڻ سبب سون ٿي پيا. انهن مان جيڪڏهن ڪو ساٿي کيس ڇڏي ويندو هو ته سندس حالت ابتر ٿي ويندي هُئي. آخر گهڻو شرمسار ٿي مائي بيگم فقيرياڻيءَ ڏانهن پنهنجون نياڻيون ميڙ ڪري ايندو هو ته مائي صاحبا کيس ٻيهر پنهنجي ساٿ ۽ سنگ ۾ شامل ڪَري.
    مائي بيگم فقيرياڻي سنڌ جي جھر جهنگ ۾ وڏي مانَ ۽ مرتبي سان ايندي ويندي هُئي. ٻهراڙيءَ جو علائقو هجي يا ڪچي وارو علائقو هر ڪو سندس وڏي عزت ڪندو هو. ڪٿي به ۽ ڪڏهن به رستي ويندي سندس سواريءَ کي ڪو بيجا روڪ ٽوڪ نه ڪندو هو. اگر ڀُلَ ۾ به سندس سواري روڪي ويندي هُئي ته مٿس نظر پوندي ئي ساڻس هٿ جوڙي ڪري ۽ نياز نوڙت ڪري ۽ کانئس دُعا گهرائي کيس رخصت ڪيو ويندو هو.
    مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي هر هنڌ اهڙي ناماچاري ۽، عزت ۽ اثر ڏسي تر جا اڪثر ٻيا راڳي فنڪار ۽ فنڪارائون ٻاهر پاڻ کي مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو پُٽُ يا ڌيءَ سڏائي فخر محسوس ڪندا هئا ۽ مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي پنهنجي امڙ چئي محفل ۾ وڏو مانُ حاصل ڪندا هُئا ــ جھر جھنگ ۾ مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي نالي ڪري مالي، جاني ۽ ٻي ڪنهن خوف خطري کان به محفوظ رهندا هُئا.
    مائي بيگم فقيرياڻي نئين ٽهيءَ جي فنڪارن جي وڏي همت افزائي ڪندي هُئي ۽ کين پنهنجو ٻچو ڪري سمجھندي هُئي، هر محفل ۽ ميڙي ۾ هو به سڀئي سندس احترام ۾ بيٺا هوندا هئا ته پاڻ وڏي فراغدليءَ سان سڀني کي پاڻ کان اڳ ۾ ڳارائيندي هُئي ۽ ائين چوندي هُئي ”ابا دل سان ڳائي پنهنجي محفل پوري ڪيو منهنجو خيال نه ڪيو مان آخر ۾ ڳائيندس جيڪو منهنجو نصيب هوندو اهو مونکي ملي ويندو.“
    مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت پنهنجي همعصر توڙي سينيئر فنڪارن ۽ موسيقارن لاءِ به گهڻي ڪشش جو باعث هُئي هو به سندس شخصيت ۽ آواز کان متاثر هئا ۽ سندس عوامي مقبوليت جا متعرف پڻ. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي برک عوامي فنڪاره مائي جيوڻي به روهڙي ساڻس ملڻ ايندي هُئي، ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي فنڪار ساڻس ملڻ ۽ کيس ڏسڻ روهڙي سندس گهر ۽ اوطاق تي آيا جن ۾ عابده پروين ۽ سندس والد استاد غلام حيدر، مائي ڀاڳي، استاد امانت علي خان، استاد خورشيد علي خان، استاد ارباب خان کوسو، سينگار علي سليم، روبينا حيدري، آسيا بلوچ ۽ ٻيا شامل آهن.
    مائي بيگم فقيرياڻيءَ سان سندس ساٿَ ۾ ڪافي سالَ رهندڙ سنڌ جي نامياري راڳي گلشن علي زنگيجي جو چوڻ آهي ته امڙ بيگم فقيرياڻيءَ کي ڪنهن ڄاتو ڪنهن نه ڄاتو، ڪو سندس فقيري رنگ کان باخبر رهيو ڪو بي خبر. ڪنهن سندس فن جو قدر ڪيو ته ڪنهن نه ڪيو پر پاڻ هميشه سچل سائينءَ جي سٽ ”مان جوئي آهيان سوئي اهيان.“ جي اصول تي سڄي عُمر ڪار بند رَهي ۽ هميشه راضي رَهي.
    مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت انهن خوبين سان گڏوگڏ هڪ خوددار ۽ بيپرواهه به هُئي ۽ سڄي زندگي ڪنهن جي ڪاڻياري نه ٿي نه ڪنهنجي محتاج رَهي. پنهنجي فقيرياڻي طبيعت ۾ سدا مست ۽ مگن رَهي.
    مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت اوڙي پاڙي وارن لاءِ به وڏي متاثر ڪندڙ رهي ۽ کيس سڄي شهر توڙي پاڙي ۾ وڏي عزت ۽ احترامَ سان ڏٺو ويو، سمورا پاڙي وارا کيس ”بُوئا“ يا امان فقيرياڻي ڪري سڏيندا هُئا.
    مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي جتي سڄي سنڌ ۾ مانُ ۽ مرتبو حاصل رَهيو اُتي پنهنجي خاندان ۾ به گهڻي عزت ۽ احترامَ سان ڏٺو ويو. پاڻ عورت ٿي ڪري پنهنجي سموري ڪتنب ۽ عيال جي سربراهه ۽ سرواڻ رَهي ۽ انهن جي ڪِفالت به ڪئي مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت پنهنجي گهرڀاتين ۽ پنهنجي اولاد لاءِ ته وڏي پاٻوهه ۽ ٻاجهه ڀري هُئي. سندس وڏو فرزند ۽ ناميارو شاعر اديب درگاهي ميراڻي لکي ٿو ته: ”امڙ بيگم فقيرياڻي مونکي ڄڻي ڏيهه ڏيکاريو منهنجي پالنا ۽ پرورش ڪئي ۽ تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو. مونکي گهر تڙ وارو ڪيائين، مونکي فن ۽ فڪر جو شناسا ڪيائين، مونکي راڳ ۽ شاعريءَ سان آشنا ڪيائين پاڻ نه صرف پنهنجي پوڙهي ماءُ ــ ڀاءُ، ان جي ٻچن جو اٽالو سنڀاليائين پر مونکي به پنهنجي پيرن تي بيهاري وئي ۽ پنهنجي فقيرياڻي راڳ ذريعي مٽن مائٽن، سڪ وارن، مسڪينن غريب فقير بلڪه هر حاجتمند جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪرڻ کان ڪينَ ڪيٻايائين.درگاهي ميراڻي وڌيڪَ لکيو آهي ته: ”مونکي پنهنجي امڙ تي بجا طور تي ناز ۽ فخر آهي. بيشڪ هوءَ عظيم انسان هُئي. هن راڳ ذريعي توحيد جي پرچار ڪئي ۽ اهو ئي سندس زندگيءَ جو مقصد ۽ اصول هو.“ (32)
    مائي بيگم فقيرياڻي سچ پچ پنهنجي سموري خاندان جي سُڃاڻپ رهي ۽ رهندي. پاڻ سنڌي لوڪ ۽ صوفياڻي راڳ ۽ سنڌي ثقافت جو اهم اُهڃاڻ رهي. پاڻ پنهنجي درويش شخصيت فقيري رنگ ۽ الستي آواز سبب سدا حيات رهندي.

    شاعري

    مائي بيگم فقيرياڻي، صوفي درويشياڻي ۽ ويراڳيءَ سان گڏوگڏ شاعره به هُئي هوءَ پنهنجي خاندان جي شايد پهرين شخصيت هُئي جنهن شاعري به ڪئي البت سندس شاعري ٿوري ٿيل آهي ۽ گهڻي محفوظ به نه رهي سگهي. ڇاڪاڻ ته پاڻ اڻپڙهيل هُئي ۽ محفلن ۾ اوچتو ۽ بيساخته چيل پنهنجي ڪافين ۽ ڪلامن کي لکرائي نه سگهي ـــ کيس پنهنجون ڪجهه ڪافيون ياد رهيون جيڪي سندس فرزند مرحوم درگاهي ميراڻي لکي ورتيون. درگاهي ميراڻي پنهنجي والده ماجده جي ڪافين متعلق لکي ٿو ته: ”مائي بيگم فقيرياڻيءَ جون سنڌي ڪافيون ساديون پر تمام گهڻيون سلوڻيون آهن. سندس ڪافين ۾ دل جي ڪيفيت جو اوچتو اظهار آهي ۽ منجھن شاعريءَ جي ڪا به اجائي سجائي هنرمندي يا بيجا ڏکاءُ بلڪل ڪونهي. سندس ڪافيون فقيري رنگ سان رنگيل ۽ سندس اندر جي پُر خلوص جذبن ۽ سچي سوچ جي عڪاس آهن.“ هو وڌيڪَ لکي ٿو ته: ”مائي بيگم فقيرياڻيءَ جون ڪافيون پاڪ جذبن جهڙوڪ سڪ، قرب پيار ساڻ پُر آهن ۽ پڻ تصوف ۽ توحيد سان ٽمٽار. سندس ڪلامن ۾ پنهنجي مرشد هاديءَ جي تعريف ۽ کيس سڏ ڪرڻ ۽ اوکيءَ ويل ۾ مدد ڪرڻ جي التجا به آهي. سندس ڪافين ۾ سچ ۽ سونهن جي مضمون کي تمام سُهڻي ۽ بااثر طريقي سان نڀايو ويو آهي.
    مائي بيگم فقيرياڻيءَ جون توڙي جو صرف 13 ڪافيون محفوظ ٿي سگهيون آهن پوءِ به انهن ۾ سندس شخصيت، فڪر ۽ فن جي چِٽي پروڙ پوي ٿي. مائي بيگم فقيرياڻي جيئن ته هڪ صوفي درويشاڻي ۽ سنڌ جي اهم وحدت الوجودي صوفي داتا فيض درياهه هنباهي جي درگاهه جي طالب هُئي تنهن ڪري سندس ڪافين ۾ صوفياڻو رنگُ ۽ صوفياڻا موضوع ۽ وحدت الوجود جي فڪر جا اولڙا ملن ٿا بيگم فقيرياڻيءَ جي هن ڪافيءَ ۾ ساڳيو سچل سائين وارو، بيدل سائين وارو ۽ فيض درياهه وارو رنگ ۽ ڳالهه نظر اچي ٿي جنهن ۾ مائي صاحبا وڏي ۽ عظيم صوفي ڪردار حُسين بن منصور حلاج جي ڳالهه ڪئي آهي.

    ڪاٿي هير ڪاٿي رانجھن
    ڪاٿي مُرليون وڄائين ٿو
    سُوليءَ تي منصور چڙهائين
    اناالحق الائين ٿو.
    واهه انصاف آ عشق اوهانجو
    مشتاقن کي مڃائين ٿو

    انهيءَ ڪافي ۾ مائي بيگم فقيرياڻيءَ جِتي سچل سائين جي ڪافي ”ڏسو عشق جو هي انصاف مڙئي مذهب ڪيائين معاف“ کي اڳتي وڌايو آهي ته اُتي هن اڻپڙهيل ۽ مسڪين ميربحرن جي مياڻيءَ مان اڀرندڙ صوفي فقيرياڻي ۽ شاعره پاران برک صوفي سرواڻ منصور جي نعري ”اناالحق“ جي اپٽار ڪرڻ وڏي اهم ڳالهه آهي. اصل ۾ مائي بيگم فقيرياڻي جي شخصيت تي شروع کان سنڌ جي مائنائتي شاعره مائي غلام فاطمه لعل ۽ درگاهه هنباهه جي درويش شاعرن داتا فيض درياهه ۽ داتا ولايت شاهه جو اثر رهيو ۽ اها روش ۽ اِهو خيال کيس انهن وٽان ئي مليو. فني حوالي سان به ڏسو ته مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي انهيءَ ڪافيءَ جي آخري مصرع ۾ هُنَ لفظ طالب جو، مطلوب سان ۽ پنهنجي نالي بيگم جو بيرنگ سان ڏاڍو خوبصورت تڪرار قائم رکيو آهي جنهن سان هڪ طرف شعر جي معنيٰ وڌيڪَ مضبوط ۽ چٽي بيهي ٿي ته ٻي طرف شعر ۾ لفظن جي موسيقيت ۽ اثر به موجود آهي. هن مصرع جي هر سٽ ۾ لفظ ”ڪاٿي“ جو ورجاءُ، خوبصورت آهي.

    ڪاٿي طالب ڪاٿي مطلوب
    ڪاٿي سڪ وڌائين ٿو
    ڪاٿي بيگم ڪاٿي بيرنگ
    ڪاٿي نيهن نچائين ٿو
    واهه انصاف آ عشق اوهانجو
    مشتاقن کي مڃائين ٿو.

    مائي بيگم فقيرياڻي جيئن ته هڪ نماڻي، سليمي ۽ نياز نوڙت واري فقيرياڻي هُئي تنهن ڪري سندس هن ڪافيءَ ۾ به اهڙي ئي انداز جو اظهار ڪيو اٿائين.
    مون جهڙي درويش سان
    ايڏو ماڻو نه ڪجي وو يار

    ايندا ايندا ڪين ڇڏيندا
    مونکي ورتيون نال ويندا
    نڌر نماڻيءَ ساڻ جو نيندا
    جن کي دل ٿي سڏي وو يار

    مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي پنهنجي شروعاتي دور ۾ تمام گهڻا ڏک ۽ ڏولاوا به مليا جن جو ذڪر اسان اڳ به ڪري آيا آهيون ته ڪيئن هُن سائين شير ڀٽائي پير کي دانهن ڏني جنهن سندس مدد ڪئي ــ اهڙو اظهار مائي بيگم جي هن ڪافيءَ ۾ ملي ٿو:
    طعنه تُنڪا ڏين ٿا مونکي
    پاڻ ڏني آ شير امانت

    جيڪي بديون ڏين ٿا مونتي
    تن کي چوان ڇا تن جي نيت

    مائي بيگم فقيرياڻي توڙي جو اڻپڙهيل هُئي، پوءِ به اهو مٿس بزرگن جو باطني فيض هو جو پاڻ پنهنجي ڪافين ۾ ڪٿي ڪٿي قرآني آيتون ۽ عربي صوفيانه قول به استعمال ڪيا اٿائين.

    فاذڪروني اذ ڪُر ڪم
    سر جو سانگو ساهي ڙي سرتيون

    الانسان سري وانا سره
    سِر کي سجدو آهي ڙي سرتيون
    سڀ ڪجهه آهي جهان ۾
    ڇاهي منهنجو ڇاهي ڙي سرتيون

    مائي بيگم فقيرياڻي پنهنجي ڪافين ۾ پنهنجي مرشد داتا ولايت شاهه، داتا بگن شاهه ۽ درگاهه حضرت هنباهه کي به گهڻو ڳايو آهي ۽ انهن سان گهڻي عقيدت منديءَ جو اظهار ڪيو آهي.

    بيگم جا سائين ڪر ڪا ڀلائي
    مرشد منهنجا هوت هنباهي
    پرين ڪر تون پنهنجو طلبگار سمجھي




    بيگم جا تون پير هلي آ جانب جلويدار
    شاهه ولايت شاهنشاهه تون مرضيءَ جا مختيار



    بيگم سان ڪر بگن ڀلائي
    وَڌِڪَ ڏک نه ڏيکار
    آهيان تنهنجي آسري

    مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي دل تي هر وڏي سانحي ۽ واقعي وڏو اثر ڪيو سندس ڪافين ۾ سندس مرشد ڀٽائي پير سائين شير جي نوجوان ۽ ڳڀرو پُٽ سائين ولڻ جي المناڪ وفات ۽ خود بيگم فقيرياڻي جي پنهنجي سڳي ڀاءُ محمد هاشم جي وفات تي مرثئي جيان آهه وزاري بيان ڪيل آهي.
    جُدا ٿيو جاني آ، ولڻ ريءَ ويراني آ


    نيڻن وهايم نير، ڀاءُ فقير
    ڳوليندي وتان توکي ڳوٺ ڳلين ۾


    ڪافي نمبر ـــ ١

    واهه انصاف آ عشق اوهانجو
    مشتاقن کي مڃائين ٿو

    ڪاٿي يوسف ڪاٿي زليخا، ڪاٿي خواب وکائين ٿو
    ڪاٿي ليليٰ ڪاٿي مجنون، ولڙين منجهه ويڙهائين ٿو

    ڪاٿي هير ڪاٿي رانجھن، ڪاٿي مُرليون وڄائين ٿو
    سُوليءَ تي منصور چڙهايئه، انا الحق الائين ٿو

    ڪاٿي مومل ڪاٿي راڻو، ڪاٿي ڪاڪ ڪوٺائين ٿو
    ڪاٿي سُهڻي ڪاٿي ميهر، لهرين منهنجو لوڙهائين ٿو

    ڪاٿي طالب، ڪاٿي مطلوب، ڪاٿي سڪ وڌائين ٿو
    ڪاٿي بيگم ڪاٿي بيرنگ، ڪاٿي نينهن نچائين ٿو


    ڪافي نمبر ـــ ٢

    مون جهڙي درويش سان
    ايڏو ماڻو نه ڪجي وو يار

    آ هلي تون آ هلي تُنهنجي ڳوليان ڳوٺ ڳلي
    تُنهنجي اڳيان مُنهنجي ڪا نه هلي
    مونکي وڃ نه ڇڏي وو يار

    ايندا ايندا ڪين ڇڏيندا، مونکي ورتيون نال ويندا
    نڌر نماڻيءَ سان جو نيندا
    آ ”ولڻ“ منهنجي تڏي وو يار

    دل ٿي ساري توکي سنڀاري، آءٌ بگن تون منهنجي اوتاري
    واڳ ٻانهيءَ ڏي اچ تون واري
    بيگم توکي ٿي سڏي وو يار


    ڪافي نمبر ـــ ٣

    معاف ڪندين مولا مون تان ملامت
    قائم ڪندين منهنجو عشق سلامت

    جيڪي بديون ڏين ٿا مون تي
    تن کي چوان ڇا، تن جي نيت

    طعنا تُنڪا ڏين ٿا مونکي
    پاڻ ڏني آ شير امانت

    دشمن ٿيندا ڪين وٽيندا
    تن تي پيل آ توڙ جي لعنت

    بيگم کي آ پڪ پُنهل ۾
    ڪين ڇڏيندو ڇا ڪندي قيامت !


    ڪافي نمبر ـــ ٤

    سنجھي ته ڪري ويم سعيو
    اڄ مان دردُ پرايو

    مون پئي ڄاتو ڪين ڇڏيندو
    پُنهل هيم ته پرايو
    اڄ مان دردُ پرايو

    مون سان هلو سڀ ميڙ ٿي
    پُنهل منهنجو پرچايو
    اڄ مان دردُ پرايو

    بيگم چئي پرين پاڻهي ايندو
    جڏهن پَيُس ڪو رايو
    اڄ مان دردُ پرايو


    ڪافي نمبر ـــ ٥

    مولا ملائي، دلڙي اُداس آهي

    پنهنجي پُنهل لئه آهيان اُداسي
    ايندو ڪوهيارل ٿيندس راضي

    منهنجي پُنهل جو مَٽُ نه ڪو ثاني
    توڙي گهمان پئي ساري جَهاني

    بيگم سان تون رَههُ اَچي راضي
    بخش خطائون، مرد آن غازي


    ڪافي نمبر ـــ ٦

    مان ڀي ويندس ڪيچ ڏي ڪاهي
    سرتيون منهنجو شهر ڀنڀور ۾ ڇاهي

    پُنهل پرديس هليو ويڙو، پتو مونکي ڪونه ڪو پيڙو
    ڏيرن مون سان ڏاڍ جي ڪيڙو، پُنهل ويم سيجَ تان چائي

    کڻندس پير پُنهل جا ساڳيا، پُڇندي ويندس اُهي ير ڏاگھا
    وڃي وٺندس اُٺن جون واڳان، منهنجو ڀي سِرُ پُنهل سان آهي

    بيگم جي سِڪَ سَچي آهي، لاڳاپا لوڪ جا لاهي
    ويندس ويندس ڪيچَ ڏي ڪاهي، پُنهل ايندس پاڻ پرچائي


    ڪافي نمبر ـــ ٧

    ديد منهنجي دلبر تو ۾ خلق سڄي پئي کلي کلي
    ته به دلبر جو دلبر ملي ملي

    محبت تُنهنجي مست ڪيو آ، حُسن ڪيو حيرانُ
    سِرُ به توتان صدقي ڪيان مان، دل به تُنهنجي بَلي بَلي
    ته به دلبر جو دلبر ملي ملي

    عاشق آ هون ڪندا وتن ٿا، معشوق بيپرواهه
    عاشقن کي عشق سدائين، قيامت تائين پيو هلي هلي
    ته به دلبر جو دلبر ملي ملي

    بيگم کي ڏنو جام الستي جانت تو جوڙي
    عشق اندر ۾ آتش لاتي سُور نه ٻي ڪنهن سلي سلي
    ته به دلبر جو دلبر ملي ملي


    ڪافي نمبر ـــ ٨

    ڏني دل مون توکي وفادار سمجھي
    ڇڏي وڃ نه مونکي گنهگار سمجھي

    هُيئي جا دغائي اڳ ته ٻڌائين ها
    محبت جو ناتو مون سان نه لائين ها
    ڇني وئين تون ناتو نادار سمجھي

    اها حُسن جواني ڪڏهن ڪم نه ايندءِ
    مون وانگي دلڙي کڻي ڪونه ڏيندءِ
    بيزار ٿي وئين بيڪار سمجھي

    بيگم جا سائين ڪر ڪا سڻائي
    مرشد منهنجا هوت هنباهي
    پرين ڪر تون پنهنجو طلبگار سمجھي


    ڪافي نمبر ـــ ٩

    سڀ ڪجهه آهي جهان ۾
    ڇاهي مُنهنجو، ڇاهي ڙي سرتيون

    آيس اڪيلي ويندس اڪيلي
    لاڳاپا سڀ لاهي ڙي سرتيون

    فاذڪروني اذڪُرڪم
    سِرَ جو سانگو ساهي ڙي سرتيون

    الانسان سري وانا سره
    سِرَ کي سجدو آهي ڙي سرتيون

    بيگم جنهن جي آسري
    سو مرشد مُنهن نه مٽائي ڙي سرتيون


    ڪافي نمبر ـــ ١٠

    هادي فيض درياهه
    آهيان تنهنجي آسري

    - ٻيڙو اچي ويو وچ لهرن ۾، تار منجھان اچي تار
    - عيبن ڀري آهيان مان، پِيريءَ ۾ نه پچارِ
    - مرشد اچ محبوب سُبحاني، سُڻ ڪا سيد سار
    - بيگم سان ڪر بگن ڀلائي، وڌڪ ڏُک نه ڏيکار


    ڪافي نمبر ـــ ١١

    تنهنجا مون تي لک لک ٿورا
    آ هلي سردار، مُرشد هوت هنباهي!

    جان محمد جاڳ هنباهي، فيض جا درياهه
    تاج محمد تجلي وارا، تار منجھان اچي تار
    مُرشد هوت هنباهي!

    - اُتر وارا پير هلي آ، نيليءَ جا هسوار
    بگن مون سان ڪر ڪا ڀلائي، ڪامل ڪلنگي دار
    مُرشد هوت هنباهي!

    - ٻُڍڙيءَ جا تو ٻيڙا تاريا، ٻڍڙيءَ ڪئي پوڪار
    آءٌ اوهانجي ساڳي ٻُڍڙي، سيد لهه اچي سار
    مُرشد هوت هنباهي!

    - بيگم جا تون پير هلي آ، جانب جلويدار
    شاهه ولايت شاهنشاهه تون، مرضيءَ جا مختيار
    مُرشد هوت هنباهي!


    ڪافي نمبر ـــ ١٢

    جُدا ٿيو جاني آ،
    ولڻ رِيءَ ويراني آ.

    جھوري جيءُ ويو منهنجو، کڻي ويو جواني آ
    ڀري هن دنيا اندر، ولڻ جو نه ثاني آ
    ڪندو ماڙ بيگم تي، جنهن جي تن نشاني آ


    ڪافي نمبر ـــ ١٣

    نيڻن وهايم نير، ڀاءُ فقير!
    ڳوليندي وتان توکي ڳوٺ ڳلين ۾

    - ڇاکان رُسي وئين دلبر مون کان
    ڪهڙي پيم تقدير، ڀاءُ فقير!
    ڳوليندي وتان توکي ڳوٺ ڳلين ۾

    - جي تون پرچين ميڙ مُجان مان
    اهڙا آڇ نه وير، ڀاءُ فقير!
    ڳوليندي وتان توکي ڳوٺ ڳلين ۾

    - هاشم جهڙو ڪونه ڏسان ٿي
    بيگم جا اچ وير، ڀاءُ فقير!
    ڳوليندي وتان توکي ڳوٺ ڳلين ۾


    آخري ڏهاڙا ۽ وفات

    مائي بيگم فقيرياڻي پنهنجي زندگيءَ جي آخري حصي ۾ وڏا صدما ڏٺا، جو سندس پيارا عزيز قريب ۽ گهر ڀاتي هڪٻئي پٺيان وفات ڪري ويا. سن 1956ع ۾ سندس پياري ڌيءَ، 1969ع ۾ سندس همدرد گهر وارو، 1970ع ۾ سندس پياري والده، 1972ع ۾ سندس مددگار مر‌بّي ڀاءُ، 1975ع ۾ سندس محبوب نُنهن، 1979ع ۾ سندس ننڍو ڀائيٽو، 1980ع ۾ سندس وڏو ڀائيٽو ۽ 1981ع ۾ سندس هڏ ڏوکي ڀاڄائي کانئس هميشه هميشه لاءِ وڇڙي ويا. کيس صدمن تي صدما رسيا، پوءِ به اهڙا بار ۽ ڏک سهندي به همت نه هاري ۽ پنهنجي توحيدي راڳ ويراڳ جاري رکيو جو سندس زندگيءَ جو عين مقصد هُيو. مٿس مرشد جي مهرباني ۽ دُعا چئجي يا قدرت جو معجزو جو عمر رسيده ۽ ڏکايل هجڻ باوجود ۽ صحت ناساز هئڻ باوجود پنهنجي ايماني جذبي، همت، جرئت سبب اڳي کان اڳري رَهي. سندس شروعاتي دور زرين در رهيو ته آخري دور به ڪمال جو. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ته پاڻ اڳ ئي نروار هُئي، پر پنهنجي آخري دور ۾ به ڪجهه اهڙو رنگ کڻي آئي جو شهرن ۾ منعقد ٿيندڙ مختلف تقريبات ۾ به پنهنجي لوڪ ۽ صوفياڻي راڳ سبب منفرد رَهي، سڄي سنڌ ته ڇا پر پوري ملڪ يعني ڪراچي کان اوٻاوڙو، صادق آباد کان اسلام آباد، جيڪب آباد کان دلمراد، ٿر، بر، ڪاڇي ۽ لاڙ تائين سندس الستي آواز ۽ الاپ جي لاٽ ڪنڊ ڪنڊ روشن ڪري ڇڏي ۽ هنڌين ماڳهين سندس مڌر ۽ پُراثر آواز ۽ انداز جو ڪيف ڇانيل رهيو.
    سندس حياتيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ ئي سندس وفات کان صرف پنج مهينا پهريان نومبر 1986ع ۾ اداراه لوڪ ورثه اسلام آباد پاران کيس اسلام آباد گهرايو ويو جِتي سندس آواز ۾ آئڊيو ۽ وڊيو رڪارڊنگ ڪئي وئي. اها رڪارڊنگ سندس حياتيءَ جي آخري رڪارڊنگ هُئي.
    مائي بيگم فقيرياڻي هونءَ ته ڪافي سال بيمار رهندي آئي هُئي جو سدائين دل جي دهڪي (دل تيز هلڻ) جي شڪايت به ڪندي هُئي بعد ۾ سندس صحت گهڻي ڪري پئي ۽ عمر رسيده هئڻ ڪري ڏاڍي ڪمزور ۽ ضعيف ٿي پئي. اهڙي، حالت ۾ به پنهنجي مرشد داتا ولايت شاهه جي سالياني ميڙي تي درگاهه حضرت هنباهه وئي، مرشدن جي مزارن جي زيارت ڪيائين، اندر حويليءَ ۾ پاڪ بيبن کان ۽ داتا بگن شاهه ثاني کان روئي موڪلايائين ۽ درگاهه تي سمورن فقراء کي چوڻ لڳي ”الائي دم حياتي ڇاهي وري ملڻ ٿئي الائي نه!؟“
    مائي بيگم فقيراڻي پنهنجي وفات کان صرف ست ڏينهن اڳ پنهنجي وڏي فرزند درگاهي ميراڻيءَ ننڍي فرزند گل حسن عرف گل فقير، گهر جي ٻين ڀاتين ۽ ڪن ويجھن مٽن مائٽن کي پاڻ وٽ گُهرايو ۽ سڀني کي ڀاڪر پائي روئي موڪلائڻ لڳي ۽ ننڍڙن پوٽن کي پيار ۽ دعائون ڪندي رهي ۽ سڀني کي چوندي رهي ”ابا هاڻ تياري آ“ وڏي فرزند درگاهي ميراڻيءَ کي پنهنجي ننڍي پُٽ گل حسن لاءِ پارت ڪيائين، ۽ چيائين ”ابا هي تنهنجو ننڍو ڀاءُ آهي، سندس بابو ٿِجانءِ، ٻئي ڀائر ايڪي اتحاد ۽ ميٺ محبت ۾ رهجو“ ۽ ننڍي پُٽ گل حسن کي چيائين ”ابا، هيءُ تنهنجو وڏو ڀاءُ تنهنجو بابو آهي، سندس صلاح صلح سان رهجانءِ، سندس ادب ۽ چوڻ ۾ رهجانءِ. پوءِ وري ٻنهي پُٽن کي چوڻ لڳي ”ابا، ابو امڙ ڪنهن سان نبيههُ ناهي. منهنجي وڃڻ کان پوءِ دلگير نه ٿجو، منهنجون دعائون اوهان ٻچڙن سان هميشه شامل رهنديون جيڪي اڄ مونکي لک به هُجن ها ته اوهان ٻچن کي ڏئي وڃان ها!“. پنهنجي امڙ جا اهي لفظ ٻُڌي سڀئي روئي پيا هئا ۽ کيس چيائون ”امان! اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿي ڪرين، تنهنجون دعائون اسان لاءِ لکن ڪروڙن کان وڌيڪَ آهن، توهان اسان لاءِ سڀ ڪجهه ته ڪيو آهي اسان کي ته اوهان ڪيچَ ڪري ڏنا آهن.“ پوءِ مائي بيگم فقيرياڻي کين چيو ته ”مونکي منهنجا سڪ وارا ڀائر، ڀينر، پُٽ ۽ ڌيئر گهرائي ڏيو ته هيڪر انهن کي به ڏسي وڃان“ هنن کيس ”ها، امان حاضر“ چيو. پر قدرت الله جي جن کي مائي بيگم سنڀاريو پئي اُهي انهيءَ ئي ويل پنهنجو پاڻ وٽس پهچي ويا ۽ اچي اها ڳالهه ٻُڌايائون ته ”کين امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي ههڙي حال جي ته ڪا خبر ئي نه هُئي، اسان کي ته قدرتي طور تي ڇڪ ٿي ته جيڪر امڙ وٽان ٿي اچؤن ۽ تيستائين ويهڻ نه پي آيو جيستائين هت آيا آهيون (33).
    مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي زبان تي هينئر ڪلمو پاڪ ۽ نبي ڪريمصه تي درود جاري رهيو، ساڳي ڏينهن تي ڪراچي ٽي وي جو پروڊيوسر محترم بيدل مسرور ٽپال رستي مائي بيگم فقيرياڻيءَ جون ڪڍيل تصويرون ڏياري موڪليون. اهي تصويرون به کيس ڏيکاريون ويون. ٻي ڏينهن تي راقم الحروف (سندس وڏو پوٽو) سکر کان سندس آواز جي اها ڪئسٽ وٺي آيو جيڪا لوڪ ورثه اسلام آباد پاران 1986ع ۾ سندس وفات کان پنج مهينا اڳ رڪارڊ ڪئي وئي هئي. مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي ٽيپ رڪارڊ تي اها ڪئسٽ به ٻُڌائي وَئي.
    هوڏانهن سندس چالاڻي واري ڪيفيت ۽ هيڏانهن سندس آواز ۾ هلندڙ ڪلام اهڙو سوڳوار ماحول بڻائي ڇڏيو جو گهر جا سڀئي ڀاتي روئي رهيا هئا اهڙي ماحول ۽ ڪيفيت کي ڏسي راقم الحروف اُٿي وڃي ڪئسٽ بند ڪئي. انهي وقت مائي بيگم فقيرياڻي چيو: ته ”مونکي مرشد ولايت شاهه جو ڏنل گيڙو ويس اوڙهيو، ڇاڪاڻ ته منهنجا مالڪ اچي ويا آهن“ کيس مرشد جو ڏنل ويس سيني تي اوڙاهيو ويو هينئر مٿس هڪ عجيب گهري ۽ پُرسڪون ننڊ غالب رهي، تنهن هوندي به ڪڏهن ڪڏهن هڪ مرداڻي ۽ بردبار نموني ”کنگهر“ پئي ڪيائين، گويا ائين چئي رهي هُجي ته آءٌ ننڊ ۾ الوٽ ۽ غافل ناهيان، بلڪه هوشيار آهيان. اهڙي ڪيفيت ۾ جڏهن سندس فرزند درگاهي ميراڻي سندس پيشاني چُمي ڳوڙها ڳاڙهي ”امان!“ چيو ته کيس نهاري چيائين ”ابا الله جي اَمانَ“ ۽ انهن آخري لفظن سان تاريخ 13 اپريل 1987ع مطابق 13 شعبان 1407هه تي سنڌ جي هڪ امر درويشياڻي لطيف جي فقيرياڻي ۽ درگاهه هنباهه جي صوفي ويراڳي ۽ شاعره جي روح جو پکيئڙو اُڏامي ويو ۽ مالڪ حقيقي سان وڃي مليو ۽ ويندي ويندي به هڪ عجب فقيري ۽ رندي رنگ ڏيکاريندو ويو.
    ٻي ڏينهن 14 اپريل 1987ع تي ميمڻ محلو روهڙيءَ ۾ سندس تدفين ٿي جنهن ۾ روهڙي ۽ ٻاهران آيل ڪيترن ئي سندس مداحن، عقيدتمندن، شاعرن، اديبن، فنڪارن، ثقافت ۽ صحافت جي شعبن سان لاڳاپيل شخصيتن ۽ شهر واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. سندس وفات جي بروقت خبر ريڊيو اسلام آباد، ۽ ريڊيو خيرپور تان نشر ڪئي وئي ۽ خصوصي پروگرام نشر ڪيا ويا، ٻي ڏينهن اهم اخبارن ۾ سندس وفات جي خبر شايع ڪئي وئي.

    ــــ مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي مزارَ تي هر سال 14 شعبان (15 جي راتِ) شبِ برات تي ساليانو عرس مُلهايو ويندو آهي.


    جُھُريا ڪيئي جِيءَ

    (مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي وفاتِ تي تاثرات )

    نوشاد علي جعفري
    امان بيگم جي اوچتو ارتحال تي ڏاڍو رنج رسيو. اکين اڪثر سندن تن تي ڪارا ڪپڙا ڏٺا ۽ ڪنن سچين زبانن کان ٻڌو ته شاهه سائين جا بيت آخري دَمَ تائين سندن دَهَنَ تي هُئا. کين اڪثر نياز، نئڙت ۽ نهٺائي جي انداز ۾ ڏٺم. افسوس! اهڙي سٻاجھڙي ساهه کي به موت مهلت نه ڏني.

    اطهر موساڻي
    آهه! روهڙي جي تاريخي شهر مان تاريخي هستيءَ جو لاڏاڻو

    جاني پيرزادو
    خوشبوءِ جڏهن پنهنجو پاند گل مان ڇڏائي فضا جي وسعتن ۾ ڦهلجندي آهي، تڏهن سڄي ماحول کي معطر ڪندي آهي. امان بيگم جو آواز به انهيءَ خوشبوءِ وانگر هيو جيڪو هوائن ۾ ڦهلجندي ڦهلجندي هوائن ۾ گم ٿي ويو.

    غلام علي سنديلو
    امان بيگم زندهه آهي ۽ زندهه رهندي ۽ فنڪار هميشه زندهه رهندو آهي ۽ هي ته هڪ اهڙي ڪلاڪاره هئي جا سنڌي عوام جي دل ۽ دماغ تي ڇانيل هُئي.


    ايازگل
    هڪ فنڪار جو مرتيو، هڪ جسم جو مَرتيو ناهي هوندو، پوري زندگيءَ جو مرتيو هوندو آهي. مائي بيگم صاحبه اسان جي خوبصورت لوڪ فنڪاره پنهنجي فن جي حوالي سان سدائين جيئري رهندي اسان سان گڏ رهندي.

    سرور سيف
    جڏهن اوچتو مائي بيگم جي وفات جي خبر ٻڌم ته ڏاڍو صدمو پهتو. سنڌ جا لوڪ فنڪار هڪ هڪ ٿي اسان کان موڪلائيندا ٿا وڃن ۽ اسان صرف دعائن گهرڻ ۾ مشغول آهيون. ههڙي عظيم لوڪ فنڪاره، جنهن جي فن ۽ آلاپ جو سنڌ جو پورهيت عوام شيدائي هو. ان جي ڪنهن سارَ به نه لڌي؟ اهي اهڙا سوال آهن جيڪي اسان کي ڌونڌاڙڻ ۽ جنجھورڻ لاءِ شايد ناڪافي آهن.

    مختيار ملڪ
    دک ۽ دردن سان ڀريل گونج، جنهن جا پڙاڏا اڄ به آٿت بڻجي دليون گهائن پيا ـــ شالَ آوازن جي سونهن هن ڌرتيءَ تي ڦهليل هُجي.

    رياض حسين شاهه
    مائي بيگم فقيرياڻي روهڙيءَ جي سُڃاڻ هُئي، جنهن جي وفات سان روهڙي ڇوري ڇني ٿي پئي آهي.

    زوار نور علي شاهه
    محترمه مائي بيگم فقيرياڻي جي انتقال سان سنڌ مان عموماً ۽ هن خطي مان خصوصاً لوڪ موسيقيءَ جو هڪ باب اختتام پذير ٿي ويو ــ مرحومه پنهنجي ذات ۾ بي حد ملنسار هر دلعزيز ۽ محترمه هُئي، جنهن سان هن علائقي ۾ لوڪ موسيقي، علم، ادب جو ڏيئو روشن هُيو.

    عبدالرزاق جمالي
    محترمه بيگم فقيرياڻي لوڪ موسيقي ۾ ڪرنگهي جي حيثيت رکندي هئي. سندس وڇوڙي سان سنڌي لوڪ موسيقي جي دنيا کي وڏو نقصان رسيو آهي.

    امداد علي شاهه
    بظاهر موت ڪيترو نه عام واقعو آهي، پر ڪن انسانن جو موت قطعي به عام نٿو لڳي ــ اهڙن ئي انسانن مان مائي صاحبه جن هيون ـــ پاڻ پنهنجي شخصيت ۾ هڪ اهم ادارو هيون.


    ماسٽر لونگ
    مائي بيگم سان گڏ رهندي اسان کي ائين محسوس ٿيندو هيو ته ڄڻ اسان سان ڪو بزرگ ساڻ آهي ــ سنڌ جي عوام جي ساڻس عقيدت جي حد ڪانه هُئي ــ موڪلائڻ وقت مائي صاحبه کي ماڻهو پوتيون پهرائيندا هُئا، دعائون گهرائيندا هُئا ۽ سڳا ڪرائيندا هُئا.

    نثار بلوچ
    سائنس جيئن، اڄ لکين ميل دور خلا ۾ روشن ستارن کي ڏسڻ لاءِ دوربينون ايجاد ڪيون آهن ــ تيئن جيڪر انسان اهڙيون ذهني خوردبينيون ايجاد ڪري هن ڌرتي تي چمڪي اجھامي ويندر اهڙن انسانن جهڙوڪ بيگم فقيرياڻي کي به ڳولي لهن.

    هادي ڀٽ
    محترمه بيگم فقيرياڻي جو آواز مون تڏهن کان پئي ٻڌو جڏهن مونکي لفظ ”موسيقي“ جو به پتو ڪونه هو ــ مائي بيگم جو لاڏاڻو سنڌ جي لوڪ ورثي جو وڏو نقصان ڀانيان ٿو.

    رحيم بخش مهر
    مائي بيگم فقيرياڻي اها عظيم عورت هئي جنهن سنڌ جي صوفين جي اسرارن ۽ رمزن کي سنڌ جي جھر جھنگ ۾ وڃي ڪلام جي آسان صورت ۾ عوام تائين پهچايو.

    ارڏو اُترادي
    جن ادب کي سيني سانڍيو، تن قوم کي زندهه رکيو، ۽ اهڙا ماڻهو دنيا ۾ هميشه زندهه رهيا آهن. انهن ۾ مائي بيگم به سرفهرست آهي.

    ننڍو جلال جوڳي
    مائي بيگم فقيرياڻي سنڌ جي سرتاج فنڪاره ٿي رهي جيڪا اسان سڀني فنڪارن جو تاج هُئي اسان سڀني کي مٿس فخر آهي.

    برڪت علي ڀٽ
    امان بيگم فقيرياڻي جي وفات تي ايترو صدمو رسيو آهي جو چئي نه ٿو سگهجي. اهڙا فنڪار ڪڏهن به مرندا ناهن ۽ سدا جيئرا رهندا اهن.

    غلام رضا شاهه بُخاري

    تاريخي شهر روهڙيءَ مان هڪ تاريخي هستيءَ جو لاڏاڻو ـــ هِڪُ وڏو سانحو آهي.

    برڪت علي آزاد
    محترمه مائي صاحبه جن جي رحلت جو احوال مونکي عزيزم اختر درگاهي صاحب جي اسڪول ۾ معلوم ٿيو ــ هن جهان فاني مان آخر هر ڪنهن کي هڪ ڏينهن لاڏاڻو ڪرڻو آهي.

    شبير بيدار ڀُٽو
    امڙ بيگم فقيرياڻي جي وفات تي هڪ حساس ترين انسان تي ٿيندڙ ڏک جي اثرن کان وڌيڪَ اثر مون تي ٿيو آهي.

    زبير احمد دايو
    اسان جي سنڌ ڌرتيءَ جي فن جي هڪ ماءُ اسان کان جُدا ٿي وئي آهي.

    رياض شاهد
    امڙ بيگم فقيرياڻي اها هستي هئي جنهن پنهنجي آواز ذريعي سنڌي لوڪ سنگيت کي هڪ موڙ ڏنو ــ جنهن جي صدين تائين ڪائنات ۾ پڙاڏو رهندو.

    غلام رسول ڪلهوڙو
    هر سچي فنڪار جو لاڏاڻو ان دؤر جي فن جو لاڏاڻو هوندو آهي. مائي صاحبا سنڌي گائڪيءَ جي هڪ تاريخ هُئي. اُنَ جي اوچتي فوتيءَ سبب جيڪو خالُ پيدا ٿيو آهي، سو آسانيءَ سان ڀرجڻ جو نه آهي.


    شوڪت خواجائي

    مائي بيگم فقيرياڻي جنهن نموني فن جي خدمت ڪئي سا سنڌي راڳ جي تاريخ ۾ منفرد مقام رکي ٿي.

    نعيم شيخ
    فن جي دنيا مان هڪ ڏيئو بظاهر گُم ٿي ويو پر سندس فن (آواز) سدائين جيئرو رهندو.


    بيگم فقيرياڻيءَ جو ويڙهو

    مائي بيگم فقيرياڻي پوري زندگي وڏي جدوجهد ۽ محنت ڪئي، شروع کان ئي وڏا ڪشالا ڪڍيا، ڏک ڏولاوا ڏٺا، پر پاڻ هڪ مرد ۽ فقير جيان توڪل تي قائم رهي ۽ هر موڙ تي ثابت قدم رهي ــ سندس درويش صفت شخصيت کان جِتي سنڌ واسي متاثر هُئا اُتي هن جو پنهنجي سموري ڪٽنب ۽ خاندان ۾ به تمام مٿانهون مقام هو.
    مائي بيگم فقيرياڻي هڪ وڏي عيال ۽ ويڙهي جي سربراهه هُئي، جنهن ويڙهي ۾ رهندڙ سندس ڀاءُ، ڀائيٽيا، پُٽ، پوٽا ۽ پڻ ٻيا گهرڀاتي شامل هُئا، جنهن ۾ پاڻ ڪنهن جي ڀيڻ، ڪنهن جي امڙ ، ڪنهن جي بوئا ته ڪنهن جي ڏاڏي هُئي. مائي بيگم فقيرياڻي جو اهو سمورو ويڙهو ماشاءَ الله ستن گهرن ۽ اٽڪل 30 ڀاتين تي مشتمل هو، جن جي ڪِفالت به سندس ذمي هُئي ۽ اها ذميواري مائي بيگم فقيرياڻي نهايت خوش اسلوبي ۽ وڏي سخا ۽ فراغ دليءَ سان نڀائي. نه صرف ايترو پر انهن جون شاديون مراديون، ڇٺيون، طُهر، باسون، عيدون، براتون به مائي بيگم پاڻ پنهنجي سر کنيون سو به وڏي خوشيءَ ۽ پاٻوهه منجھان.
    هن هيٺ اسين مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي انهيءَ ويڙهي جي اهم شخصيتن ۽ گهرڀاتين جو ذڪر ڪنداسون، جيڪي پنهنجي جاءِ تي پاڻ به اهم ماڻهو هُئا ــ انهن سڀني شخصيتن تي مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت جو تمام وڏو اثر پڻ هُيو ۽ اُهي سمورا ڀاتي پنهنجن سمورن ٻارن ٻچن سميت سموري زندگي مائي بيگم فقيرياڻيءَ سان گڏ سندس ڇانوَ ۽ شفقت هيٺ رهيا.


    محمد هاشم ميربحر

    مرحوم محمد هاشم، هارون فقير جو فرزند ۽ مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو وڏو ڀاءُ هُيو. اٽڪل 1908ع ۾ رضا ڳوٺ (تعلقو پنو عاقل) ۾ ڄايو. محمد هاشم پنهنجي ڀيڻ مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو وڏو ساٿُ ڏنو ۽ سندس ڏکين ڏينهن ۾ ساڻس ٻانهن ٻيلي ٿي رهيو ــ محمد هاشم پڙهيل نه هو ۽ شروع ۾ پنهنجي والد ”هارون فقير“ جي بتيلي کي سنڀالي ”پاتڻي“ بڻيو ــ بعد ۾ درياهي زندگي ڇڏي پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀاڻيجن ۽ پنهنجي پُٽن سان گڏ روهڙي شهر ۾ رهيو. محمد هاشم جي شخصيت ڏاڍي پُر ڪشش هُئي. لٽي ڪپڙي جو شوقين ۽ گهڻو منفرد ماڻهو هو. اڪثر لُنگي ۽ بوسڪيءَ جو پٽڪو ٻڌندو هو. ڀرت ڀريل پهراڻ سو به پاسي واري ڳچيءَ سان کيس ڏاڍو ٺهندو هو. سياري جو سهڻو ڪوٽ پائيندو هو. پوشاڪ ۽ شخصيت ۾ هو سڀني جي توجهه جو مرڪز هوندو هو. محمد هاشم جي پهرين شادي پنهنجي سڳي سؤٽ مسمات جنت ڌيءَ گُل مير بحر اول سان ٿي جيڪا جلد وفات ڪري وئي، محمد هاشم کي پهرين گهر واريءَ مان ٽي ٻار ٿيا پر اُهي صغير سن فوت ٿي ويا، جنهن بعد سندس ٻي شادي ميربحرن جي عيساڻي پاڙي جي پنجل ميربحر جي ڌيءَ مسمات مريم سان ٿي جنهن مان کيس ٻن پُٽن ۽ ٻن ڌيئرن جي اولاد ٿي. سندس وڏي پٽ جو نالو محبوب علي ۽ ننڍي پُٽ جو نالو شوڪت علي هو، جڏهن ته ناميارو شاعر درگاهي ميراڻي سندس ڀاڻيجو ۽ نياڻو پڻ هو، ان حوالي سان محمد هاشم راقم الحروف جو نانو هو.
    مرحوم محمد هاشم نامياري شاعره ۽ درويشياڻي مائي غلام فاطمه لعل جي ٻالڪي ۽ شاگرد وريام فقير گاهياڻي جو دوست هو ۽ انهيءَ ناتي وريام فقير ساڻس ملڻ ۽ ڪچهريون ڪرڻ روهڙي به ايندو هو. محمد هاشم جوانيءَ وارن ڏينهن ۾ سُٺو نشاني باز ۽ توبچي به هو. انهيءَ شوقَ ۾ هُنَ 1948ع ۾ روهڙيءَ جي ان وقت جي سِول جج کان پنجاهه روپين ۾ برطانيه ڪمپني جي دونالي بريمگام بندوق به ورتي هُئي جيڪا اڪثر پاڻ سان کڻي گهمندو هو، جڏهن اوطاق ۾ ويهندو هو، پلٿي ماري بندوق کي هنج ۾ رکي هٿ سان پڪڙي ويهندو هو، ۽ وڏي ڦرتيءَ ۽ خبرداريءَ سان گفتگو ڪندو هو. محمد هاشم جو روهڙي شهر جي معزز ماڻهن سان به سٺا تعلقات هئا انهن ۾ وري سيد قطب علي شاهه جيلاني سندس گهاٽو يارُ هو.
    مرحوم محمد هاشم وڏو مدبر ماڻهو هو ۽ پنهنجي خاندان ۽ ميربحرن جي اڪثر پاڙن جو چڱو مڙس به هو ۽ انهن جي برادرين جا فيصلا به پاڻَ ڪندو هو. سڀ ميربحر سندس فيصلي کي مانُ ڏيندا هئا، اهڙي طرح هر مٽ مائٽ وٽس ئي دانهين ٿي ايندو هو.
    مرحوم محمد هاشم وڏو بهادر هيو. 1971ع ۾ پاڪ ڀارت جنگ ۾ جڏهن روهڙي شهر جا سڀئي ماڻهو لڏي ويا ته مائي بيگم فقيرياڻي به پنهنجا سڀئي گھر ڀاتي مرشد داتا ولايت شاهه ڏانهن درگاهه حضرت هنباهه وٺي وئي هئي. پر محمد هاشم اهڙي وقت به پنهنجو گھر ۽ شهر نه ڇڏيو ۽ جنگ جا پورا 15 ڏينهن گھر جي سار سنڀال لهندو رهيو. اتفاق سان جڏهن روهڙي شهر تي جنگ جو وڏو هوائي حملو ٿيو، ان ڏينهن سندس ٻئي ڀاڻيجا درگاهي ۽ گل حسن ۽ ننڍو پٽ شوڪت علي ساڻس ملڻ آيا هئا. حملو ايترو شديد هو جو سڄي شهر ۽ گھرن ۾ هڪ طوفان متل هو، محمد هاشم وڏي بهادريءَ سان پنهنجي دونالي بندوق لوڊ ڪري هندوستاني حمله آور جهاز کي ويجهو اچڻ تي نشاني تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته کيس سندس ڀاڻيجي درگاهي ميراڻي روڪي وڌو ۽ چيو ته هوائي جهازن جي بمباري ۽ شيلنگ کي اوهان جي دونالي بندوق ڪجهه ڪري نه سگھندي. بهر حال محمد هاشم جي بهادري ڏسڻ وٽان هئي.
    مرحوم محمد هاشم مير بحر 1972ع ۾ روهڙيءَ ۾ وفات ڪري ويو. هو بلڪل چاڪ چڱو ڀلو هو رات جو پنهنجي پوٽي علي گوهر پٽ شوڪت علي کي معمول مطابق ساڄي ٻانهن تي سمهاري ننڊ پيو هو ته سندس دم پرواز ٿي ويو. کيس پنهنجي خاندان جي قديم قبرستان لڳ مساڻ روڊ روهڙي ۾ دفن ڪيو ويو. مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي پنهنجي هن پياري ۽ هڏڏوکي ڀاءُ جي اوچتي وفات تي تمام گھرو صدمو پهتو جو ان جي وفات تي هيٺين ڪافي چيائين.
    نيڻين وهايم نير ڀاءُ فقير ڳولهيندي وتان توکي ڳوٺ ڳلين ۾،


    محبوب علي

    مرحوم محبوب علي، محمد هاشم مير بحر جو وڏو فرزند ۽ مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو وڏو ڀائيٽو هو. سن 1932ع ۾ ستين جي آستان لڳ مير بحرن جي مياڻيءَ روهڙي ۾ ڄايو هيءُ راقم الحروف جو مامو هو. پنهنجي پيءُ جيان مرحوم محبوب علي به پرڪشش شخصيت جو مالڪ هو جڏهن ته مزاج ۾به نهايت مٺڙو ۽نرم. جهڙو نالو محبوب هيس تهڙو پنهنجي طبيعت ۾ به محبوب شخص هو. سڀني سان پيار، پاٻوهه ۽ اخلاص سان ملندو هو. ٿڌي طبعيت وارو خوش طبع ۽ ڀوڳائي به هو.
    مرحوم محبوب علي پڙهيل بلڪل نه هو البت ڏاڍو ذهين ۽ مدبر هو هر سطح جي محفل ۽ڪچهريءَ ۾ پنهنجي گفتگو ۾ منفرد هو محبوب علي پنهنجي پڦاٽ ۽ ڀيڻيوي نامياري شاعر درگاهي ميراڻي کان عمر ۾ 8 سال کن وڏو هو پر هنن ٻنهي جو هڪ ٻئي سان تمام گھڻو پيار هو ۽ هڪ گھر ۾ سڳن ڀائرن جيان رهندا هئا، هڪ ٻئي جا گھرا دوست به هئا. روزانو شام جو گڏ گھمندا هئا. سن 1956ع ۾ مائي بيگم فقيرياڻي پنهنجي هن ڀائٽي محبوب علي ۽ پنهنجي پٽ درگاهي ميراڻي جي شادي به گڏ ڪرائي ۽ هڪڙو ئي ڪاڄ ٿيو هو. محبوب علي کي گھرو ماحول ۽ پنهنجي پڦاٽ درگاهي ميراڻي جي صحبت ڪري شاعريءَ ۽ راڳ سان به دلچسپي هئي پاڻ درگاهي ميراڻي جي شاعريءَ کان گھڻو متاثر هو. اوطاق تي ٿيندڙ اڪثر ادبي مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ خوب داد ڏيندو هو.
    مرحوم محبوب علي کي سياسي شعور به هو روزانو بي.بي.سي ريڊيو جون خبرون ٻڌندو هو ۽ انهن تي تبصرو به ڪندو هو. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو جي شخصيت سان کيس ايترو عشق هو جو جڏهن 1979ع ۾ ڀُٽي صاحب جي ڦاسيءَ واري خبر ريڊيو تان ٻڌائين تنهن وقت ايترو جذباتي ٿي ويو جو ريڊيو کي ڪاوڙ ۾ ڀت سان هڻي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائين. موسيقيءَ ۾ پاڻ مهدي حسن جو وڏو مداح هو خاص ڳالهه ته تاريخ 6 سيپٽمبر 1980ع تي جڏهن دل بيهجي وڃڻ سان سندس وفات ٿي انوقت به پاڻ ٽيپ کي مهدي حسن جو غزل ٻڌي رهيو هو.
    مرحوم محبوب علي جي شادي طيب محمد ولد ولي محمد ثاني ميربحر جي نياڻيءَ سان ٿي جنهن مان کيس ٽن پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو. سندس پٽن جا نالا مشتاق علي، امداد علي ۽ اعجاز علي آهن.


    شوڪت علي

    مرحوم شوڪت علي، محمد هاشم ميربحر جو ننڍو فرزند ۽ مائي بيگم فقيرياڻي جو ننڍو ڀائيٽيو هو، 2 مارچ 1948ع تي روهڙيءَ ۾ ڄايو. سندس وڏو ڀاءُ محبوب علي ته پڙهي. نه سگھيو پر شوڪت علي پنهنجي پڦاٽ ۽ ڀيڻيوي درگاهي ميراڻيءَ جي صحبت ۽ اثر هيٺ اسڪول ۾ داخلا ورتي، پرائمري شهدادو اسڪول روهڙي مان ۽ مئٽرڪ جو امتحان 1963ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول روهڙيءَ مان پاس ڪيائين. شوڪت علي مختلف ملازمتون ڪيون، پوليس کاتي ۾ به ته پاور هائوس روهڙيءَ ۾ به، پر سندس طبيعت ۾ اهڙو ڦيرو آيو جو نوڪريءَ سان نباهه نه ڪري سگهيو.
    مرحوم شوڪت علي جي شادي 1965ع ۾ طيب محمد ثانيءَ جي نياڻيءَ سان ڪرائي وئي سندس شاديءَ جي فنڪشن ۾ ناميارو ڪلاسيڪل راڳي استاد خورشيد علي خان پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو هو. شوڪت علي هڪ خوبرو ۽ پرڪشش شخصيت جو مالڪ هو. لٽن ڪپڙن جو ڏاڍو شوقين هو ۽ نفيس طبيعت جو مالڪ هو.
    گھرو ماحول سبب کيس راڳ جو به شوق هو ڏاڍو سريلو هوندو هو. خاص طور تي مهدي حسن جا غزل ڏاڍا شوق سان ڳائيندو هو جو سندس انداز ۽ آواز به مهدي حسن سان ملندڙ جلندڙ هو. شوڪت علي پنهنجي پڦاٽ درگاهي ميراڻيءَ جو هيٺيون غزل ڏاڍي پر سوز انداز ۾ ڳائيندو هو جو اڪثر محفلن ۾ فرمائش ٿيندي هيس.
    کولي خط يار جڏهن تنهنجي ٿو تحرير ڏسان
    تنهنجي تحرير منجهان تنهنجي ٿو تصوير ڏسان
    مرحوم شوڪت علي سٺو نعت خوان به هو مرحوم درگاهي ميراڻي جي قائم ڪيل ”محمدي مولود انجمن روهڙيءَ“ جو اهم ۽ سرگرم ساٿي هو. پاڻ رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهيني ۾ انهيءَ مولودي جماعت سان گڏ اسر جو جاڳا ۽ مولود به چوندو هو. افسوس جو مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو هي ننڍو ۽ نوجوان ڀائيٽيو ۽ راقم الحروف جو ننڍو ۽ پيارو مامو صرف 32 هن سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ ڪجهه عرصو بيمار رهڻ سبب 26 فيبروري 1979ع ۾ وفات ڪري ويو. کيس چئن پٽن جو اولاد ٿيو. علي گوهر، الطاف علي، زاهد علي، ۽ غلام حُسين، علي گوهر ۽ الطاف علي به ٻئي جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويا سندس ٽيون پٽ زاهد علي روهڙيءَ ۾ پورهيت آهي جڏهن ته سندس ڇوٿون پٽ غلام حسين گرلس ڊگري ڪاليج سکر ۾ ملازم آهي ۽ پنهنجي گھر تڙ وارو آهي.


    درگاهي ميراڻي

    مرحوم درگاهي ميراڻي، مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو وڏو فرزند هو، مائي بيگم فقيرياڻي کانپوءِ کيس پنهنجي خاندان ۾ وڏو مان ۽ مرتبو حاصل ٿيو. راقم الحروف جو هي والد سنڌ جو ناميارو شاعر ۽ اديب هيو. 5 مارچ 1942ع ۾ درگاهه حضرت هنباهه تي سندس جنم ٿيو. درگاهي ميراڻي پنهنجي خاندان جو پهريون تعليم يافته بڻيو. سندس تعليم ڏانهن شوق ۽ رغبت جي سبب ئي مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي درياهي زندگي ڇڏي روهڙي شهر ۾ رهڻو پيو. درگاهي ميراڻي 1959ع ۾ مئٽرڪ ۽ 1968ع ۾ ايم.اي انگريزيءَ جو امتحان پاس ڪيو. شاعريءَ ۽ راڳ سان دلچسپي کيس ننڊي هوندي کان گھرو ماحول سبب ٿي پوءِ شعر ادب جو هن شاندار سفر شروع ڪيو. شاعريءَ جي شروعات ٻاراڻن نّظمن لکڻ سان ڪيائين ۽ سندس نظم وقت جي مشهور ٻاراڻن رسالن ۾ شايع به ٿيا. بعد ۾ هن سنڌي ڪافيون چوڻ شروع ڪيون ۽ جلد ئي سنڌ جي مقبول ڪافي گو شاعرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو سندس ڪافي کي مشهور فنڪارن ڳائي مقبول بڻايو. ان دور ۾ پاڻ درگاهي ديواني جي نالي سان مشهور. سندس هن ڪافي کي سندس امڙ مائي بيگم فقيرياڻي پڻ ميڊيا تي آندو ۽ محفلن ۾ روشناس ڪرايو.
    مونکي پنهنجي سهڻي سنڌ تي ناز آ
    سنڌ جو سورهيه لعل قلندر سيوهاڻي شهباز آ

    مرحوم درگاهي ميراڻي جديد سنڌي ادب ۾ هڪ ترقي پسند ۽ انقلابي شاعر جي حيثيت ۾ نموندار رهيو ۽ سندس جديد شاعري وقت جي اهم رسالن نئين زندگي روح رهاڻ ۽ سوجهرو ۾ به شايع ٿي. درگاهي ميراڻي سٺو نثرنگار به هو ۽ ڪيترائي مقالا ۽ مضمون به لکيائين.
    مرحوم درگاهي ميراڻي پهريان ٽريزيري آفيس پوءِ ڪاٽن ڪارپوريشن ۾ ملازمتون ڪيون بعد ۾ 1979ع کان انگريزيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو، پهريان ڪراچي ۽ پوءِ شِڪارپور ۾ جڏهن سندس آخري پوسٽنگ عطا حسين شاه ڪاليج روهڙيءَ ۾ رهي. درگاهي ميراڻي جي پنهنجي والده مائي بيگم فقيرياڻيءَ سان والهانه ۽ جذباتي وابستگي هئي. ان ڪري ئي پاڻ پنهنجي والده جي وفات جو صدمو نه سهي هڪ سال اندر تاريخ 23 اپريل 1988ع بمطابق 6 رمضان المبارڪ 1408هجري تي اوچتو دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو. وفات وقت سندس عمر صرف 46 سال هئي کيس روهڙيءَ ۾ پنهنجي والده مائي بيگم فقيرياڻي جي ڀَرِ ۾ دفن ڪيو ويو.
    درگاهي ميراڻي جي شادي سن 1956ع ۾ پنهنجي مامي محمد هاشم جي نياڻيءَ سان ٿي جنهن مان کيس ٻن پٽن ۽ ٽن نياڻين جي اولاد ٿي. 1975ع ۾ جڏهن سندس گھرواري وفات ڪري وئي تڏهن سندس ٻي شادي ماروٽ محبوب علي جي نياڻيءَ سان ٿي جنهن مان به کيس ٻن پٽن ۽ ٻن نياڻين جي اولاد ٿي. درگاهي ميراڻي جي فرزندن جا نالا اختر درگاهي (راقم الحروف) اظهر درگاهي، عرفان محبوب ۽ فرحان علي آهن. جن مان سندس ٽيون نمبر فرزند عرفان محبوب رضا الاهيءَ سان 27 سالن جي عمر ۾ تاريخ 18 فيبروري 2010ع تي ڪراچي جي سول اسپتال ۾ وفات ڪري ويو. 19 فيبروري 2012ع تي سندس تدفين روهڙيءَ ۾ پنهنجي والد مرحوم درگاهي ميراڻي جي ڀر ۾ ٿي.
    راقم الحروف پنهجي والد مرحوم درگاهي ميراڻيءَ جو پورو ڪلام ”ڪُليات درگاهي“ جي نالي سان ٻن جلدن ۾ مرتب ڪيو آهي جيڪو جلد منظر عام تي ايندو.
    گُل حسن عرف گُل فقير
    گل حسن عرف گُل فقير، مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو ننڍو ۽ پيارو پٽ هو، جنهن کي هو پيار مان گُلڙو، سڏيندي هئي. گل حسن راقم الحروف جو چاچو هو، تاريخ27 ڊسمبر 1953ع ۾ روهڙيءَ ۾ ڄايو. مئٽرڪ تائين پڙهي سگھيو. ڪجهه ملازمتون به ڪيائين پر انهن سان نڀائي نه سگھيو. گل حسن، ننڍي هوندي کان پنهنجي والده مائي بيگم فقيرياڻي سان گھڻو ويجهو ۽ ساڻس گھڻو عرصو ساڻ رهيو. ننڍپڻ کان ئي پنهنجي والده سان گڏ ڳائيندو هو. سندس آواز ڏاڍو سريلو، بُلند ۽ چِٽو هو. جوانيءَ واري دور ۾ ڪجهه ڏنگو به هو بعد ۾ فقير ٿي ويو. مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي جڏهن والده، گھروارو ۽ڀاءُ وفات ڪري ويا، تڏهن پنهنجي محفلن ۾ هلڻ لاءِ پنهنجي هن ننڍي پُٽ گل حسن کي ساڻ کنيائين ۽ سنڌ جي جهر جهنگ ۾ پنهنجن مداحن ۾ کيس متعارف ڪرايائين. گل حسن جو آواز ايترو چٽو ۽ طاقتور هو جو جڏهن ڪورس ۾ گڏجي ڳائيندو هو ته سندس آواز سڀني آوازن کان نمايان هوندو هو. اها ڳالهه مائي بيگم فقيرياڻي جي رڪارڊ ڪيل ڪلامن ۾ به محسوس ڪري سگھجي ٿي. گل حسن هڪ سريلو نعت خوان به هو ۽پنهنجي وڏي ڀاءُ درگاهي ميراڻيءَ جي قائم ڪيل محمدي مولود انجمن جو سرگرم ميمبر ۽ اهم نعت خوان هو.
    گل حسن عرف گل فقير پنهنجي والده مائي بيگم فقيرياڻي سان سنڌ جي اڪثر درگاهن جون حاضريون ڏنيون. خاص طور تي درگاهه حضرت هنباهه جو وڏو معتقد رهيو جو سندس والده ۽ نانو هارون فقير به انهيءَ درگاهه جا طالب هئا. پاڻ به پنهنجي والده جي وفات کانپوءِ درگاهه هنباهه جي بزرگ داتا بگن شاهه ثاني جو طالب ٿيو. هن زندگيءَ جا آخري سال داتا بگن شاهه ۽ داتا جان محمد شاهه (موجوده گادي نشين) جي خدمت ۾ هنباهه ۾ گذاريا ۽ انهن سان لاهور تائين فقراهي سفر به ڪيا.
    گل حسن عرف گل فقير درگاهه هنباه جي اهم راڳين مان به هو ۽ اڪثر ميڙن تي درگاهه جي فقيرن سان گڏ ته ڪڏهن اڪيلو پنهنجي والده بيگم فقيرياڻي جي راڳ جي ڊيوٽي ڏيندو هو. سندس راڳ جو انداز ۽ آواز به مائي بيگم فقيرياڻي جهڙُو هو.
    گل حسن عرف گل فقير ريڊيو ۽ ٽي.وي تي به پنهنجي آواز جو جادو جڳايو. سندس آواز ۾ مشهور ريڊيائي ڪلام آهن“ حُسن سردار ڪيا سينگار ٿيا گلزار گلزارا ۽ رانجهي بنان سنئيان لڳدي نهين دوا. اهي ڪلام گل فقير جي آواز ۾ محترم شوڪت خاصخيلي ريڊيو خيرپور تي رڪارڊ ڪيا. هو وڏو جگري ۽ ميداني راڳي هو ۽ راڳ ۾ ماءُ جيان دم صُبح ڪري ڇڏيندو هو. گل حسن پنهنجي وڏي ڀاءُ درگاهي ميراڻي جو به وڏو معتقد هو ۽ سندس وفات کانپوءِ محمدي مولود انجمن جي به سرواڻي ڪيائين.
    گل حسن عرف گل فقير کي بيدل يادگار ڪاميٽيءَ پاران سال 2007ع جي بهترين راڳي جو ”بيدل ايوارڊ“ به ڏنو ويو جڏهن ته کيس ٻيا ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ به ملي چڪا هئا. گل حسن 1970ع ۾ پنهنجي سئوٽ موسيٰ مير بحر جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي جنهن مان کيس ٽن پٽن واحد بخش، ياسر گل ۽ عاشر گل ۽ نياڻين جي اولاد ٿي.
    گل حسن عرف گل فقير ڪجهه عرصو بيمار رهڻ سبب تاريخ 14 مارچ 2008ع تي سول اسپتال سکر ۾ وفات ڪئي. کيس 15 مارچ 2008ع تي پنهنجي والده مائي بيگم فقيرياڻي جي ڀَرِ ۾ روهڙيءَ ۾ دفن ڪيو ويو.
    گل حسن عرف گُل فقير ڪڏهن ڪڏهن شاعري به ڪندو هو سندس شعر جو هڪ نمونو هت ڏجي ٿو:
    تنهنجو منهنجو مولا علي علي
    ڪندو حيدر سڀ جي ڀلي ڀلي
    هر وار ڪندو ڪر علي علي
    هر مشڪل ويندءِ ٽلي ٽلي

    خيبر ۾ آ سرور ساريو، قمبر دلدل کي ته سنواريو
    قدم نه هڪڙو پوئتي ڌاريو، دلدل خيبر ۾ هاڪاريو
    ڪندو مولا............

    حيدر آيو صفدر آيو، سلمانُ جلدي نعرو لڳايو
    مدنيءَ اڳتي قدم وڌايو، مولا عليءَ کي سيني لايو
    ڪندو مولا............

    مرحب کي آ ماري مڃايو خيبر در کي عرش اُڏاريو
    حورن به اُت حمد آ ڳايو جڏهن حيدر ميدان ۾ آيو
    ڪندو مولا............

    گل فقير جو عرض اگھايو مولا جلدي چائنٺ چمايو
    فقر سڄي جو فڪر مِٽايو، سڪندن کي سيني سان لايو
    ڪندو مولا............


    مشتاق محبوب

    مشتاق علي عرف مشتاق محبوب، مرحوم محبوب علي جو وڏو فرزند مرحوم محمد هاشم جو وڏو پوٽو ۽ مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي وڏي ڀائٽي جو پٽ هو 1 جون سن 1959ع ۾ روهڙيءَ ۾ ڄايو. 1976ع ۾ روهڙي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. جنهن بعد محترم غلام صديق قادري (1919-2007ع) جو انوقت سکر جو ڊي.آءِ.جي پوليس هو کيس پنهنجي آفيس ۾ جونيئر ڪلارڪ ڀرتي ڪيو، جتان سينيئر ڪلارڪ ٿي پاڻ هرتو سن 2003ع ۾ رٽائر ڪيائين. مشتاق محبوب پنهنجي پُڦڙ مرحوم درگاهي ميراڻي جي اثر ۽ سکيا هيٺ شاعري به ڪئي جيڪا ڪن رسالن ۾ شايع به ٿي مشتاق محبوب کي سنڌ جي نامياري اديب گل محمد گلاڻي پنهنجي ڪتاب تذڪره شعرا روهڙي (مطبوعا 1978) ۾ سٺن شاعرن ۾ شامل ڪيو آهي ۽ ان تي سٺو لکيو آهي.
    مشتاق محبوب ڏاڍو ذهين هو قدرت طرفان کيس ڪا ڏات مليل هئي جڏهن به چاهيندو هو في البديهه شعر لکي ويندو هو. هن غزل، گيت، نظم ڪافي مولود، منقبت ۽ مدح جي صفن ۾ طبع آزمائي ڪئي، پر هو پنهنجي گھڻي شاعري محفوظ ڪري نه سگھيو.
    مشتاق محبوب پنهنجي ادبي رهبر درگاهي ميراڻيءَ جي قائم ڪيل سنڌي ادبي ڪچهريءَ ۽ بعد ۾ سنڌي ادبي سنگت روهڙي شاخ جو سرگرم ميمبر ۽ عهديدار به رهيو. اسڪول واري دؤر ۾ هو هر فنڪشن ۽ ڊرامي ۾ حصو وٺندو هو ۽ گهڻو داد حاصل ڪندو هو. مشتاق محوب ڏاڍو سريلو به هو مرحوم درگاهي ميراڻي جي قائم ڪيل محمدي مولود انجمن جو به سرگرم نعت خوان هو. مشتاق محبوب هڪ درويش صفت ۽تمام گھڻي سادي طبيعت ۽ شخصيت جو مالڪ هو. گھرو ماحول سبب کيس تصوف، راڳ ۽ بزرگن سان دلي لڳاءُ هو.
    مشتاق محبوب پنهنجي پتي جي آپريشن ڪرائڻ کانپوءِ بيمار رهڻ لڳو آخر ڪار تاريخ 12 آڪٽوبر 2006ع بمطابق 18 رمضِان المبارڪ 1426هجري ۾ صرف 47 سالن جي عمر ۾ سول اسپتال سکر ۾ وفات ڪري ويو کيس ميمڻ محلي روهڙي جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
    مشتاق محبوب جي شادي 1974ع ۾ مرحوم محمد بچل ميربحر جي نياڻيءَ سان ٿي جنهن مان کيس ٽن پٽن محمد هاشم ثاني، عارف علي ۽ صدام حسين ۽ ٽن نياڻين جي اولاد ٿي. سندس وڏو فرزند محمد هاشم ثاني تاريخ 21 جون 2014ع تي 29 سالن جي عُمر ۾ وفات ڪري ويو. مشتاق محبوب جي هڪ شعر جو نمونو جيڪو هن بيدل سائين جي عقيدت ۾ چيو آهي هيٺ ڏجي ٿو.

    روهڙيءَ ۾ رنگ رلمل جنسار آهي بيدل
    هن شهر جي سڃاڻپ سينگار آهي بيدل

    صوفين جي سٿ جو سورهيه سالار آ فَـقَـر جو
    پنجتن جي درتي هر دم پينار آهي بيدل

    آ حسن عشق جو هو پيڪر رهيو سدائين
    سالڪ سچو سخنور سردار آهي بيدل

    مشتاق تنهنجي درتي ٿيو فيض جو آ طالب
    سائين سخا جو درياءَ ٽمٽار آهي بيدل


    اختر درگاهي

    راقم الحروف، مرحوم درگاهي ميراڻي جو وڏو فرزند ۽ مائي بيگم فقيرياڻي جو وڏو پوٽو آهي. 24 سيپٽمبر 1964ع تي روهڙيءَ ۾ جنم ٿيو. 1980ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان روهڙي هاءِ اسڪول مان پاس ڪري. ايم.اي سنڌي ۽ ايم.اي اڪنامڪس ۾ به ڪيم. هن وقت زرعي بينڪ سکر ۾ اسسٽنٽ وائيس پريزيڊنٽ آهيان. راقم الحروف به انهن خوشنصيبن منجھان آهي جن کي امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جو تمام گھڻو پيار ۽ شفقت نصيب ٿي. پُٽن کانپوءِ پوٽا ڪيترو پيارا هوندا آهن اهو اسان امڙ بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت ۾ ڏٺو.
    راقم الحروف کي شاعريءَ ۽ راڳ جو شوق به امڙ بيگم فقيرياڻي ۽ بابا سائين مرحوم درگاهي ميراڻي جي اثر هيٺ ٿيو ۽ ننڊپڻ ۾ ئي ان طرف مائل ٿيو. 1973ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪيم جيڪا انوقت جي مشهور ٻاراڻن رسالن ۾ شايع به ٿي. جنهن بعد مستقبل طور لکندو رهيس. شاعري، نثر ۽ تحقيق ڏانهن لاڙو رهيو. ننڊ پڻ ۾ ئي 1978ع ۾ امڙ بيگم فقيرياڻي جي شخصيت تي پهريون مضمون لکيم جيڪو روزاني هلال پاڪستان ۾ شايع ٿيو.
    هيل تائين راقم الحروف جا يارهن ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن جن ۾ ٽي شعري مجموعا ۽ باقي تحقيقي ۽ ٻيا مرتب ڪيل ڪتاب آهن. راقم الحروف جي شادي 1990 ۾ ٿي ٻن پٽن نويد علي، ثمير علي ۽ نياڻين جي اولاد آهي.
    راقم الحروف امڙ بيگم فقيرياڻي سان سندس حياتيءَ ۾ ڪيتريون ئي محفلون اٽينڊ ڪيون ۽ ساڻس سنڌ جي درگاهن ڀٽ شاهه، درازا شريف، حضرت هنباهه کان علاوه سنڌ بلوچستان جي مختلف علائقن ڪراچي، منوڙو، بابا ڀٽ، سون مياڻي، تائين به ويو ۽ سندس شخصيت کي ويجهڙائي کان ڏٺو. امڙ بيگم فقيرياڻي جو راقم الحروف سان تمام گھڻو پيار هو ۽ پيار مان مونکي ”اکن مکن“ سڏيندي هئي. راقم الحروف جي والده جڏهن 1975ع ۾ وفات ڪري وئي ته امڙ بيگم فقيرياڻي جيڪي به ڏهاڙا گھر ۾ هوندي هئي مونکي تمام گهڻو پيارُ ڏيندي هئي، فجر مهل جڏهن اٿي ذڪر اذڪار ۽ مولود چوندي هئي ته راقم الحروف به اُٿي ساڻس گڏ کٽ تي ويهي سندس اها رياضت ٻڌندو هو.


    اظهر درگاهي

    اظهر درگاهي، مرحوم درگاهي ميراڻي جو ننڍو فرزند، مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو ننڍو پوٽو. راقم الحروف جو ننڍو ڀاءُ ۽ پنهنجي چاچي گل حسن عرف گل فقير جو نياڻو آهي. آڪٽوبر 1972ع ۾ روهڙيءَ ۾ ڄايو. تعليم بي.اي اٿس ۽ هينئر ميونسپل ڪاميٽي روهڙيءَ ۾ ملازم آهي. مائي بيگم فقيرياڻي جو هي ننڍو پوٽو ، کيس ڏاڍو پيارو هو ۽ گهڻو ۽ شرارتي هجڻ ڪري ننڍڙي هوندي گھر ۾ ڪيل شرارتن تي مائي بيگم فقيرياڻي کيس دڙڪا به ڏيندي هئي.
    اظهر درگاهي به پنهنجي ڏاڏي بيگم فقيرياڻي ۽ والد درگاهي ميراڻي جي اثر هيٺ شاعريءَ ۽ راڳ سان رغبت رکي ٿو. سنڌي ادبي سنگت روهڙي شاخ جو به ميمبر آهي. جڏهن ته پنهنجي والد درگاهي ميراڻي ۽چاچي گل حسن جي وفات کانپوءِ هن محمدي مولود انجمن کي سنڀالي ورتو آهي ۽ هڪ سٺي ۽ سريلي نعت خوان جي حيثيت ۾ پنهنجي انجمن جي نوجوان ميمبرن سان هر سال رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ اَسُرَ جو روهڙي شهر ۾ جاڳا ۽ مولود چوندو آهي. ساڳي وقت هر مهيني جي يارهين رات درگاهه دستار مبارڪ روهڙي ۾ ۽ هر جمعي ڏينهن درگاهه وار مبارڪ تي مستقل نعت خوان جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيندو رهي ٿو ۽ سعادت حاصل ڪندو رهي ٿو.
    اظهر درگاهي روهڙي شهر ۾ منعقد ٿيندڙ اڪثر صوفي درگاهن جي ساليانين ميڙن ۽ ٻين تقريبات ۾ به شريڪ ٿيندو آهي ۽ صوفيانه ڪلام شاعري ۽ نعت به پڙهندو آهي. اظهر درگاهي پي.ٽي.وي ڪراچي تي ۽ پڻ ٻين ٽي.وي چينل تي هڪ نعت خوان ۽ فنڪار جي حيثيت ۾ پنهنجي آواز جو جادو به جڳايو آهي.
    اظهر درگاهي سن 2004ع ۾ مرحوم غلام صديق قادري ۽ ٻين ساٿين سان گڏ (جنهن ۾ راقم الحروف به شامل هو) عمري جي سعادت به حاصل ڪري آيو آهي.
    اظهر درگاهي 2004ع ۾ پنهنجي چاچي مرحوم گل حسن جي نياڻي سان شادي ڪئي جنهن مان کيس ٽن پٽن عون محمد، اظهار، عرفان ۽ هڪ نياڻي منائل جي اولاد ٿي آهي.
    اظهر درگاهي شاعريءَ ۾ به سـٺـي طبع آزمائي ڪري ٿو، هتي سندس چيل هڪ مولود شريف پيش ڪجي ٿو.

    سهڻي سردار جون ڳالهيون ته ٻڌايو ويهي
    مٺڙي منٺـار جون ڳالهيون ته ٻڌايو ويهي

    ٿي وسي نور جي برسات سدا روضي اندر
    انهيءَ ديدار جون ڳالهيون ته ٻڌايو ويهي

    چنڊ تارن ۾ ڏسو نور نبيءَ جو ظاهر
    سونهن سينگار جون ڳالهيون ته ٻڌايو ويهي

    جنهن کي معراج تي آهي ته گھرايو مولا
    محب منٺار جون ڳالهيون ته ٻڌايو ويهي

    ٿو خدا پاڻ پڙهي جنهن تي درود ۽ سلام
    مونکي ان پيار جون ڳالهيون ته ٻڌايو ويهي

    باغ نبوت سندو گلزار محمد مٺڙو
    انهيءَ گلزار جون ڳالهيون ته ٻڌايو ويهي

    آهي محشر ۾ شفاعت جنهن جي او اظهر
    انهيءَ آڌار جون ڳالهيون ته ٻڌايو ويهي


    ادبي تاريخُن ۾ تذڪرو

    مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي شخصيت پنهنجي فقيري سڀاو، سنڌي صوفيانه راڳ ۽ سنڌي صوفيانه شاعري جي حوالي سان ايتري ته نمايان ۽ نامياري هئي جو سندس حياتي ۾ ئي سنڌي ادب ۽ ثقافت جا جيڪي تذڪرا ۽ تاريخون لکيون ويون انهن ۾ مائي بيگم فقيرياڻي کي وڏي عزت ۽ احترام سان ياد ڪيو ويو ۽ کيس وڏو خراج پيش ڪيو ويو. اهڙي طرح سندس شخصيت ۽ شاعري کي سنڌ جي ادبي تاريخن ۾ اهم جاءِ ڏني وئي.

    1. تذڪره شعراءِ روهڙي:

    روهڙي شهر جي 26هن جي شاعرن جي تذڪري تي مشتمل هي ڪتاب محترم گل محمد گلاڻي مرتب ڪيو ۽ جولاءِ 1978ع ۾ روهڙيءَ مان شايع ٿيو جو انوقت مرحوم گل محمد گلاڻي صاحب عطا حسين شاهه ڊگري ڪاليج جو پرنسپال هو. فقير قادر بخش بيدل کان راقم الحروف تائين جن شاعرن جو ذڪر گلاڻي صاحب هن ڪتاب ۾ ڪيو آهي ان ۾ 19 نمبر تي هن مائي بيگم فقيرياڻي جو احوال ڏنو آهي.
    جيئن ته مائي بيگم فقيرياڻي جي حوالي سان ڪنهن ڪِتابَ ۾ اهو پهريون ادبي ۽ تاريخي تذڪرو آهي انڪري هِتي سمورو احوال پيش ڪجي ٿو. جيڪو ڪتاب جي صفحي 15 تي مائي بيگم فقيرياڻي جي هڪ ڪافيءَ سميت ڏنو ويو آهي.
    ”مائي بيگم فقيرياڻي سنڌ جي عوامي فنڪاره آهي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ خاص طور تي کيس تمام عزت ۽ احترام سان ڏٺو ويندو آهي ۽ کيس ڀٽ ڌڻيءَ جي فقيرياڻي يا لطيف جي فقيرياڻي ڪري سڏيندا آهن، هن وقت ميمڻ محلي روهڙيءَ ۾ رهي ٿي ۽ سندس عمر اٽڪل پنجاهه سال آهي. هڪ سٺي فنڪاره هجڻ سان گڏ هوءَ هڪ سٺي شاعره به آهي سندس ڪلام تي وير اڳ جو رنگ غالب آهي، سندس ڪلام جي نموني طور هِتي سندس هڪ ڪافي ڏجي ٿي. (34)
    مرحوم گل محمد گلاڻي صاحب مختصر طور تي مائي بيگم فقيرياڻي جو احوال ڏنو آهي البت مائي صاحبا جي عمر اندازي تي لکي وئي آهي جيڪا صحيح نه آهي ڇو ته جنهن وقت اهو ڪتاب شايع ٿيو انوقت مائي بيگم فقيرياڻي جي عمر پنجاهه سال نه پر ٽيهٺ سال هئي.

    2. بيدل مخزن 80-1979ع

    بيدل مخزن عطا حُسين شاهه ڊگري ڪاليج روهڙيءَ جي ميگزين آهي جهنکي پڻ پروفيسر گل محمد گلاڻي صاحب شايع ڪرايو. انهيءَ مخزن ۾ گلاڻي صاحب جو هڪ اهم مضمون ”روهڙيءَ جون علمي ۽ ادبي شخصيتون“ شامل آهي. مضمون ۾ روهڙيءَ شهر جي تاريخي ۽ ادبي پس منظر کانپوءِ روهڙي شهر جي علمي ادبي شخصيتن کي مختلف دورن ۽ خاندانن ۾ ورهائي انهن جو مختصر تذڪرو ڪيو ويو آهي. مضمون جي آخر ۾ گلاڻي صاحب روهڙي شهر جي حال حيات شخصيتن جو ذڪر ”اڪيلا شخص پر مڪمل ادارا“ جي عنوان سان ڪيو آهي ۽ انهن اهم شخصيتن ۾ هن علي اڪبر درازي، عبدالعلي قلباڻي، امر جليل قاضي غني، ۽ محمد حسين عاصم سان گڏ مائي بيگم فقيرياڻيءَ ۽ سندس فرزند درگاهي ميراڻي جو ذڪر به وڏي اهميت سان ڪيو آهي. گويا مائي بيگم فقيرياڻي کي گلاڻي صاحب روهڙي شهر جي هڪ اداري جي حيثيت ڏني آهي. گلاڻي صاحب جا لفظ هن طرح آهن ”موجوده دور جي شاعرن ۽ اديبن ۾ قاضي غني، محمد حسين عاصم، مائي بيگم فقيرياڻي ۽ درگاهي ميراڻي به پنهنجو مقام رکن ٿا. (35)

    3.قافيون (جلد ٽيون)

    هيءَ برک محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تاليف آهي جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ پاران 1990ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب مائي بيگم فقيرياڻي جو احوال ۽ هڪ ڪافي انهيءَ جلد جي 1418 صفحي تي ڏني آهي. سمورو احوال هن گل محمد گلاڻي جي ڪتاب تذڪره شعراء روهڙي تان کنيو آهي. جڏهن ته مائي بيگم فقيرياڻيءَ متعلق هن پنهنجي طرفان ڪا اضافي ڄاڻ مهيا نه ڪئي آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب مائي بيگم فقيرياڻي جي ولادت جو سن به 1925 ڄاڻايو آهي جيڪو صحيح نه آهي (36)

    4. سکر تاريخ ۽ سماج

    هيءُ سکر جي تاريخ تمندن ۽ مشاهيرن جي احوال ۽ ان موضوع تي لکيل مختلف مقالن ۽ مضمونن جو ڪتاب آهي جنهنکي ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري سکر هسٽاريڪل سوسائٽي پاران مئي 2001ع ۾ شايع ڪرايو. هن ڪتاب ۾ محترم شمس الدين ڪلوڙ جو هڪ مضمون ”روهڙيءَ جون علمي ۽ ادبي شخصيتون“ شامل آهي، جيڪو ڪلوڙ صاحب بيدل مخزن ۾ گل محمد گلاڻي صاحب جي شايع ٿيل مضمون جي ساڳي عنوان سان ڪجهه وڌيڪ شخصيتن جي احوال سان سينگاري پيش ڪيو آهي. ڪلوڙ صاحب انهيءَ مضمون ۾ مائي بيگم فقيرياڻي جو احوال بلڪل اڻپورو ۽ سڌو سئون تذڪره شعراء روهڙيءِ تان کڻي شامل ڪيو آهي. سواءِ هن اضافي جملي جي ته ”سموري حياتي ڪاري لباس ۾ رهندي تقريبا 60 سالن جي ڄمار ۾ ماضي قريب ۾ فوت ٿي وئي آهي (37) شمس الدين ڪلوڙ صاحب روهڙي شهر جو رهندڙ آهي ان لحاظ کان سندس پاران مائي بيگم فقيرياڻي متعلق اڻپوري ڄاڻ ڏيڻ تي حيرت وٺي وڃي ٿي. سندس بيان ڪيل مائي بيگم فقيرياڻي جي عمر به غلط آهي جو وفات وقت سندس عمر 60 سال نه بلڪ 72سال هئي.

    5. مارو جي ملير جا

    ويهين صديءَ جي مشهور سنڌي شخصيتن جي احوال تي مشتمل هي اهم ڪتاب محترم خادم حُسين چانڊيو مرتب ڪيو آهي ۽ گنج بخش ڪتاب گھر پاران آڪٽوبر 2001ع ۾ شايع ٿيو آهي. توڙي جو خادم حُسين چانڊيو جو تعلق روهڙي شهر سان نه هو پوءِ به هن صاحب وڏي جاکوڙ ڪري مائي بيگم فقيرياڻي متعلق 134 صفحي تي ڪافي، اضافي احوال ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي، البت مائي صاحبه جي ولادت جو سن هن به ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو ڏنل 1925ع ئي درج ڪيو آهي. خادم حُسين چانڊيو جو مائي صاحبه متعلق اهم ۽ اضافي احوال هن ريت آهي ”بيگم فقيرياڻي جي خاندان جي ڪرت ٻيڙيون درياه ۾ هلائي گذران ڪرڻ هو. سندس والد به ڳائيندو هو ۽ درگاه فيض درياه جو مريد هو. بيگم فقيرياڻي ڳائڻ جو فن گھر ۾ پنهنجي والد کان سکيو ۽ پوءِ جڏهن هن باقاعده ڳائڻ شروع ڪيو ته سندس ڏيرن کي اها ڳالهه نه وڻي، پوءِ ايترو ته مشهور ٿي جو پوري سنڌ ۾ سندس نالي جي هاڪ هئي. پاڻ ولايت شاه انباه شريف واري جي مريدياڻي هئي، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي سان به کيس وڏي عقيدت مندي هئي. ماڻهن جي هن سان ايتري عقيدت ٿي وئي جو هر جڳهه تي کائنس دعائون گھرائيندا هئا ته سندس فلاڻا فلاڻا مئسلا حل ٿين. بيگم فقيرياڻي سٺي شاعره به هئي“. (38)

    6. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا

    سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد پاران آگسٽ 2009ع ۾ شايع ڪرايل ”انسائيڪلوپيڊيا سڌيانا“ جي پهريل جلد ۾ صفي 525 تي مائي بيگم فقيرياڻي جو احوال سندس تصوير سان گڏ ڏنو ويو آهي، مائي بيگم فقيرياڻيءَ متعلق انهيءَ تذڪري ۾ ان کان اڳ شايع ٿيل ڪتابن کان ڪجهه اضافي ۾ صحيح ڄاڻ ڏني وئي آهي جيڪا هتي پيش ڪجي ٿي.
    ”مائي بيگم فقيرياڻي روهڙي شهر جي فنڪار گھراڻي سان واسطو رکندي هئي سندس جنم 1915ع ۾ ٿيو. مائي بيگم فقيرياڻي مائي غلام فاطمه موچاڻيءَ جي هي ڪافي ڪمال گائيڪي سان ڳائي هئي جيڪا سندس سڃاڻپ بڻجي وئي.
    ”محبت وڌي آهيان مامري نه ته ڪير ڪشالا ڪري“
    بيگم فقيرياڻي پنهنجو فني ورثو پنهنجي پٽ نامياري شاعر استاد ۽ فنڪار درگاهي ميراڻي ڏانهن منتقل ڪيو ۽ هن وقت سندس پوٽو اختر درگاهي نئين ٽهيءَ جو سٺو شاعر ۽ سريلو فنڪار آهي. بيگم فقيرياڻي جي وفات 13 اپريل 1987ع تي ٿي. (39)

    7. پنو عاقل ماَضي حال

    پنو عاقل جي تاريخ ۽ مشاهيرن تي هي ڪتاب نامياري اديب سرور سيف لکيو آهي ۽ سنڌي ادبي سنگت پنو عاقل پاران مارچ 2013ع ۾ شايع ٿيو آهي هن ڪتاب جي ستين باب ”پنو عاقل جون نامور خواتين“ ۾ مائي بيگم فقيرياڻي جو مختصر احوال ڏنو ويو آهي جنهن مان خاص هي آهي ”مائي بيگم سائين ولايت شاه هنباهي جي طالب هئي تصوف ۽ راڳداريءَ جي ڄاڻو هئي هن جي آواز ۾ وڏو درد ۽ سوزهو پاڻ سـٺي شاعره به هئي، شاهه لطيف، فيض درياهه، مائي غلام فاطمه لعل جو گِهرو اثر هوس. هن مائي غلام فاطمه لعل جي شاعري کي ڳائي انکي نه صرف امر ڪيو پر کيس نيڪ نام ڪيائين. مائي بيگم 1987ع ۾ وفات ڪئي سندس مدفن روهڙي ۾ آهي سندس مرقد تي ميلو مچي ٿو. (40)
    مٿي ذڪل ڪيل سنڌ جي ادبي تاريخن کان سواءِ سنڌ جي ڪيترن ئي ناميارن اديبن، دانشورن پڻ مائي بيگم فقيرياڻي جي فن ۽ شخصيت تي پنهنجا بهترين مقالا ۽ مضمون لکيا آهن جيڪي اسين هن ڪتاب جي ڀاڱي ”مائي بيگم فقيرياڻي سنڌجي اديبن ۽ دانشورن جي نظر ۾“ جي عنوان سان پيش ڪري رهيا آهيون.


    ڳايلَ ڪَلامن جو وچور

    نمبر ٻول شاعر ميڊيا سن تاريخ
    1. تنهنجي محبت وڌو آ مامري نه ته ڪير ڪشالا ڪري مائي غلام فاطمه لال ريڊيو حيدرآباد 74-1973ع
    2. درد لڳو آ دلبر جو جيڪي آهي منهنجي جيءَ ۾ مائي غلام فاطمه لال ريڊيو حيدرآباد 74-1973ع
    3. روئان زارو زار ڇوڙي وار شاهه لطيف ريڊيو حيدرآباد 74-1973ع
    4. جيڏيون جانب سان دل منهنجي آهي ٻُڍل فقير ريڊيو حيدرآباد 74-1973ع
    5. جوڳي ٿاجاڳن جڙ لڳي آهي جن ٻڍل فقير EMI ڪراچي 74-1973ع
    6. مونکي پنهنجي سهڻيءَ سنڌ تي ناز آ درگاهي ميراڻي EMI ڪراچي 74-1973ع
    7. پٽ نه ڪن پنهوار سونهن لعل لنڱن سرلويون خوش خير محمد ريڊريو حيدرآباد 74-1973ع
    8. نڪري ٿيا نروار عشق عقل ٻئي چوغان ۾ مائي غلام فاطمه لعل آڊيو ڪئسٽ لوڪ ورثه 1986ع
    9. پنهوارن پرين کي سدا ساهه ساري الله تن کي آڻي داتا ولايت شاهه لوڪ ورثه 1986ع
    10. ڀال ڀلي جاڀانيان مان لکين شڪرانا داتا ولايت شاهه لوڪ ورثه 1986ع
    11. پنهنجي پنهل کي پرچايان تنهن سان پچ پرت جو پايان داتا ولايت شاهه
    لوڪ ورثه 1986ع
    12. حسن سردار ڪيا سينگار ٿيا گلزار گلزارا داتا ولايت شاهه لوڪ ورثه 1986ع
    13. حال ٻڌايان ڪنهن کي عشق جي آزار جو داتا ولايت شاهه لوڪ ورثه 1986ع
    14. مان ته ويٺو ڪلنگ اڏاريان مٺڙا رات داتا ولايت شاهه لوڪ ورثه 1986ع
    15. دل پيارل پيارل پئي ڪري علي شاهه لوڪ ورثه 1986ع
    16. جنهنکي عاشق رمز چکائي سادل ڪر دي ماهي ماهي شاهه نصير لوڪ ورثه 1986ع
    17. ڏسو عاشقن جو انصاف ڏين سر گھوري گھوري شاهه نصير لوڪ ورثه 1986ع
    18. ڏاڍو عشق آهي آفات وجهي ٿو ونگ وڇيرن کي باغن شاهه ڪئسٽ جھولي لعل 3 1986ع
    19. واه انصاف آ عشق اوهانجو مشتاقن کي مڃائين ٿو بيگم فقيرياڻي لوڪ ورثه 1986ع
    20. ايڏو ماڻو نه ڪجي وويار بيگم فقيرياڻي لوڪ ورثه 1986ع
    21. عشق وارا وس نه پنهنجي سوز ۾ سڙندا وتن محمد فقير لوڪ ورثه 1986ع
    22. اڄ بيباري وئي ڇڏي محبوب جي ديدار ۾ انور شاهه لوڪ ورثه 1986ع
    23. دل تنهنجي ڏسڻ لئه چري آ موسو مهر
    24. ياد پرين اقرار ڪجان پيار ڪجان من پيار ڪجان درگاهي ميراڻي آئڊيو
    ڪئسيٽ 1980ع
    25. سانوڻ جاهي مينهن اچي ويا درگاهي ميراڻي آئڊيو
    ڪئسيٽ 1980ع
    26. نندي ٽپي پار ڀينر وڃڻو ضرور آ
    درگاهي ميراڻي آئڊيو
    ڪئسيٽ 1980ع
    27. جت زوراور ذات درگاهي ميراڻي آئڊيو
    ڪئسيٽ 1980ع
    28. منهنجي توسان تنهنجي مونسان دوست دل آهي درگاهي ميراڻي آئڊيو
    ڪئسيٽ 1980ع
    29. عيد آئي عيد آئي دلربا درگاهي ميراڻي آئڊيو
    ڪئسيٽ 1980ع
    30. رت سان رنگين ئي ويو ميدان ڪربلا جو درگاهي ميراڻي ڪئسٽ جهولي لعل 3 1981ع
    31. چريا چنڊ چؤ ستارن کي منهنجو دلدار آيو آ درگاهي ميراڻي - 1981ع
    32. اڃان ڪي ٻه راتيون رهي ها ته ڇا هو ڪئسٽ جهولي لعل 3 1981ع
    33. ماسڙ مولينا پاڻيءَ تي پئي وڃان لوڪ گيت - 1981ع
    34. دل آهي الائي ڪنهني لٽي آ لوڪ گيت - 1981ع
    35. ڪانو ڪو ڪو ڪو، ڪانو ڪو ڪو ڪو، ڪانو لڪو لڪو لوڪ گيت لوڪ ورثه 1986ع
    36. لوٽو مونکي آڻي ڏي لوڪ گيت ڪئسٽ 1986ع
    37. گاڏي ته نوشهري واري هولي هولي هو روي لوڪ گيت لوڪ ورثه 1986ع
    38. آڻي ڏي مساڳ لا، محمد جوڙئي جي باغ جو لوڪ گيت لوڪ ورثه 1986ع
    39. مان ته جا ڳان پئي من ڪي مارو اچن لوڪ گيت لوڪ ورثه 1986ع
    40. اديون منهنجو بديهل پيو گھمي لوگ گيت لوڪ ورثه 1986ع
    41. ادا مونکي ماروئڙن جي او الا شاه لطيف لوڪ ورثه 1986ع
    42. نيڻ منهنجا ڪيئن لڳارو يار شاه لطيف لوڪ ورثه 1986ع
    43. ڪيئن وساريان ور اديون شاه لطيف ڪئسٽ
    44. اديون آسرو ويل مهنجي راڻل کي علي گوهر شاه اصغر ڪئسٽ
    45. وڃان ٿو يار جي درتي گداگر ٿي کٽي قسمت داتا ولايت شاهه ڪئسٽ A4
    46. سڄڻ لئه پئي سڪاڻ محبت ماري ٻُڍل فقير ڪئسٽ A4
    47. مرد ٿي ميدان ڏي سر سينگاري يا رکي شاه نصير ڪئسٽ A4
    48. ڏوران ٿا ڏسجن ماڳ مٺن تن ماروئڙن جا شاهه لطيف سنڌالاجي 1985ع
    49. منهنجو يار ميهار سان شاه لطيف ڪئسٽ جھولي لعل 1981ع
    50. محبت منجهه مري آئي آ غلام فاطمه لعل ڪئسٽ جھولي لعل 1981ع
    51. هُج هلائڻ کان و و مٺڙا گلشن زنگيجو ڪئسٽ جھولي لعل 1981ع
    52. سال ٿيا ور تنهنجي صورت طالب ڪئسٽ 1981ع
    53. مروند کان آيو حسيني لعل آ هوت ڪئسٽ 1981ع
    54. اچي حاضر حسيني ٿي قلندر لعل مروندي خوش خير محمد ڪئسٽ 1981ع
    55. حال مون هجڙا ڪيا منهنجي مٺا تنهنجي ڪري علي نواز ناز ڪئسٽ 1981ع
    56. ڇم ڇم ڇڇڪار ڇيرن لايا داتا ولايت شاهه ڪئسٽ
    57. دمادم ڀيڄ ڀٽائي درگاهي
    58. دنيا ۾ سڀ کان اعليٰ درگاهي ميراڻي ڪئسٽ
    59. علي علي سردار علي فيض علي ڪئسٽ جھولي لعل
    60. ميڏا سخي مولا انور علي شاهه
    چڪ وارو ڪئسٽ جھولي لعل
    61. آکي راوي جڏان شاهه ڪون گهوڙا بن وچ فيضَ علي ڪئسٽ جھولي لعل
    62. دنيا جا تونگر هڪ پاسي حيدر جو گداگر غلام قادر مجاهد ڪئسٽ جھولي لعل
    63. ڀول نه ٻي ڪنهن ڀل تون تان آدم ناهين سچل سرمست
    64. هتئون هاج هئڻ واري ڇڏ ميان فيض درياه
    65. صورت جو سردار ڀلي ڪري آيو بيدل سائين
    66. راز محرم رس نه يار آ ته پرچون پاڻ ۾ بيڪس سائين


    حوالا

    1. ”مسلمان لينڊ هولڊرز ان دي پروونس آف سنڌ“ انگريزي ايس صادق علي 1901ع.
    2. ”رهاڻ هيرن کاڻ“: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مطبوعا. 2000ع جلد پهريون.
    3. مضمون: ”مائي بيگم فقيرياڻي“ درگاهي ميراڻي (قلمي) 1987ع.
    4. راوي زوجا مرحوم محبوب علي ولدمحمد هاشم ميربحر
    5. حضرت عبدالقادر بيدل (تحقيق جي آئيني ۾): انجنيئر عبدالحسين شاهه موسوي مطبوعا 2011ع.
    6. ايضاً
    7. مضمون ”مائي بيگم فقيرياڻي“درگاهي ميراڻي (قلمي) 1987ع.
    8. ايضاً
    9. راوي: روجا مرحوم محبوب علي ولد محمد هاشم ميربحر.
    10. مضمون، ”مائي بيگم فقيرياڻي“ درگاهي ميراڻي (قلمي) 1987ع.
    11. ايضاً
    12. ”تاريخي مادا“ فقير هدايت علي نجفي، مرتب: نواز علي شوق مطبوعا ماهوار پيغام ڪراچي جنوري ـــ فيبروري 1987ع
    13. راوي: زوجا مرحوم محبوب علي ولد محمد هاشم مير بحر.
    14. انٽرويو: مائي بيگم فقيرياڻي 1985ع پاران: بيدل مسرور ۽ شاهد ڀُٽو.
    15. مضمون: ”مائي بيگم فقيرياڻي“درگاهي ميراڻي (قلمي) 1987ع.
    16. مضمون: ”مائي بيگم فقيرياڻي (قلمي)“ رحيم بخش مهر.
    17. راوي: روجا مرحومه محبوب علي ولد محمد هاشم ميربحر.
    18. مضمون: ”مائي بيگم فقيرياڻي“درگاهي ميراڻي (قلمي) 1987ع.
    19. ايضاً
    20. انٽرويو: ”مائي بيگم فقيرياڻي“ 1985ع، پاران محترم محمد قاسم ماڪا.
    21. مضمون: ”مائي بيگم فقيرياڻي“ درگاهي ميراڻي (قلمي) 1987ع.
    22. ايضاً
    23. ايضاً
    24. انٽرويو مائي بيگم فقيرياڻي، 1987ع پاران، محمد قاسم ماڪا.
    25. ايضاً
    26. انٽرويو: مائي بيگم فقيرياڻي، 1985ع پاران، بيدل مسرور ۽ شاهد ڀُٽو.
    27. مضمون: ”مائي بيگم فقيرياڻي“ درگاهي ميراڻي (قلمي) 1987ع.
    28. ايضاً
    29. ايضاً
    30. انٽرويو: ”مائي بيگم فقيرياڻي“ پاران: بيدل مسرور ۽ شاهد ڀُٽو.
    31. مضمون: ”مائي بيگم فقيرياڻي“: درگاهي ميراڻي (قلمي) 1987ع.
    32. ايضاً
    33. ايضاً
    34. تذڪره ـــ شعرا روهڙي: پروفيسر گل محمد گُلاڻي مطبوعا 1978ع.
    35. بيدل مخزن روهڙي (80ع-79ع) مضمون، ”روهڙيءَ جون علمي ادبي شخصيتون“ پروفيسر گل محمد گُلاڻي.
    36. قافيون جلد ٽيون: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مطبوعا سنڌي ادبي بورڊ 1990ع.
    37. سکر تاريخ ۽ سماج: مضمون: روهڙي جون علمي ادبي شخصيتون: شمس الدين ڪلوڙ 2001ع.
    38. ”مارو جي مليرَ جا“ خادم حسين چانڊيو مطبوعا، آڪٽوبر 2001ع.
    39. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جلد ـــ I مطبوعا آگسٽ 2009ع.
    40. پنو عاقل ماضي حال: سرور سيف مطبوعا مارچ 2013ع.
    41. انباهه ۾ آڙاهه (مهدي شاهه) مطبوعه ـــ 1990ع
    42. لطائفِ لطيفي (مير عبدالحُسين سانگي) ـــ ٻيون ڇاپو 2012ع، ثقافت کاتو ـــ سنڌُ.


    منظوم خراج

    درگاهي ميراڻي

    امڙ بيگم فقيرياڻيءَ
    جي لاڏاڻي تي

    نروار هُيو نروار ويو،
    ڪو صوفين جو سردار ويو

    هو ماءُ هُيو، هو پيءُ هُيو،
    اڄ ڪامل ڪو ڪلتار ويو

    ڇا نياز ادب ڇا نهٺائي،
    درويش ڇڏي دربار ويو

    هڪ راڳ ٽٽي پيو روحاني،
    تصوف سندي تند تار ويو

    سا سُهڻي سورٺ ڪوهياري
    ۽ راڻو مينگهه ملهار ويو.

    آواز جو سنڌڙيءَ ۾ گونجيو،
    ٿي فنا، بقا جي پار ويو
    هو بي غم هو، هو بيرنگ هو،
    اڄ ماڻهو مڻيادار ويو

    بيرنگ ڏئي ويو رنگ مونکي،
    هڪ جام ڀري ٽمٽار ويو
    اڄ راڳ فقيري روئي پيو،
    ڪو دوست ويو دلدار ويو

    ڪارن ته لٽن ۾ عمر بسر،
    ڏئي ترڪ دنيا هر وار ويو

    سو طالب فيض درياهي هو،
    هڪ انباهي اسرار ويو

    هو صوفي ـــ صاف صفاتي سچ
    سڪ قرب پريم ۽ پيار ويو

    ڇا پنهنجي امڙ جي لاءِ لکان
    بس پنجتن جو حبدار ويو

    جنهنجي نانءَ سان روهڙي روشن هئي
    ڄڻ روهڙيءَ جو سينگار ويو

    ها رِندُ ڇڏي ويو روهڙي اَڄُ
    اڄ فن ويو فنڪار ويو

    هوشناڪ سدائين امر سدا،
    مدهوش نه هو، هوشيار ويو

    فقير جا ٻيئي جهانَ سندس
    هي پار ڇڏي هُن پار ويو

    اختر اظهر عرفان فرحان
    ڏئي دعا سين ماڻڪ چار ويو

    جنهن مونکي پڪ پياري هُئي
    سو ڏات ڀريو ڏاتار ويو

    درگاهي دعائن سان ويندي
    ويندي ته ڪري سرشار ويو


    اختر درگاهي

    سُر بيگم فقيرياڻي

    مَنُ سراپا سوجھرو، ڪارو پهريل ويسُ
    فقيراڻو ديسُ، دائم قائم دل ۾

    سدا جُڙيل هَٿڙا، ڳچيءَ ۾ ڳارو
    هينئڙو ويچارو، سدا سِڪي سِڪَ لئه

    توڙي ويسي وڏ ڦڙو، توڙي لڳي لوءَ
    سڄي عمر سُوءَ، سانڍيائين سَريرَ ۾

    سچل، سامي، فيض درياءُ، بيدل، ڀٽ ڌڻي
    تن جي جوش جَڻي، پهريائين پريت مان

    سڀني سان تنهنجي هئي ٻانهپ جي ٻولي
    جھلي تو جھولي، سڀني آڏو سِڪَ جي

    تو ۾ موچاڻي ڏٺم، تو ۾ ئي ميران
    پنهنجي سريران، تو ۾ تن جي آرسي

    ڏکن واري ڏيهه ۾، ڳايو تو سارنگُ
    وٺي ويو ونگُ، سانئڻ تنهنجي سُرَ جو

    تون ئي سورٺ سنڌ جي، تون ئي ڪوهياري،
    تو ۾ آ ساري، ساڃهه سُرَ سنگيت جي

    ڪشالا هت ڪيترا، تو جئن ڪير ڪري
    جيڏو پنڌ پري، تيڏو تولئه اوڏڙو

    ڪالهه ئي سپني ۾ ڏٺو مون توکي
    مُرڪي تو مون کي، ڳر لاتو هو پانهنجي

    تو جنهن پل شب رات جو، ڪيون بند اکيون
    ٻريون ميڻ بتيون تنهن پل هر ڪنهن گهر ۾

    پنهنجي ولر کي ڇڏي، وَئينءَ اُڏامي
    ڏکي وِهامي، توبن وَيل وُجودَ جي

    ڪيڏو سڀ جو آسرو، هُئي هِڪَ ڄڻي
    تنهن جي گهرج گهڻي، رهندي ساري راڄ کي

    هيءَ جا هر ڪنن حال ۾ ٻَچن تان ٻلهارُ
    انهن جو آڌارُ، ڪير ٿيندو ان ريءَ

    ڪهڙيون ساريان آءٌ، تنهنجون ڳراٽڙيون
    مون کي ماءُ مٺيون، ڪيڏيون ڏنئي قُربَ ۾.

    مِٺي! تنهنجي موت تي، جُهريا ڪيئي جيءَ،
    ڪيڏي آهي پيههَ، اڄ تنهنجي اوطاق تي

    اڄ تنهنجي اوطاق تي، ساڳيو ٻُري ساز،
    تنهنجو پر آوازُ، اُڏري ويو اوچتو

    هوائن جي ديس ۾، شايد آهين تون
    ويٺي ڳائين تون، ستارن سان ساٿَ ۾

    تو جا ڪئي اوت، اسان ۾ ويراڳ جي
    پوءِ ڪيئن چئبو موت، توکي ماريو آ مٺي!


    علي اطهر موساڻي

    امڙ بيگم فقيرياڻي

    امر فن سان سدا رهندي امڙ بيگم فقيرياڻي
    جنم ڪو نئون وٺي ورندي امڙ بيگم فقيرياڻي

    سندس ٻچڙا هئا درگاهي ۽ گل سنڌ پڻ ساري
    ۽ اختر تي هئي ٺرندي امڙ بيگم فقيرياڻي

    سچل، بيدل، ڀٽائي جا ۽ سنڌ جي ڪُل فقيرن جا
    وڃي اُت بيت هئي پڙهندي امڙ بيگم فقيرياڻي



    بابي ميرل ۽ داتا شاهه ولايت فيض درياهه تان
    جھُڪي هوءَ فيض هئي وٺندي امڙ بيگم فقيرياڻي

    هئي هُوءَ پاڻ خود شاعر ڪلاڪاري مٿس زيور
    ۽ سُر خود هئي سنڀاليندي امڙ بيگم فقيرياڻي

    سَندس هو عشق ڪوهياري ۽ سورٺ سان ۽ سهڻي سان
    ۽ ڪيڏا ري تي هئي روئندي امڙ بيگم فقيرياڻي

    چيائين بيت ۽ ڪافيون، قصيدا، نعت ۽ زاريون
    وئي هر صنف ساريندي امڙ بيگم فقيرياڻي

    فقيري رنگ ۽ ڍنگ ۾ گذاري عمر ساري وئي
    اميري دل هئي رکندي امڙ بيگم فقيرياڻي

    سياهه ملبوس ۽ ڪنٺو سندس ها خاص نيشاني
    رکي هٿ ڪن تي ڳائيندي امڙ بيگم فقيرياڻي

    طبيعت ۾ هي ٻاجھاري سمايل سنڌ هس ساري
    هئي مظلوم ڀر بيهندي امڙ بيگم فقيرياڻي


    هُئي هو راڳ جي ڪوئل سمايل سوز ٿس جھر جھنگ
    صديون دنيا پئي ٻڌندي امڙ بيگم فقيرياڻي

    چوڏهن سو ست سندو شعبان ۽ تاريخ هئي چوڏهين
    دعا وئي ديس لئه گهرندي امڙ بيگم فقيرياڻي


    مضمونَ ۽ مقالا

    (بيگم فقيرياڻي سنڌُ جي اديبن ۽ دانشورن جي نظرَ ۾)

     رشيد ڀٽي

    سنڌ جي ڪوئل
    ”بيگم فقيرياڻي“

    ڳائڻ ۾ مائي جيوڻي به پنهنجي نالي سان پيدا ٿي ۽ نانءُ ڪيائين، پر اسان جي تر ۾ خاص ڪري ۽ اتر سنڌ ۾ عام طرح مائي بيگم به پنهنجي نالي سان هئي ـــ ڪير جو ساڻس برميچي سگهي!
    شاهه رحه يا ڪو ٻيو ڪلاسيڪي شاعر نهايت شائستگي ۽ سنجيدگيءَ سان ڳائيندي هئي. رنگ جي ڪاري، قد ڪاٺ جي پوري پني، ڳچي ڊگهي، منهن ڪشادو، جهڙو هيس رنگ ڪوئل جهڙو اهڙو ئي هيس تيز آواز، درگاهه تي آلاپ ڪندي ته ڪُوڪَ ڪوئل جيان ڳوٺ اروڙ تائين پئي پڙاڏو ڪندي.
    مون کي ڪيئي ڀيرا مرحومه کي ٻڌڻ جو موقعو نصيب ٿيو ـــ سترنهن ارڙهن سال اڳ مون کيس پنهنجي سؤٽ جي پٽ جي طهر تي اروڙ ۾ ٻڌو ـــ عمر جي موٽ هيس پر آواز ۾ اڃا ٿٿر نه پئي آيل ڏيکاريو ـــ ڪارو تن، ڪارو لباس ـــ پر اڇو اجرو من ـــ ڳلي ۾ ڪٺ مال ـــ سڄي عمر ائين رهي، جهڙ ي بيگم فقيرياڻي سڏائيندي هئي، اهڙي ئي دل ۾ من جي فقيرياڻي هئي ـــ پاڻ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ ورتاءُ ۾ اها ئي روايتي سنڌي لڄا واري عورت جو نمونو!
    پنهنجي فقيري ۽ بي پرواهه مست طبيعت جي ڪري ڪنهن جي ڪاڻياري نه ٿي، ان ڪري سنڌي موسيقي جي سنسار ۾ اهو مقام نه ماڻي سگهي جو ماڻڻ گهربو هوس. مرحومه جنت مڪان سنڌي ثقافت، خاص ڪري راڳ ۽ سهري جي احياءَ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. پر سندس جيئري ڪنهن قدرُ نه ڪيو.
    سکر هجان ها ۽ چاڪُ هُجان ها ته مرحومه کي ڪلهي ڏيڻ جو شرف ۽ نيڪي ضرور حاصل ڪريان ها.


    علي احمد بروهي

    سنڌڙيءَ جي ميران ٻائي

    تاريخ 13 اپريل 1988ع تي سنڌ ۾ ٻه ورسيون ملهايون پيون وڃن. هڪ سنڌ جي آرياڻي علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جي، ۽ ٻي سنڌڙيءَ جي هڪ نماڻي فقيرياڻي ”مائي بيگي“ جي. جنهن گذريل سال هن مهيني جي 13 تاريخ وفات ڪئي. ”فقير سڏائڻ“ ته شايد اڄوڪي زماني ۾ هڪ فئشن هجي پر غربت ۽ عاجزيءَ جيان فقيريءَ جي ”ولايت“ به مائي بيگيءَ کي ورثي ۾ نصيب ٿي. سندس مسڪين گهراڻي جا ڪيئي ڀاتي، مرد توڻي عورتون ان روحاني رنگ ۾ رتل هئا.
    ”مائي بيگي“ تعلقي پني عاقل ضلعي سکر جي هڪ ننڍڙي واهڻ جي ڳوٺاڻي هئي. سندس مٽ مائٽ يا ته مياڻين ۾ مڇي مارڻ جي ڪرت ڪندڙ هئا يا وري ٻيڙياتا ميربحر هئا. سندس پيءُ هارون فقير پاڻ به ”پاتڻي“ هو. دراصل مائي بيگيءَ نه فقط جنم ”بتيلي“ تي ورتو هو پر زندگيءَ جو وڏو حصو به ٻيڙين تي گهاريو هئائين. راڳ ويراڳ جي ستي به کيس امڙ جي لوليءَ جيان ٻاروڻي وهيءَ ۾ ملي، جئن ته سندس ابو ”هارون فقير“ پتڻ هاڪارڻ سان گڏ ڳائڻ وڄائڻ ۾ به خاصي مهارت رکندڙ هو. پنهنجي نياڻيءَ جي سريلي آلاپ ۽ سندس راڳ سان لڳاءُ ڏسي کيس ڳائڻ لاءِ همٿائڻ جي علاوه مٽن مائٽن جي شادين مرادين ۽ درگاهن جي ميڙن تي پاڻ سان وٺي ويندو هوس، خاص طور شاهه ڀٽائي جي ميلي تي. آخر ڪو اهڙو ويرو به آيو جو وقت جي وهڪري سان گڏ مائي بيگيءَ جي ”الوميان“ واري گونج، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻڌجڻ لڳي. هي زمانو مائي جيوڻي، الهڏنو نوناري ۽ ڀڳت ڪنور جي موسيقيءَ وارو سونهري دؤر هو. مائي بيگي ٽنهي ڳائڻن جي ڀيٽَ ۾ هڪ جيتا مڙيءَ جي حيثيت مس رکندڙ هئي پر تڏهن به ٻهراڙين جي ماڻهن ۾ مانگ مقبوليت مائي بيگيءَ جي هوندي هئي. شايد هن ڪارڻ جو هوءَ هر پير فقير جي چونڪيءَ يا غريب غربي جي ڪاڄ ڳائڻ لاءِ وڃي حاضر ٿيندي هئي.
    اتر سنڌ ۾ مائي بيگي، سنڌ جي ”ڪوئل“ سڏي ويندي هئي. ٻارهوئي ڪارو ماتمي ويس ورتائيندي هئي. وري سون تي سهاڳو جو ڳچي ڳل سڳا ڌاڳا ۽ ڳانا به هوندا هُيس ڪاري رنگ جا. مون کي ياد نه آهي ته مائي بيگيءَ ڪڏهن ڪاري رنگ کان سواءِ ڪو لٽو ڪپڙو پاتو. مون کي ته شڪ آهي ته اڇي ڪفن جي لباس ۾ مائيءَ بيگيءَ کي منڪر نڪير به مشڪل سڃاتو هجي. هونئن به ملائڪ مماتيءَ وارن کي ”پار پتن“ تي سڃاڻندا آهن. نالو ته قبر ۾ اچي پوءِ پڇا ڪندا آهن!
    فقيريءَ جي طريقي ۽ سلسلي جي لحاظ کان مائي بيگان، ”چڪ ڀرڪڻ“ جي بزرگ ”فيض درياهه“ جي گادي نشين سائين ولايت شاهه جي مريدياڻي هئي. پر دلي لڳاءُ ۽ روحاني ناتي سان پاڻ کي لطيف سائينءَ جي ”گولي“ سڏائيندي هئي. ڏاڍي پاٻوهه سان هام هڻي چوندي هئي ته سموري عمر ۾ سهڻي لطيف جي درگاهه تان من ڀلجي ڀيرو نه ڀڳو آهي. عرس جا ٽيئي ڏينهن اچي ڀٽ تي ٽڪندي هئي، شاهه لطيف ته سنڌ جو سائين آهي پر مائي بيگي ته سنڌ جي هر ننڍي وڏي درگاهه تي چونڪي ڏيندي رهندي هئي. هونئن به راڳ ويراڳ جو سنڌي بزرگن سان ڪو گهاٽو پيچ پيل ٿو ڏسجي .. مون ليکڪ ۽ شاعر بي پير برابر ڏٺا. پر آءٌ نه سنبران ته ڪو ڳائڻو يا ڳائڻي سواءِ ڪنهن روحاني اعتقاد يا عقيدي جي هجي.
    راڳ لاءِ ٻڌو اٿم ته کيس موسيقيءَ جي چڱي خاصي ڄاڻ هئي ۽ فرمائش تي نيم ڪلاسيڪي موسيقي به ڳائي ۽ نباهي سگهندي هئي. پر سندس دلپسند دائرو ”ديسي راڳ“ هيو. هونئن به سنڌي راڳ کان مراد آهي ”ڪافي“. پوءِ ”ڏس ڪو ڏانوءُ“ هُجي. ”آءٌ ڪانگا ڪر ڳالهه“ هجي يا ”پيرين پوندي سانءِ ۽ چوندي سانءِ“ هجي. الهه ڏنو نوناري الاجي ڪيئن اچي سرگم، ڏانهن پلٽيو ڄاڙي ڏڪائڻ يا ٻاگھي هڻڻ کي راند ته چئي ٿو سگجي ۽ نه راڳ. مائي بيگي به سنڌي سليمي راڳ جي سانئڻ هئي.
    مائي بيگيءَ جي ڪلام جا ڪجهه ڪيسٽ ريڊيو پاڪستان طرفان ڀريا ويا هئا. هاڻ خبر نه آهي ته اهي ڪيسٽ جيئرا جاڳندا آهن يا وري گاٺ ڪري گهگھا ٿي چڪا آهن. اسلام آباد جي لوڪ ورثه پاران پڻ مائيءَ جي آلاپ کي رڪارڊ ڪيو ويو هو جنهن جي غوغاءُ ته اڃان ڪٿي به ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي. وري به شڪر آهي جو سنڌالاجيءَ وارن سندس انٽرويو رڪارڊ ڪيو هو. جنهن جي محفوظ هئڻ جي يقين ڪامل ڪري ٿو سگهجي.
    زندگيءَ جا آخري سالَ بيماريءَ ۾ بسر ڪيائين. عارضي جي شدت ۾ به شاهه جا بيت جھونگاريندي رهندي هئي. ڪيتري به پيڙا هوندي، ٻاهرين ٻني ڏيکاري ائين ڏيندي هئي ڄڻ ته کيس ڪا تڪليف ئي ڪانه آهي. شعبان جي مهيني ۾ سندس ناچاقيءَ ۾ اضافو ٿيو. تاريخ تيرهين اپريل 1987ع تي روهڙيءَ ۾ دم ڏنائين. جِتي سندس آخري آرام گاهه آهي. ٿي سگهي ٿو ته کيس ڪوهه ندا جو سڏ به هن بيت ۾ ٿيو هُجي:
    اوڏڻ اوڏي آءٌ، توکي لاکي ڪوٺئو،
    ته لهي تو مٿاءُ، سندو مٽيءَ مامرو.


    ادل سومرو

    مائي بيگم فقيرياڻي
    ڏکن سکن جي ڏيههَ ۾ انسان پنهنجي زندگيءَ جو سفر مختلف آسن اُميدن خوابن ۽ سهارن جي آسري تي جاري رکيون پيو اچي ـــ ڪڏهن ته ائين به ٿئي ٿو، جو انسان حياتيءَ جي رُڃَ ۾ مايوسي جي چادر پائي ويهي ٿو رهي هن جون اکيون آگم جا خواب ڏسڻ بدران، ڏکن جي اثر هيٺ لڙڪ لاڙِن ٿيون، اِها حياتي هميشه ڊپ جي ڇانوَ ۾ گذري ٿي. ڊپ يا خوف جنهن دل ۾ واسو ڪري ٿو، اُها اُجڙي وڃي ٿي. اُهي انسان جيڪي دردن جي ديسَ ۾ رهندي به پنهنجي چهري تي مرڪ سجائي، سُونهن، سُرَ ۽ سرهاڻ سان سڪ رکن ٿا، اُنهن لاءِ حياتيءَ جون سوڙهيون گهٽيون، شاهراهه بڻجي وڃن ٿيون.
    شاعر، موسيقار مصور ۽ راڳي پنهنجي پنهنجي ذات ۽ ڏانءَ وسيلي ماڻهن جي دُکي دلين ۾ مرڪن جون مکڙيون ٽڙائڻ سان گڏ انسانن کي حياتيءَ سان پيار ڪرڻ سيکارين ٿا ۽ مايوس انسانن کي آٿت ۽ حوصلو بخشين ٿا.
    هلندڙ صديءَ جي شروعات ۾ روهڙي لڳ سنڌوءَ جي سيني تي، ننڍن ٻارن جان ڪُڏندڙ بَتيلن مان هڪ اهڙو دلسوز آواز اُڀريو جنهن ٿوري عرصي اندر آسپاس جي واهڻن ۽ وستين ۾ پنهنجي سُريلي آواز جي سُرهاڻ ڦهلائي ڇڏي. اُهومن موهيندڙ عوامي آواز هو ”مائي بيگم فقيرياڻيءَ“ جو.
    مائي صاحبه جو پورو نالو بيگم هو، پر لطيف سائينءَ سان بيحد عقيدت هئڻ سبب پاڻ کي لطيف سائينءَ جي فقيرياڻي سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندي هئي. اهڙي ريت شآهه لطيف جي اِها طالب پنهنجي مرشد جي محبت جي حوالي سان بيگم فقيرياڻيءَ جي نالي سان سُڃاتي ويندي هئي.
    سندس جنم سن 1915ع ۾ پني عاقل تعلقي جي رضا ڳوٺ ۾ مسڪين ميربحرن جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد هارون فقير پنهنجي تَرَ جو ناميارو راڳي هو. بيگم فقيرياڻي جي خاندان جو جياپو انهن بتيلن سان هو جيڪي ڪڏهن رضا ڳوٺ وٽ پتڻ ڪندا هئا ته ڪڏهن وري روهڙي ۾ ستين جي آستان وٽ اچي بيهندا هئا. مائي صاحبه جو ننڍپڻ انهن بتيلن تي سنڌوءَ جي لهرن تي لُڏندي گذريو. پنهنجي والد هارون فقير جي، راڳ جو اثر، مائي بيگم فقيرياڻيءَ تي به ٿيو. ائين کڻي چئجي ته پيءُ جي ڏات جي حصي مان ڪجهه پتي مائي صاحبه کي ملي. انهيءَ وقت ۾ پني عاقل جي ڳوٺ ”ڪَٽن“ جي مائي غلام فاطمه ”لعل“ جو نالو هِڪَ فنڪاره ۽ شاعره جي حيثيت سان پسگردائيءَ ۾ گهڻو مشهور هو. مائي غلام فاطمه لعل جو مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي وڏڙن سان گهرو رستو هو. ۽ وٽن اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. والد صاحب جي اثر ۽ غلام فاطمه لعل جي صحبت، بيگم فقيرياڻيءَ کي راڳ ڏانهن رغبت ڏياري. اهڙيءَ، ريت مائي صاحبه مٽن مائٽن جي شاديءَ جي موقعن تي مولود يا سهرا ۽ لاڏا چوڻ شروع ڪيا ۽ اهو سلسلو اڳتي وڌندو ويو.
    مائي بيگم فقيرياڻي سٺي آواز جي مالڪ هئڻ سان گڏ هڪ بيحد حساس دل شاعره پڻ هئي. سندس لکيل ڪافيون ٿوري تعداد ۾ موجود آهن. پاڻ پنهنجيون ڪافيون به ڳائيندي هئي ته اُنهن جي ڌُن وعيره به خود تيار ڪندي هئي. گهڻَ خوبين جي مالڪ اِها عوامي فنڪاره ۽ شآعره نه صرف پنهنجي آسپاس جي شهرن ۾ فن جو ڏياٽيون روشن رکيون، پر پنهنجي ڏات جي مڃتا اسلام آباد، مري، بهاولپور، لاهور، ملتان ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ پڻ ڪرائي. سندس انهيءَ عوامي مقبوليت کي ڏسندي اسلام آباد جي لوڪ ورثي واري ثقافتي اداري پاران سندس آواز جون ٽي عدد آڊيو ڪيسٽس ۽ هڪ وڊيو ڪيسٽ رڪارڊ ڪئي وئي. ڪافي تعداد ۾ آڊيو ڪيسٽس جي رڪارڊنگ سندس آواز ۾ موجود آهي. ان کانسواءِ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي، انٽرويوءَ جي وڊيو ڪيسٽ پڻ رڪارڊ طور محفوظ آهي.
    مائي صاحبه جي پنهنجي عوامي انداز واري آواز جي جيئن هڪ منفرد سڃاڻپ هئي تيئن سندس شخصيت به ٻين فنڪارن کان بنهه نرالي هئي. پاڻ سڄي حياتي ڪاري لباس ۾ گذاريائين ۽ ڪڏهن ڪنهن ٻئي رنگ جو ڪپڙو نه پاتائين. هميشه عجز عاجزي ۽ انڪساري ۾ گذاريندي هئي، گهمنڊ ۽ غرور کي ڪڏهن ويجھو اچڻ نه ڏنائين. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ کي فقيرياڻي سڏائڻ پسند ڪيائين، ڇو ته انهيءَ لفظ ۾ سا دگي ۽ نئڙت آهي ۽ تڪبر انهيءَ لفظ جي ويجھو اچي نٿو سگهي.
    وڍي وڏائيءَ کي، همت ساڻ حقيرَ
    فڪر منجهه فقيرَ، پُهتا پرينءَ پار ڏي
    عوامي انداز ۾ ڳائڻ کانسواءِ مائي بيگم فقيرياڻي کي ڪلاسيڪي راڳ جي بنيادي ڄاڻ به هئي. ان سلسلي هُنَ لاڙڪاڻي جي اُستاد جان محمد کان تربيت حاصل ڪئي. سڀني ديسي راڳن جهڙوڪ سورٺ، راڻو، ڪوهياري ۽ ڀيروي وغيره تي مائي صاحبه کي ڪافي عبور حاصل هو. اڪثر ڪري سندس ڳائڻ جو وقت رات 8 بجي کان سج اُڀرڻ تائين هوندو هو. عارفاڻي ڪلام سان کيس دلي لڳاءُ هو، ان ڪري هميشه شاهه لطيف، سچل سرمست ولايت شاهه، بيدل، بيڪس، غلام فاطمه، ٻڍل فقير، خوش خير محمد ۽ ٻين صوفي شاعرن جو عارفاڻو ڪلام ڳائيندي هُئي. ڳائڻ وقت محفل تي سندس آواز جو جادو ڇانئجي ويندو هو ۽ ماڻهو وقت وساري ٻُڌڻ ۾ ايترو ته گم ٿي ويندا هئا جو کين مهل جي خبر تڏهن پوندي هئي جڏهن سج اڀرڻ جاآثار ظاهر ٿيندا هئا. هو مسڪسن مارن ۽ عوام جي بيحد مقبول فنڪاره هئي ان ڪري ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ سندس فن جا عقيدتمند گهڻي تعداد ۾ موجود آهن.
    مائي بيگم فقيرياڻي جي فنڪارانه صلاحيتن جي اعتراض طور 1986ع ۾ شباب آرٽس ڪائونسل خيرپور پاران سچل سرمست ايوارڊ ۽ سنڌ اسپيڪرس فورم شاخ روهڙي پاران بيدل گولڊ ميڊل 1984ع ڏنو ويو. ريڊيو پاڪستان خيرپور پاران آگسٽ 1986ع ۾ سندس آخري انٽرويو ۽ ڪافي رڪارڊ ڪئي وئي. بعد ۾ مائي صاحبه جي طبيعت عليل ٿي پئي. آخرڪار انهيءَ علالت واري حالت ۾ هيءَ عوامي فنڪاره ۽ شاعره هن فاني جهان ۽ فن جي دنيا کي هميشه لاءِ الوداع چئي هلي وئي ـــ سندس آخري آرامگاهه ميمڻ محلي روهڙيءَ جي قبرستان ۾ آهي. سندس فرزند پروفيسر درگاهي ميراڻي ۽ پوٽو اختر درگاهي سٺي شاعر هئڻ سان گڏ دلسوز آواز جا مالڪ پڻ آهن.
    مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو دلسوز آواز اَڄُ به جھنگ جھر ۾ ٻُري ٿو. سندس سُر جي سُرهاڻ جيستائين ڦهلبي رهندي، تيسين سندس نانءُ عوامي دلين ۾ محفوظ رهندو.
    ٻُرندا رهندا جيسين جڳ ۾ درد ڀريا آواز
    تيسين رهندي سُونهن سُندرتا، ساهه ۾ رهندا سازَ


    فقير مٺل مسرور

    صوفين جي باغ جي ڪوئل

    پنهنجي حياتيءَ ۾ جيڪا باڪمال شخصيت مون ڏٺي اُها هئي ”مائي بيگم“ جنهن جو فقط ائين نالو وٺڻ مونکي لائق نه آهي، فقط تعارفي طور ائين لکيو اٿم، مغفوره مائي بيگم، پنهنجي دور جي اهڙي شخصيت هئي. راڳ ڳائيندڙ عورتن مان، اَمي بيگم فقيرياڻيءَ کي ئي مائي بيگم جي نالي سان سڏيو ويندو هو. جڏهن ته اُنَ دور جون ڪافي راڳي عورتون ٻايُون سڏبيون هيون، مثال طور جيوڻي ٻائي يا مولي ٻائي وغيره....... منهنجي خيالَ ۾ سندس شرافت ۽ فقيري رهتِ جو اِهو اعزاز هو، سڀڪو ماڻهو اَمي بيگم کي وڏي ادبَ سان مائي بيگم فقيرياڻي ئي سڏيندو هو.
    پاڻ سدائين ڪارا ڪپڙا پائيندي هئي، هلڻ اٿڻ ويهڻ ۾ سندس صورت سدائين نماڻائيءَ جو ئي شاهڪار محسوس ٿيندي هُئي، مان جڏهن به اَمي بيگم کي ڏسندو هوس ته ٿڌو ساههُ اُڀري ايندو هو..... تمام وڏي سوز گَداز، هجر فراقَ جي تصويرَ هئي..... اَمي بيگم....! پاڻ هر وقت صوفياڻو ۽ عارفاڻو ڪلام وڏي عشق سان ڳائيندي هُئي. پر جڏهن حضرت لعل لطيف رحه جي منتخب رومانوي داستان سسئي پُنهونءَ کي سُر ڪوهياريءَ ۾ ڳائيندي شروع ۾ هي بيتُ ضرور چوندي هُئي ته روئاري وجھندي هُئي.
    سَنجريس تان سور ــ سامايس ته سُک ويا
    اِهي ٻئي پور ـــ مون نِماڻيءَ نصيب ٿيا
    (حضرت لعل لطيف رحه)
    سَسئي جي پيءُ ماءُ ۽ نجومي جي ڪيفيت جڏهن پتڪڙي ٻالڙيءَ سسئي کي صندوق ۾ وجھي لوڙهڻ ۽ اُنَ لڙهندڙ صندوقَ کي ڏسي، ڳوڙهن ڳاڙڻ جو منظر بيتن ۽ ڏوهيڙن جي شڪل ۾ بيان ڪندي هُئي ته ٻڌندڙ لُڙڪن سان آبيده نظر ايندا هئا. ته عين انوقت سندس فن کان نڪري فڪر ۾ مبتلا ٿي وڃبو هو.... اَمي بيگم جي راڳ ڪوهياري ڳائڻ وقت اهڙا ته انوکا آلاپ شامل ٿي ويندا هُئا، جيڪي ڪنهن ٻئي راڳ جا محسوس به ٿيندا هئا، پر سر ڪوهياريءَ جي آروهي ۽ امروهيءَ کان ڪڏهن به تجاوز ڪري نه سگهندا هُئا...
    اهڙي طرح، سُر سورٺ، سر راڻو، سر سهڻي ۽ سر مارئي چوڻ وقت به معمول ساڳيو ئي وضاحت ڀريو هوندو هو. ذڪر ڪيل موضوع کانسواءِ عارفانه صوفيانه ۽ همه اوست جا ڪلام به وڏي جذبي ۾ چوندي هئي هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته اَمي بيگم فقيرياڻي جو شڪارپور ۾ حضرت حاجي لطيف شاهه جيلانيءَ جي درگاهه تي چونڪي جو پروگرام هو، جِتي هر جمعي جو منجھند کان سو مهڻي تائين راڳ ٿيندو هو، جنهن سبب ماڻهن جو زبردست ميڙاڪو ٿيندو هو . ان جمعي تي بابا مسرور رحه چيو ته: ”اڄ مائي بيگم فقيرياڻي جو راڳ آهي هل ته توکي گهمائي اچان جڏهن گهران روانا ٿياسين ته بابا اُتر طرف حضرت منو چهر شاهه رحه جي درٻار تي هلڻ بجاءِ شهر جي ڏکڻ طرف هلڻ شروع ڪيو. نيڪ روشن هجي ته اڳ ۾ جيڪڏهن بابا سائين جمعي جي ڏينهن شڪارپور ۾ موجود هوندو هو ته حضرت منوچهر شاهه کانسواءِ ٻئي طرف هرگز نه ويندو هو، ڇاڪاڻ ته اُتي سندس ٻيا هم خيال دوست ۽ راڳي باقاعدگي سان انتظار ۾ رهندا هئا. پر هن دفعي ڏکڻ طرف حضرت حاجي لطيف جي درگاهه طرف پئي هلياسين، رستي تي هلندي، بابا مسرور ٻڌايو ته، هيڏانهن شهر جي ڏکڻ طرف حاجي لطيف شاهه سائين جو روضو اَٿئي. اسان هاڻي هن ڪامل اڪمل جيلاني بادشاهه جي درٻار طرف هلي رهيا آهيون جِتي ئي مائي بيگم فقيرياڻي جو راڳ آهي، مٺل! جيڪڏهن هڪ دفعو سندس راڳ ٻُڌءِ ته زندگي ڀر وساري نه سگهندين.
    المختصر درگاهه شريف ۾ پهچندي بابا مسرور سائين وڏي عاجزي ۽ نوڙت ڪندي درگاهه ۾ هڪ طرف ويهي هيءَ مناجات مٺڙي ۽ سريلي لهجي ۾ پڙهڻ لڳو.

    نور ــ نبيصه جو منظر حاجي لطيف شاهه
    اڪمل عجيب انور ـــ حاجي لطيف شاهه
    گل باغ پنجتن جو ـــ محبوب ذوالمنن جو
    سالار دين سرور ـــ حاجي لطيف شاهه
    دربار لاؤ بالي ملڪ ـــ خدا جو والي
    ڪل اوالياء جو افسر ـــ حاجي لطيف شاهه
    جيڪو اچي سوالي ـــ موٽي نه مور خالي
    آهي غريب پرور ـــ حاجي لطيف شاهه
    روز ـــ شمار شافي ـــ ڪامل قريب ڪافي
    نرمل نجات جو دَ رُ ـــ حاجي لطيف شاهه
    مسرور غم وساري ـــ رهُه شاد دل اُجاري
    دم دستگير دِلبر ـــ حاجي لطيف شاهه

    درگاهه کان ٻاهر نڪرڻ وقت ڏٺوسين ته هڪ طرف فقير ۽ درويش ويٺل هُئا. اُتي بابا سائين هلي پاڻ هڪدم مونکي پنهنجي ڀرسان ويجھو ڪري، پاڻ به ويهي رهيو ۽ مونکي به ڀر ۾ ويهاري ڇَڏيائين، ان وقت سامهون راڳ واري ٿلهي تي هڪ تمام نفيس ۽ سَنهڙي جسم سان ڪارن ڪپڙن ۾ ملبوس مائي راڳ ڪري رهي هئي. سندس مٺڙي ۽ بلند آواز منهنجي دل کي تمام گهڻي راحت پئي ڏني ان سبب مان بابا کان پڇيو ته ”هيءَ مائي ڪير آهي“ ڪيڏو ته هن جو مٺڙو ۽ بلند آواز آهي“ ان پڇڻ دوران مون ڏٺو ته ، بابا جا چشم لال ۽ آبيده لڳم، ان وقت بابا جلد جواب ڏيڻ جي ڪيفيت ۾ نه هو ان ڪري ٿورو دم جھلي چيائين ته ”هيءَ مائي بيگم فقيرياڻي آهي ڪيئن راڳ وَڻئي ٿو“؟ ائين چئي مون کي پنهنجي هنج ۾ کڻي ويهاريائين. ايتري ۾ اَمي بيگم راڳ چئي ختم ڪري ورتو هو. ۽ ان سبب ماڻهن جا ٽولا تڪڙا تڪڙا، اسانجي بيٺڪ واري هنڌ تان واپس پئي ويا، واقعي ئي جيڪڏهن بابا مونکي کڻي هنج ۾ نه ويهاري ها ته موٽندڙ ماڻهو مونکي لتاڙي وڃن ها.
    واپسيءَ تي بابا ٻڌايو ته سڀ ماڻهو مائي بيگم جي راڳَ تي عاشق آهن، جڏهن به مائي بيگم جي اچڻ جي خبر، شڪارپور جي ماڻهن کي پوندي آهي ته ماڻهن جي ائين ئي ڀيڙ مچي ويندي آهي. نيڪ روشن هجي ته اَمي بيگم جي اولاد جي عمر مطابق، منهنجي به عمر هُئي. اَمي بيگم اڪثر لباس ڪارو پهريندي هُئي، جيڪو منهنجي دل کي ڏاڍو وڻندو هو، خاص طور جڏهن سندس راڳ ٻڌڻ ويندو هوس ته مان به ڪارا ڪپڙا پائيندو هوس.
    هڪ دفعي اَمي بيگم جي، محفل، ذڪر ڪيل بزرگ حاجي لطيف شاهه جي درگاهه تي جاري هُئي جِتي مان به پهچي بابا جي دوستن سان هڪ کبڙ جي وڻ هيٺان ويٺو هوس، ان دوران کبڙجي وڻ مان بُلبلين جي ٻولي ٻُڌڻ ۾ آئي. ان وقت پاڻ ٻڍل فقير جو هِي ڪلام سو سورٺ ۾ ڳائي رهي هئي.

    تنهنجي اکڙين جي اسرار هزارين حيران ڪيا.

    اِنَ دوران مٿي کبڙ جي وڻ ۾ ويٺل بُلبلين جي لات ائين پئي لڳي، ڄڻ، اِن سر سورٺ جي آواز سان بلبلين جي لات سازن جيان سنگت ڪري رهي هئي..... مان اُنَ وقت ان سرور سبب پنهنجيون اکيون ٻوٽي لطف وٺي رهيو هوس. اچانڪ بابا جي دوستن مان ڪنهن دڙڪو ڏئي چيو ته ”ننڊ وري ڇو ٿو ڪرين، مائي بيگم جو راڳ ٻڌندين يا ننڊ ڪندين“، مون کين چيو ته ”وڻَ مان بلبلين جا آواز ته ٻڌو، مون ڏٺو ته اهي بابا جا دوست امي بيگم جي راڳ ۾ ايترو محو هئا، جومنهنجي ان چوڻ طرف هنن ڌيان ئي نه ڏنو. اُتي اسان سان گڏ ا ستاد منظور علي خان جو سهرو، استاد قلندر بخش ربابي به ويٺل هو، جيڪو پاڻ به زبردست گويو هو، تنهن چيو ته ”هي بلبليون به مائي بيگم جي راڳَ ۾ محو آهن، پُٽَ اِهي اهڙي ته محويت ۾ اچي ويون آهن، جو هن طرف جهڙو آواز نڪري ٿو، ته اهو هنن بلبلن جي لات مان ساڳئي سر ۽ رڌم سان اَچي ٿو. اِهو رنگ سڀ ڪنهن راڳي جي راڳ وقت نه ٿيندو، اِهو فقط ڪنهن شِري مُني مهان بيراڳي جي ڳائڻ وقت ئي ٿيندو آهي.... ان بعد حق موجود ڪندي چيائين مان هاڻي، پُٽ سماڌ اَشرم ويندس، ائين چئي اُٿي هلڻ لڳو، جنهن سبب مان به سندس اَدب ۾ اُٿي بيٺس.
    واهه نصيب، ڇا ڏسان ته اَمي بيگم، اسانجي بلڪل نزديڪ ڪنهن ٻڌندڙ جي ويجھو پهچي کيس ڏوهيڙو ٻڌائي واپس وڃي رهي هُئي، ان وقت منهنجيون اکيون به منجھس کُپي ويون هيون، خبر تڏهن پئي جو اَمي بيگم هڪدم منهن ورائي مونکي مٿي کان جھلي نرڙ تي چُمي ڏني. اهڙي طرح پوءِ سازندن طرف مُنهن ڪري هلي وئي، المختصر مان ڪيترو زمانو اُنَ چُميءَ واري هنڌ تي ٿڌاڻ محسوس ڪندو رهندو هوس جيئن ڪنهن مامتا ڀري امڙ جي دُعا واري چُمي هُجي.
    ڪيترن ڳائِڻَن ۽ ڳائڻين کي مون ڏٺو ۽ ٻڌو، جيڪي مهل بي مهل، جتي ڪٿي راڳ جي واري وٺڻ لاءِ بيتاب هوندا هئا، پر اَمي بيگم سڀني کان منفرد ۽ صوفي مسلڪ جي شخصيت هُئي، ڪڏهن به کيس جلدبازي ڪندي نه ڏٺو هوم.... اَمي بيگم پنهنجي آخري دور ۾ حضرت بيڪس عليهه رحمت جي ميلي واري ڏينهن اَچي وئي، کيس ڏسي، منهنجي ته خوشيءَ جي حد نه رَهي، سو سندس ويجھو اَچي پيرين پَيُس ۽ کيس عرض ڪيم ته اَمي بس اڄ وڏو مزو ايندو جڏهن هتي چونڪي ڪندؤ. تنهن تي چيائين ته ”پُٽ مِٺا، مون کي ياد آهي ته ڪنهن وقت بابا مسرور توکي چوندو هو ته ”کو ٻلا ڳالهه ڪجهه سمجھندو ڪر“ مون ته سندس اَدب ۾ کڻي ماٺ ڪئي. پاڻ مونکي ٿورو ڏکيارو محسوس ڪندي وري به اڳ وانگر نرڙ تي چُمي ڏنائين ۽ چيائين ته ”مِٺل پُٽ هن درگاهه تي عورت جي راڳ جو امر ناهي، مان ته هِتي پنهنجي صحت سلامتي جي دُعا لاءِ آئي آهيان ساڳئي سال هڪ مهينو بعدشوال جي چوڏهين تاريخ حضرت انباهه ۾ حضرت سخي صوفي فيض درياءَ عليه رحمت جي ميلي ۾ وڃڻ ٿيو. ميلي دوران فقراهه جو صحبتون، راڳ روپ ٻڌندي رات جو پويون پَهَرُ ٿي ويو..... اچانڪ ان وقت پريان سر سهڻي ۾ ٻڌڻ ۾ آيو.

    ڪاري رات ڪچو گهڙو ــ اُڻَٽيهن اونداهي
    چنڊ نالي ناهه ڪو ـــ درياءَ ڌَڙ لائي
    اهي ڪم الاهي ـــ نه ته ڪُنن ۾ ڪير گهڙي

    مون يڪدم پرکي ورتو ته هي آواز ته اَمي بيگم جوآهي، سو پنهنجي شامل دوست کي چيم ته ”اُٿ ته هلي اَمي بيگم جو راڳ ٻُڌون ۽ کيس پيرين پَئون“ اِنَ تي هن فقير دوست چيو ته ”اِهو پويون پَهرُ فقط مائي بيگم فقيراڻي، داتا دستگير جي چونڪي ڪندي آهي، جيڪي ماڻهو سُمهيل ۽ آرامي هوندا آهن سي به هڪدم اُٿي سندس راڳ ٻُڌندا آهن. اِنَ وقت مالڪ گادي نشين سان گڏ رياضت وارا فقير به اِهو راڳ باقاعدگيءَ سان ٻُڌندا آهن..... بهرحال اسان به هڪ هنڌ سندس ويجھو اَچي ويراڳ مان لطف اندوز ٿياسين. ان رات اَمي بيگم، حضرت سچل رحه، حضرت بيدل رح ۽ حضرت بيڪس رحه جي ڪلامَ بعد، حضرت ميرل فقير فيض درياء، سيد صالح شاهه رحه جيلاني راڻيپور واري ۽ مرشد سيد ولايت علي شاهه داتا دستگير جو ڪلام ڪثرت سان ڳايو هو. اهڙي طرح آخري ڪلام راڳ آسا ۾ چيائين جنهن جا ٻولَ هن طرح هُئا.

    اِجو يارُ آيو ـــ اوهين ڇا ٿِيون ڀانيو
    پياريو پياسن ـــ صبح جو سوايو

    صوفي خير محمد رحه

    آسا جي پوري ٿيڻ بعد، اجتماعي دعا ٿيندي هُئي، پر هن دفعي دعا کان اڳ ۾ ئي پريان ڪنهن فقير بلند آواز ۾ صَدا ڪئي ته ”بابا بيگم فقيرياڻي، هڪڙو ڪلام ڌنا سري جو به ٻڌايو، ڇو ته اِنَ راڳَ جو وقت به اَچي ويو آهي.... اِهو ٻُڌڻ شرط اَمي بيگم، حضرت بيدل سرڪار جو هي ڪلام راڳ ڌناسريءَ ۾ چَوَڻُ شروع ڪيو.
    سجدا ڪيتا ساڏي ساهه ـــ رانجهي نون وز ازل وچ سنئيان

    ڪلام پوري ٿيڻ سان داتا دستگير جو نعرو بلند ٿيو، ۽ راڳ جي رات واري محفل پوري ٿي ته اسين اَمي بيگم سان ملي، ٿورو درگاهه جي صحن ۾ ٻه ٽي پير کڻي اڳي ٿياسين ته بلڪل سامهون استاد هادي بخش ميمڻ، جيڪو پاڻ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪافي گويين جو استاد هو، ڏسڻ ۾ آيو، جنهن سان نياز نوڙت ڪندي وڃي ملياسين اُستادُ اُنَ دورَ ۾ بنا ناغي اَسان وٽ قرب ڪري ايندو هو سر سنگيت جي تعليم به ڏيندو هو. پاڻ ملڻ شرط فرمايائين ته ”مٺل! مائي بيگم جو راڳ ٻُڌُءِ؟ مون استاد کي ڪجهه چوڻ مناسب نه سمجھيو ــ ڇاڪاڻ ته استاد هادي بخش پاڻ وڏو گويّو هو ۽ ساڳي وقت سر سنگيت جي تعليم ڏيڻ جو به ماهر هو ۽ خاص طور ڪلاسيڪل انگ کي وڌيڪَ اهميت ڏيندڙ هو، بعض جيڪڏهن ڪنهن غزل يا ڪافيءَ کي ڳائيندو هو، ته سندس انداز ڏاڍو مشڪل ۽ پيچيدو هوندو هو،.... مون سوچيو پئي ته هي فقيراڻو راڳ ان اڳيان ڪهڙي اهميت رکندو هوندو اِهوئي سبب منهنجي ماٺ جو هيو. پر ڳالهه منهنجي اندازي جي بلڪل برعڪس نڪتي. بهرحال پاڻ استاد هادي بخش کان رهيو نه ٿيو، سو مونکي ڏسي چيائکين ته مِٺل! ڪَمال آهي مائي بيگم جو ڪيئن ته راڳ ڌناسري کي ڀيروي ۽ ڀيرو کان بچائي راڳ جي صورت برقرار رکي اٿس اهو ڪم، ايڏو ته مشڪل ـآهي، جو وڏا وڏا گويّا به ان راڳ ۾ ٿڙي ويندا آهن.“........ استاد جا اِهي لفظ ٻُڌي وڏي خاطر جمعي نصيب ٿي. اَمي بيگم جي تعريف ۾ هيڏي وڏي گويئي جا اِهي لفظ، خوشبودار گلن جي مهڪار وانگر منهنجي ذهن ۽ دل جي فرحت جو باعث بڻجي ويا.
    حضرت داتا ولايت شاهه عليه رحمت انباهه شريف وارو فرمائيندو هو ته ”فقيرياڻي مائي بيگم صوفين جي باغ جي سدا بهار ڪوئل آهي.“
    مان پاڻ جڏهن به حضرت انباهه ۾ اَمي بيگم سان اچي ملندو هوس ته پاڻ هميشه هي جملو چوندي هئي.

    ويهه داتا جي در تي لنگها لاهي لَڏَ

    وقتي طور ساڻس ڪو نئون راڳي ويٺل هوندو هو، ته ان کي منهنجي سڃاڻپ ڪرائيندي چوندي هئي ته ”ابا هي مٺل فقير، اسانجي فقير مسرور جو پٽ آهي، ۽ پنهنجي بابي وانگر پنهنجي مرشد بابا بيدل سرڪار جو ديوانو آهي“..... اَمي بيگم جي زبان مان اِهي تعريف وارا لفظ ٻُڌي جڏهن منهنجو ڪنڌ جھُڪي ويندو هو ته هلڪڙو ٽهڪ ڏئي، مونکي کاڏي کان وٺي منهنجي منهن کي ٿورو مٿي ڪري چوندي هُئي ”مِٺا منهن تي مان ڏي ڪر، منڙو ٺري“.... ڪيترا ڏينهن سندس اِهو جملو منهنجي من مندر ۾ گردش ڪندو رهيو. پر هڪڙي وقت سندس ذڪر ڪيل لفظ هڪ ڪافيءَ جو روپ وٺي نمودار ٿي پيا.

    مِٺا منهن ته مان ڏي ڪر ـــ منڙو ٺري
    تنهنجي نيڻن مان پيئان جامَ ڀري

    (طبع زاد)

    بهرحال ڳالهيون ڳُڻن ڀريون، جيڪي سانڍيل آهن ساهه ۾ هِتي ڪافي ٿورڙيون پيش ڪري سگهيو آهيان. آخر ۾ سندس لاءِ اِهو چوڻ ضروري ٿو سمجھان ته ”مائي بيگم فقيرياڻي، ثقافت، تصوف ۽ معرفت جو مجسمو هُئي.....! پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن هي بيت چوندي هُئي.

    ماڻهو سڀ نه سهڻا ـــ پکي سڀ نه هنج
    ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه ـــ اچي بوءِ بهارَ جي


    غلام قادر ”منصور“ ميراڻي

    مائي بيگم فقيرياڻي

    سنڌ ۾ اهڙا ڳائيندڙ هئا ۽ آهن جيڪي نه خانداني راڳندڙ نه ڪنهن کان راڳ جي سکيا ورتل نه وري رات جو پوئين پهر اٿي رياض ڪيائون، اهڙن راڳين ۾ هڪ نالو مائي بيگم فقيرياڻي جو آهي، جيڪا ست پيڙهائتي ٻيڙائت هئي، پاڻ ٻالپڻو ٻيڙيءَ جي هنج ۾ ماءُ جي جھولي وانگر جھوٽي گذاريو، آڳل، پاڇل تي کيڏي جوان ٿي ڪافي سالَ جر جاٽون ڏنيون، سندس وڏڙا تڙ ڌڻي ها، سنڌو جي ڪنن جا ڄاڻو، تار، تانگهي مان ٻيڙي اڪيري، پور سلامتي سان پار پهچائڻ سندن ڪرت هئي، رضو واري تڙ جا پانڻي ڪڏهن وري لانوارا لڙهيون هڻي پنو عاقل جي واپارين جو سامان کڻڻ ستين واري تڙ (لڳ روهڙي) تي ايندا ته وري سڙهه سنوان ڪري اوڀاري الا توهار ڪندي اچي خير سان پنهنجي تڙ پهچندا، ملاحن جي ماحول ۾ مائي بيگم اندر جي اوناهين ۾ آواز جي آلاپ کي سانڍيو پئي آئي.
    ان وقت جي رسمن رواج موجب، هڪ عورت ڳائڻي جيڪا اترئين سنڌ جي مشهور مائي، فاطمه موچاڻي يڪتاري تي ڳائنيدي هئي، پنهنجي پيءُ ”لال“ جي نالي ڪلام ٺاهي وڃي راڄن ۾ شاديون ٻنيءُ مرادون، ڳائي وڄائي ايندي هئي، اها ڳائڻي پنهنجي تر ۾ ”لال“ موچاڻي جي نالي سان مشهور هئي، ڳوٺ ڪٽن رضوءَ واري تڙ ڀرسان ويٺل هئي، سا مائي موچاڻي تڙ پوڄا ڪرڻ خاطر سنڌوءَ جي ڪناري قطار ۾ بيٺل ٻيڙن تي به شاديون توڙي ڇٺي ۾ رڳو خبر پوڻ تي وڃي پهچندي هئي، جنهن جي مائي بيگم جي ماءُ ۽ نانيءَ سان نياز مندي هئي.
    ٿوري عرصي ۾ بيگم فقيرياڻي جي نالي سان نروار ٿي، ۽ پاڻيءَ واري زندگي کانسواءِ کيس سڪ تي سڏ اچڻ لڳا، ان وچ ۾ مائي بيگم باقاعدي پنهنجي استاد مائي لال موچاڻي کان فقيريءَ جو ڌاڳو ورتو، ڪارو ويس ڪنٺو ڳچيءَ ۾ سندس ڪارو رنگ، قد پورو پنو، منهن ڪشادو، ڳچي ڊگهي، مردن ۽ مائن جي محفل ۾ اٿي بيهي ڪن تي هٿ رکي ڪري جو الوميان ته جو جاتي سو تا تي سانت، هرڪو ٻڌڻ لاءِ آتو اوڙي، پاڙي پر سڄي تر ۾ اها شادي ڇٺي ڪهڙي جو بيگم فقيرياڻي نه هجي، ان حد تائين، مرحوم رشيد ڀٽي، مائي بيگم جي مرتئي تي جيڪو لکيو هو ان ۾ کيس پنهنجي سؤٽ جي پٽ جي طهر تي ٻڌڻ جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ رشيد ڀٽي ته ان حد تائين لکيو آهي ته مائي بيگم، الله وسائي، الله رکي، ۽ جيوڻي، کانپوءِ پنهنجو مٽ پاڻ هئي، هونئن به سندس ڄم جي تاريخ جي ڪا پڪ ڪانه آهي پر هڪ اندازي موجب 1915ع ڌاران ڄائي، سندس ڳائڻ واري زماني ۾ سنڌي راڳ جا هي بيتاج بادشاهه استاد الله ڏنو خان نوناري، سائين ڪنور رام، چندر وغيره به ڳائين پيا پر انهن جي هوندي، پنهنجو نالو پيدا ڪري انفراديت قائم رکيائين، لطيف سائين جي پانڌياڻي هئي، پر جڏهن کان ڳائڻ شروع ڪيائين ته هر سال ميلي تي ويندي هئي ۽ ميلو گل ڪري موٽندي، پنهنجي ويجھي تر ۾ ڀٽائي جي ڪا به ٽهائي نه ڇڏيندي هئي، جِتي به خبر پيس وڃي پهچندي هئي ۽ حياتي ۾ فقير نور محمد لاڙڪ پير جو ڳوٺ ڀرسان سدائين ان جي ميلي تي ايندي هئي، ٽئي، ٽئي ڏينهن چوڪي ڏئي پوءِ موٽي ايندي هئي، اهو فقير سندس استيادياڻي مائي موچاڻي جو مرشد هو، پر لطيف سائين سان ته سندس نينهن هو. ڳائڻ دوران ”لال“ ڀٽائي ۽ ٻين ڪلاسيڪل شاعرن جا ڪلام سنجيدگي سان ڳائيندي هئي، وڏي ڳالهه ته پاڻ به شاعري ڪيائين. صفا فقيرياڻي ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪڍيائين، اهو ئي سبب هو جو کيس جيئري سرڪاري ڪامورن ٽي ـــ وي، ريڊيو ۽ ٻين سرڪاري نگراني ۾ ٿيندڙ ميلن تي نه سڏايو، پر هن پنهنجي ليکي، لوڪ گائيڪي ۽ سهرا ڳائي ثقافتي سونهن وڌائي راڳ جي دنيا ۾ هڪ نئون اواز ۽ اندازُ پيدا ڪيو ـــ لوڪ ورثي ثقافتي اداري اسلام آباد پاران سندس هڪ وڊيو ڪيسٽ ڪجهه آڊيو ڪيسٽ ڀريون. 1984ع ۾ سنڌالاجي آواز ۽ انٽرويو رڪارڊ ڪيو، حيدر آباد ريڊيو اسٽيشن وارن چار ڪلام رڪارڊ ڪيا ۽ ريڊيو خيرپور وارن 1986ع دوران هڪ ڪلام ۽ انٽرويو رڪارڊ ڪيو، سنڌ جي منفرد ۽ جنهن جي آواز جي ڪوڪ هو بهو ڪوئل وانگر هئي ڪڏهن به ٽي ـــ وي تي نه آئي، مائي بيگم نه فقط ڳائڻي هئي پر هڪ ساڃهه ڀري سگھڙ به هئي، جنهن پنهنجي جيئري ئي پونئيرن ۾ سماجي شعور پيدا ڪيو، سندس وڏو پٽ ـــ پروفيسر درگاهي ميراڻي، شاعر گل حسن ميراڻي (لوڪ فنڪار) اختر درگاهي (شاعر، فنڪار، محقق) ادب ۽ ڳائڻ واري فن ۾ سندس نالو هميشه جيئرو رکندا، کيس حياتيءَ ۾ سچل سرمست ايوارڊ 1982ع ۾ بيدل گولڊ ميڊل 1984ع ۾ مليا ۽ اهڙي طرح هن 13 اپريل 1987ع تي لاڏاڻو ڪيو.


    رحيم بخش مهر

    مائي بيگم فقيرياڻي

    سنڌ سُونهاري ۾ کوڙ ساريون اهڙيون عورتون ٿي گذريون آهن جن آواز جي دُنيا ۾ پنهنجو نالو ڪمايو پر انهن ۾ ”مائي بيگم فقيرياڻي“ منفرد ۽ ممتاز آهي ۽ سندس نالو فن جي دنيا ۾ مٿانهون آهي ـــ مائي بيگم جو روحاني واسطو شڪارپور ضلعي ۾ چڪ ڳوٺ لڳ حضرت هنباهه جي درگاهه سان هُيو. اُهو هنباهه جِتان جو حصرت ولايت علي شاهه جيلاني هڪ شاعر ۽ ولي الله ٿي گذريو آهي. مائي صاحبا سدائين ڪاري ويس ۾ هوندي هُئي. بيگم فقيرياڻي ميربحر ۽ ٻيڙائت هُئي جن جا گهر ٻيڙين تي هوندا هُئا. اسانجو ڳوٺ به عزيز پور يونين ڪائونسل نوراجا پوسٽ سومرا آهي ــ اسانجي ڳوٺ جي اولهه ۾ سنڌو درياهه جو وهڪرو وهي ٿو. جڏهن درياهه جو چاڙهه هوندو هو ته ٻين ميربحرن سان گڏ ”مائي بيگم“ جا وڏا به پنهنجون ٻيڙيون درياهه مان ڪڍي عبدالله شاهه جي ڍنڍ ۾ ايندا هُئا. اسانجا وڏا پڻ راڳ ويراڳ جا شوقين هيا ۽ پڻ صوفي خيال جا ماڻهو هيا خاص طور تي اسانجو ڏاڏو ”گُلڻ خان مهر“ ـــ منهنجو والد نالي بهاول خان مهر جو سگھڙ شاعر ۽ فاريسٽ کاتي ۾ گارڊ هيو. منهنجا چاچا مرحوم ڌڻي بخش مهر، مرحوم احسان مهر، مرحوم واحد بخش مهر، مرحوم رسول بخش مهر ۽ چاچو ڪريم بخش مهر، مائي بيگم فقيرياڻيءَ جا همعصر هيا ۽ اُنهن جو مائي صاحبا جي خاندان سان ويجھو ناتو هيو.
    مون مٿي عبدالله شاهه جي ڍنڍ جو ذڪر ڪيو ته انهيءَ ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي مِٽيءَ جو هڪ ٿلهو هو مائي بيگم فقير ياڻي ان جاءِ تي ڄائي هُئي. انهن جي وڏن جو تعلق اسان سان تمام گهاٽو ۽ گهڻو هيو. حد اها آهي ته مائي صاحبا جي آڪهه اسانجي ڳوٺ ۾ ايندي ويندي هُئي ڄڻ ته اسان سڀ هڪ گهر جا ڀاتي هُئاسون اهو تعلق مائي صاحبا جي حياتيءَ تائين جاري رهيو. مائي صاحبه اسانجي ڳوٺ ۾ ڄائي ۽ کيڏي ـــ مائي بيگم سائين ولايت علي شاهه هنباهي جي فقيرياڻي هُئي ته ٻي پاسي منهنجي مرشد شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ٻانهي به هُئي ـــ مائي بيگم فقيرياڻي سنڌ جي ڪوئل ۽ عوامي فنڪاره هُئي. سنڌ جا سردار، زميندار، پير، مير، سڀ کيس ڄاڻندا، سُڃاڻندا ۽ سندس عزت ڪندا هُئا. مائي صاحبا جڏهن محفل مچائيندي هُئي ته سنڌ جا مارو ماڻهو جھومي اٿندا هُئا تنهن وقت ريڊيو ۽ ٽي وي جو اوج نه هيو ۽ هر هڪ سنڌي ماڻهو مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو مداح هُيو. مائي صاحبا جا ڪلامَ توحيد ۽ وجداني دنيا سان تعلق رکندا هُئا. اهي ڪلام صوفي رنگ ۾ چوندي هُئي. سندس هي ڪلام گهڻو عام ۽ مقبول ٿيو.

    ”محبت وڌو آ مامري نه ته ڪير ڪشالا ڪَري“

    مائي صاحبه شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مائي غلام فاطمه موچاڻي، حضرت ولايت علي شاهه کي خوب ڳايو. سچ پچ آءٌ سندس روهڙيءَ واري اوطاق تي پنهنجو گهر سمجھي ويندو هُيس ۽ اُتي ويهي کانئس ڪلام ٻڌندو هُيس. سندس پُٽ درگاهي ديواني سان منهنجو تمام گهڻو پيار ۽ محبت هُئي ـــ هو ڳائڻ ۾ به مور هيو ته شاعر به بي مثال. ڪڏهن وقت مليو ته پنهنجي ان دوست تي به لکندس، ڇو ته زندگيءَ جا کوڙ سارا سال هن سان سنگ ۽ سنگت ۾ گذاريا آهن. اڄ درگاهي ديوانو به ڪونهي، محبوب، محمد هاشم به ڪونهي، گُل گلڙو به ڪونهي پر اختر درگاهيءَ سان وڏن واري محبت جاري آهي. مائي بيگم فقيرياڻي وڏا ڪشالا ۽ محنت ڪري وڏي لوڪ ڪلاڪاره بڻي ۽ هن ريڊيو يا ٽي وي جو سهارو نه ورتو. سنڌي ماڻهن جوڪو به خوشيءَ وارو ڏڻ هوندو هيو ته مائي صاحبا جو اُتي هجڻ ضرورت پئجي ويندي هُئي. جنهن محفل ۾ مائي صاحبا نه هوندي هُئي اها محفل بي مزي هوندي هُئي. اڄ اختر درگاهي، مائي صاحبا جي آستان تي ۽ ان جي مسند تي ويٺل آهي، شاعر به آهي، محقق به آهي ته بهترين راڳي به آهي، مون وڏا وڏا فنڪار مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي اوطاق تي ايندا ڏٺا جن ۾ اڄ جي وڏي فنڪارا عابده پروين به هُئي. مائي صاحبا جي ڏينهن ۾ تمام وڏا ۽ برک فنڪار موجود هُئا مگر مائي صاحبا جو انداز انهن سڀني کان نرالو هو. مائي صاحبا ۾ ڪا به وڏائي ڪانه هُئي ــ امير توڙي غريب جي محفل ۾ هڪ جهڙو ڏيکاءُ ڏيندي هُئي.


    سجاد ميراڻي

    لطيف جي فقيرياڻي

    ننگر ۽ ناڙيون پڳهه کڻي پنڌ پيا
    بندر بازاريون سُڃا سامونڊين ري
    (شاهه)

    سر ۽ سنگيت جي دنيا ۾ سرزمين سنڌ جي ٻين خطن کان اڳڀري رهي آهي سنڌو ماتا اها ڌرتي آهي جِتي سُر تي سِرُ ڏنو ويو آهي. شايد ساري سنسار ۾ سنڌ ۾ ئي اهڙي قسم جو واقعو ٿيو هجي. جو هڪ چارڻ جي چنگ چورڻ تي وقت جي راجا راءِ ڏياچ پنهنجو ڪنڌ ڪپي ڏنو انهيءَ واقعي مان ئي اهو اندازو ٿئي ٿو هيءَ ڌرتي سر ۽ سنگيت جي قدر شناسن جو ديسُ رهي آهي ۽ رهندي پئي اچي.
    اهڙي طرح ٻي طرف ڏسجي ته سنڌو ماتا هميشه ڏاتِ ڌڻين جو ڏيههُ رهي آهي هن ڌرتيءَ هر دؤر۾ ڏاتِ ڌڻين کي جنم ڏنو آهي رُڳو موسيقيءَ جي دنيا ۾ ماضي قريب ڏي نظر ڊوڙايو ته توهان کي بهترين ڪلاڪار ڏسڻ ۾ ايندا جن پنهنجي سنڌو ماتا جو پنهنجي فن سان مانُ مٿانهون ڪيو آهي. جن مان مائي بيگم فقيرياڻي به هڪ آهي. بيگم فقيرياڻي جو والد هارون فقير صوفي فقير ۽ سٺو ڳائڪ هو جنهن ڪري اهو چوڻ صحيح ٿيندو ته بيگم فقيرياڻيءَ کي راڳ سندس والد کان ورثي ۾ مليل هو.
    بيگم فقيرياڻيءَ جو جنم 1915ع ۾ ڳوٺ رضا محمد تعلقو پنو عاقل ضلعي سکر ۾ غريب ۽ مسڪين ميربحر جي ٻيڙيءَ تي ٿيو.
    مان، بيگم فقيرياڻيءَ کي ڪيترا ڀيرا ٻڌو، پريالوءِ ۾ درگاهه شريف حسين جي ميڙي تي جيڪو 20 شعبان تي هر سال ٿيندو آهي ۽ ڳوٺ الرن ۾ بخاريءَ جي ميڙي تي. پاڻ هميشه ڪارو لباس پائيندي هئي.
    سندس هم عصر ڪلاڪارن جيوڻي ٻائي، عاشق علي خان الهڏنو نوناري ڪنور ڀڳت، ماستر چندر ۽ ٻين هوندي به بيگم فقيرياڻيءَ پنهنجي انفراديت قائم رکي.
    بيگم صاحبه هڪ سٺي فنڪار کان سواءِ هڪ سٺي شاعره به هئي سندس ڪافي ڪلام چيل آهن. پاڻ سنڌ کان سواءِ اسلام آباد، ڪوهه مري، بهاولپور، لاهور، ملتان ۽ ڪوئٽه وغيره ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري پاڻ مڃرايائين.
    هڪ وڏي فنڪار جنهن سنڌ کان سواءِ ٻين هنڌن تي به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري سنڌ جي سيند سنواري هجي ان جي فقط ايتري ڪهاڻي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ٿئي ته اها اسان جي پاڻ سان پنهنجي دور سان پنهنجي تاريخ ۽ تاريخ ساز شخصيتن سان ناانصافي ٿيندي، انصاف ان سان گڏ هي ٿيندو جڏهن ڪو قلم ڌڻي بيگم فقيرياڻي جي ثقافتي زندگي جا انگ اکر گڏ ڪري ۽ بيگم فقيرياڻيءَ سان گڏ ٻين سداحيات سنڌي فنڪارن جهڙوڪ: الهڏنو خان نوناري، ماسٽر چندر، ڪنور ڀڳت، جيوڻي ٻائي، استاد منظور علي خان، محمد ابراهيم، مائي ڀاڳي، فقير عبدالغفور، فقير امير بخش ۽ ٻين جي جيون ڪٿا جوڙيندي پڌري ڪري ته سندس سنڌي ادب ۾ وڏي خدمت شمار ٿيندي ۽ اسان جي وڏڙن جو قرضُ به ادا ٿي ويندو.
    مائي بيگم فقيرياڻي سنڌ جي صوفي درگاهُن مان اُسريل هِڪُ اهڙي امر آوازَ جي مالڪ هُئي جيڪو آوازُ سنڌُ جي جھرَ جھنگَ ۾ گونجيو ۽ سنڌُ جي مِٽيءَ جي مهڪارَ سان رِلمل ٿي پنهنجا بي مثال رنگَ، انگَ ۽ اثرَ ڇڏي ويو. جنهن جو سُريلو ۽ ميٺاجَ ڀريو تاثير سدائين قائم دائِمُ رهندو.
    مائي بيگم فقيرياڻي پنهنجي مُنفرد اندازَ واري ڳائيڪا هُئي جنهن جي وڇوڙي سان سنڌي صوفياڻي راڳَ ۽ موسيقيءَ جي دُنيا جو هِڪُ اهم بابُ هميشه لاءِ بَند ٿي ويو آهي ۽ هڪ اهڙو خالُ پيدا ٿي ويو آهي، جنهن جو ڀرجھڻ ناممڪن آهي.
    سنڌُي شاعريءَ جي تاريخَ ۾ مائي مرکان شيخڻ، مائي غلام فاطمه لعلَ ۽ هاسي ٻائي عرف نِماڻو فقير کانپوءِ مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو نالو اهڙين شاعرائُن ۾ عزتَ ۽ مانَ سان وَرتو ويندو جِن سنڌي شاعريءَ کي پنهنجون سوچون شاعريءَ جي ذّريعي ارپيون. هِتي اِهو ضرور لکندو هلجي ته مائي بيگم فقيرياڻيءَ سنڌُ جي اُها صوفي ڳائڪا آهي جنهن سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪل صنفَ ڪافيءَ تي طبع آزمائي ڪَئي ۽ پنهنجون لکيلَ ڪيئي ڪافيون پِڻُ ڳائيون.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 770
    ڪتابن جو مشاهدو: 1375239
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 406605
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ